ڪتاب جو نالو: ڪجل ڀنل نيڻ
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2001
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 545 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 105 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو يورپ جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن ۽ رياستن بابت آهي. پليجي صاحب نه صرف اسان کي اتان جا شهر، نظارا، مارڪيٽون ۽ ميلا گهمايا آهن پر ان سان گڏ اتان جي تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت به لکيو آهي. سفرنامو پڙهندي اهو ڀائنبو ته ڄڻ پاڻ به اتي ئي موجود هجون. عبدالحئي پليجي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • ارپنا

    پنهنجي پياري محبوبه مومل سنڌو جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪجل ڀنل نيڻ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۽ آمريڪا جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.
    عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو يورپ جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن ۽ رياستن بابت آهي. پليجي صاحب نه صرف اسان کي اتان جا شهر، نظارا، مارڪيٽون ۽ ميلا گهمايا آهن پر ان سان گڏ اتان جي تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت به لکيو آهي. سفرنامو پڙهندي اهو ڀائنبو ته ڄڻ پاڻ به اتي ئي موجود هجون. عبدالحئي پليجي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي.
    هي سفرنامو 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    اسان وٽ جڏهن اڃان لاڙڪاڻي کي سياحت جو مرڪز سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙا محاورا ٺهندا هئا ته ”هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ تڏهن يورپي ملڪن جا ماڻهو سڙهه سنوان ڪري، ٻيڙا ٻار وجهندا هئا. نوان ملڪ، نوان ماڻهو، جيئڻ جا نوان انداز، ترقيءَ جا نوان مفهوم........ڊگهي سياحت کانپوءِ موٽي اچي انهن ملڪن جي باري ۾ ڪتاب لکندا هئا. سامونڊي سفرن ۽ انهن جي باري ۾ لکيل سفرنامن جي ڪري يورپ جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي سماجي ۽ ثقافني تبديليون آيون. منهنجي خيال ۾ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) جو هڪ وڏو سبب سامونڊي سفر به هو. هنرمندن ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪئي ۽ دنيا تهذيب جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي. ريل گاڏيڻ هلڻ شروع ڪيو، ريلوي اسٽيشنون ٺهيون.اسٽيشن جي ڀرسان وڏيون ۽ ننڍيون هوٽلون ۽ مسافر خانا تعمير ٿيا. پهرين جيڪو سفر ٽن هفتن ۾ ٿيندو. هاڻي ٽن ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳو. واسڪو ڊي گاما ٻيڙا ڪاهي آمريڪا پهتو. ڪئپٽن ڪڪ آسٽريليا ڳولهي لڌي. گولڊ ڪوسٽ جون سون جون کاڻيون، آفريڪي غلام، ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان پهچي وئي.... اسان وٽ صورتحال بنهه ابتڙ هئي. وڻجاري کارو کيڙڻ جا سانباها ٿي ڪيا ته سندس ونيءَ، ونجهه کي ور وجهي الوڙڻ نٿي ڏنس ۽ پنهنجي گهوٽ جي ماءُ کي ٿي چيائين ته :
    وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليين،
    آيو ٻارنهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي.
    هوڏانهن اتر ڏانهن ونيءَ جو گهوٽ ڪنهن ڪم سانگي لاڙ تي سنڀريو ته سندس ونيءَ ٿي سمجهيو ته لاڙ انڪري ٿو وڃي جو اتي اونهاري ۾ به ٿڌيون هوائون گهلنديون آهن ۽ اتر ۾ گرميءَ کان ساهه ٿو ٻوساٽجي. هوءَ کيس لاڙ نه وڃڻ لاءِ ايلاز ڪندي چوڻ لڳي ته :
    سهڻا، تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جهليندي سانءِ
    سياحت لاءِ اختيار ڪيل اسانجي اهڙي رويي جو سبب شايد اهو هو ته سنڌي سوسائيٽي پنهنجو پاڻ ۾ مطمعن سوسائيٽي هئي ان جاي ڀيٽ ۾ يورپ جي سوسائٽيءَ ۾ عجيب بي اطميناني ۽ بي چيني هئي. بي چيني ۽ بي اطميناني تبديليءَ جي خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ ان بيچيني يورپ جي سموري سماج کي، نهايت تيز رفتاريءَ سان، بدلائي ڇڏيو. اتان جا حڪمران پنهنجن مصاحبن کي، حڪومتي خرچ تي ٻاهرين مالڪن ڏانهن موڪليندا هئا ته جيئن هو اتان ڪي سٺيون ڳالهيون سکي اچن جن کي ملڪ ۾ رائج ڪيو وڃي. راڻي ايلزبيٿ پهرينءَ، سر فلپ سڊني نالي پنهنجي هڪ مصاحب کي يورپ جي سير لاءِ موڪليو جيڪو پورا ٽي سال ٻين ملڪن جي ماڻهن جي ريتن رسمن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري موٽيو. اسان وٽ تبديلي نه اچڻ جو هڪڙو وڏو سبب سفر کان نٽائڻ به هو ۽ هاڻي جڏهن ساري دنيا ۾ تبديليءَ وجو طوفان آيل آهي، تڏهن سنڌي سماج جي رڳو مٿاڇري تي تبديليءَ جا ٿورا گهڻا آثار نظر اچن ٿا. باقي پاتار ۾ اها ساڳئي ماٺار آهي.
    انگريزن جي اچڻ کانپوءِ سنڌين به بمبئي ۽ انگليڊ وڃڻ شروع ڪيو پر سفرناما تمام گهٽ لکيا ويا. ڌڻي ڪيو جو الطاف شيخ کي مرچنٽ نيويءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هن ايڏا سفرناما لکيا جو ساري ڪسر پوري ڪري ڇڏيائين.هاڻي ته جيڪو ٿو سفر تي اسهي سو ٿو موٽي اچي سفر نامو لکي. عبدالحئي پليجو نه مرچنٽ نيوي ۾ آهي ۽ نه سرڪاري نوڪريءَ ۾، جو سرڪاري خرچ تي ڏيساور ڏوري اچي. هو ته سنڌي جي چوڻيءَ مطابق ته ”هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“ يورپ جو لاڙڪاڻو گهمڻ ويندو آهي. چوندا آهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪا حسينه هوندي هئي جنهن جي وصل جي تمنا ۾ ماڻهو لاڙڪاڻي وڃي، ناڻو لٽائيندا هئا. عبدالحئي پليجو، حسين کڻي نه هجي ، ڪير به هجي! ڪنهن به طرح مٿس ناڻو لٽائڻ وارن مان نه آهي. هونئن به مٺ ڀيڙيائي ڀلي، پٽي ته واءُ، سياحت جو شوق اٿس. سفر جي پهرين منزل دبئيءَ ۾ ئي کيس لاڙڪاڻي واري حسينه ملي وئي. هو يورپ جي نائيٽ ڪلبن، جوا گهرن ۽ حسينائن جو اهڙو ته هرکائيندڙ انداز ۾ ذڪر ٿو ڪري جو پڙهڻ واري جي دل چوي ٿي ته گهر گهاٽ وڪڻي يورپ ۽ آمريڪا جي سفر تي هليو وڃان ۽ جي اوڏانهن وڃي نه سگهان ته پوءِ جهنگ منهن ڪري هليو وڃان.
    عبدالحئي جنهن به ملڪ ۾ ويو آهي اتان جي تاريخ، جاگرافي سياسي ۽ سماجي صورتحال، ماڻهن جو سڀاءُ ۽ رويا... اتان جا پارڪ، آمدورفت جون سهولتون، ساوڪون، گلڪاريون، وڏا وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور، وڏيون وڏيون شاهراهون، تيز رفتاري جيڪا ترقيءَ جو اصل سبب آهي. نائيٽ ڪلبون، جسم فروشيءَ جا اڏا، جسم فروشي ته پاڻ وٽ به پئي ٿئي پر اسين پنهنجو پاڻ سان منافقت ڪندي، انکي لڪايو ويٺا آهيون. جڏهن ته يورپ جي ڪن ملڪن جرئت مندي ڏيکاريندي نه رڳو ان کي قبول ڪيو آهي پر Transforming non wage worker into wage-worker واري اصول تي عمل ڪندي،کين ڪاروبار وڌائڻ لاءِ ڪيتريون سهولتون ڏنيون آهن. عبدالحئي اسان کي ٻڌائي ٿو ته هالينڊ ۾ طوائفون پنهنجي ڪمائيءَ مان ٽيڪس ڏينديون آهن، حڪومت کين ڌنڌو وڌائڻ لاءِ قرض ڏيندي آهي. هنن جي باقائده رجسٽر ٿيل يونين آهي ۽ سندن هڪڙو رسالو به نڪرندو آهي.
    لنڊن جون انڊر گرائونڊ ٽيوب ٽرينون، مسافرن سان سٿيل گاڏا، ماڻهو سڀ مهذب، منظم ۽ فضيلت جو جيڪو جتي ويٺو آهي اتان چُري ئي نٿو. اخبار جي ورق ورائڻ جو آواز به نٿو ٻڌجي. فقير گٽار يا ڪو ٻيو ساز وڄائي پيا پنن. هتان وانگر نه جو فقير ائين چنبڙي پوندا جو ڌڻيءَ جي نالي خيرات ڏئي ثواب ڪمائڻ جي بدران ماڻهو کانئن جان ڇڏائڻ لاءِ خيرات ڏيئي ڇڏيندو. ريل ۾ مسافرن کي ٿورو به ڪو مسئلو ٿئي ته ريل جو عملو هڪيو تڪيو حاضر..... اسان وٽ ريل جي عملي جي ڪارڪردگي اها آهي جو هڪ دفعي ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ اي سي گاڏي ۾ سيٽ رزرو ڪرايم. اسٽيشن تي پهتس ته خبر پئي ته خيبر ۾ اي سي گاڏو ئي ڪونه لڳو آهي!
    عبدالحئي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي. هو لنڊن جي هڪ پاڪستاني پنجابيءَ جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو هوٽل هلائيندو آهي، پنجابي اسلام ۽ پاڪستانيت جا ٻڌا ٺيڪيدار، پر هوٽل جو نالو مهاڀارت يعني عظيم هندستان! آسٽريليا ۾ هڪ هندو عورت مهاراڻي نالي هوٽل هلائيندي هئي. ان هوٽل ۾ سڀ کان سٺيون ڊشز، گئوماتا جي گوشت جون هونديون هيون! سرمائي جي ڪا سرحد ڪانه ٿيندي آهي ۽ نفعي جو ڪو مذهب نه هوندو آهي.
    انگليڊ، فرانس، هالينڊ ۽ جرمني، جرمني جي ڪار ۽ زال ڪڏهن دوکو نه ڏين. بون جو شهر ڪارل مارڪس، بيٿووين ۽ اين ميري شمل جو شهر! هالينڊ جا گل ۽ طوائفون، آمريڪا جي لاس اينجلس ۽ لاس ويگاس، ڊزني لينڊ، هالي ووڊ، گولڊن گيٽ برج، يونيورسل اسٽوڊيو، نائيٽ ڪلبز، نيڪڊ ڊانسز...... دنيا ڪيڏي نه وسيع آهي، رڳو آمريڪا ايڏو وڏو ملڪ آهي جو هوائي جهاز ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين سفر ۾ چوڏهن ڪلاڪ لڳيو وڃن.....
    عبدالحئي آمريڪا جي سياسي نظام، صدر جي چونڊ، سينيٽ ۽ ڪانگريس جي جوڙجڪ ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ وڏي مطالعي سان لکيو آهي. سندس سفرنامي ۾ شراب ۽ شباب به آهي ته ڄاڻ جي روشني به آهي. سچ پچ ته عبدالحئي جو هي سفرنامون نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو آهي، پر هن جي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جو سياحت ۾ اتساه پڻ پئدا ٿيندو.

    آغا سليم


    1

    پنجن چئن سالن جي سفر ۾ دنيا جا ڪيئي ملڪ گهمي آيس ۽ پنج سفرناما لکي ڇڏيم، جيڪي شايع به ٿي ويا. 1-ڏوريم ڏيساور 2-هوجي وڻ ولات جا، 3-ديس بديس4- ڪنواريون ۽ ڪنول 5-ٻنون ٽو ٽوڪيو. پر وري گذريل پنجن ڇهن سالن کان مسلسل ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه ٿيو. گذريل سال ٻن سالن کان ڏاڍي ڪوشش ۾ هوس ته ڊاڪٽر راڄو مونسان گڏ هلي ته ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا جو يڪو ٽوئر لڳائي اچجي. ڊاڪٽر راڄي سان اڳ به، ٽي چار ملڪ گهمي آيو هوس ۽ ڏاڍو Enjoy ڪيم. سو ٻه سال مسلسل ڊاڪٽر جي پٺيان لڳس ته گڏجي هلي. پر ڊاڪٽر ڀلي ولايت يعني حج مان موٽڻ کان پوءِ اڪثر ماڻهن جي اڳيان صرف بئنڪاڪ گهمڻ جي ڳالهه کان به لهرائيندو آهي. سو يورپ ۽ آمريڪا جو ٻڌي ٺپ جواب ڏنائين. پوءِ محمد صابر ۽ حمزه خان کي چيم. پر پروگرام نه ٺهيو. مصروفيتن جي ڪري چيئين ته تون هل، پٺيان آئون به اچي توکي پهچندس. سو آئون به سڀ آسرا لاهي اڪيلو ئي اڪيلو ”مارو اڪيلڙا“ جي راهه تي هلندي، سر جو بندوبست ڪرڻ لڳس. پاسپورٽ ته اڳيئي ٺهيل هو، پر اٽڪل نون ملڪن جون ويزائون يعني متحده عرب امارتون، انگلينڊ ۽ آمريڪا لاءِ ملٽيپل ويزائون، بيلجيم، هالينڊ، جرمني، لنگزمبرگ، فرانس ۽ ميڪسيڪو لاءِ سنگل انٽري ويزائون گهربل هيون.
    صبح شام ٽريويلر ايجنٽ جي آفيس ۽ سفارت خانن جي آفيس ۾ وچ ۾ هلي هلي ڪار جا ٽائر گسي ويا. آمريڪا ۽ انگلينڊ وارن ته جهڙي سفارت خاني ۾ نوڪري ٿي ڏني. صبح جو فارم ملندو،شام جو فارم وٺبو، لائين ۾ بيهبو، صبح جي لائين اوڀر کان شروع ٿيندي ۽ شام جي لائين اولهه کان شروع ٿيندي، پاسپورٽ صبح جو ڇهين بجي ڏجو. انٽرويو به هر هڪ جو ضرور ٿيندو. ٿيندو به انگريزي ۾ ڀلي انگريزي ڄاڻي يا نه. انٽرويو ٿيندو به روبرو، پر ٿيندو به فون تي. وچ ۾ شيشو هوندو. انٽرويو وٺڻ وارو فون رکي ڇڏي ته سڀ ڪجهه ختم. سڄو ڏينهن ڳالهائي پر رزلٽ ٻڙي. دوستن کان مشورا به ڏاڍا ورتم. پر چيائون ته فضول آهي، آمريڪا ۽ انگلينڊ وارا ڪڏهن ته درياءَ ٽپي وڃن ڪڏهن ته ڪسيءَ تي به گوهي ڪن. خلاف توقع آمريڪا جي ويزا ڏاڍي آساني سان ملي. نه صرف آسانيءَ سان ملي پر اسسٽنٽ سيڪريٽري شايد مس جوليءَ وٽ آئون جڏهن ڪاغذ کڻي وڃڻ لڳس ته احترامن اٿي بيهي رهي ۽ مونکي منهنجي سفر لاءِ دعا پڻ ڪيائين. ٿيو ائين ته مونکي منهنجي دوست ڪيلا جيڪو آمريڪا مان P.H.D پي ايڇ ڊي ڪري آيو هو، تنهن صلاح ڏني ته انٽرويو وقت ڪاغذ پٽ جام کڻي وڃج. سو آئون اڳوڻا پاسپورٽ، عشر ۽ آبياني جون رسيدون، بئنڪ شيٽس، پاس بوڪ، شگرمل بلس، ڪمپيوٽر شيٽس، سٺي آبادگار طور مليل شيلڊ، ڇپيل ڪتاب ۽ ان تي مليل ايوارڊ ۽ شيلڊ سڀ سامان وڃي رکيومانس، شيشي کي ورائي سڀئي سامان اندر ڪري شيشِ کي بند ڪري ڇڏيائين. سڀ کان پهرين ڪتاب ڏٺائين. مون فون تي چيس ته اهي سڀئي ڇپيل ڪتاب منهنجا لکيل آهن. ۽ انهن ۾ چار سفرناما ۽ هڪ ڪتاب يعني ديس بديس تي مونکي ادبي ايوارڊ پڻ مليل آهي ۽ هاڻ جڏهن آمريڪا گهمي واپس موٽندس ته آمريڪا تي پڻ ڪتاب لکندس. اهو ٻڌي ته آئون ليکڪ آهيان سندس ڳالهائڻ جو ٽون بدلجي ويو ۽ احترام سان کلي ڳالهائڻ لڳي. وڌيڪ ڪاغذ ڏسڻ ۽ سوال ڪرڻ کانسواءِ چيائين ته شام جو ويزا لڳل پاسپورٽ کڻي وڃجو. ۽ آمريڪا جڏهن گهمي ايندا ۽ اتي جو سفرنامو ڇپرائيندا ته هڪ ڪاپي سفارتخاني کي ضرور موڪلجو. ٻيون ويزائون پڻ آساني سان ملي ويون. صرف انگلينڊ وارن انٽرويو دوران ٿورو رين رين ڪئي. سا انگريزن جي پراڻي عادت آهي ۽ اسين برصغير جا ماڻهو انهيءَ تي هريا پيا آهيون منهنجو ٽريويلر ايجنٽ مسٽر خوبچند هو. جنهن ويچاري سڄي ٽوئر کي سٺي نموني سيٽ ڪيو، منهنجي ائيرلائين لنڊن دبئي عرب ايمرائٽ هئي. لنڊن هوسٽن- هوسٽن لاس اينجلز لاءِ ڪانٽينٽل هئي. لنِڊن کان سواءِ سڄي يورپ لاءِ ڪاسموس وارن جي ڪراچي ايجنٽ يعني اجني Ajnee ٽوئر وارن جي معرفت ٽوئر بوڪ ڪرايم. اڪيلي هئڻ جي ڪري. نه ته سڄي ٽوئر ۾ تڪليف ٿئي ها ۽ ڪٿي هوٽل ملي نه ملي، ڪٿي ٽيڪسي جي تڪليف، ته ڪٿي ڪا ڪنهن پروگرام لاءِ ٽڪيٽ هجي يا نه، سو سڄي يورپ جو ٽوئر پروگرام ڪاسمورس وارن معرفت تيار ڪيم. جن سڄي پروگرام جي بڪنگ شيٽ ۽ ڪيترا ڪتاب هٿ ۾ ڏيئي کڻي خدا حافظ چيو. ۽ چئون ته لنڊن ۾ اسان جي آفيس وارا مقرر تاريخ تي تنهنجي لاءِ لنڊن ۾ هي گانو پنهنجي آفيس ۾ چاڙهيو ويٺا هوندا ته ”اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان.“ بس صرف تنهنجي لنڊن ۾ اسانجي آفيس ۾ پهچڻ جي دير آهي. جيئن ته آئون سڄي ٽوئر ۾ اڪيلو سندرو ٻڌي نڪتو هوس. سو باقي دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا ۾ يارن ۽ واقفڪارن جي لسٽ تيار ڪرڻ شروع ڪيم. جيئن اتي اڪيلائي نه محسوس ڪريان ۽ سندن ساٿ سان سٺي نموني گهمي ڦري سگهان ۽ پڻ سندن گڏ ڪيل ڊالرن ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻي سگهان. دبئي ۾ منهنجي پياري ڀاءُ مرحوم غلام رسول جي سالي محمود، لنڊن ۾ ڊاڪٽر خشڪ ۽ گل سهتي، آمريڪا ۾ نظام الدين جتوئيءَ جون ائڊريسون ۽ فون نمبر هٿ ڪيم. ڪن کي فون ڪيم، ڪن کي خط لکڻ شروع ڪيم. نظام الدين جتوئي کي آمريڪا ۾ ايترا خط ۽ فون ڪيم جو مجبورن ويچاري فون تي چيو ته پليجا صاحب هروڀرو فونن تي ايترا پئسا خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. توهان رڳو آمريڪا پهچو آئون ايئرپورٽ تي حاضر هوندس. سڄي ٽوئر ۾ توهان سان گڏ هوندس ته جيئن توهان واپس وارري جهاز ۾ نه وڃي ويهو. ٿيو به ائين جو واپسي ۾ همراهه ڇڏي ئي نه. چئي سائين ٽن هفتن ۾ آمريڪا جا گهميا آخر ۾ ته پاسپورٽ لڪائڻ جي ڌمڪي ڏنائين چيائين ته مهمان ايندو پنهنجي مرضي سان آهي ۽ ويندو ميزبان جي مرضي سان آهي. خير اهي احوال اڳتي وڃڻ واري رات ڊاڪٽر اقبال ميمڻ وٽ ترسيس. صبح جو سامان کڻي پهريائين خوبچند جي ٽريولر ايجنسيءَ پهتس. جتي خوبچند پاسپورٽ ٽڪيٽون ۽ ڪرنسي لاءِ ايئرپورٽ بئنڪ لاءِ ليٽر ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ ڏنا. آئون سڌو ايئرپورٽ پهتس. ايئرپورٽ تي منهنجو دوست حمزو پليجو M.N.A ارباب وزير ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر شوڪت پنهور، ڪنزرويٽر ڪيلا صاحب، منهنجو ڀاءُ مير نصير، محمد صابر ۽ عبدالعليم ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترا سارا دوست ائيرپورٽ آيا هئا.ڪيترائي پراڻا ساٿي گڏيا، هڪ سينيٽر، ٻيو M.N.A هئڻ ڪري اسان به V.I.P ٿي وياسين. يعني V.I.P لونج جي سهوليت ۽ ايئرپورٽ کان جهاز تائين وڏي V.I.P ڪار ۾ وياسين. اسان Emirates جي جهاز ۾ دبئي لاءِ روانا ٿي وياسين. ٻن ڪلاڪن جي سفر ۾ دبئي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. اسان لنڊن پهچون، انهي کان اڳ اسانجي ايئرلائين وارن اسان کي مفت ۾ دبئي ترسايو. جنهن ۾ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش ۽ کاڌو، جهاز کان هوٽل، هوٽل کان جهاز تي پهچائڻ جو ڪم پڻ ائيرڪمپنيءَ وارن ڪيو. دبئي جي انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي جڏهن پهتاسين ته اسانجو پاسپورٽ اسان کان واپس وٺي پاڻ وٽ رکيئون ۽ ان جي عيوض اسان کي هڪ رسيد ڏنئون ۽ اهو پڻ سمجهايائون ته توهان جڏهن واپس لنڊن ويندا ۽ دبئي ايئرپورٽ تي هيءَ رسيد ڏيکاري پنهنجو پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ واپس وٺي سگهو ٿا. توهان ڀلي دبئي ابوداڀي ۽ شارجه گهمو ڦرو. موج ڪريو (United Arab Emirates) يا متحده عرب امارات 1971ع ۾ ستن ننڍڙين رياستن يا (Shaikh Doms) کي ملائي ٺاهي ويئي هئي. جنهن ۾ ابو داڀي ، دبئي ، شارجه ، اجمان، ام، ال، قيوم ۽ راسل جبال اچي وڃن ٿيون. هنن جا بارڊر سعودي عرب قطر ۽ عمان سان ملن ٿا.هن جو عارضي تخت گاهه ابو داڀي ٺاهيو ويو. پر اهو صرف پنجن سالن لاءِ باقي پوءِ نئون تخت گاهه ابو داڀي ۽ دبئيءَ جي وچ ۾ ٺاهيو ويندو. ان وقت سڄو ملڪ واريءَ جو رڻ پٽ هيو. پر 1971ع کان هيستائين هن منهنجي ملڪ کي خاص ڪري سمنڊ ڪناري کي سرسبز ڪري ڇڏيو آهي. هت جبل تمام اوچا آهن. جن جي ڪٿي ڪٿي اوچائي 10.000 ڏهه هزار فوٽ به آهي. هتي جي سامونڊي بندرن، ۽ هوائي اڏن جي اهميت سڄي مڊل ايسٽ ۾ آهي.
    دبئي 1971ع کان 1998ع تائين بي پناهه ترقي ڪئي آهي. دبئي جي هوائي ڪمپني گذريل ڇهن سالن ۾ مسلسل سڄي دنيا جي هوائي ڪمپنين ۾ پهريون نمبر اچي رهي آهي. واقعي تمام آرام ده هوائي سروس اٿس. ايئرهوسٽس کانسواءِ ٻيو عملو گهڻو ڪري سڀ يورپين آهي.باقي ايئرهوسٽس گهڻوڪري عرب پاڪستاني ۽ ٿائي اٿس. جيڪي پڻ سٺي سروس ڪن ٿيون، فلائيٽ اسٽاف سان گڏ گرائونڊ اسٽاف پڻ ڏاڍو سٺو، سهڻو چاڪ چوبند، برجستو ۽ ڪو آپريٽيو آهي. مون دنيا جي گهڻو ڪري ڪيترن ئي ايئر لائين ۾ سفر ڪيو آهي. پر اڄڪلهه Emirates واقعي نمبر ون آهي. ۽ دنيا ۾ گندي ۾ گندي ايئرلائين ايئرانڊيا آهي.
    هت برسات تمام گهٽ پوندي آهي، گرمي به تمام گهڻي ٿيندي آهي، يعني پاڪستان کان گهڻي پر هت ان جو گهٽ اثر آهي. هتي هر هوٽل، ڪار، سپر مارڪيٽ ۽ مسجد مطلب ته هر جڳهه ايئرڪنڊيشنڊ آهي. هتي جي قومي ٻولي عربي آهي. هتي جا اصل رهاڪو عرب آهن. پر ٻين ملڪن کان نوڪرين ۾ ڌاريا ايترا ته اچي ويا آهن جو شهر ۾ خاص ڪري دبئي ابو داڀي ۽ شارجه ۾ توهان کي عرب گهٽ ۽ ٻين ملڪن کان آيل ماڻهو گهڻا نظر ايندا. تيل جي طاقت سڄي دنيا جي ماڻهن کي اچي هت حاضر ڪيو آهي. هتي 1985 ع ۾ پهريون دفعو تيل مليو، جنهن کي انگريزن ۽ فرينچن دريافت ڪيو. هاڻ ته سڄو ملڪ خاص ڪري ابو داڀي جو سمنڊ جي ڪناري وارو علائقو ته سڄو تيل جا کوهه ٿيو پيو آهي. جنهن ۾ وري (Umm Shaif) اوم شيف وارو علائقو ، هاڻ ته سڄي تيل جي دولت تي آمريڪا جو قبضو آهي. ٻيا سڀ سندس پيٽي ٺيڪدار آهن، (Ajman and Fujairah) اجمان ۽ فوجيراه ۾ ٿوري زراعت پڻ ٿيندي آهي.
    حڪومت جو سڄو نظام سپريم ڪائونسل هلائيندي آهي. جنهن ۾ سڀ رياستون ميمبر آهن. نائب صدر، وزير اعظم ۽ وزير پڻ سپريم ڪائونسل مقرر ڪندي آهي. اسان کي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ عيوض رسيد هٿ ۾ ڏيئي. هڪ گرائونڊ هوسٽس ساڻ ڏيئي. ڪوچ ۾ روانو ڪري ڇڏيائون. جنهن اسان کي اچي اسانجي هوٽل ۾ لاٿو. شايد هوٽل جو نالو، هوٽل ايئرپورٽ (Hotel Airport) هو. دبئي سڄو فري پورٽ آهي. جنهن ڪر ي ولايتي شيون اصل ملڪن کان به سستيون ملن ۽ سپر مارڪيٽن ۽ (Seaport and Airport) تي ڊيوٽي فري هئڻ ڪري تمام گهڻي رش هوندي آهي. مون تڙ ڪري چانهه پي پوءِ پروگرام ٺاهيو ته اڄ اڌ ڏينهن ۽ سڄي رات جيترو گهمجي اوترو ٿورو. صبح ڏهين بجي اڳتي لنڊن وڃڻو هو. ٻاهر اچي ٽئڪسي ڪري دبئي شارجه ۽ ابو داڀيءَ جي چڪر لاءِ نڪري پيس. سلطان جو محل، پاڪستاني اسڪول، هاليڊي ان هوٽل، شاهد بازار، ورلڊ ٽريڊ سينٽر، مخدوم روڊ، پارڪ، بيچ ۽ مشهور شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جنهن ۾ هر سال، ساليانو ڪرڪيٽ مئچون ٿين. جنهن ۾ سڄي دنيا جون ڪرڪيٽ ٽيمون حصو وٺن. شارجه ڪپ ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ پڻ وڏي چاهه سان ڏٺي ويندي آهي. مونکي اهو ٻڌي ڏاڍو تعجب لڳو ته اهو اسٽيڊيم هڪ خانگي ماڻهو جو آهي. جيڪو ڪمائڻ يا پنهنجي شوق لاءِ اهڙيون ٽورنامينٽ ڪرائي ٿو. ۽ سڄي دنيا جا ماڻهو ۽ فلم اسٽار پڻ اها ٽورنامينٽ شوق سان ڏسڻ اچن ٿا.دبئي ۾ پارڪ ۽ ٻين تفريح جي جڳهين تي توهان کي عربن کان وڌيڪ هندستاني، پاڪستاني، فلپينو، ٽائي ۽ سلوئي نظر ايندا. شام جي وقت پارڪن ۾ ڏاڍو عجيب منظر ڏسڻ ۾ ايندو. دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي اهڙو منظر ڏسڻ ۾ اچي. آئون عربستان ٻارن سان به ويو آهيان، پر اهڙو منظر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. مثال توهان ڪنهن پارڪ، سئنيما يا نائيٽ ڪلب ۾ وڃو، ته توهان کي عجب لڳندو. پارڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ عربي ڳالهائڻ هوندو ته ٻي ڪنڊ ۾ سنڌيءَ ۾ پيا ڳالهائيندا ته ڪنڊ ۾ مرهٽيءَ ۾، ته چوٿين ڪنڊ ۾ فلپينو ته وچم هندي ۽ بنگالي ته ڪٿي سنڌيءَ ۾ هڪ ٻئي کي سڏ پيا ڪندا. پان، چڻا، ملڪن، ملڪن جا کاڌا ۽ آواز ٻڌي ماڻهو خوب پيو مزو وٺندا آهي. آئون جيئن ته اڪيلو هوس ۽ سفر کي اڪيلائي ۾ هر طرح ڀي انجوائي ڪرڻ چاهيم، تنهن ڪري اهڙين جڳهين تي وڃڻ پي چاهيم، جو اڪيلائي جو احساس نه ٿئي ۽ ڪجهه ڏيسان ۽ پرايان. ۽ پرهڻ وارن کي به ان ۾ شامل ڪريان ۽ اڪيلائي محسوس نه ڪريان. ننڍي هوندي کان وٺي سفر شروع ڪيو اٿم، ڪيترائي ملڪ ۽ ماڳ ڏٺم. دنيا جي هڪ ڪنڊ يعني ڪراچي ۽ ٻي ڪنڊ يعني جپان، ۽ ٽئين ڪنڊ يعني آمريڪا جي اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ واري ويسٽ ڪوسٽ تائين وڃي دنگ ڪيم، نه رڳو پاڻ پر پنهنجي گهر واريءَ ٻارن کي پڻ انهن گهمڻ ڦرڻ جي شوق ۾ شامل ڪيم. دنيا جي ڪيترن ملڪن سان گڏ ڪيترا ماڻهو ۽ ڪيتريون قومون ۽ انهن جون ثقافتون اکين سان ڏسڻ جو موقعلو مليو. ان نتيجي تي پهتس ته دنيا ۾ آمريڪي قوم مقدر جي سڪندر ۽ ڀاڳ ڌڻي آهي ۽ اهڙي ڌرتي جتي ڪڏهن به جنگ نه ٿي ۽ خدا به ايڏو مهربان جو هاڻ دنيا جو واحد سپر پاور، جنهن وٽ ايڏو سهڻو رڇ آهي. جو جتي به اڇلائي ته سڀ مڇيون اچي سندس رڇ ۾ پون. ۽ وري جنهن کي چاهي ته تخت مان تختو ڪريو ڇڏيس. جنهن جو مثال لبنان ۽ ان جي گاديءَ وارو شهر بيروت آهي. ستر جي اڳ (Early Seventies) واري ڏهاڪي ۾ بيروت، مشرق کان ڇا پر يورپ جي شهرن کان پڻ سونهن سوڀيا ۾ سرس هو. ڇا ته شهر هو.
    بيروت جون رونقون لنڊن، پئرس ۽ روم کان به اڳتي هيون. پر آمريڪا اسرائيل معرفت هن ملڪ ۽ شهر کي کنڊرات جا ڍير ڪري ڇڏيو. اڄ نئين نسل کي انهيءَ دور جي خبر ئي ڪانهي ته هي شهر ڪهڙي اوج تي هو. ان کانپوءِ انگريز قوم ڏاهپ ۽ دورانديشي ۾ دنيا ۾ هڪ مثال آهي. ۽ وري جرمن ۽ جپان جهڙي محنتي قوم دنيا ۾ نه آهي. جنهن ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جيڪا شڪست کاڌي، خاص ڪري انهيءَ ۾ به جپان، جنهن پرل هاربر ۾ آمريڪي بندر تي حملو ڪري آمريڪا کي ڇتو ڪري ڇڏيو. نه ته جنگ جو مک ڪردار جرمن هو. پر آمريڪا صرف پرل هاربر جي بدلي وٺڻ جي ارادي سان جپان تي ائٽم بم سان حملو ڪري، دنيا کي اهو محسوس ڪرائڻ ٿي چاهيو ته اسان تي حملي ڪرڻ جي اها سزا آهي ۽ ائين جپان تباهه ۽ برباد ٿي ويو. پوءِ ان قوم ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ۽ صبر جو ڦل ڪيڏو نه مٺو آهي. اڄ جپان دنيا جي پهرئين نمبر جي امير ترين ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو. عرب سڳورا جهڙا هزار سال اڳ هئا. تهڙائي اڄ آهن. دنيا جي.....قوم پنجابي. دنيا جي سادي قوم سنڌيءَ جهڙي ڪٿي به ڪونه ڏسندا.
    شيخ اياز هي شعر شايد سنڌين لاءِ چيو آهي ته ”ماڻهو چنڊ ٽپي ويو آهي، تون ته اتي ئي بيٺو آهين.“ جيڪا جٺ سنڌي قوم سان پنهنجي سرزمين تي ٿي آهي، دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي جٺ ڪٿي به ٻي قوم سان نظر نٿي اچي.
    بندر جاڀئي، ته سکاڻيا م سمهو،
    ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،
    ايڏا سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناگئا.
    (شاهه)
    منهنجي ٽئڪسيءَ وارو مسقط جو بلوچ هو، جيڪو ڪراچي به ڪيترا دفعا ڏسي چڪو هو، ۽ سندس مائٽ پاڪستان جي بندر واري شهر گوادر ۾ رهندا هئا. جنهن ڪري اردو بهترين ٿي ڳالهايائين. منهنجي ٽئڪسي وارو ڊرائيور گهٽ پر گائيڊ وڌيڪ ثابت ٿيو. ڪيترن سالن کان وٺي ٽئڪسي هلائيندو آهي. ڏاڍو مزيدار ماڻهو هو. ساڻس گڏ گهمندي ڏاڍو مزو ڀي آيو. پاڻ ڪوشش ڪري سٺيون سٺيون جڳهيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڀي ڪيائين. گهمندي گهمندي رات ٿي وئي. پاڻ چيائين ته سائين هتي جي نائيٽ لائيف به ڏاڍي سحر انگيز اهي.
    سڄي دبئي سهڻن نائيٽ ڪلبن سان ڀري پئي آهي. ديس ديس جون ناريون سڄي رات پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي صبح ڪري ڇڏينديون آهن، مون چيومانس ته يار سڄي رات ته نه پر هڪ بجي تائين اسين به جاڳي سگهون ٿا. باقي اسين ڳوٺاڻا ماڻهو سوير سمهڻ وارا سڄي رات جاڳي سگهون. مون اهو پڻ چيومانس ته هڪ نه پر ٻن، چئن نائيٽ ڪلبن ۾ هلبو. جيئن دبئي جي نائيٽ لائيف جي گهڻي آئيڊيا وٺي سگهجي. بسم الله ڪري هڪ نائيٽ ڪلب ۾ وياسين ته اسان کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته نائيٽ ڪلب ۾ ڊانس ۽ ڳائڻ واريون پاڪستاني ڳائڻيون مجري جي انداز ۾ نچي ۽ ڳائي رهيون هيون. گانا پڻ انڊين فلمن جا ڳائي رهيون هيون. فقط هت نه پر سڀني ڪلبن ۾ هندستاني، پاڪستاني ڊانسرس مجري جي انداز ۾ نچي ۽ ڳائي رهيون هيون. ماڻهو پئسا به ائين ڳائڻين تان گهوري رهيا هئا. ڄڻ ته سنڌ ۾ ڪنهن سنڌي وڏيري جي شاديءَ ۾ پئسن جي ورکا ٿي رهي هئي. نائيٽ ڪلبن ۾ داخلا جي ڪابه ٽڪيٽ يا في وغيره نه ٿئي. پر ڊرنڪ ضرور ڪرڻو پوي. گهڻي دير تائين نائٽ ڪلبن جا چڪر هڻي اچي هنڌ ڀيڙا ٿياسين. صبح ڪجهه دير سان جاڳ ٿي. آئون گلنار جي ٻانهن هيٺان سرڪي اٿي، باٿ روم مان تيار ٿي ٻاهر آيس ته پاڻ ائين بيڊ تي ستي پئي هئي. سندس هيٺين ڌڙ تي سفيد چادر پئي هئي. پر سندس مٿئين ڌڙ تي ڀر واري A.C جي تيز هوا ڪري چادر لهي ويئي هئي. سندس اڇي بدن تي برسيز پائڻ ڪري برسيز جا نشان چمڙي تي صاف ظاهر نظر اچي رهيا هئا. باقي پٺيءَ تي تمام سنها ڀورا وار بلب جي روشنيءَ ۾ صاف نظر اچي رهيا هئا. پاڻ سڄي رات جي اوجاڳي ڪري ڏت ننڊ ۾ ستي پئي هئي. آئون انهيءَ پوزيشن ۾ پنهنجي پروفيشنل محبوبا کي ڇڏي پنهنجي بئگ کڻي ٻاهر منهنجي انتظار ۾ بيٺل ايئرپورٽ شٽل تي اچي ويٺس. جنهن اسانکي دبئي ايئرپورٽ تي اچي لاٿو. اتي ڪلهه واري بندري عرب گرائونڊ هوسٽس اسانجو کلي استقبال ڪيو ۽ اسانجا پاسپورٽ ۽ ايئرٽڪيٽ اسانجي حوالي ڪيا. اسان (Emirates) جي آرامده فلائيٽ ۾ اٽڪل ساڍن ستن ڪلاڪن جي نان اسٽاپ فلائيٽ کان پوءِ لنڊن جي گيٽ واٽ ايئرپورٽ مٿان اڏامي رهيا هئاسين. آئون اڪيلو هئس ۽ لنڊن پهريون دفعو آيو هوس. ڪنهن به دوست کي فون ڪونه ڪيم. لنڊن ايئرپورٽ جي باري ۾ ڏاڍو ٻڌو هوم. ته ايئرپورٽ تي ڏاڍي سختي آهي. جهاز مان لهي اميگريشن ڪائونٽر تي آياسين. يورپين ۽ آمريڪن لاءِ جدا لائين هئي. پاڪستانين لاءِ جدا لائين هئي، انهيءَ کانسواءِ ٻين، ملڪن جي شهرين لاءِ جدا لائين هئي. دنياجي ٻين ايئرپورٽن تي اميگريشن جو ڪافي وقت کان ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم آهي. پر (England) جهڙي ترقي يافتا ملڪ جي جڳ مشهور شهر ۾ اميگريشن جو پراڻو نظام ڏسي تعجب ٿيو. سو پنهنجي واري اچڻ تي اميگريشن آفيسر کان اٿندي شرط اهو سوال ڪيم ته پاڻ مونکان پڇيائين ته تون اميگريشن ۾ آهين ڇا؟ مون کيس چيو ته آهيان نه پر هوس. کلي وڌيڪ ڪجهه به پڇڻ کان سواءِ اسٽئمپ هڻي پاسپورٽ موٽائي ڏنائين.
    آسمان سڄو جهڙالو هو،ڪا شيءَ نظر نه پئي آئي. اوچتو ڪڪرن کان نڪري جڏهن لنڊن کي ڏٺم ته ڄڻ نيڻ ٺري پيا ۽ روح کي راحت اچي ويئي. ڇا! ته ساوڪ هئي. يقين نه پئي آيو ته ائين هوندو. سڄو ملڪ ساوڪ ، حسين، دلڪش، سهڻا وڻ جن جو نه کٽندڙ سلسلو، جنهن ۾ سڀ هڪجهڙا گهر ڳاڙهين سرن سان سهڻا، نقشي ۽ سليقي سان ٺهيل، ،مزو اچي ويو. سهڻي آواز ۾ اعلان ٻڌي خوشي ٿي ته لنڊن پهچي وياسين. ايٿرو ايئرپورٽ لنڊن شهر جي وچ ۾ آهي. پر گيٽ وڪ ڪافي پري آهي. جتان پهرئين ٽرين ذريعي شهر اچبو. اتان پوءِ ٽيوب رستي پنهنجي هوٽل اچڻو هو. لنڊن جو ريل سسٽم ۽ ٽيوب سسٽم ڏاڍو مزيدار آهي. خاص ڪري ٽيوب سسٽم هن کان اڳ هانگ ڪانگ ۽ ٽوڪيو جي ٽيوب ۾ سفر ڪري چڪو آهيان. پر لنڊن ۾ هي پهريون دفعو هو. پهريان ٻاهر سڄو نقشو دماغ ۾ ويهاري پوءِ ويسٽ ڪنگسٽن جي ٽڪيٽ وٺي اچي هوٽل جي ڀرواري ٽيوب اسٽيشن تي لٿس.جتان هوٽل تمام ويجهي هئي، هوٽل ڇا هت بنگلا ڪرائي تي وٺي، ماڻهو انهن کي هوٽل ڪري هلائين. اهو رواج پاڪستان ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪونهي پر لاهور ۽ اسلام آباد اهڙن بنگلن ۾ قائم هوٽلن سان ڀريو پيو آهي. ان کي اسلام آباد لاهور ۾ چون گيسٽ هائوس. اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري اسلام آباد ۾ اهڙن گيسٽ هائوسن ۾ جڳهه ئي ڪانه ملندي آهي. ڇو ته سنڌ مان پيپلز پارٽي جي حڪومت هئڻ ڪري سنڌي ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ اسلام آباد وڃن. ڪم ڪار ٿئي يا نه پر بهانو ڪم جو. ٻه ٽي هفتا اسلام آباد ڪوهه مري گهميو اچن. جي هجي راءِ ونڊ ۾ اجتماع ته لاهور به ٿيو وڃن. مطلب ته پنجاب اچڻ جا سو بهانا نڪريو اچن. پر نواز شريف حڪومت سنڌي ماڻهو اسلام آباد گهٽ وڃن ۽ گيسٽ هائوسن تي ايڏي رش به ڪانه ٿئي.


    2

    اسلام آباد جي گيسٽ هائوسن ۾ توهان کي صرف رسيپشن تي هڪ ڪال ڏيڻ سان هر شيءَ ملي ويندي. توهان چاهيو ته مجرو به ٿي سگهي ٿو. اها هتي ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. سيڪنڊن جو ڪم آهي. لنڊن ۾ پڻ اهڙن بنگلن نما گيسٽ هائوسن جي ڪا به ڪمي ڪانهي. هندستاني ۾ پاڪستانين جا اهڙا کوڙ گيسٽ هائوس آهن. جنهن ڪري ٻولي ۽ کاڌي جو ڪوبه مسئلو ڪونه ٿئي. انهن گيسٽ هائوسن جا مالڪ پاڪستاني ۽ هندستاني هئڻ ڪري توهان جي گهمڻ ۽ ٽئڪسي گهرائڻ ۾ ڪافي مدد ڪندا آهن. جنهن سان لنڊن گهمڻ ۽ ڏسڻ آسان ٿيو پوي. انهيءَ گيسٽ هائوس جو نالو الاظهر هو. سندس سنگل روم جي مسواڙ ويهه پائونڊ ورتائون. روم ۾ T.V فرج، فون ۽ اوون جي سهولت موجود هئي. آئون هوٽل تي پهتس ته گيسٽ هائوس جو مالڪ اڳ ۾ ئي منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو. پاڻ هندستاني بوهري مسلمان هو. کيس ننڍي ڏاڙهي هئي. سندس گهرواريءَ به سندس مدد پئي ڪئي. پاڻ منهنجي پاسپورٽ چيڪ ڪر ي ضروري داخلائون ڪري موٽائي ڏنائين. پر مون پاسپورٽ ۽ ڪرنسي کيس ڏني. جيڪا هن پئڪيٽ ۾ بند ڪري سيف ۾ رکي ڇڏي. هڪ ٻن ڏينهن ۾اسان سان ڏاڍا فري ٿي ويا. ان حد تائين جو هن جي گهر واري جيڪا ننڍي نيٽي هئي، سا منهنجي ڪمري جي در تي اچي بيهي رهندي هئي. ڪيترو وقت پئي ڪچهري ڪندي هئي. مون حمزه خان کي چيو ته حمزه هي ڇا! ته پاڻ چيئن ته شايد تو تي دل ٿي وئي اٿس. پر مون انهيءَ رڪارڊ کي اڳتي ڪونه وڌايو. سندس نالو نسرين هو. ٺيڪ هئي. نظر جو چشمو پائيندي هئي. آئون اڪثر کيس چوندس هوس ته پنهنجي هٿن سان ڪافي ٺاهي اسان کي پيار. هوءَ چوڻ ۽ ڪرڻ تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. پاڻ ڪيترا دفعا ائين ڪيئين. سند گهرواري فخرالدين جي سامهون اسان کي ڪافي ٺاهي ڏيندي هئي. انجا پئسا ڪڏهن به چارج نه ڪيئين.
    اسان گيٽ وڪ کان (Victoria V-T) تائين ٽرين ۾ آياسين اهو سڄو علائقو سري وارو هو. جيڪو تمام خوبصورت علائقو آهي. هونئن به پهريون دفعو لنڊن ڏسي سنڌي چواڻي ته اسان جو ته وات ڦاٽي پيو. هوٽل فارملٽيز پوريون ڪري هوٽل جي مالڪ فخرالدين جيڪو مونکي ننڍي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي ۽ پنهنجي مخصوص شخصيت ۽ ڳالهين جي ڪري هڪ سيڪنڊ هئنڊ انٽليڪچوئل لڳندو هو. تنهن کان ڪجهه پائونڊ ورتم ۽ کيس چيم ته مون وٽ صرف ڊالر ۽ ٽريولرس چيڪ آهن. تنهن ڪري ڪجهه پائونڊ ڏينئم ته سڀاڻي تائين ڪم هلايان پوءِ سڀاڻي ڪرنسي مٽائي توکي تنهنجا پائونڊ واپس ڪندس. آئون سڌو پنهنجي ڪمري ڀيڙو اچي ٿيس.
    سفر جو ٿڪ لنڊن ڏسڻ ڪر ي صفا لهي ويو. پر تڏهن به چيلهه سڌي ڪرڻ واري عادت پوري ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪجهه دير آرام ڪري اٿي لنڊن ۾ ڊاڪٽر خشڪ کي ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي گهر فون ڪري ٻڌايم ته خيرن سان لنڊن پهچي ويو آهيان. پر اڃا لنڊنر ڪونه ٿيندو آهيان. ”لنڊن جي رهاڪن کي لنڊنرس چئبو آهي،“ وري سڀاڻي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، مون پنهنجي هوٽل جي ائڊريس ۽ فون نمبر گهر ٻڌايو ڊاڪٽر خشڪ جي گهران ٻڌايائون ته اهو نمبر سندس سهري جي گهر جو آهي. سندس فون نمبر پڻ ٻڌايائون. مون فون ڪيو. ڊاڪٽر خشڪ پاڻ کنيو. حالي احوالي ٿياسين، ڊاڪٽر خشڪ سان منهنجي ملاقات نور احمد پليجي جي معرفت ٿي. اڪثر ٻني ۾ نور احمد وٽ ايندو رهندو هو. ساڻس ڪچهريون ۽ ملاقاتون ٻني ۾ ٿينديون رهنديون هيون. پاڻ ٻئي ڏينهن اچڻ جو واعدو ڪئين. T.V کوليم ته هڪ چئنل تي (Aids) ايڊز جي باري ۾ پروگرام ٻارن جي لاءِ اچي رهيو هو. جنهن ۾ ٻارن کي ايڊز بيماريءَ جي باري ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻي سمجهاڻي ڏيئي رهي هئي. ته ايڊز ڪئين ٿي ٿئي. جنهن ۾ ڪتي ۽ ڪتي کي لڳ ڪندي پئي ڏيکاريائون ۽ ٻارن کان ان بابت سوال پئي ڪيائون. ٻارن ڏاڍي معصوميت سان جواب پئي ڏنا. هڪ ٻار کان ڊاڪٽرياڻي پڇيو ته هي ڇا پيو ٿئي. ته ٻار جواب ڏنو مونکي خبر ڪانهي. انهي تي ڪجهه ٻار کلي پيا. پوءِ انهيءَ ڊاڪٽرياڻي انهي ننڍي ٻار کي ايڊز بيماريءَ ۽ لڳ جي باري ۾ تفصيلي سمجهايو. T.V جي ٻئي چئنل تي سڌي طر ح پارليامينٽ جو اجلاس پئي ڏيکاريائون. مزيدار ڳالهه ته هلندڙ اجلاس جي وچ ۾ ڪتو به ويٺو هو. ميمبر ڏاڍا گرما گرم بحث ڪري رهيا هئا. جيئڻ ته اڄ ڪنهن به دوست جي اچڻ جو پروگرام ڪونه هو. سو هوٽل کان ٻاهر نڪري ٿورو کاڌي جو ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي واپس هوٽل هليو آيس. گذريل رات جي ننڊ هئي. سو سوير ماني کائي سمهي پيس. صبح جو تيار ٿي نڪتس ته فون جي رنگ وڄي. ٻئي پاسي مسٽر گل سهتي ٿي ڳالهايو . پاڻ ٻڌايائين ته آئون توهان جي ڳوٺ، ٻنون ڳوٺ سڌار ڪنوينشن جي موقعي تي اچي چڪو آهيان. انکانسواءِ خان محمد پنهور وٽ پڻ پنهنجي ملاقات ٿيل آهي. هاڻ پڻ توهان ڏانهن اچي رهيا آهيون. مون چيو ته آهيون معنيٰ چيائين ته آهيون معنيٰ ٻيو حمزو پليجو ، ساڻس ڳالهايو. حمزه خان چيو ته اسان توهان وٽ ٿوري دير ۾ ٿا پهچون پوءِ حال احوال روبرو ڪنداسين.حمزه خان وارا به پهچي ويا. حمزه خان چيو ته توهان ڳوٺ گڏيا. مون چيو ته گڏجي يورپ ، آمريڪا هلنداسين، پر توهان هليا آيا، مون سوچيو ته ٻه ڄڻا هونداسين سفر ۾ اڪيلائي جو احساس ڪونه ٿيندو سون مون به دير ڪانه ڪئي. ٻن ڏينهن ۾ سڀ ويزائون لڳرائي اچي هت پهتس. مون پڇيو هت توهان کي هن هوٽل جو فون نمبر ڪنهن ڏنو. پاڻ چيائين ته پرواز واري خوبچند. ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته واقعي مونکي پڻ هن هوٽل جي ائڊريس خوبچند وارن ڏني هئي. ۽ اتي پرواز ٽريول ايجنسي ۾ ڪو بوهري ملازم هو، تنهن اها ائڊريس ڏني. واقعي ڪمال ٿي ويو انهيءَ هوٽل ۾ جي نه رهان ها ته يورپ آمريڪا ۾ گڏجي نه گهمي سگهون ها. آئون اڪيلو ۽ تون به اڪيلو ائين واپس ڪراچيءَ ۾ اچي گڏجون ها. مون چيس ته مونکي ٻن ڏينهن کان پوءِ يورپ جي سفر تي وڃڻو آهي. تون هت اڪيلو بور ٿيندين. پاڻ چيائين ته نه. آئون پنهنجي بزنس پارٽنر سان گڏ انگلينڊ جي دوري تي هليو ويندس. تون يورپ مان موٽي ايندين پوءِ گڏجي آمريڪا هلنداسين. گپ شپ هلندي رهي. تيستائين گل ماني پئڪ ڪرائي آيو. ۽ اها کائڻ لڳاسين ماني ايتري ته گهڻي هئي جو ڪافي بچي پئي. هڪ نئين قسم جو ڊش ڏٺم جيڪو سڄي زندگي ءَ ۾ نه ڏٺم نه کاڌم.گوشت پڪل چپس وانگر بلڪل سنهون ۽ ڏاڍو مزيدار هت يورپ ۾ عام ملي ۽ ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائين. گل ٻڌايو ته هي اصل يوناني ڊش آهي ۽ استاد سقراط جي پسنديده ڊش هئي. ۽ رڍ جي گوشت مان ٺهي. منجهس مرچ به ڪافي پيل هئا. جنهن ڪري اڃا به وڌيڪ لذيذ ٿي لڳو. اڄ ڪلهه ڪلفٽن بوٽ بيسن (Boat Basin) تي هڪ جڳهه تي اهڙو گوشت پڪل ڏٺم . وٺي کاڌم پر اها ٽيسٽ بلڪل ڪانه هئي. هونئن به يورپ آمريڪا ۽ جپان ۾ کاڌي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ۽ چاشني هوندي آهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته اتي ڪنهن به شئي ۾ ملاوٽ ناممڪن آهي. جنهن ڪري هر شي سواءِ ملاوٽ ڪري لذيذ هوندي آهي. کائڻ مان اصل ماڻهو ڍاپجندو ئي ڪونهي. کاڌي کانسواءِ فروٽ سبزيون ۽ ٻين ملڪن جا کاڌا پڻ ڏاڍا لذيذ ٿين. لنڊن جي هن ٽوئر کان پوءِ لنڊن ائين اچڻ ٿيندو رهندو آهي. هڪ دفعي آئون فيمليءَ سان هت آيس هڪ ڇانهين ورتي سين. اڌ کاڌي سين اڌ اتي ڇڏي يورپ گهمڻ وياسين. پندرهن ڏينهن کانپوءِ يورپ گهمي وري اچي اها اڌ بچيل ڇانهين کاڌي سين. بلڪل خراب ڪانه ٿي ۽ لذت پڻ ساڳئي هئي. جهڙي تازي ڇڏي وياسين. تهڙي تازي رکي هئي. سڄي پاڻي مان پئي ٽمي خاص ڳالهه ته اسان فرج ۾ نه پر ٻاهر پليٽ ۾ ئي ڇڏي وياسين.
    حمزه خان جو گل سهتي وارن سان سٺو دوستيءَ جو واسطو هو ۽ گل ڪافي ڏينهن کان لنڊن ۾ ترسيل هو. سو پاڻ ۾ ڪچهري ۾ لڳي ويا. ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر خشڪ پڻ آيو. گل سهتو ۽ ڊاڪٽر خشڪ جي پاڻ ۾ اڳ ۾ ئي واقفيت هئي. ڊاڪٽر ۽ سهتي پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو ته هڪ ڏينهن تون هنن کي گهمائيندين ته وري ٻئي ڏينهن آئون. ائين چئي سهتي اسان کان ٻئي ڏينهن اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايو . ڊاڪٽر خشڪ اسان کي ٻاهر گهمائڻ لاءِ وٺي ويو.
    پهرئين جڏهن ٽيوب ۾ اڪيلو (Victoria) V.T کان هت ويسٽ ڪنگسٽن ٽيوب، اسٽيشن پهتو هوس ته لنڊن ۾ اهو ٽيوب جو پهريون تجربو هو. پر هاڻ اسان ٽي ڄڻا يعني حمزه خان، ڊاڪٽر خشڪ ۽ آئون سو ٽيوب ۾ گهمندي ٽيوب جو سهڻيون ، سٺيون اسٽيشنون ڏسندي مزو پئي آيو. واقعي دنيا جي وڏي شهرن جي ترقيءَ جو راز ئي اتي جو انڊر گرائونڊ سسٽم آهي. هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تمام آساني سان جلد پهچيو وڃجي. پنهنجي وڏن شهرن ڪراچي. لاهور ۾ ماڻهن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين ويندي ٽرئفڪ جي ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن. ۽ ايڪسيڊنٽ جدا، تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وجيهه الدين ٽرئفڪ جي پوليس کي گهرائي تنبيهه ڪئي ته ڪراچي جي ماڻهن جي سڄي زندگي ائين روڊن تي گاڏين جي بيهڻ سان گذري ويندي. توهان انهيءَ کي آسان ڪريو. ته ماڻهو جلدي پنهنجي منزل تي پهچي سگهن، پر ويچاري چيف جسٽس کي اها خبر ڪانه هئي ته اهو ٽرئفڪ پوليس جي وس ۾ ئي ڪونهي. ته هيڏي ساري ٽرئفڪ کي هو ڪنٽرول ڪري سگهن. اسان ته انگريزن جي ٺهيل ٽرام سسٽم کي ئي بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته يورپ خاص ڪري هالينڊ ۾ اهو ٽرام سسٽم تمام گهڻو آهي.
    اسان ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي تقريبن بند ڪري صرف ڪراچيءَ جي فقيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جتي هاڻ ٽڪيٽ تي لکيل هوندو آهي ته ڪراچي سرڪيولر جي پاس فقيرن لاءِ نه آهي. دنيا جي وڏن شهرن ۾ ماڻهو ڪارن ۾ صرف موڪل وارن ڏينهن ۾ چڙهن ٻاهر پڪنڪ لاءِ وڃن. نه ته توهان ڏسندا ته گهرن جي اڳيان ڪارن جون لائينون لڳيون پيون آهن. ماڻهو ٽيوب ذريعي آفيس ايئرپورٽن ۽ سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ گهمڻ ڦرڻ وڃن. سو اسان به ڊاڪٽر خشڪ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني وفد جي صورت ۾ ويسٽ ڪنگسٽن جي ٽيوب اسٽيشن تي پهچي، هڪ ڏينهن جي ٽڪيٽ وٺي اچي ٽيوب ڀيڙا ٿياسين. توهان ڏسندا ته ٽيوب اسٽيشن تي گهڻي رش آهي ۽ اندر ڏاڍو وڳوڙ هوندو. پر جڏهن آٽوميٽڪ در کلندو ۽ توهان اندر گهڙندا ته توهان کي عجب ٿيندو جيڪو ماڻهو جت سو تت ويٺو يا بيٺو هوندو آهي. چرندو به ڪونه، جي ڪو ٽيوب ۾ اخبار پڙهندو ته ان اخبار جي پني اٿلائڻ جو آواز به توهان پري تائين ٻڌي سگهندا. مجال جو ڪو پاڻ ۾ ڳالهائي يا گوڙ ڪري، پهرئين ڏاڍو عجب ٿيندو هو. پر پوءِ اسان به هري وياسين. صاف اڌ انگريز ٿي وياسين. حمزه خان چوندو هو ته يار هي ماڻهو ته صفا بت بڻيو بيٺا آهن. چرن ڦرن به ڪونه ٿا، ڪٿي سچي پچي مورتي يا بت ڏسندو هو ته چوندو هو ته بتن ۽ انسانن ۾ ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي. جهڙا بت تهڙا ماڻهو. ٽيوب جي ٽڪيٽ جا به ڪيترائي قسم ٿين. هڪ دفعي لاءِ هڪ ڏينهن لاءِ هڪ هفتي لاءِ اهي ٽيوب ۽ ٽرين ٻنهي ۾ ڪم اچن.
    جتي وڻي اتي چڙهو. ان کانسواءِ سڄي يورپ ۾ به ريل لاءِ توهان کي ٽڪيٽ ملن. سڄي يورپ مان جتان کپين اتان وٺو. ۽ پڻ ٿين به سستا، جنهن کي چون ”يورو ريل.“ لنڊن ۾ هي ٽيوب صبح جو ڇهين وڳي شروع ٿئي ۽ رات جو ختم ٿئي. اهڙو سٺو انتظام جو هڪ کان اسٽيشنون جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ائڊورٽائيز، ڪٿي فقير به نظر ايندا هئا. جن جو انداز ئي پنهنجو. اهي ٽيوب ۾ گٽار يا ٻئي ساز وڄائيندا رهندا. ماڻهو انهن جي اڳيان سڪا اڇلائيندا ويندا هئا.
    اسان جو لنڊن ۾ هميشه جو ميزبان ڀوراني چوندو هو ته هي فقير به برٽش گورنمينٽ جا جاسوس آهن. لنڊن، آئرش ڌماڪن کان پوءِ سڄي لنڊن ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر هنڌ توهان کي نظر ايندا. مونکي ڏيکاريائين ته ڪيترين وڏين جڳهين تي حڪومت ليزر ڪئميرائون هڻي ڇڏيون آهن، جن وسيلي بم يا ڌڪاميدار مادو گاڏي اندر به نظر ايندو. ٽيوب اسٽيشن ۽ ٽيوب اندر داخل ٿيڻ لاءِ تيزائي يا ڦڙتيءِ جي ضرورت گهرجي. پهرئين ٽڪيٽ وٺبو پوءِ ٽڪيٽ ننڍي ڪٻٽ ۾ لڳل هڪ سوراخ ۾ وجهو ته گيٽ کلي پوي. پوءِ اندر داخل ٿي وڃبو . پٺيان در يڪدم بند ٿي ويندو. ۽ پوءِ ايندڙ مسافر پڻ ائين ڪندو ۽ سڄو ڏينهن ائين ٿيندو رهندو آهي. هر ٽيوب اسٽيشن تي اچڻ وڃڻ لاءِ ايترا در ٿين جو هزارين دفعا پيا کلن ۽ بند ٿين. ماڻهو ٿڪن ئي ڪونه، ڪا معمولي غلطي ٿئي ته ڀرسان بيٺل ٽيوب جو عملو پهچي ويندو. ۽ توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو. صبح ۽ شام جي وقت ۽ موڪلن جي ڏينهن ۾ ڏاڍي رش ٿيندي آهي.
    اسان ٽرافگر اسڪوائر ٽيوب اسٽيشن تي اچي پهتاسين جتي ڪبوتر ۽ ماڻهن جي رش لڳي پئي هئي. هر ماڻهو ڪبوترن کي چان کارائي ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ لڳو پيو هو. يا وري اتي رکيل تمام وڏن شينهن تي چڙهي فوٽو ڪڍرائي پنهنجو شوق پورو ڪري رهيو هو. ٽرافگراسڪوائر تي شام جو تمام گهڻي رش آهي. هتي سنڌ کي فتح ڪندڙ انگريز سر چارلس نپيئر جو مجسمو به حڪومت نه پر سندس دوست ڦوڙي ڪري لڳرائي ڇڏيو هو.
    مون پنهنجي پٽ نور محمد کي چيو ته هن وڏو اسان مٿان ظلم ڪيو، ۽ سنڌ کي غلام بڻائي ڇڏيو ته پاڻ مونکي چيائين ته بابا ائين نه آهي پر هن ماڻهو پاڻ اسان کي غلاميءَ مان نجات ڏياري دنيا جي جديد قومن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو. جي انگريز ائين نه ڪن ها ته سنڌي ماڻهو شايد ميراڻي راڄ ۾ اتي ئي بيٺا هجن ها. نئين نسل جي پنهنجي سوچ آهي. واقعي ڪي ڳالهيون عجب هونديون آهن، توهان ڪميونزم کي ڏسو سڄي دنيا کي هن نظريي جهنجوڙي رکي ڇڏيو.. ڪيترائي ملڪ ڇا پر اڌ دنيا هن نظام هيٺ اچي وئي ۽ مني صديءَ تائين پنهنجي لاءِ نجات ڄاڻي هن کي پنهنجو بڻايو. لک نه پر هن نظريي جي جدوجهد ۾ ڪروڙين ماڻهو ڪسجي ويا. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز چيو آهي ته ”ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪن ٿا ۽ لاش هوا ۾ لڙڪن ٿا، ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي آرت ۾ خوشبو مينديءَ جي.“ پر اڄ اهو نظام رڳو ڏاڙهي واري ڪاسترو تائين محدود ٿي ويو آهي. ۽ هاڻي جا اهي ڪروڙين ماڻهو چريا هئا. نه ائين نٿو چئي سگهجي. پر شايد هر ڳالهه جو هڪ وقت آهي. سو چارلس جي مجسمي جي هيٺان ۽ شينهن جي مٿان فوٽو ڪڍرائي پوءِ سينٽ جيمس پارڪ، گارڊ ميوزم،. بڪنگهم پيلس، پڪئڊلي سرڪس، سيڪس شاپس (هي به ڪم لڳا پيا هئا) جا چڪر هڻي اچي ويسٽ منسٽر ايبي (جيڪا ٽيمس نديءَ جي ويجهو آهي) تي پهتاسين.
    ويسٽ منسٽر ايبي جي بلڊنگ ٻاهران سڄي جئپور جي هندستاني پٿر جي ٺهيل آهي. هي عمارت اندران ۽ ٻاهران بيمثال شاهڪار آهي. توهان پارليامينٽ جي اجلاس B.B.C ٽي وي تان يا خاص ڪري ليڊي ڊائنا جي مرڻ واري رسومات ۾ هن عمارت ۾ چڱي طرح ڏٺو هوندو. هتي هندستاني پٿر جا واپاري انگريزن کي پٿر وڪڻڻ تي مثال ڏين ته اسان وٽ اهڙو سهڻو پٿر آهي، جهڙو ويسٽ منسٽر ابي تي لڳل آهي. اهو به ته جئپور هندستان مان آيو آهي. انگريزن کي تعجب ٿئي ته ڇا واقعي ئي اهو جئپور جو پٿر آهي ۽ پوءِ اهي وڏي شوق سان هندستان مان پٿر گهرائين. اسان پنڌ ئي پنڌ ٽيمس ندي جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ واري انهيءَ پل جي اڳيان اچي بيهي رهياسين. جيڪا ڪيترين ئي انگريزي فلمن ۾ ڏيکاريل هئي، خاص ڪري جيمس بانڊ سيريز جي هڪ فلم ، جنهن ۾ هيرو جي ڪار ته پل کلڻ کان اڳ نڪري ويندي آهي. پٺيان ولين ۽ انهيءَ جي دوستن جي ڪار رهجي ويندي آهي. يورپ ۾ نديون ننڍيون ٿينديون آهن ۽ تيز وهنديون آهن.
    ٽيمس ندي درياءَ سنڌ جي ڏهين حصي کان به ننڍي هئي. اسان گهمندا ڦرندا اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ڊاڪٽر خشڪ اسان کي موڪلائي گهر روانو ٿي ويو ۽ ٻئي ڏينهن اچڻ جو واعدو ڪيائين.
    آئون پاڪستان ۾ حمزه خان ۽ ٻين دوستن کي چوندو آهيان ته عياشي ۽ بدمعاشي، آفٽر سن سيٽ، لنڊن ۾ جولاءِ ۾ سج لهي رات جو سوائي ڏهين بجي ۽ سج صبح جو اڀري چئين بجي سو حمزه خان جي کليو ته هاڻ لنڊن ۾ به ”آفٽر سن سيٽ “ ويٺو سج لهڻ جو انتظار ڪر. مون چيو ته اها ته سخت بي واجبي ٿيندي. چيائين ته پوءِ اها پابندي پاڪستان ۾ به ختم. کل، ڀوڳ ، مسخري پنهنجي ملڪ ۽ لنڊن جون مشابهتون ڪندي رات گذري وئي. ٻاهر سنهي سنهي بوند پئجي رهي هئي پر تڏهن به ٻاهر نڪري هوٽل تي ماني کائڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. پنڌ ئي پنڌ ٽيوب اسٽيشن جي ڀرسان هڪ پاڪستاني جي هوٽل تي اچي ماني کاڌي سين. ماني ڏاڍي مزيدار هئي، پر هوٽل جو نالو به ڏاڍو مزيدار هو، اسان پڇيس ته توهان ڪير آهيو، چيائين ته اسان پاڪستان جا پنجابي آهيون. مون پڇيس ته الحمدالله پاڪستان ۾ اسلام جو ٺيڪو سڄو توهان وٽ آهي، ڪجهه وقت اڳ ۾ مهاجر به توهان سان شامل هئا، پر هينئر نه، پوءِ هتي مسلمان ۽ پاڪستاني هوندي به هي ”مها ڀارت“ هوٽل جو نالو؟ ڏٺم ته همراهه کي ڳالهه وڻي ڪانه. پوءِ گهڻو وقت لنڊن ۾ رهڻ ڪري معلوم ٿيو ته نه رڳو پنجابي پاڪستاني آهي، پر لنڊن ۾ (نواز) مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن پڻ آهي.
    بهرحال جيڪا قوم ڪعبته الله تي گوليون هڻي سگهي ٿي، تنهن لاءِ اها ڪهڙي ڳالهه اهي. اسان خيرن سان ماني کائي اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسن. بک ۽ ننڊ لنڊن ۾ ماڻهن کي ڳوليندي وتي، ڇو ته لنڊن ۾ رهندڙ ، سمهن ۽ کائين گهٽ. سو اهي ڪسرون سنڌي سٻاجهڙن مان ئي نڪتيون. اسان به موقعو ڪونه ضايع ڪيو. صبح سوير اک کلي ۽ باٿ روم لاءِ ٻاهر ويس. آئون اڳ سنگل روم ۾ رهيل هوس، پر جڏهن کان حمزه خان آيو هو تڏهن کان اسان ڊبل روم ورتو. ڏاڍو خوبصورت ويل ڊيڪوريٽ هو. پر اٽيج باٿ روم نه هئس. سو اسان کي ٻاهر وڃڻو ٿي پيو. ڏٺم ته ٻاهر ڪلهه جي مقابلي ۾ اڄ هوٽل ۾ وڌيڪ رش هئي، سو معلوم ٿيو ته رشيا مان ڪو ڊيليگيشن آيو هو. جيڪو هت اچي ترسيو هو. اسان تيار ٿي ناشتو ڪري گل سهتو کي فون ڪيو ته معلوم ٿيو ته هو اسان ڏانهن اچي رهيو آهي. تيسين اسان پاڪستان فون ڪري خيريت معلوم ڪئي. گل سهتي جي پهچڻ سان اسان لنڊن سٽي ٽوئر وارن جي ڇت کليل بس تي چڙهي ويٺاسين ۽ لنڊن جون مشهور جايون جنهن ۾ 1- لنڊن يونيورسٽي 2- رسل اسڪوائر 3- سائوٿ ڪينسنگٽن 4- وڪٽوريا البرٽ ميوزم 5- نيچرل هسٽري ميوزم جي بلڊنگ ڏاڍي سٺي هئي. 6- آغا خانين جو جماعت خانو جنهن جو نالو ”زمانا“ 7- ڪوئسن گيٽ ايريا. لنڊن ۾ گهڻو ڪري سفارت خانان هت آهن. 8- بالڊن پاول هال – الطاف حسين مهاجرن کي هن هال ۾ خطاب ڪندو آهي. ۽ ليڪچر پڻ ڏيندو آهي. B.B.C جي اولڊ بلڊنگ. پوءِ نائيٽس برج جي علائقي ۾ پب ۾ ويهي بيئر پيتيسين. پب مخفف آهي پبلڪ بار (Public Bar) جو پب انگريزن جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي. پب توهان کي انگلينڊ جي وڏن شهرن کان سواءِ ننڍن ڳوٺن ۾ به ملندا. انگريزن جي ڪچهري مارڪي جي جڳهه پب آهي. امير ترين انگريزن کان وٺي غريب ۾ غريب انگريز پب ۾ وڏي چاهه سان وڃن. ڪن پبن ۾ ڊانس پڻ ٿئي ۽ ڪن ڪن ۾ ته بلڪل ننگي، هر پب ۾ نشو هوندو آهي. پر پب ۾ وڏن وڏن گلاسن ۾ بيئر وجهي پيئڻ جو هڪ جدا لطف آهي. ڪائونٽر تي پيل وڏن اسٽولن تي ويهي ڊگها ۽ ٿلها انگريز سگار جا ڪش هڻندي ڏاڍا پروقار لڳندا آهن. واقعي پب ۾ انهن وڏن اسٽولن تي بيئر پيئڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. اسان ڪلاڪ ڏيڍ کن پب ۾ ويٺاسين پوءِ آمريڪن چين آف هوٽل K.F.C تي ( اها ۽ ميڪ ڊونلڊ هاڻ ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي وئي آهي.) اچي ماني کاڌي سين.
    انهي کان پوءِ نائيٽس برج تي دودي الفائيڊ جي لنڊن جي مشهور سپر مارڪيٽ هيرڊ سڀيڙا اچي ٿياسين. لنڊن اچجي ۽ هيرڊس سپر مارڪيٽ نه وڃجي. اهو ٿي ڪونه ٿو سگهي. جيتوڻيڪ لنڊن ۾ هن کانسواءِ ٻيون سپر مارڪيٽون به آهن. پر جيڪا نفاست ۽ اندر اچڻ شرط حسين نوجوان ڇوڪريون، اندر اچڻ وارن جو جنهن طريقي سان استقبال ڪن ٿيون. تنهن جو مزو ئي ٻيو آهي. حسين ترين عورتون سهڻا سينٽ عطر عنبير هٿن ۾ جهليو بيٺيون آهن. سڀني کي نه پر ڪنهن ڪنهن کي ڦريو اچن ۽ اهڙي انداز سان ملن، سينٽ هڻن ۽ ڳالهائين جو جهڙوڪر حور پريون. ٻيو جنهن سهڻي نموني سان هن مصريءَ جي دڪان سينگاريو ۽ سجايو آهي. سو ڏسڻ سان اکيون ٺريو پون. هڪ هڪ ساڙهي ڪروڙ روپين جي هوندي. پراڻين مصري مورتين جي اسٽائل تي عورتن جا مجسما ۽ خوبصورت فانوس، هر شيءَ سليقي سان سجايل هئي. هر شيءَ توهان کي هت ملي يا توهان کي پهچائي ويندا. صرف آچر (Sunday) کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڏينهن تي هن نمبر تي (081-4795100) فون ڪر ي پنهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ يا چيڪ ڪارڊ جو نمبر ڏيو. ۽ ان جي (Expiry Date) به لکڻ ضروري آهي. توهان لنڊن ۾ هجو يا دنيا جي ڪنهن به شيءَ جت موڪلڻ جهڙي هوندي اتي موڪلڻ واري خرچ سميت توهان کي پهچي ويندي.
    (HARRODS) هيرڊس 1834ع هڪ ننڍي دڪانڙي جي صورت ۾ هينري چارلس هيرڊس شروع ڪيو، اڄ سڄي برٽن ۾ وڏي ۾ وڏو دڪان آهي. جنهن جا ڏهه فلور آهن. هر فلور پنجويهه ايڪڙن جيترو ويڪرو آهي. جنهن ۾ پنجاهه لفٽون، ڇٽيهه آٽوميٽڪ سيڙهيون ۽ چار هزار ملازم آهن. 1996ع ۾ 459 ملين پائونڊن جو رڪارڊ وڪرو ٿيو (Guinnes Book of Record 1988 page117) جيڪو لنڊن ۾ ٻئي ڪنهن به سپر مارڪيٽ جو وڪرو ڪونه ٿيو.
    توهان هيرڊس انٽر نيٽ تي ڏسي، گهمي ۽ خريداري پڻ ڪري سگهو ٿا. آئون ڪيترا ڀيرا لنڊن آيس ۽ ڪوشش ڪيم ته اهي شيون وٺان ۽ کاوان ، جيڪي پاڪستان ۾ عام طرح سان نه ٿيون ملن پر هت هيرڊس مان آسانيءَ سان ملي سگهن. مثلا ڦاڙهي، ڊيل، مور ۽ ڪونج جو گوشت . آئون اچڻ شرط آرڊر ڏيئي ڇڏيان ۽ پنهنجي رهائش تي ڏاڍي شوق سان پچائي کاوان.
    دودي الفائيڊ ۽ ليڊي ڊائنا جي مرڻ کان پوءِ ته هي دڪان ڏاڍو مشهور ٿيو. هنن جا انهيءَ کان سواءِ انگلينڊ ۾ ڪافي ٻيا ڌنڌا پڻ هئا. پئرس ۾ پڻ هوٽلون اٿن. هنن جو مامو عدنان خشو گي جيڪو آمريڪا ۾ رهي ۽ دنيا ۾ هٿيارن جو وڏي ۾ وڏو واپاري آهي. هڪ دفعو دنيا جو پهريون نمبر امير ترين ماڻهو پڻ قرار ڏنو ويو هو.
    اسان هيرڊس ۾ ٻه ڪلاڪ کن چڪر لڳائي پوءِ ريجنينٽ اسٽريٽ، آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ چائنا ٽائون جا چڪر هڻندا اچي سوهو ڀيڙا ٿياسين. سوهو ۾ سيڪس مارڪيٽون سيڪس شو ۽ ٻيا پڻ گهڻا ڪم ٿين.
    پاڪستان ۾ شهيد ڀٽي انهن تي بندش وڌي. شراب تي پڻ بندش وڌي. جيڪا ضياءُ الحق ختم ڪري ڇڏي. پوءِ پاڪستان ۾ صرف گتا کلڻ جي اجازت ملي نه ته اڳ ۾ ٻارون پڻ هيون.
    سوهو جا چڪر هڻندي رات جو تقريبن ٻارهين وڳين گل اسان کي اچي اسان جي هوٽل ڀيڙو ڪيو. اسان دستور مطابق ڪجهه دير ڪچهري ڪئي. پوءِ ٻاهر وڃي ڪلهه رات واري ساڳئي هوٽل يعني مهاڀارت تي ماني کاڌي سين.


    3

    لنڊن جي نائيٽ لائيف کي اسان اڃا Enjoy ڪونه ڪيو هو. صرف ڏينهن جو ڌڪا ٿاٻا کايو اچيو سمهيو رهياسين. صبح جو حمزه خان ستو پيو هو. ٻاهر سنهي سنهي بوند وسي رهي هئي. مون ڪافي پيتي ۽ ڊائري لکيم. پاڪستان فون ڪر ي حال احوال ورتم. تقريبن ٻارهين بجي ڊاڪٽر مقبول خشڪ آيو. ساڻس گڏ ٻيو سنڌي ڊاڪٽر شيخ هو. جيڪو هت نوڪري ڪندو هو. ڊاڪٽر شيخ پڻ گڏ هليو. گل سهتو ڊاڪٽر مقبول خشڪ ڀوراني ۽ ڪنهن حد تائين هوٽل جو مالڪ فخرالدين ۽ سندس زال نسرين اسان لاءِ رحمت جا فرشتا ثابت ٿيا. پنهنجو وقت ضايع ڪري اسان کي مفت ۾ سڄو لنڊن گهمايو ڦيرايو. هنن اسان تي پئسا پڻ خرچ ڪيا . اڄ آچر (Sunday) جو ڏينهن هو. اسان پهرئين هائيڊ پارڪ آياسين. آچر جي ڏينهن هائيڊ پارڪ ۾ ڏاڍو مزو ٿئي. جنهن کي کپي سو اسٽول يا ڪرسي رکيو تقرير شروع ڪيو بيٺو آهي. پوءِ ڀلي اڳيان ماڻهو هجن يا نه، پر ڇڪ قصي کي، هڪ نه پر ڪيترائي ماڻهو، جنهن ۾ عرب ايراني فلسطيني، يهودي ، انگريز، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ دهريا سڀ ڪنهن کي مڪمل آزادي آهي. انهن کي حفاظت لاءِ جام پوليس، جهن کي جيئن وڻي تيئن ڳالهائين. ”نڪا جهل نڪا پل سڀڪو پسي پرين کي“ جيڪو لنڊن وڃي سو آچر جي ڏينهن هائيڊ پارڪ ضرور وڃي. ڏاڍو مزو ايندس تقريرن کان سواءِ پمفليٽ ۽ فوٽو ڪاپيءَ تي لکيل نصيحتون ۽ قول، ڪي ڪي مقرر ته مون وانگر مڙئي وٺ رينگٽ کي. پر ڪي ڏاڍا هوشيار، ذهين ۽ زبردست مقرر هئا. ڪن تقرير ڪندڙ ماڻهن کي ٻيا خطاب ڪن. هر مقرر جي تقرير ختم ٿيڻ شرط سوالن جوابن جو سلسلو شروع. سوالن جوابن جو سلسلو به ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلي. سوال جواب دوران ڪجهه تلخي به ٿيو وڃي. ڪجهه سخت قسم جا گفتا به نڪريو وڃن، گهڻو ڪري مون ڏٺو ته پوڙهن انگريزن کي اهڙن ماڻهن تي ڏاڍي چڙ ٿي آئي. هائيڊ پارڪ شايد لنڊن جو وڏي ۾ وڏو پارڪ آهي.
    هڪ پاسي هزارين ماڻهو بيٺا هجن پر ٻئي طرف محسوس ٿيندو ته ماڻهو ئي ڪونهي. آچر تي هت گهڻي رش ٿئي. ڀرسان ٽيوب اسٽيشن، هڪڙا ماڻهو پيا اچن ته ٻيا ماڻهو پيا وڃن. ٽائيم گذرندي دير ئي نه ٿي. اسان به تقريرون ٻڌي ٻڌي شام ڪري ڇڏي. اڄ پڪو پروگرام هو ته ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ گهڻي دير تائين زبردست هل هنگامو ڪجي. ڊاڪٽر خشڪ کي عرض ڪيوسين ته ڪنهن سٺي نائيٽ ڪلب ۾ وٺي هل. چيائين ته يار اڄ (Sunday) آچر آهي. تنهنڪري تمام گهڻي رش هوندي. ڪنهن ٻئي ڏينهن جو پروگرام رکو. اسان چيس ته ٻئي ڏينهن تي ماڻهو آساني سان اچي سگهي ٿو. پر آچر وري ملي يا نه. ڇو ته سڀاڻي سوير آئون يورپ جي ٽوئر تي هليو ويندس. حمزه خان پنهنجي دوستن سان اسڪاٽ لينڊ هليو ويندو ۽ وري سڀ دوست هڪ هنڌ گڏجون يا نه. توهان جو دوست ڊاڪٽر شيخ پڻ اڄ آهي. شايد ٻئي دفعي نه هجي. سو هل هنگامون اڄ ٿيڻ گهرجي. پر مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر خشڪ الائي ڇو پئي لنوايو. پر نيٺ راضي ٿيو. اسان ٽئڪسي ڪري هڪ نائيٽ ڪلب جي اڳيان اچي بيٺاسين. پاسي ۾ ڪافي ٻيا به نائيٽ ڪلب هئا. جن جي روشنين ۾ لنڊن جو شهر ڄڻ سومل ڇپر کٽ تي ستي پئي هئي. ڪئين جوڙا ڀاڪرن ۾ مدهوش. هڪ ٻئي کي چٽي ۽ چمي رهيا هئا. (Sunday) آچر جي ڪري ڪلب ٻاهران تمام گهڻي رش هئي، ٽڪيٽ لاءِ وڏيون وڏيون لائينون لڳيون پيون هيون. اسان ڏٺو ته ڪيترا ماڻهو نشي ۾ ڌت هئا. پر تڏهن به بيٺا لائين ۾ هئا.
    هت ٽيوب هجي يا ريل، کائڻ جي ڪا شيءَ وٺڻي هجي يا سئنيما ٽڪيٽ. پر اچ به لائين ۾ ۽ پنهنجي لائين ۾ بيهو. آهستي آهستي هلبو کڻي ڇا به ٿي پوي. پر لائين کان سواءِ ٽڪيٽ ته ٺهيو پر ٽڪيٽ تي ويٺل مرد يا عورت توهان جيڪڏهن لائين ٽوڙي انهيءَ وٽ وڃو ته هو توهان سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندا. ۽ اهو هر ڪنهن کي ڏاڍو برو محسوس ٿيندو. ۽ خود پاڻ کي به اهڙو برو محسوس ٿيندو جو توهان بنا ڳالهائڻ جي وري چپ چاپ وڃي لائين ڀيڙا ٿيندا. سو اسان به سڀ هڪ وڏي لائين ۾ وڃي بيٺاسين. پنهنجي واري اچڻ تي ٽڪيٽ وٺي وڃي نائيٽ ڪلب ڀيڙا ٿياسين. پهرئين سڄي نائيٽ ڪلب جو جائزو ورتو سين. لائيٽن جا جهرمٽ لڳا پيا هئا. ڪافي انڊين جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا. مونکي ڊاڪٽر شيخ چيو ته ڊانس ڪجي. مون چيو بلڪل ائين اسان ٻئي ڊانس فلور تي ڊانس ۾ شروع ٿي وياسين. ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر شيخ کي پنهنجو پارٽنر ملي ويو. اها هڪ انگريز عورت هئي. ڪافي دير کان پوءِ مٿان بالڪونيءَ ۾ ڏٺم ته حمزه خان ۽ ڊاڪٽر خشڪ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن. سڄي رات هل هنگامو ڪيو سين. رات جي پوئين پهر ٽئڪسي ڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. صبح جو سوير سار ٿي . مونکي يورپ جي ٽوئر تي وڃڻو هو. فخرالدين هوٽل جي مالڪ کي ٽئڪيسي لاءِ فون ڪيم جنهن ٽئڪسي گهرائي. آئون ناشتو ڪري بيلجم، هالينڊ، جرمني ۽ لگزمبرگ جي ٽوئر تي وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ۾ ويهي ڪاسموس وارن جي آفيس لاءِ روانو ٿي ويس. لنڊن ۾ ڪار ٽئڪسي ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. هڪ کي چون ييلو ڪيب ۽ ٻيو انگريزن وارو پراڻو ٽئڪسي ماڊل ٺهيل اڄ به انهيءَ پراڻي اسٽائل سان ٽئڪسي ٺهيل جيڪا اوائلي دور ۾ لنڊن ۾ هلندي هئي. يعني ڪاري ٽئڪسي اڳيان صرف ڊرائيور ويهي. ٻئي ماڻهو جي ويهڻ لاءِ اڳيان جڳهه ئي ٺهيل نه آهي. پٺيان گول دائري ۾ چار ماڻهو ويهن. وچ ۾ شيشي جي دري جنهن کي انگريز ڊرائيور بوقت ضرورت کولي ۽ بند ڪري، سامان به مسافرن جي وچ ۾رکيو وڃي. انهيءَ ٽئڪسي جا هلائيندڙ گهڻو ڪري انگريز جيڪي چپ چاپ ويٺا رهن، اهڙيون ٽئڪسيون تمام مهانگيون. پنهنجي پهچ کان ٻاهر، پر ڪڏهن ڪڏهن يا ته عياشيءَ خاطر يا وري تمام گهڻي مجبور ي ۾ ، نه ته لنڊن جو ييلو ڪيب ٽئڪسي سسٽم تمام سستو ۽ آسان آهي. ييلو ڪيب نه ملي ته فون ڪري بيٺل هنڌ واري پوزيشن سٺي نموني سمجهايو ته منٽن ۾ ييلو ڪيب حاضر. اهڙيون ٽئڪسيون گهڻو ڪري پاڪستاني ۽ هندستاني ڪارن جون آهن. جيڪي ٻاهر لکيل اگهن کان به ڪڏهن ڪڏهن گهٽ ڀاڙو وٺن. هلندي هلندي لنڊن جون جام خبرون به ٻڌائيندا هلندا. ۽ سهڻن جا فون نمبر ڏيندا آهن، جي توهان فون نمبر ڏنس ته فون ڪري پڇندو ته ٽئڪسي وٺي اچان. اسان جي ڀوراني صاحب جي سنگتياڻين جون اهڙيون جام ييلو ڪيب آهن. اسان ڪڏهن مفت ۾ ته ڪڏهن ٿورن پئسن سان لنڊن ۾ جڏهن اسان ڀوراني صاحب جي گهر رهون ته اهڙيون ٽئڪسين جا مزا ماڻيون. پوءِ ڪڏهن خود اهي سندس گرل فرينڊس گاڏيون به خود هلائين. پوءِ ڪڏهن ٿيري ته ڪڏهن جسٽني ته ڪڏهن لورا. سبحان الله! پوءِ سنڌي وڏيرو ۽ جواڻ جماڻ انگريز ڇوڪري، جنهن جي شرير جو ڇهاءُ به گهڙي ءَ گهڙي پيو گهائل ڪري پوءِ اياز چواڻي ته :
    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي،
    ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي.
    اسان جي ٽيڪسي اچي ڪاسموس وارن جي آفيس جي اڳيان بيٺي، ڪاسموس جون بسون ۽ پئسنجر جام بيٺا هئا. آئون هنن جي آفيس ۾ پنهنجي هڪ بئگ ۽ ٿيلهو کڻي پهچي ويس. هت به لائين، ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انگريز شايد ڄمڻ وقت به لائين سان پيٽ مان نڪرندا هوندا. آئون به لائين ۾ بيهي رهيس، پنهنجي واري تي ڪائونٽر تي ويٺل محترم کي پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏيکاريم. تنهن مونکي ٻڌايو ته توهان کي بس نمبر فلاڻي مقرر وقت تي کڻي لنڊن جي پورٽ تي پهچائيندي. هيءَ جڳهه جتان ڪاسموس وارن جو ٽوئر شروع ٿئي سا هاڻ ٻئي جڳهه تي شفٽ ڪري ڇڏي اٿن. اها جڳهه آهي Check in terminal 35/36 Woben palace London هتان پهرئين پورٽ تي پهچائين. پوءِ سڄي يورپ جو ٽوئر ڪرائين. اسان جي هن ٽوئر جو نالو ۽ نمبر (Cosmos Toura MA 5080) هو. ٽوئر شايد هڪ ڪلاڪ کن ليٽ هو. ٻاهر نڪري چانهه پيتم پوءِ اندر اچي ويهي رهيس. ٿوريءَ دير ۾ اعلان ٿيو ته 5080 جا پئسنجر ٻاهر بيٺل بسن مان جنهن مٿان توهان جي ٽوئر جو نمبر لڳل آهي. انهيءَ ۾ وڃي ويهو. ٽوئر ڪمپنيءَ وٽ پنهنجون بسون آهن. پر جي هڪ ٽوئر هڪ گهڻا ماڻهو ٿي وڃن ته وڌيڪ بسون ڪرائي تي وٺن ۽ انهن ۾ ٽوئرسٽن کي ويهارين. پر ڪڏهن به ٽوئر ڪئنسل ڪونه ڪن. پهريائين اسان کي چيائون ته لائين ٺاهي پنهنجو سامان پنهنجي اڳيان اچي رکو. ان سامان تي نمبر۽ ٽئگ لڳايائون. اسان کي ٻڌايائون ته اهو سامان هر ورز توهان کي توهان جي هوٽل روم جي ٻاهران ملندو ۽ پڻ توهان جيڏي مهل صبح جو هلڻ وقت ڪمري مان نڪرو ته پنهنجو سامان ڪمري جي ٻاهران رکي ڇڏجو. روزانو ائين ٿيندو رهندو. ٽوئر آخر ۾ به توهان هيئن اچي بيهجو ته توهانکي توهانجو سامان واپس لنڊن ۾ ڏينداسين. ايئن هنن سامان کڻي پنهنجي حوالي ڪيو. اسان اچي بس ڀيڙا ٿياسين. بس ڇا هئي جهڙو هوائي جهاز، اندر T.V V.C.R بهترين دريون، جيڪي سڄيون شيشو ٿي پيون هيون. انهن مٿان نفيس پردا، هيٺ نفيس ڪارپيٽ، سيٽون بلڪل جهاز جهڙيون، اندر خوشبوءَ لڳي پئي هئي.
    ٿوري دير ۾ هڪ گائيڊ سڳوري اچي حاضر ٿي. اسان کي ٻڌايائين ته هيءَ بس توهان کي پورٽ تي لاهيندي اتان توهان شپ ذريعي بيلجيئم جي گادي واري شهر بروسلز پهچندا. اسان جي بس هلڻ لڳي ڪافي دير ته هلندي هلندي لنڊن ۾ لڳي ويس.
    هي اڄ جو هيڏو وڏو شهر ۽ ائين کڻي چئجي ته مشرق ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دنيا جومرڪز آهي. اڄ دنيا وڏي ترقي ڪئي آهي. آمريڪا سڄي دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي. پر اڄ به انگريزي ٻوليءَ جو مرڪز لنڊن ئي آهي. دنيا ۾ زياده ۾ زياده لنڊن جي B.B.C ٽي وي ۽ ريڊيو ٻڌو وڃي ٿو. لنڊن جو هيٿرو ايئرپورٽ جيترو مصروف ايئرپورٽ آهي. اوترو آمريڪا جو ڪوبه مائي باپ ايئرپورٽ مصروف نه آهي.
    ڪامن ويلٿ ملڪن جي تنطيم ڪري دنيا ۾ پنهنجي اهميت سياسي لحاظ کان ٻيو نمبر برقرار رکيو اچي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان چائنا پهرين نمبر تي آهي وري جپان ۽ فرانس شايد برٽن کان ڪجهه وڌيڪ امير آهن. آمريڪا سان ته ڪنهن جو مقابلو ئي ڪونهي. پر برٽن جو پڻ پنهنجو مقام آهي. انهي جو وڏو سبب ڪامن ويلٿ آهي. ڪامن ويلٿ اها تنظيم آهي. جنهن جا ميمبر برطانيه حڪومت کان آزاد ٿيل سندس ئي ڪالونين وارا ملڪ آهن. انهن کي برطانيه پاڻ ئي آزاد ڪيو يا انهن وڙهي ورتي پر ميمبرملڪ سڀ اهي آهن جي هن جون ڪالونيون هيون ۽ هاڻي آزاد ملڪ آهن. ۽ اقوام متحده جا ميمبر آهن. هنن ڪامن ويلٿ ملڪن مان ٽي ملڪ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا جي ملڪن جي سرڪاري طرح راڻي اڄ به انگلينڊ جي راڻي آهي. جيڪا سال ۾ هڪ دفعو پاڻ يا سندس ولي عهد انهن ملڪن جو دورو ڪري ٿو. پهريائين ڪامن ويلٿ جو نالو برٽش ڪامن وليٿ هو. هاڻ برٽش جو لفظ ڪڍي صرف ڪامن ويلٿ جي ٻين ملڪن ۾ به ٿين. اسان لنڊن کي ڇڏي هاڻ موٽروي تي اچي وياسين. اڄ جو هي عظيم شهر ڪنهن زماني ۾ تمام ننڍو شهر هوندو هو ، جنهن جو هڪ مثال آئون ڏيان ٿو.
    هندستان ۾ مغلن جي بادشاهت دوران جڏهن بادشاهه جنگ، شڪار، تفريح يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري پنهنجي گادي وارو شهر ڇڏي ٻاهر نڪرندا هئا ته ڪئمپون ڪندا اڳتي وڌندا ويندا هئا. پاڻ هڪ ڪئمپ جڙي راس ٿيندي هئي پوءِ رهيل ڪئمپ مان روانا ٿيندا هئا. مغلن جون اهي ڪئمپون ايتريون ته وڏيون هونديون هيون جو ڄڻ ڪو هڪ وڏو شهر هجي. انهيءَ ڪئمپ ۾ هر هڪ شيءَ حاضر هوندي هئي. ڪئمپ رواني ٿيندي هئي ته پهريائين بئنڊ نغارن وارا هوندا هئا. پوءِ گهوڙي سوار، پوءِ هاٿي سوار. ڪئمپ ۾ ڪپڙو، دوائون کاڌي جو سامان ۽ هٿيار وغيره مطلب ته هر شي ءَ هوندي هئي. ڪئمپ ۾ جيئن بادشاهي محل ۾ دستور جي درٻار لڳندي هئي. شاهي ڪم ڪار، آفيسون ، ڪورٽون چوطرف خندقون ۽ باڙ ڪئمپ جي چوطرف روشني جو زبردست بندوبست وچ ۾ هڪ تمام وڏو شمعدان جيڪو ميلن ۾ نظر اچي. هنن ڪئمپن جو انچارج جيڪو امير جي عهدي جو ماڻهو هوندو هو. تنهن کي مير منزل چيو ويندو هو . حرم يا شاهي ڪٽنب جون عورتون سڀ جون ڪئمپ سان گڏ هونديون هيون. جيڪي بادشاهه کان اڳ ڪئمپ ۾ پهچي وينديون هيون. بادشاهه جي هن ڪئمپ ۾ غلامن، گهوڙن ۽ ٻين جانورن ۽ ٻئي سامان جو وڏو واپار ٿيندو هو. راڳ پڻ وڏي پئماني تي هر عام ۽ خاص ماڻهو لاءِ ٿيندو هو. باقاعده بازارون لڳنديون هيون جن ۾ صبح شام صفائي ۽ ڇڻڪار ٿيندي هئي. ڪئمپ جي حفاظت اهڙي نموني ڪئي ويندي هئي. جو ان ۾ رهندڙ، ان جو سامان ۽ ان ۾ واپار ڪندڙن جو پئسو بلڪل محفوظ هوندو هو.
    هڪ يورپي سياح مانرق ۽ هڪ برطانوي سياح هاڪينس جڏهن اهي ڪئمپون ڏٺيون ته حيران ٿي ويا. پاڻ لکن ٿا ته ”مغل بادشاهن جون هي ڪئمپون ايڏيون ته وڏيون هيون جهڙو لنڊن جو شهر.“ (ڏسو صفحو 172 شاهي محل ڊاڪٽر مبارڪ علي) منهنجي هن لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي جو ته ان وقت مشرق ڪيڏو نه ترقي يافتا هو ۽ مغرب ڪيڏو نه پٺتي پيل هو. پر محنت، وقت جي پابندي ۽ قانون جي حڪمراني جي ڪري اهي مغربي ڪيترو نه اڳتي نڪري ويا آهن. اڄ هندستان جي ساليانا آمدني في ڪس 350 آمريڪن ڊالر آهي. يعني پاڪستان کان به 110 آمريڪن ڊالر گهٽ آهي.
    انگلينڊ جي في ڪيس سالياني آمدني 24000 چوويهه هزار آمريڪي ڊالر آهي. انگلينڊ جي جاگرافي پوزيشن اهڙي آهي جو چوطرف سمنڊ اٿس. اڄ جي دور ۾ انهيءَ ڳالهه جي ڪابه اهميت نه آهي. پر جڏهن هوائي ۽ سامونڊي جهاز ڪونه هئا، تڏهن انهيءَ ڳالهه جي وڏي اهميت هوندي هئي. انهيءَ پنهنجي جاگرافي پوزيشن جي ڪري يعني سمنڊ هئڻ ڪري، انگلينڊ نه رڳو يورپ پر سڄي دنيا کان ڪٽيل هو.
    جڏهن يونان ۽ روم پنهنجي عروج تي هئا ۽ دنيا جي هن گولي جا حاڪم ٿيو ويٺا هئا. تڏهن انگلينڊ وارا اڃان وحشي زندگي گذاري رهيا هئا. اڄ به انگلينڊ جي تاريخ جي خبر گهٽ پئجي سگهي آهي.
    حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي پيدائش کان ست سئو سال اڳ انگلينڊ کان ٻاهر هڪ ڪيليٽ نالي قوم انگلينڊ تي حملو ڪيو. برٽن ۾ رهندڙ قوم کي شڪست آئي ۽ ڪيليٽ قوم جي برٽن ذات وارن انگلينڊ جي سڄي حصي تي ڪنٽرول ڪري ڇڏيو. اڄ جو برٽن نالو انهيءَ قوم جو يادگار آهي. ڪيليٽ قوم انگلينڊ تي قبضو ته ڪيو پر هيءَ قوم پاڻ ۾ متحد ڪانه هئي ۽ ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ورهايل هئي. جيڪا پاڻ ۾ هر وقت وڙهندي رهندي هئي. ۽ منظم به ڪانه هئي. پر مقامي رهاڪن کان سٺي هئي. ڇو ته هي مال ڌاريندا هئا ۽ فصل پوکيندا هئا.
    55 قبل مسيح ۾ جوليس سيزر انگلينڊ تي حملو ڪيو، ۽ حاڪم ڪيليٽ قوم کي سخت شڪست ڏني.
    رومنس جي حڪومت ۾ انگلينڊ ڪافي ترقي ڪئي. هتي زراعت جي پيداوار وڌي ۽ فن تعمير ترقي ڪئي. نوان شهر آباد ٿيا. رستا ٺهيا، پر رومنس هت زياده دير حاڪم ٿي نه رهيا. ٿوري ئي وقت ۾ واپس پنهنجي ملڪ هليا ويا. جنهن ڪري ترقيءَ جي رفتار بلڪل ختم ٿي وئي.
    رومنس جي وڃڻ کان پوءِ وري انگلينڊ تي پڪٽ ۽ اسڪاٽن ڪيليٽ جي قائم حڪومت تي حملو ڪيو ۽ ملڪ تباهه ۽ برباد ڪري لٽ مار ڪري واپس پنهنجي ملڪ هليا ويا. 445ع سال ۾ ڊينمارڪ ۽ جرمنيءَ جي ٽن فرقن جورٽ، سيڪسن ۽ اينگل وارن انگلينڊ تي حملو ڪيو. هنن جنوبي ۽ مشرقي حصن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. انهيءَ دوران ڪيٽ ۽ نادمبريا جي علائقن جي ماڻهن وڏي پئماني تي عيسائيت اختيارڪئي ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ عيسائيت جي تبليغ شروع ٿي وئي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهو ننڍن ننڍن قبيلن جي جڳهه تي عيسائيت جي بنياد تي پاڻ ۾ متحد ٿي ويا.
    789ع ۾ ڊپن جي حملي کان پوءِ انگلينڊ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ حصو ڊپن ۽ ٻيو حصو سيڪسن جي قبضي هيٺ رهيو. 1066ع ۾ فرانس جي وليم انگلينڊ تي حملو ڪيو ۽ ڏکڻ انگلينڊ جي بادشاهه هيرولڊ کي شڪست آئي. انگلينڊ جي جنوب مشرق شمالي علائقن تي نارجن خاندان جي حڪومت قائم ٿي. انهيءَ حملي کان پوءِ سڄي انگليند ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿيو ويو. انهن جاگيردارن هڪ پارليامينٽ يا شورا ٺاهي، جنهن جا ميمبر صرف جاگيردار هوندا هئا. اهي جيئن چاهيندا هئا تيئن ئي ٿيندو هو.
    انهي دوران ميگنا ڪارٿا تيار ٿيو. پر بادشاهه هن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. هن مجبورن ان تي صحيح ته ڪئي پر عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. نيٺ سائمن هڪ منظم فوج ٺاهي، بادشاهه سان جنگ ڪئي ۽ بادشاهه شڪست کاڌي. ان کان پوءِ بادشاهه پارليامينٽ جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ پنهنجو پٽ سائمن وٽ يرغمال ڪري رکيو. 1225ع ۾ پاليامينٽ ۾ جاگيردارن سان گڏ هائوس آف ڪامنس به وجود ۾ آيو پر خرابي اها ٿي جو هائوس آف ڪامنس عليحده نه هو. پر جاگيردارن جي هائوس آف لارڊس جو هڪ حصو هو. جنهن ڪري ڪو فرق ڪونه پيو.
    1395ع ۾ ايڊورڊ اول پارليامينٽ جون سيٽون وڌائي ڇڏيون. ايڊورڊ ٻئي آخر هائوس آف لارڊس ۽ هائوس آف ڪامنس کي هڪٻئي کان عليحده ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري هائوس آف ڪامنس عليحده ٿي خودمختيار نموني ڪم ڪرڻ لڳو. پهرئين ٻئي هائوس تعداد ۽ پاور ۾ برابر هئا پر پوءِ چوڏهين ۽ پندرهين صدين ۾ هائوس آف ڪامنس ۾ ميمبرن جو تعداد ۽ اختيار وڌندو ويو. ٽئڪس جو اختيار پڻ هائوس آف ڪامنس جي حوالي ڪيو ويو. جنهن ڪري هي اڃا وڌيڪ پاور فل ادارو ٿي ويو.
    انگلينڊ جي ٻن عظيم سياحن رعنر ڪولمبس جڏهن آمرڪيا ڳولي لڌي ۽ واسڪو ڊي گاما هندستان، تڏهن انگلينڊ وارن جو ڀاڳ کلي پيو. هنن جي واپار ۽ نو آبادين جا ڄڻ رستا کلي پيا. پوءِ هنن سڄي دنيا ۾ پنهنجي واپار کي وڌايو. پنهنجي فوج، خاص ڪري سامونڊي فوج کي منظم ڪيو. هي قوم هاڻ (Vikings) يعني سامونڊي ڦورن مان ڦري دنيا جي هڪ منظم سامونڊي طاقت ٿي پئي ۽ پوءِ اها به آخر ۾ چوڻي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي ته ”انگلينڊ جي حڪومت تان سج لهي ئي ڪونه.“ هن سڄي دنيا پنهنجي نو آبادين ذريعي ميڙي اچي انگلينڊ ۾ جمع ڪئي. هيرا، جواهر ۽ مال متاع ته ٺهيو پر قبرن مان لاش به ڪڍرائي اچي برٽس ميوزم ۾ گڏ ڪيائون. (مصر جي فرعونن جون مميون، جيڪي اڄ به برٽش ميوزم ۾ محفوظ آهن.)
    وري واپس ٿا اچون لنڊن جي موٽروي تي، جت حد نظر تائين ساوا سهڻا سرسبز کيت جنهن ۾ انگورن جا باغ، مڪئي ۽ ڪڻڪ مڙئي سرس هئا. جيڪي جڏهن پچي راس ٿين ته ميشنون بيٺل ڪڻڪ ۽ گاهه سميت گڏوگڏ لڻي، پلاسٽڪ جي وڏن ڪٽن ۾ بند ڪري، اتي جو اتي ڇڏيو ڍارين ۽ وڏا ٽرالر انهي کي ڍوئي وڃي ڪارخاني ڀيڙو ڪن، جت پوءِ ان جدا ۽ بوهه جدا ٿئي. انهيءَ سرسبز زمين تي رڍون، ڳئون ۽ گهوڙا چري رهيا هئا. انهن کان سواءِ هٿ انگلينڊ ته ڇا پر اسان سڄي يورپ ۾ ٻيو ڪو به جانور ڪونه ڏٺو. شهر ۾ پاليل ڪتن ۽ ٻلن جي ڪابه کوٽ ڪانه هئي. آمريڪا جي شهر سينفرانسڪو سان گڏيل پهاڙن ۾ ڦاڙا ۽ هرڻ جام ڏٺاسين. جيڪي کلئي عام هلي رهيا هئا.
    اسلام آباد جي بلاڪ 8-7 جي وچ ۾ خاردار تارن جي لوڙهي اندر ڦاڙها ۽ هرڻ به جام آهن. پر اهي چوطرف خاردار تارن جي وچ ۾ پيا هلن. منهنجي ٻني واري گهر ۾ به ٻه جوڙا ڦاڙن جا آهن. سينفرانسڪو جي اندر سواءِ ڪنهن خاردار تارن جي رستن کان ٿورو پري هرڻ ۽ ڦاڙا جام ڏٺاسين. پر هتي سڄي يورپ ۾ اهي نظر ڪونه آيا، پر رڍون، ڳئون ۽ گهوڙا جام نطر آيا. تمام گهٽ ۽ ڪٿي ڪٿي پاليل سوئر به نظر آيا. هتي جون رڍون، ڳئون ۽ گهوڙا ، پنهنجي گهوڙن ، رڍن ۽ ڳئن کان تمام گهڻا ٿلها، ڊگها، متارا ۽ صحتمند هئا. شاهه صاحب جو هڪ شعر آهي ته :
    ڏکي ڏمر ناهه، بکيءَ کل نه اڄهي،
    اگهاڙي وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
    سو سائين اسان وٽ ته بک، ڏک جي ڪري ماڻهن کي وهانءُ ۽ خوشين جا ڏينهن به وسريو وڃن. پر هت جانور صحتمند ڏسيو انسان پيا خوش ٿين. جانورن جي رهائشگاهه، کاڌ خوراڪ ۽ علاج جي باري ۾ آمريڪا ۾ ڏاڍي سٺي خبر ملي. جي آمريڪا جو سفر نامو لکي سگهيس ته ان ۾ عجيب وغريب داستان ضرور لکندس. پر هت مختصر ۽ مزيدار ڳالهه ضرور لکندس. ڪجهه سال اڳ ايران جي حڪومت ڪافي آمريڪن کي يرغمال ڪري رکيو، ڪافي مهينن کان پوءِ نيٺ آمريڪا انهن کي آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ انهن ماڻهن خاص ڪري عورتن پنهنجا ڪتا، ٻلا هٿ ڪيا ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويون. آمريڪا پهچڻ تي هنن چيو ته اسان پنهنجا ڪتا هنن غير مذهب ماڻهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي پئي ۽ ڪجهه نه ، ڇو ته بلو پرنٽ فلمن ۾ يورپين ۽ آمريڪن جون ڪتن سان سٺي حالت ۾ ڪافي فلمون آهن. پر تڏهن به ڳالهه صاف نه ٿي. ٻه ٽي سال اڳ لنڊن جي هڪ ڪورٽ هڪ عورت کي سزا ٻڌائي. ڳالهه ڪجهه هن ريت هئي ته انهيءَ عورت کي هڪ معصوم ٻار هو. جيڪو هوءَ ڇڏي آفيس ويندي هئي. هن جو هڪ پاليل ڪتو به هو جيڪو پڻ ساڻس گڏ رهندو هو. انهي پاليل ڪتي هڪ ڏينهن انهي ٻار کي کائي ختم ڪري ڇڏيو. ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. عورت کي ڪورٽ سزا ڏني ۽ ججمينٽ ۾ لکيو ته هن عورت پنهنجي بار کي محفوظ هنڌ نه رکيو. جنهن جي ڪارڻ معصوم ٻار کي ڪتي کاڌو ۽ مري ويو. انهيءَ عورت پنهنجي سزا خلاف ۽ انهيءَ ڪتي کي شوٽ ڪرڻ خلاف ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. ڪورٽ سندس سزا ۽ ڪتي کي ختم ڪرڻ جي سزا برقرار رکي. جڏهن ڪتي کي شوٽ ڪيو ويو ته هوءَ ڏاڍي رني ۽ پاڻ ڏک منجهان چيائين ته منهنجي سزا به ختم ٿي ويندي. آئون وري ٻيو ٻار به ڄڻي وٺنديس پر هي جو سالن جا سال مون ڪتو پالي تيار ڪيو. سو وري ڪٿان ايندو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورتن جا ڪتن سان عشق ۽ پيار جا داستان عام جام آهن. اهڙين عورتن جو موقف آهي ته هي به ڪاوڙجن، نه موچڙا هڻن، نه ڏکئي وقت ۾ ڇڏيو وڃن ۽ اسان جو به ڪم پيو ٽپي.
    اسانجي بس ۾ پنهنجي صحيح جاءِ تي اچي بيٺي، اسان هيٺ لٿاسين ته اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته اميگريشن ڪسٽم کان پوءِ توهان شپ ۾ بيلجم لاءِ روانا ٿيندا. اتي يورپ تي توهانجي بس، ڊرائيور ۽ گائيڊ بيٺا هوندا. جيڪي توهان جي سڄي ٽوئر جي سفر ۾ توهان سان هوندا. هنن ٻڌايو ته انهنجي هٿن ۾ ڪاسموس وارن جو جهنڊو پڻ هوندو. اها خاص نشاني هوندي، ڇو ته هي شپ سڄو ٽوئر سٽن سان ڀريل آهي. توهان سڀني کي پنهنجون بسون ۽ ڪاسموس وارن جو اسٽاف وٺڻ ايندو. توهان پنهنجي بس اسٽاف کي ڏنل نشانين سان سڃاڻجو. اسان پهرئين ڪسٽم ڪرايو پوءِ اميگريشن ڪرايو. پوءِ سڌا وڃي شپ ۾ چڙهاسين. شپ ڇا هڪ وڏي گهڻ ماڙ سپر مارڪيٽ ٿي لڳي. شپ ۾ ڊيوٽي فري شاپ ۽ انڊور گيمس، ڪافي شاپ، بار ، هت سڄي دنيا ۾ ڳالهائڻ لاءِ فون جي به سهولت هئي. جهاز جي مٿي ڇت تي بهترين سوئمنگ پول پڻ هو. جتي ڪافي ٽوئرسٽ وهنجي رهيا هئا. شپ ۾ بلڪل هوائي جهاز وانگر آجيان ڪيائون. ڪولڊ ڊرنڪس سنيڪ ۽ اخبارون آڻي اڳيان رکئون. شپ سمنڊ ۾ هليو پئي ته محسوس ڪونه ٿي ٿيو ته ڪو هلي پيو. شايد سمنڊ ۾ ماٺار آهي. هوائي جهاز ننڍو هوندو آهي. جهاز اندر سوڙ سنگهڙ لڳي پئي هوندي آهي. ماڻهو گهمي ڦري ڪونه سگهندو . وڏي مسافريءَ ۾ ته ماڻهو ڏاڍو وجود ٿيندو آهي. ويهي ويهي سڄو بدن ٿڪجي پوندو آهي. ماڻهو چاهيندو آهي ته پٺيان دريءَ وٽ وڃي بيهجي پر گهڻو وقت بيهڻ سان ماڻهو مشڪوڪ پيو لڳندو آهي. نيٺ اچي پنهنجي سيٽ ڀيڙو ٿئي. هوائي جهاز ۾ کيکل جڳهه ڪانه هوندي آهي. تنهن ڪري تازي هوا ڪانه ملندي آهي. پر سامونڊي جهاز ۾ پيو هل، ڪيڏي مهل ڪافي شاپ تي ته ڪيڏي مهل بار تي.
    وڏن جهاز ۾ ته پئسي جي مٽاسٽا (Money Exchange) جي سهولت پڻ هوندي آهي. ڪيترا سارا ماڻهو بيٺا هئا. جهاز ڄڻ سمنڊ تي نه پر سمنڊ مٿان هلي رهيو هو. جيئن ته جهاز پاڻي کي چيري هلندو آهي. وڏن ڦرندڙن پکن جي ڪري پٺيان پاڻي جي هڪ وڏي ڌار هوندي آهي. جنهن کي ڏسڻ سان مزو پيو ايندو آهي. ماڻهو ڏاڍاي چاهه سان انهيءَ ڌار کي ڏسندا آهن. جهاز تقريبن چئن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ پورٽ تي پهتو. سڀ مسافر هيٺ لٿا. اسان جي بس ڊرائيور ۽ اسان جي شوخ چئنچل گائيڊ اسان جو هيٺ استقبال ڪيو ۽ يورپ کان بروسلز جي گاديءَ واري شهر بيلجم پهچندي اسان کي ڍڳ هدايتون ٻڌائي ڇڏيائين. يورپ جو هڪ ٽائم اهي سواءِ انگلينڊ جي، سو توهان پنهنجي واچن جو ٽائيم ٺيڪ ڪريو ٻيو ته هاڻ سڄي ٽوئر ۾ اها بس، ڊرائيور ۽ آئون اوهانجي خدمت ۾ حاضر هونداسين. ڪابه تڪليف محسوس ڪريو ته اسان کي ٻڌايو ۽ پڻ اڄ توهان جيئن سيٽن تي ويٺا تئين صحيح اهي، پر سڀاڻي کان پوءِ جيڪي بس جي پهرئين سيٽن تي ويهندا سي ٻئي ڏيهاڙي وري ٻئي نمبر سيٽ تي ويهندا. ۽ ائين جو هو وڃي آخري نمبر سيٽ تي پهچندا. پوءِ وري پهرئين سيٽ تي اچي ويهندا. کاڌي ۾ به جنهن جنهن قسم جو کاڌو جنهن ٽوئر بڪ ڪرائڻ مهل جنهن مهل جنهن طرح سان لکرايو هوندو. ان کي اهوکاڌو ملندو. مثال طور مسلم، ويجيٽيرن، نان ويجيٽيرن وغيره. مون کان ٽوئر بڪ ڪرڻ مهل اها ڳالهه وسري ويئي هئي. مون کيس چيو ته اها اربع خطا مونکان ٿي وئي. هاڻ ڇا ڪريان . ڇيائين پرواهه نه آهي. اڄ رات پنهنجو کاڌو کائجان، سڀاڻي کان وٺي تنهنجي هنڊ ي ڪني جو آئون بندوبست ڪنديس. مون چيو ته پوءِ اڄ کڻي ڪيش ڏيو ته آئون وڃي هوٽل تي کاڌوکايان. تنهن تي چيائين ته اڄ خوش رهه پنهنجي خرچ تي. باقي صبح جو ناشتي کان وٺي اسين حاضر آهيون. اسان بروسلز ۾ شام جو داخل ٿياسين. ننڍي هوندي کان پيا ٻڌاندا اچون ته بيلجم جو شيشو سڄي دنيا ۾ سهڻو ۽ سٺو آهي. واقعي بروسلز جو سڄو شهر رڳو شيشو ٿيو پيو هو.هر دڪان ، هوٽل، گهر سهڻن شيشن سان ڀريو پيو هو. لنڊن کان وڌيڪ صاف سٿرو پر لنڊن کان گهڻو ننڍو. اسان جي بس اچي رهائش واري هوٽل تي بيٺي. هوٽل جو نال (Delta) هو، ڊيلٽا شايد ويهه ماڙ هئي. هوٽل ۾ اسان کي رهائش ۽ ڪمرن جي بابت ٻڌايائون ته ڪير ڪير ڪنهن سان رهندا. منهنجي ڀاڳ ۾ هانڪانگ جا ٽي شهري جن ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ڇوڪرو هو. ڇوڪرو مون سان گڏ سمهندو هو ۽ ڇوڪريون پاڻ ۾ گڏ سمهنديون هيون. پاڻ ٻڌايائون ته اسان هانگ ڪانگ جا ٻڌ آهيون. هتي لنڊن ۾ هانگ ڪانگ جي خرچ تي پڙهڻ آيا آهيون. هاڻي اسان جي پڙهائي ختم ٿي وئي آهي. سو اسان پروگرام ٺاهيو ته يورپ جو چڪر هڻون. پوءِ واپس پنهنجي ملڪ وڃون. اسان لنڊن ۾ ٽن سالن کان پڙهي رهيا آهيون. پر اسان پنهنجي پڙهڻ واري شهر کان سواءِ ڪٿي به نه وياسين. پهريون دفعو نڪتا آهيون. گهمي پوءِ واپس هانگ ڪانگ ويندا سين، پنهنجو مالڪ ڏاڍو ٿو ياد اچي. اسان ٽن سالن ۾ هانگ ڪانگ به ڪڏهن ڪونه وياسين.


    4

    اسان چاٻيون وٺي پنهنجن ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين. هو ٽئي ڄڻا ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويا. چانگ چونگ، شانگ شونگ، ڳالهين ڪند ي هڪڙي ڇوڪري روئڻ شروع ٿي وئي. صفا ماٺ نه ڪري. مون سمجهيو ته ماٺ ڪندي پر ٻيو مڙئي ٿيو خير. دل ۾ خيال ڪيم ته هاڻ ته لڳي رهياسين. تيسين در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٻاهر نڪتس ته هوٽل جي بيري ٻڌايو ته توهان جو سامان، پنهنجو سامان کڻي اندر ڪيم ۽ هنن به پنهنجو سامان منهنجي ڪمري ۾ ٻيوسامان کڻي پنهنجي ٻئي ڪمري ڏانهن روانا ٿيا. شام جو اسان جو سٽي ٽوئر هو. پر ان ۾ اڃا ڪلاڪ کن هو. مون وهنجي ڪپڙا تبديل ڪيا. ٿوري دير ريسٽ ڪري اچي هوٽل جي لونج ۾ ويٺس. جتي ڪجهه همراهه اسان جي ٽوئر وارا ۽ ڪجهه ٻيا ٽوئر وارا پئسنجر ويٺل هئا. ايتري ۾ اسان جي گائيڊ به اچي وئي. چيائين ته هلو بس تيار آهي. ٻاهر اسان اچي بس ۾ ويٺاسين. گائيڊ اسان کي ٻڪرين وانگي هڪ هڪ ڪري ڳڻڻ لڳي چيائين ته ڇهه ڄڻا گهٽ آهن. پاڻ ڊوڙ پائي هوٽل رسيپشن تي وئي ۽ سڀني کي وٺي آئي. پاڻ ٻڌايائين ته ڪير به ليٽ نه ڪري جي ليٽ ٿي ته سڄو ٽوئر خراب ٿيندو ۽ اسان ڏهن منٽن کان مٿي ڪنهنجو به انتظار ڪونه ڪنداسين. ۽ پنهنجي اڳين منزل لاءِ روانا ٿي وينداسين. اسان جي بس روڊ تي نڪري چڪي هئي.
    شهر ۾ داخل ٿيڻ مهل ڏينهن هو ۽ هينئر رات هئي، چوطرف روشنين جي رم جهم هئي بلبن، ٽيوب لائيٽن ۽ سرچ لائيٽن جي روشني هزارن سهڻن شيشن تي ٿي پئي ته شهر نه پر ڪنهن شادي، دعوت يا ميلي جو منظر ٿي محسوس ٿيو. خاص ڪري جڏهن روشنيون، روشنين سان ٿي ٽڪرايون، يا ڪنهن ڦوهاري تي ڦرندڙ روشنيءَ جا چمڪاٽ ۽ رنگ ڏسي عجب ٿي لڳو ته ڪيڏي نه ڪائنات سهڻي آهي. اسان به ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو قدرت جي هن سونهن ۽ سوڀيا ڏسڻ جو موقعو مليو. تقريبن ٻن ڪلاڪن جي هن نائيٽ سٽي ٽوئر کان پوءِ هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رسيپشن تي منهنجي گائيڊ کلندي مون کي چيو ته مسٽر پليجو ويري ساري.، اميد ته صبح وري ناشتي تي گڏ هونداسين. مون چيس ته بلڪل صحيح پر هاڻي معلوم ڪري ٻڌاءِ ته آئون ٻاهر ڪهڙي پاڪستاني يا هندستاني هوٽل تي وڃي ماني کاوان. پاڻ معلوم ڪري مونکي سمجهايائين ته هوٽل موتي محل فلاڻي جڳهه تي آهي. اسان به گهمندا ڦرندا گهٽين جا نمبر ڏسندا اچي هوٽل موتي محل تي پهتاسين. آرڊر کان اڳ ٻه پاپڙ اچي رکيئون. پاڪستان ۾ هندن جي هوٽلن کانسواءِ هوٽلن ۾ صرف ماني ٻوڙ ۽ چانور ملن، پر ٻاهرين ملڪن جي هندستاني، پاڪستاني هوٽلن تي هر شيءَ يعني ماني ٻوڙ سان گڏ سموسا، پاپڙيون، ڪچويون پڻ جي فرمائش ڪريو ته توهان کي اها شيءَ پڻ تيار ملندي. ماني ڏاڍي سوادي هئي. ڪمري تي پهتس ته هانگ ڪانگ وارو ڇوڪرو ستو پيو هو. آئون به ڇپڙي ڪري سمهي پيس. صبح جو هوٽل وارن جي ٽيليفون ڪرڻ تي سار ٿي،تيار ٿي ناشتي لاءِ هيٺ ڄاڻايل ريسٽورانٽ تي آياسين. وڏين هوٽلن جي کاڌي لاءِ ڪيترائي ريسٽورانٽ ٿين. ٻاهرين ملڪن جي اهڙن ريسٽُورانٽن ۾ (خاص ڪري يورپ ۾) رش ٿئي جو ڪمرو ئي نه ملي. ٽوئرسٽن جا هڪ نه، پر ڪيئي گروپ صبح ۽ رات جي مانيءَ تي موجود هوندا آهن. ناشتي جي وقت ۽ رات جي ماني وقت ڏاڍي رش ٿئي باقي ٻنپهرن جو ته نڪو ٽوئر وارا کارائين نڪي ٽوئر سٽ خود کائين. زياده ۾ زياده برگر، ڪافي يا هڪ گلاس جوس، ڇو ته ٻنپهرن جي مانيءَ کان پوءِ بدن ڳرو ٿيو پوي ۽ گهمڻ گهٽ ۽ ننڊ جي ٻاڙ زياده ٿي لڳي. پر اسان لنچ جا هريل سو ڪڏهن ڪڏهن مڙئي ٻنپهرن جو انڊين ريسٽورانٽ يا ميڪڊولينڊ تي ڊش مڙئي کائي ڇڏيندا هئاسين.
    ناشتو ڪري اچي بس ڀيڙا ٿياسين. بيلجيم جي گاديءَ وارو هي شهر بروسلز نه صرف پنهنجي ملڪ جو سياسي، تجارتي ۽ ثقافتي مرڪز پر يورپي يونين ملڪن جو ميمبر پڻ آهي ۽ يورپين ڪامن مارڪيٽ جو پڻ هيڊ ڪواٽر آهي. تنهن ڪري ننڍو ملڪ هوندي به هن جي اهميت زياده آهي. بروسلز شهر ۾ فرينچ زبان ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي. تنهن ڪري ڪنهن زماني ۾ هتي جهيڙا ٿيندا هئا.
    بيلجم 1930ع ۾ آزاد ٿيو. هن جي رقبي جي ڪل ايراضي (11782) اسڪوائر ميل يعني اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي کان (1500) اسڪوائر ميل زياده آهي. جڏهن ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص گڏ ضلع هئا. تڏهن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل پيکيڙ (10397) اسڪوائر ميل هئي. ٺٽي ضلعي جي پکيڙ (7686) اسڪوائر ميل آهي.
    هن جي هڪ طرف سمنڊ ٻئي طرف جرمني ٽئين طرف نڌرلينڊ ۽ چوٿين طرف لگزمبرگ ۽ ڪجهه بارڊر فرانس پڻ مليس ٿو. هتي نالي ماتر يعني انگلينڊ وانگر ملڪ جو سربراهه بادشاهه يا راڻي ٿئي.
    پر ملڪ ۾ مڪمل جهموريت آهي. يورپ جي گهرو لڙاين جي وقت ۽ پهرئين عالمي جنگ ۽ ٻئي عالمي جنگ ۽ واٽر لو جنگين دوران بيجلم جي سرزمين تي تمام گهڻيون جنگيون لڙيون ويون. اسان جي بس پهرئين گرانڊ پئليس بلڊنگ جي اڳيان اچي بيٺي، جتي اسان جي گائيڊ اسان کي هن محل بابت ٻڌايو جت فوٽا وغيره ڪڍياسين. پوءِ ٽائون هال، سينٽ مائيڪل، ڪيٿڊرل، لاڪورٽ، آرينٽ رائل پئليس. يورپين يونين هيڊ ڪوارٽر ڏسڻ کان پوءِ اسان کي چيئون ته هاڻ توهان پنهنجي منهن شهر گهمو ۽ لنچ ڪريو، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ توهان کي هتان کڻي هيگ هلنداسين. اسان کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جي جڳهه ڏيکاريائون.
    ٽوئر ۾ هر ننڍي وڏي ڳالهه بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندا آهن. ته جيئن مسافرن کي ڪابه مونجهه نه ٿئي. سفر سٺو ۽ خوشگوار ٿئي ۽ وري به انهيءَ ڪمپنيءَ جي معرفت گهمن.
    پاڪستان ۾ ڪاسموس ڪمپني (Cosmos) کي انور راجاڻي هلائي، هنن جي آفيس پراڻي هوٽل ميٽروپول جي سامهون واري بلڊنگ ۾ آهي. جنهن تي وڏن ڳاڙهن اکرن ۾ (Cosmos) لکيو ويو آهي. پاڻ اسماعيلي خواجه سنڌي آهي ۽ سنڌي بهترين ڳالهائيندو اهي. ماڻهو پڻ فهميدو اهي. سندس آفيس ۾ ٻه اسسٽنٽ ڇوڪريون اهن، جي پڻ اسماعيلي اهن ۽ ڏاڍيون فهميديون ڇوڪريون آهن. ٻئي (Gerry) ٽوئر ڪمپنيءَ وارن جي پڻ پاڪستان ۾ برانچ آهي. ان کي ڪا ٽريولر ايجنسي هلائيندي آهي. جيڪا ايڏي مشهور نه آهي. پر يورپ ۾ آمريڪي ٽوئرسٽ ڪمپنين ۽ ايجنسين جو تعداد سون ۾ نه پر هزارن ۾ آهي. يورپ ۽ آمريڪا جي مک ڪمائي ٽوئرسٽ ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جي پڙهائيءَ واري في ۽ خرچ مان ٿيندي آهي. آمريڪا ته ٺهيو پر يورپ ته هلي ئي انهن ٻن ڳالهين تي پيو. يعني ٽوئر انڊسٽري، يونيورسٽي، ڪاليج، اسڪولن ۾ پڙهندڙ غير ملڪين جي فين ۽ رهائش مان حاصل ٿيندڙ آمدني. آمريڪا ۽ يورپ ۾ پڙهائي ڌارئين ملڪ جي شهرين لاءِ تمام مهانگي آهي. خاص ڪري اسان جي ملڪ پاڪستان جي جتي جي ڪرنسي روز وڃي پٽ پوندي. اڳ ۾ پاڪستان مان شاگرد تمام گهڻي تعداد ۾ ٻاهر پڙهڻ ويندا هئا. پر هاڻ ڪرنسيءَ جي چڪر ڪري غريب ته ٺهيو پر امير ماڻهو به ايڏي مهانگي تعليم برداشت نه ٿا ڪري سگهن.حڪومت پوري پني اسڪالر شپ ڏي. ٻاهر شاگرد ويچارا پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪري پڙهن.
    اسان شهر جي چڪر دوران هڪ فوٽ پاٿ تي ٺهيل هوٽل تي ڪافي پيتي. هت سڄي يورپ ۾ فوٽ پاٿن تي قائم اهڙيون هوٽلون جام ٿين. ٻاهران اڇيون ۽ ڳاڙهيون ڇٽيون لڳيون پيون آهن. جن جي هيٺان خوبصورت اڇيون ڪرسيون رکيون آهن. جام ماڻهو پيا اچن وڃن. ڪافي، سئنڊوچ، برگر، ڪوڪ، بيئر، وائين جام هلي. يورپ ۽ آمريڪا کلئي عام وسڪي بلڪل ڪونه پيئن. خاص ڪري جرمني جا ماڻهو بيئر ۽ فرانس جا ماڻهو وائين ۽ اٽليءَ جا ماڻهو سندن ڳاڙهو مخصوص قسم جو نشو جام واپرائين. وسڪي يورپ ۾ ماڻهو گهر ۾ پيئن ۽ کلئي عام گهٽ. وري پنهنجي ملڪ ۾ بلڪل ان جي ابتڙ قصو يعني رڳو وسڪيءَ تي زور ۽ اها به گوڏا کوڙي ڍئو ڪري پيٽ ڀري پيئن جسين نه همراهه وڃي کٽ، پٽ يا گهر ڀيڙا ٿين. اسين به عجيب قوم آهيون.
    واقعي دنيا جي غلام قومن جو ادب ته ڏاڍو سٺو هوندو آهي، پر ڪيئريڪٽير صفا ٿرڊ ڪلاس ٿيندو آهي. ٽوئر وارا سڀ همراهه پنهنجي مخصوص ٿيل جڳهه تي پهچي ويا. بس ۽ اسان جي گائيڊ اڳ ۾ اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا. اسان جي بس بيلجم جي موٽروي کان ٿيندي شام جو هيگ پهچي هئي. انگلينڊ ۽ فرانس جي هڪ طرف موٽروي چئن چئن رستن وارا هئا. باقي سڄي يورپ ۾ ٽن ٽن رستن وارا هئا. انگيلنڊ ۾ ٽرئفڪ پاڻ وانگر ليفٽ سائيڊ هئي. باقي سڄي يورپ ۾ پهريون نمبر خوبصورت ملڪ سوئيزرلينڊ ٻيو نمبر فرانس ۽ پنهنجائپ جنهن ۾ ٻولي کاڌو ۽ پاڪستاني ماڻهو جام سو انگلينڊ يورپ ۾ جنهن جي جت ڪالوني هئي ات ان ملڪ جا ماڻهو جام رهن. مثلا انگلينڊ، هندستان، پاڪستان ۽ جن به آفريڪن ملڪن تي حڪومت ڪئي ته انهن ملڪن جا ماڻهو سڀ اچي ات گڏ ٿيا. وري فرانس، ايران، الجزائر ۽ ٻين جن ملڪن تي حڪومت ڪئي ته اهي سڀ وڃي ات آباد ٿيا. هالينڊ، انڊونيشيا تي حڪومت ڪئي ته انڊوينشيا جا ماڻهو توهانکي هالينڊ ۾ جام ملندا. ائين يورپ ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو رهيا پيا آهن.
    بينظير، الطاف حسين، عطا الله خان مينگل انگلينڊ ۾ سياسي پناهه طور رهن ته امام خميني ۽ ايران جا ٻيا سياسي ليڊر وري فرانس ۾ سياسي پناهه وٺن. اها ٻي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران کي آمريڪا يورپ ۾ رهڻ نه ڏنو. پاڻ مجبورن ميڪسيڪو ۽ پوءِ مصر ۾ وڃي رهيو . مصر ۾ رهڻ تي پڻ آمريڪا اعتراض ڪيو. پر جيئن ته انور سادات جي ڌيءَ شهنشاهه ايران جي پٽ جي گهر ۾ هئي. معنيٰ سياسي رشتا مائٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويا. تنهن ڪري انور سادات آمريڪا جي اعتراض کي رد ڪري هن کي رهڻ جي اجازت ڏني. اها ڳالهه شهنشاهه ايران پنهنجي آٽوبايوگرافيءَ ۾ لکي آهي. شهنشاهه ايران جي پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ ميڪسيڪو ڇڏڻ جو جواز اهو پيش ڪيو آهي ته ملڪ جي ڊڪٽيٽر اسان کي پئسن جي لالچ ڪري ڏاڍو تنگ ڪيو. اسان نيٺ مجبورن ميڪسيڪو ڇڏيو. پر ڪيترن آمريڪن رپورٽرن پنهنجي ذريعن سان لکيو ته ميڪسيسڪو جو صدر شهنشاهه جي جڳ مشهور گهر واري فرح ديبا کي ڇڪڻ لڳو هو. تنهن ڪري اهي مجبورن ميڪسيڪو کي ڇڏي مصر ويا. شهنشاهه وفات به اتي ڪئي ۽ کيس دفن به مصر ۾ ڪيو ويو.
    اسان بيجلم جي ٽن ٽن رستن واري هڪ طرفي موٽروي تي هلي رهيا هئاسين. اسان کي ٽُوئر ڪندي ٻه ڏينهن ٿي ويا هئا. تنهنڪري اسان ٽوئر وارا هڪ ٻئي کي ڪجهه ڪجهه سڃاڻي ويا هئاسين. هڪ انڊين فئملي هئي جنهن جي تازي شادي ٿي هئي. پنهنجو هني مون ملهائڻ يورپ جي دوري تي نڪتا هئا. هڪ آسٽرلين فئملي هئي. جنهن سان پوءِ منهنجي ياري ٿي وئي. هڪ برازيل جي فئملي هئي. هڪ ڇوڪري جدا هئي. ٽي هانگ ڪانگ جا هئا جن جو آئون اڳي ذڪر ڪري چڪو آهيان. تقريبن ست پوڙهيون عورتون آمريڪن به هيون. ٻه فئمليون ميڪسيڪو جون هيون. پنج ڇوڪريون جپان جون هيون جيڪي پوءِ پئرس مان اسان کان جدا ٿي سڌو ٽوڪيو هليون ويون. باقي ٻين ٽوئرسٽن جي سڃاڻپ اڃان نه هئي. هڪ آمريڪي عورت مون کي چيو ته تون پنهنجو نالو مونکي پنهنجي ٻولي ۾ لکي ڏي. مون کيس پنهنجو نالو سنڌيءَ ۾ لکي ڏنو. پاڻ سنڌي ٻولي ۾ لکيل صورتخطيءَ تي مون سان ڪافي سوال ڪيائين آخر ۾ پاڻ ٻڌايئين ته مون مشرقي ٻولين ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. سڄي يورپ جا خوبصورت روڊ، رستا ۽ سرسبز جابلو ۽ ميدان علائقا گهڻوڪري سڀ هڪجهڙا آهن. ڪنهن حد تائين مغربي يورپ سڄو هڪ جهڙو آهي. ٻاهر برسات پئجي رهي هئي ۽ يورپ ۾ برسات پوڻ ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن جن تي قدرت ڏاڍي مهربان آهي. اسان جي ملڪ ۾ آبادي بئراج، ڊئم، شاخن ۽ ٽيوب ويل تي ٿئي پر دنيا جا ڪافي ملڪ آهن خاص ڪري يورپ جتي برسات جي ڪري ڪيتريون آباديون قدرتي طرح برساتن سان ٿيو وڃن. انهن آبادين تي خرچ نه هئڻ جي برابر ٿئي. پر اسانجي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ شاخن جو پاڻي، ٽيوب ويل، لفث مشينون جن لائيٽ ۽ ڊيزل جو خرچ ماڻهو کي اڌ چريو ڪري ڇڏي پوءِ به رنڊي ۽ منڊي جو ڪو به ڀروسو ڪونهي. جي اگهه مليو ته ٺيڪ نه ته خرچ ڳچيءَ ۾ . قدرت ڪيڏي نه يورپي ملڪن تي مهربان آهي. سڄي دنيا جا ماڻهو پڙهڻ ۽ گهمڻ هت اچن. زراعت مفت جي قدرتي برساتن تي ۽ پڻ قانون جي حڪمراني، جتي ماڻهو عزت ۽ آرام سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. اسان جي بس هاڻ هيگ پهچڻ واري هئي. برسات ساڳئي رفتار سان جاري هئي. اسان وٽ برسات پوي ته سڀ ڪم بند ”مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.“ جن ملڪن ۾ برسات معمول جي ڳالهه آهي، اتي برسات جي ڪري زندگي بلڪل ڊسٽرب ڪانه ٿئي. انهن اهڙو نظام جوڙيو آهي جو برسات جي ڪري رستن ۽ گهرن ۾ پاڻي بيهي ئي ڪونه، روڊن تي برسات جي ڪري ٽرئفڪ نه بيهي. برسات اتي معمول جي ڳالهه آهي. هيگ نڌر لينڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ سمنڊ کان صرف چار ميل پري آهي. سمنڊ ويجهو هئڻ ڪري هتي بهترين بيچون آهن. جتي موڪلن ۾ جام ماڻهو وڃن. هيگ جديد ۽ قديم قسم جو شهر آهي. هيگ ۾ پارليامينٽ جي بلڊنگ، وزيرن جون آفيسون ۽ منسٽريٽ جا سيڪريٽريٽ ۽ بهترين پارڪ آهن، شهر ڄڻ ته ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ هجي، بادشاهه به هت رهي، هيگ سائوٿ هالينڊ صوبي جي گادي جو هنڌ آهي ۽ ندرلينڊ جي سڀني شهرن سان ڳانڍاپيل آهي. هي پوري يورپ ۾ بهترين رهائشي شهر آهي تنهن ڪري گهڻو ڪري عالمي ڪانفرنسون پڻ هيگ ۾ ٿين.
    1248ع ۾ وليئم ٻئي هيگ ۾ هڪ بهترين قلعو ٺهرايو هو. هي قلعو اڄ به هيگ شهر جي دل آهي. ان کانسواءِ (Night Hall) نائيٽ هال، آئوٽر ڪورٽ بلڊنگ هيگ جون مشهور ۽ قديم بلڊنگون آهن. هيگ 1795ع کان 1813ع تائين فرانس جي قبضي ۾ رهيو. ان سڄي دور هن اهڙي ترقي ڪئي جيڪا غلام ملڪ ڪندا آهن. يعني ڪجهه به نه. انهي سڄي دور ۾ هيگ تمام پوئتي پئجي ويو. وري فرانس کان جڏهن آزاد ٿيو. تڏهن بادشاهه به موٽي اچي هن شهر ۾ رهيو ۽ اهو وري ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي ويو. ملڪ جي ڪافي سياسي پارٽين جون مرڪزي آفيسون پڻ هيگ ۾ آهن. ملڪ جي 61 سفارت خانن جو مرڪز پڻ هيگ آهي.
    اقوام متحده، جيڪا بين الاقوامي انٽرنيشنل ڪورٽ، ملڪن جي فيصلن لاءِ قائم ڪئي آهي ته جيئن ماڻهن ۾ جهڳڙا يا مسئلا پيدا ٿين ته ماڻهو ڪورٽن ۾ پنهنجي حقن لاءِ ڪيس ۽ دعوائون داخل ڪن. تيئن اقوام متحده پڻ پنهنجي شريڪ ميمبر ملڪن جي لاءِ هڪ بين الاقوامي ڪورٽ قائم ڪئي ته جيئن ميمبر ملڪ هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪري پنهنجا پنهنجا حق وٺي سگهن. نه ڪي پاڻ ۾ جنگيون ڪن. پر ائين ڪونه ٿو ٿئي. دنيا جي ملڪن جا نبيرا سالن کان پيا هلن. ٻيو ٿيو مڙئي خير. جيئن ماڻهن ۾ حاڪم ۽ محڪوم آهن. اهڙي طريقي سان ملڪن ۾ پڻ طبقا آهن. پر ڪوبه فيصلو ڪرڻ وارو نه آهي. سو اقوام متحده جو به حال ساڳيو آهي بهرحال اقوام متحده جي ڪورٽ به هن شهر هيگ ۾ آهي. جتي سڄي دنيا مان چونڊيل جج هن ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل آهن. يعني هيگ جو شهر سڄي دنيا جي صلح جو اهڃاڻ آهي ۽ سڄي دنيا جي قسمت جا قانوني فيصلا هت ٿين. اسان هيگ کي آخري سلام ڪندا پنهنجي ٻي منزل يعني ائمسٽرڊئم ڏانهن روانا ٿيڻ لڳاسين. نيدر لينڊ جنهن کي انگريز هروڀرو جون هالينڊ، يورپ جي ننڍڙن ملڪن مان هڪ آهي. (15892) اسڪوائر ميلن ۾ پکڙيل آهي ملڪ يعني تقريبن ٺٽي ضلعي کان ٻيڻي پکيڙ وارو ملڪ آهي. ٺٽي ضلعي جي پکيڙ (7686) اسڪوائر ميل آهي. ايڏو ننڍو ملڪ هوندي به اندونيشيا جهڙي وڏي ملڪ ۽ ايسٽ انڊيز کي سالا سال پنهنجو غلام بڻائي رکيو. 1949ع ۾ هنن انڊونيشيا کي آزادي ڏني. نڌرلينڊ ۾ نالي ماتر بادشاهت آهي. سڄي حڪومت جو نظام پارليامينٽري جهموريت تحت قائم آهي. جيئن گهڻو ڪري سڄي يورپ ۾ آهي. ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ نڌرلينڊ جي معيشيت ويسٽرن يورپ جي ملڪن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. هن ملڪ تمام گهڻي صنعتي ترقي ڪئي آهي. صنعتي ترقي سان گڏ سڄي دنيا جي گلن جو مرڪز پڻ آهي. سڄو ملڪ رڳو سهڻا گل ٿيو پيو آهي. حد نگاهه تائين سهڻا گل خاص ڪري (Tulip) يا گل لالا جو گل ته هالينڊ جي سڃاڻپ آهي. گل زمين ۾ اهڙي ترتيب سان لڳايل آهن. جو ماڻهو ڏسيو حيران ٿيو وڃي. هر سال سڄي دنيا جي گلن جي نمائش هن ملڪ ۾ ٿئي. هن سال پڻ تمام وڏي بين الاقوامي گلن جي نمائش نڌرلينڊ جي شهر فلوريڊا ۾ ٿي. اسان کي پڻ نڌرلينڊ ۾ قائم هن نمائش ۾ وٺي ويندا. جنهن جو ذڪر ڏسڻ کان پوءِ ڪبو. نڌرلينڊ جا سهڻا گل هر روز تازا تازا آمريڪا ۽ يورپ وڃن ۽ گلن جي سونهن جي ڪري سڄي دنيا مان فلمن جون شوٽنگون ڪرڻ ماڻهو هت اچن. ڪيترين هندستاني فلمن جي شوٽنگ پڻ هتي ٿيل آهي. جنهن ۾ ”سلسله“ ۽ ٻئي فلم جو نالو ته وسري ويو پر گانو اڄ به ياد آهي، جنهن جا ٻول هي آهن، ”ڦولون ڪي شهر مين هو گهر اپنا.“ گلن کانسواءِ هالينڊ جي چيز به سڄي دنيا ۾ شهور آهي. نڌر لينڊ ۾ توهان (Wind Mills) ونڊ ملز هر هنڌ نظر ايندا. ونڊ ملز ڄڻ ته نڌرلينڊ جو ثقافتي ورثو آهي. بيلجم وانگر هت به تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻهو سائيڪلن تي سواري ڪن، هتي واريون سائيڪلون پنهنجي سائيڪلن کان مختلف آهن.
    رات ٿي وئي هئي اسان هالينڊ جي موٽروي تي ائمسٽر ڊئم ڏانهن اچي رهيا هئاسين. چوطرف روشنيون هيون، ڏينهن سفر ڪري سڄو گروپ ٿڪجي پيو هو. انهيءَ ڪري ڪوبه گوڙ وغيره ڪونه هو. اسان جي هن ٽوئر گروپ ۾ اسان ڪل 42 ڄڻا هئاسين. اسان هاڻ نڌرلينڊ جي هن جڳ مشهور شهر ائمسٽرڊئم ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. ائمسٽرڊئم جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڀرسان ٿيندا پنهنجي رهائش واري هوٽل تي اچي پهتاسين. هوٽل جو نالو (Galaxy) گئلڪسي هو. ڪلهه رات وانگر اسان هوٽل جي رسيپشن تي اچي بيٺاسين. اسان کي پنهنجي گائيڊ پنهنجي ڪمرن جون چاٻيون ۽ ڪمرن جا نمبر ڏنا. آئون پنهنجي ڪمري جي چاٻي وٺي اچي روم ڀيڙو ٿيس. دل ۾ خيال ڪيم ته ائمسٽرڊئم ۾ به راتين جو پروگرام آهي. هن شهر کي الاجي ڇو مون کي ڏسڻ جو شوق ڪيترن سالن کان هو. سو خيال ڪيم ته ٻئي راتيون هن جي نائيٽ لائيف کي گهمي ڦري لطف وٺجي. تيار ٿي ٻاهر روڊ تي نڪتس ته مختلف زبانن جو مرڪزي هي شهر ندين ۽ ڪئنالن ۾ پوندڙ روشنين جي اولڙن جي ڪري ڇا ته جهومر لاهيو بيٺو هو. سڄي دنيا ۾ (Thickly Populated) هي ملڪ ۽ شهر ٻاهر ڏاڍو پرسڪون ٿي لڳو. سڄي دنيا ۾ شهر جي زمين مهانگي آهي. ماڻهو نه صرف زمين تي رهن پر ندين ۾ به پنهجا ڪاٺ ۽ لوهه جا گهر ٺاهيو رهيا پيا آهن. هن شهر جو نالو پهريون دفعو 1275ع ۾ ڪنهن ڊاڪيومينٽ ۾ نظر آيو ۽ ان کان پوءِ سندس اهو نالو اڄ تائين هليو اچي. هن شهر جي بنياد ڪجهه مڇيرن (Amstel) تي ڪچا گهر ٺاهي قائم ڪيو. پر پوءِ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ هنن اتي هڪ بند ٻڌو ، ۽ ائين هن شهر جو نالو ائمسٽرڊئم پئجي ويو.90 جزيرن، 1000 پلين تي ٻڌل هي مکيه واپاري، ثقافتي، تعليمي مرڪز ۽ نالي ماتر گاديءَ جو شهر دنيا جي مڙني شهرن کان مختلف ۽ عجيب آهي. ننڍيون ننڍيون نديون جن جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي ۽ انهن ندين کي خوبصورت مطابق سهڻين وڻندڙ پلين سان ڳنڍي سڄي شهر کي هڪ ڪيو ويو آهي. رڳو ڪئنال ئي ڪئنال ۽ پليون ئي پليون عجيب منطر پيش ڪري رهيون آهن. انهن ڪئنالن ۽ ندين ۾ هزارين ٻيڙيون جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ٽوئرسٽ، ڇا ڏينهن ڇا رات هڪڙا پيا لهن ته ٻيا پيا چڙهن. اصل ميلو متو پيو آهي. ٻيڙيون اهڙيون خوبصورت جو بيٺو ڏس. ٻيڙين جا سئو قسم ننڍيون، وڏيون، هڪ ماڙ ٻه ماڙ ٽه ماڙ، هر ٻيڙي پنهنجي نمبر سان، ٻيڙي اسٽئنڊ جنهن کي چون جيٽي، تنهن تي اچي بيهي. ايترا ته پئسنجر جو ٻيڙيءَ تي ويهي انتظار هڪ منٽ به نه ڪرڻو پوي. ان جو سڀاڻي ٻن ڪلاڪن جو ٻيڙي ۾ سير ڪرڻ جو پروگرام هو. پر اهو پروگرام ڏينهن جو هو. سوچيم ته نائيٽ ڪلب ويندي ويندي رات جو ٻيڙيءَ ۾ گهمڻ جو مزرو وٺجي. هونئن به منهنجو ڪراچيءَ جو فليٽ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. جڏهن به ڪراچيءَ ۾ رهون ته شام جو واڪ بيچ تي ڪريون. منهنجي بيڊ روم ۾ پلنگ اهڙي ترتيب سان رکيل آهي، جو بيڊ تان ويٺي ويٺي پيا سمنڊ ڏسون.
    منهنجو ڳوٺ ته ڪچي ۾، يعني ٻيلن، درياهن ۽ هاڻ ڌاڙيلن جي منهن ۾ آهي. جڏهن ڌاڙيل فيڪٽر اڃا سنڌ ۾ ڪونه هو تڏهن ته راتين جون راتيون درياءَ بادشاهه ۾ گذرنديون هيون، ڪيترائي ٻار صرف درياءَ بادشاهه جي چڙهڻ وقت ڳوٺ ايندا هئا. خاص ڪري چانڊوڪين راتين ۾ ته وڏا هنگاما ٿيندا هئا. راڳ رنگ، رقص، کائڻ پيئڻ، هل هنگاما، عياشيون بدمعاشيون سڄي رات درياءَ جي سير ۾، صبح سوير سڀڪو پنهنجي ماڳ واپس ٿيندو هو. اهو سلسلو ڪيترائي سال هليو. پر هاڻ خيال ڪيم ته اهو رات جو ٻيڙين ۾ گهمڻ جو مزو هت ائميسٽر ڊئم ۾ وٺجي، سڀاڻي واري ٽڪيٽ ٽوئر ڪمپني وارن کي وٺڻي هئي. پر هينئر واري بوٽ جي ٽڪيٽ وٺي بوٽ ۾ چڙهي پيس. دنيا جي سڀني ملڪن ۾ جتي ٻيڙي ۾ گهمجي. ٻيڙي گهمائڻ وارا ئي هلائيندڙ ۽ گائيڊ ، سمجهائين به گهڻو ته کلائين به گهڻو. پر دنيا جي حسين ترين شهر وينس ۾ گائيڊن سان ڳائڻ وارا ۽ ڳائڻ واريون پڻ هونديون آهن.اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته اهي پاڻ سان گڏ کڻو ٿا يا نه. پر هت ائمسٽرڊئم به ڪونه هو. رات جو ٻيڙين ۾ گهمندي ڦرندي ڏاڍو مزو آيو، پر سچ پڇو ته چانڊوڪي راتين ۾ ٻيڙي ۾ گهمڻ جو مزو جيڪو ٻني ۾ آهي سو سڄي دنيا ۾ ڪونهي. چئوطرف ٻيلو، وڏا گهاٽا وڻ، تيز وهندڙ درياءَ، سنڌو بادشاهه جيڪو رات جو وهڻ وقت ڏاڍو هل حشر ڪري، چوڏهين جي چنڊ جي روشنيءَ ۾ درياءَ سڄو سون ٿيو پوي. پنهنجون ديسي ٻيڙيون وڏا بتيلا، ڪٽارون جن جي هلائيندڙ کي چون ناکئا. جيڪي گهڻوڪري سگهڙ ۽ راڳي هوندا آهن. درياءَ جي وچ ۾ ڪو ٻيٽ ۽ ٻيٽاري ڏسي لهي پئجي. پوءِ اتي جو اتي ماريل ڏنڀريون، موراکا، ڪرڙا، پوپريون، ٿيريون، رڙا، سونهري ۽ پلا، تازا تازا رڇ سان جهليل تئي ۾ بنا سڻڀ جي ترجن. خود مڇيءَ ۾ سڻڀ ايترو ٿئي جو تئو يا تئي سڻڀ سان ٽمٽار ٿيو پوي. ٻيو سڄو رڌو پڪو پڻ مڇيءَ جي سڻڀ مان ٿئي.وري واريءَ ۾ پڪل پلي جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪيترا سال اڳ هت درياءَ ۾ ٻلهڻيون به هونديون هيون. جيڪي جڏهن درياءَ ۾ ٽپ ڏينديون هيون ته ڏاڍيون پيون وڻنديون هيون. درياءَ جي چوطرف ٻٻرن جو ٻور ۽ ڦلين جي اهڙي وڻندڙ خوشبو ۽ مهڪ هوندي هئي جو ماڻهو مدهوش ٿيو وڃي. پر اڄ ٻلهڻيون ته ٺهيو پر ڪنهن ڪنهن سال درياءَ صفا سڪيو ڇٽ ٿيو وڃي. ٻورن وارا ٻٻر الحمدالله ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ چونڊيل عيوضين جي مهربانين سان ڪراچيءَ گهمڻ ڦرڻ پهچيو وڃن.ڪراچيءَ ۾ ويچارا ڀلجيو وڃن ۽ وري ڪڏهن به واپس نه پهچن.


    5

    ائمسٽرڊئم جي هن ڀل ڪليري ٻيڙي جنهن کي بوٽ چئجي ڇو ته سبحان الله هي به اسان جي ملڪ جي ويچارين ٻيڙين کان ڀاڳ واريون آهن. اسان جون چار مهينا پاڻي ۾ ته اٺ مهينا سڪي ۾، ڪڏهن ته ٻيڙيون چورائجو به وڃن. پوءِ واپس به ڀنگ تي ٿين. سو به ڪنهن چئي چيائين يا ڌام ڌڙڪي سان واپس ٿين. الله عمر وڏي ڪري ميان نواز شريف جي جنهن کي پنجاب ۾ اهڙو ڀاري مينڊيٽ مليو آهي جو ڪالاباغ ڊئم ضرور ٺهرائيندو. پوءِ اهي اسان جون غريب ٻيڙيون سڄو سال سواءِ پاڻي جي سڪي ۾ پيون هونديون. نه ڪو ڀنگ ڏيڻ وارو نه وٺڻ وارو هوندو.
    سوڀل ڪليري ۽ ڀاڳ وند بوٽ ۾ چڙهندي ئي عطر عنبيرن جي خوشبوءَ اسان جي خوشي آمديد ڪئي ڪيئي جوڙا اندر ٻيڙي جي هيٺين طبقي تي ٿوري روشني ۾ پنهنجن گوڏن تي ويهاريل پنهنجي محبوبائن کي چمي ۽ چٽي رهيا هئا، ۽ ٻين ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو هنن ڪوبه نوٽيس ڪونه ٿي ورتو. بقول شاهه جي ته ”نڪا جهل نڪا پل سڀڪو پسي پرين کي.“ اسان به اهڙن منظرن کي ڏسي ڪجهه به ڪونه ٿي ڪري سگهياسين. پر ڪي گهاريل گهڙيون خود به خود ياد اچي ويون. تقريبن ڪلاڪ جي بوٽ سفر کان پوءِ واپس اسان کي اتي اچي لاٿائون. جتان کان کنيو هئائون. آئون ٽئڪسي ڪري اچي هڪ نائيٽ ڪلب اڳيان لٿس. نائيٽ ڪلب تمام وڏو هو ۽ ٻاهر پڻ رش هئي. ڪنهن خاص گروپ جو ڪو پروگرام هو، ڪافي گهڻي رش هئي. سڀ ماڻهو بيٺا هئا. ويهڻ لاءِ هڪ به ڪرسي ڪانه هئي.آرٽسٽ تمام گهڻو پري هئا. سڄو هال روشنين جي رنگن سان چمڪيو پئي. اندر مختلف زاوين سان روشنيءَ جي سجاوٽ اهڙي نموني ٿيل هئي جو ڄڻ روشنيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيون ۽ جديد سائونڊ سسٽم جي ڪري هال ٻري رهيو هو. فنڪار تمام وڏي مٿانهين اسٽيج تي بيٺل هئا. ڪافي پري هئا پر صاف نظر اچي رهيا هئا.شايد ٻن گروپن ۾ ورهايل هئا. هڪ ڪارا ٻيا گورا هئا. پر سرسي شايد گوري جي هئي. وچ ۾ هڪ نيگرو عورت بيٺل هئي.جيڪا ڳائي رهي هئي. آواز تمام سهڻو هوس. گاني ختم ٿيڻ کان پوءِ ايتريون تاڙيون ۽ رڙيون ٿيون ڄڻ ته اڀ ٿي ڏريو. آئون گهڻو وقت بيهي هن پروگرام کي ڏسندو رهيس. ڏاڍو مزو پئي آيو. پر رات تمام گهڻي ٿي چڪي هئي ۽ صبح جو سوير ٽوئر وارن جا به تمام گهڻا پروگرام هئا. تنهن ڪري ٽئڪسي ڪري اچي ڪمري ڀيڙو ٿيس. دستور مطابق فون جي گهنٽي وڳي ته تيار ٿي هيٺ اچو. اچي ناشتو ڪريو. ناشتي ۾ ٽيبلن تي ڪيترن ئي قسمن جا سامان رکيل هوندا هئا. جن ۾ جوس، فروٽ، ڪارن فليڪس، مارمليڊ جام، ڪيترن قسمن جون ڊبل روٽيون، بسڪوٽ، ڪيڪ، پيسٽريون، چيز، مکڻ، کير، ڌنئرو، چانهه، ڪافي ۽ بوائل بيدا، پليٽ کڻي پنهنجي مرضي مطابق جيترو ۽ جيڪو کپي سو کڻي کائو انهيءَ ناشتي کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ چون ڪانٽينٽل بريڪ فاسٽ، جيڪا توهان پنهنجي مرضي سان جدا ڪمرو وٺو ته به ملندي ۽ ملندي به مفت ۾. سو دل کولي کائو. ڇو ته ٽوئر ۾ ٻنپهرن جي ماني مڙئي گهٽ نصيب ٿئي. ٽوئر وارا کائين ڪونه، باقي ٽوئرسٽ پنهنجن پئسن سان ڪونه کائين. سڀ ڪسرون ناشتي مان نڪرنديون هيون. رات جي ماني به ڇٽي، سڄو زور بريڪ فاسٽ تي ۽ بريڪ فاسٽ مان ڦريو فاسٽ بريڪ ٿيو پوي. آئون ناشتو ڪري رهيو هوس ته هڪڙي همراهه اچي سلام ڪيو. چيائين مسٽر پليجو سلام . مون چيو سلام. پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته آئون لاڙڪاڻي جو عباسي آهيان. لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو ائڊمنسٽريٽر آهيان.جماعت اسلامي جي سينيئر نائب مولانا جان محمد عباسي جو فرزند آهيان. مون هي ٽوئر ڪاسموس جي ڪراچيءَ وارن جي آفيس ۾ توهان جو نالو ڏسي پوءِ بڪ ڪرايو ڇو ته آئون به توهان وانگر اڪيلو هوس. سو اتي خيال ڪيم ته يورپ جي ٽوئر ۾ ٻئي گڏ هونداسين، پر رواني ٿيڻ مهل خبر پئي ته هن ٽوئر ۾ گنجائش کان مٿي ماڻهو هئڻ ڪري ٽوئر کي ٻن گروپن ۾ ورهائي اي ۽ بي ڪري ڇڏيو اٿن. تنهنڪري پاڻ جدا جدا ٿي وياسين. اسين ناشتو ڪري اچي لونج ۾ ويٺاسين. ٿوري دير ۾ سڀ ماڻهو ناشتو ڪري فارغ ٿيا ۽ اسان به هڪٻئي کان موڪلائي وڃي بسن ڀيڙا ٿياسين ۽ بس شهر جي ٽرپل روڊ تي رواني ٿي. اسان جي گائيڊ اسان کي هر جڳهه تان گذرندي سڀ معلومات ٻڌائيندي وئي.
    پهرئين گلن جي بازار، پوءِ يهودين جو ڪوارٽر ائمسٽرڊئم ۾ گهڻي تعداد ۾ يهودي آباد آهن. جيڪي ٻي جنگ عظيم دوران جرمنيءَ مان ڀڄي هت اچي آباد ٿيا آهن. هتي ئي رهيا پيا آهن. پوءِ نئشنل گئلري، پوءِ آسٽر هوٽل جنهن جو ٻڌايائون ته مسواڙ U.S 6000 ڊالرن ۾ هڪ چيڪ آئوٽ لاءِ ڪمرو ملندو آهي ۽ اهو به ٻڌايائون ته مائيڪل جئڪسن ۽ راڻي ايلزبيٿ يعني انگلينڊ جي راڻي جڏهن هت آيا ته انهيءَ هوٽل ۾ رهيا. تنهن کان پوءِ ائمسٽرڊئم جي ميئر جو گهر ۽ آفيس، پوءِ سٽي پئليس جيورس هسٽاريڪل ميوزم، هالينڊ ڪيسنو، ريلوي اسٽيشن ۽ هت جو براٿل پڻ ڏيکاريائون. ان بابت ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايائون. مثال طور هي طوائفون باقاعدگي سان ٽئڪس ڏين. حڪومت هنن کي قرض به ڏيندي آهي. هنن جي باقاعده رجسٽرڊ يونين پڻ آهي. هنن جي پنهنجي مئگزين به نڪرندي آهي. جيڪا بڪ اسٽالن تان توهان خريد ڪري سگهو ٿا. آمريڪا ۽ يورپ ۾ پراسٽيٽيوشن (Prostitutions) کي به بزنس چون. ٽيوبن، بس اسٽئنڊن، ريلوي اسٽيشن، هوائي اڏن، وڏين هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ توهان ڪنهن به ڇوڪريءَ يا عورت کي بزنس چئي سگهو ٿا. هو بلڪل ڪانه ڪاوڙبي ۽ کلي يس Yes يا نو No چوندي. اهڙين جڳهين تي اهڙيون عورتون خود ماڻهن کي بزنس، بزنس ڪري صلاح هڻن. ڊڄڻ يا غيرت جي ڪابه ڳالهه ڪانهي.
    انهيءَ کان پوءِ اسان کي ڊائمنڊ فئڪٽري ڏيکاريائون. هيرن جواهرن جي هي صنعت پڻ هالينڊ جي مکيه صنعت آهي. انهن جو وڏي پئماني تي واپار ٿيندو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪن شين جي گارنٽي ملندي آهي. خريد ڪرڻ وقت اهڙو گارنٽي ڪارڊ پڻ ڏيندا آهن ته خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ گارنٽي ڪارڊ کڻي اچجو ته توهان کي ٽي وي، فرج، پنکو، واشنگ مشين، ايئرڪنڊيشن يا ڪا ٻئي شيءَ ٺهرائي ڏينداسون يا بدلائي ڏينداسون. تيئن هتي پڻ هيرن جواهرن جي دڪانن تي توهان کي اهڙي گارنٽي ملندي ته نقلي ڊائمنڊ هئڻ جي حالت ۾ توهان کي بدلائي ڏينداسين. هيرن جواهرن جو اصل ملڪ ته آفريڪا آهي جنهن ۾ خاص ڪري سائوٿ آفريڪا ، جتان اهي زمين اندران کاڻين، سمنڊن ۽ ندين مان لڀن ۽ جهازن ذريعي لنڊن پهچن. لنڊن ۾ انهن جو هيڊ ڪوارٽر آهي. (De Bear Central Selling Organisation) جتي سڄي دنيا جي هيرن جواهرن جي نوي سيڪڙو پراڊڪشن تي ڪنٽرول آهي، پوءِ هتان ئي سڄي دنيا ۾ هيرا جواهر وڃن، اتي کين گهڙي تيار ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڊائمنڊ کي تيار ڪندي اڌ ضايع ٿي ڊسٽ ٿي ويندو آهي. باقي صرف اڌ وڃي رهندو آهي. هڪ ڪئريٽ (Carat) هيري کي تيار ڪرڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳن ٿا. تيار ڪندڙ مشين به گهڻي تيز هلندي آهي جنهن جي اسپيڊ 3.200 R.P.M هوندي آهي. اسان کي ڊائمنڊ فئڪٽري جي انچارج ٻڌايو ته هت 800 قسمن جا هيرا ۽ جواهر ٺهن ٿا. جيڪي اسان سڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ موڪليون ٿا. اسان کي ٻڌايائون ته هيرو ٺهڻ کان پوءِ گهڻو ڪري انڊلٺ جي رنگن جهڙو هوندو آهي. پر مهانگي ۾ مهانگو هيرو ٺهڻ کان پوءِ گهڻو ڪري انڊلٺ جي رنگن جهڙو هوندو آهي. پر مهانگي ۾ مهانگو هيرو سفيد ۽ بلو ٿئي. هيري جي تور جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ ٿئي ڪئريٽ Carat جيڪو برابر ٿئي هڪ گرام جي. هالينڊ پنهنجي هن هيرن ۽ جواهرن جي فن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اڄ نه پر صدين کان مشهور اهي. پاڻ وٽ اهو مشهور آهي ته فلاڻي بادشاهه يا فلاڻي امير وٽ سون جا ٿانو يا کاڌي پيتي جو، سون جو سامان هوندو هو. پر يورپ جا بادشاهه خاص ڪري انگلينڊ، فرانس ۽ روس جا بادشاهه پنهنجي لاءِ گلاس، ننڍا فانوس ۽ گلدان هيرن جواهرن جا ٺهرائيندا هئا. يا وري گلاس، گلدانن جو هيٺيون حصو جنهن کي جهلي پوءِ گلن جو رس يا شراب پيئن. ان حصي ۾ هيرا جواهر پيوند وانگر لڳرائيندا هئا. اهڙا سهڻا سامان يورپ جا بادشاهه ۽ شهزادا پڻ هالينڊ مان ٺهرائيندا هئا، هن فئڪٽري ۾ اسان تقريبن اڌڪلاڪ کن هئياسن. ان کان پوءِ اسان جي ٻئي منزل هئي. ائمسٽرڊئم جي ڪئنالن ۾ ٻه ڪلاڪ بوٽس جو سفر، اسان جي بوٽ ٽماڙ هئي. جنهن ۾ تقريبن سو کن ماڻهو ويهڻ جي گنجائش هئي. چاليهه هيٺ چاليهه وچ ۾ ۽ ويهه مٿان. اڪثر پئسنجر مٿان ويهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن ته اسان گروپ ۾ هئاسين. سو ٻڪرين وانگي اسان جي گائيڊ جي پٺيان ٿي ڀڳاسين. جڏهن ٿي چيائين ته هلو ته اسان سڀ سندس پٺيان ۽ جتي ٿي چيائين ويهو اسان حڪم جا بندا اتي ٿي بيٺاسين. سو اسان هينئر به سندس حڪم موجب بوٽ جي وچ واري پورشن ۾ وڃي ويٺاسين. اسان واري گائيڊ اسان کي ويهاري خود به خاموش ٿي ويهي رهي. بوٽ جو هلائيندڙ يڪو ٽو ان ون يعني گائيڊ به هو. سو طوطي وانگر ٻولڻ لڳو. سندس آواز ڏاڍو ٿلهو پر وڻندڙ هو. سندس هر ڳالهه ۾ مسخري هئي. ٻن ڪلاڪن ۾ اسان کي ڏاڍو کلايائين. رات جو گهمڻ مهل صرف روشنيون هيون. پر هينئر هر شيءَ آئيني وانگر ظاهر هئي. سڀ سياح فوٽو ڪڍڻ ۾ ۽ مووي ڪئميرائون ڀرڻ ۾ مشغول هئا. ان کانسواءِ بوٽ ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت پڻ ڪيترا فوٽو گرافر بيٺا هئا. جن وٽ اتي جو اتي فوٽو ڪڍڻ واريون ڪئميرائون، يا توهان رول وٺو، توهان کي فوٽوڪڍي رول واپس ڏيندا. پوءِ ڀلي ٻئي هنڌ ڏئاريو. هنن کي في ڏبي.
    ڪئنال ۾ هلندي ۽ ننڍين وڏين پلين کي ڪراس ڪندي مزو پئي آيو. رات جو ٿورڙيون ٻيڙيون هيون پر هينئر ڪو ڇيهه ئي ڪونه هو. بوٽس اهڙيون سينگاريل جو دل پئي چئي ته بيٺا ڏسون. هت يورپ ۾ ڪئنالن ۽ ندين جو هڪ ڄار وڇايل آهي. سيزن ۽ موڪلن ۾ نه رڳو يورپ جا ماڻهو پر دنيا جا ماڻهو هت گهمڻ لاءِ اچن. پر هاڻ ته ٻين ٽوئرن وانگي توهان فون تي ئي اهو سڀ ٽوئر بڪ ڪرائي ڇڏيو. جنهن به ملڪ مان ٽوئر ۾ شامل ٿيو ۽ جت کپيو ان ملڪ ۾ وڃي دنگ ڪريو. جي ماڻهوءَ وٽ وقت هجي ته مزو به ضرور وٺي. ايڏا سهڻا جهاز ۽ انهن ۾ رهائش لاءِ بهترين ڪمرا، هر شپ ۾، مٿي سوئمنگ پول ۽ جي سوئمنگ پول نه هوندو ته سن ڊيڪس (Sun Decks) ته ضرور هونديون. هر شيءَ توهانکي شپ جو شپ ۾ ملي. صبح جو سوير توهان جي روم ۾ توهان کي تازي اخبار ۽ گلدستا. مطلب ته صرف فون تي هيلو ڪريو. پنهنجن پئسن ڏانهن نه ڏسو. هر شيءَ حاضر هوندي. ڪيڏي به برسات هجي، ڪهڙي به موسم هوندي. پر هر شيءَ وقت تي اچي حاضر ٿيندي. نه رڳو توهان کي شپ ۾ سير ڪرائيندا، پر هر پورٽ تي بيهندا ويندا، توهان لاءِ بسون يا ڪوچ سروس اڳواٽ تيار بيٺا هوندا. جيڪي توهان کي ان سڄي شهر جو سير ڪرائي گهمائي ڦيرائي اچي رات جو شپ ڀيڙو ڪندا. جيئن اسان کي بس ۾ گهمائي ڦيرائي پوءِ واپس اچي هوٽل ڀيڙو ڪن. تيئن شپ ۾ گهمندڙ پئسنجرن کي به گهمائي ڦيرائي پوءِ واپس اچي شپ ڀيڙو ڪندا آهن. اسان جي بوٽ اسان کي اتي اچي لاٿو جتان بوٽ ۾ چڙهيا هئاسين. پورا ٻه ڪلاڪ ٿيا هئا.
    هتي هر ڏهن سالن ۾ هڪ دفعو گلن جي عالمي نمائش ٿيندي آهي. انهيءَ کانسواءِ هتي هر سال پڻ گلن جي نمائش لڳي. هينئر اها نمائش فلوريڊ (Floraide) ۾ پئي ٿي. اسان سڌا اچي انهيءَ عالمي نمائش ڀيڙا ٿياسين. نمائش ۾ پهچڻ لاءِ ماڻهن جي گهڻي رش لڳي پئي هئي. رش کي ختم ڪرڻ لاءِ نمائش ۾ ماڻهن جي سهولت خاطر ريل جو پڻ بندوبست ٿيل هو. ان کانسواءِ بسون، ڪوچ، ڪارون، موٽرسائيڪل جو بهترين بندوبست ٿيل هو.
    اسان بسن واري اسٽينڊ تي اچي بيٺاسين. هي نمائش ڏهين اپريل کان شروع ٿي هئي ۽ يارهين نومبر تي ختم ٿيندي. نمائش ۾ داخلا ٽڪيٽ ڏهين اپريل کان وٺي ايڪٽيهه آگسٽ تائين هئي. پوءِ ٽڪيٽ نه پر مفت ۾ ڏسو. ٽڪيٽ وٺڻ جو وقت 15-9 کان 00-6 بجي شام تائين هو. بسن، ڪوچن ۽ ٻين سڀني گاڏين جي پارڪنگ جو به هڪ مخصوص وقت مقرر ٿيل هو. يعني صبح 30-8 کان شام جا 8 هو. ماڻهن جي ٽڪيٽ وانگر هر سواري لاءِ به ٽڪيٽ ٿي وٺڻي پئي. اها ڳالهه اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ عام آهي. اسان جي ٽڪيٽ ٽوئر پروگرام ۾ شامل هئي. تنهن ڪري ٽُئر وارن ورتي. ٻاهريون منظر تمام سهڻو ٿي لڳو. هن نمائش جي باري ۾ اسان کي ٻڌيائون ته (The Great Flower Show on Earth) هيءَ ڌرتي تي گلن جي وڏي ۾ وڏي نمائش آهي. جيڪا 70 هيڪٽرن زمين تي آهي. اها نون حصن ۾ ورهايل آهي.
    1-Trade 2- Transport 3-Distribution 4-Production 5-Energy 6-Consumer 7-Environment 8- Science 9- Recreation.
    (هي نون مختلف نمونن ۾ جدا جدا ورهايل آهن.) هن نمائش کي ڏسڻ لاءِ هڪ وڏو ٽاور به ٺاهيو ويو هو. جنهن تي چڙهي توهان سڄي نمائش کي ڏسي پئي سگهيا.گلن کانسواءِ ڪيترن ئي قسمن جون انٽرٽينمينٽس پڻ هيون ۽ دنيا جي مشهور هوٽل وارن پڻ اچي هت هوٽلون کوليون هيون. ٽوئر دوران منهنجي آسٽريليا جي جوڙي سان سٺي دعا سلام ٿي وئي هئي. پاڻ زال مڙس ٻئي عمر ۾ مونکان وڏا هئا. مون کي پاڻ ٻڌايائون ته آسٽريليا بلڪل يورپ جهڙو آهي. پاڻ آسٽريليا جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هئا. آسٽريليا جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو اسٽئنڊرڊ به تقريبن ساڳيو آهي. پر يورپ مهانگو آهي ۽ آسٽريليا تمام سستو آهي. مون کي آسٽريليا اچڻ جي دعوت ڏنئون جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي. يورپ ۾ زال مڙس گهڻو ڪري هڪ عمر جا هوندا آهن. پر پاڻ وٽ پاڪستان ۽ هندستان ۾ زال مڙس جي عمر ۾ گهڻو فرق هوندو آهي. عورت گهڻو ڪري ننڍي هوندي آهي. پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ ائين تمام گهٽ آهي يا نه هئڻ جي برابر آهي. سو آمريڪي ۽ يورپين جوڙا جيڪي اسان سان گڏ ٽوئر ۾ يا پوءِ واري ٽوئر ۾ يورپ وڃڻ ٿيو. ته سڀ تقريبن هڪ عمر جا هوندا هئا. آسٽريليا جو جوڙو به ائين هو. پاڻ هڪ ٻه دفعو ٽوئر دوران مون سان گڏ شهر گهمڻ ڦرڻ هليا هئا. اڄ رات به مون چيُن ته آئون ڪئبري تي ويندس. توهان هلو ته گڏجي هلون، ته پاڻ يڪدم ها ڪيائون. هو مون سان ڪمري ۾ گڏ نه رهندا هئا پر هانگ ڪانگ جو ڇوڪرو ۽ ٻه ڇوڪريون رهندا هئا. ڇوڪرو پنهنجي هم وطن ۽ لنڊن ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين سان گڏ گهمندو ڦرندو هو.
    اسان تيار ٿي ڪئبري ڏانهن روانا ٿياسين. مون ڏٺو آهي ته آسٽريلين جي انگريزي، ڳالهائڻ ۾ برٽش يا آمريڪي کان وڌيڪ آسان هوندي آهي. برٽش ته اڃا به ڪجهه ٺيڪ آهي پر آمريڪن وات کي ڦيرو ڏيئي ائين ڳالهائين جو لفظ کي چيو گم وانگر پيا کائين. نائيٽ ڪلب جو پنهنجو مزو ته ڪئبري جو ورو پنهنجو مزو. ڪئبري مٿي اسٽيج تي جتي صرف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن. جن ۾ گانا، ڊانس ۽ کل ڀوڳ جا ننڍڙا ننڍڙا خاڪا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ لائيو شوز ڪئميرا نائيٽ سڄي رات پيا هلن. اڄ ائمسٽرڊئم ۾ اسان جي آخري رات هئي. ڪئمبري شو کان پوءِ ويجهي هوٽل مان ماني کائي اچي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ڪمرو کوليم ته هانگ ڪانگ وارو ڇوڪرو روم ۾ ستل ڪونه هو. آئون اڪيلو ئي لت کوڙي سمهي رهيس. دستور مطابق فون تي ته جلد تيار ٿيو صبح ٿي ويو آهي. ناشتو ڪري اچي بس ڀيڙا ٿياسين. اڄ ڏينهن جو صرف ٻه پروگرام هئا. انهيءَ کان پوءِ اڳتي جرمنيءَ روانو ٿيڻو هو. پهرئين دنيا جي عظيم مصور وان گوگ (Van Gogh) جي نالي تي قائم ڪيل ميوزم ڏسڻو هو. وان گوگ دنيا جي عظيم مصور صرف 37 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو. پنهنجي زندگي ۾ 800 آئل پئنٽنگ ۽ 700 ڊرائينگ جي مصوري ڪئي. پر سندس سڄي زندگي ۾ فقط هڪ تصوير وڪي. سندس موت کان پوءِ اهي تصويرون لکن ڊالرن ۾ وڪيون. وان گوگ هالينڊ ته ٺهيو پر سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر جيئري نه کيس مڃتا ملي نه وري دولت ڪمائي سگهيو. پاڻ سڄي زندگي پئسي پئسي لاءِ محتاج رهيو. سندس سڄو نالو ونسينٽ والئم وان گوگ ( Vineent Willeun Van Gogh) هو. هو 30 مارچ 1853ع ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ۽ ڇهن ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هو. هن جو ننڍپڻ ڪي قدر ٺيڪ گذريو. هي 16 سالن جي عمر ۾ هيگ جي هڪ آرٽ اداري سان منسلڪ ٿيو. پوءِ لنڊن جي (Goupil) اداري ۾ ڪم ڪيائين. هڪ سال پئرس ۾ به رهيو. هن آرٽ جي دنيا ۾ صرف ڏهه سال ڪم ڪيو. يعني 1880 کان 1890ع تائين. هن جي جڳ مشهور فنپارن ۾ 1- In the Field 2- peasant women in the red bonnet 3- The potato Eaters سندس جڳ مشهور فنپاري (The Chair and the pipe) انهيءَ کان پوءِ 1-The Night Café 2- The Starry Night پڻ سندس جڳ مشهور فنپارن ۾ شامل آهن. وان گوگ کان به وڌيڪ مشهور آهي. يعني (Rembrant) ريمبرانٽ، اسان کي ٽوئر وارا سندس گهر ڏيکارڻ هليا. ريمبرانٽ جو هڪ ننڍڙو روايتي يورپي گهر سندس حياتيءَ ۾ ڪنهن کي به ياد ڪونه هو. پر اڄ هي سياح ملڪ جي بادشاهي وزيراعظم جي محل محلاتن ڏانهن نه پر وان گوگ ۽ رمبرانٽ جي گهر ۽ ميوزم جو رخ ڪري. هڪ نه پر سئو هزار سياح اتي اچن ٿا . سندس سڄو نالو (Rembrant Harmens Zoom Van Rijan) ريمبرانٽ هارمينز زوم وان رجن آهي. ريمبرانٽ 15 جولاءِ 1606ع ۾ لنڊن شهر ۾ پيدا ٿيو. ريمبرانٽ پنهنجي نون ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار هو. پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۾ هي تمام ذهين هو. سو هن کي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ تياري ڪندڙ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ٻين ڀائرن کي سندن والدين ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳايو. هن جا يونيورسٽي ءَ ۾ سبجيڪٽ جاگرافي، مئٿس ۽ تاريخ هئا. پاڻ بائبل ۽ تفسير به يونيورسٽيءَ ۾ تفصيل سان پڙهيو. هن جي جڳ مشهور فنپارن مان ڪجهه نالا هي آهن.
    1-The Ship builden and his wife 2- A girl a the window 3- Night watch 4- A woman bathing in a stream 5- the fight to Egypt
    ريمبرانٽ، وان گوگ کان سواءِ ٽين به هالينڊ جي اهم شخصيت ٿي گذري آهي. جنهن هالينڊ کي ڏکئي وقت ۾ بچائي ورتو. اها عظيم شخصيت هئي هالينڊ جي عظيم راڻي ”ولهيلمينا“ جنهن 1880ع کان 1990ع تائين يعني هالينڊ تي هالينڊ ۾ ويهي ۽ جلاوطني جي حالت ۾ به حڪومت ڪئي. هالينڊ جي راڻي سان ماڻهن جو هڪ قسم جو عشق هو. پهرئين جنگ عظيم ۾ هالينڊ پنهنجي غير جانبداري رکي. پر پاڙيسري ملڪ بيلجيئم کي جرمنيءَ نيست ونابود ڪري ڇڏيو. جنگ کان پوءِ جرمنيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ لڳي ائين رهيو هو ته هالينڊ پڻ انهن حالات مان لنگهندو. پر ائين نه ٿيو.
    هالينڊ انهيءَ انقلاب مان پار پيو. جنهن جو سهرو ٻين سان گڏ هن راڻيءَ جي سر تي به آهي. ٻئي جنگ عظيم ۾ هن راڻيءَ جا وزير هٽلر جي خطري کي محسوس نه ڪري سگهيا. هو پاڻ مشڪوڪ هئا. ان انديشي کي مد نظر رکندي راڻي پنهنجي ٻاهرين سفارتڪارن کان سڌي طر رپورٽون وٺڻ لڳي ۽ انهيءَ کي ئي بنياد بنائي ملڪ ۾ حڪومت هلائڻ لڳي.
    ولهيلمينا جو خيال هو ته پهريئن جنگ عظيم وانگر هالينڊ هينئر به جنگ کان عليحده رهندو ۽ پنهنجي غير جانبداري برقرا رکندو. پر هينئر ائين نه ٿيو. هالينڊ تي جرمني حملو ڪيو ۽ ولهيلمينا ملڪ ڇڏي هلي وئي. ٻاهران ويهي ريڊيو ذريعي حڪم ڏيڻ لڳي. انهيءَ جلاوطنيءَ واري دور ۾ آمريڪا وئي ۽ هن آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪيو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 13 مارچ 1945ع ۾ واپس پنهنجي ملڪ موٽي آئي.
    اسان جي هاڻ اڳتي منزل يورپ جي عظيم ملڪ جرمنيءَ ڏانهن هئي. هالينڊ ۽ جرمني جي بارڊر تي اميگريشن ٿي. اسان جا پاسپورٽ گائيڊ گڏ ڪري هيٺ کڻي ويندي هئي. انهن تي ٺپو لڳرائي پوءِ واپس اسان جي حوالي ڪندي هئي. پر هينئر گائيڊ سڀني کي پنهنجا پاسپورٽ موٽائي ڏنا. پر مونکي چيائين ته توهان هلو ته توهانکي ٻڌايان ٿي. اسان هيٺ لٿاسين ته مونکي چيائين ته توهان جي جرمنيءَ جي ويزا جنهن تاريخ کان شروع ٿئي ٿي . انهيءَ کي اڃان پندرهن ڏينهن پيا آهن. پر توهان هت انهيءَ کان اڳ پهچي ويا آهيو. دل ۾ سوچيم ته هاڻ لڳي رهياسين. مون کي اچي پنهنجو ملڪ ياد پيو. جتي غلطيون ڄاڻي واڻي کوٽي ڪڍن. پوءِ انهيءَ جي آڌار تي پنهنجو مقصد حاصل ڪن. مون پڇيس ته مون لاءِ نيٺ ڇا ٿيندو. چيائين ڪوبه مسئلو ڪونهي. سڄو مسئلو آئون پاڻ ٿي حل ڪريان. جرمن اهڙا چريا ڪونه آهن جو توکي واپس ڪري ڇڏيندا. کين خبر آهي ته تون گروپ ٽوئر ۾ آهين ۽ گروپ کان عليحده ڪونه ٿيدين ۽ گروپ سان اڳتي هليو ويندين. ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي. اهو ڪو پهريون مثال نه آهي. ٻيو اسان جي ٽوئر ڪمپنيءَ جي ريپوٽيشن آهي. پر خدانا خواسته تون جيڪر اڪيلو هجين ها ته ٻئي ڳالهه هئي. پوءِ ته يقينن توهان کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ ڪونه ڏين ها. پر هينئر توهان ڪابه پرواهه نه ڪريو. سامهون واري ڪرسي تي خوبصورت نوجوان ۽ هلڪي بلو اکين سان اميگريشن آفيسر ويٺي هئي. مونکي چيائين ته پوءِ ڇا خيال آهي؟ مون چيس ته جرمني گهمڻي آهي. چيائين توهان اڳ پاسپورٽ ڪونه ڏٺو ڇا؟ مون چيس ته ها. چيائين اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي. مون چيس ته آئون ڪيئن چاهيندس ته هالينڊ ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ پاڻ کي تماشو بنايان. پوءِ کلي ٺپو هڻي چيائين ته وري جرمني اچين ته اهڙي غلطي نه ڪجين. پوءِ بس ڀيڙو ٿي سڀني ٽوئر وارن کان معذرت ورتم ته سڀ کلي پيا. اسان هاڻ گهڻو ڪري سڀ ٽوئر وارا هڪٻئي جي نالي کان به واقف ٿي ويا هئاسين. مون کي هت هڪ ڳالهه جو ڏاڍو عجب ٿيو. جو سڀ گروپ وارا پوءِ هو آمريڪن، آسٽريلين جپنيز يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا هجن، پر منهنجو نالو پليجو بلڪل صحيح وٺندا هئا. پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به مون ڏٺو آهي ته پٺاڻ، پنجابي، بلوچ ۽ سرائيڪي پليجو ته ٺهيو پر هر اچار گهڻو صحيح وٺندا آهن. پر اردو ڳالهائڻ وارا ڪڏهن به سنڌي ذاتين يا ڳوٺن جو صحيح نالو نه وٺندا آهن. پليجو کي چوندا پليجو پر صحيح اچار ڪڏهن نه وٺن. پهريائين آئون سمجهندو هوس ته ڄاڻي واڻي ٿا ائين ڪن. سنڌي نالن ابتو سبتوڪري ٻولي کي مسخ ڪرڻ ٿا چاهين. پر هاڻ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اردو ٻولي جامع ٻولي يا مڪمل ٻولي ڪونهي تنهنڪري دنيا جي مهذب ٻولين جا لفظ ڳالهائڻ جي هن ٻوليءَ ۾ گنجائش پيدا ڪانه ٿي آهي. خود هيءَ ٻولي مڪمل نه آهي.


    6

    اسان جرمنيءَ جي موٽروي تي وڃي رهيا آهيون. گاڏي انهيءَ رفتار سان هلي رهي هئي. جنهن رفتار سان بيلجم پورٽ تان رواني ٿي هئي. بس ٽوئر ۾ گاڏيون صرف هڪ رفتار ۾ ئي هلائين. يعني تقريبن 90 ڪلوميٽر جي رفتار. گائيڊ به هڪ مخصوص وقت يعني ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيڻ، ڪنهن شهر ڇڏڻ يا ڪنهن خاص جڳهه وٽ پهچڻ يا روانو ٿيڻ وقت ڳالهائيندي هئي. باقي جنهن به ملڪ ۾ ڪو اهم تاريخي ماڳ ڏسڻ اچيو ته ات انهيءَ جڳهه لاءِ هميشه مقامي گائيڊ هوندو. جنهن جو مثال هن ريت آهي ته توهان فرانس ۾ ايفل ٽاور ورسلائيز نوٽريڊم چرچ روم ۾ وئيٽڪن سٽي گهمڻ ويندا ته ات توهان کي ٽوئر وارا مقامي گائيڊ ڏيندا. جيئن هو توهانکي سٺي نموني سان هر شيءَ بابت سمجهائي سگهن. ۽ توهان انهيءَ باري ۾ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگهو. اهڙين جڳهين تي توهان کي سو ڪتاب ۽ ننڍڙا ڪتابچا ۽ فوٽو ملندا. جنهن مان پڻ توهان ڪافي معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا.
    دنيا ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته جرمن ڪار ۽ جرمن زال توکي ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي. سو سائين اسان کي ته جرمنيءَ جي ٻنهي نعمتن جي ڪابه ڄاڻ نه آهي. پر اهو پهاڪو ضرور ٻڌو اٿم. مونکي سڄي يورپ ۾ گهمندي جپاني گاڏيون چڱي تعداد ۾ نظر آيون. پر جرمنيءَ جي موٽروي تي جپاني گاڏيون نه هئڻ جي برابر نظر آيون. هر هنڌ جرمن گاڏيون خاص ڪري مرسڊيز، پاڪستان ۾ چند امير ماڻهن وٽ مرسڊيز ڪارون آهن. پر هتي ٽئڪسيون به گهڻو ڪري مرسڊيز هيون، جيڪي ٽئڪسي ۾ مزو نه پيون ڪن.
    پاڪاستان ۾ پڻ هزارن جي تعداد ۾ ييلوڪيب ٽئڪيسون ڪارون گهرايون ويون هيون، انهن ۾ مرسڊيز ڪارون به شامل هيون. انهن مان ڪجهه ڪلفٽن جي آغا سپر مارڪيٽ ٻاهران مون به ڏٺيون هيون. اها ٻي ڳالهه هئي جو انهن ۾ ڪڏهن پئسنجر نه ويهاريو ويو. پوءِ ڪن ماڻهن جڏهن انهن ييلو مرسڊيز ٽيڪسين کي پرائيويٽ رنگ ڏياريو ته پوءِ اهي ساڳيون ڪارون وڻڻ لڳيون.
    جرمني جي ٽئڪسي اسٽئنڊن تي جڏهن مرسڊيز ٽئڪسي ڪارون ڏٺيون سين ته اصل وڻن ئي نه پيون. اسان جي پهرئين منزل ڪولون جو شهر هو. جتي اسان کي لنچ ڪرڻي هئي. پر ويندي ويندي ڀرسان (Ruhr) روهر شهر پڻ ڏسندا وياسين. روهر شهر صرف جرمنيءَ ۾ نه پر سڄي يورپ ۾ وڏي ۾ وڏو صنعتي شهر آهي. شهر جي آدمشماري پنج لک آهي پر شهر ۾ ڏهه لک مزور ٻين شهرن کان اچي هتي مختلف ڪارخانن ۾ مزوري ڪن.
    اسان ڪولون شهر ۾ داخل ٿي انهيءَ هوٽل ڏانهن وڃي رهيا هئاسون جتي اسان کي لنچ ڪرڻي هئي. جرمنيءَ جي روايتي لذيذ ماني کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جا ائٽم هئا. آئون پاڪستان کان ٻاهر گهڻو ڪري ڪڪڙ يا مڇي کائيندو آهيان. ته جئين (Pork) پورڪ نه مٿي ۾ لڳي. لنڊن کانسواءِ ٻئي هنڌ مڊل ڪلاس هوٽلن وارا نگريزي ڪونه سمجهن. انهيءَ حد تائين جو اشارن سان ڪڪڙ جي سمجهاڻي سان گڏ ٻانگون به ڏيئي ڏيکارين. چئو کير ته ٽماٽو ڪيچ اپ کڻيو اچن. ۽ وري ٽماٽو ڪيچ اپ چيو ته پليٽون کڻيو اچن. اسان جو ڊرائيور انگريز ڪونه هو، ۽ انگريزي ٺپ ڪونه ڳالهائيندو هو. پر ٽپ يا ڪا فائدي واري ڳالهه انگريزي ڳالهائڻ ۾ محسوس ٿيندو هو ته هي انگريزي ڄاڻي ٿو. پر هروڀرو رت ٿو ڪري. جرمنيءَ ۾ مون محسوس ڪيو ته ماڻهو ٻي ٻولي کان هروڀرو ڌت ڪونه ٿا ڪن، جي ڪا ڳالهه سمجهن ٿا ته جواب به ڏين ٿا، ۽ شيءَ به آڻي ڏين ٿا پر ڳالهائڻ ۾ جرمن ڪجهه کهرو آهي. مون مانيءَ ۾ صرف ويجيٽيبل سوپ پيتو جيڪو ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي هو. مصالحو به تيز پيل هئس. تيز مصالحا يورپ ۾ اٽلي ۽ آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ ماڻهو پاڪستان هندستان وانگر کائين.
    جرمنيءَ ۾ کاڌا ڏاڍا مزيدار ٿين. اسان ماني کائي ڪولون شهر جي سير تي نڪري وياسين. ڪولون شهر ڪيميڪل انڊسٽريءَ جو مرڪز آهي. ڪولون ۾ روزاني سون، هزارن جي تعداد ۾ ريلون اچن. اسان ريلوي اسٽيشن پڻ ڏٺي. جنهن کان پوءِ شهر جي هڪ قديم چرچ ڏيکارڻ هليا. چرچ تمام وڏو ۽ خوبصورت هو. چرچ جي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو. يورپ ٽوئرسٽ ڪمپني جي معرفت گهمڻ وڃو ته هر شهر ۾ توهان کي هڪ چرچ ضرور ڏيکاريندا، شايد ان جو سبب هو اهو ته ٽوئر گروپ ۾ هڪ ٻن کانسواءِ سڀ عيسائي هوندا هئا. ٻيو ته يورپ جا چرچ ڏاڍا خوبصورت ٺهيل آهن، انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال ۾ به گهٽتائي نظر نه ايندي. پاڻ وٽ هندستان ۽ پاڪستان ۾ مسجدون ۽ مندر انهن کان به خوبصورت ٺهيل آهن. پر سارسنڀال ۽ مرمت نه هئڻ ڪري اهي اها پهرئين واري نواڻ برقرار رکي نه ٿا سگهن. يورپ ۾ ته جيئن پراڻي جڳهه يا پل تيئن ان کي ماڻهو ڏسڻ به تمام گهڻي تعداد ۾ اچن. انهيءَ جي سار سنڀال ۽ مرمت تي به وڌيڪ خرچ ۽ ڌيان ڏين. مون چرچ کي گهمندي اها ڳالهه تمام گهڻي محسوس ڪئي ته مرمت سان انهن جي ساڳوڻي حالت کي برقرار رکڻ ٿي چاهيائون. انهيءَ جو هڪ مزيدار مثال توهان کي ڏيان جنهن مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو پراڻين شين کي برقرار رکڻ لاءِ ڇا ڇا نٿا ڪن. چرچ جي چاڙهيءَ جي پٿر جو هڪ ٽڪرو ٽٽي پيو هو. پر هنن انهيءَ کي تبديل نٿي ڪرڻ چاهيو. انهيءَ ٽٽل ٽڪر ۾ سوراخ ڪري انهيءَ کي تبديل نٿي ڪرڻ چاهيو. انهيءَ ٽٽل ٽڪر ۾ سوراخ ڪري انهيءَ پٿر سان واپس جوڙي ڇڏيائون. مٿان وري لوهه جو پٽو لڳائي ڇڏيائون. جنهن وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.
    ڪوون کانپوءِ اسان جي ٻئي منزل بون شهر هو. جيڪو برلن کان پوءِ اتحادين جرمنيءَ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. بون ڪولون کان 15 ميل پري آهي. مون جيڪي هيستائين يورپ ۾ ملڪ ڏٺا يعني انگلينڊ، بيلجم ، هالينڊ ۽ جرمني انهن ۾ مون کي جرمني خوبصورت ۽ امير لڳو. اڄ به يعني 1998ع اپريل ۾ جيڪا ورلڊ رپورٽ G.N.P آئي آهي. انهيءَ ۾ سڄي يورپ ۾ سئيزرلينڊ کان پوءِ ٻيو نمبر وڌيڪ امير ملڪ جرمنيءَ کي قرار ڏنو اٿن.
    1- سئيزرلينڊ 36857
    2- جرمني 25720
    3- فرانس 23700
    4- انگلينڊ 22768
    5- اٽلي 19740
    6- رشيا 3030
    سئزرلينڊ ته هڪ ننڍو ملڪ آهي. پر يورپ جي وڏن مکيه ملڪن انگلينڊ، فرانس اٽلي ۽ جرمني G.N.P ۾ پهريون نمبر ورري به جرمني آهي. جرمني يورپ جو مکيه صنعتي ملڪ آهي. جيڪو نه صرف صنعتي پيداوار ۾ اڳتي آهي پر دنيا جا مکيه صنعتي ملڪ جيڪي صنعتي پيداوار سان گڏ هيوي صنعتي ٽيڪنالاجي وڪڻن ٿا، جرمني انهيءَ قطار ۾ اڳتي آهي. رستا چئوطرف حسين جبلن ساڻ، جيڪي وري انگورن جي باغن سان ڀريا پيا آهن. انهن مان گذرندا اسان بون شهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. سڄي ويسٽ يورپ ۾ ڪارن جون ڇتيون اهڙيون جو جڏهن چاهين ته بلڪل کولي ڇڏين جي ڦل نه ته به مٿان ڪافي حصو کلي وڃي. اهو انهيءَ جي ڪري جو جڏهن اس نڪري ته ماڻهو اس جو مزو وٺندا آهن ۽ چمڙي کي اس لڳي ته اها ٺيڪ ٿئي. يورپ جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪاڙهو ڏسن. سو هر طريقي سان چاهيندا ته ڪار ۾ هلندي اُس جو مزو وٺندا وڃون.
    بون 1949ع ۾ ويسٽ جرمني جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو، انهيءَ کان اڳي هڪ ننڍو شهر هو. جيڪو رائن نديءَ جي ڪناري تي قائم هو ۽ اڄ به آهي. پر هاڻي هڪ وڏو شهر جنهن ۾ يونيورسٽي به آهي ۽ آرٽ ميوزڪ جو وڏو سينٽر پڻ آهي. بون شهر جو اصل نالو (CASTRA BONNENSIRA) ڪاسٽرا بونينضيا هو. جنهن تي پهريائين عيسوي سن کان هڪ سال اڳ رومنس قبضو ڪيو. جيڪو ڪافي وقت جاري رهيو. بون شهر ۾ ميئر جي آفيس، سٽي حال ۽ ريلوي اسٽيشن ڏٺيون سون ۽ شهر جو چڪر پڻ لڳايوسون. ماڻهو تمام سهڻا هئا. خاص ڪري عورتون، جن ميڪ اپ به گهٽ ٿي ڪيو. بازارن ۾ جام فروٽ رکيا هئا. گهڻو ڪري سڀ پنهنجي ملڪ جهڙا سواءِ رس ڀيريءَ ۽ ٽري جي، ڀاڄيون به سڀ پنهنجي ملڪ جهڙيون هيون سواءِ هيڊي ٽماٽي جي، پر سائيز ڀاڄين ۽ فروٽ جي وڏي هئي. هلندي هڪ قبرستان به ڏٺوسين. ڪنهن سهڻي باغ کان به خوبصورت، جنهن ۾ سوين قسمن جا وڻ ۽ گل هئا. شهر ۾ پئٽرول پمپ هنن ڪمپنين جا نظر آيا. SHELL ۽ DEA FIN BP. هت جڳهيون ڪشاديون ۽ خوبصورت هيون.
    جرمنيءَ جي ڌرتيءَ تي جت دنيا جا عظيم مفڪر پيدا ٿيا اتي هٽلر جهڙو ماڻهو به پيدا ٿيو. جنهن سڄي دنيا کي ناچ نچائي ڇڏيو. هٽلر جي خلاف ۽ فائدي ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سو انهيءَ جي توهان کي سڄي ڄاڻ هوندي پر هتي آئون صرف هڪ مزيدار رپورٽ جو ذڪر ٿو ڪريان. جيڪا هن متعلق شايع ٿي. جڏهن ٻي عالمي جنگ پئي لڳي تڏهن آمريڪا وارن هن جي شخصيت کي سائينٽيفڪ انداز ۾ سمجهڻ لاءِ هن جي شخصيت ۽ نفسيات ڪهڙي آهي ۽ هي اڳتي ڇا ڪندو ۽ هن جو يعني هٽلر جو آخري انجام ڇا ٿيندو. مشهور پروفيسرن جي هڪ ٽيم ٺاهي، انهيءَ ٽيم جو سربراهه هو، ماهر نفسيات ڊاڪٽر وليم لينگر، ڊاڪٽر کي جڏهن ڪم سونپيو ويو تڏهن هو ڏاڍو خوش هو پر جيئن هو ڪم کي اڳتي کڻندو ويو ته حيران ٿيندو ويو. انهيءَ ڪم ۾ هٽلر جا ڪيئي روپ ۽ چهرا نظر آيا. پر هر روپ ۽ چهرو هڪ ٻئي کان مختلف هو. هٽلر هڪ نه پر گهڻن دماغن ۽ ذهنن جو نالو هو. هٽلر هڪ نه پر سوَن شخصيتن جو مجموعو هو. جنهن پروفيسر وليم کي منجهائي، جنجهوڙي ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. مثال اهو انسان جنهن جي حڪم تي لکين ماڻهو مارجي ويندا هئا.سو سندس بياليل ٻلي جي مرڻ تي اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿو.
    هٽلر جي شخصيت کي پروڙڻ ۽ پرکڻ لاءِ انهيءُ ٽيم هزارين فائيل کڻي ٺاهيا. جنهن ۾ ننڍي هوندي کان وٺي برلن ۾ ڪرسيءَ تي ويهي چانسلر جي حيثيت سان حڪم هلائڻ تائين. ان ۾ سندس خط اخباري بيان، پريس نوٽ، انٽرويوز، حڪم، ريڊيو تان سندس تقريرن جا ٽيپ، زبان مان نڪتل لفظن جا فائيل جنهن ۾ پيار، ڪاوڙ، گاريون، ڀوڳ چرچا، سون مردن ۽ عورتن جا انٽرويو جيڪي روبرو ساڻس مليا، سندس ۽ سندس خاندان جا فوٽا، پسنديده ڪتاب، رسالا، اخبارون، کاڌا پيتا، ڪهڙا ڪپڙا پائيندو هو. ڪافي عورتن کان پوليس جي روبرو بيان ورتا ويا ته اسان جا هٽلر سان جنسي تعلقات، ڪهڙي وقت ڪيئن ۽ ڪيترا دفعا ساڻن هم بستر ٿيندو هو.ملطب ته آمريڪن هن تي رپورٽ ٺاهڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. ۽ هي ان وقت سخت پريشان ٿيا جڏهن آمريڪن C.I.A هي رپورٽ ڏني ته هٽلر هڪ سال اڳ اتحادين جي ليڊرن ۽ فوجن جنرلن تي اهڙي رپورٽ جيڪا هنن پئي ٺاهي. تنهنجو پاڻ خود حڪم ڏنو هئائين ۽ اها رپورٽ هڪ سال اڳ جرمنس خفيه ايجنسين تيار ڪري هٽلر کي ڏني هئي. نيٺ هزارين صفحن تي مشتمل رپورٽ آمريڪا گورنمينٽ کي انهن ماهرن ٺاهي ڏني سا آمريڪا وارن ٻين اتحادي ملڪن جي سربراهن کي به ڏني. ان جي بنياد تي اتحادين سڄي دنيا ۾ هٽلر جي خلاف خوب پروپئگنڊا ڪئي. اها رپورٽ پوءِ شايع به ٿي. نه صرف آمريڪا وارن جي هٽلر جي تيار ڪيل رپورٽ پڻ اخبارن، رسالن، ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي. جرمنيءَ جي تيار ڪيل اها رپورٽ سياسي نوعيت جي هئي. پر هٽلر جي خلاف جيڪا رپورٽ ٺاهي ويئي هئي اها تمام ڪريل ۽ گهٽيا هئي. جنهن کي پڙهي ته سگهجي ٿو پر لکي نه ٿو سگهجي. ان رپورٽ جي فقظ هڪ سٽ آئون هت لکان ٿو. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته انهيءَ رپورٽ ۾ هٽلر خلاف ڇا ڇا نه لکيو ويو هوندو. ”هو اگهاڙو ٿي نوجوان ڇوڪرين کي اگهاڙو ڪري پوءِ حڪم ڪندو هو ته منهنجي مٿي تي ويهي پيشاب ڪريو. يا هو وات ڦاڙي ويهندو هو ۽ ڇوڪريون سندس وات ۾ پيشاب ڪنديون هيون.“
    تازو هينئر آمريڪا وارن فيڊرل ڪاسترو جو هڪ انٽرويو شايع ڪيو آهي. ( جنهن جي ڪيوبا وارن ترديد ڪئي آهي.) جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته فيڊرل ڪاسترو ڇوڪري بازي ڪندو آهي. سو اهڙا گندا ليک پنهنجي سياسي مخالفت لاءِ لکڻ آمريڪن ۽ يورپين لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.
    هٽلر ڪهڙو به خراب هو، پر سڄي جرمن قوم هن سان گڏ هئي. هن دنيا ۾ جرمن قوم جي بالادستي قائم ڪئي. انهيءَ کان اڳ يورپي قومن سڄي دنيا خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا کي غلام بنائي رکيو ويو. چوندا آهن ته (No Risk, No Gain) سو هن به Risk کنيو ۽ داءُ لڳايو پر ڪامياب نه ٿيو، عالمي تجزئي نگار چون ٿا ته انهيءَ دوران آمريڪا ۽ جرمني ائٽم بم جي تجربي تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ تجربي ۾ آمريڪا اڳ ٿي ويو، نه ته جرمن ڪڏهن به هار نه کائي ها.
    سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪو نه ڪري.“ سو هٽلر ۽ صدام حسين سان به ائين ٿيو. ٻنهي رسڪ کنيو پنهنجي قوم لاءِ، انهيءَ کان اڳ جو اسان بون کي ڇڏي پنهجي رات رهڻ واري جڳهه ڏانهن هلون، توهان کي بون جي باري ۾ ٻه اهم ڳالهيون ٻڌايان جيڪي ٻڌائڻ وسري ويون. هڪ ته جرمني جو شهره آفاق جو موسيقار Ludwing-Van- Beethoven بيٿوون هت پيدا ٿيو. جنهن کي مغربي دنيا جو اڄ جو عظيم موسيقار مڃيو وڃي ٿو. جنهن جا گيت اڄ به ڪروڙين انسان جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن. هي عظيم فنڪار 16 ڊسمبر 1770ع ۾ بون شهر ۾ پيدا ٿيو. هنجي جاءِ پيدائش اڄ جرمنيءَ جي قومي يادگار آهي. هن جي متعلق اتي توهان کي گهڻو ڪجهه ملندو. ان قومي يادگار ۾ روزانه نه رڳو جرمني پر سڄي دنيا جا سياح اچن ٿا. ٻئي شخصيت آهي ڊاڪٽر اينميري شمل جي، جنهن جو گهر پڻ بون ۾ آهي. ڊاڪٽر اينميري شمل کي جرمنيءَ کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستان ۾ سڃاڻن، جنهن اردو ۽ اقبال سان گڏ، سنڌ ۽ سنڌي لطيف ۽ سنڌي گرامر تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هن سنڌي ادب جو ڪافي مواد جرمنيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي. جرمنيءَ وڃجي ۽ هن سنڌ دوست جو هتي ذڪر نه ڪرڻ وڏي بي واجبي ٿيندي. اسان بون کي آخري سلام ڪري پنهنجي رات جي رهائش جي جڳهه ڪوبلنز (Coblenz) وڃي رهياسين. هي هوٽل مٿي هڪ پهاڙي تي هئي. شهر جو نظارو هيٺ ڏاڍو وڻندڙ هو. صبح سوير تيار ٿي رائن ندي ۾ بوٽ جي سفر لاءِ روانا ٿياسين. پهاڙي علائقو گهمندڙ ڦرندڙ رستا، سرسبز ڌرتي تي هڪ ڀڳل اسٽيچو ڏيکاريائون، جيڪو جنگ دوران ڪنهن آمريڪن پائليٽ ڀڳو هو. اسان جي بس پهچڻ کان اڳ اسان جي بوٽ ٺهي جڙي اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. بوٽ تمام وڏي هئي اسان ٿورا هئاسين. الائي ڇو هنن هي وڏي بوٽ اسان لاءِ ڪرائي تي ڪئي. بوٽ ۾ ڪجهه ڪمرا به هئا جيڪي تمام سهڻي نموني سان ڊيڪوريٽ ڪيل هئا. انهن ڪمرن اندر ويهڻ سان ٻاهر جو نظارو اڃان به وڌيڪ خوبصورت ٿي نظر آيو. اسان جي گائيڊ اسان کي هر شيءَ جڳهه ۽ ماڳ بابت هر ڳالهه ٻڌائيندي ويئي. هر هنڌ مائيڪ لڳل هو. توهان ڪٿي به بوٽ ۾ هجو، ننڍڙن اسپيڪرن سان توهان سڄي ڪمينٽري ٻڌاندا وڃو.
    يورپ ۾ سير ڪجي ته ٻن ٽن ڏينهن لاءِ بوٽ ٽوئر ۾ ضرور گهمجي. جيڪو سڄي يورپ ۾ توهان کي هر ملڪ جي وڏي شهر ۾ ملندو. انهيءَ ٽوئر ۾ رش ته ٿئي پر بوٽ ٽوئر ٽڪيٽ ۽ جڳهه مليو وڃي.
    رائن ندي ڏاڍي تيزي سان وهي رهي هئي ۽ اسان جي بوٽ پڻ تيزي سان هلي رهي هئي. ندي جي پاسن کان ڪافي ننڍا ڳوٺ هئا. نديءَ جي ڀرسان مٿي پهاڙين تي خوبصورت ننڍا ننڍا وڏا محل جام ٺهيل هئا. هر محل بابت اسان جي گائيڊ اسان کي سمجهائيندي ويئي ته هي فلاڻي بادشاهه ٺهرايو ۽ هي فلاڻي شزاديءَ ٺهرايو.اسان هڪ فرمانبردار شاگرد وانگر سندس اها تقرير ٻڌندا رهياسين. ٻن ڪلاڪن جو هي سفر مونکي شايد سڄي زندگي نه وسري. انهيءَ کان به وڌيڪ خوبصورت جڳهيون سنڌ اندر آهن پر سان انهن کي ٺاهي ته ٺهيو پر انهن کي سنڀالي به نه سگهيا آهيون. اخبار ۾ پيا پڙهون ته بڊي جبل تي ڏهه ڪروڙ خرچ ٿيا. گورک تي پنج ڪروڙ خرچ ٿيا. اسان وٽ جيڪي پهرئين جڳهيون ٺهيل آهن. تنهن جي خبر چار لهون مثال ڪينجهر ڍنڍ آهي جنهن تي هر آچر ۽ موڪل واري ڏينهن پنجويهه هزارن کان به مٿي ڪڏهن ته پنجاهه هزار ٽوئرسٽ به اچن ٿا. توهان پهرئين جت خلق خدا جي پهچي چڪي آهي. ماڻهو شوق سان اچن ٿا انهن جڳهين کي آباد ڪريو پوءِ ويهي نوان تجربا ڪريو. اهي به اسان جون پنهنجون جڳهيون آهن. ڪينجهر تي ٿوري توجهه ڏجي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائجي ۽ لا ۽ آرڊر قائم ڪجي. ماڻهن کي ڊپ لهي ته ڪينجهر جهڙي ٽوئرسٽ پليس سڄي سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان ۾ ڪونهي. ماڻهو اچي چڪا آهن فقط انهن کي سهوليت ڏيڻي آهي. جيڪا پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائڻ سان مهيا ڪري سگهجي ٿي. يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ ته اڄڪلهه ڪمائين ئي ٽوئر سٽ انڊسٽري مان ٿا.
    اسان جي ٽوئر ڪمپني واري بس پري کان نظر اچي رهي آهي. اسان شپ مان لهي وڃي بس ۾ ويٺاسين. سڄي ٽوئر ۾ ٽوئر وارن جواهڙو ته سهڻو بندوبست ڪيل هو جو ڪيئي دفعا ٽوئر ۾ گهمڻ وياسين يا پروگرام اڳواٽ تيار هو.
    اسان جي بس هڪ طرف وڏا جبل ته ٻئي طرف هيٺ رات ويليءَ جي وچ ۾ ٺهيل ڊبل ٽريڪ روڊ تي هميشه جي اسپيڊ ۾ وڃي رهي آهي. يورپ يا آمريڪا ۾ فري وي ۽ موٽروي جو اهڙو ڄار وڇايل آهي جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن ويندي ٽائيم تمام گهٽ لڳي.
    جيئن پاڻ ڪراچيءَ کان حيدرآباد وايا ٺٽو اچون ته ڪيترن شهرن مان گذرڻو پوي. رستن جي وچ تي ماڻهو بيٺا ڪچهريون ڪندا، بس ڪار يا ڪنهن ٻئي سواري ڏانهن ڪو به توجهه ڪونه ڏيندا. توهان بيٺا ڪار، بس جون سيٽيون وڄايو پر ٻيو مڙئي ٿيو خير. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل جانور ۽ اسپيڊ بريڪر جدا، رستن جي حالت زبون. يورپ ۽ آمريڪا ۾ ائين نه آهي رستن تي هلندي مزو پيو اچي. ون وي رستا، رستن جي وچ ۾ گل ۽ پاسن کان وڻ، چئوطرف ساوڪ ئي ساوڪ رستن تي نه ماڻهو نه جانور. ڏهن پندرهن ميلن کان پوءِ سهڻيون هوٽلون جتي هر شيءَ ملي، بسون، ڪارون اهڙيون سهڻيون ۽ آرامده جو ماڻهو ٿڪجي ئي نه. يورپ ۽ آمريڪا ته پري ٿيا پر سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب جا رستا به تمام سٺا ۽ سهڻا آهن.ڪٿي به توهان کي اسپيڊ بريڪر نظر نه ايندا. اسلام آباد لاهور موٽروي يا اسلام آباد جا رستا ته بلڪل يورپ جهڙا آهن. اسلام آباد ۽ لاهور موٽروي تي پوليس کي نيون وڏيون ڪارون مليل آهن ۽ انهيءَ پوليس کي سکيا پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ ڏني وئي آهي.
    اسان ٻنپهرن جو لنچ رائن نديءَ جي ڪناري تي هوٽل مونٽنگ ۾ ڪئي. مون ٽوئر دوران ڏٺو ته ٽوئر گروپ جو چوٿون حصو گهڻو ڪري لنچ ڪونه ڪندو هو ۽ جيڪي لنچ ڪندا هئا سي به ايترو کاڌو وٺندا هئا جو بچي ڪجهه به نه. ٻيو هزارن ميلن جي هن سفر ۾ ڏٺم ته ڪنهن به پئسنجر ايئن ڪونه چيو ته بس بيهايو ته آئون باٿ روم ٿو وڃان. ماڻهو ماحول مطابق هر رنگ ۾ رنگجيو وڃي. مون به دستور مطابق لنچ ۾ صرف ڀاڄين جو سوپ ۽ هڪ پيپسي ورتي. لنچ ٽائيم تي به ٿورو واٽ تي بيهبو هو. يعني ٽيهن کان چاليهه منٽ، بس پوري ٽائيم تي نڪتي هئي. ٽائيم اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيندا هئا. جنهنڪري ٽوئرسٽ ٻه ٽي منٽ اڳ پهچي ويندا هئا. جي ٽائيم هوندو هو ته ٻاهر پيا سگريٽ پيئندا ۽ گپ شپ ڪندا، ڇو ته بس ۾ سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هئي. ۽ پڻ ٻارهن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ٽوئر ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي آهي.ڇو ته ننڍا ٻار روئندا تنهن ڪري گهڻو سڄو ٽوئر گروپ ڇو پريشان ٿئي. مون ٽوئر ۾ ڏٺو ته بس جا ڊرائيور گهڻوڪري سڀ سگريٽ پيئندا هئا. پر بس اندر بلڪل نه. اسان هاڻي رائن ويلي ڇڏي جرمنيءَ جي مشهور بليڪ فريسٽ مان وڃي رهيا آهيون. ۽ شديد برسات پئي رهي آهي. پر اسان جي بس انهيءَ اسپيڊ سان وڃي رهي هئي. جيئن دستور مطابق هلندي آهي. بس ۾ فون لڳل آهي پر ان جو استعمال اهڙي نموني ڪندا آهن جو ان سان بلڪل ڊسٽرب ڪونه ٿيون. فون جي رستي ٽوئر گائيڊ پنهنجي هيڊ آفيس سان هميشه رابطي ۾ هوندا هئا. گهڻوڪري فون ان وقت ڪندا هئا جيڏي مهل بس بيٺل هوندي هئي، ۽ مسافر ٻاهر ماني لاءِ يا گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف هوندا هئا. اسان کي اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ رات جو جرمنيءَ جي شهر ٽريئر (Trier) ۾ رهنداسين. پر اوڏانهن ويندڙ رستو برسات سبب، ٽريفڪ جي رش سبب يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري هيڊ آفيس فون ڪري چيو آهي ته تبديل ڪري ٻئي رستي ذريعي ٽريئر ڏانهن وڃو. سو ڪا ڳالهه ڪانهي صرف هڪ ڪلاڪ وڌيڪ لڳندو ۽ وڏن پهاڙن رستن تان پڻ گذرڻو پوندو. مون ڏٺو ته جيڪي سياح ٿوري ٿوري ڳالهه تي رڳو (Nice Nice) پيا ڪندا هئا. سي بلڪل چپ ٿي ويا ۽ آهستي آهستي هڪٻئي سان سس پس ڪرڻ لڳا. مون ڏٺو آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جا هي ماڻهو جيڪي قانون جي حڪمراني (Rule of law) واري حڪومت ۽ ماحول جي تحفظ ۾ پليا آهن. سي ٿوري ڳالهه تي ڏاڍا پريشان ۽ حيران ٿيندا آهن. کين سنڌ جي ٿاڻن ۽ وڏيرن جي ڪرتوتن جي جيڪر خبرون ٻڌائجن ته شايد هي اعتبار ئي نه ڪن. برسات گهٽجي وئي آهي. ڪي قدر آسمان به صفا ٿي ويو آهي ۽ آسمان ۾ انڊلٺون جهرمر لاهيو بيٺيون آهن. اسان وڏين پهاڙين تان هيٺ لهي رهيا آهيون. جبلن تان پاڻيءَ جا هي وهڪرا ننڍن ڪئنالن ۽ شاخن وانگر هيٺ تيزيءَ سان وهي رهيا آهن. وڻن ۽ ساوڪ مان شفاف پاڻي چوٽيءَ تائين نظر اچي رهيو آهي. اهڙا نظارا يورپ ۾ عام ڳالهه آهي. اسان اڄ ٿورو دير سان پنهنجي منزل يعني ٽريئر پهتاسين. هوٽل (Berg) ۾ رهياسين. هوٽل شهر کان ٿورو پرڀرو هئي. برسات پڻ پئجي رهي هئي. تنهن ڪري ڪيڏانهن ٻاهر نڪري نه سگهياسين. ماني کائي هوٽل ۾ پيل هڪ رسالي کي ڏٺم. رسالو ٽن ٻولين ۾ هو. ٻن جي ته خبر ڪونه هئي پر ٽئين انگريزي هئي. هي بائيبل هو. يورپ ۾ هاڻ سڀني وڏين هوٽلن ۾ بائيبل ضرور رکن. جيئن پاڻ وٽ وڏين هوٽلن ۾ قرآن شريف رکن. جرمن ٻولي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم. پر ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. دنيا ۾ پهريون دفعو ”شاهه جو رسالو“ جرمني زبان ۾ ڇپيو. جيڪو ڊاڪٽر ٽرمپ ترتيب ۽ ترجمو ڪيو. جرمن ٻولي جرمني ملڪ جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آهي. پر آسٽريليا جي به قومي ۽ سرڪاري ٻولي جرمني آهي. انهيءَ کان سواءِ سوئيزرلينڊ جون چار قومي ٻوليون آهن. جن ۾ هڪ جرمني پڻ آهي. 1- جرمني 2- فرينچ 3- اٽالين 4-روهين. جرمن زبان انڊو يورپين جي فئملي مان هڪ ٻولي آهي. جهن ۾ ٻيون هي ٻوليون آهن.
    1-Nethelandic 2- Afrikaans 3-English 4-Frisiian5- Scandinavian
    جرمن چون ٿا ته دنيا ۾ پهريون نمبر ٻولي چائيني 2- انگلش 3- هندي 4- عربي 5- روسي 6- جرمني زبان دنيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پوءِ صحيح يا غلط سان خبر خدا کي.
    اڄ ڪمري ۾ گهنٽي وڄڻ کان اڳ سار ٿي. ڇو ته ستو به سوير هوس. هوٽل جي ڪمري جي بالڪونيءَ مان ٻاهر نڪري اچي بيٺس. تقريبن اٺ بسون ٻيون به ٽوئرسٽن جون بيٺيون هيون. جن ۾ ڪي اسٽارٽ به هيون. ٻاهر پکي گهمي ڦري رهيا هئا جهڙا سنڌ ۾ ٿين. سنڌ ۾ به وري ٿر ۾ ڪانگ وڏو ٿئي. جرمني ۽ بيلجم ۾ رات جو پوليس کي گهوڙن تي گشت ڪندي ڏٺم. لنڊن ۾ ته پوليس کلئي عام هٿيار به نه کڻي. هيٺ مانيءَ تي اڄ به رش هئي. پر مانيءَ جي ڪابه کوٽ ڪٿي به محسوس نه ڪئي سين. پيا کائو. اڄ ٽريئر شهر جو مختصر سٺو ٽوئر هو. پوءِ اڳتي لگزمبرگ ڏانهن وڃڻو هو. ٽريئر شهر دنيا جي عظيم انسان ۽ مفڪر ڪارل مارڪس جي جاءِ پيدائش آهي.
    هن جي جاءِ پيدائش وارو گهر به ڏسڻو هو. ٽوئر وارن ٽريئر ۾ هڪ پارڪ سامهون اسان کي لاهي ٻڌايو ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسان توهان کي هتان ئي اچي کڻنداسين. سامهون بئنچون پيون آهن. تن تي ڪافي عورتون ويٺيون آهن. پر انگريزيءَ ۾ پيون ڳالهائين شايد ٽوئرسٽ آهن. سپاهي بيٺو هو تنهن کان پڇيو ته باٿ روم ڪٿي آهي. همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ڀر ۾ بيٺل عورت اسان کي ٻڌايو ته سامهون گهٽي ۾ باٿ روم آهي. هتي جا پبلڪ باٿ روم به عجيب ٿين. ايڏا صاف سٿرا سهڻا جن ۾ گهڙڻ شرط خوشبوءَ پئي اچي. ٻاهر نڪرڻ تي دل نه ٿئي. گهڻو ڪري اندر باٿ رومن کي عورتون هلائين. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي ڪٿي ڪا پوڙهي عورت نه ته نوجوان حسين عورتون توهان کي اندر گهڙڻ تي توهانجو کلي آڌرڀاءُ ڪنديون. سڪن اڇلائڻ لاءِ هڪ ٿالهي رکي هوندي.جنهن ۾ جيترو چاهيو اوتري رقم وجهي ڇڏيو. جي سواءِ رقم وجهڻ جي آهستي ڪري هليا وڃو تڏهن به مڙيئي خير. ڪن باٿ رومن تي اگهه به لکيا پيا هوندا آهن. ۽ هالينڊ جي پبلڪ باٿ رومن ۽ ريلوي اندر باٿ رومن ۾ پئسا اڳواٽ وٺن. ٽواليٽ ۾ وڃڻ، صابڻ وٺڻ، ٽوال وٺڻ ۽ وهنجڻ لاءِ عليحده عليحده اگهه آهن. اسان به باٿ روم مان فارغ ٿي گهمندا ڦرندا اچي هڪ کليل ڪيفي ڀيڙا ٿياسين. مون هڪ جرمن جي مخصوص ٺهيل پئسٽري ۽ هڪ ڪافي جو آرڊر ڏنو. يورپ ۾ هر ملڪ جي مخصوص کاڌي پيتي جي ڊش ضرور ٿئي، جيڪا ڏاڍي لذيذ هوندي آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ هر شهر جي مخصوص سوکڙي ۽ مخصوص کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءَ هوندي هئي. جيڪا سنڌ جا ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙي طور موڪليندا هئا. يا پاڻ هڪ ٻئي وٽ ايندا، ويندا هئا ته به ضرور ڪا مخصوص شيءَ پاڻ سان کڻي ويندا هئا. جنهن ۾ خاص ڪري دڙي جي پلنگ ٽوڙ مٺائي، ٺٽي جي جليبي ۽ رٻڙي، شڪارپور جي مٺائي، پاپڙ، آچار، آئيس ڪريم ۽ لمليٽ، لاڙڪاڻي جون لونگيون، ٽوپيون ۽ آئس ڪريم، سجاول جي راجه مٺائي، نصرپور جا کير پڙا ۽ کيس، مٽياري جو مائو ۽ اجرڪ، جنگ شاهي جي بالو شاهي، هالن جو جنڊي جو ڪم، کاڌي ۽ سوسي، ٽنڊي محمد خان جون اجرڪون، ٿر جاپڙا، گنج، ٻانڌڻيون، رليون، کورواهه جون کٽون، ٻني جو زريءَ جو ڪم جيڪو اڄ به ڏاڍي نفاست سان ٿئي ٿو ۽ سڄي سنڌ جا خاندان زريءَ جو ڪم ٻني مان ڪرائين، ٺٽي ۾ پڻ خاص ڪري سومرا اهو ڪم ڏاڍي سهڻي انداز ۽ نفاست سان ڪن. اسان به جرمنيءَ جون هي وڻندڙ پئسٽريز ۽ ڪافي پي فورٽ بازارن، دڪانن، مني سپر مارڪيٽن جا چڪر هڻندا اچي انهيءَ جڳهه ڀيڙا ٿياسين جت ٽوئر وارن چيو هو.
    اسان جي بس اڳواٽ بيٺي هئي. اسان سڀ بس ۾ ويٺاسين، اسان جو ٽريئر ۾ آخري پروگرام يعني ڪارل مارڪس واري گهر جو سير هو، جيڪو اڄڪلهه ميوزم پڻ آهي. ڪارل مارڪس جي پيدائش جي جڳهه ٽن ماڙن جي هئي. جيڪا سٺي نموني سنڀاليل هئي. جنهن اندر هڪ پارڪ پڻ هو. هي جڳهه اهڙي ٿي لڳي جهڙيون سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ موجود پراڻيون جڳهيون آهن. پر لاڙَ جو ۽ سينٽرل يورپ جو ڇا جوڙ. جڳهه اندر هڪ به سياح نه هو. نيٺ اندر داخل ٿيڻ واري جڳهه يا رسيپشن ڊيسڪ تي ٻه ماڻهو ويٺا هئا. جن اسان کي هيٺ مٿي چڱي طرح گهمايو ۽ مٿئين ماڙ تي هڪ ننڍي هال ۾ هڪ ٻيو ماڻهو به هو، جنهن پڻ سلائيڊن سان اسان کي ڪافي معلومات ڏني. اسان ڪئميرا سان فلمون پڻ ڪڍيون.


    7

    مارڪس جو پيءُ وڪيل پهرئين يهودي هو. پوءِ عيسائي ٿيو. مارڪس قانون ۽ فلسفي ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ اخبار ۾ ڪم ڪيو. پوءِ مارڪس جڏهن جرمني ڇڏي فرانس ويو ته سندس ملاقات اينگلس سان ٿي. انهن پوءِ سڄي زندگي ڪميونزم لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. دوست ٿي رهيا ۽ گڏجي ڪميونسٽ ليگ لاءِ ڪم ڪيو ۽ پڻ جڳ مشهور ڪميونسٽ مينيفيسٽو تيار ڪيو. انهيءَ دوران يورپ جي ڪافي ملڪن مارڪس تي سندن ملڪن ۾ داخلا تي بندش وجهي ڇڏي. جنهن ڪري پاڻ مستقل طرح سان لنڊن ۾ رهي برٽش لئبريري ۾ مطالعو ڪرڻ لڳو. جگ مشهور ڪتاب ”سرمايو“ پڻ مارڪس جي تحرير آهي، ڪميونزم کي عملي جامون لينن پهرايو. جهن جو مني صدي کان پوءِ گوربا چوف خاتمو ڪري ڇڏيو. انهيءَ دوران برلن کي تقسيم ڪندڙ ديوارِ برلن ٽٽي ۽ مشرقي مغربي جرمني هڪ ٿي ويا.
    1945ع ۾ جرمني ورهائجي مشرقي ۽ مغربي جرمني ٿيا ۽ 1990ع ۾ وري گڏجي هڪ جرمني ٿيو. تڏهن فيض جو هي شعر بي معنيٰ ٿي ويو.
    يي تاج اڇهالي جائينگي، يي تخت گرائي جائينگي.
    اسان مارڪس جي هن شهر کي آخري سلام ڪندا جرمنيءَ جي انگورن جي باغن وارن رستن مان ٿيندا. لگزمبرگ ۽ فرانس گهمندا (جيڪو جدا سفرنامو آهي) اچي پورٽ ڪئليس ڀيڙا ٿياسين. جتان شپ ۾ چئن ڪلاڪن جي مسافري ڪري انگلش چئنل پار ڪري اچي برٽن جي پورٽ ڊورو (Dover) تي پهتاسين. شپ مان پهرئين بسون، ڪارون، وينگنون، موٽرسائيڪون، سائيڪلون پوءِ مسافرن جو سامان پوءِ مسافرن کي لاٿائون. سڄي يورپ ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪن يا نه، سندن پنهنجي مرضي ڇو ته برٽن کان سواءِ ڪافي ملڪن جو هڪ ٻئي سان اميگريشن ۽ ڪسٽم جو گڏيل سهڪار آهي. مثلا اسڪنڊنيويئن ملڪن جو پنهنجو اتحاد آهي، جنهن ۾ سوئيڊن، ناروي ۽ ڊينمارڪ شامل آهن ته بينيلڪس ملڪن جو پنهنجو اتحاد جنهن ۾ هالينڊ، بيلجيم ۽ لگزمبرگ ملڪن ۾ پنهنجو اتحاد ته وري شينگن ملڪن جو پنهنجو اتحاد جنهن ۾ فرانس، جرمني، سئيزرلينڊ، اٽلي، آسٽريا ۽ اسپين ملڪن ۾ پنهنجو اتحاد آهي. ملڪ هڪ ٻئي سان سلهاڙيا پيا آهن. سو ڪٿي اميگريشن ٿئي ته ڪٿي نه ۽ ائين ڪسٽم پڻ. پر برٽن ايندي ويندي ڪسٽم ۽ اميگريشن جون سڀ قانوني ڪارروايون پوريون ڪن، سو اسان پڻ انهن مرحلن کي طئي ڪندا اچي وري پنهنجي بسن ڀيڙا ٿياسين. ڇو ته هت هڪ نه پر ڪيئي ڪاسموس وارن جون بسون ۽ سڄي يورپ جي ٽوئر کان پوءِ سڀ ٽوئر گروپ ڪاسموس وارن جا اچي هت آخري منزل تي پهچن ٿا. ٽوئر وارا به پنهنجي گروپن کي ورهائيندا ۽ اڳتي لنڊن لاءِ روانا ڪندا وڃن.
    اسان به هڪ بس ۾ ويهي اچي ڪاسموس جي آفيس پهتاسين. اسانکي لائين ۾ بيهاري پنهنجو سامان حوالي ڪري خدا حافظ چئي هٿ ڪڍيائون.
    مون پهرئين ڀوراني کي فون ڪيو ته آئون لنڊن پهچي ويو آهيان، جنهن چيو ته هاڻ هوٽل ۾ نه پر منهنجي گهر ۾ رهبو. پاڻ پنهنجي ائڊريس ٻڌايائين. آئون ٽئڪسي ڪري سڌو ڀوراني جي گهر آيس. ٽئڪسي وارو فلسطيني هو. ڏاڍو هوشيار ماڻهو هو. مڊل ايسٽ جي سياست تي ڳالهائڻ لڳو ۽ پنهنجي سياسي حالتن تي تمام گهڻي ڄاڻ هئس. اسان ڳالهيون ڪندي اچي ڀوراني جي گهر پهتاسين. گهنٽي وڄايم ته ڀوراني پاڻ نڪري آيو. ٽيلفون تي ٻه ٽي دفعا ڳالهه ٻولهه ٿيل هئي. پر روبرو پهرئين ملاقات هئي. ڏاڍي قرب سان مليو. ٽئڪسي واري کان پڇيائين ته گهڻو ڀاڙو، مون چيس ته ڀاڙو اڳ ۾ طئي ٿيل آهي. پوءِ پاڻ ٽئڪسي واري کي چيائين ته اهو ڀاڙو گهڻو آهي. هي وٺ نه ته آئون ٿو پوليس کي اطلاع ڪريان. ويچارو فلسطيني ڏنل ڀاڙو وٺي ٿيو روانو. مونکي ٻڌايائين ته هي توهان کان زياده ڀاڙو پيو وٺي ۽ پڻ بئگ پاڻ کڻي سندس جڳهه ۾ گهڙيو. سندس هيءَ ٻه ماڙ جڳهه جنهن ۾ هيٺ هڪ ڊرائينگ، هڪ بيڊ روم آهي. گهر جي اڳيان ننڍو پوئين پاسي وڏوپارڪ آهي. جنهن ۾ پنج ڇهه پلاسٽڪ جون بالٽيون هيون. جيڪي ٿانون ۽ ڪپڙن سان ڀريون پيون هيون. پارڪ ۾ چار پنج ڪرسيون ۽ هڪ ٽيبل پڻ پيل هئي. اڪثر شام جو انهن ڪرسين تي ڪچهري ٿيندي هئي. ڀوراني تڪا ۽ ڪباب هٿ سان تيار ڪري کارائيندو هو. سندس هٿن جا تيار ڪيل چانور ايترا لذيذ جو مون زندگي ۾ نه کاڌا آهن. مٿي ماڙ تي ٻه بيڊ، هڪ ڪچن ۽ هڪ باٿ روم، پاڻ مٿي مونکي پنهنجي بيڊروم ۾ وٺي ويو، پاڻ چيائين ته توهان سڪون ڪيو. آئون توهان لاءِ چانهه ٿو تيار ڪريان. جيڪا گڏجي هيٺ پارڪ ۾ ٿا پيئون ۽ اهو ٻڌايائين ته حمزه خان سڀاڻي صبح جو باءِ روڊ پنهنجي دوست ساجد سان گڏ اسڪالينڊ کان هتي پهچندو.
    ڀوراني جهڙا ماڻهو مون دنيا ۾ گهٽ ڏٺا. لنڊن ۾ رهندي ائين محسوس ٿيندو هو ته هي جهڙو پنهنجو گهر، سڄو ڏينهن ڳالهائي، رات جو پي کائي ڳالهائي پر ڪڏهن به وات مان ڪو اهڙو لفظ نه نڪريس جو ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. سندس گهر ۾ سدائين پيا مهمان اچن ۽ وڃن. پر کين ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿئي ته ڪو اسان مهمان آهيون. هر ڪنهن کي محسوس ٿئي جهڙو پنهنجي گهر ۾ رهيو پيو آهي. رهائش مفت، کاڌو مفت، فون مفت، گاڏي مفت، ڀوراني جهڙو پيارو ماڻهو هر هنڌ ساڻ هجي ته پوءِ پرائو ملڪ به جهڙو پنهنجو ملڪ. ڀوراني اصل شڪارپور جو آهي. سندس فئملي امير ترين هئي. جنهن جون زمينون ۽ بزنس سان گڏ پريسون پڻ هيون. جيڪي قرباني پريس جي نالي سان سکر ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي قائم هيون، جن مان هڪ پوءِ ڪراچيءَ واري قرباني پريس سائين جي ايم سيد خريد ڪئي. جيڪا سائين جي ڪري ڪيترا سال ضبط رهي. ڀوراني چوويهه سالن جي عمر ۾ لنڊن آيو. اهو اوائلي پنجاهه واري ڏهاڪي جو دور هو. ٻي عالمي جنگ جا اثرات برٽن مٿان اڃا تائين هئا. جنهن ڪري برٽن کي (Man Power) جي سخت ضرورت هئي. سڄي برٽن کي نئين سري سان تعمير ڪرڻو هو. ٻئي عالمي جنگ ۾ سڄي يورپ کي هٽلر فتح ڪري چڪو هو. صرف روس ۽ برطانيا وڃي رهيا هئا. جن کي تباهه ڪرڻ ۾ هٽلر ڪابه گهٽائي ڪانه ٿي چاهي. تنهن ڪري پهريون نمبر روس ۽ ٻيو نمبر برٽن کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. جنهن ڪري جنگ کان پوءِ وڏو عرصو برٽن کي آباد ڪرڻ ۾ صرف ٿيو. انهيءَ دور ۾ ڀوراني لنڊن ۾ پهتو. بقول ته پهچڻ شرط پاسپورٽ ۽ نوڪري جو آرڊر هٿ ۾ مليو، مون ٻن ٽن سالن ۾ ايترو ڪمايو جو اڃان پيو کاوان. لنڊن ۾ سندس ٽي گهر آهن. انهن کانسواءِ دڪان پڻ اٿس. سندس مسواڙ مان کيس ايترو ملي جو پاڻ عزت سان لنڊن ۾ اوطاق قائم ڪريو ويٺو آهي. دبئي ۽ هندستان مان سندس مائٽ ۽ پاڪستان مان سندس دوست اچي وٽس مهينن جا مهينا رهن.
    آئون پڻ اڪيلو ۽ فئملي سان گڏ ڪيترا دفعا وٽس رهيس ۽ اهو ڪڏهن به محسوس نه ٿيو ته اسان ڪو هتي مهمان ٿي رهيا پيا آهيون. هر دفعي ايئرپورٽ تي وٺڻ ۽ ڇڏڻ اچي. پاڪستان ۾ پڻ فون ڪري پڇي ته پليجا صاحب ڪيترا ڏانهن ٿي ويا آهن. ڪڏهن ٿا لنڊن اچو ۽ ڪڏهن ٿا ديدار ٿين. اهڙا ماڻهو سي به لنڊن ۾ هجن، عجب جهڙي ڳالهه آهي.
    آئون هيٺ آيس ته چانهه سان گڏ الائي ڪيترن قسمن جا بسڪوٽ ۽ ڪيڪ رکيا هئا. سائين پليجا صاحب وٺو، وٺو، وٺو. چانهه جو ڪوپ نه، پر ڪوپ جهڙو گلاس اچي اڳيان رکيائين. مون کان پڇيائين ته ٻاهر گهمڻ هلبو يا هت ڪچهري ڪبي. مون چيس ته حمزه به ڪونهي، راتين جو سڄي يورپ رلي رلي ٿڪجي پيا آهيون. سو اڄ رات هت ڪچهري ڪبي باقي سڀاڻي کان وٺي وري گهمڻ ڦرڻ شروع. پاڻ چئن پنجن دوستن کي فون ڪري منهنجو تعارف ڪرايائين ۽ چيائين ته اڄ مون رات مون وٽ ماني کائجو. پاڻ مونکي چيائين ته هل ته ٿورو ٻاهران چڪر هڻي اچون.
    پنڌ ئي پنڌ ڪلاڪ کن گهمندا ڦرندا رهياسين. کاڌي پيتي جو ڪافي سامان ورتائين. جهن ۾ بيئر، وسڪي پڻ هئي. سامان کڻي اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. ٿوري دير ۾ اعظم، منيش، جسني ۽ ٻه ٽي ٻيا سندس دوست پهچي ويا. ڪچهري ڪندي وڃي رات جا ٻه ٿيا. ماني کائي سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر روانو. صرف آئون ۽ ڀوراني رهجي وياسين. صبح سوير حمزو خان جو آواز ڪن تي پيو. شايد پاڻ اسڪاٽلينڊ کان واپس پهچي چڪو هو. آئون اٿي سندس بيڊروم ۾ ويس. حمزي جو دوست سجاد ۽ ان سان گڏ سجاد جو ڪو مائٽ ويٺا هئا. مونکي سجاد چيو ته لنڊن اچڻ شرط اسان جي اڳيان ناشتو، هي سڀ ڪجهه ڏسي آئون حيران ٿي ويو آهيان. آئون اها توقع نه پيو رکان، ناشتو ڪري حمزو خان سمهي رهيو. سجاد هيٺ اچي گل سهتي سان ڪچهري ۾ لڳي ويو. ڪچهري ڪندي ڪندي اچي جهيڙي جي نوبت پهتي. نيٺ سجاد ۽ سندس مائٽ موڪلائي روانا ٿي ويا. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ حمزو خان به تيار ٿي هيٺ آيو. پاڻ ٻڌايائين ته عبدالرحمان پليجو هت لنڊن ۾ اسپتال داخل آهي. کيس پڇڻ ٿا هلون. ڀوراني پنهنجي دوست ٽيريءَ کي فون ڪئي. جيڪا ڪار کڻي آئي. آئون ، ڀوراني ۽ حمزو ٽيريءَ سان ڪار ۾ اسپتال پهتاسين.
    اسپتال جو نالو هو (Chairng Cross) چيئرنگ ڪراس،اسان هيٺ اسپتال جي رسيپشن تي ڪمري جو نمبر معلوم ڪري مٿي عبدالرحمان جي ڪمري ۾ پهتاسين. عبدالرحمان جو پٽ آصف ۽ سندس گهراري ساڻس گڏ هئا. عبدالرحمان جي گهرواري ساڻس پاڪستان مان آئي هئي پر سندس پٽ هتي ئي رهندو هو. اسپتال جو ڪمرو ڪافي وڏو هو. اٽيج باٿ روم پڻ هئس. آصف اسان جا فوٽا ڪڍيا جيڪي عبدالرحمان ٻڌايو ته ڏاڍا سٺا آيا هئا. پر مون اڃا تائين ڪونه ڏٺا آهن. عبدالرحمان اسان کي اسپتال، سندس علاج ۽ خاص ڪري نرسن جو احوال، جن کيس روز ٿي وهنجاريو ٻڌايو، تقريبن هڪ ڪلاڪ کان پوءِ عبدالرحمان کان موڪلائي ڀوراني جي گهر آياسين. رات جو ڪچهري تي ڊاڪٽر خشڪ آيو، جنهن کي مون ۽ حمزه خان چيو ته ڪرام ويل اسپتال ۾ ٽائيم وٺ، اسان کي پنهنجو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻو آهي. ڊاڪٽر فون تي ٽائيم ورتو جيڪو هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن شام جو پنجين بجي يعني 93-06-30 هو. رات جو پروگرام ٺهيو ته صبح سوير برائيٽن هلبو. صبح سوير تيار ٿي آئون حمزه خان ۽ ڀوراني ٽرين ۾ چڙهي برائيٽن پهتاسين. سڄو ڏينهن برائيٽن بيچ تي مختلف جڳهين تي چڪر هڻندا گهمندا رهياسين. بيچ تي اٽڪل چاليهه هزار کن، ماڻهو هوندا جن ۾ ڏس ته ڪي ڪڇو پايو ڪتاب پيا پڙهن ته ڪي ستا پيا آهن ته ڪي ڊوڙن پيا ته ڪي ماني پيا کائين. راندين جا هزارين قسم جت وڃ ات پير رکڻ جي جڳهه به نه ملي. اسان ماني به اتي کاڌي. ٽائيم گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿيو. ڏاڍو مزو آيو. اسان شام جو ٽرين ۾ چڙهي واپس لنڊن لاءِ روانا ٿياسين. رات جو گهر پهتاسين. گل سهتو به آيل هو. جنهن رات جو عابده پروين جا ڪيسٽ تي ڏاڍا مٺا گيت ٻڌايا، ۽ انهن گيتن تي انگريز ڇوڪرين ڏاڍي زبردست ڊانس ڪئي. اسان جي ملڪ ۾ ڊانس ٿئي ڪانه- اڳ ۾ ڪوٺن تي ڊانس ٿيندي هئي ۽ هاڻ وڏا ڪامورا ۽ ڪي امير ماڻهو پنهنجن بنگلن تي مجرا ڪرائين. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شاديءَ تي ڳائڻ يا ڊانس ٿئي پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڊانس اتي جي ماڻهن جي ثقافت جو هڪ حصو آهي. ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ باقائدگي سان ڊانس ٿئي. ماڻهو پنهنجن بنگلن، فليٽن ۾ دعوتون ۽ پارٽين ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڊانس ضرور ڪن، خبرئي ڪانه پئي ته ڪير ڪيڏي مهل وڃي هنڌ ڀيڙو ٿيو.
    صبح جو مادام شاد ۽ شهر جو مختصر چڪر هڻي گهر ڀيڙا ٿياسين. جتي ڊاڪٽر خشڪ فون ڪيو ته تيار ٿي ويهو. آئون اچان ٿو. اسين ڪرام ويل روڊ تي برٽن جي مشهور فوجي ڊڪٽيٽر اوليو ڪرام ويل جي نالي سان قائم ڪيل اسپتال ڪرام ويل (Crom Well) پهتاسين. ٻاهر بهترين پارڪ هو. جنهن ۾ قسمين قسمين گل هئا. اندر رسيپشن جي ڪمري جي ڇت ڪافي اچائي تي ٿلهي ۽ خوبصورت شيشي جي ٺهيل هئي. جنهن ۾ هلڪي بلو ڪلر جي روشني ڏسندي ائين ٿي لڳو ته جهڙو آسمان. آئون ۽ حمزه خان ٻاهر ويٺاسين. ڊاڪٽر خشڪ منهنجي ڊاڪٽر جي ٻاهر ويٺل محترمه ۽ حمزي جي ڊاڪٽر جي محترمه کي اسان جو اطلاع ڏيئي آيو. ٿوري دير ۾ اسان کي اسپتال جا اپائينٽمينٽ ڪارڊ (Appointment Card) ڏنائون. جنهن ۾ اسان جا نمبر ۽ ڪافي معلومات لکيل هئي. ٿوري دير کان پوءِ هڪ عورت اچي مونکان پڇيو مسٽر عبدالحئي پليجو، مون چيو ها، چيائين توهان اندر هلو. مون سان گڏ ڊاڪٽر خشڪ به هليو. اندر ڪمري ۾ ڊاڪٽر ويٺو هو، جنهن مشڪي اسان سان هٿ ملايو ۽ ويهڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر پيٽر جي رچرڊسن (Dr. peter J Richardson) هو. هو ڪنگسٽن ڪاليج ۾ پروفيسر هو. هيءَ اسپتال انهيءَ ڪاليج جو حصو آهي. مون کيس پنهنجي بيماري بابت ٻڌايو ته دل جي تڪليف آهي. ٻه ننڍيون نسون بند آهن. ڪراچي ۾ اڍائي سال اڳ ڊاڪٽر عبدالحق کان انجيو گرافي ۽ سال کانپوءِ ڊاڪٽر اظهر فاروقي کان اسيڪنڊ اوپينين ورتم ۽ E.T.T رپيٽ ڪرايم جيڪا هاڻي ٺيڪ يعني (Negative) نيگيٽو آئي. دوائون باقاعدي کائيندو آهيان. اڌ ڪلاڪ کن پنڌ به ڪندو آهيان. طبيعت صحيح آهي. پاڻ منهنجو مڪمل چيڪ اپ ڪيائين. چيائين ته وري E.T.T ۽ ڪجهه ٽيسٽون پڻ ڪرائي. مون چيس ته E.T.T پاڪستان وڃي ڪرائيندس باقي ٽيسٽون ڪرايان ٿو. پاڻ چيائين ته توهان ٽيسٽ ڪرائي سڀاڻي هت ڏيئي وڃجو. آئون هفتي کانپوءِ توهان کي رپورٽ ڏيندس. آئون توهانجي چيڪ اپ کان پوءِ سمجهان ٿو ته توهان جو نيچرل باءِ پاس ٿي ويو آهي. مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پاڻ مرڪي چيائين ته تون خوش نصيب ماڻهو آهين جو قدرت تنهنجو آپريشن خود به خود ڪري ڇڏيو آهي. اهو ائين جو ڪروڙن ماڻهن ۾ چند اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن جون نسون بند ٿي پوءِ وري خودبخود کلي وينديون آهن يا انهيءَ بند نسن جي جڳهه تي نيون نسون ٺهي پونديون آهن. مونکي هڪ ٻئي ٽيسٽ ٿيليم (Thallium) نالي لکي ڏنئين ته اها هت يا پاڪستان ۾ ضرور ڪرائج. اسان ڪرام ويل مان اها خوشيءَ جي خبر ٻڌي سڌا پنهنجي ايئر لائين وارن جي آفيس آياسين. جن چيو ته توهانجي اڏام سڀاڻي آمريڪا لاءِ ڪنفرم آهي. پوءِ اسان ماني کائي گهر پهتاسين.
    شام جو ڀوراني ڪباب ۽ تڪا هٿ سان ٺاهيا ۽ سڀ ڪنهن کي گرم ڪباب ۽ تڪا ڏيندو ويو. ڪباب ۽ تڪا ايتري تعداد ۾ ٺاهيائين جو اسان چيس ته اڄ آخري رات لنڊن ۾ شايد ماني کارائيندا. پوءِ ٺهيل ماني جي خوشبو جڏهن دماغ کي پهتي ته پڪ ٿي ماني به کائڻي آهي.جيئن محفل ۾ رنگ ايندو ويو. تيئن گل سهتو عابده پروين جا گانا ٻڌائيندو ويو. سڀ مست ٿي عابده جي گاني کي جهونگاريندا رهيا. خبر ئي ڪانه پئي ته ڪيڏي مهل ماني کاڌيسين ۽ ڪيڏي مهل ستاسين. گهڙيال جي گهنٽيءَ تي اک کلي. ناشتو ڪري تيار ٿي ڀورانيءَ جي دوست اعظم جي گاڏي ۾ اسان آمريڪا وڃڻ لاءِ سري جي سرسبز علائقي مان ايئرپورٽ ڏانهن وڃي رهيا آهيون ڀورانيءَ اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ گڏ هليو.
    سري جي سهڻي سرسبز علائقي مان لنگهندي مزو پيو اچي چئوطرف وڏا پروڪار وڻندڙ وڻ جن کي ڏسيو بليڊ پريشر پيو گهٽجي. جيئن ڪن ماڻهن تي قدرت مهربان هوندي آهي تيئن ڪن ملڪن تي به قدرت مهربان هوندي آهي.
    اسانجي ملڪ ۾ اسانکي وڻ هڻڻ يا آبادي ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي. پر هت گهڻين ۽ سدائين برساتن پوڻ ڪري وڻن يا زراعت لاءِ مصنوعي نموني پاڻي پهچائڻ جي ضرورت تمام گهٽ پوي.
    برساتن جي ڪري آباديون ته ٺهيو پر سڄيو ملڪ سرسبز ٿيو پيو آهي. پر جيڪڏهن ايتري مقدار ۾ برساتون نه پون ته شايد ٿر وانگر سڄو ملڪ رڻ ٿيو پيو هجي. يورپ جي هيڏي وڏي ترقيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي.
    اسان جي ڪار (Gate Wick) ڪانٽينينٽل ايئرلائين جي ڪائونٽر تي اچي بيٺي. ڪائونٽر تي ويٺل محترمه اسان جا ٽڪيٽ وٺي اسان کان پڇيو ته سموڪي، نا سموڪي. اسان چيو نان سموڪي. پاڻ اسانکي سامان مٿي رکڻ لاءِ چيائين جنهن ۾ ٽئگ هڻي ۽ ٻيا ٽئگ اسان کي ڏيئي بورڊنگ ڪارڊ ڏنو. ٽڪيٽ پڻ واپس ڪيو. اسانجي فلائيٽ نمبر Co-1753 هو، جيڪا (Houstion) هوسٽڻ کان ٿيندي (Los Angeles) لاس اينجلس پهچندي. ٽڪيٽ تي لکيل هو. (Thank you for choosing continental airlines) اسان دوستن کان موڪلائي اندر لائونج ۾ روانا ٿياسين. جتي اميگريشن ڪسسٽم ۽ سيڪيورٽي چيڪنگ کان پوءِ اسان ڊيوٽي فري شاپ تي چڪر هڻي رهيا هئاسين ته اسانجي اڏام جو اعلان ٿيو. اسان اچي جهاز ڀيڙا ٿياسن. جهاز پهنجي صحيح وقت تي روانو ٿيو. هي فلائيٽ تقريبن يارهن ڪلاڪن جي هئي. ماني کانپوءِ مائيڪل ڪين جي فلم ڏيکاريائون. سمهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ننڊ نه آئي. هونئن به مونکي مسافريءَ ۾ صفا ننڊ نه ايندي آهي. سو جهاز ۾ ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيس. اٿي جهاز جي پوئين حصي ۾ اچي بيٺس جتي ٻه ڄڻا ٻيا به بيٺا هئا. شايد اهي به مون وانگر ٿڪ لاهڻ لاءِ اچي بيٺا هئا. هيءَ سڄي اڏام سمنڊ مٿان آهي. يعني برٽن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آهي. اٿندي، ويهندي، اوٻاسيون ڏيندي، فلمون ڏسندي ماني کائيندي، جهوٽا لهندي نيٺ الله الله ڪندي انائونس ڪيائون ته ٿوري دير ۾ توهان آمريڪا جي شهر هوسٽن جي انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي پهچڻ وارا آهيو. سيٽ سڌي ڪري چيلهه تي بيلٽ ٻڌي، سگريٽ وسائي تيار ٿي ويهو. سڀ مسافر حڪم جا بندا سهڻي سريلي آواز تي تيار ٿي ويهي رهيا. هوسٽن جو سهڻو ۽ تمام وڏو ايئرپورٽ جنهنجي چئوطرف وڏا وڻ هوائن ۾ جهولي لڏي لمي اسان جو آمريڪا اچڻ تي استقبال ڪري رهيا هئا. جهاز رن وي (Run way) تي لٿو ۽ آهستي آهستي بي (Bay) تي اچي بيٺو. مسافر پنهنجو پنهنجو سامان سهيڙي ايئر هوسٽس کي آخري سلام ڪندي ايئرپورٽ تي ڪسٽم ۽ اميگريشن لاءِ اچي لائن ڀيڙا ٿيا. ڪسٽم وارن ته اسان ڏانهن نهاريو به ڪونه باقي اميگريشن ڪائونٽر تي ٿوري رش هئي. اميگريشن واري سواءِ ڪجهه پڇڻ جي ڇهن مهينن جي ويزا هڻي ڏني. اسان اميگريشن ۽ ڪسٽم مان واندا ٿي اچي پنهنجي ايئرلائين جي آفيس ڀيڙا ٿياسين. هوسٽن جو ايئرپورٽ تمام وڏو آهي. هت اٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ يعني اندروني ملڪ پروازن جا ڪئين ڪائونٽر هئا. ايئرپورٽ بلڊنگ چار ماڙ هئي. اسان ڪانٽينينٽل ايئر لائين جي جنهن ڪائونٽر تي آياسين اهو انٽرنيشنل هو. اسان کي انهن ئي ٻڌايو ته ڊوميسٽڪ فلائيٽ لاءِ توهان هيٺ وڃو. ايئرپورٽ ايڏو ته وڏو هو جو ڪافي پڇ پڇا کان پوءِ اسان پنهنجي ڪائونٽر تي پهتاسين. جن اسان کي اسانجي لاس اينجلس وڃڻ لاءِ فلائيٽ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏنا. باقي سامان لاءِ چيائون ته توهان کي هت کپي ته هت ڏيون. يا نه ته لاس اينجلس ۾ وڃي کڻجو. اسان چيس ته سامان (L.A) (لاس اينجلس جو مخفف ) ۾ ئي وٺنداسين.
    ايئرپورٽ فارملٽيز مان واندا ٿي اچي هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويٺا سين. مون ڪافي پيتي ۽ حمزه پيپسي، ايئرپورٽ کي چئوطرف شيشا لڳل هئا. جنهن مان ٻاهر جو نظارو صاف نظر اچي رهيو هو. دنيا جي چند حسين ائيرپورٽن مان هي ايئرپورٽ پڻ هڪ آهي. L.A وڃڻ لاءِ اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي. اسان اٿي اچي پنهنجي جهاز ڀيڙا ٿياسين. هوسٽن کان لاس اينجلس وچ ۾ اسٽينڊرڊ ٽائيم جو ٻن ڪلاڪن جو فرق آهي. آمريڪا جي ملڪ ۾ ٽي جدا جدا ٽائيم آهن. آمريڪا تمام وڏو ملڪ آهي، جنهن ۾ اندر جو اندر هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين توهان کي چوڏهن ڪلاڪ لڳندا. جڏهن ته ڪراچي کان دبئي ڏيڍ ڪلاڪ، ڪراچي کان بئنڪاڪ چار ڪلاڪ، ڪراچي کان هانگ ڪانگ اٺ ڪلاڪ، ڪراچي کان ٽوڪيو ڏهه ڪلاڪ، ڪراچي کان لنڊن ساڍا اٺ ڪلاڪ، لنڊن کان آمريڪا نو ڪلاڪ، پر آمريڪا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين توهانکي چوڏهن ڪلاڪ لڳندا. آمريڪا جي باري ۾ وڌيڪ آئون توهان کي اڳتي ٻڌائيندس.
    ڪانٽينينٽل ايئرلائين جو هي ننڍو جهاز تقريبن اڌ خالي پيو هو. اسان کي جهاز ۾ ڪيڪ، پيسٽري، ڪوڪ، چانهه، جوس ۽ ڪافي پيش ڪيا ويا. توهانجي مرضي جيڪو پيئو. اسان چانهه پيتي. جهاز ٻن ڪلاڪن جي نان اسٽاپ فلائيٽ کانپوءِ L.A جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو. رات جو وقت هو، هيٺ سڄي زمين روشن ٿي پئي هئي. پاڻ وٽ پاڪستان هندستان ۾ رات جي فلائيٽ ڪٿ ڪٿ روشني ملندي. پر آمريڪا ۾ توهان کي رات جي اڏام ۾ هيٺ سڄي ڌرتي روشن ملندي. لاس اينجلس جي هن انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هوائي جهاز جهڙا کڙکٻيتا لهي ۽ چڙهي رهيا هئا. مون زندگيءَ ۾ ايترا جهاز ڪنهن ايئرپورٽ تي لهندي ۽ چڙهندي ڪونه ڏٺا. پر ماڻهو چون ٿا ته اڄ به دنيا ۾ لنڊن جي هيٿرو ائيرپورٽ تي گهڻي ۾ گهڻا جهاز پرواز ڪن ٿا. جهاز رن وي تي لهي پنهنجي Bay تي پهتو. اسان جهاز ۽ ايئرپورٽ وچ ۾ ڳنڍيل سيڙهي تان ٿيندا ايئرپورٽ ڀيڙا ٿياسين. جئين ته اسان جي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس هوسٽن ۾ ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري هت اسان کي صرف سامان کڻڻو هو. پاڻ وٽ پاڪستان يا ٻين ڪافي ايئرپورٽن تي سيڪورٽي تمام گهڻي هوندي آهي. يا وٺڻ ۽ ڇڏڻ وارا مهمان توهان کي تمام پري کان ڇڏڻا پوندا. پر هت آمريڪا ۾ مهمان توهان کي هوائي جهاز جي در وٽ وٺڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ منتظر ملندا، مون لاس اينجلس ۽ سينفرانسسڪو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ائين ڏٺو باقي ٻين ايئرپورٽن جي مونکي خبر ڪانهي. ايئرپورٽ بلڊنگ اندر گهڙڻ شرط اسانکي اسانجو ميزبان نظام الدين وڏي حب ۽ اڪير سان گلي ملي کِلي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي دوست سان اسانجي واقفيت ڪرائي. مون نظام الدين سان حمزه خان جو تعارف ڪرايو. سالن کان پوءِ نظام الدين سان روبرو ملاقات ٿي. اسان سڀ گڏجي سامان کڻڻ لاءِ ڪنويئر بيلٽ تي آياسين. جت صرف اسانجي فلائيٽ جو سامان هو. جنهن ڪري ٿوري دير لڳي. اسان سامان کڻي ايئرپورٽ بلڊنگ کان ٻاهر نڪري اچي نظام الدين جي ڪار ۾ سوار ٿياسين. ڪار پارڪنگ تمام وڏي هئي. جنهن ڪري ڪارن جي رش هوندي به رش محسوس نه ٿي. اسان نظام الدين جي سپر سيلون ڪوپي ڪرولا ڪار ۾ نظام الدين جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. هت يورپ جي مقابلي ۾ ٻه طرفا ۽ ڪشادا رستا آهن. جن تي گاڏي هلائڻ جو مزو پيو اچي. يورپ ۾ گهڻو ڪري ننڍيون گاڏيون هيون. پر هت اڪثريت وڏين گاڏين جي هئي. جنهن ۾ اڪثريت جپاني گاڏين جي هئي. هتي جيڪي وڏيون لگزري گاڏيون روڊن تي پيون هلن، انهن مان پنهنجي ملڪ ۾ هڪ به نه آهي. هينئر ته پنهنجي ملڪ ۾ جپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ ئي گاڏيون تيار ڪن. جيڪي ايڏيون پائيدار ڪونه آهن. جهڙيون جپان مان امپورٽ ٿيل آهن. خود آمريڪن ٺهيل گاڏيون پڻ وڏيون سهڻيون ۽ مضبوط رستن تي ڄڻ ته هوائي جهاز پيا هلن. گاڏي ۾ هلندي هلندي نظام پاڪستان، سنڌ ۽ ٻني جا احوال ورتا، جنهن ۾ سندس دوست خاص ڪري حاجي غلام حسين ميمڻ ۽ ٻني جو احوال ته هينئر ڪا ترقي وغيره ٿي آهي يا اهي حال اٿس. مون کيس ٻڌايو ته تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ٻني جي آدمشماري ته اها ئي پندرهن سو آهي. پر شهر ڪافي ترقي ڪئي آهي. سڄو شهر ٻاهر پڪي روڊ تائين پهچي ويو آهي. جهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ستر کن نوان دڪان ٺهيا آهن. شهر جي ٻاهران ٻنون مائينر نالي شاخ ٺهي آهي. هاءِ اسڪول اپ گريڊ ٿي ڪاليج ٿيو آهي. ان کانسواءَ پڪيون گهٽيون، واٽر سپلائي، ڊرينيج، جانورن جي اسپتال، ماڻهن جي اسپتال، پوليس اسٽيشن ۽ ايگريڪلچر آفيس جون نيون بلڊنگون ٺهيون آهن، ٽيليفون، ايڪسچينج ۽ بئنڪ قائم ٿي آهي. ٽنڊو محمد خان ۽ حيدر آباد وڃڻ لاءِ تيز ڪوسٽر سروس پڻ چالو آهي ۽ نوجوان طبقي ۾ تعليم جو شعور پيدا ٿيو آهي. ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي ڪري ان جي ارد گرد ماڻهن ۾ ڪافي شعور پيدا ٿيو آهي. ٻني جي ويجهو ٽن شگر ملن، يعني ديوان، شاهه مراد ۽ آبادگار شگرملز جي ڪري ماڻهن سارين کي ڇڏي ڪمند پوکڻ شروع ڪيو آهي، جنهنڪري ماڻهن جي زندگي جو معيار ڪافي بهتر ٿيوآهي. توهان کي ٻني جي اردگرد رڳو ڪمند ئي ڪمند ، پڪا روڊ ۽ بجليءَ جا ٿنڀا نظر ايندا. پاڻ اهو ٻڌي خوش ٿيو. مون محسوس ڪيو ته ڪيترو وقت آمريڪا ۾ رهڻ ڪري به ٻني کي وساري ڪونه سگهيو هو، ۽ هر هر پئي ٻني ۽ ٻني واسين جو پڇئين. اسان ٽي هفتا آمريڪا ۾ رهياسين پر مون محسوس ڪيو ته ڪوبه اهڙو وقت نه هو جڏهن ٻني جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيائين.
    جڏهن اسان آمريڪا ڇڏي واپس لنڊن روانا ٿياسن. تڏهن ته هرهڪ ماڻهو جو نالو وٺيو پيو سلام ڏئي. لاس اينجلس جو شهر پئسفڪ سمنڊ ۽ لاس اينجلس نديءَ جي ڪناري تي بهترين موسم ۽ حسين نظارن جي ڪري آمريڪا جي خوبصورت ۽ مشهور شهرن مان هڪ آهي. لاس اينجلس دنيا جو نمبر ون امير ترين ڌرتيءَ جو ٽڪر پڻ آهي. لاس اينجلس آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي آدمشماري جي لحاظ کان. لاس اينجلس آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي گاديءَ وارو شهر پڻ آهي. لاس اينجلس جي پنجٽيهه لک آدمشماري آهي. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو فلمي مرڪز هالي ووڊ پڻ هن شهر جو هڪ حصو آهي. جنهن ڪري هت ڪيترائي جڳ مشهور اسٽوڊيوز آهن ۽ جڳ مشهور فلمي ستارا پڻ رهن ٿا. جن ۾ مائيڪل جئڪسن، مئڊونا، آرنلڊ شيوارز نيئگر، وان ڊيم، ميل گبسن، سلويٽر ۽ اسٽالن شامل آهن.لاس اينجلس فلمن، فلمي اسٽوڊيوز، ميوزڪ، ريڊيو، ٽي وي ۽ ڊزني لينڊ (Disney land) جي ڪري دنيا جو وڏو سياحت جو مرڪز به آهي. سياحت سان گڏ نه رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا جو وڏو صنعتي ۽ خلائي مرڪز پڻ آهي. شهر مٿان ٺهيل رستن کي هت چون فري ويز (Free ways) فري ويز جهڙا سهڻا ۽ ڪشادا رستا دنيا ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ نه آهن. فري ويز تي ڪار ۾ هلندي ائين محسوس ٿيندڙ جهڙوڪ توهان اڏامي رهيا آهيو.
    نظام جو گهر ايئرپورٽ کان ايترو پري ڪونه هو. پر پاڻ اسان کي شهر جو چڪر لڳائي پوءِ پنهنجي فليٽ تي وٺي آيو. پاڻ سندس بيڊ روم اسان جي حوالي ڪري پاڻ ٻئي روم ۾ وڃي رهيو. اسان ٿورو آرام ڪري وهنجي ڪپڙا بدلائي اچي ٽي وي لانئوچ ۾ ويٺاسين. نظام اسان جي اڳيان چانهه رکي ۽ فون تي ڪيترن پاڪستاني دوستن کي اسان جي اچڻ جو ٻڌايو. انهن مهربانن پوءِ اسان جون ڪيتريون ئي پرتڪلف دعوتون ڪيون. ڪافي تحفا پڻ ڏنا. پوءِ مون ڏٺو ته نظا جو رڳو لاس اينجلس نه پر ڪافي ٻين شهرن ۾ پڻ دوستن جو وڏو حلقو موجود هو.


    8

    اسان تيار ٿي ڪار ۾ چڙهي هاليووڊ جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ آياسين. نائيٽ ڪلب ٻاهران عالم چنا جهڙو ڊگهو شيدي بادشاهه هٿ ۾ لڪڻ نه پر بنڊ کڻيو بيٺو هو. مون کيس غور سان ڏٺو ته مشڪي اسان کي چيائين هيلو هيلو (Enjoy ). نائيٽ ڪلب ۾ تمام گهڻي رش هئي. ان حد تائين جو ڪافي وقت بيهڻ کان پوءِ جڳهه ملي.
    ڪنهن زماني ۾ توهان کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ عرب ٽوئرسٽ تمام گهڻا ملندا هئا. پر هينئر جپنيز ۽ ڪورين ٽوئرسٽ توهان کي عربن کان به وڌيڪ ملندا. هينئر پئٽرو ڊالر نه پر هٿيارن ۽ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي Age آهي. جنهن ڪري هاڻ انهن قومن جي اهميت دولت جي ڪري عربن کان زياده ٿي وئي آهي. ڪنهن زماني ۾ يورپين عورت عربن وٽ رهي پوءِ باقي زندگي عيش سان گذارينديون هيون. پر هاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا جي نائيٽ ڪلبن ۾ عربن کي هنئين چوندي ٻڌم ته ”واحد گلاس وسڪي“ يعني صرف هڪ پئگ، نه ته اڳ ۾ سندن ٻولي ٻي هئي. هن نائيٽ ڪلب ۾ توهان پنهنجي پسند جي ڊانسر کي وٺي ڀر ۾ ننڍن ڪمرن ۾ جدا نيڪڊ ڊانس به ڏسي سگهو ٿا. جنهن لاءِ توهان کي في ڏيڻي پوندي. ڪيترا شوقين پسند جي ڊانسرن کي ڀاڪرن ۾ گهلي اندر جدا ڪمرن ۾ وٺي، جدا نيڪڊ ڊانس ڏسي رهيا هئا. اهي ننڍا ڪمرا يا شيڊ اهڙي نموني ٺهيل هئا جو ٻاهر وڏي ڊانس هال ۾ ويٺل ڪجهه قدر انهي ڊانس مان به مستفيض ٿي رهيا هئا. اسان جهڙن جون اکيون هال ۾ گهٽ پر انهيءَ طرف زياده ڏسي رهيون هيون. يعني ”بندو به خوش ته شيطان به راضي“ مطلب ته اسان انهي گناهه جي ڪم ۾ شامل نه آهيون. پر الله ته ڏسي پيو ته لڪي لڪي اهو گناهه جو ڪم ڪري رهيا آهيون. سو به مفت ۾. ڪيترو وقت ڪلب ۾ گذاري نيٺ جڏهن بک لڳي تڏهن ٻاهر نڪتاسين. اتي ئي ڪنهن انڊين ريسٽورانٽ ۾ وڃي ويٺاسين. اسان مان ڪنهن اڃا سگريٽ مس دکايو ته هوٽل وارا پهچي ويا. سائين هي ته نو سموڪي حصو آهي. توهان مهرباني ڪري هتان اٿو ٻئي هنڌ هلي ويهو.آمريڪا ۾ توهان کي اهو مسئلو هر هنڌ نظر ايندو. ماني کائي گهر ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته نظام ٻڌايو ته هن گاڏي کي مون کي وٺندي اڍائي سال ٿيا آهن. پر اڃان تائين پنچر ڪونه ٿي آهي. هڪ پئٽرول پمپ تي نظام پئٽرول ڀرايو. پاڻ لهي ٻاهر ڪئبن واري کي پئسا ڏيئي اچي خود پئٽرول ڪار ۾ ڀريائين. پاڻ ٻڌايائين ته هت ائين ٿيندو آهي. ڀلي کڻي ڪيڏو به وڏو ماڻهو هجي پر خود پئٽرول گاڏي ۾ وجهڻو پوندس. جيترا پئسا اندر ڏيئي آيو هوندو صرف اوترو ئي پئٽرول گاڏي ۾ پوندو. پوءِ خودبخود مشين بند ٿي ويندي. هتي پئٽرول پمپن سان گڏ آٽو ميٽڪ ڪپڙن ڌوئڻ جون مشينون ۽ وڏيون سپر مارڪيٽون به هونديون آهن. جتي توهان کي هر شئي ملندي، فري ويز تي اهڙن پئٽرول پمپن تي رهائش ۽ کاڌي جون وڏيون وڏيون هوٽلون به ٿين. تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. پر ٽرئفڪ ۽ روشنين جي ڪري رات ۽ ڏينهن جو ڪوبه احساس ڪونه هو. پاڪستان ۾ پاڻ لائيٽ جي بل کان ۽ ملڪ ۾ گهٽ لائيٽ پيدا ٿيڻ ڪري حڪومت اخبارن ۽ ٽي وي تي اشتهار ڏيندي آهي ته لائيٽ گهٽ خرچ ڪريو. سادگي اختيار ڪريو، پر هت ته هر هنڌ لائيٽ جا جهرمٽ لڳا پيا آهن. مون آمريڪا ۾ ٻه ڳالهيون هر هنڌ جت جت ويس ات تمام گهڻيون نوٽ ڪيون. يعني هڪ ته آمريڪن هر ڳالهه تي پيا کلن. ٻيو پيا کائين ۽ پيئن. يورپ ۾ ماڻهو روڊن تي هلندي گهٽ کائين. پر هت ته ماڻهو کائين ئي روڊن تي، هر هڪ کي ڪا نه ڪا شيءَ هٿ ۾ پيو چرندو. ڪار هلائيندي به توهان ڏسندا ته ڪوڪو يا جوس پيو پيئندو يا وات پيو چوريندو. يورپين جي مقابلي ۾ ڳالهائيندو به اهڙي انداز ۾ جو ڄڻ ڪا وات ۾ شيءَ پئي اٿس. آمريڪي اسٽائل ٿورو کهرو ۽ رف آهي. آمريڪن روڊن تي هلندا به اهڙا تڪڙا جو جهڙو ڊوڙن پيا. هلڻ جو به پنهنجو اسٽائل اٿن.
    رات جو تمام دير سان گهر پهتاسين ننڊ به دير ڪونه ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته ڏينهن جو هڪ بجي اک کوليم ته حمزو خان ۽ نظام ستا پيا هئا. نظا م جو سالو قاسم ڪنهن ايئر ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو. سو ستل ڪونه ڏٺم، شايد ڊيوٽيءَ تي ويل هو.
    نظام آمريڪا ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪئي. پر هاڻ پنهنجو بزنس اٿس. مون چانهه ٺاهي پيتي ۽ هيٺ ٿورو پرڀرو اخبار وٺڻ ويس. هت اخبارون وڪڻڻ تي ڪوبه ماڻهو ڪونه ٿئي. شيشي جي ڪٻٽن ۾ سڄي آمريڪا جون ڪئين اخبارون رکيون آهن. پنهنجي پسند جي اخبار کڻي پئسا اتي رکي ڇڏيو. ٻيو مڙئي خير. هر ماڻهو اخبار گهر گهرائي تنهن ڪري اتي رکي رکيل اخبارن تي رش صفا ڪانه ٿئي. گهر اچي اخبار پڙهيم. هتي جون اخبارون ڇا! جهڙا رسالا، خاص ڪري (Sunday) يا ڪنهن خاص ڏينهن تي اخبارون سون صفحن تي شايع ٿين. آمريڪا ۾ ايڏا مصروف ماڻهوڪيئن اهڙيون اخبارون پڙهندا هوندا. هر اخبار ۾ توهان کي هر چوائس ملندي. آمريڪا جون اخبارون ۽ رسالا توهان کي دنيا جي هر ملڪ ۽ هر شهر ۾ ملنديون. مثال ٽائيم، نيوز ويڪ، ريڊرس ڊائجسٽ، توهان کي پاڪستان جي هر وڏي شهر ۾ ملندا. باقي دنيا ته ٿي پري. اهي ٽيئي رسالا آمريڪا يورپ ۽ ايشيا ۾ جدا جدا شايع ٿين. انهن رسالن جو آمريڪن ايڊيشن توهان کي ڪراچيءَ ۾ صرف (Agha’s Super Market) آغاز سپر مارڪيٽ يا ميريٽ هوٽل تي ملندا. اسلام آباد ۾ هر هنڌ اهي ايڊيشن ملندا.
    اڌ ڪلاڪ کن اخبار پڙهيم وري چانهه ٺاهيم ته نظام اٿيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ سلام ڪري چيائين ته سائين توهان ڇڏيو آئون ٿو چانهه ٺاهيان. مون چيس ته گرما گرم چانهه تيار آهي. تون پيسٽ ڪري اچ ته گڏجي چانهه پيون. چانهه پيئندي پيئندي ڪيتريون پراڻيون ساروڻيون ياد اچي ويون ۽ اهو وسري ويو ته ڪو اسان آمريڪا ۾ ويٺا آهيون. ڄڻ ته پنهنجي ڳوٺ ٻني واري پيڃاريءَ جي ڇٻر تي ٻارن کي ڪرڪيٽ ۽ والي بال راند ڪڏندي ڏسي رهيا آهيون ۽ شام جو شهر جو مال، ڌنار ٻيلي مان ڪاهي واپس وڃي رهيا آهن. شهر جا جوان ٽولن ۾ پنهنجي پنهنجي چوياري لڳايو ويٺا آهن. ٿڌي هير ۾ ڇٻر تي ليٽندي ٽارن جي واڱڻائي ۽ ديويءَ جي پيلن گلن جي سرهاڻ ڄڻ ته اسان جو هتي به پيڇو ڪري آئي هجي. اسان تيار ٿي ٻاهر. گهمڻ Town of the Queen of the angels فرشن جي راڻي جي Angels-los-or loss= Praise or Reputation هن شهر ۾ گهڙي پياسين. جيڪو آمريڪا جي پنجاهه رياستن، هر هڪ.
    1- واشنگٽن Washigton
    2- اوريگان Oregon
    3- نويڊا Nevada
    4- مونٽانا Montana
    5- اڊاهو Idaho
    6- اتاهه Utah
    7- اريزونا Arizona
    8- يومنگ Wyoming
    9- ڪولو راڊو Colorado
    10-نيو ميڪسيو New Mocico
    11-نارٿ ڊاڪوٽا North Dakota
    12-سائوٿ ڊاڪوٽا South Dakota
    13-نيبراسڪا Nebraska
    14-ڪانساس Kansas
    15-اوڪلاهوما Oklahoma
    16-ٽيڪساس Texas
    17-اووا Lowa
    18-مائينيسوٽا Minoesota
    19-مسوري Missouri
    20-آرڪينساس Arkansas
    21-لوسيانا Louisiana
    22-وسڪانين Wisconsin
    23-الينوائس Illinois
    24-مشيگان Michigan
    25-ڪينٽڪي Kentucky
    26-اوهيو Ohio
    27-ٽينيسي Tennessee
    28-الاباما Alabama
    29- فلوريڊا Florida
    30- سائوٿ ڪيرولينا South Carolina
    31- ورجينيا Virginia
    32- نارٿ ڪيرولنيا North COrolina
    33- ويسٽ ورجينيا West Virginia
    34- پينسلوانيا Pennsylvania
    35- نيويارڪ New Yark
    36- مئيني Maine
    37- نيو هيمپشائر New Hampshire
    38- ورمانٽ Wermont
    39- مساچوسيٽس Massachusetts
    40- روڊي آئلينڊ Rhode Island
    41- ڪونيڪٽيڪٽ Connecticut
    42- نيو جرسي New Jersey
    43- ڊلاويئر Delaware
    44- ميري لينڊ Mary land
    45- الاسڪا Alaska
    46- مسيفسيپي Mississippi
    47- هوائي Hawaii
    48- جارجيا Georgia
    49- انڊيانا Indiana
    50- ڪيليفورنيا California
    جي گاديءَ جو هنڌ لاس اينجلس کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پياسين. گهمڻ لاءِ ڪئين مکيه مرڪز آهن. جن ۾ مارڪيٽ، چائنا ٽائون، لٽل ٽوڪيو، هاليوڊ، بيورلي هلز، يونيورسل اسٽوڊيو. گرفٽ پارڪ، ڊائون ٽائون ۽ سمنڊ جو ڪنارو اچي وڃن ٿا. اتي سدائين ماڻهن جي پيهه لڳي پئي آهي. اسان ڊائون ٽائون جي علائقي ۾ گاڏي بيهاري سپر مارڪيٽن ۾ گهڙي پياسين. هڪ سپر مارڪيٽ مان ٻئي سپر مارڪيٽ ۾ پهچندا وياسين. اتان مون ڪافي واچون، جوراب ۽ ميڪ اپ جو سامان ورتو. اڄ اسان سان نظام جو دوست ظفر به گڏ هو. ڏاڍو مزيدار ماڻهو هو. هڪ سپرمارڪيٽ ۾ وياسين جنهن جو مالڪ سنڌي هندو هيرالال مهتاڻي هو. اسان اتان به ڪجهه خريداري ڪئي. اسان کلي ظفر ۽ نظام ٻڌايو ته لاس اينجلس جي (Diamonds) هيرن جواهرن جا وڏا واپاري ڪافي انداز ۾ سنڌي هندو آهن. جن جا ڪروڙن جا واپار آهن. ڪافي وقت ڊائون ٽائون جي علائقي ۾ چڪر لڳائي گهر پهتاسين.جتي فون ڪري ماني گهرائي سين. ماني ۾ هڪ اضافي ڊش مفت ۾ ڏنائون. توهان پنهنجي پسن جي ماني ڪيڏي مهل به فون ڪري گهرايو.ٽائيم ٻڌائيندا ته هيتري وقت ۾ ماني پهچي ويندي ۽ اوتري وقت ۾ ئي ايندي. ڪابه اضافي چارج ڪانه وٺندا ۽ هڪ ٻه ڊش مفت ۾ ڏيندا ۽ اگهه به مناسب، گهڻو ڪري ته ريسٽورانٽ کان به سستي هوندي آهي. هونئن به آمريڪا يورپ کان ٺهيو پر ٻين ڪافي ملڪن کان به سستو آهي. کاڌو، رهائش، فون، شاپنگ، ٽئڪسي، عياشي، بدمعاشي هر ڳالهه سستي، توهان کي ٻئي ملڪ جي شيءَ انهيءَ ملڪ کان به آمريڪا ۾ سستي ملندي. هونئن به حد جي صوبيدار کي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هر شئي سٺي ۽ سستي ملندي آهي.
    شهيد ڀٽي جو نعرو هو ته ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي،“ پر مون ڏٺو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام نه پر ٿاڻوآهي. جنهن وڏيري جو ٿاڻي تي ڪنٽرول، اهوئي طاقتور حاڪم آهي. آمريڪا بادشاهه ته سڄي دنيا جو ايس ايڇ او آهي. سو انهيءَ ملڪ ۾ هر شيءَ سٺي، سَسِتي، ملاوٽ کان پاڪ.
    اسان شام جو هڪ تمام وڏي مارڪيٽ ۾ وياسين. جتي گهڻو ڪري سڀ دڪان هندستاني ۽ پاڪستانين جا هئا. هر پاڪستاني ۽ هندستاني شيءَ به ملي. نظام سندس پائليٽ دوست، جيڪو جنرل ضاءَ جو پائليٽ به رهي چڪو هو ۽ هينئر هوائي جهازن جي سکيا جو هتي آمريڪا ۾ سندس ذاتي ادارو آهي. جنهن ۾ پائليٽ شاگردن کي سکيا ڏيندو آهي. سندس پنهنجا ذاتي ڏهاڪو کن هوائي جهاز آهن، جيڪي مسواڙ تي ورتل اٿس. تنهن کي فون ڪري گهرايو ۽ کيس چيائين ته منهنجا هي دوست پاڪستان مان آيا آهن. انهن کي اڄ تنهنجي هوائي جهاز ۾ لاس اينجلس مٿان رات جو چڪر لڳرائينداسين. هن چيو ته اهو ڪو مسئلو ڪونهي. هن صاحب پهريائين ايويئشن (Aviation وارن سان ڳالهايو، جتان کيس جواب مليو ته اڄ نه پرسڀاڻي فلاءِ (Fly) ڪجو. ڇو ته موسم صحيح ناهي تنهن ڪري سڀاڻي رات جو پروگرام رکو. ٻيو ته جهازن جي گهڻي رش آهي. هن کين چيو ته آئون سڀاڻي ٻاهر ويندس. ان تي ايويئشن وارن کيس چيو ته توهان انتظار ڪريو. اسان توهان کي ٻڌايون ٿا. تمام گهڻي دير کان پوءِ جواب ڏنائون ته اڄ ممڪن ناهي. ائين نظام طرفان اسان لاءِ رکيل بهترين پروگرام ٿي نه سگهيو. انتظار ۾ ڪيڏانهن ٻاهر به نڪري نه سگهياسين. ڇو ته ڪافي دير ٿي ويئي هئي. اڄ اسان جو پروگرام هو ته صبح جو اول جڳ مشهور يونيورسل اسٽوڊيو (Universal Studio) ڏسبو. شام جو آمريڪا، ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا (SANA) جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿبو. انهيءَ جو خاص مهمان رسول بخش پليجو هو. جيڪو آمريڪا ۾ خاص انهيءَ ڪانفرس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڪستان مان آيل هو. اسان تيار ٿي يونيورسل اسٽوڊيو روانا ٿياسين. جتي پهچي نظام ڪار پارڪ ڪري ٽڪيٽون ورتيون.
    آمريڪا سان پاڪستان جي ماڻهن جي محبت ۽ نفرت جو اظهار به ڏاڍو عجيب ۽ دلچسپ آهي. آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ته ان وقت سڀني ماڻهن پنهنجي پٽن تي عراق جي صدر جو نالو صدام حسين رکيو. هر ٽرڪ تي صدام حسين جو ڦوٽو هو ۽ صدام حسين جو نالو هر گهر ۾ پهچي چڪو هو. وري جڏهن آمريڪا عرب واپاري اساما بن لادن جي هيڊ ڪوارٽر افغانستان ۾ حملو ڪيو ته سڄي پاڪستان ۾ اساما بن لادن جا پوسٽر لکن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيا. وري جڏهن آمريڪا لاٽري ذريعي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪندو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ته ٺهيو پر ٻني جا به ڪيترا ماڻهو ان لاءِ فارم ڀريندا آهن. پاڪستان جي هر رسالي ۽ اخبار ۾ توهان کي ان لاءِ مڪمل ڄاڻ ملندي، ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد ۽ هر وڏي ننڍي شهر ۾ لاٽري فارم ملندا. اخبارن جا هاڪر ته رسالن سان اهي فارم تيستائين وڪڻندا رهندا جيستائين وڃي ويزا لاٽري جي تاريخ ختم ٿيندي. اهو نفرت ۽ محبت جو انداز به عجيب آهي. يونيورسل اسٽوڊيو دنيا ۾ ٽي وي ۽ فلم جو وڏي ۾ وڏو اسٽوڊيو آهي. جيڪو 425 ايڪڙن تي ٺهيل آهي. هيءَ هڪ ننڍي دنيا آهي. جتي هڪ ٻئي طرف جي ڪابه خبر نه آهي. ڪيڏي مهل ريل ۾ ته ڪيڏي مهل جهنگ ۾. هن کي گهمڻ لاءِ هڪ نه پر ڪئين ڏينهن گهرجن. هت توهان فلم نه پر جيئريون جاڳنديون فلمون ڏسندا ته فلمون ڪيئن ٿيون ٺهن. ڪن ڪن جڳهين تي توهان کي کل ٿيندي. مثال توهان هڪ سين ڏٺو ته ڪار هلندي هلندي وڃي پاڻي ۾ ڪري ۽ ان ۾ سوار سڀ ٻڏي مري ويا. وري ٿوري دير ۾ ڪار پاڻي کان ٻاهر ۽ مسافرن کي ڪجهه به نه ٿيو. يا همراهه کوهه يا کڏ ۾ ڪريا. مٿان انهيءَ کوهه ۽ کڏ ۾ بم اڇلايائون ته کوهه تباهه. همراهن جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويا. ٿوريءَ دير ۾ ڏسندا ته اهي کوهه ۾ پيل همراهه بلڪل صحيح سلامت گڏ يا کوهه مان پيا ٻاهر نڪري. يا هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽرن جا سامونڊي جهازن تي حملا ۽ هڪٻئي تي حملا، جهاز تباهه ۽ غرق ٿي ويا. ٿوري دير ۾ ڏسندا ته هوائي جهاز هيليڪاپٽر بلڪل صحيح سلامت ٺيڪ ٿي پنهنجي جڳهه تي اچي ويا. يا توهان ٽرين ۾ پيا وڃون. ٽرين وڃي وڏي اوڙاهه ۾ ڪري يا ڪنهن پاڻيءَ جي ڍنڍ ۾ ڪري ۽ چئوطرفن پاڻي. رڙيون ۽ روڄ لڳا پيا آهن. شينهن، ڊائنوسار ۽ بلائون توهان کي بس هاڻ ٿيون وات ۾ وجهي ڳڙڪائين. وري ٿوري دير ۾ ڏسو ته توهان ۽ توهان جي ٽرين يا ٽرام بلڪل ٺيڪ ٿي ويا ۽ توهان اڳتي سفر تي پيا وڃو. سڀ پروگرام ايڏا سهڻا جو مصنوعيت جو تصور به نه ٿئي.هن اسٽوڊيو ۾ هڪ نه پر ڪئين ڊپارٽمينٽ آهن. جن جي مڪمل معلومات جو ڪتابچو توهان کي رسيپشن تي ئي ملي ويندو يا اڳيان انفرميشن بوٿ (Information Both) تي توهان کي هر ڳالهه سمجهائيندا. توهان جي تفريحي ۽ ٻي رهنمائي لاءِ هي سيڪشن ٺاهيا ويا آهن.

    1- Guest Relation
    2- First Aid
    3- Security
    4- T.V Ticktes
    5- Read Mision
    6- Daiper Changing facility
    7- Lost Children and lost found
    8- Production schedules
    9- Photo with stars
    10- Film and Camera on Rent
    11- Travelers Cheek Credit cartd
    12- Ready Tealer Cash Machine

    اهي اسٽوڊيو کي هلائڻ ۽ سمجهڻ جا ڊيپارٽمينٽس آهن ۽ اسٽوڊيو جنهن کي تفريح جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ جون تقريبن پنجاهه برانچون آهن.جن ۾ هڪ هڪ ڪلاڪ جا پروگرام ٿين. جنهن جا مکيه ۽ مشهور پروگرام هي آهن.

    1-Animal Actors stage
    2-Carnival International
    3-Fievels play land

    هي پروگرام ننڍن ٻارن جي لاءِ ڏاڍي دلچسپي جو آهي.

    4-An American Tail Show
    5-Conan
    6-Rochy and Bull winkle show
    7-Star Treck
    8-The wild-wild-west
    9-Maimi vice
    10-Back Draft
    11-Cinamic
    12-E-T
    13-Back lost Tour
    14-king kong
    15-Bact to the future squire
    16-Taws
    17-Flash Food
    18-psychi House
    19-Collaping Bridge
    20-Eath Quack
    21-Avalanche
    22-Tram Ride
    اهڙا ٻيا کوڙ پروگرام، اسٽوڊيو جي اندر دڪان، بارون ۽ هوٽلون، سي به درجن جي حساب سان، جتي توهان کي آمريڪا کانسواءِ ميڪسيڪن، جپنين، يورپين، چائينيز، انڊين ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جا قسمين قسمين کاڌا ۽ مشروبات ملن. ماڻهن جي هر پروگرام سينٽر تي ايڏي رش جو ٽائيم گذرندي خبر ئي نه پئي. سڀ پروگرام هڪ ڏينهن ۾ ڏسڻ ته ناممڪن هو پر جيئن ته نظام هت ڪيترا دفعا آيو هو. تنهن ڪري هن اسان کي دلچسپ ۽ مکيه مکيه پروگرام ڏيکاريا ۽ گهمايا. اسان ٻنپهرن جي ماني ۽ شام جي چانهه اتي ئي ورتي. هن اسٽوڊيو ۾ سڄي دنيا جا سياح هزارن جي تعداد ۾ اچن. هن اسٽوڊيو کي آمريڪن فلم پروڊيوسر ڪارل ليمي ٺاهيو. پر هي هاڻ آمريڪن نه پرڪنهن جپنيز خريد ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت آهي. اسان سج لٿي مهل هن عظيم يونيورسل اسٽوڊيو ۾ هڪ نه وسرندڙ ڏينهن گذاري کيس خدا خافظ چئي گهر ڀيڙا ٿياسين. جتي ڪجهه دير آرام ڪري چانهه پئي هوٽل ”ميرٽ“ ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪا نظام جي گهر جي بلڪل ويجهو ئي هئي. اتي (Sana) جو ساليانو اجلاس ٿي رهيو هو. آئون اڳ به عرض ڪري آيو آهيان ته Sana مخفف آهي. (Sindhi Association Of North American) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو يعني ته U.S.A ميڪسيڪو ۽ ڪيناڊا ۾ رهندڙ سنڌين هڪ تنظيم ٺاهي ته اتي رهندڙ سنڌي هڪ ٻئي سان واقف رهن ۽ هڪ ٻئي سان ملند جلندا ۽ باخبر رهن ۽ کين ڄاڻ هجي ته ڪٿي ۽ ڪيترا سنڌي رهن ٿا. اها تنظيم پنهنجي سالياني گڏجاڻي ڪري ۽ هڪ رپورٽ پڙهي ۽ شايع ڪري. پر اها تنظيم آهستي آهستي هاڻ نه صرف هڪ سماجي تنظيم پر سنڌين لاءِ هڪ سياسي تنظيم به ٿي ڪم ڪري رهي آهي. جهن کي پنهنجو هڪ رسالو پڻ آهي. جنهن کي 1-خالد هاشماڻي2-ارشاد قاضي 3-منظور شاهه 4-محمد مٺل وقاصي ۽ محمود قلباڻي پنهنجي محنت سان شايع ڪندا آهن ۽ هاڻ پنهنجي سالياني اجلاس ۾ سنڌ مان مهمان خصوصي ۽ راڳ رنگ جي محفل لاءِ فنڪار به گهرائين. جنهن ۾ 1- رسول بخش پليجو 2- عبدالحفيظ پيرزادو 3-غلام مصطفيٰ شاهه 4- عبدالله شاهه ۽ راڳ رنگ جي محفل لاءِ عابده پروين ۽ زرينه بلوچ شامل آهن ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ سان هر ٿيندڙ ناانصافي کي هيءَ تنظيم انساني حقن واري انٽرنيشنل تنظيم ۽ انٽرنيشنل پريس ۽ آمريڪا جي ٻين انٽرنيشنل فورمن تي آڻي ٿي ۽ سنڌ مان ڪوشش ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان ٿندڙ بي انصافيءَ جا انگ اکر گڏ ڪري. سانا وارا انهيءَ مقصد کي اڳيان رکي سنڌ مان ڏاها ۽ سياسي ليڊر گهرائي پنهنجي خيالن کي ٻڌن ٿا ته جيئن سنڌ ۽ سنڌين سان سڌي طرح رابطي ۾ رهن ۽ تازي معلومات حاصل ڪري سگهن. هيءَ تنظيم سنڌ جي ڪن تنظيمن کي ايمبولينس ۽ مالي امداد پڻ ڪندي آهي. مطلب ته آمريڪا ۽ انٽرنيشنل پليٽ فارم تي هيءَ تنظيم سنڌين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. اسان (Sana) سانا جي آخري اجلاس ۾ جڏهن پهتاسين ته ڪافي پراڻن دوستن سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ قاضي خالد، اقبال ترين، قلباڻي، هاليپوٽو ۽ ٻيا پڻ ڪافي دوست گڏيا جن مان ڪي ته اسان جي پڙهائي واري دور ۾ اسان سان گڏ پڙهندا هئا يا وري ڪنهن شاگرد تنظيم ۾ سنڌ ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئا. سڀ دوست ڏاڍي حب ۽ خلوص سان گڏيا ۽ ڪيئي پراڻيون يادون ياد اچي ويون. اسان جو تعارف پڻ ڪرايو ويو. جيڪو قاضي خالد اڪبر مرحوم ڪرايو. (تازو پاڻ وفات ڪري ويو آهي.) سنڌ ۾ ساڻس ڪيئي ڪچهريون سندس سول لائين واري گهر ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيون. (Sana) جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ٿي. جنهن ۾ (Sana) جو صدر اي ڊبليو ڀٽي ۽ هوسٽ ڪاميٽي جو صدر نثار صديقي خاص طرح شامل آهن. آخر ۾ هن سيشن ۽ اجلاس جي خاص مهمان رسول بخش پليجي تقرير ڪئي. جنهنکان پوءِ موسيقي جي محفل ٿي. جنهن ۾ عابده پروين کي دعوت ڏنل هئي پر اها نه پهچي سگهي. هن محفل ۾ هڪ سنڌي هندو ڇوڪريءَ ڪلاسيڪي ڊانس ڪئي جيڪا لاجواب محفل جي پڄاڻي ٿي. مون کي نالو ياد ڪونهي پر نظام جي ڪنهن دوست وٽ هن ئي هوٽل ۾ ڪافي دير تائين ڪچهري ڪري پوءِ گهر ڏانهن روانا ٿياسين. موڪلائڻ مهل اقبال ترين پنهنجي ائڊريس ڏني ۽ دعوت به ڏني. رات جي مانيءَ جو بندوبست به هن هوٽل جي ڪمري ۾ ڪنهن دوست وٽ هو. ڪافي دير اتي ڪچهري هلي پوءِ سڀني يارن کان موڪلائي واپس گهر آياسين. صبح جو سوير تيار ٿي (Disney Land) لاءِ روانا ٿياسين. دنيا جي جڳ مشهور ٽي وي ۽ فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر جنهن ڪارٽون جي دنيا ۾ Molise mickey ۽ Donald Duck جي نالي سان وڏي شهرت ماڻي سو هو Water Euas Disney جيڪو اصل شڪاگو جو رهاڪو هو. پر پنهنجي سڄي زندگي ڪئليفورنيا ۾ گذاري. ان 1955ع ۾ ڊزني لينڊ ٺاهيو ۽ پوءِ 1971ع ۾ Florida رياست ۾ Orlando جي ويجهو (Disney World) ۽ (Disney Wild park) قائم ڪيو. 1972ع پئرس ٻاهران هن ئي فرم ئي يورو ڊزني پڻ قائم ڪيو آهي. ڊزني لينڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ جو نالو آهي (Passport) جنهن جا ست قسم ٿين.
    1-Three Magic Days
    2-Two Magic Days
    3-One Magic Day
    4-Disney Land Annual Passport
    5-Disney Land Seasonal Passport
    6-Senior Fun Passport
    7-Guided Tours
    جهڙي طرح ٽڪيٽ کي چون (Passport) تهڙي طرح توهان ڊالر جي بدلي جيڪي ڪوپن وٺي اندر استعمال ڪندا ان کي چون Disney Dollor اهوڪوپن توهان ڊزني لينڊ کان ٻاهر به مٽائي واپس ڊالر وٺي سگهو ٿا.


    9

    اسان پنهنجي گاڏي پارڪ ڪري ٽڪيٽ لاءِ اڳتي وڌياسين ته آسمان ۾ ڪڪر وانگر لکيو پيو هو (Well Come to Disney land) اهو جملو وري وري ٿي لکيو ويو. هن ڪار پارڪنگ لاءِ جيڪو گرائونڊ هو ان ۾ آئون سمجهان ٿو ته لک کن گاڏين بيهڻ جي گنجائش هئي. گاڏي بيهارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ به هڪ هڪ گاڏيءَ کي ڪتابچو ٿي ڏنائون. جنهن ۾ ڪار پارڪنگ بابت سمجهاڻي ڏنل هئي. ته جانور ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان توهان اندر کڻي نٿا وڃي سگهو. واپس اچڻ وقت توهان ڪهڙي نموني سان گاڏي ڪڍي ويندا. جيڪڏهن توهان پروگرام وچ ۾ ڇڏي ويندا ته ڪهڙي نموني گاڏي پارڪ ڪجي ۽ ڪڍجي. اسان جنهن وقت داخل ٿياسين اهو ٽائيم هو صبح جو 11-20 ڪمپيوٽر ٻڌايو پئي ته اسان جو نمبر ڪهڙو هو. مون ڏٺو ته مونکان اڳ پنج لک نو هزار ڪجهه سئو ماڻهو اندر داخل ٿي چڪا هئا. اهو آچر جو ڏينهن هو شايد ان ڪري ايتري رش هئي اندر ڪنهن ڪنهن پروگرام ۾ ته هڪ هنڌ پنجاهه هزار ماڻهو به ڏسڻ ۾ آيا. هڪ هڪ ايليويٽر تي ماڻهو جهڙيون مکيون چنبڙيون پئيون هيون. هت هڪ نه پر سون جي تعداد ۾ پروگرام ٿين. جن کي ڏسڻ لاءِ هڪ ڏينهن نه پر ڪئين ڏينهن گهرجن. سڀني پروگرامن ۾ آخري پروگرام رات جو جلوس هڪ سحر انگيز پروگرام ٿيندو آهي. جنهن کي ڏسي ماڻهن جا هوش اڏاميو وڃن.تمام وڏو جلوس جيڪو رنگ برنگ بلبن سان سجايل. جنهن ۾ ڪيئي حسين ناريون پنهنجن خوبصورت ادائن سان آيل مهمانن کي آخري الوداع چون ۽ اهڙي سهڻي انداز ۾ الوداع چون جو ائين محسوس ٿيندو ته اهو سڄو اهتمام مون لاءِ آهي. اهو پروگرام ڪافي رات تائين هلي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان پروگرام کي ڏسڻ لاءِ سوير کان ئي لائنون هڻي ويهي رهن. آئون توهان کي اندر جي پروگرامن ڏيکارڻ کان اڳ ئي ٻاهر وٺي آيس. سو سائين اسان پڻ ٽيڪٽ وتي جيڪا نظام خريد ڪئي. اندر داخل ٿياسين اسان جو تصور هو ته اندر ڪا ڏاڍي رش هوندي پر سواءِ آخري پروگرام جي اسان کي اندر ڪٿي به رش محسوس نه ٿي. اندر گهڙڻ وقت نظام پهرئين سڄي ڊزني لينڊ جي تاريخ جاگرافيءَ بابت ٻڌايو ۽ پڻ هڪ ننڍڙو پمفليٽ ڏنو ته ڏسو ته ڪهڙا پروگرام ڏسون. اسان پمفليٽ ته پڙهيو پر خبر ڪابه نه پئي. هڪ ته پمفليٽ ۾ هڪ نه پر سئو پروگرام ٿين ٻيو ته اسان کي ان متعلق ڪابه ڄاڻ نه هئي. جو ڪجهه سمجهي سگهون. سو اسان سڀ پروگرام کيس ٺاهڻ لاءِ چيو. پاڻ چيائين ته هت ته ڪئين پروگرام آهن. پر چند سٺا پروگرام ٿا ڏسون.
    پهرئين اسان هڪ سب ميرين ذريعي پاڻي اندر داخل ٿياسين. پاڻيءَ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ اندر سمنڊ هجي يا هڪ کوهه پر ڳالهه مڙوئي برابر. پاڻيءَ اندر اسان کي ايئن محسوس ٿيو ته اندر به ڪا ٻي وڏي ڪائنات آهي. سمنڊ اندر گهمڻ جو مزو اچي رهيو هو. وڏا وڻ، ساوڪ، ننڍيون وڏيون مڇيون هلڻ ۾ ايئن پئي محسوس ٿيون ڄڻ ته سب ميرين تيز رفتاريءَ سان ڪنهن سمنڊ ۾ هلي رهي آهي. اسان ڪلاڪ کن سب ميرين ۾ چڪر لڳائي پوءِ خلائي شٽل نما هڪ سياري ۾ وڃي آسمان ڀيڙا ٿياسين. ڄڻ ته سچ پچ تارن، چنڊ ۽ ڪهڪشان جي دنيا ۾ وڃي پهتاسين. اسان وري شٽل جي حرڪت به اهڙي ڄڻ آسمان ۾ پيا هلون. ڏاڍو مزو آيو.
    مون پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ پئرس واري يورو ڊزني به ڏٺي آهي. پر اها هن جي مقابلي ۾ تمام ننڍي آهي. ٻيو ته لاس اينجلس واري يورو ڊزنيءَ ۾ سڄو سال رش لڳي پئي آهي. پر پئرس واري موسم جي ڪري سياري ۽ برساتن واري موسم ۾ ته بلڪل بند هوندي آهي. اسان ٻيا به ڪئين خوفائتا، کل ڀوڳ، جادو ۽ ميوزڪ وارا پروگرام ڏٺا. ٻنپهرن جي ماني به هت کاڌي. رات وارو شو جيڪو ڊزني لينڊ پروگرام جو آخري ۽ بهترين پروگرام هوندو آهي. جنهن کي جو (Main Street Electrical para De) اهو پروگرام ڏسي رات جو دير سان جڳهه تي پهتاسين. ٿوري دير محفل ڄمائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير اسان تيار ٿي (Nevada) رياست جي شهر (Las Vegas) ڏانهن باءِ روڊ نظام جي ڪنهن ٻئي دوست جي وڏي گاڏيءَ ۾ روانا ٿياسين.
    آئون سمجهان ٿو ته پنجن ڇهن ڪلاڪن جو رستو هو. جيڪو سڄو جابلو رستو هو. پر ٿوري ٿوري پنڌ تي بهترين هوٽلون، پئٽرول پمپ ۽ سپر مارڪيٽن جي ڪا کوٽ ئي ڪانه هئي. وڏا ڪشادا رستا جن تي بيشمار ٽرئفڪ روان دوان لڳي پئي هئي. اسان به 160 اسپيڊ فري وي ۾ لاس ويگاس شهر ڏانهن اڳتي وڌي رهيا هئاسين. اهو بهتر ٿيندو ته آمريڪا گهمائڻ سان گڏ مختصر طرح سان توهان کي آمريڪا جي تاريخ بابت به ڪجهه ٻڌائجي.
    آمريڪا دنيا جي گوولي تي آخري ملڪ آهي. جنهن کي دريافت ڪيو ويو آهي. آئون سمجهان ٿو ان کان پوءِ ملڪن جي بيهڪ جوڙجڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ضرو ٿي آهي. پر ڪوبه نئون ملڪ زمين تي ظاهر نه ٿيو آهي. سال 1000ع ۾ ليف ارڪسن (Leif Erickson) نارٿ آمريڪا جي سمنڊ تائين ويو پرڪابه زمين ڏسڻ کانسواءِ واپس هليو آيو.
    12 آڪٽوبر 1492ع ۾ اسپينش سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس سين سلواڊور جي ڊهماس آئيلينڊ تي لٿو. تنهن کان پوءِ انگلينڊ جو سياح جان ڪئبيٽ (John Cabot) هت پهتو. هت پهرين يورپ مان اسپينش قوم رياست سينٽ آگسٽائين (Saint Augustine) جنهن کي هاڻ فلوريڊا ٿو چيو وڃي ۾ اچي آباد ٿي. اهو 1565ع سال هو. پر باقاعدگيءَ سان هت رهڻ جي شروعات انگريزن ڪئي. جيڪا 1706ع ۾ شروع ٿي. جيڪا هاڻ ورجينا (Virginia) جي نالي سان مشهور آهي. انگريزن جي آبادي هت تيزي سان وڌڻ لڳي. هي نه رڳو پاڻ هت اچڻ لڳا پر آفريڪا مان پڻ هزارين غلام نيگرو زوريءَ پاڻ سان وٺي آيا. جيئن هتي جون زمينون آباد ڪن.انهيءَ بابت آمريڪا ۾ فلم (Roots) ڀريل آهي. جيڪا هڪ بهترين ٽيليويزن سيريز آهي انهيءَ دوران فرينچ پڻ وڏي تعداد ۾ آمريڪا ڏانهن ڪاهي پيا. فرانس ۽ انگلينڊ جي هونئن به ڪالونين تان سڄي دنيا ۾ ويڙهه لڳي پئي هئي. هت پاڻ ايئن ٿيو. ڪيترين جنگين کان پوءِ آخري جنگ (War of Independence) آزديءَ جي جنگ سان مشهور آهي. تنهن جي فتح کان پوءِ يونائيٽيڊ اسٽيٽس (United States) جي نالي ۾ تيرهن رياستن پاڻ ۾ اتحاد ڪري هڪ يونين ٺاهي ۽ فيصلو ٿيو ته اها يونين گڏيل حڪومت قائم ڪندي.
    پهرئين ميٽنگ ۽ ڪنفيڊريشن قائم ڪري وڌ ۾ وڌ اختيار رياستن کي ڏنا ويا.1787ع ۾ پهريون دستور جوڙيو ويو، جيڪو دستور يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي نالي پڌرو ٿيو. جنهن ۾ مرڪز جي ٽن اهم برانچن کي قائم ڪيو ويو. اهو 1788ع سال هو ۽ ٻئي سال 1789ع ۾ جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر ٿيو. 1810ع ۾ فرانس ۽ انگلينڊ جي جنگ ڪري آمريڪا جي معيشت کي ۽ جهاز رانيءَ کي شديد ڌچڪو لڳو.
    آمريڪا جا واپاري جهاز، برٽش نيوي جي حملن ڪري سخت مشڪلات ۾ اچي ويا. آمريڪا مجبور ٿي انگلينڊ سان جنگ جو اعلان ڪيو.
    اها جنگ (War of 1812) جي نال سان مشهور ٿي. جيڪا آمريڪا کٽي. انهيءَ جنگ جي ڪري آمريڪا مٿان جيڪو يورپ جو جنگي خوف طاري هو. سو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر Jams Monroe 1817-1815 جيمس مونرو، يورپينس کي اهڙين اڳراين کان خبردار ڪيو. انهيءَ دوران (Texas) ٽيڪساس رياست يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ شامل ٿي. جنهن تان آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي جنگ لڳي. جنهن ۾ آمريڪا کٽيو ۽ رييو گرينڊ (Rio Grande) ميڪسيڪو ۽ ٽيڪساس جي وچ ۾ بائونڊري تسليم ڪئي وئي. ڪيناڊا جيڪا انگلينڊ جي ڪالوني هئي. جهن جون سرحدون پڻ آمريڪا سان مليون ٿي. تن تي به ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ٿي ويو ۽ آمريڪا جون سرحدون چئوطرف مضبوط ۽ محفوظ ٿي ويون. 1860ع ۾ خود آمريڪا ۾ وڏي سول وار ٿي. ٿيو هينئن جو ريپبلڪن گروپ جيڪو غلاميءَ جي سخت خلاف هو، سو آمريڪا جي صدارتي اليڪشن ۾ کٽي آيو. جنهن غلامي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ قانون جي ڪن رياستن مخالفت ڪئي ۽ آهستي آهستي يونين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ڪجهه ئي هفتن جي اندر سائوٿ جي ڪيترين ئي اسٽيٽس جنهن ۾ ڪيئرولينا، مسيسي، فلوريڊا، الباما، جارجيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ لوسانيا، ٽيڪساس، ورجينا، آرڪانساس، نارٿ ڪيئرولينا ۽ ٽينسي، غلاميءَ جو مخالف صدر هو ابراهام لنڪن جنهن يونين کي هر حالت ۾ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو. تنهن طرفان غلامي ختم ڪرڻ جي اعلان شرط آمريڪا ۾ سول وار شروع ٿي ويئي اهو سال1861ع هو.
    آخر پنجن سالن جي سول وار کان پوءِ نارٿ کٽيو ۽ سائوٿ هارايو. اهڙي طرح سان ابراهام لنڪن جي فتح ٿي ۽ غلامي ختم ٿي. سال 1865ع اپريل جي نائين تاريخ مڪمل جنگ ختم ٿي ۽ 14 اپريل 1865ع يعني صرف پنجن ڏينهن کان پوءِ عظيم انسان کي ٿيٽر جي ٻاهران گولي هنئي ويئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو مري ويو. پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي مقصد کي ڪامياب ڪيائين. سر جو سانگو ڪونه ڪيائين. اهري طرح آمريڪا ۾ ڪارن مردن کي ووٽ جو حق ملي ويو.انهيءَ کان پوءِ آمريڪا ڏاڍي ترقي ڪئي. سندس اهميت نه رڳو يورپ ۾ پر سڄي دنيا ۾ وڌندي ويئي.
    1920ع ۾ عورتن کي پڻ ووٽ جو حق ڏنو ويو. ٻئي ورلڊ وار (Second World war) ۾ آمريڪا غير جانبدار هو. پر جڏهن جپان آمريڪا جي رياست هوائي جي بندر پرل هاربر تي حملو ڪيو. ته آمريڪا به هن جنگ ۾ ٽپي پيو. جنگ کان پوءِ آمريڪا جي (Cold war) سرد جنگ جي نالي سان ڪميونسٽ ورلڊ سان سالن جا سال اڻبڻت رهي. نيٺ يورپ جي جدا ٿيل ملڪن کي پاڻ ۾ گڏي ڪميونسٽ دنيا کي هڪٻئي کان جدا ڪري ٻن بلاڪن يعني چائنا ۽ روس ۾ ورهائي ڇڏيو. ويٽ نام جي جنگ کان جان ڇڏائي روس کي مختلف ملڪن جي مسئلن ۾ ڦاسائي نيٺ سڌي طرح سان افغان جنگ ۾ روس کي گهلي آهستي آهستي روس کي اهڙو ته ڪمزو ڪيائين جو وڏي ۾ وڏو سپر پاور يعني روس خود ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. اڄ روس خود گهرو ويڙهه ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ سندس معيشت اهري هنڌ وڃي پهتي آهي جو خود روس جي شهرين جو پنهنجي ملڪ جي معيشت تان اعتبار کڄي ويو آهي ۽ هو هاڻ روبل جي عيوض پاڻ وٽ ڊالر رکڻ ٿا چاهين ۽ اهو ٽرينڊ پاڻ وٽ پاڪستان ۾ پڻ وڏي پئماني تي شروع ٿي ويوآهي. اڄ آمريڪا ان مقام تي اچي پهتو آهي جو کيس ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو نظر اچي.
    آمريڪا اهڙو رڇ ٺاهي ورتو آهي جو سڄي دنيا جون مڇيون خود اچيو انهيءَ رڇ ۾ ڦاسن. کيس ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ڪرڻي پوي. ڇو ته اهو دنيا جو اڪيلو سپر پارو آهي. آمريڪا جي صدر جو سرڪاري گهر وائيٽ هائوس جو اهو ڪمرو جتان صدر ويهي ٿو حڪم هلائي. تنهن جو نالوآهي اوول روم . بهتر آهي ته آئون توهان کي ان بابت ڪجهه ٻڌايان. بيضي نما پيلو اوول روم، ”ڊپلوميٽڪ رسپشن روم“، بلو روم هميشه رسيپشن روم طور تي ئي استعمال ٿي رهيو آهي.
    سواءِ جان ايڊمس جي وقت ۾ جڏهن اهو سائوٿ اينٿرينس هال طور استعمال ٿيندو هو. ميڊيسن (Medison) ايڊمنسٽريشن جي دور ۾ بينجمين لاٽروب عمده طور تي هن کي ڊيزائن ڪيو. جنهن مان گهڻو ڪجهه 1814ع ۾ باهه جي ڪري ختم ٿي ويو. پر ڪجهه شيون باقي رهيون. جڏهن صدر مونروءِ (Monroe) وڏي اوول روم کي ٻيهر ڊيڪوريٽ ڪيو ته ان کي فرينچ امپائر اسٽائل تي ڪيو ويو. انهيءَ صورت ۾ اڃا تائين آهي. مونروءِ آمريڪن فرم روسيل ۽ لافرگ جي ذريعي سوٽ لاءِ فرينچ موهاگني فرنيچر لاءِ آرڊر ڏنو، پر فرم موهاگنيءَ چمڪندڙ فرنيچر آندو.
    مونرو جي گهرايل شين مان اٺ اڃا تائين موجود آهن. جن ۾ هڪرو گهڙيال شامل آهي. چمڪيدار ڪاٺ جي جهوڙ جي هيٺ ماربل جي ٽاپ واري ٽيبل پڻ پيل آهي. اهو جهوڙ 19 صديءَ جي ابتدا ۾ ڪاٺ ۽ ڪٽ گلاس مان ٺهيل آهي. الهندي ڀت جي پاسي بيلانگ صوفي جي مٿان جان ٽيلر جو پورٽريٽ پڻ ٽنگيل آهي.
    بلو روم جي رنوويشن ۽ ريفريشنگ جو ڪم ٻيهر 1990ع ۾ وائيٽ هائوس پرزورويشن ڪاميٽيءَ جي زير نگرانيءَ ۾ شروع ٿيو ۽ 1995ع جي وچ ۾ ختم ٿيو. پردن ۽ فرنيچر ڪورنگ جوڪلر 1800ع ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپڙن جي رنگ جهڙو آهي. ريفريشنگ جي طور تي ڀتين تي هلڪي سنهري رنگ جو پيپر هنيو ويو آهي. اها ڊيزائين اوائلي 19 صدي جي آمريڪن پيپر مان ورتي وئي آهي.
    بلو روم جي رنگ ۾ چمڪ اهڙي طرح ڏني وئي آهي جو اهو 19 صديءَ جي اوائلي حصي جي دور جهڙو لڳي ٿو. ڪاٺ جي سامان کي اڇو رنگ هنيو ويو آهي. نئون اوول ڪارپيٽ 19 صديءَ جي ڊزائين تحت وڇائي رنوويشن کي مڪمل ڪيو ويو آهي. ان جي ڊيزائين 1815ع جي انگلش نيو ڪلاسيڪل ڊيزائين مان ورتي وئي آهي.
    اسان کي لاس اينجلس مان نڪتي ٽي ڪلاڪ کن ٿي ويا هئا. واٽ تي هڪ تمام وڏي هوٽل هئي. ۽ فري وي جي مٿان هوٽل وارن جي پل ٺهيل هئي. هوٽل ۾ رهائشي ڪلب، سوئمنگ پول، ڊسڪو ، وڏا وڏا دڪان، وڏي ڪار پارڪنگ جنهن ۾ هزارين گاڏيون بيٺيون هجن. اسان اتي ماني کائي ٿورو ريسٽ ڪري اڳتي پنهنجي منزل لاس ويگاس ڏانهن روانا ٿياسين.
    نوويڊا جي جبلن جي سهڻي شام کان پوءِ رات شروع ٿي. رات جو ٽرئفڪ ڏينهن کان به زياده نظر آئي. رستو ون وي هو. انهيءَ ون وي رستي جي وچ ۾ ايتري ته ننڍي ديوار ٺهيل هئي جو ٻنهي پاسن کان هلندڙ ٽرئفڪ جي روشني هڪٻئي کي صفا نظر نٿي آئي. انهيءَ ڪري ٽرئفڪ سواءِ ڪنهن ڊسٽربنس جي روان دوان هئي نه ته ايڏي ساري ٽرئفڪ ۽ انهيءَ جي روشني جي ڪري ٽرئفڪ ضرور متاثر ٿئي ها.
    اسان رات جي وقت جڏهن لاس ويگاس شهر ۾ داخل ٿياسين تڏهن منهنجو ته دماغ ئي چڪرائجي ويو. هيڏي ساري روشني هيڏي سهڻي ترتيب سان نائيٽ ڪلب ۽ ڪيسينوز، جن جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. وڏيون وڏيون بلند عمارتون جيڪي ڄڻ ته ڪنوار وانگر سينگاريون ويون هجن. جن مٿان هيڏيون روشنيون، روشنيون به اهڙي ڪمال سونهن سان سينگاريل جو ڳالهه سمجهه کان پري هئي.
    هڪ هوٽل ميئراج جنهن جي اڳيان وڏو باهه جو مچ مٿي آسمان ۾ انهيءَ هيڏي ساري مچ جي مٿان پاڻي ايئن پيو وهي ڄڻ ته هيٺ ڪنهن آبشار ۾ پيو ڪري. سڄي ملڪ جا ماڻهو سڄي رات رڳو انهيءَ منظر کي پيا ڏسن.
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي هوٽل M.G.M گرانڊ هوٽل جنهن ۾ پنج هزار پنج (5005) ڪمرا آهن. سا پڻ هن شهر ۾ آهي. هوٽلن، ڪلبن ۽ ڪيسينوز ۾ ايڏي رش جو ڊزني لينڊ کان به وڌيڪ رش. تڏهن به نائيٽ ڪلبن ۾ وائين، وسڪي، بيئر بلڪل فري ملي، ڪئين ڇوڪريون هٿن ۾ ٽري کنيو پيون هلن. جنهن ۾ وسڪي، وائين ۽ بيئر جا گلاس ڀريا رکيا آهن، هر ڪنهن اڳيان اچيو جهڪيو چون سر ڊرنڪ کڻو ۽ انهيءَ جي ڪابه قيمت ڪانه هئي. نه وري ڪلبن ۾ ڪا داخلا في هئي. صرف اتي جيڪي گيمس وغيره هئا انهن لاءِ توهان ڪوپن وٺي کيڏو سابه توهان جي مرضي.
    اسان هوٽل علاءُ الدين ۾ ڪمرو ورتو. ڪمرا ڪشادا ۽ تمام سهڻا هئا جن ۾ هر ضرورت جي شيءَ هئي. امريڪا ۾ هيءَ اسان جي هوٽل جي پهرين رات هئي. ڇو ته لاس اينجلس ۾ اسان هوٽل ۾ نه پر نظام جي گهر رهيا هئاسين. آمريڪا جون هوٽلون باقي دنيا جي هوٽلن ۽ خاص ڪري يورپين هوٽلن کان وڌيڪ خوبصورت، وڌيڪ آرائش ٿيل ۽ هوٽلن جا ڪمرا به وڏا ۽ انهن سڀني سهولتن جي باوجود وري سستيون به تمام گهڻون آهن.گهڻو ڪري اڌو اڌ نه ته ان کان به گهٽ. هونئن به آئون عرض ڪري آيو آهيان ته آمريڪا يورپ ۽ جپان ته ٺهيو پرڪن شين ۾ پاڪستان کان به سستو آهي.
    اسان جو ڪمرو 33 فلور تي هو. اسان تيار ٿي هيٺ هوٽل جو چڪر لڳايو. پوءِ نڪري ڪيترن ئي ڪيسينو، نائيٽ ڪلبن ۽ ڊسڪو جا چڪر هڻندي صبح ڪري ڇڏيو. اسان کي انهيءَ جوڪوبه احساس ڪونه ٿيو ته ڪو پرهه ڦٽي چڪي آهي ۽ اهي ئي ڪانگ، ڪبوتر، جهرڪيون جيڪي دنيا ۾ ٿين. تن جي چرچر جا آواز وڻن ۽ ڇٻرن تي ٻڌي احساس ٿيو ته زندگيءَ جي هڪ ٻي رات به کٽي وئي. پر خبر ئي ڪانه پيئي. اڄوڪي رات کٽندي ڏک نه پر سک ٿيو اسان پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿي ائين سمهي رهياسين جو وري تقريبن رات ٿي چڪي هئي. اسان وري به انهن روشنين ۾ ٽپڻ ۽ نچڻ وارين جي پرن هيٺان دٻجي وياسين ۽ هڪ حسين رات جو زندگي ۾ اضافو ٿي ويو. نظام تاڪيد سان چيو ته اهو منهنجي سالي قاسم سان ذڪر نه ڪجو. ٻه ڏينهن ٻه راتيون لاس ويگاس ۾ ٿي ويا هئا. سو اسان اڄ خيال ڪيو ته اڄ لاس ويگاس جي جان ڇڏيون.
    لاس ويگاس جو ريگستان 1864ع کان اڳ صرف چند ماڻهن جي رهائش هئي. پر پوءِ 1864ع ۾ آمريڪي فوجين لاءِ هت هڪ فورٽ بيڪر (Fort Baker) قائم ڪيو ويو. انهيءَ کان پوِءِ 1905ع ۾ هت ريل پهتي ته آباديءَ ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو. تنهن کان پوءِ 1931ع ۾ هت جوا گهرن کي قانوني شڪل ڏني وئي ۽ پڻ ساڳئي سال هوور ڊئم (Hover Dam) تيار ٿيو ۽ ڊيٿ ويلي نئشنل پارڪ (Death Valley National park) قائم ٿيڻ کان پوءِ هي علائقو هڪ مشهور ٽوئرسٽ جڳهه ٿي پئي.
    1980ع ۾ هتي جڏهن کان وڏي تعداد ۾ ڪيسينو کليا تڏهن کان هي شهر نه صرف نوويڊا ۽ آمريڪا پر سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز ٿيو. 1980ع جي مختصر عرصي ۾ هن ايڏي ته ترقي ڪئي جو آمريڪا جي ڪيترن شهرن کان خوبصورتيءَ ۽ ترقيءَ ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو اڄ ته لاس ويگاس آمريڪا جو مشهور ترين شهر آهي.جتي سڄي دنيا جا سياح سڄو سال پيا اچن. آمريڪا جي شهري ترقي رپورٽ ۾ سڄي آمريڪا ۾ تمام تيزيءَ سان وڌندڙ نمبر پهريون شهر لاس ويگاس آهي. هاڻ ڪمرشل سان گڏ ايئرفورس، نيس، سمال، آرمس رينج، نيل، ايئرفورس رينج، نيوڪليئر ٽيسٽنگ، سائيٽ يونيورسٽي ۽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ آهي. اسان لنچ ڪري هوٽل مان سامان کڻي شهر کي آخري سلام ڪندي لاس اينجلس ڏانهن روانا ٿياسين. لاس ويگاس ايندي ويندي گاڏي نظام هلائي. گاڏي آئون ۽ حمزه خان به هلائي ڄاڻون. پر هت گاڏيون ايڏو تيز هلائين ۽ ايڏو چستيءَ سان هلائين جو ان لاءِ جدا پريڪٽس گهرجي ۽ وقت گهرجي. سو اهو سارو بار نظام مٿان هو. ايڏي وڏي سفر ۾ حمزو ڪيڏي ڪيڏي مهل سمهيو رهندو هو، پوءِ اسان جي ڪچهري شروع ٿيندي هئي. واپسيءَ ۾ پڻ هڪ هوٽل تي ماني کاڌي سين. واپسيءَ جو سفر هونئن به جلد فتح ٿيندو محسوس ٿيندو آهي. سو وڃڻ جي مقابلي ۾ اچڻ ۾ ٿورو اڳ يعني اٽڪل اڌ ڪلاڪ اڳ پهتاسين.لاس اينجلس جي رستن جهڙا سهڻا ۽ گهڻا فري ويز خود سڄي آمريڪا ۾ به ڪونه آهن. سو لاس اينجلس جي فري ويز تي پهچي شهر اندر داخل ٿياسين.
    لاس اينجلس ۾ ميٽرو پوليٽن (10541) ڏهه هزار پنج سئو ايڪيتاليهه اسڪوائر ڪلوميٽر جي علائقي ۾ ٻه خودمختيار ميونسپاليٽيون آهن، جيڪي هي آهن. بيورلي هلز (Baverly Hills) ۽ ڪلورسٽي (Culver City).
    لاس ايجنلس جو هي علائقو پهرئين ملڪ جو امير ترين زرعي علائقو هو. پر پوءِ سڄي دنيا ۽ آمريڪا ۾ جڏهن صنعتي انقلاب آيو ته اهو زرعي علائقو فري ويز رهائشي ڪالونين ۽ صنعتي علائقن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڏسندي ڏسندي سڄو علائقو بئنڪنگ، انشورنس، هيلٿ ڪيئر سروس خلائي مصنوعات جي پيداوار، فارميسي، گلاس، رٻڙ، سيمينٽ، پئٽروليم جي مصنوعات، ريفائنريز، فوڊ پروسيسنگ، اليڪٽرانڪس ۽ سڄي دنيا جي سياحت، فلم، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ريڪارڊنگ جي گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو. هن شهر ۾ صرف پبلڪ ٽرانسپورٽر جي تمام گهڻي کوٽ آهي. جيئن آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين اهم مشهور شهرن ۾ توهان کي پبلڪ ٽرانسپورٽر جام ۽ هر هنڌ ملندو پر لاس اينجلس ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽر نه هئڻ جي برابر هئا. هرڪو ماڻهو پنهنجي سواري ڪري. تنهن ڪري ٽوئرسٽن لاءِ سستي ٽرانسپورٽ تمام گهٽ آهي.
    جيتوڻيڪ هت تمام وڏو سامونڊي بندر ۽ ڪيترائي ايئرپورٽ شهر ۾ آهن. ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج، هونئن به سڄي دنيا ۾ زياده ۾ زياده شاگرد آمريڪا ۾ پڙهندا آهن. (ڏسو صفحو 100 گنيز بڪ آف ريڪارڊس 1998).
    مقامي ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ پنهنجين گاڏين هئڻ ڪري ضرورت ڪانهي. پر ٻاهرين ملڪن جي سياحن ۽ شاگردن کي اها ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    گهر پهچڻ کان اڳ هڪ سپر مارڪيٽ مان ڪجهه سامان ورتوسين. اسان گهر پهتاسين ته قاسم گهر ۾ ئي ويٺو هو. اسان کي گرم گرم چانهه ٺاهي ڏنائين ۽ پڻ پاڪستان مان آيل فونن جي باري ۾ ٻڌايائين. حمزه خان کي ٻڌايائين ته توهان جو دوست ارشاد ميمڻ توهان لاءِ ميسيج ڏنو ته لاس ويگاس اچي ته مون سان فون تي ڳالهائجو. ارشاد ميمڻ حيدرآباد جو ميمڻ هو. ڪمشنر هارون ميمڻ جو مائٽ هو ۽ اسان کي (Sana) جي اجلاس م گڏيو هو. مانيءَ جي دعوت لاءِ چيو هئائين. حمزه خان چيو هئس ته اسان جو سڄو پروگرام ٺهيل آهي. جيئن ئي فري ٿيندس ته توهان سان رهاڻ ڪبي. سو حمزه خان کيس فون ڪئي ته سڀاڻي توهان سان ڪچهري ڪبي. پروگرام مطابق پاڻ ٻئي ڏيهاڙي صبح جو اسان کي وٺي لاس اينجلس بيچ ۽ شهر جون ڪيتريون ئي نيون جڳهيون ڏيکاريائين. جيڪي اڳ اسان ڪونه ڏٺيون هيون. پاڻ ٻنپهرن جي ماني پڻ کارايائين. ۽ رات جي ماني ءَ لاءِ پڻ چيائين. اسان چيس ته رات جي ماني نظام جتوئي جي دوست ظفر جي گهر اڳ ئي بڪ ٿيل آهي. پاڻ اسان کي نظام جي گهر لاهي اسان کان موڪلائي روانو ٿي ويو. اسان تيار ٿي نظام سان گڏ ظفر جي گهر روانا ٿياسين. ظفر نظام جو دوست، ڏاڍو تيز ۽ مزيدار ماڻهو هو. هن آمريڪا بابت ڏاڍيون مزيدار ۽ نيون ڳالهيون ٻڌايون. پاڻ ٻڌايائين ته آمريڪا ۾ ماڻهوڪتا ۽ ٻلا ڏاڍي شوق سان پالين. جڏهن پوڙها ٿين ته کين ڇڏيو ڏين ۽ حڪومت انهن ڪتن، ٻلن کي پالي ۽ کين شيلٽرن ۾ رهائي ۽ کارائي پياري. انهن ڪتن ٻلن کي بنا ملاوٽ کاڌي لاءِ ٺيڪدار. جن جي مٿان حڪومت جا ڊاڪٽر جيڪي انهن ڪتن ٻلن جي خوراڪ روزاني چيڪ ڪن ته متان هنن کي ٺيڪدار ملاوٽ وارو کاڌو نه کارائين. ڊاڪٽر اهو به خيال رکندا آهن ته هيتريون ڪليوريز ۽ هيترا پروٽين هنن کي روزاني ملن. انهيءَ مطابق کير ۽ کاڌو مهيا ڪيو ويندو آهي. سو اهي آهن آمريڪا ۾ ڪتن ٻلن جا ڀاڳ.
    سڄي رات ظفر جي گهر ڪچهري هلي. پاڻ هندستاني پلي بئڪ سنگر مهيندر ڪپور جو ڏاڍو فين هو. ان جا چونڊ مزيدار گانا ٻڌايائين. رات جي پوئين پهر پهچي بستر ڀيڙا ٿياسين. ان صبح جو اسان کي سينڊياگو (sandie go) وڃڻو هو. اسان جو گائيڊ يعني نثار پليجي جو ايراني دوست حامد بيج اسان کي سندس ڪار ۾ کڻي سينڊياگو روانو ٿيو. سينڊياگو آمريڪا ۾ جلد ترقي ڪندڙ شهرن مان هڪ آهي. سندس آدمشماري يارهن لک آهي. يعني ڪئليفورنيا رياست جو ٻيو نمبر وڏو شهر يعني لاس اينجلس کان پوءِ جيڪو تمام تيزيءَ سان وڌي ۽ ترقي ڪري رهيو آهي. هي شهر زراعت ۽ صنعت جو وڏو ڪاروباري مرڪز آهي ۽ پئسفڪ سمنڊ جو وڏو سامونڊي بندر پڻ آهي. هتي تمام وڏا ٽرالر مڇيون مارين ۽ انهن وڏن ٽرالرن تي مڇيون دٻن ۾ بند ٿي مارڪيٽ ۾ اچن. انهيءَ کانسواءِ آمريڪن نيوي جا وڏا شپ يارڊ جتي سامونڊي لڙاڪا جهاز ۽ انهن جا پارٽس تيار ٿين.
    روس جي ٽٽڻ کان اڳ دنيا ۾ روس پهريون نمبر بحري طاقت هو. انهيءَ کان پوءِ آمريڪا جو نمبر هو. آمريڪا دنيا ۾ پهريون نمبر هوائي طاقت هو. چين پهريون نمبر پيدل فوجي طاقت هو. پر هينئر به پهريون نمبر پيدل فوجي طاقت آهي. پر هاڻ روس نمبر ون بحري طاقت نه رهيو آهي، پر هاڻ نمبر ون بحري ۽ هوائي طاقت آمريڪا آهي. جنهن جو هاڻ ڪو مقابلو ئي نه آهي.


    10


    1947ع ۾ آمريڪن ڊالر ۽ پاڪستاني روپيو برابر هئا. هاڻي هڪ ڊالر ۾ 56 پاڪستاني روپيا هڪ ڊالر جي برابر آهن. پاڪستان جو پهريون وزيراعظم لياقت علي ۽ پاڪستان جو پهريون فوجي ڊڪٽيٽر ايوب خان جڏهن آمريڪا ويا ته لياقت علي آمريڪا جي صدر آئزنهاور ۽ ايوب خان کي جانسن خود ايئرپورٽ تي وٺڻ آيا. پر هاڻ آمريڪي صدر دنيا جي ڪنهن به بادشاهه يا صدر کي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ نه وڃي. زياده ۾ زياده ڪنهن سربراهه کي عزت ڏين ته وائيٽ هائوس جي اند رگارڊ آف آنر ڏين. ات آمريڪي صدر به آيل مهمان سربراهه سان گڏ هجي، نه ته هاڻ آمريڪي صدر صرف وائيٽ هائوس جي اوول روم ۾ ئي ملندو آهي.جيڪو هاڻ B.B.C.C.N.N يا ٻين ٽي وي چئنلن تي روز ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
    اسان ڪئليفورنيا جي خوبصورت فري ويز تي اٽڪل ڪلاڪ هلندي اچي سينڊياگو پهتاسين. سينڊياگو آمريڪا جي خوبصورت ترين شهرن مان هڪ آهي. جنهن جي موسم ٻارهوئي وڻندڙ آهي. جنهن ڪري هت سڄو سال سياح ايندا رهندا آهن ۽ سڄو سال گهما گهمي هوندي آهي. سينڊياگو جو چڙيا گهر دنيا جي وڏن چڙيا گهرن مان هڪ آهي. هتي لوهريا بيچ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. جتي لکين سياح هر سال اچن. اسان چڙيا گهر. بيچ ۽ ميونسپل هال ڏسڻ کان پوءِ انهيءَ يونيورسٽي ۾ وياسين جتي نثار پڙهندوهو. ڪافي دير ٿي ويئي هئي. پوءِ اتي ماني کاڌي سين هڪ انڊين هوٽل جي مانيءَ کان پوءِ شهر جو چڪر هڻي واپس روانا ٿيا سين. ڇو ته رات جو نظام جي ٻئي دوست لاس اينجلس ۾ اسان جي ماني ڪئي هئي. واپسيءَ ۾ اسان اوشن سائيٽ (Ocean Site) بيچ تان ٿيندا لاس اينجلس ڏانهن روانا ٿياسين. اوشن سائيٽ بيچ هل لاجواب ٽوئرسٽ اسٽاپ هو. جت سمنڊ اندر هزارين عورتون ۽ مرد پاڻي ۾ هلندڙ موٽر سائيڪلن تي انهيءَ انتظار ۾ بيٺا هئا ته وير اچي ته ان مٿان موٽرسائيڪل هلايون. جيئن ئي وير چڙهي ته موٽرسائيڪل سوارن ان مٿان موٽرسائيڪل اهڙي نموني ٿي هلائي جو جهڙوڪر موٽرسائيڪل پاڻي تي اڏامي رهيا هئا. انهيءَ راند ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي شامل هئا. ڏسڻ وارا اسان جهڙا تماشائي ته هزارن جي تعداد ۾ هئا.
    ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ منظر هو. دنيا جون بيچز ته ڪيتريون ڏٺيون سين پر اهڙو منظر ان کان اڳ صرف فلم يا ٽي وي ۾ ڏٺوسين. پر اڄ روبرو ڏسي رهيا هئاسين. اسان کي هت رات ٿي وئي هئي ۽ حامد بيچ تي نظام سان موبائيل تي ڳالهايو ته اسين رات جو نوين بجي پهچي سڌا طفيل جي گهر هلنداسين جت رات جي مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو.
    ڪئليفورنيا جا سهڻا فري ويز جن تي آمريڪن وڏين گاڏين ۾ سواري ڪندي لطف پئي آيو. وقت ۽ سفر جو احساس ئي ڪونه ٿيندو هو. حامد اسان کي نظام جي گهر لاهي پاڻ ٻاهران ئي روانو ٿي ويو. اسان باٿ روم مان ٿي نظام جي دوست جي گهر روانو ٿياسين. جت اسان جو انتظار اڳ ۾ ئي ٿي رهيو هو. طفيل اسان جو ٻين دوستن سان تعارف ڪرايو. نظام حمزه خان کي ته سينيٽر ڪري تعارف ڪرايو جيڪو هو به هن مون کي MPA ڪري ملايو. پر مون کين چيو ته کٽيل نه پر هارايل، انهيءَ تي سڀ ڏاڍا کليا. محفل دير سان شروع ٿي ۽ ظاهر آهي ته دير سان ختم ٿي.
    آمريڪا لاس اينجلس، بيورلي هلز (Baverly Hills) ۽ سهڻا دوست، سهڻيون راتيون خبر ئي ڪانه پئي ته ڏينهن راتيون، مهينا، سال ۽ جواني ڪيئن گذري ويا. ۽ هاڻ پنهنجي جوان اولاد پاڻ سان گڏ لنڊن، پئرس، سوئيزرلينڊ، مونٽي ڪارلو وينس، هالينڊ، جرمني ۽ برسلز ۾ ڏسي پاڻ جي جوانيءَ جي تصوير انهن ۾ ڏسي ڏاڍي دل خوش ٿيندي آهي ۽ پاڻ کي هئڻ جو احساس ۽ تسلسل نظر ايندو آهي. رات جاڳندي ۽ ڏينهن سمهندي پورو ٿي ويو. شام جو گاڏيءَ ۾ لاس اينجلس بوليوارڊ (Boulevard) جي سن سيٽ تي هلندي سج کي لهندو ڏسي احساس ٿيو ته اهو سج اهو نه آهي جيڪو غريب ملڪن جي ديسن ۾ لهندو ۽ اڀرندو آهي.
    اسن ڀنڀرڪي ڌاري هلٽن هوٽل جي سٺ ماڙ بلڊنگ ۾ گهڙي هوٽل جي نائيٽ ڪلب ۾ وياسين. جتي ايڏي ته رش هئي جو ويهڻ ته ٺهيو پر بيهڻ جي جڳهه به ڪانه هئي. نظام پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو پليجا صاحب هليا اچو. اسان سندس پٺيان پئي وياسين. نيٺ نظام هڻي هنڌ ڪيو. مونکي ۽ حمزه خان کي جڳهه ڳولهي اسان کي ويهاري پاڻ ڪٿ ٻئي هنڌ وڃي ويٺو. ڪافي دير کان پوءِ آيو ۽ اسان کي به پاڻ وٽ وڃي ويهاريائين .پوءِ اهو انڊين گانو ته ”دور پي دور چلي، ۽ چلتا هي بدن .“ سو هڪ نه پر ڊزنن جي حساب سان ٻرندڙ ۽ سڙندڙ بندن نه صرف ڏسڻ ۽ ڇهڻ لاءِ پر کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ به تيار، صرف آرڊر جي دير. ڪافي دير کان پوءِ گهر روانا ٿياسين.
    صبح جو سوير تيار ٿي لاس اينجلس جي ايئرپورٽ تي پهتاسين. جتان ٽڪيٽ وٺي سين فرانسسڪو (Sanfrahcisco) ڏانهن روانا ٿياسين. نظام پنهنجي ڪنهن دوست کي ايئرپورٽ ۽ پڻ جهاز هلندي فون ڪيو ته اسان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سين فرانسسڪو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچنداسين. تون اسان کي ات وٺڻ اچج، جهاز صحيح وقت تي ايئرپورٽ تي لٿو ۽ اسان جو سامان مختصر هو جيڪو اسان سان هو. تنهن ڪري سواءِ سامان جي انتظار جي ٻاهر روانا ٿياسين ۽ ٻاهر اسان جو ميزبان انتظار ڪري رهيو هو. سندس ڪار ۾ چڙهي سندس گهر طرف روانا ٿياسين.
    1-All Roads lead to rome.
    2-Rome was not bult in a day.
    3-Do in rome as Roman’s Do.
    4-Rome was burying nero was fiddling.
    اهي چوڻيون انهيءَ دور جون هيون جڏهن روم دنيا جي وڏي حصي تي قابض هو ۽ سندس حڪومت يورپ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي هندستان جي ٻئي ڇيڙي تائين هئي. پر هاڻ (All roads lead to America) سو انهيءَ آمريڪا ۾ سڄي دنيا جي قومن جو هيڊ ڪوارٽر ۽ سڄي دنيا جا ملڪ پنهنجا فيصلا ۽ ڇوڙيون نبيريون هن سرزمين تي ”اقوامتحده“ يا هاڻ سڌو سنئون وائيٽ هائوس ۾ ڪن.
    اقوام متحده قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا پهرئين انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي جنهن ئي اقوام متحده جو چارٽر تيار ڪيو هو. تنهن جو پهريون اجلاس پڻ هن شهر سين فرانسسڪو ۾ ٿيو هو. سين فرانسسڪو آمريڪا ته ٺهيو پر دنيا جي چند سهڻن شهرن مان هڪ آهي. جيڪو سمنڊ جي وچ ۽ چوطرف سهڻن ٽڪرين تي قائم آهي ۽ انهن ٽڪرين کي پلين ذريعي ملائي هڪٻئي سان گڏي هڪ حسين منظر قائم ڪيو ويو آهي. انهن پلين ۾ هڪ دنيا جي سهڻي پل يعني گولڊن گيٽ برج (Golden gate Bridge) پڻ آهي. جيڪا واقعي لاجواب آهي.
    سين فرانسسڪو جو شهر سمنڊ، ٽڪرين ۽ پلين، بلڊنگن ۽ قدرتي بيهڪ جي ڪري تمام سهڻو ٿو لڳي. اسان هن سهڻي شهر جي سهڻن علائقن مان ٿيندا گولڊن گيٽ جي پل پار ڪندا مئرن ڪائونٽي (Marin County) علائقي ۾ هڪ شاندار بنگلي جي ٻاهران پهتاسين جتي ڪار ۾ ويٺي اسان جي ميزبان ڪار گئريج جو دروازو رموٽ ڪنٽرول ذريعي کوليو ۽ اسان جي ڪار گئريج اندر داخل ٿيڻ شرط دروازو بند ٿي ويو ۽ اسان اندران ئي ٻئي دروازي ذريعي ڊرائنگ روم ۾ پهچي وياسين ۽ اسان جو ميزبان اسان جي خاطر خواهه ۾ لڳي ويو. ٿوري دير کانپوءِ هو اسان کي پنهنجي هوٽل تي وٺي آيو. جتي پڻ هن اسان جي ڏاڍي خاطري ڪئي. هن ڪا ٻئي هوٽل خريد ڪئي هئي. جنهن جي چارج اڄ رات هن کي وٺڻي هئي. اسان هن کان موڪلائي هوٽل تي ڪمرو وٺي اچي ستاسين. صبح جو هوٽل تي ناشتو ڪري نظام جي ٻئي دوست وٽ پهتاسين. جنهن ٻنپهرن جي ماني سان گڏ سڄو ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪار ۾ شهر گهمايو. هڪ سئو ويهه اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ پکڙيل ۽ نو سئو فوٽ ڊگهين ٽڪرين تي قائم هي خوبصورت ترين شهر جيڪو ڪن خوبين ۾ آمريڪا جي سڀني شهرن کان اڳتي آهي.
    1-سڄي آمريڪا ۾ زياده شراب هن شهر ۾ استعمال ٿئي.
    2-سڄي آمريڪا ۾ زياده خودڪشيون هن شهر ۾ ٿين.
    3-سڄي آمريڪا ۾ زياده طلاقون هن شهر ۾ ٿين.
    4-سڄي آمريڪا ۾ فلوريڊا رياست کان پوءِ زياده ۾ زياده سياح هن شهر ۾ اچن.
    5- سڄي آمريڪا ۾ زياده ۾ زياده هومو سيڪيوئل (Homo Sexual) هن شهر ۾ رهن ۽ 1970ع کان وٺي هي شهر دنيا جي (Gay Civil Rights) جو سڄي دنيا جو مرڪز آهي.
    6-سڄي ڪئليفورنيا رياست جي سون جو مرڪز به هي شهرآهي.
    7-دنيا جي سهڻن سامونڊي بندرن مان هڪ آهي.
    8-سڄي دنيا ۾ آرٽ ميوزڪ ۽ سٺي کاڌي جي ڪري پڻ مشهور آهي.
    انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ عجيب ڳالهه ته آمريڪا ۾ زياده ۾ زياده Earth Quakeo زلزه پڻ هن شهر ۾ اچن خاص زلزله 1998-1868-1898-1900-1906-1990 ۾ آيا.
    سين فرانسسڪو شهر جي ڊائون ٽائون (Dowon Town) علائقي ۾ گهمڻ جا مک ۽ اهم مرڪز هي آهن.
    ٽرانز آمريڪا 1-Trans America
    پائرامڊ بلڊنگ 2-Pyramid Building
    چائنا ٽائون 3-China Town
    گيري اسٽريٽ 4-Geary Street
    ڪوئيٽ ميموريل ٽاور 5-Coit Memorial Tower
    فشرمين مارڪيٽ 6-Fisher man Market.
    ڊائون ٽائون جو علائقو پنهنجي سهڻي ڪيبل ڪار سسٽم جي ڪري به تمام مشهور آهي. پهرئين اسين ان مشهور گلن سان جنجهيل پهاڙي رستي کي ڏسڻ وياسين. جتي گاڏي هلائڻ لاءِ به هڪ قابل ڊرائيور گهرجي، ڇو ته هتي گاڏين جي سڄو ڏينهن ايڏي ته رش آهي جو گاڏيون جهڙيون مالها ۾ موتي،گاڏين جي وچ ۾ نالي ماتر وڇوٽي آهي. رنگين قسمين قسمين گلن جي وچ ۾ منڊي ماڪوڙي جي اسپيڊ ۾ مٿان کان هيٺ لهندي وڏين آمريڪن گاڏين جو ڏيک جنهن کي سوين سياح روزانا وڊيو ۽ ڪئميرائن ۾ محفوظ ڪن. اهو سلسلو ڏينهن رات چالو آهي. اسان به ڪجهه فوٽا ڪڍيا. انهيءَ کان پوءِ فشرمين مارڪيٽ آياسين. جت پڻ گهڻي رش هئي. ديس ديس جا نر ۽ ناريون پنهنجي ڌن ۾ مگن هئا. سين فرانسسڪو جي نالي سان شرٽون پهريل گهمندي ڦرندي دنيا جهان کان بي خبر نظر ٿي آيا. اسان به هڪ هوٽل تي ويهي آئس ڪريم کاڌي ۽ اخبار پڙِهي، ڪجهه شاپنگ ڪري اسان واري ميزبان جي مني مارڪيٽ تي آياسين. جت اسانجي ميزبان اسانکي گفٽ طور شرٽون، پينون، ڪي چينز، جوراب، رومال ۽ ٻيا به ڪافي تحفا ڏنا.
    اسان رات جو نائيٽ ڪلب وياسين جتان ڪافي دير کانپوءِ پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. صبح سوير اسان ايئرپورٽ پهچي واپس لاس اينجلس ڏانهن روانا ٿياسين. سين فرانسڪو کي ڇڏيندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن پيار ڪندڙ سريت کان ڇڄي ڌار ٿيو هجان. اسان هوائي جهاز جي درين مان سين فرانسسڪو شهر کي ڏسندي ڪڪر ۾ داخل ٿي وياسين. ننڍي هوندي ڪوهه مريءَ ويندا هئاسين ته ڪڪرن کي هيٺ ڏسي ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ ڪيترو وقت پيا ڪڪرن کي ڏسندا هئاسين. پر جڏهن جهاز ۾ چڙهڻ جو اتفاق ٿيو ته ايترو سارو وقت ڪڪرن جي اندر ۽ ٻاهر جي ڪابه خبر نه. سو ڪجهه وقت ته ڏاڍو مزو آيو پر هر هر ڪڪرن ۾ مزو نه پيو اچي، ماڻهو ڀانئي ته جهاز جي ٻاهران سڀ ڪجهه ڏسان، سمنڊ، درياءَ، ٻيلا، جبل، شهر ۽ راتين جون روشنيون خاص ڪري امير ملڪن جي شهرن جون روشنيون جن کي ڏسيو ماڻهوءَ جو دماغ دنگ رهجيو وڃي ته ڪهڙير نه سهڻي ترتيب سان هيٺ روڊ، رستا ۽ ان تي روشنيون ٺاهيون آهن. سچ ته ڪي شهر هيٺ کان به مٿي رات جو روشنين جي ڪري وڌيڪ خوبصورت لڳن، ايفل ٽاور، ٽوڪيو ٽاور، امپائير اسٽيٽ بلڊنگ، زيورچ ۽ جدي جا تمام وڏا ڦوهارا ته ماڻهوءَ کي جهاز مان وسرن ئي نه. سو اسان به سين فرانسسڪو جي ڪڪرن مان ٻاهر نڪري گولڊن گيٽ برج ۽ ٻين پلين کي ڏسڻ ٿي چاهيو پر ڪڪرن جند نه ڇڏي ۽ اسان اڳتي نڪري وياسين. لاس اينجلس تائين فلائيٽ ڪا گهڻي دير نه لاٿي. اسان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ لاسس اينجلس پهچي وياسين. ايئرپورٽ کان ٻاهر قاسم جتوئي نيڪر پاتل اسانجي انتظار ۾ بيٺو هو ۽ اسان گهر ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان جڏهن آمريڪا جي ٽوئر ۾ هئاسين تڏهن صدارتي ۽ سينيٽ جي اليڪشن جو چرچو هو. آمريڪا جي صدر جي عهدي لاءِ آمريڪا جي ان وقت صدر جارج بش ۽ سندس مخالفت ۾ بل ڪلنٽن بيٺل هئا. بل ڪلنٽن (Arkansas) آرڪانس اسٽيٽ جو گورنر پڻ هو. سندس شخصيت ۾ ڏاڍو اعتماد هو. منهنجو اندزو هو ته هي ماڻهو ضرور اليڪشن کٽي ويندو. بش جي اپوزيشن هونئن به ڏاڍي خراب هئي. جنهن جو خود هن پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. بش ۽ ڪلنٽن کان سواءِ آزاد اميدوار راس پيروٽ جيڪو آمريڪا جو امير ترين ماڻهو هو. سو اليڪشن ۾ پنهنجي آئڊورٽائيز تي پاڻيءَ وانگر پئسو وهائي رهيو هو. ۽ هن اليڪشن ۾ توقع کان وڌيڪ يعني اوڻويهه سيڪڙو ووٽ کڻي خود آمريڪي شهرين کي حيران ڪري ڇڏيو.
    پاڻ سمجهندا آهيون ته رڳو هندستان ۽ پاڪستان ۾ خانداني سياست آهي. يعني هندستان ۾ گانڌي ۽ نهرو فئملي، پاڪستان ۾ ڀٽو ۽ نواز شريف فئملي، پر آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ائين ڪونه هوندو. پر آمريڪا ۾ پڻ پاڻ وانگر پهريائين کان وٺي اڄ تائين اهو سلسلو هليو اچي. جنهن جا ڪجهه نمونا هن ريت آهن. يعني جارج بش صدر ته سندس ٻه پٽ گورنر ۽ وري سندس هڪ پٽ جارج ڊبليو بش صدر.
    جان آدم (John Adams) صدر ته سندس پٽ جان ڪوئينسي آدم پڻ صدر ٿيو.
    وليم ايڇ هيرسين (Willam-H-Harrison) صدر ته سندس پوٽو بنجمن (Benjamin Harrison) صدر.
    جيمز مئڊيسن (Jamses Madison) صدر ته سندس سڳو سئوٽ زيچري ٽيلر (Zachary Taylor) صدر.
    ٿيوڊر روز ويلٽ (Theodore Roosevelt) صدر ته سندس اڳو سئوٽ فرينڪن ڊي روز ويلٽ Fanklin-D-Roosevelt) صدر ٿيو.
    جان ايف ڪئنيڊي صدر ته سندس ڀاءُ صدارتي اميداوار جي چونڊ هلندي قتل ٿي ويو. سندس ٻيو ڀاءُ هميشه سينيٽر چونڊجي ۽ اڄ به سينيٽر آهي. ڪئنيڊي فيملي جا فرد هر صدارتي اليڪشن ۾ سندس پارٽي جي اميدوار جي مدد ڪن ۽ انهن جي آمريڪي عوام ۾ تمام گهڻي عزت آهي.
    ( هي ڪتاب مون هڪ وقت نه پر ڪيترن ئي نشستن ۾ لکيو آهي، تنهن ڪري نوان پراڻا واقعا گڏ ٿي ويا آهن.)
    هن سال يعني سال 2000ع جي آمريڪي صدارتي اليڪشن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي نالو ئي (Kennedy night) ڏنو هو. جنهن ۾ صدر بل ڪلنٽن نائب صدر الگور کان سواءِ ٻه مک مقرر هئا. ڪئنيڊي فئملي مان هئا يعني جان ڪئنيڊي جي واحد بچي ويل ڌيءَ ڪيرولين ڪئنيڊي ۽ سندس ڀاءُ يعني مساجوسيٽ رياست مان چونڊيل سينيٽر جن جي تقريرن ۾ رڳو سندن خاندان جا نظريه ۽ ڪارناما هئا. سو سائين خانداني سياست ۾ رڳو اسان جو نالو بدنام نه آهي، پر آمريڪا وارا اسان کان به اڳتي آهن. نه رڳو خانداني سياست پر جنس ۽ مذهبي ڪٽر پڻي جي به حد چئجي. يعني هندستان جهڙي ملڪ جو صدر مسلمان ۽ سک ٿي سگهي ٿو. يعني ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ گياني ذيل سنگهه، سريلنڪا جي صدر عورت ٿي سگهي ٿي يعني مسز بندرانائيڪي، پر آمريڪا جي هاٿي ۽ گڏهه جي جنگ ۾ اها ڳالهه ناممڪن آهي. (ريپبلڪ هاٿي. ڊيموڪريٽڪ گڏهه پارٽي نشان) آمريڪا جا 43 ئي صدر هي قسم کڻي کڻي پنهنجي آفيس ڀيڙا ٿيا.
    I do sotemnly swear (or offirm) that I will faithfully execute the office of president of the united states and will do the best of my abilities preserve, protect and defend the constitution of united states.

    آمريڪن صدر

    جارج واشنگٽن 1- George Washington:1789-1797
    جان آدم 2-John Adams: 1797-1801
    ٿامس جيفرسن 3- Thomas Jefferson:1801-1809
    جيمس مئڊيسن 4-James Madison: 1809-1817
    جيمس مونرو 5-James Monroe: 1817-1825
    جان ڪئنسي آدم 6-Jahn Quincy Adams:1825-1829
    ائنڊريو جئڪسن 7-Andrew Jackson:1829-1837
    مارٽن وين برن 8-Martin van Buren:1837-1841
    وليم هينري هوريسن 9-William Henry Harrison:1841-1845
    جان ٽيلر 10-John Toylor:1841-1841
    جيمس-ڪي-پولڪ 11-James k.Polk:1845-1849
    زيچري ٽيلر 12-Zachary Taylor:1849-1850
    ملرڊ فلمور 13-Millard Fillmore:1850-1853
    فرئنڪن پائيرس 14-Franklin Pierce:1853-1857
    جيمس بچنان 15-James Buchanan:1857-1861
    ابراهام لنڪن 16- Abraham Lincoln:1861-1865
    ائنڊريو جانسن 17- Andrew Johnson:1865-1869
    پوليسس.ايس. گرانٽ 18-Ulysses S. Grant:1869-1877
    روٿر فورڊ. بي. هيز 19- Rutherford B. Hayes:1877-1881
    جيمس-اي- گيرفليڊ 20-James A. Grafield:
    چيسٽر. اي. آرٿر 21- Chester A. Arthur:1881-181
    گروور ڪليو لانڊ 22-Grover Cleveland:1885-1889
    بينجمن.هيريسن 23- Benjamin Harrison:1889-1893
    گروور ڪليو لانڊ 24-Grover Cleveland:1893-1897
    وليئم مئڪنلي 25- William Mc kinley:1897-1901
    ٿيوڊور روز ويلٽ 26- Theodore Roosevelt:1901-1909
    وليئم. ايڇ. ٽئفٽ 27- William H. Taft: 1909-1913
    وڊرو ولسن 28-Woodrow Wilson:1913-1921
    وئرن. جي. هارڊنگ 29-Warren G. Harding:1921-1923
    ڪالون ڪولج 30- Ca;vom Coolidge:1923-1927
    هربرٽ سي هوور 31- Herbert C. Hoover:1929-1933
    فرئنڪن دي روزوپلٽ 32-Franklin D.Roosevelt:1933-1945
    هئري ايس ٽرومئن 33- Harry S.Truman:1945-1953
    دوائيٽ ڊي آئزن هاور 34-Dwight D Eisenhower:1953-1961
    جان ايف ڪئنيڊي 35-John F.Kennedy:1961-1963
    لانڊن بي جانسن 36- Lyndon B. Johnson:1963-1969
    رچرڊ ايم نڪسن 37- Richard M.Nixon:1969-1974
    جيرالڊ فورڊ 38-Gerald R Ford:1974-1977
    جميز ڪارٽر 39-James Carter:1977-1981
    رونالڊ رينگن 40-Ronald W Reagan:1981-1989
    جارج بش 41-George H. W. Bush989-1993
    بل ڪنٽن 42-Willaim J Clinton:1993-2001
    جارج ڊبليو، بش 43-George W. Bush:2001







    يعني سڀ جا سڀ عيسائي ۽ انهن ۾ به صرف هڪ دفعو رومن ڪيٿولڪ جان ڪينيڊي چونڊجي آيو آهي. نه ته سڀ جا سڀ پروٽيسٽنٽ (Protestant) آهن. هن دفعي الگور پهريون ڀيرو پنهنجي ڪمزور پوزيشن جي ڪري ڪينڪٽي ڪٽ مان چونڊيل يهودي سينيٽر جوزف لبرمين کي نائب صدر لاءِ اميدوار بيهاريو. باقي رهيو جنس جو مسئلو ته ڪڏهن به ڪا عورت صدر يا نائب صدر منتخب نه ٿي آهي. هڪ ڀيري آمريڪي نائب صدر جي عهدي لاءِ عورت فرارو اليڪشن ۾ بيٺي هئي. پر کيس وڏي اڪثريت سان شڪست آئي. آمريڪي صدارتي اليڪشن به هڪ وڏي جوا ۽ مٿي جو سور آهي. مٿي جو سور ان ڪري جو آمريڪي صدرارتي اميدوار کي ڪيترن ئي مرحلن ۾ اليڪشن وڙهڻي پوي ٿي. اهو ان ڪري جو جيڪڏهن صدارتي اميدوار عام ووٽن ۾ کٽي به وڃي پر، رياستي پاپولر (Popular) ووٽن ۾ ڪري پوي ته عوام جي اڪثريتي ووٽن جي راءِ جي ڪابه اهميت نه ٿيندي ۽ گهڻاووٽ کڻندڙ اميدوار جو ٻيڙو ئي ٻڏو. اهڙو حشر هڪ نه پر گهڻائي ڀيرا آمريڪي اليڪشن ۾ ٿيو آهي. جنهن جا ڏنگيل اميداوار هي آهن.

    سال = اميدوار جو نالو = انتخابي اداري جا ووٽ = عوام جا ووٽ = نتيجو



    يعني اينڊريو جيڪسن، سيموئل جي ٽلڊن ۽ گروور ڪليو لينڊ عوامي ووٽن ۾ ته کٽيو پر انتخابي اداري جي ووٽن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڪري هارائي ويا. صدارتي اليڪشن جي ڄاڻ سان گڏوگڏ ڪجهه سينيٽ بابت پڻ ٻڌو.
    سن 1787ع ۾ آئين جوڙڻ واسطي ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ آمريڪا جي وڏين ۽ ننڍين رياستن جي وچم ٿيل ”عظيم عهد نامي“ (Great Compromise) جي نتيجي ۾ ڪانگريس ٻن ايوانن ۾ ورهائي وئي. 1- ايوان نمائند گان (House of Representatives) 2- سينيٽ (Senate). ايوان نمائندگان ۾ ميمبرن جو تعداد رياستن جي آدمشماري مطابق مقرر ٿيو. جڏهن ته سينيٽ ۾ ميمرن جو تعداد سمورين رياستن جو برابر آهي. رياست ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ گهربل ڪمن جهڙوڪ. جنگ جو اعلان، لشڪر جو انتظام، ٽئڪسن جي مقرري، ڏوڪڙ اڌارڻ، سڪو ٺاهڻ، واپار جو انتظار ۽ حڪومت جي ڪمن ڪارين لاءِ قاعدن ۽ قانونن جوڙڻ جي ذميواري آئين موجب ٻنهي ايوانن کي هڪ جيتري سونپيل آهي. ملڪي ۽ غير ملڪي معاهدن ۽ نامزدگين بابت راءِ ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ جو خصوصي اختيار سينيٽ کي حاصل آهي. آئين موجب سينيٽرن لاءِ هي شرط آهن. انهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 30 سال هجي. اهي آمريڪي شهري ۽ چونڊ سان واسطيدار رياست جا رهاڪو هجن. اصل ۾ رياستي اسيمبلين کي سينيٽر چونڊڻ جو اختيار آئيني طور حاصل هو. پر سن 1913ع ۾ آئين ۾ ٿيل ترميم سترهن موجب سينيٽرن جي عوام طرفان سڌي چونڊ جو قاعدو نافذ ڪيو ويو. سن 1789ع ۾ ايوان نمائيندگان عوام لاءِ پنهنجا دروازا کوليا. تڏهن کان چند سالن لاءِ نيويارڪ ۽ فلاڊيلفيا ۾ ڪوٺايل سينيٽ جا اجلاس مخفي طور منعقد ڪيا ويا. سينيٽرن کي اها توقع هئي ته بنيادي طور تي اهي صدر جي مشاورتي مجلس طور ڪم ڪندا ۽ آئين ۾ گهربل ترميم ڪرڻ جا مجاز به اهي هوندا ۽ ڪانگريس جي بلن ۾ به گهربل ترميم ڪرڻ جا اختيار کين حاصل هوندا. عوامي دٻاءُ سينيٽ جي همت افزائي ڪئي ته اها سينيٽ ۾ هڪ وزريٽرس گيلري قائم ڪري ۽ اها 1795ع ۾ معائنه ڪارن لاءِ کولي وئي.
    جڏهن 1800ع ۾ وفاقي گادي فلا ڊيلفيا کان نئين بنايل ضلعي ڪولمبيا ڏانهن منتقل ٿي ته اتي ڪانگريس جي ٻنهي يعني سينيٽ توڙي ايوان نمائند گان ۾ عوام لاءِ گيلريون مهيا ڪيون ويون.
    1830ع واري ڏهاڪي دوران سينيٽ ۾ آمريڪي قوم جا وڏا سياسي مدبر ۽ عظيم مقرر موجود رهيا، جن سينيٽ جي ايوان ۾ ڊينئل وييسٽي، هينري ڪلي، جان ڪيلهون ۽ ٻيا شامل هئا. هڪ فرينچ مبصر جنهن سينيٽ جو دورو ڪيو. تنهن پنهنجي تجزيي ۾ ڄاڻايو ته آمريڪي سينيٽ انهن هوشيار وڪيلن، ممتاز سالارن، داناءَ قاضين ۽ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ مباحثن ۾ سڀ کان مٿانهون آهي.
    هنن ڏهاڪن دوران سينيٽ وفاقي اختيار بمقابله رياستي حقوق ۽ ملڪي سرحدن اندر وڌندڙ غلاميءَ واري رجحان بابت مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو پر صورت حال موجب مناسب سمجهوتي يا ٺاهه لاءِ ٿيندڙ ڪوششون ناڪام ٿيون ۽ آمريڪي قوم خونريزي، گهرو لڙائي ۽ افراتفريءَ جو شڪار ٿي وئي.
    سن 1859ع ۾ سينيٽ پنهنجي نئين ۽ ڪشادي عمارت ۾ منتقل ٿي. 1861ع ۾ آمريڪي وفاق ۾ شامل ڏکڻ وارين رياستن جي وفاق کان جدا ٿيڻ سبب اتان جي چونڊيل سينيٽرن استعيفا ڏني جنهن ڪري سينيٽ جي ميمبرن جو تعداد گهڻو گهٽ ٿيو. نتيجي طور نئين ريپبلڪن پارٽي کي سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ٿي. گهرو لڙائي ۾ شامل ٿيندي انهن سينيٽرن جو صدر اينڊريو جانسن سان ٽڪر ٿي پيو. جيڪي ڏکڻ وارين رياستن ۾ وڏي پئماني تي تعمير نو جا خواهان هئا.
    صدر اينڊريو ابراهام لنڪن وارين پاليسين کي اختيار ڪيو. انهيءَ تضاد سبب سينيٽ ۾ صدر کي هٽائڻ لاءِ باقاعدي مقدمو هليو. جتي هو فقط هڪ ووٽ وڌيڪ حاصل ڪرڻ سبب صدارت جي عهدي تان دستبردار ٿيڻ کان بچي ويو. حالتن ان جي پيش نظر اوڻيهن صديءَ جي باقي عرصي دوران ڪمزور صدرن جو انتخاب اينڊوريو جانسن جي مماثلت سان جاري رهيو ۽ انهيءَ دور ۾ سينيٽ سرڪار جي طاقتور ترين اداري طور قائم رهيو. سينيٽرن جو دليل اهو هو ته انتظاميه، آئين ساز ادارن جي ماتحت هئڻ گهرجي ۽ صدر سمورو ڪم ڪانگريس جي جوڙيل قاعدن ۽ قانونن کي نافذ ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ تائين محدود هجي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ طاقتور صدر روز ويلٽ ۽ ودرو ولسن سينيٽ جي بالادستيءَ کي چئلينج ڪيو ۽ طاقت جو توازن وائيٽ هائوس ڏانهن منتقل ٿيو. تنهن هوندي به سينيٽ انهيءَ ورسيلز واري معاهدي کي رد ڪندي صدر وڊرو ولسن کي سندس حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ وڏو سياسي ڌڪ رسايو. جنهن معاهدي تحت پهرين عالمي لڙائي ختم ٿي ۽ ليگ آف نيشنس (League of Nations) قائم ٿي. 1930ع واري ڳڻڳوت واري صورتحال جي درميان صدر فرينڪلن روز ويلٽ جي ملڪي اڏاوت سڌارن ۽ ڇوٽڪاري واري نئين پروگرام جي لاءِ سينيٽ مثبت موٽ ڏني. سينيٽ جي تاريخ ۾ بي مثال قانون سازي جي عمل وفاقي حڪومت جي ڍانچي. سائيز ۽ حيثيت کي واضح طور بدلائي ڇڏيو.
    1937ع ۾ سينيٽ صدر روز ويلٽ جي انهيءَ تجويز کي رد ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ من پسند ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ۽ سخت مايوسيءَ سبب روز ويلٽ جي عالمي پاليسين ۾ گهٽتائي ٿي.
    1941ع ۾ پرل هاربر بندر تي حملي جي نتيجي ۾ راءِ عامه تيزيءَ سان تبديل ٿي ۽ سينيٽرن جنگي حڪمت عمليءَ خلاف جلوس ڪڍيو ۽ نعرا هنيا ته سياست پاڻيءَ جي دنگ تي رڪجي وڃي ٿي. جنهن ۾ آمريڪي خارجه پاليسي ۾ هڪ نئين جذبي جو اظهار ٿيو جنهن ۾ سرڪاري موقف سان کليل اختلاف هو. 1946 ع ۾ سينيٽ جي تاريخ ۾ وڏي تبديلي آئي جڏهن سينيٽ آئين جي نئين ترتيب لاءِ هڪ ٺهراءُ بحال ڪيو جنهن سان ڪميٽي سسٽم کي نئين شڪل ملي ۽ سينيٽرن ۽ سندن ڪميٽين جي ڪم ڪار لاءِ پيشور ملازم مقرر ڪيا ويا. قومي بچاءُ واري پروگرام غير ملڪي امداد ۽ آمريڪا جي اتحادين جي مدد ڪرڻ وارن ڪمن ۾ اضافي ٿيڻ سبب ۽ سرد جنگ جي ڪري آئين سازي ۾ گهڻو اضافو ٿيو.1950ع واري ڏهاڪي دوران سينيٽ شهري حقن بابت پاليسين تي سخت مباحثن ۾ ڦاٿل رهي. جنهن طويل ڏچو برپا ڪيو. پر نيٺ هڪ يادگار قانون شهري حقن وارو ايڪٽ 1964ع ۾ پاس ڪيو ۽ 1965ع ۾ ووٽ ڏيڻ جي حق وارو ايڪٽ پاس ڪيو. ويٽنام واري جنگ ۾ آمريڪا جي ملوث هئڻ تي پڻ سينيٽ ٻن حصن م ورهائجي وئي. جيتوڻيڪ سينيٽرن 1964ع ۾ پرجوشيءَ سان گلف آف نونڪن ٺهراءُ درست ڄاڻايو پر انهي جي نفاذ جي مخالفت ڪيائون . ۽ ان کي منسوخ ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنائون. خارجه پاليسي بابت صدر کي حاصل وڌيڪ اختيارن تي سينيٽ کي لاحق ڳڻتيءَ جي پيش نظر هڪ نئون قانون (War power act of 1973) سينيٽ طرفان تشڪيل ڏنو ويو. جنهن موجب ڪنهن به لڙائيءَ لاءِ آمريڪي فوجون موڪلڻ لاءِ ڪانگريس جي تصديق ۽ نوٽيفڪيشن جو پڌرو ٿيڻ لازمي هو. 1972ع ۾ پيدا ٿيل واٽر گيٽ واري چوري ۽ صدارتي مهمن ۾ ٿيل بيقائدگين جي جانچ پڙتال لاءِ سينيٽ هڪڙي ڪاميٽي تشڪيل ڏني، جنهن جي اڳواڻي اتر ڪيرولينا وارو سينيٽر سام اورن ڪري رهيو هو. تنهن جي رپورٽ جي بنياد تي صدر رچرڊ نڪسن کي مجبورن استعيفا ڏيڻي پئي.انهيءَ کان پوءِ به سينيٽ صدر جي اختيارن سان پنهنجو توازن برقرار رکندي اچي ۽ بعض صدارتي قدمن جي حمايت به ڪندي اچي ته انتظاميا واري شعبي تي ڪرڙي نظر پڻ رکندي اچي. هن تپاس ڪرڻ ۽ توازن برقرار رکڻ وارو نظام جيڪو آئين ٺاهيندڙن جي ذهن محسوس ڪيو. آمريڪا واري نمائنده جمهوريت ۾ ٻه سئو سالن کان وڌيڪ وقت کان وٺي برقرار آهي.
    قاسم اسان کي پاڪستان مان آيل فون ۽ نياپن جي باري ۾ ٻڌايو ته ڪنهن ڪنهن فون ڪيو ۽ ڪهڙا ڪهڙا حڪم توهان لاءِ هئا. تنهن جي تفصيل ٻڌائڻ کان پوءِ هن اسان کي گهر ڀيڙو ڪيو. هاڻي اسان وٽ آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ صرف هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن بچيو هو. جنهن کي اسان سٺي نموني گذارڻ ٿي چاهيو.
    هاليڊي ان جي سوٽ نمبر 323 جي ڊريسنگ ٽيبل تي ويٺل برندا ميڪ اپ ڪندي پنهنجي ڀڳل ٽٽل انگريزي ۾ ٻڌايو ته هو اصل ميڪسيڪو جي آهي. پر ڪجهه وقت کان آمريڪا ۾ رهندي آهي. سندس منهن منهانڊا ملوڪڙا هئا. پر پاڻ بدن ۾ ڀريل هئي. سندس گهنڊيدار وڏن وارن ماڻهوءَ کي مست ڪري ٿي ڇڏيو. سندس وارن جي خوشبوءَ ۾ ڄڻ ته نشو سمايل هو. جنهن جي سرهاڻ سڄي ڪمري کي خوشبو سان واسي ڇڏيو هو. سندس گهاٽن وارن تي مٿو رکي پوءِ اياز چواڻي ته :
    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي،
    ڪنهن ڳاڙهيءَ ڳل تي باک ڦٽي.
    ائين وقت ڪٽيو ائين عمر لٽي،
    سڀ سانگ سجايو آ پيارا!!
    سندس مرمرين بدن کي اکيون ڏسيو ڏسيو پيو ٺرن. پاڻ مون کي چيائين ته گلاس ٺاهي ڏيان. مون چيس ته تنهنجي هٿن جو ٺهيل گلاس وري شايد نه به نصيب ٿئي. پاڻ کلي گلاس ٺاهي کڻي اچي منهنجي اڳيان رکيائين ۽ پاڻ سگريٽ دکايائين ته سگريٽ جو گول گول دونهون. سندس چهرو ڇهي رهيو هو ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي روشنين ۾ اهو نظارو ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو هو. برندا پنهنجو فون نمبر مونکي ڏيندي چيو ته توهان جي هڪ فون تي اچي حاضر ٿيندس.
    مون سندس گول ڳاڙهن سڻڀن ارهن ۾ نهاريندي کيس ٻڌايو ته اڄ رات اسين واپس لنڊن وڃي رهيا آهيون. پاڻ چئين ته پوِءِ ڇا آهي. جڏهن به اچو هت پنهنجون روح رچنديون ٿينديون رهنديون. کيس ڪهڙي خبر ته آمريڪا اسان لاءِ ائين آهي جيئن جنت جو ديدار. پاڻ ڊريسنگ ٽيبل تان اٿي ڦر موٽڙي جيان ڦرندي منهنجي هنج ۾ اچي پئي ته مون کي حافظ شيرازيءَ جو هي شعر ياد اچي ويو.
    گرچه پيرم، تو تنگ در آغوش گير،
    که صبح گاهي زڪنار تو جوان پر خير ۾.
    ”جيتوڻيڪ پوڙهو آهيان پر جي تون رات ڀر پنهنجي آغوش ۾ ويهاريم ته جيڪر صبح تائين تنهنجي محبت جي ڪري جوان ٿي اٿان.“
    مون محسوس ڪيو ته سندس شرير ۾ ڀنڀوريءَ جيان شوخيون ۽ اڙٻنگايون هوريان هوريان مچي مچ ٿي رهيون آهن. سندس سونهن چوڏهين جي چانڊاڻ وانگيان چمڪي ماکي جي لار وانگر منهنجي شرير ۾ سمائجي وئي. ڪوڙڪي ۾ کنڀي ڦاٿل هن هرڻي جي ڪجلين اکڙين ۾ جڏهن نهاريم ته سندس چوخيون ۽ اڙ ٻنگايون ٿڌيون ٿي چڪيون هيون. سندس ڪونج جهڙي ڳچيءَ جون جوان اڀريل نسون آهستي آهستي سن ٿي رهيون هيون. هوءَ اڏري واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن هلي وئي. ۽ آئون ڏسندو ئي رهيس. سندس ڏنل فون نمبر ڦاڙي پنهنجي جڳهه ڏانهن روانو ٿي ويس.
    ٻي ڏيهاڙي صبح جو سوير آئون، حمزه ۽ قاسم برٽش ايمبيسي لاءِ روانا ٿياسين. جتي حمزه خان لاءِ انگلينڊ جي ويزا وٺڻي هئي. ڇو ته حمزه وٽ انگلينڊ هڪ دفعو گهمڻ لاءِ ويزا هڻي جيڪا ختم ٿي چڪي هئي. اسان واپس پاڪستان نه پر لنڊن ۾ رهي پوءِ وايا دبئي پاڪستان ٿي وڃڻ چاهيو. قاسم اسان کي اچي برٽش سفارت خاني ڀيڙو ڪيو. جيڪو جدا ڪنهن بنگلي ۾ نه پر هڪ وڏي بلڊنگ اندر ڪجهه ڪمرن تي قائم هو، جتي ڪابه رش ڪانه هئي. اتي فوٽن ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا به پيل هئي، جتي ماڻهن خود فوٽو ڪڍي پي فارمن تي هنيا ۽ اسان به ائين ڪيو. ويزا جي دريءَ تي هڪ محترمه ويٺي هئي، جنهن کي حمزه خان سندس سينيٽ جو ڪارڊ ڏيکاريو ۽ سڄي ماجرا ٻڌائي. پر مائي صفا لائين تي نه پئي آئي. چيائين توهان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ملڪ ۾ ڪري اچو ها. هت ڇو؟ تمام گهڻي پڇ پڇان کان پوءِ ويزا هڻي ڏنائين. هونئن به ماڻهو هر ڪم يعني ويزا ايئر ٽڪيٽ وغيره پنهنجي ئي ملڪ ۾ لڳرائي پوءِ ٻاهر وڃي نه ته ڏاڍو مسئلو ٿو ٿئي. گهمڻ ڦرڻ ته ڇٽو مرڳو ماڻهو ڏچي ۾ اچيو وڃي. اسان ٻاهر نڪري اتي ويجهو هڪ وڏي سپر مارڪيٽ ۾ آياسين.
    ڪئليفورنيا رياست ۾ دنيا جون وڏي ۾ وڏيون سپر مارڪيٽون آهن. ۽ ڪئليفورنيا رياست جي اها به هڪ انفراديت ۽ سڃاڻ آهي. مون ۽ حمزه خان ڪجهه سامان خريد ڪيو ۽ هڪ رسيپشنسٽ يا سيل گرل کي حمزه خان اجرڪ تحفي طور ڏني جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي.
    اسان شهر جا چڪر هڻندا اچي گهر پهتاسين. ڪئليفورنيا جي امير رياست، اسان تي رڳو سندس سهڻن شهر لاس اينجلس، سن فراسيڪو، سين ڊياگو ۽ سهڻين ٽيچز ان ۾ قائم هالي ووڊ، ڊزني لينڊ، يونيورسل اسٽوڊيو ۽ گولڊن گيٽ برج جي ڪري سڃاڻون، پر ڪئليفوريا جي هڪ ٻي به سڃاڻپ آهي. جيڪا آهي هڪ تمام وڏي ڊيري فارمنگ، باغات، سبزين ۽ زراعت تي قائم هي رياست آمريڪا جي پنجن پهرين نمبر زرعي رياستن ۾ به پهريون نمبر آهي يعني:
    1- ڪئليفورنيا
    2- ٽيڪساس
    3- آئيئوا
    4- نيبراسڪا
    5- الينيوسن
    سڄي ملڪ جي اڌ کان به وڌيڪ ڊيري، ميوات ۽ ڀاڄيون پيدا ڪندڙ هي رياست پنجاهه سالن کان به مٿي پنهنجي اها حيثيت برقرار رکيو اچي.
    جيئن ته اڄ رات جو اسان جي لنڊن لاءِ پرواز ڪنفرم هئي پر تڏهن به آياٽا جي اصولن مطابق اسان کي چوويهه ڪلاڪن جي اندر وري به ايئر لائين کي فون ڪري ٻڌائڻو هو ته اسان اڄ لنڊن اسهي رهيا آهيون. جنهن پڻ ڪمپيوٽر کان معلوم ڪري اسان کي ٻڌايو ته توهان جون لنڊن لاءِ سيٽون ڪنفرم آهن اسان توهان جي انتظار ۾ هونداسين. اسان گهر پهچي ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ پنهنجو سامان سهيڙي قاسم کان موڪلائي نظام سان گڏ سندس ڪار ۾ ايئرپورٽ روانا ٿياسين جيڪو نظام الدين جي گهر جي بلڪل ويجهو هو. آمريڪا ڇڏيندڙن مسافرن کان آمريڪا وارا نه اميگريشن نه ڪسٽم جو پڇن. چي اسان کي هن کي روڪڻو ته ڪونهي جيڪو به هن ملڪ مان نڪري سو سٺو ، سا دير ته لڳي ئي ڪانه.
    جهاز جي اڏام جو اعلان ٻڌي اسان نظام کي ڀاڪر پائي سندس لک ٿورا مڃي موڪلايو. جنهن آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اسان کي هيترو وقت ڏنو ۽ پڻ هزارين ڊالر اسان تي خرچ ڪيا. پنهنجي ملڪ ۾ ته ائين ڪرڻ سولو آهي. پر ٻاهرين ملڪ ۾ جتي ماڻهو وڃي ئي پئسو ڪمائڻ ٿو ات ايئن ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر نظام جو ڪجهه ڪيو اهو قرض اسان کان لاهڻ ناممڪن آهي. صرف لفظن سان اهو بيان ڪري سگهون ٿا ۽ وڙ ڪري مون کي اهو به چيائين ته توهان ٻه ماڻهو آمريڪا موڪليو آئون کين ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي سان لڳائي ڇڏيندس. اسان سندس معصوم چهري کي ڏسي.
    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا.
    شاهه لطيف جو مٿيون بيت دل ئي دل ۾ جهونگاريندو جهاز ڀيڙا ٿياسين. آمريڪن ائير لائين جو هي (Wide body) ويڪرو جهاز مسافرن سان ڀريو پيو هو. ٿوري دير ۾ سندس ڦيٿا رن وي تي ڊوڙڻ لڳا. پر آهستي آهستي سندس آواز بند ٿي ويو ۽ اسان آمريڪا جي هوائن ۾ پهچي لنڊن ڏانهن رخ ڪيو، جنهن جي پهچڻ ۾ اڃان سڄا سارا نو ڪلاڪ پيا هئا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258321
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386415
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ