ڪتاب جو نالو: چنڊ ڀڃي ٿو ڪَرَ
مصنف: خادم گهڃو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 3009 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 238 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر خادم گهڃو جي اڻ ڇپيل شاعريءَ تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • دوها

  • ڪڏهن اينديئن ، منهنجي ديد ، تنهنجا ڏسي ٿي دڳ،
  • وايون

  • وار وکيري ٿي جڏهن،
  • توسان رهـــــــــاڻيون،
  • چنڊ ڀڃي ٿــــــــو ڪَرَ،
  • توسان جــــــي مليس،
  • آيون برســــــــــاتيون،
  • دلڙيءَ جي دعـــــــا،
  • ساھ اندر ســــــارون،
  • نهاريان ٿـــــــــــو واٽ،
  • توکي ســـــــــاري ڀُون،
  • تون جي نه آهين سرتي،
  • پرين پيـــــار سارو،
  • ڏور جڏهن ويندينءَ،
  • هيءَ سيـــــاري واءُ،
  • ساٿ نه ڇڏ او سائين،
  • زخم ڪُــــرن ٿا،
  • ٻوڏ اچي جيئن ڪچي،
  • ڏور ٿـــــــي رهي،
  • ٿي وئـــــــــي اوير،
  • چاهت جــــــا چارا،
  • تـــــــوکي پڪاريان،
  • منهنجي سڏ تي آءُ،
  • توڙي آهي جھل،
  • هر پـــــــــــل آ رهندي،
  • ڪنڌ جھڪـــــــائي هيٺ،
  • اڄ جھاتيون پاتيون،
  • ساري رات مونسان،
  • اکيون ماکيءَ لار،
  • تون آن وراڻي،
  • ڪين آئين دلدار،
  • من ۾ منهنجي واسُ،
  • کلي ڪئي کيڪار،
  • منهنجي منٿ مڃ،
  • تنهنجا اگھان ڳوڙها،
  • لڙڪ رَکُ لاڙي،
  • من گھريو محبوب،
  • ڇاٿو ويچارين،
  • هي جي کٽڻهار،
  • ڪنهن آ ڳالهايو،
  • ڪاڪ ڪهي ڪو آيو آ،
  • من گھريو مهمان،
  • دل ۾ وَڍَ وجھن،
  • واعدا ڪين ٽوڙ،
  • هينئڙو پرين جو مون،
  • ڪين ڪري ٿي وفا،
  • توڙي پير پٿون،
  • نسريا سڪ جا سَرَ،
  • ڪين ڪڏهن ٽٽندو،
  • آهيان ڪين ٿڪو،
  • تيسين شال جيان،
  • ڏور نه وڃو پيارا،
  • ڦوٽا ۽ ڦريون،
  • محب مٺا سائين!
  • ٻانهون پائي گجرا،
  • هاءِ اڃارو ٿَرُ،
  • ٻهڪي پيو پڌر،
  • محبت جي مالا،
  • اندر منجھه اڪير،
  • پائي آئي وڳو،
  • هوءَ اڱڻ آئي،
  • تنهنجي تات پرين،
  • منهنجي جيجل سنڌ،
  • ڪندو شال خدا،
  • ڪيسين هلندين ساڻ،
  • جئَ جا جيئڙا،
  • تنهنجي من ۾ سار،
  • من ۾ منهنجي پيهه،
  • امن سندي لاٽ،
  • سنڌڙي تنهنجو هاري،
  • ٿيندا شال سجاڳ،
  • ظلم جا ساٿي،
  • ڪڏهن ويندئين ملي؟
  • رابيلن جي رات،
  • اڄ بيهي در تي،
  • مونکي ياد پون،
  • اڃان به اويري،
  • منهنجي آهين تون،
  • پيار ڪري توسان،
  • سنجھا ويلي سڏ،
  • ڳلئَ ڳلئَ ۾ ڳائي،
  • ڪڏهن ٿيندا ميل!
  • ساهه ۾ تنهنجي سار،
  • تنهنجي لبڙن جي لالاڻ،
  • ڦلواڙيءَ ۾ اڄ،
  • مکڙي شرمائي،
  • نفرت جو پرچار،
  • او هيئين جا هار،
  • تنهنجي ياد آئي،
  • منهنجي من اڱڻ تي،
  • مکڙي جهڙي سهڻي آءُ،
  • سرتي ڏئي ٿي سام،
  • گلن وارو گس،
  • ڀُوري منهنجي ڀاڻ،
  • ڪيسين رهندي ٻاٽ؟
  • مونکي ڏئي ونڊ،
  • ڏور نه وڃو پيارا،
  • تو بن منهنجا سپرين،
  • اهڙو لڳي واءُ،
  • پيار ڪيم توسان،
  • ڄڻ ته ڪوئي چنڊ،
  • ياد تنهنجي جون تندون،
  • ڪيڏي پرين آهي امر،
  • ڪجھه ته ڏِک ڏيکار،
  • رٺل گل گلاب،
  • ڪڏهن لاٽ ٻرندي،
  • خوشبو جي کاڻ،
  • مونڏي شال اَچي،
  • هيءَ سرمئي شام،
  • رابيلي هن رُت ۾،
  • تنهنجي آس رکان،
  • منهنجي دل ڳليءَ ۾،
  • ويجھو ٿو ڀانيان،
  • منهنجي من اڱڻ تي،
  • پرين ٿيءُ نه ڏور،
  • تنهنجا نقش منهنجي،
  • من موهڻو مهمان شل!
  • پيار پيو ڇُلي،
  • کڙيا هن رابيل،
  • لکان ساجن ڪيئن،
  • آئي مند بهار،
  • ڪيم روح رهاڻ،
  • اڃان ڪين اجھاڻو،
  • مونکي روئايو،
  • بڻجي باک بسنت جي،
  • چانڊوڪي بَکِي،
  • کڙي پيو ڪنول،
  • تو بن ڪين وڻن،
  • پل پل يار لڇان،
  • هيئين هنڍايان،
  • مونکان ڌار ٿيو،
  • منهنجي دل ۾ گھاٽ،
  • نمن جھليو ٻُور،
  • دل ۾ سمائي،
  • ايندو پرين شال!
  • چاهه منجھان چانگو،
  • کَنُ پَلُ جي بيهين،
  • مونکي رستو ٿي ڏسي،
  • اچين ڇونٿو؟
  • دل جو در لاهي،
  • دلڙي آ ماندي،
  • ڇڙي پئي اَڏَ،
  • دلڙي جون سڀ چاهتون،
  • گل وڇايم راهه ۾،
  • توکي ٿا سارين،
  • منهنجي ڪين سري،
  • مونکي ڇاتي لاءِ،
  • هي جا منهنجي هانءَ ۾،
  • مونڏي شال وري،
  • ٺهي پوي ڀاڳ،
  • پريت جي ريت نڀاءِ،
  • مُنهن نه مونکان مَٽِ،
  • دل ۾ ٻَري ٿو،
  • ليئو پائي چَنڊُ،
  • جيڏي! جلدي آءُ،
  • تنهنجي سونهن ڏسي،
  • اوري پکا اڏ،
  • پياري پياري رات،
  • سانوري هڪ ڇوڪري،
  • او سانوري تنهنجو کلڻ،
  • مينهوڳي ۾ چيڪي مٽي،
  • موهجي پيو آهي،
  • وڻندي آهين تون،
  • پرين ڪين تو بن،
  • چولي تي چري!
  • ڪري ڪيئن تو بن،
  • رت بسنتي آئي ساجن،
  • پرين پيو ٽهڪي،
  • ٽيڙو

  • سَرنهن پيلا گُل ،
  • گيت

  • سنڌو ڪر مولا سيراب،
  • تون جي ايندين پيــــــــــــار به ايندا،
  • وري رات آئي،
  • جوڀن آيو، خوش ٿي ڳايو،
  • توسان جا مون سانجھه گذاري،
  • توکان يار وساريل آهيان،
  • آيو آهي بهار ساٿي،
  • گيت بڻجي پوان،
  • نازڪ ڇوري،
  • نازڪ لبڙا کول،
  • باک ڦٽي،
  • مون کان نه ڪر موڪلاڻي،
  • تنهنجي تات،
  • ياد آهين بس تون،
  • نيڻن ۾ آ صورت تنهنجي،
  • من ۾ تنهنجا سپنا ساٿي،
  • ديس وڃي ٿو دلبر جي تون،
  • ساجن توکي ساريان ويٺو،
  • من ۾ هن ميلا متل،
  • ڪنهن جي خاطر گيت لکان ٿو،
  • گلن ڀري آ موسم آئي،
  • وڇڙي مونکان ويا،
  • وار نه کولي هَلُ پياري،
  • آءُ ڪيون مانجھاندو،
  • اوسيئڙو آ تنهنجو ڏاڍو،
  • توسان اک اڙي،
  • تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،
  • تون جي ايندين پرين،
  • آءُ ساٿي،
  • گيت ڪوئي ڳائجي،
  • ڏس پرين!
  • پيار ڪري ٿو هت سڀ ڪوئي،
  • آءُ تون اوري،
  • رهندي ڪين جدائي دلبر،
  • راھ تڪن ٿيون ڪنهن جي اکيون،
  • آخري ٻه اکر

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڇٽيهون (36) ڪتاب چنڊ ڀڃي ٿو ڪَرَ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر خادم گهڃو جي اڻ ڇپيل شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    دوها

    ڪڏهن اينديئن ، منهنجي ديد ، تنهنجا ڏسي ٿي دڳ،

    ڪڏهن اينديئن ، منهنجي ديد ، تنهنجا ڏسي ٿي دڳ،
    توکي طلبي ، توکي چاهي ، منهنجي ٿــــي رڳ رڳ،
    -----
    ويھه گھڙي کن ، مون وٽ جيڏي ، وڃان وڃان ڇڏ،
    ايڏو ڏور ڇو رهندي آهين ، دل کي دل ســــــان گڏ،
    -----
    دل کي سونپيم ، پريتم تنهنجي ، پيار سندو ئي ڪم،
    چاهيندس مـــــــــان ، هر دم توکي ، جيسين آهي دم،
    ----------
    آءُ ملون ، هن بڙ جي هيٺان ، پيار ڪيون اَڄُ ڀوري،
    ايڏو ڏور ڇو رهندي آهين ، ايڏي آ ڇو دوري،
    -----
    ياد اوهان جي ايندي آهي ، خوشبو جي ٿي کاڻ،
    ڏسي اوهان کي ،شرمائي ٿي ، چنڊ سندي چانڊاڻ،
    -----
    گلاب جيان ساٿ اوهان جو ، رابيل جيان رهاڻ،
    دل مان ڪيئي گيت ٻُرن ٿا ، سجني تنهنجي ڪاڻ،
    -----
    ديرنه لاءِ دڳ ۾ جانـــــي ، آءُ هلي تُـــون هاڻ،
    تنهنجو اچڻ منهنجي خاطر ، سڪ سندي سرهاڻ،
    -----
    نير وڃن ٿا وهندا ، جڏهن تنهنجي يــاد اچي ٿي،
    سڏڪي پئي ٿي منهنجي دل ، پيار ۾ خوب پچي ٿي،
    -----
    اوپرو آهيان ڪينڪي جيڏي ، ڇو ڀلا شرمائين ٿي،
    اکيون ملائي ، وري هٽائي ، دل کي ڏاڍو گھائين ٿي،
    -----
    پيار ورهايون ، جڳ ۾ پيارا ، محبت ميڙيون گڏ،
    هر مشڪل ۾ سنڌ امـــــــــان کي ، سڏ ۾ ڏيون سڏ،
    -----
    چنڊ کڻي وڃ نياپو منهنجو توکان سهڻي پرين ڏي،
    تو بن خادم ويڳاڻو آ ، چئجان ائين پرين کي،
    -----
    دل ۾ آئي سانئڻ تنهنجي سندر سندر سار،
    پنهنجي محبت سانئڻ آهي مٺڙي ماکي لار،
    -----
    ڪين وڃ تون ڏور پيـــــارا ، دل ۾ رھ دلدار،
    ساھ اوهان کي ساري ساٿي ، هر پل ۾ سؤ وار،
    -----
    آءُ لکون هن وڻ جي ٿڙ تي ،پنهنجو گڏجي نالو،
    ساري حياتي گڏ گذاريون پي پيار جو پيالو،
    -----
    سپنن ۾ تــون ايندي آهين ، خوشبو جي ٿي کاڻ
    پيار ڀريا ڪجھه گيت لکيا مون،سجني تنهنجي ڪاڻ
    -----

    پرھ جيان آ چهرو تنهنجو ، رات جيان ٿي وار،
    مکڙي جهڙا چپ اوهان جـــــا ، مٺڙا ماکيءَ لار،
    -----
    پرينءَ کي پهچاءِ تون ، چنڊ نياپو نينهن جو،
    مونکي ٿو تڙپائي هُو ، ڇا لئه رات ۽ ڏينهن جو،
    -----
    پيار ڪرڻ سان دل ۾ اڀريو ، پيارو پيارو درد،
    نينهن ٿو اُٻري تن بدن ۾ ، چاھ نه آهي سرد،
    -----
    رات پئي برسات آ ڏاڍي ، ڀڄي پيو تن مَنُ،
    ياد اوهان جي ڏاڍي آئي ، تڙپي پيو جوڀن،
    -----
    ڪين ڪڪر ڪو نياپو آندو ، مون ڏي تنهنجو پيارا،
    بنا سنيهي آيــــــــــــا آهن،ڇو هي بــــــــــــادل ڪارا.
    -----
    دل تي تنهنجو پيار آ ڇانيل ، چپ تي تنهنجو نانءُ
    ڪين جُدا ٿي سگھنديئن مونکان،تون آن منهنجو هانءُ
    -----
    رابيل رت ۾ آءُ پياري، گڏ گذاريون گھڙي،
    توڏي تانگھي منهنجي دلڙي، مون ڏي آءُ لڙي،
    -----
    دل جو در آ تو لئه کليل ، آءُ تون هينئڙا آءُ،
    گڏ گذاريون ڪجھ گھڙيون، کلي اسان سان کاءُ
    -----

    ماڻهن جي ميڙ ۾ هيو، هڪڙو شخص پيارو،
    کلي دل کڻي ويو منهنجي، سڀ کان هيو نيارو،
    -----
    آءُ پرين تون اڱڻ منهنجي، بڻجي قرب ڪڪر،
    اڏري اَچان نه ته آءٌ تـوڏي، لڳي وڃن جي پَرَ،
    -----
    لکيون آهن مون اوهان ڏي ، چاھ منجھان چٺيون،
    جواب ۾ تون مون ڏي لکيون ، ڳالهيون هن مٺيون،
    -----
    سندر سندر ڳالهيون تنهنجون، پــونم تون آن پاڻ،
    دل چوي ٿي سجني ڪر تون، مونسان روح رهاڻ،
    -----
    سڪ ڪري ٿي سڏ اوهانکي، آءُ تون سجني آءُ،
    شال بهارن ۾ تون گذارين، ڪوسو لڳئي نه واءُ،
    -----
    تنهنجي ياد جا مون ڏي ، ايندا هن ڇوها،
    تنهنجي ياد ۾، رات جو مان، لکندو هان دوها،

    توسان منهنجو پيار آ ڏاڍو ، توسان منهنجو ڏاڍو چاھ،
    توکي چاهي منهنجو منڙو ، ساري توکي منهنجو ساھ،
    -----
    جھونگاريان ٿو مان هت ويهي ، ڪوئي گيت سريلو،
    ڪين ٿو پرچي مونسان پريتم ، آءٌ ڪيان ٿو حيلو،
    -----

    پيار ڪيو ٿم، پريتم توسان، دل ٿي باغ بهار،
    ڇوليون ڏئي اٿليو آهي ، منهنجي من ۾ پيار،
    -----
    بڻجي باک بسنت جي مون ڏي، تنهنجي ياد آئي،
    جھونگاريان سانجھي ويلي، آءٌ شاھ جي وائي،
    -----
    دل ۾ ٻرندو رهندو هر دم، پيار سندو ڏيئو،
    دنيا آهي پيار جي وستي، پيار ڪيو، جيئو،
    -----
    هيئين منجھه هڳاءُ آ تنهنجو ، دل ۾ تنهنجي تات،
    آءُ سکي تون جلدي مون ڏي ، ٽڪ اچي ڪا رات،
    -----
    جيئن ملي ٿي هير گلن سان ، وٺي ٿي تن مان واس،
    اينديئن مون ڏي تــــون به سائڻ ، دل ۾ آهي آس،
    -----
    تارا وڃن ٿا لڪندا سارا ، ڄاڻ ته ڀيڄ ڀني،
    توکي ساري ساجن دلڙي ، ساري رات رُني،
    -----
    ڏينهن هيا سي ڏاڍا پيــــــارا، جڏهن گڏ هياسي،
    خوب رُناسي خوب رُناسي، جڏهن ڏور ٿياسي،
    -----
    سارين منجهه لابارو پيو آ ، هوءَ لڻي ٿي ساريُون،
    گينڊي جھڙا ڳل هن جا ، اکيون ڪجليون ڪاريون،
    -----

    ڪين خبر آ، ڇونه آئي آ ، ڪهڙي ٿي پيس روڪ،
    لڪي ايندي آ ، شايد هن کي ، ڏسي وتو آ لوڪ،
    -----
    صورت تنهنجي سهڻي کي مان ، چنڊ جيان ٿو چاهيان
    تنهنجي اچڻ جي آس رکي مان ، تنهنجي راھ نهاريان،
    -----
    شام ٿيڻ سان منهنجي دل ۾ ، جاڳي ٿي پئي سڪ،
    دل ٿي چاهي آءٌ ويهـــــــان ، تنهنجي مٺڙي ڀڪ،
    -----
    گلن جا مون گجرا آندا ، پنهنجي سجني لاءِ،
    کلي پئي آ ، ملي پئي آ ، چئي ٿي سيني لاءِ،
    -----
    سونهن ملي آ توکي سرس ، سونهن ۾ آن خوشحال،
    چمڪي ٿو پيو چنڊ جيـــــان ، تنهنجو جانِ جمال،
    -----
    ڏور نه وڃ تون ساٿي مونکان ، توسان منهنجو چاھ،
    توکي طلبي ، توکي چاهي ، ساٿي منهنجو ساھ ،
    -----
    روئندي روئندي گذري ٿي پئي، منهنجي هر هڪ شام
    سڏڪي سڏڪي ڏيندو آهيــــــان، شفق کي تنهنجا سلام
    -----
    سج لهڻ سان ، جيئن سمـــــــــــــــورا ، ختم ٿين ٿا پاڇا،
    منهنجي من ۾، تنهنجي ملڻ جي، وڌي وڃي ٿي آشا،
    -----

    سجني تنهنجي سونهن جي، کڙي پئي ڪلي،
    واس وٺان مان تومان، تون مون ڏي آءُ هلي،
    -----
    ڇاکان مونکي سپرين، تو دل کان ڪيو ڌار،
    تـــو بـــن مونکي زندگي ، لڳندي آ آزار،
    -----
    موٽي آيا مند تـــــــــــي ، ڊسمبر جا سيءَ،
    سوڙ کي ٿو ڀاڪر پايان ، آءُ مِٺي توريءَ،
    -----
    آڌيءَ رات اک کلــــــــــــــي ۽ تنهنجو پيو پُور،
    مونکي سمهڻ ڪين ڏي ٿو ، سجني تنهنجو سُور،
    -----
    پائي آئــــــــــــي پوپري، ٻانهن ۾ رابيل،
    ڪيڏا سندر ٿي پيا، هن سان منهنجا ميل،
    -----
    پلپل منهنجي دل ۾، رهندو آهي سوڳ،
    تنهنجي جدائي جانان، بڻجي وئي آ روڳ،
    -----
    موهي منهنجو من ٿو، تنهنجو ڳل ڳٽول،
    ڦلواڙي ۾ آهي ڄڻ، گلاب جو ڪو ڦول،
    -----
    ڇپري تي جا ڇوڪري، رکي ٿي پئي مُڃ،
    تنهن بن هي سنسار مونکي، لڳندو آهي سُڃ،
    -----

    مالهڻ توتي موھ ٿي، پيڙو منهنجو من،
    مکڙي جهڙي سرير تي، ڇانيو ٿي جوڀن،
    -----
    ڇوري تنهنجي سرير ۾ ، موهت جا هن مڻ،
    آتا آهن تنهنجي لاءِ ، منهنجا من ــ اڱڻ ،
    -----
    تنهنجو ساٿ لڳندو آهي ، ڪو سندر سپنو،
    ساري رات تنهنجي خاطر ، ڏاڍو مـــــن رُنو،
    -----
    ڀـــــــــــــوري تنهنجي ڀڪ ۾ ، بيٺس جڏهن آءٌ،
    وارن جي منهنجي مٿان ، ڪري ڇڏي تو ڇانءٌ،
    -----
    ڪيل قول واعدا تون ، وئي آهين وسري،
    ڀڃي ڇڏيئي واعدا تون ، ڀڄي جيئن ٺڪري،
    -----
    جيون جو هي ڊگھو سفر ، تو بن ڪيئن ڪٽبو،
    توکان جدا ٿي ، مٺڙا ساٿي ، پلپل پيو روئبو،
    -----
    ڪيڏو تڙپيو آهيان ، اٿئي ڪو احساس،
    تو بن خوشي مونکي ڪين اچي ٿي راس،
    -----
    وڄ ڪري ٿي جيئن وراڪا ، تن هي تڙپي ٿو،
    ڪوئي وڇڙيل ساٿي مونکي ، پلپل ياد اچي ٿو،
    -----

    رڳ رڳ ۾ رچيل آهن ، پرين تنهنجا پُور،
    ساھ ساھ ۾ سٿيل آهن ، سپرين تنهنجا سُور،
    -----
    ڀوڳ ڀوڳ ۾، روڳ ڏئي وئي، مونکي هوءَ پَري،
    هن جو چهرو ڏسندي ئي ، ٺهه پھه ويس ٺــــــــري،
    -----
    ڪَڪِرن جهڙو قرب پنهنجو ، مينهن جهڙي محبت،
    گلڙن جيــــــان هر دم پنهنجي ، کلندي پئي چاهت،
    -----
    آءُ سهڻي! شام جو تـــــــون ، گھڙي گذاريون گڏ،
    ڏور نه وڃ مونکان ايڏو ، دل ڪري ٿي توکي سڏ،
    -----
    آءُ هلون اڄ ڏور دنيا کان ، جتي هجي نه ڪوئي،
    سک ورهايون پاڻ ۾ ساٿي ، ڏک ڇڏيون ڌوئي،
    -----
    ڏور ڪنارا آهن مونکان ، ڏور آهيان مان ساحل کان
    منهنجي منزل منهنجو دلبر ، مولا ملائي دلبر سان،
    -----
    هوءَ جا منهنجو نانءٌ وٺي ٿي ، آهي مٺڙي ڪير؟
    هوريان هوريان ويجھو اچي ٿي ، دل ۾ پائي پير،
    -----
    سپنا سڏڙا سدا ڪرن ٿــــا ، توکي او سجني،
    آءُ تون مونڏي نيڻ چون ٿا ، توکي او سجني،
    -----

    اچين به نٿي ، ملين به نٿي ، ۽ نه ملڻ چاهين ٿي،
    سپنا منهنجا سون سريکا ، بيدردي سان ڊاهين ٿي،
    -----
    ڏئي سور سوايا مونکي ، هوءَ هلي وئي آهي،
    سک سمورا پاڻ سان گڏ ، هوءَ کڻي وئي آهي،
    -----
    آءُ تون منهنجي نيڻن جي ، مينهن ۾ اچي ڀڄ،
    جيءَ ۾ تو لئه جايون مٺڙي ، ائين نه مونکان ڊڄ،
    -----
    رونبو خوب ڪري ٿي کلندي ، ڇوري هِن ٻني ۾،
    مرڪي مرڪي ايندي سرڪي ، منهنجي من ــ ٻني ۾ ،
    -----
    سون ورني سڪ اسان جي ، املھ پنهنجو چاھ،
    توسان ڪيڏي محبت مٺڙي ، ڄاڻي هڪ الله،
    -----
    زندگي ۾ اڄ ڪوئي ، پنهنجو پرائو ٿي ويو،
    اڄ غمن جي ٽام تي ، هڪ گؤنچ سائو ٿي ويو،
    -----
    ويل وهاڻي جيڪا هاڻي ، ايندي ڪين سڀاڻي،
    پيار ڪري وٺ، اڄ ئي پيارا، هينئر هينئر هاڻي هاڻي،
    -----
    ڪوئي راھ تڪي ٿو تنهنجي ، اجھائي ٿو هرهر توڏي.
    پنهنجا سندر نيڻ کڻي تــــــــــون، نهار مٺڙي مونڏي،
    -----

    محبت کاڌي مات نه هتڙي ، پيار ٻڌي آ پڳ،
    سچــــــــا ايندا سينڍن تي ، گھٻرائيندا ٺڳ،
    -----
    آءُ ڪيون اڄ قرب ڪچهريون ، کولي دل اوطاق،
    اوريون سڀئي راز دل جا ، کولي دل جا طاق،
    -----
    هوءَ اڪيلي ڇو ٿي هتڙي ، ڳوڙهــــــــــــــــــا ڳل وهائي،
    ڪنهنجي سار آهن جي من ۾ ، ڪنهن کي ٿي هوءَ چاهي.
    -----
    دل ڪتاب تون کولي ڏس، محبت جو مضمون لکيل آ،
    تون ئي آهين هر هڪ سٽ ۾ ٻيو سڀ ڪجھه ڊهيل آ
    -----
    رات آئي آ، ياد آئي آ، تنهنجي دل ۾ تات آئي آ،
    آءُ تون اوري، دل کي سوري، سهڻي اڄ لمحات آئي آ،
    -----
    توسان نينهن لڳائي دل کي، آيو آ آرام،
    ڏک ويا هَن ڏور سمورا خوشيون آهن جام،
    -----
    رم جھم برسي، روح ٿو ترسي، آءُ پرين تون آءُ،
    نيڻ ڀنل هن، دل بيڪل آ، مونسان ڪر پرچاءُ،
    -----
    رات اسان به تنهنجي خاطر ، دل جا ديپ جلايا ها،
    تنهنجي راھ تڪيندي مٺڙي ، نيڻن نير وهايا ها،
    -----

    آهي ڪوئي آهي جيڪو دل ۾ جھــــــــــــــــــاتي پائي،
    پنهنجو سمجھي مونکي جيڪو ، پنهنجي سيني لائي،
    -----
    آهي ڪوئي آهي ، جيڪو سپنـــــــا دل جا پوئي،
    دردن هاڻي دل اسان جي، پيار پنهنجي سان ڌوئي،
    -----
    پيار اسان جو پلپل وڌندو ، سانئڻ سؤ سؤ وار،
    هر گھڙي پوءِ چاهت هوندي ، پلپل هوندو پيار،
    -----
    سانجھي ٽاڻي، گونجي دل ۾، ڪوئي سريلو گيت،
    تون ئي آهين منهنجو دلبر ، تون ئي من جو ميت،
    -----
    شام ٿيڻ سان، تنهنجو چهرو، چنڊ جيان چمڪي ٿو،
    چوڏهينءَ جو ڄڻ چنڊ ڪوئي ، سنڌوءَ ۾ ٻهڪي ٿو،
    -----
    دل سڪي ٿي تـــــــو لئه ايڏو ، جيڏا ٿري اڃارا،
    تنهنجون يادون در کڙڪائن ، دل جو هر دم پيارا،
    -----
    سُندر سُندر سپني وانگر ، پيارا پهچي وڃ،
    ڏينهن هجي يا رات هجي ، تون دل جا تالا ڀڃ،
    -----
    موسم ٿڌڙي، دل ۾ اٿايا، ڏاڍا هن طوفان،
    ستل هيا جيڪي دل ۾ ، جاڳي پيا ارمان،
    -----

    پن ڇڻ ۾ ٿي، رت بسنتي، ملي ڪيون ڪي ميلا،
    آءُ پرين ڏيون پيار پنهنجي کي ، رُخ نوان نويلا،
    -----
    ڄڻ سريلو گيت تون آهين ، سٽ سٽ ۾ ٿي سڪ،
    آءُ پرين تون، ويجھو منهنجي، تنهنجي پيار ڀڪ،
    -----
    ڪين لڪايم توکان ڪجھه به ، توکي ٻڌايم راز سمورا
    آءُ پرين تـــــــــون من اڱڻ تي ، خواب ٿين ڪي پورا
    -----
    سرتي ڏاڍي سهڻي آهين ،سپنن جي آن راڻي تون،
    دل ۾ تون ئي رهندي آهين ، شال جواني ماڻي تون،
    -----
    من اڱڻ آ پياسو تو لئه ، آءُ پرين تـــــــــون آءُ،
    تو لئه ترسي منهنجو منڙو ، ساري توکي ساھُ،
    -----
    مرڪڻ مهل مٺڙي ، لڳين ٿي پئي ائين،
    مکڙي ڄڻ گلاب جي ، ٽڙي پئي ڪا جيئن،
    -----
    آءُ اي سجني مونکان وٺ ، گلڙن جي تون جھول،
    دل چوي ٿي ٻڌندو رهان مان ، تنهنجا مٺڙا ٻول،
    -----
    جھومي ٿو پيو روح اسان جو ، کلي پوي ٿي دل،
    ياد اوهان جي گھر بڻــــــــــايو ، اچي ٿي پلپل،
    -----


    مالهڻ مونکي گل پٽي ڏي ، ڏيان پرين کي آءٌ،
    گل کان وڌ آ نازل سپرين ، سندر سندس نانءٌ ،
    -----
    پيار ڪرڻ سڀ انسانن سان ، آهي سنڌين جي ريت،
    پيار ڪيون ٿا سنڌ امڙ سان ، پختي سنڌ سان پريت،


    وايون

    وار وکيري ٿي جڏهن،

    وار وکيري ٿي جڏهن،
    ٿي وڃي ٿـــــــي رات،
    مٺڙي آهي بات.
    چهرو ٿي کولي جڏهن،
    ڦٽي ٿـــــــــــــــي پرڀات،
    مٺڙي آهي بات.
    ڪجل ٿي پائي جڏهن،
    رات کائي ٿـــــــي مات،
    مٺڙي آهي بات.
    ملڻ واري هر گھڙي،
    سڪ جــــــــــي سوغات،
    مٺڙي آهي بات.


    توسان رهـــــــــاڻيون،

    توسان رهـــــــــاڻيون،
    ڪري منهنجو روح ٿو ......
    ويون آهــن واسجي،
    ڳليون ڳوٺـــــــاڻيون،
    توسان رهـــــــــاڻيون،
    ڪري منهنجو روح ٿو ......
    ڳائن ڳــــوٺ ڳليون،
    قرب ڪهــــــــــاڻيون،
    توسان رهــــــــاڻيون،
    ڪري منهنجو روح ٿو ......
    سپنا پيـــــــا مهڪي،
    سندءِ سرهــــــــاڻيون،
    توسان رهــــــــاڻيون،
    ڪري منهنجو روح ٿو ......
    تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    اکيون ايــــــــــاڻيون،
    توسان رهـــــــاڻيون،
    ڪري منهنجو روح ٿو ......


    چنڊ ڀڃي ٿــــــــو ڪَرَ،

    چنڊ ڀڃي ٿــــــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.
    ڪري ڪشـــــالا آئيو،
    ڏاري سڀ ڏونـــــــگرَ،
    چنڊ ڀڃي ٿــــــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.
    ننڊ اکيون اکيون،
    مهٽي ٿـــــــــــو هَرَ هَرَ،
    چنڊ ڀڃي ٿـــــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.
    جوڙي آيـــو جيءَ ۾،
    محبت سنـــــــدا گھَرَ،
    چنڊ ڀڃي ٿــــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.
    آيو آهــــــــــــــي اڏري،
    پائــــــــــــــي پريت پَرَ،
    چنڊ ڀڃي ٿــــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.
    وارن ۾ ويڙهي ٿو،
    ڏئـــــي وارن وَرَ،
    چنڊ ڀڃي ٿـــــو ڪَرَ،
    جاڳي آهي رات.


    توسان جــــــي مليس،

    توسان جــــــي مليس،
    ڏنيــــــــــــون واڌايون ، اچي هير مونکي.
    چمپــــــا ۽ چنبيلي،
    واس کڻــــــي آيون،
    ڏنيــــــــــــون واڌايون ، اچي هير مونکي.
    ٽانگر ٽلي آئيـــــــا،
    ڳائن ٿــــــــــــا وايون،
    ڏنيــــــــــــون واڌايون ، اچي هير مونکي.
    تنهنجون اکيون اکئين،
    مون هن هيرايــــــون،
    ڏنيــــــــــــون واڌايون ، اچي هير مونکي.


    آيون برســــــــــاتيون،

    آيون برســــــــــاتيون،
    سار اُٿي ساھ ۾.
    منهنجي من مرڪي،
    وايون اڄ ڳاتيون،
    سار اُٿي ساھ ۾.
    نم تي صبح جــو،
    ڪويل جون لاتيون،
    سار اُٿي ساھ ۾.
    تو بن ڪيئن گذرن،
    جوڀن جون راتيون،
    آيون برساتيون،
    سار اُٿي ساھ ۾.


    دلڙيءَ جي دعـــــــا،

    دلڙيءَ جي دعـــــــا،
    او شل اچي ســـــا!
    جنهن کي ساري جندڙي.
    هينئون آهي هيڪلو،
    ٿئي منهنجي جـــا،
    او شل اچي ســـــــا!
    جنهن کي ساري جندڙي.
    وھ لڳي هر خوشي،
    مونکي جنهن سواءِ،
    او شل اچي ســــا!
    جنهن کي ساري جندڙي.
    نيڻن ساڻ ٻهاريـــان،
    آءٌ جنهن لئه رستــــا،
    او شل اچي ســا!
    جنهن کي ساري جندڙي.
    ڀنل نيڻن منهنجـا،
    جنهن لئه هِن رهندا،
    او شل اچي ســا!
    جنهن کي ساري جندڙي.


    ساھ اندر ســــــارون،

    ساھ اندر ســــــارون،
    ڦٽيون مينديءَ ڦول جيا ن .
    ڏور رهندڙ ڏي،
    مون مڪيون ميارون،
    ساھ اندر ســــارون،
    ڦٽيون مينديءَ ڦول جيا ن .
    پهتيون پرينءَ تائين،
    پريت پڪـارون،
    ساھ اندر ســارون،
    ڦٽيون مينديءَ ڦول جيا ن .
    تو بـــن هيءَ دلڙي،
    ٿي پئي ڦــــــارون،
    ساھ اندر ســارون،
    ڦٽيون مينديءَ ڦول جيا ن .


    نهاريان ٿـــــــــــو واٽ،

    نهاريان ٿـــــــــــو واٽ،
    ڪڏهن ايندين سپرين؟
    اونداهون آجيـــــــــون ،
    مون لئه بڻجي لاٽ ،
    ڪڏهن ايندين سپرين؟
    جيون پاڻـــي قطرو ،
    سمنڊ حياتي جــاٽ ،
    ڪڏهن ايندين سپرين؟
    سانجھه ٿي ، شفق به ،
    ڪيا اوچـــــــــا ڳاٽ ،
    ڪڏهن ايندين سپرين؟
    چاھ جي چنڊ جــــا ،
    رستن تي چمڪـاٽ ،
    ڪڏهن ايندين سپرين؟


    توکي ســـــــــاري ڀُون،

    توکي ســـــــــاري ڀُون،
    آءُ ڀٽائي گھوٽ.
    مانديون آهن تو لئه،
    هالا جـــــــون ڀٽون،
    آءُ ڀٽائي گھوٽ.
    آهن ڄڻ ويران سڀ،
    واريءَ جـــــون چڳون،
    آءُ ڀٽائي گھوٽ.
    تنهنجي ڌڙڪن ٿر ۾،
    محسوس ڪئي مون،
    آءُ ڀٽائي گھوٽ.


    تون جي نه آهين سرتي،

    تون جي نه آهين سرتي،
    خوشي وڻي نه ڪائي،
    ماري تنهنجي جدائي.
    مون لڙڪ لاڙي رکيـا،
    چهري تي کِلَ سجائي،
    ماري تنهنجي جدائي.
    آءٌ هت روئان اڪيلو،
    توکي آ ڪل نه ڪـــائي،
    ماري تنهنجي جدائي.
    نِيرن جي مون تو لئه،
    سنڌو آهي وهــــــــــائي،
    ماري تنهنجي جدائي.
    مونکي وساري ڇڏيئي،
    ڇا آ وفا اِهـــــــــــا ئي ؟!
    ماري تنهنجي جدائي.


    پرين پيـــــار سارو،

    پرين پيـــــار سارو،
    اوهان جي حوالي.
    اچين جي اڱڻ تي،
    هارُ ٻـــــانهن وارو،
    اوهان جي حوالي.
    چپن جي چاهت ۽،
    اکِن جو اشــــــارو،
    اوهان جي حوالي.
    دل جي هر ڌڙڪن،
    ۽ ســـاھ کڄڻ وارو،
    اوهان جي حوالي.


    ڏور جڏهن ويندينءَ،

    ڏور جڏهن ويندينءَ،
    مونکي ياد ڪندينءَ،
    چاڪ چڪي پوندءِ.
    ڪويل جـي ڪوڪو،
    تون جڏهن ٻڌندينءَ،
    چاڪ چڪي پوندءِ.
    اڪيلو جي بـــــــــاغ ۾،
    واس وٺڻ ويندينءَ،
    چاڪ چڪي پوندءِ.
    سوچن ئي سوچن ۾،
    ڇِرڪَ پئـي ڀريندينءَ،
    چاڪ چڪي پوندءِ.
    خيالن ۾ به خواب تون،
    روز منهنجـا ڏسندينءَ،
    چاڪ چڪي پوندءِ.


    هيءَ سيـــــاري واءُ،

    هيءَ سيـــــاري واءُ،
    ساڙي منهنجو ساھُ.
    پوھ جي پـــــــــاري،
    ڪيو آڌر ڀــــــــــــاءُ،
    ساڙي منهنجو ساھُ.
    پرين بنـــــان پَلُپَلُ،
    ڏئي ٿــــــــــــو ايذاءُ،
    ساڙي منهنجو ساھُ.
    ڊسمبر جون راتيون،
    ۽ پنن جـــــــو پڙلاءُ،
    ساڙي منهنجو ساھُ.
    آءُ پرين تــــــــو بن،
    آ، سوُرن جو سوداءُ،
    ساڙي منهنجو ساھُ.


    ساٿ نه ڇڏ او سائين،

    ساٿ نه ڇڏ او سائين،
    ڪجھه ته ساٿ نڀاءِ،
    منزل اڃان ڏور آ.
    ساٿي سـاھ آ ٿڪل،
    کنُ پَلُ ڇــــــاتي لاءِ،
    منزل اڃان ڏور آ.
    منزل ڏي جيڪا وڃي،
    ســـــا تون واٽ وٺاءِ،
    منزل اڃان ڏور آ.
    چاهت جي چکيــــا تي،
    چارڻ چنگ وڄـــــــاءِ،
    منزل اڃان ڏور آ.
    ڪاغذ قـــلم وانگر،
    مونسان ســـاٿ نڀاءِ،
    منزل اڃان ڏور آ.


    زخم ڪُــــرن ٿا،

    زخم ڪُــــرن ٿا،
    تنهنجي مهڻن تي.
    ڪيڏو سنـــــــاٽو،
    سُڏڪا ٻُرن ٿـــا،
    تنهنجي مهڻن تي.
    سُورَ وري سنبري،
    مون ڏي سُرن ٿــــا،
    تنهنجي مهڻن تي.
    ڪنڊا ڄڻ دل ۾،
    چڀي چُرن ٿــــا،
    تنهنجي مهڻن تي.


    ٻوڏ اچي جيئن ڪچي،

    ٻوڏ اچي جيئن ڪچي،
    ائين ڪوئي اچي،
    منهنجي من ۾ .
    جيئن رات مـــات کائي،
    ڏينهن جي رنگ ۾ رچي،
    ائين ڪوئي اچي،
    منهنجي من ۾ .
    مينهوڳي ۾ مست ٿي،
    جيئن ڊيل ڪائي نچي،
    ائين ڪوئي اچي،
    منهنجي من ۾ .
    ماڪ سان ملي ڪري،
    جيئن گلاب ڪوئي نچي،
    ائين ڪوئي اچي،
    منهنجي من ۾ .


    ڏور ٿـــــــي رهي،

    ڏور ٿـــــــي رهي،
    ڪين ٿـــــــــي ٺهي،
    مون سان منهنجي پوپري.
    ڪاوڙ به ان جي،
    ڪين ٿــــــــــي لهي،
    ڪين ٿــــــــــي ٺهي،
    مون سان منهنجي پوپري.
    شرم ٻوٽي وانگيان،
    نه ٿــي هٿ سهي،
    ڪين ٿــــــي ٺهي،
    مون سان منهنجي پوپري.
    منٿ تي به مون وٽ،
    ڪين ٿـــــــــي رهي،
    ڪين ٿـــــــــي ٺهي،
    مون سان منهنجي پوپري.


    ٿي وئـــــــــي اوير،

    ٿي وئـــــــــي اوير،
    پائي پريت پير،
    آئي ڪين اڃان !
    چنبيلي جي مکڙي،
    ماڪ ۾ ڀري پير،
    آئي ڪين اڃان !
    دلڙي ڪري صاف،
    ڪڍي من مان ميرَ،
    آئي ڪين اڃان !
    چيائين مونکــــــــي،
    اينديس آءٌ سوير،
    آئي ڪين اڃان !


    چاهت جــــــا چارا،

    چاهت جــــــا چارا،
    الفت اشـــــــــــــــــــارا،
    ياد آهن مونکي.
    چوڏهينءَ چنڊ جهڙا،
    تنهنجــــــــــــا ڏيکارا،
    ياد آهن مونکي.
    توڏي ايندڙ گَسَ،
    ۽ رستـــــــــا سارا،
    ياد آهن مونکي.
    توکي جي پارايم،
    گجرا گلــــــن وارا،
    ياد آهن مونکي.
    ملڻ ويــــلي ٽهڪ،
    ڏنئه جــــــــي پيارا،
    ياد آهن مونکي.


    تـــــــوکي پڪاريان،

    تـــــــوکي پڪاريان،
    راهون نهـــــــــاريان،
    ايندين ڪڏهن او پرين!
    آس جي نــــاؤ کي،
    ڪيسين مان تاريان،
    ايندين ڪڏهن او پرين!
    دَرَ ڏي ٿــــو هرهر،
    تو لئه نهــــــــــاريان،
    ايندين ڪڏهن او پرين!
    تنهنجي ڳڻتين ۾،
    پنهنجو من ڳاريان،
    ايندين ڪڏهن او پرين!
    اچين جــي هيڪر،
    جندڙي هــي واريان،
    ايندين ڪڏهن او پرين!


    منهنجي سڏ تي آءُ،

    منهنجي سڏ تي آءُ،
    کڻي رتا گل.
    جيءَ ۾ آ جاءِ تـــــــو لئه،
    لُونءَ لُونءَ منجھه لڳاءُ،
    منهنجي سڏ تي آءُ،
    کڻي رتا گل.
    منهنجي نيڻن جو سدا،
    تـــــــــــــــــــو ۾ آ چتاءُ،
    منهنجي سڏ تـــي آءُ،
    کڻي رتا گل.
    ڪڏهن ايندينءَ تـون،
    ڪانهي سڌ سمــــــــاءُ،
    منهنجي سڏ تــي آءُ،
    کڻي رتا گل.
    تنهنجي خبر ڏي ٿو ،
    تنهنجي پـار جو واءُ،
    منهنجي سڏ تـــي آءُ،
    کڻي رتا گل.


    توڙي آهي جھل،

    توڙي آهي جھل،
    جذبــــــــا هن جبل،
    پرينءَ پار پهچبو.
    پرينءَ ڏي ويندي،
    قـــدم هن اڻجھل،
    پرينءَ پار پهچبو.
    ساجن سوا مونکي،
    صديون لڳن پــل،
    پرينءَ پار پهچبو.
    ڏکن ۾ به منهنجا،
    نـــــاهن نيڻ ڀنل،
    پرينءَ پار پهچبو.


    هر پـــــــــــل آ رهندي،

    هر پـــــــــــل آ رهندي،
    مون مـــــن ۾ مهڪ،
    سرتي تنهنجي ساھ جي.
    دلڙي سڏي تــــــــــــــوکي،
    ڏيکاءِ ڪـــــــــــا جھلڪ،
    مون مـــــن ۾ مهڪ،
    سرتي تنهنجي ساھ جي.
    آهي اوسيئڙو گھڻو،
    اينديئن اٿــــــــــــــــم پڪ،
    مون مــــــــــن ۾ مهڪ،
    سرتي تنهنجي ساھ جي.
    تو بن خوشيون، کجڪا،
    مون لئه ٿُــــــوهر ، اَڪَ،
    مون مــــــــــن ۾ مهڪ،
    سرتي تنهنجي ساھ جي.


    ڪنڌ جھڪـــــــائي هيٺ،

    ڪنڌ جھڪـــــــائي هيٺ،
    هوءَ ڏس ڪنهنجي ڪاڻ،
    ڇوري شرمائي پئي.
    کڻي کٿــــــــــوري مَڻَ،
    آئـــــــــــي آهــــــــي هاڻ،
    ڇوري شرمائي پئي.
    بـــــــــــــدن ڀيڄ جهڙو،
    ساهن ۾ سرهــــــــــاڻ،
    ڇوري شرمائي پئي.
    کُهنبا ڪپڙا پــــــائي،
    آئي آ مون ڀـــــــــــــــاڻِ،
    ڇوري شرمائي پئي.
    سونهن جي ڄـــــڻ ته،
    اٿس ڪـــائي کـــــاڻ،
    ڇوري شرمائي پئي.


    اڄ جھاتيون پاتيون،

    اڄ جھاتيون پاتيون،
    پرين منهنجي من ۾.
    اکين ۾ اکيون ڏئي،
    گذري ويون راتيون،
    اڄ جھاتيون پاتيون،
    پرين منهنجي من ۾.
    دل جي واديءَ ۾،
    ڪويل جون لاتيون،
    اڄ جھاتيون پاتيون،
    پرين منهنجي من ۾.
    آئي آهي سجني،
    اکيون ڏسي آتيون،
    اڄ جھاتيون پاتيون،
    پرين منهنجي من ۾.
    سڳنڌ جون سوين،
    وٺيون برساتيون،
    اڄ جھاتيون پاتيون،
    پرين منهنجي من ۾.


    ساري رات مونسان،

    ساري رات مونسان،
    هيو گڏ ڪوئي،
    ٽڙيا ڪنول دل جا.
    منهنجي دل مان ڏک،
    جنهن ڇڏيا ڌوئي،
    ٽڙيا ڪنول دل جا.
    ساهن جي مالها،
    جنهن سان مون پوئي،
    ٽڙيا ڪنول دل جا.
    دعائن ۾ گھريم،
    آيو آ سوئي،
    ٽڙيا ڪنول دل جا.


    اکيون ماکيءَ لار،

    اکيون ماکيءَ لار،
    پيهي ويون دل ۾.
    ڪجلين قرب مان،
    ڪيا دل تي وار،
    اکيون ماکيءَ لار،
    پيهي ويون دل ۾.
    قيدي ڪيئون قرب ۾،
    ڏئي اڻکٽ پيار،
    اکيون ماکيءَ لار،
    پيهي ويون دل ۾.
    جڏهن ياد پون،
    نيڻان وهن نار،
    اکيون ماکيءَ لار،
    پيهي ويون دل ۾.


    تون آن وراڻي،

    تون آن وراڻي،
    منهنجي هرهڪ گيت جي.
    صورت آ سهڻي،
    تنهنجي او! راڻي،
    تون آن وراڻي،
    منهنجي هرهڪ گيت جي.
    ٽڙيل گل گلاب آ،
    تنهنجي جواڻي،
    تون آن وراڻي،
    منهنجي هرهڪ گيت جي.
    تو بن آ اڌوري،
    پيار ــ ڪهاڻي،
    تون آن وراڻي،
    منهنجي هرهڪ گيت جي.


    ڪين آئين دلدار،

    ڪين آئين دلدار،
    اکيون سڪن تو لئه.
    دل جي دنيا ۾،
    پکڙيل تنهنجا پيار،
    اکيون سڪن تو لئه.
    سڏڪا سڏڪا ساھ ۾،
    وکريل وکريل وار،
    اکيون سڪن تو لئه.
    ساھ اندر سُرڪي،
    سجني تنهنجي سار،
    اکيون سڪن تو لئه.
    مون کان سڀ رستا،
    پڇن تنهنجا پار،
    اکيون سڪن تو لئه.


    من ۾ منهنجي واسُ،

    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.
    موسم ڦلواڙيءَ ۾،
    جھومي ٿو آڪاس،
    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.
    مرڪي مليئن مونسان،
    ڪري نفرت ناس،
    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.
    ڌڙڪن آهين تون،
    تون ئي منهنجو ساس،
    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.
    آءُ پرين جوڀن،
    پچي ٿيو راس،
    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.
    ملڻ سان مهڪي پيو،
    منهنجو ميرو ماس،
    من ۾ منهنجي واسُ،
    آهي تنهنجي روح جو.


    کلي ڪئي کيڪار،

    کلي ڪئي کيڪار،
    اڄ چنبيليءَ چنڊ جي.
    ماڪ ۾ چنڊ جا،
    چهرا ٺهيا چار،
    کل ڪئي کيڪار،
    اڄ چنبيليءَ چنڊ جي.
    چميا ڳَلَ گلاب جا،
    پوپٽ اڄ ٻيهار،
    کل ڪئي کيڪار،
    اڄ چنبيليءَ چنڊ جي.
    چنڊ پکيڙي ڇڏيا،
    چمبيليءَ تي ڄار،
    کل ڪئي کيڪار،
    اڄ چنبيليءَ چنڊ جي.


    منهنجي منٿ مڃ،

    منهنجي منٿ مڃ،
    اڄ نه وڃ او پرين!
    منهنجي روئڻ تي،
    تون رڪجي وڃ،
    اڄ نه وڃ او پرين!
    سپنا منهنجا سپرين،
    تون نه ائين ڀڃ،
    اڄ نه وڃ او پرين!
    منهنجي“ لوھ” قسمت،
    پنهنجي پيار سان سڃ،
    اڄ نه وڃ او پرين!


    تنهنجا اگھان ڳوڙها،

    تنهنجا اگھان ڳوڙها،
    پنهنجي پنبڙين سان.
    محبت ڪيئن سمجھندا،
    ماڻهو مت موڙها،
    تنهنجا اگھان ڳوڙها،
    پنهنجي پنبڙين سان.
    آءُ ته ڏيون گڏجي،
    دردن کي لوڙها،
    تنهنجا اگھان ڳوڙها،
    پنهنجي پنبڙين سان.
    اچي ويھه، دل جا،
    دڳ ناهن سوڙها،
    تنهنجا اگھان ڳوڙها،
    پنهنجي پنبڙين سان.


    لڙڪ رَکُ لاڙي،

    لڙڪ رَکُ لاڙي،
    اڄ ته خوش ٿيءُ.
    نفرت ڪڍ دل مان،
    ساڙ کي ساڙي،
    اڄ ته خوش ٿيءُ.
    سال آهين سُڏڪيو،
    بَس هڪ ڏهاڙي،
    اڄ ته خوش ٿيءُ.
    مس مليا آهيون،
    پرين تنهنجي پاڙي،
    اڄ ته خوش ٿيءُ.
    محبت پنهنجي من جي،
    ساٿي سلهاڙي،
    اڄ ته خوش ٿيءُ.


    من گھريو محبوب،

    من گھريو محبوب،
    آڱڻ آ آيو،
    کڻي نرگس گلڙا.
    جنهن سان سڪ سلسلو،
    مون آ ملايو،
    کڻي نرگس گلڙا.
    ساٿي ايندو مون ڏي،
    مون به پئي ڀانيو،
    کڻي نرگس گلڙا.
    سڪيو ساھ جنهن لئه،
    آيو آ آيو،
    کڻي نرگس گلڙا.
    ملڻ سان منهنجي،
    من ۾ سمايو
    کڻي نرگس گلڙا.


    ڇاٿو ويچارين،

    ڇاٿو ويچارين،
    اُٿ ته پهچون ماڳ تي.
    ٽڪر ٽڪجي ويندو،
    ڇو ٿو هانءُ هارين،
    اُٿ ته پهچون ماڳ تي.
    ساٿي تون پوئتي،
    ڇوٿو نهارين،
    اُٿ ته پهچون ماڳ تي.
    هاڻي هوت همت،
    ڇوٿو تون هارين،
    اُٿ ته پهچون ماڳ تي.
    مايوسين ۾ مٺڙا،
    ڇوٿو تون گھارين،
    اُٿ ته پهچون ماڳ تي.


    هي جي کٽڻهار،

    هي جي کٽڻهار،
    جن ۾ آ مهڪار،
    آندا اٿم تو لئه.
    وساميل ڏيئڙا،
    ٻاري مون ٻيهار،
    آندا اٿم تو لئه.
    رابيلن جا گجرا،
    سجني سؤ سؤ وار،
    آندا اٿم تو لئه.
    سانجھ سانوري مان،
    شفق جي هي پار،
    آندا اٿم تو لئه.


    ڪنهن آ ڳالهايو،

    ڪنهن آ ڳالهايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا،
    منهنجي من ۾ پيار،
    جنهن آ سمايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا،
    هٿ جي ريکائن ۾،
    ڪير نظر آيو؟
    ٽڙيا گل گلاب جا،
    رٺل آشائن کي،
    ڪنهن آ پرچايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا،


    ڪاڪ ڪهي ڪو آيو آ،

    ڪاڪ ڪهي ڪو آيو آ،
    دِل دَرُ ڪنهن کڙڪايو آ،
    رابيلي رهاڻ رچيل آ.
    مومل ميڙون منٿون ڪري،
    راڻي کي ريجھايو آ،
    رابيلي رهاڻ رچيل آ.
    چاهت جي چمن تي،
    چارڻ چنگ وڃايو آ،
    رابيلي رهاڻ رچيل آ.
    سالن کان پوءِ سڪ کڻي،
    دلبر در تي آيو،
    رابيلي رهاڻ رچيل آ.


    من گھريو مهمان،

    من گھريو مهمان،
    اڱڻ آئيو منهنجي.
    سجايم جنهن لئه،
    الفت جو ايوان،
    اڱڻ آئيو منهنجي.
    روح ۾ آهي رچيل،
    جو آ منهنجي جان،
    اڱڻ آئيو منهنجي.

    *


    دل ۾ وَڍَ وجھن،

    دل ۾ وَڍَ وجھن،
    يادون ۽ بند ڪمرو
    ويو ڪو وڇڙي،
    ڳوليو ٿا ڳولن،
    يادون ۽ بند ڪمرو
    آءٌ ۽ اڪيلائي،
    مونسان ڳالهائن،
    يادون ۽ بند ڪمرو
    سوز وارا سُرَ،
    هاڻي جھونگارن،
    يادون ۽ بند ڪمرو
    سندر سا ناري،
    ڪين ٿا ڏسن،
    يادون ۽ بند ڪمرو


    واعدا ڪين ٽوڙ،

    واعدا ڪين ٽوڙ،
    اميدون نه ٻوڙ،
    سجني قياس ڪر!
    مونکان ايڏو جلد،
    منهن نه ائين موڙ،
    سجني قياس ڪر!
    بند ڏنل لڙڪن کي،
    تون ائين نه ٽوڙ،
    سجني قياس ڪر!
    هوريان هوريان هانءَ ۾،
    خنجر تون نه کوڙ،
    سجني قياس ڪر!
    نازڪ سڳو نينهن جو،
    بيدردي سان نه ٽوڙ،
    سجني قياس ڪر!


    هينئڙو پرين جو مون،

    هينئڙو پرين جو مون،
    هيئين سان لاتو،
    پوءِ به من آتو.
    پيچ پختو پريت جو،
    هن سان مون لاتو،
    پوءِ به من آتو.
    هرهر هوءَ مونسان،
    ڳنڍي ٿي ناتو،
    پوءِ به من آتو.
    روڪ اٿس رستي ۾،
    توڙي مون ڄاتو،
    پوءِ به من آتو.
    کوليو اٿم هن وٽ،
    محبت جو کاتو،
    پوءِ به من آتو.


    ڪين ڪري ٿي وفا،

    ڪين ڪري ٿي وفا،
    سنگِ دل آهي صفا،
    منهنجي من جي پوپري.
    هر گھڙي هر ڳالھ تي،
    مونسان ٿئي ٿي خفا،
    منهنجي من جي پوپري.
    ملڻ ايندي آ جڏهن،
    ويهندي آ مونکان جدا،
    منهنجي من جي پوپري.
    آءٌ چوانس ٿو “ويھه” پَرَ،
    هوءَ چوي ٿي “الوداع”
    منهنجي من جي پوپري.


    توڙي پير پٿون،

    توڙي پير پٿون،
    پوءِ به پرين مون،
    قدم جهليا ڪين ڪي.
    توکي ساريو سرتا!
    پرھ ويلي مون،
    قدم جهليا ڪين ڪي.
    واٽ ولوڙيندي وو،
    پئجي ويون لڦون،
    قدم جهليا ڪين ڪي.
    توڙي دل مٿان،
    ڪريون درد ڇِپون،
    قدم جهليا ڪين ڪي.
    منزل به ملندي،
    ملندين جڏهن تون،
    قدم جهليا ڪين ڪي.


    نسريا سڪ جا سَرَ،

    نسريا سڪ جا سَرَ،
    پائي پريت پَرَ،
    جلدي آءُ جيڏي.
    دل جي سمونڊ ۾،
    آئي پريت لَهَرَ،
    جلدي آءُ جيڏي.
    تنهنجي پيار من ۾،
    بڻايا هن گھر،
    جلدي آءُ جيڏي.
    منهنجي من اڱڻ تي،
    وَسِيا قرب ڪڪر،
    جلدي آءُ جيڏي.
    ڇُلن ٿا ڇوھ ۾،
    برھ جا بحر،
    جلدي آءُ جيڏي.


    ڪين ڪڏهن ٽٽندو،

    ڪين ڪڏهن ٽٽندو،
    ڳنڍيل ئي رهندو،
    سڳو سڪ سندو پرين.
    توڙي اچن وڇوڙا،
    مضبوط پيو ٿيندو،
    سڳو سڪ سندو پرين.
    وقت جي وڪڙ ۾،
    اڃان به پيو وٽبو،
    سڳو سڪ سندو پرين.
    ڪو به نه ٽوڙي سگھندو،
    ڪين ٽٽي سگھندو،
    سڳو سڪ سندو پرين.
    توسان ئي ڳنڍيل آ،
    ٻي سان نه ڳنڍبو،
    سڳو سڪ سندو پرين.


    آهيان ڪين ٿڪو،

    آهيان ڪين ٿڪو،
    توڙي رستو آ ڏکيو.
    واٽ ولوڙي ويندس،
    ارادو آ پڪو،
    توڙي رستو آ ڏکيو.
    ويندي پرينءَ پار ڏي،
    مونکي ڊپ نه ڪو،
    توڙي رستو آ ڏکيو.
    منزل ڏاڍي ڏور آ،
    ويندس آءٌ يڪو،
    توڙي رستو آ ڏکيو.


    تيسين شال جيان،

    تيسين شال جيان،
    جيسين ملان توسان!
    صديون ويون گذري،
    روئان ٿو اڃان،
    جيسين ملان توسان!
    ساٿ ڌڻي هر گھڙي،
    توکي ٿو سڏيان،
    جيسين ملان توسان!
    تو بن آءٌ اڌورو هان،
    ڪيئن مڪمل ٿيان،
    جيسين ملان توسان!
    خواب روئن تو بن،
    توبن ٿو سڏڪان،
    جيسين ملان توسان!


    ڏور نه وڃو پيارا،

    ڏور نه وڃو پيارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    ساھ سڪي تو لئه،
    پلپل ٿو پيارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    سِڪ جي سمونڊ جا،
    اوهين ڪنارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    تارن ۾ جيئن چنڊ،
    اوهين نيارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    سڪايل خادم جا،
    اوهين سهارا،
    اوڏا اچو سپرين.


    ڦوٽا ۽ ڦريون،

    ڦوٽا ۽ ڦريون،
    پچي ويون هن،
    اڃا تون نه آئين!.
    لڪ لڪوٽي راند،
    پکي پيا ڪن،
    اڃا تون نه آئين!.
    چوڌاري گجگوڙ،
    کنوڻيون پيون کلن،
    اڃا تون نه آئين!.
    کارڪون ڪڪوريون،
    انب به ٿا پچن،
    اڃا تون نه آئين!.
    هاري ڏس هاڻي،
    ڪڻڪ ٿا لڻن،
    اڃا تون نه آئين!.
    تو لئه سڪي ساھ،
    اکيون به پياسيون هن،
    اڃا تون نه آئين!.
    بادل بنان اکيون،
    ساجن ٿيون برسن،
    اڃا تون نه آئين!.


    محب مٺا سائين!

    محب مٺا سائين!
    جايون تولئه جيءَ ۾.
    سهڻو ساري جڳ کان،
    مٺڙا تون آهين،
    جايون تولئه جيءَ ۾.
    پيچ پريت جو پختو،
    مونسان ٿو پائين،
    جايون تولئه جيءَ ۾.
    ڪري ختم وڇوڙا،
    ملڻ تون آئين!
    جايون تولئه جيءَ ۾.
    ڻئي شال الله،
    ساري توکي ساھ،
    سانئڻ صبح شام.
    تنهنجو وڇوڙو مونکي،
    ڏي ٿو گِهرا گھاء،
    سانئڻ صبح شام.
    شال لڳي نه توکي،
    ڪڏهن ڪوسو واءُ،
    سانئڻ صبح شام.


    ٻانهون پائي گجرا،

    ٻانهون پائي گجرا،
    مرڪي مونڏي آءُ،
    سانئڻ صبح شام.
    گل وڇائي راھ ۾،
    ڪيانءِ آڌرڀاءُ،
    سانئڻ صبح شام.
    آهين ڏاڍي رُسڻي،
    آءُ ڪيون پرچاءُ،
    سانئڻ صبح شام.


    هاءِ اڃارو ٿَرُ،

    هاءِ اڃارو ٿَرُ،
    مالَن ڪُکِيون خالي،
    وَسُ مينهڙا وس الا!
    سانگي سڏن توکي،
    اک ڪري آلي،
    وَسُ مينهڙا وس الا!
    وسي شال وڏ ڦڙو،
    ٿئي خوشحــــــــالي،
    وَسُ مينهڙا وس الا!
    ڪاڇو،لاڙ،ٿر،
    تنهنجا سوالي،
    وَسُ مينهڙا وس الا!


    ٻهڪي پيو پڌر،

    ٻهڪي پيو پڌر،
    سانوري جي سونهن سان.
    مهڪي ٿو مکڙي جيان،
    منهنجو من اندر،
    سانوري جي سونهن سان.
    شال سدائين گڏ رهي،
    چاهت جو سفر،
    سانوري جي سونهن سان.
    ماڪ جيان لڳي پوءتر،
    مونکي پريت نگر،
    سانوري جي سونهن سان.
    مونکي ٿي محسوس ٿئي،
    پنهنجي پريت امر،
    سانوري جي سونهن سان.
    چمڪي ٿو چنڊ جيان،
    منهنجو گھر پڌر،
    سانوري جي سونهن سان.


    محبت جي مالا،

    محبت جي مالا،
    پارائي وئي پيار مان.
    چاهت کڻي چت ۾،
    نيڻ ڪري آلا،
    محبت جي مالا،
    پارائي وئي پيار مان.
    پيار جا ٺاهي هوء،
    الڳ حوالا،
    محبت جي مالا،
    پارائي وئي پيار مان.
    گلڙن جا هار ۽،
    نينهن نرالا،
    محبت جي مالا،
    پارائي وئي پيار مان.


    اندر منجھه اڪير،

    اندر منجھه اڪير،
    اڱڻ ايندو سپرين!
    رويو راهه نهاريان،
    نيڻان وهن نير،
    اڱڻ ايندو سپرين!
    آندو نياپو مون ڏي،
    اڄ پڻ ڏکڻ هير،
    اڱڻ ايندو سپرين!
    وڇوڙي جا لمحا،
    جيءَ کي ڏين جھير،
    اڱڻ ايندو سپرين!
    ختم ٿيندا وڇوڙا،
    سورن کي ڏئي سير،
    اڱڻ ايندو سپرين!


    پائي آئي وڳو،

    پائي آئي وڳو،
    سرهاڻ ڀريو سانوري.
    جڙي جيءُ وئي،
    ڳنڍي سڪ سڳو،
    سرهاڻ ڀريو سانوري.
    دل جو درياءُ،
    مون ڏي آهي ڀڳو،
    سرهاڻ ڀريو سانوري.
    ساري دنيا ۾،
    هن سان نينهن لڳو،
    سرهاڻ ڀريو سانوري.


    هوءَ اڱڻ آئي،

    هوءَ اڱڻ آئي،
    مون ڏي کڻي محبتون.
    سڪ ستل سيني،
    هن آ جاڳائي،
    هوءَ اڱڻ آئي،
    مون ڏي کڻي محبتون.
    ويا وڇوڙا ۽،
    ملي سڪ سوائي،
    هوءَ اڱڻ آئي،
    مون ڏي کڻي محبتون.


    تنهنجي تات پرين،

    تنهنجي تات پرين،
    من ۾ آهي اڃان.
    هيڪلي بڙجيان،
    تو سوا هان مٺا،
    تنهنجي ياد پرين،
    من ۾ آهي اڃان.
    جلد ڇوٿو وڃين؟
    ڪجھه ترسين ته ها،
    ساري رات پرين،
    من ۾ آهي اڃان.
    درد جي ديس ۾،
    تون ئي آٿت ڏنو،
    تنهنجي ذات پرين،
    من ۾ آهي اڃان.


    منهنجي جيجل سنڌ،

    منهنجي جيجل سنڌ،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    تون ئي منهنجو ساهه ۽،
    تون ئي منهنجي جند،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    تنهنجي دلڪش منظرن،
    موهي منهنجي جند،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    جيڪو چاهي توکي،
    سو ئي منهنجي جند،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    ڪينجھر ، منڇر ،سکر،
    جوهي منهنجي جند،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    ساري جڳ کان آن مٺي،
    چاهي منهنجي جند،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.


    ڪندو شال خدا،

    ڪندو شال خدا،
    توسان پرين ميلو،
    دلڙي دعا ٿي گھري.
    ڪين رهان شال،
    تو بن اڪيلو،
    دلڙي دعا ٿي گھري.
    محب ملان توسان،
    اِهو اچي ويلو،
    دلڙي دعا ٿي گھري.
    پرچي شال وڃي،
    پرين هٺيلو،
    دلڙي دعا ٿي گھري.


    ڪيسين هلندين ساڻ،

    ڪيسين هلندين ساڻ،
    اوکو پنڌ عشق جو.
    ڪيسين سهندين اوپرين،
    سوُر تون منهنجي ڪاڻ،
    اوکو پنڌ عشق جو.
    عشق ۾ ملندي آ پرين،
    دردن جي ڄڻ کاڻ،
    اوکو پنڌ عشق جو.
    ملندو شال مون پرين!
    هلي اچي مون ساڻ،
    اوکو پنڌ عشق جو.


    جئَ جا جيئڙا،

    جئَ جا جيئڙا،
    مون ڏي جاني تون اچ،
    ڏور بيٺو آهين،
    پائين ٿو ليئڙا،
    مون ڏي جاني تون اچ،
    ساهه ساري سدا،
    توکي ساٿيئڙا،
    مون ڏي جاني تون اچ،


    تنهنجي من ۾ سار،

    تنهنجي من ۾ سار،
    ملي وڃ هڪ وار،
    گلن جهڙا سپرين.
    اندر ۾ آهي سدا،
    تنهنجي تات تنوار،
    گلن جهڙا سپرين.
    مٺي ماکيءَ لار آ،
    تنهنجي هر گفتار،
    گلن جهڙا سپرين.
    تو بن نيڻن مان،
    وهي نير قطار،
    گلن جهڙا سپرين.


    من ۾ منهنجي پيهه،

    من ۾ منهنجي پيهه،
    منهنجي جند سنڌڙي.
    توتان گھوري مان ڇڏيان،
    دنيا جو هر ڏيهه،
    منهنجي جند سنڌڙي.
    توسان خوشيون کجڪا،
    تون منهنجو ساڻيهه،
    منهنجي جند سنڌڙي.
    دل هي تنهنجو ديس آ،
    منهنجي دل ۾ ويهه،
    منهنجي جند سنڌڙي.


    امن سندي لاٽ،

    امن سندي لاٽ،
    شال ٻري پئي،
    ته منهنجو هانءٌ ٺري پئي.
    هن قوم جو ڦورو ۽،
    ڌاڙيل مري پئي،
    ته منهنجو هانءٌ ٺري پئي.
    منهنجي سنڌ ڏي مولا،
    خوشحالي وري پئي،
    ته منهنجو هانءٌ ٺري پئي.
    سير ۾ سنڌ سهڻي،
    شال تري پئي،
    ته منهنجو هانءٌ ٺري پئي.


    سنڌڙي تنهنجو هاري،

    سنڌڙي تنهنجو هاري،
    سجاڳ ٿي پوندو،
    حق سڀ وٺندو.
    زميندار جا ظلم،
    ڪين ڪي سهندو،
    حق سڀ وٺندو.
    جنگ جوٽي ڏاڍ سان،
    ڪين ڪي هٽندو،
    حق سڀ وٺندو.
    سونا سنگ سنڌ ۾،
    پوکيندو رهندو،
    حق سڀ وٺندو.
    امن جو آواز ٿي،
    هر هنڌ گونجندو،
    حق سڀ وٺندو.


    ٿيندا شال سجاڳ،

    ٿيندا شال سجاڳ،
    مارو منهنجي ديس جا.
    پنهنجي هٿن سان هو،
    لکندا پنهنجو ڀاڳ،
    مارو منهنجي ديس جا.
    امن، پيار، خوشحالي جو،
    ڳائيندا پيا راڳ،
    مارو منهنجي ديس جا.
    پوکن پيار جي پلي،
    کائن سرنهن ساڳ،
    مارو منهنجي ديس جا.


    ظلم جا ساٿي،

    ظلم جا ساٿي،
    ڪوٽ پيو ڪيرايان،
    آءٌ هوشو آهيان.
    ديس جي ڪنڊن کي،
    گلن کان وڌ ڀانيان،
    آءٌ هوشو آهيان.
    سجاڳ ٿين سانگي،
    اهو پيو چاهيان،
    آءٌ هوشو آهيان.
    مرسون سنڌ نه ڏيسون،
    نعرو ٿو لڳايان،
    آءٌ هوشو آهيان.
    پيڙائن جا پيڙيل مارو،
    سيني سان ٿو لايان،
    آءٌ هوشو آهيان.


    ڪڏهن ويندئين ملي؟

    ڪڏهن ويندئين ملي؟
    شام جو سانوري.
    منهنجي ڀر ۾ ويهي،
    چنڊ وانگي کلي،
    شام جو سانوري.
    ساهه توکي سڏي،
    پياسي دل جي ڳلي،
    شام جو سانوري.
    پيو ٿو هرهر ڏسان،
    تنهنجي موڪليل رلي،
    شام جو سانوري.
    تون جي مونسان ملين،
    پئي انگ انگ کلي،
    شام جو سانوري.


    رابيلن جي رات،

    رابيلن جي رات،
    آيو جھول ڀري،
    بسنت رت ۾ بانورو.
    پرين کان جدا ٿي،
    هاءِ ڪيئن ڪري،
    بسنت رت ۾ بانورو.
    پسي چهرو پرين جو،
    ڏاڍو ٿو ٺري،
    بسنت رت ۾ بانورو.
    ڪري ٿو دعا،
    پرين شال وري،
    بسنت رت ۾ بانورو.
    پرينءَ لاء روئي،
    ڳڻتين منجھه ڳري،
    بسنت رت ۾ بانورو.


    اڄ بيهي در تي،

    اڄ بيهي در تي،
    ڇوٿي پائين جھاتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.
    اتان جي موٽنديئن،
    رهجي وينديون باتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.
    من اڱڻ تي وساءِ،
    برهه جون برساتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.
    سڪ جي سنسار ۾،
    تنهنجون ئي تاتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.
    اڄ ئي ڇوٿي وڃين،
    رهه ٻه ٽي راتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.
    تنهنجي ياد ڏيارن،
    ڪويل سنديون لاتڙيون،
    آءُ اچي ويهه تون.


    مونکي ياد پون،

    مونکي ياد پون،
    مارو منهنجي ملڪ جا.
    برکا رت ۾ جھومي،
    خوشيون پيا ڪن،
    مارو منهنجي ملڪ جا.
    پيرون پڪا پٽن تي،
    خوشيءَ منجھ کلن،
    مارو منهنجي ملڪ جا.
    جھجھا گاهه ٿر تي،
    مال پيا چارن،
    مارو منهنجي ملڪ جا.
    سانوڻ جي برسات ۾،
    کنڀيون پچائن،
    مارو منهنجي ملڪ جا.


    اڃان به اويري،

    اڃان به اويري،
    ڪا ڪوءتا ايندي.
    جذبن منجھه اڄ،
    جنبش آ گھڻيري،
    ڪا ڪوءتا ايندي.
    منهنجي ننڊ لاء،
    بڻجي ڄڻ ويري،
    ڪا ڪوءتا ايندي.
    ذهن ۾ خيالن جي،
    مون ٺاهي آڍيري،
    ڪا ڪوءتا ايندي.


    منهنجي آهين تون،

    منهنجي آهين تون،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    ڏسي نه توکي ڏائڻ ڪو،
    ڏسين نه ٻئي کي تون،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    سانئڻ تو لئه روح ۾،
    جڙيل هن جايون،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    توسان ملڻ لئه گھران،
    دل سان دعائون،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.
    ٻيو ڪجھه گھرجي ڪين ڪي،
    گھرجين تون ئي تون،
    توکي سانڍيان ساهه ۾.


    پيار ڪري توسان،

    پيار ڪري توسان،
    پاڻ وساريو مون،
    بس!! ياد آهين تون.
    سنجھا صبح ويلي،
    تنهنجون ئي سارون،
    بس!! ياد آهين تون.
    تنهنجي تات طلب،
    تنهنجون تنوارون،
    بس!! ياد آهين تون.
    منهنجون خوشيون کجڪا،
    خزان بهارون،
    بس!! ياد آهين تون.


    سنجھا ويلي سڏ،

    سنجھا ويلي سڏ،
    مونکي ڪيو مون پرين.
    سپنن ۾ هو رات،
    مونسان هيو گڏ،
    سنجھا ويلي سڏ،
    مونکي ڪيو مون پرين.
    هن سان منهنجو رات،
    مليل هيو هڏ،
    سنجھا ويلي سڏ،
    مونکي ڪيو مون پرين.
    مون وٽ ناهي مٺڙا،
    محبت سواءِ مڏ،
    سنجھا ويلي سڏ،
    مونکي ڪيو مون پرين.


    ڳلئَ ڳلئَ ۾ ڳائي،

    ڳلئَ ڳلئَ ۾ ڳائي،
    مون اڄ وائي،
    هوءَ اچي پئي ڪامڻي!
    گلاب وڇائي راهه ۾،
    راهه مون سجائي،
    هوءَ اچي پئي ڪامڻي!
    ساهه سنڀاريو هن کي،
    اِجھو هوءَ آئي،
    هوءَ اچي پئي ڪامڻي!
    رابيلن جا گجرا پائي،
    بڻجي سرهائي،
    هوءَ اچي پئي ڪامڻي!


    ڪڏهن ٿيندا ميل!

    ڪڏهن ٿيندا ميل!
    ايندا پرين اڱڻ تي.
    آس ٽٽي اکين جي،
    ڪين آئين هيل!
    ڪڏهن ٿيندا ميل!
    ايندا پرين اڱڻ تي.
    ويٺي راهه نهاريان،
    آءٌ صبح سويل،
    ڪڏهن ٿيندا ميل!
    ايندا پرين اڱڻ تي.
    آءُ پرين تو سواءِ،
    ڪوماڻان رابيل،
    ڪڏهن ٿيندا ميل!
    ايندا پرين اڱڻ تي.


    ساهه ۾ تنهنجي سار،

    ساهه ۾ تنهنجي سار،
    او هينئين جا هار،
    ڳولهيان توکي ڳوٺ ۾.
    آءُ ته پارايانءِ مان،
    ٻانهن سندا هار،
    ڳولهيان توکي ڳوٺ ۾.
    پيهي تي ويهي تون،
    هڪلين پئي جھار،
    ڳولهيان توکي ڳوٺ ۾.
    جوئر جا سنگ ڏسي،
    کلين پئي سئو وار،
    ڳولهيان توکي ڳوٺ ۾.
    کانڀاڻي ڦيرائيندي،
    ڪرين پئي جُهونگار،
    ڳولهيان توکي ڳوٺ ۾.


    تنهنجي لبڙن جي لالاڻ،

    تنهنجي لبڙن جي لالاڻ،
    منهنجو من موهي وئي،
    تنهنجي ڪارن وارن مان،
    آئي جڏ سرهاڻ،
    منهنجو من موهي وئي،
    ڌڻي بڻائي تنهنجي مورت،
    مٺڙي منهنجي ڪاڻ،
    منهنجو من موهي وئي،
    رابيلي ڪنهن رُت ۾،
    ڪري روح رهاڻ،
    منهنجو من موهي وئي،


    ڦلواڙيءَ ۾ اڄ،

    ڦلواڙيءَ ۾ اڄ،
    ڪنهن کي ڳولن ٿيون،
    منهنجون پوپٽ اکيون.
    منهنجي ڳالهه مونسان،
    ڪين سلن ٿيون،
    منهنجون پوپٽ اکيون.
    بسنتي هن رُت ۾،
    مکڙي کولن ٿيون،
    منهنجون پوپٽ اکيون.
    گلڙن جي محفل ۾،
    ٽهڪي ٽِلن ٿيون،
    منهنجون پوپٽ اکيون.


    مکڙي شرمائي،

    مکڙي شرمائي،
    ڏسي تنهنجا لبڙا.
    ڪيڏي سندر چاهنا،
    مون من ۾ آئي،
    ڏسي تنهنجا لبڙا.
    ڀـﺆنر ڀي پيار مان،
    ڀُون ڀُون مچائي،
    ڏسي تنهنجا لبڙا.
    پوپٽ پرڙا کولي،
    ڪئي سرهائي،
    ڏسي تنهنجا لبڙا.
    ماڪ به مرڪندي،
    گل کڻي آئي،
    ڏسي تنهنجا لبڙا.


    نفرت جو پرچار،

    نفرت جو پرچار،
    ٿي پيو آزار،
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي.
    صدين پڄاڻان اڄ به،
    سماج آ بيمار،
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي.
    امن جي پکن پَکين تي،
    بندوقن جا وار،
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي.
    اچو ته گڏجي پوکيون،
    پاڻ پيار ئي پيار،
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي.
    شاهه ڀٽائيءَ جو سبق،
    ياد ڪريون يار،
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي.


    او هيئين جا هار،

    او هيئين جا هار،
    تو لئه سڪي من،
    آئين ڪين اڃان!
    جيون سارو رڃ،
    پياسو آ جوڀن،
    آئين ڪين اڃان!
    نيڻ وڇايان راهه تي،
    اچين جي گهڙي کن،
    آئين ڪين اڃان!
    مٺڙا تنهنجي تات ۾،
    منڙو مست مگن،
    آئين ڪين اڃان!


    تنهنجي ياد آئي،

    تنهنجي ياد آئي،
    بڻجي گيت بسنت جو.
    صبح سوير ڪوئل،
    ڪوڪو مچائي،
    بڻجي گيت بسنت جو.
    تنهنجي محبت مٺڙا،
    من ۾ سمائي،
    بڻجي گيت بسنت جو.
    مونڏي ڏسندي ئي،
    هوءَ شرمائي،
    بڻجي گيت بسنت جو.


    منهنجي من اڱڻ تي،

    منهنجي من اڱڻ تي،
    خوشبو ٿي آيو،
    تنهنجو پيار پرين.
    منهنجي حياتيءَ لئه،
    آهي سرمايو،
    تنهنجو پيار پرين.
    مقدس ڪتاب جيئن،
    مون سيني لايو،
    تنهنجو پيار پرين.
    بڻجي باک بسنت جي،
    من ۾ سمايو،
    تنهنجو پيار پرين.


    مکڙي جهڙي سهڻي آءُ،

    مکڙي جهڙي سهڻي آءُ،
    کلي اسان سان کاءُ.
    گل وڇائي راهن ۾،
    ڪيان تنهنجو آڌرڀاءُ،
    کلي اسان سان کاءُ.
    شال بهارن ۾ گذارين،
    ڪوسو لڳئي نه واءُ،
    کلي اسان سان کاءُ.
    ساهه ساهه ۾ سڪ اوهان جي،
    لونءَ لونءَ منجھه لڳاءُ،
    کلي اسان سان کاءُ.


    سرتي ڏئي ٿي سام،

    سرتي ڏئي ٿي سام،
    پنهنجي دلڙيءَ ۾.
    سڏي مونکي سڪ مان،
    ڪري ٿي سلام،
    پنهنجي دلڙيءَ ۾.
    منهنجو ساٿ مٺڙي،
    سمجھي ٿي مام،
    پنهنجي دلڙيءَ ۾.
    پريت ــ پکيئڙي جي،
    ڪري ٿي اڏام،
    پنهنجي دلڙيءَ ۾.


    گلن وارو گس،

    گلن وارو گس،
    تنهنجي گھر ڏي ٿو اچي.
    منهنجي من تي منهنجو،
    هلي ڪين وس،
    گلن وارو گس،
    تنهنجي گھر ڏي ٿو اچي.
    گلاب واسيل رستــــــا،
    ڏين تنهنجو ڏس،
    گلن وارو گس،
    تنهنجي گھر ڏي ٿو اچي.
    تون آن منهنجي ڀاڳ ۾،
    مونکي ڪهڙي ڪس،
    گلن وارو گس،
    تنهنجي گھر ڏي ٿو اچي.
    تنهنجي چاهت ۾ مٺي،
    ڏاڍو آهي چس،
    گلن وارو گس،
    تنهنجي گھر ڏي ٿو اچي.


    ڀُوري منهنجي ڀاڻ،

    ڀُوري منهنجي ڀاڻ،
    ڪڏهن ايندئين تون ڪَهي.
    ترسن منهنجون اکيون،
    هر پل تنهنجي ڪاڻ،
    ڪڏهن ايندئين تون ڪَهي.
    ٻوساٽيل هن من لاءِ،
    خوشبو جي ٿي کاڻ،
    ڪڏهن ايندئين تون ڪَهي.
    جوانيءَ جو سج پرين،
    لهڻ تي آ هـــــــــــــاڻ،
    ڪڏهن ايندئين تون ڪَهي.
    نيڻن ۾ توکان سواءِ،
    رهي ٿي آلاڻ،
    ڪڏهن ايندئين تون ڪَهي.


    ڪيسين رهندي ٻاٽ؟

    ڪيسين رهندي ٻاٽ؟
    پرهه پري ڪين آ.
    اجھو ٿيو سوجھرو،
    ظاهر ٿيندي واٽ،
    پرهه پري ڪين آ.
    چنڊ به آهي لڪو،
    جھڪي تارن لاٽ،
    پرهه پري ڪين آ.
    روشن ٿيندي ساٿيئڙا،
    جيون جي هر جاٽ،
    پرهه پري ڪين آ.
    ڪيسين هڻندي مايوسي،
    اميدن تي کاٽ،
    پرهه پري ڪين آ.


    مونکي ڏئي ونڊ،

    مونکي ڏئي ونڊ،
    محبت جو موهي وئي.
    اڀريو من آڪاش تي،
    چاهت ڀريو چنڊ،
    مونکي ڏئي ونڊ،
    محبت جو موهي وئي.
    هوءَ جي آئي ڪين اڄ،
    ڏيڻو پوندس ڏنڊ،
    مونکي ڏئي ونڊ،
    محبت جو موهي وئي.
    منڙو وئي آ موهي،
    هڻي محبت منڊ،
    مونکي ڏئي ونڊ،
    محبت جو موهي وئي.


    ڏور نه وڃو پيارا،

    ڏور نه وڃو پيارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    نينهن جي ناؤ جا،
    اوهين ڪنارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    تارن ۾ جيئن چنڊ،
    اوهين نيارا،
    اوڏا اچو سپرين.
    حياتي ۾ مون لئه،
    بڻجي سهارا،
    اوڏا اچو سپرين.


    تو بن منهنجا سپرين،

    تو بن منهنجا سپرين،
    ڄڻ ته آهي خالي،
    جيون جو پنڊال.
    ڪنهن جي اوسيئڙي ۾،
    رهندو آ بي حال،
    جيون جو پنڊال.
    نڪي ٻُري ٽهڪ ڪو،
    رڳو آ ملال،
    جيون جو پنڊال.
    آشائون ٿيون اڌما،
    اڻکٽ وحم و خيال،
    جيون جو پنڊال.
    هيڪل آ اڃان به،
    توڙي گذريو سال،
    جيون جو پنڊال.
    پرين بنا مونکي،
    لڳي ٿو وبال،
    جيون جو پنڊال.
    ڪڏهن ساٿي ايندو؟
    پڇي ٿو سوال،
    جيون جو پنڊال.


    اهڙو لڳي واءُ،

    اهڙو لڳي واءُ،
    پهچان پرينءَ پار ڏي.
    ساهه کي آهي لڳو،
    سڪ سندو سوداءُ،
    پهچان پرينءَ پار ڏي.
    پڪاري ٿو سپرين،
    سڏ ٿيو پڙلاءُ،
    پهچان پرينءَ پار ڏي.
    رات نه گذري سورن جي،
    آءُ تون پرهه آءُ،
    پهچان پرينءَ پار ڏي.
    توڙي ماڳ ڏور آ،
    پر اچي ٿو ساءُ،
    پهچان پرينءَ پار ڏي.


    پيار ڪيم توسان،

    پيار ڪيم توسان،
    ڪين آهي پڇتاءُ،
    توڙي ملن گهاءَ.
    تارينداسين هر دم،
    نينهن سندي ناؤُ،
    توڙي ملن گهاءَ.
    توسان پرين ڳنڍبا،
    نت نوان لڳاء،
    توڙي ملن گهاءَ.
    شفق جهڙي سهڻي،
    ٻاريا مِن اُلاءُ،
    توڙي ملن گهاءَ.
    گلن جي ورکا لڳن،
    تنهنجي گھور جا گھاء،
    توڙي ملن گهاءَ.


    ڄڻ ته ڪوئي چنڊ،

    ڄڻ ته ڪوئي چنڊ،
    اچي ويٺو اوڏڙو.
    منهنجي من ۾ ڪو،
    هاري پيار اکنڊ ،
    اچي ويٺو اوڏڙو.
    محب موهي مونکي،
    هڻي محبت منڊ،
    اچي ويٺو اوڏڙو.
    مونکي آيو آ ڏيڻ،
    محبت سندو ونڊ،
    اچي ويٺو اوڏڙو.
    ڄڻ ته ڪوئي چنڊ،
    اچي ويٺو اوڏڙو.
    اچي ويٺو اوڏڙو.


    ياد تنهنجي جون تندون،

    ياد تنهنجي جون تندون،
    هُرن منهنجي هانء ۾،
    سُرَ سرجي ٿا پون.
    ڄڻ ته مالائون پوئي،
    رکان ٿو سوني ٿانؤ ۾،
    سُرَ سرجي ٿا پون.
    ويهان ٿو آءٌ جڏهن،
    تنهنجي وارن ڇانؤ ۾،
    سُرَ سرجي ٿا پون.
    تنهنجي محبت مونکي،
    ملي آ ڄڻ لانؤ ۾،
    سُرَ سرجي ٿا پون.
    ماکي جهڙي آ مٺاڻ،
    سرتي تنهنجي نانء ۾،
    سُرَ سرجي ٿا پون.


    ڪيڏي پرين آهي امر،

    ڪيڏي پرين آهي امر،
    مرڪ تنهنجي او مٺا!
    چپ رهن تنهنجا رتل،
    سونهن جو آهي شهر،
    مرڪ تنهنجي او مٺا!
    سُور ٿي ڪافور ويا،
    آئي جڏهن مونکي نظر،
    مرڪ تنهنجي او مٺا!
    دل وئي پنهنجي ڪري،
    ڪيڏو رکي ٿي پئي سحر،
    مرڪ تنهنجي او مٺا!
    دل چوي ٿي منهنجا مٺڙا،
    توسان رهي شل هر پهر،
    مرڪ تنهنجي او مٺا!


    ڪجھه ته ڏِک ڏيکار،

    ڪجھه ته ڏِک ڏيکار،
    ماندو آ مون منڙو.
    پنهنجي ڪومل هٿڙن سان،
    امرت اڄ پيار،
    ماندو آ مون منڙو.
    ڏور تڪين ٿي بانوري،
    هيڏي به ته نهار،
    ماندو آ مون منڙو.
    جوڀن جا هي ڏينهڙا،
    ڏور نه مُور گذار،
    ماندو آ مون منڙو.
    ڪيل قول واعدا تون،
    پريتم اچي پاڙ،
    ماندو آ مون منڙو.
    منهنجون سڀ محبتون،
    ساجن وَٺُ سنڀار،
    ماندو آ مون منڙو.
    هيڪل هينئون منهنجو،
    پڇي تنهنجا پار،
    ماندو آ مون منڙو.


    رٺل گل گلاب،

    رٺل گل گلاب،
    سرتي سرچايون،
    آءُ ڳلي لايون،
    مٺڙي محبت پنهنجي.
    چنڊ آڱڻ آيو،
    چانڊوڪي چايون،
    آءُ ڳلي لايون،
    مٺڙي محبت پنهنجي.
    جدا توڙي جو جسم،
    روح هي ملايون،
    آءُ ڳلي لايون،
    مٺڙي محبت پنهنجي.
    چاهت چنگ چوري،
    منڙو جھومايون،
    آءُ ڳلي لايون،
    مٺڙي محبت پنهنجي.


    ڪڏهن لاٽ ٻرندي،

    ڪڏهن لاٽ ٻرندي،
    اونداهي اڱڻ تي.
    ڪائي جيون جوت،
    جوش مان جلندي،
    اونداهي اڱڻ تي.
    ڪڏهن ته خوشي ۾،
    ڪا ڀيڄ ڀنندي،
    اونداهي اڱڻ تي.
    ڪڏهن ڪاڄ ڪري،
    اچي روشني رهندي،
    اونداهي اڱڻ تي.
    اچي ڪا اميد جي،
    مکڙي به کڙندي،
    اونداهي اڱڻ تي.


    خوشبو جي کاڻ،

    خوشبو جي کاڻ،
    گلڙن جي ٻاري،
    آهي منهنجو سپرين.
    مرڪي جيئن مکڙي،
    ٽهڪن جي ٽاري،
    آهي منهنجو سپرين.
    جاڏي ڏسان ٿو،
    چؤڏس چؤڌاري،
    آهي منهنجو سپرين.
    ملي خوشيون ڏي ٿو،
    ڄڻ عيد ڏياري،
    آهي منهنجو سپرين.


    مونڏي شال اَچي،

    مونڏي شال اَچي،
    پنهنجي دل جَڙي،
    ڇڏي آ جنهن سان.
    جنهن جي جھوريءَ ۾،
    سدا ساهه سڙي،
    پنهنجي دل جَڙي،
    ڇڏي آ جنهن سان.
    پڪاريندي پرينءَ کي،
    پيو روح رڙي،
    پنهنجي دل جَڙي،
    ڇڏي آ جنهن سان.
    منهنجي دل ڪري ويو،
    قابو قرب ڪڙي،
    پنهنجي دل جَڙي،
    ڇڏي آ جنهن سان.


    هيءَ سرمئي شام،

    هيءَ سرمئي شام،
    تو بن وهُه لڳي.
    توڙي ڪيئي گلڙا،
    ملن ٿا هر گام،
    تو بن وهُه لڳي.
    ڪيئي سندر چهرا،
    مونکي ڏين سام،
    تو بن وهُه لڳي.
    پُر ٿي توڙي ٿو ملي،
    مونکي هرهر جام،
    تو بن وهُه لڳي.


    رابيلي هن رُت ۾،

    رابيلي هن رُت ۾،
    تون آهين مون ساڻ،
    ويا رستا واسجي!
    چنبيلي ڄڻ چنڊ کي،
    ڏيکاريو آ پاڻ،
    ويا رستا واسجي!
    سانوري سينگار ڪري،
    جڏهن آئي ڀاڻ،
    ويا رستا واسجي!
    محبت سان سرشار ٿي،
    جڏهن ملي هاڻِ،
    ويا رستا واسجي!


    تنهنجي آس رکان،

    تنهنجي آس رکان،
    دڳڙا ٿو ڏسان،
    ڪڏهن ايندينءَ تون سکي!
    تنهنجي انتظار ۾،
    ڏيئا ٿو ٻاريان،
    ڪڏهن ايندينءَ تون سکي!
    تنهنجي پار جا پرين،
    پانڌي ٿو پڇان،
    ڪڏهن ايندينءَ تون سکي!
    توڙي رات وهامي،
    ديدَ نه هٽي در تان،
    ڪڏهن ايندينءَ تون سکي!
    هر صبح هر شام جو،
    آس رکي ويهان،
    ڪڏهن ايندينءَ تون سکي!


    منهنجي دل ڳليءَ ۾،

    منهنجي دل ڳليءَ ۾،
    ڪوئي گھڙي آيو،
    ٽڙيا گل گلاب جا!
    نيهن نڪورهن سان،
    مون آ لڳايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا!
    سندس چنڊ چهرو ،
    جڏهن نظر آيو،
    ٽڙيا گل گلاب جا!
    دل جو دروازو،
    پرينءَ کڙڪايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا!
    پرينءَ لاءِ اڱڻ مون،
    جڏهن سجايو،
    ٽڙيا گل گلاب جا!


    ويجھو ٿو ڀانيان،

    ويجھو ٿو ڀانيان،
    ڌڙڪن تنهنجي دل جي.
    ڪين آهين ڏور تون،
    ساهه ۾ سمايان،
    ڌڙڪن تنهنجي دل جي.
    توسان گڏجي آءٌ،
    سيني سان لايان،
    ڌڙڪن تنهنجي دل جي.
    ڏاڍي سڪ اُڪير مان،
    هينئڙي هنڍايان،
    ڌڙڪن تنهنجي دل جي.
    ٽڙيل ڄڻ رابيل ڪو،
    من ۾ ٿو ڀانيان،
    ڌڙڪن تنهنجي دل جي.


    منهنجي من اڱڻ تي،

    منهنجي من اڱڻ تي،
    ڇانئي آ پن ڇڻ،
    توکان سوا او پرين!
    رٺل آهن مونکان،
    سڀئي منظر ڄڻ،
    توکان سوا او پرين!
    آس جا ڏيئا پڻ،
    لڳا اجھامڻ،
    توکان سوا او پرين!
    ڏک مون وٽ ڄڻ ته،
    آيا هن رهڻ،
    توکان سوا او پرين!
    حالات به هاڻي،
    رهيا ڪين سڄڻ،
    توکان سوا او پرين!


    پرين ٿيءُ نه ڏور،

    پرين ٿيءُ نه ڏور،
    آءٌ تنهنجي آسري.
    دلڙي سڏي توکي،
    ڏور نه وڃ تون مُور،
    آءٌ تنهنجي آسري.
    ڪهڙو مزو ڏور رهڻ ۾،
    رهندي آن ڇو ڏور،
    آءٌ تنهنجي آسري.
    دل ۾ تنهنجي سار ڦٽي،
    جيئن انبن ۾ ٻور،
    آءٌ تنهنجي آسري.
    دل ۾ اٿلي هر گھڙي،
    پريتم تنهنجو پُور،
    آءٌ تنهنجي آسري.


    تنهنجا نقش منهنجي،

    تنهنجا نقش منهنجي،
    اڃان به اوڏا،
    توڙي تون وئين هليو.
    ڳوڙها ڪريا ڳل تان،
    بڻيا پڙاڏا،
    توڙي تون وئين هليو.
    باک ويل ماڪ به،
    ڳايا پئي لاڏا،
    توڙي تون وئين هليو.
    کڻي آئي بسنت به،
    گل ڀري گاڏا،
    توڙي تون وئين هليو.


    من موهڻو مهمان شل!

    من موهڻو مهمان شل!
    اچي پير ڀري،
    ڏسان واٽ جنهن جي.
    خيال کڄيل جنهن ڏي،
    مون ڏي شال وري،
    ڏسان واٽ جنهن جي.
    واعدو ڪري ايندو پرين،
    مون ڏي ڪيئن به ڪري،
    ڏسان واٽ جنهن جي.
    اچڻو آهي پَڪَ پرين،
    پنڌ اٿس پري،
    ڏسان واٽ جنهن جي.


    پيار پيو ڇُلي،

    پيار پيو ڇُلي،
    ڳالهه وئي هُلي،
    پرين پنهنجي پار جي.
    لڪايو سين لوڪ کان،
    راز ويو سو کُلي،
    ڳالهه وئي هُلي،
    پرين پنهنجي پار جي.
    نيڻن مان پيار جا،
    نير پيا ڇُلي،
    ڳالهه وئي هُلي،
    پرين پنهنجي پار جي.
    توسان ملڻ وقت،
    ڪين اکِ ڀُلي،
    ڳالهه وئي هُلي،
    پرين پنهنجي پار جي.


    کڙيا هن رابيل،

    کڙيا هن رابيل،
    پوءِ به پرين هيل،
    تون ڪين آئين.
    چنڊ سان چڪور به،
    ڪيا آهن ميل،
    پوءِ به پرين هيل،
    تون ڪين آئين.
    مينهوڳي ۾ مستي مان،
    نچي پئي ڊيل،
    پوءِ به پرين هيل،
    تون ڪين آئين.
    سرنهن جي گلن جي،
    ٿئي پئي ڀيل،
    پوءِ به پرين هيل،
    تون ڪين آئين.


    لکان ساجن ڪيئن،

    لکان ساجن ڪيئن،
    منهنجي گذري جيئن،
    ڳوڙها وهي ايندءِ.
    درد کڻي توڏي،
    ايندس جڏهن ايئن،
    ڳوڙها وهي ايندءِ.
    ڪيڏو به ضبط ڪندين،
    پوءِ به جيئن تيئن،
    ڳوڙها وهي ايندءِ.
    ٻُسو منهنجو منڙو،
    جي ڏسندين هيئن،
    ڳوڙها وهي ايندءِ.


    آئي مند بهار،

    آئي مند بهار،
    تنهنجي من ۾ سار،
    هيئين منجھه هٻڪار ٿي وئي آ.
    سڏي ساهه توکي،
    تن ۾ تنهنجي تار،
    هيئين منجھه هٻڪار ٿي وئي آ.
    تو جڏهن مونڏي،
    تڪيو اڄ ٻيهار،
    هيئين منجھه هٻڪار ٿي وئي آ.
    ملي جڏهن مونسان،
    سهسين ڪري سينگار،
    هيئين منجھه هٻڪار ٿي وئي آ.
    واس ڏين ٿا مونکي،
    اڄ پڻ کٽڻهار،
    هيئين منجھه هٻڪار ٿي وئي آ.


    ڪيم روح رهاڻ،

    ڪيم روح رهاڻ،
    پرينءَ جي تحفن سان.
    محسوس ائين ٿئي ٿو،
    پرين آيو پاڻ،
    ڪيم روح رهاڻ،
    پرينءَ جي تحفن سان.
    خوشبو خوشبو ٿي ويا،
    ڳوٺ جا رستا هاڻ،
    ڪيم روح رهاڻ،
    پرينءَ جي تحفن سان.
    پيار کڻي ايندو پرين،
    اڄ پڻ منهنجي ڪاڻ،
    ڪيم روح رهاڻ،
    پرينءَ جي تحفن سان.
    ساهه اندر آ ٿي وئي،
    سندر ڪا سرهاڻ،
    ڪيم روح رهاڻ،
    پرينءَ جي تحفن سان.


    اڃان ڪين اجھاڻو،

    اڃان ڪين اجھاڻو،
    ڏيئو منهنجي آس جو.
    طوفان ۾ ٽمڪي پيو،
    دل جو ٽانڊاڻو،
    اڃان ڪين اجھاڻو،
    ڏيئو منهنجي آس جو.
    ايندو اڱڻ شال هو،
    دل سندو راڻو،
    اڃان ڪين اجھاڻو،
    ڏيئو منهنجي آس جو.
    هيئين هنڍايم هينئڙا،
    چاهت جو چاڻو،
    اڃان ڪين اجھاڻو،
    ڏيئو منهنجي آس جو.
    اچي مل مونسان مٺا،
    سپرين ٿيءُ سياڻو،
    اڃان ڪين اجھاڻو،
    ڏيئو منهنجي آس جو.


    مونکي روئايو،

    مونکي روئايو،
    سار تنهنجي او پرين!
    اکڙين جو درياءُ،
    اڄ وهي آيو،
    مونکي روئايو،
    سار تنهنجي او پرين!
    تنهنجو وجود پنهنجي،
    سامهون مون ڀايو،
    مونکي روئايو،
    سار تنهنجي او پرين!
    ڪوئل ويهي نم تي،
    اڄ جڏهن ڳايو،
    مونکي روئايو،
    سار تنهنجي او پرين!


    بڻجي باک بسنت جي،

    بڻجي باک بسنت جي،
    آهي اڄ آئي،
    سرتي سُري مونڏي.
    سِڪَ سانوريءَ جي،
    مون دل ۾ سمائي،
    آهي اڄ آئي،
    سرتي سُري مونڏي.
    اچي جيئن جولاءِ ۾،
    هير ڏکڻ ڪائي،
    آهي اڄ آئي،
    سرتي سُري مونڏي.
    منهنجي من ۾ هوءَ،
    ٿي ڳولهي پنهنجائي،
    آهي اڄ آئي،
    سرتي سُري مونڏي.
    سرنهن گل ڦلاريا،
    آ مکڙي ڄڻ ڪائي،
    آهي اڄ آئي،
    سرتي سُري مونڏي.


    چانڊوڪي بَکِي،

    چانڊوڪي بَکِي،
    سرتي تنهنجي سونهن مان.
    ڄڻ پنهنجي جسم تي،
    تو چانڊوڪي مَکي،
    چانڊوڪي بَکي،
    سرتي تنهنجي سونهن مان.
    سونهن جا مڻ ڄڻ،
    کڻي آئي سکي،
    چانڊوڪي بَکي،
    سرتي تنهنجي سونهن مان.
    مونسان ملڻ آئي آ،
    تنهنجي سونهن پکي،
    چانڊوڪي بَکي،
    سرتي تنهنجي سونهن مان.


    کڙي پيو ڪنول،

    کڙي پيو ڪنول،
    سپرين جي سونهن جو.
    ايڏو سندر چهرو!
    هر هنڌ آهي هل،
    سپرين جي سونهن جو.
    اجرڪ اوڍي آئيو،
    ڄڻ گلاب جو گل،
    سپرين جي سونهن جو.
    ڦلواڙيءَ ۾ ڄڻ نئون،
    ڦلاريو آ ڦل،
    سپرين جي سونهن جو.


    تو بن ڪين وڻن،

    تو بن ڪين وڻن،
    سڀئي منظر سونهن جا.
    توڙي گل گلاب جا،
    پيار مان سڏن،
    تو بن ڪين وڻن،
    سڀئي منظر سونهن جا.
    توڙي سڀئي واٽون،
    واسجي وڃن،
    تو بن ڪين وڻن،
    سڀئي منظر سونهن جا.
    توڙي خوشيون مرڪي،
    الفت مان اچن،
    تو بن ڪين وڻن،
    سڀئي منظر سونهن جا.
    تنهنجي آس رکي،
    در تي ديپ ٻرن،
    تو بن ڪين وڻن،
    سڀئي منظر سونهن جا.


    پل پل يار لڇان،

    پل پل يار لڇان،
    تنهنجا پار پڇان،
    نينهن جي آ چوٽ لڳي.
    ڪچو، پڪو، ٿر، بَرُ،
    توکي ٿو ڳوليان،
    نينهن جي آ چوٽ لڳي.
    کڻي گلاب تو لئه،
    بَن بَن ٿو ڀٽڪان،
    نينهن جي آ چوٽ لڳي.
    رڳو تون ئي تون آهين،
    ختم ڪئي مون ”مان“،
    نينهن جي آ چوٽ لڳي.
    آهي آس اکڙين ۾،
    توسان شال ملان،
    نينهن جي آ چوٽ لڳي.


    هيئين هنڍايان،

    هيئين هنڍايان،
    ڪنهن کي سڻايان،
    سُور پنهنجي ساهه جا.
    وکريل وار پنهنجا،
    پاڻ پيو ٺاهيان،
    ڪنهن کي سڻايان،
    سُور پنهنجي ساهه جا.
    تنهنجو ساٿ سپرين،
    امرت ٿو ڀايان،
    ڪنهن کي سڻايان،
    سُور پنهنجي ساهه جا.
    توکان سوا او پرين،
    آءٌ ڪجھه ناهيان،
    ڪنهن کي سڻايان،
    سُور پنهنجي ساهه جا.


    مونکان ڌار ٿيو،

    مونکان ڌار ٿيو،
    منهنجو همسفر،
    آءٌ اڪيلو ڪيئن رهان؟
    هيڏي جيون جي جاٽ،
    هر هڪ لمحو زهر،
    آءٌ اڪيلو ڪيئن رهان؟
    ڪيڏو آ سندر پرين،
    شام جو هي پهر،
    آءٌ اڪيلو ڪيئن رهان؟
    پيو ڦاسي آهيان،
    ڪاڪ جو آ چڪر،
    آءٌ اڪيلو ڪيئن رهان؟
    پير ٿي پيا پٿون،
    ڪوهه جو آ سفر،
    آءٌ اڪيلو ڪيئن رهان؟


    منهنجي دل ۾ گھاٽ،

    منهنجي دل ۾ گھاٽ،
    تنهنجي پريت جا پرين.
    من ۾ پيهي وئي،
    تنهنجي نيڻن لاٽ،
    منهنجي دل ۾ گھاٽ،
    تنهنجي پريت جا پرين.
    آءٌ گڏجي گھاريون،
    جيون جي هر جاٽ،
    منهنجي دل ۾ گھاٽ،
    تنهنجي پريت جا پرين.
    آءُ ڏکن جي منهن تي،
    گڏجي هڻون چماٽ،
    منهنجي دل ۾ گھاٽ،
    تنهنجي پريت جا پرين.
    تنهنجي طرف ٿي اچي،
    منهنجي هرهڪ واٽ،
    منهنجي دل ۾ گھاٽ،
    تنهنجي پريت جا پرين.


    نمن جھليو ٻُور،

    نمن جھليو ٻُور،
    پيار ڀريو پُور،
    اٿيو منهنجي اندر ۾.
    الفت جو اَٽوٽ،
    جذبو ڪو ڀرپُور،
    اٿيو منهنجي اندر ۾.
    دلڙي دکاري ۾،
    سڪ سندو سُور،
    اٿيو منهنجي اندر ۾.
    ڪڻڪن لاڀ پيڙو،
    محب جو مذڪُور،
    اٿيو منهنجي اندر ۾.
    پرينءَ وٽ پهچبو،
    ارادو ڀرپُور،
    اٿيو منهنجي اندر ۾.


    دل ۾ سمائي،

    دل ۾ سمائي،
    سيني سان لائي،
    مونسان مليو مون پرين.
    قرب جا ڪڪر،
    ٿو هرهر وسائي،
    سيني سان لائي،
    مونسان مليو مون پرين.
    ڀرت ڀريل ڪپڙا،
    آيو آ پائي،
    سيني سان لائي،
    مونسان مليو مون پرين.
    ڏيئا سڀ ڏک جا،
    اچي وِسائي،
    سيني سان لائي،
    مونسان مليو مون پرين.
    ڀري هو ڀاڪر،
    ٿو پرت مان پا ئي،
    سيني سان لائي،
    مونسان مليو مون پرين.


    ايندو پرين شال!

    ايندو پرين شال!
    ويندا سڀ ملال،
    ٽڙندا رابيل دل جا.
    اچي ڪندو سپرين،
    اندر جا احوال،
    ٽڙندا رابيل دل جا.
    ملندو محب مونسان،
    مٽائي ملال،
    ٽڙندا رابيل دل جا.
    اينديون اڱڻ خوشيون،
    شال! هن ئي سال،
    ٽڙندا رابيل دل جا.


    چاهه منجھان چانگو،

    چاهه منجھان چانگو،
    ڪهي آيو ڪاڪ ڏي.
    ڀيڄ ڀني ڪاڪ تي،
    ٿيو حسن سهانگو،
    چاهه منجھان چانگو،
    ڪهي آيو ڪاڪ ڏي.
    مومل کي ماڻڻ،
    آ ڪم اڻاگو،
    چاهه منجھان چانگو،
    ڪهي آيو ڪاڪ ڏي.
    راڻو مومل ماڻيندو،
    لاهي سر سانگو،
    چاهه منجھان چانگو،
    ڪهي آيو ڪاڪ ڏي.


    کَنُ پَلُ جي بيهين،

    کَنُ پَلُ جي بيهين،
    آءٌ به گڏ هلانءِ،
    توسان سور سليانءِ.
    تون ته منهنجي چِتُ آن،
    مونکي ڏور مَ ڀانءِ،
    توسان سور سليانءِ.
    ڏور آ منزل ڏکي،
    پنهنجو مُون ڪجانءِ،
    توسان سور سليانءِ.
    هٿ هڻندين پوءِ تون،
    جڏنهن نه ملندو سانءِ،
    توسان سور سليانءِ.
    کَنُ پَلُ جي بيهين،
    آءٌ به گڏ هلانءِ،
    توسان سور سليانءِ.


    مونکي رستو ٿي ڏسي،

    مونکي رستو ٿي ڏسي،
    چاهت جي چانڊوڪي.
    ڏور ٿيندي هر هڪ،
    جيون جي انداهي،
    مونکي رستو ٿي ڏسي،
    چاهت جي چانڊوڪي.
    برهه جي برسات ڄڻ،
    پل پل ٿي وسي،
    مونکي رستو ٿي ڏسي،
    چاهت جي چانڊوڪي.
    گجرا پائي ٻانهن ۾،
    هوءَ جڏهن ٿي اچي،
    مونکي رستو ٿي ڏسي،
    چاهت جي چانڊوڪي.
    کِلي هڪڙي پل ۾،
    ڇوري دل ٿي کسي،
    مونکي رستو ٿي ڏسي،
    چاهت جي چانڊوڪي.


    اچين ڇونٿو؟

    اچين ڇونٿو؟
    منهنجا مٺڙا سپرين.
    سڪ سانڍي ساهه ۾،
    ويٺو آ منڙو،
    اچين ڇونٿو؟
    منهنجا مٺڙا سپرين.
    سڏڙا پيئي ڪن تي،
    اڃان بي پو،
    اچين ڇونٿو؟
    منهنجا مٺڙا سپرين.
    مون کان ايڏو ڏور،
    آهين پرين ڇو؟
    اچين ڇونٿو؟
    منهنجا مٺڙا سپرين.
    تو لئه کولي آڇڏيو،
    دَرُ پرين دل جو،
    اچين ڇونٿو؟
    منهنجا مٺڙا سپرين.


    دل جو در لاهي،

    دل جو در لاهي،
    آيو آهي سپرين.
    سڳو سڪ سندو،
    اسان ڏي ساهي،
    آيو آهي سپرين.
    پيار ڪرڻ آيو آ،
    هُو لاهي پاهي،
    آيو آهي سپرين.
    دنيا جون ديوارون،
    لمحي ۾ ڊاهي،
    آيو آهي سپرين.
    سهڻو ساري جڳ کان،
    محب مٺو آهي،
    آيو آهي سپرين.


    دلڙي آ ماندي،

    دلڙي آ ماندي،
    برهه جي باندي،
    سرتي سڏي توکي.
    منهنجي دل مرڪي،
    هاڻي هيڪاندي،
    سرتي سڏي توکي.
    مون پنهنجي دل،
    تو اڳيان آندي،
    سرتي سڏي توکي.
    وڇوڙي جا وَڍَ،
    ڀريان سيئاندي،
    سرتي سڏي توکي.


    ڇڙي پئي اَڏَ،

    ڇڙي پئي اَڏَ،
    اڄ ته ڳوڙهن جي.
    سڏڪن مان ٻرن ٿا،
    تو لئه ڪيئي سَڏَ،
    ڇڙي پئي اَڏَ،
    اڄ ته ڳوڙهن جي.
    قرب جي ڪا ڪ مان،
    ڪو ڪري ويو لَڏَ،
    ڇڙي پئي اَڏَ،
    اڄ ته ڳوڙهن جي.
    اميدن جي اڱڻ تي،
    شال ٿين سڏ،
    ڇڙي پئي اَڏَ،
    اڄ ته ڳوڙهن جي.
    تو لئه تانگھيندي،
    هيڻان ٿيم هَڏَ،
    ڇڙي پئي اَڏَ،
    اڄ ته ڳوڙهن جي.


    دلڙي جون سڀ چاهتون،

    دلڙي جون سڀ چاهتون،
    توکي پڪارين،
    موٽ هٺيلا سپرين.
    ماڪ سان وِهتل مکڙيون،
    توکي ئي سارين،
    موٽ هٺيلا سپرين.
    اڪن جون ڦلڙيون به،
    ٽهڪي نهارين،
    موٽ هٺيلا سپرين.
    اکڙيون ميگھ ملهار،
    هرپل ٿيون هارين،
    موٽ هٺيلا سپرين.
    ٽڙيل گل گلاب جا،
    پتيون ٿا ڇاڻين،
    موٽ هٺيلا سپرين.


    گل وڇايم راهه ۾،

    گل وڇايم راهه ۾،
    من گھريو مهمان،
    مون ڏي اچي مان!
    جنهن کي ڏسي جڳ جا،
    ماڻهو ٿين حيران،
    مون ڏي اچي مان!
    جوڙيا جنهن جيءَ ۾،
    محبت جا مڪان،
    مون ڏي اچي مان!
    دل جي دنيا ۾،
    شاهي جنهنجو شان،
    مون ڏي اچي مان!


    توکي ٿا سارين،

    توکي ٿا سارين،
    سپنا سرهي مند جا.
    ٽڙيل گل گلاب جا،
    توکي پڪارين،
    سپنا سرهي مند جا.
    تو بن چنڊ، ستارا،
    مهڻا ڏئي مارين،
    سپنا سرهي مند جا.
    تون جي ناهين او پرين،
    اداس ٿا گھارين،
    سپنا سرهي مند جا.
    پنهنجو سڀ ڪجھه سپرين،
    تو تي ٿا وارين،
    سپنا سرهي مند جا.


    منهنجي ڪين سري،

    منهنجي ڪين سري،
    آءُ تون پير ڀري،
    گلن جهڙا سپرين!
    ايڏيون جدايون ڇو؟
    آهين ڇو پري،
    گلن جهڙا سپرين!
    تنهنجي وڇوڙي ۾،
    من هي ڪيئن ڪري،
    گلن جهڙا سپرين!
    لڙڪن منهنجو دامن،
    ڇڏيو آ ڀري،
    گلن جهڙا سپرين!
    نينهن جي ناؤ،
    تو بن ڪيئن تري،
    گلن جهڙا سپرين!


    مونکي ڇاتي لاءِ،

    مونکي ڇاتي لاءِ،
    ڳولي ڳولي ڳوٺ ۾.
    منهنجي محبت مٺڙي،
    دلڙي منجھ سماءِ،
    مونکي ڇاتي لاءِ،
    ڳولي ڳولي ڳوٺ ۾.
    منهنجي چهري کي،
    ايڏو تون نه چتاءِ،
    مونکي ڇاتي لاءِ،
    ڳولي ڳولي ڳوٺ ۾.
    محبت جي مهڪ سان،
    ماحول کي مهڪاءِ،
    مونکي ڇاتي لاءِ،
    ڳولي ڳولي ڳوٺ ۾.
    رُت رابيلي آئي،
    ٻانهن ــ گجرا پاءِ،
    مونکي ڇاتي لاءِ،
    ڳولي ڳولي ڳوٺ ۾.


    هي جا منهنجي هانءَ ۾،

    هي جا منهنجي هانءَ ۾،
    ياد هُري ٿي،
    تنهنجي آهي او پرين.
    هيءَ جا تنهنجي پيار ۾،
    دلڙي پچي ٿي،
    تنهنجي آهي او پرين.
    شفق ملي شام سان،
    جيڪا خبر ڪئي،
    تنهنجي آهي او پرين.
    وساري نه مون آهي،
    جيڪا گھر گھٽي،
    تنهنجي آهي او پرين.
    چنڊ ملي چڪور کي،
    جيڪا ڳالهه چئي،
    تنهنجي آهي او پرين.


    مونڏي شال وري،

    مونڏي شال وري،
    جنهن لئه سڪي ساهه،
    آس جو ڏيئو،
    دل ۾ شال ٻري،
    مونڏي شال وري،
    جنهن لئه سڪي ساهه،
    سڪ جو سفينو،
    تار ۾ شال تري،
    مونڏي شال وري،
    جنهن لئه سڪي ساهه،
    هن جي جدائيءَ ۾،
    هينئڙو ٿو ڪُري،
    مونڏي شال وري،
    جنهن لئه سڪي ساهه،
    ڪري ياد هُن کي،
    منڙو ٿو ڀُري،
    مونڏي شال وري،
    جنهن لئه سڪي ساهه،


    ٺهي پوي ڀاڳ،

    ٺهي پوي ڀاڳ،
    مونسان ملي جيڪر پرين.
    رولاڪ هي روح،
    ماڻي محبت ماڳ،
    مونسان ملي جيڪر پرين.
    منهنجي ئي هٿن ۾،
    اچي مقدر واڳ،
    مونسان ملي جيڪر پرين.
    ٿڌو ٿئي سينو،
    اُجھي الفت آڳ،
    مونسان ملي جيڪر پرين.
    دل جي ديس ۾،
    پچن سرها ساڳ،
    مونسان ملي جيڪر پرين.


    پريت جي ريت نڀاءِ،

    پريت جي ريت نڀاءِ،
    سجني ستت آءُ.
    منهنجي محبت مٺڙي،
    سيني منجھ سماءِ،
    سجني ستت آءُ.
    گلاب جهڙي ڇوڪري،
    رتا ڪپڙا پاءِ،
    سجني ستت آءُ.
    نياپا سڀ نينهن جا،
    هيئين ساڻ هنڍاءِ،
    سجني ستت آءُ.
    موسم ويندي گذري،
    گجرا ٻانهن پاءِ،
    سجني ستت آءُ.


    مُنهن نه مونکان مَٽِ،

    مُنهن نه مونکان مَٽِ،
    درد به ڏي تون گھَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.
    ڏنم توکي گلاب جي،
    سپرين ائين نه سَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.
    نازڪ سڳو نينهن جو،
    محبت مان تون وَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.
    پيار ته آهي زندگي،
    ڳالھه اِها تون رَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.
    محبت واري ڌرتي تي،
    ٻِجُ پيار جو ڇَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.
    الفت جهڙي زندگي،
    ڪلفت ۾ نه ڪَٽِ،
    ساجن سياڻو ٿيءُ.


    دل ۾ ٻَري ٿو،

    دل ۾ ٻَري ٿو،
    محبت جو ڏيئو،
    ايندو پرين اڱڻ تي.
    هرهر تڪي مونڏي،
    پائي ٿو لِيئو،
    ايندو پرين اڱڻ تي.
    نيڻ وڇائي راھ ۾،
    گل کڻي بيهو،
    ايندو پرين اڱڻ تي.
    محب جي ملڻ جي،
    آس کڻي جيئو،
    ايندو پرين اڱڻ تي.


    ليئو پائي چَنڊُ،

    ليئو پائي چَنڊُ،
    ڏسي ٿو هَرَ هَرَ،
    چنبيليءَ جي گُل کي.
    مُکڙين مٿان مُرڪي،
    ڀَڃي ٿو هُو ڪَرَ،
    ڏسي ٿو هَرَ هَرَ،
    چنبيليءَ جي گُل کي.
    چُمي چَپَ ماڪَ جا،
    بڻائي ٿو گھَرَ،
    ڏسي ٿو هَرَ هَرَ،
    چنبيليءَ جي گُل کي.
    رات جي راڻيءَ مٿان،
    هَرَ ڏي ٿو وَرَ،
    ڏسي ٿو هَرَ هَرَ،
    چنبيليءَ جي گُل کي.


    جيڏي! جلدي آءُ،

    جيڏي! جلدي آءُ،
    جوڀن ٿو ڀڄندو وڃي.
    خزان ۾ به توکي،
    لڳي ٿڌڙي واءُ،
    جوڀن ٿو ڀڄندو وڃي.
    منهنجي هينئڙي ۾،
    تنهنجو آ هُڳاءُ،
    جوڀن ٿو ڀڄندو وڃي.
    محبت جي مُند جو،
    ڪريون آڌرڀاءُ،
    جوڀن ٿو ڀڄندو وڃي.
    ڇوٿي رُسين تُون،
    آءُ ڪيون پرچاءُ،
    جوڀن ٿو ڀڄندو وڃي.


    تنهنجي سونهن ڏسي،

    تنهنجي سونهن ڏسي،
    دل تي ناهي وَسُ،
    ڏاڍي ٿي مونکي وڻي.
    توسان پيار ڪيان،
    دل ڏنو آ ڏَسُ،
    ڏاڍي ٿي مونکي وڻي.
    توکي دل ڏنم،
    مونکي ڪانهي ڪَسُ،
    ڏاڍي ٿي مونکي وڻي.
    تو تائين پهتو پرين،
    دل جو هر هڪ گَسُ،
    ڏاڍي ٿي مونکي وڻي.


    اوري پکا اڏ،

    اوري پکا اڏ،
    ڏور نه وڃ هينئڙا،
    ايندا سُک موٽي،
    دُک پوندا کڏ،
    ڏور نه وڃ هينئڙا،
    ايڏو جلدي ٿو وڃي؟!
    وڃان وڃان ڇڏ،
    ڏور نه وڃ هينئڙا،
    آءٌ ايندس توڏي،
    هڪ ڀيرو ته سڏ،
    ڏور نه وڃ هينئڙا،
    پري ڪر نه ساٿي،
    مونکي پاڻان گڏ،
    ڏور نه وڃ هينئڙا،


    پياري پياري رات،

    پياري پياري رات،
    تنهنجي آهي تات،
    چانڊوڪي جي ڇولن ۾،
    توکي پيار ڪندي،
    ڦٽي پئي پرڀات،
    چانڊوڪي جي ڇولن ۾،
    توسان قرب ڪچهري،
    ڪيم ساري رات،
    چانڊوڪي جي ڇولن ۾،
    توکان ملي محبت،
    تنهنجي ڪهڙي بات!
    چانڊوڪي جي ڇولن ۾،


    سانوري هڪ ڇوڪري،

    سانوري هڪ ڇوڪري،
    سپنا ٿي چورائي،
    دل ۾ ٿي شرمائي،
    مرڪي ڏسي مون ڏي،
    اکڙيون ٿي ملائي،
    دل ۾ ٿي شرمائي،
    روح جو رشتو مونسان،
    ڳنڍڻ ٿي چاهي،
    دل ۾ ٿي شرمائي،
    ***


    او سانوري تنهنجو کلڻ،

    او سانوري تنهنجو کلڻ،
    او بانوري تنهنجو ملڻ،
    مونکي وڻي ٿو پيو سچي!
    او روح جي راڻي تون سُڻ،
    هن روح ۾ تنهنجو رهڻ،
    مونکي وڻي ٿو پيو سچي!
    مونڏي محبت ۾ اچڻ،
    منهنجي اچي ويجھو ويهڻ،
    مونکي وڻي ٿو پيو سچي!
    هي ٽهڪ ڏئي تنهنجو ٽلڻ،
    مرڪي وري مونسان ملڻ،
    مونکي وڻي ٿو پيو سچي!


    مينهوڳي ۾ چيڪي مٽي،

    مينهوڳي ۾ چيڪي مٽي،
    جڏهن ڪئي هٻڪار،
    ساھ ۾ سُرڪي سار پرينءَ جي،
    ساهه ۾ سرڪي سار.
    منڊ هڻي موهي ويو،
    منهنجو سڀ ڄمار،
    ساھ ۾ سُرڪي سار پرينءَ جي،
    ساهه ۾ سرڪي سار.
    قيدي ڪري من ويا،
    ڪارا ڪارا وار،
    ساھ ۾ سُرڪي سار پرينءَ جي،
    ساهه ۾ سرڪي سار.
    چهرو چنڊ جهڙو ۽،
    نيڻن منجھ خمار،
    ساھ ۾ سُرڪي سار پرينءَ جي،
    ساهه ۾ سرڪي سار.


    موهجي پيو آهي،

    موهجي پيو آهي،
    منهنجو هي منڙو،
    گوري تنهنجي گج تي،
    دل چوي صدقي ڪيان،
    پنهنجو جيونڙو،
    گوري تنهنجي گج تي،
    ڪيڏو سهڻو آ ڏنل!
    چؤڌاري ڪنڙو،
    گوري تنهنجي گج تي،
    ڏاڍو سهڻو ٿو لڳي،
    سائو رئو سنهڙو،
    گوري تنهنجي گج تي،


    وڻندي آهين تون،

    وڻندي آهين تون،
    ۽ تنهنجون ادائون،
    او مالهڻ ! منهنجي گلشن جي،
    کلندي آهين تون،
    ۽ تنهنجون نگاهون،
    او مالهڻ ! منهنجي گلشن جي،
    ملندي آهين تون،
    کولي ٻئي ٻاهون،
    او مالهڻ ! منهنجي گلشن جي،
    منهنجي آهين تون،
    ۽ تنهنجون دعائون،
    او مالهڻ ! منهنجي گلشن جي،


    پرين ڪين تو بن،

    پرين ڪين تو بن،
    ڪنهن ڏي تڪينديون،
    هي پابند اکڙيون تنهنجي پيار جون،
    نه ئي سُور پنهنجا ،
    ٻئي سان سلينديون،
    هي پابند اکڙيون تنهنجي پيار جون،
    ڪين پنهنجو تو بن،
    ٻئي کي سڏينديون،
    هي پابند اکڙيون تنهنجي پيار جون،
    پريت پيار پکڙا،
    هي تو در اڏينديون،
    هي پابند اکڙيون تنهنجي پيار جون،
    تنهنجي ئي نيڻن سان،
    پيون الفت ونڊينديون،
    هي پابند اکڙيون تنهنجي پيار جون،


    چولي تي چري!

    چولي تي چري!
    ڀرت ڀري نه هَل!
    ڇورو ڏسي ڇرڪندو،
    چمڪي ٿو چنڊ جيان،
    تنهنجو ڇوري ڳَلُ،
    ڇورو ڏسي ڇرڪندو،
    چوٽا تنهنجا چيلھه تي،
    اکين منجھه ڪجل،
    ڇورو ڏسي ڇرڪندو،
    پايل پائي پيرن ۾،
    ٽهڪ ڏئي نه ٽِلُ،
    ڇورو ڏسي ڇرڪندو،


    ڪري ڪيئن تو بن،

    ڪري ڪيئن تو بن،
    هي دلڙي دواني،
    هلي آءُ جاني.
    سياري جي آئي،
    مند آ مستاني،
    هلي آءُ جاني.
    پائي پريتم،
    وڳو آسماني،
    هلي آءُ جاني.
    جدا ٿي گذارڻ،
    آهي ناداني،
    هلي آءُ جاني.
    اڃان ڪونه آئين،
    آهي حيراني،
    هلي آءُ جاني.


    رت بسنتي آئي ساجن،

    رت بسنتي آئي ساجن،
    مستي من تي ڇانئي ساجن،
    مرڪي مونڏي آءُ،
    آءُ ته ڪيون پرچاءُ،
    ٽهڪ ڏئي ٿي ٽاري ٽاري،
    موسم آهي مرڪڻ واري،
    کلي اسان سان کاءُ،
    آءُ ته ڪيون پرچاءُ،
    تو بن موسم مهڻا ڏيندي،
    باک به مونکي تڙپائيندي،
    شام به ڏيندي گھاءُ،
    آءُ ته ڪيون پرچاءُ،


    پرين پيو ٽهڪي،

    پرين پيو ٽهڪي،
    مون ڏي چاھ مان تڪي،
    ڦوھ جوان گُل جيان،
    مکڙو پيس مهڪي،
    پرين پيو ٽهڪي،
    مون ڏي چاھ مان تڪي،
    نيڻن ۾ هن کي رکان،
    ۽ هو وڃي لڪي،
    پرين پيو ٽهڪي،
    مون ڏي چاھ مان تڪي،
    چوڏهين جي چنڊ جيان،
    شل رات پئي ٽڪي،
    پرين پيو ٽهڪي،
    مون ڏي چاھ مان تڪي،
    آيو پرين جنهن لئه،
    منهنجي دل سڪي،
    پرين پيو ٽهڪي،
    مون ڏي چاھ مان تڪي،


    ٽيڙو

    سَرنهن پيلا گُل ،

    سَرنهن پيلا گُل ،
    آءُ ته مِلون اي پرين ،
    آهي وڇوڙو ڀُل .
    *
    پيار جي ڪيون کيڙَ ،
    سَلا ڦٽن سڪ جا ،
    محبت جي ٿي ميڙ ،
    *
    رم جھم وٺي رات ،
    وَٺا منهنجا نيڻ ائين ،
    جيئن ساوڻ جي برسات ،
    *
    پاءِ جيءَ ۾ جھاتي ،
    ڪڙو لاهي قرب جو ،
    تو لئه جند آتي ،
    *
    جيئن ڪرڪي ڪونج ،
    ائين منهنجي روح ۾ ،
    تنهنجي پيار جي گونج ،
    *
    موٽيا ماڳ پکي ،
    تنهنجو اوسيئڙو آهي ،
    موٽي آءُ سکي ،
    ڪوڪ ڪئي ڪوئل ،
    موٽي آيو مينڌڙو ،
    ماڻڻ لئه مومل ،
    *
    هيءَ سانوري شام ،
    پکي موٽيا ولر ڪري ،
    آکيرن ڏي اڏام ،
    *
    جلدي آءُ سکي ،
    جواني ويندي اڏري ،
    جواني آ پکي ،
    *
    سارين ڦٽا سنگ ،
    هر هنڌ خوشبو سُڳداسي ،
    هر هنڌ ساوا رنگ ،
    *
    بھَه ۽ پاٻوڙا ،
    پٻڻ ۾ متل ڏس ،
    مهاڻن جا ميڙا ،
    *
    جوڀن مٿس آيو ،
    ڪالھ رات نينگريءَ جو ،
    مڱيندو آ ڄايو ،


    مونسان هلي وک ،
    سانئڻ رسي وئيئن ڇو ؟
    ڏيکاءِ ڪا ڏِک ،
    *
    چهرو سندءِ چنڊ ،
    وار ڪارا رات جهڙا ،
    ڳالهائڻ ماکي کنڊُ ،
    *
    جھلي ويٺم ٻڪ ،
    اچي ڏي او پرين ،
    سڪ سندو ڍُڪ ،
    *
    منهنجو ويا ڪل من ،
    پن ڇڻ ۾ ڄڻ ڪريل ،
    پپل جو پَنُ ،
    *
    ڀت تي ويٺل ڪانءُ ،
    صبح لاڪون ساندھ ،
    کڻي ٿو ڪو نانءٌ ،
    *
    مينهن ڪيا گجگوڙ ،
    ٿر تي اُٺو وڏڦڙو ،
    ٿِرين پاتا موڙ ،
    *

    لڙڪن جي برسات ،
    آئي ڪنهن جي ياد !
    رنم ساري رات ،
    *
    نمن جھليو ٻُورُ ،
    آئي رُت رابيل جي ،
    پيو تنهنجو پُور ،
    *
    نمن ڪيون نموريون ،
    پرين اڱڻ آئيا ،
    آسون ٿيون پُوريون ،
    *
    آءُ بڻايون ڪاڪ ،
    پيار ڪيون اهڙو پرين ،
    پؤتر جھڙي ماڪ ،
    *
    پرين اڱڻ آءُ ،
    نيڻ وڇائي راھ ۾ ،
    ڪيانءِ آڌرڀاءُ ،
    *
    گينڊي جا ڏس گل ،
    تن مٿان ويهي ڀؤنر ،
    هڻن ٿا پيا هُل ،
    *

    اکيون هن ٽمٽار ،
    ڳوڙها بيهن ڪين ٿا ،
    پرين ٿيو ڌار ،
    *
    آءُ اي جيڏي !
    تو لئه تڪيان راھ مان ،
    دير ڪيئي ڪيڏي !؟
    *
    مٿي ٿي ڀري ،
    چيلھ تي ٻار چڙهيل ،
    جسم ويس ٺري ،
    *
    ٽيبل تي ڪتاب ،
    ڪرسيءَ تي شاعر ،
    آهي محوِ خواب ،
    *
    چنڊ وڃ نه تون ،
    توکي ساريو سالن کان ،
    آهي هتي مون ،
    *
    پرين اڱڻ اچ ،
    مون کان جُدا ٿي تون ،
    ڪين اڪيلو پَچُ ،
    *

    سنڌوءَ ڪناري گھر ،
    چوڌاري گل گينڊي جا ،
    سونهن جو آ شهر ،
    *
    سياري جي رات ،
    ويٺس لکڻ ٽيڙو ،
    ڦٽي پئي پرڀات ،
    *
    منهنجي آتما ،
    جنهن ۾ رهين تون ٿي ،
    ۽ تو ۾ مان ،
    *
    سجني تنهنجا چپ ،
    گل دستي ۾ ڄڻ ڪا ،
    گلاب جي آ لپ ،
    *
    رات جي آ بات ڪهڙي ،
    زلف ڪارا تنهنجا سانئڻ ،
    اڻٽيهين جي رات جهڙي ،
    *
    گھلي ڏکڻ هير ،
    ساري توکي او سکي ،
    نيڻان وهن نير ،
    *

    کجيءَ پڪيون کارڪون ،
    سانئڻ ملڻ آءُ ستت ،
    وڇوڙي ۾ نه مار تون ،
    *
    آءُ ته اگھانءِ لڙڪ ،
    اچي تنهنجي ڳلن تي ،
    شال! مٺڙي مرڪ ،
    *
    نم جا ساوا پن ،
    ڪوئل جي ڪوڪو تي ،
    ڏين ٿا پيا ڪن ،
    *
    وڻ وڻ تنهنجو واس ،
    ڦلواڙي ۾ ياد سندءِ ،
    ڪيو من اداس ،
    *
    پؤتر پنهنجي سڪ ،
    چاهيان آءٌ ٿو سدا ،
    رهڻ تنهنجي ڀڪ ،
    *
    ڦلواڙي ۾ تُون ،
    منهنجي من جي مالڪِڻ ،
    وڻندي آهين مون ،
    *

    رات ڏٺم سپنو ،
    ڏسي ڏُڪر ٿر جو ،
    ڪڪر به روئي ڏنو ،
    *
    پرين آڌيءَ رات ،
    خوابن ۾ توکي ڏسي ،
    ڪندس دل جي بات ،
    *
    سرنهن پيلا گُل ،
    منهنجي من ۾ آ ڏني ،
    تنهنجي پيار اُٿل ،
    *
    پيار سندي خوشبو ،
    رهي سدا روح ۾ ،
    يار سندي خوشبو ،
    *
    آڪاش ۾ سارا ،
    چنڊ پڻ چمڪي پيو ،
    ٽم ٽم ڪن تارا ،
    *
    کڻي گاھ ڀري ،
    نينگر ٽلي ناز سان ،
    کلي پئي وري ،
    *

    وار پنهنجا کولي ،
    سانوري هوءَ ڇوڪري ،
    ڪنهن کي پئي ڳولي؟
    *
    ساٿ هجين تون ،
    چاهيندو توکي رهان ،
    تون آن منهنجي مون ،
    *
    آڪاش تي چنڊ ،
    زمين تي منهنجو پرين ،
    هڻي محبت منڊ ،
    *
    ڪنهن سان سُور سَلي ،
    جُوان نينگري مڙس ڪراڙو ،
    ڪيئن خوش ٿي کلي ،
    *
    نم جي ٿڌڙي ڇانوَ ،
    طوطو ساون شاخن تي ،
    ڀري ٿڪ جا ٿانوَ ،
    *
    ملڻ جو ويلو ،
    چانڊوڪي ۾ تو سواءِ ،
    آهيان اڪيلو ،
    *

    ٽهڪن جي ٽانڊاڻ ،
    سانئڻ تنهنجي روپ ۾ ،
    سونهن جي آ کاڻ ،
    *
    کلين پئي ايئن ،
    بسنت رت ۾ گلاب ڪو ،
    کلي پئي جيئن ،
    *
    سارين جي ڪري سَٽَ ،
    ديري تي پوءِ رات جو ،
    رکي سمهيو کٽَ ،
    *
    ڪهڙو آ قرار ،
    جدائي تنهنجي پرين ،
    ڪيو آ بيمارُ ،
    *
    منهڙو ڪين لڪاءِ ،
    تنهنجو آهيان مان پرين ،
    مونکان نه شرماءِ ،
    *
    شرم کان ڳاڙها ڳل ،
    ڪاڪ اڏي اکين ۾ ،
    لڳين ٿي مومل ،
    *

    روح ۾ آهي روڳ ،
    سڏڪان تڙپان تو لئه آءٌ ،
    ماڻهو سمجھن ڀوڳ ،
    *
    جُھري پيڙو جيءُ ،
    تنهنجو آهيان مان پرين ،
    تون به منهنجو ٿيءُ ،
    *
    روئي پئي دل ،
    مونکان وڇڙي ويو پرين ،
    ڏور وئي منزل ،
    *
    توسان منهنجو چاھ ،
    من آ منڊجي ويو ،
    هاءِ تنهنجو ڏاھ ،
    *
    موتي کِل جا ميڙ ،
    ڇڏ روئڻ کِلُ کڻي ،
    کيت کِل جا کيڙ ،
    *
    تون آهين محبوب ،
    هر هڪ جوڙي ۾ پرين ،
    لڳندو آهين خُوب ،


    گيت

    سنڌو ڪر مولا سيراب،

    سنڌو ڪر مولا سيراب،
    مارو پيئن اُن جـــــــــو آب،

    شاد رهي شل سنڌ سدائين،
    ڪشمور کان ڪراچي تائين،
    مارو شـــــــــــال رهن شاداب،
    سنڌو ڪر مولا سيراب،

    پوکون پچن ، جھنگل جھومن،
    موتيا مرڪن ، ٿـــــر بَرَ وسن،
    جھومن سنڌ ۾ روز گلاب،
    سنڌو ڪر مولا سيراب،


    تون جي ايندين پيــــــــــــار به ايندا،

    تون جي ايندين پيــــــــــــار به ايندا،
    نيڻ نماڻا خوش ٿي پـــــوندا،
    مهڪ اوهـــــان جي ايندي مونڏي،
    ساھ سدائين تانگھي تـــــــــــــوڏي،
    مونسان مٺڙي ڪر تــــــون محبت،
    دل ۾ پنهنجي ڀــــــــر تون محبت،
    توســـــــــــان جڏهن ميلا ٿيندا،
    نيڻ نماڻا خوش ٿي پــــــــــــوندا،
    تون جي ايندين پيار به ايندا..........
    روح ڏِسي ٿـــــــو تنهنجون راهون،
    آءُ ٻڌي تـــــــــــــــون منهنجون آهُون،
    تــــــــون جي ايندين خوشيون اينديون،
    ساريون خوشيون منهنجون ٿينديون،
    سک سمورا مون ڏي ايندا،
    نيڻ نماڻا خوش ٿي پــــــــــوندا،
    تون جي ايندين پيار به ايندا..........
    خواب اسان جــــــــا مهڪي پوندا،
    اداس لمحا ٽهڪي پـــــــوندا،
    گيت گلن جــــــــــا هار ٿي پوندا،
    پختا پنهنجا پيــــــــــــار ٿي پوندا،
    ڏک اسان کـــــان ڏور ٿي ويندا،
    نيڻ نماڻا خوش ٿي پــــــــــــــوندا،
    تون جي ايندين پيار به ايندا..........


    وري رات آئي،

    وري رات آئي،
    وري ياد ئي،
    وري نيڻ برسيا،
    ۽ برسات آئي،

    وري دل مان ڪوئي نغمو ٻُري پيو،
    وري ساھ منهنجي ڏي ڪوئي سُري پيو،
    وري چتُ ۾ ڪائي ڇيت پئي اٽڪي،
    وري دل ۾ ڪوئي جذبو پيو ڦتڪي،
    وري منهنجي دل ۾ تنهنجي تات آئي،

    وري رات آئي،
    وري ياد ئي،
    وري نيڻ برسيا،
    ۽ برسات آئي،

    وري نيڻ منهنجا ڇو آلا ويا ٿي،
    وري زخم دل جا نرالا ويا ٿي،
    وري توڏي تڪيم وري ٿيس پشيمان،
    بدلجي وئي آن هيو ڪين گمان،

    وري توکان هاريم،
    وري مات آئي،


    وري رات آئي،
    وري ياد ئي،
    وري نيڻ برسيا،
    ۽ برسات آئي،


    جوڀن آيو، خوش ٿي ڳايو،

    جوڀن آيو، خوش ٿي ڳايو،
    اچو ئي سائين، نچو ئي سائين،
    ڏک وساريو، سک ئي ساريو،
    جيءُ جياريو، پيار پڪاريو،
    ڪيسين روئندؤ، اڄ کلي پَؤ،
    نفرت هاريو، اڄ ملي پؤ،
    نفرت ۾ نه، پچو ئي سائين،
    اچو ئي سائين ، نچو ئي سائين.........
    مينهن به آيا ، نينهن به آيا،
    پيار ڪرڻ جا، ڏينهن به آيا،
    بادل وانگر، سڀ ٿي برسو،
    ڳلي لڳايو، ڪين ڪي ترسو،
    هرهڪ من ۾ ، رچوئي سائين،
    اچو ئي سائين ، نچو ئي سائين.........
    ڏور ويا سڀ خزان جا پاڇا،
    دل ۾ جاڳي آهي آشا،
    ڪا آ پوري، ڪا اڻپوري،
    دل جي آشا، ڄڻ آ سوري،
    پيار ڪيو، پَرَ سچو ئي سائين،
    اچو ئي سائين ، نچو ئي سائين.........
    لڙڪ اگھو ۽ مرڪ سجايو،
    وقت اجايو ڪين وڃايو،
    جيڪو رُسي سو پرچايو،
    جيڪو پرچي ڳلي لڳايو،
    ڳايو جھومو، نچو اي سائين،


    توسان جا مون سانجھه گذاري،

    توسان جا مون سانجھه گذاري،
    مون کي ساجن آهي پياري،
    منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏئي تو،
    مونکي ساجن ائين چيو هو،
    پيار ۾ گذري عمر ساري،
    توسان جا مون سانجھه گذاري،
    مون کي ساجن آهي پياري،
    تنهنجي چيچ ۾ پوءِ مون جاني،
    پارايو هو ڇلو نشاني،
    پريت جي ريت سا رهندي جاري،
    توسان جا مون سانجھه گذاري،
    مون کي ساجن آهي پياري،
    ساٿي پنهنجو پيار نڀايو،
    پنهنجو خادم سيني لايو،
    تو وٽ دل مون پنهنجي هاري،
    توسان جا مون سانجھه گذاري،
    مون کي ساجن آهي پياري،


    توکان يار وساريل آهيان،

    توکان يار وساريل آهيان،
    محبت جو مان ماريل آهيان،
    هر پل توکي چاهيان،
    دُور اسان جو ساٿي آهي،
    اجڙيل هيءَ حياتي آهي،
    تنهنجي گھور جو گھايل آهيان،
    هر پل توکي چاهيان،
    پريت نگر جا اي رهواسي،
    تو بن هر هنڌ آهي اداسي،
    تنهنجي مرڪ جو سائل آهيان،
    هر پل توکي چاهيان،
    توسان ريت پريت به آهي،
    پيار ڪرڻ جي نيت به آهي،
    تنهنجي پيار ۾ پاڳل آهيان،
    هر پل توکي چاهيان،


    آيو آهي بهار ساٿي،

    آيو آهي بهار ساٿي،
    گلڙا پائن هر هنڌ جھاتي،
    پن پن ۾ پڙلاءُ،
    ساٿي ستت آءُ،

    هر هنڌ گلڙا مرڪن دلبر،
    تون آن دل جي ڌڙڪن دلبر،
    آءُ ڪيون پرچاءُ،
    ساٿي ستت آءُ،

    تنهنجون شوخ چنچل، شوخ ادائون،
    مون سان ڪر تون يار وفائون
    ڪوسو لَڳئي نه واءُ،
    ساٿي ستت آءُ،

    تنهنجو مرڪڻ بهار مون لئه،
    تنهنجو ڏسڻ قرار مون لئه،
    گھُور به ڏئي ٿي گھاءُ،
    ساٿي ستت آءُ،


    گيت بڻجي پوان،

    گيت بڻجي پوان،
    تنهنجي چپ تي هجان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!

    گل بڻجي پوان،
    توکي خوشبو ڏيان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!

    بهار بڻجي پوان،
    تنهنجي قسمت ٿيان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!

    پوپٽ بڻجي پوان،
    تنهنجا چپڙا چمان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!

    پکي بڻجي پوان،
    تنهنجي اڱڻ تي ٻوليان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!
    خوشبو بڻجي پوان،

    تنهنجي روح ۾ رَلان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!
    پريت بڻجي پوان،
    تنهنجي سنگ سنگ هجان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!
    هار بڻجي پوان،
    تنهنجي ڳلي ۾ رهان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!
    پيار بڻجي پوان،
    توکي دل ۾ رکان،

    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!
    خادم بڻجي پوان،
    تنهنجي خدمت ڪريان،
    اي منهنجا مهربان،
    شل خدا ائين ڪري!


    نازڪ ڇوري،

    نازڪ ڇوري،
    مونکي زوري،
    سپنن جو آ ميت بڻايو،
    مونکي پيار به ان تي آيو،
    سونهن ۾ ساري،
    آهي پياري،
    اجرڪ اوڍي آئي آهي،
    منهنجي من تي ڇانئي آهي،
    جڏهن ملي ٿي،
    مرڪي پئي ٿي،
    مرڪ به هن جي پياري آهي،
    درد ۾ ڄڻ دلداري آهي،
    پنهنجا سپنا،
    ٿيندا ساڀيا،
    هوءَ چوي ٿي مونکي ساٿي،
    گڏ گذاريون هيءَ حياتي،


    نازڪ لبڙا کول،

    نازڪ لبڙا کول،
    ڪجھه ته ٻول،
    پرين هن پياري موسم ۾،
    خوشبو خوشبو، آهي حياتي،
    ساٿ آ منهنجي سرهو ساٿي،
    پريت ملي انمول،
    پرين هن پياري موسم ۾،
    مکڙي مکڙي واس ڏئي ٿي،
    سونهن ڀريو احساس ڏئي ٿي،
    مرڪي ٿو ماحول،
    پرين هن پياري موسم ۾،
    تنهنجا ٽهڪ کنوڻ جا کجڪا،
    تنهنجا لڙڪ سنڌوءَ جا دڙڪا،
    سِيرَ ۾ تون نه رول،
    پرين هن پياري موسم ۾،


    باک ڦٽي،

    باک ڦٽي،
    رات کٽي،
    ياد تنهنجي،
    من ۾ ڦٽي،
    ڪين گھڻي،
    مونکي ٿوري،
    شال ملي،
    پيار رَتي،
    ياد تنهنجي،
    من ۾ ڦٽي،
    واھ مٺي،
    سونهن تنهنجي،
    چنڊ کان به،
    آهي چٽي،
    ياد تنهنجي،
    من ۾ ڦٽي،
    سڪ آهي،
    ڇڪ آهي،
    تو ۾ مٺي،
    پيار پتي،
    ياد تنهنجي،
    من ۾ ڦٽي،


    مون کان نه ڪر موڪلاڻي،

    مون کان نه ڪر موڪلاڻي،
    اچي منهنجي اکين ۾ ويھه،
    مٺڙا توسان پيار ڪيو مون،
    الفت جو اظهار ڪيو مون،
    آءُ هلي تون وڃ ملي تون،
    نيڻن ۾ اچي ٿو پاڻي،
    اچي منهنجي اکين ۾ ويھه،
    رُسي نه وڃ تون روح جا راڻا،
    دل نه ڀڃ تون روح جا راڻا،
    اوري آءُ ڪيون پرچاءُ،
    آتي تو لئه يار جواڻي،
    اچي منهنجي اکين ۾ ويھه،

    *


    تنهنجي تات،

    تنهنجي تات،
    ڏينهن ۽ رات،
    رات آءُ ڪيئن گذاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،
    دور رهين ٿو،
    قهر ڪرين ٿو،
    پل پل آءٌ توکي پڪاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،
    ساجن آءُ،
    ڪريون پرچاءُ،
    تنهنجي ساٿي راھ نهاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،
    آهي اڌوري،
    ڪين آ پوري،
    تو بن ڪيئن حياتي گھاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،
    تنهنجي ياد،
    ڪيو برباد،
    هنجون آءٌ تو لئه هاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،
    تنهنجي جيت،
    منهنجي آ جيت،
    پنهنجو سڀ ڪجھه تو وٽ هاريان،
    هر پل ساجن توکي ساريان،


    ياد آهين بس تون،

    ياد آهين بس تون،
    ٻيو سڀ وسري ويو پرين،
    توڏي ايندس ٿڪو نه آهيان،
    سامهون ايندس لڪو نه آهيان،
    منزل آهين مٺڙا منهنجي،
    تون آن منهنجي مُون،
    ياد آهين بس تون،
    ٻيو سڀ وسري ويو پرين،
    ساعت ساعت توکي ساريان،
    پل پل توکي يار پڪاريان،
    تون ئي دل جي ڌڙڪن آهين،
    تنهنجون هن يادون،
    ياد آهين بس تون،
    ٻيو سڀ وسري ويو پرين،


    نيڻن ۾ آ صورت تنهنجي،

    نيڻن ۾ آ صورت تنهنجي،
    موهي منڙو مورت تنهنجي،
    ايڏي دلبر دير ڪيئي ڇو؟
    پورو ٿي نه پساھ،
    جاني جلدي آءُ،


    من ۾ پيار جو مچ مچايئي
    مونکي پنهنجو ميت بڻايئي،
    پيار کڻي تون ايندين مون ڏي،
    دل کي آ ويساھ،
    جاني جلدي آءُ،


    جڏهن ملين ٿو جاني مونسان،
    کلي ملين ٿو جاني مونسان،
    تنهنجي پيار ۾ درد مليا جي،
    ڪين آهي پڇتاءُ،
    جاني جلدي آءُ،


    من ۾ تنهنجا سپنا ساٿي،

    من ۾ تنهنجا سپنا ساٿي،
    تو بن گذري ڪين حياتي،
    موٽي آءُ تون ميت!

    چؤڏس تنهنجو چهرو سائين،
    دل ۾ تون ئي رهندو آهين،
    ڪڏهن ايندين؟ منهنجي چپن تي،
    آهن تنهنجا گيت،
    موٽي آءُ تون ميت!

    هر هڪ منظر مرڪي مٺڙا،
    من جو آڳر ٽهڪي مٺڙا،
    تون به ته مرڪي ملندو آهين،
    مٺڙي تنهنجي ريت،
    موٽي آءُ تون ميت!

    مور نچي ٿو پر پکيڙي،
    ڪوئل ٻولي دل ٿي کيڙي،
    مونسان سڪ ونڊيندو آهين،
    پياري تنهنجي نيت،
    موٽي آءُ تون ميت!


    ديس وڃي ٿو دلبر جي تون،

    ديس وڃي ٿو دلبر جي تون،
    بادل بيھه گھڙي،
    نياپو ڏي تون منهنجو انکي،
    جنهن سان دل اڙي،


    ڪيئي مهڻا، ڪيئي ميارون،
    ساھ ۾ آهن، انجون سارون،
    ڪين اچي ٿو، روح رڙي ٿو،
    ويو سج لڙي،
    بادل بيھه گھڙي،


    نيڻ نماڻا، آنسو هاڻا،
    توڏي ڏسندي ٿي پيا ساڻا،
    سڏڪان بي ٿو مرڪان بي ٿو،
    توسان جان اڙي،
    بادل بيھه گھڙي،

    دل ۾ آهي ڪين ٿو وسري،
    ياد مان منهنجي ڪين ٿو نڪري،
    ڪين سري ٿي، باھ ٻري ٿي،
    ساھ ويو آ سڙي،
    بادل بيھه گھڙي،


    ساجن توکي ساريان ويٺو،

    ساجن توکي ساريان ويٺو،
    آب اکين مان هاريان ويٺو،

    تنهنجا سپنا، تنهنجي محبت،
    تنهنجي الفت، تنهنجي چاهت،
    ساٿي آءٌ سنڀاريان ويٺو،
    ساجن توکي ساريان ويٺو،

    تنهنجي هستي دل تي ڇانيل،
    پيچ آ پختو توسان پاتل،
    ڳڻتي ۾ من ڳاريان ويٺو،
    ساجن توکي ساريان ويٺو،

    ساٿي آيا هيل سيارا،
    ڪين آئين تون مونڏي پيارا،
    تنها تنها گھاريان ويٺو،
    ساجن توکي ساريان ويٺو،

    پُوھ جو پارو مونکي ساڙي،
    رت بسنتي ٿي روئاري،
    جھولن ۾ ته گذاريان ويٺو،
    ساجن توکي ساريان ويٺو،


    من ۾ هن ميلا متل،

    من ۾ هن ميلا متل،
    آيو آهي سپرين هتي،
    هوءَ سونهن جي ڄڻ آ پري،
    مونکي ڏسي پئي ٿي ٺري،
    هوءَ چاھ ۾ ٿي آ چري،
    نيڻ هن هُن جا ڀنل،
    من ۾ هن ميلا متل،
    دل ٿي هن کي سڏ ڪري،
    هوءَ شال مونڏي اڄ وري،
    تنهن بن نٿي ساعت سري،
    وسري نٿي مونکان ڪو پل،
    من ۾ هن ميلا متل،
    دل ٿي چوي هن کي ڏسان،
    هن کي ڏسي هن کي چمان،
    هن سان ملان هن سان کلان،
    ٻي نه آهي ڪائي ڪل،
    من ۾ هن ميلا متل،
    منهنجا پرين تنهنجون اکيون،
    ڪيڏيون آهن ترشي تکيون،
    مون غزل، وايون تن تي لکيون،
    هي نيڻ هن دل ۾ رهيل،
    من ۾ هن ميلا متل،
    آيو آهي سپرين هتي،


    ڪنهن جي خاطر گيت لکان ٿو،

    ڪنهن جي خاطر گيت لکان ٿو،
    ڪوئي ته آهي منهنجو،
    سپنا اڄ ڳائن ٿا ڪنهن لئه،
    دل جا در لاهن ٿا ڪنهن لئه،
    درد وساري آءٌ کلان ٿو،
    ڪوئي ته آهي منهنجو،
    موهيو محبت جنهن جي آهي،
    منهنجي دل ٿي جنهن کي چاهي،
    اوسيئڙي ۾ جنهن جي رهان ٿو،
    ڪوئي ته آهي منهنجو،
    مٺڙو ماڻهو آهي سوئي،
    درد ڇڏيندو آهي ڌوئي،
    مرڪي جنهن سان آءٌ ملان ٿو،
    ڪوئي ته آهي منهنجو،
    پيار سندو درياءُ پرين آ،
    منهنجي سڪ ۽ ساھ پرين آ،
    جنهن جي هر پل راھ ڏسان ٿو،
    ڪوئي ته آهي منهنجو،


    گلن ڀري آ موسم آئي،

    گلن ڀري آ موسم آئي،
    لال گلابي هر هنڌ رنگ،
    تنهنجو چاهيان ٿو مان سنگُ،

    من موهيو آ تنهنجي مُرڪڻ،
    ساھ لڳو آ توڏي سُرڪڻ،
    پيار وڌو آ تنهنجي ونگ،
    تنهنجو چاهيان ٿو مان سنگُ،

    پيار آ پنهنجو خوشبو وانگر،
    سڪ آ پنهنجي گھرو ساگر،
    چاهت ڇيڙيو دل جو چنگُ،
    تنهنجو چاهيان ٿو مان سنگُ،


    وڇڙي مونکان ويا،

    وڇڙي مونکان ويا،
    ڇڏي نيڻ ڀنل،
    هُئا پيارا سي پل،
    ساٿ سپرين هئا،
    ٿي آ ڪهڙي خطا،
    ڪين ويا هو ڏسي،
    ويا دلڙي کسي،
    پئي ڪائي نه ڪَل،
    هئا پيارا سي پل،
    ساٿ سپرين هئا،
    دل جي ڌڙڪن ۾ هُو،
    سدا ڌڙڪن پيا،
    تن ۾ هر هڪ ادا،
    دل ۾ آهي رهيل،
    هئا پيارا سي پل،
    ساٿ سپرين هئا،
    تون نه آئين پرين،
    مند موٽي وئي،
    دلڙي روئي پئي،
    سُڪا پيار جا گُل،
    ساٿ سپرين هئا،
    ساٿ سپرين هئا،


    وار نه کولي هَلُ پياري،

    وار نه کولي هَلُ پياري،
    لڳندي آهين جڳ کان نياري،

    لوڪ ڏسي مستانو ٿيندو،
    تنهنجو ئي ديوانو ٿيندو،

    ڳوٺ سڄي مان ڳولي ڳولي،
    پيار ڪندس مان توکي کولي،
    سانئڻ پريت اسانجي نياري،

    لوڪ ڏسي مستانو ٿيندو،
    تنهنجو ئي ديوانو ٿيندو،

    تنهنجي چنچل هر ادا آ،
    منڙو منهنجو ٿيو فدا آ،
    صورت تنهنجي سهڻي ساري،

    لوڪ ڏسي مستانو ٿيندو،
    تنهنجو ئي ديوانو ٿيندو،


    آءُ ڪيون مانجھاندو،

    آءُ ڪيون مانجھاندو،
    پرين پپل جي هيٺان،

    هلندي هلندي ٿڪجي پيا هون،
    ڏاڍيون ڏکيون آهن راهون،
    من بي آ ماندو،
    پرين پپل جي هيٺان،

    ساٿ ڇڏي ويا سارا ساٿي،
    ڪين هليا گڏ پيارا ساٿي،
    تو پيار مون لئه آندو،
    پرين پپل جي هيٺان،


    اوسيئڙو آ تنهنجو ڏاڍو،

    اوسيئڙو آ تنهنجو ڏاڍو،
    ماندو من آ منهنجو ڏاڍو،
    پرچي پؤُ تون پرين پيارا،
    کلي اسان سان کاءُ،
    ساٿي ستت آءُ.

    نيڻ ڏسن ٿا تنهنجون راهون،
    تو لئه ترسن هر پل ٻاهون،
    تو بن ڪيئن جيان مان جاني،
    تون آن منهنجو ساھ،
    ساٿي ستت آءُ.

    بڻجي رت بسنتي اَچُ تون،
    منهنجا مٺڙا روح ۾ رَچُ تون،
    دل ۾ تون ئي رهندو آهين،
    ڄاڻي هڪ الله،
    ساٿي ستت آءُ.


    توسان اک اڙي،

    توسان اک اڙي،
    مونسان ويھه گھڙي،
    ڪريون قرب ڪچهريون،

    پنهنجو پيار پرين،
    ماکيءَ لار پرين،
    لوڪ ڇڏي سارو،
    توسان جاني جڙي،
    مونسان ويھه گھڙي،
    ڪريون قرب ڪچهريون،

    شال اچين جانان،
    ڪري ڪي بهانان،
    جيئن رقيبن جي،
    وڃي رت سڙي،
    مونسان ويھه گھڙي،
    ڪريون قرب ڪچهريون،

    تنهنجي راھ ڏسان،
    تنهنجا پار پڇان،
    آئين ڪين پرين،
    ويو سج لڙي،
    مونسان ويھه گھڙي،
    ڪريون قرب ڪچهريون،


    تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،

    تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،
    ڄڻ ڪائي هٻڪار اُٿي آ،

    تون جي ايندين خوشيون اينديون،
    سورن هاڻيون گھڙيون وينديون،
    تنهنجي خاطر منهنجي من ۾،
    گيتن جي گونجار اُٿي آ،
    تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،
    ڄڻ ڪائي هٻڪار اُٿي آ،

    موسم بڻجي وئي متوالي،
    دلڙي تنهنجي سونهن جي سوالي،
    منهنجي من ۾ محبت واري،
    جھيڻي ڪا جھنڪار اُٿي آ،
    تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،
    ڄڻ ڪائي هٻڪار اُٿي آ،

    اڱڻ اسان جي آءُ سکي تون،
    مرڪي مونسان کاءُ سکي تون،
    تو لئه مٺڙي منهنجي من ۾،
    پريت سندي پُڪار اُٿي آ،
    تنهنجي من ۾ سارَ اُٿي آ،
    ڄڻ ڪائي هٻڪار اُٿي آ،


    تون جي ايندين پرين،

    تون جي ايندين پرين،
    منهنجو ٿيندين پرين،
    من کڙي پوندو،
    گل گلابي جيان،
    تو لئه رکيم پرين،
    اي مٺا دل نشين،
    سانجهه جون ساعتون،
    باک جون محبتون،
    بسنت جون چاهتون،
    تون جي ملندين پرين،
    من کڙي پوندو،
    گل گلابي جيان،
    تو سوا اي مٺا،
    منهنجا سپرين سٺا،
    ٻسو دل جو پڌر،
    ڄڻ بن آهي گھر،
    لڳي ويري شهر،
    تون جي ورندين پرين،
    من کڙي پوندو،
    گل گلابي جيان،
    ڇو رسي آن ويو،
    درد ڏئي آن ويو،
    تو لئه تڙپيو آهيان
    ڏاڍو سڏڪيو آهيان،
    ڪين مرڪيو آهيان،
    تون جي ايندين پرين،
    من کڙي پوندو،
    گل گلابي جيان،


    آءُ ساٿي،

    آءُ ساٿي،
    هيءَ حياتي،

    تو بن ڄڻ اڻ پوري آهي،
    ڇا لئه ايڏي دوري آهي،

    منهنجا مٺا،
    توکان سوا،

    ويران دل ڳلي آهي،
    تو ڇو دل پلي آهي،

    آءُ جيڏا!
    توکي ڪيڏا،

    وس ڪيم اچڻ جا،
    آهن ڏينهن ملڻ جا،

    توکي ساريان،
    آنسو هاريان،

    قاتل تنهنجي دوري آهي،
    ساعت ساعت سوري آهي،


    گيت ڪوئي ڳائجي،

    گيت ڪوئي ڳائجي،
    منڙوجھومائجي،
    گيت ڪوئي ڳائجي،

    سون ورني سِڪ آ،
    پياري تنهنجي ڀِڪ آ،
    توکي سيني لائجي،
    گيت ڪوئي ڳائجي،

    وچن ڪيا پيار جا،
    چاھ جا ڪيون اقرار جا،
    قول هر نڀائجي،
    گيت ڪوئي ڳائجي،

    منهنجو آهين تون پرين،
    آءُ گڏ جھومون پرين،
    ماحول کي گرمائجي،
    گيت ڪوئي ڳائجي،


    ڏس پرين!

    ڏس پرين!
    گھاوَ ڏين ٿو گھڻان،
    ڪين ٿو مڙين،
    ڏس پرين!

    جدا رهين ٿو پيو،
    ڇونه ٿو ملين،
    ڏس پرين!

    دل ڏنم توکي پَرَ،
    ڪين ٿو وٺين!
    ڏس پرين!

    منهنجو ٿي ڇو نه تون،
    پيار ٿو ڪرين،
    ڏس پرين!


    پيار ڪري ٿو هت سڀ ڪوئي،

    پيار ڪري ٿو هت سڀ ڪوئي،
    سڀ کي پنهنجو ميت الا،

    سڀ ڪو آهي پيار جو پياسو،
    سڀ ڪو آ دلدار جو پياسو،
    سڀ ڪو ڳائي گيت الا،
    سڀ کي پنهنجو ميت الا،

    پيار بنان ڪو ڪيئن گذاري،
    يار بنان ڪو ڪيئن گذاري،
    پيار آ سر سنگيت الا،
    سڀ کي پنهنجو ميت الا،

    پيار مٺو آ مصري کان بي،
    يار مٺو آ مصري کان بي،
    مٺرو منهنجو ميت الا،
    سڀ کي پنهنجو ميت الا،

    مکڙي کان وڌ نازڪ دلبر،
    محبت جي آ لائق دلبر،
    نينهن جي هن وٽ نيت الا،
    سڀ کي پنهنجو ميت الا،


    آءُ تون اوري،

    آءُ تون اوري،
    دل کي سوري،

    توکي ڇاتي لايان،
    ساهن منجھه سمايان،
    تنهنجي دُوري،
    اڙي او ڀوري،
    زهر وڏو ٿو ڀايان،
    توکي ڇاتي لايان،
    آءُ اڱڻ تي،
    جلدي منهنجي،
    ڪيسين من لڇايان،
    توکي ڇاتي لايان،
    لُونءَ لونءَ ۾ آن،
    شامل تون ئي،
    توکي ڌڙڪن ڀايان،
    توکي ڇاتي لايان،
    منهنجي راڻي،
    هيءَ جواني،
    تو بن ڪيئن گذاريان،
    توکي ڇاتي لايان،
    خوشبو آهين،
    رابيلي تون،
    پنهنجو من مهڪايان،
    توکي ڇاتي لايان،

    ڪَڪَر آيا،
    کنوڻ کلي،
    گجڻ گجي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،
    ٿر به جھومي،
    بَرُ به جھومي،
    ڪوھ به نچي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،
    ڪونج ڪرڪي،
    ڪويل ٻولي،
    مور به نچي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،
    آيا وري،
    ٿر ڏي ٿري،
    ميلو مچي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،
    سانگي ٿيڙا،
    سرها سارا،
    بادل ڏَسي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،
    منهنجا سائين،
    تون نه آئين،
    منڙو لُڇي ٿو،
    الا مينهن وسي ٿو،


    رهندي ڪين جدائي دلبر،

    رهندي ڪين جدائي دلبر،
    موسم پيار جي آئي دلبر،
    هر هنڌ آ سرهاڻ،
    آءُ تون منهنجي ڪاڻ،
    ٽهڪي ٿي پئي ٽاري ٽاري،
    موسم آهي مستي واري،
    مکڙيون مرڪن، ڀؤنرا ڀڻڪن،
    ماڪ ڪئي آلاڻ،
    آءُ تون منهنجي ڪاڻ،
    رابيلن جي ڏس بهاري،
    چمپا لاء گل گلزاري،
    پوکون پچن، مارون نچن،
    هر هنڌ آ ساواڻ،
    آءُ تون منهنجي ڪاڻ،
    ماڪ گلن کي مهڪائي ٿي،
    مکڙن کي ڄڻ ٽهڪائي ٿي،
    گلڙا ٽڙيا ، پوپٽ مڙيا،
    هر هنڌ آلاڻ،
    آءُ تون منهنجي ڪاڻ،


    راھ تڪن ٿيون ڪنهن جي اکيون،

    راھ تڪن ٿيون ڪنهن جي اکيون،
    راھ وڇائن جنهن جي اکيون،
    پريت جو پائي پير،
    ايندو مونڏي ڪير!؟

    چانڊوڪي ۾ ٽهڪ ٻُرن ٿا،
    نيڻ ملن ٿا، نيڻ ٺرن ٿا،
    گلڙا ميڙي دل کي کيڙي،
    مون مان ڪڍي مير،
    ايندو مونڏي ڪير!؟

    رات ڇڏيو هو دَرُ مون لاهي،
    آس مَ لاهي ڪنهن کي چاهي،
    لڙڪ مٽائي ، مرڪ سجائي،
    اڄ صبح سوير،
    ايندو مونڏي ڪير!؟

    گل کڻي هو مون ڏي ايندو،
    پيار ونڊيندو سُور سليندو،
    مون کي چاهي ، ڇاتي لائي،
    کڻي خوشبو ڍير،
    ايندو مونڏي ڪير !؟

    پورو ٿيو


    آخري ٻه اکر

    خادم حسين گهڃو ليڪچرار شهيد عبدالعزيز بلو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پنو عاقل ادبي دنيا ۾ ”خادم گهڃو“ پنو عاقل جو سڄاڻ شاعر آهي جنهن جي شاعري جي مهڪ اوهان هن ڪتاب جي ذريعي محسوس ڪري سگهو ٿا پاڻ سٺي شاعر سان گڏ هڪ سٺو استاد پڻ آهي هي ڪتاب جيڪو مسودي جي شڪل ۾ موجود آهي ليڪن اڃا تائين ڪنهن اداري طرفان ڪتابي شڪل جي صورت ۾ نه اچي سگهيو آهي. اميد ته هي سٺو شعري مجموعو ” چنڊ ڀڃي ٿو ڪَرَ“ ڪتابي شڪل جي صورت ۾ جلد مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
    ڪمپوزر:
    عبدالجبار شيخ
    اسسٽنٽ پروفيسر
    گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 906584
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 306597
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ