ڪتاب جو نالو: برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ
مصنف: ٺٽوي ڪاتيار
ڇپائيندڙ: ڪاتيار پبليڪيشن، ٺٽو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 944 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 230 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مُهاڳ: لاڙ پٽيءَ جو نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار
  • ڌرتي جو عاشق ٺٽوي ڪاتيار
  • هڪ گمنام تاريخدان ٺٽوي ڪاتيار
  • پيارو شاگرد ٺٽوي ڪاتيار
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون: برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا
  • باب ٻيو: سنڌ جا ٻه گمنام قلعا، بهرور ۽ دهليله (ڪوٽَ)
  • باب ٽيون: برهمڻ آباد يا ڪلان ڪوٽ
  • باب چوٿون: منصوره يا پيرپٺو
  • باب پنجون: ساوندي يا ٿرڙي (گجو)
  • باب ڇهون: اگهم ڪوٽ يا پير درس داد
  • باب ستون: سسئي جو جنم ڀومي (ٻاٻڙا)
  • باب اٺون: قصو سهڻي ۽ ميهار جو (تلو ۽ ساهڙڪو ڍنڍ)
  • ضميمو (ڪتاب: راؤڙ / رياتڙو)
  • ببليوگرافي (ڪتابيات)
  • ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب
  • ليکڪ جو تعارف
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب بابت

    (ٺٽي جي وکريل تاريخ – 2)
    برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ
    (راؤڙ / رياتڙو حصو ٻيو)


    حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ (راؤڙ / رياتڙو حصو ٻيو)
    صنف: تاريخ
    ليکڪ ۽ محقق: ٺٽوي ڪاتيار )ذوالفقار علي ڪاتيار)
    ڇاپو: پهريون، 2018ع
    تعداد: پنج سئو
    ڪمپوزنگ: لياقت علي ڪاتيار
    پروف ريڊنگ: شوڪت علي ۽ نثار علي ڪاتيار
    ڇپائيندڙ: ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو
    ڇاپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد
    لکپڙهه لاءِ ڏس: ڪاتيار هائوس، ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، ضلع ٺٽو.
    مُلهه: 200/= روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    Book Name: BARHMINABAD / KALANKOT (Rawar / Rayatro Part II)
    Genre: History
    By: Thattvi Katiar (Zulfiqar Ali Katiar)
    Edition: First, 2018
    Quantity: 500
    Composing: Liaquat Ali Katiar
    Proofreading: Shoukat Ali & Nisar Ali Katiar
    Published by: Katiar Publication Thatta
    Printed by: Advance Printing Agency Hyderabad
    Contact Address: Katiar House, Workers Colony, Thatta Cement Factory District Thatta.
    Prize: Rs. 200/=


    ارپنا

    پنهنجي ٻي محنت، ٻيو قلمي پورهيو پيار ۽ پاٻوهه مان
    پنهنجي ڀائرن هر هڪ
    شوڪت علي، لياقت علي،
    آصف علي ۽ نثار علي ڪاتيار
    جن کي ارپيان ٿو. جيڪي مُنهنجي زندگي آهن.
    سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڀائر انسان جا بازو هوندا آهن.
    بازو ته هر انسان جا ٻه ٿيندا آهن، پر مالڪ سائين مونکي
    چار ڀائرن جي صورت ۾چاليهه بازو ڏيئي ڇڏيا آهن،
    جنهن لاءِ آئون هر وقت مالڪ سائين جو شڪر گذار آهيان.
    ان سان گڏوگڏ پنهنجي
    ٽن ڀينرن(سسٽرس) جي نانءُ
    جيڪي هر وقت منهنجي لاءِ دعاگو رهنديون آهن.
    دعا آهي ته الله پاڪ منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو ساٿ
    تاقيامت قائم ۽ دائم رکي. آمين


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. محترم ٺٽوي ڪاتيار پاران ٺٽي جي وکريل تاريخ کي سهيڙڻ جي سلسلي جي هي ٻي ڪڙي آهي. ان کان اڳ ”راوڙو يا رياتڙو“ جي عنوان سان ليکڪ هڪ ڪتاب لکي چڪو آهي. گل حسن ڪلمتي لکي ٿو:
    ”ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.“
    هي ڪتاب ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ذوالفقار علي ڪاتيار ٺٽوي جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڪاپي موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ: لاڙ پٽيءَ جو نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار

    لاڙ پٽيءَ جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار جو هي ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” وانگرسنڌ جي گمنام تاريخ ۽ ماڳن کي پڌرو ڪيو آهي. عرب ۽ راجا ڏاهر جي جنگ واري ميدان راؤڙ کي ٺٽوي ڪاتيار جنهن نموني دليلن ۽ ثبوتن سان ظاهر ڪيو آهي، اهو هڪ وڏو ڪم آهي پر لاڙ پٽي جي گمنام علائقي سان تعلق هجڻ ڪري هن جي ڪتاب کي جيڪا پذيرائي ملڻ گهرجي، اها نه ملي سگهي پر هو مايوس نه آهي، هُن اهو وچن ڪيو آهي ته سنڌ جي گمنام ۽ وکريل تاريخ کي هو نروار ڪندو. جن ماڳن بابت وڏا محقق مونجهاري جو شڪار آهن، ٺٽوي ڪاتيار انهن قديمي ماڳن کي ظاهر ڪري رهيو آهي. ايڏي وڏي ڪم تي سچ هو جَس لهي.
    ٺٽو سنڌ جي لاڙ پٽيءَ جو هڪ قديم ۽ تاريخي علائقو رهيو آهي. “ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا جلد 1” ۾ آهي ته لاڙ سنڌ سڪاديپ سڏبي هئي. اهو خطو جنهن کي ڏاکڻي سنڌ به چيو ويندو هو، مشهور ۽ شاهوڪار رهيو آهي. هي خطو خاص ڪري ننگر ٺٽو تاريخي، علمي، ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز رهيو آهي. ٺٽي ۾ هر قسم جا هنرمند ۽ واپاري رهندا هئا. هي خطو پنهنجي سامونڊي ڪناري ۽ تاريخي بندرن توڙي دريائي بندرن ڪري واپار جو مرڪز رهيو آهي. پوري دنيا سان سنڌ جو رابطو انهن بندرن وسيلي رهيو آهي. خوبصورت ساحلي ڪناري، مشهور بندرن، وڻج واپار ۽ زراعت ڪري، سنڌ جي زرخيزي، حملي ڪندڙن کي هرکايو آهي. ڪيانين کان وٺي عربن تائين پوءِ مغلن کان وٺي ترخانن تائين حملا ٿيندا رهيا آهن. موسمي حالتن، حملي ڪندڙن جي تباهي ۽ خود پنهنجن جي سارسنڀال نه لهڻ ڪري تاريخ جا اهڃاڻ ختم ٿي ويا آهن، جيڪي ڪجهه بچيا آهن اهي به تيزي سان سارسنڀال نه لهڻ ڪري، اڏاوتن ڪري ۽ موسمي حالتن ڪري ختم ٿي رهيا آهن. کوجنا ته پري جي ڳالهه پر اسان انهن جي حفاظت به نه ڪري سگهيا آهيون.
    712ع ۾ عرب حملي ڪندڙ محمد بن قاسم، برهمڻ گهراڻي جي آخري حڪمران راجا ڏاهر سان پهرين ديبل ۽ پوءِ راؤڙ ۾ آخري معرڪو ٿيو، جنهن ۾ سنڌين کي شڪست ٿي، سنڌ تي عربن قبضو ڪيو. اسان اڃان ديبل ۽ راؤڙ کي ڳولي نه سگهيا آهيون. راؤڙ تي بحث هلندڙ آهي ته اهو ڪٿي آهي؟ باقي ڀنڀور جهڙي درياهي بندر کي تڙ تڪڙ ۾ ديبل چئي اسان پنهنجي جان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    راؤڙ جي باري ۾ اسان جا محقق مونجهاري جو شڪار آهن، جنهن لاءِ مختلف محققن، مختلف رايا ڏنا آهن. لاڙ پٽيءَ جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار) پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” بابت هڪ نئي کوجنا ڪري، بحث لاءِ نوان گس کولي ڇڏيا آهن. اهو ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي.
    سندس هي ٻيو ڪتاب “برهمڻ آباد/ ڪلان ڪوٽ” جيڪو “ٺٽي جي وکريل تاريخ جو ڀاڱو ٻيو” آهي، هي ڪتاب سندس پهرئين ڪتاب جو تسلسل آهي. ڪتاب “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” کي سمجهڻ لاءِ ٺٽوي ڪاتيار جو پهريون ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي.
    راؤڙ وانگر ڪيتري عرصي کان اسان جا تاريخدان ۽ محقق انهيءَ کوجنا ۾ رڌل آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ آهن؟ ڪجهه محقق ٻنهي کي هڪ ئي ماڳ ڄاڻائين ٿا، انهن جو موقف آهي ته برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ هن جو نالو منصوره رکيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا تحقيق سامهون آئي آهي جنهن مطابق اهي ٻئي ماڳ ضلعي سانگهڙ ۾ آهن.
    ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾، محققن جي سڀني ڳالهين کي سامهون رکي، ڇنڊڇاڻ ڪري، دليلن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته راؤڙ جي قلعي وانگر هي ماڳ به ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب مڪلي ٽڪرين لڳ ڪلان ڪوٽ اصل ۾ برهمڻ آباد آهي ۽ منصوره جو شهر هاڻوڪو پيرپٺو آهي. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ مختلف ڪتابن جيڪي پنجاهه کان به وڌيڪ آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ثبوتن سان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي، پيرپٺو، منصوره آهي. انهن ماڳن تي ڪتاب جي ٽين ۽ چوٿين باب ۾ بحث ڪيل آهي.
    اهو قلعو ڪڏهن ٺهيو؟ ان تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ انهن سوالن جي جواب لاءِ تفصيل سان ۽ حوالن سان بحث ڪيل آهي. ٺٽوي ڪاتيار، ديبل کان راؤڙ، ساوندي ۽ برهمڻ آباد قلعي جو نقشو، مفاصلن سان ڏنو آهي. جنهن سان هن اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي. ان تي ڪلان ڪوٽ جو نالو ڪهڙي دور ۾ پيو البته اها ڳالهه اڃان منجهيل آهي. ڏٺو وڃي ته ڪلان ڪوٽ جا به مختلف دورن ۾ مختلف نالا رهيا آهن، جن ۾ ڪلان ڪوٽ، ڪلياڻ، تغلق آباد، طغرل آباد ۽ نصرت آباد. اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٺٽوي ڪاتيار، ڪلان ڪوٽ تي تحقيق ڪندي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪلان ڪوٽ ئي اصل ۾ برهمڻ آباد آهي. اها ڳالهه محققن ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ نئين کوجنا آهي، جنهن تي بحث جي گنجائش آهي.
    ٺٽوي ڪاتيار هن مونجهاري کي ڪنهن حد تائين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن جي تحقيق ۾ وزن به آهي، هو شڪ واري ڳالهه نٿو ڪري، هن پڪ سان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تاريخ جو سفر يا کڻي چئجي تحقيق جو سفر راؤڙ واري قلعي/ماڳ کان شروع ڪيو آهي، جنهن مطابق راؤڙ جو علائقو/قلعو، ساڪري تعلقي جي هاڻوڪي يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار ويجهو رياتڙو وارو ماڳ راؤڙ آهي. جيڪڏهن راؤڙ اهو علائقو آهي ته پوءِ برهمڻ آباد، بهرور، دهليله، منصوره ۽ محفوظه به انهن جي ويجهو هئڻ گهرجن. ٺٽوي ڪاتيار جي راؤڙ واري کوجنا برهمڻ آباد ۽ ٻين ماڳن جي ڳولا کي آسان ڪري ڇڏيو آهي. محققن کي گهرجي ته هو پنهنجي تحقيق جو رخ نئي سري سان متعين ڪن، جنهن لاءِ ٺٽوي ڪاتيار هڪ رستو ڏنو آهي.
    مسٽر سمٿ جي تحقيق موجب ڪلان ڪوٽ جو قلعو سڪندر اعظم جي جوڙايل سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه سالار جو ئي ٺهيل آهي. تنهن کانپوءِ مختلف دورن ۾ ان جي مرمت ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن ڀنڀور وانگر قلعي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته گهڻيون ڳالهيون جيڪي لڪل آهن اهي ظاهر ٿي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته گهڻا شهر ۽ قلعا تباهه ٿيا ته انهن جي مٿان نوان شهر ۽ قلعا اڏيا ويا، تنهن ڪري هر دور ۾ انهن تي مختلف نالا رکيا ويا آهن ۽ ڪلان ڪوٽ جنهن کي ٺٽوي ڪاتيار برهمڻ آباد چوي ٿو، ان سان ائين ئي ٿيو آهي. هر دور ۾ ڪلان ڪوٽ تي مختلف نالا ملن ٿا، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان.
    سمن جنهن وقت سومرن کان سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، ان وقت سومرن جي گاديءَ جو هنڌ “ڪلان ڪوٽ” هو، تنهن ڪري سمن حاڪمن به ڪلان ڪوٽ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو پر پوءِ مڪلي جي اتر پاسي نئون گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو، جنهن کي ساموئي سڏيو ويو. بعد ۾ سمن ٺٽي کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
    ڪلان ڪوٽ جي نالي سان سنڌ ۾ هڪ ماڳ جهرڪ لڳ آهي، جنهن کي ڪافر ڪوٽ چيو وڃي ٿو. ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “پيرائتي سنڌ ڪٿا” ۾ سومرن ۽ سمن جي شهر (1000ع-1512ع) واري نقشي ۾ ڪافر ڪوٽ جي سامهون بريڪيٽ ۾ ڪلان ڪوٽ لکيوآ هي. جنهن ۾ هُن ان ماڳ کي ڦٽل شهر ڏيکاريو آهي. ڪراچيءَ ۾ به ڪلان ڪوٽ جو علائقو آهي، جنهن کي هاڻي ڪلا ڪوٽ” چيو وڃي ٿو.
    پنهور صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ جا جيڪي نقشا ڏنا آهن، جنهن ۾ اتر سنڌ جون حدون اوٻاوڙو کان هالا ڪنڊي ۽ ڪانڀو جبل تائين ڏيکاريون آهن. جنهن مطابق ڏيپر گهانگهرو ۽ برهمڻ آباد (ضلعو سانگهڙ) اتر سنڌ ۾ ڏيکاريل آهن.
    تاريخ ۾ آهي ته موسمي حالتن ڪري سنڌ جا ٻه گاديءَ جا هنڌ رهيا آهن. اتر سنڌ ۾ اروڙ (الور) ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ برهمڻ آباد. ڏهرسيا برهمڻ آباد مان لاڙ سنڌ، سيوهڻ ۽ مڪران تي راڄ ڪندو هو ۽ ڏاهر جو اتر سنڌ، ملتان ۽ ڪچي جي ٽڪرين تي راڄ هو (پيرائتي سنڌ ڪٿا، ايم ايڇ پنهور. حوالو: چچنامو).
    پنهور صاحب، برهمڻ آباد (سانگهڙ ضلعو) کي اتر سنڌ ۾ ڏيکاريو آهي، جڏهن ته ڏهرسيا، ڏکڻ سنڌ تي برهمڻ آباد مان راڄ ڪندو هو ته پوءِ برهمڻ آباد کي ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ هئڻ گهرجي. تنهنڪري مٿين ڳالهين جي پيش نظر ٺٽوي ڪاتيار، ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيئي ٿو ته ڳالهه وزندار آهي. هُن جي ڳالهه رد ڪري نٿي سگهجي. جنهن لاءِ محققن کي گذارش ته ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهين ۽ دليلن ۽ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي روشني ۾ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ راؤڙ ۽ برهمڻ آباد وارن ماڳن کي سمجهائڻ لاءِ ڪتاب جي پهرئين باب ۾ “برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو جا وهڪرا” تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي، ان جي پڙهڻ سان ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي ٿي. خاص ڪري ڪلري شاخ تي ۽ ٺٽي شهر جي پسگردائي ۾ جيڪي وهڪرا آهن، انهن تي بحث ڪيل آهي.
    ڪلري شاخ جو ذڪر تاريخ ۾ گهڻو ملي ٿو. ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh جنهن جو سنڌي ترجمو عمر سومري “پيرائتي سنڌ ڪٿا” نالي سان ڪيو آهي. جنهن مطابق “جڏهن 26 جون 1524ع تي شاهه بيگ، اگهاماڻي ۾ گذاري ويو ته چڱن مڙسن، پٽس مرزا شاهه حسن جي اطاعت کي قبول ڪيو. 30 آگسٽ 1524ع ۾ نصرپور ۾ پڳ ٻڌرائي وئي، هن وقت سنڌ جو حاڪم ڄام فيروز هو. 2 سيپٽمبر 1524ع ۾ شاهه حسن، ڄام فيروز کي چٿڻ لاءِ نصرپور کان ٺٽي ڏانهن هليو. سندس پهچڻ جو ٻڌي ڄام فيروز ٺٽو ڇڏيو ۽ درياءَ ٽپي ويو. هي هاڻ بگهاڙ ۽ سنڌو جي ريڻ واهڙ جي وچ تي هو. سيپٽمبر 1524ع ۾ شاهه حسن درياءَ (ڪلري واهڙ) ٽپيو ۽ ٺٽي تي قبضو ڪيائين. سنڌو درياءَ جا ان وقت ٽي واهڙ هئا، هڪ ريڻ، جيڪو مُک وهڪري کان ٽنڊو محمد خان ۽ ماتليءَ جي وچ تي ڇڄي، ڪوري کاري ڏانهن ٿي وهيو. ٻيا ٻه هئا ڪلري ۽ بگهاڙ. بگهاڙ مُک واهڙ هو ۽ ڪلري ننڍڙو تانگهو واهڙ هو، جنهن مان خان واهه جو منهن هو”.
    ڪلري دريائي شاخ آهي، ڪينجهر جنهن کي ڪلري ڍنڍ به چيو ويندو آهي. جنهن جو هينئر وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ ڪلري بگهاڙ واهه آهي، جنهن کي ڪراچي واهه به چيو وڃي ٿو. ڪلري ڦاٽ جو وهڪرو ڪينجهر ڍنڍ کي ڀرڻ کانپوءِ اچي جهول ڍنڍ ۾ پوندو آهي. ساموئي، ٺٽي جي اتر ۽ مڪلي جي اتر اولهه ۾ وهي هاليجي، ڳنڍيرو ڍنڍن کي ڀرڻ کانپوءِ گهاري وٽان لنگهي ڀنڀور کان اڳتي ابراهيم حيدري لڳ ڀُنڊار ٻيٽ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، گهاري وٽان لنگهڻ ڪري ان کي گهارو ڪريڪ ۽ اڳتي ڦٽو ۽ ڦٽي ڪريڪ به چيو وڃي ٿو. 26 ميلن تائين ان کي اڃان به ڪلري چيو وڃي ٿو.
    قديم دور ۾ سنڌو درياءَ، ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن پاسن کان وهندو هو. اترين شاخ کي ڪلري ۽ مڪلي جي ڏکڻ پاسي وهندڙ شاخ ڪلان ڪوٽ کان ٿيندو ڦيرو کائي لٽ مڪان پار ڪري بگهاڙ ڦاٽ ۾ ڪرندو هو.
    سنڌ ۾ گهڻو ڪري هڪ کان وڌيڪ نالن سان ماڳ، ڍورا، نئون ۽ ڍنڍون موجود آهن، جنهن جي ڪري به مونجهارو رهي ٿو پر جيڪڏهن تاريخدان ۽ محقق ڪتابن پڙهڻ کانسواءِ سرزمين تي وڃي کوجنا ڪن ته ان قسم جا گهڻا مونجهارا ختم ٿي سگهن ٿا. ڪلري لاءِ چيو ويندو آهي ته “ممڪن آهي ته اهو سڪرنڊ ويجهو ٿي سگهي ٿو”، ممڪن آهي سڪرنڊ ويجهو ڪنهن ماڳ جو نالو ڪلري به هجي پر تاريخ ۾ جنهن ڪلري واهه جو ذڪر آيل آهي، اها ڪلري اها ئي آهي جنهن جو ذڪر ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جنهن لاءِ مون به مٿي انهيءَ ڪلري واهه جو ذڪر ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪراچيءَ جي پراڻي علائقي کڏي ۾ لياري نئين جي پراڻي ڪپ تي به هڪ علائقو آهي جنهن کي اڄ به ڪلري چيو ويندو آهي. اهڙا ڪيترائي ماڳ هوندا پر جنهن ڪلري تي بحث هلي رهيو آهي سو ٺٽي ضلعي وارو ڪلري واهه آهي. مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، هيلايا ٽڪري کان مڪلي، ساموئي کان گجي تائين ۽ اڳتي ڀنڀور تائين ڪلري واهه جو سفر ڪيو آهي، انهيءَ سفر ۾ ساموئي کان گجي تائين اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر محمد علي مانجهي اسان جو سونهون هو.
    ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب جي باب ٻئي ۾ “سنڌ جا ٻه گمنام قلعا بهرور ۽ دهليله” تي بحث ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب ٺٽي ضلعي ۾ آهن ته پوءِ بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي به انهن ماڳن جي ويجهو هئڻ گهرجي.
    فتحنامه سنڌ ۾ آهي ته “محمد بن قاسم جو پڪو ارادو هو ته برهمڻ آباد فتح ڪجي، راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻيا ٻه قلعا، بهرور ۽ دهليله نالي هئا”.
    ٻين ماڳن وانگر اسان جا محقق به مٿين ٻن قلعن بابت مونجهاري جو شڪار آهن، ان جو سبب اهو آهي ته انهن جو ٺٽي ضلعي ڏانهن ڌيان نه وڃي سگهيو آهي. جيڪڏهن محقق، محمد بن قاسم جي ديبل تي حملي ۽ چچنامي مطابق هلن ۽ ٺٽي ضلعي جي ماڳن تي تحقيق ڪن ته اهو مونجهارو گهڻي حد تائين ختم ٿي وڃي ها. پر ائين نه ٿيو، شڪ جي بنياد تي مختلف ماڳن کي مختلف نالا ڏنا ويا. گهڻا محقق، دهليله کي نوابشاهه ۾ ڏيکارين ٿا.
    ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪا تحقيق ڪئي آهي، هُن مطابق برهمڻ آباد جو قلعو ٺٽي ضلعي ۾ آهي ته پوءِ مٿين ٻنهي قلعن کي به هتي ئي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ آهي ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا بهرور ۽ دهليله آهن.
    ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب بهرور ۽ دهليله جا قلعا ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين، ڳوٺ تاج محمد ٻرڙي جي پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن واري ڳوٺ تائين انهن ٻنهي قلعن کي ڳولي سگهجي ٿو. جتي قديم آثار موجود آهن.
    ڪتاب جو چوٿون باب “منصوره يا پيرپٺو”. جيڪو به نهايت اهم باب آهي، جنهن ۾ ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي کوجنا، مطالعي، مشاهدي ۽ ڪتابن جي حوالن سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته منصوره اصل ۾ پيرپٺو آهي. جنهن کي گهڻن محققن ديبل به لکيو آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ هُن وٽ ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس دليل آهن.
    منصوره بابت گهڻن عرب ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي مونجهارا موجود آهن. انهن مان گهڻن برهمڻ آباد کي منصوره لکيوآ هي. اهي ليکڪ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي کان اڻ واقف هئا. تنهنڪري ماڳن ۽ نالن جي حوالي سان انهن ۾ ڪنهن حد تائين غلطيون موجود آهن. اوائلي لکتن موجب منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (6 ميل) جي فاصلي تي اڏيو ويو هو. جنهن مان اها ڳالهه واضع آهي ته برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ ماڳ آهن. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تحقيق ۾ اها ڳالهه ٻڌائي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي ته ڇهن ميلن جي مفاصلي تي قديم شهر/ماڳ پيرپٺو آهي ۽ پيرپٺو ، منصوره آهي. اها به نئين تحقيق آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ هن لاءِ ٺٽوي ڪاتيار جيڪي حوالا ۽ دليل ڏنا آهن اهي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. تنهنڪري محققن کي ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي.
    ٺٽوي ڪاتيار، ڪتاب ۾ اڳتي باب پنجين ۾ “ساوندي/ٿرڙي (گجو) آهي. هو لکي ٿو ته جنهن ماڳ جو قديم نالو “ٿرڙي يا ٿرڙو” آهي. ٿرڙي ۽ ساوندي هڪڙي ماڳ جا ٻه نالا آهن. اهو تاريخي ماڳ گجي شهر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي.
    باب ڇهون “اگهم ڪوٽ يا پير درس داد”. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب اگهاماڻو ۽ اگهم ڪوٽ الڳ الڳ ماڳ آهن، جن کي اسان جي محققن هڪ ڄاڻائي تحقيق جا رستا بند ڪيا آهن. هو لکي ٿو ته دراصل نه برهمڻ آباد، سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم ڪوٽ هاڻوڪي ماتلي ۾ آهي. برهمڻ آباد جو قلعو هاڻوڪو ڪلان ڪوٽ جو قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ هاڻوڪي وقت ۾ ان جاءِ تي هو جتي پير درس داد جي درگاهه آهي.
    ڪتاب جو ستون باب “سسئي جي جنم ڀومي” بابت آهي. هو لکي ٿو ته ڀانڀرا، ٻانڀڻاھ، بابن واھ، اصل ۾ لفظ ٻاٻڙا آهي، جيڪو ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۽ هاڻوڪي يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ “ٻاٻڙا” آهي، اهو ئي ڀانڀرا، ٻانڀڻاهه ۽ بابن واهه آهي.
    ٺٽوي ڪاتيار جي اها ڳالهه درست آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق کان اڳ جڏهن مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري “سسئي جي واٽ: شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پسمنظر ۾” ڀنڀور کان ڪيچ تائين سفر ڪيو، قصي سسئي پنهون جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته اسان ان نتيجي تي پهتاسين ته سسئي کي ڀنڀور جي ويجهو گجي لڳ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ ۾ صندوق ۾ بند ڪري ننڍي بتيلي تي رکي لوڙهيو ويو، جيڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي ۽ سسئي جي جنم ڀومي به گجي جي آس پاس آهي.
    ياد رهي ته ڪلري شاخ جيڪا ڪينجهر کان ساموئي، مڪلي جي اتر اولهه کان وهي، ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي، جنهن جي هڪ ڇاڙهه گجي کان اولهه کان وهي ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي، اتي شاخ ڏکڻ کان وهندي هئي. اها شاخ ٻاٻڙا ڀرسان لنگهي گهاري ڪريڪ پاسي رخ ڪندي هئي، جنهن جا آثار موجود آهن.
    پير صدرالدين ميرانپور جي درگاهه لڳ هڪ ڍنڍ جا اهڃاڻ آهن، جيڪي اصل ۾ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ جا آثار آهن. مقامي ماڻهو ان کي “سسئي جو درياءَ” سڏين ٿا، جنهن جو دورو اسان به ڪيو هو ۽ سائين احسان جوکئي پنهنجي ڪتاب “وليون، واس، ورنيون” ۾ به هن جو ذڪر ڪيو آهي. اها ڳالهه پڙهي اسان ان ماڳ جو دورو ڪيو هو.
    ڪتاب جو آخري باب (اٺون باب) “سهڻي ميهار” جي قصي بابت آهي. اهو قصو به سسئي پنهون جي قصي وانگر پنجاب ۾ به مشهور آهي. ان باب ۾ به ٺٽوي ڪاتيار دليلن سان پراڻين تحقيقن کي رد ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته “تلو ڍنڍ” منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) اباڻي ڳوٺ (محمد هاشم ڪاتيار، يونين ڪائونسل پليجاڻي، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو) جي بلڪل اولهه پاسي آهي. جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ درياءَ منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) ڳوٺ جي ويجهو وهندو هو. جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) ڳوٺ کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي آهي. انهن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سهڻي تلي وٽان درياءَ اُڪري ٻي پار ميهار سان ملڻ ويندي هئي. انهيءَ ڳالهه لاءِ پوري باب ۾ ٺٽوي ڪاتيار مظبوط دليل ڏنا آهن.
    ٺٽوي ڪاتيار جو هي ڪتاب هر تاريخ دان، تاريخ جي شاگردن ۽ محققن کي پڙهڻ گهرجي. ٺٽوي ڪاتيار، ڪتاب ۾ جن وڃايل ماڳن ۽ مڪانن تي تحقيق ڪئي آهي، اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق ۽ ڳالهين ۾ وزن آهي. جنهن ۾ هن ڪتابن جي مطالعي کانسواءِ خود وڃي انهن ماڳن، قلعن ۽ مڪانن جو مشاهدو ڪيو آهي، ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون آهن. ٺٽوي ڪاتيار گهڻي حد تائين انهن ڳالهين کي سلجهايو آهي، جن تي سنڌ جا وڏا اديب ۽ محقق ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ لحاظ کان هن نوجوان انهن جي ڪم کي چيلينج ڪيو آهي ۽ دليلن سان پراڻن شڪ جي بنياد تي ڳالهين کي رد به ڪيو آهي ۽ تحقيق جا نوان دروازا کولي ڇڏيا آهن، نوان گس ڏيکاريا آهن.
    ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
    هن تحقيقي ڪم تي ۽ ڪتاب لکڻ تي ٺٽوي ڪاتيار کي اڻ ڳڻيون واڌايون. اميد آهي ته هو اهو سلسلو جاري رکندو ۽ رکڻ به گهرجي.
    آخر ۾ ٺٽوي ڪاتيار کان هڪ گذارش ته ڪتاب ۾ جن ماڳن، مڪانن جو ذڪر آهي، انهن ماڳن، رستن، شاخن، قلعن، واهن ۽ ڍنڍن تي هڪ نقشو ترتيب ڏيئي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته پڙهندڙ وڌيڪ آساني سان سندس تحقيق کي سمجهي سگهندا.

    ساٿ سلامت
    گل حسن ڪلمتي
    ڪراچي، 11 مئي 2018ع
    03222445370 


    ڌرتي جو عاشق ٺٽوي ڪاتيار

    ميرپور ساڪري جو علائقو صدين کان وٺي آباد ۽ خوشحال رهيو آهي ۽ رهندو اچي. هتان جي هر شيءَ جنهن ۾ جاگرافي زمين، ثقافتي ماڳ ۽ مڪان، واپار جا مرڪز، تجارتي ڪوٺيون، ڦٽل شهر، دڙا، قديم قبرستان، پنهنجي تاريخ جي عروج جا اهڙا ته اوچا مينار قائم ڪيا آهن، جو دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ملڻ مشڪل آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن علائقي کي تاريخي طرح نظرانداز ڪيو ويو آهي.
    منهنجي هٿن ۾ هينئر تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکندڙ نوجوان ليکڪ، جنهن ننڍي عمر ۾ ئي تحقيق جهڙي ڏکي سفر ۾ پنڌ شروع ڪيو آهي، پياري دوست ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار جو ٻيو تاريخي مجموعو “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” آهي. جنهن ۾ ليکڪ هاڻوڪي ٺٽي ضلعي ۾ موجود قديم قلعي “ڪلان ڪوٽ” کي تاريخي ماڳ “برهمڻ آباد” ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان پهرين ليکڪ “راؤڙ/رياتڙو” جي نالي سان ڪتاب لکي چڪو آهي، جيڪو راجا ڏاهر ۽ عربن جي فيصله ڪن جنگ واري ميدان بابت آهي. جيڪو منهنجي نظر ۾ تاريخ جو بهترين ۽ لاجواب ڪتاب آهي.
    ليکڪ جڏهن ساڪري اچي مون کي پنهنجي ٻي ڪتاب ۾ رايو لکي ڏيڻ لاءِ چيو ته آئون طبيعت جي ناسازي توڙي گهڻي مصروفيتن هوندي به ٺٽوي ڪاتيار جي محنت، جدوجهد، تاريخ سان دلچسپي ۽ پنهنجي ماڳن سان محبت جي اڳيان انڪار نه ڪري سگهيوس.
    ليکڪ بنيادي طرح غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو والد صاحب ادا محمد بخش ڪاتيار، اڄ به محنت مزدوري ڪري ٿو ۽ خود ليکڪ به پرائمري استاد آهي پر باهمت، جاکوڙي، ڄاڻو ۽ دلير مڙس آهي. جنهن پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” ۾ به سڀني محققن کان هٽي ڪري پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪئي هئي ته هن ڪتاب ۾ به سڀني کان هٽي ڪري پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪئي آهي. “راؤڙ/رياتڙو” ڪتاب ۽ “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” جو مواد پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه صاف ظاهر ٿيئي ٿي ته ليکڪ جا ٻئي ڪتاب هڪ ٻئي جا لازم ملزوم آهن. پهرين ڪتاب ۾ راؤڙ جي ماڳ تي تحقيق ٿيل آهي جڏهن ته ٻي ڪتاب ۾ ان ئي لکيل ڳالهه کي جاري رکيو ويو آهي. تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر کي مارڻ ۽ قلعو فتح ڪرڻ کان پوءِ عرب فوج برهمڻ آباد طرف وئي هئي ۽ برهمڻ آباد پهچڻ کان پهرين “بهرور ۽ دهليله” جا قلعا به فتح ڪيا هئا. جڏهن ته برهمڻ آباد کان پوءِ عرب فوج ساوندي طرف وئي هئي ۽ ان کان پوءِ اروڙ طرف.
    ليکڪ هن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهائي جتي لکيل ڳالهه کي پڙهڻ توڙي سمجهڻ ۾ آسان بڻايو آهي، اتي ليکڪ جس لهي جو ڪتاب جو هر باب ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ لاءِ اهم ثبوت آهي. پهرين باب ۾ درياءَ جي وهڪرن بابت لکي ڳالهه کي بهتر نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻي باب ۾ بهرور ۽ دهليله کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ وڏو ثبوت “منڃر/منجهل” جو ڏنو آهي.ٽيون باب ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ جو اهم ثبوت آهي. چوٿون باب “منصوره” بابت آهي. اگر برهمڻ آباد، ٺٽي ۾ آهي ته لازمي منصوره به ٺٽي ۾ هجڻ گهرجي ڇو ته تاريخ ڪتابن موجب منصوره جو شهر برهمڻ آباد کي ڪافي ويجهو هو. پنجون باب ساوندي/ٿرڙي بابت آهي. ڇهون باب اگهم ڪوٽ جڏهن ته ستون ۽ اٺون باب شاهه جي سورمين بابت آهن. جنهن لاءِ ليکڪ ثابتين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هاڻي جنهن کي به ليکڪ جي ڳالهين سان اختلاف هجن ته هو اڃان به وڌيڪ ثابتين سان اڳيان اچي.
    تاريخ لکڻ يا تحقيق ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، ان ڪم لاءِ گهڻي گهرج پئسي ۽ وقت جي هوندي آهي، جيڪو اڄڪلهه ملڻ ڏکيو آهي، خاص ڪري هڪ پرائمري استاد لاءِ ته تمام گهڻو ڏکيو آهي. پر ٺٽوي ڪاتيار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اگر انسان ۾ همت آهي، حوصلا جوان آهن، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو آهي، پنهنجي ڌرتي سان والهانه محبت آهي، پنهنجي ماضي سان گهرو لاڳاپو آهي ته دنيا ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي.
    هڪ دفعو ٻيهر جاندار تحقيق ڪري شاندار ڪتاب لکڻ تي ڌرتي جي عاشق ٺٽوي ڪاتيار هزارين کيرون ۽ مبارڪون لهي. دعا به آهي ۽ اميد به ڪريون ٿا ته ٺٽوي ڪاتيار جو هي نور نچوئي ڪيل پورهيو سنڌي ادب توڙي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاريندو. مالڪ سائين ڪري سدائين جڙيو رهي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ماضي تي قلم هلائيندو رهي.

    عبدالرشيد گبول
    ميرپور ساڪرو، 5 مئي 2018ع


    هڪ گمنام تاريخدان ٺٽوي ڪاتيار

    ٺٽي جي وکريل تاريخ، هن تاريخ جي انتهائي حساس ۽ خشڪ موضوع تي تخليڪار ٻيو ڪير نه پر پيارو دوست ذوالفقار علي ڪاتيار عرف ٺٽوي ڪاتيار آهي، جنهن جو تعلق تعليم کاتي سان آهي. جيڪو هڪ انتهائي غريب ۽ محنت ڪش مزدور جي گهر ۾ جنم وٺي ٿو پر منهنجي ڪچهري ٺٽوي جي والد صاحب ادا محمد بخش ڪاتيار سان پڻ ٿي آهي. انتهائي ذهين ۽ قابل شخص، ٺٽوي ڪاتيار، خداداد صلاحيتن جو مالڪ آهي پر ان ۾ نکار سندس والد صاحب جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ آيو آهي. اها ڳالهه آئون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي دعويٰ سان چئي سگهان ٿو.
    ٺٽوي هيل تائين هڪ گمنام تاريخدان آهي، ٺٽي جي وکريل تاريخ لکڻ جي حوالي سان، هن پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ ڪاوشن سان، وڏي جاکوڙ، پنجاهه کان وڌيڪ ڪتابن تان مواد هٿ ڪري ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ پنهنجن بزرگن وٽان مليل ڄاڻ هن تاريخ جي اهم، خاص ڪري ٺٽي جي تاريخ مرتب ڪئي آهي.
    سچ پڇو ته اسان اهو پاڻ پڏائڻ جو موقعو هٿ مان وڃائڻ ڪونه چاهيندا آهيون ته اسان هڪ تاريخي قوم آهيون، پنج هزار کان به مٿي جي پراڻي تاريخ يعني “موئن جي دڙي جي تاريخ جا اڪيلا والي وارث آهيون”، پر تاريخ پڙهڻ، ان جو اڀياس ڪرڻ کان پري ڀڄندا آهيون، ڇو ته اسان ان کي خشڪ مضمون سمجهي ان جي ويجهو ئي ڪونه ويندا آهيون. اسان ٺٽي کي صرف ڀٽائي جي امر ڪردار نوري ڄام تماچي، شهيد دولهه دريا خان، مڪلي يعني ايشيا جو عظيم ۽ وڏي ۾ وڏو قبرستان، شاهجهان مسجد، ڪينجهر، هاليجي ۽ ڀنڀور تائين محدود ڪريو ويٺا آهيون.
    ننگر ٺٽو، دنيا جو قديم شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي وقت جي جابر حڪمرانن حملا ڪري، ان کي ڊاهي، ساڙي راک ڪيو آهي. هي اهوئي ننگر ٺٽو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڏو علمي، ادبي شهر رهيو آهي. جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ هزارن جي تعداد ۾ تعليمي درسگاهون به هيون.
    اُها ڄاڻ اسان کي بلڪل به ڪونه هئي ته راجا ڏاهر ۽ عربن جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ به هاڻوڪي ٺٽي ضلعي ۾ لڳي هئي. پر اهو ٺٽوي ڪاتيار ئي آهي، جنهن ان اهم ڳالهه جو انڪشاف پنهنجي پهرين تخليق “راؤڙ/رياتڙو” ۾ ڪيو آهي، جيڪو تاريخ جي حوالي سان لاجواب ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ به ٺٽوي اسان کي ٻڌايو آهي ته شاهه جي سورمي سسئي، ٺٽي ۾ ڄائي هئي. سهڻي ۽ ميهار جو قصو ٺٽي ۾ ٿيو هو. سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ جي اصل تاريخ ڇا آهي؟ پراڻي دور ۾ درياءَ ڪٿان وهندو هو؟ وغيره”.
    آئون عرض ڪري چڪو آهيان ته آئون ڪو تاريخ جو شاگرد ڪونه آهيان جو ٺٽوي جي شاهڪار تاريخ نويسي تي راءِ ڏيئي سگهان. پر جيئن ته ٺٽوي ڪاتيار جو پورهيو، حوالا، مطالعو ۽ تحقيق تي هو جس لهي. آئون ٺٽوي ڪاتيار جي محنت کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ بهترين ڪتاب لکڻ تي هزارين مبارڪون ڏيان ٿو. سڀني سڄاڻ ڌرين، جن جو تعلق ادب، سياست يا سماجيت سان آهي. انهن کي عرض ڪندس ته هن پتڪڙي ليکڪ جي محنت عيوض سندس همٿ افزائي ڪئي وڃي ۽ وس آهر دوست هن سان مڪمل تعاون ۽ سهڪار ڪن ته جيئن هي به اڀري هڪ ستارو ٿي ٺٽي جو نالو روشن ڪري سگهي.

    عبدالحميد سومرو
    مڪلي، 14 مئي 2018ع 


    پيارو شاگرد ٺٽوي ڪاتيار

    واضع رهي ته مصنف ذوالفقار علي ڪاتيار عرف ٺٽوي ڪاتيار (پياري شاگرد) جي لکيل ڪتاب “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” جو سرسري جائزي بعد انتهائي خوشيءَ ۽ فراخ دلي سان هي سِٽون لکي رهيو آهيان ته موصوف جنهن عمر ۾ تصنيف ۽ تحقيق جهڙي ڪم کي اپنايو آهي، تنهن عمر ۾ اسان جي سماج جا نوجوانَ اڃان پينگهي مان لهڻ ئي نٿا گهرن. سندن وجدان ۾ محنت، مشقت، تحقيق ۽ تفڪر وارو جذبو مورئون ڪي مفقود آهي. جنهن سماج ۾ حج جهڙي عبادت جيڪا فرض ئي مالي طاقت ۽ بدن جي سگهائيءَ تي آهي، سا به جهور پوڙهاپڻ ۾ ٿيندي هجي، اتي موصوف جو ڪتابن سان لاڳاپو، ڪُتب بيني، ورق گرداني ۽ تاريخي ماڳن جي ڀڳل ڀتين، اتي جي پکڙيل بي زبان پٿرن، ڀترن ۽ ڀورن جي زبان حال مان احوال آڻڻ جهڙو ڪم کيس داد ۽ تحسين جو حقدار بنائي ٿو.
    موصوف جي تصنيف ۾ هيءَ هڪ وڻندڙ خوبي آهي جو شخصي تقليد بدران تصنيف جو بنياد پنهنجي ذاتي تحقيق تي رکيائين آهي. آئون جيئن ته تاريخ جي موضوع تي ڪا وڏي دسترس يا ڪا سَنَد نٿو رکان، تنهن ڪري موصوف جي تحقيق سان اتفاق يا اختلاف بدران فقط سندس محنت، ڪوشش ۽ ڪاوش تي کيس داد ۽ آفرين ڏيڻ سان گڏوگڏ هن دعا تي اڪتفا ڪندس ته شال ڌڻي پاڪ پنهنجي مدد، نُصرت سندس هر نيڪ ڪم ۾ شاملِ حال فرمائي.
    باقي جنهن کي به موصوف جي تصنيف سان اختلاف هجي سو ڀلي هجي پر پنهنجي پاران دليلن ۽ ثبوتن جو ثمر ساڻ ڪري تاريخ جي وسيع ميدان ۾ لهي اچي. تاريخ جو باب لاڪاس بلڪل ائين ئي کليل آهي، جيئن ٺٽوي ڪاتيار لاءِ کليل آهي.
    مولانا عبدالقيوم اوٺار نعيمي
    ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، 18-5-25 
    س ا س جو سرگرم ساٿي، ٺٽوي ڪاتيار
    ٺٽي جي اڻلڀ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ نوجوان ليکڪ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جو سرگرم ساٿي ۽ پيارو دوست ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار، جنهن ٿوري وقت ۾ ئي سنڌي ادب ۾ پاڻ مڃايو آهي. پهرين “راؤڙ / رياتڙو” جي نالي سان ڪتاب منظر تي آندو ۽ هاڻي “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ”. جيڪي تاريخ جي حوالي سان اهم ڪتاب آهن. ٺٽوي ڪاتيار، ٺٽي جي انهن ماڳ مڪانن، ڪوٽن قلعن، ڍنڍن ڍورن ۽ درگاهن، قبرستانن تي تحقيق ڪئي آهي، جن تي يا ته ڪا تحقيق ٿي ناهي يا نه ٿيڻ جيتري تحقيق ٿي آهي.ٺٽوي ڪاتيار جو اهو مقصد آهي، اها منزل آهي ته ٺٽي جي سڀني ماڳن مڪانن تي نئين سري سان تحقيق ڪري انهن کي دنيا ۾ اجاگر ڪجي. ٺٽو صرف ڀنڀور، مڪلي ۽ ڪينجهر تائين محدود نه هجي. ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ٺٽوي ڪاتيار ڏينهن رات هڪ ڪري، نور نچوئي، مختلف ڪتابن مان حوالا وٺي، ماڳن مڪانن جو مشاهدو ڪري ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي، ٻئي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جنهن تي اسان جو هي نوجوان دوست جس لهي.
    تاريخ جهڙي خشڪ موضوع تي بهترين ڪتاب لکڻ تي پياري دوست ٺٽوي ڪاتيار ۽ ان جو والد صاحب چاچا محمد بخش ڪاتيار کي لکين کيرون ۽ مبارڪون. ذوالفقار علي ڪاتيار کي ٺٽوي ڪاتيار بنائڻ ۾ چاچا محمد بخش ڪاتيار جو اهم ڪردار آهي. اميد ٿا ڪريون ته اسان جو دوست ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي مشن کي جاري ۽ ساري رکندو. اها به فخر جوڳي ڳالهه آهي ته ٺٽوي ڪاتيار، سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي.

    فقيرمحمد اڪرم مڱڻهار
    ٺٽو، 29 مئي 2018ع


    پنهنجي پاران

    اول تعريف مالڪ سائين جي، درود پاڪ مٺي مديني واري آقا ﷺ تي.
    پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو” جي بيپناهه مقبوليت تي سمورن سنڌ واسين جو ٿورائتو آهيان، اها سنڌ واسين جي مون سان ۽ تاريخ سان محبت جو ثبوت آهي. جنهن لاءِ آئون دوستن، مهربانن، سڄڻن، بزرگن، ڀائرن ۽ ڀينرن جو هڪ دفعو ٻيهر ٿورائتو آهيان ۽ رهندس. اهو دوستن جي مانائتي موٽ جو سبب ئي آهي جو هڪ سال جي اندر ٻيو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو آهي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب جي پيش لفظ ۾ واضع لکيو هو ته “ڪتاب جو پهريون نالو رکيوسين “ٺٽي جي وکريل تاريخ”، پر جڏهن مواد کي ڪمپوز ڪيو ته مواد تمام گھڻو ٿي ويو ۽ ايتري منهنجي پونجي به ناهي ۽ نه وري ڀاري ۽ وڏي قيمت واري ڪتاب جو هاڻ ڪو رواج رهيو آهي. بعد ۾ صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي باقي رهيل مواد ايندڙ ڪتاب ۾ سنڌ دوستن جي هٿن ۾ هوندو”.
    هي ڪتاب پهرين ڪتاب جي ڪڙي آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته به وڌاؤ نه ٿيندو ته هيءَ ٻئي ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو ۽ برهمڻ آباد/ ڪلان ڪوٽ” هڪ ٻئي جا لازم ملزوم آهن. پهرين ڪتاب جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ٻيو ڪتاب لازمي پڙهڻو پوندو جڏهن ته ٻئي ڪتاب جي ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ پهريون ڪتاب پڙهڻو پوندو. پهريون ڪتاب “ٺٽي جي وکريل تاريخ -1” هو جڏهن ته ٻيو ڪتاب “ٺٽي جي وکريل تاريخ -2” آهي. جڏهن ته اڃان به ڪافي مواد رهيل آهي. جيڪو جلد منظر تي آندو ويندو. (نوٽ: جن جن دوستن تائين منهنجو پهريون ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو” پهتو ناهي يا انهن پڙهيو ناهي ته مڪمل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکيل (اپلوڊ ٿيل) آهي. هيٺ ڏنل لنڪ تان دوست آنلائن يا ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهن ٿا).
    www.sindhsalamat.com يا books.sindhsalamat.com
    منهنجي پهرين ڪتاب جي ڪاميابي ۽ مختلف دوستن پاران ڀرپور موٽ ڏيڻ سبب هڪ حوصلو مليو ته ٻيو ڪتاب به جلد منظر تي آڻجي. جن جن سڄڻن منهنجي ڪيل ننڍڙي تحقيق کي ساراهيو انهن جو انگ ته تمام گهڻو آهي پر مختصر طور ڪجهه سڄڻن/ڀينرن جا نالا لکجن ٿا.
    قبله سائين پير غلام جيلاني شاهه جيلاني (جيلاني هائوس مڪلي)، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو (اڳوڻو MNA ٺٽو ۽ صوبائي اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ)، سائين محمد علي شاهه (چيئرمين پاڪستان فشرفوڪ فورم)، سيد سردار علي شاهه (اڳوڻو صوبائي وزير سنڌ)، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو (اڳوڻو صوبائي وزير سنڌ)، سينيٽرادي سسئي پليجو (ٺٽو)، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو ۽ ادي نسرين الطاف (حيدرآباد)، سيده گل بيبي شاهه (مڪلي)، گل حسن ڪلمتي (ڪراچي)، سرواڻ سنڌي (اسلام آباد)، سيد فضل شاهه (جرمني)، ميڪس ميمڻ (ڪينيڊا)، سردار رضا رضوان ڪاتيار (ڪراچي)، وڏيرو عبدالرحيم ڪاتيار (ڏتا واھ)، حاجي محمد عثمان ڪاتيار ۽ حاجي ابراهيم ڪاتيار (جهنگ ڪاتيار)، فضل الله شريف (ڊائريڪٽر ٺٽه سمينٽ فيڪٽري)، سائين تاج محمد قريشي ۽ آصف قريشي (ٻنون)، سائين محمد صديق پليجو (ڊپٽي ڊي اِي او پرائمري تعليم کاتو ٺٽو)، ڊاڪٽر غفور ميمڻ (چيئرمين ايس ايل اي حيدرآباد)، پروفيسرعبدالله ملاح،استاد ابوبڪر شيخ، علي ڀاءُ ۽ عثمان راهوڪڙو (بدين)، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، مختيار سمون ۽ اياز ڀاڳت (لاڙڪاڻو)، عبدالحميد سومرو ۽ ڀاءُ حسنين حميد سومرو (مڪلي)، غلام قادر پليجو (چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو)، رئيس ممتاز جلباڻي (وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو) مرزا ناصر بيگ (ڊي سي ٺٽو)، فدا حسين مستوئي (ايس ايس پي ٺٽو)، پير غلام رحماني شاهه جيلاني (مڪلي)، رئيس حاڪم الدين جوکيو (گجو)، وقار علي ميمڻ (PS ٽو ڊي سي ٺٽو)، توفيق رفيق ميمڻ (انچارج جوڊيشل برانچ ڊي سي آفيس ٺٽو)، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ڊاڪٽر مارو خشڪ (مڪلي)، استاد عزيز ڪينجهرائي (ڪينجهر)، استاد محمد عارب موج شيدي (ٺٽو)،نواز خان زئور (ميرپور بٺورو)، نواز شاهه ڀاڏائي (گهوڙاٻاري)، محمد سليمان وساڻ ۽ عنايت الله کٽياڻ (سچل ڳوٺ ڪراچي)، ڏاڏا آدم گندرو ۽ ايوب ملاح (ٺٽو)، محمد حسن راهمون، راجا اشرف راهمون ۽ چاچا خداڏنو جت (بدين)،سائين غلام نبي خشڪ (مڪلي)، سائين ارشاد شاهه (صدر پ ٽ الف ٺٽو)، سائين احمد صادق پليجو (ٽي اِي او پرائمري تعليم کاتو ميرپور ساڪرو)، بابا احمد ميمڻ، “پرويز” ۽ محمد عرس اوٺو (دڙو)، سائين قلندر شاهه لڪياري، ڏاڏا قادر رانٽو ۽ ادا نور احمد ڪاتيار (حيدرآباد)، چاچا مٺا خان لاشاري (مڪلي)، الهجڙيو برفت ۽ صادق لاکو (ٺٽو)، عمران خشڪ ۽ يوسف خشڪ (مڪلي)، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (ڪراچي)، حامد مغل (ٺٽو)، خليل کوسو، غلام رسول نهڙيو (ٽنڊوالهيار)، ايڊوڪيٽ ثناءُالله سومرو، الهڏنو ٻٻر ۽ مير شهزاد ملڪاڻي (ميمبرز ضلع ڪائونسل ٺٽو)، غلام فريد ميمڻ ۽ سوڍو علي حسن (ميرپور بٺورو)، سارنگ ممتاز سمون، ڪليم الله سمون ۽ امام بخش“نديم سومرو” (دڙو)، اياز علي ميمڻ (چوهڙ جمالي)، جمال مراد گبول، منصور قادر لاشاري، غلام حيدر ڪلمتي، حمزو جماري، خدا بخش لاشاري، بلاول لاشاري، عبدالرشيد گبول، آڪاش لاشاري ۽ عبدالرزاق ڪلمتي (ميرپور ساڪرو)، غلام عباس چاچڙ (لاهور)، پريل دايو (سکر)، شڪسته مزاري (ڪشمور)، زاهد راڄپر (نوشهروفيروز)، ڄام محبت سهتو (هنڱورجا)، سنگتراش صحرائي، سارنگ راجا ۽ آڪاش هميراڻي (ٿرپارڪر)، چاچا عثمان ميمڻ، چاچا لطيف ميمڻ، چاچا نواز ميمڻ، حاجن سولنگي، اقبال جاکرو، منصور جلالاڻي (پريس ڪلب ٺٽو)، پير حامد الله جان سرهندي، شاهين جوکيو، علي ڪلمتي ۽ پير غلام رسول شاهه اسدي (ڪراچي)، ڪامريڊ عبدالله ڪاتيار، محمد شريف ڪاتيار چيئرمين غلام حسين ڪاتيار ۽ عبدالواحد ڪاتيار (ميرپور ساڪرو)، ڊاڪٽر آڪاش ۽ امر انصاري (بدين)، سيد غفور شاهه تقوي (ڪراچي)، ذاڪر کٽي (جاتي)، عزيز پليجو (راهوٽ)،حافظ حبيب سنڌي (چوهڙ جمالي)، ڊاڪٽر اسلم آزاد (سجاول)، مسعود لوهار (حيدرآباد)، رياض احمد عباسي ۽ جاويد عباسي (گهارو)، سائين رسول بخش راهي درس، امام ڏنو درس، پيرل پياسي، هادي بخش ملڪاڻي، پهلوان سيد اياز علي شاهه ۽ علي بخش ملاح (غلام الله)، سائين محمد اسماعيل ڪاتيار، وارث ڪاتيار، راول رشيد ۽ سائين سڪندر جانيارو (ڳاڙهو)، ايڊوڪيٽ پنهون عقيلي (ٺٽو)، ايڊوڪيٽ لياقت جماري (سجاول)، سردار الهبخش عرف بابو بروهي، شڪيل بروهي ۽ محمد رمضان بروهي (ٺٽو)، حزب الله آئي سومرو (خيرپور)، قاضي مقصود احمد ۽ محمد جاويد وهياڻي (مٽياري)، ڊاڪٽر مشتاق ڦل (خيرپور)، محمد عيسيٰ ڪاتيار، عبدالصمد ڪاتيار، انيس احمد ڪاتيار ۽ رحيم بخش ڪاتيار (ڪراچي)، ضمير حسين پيروزاڻي ۽ ذوالفقار پيروزاڻي (ڳاڙهو)، ناٿو بروهي، راجو قريشي ۽ دلاور شيخ (ٺٽو)، چاچا يونس ڀان، سورج سجاولي، عبد سنڌي، محمد ٻارڻ ۽ واحد سوز ملاح(سجاول)، محمد صالح ڪاتيار ۽ عبدالستار ڪاتيار (مڪان شريف)، محبوب بروهي، چاچا احمد خشڪ، سيد گل شاھ، اعجاز واريو، مرزا حسن بيگ، حنيف جاکرو (پريس ڪلب مڪلي)، سائين عبدالستار ميمڻ، مشتاق گرماڻي، ڪامريڊ گل محمد خشڪ، ايڊوڪيٽ سرور پليجو، ادا هارون خشڪ ۽ بلاول سومرو (مڪلي)، فقير اڪرم مڱڻهار، انور آرزو ميمڻ، ناز ڀٽو ناهيو، سائين آصف قريشي، (ٺٽو)، شاهنواز بروهي، اياز لاشاري ۽ ذوالفقار لاشاري (ٺٽو)، محمد ابراهيم جوکيو (ڳوٺ سومار جوکيو)، فاروق بجاراڻي (ڪنڌڪوٽ)، رام اوڏ (عمرڪوٽ)، رفيق عيساڻي، شوڪت شورو (حيدرآباد)، پير بخش“سني عباسي”، انو سولنگي ۽ غلام علي سولنگي (حيدرآباد)، لال بخش ڪاتيار، امير علي ڪاتيار ۽ مشتاق ڪاتيار (ڪينجهر) ممتاز خادم ميمڻ (نوابشاھ)، اعظم ڀٽي (ٽنڊو محمد خان)، ممتاز مصطفيٰ دوست (دادو)، خادم گهراڻو (نصرپور)، عزادار حسين (ماتلي)، ماما رمضان ڪاتيار، ادا احمد ڪاتيار ۽ عبدالغني ڪاتيار (غلام الله)، انور پالاري (جهمپير)، ڊاڪٽر سانوڻ بلوچ ۽ منير احمد ٻروسر (ٻروسر ڪالوني)، پيارو دوست غلام سرور دائوپوٽو مرحوم (مڪلي)، ۽ ٻين لاتعداد دوستن جن روبرو، فون ڪالز، ميسجز يا فيسبڪ تي داد ڏنو ۽ ڪتاب لکڻ تي شاباس ۽ مبارڪون ڏنيون انهن جو ٿورائتو آهيان.
    ان سان گڏوگڏ ڪتاب تي بيجا تنقيد ۽ طنز ڪرڻ وارن جو به ٿورائتو آهيان. ڇو ته انهن مونکي هڪ وڏو حوصلو ڏنو ته منزل اڃان پري آهي، بيهڻو ناهي.
    مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي شڪل ڏني هئي، جڏهن ته ٻيو ڪتاب صرف برهمڻ آباد واري موضوع تي مشتمل آهي. ڪتابن کي مختلف جلدن ۾ آڻڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته تاريخي ضلعي ٺٽي جي تاريخ ڪنهن هڪڙي ڪتاب ۾ لکي نٿي سگهجي.
    هي ڪتاب اٺن بابن ۾ ورهايل آهي. شروع وارا ست ئي باب، عرب ۽ ڏاهر جي جنگ توڙي قديم قلعي برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ سان تعلق رکن ٿا. صرف اٺون باب هن جنگ توڙي برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ کان هٺيل آهي پر اهو ان ڪري شامل ڪيو آهي جو جڏهن ٻاٻڙن مطلب منهنجي ڳوٺ جو ذڪر آيو ۽ شاهه جي سورمي سسئي جو به ذڪر آيو ته سوچيو ته منهنجي ڳوٺ جي پاسي ۾ سهڻي ميهار جي داستان جون به خبرون ملن ٿيون ۽ سهڻي شاهه جي سورمي به آهي.
    ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن جون محنتون ۽ محبتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن جا ٿورا ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان. سڀ کان اول بابا سائين جا ڪروڙين ٿورا، جنهن منهنجي هر ممڪنه مدد ڪئي، ساٿ ڏنو، تاريخ لکڻ جو چاهه ڏنو. ائين سمجهو ته هن ڪتاب جا اسين ٻه مصنف آهيون، هڪ بابا ۽ ٻيو آئون. ڪتاب لکڻ توڙي تاريخ طرف آماده به بابا سائين ڪيو ۽ اِهو بابا سائين ئي هو جنهن ڪتاب جي تياري ۾ منهنجي هر ممڪنه مدد ۽ سهڪار ڪيو. پئسي ڏوڪڙ کان ويندي تاريخ جي ٽوڙي مروڙيل نالن کي سنئون سڌو ڪرڻ، انهن علائقن ۾ گڏجي هلڻ، اتي جي مقامي ماڻهن توڙي تاريخ جي ڄاڻن سان ملاقاتون ۽ تعارف ڪرائڻ سڀ بابا سائين پنهنجي ذمي کنيو. آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان اهو بابا سائين جي ڪري ئي آهيان. جيڪڏهن بابا سائين ساٿ نه ڏيئي ها ته شايد آئون ايڏي وڏي کوجنا نه ڪري سگھان ها.
    ان کان علاوه خاص مهربانيون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي سمورن دوستن جون، جن تاريخ تي لکڻ لاءِ ڀرپور اتسايو. ڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي آهي پر ان سان گڏ منهنجا ڀائر هر هڪ شوڪت علي، لياقت علي ۽ نثار علي به شاملِ حال رهيا ۽ پروف ريڊنگ به ڪري ڏني. جڏهن ته ننڍو ڀاءُ آصف علي گھٽ تعليم هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ ۾ ته گڏ نه هو پر سفر ۾ هر وقت گڏ رهندو هو.
    جڏهن ته آئون مانوارن دوستن جن ۾ پاڳارو غلام حسين شيخ (گادي نشين، درگاهه شيخ ابو تراب)، چاچا علي محمد شيخ، چاچا علي خان جوکيو (ميمبر ضلع ڪائونسل ٺٽو)، ايڊوڪيٽ وقار ميمڻ، شيراز گل ميمڻ، صحافي حبيب الله ميمڻ، چاچا جيئند ٻرڙو، سائين وسايو سمون، سائين احمد درس، عيسيٰ درس، سائين الهڏنو ٻاٻڙو، چاچا علي ملاح، انور جوکيو، نظام الدين ناهيو، ماما سليم ڪاتيار، ادا منظور ڪاتيار ۽ انهن سمورن مهربانن جو به ٿورائتو آهيان جن مونکي گهربل ماڳن جو مشاهدو به ڪرايو ۽ پنهنجي وس آهر معلومات به مهيا ڪئي.
    جڏهن ته چاچا اوڀايو خشڪ، عبدالمجيد جماري، استاد عارب موج شيدي، عبدالقادر گندرو ولد عبدالله گندرو (مرحوم)، سائين مارو خشڪ، سائين صفدر ٺٽوي، سائين سجاد ميمڻ جو به ٿورائتو آهيان جن پنهنجي لائبريرين مان پڙهڻ لاءِ ڪتاب عنايت ڪيا. ان سان گڏوگڏ شاهه جي پارکو، ٻولي جي ڄاڻو ۽ محنتي استاد سائين نور احمد سومرو عرف نور رٽائي جو به ٿورائتو آهيان جنهن پڙهڻ لاءِ پنهنجي لائبريري مان ڪتاب عنايت ڪرڻ سان گڏ لغات توڙي شاهه جي بيتن جي سمجهاڻي جي حوالي سان به ڪافي مدد ڪئي.
    مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي، تاريخي علائقن جي مشاهدي، پنهنجي تحقيق، تجربي، مشاهدي، مطالعي، وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين ۽ سنڌ جي عظيم محقق ۽ ليکڪ قابلِ احترام پير حسام الدين راشدي پاران ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 43)” ۾ لکيل هنن سٽن جي بنياد تي لکيو آهي. پير صاحب لکي ٿو ته “نيٺ چوڏهن سالن بعد لاچار ٿي هيءُ مضمون هن اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو آزاد سنڌ جي انهيءَ قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت (ٺٽي) جي تاريخي جاگرافيءَ جي تڪميل ڪندو”. جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي ڪيل تحقيق سان سهمت ناهي ته ڪا ڳالهه ڪانهي، ان اختلاف راءِ رکندڙ کي مڪمل آزادي آهي ته، هو به تحقيق ڪري ۽ وس آهر رنڍا روڙي ته جيئن، تاريخي ماڳن جو باريڪ بيني سان مشاهدو ٿي سگهي ۽ دنيا جي جديد وسيلن کي ڪتب آڻيندي سنڌ جي حقيقي تاريخ کي محفوظ ڪري سگهجي. اميد ته، منهنجو نور نچوئي ڪيل هي تاريخي ۽ تحقيقي بحث، پڙهندڙن جو ڌيان تاريخي ماڳن ڏانهن ڇڪائڻ، تاريخي ورثي جو قدر ڪرڻ، تاريخي ڪتاب پڙهڻ، آثار قديمه جي بچاءُ ڪرڻ، تاريخي شين جي سائنٽيفڪ انداز ۾ کوجنا ڪرڻ ۽ نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.
    آخر ۾ سنڌ جي ناليواري اديب، محقق، سماجي اڳواڻ ۽“ڪراچي سنڌ جي مارئي” سميت انيڪ ڪتابن جي مصنف محترم گل حسن ڪلمتي صاحب جا به لک ٿورا، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ لکي ڏنو. ان کان علاوءُ ناليواري اديب محترم عبدالرشيد گبول (ميرپور ساڪرو)، ڀائرن جهڙي دوست محترم عبدالحميد سومرو (مڪلي)، استاد محترم علامه مولانا عبدالقيوم نعيمي اوٺار (ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري) ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي سيڪريٽري محترم فقير محمد اڪرم مڱڻهار جا به لک ٿورا ۽ لک قرب، جن ڪتاب تي پنهنجا ٻه اکر لکي ڪتاب کي وڏو مان بخشيو.
    فيصلو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. اوهانجي تعميري تنقيد، صلاحن مشورن ۽ حوصلا افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو. ڪتاب پسند اچڻ يا نه اچڻ، ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو ۽ احترام ڪيو ويندو.

    ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار)
    ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني
    ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، ضلع ٺٽو
    موبائل نمبر: 03243094990
    thattvikatiar@gmail.com  


    باب پهريون: برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا

    هن ڪتاب يا هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي قديم دور وارا سنڌو درياءَ جا وهڪرا ڳولڻا پوندا، جنهن کان پوءِ تاريخ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.
    پهرين ڳالهه ته هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” (ص 2) تي درياءَ بابت لکيو آهي ته “هي وڏو درياءَ (سنڌو) جنهن ۾ پنجاب جي سڀني دريائن جو ڇوڙ آهي. تنهنجو سدائين اهو ساڳيو وهڪرو ناهي رهيو جنهن تان موجوده درياءَ وهي رهيو آهي. ڪنهن ٻئي درياءَ شايد ئي هن وانگر، ايامن کان وٺي پنهنجا وهڪرا نه مٽايا هجن. جيئن هن سيلاني درياءَ پنهنجا رستا سنڌ جي ميدان مان ڪٽي بنايا آهن. اوڀر طرف راجستان جي رڻ پٽ جي بنهه ڪڇ کان وٺي اولهه واري جابلو علائقي تائين، جيڪو اٽڪل هڪ سو ميل ميداني خطو آهي تنهن ۾ هي، هڪ يا ٻئي دور ۾، هڪ وڏي درياهه يا سندس ٻن ٽن مکيه وهڪرن يا ان کان وڌيڪ بي شمار شاخن ۾ پئي رهيو آهي. جن پنهنجي وهڪرن کي وقت بوقت پئي بدلايو آهي.”ساڳيو ڪتاب (ص 3) “سڄي ملڪ جو مٿاڇرو سنڌو درياءَ جي پراڻن پيٽن جي ابتن سبتن وهڪرن جي نشانن سان ڀريو پيو آهي. جيڪي مٽي جي طوفانن ۽ واري جي اڏامڻ جي سبب تيزي سان هموار ٿيندا پيا وڃن.” ساڳيو ڪتاب (ص 5) “سنڌو درياءَ جي موجوده حالتن ۾ دوآبي کي نظر ۾ رکي پراڻن شهرن کي سڃاڻڻ هڪ اجائي ڳالهه آهي.”
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 160) “تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيئي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي شروعات درياهن کان ٿي آهي. انساني آبادين، ڪاروباري مرڪزن، شهرن ۽ قلعن ۽ ڪوٽن جا جيڪي به اهڃاڻ ۽ پار پتا ملن ٿا، اهي سڀ درياهه جي ڪنڌين يا ان مان نڪرندڙ شاخن جي وهڪري يا لنگهه وٽ ٻڌل هئا. موهن جي دڙي کان چانهون جي دڙي تائين سمورا قديم شهر درياهه جي ڪنڌين تي نظر اچن ٿا. اهوئي سبب آهي جو درياهه جي رخ مٽائڻ سان آباد ۽ وسنديءَ وارا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ ڦٽي تباهه ٿي ويل ڏسجن ٿا”.
    ٻي ڳالهه ته برهمڻ آباد ۽ منصوره بابت ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته اهي ٻئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سنڌ جي ڪهڙي علائقي ۾ آهن؟ اسان جا ڪجهه محقق ان خيال جا آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن هڪڙو هندو نالو ۽ ٻيو مسلم نالو. جڏهن ته ڪجهه محققن جي مطابق ته اهي ٻئي الڳ الڳ شهر آهن پر انهن جي تحقيق جي مطابق اهي ٻئي موجوده سانگهڙ ضلع ۾ اچن ٿا. پر منهنجي تحقيق چوي ٿي ته نه برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن ۽ نه ئي اهي ٻيئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي ۾ آهن. تاريخي ماڳ يا قلعو برهمڻ آباد اهو قلعو آهي جنهن کي موجوده زماني ۾ پاڻ ڪلان ڪوٽ چئون ٿا ۽ منصوره جو شهر موجوده پير پٺو آهي. ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ۽ منصوره کي پيرپٺو ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي؟ ثبوتن ۽ حوالن سان اهو توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۽ چوٿين ۾ پڙهي سگهندا.
    ٽي ڳالهه ته اسان کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته ان وقت يعني برهمڻ گھراڻي جي حڪومت وقت سنڌو درياءَ ڪٿان وهندو هو؟ ڇو ته مٿي هينري ڪزنس جي ڳالهين مان گهڻو ڪجهه ملي ٿو. ان سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ اگر مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪجي ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. سواءِ چند ڪتابن جي ٻي ڪنهن ۾ به صحيح معلومات ڏنل ناهي. ان وقت جي درياءَ جو صحيح تعين ڪرڻ لاءِ مشهور عرب سياح ۽ ليکڪ ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو اسان لاءِ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو. ابن حوقل پاران ڏنل نقشي مطابق تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته درياءَ، ڪلري کانپوءِ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو.
    سنڌ عرب دور (ص 452) تي لکي ٿو ته “ڪلري جي شهر لاءِ عربن جو چوڻ آهي ته اهو نهايت ئي آباد، سرسبز ۽ سنڌ جي شاهوڪار حصي ۾ ٺهيل هو. هاڻي انهي شهر کي سڪرنڊ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تشبيهه ڏني وئي آهي.” ساڳيو ڪتاب (ص 324) تي “الادريسي جو ڇهين صدي هجري جو سياح ۽ جاگرافي دان هو، تنهن منصوره بابت هيءُ بيان قلمبند ڪيو آهي، مهراڻ درياءَ ڪلري وٽ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيو وڃي”.
    محترم رشيد ڀٽي، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 88) تي لکي ٿو ته “اڪثر مورخ ۽ جاگرافيدان ان راءِ جا آهن ته سڄي سنڌ جي پنج سئو ميلن جي سفر ۾ ٻه جايون اهڙيون آهن، جتان سنڌو جو مکيه وهڪرو مستقل رهيو آهي. هڪ سکر ۽ بکر وٽ ۽ ٻيو ڪوٽڙي وٽ”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
    ڪلري اهو علائقو آهي جنهن کي موجوده وقت ۾ پاڻ ڪينجهر چون ٿا. ڇو ته مٿي واضع لکيل آهي ته سڪرنڊ جي پاسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي ڪلري سان تشبيهه ڏني وئي آهي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته تشبيهه معنيٰ شڪ ۾ لکيل ڳالھ. تاريخ ۾ جتي شڪ هجي اتي تحقيق جي گنجائش باقي رهي ٿي.
    سنڌ جا قديم آثار (ص 8) تي آئين اڪبري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “ٺٽي وٽ سنڌو درياءَ کي مهراڻ چوندا آهن”. محترم غلام علي الانا صاحب به درياءَ جون چار شاخون لکيون آهن جن مان هڪ جو نالو مهراڻ آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو ٺٽي جي طرف ايندو هو ۽ ان ڪري ئي آئين اڪبري ائين لکيو آهي يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ جي وڏي شاخ جو نالومهراڻ هو. مهراڻ جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين تي پهچندي هئي ته اها ٻن حصن يا شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي.
    محترم عبدالرشيد گبول جي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي تاريخ” جي مهاڳ ۾ محترم حميد مهراڻوي (ص 11) تي لکي ٿو ته “تذڪره اميرخاني (ص 30) ۾ آهي ته 926 هه بمطابق 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي حملي وقت ٺٽو، سنڌو درياءَ جي ٻن شاخن بگهاڙ ۽ ڪلري جي وچ ۾ ٻيٽ نما شهر هو”.
    محترم رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب “تاريخ سکر” (ص 2) تي لکي ٿو ته “مهراڻ جو اصل نالو “سنڌو” آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ “مها ساگر” (وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي ۽ اها حقيقت آهي، ڇو ته اڳ مهراڻ جي آب ڪلاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪونه هئا، پاڻي جي چاڙهه وقت درياهه وڻن ٽڻن، ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو، ميلن تائين پکڙجي ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو. خبر نه ٿي پوي ته سندس پيٽ ۾ ڪيترا شهر دفن آهن. ٻي منجهس هيءَ خوبي آهي ته درياهه ڪيترا ڀيرا پنهنجي وهڪري کي بدلايو آهي. ڪو وقت موئن جو دڙو به ان جي ڪپ تي بندر هو”.
    محترم غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 39)” تي لکي ٿو ته “ سنڌو درياءَ جي قديم ڍورن ۽ وهڪرن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن. ڪئپٽن ڪارليس، ميجر راورٽي، ايٽڪن، ڪزنس، هيگ، مولائي شيدائي ۽ ٻين هن موضوع تي پنهنجا پنهنجا نتيجا ڪڍيا آهن. تنهن هوندي به ڪن وهڪرن ۽ ڍورن جي باري ۾ ڪافي مونجهارو آهي. جن کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو آهي يا انهن کي گهٽ اهميت ڏني وئي آهي. لاڙ ۾ انهن (ڍورن ۽ وهڪرن) جا نشان اڃا تائين سلامت آهن. جيڪي پنهنجي تاريخ پاڻ بيان ڪن ٿا. انهن ۾ هاڪڙو (ڍورو پراڻ)، بدرو (الهندين پراڻ)، ريڻ ۽ مهراڻ درياءَ اچي وڃن ٿا”. (ص 41) تي مهراڻ بابت وڌيڪ لکي ٿو ته “مهراڻ جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين وٽ پهچندي هئي. تڏهن (1758ع کان اڳ) اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، جن مان هڪڙي ڪلري شاخ هئي”.
    محترم ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ عرب دور ۾ (ص 54) تي لکي ٿو ته “ڪينجهر کي هاڻي ڪلري به سڏيو وڃي ٿو”.
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 204) “ان دريائي وهڪري اتر کان چيلايا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ کان خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو کائي، وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي، ٺٽي شهر جي اوڀر ويجهڙائيءَ وٽان وهڻ لڳو. ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو. جيڪو پراڻي ڪلريءَ جو پيٽ ڏئي وهڻ لڳو (جيڪو اسلام کان گهڻو اڳ سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو پڻ هو). جنهن مان پوءِ ٻه واهڙ ڦٽندا هئا. انهن مان هڪ مڪلي ٽڪريءَ جي اتر کان اچي کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ – اولهه وڃي گهاري ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ ٻيو واهڙ وڪڙ کائي مڪليءَ جي ٽڪرين کان سندس اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو ڏکڻ ڏانهن وهندو هو”.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 52) حاشيه ۾ لکي ٿو ته “ڪينجهر ۽ سونهريءَ کي گڏي، ڪجهه وقت اڳ ڪلري ڍنڍ نالو رکيو ويو هو. جنهن کي هاڻي وري ڪينجهر ڍنڍ نالو ڏنو ويو آهي”.
    ڪتاب لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، غلام علي الانا صاحب 1971ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز ٺاهي هئي. هڪڙي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن ٻنهي ڍنڍن (سونهري ۽ ڪينجهر) کي گڏيو ويو ته ان کي ڪلري جو نالو ڪهڙي بنياد تي ڏنو ويو؟ ڪراچي جا اڪثر رهاڪو ڪينجهر کي ڪلري ڇو ٿا چون؟ ٺٽي ۾ هڪڙي يونين ڪائونسل جو نالو ڪلري ڇو آهي؟ (جيڪا مڪلي قبرستان جي اتر ۾ آهي) ٺٽي ۾ هڪڙو واهه به ڪلري جي نالي سان آهي، ان جو سبب؟
    ڪلري ته اهو ماڳ آهي جنهن کي پاڻ ڪينجهر چوندا آهيون جڏهن ته تاريخي نقشي ۾ ڪلري جي پاسي ۾ ڏيکاريل بلري جو شهر موجوده بلڙي شاهه ڪريم آهي. ڇو ته موجوده ڪينجهر کان بلڙي جو شهر ويجهو پوي ٿو.
    سنڌ عرب دور (ص 453) تي بلري بابت لکي ٿو ته “ بلري جو شهر ڪلري جي اتر ۾ مهراڻ درياءَ جي کٻي ڪپ تي ٺهيل هو. پر انهي شهر کي اڃان تائين ڪنهن ماڳ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي. سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ بلڙي جو شهر اڃان تائين موجود آهي”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) (ص 59 ) تي بلري بندر بابت لکي ٿو ته “سنڌ جي هن بندرگاهه بابت قديم آثارن جي کاتي کي ڪي کنڊر ته نه ملي سگهيا آهن پر ابن حوقل جي راءِ موجب هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي جتان هن وقت ڍورو نارو ڦٽي نڪري ٿو ان جي ٻاهر اتر طرف بلري نالي بندرگاهه جا آثار موجود آهن. پر هاڻوڪي سنڌ جي نقشي موجب ان جاءِ تي هن بندر جا ڪي آثار ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته هن جي ڪا خاص جاگرافي نه ملي سگهي آهي”.
    مون مٿي واضع لکيو آهي ته سنڌو درياءَ موجوده ڪينجهر وٽان ٻن وڏين ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو. پر اسان جا ساڃاوند، موجوده نوابشاهه وٽان سنڌو کي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائن ٿا جنهن سبب اهي بلري بابت منجهيل آهن.
    انهن سڀني ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿي وڃي ٿو ته برهمڻ يا عرب دور ۾ درياءَ سنڌ موجوده ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو هو. ڇو ته جتي ڪينجهر آهي ان جي پاسي وارين ٽڪرين کي هيلايا ٽڪريون سڏبو آهي.
    محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص 18) تي لکي ٿو ته “ٺٽي تعلقي ۾ هيلايا نالي ڳوٺ آهي”. جنهن جي مثال لاءِ ڀٽائي سائين جو هي بيت لکيو آهي ته:
    “هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھَ. شاهه (سُر ڪاموڏ، 3.2)”
    ساڳي صفحي تي جنهن جو تفصيل هن ريت لکيو آهي ته “شاهه صاحب چوي ٿو ته هيٺ جر (جل) يعني پاڻي آهي، يعني هيلاين واري ٽڪريءَ جي هيٺان ڪينجهر ڍنڍ پيئي وهي. مٿي يعني هيلاين واري ٽڪريءَ جي مٿان مڃر آهن. ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ جيڪي سڱر ٿين ٿا تن کي، توڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٻور کي “مڃر” چئبو آهي. ٻيو چيو اٿس ته “پاسي ۾ وڻ راھ”، سو هن ڪري چيو اٿس جو هيءُ ٻيلي جو پاسو آهي. اهڙي ريت پهرين مصرع ۾ تماچيءَ جي ڳالهه ڪئي اٿس”.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته اگر درياءَ ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو هو ته پوءِ اهي ڇاڙهون موجوده وقت ۾ ڪهڙن علائقن مان گذرنديون هيون.؟
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 8) “سنڌو درياءَ جي وچئين وهڪري جي ناتي سان ٺٽي جي حيثيت ۽ ترقي تيستائين قائم رهي، جيستائين درياهه سندس ڀرسان گَهندي ڏئي مٽيندو هو. اهڙي صورتحال دهليءَ جي حڪمران فيروز شاهه تغلق جي زماني ( 1351-1388ع) تائين قائم رهي. پير حسام الدين راشدي ان دور جي همعصر شاعر مطاهر شاهه ڪڙه جو شعر بيان ڪيو آهي.
    “تهته که آن جزيره بلاديست پر کهف
    درياش يک طرف شد و پنج آب يڪ طرف”

    مطلب: ٺٽو جيڪو هڪ ٻيٽ آهي، اهو علائقو غارن سان ڀريل آهي. کيس هڪ پاسي کان درياءَ آهي، ٻئي پاسي پنج آب يعني سنڌو درياهه آهي”.
    جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ” (ص 41) تي ساڳي ڳالهه هن ريت لکي آهي ته “ٺٽي جي موجوده محل وقوع يا بيهڪ توڙي ان جي چوڦير پراڻي سنڌو ندي ۽ ان جي شاخن جي پاتالن جي ان سان سڌي سنئين سنٻنڌ جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ٺٽو سنڌو نديءَ جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو، تنهن جي معنيٰ ته هيءَ وستي آبڪلاڻيءَ جي موسم (مئي، جون کان آگسٽ ۽ سيپٽمبر) دوران پوريءَ محفوظ رهندي هئي. انهيءَ حقيقت جي تصديق سلطان فيروز شاهه جي ٺٽي خلاف مهمن (1350-1365غ) ۽ ان بعد شاهه بيگ ارغون جي هٿان ٺٽي جي فتح (1520ع) بابت تاريخ ۾ ڏنل احوالن مان پڻ ٿئي ٿي. انهن مان سراج عفيف جي تاريخ فيروز شاهي ۽ ادراڪي جي بيگلارنامي ۾ ڏنل حوالا ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستند آهن. ادبي لکيتن ۾ ٺٽي جو “آب پنجاب” (سنڌو ندي) ۽ “درياءَ” يعني ان جي واهن يا شاخن جي وچون وچ واقع هئڻ جو وڌيڪ پڪو حوالو، سلطان فيروز شاهه جي دور حڪومت (1351-1388ع) جي شاعر مطاهر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. اهي شعر چوڏهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي دوران چيل آهن”. محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 111) تي لکي ٿو ته “ڏٺو وڃي ته قديم دور ۾ سنڌو درياء موجوده ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن طرفن کان ڇاڙون ڪري وهندو هو. درياءَ جي هڪ شاخ مڪلي ٽڪريءَ جي اتر طرف کان ته ٻي شاخ ڏکڻ طرف کان لنگهندي هئي. اترين شاخ ڪلري وهڪرو ۽ ڏاکڻي شاخ بگهاڙ وهڪرو سڏبو هو”.
    مسٽر هينري ڪزنس، پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار، (ص 10)” تي لکي ٿو ته “مسٽر ڪرو اڃا به ٻيءَ تبديلي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن 1800ع ۾ لکندي چيو آهي ته هن درياه پنجن کان ويهن سالن اندر، ٺٽي کان ٿورو مٿي هڪ عجيب ڦيرو کاڌو آهي، جوشهر درياه جي دوآبي مان ئي ماڳهين ٻاهر نڪري ويو آهي”.
    جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 101) تي لکي ٿو ته “تاريخ جي حوالي سان ٻي روايت اها آهي ته سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا جي هڪ شاخ گهاري جي ڏکڻ اوڀر طرف هئي. سنڌو ندي جي هن وهڪري کي ڪلري وهڪرو سڏبو هو. 1758ع بعد ڪلري وهڪرو سڪي ويو”. هن مان مراد ته سنڌو درياءَ، موجوده ڪينجهر وٽان ٻه شاخو ٿيندو هو، جيڪو ٺٽي جي اولهه توڙي اوڀر کان وهندو هو جنهن سبب ٺٽي کي دوآبي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. 1758ع واري تبديلي کان پوءِ ٺٽو دوآبي مان ٻاهر نڪري ويو.
    پهرين ڇاڙهه جيڪا الهندي طرف ويندي هئي اها موجوده ٺٽي جي اتر طرف کان ساموئي، درگاهه مرشد شاهه مراد وٽان ٿيندي موجوده گجي شهر کان ٻه ميل پريان ٿرڙي (درگاهه شيخ ابو تراب، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ آهي) وٽان گذري اڳيان هلي ٻاٻڙا يا راقم جي اباڻي ڳوٺ (ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) وٽان ٿيندي، ساڪرو ڪراس ڪري موجوده ٻهارن وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندي هئي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ ان جو ذڪر لکيو آهي.
    تاريخ مظهر شاهجهاني (ص 16) “درياهه جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪرين جي اتر پاسي وهندو هو سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان پار ڪري وهندو هو ۽ گجي کان ٻه ميل پري وهندو هو.” قديم ماڳ ٿرڙي يا شيخ ابو تراب جي مزار، گجي کان ٻه ميل پري آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 132) تي شيخ ابو تراب جي مزار جي حوالي سان لکي ٿو ته “گجو کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي”.
    ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 443 ) تي لکي ٿو ته “مشهور جاگرافيدان المسعودي جو پاڻ سنه 300هه ۾ سنڌ جو دورو ڪري ويو هو. اهو ٻڌائي ٿو ته مهراڻ درياءَ ساڪري واري ايراضي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو”.
    ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 20) “ڀنڀور جو شهر سنڌو جي ان ڇاڙهه جي ڪٺار سان وسندڙ هو، جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي ڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڇاڙه جي سڪي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري ۽ ٺٽي پرڳڻي ۾ ويٺا. منهنجو اندازو آهي ته مذڪوره شاخ سترهين صديءِ جي وچ ڌاران سڪي وئي هئي”.
    درگاهه شيخ ابوتراب جا خليفا توڙي، اتي جا مقامي ماڻهو هڪڙي ڏند ڪٿا به ٻڌائيندا آهن. اها ڏند ڪٿا محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 364) تي هن ريت لکي آهي.“هي هڪ ٻي ڏند ڪٿا به آهي. ٿرڙ ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ڪجهه پنڌ تي هڪ ٻي ٽڪري ڏسجي ٿي، جنهن جا چار ئي پاسا اُڀا آهن. اها پري کان هڪ سامونڊي جهاز جو ڏيک ڏئي ٿي. اِن ٽڪري جي مٿين سطح سڌي آهي. مقامي ماڻهو ان ٽڪريءَ کي ٿرڙ ٻيڙي چون ٿا. سندن چوڻ آهي ته هڪ درويش جي ڪرامت سبب اها ٻيڙي پٿر ٿي وئي آهي. ان ٽڪريءَ تي ننڍڙا چقمقي پٿر گهڙيل حالت ۾ موجود آهن. هو چون ٿا، اڳي هتان درياهه وهندو هو”. هن ڏند ڪٿا مان به اهو ثابت ٿيئي ٿو ته ٿرڙي يا درگاهه شيخ ابو تراب جي اوڀر پاسي مان ڪڏهن درياءَ وهندو هو.
    محترم ابوبڪر شيخ، ٿرڙي ۽ شيخ ابو تراب بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ گجو يا ٿرڙي جي پاسي مان درياءَ جي گذر بابت هن ريت لکيو آهي ته “نيرڪس جڏهن هتي (ٿرڙي تي) رڪيو هو تڏهن هن ٻيٽ جي اتر اوڀر ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جو شور هوندو هو ۽ نظر جي حد تائين ساوڪ نظر ايندي هئي. هي هڪ وڏو پرفضا مقام هو. پرفضا هئڻ جو اعزاز اڄ به هن جبل کي حاصل آهي پر درياءَ جو شور، ساوڪ ۽ ٻيٽ جو اعزاز البته هاڻي هن جبل کي حاصل ناهي رهيو. هتي هاڻي رهجي ويون آهن يوناني سپاهين جون ڪجهه پٿرن تي تراشيل نشانيون جيڪي ان ڏينهن جون يادون تازه ڪن ٿيون. چوندا آهن ته هي يوناني فوج جي مختلف يونٽس جا نشان آهن جيڪي يوناني سپاهين هتي آرام ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پٿرن تي ٺاهيا هئا”.
    شيخ صاحب پنهنجي ڪالم ۾ مقامي ماڻهن پاران “ٿرڙ ٻيڙي” بابت ٻڌايل ڳالهين کي هن طرح لکيو آهي ته“توهان اگر ان نشان واري جبل کان اوڀر ڏکڻ واري جبل کي ڏسندا ته هو جبل توهان کي هڪ وڏي پاڻي جي جهاز وانگر لڳندو ۽ ان ئي تصور جي اک، حقيقت، آثارن ۽ منظرن ملي ڪري هي لوڪ ڪهاڻي تخليق ڪئي، جيڪا اڄ تائين ماڻهو وڏي اعتماد ۽ احترام سان ماڻهن کي ٻڌائين ٿا ۽ صدين تائين ٻڌائيندا رهندا.” شيخ صاحب جن نشانن جو ذڪر ڪيو آهي اهي نشان اڄ تائين ٿرڙي جبل تي ظاهر آهن.
    ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص 45) تي ڪلري بابت لکي ٿو ته “ڪلري واھ: هي به درياءَ جو هڪ ڦاٽ هوندو هو. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪلري واھ، مهراڻ جي هڪ مکيه شاخ هوندو هو. اها شاخ گجي ۽ گهاري وٽان لنگهندي هئي. 1758ع واري زلزلي کان پوءِ درياءَ هن شاخ کي به ڇڏي ويو ۽ 1819ع ۾ هن جي حيثيت هڪ واهه جهڙي وڃي رهي. هي واھ، ڏکڻ اولهه طرف وهي، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري تعلقن کي آباد ڪندو هو. پڃاري واهه وانگر هن واهه کي به ڌار ڌار نالن سان ڪوٺيندا هئا. پهرين 26 ميلن تائين هن کي ڪلري واهه چوندا هئا، ان کان پوءِ هيٺ هن کي “ناري ڇڇ” چوندا هئا. هن واهه تي هيٺيان شهر آباد آهن. ٺٽو، ناريجا، گجو ۽ ٻاٻڙا”.
    ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 167) تي ڪلري درياءَ جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “ساريجي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وهڪري تي آباد هو. هن وهڪري تي ٻيا شهر ۽ وسنديون مڪلي، ساموئي، هالاٺ، هاليجي، گجو، گهارو ۽ ڀنڀور آباد هئا”.
    سنڌ جو برک ڏاهو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ (ص 42) تي ڪلري درياءَ جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “درياءَ، اتر ۾ چليا ۽ ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضي مان ڪنهن هنڌان پنهنجي مکيه وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون پاسو ورتو ۽ اهڙي ريت ٺٽي واري ايراضيءَ جي اڀرندي لڳ ويجهو ٿي وهڻ لڳو. ڏکڻ طرف موڙ واري ور وٽان نديءَ جي هڪ معاون شاخ کانئس ڪٽجي جدا ٿي وئي، جا بعد ۾ انهيءَ پراڻي ڪلريءَ جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي (جيڪو اسلامي دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيه درياءَ هو). بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي نڪتي. انهن مان هڪڙي شاخ اتر ۾ مڪلي جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي ڏکڻ – اولهه طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي، جڏهن ته ٻي شاخ مڪلي واري ٽڪري جي اُڀرندين ڪڇ مان ڦيرا کائي پوءِ ڏکڻ طرف وهڻ لڳي”.
    ڪتاب “ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ( ص 56) تي گجو شهر بابت لکيل آهي ته “روايت موجب گجي جي شهر جي چوطرف دريائي وهڪرا هوندا هئا. گجو پهريائين هڪ ڳوٺ هو، هي ڳوٺ ٻيٽاري ۾ هئڻ ڪري گج جي صورت اختيار ڪري ويو هو. ان ڪري ان کي دريائي گج چوندا هئا. ان گج مان ڦري ان تي گجو نالو پيو”.
    تحفةالڪرام (ص 89) تي لکي ٿو ته “751هه ۾ محمد شاهه “طغي” نالي غلام جي پويان ٺٽي آيو ۽ ٿرڙي ديهه ۾ درياءَ جي ڪناري منزل ڪيائين.” ٿرڙي اڄ به يونين ڪائونسل گجو ۾ موجود آهي.
    ان سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ ويهارڻ کان پوءِ اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته درياءَ جي هڪڙي شاخ موجوده ٺٽي جي الهندي پاسي کان به وهندي هئي.
    جڏهن ته ڪلري وٽان ٻي ڇاڙهه موجوده ٺٽي جي اوڀر پاسي کان ٿيندي درگاهه شاهه گوهر گنج وٽان گذري ڪلان ڪوٽ جو پاسو ڏيئي اڳيان درگاهه پيرپٺو جي اوڀر کان ٿيندي اڳيان پيرپٺو- گھوڙاٻاري روڊ تي جتي ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي (سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ مقرر محترم سيد نواز شاهه ڀاڏائي جو ڳوٺ آهي) جي بلڪل قريب مان اتران ٿيندي پوءِ اهو پاسي وٺي اڳيان هلي پهرين ڇاڙهه سان ملي ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙهه ٿيندي هئي.
    ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 324) تي عرب ليکڪ الادريسي جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “درياءَ جون ٻئي شاخون آخر ۾ منصوره (ياد رهي مون موجوده پيرپٺي کي منصوره لکيو آهي) جي ڏکڻ ۾ ٻارنهن ميلن جي فاصلي تي مليو هڪ وهڪرو بنائي ڇڏين” درگاهه پيرپٺي وٽان هڪ ننڍي ڇاڙهه درگاهه پيرپٺي جي لڳ اتر طرف کان به وهندي هئي ۽ اڳيان هلي وري وڏي ڇاڙه سان ملي ويندي هئي. جيڪا ابن حوقل جي نقشي ۾ صاف ظاهر آهي، پيرپٺي کان ٿوري مفاصلي تي ور نالي هڪڙو شهر آهي جنهن لاءِ استاد محترم محمد مارو خشڪ ٻڌايو ته هتان درياءَ ور مطلب ڦيرو ڪندو هو جنهن سبب ان ماڳ جو نالو ور هو جيڪو هاڻي شهر بڻجي چڪو آهي. پيرپٺي جي اڀرندي پاسي واري دريائي ڇاڙهه جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب به فتحنامه ۾ لکيو آهي.
    درياهه جي متعلق ان لاءِ لکيو آهي ته جيئن توهان کي هن ڪتاب جي سموري تاريخ سمجھه ۾ اچي سگھي. اولهه واري ڇاڙهه جو ذڪر ته ڪافي ٿيندو آهي مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ به ان جو ذڪر ڪيو هو جنهن درياءَ مان محمد بن قاسم اڪري راؤڙ تي حملو ڪيو اها درياءَ جي الهندي پاسي واري ڇاڙهه هئي. رهي ڳالهه ته اوڀر پاسي واري ڇاڙهه جي. اسان جا ڪجهه محقق ۽ اديب پيرپٺي کي ديبل به چوندا آهن. لازمي ڳالهه آهي ته جڏهن پيرپٺي کي ديبل يعني بندر لکيو ويو آهي ته اتان درياءَ جو گذر ضرور ڏٺو هوندو.
    محترم اشتياق انصاري، ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 198) تي ڪلان ڪوٽ واري باب ۾ لکي ٿو ته “ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار آهن”. ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي اڳيان لکي ٿو ته “ڪوٽ جي اردگرد پاڻي جي موجودگي اتي سنڌو جي ڪنهن اوائلي شاخ جي نشاندهي ڪري ٿي.”
    مڪلي نامه (ص 685) تي پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته “مون 27 مئي 1956ع تي ڪلان ڪوٽ جو قلعو وزٽ ڪيو.” وڌيڪ لکي ٿو ته “ (ڪلان ڪوٽ قلعي جي) اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس، سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ ڪشادي ڍنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو.”
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 34) “هيءُ قلعو (ڪلان ڪوٽ) مڪليءَ تي تعمير ٿيل قديم آثارن جي کاتي جي ريسٽ هائوس کان پنج ميل ڏکڻ طرف، پيرپٺي جي درگاهه ڏانهن ويندڙ روڊ کان کاٻي ڌسا تي هڪ ميل کن ڏور ۽ سنڌو درياءَ جي سڪي ويل هڪ واهڙ جي ڪناري تي ٺهيل آهي”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 282 “ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي درياهه جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار ملن ٿا”.
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 234) تي لکي ٿو ته “ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو جي پراڻي وهڪري جا آثار آهن”.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 42) “ٻي وڏي شاخ، جيڪا هيلاين وٽان ڌار ٿيندي هئي، تنهن کي بگهاڙ شاخ چوندا هئا. هيءَ شاخ پيرپٺي جي درگاهه واريءَ ٽڪري جي اوڀر طرف وٽان ڦري، ميرپور ساڪري ڏانهن رخ ڪندي هئي”.
    جڏهن ته نواز شاهه ڀاڏائي واري ڳوٺ وٽان درياءَ جي آثارن جو ذڪر بابا سائين اڪثر ٻڌائيندو رهندو هو پر ان ڳالهه جو پڪو ثبوت ان ڏينهن ملي ويو جڏهن آئون ۽ بابا سائين، نواز شاهه ڀاڏائي جي ڳوٺ وياسين ته واقعي ان ڳوٺ جي پاسي ۾ ڪنهن درياءَ جو پيٽ نظر آيو ۽ جڏهن سائين نواز شاهه سان ذڪر ڪيوسين ته سائين به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ توهان کي دل جون اکيون ۽ ڪن استعمال ڪرڻا پوندا. ڇو ته مسٽر جيمس برنس، اليگزينڊر برنس۽ مسٽر ڪرو کان پوءِ شايد آئون پهريون ماڻهو/ليکڪ آهيان جيڪو ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد سمجهان ٿو.
    محترم ابوبڪر شيخ، پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ پيرپٺي جي پاسي ۾ سنڌو جي اوائلي ڇوڙ بابت هن ريت لکيو آهي ته “مون بدر ابڙو صاحب کان ان باري ۾ پڇيو ته ان حقيقي ۽ خوبصورت جواب ڏنو ته، ان حوالي سان آئون شايد توهان کي ڪو مڪمل جواب نه ڏيئي سگهان، ڇو ته اهو ٺيڪ آهي ته هتان هو قديم ڇوڙ گذرندو هو. هتي هڪ قديم بستي جا آثار به آهن”.
    ڪجهه سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ 27 آڪٽوبر 2016ع تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان افتتاح ڪرايو ويو هو ۽ افتتاحي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن. عربن جي وقت ۾ پوءِ مغلن جي دور تائين هتان درياهه لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻلاٽو يا لائٽ هائوس به سڏين ٿا.”
    اهي سڀئي ڳالهيون ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهن ته سنڌو درياءَ جي هڪڙي ڇاڙهه موجوده ٺٽي يا ڪلان ڪوٽ جي اوڀر مان به گذرندي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دور ۾ درياءَ پنهنجا رخ تبديل ڪيا آهن جنهن جو ثبوت هن باب جي شروع ۾ مسٽر هينري ڪزنس جي حوالي سان مون ڏيئي ڇڏيو آهي.
    درياءَ جا اهي ٻئي وهڪرا آخر ۾ موجوده ميرپور ساڪري وٽ ملي موجوده ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن جو ثبوت ڊاڪٽر بلوچ صاحب فتحنامه سنڌ (ص 386) تي هن ريت ڏنو آهي “بگهياڙ جو قديم پيٽ ميرپور ساڪري تعلقي ۾ نمايان طور موجود آهي، جو هيٺ ميرپور ساڪري ۽ ٻهارن جي شهر وچان اولهه طرف هلي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 3-4 ميل اولهه طرف ور کائي ڏکڻ طرف وهي سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو”. 


    باب ٻيو: سنڌ جا ٻه گمنام قلعا، بهرور ۽ دهليله (ڪوٽَ)

    توهان منهنجي پوئين ڪتاب راؤڙ/رياتڙو ۾ پڙهي آيا ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي هئي. اهو هڪ منجهيل مسئلو ضرور هو پرهاڻي تقريباً حل ٿيڻ گهرجي.
    هاڻي اچون ٿا ته جڏهن راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ۽ راؤڙ جو قلعو به فتح ٿي ويو ته پوءِ محمد بن قاسم ڪهڙي طرف منزل ڪئي ۽ ڪهڙا ڪهڙا قلعا فتح ڪيا؟ تاريخ ان ڳالهه تي متفق آهي ته راؤڙ جي قلعي فتح ٿيڻ کانپوءِ راجا ڏاهر جو پڳدار پٽ راجا جيسينه راؤڙ ڇڏي وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ۽ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو.
    محمد بن قاسم به راؤڙ جي فتح کانپوءِ برهمڻ آباد جو رخ رکيو، جنهن کي اسان جي تاريخدان هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي ۾ ڪنهن ماڳ کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏين ٿا. سنڌ عرب دور ۾ واضع لکيل آهي ته موجوده سانگهڙ ۾ ڏيپر گھانگھري يا دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني وئي آهي. ڳالهه کي ذهن نشين ڪيو وڃي ته تشبيهه ڏيڻ مطلب ته ان ماڳ کي شڪ ۾ لکڻ ۽ جتي ڳالهه شڪ ۾ ايندي آهي ان مان مراد ته ان ماڳ تي اڃان تحقيق ڪري سگھجي ٿي.
    “پوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو پڪو ارادو ڪيو. راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه ٻيا قلعا هئا جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا” فتحنامه سنڌ (ص 287)
    افسوس جهڙي ڳالهه ته جو اڄ ڏينهن تائين انهن قلعن تي نه ڪا خاص تحقيق ٿئي آهي نه کوجنا ۽ نه ئي ڪا مستند لکت موجود آهي.سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جا اڪثر ماڻهو به انهن قلعن جي نالن کان اڻواقف آهن.
    برهمڻ آباد کي اسان وٽ هاڻوڪي سانگهڙ ۾ لکيو وڃي ٿو پر برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ ئي هو ۽ ٺٽي ۾ جيڪو مظبوط قلعو آهي اهو ڪلان ڪوٽ آهي ۽ ڪلان ڪوٽ ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو قلعو آهي. هرڪو سوچيندو ته ڪاتيار ڪيئن ان قلعي کي ٺٽي ۾ آندو آهي. ان ڳالهه جو باقاعده ثبوتن سان حوالا پيش ڪبا پر پهرين بهرور ۽ دهليله واري قصي کي سلجهايون.
    راؤڙ جو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي بلڪل قريب ۾ آهي لازمي محمد بن قاسم اتان لشڪر وٺي برهمڻ آباد لاءِ نڪتو هوندو. راؤڙ يا رياتڙي کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اوڀر پاسي ٻروسر ڪالوني نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي. جنهن جو ذڪر محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ۾ لکيو آهي. ٻروسر ڪالوني جي لڳ اوڀر پاسي غلام الله گھارو روڊ جي اترئين پاسي ڪافي مقدار ۾ ٺڪراٽو پيل هوندو هو. جنهن کي مقامي ماڻهو “نهائين” چوندا آهن. مون خود ان سڄي علائقي جو مشاهدو بابا سائين ۽ اتي جي مقامي ماڻهو چاچا جيئند ٻرڙو سان گڏجي ڪيو. چاچا جيئند ٻرڙو ان علائقي جو مقامي رهواسي آهي ۽ ان علائقي جو ڪافي ڄاڻو به آهي. چاچا جيئند ٻڌايو ته اتي ڪنهن شهر جا آثار آهن. اهو به ٻڌائين ته گھارو غلام الله روڊ جي ٻنهي پاسي ان شهر جا آثار هئا ۽ هڪ ننڍو رستو، پڪي رستي تان لهي اتر طرف چاچا جيئند واري ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو ان جي ٻنهي پاسن ۾ ان ماڳ جا آثار هئا پر افسوس جو اڻڄاڻائي، تاريخ سان گھٽ دلچسپي، پنهنجي مفادن کي وڌيڪ عزيز رکڻ ڪري ڪافي ماڻهن ان ماڳ تي پنهنجا ڳوٺ، گھر ٺاهي ڇڏيا ۽ زميون به آباد ڪري ڇڏيون. اهي ته پنهنجو سک ٺاهي ويا پر اسان هڪ عظيم تاريخ کان محروم ٿي وياسين. ان ماڳ جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي ڇڇ ساهڙڪو ڍنڍ آهي. جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي. ان ماڳ کي اسان برهمڻ دور وارو بهرور جو قلعو چئي سگھون ٿا. (نوٽ: ڊسمبر 2015ع ۾ جڏهن مون هن ماڳ جو مشاهدو ڪيو ته ڪافي ميدان تي ٺڪراٽو پيل هو. هينئر (مئي 2018ع) تي جيڪو مون ٺڪراٽي وارو ميدان ڏٺو ان جو چوٿون حصو به نه رهيو آهي، اتي زمين کيڙي وئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته سال ٻن کان پوءِ جيڪو ٺڪراٽو پيل آهي، اهو به نه هجي)
    بهرور جي قلعي کانپوءِ محمد بن قاسم جنهن قلعي تي لشڪر ڪشي ڪئي تاريخ ۾ ان جو نالو دهليله ملي ٿو. سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 123)تي فتحنامه جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا، جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا.” وري ساڳي ڪتاب ۾ (ص 135) تي فتحنامه جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا آهن.” پهرين ڳالهه ته خود صاحب موصوف ان ڳالهه تي متفق ناهي ته اهي ٻئي قلعا يعني بهرور ۽ دهليله ڪهڙن قلعن جي وچ ۾ هئا يعني راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ يا اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾؟
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 270 “ ڪن محققن جو رايو آهي ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي محمد بن قاسم قبضو ڪرڻ کان پوءِ 712ع ۾ راوڙ جي قلعي هٿ ڪرڻ بعد، برهمڻ آباد طرف پيشقدمي ڪئي. جتي راجا ڏاهر جو پٽ حاڪم هو. جيڪو عربن جي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهيو. بهرور ۽ دهليله (دليل ديرو) جا ٻه قلعا رستي تي هئا. الور ڏانهن ويندي محمد بن قاسم انهن ٻنهي قلعن تي قبضو ڪيو هو. ممڪن آهي ته بهم دڙو يا بهم ڪوٽ، بهرور هجي”.
    هتي وري ڳالهه کي ويتر منجهايو ويو آهي. مٿي لکيل آهي ته راؤڙ جي فتح کان پوءِ عرب فوج برهمڻ آباد جي قلعي طرف وڃي رهي هئي ان ڪري رستي تي بهرور ۽ دهليله جا قلعا هئا جيڪي انهن فتح ڪيا. وري ساڳي هنڌ لکي ٿوته عرب فوج الور (اروڙ) طرف وڃي رهي هئي ان ڪري رستي تي بهرور جو قلعو هو جيڪو انهن فتح ڪيو.
    فتحنامه (ص 417) تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “هن پوئين عرصي ۾ جن تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گهڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” ٻي ڳالهه ته صاحب موصوف اهو به فيصلو نه ڪري سگهيو ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ (جنهن ۾ راجا ڏاهر قتل ٿيو) اها اروڙ تي لڳي يا راؤڙ وٽ؟ جيترو صاحب موصوف جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته ان جي مطابق ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ (موجوده سکر) وٽ لڳي هئي ۽ هاڻي عرب فوج برهمڻ آباد (موجوده سانگهڙ) طرف وڃي رهي هئي انڪري انصاري صاحب دهليله کي نوابشاهه ۾ لکيو آهي. پهرين ڳالهه ته نه اروڙ وٽ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي ۽ نه ئي برهمڻ آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي.
    ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص 121) تي محترم اشتياق انصاري، دهليله ڪوٽ کي سڪرنڊ کان ٽن ميلن جي فاصلي تي نوابشاهه ويندڙ رستي تي لکيو آهي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 146) تي لکي ٿو ته “اهو ڪوٽ (دليل ڪوٽ) 19 صدي عيسوي جو ٺهيل آهي. قلعي جي ايراضي 10 ايڪڙ آهي ۽ هن وقت قلعي جي ماڳ تي قبضو آهي”. جڏهن ته محمد صالح کهڙو پنهنجي ڪتاب سنڌ جي معلومات (ص 57) تي لکي ٿو ته ان قلعي (دليل ڪوٽ) لاءِ ٻه روايتون ملن ٿيون. هڪ اها ته اهو تاريخي ماڳ دهليله ڪوٽ جا آثار آهن جنهن کي محمد بن قاسم برهمڻ آباد طرف ويندي رستي ۾ فتح ڪيو. جڏهن ته ٻي روايت اها آهي ته اهو ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ مير دليل خان ٺاهرايو هو ۽ اها روايت ئي صحيح مڃي وڃي ٿي. ساڳي ڳالهه محترم مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات (ص 163) تي هن ريت لکي آهي ته “ٻي روايت مطابق، هي قلعو (دليل ڪوٽ) ٽالپرن جي حڪومت ۾ نواب مير دليل خان تعمير ڪرايو هو ۽ اها ئي روايت صحيح مڃي وڃي ٿي”.
    اشتياق انصاري به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” (ص 122) تي دليل ڪوٽ جي حوالي سان لکي ٿو ته “لکيل مواد کان سواءِ ڪجهه عوامي روايتون به هن قلعي سان منسوب آهن. جنهن مان هڪ روايت موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺهرايو. هڪ روايت موجب هي ڪوٽ ٽالپرن جي صاحبي ۾ دليل خان مگسي جوڙايو ۽ ڪن چوڻين پٽاندڙ دليل ڪوٽ ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال اڏرايو هو. مطلب ته عوامي ۽ مقامي روايتون ۽ بزرگن جون چوڻيون سڀ ان ڳالهه تي بضد آهن ته هي ٽالپر دور جو قلعو آهي”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 160) تي دليل ڪوٽ/دهليل/دليل ديرو جي حوالي سان لکي ٿو ته “هن قديم قلعي بابت سنڌ جون تاريخون اڪثر خاموش آهن، جنهنڪري هن قلعي جي پراڻي تاريخ مختلف ڏند ڪٿائن ۽ عوامي روايتن جي لٽ ۾ لٽجي پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي. اسان جي محققن به هن ڏس ۾ مٿاڇري قلم کڻڻ کانسواءِ ڪا جوڳي کوجنا نه ڪئي آهي”. ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “هن قلعي متعلق ڪي عوامي روايتون به ملن ٿيون، پر اهي ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿيون رکن. جهڙوڪ ڪن روايتن موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺاهرايو هو. ٻيءَ روايت موجب هي قلعو ٽالپري دور ۾ دليل خان مگسي ٺهرايو هو. هڪ روايت موجب هي قلعو ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال ٺهرايو هو”.
    ڪتاب “سنڌ عرب دور” (ص 248) تي لکيل آهي ته راؤڙ، بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي عرب فوج بارود ۽ نفطه جي ذريعي بنياد کان ئي اڏائي ڇڏيو هو. جنهن سبب اهي ماڳ ڌرتي توڙي تاريخ تان هميشه لاءِ مٽجي ويا. ان حساب سان موجوده نوابشاهه واري قلعي کي ميرن جي دور وارو قلعو سمجهڻ گھرجي. مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ ساڳي نالا هئڻ سبب به تاريخ ۾ ڪافي مونجهارو آهي. دهليله ڪوٽ ۽ دليل ڪوٽ لفظ ڪافي ملن جلن ٿا جنهن سبب اسان جي تاريخ مونجهاري جو شڪار آهي. جڏهن ته تاريخي ماڳ دهليله جيڪو محمد بن قاسم فتح ڪيوان جا آثار جتي مون بهرور جو قلعو لکيو يعني ٻروسر ڪالوني جي اوڀر پاسي، ان کان تقريباً ٻن ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف ڳوٺ مولوي تاج محمد ٻرڙوجي بلڪل ويجهو اڄ به ڪنهن قديم ماڳ جا آثار ملن ٿا. پرائمري اسڪول مولوي تاج محمد ٻرڙو بيٽ غلام الله ۾ آڪٽوبر 2015ع کان منهنجي دخلڪاري (پوسٽنگ) آهي. روزانو اسڪول اچڻ وڃڻ وقت منهنجو ان علائقي مان گذر ٿيئي ٿو. ڳوٺ جي نيڪ مرد چاچا جيئند ٻرڙي سان گڏجي ٻه ٽي دفعا ان سڄي علائقي جو مشاهدو ڪيو آهي. بقول چاچا جيئند جي ته جيڪي آثار اسان ننڍپڻ ۾ ڏٺا هئا، اهي به هاڻي ناهن رهيا. وڏي ڳالهه بقول چاچا جيئند جي ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي ته صدر ايوب خان جي دور ۾ بلڊوزرن ۽ ٽريڪٽرن جي ذريعي زمينون صاف ڪيون ويون هيون ان ۾ به ان ماڳ کي ڪافي نقصان رسيو هو.
    چاچا جيئند ٻڌايو ته اهي آثار تقريباً ميل کن تائين پکڙيل آهن. ڪافي علائقي تي زمينون آباد ٿي ويون آهن ته گھر به ٺهي ويا ۽ مال جا وٿاڻ به. ان ماڳ تي پراڻي جو دور جو ٺڪراٽو ڪافي مقدار ۾ ملندو هو، باقي ٻيو ڪوبه آثار نٿو ملي. زمين ڪلراٺي ٿي وئي آهي جنهن سبب رهي سهي ڪثر پوري ٿي وئي. بقول چاچا جيئند جي ته جڏهن برسات پوندي آهي ته باقاعده ڪنهن غرق ٿيل شهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا. جيڪي مون خود به برسات کانپوءِ ڏٺا آهن.
    چاچا جيئند ٻڌايو ته انهن پَٽن مان اسان کي سون، چاندي، ٽامون ۽ ٺڪر جا ٿانون مٽ، جنڊ ڪافي مقدار ۾ ملندا رهيا آهن. اڄ به جيڪڏهن آرڪيالاجي وارا ان ماڳ جي کوٽائي ڪن ته ڪافي لڪل رازن تان پردا کڄي سگھن ٿا.
    فتحنامه سنڌ (ص 288) تي لکيل آهي ته محمد بن قاسم دهليله جي قلعي جو ٻه مهينا گهيرو ڪيو. جڏهن قلعيوارا تنگ ٿيا ته پاڻ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي ٻارن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيائون، جيڪي منجهل نهر مان پار ٽپيا. ساڳي صفحي تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “اصل ۾ آب منجهل”.
    منهنجي رهائش ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري تي آهي جڏهن ته اسڪول منهنجي گھر کان تقريباً 5 ميل پري اولهه طرف آهي. اڌ رستو پڪو ۽ جابلو علائقو آهي جڏهن ته اڌ رستو ڪچو ۽ علائقو به ڪچو ۽ ڪلراٺو آهي. رستي ۾ ڳوٺ سومار جوکيو، ڳوٺ بچل جماري، ڳوٺ صالح ڪاتيار، ڳوٺ الهبچايو ڪهيو ۽ نيازي فارم اچن ٿا. (نيازي فارم کي مقامي ماڻهو ايس پي وارو واڙو به سڏين ٿا). ٻرڙن جي ڳوٺ کان اوڀر طرف نيازي فارم آهي ۽ نيازي فارم جي اولهه طرف اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا. هاڻي ته ڪو درياءَ يا نهر ته ناهي رهي البته ان سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو “منڃر وارو لڙ” چوندا آهن. منجهل ۽ منڃر ٻئي هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون لڳن ٿيون. سنڌي لفظ منڃر ئي آهي پر جڏهن اسان جي تاريخ عربي ۽ فارسي زبان ۾ لکي وئي ته ان ۾ منڃر جي متبادل منجهل لفظ استعمال ٿيل آهي يا منجهل مان ڦري لفظ منڃر ٿيو آهي.
    منڃر يا منجهل نهر لاءَ محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” (58) ۽ محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 94) تي هن ريت لکن ٿا ته “قديم زماني ۾ سنڌو درياءَ جو وهڪرو انهن ٻن ٽڪرين، درس ابراهيم ۽ شاهه حسين جي ٽڪري جي وچ مان گذرندو هو ۽ اتي هڪ دريائي پتڻ به هوندو هو. اوڀر طرف درياءَ جي وهڪري جا آثار اڄ به موجود آهن، جيڪي اڳتي هلي غلام الله روڊ سان ملن ٿا”. درگاهه شاهه حسين جي ڏاکڻي پاسي اڄ به هڪ ڍنڍ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن.
    درگاهه شاهه حسين، نيازي فارم کان ٿوري مفاصلي تي اتر طرف آهي ۽ جنهن کي مٿين ليکڪن درياءَ لکيو آهي اهو قديم دور جي هڪ نهر هئي جنهن کي اسان جي تاريخي ڪتابن منجهل نهر لکيو آهي. نيازي فارم جي اولهه وارو پاسو سڄو ڪچو آهي جڏهن ته اوڀر وارو پاسو جابلو علائقو آهي. ان واڙي جي لڳ جابلو علائقو ڪافي فاصلي تائين ڳاڙهو آهي جنهن سبب مقامي ماڻهو ان کي “ڳاڙھو منهن” چوندا آهن. ٿي سگھي ٿو ته اتي ڪو پتڻ يا بندر ٺهيل هو ۽ ڳاڙهو پٽ سرن جي ڪري ٿيو هجي. ڪجهه وقت اڳ ۾ جڏهن ان فارم جي پاسي ۾ اسپتال ٺاهي ويئي ان لاءِ فارم جي اوڀر پاسي کان بلڊوزرن جي مدد سان مٽي کنئي وئي ته تقريباً 8 فٽن تائين ڳاڙهو پٿر ئي نڪتو. آرڪيالاجي کاتي وارا جيڪڏهن کوٽائي ڪن ته شايد ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگھن ٿا.
    ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ پير محمد اگهيم آهي. جڏهن اتي پهتاسين ته هڪ تمام اوچي ڀٽ (دڙو) ڏسڻ لاءِ مليو. مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق ته اسان جا وڏا چوندا هئا ته اتي ڪو ڪوٽ يا قلعو غرق ٿيل آهي. ڇو ته ان ڀٽ يا دڙي واري زمين تان اڄ ڏينهن تائين به ٺڪر جون شيون، سرون ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه ملندو رهندو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين، ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو جي پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن وارو ڳوٺ تائين انهن ٻنهي قلعن بهرور ۽ دهليله کي ڳولي سگهجي ٿو.
    “ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺي زمين ۾، بنان مرمت ۽ سنڀال جي ٻه سئو ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سگهن؟” (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 89)
    ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص 44) تي مترجم (محترم عطا محمد ڀنڀرو صاحب) حاشيي ۾ لکي ٿو ته “هن حقيقت کان به آگاهي ضروري آهي ته راؤڙ فقط حفاظتي قلعو ڪونهي پر هڪ راڄڌاني جو قلعو آهي ۽ دارالسلطنت جو بچاءُ آهي. ان ڪري سندس چوڌاري ڪيترن قلعن جي موجودگي جا امڪان به هوندا، جن مان ٻيٽ جو قلعو به هڪڙو آهي”. ٿي سگهي ٿو ته اهي قلعا راؤڙ جي بچاءُ لاءِ هجن.
    نيازي فارم جي اتر طرف ڳوٺ بچل جماري آهي جڏهن ته ڏکڻ ۾ ڳوٺ الهبچايو ڪهيو ۽ ڳوٺ صالح ڪاتيار آهن. نيازي فارم جي اوڀر طرف ٿوري مفاصلي تي ڳوٺ محمد سومار جوکيو آهي. سومار جوکيي ڳوٺ جي ويجهو ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري آهي ۽ سيمنٽ فيڪٽري جي پاسي کان هڪ جابلو يا پهاڙي سلسلو آهي، جيڪو ڪلان ڪوٽ تائين پکڙيل آهي ۽ ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد آهي جنهن کي محمد بن قاسم ڇهه مهينا جنگ ڪرڻ کان پوءِ به ڪجهه ڪتابن مطابق دوکي سان ته ڪجهه ڪتابن مطابق قلعي وارن جي همت هارڻ سبب فتح ڪيو. دوکي سان انڪري جو ڪتاب لکن ٿا ته راجا ڏاهر جي گھرواري لاڏي جنهن سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو ان جي معرفت قلعو فتح ڪيو يا موڪو پٽ وسايي جي معرفت قلعو فتح ٿيو. جڏهن ته قلعي وارن ڇهه مهينا جنگ ڪئي آخرڪار غذائي کوٽ سبب مجبور ٿي امان وٺي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيائون.


    باب ٽيون: برهمڻ آباد يا ڪلان ڪوٽ

    قديم دور واري برهمڻ آباد کي ڳولڻ يا موجوده ٺٽي واري ڪلان ڪوٽ کي قديم دور وارو برهمڻ آباد لکڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي هيٺين سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا. تنهن کان پوءِ ئي ڪا حتمي راءِ جڙي سگهي ٿي. سنڌي ۾ چوندا آهن ته “سئي وڃائجي ته پهرين هنج ڳولجي” مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن اڃان اسين راؤڙ واري ماڳ يا عرب ۽ ڏاهر جي فيصله ڪن جنگ واري ميدان تي متفق نه ٿي سگهيا آهيون، ان کان اڳ سانگهڙ ضلع ۾ ڪنهن کنڊرن کي برهمڻ آباد ڪيئن ۽ ڪهڙي آڌار تي قرار ڏنو ويو؟؟ ڇو ته محمد بن قاسم راؤڙ واري جنگ ۾ راجا ڏاهر کي قتل ڪرڻ ۽ قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد جو رخ رکيو. برهمڻ آباد پهچڻ کان پهرين محمد بن قاسم ٻه ٻيا قلعا به فتح ڪيا جن کي تاريخ ۾ بهرور ۽ دهليله جا نالا ڏنل آهن جن جو تفصيلي ذڪر مون هن ڪتاب جي باب ٻي ۾ لکيو آهي. راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ واري ميدان جو ڪنهن به ڪتاب ۾ حتمي راءِ ڏنل ناهي. ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته اها جنگ ديبل تي لڳي هئي. جنهن کي اسان جا ڪجهه ليکڪ ڀنڀور کي لکندا آهن ته ڪجهه وري پيرپٺي کي ۽ ڪجهه وري موجوده ڪراچي کي. ڪجهه جو خيال آهي ته ديبل کي سمنڊ ڳڙڪائي ويو ۽ هاڻي ديبل جا کنڊر سمنڊ ۾ آهن. (اڃان تائين حتمي راءِ جڙي ناهي سگهي ته ديبل بندر، موجوده سنڌ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هو؟) ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته اها جنگ اروڙ يعني موجوده سکر ۾ لڳي هئي. مولائي شيدائي ۽ مير معصوم ان خيال جا هئا. اهوئي سبب آهي جو محترم اشتياق انصاري، راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ يعني سکر وٽ ڏيکاري آهي ۽ اروڙ کانپوءِ محمد بن قاسم جي پيشقدمي برهمڻ آباد يعني موجوده سانگهڙ طرف ڏيکاري آهي. انڪري هو موجوده نوابشاهه ۾ دليل ڪوٽ کي پراڻي دور وارو دهليله ڪري لکي ٿو (جنهن جو تفصيل هن ڪتاب جي باب ٻي ۾ ڏنل آهي). محمد سومار شيخ اها جنگ ڪرهيو ڀانڊاري واري پاسي لکي آهي. فتحنامه ۾ بلوچ صاحب اها جنگ موجوده سجاول ضلعي جي جاتي واري پاسي لکي آهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي اها جنگ ٽکڙ يا بلڙي شاهه ڪريم واري پاسي لکي هئي. ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته اها جنگ موجوده بدين واري پاسي لڳي هئي. گوگل تي سرچ ڪرڻ دوران اها جنگ موجوده نوابشاهه واري پاسي لکيل آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 322 “ راؤڙ، جيڪو غير معروف شهر ۽ قلعو موجوده بدين ضلعي ۾ چيو وڃي ٿو. ٻي راءِ موجب اسلامي دور جي فتح باغ ۽ جوڻ شهرن جي اردگرد ڪٿي راؤڙ جو قلعو ڳولڻ کپي. (جڏهن ته عبدالواحد آريسر راؤڙ جو محل وقوع ٽنڊي الهيار ڀرسان ڄاڻائي ٿو)”. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ اها جنگ پنهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي تعلقي ميرپور ساڪري ضلع ٺٽي وٽ لکي آهي. ڳالهه جو مطلب ته جڏهن اسان کي پڪي طور اڃان اهو به معلوم نه ٿي سگهيو ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي ۽ ان کان پهريان ئي برهمڻ آباد کي موجوده سانگهڙ ضلع ۾ لکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇو ته جڏهن اسان راؤڙ وارو ماڳ ڳوليو، ان کان پوءِ ان جا آسا پاسا جانچي ڪنهن هڪ پاسي هلي برهمڻ آباد کان پهرين ٻه گمنام قلعا بهرور ۽ دهليله جو پتو لڳائڻ کانپوءِ ڪنهن ماڳ يا کنڊرن کي برهمڻ آباد چئي سگهون ٿا. (نوٽ: راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ بابت (جنهن جنگ ۾ راجا ڏاهر قتل ٿيو) منهنجو ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو” پڙهندا).
    منهنجي تحقيق چوي ٿي ته موجوده ٺٽي ضلع ۾ موجود ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو قلعو آهي. جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. ان لاءِ اسان کي هيٺين سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا.
    سوال پهريون: تاريخي مونجهارن کي سلجهائڻو پوندو، جنهن سبب اسان جي تاريخ اڄ تائين مونجهارن جو شڪار آهي؟
    هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار (ص 35-36) تي لکيو آهي ته “ گهڻن شهرن جي سڃاڻپ کي مترجمن ۽ مورخن نقل ڪرڻ وقت منجهائي رکيو آهي. ڇو ته کين ملڪ جي جاگرافيائي حالتن جي يا ته ڪا ڄاڻ ڪانه هئي يا کين فقط معمولي ڄاڻ هئي. انهن اکرن جا اصل ٽٻڪا ختم ڪري ڇڏيا يا وري وڌيڪ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ نالن جي غلط هَجي ۽ اچارن سان مونجهارن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.” ساڳي صفحي تي حاشيه ۾ مترجم ان جو مثال لکي ٿو ته “راؤڙ جتان فوج پار ڪئي انکي گوجري، ڪوچري، ڪنگري نقل ڪيو ويو آهي. جنهن سبب مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي. نه فقط ٽٻڪن سان پر هڪ جهڙن اکرن سان پڻ. اهو به سوچڻ گهرجي ته ساڳين نالن وارا ماڳ سنڌ جي مختلف جاين تي ملن ٿا”.
    ساڳي ڪتاب ۾ (ص 84) تي لکي ٿو ته “سنڌ جي تاريخ جيئن ان جي مورخن ٻڌائي آهي سا تضادن جو شڪار، نالن جي اختلافن سبب ۽ غلطين جي ڪري ڏاڍي منجهائيندڙ آهي پر اهو ايڏو وڏو مونجهارو به ناهي، جيڪو جديد دور جي مورخن جي متضاد ترجمن ۽ ٽيڪا ٽپڻي سبب پيدا ٿيو آهي. انهي مان هرهڪ وري پنهنجي ليکي پنهنجي دل ۾ خوش آهي ته هو ئي صحيح آهي”.
    مير حاجي محمد بخش ٽالپور، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 51) تي لکي ٿو ته “ڪلاسيڪل لکندڙن جو ڪجهه سنڌ بابت لکيو آهي، سو سمجهڻ کان ڏاڍو ڏکيو آهي. هنن جا اچار ۽ نالا اڄڪلهه جي نالن سان مشابهت نٿا رکن. خود جديد محققن ۾ به ان ۾ سخت اختلاف آهي. ڪي “دلمون” کي سنڌ سمجهن، ته ڪي ان کي بحرين چون، مگر سمجهڻ لاءِ به ڪي اشارا ئي ملن ٿا، جنهن مان جديد مورخ پنهنجي راءِ قائم ڪن ٿا، انهن کي سمجهڻ لاءِ تقابلي مطالعو ضروري آهي”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
    سڀ کان اهم ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين تاريخي ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو” جي باب پهرين ۾ ويهه تاريخي مونجهارا ڏنا آهن. هي اهي ڳالهيون آهن جنهن سبب اسان جي تاريخ اڄ تائين مونجهاري جو شڪار آهي. تاريخي مونجهارن کي درست ڪرڻ بغير تاريخ لکڻ ائين آهي جيئن انڌيري ۾ تير هلائڻ پوءِ تير نشاني تي لڳو ته واهه واهه يا جيڪو سوجهرو هو سو به چٽ.
    سنڌ جو برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فتحنامه سنڌ (اشاره ۽ واڌارا ص 383) تي هڪڙو مونجهارو هن ريت به لکيو آهي ته “عرب جاگرافيدانن ديبل جا طول ۽ عرض (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ) ڏنا آهن. مگر اهي خود وضاحت طلب آهن. اول ته هر هڪ مصنف طول ۽ عرض جا مختلف درجا ڏنا آهن ۽ ٻيو ته يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هنن مان هرهڪ ڊگھائي ڦاڪ ڪٿان ڳڻڻ شروع ڪيو آهي. ساڳي طرح عرب جاگرافي نويسن ديبل جا مفاصلا ڏنا آهن پر اهي جملي وضاحت طلب آهن. اول ته جن شهرن کان ديبل جا مفاصلا ڏنا اٿن، خود انهن شهرن جون جڳهيون معلوم نه آهن ۽ ٻيو ته اهي مفاصلا ڏينهن جي پنڌن يا منزلن ۽ مرحلن جي عدد يا فرسخن ۽ ميلن ۾ ڏنل آهن، مگرڪيئن چئي سگهجي ته هڪ ڏينهن جي پنڌ مان ڇا مراد آهي، يا هڪ منزل يا مرحلي جو ڪيترو مفاصلو سمجهڻ گهرجي يا ان وقت جو فرسخ يا ميل ۾ ڪيترو مفاصلو قرار ڏجي.”
    ان کان علاوه هڪ مونجهارو اهو به آهي، جنهن پاسي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. اڄ جي دور ۾ سفر ڪرڻ ۽ اڄ کان صرف سو سال پهرين سفر ڪرڻ ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ اڄ کان تيرنهن سئو سال پهرين ڪهڙي صورتحال هوندي ان بابت هرڪو سوچي سگهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جتي تيز رفتار گاڏين جي سهولت آهي ته اتي سنوان سڌا روڊ به آهن. اڳين دور ۾ گس ۽ پيچرا هوندا هئا. جيڪي سنوان سڌا تمام گهٽ هوندا هئا.جن لاءِ ڀٽائي سائين (آڏ ترڇا) لفظ ڪتب آندو آهي. ٻروسر ڪالوني سان تعلق رکندڙ چاچا سومار ملاح، جيڪو وڏي عمر جو هئڻ سان گڏ سٺو ڄاڻو به آهي، ان مونکي ٻڌايو ته اڄ جي دور ۾ زمين سوڙهي ٿي وئي آهي. اڳين جيڪو سفر پيدل اسان سڄي ڏينهن ۾ ڪندا هئاسين، اهوئي سفرهاڻي پيدل به ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿيو وڃي. ان جو سبب ته اڳين گس ۽ پيچرا سڌا ڪونه هوندا هئا. ٻه ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اگر ڪو وڏو جهنگ، ڳوٺ، پاڻي يا جبل اچي ويو ته اسان کي ڦيرو ڪرڻو پوندو هو. جيڪا منزل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هوندي هئي اها ئي منزل ويهه ميل طئه ڪرڻ کان پوءِ وڃي پڄندا هئاسين. (نوٽ: چاچا سومار ملاح کان مون جڏهن ان جي عمر بابت پڇيو ته چيائين ته وڌيڪ خبر ڪونهي پر جڏهن واڻيا ڀڳا (ٻهراڙين جا ماڻهو اڄ به ورهاڱي کي چوندا آهن ته جڏهن واڻيا ڀڳا) تڏهن آئون جوان جماڻ ۽ شادي شده آهيان).
    هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي. جنهن ۾ ڪافي لفظ اهڙا به آهن جن جي لکت يا اچار ته ساڳيو هوندو آهي پر انهن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪجهه ٻيو نڪرندو آهي مثال: ور ۽ مٽ وغيره. جڏهن ته اڄڪلهه اسان زير، زبر يا پيش تمام گهٽ استعمال ڪندا آهيون. ان لاءِ يا ته گهربل لفظ تي اعراب ڏنل هجن يا مڪمل جملو پڙهڻ کان پوءِ اسان ان لفظ کي صحيح پڙهي سگهون ٿا. مثال: ٻه صفا ننڍا لفظ جيڪي صرف ٻن اکرن تي مشتمل آهن (ڪن ۽ سر). ڪاف يا سين تي زير، زبر يا پيش ڏيڻ سان به لکتن جا مختلف مطلب نڪريو وڃن. مثال ڪَن، ڪِن يا ڪُن.سَر، سِر يا سُر. وڌيڪ هر ڪو ڄاڻو آهي انهن ٽنهي لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍي سگهن ٿا.
    هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته سنڌ ۾ ڪافي پراڻن ماڳن، ڪوٽن، قلعن ۽ شهرن جي نالن لاءِ هڪڙو رايو اهو ملندو آهي ته اهي ڪنهن بادشاھ/ماڻهو جي نالي سان ٺهيل آهن، جهڙوڪ: ڪلا راجا (ڪلان ڪوٽ)، ڀنڀوراءِ (ڀنڀور)، نيرون بادشاهه (نيرون ڪوٽ)، ابو جعفر منصور (منصوره)، حيدر قلي بيگ (حيدرآباد)، بهمن اردشير (برهمڻ آباد)، مائي مڪلي (مڪلي) وغيره. مڃو ٿا ته گهڻا قلعا يا شهر ڪنهن ماڻهو جي نالي سان وجود ۾ آيا هوندا پر سڀ جا سڀ نالن تي ٺهيل هجن اهو منهنجي نظر ۾ ناممڪن آهي. ڪافي شهر، ماڳ، ڪوٽ ۽ قلعا اتي جي ڪنهن مخصوص ڳالهه جي ڪري به وجود ۾ آيا آهن. جهڙوڪ رتو ڪوٽ، ٺٽو، ور، گهارو، گجو، وغيره.
    هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان وٽ ڪافي پراڻن ماڳن، ڪوٽن قلعن لاءِ چوندا آهن يا لکندا آهن ته اهي ڌرتي ڌڏڻ سبب تباهه ٿي ويا. پر منهنجي تحقيق چوي ٿي ته سڀ جا سڀ شهر يا ڪوٽ قلعا زلزلي سبب تباهه ڪونه ٿيا هئا. انهن جي تباهي جا ڪارڻ زلزلي سان گڏ هي به ٿي سگهن ٿا. ڪي ماڳ درياءَ جي وهڪري مٽائڻ سبب ويران ٿي ويا. ڪجهه ماڳ ٻاهرين حملي سبب تباهه ٿي ويا ۽ ڪجهه ماڳ ڪنهن بيماري سبب گهڻي موت جي ڪارڻ ويران ٿي ويا. انهن ٽنهي سببن جي ڪري اتي جا رهواسي لڏي وڃي ٻي پاسي ويٺا.

    سوال ٻيو: برهمڻ دور يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ ڪٿان وهندو هو؟
    هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي ان دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا به ڳولڻا پوندا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ ئي تاريخ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.
    مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ مختلف ڪتابن مان حوالا وٺي ان “برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا” لکيا آهن. جنهن کي غور سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اسان ڪنهن منزل تي پهچي سگهون ٿا.

    سوال ٽيون: راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي ۽ بهرور ۽ دهليله جا قلعا ڪٿي هئا؟
    راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ راؤڙ واري ماڳ تي لڳي هئي جنهن کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو ويو آهي سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو علائقو ڇڏئون هجي جتي اها جنگ نه ڏيکارئون هجي. پر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو آهي ته اها جنگ موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري جي يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ “محمد هاشم ڪاتيار” وٽ لڳي هئي يعني تاريخي ماڳ راؤڙ جنهن کي اڄڪلهه مقامي ماڻهو رياتڙو چون ٿا.
    راؤڙ کانپوءِ برهمڻ آباد کان پهرين اسان کي بهرور ۽ دهليله جا قلعا يا انهن جا کنڊر ڳولڻا پوندا. بهرور ۽ دهليله بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻي ۾ تفصيلي نوٽ لکيو آهي. ان کان پوءِ برهمڻ آباد ڳولي سگهجي ٿو.

    سوال چوٿون: برهمڻ آباد کي سانگهڙ ۾ پڪ سان لکيو ويو آهي يا شڪ ۾؟
    سنڌ عرب دور (ص 455) “برهمڻ آباد جي قديم شهر کي اڃان تائين ڪنهن به کنڊر سان پڪي طور مشابهت نه ڏني ويئي آهي. جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن ان کي دلور جي ڀڙي سان ته ڪن وري ڏيپر گهانگهري جي کنڊرن سان انهي جو نالو ڳنڍيو آهي جي ٻيئي موجوده سانگهڙ ضلع جي سنجهوري تعلقي ۾ آهن.” ساڳيو ڪتاب (ص 328) “ڏيپر گهانگهري جا کنڊر آهن، جن کي برهمڻ آباد شهر سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.”
    فتحنامه سنڌ (ص 402) “لوهاڻو پرڳڻو غالباً سانگهڙ ضلع جي شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن ۽ حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي تي مشتمل هو.”
    “مسٽر بيلاسس، دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي”.
    “ڪننگهام، دلور جي ڀڙي کي منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”.
    مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪافي ماڳن کي اسان جي ليکڪن شڪ ۾ پراڻو ماڳ لکيو آهي پر بعد ۾ اهو دستور ٿي ويو ته هيڏي وڏي مورخ اها ڳالهه لکي آهي اها غلط نٿي ٿي سگهي. فتحنامه ۾ بلوچ صاحب “غالباً” لفظ لکي ڳالهه شڪ ۾ رکي آهي پر اسان جي بعد جي ليکڪن ان کي سورنهن آنا سچ لکي ڇڏي.
    هتي سڀ کان اهم ڳالهه ته موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ به اسان جا ليکڪ متفق ناهن ته دلور جي ڀڙي وارو ماڳ برهمڻ آباد آهي يا ڏيپر گهانگهري وارو. ڇو ته ڪجهه جو خيال آهي ته دلور جي ڀڙي تي برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر عرب شهر منصوره جا آهن جڏهن ته ڪجهه ليکڪ ان جي ابتڙ ڳالهه ڪندا آهن ته دلور جي ڀڙي تي منصوره هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر، برهمڻ آباد جا کنڊر آهن. جنهن جو مثال مٿي مسٽر بيلاسس ۽ ڪننگهام جي بيانن مان ثابت آهي.
    سنڌ جا قديم آثار (ص 12) تي مقدمي ۾ محترم عبدالله ورياهه لکي ٿو ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيلاسس هن کي برهمڻ آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”.
    ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 157) تي دلور جا دڙا جي باب ۾ لکي ٿو ته “1954ع ۾ مسٽر اي ايف بيلاسس ۽ سي ڊبليو رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهه جاين تي کوٽائي ڪئي. سندن خيال موجب هي آثار قديم شهر برهمڻ آباد جا آهن”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 157) “1884ع ۾ جنرل ايم آر هيگ، دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شهر منصوره قرار ڏنو آهي”.

    سوال پنجون: برهمڻ آباد سنڌ جي اتر ۾ هو يا لاڙ واري پاسي؟
    “قديم زماني کان وٺي هي ملڪ (سنڌ) ٻن مکيه حصن ۾ ورهايل هوندو هو، جن مان هڪ اتر ٻيو ڏکڻ پاسي واقعي هو. سنڌ جو اتر وارو حصو بکر جي اوسي پاسي کان وٺي سيوهڻ کان هيٺ هالا ڪنڊي تائين هوندو هو. جنهن کي ‘سرو’ چيو ويندو هو. ڏاکڻيون حصو هالا ڪنڊي کان وٺي سمنڊ تائين پکڙيل هو، جنهن کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. هنن لفظن جي اصلي معنيٰ ڇا آهي، تنهن جو پتو مون کي پئجي ڪونه سگهيو آهي. پر اهي نهايت قديم ضرور آهن. ڇاڪاڻ ته رومي شهنشاهيت جي شروعاتي دور ۾ اتان جي جاگرافيدانن لاڙ ان خطي کي سڏيو آهي، جيڪو سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ڀرسان هو. ان نالي جي اصليت اسان کي لاهري بندر مان به محسوس ٿئي ٿي، جنهن جي معني لاڙي بندر آهي. پر هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ ضرور رکڻي پوندي ته مختلف دورن ۾ ڇوڙ وارو علائقو به مختلف رهيو آهي.سنڌ جي ٻنهي ڀاڱن جون جدا جدا راڄڌانيون هونديون هيون. سري ۾ اروڙ ۽ لاڙ ۾ برهمڻ آباد هئي.” (ڪتاب، سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، ص 12)
    ڪئپٽن صاحب جي ڳالهه ۾ وزن آهي اگر اسان برهمڻ آباد جي قلعي کي سانگهڙ ۾ لکون ان جو مطلب ته اروڙ ۽ برهمڻ آباد ٻئي اتر سنڌ ۾ هئا. هالا ڪنڊي مان مراد اڄ وارو هالا جيڪو ضلع مٽياري ۾ آهي ۽ هن وقت سانگهڙ، مٽياري کان مٿان اچي ٿو ۽ اگر اسين سنڌ جو نقشو ڏسو ته هالا کانپوءِ شهدادپور ڪافي فاصلي تي مٿين پاسي آهي. ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيڻ جو اهو به هڪ اهم ثبوت آهي.
    ايڇ ٽي لئمبرڪ، ڪتاب سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص 228) “اسين هن ڳالهه کي بنا خوف ۽ خطري جي هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪجهه عرصي تائين ٻن آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي. جن تي چچ جي ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي”.
    ساڳي ڪتاب ۾ (ص 245) تي نوٽ ۾ لکي ٿو ته “حقيقت هيءُ آهي ته ڏهرسيه کي جيڪو چچ جو وڏو شهزادو هو، رهائش لاءِ برهمڻ آباد شهر کي وڌيڪ پسند هو ۽ هن ڏاهر کي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي ته هو سندس پاران الور تي قابض رهي”.
    ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڳالهه مان واضع ٿئي ٿو ته راجا چچ جي پٽن جي زماني کان وٺي سنڌ ٻن حصن مطلب لاڙ ۽ اتر ۾ ورهائجي چڪي هئي.


    سوال ڇهون: سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن ماڳن کي “برهمڻ آباد” لکيو ويو آهي؟
    سنڌ جا قديم آثار (ص 214) “ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ سڏي ٿو. مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو، خير پوءِ به مان پوري وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪالا ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي. مسٽر راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس، مسٽر ڪرو جي بيان جي تائيد ڪندي ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا.”
    حاجي محمد بخش ٽالپور رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 52) تي لکي ٿو ته “ لئمبرڪ، پٽيالا کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
    سنڌ جا قديم آثار (ص 12) تي مقدمي ۾ محترم عبدالله ورياهه لکي ٿو ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيلاسس هن کي برهمڻ آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”.
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 264) تي “ليلا جا آتڻ” جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺڪر جي مليل مورتي مان لڳي ٿو ته ماڳ اسلامي دور کان اڳ جو به ٿي سگهي ٿو. جو مقامي ماڻهو ان کي برهمڻ آباد جي نالي سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا”.
    ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ، دلور جي دڙي، پٽياله ۽ ليلا جي آتڻ کي به برهمڻ آباد لکيو ويو آهي پر اسان وٽ صرف دلور جي دڙي کي پٿر تي لڪير سمجهي تحقيق ڪئي وئي آهي. مٿي مختلف انگريز محققن جا حوالا ڏنا آهن، جن مختلف ماڳن کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي. تاريخ ۾ جتي شڪ جي گنجائش هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي ان سان مشابهت ڏني وڃي ته اتي تحقيقات جي گنجائش باقي رهي ٿي.

    سوال ستون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) قلعي جي مظبوطي ڪيتري هئي؟
    “هندو فوج روزانو قلعي کان ٻاهر نڪري عربن سان جنگ ڪندي رهندي هئي. اهو سلسلو ڇهه مهينا جاري رهيو. جنهن ٻنهي ڌرين کي ڪڪ ڪري وڌو هو”. (سنڌ عرب دور، فتحنامه)
    هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد جو قلعو مظبوط ته پنهنجي حساب سان هو پر ڪشادو به تمام گھڻو هو جو ڇهه مهينا جنگ هلي ۽ ضرورت جي شيون ڇهه مهينن تائين ميسر هيون.
    “عربن جي فوج منجنيق رستي شهر جي قلعي تي پٿر اڇلايا پر اهو ايڏو ته مظبوط هو جو عربن جون مشينون به ان کي ڪو نقصان نه رسائي سگهيون.” (سنڌ عرب دور ص 248)
    مڪلي نامه (ص 685)تي ڪلان ڪوٽ لاءِ سنڌ جو برک ڏاهو، اديب، دانشور ۽ محقق پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته “موجوده صورت حال: راقم الحروف (پير حسام الدين راشدي) تغلق آباد جي ايراضيءَ کي 27 مئي 1956ع جو پاڻ وڃين ڏٺو. قلعي جا نشان موجود آهن ۽ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ قلعي جي پکيڙ نظر اچي ٿي. منجهس پڪيون سرون ڪتب آيل هيون، جن جا ڍير لڳا پيا آهن. قلعي جي ديوار جو عرض (ويڪر) بيل گاڏيءَ کان چئڻون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس، سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ ڪشادي ڍنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو، جنهنڪري بيروني حملي کان هر لحاظ سان قدرتي طرح محفوظ هو.”
    جيڪڏهن اسان هڪ بيل گاڏي جي ويڪر ٽي فٽ رکون ته چئن بيل گاڏين جي ويڪر ٻارنهن فٽ ٿيئي ٿي. وڏي ڳالهه ته اسان وٽ اڄڪلهه جيڪي ڪمرا ٺهن ٿا انهن جي ويڪر به ڏهه کان ٻارنهن فٽ هوندي آهي. ڳالهه جو مطلب ته جيترو اسان وٽ ڪمرن جي ويڪر آهي اوتري ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي صرف ٻاهرين ديوار جي ويڪر هئي. ايتري مظبوط ديوار کي شايد ٽينڪ جو گولو به ڪو نقصان نه ڏيئي سگھي ته پوءِ منجنيق جي ڪهڙي مجال آهي.
    سنڌ عرب دور لکي ٿو ته راؤڙ، بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي عربن بارود، دبابه، نفطه ۽ منجنيق جي ذريعي بنياد کان ختم ڪري ڇڏيو. پوءِ برهمڻ آباد جي قلعي کي ڇو ڇڏيو ويو؟
    محترم احمد حسن داني، ڪتاب ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 35) تي لکي ٿو ته “قلعي (ڪلان ڪوٽ) جون ڀتيون ساڍا چوڏنهن فوٽ ٿلهيون آهن”.
    محترم ابوبڪر شيخ، ڪلان ڪوٽ بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ قلعي جي مظبوطي بابت هن ريت لکيو آهي ته “ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته هيٺ مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي ۽ مٿي پاڻي جا وڏا تلاءُ. اهي صرف ان لاءِ ٺاهيا ويا هئا ته حملي جي صورت ۾ قلعي بندي ڪرڻي پوي ته پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود هجي ۽ ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن قلعي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ٿي هوندي پر جنهن جڳهه تي قلعو تعمير ٿيل آهي، اتان هن کي فتح ڪرڻ يقيناً مشڪل رهيو هوندو.”
    محترم عنايت الله کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا ۾ (ص 131) تي لکي ٿو ته “اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مظبوط ۽ وسيع ڪوٽ هو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو، جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضع مثال آهي. ٻيو ته هن ڪوٽ کي اتر کان وڌيڪ مظبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هئي. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هئي، ان پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون. اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيءُ ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان گڏوگڏ انتهائي حڪمت عمليءَ سان پڻ ٺاهيو ويوهو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو”.
    سنڌ عرب دور ( ص 115) تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا ۽ ڪوٽ نهايت ئي طاقتور هئا ۽ اهڙي نموني ٺهيل هئا جو غنيم انهن تي سولائي سان سوڀ حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. سنڌي قلعن جي مظبوطي بابت اسان کي ڪيئي حوالا ملن ٿا. عرب پاڻ سان طاقتور جنگي مشينون کڻي آيا هئا. وٽن جيڪڏهن منجنيق ۽ دبابه جهڙيون مشينون نه هجن ها ته اهي ديبل جو ڪوٽ ڪيرائي نه سگهن ها ۽ ساڳي ڪار سنڌ جي ٻين قلعن ۽ شهرن سان هئي. منجنيق مشين جي رستي وڏيون وڏيون ڇپون قلعن جي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ اڇلايون وينديون هيون ۽ دبابه جي رستي روغن ۽ بارود کي باهه ڏيئي قلعي جي اندر اڇلايو ويندو هو ته جيئن جاين، ڀتين، اناج جي ڀنڊار ۽ ماڻهن کي باهه وڪوڙي وڃي ۽ حملي آور فوجن کي قلعي ۾ گھڙي قتلام ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيئي. منجنيق مشين لاءِ ٻڌايل آهي ته ان کي پنج سو ماڻهو گڏجي ڇڪيندا هئا تڏهن ته اها پٿر جا گولا قلعن ڏانهن اڇلائي سگهندي هئي.” ساڳيو ڪتاب (ص 116) تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا مظبوطي جي خيال کان نهايت ئي پڪا ۽ پختا هئا ۽ عربن جي ڪيل حملي خلاف پوري طاقت رکندا هئا پر ان هوندي به اهي ڌارين هٿان فتح ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري جو سنڌين پنهنجي خلاف پاڻ دغا ڪئي ۽ اهي قلعا غداري ۽ بي ايماني سبب عربن جي ور چڙهي ويا.”
    “اهو قلعو (ڪلان ڪوٽ) پهاڙيءَ تي هجڻ سبب يا جاءِ وقوع ۽ ساخت جي لحاظ سان نهايت محفوظ خيال ڪيو ٿي ويو.”(مڪلي نامون، ص 679)
    “قلعي جي مظبوطي ۽ ٻي ساز سامان متعلق ترخان نامي ۾ لکيل آهي ته “ قلعو (ڪلان ڪوٽ) اهڙيءَ جاءِ تي واقع هو جو چيو وڃي ٿو ته ٻن ڪوهن جي گھيري تان ڪو به ويجهو اچي نٿي سگھيو.” (مڪلي نامون، ص 682)
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 116) “اهي (ڪلان ڪوٽ) جا کنڊر هڪ مظبوط قلعي وانگر، ٽڪري تي آهن. جنهن جي ٽن پاسن کان اڳي پاڻي هوندو هو. قلعي جي سنڀال لاءِ مورچا هوندا هئا، جيڪي هن وقت ڍيرن جي صورت ۾ آهن”.
    اهو ئي سبب آهي جو عربن ڇهه مهينا گهيرو ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ جي باوجود به برهمڻ آباد کي فتح نه ڪري سگهيا. فتحنامه سنڌ مطابق راجا چچ به راجا اگهم سان لڙائي لاءِ پورو سال قلعي جو گهيراءُ ڪيو هو.

    سوال اٺون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جي تباهي ڪيئن ٿي؟
    سنڌ عرب دور (ص 249) تي محمد بن قاسم جي دور ۾ برهمڻ آباد جي تباهي جي حوالي سان لکي ٿو ته “عربن برهمڻ آباد جي شهر ۾ سورنهن هزار سنڌي تلوار جو کاڄ بنايا ۽ شهر کي باهه ڏيئي ان جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو.”
    ساڳيو ڪتاب (ص 433) تي برهمڻ آباد جي ٻي ڀيري تباهي بابت لکي ٿو ته “برهمڻ آباد جو شهر پڻ بلڪل تباهه ڪيو ويو ۽ ان جي سڄي آبادي کي غلامي جو ڳٽ وڌو ويو. انهي شهر لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته عربن جي تباهه ڪارين کان پوءِ به اهو شهر وري ڪجهه وقت لاءِ آباد ٿيو. پر اهو ساڳيو اوج نه وٺي سگهيو. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي واپسي کان پوءِ وڳوڙ ۽ افراتفري جون حالتون قائم ٿي ويون. راجا ڏاهر جو پٽ راجڪمار جيسينه جيڪو برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ چتور ڀڄي ويو هو واپس سنڌ موٽي آيو ۽ اچڻ سان برهمڻ آباد کي فتح ڪيائين. هُن ڪافي عرصو برهمڻ آباد تي حڪومت ڪئي ۽ ملڪ جو ڳچ حصو پنهنجي سياسي اثر هيٺ آندو. بنو اميه جي خليفي عمر ٻئي جي دور ۾ سنڌ جي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان کيس دوڪو ڏيئي قتل ڪيو. (هتي ليکڪ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي ڇو ته ساڳيو ڪتاب (ص 272) تي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان بابت لکي ٿو ته “يزيد ٻئي تخت تي ويهڻ سان جنيد بن عبدالرحمان المري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ جنيد اهو عهدو نه فقط يزيد جي دور ۾ پر يزيد کان پوءِ سندس ڀاءُ هشام بن عبدالملڪ جي خلافت جي دور ۾ پڻ ماڻيو. عمر بن عبدالعزيز جي خلافت واري ڏينهن ۾ عمرو بن مسلم الباهلي سنڌ جو گورنر هو. راقم). ان کان پوءِ جنيد برهمڻ آباد جي شهر تي ٻيهر حملو ڪري ان جو ڳچ حصو ڊاهي ڇڏيو ۽ باقي کي باهه ڏياري ساڙائي ڇڏيائين. ان وقت جي جنگ جو اهو طريقو هو ته جتي به ڪنهن شهر جا ماڻهو پنهنجي آزادي لاءِ وڙهندا هئا يا شهر جو بچاءُ ڪندا هئا ته ان شهر جي قلعي کي بنياد کان ڊهرائي اتي جون جايون يا ته ڪيرائي پٽ ڪيون وينديون هيون يا ته وري ساڙائي خاڪ ڪيون وينديون هيون. انهي لاءِ ته ٻين شهرن جا ماڻهو سبق پرائين ۽ حملي ڪندڙ غنيم جي خلاف مقابلو ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏين. اها حقيقت سنڌ ۾ پوءِ جي ٿيندڙ واقعن مان به ظاهر آهي.”

    سوال نائون: ڪلان ڪوٽ لاءِ انگريز ليکڪن جا حوالا ڇا ٿا چون؟
    سنڌ جا قديم آثار (ص 214) “ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ سڏي ٿو. مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو، خير پوءِ به مان پوري وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪالا ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي. مسٽر راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس، مسٽر ڪرو جي بيان جي تائيد ڪندي ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا.”
    سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 62) “بهمانا، ٻاهبيڻا، ٻانڀڻا يا برهمن آباد (مورخن هن لکي مختلف صورتخطي ۾ لکيو آهي) به لوهاڻي درياهه تي آباد هوندو هو. هن شهر کي بعد ۾ بهمنوا سڏيو ويندو هو. هن ڳالهه جي تصديق هن حقيقت مان ڪري سگهجي ٿي ته ان قديم شهر جا ٿرڙ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ٻي ڳالهه اها آهي ته هتان عام ماڻهو به هن متعلق ٻڌائي سگهي ٿو ته اهو شهر ڪٿي هو. مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته غلطي وچان هن شهر کي ٺٽي ڀرسان ٻڌايو ويو آهي. هن شهر بابت گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي کان آءٌ بلڪل مطئمن آهيان ته ڪلاڪوٽ ۽ ڀنڀور وارا ماڳ هن شهر جي ٿاڪ نه آهن.”
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 189) تي لکي ٿو ته “ انگريز ليکڪ ڊيوڊ راس ڪلان ڪوٽ جي عمر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان لاءِ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو هڪ تمام پراڻي ڪوٽ جي مٿان ٺاهيو ويو آهي. جيڪو ستين صدي ڌاري عربن جي سنڌ تي حملي کان اڳ به هندو دور جو آهي.”
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 201) “سر رچرڊ برٽن، ڪلان ڪوٽ جي برجن جي باري ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا آهن ته “ هي ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) باروت جي دور کان اڳ جو لڳي ٿو. سنڌ گزيٽيئر ڪلان ڪوٽ جي برجن جي بلندي سان گڏ اهو ٻڌايو آهي ته ان ڪوٽ جا برج ان دور جا ٺهيل آهن جنهن دور ۾ اڃا باروت لڙائين ۾ استعمال نه ٿيندو هو.”
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 115) “مسٽر سمٿ جي تحقيق موجب هي قلعو سڪندراعظم جي سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه سالار جو ئي ٺهرايل آهي، هن جي بيان مان واضع ٿو ٿئي ته هن قلعي مان ٻڌ ڌرم جي مندرن ۾ ڪم آندل سرن جهڙيون سرون کوٽي لڌيون ويون آهن”.

    سوال ڏهون: ڪلان ڪوٽ جا نالا ڇا ٿا چون؟
    مڪلي نامو (ص 676) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ اهو قلعو يا شهر اصل ۾ قديم دور جو آهي. جنهن کي پوءِ مختلف وقتن ۽ مختلف حاڪم ۽ امير جوڙيندا، سڌاريندا ۽ وڌائيندا رهيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ انهيءَ جا نالا به بدلبا رهيا آهن. مثلاً ڪلا ڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل آباد”.
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 182) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ سرن جو هي قديم ڍير اوائلي دور کان وٺي ٺهندو ۽ ڊهندو رهيو آهي. ان کي مختلف دورن ۾ جدا جدا حاڪم سينگاريندا، سنواريندا ۽ وڌائيندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو هر حاڪم ان ڪوٽ کي پنهنجي منشا مطابق نالو ڏنو آهي. ڪڏهن ڪلاڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ ته ڪڏهن تغلق آباد ۽ طغرل آباد بڻيو آهي.”
    ساڳيو ڪتاب (ص 185) “مڪلي جي ٽڪري تي ڪلان ڪوٽ قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي ملائي آهي. بهرڪيف هردور ۾ ان ڪوٽ جو نالو بدلبو رهيو آهي.”
    مڪلي نامه (ص 677) تي پير حسام الدين راشدي، ڪلان ڪوٽ جي مختلف نالن بابت تفصيلي نوٽ لکيو آهي جنهن جو مختصر خاڪو هن ريت آهي.
     ڪلا ڪوٽ: مير علي شير جي روايت آهي ته اهو شهر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪلاڪوٽ مشهور ٿيو.
     ڪلان ڪوٽ: انهيءَ قلعي کي ڪلان ڪوٽ به چيو وڃي ٿو. معلوم ٿو ٿئي ته اهو ڪو مستقل نالو ڪونه آهي، بلڪه ڪلاڪوٽ يا ڪلياڻ ڪوٽ جي نالي جو اسلامي بگاڙ آهي. ڪلان ڪوٽ يعني وڏو ڪوٽ.
     ڪلياڻ ڪوٽ: مرزا قليچ بيگ پڻ هڪ ڏند ڪٿا لکي آهي، سندس قول آهي ته انهيءَ شهر جو نالو ڪلياڻ ڪوٽ هو يعني آرام گاھ، امن آرام ۽ راحت جي جاءِ.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 115) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “مرزا قليچ بيگ انهيءَ جي معنيٰ “وڏو ڪوٽ” به ڪڍي آهي. سر اليگزيندر برنس توڙي ليفٽنينٽ ووڊ انهيءَ جو ترجمو “اوچو قلعو” ڪيو آهي”.
     تغلق آباد: هڪ روايت آهي ته سنڌ جي سومرن سلطانن جو تخت “محمد طور” جڏهن تباه ٿيو ته ڪجهه عرصي لاءِ انهيءَ شهر کي دارالحڪومت بڻايو ويو. سمن جي دور ۾ اهو شهر شايد ڪجهه ويران ٿي چڪو هو، جنهن ڪري سمن جي بادشاهه ڄام تغلق نئين سر انجي مرمت ڪرائي، محل ۽ ماڙن جا اضافا ڪري انکي چنڱينءَ پر برسايو ۽ رونق وٺرائي. سومرن جي دور ۾ انجو نالو ڪهڙو رهيو، ساڳيو قديم هو يا بدليو، اها سڌ نٿي پوي. ليڪن ڄام تغلق جي مرمت ڪرائڻ بعد شهر تي تغلق آباد جو نالو پيو.
    “محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي ۽ ڪلان ڪوٽ، سومرن جي دور ۾ وڏا اهم ۽ مرڪزي شهر هئا”. (محترم غلام علي الانا جو ڪتاب ننگر ٺٽو، هڪ مطالعو ۾ لکيل مقالو (ص22)”. ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ جو قلعو سومرن جي دور ۾ صرف موجود ئي نه هو پر اهم ۽ مشهور به هو.
    محترم احمد حسن داني به پنهنجي ڪتاب “ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار” به ساڳي ڳالهه لکي آهي ته ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي هئي.
    مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪنهن قلعي کي آباد ڪرڻ الڳ جڏهن ته ان جي مرمت ڪرڻ الڳ هوندو آهي.
     طغرل آباد: انهيءَ قلعي جو هڪ نالو طغرل آباد پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته مغل دور جي هڪ امير طغرل بيگ انهيءَ قلعي جي مرمت ڪرائي جنهن کانپوءِ انجو نالو بدلجي طغرل آباد ٿيو.
    اهم ڳالهه ته ڪلان ڪوٽ لاءِ جيڪي نالا اڄ ڏينهن تائين اسان جي تاريخ ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن اهي ان قلعي جا لقب يا تخلص چئي سگھجن ٿا.
     تاريخي ڪتابن ۾ ڪلان ڪوٽ جو هڪڙو نالو “نصرت آباد” به ملي ٿو. جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي صاحب، ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 394) تي لکي ٿو ته “نصرت آباد دراصل تغلق آباد (ڪلان ڪوٽ، مڪليءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي) سڏيو ويو آهي.
     ڪلان ڪوٽ جو هڪڙو نالو “آب جو قلعو” به ملي ٿو. جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي، ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 43) “عالم پناھ: اٺين صدي هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناهه ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي “آب” جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو”.
    آب يعني پاڻي. مطلب پاڻي يا درياءَ وارو قلعو. ڇو ته ڪلان ڪوٽ جي ٽن طرفن کان پاڻي هوندو هو صرف هڪڙي پاسي کاهي کوٽيل هئي، جنهن کي به حملي جي وقت پاڻي سان ڀريو ويندو هو. “آب سنڌ يعني سنڌو درياءَ” (سنڌ جا قديم آثار، ص 7).
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 34) “ان قلعي (ڪلان ڪوٽ) جي لاءِ چيو ويندو آهي ته ان جي ڊگهي تاريخ آهي”.
    ٺٽو صدين کان (ص 142) “هن تي مختلف دورن ۾ جدا جدا نالا ڪلاڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل آباد ٿيا. هي ڪوٽ ڪنهن اڏايو تنهن بابت ڪا پڪ ناهي. البت سومرن ۽ سمن هن جي مرمت ڪرائي ۽ پنهنجي استعمال هيٺ آندو. البت هن جي اڏاوت ۾ جيڪي سرون استعمال ٿيل آهن تنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته اهو ڪوٽ به ساڳئي دور جو ۽ ساڳين حاڪمن يعني ٻڌمت وارن جو جوڙايل هجي. بعد ۾ ايندڙ حڪمرانن هن جي مرمت ڪرائي استعمال ۾ آندو.”


    سوال يارهون: ڇا ڪلان ڪوٽ تي تفصيلي تحقيق يا کوٽائي ٿي آهي يا نه؟
    سنڌ عرب دور (ص 42) تي لکي ٿو ته “سنڌ جي عربي دور تي آثار قديمه محڪمي طرفان تمام گهٽ روشني وڌل آهي. ڇاڪاڻ ته انهي ڏس ۾ تمام گهٽ کوٽائي ڪئي وئي آهي. اهي هنڌ ۽ ماڳ جتي نهايت ئي آباد ۽ ڳتيل شهر هئا اتي مٽي ۽ واري جا دڙا پيا ڏسجن. بي رحم وقت انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. درحقيقت وقت ئي سچي انساني تهذيب ۽ اٿ ويهه جو دارومدار آهي. ديبل جي مشهور بندر جو ماڳ اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. نيرون پڻ صفحه هستي تان غائب آهي جيتوڻيڪ ان کي هاڻوڪي حيدرآباد سان تشبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. منصوره جنهن کي دلور جي ڀڙي سان مشابهت ڏني وئي آهي. شهدادپور جي ڀر ۾ آهي ۽ ان ۾ رڳي سڙيل سرن جا دڙا آهن. آثار قديمه جي محڪمي طرفان انهيءَ طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. انهيءَ محڪمي جو خاص ڌيان ڀنڀور جي کنڊرن طرف آهي. جتي بار بار کوٽائين ڪرڻ کانپوءِ به کانئن ڳالهه ظاهر نه ٿي آهي. پر آثار قديمه وارن هروڀرو انهيءَ کي سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل سان تشبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ته ڪيترن دڙن ۽ پڙن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته تاريخ جا ڪهڙا ڪهڙا خزانا اڃا لڪل آهن.”
    ساڳيو ڪتاب (ص 61) “ ميرپور خاص لڳ ٻڌ اسٽوپا، گوڙي لڳ جين مندر، جهرڪ ويجهو ٻڌڌرم جا کنڊر، ساموئي جا کنڊر، ٺٽي لڳ ڪلان ڪوٽ جا کنڊر، گوني تعلقي ۾ سُڌيرن جو ٺل، ٽنڊي فضل ويجهو ڌورا هنڱورا، ريتي لڳ وڄڙوٽ (يا وڄڻوٽ)، دولت پور ڀرسان ٺل ميررڪڻ ۽ ٻيا ڪيئي ماڳ، کنڊر ۽ آثار آهن. جيڪڏهن اهي کنڊر ايمانداريءَ سان کوٽائي ڪيا وڃن ته ممڪن آهي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي لڪل باب نڪري نروار ٿيندا.”
    ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ جي قديم قلعي تي اڃان تائين ڪابه تفصيلي تحقيق يا کوٽائي نه ٿي آهي.
    سوال ٻارهون: ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ موجود مسجد لاءِ تاريخ ڇا ٿي لکي؟
     “مير علي شيخ قانع ٺٽوي، تحفةالڪرام ۾ ان مسجد جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، اتان جي جامع مسجد اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي جامع مسجد کان ڏيڍوڻي نظر اچي ٿي”.
     “پير حسام الدين راشدي جي خيال مطابق اها مسجد ترخاني دور جي آهي”.
     منهنجي (اشتياق انصاري) خيال مطابق مسجد جي عمارت مغل دور جو ڏيک ڏي ٿي.
    (سڀ حوالا: سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 204 تان ورتل)
    “مسجد تمام خوبصورت هُئي. قلعي (ڪلان ڪوٽ) اندر هيءُ مسجد ترخانن جي دور ۾ ٺهي”. (سنڌ سڀيتا، ص 129)

    سوال تيرهون: فتحنامه سنڌ ۾ برهمڻ آباد بابت ٻڌايل آثار ۽ ڪلان ڪوٽ جو قلعو؟
     “۽ (پاڻ) منجهل نهر مان پار ٽپيا”. (ص 288)
    ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان ٿوري مفاصلي تي اڀرندي پاسي نيازي فارم آهي. ان فارم جي اولهندي پاسي اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ملن ٿا. هاڻي درياءَ يا نهر جو ته ڪو نالو نشان ئي ناهي البته نالي جي نسبت سان اڄ به مقامي ماڻهو ان علائقي کي “منڃر وارو لڙ” چوندا آهن. جڏهن ته هڪ ڍنڍ به آهي جنهن کي اڄ به “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن.
    منجهل يا منڃر بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻئي ۾ لکيو آهي.
     “اتان (دهليله) کان برهمڻ آباد ٽي ميل هو”. (ص 290)
    مون پهرين هڪ جڳهه تي لکيو هو ته اسان وٽ طول ۽ عرض جا معيار اڄ به تحقيق طلب آهن پر تنهن هوندي به اگر منڃر ڍنڍ (منجهل نهر) کان ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جو مفاصلو ماپيو ته ايترو ئي ٿيندو.
    مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” (ص 46) تي لکي ٿو ته “ان جا ءِ (دهليله) کان وٺي برهمڻ آباد تائين هڪ فرسنگ جو پنڌ هو”.
     “پوءِ محمد بن قاسم دهليله کان منزل پٽي، برهمڻ آباد جي اڀرندي طرف
    نهر جلوالي جي ڪناري وڃي لٿو”. (ص 291)
    ڪلان ڪوٽ قلعي جي اوڀر پاسي نهر ضرور آهي پر مقامي ماڻهو ان کي ڪلان ڪوٽ ڍنڍ چون ٿا.لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي” (ص 236) تي نوري ڄام واري قصي ۾ لکي ٿو ته “سونهري، ڪينجهر، هاليجي، هڏيرو، ڪلان ڪوٽ، جهول ۽ کوئي، ستن ڍنڍن جو محصول بادشاھ، گندرن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت ڪن ڍنڍن جا اهي ساڳيا نالا هئا ۽ ڪن جا ٻيا هئا”.
     “محمد بن قاسم اتي (برهمڻ آباد) پهچڻ تي کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو.
    ڏهاڙي جنگ لڳندي هئي. جنگ کانپوءِ مسلمان کاهي جي اندر ۽ ڪافر قلعي ۾ ويندا هئا. اهڙي دستور ڇهه مهينا پورا ٿيا”. (ص 292)
    مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪلان ڪوٽ قلعي جي اوڀر ڏکڻ ۾ کاهين جا نشان ۽ قبرون هيون. جيڪي مختلف سرگرمين سبب هاڻي ختم ٿي چڪا آهن.
     ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص 42) تي هينري ڪزنس، ميجر راورٽي
    جي ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ، برهمڻ آباد جي اولهه طرف آهي”.
    هينئر اگر راؤڙ (ٻاٻڙا يا ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) ۽ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جو طرف جانچيو ته ساڳيو ٿيئي ٿو، جيڪو مٿي ڏنل آهي.
     تاريخ گواه آهي ته راجا چچ، اگهم لوهاڻي سان مقابلي لاءِ ٻارنهن مهينا
    برهمڻ آباد جو گهيرو ڪري ويٺو هو.عربن به ڇهه مهينا برهمڻ آباد جو گهيرو ڪيو هو ، نه صرف گهيرو پر ڏينهن رات لڙائي به ڪئي هئي پر اهي قلعو فتح نه ڪري سگهيا. فتحنامه ۾ لکيل آهي ته برهمڻ آباد جي قلعي ۾ سورنهن هزار جنگي جوان قتل ڪيا ويا ۽ ٻين کي امان ڏني وئي.
    “پهرين ڪاهه وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سو اسي هاٿي، پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز پيادا هئا ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار ۽ چار لک پيادا هئا. ڄام جو اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلعبند هو. ان مان قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو ڪٽڪ زير ڪري نه سگهيو. پهريون دفعو فيروز مايوس ٿي موٽي ويو”. (مڪلي نامون ص25، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص 31 ، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ص 123 ۽ سنڌ سڀيتا ص 131)
    ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ لاءِ اهو به هڪ وڏو ثبوت آهي.

    سوال چوڏهون: ڇا ڪلان ڪوٽ جو قلعو سڪندر اعظم جي دور جو آهي؟
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 185) “مڪلي ٽڪري تي ڪلان ڪوٽ قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي ملائي آهي.”
    ڪتاب قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص 99) تي مرزا قليچ بيگ صاحب ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ڪن جو خيال آهي ته سيوهڻ جي ڪافر قلعي وانگر هي (ڪلان ڪوٽ) به سڪندر بادشاهه جي سپهه سالار جو ٺهرايل آهي.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 116) “ ڪاڪي ڀيرومل جو خيال آهي ته اهو قلعو (ڪلان ڪوٽ) هندن جو جوڙايل آهي ۽ ڪراچي جي ڪلان ڪوٽ وانگر هت به ديويءَ جو آستان ۽ مندر هوندو هو پر جڏهن مسلمانن هن قلعي تي قبضو ڪيو تڏهن ان جاءِ تي مسجد ٺهرايائون”.
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 234) “هتان (ڪلان ڪوٽ مان) ملندڙ ٺڪراٽو سنڌو تهذيب کان اڳ جو، سنڌو تهذيب وارو، اوائلي اسلامي ۽ پوئين اسلامي دور جو آهي”.
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 235) “اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو ته هي ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) قديم دور جو آهي”.
    مڪلي نامو (ص 677) “مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ڪلان ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو قديم آهي ۽ سڪندر اعظم جي دور ۾ به موجود هو”.
    محترم عنايت الله کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا (ص 132) تي لکي ٿو ته “پر ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪومت کان اڳ جو تعمير ٿيل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هن کي وري ٺاهيو ويو”.
    فتحنامه سنڌ (ص 396) اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “برهمڻ آباد: فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي برهمناباد آهي، بهرصورت هن نالي جي پڇاڙي آباد مان ظاهر آهي ته هي اصل ايراني نالو آهي. جنهن کي ايران جي بادشاهه بهمن اردشير حڪم سان ٻڌو ويو”. ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي تعمير ايراني دور ۾ ٿي هئي.
    محترم عبدالله خان مگسي، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي (ص 97) تي لکي ٿو ته “سيوهڻ ۾ سڪندر وارو قلعو عرف ڪافر قلعو، بکر وغيره جا قلعا بارود جي استعمال کان اڳ جا قلعا آهن. انهن قلعن جي ٻاهران پاڻيءَ جون کاهيون ثابت ڪن ٿيون ته اهي انهيءَ دور ۾ ٺهيا هوندا، جنهن دور ۾ کانڀاڻيون ۽ منجنيقون استعمال ڪيون وينديون هيون”. جڏهن ته ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “قلعن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري قديم قلعا دريائن، واهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي تعمير ڪرايا ويندا هئا ته جيئن پاڻي جي فراهمي سولائي سان ٿي سگهي. انهن دريائن کي قلعي جي ٻاهران بچاءُ طور استعمال ڪري سگهبو هو”.
    افسوس جو مگسي صاحب ايترا حوالا ڏيڻ جي باوجود پنهنجي مقالي ۾ ڪٿي به ڪلان ڪوٽ جو ذڪر ناهي لکيو. حالانڪه مٿي لکيل سڀئي ڳالهيون ڪلان ڪوٽ سان به لاڳو آهن. مثال ڪلان ڪوٽ جو قلعو درياءَ جي شاخ تي ٺهيل آهي اڄ به اگر غور سان ڏسبو ته قلعي جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي باقي هڪڙي پاسي ميداني علائقو آهي جنهن ڪري اتان کاهي کوٽي وئي هئي، جنهن جا نشان اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 39) “هن ماڳ (ڪلان ڪوٽ) جو ذڪر سڪندر جي هر مورخ ڪيو آهي”.
    مٿي مون لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو حوالو ڏنو آهي. ان ۾ مسٽر سمٿ به هن کي سڪندر جي دور جو لکيو آهي.

    سوال پندرهون: پاڪستان ۾ قديم آثارن جي وڏي ڄاڻو محترم احمد حسن داني، ڪلان ڪوٽ بابت ڇا ٿو لکي؟
    محترم احمد حسن داني، پنهنجي ڪتاب ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 38) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “هيٺين سببن ڪري ڪلان ڪوٽ نه ننگر ٺٽي جو قلعو آهي نه وري اهو سما ڄامن جو تعمير ڪرايل آهي.
     سما دور جي مڪليءَ جي اڏاوتن ۾ ڪتب آندل سر ۽ ڪلان ڪوٽ جي تعمير ۾ ڪتب آندل سرن جي گهاگ ۾ گهڻو فرق آهي. مڪلي واري سر، سما دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن ته ڪلان ڪوٽ واري سر، تختيءَ ۾ وڏي ۽ سما دور جي اڏاوت لاءِ ڪتب آيل سرن کان گهڻو قديم ۽ مختلف آهي.
     قلعي اندر شِوَ مندر جي موجودگي هن جي سنڌي هندو دور جي اڏاوت هئڻ جي نشاندهي ڪري ٿي.
     قلعي جي ڀت ۾ وچ تي ڪچين سرن جو استعمال ڏيکاري ٿو، ته اهو قلعو بارود جي استعمال کان اڳ واري زماني سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سما دور ۾ بارود جو واهپو عام هو.
     سڪندر يوناني کان وٺي غورين بلڪ ارغونن تائين سڀ حملا خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري مگر ٺٽي جي بچاءُ لاءِ قلعو ان شهر جي اترکان هئڻ گهرجي ها. پر هي ڏکڻ اولهه ۾ آهي.
     قلعي کان درياءَ ڏانهن ويندڙ هڪ گهاٽ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو هاٿي گهاٽ آهي جنهن وسيلي قلعي مان هاٿي ڪڍي درياهه ڏانهن آندا ويندا هئا. هاٿيءَ جو جنگي استعمال سومرن ۽ سمن کان گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو هو.
     قلعي جا برج تير جي پهچ جيتري وٿيءَ تي تعمير ٿيل آهن، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو زمانو تير ڪمان واري جنگ وارو دور هو”.
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 40) تي محترم احمد حسن داني صاحب بابت لکي ٿو ته “احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو. پاڻ پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو، سنسڪرت جو پاڪستان ۾ واحد عالم، پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي پروفيسر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي قديم آثارن جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو. هي اسلامي اڏاوت Islamic Architecture تي وڏي مهارت رکي ٿو. پاڻ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن جو ڊائريڪٽر آهي. هي پهريون مسلمان هو جنهن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. کيس مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان هلالِ امتياز عطا ڪيل آهي. سندس کوڙ مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ مڪلي جي اڏاوتن تي اعليٰ ڪتاب لکيل آهي”.

    سوال سورهون: برهمڻ آباد ۾ برهمڻ بادشاهه سال جي ڪهڙي مند گذاريندا هئا؟
    هن سوال کي به اسان جي تاريخي ڪتابن ڪافي منجهايو آهي. مثال
    فتحنامه سنڌ (ص 93) “هو (راجا ڏاهر) گرمين جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي، سندس هوا موافق ۽ پاڻي وڻندڙ هو. سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.”
    تحفةالڪرام (ص 17) برهمڻ خاندان لاءِ لکي ٿو ته “سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندا هئا ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.” خبر ناهي ته قانع صاحب سال جا اٺ مهينا ڇو لکيا آهن يا کڻي ائين چئجي ته ميرقانع راؤڙ واري ماڳ جو حوالو ڇو ناهي ڏنو؟
    سنڌ جا قديم آثار (ص 31) “هو (راجا ڏاهر) اونهاري جا چار مهينا اتي (راؤڙ) ۾ گذاريندو هو، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي آبهوا صحت لاءِ سٺي ۽ پاڻي مٺو هو. سياري جا چار مهينا هن برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا ۽ بهار جي موسم جا چار مهينا هو الور ۾ رهندو هو”.
    سنڌ عرب دور (455) “برهمڻ آباد لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته اهو سنڌ جي راجائن جو اونهاري جو تخت گاهه هو ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي هير ان تائين پهچندي هئي.” (هتي مصنف ٻين محققن کان هٽي ڪري ڳالهه لکي آهي. پر جي مڃون ته برهمڻ راجا اونهاري ۾ برهمڻ آباد ۾ ترسندا هئا ته به ڳالهه ۾ وزن آهي، ڇو ته سمنڊ جي هير حيدرآباد تائين به مشڪل سان پهچي ٿي).
    سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص 230) “هو (راجا ڏاهر) اونهاري جا چار مهينا راؤڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو. سيارو برهمڻ آباد ۾ ۽ بهار الور ۾ گذاريندو هو”.
    ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو” (ص 15) تي لکي ٿو ته “لاڙ واري ڀاڱي ۾ اهڙي سخت ٿڌ ڪانه پوندي آهي.”
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 26) “سمنڊ جي ويجهڙائي سبب هت (لاڙ ۾) سياري توڙي اونهاري ۾ معتدل ۽ وڻندڙ هوائون لڳنديون آهن”.
    سرو سمنڊ کان پري آهي ۽ اولهه پاسي کان ويران ٽڪريون اٿس، تنهن ڪري اتي جي آبهوا اونهاي ۾ تمام گرم ۽ سياري ۾ تمام سرد ٿئي”.)جنت السنڌ ص 7 ۽ سنڌ بابت جامع معلومات، ص 274)
    جهڙي حساب سان لاڙ واري حصي ۾ گهڻي گرمي ناهي ٿيندي اهڙي ئي حساب سان سردين ۾ وري لاڙ واري پاسي سردي به گهٽ ٿيندي آهي. ان حساب سان فتحنامه واري ڳالهه ۾ صداقت آهي ۽ برهمڻ بادشاهه سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) ۾ گذاريندا هئا.
    برهمڻ بادشاهه سياري جا چار مهينا لاڙ ۾ ڇو گذاريندا هئا؟ ان جو وڏو ثبوت محترم غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 28) تي هن ريت ڏنو آهي. “ سياري ۾ اتر لڳندا آهن يعني ته اتر طرف کان ٿڌي هوا لڳندي آهي. اتر کان سواءِ اتر – اوڀر کان ٿڌيون هوائون پڻ لڳنديون آهن. اهي هوائون، صحت جي لحاظ سان فائدي واريون آهن، ڇاڪاڻ ته هنن هوائن جي لڳڻ ڪري بيماريون دفع ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهو تندرست، چست ۽ چالاڪ ڏسبا آهن. هن موسم ۾ دو – آبو وارو حصو، ميدانن کان به وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي. البت صبح جي وقت ڪوهيرو ۽ ڌنڌ ٿيندو آهي، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. هن موسم ۾ لاڙ، شڪار گاهه بڻجي ويندو آهي. شڪار جا شوقين هزارن جي تعداد ۾ هن ايراضي ۾ ايندا آهن”.
    سوال سترهون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جي فتح کانپوءِ عرب لشڪر ڪهڙي پاسي پيشقدمي ڪئي؟
    فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ عرب لشڪر ساوندي طرف پيشقدمي ڪئي جتي جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان عربن جو استقبال ڪيو. پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ساوندي جو صحيح پتو ناهي لڳو. تاريخ معصومي (ص 62) “ ٿريءَ جي آسپاس ۾ رهندڙ سما ماڻهو گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”. جڳ مشهور ڪتاب تحفةالڪرام (ص 46) تي لکي ٿو ته “ٿرڙي جي آسپاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو. (هيٺ حاشيه ۾ مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص 217-218 ۾ هيءُ نالو ساوندي ڄاڻايل آهي). ان مان اهو ثابت آهي ته موجوده ٺٽي ضلعي ۾ موجود ٿرڙي جو قلعو، جنهن جي پاسي ۾ شيخ ابو تراب جي مزار آهي اهوئي تاريخي دور وارو ساوندي جو علائقو آهي. ساوندي يا ٿرڙي بابت مون هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ تفصيلي نوٽ لکيو آهي. ڳالهه جو مقصد ته اگر برهمڻ آباد جو قلعو موجوده سانگهڙ ۾ هو ته پوءِ عربن کي ڪهڙي کُٽي کنيو جو اهي سانگهڙ مان واپس ٺٽي آيا؟

    سوال ارڙهون: ڇا برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ماڳ جا ٻه نالا آهن يا الڳ الڳ آهن؟
    فتحنامه سنڌ (ص 398) “منصوره، برهمڻ آباد کان ٻه فرسنگ جي مفاصلي تي هو.”
    ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 360) “برهمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي حڪومت جو مرڪز منصوره موجود هو، جتي سنڌ جو عربي حاڪم رهندو هو”.
    قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ص 259) “عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ سنه 750ع ڌاري منصور بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي هي (منصوره) شهر ٻڌايو”.
    جنت السنڌ (ص 148) “حڪم بن عوانه ڪلبيءَ سان غازي اعظم محمد بن قاسم جو پٽ عمرو گڏجي آيو هو، جنهن برهمڻ آباد کان ٻن فرسخ جي مفاصلي تي سنه 110هه ۾ منصوره جو شهر سنڌونديءَ جي هڪڙي ٻيٽ تي دمشق جي نموني تي تعمير ڪرايو”.
    سنڌ عرب دور (328) تي عرب ليکڪ البلاذري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “ بلاذري صاف صاف ٻڌايو آهي ته برهمڻ آباد جو شهر منصوره کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي هو.”
    ساڳيو ڪتاب ساڳي صفحي تي لکي ٿو ته “ان ڪري واضع ٿيو ته منصوره جو شهر، برهمڻ آباد واري ايراضي تي ٺهيل ڪونه هو ۽ ٻئي شهر الڳ الڳ هنڌن تي ٻڌل هئا. اهو ممڪن آهي ته عربن نئين شهر جي ٺاهڻ وقت سرون ۽ ٻيو ضروري سامان برهمڻ آباد جي کنڊرن مان هٿ ڪيو.”
    ساڳيو ڪتاب (ص 456) تي البلاذري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گھٽي جڏهن محمد بن قاسم جي پٽ عمرو، سنڌ جي گورنر الحڪم جي ايامڪاري ۾ سندس شاندار فتحن جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو.” هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد سنڌ جو قديم شهر هو ۽ تمام آڳاٽو ٺهيل هو جڏهن ته منصوره جو شهر ستين عرب گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 58 تي “برهمڻ آباد/منصوره بندر” ڪري لکيو آهي. جنهن جو مطلب ته برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي ماڳ جا ٻه نالا آهن. پر تاريخ گواهه آهي ته برهمڻ آباد هڪ الڳ ماڳ جڏهن ته منصوره الڳ ماڳ آهي. ٻنهي کي هڪ ڪري لکڻ سان به تاريخ ۾ مونجهارو آهي.
    سوال اوڻيهون: اگر برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ آهن ته پوءِ منصوره ڪٿي هو؟
    موجوده ٺٽي ۾ ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي برهمڻ يا عرب دور وارو برهمڻ آباد آهي ۽ تاريخي ڪتابن مطابق ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇھن ميلن جي فاصلي تي هو ته موجوده ڪلان ڪوٽ کي جيڪو ويجهو مشهور ۽ تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي. مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ طول ۽ عرض اڄ ڏينهن سلجهي ناهن سگهيا پر ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪلان ڪوٽ کان پيرپٺي جو مفاصلو ماپيون ته ساڳيو ٿيندو. ان مان مراد ته ڪلان ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد ۽ موجوده پيرپٺو، عرب گورنرن پاران ٺهرايل شهر منصوره آهي.
    منصوره بابت تفصلي نوٽ توهان هن ڪتاب جي باب چوٿين ۾ پڙهي سگهندا.

    سوال ويهون: ڪلان ڪوٽ جي خوبصورتي بابت ليکڪ ڇا ٿا لکن؟
    مير علي شيخ قانع ٺٽوي، ڪلان ڪوٽ جي تعريف ۾ لکي ٿو ته:
    “هن زمين جي شادابي لاءِ جڏهن سخن يا آواز ڪڍجي ٿو ته ڄڻ هو آب حيات مان غسل ڪري نڪري ٿو”.
    “جڏهن هن جي هوا چپن وٽان گذري ٿي ته ڄڻ خضر جو آب حيات ڳلي مان هيٺ لهي ٿو”.
    “جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ قلم کڻجي ته قلم پنهنجي خوشي مان روان ٿي وڃي”.
    “جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ ڪجهه لکجي ته هرڻ جي اک مان ان جي لاءِ مَسُ وٺڻي پئي”.
    (محترم اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 182) تان ورتل)
    ڪلان ڪوٽ جي هِن ڪُنڊ (اتر اوڀر) کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ سرسبز زمينون، خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن. هيءُ منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو. مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب “مڪلي ناما” ۾ لکيل خوبصورت تشبيهون ۽ منظرڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) لاءِ لکي ٿو ته، هيٺانهينءَ کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو. مير صاحب هيءَ منظرڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي. جيڪا مون کي 100 فيصد صحيح لڳي ٿي”. (سنڌ سڀيتا، محترم عنايت الله کٽياڻ (ص130)
    “ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رني ڪوٽ کان پوءِ ڪلان ڪوٽ هي وڏو ڪوٽ آهي”. (سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 187)
    “ڪوٽ جي رٿابندي، ان جي برجن ۽ دروازن جا نشان ۽ ان جي پکيڙ، تاريخ جي شاگردن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اهو ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جڏهن پنهنجي اوج تي هوندو ته ڇا هوندو”. (سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 182)
    “ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو، جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مظبوطيءَ جو واضع مثال آهي”. (سنڌ سڀيتا، محترم عنايت الله کٽياڻ (ص 131) 


    باب چوٿون: منصوره يا پيرپٺو

    توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۾ پڙهي آيا ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کان ڇهه ميل پري هو ۽ ڪلان ڪوٽ کي جيڪو ويجهو تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي جنهن کي ڪجهه ليکڪن پراڻي دور وارو ديبل به لکيو آهي پر دراصل اهو عرب دور وارو منصوره جو شهر آهي جنهن کي عربن جي دور حڪومت ۾ برهمڻ آباد جي تباهي کان پوءِ تعمير ڪيو ويو.
    سنڌ عرب دور (ص 321) “اوائلي لکتن مان واضع ٿو ٿئي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (6 ميل) جي فاصلي تي اڏايو ويو هو ۽ محفوظه جي بلڪل سامهون ٺهرايل هو. محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي جي سوڀن کان پوءِ درياءَ جي اڀرندي ڪناري تي ٺهرايو ويو هو”.
    مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ هڪ تاريخي مونجهارو اهو به لکيو هو ته اسان وٽ اڄ تائين ڪوهه ۽ فرسخ جو صحيح تعين ناهي ٿي سگهيو. مٿي واضع لکيل آهي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ٻه فرسخ پري هو. پر بعد ۾ اسان جي ليکڪن ٻن فرسخن کي ڇهه ميل ڪري لکيو.
    عرب گورنرن سنڌ ۾ ڪجهه نوان شهر تعمير ڪرايا جنهن مان هڪ جو نالو المحفوظه هو جڏهن ته ٻي جو نالو منصوره هو. منصوره لاءِ تاريخ لکي ٿي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميل جي مفاصلي تي ٺاهيو ويو هو پر اسان وٽ هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو مشهور شهر ويران ٿيندو هو ۽ ان جڳهه تي يا ان جي پاسي ۾ ڪو نئون شهر تعمير ٿيندو هو ته ان کي به پراڻي شهر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. مثال جڏهن ديبل ويران ٿيو ۽ لاڙي بندر ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو يا ٺٽو ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو. بلڪل ائين اسان وٽ ڪجهه اديبن جو چوڻ آهي ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته ان جي جڳهه تي جيڪو نئون شهر ٺاهيو ويو ان کي منصوره جو نالو ڏنو ويو جڏهن ته ڪجهه محقق ان ڳالهه جا آهن ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته ان کان ڪجهه مفاصلي تي هڪ نئون شهر ٺهيو، جنهن کي تاريخ ۾ منصوره جو نالو ڏنل آهي پر اسان وٽ روايت مطابق ان کي به برهمڻ آباد سڏيو ويو. جيڪي محقق موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد ۽ منصوره لکن ٿا اهي اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي متفق ناهن ٿيا ته جيڪي ڏيپر گھانگھري جا آثار آهن اهي برهمڻ آباد جا آهن يا منصوره جا. ڪجهه محقق لکن ٿا ته ڏيپر گھانگھري وٽ برهمڻ آباد هو ۽ دلور جي ڀڙي وٽ منصوره جڏهن ته ڪجهه محقق ان جي ابتڙ ڳالهه لکن ٿا ته دلور جي ڀڙي وٽ برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر گھانگھري وٽ منصوره. اهو ان ڪري جو انهن جن ماڳن کي برهمڻ آباد ۽ منصوره جو نالو ڏنو آهي انهن جو ان تاريخ سان ڪو واسطو ئي ناهي.
    ( سنڌ عرب دور، ص 327) تي لکي ٿو ته “مسٽر بيلاسس، دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي، ڪننگهام، دلور جي ڀڙي کي منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”.
    سنڌ عرب دور (ص 323) “منصوره جي بيهڪ بابت پڻ مختلف قياس آرايون ڪيون ويون آهن. پر عالمن جو وڏو حصو انهيءَ راءِ جو آهي ته اهو شهر يا ته برهمڻ آباد واري ماڳ تي ٺهيل هو يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي بلڪل ويجهو.”
    البلاذري جو حوالو ڏيئي سنڌ عرب دور (ص 323) لکي ٿو ته “البلاذري انهن ۾ پهريون ليکڪ آهي جنهن جو چوڻ آهي ته منصوره جو شهر انهيءَ ڍنڍ يا ڍوري جي اولهندي ڪناري تي ٺهيل هو جنهن جي اڀرندي ڪپ تي محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي ٻڌايو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهو شهر (منصوره) برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي فاصلي تي ٺهرايو ويو هو.سندس اهو به چوڻ آهي ته سندس لکڻ وقت برهمڻ آباد جو شهر ان وقت کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو هو”.
    “حمزه اصفهاني جي لکت جو حوالو ڏيندي ياقوت الحموي ٻڌائي ٿو ته منصوره درحقيقت برهمڻ آباد جو ٻيو نالو هو. درياءَ (مهراڻ) جي هڪ شاخ ان کي ڦيرو ڏيئي ان کي ٻيٽ مثل بنائي ڇڏيو هو”. (سنڌ عرب دور : ص 323)
    “ابو اسحاق اصطخري جو چوڻ ته منصوره جو سنڌي نالو برهمڻ آباد آهي. اهو شهر هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي ۽ ان جي چوڌاري مهراڻ ندي جو وهڪرو آهي. منصوره سندس لکت موجب درياءَ جي مکيه شاخ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هو (يعني اوڀرندي واري شاخ تي)” (سنڌ عرب دور 323)
    “الاصطخري جي سفرنامي ۾ ڏنل مقالي موجب منصوره جو شهر نديءَ جي اولهندي ڪپ تي ٻڌل هو، جو دراصل درياءَ جو مک وهڪرو هو”. (سنڌ عرب دور 329)
    محترم مولائي شيدائي، جنت السنڌ (ص 119) تي لکي ٿو ته “عمر بن محمد قاسم گهڻيون سوڀون ڪيون. سندس سوڀن جي يادگار لاءِ سنڌو نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو “منصوره” تعمير ڪرايو ويو، جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جو تختگاه ٿي رهيو”.
    ابوالفضل آئين اڪبري ۾ لکي ٿو ته برهمڻ آباد جي قلعي کي 1400 برج هئا پر سنڌ عرب دور لکي ٿو ته اهو بيان وڌاءُ تي مبني آهي. تاريخ ان ڳالهه جي به گواه آهي ته منصوره جي شهر کي اوج وٺائڻ ۾ برهمڻ آباد جو وڏو هٿ هو ڇو ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته اتان سرون کڻي نئون شهر منصوره ٻڌو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اموي گھراڻي جي پنجين گورنر جنيد بن عبدالرحمان جي دور ۾ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو بعد ۾ ڇهون گورنر تميم بن زيد العتبي آيو جيڪو ديبل وٽ بيماري سبب گذاري ويو ته ستون گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي آيو جنهن سان عمرو بن محمد بن قاسم صلاحڪار ٿي آيو. بعد ۾ جڏهن حڪم بن عوانه الڪلبي کي مقامي سنڌين قتل ڪري ڇڏيو ته ان جي صلاحڪار عمرو بن محمد بن قاسم کي اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. نائون گورنر يزيد بن عرار هو جيڪو سنڌ ۾ ايندي ئي منصور بن جمهور الڪلبي جو شڪار ٿيو. منصور جو يزيد ٻئي جي پٽ وليد ٻئي جي خون ۾ هٿ هو ۽ اهو عرب مان باغي ٿي سنڌ ۾ اچي لڪو ۽ پنهنجي هوڏ تي پاڻ کي حاڪم مڃرائي ويٺو هو. نائين گورنر يزيد بن عرار کي سنڌ ۾ صرف دشمني سان منهن ڏيڻو پيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته نائين گورنر يزيد بن عرار کي دردناڪ موت ڏنو ويو جيڪو منصور بن جمهور الڪلبي جي هٿان ٿيو. نوَ گورنر مرڪزي حڪومت موڪليا هئا،جڏهن ته منصور بن جمهور پاڻ کي پنهنجي طاقت تي حاڪم اعليٰ مڃائي ويٺو هو ڇو ته مرڪز ۾ اموين جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ اهي پاڻ کي بچائڻ جي چڪر ۾ هئا انهن جو سنڌ طرف ڪو ڌيان نه هو. (سنڌ عرب دور)
    هتي گورنرن جو ذڪر ان ڪري لکيو ويو ته اڄ ڏينهن تائين تاريخ متفق ناهي ٿي ته منصوره جو شهر ڪنهن ٺاهرايو؟. ڪافي محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته منصور لفظ نصر مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي فتح ڪيل. اموي گھراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ ۾ گورنر جو صلاحڪار ٿي آيو ان ڪجهه فتوحات ڪيون جنهن جي ڪري ستين گورنر جي دور ۾ عمرو بن محمد بن قاسم منصوره جو شهر ٺاهرايو. ان جي لاءِ تاريخ ۾ لکجي ٿو ته اهو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي تعمير ڪرايو. جڏهن ته ڪجهه اديب عمرو بن محمد بن قاسم جو نالو لکن ٿا. ڪجهه وري منصور بن جمهور الڪلبي جو نالو لکن ٿا. جڏهن ته ڪجهه محقق لکن ٿا عباسي دور حڪومت جي مرڪزي خليفي ابو جعفر منصور هي شهر سنڌ ۾ ٺاهرايو.
    جيتري منهنجي تحقيق آهي ته اهو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران محمد بن قاسم جي پٽ عمرو تعمير ڪرايو هو. ڇو ته حڪم بن عوانه ان وقت گورنر هو ان ڪري ان جو به نالو لکيو وڃي ٿو. اموي گهراڻي جي نائين گورنر يزيد بن عرار کي منصوره جي قلعي ۾ قتل ڪيو ويو. ان ڪري منصور بن جمهور الڪلبي يا عباسي خليفي ابو جعفر منصور جو منصوره جي شهر جي تعمير سان ڪوبه تعلق نه آهي.
    هتي سوال اهو ناهي ته اهو شهر ڪنهن تعمير ڪرايو؟ هتي سوال اهو آهي ته منصوره جو شهر موجوده سنڌ جي ڪهڙي جڳهه تي ٺهيل هو.؟ منصوره جو شهر موجوده ٺٽي ضلعي ۾ ان جڳهه تي ٺهيل هو جتي موجوده وقت ۾ پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار گرناري جون درگاهون آهن.
    ڪجهه ماڻهو پريشان ٿي سگھن ٿا ته پيرپٺي کي منصوره ڪهڙي بنياد تي لکيو ويو آهي.؟ سڀ کان وڏو ثبوت ته توهان ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو ڏسو ۽ مون هن ڪتاب جي شروع ۾ ان وقت جي درياءَ جي بيهڪ لکي آهي اها پڙهو. سنڌ عرب دور (ص 323) “ابن حوقل سنڌ جو نقشو پڻ ڏنو آهي. جو هڪ نهايت ئي اهم دستاويز آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن شهرن جي صحيح بيهڪ معلوم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو ڪمائتو آهي. سنڌ جي انهيءَ نقشي ۾ ابن حوقل منصوره کي درياءَ جي ٻن شاخن جي وڄ ۾ ٻيٽ تي ٻڌل ڏيکاريو آهي. اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته درياءَ جون ٻه شاخون ڪلري شهر وٽ جدا ٿي منصوره جي ڀر مان وهندي، منصوره جي ڏکڻ ۾ وري هڪ ٻئي سان مليو وڃن”. پيرپٺي کي اسان جي ڪجهه اديبن، محققن پراڻي دور وارو ديبل به لکيو آهي. انهن ماڻهن لازمي اتي اهڙا آثار ڏٺا جن جي بنياد تي ان کي ديبل لکيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته منصوره جي شهر لاءِ سرون برهمڻ آباد مان کنيو ويون هيون. برهمڻ آباد مون موجوده ڪلان ڪوٽ کي لکيو آهي ۽ ڪلان ڪوٽ جي ويجهو اگر ڪنهن مظبوط شهر جا آثار ملن ٿا اهو پير پٺي وارو ماڳ ئي آهي.
    فتحنامه سنڌ (ص 495) اشارا ۽ واڌارا ۾ سنڌ جي برک ڏاهي ۽ محقق جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب منصوره جي بيهڪ بابت انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ڪتاب جو حوالو ڏيئي ڪجهه هن ريت لکيو آهي “ميجر جنرل هيگ جنهن 1877ع واري پيمائش وقت مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ ڪئي. هن نهر جلوالي جي مجرا ۽ پيٽ جو عرب جاگرافي نويسن جي بيانن ۽ پنهنجي معائني جي بنياد موجب هي شاخ سڪرنڊ کان 10 ميل اوڀر طرف ڪلري وٽان مکيه درياءَ مان نڪري هيٺ منصوره جي اوڀر پاسي کان وهي (ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره کان ڏهه ميل ڏکڻ – اولهه طرف اچي (مکيه درياءَ) لوهاڻي ۾ گڏبي هئي. ان جي جملي ڊيگهه يقيني طور 50 ميل کن هوندي. اها شاخ عرب جاگرافي نويسن (نقشي ۾) مهراڻ درياءَ جي پيٽ واري سڌي لائين جي ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي. ڪلري کان هيٺ هن ڍوري جي ٻن وهڪرن جا نشان ملن ٿا. هڪ ٽه گھاٽي ٻيو هيٺ ڏکڻ طرف سمير وارو ڍورو.”
    ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن عربن جاگرافي نويسن، مهراڻ درياءَ جو نقشو ڏنو آهي ته پوءِ ان کي ڍورا ڪهڙي بنياد تي لکيو ويو آهي.؟ دراصل اهي ڍورا نه پر درياءَ جون ٻه شاخون هيون. ڪلري کي اسان جي اديبن موجوده نوابشاهه وٽ لکيو آهي پر مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ واضع لکيو آهي ته ڪلري يا ته ڪينجهر جو پراڻو نالو آهي يا ڪينجهر جي آسپاس ڪلري نالي سان ڪو شهر هو ڇو ته ڪينجهر کي گھڻي مشهوري نوري واري قصي کان پوءِ ملي آهي ان کان اڳ ڪينجهر نالي جو ذڪر ڪٿي به نٿو ملي.
    درياءَ جي هڪ شاخ موجوده ساڪري وٽان وهندي هئي جنهن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي جڏهن ته درياءَ جي ٻي شاخ موجوده پيرپٺي (منصوره) جي اوڀر کان ٿيندي وري اتان ور ڪري فتحنامه جي موجب ڏهه ميل جڏهن ته سنڌ عرب دور مطابق ٻارنهن ميلن کانپوءِ وڃي الهندي واري درياءَ سان ملندي هئي.
    جيڪڏهن موجوده وقت ۾ پيرپٺي (منصوره) جي ڏکڻ کان جتي هن وقت ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي آهي اتان ساڪري جو فاصلو ماپيو ته تقريباً ساڳيو ٿيندو.
    فتحنامه (497) تي منصوره جي حوالي سان بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته “درياءَ مهراڻ قديم ماڳ جلوالي نهر (جنهن کي بلوچ صاحب ڄراڙي لکي وڃي سانگهڙ جي پاسي لکيو آهي) وٽان وهي قديم شهر منصوره وٽ غالباً دوشاخو ٿيندو هو. مکيه شاخ شهر منصوره جي اوڀر طرفان ۽ ننڍي شاخ اولهه طرفان وهي شهر کان هيٺ ڪٿي وڃي گڏبيون هيون ۽ منصوره جي شهر کي ڄڻ هڪ ٻيٽ بنائي ڇڏينديون هيون”.
    توهان اڄ به پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريو. ان وقت ۾ سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ موجوده ٺٽي جي اڀرندي طرف کان ٿيندي پيرپٺي جي به اوڀر طرف کان ٿيندي اڳيان گھوڙاٻاري واري روڊ تان ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي وٽان وري اولهه طرف ويندي هئي. ٻي درياءَ جي هڪ ننڍي شاخ موجوده پيرپٺي جي اتر طرف کان جتي هن وقت غلام قادر شيخ جو بنگلو آهي اتان ٿي اڳيان هلي وڏي درياءَ سان ملي ويندي هئي. جنهن سبب منصوره جي شهر کي ٻيٽ تي ٻڌل ٻڌايو ويو آهي. سنڌ عرب دور ( ص 451) “ٻانيه جو شهر جنهن کي سنڌ جي عرب حاڪمن جي رهائشگاهه ٻڌايو ويو آهي. منصوره جي ڀر ۾ ٻڌل هو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته منصوره جي ڳتيل ۽ بي ترتيب شهر ۾ آدمشماري جي وڌڻ ۽ فوجي ڇانوڻي سبب، شهر جي گوڙ گهمسان واري ماحول کان بچڻ خاطر انهيءَ نئين شهر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي”. اڄ به اگر اسان پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريون ته لڳندو واقع منصوره جو شهر بي ترتيب ٺهيل هو. ڇو ته جتي پيرپٺي ۽ سخي ڏاتار جا مقبرا آهن اهو پهاڙي ٽڪري آهي جڏهن ته وچ ۾ کڏ. جڏهن ته وري گھوڙاٻاري روڊ تي جتي منارو ۽ مسجد ٺهيل آهن هو پٽ مٿي آهي ته ان کان ٿورو اڳتي وري لمهند آهي. ان سبب منصوره جي حاڪمن پاڻ جي لاءِ هڪ هڪ نئون شهر تعمير ڪرايو جنهن جو تاريخ ۾ نالو “ٻانيه” لکيل آهي. ٻانيه اهڙو شهر آهي جنهن تي ڪا خاص تحقيق ناهي ٿي منصوره موجوده پيرپٺي واري ماڳ تي هو ته ٻانيه جو شهر پيرپٺي کان ڏکڻ اوڀر طرف ڳولڻ گھرجي. ڇو ته ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جي نقشي ۾ ٻانيه جو شهر منصوره کان ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيکاريل آهي. پيرپٺي تي ٻن محرابن واري هڪ مسجد ٺهيل آهي ۽ هڪ وڏو منارو ٺهيل آهي جنهن کي مقامي ماڻهو محمد بن قاسم مسجد ۽ مناري لاءِ چوندا آهن ته اهو محمد بن قاسم ٺاهرايو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 339) تي پيرپٺو مسجد بابت لکي ٿو ته “ٺٽي ضلعي ۾ پيرپٺي جي مزار جي سامهون مٿاهين تي اڏيل هيءَ مسجد “محمد بن قاسم جي مسجد” جي نالي سان سڏجي ٿي، پر ان تي اهڙي ڪابه لکت ڪتبو وغيره ڪونه آهي”. سنڌ عرب دور (ص 336) “عرب سياحن ۾ جيڪو سياح سڀ کان پوءِ آيو اهو بشاري مقدسي هو. سنڌ ۾ سندس اچڻ جو سال 375هه جي لڳ ڀڳ سمجهڻ گهرجي. سندس بيان هو ريت آهي. منصوره سنڌ جو مکيه شهر آهي ۽ ان جي گادي جو هنڌ آهي. ان جون جايون گچ ۽ سرن جون ٺهيل آهن پر ان جي جامع مسجد پٿر ۽ چن سان جڙيل آهي ۽ ان جي اڏاوت جو نمونو به عمان (مسقط) جي مسجد جهڙو آهي. جامع مسجد شهر جي وچ ۾ آهي جتي سڀئي رستا اچيو گڏجن”. جنت السنڌ (ص 148) “شهر (منصوره) جون جايون ڪاٺ جون جڙيل هيون، فقط جامع مسجد پٿر جي جڙيل هئي، جا عمان جي جامع مسجد جي نموني تي هئي.
    مون مٿي واضع لکيو آهي ته منصوره جو شهر محمد بن قاسم جي پٽ عمرو ٺاهرايو هو. ٿي سگھي ٿو ته اها مسجد ۽ منارو ان ٺاهرايا هجن ۽ انهن کي پنهنجي پيءُ جي نالي سان منسوب ڪيو هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اڄ به اگر ڌيان سان ڏسجي ته موجوده پيرپٺي تي موجود ٻن محرابن واري مسجد شهر جي وچ ۾ اچي ٿي. پيرپٺو موجوده ڪلان ڪوٽ کي ويجهو آهي. ان ڪري آساني سان چئي سگھجي ٿو ته پيرپٺو پراڻي دور جو منصوره جو شهر آهي جڏهن ڪلان ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو شهر آهي.
    جيڪڏهن آرڪيالاجي کاتي وارا انهن ٻنهي ماڳن پيرپٺو توڙي ڪلان ڪوٽ جي صحيح نموني کوٽائي ڪن جيتري موهن جي دڙي ۽ ڀنڀور جي ٿي آهي ته ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگھن ٿا.
    سنڌ عرب دور واضع لکي ٿو ته منصوره ۽ برهمڻ آباد جي ماڳن جو صحيح پتو اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگھيو آهي پر ڪجهه محققن انهن ٻنهي شهرن کي موجوده سانگھڙ ۾ ضلع ۾ ڪجهه ماڳن کي انهن سان تشبيهه ڏني آهي. مون پهرين به هڪ جڳهه تي لکيو ته تشبيهه ڏيڻ ۽ حقيقت ۾ فرق هوندو آهي. هتي اها ڳالهه به ضروري آهي ته اسان جا محقق لکندا آهن ته موجوده سانگهڙ واري ماڳن تان اسان کي منصور بن جمهور جا سڪا به مليا آهن ان ڪري انهن جو زور آهي ته منصوره جو شهر سانگهڙ ۾ ئي هو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته تاريخ لکي ٿي ته سمنڊ کان وٺي ملتان تائين انهن جي حڪومت هئي ته انهن جا سڪا به سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙا هلندا هوندا اها ٻي ڳالهه آهي ته اتان سڪا مليا ۽ ٻين ماڳن تان سڪا نه مليا. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو ته سڪن جي آڌار تي تاريخ لکڻ سان به اسان جي تاريخ ۾ وڏو مونجهارو پيدا ٿيو آهي.
    ڪجھ سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ 16-10-27 تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان افتتاح ڪرايو ويو هو ۽ افتتاحي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن. عربن جي وقت ۾ پوءِ مغلن جي دور تائين هتان درياهه لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻلاٽو يا لائٽ هائوس به سڏين ٿا.” ان مناري بابت محترم ابوبڪر شيخ لکي ٿو ته “آئون ان کي روشني جو مينار چوندو آهيان. اهو بلڪل ائين ئي آهي جيئن هڪ بندرگاهه تي هئڻ کپي. جيئن پري کان ايندڙ ٻيڙين ۽ بحري جهازن کي روشني نظر اچي سگهي”. ساڳي مناري بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 339) تي لکي ٿو ته “پيرپٺي واري ٽڪريءَ تي هڪ پڪسرو منارو ٺهيل آهي، جيڪو هڪ سئو فوٽ کن اوچو آهي، جنهن جي اندرئين پاسي جي ڇت دونهاٽيل آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي منارو “لائيٽ هائوس” طور ڪم ايندو هو. منارو سالم بيٺو آهي، اندازو آهي ته هي ڪلهوڙا دور کان اڳ جو ٺهيل آهي”.
    سنڌ عرب دور (ص 346) “منصوره سنڌ جو بندرگاهه پڻ هو، جتي واپاري ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا”.
    ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 8) “(پيرپٺي) جي هيٺيان تري ۾ عرب آبادڪاري جا نشان موجود آهن”.
    پيرپٺي واري ماڳ کي تاريخ ۾ “پيرآر” جو نالو به ڏنل آهي. جنهن لاءِ هڪڙو سبب هن ريت ملي ٿو. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 86) تي لکي ٿو ته “پير آر جو روضو، پيرپٺي جي درگاهه جي ڀر ۾ اتر طرف آهي”. ساڳيو ڪتاب (ص 391) تي وڌيڪ لکي ٿو ته “سيد حسين عرف وجيهه الدين کي چار پٽ هئا. شاهه حسن، شاهه ڪهور، شاهه آري جو “پير آر” جي نالي سان ڏاتار جي روضي جي اتر ۾ مدفون آهي، لال ڇتو شاھ”. پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” (ص 76) تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “انهيءَ بزرگ (شاهه وجيهه الدين) کي چار پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو شاهه آري هو. سندس اهو فرزند شاهه جميل (جميل شاهه ڏاتار گرناري) جي اتر طرف کان جيڪا هيٺاهين زمين آهي اتي پوريل (دفن ٿيل) آهي، پير پٺي جي شهر کي “پير آر” به چوندا آهن. اهو نالو هن بزرگ جي نسبت سبب ٿيو”. جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 338) تي پير پٺي کي ئي پير آري ڪري لکيو ويو آهي، لکي ٿو ته “شيخ پير پٺو (پير آري) ڪُنيت ابوالخير، لقب شاهه عالم ۽ ذات جو اپلاڻ هو”. تاريخ طاهري (ص 306) تي پيرپٺي کي ئي پير آر ڪري لکيو آهي. تحفةالڪرام (ص 620) تي لکي ٿو ته “جميل شاهه (ڏاتار) پير پٺي جي استدعا تي مٿين ٽڪري (پيرپٺي واري ماڳ) تي آيو ۽ اتي دفن ٿيو. جميل شاهه ڏاتار جا چار خليفا هئا. جن مان هڪ شاهه وجيهه الدين هو ۽ پير آر يا شاهه آري، ڏاتار جي خليفي شاهه وجيهه الدين جو ٽيون نمبر پٽ هو”.مقامي ماڻهو به اهو چوندا آهن ته پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار هڪڙي دور جا آهن. جن گڏجي سامري جادوگر سان مقابلو ڪيو. تاريخ گواه آهي ته پيرپٺو، سومرن جي دور جو آهي. ان مان مراد ته شاهه وجيهه الدين پنهنجي مرشد جميل شاهه ڏاتار جي دوست پيرپٺي جي تخلص (پير آر) مان متاثر ٿي پنهنجي پٽ جو نالو “پير آر يا شاهه آري رکيو هجي”.
    ٻيو سبب هي به آهي ته شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ ڪافي بيتن ۾ “آر” لفظ ڪتب آندو آهي. جنهن جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري “سير-تک-وهڪرو” لکي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات (جلد اول) (ص 47) “آر” لفظ جون مختلف معنائون ڪڍيون آهن. جهڙوڪ “وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇڪ (جا سمنڊ ۾ واءُ ۽ درياءَ ۾ اونهي کڏ سبب ٿئي، جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاءِ تي پيو ڦرندو آهي)، درياءَ يا سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندڙ وهڪرو، پاڻي جي تيز وهڪري جو گهمرو. درياءَ جو لاڙو يا وهڪرو، درياءَ جي تک، دل جو لاڙو، ڇڪ، انگل، ناز، نخرو وغيره”.
    ٽيون سبب هي به آهي ته سنڌي ۾ هڪڙو پهاڪو ڏيندا آهن ته “جيڏانهن دل ۽ درياءَ آر ڪن”.هن پهاڪي ۾ آيل لفظ “آر” جي معنيٰ ڇڪ يا پيار آهي. بلوچ صاحب به آر جي هڪڙي معنيٰ “دل جو لاڙو يا ڇڪ” ڪڍي آهي. شاهه صاحب سُر سهڻي ۾ فرمائي ٿو ته “جيڏانهن چِتَ چاهُ گهڻو، آرُ به اوڏانهين”. تاريخ گواه آهي ته جڏهن سنڌو درياءَ کي بند ڪونه هئا ته اهو جهڙي پاسي وڃڻ چاهيندو هو اتان پنهنجو گس ٺاهي ڇڏيندو هو. دل به جنهن تي اچي.
    چوٿون سبب، باب پهرين ۽ باب چوٿين ۾ مون پيرپٺي تي ٺهيل مناري تي لڳل بورڊ بابت لکيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن”.
    ان مان مراد ته ان ماڳ جو نالو عربن جي دور ۾ “آر” يعني درياءَ جي ڇڪ وارو علائقو يا ماڳ هو. جيئن سائين مارو خشڪ “ور” شهر لاءِ ٻڌايو آهي ته اتان ڪڏهن درياءَ ور ڪندو هو جنهن ڪري ان ماڳ جو نالو ور هو جيڪو هاڻي شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. آر جو شهر جيڪو عربن جي دور ۾ به هو. بعد ۾ عربن جڏهن اتي شهر ٺاهيو ته ان جو نالو منصوره رکيو هو. بعد ۾ جڏهن سومرن جي دور ۾ پيرپٺو ان ماڳ تي آيو يا دفن ٿيو ته شايد مقامي ماڻهن ان ماڳ کي “پير آر يعني آر وارو پير” سڏيو. وري جڏهن “شاهه آري” ان ماڳ تي دفن ٿيو ته اسان لکي ڇڏيو ته شاهه آري جي ڪري ان ماڳ کي پير آر چوندا آهن.
    مٿين لکيل سڀني ڳالهين پڙهڻ کان پوءِ اهو نتيجو نڪري ٿو ته جيئن مڪلي جي نالي جي حوالي سان مختلف حوالا ملن ٿا (مائي مڪلي، هذا مڪةلي ۽ منڪلي)، بلڪل ائين هن ماڳ پير آر (پيرپٺي) لاءِ به مختلف حوالا ملن ٿا. پير حسام الدين راشدي (مڪلي نامون ص 733) تي لکي ٿو ته “مڪليءَ جي نالي متعلق تحقيق لاءِ مواد موجود آهي ۽ راهون کليل آهن. ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي”. بلڪل ائين هن ماڳ لاءِ به ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي، تنهن کان پوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. 


    باب پنجون: ساوندي يا ٿرڙي (گجو)

    تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ محمد بن قاسم اڳتي منزل کنئي ته ساوندي جي آس پاس جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان عربن جو استقبال ڪيو. ساوندي جنهن کي تحفةالڪرام ٿرڙي جو نالو ڏنو آهي ان لاءِ تاريخي ڪتابن ۾ ڪجهه هن ريت مواد ملي ٿو.
    تحفةالڪرام (ص 46) “ٿرڙي جي آسپاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو. (هيٺ حاشيه ۾ مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص 217-218 ۾ هيءُ نالو ساوندي ڄاڻايل آهي)
    تاريخ معصومي (ص 62) “ ٿريءَ جي آسپاس جي ۾ رهندڙ سما ماڻهو گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”.
    فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور ۾ لفظ ساوندي ڄاڻايل آهي مطلب ته هنن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته ساوندي سمه جي آسپاس جي ماڻهن عرب فوج جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو. فتحنامه سنڌ جي ٻي حصي “اشارا ۽ واڌارا، ص 510” تي بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساوندي سمه مطلب سمن جو شهر ساوندي”.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 188) “محمد بن قاسم جڏهن لاڙ ۾، سمن جي حدن ۾ داخل ٿيو تڏهن اهي ماڻهو پنهنجي قديم پَر پٽاندر، نچندا، ٽپندا، ڳائيندا ۽ وڄائيندا هن جي آجيان لاءِ آيا. انهيءَ مان ظاهر آهي ته ناچ جو فن، لاڙ ۾ ، اسلام جي اچڻ کان اڳ به جاري هو”.
    محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 365) تي لکي ٿو ته “جيئن ته ٿرڙ ٽڪريءَ تي انساني سرگرميءَ جا نشان پٿر جي پڇاڙڪي ۽ آمري دور کان، ٻُڌڪي زماني، اوائلي مسلم دور، ڪلهوڙن جي دور ۽ هاڻوڪي زماني تائين هر وقت جا ملن ٿا، تنهن ڪري تجويز ڪري سگهجي ٿو ته ٿرڙ ٽڪري گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن هزار سال اڳ سمنڊ جي گهيري مان آزاد ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ درياهه نئون جاگرافيائي ماحول ٺاهڻ ۾ جنبي ويو هو، جنهن ڪري ٿرڙو ٽڪريءَ تي هوريان هوريان انساني سرگرمي به شروع ٿي وئي”.
    راجا چچ جي زال جو نالو فتحنامه ۾ “سونهن ديوي” لکيل آهي. جيڪا پهرين راءِ سهاسي جي زال هئي. مولائي شيدائي، جنت السنڌ (ص 73) تي راءِ سهاسي جي راڻي جو نالو شوڀا ديوي (سُهندي) لکيو آهي”. جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺون (س 2، ص 253) تي راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي جو نالو “سُهندي برهمڻ” ڪري لکيو آهي. انڪري چئي سگهجي ٿو ته ساوندي، راڻي سونهن ديوي يا سُهندي برهمڻ جي نالي جي بگڙيل صورت هجي. يونين ڪائونسل گجو ۾ هڪڙي ديهه جو نالو به “سونهري” آهي (ٿي سگهي ٿو ته پهرين اصل لفظ سُهندي مان ڦري سُهنري ٿيو هجي، جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي سونهري ٿيو. جيئن ميدالبحر مان لفظ ڦري ميربحر ٿيو آهي. (جنهن جو ثبوت هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي).
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 78) لکي ٿو ته سنڌ ۾ موهن جي دڙي کان قديم ماڳ اگر سنڌ ۾ آهي ته اهو ٿرڙي آهي. ساڳي ڳالهه محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 363) تي هن ريت لکي آهي ته “ٿرڙو: موهن جي دڙي کان به پراڻي لکت وارو ماڳ”. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي قديمي ماڳ کي اسان وٽ ڪابه اهميت ناهي ڏني وئي.
    محترم رُڪ سنڌي پنهنجي ڪتاب “سنڌ سڀيتا جي اوسر (اوائل کان 1500 ق-م)” (ص 49) تي لکي ٿو ته “انهن ٽن ( لاکين جو دڙو، مهر ڳڙهه ۽ ڪلي گل محمد) پراڻن ماڳن کان سواءِ باقي شهر ۽ ڳوٺ سنڌو سڀيتا جي ٻن مشهور دورن سان واسطو رکن ٿا. جنهن ۾ اوائلي دور “ڳوٺاڻي ثقافت” جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو 3500 ق – م کان 2300 ق- م جو آهي ۽ ٻيو سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور “شهري تمدن” جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو 2500 ق – م کان 1500 ق – م جو آهي.”
    ساڳي ڪتاب ۾ (ص 71) تي ٿرڙي گجو بابت لکي ٿو ته “ٿرڙي گجو، “ڳوٺاڻي ثقافت” جو دور جو هڪ ڳوٺ آهي. جيڪو ٺٽي شهر کان ڏهاڪو کن ميل اولهه طرف آهي. آثار قديمه جي ماهر ايڇ ٽي ڪزنس کي هتان نئين پٿر واري دور جي آباديءَ جا دلچسپ آثار مليا آهن. هيءُ ڳوٺ ان ٻه واٽي تي آهي، جيڪو ستڪاجن در، بالاڪوٽ، عالماڻو کان ٿيندو، ٿرڙي گجو وٽان لنگهي، نهٽي ۽ ڪڇ جي ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو. هيءُ ٻه واٽو به مکيه واپاري رستو هو. جنهن رستي اولهه سنڌو ماٿر جي ملڪن سان ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جو خشڪيءَ رستي واپار هلندو هو.
    هيءُ ڳوٺ به ڪوٽڏجي، ڪوهٽراس بٺي ۽ ڳاڙهي ڀڙي وانگر هڪ ڪوٽ جي اندر آهي. هن قلعي جون ڀتيون ٻٽيون هئڻ ڪري ڪافي ٿلهيون آهن. قلعي جون ڪمانون بهتر قسم جون ٺهيل آهن ۽ قلعي جي چوڙائي 250 فوٽ آهي”.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 37) “گجو، هاليجي ڍنڍ جي ڪناري تي پراڻو ڳوٺ آهي. هتان ٻه ميل پري اولهه طرف “ٿرڙي” جا کنڊر آهن. جتي شيخ ترابي بزرگ جي درگاهه آهي. هتي ٿرڙي جي ٽڪري تي پٿر جي دور جا آثار به لڀن ٿا”.
    هن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ان قديم ماڳ جو اصل نالو ٿرڙي يا ٿرڙو آهي پر راجا چچ جي زماني ۾ ان ماڳ کي راڻي سوهندي يا راڻي سونهن ديوي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هجي جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي ساوندي ٿي ويو. پر اها ڳالهه واضع ٿيئي ٿي ته ٿرڙي ۽ ساوندي هڪڙي ئي ماڳ جا ٻه نالا آهن. اهي تاريخي ماڳ موجوده ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور ساڪري جي يوسي گجو ۾ گجي شهر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اڄ به يادگار آهي.
    اسان جا تاريخدان لکن ٿا ته برهمڻ آباد موجوده سانگھڙ ۾ آهي. جيڪڏهن اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ته پوءِ محمد بن قاسم سانگھڙ مان واپس ٺٽي ڇو آيو جو ٿرڙي (جنهن کي ڪجهه ڪتاب ساوندي به لکن ٿا) جي آسپاس جي ماڻهن محمد بن قاسم جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو.
    ٿرڙي لفظ کي به ڪافي منجهايو ويو آهي. ٿرڙي جي نالي توڙي ان جي ماڳ کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو آهي. مثال ٿرڙي کي ٿري يا ٺري لکڻ. تحفةالڪرام (ص 97) تي لکي ٿو ته “سومرن ماڻهن ٿرڙي جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، “سومرو” نالي هڪ ماڻهو کي حڪومت جي گادي تي ويهاريو.”
    ٿرڙي جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ گجي کان ٻه ميل اولهه پاسي آهي اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته سومرا صرف بدين تائين محدود هئا. انڪري اهي ٿرڙي کي ٿري سمجهي صرف موجوده بدين ۾ ڳوليندا آهن. محترم عثمان راهوڪڙي پنهنجي ڪتاب، سُڪو سنڌو ڪنارا رنا (ص 58) تي لکي ٿو ته “سنڌ ۾ پهرين سومري حاڪم “سومرا” پنهنجو تخت گاهه ٿري ۾ قائم ڪيو هو.” مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سومرن جي پهرين تخت گاهه جو اصل نالو ڪهڙو آهي؟ ڇو ته ٿرڙي يا ٿري ته مون مٿي لکيو آهي پر مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص 83) تي لکي ٿو ته “سومرن جي گادي ٺري لڳ هئي جيڪا موجوده ماتلي ۾ آهي ۽ ٺري کانپوءِ انهن محمد طور کي گادي بنايو.” لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص 84) “سومرا ٿرڙي ۾ گڏ ٿيا ۽ سومري نالي شخص کي پنهنجو سردار چونڊيائون”.
    ٿرڙي بابت ٻيو ذڪر اسان کي عباسين جي دور حڪومت ۾ ملي ٿو. تحفة الڪرام (ص 69) لکي ٿو ته “انهي وقت ۾ ساڪوره (ساڪري) جي سرزمين ۾ ٿرڙي جو مظبوط قلعو، بڪار جو شهر ۽ انهي سرزمين يعني الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون هڪ وڏي تبع تابع شيخ ابو تراب جي هٿان فتح ٿيون هيون.”
    ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون (ص 121) تي شيخ ابوتراب بابت ڏنل حوالي ۾ لکي ٿو ته “بکر ۽ کرڙي جا قلعا شيخ ابو تراب فتح ڪيا هئا.” ساڳيو ڪتاب (ص 454) تي بکر جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “بکر: سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ننڍڙو ٻيٽ، جتي عباسي خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابوتراب 787ع ۾ اروڙ جي ويراني کانپوءِ شهر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو فرشته رکيائين”.
    تاريخ سکر (ص 12) “فرشته (بکر) جو قلعو عباسي خليفن مان هارون الرشيد بغداد جي تخت تي ويٺو هو، سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شيخ ابو تراب جو تبع تابعين مان هو، متوفي فرشته جو قلعو تعمير ڪرايو”.
    قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو (ص 20) “بکر جو قلعو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو. جنهن اهو شهر ورتو، انهيءَ جي قبر گجي ۾ آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي”.
    ڪتاب ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو (ص 91) تي لکي ٿو ته “شيخ ابو تراب سڀ کان پهريائين بکر جو قلعو فتح ڪيو ۽ پوءِ ٿرڙي جو قلعو فتح ڪيو.”
    سنڌ جا قديم آثار (ص 54) لکي ٿو ته “هارون رشيد جي زماني ۾ شيخ ابوتراب ساڪري جي شهر ٺرا ۽ بکر جي علاقي، جيڪو اتر سنڌ ۾ آهي، تي قبضو ڪيو.”
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 199) تي لکي ٿو ته شيخ ابو تراب ٿرڙي جو قلعو هٿ ڪيو. صاحب موصوف خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي بڪار جو نالو ناهي لکيو. ساڳيو ڪتاب (ص 78) تي لکي ٿو ته “گجو ۽ ٽرڙو وچ وارو مفاصلو ٻه ميل ٿيندو”.
    ٺٽو صدين کان (ص 83) “شيخ ابو تراب ٿرڙي ڪوٽ قبضي ۾ ڪيو هو. جيڪو ساڪري جي علائقي ۾ هڪ مظبوط قلعو هو. بڪار جو شهر غالباً گجو لڳ شيخ ابوتراب جي هٿان فتح ٿيا”.
    جنت السنڌ (ص 129) “خليفي هارون الرشيد جي والين مان هڪڙو شيخ ابو تراب هو، جو اُلهندي سنڌ جي ساقوره (ساڪره) قلعي تي قابض هو. سندس مقبرو ٺٽي کان اٺن ميلن تي اڄ به وڏي زيارتگاه آهي، جنهن تي سنه وفات 171هه لکيل آهي”.
    مٿين لکيل ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ ڪافي ڳالهين سمجهه کان ٻاهر ٿيو وڃن. پهرين ڳالهه ته شيخ ابو تراب آخر ڪهڙا قلعا فتح ڪيا؟ تحفةالڪرام جي مطابق بڪار ۽ ٿرڙي. تحفةالڪرام کي پير حسام الدين راشدي سنڌ جو انسائيڪلوپيڊيا لکيو آهي. خبر ناهي ڇو اسان جا محقق هڪڙي ڳالهه تي متفق ناهن. گھٽ ۾ گھٽ نالن کي ته صحيح لکن ها. ٿرڙي کي کرڙي يا ٽرڙو يا ٺرا لکڻ تاريخ سان مذاق آهي
    ٻي ڳالهه ته شيخ ابوتراب ٿرڙي جي قلعي سان گڏ ٻيو جيڪو شهر فتح ڪيو ان جو صحيح نالو بڪار آهي يا بکر؟ جيڪڏهن ان ڳالهه تي متفق ٿيون ته شيخ ابوتراب ٿرڙي ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا تڏهن به ڳالهه سمجهه کان ٻاهر نڪريو وڃي ته ٿرڙي سنڌ جي هن ڪنڊ ۾ جڏهن ته بکر جو قلعو سنڌ جي ٻي ڪنڊ ۾؟؟؟؟؟ وڏي ڳالهه ته فتح ڪرڻ ۽ آباد ڪرڻ ۾ ڪافي فرق هوندو آهي اسان اڃان ان ڳالهه کي به سلجهائي ناهيون سگهيا، جنهن تي فقط افسوس ڪري سگهجي ٿو.
    فتحنامه سنڌ (ص 376) تي بکر جي حوالي سان بلوچ صاحب لکيو آهي “پر ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته ڪو اهو شهر شيخ ابوتراب فتح ڪيو هو”.
    ٿرڙي جو قلعو ته هن وقت به تعلقي ميرپور ساڪري ۾ آهي ته بڪار جو شهر يا علائقو به ساڪري ۾ هئڻ گهرجي ڇو ته تحفةالڪرام (ص 69) تي لکي ٿو ته “بڪار ۽ ٿرڙي، ساڪري جي سرزمين کي لاڳيتو واقع هئا”. جڏهن ته ساڳيو ڪتاب (ص 464) تي لکي ٿو ته “ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي لاڳيتو واقع هئا، انهن جي ويران ٿيڻ کانپوءِ اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا.”
    مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو ته اسان وٽ وڏي واڪي ماتم ڪيو ويندو آهي ته نادرشاهه اسان کان اسان جي تاريخ کسي يا ارغونن يا ترخانن اسان جي ڪتب خانن کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيو يا چوندا آهن ته هر بادشاهه پنهنجي ثناخواني ۾ تاريخ لکائي آهي. پر جيڪا تاريخ جي ٻيڙي اسان پاڻ ٻوڙي آهي ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟
    اها ڳالهه ذهن نشين ڪئي وڃي ته اموي گھراڻي سنڌ تي فقط 40 سال حڪومت ڪئي ان کان پوءِ سنڌ تي عباسين جي حڪومت قائم ٿي. هتي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته شيخ ابو تراب اهي شهر ڪنهن کان فتح ڪيا؟ هتي ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. پهرين ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو ته اموي عرب ۽ عباسي عرب هڪ ٻئي جا دشمن هئا. عباسي خليفو ابو سفاح جڏهن تخت تي ويٺو ته ان پنهنجي پهرين فوج سنڌ موڪلي، اموين کان سنڌ کسي ورتي. ٻي ڳالهه ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسينه وقت به وقت عربن سان ٽڪراءُ ڪندو رهيو هو ۽ هن برهمڻ آباد تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سنڌ جا ٻيا به ڪافي علائقا پنهنجي قبضي ۾ آندا. ٿرڙي، برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کي ويجهو آهي.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 129) “تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي بزرگ (شيخ ترابي) خليفي هارون الرشيد عباسي جي زماني ۾ سنڌ ۾ شهيد ٿيو هو”.
    هتي وري به هڪ ڌيان طلب ڳالهه ته جيڪڏهن ٿرڙي موجوده گجي وٽ آهي ته پوءِ بڪار جو شهر ڪٿي هو جنهن کي شيخ ابو تراب فتح ڪيو؟ تحفة الڪرام جو مٿي بيان واضع ٻڌائي ٿو ته بڪار ۽ ٿرڙي، ساڪري جي سرزمين کي لاڳيتو واقع هئا. جڏهن ته ٻي هڪ جڳهه تي هن ريت لکي ٿو ته “ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي لاڳيتو واقع هئا، انهن جي ويران ٿيڻ کانپوءِ اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا.” هتي ڳالهه صاف آهي ته اهي علائقا موجوده ميرپور ساڪري کي ويجهو هئا يا گهٽ ۾ گهٽ ٺٽي کي ويجهو هئا جو اتي جا رهواسي لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. بڪار کي بکر لکي سکر ۾ ڳولڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي.
    محمد بن قاسم برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) فتح ڪرڻ کان پوءِ موجوده گجي جي طرف ويو جتي ٿرڙي ۽ ان جي آسپاس جي ماڻهن عربن جو دهلن شرنائين سان استقبال ڪيو ۽ ٿرڙي کان واندو ٿي عرب فوجون اروڙ طرف ويون جيڪو هن وقت سکر ضلع ۾ آهي. هن مان اهو به ثابت آهي ته راؤڙ جي قلعي کان وٺي ٿرڙي (ساوندي) تائين محمد بن قاسم موجوده ٺٽي ۾ ئي هو.
    ڊاڪٽر بلوچ فتحنامه (ص 511) تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ساوندي متعلق لکي ٿو ته محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ اتر طرف اروڙ ڏانهن وڃي رهيو هو انڪري نوابشاهه ۾ جيڪو “ساوڙي” جو علائقو آهي اهو قديم زماني وارو ساوندي آهي. ڇو ته بلوچ صاحب موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد لکيو آهي.
    بڪار جو ماڳ تحقيق طلب آهي. البته هاڻي اميد ٿي ڪجي ته تاريخ ۾ اهو واضع لکيو ويندو ته ٿرڙي سان گڏ بڪار جو شهر به موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص 388) تي ٿرڙي جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٿرون ٽڪر، تعلقي ميرپور ساڪري ۾، گجي شهر جي ڏکڻ اولهه طرف هڪ ماڳ، جنهن کي مقامي ماڻهو ٿرڙو به چوندا آهن. هي ٽڪري لڳ ڀڳ ٻه هزار فوٽ ڊيگهه ۽ هڪ هزار فوٽ ويڪر ۾ ٿيندي. هن ٽڪريءَ جي اولهه طرف معروف درويش شيخ تراب جو مقبرو آهي”. ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ساڪري ۾ ٿرڙيءَ جي مضبوط قلعي کان سواءِ بڪار جو شهر ۽ الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون به آهن”.


    باب ڇهون: اگهم ڪوٽ يا پير درس داد

    سونهاري سنڌ جي تاريخ بابت لکيل تاريخي ڪتابن ۾ اسان کي اهڙن ڪيئي ماڳ مڪان، شهرن، ڳوٺن توڙي علائقن جا نالا ملن ٿا، جن بابت يا ته ڪا تحقيق ٿي ئي ناهي يا اگر ٿي آهي ته اها به اڻپوري يا تاريخ مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪڙي علائقي جي تاريخ ٻئي علائقي کي ڏيئي ڳالهه کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙن ئي لاوارث ماڳ مڪانن مان هڪ اهم “اگھم ڪوٽ” به آهي.
    سڀ کان اول اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته سنڌ جي تاريخ تي لکيل سمورا قديم ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل هئا بعد ۾ انهن جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا ويا. صرف ترجما ئي نه اسان جي سمجهاڻي خاطر انهن ۾ واڌارو به ڪيو ويو آهي.
    اگھم ڪوٽ ڪٿي هو؟ اگر ان سوال جو جواب تاريخي ڪتابن مان ڳولجي ته ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار واري ڪار لڳي پيئي آهي. تاريخي ڪتابن ۾ جتي جتي به لفظ اگھم ڪوٽ آيو آهي، اسان ان کي ماتلي وارو اگھاماڻو چئي ڳالهه ختم ڪندا آهيون. ڀلي اگھاماڻو موجوده ضلع بدين جي ماتلي ۾ هجي پر اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته اگھاماڻو الڳ ۽ اگھم ڪوٽ الڳ آهي.
    جڳ مشهور ڪتاب تحفة الڪرام، جنهن جي تصنيف مير علي شير قانع ٺٽوي جي لکيل آهي ۽ ان ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا پڻ چيو ويندو آهي. ( ص 622) تي شيخ ابو تراب جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺٽي کان اٽڪل چئن ڪوهن تي سندس مزار مشهور معروف آهي”. جڏهن ته ساڳي ڪتاب ۾ (ص 268) تي لکيل آهي ته “اگھم ڪوٽ جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي”. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ تاريخي مونجهارن ۾ به هڪ جڳهه تي لکيو ته ڪوهه ۽ فرسنگ جي باري ۾ صحيح تعين نه ڪرڻ سبب به اسان جي تاريخ ۾ وڏا مونجهارا پيدا ٿيا آهن. مٿين ڳالهه کي پڙهڻ کان پوءِ هر ڪو اهو اندازو لڳائي سگھي ٿو ته شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان پري آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اگھم ڪوٽ ٺٽي کي ويجهو آهي. شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان 4 ڪوهن تي آهي ۽ هينئر اگر اسان ڪلوميٽر جي حساب سان مفاصلو ماپيو ته شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلوميٽر پري اولهه طرف آهي. اگھم ڪوٽ ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ 14 کان 15 ڪلوميٽر پري هجڻ گھرجي. جڏهن ته ماتلي، ٺٽي کان گھٽ ۾ گھٽ 100 ڪلوميٽر پري آهي. هاڻي ماتلي واري اگھاماڻي کي اگھم ڪوٽ چوڻ مطلب تاريخ سان هٿ چراند ۽ کل جوڳي ڳالهه آهي.
    • اول اچون ٿا ته اگهم ڪوٽ بابت اسان جا تاريخي ڪتاب ڇا ٿا چون.
     “اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس. هن جي سرزمين خدا وارن جو سرچشمو آهي.” (تحفةالڪرام ص 407)
     “راءِ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد ، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم اگهم جي گادي جو هنڌ”. (فتحنامه سنڌ، ص 398)
     “راجا اگهم، راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهيرس جي دور ۾ لوهاڻي پرڳڻي جو حاڪم هو، تنهن ڪري اهو ماڳ اگهم لوهاڻي جي نالي پويان سڏجي ٿو”. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص 236)
     “عربن جي وقت هي شهر (اگهم ڪوٽ) پنهنجي اوج تي هو، محمد بن قاسم به هن شهر کي فتح ڪيو، هن شهر جي تباهيءَ جا ڪارڻ معلوم ناهن.” (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص 236)
     “اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي” (سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو ص 65)
    مٿين ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه ته صاف ٿي وئي آهي ته اگهم ڪوٽ جو شهر راءِ گهراڻي جي دور ۾ حاڪم اگهم لوهاڻي جو ٺاهرايل آهي يا ان جي نالي سان منسوب آهي. عربن جي اچڻ وقت به ان جو حوالو ملي ٿو جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا )جلد پهريون ( موجب عربن ان شهر کي به فتح ڪيو هو. پر هڪڙي ڳالهه منجهيل آهي ته ڇا اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن يا اهي ٻئي الڳ الڳ ماڳن جا نالا آهن. ڇو ته مٿين تحفةالڪرام پاران ڏنل مفاصلن مان ته اهو ثابت ٿي ويو ته اهي ٻئي شهر الڳ الڳ آهن. مون پنهنجي پهرين ڪتاب (راؤڙ / رياتڙو) ۾ تاريخي مونجهارن ۾ اهو واضع لکيو آهي ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ساڳي نالن سان ڳوٺن، شهرن، ماڳ مڪانن جي هجڻ سان به اسان جي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن. هتي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اگهم ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلع جي حدن ۾ هو جڏهن ته اگهاماڻو ضلع بدين جي ماتلي واري پاسي. اسان جي اديبن ان ڳالهه کي سلجهائڻ جي بغير اهو لکي ڇڏيو ته اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙو شهر آهي.
    تحفةالڪرام ۾ ڪتاب جي ٻي حصي ۾ بزرگن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ جن بزرگن جا نالا ملن ٿا اهي هي آهن. مخدوم اسماعيل سومرو، مخدوم صدهيو موهيو، مخدوم عثمان، درويش دائود ۽ ميان همون، شيخ نورالدين، درويش سليمان، شيخ اسحاق بن سلطان بن بهلول القادري، درويش عمر بودلو، خليفو محمد شريف، حمزو پرهار، سيد يونس ۽ سيد فقير جا نالا ملن ٿا.
    هاڻي جيڪڏهن اسان ٺٽي کان تقريباً 14 يا 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اگهم ڪوٽ ڳوليون ته موجوده ٺٽي کان ڏکڻ پاسي غلام الله جو شهر ئي آهي جيڪو ٺٽي کان ايتري مفاصلي تي آهي.
    غلام الله شهر کان ميل کن جي پنڌ تي اتر اوڀر پاسي مشهور معروف درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو درويش درس داد جي نالي سان سڃاڻين ٿا. جنهن بابت تحفةالڪرام ۾ (ص 618) تي لکيل آهي ته “درويش دائود عرف داد درس: هڪ وڏي ڪرامت وارو نامي گرامي بزرگ آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن پنهنجن مريدن سان، انهيءَ ڍنڍ ۾ جيڪا ڪلان ڪوٽ جي مٿان سندس نالي سان مشهور آهي ۽ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، ڌائي ٻچي راند ۾ مشغول هو. جئن رسم آهي هڪڙي ٻئي کي ٿي ورتو ۽ اهو کاڌل وري ٻين جي پويان ٿي ڊوڙيو ۽ ٻيا وٺي ٿي ڀڳا ۽ آڳ واري انهن جي پويان ڊوڙي جنهن کي وٺي ٿي سگهيو تنهن کي ٿي ورتو. اتفاقاً آڳ درويش تي اچي ويئي ۽ سڀئي وٺي ڀڳا. درويش جنهن کي ٿي ورتو تنهن کي پاڻيءَ ۾ غوطو ڏياري حقيقت جي بحر جو واقف بنائي ٿي ڇڏيو. اهڙن ڪيترن نصيب وارن کي هن پاڻيءَ ۾ واصل بالله ڪري ڇڏيائين. هو سيد مراد شيرازي جو همعصر ٻڌجي ٿو. برسات جي موسم ۾ مٿس خاص ميلو لڳندو آهي”.
    مقامي ماڻهو به ان درويش کي درويش درس داد جي نالي سان ياد ڪن ٿا. مقامي ماڻهو توڙي درگاه جا خليفه ٻڌائين ٿا ته سائين جو اصل نالو دائود هو جيڪو ذات جو سومرو هو. ان ماڳ تي جتي هن وقت درويش دفن ٿيل آهي اتي مدرسو پڙهائيندو هو جنهن سبب درويش کي درس داد يعني “درس ڏيڻ وارو” نالو پئجي ويو.
    جيئن ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 304) تي محترم گل حسن ڪلمتي درساڻي ڇني بابت لکي ٿو ته “ان کانسواءِ منگهو پير، گڏاپ، گسري بندر، ريڙهي، لانڍي، ابراهيم حيدري، ملير، پير ڳوٺ ۽ درساڻو ڇنو ۾ ننڍا ننڍا مدرسا قائم هئا جتي ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو. اهم مرڪز درساڻو ڇنو هو ڇاڪاڻ ته هن جو نالو به انهيءِ ڪري پيو جو هتي ڪکاون ڇنن ۾ ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو جنهن جي ڪري انهن کي “درسن جو ڇنو” چيو ويو جيڪو بعد ۾ درساڻو ڇنو ٿي پيو”. بلڪل ائين درويش دائود سومرو جيڪو قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو جنهن سبب درويش کي “درس داد” (سبق ڏيندڙ) جو لقب مليو.
    محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي تاريخ (ص 163)” تي لکي ٿو ته “درس وريو بزرگ ذات جو سومرو هو. سندس درگاهه گجو شهر جي اتر اولهه طرف هاليجي ڍنڍ جي ڀرسان آهي. هي بزرگ درس اسحاق ۽ درس داد جو ڀاءُ آهي. پاڻ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو، تنهن ڪري درس سڏجڻ لڳو”. جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 94) تي لکي ٿو ته “مقامي ڪهاوت اها آهي ته درس وريو، درس داد، درس گريو ۽ درس ابراهيم پاڻ ۾ ڀائر هئا”.
    محترم اياز ڀاڳت پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا (ص 732) تي درس ذات جي حوالي سان لکي ٿو ته “درس معنيٰ سبق- چون ٿا ته غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي غوثي طريقي جو وڏي مان وارو لقب آهي، جيڪي نيڪ ۽ صالح ٿيا تن کي درس ڪوٺيو ويو”.
    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي به ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا (ص 336) تي درس بابت لکيو آهي ته “درس عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ، وعظ ڪرڻ، ديدار وغيره”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 87) تي درس ذات بابت لکي ٿو ته “درس بنيادي طور تي سماٽ قبيلي سان تعلق رکن ٿا. درس لفظ مدرس مان ورتل آهي، يعني اهي ماڻهو جيڪي مدرسن ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪندا هجن، مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ يا واعظ وغيره ڪرڻ وارا”.
    (نوٽ: مٿي ڏنل درس ذات متعلق ٽنهي عبارتن جو مقصد صرف اهو آهي ته جڏهن ملا دائود سومرو عرف درس داد، جڏهن سومرو آهي ته پوءِ ان کي درس ڪهڙي بنياد تي سڏيو يا لکيو وڃي ٿو).
    اگهم ڪوٽ ۾ مدفن بزرگن جي حوالي سان تحفةالڪرام (ص 408) تي درويش دائود ۽ ميان همون جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “هر هڪ (درويش دائود ۽ ميان همون) اسماعيل سومري جو همعصر هو. هر هڪ جي مدرسي ۾ اٽڪل 500 ماڻهو قرآن (شريف) جي قرآت ۾ مشغول رهندا هئا. جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا”
    تاريخ طاهري (ص 54) “سومرن جي پوين مان ڪي اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيا، جيڪي سچا مسلمان، درويش ۽ ولي هئا، انهن مان درويش دائود، ميان همون ۽ ميان اسماعيل سومرو. جيڪو سماواتي پرڳڻي جي اگهم ڪوٽ جو رهواسي ۽ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مدرسي ۾ پنج سئو حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا هئا”.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 358) “اگهم ڪوٽ وارو مدرسو، لاڙ ۾ گهڻو برک مدرسو هوندو هو. جتي پنج سو کن شاگرد قرآن شريف جي تعليم وٺندا هئا. انهن جي کاڌي خوراڪ، رهائش ۽ لباس جو خرچ سومرا سردار ڀريندا هئا”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 499 تي لکي ٿو ته “اگهم ڪوٽ کي اگهاماڻو به سڏيندا هئا. سومرن جي دور ۾ هتي وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سو کن شاگرد قرآن شريف ۽ ٻين ديني علمن جو درس وٺندا هئا. شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار سومرو درويش ميان دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا”.
    ڊاڪٽر عبدالواحد سومري سان جڏهن ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته ڊاڪٽر صاحب به ٻڌايو ته، درس داد اصل ۾ ذات جو سومرو آهي، درس ان ڪري سڏيو ويو آهي جو اهي درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا. جيئن سنڌ ۾ ٻيو به ڪيتريون ذاتيون آهن جيڪي خاص ڪنهن ڪرت سبب وجود ۾ آيون آهن.
    مٿين ڏنل عبارتون مقامي ماڻهن جي ان ڳالهه کي وزنائتي بنائين ٿيون ته درويش درس داد، قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو جنهن سبب درويش کي “درس داد” جو لقب مليل آهي.
    وڌيڪ ٻڌايائون ته درويش درس داد کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو به لقب مليل آهي. جنهن لاءِ درگاهه جي خليفي احمد درس ٻڌايو ته جڏهن مرشد غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني سنڌ جي مريدن کان ڪاوڙجي ويو هو ته ان کي پرچائڻ لاءِ سائين درس داد، ملتان وڃي سائين جن کي پرچائي آيو هو جنهن سبب سائين کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو لقب مليل آهي.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 349 “سومرن جي دور ۾ اسان کي شاهه حسين اپلاڻي – پيرپٺي (وفات 1248ع/646ھ) جا ڪجهه بيت ملن ٿا، جيڪو غوث بهاءُالحق زڪريا ملتاني جو مريد ۽ همعصر هو”.
    محترم ابوبڪر شيخ، پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ لکي ٿو ته “تحفةالڪرام جي روايت آهي ته شيخ صاحب (پيرپٺو) ان غار ۾ رهندو هو (جتي هاڻي مقبرو ٺهيل آهي). هڪ دفعو بهاءُالدين ذڪريا ملتاني پنهنجي دوستن سان گڏ هتان گذريو هو. ان سان لعل شهباز قلندر به گڏ هو. اهي جڏهن هتان گذريا ته انهن کي خبر پيئي ته هن جبل ۾ قيمتي لعل لڪيو ويٺو آهي. ان تلاش ۾ اهي غار ۾ ويا ۽ پيرپٺي کي گمنامي جي گوشي مان ڪڍي پنهنجي مريدي ۾ آندو.”
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص339) تي لکي ٿو ته “پيرپٺو، پنهنجي دور جو وڏو اهل الله درويش ٿي گذريو آهي. هن وقت جتي سندس مقبرو ٺهيل آهي، اتي هڪ غار ۾ الله جي عبادت ۾ مشعول رهندو هو، هو خلوت پسند هو ۽ آباديءَ جو رخ گهٽ ڪندو هو، روات موجب هڪ ڏينهن شيخ بهاءُالدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز سير سفر دوران ان پهاڙ وٽ اچي ڪجهه دير آرام ڪيو، جتي پيرپٺي، شيخ بهاءُالدين کان ذڪر جي تلقين ورتي ۽ قلندر لعل شهباز جو به عقيدتمند بڻيو”.
    منهنجي ڏاڏي هڪ ڏند ڪٿا ٻڌائيندي هئي ته پيرپٺو ۽ پير درس داد ٻئي پاڻ ۾ دوست هئا. ڪنهن ڳالهه تي منجهن رنجش پيدا ٿي پيئي ۽ هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنائون. پيرپٺي، پير درس داد کي چيو ته تنهنجي قبر مٿان ڪڏهن ڇاپرو نه ٺهندو، جڏهن ته پير درس داد، پيرپٺي کي چيو ته تنهنجي قبر تي ڪڏهن لنگر (خير خيرات) نه ٿيندو.
    اها اهڪ ڏند ڪٿا آهي جيڪا منهنجي ڏاڏي اڪثر ٻڌائيندي هئي، اڄ به انهن ڳالهين جو مشاعدو ڪريون ته ڳالهه صاف نظر اچي ٿي. پير درس داد جو تمام سهڻو مقبرو ٺهيل آهي پر مٿان ڇت ٺهيل ناهي. پير درس داد جو مقبرو بلڪل ائين ٺهيل آهي جيئن سمي حاڪم ڄام نظام الدين جو مقبرو ٺهيل آهي. جڏهن ته پير پٺي جي درگاهه تي عرس جي موقعي تي لنگر ناهي ٿيندو. پيرپٺي جي پاسي ۾ سخي جميل شاهه ڏاتار گرناري جي درگاهه آهي اتي عرس جي موقعي تي شاندار لنگر ٿيندو آهي جيڪو ٽي ڏينهن تائين هلندو آهي.
    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 388) تي لکي ٿو ته “پير پٺو، لعل شهباز قلندر ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ساڳي دور جا آهن”.
    مٿين ڏند ڪٿا توڙي هن لکت مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهي چارئي بزرگ پير پٺو، لعل شهباز، غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ درس داد هڪڙي ئي دور جا آهن.
    ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 21) تي محترم گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته “ڏند ڪٿائن جو هجڻ به هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته هتي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو هوندو جو اهي ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن”.
    مڪلي نامه (ص 694) “ڪلان ڪوٽ سان لڳ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن کي دائود داد درس جي ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. پاڻ درويش ڍنڍ جي ڀڪ تي مدفون آهن”. وڌيڪ لکي ٿو ته “درويش داد درس جي درگاهه جي ڀڪ ۾ درويش سيد حليم مدفون آهي”. ساڳيو ڪتاب (ص 32) “ملا دائود داد درس: طغرل آباد کان ٻه ٽي ڪوهه پري پهاڙي جي ساڳي شاخ تي ملا دائود درس جي درگاهه آهي”.
    هن مان ٻه ڳالهيون صاف ظاهر آهن هڪ ته درس داد جو اصل نالو دائود آهي جڏهن ته ٻي ڳالهه ته درس داد جي پاسي ۾ سيد حليم مدفون آهي. جنهن کي اڄڪلهه مقامي ماڻهو “لال حليم” جي نالي سان سڃاڻين ٿا.
    درگاهه درس داد واري مقام ۾ درس داد کان علاوه سيد حليم، پير حيدر، ٺٽي جو جيد عالم مولوي محمد هاشم کٽي، منهنجو (راقم جو) تڙ ڏاڏو درويش مٺو فقير کان علاوه هزارين ماڻهو ابدي آرامي آهن. هن مقام جو جڏهن مون (بابا سائين ۽ درگاهه جي خليفي سائين عيسيٰ درس سان گڏجي) مشاهدو ڪيو ته درس داد واري مقبري جي لڳ اڀرندي پاسي ٻه پراڻي دور جي پٿر جون قبرون مليون، جن تان ڪافي وقت گذرڻ سبب نشان مٽجي چڪا آهن. جڏهن ته انهي مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ ڄار جي وڻ ۾ پٿر جي قبر ملي جنهن تي ڍال ۽ تلوار جا نشان اڪريل هئا. جڏهن ته ساڳي مقام ۾ درگاهه پير حيدر جي ڏاکڻي پاسي ٻه پٿر جون قبرون آهن، جن کي مقامي ماڻهو “مس مُيون” چوندا آهن، انهن ۾ هڪڙي عورت جي ۽ هڪ مرد جي قبر آهي. حيرت جي ڳالهه ته ٻنهي قبرن تي قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن پر اهي به ابتيون. جيڪي مون صرف اتي ۽ انهن قبرن تي ڏٺيون آهن. قبرن جي پيراندي سنه 1288 لکيل آهي. هاڻي 1288، هجري آهي يا عيسوي؟؟ اهو ظاهر ناهي.
    مڪلي غلام الله روڊ تي درگاهه درس داد کان ميل کن جي پنڌ تي روڊ جي بلڪل لڳ هڪڙي درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “بولي شاهه يا بولا شاھ” چون ٿا پر جيترو منهنجو نظريو آهي ته اهو ساڳيو درويش آهي جنهن کي تحفةالڪرام (ص 409) تي درويش عمر بودلو ڪري لکيو آهي.
    “درويش عمر بودلو: هڪڙو مجذوب مطلق ۽ خدا سان واصل هو. پهريائين ماڻهن کان ٽهندو ۽ جهنگ ۽ جبل ۾ وقت گذاريندو وتندو هو. پوين ڏينهن ۾ اچي اگهم جي ڳوٺ ۾ رهيو، پنهنجي خواه پنهنجي سامان جي ڪابه خبر ڪانه هوندي هيس. جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم سان سندس خدمت ۾ پهچندو هو ته مرادون حاصل ڪري موٽندو هو. درويش ونهيون، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي، ساڻس مريدن جهڙيون صحبتون ڪندو هو، اتي ئي دفن ٿيل آهي”. ٿي سگهي ٿو ته بودلو لفظ بعد ۾ ڦري بولو ۽ بولي ٿي ويو آهي. باقي ٿي سگهي ٿو ته درويش عمر بودلو سيدزادو هجي.
    ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ليکڪن اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي ۾ مدفن درويشن کي هڪڙي هنڌ تي ڪري لکيو آهي جنهن سبب تاريخ ۾ مونجهارو آهي ڪجهه بزرگ اگهم ڪوٽ جا آرامي آهن ۽ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته اگهاماڻي جا هجن. هتي اها به وضاحت لازمي ته تحفةالڪرام جتي به لکيو آهي اگهم ڪوٽ ڪري لکيو آهي، اگهاماڻو ناهي لکيو.
    سائين درس داد جي درگاهه جي لڳ ڏهاڪو سال پهرين زمين کيڙي وئي ته اتان ڪافي مقدار ۾ سڪا، جنڊيون ۽ ٻيو ڪافي ٺڪراٽو به مليو هو پر افسوس اسان جي ماڻهن ان طرف ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. غلام الله سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافي محترم پيرل پياسي ملاح مون کي ٻڌايو ته جڏهن اهي آثار ظاهر ٿيا هئا ته اسان ان جي باري ۾ رپورٽون به هلايون هيون پر سال ياد ناهي. ٿي سگھي ٿو ته جتان سڪا مليا اهي اگھم ڪوٽ جا هجن. فتحنامه سنڌ (ص 222) “ سليمان بن نيهان قريشي کي حڪم ڪيائين ته توکي پنهنجو لشڪر وٺي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لڙائي لاءِ وڃڻ گهرجي ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي، پيءُ جي مدد تي نه اچي. سليمان ڇهه سو ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو. وري عطيه تغلبي پنج سو ماڻهن سان اگهم جي رستي تي مقرر ڪيائين.” هتي اها ڳالهه به ثابت آهي ته جڏهن محمد بن قاسم راؤڙ واري قلعي تي حمله آور ٿيڻ وارو هو ته عطيه تغلبي کي پنج سو ماڻهن سان اگهم جي رستي مقرر ڪيائين. ان مطلب ته اگهم ڪوٽ، راؤڙ واري قلعي کي ويجهو هو. راؤڙ وارو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي ۽ غلام الله جو شهر منهنجي ڳوٺ کان ڏھاڪو کن ميلن جي فاصلي تي آهي.
    تحقيق جا دروازه کليل آهن اگر ڪو دوست منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ناهي ته ان کي اجازت آهي ته اهو ڀلي ان ماڳ تي تحقيق ڪري. باقي اگهم ڪوٽ لاءِ جيستائين غلام الله واري پاسي جي جن ماڳن جو مون ذڪر ڪيو آهي انهن جي کوٽائي ۽ تحقيق ٿيڻ کان پوءِ ئي ماڳ جو صحيح تعين ڪري سگھجي ٿو پر اها ڳالهه واضع آهي ته اگھم ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ اچي ٿو. اميد ته هاڻي ماتلي واري ماڳ کي اگھاماڻو لکيو ويندو ۽ اگھم ڪوٽ کي ٺٽي ۾ لکيو ويندو.
    فتحنامه (ص 61) تي راجا چچ پاران برهمڻ آباد تي قبضي کان پوءِ پروهت سان ملاقات جو احوال ڏنل آهي.
    ساڳي ڳالهه “سنڌ جا قديم آثار (ص 28) تي برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ لکي ٿو ته “سو چچ قسم کنيو هو ته، جڏهن به موقعو مليو ته هو ان پروهت (جنهن کي شمني جو نالو به ڏنل آهي) جي کل لاهڻ جو حڪم ڏيندو. چچ کي اهو موقعو ملي ويو. جنهن شمني سان سندس وهار ۾ ملڻ جو بهانو بنايو. جيڪو شهر کان ٿورو پري هو. پر جهڙي ريت هن کيس قتل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هو تهڙي ريت ڪري نه سگهيو”.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد نائون) سنڌ نمبر (ص 312) ۾ به مٿي ساڳي ڳالهه لکيل آهي. “ ٻنهي (چچ ۽ پروهت) ۾ گفتگو ٿي. چچ کي پروهت کي مارائڻ جي همت نه ٿي. کانئس دعائون وٺي کيس برهمڻ آباد ۾ ڪو سرڪاري عهدو قبول ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين پر پروهت (شمني) انڪار ڪيو. البت راجا چچ کي ٻڌنوهار جي مرمت لاءِ چيائين. جنهن جي تعمير جو انجام ڪري چچ برهمڻ آباد موٽي آيو. هت هي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اگهم جو ماڳ لاڙ ۾ هو جو پوءِ سندس نالي جي نسبت سان اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي سڏجڻ ۾ آيو. ان بعد راجا اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد واپس آيو”.
    هتي ڪافي ڳالهيون اسان کي سڌ به ڏين ٿيون ته ڪافي مونجهارا به اڳيان اچن ٿا.
    راءِ گهراڻي جي دور ۾ برهمڻ آباد جو حاڪم اگهم لوهاڻو هو. جنهن راجا چچ جي تابعداري قبول نه ڪئي. جڏهن سال کن کان پوءِ اگهم طبعي موت مئو ته ان جي پٽ راجا چچ جي تابعداري قبول ڪئي ۽ برهمڻ آباد جو قلعو راجا چچ جي حوالي ڪيائين. برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ راجا چچ، پروهت (شمني) کي مارڻ لاءِ ٻڌنوهار ويو، ڇو ته راجا چچ کي پڪ ٿي ته پورو سال جيڪا جنگ اينگهه ڪئي ان جي پٺيان ان پروهت (شمني) جو هٿ هو.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارن جي موجب شمني کي مارڻ جو ارادو ترڪ ڪري راجا چچ اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد آيو. اگر اگهم ڪوٽ موجوده ماتلي ۾ آهي ۽ برهمڻ آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي ته شمني ايترو پري ڇو ويٺو هو ۽ راجا چچ اگهم ڪوٽ مان واپس برهمڻ آباد ڇو آيو؟؟؟؟؟؟
    دراصل نه برهمڻ آباد، موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم ڪوٽ موجوده ماتلي ۾ آهي. برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ڪلان ڪوٽ جو قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ جو قلعو موجوده وقت ۾ ان جڳهه تي هو جتي هن وقت پير درس داد جي درگاه آهي.
    سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 197) تي ڪلان ڪوٽ جي پاسي ۾ مدفن بزرگن جي حوالي سان لکي ٿو ته “دائود درس: ملان دائود درس به هتان (ڪلان ڪوٽ) جو هو. ڪلان ڪوٽ کان ڪجهه ميل پري سندس مزار آهي. سندس درگاهه ۾ هڪ مسجد به آهي، اتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي”.
    ڪيپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 65) تي لکيو آهي ته “اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي”. ڪلان ڪوٽ کي اگهم ڪوٽ ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي اها ڳالهه ٿوري سمجهه کان ٻاهر آهي. پر هن مان هڪڙي ڳالهه ته صاف واضع آهي ته اگهم ڪوٽ ۽ ڪلان ڪوٽ هڪ ٻي جي ڪافي ويجها هئا جنهن سبب ڪئپٽن صاحب ائين لکيو آهي.


    باب ستون: سسئي جو جنم ڀومي (ٻاٻڙا)

    شاهه جي سورمي سسئي جو جنم ڀومي وارو مسئلو اڃان تائين تحقيق طلب آهي. ڪجهه محقق سانگهڙ ۾ ته ڪجهه محقق وري سيوهڻ ۾ لکن ٿا. تحفةالڪرام (ص 62) “نانيه نالي هڪ برهمڻ، منڌر نالي پنهنجي زال سان سکيو ستابو، دلوراءِ جي حڪومت ۾ ڀانڀراه ۾ رهندو هو”. پهرين ڳالهه ته اڃان تائين اهو به صحيح خبر ناهي پئجي سگھي ته ان ماڳ جو درست نالو ڪهڙو هو؟ تاريخي ڪتابن ۾ ان ماڳ جا نالا هن ريت ملن ٿا. مثال: بابن واه، بانبراه، ٻانبڻاه، ڀانڀرا، ٻانڀڻاهه وغيره وغيره.
    منهنجو اندازو آهي ته اهو اصل لفظ ٻاٻڙا ئي آهي. پوءِ جڏهن سنڌ جي تاريخ کي فارسي ٻولي ۾ لکيو ويو ته ٻ ۽ ڙ جي جڳهه متبال اکر استعمال ڪيا ويا. وري جڏهن فارسي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ته اسان انهن لفظن کي سلجهائي نه سگهياسين.
    محترم غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 83)” تي لکي ٿو ته “لاڙ ۾ ڀانڀر واهه ۾، جسوڌڻ آڳري جي حڪومت هئي”. اگر ڀانڀر واهه يا ٻانڀڻاهه هڪڙو ئي نالو آهي ته ان کي لاڙ ۾ ڳولڻ گهرجي.
    بابن واه / ٻانڀڻاهه جي حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون (ص 371) ۽ تاريخ طاهري (ص 290) تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “ روايت آهي ته هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي يعني اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي. دلوراءِ جي گاديءَ جو هنڌ بابن واهه هو. بابن واهه شايد بانبراه جي بدليل صورت هجي جنهن مان مراد ٻانڀڻاهه (برهمڻ آباد) هجي، عوام ۾ ائين مروج هو. بابن واهه جي آثارن مان هڪ منارو اڃان تائين سرزمين تي موجود آهي. اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شهدادپور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل ڏکڻ-اوڀر پاسي باقي آهي. آثار جيڪي اصل ۾ منصوره شهر جا آهن، عوام ۾ بانبراهه (برهمڻ آباد) جا آثار ليکيا وڃن ٿا”.
    ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته محمد طور کي اسان شاهڪپور يعني بٺوري ۽ جاتي واري پاسي لکندا آهيون جڏهن ته اروڙ کي سکر وٽ ته پوءِ ايتري مفاصلي تي اهڙو مثال ڪيئن ۽ ڇو ڏنو ويو؟ اها خبر به نٿي پوي ته ڇا منصوره ۽ برهمڻ آباد هڪڙي ماڳ جا نالا آهن يا اهي ٻه الڳ الڳ ماڳ آهن. تاريخي ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته برهمڻ آباد تمام قديم شهر آهي جڏهن ته منصوره جو بنياد اموي گهراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران عمرو بن محمد بن قاسم رکيو هو ۽ خود بلوچ صاحب لکي ٿو ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي مفاصلي تي هو.
    اصل حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب خود ان نظريي جو هو ته هن پوئين دور ۾ جنهن به سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي انهن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ ڪري لکيو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. بلوچ صاحب اهو به ٻڌائي ٿو ته اروڙ اپر سنڌ ۾ سکر وٽ هو جڏهن ته راؤڙ لاڙ واري حصي ۾ آهي. ٿي سگھي ٿو ته اصل فارسي ايڊيشن ۾ اهو جملو “راؤڙ ۽ محمد طور” لکيل هجي پر اسان جي اديبن ان کي اروڙ ۽ محمد طور لکيو آهي. جيئن دادا سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌين جي فوجي مهارت (ص 37) تي لکيو آهي ته “راؤڙ جي قلعي جي اڳيان ڌٻڻ واري زمين هئي” جڏهن ته ساڳي ڳالهه مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب سنڌ بابت جامع معلومات (ص 158) تي لکيو آهي ته “اروڙ جي قلعي جي ٻاهران چوڌاري دٻڻ هئي”. بلڪل ائين تاريخ ۾ لکيل هوندو ته “ٻانڀراه، راؤڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو” پر بعد ۾ اسان جي اديبن ان ڳالهه کي ڦيرائي لکي ڇڏيو ته “ٻانڀراه، اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو”.
    راؤڙ جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اهو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي پاسي ۾ آهي جتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي. هاڻي سوال اهو ته پوءِ محمد طور ڪٿي هو؟. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ محمد طور جي نالي سان ٻه شهر هئا. هڪ درڪ پرڳڻي ۾ جنهن جو ذڪر اڪثر تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو جڏهن ته ٻيو ساڪري پرڳڻي ۾، جنهن کي تاريخ ۾ محمد طور (ثاني) لکيو ويو آهي.
    ڪتاب تاريخ طاهري (ص 33) ۽ سنڌ جا قديم آثار (ص 303) “سومرن جو پايه تخت محمد طور هو جيڪو درڪ پرڳڻي ۾ شامل هو ۽ هاڻي ويران ٿي ويو آهي. مون اڪيلي نه پر ڪيترن ٻين به اهي کنڊر ڏٺا آهن جيڪي عجيب ۽ غريب آهن. هن شهر جي تباهيءَ کان پوءِ هن شهر جا رهاڪو وڃي ساڪري جي پرڳڻي ۾ ويٺا، جيڪو سمن ڄامن جي وقت ۾ آباد ٿيو هو ۽ اتي به هنن هڪ شهر جو بنياد رکيو، جنهن کي به محمد طور جو نالو ڏنائون.”
    بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساڪري پرڳڻي مان مراد هاڻوڪو تعلقو ميرپور ساڪرو (تاريخ طاهري ص 289)” تعلقو ميرپور ساڪرو ته تمام وڏو آهي پوءِ محمد طور (ثاني) ڪٿي هو؟ ان لاءِ تحفةالڪرام (ص 621)، مڪلي نامون (ص 693) ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 200) تي واضع لکيو آهي ته “شيخ ابو تراب جي مزار کچي جي ڳوٺ، جيڪو ناري ۽ لٽي شهر جي بدران آباد ٿيل آهي ۽ ڪوڙي جي ڳوٺ، جو رسول آباد يا محمد طور ثاني جي بجاءِ وسيو آهي”. لٽي يا لٽ جو ماڳ اڄ به شيخ ابو تراب جي قبر کان اولهه ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ لٽ جي ڪري اتي جي رهواسين کي لٽائي سڏيو وڃي ٿو. مثال لٽائي جوکيه، لٽائي خاصخيلي وغيره. بابا سائين جو پيارو دوست، ضلع ڪائونسل جو ميمبر چاچا علي خان لٽائي سالار جوکيو. علي خان جي جوکيو ذات آهي جڏهن ته سالار جوکين جو هڪ پاڙو آهي جڏهن ته لٽائي، لٽ جي ڪري چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ناري جو ذڪر محترم غلام علي الانا به لکيو آهي.ڪوڙي ديهه جي حيثيت سان اڄ به گجي کان ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. کچي جي ڳوٺ لاءِ محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 86) تي لکي ٿو ته “موجوده گجي ۾ هڪ قديم مسجد جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مقامي ماڻهو ان کي “قديم مسجد” جي نالي سان ياد ڪن ٿا. گجي جي ڀر ۾ کجين جا ڪافي پراڻا جهڳٽا ڏسجن ٿا ۽ زمين دوز قديم ڊٺل جاين جا نشان به معلوم ڪري سگهجن ٿا. عام ماڻهو اهو به انومان ڪڍن ٿا ته ان بستيءَ کي ئي “کجي يا کچي” جو ڳوٺ سڏيندا هئا. جيئن مختلف تاريخن ۾ کجيءَ جي ڳوٺ وٽ شيخ ابوتراب جي مزار ٻڌايو ويو آهي. شيخ ابو تراب جي مزار موجوده گجي کان ٻه ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ آهي”. جڏهن ته گجي سان تعلق رکندڙ ڄاڻو دوست محترم شيراز گل ميمڻ ٻڌايو ته چارلس نيپيئر پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ گجي کي کجين وارو ڳوٺ ڪري لکيو آهي. باقي محمد طور ثاني لاءِ لکي ٿو ته رسول آباد يا محمد طور ثاني مطلب ته محمد طور ثاني ۽ رسول آباد هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن. پهرين ڳالهه ته مٿين ڏنل چارئي ماڳ (لٽ يا لٽي، ناري، ڪوڙي ۽ کچي يا کجي) موجوده گجي جي آسپاس اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي ماڳ شيخ ابو تراب جي درگاه بابت ڏنا ويا آهن ۽ شيخ ابو تراب جي درگاهه موجوده گجي جي ئي پاسي ۾ آهي. ان مان مراد ته محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي موجوده گجي جي آسپاس ۾ ئي هجڻ گهرجي.
    قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص 258) “سومرن جي ڏينهن ۾ اهو شهر (محمد طور) مکيه شهر هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيءَ جو شهر هو”.
    رسول آباد لاءَ “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 117)”، “تحفةالڪرام (ص 575)” ۽ “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 93) تي لکن ٿا ته “درس للو، ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد ڳوٺ جو رهندڙ ۽ اتان جي مشهور خليفي بايزيد جو اولاد مان هو”.
    ڳالهه جو مطلب ته جتي هن وقت گجو جو شهر آهي ان جي آسپاس گجو، هاليجي ۽ گل منڊا تائين محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي ڳولي سگهجي ٿو. يا کڻي ائين چئجي ته موجوده گجي وٽ ڪنهن دور ۾ محمد طور (ثاني) يا رسول آباد جو شهر هو جيڪو سومرن درڪ پرڳڻي وارو محمد طور ڇڏڻ کان پوءِ ساڪري پرڳڻي ۾ اچي آباد ڪيو هو.
    اصل عبارت هن ريت لکيل هوندي ته “ٻانڀراه، محمد طور ثاني ۽ راؤڙ جي وچ تي هو.” هن وقت گجي ۽ منهنجي ڳوٺ جي وچ تي ٻاٻڙا ئي اهڙو ماڳ آهي جيڪو ٻانڀراه سان ملي ٿو. جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 101) تي لکي ٿو ته “عام روايت آهي ته صدرالدين ميرانپور (گهارو کان اوڀر 5 ڪلوميٽر) جي درگاهه جي لڳ هڪ ڍنڍ نما وهڪري جا نشان ڏسجن ٿا. عام ماڻهو ان کي “سسئي جو درياء” سڏين ٿا. سسئي انهي وهڪري مان لڙي گهاري جي اتر کان لنگهي وڃي ڀنڀور پهتي هئي”. درگاهه صدرالدين ميرانپور، ٻاٻڙا ڳوٺ کان 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر طرف، ٻاٻڙا کان سلطان آباد ويندڙ رستي تي آهي.
    لوڪ ادب جي ڪتاب “مشهور سنڌي قصا” (ص 24) تي سنڌ جو برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “ سنڌ ۾ دلوراءِ نالي راجا (محمد طور ۽ ساڪري شهرن جي وچ واري علائقي تي)حڪومت ڪندو هو”. ساڳي صفحي تي آخر ۾ لکي ٿو ته “آخر مذڪور ظلم ۽ بي انصافين کان اهو شهر “ٻانڀڻاھ” زمين هيٺ نگهوسار ٿي ويو”. (نوٽ: هي مواد سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائن لائبريري تان ورتو ويو آهي). تاريخ گواه آهي ته سنڌ ۾ ساڪري جي نالي سان هڪڙو ئي شهر آهي جيڪو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ اچي ٿو.
    مٿين ڳالهين مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاهه جي سورمي سسئي، جنهن کي شاهه صاحب پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي ان جو جنم ڀومي موجوده ٺٽي ضلع، تعلقي ميرپور ساڪري جي موجوده يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) ۾ موجوده ٻاٻڙا ڳوٺ آهي.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ٻاٻڙا مان سسئي جي صندوق ڀنڀور تائين ڪيئن پهتي؟ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص 32) “انهن سسئيءَ کي هڪ صندوق ۾ رکي ڀانڀرواهه ۾ رکي لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق ڀنڀور شهر ۾ اچي ڪناري سان لڳي”.ان لاءِ اسان کي ٻه ڳالهيون ملن ٿيون. هڪ ته وڏي درياءَ جي رستي (مون پنهنجي پهرين توڙي ٻي ڪتاب ۾ واضع لکيو آهي ته ٻاٻڙن وٽان ڪنهن دور ۾ درياءَ وهندو هو جيڪو منهنجي ڳوٺ وٽان ٿي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. (اهو درياءَ جيڪو اڪري عربن راؤڙ تي حملو ڪيو هو) سسئي جي صندوق سمنڊ تائين ويئي ۽ اتان لهرن ۾ لڙندي ڀنڀور تائين وئي هجي. ٻيو ته ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 443) ۾ لکيل آهي ته “چون ٿا ته هڪ واهه نالي نانيا واهه ڀنڀور شهر ڀرسان وهندو هو. جو ڀائنجي ٿو ته تازي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ درياءَ مان کوٽيو ويو هجي.” هن عبارت مان اهو مفهوم ڪڍي سگھجي ٿو ته نانيا ته سسئي جي پيءُ جو نالو هو، ٿي سگھي ٿو ته موجوده ٻاٻڙن وٽان درياءَ مان اهو واهه ڪڍيو ويو هجي ۽ ان واهه جي ذريعي سسئي جي صندوق ڀنڀور تائين ويئي هجي. ٺٽي ضلعي ۾ اڄ به هڪ واه راڻيا واه آهي. ٿي سگهي ٿو ته راڻيا ۽ نانيا هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون هجن.
    اگر اسان سسئي جو جنم ڀومي موجوده سانگهڙ ۾ لکون ته ٻه ڳالهيون تحقيق طلب آهن. هڪ اها ته سانگهڙ کان ڀنڀور تائين درياءَ جي شاخ ڏيکاري وڃي ۽ ٻي ڳالهه اها ته هڪ ڄاول ٻار ( يا ڇهن مهينن جو ٻار) جنهن کي صندوق ۾ وجهي درياءَ جي حوالي ڪيو ويو اها صندوق درياءَ ۾ لڙندي شهدادپور (سانگهڙ) يا سيوهڻ کان ڀنڀور تائين ڪيترا ڏينهن ورتا هوندا؟
    حقي برادرز پاران سنڌ جو جيڪو نقشو ڏنل آهي ان ۾ شهر شهدادپور، حيدرآباد کان 114 ڪلوميٽر پري آهي. حيدرآباد کان ٺٽو 100 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي کان ڌاٻيچي مارڪيٽ 45 ڪلوميٽر ۽ ڌاٻيچي مارڪيٽ کان ڀنڀور 2 ڪلوميٽر پري آهي. جيڪو ڪم وبيش 261 ڪلوميٽر ٿين ٿا. اڄ جي دور ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي به شهدادپور کان ڀنڀور تائين تقريباً 5 کان 6 ڪلاڪ لڳائي سگهي ٿي ته پوءِ درياءَ ۾ لڙندڙ صندوق گهڻا ڪلاڪ يا ڏينهن ورتا هوندا؟ جيڪو غور طلب سوال آهي. جڏهن ته سيوهڻ لاءِ به ساڳي ڳالهه چئي سگهجي ٿي.
    جڏهن ته 1983ع ۾ ڀنڀور تي هڪ سيمينار ٿيو هو. ان ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا انهن کي سهيڙي محترم عبدالقادر منگي صاحب، “ڀنڀور ۽ ديبل” جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو هو.
    ان ڪتاب جي (ص 2) تي سنڌ جو برک ڏاهو ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته “اهو مشهور آهي ته سسئي جنهن کي صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياءَ ۾ وڌو ويو”.
    ساڳي ڪتاب ۾ (ص 169) تي محترم مير حاجي محمد بخش ٽالپر صاحب لکي ٿو ته “وڌيڪ بحث ڪونه ٿا ڪريون ته (سسئي) ڪهڙي ندي مان لڙهي آئي پر سيوهڻ يا برهمڻ آباد ٻنهي هنڌن کان لڙهي اچڻ مفروضه آهن”.
    ساڳي ڪتاب ۾ (ص 190) تي سنڌ جو مشهور مورخ محترم معمور يوسفاڻي صاحب لکي ٿو ته “جيتري قدر سسئي جي صندوق جو درياه ۾ داخل ٿيڻ جو تعلق آهي، تنهن موجب سيوهڻ ۽ برهمڻ آباد مان صندوق ڀنڀور ڏانهن اچڻ وارو واقعو درست ڏسڻ ۾ نٿو اچي”. وڌيڪ لکي ٿو ته “سسئي جي پيتي ڪنهن اهڙي هنڌ تان درياه ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جيڪو ڀنڀور جي قريب هو ۽ پيتي بنا روڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي هئي. ٻيءَ حالت ۾ پيتي لازمي طرح ڪٿي روڪجي پوي ها ۽ ڇوڪري زنده نه رهي ها. آثارن ۽ روايتن مان ائين ٿو ظاهر ٿئي ته اها پيتي پراڻي ٻانڀڻاه عرف ڪاٺ ٻانڀڻ جي شهر وٽان ننڍي وهڪري ۾ لوڙهي وئي هئي. جنهن جي نسبت سان ڳالهه کڻندڙن، سسئي کي ٻانڀڻ جي ڌيءَ بنائي ڇڏيو ۽ شاعرن ان کي ٻانڀڻ ۽ برهمڻ نالي سان ڳايو آهي”.
    ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ڳالهه ظاهر پيئي آهي اصل ۾ اها سڀ ٻانڀڻاه جي لفظ جي ڪرامت آهي. جتان اها پيتي لڙهي ڀنڀور ۾ پهتي ۽ قصي نويسن ۽ ڳالهه ڳائيندڙن، ٻانڀڻاه وٽان وهي ايندڙ ڇوڪري کي کڻي ٻانڀڻ جي ڌيءَ بنايو”.
    انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سسئي ٻانڀڻاه مطلب ٻاٻڙن جي علائقي جي هئي. ڀٽائي سرڪار فرمائي ٿو ته “ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي، ناهيان خان کٽياڻي”.


    باب اٺون: قصو سهڻي ۽ ميهار جو (تلو ۽ ساهڙڪو ڍنڍ)

    ڀٽائي سرڪار جن سورمين کي ڳايو آهي انهن مان نوري ڄام تماچي ۽ سسئي پنهون جو تعلق موجوده ٺٽي ضلع سان جڏهن ته سورٺ راءِ ڏياچ جو تعلق ڪڇ جي رڻ سان، عمر مارئي جو تعلق موجوده ٿر واري علائقي سان آهي. ليلان چنيسر، سهڻي ميهار ۽ مومل راڻي جا ماڳ اڃان تائين تحقيق طلب آهن. مختلف ماڳن سان انهن قصن کي تشبيهه ڏني وئي آهي پر حقيقت اڃان تائين لڪل آهي. سهڻي ميهار جي قصي لاءِ اسان وٽ سنڌ ۾ هن وقت اهو مشهور آهي ته اهو قصو موجوده ضلع سانگهڙ جي شهر شهدادپور سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته شهدادپور ۾ شايد سهڻي ۽ ميهار جون قبرون به ٺهيل آهن. پر سنڌ جو ناليوارو اديب، دانشور، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي ۾ (ص 47) تي لکي ٿو ته “چون ٿا ته سهڻي ۽ ميهار واريون قبرون اهي ساڳيون آهن جي اڄ ڏينهن تائين شهر شهدادپور ۾ موجود آهن”. هتي بلوچ صاحب لفظ “چون ٿا” لکي ڳالهه کي شڪي ۽ منجهائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ساڳي ڪتاب ۾ (ص 15) تي سهڻي ميهار جي آثارن جي حوالي سان لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جو داستان درياءَ جي ڪنڌي يا ٻيلي جو داستان آهي. انهيءَ ڪري سهڻي ۽ ميهار جا آثار به اڪثر ڪري سنڌوندي جي قديم پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آهن”. هتي بلوچ صاحب انهن آثارن جي حوالي سان چار مختلف ماڳن تي سهڻي جي قبر بابت لکي ڳالهه کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي. ڇو ته سهڻي هڪڙي ئي هئي پوءِ چار ماڳن بابت لکڻ عجيب آهي. اهي چار ماڳ هيٺ ڏجن ٿا.
    (الف) “سڀني کان وڌيڪ مشهور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀرپاسي شهدادپور لڳ “ لوهاڻي درياءَ” جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي آهن، جتي سهڻي ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنهي جا ماڳ مقام آهن”.
    (ب) “ ڇٽو پير يا لال ڇٽو، تنهن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڏکڻ ۾ جهول واري آڳاٽي جوءِ ۾ آهي”.
    (ج) “سهڻي جو دڙو، تعلقي بدين ۾ روپاهه ماڙي کان اٺ ميل کن اولهه طرف ۽ بدين کان 25 ميل کن ڏکڻ، ڳٺي درياءَ واري ڍوري جي الهندي ڪنڌيءَ تي آهي”.
    (د) “شيخ ڇٽي ۽ سهڻي جا ٻيا آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهن. شهر گهاري لڳ ڀنڀور واري درياءَ مان هڪ وَر (ڍورو) نڪري ٿو، جيڪو اڳوڻي “خاناھ” درياءَ جو پيٽ آهي. اهو “خاناهه ڍورو” اڳتي گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ “راڄ ملڪ” لڳ ميران يا قدمن واري مقام کان الهندي لنگهي ٿو، جنهن تي (اڳتي اولهه طرف) “ڦٽو ڪوٽ” آهي. اتي هن ”ڍوري” کي “ڪوٽ وارو خاناھ” سڏين. اتي انهيءَ ڍوري تي ،شيخ ڇٽي جو مقام” (گهاري کان اولهه ۽ لوڻ کاڻ کان ڏکڻ) آهي جتي ميڙو لڳي. انهيءَ مقام کان ڏکڻ طرف هن ڍوري کي وروڪڙ آهن جيڪي “سهڻي وارا ور” سڏجن. چون ٿا ته سهڻي انهن ورن مان تري ميهار ڏي ويندي هئي. اتي سهڻي جي قبر پڻ آهي. ساهڙ ذات جو نڱامرو هو ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري ۾ شامل هئي.”
    جتي شڪ هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي انهي قصي سان مشابهت ڏني وڃي ان ڳالهه کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي ۽ انهي تي تحقيق جا دروازه به کليل هوندا آهن.
    اول ڳالهه ته هن قصي کي غور سان پڙهڻ يا ٻڌڻ کان پوءِ ڪافي متضاد سوال ذهن ۾ جنم وٺن ٿا يا اهڙا ڪافي سوال آهن جن جا هر ماڻهو وٽ يا هر ڪتاب ۾ مختلف جواب آهن جيستائين انهن سوالن جا صحيح جواب نٿا ملن تيستائين اها تاريخ نامڪمل آهي ۽ انهن سوالن کي درست قرار ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪجهه سوال منهنجي ذهن ۾ آيا جن جا جواب اڪثر ڪري هر ماڻهو وٽ پنهنجا آهن. هيٺ ڏجن ٿا.
    سوال1: ميهار جو اصل نالو ڪهڙو هو؟ ڇا هو شهزادو هو يا سنڌ ڌرتي جو هڪ عام ماڻهو؟
    سوال2: اهو قصو ڪهڙي دور سان تعلق رکي ٿو؟
    سوال3: سهڻي جي پيءُ (والد) جو نالو ڪهڙو هو؟
    سوال4: ڇا پنجاب وارو قصو ،سوهني مينهوال” ۽ سنڌ وارو قصو “سهڻي ميهار” هڪ آهن يا الڳ الڳ؟
    سوال5: اهو قصو موجوده سنڌ جي ڪهڙي علائقي سان تعلق رکي ٿو؟
    سوال پهرين جي جواب ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو مرزا عزت بيگ هو جيڪو بخارا جي حاڪم مرزا عالي بيگ جو پٽ هو. مرزا عزت بيگ پنجاب واري قصي جو ڪردار آهي جڏهن ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو جنهن جي لاءِ هيٺيان شاعرن جي شاعري مان اسان کي ڏس ملي ٿو.
    “ميرا منهن مچ، سانڀاران ساهڙ جا،
    اکيون آسر لائيو، راڙي راڙي رچ،
    جي هلن ساڻ سچ، تن رازق تون رساڻيين.” (شاهه عنايت)

    “چڙن مون کي چوريو، سُک ٿي سمهان ڪيئن،
    ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن،
    ميهار مرڻ سينءَ، نير پاتم نينهن جو”. ( ڀٽائي گهوٽ)

    “ڏم ڏٻرو هو، ساهڙ سدائين سنرو،
    ٻڏندي ٻانهيارين جو، ساڻي ٿيندو سو،
    “قاسم” غم نه ڪو، اڳهه احمد جن جو”. (خليفو نبي بخش قاسم)

    “ساهڙ کون سڪ جي، ڪا پيتائين پڙي،
    ڇڏي هوش “حمل” چئي، لهرن منجهه لڙهي،
    ڏيئي سر سُرهي ٿي، سا مرندي ڪين مُڙي،
    ڏهي ڏڌ ڦڙي، ڪا ميهر ڏنيس موت جي”. ( حمل فقير)

    “پوڄ پيتائين کير، ميهارئون محبت جو،
    تنهين لاءِ “شريف” چئي، ندي تري نير،
    اکئين ڏٺائين پير، ساهڙ سنگهارن ۾”. (شاهه شريف ڀاڏائي)

    “الف اکر هيڪڙو، پڪو ڪيم پڙهي،
    هي محل ماڙيون بنگلا، ڊاهي ماڳ مڙهي،
    وينديس ساهڙ سامهون، آنڪي سر چڙهي،
    اسين آهيون حر حسيني، اڀيون ڪين اڙي،
    هيڪو دم گهڙي، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي”. ( مل محمود)

    مٿي ڏنل ڇهه شاعر، سهڻي ڌرتي سنڌ جا ناليوارا شاعر آهن ۽ انهن پنهنجي شاعري ۾ ميهار کي ساهڙ چئي ان ڳالهه کي پڪو ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو باقي عزت بيگ پنجاب واري قصي جو ڪردار آهي جنهن جو سنڌ واري قصي سان ڪوبه تعلق ناهي. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون (س1، ص 92) “ساهڙ ، سهڻي جي محبوب جو نالو به هو، جنهن جو اظهار شاهه لطيف جي هيٺين بيت ۾ ٿئي ٿو”.
    “ساهڙ جا سينگار، اڻ ڏٺي اڳي هئا”
    ٻي سوال جو جواب هن ريت ملي ٿو. پهرين ته پنجاب واري قصي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو قصو مغل بادشاهه شاهجهان جي دور سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته بلوچ صاحب سگهڙ شيرخان جي بيت جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته اهو قصو عربن جي آخري دور ۽ سومرن جي اوائلي دور سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سورما (ص 18)” تي لکي ٿو ته “اها حقيقت آهي ته سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئي جا قصا انهي دور (سومرا دور) جا واقعا آهن.” دادا سنڌي پنهنجي ڪتاب “سومرن جي دور جا سورما” (ص 18) تي لکي ٿو ته “عمر مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ دودو چنيسر، هن زماني (سومرن جي دور) جا اهي تمدني ۽ ادبي پهلو آهن، جن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي”. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قصو (سهڻي ميهار) سومرن جي دور کان پوءِ ۽ سمن جي دور ۾ ٿيو هوندو. ڇو ته سومرن جي دور ۾ انهيءَ قصي جو ڪٿي به حوالو نٿو ملي.
    ٽي سوال جو جواب به مختلف ملي ٿو. اڪثر ماڻهن توڙي بابا سائين مونکي ٻڌايو ته سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو هو جيڪو ڪنڀار هو جڏهن ته ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص 195) تي شاعر پير بخش جي حوالو ڏنل آهي ان به سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو ڪنڀار لکيو آهي. مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص 377) تي سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو لکيو آهي.
    چوٿين سوال جي جواب لاءِ خود بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص 9) تي لکي ٿو ته “ سهڻي ۽ ميهار جو سنڌي قصو نهايت آڳاٽو آهي، جنهن جي مشهوري گھڻو پوءِ دير سان پنجاب تائين پهتي، جتي جي شاعرن ان جي سٽا ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنهنجي ماحول مطابق ڳايو”. (ص 10) تي لکي ٿو ته “مگر هن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط فهمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي، جن سهڻي ۽ ميهار واري قديم قصي کان بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي سهڻي ۽ ميهار جو قصو ڪري سمجهيو. مثلاً ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جهڙو لائق لکندڙ به باوجود ڪافي محنت ۽ کوجنا جي هن وڏي غلطي ۾ مبتلا ٿيو، جو پنجاب جي سوهني مهينوال واري قصي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي سُر سهڻي جو موضوع بنايائين”. ساڳي ڪتاب جي (ص 18) تي لکي ٿو ته “گجرات بعهد و جديد، جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته، مغليه عهد حڪومت جو گجرات ۾ مشهور واقعو سوهني مهينوال جو مشهور عشقيه داستان آهي. بخارا جو هڪ مشهور شهزادو گجرات آيو ۽ اتان جي هڪ حسينه تي ديوانو ٿي پيو تان جو ٻنهي جو موت به انهيءَ معاشقي ۾ ٿيو. اهو هڪ مشهور داستان آهي جو فارسي، اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي”. وڌيڪ لکي ٿو ته “مٿيون بيان پنجاب جي عالمن جي هن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ خلاصو آهي. پنجاب جو قصو هڪ سنئون سڌو معاشقو آهي جنهن ۾ ڪابه حقيقي لئون لڪل ڪانهي.”
    منهنجي تحقيق چوي ٿي ته جيئن اسان جا ڪافي تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته نوري ۽ ڄام تماچي جون قبرون مڪلي ٽڪري تي آهن پر پوءِ به اسان وٽ عام تاثر ملندو آهي ته انهن جون قبرون ڪينجهر ڍنڍ ۾ آهن. بلڪل ائين اسان جي هن شاندار تاريخ سان وڏي ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي.
    اهو قصو موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکي ٿو.
    ڪافي ماڻهو ڀٽائي سرڪار جي بيتن جي صرف باطني معنيٰ طرف ڌيان ڏيندا آهن. مڃون ٿا ته ڀٽائي سرڪار جي هڪ هڪ بيت جون ڪافي معنائون نڪرن ٿيون پر ڀٽائي سرڪار جنهن سورمي کي ڳايو آهي ان متعلق به ڪافي ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
    بلوچ صاحب لکي ٿو ته نڱامره شروع کان ئي ساڪري واري پاسي جا آهن. نڱامره ذات کي بعد ۾ اسان جي تاريخي ڪتابن ۾ نگامره توڙي نڪامرو لکيو ويو آهي. راڻو ارجن نڱامرن جو آخري حاڪم هو جنهن کي ڪلهوڙن جي دور ۾ قتل ڪيو ويو. ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 514) تي لکي ٿو ته “نڱامره نالي وارن ڌاڙيلن جون سمنڊ تي خوني ڪاروايون مشهور هيون. جن عربن جي جهازن کي لٽيو هو.” ساڳي ڳالهه محترم اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص 329) تي هن ريت لکي آهي “انهن ميدن ئي ديبل بندر وٽ مسلمانن جو ٻيڙيون ڦريون هيون ۽ ماڻهو قيد ڪيا هئا جنهن ڪري حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو جواز ملي ويو. خيال آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ نڱامرا ان ميد قبيلي جي هڪ شاخ آهن. نڱامرا سامونڊي ڪناري تي رهڻ ڪري سکيا ستابا هئا.”
    سنڌ عرب دور (ص 64) تي ميدن بابت لکي ٿو ته “اهي سمنڊ تي ڌاڙيلڪو ڪم به ڪندا هئا، ان ڪري عربن وٽ اهي “ميدالبحر” مشهور ٿي ويا، جنهن جو بگڙيل اچار “ميربحر” آهي.”
    محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص 19) تي سهڻي ميهار بابت لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جي قصي بابت ڪي چون ته اهو پنجاب جو قصو آهي، ڪي چون ته شهدادپور ۾ ٿي گذريا آهن. وڌيڪ لکي ٿو ته، ڪي چون ته سهڻي ۽ ميهار، ننگر ٺٽي ڏي ٿي گذريا آهن. سهڻي جي قبر ٺٽي ۾ به آهي. رسالي ۾ ڪي اهڙا اشارا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته شاهه صاحب ائين تي وسهيو، ته سهڻي ٺٽي طرف ٿي گذري هئي”.( نوٽ: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾ شايع ٿيو هو. جڏهن ته پنجون ڇاپو 2012ع ۾ شايع ٿيو آهي).
    تعلقي ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽي ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) جي اولهه طرف هڪ وڏي ڍنڍ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو تلو ڍنڍ چوندا آهن (جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين ته قدرتي ڍنڍ هئي پر هاڻي ان کي مڇي جو تلاءُ ٺاهيو ويو آهي). ان سڄي علائقي کي روينيو رڪارڊ ۾ ديهه تلي (يوسي چوبندي) جو نالو ڏنل آهي. وڏي ڳالهه ته ان ڍنڍ جي ڪري اسان کي “تلي وارا ڪاتيار” به سڏيو ويندو آهي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع طور لکيو ته ديهون به اسان جي تاريخ کي سلجهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون شرط آهي ته انهن تي به تحقيق ڪئي وڃي. جڏهن ته ساڳي ڳالهه محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 89) تي هن ريت لکي آهي ته “اسان تاريخ جي ڄاڻن، محققن ۽ پارکن کي هن ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائينداسين. خصوصاً ديهن جي نالن پويان ڪا نه ڪا تاريخي يا جاگرافيائي حقيقت پوشيده هوندي آهي. ديهن جا نالا يا ته مقامي آبادين ڪري رکيا ويا آهن يا ڪنهن قديم آثار يا چوڻين پويان”. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ڳوٺ وٽان درياء وهندو هو جيڪو اُڪري محمد بن قاسم راؤڙ تي حملو ڪيو. مون پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ڳوٺ جي آسپاس ۾ ڇڇ نالي ڍنڍون آهن جيڪي راجا ڏاهر جون فوجي ڇانوڻيون لکيون هيون. هڪ ڇڇ ميرانخور. ان ڍنڍ جي ويجهو فيصله ڪن جنگ لڳي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. جڏهن ته ٻي ڍنڍ ٻروسر ڪالوني جي اوڀر ڏکڻ ۾ ڳوٺ گل حسن ناهيو وٽ آهي جنهن کي ڇڇ ساهڙڪو چوندا آهن. هتي ساهڙ ذات جا ماڻهو به رهندا آهن (ڳوٺ اسماعيل ساهڙ). ٿي سگھي ٿو ته اها ڍنڍ ڄام ساهڙ (ميهار) جي ڪري ساهڙڪو سڏجي ٿي. جيئن گھوٽڪي لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي گھوٽا ذات جي ماڻهن جي اڪثريت هئي جنهن سبب ان ماڳ جو نالو گھوٽڪي (گهوٽن جي) پئجي ويو بلڪل ائين (ساهڙ جو) مان ساهڙڪو ٿي ويو. محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 89) “شيخ ابوتراب جي ڏکڻ ۾ صوفين جو مقام (مڙهو صوفيڪو) ۽ خليفن جي مزار آهي”. هتي “صوفي جو” کي “صوفيڪو” لکيو ۽ چيو ويو آهي. ان مان مراد ته اسان وٽ لفظ “جي ۽ جو” کي “ڪي ۽ ڪو” طور به استعمال ڪيو ويو آهي.
    تلو ڍنڍ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي بلڪل لڳ اولهه پاسي آهي جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ منهنجي ڳوٺ وٽان درياه به وهندو هو جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو منهنجي ڳوٺ کان اوڀر ڏکڻ طرف ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. هنن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سهڻي تلي وٽان درياءَ اڪري ٻي پار ميهار سان ملڻ ويندي هئي. جيڪا بعد ۾ ان درياءَ ۾ ٻڏي مري وئي جيڪو درياءَ عربن جي فوج پار ڪيو هو. وڏي ڳالهه ته خود بلوچ صاحب به لکي ٿو ته ساڪري واري پاسي ڇٽي پير جي قبر آهي ۽ اتي سهڻي جي قبر به آهي. قدمن وارو مقام هن وقت ليٽ شهر جي پاسي ۾ آهي ۽ ليٽ شهر منهنجي ڳوٺ کان ڪجهه ميل اولهه پاسي آهي ۽ ڇٽو پير جي قبر، ليٽ شهر کان ڪجهه ميل اتر پاسي آهي.
    ڇٽي پير جي قبر لاءِ محترم گل حسن ڪلمتي، ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 470) تي لکي ٿو ته “راڄ ملڪ ويجهو پراڻي ڦٽي ڦاٽ لڳ “ڇٽي پير” سهڻي واري جو مقام آهي. انهي پوري علائقي کي ڪنهن وقت ڇٽي پير وارو علائقو چوندا هئا”. 


    ضميمو (ڪتاب: راؤڙ / رياتڙو)

    مون پنهنجي پهرين ڪتاب راؤڙ / رياتڙو (ص55) تي لکيو هو ته “رياتڙو ٿي سگهي ٿو ته راءِ / راءُ ۽ تڙ مان نڪتل هجي”. ساڳي ڳالهه سائين مارو خشڪ به ڪتاب جي مهاڳ ۾ (ص 7) تي لکي هئي ته “اهو لفظ “راءُ تڙ” ئي هوندو، جنهن کي عربي ٻولي ۾ “راؤتر” ئي لکي سگهجي ٿو. شايد فارسي ٻولي ۾ ترجمي وقت “ ت ” حذف ٿي ويو هوندو”. راؤڙ جي نالي لاءِ ٻه سبب ملن ٿا، جن کي سمجهڻ لاءِ شاهه جو رسالو، اسان لاءِ وڏو سونهون آهي.
    هڪڙي ڳالهه اها ته ڀٽائي سرڪار جي رسالي ۾ اسان کي ٽيئي لفظ (راءَ، راءِ، راءُ) ملن ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته سڀني جي معنيٰ به ساڳي نڪري ٿي يعني راجا يا بادشاھ.

    رازُ ڪَيائيِن راءَ سين، ڪَنهن موچارِيءَ مَهَلَ. (سُر سورٺ، 4.2)
    تَـڙُ تَماچي ڄامَ جو، تَماچي تَـڙَ راءِ. (سُر ڪاموڏ، 25.1)
    تُون ڍاٽي، ڍَٽَ ڌڻَي، تُون راڻو، تُون راءُ. (سُر مومل راڻـو، 9 وائـي)

    ان لفظ “ راءَ/راءِ/راءُ” جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري “راجا، بادشاھ” ڪڍي آهي. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات جلد ٽيون (ص 309) ”راءِ” لفظ لاءِ لکي ٿو ته ڏسو لفظ “راءُ”. ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي لفظ “راءُ” جي حوالي سان لکي ٿو ته، “راءُ جمع راءَ”. جنهن جي معنيٰ لکي ٿو ته “راجا، حاڪم. هندو حاڪمن جي نالي پٺيان ڪم ايندڙ لفظ، معزز هندو کي سرڪار طرفان مليل خطاب “راءِ بهادر”.
    جڏهن ته ٻي لفظ “تڙ” لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته

    “تُـون تَمـاچِـي تَــڙَ ڌڻِـي، آئُـون گَـندِرِي غَـرِيـِبِ”، سُر ڪاموڏ (7.1)
    تڙ ڌڻي مطلب تڙ جو ڌڻي، پاڻي جو مالڪ، ملڪ جو مالڪ. (روشني، ص70) ڇو ته ڄام تماچي سما دور جو حڪمران رهي چڪو آهي. جڏهن ته ساڳي لفظ “تـڙ” جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات جلد ٻيو (ص 77) “ڪنارو-ڪنڌي. ڪنهن واھ، درياءَ وغيره جو ڪناري واري اهو هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي – گهيڙ - گهاٽ. ٻيڙين بيهڻ جي جاءِ – پتڻ. اهو هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي وڃي. مياڻ. جر تائين پهتل کوھ. کوھ. کوهه وارو ڳوٺ. پاڻي جي کڏ. جوءِ – ٿاڪ. ميدان. پوٺو”. “تڙ جي معنيٰ بندر به آهي (روشني، ص 70)”. ٿي سگهي ٿو ته اتي پتڻ يا بندر به هجي، راءُ تڙ يعني راجا جو بندر. بعد ۾ جڏهن اتي قلعو ٺهيو ته ان کي به ساڳيو نالو ڏنو ويو. جيئن انگريز دور ۾ راجا جي ريل مشهور هئي. سڀ کان اهم ڳالهه ته سُر ڪاموڏ جي هيٺين بيت ۾ ٻئي لفظ ملن ٿا.

    تَـڙُ تَماچي ڄامَ جو، تَماچي تَـڙَ راءِ. (سُر ڪاموڏ، 25.1)
    هن بيت ۾ گڏيل طور لفظ راءُ تڙ / راؤ تڙ جي معنيٰ “راجا / بادشاهه جو ملڪ يا تخت، راجا جو پتڻ، بادشاهه جو ٿاڪ وغيره” نڪري ٿي. بقول سائين مارو خشڪ جي ته شايد فارسي ۾ ت حذف ٿي ويو هوندو، باقي “راؤڙ” لفظ رهجي ويو هجي. عربي ۾ ڙ جو اکر ناهي ان ڪري انهن راؤر لکيو آهي. ٻي اهم ڳالهه ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ ) ءُ ( يا ) ؤ ( اکر هڪڙو ئي اچار ڏين ٿا.مثال علاؤالدين نالو ٻنهي صورتن ۾ لکيو ويندو آهي (علاؤالدين يا علاءُالدين). ائين به ٿي سگهي ٿو ته راجا چچ پاران ٺاهرايل قلعي کي سرڪاري نالو “راؤتـڙ” ڏنو ويو هوندو ۽ راؤتـڙ ٺيٺ سنڌي نالو آهي پوءِ جڏهن اسان جي تاريخ کي عربي يا فارسي ۾ لکيو ويو ته انهن راؤڙ/ راؤر ڪري لکيو. ڪافي لفظ اهڙا آهن جن کي اسان ٽوڙي موڙي ڳالهائيندا آهيون. وڏو مثال ته دنيا ۾ سڀ کان پيارو ۽ سڀ کان وڌيڪ رکيو ويندڙ نالو “مٺي مُرسل جو نالو محمد” آهي پر افسوس جو ان نالي کي به اسان جا ماڻهو “مامد” ڪري وٺندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رياتڙو، راؤڙ جو بگڙيل اچار آهي.
    هڪ ٻيو ثبوت هن ريت به ملي ٿو ته، ڀٽائي سائين، سُر مارئي ۾ فرمائي ٿو ته “نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾”. بابا سائين جي پياري دوست محمد حسن راهمون وٽ هٿ سان لکيل شاهه جو رسالو فوٽو ڪاپي جي صورت ۾ موجود آهي، ان ۾ ساڳيو بيت هن ريت لکيل آهي ته “نڪا جهل نه پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾”.ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رائر ۽ رائڙ لفظ ساڳيا آهن. رائـرُ جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون، ص 310) ۾ هن ريت لکي آهي “رائـرُ: ڏن، ڍل، سنگ اهو محصول جو بادشاهه پنهنجي تابع مُلڪن يا سردارن کان وٺي “نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾ (شاھ)، سمنڊ، بحر”. ٿي سگهي ٿو ته راؤڙ جي قلعي وٽ محصول ورتو ويندو هو جنهن ڪري ان قلعي کي ٺيٺ سنڌي ۾ “رائڙ جو قلعو” جو نالو ڏنو ويو جيڪو بعد ۾ عربي ۽ فارسي ۾ “راؤڙ / راؤر جو قلعو” ڪري لکيو ويو.
    راؤڙ جي ماڳ تي 10 رمضان 93هه مطابق 20 جون 712ع تي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي. جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو هو. اهو ماڳ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار لڳ ٻاٻڙا، يوسي پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو)، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو جي پاسي ۾ آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ پڙهندا منهنجو پهريون ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو”. جيڪو سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي آنلائن يا ڊائونلوڊ ڪري به پڙهي سگهجي ٿو.
    www.sindhsalamat.com يا books.sindhsalamat.com


    ببليوگرافي (ڪتابيات)

    1. “احسن” جوکيو، وليون، واس- ورنيون (مقالا ۽ مضمون)، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2006ع
    2. احمد حسن داني/عطا محمد ڀنڀرو، ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار، سنڌي ادبي بورڊ، 2004ع
    3. اشتياق انصاري، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2003ع
    4. اياز ڀاڳت، سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا، مهراڻ پبلشرز ڪراچي، 2010ع
    5. ايڇ ٽي لئمبرڪ/سومار علي سومرو، سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع
    6. بدر ابڙو، ماڻهو، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1998ع
    7. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، لطيفي سئر، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012ع
    8. ٺٽوي ڪاتيار، راؤڙ / رياتڙو، ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو، 2017ع
    9. پير حسام الدين راشدي، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي – حيدرآباد، 1981ع
    10. خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، مراد پبليڪيشن سيوهڻ، 2005ع
    11. دادا سنڌي، سنڌين جي فوجي مهارت، موهن جو دڙو پبلشنگ هائوس، ڊجيٽل ايڊيشن 2016ع
    12. دادا سنڌي، سومرن جي دور جا سورما، سنڌ تحقيقي بورڊ، 1989ع
    13. ڊاڪٽر محمد عالم سومرو (مرتب ڪندڙ)، شاهه جو رسالو (الف ب وار)، روشني پبليڪيشن، 2013ع
    14. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (مرتب ڪندڙ)، ننگر ٺٽو، هڪ مطالعو (مقالا)، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع
    15. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، روشني (شاهه جي ڪلام جي لغت)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2002ع
    16. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد اول)، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع
    17. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع
    18. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع
    19. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع
    20. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ/ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ(مقالا)، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012ع
    21. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مشهور سنڌي قصا، سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع
    22. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ / غلام محمد لاکو، سنڌ عرب دور، سنڌي ادبي بورڊ، 2009ع
    23. رحيم داد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1993ع
    24. رحيم داد خان مولائي شيدائي، تاريخ سکر، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع
    25. رسول بخش تميمي، ٺٽو صدين کان، روشني پبليڪيشن، 2003ع
    26. رُڪ سنڌي، سنڌو سڀيتا جي اوسر (اوائل کان 1500 ق-م)، 2008ع
    27. سائين جي ايم سيد، سنڌ جا سورما، نئين سنڌ پبليڪيشن، 1974ع
    28. سيد طاهر محمد نسياني / نياز همايوني، تاريخ طاهري، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع
    29. سيد حاڪم علي بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008ع
    30. عبدالرشيد گبول، ميرپور ساڪرو جي تاريخ ، ننگر ادبي گهر، 2009ع
    31. عبدالرشيد گبول، ساڪرو – ان جا ماڳ ۽ ماڻهو، ننگر ادبي گهر، 2010ع
    32. عبدالرشيد گبول، ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾، ننگر ادبي گهر،2013ع
    33. عبدالقادر منگي (سهيڙيندڙ)، ڀنڀور ۽ ديبل (مقالا)، ٿر پبليڪيشن مٺي، 1993ع
    34. علي بن حامد ڪوفي / مخدوم امير احمد، فتحنامه سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع
    35. عنايت الله کٽياڻ، سنڌ سڀيتا، رشيد صابر آرٽس سرڪل، 2017ع
    36. غلام علي الانا، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، سنڌ الاجي، 2012ع
    37. ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو/عطا محمد ڀنڀرو، سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2014ع
    38. گل حسن ڪلمتي، ڪراچي سنڌ جي مارئي، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2007ع
    39. محمد عثمان راهوڪڙو، سُڪو سنڌو ڪنارا رُنا،پنهنجي پاران، 2014ع
    40. محمد يوسف ميرڪ/نياز همايوني، تاريخ مظهر شاهجهاني، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع
    41. محمد صالح کهڙو، سنڌ جي معلومات، روشني پبليڪيشن، 2012ع
    42. مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، سنڌي ادبي بورڊ، 2014ع
    43. مشتاق مسرور باريچو، سنڌ بابت جامع معلومات، يادگار پبلشرز، 2014ع
    44. مير علي شير قانع ٺٽوي / مخدوم امير احمد، تحفةالڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع
    45. مير علي شير قانع ٺٽوي /پير حسام الدين راشدي، مڪلي نامون، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع
    46. مير محمد معصوم بکري/مخدوم امير احمد، تاريخ معصومي، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع
    47. هينري ڪزنس/ عطا محمد ڀنڀور، سنڌ جا قديم آثار، سنڌي ادبي بورڊ، 2004ع
    48. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2009ع
    49. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010ع
    50. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2011ع
    51. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2012ع
    52. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ستون (س1)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2013ع
    53. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد اٺون (س2)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2013ع
    54. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2015ع
    55. ٽِه ماهي ”مهراڻ” (رني ڪوٽ نمبر)، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع
    56. محترم ابوبڪر شيخ جا ڊان نيوز بلاگ ۾ لکيل ڪالم، سال 2017ع
    57. ملاقاتون ۽ ڪچهريون


    ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب

     ٺٽي جي وکريل تاريخ 3
     منهنجو گجو، ڪالهه ۽ اڄ
     تاريخ ڪاتيار
     تنهنجي نيڻن ۾ (شاعري)
     ٺٽو ۽ ٺٽوي (آتم ڪٿا)

    • ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

    راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)


    ليکڪ جو تعارف

    نالو: ذوالفقار علي ڪاتيار
    ادبي نالو: ٺــٽــوي ڪاتيـــار
    ولديت: محمد بخش ڪاتيار
    تاريخ پيدائش: 1989-02-21
    ڪرت: پرائمري استاد
    ادبي صنف: شاعري ۽ تاريخ
    هاڻوڪو پتو: ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري مڪلي غلام الله روڊ ضلع ٺٽو
    مستقل پتو: ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي
    (اڳوڻي يوسي گجو) تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺـٽـو
    ميمبر: سنڌي ادبي سنگت ٺٽو ۽ بزمِ جيلاني سنڌ
    فيسبُڪ: Thattvi Katiar
    موبائل نمبر: 3243094990 - 034983577900
    اِي ميل: thattvikatiar@gmail.com


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258256
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386391
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ