ڪتاب جو نالو: دراوڙ جاڳ ۾ آهن
مصنف: محب ڀيل
ڇپائيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 29 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 5256 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ : ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون سرجيندڙ محب ڀيل
  • ليکڪ پاران : ”اسين غلامي کي گار سمجهون اهو اسان جي ضمير ۾ آ“
  • سوال پيدا ڪريو
  • ”ها مان ڌرتيءَ جو دراوڙ ڀورو ڀيل آهيان“
  • برادري اتحاد جي سياست
  • پرمپرا جي نالي تي فضول ريتون رسمون
  • ڌرتيءَ ڌڻين سان سياسي پارٽين جو رويو
  • مسڪين متحد ٿين ۽ پنهنجا ننگ بچائن
  • آدمشماري ۽ شيڊولڊڪاسٽ ڪيس
  • اسان کان پڇو ٿا، اسان ڪير آهيون؟
  • سنهري ماڻهن جا ڪِنا ٿانءَ
  • ڇوت ڇات ۽ نفرت جو ٻج ڪنهن پوکيو؟
  • اسين خانه بدوشن دردن جو انتقام بڻباسين
  • دلت تحريڪ، ڪجهه سوال؟
  • برهمڻن جو نفرتي رويو ۽ امبيڊڪر جي جدوجهد
  • پيڙهيل طبقي جو اڳواڻ جوگندر ناٿ منڊل
  • خانه بدوشن جو همدرد خورشيد قائم خاني
  • ماما فيض محمد شيدي
  • پراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: دراوڙ جاڳ ۾ آهن
    ليکڪ : محب ڀيل
    موضوع: مضمون
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2018ع
    ڪمپوزنگ : ڀلجي ڀيل
    لي آئوٽ: اشفاق احمداڻي
    ٽائٽل: عبدالعظيم ڪنڀر
    ڇپائندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
    فون نمبر:
    03002682036
    03002382699
    اي ميل muhibbheel@gmail.com
    قيمت: 200 روپيا
    Muhib Bheel
    Edition: First
    Year: © 2018
    Price: Rs. 200-00

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ارپيم
    ڪائنات جي انهن مسڪين ۽ مظلوم انسانن کي جيڪي رجعت پرستن هٿان ذات، پات، رنگ ۽ نسل جي مت ڀيد جو شڪار بڻايا ويا ۽ مذهبي انتهاپسندن جي هٿان چچري، چيري، ڦاڙي، ساڙي ماريا ويا، ارپيم بم ڌماڪن ۾ بي گناهه مارجي ويل پوپٽ جهڙن پيارن شهيد ٻارڙن ۽ شهيد معصوم ماڻهن کي، ارپيم ڇوت ڇات جو شڪار بڻيل ڌرتيءَ ڌڻين کي جيڪي برهمڻ سامراج هٿان پنهنجي ئي مٽي تي المناڪ تذليل جو شڪار بڻايا ويا، ارپيم “انسانيت” لاءِ سڄي دنيا ۾آواز بُلند ڪندڙ جاکوڙي ڪردارن کي جن کي ڏسي يقين ٿيندو آهي ته اڃان “انسانيت” زندهه آهي.
    ارپيم
    سنڌ ڌرتيءَ ماتا جي گود مان ڪڍي ڪانگن، ڪتن ۽ ڳِجهن اڳيان اُڇلايل وطن جي حقيقي وارث دراوڙ ڀوري ڀيل کي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دراوڙ جاڳ ۾ آهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
    جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
    هي ڪتاب پراڻ پبليڪيشن جھڏو پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون محب ڀيل جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي. مذهبي اڻبرابري جي عروج واري زماني ۾ جڏهن انسانيت جي ڪُک ۾ ڇوت ڇات جا زهريلا ڀالا برهمڻ سامراج پاران ڪاري ڀٽون جي زهر سان ٻوڙي هڻڻ وارو تسلسل جاري هجي، انسانيت کي زهر آلود بڻائڻ جا سمورا ذريعا استعمال ڪيا وڃن، ان ڪاري ٻاٽ انڌاري ۾ هن قلم ڌڻي جون اکيون جاڳن ٿيون، هن جي نيڻن ۾ صدين جا اوجاڳا سمايل آهن. هن جي اندر جو باغي انسان بغاوت جي راهه تي فتوابازن جا سنگين سهي ٿو، هن جو ذهن هزارن سالن جي ڪاري تاريخ کي نٿو قبولي، هو هر وقت پنهنجن مظلوم ڀائرن سان ٿيل انياءَ ۽ عذابن خلاف پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ آتش فشان بڻجي پوي ٿو. محب ڀيل هن ڪتاب “دراوڙ جاڳ ۾ آهن” ۾ مظلوم انسانن جي بنيادي مسئلن ۽ انهن جي ذميوارن جي نشاندهي سان گڏ انهن حل به ڏسيا اٿس. اميد ته ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ محب ڀيل جو قلم ظلمتن جو شڪار اٻوجهه ماڻهن لاءِ مشعل جو راهه بڻجندو.
    سنڌ سلامت، جئي انسان

    علي جان لغاري
    فقير سليمان لغاري
    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو


    مهاڳ : ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون سرجيندڙ محب ڀيل

    سرسوتي، برهمپترا، سنڌو، گنگا ۽ جمنا جا دريا جتي وادين ۽ ڪنارن تي تهذيبون پروان چڙهن ٿيون. دراوڙ لوڪ انهي قدرتي ماحول ۾ پلجن ٿا. موهن جو دڙو، هستاپور ۽ هڙاپا جا آثار قديمه انهن جي عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. ڀيل، ڪول ۽ سنٿال دراوڙ سڀيتا کي جنمين ٿا. قديم ويد، پراڻ، ۽ اپنشد جهڙا ڌرمي پستڪ سماج تي اثر انداز ٿين ٿا. مليڇ، راڪشش، اڇوت، شودر، داس جهڙا لفظ ڇوت ڇات کي جنمين ٿا. اوچ نيچ، ذات پات جي بنياد تي سماج جي اڏاوت ٿئي ٿي. ورڻ نيتي پوري سماج کي طبقاتي طور تي ورهائي ٿي. آريا نسل پرستي ۽ ڇوت ڇات جو گهڻو ڪردار منو مهراج جي راڄ ۽ سمرتي سان وڌي ٿو. ورڻ نيتي نه صرف سماج ۾ تنگ نظري ۽ تعصب ڦهلائي ٿي، پر عوام کي سياسي ۽ سماجي لحاظ کان به ڪمزور ڪري ٿي.
    اتهاس به ٻڌائي ٿو ته جتي رڳو پوڄا پاٽ جي ڌرمي ڌاڳن ڦيڻن جو شوڪارو هوندو آهي، ۽ ڌرتي جي دفاع ۽ جنگ جي فن جي تعليم نه هوندي آهي، اهي قومون يا فرد غلام ٿي ويندا آهن. ورڻ نيتي ۾ کشترين کانسواءِ ٻين طبقن لاءِ وڙهڻ ممنوع هو، ان ڪري غلامي جو ڦندو ڪنڌ ۾ ڦاسي پيو. پروهتن جي پوٿين ۽ سنسڪارن ماڻهو منجهائي ڇڏيا. ايئن تاريخ جي جبر جي نتيجي ۾آديواسي خانه بدوش ٿي ويا، ذلت آميز جيون گهارڻ لڳا...! محب ڀيل جي ڪتاب “دراوڙ جاڳ ۾ آهن” جا موضوع مجموعي طور پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان منسلڪ آهن “ تاريخي پسمنظر ۾ ڀيم رائو امبيڊڪر هندوستان جي سماجي ۽ معاشي بيهڪ جي خلاف اڇوستان جي ڳالھ ڪئي. ڊاڪٽر امبيڊڪر قانون ۽ اقتصاديات جو ماهر هو. کيس سويڌان نرماتا به چيو وڃي ٿو. سندس جنم هو اڇوت مهار جاتي ۾ 14 اپريل 1891ع ۾ مهاراشر ( مڌيه پرديش) جي ڳوٺ مهو ۾ ٿيو. هندوستاني سماج ۾ نسلي تعصب، اوچ نيچ ۽ ڇوت ڇات جو عنصر ڪجھ وڌيڪ هو. ان سماجي سرشتي جي رد عمل ۾ آل انڊيا شيڊيول ڪاسٽ فيڊريشن جو بنياد وڌو. گانڌي سان هڪ معاهدو پونا پيڪٽ جي نالي سان ڪيو ته جيئن جسادن کان بچي سگهي. هن اڇوتن لاءِ دلت لفظ استعمال ڪيو، جنهن جي معني آهي پيڙهيل. 11 آڪٽوبر 1956ع ۾ ٻڌ مت اختيار ڪيو. تعليم، تحريڪ ۽ تنظيم جو درس ڏئي مظلوم پرتن کي متحد ڪيو ۽ جاکوڙ لاءِ اتساھ ڏنو.
    جوگندر ناٿ منڊل امبيڊڪر جو نظرياتي دوست هو. هو پاڪستان جي پهرين ڪابينه ۾ قانون جو وزير ٿيو. جناح پاڪستان جي شروعاتي مشڪل ۽ بحراني دور ۾ منڊل کان قانون سازي لاءِ مدد گهري هئي. منڊل جو تعلق بنگال جي شيڊول ڪاسٽ سان هو. 3 جون 1947ع تي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن بنگال کي ٻن حصن ۾ ورهايو، ۽ منڊل پاڪستان جي حمايت ڪئي. آزادي کانپوءِ هتي هندوستان مان آيل پناھگيرن کي رهائڻ لاءِ اصلوڪن ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو. قتلام ۽ قبضا ڏسي جوگندر جو جيءُ جهري پيو. هن پاڪستان کي سيڪيولر رياست ڏسڻ ٿي چاهيو. هن کي محمد علي جناح مان توقع هئي ته آزادي کانپوءِ پاڪستان ۾ شيڊول ڪاسٽس جا حق تسليم ڪيا ويندا ۽ هو وقار سان جيئي سگهندا. هن محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان جي تضادن کي محسوس ڪيو. بيروڪريسي جي ڪردار ۽ رويي جي ڪري منڊل استعيفا ڏيئي، ملڪ ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو.
    خورشيد قائمخاني به ڀيم راءِ جو نظرياتي حامي ۽ دلت فڪر جو پرچارڪ هو. هن جيون خانه بدوش ٿي گذاريو. هن جو بي چين روح ٿائينڪو نه ٿيو. هو ورهاڱي جو درد سيني ۾ سانڍي گهمندو هو. هو تاريخ جي جبر جو اولڙو ٿي پيو هو. هن غيرفطري ورهاڱي کي ڪڏهن قبوليو نه هو. هو سيلاني ٿي رلندو رهيو، سياحت ۽ صحافت ڪندو رهيو. تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر هن جا پسند ديده موضوع هئا. هن جپسين جي دردن تي پراثر انداز سان لکيو. امبيڊڪر جو نظرياتي حامي ڪامريڊ فيضو شيدي جيڪو خورشيد قائمخاني ۽ خديجه گوهر جو ساٿي هو. هن جا سياست جا ڪردار ڌرتي ڌڪاڻا هئا. هو باگڙين، شيدين، ڀيلن، بالميڪين ۽ ٻين پيڙهيل جاتين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. پاڻ هارين جي حقن ۽ ٽريڊ يونين جي سياست ڪئي. اڄ هو دٻي ۾ هوشو شيدي جي آڳنڌ ۾ دفنايل آهي.” مٿي پيش ڪيل هي سڄو پسمنظر محب ڀيل جي ڪتاب “دراوڙ جاڳ ۾ آهن” ۾ بيان ڪيل ڪٿائن جو آهي. جن ڪردارن کي محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...!
    جتي هو پرمپرا جي نالي بيڪار ۽ مدي خارج رسمن کي نندي ٿو، اتي قومي انقلابي سياست جي ڳالھ ڪري ٿو. جتي مسڪينن کي متحد ٿيڻ جو درس ڏيئي ٿو، اتي ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل سياسي ۽ سماجي رويي جي به ڳالھ ڪري ٿو. هو سوال پڇڻ واري عقليت پسندي جو قائل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو: سنهري ماڻهن جا ڪنا ٿانءُ، ها مان ڌرتي جو دراوڙ ڀورو ڀيل آهيان، آدمشماري ۽ شيڊول ڪاسٽ ڪيس، ۽ سوال پيدا ڪريو جهڙا شاندار مضمون لکي عام لوڪ کي سجاڳ ڪري ٿو.
    موجوده سنڌ جي سياسي ۽ سماجي بيھڪ ۾ دلت سوال تي منھنجا اختلاف به آھن، پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به الڳ نظريي ۽ سڃاڻپ جي حق جو به مخالف ناهيان. محب ڀيل پنهنجي مضمون “ دلت تحريڪ ۽ ڪجھ رهجي ويل سوال” ۾ دلت موضوع تي سنجيده بحث ڪندي ايندڙ وقت لاءِ سوال اٿيارا آهن. ڇا اين جي اوز وارا ڪانچه.الائيه، جتي با ڦولي، وي ٽي راجشيکر، مهراج ڇترپتي شاهو جي جهڙا ڪردار آهن؟ جيڪي دلت ته نه هئا، پر انهن تهمتن، ۽ سزائن کان بي نياز ٿي برهمڻ سماج جي بنيادن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. هتي پورهيتن ۽ مظلوم انسانن جي سياست کي اين جي اوز جو عرق ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، ان بنياد تي توھان ڪھڙو انقلاب برپا ڪندا؟ هي ڪردار ئي رد-انقلابي آھن! انهن ڳالهين کي محب جي مضمون جي تناسب سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جهڙا پورهيت دوست ليکڪ لکندا آهن ته “ غلامي، بربريت ۽ خانه بدوشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ پورهيتن جي ڏک جا سبب ڪهڙا آهن؟ هو لڏين ۽ دربدر ڇو ٿا ٿين؟ انهي سڄي عمل پويان ڪهڙي سياست آهي؟ ” سرشٽي جي پوري اتهاس ۾ پورهيت طبقو ڳجهو نه رهيو آهي، پر اهي سرمايه دار ۽ وڏيرا آهن جيڪي جهالت، غلامي ۽ بيٺڪيت جو سبب بڻيا آهن. انهن هر ڌارئي ۽ حمله آور جي حضور ۾ غلامي جا طبل وڄايا آهن. انهن سر، خان بهادر، خان صاحب، جا لقب ماڻي زمينون وٺي، رعيت جي غلامي لاءِ مورچه بندي ڪئي آهي. انهن هر دور جي “خلائي مخلوق” جي حڪمن جي بجاآوري ڪري، پنهنجي مسند جو اسپيس پئي ٺاهيو آهي. ان ڪري ئي محب ڀيل لکي ٿو ته: “ اسين خانه بدوش دردن جو انتقام بڻباسين.”
    انسان جو بهترين مستقبل ترقي پسند ۽ طبقاتي سياسي جدوجهد سان سلهاڙيل آهي، ڌرم تبديل ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو. ڌرم بدلائڻ کانپوءَ پنندي ۽ جسم فروشي ڪندي ماڻهو ڏٺا ويندا آهن. سياسي جدوجهد کانسوءِ مڪتي حاصل ٿي نٿي سگهي. ذلتن ۽ زيادتين جو انتقام سياست جي ترقي پسند ۽ روشن خيال متي ۾ مقيم آهي. ان ڪري محب لکي ٿو ته: “مسڪين متحد ٿين، ۽ پنهنجا ننگ بچائن.”
    تاريخ هاڻي مزدورن، عورتن، ۽ غريب لوڪن جي نقطه نظر سان لکي پئي وڃي. اهو دؤر گذري ويو جڏهن رڳو بادشاهن، راڻين ۽ وزيرن جي تاريخ لکبي هئي. هاڻ محلاتن بجاءِ چونرن ۽ جهوپڙين جي درد ۽ پيڙاءُ جي ذڪر کانسوءِ اتهاس جو ڪينواس اڌورو آهي. ان پيرايي ۾ ليکڪ محب ڀيل سوال ڪري ٿو: “ اسان کان پڇو ٿا اسان ڪير آهيون؟”
    هن ڪتاب ۾ شامل مضمون: “برادري اتحاد جي سياست محدوديت آهي.” ۾ نسلي پرستي جي اڀار تي تنقيد ٿيل آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته سنڌ ۾ ذات برادري تائين محدود سياست قبائلي ۽ نسلي تضادن کي ڊيگھ ويڪر ڏني آهي. ضياء الحق جتي ڌاڙيل ڪلچر، شهري_ لساني دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پروموٽ ڪيو، اتي نسل پرستي جو رجحان به وڌي ويو. ڪامريڊ جوزف اسٽالن ڌرتي، ٻولي، تاريخ، تهذيب، ثقافت، سياسي ۽ پيداواري مفاد ۽ گڏجي رهڻ جي جذبي کي قوم سڏي ٿو. نسل پرست يا ذات برادري جي بنياد تي سياست نان_ سوشلسٽ، غير جمهوري، قوم دشمن ۽ انسان دشمن سياست هوندي آهي. اهڙي سياست ۾ هڪ نسلي گروھ کي محور بڻائي ٻين برادرين جي مسئلن ۽ دردن کا منهن موڙيو وڃي ٿو، ۽ تعصب وارو رويو روا رکيو وڃي ٿو. خاص ڪري مختلف هندو جاتين پاڻ ۾ ايترا تضاد وڌايا آهن جو هڪ ذات جا ماڻهو ٻي ذات جي ماڻهو جي لاش کي ڪلهو ڏيڻ به سٺو نٿو سمجهن. شادي ته هڪ ذات ٻي ذات سان ڪونه ڪري، پر شادي وواھ ۽ مرڻي جو رسمون ۽ ريتون به الڳ آهن. اڄ به ڪافي ذاتيون هڪ ٻي جي ٿانءُ ۾ کائن ڪونه! اهڙي بدترين جهالت ۽ دقيانوسي سوچ ۽ عمل جي اپٽار محب ڀيل “ڇوت ڇات ۽ انسانن ۾ نفرت جو ٻج ڪنهن ڇٽي؟” جي عنوان سان عقلي انداز ۾ ڪئي آهي. ڪامريڊ محب نظرياتي، آدرشي ۽ انقلابي سياست جي وڪالت ڪري ٿو.
    محب ڀيل هڪ کاهوڙي ليکڪ ۽ جاکوڙي سياسي ڪارڪن آهن. هن پنهنجي حياتي پورهيت طبقي جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذاري آهي. عملي ميدان ۾ به، ته قلم جي نوڪ سان هن جواني جون بهارون جدوجهد کي ارپي حيات جي ڪارج جو احاطو ڪيو آهي. ان ڪري هو “ڌرتي ڌڻين سان سياسي پارٽين جي رويي” جو بهتر تجزيو ڪري سگهيو ٿو.
    هي ماضي قريب جي ڳالھ آهي آئون ۽ نارو ڀيل سندس جهڏي واري آشياني تي ڪچهرين تي ويندا هئاسين. هو انقلابي راھ ۽ جدوجهد جي موضوعن تي پيو لکندو، ڳالهائيندو ۽ عملي جدوجهدون ڪندو هو، سندس اهي سرگرميون ويران وير وڌ نظر اچن ٿيون. جيئن ته پاڻ به هڪ مظلوم دراوڙ نسل سان واسطو رکي ٿو، ان ڪري دراوڙن جا درد هن جي من ۽ ذهن تي ڇانيل رهيا آهن. جتي به ڪنهن مسڪين جي ٻانهن ڪپي، ڪنهن غريب تي وار ٿيو ته محب دانهن ڪئي. اها گونجار رنگ، نسل، مذهب ۽ قوم جي سانچن کان سوائي رهي آهي. هو لکندو رهيو آهي، ۽ لکڻ جي آرٽ ۾ به تيز اهڙو جو ڪتاب پويان ڪتاب پيو آڻي. هن جا موضوع واقعي منفرد آهن. تاريخ ايئن ئي لکجي. منهنجي ڪلپنا آهي ته هو مطالعو به ڪندو رهي ۽ لکندو رهي.

    رام اوڏ
    امرڪوٽ سنڌ


    ليکڪ پاران : ”اسين غلامي کي گار سمجهون اهو اسان جي ضمير ۾ آ“

    ”دراوڙ جاڳ ۾ آهن“ منهنجو هي چوٿون ڪتاب آهي، لکڻ جو سفر جاري آهي، پنهنجي حال سارو پنهنجن مظلوم ڀائرن لاءِ قلمي، علمي توڙي عملي جنگ جوٽيون اچون، اها جنگ جاري آهي جاري رهندي، صبح ٿيڻ جيترو پختو يقين آهي ته هڪ ڏينهن فتح دنيا جي غريبن جي ٿيندي. مون هن ڪتاب ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جون ڳالهيون لکيون آهن، انهن جا درد، سور، ڏک ۽ تڪليفون بيان ڪيون آهن. انهن سان ٿيندڙ انياءُ جا جيڪي ڪارڻ محسوس ڪيم سي توهان سڄڻڻ اڳيان پيش ڪيا آهن. آئون انهن حالتن کي شدت سان ان ڪري محسوس ڪيان ٿو جو اهي حالتون آهن ئي اسان سان لاڳو. پنهنجي سور جو ته پتو هوندو. مون بس ايترو ئي ابتدائي علم حاصل ڪيو آهي ته “پير ۾ لڳل ڪنڊو گوڏي ۾ ڪونه کوٽبو”
    لکڻ، پڙهڻ ۽ پتوڙڻ بعد صرف ايترو سمجهيو آهي ته هن ڪائنات ۾ استحصال جو شڪار بڻيل ۽ مذهبي انتهاپسندن جي وڪڙ ۾ آيل مسڪين، مظلوم، ۽ اٻوجهه انسان پاڻ کي هر قسم جي ڪاروباري سرمائيدارن جي ڄار مان فقط علم، شعور ۽ سياست سان ئي آجو ڪرائي سگهن ٿا.
    لکڻ جو خاص مقصد ڪهڙو آهي؟
    پنهنجي وطن جي غريب ماڻهن لاءِ لکڻ گھرجي، انهن سان پيش ايندڙ سرمائيدارن جي هر حرام پائي کي وقت سر منظر عام تي عوام کي آگاهه ڪجي، باشعور ماڻهو تي تاريخي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ماضي مان سبق حاصل ڪري حال سان ڀيٽي مستقبل کان واقف ڪري ته جيئن غفلت جي ننڊ ۾ ستل ماڻهو جڏهن به جاڳن ته وقت جي وارتائين کي حقيقي بنيادن تي پرکي ۽ پروڙي پنهنجي علم ۽ ادب جي آڌار تي قوم کي مشعل راهه سان حقيقي منزل تي لائي سگهن. هن سماج جي پيڙهيل انسانن جا درد هينئون ٿا ڦاڙين، اکين ۾ بارشن جي منڌ مينهوڳي ٿا آڻين، انهن اکين آڏو آيل منظرن کي جيسين توهان آڏو نٿا آڻيون ته دل تي بار محسوس ٿئي ٿو، تنهنڪري دل جو بار تڏهن هلڪو ٿيندو آهي جڏهن پنهنجن جا ڏک، سور ۽ انهن سبب ۽ حل ڳولڻ لاءِ هنن ڪتابي پنن ۾ هڪٻي سان مخاطب ٿيون ٿا، سور اوريون ٿا، من هلڪو ڪيون ٿا، هن ديس جي مسڪين مظلوم ماڻهن کي غلامي مان آجپي جا ٻيا به ڪيترائي انقلابي گس آهن پر آئون فقط ٻن پيچرن جي ڳالهه ڪيان ٿو هڪ علم حاصل ڪيون ٻيو پنهنجن حقن لاءِ پُرامن جمهوري جدوجهد واري سياست ڪيون. جدوجهد ۾ ايمان پختو رکڻ هر انقلابي ماڻهو لاءِ تمام اهم ۽ ضروري آهي.
    ڳالهيون تمام گھڻيون آهن جيڪي ڪتابي صفحن تي ڪبيون، لکڻ پڙهڻ، ادب، سياست ۽ جدوجهد لاءِ هر وقت همٿائيندڙ ساٿين اختر حفيظ، رام اوڏ، فقير سليمان لغاري، ادي راڌا ڀيل، عثمان راهوڪڙو، اصغر پتافي، سنتوش گوماڻي، ايوب کوسو، ڏامرو مل، ايف سي راٺوڙ، مدد جروار، جيرام صوفي، ڊاڪٽر گلاب ڀيل، مهيش ڪمار، فتح محمد ٿيٻو، هرجي ميگهواڙ، ايڊوڪيٽ رميش ڀيل، ڊاڪٽرمنظورجروار، ڪامريڊ گلاب ڀيل، غلام شبير لغاري، الهبچايو راهوڪڙو، مٺو ڀيل، عمر احمداڻي، ميون ڪمار سندر، ڊاڪٽر ديدار ڀيل، جئ ڪولهي، سريش ڀيل جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان.

    جئي انسان

    پورهيتن جي پيرن جي مٽي
    محب ڀيل
    03002682036
    muhibbheel@gmail.com


    سوال پيدا ڪريو

    ڪنڊا مون پيرن ۾ لک لڳا پر ڪهڙي گس تي لڳا؟ پيچرن تي پيل ٻاٻرا ڪنڊا، ڍينگهر، ڇپون، پٿر، سروٽا حادثاتي يا هٿرادو رکيل هئا؟ بلڪل اهڙا لاتعداد جوابن جا متلاشي سوال آهن؟
    اهي سوال ئي آهن جيڪي ذهنن ۾ زلزلا پيدا ڪن ٿا،
    اهي سوال ستل ضميرن کي جاڳائن ٿا،
    اهي سوال بغاوت جي باهه ڀڙڪائن ٿا،
    اهي سوال ئي ملامت ڪن ٿا،
    اهي سوال ئي مزاحمت ڪن ٿا،
    اهي سوال ئي بم ۽ بارود بڻجن ٿا،
    اهي سوال ئي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا،
    اهي سوال ئي لکائن ٿا،
    اهي سوال ئي ڳالهائن ٿا،
    اهي سوال ئي جهرجهنگ ۽ رڻ جهاڳائن ٿا،
    اهي سوال ئي سوال پيدا ڪن ٿا،
    اهي سوال ئي جواب ڏين ٿا،
    اهي سوال ئي زخم ڏين ٿا،
    اهي سوال ئي مرهم بنجن ٿا،
    اهي سوال ئي مقتلن جا گس ڏسين ٿا،
    اهي سوال ئي ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ اتساهن ٿا،
    اهي سوال ئي وطن جي وارثي جو وچن ورجائن ٿا،
    اهي سوال ئي ڌرتيءَ ماتا جي عشق کي اُجاري اڇو ڪن ٿا،
    اهي سوال ئي ٻاٽ ۾ لاٽ ٻارين ٿا،
    اهي سوال ئي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو سبب بنجن ٿا،
    اهي سوال ئي ڪونڌر ڪُهائين ٿا،
    اهي سوال ئي آگ بنجن ٿا،
    اهي سوال ئي انقلاب بنجن ٿا.
    تنهنڪري سوال پيدا ڪرڻ گھرجن، سوال پُڇڻ گھرجن، سوالن جا جواب ڳولڻ گھرجن.
    سرمائيدارن پاران دنيا ۾ رڳو مِلون، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پورهيت جو سستو پورهيو خريد ڪري مال ڪونه ميڙيو ويو آهي پر سرمائيدارن ته مذهب ۽ سياست کي به پنهنجي مفادن لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو آهي. عقيدن جو واپار، وهم پرستي جو ڪاروبار، ڌرمي صنعتڪاري، ڌن دولت ميڙڻ خاطر پوجا پاٽ جا جُدا جُدا پلانٽ، ماڻهن کي ورڻن ۾ ورهائي، ويڙهائي، هڪٻئي خلاف نفرتون پيدا ڪري ٻڌي اتحاد کي ٽوڙي مال ڪمائڻ جو نهايت خطرناڪ انسان دشمن ڌندو ڪري انسانيت جي عظمت جي مقدس وجود تي ڪاراٺ ملي وئي آهي.
    هن سماج ۾ جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون آهن انهن زهريلين حالتن ۾ “ وهڻ مون نه وڙاءُ ” دنيا جي عالمي سامراج پاران هٿ وٺي پيدا ڪيل صورتحال ۾ غريب، اٻوجهه، مزدور ۽ پورهيت ماڻهو کي وڌيڪ عذاب ڏيڻ لاءِ نت نيون سازشون ۽ طريقا ايجاد ڪيا پيا وڃن. آمريڪي سامراج دنيا ۾ جنگ ان ڪري چاهي ٿو ته سندس هٿيارن جو ڪاروبار عروج حاصل ڪري، تنهنڪري ڪنهن به ريت بدمست آمريڪا دنيا کي سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندو، زمانن کان امن جي اڇي پکي کي بارود جي باهه ۾ ساڙيو پيو وڃي، بلڪل ان طرح مذهبن جي نالي تي مالي مفاد حاصل ڪندڙ ڪاروباري سرمائيدار ڌرم کي زبردست فائدو ڏيندڙ ڪاروبار هجڻ واري حقيقت کان ڀلي ڀت واقف آهن، ڌرمي سرمائيدارن پاران ان ڪاروبار کي اوج تي پهچائڻ لاءِ ماڻهن ۾ شعور جي رستا روڪ ڪري ترقي پسند علم، ادب، تعليم، مقدس، درسگاهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، لئبريرين سميت سگهارن خيالن، عقل ۽ ذهنن کي تالا هڻڻ جو بندوبست جنگي بنيادن تي ڪيو ويو آهي.
    روزگار جا سڀيئي وسيلا روبوٽ سسٽم ۽ مشينري جي حوالي ڪري پورهيتن کي هن دنيا جو ناڪام پُرزو ٺاهي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙهيو پيو وڃي. اهڙي طرح مذهبن کي امن، ڀائچاري ۽ شانتي جو نظريو ڏيڻ واري سڃاڻپ کسي وڏن سامراجين جي ننڍي باقيات پنهنجي ڪاروباري مفادن لاءِ استعمال ڪري مذهبن جي سڃاڻپ ئي بدلائي ڇڏي آهي.
    ڪائنات ۾ ڏاڍ مڙسي وارو نظريو ۽ فلسفو به انسان جي ذهني طرح بالغ ٿيڻ سان ئي بالغ ٿيو، پنهنجي ڪاروباري چالبازين کي دنيا جي حوس پرست سرمائيدار سامراج ذاتي مفادن ڪارڻ وڏي هوشياري ۽ حرامخوري واري طريقي سان استعمال ڪيو آهي، ڪنهن غريب جي ٻني، دڪان، پلاٽ يا سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀڳوان ۽ مذهب جو سهارو ورتو وڃي ٿو. تمام گھڻيون بحث طلب ڳالهيون آهن جيڪي فتوائن جي ڀوءُ کان عام جنتا تائين نٿيون پهچي سگهن.
    پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گھڻي زماني تائين يا هن وقت به اسان جي وڏي اڪثريت کي اهو پتو ناهي ته اسان جي پير ڪهڙي پنڌ تي پٿون ٿيا؟ سڌي واٽ يا اوجهڙ، پر منزل ڪهڙي، جنهن تي قافلا لُٽاڻا؟
    تنهنڪري عقل، سنجيدگي، سوچ، ويچار، غور ۽ فڪر سان ڪيترن سوالن جا جواب ملي ويندا، پر ان لاءِ هن سڄي هٿ ٺوڪي سرمائيداراڻي نظام کي للڪارڻو پوي ٿو. ڌرم جي ٺيڪيدار سرمائيدارن جي ڪڌي ڪم ۽ ڪاروبار جي پت وائکي ڪرڻ هر ترقي پسند اهل علم ۽ باشعور انقلابي ذهن جي اهم ذميواري آهي. انهن خطرناڪ انتهاپسند رجعت پرست ذهنن ۾ هر پل بارود جو لائو پچي پيو، انهن جي ذهن ۾ خوبصورت ۽ حسين خيالن بجاءِ انسانيت جو رت وهائڻ جون وحشتناڪ وارداتون جنم وٺن ٿيون. انهن جي سوچن ۾ سازشون سرجن ٿيون، انهن جي ذهنن ۾ فطور پيدا ٿئي ٿو، انهن جي ذهنن ۾ گل، رانديڪا، ڪتاب، پکي، حُسن ۽ رنگن بجاءِ بارود، ڊورون، ايٽم بم جا خيال جنم وٺن ٿا، انهن جي ذهن ۾ گلابن جي خوشبو جي تصور بجاءِ بمن جي بوءِ جو تصور پلجي ٿو، هنن جي ذهنن ۾ دنيا کي امن ۽ شانتي سان ڏسڻ بجاءِ هائيڊروفوبيا جو شڪار ڇتي ڪتي جي گُلرين وارا خيال جنم وٺن ٿا، هنن جي ذهنن ۾ ڪائنات جي حسين وجود کي هو ظالم سرمائيدار سامراج آدم جو اولاد ٿيڻ بجاءِ پئسي جا پٽ ٿيڻ کي اوليت ڏين ٿا. دنيا جا درد رکندڙ ۽ سور ڀوڳيندڙ ماڻهن جا ڏک تڪليفون عذاب ۽ ڪرڀ ساڳيان آهن. انهن جي سورن جي ڏکوئيندڙ ڪيفيت ساڳي آهي، انهن جي پيرن ۽ هٿن جي لڦن جي آڪيڙ ساڳي آهي، انهن جي بُک جو احساس ساڳيو آهي، انهن جي حياتي جون ڀوڳنائون هڪجهڙيون آهن. بلڪه سڄي ڪائنات ۾ انسان ذات جي خون جو رنگ به ساڳيو آهي.
    تنهنڪري ضرورت آهي ڳالهين کي سمجهڻ جي! اچو ته دنيا ۾ تبديلي ۽ انقلاب جي ڳالهين مان سبق سکون، ظلم ۽ ذيادتين جو پلاند بڻجون، مظلومن سان ٿيل ناانصافين ۽ انيائن جو انتقام بڻجون، اچو ته دردن جي دوا بڻجون، اچو ته پنهنجن مسڪين ڀائرن جا ڀرجهلا ۽ همدرد بڻجون. تڏهن ئي ممڪن بڻجندي توهان جي خوبصورت خوابن جي ساڀيان ۽ حسين دنيا ٺهي پوندي، جنهن ۾ بارود جي بوءِ نه هوندي.
    منهنجي پسند جي سرائڪي شاعر شاڪر شجاع آبادي جي هن شعر ۾ مظلوم انسانن جي سورن جي منظرڪشي آهي.
    فکر دا سج ابھردا ہئے سوچیندیاں شام تھی ویندی
    خیالیں وچ سکون اجکل گولیندیاں شام تھی ویندی
    انھاں دے بال ساری رات روندین، بُھک توں سُمدے نئی
    جنھاں دی کہیں دے بالاں کوں کھڈیندیاں شام تھی ویندی
    غریباں دی دعا یارب خبر نہیں کن کریندا ہیں
    سدا ہنجوؤاں دی تسبیح کُوں پھریندیاں شام تھی ویندی
    کڈھیں تاں دُکھ وی ٹل ویسن کڈھیں تاں سکھ دے ساھ ولسن
    پُلا خالی خیالاں دے پکیندیاں شام تھی ویندی
    میڈا رازق رعایت کر نمازاں رات دیاں کردے
    جو روٹی رات دی پوری کریندیاں شام تھی ویندی
    میں شاکر بُھک دا ماریا ہاں مگر حاتم تُوں گھٹ کائینی
    قلم خیرات میڈی ہے چلیندیاں شام تھی ویندی


    ”ها مان ڌرتيءَ جو دراوڙ ڀورو ڀيل آهيان“

    هزارين سالن کان سنڌ وطن سان پنهنجي محبوب جي عشق جو عظيم محبتن وارو رشتو نڀائي ايندڙ ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙن جي حياتي جا بُرا حالات ته آرين جي آمد کان شروع ٿيا هئا، آرين ايندي ئي سنڌ جي پُرامن انسانن جي ڳچي ۾ غلامي جو بدترين ڳٽ وجهڻ جي شروعات هنن جي فطرتي حسين زندگي کي زوري زبردستي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. آرين پاران وطن جي وارثن جي تذليل جي ڪاري تاريخ رقم ٿيڻ لڳي. نفرتن جو وهنوار ايترو ته وڌايو ويو جو برهمڻ سامراج جي روش کي ڏسي ٻين مذهبن جي ماڻهن به دراوڙن کي ڪڏهن ڪڏهن ٺلهو انسان سمجهڻ جي ضرورت محسوس به نه ڪئي، ۽ پوءِ سنڌ تي هڪ اهڙو به وقت آيو جنهن ۾ وطن جي وارثن لاءِ لاش دفن ڪرڻ به محال بڻجي ويو.
    پاڻ ته وڏن کان ٻڌو، تاريخ ۾ پڙهيو ته سنڌ وطن جا اصل والي وارث مسڪين دراوڙ ڀيل، ڪولهي، جوڳي، گُرگلا، اوڏ وغيره آهن، جن کي موجوده وقت جي “دانشواراڻي” ٻولي ۾ ڀٽڪندڙ نسلن طور سڃاڻپ مليل آهي. سنڌ جا ڌرتيءَ ڌڻيءَ وقت پاران مليل هزارين تڪليفن کي پنهنجو بدنصيب مقدر سمجهي ڀوڳين ٿا. پنگريي شهر ۾ منهنجو بچپن گذريو آهي، پنگريي جي گلين ۾ منهنجي پيرن جا نشان اڃا تائين تازا هوندا، پر اُن ڏينهن الائي ڇو پنهنجو ئي پُرامن پنگريو اوپرو اوپرو پئي لڳو؟ هر طرف هجوم هئا.
    خنجر خنجر ڪيئي هٿ
    مان اڪيلو سامهون سٿ.
    خوني نظرن کان پاڻ بچائيندو “نو گو ايريا” بڻيل پنهنجي ئي محبوب شهر جي گلين مان گذرندو وڃي سرد لاش جي سامهون بيٺس، اهو لاش دراوڙ ڀوري ڀيل جو هو ۽ ڄڻ ڪجهه سوال پُڇي رهيو هو محب ! تون هن سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندو آهين؟ جنهن سنڌ ۾ جيئري ته مونکي سڪون سان رهڻ نه ڏنو ويو، سدائين لڏپلاڻ، خانه بدوشي ۽ دربدري جا عذاب ڀوڳياسين پر جهان ڇڏڻ بعد به مونکي منهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي گود ۾ سڪون سان سمهڻ به نه ڏنو ويو آهي.
    محب ڀاءُ !
    مون نه ڪيل گناهه جي سزا ڀوڳي آهي،
    مون سنڌ سان جند جڙڻ جي سزا ڀوڳي آهي،
    مون وطن سان عشق جي سزا لوڙهي آهي،
    مون پاڻ فنا ٿي به ماتر ڀومي سان نينهن نڀائڻ جي سزا ڀوڳي آهي،
    مون پُرامن هجڻ جي به سزا ڀوڳي آهي،
    مون جهنگلي ۽ خانه بدوش بڻجي به ڌرتيءَ نه ڇڏي آهي،
    مون موئن جي دڙي جي تهذيب سان ملهايو آهي،
    مون ته ڀٽائي جي رسالي سان عقيدت رکي آهي،
    مون ته اجرڪ جي عظمت کي ڄاتو آهي،
    مون ته جا ٻولي ٿڃ سان پيتي
    تنهن ٻولي ۾ رُنو، رڙيو ۽ ڳايو آهي،
    مون ته مٽي سان نيهن نڀايو آهي،
    مون کي منهنجو گناهه ته ٻُڌا؟
    جنهن جي سزا ۾
    منهنجي ماءُ جو پيٽ چيري مونکي اُڇلايو ويوآهي،
    منهنجو گھر ڪوڏرن جي نطر ٿيو،
    مون ستل کي وڍيو ويو،
    هي ڏس منهنجي ٻانهن ۾ ڪوڏر لڳي،
    هي ڏس ٺونٺ مان رت پيو وهي،
    هي ڏس منهنجي هٿ ڪپيو ويو،
    هي ڏس منهنجي موتي ڀاءُ پاران
    وياج تي ورتل ڪفن ڦاڙيو ويو آهي،
    هي ڏس سام ڏنل اجرڪ به ڦاڙي وئي آ،
    هي ڏس منهنجي جسم تي رهڙون
    هي ڏس مونکي گهلي گهلي
    ڪانگن ۽ ڪتن جي اڳيان اڇلايو ويو آ،
    ڏک ته ٻالڪپڻ جي لانگوٽين يارن،
    علو، ولو ۽ خميسي تي به ٿيو،
    جن جي اکين تي صفا ڌاريائپ جي چادر چڙهي وئي هُئي،
    ٻڌاءِ تون ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟
    مون چيو نه ڀورا ڀاءُ
    مون جنهن سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي
    اها سنڌ سڀاڻي توسان ٿيل انياءُ تي ڀڀڙ بڻجي اٿندي،
    اها سنڌ چوندي
    ها مان ڌرتيءَ جو ڌڻيءَ دراوڙ آهيان،
    “ها مان ڀورو ڀيل آهيان”

    پوءِ واقعي ٿيو به ائين ٻي ڏينهن منهنجي خوابن جي سيڪيولر سنڌ اُٿي پئي، سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي،

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جت نيهن اُڇل
    نه ڪا جهل نه ڪا پل، سڀ ڪا پسي پرين کي.

    جنهن سنڌ ۾ ڀوري ڀيل مرشد لطيف، سچل، ڪبير، ميران ٻائي جي شاعري ڳائيندي ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو هو هنن شعرن مان هنڌو ڪهڙو مسلم ڪهڙو؟ پنهنجي لڦون پيل پورهيت هٿن سان ڪڻڪ، ساريون ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيندڙ ڀوري ته ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو هو ته هنن مان ڪهڙو داڻو هنڌو کي هضم ٿيندو ڪهڙو سنگ ٻي ڪنهن کي نصيب ٿيندو؟
    ڀوري ڀيل جي لاش تي بيهي مون اهو محسوس ڪيو اسان سامراجي غلامي جو طوق ڳچي مان ڪڍڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان تي آهيون ته ٻي طرف صوفي مزاج جي سنڌ تي هي سيٽلر مذهبي انتهاپسندي جي خطرناڪ سازش ڪٿي دنگ ڪندي؟
    پنهنجي ٻولي، تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ ۽ درياهه جا ڌڻيءَ اڄ لاش دفن ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، جن ماڻهن سنڌ جي عشق ۾ اڙجي هزارين صعوبتون برداش ڪيون، انهن سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءُ جي هڪ ڊگهي ۽ درد ڀري تاريخ انسانيت جي علمبرداري جون ڪوڙيون ۽ کوکليون حامون هڻندڙن جي منهن تي ڪاراٺ ملي ٿي. موئن جي دڙي مان مليل هڏين جا حقيقي وارث اڄ تاريخ جي ان بدترين موڙ تي اچي بيٺا آهن جتي زندهه انسان جي ته تذليل ڪئي وڃي ٿي پر مرڻ کانپوءِ مت ڀيد جي بنياد تي دفن ٿيڻ به نٿو ڏنو وڃي.
    ڀوري ڀيل کان اڳ ۽ پوءِ به اهڙا واقعا ورجايا ويا آهن. جن ۾ ٽنڊي باگي ۾ الهڏني ڀيل جو لاش، هڪ واقعو منهنجي ذهن ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن چڀندو رهي ٿو ڏڪاريل ڏيهه جا دراوڙ پيٽ جا باهه اجهائڻ خاطر سانگهڙ لابارو ڪرڻ ويا هئا اُتي سندن ننڍڙو گلن جهڙو معصوم ٻار ڊائريا ۾ علاج نه ٿيڻ سبب کِلڻ کان اک ڪومائجي ويو، ۽ پوءِ اها مٺ هڏين جي سانگهڙ جي بي تاج بادشاهن دراوڙ هجڻ جي گناهه ۾ دفن ٿيڻ نه ڏني، ان ڏينهن به ڌرتيءَ ڌڻيءَ پنهنجي ماتر ڀومي تان ڌڪجي ان ٻار جو سرد لاش چندو ڪرائي ٿر کڻائي آيا. اهو هن ڪائنات جي تاريخ جو لڄائيندڙ سانحو آهي. مانواري عدليه ملڪي تاريخ ۾ سموسن جي وڌيل اگهه تي سوموٽو نوٽيس ورتو پر ڌرتيءَ ڌڻي جي جسد خاڪي جي ٿيل تاريخي توهين ۽ تذليل تي خاموش بڻيل رهي.
    انقلابي سياستدان رسول بخش پليجي صاحب ڀوري ڀيل جي واقعي تي چيو; “ڀوري جي لاش کي قبرستان مان ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ هڪڙو سنگين ترين سنڌ دشمن ۽ انسانيت دشمن ڏوهه آهي، جنهن جي مذمت سڄي سنڌ جي ساڃاهه، ثقافت، قومي خوداري ۽ غيرت ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ان قسم جون غير مهذب درندگيون ۽ وحشتناڪ ڪاروايون ختم نه ڪيون ويون ته پوءِ سنڌ جي اڄ جيڪا انتهائي ڪريل حالت آهي اها به ختم ٿي ويندي ۽ هڪڙي ڏينهن سنڌ جا ماڻهو بي وس ٿي هميشه لاءِ خوني ٽولن جا غلام بڻجي ويندا، جيڪي ماڻهو ان صورتحال کي پيدا ڪرڻ سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو وٺندا يا ڏوهاري ۽ دهشتگرد ٽولن تي ڪک رکندا، اهي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي قوم جا هميشه لاءِ غدار ليکيا ويندا ۽ جيڪي سزائون قومي غدارن لاءِ طئي ٿيل آهن، انهن جا لائق ٿيندا، سنڌي قوم جو مطالبو آهي ته جوابدارن دهشتگردن کي ترت گرفتار ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي”
    ڀوري ڀيل جو لاش قبرستان مان ڪڍڻ خلاف سمورين سنڌ دوست ترقي پسند پارٽين، اڳواڻن، اديبن شاعرن قومي ڪارڪنن هڪ آواز ٿي چيو هو “ها مان ڀورو ڀيل آهيان” جو سڏ پڙاڏو بڻجي ويو، اهو سڏ وقت ۽ حالتن هٿان “ڌڻيء” مان “ڌاريان” بڻائل سنڌ جي دراوڙن جي مٿي تي شفقت جو هٿ هو، اهو دراوڙن جي ٻرندڙ من تي ڇنڊو هو، اهو سڏ مرشد لطيف، سچل، سامي، شهيد شاهه عنايت، دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول جو سڏ هو، اهو سڏ سنڌ جي ضمير جو سڏ هو، اهو سڏ سنڌ جي خمير مان اٿيو هو.
    ايوب کوسي جو ڀوري ڀيل کي ارپنا ٿيل نظم به اهو سڏ ئي ته هو.
    ڇا هي لاڙ اهو ئي آهي؟
    جنهن جي خاموشين ۾ چوڙن،
    حق موجود تنواريو هرپل،
    سانجهه ڀنل ۾ اڏندڙ آڙين
    شاهه عنايت ساريو هرپل،
    سج دراوڙ ڇاتيءَ جهڙو
    جنهن جي هيٺان چمڪيا ٽاڻا
    وڻ وڻ گيڙو جوڙو پاتو
    دولهه آيا ڪنڌ ڪپاڻا
    ڇا هي سنڌ اها ئي آهي؟
    جنهن جو سمنڊ ڀٽائي سمجهيو
    ڳاڙها ڳانا پاتا ٻانهن
    عيدون ڏياريون گڏجي گذريون
    اُجرا ڀاڪر پاتا ٻانهن
    صوفي رنگ نگاهن اوڍيو
    ڇا ته نڀايا ناتا ٻانهن
    هئه سا ويئي سنڌ اجهامي
    ٿي وئي ڄڻ تهذيب اگهاڙي
    ڇا ته ٻڌايان ڇا نه لڳو آ
    ڪوجهو دل ۾ ڪانُ لڳو آ،
    منهنجي سنڌڙي منهنجي آيل
    توکي ڪو طوفان لڳو آ
    تو ۾ منهنجو ڀورو آيو
    تنهنجي ڌرتيءَ جي آڳر ۾
    ڇو نه الاءِ پورو آيو؟
    هن جو لاش ڪڍي ويا ٻاهر
    منهنجي هرڪا دانهن کپي وئي
    مان ٿي ڀانيان مان ٿي سمجهان
    سنڌڙي تنهنجي ڇانءَ ڪپي وئي
    آندو ويو هو ڪانگن سامهون
    ٽلٽي هئي ڄڻ نانگن سامهون
    اڄ هي سنڌ ڪٿي آ بيٺي؟
    هن جو روح سوالي آهي!
    مون هن چوڙا لاهي اڇليا
    مون لاءِ وقت مري ويو آهي
    مون لاءِ سج پرايو آهي
    جنهن تي زهر وري ويو آهي!
    ها پر هڪڙي آٿت آهي
    منهنجي سنڌڙي تنهنجو جهنڊو
    ڀوري جو رکوال ٿيو آ
    مان ٿي ڀانيان تنها ناهيان
    منهنجو ساهه بحال ٿيو آ!
    هن مسئلي جو جو آخر حل ڪهڙو آهي؟
    ذات، پات، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي انسانن جا لاش قبرن مان ڪڍي اڇلائڻ، لاشن جي توهين ۽ تذليل ڪرڻ، انتهاپسندي جي زهر کي ڦلائڻ لاءِ انتشار پکيڙڻ جهڙن مسئلن جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ ان لاءِ مستقبل ۾ اسان جي سماج ۽ سرڪار وٽ ڪهڙا حل آهن؟ سرڪار کي گھرجي ته اهڙن مسئلن لاءِ سخت قانونسازي ڪئي وڃي، ان تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. گھڻڻ جاين تي ته گڏيل قبرستان موجود آهن، اتي اهڙو مسئلو جنم نٿو وٺي پر جتي اهڙو خدشو هجي ته الڳ قبرستانن لاءِ زمين ڏني وڃي، انهن قبرستانن جي زمين کي قبضاگير مافيا کان محفوظ بڻايو وڃي. ڌرتيءَ ڌڻين جي حياتي ته عذابن ۽ عتابن ۾ گذري ٿي پر مرڻ ته سڪون سان ڏنو وڃي، مٽي کي مٽي سان ملڻ جو حق هرگز نه کسيو وڃي.

    پنهنجي ذهن مان ڊپ ڪڍو، اڳتي وڌو
    مظلوم ماڻهو صدين کان خطرناڪ غلامي جي جڪڙ ۾ بدترين طريقي سان ڦاٿل هئڻ ڪري انهن جي دل، دماغ ۽ من اندر ڊپ، ۽ ڊاءُ گھر ڪري ويٺل آهي. جنهن ڪري اهي مسڪين ماڻهو هن سماج جي حرامي ٽولن کي چيلينج نٿا ڪن، جنهن سبب اهي رهزن ٽولا روز به روز ظمتن جو وهنوار وڌائيندا ٿا وڃن، ڌرتيءَ جي لٽيل ماڻهن تان ڏک ۽ ڏوجهرا ختم نٿا ٿين. انهن مسئلن جو فقط هڪڙو ئي علاج آهي“پنهنجي من مان ڪاغذي شيرن جو ڊپ ڪڍو، پنهنجي دل مان ڊاءُ ڪڍي اڳتي وڌو، پنهنجي ذهن ۾ اهو خيال پختو ڪري ڇڏيو ته هي ظالم سامراج عام جنتا کان ڏاڍو ناهي، جڏهن دنيا جا ڪروڙين مسڪين ماڻهو هڪ ٿي اٿيا ته دنيا جا چند سئو ظالم سامراج عوام جي پيرن هيٺان چپجي، چيڀاٽجي، چچرجي ۽ لتاڙجي مري ويندا، ظلم جا ڪارا ڪوٽ ڊهي پٽ پوندا، ماڪ جا ڏونگر سج نڪرڻ تائين مهمان هوندا آهن”


    برادري اتحاد جي سياست

    ڪائنات جي ارتقائي سفر ۾ ڏاڍي ۽ هيڻي انسان جي وچ ۾ جيئڻ جي وسيلن تان ڪشمڪش اڳتي هلي سياست جو روپ ڌاريو، جنهن کي هاڻ ايترو ته ڪراهت لائق بڻايو ويو آهي جو هر پرامن انسان سياست کان ڏور ڀڄي ٿو، سياست کي سياه معنى ڪارو ست معنى طاقت (ڪاري طاقت) سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري عام خلق جو سياست جهڙي عظيم عمل مان يقين ختم ٿيندو وڃي. سو برصغير ۾ سياست جي شروعات گھڻو ڪري ٿيندي ئي پنهنجي ذات کان آهي. ڪيترائي نالي وارا ماڻهو سياست جي شروعات برادري اتحادن کان ڪري چڪا آهن، پر اڳتي هلي اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. اڃا به ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي قومي سياست ۾ پنهنجي مفاد ماڻڻ ۽ افرادي قوت ڏيکارن خاطر پنهنجين برادرين کي بدترين طريقن سان استعمال ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري ملڪ جو صدر هئڻ وقت “زرداري برادري” جي سرداري جي پڳ پڻ پنهنجي مٿي تي رکرائي هئي. اهڙي ريت ٻروچ برادرين ۾ به اهڙا اتحاد عام جام آهن ۽ سماٽن ۾ به اهڙا اتحاد موجود آهن. گھڻي وقت کان سنڌ ۾ برادري اتحادن جي سياست عروج تي آهي. اهو چسڪو مهينو کن مون به چکيو هو، جنهن بعد هميشه لاءِ توبهه ڪري پنهنجي حال سارو قومي سياست ۾ پير پاتوسين. اهو سفر اڀري حال سان جاري ۽ ساري آهي. ڳالهه عالم انسانيت جي ڪبي، ذات تائين محدود ٿيڻ به انتهاپسندي جو هڪ نادر نمونو آهي. انتهاپسنداڻي خطرناڪ انسان دشمن سوچ کان بچي ۽ نج انسانيت جي بنياد تي آدم ذات جي خدمت ڪرڻ گھرجي.

    برادري اتحاد جي ابتدا
    ماڻهو پنهنجي اندر ۾ رات ڏينهن ڪجهه ڪرڻ لاءِ پتوڙي ضرور ٿو، پر لوڀ ۽ لالچ سبب اها جاکوڙ ڪڏهن ڪڏهن مظلوم انسانن جي اجتماعي ۽ قومي مفادن بجاءِ ذاتي مفادن تي دنگ ڪري ٿي. پنهنجن مفادن اڳيان قومي مفادن کي قربان ڪندڙ ماڻهو توڙي جو تاريخ ۾ ڪهڙي حيثيت سان ياد ڪيا ويندا؟ اها حقيقت هاڻ لڪل ناهي. هڪ طرف سنڌ جي دراوڙن کي آرين مذهب جي آڙ ۾ ذات، پات، رنگ نسلن ۾ ورهائي سندن قومي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجهتي ٽوڙي مروڙي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اڄ به ان حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته سمورا دراوڙ پاڻ ۾ گڏ کائڻ پيئڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته اُتي سڱ، سڱاوتي، رشتيداري ڪرڻ جو تصور ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ انهن ڌرتيءَ ڌڻين جي قومي اتحاد کي جيترو منو مهراج ڇيهو رسائي هڪٻي کان ڌار ڪري رکيو آهي، بلڪل اهڙي طرح اهي اتحاد مسڪين برادرين کي هڪٻي کان ڌار رکڻ لاءِ سرگردان آهن. ڄڻ هي اتحاد منو جا جان نشين هجن، ڪو به چرندڙ ڦِرندڙ ذهن جڏهن معاشري ۾ ڪجهه ڪرڻ جي شروعات ڪندو آهي ته سڀ کان پهرين سندس ذهن ۾ پنهنجي برادري جو خيال جنم وٺندو آهي. تنهنڪري سندس سياست، جدوجهد، جاکوڙ جو ابتدائي محور برادري هوندي آهي، جنهن کي اهي ماڻهو “قوم” سڏي يا چئي مخاطب ٿيندا آهن منهنجي ذاتي راءِ آهي ته انسان جي اندر جي شروعاتي اٿل، پٿل محدوديت تي مبني هجڻ ڪنهن حد تائين فطري عمل آهي، تنهنڪري ئي انسان شايد عالمگيريت جي سوچ بجاءِ ذات کي اهميت ڏي ٿو، پوءِ اڳتي هلي جڏهن کيس دنيا جي هوا لڳندي آهي ته “دنيا ۾ ٻيا به مظلوم انسان آهن جيڪي اسان جا ڀاءُ آهن” ته پوءِ سندس سوچن ۾ عالم انسانيت جا عظيم خيال جنم وٺندا آهن.
    اهي ماڻهو دنيا جي مظلوم انسان جي ڪائنات پرستي واري سوچ ڌارين ته انهن کي محدوديت جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت قطئه پيش نه ايندي. پر افسوس انهن جون سوچون کوهه جي ڏيڏر جيئن کوهه کي ئي ڪائنات سمجهن ٿيون

    برادري اتحادن جا فائدا ۽ نقصان
    برادري اتحاد جڏهن ٺهندا آهن ته انهن جو بنياد فقط سياسي، سماجي احساس ڪمتري ۽ ٺلهي، کوکلي جذباتيت تي مبني هوندو آهي. جيڪو اڳتي هلي ذاتي مفادن جو گھٽيا ڪاروبار بڻجي ويندو آهي. ٻڌي، اتحاد، علم ۽ شعور جون جذباتي ڳالهيون ڪري اٻوجهه ۽ علم کان وانجهيل ماڻهن جي جذبن سان کلواڙ ڪيو وڃي ٿو. بنان ڪنهن عوام دوست نظريي، فڪر، گس، منظم تنظيم سازي، مضبوط آرگنائيزيشن، قائدا، اصول ۽ ضابطن کانسواءِ فقط ياري باشي ۽ ذاتي واسطن جي بنياد تي تنظيمون جوڙي پنهنجن مخالفن ۽ سياسي پارٽين کي پنهنجي حامين جي افرادي قوت ڏيکاري باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان سڄي ڪارگذاري پويان ڪيتريون لڪل حقيقتون آهن. جنهن تي قلم کڻجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا. جڏهن ته برادري اتحادن کي قومي تناظر ۾ ڏسنداسين ته اهي اتحاد فقط عام جنتا کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي انتهائي خطرناڪ انسان دشمن سازشن ۾ گھيريل نظر ايندا. هتي ڀيل برادري جو مثال ڏيندس،گھڻو عرصو اڳ جڏهن اڃان برادري اتحاد ايترا سرگرم نه هئا تڏهن سڄي سنڌ جي ڀيل برادري هڪٻي جي مرڻي، پرڻي، ڪُني ۽ ماني سميت هر ويل هڪٻي سان گھڻو سلهاڙيل هئي، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ اتحادن پنهنجو ابتو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو، برادري اتحاد ته بنيادي طور برادري کي متحد ڪرڻ لاءِ هجڻ گھرجن، پر ٿيو ائين جو سڄي برادري ڇڙوڇڙ ٿي وئي، قيادت تان اختلاف، ڦڏا ۽ فساد شروع ٿي ويا، ٽولي ۽ گروهه بازي جنم ورتو، جنهن بعد ذات پرستي وارو اتحاد سُسي ڌڙي بندي ۾ مبتلا ٿيندي، نُک پرستي تي پهتو، جنهن بعد ان جي بدترين پڄاڻي شخصيت پرستي تي ٿي. پوءِ اتحاد ٽٽي ويا وري اتحادن مان نوان اتحاد ٺهي ويا، هاڻ انهن جي سرگرمي جو اصل مقصد گم ٿي ويو، هو فقط هڪٻي جي ڇتي مخالف ۾ ميدان تي لهي پيا، صورتحال ذاتي دشمني ۽ تڪرارن تي پهتي، جتان علائقي پرستي جهڙي زهريلي سوچ جنم ورتو، هتي ساري سنڌ پرين جو پاڇو وارو خوبصورت قومي تصور ختم ٿي ويو، اتحاد ضلعن ۽ شهرن جي حدن ۾ محدوديت جي دائري ۾ قيد ٿي ويا، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ضلعي جي ماڻهو کي سپورٽ ڪرڻ لڳا، پر ڳالهه اُتي دنگ نٿي ڪري ڳالهه ته سنڌي، اُترادي، ٿريي، مارواڙي، ڪڇي، لاڙي، ڍاٽي، مهراڻوي، ۾ ورهائجڻ ڏانهن وڌي وئي. سياست کي بُرو ڀلو به چيو ويو ۽ وري سياست ڏانهن رجوع به ڪئي وئي. ڪجهه اتحادن کي ڇڏي ڪري گھڻي اڪثريتي اتحاد صرف پنهنجي برادري جي مسئلن کي فوڪس ڪن ٿا ۽ جڏهن ته ٻي طرف پنهنجي ئي برادري جو ڪو ظالم ٻي مظلوم سان ڏاڍ مڙسي، ناانصافي، انياءُ، ظلم ڪندو آهي ته سنڌن منهن تي چپ جو ڍڪ چڙهي ويندو آهي. سو ادبي ايمانداري سان سوچي ويچاري غور ڪرڻ بعد مون ته فقط اهو سمجهيو آهي ته برادري اتحادن بجاءِ ذات، پات، رنگ ۽ نسل کان بالاتر مظلوم انسانن جو سياسي اتحاد هجڻ گھرجي، سموري دنيا جي مظلومن کي پنهنجو سڳو ڀاءُ سمجهڻ گھرجي. هيڻن انسانن کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ جو هي ڪڌو ڪم ڪنهن به ريت فائديمند ناهي. اتحاد عظيم انسانيت جو هجڻ گھرجي، جدوجهد ۽ تحريڪون مظلوم ماڻهن، قوم ۽ وطن جي اجتماعي حقن لاءِ هئڻ گهرجن.

    برادري اتحاد ۽ قومي سياست
    برادري اتحاد جي سياست قومي سياست ۽ عالم انسانيت جي عظيم نظريي ۽ فڪر کي ڇيهو رسائڻ جي سازش کانسواءِ ڪجهه به ناهي، سنڌ جي ماڻهن ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪيتريون ئي پُرامن قومي عوامي جمهوري جدوجهدون ڪاميابي سان ڪيون آهن. جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته سنڌ جو عوام اجتماعي سوچ ۾ يقين رکي ٿو. جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو آهي ته سنڌي قوم شينهن ٿي اُٿي آهي. سنڌي قوم ڪلچر ڊي ته به گڏجي ويندي آهي ته ڪالاباغ ڊيم سميت سمورين سنڌ دشمن سازشن خلاف سنڌي ماڻهن سگهاري قومي ۽ اجتماعي شعور جو اعلى مثال ڏيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته مختلف سياسي نظرياتي ويڇا هوندي به سنڌ برادري اتحادن ۾ ورهائجڻ بجاءِ گڏيل سڏ کي ورنائي ٿي. سنڌي قوم قومي مامرن تي پاڻ ملهايو آهي. هن وقت سموري دنيا ۾ غاصب قوتن خلاف انقلاب جي لهر اُٿي پئي، دنيا جون مظلوم قومون اتحاد ڪري اڳتي وڌن پيون، ان صورتحال ۾ سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن کي گھرجي ته عام ماڻهو کي برادري اتحادن ۾ ورهائجڻ بجاءِ قومي ٻڌي جي راهه تي آڻجي.
    گھڻي عرصي کان سنڌ ۾ برادري سطح جا اتحاد، تنظيمون سرگرم آهن. جنهن سان سرداري ۽ قبيلائي نظام کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ هٿي به ملي ٿي. سنڌ جا پڙهيل لکيل تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهو پنهنجيون شاندار ذهني صلاحتون ۽ وسيلا پنهنجن برادرين جي انفرادي حقن لاءِ ڪتب آڻيندا ته سنڌ، سنڌي قوم سميت دنيا جي مسڪين، مظلوم انسانن لاءِ ڪير آواز بُلند ڪندو؟ سوچون منتشر ٿي قوميت مان برادريت تائين محدود ٿي وينديون ته پوءِ عالم انسانيت جي عظيم فڪر جو ڇا ٿيندو؟ پوءِ عالمگير شاعر لطيف سائين جي هن بيت جي ڪهڙي حيثيت هوندي؟
    سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    برادري اتحادن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ
    هن وقت سنڌ ۾ تقريبن هر برادري ۾ هڪ کان ويهه تائين اتحاد موجود آهن. برادري جي سياست ٻين مظلومن کان الڳ، محدوديت ۽ احساس محرومي جي حالتن جو سبب آهي. “برادري اتحاد” جي سياست واري سوچ عالمي انساني حقن، جمهوريت، قومي ٻڌيءَ ۽ اجتماعي سوچ لاءِ اڏوهي آهي. سنڌ ۾ برادري اتحاد جي سياست ڪندڙ ماڻهن کي دنيا جي سياست کي ضرور مدنظر رکڻ گھرجي. هيستائين دنيا ۾ جيڪي به عوامي انقلاب آيا آهن اهي انقلاب برادري سياست نه پر قومي اتحادن مان اُڀريا هئا. روسي انقلاب، چيني انقلاب، ويٽنامي انقلاب، فرينچ انقلاب، ڪيوبا انقلاب، هاڻ وري عرب ملڪن ۾ اٿيل انقلاب جي لهر ان جو شاندار مثال آهن. يا کڻي ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگالي جُدا ٿيا، ان ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ان سڄي وارتا ۾ شيخ مجيب جي شيخ برادري جا ماڻهو هئا يا سڄي بنگالي قوم هُئي؟ تنهنڪري اسان کي دنيا مان سکي اڳتي وڌڻ گھرجي. دنيا ۾ جون حالتون اسان جون بهتر استاد آهن.

    برادري اتحاد جي سياست ۽ موروثي سياست
    انسانيت ۾ برابري ۽ سراسري ئي جمهوريت جو شاندار مثال چئبو، سياست ڪراهت لائق تڏهن بڻبي آهي جڏهن سياست جي صفن ۾ عوام دوست بجاءِ عوام دشمن ماڻهو ٿاڦجي ويندا آهن. اهي ماڻهو ذاتي مفادن جي آڙ ۾ سياست کي نفيدار ڪاروبار بڻائي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان لاءِ استعمال ڪندا آهن تڏهن سياست جي شڪل نهايت ڀوائتي بڻجي ويندي آهي. سياسي پارٽين ۾ به اهڙو غيرجمهوري رويو ڏٺو ويو آهي. برادري اتحاد جو ٻيو نالو “موروثيت” آهي. ڇو ته هڪ برادري اتحاد جو صدر فقط ان برادري جو ماڻهو ٿي سگهندو، پوءِ اهو ان عهدي جي لائق به هجي يا نه؟ سو برادري اتحاد مورثيت جي مامري ۾ اڳين صفن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. پر گھڻو ڪري برادري اتحادن ۾ ته موروثيت ئي نظر ايندي. عوامي عهدن، پارٽين جي عهدن تي نسل در نسل ويٺل ماڻهو قومن سان ويساگهاتين جي وارداتن جا ڪارا باب آهن. اهڙي قبيلائي سوچ سان محڪوميءَ جو ڳٽ عوام جي ڳچي ۾ پوڻ فطري عمل آهي. جنهن ڪري انساني آزادي وارو عظيم مقصد قومن جو مقدر بڻجي نه سگهندو آهي.

    برادرين جا برادرين سان اختلاف
    برادري اتحاد جا ٻيا ته ڪيترائي قومي نقصان آهن پر سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهي غريب برادريون اڳتي هلي هڪٻي جون سخت مخالف بڻجي وينديون آهن. جنهن جو خطرناڪ نتيجو اهو نڪرندو جو اڳتي هلي قومي ٻڌي اتحاد مڪمل طور ختم ٿي ويندو، مظلوم طبقا پاڻ سان ٿيل ظلم ۽ ذيادتين خلاف گڏيل ۽ سگهاري جدوجهد بجاءِ ڇڙوڇڙ ۽ اڪيلا ٿي شديد احساس ڪمتري جي ڪرڀ ۾ مبتلا ٿي ويندا. ڇو ته ظالم قوتن جو پاڻ ۾ عالمي سطح ته اڻ اعلانيل اتحاد آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن به ظالم کي ڪوسو واءُ لڳندو ته ان جو سيڪ سڀ ظالم سرمائيدار ماڻهو محسوس ڪندا، هڪٻي جون وڏيون مددون ڪندا، پر افسوس اسان سان ظلم ڪندڙ دنيا جي اها ئي هڪڙي قوت خلاف اسان اجتماعي جدوجهد رڳو ان ڪري نه ڪري سگهنداسين جو اسان برادري اتحادن ۾ ورهائجي پنهنجي پير ۾ پاڻ ڪهاڙو هڻي چڪا هونداسين. برادري اتحادن جو هڪڙو ابتو ري ايڪشن ته اهو نڪتو آهي جو هاڻ ڀيلن سان مسئلي تي ڀيل ئي آواز اٿاريندا، ڪولهين سان پيش آيل مسئلي تي فقط ڪولهي ئي احتجاج ڪري سگهندا، بلڪه سڀ غريب برادريون ائين ورهايل هونديون. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ برهمڻ سامراج جي باقيات سيٺيا سڀ مري مُٺ ٿيل هوندا. اهڙي سوچ هر حال ۾ خلق جي فائدي ۾ ناهي.

    نُک پرستي به ذهني مرض آهي
    گڏ کائڻ پيئڻ جي مسئلي جي ڪري شروع ۾ آئون به “ڀيل” بجاءِ پنهنجي ڀيل قبيلي جي “ڪارهيندا” پاڙي جي “بولاڻي” نُک (سب ڪاسٽ) سڏائيدو هئس. (منهنجا وڏا به مون کان اڳ ئي بولاڻي سڏائيندا هئا) پوءِ جڏهن شعور جو پاسو ڏيئي گذر ٿيو ته ڀيل سڏائڻ شروع ڪيو. اڄ فخر سان چوان ٿو “ها مان ڀيل آهيان، ها مان ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ آهيان، ها مان سنڌي آهيان” پر هن وقت به ڪيترائي اهل علم دوست ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ وغيره آهن جيڪي پنهنجي غريباڻي سڃاڻپ ظاهر ڪندي شرم محسوس ڪن ٿا. جنهن ڪري انهن جي نالن سان گڏ پنهنجي مسڪين قبيلي جي سڃاڻپ بجاءِ نُک (سب ڪاسٽ) يا ڏاڏي جي نالي ۽ علائقي جي نالي پويان سڏائيندا آهن. ان جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ بولاڻي، سنگلاڻي، هيراڻي، ڌاراڻي، ولاسائي، کنگهاراڻي، ٿري، مهراڻوي، صحرائي، بچلاڻي، موراڻي، هميراڻي وغيره جا انيڪ مثال آهن. ان جي پويان صدين جي احساس ڪمتري آهي. تاريخي طور تذليل جو شڪار ٿيل ماڻهو سوچين ٿا ته پنهنجي سڃاڻپ بدلائڻ سان انهن سان لاڳاپيل مسئلا حل ٿي ويندا. ماڻهو ذاتي طور ڪيتري به ڪوشش ڪري پر دنيا ۾ واحد “سڃاڻپ” ئي آهي جيڪا بدلائي نٿي سگهجي. ارڪاڻ نٿا بدلجن، رت ۾ شامل جبلتون نٿيون مٽجن، بهادري ۽ ڊپ نٿو لڪي.
    تنهنڪري پنهنجي سڃاڻپ بدلائڻ بجاءِ هن دنيا ۾ عالمي سامراج جي غلامي جي حالاتن کي بدلائجي، لاشعوري جي حالتن کي بدلائي باشعوري جي سفر ڏانهن سنبرجي، احساس ڪمتري جي رحم لائق سوچ مان نڪري مسڪينن ماڻهن جي حوصلاافزائي، همت افزائي ۽ اتساهه پيدا ڪيو. اهڙي محدود سڃاڻپ بجاءِ عالم انسانيت جي عظيم سوچ تحت “انسان” جي سڃاڻپ برقرار رکجي.

    برادري اتحادن جو متبادل
    عوامي سيوا جو جذبو رکڻ وارن سمورن ماڻهن کي گھرجي ته هو سماج جي سيوا بنا ذات پات رنگ ۽ نسل جي ڪن، پرامن جمهوري پارٽين ۾ عوام جي حقن لاءِ پتوڙين، “برادري اتحاد” جي محدوديت جي خول مان ٻاهر نڪري سڄي دنيا جي غريبن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ته هي ڪائنات امن جو آسيانو بڻجي ويندي، سموري دنيا جي ڏکوئيل انسانن جا سور انهن کي پنهنجا سور محسوس ٿيندا، انهن جي اکين تان محدوديت جي ڪاري پٽي لهي ويندي، تڏهن کين دنيا وسيع نظر ايندي. تڏهن کين رڳو ٻه قوتون نظر اينديون “ظالم ۽ مظلوم” ۽ پوءِ اهو نعرو وڌيڪ سگهارو ٿيندو “دنيا جا مظلومو متحد ٿيو”

    سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وهي ٿو جال
    سئين وهن سير ۾ ماڻڪ، موتي، لال،
    جي ماسو جڙيئي، مال ته پوڄارا! پُر ٿئين.
    (شاهه لطيف)


    پرمپرا جي نالي تي فضول ريتون رسمون

    قبضاگير آرين جي آمد کان اڳ سنڌ جا اصلوڪا باشندا ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ باقاعدي ڪنهن مذهب جو حصو نه هئا، نه ئي ڪنهن مذهب جو مڪمل تصور موجود هو. ڌرتيءَ جا هي پُرامن انسان ته صرف فطرت جا پوئلڳ هئا. هنن ته فقط مٽي کي پوڄيو هو، دراوڙن ته فقط سنڌ ماتا ۽ سنڌو درياهه کي پوڄيو هو، دراوڙن ته فقط وڻن، پکين، گُلن، پاڻي، مڇي، باهه، جيت جڻن ۽ جانور کي پوڄي اهو پيغام ڏنو ته اسان پنهنجي مزاج ۾ مڪمل امن پسند، فطرت دوست، وطن دوست ڌرتيءَ جا عاشق انسان آهيون. پر جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا ۽ آرين سنڌ ۾ پير رکندي ئي ايندي ڏٺو ۽ سمجهيو ته ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ لوڪ توڙي جو تهذيب يافته ۽ مڪمل مهذب قوم هوندي به پنهنجي مزاجن ۾ مست الست، سادا، ڳوڀ ۽ اعتبار ڪندڙ انسان آهن. انهن ماڻهن جي امن پسند سوچ جو آرين ڀرپور ناجائز فائدو وٺندي انهن تي زوري زبردستي پنهنجا سامراجي ۽ انسان دشمن خيال ٿاڦڻ شروع ڪيا. اهو سمورو دنڌو “ڌرم” جي نالي ۽ آڙ ۾ ڪيو ويو. جنهن کي صرف قانوني شڪل ۾ جائز قرار ڏيڻ لاءِ منوسمرتي جو سهارو ورتو ويو. برهمڻن جي ان ڪتابي قانون دراوڙن کان مڪمل مالڪاڻا حق ته کسي ورتا پر انهن کي انساني حقن کان به محروم ڪري جانور واري حياتي گھارڻ تي مجبور ڪيو ويو. جنهن ڪري انهن ماڻهن پنهنجا تهذيب يافته شهر ڇڏي جهنگلن جون رخ ڪيو، جانور ماري پيٽ گذر ڪيو، وڻڻ جا ڇوڏا پيهي پيٽ جي آگ اجهائي، انهن کان علم، شعور، وطن جي وارثي، تهذيب، ثقافت، آزادي سڀ ڪجهه ڦرجي ويو. دراوڙ آرين جي ڄار ۾ مڪمل ڦاسجي پيا بلڪه اڄ به آرين جي ڪڌي قانون ۾ بُري طرح قيد ٿيل آهن. آرين جي ڪاري قانون کي ڀوڳي رهيا آهن. آرين پاران دراوڙن جو معاشي قتلام ۽ استحصال ڪرڻ خاطر رُسمن جي نالي تي تاريخي سازشون ڪيون ويون. هزارين ڪوششن جي باوجود دراوڙ لوڪ اڄ به آرين جي ٺاهيل هٿ ٺوڪين ريتن رسمن جوعذاب ۽ عتاب نسل در نسل ڀوڳي دنيا جي ترقي واري ڊوڙ ۾ هزارين سال پوئتي رهجي ويا آهن. ٻين مذهبن ۾ به لاتعداد ريتون رسمون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر برهمڻن ته گھٽيا رسمن ۾ سڀن کان اڳيان نظر آيا، ۽ هن وقت هنڌو سماج انهن ريتن مان هرگز آجو ناهي. جيڪي فقط قدامت پسندي جي سوچ کي ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهن، پر اهي ريتون رسمون صدين کان هلندڙ هجڻ جي ڪري نسل درد نسل ماڻهن ۾ منتقل ٿينديون وڃن ٿيون. اهو الڳ سوال آهي ته انهن ريتن رسمن جا ڪهڙا فائدا ۽ نقصان آهن؟ پر هنڌو سماج جون ريتون رسمون آرين تي ايتري قدر لاڳو ناهن جيتري قدر اهي رسمون وطن جي وارث دراوڙن تي غيرقانوني، غيرانساني، غيرجمهوري طريقي سان زوري زبردستي آمريت پسند آرين ٿاڦي هزارن سالن کان انهن امن پسند انسانن جو استحصال ڪيو آهي، انهن کي اٻوجهه رکڻ لاءِ علم کسيو ويو، جاهل رکڻ لاءِ ڪتاب کسيا ويا، تهذيب کسڻ خاطر جهنگلن ۾ ڌڪيو ويو، عذاب ڏيڻ لاءِ گهر کسي خانه بدوش بڻائي دربدر ڪيو ويو، نفرتون آڇي اڇوت بڻايو ويو، انهن ڪروڙين انسانن جي ٻڌي، اتحاد ۽ طاقت جي توازن کي ٽوڙڻ لاءِ ورڻن جو ڄار وڇائي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو، بغاوت کي ختم ڪرڻ ۽ مزاحمت کي ڪچلڻ لاءِ ڌرم جو سهارو ورتو ويو، ويڙهه ختم ڪرڻ لاءِ آڱوٺا ئي وڍيا ويا، تلوار بازي ۽ گھوڙي سواري تي ڌرم جي انوسار پابندي عائد ڪري قانوني شڪل ڏني وئي، ايتري قدر ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙن کي انسانيت جي کاتي مان ئي ٻاهر ڪڍي کين شوڌر قرار ڏنو ويو، انهن کي مالي طرح مستحڪم ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ هزارين ظالم رسمن جو ڄار وڇايو ويو، جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪروڙين دراوڙ لوڪ بدترين طريقي سان ڦاسي ظلمتن جو شڪار بڻايا ويا آهن. دراوڙن کي غلامي جي غلاظتي ڀنگ پياري نشي ۾ ڌت، مست الوٽ ڪيو ويو، شعور وڃائڻ جي برهمڻي سازش ڪئي وئي، ڌرتيءَ جي هڪ عظيم تهذيب يافته امن پسند قوم کي مڪمل غلام بڻايو ويو. ان سڄي وارتا پويان ڪيتريون ئي انسان دشمن رسمون متعارف ڪرايل آهن. دراوڙن کي غلام بڻائڻ لاءِ آرين نفسياتي جنگ ۾ واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو، ڌرم جي نالي تي آرين وهم پرستي جو بنياد وڌو، عقيدي پرستي کي اوج ڏنو ويو، ماڻهن کي ڪرت جي پويان ورڻن ۾ ورهائي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. معاشيات کي نقصان رسائڻ خاطر روز مره جي جيون ۾ هزارين فضول ريتون ۽ رسمون پيدا ڪري ماڻهن کي هڪ طرف مالي طور نقصان ڏنو ويو ٻي طرف انهن کي ذهني غلامي ۾ پڻ جڪڙيو ويو. اهي ريتون رسمون حياتي ۾ عذاب ارپينديون رهيون پر مرڻ بعد به جند سان جُڙيل رهيون. مسڪين اٻوجهه ماڻهو چاهيندي به انهن برهمڻي پرمپرائن جي گھٽيا ريتن، رسمن ۽ رواجن مان آجا نه پيا ٿي سگهن. انهن رسمن جو تفصيلي احوال ٻي دفعي ڪنداسين، بلڪه انسان دشمن ريتن رسمن جي انسان دشمن موضوع تي مڪمل جُدا ڪتاب لکڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان، منهنجي خواهش آهي ته انسان جون ازلي ويري برهمڻ سامراج جي قاتل ريتن، رواجن ۽ رسمن تي هڪ تحقيقي ڪتاب لکي توهان جي هٿن تائين پهچايان، ان ڪتاب تي پڻ منهنجو ڪم هلندڙ آهي. سچ وڏو ڏوهاري ضرور آهي، پر ان سچ کي سامهون آڻڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪبي، پوءِ چاهي برهمڻ سامراج جا ڪاروباري فتوا فروش قتل ڪرڻ جون فتوائون جاري ڪن، اسان بس اهو سکيو آهي ته حق جي راهه ۾ پوئتي هٽڻو ناهي. پر في الحال انهن فضول ريتن رسمن ۽ رواجن جو مختصر احوال ۽ اڇو چٺو ٽريلر طور پڌرو ڪجي ٿو.

    عورت جي گرڀ وتي ٿيڻ جون رسمون
    برهمڻن پاران جيڪي به ريتون رسمون پرمپرا جي نالي تي جوڙيون ويون سي سڀ رجعت پرستي کي هٿي ڏين ٿيون، اٻوجهه ماڻهن کي ذهني غلام رکن ٿيون. انهن رسمن جي شروعات ته تڏهن کان ٿيو وڃي جڏهن ڪا عورت گرڀ وتي (پيٽ سان) ٿئي ٿي، شروعاتي مهينن کان ثابت ناريل، ڏونگين جا سير خريد ڪري ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ٻڌي رکيا ويندا، ٻڪريون، پٺون، ڇيلا، پاڏا، ڪارا، اڇا، ڳاڙها ٻانگا ڪڪڙ خريد ڪري ان عورت تان گهوريا ويندا، روڪ رقم، سونا ٽِڪا، خوراڪ جو سيدو سامان ۽ ڪپڙا لٽا وغيره جو فضول خرچ ڪرايو ويندو، تنترين پاران اهو سڀ ڪجهه نه ڪرڻ جي صورت ۾ گرڀ وتي مائي توڙي پيٽ ۾ پيل ٻار تي خطرناڪ گرهه جو اثر هجڻ سبب موت يقيني هجڻ جو ڊپ ڏيئي ٻنهي هٿن سان ڦري ڀينگ ڪئي ويندي آهي. ان سڄي ڪارهنوار ۾ لٽجندڙ ۽ لٽيندڙ راضي هوندا آهن. رسمن سبب لٽجندڙ ڌر پنهنجو فرض سمجهي لٽجي ٿي ۽ لُٽيندڙ پنهنجو صدين کان “حق” سمجهي لٽيندا رهن ٿا. ان نظام خلاف هن جديد دؤر ۾ به ڪو قانون ناهي، ماڻهو پنهنجي خوشي سان ڪسجن ٿا.

    ٻار جي پيدائش تي ٿيندڙ رسمون
    جڏهن ٻار جو جنم ٿئي ٿو ته فوري طور ڪڪڙن، ڇيلن ۽ پاڏن جون ٻليون چاڙهيون وڃن ٿيون، رت پياڪ ڀوپا ڳجهن جيان پهچي ويندا آهن. مفت ۾ پيا مال روڙيندا آهن. منشيات جو واهپي سبب اکيون ڳاڙهيون ڪيو اٻوجهن جي ننگن ۾ اکيون وجهيو ويٺا هوندا آهن. مختلف ميڊيڪلي ۽ سائنسي سببن جي ڪري گھڻي وقت بعد جنهن کي اولاد ٿيو هوندو اتي ته ڀوپن جا وارا نيارا ٿي ويا هوندا، اتي ماحول اهو ٺهيل هوندو ته اهو جيڪو بار ٿيو آهي سو فقط ان ٻاوي ۽ ڀوپي جي ڪرامت جو بي مثال نتيجو آهي، ورنه سڄي حياتي ان جوڙي کي اولاد نه ٿئي ها؟ ان بليڪ ميلنگ عيوض ڀوپا ته ماڻهن جا مال متا، رڍون، ٻڪريون، ڍور، اُٺ، گابا، گھوڙا، گڏهه، گھيٽا ڪاهيو وڃن. ڪنهن مسڪين جي در تي ڪارو ڪڪڙ به ڪونه ڇڏين. ٻار جي پيدا ٿيڻ جي ڇهين ڏينهن ڇٽي جي رسم تي هر ماڻهو پنهنجي پهچ مطابق ضرور خرچ ڪندو آهي. پر ان جي باوجود به مالي حالات چاهي ڪيترا به بدترين هجن پر وياج تي قرض کڻي به برهمڻي پرمپرا “راڄا ريت” (ذهني مرض) خاطر اهو رسمون هرحال ۾ پنهنجو پاڻ کي به گروي رکي ضرور ادا ڪرڻيون آهن. ٻار جو نالو رکڻ لاءِ به پئسا ڏيڻا پون ٿا، معنى ته جنهن جو ٻچو آهي ان کي پنهنجي ٻچڙي جو نالو به پنهنجي پسندي سان رکڻ جو حق حاصل ناهي، نالي جو ٻار جي شخصيت تي اثر پوي ٿو، نالو ڪو چڱيرڙو هجڻ گھرجي. پر پئسا وٺي پنجاهه روپين وارو “”ٽپڻو” کولي هڪ خوبصورت ٻار جو برهمڻ جيڪو نالو رکي ڏيندو تنهن نالي کان خود ٻالڪ جي پيءَ جي مغز ۾ به کاڄي پئي ٿيندي، ڪراهت پئي ٿيندي، پر مجبوري خاطر اهو نالو قبول ته ڪرڻو آهي. برهمڻ ذهنيت اها آهي جو دراوڙن کان ته پنهنجي ٻچن جا خوبصورت نالا رکڻ جو حق به هزارين سالن کان قانوني طور کسيل آهي. دراوڙن تي نالي جي پويان نالو سنگهه (شينهن، بهادري جو اهڃان) رکڻ تي به پاندي رهي آهي. برهمڻ ذهينت ايتري ته چالاڪ ۽ شاتر آهي جو شوڌر قرار ڏنل انسانن جي نالي سان گڏ “داس” ۽ “مل” لکي ڏيندي، جنهن جي معنى غلامي ۽ غلاظت کي ظاهر ڪري ٿي. “داس” معنى گولو، غلام، زرخريد ڪيل نوڪر ۽ “مل” جي معنى غالبن منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق ڍڳي جو “مُٽ” (پيشاب) آهي. هاڻ ٻڌايو جي ماڻهو جي اکين تي لاشعوري جي پٽي ٻڌي برهمڻ ڪيڏي تذليل ڪن ٿا؟ ڇٽي جي رسم تي به ڌرم جي نالي ۽ آڙ ۾ مال اوڳاڙيو وڃي ٿو. جيڪو پڻ هڪ غير ضروري ۽ فضول عمل آهي.

    مڱڻو
    ڪائنات ۾ انسان اربين سالن جو ارتقائي سفر طئي ڪري جڏهن تهذيب يافته بڻيو تڏهن مهذبپڻي جي شروعات رشتن جو قدر ۽ تقدس سان سڃاتي وڃڻ لڳي. زال، مڙس ۽ ڀيڻ، ڀاءُ جي رشتي جي سماجي تميز، اهميت، ادب ۽ اخلاقيات جي شناخت ظاهر ٿيڻ لڳي. ڪائنات ۾ انساني آبادي کي مهذب ۽ قانوني طريقي سان وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ عورت ۽ مرد ۾ جنسي ميلاپ (حق شرح) کي قانوني شڪل ڏني وئي جنهن جي شروعات “مڱڻي” (انگيجمينٽ) سان ٿي. پر هاڻ ان رسم کي به برهمڻن ڪمائي جو زبردست ذريعو بڻائي اٻوجهه ماڻهن کي لُٽي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. “مڱڻو” شادي جو ابتدائي سماجي مهاهدو (سوشل ايگريمينٽ) آهي. جيڪو بعد ۾ باقاعدي شادي خانه آبادي جي حيثيت حاصل ڪري دنيا ۾ نروار ٿيندو ۽ ان جوڙي کي هن مهذب معاشري ۾ انساني نسل وڌائڻ جو قانوني حق ملي ويندو آهي. پر ان رسم کي سادگي سان ڪرڻ بجاءِ وڏي دام دوم سان ڪرڻ لاءِ اتساهي ماڻهن کي مالي طور تباهه ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مڱڻي جي مهورت جا ڏينهن مقرر ڪرڻ به برهمڻ جي وس آهي. اهو حق به گھوٽ، ڪنوار يا والدين کي حاصل ناهي، جنهن تحت اهي پنهنجي سهولت سان مصروفيتن کي مدنظر رکي مڱڻي جو رسم ڪري سگهن. هن رسم کي سادگي سان به ڪري سگهجي ٿو پر اٻوجهه ماڻهن کي تباهه ڪرڻ جي سازش تحت مڱڻي ۾ به لکين روپين جو خرچ ڪرايو وڃي ٿو.

    شادي
    شادي ٻن ماڻهن يعني مرد ۽ عورت کي هن معاشري ۾ زال مڙس جي حيثيت ڏيڻ ۽ نئين حياتي شروع ڪرڻ جي عمل جو نالو آهي. جيڪو تمام سادگي ۽ ٿوري خرچ سان به ڪري سگهجي ٿو. پر هنن ريتن رسمن جي ڪري جن مفت خور هڏحرام ٽوٽين جو چلهو ٻري ٿو سي ان ڳالهه تي ذور ڏيندا ته وڏو خرچ ڪيو وڃي، ڌام ڌوم سان شادي جي رسم ڪئي وڃي، سادگي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، خوشي جي نالي تي فضول خرچ جي شروعات “لڳن” يعني هڪ ٻاوي کان ٽپڻي تي ڏينهن ڪڍائي (ياد رهي ته سادوڙو ويچارو شڀ گھڙي جو ڏينهن اهو مقرر ڪندو جنهن ڏينهن پاڻ واندو هوندو) شادي ڏينهن، چونري جي ڦيرن جو وقت “چئوگھڙيا” مطابق رکي ڏيندو، شادي ۾ ڀڳوان پاڻ راضي آهي باقي ٻاوو ناراض! سو ڪڏهن ڪڏهن ته ٽپڻو ڏسي چوندو هن نياڻي يا گھوٽ جا ٽي سال لڳن ئي ڪونهي، ابا! هاڻ ڏيو منهن هنن خطرناڪ حالاتن ۾ ڪو مسڪين پني سني پنهنجي نياڻي جا هٿ لال ڪرڻ چاهي سو هاڻ وري ٽي سال ويهي عذاب جهڙا ڏينهن انتظار ۾ گذاري، پوءِ سماجي بُرايون ته جنم وٺنديون؟ سو شادي سادگي سان به ڪري سگهجي ٿي پر ڳري خرچن ۽ ڏاج جهڙي لعنت سان ان عمل کي نهايت ئي پيچيده بڻايو ويو آهي. “گرهه” معنى بُرائي وارا ڏينهن، گرهه جو جواز ڄاڻائي يا ته لڳن ئي نه ڪڍيا وڃن ٿا، پر جي گھڻو ذور ڀرڻ کانپوءِ ڪو عطائي ٻاوو شڀ گھڙي جا لڳن ڪڍي به ڏيندو ته ان گرهه کي هٽائڻ لاءِ ڏهه هزار کن جو پنساري جي دڪان تان سامان به لکي ڏيندو يا چوندو ته پئسا مونکي ڏيو آئون پاڻ وٺي “سامان” وٺي ايندس. اوهان کي گھربل سامان شايد اصل نه به ملي؟ توڙي جو سناتن ڌرم جون سڀ برادريون ۽ قبيلا هڪ ڌرم سان تعلق رکندي به هڪجهڙيون رسمون نٿا اپنائن، انهن جون رسمون ڪٿي الڳ ته ڪٿي ٿوري گھڻي فرق سان هڪجهڙيون آهن، سو هنڌوسماج ۾ رشتا يا ته بدي عيوض سڱ ڏيئي ڪيا ويندا آهن يا وري “ڌرم” معنى ڀڳوان جي نالي تي ڏنل نياڻي خدا ڪارڻ پرڻائي ڏني ويندي آهي. پر ڌرم (ڀڳوان جي نالي) ڏنل نياڻي جي چوئنري جي فيس به ٻه هزار روپيا ڪيش ورتي وڃي ٿي، هڪ مسڪين خدا جي نالي نياڻي جو سڱ ڏيئي سگهي ٿو، پر ڀڳوان جو ڀڳت چوئنري جي في “ڌرم” ڀڳوان جي نالي نٿو پڙهي سگهي؟

    ڪاروبار کولڻ يا گھر ٺهرائڻ جي مهورت
    پگهر جو پورهيو ڪري پائي پائي پئسو پئسو ڪري بچت ڪندڙ ماڻهو جڏهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندا آهن يا گھر ٺهرائيندا آهن ته سڀ کان پهرين پوٿي پٽائيندا آهن. سادوڙو ويچارو ٻه ٽي هزار جي چٽي جي مهورت نٿو ڪري تيسين ڪاروبار ۾ برڪت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سو مٿو ڦاٽڻ لاءِ پاڻ ئي اکري ۾ هڻن ٿا، ڌرمي ٺوڳي به گن پوائنٽ تي پئسا ڪونه ٿا وٺن، توڙي جو اهو ڌندو آهي نفسياتي بليڪ ميلنگ تي مبني.

    مرڻي جون رسمون
    مرڻي تي ٿيندڙ رسمون هڪ طرف فقط ڪوڙي انا کي تسڪين ڏيڻ، سماجي قد ڪاٺ وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش، شوبازي، وڏائي، گرور، هٺ کانسواءِ ڪجهه به ناهن، ته ساڳي ريت ٻي طرف سرڳ ۾ وڃڻ جو ذريعو به سمجهيو وڃي ٿو. سرڳ جو تصور وات گودو ڪريو ڇڏي، سڄي تڪڙ سرڳ جي هوندي آهي. “ڪرياڪرم” جي نالي تي هنڌو سماج جو انتهائي وڏو مفت خوري جو ڪاروبار آهي. جنهن تي ڪيترن ٽوٽي ٻاون جا پيٽ ۽ نسل پلجن ٿا. انهن ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. سڄو ڏينهن ويٺا پوڙهن ۽ بيمار ماڻهن جي مرڻ جي واٽ جانچيندا، جيئن گورڪن (قبرون کوٽيندڙن جو ڪاروبار موت سان لاڳاپيل آهي) بلڪل ائين هي همراهه به ويٺا واٽو نهاريندا ته ڪٿان ٿي موت جي ڄاڻ اچي، انهن جي عيد ٿي ويندي آهي. مسڪين ماڻهو بيمارين جي خرچ ۾ تباهه ٿيو مرن، گھر تي مرڻ کان پوءِ ڪانگ ويهاريو وڃن، ته مٿان وري مرڻي تي ساڌوڙا ٽولا ڪريو پڄيو وڃن، ٻارنهن ڏينهن اتي پِڙ ڪڍيو ويهو رهن. مانيون، ٻوڙ، مٺا ڀت، شيرا، شربتون، سگريٽ، مين پڙيون، ناس، نسوار ۽ شام جي وقت رنگ رنگ جا فروٽ، رات جو ٻه ٽي ڪلاڪ ست سنگ، چانهيون چسڪا، سنان پاڻي، نرم هند بسترا، ريشمي رومال، چار هزار ڪي ٽي جا وڳا، ڊگھي منهن واريون جتيون، ڏونگيون ناريل، ڊگھا باسمتي چانور، نج گيهه، ارٿين جي تارڻي جي نالي تي خرچ جي وصولي کان ويندي غيرضروري رسم “ٻارس” تي وڏا خرچ ڪرايو، پوءِ عصر ويل جوڳي رمتا ڀلا، پوءِ وري ٻيو در جانچيندا آهن. سو پرمپرا جي نالي تي ٻارس جي رسم غريب ماڻهن جا گھر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ٻارس جو خرچ وياج تي پئسا کڻي به ڪن ٿا، مرڻ وارو متر سرڳ ۾ پڄي يا نه پڄي پر خرچ ڪرڻ وارو همراهه جيئري ئي نرڳ ۾ پڄيو وڃي، قرضن جا ڪوڙهه چڙهيو وڃن، حياتي جو گھڻو حضو ٻارس جي قرض ڀريندي گذري ٿو. ان خطرناڪ رسم تي ٿيندڙ خرچ پنهنجي ٻچن جي پڙهائي تي ڪيو وڃي ته مستقبل ۾ مفت خور ٻاوا پيدا ٿيڻ بجاءِ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج، پائليٽ، پروفيسر، استاد پيدا ٿيندا جيڪي هن ڪائنات جي مسڪين انسانن جي تقدير بدلائي ڇڏيندا.


    ڌرتيءَ ڌڻين سان سياسي پارٽين جو رويو

    جمهوريت جي معنى سردارن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ آمر وٽ ڪهڙي به هجي، پر اصل ۾ جمهوريت جي معنى تي غور ڪجي ته واقعي حيرانگي ٿيندي، جمهوريت ان کي ئي چئبو آهي جنهن ۾ اڪثريت جي راءِ کي اهميت حاصل هجي، انساني حق بحال هجن، جيئڻ جو برابري ۽ سراسري سان اختيار مليل هجي، ظالم ۽ غاصب قوتن لاءِ قانون سخت هجي. سياسي پارٽيون عوام جي مفاد ۾ ڪم ڪن، ملڪ جي ٿورائي واري آبادي کي به سمورا بنيادي انساني حق حاصل هجن. اعلى ايوانن ۾ پڻ آبادي جي بنياد تي نمائيندگي ڏيئي سندن آواز کي وڌيڪ سگهارو بڻايو وڃي. پر هتي ڪجهه ڳالهيون جمهوريت جي کٽارا گاڏي کي رستي تان لاهڻ لاءِ ئي عمل ۾ آنديون ويون آهن. جناح صاحب جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير ۾ اقليت کي مڪمل حق حاصل آهن. پر ملڪ هاڻ اچي ستر سالن جو ٿيو آهي، جناح جي ڳالهين تي ڪيترو عمل ٿيو؟ اهو سوال هاڻ ڳجهو ناهي رهيو، اقليتن جي زندگي جا حالات ئي ٻڌائن ٿا ته کين ڪيترا حق حاصل آهن؟ سياسي پارٽيون رڳو ڏيکاءُ خاطر اقليت جي حقن جي ڄاڙي هڻن ٿيون پر انهن جو عملي ڪردار ڪهڙو آهي؟ مخصوص سيٽن واري قانون کان پوءِ غريبن جو نمائيندو ايوان ۾ پهچي نٿو سگهي، اليڪشن کٽيندڙ پارٽيون پنهنجي من پسند ماڻهن کي سيٽون الاٽ ڪريو ڇڏين، نه ڪو اليڪشن، نه ڪو ووٽ، رڳو خبر ميڊيا تي اچي ٿي ته فلاڻو همراهه جيڪو سدائين پيو غريبن جو رت چوسيندو هو سو خيرن سان اسيمبلي ۾ مسڪينن جي نمائيندگي ڪرڻ لاءِ سندري سبائي ميمبر ٿي ويو آهي. جيڪو نمائيندو پنهنجن وسيع واسطن مالي وسيلن جي ڏڍ تي سيٽ حاصل ڪري ڪرسي تي بالم ٿيو ويٺو آهي سو ڀلا غريبن سان ٿيل ظلم، ذيادتي، ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڇو ڳالهائي؟ هن کي پنهنجي ميمبري، وسڪي جو گتو، اسڪيمون، نوڪرين جا آرڊر، الائونس، پگهار، سرڪاري گاڏي ۽ عهدي جو پاور پيارو آهي يا بکن جون پاڙون غريب پيارا آهن؟ غريبن لاءِ ڪير آواز بُلند ڪندو؟ ڇو ته غريبن تي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائيندڙ اڪثر ڀوتار ته سندس پارٽي جا ٽڪيٽ هولڊر ۽ چونڊيل نمائيندا آهن، هاڻ ڀلا پنهنجي پارٽي جي اهم مرڪزي، صوبائي، ضلعي ۽ تعلقي جي سرگرم اڳواڻن جي ڏاڍ خلاف اسيمبلي ۾ آواز بُلند ڪير ڪري، رٿ پيش ڪير ڪندو؟ هي ته جهان خان وارو فيصلو آهي. سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن تي اهي ماڻهو آڻينديون جن جي وات ۾ زبان نه هجي، ڪنن ۾ ڪپهه پيل هجي، نڪ اڀرو سڀرو به هلي ويندو، جي نه هوندو تڏهن به خير آهي، هر صورت ۾ قابل قبول هوندو. اهڙا اڳڙين جا گُڏا ۽ ڪٺ پتليون مايون به ميمبر ڪيل آهن. جن پنهنجي د‍ؤر اقتدار ۾ ڪڏهن چپ ڪونه چوريا آهن. يعني اهي غريبن تي زوري ٿاڦيل ميمبر ڪنهن وبا کان گھٽ نه آهن. مفت ۾ سيٽ ملڻ جو پهريون شرط ئي اهو آهي ته “خاموش رهو” ڳالهائڻو ناهي. وڏيراشاهي ٽرڙا پٽ رئسن جا مسڪينن جون لڄون لُٽن ٿا، ظالم جاگيردار ماڻهن جو مال، ملڪيت، هڙپ ڪريو وڃن، پيڙهيل ماڻهن جا ننگ محفوظ نه هجن، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ٿيندو هجي پر غريبن جي نمائيندي کي ڳالهائڻو ناهي، خاموش تماشائي رهڻو آهي. اهڙن تماشائي نمائيندن کان ڀينگ ڀلي. هيل به منهنجو خيال آهي ته مظلوم ماڻهن جي نمائيندن کي نظرانداز ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. تنهنڪري پنهنجي حقن لاءِ غريب ماڻهو جدوجهد جو ميدان ملهائن.

    خود مينارٽي ۾ اڪثريت رکندڙن مسڪينن جي ووٽ تي برهمڻ سامراج ويٺل آهي.
    “اقليت” لفظ جي بجاءِ اسان سدائين پاڻ کي سنڌي قوم سمجهيو آهي. ۽ حضرت جناح جي هن پياري پاڪستان جا پُرامن شهري آهيون. پر پوءِ به مذهب جي بنياد تي آبادي جي لحاظ کان ٿورائي ۾ هجڻ ڪري اقليت جي تصور کي قانوني حيثيت حاصل آهي. پر پوءِ سڄي دنيا ۾ اقليتن کي جيڪي حقوق حاصل آهن اهي ته ته ملڻ اسان جو جمهوري حق آهي. هن ملڪ ۾ سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن تي اهي نمائيندا مقرر ڪن ٿيون جيڪي اقليت ۾ به صرف پنج سيڪڙو آبادي رکن ٿا، پر ايوانن ۾ پنجانوي سيڪڙو آبادي رکندڙ ماڻهن تي غيرجمهوري حڪمراني ڪن ٿا. پنجانوي سيڪڙو آبادي رکندڙ ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، ڀنگي، اوڏن سميت 42 اهڙا قبيلا آهن جن کي پنج سيڪڙو نمائيندگي به حاصل ناهي. اهو سياسي پارٽين جو غيرجمهوري رويو آهي جنهن ڪري غريبن جي حق ماريو وڃي ٿو. پارٽين جي اهم عهدن تي به ڌرتيءَ ڌڻين جي نمائيندگي ڪيتري آهي؟ تنهنڪري سياسي پارٽين کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ گھرجي، مظلوم ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ گھرجن.

    مخصوص سيٽون ختم ڪري اقليتن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي.
    مشرف دؤر ۾ اقليت جو جدا ووٽ وارو قانون ختم ڪري گڏيل ووٽ جو حق ڏنو ويو، اهو زبردست ساراهڻ جوڳو عمل آهي. ان سان وڏيراشاهي کي غريبن جي ووٽ جي غرض ٿي آهي. پر ان بعد مسڪين ماڻهو ڪو به پنهنجي مرضي جو ميمبر ايوان ۾ پهچائي نه سگهيا آهن. سياسي پارٽيون اقليتن مٿان اڳڙين جي گُڏن کي ٿاڦينديون رهيون آهن. ان سرڪار کي گھرجي ته ملڪ جي اقليتن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏي، ته جيئن اهي پنهنجي تڪ جي ميمبر کي چونڊڻ سان گڏ پنهنجو مينارٽي جو نمائيندو به چونڊي ايوان ۾ پهچائي سگهن. ان طرح هر ڪو ميمبر پنهنجي قابليت، صلاحيت، بيباڪ ڪردار، قربانين عيوض اسمبلي ۾ پهچندو. اهو آزاد چونڊجي آيل نمائيندو اعلى ايوانن ۾ مظلوم ماڻهن جي ڀرپور نمائيندگي سان گڏ سگهارو آواز به بڻجي اڀرندو. ٻي صورت ۾ ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو، اهي ئي برهمڻ سامراج جا ڪاروباري سيٺيا ايوانن ۾ نمائيندگي بجاءِ ننڊون ڪندا جيڪي نسل در نسل ڪرسين تي چقمق جيئن چهٽيل آهن. تنهنڪري اعلى اختيار وس وارن کي نهايت ئي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪري هن اهم ۽ تاريخي مسئلي کي حل ڪري غريبن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن غريب ماڻهو پنهنجي همدرد ماڻهو کي ايوان ۾ پهچائي سگهن. ۽ پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهن.

    سياست ۽ تعليم
    دنيا جي سمورن مظلوم طبقن جي غلامي جا سبب هاڻ ته نسري نروار ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ جو شڪار ماڻهن جي ترقي ۽ آزادي جو راز فقط علم ۽ سياست ۾ سمايل آهي.تنهنڪري پڙهڻ لاءِ پنڻو پئي ته پني به پنهنجا ٻچا پڙهايو، علم حاصل ڪيو، تعليم اوهان کي پٽ تان ڇٽ تي کڻي ويندو. مسڪين ماڻهن جي زندگي مان جهالت جي اونڌاهي ٻاٽ ۾ مشعل بڻجي ترقين جا انيڪ گس کلي ويندا. مظلوم طبقن جي باشعور ماڻهن کي پنهنجي وس آهر سياست ضرور ڪرڻ گھرجي، سياست ئي واحد ذريعو آهي جنهن سان اکين تي ٻڌل لاشعوري جون ڪاريون پٽيون لهن ٿيون.


    مسڪين متحد ٿين ۽ پنهنجا ننگ بچائن

    هن ڪائنات جي عالمي انساني قانون موجب هر آدم جي اولاد جي حيثيت ۽ اهميت ساڳي آهي، کيس ساڳيان انساني حق، حاصل آهن. پر ان جي باوجود حق تلفي ڪندڙ هن ڪائنات جو اهي قوتون جيڪي جُڳن کان دنيا جي هيڻن ماڻهن کي ماري، مڃائي، هيسائي کين غيرانساني، غيرقانوني ۽ غيرجمهوري طريقن سان غلام بڻائي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. اهڙي سوچ ۽ اهڙيون يزيد قوتون هر دؤر ۾ هر زماني ۾ ڌرتيءَ جي مسڪين، مظلوم، پورهيت ۽ هيڻن ماڻهن کي ڏاڍ ۽ جبر سان پنهنجي وس هلائن ٿيون. ظلمتن جي ان ڪاري تاريخ ۾ انهن کي عتاب ڏيئي پيڙهيو ويو آهي. عذابن جي جيون ۾ بغاوتون به اُڀرنديون رهيون آهن. پر جيڪڏهن دنيا جي هيڻا ماڻهو هڪ آواز ٿي هڪ طاقت ٿي اٿن ته هي رٻڙ جا رانديڪا وڏيراشاهي هڪ ڌڪ ۾ ڀڄي ڀُري پرزا پرزا ٿي پوي. پاور پاليٽيڪس ۾ وڏيراشاهي نسل در نسل طاقتور بڻيل آهي، توڙي جو ٻني ٻاري کان ويندي ٻيا پگهر جي پورهيي جا اهي ڏکيا ڪم جيڪي صرف مسڪين پورهيت ئي ڪري سگهن ٿا، سي ته امير ماڻهن کان ڪونه ٿيندا، تنهنڪري غريبن کي رڳو پنهنجي اهميت جي خبر پئجي وڃي ته ڪو وڏو انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو. پر ضرورت آهي متحد ٿيڻ جي، ضرورت آهي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن کي ٻڌي ۽ اتحاد ڪرڻ جي، ٻڌي ۾ ڪيڏي طاقت آهي؟ ان ڳالهه شايد پورهيت واقف نه به هجن، پر هن دنيا جا ڏاڍا ماڻهو، جاگيردار، مير، پير، سرمائيدار، قبيلائي سردار، ڀوتارن سميت سموريون ظالم قوتون چڱي ريت واقف آهن. ان ڪري ئي انهن کان ڊنل آهن. جنهن سبب هر دؤر ۾ خطرناڪ غلامي جو ڳٽ نئين ڍنگ ۽ رنگ سان مسڪينن جي ڪنڌ ۾ پارائڻ جي سازش ٿيندي رهي آهي. مظلوم ماڻهن خلاف ٿيندڙ سازشن جي پويان لڪل هٿ ۽ ڳجها راز ڪهڙا آهن؟ ٽرڙا پٽ وڏيرن جا روز ڪنهن نه ڪنهن غريب جي نياڻي جي عزت ۾ هٿن وجهن ٿا، هر نئون سج مسڪينن لاءِ نت نوان عذاب کڻي اوڀري ٿو، هر انڌاري رات ۾ انهن جا درد، ڏک ۽ سور ٻيڻا ڪيا وڃن ٿا، شاعر فرمائي ٿو
    پيئي جا پرڀات سا ماڪ م پسو ماڻهوا
    روئي ڇُڙي رات ڏسي ڏکوئلن کي.
    (يعني پرڀات ويل جيڪا ماڪ پيئي آهي سو ان کي ماڪ سمجهڻ جي ڀُل چُڪ نه ڪجو، اهو ته رات جا لڙڪ آهن، رات رُني آهي انهن ماڻهن جي ڏکن تي جن جا سنها ٻچا بکئي پيٽ ڪيهون ڪندي سُتا، رات انهن مسڪينن جا ڏک ڏسي رُني آهي جيڪي ظلمتن جو شڪار بڻيا)
    گھڻي وقت سنڌ ۾ مسڪين ماڻهن جي حياتي، مال ۽ عزت محفوظ ناهي، بااثر ماڻهو غريب ماڻهن جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندا رهن ٿا، انهن جا واٺيا وري انهن ننگن جا جرڳا ڪرائي مسڪينن جي عزتن کي پئسن عيوض نيلام ڪندا رهن ٿا.

    جرڳائي نظام جا نقصان
    ڪائنات ۾ “قانون” جي ضرورت آدم جي اولاد پاران انسانن سان لاقانونيت جي خطرناڪ روين جي ڪري پيش آئي، جنهن ڪري سڌريل معاشرن کان قانون عمل ۾ آيو، جيڏا ڏوهه اوڏيون سزائون مقرر ٿيون، گدري جي چور کي ٻه ٿڦڙون ۽ انسان جي قاتل کي ڦاسي، سو ان قانون تي عمل به ٿيو، جنهن ڪري اشرف المخلوقات ڪجهه سُک جو ساهه کنيو. جمهوريت جي تقاضا به اهو آهي ته امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هجي. قانون ۾ ڏوهه جي صورت ۾ ڪنهن سان به رعايت نه هوندي آهي. قانون جي ان ضابطي تحت ئي دنيا ۾ ٿورو گھڻو امن امان قائم آهي سو رڳو قانون جي ڪري آهي. دنيا جي مختلف معاشرن ۾ قانون جا قدر به مختلف آهن،

    سماجي قانون ۽ سرڪاري قانون
    اسانجو سنڌي سماج به ذري گھٽ پنجن هزارن سالن کان مهذب ۽ تهذيب يافته سماج آهي، دنيا ۾ خانداني سلطنتن جو ذوال آيو، جمهوريت ۽ عوامي راڄ جو سج اُڀريو ته اسان کي قانون مليو توڙي جو انگريز سرڪار کان اڳ ۾ به جيڪي حڪومتون هيون آهن، انهن جا پنهنجا پنهنجا هٿ ٺوڪيا قانون جوڙيل هئا. جنهن ۾ عوام لاءِ انصاف جي اميد گھٽ هوندي هئي. ماضي جي ان دؤر ۾ “راڄوڻي نظام” کي اهميت حاصل رهي آهي. ان نظام ۾ به ڏوهه جي اهميت سان سزائون مقرر ٿيل هيون.

    جرڳائي نظام جا پويان پساهه
    جڏهن پُرامن راڄوڻي نظام ۾ ظالم جاگيردار قوتون پنهنجن مفادن جي حاصلات لاءِ مسڪين ماڻهن تي غلط ۽ پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ لڳيون تڏهن ان نظام انيڪ خرابين جنم ورتو، اهو راڄوڻي نظام انسان دشمن نظام بڻجي ويو، نتيجي ۾ قانون حرڪت ۾ آيو ۽ ان جرڳائي نظام تي پابندي عائد ڪئي. پر اڃان به سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي اهو نظام عروج تي آهي، جنهن ۾ اُتر سنڌ جا ضلعا سرفهرست آهن. جتي قبائلي تڪرارن جا نبيرا اڄ به جرڳائي سردارن جي سرپئنچي ۾ ٿين ٿا. سوين خونن جا فيصلا ڪروڙن ۾ ٿين ٿا. سردارن جي هر فيصلي تي جدا جدا فيس مقرر ٿيل آهي.

    غريبن سان ظلمتن جي انتها ۽ جرڳائي پٽيل سردار
    “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا يا وري جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري چوڻي ائين ته وجود ۾ ڪونه آئي آهي؟ ان چوڻي جي پويان به ڪاري تاريخ جي ڪا ڏکوئيندڙ وارتائن جا دل ساڙيندڙ داستان هوندا؟ هتي جيڪو غريب آهي سو ڀلي پنهنجي پگهر جو پورهيو ڪري پيٽ گذرڪندو هجي پر ظالم وڏيراشاهي ان جي بي گناهه خدا ڪارڻ دشمن بڻيل هوندي. هن معاشري ۾ غريب کي انسان نٿو سمجهيو وڃي، مسڪين جي جوان ٻچن ۾ هر وقت لوفر وڏيراشاهي ي حوسي اک هوندي آهي، ڪيترائي واقعا آهن جيڪي جرڳن جي ڪري منظرِعام تي نه اچي سگهندا آهن. ان باوجود به جيڪي مامرا ميڊيا ۾ ظاهر ٿيندا آهن، انهن ۾ به قانون جي سُستي سبب انصاف ي اميد ئي مري ويندي آهي. تنهنڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ جاگيردار ڌريون جرڳن کي اهميت ڏيئي پنهنجي مرضي ۽ مفاد جا فيصلا مڙهينديون آهن. اغوا، زنا، تشدد، قتل جهڙن سنگين ڏوهن جا فيصلا جرڳائي سردار پئسن عيوض ڪري عزتن جو اگهه مقرر ڪندا آهن. يعني ڪنهن مسڪين جي نياڻي سان زبردستي زنا جو فيصلو چند هزارن يا لک ڏيڊ ۾ ڪيو ويندو آهي. معنى ته جنهن ماڻهو وٽ ڪجهه لکن جي جائداد آهي ته اهو ماڻهو آساني سان ڪنهن به معصوم نياڻي جي آبرو لُٽي ڪجهه ڏوڪڙ ڏنڊ ڀري وري اهو وحشي بگهڙ، خوني درندو هن معاشري ۾ مڙس ماڻهو بڻيو مُڇون وٽيون آزاد پيو هلندو ۽ ٻين مسڪينن جا ننگ پيو تڪيندو ۽ تاڙيندو. ننگرپارڪر ۾ ڪستوري ڪولهي جي عصمت لُٽي وئي، ويڪائو سماجي ورڪرن ٻارنهن لکن عيوض عزت جي قيمت لڳائي ڇڏي، جوابدار پئسا ڀري آزاد ٿي ويا. اهڙا ته سوين واقعا آهن. جيڪي سردارن جي جرڳائي نظام جي ڪري ٿيندا رهن ٿا. يعني “جرڳو” سردارن جو فائديمند ڪاروبار آهي. هنن جي اوطاقن جون رونڪون جرڳن سان بحال هونديون آهن. پوءِ ڀلا هو ڪيئن امن چاهيندا؟ هو ڇو چاهيندا ته ماڻهو پاڻ ۾ نه وڙهن، هر طرف شانتي هجي ۽ سندن ڊيرا ويران هجن؟


    آدمشماري ۽ شيڊولڊڪاسٽ ڪيس

    زماني جون کوڙ ساريون اهم ڳالهيون جن سان ڪائنات جي ڪروڙين ڦريل، لُٽيل، پيڙهيل، مسڪين ۽ مظلوم انسانن جي تقدير کي بدلائي سگھجي ٿو، انهن ڪارائتين ڳالهين کي پورهيت دشمن سامراجي قوتون هڪ گهري سازش تحت ,گوڙ، شور، هُل، هنگامون، ڪري اُن ٻڌي ۽ اتحاد جي سڏ کي دٻائي، ڌمڪائي، اکيون ڏيکاري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن. جڏهن ته مذهب ۽ سياست ٻه الگ شيون هوندي به سياست جي ميدان ۾ ڪاهي پيل سامراجي قوتون جڏهن محسوس ڪنديون آهن ته مسڪين ماڻهو هاڻ گڏجن پيا ته کين ڪهڙي چال چلي انهن ۾ ويڇا وڌائي سندن تاريخي اتحاد کي خطرناڪ نقصان رسايو وڃي ؟ ان اهم وقت تي سياست ۾ مذهب کي وڏي هوشياري سان آندو ويندو آهي
    ماڻهو جو ماڻهو سان سياسي، سماجي توڙي ذاتي طرح اختلاف ۽ تضاد ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. پر زميني حالتن جي حقيقتن کان منهن موڙڻ ڪهڙي منجهه حساب درست آهي؟ جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان ملڪ جي قانون ۽ آئين موجب اقليتي چاليهه جاتيون شيڊول ڪاسٽ ۾ شمار ٿين ٿيون، ڇا ان ڳالهه کي ڪير رد ڪري سگھي ٿو ته شيڊول ڪاسٽ آئين ۾ شامل ناهن؟ اسان هنڌو لکائڻ لاءِ تيار آهيون، پر جناب اعلى! ٿورو غور ويچار ڪري ٻڌايو ته پوءِ شيڊول ڪاسٽ آهن ڪير ؟ ڀلا جي اسان شيڊول ڪاسٽ نه آهيون ته پوءِ اهي شيڊول ڪاسٽ آهن ڪير آهن، انهن جي نشاندهي ڪيو؟
    هيستائين ته اسان کي ته پتو ئي نه هو ته اسان آهيون ڪير؟ اسان جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟ اکين تي پٽيون ٻڌي هر آدمشماري ۾ “هنڌو” جي لفظ تي نشان پئي هنيوسين، اسان جي وڌيل آبادي جو ڦل سيٺين پئي کاڌو، گئو ماتا کي گاهه ۽ لولو اسان پئي ڏنو کير برهمڻن پئي پيتو آدمشماري واري فارم ۾ لکيل “هنڌو” جي کاتي ۾ ٽي چار مخصوص اوچ سڏائيندڙ جاتيون شامل آهن. جن جي آدمشماري اقليت ۾ به پنج سيڪڙو مس ٿيندي، جڏهن ته اقليت ۾ پنجانويهه سيڪڙو آبادي رکندڙ مسڪين جاتيون ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، جوڳي، گُرگلا، ٻڙها، سامي، راوڙا، جنڊاوڙا، اوڏ، سوچي، چمار، ۽ ڀنگين سميت چاليهه جاتيون ته هنڌو هوندي به شيڊول ڪاسٽ جي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. جيڪي اڌ صدي کان قانوني طور شيڊول ڪاسٽ هوندي به “هنڌو” لکي پنهنجي آبادي هٿ سان گھٽائي پنهنجي پير ۾ ڪهاڙو هڻي پنهنجو مستقبل پاڻ تباهه ڪنديون رهيون آهن.
    هاڻ جڏهن قانون جا ڪاڳر کولي، ڳولي جانچي هٿ ڪياسين ته پروڙ پئي مار! اسان واري وڏن هي ته وڏي تباهي ڪئي يا انهن ۾ شعور نه هجڻ ڪري کين برهمڻ سامراج هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو؟ آخر ماجرا ڪهڙي آهي؟ ڪو ته ٻڌائي؟
    پيڙهيل ماڻهن کي هڪ پروگرام تحت خاص ڪوٽا يا مراعتون ڏئي ترقي ڏيارڻ ڪارڻ انگريز دؤر ۾ اوچ جاتين جي ظلمتن جو شڪار ٿيل مسڪين جاتين کي هڪ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هاڻ ان شيڊول ۾ آيل ذاتين کي هروڀرو “ڌرم” ڪري پيش ڪرڻ جي سازش فقط ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته جيئن مسڪين جاتيون پنهنجي سهي ۽ درست آبادي جا انگ ثابت ڪرڻ کان رهجي وڃن، تعليم، ترقي، نوڪريون ۽ ايوانن ۾آبادي جي تناسب سان ملندڙ اسپيشل ڪوٽا به حاصل نه ڪري سگھن. سدائين غلامي جو ڳٽ سندن ڪنڌ ۾ هجي، سموري تاريخ ۾ اسان سان جيڪو ظلم، بربريت، ناانصافي، اڻبرابري، انياءُ ۽ انڌوڪار ڪئي وئي، ان جبر، ڏاڍ ۽ ستم جو حساب ڪير ڏيندو؟ اهو حساب ڪير چڪتو ڪندو؟ اهو حساب ڪنهن کان ورتو ويندو؟ ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا مظلوم ماڻهو آهن جن صدين جي ظلمتن جو پلاند نه ڪيو هجي؟ جن بغاوت نه ڪئي هجي؟ سڌي ڳالهه پئي آهي جيڪي ماڻهو ملڪي آئين ۾ شيڊول ڪاسٽ آهن سي جي هن 2017ع جي آدمشماري ۾ برهمڻن جي خاني ۾ نشان هڻن بجاءِ پنهنجي اصل خاني “شيڊول ڪاسٽ” ۾ ٽڪ ڪن ته پنج سيڪڙو آبادي رکندڙ برهمڻ سامراج جي غيرقانوني حق حاڪميت سماپت ٿي ويندي ۽ ايوانن ۾ انهن جي بولتي بند ٿي ويندي. ايوانن ۾ به اهي ماڻهو پهچندا جن جي آبادي اڪثريت ۾ هوندي. برهمڻ سامراج جي حرامپائي جو فارمولو اسان واري ڀيڄي ۾ ويٺو ئي هاڻ آهي. جي اهو ڳالهه سڀن مظلوم انسانن کي سمجھه ۾ اچي وڃي ته برهمڻ سامراج ۽ ان جي ڇاڙتن جا ڀاري برج ڪري پٽ پوندا. برهمڻ سامراج کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته “ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن ظلمتن جو شڪار ٿيل ڇڙوڇڙ ماڻهو متحد ٿي وڃن ۽ اسان پنهنجي مسڪين ڀائرن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ سڦل وڃون ته پاڻ وطن جي وارثن کي نيچ ڪنهن بڻايو؟”
    سامراجيت جي سوچ تي مونکي ميرحسن آريسر جو هي نظم ياد اچي ٿو.
    قيامتن جي گهڙي به ويجهي اوهان لاءِ آيو عذاب ويجهو
    چئو اوهين ٿا اڄ سمبارا جو دنيا ۾ ڪو به ناهي
    چئو اوهين ٿا دوست دارا جو دنيا ۾ ڪو به ناهي
    چئو اوهين ٿا چين وارو ڪتاب ڳاڙهو به ڳالهه ٿي ويو
    چئو اوهين ٿا چي گويرا به ڪوئي گذريل ڪالهه ٿي ويو
    ٻڌو نه ٿا جا ڳالهه ڳاڙهي فرات جي اڄ ندي ڪري ٿي
    ڪوهيلو کان قنڌار تائين شروع ٿيل نئين صدي ڪري ٿي
    پر نه آهي سبق پروڪو صفا آ ساڳيو نصاب ويجهو.
    قيامتن جي گهڙي به ويجهي اوهان لاءِ آيو عذاب ويجهو

    اوهان جي اوبر اوهان جي سوبر اسان جي بک کان ڀلي نه آهي
    گرهه جا گولا ڪڏهن به بڻجي اسان ڪا جهولي جهلي نه آهي
    انا کي جيڪو فنا ڪري ٿو اگهائي سامراج انهي جي عرضي
    جتيون گسايو روز گيسيون ڪريو ٿا صاحب اوهان جي مرضي
    اسين غلامي کي گار سمجهون اهو اسان جي ضمير ۾ آ
    بتن جي اڳيان جهڪن جبينون اهو نه سنڌ جي خمير ۾ آ
    اسين جي آهيون خودي کي ويجها انهي کي آهي خدا به ويجهو...
    قيامتن جي گهڙي به ويجهي اوهان لاءِ آيو عذاب ويجهو......

    وطن جي ڪوئي وجود ۾ ڄڻ سمنڊ جو طوفان ڇُلي رهيو آ
    ٻڏڻ تي آهن اوهان جا ٻيڙا اوهان جو ساحل لڏي رهيو آ
    طاقتن جي انڌن ڪُميتن مٿان سواري ڪا دير ناهي
    لغام ۾ ناهن هٿ اوهان جا رقاب ۾ يار پير ناهي
    اوهان جون اکيون انگن ۾ آهن ڏسو هي ماڻهو لکن ۾ آهن
    حساب چڪتو ڪري وٺڻ لاءِ پنهوار سارا پٽن ۾ آهن
    هي رات ڪاري لڙي ٿي هاڻي اچي ٿو يوم حساب ويجهو...
    قيامتن جي گهڙي به ويجهي اوهان لاءِ آيو عذاب ويجهو.

    جڏهن حساب چڪتو ڪرڻ جو وقت ويجهو آيو آهي تڏهن اسان جا ڪيترائي سفيد پوش تبديلي جا گهرجائو، انتهاپسند برهمڻ انقلابي رات پيٽ ۾ کنڀين جيئن ڦٽي پيا آهن. “جئ هو” جو نعرو هڻي ظالمن سان جنگ ڪرڻ بجاءِ مظلومن جي ساٿارين پويان ڪات ڪهاڙا کڻي ڪنڌ ڪپڻ لاءِ پويان پئجي ويا آهن. هاڻ جڏهن اسان گڏجي فقط پاڻ سان لاڳاپيل خاني ۾ ٽڪ ڪري 5 نمبر تي ننڍڙو نشانڙو هڻي پنهنجو پاڻ کي ڳڻائڻ جي جُرت ڪرڻ لاءِ 2017ع ۾ تيار ٿياسين، تڏهن هرطرف کان هاءِ گھوڙا مچي وئي، ابا! ڪافر ڙي ڪافر، ڌرم کي لکجڻ نٿا ڏين ڪامونسٽ (ڪميونسٽ) آهن، مٿو ڦريو اٿن، هاڻ ڏيو مُنهن؟ ڪيڏانهن منهن منو مهراج جو ڪيڏانهن شيڊول ڪاسٽ؟ ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتائن جي طاقت جي ڪلا سان هلندڙ ڌرم رڳو هڪڙي لفظ “شيڊول ڪاسٽ ” لکڻ سان خطري ۾ ڪيئن اچي ويندو؟
    اسان لٽيل ماڻهن جي گڏجڻ سان ڌرم کي ڪهڙو خطرو؟ ڌرم ته وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ڇو ته ڌرتيءَ ڌڻيءَ ماضي جي ڏکين حالتن ۾ ڌرم ۽ ڌرتيءَ سان سچا رهيا آهيون. تاريخ ۾ ڌرم ۽ ڌرتيءَ کي واپار سمجهندڙ برهمڻ سامراج ئي ڇڏيندو رهيو آهي، محمد بن قاسم جو زمانو ۽ پاڪ هنڌ ورهاڱو ان لاءِ وڏو مثال آهي. ڪير هو جيڪو ڌرتيءَ ۽ ڌرم سان سچو رهيو؟ توڙي جو برهمڻ سامراج ان ڌرم جي آئين “منوسمرتي” ۾ اسان ڪروڙين پورهيت انسانن کي انسانيت ۽ انساني حقن جي ابتڙ نيچ، شوڌر، اڇوت بلڪه اڻ سڌي طرح سماجي جانور قرار ڏنو آهي. پر پوءِ به اسان هيستائين نيم جانور جي حيثيت ۾ ان ڌرم سان نڀائيندا اچون ڌرم لاءِ اسان جي چاليهه شيڊول ڪاسٽ ذاتين کي جيڪا “حُب ۽ محبت” آهي اوهين برهمڻ ته ان جو “سڪ ۽ اُڪير” جو تصور ئي نٿا ڪري سگھو؟ ڪنهن به منش کي ٻي منش جي ڌرمي “سچائي” تي شڪ ڪرڻ پاپ ناهي ڇا؟ ظلمتن جو شڪار پيڙهيل طبقن سان تعلق رکندڙ دوستو! سياسي، سماجي، ذاتي ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود آئون وينتي ٿو ڪيان ته برهمڻ سامراج جي درٻارين جي سازشن جو شڪار ٿيڻ بجاءِ هڪ نقطي تي پاڻ ۾ گڏجون، ڇو ته
    “ اِڪ نقطي وچ گل مڪدي هي”
    هزار دفعا بحث ڪيون، سوال پڇون ۽ سوال پيدا ڪيون، هڪٻئي کي برداش ڪيون، هڪٻئي کي ٻڌون ۽ ٻُڌايون، پنهنجو پاڻ ۾ آهيون، وقت ٿورو آهي، ٺلهيون بي مقصد ڊگھيون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ مختصر پر موقعي جي مناسبت سان ڪم جون ڳالهيون ڪيون. پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪيون، گارگند، بليڪ ميلينگ، ڌمڪي، فتوابازي، ذاتيات، ڪردارڪشي ڪرڻ بجاءِ حق جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي. غريب ڀائرو! هوشيار ٿيو، سجاڳ ٿيو پنهنجن صفن ۾ دشمني ۽ انتهاپسندي وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ برهمڻ سامراج سازشن جو ڄار وڇائي پنهنجا ڇاڙتا پڻ ڀرتي ڪندو. انهن تي ڪڙي نظر ۽ سخت نظر رکڻ جي ضرورت آهي. سمجھڻو ان ڳالهه کي آهي ته برهمڻ سامراج ڌرم جي آڙ ۾ اسان جي آبادي صرف چار کان پنج سيڪڙو ڏيکارڻ ٿو چاهي اچو ته پاڻ ۾ گڏجي ان سازش کي نيست ۽ نابود ڪري انهن جي خطرناڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايون. پاڻ جيترا آهيون، جهڙي خاني ۾ اچون ٿا ان ۾ ڳڻايون. ائين نه ٿئي جو هڪ دفعو ٻيهر وقت اسان کان غلط فيصلو ڪرائي وجهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل گار جهڙي غلامي ڀوڳين.
    آدمشماري جي حوالي سان سماج جو هر باشعور ماڻهو سوچ، ويچار، غور فڪر ۾ آهي ته ڪهڙي ريت پنهنجي ڳڻپ سهي طريقي سان ڪرائجي ۽ پنهنجي قومي وجود جي اڪثريت ثابت ڪجي؟ ڇو ته وسيلن جي ورڇ ته ٿئي ئي آبادي جي بنياد تي ٿي. جنهن جي جيتري آبادي آهي انهن کي قانوني طور پنهنجي حصي ۾ ايندڙ اوتريون ئي مراعتون، سهولتون، نوڪريون، اسڪالرشپون ۽ يوسي سطح کان وٺي ٽائون، تعلقو، ضلعو ۽ ايوانن ۾ صوبائي اسيمبلي، قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ نمائيندگي حاصل ڪرڻ لاءِ به آبادي جي انگ کي پڌرو ڪرڻو پوندوآهي. اهو انگ ظاهر ڪرڻ لاءِ آدمشماري ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ آدم ڳڻپ ٿئي ٿي. انگريز دؤر کان وٺي چاليهه مسڪين جاتين (جنهن کي برهمڻ سامراج پنهنجي منوسمرتي جهڙن پاڪ ڪتابن ۾ هزارين سالن کان اڇوت، شوڌر، نيچ، پليت قرار ڏيئي سندن حق غضب ڪندو رهيو (کي خاص ترقي جي ڪوٽا ڏيڻ خاطر هڪ شيڊول (پروگرام) ۾ شامل ڪري مخصوص ڪوٽا مقرر ڪري ڏني وئي، جنهن جي بنياد تي انهن پوئتي ڌڪاريل ڪروڙين مسڪين انسانن کي ترقي ملڻ لڳي. پر افسوس اها ترقي به ملڪ جي برهمڻ سامراج کان برداش نه ٿي. جنهن سازشن جو ڄار وڇائي اها ڪوٽا به بند ڪرائي ڇڏي. ڇو ته جتي قانون سازي ٿئي ٿي اُتي اسان جا نمائيندا ته آهن ڪونه، (انهن اعلى ايوانن ۾ پهچڻ وارا رستا برهمڻ سامراج بند ڪيو ويٺو هوندو آهي، پر ياد رکو اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن انهن ايوانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جي اڪثريت هوندي) انهن اعلى ايوانن ۾ اسان شيڊول ڪاسٽن جو حق ماريندڙ برهمڻ سامراج ويٺو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت اسان مظلوم انسانن جي نمائيندگي نٿو ڪري، تنهنڪري انهن کي ڪهڙو لاچار ته هو ويهي پنهنجو گتن جا پرمٽ وٺڻ وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويٺا اسان بکن جي پاڙهن لاءِ آواز بلند ڪري قانونسازي ڪرائن؟ ايوانن ۾ ويٺل برهمڻ سامراج جي بريف ڪيس نمائيندن کي اسان وقت جا جهان خان سمجهندي کين پنهنجي تقدير جي فيصلي جو اختيار قطئه طور نه ڏينداسين، ياد رک برهمڻ سامراج! اسان جي تقديرن جو فيصلو اسان پاڻ ڪنداسين. اسان کي تنهنجي حرام پاين جو خطرناڪ فارمولو سمجهه ۾ ئي هاڻ آيو آهي. (چري کي چيو چڪ نه هڻ! چيائين سٺو ٿيو ياد ڏياري)
    سرڪار سڳوري کي به لک شابسون جنهن هر آدمشماري جي فارم تي شيڊول ڪاسٽ جو خانو واضع رکيو آهي باقي انهن جي ڪوٽا بند؟ واه سرڪار تنهنجو انصاف! اسان جي ملڪ جي اقليتن ۾ اڪثريت رکندڙ شيڊول ڪاسٽ جي چاليهارو جاتين سان اوچ جاتين وڏي راند ڪئي آهي. ڇو ته ڳڻپ وقت اسان جو مظلوم ماڻهو علم ۽ شعور جي کوٽ جي ڪري پاڻ کي شيڊول ڪاسٽ واري ڪيٽيگري ۾ لکائڻ بجاءِ هنڌو لکائي ٿو) هنڌو ۾ اڍائي يا پوڻا ٽي يا وڌ ۾وڌ چار اوچ جاتيون اچن ٿيون) جنهن ڪري اسان جي آبادي زيرو بڻجيو وڃي ٿي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن برهمڻن جي آبادي ڪروڙن ۾ شمار ٿئي ٿي. برهمڻ سامراج جي آبادي سڄي ملڪ ۾ تقريبن هزارن ۾ مس هوندي. (گھڻو تڻو برهمڻ سامراج ورهاڱي ۾ ڌرتيءَ ماءُ کي ڇڏي ويو، رهيل پويان آهستي آهستي قطار ڪندا ويندا رهيا. ٻين جا پلاٽ ڪاروبار دهلي، بمبئي، ڪڇ ڀڄ، جوڌپور ۽ جئي پور ۾ آهن. جيڪي رهيل آهن تن جا به پاسپورٽ ۽ ويزائون تيار آهن. ڪنهن به وقت سمجهوتا ايڪسپريس ۾ هٿ پوندو، پر ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ ڪيڏانهن به نه ويندا، اسان جو مرڻ جيئڻ، مڙهه مقام پنهنجي محبوب وطن ۾ آهن) هڪ طرف چند هزار ماڻهو ٻي طرف اسان اندازن ڏيڍ ڪروڙ پيڙهيل انسان آهيون جيڪي انهن جي بالادستي هيٺ زهر جهڙي حياتي گھاريون ٿا. اهي برهمڻ سامراج ايترا ته “محب وطن” آهن جو انهن کي اڃان تائين اسان جي ملڪ جي فوج سميت ٻين اهم فورس ۾ نٿو کنيو وڃي، جڏهن ته پاڪ فوج ۾ شيڊول ڪاسٽن کي کنيو وڃي ٿو. اهي وطن دوست شيڊول ڪاسٽ سپاهي ڪيپٽن جي عهدي تي به پهتل آهن. جيڪي پنهنجي محبوب وطن جي رکوالي ڪري رهيا آهن.
    جيڪي دوست پڙهيل لکيل هوندي به فقط ذاتي “انا” سبب شيڊول ڪاسٽ جي حمايت نٿا ڪن، ڀلا انهن کي عرض ٿا ڪيون ته پوءَ ڀلا توهان پنهنجي ملڪ جي قانون آئين ۾ پاڻ کي شيڊول ڪاسٽ بجاءِ برهمڻ ئي سهي پر ثابت ته ڪيو؟ (12 نومبر 1957ع جي آرڊينس، 1973ع جي آئين، 1992ع ۾ آئني ترميم جي سيريل 51 ۽ 52 صفحي 108 کان 111 تائين ضرور پڙهو)
    شيڊول ڪاسٽ هڪ پيڙهيل طبقن جي ڪيٽيگري آهي. جنهن کي برهمڻ سامراج جا انتهاپسند هنڌو زوري زبردستي مذهب ثابت ڪري مذهبي تڪرار جو گوڙ گمسان ڪري آدمشماري جو اهم وقت اسان جي هٿن مان وڃائڻ چاهين ٿا، (ڪنهن حد تائين هو ان سازش ۾ ڪامياب به وڃن پيا) ان خطرناڪ سازش کي الئه ڇو اسان جا شيڊول ڪاسٽ جا مخالف ڀائر سمجھڻ بجاءِ پرامن معاشري ۾ مذهبي انتهاپسنداڻو ماحول جوڙڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيا آهن؟
    آئون انهن کان وري به هٿ ادب جا ٻڌي پڇڻ ٿو چاهيان ته جناب اعلى! ڪهڙي منجهه حساب “هنڌو” مذهب آهي؟ جنهن تي اوهان “مين نه مانو” وارو اجايو ضد ٻڌيو بيٺا آهيو. هنڌو ته هڪ تهذيب ۽ سماج جو نالو آهي. مذهب ته “سناتن ڌرم” آهي. جنهن جو ڪنهن به ڪاڳر، سرٽيفڪيٽ، آدمشماري جي فارم ۾ ڪٿي ذڪر ئي ناهي. جڏهن ته سرڪار به سدائين “هنڌو” لکي ماڻهن کي منجهائيندي رهي آهي. جيڪڏهن سرڪار چاهي ها ته تضاد پيدا ڪرائڻ بجاءِ آدمشماري واري فارم جي مذهب واري خاني ۾ هنڌو سماج جو نالو لکڻ بجاءِ مذهب جي خاني ۾ “سناتن ڌرم” لکي ها. پيڙهيل ماڻهن جو انگ ظاهر ڪرڻ خاطر فقط هڪ خاني ۾ سناتن ڌرم اڳيان ڏنگي ۾ (شيڊول ڪاسٽ) لکڻ گھرجي ها. جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿئي ها. اوچ جاتين وارا برهمڻ سناتن ڌرم تي ٽِڪ ڪن ها ان ئي خاني ۾ سامهون ڏنگي ۾ شيڊول ڪاسٽ ۾ شمار ٿيندڙ ماڻهو پنهنجي خاني تي ٽڪ ڪن ها، ته ايڏو مُنجهارو ٿئي ئي نه ها. پر هتي مسڪين ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪجهه دوست بنا سوچ سمجهه جي مذهبي انتهاپسندي جي ڪاري رنگ ۾ رنگجي سڄو ڏينهن پيا فتوائون ڏين. اسان ڪئي سين پنهنجي قانوني طور درست ڳڻپ جي ڳالهه، اوهان کڻي انا جو مسئلو بڻايو ير! آدمشماري ۾ رڳو (پنهنجي ملڪي قانون تحت) ڳڻجي وٺون، ٻيو ڪجهه ناهي، پوءِ پاڻ وري گڏجي صدين جي ڀائپي ملهائينداسين هاڻ ان ڳالهه جي نتيجي ۾ اچي وئي فتواه
    ابا! “فلاڻو ڪافر ٿي ويو” فتوابازي جي مهم وارو اهو ڪڌو طريقو ڪهڙو باشعور سماج جوڙيندو؟ حق، قانون ۽ آئين جي ڳالهه ڪرڻ تي مذهبي فتوائون تاريخ ۾ ڪهڙي حيثيت سان لکيون وينديون؟ جيڪي دوست ياريون، دوستيون، واسطا نڀائڻ ۽ ڪجهه وري ذاتي مفادن جي لالچ عيوض مسڪين ماڻهن کي ورغلائي انهن کي آدمشماري ۾ پنهنجي آئيني سڃاڻپ غلط لکائڻ لاءِ اتساهين پيا، ڇا سرڪار ۽ اعلى عدالتون ان غيرقانوني عمل ۽ سرگرمين جو نوٽس نٿيون وٺي سگهن؟
    مون اڳين صُفحن ۾ به لکيو آهي ته مذهب ۽ سياست ٻه الگ شيون آهن. سماج ۾ هڪڙو طبقو اهو آهي جيڪو فقط ڌرم جو ٺيڪيدار ٿي مندرن تي قبضا ڪري ڪاروبار ڪري ٿو، جٿا ڪڍي مال اوڳاڙي ٿو، مرڻا، پرڻا ڪري ٻارسن جا پاٽ، حَون ۽ چوئنريون جا ڦيرا ڏيئي ڏوڪڙ ڪمائي ٿو. جڏهن ان ئي سماج جي مسڪين، پورهيت، اٻوجهه ماڻهن سان وڏيراشاهي، مير، پير، سردار، چور، ڦورو، لٽيرن جا ظلم، زيادتيون، ناانصافيون، جبر ٿئي ٿو، نياڻين سان ريپ، اغوا، جبري مذهب بدلائڻ جا مسئلا، هارين، مزدورن سان ظالم زميندارن جون ڪُپتون، حساب ڪتاب ۾ رولو، يعني سمورين مظلوم دشمن سامراجي قوتن سان سينو تاڻي ويڙهه جو اهم وقت هوندو آهي. تڏهن اهو ڌرم جو ٺيڪيدار ٽولو چوندو “ادا ڪامريڊو ! ٻيلي اهو ڪم اوهان جو، هاڻ مڙسي ڪيو، شابا پٽ! اسان ته قانون، ڪورٽن ۽ ٿاڻن مان سمجهون ئي ڪونه ير، هاڻ وارو ڪيو” مسڪينن تي آيل ان مشڪل گھڙي ۾ هو چوندا اسان صفا سمجهون ئي ڪونه هاڻ اوهين منهن ڏيو؟ هيئنر آدمشماري ۾ جڏهن مظلوم انسانن کي رڳو ان ڦورو طبقي کان جدا ڳڻائڻ جي قانوني ڳالهه ٿي آهي (اڳ ته ان جي خبر ئي نه هئي) ته همراهه ڌرم جي اوٽ وٺي نڪري پيا آهن. اصل ڍاڍون ڏيو پيا روئن، ٻيا وري انهن کي ماٺ پيا ڪرائن، ۽ ڪي وري ڪرائي تي پيا لڙڪ اگھن ۽ رڙيون ڪن.
    هنن کان ڪير پڇي ته “اوهان ته چيو هو اوهان ڌرم جا رکوالا سياست، ٿاڻا ۽ قانونن مان سمجهو ئي ڪونه، وڏيراشاهي واري جابر سماج سان دشمني اوهين ڪامريڊ وڃي کڻو، اسان بس ڌرم کي (ڪاروبار لاءِ) ڪلهو ڏيو بيٺا آهيون.” هاڻ جڏهن حق وٺڻ جو وقت اچي پيو تڏهن اوهان پنهنجن مسڪين ڀائرن سان گڏ بيهڻ بجاءِ برهمڻ سامراج سان گڏ بيٺا آهيو، اهڙو عمل تاريخ ۾ ڪهڙن لفظن ۾ لکيو ويندو؟ ان موقعي پرستي جو ٿورو تصور ته ڪري ڏسو؟
    جڏهن اوهان جا غريب ۽ پورهيت ڪامريڊ ڀاءُ جن سڄي حياتي اوهان لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. انهن تي ٿورو اعتماد ته ڪيو ها؟ اڃان به وقت ويو ناهي، پنهنجن تي ڀروسو ڪيو، يقين ڄاڻو پاڻ سڀ مظلوم انسان گڏجي ظالم برهمڻ سامراج سان پنج هزار سالن جي ظلمتن جو حساب ڪتاب چڪتو ڪري پلاند ڪنداسين. فتح پنهنجي ٿيندي.
    ظالم ۽ مظلومن ۾ موجود تضاد ئي انقلاب جو سبب بڻجن ٿا. تاريخ جو مزاج پنهنجو هوندو آهي. تاريخ ۾ هر ان هاڪاري ڪم جي مخالفت ڪري تضاد پيدا ڪيو ويندو رهيو آهي، اهو تضاد ئي ڪائنات جي وجود جي بقاءُ جو مثال آهي. تضاد ئي سمجهه، هوشياري ۽ جاڳرتا پيدا ڪندا آهن، تضاد سان اکيون کلن ٿيون ۽ اکيون کلڻ سان روشني پسجي ٿي، ۽ روشني ئي حياتي جو اهم جُز آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون مظلوم انسانن جي گھڻائي جي فائدي ۾ هونديون آهن. جنهن سان مظلوم انسانن جي تقدير کي پرامن جمهوري انداز سان بدلائي سگهجي ٿو هن وقت جڏهن تاريخ ڌرتيءَ ڌڻين کي اهڙو موقعو فراهم ڪيو ته ان ۾ برهمڻ سامراج لاتعداد رڪاوٽون ۽ تضاد پيدا ڪري پنهنجا ڪرائي جا ڇاڙتا مظلوم ماڻهن تي بڇي انهن جي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي کي ڇيهو رسائڻ جي خطرناڪ ڪوشش ڪري منجهن نفرتون ۽ دراڙون پيدا ڪرڻ جي انتهاپسنداڻي سازش ڪئي. (پر جيڪڏهن هن وقت آدمشماري دوران شيڊول ڪاسٽ ۽ هنڌو وارو تضاد پيدا نه ٿئي ها ته اسان چاليهه شيڊول ڪاسٽ جي ڪيٽيگري ۾ ايندڙ تقريبن سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ ڌرتيءَ ڌڻيءَ هن دفعي به ماضي جي پنجن آدمشمارين جيئن غفلت جي ننڊ ۾ پاڻ تي برهمڻ سامراج کي ٿاڦي ڇڏيون ها) آئون تاريخ جو شاگرد هجڻ جي ناتي اهيو پڪ سمجهان ٿو ته ڪنهن به مظلوم کي ڪوڙ، ڏٽا هڻي، سرگ جا آسرا، نرگ جا دڙڪا ڏيئي، منهن تي لوٽا ٻڌي، پويان ڍينگهر ٻڌي، ڪنن ۾تتل شيهو پلٽائي، آزادي سان اٿڻ، ويهڻ، پڙهڻ، اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي پابندي عائد ڪرڻ، اڇو ڪپڙو پائڻ جي بندش، اکين تي پٽيون ٻڌي گھڻي زماني تائين غلامي جي ڄار ۾ جڪڙي نٿو سگھجي، زنجير ظلم جا ٽٽڻا آهن، هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون چڪناچور ٿيڻيون آهن، برهمڻ سامراج جا ڀاري بُرج به ڌوڙ ڦليار ٿيڻا آهن.
    جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽو
    مون ائين سمجهيو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

    هن وقت شيڊول ڪاسٽ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي انهن ۾ سجاگي پيدا ڪندڙ مظلوم دوست ڌرين تي وقت جا بال ٺاڪرا انتهاپسند “ڪافر” هجڻ جون فتوائون لکي صحيح ڪرائي شوسينا جا ٺپا هڻي کڻيو پيا هلن. ڌرمي همدردي جي آڙ ۾ آر ايس ايس ۽ شو سينا جي بنيادي فڪر ۽ فلسفي ذريعي پرامن سماج ۾ مذهبي انتهاپسندي، خطرناڪ ۽ تنگ نظر ڇتي رجعت پرستي جو ٻج ڇٽي امن ۽ رواداري لاءِ انتهائي وڏو خطرو پيدا ڪري مظلوم انسانن جي گڏجڻ ۽ انهن جي درست ڳڻپ واري نهايت ئي اهم ۽ تاريخي ڪم ۾ سازشن ذريعي رڪاوٽن جو ماحول جوڙيو پيو وڃي. ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان جيڪي علمي ادبي طور اڳتي نظر پئي آيا، انهن کي ترقي پسند ۽ لبرل سمجھيو پي ويو، اهي همراهه مارڪس، علي عباس جلال پوري، علامه نياز فتح پوري، سبطه حسن، اوشو، ڊاڪٽر مبارڪ، گليلو، فيثاغورث، سقراط، ارسطو ۽ ديوجانسن سميت سوين ترقي پسند ڪردارن ۽ ارتقا جا وڏا عاشق ڏسڻ ۾ پئي هئا. پر هن وقت جڏهن پيڙهيل طبقي جي ڳالهه ٿي يعني تاريخ جي حساب ڪتاب جو وقت آيو تڏهن همراهه ڀير تي ڏونڪو هڻي برهمڻ سامراج سان گڏ بيهه پاڻ کي منو مهراج کان اڳ جا ڌرم جا جنمي ٺيڪيدار ثابت ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجن برهمڻ آقائن کي وڻائڻ لاءِ نيهن چوٽي جو ذور لڳايو. ڪي وري پنهنجن کي پٺ ۾ ڇُرا هڻڻ لاءِ هر وقت خنجرن تي ڪاري ڀٽون جو زهر مليو ۽ مکيو هلن. انهن جا علمي، ادبي، لبرل ۽ ترقي پسند نظرين ۽ خيالن جو حاصل مقصد هاڻ فقط منو مهراج ۽ بال ٺاڪري جي اولاد برهمڻ سامراج کي بچائڻ ۽ پنهنجن مسڪين ڀائرن کي آدمشماري ۾ ڳڻجڻ کان رهائڻ جي تاريخي تباهي تي دنگ ڪري ٿو. ويچارا ننڍڙا پتڪڙا بال ٺاڪرا ڀٽونڙا هاڻ صفا پڌرا ٿي پيا آهن، مار! هي همراهه ته بال ٺاڪري جو نئون جنم آهن، بلڪه بال ٺاڪري کان به ٻه وکون اڳتي، ڏاچي هڻي ڏهه ته ويچارڙو ننڍيو توڏيو هڻي تيرهن، انسانيت جي رت پياڪ ڄور، ظالم وحشي، درندي بال ٺاڪري کي هنڌن کانسواءِ باقي سڄي دنيا پاپي ۽ پاکنڊي نظر ايندي هئي. پر هتي جا ديسي بال ٺاڪرا ته ليڪو ئي لنگهي ويا آهن. هي ته پنهنجن جي خلاف تاريخي دشمني جي مهم تي نڪتل آهن، سو آدمشماري واري اهم وقت تي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مظلومن کي ڳڻپ کان رهائڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو ۽ نقصان ڪنهن کي ٿيندو؟ ظاهري ڳالهه آهي ته اقليت ۾ %95 سيڪڙو آبادي رکندڙ چاليهه جاتيون جيڪڏهن پنهنجو ڪيٽيگري جو خانو “شيڊول ڪاسٽ ” ٽڪ نه ڪنديون ته “هنڌو” جي خاني ۾ شمار ٻه چار اوچ جاتيون جن جي آبادي مشڪل سان % 5 سيڪڙو مس ٿيندي ان جو سڌو فائدو برهمڻن کي ٿيندو ۽ آدمشماري ۾ ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو تاريخي نقصان ڌرتيءَ ڌڻين دراوڙن کي ٿيندو، وطن جي اٻوجهه ماڻهن کي ڳڻپ کان رهائڻ جي تاريخي نقصان ڏيندڙ ٽولو ته سيٺين جو ونگار ۾ موئن جي دڙي جي وارث پنهنجن کي پٺ ۾ ڇرو هڻي پنهنجن ئي مسڪين، مظلوم ۽ غريب ڀائرن کي تاريخي نقصان ڏيئي رهيو آهي. اهڙو انسان دشمن عمل تاريخ ۾ کين ڪهڙي ريت سرخرو ڪندو؟ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي تيز ترين دؤر ۾ ڀلا هو ڪهڙي ريت پنهنجي آئيني ۽ قانوني ڪيٽيگري “شيڊول ڪاسٽ” کي رد ڪري اکين ۾ ڌوڙ وجهي اسان جي آبادي کي گھٽ ڏيکارڻ جو ڪم آساني سان سرانجام ڏيئي سگھندا؟ ۽ هڪ دفعو ٻيهر برهمڻ سامراج جي صدين جي خطرناڪ غلامي جو ڳٽ اسان جي ڳچي ۾ وجهڻ کانپوءِ به تاريخ کين معاف ڪندي؟ اڄ ته کڻي هو سيٺين جي بيگر وهي ان حرام پائي ۾ ڦٻي به وڃن پر جي هنن تاريخ پڙهي هوندي ته هنن کي چڱي ريت پتو هوندو ته پنهنجن غريب ڀائرن کي غاصب قوتن وٽ صدين تائين ڄاڻندي، پرکندي ۽ سمجهندي به غلام رکڻ وارن جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ ايندڙ وقت ۾ اسان % 95 سيڪڙو آبادي تي مسلط ٿي غاصباڻو رويو مستقبل ۾ به برقرار رکي تعليم، نوڪرين، ايوانن ۾ شيڊول ڪاسٽ جي ڪوٽا تي ڌاڙا هڻندا رهندا؟ ڇا ڪوڙن الزامن جو شور مچائي توهان حقيقتن تي پردو وجهي سگهو ٿا؟
    هن وقت پاڪستان جي اقليت ۾ اڪثريت جن قبيلن جي آهي اهي چاليهه جاتيون ملڪي قانون ۾ “شيڊول ڪاسٽ” جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيل آهن. سال 2017ع جي آدمشماري تائين انهن پيڙهيل قبيلن جو خانو “شيڊول ڪاسٽ” آدمشماري جي فارم ۾ موجود رهيو آهي اهو خانو ته ماضي ۾ ٿيل پنجن آدمشمارين ۾ به چٽي طرح لکيو پيو هو. پوئتي پيل هنن پسمانده مسڪينن کي ان بابت درست معلومات نه هجڻ ڪري انهن ڪڏهن ان طرف ڌيان ڏيڻ بجاءِ گذريل پنجن آدمشمارين ۾ به پنهنجي خاني ۾ ٽڪ ڪرڻ بجاءِ برهمڻن جي خاني کي ٽڪ ڪري آڱرين تي ڳڻڻ جيترن برهمڻن جو انگ ڪروڙن ۾ ڏيکارڻ جي تاريخي غلطي ڪئي، جنهن جو تدارڪ هزارن سالن تائين مشڪل ئي پر ناممڪن آهي. پر دير آيد درست آيد 1998ع جي آدمشماري ۽ 2017 ع واري ڳڻپ تائين ويهن سالن جي ڊگھي عرصي ۾ انهن ڀٽڪندڙ نسلن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شعور جي بلند ٿيڻ ۽ تعليم جي شرح گذريل ويهن سالن جي ڀيٽ ۾ ڪافي حد تائين بهتر ٿيڻ ڪري انهن جي سوچ تبديل ٿي آهي. انهن اٻوجھه انسانن پنهنجي ترقي جي رڪاوٽ جا سبب، علم کان دوري جا ڪارڻ، حقن تي ڌاڙن جا پيرا، نسل در نسل غلامي، غربت ۽ تباهي جي اصل وجه ڳولي ته انهن ظلمن جي وارتائن جا گس انسان دشمن ظالم برهمڻ سامراج جي در تي کٽا آهن. اتان ئي اصل انقلاب جي بغاوت ڪر کنيو آهي، اسان جي بغاوت ۽ سجاگي کي راڻي چندر سنگهه ته تڏهن ئي سمجهيو جڏهن امر گھمن سنگهه ڀيل کيس چيو هو ته “سنگهه” اسان آهيون، اوهين مُڏا آهيو، (مڏا ڇو آهيو؟ اهو سوال هاڻ لڪل ناهي رهيو) برهمڻ سامراج ته تڏهن ئي ساري ويو هو ڪارونجهر جو ڪارڙو ڪولهي ڪامريڊ پارو جهاز ۾ چڙهي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سفر ڪندو هو، هنن کي تڏهن ئي پسڻ پئجي ويا هئا جڏهن ايم اين اي ڪرشن ڀيل ايوان ۾ پهتو هو ۽ نيچ چوڻ تي بااثر اقتداري ڌر جي ايم اين اي قاري گل رحمان کي اسيمبلي ۾ چماٽون وهائي ڪڍيون هيون، برهمڻ سامراج ته انهن جي سجاگي جي سڏ مان سمجهي ويو هو جڏهن ڌرتيءَ ڌڻين جو شعور بلند ٿيڻ لڳو جڏهن ڀٽڪندڙ نسل جا ماڻهو ايوانن ۾ پهچڻ لڳا آهن (اسان جيڪي پنهنجي حق لاءِ رڙيون شروع ڪيون آهن، اسان جون اهي پڪارون وڏن لوڪن جي ڪنن جا پردا چاڪ ڪري ڇڏينديون، ايندڙ دؤر ۾ ملڪي ايوانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جو انگ جيئن پو تيئن وڌندو ويندو ۽ زوري ٿاڦيل برهمڻ سامراج نالي ماتر وڃي رهندا) هنن ته تڏهن ئي ڀانيو هو ته هن اٻوجهن کي بکين ڪامريڊن آهستي آهستي سجاگ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ دال ڏکي ڳرندي. جن ضلعن ۾ شيڊول ڪاسٽ آباديون تمام وڏي انگ ۾ رهن ٿيون، باشعور ماڻهن سميت خود سرڪار کي به اُتي آدمشماري بابت جاڳرتا مهم جا اشتعار ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبار توڙي ٻين ميڊيائي ذريعن سان وڏي پئماني تي هلائڻ گھرجن ته جيئن منجهيل ماڻهن کي خبر پوي ته آدمشماري جي اهميت ڪهڙي آهي؟ “شيڊول ڪاسٽ” ڪير آهن؟ ان ڪيٽيگري ۾ ڪهڙيون ذاتيون اچن ٿيون؟ انهن کي پنهنجي خاني ۾ ٽڪ ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟ پنهنجي قانوني ۽ آئيني خاني ۾ ٽڪ ڪرڻ تان روڪيندڙ يا ان خلاف مهم هلائي ان ڪم ۾ رخنو وجهڻ وارن ۽ انهن مسڪينن جي آبادي کي گھٽائڻ جي سازش ڪندڙ ڌرين خلاف قانون ۾ سزا مقرر ڪرڻ گھرجي، يا ته آدمشماري جو اهڙو سسٽم جوڙيو وڃي جنهن ۾ ڳڻپ دوران شيڊول ڪاسٽ ڪيٽيگري سان تعلق رکندڙ ماڻهو پاڻ مرادو لاڳاپيل خاني ۾ ڳڻجي وڃن.
    آدمشماري اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. وطن جا سمورا سياسي، سماجي ۽ باشعور ماڻهو هن وقت پنهنجن پيڙهيل، مسڪين ۽ اٻوجھه ڀائرن جي سهي ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ نهايت ئي سنجيدگي سان غور ويچار، صلاح مثلت بعد شاندار طريقي سان پنهنجي وس ۽ وت آهر جاڳرتا مهم هلائي رهيا آهن. پهريون دفعو سنڌ جي ماڻهن ۾ آدمشماري بابت وڏي دلچسپي نظر اچي ٿي، سنڌ جو نمڪ کائڻ ۽ دادلي درياهه جو پاڻي پيئڻ وارو هر فرد پاڻ کي سنڌي لکائيندو ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن ڳڻپ ۾ ڪا هيراڦيري نه ٿي ته مستقبل ۾ ۽ سال 2017ع جي آدمشماري مان بهترين نتيجن جي اميد ڪري سگھجي ٿي.

    حالتن تي نظر رکو
    مظلوم دشمن سامراجي قوتون هٿ وٺي اهڙيون حالتون پيدا ڪنديون آهن، جنهن ۾ خطرناڪ سازشن جو ڄار وڇايو ويندو آهي، ان ڄار ۾ مظلوم انسانن جا نسل در نسل ڀوڳيندا رهن ٿا. آدمشماري يعني انسانن جي ڳڻپ، ڳڻپ ان ڪري ئي ڪئي ويندي آهي جو ملڪ جو نظام هلائڻ ماڻهن ۾ کاڌ، خوراڪ، دوائون، نوڪريون ۽ ٻيون ضرورت جون گھربل شيون برابري جي بنياد تي ڪيئن ملي سگهن، ان ڪري ئي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي. ڳڻپ کان رهجي وڃڻ قومي نقصان آهي. ڪنهن به ريت اهڙو نقصان ٿيڻ نه ڏجي، جيڪي سامراجي قوتون چاهين ٿيون ته هي ڪروڙين مسڪين ماڻهو ڳڻجڻ کان رهجي وڃن، حالتن تي نظرداري رکو ان سازش کي ناڪام بڻايو، آدمشماري ۾ ڀرپور حصو وٺو، پنهنجا قومي وسيلا، حق حاڪميت، ايوانن ۾ آواز پهچائڻ لاءِ پنهنجا باشعور نمائيندا مقرر ڪري چونڊي موڪليو، پنهنجا سمورا قومي، جمهوري ۽ انساني حق حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت جاڳندا رهو، سجاڳ رهو، غفلت جي ننڊ مان اٿي پئو.
    2017ع واري آدمشماري ۾ شيڊولڊڪاسٽ جو تعداد
    جيئن هن آدمشماري جو اعلان ٿيو ته هن دفعي جيترو ماڻهن جو شعور بلند نظر آيو اوترو ئي ڪجهه ماڻهو قدامت پسند ٿي پنهنجي انا تي بيهي شيڊول ڪاسٽ لکائڻ جي سخت مخالف ڪرڻ جي ضد تي اڙيل رهيا، پر باشعور دوستن جي رات ڏينهن ڪوششن جي زبردست نتيجو اهو نڪتو جو ساڍا اٺ لک ماڻهن پاڻ کي شيڊول ڪاسٽ طور ڳڻايو، مستقبل ۾ ان ڳڻپ جا شاندار نتيجا نڪرندا، اڳتي هلي سياسي پارٽيون شيڊولڊڪاسٽ ماڻهن کي ايوانن ۾ مجبورن نمائيندگي ڏينديون. بالا ايوانن ۾ زوري قبضو ڪري ويٺل برهمڻ سامراج جي ڀيٽ ڌرتيءَ ڌڻين جو تعداد وڌندو. پر ان لاءِ ضروري اهو آهي ته پنهنجن سمورن بنيادي جمهوري حقن ۽ ايوانن ۾ نمائيندگي لاءِ مسڪين ماڻهو سياسي پارٽين اڳيان پنهنجو ڪيس مضبوط رکن، اليڪشن کان اڳ پنهنجو آواز سگهاري نموني بلند ڪن.


    اسان کان پڇو ٿا، اسان ڪير آهيون؟

    اسان سنڌ جي اصل وارثن سان ان کان وڏي ٻي ڪهڙي تاريخي تذليل ۽ جٺ ٿيندي جو اسان جي گھڻي حياتي رڳو انهن وضاحتن ڪرڻ، وضاحتون ٻڌڻ، پاڻ ڳولڻ ۽ شجرا ڦلهورڻ ۾ گذري ويندي آهي ته اسان آهيون ڪير؟ اسان ڀٽڪندڙ نسل آهيون؟ اسان خانه بدوش آهيون؟ اسان جپسي آهيون؟اسان رولاڪ آهيون؟ اسان لاڏائو آهيون؟ اسان اڻ سڌريل آهيون؟ اسان انسانيت جي قاتل برهمڻ سامراج پاران عطا ڪيل شناخت ۾ نيچ، پليد، اڇوت، شوڌر، هريجن آهيون؟ اسان پناهگير آهيون؟ هنڌو آهيون؟ ٻڌ آهيون؟ جين آهيون؟ دلت آهيون؟ آديواسي آهيون؟ شيڊول ڪاسٽ آهيون؟ يا تاريخ ۾ ذليل ٿيل سنڌ وطن جي اصل وارث پرامن سنڌي قوم آهيون؟ ڀاڄوڪڙ برهمڻ اسان کان اسان جو شجرو پُڇن ٿا، پناهگير اسان کان اسان جو گھر پڇن ٿا، قبضاگير اسان کان اسان جي ٻولي پڇن ٿا، پنهنجا وطن وساري آيل اسان کان اسان جا مڙهه مقام پڇن ٿا. اسان کان اسان جو خاندان پُڇن ٿا، ان جو جواب آڪاش انصاري جي هنن سٽن ۾ ڳولين

    خانداني تون يا مان....!!؟؟؟
    اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!
    خانداني تون، يا مان!؟
    منهنجا وڏا،
    هاري هئا، ڪنڀار هئا، لوهار هئا،
    رازا هيا، واڍا هيا، جھانگي هيا، جونجهار هئا،
    ڪلهه جڏهن هن ديس تي مانگر مڙيا،
    منهنجا وڏا گڏجي وڙهيا،
    ڪن ترارين کي وڃي پاڻي ڏنا،
    ڪن وڃي ڀالا گھڙيا.
    ڪن ڪهاڙين کي ٺپيو،
    ڪن رنيءَ جي ڪوٽ کي،
    پنهنجي لهوءَ سان پئي لپيو،
    ڪنهن روپلي جو، روپ ڌاري،
    ڪنڌ ڪاتر ساڻ، قاتل جو ڪپيو،
    ڪنهن وري هوشوءَ جيان.
    داءُ هر دشمن سندو،
    پنهنجي جوشن تي جھپيو.
    تنهنجا وڏا..! ڀوتار هئا،
    رئيس هئا، خان ۽ سردار هئا،
    جن غاصبن جي گر لڳل،
    گھوڙن سنديون ميڙيون لڏون،
    خوش ٿي کلي، تن کي هنيا پئي کرکرا.
    مارين جون، تن ڪيون پئي مالشون،
    ڪنڌ قدمن تي رکي، ڪلهه ڪيون پئي ڪرنشون،
    ڏينهن ۾ ڏه ڏه دفعا،لانگ بوٽن کي لڪي،
    پنهنجي زبانن سان ڪيون پئي پالشون.
    منهنجي وڏن کي ڏوهه ۾، ترم، تعزيرون مليون،
    تنهنجي وڏن کي ڊوه ۾ ، جس ناما، جاگيرون مليون،
    جنهن ڪري اڄ تون وڏيرو، خان ٿو سڏجين ميان!
    اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!
    خانداني تون، يا مان!؟
    اڄ به پوڙهو پيءُ منهنجو،
    هر ۾ هڪڙي هٿ سان،
    ڌرتي جو،
    سينو ٿوسهڪائي سگھي،
    ۽ منهنجو لوهار ڀاءُ،
    لوهه سان،
    ٿو لوهه جي لهجي ۾ ڳالهائي سگھي.
    اڄ به مٺڙي ماءُ منهنجي،
    هڪ رليءَ جي پڙ مٿي،
    سارو ستارن سان جڙيل،
    ٿي آسمان لاهي سگھي!
    ڳوٺ ۾ اڄ پڻ هلن ٿيون ڳالهيون،
    تنهنجي ابي، شاديءَ سوا،
    ست ست سريتون پاليون،
    تون خبر...ڪهڙيءَ منجهان!؟
    اچ! هلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون!
    خانداني تون، يا مان!؟
    لطيف جي هي سٽون به اهميت وارين آهن

    ڇُلي ڇڏ م ڇپرين، ڏلي ڇڏ م ڏيهه
    پسيو وڻ وطن جا، وڙڪيو اچيو ويهه،
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
    حيف تنهين کي هو وطن جن وساريو.

    ته پوءِ ڪن ڏئي ٻڌ برهمڻ سامراج!
    اسان ڪير آهيون؟
    اسان ڌرتيءَ جا دراوڙ سنڌي شير آهيون، اسان سنڌ وطن جا اصل وارث آهيون، اسان هزارين صعوبتون سهڻ جي باوجود پنهنجي وطن جي مٽي جو عشق آهيون، اسان نه ڪڏهن ڌرتيءَ ڇڏي ڀڳا آهيون، ۽ نه ئي ڪٿان ڀڄي آيل ڀاڄوڪڙ آهيون، اسان نه ڪڏهن لُڏيا، وڪيا، جهڪيا آهيون، ۽ ذرو به ڪڏهن هٽيا يا ڦِريا به ناهيون، اسان جو گھر موهن جو دڙو آهي، اسان جو مڙهه مقام ۽ پاڙون ڍڀن جيئن سنڌ جي پاتال ۾ آهن جنهن کي وقت جا سامراجي گڏهه چري ويندا آهن ۽ اسين وري انگورجي ايندا آهيون، اسان جي پنهنجي مٺڙي ماءُ جي لولي
    جهڙي سنڌي ٻاٻاڻي ٻولي آهي، اسان ٿڃ جي ٻولي ملهايون پيا، اسان جي پنهنجي شاهڪار ثقافت آهي، اسان جي پنهنجي شاندار تهذيب ۽ تمندن آهي، اسان جا پنهنجا گھٽ، گھيڙ ۽ پتڻ آهن، اسان جو پنهنجو محبوب دادلو درياهه آهي،اُن سنڌو جا آر ۽ انگل اسان ئي ڄاڻون اسان ئي پرکون اسان ئي سمجهون، اسان جي مزاج، طبعيت ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو اٿئي ته سنڌو درياهه بادشاهه جي ڪيفيت کي سمجهي ڇڏ،
    ڪڏهن ماٺو ته ڪڏهن مست رقصان، اسان جي رڳن ۾ اڄ به اهوئي رت ٽهڪي ٿو، جيڪو صديون اڳ موهن جي دڙي ۾اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي رڳن ۾ گردش ڪندو هو، اسان جو ڊي اين اي ڪوڊ صدين کان پوءِ به اهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو موهن جي دڙي مان مليل اسان جي ابن ڏاڏن جي لاشن جي ڍانچن جو آهي،اسان جو پنهنجو لاڙ، اُتر، ڪاڇو، وچولو آهي، اسان دنيا کي تهذيب سيکاري آهي، اسان جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن پنج کان ڏهه هزار سال اڳ ۾ڦيٿو (ڍڳا گاڏي) ايجاد ڪري دنيا کي تيز ترين ترقي جو شاندار تصور ڏنو آهي، اسان وٽ ڪپهه جام ٿئي، اي انگ اگهاڙا سامراج! اسان هزارين سال اڳ ڪپڙو پاتوسين، جڏهن تون اهڙو پئي هلين جهڙو ماءُ جي پيٽ مان نڪتو هئين. (تون ته نياڻين سياڻين جي ساڃاهه کانسوءِ اڄ به انڊيا ۾ لکن جي تعداد ۾ الف اگھاڙو پيو هلين) اسان هزارين سال اڳ شهر آباد ڪري پڪن گهرن ۾ پئي رهياسين تڏهن تون جهنگلن ۾ وڻن جي ٽارين تي چڙهيو ويٺو هئين، اسان جا صديون اڳ پڪا گھر اوطاقون، ماڙيون، محل، بنگلا، پڪا کوهه اسان جي مهذبپڻي جو شاندار مثال آهن. ڪرنسي جو سسٽم اسان جي سڪن مان ملي ٿو،
    اسان پنج هزار سال اڳ لکڻ پڙهڻ جو تصور پڪٽوگراف (تصويرن کي سڃاڻي پڙهڻ) جو نظام آندو سين، اسان وٽ سنبارا جو رقص آهي، اسان وٽ آرٽ آهي، اسان وٽ سوچ، ويچار، فڪر، فن سميت موسيقي جا مڌر سُر آهن، اسان وٽ ٻيڙي آهي، اسان وٽ رڇ آهن، اسان وٽ ڪوڏر، ڪهاڙي، هر، سهاڳو، کانڀاڻي، گليل، ڪاترجا ڪڙڪاٽ آهن ۽ هاڻ ته اسان وٽ قلم، ڪتاب، لائبريريون به آهن. (جيڪي توکي قطئي ڏينهن قيام جي هضم ڪونه ٿيندا) وڏي ڳالهه ته اسان جا لڱ لوهه اٿئي، اسان ڌرتيءَ جو سينو چيري ڇڏيندا آهيون ۽ توکان پنهنجي پيءَ جي قبر به ڪونه کوٽبي، اسان رڪ پگهاريون ٿا، اسان ڪنڊا ۽ لنڊيون لتاڙي اناج اُپايون ٿا، اسان وٽ پگهر جو پورهيو آهي. اسان محنت ڪش پورهيت آهيون. ڪتاب کولي ڏس ته پورهيت جي اهميت ڇا آهي؟
    اڃان به اسان کان پُڇين ٿو اسين ڪير آهيون؟
    پرائي ڪمائي تي پيٽ پاليندڙ مفت خور، هڏحرام برهمڻ سامراج تون سدائين ٺڳي جي ٺاهه تي نسل در نسل پليو آهين، توکي ڪهڙي ڪل ته پگهر جي پورهيي سان ڪمائي کاڌل ماني جو ذائقو ڪيڏو زبردست هوندو آهي؟ تو ته اسان کي ورڻن ۾ ورهائي ويڙهائي ويڇا وڌائي اسان تي راڄ ڪيو آهي، جيڪو راڄ هاڻ پوين پساهن ۾ آهي، برهمڻ سامراج جو اهو ڌپ ڪري ويل مئل گھوڙو هاڻ جلد دفن ٿيندو، ان مئل گھوڙي کي صدين کان گھلي گھلي اوهين جيڪا روزي روٽي ڪري رهيا آهيو. ان ٺڳي جي راند جو هاڻ بدترين انت ۽ پڄاڻي ٿيڻ واري آهي. اوهان جي ڄار ۾ ڦاٿل اسين دنيا جا ڪروڙين مسڪين، اٻوجهه پورهيت انسان پاڻ ۾ ٻڌي اتحاد ڪري اوهان جي بدبوءُ دار مئل گھوڙي جي لاش کي شعور جي سرزمين تي جلد لٽي ساهه پٽنداسين. اوهان ڍونگ رچائي، ترڪ تال ۽ مڪر ڪري سبزي خور سڏائي اسان جون ٻوٽيون ماس پٽي اسان جو رت پيتو آهي. اوهان اسان جي نسلن جون ٻَليون چاڙهيون آهن. اوهان اسان جو جھاٽڪو ڪيو آهي، سو هاڻ مظلومن جي انقلابي بغاوت اڻٽر اٿئو. آئون وري به چوان ٿو ته
    ظالم سامراجو!
    “ڊڄو ان ڏينهن کان
    جڏهن غفلت جي ننڊ ۾ ستل
    ۽ اوهان جي غلامي جي ڄار م ڦاٿل
    اسان جي ڪروڙين اٻوجهه ڀائرن کي
    اوهان جي قيد مان بازياب ڪرائي وينداسين
    ته اهو ڏينهن اوهان جي انت جو آخري ڏينهن هوندو
    اهو ڏينهن پري ناهي
    جڏهن اسان جي ڀُليل ڀائرن جا اغوا ٿيل ذهن
    اوهان جي پنجوڙ مان نڪري
    اسان تائين پهچي ڳالهه کي سمجهندا،
    تڏهن اوهان جي حرام پاين
    ۽ سازشن جو ڪارو باب
    ڍڳي جي مٿين ڏندن جيئن هميشه لاءِ سماپت ٿي ويندو.
    اڃان به اسان کان پڇو ٿا ته اسين ڪير آهيون؟ ”
    جڏهن ته بار بار اهڙين وضاحتن کي اسان ڪنهن الميي کان گھٽ نٿا سمجهون. اوهان اسان جي سڃاڻپ کسجڻ واري تاريخي سازش ۽ سانحي جا موجد ۽ ذميوار آهيو. ڌرتيءَ جي پيدائشي ڌڻين کي ڪنهن خاص شيڊول ۾ به اوهان جي ڪري ئي شامل ڪيو ويو هو. جي اوهان انهن ڌرتيءَ ڌڻين تي هزارين ظلم ۽ زيادتيون ڪري حيوانن واري حياتي گذارڻ تي مجبور نه ڪيو ها ته اڄ هنن جا هي حال نه هجن ها. انهن ماڻهن کي ترقي وٺائڻ لاءِ انگريز دؤر ۾ شيڊول (پروگرام) ۾ شامل ڪري مراعتون ۽ نوڪريون ڏنيون ويون ۽ پوءِ پاڪستان جي سرڪار اسپيشل %6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي، اها به اوهان کان برداش نه ٿي. پاڻ ظاهر نٿا ٿيو، پنهنجا پِٺو غريبن تي بڇي آدمشماري ۾ آبادي گھٽ ڪرائڻ جي سازش ٿا ڪيو. “شيڊول ڪاسٽ” ۾ ته انهن جاتين کي شامل ڪيو ويو هو جن تي اوهان ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا هئا.


    سنهري ماڻهن جا ڪِنا ٿانءَ

    ٽيهارو سال اڳ ٻالڪپڻ جي زماني ۾ ميلا، ملاکڙ، گھمڻ ڦرڻ دوران ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙن جون هوٽلون ورلي ڪنهن شهر ۾ هونديون هيون، عام طور مسلمانن جي هوٽلن تي چانهه پاڻي ۽ ماني لاءِ وڃڻو پوندو هو. جتي کائڻ پيئڻ کان اڳ هوٽل واري کي صفا آهسته آواز ۾ چوڻو پوندو هو “ادا ! غير مسلم آهيون” يا ته هوٽل وارو چوندو هو ڀاءُ ٿانءَ ڪونهي، پر جي ٿانءَ هوندا هئا ته ذور سان هوڪو ڏيئي چوندو “3 چانهه سنهري” تڏهن من اندر جي عجيب نڌڻڪائي ۽ شرمساري واري ڪيفيت مان گذرڻو پوندو هو، مسلم هوٽلن تي وري به اها فضيلت نظر ايندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن پيشگير ٿانءَ ڌوئي پاڻ کڻي ايندو هو، پر ڪٿي ڪٿي ته ڪڙي ڀڳل ڪوپ، گيلڙن جي تاڃي ۽ ڄارو چڙهيل پليٽون هٿن سان ڌوئڻيون به پيون هونديون، باقي ٻُڪ ۾ پاڻي پيئڻ ته روز جو معمول هو. لاڙي ميلن ۾ خاص طور سمن سرڪار، غلام شاهه، ساجن سوائي، سانوڻ فقير، صالح سومرو يا وري راما پير، پٿورو پير جي ميلن ۾ لڳندڙ ميلائي هوٽلن تي به گھڻو ڪري لکيل هوندو هو “ڀيل هوٽل” “ڪولهي هوٽل” ميلن ۾ وري ڪڇي ڪولهين جي هوٽلن تي لکيل هوندو هو “ڪڇي هوٽل” شايد اڃان به لکجي ٿو؟ شهرن ۾ رمضان جي مهيني ۾ اهو نظارو وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي جتي هوٽلن جي گيٽ تي لڳل پردن تي لکيل هوندو آهي ڀيل هوٽل، ڪولهي هوٽل، ڪڇي هوٽل. هاڻ اچون ٿا اصل موضوع تي اهي پاڻ ۾ به نٿا گڏ کائن، هڪٻي کان شديد نفرت ڪن ٿا، سوال پيدا ٿو ٿئي ته ائين ڇو آهي؟ اهي سڀ غريب برادرين جا ماڻهو آهن ته هڪ ئي مذهب “سناتن ڌرم” جا مڃيندڙ ۽ پوئلڳ، پوءِ به هڪٻي سان ايتري دوري جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ان جو سبب آهن قبضاگير آريا، ان جو سبب آهي منو مهراج، ان جو ڪارڻ آهي منو سمرتي، ان جو ڪارڻ آهي اوچ نيچ جو گھٽيا تصور، ان جو سبب آهي انساني اڻبرابري جو ڪنڌذهنيت ۽ نيچ سوچ جو ناياب مثال، ان جو سبب آهي هٿ ٺوڪين ورڻن جو مدي خارج چڪر، ان جو ڪارڻ آهي مظلوم ماڻهن ۾ برهمڻ سامراج جي ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو جي خطرناڪ پاليسي واري سازش جنهن ڪري اهي مسڪين ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي ئي وطن ۾ ويڳاڻا بڻجي غلامي ۾ جڪڙجي ويا. آرين ايندي ئي نفرتن جا فصل پوکڻ شروع ڪيا. ڌرتيءَ ڌڻين کي بدترين غلامي جي حياتي ڏني. انهن جو ڪاروهوار ڏسي ٻين مذهبن جي ماڻهن به اسان سان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي. ٻين مذهبن جا ماڻهو نه رڳو هڪٻي سان گڏ کائن پيئن ٿا پر اهي هڪٻي سان رشتيداري پڻ ڪن ٿا. پر اسان جي غريب برادرين ۾ رشتيداري ڪرڻ جو خيال ته تمام پري جي ڳالهه آهي پر رڳوهڪٻي سان گڏجي کائن پيئن ته وڏي ڳالهه آهي. پر هيستائين اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. انهن مسڪين ماڻهن کي مذهبي انتهاپسندن پنهنجن ذاتي مفادن جي ڪري جُدا ڪري ڇڏيو، سندن ذهنن ۾ نفرتن جا اهڙا ته زهريلا تير هنيا جو انهن جو اثر 3 هزار سال گذرڻ کانپوءِ به ختم نٿو ٿئي. جڏهن به غريبن کي گڏجڻ جو سڏ ڏيون ٿا ته “گناهه” جي فتوا جاري ٿئي ٿي. ڌرمن جي کوهن ۾ لڪل برهمڻي ڏيڏر ٽان ٽان ڪندا نڪريو نروار ٿين ٿا. پر ان جي باوجود به مظلوم ماڻهو جو اتحاد هن ڪائنات جي فطري گھرج هجڻ ناتي وجود ۾ اچي پيو.
    مظلومن کي متحد ڪجي
    ڌرتيءَ جي بي سهارا، مسڪين ۽ مظلوم انسانن کي متحد ڪرڻ ڪنهن مذهبي، جمهوري، رياستي، سياسي ۽ سماجي قانون ۾ گناهه آهي ته اهو گناهه بار بار ڪبو. پنهنجن غريب ڀائرن کي گڏجڻ جو سڏ ڏيڻ گھرجي، انهن کي سستي، ڪاهلي ۽ غفلت جي نڀاڳي ننڊ مان جاڳائجي


    ڇوت ڇات ۽ نفرت جو ٻج ڪنهن پوکيو؟

    اسان وٽ اسان سان ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏ کائين پيئن ٿا، انهن جي نظر ۾ انسانيت جي ناتي اسان عظيم آهيون، باقي جنهن ڌرم ۾ اسان جا نسل ڳري ويا آهن، جتي اسان جون قربانيون شامل آهن ان ڌرم ۾ اسان سان گڏ کائڻ، پيئڻ، سماجي واسطا، ڀت پوت، برادري، رشتيداري تي “منوسمرتائي آئين” موجب سخت پابندي عائد ٿيل آهي، بلڪه جيڪي پريمي سجن چون ٿا ته سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، دنيا چنڊ تي پُڄي وئي آهي، ترقين جا قراقرم پار ڪري ويا آهيون، انهن کان پڇون ٿا ڀلا! پوءِ برهمڻ سامراج جي ڇوت ڇات ۽ نفرت آميز روين خلاف متاثر ماڻهن جون آخر رڙيون ڇو آهن؟

    ڪُتي جي پُڇ مان ڪهڙي دؤر ۾ ور نڪتو آهي؟
    ابا! برهمڻ سامراج اسان سان اسان جي ڏاڏي پاربرهم جي ميلي تي به گڏ نٿو کائي (پر هڪ دفعي ته ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، جوڳين کي لٺون هڻي ميلي مان ئي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو) وري چون ٿا پاڻ آهيون ڀاءُ، ابا! ٽنڊو جان محمد ۾ اخبار تي ماني کارائي تذليل ڪئي وئي، چوندا وتن پاڻ ڌرم جا ڀاءُ آهيون، ابا ! ٽنڊوجان محمد ۾ برهمڻن سامراج ڌرتيءَ ڌڃاڻي پانچو ڀيلڻ جو لاش سندس سهري ڀڳت بنارام ڀيل جي قبرستان ۾ پورڻ ڪونه پئي ڏنو، سڄو ڏينهن لاش اُس ۾ پيل رهيو، گوڙ ڪيوسين تڏهن چار چڱا گڏ ٿيا لاش دفنايو سين، ۽ اڳتي لاءِ برهمڻ سيٺن فرمان جاري ڪيو ته هي آخري لاش پوريو اٿئو، هاڻ هتي لاش نه کڻي اچجو، هتي اسين پنهنجا ماڻهو دفن ڪرڻ لاءِ قبرستان تي ولار ڪيون ٿا. ادا! مسڪين موهن رٻاري کي برهمڻ سامراج جي نام نهاد سيٺين قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچائي، خون ٻوڙي آجا ٿي ويا، ابا ! مندرن جي دڪانن تي به برهمڻ سامراج جو قبضو، ابا! سمورن مندرن ڌامن تي برهمڻ جو ڪاروباري قبضو، مال تي ڌمال اوهان هڻو ۽ ٻڪري واري ٻَلي اسان جو ڪنڌ ڏي؟ ٻيلي هاڻ ڏاها ٿيو، تقريبن ڏيڊ ڪروڙ جي آبادي اسان جي ايوانن ۾ اڪثريت اوهان جي؟ ڀلا اهيو ڪهڙي جمهوريت، انسانيت ۽ ڌرم ۾ جائز آهي؟ “آهيون ڌرم جا ڀاءُ باقي ماني اخبار تي کائو، ادا آئو، ڀلي آئو ڀت اخبار تي کائو، پاڻي ٻڪ ۾ پيئو سدا شوڌر ٿي جيئو” هاڻ گھڻو ٿيو، هاڻ ان تذليل جو دنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. سنڌ وطن جا وارث دراوڙو ! اک پٽو، نفرت ۽ اڻبرابري جي بنياد تي سون جي ٿانءَ ۾ کارايو وڃي تڏهن به نه کائو، جتي انسانيت جو تقدس پائمال ٿئي، جتي توهان جي تذليل ڪئي وڃي، اُتي نه وڃو،

    ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان،
    “اها جاءَ جلي جتي باهه ٻري” سو هڪ ڊگھي زماني کان برهمڻ سامراج پاران برصغير جي وڏي آبادي کي پنهنجي غيرانساني، ڏاڍ، جبر، خطرناڪ چالبازين، انياءُ، ظلمتن ۽ ناانصافين جا اڻکٽ سلسلا جاري رکندي مظلوم انسانن جي وجود تي جيڪي باهه جا مچ ٻاريا ويا آهن، اُنهن جو سيڪ ته اهي ئي محسوس ڪندا جيڪي جُڳن کان ان برهمڻي باهه ۾ نسل در نسل تاريخ جا پيڙهياتا ٻاريل، ساڙيل، ڌڪاريل انسانن جا چچريل وجود، مذهبي انتهاپسند بال ٺاڪرن پاران سخت، جسماني توڙي ذهني ٽارچر جو نشانو بڻيل ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ ئي چڱي ريت محسوس ڪري سگهن ٿا، باقي “ڪهڙا سيڪ پاڙي واليان نو”
    مڃون ٿا،
    اسان جون زبانون به پاڙان پٽائي سگھو ٿا،
    اسان جا سڀئي،
    درد ورلاپ سڏڪا،
    گفتا ء ڳالھيون،
    رکي وات تي ھٿ دٻائي سگھو ٿا،
    مڃون ٿا او ماري!
    ڪارونجھر مٿان جي،
    ڪئي ڪڻڪ ڪونجن
    انھن جا پڙاڏا ڪڻڪاٽ ڪوڪون
    رڳو ٿر جي صحرا ۾،
    ٿورو به گونجن،
    ھا مڃون ٿا،
    بڇي باز بحري انھن تي
    انھن جو پک پک پٽائي سگھو ٿا،
    مگر منھنجا سائين!
    ڀلا تن جي گونجن کي گھائي سگھو ٿا؟
    لڳايو ڀلين،
    جي پڙاڏن تي پھرا لڳائي سگھو ٿا.
    دنيا جي سڄي تاريخ ۾ ڌرتيءَ جي پوري گولي تي اهڙو ظلم ڪٿي به ڪونهي جهڙو برصغير جي مظلوم انسانن سان قبضاگير برهمڻ سامراج ڪيو، دنيا جو هي واحد موضوع آهي جنهن تي لکين ڪتاب لکي سگھجن ٿا. پر هن درد جي نه پڄاڻي آ، صدين جي انهن سورن جو ڪو انت ناهي، برهمڻ سامراج جي غلامي هنن جي ذهنن ۾ گھر ڪري وئي آهي. جنهنڪري هو مختلف صورتن ۾ غلامي کي انجواءِ ڪندا رهندا آهن. مون کي سندن قوت برداش تي وڏي حيرت ٿيندي آهي ته آخر هيترن سارن ظلمتن جي خلاف انقلابي بغاوت اڃا ڪڏهن جنم وٺندي؟ ڌرتيءَ ڌڻيائپ کان بدتر ڊگھي غلامي جي سفر تائين انساني تذليل ۽ توهين جو هڪ ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي.
    جڏهن وطن جي وارث دراوڙن کان ڌڻيائپ جون واڳون آرين پاران کسجي ويون ته دراوڙن جي تاريخ جو انتهائي ڪارو دؤر شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. موهين جي دڙي جا مالڪ ته فطرت جا عاشق هئا انهن وٽ رجعت پرست، تنگ نظر، بال ٺاڪراڻي مها انتهاپسندي جو تصور ئي ڪونه هو. قبضاگير آريا پاڻ سان انساني اوچ نيچ جي تفرقي واري خطرناڪ ٻج جون پُٺارڪون گڏ کڻيو آيا. انتهاپسندي جي ان ٻج ڌرتيءَ جي مقدس وجود تي ضرب هڻي ڇڏي، وطن جي وارثن کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا گھٽيا حربا اڄ ڏينهن تائين استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن؟ جنهن جو ٺلهو تصور ئي ڏيل ڏڪايو ڇڏي. درٻارين ڌرتيءَ ڌڻين خلاف ڌرم جي آڙ ۾ من پسند هٿ ٺوڪيا قانون، ڪتاب ۽ ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکي انهن کي پنهنجي ڏاڍ مڙسي جي ذور تي “آسماني حڪم” ڄاڻائي لاڳو ڪري انسانيت تي قهر جي شروعات ڪئي وئي، انسانن جي ٻڌي ۽ اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ کين خطرناڪ ورڻن ۾ ورهائي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو ته جيئن سندن طاقت جي توازن کي ٽوڙي سگهجي. ان سازش ۾ گھڻي قدر هو ڪامياب ٿيندي ويا، ڌرتيءَ ڌڻين جو برهمڻن جي خطرناڪ غلامي کي ذهني طور قبولڻ ئي تاريخي غلطي هُئي، اها غلطي هر صورت ۾ ڪنهن به ريت عذاب کان گھٽ ثابت نه ٿي، اڄوڪو نسل جيڪو ڪجھه به ڀوڳي پيو ان جي ڪاري تاريخ پويان برهمڻ سامراج جي ناانصافين جا ڏکوئيندڙ داستان رقم ٿيل آهن. برهمڻ سامراج پاڻ کي ڀڳوان جي مُک مان پيدا ٿيل ڄاڻائي ۽ ٻين کي وئش، کتري هجڻ جا فرمان جاري ڪيائين پر انسانيت جي توهين ۽ تذليل ڪندي وڏي دشمني پاريندي پُرامن انساني آبادي جي وڏي اڪثريت کي سندن مذهب ۾ “شوڌر” ڄاڻائي کين سماجي جانور جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو.
    “هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو برهمڻ جو آهي، ڇو جو اهو مخلوق ۾ برتر ۽ افضل آهي” (منو ڌرم شاستر)
    “جو شخص برهمڻ کي سفيد پيرن واري رڍ خيرات ڏي ٿو ، اهو سورڳ ۾ وڃي ٿو” (اٿر ويد)
    “شوڌر کي جيڪڏهن آزاد به ڪيو وڃي ته اهو آزاد نه سمجهيو وڃي، ڇو جو قدرت هُن کي غلام ڪري پيدا ڪيو آهي” (منو سمرتي)
    يعني ٿورڙن هڏ حرام ماڻهن جي معاشي ۽ قبضاگيري مفاد خاطر ڌرم جو آئين ڪروڙين انسان جي خلاف لکرائي انهن انسانن جي تاريخي تشخص کان انڪار ڪئي وئي آهي، انهن جا حق غضب ڪري سندن استحصالي ڪئي وئي آهي، انهن جي نسلن کي هزارين سالن تائين ظلمتن جي چيچڙي ۾ پيڙهيو ويو، انهن سان نفرت آميز روين سان پيش اچي تاريخي تذليل ڪئي وئي، ساڳي ڌرم ۾ رهندي به انهن مسڪينن کان ڇنڊو ورتو ويو، انهن کي ڇهڻ حرام قرار ڏنو ويو، انهن سان گڏ کائڻ پيئڻ، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ پاڪ ڪتابن ۾ مها پاپ قرار ڏنو ويو، انهن جي جمهوري حڪمراني تي هميشه لاءِ برهمڻي آمريت لاڳو ڪئي وئي، انهن تي علم جا ويد پڙهڻ تي پابنديون عائد ڪيون ويون، گيان ٻڌڻ جي نتيجي ۾ ڪنن ۾ شيهو پلٽايو ويو، علم حاصل ڪندي ڏسڻ جي گناهه ۾ اکيون ڪڍيون ويون، تيراندازي تي آڱوٺا ڪٽي اڻ اعلانيا طور بندش وڌي وئي، انهن جي گھوڙي سواري تي پابندي وڌي وئي، صبح سويل ۽ سنجها ويل انهن جي ٻاهر نڪرڻ تي سئو چوئتاليهه لاڳو ڪيو ويو، ڀڳوان جي مندر ۾ اچڻ تي پوجا پاٽ تي بندش وڌي وئي (اها پابندي گھڻين جاين تي اڄ به جاري ساري آهي) جنهن تلاهه تان ڪتا، ٻلا، گڏهه ۽ ٻيا جانور آزادي سان پاڻي پي سگهن ٿا پر برهمڻن پاران شوڌر قرار ڏنل ڪروڙين اشرف المخولقات تي انهن ئي تلاهن مان پاڻي پيئڻ جي انڪار جي مهر لڳائي انسانيت جي توهين ڪري انسانن کي اُڃ ماريو ويو. انهن جي پيرن ۾ غلامي جون سنگهرون وڌيون ويون، هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هنيون ويون، اڇو ڪپڙو پائڻ تي خلاف قانون پاس ڪيو ويو، زمين تي ٿڪڻ پاپ ٿي ويو جنهن ڪري سندن منهن تي لوٽو ٻڌو ويو، پنهنجي ئي ڌرتيءَ ماتا تي پير رکڻ سان سرشٽي ناپاڪ ٿيڻ جا هوڪا ڏئي ڪروڙين انسانن پويان سندن پير ڍاهڻ لاءِ ڍينگهر ٻڌا ويا. ڪٿي ڪٿي ته ڦل پراپت ٿيڻ خاطر شوڌر قرار ڏنل مسڪينن جي ٻچن سان زنا جائز قرار ڏنو ويو، ۽ جيڪڏهن ڪو شوڌر ڀُل چُڪ ۾ ڪنهن برهمڻي ڪنيا ڏانهن ڏٺو ته ان جي اک ڪڍي وڃي انصاف جا علمبرادرو! اوهان ٿوري نظرته گھمايو اوهان جي ان قانون جي دنيا ۾ هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي؟ دنيا ان انسان دشمن منوسمرتائي آئين کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي؟ دنيا جي جمهوري ملڪن جا قانون اقوام متحده ۾ ڏٺا وڃن ٿا، اوهان ٿوري نوازش ڪري منوسمرتي کي سائي ڪپڙي ۾ ويڙهي تلڪ لڳائي اقوام متحده جي اجلاس ۾ کڻي ته وڃو جتي اوهان جي ظلمن جا ڪارا باب دنيا ڪهڙي نگاهه سان ڏسندي؟ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. اوهان ڪهڙي منهن سان هيومن رائٽس تي ڳالهائيندا؟ رجعت پرست ۽ انتهاپسندن جو ابو موهن لال ڪرمچند گاندي ڊرامي بازي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙيندي لانگوٽو هڻي، ٽٽل چشمو پائي، رٻ پيئڻ لاءِ ڳن ڀڳل چمچو ۽ کير پيئڻ لاءِ گڏ ٻڪري ڪاهي، گول ميز ڪانفرنس ويو هو، تڏهن ئي پنجانوي سيڪڙو پيڙهيلن جي آبادي بجاءِ هُن نام نهاد ٿورڙن برهمڻ اوچ جاتين جي نمائيندگي ڪئي پئي، ڳالهين ۾ هارجڻ بعد امبيڊڪر صاحب جي ڪروڙين مسڪينن لاءِ ڪيل حقيقي جدوجهد کي برهمڻ سامراج جي هڪ خطرناڪ هٿ ٺوڪي سازش تحت ختم ڪرڻ ۽ کيس بدنام ۽ بليڪ ميل ڪرڻ خاطر گاندي جي “مرڻ ورت” بک هڙتال، دوکي بازي ڪوڙ، ترڪ تال کان سواءِ ڪجهه به هُئي، برهمڻن جي ٻاپو گاندي جو جوڙيل“هريجن” ڪالونيون تاريخ ۾ صرف بڪواس کان سواءِ ڪجهه به ثابت نه ٿيون، نهرو ۽ بال ٺاڪري جون همدرديون اسان کي ساريون پيون آهن. انهن جي حرامپاين تان تاريخ پردو هٽائي چڪي آهي، سڀ ڪجهه واضع ۽ چٽو ٿي چڪو آهي. “دنيا ۾ ويڙهه سواءِ ٻي واهه ناهي، گاندي جا ايجنٽو! “اهنسا” عدم تشدد به ڍونگ آهي ” انگريزکي پويان باهه لڳل هئي، سندن رڌڻي ۾ رولو هو گاندي جي اهنسا جي ڪري انگريز هزار سال به ڪونه وڃن ها، ورهاڱي ۾هندو مسلم فساد ئي اهنسا جو رد آهن، ورهاڱي ۾ رت وهيو هو، ماڻهو بي گناهه قتل ٿيا هئا، لڏپلاڻ ٿي، نهرو عياشي پئي ڪئي (پڙهوخوشونت جو ناول سمندر ۾ تدفين) ۽ گاندي مالا پئي جپي، روم سڙيو پئي نيرو بانسري کي دٻيو بيٺو هو، گاندي فطرت جو وڏو انڪاري ٿي 37 سالن جي ڄمار ۾ خواهشن کي تياڳي ستو جتو ٿيو سڳي جوان ڀائٽي سان گڏ ستو پيو هو، پاڻ ته خواهشن جو گلو گھٽيائين پر جوان نياڻي ڪڄاڙو ڪيو؟ “گاندي ائين هو جيئن سئو ڪوئا کائي ٻلي هلي هنگلاج” برهمڻ سامراج ۽ ان جا ايجنٽو ! ڇا مٿي بيان ڪي داستانن جي ڪنهن هڪ به نقطي کي رد ڪرڻ جي ڪا اخلاقي جُرت اٿئو؟
    برصغير جي ڪروڙين پيڙهيل انسانن سان ڪيل انياءُ گنگا جمنا ۾ سنان ڪرڻ سان قطئه ڪونه ڌوپبا، نه ئي معاف ٿيندا، توڙي جو غلامي جا پنج هزار سال گذري ويا آهن پر توهان يقين ڄاڻو ته اسان جو ضمير ذرو به ننڊ ۾ ناهي، دراوڙ جاڳ ۾ آهن، اسان جي اندر ۾ اڄ به آتش فشان آهي، اهو جوالا مُکي ڪنهن به وقت ڦاٽندو، ڪارن، ڪڌن قانونن خلاف بغاوت ڪر کڻندي، جنهن کي روڪڻ هاڻ توهان جي وس ۾ نه هوندو، هڪ دفعو ٻيهر برهمڻ سامراج پاران انسانيت لاءِ ڪاري بڻايل ڪائنات ۾ انقلاب جو روشن سج اُڀرندو. اسان جي خطي ۾ مذهبي اقليتون سماجي اڻبرابري، نسلي مت ڀيد جو شڪار هئڻ ڪري مڪمل انساني حقن کان محروم آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هي ماڻهو لاش دفن ڪرڻ لاءِ سخت پريشان هوندا آهن. ڀورو ڀيل جي معاملي کانپوءِ هو ان خوف مان نڪري ڪونه سگھيا آهن. هتي رهائش پذير ڌرتيءَ ڌڻيءَ مسڪين ۽ مظلوم طبقا پنهنجي جان ۽ مال ۽ عزت جي تحفظ جي حوالي سان سخت ڊنل هئڻ ڪري هو پنهنجي بنيادي انساني ۽ شهري حقن لاءِ آواز بلند به نٿا ڪري سگھن. اهڙا مثال هتي ڪافي ملن ٿا. زنا، اغوا جا مسئلا روز جو معمول بڻيل آهن. سماج جي هنن لٽيل ماڻهن وٽ پنهنجو گھر به نه آهي، وڏيراشاهي جي ور چڙهيل هي ماڻهو پنهنجي اغوا ٿيل نياڻين جي بازيابي لاءِ ان ڪري به آواز بلند نٿا ڪري سگھن ته انهن ڇوڪرين جي زبردستي مذهبي تبديلي کان پوءِ مقامي بااثر طاقتور مذهبي ڌريون پنهنجي طاقت جي ڏڍ تي (مذهب جي سهاري سان) انهن کي هيسائڻ، دٻائڻ کان ويندي ٻيا لاتعداد ذريعا استعمال ڪري انهن کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ان ڊپ، خوف ۽ حراس جي ڪري هتي جون ظلمن جو شڪار ٿيل مظلوم ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم به نٿا ڏياري سگھن. جنهن جي نتتيجي ۾ مستقبل ۾ هي ڌرتيءَ جا ڌڪاريل ماڻهو علم جي زيور کان وانجھيل هجڻ تاريخ جو بدترين الميو آهي. هي غريب طبقو روزگار جي حوالي سان پڻ سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. تعليم نه هئڻ ڪري هي طبقو سدائين زراعت سان لاڳاپيل رهيو آهي. جاگيردار زميندارن پاران هن مسڪين طبقي کان ٻارين ٻچين جبري پورهيو ڪرائڻ باوجود به انهن کي ٻه وقت جي ماني ٻه مشڪل سان ملندي آهي. ٻيا انساني حق ته پري جي ڳالهه آهي پر تعليم، صحت، خوراڪ، ۽ آزادي به انهن جي نصيب ۾ نه آهي. برک اديب لڇمڻ ڪومل جي جيون ڪٿا واري ڪتاب (وهي کاتي جا پنا) ۾ صفحي 187 تي ليکڪ لکي ٿو“هڪ ڏينهن مان ۽ هاسو پوسٽرن چنبڙائڻ جو ڪم پورو ڪري ڪلهي تي ڏاڪڻ رکي سئنيما هال ڏانهن موٽي رهيا هئاسين جو اوچتو لوهه جو شيخون ۽ لوهي گرڊر کڻي ايندڙ هڪ کليل ٽيمپو زور سان رورس ۾ ڌوڪيندو آيو ۽ چنهبدار لوهي شيخ هاسيءَ ساڄيءَ اک مٿان نرڙ تي زور سان اچي لڳي. هاسي جي نرڙ مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ هو هيٺ رستي تي ڪري پيو. مان ڏاڪڻ ڦٽي ڪري ڀڳس ۽ وڃي کيس هنج ۾ کنيم. چوڌاري خلق اچي گڏ ٿي. ميڙ مان هڪ پهلوان قسم جي ماڻهو هڪدم اسان کان ڪپڙي جو ٽڪرو کڻي زخم تي پهو رکيو، چار ڀيرا ائين ڪرڻ سان هاسي جي مٿي مان وهندڙ رت ته بيهجي ويو پر هو نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هو. ميڙ مان هڪ ڪميڻي شخص واڪو ڪندي زخم ڀريندڙ ڀلي انسان کي چيو“پهلي پتا تو ڪرو ڪون سي جات ڪا لڙڪا هئه؟” پهلوان هن ڏانهن شوخي سان نهاريو ۽ هو ماڻهو پيهه مان کسڪي ويو. تن ڏينهن اوڀر يو. پي ۽ بهار جا ماڻهو عجيب هئا ۽ نيچتا جي حد تائين ڇوت ڇات ۾ وشواس رکندڙ هئا. بهار ۾ اڃان تائين اهو مرض ڦهليل آهي. اتان جا ماڻهو ڪنهن اجنبي کان سندس نالو پڇڻ کان پهرين سندس ذات پڇندا آهن ۽ پوءِ ئي ساڻس هٿ ملائيندا آهن يا وري هن کي ڇهندا آهن. هڪ ڀيري مان بهار جي شهر “گيا” ويو هئس. مون سان گڏ نياز همايوني به هو. اسين پاٽنا کان گيا گھمڻ آيا هئاسين. هڪ گھٽي مان لنگهي رهيا هئاسين جو هڪڙو ٻن ٽن سالن جو ٻار رڪشا هيٺان اچي ويو، ٻارڙو رتورت ٿي ويو پر ڪير به هُن کي کڻڻ لاءِ تيار نه هو. هر ڪو پڇي رهيو هو “ڪون جات، ڪون جات” مان ۽ نياز ٻار کي ٻانهن ۾ کڻي ويجهو ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي هن جي ملم پٽي ڪرائي ۽ هن جي مائٽن کي ڳولي لڌوسين. هن ملڪ جا ڪي ڪي علائقا ملڪ جي نقشي تي ڪوڙهه جا چٽا آهن، جيڪي ڪڏهن به مٽجي سگهڻ جا نه آهن، ۽ سڄي ملڪ کي بدزيبو بڻائي رهيا آهن”
    اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
    ستي ساھ جاڳي،
    وڃي دور دور،
    ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
    سوين چنڊ ساٿي،
    ڪتين جا سوين قافلا رھ گذر ۾،
    سفر ۾،
    سوين ڪائناتون،
    نه آغاز جن جو، نہ انجام جن جو،
    زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
    ازل کان ابد تائين سک جون براتون،
    جڏهن موٽ کائون،
    سوين راز آڻيون،
    سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
    سوين چنڊ چايون،
    ستارا تڳايون،
    انهن سان اچي جڳ سڄو جڳ مڳايون،
    اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!


    اسين خانه بدوشن دردن جو انتقام بڻباسين

    انساني تاريخ جي ارتقائي ڏينهن ۾ ماڻهو جڏهن اڃان ماڻهپي ۾ ڪونه آيو هو تڏهن به ماڻهو زندگي لاءِ موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، “جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا”
    ماڻهو مسلسل جاکوڙ، جستجو، سخت پورهيا، انيڪ تجربا، ڪوششون ڪندو پنهنجو نسل برقرار رکندو رهيو آهي. پر ان ڪرت ۾ ڪائنات اندر ڪال، ڪروڌ ۽ ڪلفتون به هن ڌرتيءَ ماتا کي رت سان رڱينديون رهيون آهن. هومو اريڪٽس، هومو ميگنان، هومو شيپين ۽ هيومن يعني سالم دماغ سان اُڀو هلڻ واري مڪمل انسان ٿيڻ جي سفر ۾ جدل جو جنون بنيادي طرح آهي ئي بقاءُ جي جنگ، سو ماڻهو شعور جي شروعاتي وکن کان وٺي هيل تائين فقط بقاءُ جي جنگ ۾ حياتيون وڃائيندو رهيو آهي. ڪائنات جي اوائلي زماني ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهو گڏ ٿي ٽولن جي صورت ۾ رهڻ لڳا ۽ ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. ان دور جي ماڻهن باهه، پاڻي، ٻوڏون، طوفان، زلزلا، شديدگرمين ۽ سخت سردين سميت ٻين لاتعداد قدرتي آفتن، موسمي تبديلين جا راز پروڙيا، سمجھيا ۽ انهن جا حل ۽ بچاءُ جا طريقا ڪڍيا. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين لڏپلاڻ جا سبب قدرتي آفتون ۽ موسمي تبديلين سان منسلڪ هئا. يعني ان اوائلي دور جو هر ماڻهو خانه بدوش بڻجي رولاڪين جي زندگي گذاريندو هو.
    ان شروعاتي زماني جي ماڻهو (اڻ سڌريل انسان) جي پيٽ گذر جا ذريعا شڪار، جهنگ جا آڙڪ ڦل فروٽ، اناج هئا. زخيرااندوزي جي سوچ ماڻهو جي دماغ ۾ تڏهن به گھر ڪري ويٺل هُئي. جنهنڪري اهي ارتقائي ماڻهو خوراڪ جو زخيرو ڪري رکندا هئا. ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلان ڪري سندن خوراڪ جا گڏ ڪيل زخيرا لُٽي کڻي وڃي پاڻ کائيندا هئا. انهن ماڻهن کي غلام بڻائي جبر ۽ ڏاڍ سان سخت پورهيا ڪرائي پنهنجي قبيلن لاءِ سک ۽ آسائشون ميسر ڪيون وينديون هيون. جديد دور جي سرمائيدارن پاران ڏاڍمڙسي جو ڪارهنوار اڄ به جاري آهي پر طريقي واردات منفرد، جديد ۽ نئين آهي. جنهن کي دنيا جا قانون انڪري سپورٽ ڪن ٿا جو اهي قانون جوڙيل ئي انهن سرمائيدارن جا آهن. پٿر جي دؤر وارن ماڻهن جو هڪٻي سان شروعاتي تضاد به خوراڪ جي گڏ ڪيل زخيرن تي قبضي جي سبب ڪري ٿيو هو. ان دؤر جا ماڻهو پيٽ گذر خاطر ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪري اهي محفوظ جايون ڳوليندا هئا جتي کين خوراڪ سميت جان ۽ مال جو تحفظ هجي ۽ زندگي جو گاڏو گھلجي سگھي. روزي ڪارڻ اڻ ڏٺل منزلن تي لڏپلاڻ جو اهو سفر لاتعداد ڏکن، سورن، پيڙاهن سان ڀريل هوندو هو. پيٽ خاطر لڏا کڻندڙ خانه بدوشن جا ڪافلا لٽجڻ جو ڪيئن ڪٿائون ۽ وارتائون آهن. ڪروڙين سال پوئتي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ کانسواءِ به ويجھي تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻون ٿينديون رهيون آهن. ماني پويان پورهيتن جي ڊگھي پنڌن جا پير ڌرتيءَ جي گولي تي ڳيري وک آهن. مظلوم طبقن تي ڪاهون ڪندڙ ڏاڍا نسل در نسل ڏاڍا بڻجي دنيا جي هيڻن جي روزي روٽي تي ڌاڙا هڻندا رهيا آهن. دنيا ۾ اهي دربدر ٿيل خانه بدوش پورهيت ٻي عالمي يڌ بعد ڌرتيءَ تي ڪنڊيدار تارون وڇائجڻ ڪري محدود دائرن ۾ روزي پويان رولاڪين جا سفر ڪندا رهيا. فرق صرف ايترو پيو جو اڳ هو بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڀارت، چين، روس، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا، عرب ملڪن سميت ڌرتيءُ جا سمورا زميني توڙي پاڻي جا رستا لتاڙي پيٽ ڀرڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪندا هئا. جڏهن ڌرتيءُ تي سرحدي ليڪا ماڻهن جي ورهاڱي جو سانحو بڻيا تڏهن کان هو رولاڪ ماڻهو دربدر به هڪڙي محدود دائري ۾ ٿين ٿا. وسيع ڌرتيءَ تي انهن کان دربدر ٿيڻ جو جمهوري حق به کسجي ويو. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ به جپسين جي وڏي آبادي آهي پر سڌريل ملڪن جا جپسي به سڌريل آهن. انهن کي سمورا بنيادي انساني حق حاصل آهن. اڻسڌريل ۽ پوئتي پيل ملڪن جا خانه بدوش پورهيت اڄ هن ترقي يافته دور ۾ به انسانيت جي لڪير کان هيٺ واري حياتي گھارين ٿا. هن ديس جي خانه بدوشن کي ته ملڪي شناخت به نه ملي سگھي آهي ڇو ته انهن وٽ رهائشي سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ به نٿو ٺهي سگھي. جنهنڪري ملڪ جي خانه بدوشن جي وڏي دربدر ٿيل آبادي ڳڻپ ۾ ئي نٿي اچي. سندن گھر دنيا جي گولي تي ئي ناهن ته گھرشماري جو نمبر ڪٿي لکجي؟ لکين بي گھر خانه بدوش جپسين جا گھر فٽ پاٿ، ڪکن پنن جون جھڳيون، چتيون لڳل خيما، ڦاٽل تنبو، اجگر بنگلن جا اداس پاڇا، شهر جي ڪچري جا ڍير، واهن ۽ شاخن جا ڪنڌا، ميلن جا ميدان، پوٺن جا پڊ، گھاٽا جھنگ ۽ پيچرن جا پاسا سندن غيرمحفوظ آشيانا آهن. جيڪي مستقل نه پر عارضي آهن.
    اسان جي ديس جا خانه بدوش جپسي پورهيت به ڏاڍن جا عتاب ڀوڳي دربدري جو جيون جيئن ٿا. سماج بدلجڻ، ترقي ڪرڻ، علم پرائڻ، بنيادي انساني، جمهوري حق حاصل ڪرڻ سان سنڌن ڪو سروڪار ناهي. هو بس سموري حياتي روزي جي رولاڪين ۾ دربدر ٿي زندگي جي راهن تي موت جو سفر ڪن ٿا. ماني جي لولي جي حاصلات لاءِ گرمين، سردين، آڙنگن ۽ جهولن جون رولاڪيون هنن جي قسمت تي ٿاڦجي ويون آهن. هو مقدر جا سڪندر ڪڏهن ٿي ڪونه سگھيا آهن. پر مقدر ۽ ڀاڳ هنن کي رٺل ئي رهيو آهي.
    هو رولاڪين جي رڻن ۾ ڄمن ٿا، بکن ۽ بيمارين ۾ پلن ٿا، رڙهن ٿا، رڙن ٿا، چنگھن ٿا، چُرن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، هو لاشعوري ۾ مست الست ٿي غلامي ۽ دربدر خانه بدوش جيون کي انجواءِ ڪن ٿا، مڌ جي مڌهوشي ۾ نچن ٿا، ڪڏن ٿا، ڪرن ٿا، جُھرن ٿا. سستن سگريٽن ۾ سڙن ٿا، تاريخ جي غم کي ڀُلائڻ لاءِ ڪچي ٺري جي ٻاٽلي ۾ پناهه وٺن ٿا، ٿڙن ٿا، ٿاٻڙجن ٿا، وري پين ٿا ۽ مرڻ لاءِ وري جيئن ٿا، رولاڪين جا درد خانانه بدوشن جا نسل ڳڙڪائيندا رهيا آهن.
    خانه بدوشن جا مرڻا، پرڻا، تڏا، خوشيون، غم سڀ رولاڪين جي پنڌن جي نظر ٿيو وڃن ٿا. هو نيلي آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ زهر جهڙي زندگي سان نڀاءُ ڪن ٿا. هنن جو سهاڳ راتيون ڦاٽل خيمن ۾ ۽ تڏا قتل ٿيل پکين جي مرتيي جيئن آسمان ۾ وڇايل هوندا آهن. سرمائيدارن جي اڻ اعلانيل عالمي قانون تحت خانه بدوش بستين ۾ پڪي سر نٿي لڳي سگھي ڇوته ان لاءِ هُنن وٽ ستون فارم ناهي، پر هُنن جي وهي کاتي جا پنا به دربدرين جي تيز طوفانن ۾ اُڏامي ويا آهن. هنن جا گھر به ناهن ته قبرستان به ناهن، هو جيئري به دوزخ جهڙو جيون گھارين ٿا مُئي پڄاڻان به قبرن مان ڪڍي اُڇلايا وڃن ٿا. هنن وٽ رهڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي آشيانو ناهي پر مرڻ کانپوءِ جسد خاڪي دفن ڪرڻ جو پروانو به ناهي. هنن کي پنهنجي خبر ناهي ته هو ڪير آهن؟ هنن کي ڪير پنهنجو ڪري ٿو؟ هنن جون ريتون، رسمون، عيد، رواج، تهذيب، ثقافت، تمندن ڪهڙي آهي؟ هو پيءَ ۽ ڏاڏي جي نالي کان اڳتي جو شجروگھڻو ڪري ڪونه ڄاڻن. هنن جي ذهنن مان هنن جي تاريخ ائين ميسارجي وئي آهي ڄڻ سندن ذهني ياداش گم ٿي وئي هجي. جيڪا هاڻ شايد وري يا نه به وري، سندن حالت ڪوما ۾ پيل مريض جھڙي بڻجي وئي آهي جنهن ۾ فقط ساهه آهي باقي هو هن ڪائنات لاءِ ناڪاره بڻيل پرزو آهي. جپسي مٽي جا ماڻهو آهن جيڪي ڌوڙ ۽ ڪک پن بڻجي طوفانن ۾ اُڏامن ٿا ۽ سائبيريائي پکين جيئن چوڳي لاءِ ڊگھا سفر ڪن ٿا. ان سفر ۾ هو ڪٿي شڪار پڻ بڻجي ويندا آهن.
    هي خانه بدوش ماڻهو انهي لاوارث گونگي ۽ ٻوڙي ٻار جيئن آهن جيڪو ٻالڪپڻ ۾ ميلي ۾ چند روپين عيوض هٿن تي مهندي جا چِٽ (مهندي جا گُل) ڪڍندڙ ماءُ جي آڱر ڇڏائي وڃائجي ويو هو ۽ پوري حياتي ڀٽڪڻ ۽ خانه بدوش ماءُ جي ڳولا باوجود اهو لونگيو دراوڙ هٿ نه اچي سگھيو. مُئي جو هڪڙو سور پر جيئري وڃائجي ويل جگر جي ٽڪري جا پل پل سور پون ٿا، هانءَ ڇڄي ٿو. لاپتا خانه بدوش ٻار جا ماءُ ۽ پيءَ روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا. تاريخ جي ستم ظريفين ۾ انهن کان ته دڳ به وسري ويا ته وڳ به وسري ويا.
    “غلام فريد” مين تو ايوين وڇڙي،
    جيوين وڇڙي ڪونج قطاران.
    سندن حياتي آس جي ونٽيليٽر تي آهي. هي خانه بدوش ماڻهو به اڄ تائين پنهنجا وڃائجي ويل دڳ ڳولي نه سگھيا آهن. پر دڳ پويان رولاڪيون سندن من تي لاتعداد ڏنڀ ڏيئي ويون آهن. اڻ ڏٺل منزل تي الله توهار ڪري پلاڻيندڙ خانه بدوش پورهيت هن جڳت جي اُلٽي ريت جو شڪار بڻجي رولاڪين ۾ روح رولين ٿا. پاڻ وڃائي پاڻ ڳولين ٿا ۽ پرٿوي جو اهو بيرحم چرکو چلندو رهي ٿو.
    سج لهن ٿا، سج اُڀرن ٿا، چانڊوڪيون ۽ چيٽ ٿين ٿا، اُماس راتيون ۽ سر نسرن ٿا. بادشاهين جو انت اچي ٿو جمهوريتون بحال ٿين ٿيون ۽ ڪٿي آمريت جو راڄ اچي ٿو، تخت ۽ تختا نروار ٿين ٿا. ڪئين واءُ گھلن ٿا. پر هو بي پرواهه ۽ لاتعلق بڻجي خانه بدوشين جي دربدرين جا عذاب ڀوڳين ٿا. آخر هنن ماڻهن کي مهذبپڻي ۽ تهذيب يافته معاشري کان ايڏي فراريت ڇو آهي؟ هو ڇو پنهنجي حال تي خوش آهن؟ هو ماڙين ۽ بنگلن کان ايڏو ڏور ڇو ڀڄن ٿا؟ ايڏي دوري جي مجبوري ڪهڙي؟ هو پاڻ کي سماجي ڌارا کان شعوري ۽ لاشعوري طور ڇو ڌار ڪن ٿا؟ سندن اهو ڪهڙو تاريخي انوکو احتجاج آهي؟ انهي ڳجھه تي به ڪا ريسرچ ٿيڻ گھرجي ۽ ان تي به سنڌ جي گھڻ پڙهيل دوستن کي تحقيق ڪرڻ گھرجي. انساني حقن جو پڙهو گھمائيندڙ عالمي انسانيت جي علمبردارن کي دنيا جي ان وڏي خانه بدوش آبادي تي سوچ، ويچار، غور، فڪر ۽ سنجيدگي جي ضرورت آهي. ڌرتيءَ جي خانه بدوش پيرن جون لڦون انساني حقن جي نالي تي مال ميڙيندڙ ماڻهن جي ڪردار تي سواليه نشان بڻيل آهن.
    اسان مٽي جي اوٽ ۾
    جڏهن به دفن ٿي وڃون
    جڏھن به ڪفن ٿي وڃون
    هي نيڻ ٻوٽجي وڃن
    ۽ چاندنيون سمهي پون
    جڏھن گهرن کي جاڳ ٿئي
    جڏھن به عشق آڳ ٿئي
    حسن جون اجرڪون لُڏن
    گجن جون هو ٽڪون ٻُرن
    وري ملهار جي اچي
    اسان جي سار جي اچي
    ته چئجو ڪنهن گلاب کي
    جو راه ۾ فُٽي پوي
    ۽ چئجو هر حجاب کي
    اسان مٽي کي چاهيو
    اسان مٽي کي پوڄيو
    اسان امانتن جيان
    انهئ کي آھي سانڍيو
    انهي جي عشق ۾ سدا
    گلي گلي ۾ ڳايو
    اهي جي گيت او پرينء
    زنجير ڪا ٺهي پون
    مٽي لئي هير ٿي پون
    اسان کي ٻيو کپي به ڇا؟
    اسان پُڄاڻان جيڪڏھن
    گلاب واٽون ٿي پون
    گسن تي لاٽون ٿي پون
    اسان جا پيار ڇانورا
    ڇمر ۽ ڇاٽون ٿي پون
    تڏھن اسان جي روح کي
    لطيف جون سٽون ڏجو!
    لطيف جون سٽون ڏجو!
    خانه بدوشي سراپا سور ۽ دردن جو نالو آهي، رولاڪين جي جيون ۾ غربت، تاريخي احساس محرومي، ڏک، مفلسي، مجبوري، لاوارثي، سماجي اڻبرابرين جا تذليل آميز رويا ۽ معاشري جون شڪي نگاهون، علم، ادب، تعليم ۽ شعورکان دوري، بي مقصد حياتي، بنان منزل جي صدين جا سفر خانه بدوش حياتي لاءِ ڪا معنى نٿا رکن. هُنن کي بس پنڌ ڪرڻو آهي، ان لاءِ هُنن وٽ گڏهه گاڏين ۽ گھوڙا گاڏين سميت هن جديد دور ۾ ڪاٺ جي ڦٽن واريون موٽرسائيڪل جوٽيل چنگچي به آهن، جن تي هنن کي تتل سج هيٺان “هڙڪ هلو، ڌيمان هلو” جهڙي ڪيفيت ۾ سفر به ڪرڻو آهي، ان کانسواءِ هڪ خانه بدوش وٽ هن ڪائنات ۾ پنهنجي ڪل ملڪيت ۽ ڪاٻاڙو چند اِڪڙي جا لڙها، ڦاٽل قنات، واڻ جي نوڙين جو ويڙهو، ٻياني، ڪهاڙي، رنبو، سر جي ڪانين وارو اڌ ٽٽل پکو، ٻه پاليل ڪتا، ڪُنو ڀڳل گھڙو، هڪ آري تي ويٺل ڪڪڙي، ننڍڙي راملي جا کوکي ۾ بند پيل ٽي ڪبوتر، ور ۾ پيل لاٽون، بلور، پتن جي تاش، گليل، اڍائي رليون، تن تي پاتل پرائي بدن جا لاٿل لٽا، اڻڄاڻ پيرن جو چتيون لڳل نيلامي جوتن جو جوڙو ۽ اڌڙوٽ خانه بدوش همراهه جي کيسي ۾ پيل پونسٽان فورٽ جو پتو چار مينار نسوار جي پُڙي هڪ خانه بدوش جي ڪل ملڪيت آهي. هن سموري مٽيريل سان سٿيل گڏهه گاڏين جي قافلي کي ميرانجھري سانجهه ۾ اڻ ڏٺل منزل تي لڏو لاهڻو آهي ۽ ڪچڙي صبح ۾ لڏو کڻڻو آهي، ڍاڀو ڪيل پٽن تان پنهنجا پير ڊاهڻ لازمي فرضن ۾ شمار آهي.
    خانه بدوشن لاءِ لڏپلاڻ جي اڻ اعلانيل ڪُل وقتي ايمرجنسي واري صورتحال جو قهري قلم ڄڻ هنن تي عالمي قانون جي ادارن لاڳو ڪيو آهي، دنيا جي سمورن خانه بدوشن جي بدتر حالات پسي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا سڀ جمهوريت پسند توڙي آمريتي راڄ وارا ملڪ قانون جي ڪتابن مان گم شده قانون تي سختي سان پابند بڻجي عمل پيرا آهن، ڄڻ اهو عالمي معاهدي جو نتيجو آهي ته خانه بدوشن جا حالات بدلائڻا ئي ناهن؟ اقوام متحده جا ادارا، عالمي عدالتون ۽ انساني حقن جا علمبردار ادارا خانه بدوشن جي دردن جي دوا لاءِ اڄ تائين ڪهڙو خاص پروگرام رکن ٿا؟ هو لڏپلاڻ دوران سدائين تڪڙ ۾ هوندا آهن ڄڻ لاڏائو جپسين پويان مهاٻوڏ، جهنگ جي باهه يا چنگيز، هلاڪو، هٽلر جي نازي فوج هجي. هو هڪ ڏينهن حيدرآباد مان لڏو کڻندا ته ٻي ڏينهن ٻنون ۾ هوندا آهن ۽ ٽي ڏينهن الئه ته ڪٿي سندن ڪانوائي کي قرار اچي؟ هنن کي بس حياتي جي ان چرخي کي مسلسل ان ئي محدود دائري ۾ چورڻو آهي. جيئن اکين تي کوپا ٻڌل نار جو ڍڳو يا اُٺ کي ڇوڙي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌبو ته اُتي به ڦيرا پيو ڏيندو. لڏپلاڻ هاڻ ته خانه بدوش قبيلن جي نفسيات ۾ شامل ٿي عادت بڻجي وئي آهي ۽ عادت ته عضوو هوندي آهي.
    رستن جي دوڙ ۽ طوفاني واچوڙن جو محور به اڪثر خانه بدوشن جا لڏا ۽ سندن عارضي اجھا آهن، جن جا ڪک پن به طوفان ۽ واچوڙن جي زد ۾ اچي آسمان جي بلندين تي اُڏندا آهن. خانه بدوش قبيلن کي مسافرين جا عذاب ڀوڳڻا آهن، اڌ ڍئو ۽ اڌ بک تي سمهڻو آهي، هنن جي حياتي تمام گھڻين معاشرتي پابندين کان آجي به آهي ته جڪڙيل به آهي. هو ڪٺن جيون جي اڙانگين راهن جا رمتا جوڳي آزاد هوندي غلام به آهن. هنن جي ذهنن کي عالمي سامراج جي ظالم نظام لاشعوري جا زنگيل تالا هڻي چاٻيون عميق سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيون آهن هاڻ هنن جون سوچون سامراج جي قيد ۾ آهن، هنن جا بيمارين ۾ جڪڙيل جسم سامراجي سنگھرن ۾ سوگھا آهن. ان ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ خلاف هن دور جي خانه بدوش قبيلن ۾ اسپارٽيڪس جھڙي بغاوت ۽ مزاحمت به ناهي، هنن ۾ ڪو مارٽرلوٿر ۽ نيلسن منڊيلا به ناهي، هنن جي اندر جو لائو ٿڌو ۽ شانت آهي، هنن ۾ بغاوت جي آگ اُجھي وئي آهي، خانه بدوش فقط ماڻهن جي روپ ۾ زنده آهن باقي انهن جا آدرش، اميدون، آشائون بي موت مري ويون آهن. هوهر وقت زندگي جي ميلي ۾ کيسو ڪٽجي ويل ٻهراڙي جي ڳوٺاڻي جي خيالن جھڙا پور پچائن ٿا. پر مونکي يقين آهي ته خانه بدوشن جي اندر جو آتش فشان هڪ ڏينهن ڦاٽندو! ان باهه جا ڀڙڪا انسان دشمن سامراج کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا.
    خانه بدوش ڌرتيءَ جي گولي جا اهي ڀٽڪيل باشندا آهن جيڪي قافلن جي صورت ۾ وڃائجي ويل عزت، آزادي، آجپي، تشخص واري حياتي جا پيرا کڻن ٿا. خانه بدوش ته دنيا جي پورهيت انقلابن کان اڻڄاڻ آهن، هو “داس ڪيپيٽال” جي اکر اکر کان اڻواقف آهن جيڪو لکيو ئي دنيا جي سمورن لاورث، لاچار ۽ هيڻن انسانن لاءِ ويو آهي. هنن وٽ پئسو ئي ناهي ته بئنڪ اڪائونٽ به ڪٿي هوندا؟ نه ئي هنن وٽ ڪو سرمايو آهي نه ئي هنن “سرمايو” پڙهيو آهي. هنن وٽ ته بس بک ۽ بدحالي جو سرمايو آهي. هو ڦٽل تقدير کي سنوارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جا متلاشي آهن، ڪائنات جا هي بيگانه ماڻهو معيشت جي پيچيده انگن، اکرن، ورن، وڪڙن، حسابن ۽ ڪتابن کان بلڪل بي خبر بڻيل رهيا آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي سببن جي به خانه بدوشن کي خبر ناهي. هنن جو اسٽاڪ ايڪسچينج جي هيٺ مٿاين سان ڪو به واسطو ناهي. سچ پڇو ته جي هاڻ دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ لڳي ته ان ۾ به هنن مسڪين پورهيتن جو ڪو ڪردار نه هوندو، هو ته ڄڻ صدين کان اڻ اعلانيه جنگ جي خطرناڪ صورتحال ۾ آهن ۽ پنهنجا ٻچا بچائڻ جي ڪوشش ۾ نسل در نسل لڏپلاڻ سندن نصيب بڻجي ويو آهي. هن ڪائنات جا ڪروڙين خانه بدوش انسان اڻپڙيل آهن پر هنن کي ڪنهن انقلابي ميڪسم گورکي جو ناول “ماءُ” ۽ ڳاڙهو لالٽين به پڙهي ناهي ٻڌايو، هو غلامي جي انهي ڏاڪي تي پهتل آهن جتي سن زو ۽ نيپولين بونا پارٽ جي ويڙهه جا فن هنن لاءِ ڇٽل ڪاتوس جيئن ناڪاره بڻيل آهن. خانه بدوشن جي پيرن ۾ ڄڻ ڪال چڪر آهي جنهنڪري کين ڪٿي به سڪون ناهي، هو ڪٿي به ٿڪ نٿا ڀڃن، هو فقط پلن لاءِ پڙاءُ ڪن ٿا. هنن جي ننڊ ۽ جاڳ رڻن ۾ رلندي رهي ٿي.
    هنن فقط ٻڌو هو “هي ڌرتيءَ مالڪ سائين جي آهي” پر وقت جي وڏيراشاهي هنن کي رب جي ڌرتي تي چار پل سک سان ويهڻ به ڪونه ڏنو. هو انڌيري رات جي سانت ۾ بنان ڪنهن دانهن، ڪوڪ، رڙ ۽ مزاحمت جي تاريخ جي بي رحم خاموشي سان لڏو کڻي وڃي غيرآباد ڪلراٺي پوٺي تي پڌاريا، پر هو اتان به رات جي رهزنن کان روپوش ٿي پنهنجا ننگ بچائي ڀڳا هئا. ڇو ته وڏيري جي لوفر پٽ جون اکيون خانه بدوشن جي جوان نياڻين ۾ هيون.
    هو ڪائنات جي قبضاگير سامراجي سوچ جو ڏنل بنواس بدحواسي ۾ ڀوڳين ٿا. جنهن سوچ هن حسين ڪائنات جي بهارن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون آهن، جنهن سوچ هن ڪائنات مان گلن جا فصل ڀيلاڙ ڪري دهشتگردي جا پلانٽ ۽ خون پياڪ بلائن جون نرسريون لڳايون آهن. جنهن سوچ هن ڪائنات اندر “ماڻهپي” کي ست راڄي مان نيڪالي ڏيئي هُڪو پاڻي ۽ هٿ بند ڪري ڇڏي آهي. جنهن سوچ هن ڪائنات ۾ خون جا درياهه وهائي امن ۽ انصاف جي اڇي پکي کي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سوچ ڪتابن کي قتل ڪري لائبريريون برباد ڪري ڇڏيون آهن، ان سوچ مظلوم ماڻهو جي رت جا پياسا سفاڪ، وحشي درندا هن دنيا کي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جي خانه بدوشن جا درد هڪجهڙا آهن، انهن دردن جي ڪرڀ ۽ محسوسات به ساڳي آهي. گھڻو ڪري سڄي دنيا جي دربدر خانه بدوش جپسين جي رولاڪين جا سبب به ذري گھٽ ساڳيان آهن. هنن جو استحصال ڪندڙ سامراجي هٿ به ساڳيان آهن. پوءِ چاهي هو يورپي ملڪن جا جپسي هجن، چاهي ريڊ انڊين ۽ نيگرو هجن يا کڻي هتي جا ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ لاڏائو قبيلا هجن، جيڪي سنڌ وطن تي هزارين سالن جي مهذب تهذيب، تمندن، ثقافت، ٻولي، ڌرتيءَ، درياهه رکن ٿا، جيڪي وطن جا والي هاڻ فقط تاريخ جي ورقن ۾ هن ڌرتيءَ جا وارث لکيا ويا آهن. باقي حقيقي طور وارثي جون واڳون ته قبضاگير آرين جي آمد کانپوءِ انهن جي هٿن مان نڪري ويون هيون، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سندن هٿن ۾ واپس نه اچي سگھيون آهن، هزارن صعوبتن جي باوجود ڌرتيءَ ڌڻين پنهنجن پڊن کي ناهي ڇڏيو، هو هاڻ خانه بدوش بڻجي به پنهنجي ڌرتيءَ جي حدن ۾ اجتماعي لڏا کڻي ڄڻ پهرو ڏيندا هجن. هو ڄڻ پنهنجي بادشاهي جي بچيل آخري آثارن جي بنان اجوري خود ساخته رکوالي ڪن ٿا، ۽ وطن سان وفا نڀائن ٿا. هو پاڻ رولين ٿا ۽ ڳولين ٿا سنبارا جي وڃائجي ويل ڇير جا گھنگھرو جيڪي موئن جي دڙي جي مٽي ۾ مدفون آهن جيڪي شايد هاڻ ڪنهن دراوڙ رقاصا جي پير ۾ نه ٻڌجي سگھن، ڪنن ۾ شيهو پلٽايل تاريخ جي ٻوڙن ماڻهن جي سماعتن ۾اڄ به ڇيرن جي ڇم ڇم صدين پڄاڻا به گونجي ٿي، هو گونگا بڻجي به پنهنجي ٻولي کي پڙهڻ لاءِ بي چين آهن ته سندن وڏا پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪهڙيون هدايتون لکت ۾ ڏيئي ويا آهن؟
    خانه بدوشن جون رولاڪيون ڄڻ پنهنجي ڌرتيءَ جا گس، گھيڙ، گھاٽ، گام، ڳوٺ، پاڙا، وڻ، پتڻ، ڍنڍون، ڍورا، ڀٽون، دڙا، پيچرا، پاڇا، ڀڏا، ڀڙا، چنگ ۽ چڙن جي عشق جو اظهار آهن. جنهن عشق ۾ رولاڪيون سندن اڻ لکيو نصيب بڻجي ويون ۽ ان چري چاهت کين دربدري جا عذاب ارپيا آهن. تاريخ جي تنزلي سبب رولاڪيون هاڻ هنن جي رڳ رڳ ۾ رت جيئن گردش ڪن ٿيون. ستي ۾ مليل رولاڪين ۾ هنن کي شايد سڪون اچي ٿو؟ ڌرتيءَ جا رولاڪ قبيلا پنهنجا عارضي آشيانا پاڻ سان گڏ کڻي مسافرين جا سفر طئه ڪن ٿا. انهن ئي رولاڪين جي رڻ ۾ سندن جيون جا پل سماپت ٿين ٿا. سنڌ ۾ اڪثر خانه بدوش بڻيل ڀٽڪندڙ انسانن جي ماضي ۾ مالڪي پڻ رهي آهي. قبضاگير آرين جي پڌارڻ کانپوءِ سرزمين سنڌ جا اصل وارث ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، اوڏ، راوڙا، سامي، جنڊاوڙا ۽ ٻيا دراوڙ قبيلا جيڪي بعد ۾ پنهنجي ئي وطن جي واڳ وڃائڻ کانپوءِ لاوارثي جي حالاتن ۾ ڌڻين مان ڦري ڌاريان بڻجي ڀٽڪندا رهيا پر اڄ ڏينهن تائين هو ان عشق ۾ وطن سان بي وفائي نه ڪري سگھيا آهن. ڇا اهيو عشق انهن لاءِ ڪنهن عذاب کان گھٽ ثابت ناهي ٿيو؟ جنهن ڌرتيءَ تي هو مالڪ بڻجي رهيا هجن اُتي ئي کين غلامي جو ڳٽ ڳچي ۾ پئجي وڃي ۽ پوءِ تاريخ انهن کي “ڀٽڪتي نسلين” جي سڃاڻپ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏي ۽ هو صدين تائين خانه بدوش بڻجي وڃن. ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته“اڄ جا خانه بدوش ڪلهه جا ڌرتيءَ ڌڻي هئا” سنڌ جي هنن رولاڪ قبيلن سان تاريخ جو ورجاءُ آخر ڪٿي ڇيڙو ڪندو؟ سنڌ وطن جي اڇي کير جهڙن خانه بدوش انسانن سان تاريخي تذليل، توهين ۽ تنزلي ڪٿي دنگ ڪندي؟ هي لاڏائو بڻجي ويل وطن جا مسافر ڪٿي ته ٿڪ ڀڃندا؟
    پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي دراوڙ خانه بدوشن کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي خانه بدوش لاڏائو قبيلا پيٽ گذر خاطر مختلف مزدوريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. هنن خانه بدوش قبيلن ۾ ڪجهه قبيلا نالي ماتر ترقي ڪري سگھيا آهن. جن ۾ ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ، اوڏ شامل آهن. ان نالي ماتر ترقي ۽ شعور جا ڪجھه سائنسي سبب پڻ آهن. هي ذاتيون لڏپلاڻ جي دوران به زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن ۽ انهن ماڻهن ويهڻ لاءِ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ پنهنجا پلاٽ خريد ڪيا آهن. ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري ڪري ڌرتيءَ جي هنن پورهيت ماڻهن لڏپلاڻ بجاءِ هڪ هند ويهي زندگي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود هنن قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. سڄي سنڌ ۾ لاڏائو قبيلا رهن ٿا پر انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو آهن. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا آهن. پر ان جي باوجود هرسال ٿر جي هنن قبيلن جي لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. جنهن جو وڏو سبب ڏڪار سان گڏ غربت آهي. بک، بيروزگاري، بي وسي، بدحالي ۽ لاچاري کين خانه بدوش بڻائي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪٿي به پيٽ گذر ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري مزدوري تي ويا هجن پر “وٺي جون واڌايون” ملندي ئي پنهنجي ملڪ ملير تي مينهن واءُ ڪندي پڄي ويندا آهن. جيڪڏهن سال سامهون آيو ۽ مندائتي مينهن جي ڪري ٻارهن مهينن جو قوت ڪٺو ٿيو ته ٺيڪ نه ته وري “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” جوڳي رمتا ڀلا، پنهنجن ڪکائن جھوپن کي ڍينگهر ڏيئي لاڏائو پورهيت سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ واپس ورندا آهن. لارين ۽ ڇکڙن جون ڇتون ٿر جي ڀٽن مان خانه بدوش پورهيتن سان ٻڪرين ۽ رڍن جيئن سٿجي نڪرنديون آهن. بسن جي اڏن تي ان وقت فقط انهن ماڻهن جي وڏي پيهه نظر ايندي ڄڻ هو فلسطين جا پناهه گير هجن؟ انهن جي ايندڙ منزل ساريالا ۽ مرچ، ڦٽي وارا علائقا هوندا آهن. جتي هو ٻن مهينن تائين لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڊائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو رولاڪين جو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو. ان لڏپلاڻ سبب انهن لاڏائو قبيلن جي مستقبل جا معمار معصوم ٻچڙا به تعليم جي زيور کان وانجھيل رهجي ويندا آهن. علم کان دوري سبب هنن ۾ شعور جي ڪمي فطري عمل آهي جنهن ڪري خانه بدوش قبيلا قديمي ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري لاتعداد عقوبتون ڀوڳين ٿا.
    سنڌ ۾ خانه بدوشن جا ڪجھه اهڙا به قبيلا آهن جن جا رولاڪين ۾ پيٽ گذر جا ذريعا به ڪجھه منفرد آهن. انهن ۾ ڪجھه ماڻهو سر جي ڪانين مان پکا، سُپ، معصوم ٻارڙن جا پينگھا ٺاهين ٿا. اهي جتي به لڏپلاڻ ڪري ويندا آهن ته ان سفر ۾ سندن ڪرت به جاري هوندي آهي. ان کان علاوه ڪجھه لاڏائو قبيلا ٻارڙن جا رانديڪا ۽ هٿن تي مهندي جا گل چٽي روزي ڪمائن ٿا. اهي ڀٽڪندڙ باشندا ٻهراڙين سميت شهرن ۽ ميلن ۾ گھڻو نطر ايندا آهن. انهن جي لڏپلاڻ ميلن تي دارومدار رکي ٿي. هنن جو سفر هڪ ميلي کان ٻي ميلي تائين ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر تائين هوندو آهي. ميلا ويجھا ايندي ئي هو ٻهڪي پوندا آهن. سندن خوشيون ٻيڻون ٿي وينديون آهن، هو پنهنجا گاڏولا جوٽي وڏي تيزي سان وهيٽن کي ڪُٽيندا وڃي ميلن ۾ لڏو لاهيندا آهن. جتي اهي خانابدوش ميلي جي گل ٿيڻ تائين پنهنجي پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر رانديڪا ٺاهي پيا وڪڻندا آهن ته گھمي ڦري خوش پيا ٿيندا آهن. هنن خانه بدوشن ۾ ڪجھه قبيلا ڀاڄيون، سبزيون، واڙيون ۽ باغ ٺيڪي تي کڻي پيٽ گذر ڪن ٿا. هو ان ڪم ۾ تمام وڏو تجربو رکن ٿا. لاڏائو قبيلن ۾ ڪي ماڻهو فقط پنڻ کي پنهنجو روزگار ٺاهي گداگري ڪندا آهن. جنهن ۾ شڪاري ڀيل، جوڳي، گُرگلا، سامي، ٻڙها، باگڙي وغيره پڻ شامل آهن. هي خانه بدوش قبيلا به سڄي سنڌ پيرن مان ڪڍن ٿا. هي شهري علائقن جي ٻاهرين پاسن، ڳتيل آبادين ۽ گند ڪچري وارن علائقن ۾ پنهنجيون عارضي جھوپڙيون ٺاهي حياتي جا عذاب ته ڀوڳين ٿا پر مُئي پڄاڻان به کين دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ نٿي ملي. جيتوڻيڪ اهيو انساني تاريخ جو عظيم سانحو پڻ آهي. پر الئه ته ڇو ان الميي وس وارن جون پوريل اکيون ڇو نه کوليون آهن؟
    برصغير ۾ ان لٽيل طبقي لاءِ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي جدوجهد کي موهن لال ڪرمچند گاندي پنهجي ڊرامائي بک هڙتال ذريعي پُٺ ۾ ڇُرو نه هڻي ها ته اڄ صورتحال ڪجهه ٻي هجي ها. ڊگھي ماضي جي تاريخ ۾ هن لکين نيچ قرار ڏنل مسڪين ماڻهن جي جدوجهد وڏا ڇال ڏيئي انتهاپسندن ۽ رجعت پرستن کي للڪاريو هو. جنهن بعد انتهاپسند سامراج هن پيڙهيل طبقي خلاف نئين سر منصوبابندي ڪري کين غلام رکڻ جي رٿابندي ڪئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي پر ڪوڙ جا اهي ڪوٽ هڪ ڏينهن ڀڄي ڀري پوندا، غلامي جون هٿ ڪڙيون ۽ پيرڪڙيون ضرور چڪناچور ٿينديون. انسان ازل کان آزاد آهي ۽ آجپو يقيني آهي.
    خانه بدوشن قبيلا تاريخ جا ٻاريل، ساڙيل ۽ لٽيل ماڻهو هئڻ ڪري ڌارئين ماڻهو تي تمام گھٽ اعتماد ڪندا آهن. اها بي اعتمادي سندن نفسيات ۾ پڻ شامل ٿي وئي آهي. پر ماضي جي وطن جي وارثن ۽ هاڻوڪن خانه بدوشن خورشيد قائم خاني تي انڌو اعتماد ڪري پنهنجي ڪکاڻين جھوپڙن ۾ ٻچن سان گڏ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. خورشيد قائم خاني به پنهنجا ماڙيون ۽ بنگلا تياڳي ڀيل ڪالوني، جوڳي بستي، سامي نگر جي خانه بدوشن سان ساهه جي آخري گھڙين تائين ناتو نڀايو. هن جي لکڻين جا موضوع، تقريررن جا عنوان ۽ ڪچهرين جا بحث مباحثا خانه بدوشن جا درد ۽ سور رهيا. هن جون دوستيون، واسطا ۽ ياريون خانه بدوش سان هيون. هن جا پند خانه بدوش بستين کان شروع ٿي اُتي ئي ختم ٿيا. هُن جي مرتيي تي خانه بدوشن جي جھوپن ۾ تڏا وڇايل هئا. هن جو موت خانه بدوش رولاڪ قبيلن جي بستين ۾ ماتم جو سبب بڻيو، هن جي جنازي ۾ لاتعداد لاوارث ڌرتيءَ ڌڪاڻا ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، ٻڙها، راوڙا، سامي اوڇگارون ڏيئي رُنا. هو هزارين خانه بدوش دلتن کي وڇوڙي جا وڍ ڏيئي ويو. خانه بدوشن جي ابي خورشيد قائم خاني ۽ ماما فيض محمد شيدي پڄاڻان خانه بدوشن جي قافلي کي اسان جو فقيراڻو لڏي جا ڪجهه فقير ماڻهو اسحاق مڱريو، جپسي ايف سي (فقيرچند) ميگھواڙ، گنپت راءِ ڀيل، رڻشال داس ڪولهي، شيرمحمد سولنگي، ڏامرو مل ۽ ٻيا دوست سجاگي جي راهه تي بنان ڪنهن لوڀ لالچ جي آڻڻ لاءِ ڪوشان رهيا آهن. جن ماڻهن کي هن دنيا جي اڪثريت نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، انهن خانه بدوشن انسانن لاءِ آواز بلند ڪندڙ ڪردارن کي جس هجي، توڙي جو انهن سان هي چمڪ دمڪ وارو ذهني مريض بڻيل سماج ساڳيون رويو رکيو اچي، پر هو مٽي جي ماڻهن سان عشق نڀائن پيا.
    خانه بدوشن جي درد ڀرين رولاڪين تي ادبي دنيا ۾ وڏو مواد موجود آهي. خورشيد قائم خاني “ڀٽڪتي نسلين” ۽ “جوڳي بستي” جهڙا شاهڪار ڪتاب پڻ لکيا آهن. ان کان علاوه ٻيو تمام گھڻو دلت ادب موجود آهي. پر ڪجھه قدامت پسند قوتن جي اکين ۾ ڌرتيءَ جا دربدر قبيلا ڪنڊو بڻيل هجڻ ڪري کين ڀت سان لڳايو ويوآهي. هن طبقي جي نالي تي مختلف اين جي اوز به پروجيڪٽ حاصل ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪيو هوندو. پر انهن جي تقدير موئن جي دڙي جيئن ڦٽل آهي. انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ انسانيت جا ميار ۽ قدر ڪهڙا آهن؟ دنيا جا ڪروڙين خانه بدوش ان قدرن جي دائري ۾ اچن به ٿا الئه نه؟ انهن سوالن تي وقت جي عالي جنابن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
    غريب ئي غريب جو ڀاءُ آهي
    مظلوميت هاڻ عالمي سامراج لاءِ هڪ فائديمند ڪاروبار پڻ بڻجي چڪي آهي. غريبن جي نالي تي اين جي اوز وارا پروجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀرين ٿا. غريبن سان انهن کي ڪهڙي همدردي آهي ان کان سڀ چڱي ريت واقف آهيون. اصل ۾ ظالم سامراج ۽ ان جا ايجنٽ غريبن جا هڏڏوکي نه پر وڏا دشمن آهن. دنيا ۾ فقط غريب ئي غريب جو ڀاءُ آهي، غريب کي ئي غريب جي ڏکن، تڪليفن جو احساس هوندو آهي، باقي جيڪي ڀائپي جون داعوائون ڪن ٿا سي يا ته پاگل آهن يا ته پروجيڪٽي؟ غربت انهن جي ادارن جو شاندار ڪاروباري ذريعو آهي،عالمي سامراج جا ڇاڙتا اين جي اوسٽ ڪٿي چاهيندا ته غربت ختم ٿئي، سندن پروجيڪٽ سماپت ٿين؟ هو ته بس غربت کي ختم نٿا ڪرڻ چاهين فقط غريب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿاهنن جو پيٽ گذر غربت سان لاڳاپيل آهي..


    دلت تحريڪ، ڪجهه سوال؟

    هن ڌرتيءَ تي رهندڙ لاتعداد انسان جيڪي صدين کان برهمڻ سامراج جون ڏنل مصيبتون ڀوڳي رهيا آهن. انهن ماڻهن ۾ لاشعوري جي ڪري ڪا انقلابي تبديلي يا بغاوت ڪر نه کنيو ۽ نه ئي ورهاڱي کان پوءِ هتي هنن پيڙهيل انسانن ايڏي ترقي ڪئي، ڇو ته هتي به مسڪين جاتين جي حقن تي برهمڻ سامراج جو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي، پر پوءِ به سندن حياتي ڀارتي آديواسي قبيلن جي زندگي کان ڪجهه قدر بهتري طرف وڌي رهي آهي. پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين سندن حقن تي پاڻ کي خود ساخته ڀڳوان جي مُک مان پيدا ٿيل سمجهندڙ سامراجي سيٺين جو قبضو جيئن جو تيئن برقرار آهي. انهي اسٽيٽسڪو کي ڪڏهن به باقاعدي ڪنهن سياسي پليٽ فارم تان حڪمت عملي تحت چيلينج ڪرڻ يا للڪارڻ جي جدوجهد نه ڪئي وئي. برهمڻ سامراج جو هر متاثر ماڻهو پنهنجي منهن ڇڙوڇڙ رڙيون ڪندو رهيو. انهن جي نه گڏجڻ پويان به برهمڻ سامراج جون انيڪ سازشون شامل رهيون آهن. جنهن ڪري سندس اجتماعي حقن جي جدوجهد کي ڪامياب ٿيڻ اڳ ئي کان ئي ختم ڪيو ويندو رهيو آهي. سياسي پارٽين کين نظرانداز ڪندي کين جائز نمائيندگي نه ڏني. جيئن سن 2017ع واري آدمشماري سميت ماضي ۾ ٿيل پنجن ئي آدمشمارين ۾انهن چاليهارو کن جاتين کي پنهنجي قانوني ۽ آئيني خاني “شيڊول ڪاسٽ” ۾ ڳڻجڻ کان روڪڻ لاءِ سازشن جا ڄار وڇائي مظلوم انسان جي آبادي گھٽائي برهمڻ سامراج جي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري %5 سيڪڙو آبادي کي وڌائي % 95 سيڪڙو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اسان جا ڪيترائي ڀائر برهمڻ سامراج وٽ پنهنجن رت جي رشتن خلاف استعمال ٿيندا رهيا آهن. افسوس جهڙي ڳالهه اهو آهي ته اهي ونگارو نوجوان پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ خاطر هڪ تاريخي غلطي تي ديده دليري سان بيٺا رهيا. ٻي طرف ڪجهه دوست همدردي خاطر عملي طور پيڙهيل طبقن سان گڏ بيٺل رهيا. هتي انهن ماڻهن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن، ظلم ۽ زيادتين خلاف يڪجهتي طور خورشيد قائم خاني، ماما فيض محمد شيدي جهڙن ڪيترن ئي انسان دوست ماڻهن سڄي حياتي خانه بدوشي ۾ گذاري. خورشيد قائم خاني سموري حياتي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ خانه بدوشن جا درد بيان ڪيا. هن پنهنجي اميراڻي حياتي جي سکن ۽ آسائشن کي لت هڻي سموري زندگي عملي طور خانه بدوشي ۾ گذاري. ڊاڪٽر امبيڊڪر جي فڪر کي پنهنجي حال سارو دلت ادب جي نالي سان شايع ڪندو رهيو. مرحوم خورشيد صاحب سڄي حياتي پنهنجي خيالن جي ماڻهن سان گڏجي دردن جو درمان ٿي پاڻ پتوڙيندو رهيو. پر باقاعدي ڪا سياسي تحريڪ جو وجود نه هو.

    دلت تحريڪ وار پڙهن ته امبيڊڪر ڇا چيو آهي ۽ هو ڇا پيا ڪن؟
    “آئون پنهنجي زندگي ۾ پنهنجو مشن پورو ڪري نه سگھيس. مون چاهيو ٿي ته پنهنجي ماڻهن جي بهتري لاءِ اڃا ڪجهه وقت تائين ڪم ڪريان. منهنجي خواهش هئي ته پنهنجي زندگي ۾ ئي مظلوم ذاتين ۽ پيڙهيل طبقن کي هندستان تي حڪومت ڪندي ڏسان. آئون پنهنجي ان مشن ۾ ڪامياب ٿي وڃان ها جيڪڏهن مون کي پنهنجا ماڻهو دوکو نه ڏين ها. منهنجي محنت جو ثمر صرف پڙهيل لکيل طبقو کڻي رهيو آهي. جيڪو غيرڪارآمد ۽ بي وقوف آهي.
    هاڻي آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي سموري توجهه پنهنجي اڻپڙهيل ماڻهن جي فلاح و بهبود تي ڏيان. ليڪن افسوس هاڻ منهنجي زندگي تمام ٿوري بچي آهي. اڳتي لاءِ منهنجي خواهش آهي ته ڪو اچي ۽ منهنجي ان ڪم کي سنڀالي البته مون کي ڪو به اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو هن تمام وڏي ۽ اهم ذميواري کي سنڀالي. افسوس جو سڀ خود غرض ۽ لالچي آهن ۽ پاڻ ۾ الجهيل رهندا آهن (آخري تقرير جا ڪجهه حصا)
    حقيقت هي آهي ته ذات پات جو ڀيد ڀاو ئي آهي هندن کي ڦهلجڻ ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پاڻ اندر جذب ڪرڻ کان روڪي رکيو آهي. جيستائين اهو ڀيد ڀاو رهندو اوستائين هندن جو مذهب ڪڏهن به مشنري مذهب بڻجي نه سگهندو.
    شڌي جهڙيون تحريڪون حماقت ۽ بڪواس آهن. اسان جي جنگ ملڪيت يا اقتدار لاءِ ناهي، اها آزادي جي جنگ آهي ۽ اها انساني تشخص جي بحالي جي جنگ آهي. توهان کي پنهنجي منزل جي عظمت ۽ تقدس ۽ پورو يقين هئڻ گھرجي. اڇوتپڻي کان انسان ذات کي نجات ڏيارڻ جو مقصد تمام مقدس آهي. اڇوت طبقي مان اهي ماڻهو جيڪي اڇوتن جي برابري ، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اهي دنيا جا خوش قسمت انسان آهن جيڪي هن عظيم مقصد جي راهه ۾ پنهنجي فرض جي ادائگي ڪري رهيا آهن ”

    دلت تحريڪ بابت
    “دلت” سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي. اُن اکر جي لفظي معني “پيڙهيل” آهي. دلت تحريڪ جي نالي سان ڀيم راءِ امبيڊڪر هندستان ۾ برهمڻ سامراج خلاف زبردست تحريڪ هلائي. دلت لفظ کان ڊنل برهمڻ سامراج ايترو ته تڪراري بڻايو جو خود پيڙهيل طبقن جا ماڻهو ان کان ايترو ڀڄڻ لڳا جيترا کائن برهمڻ ڇوت ڇات رکن ٿا. برهمڻ سامراج پاران پُٺ ۾ ڇُرو هڻڻ لاءِ پردي پويان رهي پيڙهيل طبقن جي صِفن مان ماڻهو تيار ڪري ميدان تي لاٿا ويا. هي معامرو سوشل ميڊيا تي ذاتي انا سبب سگهارو بحث ٿيڻ بجاءِ ذاتيات جي ور چڙهي ويو. جنهن ڪري دلت تحريڪ وارا هتي پنهنجن جي حقن لاءِ ٿوري گھڻي جدوجهد سان گڏ رڳو پنهنجي وجود جي سلامتي ۾ لڳي ويا. اها جنگاڻ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال اڃا به جاري ساري آهي. گار، گند، الزام تراشين، فتوائن جو اڻکٽ سلسلو سئو سٺ جي رفتار سان جاري ڪيو ويو. برهمڻ سامراج پاران بڇيل مخالفن ڪڏهن پابندي پيل ۽ دهشتگردن تنظيمن خلاف ته ڪڏهن اکر به ڪونه ڪُڇيو پر دلتن جي پويان پئجي ويا، کين ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. ڪرائي جي منو وادين کان هندو دشمن ۽ ڪافر جون فتوائون سادر ڪرايون ويون. ان سڄي وارتا کان پوءِ ڪجهه ماڻهو دلتن جا سخت مخالف ٿي بيٺا ٻيا وري ان تحريڪ جو حصو ٿي ويا ۽ ڪجهه مون پارن ماڻهن جون همدرديون وري برهمڻ سامراج جي پاڪستان ۾ جوڙيل هندو ڪائونسل ۽ بال ٺاڪرن بجاءِ پيڙهيل طبقن سان ٿيڻ فطري عمل هو. ڳالهيون ٻه آهن يا ته ماڻهو ظالمن جي صِفن ۾ بيٺل هوندو يا وري مظلومن سان گڏ هوندو. برصغير جي سڄي تاريخ برهمڻ سامراج جي ظلمتن سان ڀري پئي آهي، تنهنڪري مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو پنهنجين پارٽين جا سرگرم ۽ ذميوار ڪارڪن هوندي به منومهراجن بجاءِ دلتن کي انهن جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجهن ٿا. پنهنجن مظلوم ڀائرن جي فطري همدردي خاطر ٺوڳي انتهاپسند جي ابي گاندي بجاءِ آئون برصغير ۾ پيڙهيل ماڻهن جي اڳواڻ ڊاڪٽر امبيڊڪر کي ڪروڙين دفعا بهتر سمجهان ٿو، هُن جو تعلق ڪهڙي به ملڪ سان هجي پر هُن ڳالهه مظلومن جي ڪئي آهي، جيئن سڄي دنيا ۾ انسانيت جا حامي ماڻهو جرمني جي هٽلر کان ته نفرت ڪن ٿا پر ان ئي ملڪ جي مارڪس سان ته محبت ڪن ٿا. جيئن سڄي دنيا جا پورهيت آمريڪي سامراج سان نفرت جو اظهار ڪن ٿا پر شڪاگو جي عظيم شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا. گاندي “اهنسا” جي آڙ ۾ انسانيت جو قاتل وحشي درندو هو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ امبيڊڪر انسان دوست اڳواڻ هو، ان ڳالهه کي تاريخ ثابت ڪري چُڪي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ چند ماڻهن دلتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ دلت تحريڪ جوڙي آهي، تنهنڪري ان سان لاڳاپيل معامرن جون وضاحتون اُن جا ذميوار عهديدار ئي بهتر انداز سان ڪري سگهن ٿا. آئون هتي فقط پنهنجا خيال پيش ڪندس، جيڪو هڪ مشاهداتي تجزيو هوندو. جنهن کي تنقيد برائي اصلاح جي نظر سان سمجهيو ويندو ته بهتر آهي. جي ان ڳالهه کي تنگ نظري سان ڏٺو ويو ته پوءِ ساڳي مينهن مُٽيو پاڻي ۾، انقلابي ۽ نظرياتي سياست ڪندڙ ماڻهو سدائين پاڻ تي ٿيندڙ اصلاحي تنقيد جي آجيان ڪندا آهن. بحرحال ان تحريڪ کي جوڙڻ لاءِ دلتن تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ نوجوان صوفي حُسين مهيسر ٻين تمام گھڻن تجربن سان گڏ هڪ سياسي “تنظيم” جو “ تجربو ” به ڪيو، اُن ڪم لاءِ صوفي حُسين پاڪستان ۾ رهندڙ پيڙهيل طبقن سان تعلق رکندڙ پڙهيل لکيل سياسي سماجي ماڻهن سان مُلاقاتون ڪيون. نيٺ 17 اپريل 2016ع تي ميرپورخاص ۾ ان تحريڪ جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن ۾ راڌا ڀيل کي چيئرپرسن چونڊيو ويو. راڌا ڀيل پنهنجي حال سارو سرگرمي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. “سياسي ميدان تي ثابت قدمي سان فقط اهو ماڻهو بيهي سگهي ٿو جيڪو زبردست سياسي تربيت ۽ نظرياتي طور پختو هوندو.” ڊي ايس ٽي ۾ سندس ڪردار تمام گھڻو تڪراري رهيو. هي تحريڪ سوشل ميڊيا تي شديد بحث جو شڪار رهي. جنهن سبب هنن جو ڪم چند فردن تي مشتمل ٽولي تائين محدود رهيو، عوام تائين سندن پيغام نه پهچي سگهيو.

    دلتن جي نالي تي پروجيڪٽ وارو مامرو ڇا آهي؟
    جيڪي ماڻهو دلت تحريڪ سان واڳيل رهيا آهن انهن جو سياست سان گھٽ واسطو رهيو آهي. هُنن جو گھڻو ڪم سماجي ادارن (اين جي اوز) ۾ رهيو آهي. انهن نام نهاد اين جي اوز سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ وڏيون تباهيون به ڪيون آهن (اين جي اوز جي تباهين تي ٻي ڀيري پورو ڪتاب پيش ڪبو) هي تحريڪ هتي تنقيد جو نشانو به اُن ڪري رهي آهي جو هُن ۾ ڪم ڪندڙ گھڻا تڻا ماڻهو اين جي اوز سان تعلق رکن ٿا. جنهن ۾ خاص طور سماجي خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ملجي مل، پُشپا ميگهواڙ ۽ خود راڌا ڀيل سميت ٻيا پڻ ڪيترائي ماڻهو اين جي اوز سان لاڳاپيل آهن. جيئن سياست کي مذهب کان جُدا سمجهڻ گھرجي تيئن منهنجو ذاتي خيال آهي ته اين جي اوز کي به سياست کان جيترو ٿي سگهي دور ڪجي ته بهتر ٿيندو، تڏهن ئي تبديلي ۽ انقلاب ممڪن آهي. (هون ته خود سياست به هاڻ انقلابي آدرشن واري گھٽ هئڻ ڪري پاڪ پوتي ته نه رهي آهي) سو ڊي ايس ٽي کي به ان ڪري ئي هتي مشڪلاتن سان نبرڻو پيو جو ان ۾ ڪم ڪندڙن جي اڪثريت اڄ به اين جي اوز سان واڳيل آهي. جيڪي ان تحريڪ جا مخالف نروار ٿيا اهي به گھڻا اين جي اوزي هئا. هاڻ هنن هڪٻي تي پروجيڪٽن جا الزام هڻڻ شروع ڪيا جيڪي اڃا به جاري آهن. پروجيڪٽ جي الزامن جي ڪري هنن واري سياست رُڪي پئي آهي. هرڪو ماڻهو انڪري پاسو ڪري ٿو ته متان ڪٿي پروجيڪٽ وٺڻ جو الزام نه لڳي وڃي؟ واقعي ڪجهه سوال پيدا ٿيڻ ڪري ماڻهن کي سوچڻ جو حق به آهي ته هن ملڪ ۾ دلتن جي دردن جون ڳالهيون ڪندڙ همراهه دلتن جي نالي تي ٻاهرين ملڪن جا دورا، فنڊ، پروجيڪٽ، ايوانن ۾ سيٽون، نوڪريون ۽ ٻيون کوڙ ساريون مراعتون وٺڻ لاءِ ڪم ڪندا هجن؟ انهن کي جي مظلوم ماڻهن سان محبت آهي ته اي سي روم مان نڪري ڪاڙهن ۽ جهولن ۾ عوام سان گڏ حقيقي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن؟ باقي ترقي جون ٺلهيون خبرون ته برهمڻ سامراج به ڪن ٿا. اين جي اوز جون ٽرينگون، سکيا ۽ ورڪشاپ اي پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان مظلوم ماڻهن جا دک دور ٿين. (مرشد لطيف کان معذرت)
    برهمڻ سامراج جي ڀيٽ ۾ دلت تحريڪ لاءِ همدرديون رکندڙ ٻيا اهي ماڻهو جيڪي نظرياتي طور برهمڻن جي مقابلي ۾ پيڙهيلن ماڻهن جا همدرد بڻيل آهن. اهي خود سياسي پارٽين ۾ سرگرم ڪردار نڀائيندڙ ماڻهو آهن. اهي دوست دلت تحريڪ ۾ ڪٿي به ذميوار نه آهن. پر هو چاهين ضرور ٿا ته سندن طبقي جو آواز بُلند ٿيندو رهي.
    هيستائين دلت تحريڪ ڪا پنهنجي منهن اڪيلي سر ڪامياب جدوجهد نه ڪئي آهي. ڪجهه ريپ ڪيسن خلاف دلت تحريڪ احتجاج ڪيا جيڪي رڪارڊ تي آهن ٻيو سال 2017ع واري آدمشماري ۾ شيڊولڊڪاسٽ لکائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي چڱي مهم هلائي هئي، جنهن جو فائدو پڻ ٿيو. ان لاءِ جس لهن. اين جي اوز جو مزاج انقلابي ۽ آدرشي سياست جو ضد آهي. گھڻيون اين جي اوز هونديون ئي اُتي جتي بک ۽ بدحالي هوندي. “سُڃ، بک ۽ بدحالي” تي پروجيڪٽ ملندا آهن، اين جي اوزي صاحب لوڪن جو مسڪين عوام جي سورن سان ڪهڙو واسطو؟ تنهنڪري اين جي او کي گھڻو تڻو فڪر مسڪينن جو نه پروجيڪٽن جو هوندو آهي. اين جي اوز ڪو سياسي “نظريو” يا “فڪر” ته ڪونه آهي، جنهن کان متاثر ماڻهو انقلابي قربانيون ڏيڻ لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي اچن. اين جي اوز عالمي سامراج جي سازش ۽ ڪجهه نام نهاد ماڻهن جي ڪمائي جو ڀلوڙ ذريعو آهي، اين جي اوز ته هيستائين باصلاحيت ۽ شاندار ذهنن کي خريد ڪري انقلاب لاءِ هموار ٿيندڙ راهه ۾ هزارين رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. اڄ به پنهنجي محبوب وطن لاءِ زبردست ۽ تاريخ ساز ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪيترائي قومي ڪارڪن اين جي اوز ضايع ڪري ڇڏيا آهن. انهن انقلابين جا گوڏا اين جي اوز جي خطرناڪ مم چٽي وئي آهي، اهي رد انقلابي جوڌا هاڻ جدوجهد بجاءِ پروجيڪٽ لاءِ نوس نوس ڪندا وتن، جيڪي هاڻ عملي ڪم ڪرڻ بجاءِ اي سي رومن مان ويهي اسان جي دردن تي ڳالهائيندا آهن. مونکي حيرت ٿيندي آهي ڪچهرين ۾ انهن نوجوانن جي قربانين پيش ڪرڻ جو به عجيب منطق آهي “ابا هي فلاڻي نوجوان جو والد ۽ والده هاري آهن، انهن هن کي غربت ۾ پڙهايو، همراهه ڊگري حاصل ڪئي، هاڻ هو اين جي اوز ۾ ستر هزار کڻي پيو. پر ادا! ستر هزار کڻڻ کان پوءِ هو ته پنهنجو ڪلاس ئي ڀُلجي ويو آهي. ڀلا هُن جون قوم ۽ وطن لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن؟ ” منهنجي هي ڳالهه رڪارڊ تي رکي وڃي ته اين جي اوز هائبرڊ سياست متعارف ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي. يعني سياست جو ٻج به اين جي اوز جي ڊونرن وٽ هُجي، پوکيندڙ وٽ ان فصل جو ٻج ئي نه هجي، گھڻي وقت کان اين جي اوز گيڙو رومال ڪنڌن ۾ لڙڪايو صوفي ازم تي قبضي جي چڪر ۾ آهي ته ڪڏهن اها ذهينيت گڏهه کي گج پارائڻ لاءِ ادب جي ميدان تي ڪاهه ڪيو زوري دانشور ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي، اين جي اوز جي اها پروجيڪٽي سوچ دلتن (پيڙهيل انسانن) جي حقيقي جدوجهد کي پنهنجن ذاتي پروجيڪٽي مفادن جي خاطر ڪريش ڪرڻ خاطر سرگرم به ٿي سگھي ٿي؟

    منهنجي خيال ۾
    مون محسوس ڪيو آهي ته هڪ طرف دلتن جي جدوجهد ۾ برهمڻ سامراج اڳتي هلي ڪنهن سازش تحت پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪري سڄي دلت ڪيس کي ائين خراب ڪندو جيئن ڀارت ۾ ڪيو ويو. پوءِ ٿيندو ائين جو هن قسم جي مظلومن جي تحريڪن مان ماڻهن جو يقين کڄي ويندو. پيڙهيلن جي ڳالهه ڪرڻ ڪنڊن جي سيج آهي ۽ ان ڳالهه جو ڪهڙو يقين آهي ته هن تحريڪ سان لاڳاپيل غيرسياسي اين جي اوزي ماڻهو مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان هن ڪاز تي بيهڻ جي سگهه رکي سگھندا؟ هو ڪٿي برهمڻ سامراج جي سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي وڪجي ۽ جهڪي به سگهن ٿا؟ هو ان جدوجهد جي بلڪل اُبتڙ به وڃي سگھن ٿا؟ ڇوته ڪميونسٽ پارٽي روس ۽ چين جي مرڪزي ڪميٽين ۾ ڪيترائي ظالم سامراج جا ڇڏيل ڇاڙتا مرڪزي ميمبر ٿيو ويٺا هئا. انهن خدشاتي ڳالهين کي فقط نج سياسي ذهن رکندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. ان تحريڪ کي برهمڻي ڄورون چهٽي دلتن جو رت چوسڻ لاءِ آدم بوءُ آدم بوءُ ڪنديون وتن. تنهن ڪري هنن کي ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻڻا پوندا. جيستائين مظلوم ماڻهو سندن ڳالهه کي سمجهن نٿا تيستائين هي تحريڪ اڳتي هلي سياسي ٿيڻ بجاءِ مفادن جي حاصلات جو نادر نمونو ۽ ذريعو ئي بڻيل رهي سگهي ٿي. دلتن تي صوفي حسين جي پي ايڇ ڊي جا “ تجربا ” ڪڏهن انهن مظلوم برادرين کي ويجهو ڪن ٿا ته ڪڏهن هڪٻي جا ويري بڻايو ڇڏين. اهڙا ڪيترائي مثال گذريل ٻن سالن ۾ سامهون آيا آهن. ڀيلن، ميگهواڙن، ڪولهين، اوڏن کي هڪٻي سان جهيڙيندي ڏسي اسان جون اکيون رت رنيون. زمانن کان پوءِ ته اسان هڪٻي سان ويجها ٿيا هئاسين.

    “ليڊر ڪيئن ٿجي؟”
    ليڊر ڪيئن ٿجي؟ جي موضوع تي اين جي اوز تربيت ڪرائيندي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو، هي ڳالهه ڪنهن عالمي مشڪري کان گھٽ ناهي. ٽريڪٽر جي مستري کان ماڻهو جي گڙدي جو آپريشن ڪرائجي؟ يا ڏندن جي ڊاڪٽر کان جهاز جو انجڻ ته ڪونه ٺهرائبو؟ جيڪي ماڻهو هڪ اڌ ڪلاڪ سياست جي ڪنهن عملي جدوجهد ۾ ڪونه هليا آهن، ڪڏهن علائقائي توڙي عالمي سامراج جي مخالف ۾ ڪڏهن ٻه اکر ڪونه ٻوليا آهن، انهن لاڪپن جي هوا ناهي کاڌي، انهن روپوشين ۽ جلاوطنين جا درد ناهن ڀوڳيا، انهن جيلون ۽ ڦٽڪا ڪونه کاڌا، انهن جا ڪونڌر ڪونه ڪُساڻا، انهن انتقامي ڪارواين جا ڪوڙا ڪيس ناهن لوڙهيا، عوام لاءِ قرباني جي ڪاف قلم کان ئي واقف ڪونه آهن سي ويهي ساڍا ڇهه سئو ڏهاڙي تي ليڊرشپ جون سکيائون ڏيندا؟ ليڊر عوامي جدوجهدن مان جنم وٺن ٿا يا اين جي اوز جي اي سي رومن جي ٽرينگ مان؟
    جناح، ڀُٽو، پليجو، بينظير صاحبه، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، فاضل راهو، شيخ مجيب ۽ پوءِ عالمي سطح تي لينن، مارڪس، اينگلس، مائوزيتنگ، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو، هوچي منهه، ڊاڪٽر امبيڊڪر، هوگو شاويز، نيلسن منڊيلا، آنگ سان سوچي کي ڪهڙي اين جي اوز ليڊر شپ ٽرينگ ڏني هُئي؟ ڀلا اين جي اوز جي ٽرينگ جي ڪري ڪٿي عوامي انقلاب برپا ٿيو هُجي ته ٻيلي اسان کي به ٻڌايو؟ ٻيلي مهرباني ڪري سياست تي رحم ڪيو. سو جيستائين دلت تحريڪ کي عوامي ۽ سياسي سوچ ذريعي نه هلايو ويندو تيستائين هي تحريڪ ڪو خاص ٻوٽو ٻارڻ بجاءِ سوشل ميديا تي تڪرار ۽ تنقيد جو نشانو بڻيل رهندي. جنهن کي شايد اڳتي هلي هن ديس جي دلتي ٽيم فيس نه به ڪري سگھي؟ يا ماڳهن اهو سڄي ٽيم ان واٽ تان ئي ٿڙي وري ٻيو ڪو پيچرو ۽ پاسو وٺي؟ سندن لائين سرمائيداراڻي به ٿي سگهي ٿي؟ اهي ڳالهيون تاريخ تي ڇڏيون ٿا.

    ٻين ملڪن ۾ دلتن جا حالات
    ڪاوش دنيا ميگزين جي 2 جولاءِ 2017ع واري پرچي ۾ اقبال جاکرو جو ترجمو ڪيل مضمون “ڀارت ۾ صدين کان ماريل دلت اُٿڻ لڳا!” جي عنوان شايع ٿيل مضمون جا ڪجهه چونڊ ٽُڪرا هيٺ ڏجن ٿا. “جيتوڻيڪ ڀارت ۾ دلتن جي استحصال ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم جي تاريخ صدين تائين پکڙيل آهي، پر ڪجهه سالن اندر هنن ۾ نئون سماجي شعور پيدا ٿيو آهي، جنهن جي قيادت پڙهيل لکيل پر غيرسياسي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. (هتي به صورتحال ٿوري فرق سان صورتحال ساڳي آهي يعني ڌرمي اوچ نيچ جو شڪار ٿيل انسانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ گھڻا ماڻهو غيرسياسي آهن، بلڪه اين جي اوز سان لاڳاپيل آهن. ۽ اين جي اوز ته پروجيڪٽ کان سواءِ هلي ئي نٿيون سگهن جيئن گاڏي پيٽرول يا ڊيزل کان سواءِ هلي نه سگهندي) ڳئون جي تقدس کان ويندي مذهب ۾ تبديلي تائين، سماج ۾ نه ڇهڻ واري لاڙي کان ويندي تعليم ۾ امتياز ۽ هيڻن کي هيسائڻ تائين ڀارت جي دلت برادري نام نهاد اعلى طبقي جي انتهاپسندي ۽ جنون جو شڪار رهندي آئي آهي. پر هاڻي دلت نوجوان متڀيد واري ان پاليسي ۽ رويي خلاف آواز اٿارڻ لڳا آهن. سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ انساني برابري لاءِ جيڪو ڪم ڀڳت ۽ صوفي شاعر ڪيو آهي. اهو سماج سڌارڪن طرفان 19هين صدي ۾ ڪيو ويو، 20 صدي ۾ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر ان جو مثال آهي. 21 صدي ۾ ڀارت فڪري پستيءَ جي ور چڙهي ويو، جنهن جي نشاني تي اهي برادريون اچي ويون آهن جيڪي تعداد ۽ وسيلن ۾ هر طرح سان اڪثريتي آبادي کان گھڻيون گھٽ ۽ پوئتي آهن، اهڙي مايوسي ۽ خوف واري صورتحال ۾ دلتن پنهنجي آواز کي نئون اوج ڏنو آهي. گجرات کان ويندي اتر پرديش تائين جهڙي طرح دلت نوجوانن جا دستا ڏاڍ جي واقعن خلاف متحرڪ ۽ فعال آهن. ان مان لڳي ٿو ته اهي حالتن کي منهن ڏيڻ جو پڪو پختو پهه ڪري چڪا آهن، قانون جون ڌڄيون اڏائيندڙ هڪ نئين خونخواري کي ماڻهو ڀارت ۾ ڪڏهن لو جهاد ته ڪڏهن گئورڪشا جي نالي تي ڏسندا رهيا آهن. ڇا هي دلت اُڀار (پاڪستان ۾ به ؟) صرف طاقت جي خواهش ۽ سياست جي حصيداري جو هڪ نئون سنسني خيز شارٽ ڪٽ آهي؟ يا انهن حالتن، رٿائين، واقعات ۽ ظلمتن جي هڪ ڊگهي فهرست به شامل آهي. جنهن ۾ دلتن جي انساني حقن کي چيڀاٽيو ويو آهي، کين طبقاتي نظام ۽ برهمڻيت جي منووادي ورهاڱي ۾ ڌڪيو ويو آهي؟ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل ڏهن سالن ۾ دلتن خلاف ڏوهه 66 سيڪڙو کان وڌي ويا آهن. ڀارت جي نيشنل ڪرائيم بيورو جي رڪارڊ مطابق 2015ع ۾ دلتن تي ظلم جا ساڍا 38 هزار کان وڌيڪ معاملا پيش آيا. جن مان سڀ کان وڌيڪ واقعا ترتيبوار : يو پي، بهار، راجستان ۽ مديه پرديش ۾ پيش آيا. دلتن خلاف ڏوهن جي سڀ کان وڌيڪ شرح گووا ۾ 51 سيڪڙو رهي. ان بعد 48.4 راجستان م ۽ بهار 38 سيڪڙو رهي آهي. ٻيا سڀ ظلم پنهنجي جاءِ تي پر ڀارت ۾ هر پندرهن منٽن ۾ هڪ دلت تشدد جو شڪار ٿئي ٿو ۽ روز ٻن دلتن جو قتل ٿئي ٿو. جڏهن ته هر روز 6 دلت نياڻين سان عصمت دري ڪئي ويندي آهي.
    سچر ڪميٽي جي سفارش بابت قائم ڪيل ڪُنڊُ ڪاميٽي پنهنجي جائزي ۾ ڏٺو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ دلت هندن جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. شهرن ۾ سندن حالت پوئتي پيل مسلمانن جهڙي آهي، البته دلتن جي خواندگي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. پر عام طبقي جي 74 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ سندن شرح 66 سيڪڙو آهي. کين ڏنل فائدو به پورو نه پيو ملي، کين ڏنل روزگار ۽ تعليم واري ڪوٽا تي به جوڳي ريت عمل نه ٿي رهيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مهاراسٽر ۾ جنهن دلت شعور جي اُڀار کي ماڻهو “دلت پئنٿرس” جي هڪ بنياد پرست تنظيم جي نالي ۾ ڏسن ٿا، ها ڀل ته پنهنجو اثر وڃائي چڪي هجي، پر ان جهڙيون ٻيون تنظيمون اُڀري آيون آهن. گجرات ۾ تيز طرار نوجوان اڳواڻ جگنيش ميواڻي جي تحريڪ هجي يا يو پي جي نوجوان احتجاجڪار چندرشيکر ۽ سندس ڀيم آرمي جي پُڪار، دلت الڳ الڳ تنظيمن ذريعي هڪ وسيع فڪر جي پاڇي هيٺ گڏ ٿي رهيا آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ مکيه ڌارا جي انهن اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي، جيڪي ڏهاڪن کان دلتن جي ووٽ بينڪ جي روپ ۾ سندن استحصال ڪندا پيا اچن، (هتي به سياسي پارٽين جو رويو دلتن لاءِ ان کان به وڌيڪ بدترين آهي، انهن جي حقن تي برهمڻ جي باقيات ڦاڦي وڃي ٿي) انهن جي موقعي پرستاڻي سياست بيڪار ٿي چڪي آهي. پوءِ ڀلي اها مهاراشٽر جي آر پي آءِ هجي يا يو پي جي بسپا يا بهار يا تاملناڊ جي جاتگت دل يا اکل ڀارتيه سڏائيندڙ ڪانگريس يا غريبن جي هيرو سڏائيندڙ کاٻي ڌر، ڇا دلت شعور جي نئين لهر ڪنهن لاڙي جي ور چڙهي ويندي ياهڪ نئون دڳ ڌاريندي؟ ان سوال جو جواب ان طاقت ۾ لڪيل آهي جيڪا هن وقت دلتن ۾ پيدا ٿي آهي”
    رهي ڳالهه ته......
    جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته مظلومن جي نالي تي مراعتون وٺي ڦٻي وينداسين ته اهو خام خيالي واري سوچ ذهنن مان هاڻ ڪڍي ڇڏين. ماڻهن کي تري تي سرڳ جا خواب ڏيکارڻ واري سياست هاڻ بند ٿيڻ گھرجي، عام جنتا کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد، سياست ۽ تعليم لاءِ باقاعدا اتساهڻ گھرجي، عملي ڪم ڪرڻ گھرجي، مظلوم انسانن جي نجات فقط تعليم ۽ عوام دوست انقلابي سياست ۾ آهي. ماڻهو مستقل مزاجي سان مظلوم دوست سياست ڪيئن ڪري؟ اهو ڪمال فقط نظرياتي، انقلابي ۽ آدرشي سياست ۾ آهي اهو عوام جو عشق ئي پٻ جا پنڌ ڪرائي ٿو، ڌرتيءَ جي انهن مظلوم انسانن جي دردن ۽ سورن تي اکيون رت روئن ٿيون، اهي درد من اندر ۾ هن سُري کاڌل سماج کان بغاوت لاءِ اتساهن ٿا، آئون وطن جي انهن مسڪين ماڻهن جي حياتي کي فيض جي هن شاعري جي اک سان ڏسان ٿو. هڪ شاعر جي اک فقط ڏک، سور تڪليفون، عذاب، عتاب، صعوبتون، رسوايون، ناانصافين جو انيڪ وارتائون پسي ٿي، روئي ۽ رڙي ٿي، تاريخ کي پڪاري ٿي.
    تیرے ہونٹوں کے پھولوں کی چاہت میں ہم
    دار کی خشک ٹہنی پہ وارے گئے
    تیرے ہاتھوں کی شمعوں کی حسرت میں ہم
    نیم تاریک راہوں‌ میں مارے گئے
    سولیوں پر ہمارے لبوں سے پرے
    تیرے ہونٹوں کی لالی لپکتی رہی
    تیری زلفوں کی مستی برستی رہی
    تیرے ہاتھوں کی چاندی دمکتی رہی
    جب گھلی تیری راہوں میں شامِ ستم
    ہم چلے آئے، لائے جہاں تک قدم
    لب پہ حرفِ غزل، دل میں قندیل غم
    اپنا غم تھا گواہی تیرے حسن کی
    دیکھ قائم رہے اس گواہی پہ ہم
    ہم جو تاریک راہوں‌ میں‌ مارے گئے
    نار سائی اگر اپنی تقدیر تھی
    تیری الفت تو اپنی ہی تدبیر تھی
    کس کو شکوہ ہے گر شوق کے سلسلے
    ہجر کی قتل گاہوں سے سب جا ملے
    قتل گاہوں سے چن کر ہمارے عَلم
    اور نکلیں گے عشاق کے قافلے
    جن کی راہ طلب سے ہمارے قدم
    مختصر کر چلے درد کے فاصلے
    کر چلے جن کی خاطر جہاں‌گیر ہم
    جاں گنوا کر تری دلبری کا بھرم
    ہم جو تاریک راہوں‌میں‌مارے گئے


    برهمڻن جو نفرتي رويو ۽ امبيڊڪر جي جدوجهد

    دنيا جي سمورن مذهبن جا ماڻهو هڪٻي سان گڏ کائين پين سياسي، سماجي ناتا، رشتا، واسطا رکن، مٽيون مائٽيون ڪن. انهن وٽ اوچ نيچ جو تصور ئي ڪونهي، انهن وٽ ڪو به برهمڻ، وئش، کتري، شوڌر ڪونهي، انهن وٽ ته فقط انسانيت اعلى ۽ اهم آهي، مسلم، عيسائي، بهائي، زرتشت، ڪنفوشس، جين ۽ ٻڌ مذهبن جي ماڻهن ۾ پنهنجن مذهبن سان تعلق رکندڙن جي اهڙي غيرانساني تذليل جو تصور ئي نه آهي. ان جي ڀيٽ هتي ڌرم جا ٺيڪيدار برهمڻ سامراج انسانيت سان جيڪي توهين، تذليل، بي واجبيون، نفرتون، اڻبرابريون، صوبتون، استحصال ۽ ناانصافيون ڪيون آهن ان جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي مثال ئي نٿو ملي. برصغير ۾ پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ هڪڙو عظيم شخص پيدا ٿيو، جنهن کي دنيا ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر جي نالي سان سڃاڻي.
    برهمڻ سامراج پاران اڇوت قرار ڏنل لکين انسانن جو محبوب اڳواڻ ڊاڪٽر امبيڊڪر سراپا انقلاب ۽ بغاوت جو ٻيو نالو هو. هو اڻبرابري واري مدي خارج معاشري ۾ شودر قرار ڏنل هيڻن جاتين سان ٿيل تاريخي ظلمن، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابرين، رنگ نسل جي مت ڀيدي تفرقن سميت انهن جي زندگي جي پيچيده مسئلن تي جدوجهدجي ميدان تي رهيو. جنهن ڪري ڀيم رائو برهمڻن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو. ڪائنات جو وجود تضاد تي ٽڪيل آهي، اهو تضاد ابتڙن جو ميلاپ ۾ هڪ ٿي ويندو آهي. وري ڪر کڻندو آهي، ان تضاد جو سلسلو صدين کان گردش ۾ آهي. ابتڙن جو ميل جول ڪائنات جي وجود تي دارومدار رکي ٿو. نر ۽ مادي جو جنسي تضاد، زمين ۽ آسمان جو تضاد، باهه ۽ پاڻي وغيره جو تضاد ته فطري ۽ سائنسي هئڻ ڪري سمجھه ۾ اچي ٿو پر انسان ۾ شعور هوندي اشرف المخلوقات جو رتبو ماڻڻ کانپوءِ گوري ۽ ڪاري جو تضاد، ظالم ۽ مظلوم جو تضاد دنيا ۾ غيرانساني، غيرجمهوري، انتهاپسندي جي جنونيت واري سوچ رکندڙ طاقتور قوتن ۽ ڏاڍن ماڻهن جي ڏاڍ مڙسي قائم رکڻ لاءِ پيدا ڪيل ذهني فطور ۽ فتني کانسواءِ ڪجھه به نه آهي.
    سڄي دنيا جي پورهيت، محنت ڪش، مسڪين ۽ مظلوم ڌرين سان سرمائيدار سامراج پاران مختلف بهانن سان ويڙهه ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ گوري ۽ ڪاري جي نسلي ويڙهه ڊگھي رهي آهي. ڪارن جو اڳوڻ مارٽر لوٿر به تاريخ جو باغي آهي. ننڍي کنڊ ۾ آرين جي آمد کانپوءِ ڌرتيءَ جي اصل باشندن سان ظلم ۽ نسلي بربريت جا لاتعداد اڻ کٽ ڏکوئيندڙ داستان شروع ٿيا جيڪي اڄ به هن انساني حقن جي بالادستي جي دور ۾ جاري آهن. برصغير ۾ انساني آبادي جي هڪ وڏي اڪثريت کي برهمڻ سماج جي اوچ جاتين پاران غيرانساني ۽ غيرجمهوري سلوڪ ڪندي مٿن ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. مدي خارج ۽ جنونيت واري انتهاپسند سوچ تحت کين تاريخي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي سموري حياتي جدوجھدن، سياسي توڙي سماجي، حڪمت عملين، معاشرتي بغاوتن، ڏکن، مصيبتن، سماج جي ڏنل صعوبتن، ناڪامين، ڪاميابين ۽ غلامي جي پيڙاهن جو لڱ ڪانڍاريندڙ داستان هُئي. جنهن سماج ۾ ماڻهو کي ماڻهو ئي نه سمجھيو وڃي اُتي برابري جو سماج اڏڻ جي ڳالهه ڪرڻ واقعي فقط خام خيالي جو تصور پئي سمجھيو ويو. جنهن ڌرتيءَ تي نيچ سمجھيا ويندڙ شودر کوهن تان پاڻي پيئڻ جو به حق نه رکن، جتي هيڻن طبقن تي علم حاصل ڪرڻ جي پابندي عائد ٿيل هجي، جتي اڇوت قرار ڏنل انسان اڇو ڪپڙو پائڻ جو حق نه رکن، جتي تاريخ جي ٻاريل ماڻهن کي گھوڙي سواري جي اجازت نه هجي، جتي هڪڙي ئي ڌرم جي ماڻهن کي مندرن ۾ گڏ ويهڻ جي موڪل نه هجي، جتي زمين تي ٿڪڻ جي اجازت نه هجي ۽ ٿڪڻ لاءِ منهن تي لوٽو ٻڌل هجي، جتي ڌرتيءَ ڌڻين جا پير زمين تان “پليدن جا پير” سمجھي ڊاهڻ لاءِ پويان ڍينگھر ٻڌا وڃن، غريب جاتين جي ماهر تيراندازي ڪندڙن ڀيل جوڌن جا آڳوٺا ڪپيا وڃن، جتي انهن ماڻهن کي ڇُهڻ مهاپاپ تصور ڪيو وڃي ان مظلوم انسانيت جي ويري سماج ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر اونداهي ٻاٽ ۾ روشن مشعل ٿي اُڀريو. ڊاڪٽر امبيڊڪر سراپا بغاوت ۽ سراسر انقلابي انسان هو. کيس ان عظيم جدوجھد ۽ انقلابي راهه تان هٽائڻ لاءِ هزارين سازشون، مشڪلاتون، رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون پر هي هماليه جيڏا جذبا رکندڙ مضبوط ماڻهو تر جيترو به پوئتي نه هٽيو. ڊاڪٽر امبيڊڪر مهاراشٽر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو رامجي، ماءُ جو نالو ڀيما ٻائي هو. پڙهائي دوران اوچ جاتين جي استادن ۽ شاگردن پاران ڊاڪٽر امبيڊڪر کي بئنچ تي ويهڻ جي اجازت نه هئي جنهنڪري هن کي ڪلاس جي ڪنڊ ۾ پٽ تي پڙهڻو پيو. ان تذليل آميز صورتحال ۾ به هن پڙهي اعلى تعليم حاصل ڪئي. انڊيا، آمريڪا، لنڊن، جرمني سميت ٻين ملڪن ۾ علم جا ست سمنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب سڄي حياتي جاکوڙ ڪري ڪيتريون ئي اهم ۽ وڏيون تعليمي ڊگريون حاصل ڪيون. معاشيات ۽ قانون جي هن ماهر ڄاڻو ڪولمبيا يونيورسٽي مان معيشيت تي پي ايڇ ڊي ڪئي، 1950ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي ڊاڪٽر امبيڊڪر کي ايل ايل ڊي جي اعزازي ڊگري ڏني. ڊاڪٽر امبيڊڪر هن سماج جي عظيم باغي، معاشي، سماجي ماهر، تاريخدان، قانوندان، سماج سڌارڪ هو. تقرير ۽ تحرير جو فن سندس ڏات ۾ شامل هو. هن لکين مظلوم دلتن جي هزارين جلسن کي سحر انگيز خطابن سان منڊي ڇڏيندو هو، هن جون تحريرون سڄي هنڌستان ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏينديون هيون. دلتن جي هن عظيم اڳواڻ، مفڪر، دانشور ڊاڪٽر امبيدڪر برهمڻن پاران اڇوت قرار ڏنل ماڻهن سان ڀيد ڀاءُ خلاف تاريخي بغاوت ڪئي، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. جنهن سرفهرست چودر تلاءُ جو تاريخي واقعو ۽ ستيه گرهه (احتجاجي تحريڪ جو هڪ قسم، مطالبي جي مڃتا تائين گھڻن ماڻهن جو گڏيل احتجاج) جا لاتعداد واقعا تفصيل سان درج ٿيل آهن. ذات پات ۽ اوچ نيچ جي گھٽياپڻي واري رجعت پرست سوچ جي بنياد تي چودر تلاءُ مان شودرن جي پاڻي پيئڻ تي برهمڻن پاران پابندي عائد ٿيل هئي. جڏهن ته اهو تلاءُ سرڪاري ملڪيت هو. ڊاڪٽر امبيڊڪر سماج جي ان انساني اڻبرابري خلاف بغاوت جو علم بلند ڪندي پنهنجي ٽي هزار ساٿين سان گڏجي چودرتلاءُ تي ويو جتي هن چودرتلاءُ مان پاڻي جا ٻُڪ ڀري پيتا ۽ ٻين هزارين پيڙهيل ماڻهن به پاڻي پي بغاوت جي ابتدا ڪئي. ان واقعي کان پوءِ اوچ جاتين ۾ پيڙهيل ماڻهن (دلت) خلاف وڏو استعال آيو پر ڊاڪٽر امبيڊڪر ۽ ان جي ساٿين ستيه گرهه جاري رکيا. مندرن ۾ به شودرن جي داخلا تي پابندي هئي. ان لاءِ به مندرن جا ستيه گرهه ڪري انهن ۾ دلتن کي داخل ڪيو ويو. ان لاءِ سڀ کان پهرين پاروتي مندر ۽ ڪالا رام مندر جو ستيه گرهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر امبيڊڪر جو خانداني پسمنظر، انتهائي غربت جي زندگي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ، سياسي جدوجھدن جي شروعات، ستيه گرهه جي شروعات، چودرتلاءُ جو تاريخي واقعو، سائمن ڪميشن سان ملاقات، ستيه گرهه جي پڄاڻي، امبيڊڪر ۽ گاندي جا تضاد، گول ميز ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر پاران دلتن جو مضبوط ڪيس رکڻ، ڪميونل ايوارڊ (جنهن خلاف گاندي مرڻ ورت رکي بک هڙتال ڪئي) ڪانگريس جي سخت مخالفت جي باوجود پونا پيڪٽ ڪرائڻ، مزدور پارٽي جو قيام، کوتي نظام (زميندار هارين جي اپت جو وڏو حصو زبردستي کڻي ويندا هئا) خلاف جدوجھد، گاندي پاران شودرن کي “هريجن” جي ڏنل خطاب خلاف جدوجھد، صنعتي تنازعو، پاڪ هنڌ ورهاڱي تي ڊاڪٽر امبيڊڪر جو تاريخي موقف، ڊاڪٽر امبيڊڪر جو آئين ساز اسمبلي جو ميمبر ٿيڻ، ڊاڪٽر امبيڊڪر جو آزاد هنڌستان جو وزير قانون ٿيڻ، هنڌستان جو آئين لکڻ، ڊاڪٽر امبيدڪر ۽ هنڌو ڪوڊ بل تي تضاد، قانون جي وزارت تان استعيفى ڏيڻ، ڪولمبيا يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر امبيڊڪر کي اعزازي ڊگري ڏيڻ، برهمڻ سامراج کان بغاوت سميت سندس سموري حياتي جاکوڙيندي گذري. ان کانسواءِ به برصغير جي دلت لوڪن (پيڙهيل انسانن) جي وارثي ڪندڙ هن عظيم انقلابي انسان جي لازوال جدوجھد ۽ زندگي جا لاتعداد رخ ۽ پاسا آهن جن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو، جيئن ڪارل مارڪس جو نظريو پورهيتن جي انقلاب جي اميد آهي تيئن ڊاڪٽر امبيدڪر جي جدوجھد ۽ نظريو دنيا جي مذهبي جنونيت، انتهاپسندي، انساني اڻبرابري، اوچ نيچ، رنگ نسل جي ڀيد ڀائو جو ذهني نيچ پڻو، نسلي تفاوت جو شڪار ٿيل ڪروڙين انسانن لاءِ ڏڍ بڻيل آهي. ڏاڍن جي ڏهڪاءُ واري ماحول ۾ مايوسي ۽ هينئون ڦاڙيندڙ خاموشي جي جمود ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر جي جدوجھد سماج جي سينواريل پاڻي ۾ پٿر اڇلائڻ آهي. تبديلي جي پٿر جون لهرون ستل ضميرن کي جاڳائڻ جو ڪم ڪن ٿيون. اهي تند مثل تحريرون ۽ تقريرون تلوارن سان وڙهن ٿيون. اهي ننڍڙيون سماجي بغاوتون دنيا کي بدلائن ٿيون ۽ ڀاري برجن ۾ لرزش پيدا ڪن ٿيون. اهو ئي سبب هو جو هڪ ڌڪاريل قبيلي جو پٽ تي ويهي پڙهندڙ شودرن جو ٻار جڏهن مهاراشٽر مان اڪيلو ظالم سماج خلاف اٿي کڙو ٿيو ته هنڌستان جا لکين پيڙهيل، مظلوم، لاوارث لوڪ سندس ٻانهن ٻيلي بڻجي ويا. برهمڻ سامراج پاران انهن نه ڇهڻ لائق (انٽچ ايبل) قرار ڏنل ماڻهن، پيرين اگهاڙن ۽ بکين انسانن جي ٻڌي، اتحاد، يڪجھتي سان هن سماج جون انسان دشمن مدي خارج زهريليون ريتون رسمون مڪمل طرح ختم ته نه ٿي سگھيون پر انهن غيرانساني ريتن روايتن جي خاتمي جي شروعات لاءِ جنهن پهرين وک جي ضرورت هئي سو ڊاڪٽرامبيڊڪر کنئي هئي. جنهن سان پنج هزار سالن کان اوچ جاتين ۽ طبقن جي ڏنل غلامي خلاف اڇوتن کي پاڻ ۾ گڏجڻ جو شاندار موقعو مليو هو. هنڌستان ۾ شودر قرار ڏنل انسانن سان اوچ جاتين جي نفرت جي حد اها هئي جو جڏهن ڊاڪٽر امبيڊڪر وزير ٿيو ته سندس آفيس جا اوچ جاتين سان تعلق رکندڙ ملازم کيس فائلون ۽ ڪاغذ ڇهڻ جي خوف سبب پري کان اُڇلائي ڏيندا هئا.ان انساني اڻبرابري، توهين ۽ تذليل جي نتيجي ۾ اڄ ڏينهن تائين ان غلامي خلاف تحريڪ ذور وٺندي وڃي. اها جدوجهد پيڙهيل انسانن لاءِ هڪ اتساهه آهي. دنيا جي تاريخ ۾ قلم، ڪتاب، لائبريريون، مزاحمتي، انقلابي ادب، قوم ۽ وطن دوست اديب، مفڪر، دانشور ڏاڍ، جبر، جموديت پرستي جي ڪن ۾ ڦاٿل سماج ۾ ڊاڪٽرامبيڊڪر جهڙا باغي ئي انقلاب ۽ تبديلي جو سبب بڻيا آهن.


    پيڙهيل طبقي جو اڳواڻ جوگندر ناٿ منڊل

    برهمڻ سامراج پاران برصغير جي ڪروڙين پيڙهيل انسانن خلاف اوچ، نيچ، اڻبرابري جي مت ڀيد وارو خطرناڪ غيرانساني، غيرمذهبي، غيرجمهوري منوسمرتائي قانون، آئين، ريتن، رُسمن، رواجن سبب ظلمتن جي ڊگھي تاريخ جا لکين ڏکوئيندڙ داستان ماڻهن جي سينن تي ڪوڙي ايف آءِ آر جيئن درج ٿيل آهن. انهن ناانصافين کان ڀلا ڪير انڪار ڪندو؟ ڌرم جي آڙ ۾ برصغير اندر برهمڻ سامراج ڌرتيءَ جي وڏي پُرامن آبادي کي پنهنجي خطرناڪ چالبازين ۾ جڪڙي رکيو هو، مذهبي انتهاپسند ۽ رجعت پرست برهمڻ سامراج جي انهي غيرانساني ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي جدوجهد تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکي ويندي. پاڪستان ۾ انهي سوچ ۽ ويچار جو زبردست انسان جوگندر ناٿ منڊل آيو هو (جيڪو بنگال سان تعلق رکندو هو) جنهن جو ذڪر هتي ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جوگندر ناٿ منڊل برصغير ۾ “اڇوت” قرار ڏنل ڪروڙين ماڻهن جو مقبول اڳواڻ هو. جيڪو ورهاڱي بعد پاڪستان ۾ پهريون قانون جو وزير بڻيو هو ڀارت ۾ پهريون قانون جو وزير ڊاڪٽر امبيڊڪر ٿيو هو. جوگندر ناٿ منڊل جي وزارت تان استعيفى بابت سندس موقف جو مختصر ذڪر هتي ڪجي ٿو.

    جوگندر ناٿ منڊل جي استعيفى ۾ شيڊولڊ ڪاسٽ مسئلن جو ذڪر
    “اوڀر بنگال جي پوئتي پيل شيڊولڊ ڪاسٽ جي بهتري ۽ بحالي، جيڪا منهنجي زندگي جو اهم مقصد آهي، ان ۾ ناڪام ٿيڻ تي انتهائي مايوس ۽ ڳري دل سان توهان جي ڪابينا تان جي وزارت تان استعيفى ڏيئي رهيو آهيان. برصغير هند و پاڪ جي هن اهم ۽ تاريخي موڙ تي پنهنجي اکين اڳيان رونما ٿيندڙ واقعن ۽ دليلن جن مونکي اهڙو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ان جي وضاحت ضروري سمجهان ٿو. پنهنجي استعيفى جي واضع سببن کي بيان ڪرڻ کان اڳ مسلم ليگ سان اتحاد جو مختصر پس منظر بيان ڪرڻ ضروري آهي. فيبروري 1943ع دوران بنگال جي ڪجهه ليگي اڳواڻن پاران رابطو کان پوءِ آئون انهن سان گڏ بنگال ليجسليٽو اسيمبلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس. مارچ 1943ع ۾ فضل الحق جي وزارت جي خاتمي کان پوءِ آئون ايڪويهه شيڊولڊ ڪاسٽ ميمبرن سان گڏ خواجه ناظم الدين سان تعاون ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس جنهن اپريل 1943ع ۾ ڪابينا تشڪيل ڏني. مسلم ليگ سان اسان جو خاص ۽ بنيادي معاملن تي مشروط اتحاد هو. جهڙوڪ شيڊولڊ ڪاسٽ جي ٽن وزيرن کي ڪابينا ۾ کڻڻ، شيڊولڊ ڪاسٽ جي لاءِ تعليم جي مد ۾ پنج لک روپين جي سالياني گرانٽ ۽ ڪميونل ريشو رولز تحت شيڊولڊڪاسٽ لاءِ خصوصي طور سرڪاري ملازمتن ۾ حصو ڏيڻ جهڙن مطالبن تي اتفاق ٿيو. هتي واضع ڪرڻ ٿو چاهيان ته خواجه ناظم الدين پنهنجي ڪابينا ۾ ٽي شيڊولڊڪاسٽ وزير ۽ ٽي پارلياماني سيڪريٽري شامل ڪيا. مارچ 1946ع جي عام چونڊن کانپوءِ سهروردي مسلم ليگ پارلياماني پارٽي جو رهنما بڻيو ۽ اپريل 1946ع ۾ هن وزارت تشڪيل ڏني آئون شيڊولڊ ڪاسٽ فيڊريشن پاران اڪيلو ميمبر هئس. جنهن کي سهروردي جي ڪابينا ۾ کنيو ويو. هندن منهنجي استعيفى جو مطالبو ڪيو. منهنجي زندگي کي سخت خطرو درپيش هو. مونکي هر روز ڌمڪين وارا خط موصول ٿيڻ لڳا. مگر آئون مستقل مزاجي سان پنهنجي پاليسي تي قائم رهيس. مون پنهنجي زندگي جو جوکم کڻي پنهنجي شيڊولڊ ڪاسٽ فيڊريشن جي رسالي “جاگرن” ۾ شيڊولڊ ڪاسٽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي خونخوار تنازعي کان لاتعلقي اختيار ڪن. منهنجي زندگي کي ان وقت شديد خطرو هو. اها پڻ حقيقت هئي ته منهنجي پاڙيسرين مونکي هندن جي غضبناڪ مشتعل هجومن کان بچايو. مون مسلم ليگ سان تعاون ۽ اتحاد واري پاليسي جاري رکي. ڪلڪتي جي ڀيانڪ قتل عام کان ستت ئي پوءِ سهروردي ج خلاف عدم اعتماد جي فضا قائم ٿي. ان جي ڪابينا صرف منهنجي ڪوششن ۽ حمايت جي ڪري ئي بچي وئي، ڪانگريس سان واڳيل چار اينگلو انڊين ميمبرن ۽ شيڊولڊڪاسٽ جي ميمبر منهنجو ساٿ ڏنو نه ته يقيني طور ليگ جي ڪابينا ختم ٿي وڃي ها. ننڊي کنڊ جا ڪروڙين ماڻهو منهنجي پويان پئجي ويا ۽ مون کي هندن ۽ هندو ازم جو مخالف سمجهڻ لڳا. پر آئون بغير ڪنهن دٻاءُ ۽ خوف جي پاڪستان سان مخلص رهيس.
    آئون 70 لک پاڪستاني شيڊولڊڪاسٽ عوام جو شڪرگذار آهيان جو منهنجي اپيل تي پرجوش انداز سان ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ منهنجي دل کولي حمايت ڪئي. جڏهن اوڀر بنگال جي ورهاڱي جو سوال اڀريو تڏهن شيڊولڊ ڪاسٽ جا ماڻهو ان جي متوقع ڀيانڪ انجام کان خبردار ٿي چڪا هئا. انهن جي حمايت سهروردي سان هئي. جيڪو بعد ۾ بنگال جو وزيرآعى پڻ ٿيو، سهروردي هڪ پريس بيان ۾ واضع ڪيو هو ته شيڊولڊڪاست عوام کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي ورهاڱي کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ محدود نه ڪيو ويندو. شيڊولڊڪاسٽ نه صرف اڳوڻا حق ماڻي سگھندا پر کين اضافي رعايتون ۽ سهولتون پڻ ڏنيون وينديون” جوگندر ناٿ منڊل جي باري ۾ هتي ان ڪري لکيو ويو آهي جيڪي ماڻهو شيڊولڊڪاسٽ جا صفا انڪاري ٿيو بيٺا آهن. انهن جي اکين تان برهمڻن جا ڏنل ڪارا پردا هٽائي کين حقيقت کان آگاهه ڪجي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ان تاريخي موضوع بابت تاريخ جا ورق نه اُٿلائيندو ته تيسين ان کي ڪهڙي خبر ته اصل حقيقتون ڇا آهن. تنهنڪري جيئن برهمڻن جو ظلم هڪ حقيقت آهي بلڪل ائين ئي برصغير ۾ اهو ظلم سهڻ وارا پيڙهيل طبقا به هڪ حقيقت آهن. جنهن کان انڪار سج جهڙي حقيقت کان منهن موڙڻ جي برابر آهي. شيڊولڊڪاسٽ بابت درست موقف وقت جي اهم ضرورت آهي. آدمشماري چند ڏينهن ۾ پڄاڻي تي پهچي ويندي پر نتيجا تاريخ ۾ رقم ٿي ويندا. تاريخ ۾ اهو به پٿر تي ليڪ بڻجي ويندو ته ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن کي پنهنجي خاني ۾ ڳڻجڻ کان روڪڻ جي تاريخي غلطي ڪنهن ڪئي؟ پنهنجن غريب ڀائرن کي برهمڻ سامراج جي سيٺين جي غلامي ۾ جڪڙڻ لاءِ ڪير سرگرم هو؟ سنڌ جا جيڪي باشعور سياسي ماڻهو آهن اهي شيڊولڊڪاسٽ جي ڪيس کي سمجهن ٿا. تنهن ڪري اهي انهن جي حمايت نٿا ڪن ته مخالفت به نٿا ڪن. پر ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تاريخ، قانون ۽ آئين جو هڪ پنو پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن. بنا سوچڻ سمجهڻ جي سندن ذور آهي ته برهمڻن جو خانو “هندو” ٽڪ ڪيو. ڪنهن به ريت شيڊولڊڪاسٽ جو خانو ٽڪ نه ڪيو اهو مظومن جي آبادي کي سرڪاري رڪارڊ ۾ گھٽ ڏيکارڻ جي برهمڻي سازش آهي. هن جدوجهد کي آئون ڊگھي جدوجهد سمجهان ٿو هن سال ته فقط شروعات ٿي آهي اصل ڪم ته ايندڙ آدمشماري ۾ ٿيندو. جڏهن پنج سيڪڙو آبادي رکندڙ برهمڻن جو آڱرين ڳڻڻ جيترو اصل انگ پڌرو ٿيندو. سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.

    مظلوم ماڻهو سازشن کي سمجهن ۽ مقابلو ڪن
    عوام ئي طاقتور قوت آهي. جيڪڏهن ڪروڙين عوام سامراجي سازشن کي سمجهي، انهن جي مظلوم دشمن چالبازين تي ڪڙي نظر رکي ۽ نقصان ڏيندڙ ڳالهين کي سمجهي اصل جڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، سامراجي ڌرين جون سموريون سازشون وائکيون ٿي وينديون پتو پئجي ويندو ته عوام دوستي جو ڍونگ ڪندڙ ڪيترا عوام دوست آهن؟


    خانه بدوشن جو همدرد خورشيد قائم خاني

    2 سيپٽمبر 1933ع تي راجستان جي ڳوٺ حصار ۾ پيدا ٿيندڙ خورشيد قائم خاني شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سوائي ماڌو سنگھه اسڪول سيڪر (راجستان) مان حاصل ڪئي. ان دوران برصغير کي ورهاڱي جا وڍ مليا. جنهن بعد خورشيد قائم خاني جي خاندان کي به لڏپلاڻ ڪري نئين ملڪ پاڪستان جي صوبي سنڌ اچڻو پيو. جتي خورشيد قائم خاني پنهنجي تعليم جاري رکڻ خاطر 1948ع ۾ اٺون درجو ٽنڊوالهيار مان ۽ ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪري ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. 1958ع ۾ ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪميشن پاس ڪرڻ بعد فوج ۾ ميجر جي عهدي تي پهتو. بنگال سانحي ۾ جتي هڪ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو ۽ لکين انساني جانين جو بي گناهه خون وهيو. جنگ دوران پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن جو رت وهائڻ وارو عمل خورشيد قائم خاني جي طبعيت کان بلڪل اُبتڙ هو. جنهنڪري هن فوج ۾ پنهنجي اهم عهدي تان استيفا ڏيئي رولاڪين جو راهي ٿيو. پنهنجي زندگي جي سک ۽ آسائشن کي ٺُڪرائي ڏکن ۽ تڪليفن کي گلي لڳايو. هن معاشري ۾ عظيم انسانيت ۾ اوچ نيچ جي گھٽيا ذهينيت ۽ سوچ سماجي اڻبرابري کي جنم ڏي ٿي. جنهن تحت ذاتي مفادن جي آڙ ۾ سماج جا خود ساخته ٺيڪيدار ماڻهن کي طبقن ۾ ورهائڻ جا ماپا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. خورشيد قائم خاني انساني اڻبرابري جي اهڙن مدي خارج روايتن کي ٽوڙي هن سماج جي ڌڪاريل مسڪين ۽ مظلوم ڌرتيءَ ڌڻين ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوگي، گُرگلا، راوڙا، سامي، اوڏ، ۽ ٻين خانه بدوش دلت جپسين سان زندگي جي آخري گھڙين تائين گڏ رهيو. جنهن طبقي کي وقت ۽ حالتن “حاڪم مان هيڻا” بڻائي ڇڏيو. جن ڀٽڪندڙ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ڌرتيءِ تنگ ڪئي وئي هجي. جن سنڌ جي اصلوڪن ۽ آديواسي وارثن جا لاش پنهنجي ئي ڌرتيءَ ماءَ جي گود مان ڪڍي تاريخ جي بدترين توهين جي ور چاڙهي امن جي ڌرتيءَ تي روم جي بازار جا منطر پيش ڪيا ويا هجن. خورشيد قائم خاني ته انهن ماڻهن کي پنهجائپ، قرب، پيار ڏئي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ويو. خورشيد قائم خاني جي وڇوڙي تي سندس پوئنرن جي بنگلن ۾ به ڏک جو ماحول هو پر خورشيد صاحب جي موت تي اصل تڏو ته سنڌ جي لکين خانه بدوشن جي دلين ۾ وڇايل هو. خورشيد جي مڙهه تي ڀيلن جا ڳوٺ، جوڳين جون جھوپڙيون، ڪولهين جون بستيون، سامين جا سُنگ، اوڏن جا اباڻا ڪک سوڳوار هئا. سندس مرتيو جپسين جا جيءَ جھوري ويو، سندس وڇوڙي تي ڪيترائي ڏينهن خانه بدوشن بستين مان اوڇگارون اينديون رهيون. اهڙي بي لوث محبت شايد ڪنهن جي نصيب ۾ هجي ؟ جيڪا محبت، قرب، پيار ۽ پاٻوهه خانه بدوشن جي جهوپڙين ۽ دربدر ماڻهن جي ڪکن مان خورشيد قائم خاني کي مليو. خورشيد قائم خاني جي زندگي جو محور پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تاريخ جا لٽيل، اٻوجھه ۽ بي سهارا ماڻهو هئا. جن ماڻهن کي اڄ انساني آزادي جي عالمي قانون تحت کين فقط “انسان” تسليم ڪرڻ جي عنايت به نه ٿي سگھي آهي. جنهنڪري اڄ به دربدرين جا اڻ کُٽ درد انهن زبردستي خانه بدوش بڻايل ڌرتيءَ ڌڻين جي زندگي ۾ باعث عذاب بڻيل آهن.خورشيد قائم خاني جو قلم وقت جي وڏن ماڻهن جي روايتي ثناخواني ڪري مراعتون حاصل ڪرڻ بجاءِ ڌرتيءَ جي بُکين، انگ اگھاڙن، نجي جيلن جي باندين، جوڳي بستي جي سورن تي درد جا داستان لکندو هو. سندس لکڻين جو موضوع سدائين تاريخ جا ٻاريل ماڻهو رهيا. ڊاڪٽر امبيڊڪر، جوگندر ناٿ منڊل، گوتم ٻڌ، مهاراجه اشوڪا جي ڪردار ۽ شخصيت کان متاثر فقير منش سيلاني قلم ڌڻي خورشيد قائم خاني جو قلمي پورهيو سپنون ڪا ديس، ڀٽڪندڙ نسل، پرهه جو پانڌيئڙو ، موت ڪي سوداگر، جوگي بستي (ناول)، مين گيا وقت هون، جھڙا شاندار ۽ شاهڪار ڪتاب ادب جي ميدان ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جا موضوع به اڪثر ڪري ڌرتيءَ جا دربدر دلت ئي آهن. ذات پات، رنگ نسل، مذهبي مت ڀيد، رجعت پرستي، انساني اڻبرابري، اوچ ۽ نيچ جي فرق ۽ ڦيري کان ڪوهين ڏور خورشيد قائم خاني هڪ عظيم تبديلي پسند، انقلابي سوچ رکندڙ انسانيت جو علمبردار ماڻهو هو. ڌرتيءَ ڌڻي خانه بدوشن ۽ جپسين جي زندگين کي بدلائڻ لاءِ لکين روپين جي خرچ سان مهانگين هوٽلن ۾ سيمينار ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائيندڙ اين جي اوز ۽ انساني حقن جا علمبردار بڻيل عالمي ادارا ته خورشيد قائم خاني جيئن عملي طرح خانه بدوشن جي ڏکن، پيڙاهن، تڪليفن جو حصو ته نه بڻبا هئا. جو اهي سور سندن محسوسات جي حس کي ڇُهي سگھن. تنهنڪري اي سي هالن ۾ دنيا کي بدلائڻ جون زباني پُلائون کارائيندڙ ۽ ان مظلوم طبقي جي ڏکن، تڪليفن تي ڊگھيون تقريرون ڪندڙ ماڻهن کي ڪهڙو پتو ته پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي دربدري جو درد ڪيڏو ڏکوئيندڙ سانحو آهي. خورشيد قائم خاني جا ڏک ۽ سُک به سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙن سان لاڳاپيل هئا. خورشيد قائم خاني ته هن سماج ۾ اڇوت قرار ڏنل اصل سنڌ جي وارث دراوڙن جي خوشين ۽ غمن ۾ گڏ هوندو هو. خانه بدوشن جي جھوپڙين جا درد ته فقط خورشيد قائم خاني ئي ڄاڻندو هو. خورشيد قائم خاني کي ئي خبر هُئي ته ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گُرگلا، سامي، اوڏ، راوڙا ۽ شڪارين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪيئن تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.؟ ڪيئن سندن نياڻين ۾ ظالم وڏيرا اکيون وجھن ٿا؟ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪيئن جوڳي لڪي لاش پورين ٿا؟ ۽ انهن قبرن تي گل رکڻ جو حق انهن جي پيارن کان تاريخ ۾ ڪيئن کسيو ويو آهي؟ ٻڪ ۾ پاڻي پيئڻ جو عذاب ڪهڙو ٿيندو آهي؟ اهو خبر ته صرف خورشيد کي ئي هُئي ته خانه بدوشن وٽ دربدري سبب يونين ڪائونسلن جا رهائشي سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي شناخت لاءِ پلاسٽڪ جي ڪاغذ جو ٽڪرو (شناختي ڪارڊ) نه هئڻ ڪري پوليس چوڪين تي عوام جا محافظ هن مخصوص طبقي کي هر روز “غريب” هجن جي گناهه ۾ ڪيئن تذليل جو نشانو بڻائڻ ٿا؟ خورشيد قائم خاني کي چڱي ريت معلوم هو ته سنڌ ڌرتيءَ جي خانه بدوشن سان ظلم، زيادتين ۽ انياءُ جي هڪ نه کٽندڙ ڊگھي تاريخ آهي. سنڌ جي دراوڙن سان ظلم به دنيا جي سمورن خانه بدوش ماڻهن سان ٿيل ناانصافين جو تسلسل ۽ ڪڙي آهي. ان سان گڏ تاريخ جا زهريلا ورق به فقط مظلومن کي مسخ ڪن ٿا. هٽلر جي نازي شاهي پاران اوڀر يورپ جي لکين جپسين جو خون وهائڻ، ڊچ ملڪن ۾ لاڏائو ماڻهن سان غير انساني سلوڪ، ان دور جي ظالم ماڻهن پاران جپسين جو شڪار، سوئيڊن ۾ مرد جپسين کي قتل ڪرڻ جو قانون به ان ظلم جو تسلسل آهي. اسپين، هالينڊ، پورچوگال، انگلينڊ، ڊينمارڪ، فرانس، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ جپسي دشمن قوتن پاران غير انساني ڪارا قانون جوڙي ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪئي وئي هُئي. تنهنڪري دنيا جي عالمي علم جي گھري مطالعي کانپوءِ خورشيد قائم خاني سنڌ جي لاڏائو قبيلي جي خانه بدوش جپسين جو پنهنجي وس آهر ڀرجھلو بڻيل هو. مرحوم خورشيد صاحب جي ذاتي زندگي تي خانه بدوشن جي رهڻي ڪهڻي جو گھرو اثر هو. هُن ان حالتن کي قبول ڪندي سامين جا پنڌ ڪيا. انهن جي تڪليفن کي ڀوڳيو. پينو فقيرن سان جهوپڙين ۾ رهي انهن سان همدرد ٿيو. جوڳين جي بستين ۾ اصيل نانگن جا کارا مٿي هيٺ وهاڻا ڪري به سُتو. هن خانه بدوشن جي ٻارڙن سان ٻڪريون به چاريون ته هن انهن ٻارڙن کي مليريا ۽ ڊائريا ۾ تڙپندي به ڏٺو. فقيرن جي ٻارڙي کي اگھاڙن پيرن ۾ لڳل ٻاٻري ڪنڊي جو درد به محسوس ڪيو هو. جهوپڙين ۾ ويم دوران مري ويل خانه بدوش ماين جا آخري سڏڪا به ٻڌا هئا. خورشيد قائم خاني ته انهن لوڪن سان زندگي گذاري جن کي هن سماج جا سفيد پوش ماڻهو ته هڪ نظر کڻي ڏسڻ به گوارا نٿا ڪن. خورشيد قائم خاني کي ڪو ادارو يا هي وڏن ماڻهن جو هٿ ٺوڪيو سماج مڃتا ڏي يا نه ڏي پر انهن لکين دربدر خانه بدوش ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙن جو بي لوث محبتون خورشيد قائم خاني لاءِ وڏو اعزاز ۽ مڃتا آهن. 9 جنوري تي سندس ورسي جي موقعي تي سنڌ جا خانه بدوش کيس عقيدت جا گل ارپنا ڪندا آهن. خانه بدوشن جي ابي خورشيد قائم خاني جي هڪ تقرير جو هتي ذڪر ان ڪري ضروري سمجهان ٿو جنهن سان اسان کي ويجھي ماضي ۾ برصغير جي پيڙهيل انسانن سان ٿيل ڏاڍ ۽ جبر جي منظرنگاري کي دل جي اکين سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. “برهمڻ، کتري، ۽ وئش جي نالي سان اوچ ذاتيون ملي ڪري به ننڍي کنڊ جي آبادي جو 15 سيڪڙو ٿين ٿيون پوءِ به انهن جي جڪڙ ايتري قدر مضبوط آهي جو باقي 85 سيڪڙو دلت بهوجن ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍي سگھن. 1947ع ۾ اها اميد لڳائي وئي ته سيڪيولر انڊيا ۾ اهو ظلم ختم ٿي ويندو، پر ذات پات جو نظام ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، مڌو چندرا نالي مشهور دلت ڪارڪن مطابق 2002ع ۾ پنج زندهه دلتن جي کل رڳو ان ڪري لاٿي وئي جو اهي هڪ مئل ڳئون جي کل لاهي رهيا هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ مئل ڳئون جي کل پنج جيئرن انسانن جي کل کان وڌيڪ قيمتي آهي، مارچ 2006ع ۾ پنجاب جي هڪ دلت شخص جا اوچ ذات وارن ٻئي هٿ ۽ پير ڪٽي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي نابالغ ڇوڪريءَ کي اوچ ذات وارن هٿان اجتماعي لڄالٽ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي”

    خورشيد قائم خاني جي واٽ وٺون
    سنڌ جي باشعور ماڻهن کي خانه بدوشن جي ابي مرحوم خورشيد قائم خاني جي واٽ وٺڻ گھرجي، خانه بدوشن جي دردن جو درمان ٿيڻ گھرجي، انهن جي خانه بدوش بستين جا حال احوال اورڻ گهرجن، انهن جي ڏکن سور ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ته پوءِ ڪاميابي جي ڪا اميد نظر ضرور ايندي، انقلاب جو سج اڀرندو. لوڀ ۽ لالچ، ڇڏي پنهنجي وطن جي خانه بدوش ڀائرن جا همدرد ٿيون. خورشيد قائمخاني جي واٽ وٺون


    ماما فيض محمد شيدي

    جن وطن جي ڌڻين کي هتي ڀٽڪندڙ نسلن جي شناخت ٿاڦي وئي آهي سي هن سنڌ وطن جا حقيقي وارث آهن. انهن ماڻهن سان ماما فيض محمد شيدي جي محبت جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ماما خانه بدوشن سان گڏ خانه بدوش ڇو ٿيندو هو؟ ماما جوڳين سان گڏ پنڌ ڪري در در ڀٽڪي ڇا ٿي حاصل ڪرڻ چاهيو؟ هو پنهنجي موڪل جا ڏينهن خانه بدوشن جي بگرين مان پنيل ٽڪرن تي ڇو گذاريندو هو؟ ماما نانگن سان نيهن ڇو لاتو؟ ماما سامين جي سنگ ۾ دربدرين جا درد ڇو ڀوڳيا؟ هو آرام ۽ آسائيشن جي بجاءِ مشڪل پيچرن جي رتائين راهه ۾ پير پٿون ڇو ڪيا؟ ڪيترائي سوال آهن پر انهن سوالن جا جواب هي آهن، “ماما جا وڏڙا به قيدي غلام بڻائي هتي آندا ويا، هنن ڪاري چمڙي جي ڪاري گورن جا عذاب ڀوڳيا آهن، دنيا جي ڏاڍن ماڻهن جي سامراجي ذهنن ۾ هنن محنت ڪش مسڪينن کي فقط غلام رکڻ جي سوچ سرجي ٿي، هو به خانه بدشن جيئن صدين کان پيڙهيا، ٻاريا، ساڙيا ويا آهن، هنن کي به اڄ ڏينهن تائين اڃا انسان به نٿو تسليم ڪيو وڃي، دنيا جي سمورن مظلومن جي درد جي ڪيفيت ۽ ايذاءُ ساڳيو آهي، بک جو ذائقو سنڌ کان ويندي آفريڪا، ايٿوپيا ۽ چين ۾ به ساڳيو آهي. تنهن ڪري ماما فيض محمد جهڙا ماڻهو عالم انسانيت ۾ يقين رکندڙ دنيا جي سمورن مسڪين، غريب، غلام، پورهيت، مزدور، لاڏائو، دربدر ۽ خانه بدوش ماڻهن کي پنهنجا ڀائر سمجهندي يڪجهتي طور پنهنجيون حياتيون انهن خانه بدوشن کي ارپي ڇڏيندا آهن.
    هن ڪائنات ۾ ڪيترائي زندهه انسان آهن جن جا احساس مئل هوندا آهن، مئل احساسن وارا ماڻهو زندهه لاش هوندا آهن، هن ڌرتيءَ تي اجايو بار هوندا آهن، هن زمين تي خوراڪ جو وڃاڻ ۽ ذريعن جو ذيان آهن. لاشن جهڙا احساس رکندڙ ماڻهن کي انسانيت جو ڪهڙو قدر ته “انسانيت جي عظمت ڇا آهي، ماڻهپو ڪهڙي شئي آهي، هن ڪائنات ۾ انسان لاءِ امن جي ڪهڙي اهميت آهي؟” جيڪي سوال ذهنن ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائن ٿا، اهڙا سوال ئي فيض محمد شيدي جهڙن ماڻهن کي باغي بڻائڻ ٿا، سندن اجري من ۾ آزادي جي اڻ تڻ مچائن ٿا، اجرا احساس ئي خانه بدوشن جي بستين ۾ سڪون جا متلاشي آهن. مارٽر لوٿر کان ويندي، عيدي امين تائين، هوش محمد شيدي کان ويندي ماما فيض محمد تائين هن ڪائنات جا عظيم باغي آهن جيڪي حياتي جي هر پل کي سجايو تڏهن ئي سمجهن ٿا جڏهن سندن حياتي داءُ تي لڳي به ڌرتيءَ جي دربدر خانه بدوش ماڻهن جي ڪنڌ مان غلامي جو ڳرو ڳٽ ڪڍڻ خاطر وقف ٿئي. ماما فيض محمد شيدي جي حياتي جو هر پل خورشيد قائم خاني سان گڏ لاڏائو قبيلن ڀيل، ڪولهي، جوڳي، گُرگلا، سامي، رواڙن سميت سمورن خانه بدوش ماڻهن سان گڏ گذريو. ماما هر وقت خانه بدوشن جي لڏپلاڻ، دربدري ۽ لاوارثي کي ختم ڪرڻ، علم، تعليم ۽ ترقي جا واڌاري لاءِ فڪرمند رهڻ سان گڏ پنهنجي حال غريبي سارو انهن مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ پنهنجي قلم ذريعي آواز بُلند ڪرڻ، زندگي جي آخري لمحن تائين ڌرتيءَ جي لٽيل انسانن لاءِ پُرامن طريقي سان هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ واقعي هڪ تاريخي جاکوڙ آهي. ماما فيض محمد جو خواب تڏهن ساڀيان ٿيندا جڏهن هن ڌرتيءَ تي غلام بڻايل ڪروڙين انسانن کي پنهنجي مرضي جي زندگي گھارڻ جو جمهوري حق ملي سگهندو، خانه بدوشن جي هن همدرد جا سپنا تڏهن سچائي جي منزل ماڻيندا جڏهن ڌرتيءَ جي سيني تي ڀٽڪندڙ انسانن کي محفوظ اجهو ملندو، سندن ٻچا، نياڻيون، لڄون محفوظ هونديون، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال نه ڪيو ويندو، خانه بدوشن تان لڏپلاڻ جي دربدرين جا عذاب دور ٿيندا. ان ڏينهن سندس خواب ساڀيان ماڻيندا.


    پراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب

    1. آسن جو آسمان (شاعري) قادر سيال جهڏائي
    2. جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون) محب ڀيل
    3. مون مارو مڃيا (مضمون) شمس منڱريو
    4. موندانيا (مضمون) محمد ايوب ڀنڀرو ڪڇي
    5. ناياب نگر (شاعري) نياز پتافي
    6. ووڙيم سڀ وٿاڻ (خط) وفا ولي محمد هوت
    7. پسي مچ م موٽ (مضمون) عبدالقيوم ٽالپر
    8. ديوان غمدل (شاعري) غلام حيدر“غمدل” سيال
    9. ڪوڙهه (ڪهاڻيون) سجاد اختر ٽالپر
    10. دراوڙ جاڳ ۾ آهن (مضمون) محب ڀيل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258305
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386412
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ