ڪتاب جو نالو: تاريخ جو سفر
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 31 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 805 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 269 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب : ٽنڊو سومرو جي رئيس امداد علي خان نظاماڻي نالي
  • عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ بحري جهاز جيڏو ڳرو سنڌي
  • الطاف شيخ سنڌ جو ٽوئن بي
  • ليکڪ طرفان
  • مغل حرمسراءِ جون عورتون
  • جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون
  • تاريخ جي ڳڙکين مان
  • اسان وٽ هر گورو ماڻهو ’انگريز‘ سمجهيو وڃي ٿو
  • ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا.....؟
  • اسان وٽ پورچوگالي پهرين پهتا
  • يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ
  • شروعاتي سياح جن جا سفرناما اڄ به مشهور آهن
  • سون کان قيمتي مال !
  • مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪَ ڳالهيون
  • وچ ايشيا جو سفر
  • House of Romanov
  • الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي تاريخي ۽ سفري مضمونن جو مجموعو آهي.
    الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ تاريخي مضمون لکيا آهن. جيئن : مغل حرم سراءِ جون عورتون، جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون، تاريخ جي ڳڙکين مان، اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز “ سمجهيو وڃي ٿو، ڇا انگريز سٺا جهاز ران (Navigators) هئا ..... ؟، اسان وٽ پورچوگالي پهريان پهتا، يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ، شروعاتي سياح، جن جا سفرناما اڄُ به مشهور آهن ۽ مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون. يقينن هي ڪتاب اوهان لاءِ دلچسپي ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار ثابت ٿيندو.

    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب : ٽنڊو سومرو جي رئيس امداد علي خان نظاماڻي نالي

    جتي ملائيشيا جي ملئي ڊاڪٽر مهاتير محمد ۽ سنگاپور جي چيني وڪيل لي ڪئان يو پنهنجن ملڪن ۽ ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي اتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي زميندار امداد نظاماڻي کي سڃاڻان جنهن پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو سومرو ۽ اتي جي ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي آهي.
    ڪتاب اڪثر دوستن، مائٽن ۽ ڪلاس ميٽن کي منسوب ڪيا وڃن ٿا .... امداد نظاماڻيءَ سان 2015 ۾ پهريون دفعو ملڻ کان اڳ تائين، ساڻس منهنجو ڪو اهڙو رشتو ناتو نه هو ۽ مون کي پڪ آهي ته مون وانگر ڪيترائي ماڻهو ٽنڊو سومرو ڳوٺ کان به واقف نه هوندا.... آخر هجن به ڇو؟ ٽنڊو سومرو جهڙا سنڌ ۾ سوين ڳوٺ آهن ۽ اسان جي ملڪ جا ڳوٺ خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي ڪهڙي خاص ڳالهه يا اهميت آهي جا ماڻهن کي متاثر ڪري!؟ وڏن وڏن پيرن، سياستدانن، وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي سرپرستي ۽ نالن سان منسوب هوندي به اسانجا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان خالي آهن... نه انهن ۾ امن امان آهي نه تعليمي سهولتون، نه دوا درمل جو بندوبست نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي. اسان جا ڳوٺ ته ڇا پر شهر به گند جا ڍير ٿيندا وڃن.... نه آهن کيڏڻ لاءِ ميدان ۽ نه آهي نج خوراڪ جو وڪرو.... کير پير جهڙي شيءِ ۾ به ملاوت هڪ عام ڳالهه ٿي پئي آهي. اتي هن سينياريو ۽ هن دور ۾ ٽنڊو سومرو ڳوٺ ڏسي حيرت ٿي ٿئي.... صفائي سٿرائيءَ ۽ امن امان ۾ توڙي اخلاقي قدرن ۾ هي ڳوٺ ۽ ان جا ماڻهو گهڻن کان نرالا آهن ۽ ان انقلاب يا تبديليءَ پويان توهان کي هر هڪ اهو ئي ٻڌائيندو ته امداد نظاماڻيءَ جون اڻٿڪ ڪوششون ۽ جذبا آهن. ڪاش اهڙا ماڻهو، اهڙا وڏيرا رئيس، اهڙا زميندار اسان جي سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ پئدا ٿين ته اسانجي سنڌ جنهن سماجي ۽ معاشي عذاب ۾ پيڙجي رهي آهي ان مان اها ٻاهر نڪري اچي. آئون هن نوجوان (امداد) جي خذمتن کي ساراهڻ ۽ سندس همٿ افزائيءَ ڪارڻ ٻيو ڪجهه ته نه پر هي ڪتاب هن کي ارپڻ چاهيان ٿو جو هن شخص کي انسانذات لاءِ همدردي آهي.... هو پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن جي منهن تي مرڪ ڏسڻ ٿو چاهي، هو هنن ۾ خوشيون ورهائڻ ٿو چاهي..... هن لاءِ ڳوٺ جو امير توڙي غريب هڪ برابر آهي.... هن لاءِ اوچي ذات وارو توڙي ننڍي ذات وارو خدا جي مخلوق آهي. ۽ هن کي ڳوٺ جو هر ماڻهو سيد قريشي کان باگڙي ڀيل تائين، دعا ٿو ڏئي جو هن نيڪ نيتيءَ سان ماڻهن کي سمجهاڻيون ڏئي هنن جون سوچون ئي بدلائي ڇڏيون آهن.... پاڻ عملي طرح ڏينهن رات جي محنتن جا مثال ڏئي پنهنجي اوسي پاسي ۾ پوک جا ئي طريقا بدلائي ڇڏيا آهن .... اڄ نه فقط پري پري جا زميندار مختلف ميون ۽ ڀاڄين (خاص ڪري انبن، ڪيلن، بصرن، مرچن ۽ ڪريلن) پوکڻ جا طريقا ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا پر ملڪي زرعي يونيورسٽين جا شاگرد ۽ پرڏيهه جا پروفيسر پڻ امداد جي اسٽائيل کي اسٽڊي ڪن ٿا جنهن ۾ نه فقط ٻج، ڀاڻ ۽ زمين کيڙڻ تي ڌيان ڌريو وڃي ٿو پر هارين ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ ٽيڪنيشنن کي مهيا ڪيل سُک، سڪون ۽ سهولت کي به اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ اهو ئي احساس ڏياريو وڃي ٿو ته اهي به انسان آهن.
    آئون ملائيشيا جي سفرنامن ۾ ڪيترائي دفعا اتي جي وڏيري ۽ سنڌ جي وڏيري ۾ موجود فرق بابت لکي چڪو آهيان ته وڏيرڪو نظام (فيوڊلزم) اسان کان وڌيڪ ملائيشيا ۽ جپان ۾ آهي پر اتي جا وڏيرا اسان جي رئيس امداد وانگر هر وقت اهو چاهين ٿا ته سندن ڳوٺ جو هر ماڻهو خوشحال رهي، هو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هڻن ٿا جيئن هر ڳوٺاڻو روزگار کي لڳل هجي، ڳوٺ ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جا اعليٰ معيار قائم ڪن ٿا ـــــ ڇو جو هو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار به اتي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهن ۽ هو پنهنجو علاج به پنهنجي ڳوٺ جي اسپتال ۾ ڪرائين ٿا.
    آئون پنهنجن سڃاڻن پيرن، وڏيرن، سياستدانن، وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ٻارن کي امداد جا مثال ڏيڻ لڳو آهيان ته ماڻهن يعني عوام طرفان عزت، پيار ۽ دعائون انهن لاءِ ڀلو ڪرڻ تي ملن ٿيون ۽ نه علائقي جو ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير مشير ٿي پنهنجي پجيرو تي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي. ڪو زمانو هو جڏهن مئٽرڪ پاس واري کي به انگريزي اسڪول ۾ ماستري ملي ويندي هئي. چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي انگريزي اسڪول ۾ ويس ته سواءِ هيڊ ماستر سائين غلام رضا ڀٽو صاحب جي سڀ ٽيچر فقط مئٽرڪ پاس هئا. پوءِ ڪو بي اي ڪرڻ لڳو ته وڏي ڳالهه سمجهي وئي ٿي ۽ اڳلو پنهنجي نالي سان گڏ گڏ پنهنجي ڊگري B.A به ٻڌائيندو هو. ٻڌڻ وارا ٻڌي Impress ٿيندا هئا ۽ ڪنهن جي نالي سان گڏ M.A يا بي اي، ايل ايل بي هوندو هو ته هو وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي پر هاڻ هر ڪاليج ۾ پنج پنج ڇهه ڇهه پي ايڇ ڊي ٽيچر نظر اچن ٿاپر شاگرد فقط انهن مان Impress ٿين ٿا جيڪي سٺو پڙهائين ٿا، جيڪي محنتي آهن، Devoted آهن.
    اهڙي طرح اسان وٽ اها ڳالهه عام هئي ته پنهنجي لئه رکڻ خاطر، پنهنجو رعب وهارڻ خاطر پنهنجي قابليت يا خوبي ٻڌائڻ بدران اهو چيو ويو ٿي ته منهنجو پيءُ يا چاچو مامو فلاڻي ڳوٺ واري درگاهه جو گادي نشين آهي، ايم اين اي آهي يا ايم پي اي آهي، فلاڻي اداري جو چيئرمين آهي، وغيره.... ۽ ٻڌڻ وارو Impress ٿي ويندو هو. پر هاڻ دنيا ئي بدلجي وئي آهي.... ”ٽي وي چئنلن ۽ انٽرنيٽ“ ماڻهن کي هوشيار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ڳوٺن جا ماڻهو به اهو سوچين ٿا ته ڪو پير آهي ته پنهنجي جاءِ تي پر جي هو سياست ۾ ٿو اچي، اسيمبلي جو نمائندو يا وزير ٿو ٿئي ته پوءِ ماڻهن جا ڪم ڪري، ماڻهن جي تنقيد ٻڌي. وزير ٿي عوام لاءِ مليل پئسو هڙپ ڪندو ۽ ڳوٺ کي ترقي ڏيارڻ بدران فقط پنهنجي بنگلي کي ٺاهيندو ۽ ان تائين روڊ پڪو ڪرائيندو ۽ عوام جي پئسي مان پنهنجي لاءِ وڏيون گاڏيون وٺي عوام تي رعب رکندو ته اڄ ان کي ڪو پسند نه ڪندو. هاڻ اهي ڳالهيون ئي ختم ٿي ويون آهن يا تڪڙو تڪڙو ٿي رهيون آهن.... ان جو احساس توهان کي ٽي وي چئنلن تي ۽ سوشل ميڊيا تي به نظر ايندو ته اڄ جو ڏتڙيل ماڻهو، بک ۽ بيروزگاري کان اهڙو تنگ اچي چڪو آهي جو هو ڪنهن کي نٿو بخشي. هو فقط ان جي واکاڻ ڪري ٿو جيڪو عوام لاءِ ڪم ڪري ٿو پوءِ ڀلي اهو جمشيد دستي جهڙو غريب هجي.
    امداد نظاماڻي نه ڪنهن درگاهه جو گادي نشين آهي ۽ نه ڪو وزير مشير. هن پنهنجي مدد پاڻ ڪريو، جي اصول تي پاڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جي سرندي وارن ماڻهن کان چندا وٺي ٽنڊو سومرو کي نه فقط هڪ امن امان وارو پر صاف سٿرو ۽ هائيجنڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. هن جي خذمتن ڪري، سندس ٻئي جي ڀلي لاءِ سوچ ڪري هن کي هر ڳوٺاڻو ابو امان سمجهي ٿو ۽ لک عزتون ڏئي ٿو.... ملڪ جي اردو ۽ انگريزي اخبارن کان وٺي پرڏيهي نيوز ايجنسيون BBC ۽ CNN امداد جي خذمتن جو اعتراف ۽ ٽنڊو سومرو ڳوٺ جي ترقيءَ جي تعريف ڪن ٿيون.
    تازو UNICEF بين الاقوامي اداري جي رپورٽ پڙهي رهيو هوس جن هي ڳوٺ گهمڻ بعد لکيو آهي ته ٽنڊو سومرو ڳوٺ ۾ توهان کي پڪيون گهٽيون ۽ ڍڪيل ناليون (Sewerage Drains) نظر ايندا، سڄي ڳوٺ جي روزاني ڪچري کي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست آهي. اليڪٽر سٽي جي هر ٿنڀي تي ڪاٺ جا تختا (Panels) لڳل آهن جيئن گهٽيءَ ۾ کيڏندي ڪنهن ٻار کي ڪرنٽ نه لڳي. وڏن ۽ ٻارن جي راندين لاءِ الڳ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جتي فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ راندين جا به گرائونڊ آهن. ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ کي صفائي، هائيجن ۽ سيڪيورٽي جي سهولت مليل آهي. ڳوٺاڻن کي دستن جهڙين بيمارين جي بچاءَ لاءِ Reverse Osmosis Water Filter(فلٽر) ذريعي صاف پاڻيءَ جو بندوست آهي ۽ مليريا، ڊينگي ۽ پوليو جهڙين بيمارين جي بچاءَ لاءِ ڳوٺ جي ڪميٽي وقت بوقت جراثيم ڪش (Disinfecting) دوائن جو ڦوهارو ڪرائيندي رهي ٿي ۽ سڄو سال پوليو وئڪسينيشن به هلندي رهي ٿي. ان خرچ جي پورائي لاءِ ڳوٺ جو هر ماڻهو پنهنجي حيثيت موجب چندو ڏئي ٿو.... پوءِ ڪو هڪ يورو (Euro)- يعني سئو ڏيڍ سئو رپيا ته ڪو ڏهه هزار يورو (پنڌرهن لک رپين) کان به مٿي ڏئي ٿو. ۽ ان سڄي ڪم پويان ڊرائيونگ فورس امداد نظاماڻي آهي.....“.
    بيشڪ اهو امداد جو ئي ويزن آهي جنهن هن ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) کي هڪ مثالي شهر بڻائي ڇڏيو آهي. امداد جي ”عاصم فروٽ فارم“ تي ٽي چار ڏينهن رهڻ دوران مون اهو اندازو لڳايو ته ماڻهن جو دل کولي چندو ڏيڻ پويان امداد جي ايمانداري ۽ پئسي کي صحيح طرح خرچ ڪرڻ جو جذبو آهي. ڳوٺ جا نظاماڻي رئيس زميندار خوش آهن ته هنن جو پئسو صحيح طرح استعمال ٿئي ٿو ۽ غريب غربو ان ڪري خوش آهي ته هنن کي اهي سک ملي رهيا آهن جيڪي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ عوام کي ملن ٿا ۽ کين ڪو به اهو مهڻو نٿو ڏئي ته توهان چندي ۾ سئورپيا به ڪي مس ٿا ڏيو.
    منهنجو ڀاءُ حاجي اشفاق شيخ جيڪو اسان جي فئملي جون زمينون سنڀالي ٿو ان سان جڏهن ٽنڊو سومرو گهمي اچي خبر ڪيم ته ڪيئن امداد نظاماڻيءَ ماڊرن سائنسي طريقن سان ٿوري زمين تي گهڻو ۽ اعليٰ معيار جو فصل اپائي رهيو آهي ته هن کي ان خبر تي ڪا حيرت نه ٿي. هن ٻڌايو ته هو ۽ اسان جي ڳوٺ جي اوسي پاسي جا زميندار امداد کان پهرين کان واقف آهن جو هو امداد جو غاصم ائگريڪلچر فارم ڏسڻ ۽ پوک جا بهتر طريقا سمجهڻ لاءِ اڄ کان ڏهه سال اڳ ٽنڊو سومرو ويا هئا. ”امداد جي ڄاڻ، بهتر کان بهتر فصل اپائڻ لاءِ جاري رکيل کوجنا ۽ محنت واقعي قابلِ داد آهي“. هن ٻڌايو.
    منهنجي ٽنڊو سومرو ۾ رهڻ دوران مون ڏٺو ته امداد نظاماڻيءَ جو ٻن ڳالهين تي وڏو ڌيان هو: ابن ڏاڏن جي پوک جي پراڻن طريقن بدران نوان، ماڊرن ۽ سائنسي نمونا استعمال ڪرڻ ۽ پورهيتن کي ٽرين ڪرڻ ۽ سندن سک جو خيال رکڻ. بقول امداد جي:
    “The man who farms on line his fore fathers did, cannot produce much food no matter how rich the land or how he works.”
    هارين نارين ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙن جي ڀلائي لاءِ هن کي هر وقت فڪر رهي ٿو ۽ بقول هن جي:
    “.... Once there are investment opportunities and efficient incentives, farmers will turn sand to gold…”
    هونءَ اها ڳالهه ڪيترن کي حيرت ۾ وجهندي هوندي ته امداد نظاماڻي کي ننڍي هوندي کان ان قسم جي سوچ ڪيئن آئي؟ .... هن هڪ ڳوٺ جي ماحول ۾ رهي ڪري ننڍي هوندي کان ايڏو Vision ڪيئن رکيو؟ هو ائگريڪلچر ۾ بنيادي ڊگري به نٿو رکي ان هوندي به هن کي بهتر زراعت جي ڄاڻ ڪيئن ٿي جنهن پوک جي طريقن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو؟ هو هڪ زميندار رئيس جو اڪيلو پٽ هجڻ جي باوجود لاڏلو ۽ کريل هجڻ بدران ايڏو محنتي ۽ نيڪ ڪيئن ٿيو؟ منهنجي خيال ۾ هيءَ قدرت جي طرفان مليل ڏات آهي. نعمت آهي. دنيا ۾ امداد جهڙن ٻين به ڪجهه ماڻهن سان منهنجي ملاقات ۽ سڃاڻپ رهي آهي جن لاءِ پڻ منهنجي اها ئي راءِ آهي ته هنن کي محنت، ڏاهپ، Vision ۽ عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ ليول جي سوچ قدرت طرفان عطا ٿئي ٿي. امداد هڪ وزير/ مشير ٿيڻ کان وڌيڪ پنهنجي ڪم ٻني ٻاري ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي ڀلي ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. هو 1970 واري ڏهاڪي کان ڳوٺ جي خذمت جو ڪم سنڀاليندو اچي. اسان جي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست محمد ملوڪ نظاماڻيءَ ٻڌايو ته ”ادا امداد علي خان پنهنجي سڄي جواني ڳوٺ کي ٺاهڻ ۽ ڳوٺاڻن کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي آهي“.
    بقول هڪ تجزيه ڪار جي ....”اڄ به امداد سڄي ڳوٺ کي ڳنڍيو ويٺو آهي. چندا گڏ ڪرڻ، ڳوٺ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، مليل چندن کي صحيح طرح استعمال ڪرڻ، پنهنجي زمين سنڀالڻ، روڊن ۽ گهٽين تي قبضن کي روڪڻ ۽ انهن کي بهتر نموني ٺاهڻ..... اڳئين سال اٽڪل 99 لک روپين جي بجيٽ ٺهي جنهن ۾ لائيٽ جا ٿنڀا هر گهر کي در اڳيان پهچائي ڏيڻ، نيون تارون، وڌيڪ بجليءَ جا ٽرانسفر لڳائڻ، روزانو ڳوٺ جي گهٽين جي صفائي، ڳوٺ ۾ داخل ٿيندڙ ٽن وڏن لنگهن تي ٺاهيل مورچن ۽ اتي مقرر ٿيل چوڪيدارن جا پگهار، برساتن جي پاڻيءَ جو نصير واهه ۾ نيڪال، سڄي ڳوٺ جي ڪسين ۽ نالين کي ڍڪڻ ۽ انهن جي آساني سان صفائي ڪري سگهڻ لاءِ لوهه جا گِرل هڻڻ ۽ ٻين ڳوٺن جي ماڻهن کي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ تي خرچ ڪرڻ، وغيره“.
    بقول ان تجزياڪار جي....“ٽنڊو سومرو ۾ نه چوري آهي ۽ نه فساد.... نظاماڻي، خاصخيلي، ڪوريا، پٺاڻ، شورا، شاهه، ناريجا، ڀيا، دايا، شيخ، مينگهواڙ، اوڏوغيره مڙني ذاتين جا ماڻهو محبتن ۽ هڪ گهر جي ڀاتين وانگر رهن ٿا. ڪيلو، ڪمند، انبن جا باغ هتي جي زميندارن جا پسنديده فصل آهن، جن جي سنڀالڻ ۽ مارڪيٽنگ جي هنن کي وڏي مهارت سيکارڻ ۾ به امداد خان جو ڪردار آهي. امداد سان گڏ ٻيا نظاماڻي به ڳوٺ جي غريبن جو مهانگين اسپتالن ۾ علاج جو خرچ ڀرين ٿا، انهن کي پلاٽ خريد ڪري گهر ٺاهي ڏيڻ، ضرورتمند ۽ مسڪينن جي مالي مدد ڪرڻ وغيره ۾ وڏي شوق سان حصو وٺن ٿا. رئيس امداد خان انهن مختلف رنگن ۽ خوشبوءِ رکندڙ گلن کي هڪ ئي لڙيءَ ۾ نهايت احتياط ۽ محبت سان پوئي رکيو آهي. اها هن شخص جي وڏي مهارت ۽ ڏات آهي، جيڪا سندس نيڪ نيتي سبب رب پاڪ طرفان کيس عطا ٿيل آهي. پاڻ هر سال ڳوٺ جي ماڻهن جو فنڪشن ڪندا آهن. جيڪو سندس اڪيلي پٽ عاصم خان جي نالي تي رکيل فارم ”عاصم ايگريڪلچر فارم“ تي منعقد ڪيو ويندو آهي هن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ڳوٺ جا ماڻهو مشورا ۽ شڪايتون به پيش ڪندا آهن جن جو امداد خان ۽ سندس ڪميٽي جا ميمبر جلد از جلد ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هر سال هارين جو حساب ۽ سالياني انعامن جي اها تقريب 30 اپريل تيمنعقد ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ هارين کي حساب ڪتاب ٻڌايو ويندو آهي ۽ انهن جي بچت چيڪن جي صورت ۾ ڏني ويندي آهي ۽ مختلف فصلن جي پيدائش جا انعام، پهريون نمبر ۽ ٻيو نمبر ايندڙ هاري کي اجرڪ، ٽوپي ۽ ڪيش انعام ڏنو ويندو آهي ۽ سڀني فصلن جي پيداوار ۾ پهريون نمبر کڻندڙ هاري يعني Man of the Year هاريءَ کي امداد خان پنهنجي هٿ سان بوسڪي جو پٽڪو پارائيندو آهي ۽ ڪيش انعام به ڏيندو آهي انهي تقريب ۾ فارم کي سنڀاليندڙ عملو ، ڪيلي جي مالهين توڙي بيلدارن سڀني کي سال جي ڪارڪردگي جي بنياد تي بونس ڏنو ويندو آهي اهو ئي عمل آهي جنهن جي ڪري هن فارم تي ڪم ڪندڙ هاري توڙي پگھاردار يا روزانو ڪم ڪندڙ مزور هن فارم کي پنهنجو سمجھي ايمانداري ۽ دل سان ڪم ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته امداد هر ڳالهه، هر ڪم لاءِ ماڻهن جي چونڊ ميرٽ تي ڪري ٿو. ايتريقدر جو هن جو نمبر ٽو، يعني فارم جي سڄي ڪاروبار جو انچارج جمعون مل هڪ ڀيل قوم جو نوجوان آهي. پهرين مونکي حيرت ٿي پر هڪ ڏينهن اندر مونکي اندازو ٿي ويو ته امداد هيڏي وڏي جوابداري صحيح ماڻهوءَ کي پرکي ان حوالي ڪئي آهي. جمعي جي محنت، ايمانداري، ڪارڪردگي ۽ سچائيءَ کي ڏسي مونکي جپاني ياد اچي ويا. جمعون رنگ ۾ سو مار کائي ويو آهي نه ته قد بت، شڪل ۽ ڪم جي طريقي مان پڪو جپاني لڳي ٿو. جمعون زراعت جي ڄاڻ کان ڪمپيوٽر انٽرنيٽ تائين، انتظاميا کان فوٽوگرافي ۾، ڊرائيونگ کان ٻني ٻاري جي ڪمن کي مانيٽر ڪرڻ جي هر فن ۾ ماهر آهي. بنا ڪنهن شڪ جي، جمعي جي وڏي contribution چئي سگهجي ٿي.
    سال 2006 ۾ ڪيلي ۽ ٻين فصلن جي تحقيق ۽ سکيا ڏيڻ تي حڪومت پاڪستان طرفان امداد خان کي صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز(Tamgha e Imtiaz) سان نوازيو ويو. هن فارم تي هر سال ڪيترائي عام توڙي اهم ماڻهو گهمڻ لاءِ اچن ٿا. موجوده پير صاحب پاڳارو (سائين صبغت الله شاه راشدي) 3 دفعا پڻ گھمي ويو آهي، سابق وزير اعلى سنڌ ممتاز علي ڀٽو، سابق گورنر پنجاب غلام مصطفى کر پڻ هي فارم گھمي چڪا آهن. وفاقي وزير زراعت سڪندر حيات خان بوسن 2003 کان هن فارم تي مسلسل هر سال هڪ کان 2 دفعا ايندا رهن ٿا جيڪو هن وقت به پاڪستان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو وفاقي وزير آهي.
    سال 2006 ۾ جڏهن حڪومت پاڪستان طرفان تمغه امتياز ڏنو ويو انهي سال ۾ پاڪستان جو پروگريسو فارمر ۽ ان وقت جو صنعت ۽ پيداوار جو وفاقي وزير جهانگير خان ترين ، زراعت جو وفاقي وزير سڪندر حيات خان بوسن ، زراعت جو مملڪتي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ ريلوي جو مملڪتي وزير اسحاق خان خاڪواڻي خاص طور تي هڪ ئي وقت گڏجي فارم ڏسڻ آيا هئا. اسانجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب رحيم ته نه رڳو پنهنجي وزارت واري دور ۾ پر پوءِ به ڳوٺ ايندي ويندي امداد سان ملڻ ۽ هن جي فارم جو ديدار ڪرڻ لاِ ايندو رهيو آهي. امداد پنهنجي فارم تي جيڪي پورهيتن کي سندن رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺاهي ڏنا آهن انهن مان ڏاڍو impress ٿي لڳو جنهن بابت منهنجي سائين ارباب سان دبئي ءَ ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر ارباب جي اها پلس پئائنٽ آهي ته هو ڪم وارن ماڻهن جو هميشه قدر ڪري ٿو.
    رئيس امداد خان جي شخصيت تي گهڻو ڪجهه لکڻ جي ضرورت آهي جيئناسان جي سنڌ جي ٻين وڏيرن، زميندارن، ڪارخانيدارن کي اتساهه حاصل ٿئي ۽ هن کي فالو ڪن. امداد علي خان هڪ عملي قسم جو ماڻهو آهي هو ڊاڙن ٻٽاڪن ۾ نه پر نتيجن (Results) ۾ يقين رکي ٿو. پاڻ سڀني زميندارن جي فصل پوک ۽ مشينري مهيا ڪرڻ ۾ ڀرپور ۽ دل کولي مدد ڪري ٿو. سڄي سنڌ جا سڄاڻ زميندار سندس صلاح مشوري مان لاڀ حاصل ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ جهانگير ترين (تحريڪ انصاف واري) کان علاوه ٻيو فارم امداد خان جو آهي جنهن جو رڪارڊ AFIS (ايگريڪلچر فارم انفارميشن سسٽم) ذريعي مڪمل طرح ڪمپيوٽرائزڊ آهي جتي ٿيندڙ روزمره جو هر ڪم CCTV ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. امداد کي هر فصل جي بهتري جو فڪر رهي ٿو خاص ڪري سنڌڙي انب جو. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق:
    .....Specially of Sindhri variety for better production technology which includes pruning, nutrition, irrigation & orchard floor management. Imdad has also introdnced proper “Integrated Crop & Disease Management” practices…..
    اهو ئي سبب آهي جو نه فقط سنڌ صوبي جا پر سڄي ملڪ جا انب پوکڻ وارا هن جي فارم ”عاصم ايگريڪلچر فارم“ تي اچن ٿا جن لاءِ ٽريننگ ۽ ورڪ شاپن جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو.
    امداد جو هي فارم ”عاصم ايگريڪلچر فارم“ ڪٿي آهي؟ هي ٽنڊو سومرو ڳوٺ ۾ ئي آهي. ٽنڊو سومرو ڳوٺ جيڪو هڪ يونين ڪائونسل آهي. اهو ٽنڊوالهيار کان اتر اولهه ۾ 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي جهنڊو مري ۾ نصير واهه لڳ آهي.ڍنگاڻو بوزدار، بڪيرا شريف، داد خان جروار، سنجر چانگ، بيگان جروار، ڍاسوري، پيارو لنڍ، مير آباد جهڙن ميوزيڪل نالن وارا ڳوٺ ٽنڊو سومرو جا پاڙيسري ڳوٺ آهن.
    هونءَ هن ڳوٺ جي نالي مان ائين لڳي ٿو ڄڻ هي سومرن جو ڳوٺ هجي جيئن ٻيا سومرن جا ڳوٺ آهن جيئن ته ڳوٺ الهه بخش سومرو، ڳوٺ سائين داد سومرو يا ڳوٺ جنهاڻ سومرو (جتي چوڏهين صدي ۾ مراقشن جو ابِن بطوطا به آيو هو.) ٽنڊو سومرو ۾ اچڻ کان اڳ مون سمجهيو ته هتي به سومرا رهن ٿا نظاماڻين جو ڪو هڪ ٻه گهر هوندو پر پوءِ چار ڏينهن رهڻ دوران خبر پئي ته ٽنڊو قيصر وانگر هي نظاماڻين جو ئي ڳوٺ آهي ۽ جيتوڻيڪ هن ڳوٺ ۾ مير جت، مينگهواڙ، ماڇي، شورا شيخ، ناريجا، مري ۽ مڱڻهار کان ڀيا، ڀيل، ڪولهي، دايا ۽ شاهه سيد جهڙين انيڪ ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا پر تعجب جي اها ڳالهه ته سومرو ذات جو هڪ به نظر نه آيو.

    چون ٿا ته شروع ۾ هي ڳوٺ ”نظاماڻين جو ڳوٺ“، سڏيو ويو ٿي پر پوءِ جڏهن رئيس سومر خان نظاماڻي هن ڳوٺ جو وڏو ٿيو ته هي ڳوٺ ”سومر جو ڳوٺ“ سڏجڻ لڳو ۽ بعد ۾ ميرن جي ڏينهن ۾ ”ٽنڊو سومرو“ سڏجڻ لڳو. اسان جو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جو مرحوم نور احمد نظاماڻي ٻڌائيندو هو ته ”1843ع ۾ جيڪا ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ مياڻيءَ وٽ لڙائي لڳي ان ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قبيلن ڀاڄ کاڌي. جيڪي قبيلا آخر تائين وڙهندا رهيا انهن ۾ چانگ، گوپانگ، مري ۽ نظاماڻي شامل هئا. مياڻيءَ جي جنگ ۾ نظاماڻين جو تمام وڏو تعداد شهيد ٿيو.....“
    ٽنڊو سومري جي ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ ٻڌايو ته ”مياڻيءَ جي ان لڙائي ۾ ٽنڊو سومري جا جيڪي 21 ڄڻا شهيد ٿيا انهن ۾ 20 نظاماڻي هئا.... جن مان ٻن جي نالن جي خبر پئجي سگهي آهي: محمود خان نظاماڻي ۽ قائم خان نظاماڻي.“
    ٽنڊو سومرو ۾ هجڻ دوران گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو آدم جي مسلم هسٽري جي استاد احمد دين نظاماڻي ٻڌايو ته نظاماڻي ”نظام فقير“ جو اولاد آهن جن مان ڪجهه هن نظاماڻي ڳوٺ (ٽنڊو سومرو) ۾ تقريبن 1620ع ڌاري آيا هئا. نظام فقير جو مقبرو ديره غازي خان ۾ آهي جتي سنڌ جا نظاماڻي ويندا رهن ٿا. هينئر به امداد ۽ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو دوست محمد ملوڪ نظاماڻي اتان ٿي آيا آهن. ملوڪ ٻڌايو ته اتي جي ماڻهن امداد کي اعليٰ پروٽوڪال ڏنو.
    ملوڪ نظاماڻي ٽنڊو سومرو جو پهريون شخص آهي جنهن ماتلي جي تعليمدان سائين الله بخش نظاماڻي (شريف نظاماڻي جي والد) جي دورانديشي، Vision ۽سنڌ جي نوجوانن جي ڀلائي لاءِ کوليل ڪاليج ـــــ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. پر اسان ملوڪ کي يا نيويارڪ ۾ ڏٺو يا حيدرآباد ۾. اهڙي طرح پيٽارو جي ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ کي آفريڪا جي ملڪ سوڊان ۾ يا اسلام آباد ۾ ۽ ملڪ محمد نظاماڻي ۽ ٻين کي پڻ ٻاهر ئي ڏٺو. ٽنڊو سومرو اچي حيرت ٿي ته هي سڀ جوان ٽنڊو سومرو جا آهن جيڪو ڳوٺ ظاهر آهي ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ به مشهور نه هو. ان وقت امداد علي خان نظاماڻي حيدرآباد جي ماڊل اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هو. ٽنڊو سومرو سنڌ ۾ ته ڇا سڄي پاڪستان ۾ تڏهن مشهور ٿيو جڏهن امداد عملي زندگيءَ ۾ آيو ۽ هن ٽنڊو سومرو کي هڪ آئيڊل ڳوٺ ۽ ان ۾ موجود سندس فارم ”عاصم ايگريڪلچر فارم“سنڌ جو ٽاپ فارم ۽ قومي ليول تي ”ترين فارم“ لوڌران ۽ JDW (جمال الدين والي) فارم جي برابري جهڙو فارم آهي جن ٽنهي کي گلوبل جي اي پي GAPگڏ حاصل ٿيو.
    ننڍا هئاسين ته ٽنڊوالهيار جي پرنسپال ۽ جماعت اسلامي جي سياستدان پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي ۽ سائين محمد عيسيٰ نظاماڻي صاحب ـــــ مشهور صحافي، اديب ڪالم نويس ۽ ريڊيو پاڪستان سان وابسته سان وڏي حب سان ملندا هئاسين.امداد وٽ ٽنڊو سومرو ۾ اچي اها به حيرت ٿي ته اسان جي انهن من پسند شخصيتن جو تعلق به هن ڳوٺ ٽنڊو سومرو سان آهي. ائين به ناهي ته ڪو ٽنڊي سومري کي هاڻ امداد علي خان مشهور ڪيو آهي ۽ ملڪ جي اهم ماڻهو ٽنڊو سومرو گهمڻ اچن ٿا. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اها ڳالهه لکندو هلان ته ٽنڊو سومرو اهو ڳوٺ آهي جتي 1890ع واري ڏهاڪي ۾ مرحوم رئيس الله بخش خان نظاماڻي جي دعوت تي انڊيا جو وائسراءِ (شايد لارڊ لئنسڊائون هجي جنهن جي نالي سکر ۾ پل آهي) ٽنڊو سومرو آيو هو چون ٿا رئيس الله بخش خان وائسراءِ جي آمد لاءِ ماڻهن جا ڪٽڪ لڳائي اڏيري لعل کان ٽنڊو سومرو تائين رستي کي صحيح ڪرائي ڇڏيو. هتي اهو به لکندو هلان ته رئيس الله بخش خان نظاماڻي اسان جي امداد علي خان جو نانو هو. پاڻ دٻدٻي ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو ۽ نه فقط ڳوٺ پر سڄي تر جو چڱو مڙس هو.
    اسانجي امداد سال 1960ع ۾ رئيس انور خان نظاماڻي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ هو سندن اڪيلو پٽ آهي. امداد جو والد انورخان به پنهنجي والد محمد اسماعيل نظاماڻي صاحب جو اڪيلو پٽ آهي. امداد جو نانو رئيس الله بخش ۽ پڙ ڏاڏو محمد بخش ٻئي ڀائر هئا.
    ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪا خبر نٿي پوي ته ڪهڙو ڪلاس ميٽ يا دوست وڏو ٿي ڇا ٿيندو. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ منهنجا ٻه ڪلاس ميٽ جيڪي انگريزي ۾ هوشيار هوندي به کين پڙهائيءَ جو ايڏو شوق نه هو ۽مئٽرڪ بعد ڇڏي ڏنائون، ان وقت ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ خيرپور جو شوڪت جماڻي بزنيس ۾ ۽ ٻيو جيمس آباد جو محمد رفيع ڪاڇيلو ايگريڪلچر ۾ نالو پيدا ڪندو. سيد پرويز شاهد (S. P. Shahid) ۽ فاروق رشيد اسان کان ٽي سال جونيئر هوندي سڀ کانپهرين هڪ آرمي ۾ جنرل ۽ ٻيو نيوي ۾ ائڊمرل جي رئنڪ تي پهچندو. اهڙي طرح اورنگزيب لغاري جنهن کي سڄو ڏينهن کيچل مستي هئي ۽ پڙهائيءَ سان ڪا دلچسپي نه هئي. اهو وڏو ٿي ٽي وي ڊرامن جو وڏو ائڪٽر ٿيو.
    اهڙي طرح امداد علي خان جي ڪلاس ميٽن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي امداد هڪ سماج سڌارڪ ۽ زرعي ماهر طور سڄي پاڪستان ۾ مشهور ٿيندو. امداد جا ڪلاس ميٽ ته خوش نصيب چئبا جن هن سان گڏ ڪيترائي سال گذاريا. امداد کان جڏهن سندس ڪجهه ڪلاس ميٽن ۽ دوستن جا نالا پڇيم ته پهريون نالو ڊاڪٽر فيضان پٺاڻ جو ٻڌي يڪدم امداد کي چيم ته نه رڳو هو پر توهان به وڏا خوش نصيب آهيو جنهن کي فيضان جهڙن جي سنگت ملي. ڦلجي (دادو ضلعي) جو ڊاڪٽر فيضان پٺاڻ اسان جي نوجوانن لاءِ وڏو اتساهه پيدا ڪندڙ ۽ مثالي شخصيت آهي. هو ڳوٺاڻو ۽ غريب گهر جو ٻار هجڻ جي باوجود محنتي هو. هن نه رڳو هر ڪلاس مئٽرڪ ۽ انٽر تائين پهرين پوزيشن حاصل ڪئي پر MBBS ۾ توڙي ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ دوران نمبر کنيا.ڊاڪٽر فيضان اسلام آباد جي شفا اسپتال ۾ يورولاجسٽ آهي.ان کان علاوه امداد خان جا ڪجهه ٻيا ڪلاس ميٽ ۽ دوست جن کان اسان جي سنڌ جا ماڻهو واقف آهن، هنريت آهن:
    * نوابشاهه جو ڊاڪٽر جئه ڪرشن جيڪو اسلام آباد جي PIMS اسپتال ۾ پروفيسر آهن.
    * سنڌ جو وڏو آرٽسٽ ۽ ليکڪ مرحوم طارق عالم.
    * سنڌ گورنمينٽ جو اعليٰ عملدار ۽ مشهور ڪالم نويس عمر قاضي جيڪو پڻ ڦلجي جو آهي.
    * نظير ڀنگوار جيڪو اصل نواب شاهه جو آهي، هاڻ هو 2001ع کان پنهنجي فئملي سان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ رهي ٿو.
    ۽ دوستن ۾:
    * ٽنڊو آدم جو سابق ايم پي اي ۽ ايم اين اي فدا حسين ڏيرو.
    * سجاول جاتي پاسي جو فشريز جو وزير محمد علي ملڪاڻي.
    * ٽنڊو جان محمد جو زميندار ۽ سماجي ڪم ڪندڙ قاضي فيض الله صاحب جيڪو هن وقت ٽنڊو جان محمد ۾ پنهنجي خرچ تي اسڪول ٺهرائي پنهنجي پسگردائي جي ماڻهن لاءِ اعلي تعليم جي سهولت مهيا ڪئي آهي.
    قاضي فيض الله صاحب جي اسڪول تان ياد آيو ته اسان جي امداد کي جتي ماڊرن زراعت ۽ راندين سان دلچسپي آهي اتي هو تعليم جي واڌاري ۽ عام ٿيڻ تي به خوش ٿئي ٿو. هن ڳوٺ جي ٻارن توڙي وڏن لاءِ راندين جا ميدان مهيا ڪيا آهن. هن جو چوڻ آهي ته رانديون انسان کي جسماني طرح فٽ رکن ٿيون ۽ جسماني طرح تندرست انسان سٺي ذهن لاءِ به جستجو ڪري ٿو. اهڙي طرح هن جو ان ۾ پختو يقين آهي ته تعليم انسان ۾ شعور ۽ سمجهه پيدا ڪري ٿي ۽ هو پنهنجا مسئلا سمجهي ۽ ان کي حل ڪري سگهي ٿو.
    ٽنڊو سومرو ۾ چار ڏينهن رهڻ دوران امداد ٽنڊو سومرو جو ته هڪ هڪ اسڪول ڏيکاريو پر اوسي پاسي جا اسڪول پڻ. ٽنڊوالهيار تعليمي درسگاهن جو ڳڙهه آهي. منهنجي نه نه ڪرڻ تي به هو مون کي ٽنڊوالهيار تائين وٺي آيو جتي جي ويندي ٽيڪنيڪل ۽ گونگن جي اسڪول کان علاوه راشد آباد جا اسڪول به ڏيکاريا. اڃان به هن کي ٻه ٽڪا ارمان رهجي ويو ته جيڪر آئون هڪ ڏينهن وڌيڪ رهي ٽنڊو جان محمد سندس دوست قاضي فيض الله جو عوام جي خذمت لاءِ پنهنجي خرچ تي ٺهيل اسڪول به هلي ڏسان ۽ قاضي صاحب جي عزيز ۽ پاڙيسري ڊاڪٽر شفقت ڏاهريءَ جن سان به هلي ملان. جن جي والد بابو (عبدالرحمان) ۽ چاچي يوسف ڏاهريءَ سان منهنجي 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ منهنجي ملاقات آمريڪا ۾ ٿيندي هئي جڏهن منهنجو جهاز نيويارڪ ۽ هوسٽن بندرگاهن ۾ پهچندو هو. اها ڳالهه قابل داد آهي ته ٽنڊو جان محمد جي ٻن زميندار ڀائرن قاضي فيض الله ۽ نور محمد، ٽنڊو جان محمد کان ٽي ميل پري ڦٽل درياهه پراڻ جي ڪناري تي پنهنجي خرچ سان پنهنجي زمين تي ”انڊس هاءِ وي ليگ“ نالي هڪ عاليشان اسڪول ٺهرايو آهي. سندن والد صاحب قاضي محمد اشرف عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته جتي اسان جا ڪيترا وڏيرا، پير، ڀوتار اسڪولن کي بند رکيو ويٺا آهن اتي ڪجهه اهڙا نيڪ زميندار به آهن جن کي پنهنجي تَرَ جي ماڻهن جي تعليم جو اونو آهي. انور پيرزادي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ سلطان آباد جهڙن ڳوٺن وانگر ٽنڊو سومرو جا به سئو فيصد ٻار اسڪول وڃن ٿا.
    ’عاصم ايگريڪلچر فارم‘ تي رهڻ دوران گيسٽ هائوس جو انچارج ماجد خاصخيلي جيڪو مون لاءِ نيرن کڻي ايندو هو سوشالاجي ۾ M.Aآهي ۽ هن کي ويجهڙائيءَ ۾ امداد صاحب پاڪستان انسٽيٽيوٽ ٽوئرزم ۽ هوٽل مئنيجمينٽ (PITHAM) مان ڇهن مهنن جو هوٽل مئنيجمينٽ جو ڪورس ڪرايو آهي. جمعون ڀيل به سوشالاجي ۾ ايم اي آهي جنهن کي بعد ۾ امداد بزنيس ايدمنسٽريشن جو ڪورس مڪمل ڪرڻ لاءِ همٿايو. فارم تي لائيٽ جو ڪم ڪندڙ گوڪل داس توڙي فارم جو حساب ڪتاب ڪندڙ نوجوان محمد وسيم، محمد سليم يا غلام مجتبيٰ سڀ IT جا ڄاڻو آهن. ٽندو سومرو ۾ رهڻ دوران هڪ ٻي ڳالهه مون امداد توڙي ڳوٺ جي ٻين رئيسن ۽ عام ماڻهن ۾ نوٽ ڪئي ته هنن جو مذهب ڏي پڻ گهڻو رجحان آهي. هنن جي دلين ۾ خدا جو خوف آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هتي جا نظاماڻي زميندار انصاف پسند آهن، هنن کي غريبن جو به خيال آهي، هو ظالم ناهن. جتي اسان وٽ شرابخوري، جوا، جهيڙا جهٽا ۽ ٻين جا حق کسڻ عام ٿيندا وڃن اتي هن ڳوٺ جا رئيس توڙي عام ماڻهو انهن براين کان پري آهن. اها خوشي جي ڳالهه آهي. ڇو جو مذهب، خدا جو خوف هڪ انسان کي پنهنجو پاڻ کي سٺو رکڻ ۽ ٻين سان سٺو هلڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. هو ظلم ڪرڻ يا غريبن جا حق مارڻ کان گريز ڪري ٿو. شل اسان جي ٻين ڳوٺن جا زميندار، رئيس وڏيرا، سرڪاري ڪامورا ۽ نوجوان به پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جو خيال ڪن ۽ پنهنجي ڳوٺ کي امداد جي ڳوٺ وانگر پرامن، خوشحال ۽ سهڻو بڻائين. ٽنڊو سومرو ۾ رهڻ دوران روزانو شام جو چانهه تي ۽ رات جو ڊنر تي ڳوٺ جي مختلف ماڻهن ماسترن، زميندارن، واپارين ويندي عورتن جي ٽولن سان گڏجاڻي ٿينديهئي. مون کي حيرت ٿي ته هتي جي هر فيلڊ جي ماڻهن جو ڳالهائڻ جو طريقو ڌيرج ۽ فضيلت وارو آهي. ان قسم جي فضيلت سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ مون پنهنجي ڳوٺ (هالا نوان) جي ابڙن ۽ مخدوم فيملي جي ماڻهن ۽ هالا پراڻا جي قاضي فيملين کان ٻڌو آهي. اسان وٽ وڏيرا، زميندار جڏهن اوطاقن تي ويهي ڪچهري ڪن ٿا ته ڇا ته کهري ۽ ناشائسته زبان استعمال ڪن ٿا پر ٽنڊو سومرو جي نظاماڻي زميندارن ۽ سرڪاري ڪامورن سان ٻه دفعه ڪچهريون ٿيون. هر ڀيري ٽيهارو کن ڄڻا هئا. هنن مان هر هڪ فضيلت جي دائري ۾ ڳالهائيندو رهيو. پاڻ رکي رکي آئون اديب مان Sailor-ـــ يعني ”مهاڻو ماڇي“ ٿي پيس ٿي ۽ ڪاڪا vulgar جوڪ به ٻڌائي ويٺس ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ٽنڊو سومرو جي ماڻهن جي وچ ۾ مون پنهنجو پاڻ کيBull in a China Shop محسوس ڪيو ٿي.
    امداد جي ڳوٺ ٽنڊو سومرو لاءِ هڪ ٻي ڳالهه ڌيان ۾ اچي ٿي ته هي ڳوٺ جپان وانگر ماضيءَ ۾ شايد Isolated رهيو آهي. جپانين وڏو عرصو نه پنهنجا ٻيٽ ڇڏيا ۽ نه ڪنهن ڌارئين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ڏنو. ٽنڊو سومرو جي نظاماڻين به گهٽ ۾ گهٽ شاديون ۽ سڱابنديون پنهنجن ۾ ئي ڪيون ٿي ۽ اڄ به جنهن نظاماڻيءَ کان کڻي پڇ ته هو رئيس سومر يا ان جي ڀاءُ جي اولاد مان ٻڌائيندو.
    ٽنڊو سومرو ۽ ان جي آس پاس گهمائڻ لاءِ سائين صلاح الدين پڻ هر وقت مون سان گڏ رهيو ٿي. سندس والد صاحب ڊاڪٽر عزيز الدين نظاماڻي اسان جو هم عمر آهي بلڪه سنڌ جا ماڻهو صلاح الدين جي ڏاڏي وڪيل نصير محمد کان تمام گهڻو واقف هوندا جو هو سنڌ خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ رهي چڪو آهي. سندس آفيس رسالا روڊ حيدرآباد ۾ هوندي هئي ڀر ۾ اسان جي ناني (سيٺ محمد حسن سومرو، زميندار هوٽل واري) جو گهر ۽ عبرت جي قاضي اسد ۽ KTN جي علي قاضي جي ڏاڏي (قاضي عبدالقيوم صاحب) جو مَطب هوندو هو. بهرحال صلاح الدين کان اسان جي پيٽارين ڊاڪٽر نصير نظاماڻيءَ جو پڇيم ته ٻڌائين ته اهو هن جو سوٽ ٿئي ۽ ان ئي ڏينهن امداد ٻڌايو ته هو هن جو ماسات ٿئي. اسان جي هڪ ٻئي پيٽارين ملوڪ نظاماڻيءَ جو صلاح الدين کان پڇيم ته امداد جو ڇا ٿئي ته هن ٻڌايو ته ”هو سنڊو ٿين يعني هنن جون گهرواريون ڀيڻيون آهن.
    ”تنهنجي معنيٰ ته هونءَ هو پاڻ ۾ مائٽ نه آهن؟“ مون پڇيو.
    ”هونءَ به مائٽ ٿين“، صلاح الدين چيو، ”ملوڪ جو ڏاڏو (الهه بخش) ۽ امداد جو پڙ ڏاڏو (محمد بخش) سڳا ڀائر هئا ۽ هي سڀ رئيس غلام محمد خان نظاماڻيءَ جي اولاد مان آهن“.
    الهه بخش صاحب کي چار پٽ هئا: محمد ابراهيم (جنهن جو پٽ محمد ملوڪ آهي)، خان صاحب غلام محمد (جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو آهي) ۽ محمد ملوڪ ۽ امداد علي، خانصاحب غلام محمد جا ناٺي ٿين) ٽيون پٽ قربان علي ۽ چوٿون پٽ عصمت الله جيڪو پيار جي نالي پوڙهل خان سان مشهور آهي. هن جا ٻه فرزند رضوان ۽ اسد اسان جي دوست امداد علي جا ناٺي ٿين. اهڙي طرح مشهور صحافي ڪامريڊ محمد عيسيٰ نظاماڻي ۽ ان جي اولاد سان به امداد ۽ ٻين جي مائٽي ٿئي. ٽنڊو سومرو جي نوجوان ڊاڪٽرن: اڪرم نظاماڻي، نواز علي نظاماڻي، آصف نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر بهرام نظاماڻيءَ جو پڇيم ته خبر پيئي ته ڪو محمد ملوڪ نظاماڻيءَ جو ڀاءُ آهي ته ڪو ڀائٽيو، ڪو اسان جي روينيو آفيسر مدد علي نظاماڻيءَ جو پٽ آهي ته ڪو محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جو پٽ! محمد عيسيٰ سان منهنجيون ۽ منهنجي پيٽاري جي ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ جون 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪراچيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ سائين ميرعلي احمد ٽالپر جي شڪارپور ڪالوني واري گهر ۾ ٿيون. ان بعد هتي ٽنڊو سومرو ۾ سندس پٽن ۽ انهن جي اولاد سان مليس. بهرحال ٽنڊو سومرو جي نظاماڻي زميندارن ۽ انهن جي اولاد کان پوءِ مون اهو پڇڻ ڇڏي ڏنو ته هو ڪير آهن. هو سڀ هڪ ٻئي جا سوٽ ماسات، پڦاٽ ماروٽ، ڀائٽيا ڀاڻيجا ۽ چاچا ماما ٿين. ان تان امداد کي کلي چيم ته مون کي توهان جي ڳوٺ ٽنڊو سومرو تان لبنان جو هڪ ڳوٺ ٿو ياد اچي جنهن جو ذڪر آمريڪن يهودي ليکڪا ۽ شاعره ايرڪا جونگ پنهنجي ناول نما آتم ڪٿا (Fear of Flying) ۾ ڪيو آهي.
    ايرڪا آمريڪا کان بيروت پهچي ٿي جتي هن جي ڀيڻ جي شادي هڪ عيسائي عرب سان ٿي آهي. هوءَ لکي ٿي ته هن کي بيروت ڪو خاص نه لڳو. اهي ئي آمريڪن نموني جا دڪان ۽ ريسٽورنٽون، رستن تي ٽرئفڪ جئم ۽ دونهون..... نيٺ تبديليءَ خاطر هن جو ڀيڻويو هن کي ٻهراڙيءَ جو سير ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ وٺي هليو، جتي هن جا ماءُ پيءُ يعني ايرڪا جي ڀيڻ جو سس، سهرو، نرانون، ڏير ڏيرياڻيون رهيون ٿي. ايرڪا لکي ٿي ته لبنان جي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جيڪي عيسائي عرب رهيا ٿي انهن جو هڪ ئي ڪٽنب سان واسطو لڳو ٿي ۽ ڳوٺ جي هر ماڻهو ۽ ٻچي ٻار جي هن جي ڀيڻو ئي سان مائٽي لڳي ٿي جو جتان لنگهياسين ٿي اتي موجود ماڻهوءَ منهنجي ڀيڻ جي مڙس کي چاچي، مامي، سوٽ ماسات يا پڦاٽ ماروٽ جي سڱ سان سڏيو ٿي.....
    امداد علي خان نظاماڻيءَ جي ڳوٺ ٽنڊو سومرو تان مون کي جپان جو به هڪ ڳوٺ ”فوجي ساڪي“ ياد آيو جيڪو دنيا جي بهترين صوفن کان مشهور آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ”عاصم ائگريڪلچر فارم“ ۾ هر قسم جو ميوو ۽ ڀاڄي نه فقط اعليٰ معيار جو پوکيو وڃي ٿو پر پاڪستان جي وڏن شهرن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏي وڪري لاءِ بهترين دٻن ۾ پئڪ ٿي وڃي ٿو. اسان جي زميندارن جن کي انب، صوف، موسميون يا ڪو ٻيو فروٽ يا ڀاڄي ايڪسپورٽ ڪرڻ جو شوق آهي ته هنن کي کپي ته هڪ ته ان جي ”گريڊنگ“ ڪن يعني پيتيءَ ۾ جنهن سائيز ۽ جنس جو ميوو مٿين تهه ۾ رکن ٿا اهو هيٺئين ۾ به رکن ۽ ٻيو ته ان جي پئڪنگ يعني گتي جا دٻا معياري استعمال ڪن. مون کي ياد ٿو اچي. ته ڪيترا دفعا اسان جي ملڪ مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ گانگٽ ۽ مڇيون جپان ۾ پهچڻ تي رد ڪيون ويون جو انهن جا لوهي دٻا معياري نه هئا، اسان جا چانور سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ Reject ٿي ويا جو اهي مضبوط ۽ سٺين ڳوٿرين ۾ پئڪ نه هئا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي ساڳيا چانور اسان کان انڊيا خريد ڪري سٺين ڳوڻين ۾ پئڪ ڪري ڳري اگهه تي ايڪسپورٽ ڪري ٿو.
    ان معاملي ۾ امداد بيحد خبردار ٿو لڳي. ڪنهن زماني ۾ ڪاڇيلو جي انبن جون گتي جون boxes سڀ ۾ عمده هونديون هيون ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ فارينر ڪلفٽن ۾ موجود ”آغاز سپر مارڪيٽ“ تان اهي انب خريد ڪري پنهنجي ملڪ موڪليندا هئا پر هاڻ هر شيءِ جو معيار اڃان به اوچو ٿي ويو آهي ۽ توهان پاڻ به ڏسندائو ته ”عاصم ائگريڪلچر فارم“ جي ميوي جون پيتيون اوچي ۽ مضبوط گتي (دفتري) جون ٺهيل آهن ۽ منزل تائين هن ۾ موجود ميوو سلامت ۽ بهترين حالت ۾ رهي ٿو.
    ٽنڊو سومرو ۾ ٽي چار ڏينهن رهي هاڻ امداد وارن کان موڪلائي ڪراچي ڏي روانو ٿيڻ وارو هوس ته عاصم ائگريڪلچر فارم جي مين گيٽ ٻاهران روڊ جي ساڄي پاسي ڪيلي جي ڪٽائي ٿي رهي هئي. مون سان گڏ ويٺل عاصم فارم جي مئنيجر جمعي مل کي چيم ته هڪ ڇڳو انهن ڪيلن جو کڻڻ لاءِ چيم. هن هڪ بدران ٻه ٽي ڇڳا کنيا ۽ گاڏيءَ کي وري واپس فارم جي گيسٽ هائوس ڏي موڙڻ لڳو.
    ”خيريت؟“ مون پڇيومانس.
    ”سائين هنن ڪيلن کي چڱي طرح کوکي ۾ پئڪ ڪري ڏيانوَ“. هن وراڻيو.
    ”ڪمال ٿو ڪرين. اتي ئي کڻي پيرن ۾ رک يا هن ٿيلهيءَ ۾ وجهه“. مون سيٽ تي رکيل خالي شاپر هن ڏي وڌائيندي چيو.
    ”نه سائين، ٻه منٽ به نه لڳندا هنن کي چڱي طرح پئڪ ڪرڻ ۾. امداد صاحب جو چوڻ آهي ته اسان جي فارم جو ڪو به ميوو يا ڀاڄي ڪنهن کي ڏيو ته ان کي فضيلت سان سهڻي نموني پئڪ ڪري ڏيو ته هيءَ ٽنڊو سومرو جي سوغات آهي“.
    مون کي ائين لڳو ڄڻ اهو جملو .... اهو ڊائلاگ، مون پهرين به ڪٿي ٻڌو هجي. آئون سوچڻ لڳس. ياد آيو ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ منهنجو فوجي ساڪي نالي جپان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي مسافر خاني (Ryokan) ۾ رهڻ ٿيو هو. هن ڳوٺ جا ”فُوجي ائپل“ جنس جا صوف دنيا ۾ مشهور آهن. مسافر خاني جي مالڪ جو مسافر خاني سان گڏ ٻه ٽي ايڪڙ صوفن جو باغ به هو جنهن جي سارسنڀال هن جي سڄي فئمليءَ ڪئي ٿي. ٽي چار ڏينهن رهڻ بعد اسان جو جهاز جنهن تي پوسٽنگ لاءِ آئون ان جو انتظار ڪري رهيو هوس، جپان پهچي ويو ۽ اتي جي مڪاني آفيس جو مئنيجر مون کي ڀرواري شهر/بندرگاهه ائوموري وٺي هلڻ لاءِ اچي ويو. مسافر خاني جي مالڪ موڪلائڻ مهل چوڌاري صوفن جي وڻن ڏي اشارو ڪري چيو ته پنهنجي مرضي سان ڪجهه صوف پٽي کڻي وڃ. آئون ڀر وارن ٻن ٽن وڻن مان پنڌرهن ويهه صوف پٽي شاپر ڀري گاڏيءَ ۾ رکڻ وارو هوس ته هن مون کان صوف وٺي ٻه منٽ ترسڻ جو اشارو ڪيو. ”ترس ته صوفن جي پيتيءَ ۾ صحيح طرح پئڪ ڪري ڏيانءِ.“ هن چيو.
    اهو ٻڌائيندو هلان ته هن ائوموري ضلعي مان (جنهن جو ’ائوموري‘ وڏو شهر آهي)، جيڪي فوجي صوف جپان جي ٻين شهرن ۽ ٻين ملڪن ڏي وڪري لاءِ وڃن ٿا انهن لاءِ هن ضلعي ۾ بهترين ڪاٺ جون پيتيون ٺهن ٿيون. اسان وٽ سادين پٽين مان انبن جون بي ڊوليون پيتيون ٺهن ٿيون پر هتي سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن جي مشهور لسي ”اوڪ وڊ“ ڪاٺ جهڙي ڪاٺ جون لسيون پيتيون ٺاهيون وڃن ٿيون جيڪي بذات خود هتي جو آرٽ ورڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ آئون ته فوجي ساڪي ڳوٺ ۾ رهڻ دوران اتي جي زميندارن کي چوندو رهيس ٿي ته پيتيءَ ۾ موجود صوفن کان ته مهانگي پيتي آهي.
    ۽ هاڻي جڏهن مسافر خاني جي مالڪ منهنجي پٽيل صوفن کي پئڪ ڪرڻ لاءِ چيو ته مون سندس خرچ بچائڻ لاءِ پئڪ ڪرڻ کان منع ڪندي چيومانس ته تڪليف نه ڪر. بس ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ جهاز تي پهچي ويندس جتي هي صوف اتي موجود ساٿين ۾ ورهائي ڇڏيندس. پر هن پنهنجي پٽ کي پئڪ ڪرڻ لاءِ صوف ڏيندي مون کي چيو ته اسان جي ڳوٺ فوجي ساڪي جا هي فوجي صوف ائين آهن جيئن ڪنوار جيڪا جڏهن ڳوٺ کان ٻاهر پرڻجي وڃي ٿي ته اسان هن کي سهڻي ويس وڳي ۾ موڪليون ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته جپان جا هي فُوجي جنس جا صوف جن جو نالو هن ڳوٺ تان پيو آهي. ڪافي وڏا ۽ رنگ ۾ سڄا ڳاڙها ٿين ٿا. صبح جو اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرندو هوس ته روزانو مسافر خاني جو مالڪ ۽ سندس زال ۽ ٻار هڪ هڪ وڻ ۾ موجود هڪ هڪ صوف کي ٿورو ٿورو ٽرن ڪندا هئا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته اهو هو ان ڪري ڪن ٿا جيئن صوف جي هر پاسي کي اس لڳي ۽ ڳاڙهو رنگ ڪري.
    امداد جي فارم تي پڻ رهڻ دوران صبح جو دريءَ مان ڏسندو هوس روزانو يونيفارم ۾ ٽيهه چاليهه ڄڻا ڏانٽن ۽ کرپين سان سائيڪلن تي ايندا هئا ۽ سڄو ڏينهن ڪيلي ۽ انبن جي وڻن ۾ ٺاهه جوڙ ڪندا رهيا ٿي يا ڪيلي جي ڇڳن کي ٽيڪون ڏيندا وتيا ٿي. امداد جي ڊرائيور محبوب خاصخيليءَ ٻڌايو ته هي سڀ ڀيل آهن جيڪي 12 سالن کان هن فارم تي ڪم ڪن ٿا ۽ ڪيلي ۽ انبن جي وڻن جي سائنسي طريقي سان ٽهل ٽڪور لهن ٿا جيئن اهي سٺو ۽ گهڻو ڦر ڏئي سگهن.
    اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اهو ئي ٻڌبو هو ته باغ رکڻ جي فقط شروع ۾ تڪليف ٿئي ٿي پوءِ هر سال بنا محنت جي ميوو ملندو رهي ٿو. پر لڳي ٿو ته ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي پوک وانگر انب، ڪيلي لاءِ به لڳاتار ماڻهو ۽ محنت کپي. پوءِ ته منهنجي ملائيشين جهازران دوست، جنهن سُڪون جي زندگي گذارڻ چاهي ٿي، تنهن سمنڊ تي جهاز هلائڻ توڙي ڪناري تي شپ يارڊ يا ٽيچنگ جي نوڪريءَ کي مٿي جو سور ٿي سمجهيو جو اتي خلاصين، مزورن ۽ شاگردن جا وڏا نخرا آهن. مون کيس چيو هو ته بهتر ٿيندو هو زمينداري ڪري.
    ”نه سرڪار! ان ۾ به هارين نارين ۽ ڏهاڙي جي مزورن جا نخرا آهن ــــ چاهي سارين جي پوک هجي يا پام آئل، انناس، ليچي جو باغ“ .... ۽ پوءِ ٿوري دير خلا ۾ گهوريندي چيو هئائين، ”ها البت ناريلن جي پوک اهڙي آهي جنهن ۾ سُڪون ئي سُڪون آهي. بس رڳو هڪ دفعو ناريلن جون چڪيون هڻڻ لاءِ مزور وٺي اچڻا پون ٿا پوءِ هارين نارين ۽ ڏهاڙي وارن کان جان ڇٽي“.
    ياد رهي ته ملائيشيا ۾ ٻارهو ئي بارش پوي ٿي ان ڪري فصل لاءِ نه پاڻي ورائڻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ نه گڏ ڪرڻ ۽ گاهه ڪڍڻ وارن جي. هڪ دفعو ناريل ڦر ڏيڻ شروع ڪن ٿا ته سندن چونڊي لاءِ ــــ يعني پٽڻ لاءِ، ڏهاڙي جي اجوري تي يا ست سيڪڙو جي حساب سان، مسواڙ تي ڀولڙو وٺي ناريل پٽرائي سگهجن ٿا يا خود ڪفيل ٿيڻ لاءِ جهنگل مان هڪ يا ٻه رول ڀولڙا ڦاسائي کين ملائيشيا يا ٿائلينڊ جي ڪنهن ”ڀولڙن جي اسڪول“ مان ناريل پٽڻ جي ٽي مهينا ٽريننگ ڏياري سگهجي ٿي. ڀولڙا نه پگهار وڌائڻ جي گُهر ڪن، نه يونيفارم ۽ ٽي ٽائيم جي. هو ٻن چئن ڦِٿل سِٿل ڪيلن ۾ به خوش. کيس کٽ جي پائي سان ٻڌي زميندار ڀلي ننڊون ڪندو رهي.


    الطاف شيخ
    ڪراچي
    3-آگسٽ،2017


    عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ بحري جهاز جيڏو ڳرو سنڌي

    نواب شاهه جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي اسي واري ڏهاڪي ۾ هڪ وڏو ڪتاب گهر هوندو هُئو- جنهن تي اخبارن، رسالن ۽ جاسوسي ڊائجسٽن سان گڏ اردو ۽ ڪجهه مشهور سنڌي ادب جا ڪتاب رکيا ويندا هُئا. ٻانڌي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران بابا سان نواب شاهه وڃڻ ٿيو. واپسيءَ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي بيهي ريل گاڏيءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين. ڪتاب گهر تي نظر پئي. دل چيو ڪو سنڌي ڪتاب خريد ڪجي. بابا بنهه ڳوٺاڻو ۽ اڻ پڙهيو ماڻهو، سو سندس ڪتابن سان ڪو واسطو ڪونه- مون ڪتاب وٺڻ جي خواهش ڏيکاري. جواب ۾ بابا چيو پٽ هي ڪتاب تنهنجي ڪم جا ناهن (سندس مطلب هُئو ته هي نصاب وارا ڪتاب ناهن)- مون ضد ڪيو ته مون کي هڪ ڪتاب ضرور وٺڻو آهي. ڪتاب گهر تي پهچي سنڌي ڪتاب ڳولڻ لڳس. هڪ ڪتاب تي هٿ رکيم ۽ خريد ڪيم، شايد ڏهه پندرنهن روپيا ڪتاب جو مُلهه هُئو. مون کي ڪتاب جو نالو ياد ڪونه ٿو اچي پر زندگي ۾ مون جيڪو پهريون ڪتاب خريد ڪيو ان جو ليکڪ الطاف شيخ هُئو. خوشيءَ جي ڪا انتها ڪانه هُئي. بس دل چيو ته ريل گاڏي جهٽ اچي، ويهڻ لاءِ جڳهه ملي ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيان. نواب شاهه کان ٻانڌيءَ تائين ريل گاڏيءَ ۾ هن ڪتاب جا مون ڪافي صفحا پڙهيا- بس پوءِ ستين درجي کان وٺي اڄ تائين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهندو پيو اچان.
    سندس لکيل ستر اسي ڪتابن کي پڙهڻ جو موقعو ته نه مليو پر سندس ٻه درجن کن ڪتاب پڙهي چُڪو آهيان. پهرئين ڏينهن کان جنهن ڳالهه مون کي سائين الطاف شيخ جي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُتساهيو اُها آهي عالمي ڄاڻ. يعني دنيا جي ٻين مُلڪن بابت ڄاڻ، هُو جتي به وڃي ٿو اُن مُلڪ جي سير دوران پڙهندڙ کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي پيو. فرض ڪريو اوهان سندس ڪتاب ”نيو هالا کان نيويارڪ“ پڙهي رهيا آهيو. هي آمريڪا جو سفرنامو آهي پر ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿيندو، اوهان ان هنڌ تي بيٺا آهيو جنهن هنڌ جو الطاف شيخ ذڪر ڪري رهيو آهي. يا هُو توهان کي ان ڪردار سان ملائي رهيو آهي جنهن بابت هُو لکي رهيو آهي. سفر دوران پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ئي اصل ۾ سفرنامي جو ڪمال يا سفرنامي جي دلچسپي آهي. الطاف شيخ جو سفرنامو چوڻ جي حد تائين سفرنامو آهي، پر اصل ۾ سندس هر سفرنامو انٽرنيشنل رليشن (IR) عالمي تعلقات جو اهم وسيلو هوندو آهي. ڇو ته ان سفرنامي ۾ حياتيءَ جو هر پهلو ملندو، تاريخ به ملندي، تهذيب به ملندي، ريت ۽ روايتون به ملنديون، ثقافتون ۽ لوڪ ادب به ملندو. الطاف ڪنهن به مُلڪ ۾ وڃي اُن مُلڪ بابت جيڪڏهن سفرنامو لکي ٿو ته اُن ۾ ڄاڻايل مُلڪ جي سماجي ۽ اقتصادي حالت به ملندي ته اُتي آيل انقلاب، سماجي تبديلين، معاشي اُٿل پُٿل سان گڏ انهن تبديلين جا ڄاڻايل مُلڪ تي پوندڙ اثرن ۽ لاڙن کان به ڄاڻ ڏئي ٿو. هي اها ڄاڻ ڪو پنهنجي تجزيي آهر نه پر ان مُلڪ جي ماڻهن جي زباني، ساڻن ٿيل ڪچهرين، ملاقاتن، انٽرويوز ۽ اُن مُلڪ جي لکڻين آهر ٻڌائي ٿو. ان ڪري اُهو سفرنامو هڪ مڪمل تحقيق تي ٻڌل هُجي ٿو. الطاف شيخ جو سفرنامو سنڌي ادب جو ايڏو ته ڪارائتو پهلو آهي جيڏو اڄ جي دؤر ۾ ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ- گلوبل وليج جو نعرو هڻندڙن کي ڪير ٻڌائي ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ مئرين انجنيئر چاليهه سال اڳ ان زماني ۾ سنڌين کي سڄي دنيا بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو جڏهن اڃا ڪمپيوٽر دنيا تائين ڪونه پهتو هُئو. بحري جهاز هلائيندڙ هي سامونڊي ليکڪ منهنجي حساب سان اسان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ بحري جهاز جيڏو وزنائتو ليکڪ آهي، جنهن جي سفرنامن ۾ ڪمال جي ڪاريگري ته اها ملندي جو سندس هر دليل يا ڀيٽ جي شروعات به سنڌ آهي ته پُڄاڻي به سنڌ آهي. يعني جيڪڏهن ڪنهن آفريڪي ٻيٽ ۾ کاڌي جي ڳالهه ڪبي ته ان جي ڀيٽ سنڌي کاڌن سان ڪبي. جاپان جي لوڪ ادب تي لکبو ته ان ۾ سنڌي هائيڪو يا ٽيڙو تي ڳالهه ڪبي، سندس سفرنامن جو پهريون پهلو، عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات، نسل، رنگ، قوم، مذهب ۽ هر قسم جي سماجي اوچ نيچ کان مٿاهون ٿي ماڻهپي تي اڏول ٿي بيهڻ آهي. سندس ويجهن دوستن ۾ عرب مسلمان ملندا ته يهودي ۽ عيسائي به ملندا. مديني جا ٺپ وهابي به ملندا ته ايران جا پڪا مولائي به ملندا. سندس دوستن ۾ فلسطيني، سوڊاني، بنگالي، يمني، ڪويتي، عراقي ۽ لبناني ملندا ته اتي عيسائي، هندو، سک، پارسي، آفريڪي ۽ يورپي به ملندا. پر سندس آڏو دوست صرف دوست آهي. ساڳي ريت هُو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي اتي رهندڙ سنڌين کي ڳولي ساڻن پڙهندڙن جو تعارف ڪرائي ٿو پر ان سان گڏ هر مُلڪ ۾ سندس دوستن ۾ پنجابي، سرائيڪي، پشتو، بلوچي، ڪشميري، گلگتي، چترالي، هندڪو ۽ اردو ڳالهائيندڙ به شامل آهن. ان جي باوجود اڌ صديءَ کان هُو جتي به ويو کيس هر هنڌ سنڌ ۽ سنڌيءَ جي ڳولا ضرور لهي. شايد اُهوئي ڪارڻ هُجي جو سندس سفرنامن جا نالا به بلڪل سنڌي نالن، سنڌي شهرن، ڳوٺن جي نالن سان ڀيٽ ڪيل آهن. مثال طور مڪليءَ کان ملاڪا تائين، ملير کان مالمو، ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن، نيوهالا کان نيويارڪ، بخشو لغاري کان بالٽيمور، ڪراچيءَ کان ڪوڪورا، وغيره ائين ئي وري سندس ڪتابن ۾ لکيل مختلف ماڻهن ۽ علائقن تي لکيل الڳ الڳ باب ملندا جن ۾ ڀيٽ ڏيڻ وقت سنڌ جي ڪنهن شهر، ڳوٺ، رواج يا ذات جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن، ”نيو جرسي ۾ نواب شاهه جي ميمڻ جو دوڪان“ يا اهو لکڻ ته آمريڪا ۽ جاپان وچ ۾ ٽيلي فون تي ڳالهائڻ ايترو ته سستو آهي جو حيدرآباد کان هالا ڳالهائڻ به مهانگو آهي. يا ”حبيب آمريڪن بئنڪ جو سنڌي مئنيجر يا ماتلي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو آمريڪا ۾ فراڊ ڪري آمريڪين کي به بيوقوف بڻائي ويندا آهن.“ يعني ڪنهن مثبت ڳالهه جو مثال هُجي يا منفي پر ان ۾ سندس محور بهرحال سنڌ ئي آهي. منهنجو خيال آهي ته سندس اهو انداز سؤ سيڪڙو فطري به آهي ۽ سؤ سيڪڙو عوامي به. تڏهن ئي شايد سندس سفرنامي ۾ شروع کان وٺي آخر تائين پڙهندڙ جي دلچسپيءَ سان گڏ هُو پاڻ اُن ۾ شامل رهي ٿو. ڇو ته عام زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو ڳوٺ کان شهر ڪمائڻ ايندو آهي ته سندس لاءِ شهر پرديس هوندو آهي. ان ڪري هُو شهر جي هر ڳالهه جي ڀيٽ ڳوٺ سان ڪندو آهي. ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ ڪنهن همراهه کي جيڪڏهن ڪاڇي مان آيل ڪو ڳوٺائي ملي وڃي ته کانئس ڳوٺ جا سڀ حال احوال پڇندو ۽ کيس شهر جا سڀ حال احوال وري ٻڌائيندو. هاڻي ان حال احوال کي جيڪڏهن عوامي انداز ۾ ڪير لکي سفرنامي جو روپ ڏئي ته اُهو الطاف شيخ ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو هڪ ته سمونڊ ۾ ڊگها سفر ڪندو رهيو پر اُن سان گڏ هُو جتي به ويو اتي سنڌي ماڻهو ڳولي لڌائين. سندن ڪتابن ۾ اسان کي انهن سنڌين بابت مڪمل ڄاڻ ملي ٿي. حنيف سانگي جيڪڏهن آمريڪي فوج ۾ پهريون سنڌي آهي ته الطاف لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه هُجي ٿي. پر سندس دوست فلڪ شير جي ملئي زال جيڪڏهن سنڌي ڳالهائي ٿي ته تڏهن به کيس خوشي ٿئي ٿي. مون کي سندس سفرنامن جا هي ننڍا وڏا مثال بلڪل ”ريسرچ ورڪ“ ٿا لڳن. تحقيقي ڪم آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي سامونڊي جهازن جي سفر ۽ ڪرت بابت سبق سيکاريندو آهي پر سندس سفرناما عالمي ڄاڻ جي سمونڊ ۾ رهندڙ سنڌين بابت پي ايڇ ڊي کان گهٽ ناهن. جيڪڏهن ڪير دنيا ۾ رهندڙ سنڌين بابت پي ايڇ ڊي ڪري ته کيس الطاف شيخ جا سفرناما ڪارائتا لڳندا پر الطاف پاڻ ڄڻ ته عالمي ڄاڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هُجي. ورلي ڪو اهڙو مُلڪ هُجي جنهن جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٻولي، ريتن، رسمن، کاڌي، رهڻي ڪهڻي، ادب، سماج ۽ ڪلاسڪ جي باري ۾ کيس ڄاڻ نه هُجي. مون کي لفظ ”انسائيڪلو پيڊيا“ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. الطاف شيخ هن صديءَ جو جيئرو جاڳندو اُهو سنڌي انجنيئر آهي جيڪو ڄاڻ جو بحري جهاز کڻي گهمندو پيو وتي ۽ ڪتابن جي صورت ۾ اُهو ڄاڻ اسان سڀني سان شيئر ڪندو رهي ٿو.
    الطاف شيخ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي نالن ۾ ڀٽائيءَ جو سُر سامونڊي ملندو هُئو، تڏهن سندس ڪتابن جا نالا هن ريت هوندا هئا، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”وايون وڻجارن جون“، ”بندر بازاريون“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“،”سمونڊ جي سيوين“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، وغيره وغيره. پر نوي جي ڏهاڪي ۾ وري سندس ڪتابن جي نالن ۾ به نواڻ آئي ”ايران ڏانهن اُڏام“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“، ”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“،”دهليءَ جو درشن “، وغيره. ايڪيهين صديءَ جي هلندڙ ڏهاڪي ۾ الطاف شيخ وري سنڌي سماج ۽ سنڌي پڙهندڙ کي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجيءَ جي زماني ۾ وٺي آيو آهي. سندس سفرنامن، انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽس ۽ سندس مختلف سرگرمين ۾ مڪمل طور تي ڊاڪيومينٽيشن ملي رهي آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪتابن ۾ تصويرون ته نوي جي ڏهاڪي ۽ ان کان اڳ به ڇپجنديون رهيون پر سندس ويجهڙائي ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ مڪمل دستاويزي ثبوت ملندا. اهو ڪم منهنجي ان موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي ته الطاف شيخ سفرنامن ۾ مڪمل تحقيق جو ڪم ڪري رهيو آهي. اديب، ليکڪ ۽ جاکوڙي انجنيئر سان گڏ هُو پنهنجي سفرنامن ۾ مڪمل طور تي هڪ محقق پڻ نظر اچي رهيو آهي ۽ هڪ صحافيءَ ناطي مون لاءِ سندس اِهو پهلو ڏاڍو اهم آهي. ڇو ته اڄ جي زماني ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڏاڍو گهٽ ٿي رهيو آهي، ڇو ته انٽرنيٽ عالمي دماغ بڻجي چُڪو آهي. پر ان زماني ۾ به ريسرچ سڀ کان اهم مضمون آهي. ريسرچ يا تحقيق ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي برقرار آهي. ڇو ته ريسرچ وسيلي ڄاڻ جي کوجنا جاري رهي ٿي. ليکڪ ڪانه ڪا نئين ڄاڻ جڏهن پنهنجي پڙهندڙ سان شيئر ڪري رهيو آهي، پوءِ اها ڄاڻ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي به مات ڏئي وجهندي آهي. مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ”سعودين ۽ مصرين جي پاڻ ۾ چانڊين- مگسين واري لڳي ٿي. مصري سعودي وارن کي گاريون ڏيندا ته ڄٽ آهن، جاهل آهن، تعليم نه اٿن، اڻ آريا آهن، پر پهرين ئي موقعي ملڻ سان هر مصري سعودي عرب ۾ نوڪري لاءِ هليو ايندو. کين عربي اچڻ ڪري اسان جي مقابلي ۾ سٺي نوڪري ۽ سُٺا پورهيا ملن ٿا. هڪ ٻئي سان ساڳي زبان جي ڄاڻ ڪري سٺو گذارو ڪري سگهن ٿا. جيئن پاڪستان ۽ هندوستان جون حڪومتون ڀل هڪ ٻئي کي گاريون ڏينديون رهن پر پاڪستان ۽ هندوستان کان ٻاهر پاڪستاني ۽ هندوستاني پاڻ ۾ سڀ کان سُٺا دوست ٿي گڏ هلندا آهن ۽ گڏ رهندا آهن. ڇو جو سندن زبان، کاڌو پيتو، ويس وڳو، ڪلچر ۽ معاشي مسئلا ساڳيا آهن.“ هن قسم جي ڀيٽ ته اُهوئي ماڻهو ڪري ٿو جيڪو هن صورتحال کان ويجهڙائپ کان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ”اي روڊ ٽو مدينه“ نالي سفرنامي ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ الطاف سعودي عرب جي ملان ازم ۽ سندن وري مصر ۾ وڃي عياشيون ڪرڻ جا قصا ڏاڍي زبردست انداز ۾ لکي ٿو، جنهن جي ڀيٽ وري هيئن ڪري ٿو ته ”جيئن اسان وٽ هرڪو آمريڪا کي گاريون ڏئي ٿو پر هر ڳالهه لاءِ آمريڪا ڀڄي ٿو ويندي ڌيئرن جا رشتا به آمريڪي گرين ڪارڊ جي شرط تي ڏنا وڃن ٿا. آمريڪا ويزا لاءِ لاٽري جي آڇ ٿو ڪري ته اسان جو به ننڍو وڏو مُلون، مولوي هر هڪ اوڏانهن وڃڻ جا خواب ڏسي ٿو.“ هن قسم جي ڄاڻ اسان کي شايد انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جي ڀيٽ سان نه ملندي پر الطاف شيخ ڏهه ٻارهن سال اڳ اسان کي اِهو ٻڌايو ”سعودي عرب جي ڪيترن گهرن ۾ مصري ٽي وي هلندي آهي، جنهن تي اڌ اگهاڙي لباس ۾ مصري دوشيزائون ولولا ۽ اشتعال انگيز ناچ ڏيکارينديون آهن. رات جو دير تائين سعودي عرب جون عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون پنهنجي ڀائرن، پيئرن ۽ مڙسن کان لڪي مصري ٽي وي ڏسنديون آهن.“ هي سڀ شيون هڪ ماڻهوءَ جي ذاتي مشاهدي جون آهن، جنهن سبب اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ به الطاف شيخ جي لکڻين ۾ دم آهي. سندس سفرنامن ۾ وڏو وزن آهي. سندس هر ايندڙ سفرنامو گذريل سفرنامي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻ کڻي ايندڙ هوندو آهي، ان سان گڏ ان ۾ وڌيڪ جدت، وڌيڪ لفظ، وڌيڪ ٽيڪنالاجي ۽ وڌيڪ رنگ کڻي ايندو آهي. سنڌي سماج کي الطاف شيخ جهڙي قابل، ايماندار، جاکوڙي انجنيئر، دنيا ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪندڙ استاد ۽ اڌ صديءَ کان سنڌ کي دنيا بابت ڄاڻ ڏيندڙ ليکڪ کي سلام ڪرڻ گهرجي. ماڻهن جي دلين ۾ وسي آباد رهڻ کان شايد ڪا ٻي وڏي مڃتا هُجي پر عالمي سطح جي هن گهڻ پاسائين شخص جو اسان کي احسانمند رهڻ گهرجي. سنڌ ۾ ”عظيم“ لفظ جون ڊگريون اسين روز ورهائجندي ڏسندا آهيون. الطاف کي شايد اهڙي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي گهرج ناهي. پر اسين هن جيئري جاڳندي علم جي بحري جهاز جو سندس حياتيءَ ۾ قدر ڪريون. هي ملائيشيا ۾ رهي ٿو، شايد ملائيشيا سندس وڻندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي ستر اسي ڪتابن جي خالق الطاف کي سندس تاريخي ڪم تي سنڌي سماج پاران مانائتو مانُ ملڻ گهرجي. حڪومتون، سرڪاري مشينريون، اعليٰ عُهدا، ڪرسين لاءِ ڇڪتاڻ، سياست جي بند سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڦاٿل سياست، اقتداري کيل ۾ روزانو کيڏاري ۽ روز نوان تماشائي تاڙيون وڄائي، ڪپڙا ڇنڊي هليا ويندا. تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت، ادب ۽ موسيقي زندگيءَ جا اُهي حصا آهن جيڪي سدائين جيئرا رهندا آهن. انهن کي زنده رکندڙ قومون ڪڏهن به نه مرنديون آهن. سنڌي ٻولي ڪائنات جي وجود جي آخري ذرڙي جي هُجڻ تائين زنده رهندي. اها خواهش نه يقين آهي. پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي زنده رکڻ لاءِ سنڌ کي الطاف شيخ جهڙن مڻيادار ماڻهن جي ضرورت آهي. ڇو ته ڄاڻ تائين پُهچ جيئن هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي تيئن ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ به هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. ڄاڻ جي پهچ کان پوءِ ڄاڻ پهچائڻ تائين ڄاڻ پهچائيندڙ بابت ڄاڻڻ لازمي آهي. تاريخ ۾ جيئريون ته بي قدريون قومون به آهن.

    عاجز جمالي

    aajizjamali100@yahoo.com


    الطاف شيخ سنڌ جو ٽوئن بي

    ساري سڀ ڄمار سفر ڪندي گذاري ڇڏيائين. هن زندگيءَ جي هر گهڙي ۽ ساعت کي سجايو ڪيو. پنهنجي سفر جا سمورا احوال قلمبند ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهولي ڀري ڇڏيائين. دنيا جي جاگرافيائي ڄاڻ، تاريخي پس منظر ۽ ٽوئن بي وانگر مذهبن ۽ سولائيزيشنس جو مشاهدو، مطالعو پڻ دلفريب پيرائي ۾ پيش ڪندو رهيو آهي. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هو. اها هن جي قلم جي ڪمال درجي جي ڪاريگري هئي جو سندس سفر ناما تاريخ به هئا ته جاگرافي به انهن مان سائنس، فڪشن ويندي شاعريءَ جو لطف به ماڻي سگهبو هو.
    ڪالهه جيئن ئي ٻني ٻاري تا موٽي شام جو گهر آيس ته منهنجي سادڙي ۽ اٻوجهه زال رٺي ويئي هئي. چيائين تون جو مون کي چوندو آهين ته تون چنڊ جهڙي سهڻي آهين. اهو جيڪو جهازن جو انجنيئر الطاف شيخ آهي اهو ته چئي ٿو ته چنڊ ڪوئلي جهڙو ڪارو آهي. پوءِ خبر پئي ته سندس ڌيئرن کيس عوامي آواز مئگزين ۾ الطاف شيخ جو ڇپيل مضمون، ”اسان وٽ مون سائيٽنگ ۽ مون فائيٽنگ“ پڙهي ٻڌايو هو. مون هن کي چيو ڀاڳ ڀري هو ڀوڳ ٿو ڪري. هو سائنسدان ۽ انجنيئر آهي، هو چنڊ کي حقيقي ۽ سائنسي نقطه نگاهه سان ٿو ڏسي ۽ اسين چنڊ کي پنهنجي اڻ ڄاڻائي واري نظر سان سونهن جو سينبل ۽ چانڊوڪيءَ جو موجد ٿا سمجهون. جيئن شاعر محبوب جي اکين جي چشمِ آهو سان ڀيٽ ٿو ڪري ۽ ڊاڪٽر ان کي گوشت پوست جو لوٿڙو سمجهي آپريشن ڪري نابين جي بينائي بحال ٿو ڪري. اسين موتئي جي خوشبوءِ، هوا جو رنگ ڏسي نٿا سگهون. هر ڪائنات جي پراسرار رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ وارا ڏاها ماڻهو آهن. هو علم جا ڌڻي آهن. علم هنن جي رهنمائي ڪري ٿو. علم هنن جي حفاظت ڪري ٿو. هنن جي روشني وڌائي ٿو. هنن جي عقل ۽ شعور ۾ اضافو ڪري ٿو. اسين وڻ ٽڻ گل ٻوٽي ۽ ساهه ڀري هر شيءِ ۾ فطرت جو جلوو پسندا آهيون. اسين پٿرن جا رنگ ڏسي به قدرت جي ڪار سازيءَ جا دليل ڏيندا آهيون. هو انهن کي باٽني، زولاجي، جيالاجي، پئٽرولاجي، ائسٽرانامي، ۽ منرلاجي جي نقطه نگاهه سان ڏسن ٿا. اسين چنڊ کي چمڪندي ڏسون ٿا. تارن کي کڙندي ڏسون ٿا. انهن کي ٽيڙو ڪتيون، ڪانگ، کوه، ڀٽون، نوح نبيءَ جي ٻيڙي واري واٽ (ڪهڪشان) ۽ ٻين نکٽن جي نالي سڏيون ۽ سڃاڻون ٿا. هو ان کي ائسٽرانامي جي نظر سان ڏسي ان جو اڀياس ڪن ٿا. هو اسان جا راهبر آهن.
    مون کي الطاف شيخ جا چند ڪتاب ۽ ليک مليا آهن. اچو ته گڏجي انهن کي پڙهون. انهن ۾ لکيل قصن ۽ ڪهاڻين جون مقالون معلوم ڪيون. سڀ کان پهريائين سندس زير تصنيف ڪتاب، ”تاريخ جو سفر“ ٿا پڙهون. هن ڪتاب جو پهريون شاهڪار مضمون آهي، ”مغل حرمسراءِ جون عورتون“. هيڏي وڏي ملڪ تي مسلمان مغلن جي قبضي کانپوءِ جيڪو معاشرو جڙيو، هن مضمون ۾ ان جي فقط هڪڙي لڪل پهلوءَ تي ڳالهيون ڪيل آهن. مغل بادشاهن جي راڄ راڻين جا ٽهڪ ڪنگري ڪوٽن سان ٽڪرائجي نراساين ۾ دٻجي ويندا هئا. انهن جون پٽ راڻيون، ٻانهيون ۽ ٻايون اميدن ۽ آسرن، مايوسين، نااميدين، ناچارين ۽ لاچارين ۾ ڪيئن پنهنجا ڏينهن گهاري ۽ راتيون گذاري هليون وينديون هيون هن پار، جتان جي نه ڪنهنخبر آندي آهي نه چار. انهن جي ٽهڪن، آهن، سسڪين جو قادر ڪريم وٽ ڪهڙو حساب ڪتاب ٿيندو. اسان کي خبر ڪانهي. انهن مسلمان مغلن پنهنجا ڀائر ماريا، ڀينرن کي ستايو، ڪن قيد ڪاٽيا، انساني رت وهايو، کوپڙين کي کينهوئڙن وانگر اڏاريو. اهو سڀ ڪجهه سوچي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. حرمسرائن ۾ ترڪي، افغاني ۽ هندستاني حسن جي ڪليڪشن موجود هئي. وندر ورونهن ۽ خوشين جي خزانن سان گڏ انهن جا اڪبر خانا ۽ بيمار خانا، انهن ۾ رقص ڪندڙ توڙي تڙپندڙ جوانين جا احوال ٻڌي اکيون ڦاٽي ٿيون پون ....اڳتي پاڻ پڙهو.
    ٻيو مضمون آهي، ”جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون“.
    هي مڪمل تاريخ آهي. جيئن تاريخ جو ابو ”ٽوئن بي“ اسان کي ملڪن جي تهذيبن ۽ سماجن جي ڄاڻ ڏيندو، عقيدن ۽ مذهبن جي تاريخ ٻڌائيندو، دڙن ۽ ڀڙن هيٺ پوريل تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا اهڃاڻ ڏسيندو سير ڪرائيندو ويندو آهي، تيئن اسان جو هي مانوارو ليکڪ الطاف شيخ اسان کي ملڪان ملڪ گهمائيندو، جاگرافيائي معلومات ڏيندو، تاريخ ٻڌائيندو، اسان کي ٻانهن کان وٺي سمونڊ توڙي سڪيءَ جا سير ڪرائيندو ٿو هلي. جيئن دجله ۽ فرات نديون ۽ انهن جي ڪنڌين تي آباد ڪربلا معليٰ، رماضي، النجف ۽ النعيريا سان اسان جا روحاني رشتا هئا، تيئن ميسو پوٽيما جي شهرن لاگاش، نينوا ۽ طيسفون سان اسان جا تاريخي لاڳاپا هئا. سنڌو ماٿريءَ جي شهرن موهن جو دڙو ۽ هڙپه جا ميسو پوٽيما سان واپاري ناتا هئا. هڪ ٻئي جي تهذيبن تي ان جو اثر پوڻ لازمي هو. افسوس سائنس جي هيڏي ترقي هوندي به اسين انهن جا آواز ڪيچ ڪري سمجهي نه سگهيا آهيون ۽ انهن جو اسڪرپٽ پڙهي نه سگهيا آهيون. سنڌين وٽ اهڙو ساڃهه وند سائنسدان پيدا ٿئي نه ٿئي پر اها اميد ته ڪري سگهجي ٿي ته ٻيو ڪو نه ڪو ڏاهو اها ڪوشش ڪري ڪاميابي ماڻيندو. سنڌ جي ميرن (مهاڻن) (ماڇين) 612 ق م نينواجي مشهور جنگ ۾ حصو ورتو هو. دجله نديءَ جي ڪنڌيءَ تي واقع هي شهر آشوريا سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ رهي چڪو هو. سنڌي انجنيئرن، ميسو پوٽيمين کي موهن جي شهر وانگر اگادي شهر جديد طريقن سان تعمير ڪري ڏنو هو. دجله نديءَ تي آباد بصري ۾ سنڌي جتن کي آباد ڪرڻ لاءِ جت ڪئاٽرس قائم ڪيو ويو هو.
    هن ڪتاب جو اهم مضمون، تاريخ جي ڳڙکين مان آهي. هي دراصل تاريخ جو سفر آهي. مصنف کي انگلش لٽريچر جي بخوبي ڄاڻ آهي. روم جي تذڪري ۾ هن ملٽن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو 1608 ۾ لنڊن ۾ ڄائو. سينٽ پال اسڪول لنڊن ۾ پڙهيو. 1643 ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين، جيڪا هن کان گهڻي ننڍي هئي. 60-1630 واري عرصي کي انگلش لٽريچر جو ملٽن وارو دور سڏيو وڃي ٿو. هن 1674ع ۾ هي جهان ڇڏيو. سندس شعر جو نمونو ڏسو.

    Let our frail thoughts dally with false surmise.
    Ay me! Whilst thee the shores and sounding seas,
    Wash faraway, where’es thy bones are hurl’d,
    Whether beyond the stormy Hebrides,
    Where thou perhaps under the whelmingtide……
    ورڊس ورٿ رومانس سان گڏ فطرت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو. اسين سڀ فطرت جا تماشائي آهيون. فطرت ئي ته لکڻ تي اتساهي ٿي. ورڊس ورٿ واري دور کي انگريزي ادب ۾ The Return to Nature وارو دور سڏجي ٿو. ڪالرج به ان ئي دور جو شاعر هو. لکي ٿو،
    ”آئون ۽ مسٽر ورڊس ورٿ جڏهن پاڙيسري هئاسين ته اسان جي گفتگو گهڻو ڪري شاعريءَ جي ٻن نقطن تي هوندي هئي ته حقيقي فطري سچ لکڻ سان پڙهندڙ جون همدرديون حاصل ڪجن. تخيل جي رنگن ۾ نواڻ آڻجي. عام زندگيءَ جا موضوع چونڊيا وڃن. واقعا ۽ ڪردار اهڙا هجن جيڪي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۽ ان جي آس پاس ڏٺا وڃن“. ڪالرج ۽ ورڊس ورٿ ڪو وقت روم ۾ اچي رهيا هئا ۽ دلفريب نظارا ڏسي ڏات کي ڏانءُ ڏنو هئائون. ڪالرج جو نظم،(The Rime of the Ancient Mariner) انگلش لٽريچر ۾ شاهڪار نظم طور مڃيو وڃي ٿو. هتي ان جي هڪڙي مصراع نموني خاطر لکي ٿو ڇڏيان.
    Beyond the shadow of the ship,
    I watched the water- snakes,
    They moved in tracks of shining white,
    And when they reared, the elfish light,
    Fell off in hoary flakes.
    اسان جي ليکڪ استاد گليلو جي ڳالهه ڪئي آهي. سائنس ۾ استاد گليلو جو اوچو مقام آهي. ان تي سڄي انسان ذات کي فخر آهي. عرب، ايران ۽ روم جي تاريخ جو مختصر جائزو ڌيان لهڻي. الائي ڇو سنڌ جي راجائن يونانين، عربن ۽ رومين جي خلاف هميشه ايران جي مدد پئي ڪئي آهي. نينوا واري جنگ، جنگِ سلاسل يا ٻين معرڪن ۾ سنڌي فوج جو صفون ٻڌي مڙسان مڙسي ايران پاران وڙهڻ تاريخ جو اهم باب آهي.
    آئون سائين الطاف جي راءِ سان متفق آهيان ــــــ مولانا مودودي بيشڪ ويهين صديءَ جو وڏو عالم آهي. آئون به قرآن پاڪ جو تفسير مولانا مودوديءَ جو ئي پڙهندو آهيان. خاص طور سورته مريم جي تفسير ته مون وري وري پئي پڙهي آهي. سندس ڪتاب خلافت ملوڪيت اسلامي تاريخ جو نهايت ئي اهم ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. عرب، ايران ۽ روم جي جنگين جو مختصر ذڪر ڪري الطاف تاريخ جو سفر جاري رکيو آهي. آئون مٿي لکي آيو آهيان ته سنڌي هميشه ايرانين جا همدرد رهيا آهن. هاڻي اسان جي اڳيان مضمون آهي، ”اسان وٽ هر گورو ماڻهو ”انگريز“ سمجهيو وڃي ٿو“. هن ۾ شيدين جو تذڪرو آهي. موزمبق ته ڇا پر آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ جي شيدين جي ڳالهه جڏهن اڳيان ٿي اچي ته انهن جي بي وسي ۽ ناچاري ذهن ۾ اچيو وڃي. اسان وٽ ڏسو ٺٽو، غلام الله، بدين، ٽنڊو باگو، ٽنڊو غلام علي ۽ لاڙ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هنن جي گهڻائي آهي، هو سخت محنتي آهن. هر مهل ۽ موقعي تي اسانجي ٻانهن ٻيلي آهن ۽ اسان سان گڏ آهن پر سماجي طور اسين انهن کي پري رکيو اچون. پور چوگيز واقعي بي رحم لڳن ٿا. اسان جي ٺٽي ۾ هنن جيڪو رڻ ٻاريو هو، ان جي پچار ئي اسان کي رئاڙي ٿي ڇڏي. انگريز جتي به رهيا، ڏاڍا چڱا ڪم ڪيائون. اسان جي ملڪ ۾ ئي نهارجي ته شاندار اريگيشن سسٽم، ريلوي نظام، سنڌي ٻوليءَ کي اسڪرپٽ ڏيئي نئين زندگي ڏيڻ، تعليم جي شروعات، بندرگاهه جو ٺهڻ هنن جا صدين تائين ياد رکڻ جهڙا ڪارناما آهن. باقي ويندي ويندي سنڌ کي جيڪا مار ڪڍي ويا، اهو سور جڏهن وڃي لهي. هي به ٻين وانگر بي حد معلوماتي ۽ دلچسپ مضمون آهي.
    ”ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا؟“
    هن مضمون جي ٻن صفحن پڙهڻ سان ئي ڪنن مان زوزاٽ نڪري ٿا وڃن. مغل بادشاهن جي ڪارنامن جا قصا ٿورا گهڻا اڳئي پڙهيل هئا پر هيڏي هاڃي جو مون ڪو نه ٻڌو هو. اسان ته عدل جهانگيريءَ جا قائل هئاسين. هتي ته رڻ لڳو پيو هو. بس ٿوري ڳالهه تي هڻ ته مڙس چٽ. هتي مصنف جا پڙهيل ۽ لکيل ٻه جملا بنا تبصري جي رپيٽ ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران.

    In due course of time, Hawkins got so much intimacy with the
    “talented drunkard” emperor that no Europeans had ever after words.
    هاڪنس لکي ٿو ته جهانگير جي حرم ۾ 5000 عورت هيون ۽ انهن کان الڳ اندر وارن ڪمرن ۾ شاهي خاندان جون 300 زالون هيون. ان کان علاوه جهانگير جي شوق جي تبديليءَ لاءِ 1000 ڳڀرو ڇوڪرا هئا. (خدا ڪري ڪوڙ ڪيو هجيس) باقي هي مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي ته 12000 هاٿي، 10،000 سان، 2000 اٺ، 3000 هرڻ، 4000 ڪتا، 100 پاليل شينهن، 500 مينهون ۽ 10،000 ٽپال جو ڪم ڪندڙ ڪبوتر بادشاهه سلامت جا ڌاريل هئا.
    ايراني آتش پرست نه رڳو سورت ۾ اچي رهيا ۽ واپار ڪيو هو پر هتي ڀنڀور ۾ پڻ اچي پنهنجا آتش ڪده ٻاريا هئا. جن جو اثر اڃان تائين ٺٽي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٺٽي شاهي بازار ۾ مچ جي جاءِ مخصوص ٿيل آهي، جتي محرم مهيني ۾ مچ پيو ٻرندو آهي. نه ته به دونهون پيو دکندو آهي. جنهن کي ياعلي رضه جو مچ سڏيندا آهن. هن مضمون ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته مغل بادشاهه جهانگير جي اجازت سان 1613 ۾ انگريزن جي واپاري اداري ايسٽ انڊيا ڪمپني سورت ۾ ڪارخانو کوليو. اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته 1623 ۾ سورت جي حڪام، ڪمپنيءَ کي سنڌ سان واپار جي اجازت ڏني. 1635 ۾ انگريزن ٺٽي ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. 1662 ۾ اها ڪوٺي بند ڪئي وئي.
    لائق مصنف پنهنجي مضمون“، اسان وٽ پورچو گالي پهرين پهتا ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي ٻڌائي ٿو ته واسڪو ڊاگاما پهريون پورچو گالي هو جيڪو 1498ع ۾ انڊيا پهتو هو. ان وقت بابر بادشاهه جي عمر 15 سال هئي ۽ هو فرغانه (هاڻي ازبڪستان جو شهر) جي گهٽين ۾ پئي هليو ۽ هن کي ان وقت خواب خيال ۾ به ڳالهه نه هئي ته 28 سالن بعد 1526 ۾ پاڻيپٽ جي ميدان تي ابراهيم لوڌيءَ کان جنگ کٽي هو انڊيا جي تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيندو.
    1507 ۾ جڏهن بابر 24 سالن جو هو ته ڪابل ۽ غزني فتح ڪرڻ کان پوءِ قنڌار تي حملو ڪيو هئائين. شاهه بيگ ارغوناڳيئي بابر جي ڊپ کان قنڌار ڇڏي شال ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. 1515 کان بابر ننڍي کنڊ تي حملا شروع ڪيا ۽ آخر پنجين حملي ۾ ڪامياب ٿي انڊيا جو تخت ماڻيائين. ٻئي طرف شاهه بيگ سنڌ تي حملا شروع ڪيا. هو ڦريندو لٽيندو آخر 1524 ۾ اگهاماڻيءَ ۾ موت سان منهن مقابل ٿيو. ساڳي رات سندس چڱن مڙسن افغانين سندس پٽ شاهه حسن کي پڳ ٻڌائي. 1526 ۾ بابر جو هندستان جي فتح جو ٻڌي شاهه حسن سوکڙين پاکڙين ساڻ سفارت اوڏانهن رواني ڪئي. جيئن ڳوٺائي بادشاهه جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي. هاڻ سنڌ تي باقائده ارغونن ۽ ترخانن جو راڄ هو. هن مضمون جي آخر ۾ سنڌ جي دردن جي جيڪا ڪهاڻي لکي وئي آهي ان جا ڪردار پورچوگيز، ارغون ۽ ترخان نه پر پنهنجا ئي سنڌي ٻروچ حڪمران هئا. جيڪي گدرن جي ڀيل تان ته وڏا ڪٽڪ وٺي ڏينهن جا ڏينهن ويڙهون ڪندا رهيا پر جڏهن سڄو وطن هٿن مان وڃي رهيو هو ته سڄي سنڌ مان ڪي 22000 ماڻهو مس گڏ ڪري سگهيا.
    ”يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ“، واري باب ۾ سائين پراڻي دور جي ٻيڙن ۽ ٻيڙائتن جي حقيقي ۽ دلچسپ تصوير ڪشي ڪئي آهي. پاڻ جيئن ته وڏو معلم ۽ مهاڄاڻ ناکئو آهي، هو پراڻي دور جي ٻيڙائتن جي مجبورين کي سمجهي ٿو. ڪيئن به هجي، سنڌ جا ميد مهاڻا، معلم ۽ ناکئا به پنهنجي دور جا مها ڄاڻو هئا، جيڪي سواءِ ڪنهن سائنسي اوزار جي هڪ پاسي ار، بابل ۽ ميسو پوٽيما جي ٻين شهرن ڏانهن واپار خاطر پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ويندا هئا ته ٻئي طرف سلون، هندستان ۽ انڊونيشيا تائين سمونڊ جهاڳيندا رهندا هئا. اڳئين دور جي ڪاٺ جي ٻيڙن ۽ ٻيڙائتن ۽ موجوده دور جي مضبوط جهازن ۽ جهازين جي خوبصورت پيرائي ۾ ڀيٽ ڪئي وئي آهي. ڪيپ آف گڊ هوپ (يا ڪيپ آف اسٽارمس) بابت ڄاڻ عام پڙهندڙ لاءِ اهم آهي.
    مارڪو پولو ۽ ابن بطوطا جي سفرنامن مان ان دور بابت تاريخي ڄاڻ ملي ٿي. هن مارڪو پولو ۽ ابن بطوطا کي پنهنجين لکڻين ۾ داد ڏنو آهي. اسان شڪر گذار آهيون لائق مصنف جا جنهن پنهنجا سفرناما لکي، سڄي دنيا اسان جي اڳيان آڻي بيهاري آهي. نه رڳو موجوده حالات پر پراڻي دور جا تاريخي احوال ڏيئي اسان سڀني جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي.
    ”مضمون سون کان قيمتي مال“ ۾ مصالحن جو ذڪر ۽ پراڻي دور ۾ ان جي اهميت بابت ڄاڻ ڏنل آهي. اڄ به انهن مصالحن جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو. شاهه عبدالطيف الائي ڪيئن ايڏيون مهانگيون ايلاچيون اٺن کي کارائڻ جي صلاح ٿو ڏئي.
    لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ؛
    ايلاچيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ؛
    ڪَٿ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.
    (شاهواڻي سر کنڀات 50/2 ص 149)
    خير اهي ته شاعراڻا خيال آهن يا Spritual Message علامه آءِ آءِ قاضي يا اي ڪي بروهيءَ جهڙا عالم ئي سمجهائي سگهن ٿا.
    هي وکر واقعي اڳي به سون کان قيمتي هو ۽ هاڻ به ملهه مهانگو اٿس. واسڪوڊا گاما به جهاز مصالحي سان ڀرائي پورچوگال پهچي ويو هو ۽ پنهنجي خرچ کان 60 دفعا وڌيڪ ڪمايو هو. اها ڳالهه اسان جي مانائتي مصنف پنهنجي مضمون، ”مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون“ ۾ ڪئي آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته يورپ ۾ ڪارا مرچ ڳڻپ جي حساب سان وڪيا ٿي ويا. سائين مُنو سئو سال اڳ ٺٽي ۾ انب به ڳڻپ جي حساب سان وڪامندا هئا يا هاڻ قاضي احمد ۾ ڪيلو ڳڻپ جي حساب سان وڪامي ٿو.
    انهن مصالحن تان جنگيون ۽ جهيڙا به ٿيندا رهيا. پورچوگيزن انگريزن، ڊچن، عربن ۽ گجراتين کان علاوه سنڌين به هن مال مان جاوا ڪيا. سنڌي سوداگرن کي ڀٽائي خوب همٿايو ۽ ڳايو آهي. مصنف لکي ٿوته جاوا، سوماترا، بانڊا ۽ مالوڪو ٻيٽ تي مصالحو تمام گهڻو ٿيندو هو. مالا بار انڊيا ۾ پڻ ڪارا مرچ، سُنڍ ۽ هيڊ گهڻي ٿيندي هئي. اسان پنهنجي لائق مصنف الطاف شيخ جا انتهائي ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي نهايت ئي قيمتي ڪتاب لکي ڏنا آهن. هي ڪتاب به انهن مان هڪ آهي.


    ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي
    گچيرو روڊ، مورو
    1 جون 2017


    ليکڪ طرفان

    ڪاڇو پبليڪيشن طرفان محمد علي، هن کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب ڇپي چُڪو آهي، هڪ ”بندر بازارون“ ۽ ٻيو ”وايون وڻجارن جون“. اهي منهنجا 1970 جي ڏهاڪي وارا سفرناما آهن، جن جي هن ٽين يا چوٿين ايڊيشن ڇاپي. امرجليل جا ته تقريبن سڀ ڪتاب هن ڇاپيا آهن. هو هڪ محنتي ۽ پختي ارادي وارو نوجوان آهي ۽ هرقسم جي رنڊڪن کي منهن ڏئي وعدي ڪيل وقت اندر بهترين نموني سان ڪتاب ڇپي ٿو ۽ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچائي ٿو.
    مٿين ٻن سنڌي سفرنامن کان علاوه هن منهنجا چار اڙدو جا پراڻا سفرناما پڻ ڇاپيا آهن : ملائيشيا کے دن، یورپ کے دن، سمندر کے دن، کراچی سے کوپن ہیگن۔ اڪيلي سر ۽ مالي مشڪلاتن جي باوجود، جنهن شوق ۽ پيار سان هو ڪتاب ڇپي ٿو، اهو ڪم تعريف جوڳو آهي. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته هو اڄُڪلهه منهنجو هڪ نئون ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ ڇپي رهيو آهي.

    الطاف شيخ

    Address :House 2/2, 8th Gizri Lane
    Phase # 4, Defence Society
    KARACHI, SINDH, 75500
    Tel : 0300- 9241666


    مغل حرمسراءِ جون عورتون

    هندوستان جي مغل بادشاهن جي حڪومت، خاص ڪري سندن لائيف اسٽائيل ۽ سندن حرمسرائن تي ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي هڪ انڊين ليکڪا ”ڊاڪٽر سوما مکرجي“ جو مغلن جي حرم جي عورتن بابت لکيل ڪتاب “Royal Mughal Ladies & their Contribution” پڙهڻ جو موقعو مليو جيڪو نئي دهلي جي ”گيان پبلشنگ هائوس“ ڇپرايو آهي. ڊاڪٽر سونا مکرجي(Sona Mukherjee) انڊين هسٽري ۾ Ph.D آهي ۽ بئنگلور جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي. سندس ذات مان لڳي ٿو ته هوءَ بنگالڻ آهي جو مکرجي، بئنرجي، چئٽرجي جهڙيون ذاتيون بنگالين جون ٿين ٿيون.
    مغل حاڪمن جي زالن جي سڄي زندگي حرم ۾ گذرندي هئي. اڄ به ڪو مغل حرم بابت ٻڌي ٿو ته هن کي تجسس ۽ رازن سان ڀريل زندگي جو احساس ٿئي ٿو. مغل حاڪمن جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، ناچ گاني ۽ ٻي عياشيءَ لاءِ رکيل آرمينن، پرشن، آذربائيجاني، افغاني ۽ ترڪ مسلمان، عيسائي ۽ هندو ڇوڪريون توڙي حاڪمن جون مائرون ڀينرون، ڌيئرون، سندن وفات ڪري ويل پيئرن جون زالون ۽ دلپسند عورتون سڀ ان محل نما ڏيڍيءَ (حويليءَ) ۾ رهيون ٿي جنهن تي نر پکيءَ جي به جھار رهي ٿي. ڪيتريون ته حويليءَ اندر ڄايون ٿي ته سڄي زندگي گذاري سندن لاش دفن لاءِ ٻاهر نڪتا ٿي. حاڪم جي ڪنهن ڌيءَ، ڀيڻ يا پڦيءَ جي شادي ورلي ٿي ٿي نه ته هنن کي پنهنجي سڄي جواني محل اندر اڪيلو رهي فقط حاڪم ۽ ان جي نر اولاد کي ٻانهين ۽ نوڪرياڻين سان عيش ڪندي ڏسڻو پيو ٿي. باقي کين ڳهه ڳٺن، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ خذمتگار نوڪرياڻين جي ڪا کوٽ نه هئي. البت ڪا ڪا خوش نصيب هوندي هئي ته اها ستن پڙدن ۾ پالڪين ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رواني ٿيندي هئي. حويلين جي چوڪيداريءَ لاءِ يا حاڪمن جي خاص زالن ۽ دل پسند ٻانهين (ڪنيزائن) تي نظر رکڻ/جاسوسي ڪرڻ لاءِ ترڪ ۽ افغاني نوجوان کدڙا هئا .... بلڪه انهن قومن جي نوجوان ڇوڪرن جي Castration ڪرائي کدڙو بنايو ويو ٿي. زئنزيبار ۽ ممباسا پاسي کان غلام شيدين جو اچڻ اڃان شروع نه ٿيو هو. بعد ۾ بهتر جهازراني ٿيڻ تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري جا شيدي غلام انڊيا، عرب ۽ ترڪي جي مارڪيٽن ۾ وڪامڻ لڳا ۽ اولهه ڪناري جا گرفتار ڪيل شيدي آمريڪا لاءِ وڪرو ٿيڻ لڳا.
    مغل بادشاهن ۽ شهزادن جي حرم، عياشين، کاڌن ۽ خوراڪن، ٺٺ ٺانگر، زالن ۽ ٻانهين (Concubines) جي وڏي ڳاڻيٽي بابت گهڻو ئي ڪجهه لکيو ويو آهي .... جنهن ۾ ڪجهه ته ڌڪيبازي به ڪئي وئي آهي. ملڪ جي غريب عوام پنهنجي حاڪمن جي عياشين جو سوچي به نٿي سگهيا. مغل عورتون جيڪي حاڪمن جي خاندان جي ڏاڏين پوٽين مان هيون اهي ڪي عام عورتون نه هيون اهي شاهي خاندان جون عورتون سمجھيون ويون ٿي ۽ انهن جي زندگي اڃان به وڏي عيش عشرت ۽ شان و شوڪت سان گذري ٿي.
    اطالوي ليکڪ ۽ سياح منوچي (Niccolao Manucci) مغل شهنشاهن جي حرم بابت لکي ٿو ته: ”شهنشاهه جي محل ۾ مختلف صوبن ۽ قومن جون ٻه هزار عورتون رهيون ٿي.“ مسلمان عورتن کان علاوه، محل ۾ هندو عورتون، ويندي راجپوت زالون ۽ عيسائي مايون رکيون ويون ٿي. بابر ۽ همايونءَ جو حرم وري به گهٽ سائيز جو هو پر اڪبر کان وٺي ٻين شهنشاهن جي حرم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڪبر 500 عورتون رکيون. جهانگير، شاهجهان ۽ ويندي مولوي سڏائڻ واري اورنگزيب جي حرم ۾ عورتن جي تعداد جي ڳالهه ئي نه پڇو. انگريز سياح هاڪنس (William Hawkins) جي لکڻ مطابق شهنشاهه جهانگير کي 300 زالون هيون جن مان چئن زالن کي اهم درجو ڏنو ويو ٿي ۽ اهي راڻيون سڏيون ويون ٿي. هڪ ٻئي انگريزي تاريخدان ٽيريءَ مطابق جهانگير جي چئن خاص زالن، عام زالن، ٻانهين (Concubines) ۽ ٻين خذّمتگار ڇوڪرين کي ملائڻ سان جملي تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ٿيو ٿي.
    جڏهن ڪو مغل شهنشاهه جي حرم جو سوچي ٿو ته هن جي دماغ ۾ فقط شهنشاهه جون زالون، ڪنيزائون، ٻانهيون، نوڪرياڻيون، خذمتگار عورتون، وندرائڻ لاءِ ڳائڻيون ۽ ڊانس ڪرڻ واريون اچن ٿيون. پر حرم ۾ فقط ان قسم جون زالون نه پر ٻيون به ڪيتريون عورتون رهيون ٿي، جيئن ته شهنشاهن ۽ شهزادن جون سڳيون ۽ ويڳيون مائرون، ڀيڻيون، پڦيون، نيپاج ڪندڙ مائرون، ماسيون، ڌيئرون ۽ ٻيون ويجھيون مائٽياڻيون، ويندي پٽاوان ٻار محل ۾ رهيا ٿي جيسين هو بالغ ٿين. ان بعد انهن کي ڌار ڪيو ويو ٿي. ان ميڙ کان علاوه رڌ پچاءَ ۽ ٻين ڳالهين جي نظرداريءَ لاءِ ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون ۽ غلام ڇوڪريون رهيون ٿي. ڪجهه عورتون ۽ کدڙا محل جي چوڪيداريءَ ۽ جاسوسيءَ لاءِ مقرر هئا جن جو ڪم محل ۾ رهندڙ عورتن جي هر چرپر تي نظر رکڻ هو. محل ۾ نوڪرياڻين جي آمد شادي، ڄم، خريداري، مقري (appointment) يا تحفي ۾ ٿي ٿي.
    ٻن يورپي ڊاڪٽرن مانوچي (Noccolae Manucci) ۽ برنيئر (Francois Bernier) مطابق، جيڪي مغل بادشاهن جي درٻار ۾ ڊاڪٽر هئا ۽ جن جو تپاس ۽ علاج لاءِ ڪڏهن ڪڏهن حرمسراءِ ۾ اندر به وڃڻ ٿيندو هو، لکن ٿا ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن کي سخت پڙدي ۾ رکيو ويو ٿي. هنن کي پنهنجي مرضي سان ٻاهر نڪرڻ جي ڪا آزادي نه هئي. جيڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ ڪنهن لاءِ ٻاهر نڪرڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي ته هن کي پنهنجو منهن نقاب ذريعي چڱيءَ طرح ڍڪڻو پيو ٿي پر حرمسراءِ اندر هو مٿو اگھاڙو ڪري پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ٻين زالن وٽ يا تلائن ۽ باغيچن ۾ گهمنديون رهيون ٿي. حرمسراءِ اندر هر وقت خوشي ۽ جشن جي زندگي گذري ٿي. هر هڪ لاءِ الڳ الڳ بهترين نموني سان سجايل ڪمرا هئا جن جي اڳيان باغيچا ۽ پاڻيءَ جا ڦوهارا هئا، مختلف واٽر ڪورسن (چئنلن) ذريعي انهن باغيچن ۽ تالابن ۾ پاڻي آيو ٿي. هر هڪ زال توڙي ڪنيزا بهترين اوچي ڪپڙي ۽ اوچي ڀرت جا وڳا پاتا ٿي. مٿي کان پيرن تائين هيرن موتين سان جڙيل ڳهه نظر آيا ٿي. هنن مان ڪا ورلي ٻاهر نڪتي ٿي پر جڏهن ڪن سببن ۽ مجبورين ڪري ڪنهن شاهي عورت کي نڪرڻو پيرو ٿي ته بقول برنيئر جي ڇا ته ٺٺ ٺانگر سان هن سواري ڪئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪي موٽر ڪارون نه هيون. عوام گڏهن گھوڙن تي سواري ڪندا هئا. بادشاهن جي راڻين، دلپسند زالن ۽ ڀيڻين، ڌيئرن، مائرن پڦين لاءِ هاٿين تي خوبصورت پالڪيون سجايون ويون ٿي ۽ انهن جي اڳيان پويان غلام عورتون ۽ کدڙا هليا ٿي .... بهرحال هي ڳالهيون مانوچي ۽ برنيئر بيان ڪيون آهن جيڪي ڊاڪٽر سوما مکرجيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن.
    هتي منهنجي خيال ۾ مٿين ٻن يورپي ليکڪن ڊاڪٽر مانوچي ۽ برنيئر بابت ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن منهنجا پڙهندڙ جيڪي انهن کان اڻ ڄاڻ آهن انهن جي معلومات ۾ ڪجهه واڌارو ٿي سگهي، ۽ مغل بادشاهن جي زندگي ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ انهن يورپين جون لکڻيون پڻ enjoy ڪري سگهن. بابر مغل بادشاهه 1493ع ۾ ڄائو هو. 43 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1526ع ۾ هن پاڻيپٽ جي پهرين لڙائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري هندستان ۾ مغل سلطنت قائم ڪئي. 1530ع ۾ سندس وفات بعد هن جو 22 سالن جو پٽ همايون تخت تي ويٺو. وچ ۾ 1540ع کان 1554ع تائين شير شاهه سوري ۽ اسلام شاهه سوري جي حڪومت رهي ان بعد 1555ع کان همايون وري بادشاهه ٿيو. 1556ع ۾ وفات بعد سندس 14 سالن جو پٽ اڪبر هندستان جو شهنـشاهه ٿيو. هن 50 سال کن حڪومت ڪرڻ بعد 1605 ۾ وفات ڪئي سندس پٽ جهانگير تخت ڌڻي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ هندستان ۾ قدم ڄمايا ۽ هتي آيل يورپي مغلن جي حرمسراءِ کان واقف ٿيا. جهانگير لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هر وقت نشي ۾ ڌت رهيو ٿي ۽ حڪومت جون واڳون هن جي راڻي صاحبه نورجهان جي حوالي هيون. 1627ع ۾ جهانگير (58 سالن جي ڄمار) ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ شاهه جهان تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر عروج تي پهتو. تاج محل، لال قلعو، جهانگير جو مقبرو ۽ لاهور وارو شاليمار باغ شاهه جهان ٺهرايو.
    شاهه جهان 1666ع ۾ وفات ڪئي. سندس جيئري ئي سندس پٽ اورنگزيب 1658ع ۾ کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿيو. اورنگزيب به پنهنجي پڙ ڏاڏي اڪبر وانگر هڪ وڏو عرصو (49 سال) حڪومت ڪئي. 1707ع ۾ سندس وفات بعد بهادر شاهه اول بادشاهه ٿيو. هن جي ڏينهن کان وٺي مغل سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي ۽ 1837ع تائين، سوا صدي تائين مختلف مغل بادشاهه (جهاندار شاهه، فرخسيار، رفع الدرجات، نقوسيار، محمد ابراهيم، محمد شاهه، احمد شاهه، عالمگير دوم، شاهجهان سوم، شاهه عالم دوم، اڪبر شاهه دوم) ٿيندا رهيا پر ڪنهن به ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو. هندوستان ۾ سک، مرهٺا ۽ انگريز طاقتور ٿيندا رهيا. مغلن جو آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر جيڪو 1775ع ۾ ڄائو 62 سالن جي ڄمار ۾ 1837ع ۾ بادشاهه ٿيو جنهن کي 1857 جي جنگ آزاديئ بلوي بعد انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ تخت تان لاهي برما (ميانمار) جي شهر رنگون موڪلي ڇڏيو جيڪو شهر اڄ ڪلهه ينگون سڏجي ٿو. اتي 1862ع ۾ سندس وفات ٿي. 1857 کان 1947 تائين انڊيا تي برطانيا جو راڄ رهيو.
    اطالوي ليکڪ نڪولائو مانوچي شاهه جهان بادشاهه جي حڪومت جي آخري سالن ۾ هندستان آيو ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو وڏو عرصو ڏٺائين. مانوچي 1639ع ۾ ڄائو هو ۽ 1717ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سندس ڪتاب “Storia do Mogor” ڪري وڏي مشهوري ماڻي جنهن ۾ هن مغل بادشاهن جي تاريخ ۽ زندگي بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. هي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ مغل درٻار جي قصن ڪهاڻين جو هي جامع ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ هن ٻين کان ٻڌل ڳالهيون نه پر پنهنجي اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو احوال لکيو آهي. هو پنهنجي ڪتاب بابت لکي ٿو ته:
    “I must add that I have not relied on the knowledge of others; and I have spoken nothing which I have not seen or undergone…..”
    بهرحال ڪجهه ڳالهين تي ماڻهن کي اعتراض ۽ شڪ آهي ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مانوچيءَ جيڪي لکيو ائين ان ٻوليءَ ۾ نه ڇپيو. مانوچيءَ تقريبن پنهنجي سڄي زندگي هندوستان ۾ گذاري ۽ اتي جو احوال اطالوي ٻوليءَ ۾ هڪ فرينچ تاريخدان فرئنڪوس ڪاترو (Francois Catrou) ڏي 1707ع ۾ موڪليو جنهن وري پنهنجي ٻولي فرينچ ۾ ترجمو ڪري 1715ع ۾ ڇاپيو. ٻن سالن بعد 1717ع ۾ مانوچي گذاري ويو.
    مٿين يورپي ليکڪ مانوچيءَ وانگر هڪ ٻيو يورپي ليکڪ برنيئر (Francois Bernier) پڻ مغل بادشاهن ۽ هنن جي حرمسراءِ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت تمام گهڻو لکيو آهي. برنيئر فرينچ فزيشن هو. مانوچيءَ وانگر برنيئر به پهرين شهزادي دارا شڪوهه وٽ ذاتي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ رهيو. دارا شڪوهه مغل بادشاهه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ تخت جو وارث هو. شاهه جهان ۽ دارا جي ڀيڻ شهزادي جهان آرا بيگم جي اها ئي خواهش هئي ته شاهجهان بعد هندستان جي تخت تي داراشڪوهه وهي پر پوءِ ڀائر نه ٺهيا. هڪ ٻئي ۾ خوب ويڙهاند هلي جنهن ۾ اورنگزيب ڪامياب ٿي ويو 1659ع ۾ پبلڪ ۾ دارا کي سندس پٽ اڳيان قتل ڪيو ويو. ان بعد پنهنجي پيءُ شاهجهان کي نظر بند ڪري پاڻ هندوستان جو بادشاهه ٿيو.
    اسان وارو ڪالم نويس ۽ دانشور حسن نثار اڪثر شاهجهان جي پٽن جو مثال ڏيندو آهي جڏهن هن کان اسانجي ملڪ جي سياستدانن ۽ جمهوريت جو پڇيو ويندو آهي..... ”اسان جي جمهوريت کان ته مغلن جي بادشاهت ڀلي هئي،“ هو چوندو آهي، ”هنن ۾ اهو ڀاءُ حاڪم ٿي ٿيو جنهن پنهنجي طاقت ۽ قابليت مڃرائي ٿي. اسان وٽ ته جيڪو حاڪم ٿو ٿئي اهو ڀانئين ته هن بعد سندس پٽ به حاڪم ٿئي پوءِ ڀلي اهو چريو کريو هجي.“
    بهرحال دارا شڪوهه کي مستقبل ۾ بادشاهه بنائڻ لاءِ سندس پيءُ جهانگير کيس ڪيترن سالن تائين فوجي ۽ انتظامي سکيا ڏيندو رهيو. هن ڪيترن لڙائين ۾ حصو ورتو ۽ جرنل جي عهدي تائين پهتو. ان کان علاوه هن کي الهه آباد جو ۽ بعد ۾ گجرات صوبي جو گورنر پڻ مقرر ڪيو. مٿيان ٻئي يورپي، پهرين دارا شڪوهه جي ئي حوالي هئا جنهن جي قتل بعد هو اورنگزيب سان لاڳو رهيا. فرينچ ڊاڪٽر برنيئر پهريون ليکڪ آهي جنهن انسانن جي مختلف قومن (Races) بابت لکيو. پر هن جي گهڻي مشهوري Travels in the Mughal Empire ڪتاب ڪري آهي جنهن ۾ هن داراشڪوهه ۽ اورنگزيب جي حڪومت بابت لکيو آهي. هي سڄو ڪتاب برنيئر جي ذاتي مشاهدن، تجربن، مغل حاڪمن سان گڏ ڊگهن سفرن ۽ درٻار جي اهم ماڻهن کان ورتل ڄاڻ تي مشتمل آهي. ٻين لفظن ۾ توهان اهو چئي سگهو ٿا ته برنيئر جون مغل درٻار ۽ حرمسراءِ بابت خبرون فرسٽ هئنڊ آهن.
    هتي اهو به لکندو هلان ته فرئنڪوس برنيئر 1620ع ۾ فرانس جي علائقي Anjou ۾ ڄائو. ننڍي هوندي يتيم ٿي ويو ۽ هن کي چاچي نپائي وڏو ڪيو. 15 سالن جي ڄمار ۾ هو پئرس روانو ٿيو جتي هن ”ڪاليج ڊي ڪلر مونٽ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جيڪي پئرس يا فرانس کان واقف آهن يا جن کي تعليمي ادارن جي ڄاڻ آهي انهن لاءِ لکندو هلان ته اهو مٿيون ڪاليج اڄ واري مـشهور يونيورسٽي “Lycee Louis-le-Grand” آهي. تعليم ۽ ڪجهه عرصو فرانس ۾ نوڪري ڪرڻ بعد 35 سالن جي ڄمار ۾ (1655ع ڌاري) هو مشرق جي ٽوئر تي نڪتو. رستي تي هو فلسطين، مصر، عربستان ۾ رهندو 1658ع ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ آيو جتي هن کي مغل درٻار ۾ ميڊيڪل آفيسر طور رکيو ويو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ داراشڪوهه جي زوال ۽ اورنگزيب جي حڪومت جو سربستو احوال لکيو آهي. هو گهڻو ڪري اورنگزيب سان گڏ هليو ٿي 65-1664ع ۾ ساڻس گڏ ڪشمير به ويو جتان موٽڻ بعد هن ڪشمير بابت جيڪو احوال لکيو آهي اهو ڪشمير بابت پهريون آهي جيڪو ڪنهن يورپيءَ لکيو. 1668ع ۾ برنيئر مغل بادشاهه جي نوڪري ڇڏي هڪ دفعو وري سورت ۾ آيو جتي هن انڊين ڪامرس بابت The Memoir on Indian Commerce ڪتاب لکيو. 1669ع ۾ هو پنهنجي شهر پئرس ۾ موٽي آيو جتي 1688ع ۾ سندس وفات ٿي.
    پاڻ بئنگلور جي ماسترياڻي ”ڊاڪٽر سوما مکرجي“ جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies” جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهي خاندان جي عورتن جي رهائش ۽ انهن جي روز مرهه جي زندگي بابت لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته حرمسراءِ ۾ رهندڙ شهنشاهه ۽ عورتن جون روزمرهه جون مختلف ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شاهي کاتا (ڊپارٽمينٽ) هئا. سڀني راڻين، شهزادين ۽ ٻين شاهي خاندانن سان واسطو رکندڙ عورتن جي لاءِ شاهي بورچيخاني مان ماني آئي ٿي جنهن کي هو ”متباخ“ سڏيندا هئا. متباخ ۾ بورچين، مددگارن، ماني پهچائڻ وارن، ٿانون ڌوئڻ وارن جي هڪ وڏي فوج هئي جنهن ۾ گهڻو تڻو جوان ڇوڪرين ڪم ڪيو ٿي. اهڙيءَ طرح ”اڪبر خانا“ نالي هڪ ٻيو ڊپارٽمينٽ هو جنهن طرفان حرم جي عورتن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ شراب مهيا ڪيو ويو ٿي. اونهاري جي موسم ۾ برف جهڙو ٿڌو پاڻي پهچايو ويو ٿي. ”ميوه خانا“ طرفان ميوو ۽ ”رقاب خانا“ (بيڪري) طرفان نانَ سپلاءِ ڪيا ويا ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڊپارٽمينٽ ”شاهي ڪارخانا“ نالي هوندو هو جتي سونارا، درزي ۽ ڀرت جو ڪم ڪرڻ وارا هئا جن جو ڪم حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن جي لاءِ ويس وڳا سبڻ ۽ هر هڪ جي پسند موجب ڳهه ڳٺا ٺاهڻ هو. ڪنهن به شيءِ لالي سرخيءَ کان مسواڪ پائوڊر جي ضرورت پوري ڪرڻ هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم هو. ان بابت فرينچ ڊاڪٽر برنيئر به پنهنجي ڪتاب Travels in the Mughal Empire ۾ لکي ٿو ته ڪيترائي وڏا هال آهن جيڪي ڪارخانا سڏجن ٿا جتي مختلف ڪاريگر ڪپڙن جي سلائي ۽ ڀرت جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا. هو ان وقت جي ڪپڙي ۽ ڀرت جي ڏاڍي تعريف لکي ٿو:
    “Manufactures of Silk, fine brocade, and other fine muslins, worn by Mughal females, were one of the most expensive forms of clothing in the world…..”
    جيئن ته حرم جي عورتن کي ورلي ٻاهر ڪڍيو ويو ٿي ۽ هنن جو سڄو وقت محل اندر ئي گذريو ٿي ان ڪري هنن راڻين، شهزادين ۽ ڪنيزائن پنهنجو وقت پنهنجي هار سينگار ۽ ٺاهه جوڙ ۾ لڳايو ٿي. هنن جي وندر لاءِ ناچ ۽ گاني لاءِ ڪيتريون ئي ڳائڻيون ۽ ڊانسر موجود رهيون ٿي. حرم جي عورتن ليوڊو، چنهر چُسي، شطرنج جهڙيون ڪيتريون ئي انڊور رانديون کيڏيون ٿي. ڪيتريون پڙهيل ڳڙهيل به هيون ۽ هنن محل اندر رهي ڪتاب پڙهيا ٿي .... خاص ڪري شيخ سعدي شيرازيءَ جا فارسي ڪتاب ”گلستان“ ۽ ”بوستان“. مغل خاندان جون ڪجهه عورتون ته ٻه قدم اڳتي به ويون ۽ هنن عمارتون ۽ باغيچا به ٺهرايا .... ڪن ادبي مضمون به لکيا، ڪن واپار وڙي ۾ به حصو ورتو ته ڪن جو سياست ۾ به عمل دخل رهيو ٿي.
    هونءَ ته ڏٺو وڃي ته هر مغل عورت جي زندگي شهنشاههِ وقت جي چوڌاري ڦري ٿي. حرم ۾ عورتن جو هڪ وڏو تعداد رهيو ٿي پر سڀني جي حيثيت هڪ جهڙي نه هئي، هر عورت جي شان، رعب تاب ۽ اٿارٽي جو مدار ان تي هو ته هن جي شهنشاهه جي زندگي يا هن جي دل ۾ ڪيتري جاءِ آهي ـــ هنن جا ظاهري طرح پنهنجو پاڻ ۾ تعلقات جيتوڻيڪ دوستاڻا رهيا ٿي پر اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ ساڙ ۽ حسد پڻ هو. هر هڪ شهنشاهه کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ هن کي اهو تاثر ڏنو ٿي ته هوءَ خوش مزاج ۽ سٺي طبيعت جي آهي. هنن ڪڏهن به نٿي چاهيو ته شهنشاهه کي اهو محسوس ٿئي ته هو چڙ جون تکيون ۽ ساڙ سڙيون آهن. شهنشاهه کي پهريون ٻار پٽ ڏيڻ هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي ۽ هر هڪ ان مقابلي ۾ لڳي رهي ٿي ته پٽ ڄمي ته بادشاهه جي دل کٽيان. ان مقابلي ۽ ساڙ جي چڪر ۾ هو ٻين کي اهڙيون ديسي ڦڪيون کارائينديون ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪنديون رهيون ٿي جن سان هنن جا ٻار ضايع ٿين.
    ڪنهن به قسم جي ڏک يا فڪر جي ڳالهه حرم ۾ رهندڙن کان پري رکي وئي ٿي. موت جي خبر تي ته ڄڻ سينسر لڳل هو. ڪا به عورت بيمار ٿيندي هئي ته هن کي محل جي هڪ ڌار حصي ۾ شفٽ ڪيو ويو ٿي جيڪو ”بيمار خانا“ سڏبو هو. موت جو سوڳ فقط ان عورت جو ملهايو ويو ٿي جنهن جو بادشاهه جي نظرن ۾ اهم رتبو هو.
    حرم ۾ رهندڙ عورتن مان جنهنجي جيتري اهم پوزيشن هوندي هئي ان کي اوتريون وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون ٿي. اهڙي اهم رتبي واري ۽ شهنشاهه جي دل واري زال کي اولاد نٿي ٿيو ته هن کي حرم جي ڪنهن ٻي زال جو ٻار پالڻ جي اجازت ڏني وئي ٿي ۽ اهو ٻار هن جو پنهنجو سمجھيو ويو ٿي. ماهام بيگم (بابر بادشاهه جي خاص زال ۽ همايون جي ماءُ) جا همايون بعد چار ٻار ضايع ٿي ويا ته هن کي بابر جي ٻي زال دالدار بيگم جا ٻه ٻار هندال ۽ گلبدن ڏنا ويا، جن کي هن نپائي وڏو ڪيو. شهنشاهه اڪبر جي زال رقيه سلطان بيگم کي وڏي عمر تائين ٻار نه ٿيو ته هن کي شهزادي سليم جو ٻار خرم نيپاج لاءِ ڏنو ويو جنهن کي هن وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو. ان جو اظهار جهانگير پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته: ”منهنجي پيءُ اڪبر منهجو پٽ خرم هن جي حوالي ڪيو ۽ هن خرم جو هزار دفعا وڌيڪَ خيال ڪيو جيترو هوءَ پنهنجي پٽ جو ڪري ها جيڪڏهن کيس پنهنجو هجي ها.“
    شاهجهان جو ٻيو نمبر پٽ شهزادو شجاع جهانگير جي خواهش مطابق نور جهان بيگم نپايو. مغل گهراڻي جي حڪومت دوران عورتن ۾ پري جوءِ (فرسٽ ليڊي) هميشه شهنشاهه جي ماءُ هوندي هئي سواءِ ٻن واقعن ۾ جن ۾ نورجهان ۽ ممتاز محل ٿي. ماءُ جي مرڻ بعد ئي شهنشاهه جي دلپسند زال ”چيف ليڊي“ (راڄ راڻي) ٿيندي هئي. بابر کان وٺي سڀني مغل بادشاهن پنهنجي ماءُ جي وڏي عزت ڪئي ٿي. ”بابر نامه“ ۽ گلبدن جي لکيل ڪتاب ”همايون ناما“ ۾ ڪيترا اهڙا مثال ملن ٿا جن مان بادشاهن جي پنهنجي مائرن لاءِ عزت احترام جي خبر پوي ٿي. تاجپوشي بعد اها ماءُ ئي هوندي هئي جنهن سان بادشاهه پهرين ملندو هو. ساڳي طرح عيد برات يا جنم ڏينهن جي فنڪشن ۾ هر مغل بادشاهه پهرين پنهنجي ماءُ سان ملندو هو، ان بعد ٻي سان.
    اڪبر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پڙهيل ڳڙهيل نه هو. ايتري قدر جو هن کي پنهنجو نالو به لکڻ ڪونه ٿي آيو .... بهرحال مون جهڙن کي اهو انڊين فلم ”اڪبر جوڌاٻائي“ ڏسڻ تي معلوم ٿيو. پر اهو ضرور چوندس ته هن کي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو قدر هو ان ڪري ته هن جي درٻار ۾ هر وقت نو قابل ماڻهو رهيا ٿي جيڪي نورتن سڏيا ويا ٿي: بيربل، فيضي، توڏرمل، مَان سنگهه، تانسين، ملادو پيازو، ابو الفضل، عبدالرحيم خان خانان .... ڇهه سؤ سال گذرڻ بعد به اڄ انهن جو ذڪر هلي ٿو ۽ هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هنن کان واقف آهي. بهرحال اڪبر بادشاهه جي ڏاڏي بابر کي لکڻ پڙهڻ جو ضرور شوق هو تڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين جو ڪتاب ”بابر ناما“ لکيو جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. بابر نامو جيڪو اصل ۾ بابر ”تزڪِ بابر“ نالي سان ترڪي ٻوليءَ ۾ لکيو ان جو انگريزي ترجمن ۾ Book of Babur ۽ ”ليٽرس آف بابر“ پڻ نالو آهي. انگريز تاريخدان اسٽيفن فريڊرڪ مطابق بابر جي ترڪ لکڻيءَ ۾ هن فارسي جا به تمام گهڻا لفظ، پهاڪا ۽ شعرَ استعمال ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ بابر نه فقط پنهنجو احوال لکيو آهي پر ان وقت جي تاريخ، سياست، ايڪانامڪس ۽ جاگرافي جو پڻ احوال لکيو آهي. شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ سندس درٻار جي هڪ رتن عبدالرحيم بابر جي لکيل هن سڄي ڪتاب جو 1589ع ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
    شهنشاهه اڪبر جي هڪ ٻئي رتن ابو الفضل ”اڪبر ناما“ لکيو جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي زندگي ۽ راڄ جو احوال آهي. اهڙيءَ طرح بابر جي پٽ همايون جي زندگي تي پڻ هڪ ڪتاب ”همايون ناما“ نالي آهي جيڪو شهنشاهه بابر جي ڌيءَ شهزادي گلبدن بيگم پنهنجي ڀائيٽي شهنشاهه اڪبر جي چوڻ تي لکيو. هن ڪتاب جو اصل نالو: ”احوالِ همايون پادشاهه .... جمع ڪردم گلبدن بيگم بنت بابر پادشاهه، اما اڪبر بادشاهه“ رکيو جيڪو پوءِ ”همايون نامه“ نالي سان مشهور ٿيو. مون وٽ ”همايون ناما“ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون آهن. هڪ اڙدوءَ ۾ جيڪو راشد اختر ندوي جو ترجمو آهي ۽ جنهن جي قيمت 250 روپيه آهي. انگريزي ۾ ترجمي وارو 330 صفحن جو آهي ۽ ترجمو ”انيتي“ (Annette. S. Beveridge) جو آهي.
    اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ تاريخ جي ڪتاب ۾ همايون جي بيمار ٿيڻ ۽ سندس پيءُ شهنشاهه بابر جي دعا تي صحتمند ٿيڻ جي جيڪا ڳالهه پڙهي هئسين اها دراصل گلبدن بيگم هن ڪتاب ”همايو ناما“ ۾ لکي آهي. هوءَ لکي ٿي ته سندس ڀاءُ همايون جڏهن 22 سالن جو ٿيو ته هڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيو. گهڻو ئي حڪيمن جون ستيون ڦڪيون ۽ مولوين جا ڦيڻا ٽوڻا ڪيا ويا پر هن ۾ ڪا بهتري نه آئي. گلبدن ٻڌائي ٿي ته ”همايون کي مرڻ ويجھو ڏسي بابر بيحد گهڻو پريشان ٿي ويو. هو لڳاتار چار ڏينهن همايون جي بستر جي چوڌاري چڪر هڻي رب پاڪ کان اها دعا گهرندو رهيو ته ”منهنجا مولا! تون همايون کي صحت ڏي، ان بدران مونکي پاڻ وٽ گهرائي وٺ.“ اهو هڪ معجزو ٿي ويو جو بابر جي دعا الله وٽ قبول ٿي وئي ۽ پٽ چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. 47 سالن جو پيءُ ان بعد يڪدم وفات ڪري ويو.
    گلدبن بيگم هن ڪتاب ۾ همايون جي حميده سان شاديءَ جو احوال پڻ لکيو آهي .... مرزا جي تيرهن سالن جي ڀاڻيجي حميده بانوءَ سان پيار ٿي ويو. پهرين ته حميده شهنشاهه سان ملڻ لاءِ به انڪار ڪيو جو عمر ۾ همايون هن کان گهڻو وڏو هو پر پوءِ حرم جي ٻين عورتن جي سمجھائڻ تي حميده شهنشاهه سان شادي ڪرڻ جي هاڪار ڀري. ٻن سالن بعد 1542ع ۾ هن همايون کي اڪبر نالي پٽ ڄڻي ڏنو جيڪو مغل حاڪمن ۾ سڀ کان وڏو ۽ مشهور بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. گلدبن بانوءَ پنهنجي ڀاءُ همايون جي هن شاديءَ جو احوال ”همايون نامي“ ۾ نهايت چرچائي اندازَ ۾ لکيو آهي.
    گلبدن بيگم هن ڪتاب ۾ پنهنجي حج جو به احوال لکيو آهي ته هوءَ ڪيئن پنهنجي ڀاڄائي حميده بانو سان گڏ خشڪيءَ رستي 3000 ميل سفر ڪري مڪي شريف پهتي. رستي تي هنن کي ڪيترائي جبل ۽ رڻ پٽ لتاڙڻا پيا پر هو بيحد سخت جان واريون عورتون هيون ۽ هنن تڪليفن هوندي به همت کان ڪم ورتو. مڪي ۾ هنن چار سال گذاريا ۽ واپسي تي هو سامونڊي رستي وطن موٽي رهيا هئا ته عدن وٽ سندن جهاز (جيڪو پڪ ڪاٺ جو ۽ سڙهن تي هلڻ وارو هوندو جو ان وقت آگبوٽ يعني انجڻ وارا جهاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا) ڀڄي پيو. جيسين ڪو ٻيو جهاز ملي تيسين هو ڪيترن مهينن لاءِ عدن ۾ انتظار ڪنديون رهيون. آخرڪار 1582ع ۾ سورت جي بندرگاهه ۾ پهتيون جتان پوءِ باءِ روڊ آگري آيون. آگري کان روانو ٿيڻ کان موٽڻ تائين هنن کي ست سال لڳي ويا.
    اڪبر بادشاهه پنهنجي پڦي ۽ ماءُ جي سفر لاءِ ڪيترائي خذمتگار نوڪر ۽ ٻانهيون ساڻ روانيون ڪيون هيون. انهن سان گڏ ڪيترائي قيمتي تحفا پئڪ ڪرائي ڏنا جيئن مڪي پهچي اتي جي ماڻهن کي خيرات طور ڏئي سگهن. چون ٿا ته هنن عورتن يعني هندوستان جي شهنشاهه جي والده حميده ۽ ڀيڻ گلبدن کي ڏسڻ لاءِ شام ۽ وچ ايشيا کان ماڻهو مڪي اچي پهتا جيئن هنن کي به ڪجهه تحفا ملي سگهن. ظاهر آهي ان وقت جو عربستان اڄ جي عربستان وانگر امير نه هو.
    شهزادي گلبدن بيگم 1523ع ۾ ڪابل ۾ ڄائي جتي ان وقت بابر جي حڪومت هئي. بعد ۾ 1526ع ۾ هن هندوستان فتح ڪيو ۽ پوءِ ڇهن سالن جي ڄمار ۾ گلبدن هندوستان ۾ آئي ۽ 80 سالن جي ڄمار ۾ 1603ع ۾ وفات ڪئي. وفات وقت هن وٽ شهنشاهه اڪبر جي والده حميده ۽ پهرين زال رقيه سلطانه (هندال جي ڌيءَ) موجود هيون. چون ٿا ته اڪبر کي پنهنجي هن پياري پڦيءَ جي وفات جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هر وقت غمگين رهيو ٿي. پورن ٻن سالن بعد 1605ع ۾ اڪبر بادشاهه به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
    مغل گهراڻي جون ڪيتريون ئي عورتون پڙهيل ڳـڙهيل هيون. گلبدن بيگم به انهن مان هڪ هئي هوءَ نه رڳو سٺي ليکڪا هئي جنهن ”همايون ناما“ جهڙو ڪتاب لکيو پر شاعره به هئي. هوءَ فارسي ۽ ترڪي ٻولين ۾ هوشيار هئي. افسوس جو ٻين لکڻين وانگر گلبدن جي شاعري به هيٺ مٿي ٿي وئي. بهرحال گلبدن جي شاعري بابت بهادر شاهه ظفر ۽ مير تقي مير پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻن ٽن هنڌن تي حوالا ڏنا آهن.
    هتي ٻه ٽي سٽون رقيا سلطانه بيگم بابت پڻ لکڻ چاهيان ٿو. رقيه بيگم مغل شهنشاهه اڪبر جي زال ۽ سوٽ هئي. هوءَ اڪبر جي ننڍي چاچي شهزادي هندال مرزا جي ڌيءَ هئي. رقيه جي پڦي گلبدن بيگم هندال مرزا کان به ننڍي هئي. بادشاهه همايون، ڪامران، هندال مرزا، گلرنگ بيگم، گلچهرا بيگم ۽ گلبدن بيگم پاڻ ۾ ڀائر ڀينر ۽ ظهير الدين بابر جو اولاد هئا.
    شهزادي هندال مرزا کي هڪڙو ئي ٻار رقيه سلطانه بيگم ٿيو. رقيه 1542ع ۾ ڄائي ۽ نون ورهين جي ڄمار ۾ هن جي شادي پنهنجي سوٽ اڪبر سان ڪابل ۾ ٿي. اڪبر انهن ڏينهن ۾ ڪابل ۾ پنهنجي پهرين پوسٽنگ ”وائسراءِ“ جي عهدي تي هو. هوءَ چوڏهن سالن جي عمر ۾ مغل سلطنت جي راڻي ٿي جڏهن هن جي مڙس اڪبر جي 1556ع ۾ تاجپوشي ٿي. رقيه بانو بيگم سڀ کان وڏو عرصو (49 سال) هندستان جي راڻي ٿي رهي. سندس 53 سال شادي شده واري عرصي ۾ ڪو به ٻار نه ٿيو ۽ ان بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته هن اڪبر جي پوٽي (جهانگير جي پٽ) خرم کي نپايو جيڪو اڳتي هلي شاهجهان جي نالي سان مشهور ٿيو. مٿي اهو به لکي چڪو آهيان ته مغل گهراڻي جي ڪيترين ئي عورتن سياست ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ به حصو ورتو. چون ٿا ته جڏهن سندس مڙس اڪبر بادشاهه ۽ ويڳي پٽ جهانگير جي وچ ۾ تعلقات خراب ٿي پيا ته رقيه سلطانا ٻنهي جو ٺاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جهانگير کي تخت جو وارث بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
    پاڻ سونا مکرجي جي ڪتاب “Royal Mughal Ladies & their Contributions” بابت ڳالهائي رهيا هئاسين جنهن ۾ هن مغل حرمسراءِ ۾ رهندڙ عورتن بابت لکيو آهي ته انهن جي محلات اندر ڪهڙي قسم جي زندگي هئي ۽ هن سان شهنشاههِ وقت جو ڇا ورتاءُ رهيو ٿي. مغل بادشاهن ۾ هڪ ڳالهه هئي ته هنن پنهنجين سڳين توڙي ويڳين مائرن ۽ انهن مائرن جن هنن جو نيپاج ڪيو ٿي ۽ پنهنجي پيئرن جي ٻين زالن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪيو ٿي. جوڌا ٻائي شهنشاهه جهانگير جي سڳي ماءُ هئي پر هن کي پنهنجي پيءُ اڪبر بادشاهه جي ٻين زالن رقيه بانو بيگم ۽ سليما سلطان بيگم لاءِ به ايترو ئي احترام هو. اڪبر بادشاهه ”حاجي بيگم“ جي به تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. ڏاڏين، نانين، پڦين، چاچين ۽ ٻين وڏي عمر جي عورتن جو به تمام گهڻو خيال ڪيوويو ٿي. بابر ۽ جهانگير جي يادگيرين ۽ گلبدن بيگم جي همايون ناما ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙا مثال نظر اچن ٿا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مغل حاڪمن حرم ۾ رهندڙ وڏي عمر جي عورتن جي عزت ڪئي ٿي.
    گلبدن بيگم ”همايون ناما“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”چار ئي سال جيڪي منهنجي پيءُ (بابر بادشاهه) آگري ۾ گذاريا هو هر جمعي تي پنهنجين پڦين جي خبر چار لهڻ لاءِ ويو ٿي. هڪ دفعي جمعي ڏينهن تمام گهڻي گرمي هئي ۽ عزت ماب، اسانجي سانئڻ (راڻي ماهم بيگم)، بادشاهه سلامت کي چيو: ”سائين! ٻاهر ڪيڏي لُڪَ پئي لڳي. ههڙي گرميءَ ۾ هن دفعي کڻي نه وڃو. بيگمات (توهان جون پڦيون) پڪ دل ۾ نه ڪنديون.“
    منهنجي سرڪار جواب ڏنو: ”ماهم! تعجب آهي جو تون ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪرين. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آئون انهن عورتن جي خوشيءَ لاءِ نه وڃان جيڪي ابو سعيد سلطان مرزا جون ڌيئرون آهن جن جو هن دنيا ۾ نه پيءُ رهيو آهي نه ڀائر!“
    مغل سلطنت جي راڄ راڻي ماهم بيگم مغل گهراڻي جي پهرين بادشاهه ظهير الدين بابر جي ٽيون نمبر زال هئي جنهن سان هن 1506ع ۾ هرات ۾ شادي ڪئي هئي. ماهم بيگم جي ٻين راڻين کان وڌيڪَ اهميت ان ڪري به آهي جو هن بابر کي همايون جهڙو پٽ ڄڻي ڏنو جيڪو بابر بعد مغل سلطنت جو ٻيو بادشاهه ٿيو. ماهم جو بابر جي خاندان سان ئي تعلق هو جو هوءَ تيمور گهراڻي مان هئي. همايون نامي ۾ گلبدن بيگم ماهم بيگم جون ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي. گلبدن به بابر جي ڌيءَ هئي پر ٻي زال مان پر کيس نپايو ماهم بيگم هو.
    مغل بادشاهن نه فقط پنهنجي مائرن، پڦين، ويڳين مائرن جي عزت ٿي ڪئي پر پنهنجين سڳين ۽ ويڳين ڀينرن جو به هر قسم جو خيال رکيو ٿي. جنهن جو احوال پڻ گلبدن ”همايون نامه“ ۾ ڪيو آهي ته همايون ۽ بابر کي پنهنجين ڀيڻين لاءِ تمام گهڻو پيار هو. بابر پنهنجي وڏي ڀيڻ خانزاده بيگم لاءِ ته ساهه صدقي ڪيو ٿي ۽ هن به پنهنجي ڀاءُ خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته گلبدن جيتوڻيڪ همايون جي سڳي ڀيڻ نه هئي پر همايون هن کي ۽ ٻين ڀيڻين کي بيحد گهڻو چاهيو ٿي ۽ خيال رکيو ٿي. ڪنهن به ڀيڻ تي ڪا مصيبت آئي ٿي .... اڪثر هلندڙ لڙائين ۾ هنن جا فوجي مڙس مارجي ويا ٿي ته بادشاهه هنن جي اجھي ۽ لٽي جو خيال ڪيو ٿي. جڏهن گلچَهرا بيوهه ٿي وئي ته همايونءَ يڪدم هن کي پاڻ وٽ آگري ۾ گهرائي ورتو. جهانگير بادشاهه پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ پنهنجين ڀينرن شڪرالنساءِ بيگم ۽ آرام بانو بيگم کي وڏي حب مان ياد ڪيو آهي جيتوڻيڪ اهي ٻين مائرن مان هيون.
    هتي اهو به لکندو هلان ته سڀني مغل بادشاهن جي مائرن جو تعلق تيمور گهراڻي جي مسلمان عورتن سان يا ترڪ ـــ منگول خاندان سان نه هو. بابر جي ماءُ قتلخ نگار خانم ۽ همايون جي ماءُ ”ماهم بيگم“ جو تعلق ترڪن منگولن سان ضرور هو باقي ٻين ڪيترين جو فارسي (پرشن)، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين وارن سان هو. ڪيترن ئي بادشاهن جي مائرن جو شادي کان اڳ هندو ڌرم سان واسطو هو. شهنشاهه جهانگير جي ماءُ ”مريم زماني“ جيسلمير رياست جي ”هيرا ڪنواري ٻائي“ هئي . شاهجهان جي ماءُ ”تاج بيبي بلقيس مڪاني“ مارواڙ (جوڌپور رياست) جي ماناوتي ٻائي هئي. اڪبر جي ماءُ حميده بانو ۽ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل (ارجمند بانو) پرشن هيون. بهادر شاهه اول جي ماءُ بيگم نواب ڪشميري هندو ”اَنُو راڌا ٻائي“ هئي. اهڙيءَ طرح احمد شاهه بهادر جي ماءُ قدسيه بيگم (اڌم ٻائي)، عالمگير دوم جي ماءُ انوپ ٻائي (جيڪا شادي بعد به ساڳي نالي سان رهي) شاهه عالم دوم جي ماءُ زينت محل (بلال ڪنر) ۽ بهادر شاهه دوم جي ماءُ قدسيه بيگم (لعل ٻائي) هندو ڌرم جون هيون.
    مغل راڻين ۾ اورنگزيب جي ماءُ ممتاز محل ”تاج محل“ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين مغل گهراڻي جي سڀني راڻين کان گهڻو مشهور آهي. تاج محل ــــ دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ ممتاز محل جي ياد ۾ سندس مڙس شهنـشاهه شاهه جهان ٺهرايو. ممتاز محل (اصل نالو ارجمند بانو) 1593ع ۾ ڄائي، 19 سالن جي ڄمار ۾ 1612ع ۾ سندس شادي شهزادي خرم سان ٿي جيڪو پوءِ تخت تي وهڻ بعد شاهجهان سڏجڻ لڳو. ممتاز محل 19 سال شادي جا گذارڻ بعد 38 سالن جي ڄمار ۾ 1631ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سبب چوڏهون ٻار گوهرا بيگم ڄڻڻ وقت ويم جي تڪليف Complications هو. اورنگزيب بادشاهه انهن چوڏهن ٻارن مان هڪ هو جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي قتل ڪري تخت جو مالڪ ٿيو.
    مغل بادشاهه شاههجهان جي والده تاج بيبي بلقيس هڪ راجپوت شهزادي (راجڪماري) هئي جنهن جو اصل نالو ”ماناوتي ٻائي جي لعل“ هو. پاڻ مارواڙ جي ”راجا اڌئي سنگهه دوم“ جي ڏهون نمبر ڌيءَ هئي. سندس جهانگير بادشاهه سان 1986ع ۾ شادي ٿي. ان وقت هيءَ ان جي ٽين زال ٿي آئي هئي. پاڻ شهزادي خرم (مستقبل جي شاهه جهان) کي 1592ع ۾ جنم ڏنو. مغل بادشاهه جهانگير جي ماءُ مريم زماني بيگم به ڪافي مشهور راڻي رهي چڪي آهي .... بلڪه هڪ وڏو عرصو راڻي ٿي رهي .... 43 سال .... 1562ع کان 1605ع تائين. هن تي بالي ووڊ وارن 2001ع ۾ ”جوڌا اڪبر“ نالي فلم ٺاهي. ”مريم زماني“ هڪ راجپوت شهزادي هير ڪنواري (کيس هرڪا ٻائي ۽ جوڌا ٻائي به سڏيو ويو ٿي) راجپور جي سردار راجا ڀرمال جي ڌيءَ ۽ راجا پرٿوي سنگهه جي پوٽي هئي. پاڻ راجا مان سنگهه جيڪو بعد ۾ اڪبر جي نورتنن مان هڪ ٿيو، ان جي پڦي پڻ هئي. اڪبر بادشاهه جي هيءَ پهرين راجپوت زال هئي. هن کان اڳ هن کي ٻه مغل خاندان جون زالون هيون ۽ جوڌا (مريم زماني) بعد ٻين به ڪيترين مختلف مذهبن جي عورتن سان شادي ڪئي. جوڌا ٻائي جهانگير کي ڄڻيو ۽ هوءَ شهنشاهه شاهجهان جي ڏاڏي به ٿي.
    


    جتي دجله ۽ فرات ڇوڙ ڪن ٿيون

    شروع جا سامونڊي سفر ٿا ياد اچن ته جهاز چاهي ممباسا ۾ هجي يا لندن ۾، عدن ۾ هجي يا هانگ ڪانگ ۾ اسان کي هر بندرگاهه ۾ سمجهه ۾ فقط شاپنگ سينٽر ۽ سئنيما هال آيا ٿي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهازن جي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي پاڪستان ۾ اڄ وانگر فارين جون شيون عام نه هيون، ان ڪري اسان ڌارين بندرگاهن مان جپاني واچون، آمريڪي قميصون، جرمن ڪئميرائون، فرينچ چاڪليٽ وٺي خوش ٿيندا هئاسين .... يا وري انڊين فلمون ڏسڻ جو شوق هوندو هو جو پاڪستان ۾ انهن تي بندش لڳي چڪي هئي. پاڪستان جا دوست اسان کي خوش نصيب سمجهندا هئا جو جهاز جي نوڪريءَ ۾ انڊين فلمون ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي. ايتري قدر جوهڪ دفعي اسان جو جهاز لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) ۾ بيٺو هو ته اتان ٽئڪسي ڪري بيروت ويا هئاسين.... ڪو تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ نه پر انڊين فلم ڏسڻ لاءِ! .... سا به شمي ڪپور جهڙي جي ”ايوننگ ان پئرس“. پر سائين انهن ڏينهن ۾ شمي ڪپور اسان جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو جو ان وقت تائين اميتاڀ بچن، راجيش کنا ۽ ششي ڪپور جهڙا اڃان ميدا تي نه آيا هئا. سو اسان لاءِ دنيا جو هر بندرگاهه فقط ۽ فقط سئنيمائن ۽ دڪانن جو مجموعو هو. پر پوءِ سالن جا سال سمنڊ تي ڊگها سفر ڪرڻ دوران گهڻي کان گهڻا تاريخي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ته ان سان گڏ هر بندرگاهه ۾ نواڻ محسوس ٿيڻ لڳي .... اتي جي عمارتن توڙي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ماضيءَ جون جھلڪون نظر اچڻ لڳيون. ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان لنگهندي خيالن ۾ واسڪوڊا گاما کي پهريون دفعو هي سمنڊ اڪري انڊيا ڏي ايندو ڏٺو. سنگاپور ۾ ايندي انگريز حاڪم رئفلز ياد اچڻ لڳو جنهن 1819 ۾ هي ٻيٽ ملئي راجا کان انگريز حڪومت لاءِ خريد ڪيو. سمنڊ جي ڪناري تي سنگاپور جي هڪ هوٽل ”رئفلز هوٽل“ ۾ چانهه پيئڻ وقت هميشه انگريزي ليکڪ هيمنگوي ياد اچڻ لڳو جيڪو اڄ کان سئو سال اڳ هن هوٽل ۾ اچي رهندو هو ۽ هر ايندڙ خلاصيءَ کان هن جي سامونڊي سفر جو احوال وٺي ڪهاڻيون لکندو هو. ناروي جي بندرگاهن ۾ ايندي ارڙهين صديءَ جا سامونڊي ڦورو ”وائيڪنگ“ ياد اچڻ لڳا جيڪي پنهنجين خاص ٻيڙين ۾ ڀر وارن ملڪن ۾ وڃي ڦرون ڪندا هئا ايتريقدر جو جرمني جا ماڻهو به انهن کان ڊڄندا هئا .... جرمن مائرون پنهنجن نٺر ۽ بي چئن ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ ”وائيڪنگ“ جي اچڻ جو دڙڪو ڏينديون هيون.
    ايراني نار جي بندرگاهن ۾ ته پهرين به اچڻ ٿي چڪو هو پر هاڻ سالن کانپوءِ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي وڌيڪَ مطالعي بعد جڏهن اسان جو جهاز شط العرب (Shatt al Arab) نديءَ جي ڇوڙ وٽ ايراني نار واري سمنڊ ۾ اچي لنگر انداز ٿيو ته اسان آرام ڪرسيون کڻي اچي ڊيڪ تي ويٺاسين. جيتوڻيڪ سڀني کي ٻين سمنـڊن جي نيري سائي پاڻيءَ وانگر هن سمنڊ جو پاڻي به لڳي رهيو هو پر شط العرب نديءَ مان وهي هن ايراني نار جي سمنڊ ۾ مڪس ٿيندڙ هي پاڻي مونکي ماضيءَ جي تاريخ جي ورقن ۾ گهمائڻ لڳو. آئون غور سان ڏسندو رهيس. شط العرب نديءَ جو هي ڇوڙ وارو پاڻي هاڻ مونکي عام پاڻي نه لڳي رهيو هو .... تاريخي جاين وانگر هي پاڻي مونکي ٻڌائي رهيو هو ته آڳاٽين ۽ تاريخي ندين دجله ۽ فرات مان اچي پيو. اسانجو جهاز ڪويت، عراق ۽ ايران جي بارڊر وٽ بيٺو هو جتي شط العرب ندي دجله ۽ فرات جو پاڻي کڻي ڇوڙ ٿي ڪري. فرات ندي شام ملڪ مان شروع ٿي عراق ۾ اچي ٿي ۽ دجله ترڪيءَ مان شروع ٿي عراق ۾ گهڙي ٿي. هنن ندين جي وچ وارو سرسبز علائقو اهو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ميسوپوٽاميا سڏبو هو .... جيڪو يوناني ٻوليءَ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي ”ندين جي وچ واري ڌرتي“ جنهن کي عربيءَ ۾ ”بلاد الرافدين“ ۽ فارسيءَ ۾ ”ميان رودان“ سڏين ٿا. ماضيءَ جو ميسوپوٽاميا جو علائقو سمجھو ته اڄ وارو عراق ۽ ڪويت هو. ۽ ان ۾ شام جو ڪجهه اتراهون حصو ۽ ترڪي ۽ ايران جو ڪجهه ڏاکڻو حصو پڻ اچي ويو ٿي. فرات ۽ دجله (جن کي انگريزيءَ ۾ Euphrates ۽ Tigris سڏجي ٿو) آڳاٽيون ۽ وڏيون نديون آهن جن جو تاريخ سان اهم واسطو آهي. دجله جو ذڪر ٻه دفعا بائيبل ۾ به آيو آهي. جيئن گنگا يا سنڌو ندي جي ڪناري تي آڳاٽا ۽ تاريخي شهر آهن تيئن عراق مان لنگهندڙ هنن ٻن ندين جي ڪپرن تي لاگاش جهڙو پراڻو شهر اڄ کان 4400 سال اڳ 2400 ق.م ۾ دجله ندي جي ڀرسان آباد ٿيو هو جنهن کي دجله مان ڪئنال کوٽي پاڻي مهيا ڪيو ويو هو. ڪجهه ”موهن جي دڙو“ جهڙا شهر جيڪي اڄ دجله جي ڪناري تي نه آهن يا انهن جا نالا بدلجي ويا آهن، هن ريت آهن Nineveh (نينوي)، Ctesiphon (طيسفون) ۽ Seleucia (سلوقيا) وغيره.
    اتر کان ايندڙ فرات ۽ دجله نديون سڄو عراق لتاڙي ڏکڻ ۾ بصري وٽ اچي ملن ٿيون. ان بعد هي ٻه نديون هڪ ٿي شط العرب جي نالي سان سؤ کن ميلن جو باقي سفر طئه ڪري ايراني نار (Persian Gulf) واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون جتي اسانجي جهاز سان گڏ ٻيا به ڪيترن ملڪن جا جهاز لنگر ڪيرائي هاءِ ٽائيڊ ”وڏي ڇول“ جو انتظار ڪري رهيا آهن جيئن هو ايران، ڪويت يا عراق جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃي سگهن.
    هنن ندين جي ڇوڙ وٽ ايران کان ايندڙ قارون ندي به ملي ٿي جنهن ۾ تمام گهڻي مٽي (Slit) هجڻ ڪري هن ڇوڙ وٽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو رنگ آسمان جهڙو بلو يا سائو هجڻ بدران ميرانجھڙو آهي. هي علائقو کجيءَ جي جنگلن کان دنيا ۾ مشهور آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي کجور جو پنجون حصو هتان ٿو اچي. پر چون ٿا ته عراق ۽ ايران جي جنگ بعد لوڻياٺ ۽ جراثيمن (Pests) جي گهڻائيءَ ڪري کجيءَ جي فصل کي وڏو نقصان رسيو آهي. آڳاٽي فارسي ادب ۽ فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ (جيڪو هن 977 ۽ 1010 جي وچ ۾ لکيو) اروند دجله نديءَ لاءِ ليکيو ويو آهي جيڪا شط العرب نديءَ سان اچيو ٿي ملي. بهرحال شط العرب ندي جنهن ۾ ايراني بندرگاهه ابادان جو ”خورم شهر“ ۽ عراقي بندرگاهه ”بصرو“ آهي، مسي سپي نديءَ وانگر اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ نيويگيشن جو مسئلو هوندو آهي ته نديءَ ڪيترو اڌ ويندڙ جهازن جي آهي ۽ ڪيترو اڌ سامهون کان ايندڙ جهازن لاءِ.
    جتي موصل، سامارا، القط ۽ بصري جهڙا شهر دجله نديءَ تي آهن اتي فرات ندي جي ڪپر تي يا اوسي پاسي ڪربلا، رماضي، النجف ۽ النصيريا جهڙا شهر آهن جيڪي اسلام جي ڏينهن ۾ خلفاءِ راشدين جي خلافت جي گاديءَ جا هنڌ هئا. هيءَ فرات ندي ئي ته آهي جنهن لاءِ حضرت عمر بن خطاب پنهنجي خلافت جي ڏينهن ۾ چيو هو ته فرات نديءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک وگھي مري ويو ته هن جي ذميواري چئبي .... اڄ هنن ندين مان جانورن جا ته ڇا ماڻهن جا لاش به لڙهيو اچيو سمنڊ ۾ پون. عراق ۾ ته جهڙي باهه ٻري پئي آهي. ڇا خوشحال ملڪ اڄ ويراني ڏي وڌي رهيو آهي .... ڪجهه ڌارين تباهي آندي آهي ته ڪجهه پنهنجن. اڄ ڪٿي آهن دجله ۽ فرات جي ندين ۾ اهي ٻيڙيون جن مان ٽهڪن ۽ رباب جا آواز ايندا هئا. اڄ ڪٿي آهي هنن علائقي جي ڳوٺن ۾ اها خوشحالي ۽ سڪون. وڏيون وڏيون ڪارون ۽ هوٽلون ته چوڌاري آهن پر ڪو مقامي ماڻهن جا ڏک درد به ٻڌي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ان کان به ابتڙ حالت آهي. سنڌو ندي هجي يا سنڌو ماتر جا ڳوٺ .... هڪ خوف ۽ بدحاليءَ جو اولڙو جتي ڪٿي نظر اچي ٿو.
    مٿي دجله نديءَ جي ڪناري تي بيان ڪيل آڳاٽن شهرن مان سلوقيا سڪندر اعظم جي فتوحات بعد اڏيل شهر هو جيڪو ميسوپوٽاميا ۾ دجله ندي جي اولهه ڪناري تي 305 ق.م سڪندر اعظم جي هڪ جرنيل سلوقس (Seleucus Nicator) جي نالي سان ٺهرايو ويو هو. 323 ق.م ۾ سڪندر اعظم وفات ڪئي ان بعد اڄ واري هن عراق ۽ ايران وارن حصن تي سڪندر اعظم جي ٻن جرنيلن حڪومت ڪئي. سلوقس انهن مان هڪ هو.
    سلوقيا جي بلڪل سامهون هڪ ننڍڙو ڳوٺ طيسفون (Ctesiphon) هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي بيحد مشهور ۽ وڏو شهر ٿيو ۽ پرشيا (اڄ واري ايران) جي اشڪانيان (Parthian) ۽ ساساني گهراڻي جي حاڪمن جي دؤرِ حڪومت ۾ 247 ق.م کان 224ع تائين اٽڪل پوڻا پنج سؤ کن سال گاديءَ جو هنڌ رهيو. هي شهر هن ميسوپوٽاميا (بلاد الرافدين) جو عظيم شهر مڃيو ويو ٿي. اڄ ”موهن جو دڙو“ جهڙي هن آڳاٽي شهر جي فقط هڪ عمارت جو حجرو نشاني طور نظر اچي ٿو جنهن کي Archway of Ctesiphon سڏين ٿا جنهن اڳيان اسان جهڙا سياح بيهي فوٽو ڪڍرائين ٿا ۽ اهو ئي سوچين ٿا ته ”کنڊرات يه بتاتي هين ڪي عمارت عجيب ٿي ....“ اهڙن موقعن تي مونکي پنهنجو خدا آباد ۽ ڪوٽ ڏيجي ياد ايندو آهي. طيسفون جا هي کنڊهر بغداد شهر کان 22 ميل (35 ڪلوميٽر) ڏکڻ ۾ آهن. طيسفون شهر 570ع کان 637ع ۾ مسلمانن جي قبضي ۾ اچڻ تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر هو .... بعد ۾ استنبول ۽ اصفهان جهڙا شهر ٿيا. پهرين جنگ عظيم (1915ع ۾) انگريزن ۽ سلطنت عثمانيه جي سپاهين جي ويڙهه دجله جي ڪناري تي طيسفون جي کنڊرن وٽ لڳي هئي. برطانيا وارن بغداد تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو پر ترڪن کين 40 ميل پري تائين ڊوڙائي ڪڍيو ۽ پنهنجي شڪست جي آڻ مڃيائون.
    اهڙي طرح نينوي (Nineveh) به ميسوپوٽاميا جو آڳاٽو شهر هو ۽ دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪپ تي هو. هن شهر لاءِ به چون ٿا ته 55 سال کن دنيا جو وڏو شهر ۽ آشوريا سلطنت جي گادي جو هنڌ ٿي رهيو پر پوءِ خانگي جنگين 612 ق.م ۾ هي شهر تباهه ٿي ويو. هي شهر نينوي ان هنڌ تي هو جتي اڄ ڪلهه عراق جو ماڊرن شهر ”موسل“ آهي.
    هن پَٽَ جو هڪ آڳاٽو شهر لاگاش آهي جيڪو فارسي نالو آهي ۽ عرب هن کي لجش (Lagash) سڏين ٿا جو عربيءَ ۾ ”گ“ جو اچار ناهي .... جيئن ايراني شهر ”گيلان“ کي عرب ”جيلان“ سڏين ٿا .... ان ڪري هن شهر جا اسانجي ملڪ ۾ رهاڪو جيلاني به سڏجن ٿا ته گيلاني به.
    لاگاش دجله ۽ فرات ندي جي سنگم کان 14 ميل اوڀر ۾ هو جتي اڄ جو ماڊرن شهر الشطره آهي. لاگاش (جنهن کي اڄ ڪلهه الهِبا به سڏين ٿا) هڪ تمام جھونو ڊٺل شهر آهي جنهن جي پهريون دفعو کوٽائي 1887ع ۾ ٿي هئي. اهڙي طرح يوناني سلطنت جي شهر سلوقيا جي کوٽائي جي شروعات 1927ع ۾ ٿي.
    دنيا جي سواءِ چند شهرن جي، جيئن ته مڪو شريف آهي جيڪو بيت الله جي چوڌاري آهي، دنيا جا آڳاٽا شهر ندين جي ڪنارن تي آباد ٿيا ڇو جو انسان توڙي جانور جو پاڻيءَ بنا جياپو مشڪل آهي. ڏٺو وڃي ته مڪي ۾ به زم زم جي پاڻيءَ بعد مختلف قبيلن جي ماڻهن اچڻ ۽ رهائش اختيار ڪئي. نه فقط سنڌو ندي سنڌ جي يا نيل ندي مصر جي جياپي جي تند آهي پر گنگا، جمنا، اراودي، فرات ۽ دجله جهڙيون نديون به جن ملڪن مان لنگهن ٿيون انهن لاءِ جياپو آهن .... سواءِ انهن ملڪن جي جن ۾ بارش تمام گهڻي ٿئي ٿي جيئن ته ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره .... اتي جون گموڪ، ڪلانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور جهڙيون نديون انسان جي جياپي لاءِ نه پر چرپر لاءِ بهتر آهن ڇو جو روڊ رستا ٺهڻ کان صديون اڳ تائين اهڙن ملڪن جي گهاٽن جنگلن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ جو ذريعو فقط ٻيڙيون ئي هيون جيڪي هنن ندين ۾ هليون ٿي.
    دجله ندي اتر ۾ ترڪيءَ کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ڏي عراق ۾ پهچي ٿي ۽ سڄي عراق کي سيراب ڪري ڪويت ۽ ايران وٽ ”ايراني نار“ (Persian Gulf) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. بنا ڪنهن شڪ جي بغداد دجله نديءَ جو وڏو شهر آهي جيئن سنڌ ۾ سنڌو نديءَ تي روهڙي شهر آهي. بغداد وانگر عراق جو هڪ ٻيو شهر موصل (Mosul) آهي. دجله ندي جيئن ئي عراق ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جي مغربي ڪناري تي هي شهر موصل آهي جنهن جي بلڪل سامهون يعني مشرقي ڪناري تي آڳاٽو آشورين شهر نينوي (Nineveh) هو. هاڻ ته آدم شماري ايڏي وڌي وئي آهي جو ان پاسي به موصل شهر ٿي ويو آهي. هتي جي ”موصل يونيورسٽي“ هن تر جي مشهور وڏي يونيورسٽي آَهي. جيڪا گذريل سال داعش (دولة الاسلاميه عراق و شام) وارن جي حملن ڪري بند ٿي وئي هئي پر هاڻ اها وري نين عمارتن ۾ زور شور سان ڪم ڪري رهي آهي.
    هونءَ اسان جا زائرين جڏهن عراق ۽ شام اچن ٿا ته هو گهڻو ڪري بغداد، بصري، ڪوفي ۽ ڪربلا جهڙن شهرن مان ٿي موٽيو وڃن جيئن ايران ۾ هو فقط مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ وڃن ٿا. ايران جي ٻين اهم ۽ تاريخي شهرن اصفهان، تبريز، همدان يا شيراز ڏي وڃڻ لاءِ هنن کي نه وقت ملي ٿو ۽ نه ارادو رکن ٿا. اهڙي طرح عراق ۾ به گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ فرات ۽ دجله نديءَ جي ڪنارن تي ڪيترائي شهر آهن جن مان موصل به هڪ آهي. نمرود ۽ نينوي جهـڙن آڳاٽن شهرن جا دڙا ۽ کنڊهر به ان ئي هنڌ تي آهن جن جي رکي رکي کوٽائي هلندي رهي ٿي. ان قسم جا شهر ائين آهن جيئن اسان وٽ موهن ۽ ڪاهوءَ جا دڙا آهن. سن 638 ڌاري اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر ابن الخطاب جي ڏينهن ۾ هي شهر موصل ان وقت جي مشهور جرنيل عتبيٰ بن فرقد السلاميءَ خلافت راشدين جي سلطنت سان ملايو. موصل جي سڀ کان آڳاٽي ۽ پهرين مسجد جيڪا ”اميه مسجد“ جي نالي سان سڏجي ٿي سن 640 ۾ عتبيٰ بن فرقد ئي ٺهرائي هئي. عراق جي شهرن ڪوفي ۽ بصري جو پڻ حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ 636ع ۾ بنياد رکيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته موصل ڪيڏو پراڻو شهر آهي ۽ نينوي ۽ نمرود شهر جن جي جاءِ تي هاڻ موصل شهر آهي جيئن موهن جي دڙي وٽ کڻي چئجي ته هاڻ ڏوڪري يا لاڙڪاڻو آهي، اڄ به کوٽائي هيٺ آهن. بصري ۽ ڪوفي شهرن جا بنياد رکڻ ۾ حضور صلعم جن جي ساٿي اصحابي سعد ابن ابي وقاص جو وڏو هٿ هو. جيڪو بعد ۾ چين ۾ سفير ٿي رهيو ۽ سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان به اڳ اتي مسجد ٺهرائي جنهن جو تفصيلي احوال چين جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان.
    اميه گهراڻي جي راڄ ۾، يعني اٺين صديءَ ۾ هن شهر موصل کي ميسوپوٽاميا جي گاديءَ واري شهر جو Status مليل هو ۽ ان دور ۾ موصل جي خوشحالي عروج تي هئي. عباسي گهراڻي جي حڪومت ۾ موصل کي کڻي گاديءَ واري شهر جي حيثيت نه هئي پر ڪراچيءَ وانگر هي شهر ٽريڊ سينٽر هو جتي انڊيا، پرشيا (ايران) ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) رستي واپار جي آمد رفت هلي ٿي.
    يارهين صديءَ ۾ ”موصل“ سلجوقن جي قبضي ۾ آيو ۽ 1127 ڌاري زنگيان گهراڻي جي طاقت جو مرڪز رهيو. صلاح الدين ايوبيءَ به هن شهر کي حاصل ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو پر پهرين 1182 ۾ ناڪام ٿيو پر پوءِ ٻئي دفعي 1186 ۾ ڪاميابي حاصل ٿيس. تيرهين صديءَ ۾ هلاڪو خان منگولن جو لشڪر وٺي هن شهر کي پنهنجي حوالي ڪيو. بعد ۾، گهڻو گهڻو پوءِ، مملوڪن هن شهر موصل کي منگولن جي قبضي مان ڇڏرايو. موصل بعد ۾ وري بهتر ٿيڻ لڳو پر اهو شان شوڪت حاصل ڪري نه سگهيو.
    1534 ڌاري عثمانيا سلطنت جي سلطان سليمان موصل کي پنهنجي سلطنت ۾ داخل ڪيو ۽ جيتوڻيڪ هي شهر چار صديون ترڪن جي حوالي رهيو پر سڄي مشرق وسطيٰ ۾ هن پنهجي حيثيت الڳ ٿلڳ قائم رکي. جاسوسي ناولن جي مشهور ليکڪا، ڊراما نويس ۽ افسانا نِگار اگاٿا ڪرسٽي هن شهر موصل ۾ وڏو عرصو رهي چڪي آهي. انهن ڏينهن ۾ سندس آثار قديمه جو ماهر مڙس نمرود شهر جي کوٽائي ۽ کوجنا جي ڪم ۾ مشغول هو. اگاٿا جي پيدائش جو سال 1890 آهي. پاڻ 1976 ۾ وفات ڪيائين. هتي اهو به لکندو هلان ته عرب جرنيل محمد بن قاسم جنهن سنڌ فتح ڪئي، اٺين صديءَ ۾ هن شهر موصل ۾ وفات ڪئي.
    ايران جي شهر مشهد ۾ جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس ان ۾ هڪ موصل شهر جو عراقي عرب به هو. هن ٻڌايو ته حضرت يونس عليه السلام جو به سندس شهر موصل سان واسطو هو. يعني نمرود ۽ نينوي آڳاٽن شهرن سان (جيڪي شهر دجله ندي جي رخ بدلائڻ ڪري ويران ٿي ويا) ۽ انهن جي جاءِ تي موصل شهر جنم ورتو.
    هونءَ به هي عراق، شام، اردن .... يعني ميسيپوٽاميا ۽ بابل وارا علائقا اهي آهن جتي ڪيترن ئي نبين رهائش اختيار ڪئي. حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ نمرود جو به هن ڌرتيءَ سان واسطو چيو وڃي ٿو. نمرود نالي هن تر ۾ ڪيترائي شهر، کنڊر ۽ عمارتون سڏيون ويون. سڀ ۾ مشهور موصل جي ڀر وارو ويران شهر نمرود آهي. نمرود جو بائيبل ۾ به ذڪر آهي پر ان ۾ حضرت ابراهيم ۽ نمرود جي ملاقات جو ذڪر ناهي. پر تلمود ۾ پورو واقعو موجود آهي ۽ گهڻي حد تائين قرآن مطابق آهي. ان ۾ ٻڌايل آهي ته حضرت ابراهيم جو والد نمرود وٽ سلطنت جو سڀ کان وڏو عهديدار (Chief Officer of State) هو. حضرت ابراهيم جڏهن کلي عام شرڪ جي مخالفت ۽ توحيد جي تبليغ شروع ڪئي ۽ بتخاني ۾ گهڙي بتن کي ڀڃي ڇڏيو ته هن جي والد پاڻ ان جو مقدمو بادشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ پوءِ جيڪو سوال جواب ٿيو اهو قرآن مجيد جي البقره سورت جي 258 آيت ۾ ڏنل آهي:
    ”(اي پيغمبر) تو انهيءَ شخص جي حالت تي غور ڪو نه ڪيو ڇا .... (هتي انهي شخص مان مراد نمرود آهي، جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام جي وطن (عراق) جو بادشاهه هو) .... جنهن حضرت ابراهيم سان سندس پروردگار جي باري ۾ بحث ڪيو. ڇو ته الله تعاليٰ کيس بادشاهي ڏني هئي (يعني بادشاهي جي فخر کان خود خدا بابت حجتون ڪرڻ لڳو) جڏهن حضرت ابراهيم فرمايو ته منهنجو پروردگار اهو آهي جو جياري ۽ ماري ٿو تڏهن هن بادشاهه (نمرود) چيو ته مان به جيئاريان ۽ ماريان ٿو (يعني پنهنجي بادشاهي ۾ جنهن کي وڻيم تنهن کي مارائي ڇڏيان ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ڇڏي ڏيان) حضرت ابراهيم تنهن تي فرمايو ته الله تعاليٰ سج کي مشرق کان اڀاري ٿو تون اولهه کان اوڀاري ڏيکار. (هي جواب ٻڌي) اهو حق جو منڪر (نمرود) وائڙو ٿي ويو. الله (جو قانون آهي ته هو) ظالمن کي حق جي راهه نٿو ڏيکاري.“
    (نوٽ: مٿي ڏنل قرآن جو ترجمو جناب علامه علي خان ابڙو صاحب جو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل احوال سيد ابو الاعليٰ مودودي صاحب جي تفصير ”تفهيم القرآن“ تان آهي.... صفحو نمبر 198.)
    ايراني نار واري سمنڊ جو هي حصو جتي عراق شام ۽ ترڪيءَ جون، بلڪه آڳاٽي زماني ميسوپوٽاميا جون مشهور نديون دجله ۽ فرات اچيو ڇوڙ ڪن، اهو هنڌ آهي جتي عراق، ڪويت ۽ ايران جي بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف ملڪن کان آيل جهاز کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪن ٿا. پوءِ مٿين ملڪن جا پاڻي جي جهازن جا ڄاڻو ڪئپٽن، جيڪي پائليٽ سڏجن ٿا، ”پائليٽ بوٽ“ ۾ سوار ٿي اسانجي جهازن تي ايندا آهن ۽ اسان جي جهازن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي بندرگاهن ۾ وٺي هلندا آهن. هر سامونڊي پائليٽ پنهنجي بندرگاهه تائين پهچڻ واري وڙ وڪڙن، سوڙهن توڙي تانگهن ۽ اونهن رستن کان چڱيءَ طرح واقف ٿئي ٿو. اسانجو ڪم فقط پنهنجي جهاز کي ڌارئين ملڪ جي بندرگاهه جي ٻاهران اچي بيهارڻ آهي. باقي بندرگاهه اندر وٺي هلڻ مقامي پائليٽ جو آهي. ۽ جيسين اڌ ڏينهن، سڄي ڏينهن، يا ويندي ٻن ٽن ڏينهن جي انتظار بعد اسانجي جهاز جو وارو اچي ۽ بندرگاهه جو پائليٽ اسان جي جهاز تي پهچي ان کي بندرگاهه اندر وٺي هلي، اسان اوٻاسيون پيا کائيندا آهيون، تاش پتي راند يا ناول ويٺا پڙهندا آهيون يا سمنڊ جون ڇوليون ڏسندا آهيون جيئن هينئر آئون سامهون بصري کان ايندڙ پاڻيءَ جي وهڪري کي ڏسي رهيو آهيان جيڪو اسان جي بيٺل جهاز وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اهو فرات ۽ دجله ندين جو پاڻي آهي ـــ دجله نديءَ جو پاڻي موصل، سامارا، بغداد، القط ۽ بصري جهڙن شهرن مان ٿيندو هتي پهچي ٿو اهڙي طرح فرات نديءَ جو پاڻي هتي اسان جي جهاز وٽ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ اسلامي دنيا جي اهم ۽ تاريخي شهرن مان ٿيندو هتي پهچي ٿو .... جن شهرن کان اسانجو ٻچو ٻچو واقف آهن جيئن ته الرمادي، الفلوجه، ڪربلا، النجف ۽ الناصريا وغيره. جيئن ڪراچي کان ممبئي ڏي اسانجو جهاز روانو ٿيندو آهي ته واٽ تي پورٽ قاسم جي سامهون لنگهندي (جتي سنڌو نديءَ جو پاڻي ڇوڙ ٿو ڪري)، اسان چوندا آهيون ته هي پاڻي سکر، روهڙي، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جهڙن شهرن جو ديدار ڪري هتي پهتو آهي.
    سامارا، ڪربلا، ڪاضميا ۽ نجف سان گڏ ڪوفيٰ شهر به اهلِ شيعه مسلمانن جي پنجن اهم شهرن مان هڪ آهي. اسلام جي چوٿين خليفي علي ابن ابي طالب جي ڏينهن ۾ هن شهر ”ڪوفي“ گاديءَ جي شهر جو درجو رکيو ٿي. ڪوفا شهر بغداد جي ڏکڻ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي 110 ميلن جي فاصلي تي آهي جيئن ڪراچي ايتري ئي فاصلي تي حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ آهي. ڪوفه شهر جي ”مسجد الڪوفة المعظم“ دنيا جي شروعاتي مسجدن مان هڪ آهي جيڪا ستين صديءَ ۾ ٺهي. هن مسجد ۾ حضرت امام حسين جو فرسٽ ڪزن مسلم بن عقيل، سندن ساٿي هاني ابن اروا ۽ مختار اثقافي دفن ٿيل آهن. هن مسجد جي 2010ع ۾ مرمت ڪرائي اڄ واري حالت ۾ دائودي بوهرن جي 52 هين داعي المتلق سينا محمد برهان الدين ڪرائي.
    هن مسجد ۾ جنهن هنڌ حضرت علي کي شهيد ڪيو ويو ان هنڌ کي سوني ڄاري سان ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي لعل ربيون ۽ سون ۽ چاندي جون شيون مڙهيل آهن. مسجد جي سڄي اندرين حصي تي سوني پاڻيءَ سان قرآن جون آيتون لکيل آهن. سڄي مسجد جو فرش خاص قسم جي ٽائيلن سان ٺهيل آهي جيڪي يونان کان گهرايون ويون. هنن سرن جي اها خاصيت آهي ته اونهاري جي سخت سج ۽ گرميءَ ۾ به هي ٿڌيون رهن ٿيون. ان خاصيت واريون سرون هالا جي درگاهه جي اڱڻ ۽ ٻاهرين در تائين واري رستي تي به لڳل آهن. جيسين در کان ٻاهر نڪري جُتي پائجي تيسين سخت اس ۾ پيرن جو بچاءُ ٿيو وڃي.
    ڪوفه جي هن مسجد لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هي اهو هنڌ آهي جتي حضرت نوح عليه رهيو ٿي ۽ هُنَ هِنَ هنڌ ٻيڙي ٺاهي هئي. بغداد ۽ ڪوفي جي وچ ۾ عراق جو اهم شهر ڪربلا آهي جيڪو حضرت امام حسين جي شهادتَ کان مشهور آهي. هن شهر ۾ ئي حضرت امام حسين ۽ حضرت عباس جا مقبرا آهن ۽ هر سال لکين ماڻهو زيارت لاءِ اچن ٿا. ڪيترا ته نجف شهر کان جيڪو ڪربلا کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، پيرين پنڌ ڪربلا پهچن ٿا. هن شهر ۾ هڪ سؤ کان مٿي مسجدون ۽ 23 کن مدرسا آهن. ڪربلا ۽ ڪوفي بعد نجف شهر شيعن توڙي سني مسلمانن لاءِ مقدس شهر سمجھيو وڃي ٿو ۽ فرات ندي جي ڪناري تي آهي. هن شهر ۾ اسلام جي چوٿين خليفي حضرت علي مرتضيٰ جو مقبرو آهي. هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته 791 ڌاري عباسي خليفي هارون رشيد اڏرايو. ديني تعليم لاءِ نجف جا مدرسا دنيا ۾ مشهور آهن. آية الله خمينيءَ 1964ع کان 1978ع تائين هتي درس ڏنا. هن شهر جي اتر ۾ 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آڳاٽي زماني جو شهر بابل (Babylon) هوندو هو.
    ترڪي جي سلطنتِ عثمانيا جي ڏينهن ۾، عرب قبيلن ۽ پرشن آرمي جي رکي رکي حملن ڪري هن شهر النجف جي حالت خراب رهي. جتي 3000 گهر هئا اتي سورهين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ 30 کن مس وڃي بچيا. ان جو وڏو سبب فرات ندي جي وهڪري جي تبديلي پڻ چيو وڃي ٿو جنهنجو ذڪر پورچوگالي سياح پيڊرو (Pedro Texeira) 1604 ۾ هتي اچڻ واري سفرنامي ۾ ڪيو آهي. پاڻيءَ جو اهو مسئلو ٻه سؤ سالن بعد 1803 ۾ حل ڪيو ويو ۽ فرات نديءَ ۾ هنديا ڪئنال کوٽي هن شهر تائين پهچايو ويو. 1915ع ۾ وڏي گوڙ فساد بعد سلطنت عثمانيه کي هن شهر جي پچر ڇڏڻي پئي پر ان ئي وقت هي شهر برطانيه سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو. 1918 ۾ نجف جي شيخن انگريزن خلاف مظاهرا ۽ هنگاما ڪيا جنهن ۾ انگريز حڪومت مٿيون ڪئنال بند ڪري ڇڏيو جنهن ذريعي هن شهر کي پاڻي مليو ٿي. اهڙي ريت نه فقط هنگامن کي ٻنجو اچي ويو پر شهر جي علمائن کي شهر نيڪالي ڏني وئي. ان بعد شيعه عالم اتان لڏي پرشيا (ايران) هليا ويا ۽ قم ۾ پنهنجا مدرسا قائم ڪيا. اهڙي طرح نجف شهر جيڪو علم کان مـشهور هو اهو ختم ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي آهستي آهستي قم شهر درس تدريس جو شهر ٿي ويو. هن کان اڳ واري مضمون ۾ به اها ئي ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته تاريخ، جاگرافي .... ويندي سائنس جي ڄاڻ نه آهي ته پوءِ ڪو به ملڪ، ڪو به شهر ۽ ان جون عمارتون يا وري اتي جا جبل، درياه ڪا به حيثيت نٿا رکن. بنا ڄاڻ واري ماڻهوءَ لاءِ گهمڻ ڦرڻ ڪهڙي ڪم جو؟ ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ رهيل هوس ته هڪ دفعي مون وٽ سنڌ جو هڪ وڏيرو ٻارن ٻچن سان گهمڻ آيو. هو هفتو کن ٿائلنڊ ۾ رهي هاڻ باءِ روڊ مون وٽان ٿي، سنگاپور وڃي رهيو هو. ٻارن کان پڇيم ته بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏٺانوَ. هر هڪ چوي ته برگر کاڌاسين، آئيس ڪريم کاڌيسين وغيره. دل ۾ چيم ته اهڙي ننڍي عمر جي ٻارن کي وٺي ولايت گهمائڻ، هوائي جهازن جي مهانگين ٽڪيٽن ۽ هوٽلن جي ڳرين مسواڙن پويان اجايو خرچ ڪرڻ آهي. پر مون ڏٺو ته وڏيري صاحب جي معلومات به ڪا پوري ساري هئي. هن کي اها به خبر نه هئي ته جنهن ملڪ ۾ هو هفتو کن رهي آيو آهي ان جو نالو بئنڪاڪ آهي يا ٿائلنڊ. هو هر هر اهو چئي رهيو هو ته بئنڪاڪ ڏاڍو سٺو ملڪ آهي اسان بئنڪاڪ جي ٻين به شهرن ۾ وياسين .... اتي سمنڊ جا ڪنارا، فلمون ۽ ناچ گانا ڏٺاسين .... وغيره. سندس اهي ڳالهيون ٻڌي کيس ملاڪا شهر جون تاريخي جايون ڏيکارڻ بدران سمنڊ جو ڪنارو ۽ ٿيٽر ڏيکاري، ان بعد هوٽل ۾ ماني کارائي بس اسٽاپ تان ويندڙ ٽئڪسيءَ ۾ سنگاپور لاءِ چاڙهي ڇڏيم.
    دراصل شروع ۾ اسان جو حال به اهو هو. مائٽن يا استادن اسانکي تاريخ جون ڳالهيون نه ٻڌايون هيون .... مطلب ته انهن تي گهڻي اهميت نه ڏيکاري هئي نتيجي ۾ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ جڏهن هر سال پنهنجي ڪلاس ميٽن: شوڪت جماڻي وٽ خيرپور ۾، عاشق شاهه وٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي اختر عباسي وٽ وڃي رهبو هو ته جتي ڪٿي رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ئي فڪر ۽ شوق هو. ڪڏهن به ڪوٽڏيجي، ساڌٻيلو يا موهن جو دڙو ڏسڻ جي توفيق نه ٿي. اڄ انهن ڳالهين جو افسوس ٿئي ٿو. پر چڱو جو مون کي ان ڳالهه جو جلدي احساس ٿي ويو ته ڀلي ڪو انجنيئر ٿي وڃي يا ڊاڪٽر پر هن کي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ۽ پوءِ تاريخ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ٿيڻ بعد ئي مونکي دنيا جي مختلف ملڪن يا شهرن ۾ وڌيڪَ مزو ۽ دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي. مصر جا اهرام ڏسي فرعونن ۽ حضرت موسيٰ جون پڙهيل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون .... ڪلوپترا ۽ سيزر ياد اچڻ لڳو. جبرالٽر پهچڻ تي طارق بن زيد ۽ بنو اميه جا حاڪم ياد اچڻ لڳا جن يورپ جي هڪ ڏورانهين ۽ طاقتور ملڪ اسپين تي 700 سال حڪومت ڪئي.


    تاريخ جي ڳڙکين مان

    اڄ سالن بعد آئون هڪ دفعو وري روم ۾ پهتو آهيان. اڄ کان 45 سال کن اڳ مونکي باءِ ايئر جڏهن يوگوسلاويا جي شهر اسپلٽ ۾ بيٺل ”پاڻيءَ جي جهاز“ تي موڪليو ويو هو ته ان وقت مونکي روم ۾ ”اسٽاپ اوور“ مليو هو ۽ آئون ٻه ڏينهن اتي ترسي پيو هوس. اڄ وري پولنڊ جي شهر گڊانسڪ ۾ وڃڻ لاءِ مونکي 30 ڪلاڪ روم ۾ ترسڻو پئجي ويو آهي. روم سمنڊ جي ڪناري تي آباد شهر ناهي يعني بندرگاهه نه آهي جو ڪڏهن منهنجو پاڻيءَ جو جهاز روم شهر ۾ اچي بيٺو هجي. منهجي گائيڊ مونکي روم جو آکاڙو (Colosseum) وئٽيڪان ۽ ٻه چار ٻيون روم جون تاريخي شيون ڏيکاري اچي هوٽل جي ڪمري ۾ ڇڏيو. هن عمر ۾ جڏهن آئون ستر جو انگ به ٽپي چڪو آهيان سرديءَ ۾ روم جي گهٽين ۾ مون رلڻ نٿي چاهيو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ روم کان علاوه اٽليءَ جا ٻيا به ڪيترائي شهرَ .... خاص ڪري بندرگاهه جن ۾ منهنجو جهاز ويندو رهيو، ڪافي گهمي چڪو آهيان .... ٽاور آف پيسا، ويسووس جبل، وينس شهر جا ڪئنال، مائيڪَل اينجلو جون تصويرون .... اٽليءَ جا کاڌا ..... خاص ڪري پيزا، اسپا گهيٽي وغيره جيڪي، حيرت جي ڳالهه آهي ته، ڊبل روٽي، برگر سان گڏ هاڻ اسان جي شهر ڪوٽڙي ۽ جنگشاهيءَ کان ڪنڌ ڪوٽ ۽ پنوعاقل جي بيڪرين ۽ هوٽلن تي به عام آهن .... اهڙي طرح اٽلي جي خاص برانڊن گُچي، ورسيج، پاواروتي جا پرس، جوتا، بيلـٽ جيڪي هاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جمع ۽ آچر بازارن ۾ لڳل فٽ پاٿن تي دڪانن تي ڦلن مٺ ۾ پيا ملن، 1960ع واري ڏهي ۾ اهي شيون فقط ۽ فقط اسين جهاز هلائڻ وارا اٽلي پهچي حاصل ڪري سگهندا هئاسين.
    ۽ اٽليءَ جي هن شهر روم جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. جنهن کي ڏسڻ ۽ جنهن ۾ رهڻ لاءِ اوسي پاسي جي يورپي ملڪن جا به سڌون ڪندا هئا ۽ اطالوي پتلونون پائي ۽ اطالوي ٻولي ڳالهائيندي فخر محسوس ڪندا هئا. شايد ان تان ئي انگريزيءَ جو پهاڪو جڙيو ته While in Rome, do as Romans do. ڌارئين ٻولين ۾ فقط انگريزي اچڻ ڪري مون ته فقط انگريزي ادب ئي پڙهيو آهي. سورهين صدي جي مشهور انگريزي شاعر اسپينر ۽ ملٽن پنهنجي شاعريءَ ۾ ان وقت جي روم جي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ انگلنڊ جا ماڻهو اٽلي جي ڪيترين ئي شين مان متاثر هئا جهڙوڪ پالاديان نموني جا گهر ۽ اٽلين باغيچا. رومانوي ادب جا باني ورڊس ورٿ (1838 ۾) ۽ ڪالرج 1804 ۾، هن شهر ۾ اچي رهيا هئا. شيلي جڏهن هتي اچي رهيو هو ته هتي جي صاف ۽ نيري آسمان مان Inspire ٿي خوب شاعري ڪئي هئي. لارڊ بائرن کي به هن شهر (روم) لاءِ ساڳيا احساس هئا. پنهنجي هڪ نظم Childe Harold’s Pilgrimage ۾ لکي ٿو:
    O’ Rome! My Country, City of the Soul!
    اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ذاتي خطن ۾ اٽلي ۽ اتي جي ماڻهن جي رسم رواجن تي خوب ڇوهه ڇنڍيا آهن. 1845 ۾ جينيوا ويندي چارلس ڊڪنس پڻ هن شهر ”روم“ ۾ رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ بارشون هلي رهيون هيون ۽ روم جي گپ هاڻن رستن هن کي گهمڻ ڦرڻ کان بيزار ڪري ڇڏيو. 1867 ۾ مارڪ ٽوين به هن شهر ”روم“ ۾ آيو هو ۽ هن شهر لاءِ رمارڪ ڏنو هئائين ته:
    “Rome is a museum of magnificence and misery”.
    جهاز سان واسطو ۽ فلمن جو شوقين هجڻ ڪري روم ۾ پهچي مونکي ڪرسٽافر ڪولمبس ۽ صوفيا لورين به ياد اچن ٿا جن جي هيءَ ڌرتي جنم ڀومي آهي. مشهور ليکڪ ڪارلو ڪولوڊي (1890-1826) پڻ هتي جو آهي جنهن “Pinocchio” (پائين نٽ) لکيو. 1986ع ۾ جڏهن آمريڪن فاسٽ فوڊ مئڪڊونالڊ جي ريسٽورنٽ کلي ته هتي ڪيترين مڪاني هوٽلن وارن اسپا گھيٽي ٺاهي ماڻهن ۾ مفت ورهائي ته ”اٽليءَ وارو! توهان جي ابن ڏاڏن جو هي کاڌو آهي ڇو ٿا پاڻ کي ڌارئين کاڌي تي هيريو.“ ان تان ياد آيو ته دنيا جو مشهور پنير (Cheese) پارميسان اٽلي جي شهر Parma جي پيداوار آهي. ان کان علاوه گورگون زولا، موذاريلا، پروولون ۽ رڪوٽا پنير به هتي جي ايجاد آهن.
    روم جي هن هوٽل جي ڪمري ۾ آئون پنهنجي بستر تي ليٽي ليٽي هن شهر روم ۽ هن ملڪ اٽليءَ جي حال ۽ ماضيءَ بابت سوچيان ٿو ته هڪ اڻ کٽندڙ ڳالهين جو سلسلو دماغ ۾ ايندو وڃي ٿو .... جن ڳالهين، جن ڪارنامن، جن عمارتن ۽ جن يادن جو واسطو هن شهر، هن ملڪ ۽ هتي جي رومن سلطنت ۽ ان جي بادشاهن، راڻين، ٻانهين، فوجي جرنيلن، آرٽسٽن، راڳين ۽ شاعر اديبن سان آهي! ڪمري جي سامهون واري دريءَ مان يونيورسٽي آف روم جي عمارتن جا ڪجهه حصا نظر اچي رهيا آهن. اٽليءَ جي هيءَ يونيورسـٽي دنيا جي آڳاٽين يونيورسٽين مان هڪ آهي جيڪا 1303 ۾ هتي جي ڪئٿولِڪ چرچ ٺهرائي. هِيءَ يونيورسٽي La Sapienza يعني ”علم“ (Knowledge) به سڏجي ٿي. يونيورسٽي آف روم يورپ جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي جنهن ۾ ڏيڍ لک کان مٿي شاگرد پڙهن ٿا.
    هونءَ هي شهر ”روم“ دنيا ۾ ان خيال کان به نرالو آهي ته هن شهر جي اندر وئٽيڪان ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ فقط 110 ايڪڙ آهي. وئٽيڪان (Vatican) کي توهان ملڪ به چئي سگهو ٿا جو هن کي پنهنجيون پوسٽ جون ٽڪليون ۽ ڪرنسي نوٽ آهن. هن کي پنهنجي فوج، فون ڪمپني، ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن آهن .... ساڳي وقت ڪراچي شهر جي ڪياماڙي واري علائقي جي چوٿين حصي جيترو هجڻ ڪري هن کي وئٽيڪان شهر به سڏي سگهو ٿا. دنيا جو هي واحد شهر آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ وارن دروازن کي رات جو تالا لڳايا وڃن ٿا.
    هونءَ سئن مارينو (San Marino) نالي هڪ ٻيو به ملڪ آهي جيڪو وئٽيڪان وانگر ڪنهن شهر اندر ته نه پر ملڪ اندر ضرور آهي. ان جو اعزاز به هن ملڪ اٽليءَ کي ملي ٿو. سئن مارينو 25 چورس ميل ٿيندو ۽ دنيا جي جھوني ۾ جھوني ريپبلڪ (301ع کان) آهي جنهن ۾ اڄ تائين دنيا جو آڳاٽو (پراڻي ۾ پراڻو) آئين هلندو اچي. هن ملڪ جي ٽوٽل آدمشماري ٽيهه هزار ماڻهو آهن ۽ هن ملڪ جا شهري ”سماري“ (Sammarinese) سڏجن ٿا.
    هونءَ هن ملڪ اٽليءَ کي يورپ جا فرانس، اسپين، انگلنڊ جهڙا ملڪ ڪجهه گهٽ ئي سمجھن ٿا ۽ اتر وارا اسڪينڊينيوين ملڪ ته اڃان به نيچ سمجھن ٿا پر آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ماضي ۾ رومن سلطنت جو ڇا ته رعب تاب ۽ مانُ شان هو. عيسوي سن 117 ۾ ته ان جو عروج هو جڏهن رومن سلطنت جو مغرب ۾ پورچوگال کان مشرق ۾ شام ملڪ تائين ۽ اتر ۾ برطانيه کان ڏکڻ ۾ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي ٻي پار لبيا، الجيريا، ٽيونس ۽ صحارا رڻ پٽ تائين راڄ هو.
    يورپ جي سڀ کان اتاهين جابلو چوٽي ”موٽي بيانڪو“ (Monte Bianco) جنهن کي سفيد جبل به سڏين ٿا هن ملڪ اٽليءَ ۾ آهي. اها 15800 ميٽر اتاهين آهي ۽ الپس پهاڙي سلسلي جو حصو آهي. ٽي اهم ليکڪ جيڪي هتي ۽ دنيا ۾ ”ٽي ڦوهارا“ (Three Fountains) سڏيا وڃن ٿا: ڊانٽي اليغيري (1321-1265)، فرانسڪو پيٽراچ (1374-1304) ۽ جيوواني Giovanni Boccaccio (1375-1313) هن ملڪ اٽليءَ جا سدا بهار ليکڪ مڃيا وڃن ٿا .... يعني هر دؤرَ ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. ڊانٽي جي ”ڊوائين ڪميڊي“ (Divina Commedia) جو اطالوي ادب تي وڏو اثر رهيو آهي ۽ ڊانٽي (Dante Alighieri) کي اطالوي زبان جو بابو سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن ملڪ جي ٻن وڌيڪَ اديبن جو به نالو ڳڻائيندس جن جو هن ملڪ جي ارڙهين صدي جي روشن خيالي ۾ وڏو هٿ آهي. هڪ Cesare Beccaria (1794-1738) جنهن جا ڏوهه ۽ سزا (Crime & Punishment) تي لکيل مضمون هتي جي ڏوهارين ۽ قيدين جي حالتن ۾ سڌارا آندا ۽ Giambattista Vico (1774-1668) نالي فلاسافر ۽ تاريخدان جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ماڊرن فلاسافي ۽ تاريخ کي نئون موڙ ڏنو.
    هو ڇا چوندا آهن.... يعني انگريز چوندا آهن، ته:
    After dinner walk a mile, and after lunch sleep a while....
    پر هن ملڪ جا ماڻهو رات جي مانيءَ کانپوءِ ته واڪ نه ڪندا آهن پر البت مانيءَ کان اڳ گهٽين ۾ هلندا چلندا آهن جيئن چار چهرا ڏسي سگهن ۽ پنهنجو مُکُ به ٻين کي ڏيکاري سگهن. ان Pre-Dinner واڪ کي روم جا ماڻهو Passeggiata سڏين ٿا.
    فرانس جي جھنڊي مان متاثر ٿي اٽلي وارن به انهن رنگن جو جھنڊو ٺاهيو پر هن ۾ سائي، اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو پٽيون اڀيون (Vertical) آهن جيڪي رنگ اميد، يقين ۽ خيرات جي نمائندگي ڪن ٿا. پر ڪن جو چوڻ آهي ته سائو رنگ اٽلي جي ساوڪ ۽ سرسبز نظاري جي نمائندگي ڪري ٿو، اڇو رنگ هن ملڪ جي جبلن جون برف سان ڍڪيل چوٽين جي ۽ ڳاڙهو رنگ ان خون ريزي جي ياد آهي جنهن بعد هن ملڪ کي آزادي نصيب ٿي.
    سائنسدان گليلو (Galileo Galilei) جو نالو ته سڀني ٻڌو هوندو جنهن کي ڪئٿولڪ چرچ جي ڪرتا ڌرتائن سندس ان بيان تي قيد ڪيو ته: ”ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي.“ گليلو جي اها ڳالهه چرچ جي ڌرمي ڪتابن جي خلاف هئي. گليلو هن ملڪ اٽلي جو رهواسي هو جنهنجي شهر روم ۾ آئون ويٺو آهيان. گليلو 1564ع ۾ ڄائو هو ۽ 1642ع ۾ وفات ڪيائين. گهڻو گهڻو پوءِ ويهين صديءَ ۾ وڃي ثابت ٿيو ته سج نه پر ڌرتي گول گهمي ٿي. گليلو کي خواهه مخواهه جي مليل سزا تي چرچ جي مذهبي رهنمائن 1992ع ۾ سرڪاري طرح معافي ورتي.
    روم ڪو ڪوالالمپور، نئروبي يا اسلام آباد جهڙو شهر ناهي جيڪو هڪ سؤ يا ٻه سؤ سال پُراڻو هجي. روم انڊيا جي بنارس، مصر جي قاهري، جپان جي ڪيوٽو جيان تمام پراڻو شهر آهي جنهن ۾ لڳاتار وسندي لڳي رهي آهي. سال 550 ق.م .... يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ساڍيون پنج صديون اڳ ۽ سڪندرِ اعظم جي ڄمڻ کان ٻه صديون اڳ .... روم اٽلي جو ٻيو نمبر وڏو شهر هو. تارينتم (Tarentum) ان وقت وڏي ۾ وڏو شهر هو. روم جي ان وقت ايراضي 285 هيڪٽر يعني هڪ چورس ميل جيتري هئي جنهن ۾ 35000 ماڻهو رهيا ٿي. پر پوءِ شهنشاهه آگسٽس (Augustus) جي ڏينهن ۾ روم نه فقط اٽليءَ ۾ پر سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ٿي پيو جنهن جي آدمشماري ڏهه لک ماڻهو هئا. آگسٽن 63 ق.م ۾ ڄائو ۽ 14ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ رومن سلطنت جو بنياد رکيو هئائين ۽ ان جو پهريون شهنشاهه ٿي رهيو. هن سن 27 ق.م کان 14ع وفات تائين حڪومت ڪئي. رومن سلطنت هڪ بيحد طاقتور ۽ وڏي سلطنت ٿي گذري آهي جنهن جو نه فقط يورپ تي پر آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي ملڪن تي به راڄ رهيو. جيئن اڄ ڪلهه دنيا ۾ طاقتور ملڪ آمريڪا آهي ۽ ان کان اڳ روس ۽ آمريڪا ٻه طاقتون هيون جن جو دنيا تي قبضو هو. اهڙي طرح حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ سڀ کان طاقتور سلطنتون هڪ رومن سلطنت هئي ته ٻي پرشيا (اڄ وارو ايران). عرب وغيره ته ڪنهن حساب ۾ نه هئا. عربن تي پرشيا سلطنت جو اثر هو جو هڪ ته اهي هنن جي پاڙي ۾ هئا ۽ ٻيو ته ايران جا حاڪم توڙي عوام مجوسي هئا يعني هنن باهه جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ عربن به بت پرستي ٿي ڪئي پر اسلام جي آمد بعد اهي عرب جيڪي مسلمان ٿيندا ويا انهن رومن سلطنت جو قدر ٿي ڪيو جو اهي عيسائي هئا ۽ مسلمانن وانگر هنن توحيد ۾ يقين ٿي رکيو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين هجرت ۾ مسلمان حبش ويا هئا جو اتي عيسائين جي حڪومت هئي.
    حضور صلعم جن جو جنم عيسوي سن 571 ۾ ٿيو. 40 سالن جي ڄمار ۾، يعني 610 ۾ هنن تي وحي نازل ٿيو ۽ پاڻ صلعم جن اسلام جي پرچار شروع ڪئي. سن 622 ۾ مسلمانن مڪي کان مديني هجرت ڪئي. ٻن سالن بعد 624 ۾ بدر جي لڙائي لڳي ۽ 630 ۾ مسلمانن مڪو فتح ڪيو. سال 632 ۾ حضور صلعم جن هي فاني جهان ڇڏيو.
    حـضور صلعم جن جي پيدائش مبارڪ وقت سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي ٻڌن جي حڪومت هئي. ان بعد چچ آيو جيڪو برهمڻ (هندو) هو. 622 ۾ راجا ڏاهر ڄائو. هي اهو سال هو جنهن ۾ مسلمانن مڪي کان مديني هجرت ڪئي. سال 711 ۾ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر هو.
    هوڏانهن ايران ۾ پرشيا سلطنت جو حاڪم خسرو اول (579-531) هو. سندس حڪومت جي آخري سالن ۾ 571 ۾ حضور صلعم جن جي مڪي ۾ ولادت ٿي. خسرو اول بعد هرمزد چوٿون 579 کان 590 تائين پرشيا (ايران) جو شهنشاهه ٿيو جنهن جي وفات تي خسرو پرويز دوم سن 590 کان 628 تائين حاڪم رهيو. هن حاڪم جي ڏينهن ۾ حضور صلعم جن مديني مان هن کي ۽ روم جي حاڪم قيصرهرقل کي کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت لاءِ خط موڪليو هو.
    حضور صلعم جي ڏينهن ۾ رومن سلطنت ۽ پرشين (فارس) سلطنت جي لڙائيءَ ۾ فارس (ايران) جي سوڀ ٿي هئي. ايران کي گذريل صديءَ جي شروعات تائين پرشيا يا فارس سڏيو ويو ٿي. ”ايران“ نالو ته هاڻ رکيو ويو آهي. عربستان سان لاڳو ملڪ اردن، شام ۽ فلسطين وغيره رومن سلطنت جي قبضي ۾ هئا جن تي 615ع ۾ ايرانين جو مڪمل قبضو ٿي ويو. هي اهو ئي سال آهي جنهن ۾ مڪي جي مسلمانن حبش ڏي هجرت ڪئي. قرآن ۾ هڪ سورة ”الروم“ جي نالي سان ٽيهون نمبر آهي جيڪا مٿين واقعي مان لڳي ٿو ته ان ئي سال نازل ٿي هئي. ان جي پهرين ئي آيتن ۾ آهي ته: ”رومي سلطنت مغلوب ٿي وئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن). ويجھي ملڪ (شام ۽ فلسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي غالب) پوندا.
    ”ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئنده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن ۾ مسلمان خوشيون ڪندا (جو) الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.
    ”اهو الله تعاليٰ جو وعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ وعدو پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجھن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا)“.
    مٿيون ترجمو علامه علي خان ابڙو (سنڌ جي مشهور ادبي شخصيت جمال ابڙو جي والد ۽ اڄ جي مـشهور محقق ۽ ڏاهي بدر ابڙو جي ڏاڏي مرحوم) جو آهي. اسان وٽ ڪيترائي سنڌي ۽ اڙدو ۾ قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير موجود آهن. آئون سنڌي ۾ ترجمو علامه علي خان جو پڙهندو آهيان ۽ اڙدو ۾ ترجمو ۽ تفسير مودودي صاحب جو. بنا ڪنهن شڪ جي مودودي صاحب وڏي محنت سان تفسير لکيو آهي. هن تفسير جا مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما مختلف ملڪن ۾ ڏٺا آهن. وڏن اکرن ۾ ڇپائي ۽ آسان اڙدو ۾ هجڻ ڪري اسان جهڙن لاءِ جيڪي اڙدو کان گهٽ واقف آهن، پڙهڻ ۽ سمجھڻ سولو رهي ٿو. قرآن جي هن سورة ”الروم“ جي تفسير کان اڳ روم ۽ ان وقت جي تاريخي حالتن بابت جيڪو مودودي صاحب لکيو آهي اهو بيحد عالماڻو آهي ۽ ان کي سمجھڻ ضروري آهي.
    پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو احوال هتي ڏيڻ غير ضروري نٿو سمجھان. جتي ضرورت محسوس ڪريان ٿو اتي پنهنجي طرفان وڌيڪَ سمجھاڻيون ۽ Comments درج ڪيان ٿو. دراصل هن سورة (الروم) جي شروعاتي آيتن ۾ جيڪا پيشنگوئي ڪئي وئي آهي اها قرآن مجيد جي ڪلام الاهي هجڻ ۽ حضور صلعم جن جي رسول برحق هجڻ جي نمايان ترين شهادتن مان هڪ آهي. ان کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن واقعن تي هڪ تفصيلي نگاهه وڌي وڃي جيڪي هنن آيتن سان تعلق رکن ٿا.
    پاڻ ڪريم صلعم جي نبوت کان 8 سال اڳ جو يعني 602 ڌاري جو واقعو آهي ته قيصر روم ماريس (Maurice) جي خلاف بغاوت ٿي ۽ هڪ شخص فوڪاس (Phocas) رومن سلطنت جي تخت تي ويٺو. (تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي وضاحت ڪندو هلان ته اهو هڪ شخص ”فوڪاس“ ڪو عام ماڻهو نه هو پر شهنشاهه روم ماريس جي فوج جو جنرل هو. ماريس پاڻ به هڪ دلير فوجي جنرل هو جيڪو بعد ۾ رومن سلطنت جو شهنشاهه بڻيو. انهن ڏينهن ۾ رومين جي شهنشاهه کي سيزر (Caesar) سڏيو ويو ٿي جنهن کي عربي ۽ فارسي زبان ۾ ”قيصر روم“ سڏبو هو. ماريس 539 ۾ ڄائو ۽ 582 کان مرڻ تائين (سن 602 تائين) قيصر روم ٿي رهيو. انهن ڏينهن ۾ رومن سلطنت جي گادي جو شهر اڄ وارو ترڪي جو شهر استنبول هو جنهن جو ان وقت نالو Constantinople هو جيڪو سن 330 ۾ ان وقت جي رومن سلطنت جي شهنشاهه ڪانسٽن ٽائين (Constantine) رکيو جڏهن هن پنهنجي گادي جو شهر روم بدران هي ڪيو. دراصل هي شهر ته ان کان به گهڻو اڳ جو آباد هو. 660 ق.م ۾ جڏهن هتي ميگارين نالي قوم اچي آباد ٿي هئي ته هن جو نالو Byzantium رکيو ويو جنهن کي عرب بيزنطيا اچارين ٿا. بهرحال ”ڪانسٽن ٽنوپول“ جي معنيٰ آهي ”ڪانسٽن ٽائين جو شهر“ جنهن کي عرب ۽ اسان جي تر جا ماڻهو قسطنطنيه سڏين ٿا. اڳتي هلي سلطنتِ عثمانيه (Ottoman Empire) جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو استنبول رکيو ويو پر ان سان گڏ قسطنطنيه به سڏيو ويو ٿي. 1923 ۾ جڏهن مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ ترڪيءَ ۾ انقلاب آندو ۽ ”ترڪي“ شهنشاهيت بدران ريپبلڪ ٿي ته هن شهر جو سرڪاري طرح هڪڙو ئي نالو ”استنبول“ رکيو ويو. ساڳي وقت ترڪي جي گادي جو شهر استنبول بدران انقره مقرر ڪيو ويو.
    قيصر روم ماريس جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون اهو جيتوڻيڪ شاهي خاندان مان نه هو پر جنهن قيصر روم وٽ هو جرنيل هو ان جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ڪري پنهنجي سهري جي وفات بعد پاڻ شهنشاهه ٿيو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ان وقت جي دنيا جي ٻي طاقتور شهنشاهيت يعني ايران جي حاڪم سان دوستي ڪري رکي هئي. پر هيڏانهن هوڏانهن جاري رکندڙ ويڙهاند ڪري سندس خزاني جو ويو هيڻو حال ٿيندو. فوج جي کاڌ خوراڪ ۽ پگهارن جي کوٽ ڪري منجھن بغاوت پيدا ٿي ۽ انهن جي جرنيل فوڪاس قيصر روم ماريس کي لاهي پاڻ شهنشاهه ٿي ويٺو.)
    فوڪاس پهرين ته قيصر ماريس جي اکين اڳيان هن جي پنجن پٽن کي قتل ڪرايو ۽ پوءِ کيس قتل ڪري پيءُ ۽ پٽن جا سر قسطنطنيه (اڄ واري استنبول) ۾ سَرِ عام لڙڪايا، ۽ ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هن جي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي به مارائي ڇڏيو. هن واقعي جي ڪري ايران جي بادشاهه خسرو پرويز کي روم تي حملو ڪرڻ لاءِ بهترين اخلاقي بهانو ملي ويو جو قيصر روم ماريس هن جو محسن هو. ماريس جي مدد سان ئي خسرو پرويز کي ايران جو تخت نصيب ٿيو هو ايتري قدر جو خسرو پرويز ”قيصرِ روم ماريس“ کي پيءُ چوندو هو.
    (هتي ٻه سٽون ايران جي بادشاهه خسرو پرويز تي لکڻ ضروري سمجھان ٿو. حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ايران تي ساساني گهراڻي جي حڪومت هئي. حضور صلعم جن جڏهن 20 سالن جا هئا ته ان وقت 590 ۾ خسرو پرويز ايران جي تخت تي ويٺو. پاڻ هرمزد چوٿين جو پٽ هو جيڪو 579 کان 590 تائين ايران جو حاڪم رهيو ۽ ان کان اڳ خسرو پرويز جو ڏاڏو هو جنهن جو نالو پڻ خسرو هو جيڪو خسرو دوم سڏبو هو. بهرحال خسرو پرويز ساساني گهراڻي جو آخري بادشاهه هو جنهن ڊگهو عرصو حڪومت ڪئي. 628 ۾ سندس قتل بعد ساساني حڪومت جا منٽن ۾ فيصلا ٿي ويا ۽ پنجن سالن اندر عرب مسلمانن مڪمل طرح ايران فتح ڪري ورتو. هي ايران جو اهو حاڪم آهي جنهن کي حضور صلعم جن اسلام قبول ڪرڻ جو دعوتنامو موڪليو. فارسي ادب ۾ هن شهنشاهه کي خوب ڳايو ويو آهي. ايران جي شاعر فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي (شعرن جي بياض) ۾ هن کي افسانوي انداز ۾ ايراني ثقافت ۽ ڪلچر جو وڏو هيرو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ هڪ ٻئي فارسي اديب نظامي گانجويءَ (1209-1141) مشهور الميه رومانس ”خسرو شيرين“ ۾ هن شهنشاهه خسرو پرويز جي آرميني شهزادي شيرين سان معاشقي جو خيالي قصو بيان ڪيو آهي. فارسي جو هي ڪتاب ”خسرو و شيرين“ به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.) بهرحال روم جي قيصر جي قتل تي ايران جي هن شهنشاهه غاصب فوڪاس کان پنهنجي محسن تي ٿيل ظلم جو بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو. سن 603 ۾ خسرو سلطنت روم جي خلاف جنگ جو آغاز ڪيو ۽ ڪجهه سالن اندر فوڪاس جي فوجين کي شڪست ڏيندو شام ۾ حلب انظاڪيا تائين پهچي ويو. روم جي اعليٰ عملدارن جڏهن ڏٺو ته فوڪاس روم کي نه بچائي سگهيوآهي، ته هنن آفريڪا جي گورنر کان مدد جي طلب ڪئي. هن پنهنجي پٽ هرقل (Heraclius) کي هڪ طاقتور ٻيڙي ذريعي قسطنطنيه موڪليو. هرقل (هيراڪليوس) جي پهچڻ تي کيس رومن سلطنت جو شهنشاهه (قيصر) بنايو ويو ۽ هن اقتدار ۾ اچي فوڪاس سان اهو ڪيو جيڪو هن ماريس سان ڪيو هو. هي ان سال سن 610 جو واقعو آهي جنهن ۾ اسانجو نبي ڪريم صلعم رب پاڪ جي طرف کان منصبِ نبوت تي سرفراز ٿيا.
    ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز جنهن اخلاقي بهاني کي بنياد ٺاهي رومين سان جنگ جوٽي هئي، فوڪاس جي مارجي وڃڻ بعد اهو ته ختم ٿي ويو. جيڪڏهن خسرو پرويز جو واقعي هن جنگ جو مقصد غاصب فوڪاس کان هن جي ظلم جو بدلو وٺڻو هجي ها ته هن جي مارجي وڃڻ تي کيس رومن سلطنت جي نئين قيصر هرقل سان ٺاهه ڪري ڇڏڻ کَتو ٿي پر خسروءَ پوءِ به جنگ جاري رکي ۽ هاڻ هِنَ جنگ کي هُنَ مجوسيت (باهه جي پوڄارين) ۽ مسيحيت (عيسائين) جي مذهبي جنگ جو رنگ ڏنو. عيسائين جي جن فرقن کي رومي سلطنت جي سرڪاري ڪليسا (چرچ) ملحد قرار ڏئي سالن کان هنن تي ظلم ۽ ناانصافيون قائم رکيون هيون (يعني نسطوري ۽ يعقوبي عيسائي، وغيره)، انهن جون سموريون همدرديون به مجوسي (آتش پرست) ايراني حملو ڪندڙن سان هيون ۽ يهودين به مجوسين جو ساٿُ ڏنو .... ايتري قدر جو خسرو پرويز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ وارن يهودين جو تعداد 26 هزارٿي ويو.
    روم جو حاڪم هرقل ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز جي هن لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ ايراني ويا عيسائين جا علائقا فتح ڪندا .... انطاڪيا بعد 613 ۾ ايراني فوج جو دمشق تي قبضو ٿيو.... 614 ۾ بيت المقدس تي قبضو ڪري ايرانين مسيحي دنيا تي قيامت آڻي ڇڏي. فقط هن شهر بيت المقدس ۾ نوي هزار عيسائين جو قتل ڪيو. هنن جو سڀ کان مقدس ڪليسا، ڪينسة القيامه (Holy Sepulcher) برباد ڪيو ويو. اصلي صليب، جنهن لاءِ عيسائين جو عقيدو هو ته ان تي حضرت عيسيٰ جان ڏني، ايران جا مجوسي کسي ويا. وڏي پادري زڪريا کي به هو گرفتار ڪري ويا ۽ شهر جي سڀني وڏن گرجا گهرن کي ڊاهي ڇڏيو. هن فتح جو نشو جنهن پئماني تي خسرو پرويز تي چڙهيو هو ان جو اندازو ان خط مان ٿئي ٿو جيڪو هن بيت المقدس مان هرقل ڏي لکيو. ان ۾ هو لکي ٿو:
    ”سڀني خدائن کان وڏي خدا، سڄي ڌرتيءَ جي مالڪ خسرو جي طرفان ان ڪميڻي ۽ بي شعور بندي هرقل نالي ....“
    ”تون چوين ٿو ته توکي پنهنجي رب تي ڀروسو آهي ته پوءِ ڇو نه تنهنجي رب يروشلم کي مون وٽ اچڻ کان بچايو؟“
    هن فتح کانپوءِ ايراني فوجون هڪ سال جي اندر اندر اردن، فلسطين ۽ ٻيٽ سان مشابهت رکندڙ سينا جي سڄي علائقي تي قابض ٿي مصر جي حدن تائين پهچي ويون. هي اهو زمانو هو جڏهن مڪي معظم ۾ هڪ ٻي ۽ ان کان ڪيترا دفعا وڌيڪَ تاريخي اهميت رکڻ واري جنگ برپا هئي. جتي توحيد جي علمبردار سيدنا محمد صلعم جي قيادت ۾، ۽ شرڪ جي پيروڪار سردار قريش جي رهنمائي ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا ۽ نوبت ايستائين پهچي وئي هئي ته 615 ۾ مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد کي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي حبش جي عيسائي سلطنت ۾ پناهه وٺڻي پيئي ـــ ان وقت سلطنتِ روم تي ايران جي غلبي جي ڳالهه هر هڪ جي زبان تي هئي مڪي جا مشرڪين (ڪافر) ان تي خوشيءَ ۾ کڳيون هڻي رهيا هئا ۽ مسلمانن کي ٽوڪي رهيا هئا ته ڏسو ايران جا آتش پرست فتح حاصل ڪري رهيا آهن ۽ وحي ۽ رسالت کي مڃڻ وارا عيسائي شڪست مٿان شڪست کائي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح اسان عربن جي بت پرستي به توهان کي ۽ توهان جي دين کي ڊاهي رکندي.
    انهي تناظر ۾ قرآن مجيد جي هيءَ سورة (الروم) ان وقت نازل ٿي ۽ ان ۾ اها اڳڪٿي ٻڌائي وئي ته ”ڀر واري زمين تي رومي مغلوب ٿي ويا آهن، مگر ان مغلوبيت بعد ڪجهه سالن اندر ئي اهي غالب ٿي ويندا. ۽ اهو ڏينهن هوندو جڏهن الله جي ڏنل فتح کان اهلِ ايمان خوش ٿي رهيا هوندا. ان ۾ هڪ جي بدران ٻه اڳڪٿيون هيون.... هڪ اها ته رومين کي غلبو (يعني فتح) نصيب ٿيندي.... ٻي اها ته مسلمانن کي به انهي زماني ۾ فتح حاصل ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ان وقت پري پري تائين ان ڳالهه جي سچ ٿيڻ جا ڪي به آثار نظر نٿي آيا ۽ نه اهو ٿي لڳو ته اها پيشنگوئي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ به ڪا سچ ثابت ٿي سگهندي. هڪ طرف مسلمانن جو هڪڙو ننڍڙو ڳاڻيٽو هو جيڪو مڪي ۾ مار ۽ سختي هيٺ هو ۽ ان اڳڪٿيءَ بعد به 8 سالن تائين انهن جي غلبي ۽ فتح جي ڪا اميد به ڪنهن کي نظر نٿي آئي. ٻئي طرف رومين تي ايرانين جو قبضو روز بروز وڌي رهيو هو. 619ع تائين سڄو مصر ساساني سلطنت (ايران) جي قبضي ۾ هليو ويو ۽ مجوسي (آتش پرست) فوجين طرابلس تائين وڃي پنهنجا جھنڊا کوڙيا. ايشيائي ڪوچڪ ۾ به ايراني فوجون رومين کي مار موچڙو ڪنديون باسفورس جي ڪناري تائين وڃي پهتيون ۽ 617ع ۾ انهن قسطنطنيه جي بلڪل سامهون خلقدون (Chalcedon)..... موجوده ”قاضي ڪوئي“ (Kadikoy) شهر تي قبضو ڪري ورتو.
    (تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ اهو لکندو هلان ته ”خلقدون“ ايشيا مائنر جو هڪ مشهور بندرگاهه هو ۽ هاڻ ترڪي جي شهر استنبول جو هڪ ضلعو آهي .... جيئن ڪراچي جي پنجن ضلعن مان ملير به هڪ آهي .... ۽ هاڻ اهو خلقدون بدران ”قاضي ڪوئي“ سڏجي ٿو. خلقدون شهر جو بنياد قبل مسيح 685 ۾ يمگارا کان لڏي آيل يونانين رکيو هو. ڪلفٽن وانگر استنبول جو هي علائقو ”قاضي ڪوئي“ (Kadikoy) اسڪولن، ڪاليجن ۽ شاپنگ مال کان مشهور آهي).
    روم جي قيصر هرقل ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز ڏي ايلچي موڪلي نهايت عاجزي مان درخواست ڪئي ته آئون هر قيمت تي صلح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
    پر خسروءَ وراڻيو: ”هاڻ آئون قيصر کي تيستائين امان نه ڏيندس جيستائين هو پاڻ کي زنجيرن ۾ سوگھو ڪرائي منهنجي سامهون نه اچي ۽ پنهنجي خدا کي ڇڏي خداوندِ آتش جي بندگي نه اختيار ڪري.“
    آخرڪار قيصر هرقل ان حد تائين شڪست خورده ٿي ويو جو هن قسطنطنيه کي ڇڏي قرطاج (Carthage) موجوده ٽيونس ۾ وڃي رهڻ جو ارادو ڪيو.
    بهرحال، انگريز تاريخدان گبن جي چواڻي، قرآن مجيد جي هن اڳڪٿي کانپوءِ به ست اٺ سالن تائين حالتون اهڙيون هيون جو ڪو به شخص اهو تصور به نٿي ڪري سگهيو ته رومي سلطنت ايران تي غالب اچي ويندي .... بلڪه جيت يا غلبو ته ٿي پري جي ڳالهه ڪنهن کي اها اميد به نه هئي ته هاڻ سلطنتِ روم زندهه به رهي سگهندي. (صفحو 788، گبن جي لکيل تاريخ Decline and fall of the Roman Empire واليوم ٻيون)
    قرآن مجيد جي سورة الروم جون اهي شروعاتي آيتون جڏهن نازل ٿيون ته مڪي جي ڪافرن مسلمانن سان خوب چرچا ۽ چٿرون ڪيون ۽ اُبي بن خَلف حضرت ابوبڪر رضه سان شرط رکي ته جيڪڏهن ٽن سالن اندر رومي غالب ٿي ويا ته هو کيس ڏهه اٺ ڏيندو نه ته ٻي صورت ۾ ڏهه اٺ کيس ڏيڻا پوندا. نبي ڪريم صلعم جن کي جڏهن هن شرط جي خبر پيئي ته پاڻ فرمايائون ته قرآن ۾ فِي بِضعِ سِنِين جا لفظ آيا آهن ۽ عربي ٻوليءَ ۾ بضع جو اطلاق ڏهن کان گهٽ تي ٿئي ٿو ان ڪري ڏهه سالن اندر جو شرط رکو ۽ اُٺن جو تعداد وڌائي سؤ ڪريو. سو حضرت ابوبڪر رضه ”ابي بن خلف“ سان وري ڳالهه ڪئي ۽ نئين سنئين شرط لڳائي ته ڏهه سالن اندر جنهن به پارٽيءَ جي ڳالهه غلط ثابت ٿيندي ان کي 100 اٺ ڏيڻا پوندا.
    سن 622 ۾ هيڏانهن عربستان ڏي نبي صلعم جن مڪي مان هجرت ڪري مديني شريف پهتا ۽ هوڏانهن قيصر هرقل ماٺ مٺوڙي ۾ قسطنطنيه پهچي اتان بحر اسود (Black Sea) جي رستي طرابزون ڏي روانو ٿيو جتان هن ايران جي پٺ واري پاسي کان حملي ڪرڻ جي تياري ڪئي. هن جوابي حملي جي تياريءَ لاءِ قيصر ڪليسا کان خرچ گهريو ۽ مسيحي ڪليسا جي اسقف اعظم سرجيس مسيحت کي مجسويت کان بچائن لاءِ گرجا گهرن جي نذرانن جي گڏ ٿيل دولت هرقل کي وياج تي ڏني. هرقل پنهنجو حملو سن 623 تي ارمينيا کان شروع ڪيو ۽ ٻئي سال 624 ۾ هن آذربائيجان ۾ گهڙي باهه جي پوڄاري زرتشت جي پيدائش واري شهر ارمياهه (Clorumia) کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ايرانين جي سڀ کان وڏي آتش ڪده جي سِر کان سِر ڌار ڪري ڇڏي. خدا جي قدرت ته ڏسو ته هي ئي سال 624ع هو جنهن ۾ مسلمانن کي بدر واري هنڌ تي پهريون دفعو مشرڪين جي مقابلي ۾ فيصلي واري فتح نصيب ٿي. اهڙي طرح اهي ٻئي اڳ ڪٿيون، جيڪي سورة الروم ۾ ڪيون ويون هيون، ڏهه سالن جو عرصو ختم ٿيڻ کان اڳ، هڪ ئي وقت پوريون ٿي ويون.
    پوءِ روم جون فوجون ايرانين کي لڳاتار سوڙهو ڪنديون ويون. نينوا جي ڀرپور لڙائيءَ ۾ هنن ايرانين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ايران جي شهنشاهن جي قيام گاهه دستگرد (دسکرة الملک) کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڌي هرقل جي لشڪر طيسفون (Ctesphon) جي سامهون پهچي ويون جيڪو ان وقت ايران جي گاديءَ جو شهر هو.
    (هتي ٻه اکر هن آڳاٽي شهر طيسفون لاءِ به لکندو هلان ته هي شهر قديم ميسوپوٽاميه جي وڏن شهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. ميسوپوٽاميه جيڪو عراق مان وهندڙ دجله ۽ فرات ندين جي وچ وارو علائقو آهي ۽ لفظ ميسوپوٽاميه جي معنيٰ ئي آهي ”ٻن درياهن جي وچ واري زمين ۽ ان ڪري ميسوپوٽاميا کي فارسي ۾ بين النهرين سڏين ٿا.
    طيسفون ايران جي اشڪانيان (Parthian) ۽ ساساني گهراڻن جي حڪومت دوران سن 247 ق.م کان 224ع تائين گاديءَ جو شهر رهيو. هي شهر دجله ندي جي اوڀر واري ڪپ تي هو جنهن جي ٻي ڪپ تي يوناني شهر سلوڪيان هو. بابل شهر سندس ڏکڻ اولهه ۾ هو. اڄ هن شهر جا کنڊهر .... خاص ڪري محراب (Archway of Ctesiphon) بغداد شهر کان 35 ڪلوميٽر (22 ميلن) جي فاصلي تي ڏکڻ ۾ آهن. هي شهر طيسفون 570ع کان 637ع تائين مسلمانن جي حڪومت دوران دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر مڃيو ويو ٿي.
    سن 628ع ۾ خسرو پرويز جي خلاف گهر ۾ بغاوت پيدا ٿي. هو قيد ڪيو ويو هن جي اکين اڳيان سندس ارڙهن پٽن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد هو پاڻ قيد جي سختين ڪري مري ويو. هڪ خيال کان قرآن ۾ آيل پيشنگوئي سچ ثابت ٿي. ابي بن خلف جي وارثن کي هار مڃڻي پئي ۽ شرط جا هڪ سئو اٺ حضرت ابوبڪر حوالي ڪيا. هو انهن کي وٺي حضور صلعم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ صلعم جن انهن کي صدقي لاءِ چيو ڇو جو شرط ان وقت رکي وئي هئي جڏهن شريعت ۾ جوا جي حرمت جو حڪم نه آيل هو پر هاڻ حرمت جو حڪم اچي چڪو هو ان ڪري ان کي پاڻ استعمال ڪرڻ بدران صدقي ۾ ڏنو.
    * * * *


    اسان وٽ هر گورو ماڻهو ’انگريز‘ سمجهيو وڃي ٿو

    ننڍي هوندي کان اسان جي دماغ ۾ اهو ويٺل آهي ته ”يورپي گورو“ معنيٰ ”انگريز“. هينئر خراب حالتن ڪري اسان کي ڪو فارين ٽوئرسٽ نظر نٿو اچي پر اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪراچي جي صدر وارن دڪانن جي ٻاهران فارينرس ئي نظر ايندا هئا. ڪراچي ته وڏو شهر آهي پر اسان جي ڳوٺ هالا ۾ جنڊي، ڪاشي ۽ ٻين هٿ جي شين (هئنڊي ڪرافٽس) ڪري ڪيترائي فارينر نظر ايندا هئا. ستين ڪلاس تائين آئون هالا ۾ پڙهيس ۽ موڪل تي اسڪول کانگهر اچڻ وقت بازار مان لنگھندي هڪ ٻن هنڌن تي، خاص ڪري پيهون ۽ ڀڳڙا ٺهڻ وارن دڪانن تي يا هٿ سان جوتا ٺاهڻ وارن موچين جي دڪانن تي ڪجهه يورپي گورا ضرور ملندا هئا. اڄ ٿو سوچيان ته انهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو فرينچ يا جرمن به هجي پر اسان هميشه اهو ئي چوندا هئاسين ته : ”اسان انگريز ڏٺا“. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ٽوئرسٽن ۾ ڪجهه ۽ اسانجي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ انگريز ئي هوندا هئا.
    ڳوٺ ڇڏي پيٽارو جي ڪاليج ۾ اسانجو پرنسپال ۽ ڪجهه گورا ٽيچر جيڪي هئا سي سڀ انگريز هئا. ڇهه سال پيٽارو ۾ رهڻ تي انهن انگريزن جي هلڻ چلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ عادتن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وياسين. پيٽارو بعد چٽگانگ ۾ به، اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾، جيڪي گورا ڪئپٽن پڙهائڻ لاءِ آيا اهي به انگريز هئا. ظاهر آهي اسان جي ملڪ ۾ انگريزي هلي ٿي سو انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ انگريز ئي ايندا.
    تعليم ختم ڪرڻ بعد جهازن تي چڙهياسين. جهاز ڪڏهن سري لنڪا ته ڪڏهن ملائيشيا يا سنگاپور جتي ڪٿي انگريزي ڳالهائڻ سان ڪم هلي ويو ٿي. يورپ پاسي وياسين ته رڳو انگلنڊ جا بندرگاهه لنڊن، ڊنڊي، هل، لورپول وغيره. هانگ ڪانگ، برما، نائيجيريا ۽ گهانا ۾ به انگريزي هلي ٿي. ٽئين يا چوٿين سفر ۾ دبئي کان نڪتاسين ته اچي ممباسا ۽ ان بعد زئنزيبار پهتاسين. ٻنهي هنڌن تي کوڙ گورا مليا .... اهي ته انگريزي پيا ڳالهائين پر اتي جا مقامي شيدي به انگريزي پيا ڳالهائين .... جيئن اسان جي ملڪ ۾ اسين ڳالهايون ٿا .... پوءِ سٺي يا خراب پر ڪم نڪريو وڃي. ان بعد اسان کي ڪيپ ٽائون وڃڻو هو پر جهاز مئڊاگاسڪر چئنل وٽ پهتو ته ڪراچي هيڊ آفيس کان وائرليس ذريعي نياپو مليو ته اڳتي وڃڻ بدران اتي ئي موزمبق ملڪ جي ”لارينزو مارڪس“ بندرگاهه ۾ هليا وڃو جتي اسان جي جهاز کي کڻڻ لاءِ ڪارگو مليو آهي. هيءَ سال 1970ع جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه ان بندرگاهه جو نالو ”مُپوتو“ آهي. انهن ڏينهن ۾ اهو سمنڊ به سخت خراب هو. ممباسا ڇڏڻ بعد هڪ ڏينهن به ماٺو سمنڊ نه مليو هو. ڪيپ ٽائون پهچڻ ۾ اڃان به ٽي ڏينهن هئا. اسان جو ٻڌو ته اڳتي وڌڻ بدران اتي ئي موزمبق جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيڻو آهي ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان هن ملڪ يا بندرگاهه بابت ڪنهن سينئر جهازيءَ کان نه ٻڌو هو .... جو اسان جي ملڪ جو ڪو به جهاز هن بندرگاهه ۾ نه آيو هو. اسانجو جهاز پهريون دفعو وڃي رهيو هو. بهرحال دل ۾ سوچيوسين ته ڪهڙو به بندرگاهه هجي سمنڊ جي لوڏن کان ته في الحال جان بچي. ڪجهه ڏينهن ترسڻ دوران طوفان ۽ سمنڊ ماٺو ٿي ويندو ۽ اسان اڳتي جو سفر آرام سان ڪري سگهنداسين.
    اسان جو جهاز رات جو ٻارهين هڪ بجي ڌاري لارينزو مارڪس بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان لڳي راس ٿيو. ڪناري تي رسا ڇڪڻ وارا اهڙا ئي شيدي هئا جهڙا هن کان اڳئين بندرگاهه ممباسا ۽ زئنزيبار ۾ هئا. البت ڪسٽم ۽ اميگريشن جا اعليٰ آفيسر جيڪي اسان جا سفري ڪاغذات چيڪ ڪرڻ آيا هئا اهي گورا هئا. جهاز جون مشينريون بند ڪرڻ ۾ رات جا ٻه ٿي ويا ان بعد سمهي رهياسين جيتوڻيڪ دل ته چيو ته ڪلاڪ کن به هيٺ لهي بندرگاهه جو چڪر هڻي اچجي پر سڀ ٿڪل ٿي لڳا جو هڪ به هيٺ نه لٿو. ٻئي ڏينهن 8 بجي نيرن ڪري آئون ۽ جهاز جا ڪجهه ٻيا آفيسر، جن جي شام جي ڊيوٽي هئي اهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ ۽ نئين بندرگاهه جو نظارو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. مون سان گڏ جهاز جو ريڊيو آفيسر ۽ فرج انجنيئر هو. آئون انهن ڏينهن ۾ ففٿ انجنيئر هوس. بندرگاهه جو جهڙو نالو ولائتي هو اهڙو ئي پاڻ هو. چوڌاري ڪارا شيدي نه هجن ها ته يورپ جو شهر ٿي لڳو، خاص ڪري شهر جو اهو صدر علائقو جتي اسان چڪر هڻي رهيا هئاسين. وڏين وڏين گاڏين ۾ يورپي هلي رهيا هئا. عورتون اسڪرٽن ۾ رعب سان خريداري ڪري رهيون هيون جن جو سامان، يا جن جي ٻارن جا گاڏا، هيسيل حبشي مرد يا عورتون ڇڪي رهيون هيون. اسان پنهنجي موج مستي ۾ واڪ به ڪندا رهياسين ته هر ڳالهه ۽ هرشيءِ تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندا رهياسين. اسان کي هتي جي ريسٽورنٽن جو نمونو به وڻيو. گورا يورپي پنهنجين زالن يا گرل فرينڊس سان هوٽلن جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي نيرن به ڪري رهيا هئا ته اس جو سيڪ به وٺي رهيا هئا. جولاءِ يا آگسٽ جو مهينو هو ڪراچي ڇڏڻ وقت اتي توڙي ممباسا ۾ سخت گرمي هئي جو اتي اونهاري جي موسم هئي پر هاڻ اسان خط استوا ٽپي ڌرتيءَ جي هيٺين ڏکڻ اڌ گول جي بندرگاهه ۾ هئاسين جتي هي مهينا سياري جا ٿيندا آهن. Southern Hemisphere ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ گرمي ٿيندي آهي جڏهن اسان وٽ پاڪستان، ايران، افغانستان ۾ اهي مهينا سياري جا ٿيندا آهن.
    ڪجهه سيءَ ڪري ۽ ڪجهه هلڻ ڪري هاڻ اسان به روڊ سائيڊ واري ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ويهي ٿڪ ڀڃڻ سان گڏ چانهه پيئڻ ٿي چاهي. اسان هڪ ريسٽورنٽ جو شيشي جو در کولي اندر گهڙياسين ته ڪائونٽر وٽ بيٺل سفيد يونيفارم ۾ ملبوس نوجوان ۽ سمارٽ ڪارا شيدي بئرا اسان ڏي وڌيا ۽ هو ڪنهن زبان ۾ اسان کي ڪجهه چوڻ لڳا ۽ ان در ڏي اشارو ڪرڻ لڳا جنهن مان اسان گهڙيا هئاسين. بعد ۾ خبر پئي ته هو پورچوگالي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. اسان جي انگريزي نه انهن کي سمجهه ۾ آئي ۽ نه ويٺل گورن نوجوان مهمانن کي. آخر انهن ۾ هڪ پوڙهو هو جنهن ٽٽل انگريزيءَ ۾ سمجھايو ته هيءَ هوٽل ڪارن (Blacks) لاءِ نه آهي. اسان جي جهاز جو جھونو ريڊيو آفيسر جيڪو اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، اهو ٻڌي چپ ٿي ويو. مون کيس اڙدوءَ ۾ چيو ته چئينس ته: ”اسان شيدي ته نه آهيون جو هو ڪارو ٿو سمجھي. اسان ته جهاز جا عزتماب ڪڻڪ رنگا آفيسر آهيون“. پر اسان جي پوڙهي ۽ گھاٽ گھاٽ (هر بندرگاهه) جو پاڻي پيتل ريڊيو آفيسر گوري جي ڳالهه سمجھي ويو ۽ اسان کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيو ته: ”بابا گهڻو ضد ڪبو ته اها ٿيندي جيڪا گانڌيءَ سان سائوٿ آفريڪا ۾ ٿي. هن ملڪ تي پورچوگالين جو راڄ آهي ۽ هنن لاءِ مقامي ماڻهن سان گڏ اسين به ڪارا ٿياسين.“
    ”پر اسان جي ملڪ ۾ انگريز ٽوئرسٽ ايراني هوٽلن تي چانهه ۾ بن ٻوڙي پيا کائين اهي ته اهڙا نخرا نٿا ڪن“. مون چيو.
    ”هاڻ نٿا ڪن. 1947ع ۾ اهي هنن کان به وڏا لاٽ صاحب هئا. انهن ئي ته گانڌيءَ کي ريل گاڏيءَ مان ٻاهر اڇليو. ممبئي جي تاج محل هوٽل جي مالڪ کي انگريزن هوٽل واٽسن ۾ گهڙڻ نه ڏنو. 1868 ۾ جڏهن ممبئي ۾ انگريزن واٽسن هوٽل کولي ته ان ۾ فقط انگريز ۽ يورپين وڃي سگهيا ٿي. ڪتن ۽ مقامي ماڻهن کي اندر وڃڻ تي پابندي هئي پوءِ انهن ۾ ڪو ڀلي جمشيد ٽاٽا جهڙو امير هجي. بلڪه هوٽل واٽسن مان لوڌجڻ بعد جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي تاج محل هوٽل ٺهرائي جيڪا 112 سال گذرڻ بعد اڄ به دنيا جي بهترين هوٽلن مان هڪ آهي.
    مهاتما گانڌي (موهن داس ڪرمچند گانڌي) 1869 ۾ گجرات جي پور بندر شهر ۾ هڪ برهمڻ جي گهر ۾ ڄائو. گانڌيءَ جو نالو کڻڻ سان اسان کي پٺيءَ اگھاڙو، گوڏ ۾ ملبوس هڪ فقير جهڙو ماڻهو ڌيان ۾ اچي ٿو پر هن جو هڪ امير گهر سان تعلق هو. هو انڊيا جي اعليٰ ڪاليجن مان B.A ڪري LAW پڙهڻ لاءِ لنڊن ويو هو. جتي هو فرينچ به سکيو، ويندي ڊانس جا به ڪلاس اٽينڊ ڪيائين. سندس مادري زبان گجراتي هئي ۽ انگريزي اسڪولن مان پڙهيو. لنڊن مان LL.B ڪري هن انڊيا اچي وڪالت شروع ڪئي ۽ جلد پنهنجو نالو پئدا ڪيو. ڪنهن ڪيس لاءِ سائوٿ آفريڪا جي هڪ مسلمان فئمليءَ هن کي وڪيل ڪيو جنهن لاءِ هنن گانڌيءَ کي اسٽيمر (پاڻي جي جهاز) جي سورت کان ڪيپ ٽائون جي ٽڪيٽ ۽ اتان ”پريٽوريا“ شهر تائين ريل جي ٽڪيٽ موڪلي. موهن داس گانڌي پريٽوريا ڏي ريل جي فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ وڃي رهيو هوته واٽ تي پهرين اسٽيشن پيٽرميرزبرگ تي ڪجهه يورپي مسافر ان دٻي ۾ داخل ٿيا. جيتوڻيڪ وڪيل صاحب (گانڌي) ڪمپليٽ سوٽ ۾ جينٽل مئن لڳي رهيو هو پر سائين يورپي باهه ٿي ويا ته هڪ ڪاري جي اها مجال جو هنن جي دٻي ۾ وهڻجي همت ڪري. گانڌيءَ گاڏو ڇڏڻ کان انڪارڪيو ته هنن کيس کڻي ٻاهر پليٽ فارم تي اڇلائيو.
    گانڌيءَ ان کي پنهنجي وڏي بي عزتي سمجھي ۽ دراصل اها Turning Point هئي جنهن کانپوءِ هن انگريزن جي حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪيو جنهن اڳتي هلي انگريزن کي ننڍي کنڊ مان لڏرايو. ان واقعي کانپوءِـ گانڌيءَ سوٽ ٽايون ڇڏي فقير ٿي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ سياست شروع ڪئي _ ايتريقدر جو هڪ انگريز ٽوڪيندي چيس:
    “You are a saint meddling in politics”.
    گانڌيءَ جواب ڏنس:
    “No, I am a politician trying to be a saint”.
    بهرحال اسان ”ڪارن“ جي ڪا هوٽل ڳولڻ بدران، چانهه تان ئي هٿ کڻي لارينزو مارڪس شهر جي ”سِٽي سروي“ ڪرڻ لڳاسين. فٽ پاٿ تي هڪ ٺاهوڪي حبشڻ ڇوڪري کاريءَ ۾ بوهي مڱ (Pea Nuts) وڪڻي رهي هئي. ان کان ڊالر جا چئنورا (بوهي مڱ) ورتاسين ۽ ان سان ڪجهه چرچا ڀوڳ ڪري کلياسين. الائي هن به چرچن جو جواب چرچن ۾ پئي ڏنو يا گاريون پئي ڏنيون جو اسان جنهن اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ پئي هن سان ڳالهايو اها هن کي سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ جنهن زبان (پنهنجي مادري بنتو يا سواحلي ۽ ڪجهه ڪجهه پورچوگاليءَ) ۾ هوءَ ڳالهائي رهي هئي اها اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي. بس مڙيئي جيسين هوءَ بوهي مڱ توري ڪاغذ جي لفافن ۾ وجھي، اسان ”ٽِٽَ مسخري“ ڪندا رهياسين ۽ هوءَ شايد enjoy ڪندي رهي جو سندس ڪوئلي جهڙي چهري تي جپاني سچن موتين (Pearls) جهڙا کير جهڙا سفيد ڏند خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا هئا. هن آمريڪن ڊالر وٺڻ بدران مقامي موزمبق جو سڪو يا پورچوگالي نوٽ جي گهر ڪئي پر اسان وٽ ان جو هڪ پئسو به نه هو. آفيس طرفان پگهار کڻي ايندڙ مقامي ايجنٽ جي پهچڻ کان اڳ اسان جهاز ڇڏي چڪا هئاسين سو اسان وٽ اڳئين بندرگاهه ممباسا جا بچيل ڪينيا جا نوٽ هئا يا آمريڪنڊالر. اسان کيس اشاري سان سمجھايو ته مَني چئنجر هن کي ان ڊالر جي بدلي ۾ ڪافي مقامي پئسا ڏيندو نه ته ٻي صورت ۾ اسان کيس ٻئي ڏينهن مقامي سڪي ۾ ملهه ڏينداسين.“
    شهر جي مارڪيٽن مان لنگھندي هڪ بوهريءَ جو دڪان نظر آيو. اسان به ڪافي وقت کان ان انتظار ۾ هئاسين ته هي ڪهڙو شهر آهي جتي ڪنهن هم شڪل انڊين يا پاڪستانيءَ جو دڪان نظر نٿو اچي. نه ته آفريڪا يا يورپ جو ڪهڙو شهر آهي جتي انڊين دڪاندار نه هجن .... خاص ڪري گجراتي ۽ سنڌي هندو. بوهريءَ دڪاندار ٻڌايو ته هو پاڪستاني سڏجي ٿو باقي موزمبق، نميبيا ۽ ائنگولا اهي آفريڪن ملڪ آهن جتي توهان کي ڪو انڊين دوا لاءِ به نه ملندو. جيڪي هئا اهي سڀ لڏي ويا.
    ”ڇو ڀلا؟“ اسان پڇيو.
    ”ان ڪري جو انهن ملڪن تي پورچوگال وارن جو راڄ آهي ۽ 1961ع کان جڏهن انڊيا پورچوگالين کان گوا (Goa) کسي ورتو آهي تڏهن کان، پورچوگالي انڊيا سان سخت ناراض آهن.“
    گوا انڊيا جي سڀ کان ننڍي رياست آهي جنهن تي پورچوگالين جو 500 سال راڄ رهيو. 1947ع ۾ انڊيا کي خودمختياري ملڻ بعد به پورچوگالين گوا جو قبضو نه ڇڏيو ۽ گوا ۾ رهندڙن وٽ پورچوگال جو پاسپورٽ هو ۽ رٽائرڊ آفيسرن کي اڄ به پورچوگال کان پينشن اچي ٿي. انڊيا حڪومت پورچوگال وارن کي منٿ ميڙ ڪئي ته هاڻ هنن جي ڌرتيءَ جي پچر ڇڏي وڃي پر هنن صاف انڪار ڪيو. 19 ڊسمبر 1961ع تي انڊيا جي فوج ملٽري آپريشن ڪري گوا کي انڊيا ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ 1987ع ۾ گوا کي انڊيا جي 25 هين رياست قرار ڏنو ويو.
    بوهري دڪاندار ٻڌايو ته هتي ڪو به انڊين دڪاندار نه آهي پر ڪجهه ڏينهن بعد اسان کي ٻه دڪاندار ملي ويا جيڪي ٻئي سنڌي هئا. هنن ٻڌايو ته هو شروع کان انڊين سڏرائڻ بدران سنڌي سڏرائين ٿا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به سنڌي هندو رهن ٿا جتي پورچوگالين جو راڄ آهي. لارينزو مارڪس جي هڪ سنڌي دڪاندار جنهن جي دڪان جو نالو تاج محل يا شايد شالامار هو _ هن وقت چڱيءَ طرح ياد نه اٿم. باقي همراهه جو نالو يا ذات ته ان وقت به نه پڇي هيم جيتوڻيڪ هاڻ اڌ صدي گذرڻ بعد افسوس پيو ٿئي ته اهڙن ماڻهن جو جيڪي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ سنڌ کان هنن ڏورانهن ڏيهن ۾ اچي رهيا انهن جو تفصيلي انٽرويو وٺجي ها. پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئي انهن ڳالهين ۾ دلچسپي. بهرحال ان دڪاندار کان جڏهن پڇيم ته توهان جو سنڌ کان هتي اچڻ ڪڏهن ٿيو ته هن کلندي وراڻيو: ”اهي ڳالهيون نه ئي پڇو. اسان جي فئملي هن تر ۾ تمام آڳاٽي آهي. ائين کڻي سمجھو ته اسانجا وڏا ان وقت آيا جڏهن واسڪوڊا گاما ٻيو دفعو انڊيا مان ٿي موٽيو هو يا ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ جڏهن هتي فقط عرب، ايراني ۽ بلوچ آيا ٿي.“
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي جو هنن کي هتي رهي به وڏو عرصو ٿي ويو هو جو اهو دڪاندار جيڪو مون کان اٺ ڏهه سال وڏو ٿي لڳو (آئون انهن ڏينهن ۾ 26 سالن جو هوس) ڀر واري شهر بيرا ۾ ڄائو هو ۽ سنڌيءَ کان بهتر پورچوگالي ٿي ڳالهائي. هن ٻڌايو ته هو ڪڏهن سنڌ نه ويو آهي البت هن جو ڏاڏو جيستائين جيئرو هو هر سال سنڌ جي شهر ڪوٽڙيءَ مان ٿي ايندو هو.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جو ملڪ آزاد ٿي چڪو هو ۽ 1947ع ۾ منهنجي عمر ٽي سال کن مس هئي سو اسان کي اهو احساس نه هو ته غلامي ڇا شيءِ ٿئي ٿي ۽ اسان جي ملڪ ۾ انگريزن پنهنجو پاڻ کي ڪيئن اتم ۽ اعليٰ ٿي سمجھيو. پر هتي موزمبق ۾ اچي پهريون دفعو ڏٺوسين ته ڪيئن يورپي (پورچوگالي) گورا پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجھن ٿا ۽ مقامي باشندا پنهنجي ڌرتيءَ تي ويڳاڻا ۽ نڌڻڪا رهن ٿا.
    پورچوگالين جو موزمبق تي چار صديون راڄ رهيو. 1975ع ۾ مس مس هنن جان ڇڏي. اسان جو 1975 کان پوءِ به موزمبق ۾ اچڻ ٿيندو رهيو پر افسوس جو موزمبق جڏهن آزاد ٿيو ته مقامي ماڻهن پنهنجي ملڪ کي ٺاهڻ بدران ان جي ستيا ناس ڪري ڇڏي. سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، فوجين، وڏيرن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڌارين حاڪمن يعني يورپين کي ته هونءَ به اسان جي ملڪن سان ڪهڙي همدردي! پر هتي هڪ ڳالهه جو اعتراف ڪندس ته تقريباً سڄي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي يورپين جو راڄ رهيو ۽ ڪنهن به ان کي پنهنجو ملڪ ڪري نه سمجھيو پر انهن ۾ وري به انگريز بهتر هئا. موزمبق بعد انڊونيشيا، ويٽنام، سينيگال جهڙن ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو جن تي ڊچن، فرينچن ۽ يورپين جو راڄ هو. انهن جي مقابلي ۾ اهي ملڪ جن تي انگريزن جو راڄ هو جيئن ته انڊيا، پاڪستان، ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، يوگنڊا، نائيجيريا، گھانا وغيره، انهن ۾ نهري نظام، ريلوي، پوسٽ آفيس، جوڊيشري، پوليس سسٽم، تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان انگريزن اتي جي عوام لاءِ سُک ۽ سهوليت مهيا ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ خراب گورننس ڪري تعليمي ادارا توڙي ريلوي سسٽم خراب ٿي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح اسان وٽ پوليس توڙي PWD جهڙن کاتن ۾ به سياستدانن جا سفارشي ۽ ڪرپٽ عملدار اچڻ ڪري تباهي مچي وئي آهي نه ته انگريزن جي دور جا تعليم گاهه توڙي ريلوي سسٽم انڊيا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ويندي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ ته هلي ڏسو. ماڻهو يورپ مان انهن ملڪن ۾ اچي ريل جو سفر ڪن ٿا .... تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا. عوام جي خدمت ڪندڙ پوليس ۽ تڪڙو انصاف پهچائيندڙ جوڊيشريءَ ڪري سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ يورپ جو ڏيک ڏين ٿا.
    موزمبق قدرتي نظارن کان هڪ تمام سهڻو ملڪ آهي جتي اسان جي ملڪ جي اتراهن علائقن وانگر جبل نديون، ڍنڍون، جنگل آهن. ترڪيءَ جي ايراضيءَ جيڏي هن ملڪ جي ايراضي 310 هزار چورس ميل (اٽڪل 802 هزار چورس ڪلوميٽر) آهي. سندس ڏکڻ ۾ سوازي لئنڊ ۽ سائوٿ آفريڪا آهي ۽ اتر ۾ تنزانيا ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ زمبابوي، زئمبيا ۽ ملاوي آهن ۽ اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ. ”زمبيزي“ ملڪ جي وڏي ندي آهي جيڪا ملڪ کي ٻن حصن اتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائي ٿي. موزمبق جي بلڪل سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ ’مئڊا گاسڪر‘ ٻيٽ آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ’ملاگاسي‘ سڏبو هو. ٻنهي ملڪن يعني موزمبق ۽ مئڊا گاسڪر جي وچ وارو سمنڊ ”موزمبق چئنل“ سڏجي ٿو. نالي ۾ ته چئنل آهي پر ڪافي ويڪرو آهي ۽ هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين اسان جي جهازن کي ٻه ڏينهن ٻه راتيون لڳيو وڃن ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي چئنل يعني سامونڊي Passage اڪثر خراب ملي ٿو. طوفان ۽ جَھڪون هڪ طرف ته سمنڊ ۾ اٿل پٿل ۽ ڪُنون (Under Currents) ٻئي طرف. شروع جي سفرن ۾ مون کي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ (جتي دنيا جا ٻه وڏا سمنڊ: هندي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ ٽڪرائڻ ڪري وڏيون ويرون اڀرن ٿيون) ايتري سي سڪنيس نه ٿيندي هئي جيتري هن موزمبق چئنل ۾.
    موزمبق جي آفيشل ٻولي پورچوگالي آهي جيڪا اڌ کان وڌيڪَ آدمشماري ڳالهائي ٿي جيئن سنگاپور ۾ انگريزي آهي جتي عام طرح گهرن ۾ تامل، ملئي ۽ چيني ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح موزمبق ۾ گهرن ۽ گهٽين ۾ سواحلي، مکوا ۽ سينا ڳالهائي وڃي ٿي. آفريڪا ۾، خاص ڪري اوڀر وارن ملڪن ۾، سواحلي ٻولي تمام گهڻو هلي ٿي. ڪينيا، زئمبيا، تنزانيا يا يوگنڊا جا مقامي ماڻهو جڏهن هڪ ٻئي سان ملن ٿا ته هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه سواحلي ۾ ڪم ڪن ٿا. موزمبق ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعلق بنتو قبيلن سان آهي. ڪجهه عرب نسل جا به آهن. دراصل يورپ جا گورا ته بعد ۾ آيا، عرب ملڪن جا سوداگر صدين کان آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن جي بندرگاهن: ممباسا، دارالسلام، اوبيا، مغديشو، لامو، زنجبار، بيرا ۽ برتمولا تائين ايندا رهيا ٿي. انجڻ وارا جهاز (آگبوٽ) ته هاڻ سؤ سال کن اڳ کان شروع ٿيا آهن نه ته صدين کان، حضرت عمر رضه جي ڏينهن کان ته ڇا، اسلام کان به اڳ کان، جيڪي ڪاٺ جا ننڍا وڏا ٻيڙا هئا اهي ڪپڙي مان ٺهيل سڙهن تي هليا ٿي. اهي هوا جي زور تي هليا ٿي. سياري ۾ اتر کان لڳندڙ هوائن تي اهي سڙهن وارا جهاز عرب ملڪن کان هيٺ ڏکڻ طرف (ڪراچي، بمبئي، سري لنڪا ويندي ملائيشيا ۽ چين) طرف ويا ٿي ته ٻئي طرف آفريڪا جو ڪنارو وٺي مٿي بيان ڪيل آفريڪي بندرگاهن ۾ پهتا ٿي. اونهارو شروع ٿيڻ تي اهي واپس اتر طرف ويا ٿي جو چؤماسي جون هوائون ڏکڻ کان لڳن ٿيون. انهن کان علاوه مختلف مهينن ۾ مختلف طرفن کان جيڪي هوائون لڳنديون هيون، سياڻا ۽ تجربيڪار ملاح انهن جي مدد سان آفريڪا جي ڪناري کان انڊيا ڏي ۽ واپس ايندا ويندا رهيا ٿي. يعني اڄ جڏهن اسان کي فقط رستو ڳولهڻو پوي ٿو، ان وقت جي ناکئن (نيويگيٽرن) کي رستي سان گڏ هوائن جي ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري هئي جو ان وقت جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا. هوا نه لڳندي هئي ته هڪ هنڌ بيهي رهندا هئا يا سامونڊي ڇولين جي آڌار تي توائي ٿي ويندا هئا يعني هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ويندا هئا. اهو ئي ته سبب آهي جو جڏهن يورپي ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي پهتا ته هنن اتي جي ملاحن کان هندوستان وڃڻ جو نه فقط طرف پڇيو پر هوائن جو رخ به معلوم ڪيو ٿي. سڀ کان پهريون يورپي واسڪوڊا گاما جڏهن ممباسا ۽ مليندي پهتو ته انڊيا وڃڻ لاءِ هن هڪ ڄاڻو ۽ تجربيڪار ناکئو، سونهين طور پاڻ سان کنيو جنهن نه فقط واسڪوڊا گاما جي جهازن کي هندوستان پهچڻ جو رستو ڏيکارڻ ۾ مدد ڪئي پر هنن کي هوائن بابت پڻ ٻڌائيندو هليو ته هاڻ هن پاسي هلو ۽ هوائن جو فائدو وٺڻ لاءِ سڙهن کي هن Angle تي رکو جيئن سفر جلد طئه ٿي وڃي. هو آفريڪي بندرگاهه مليندي ۽ ممباسا کان نڪتا ۽ 24 ڏينهن بعد انڊيا جي بندرگاهه ڪوچين پهچي ويا. هنن کي واپس ورڻ لاءِ موسم جو انتظار ڪرڻ کتو ٿي پر واسڪوڊا گاما جو مقامي راجائن سان ڦڏو ٿي پيو ۽ واسڪو صحيح هوا جي شروع ٿيڻ کان اڳ جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو ۽ کين آفريڪا جي کنڊ جي ڪناري تي پهچڻ ۾ هن ڀيري 24 ڏينهن بدران 132 ڏينهن لڳي ويا. کاڌي جي کوٽ ۽ پيدا ٿيندڙ بيمارين ڪري هنن جا ڪيترائي ملاح مري ويا.
    جڏهن سڙهن تي ٻيڙا هلندا هئا تڏهن موسمن ۽ هوا جي رخ جي وڏي اهميت هئي جيڪا شاهه لطيف جي بيتن مان به ظاهر آهي ته سيارو ٿيڻ تي ۽ اتر جون هوائون لڳڻ تي ملاحن ڏکڻ طرف يعني ممبئي ۽ سلون (سري لنڪا) ڏي روانو ٿيڻ شروع ڪيو ٿي.
    ”لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا
    ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير
    هينئڙي نت اڪير، کاري کيڙائن جي“
    يا وري
    ”وڻجاري ڪانڌاءُ، مون ور ويٺي گھاريو
    لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جي ڪري
    بهرحال اسان وٽ اڳئين زماني ۾ جڏهن اڃان انجڻ وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا ۽ اسانجا ٻيڙا سڙهن (Sails) وارا هئا ته ان وقت سفر جو ٽرينڊ اهو ئي هو ته سياري جون اتراهون هوائون لڳڻ سان سنڌ کان ٻيڙا ڏکڻ طرف سلون (لنڪا) ڏي ويندا هئا ۽ پوءِ اتي ٽي چار مهينا بيٺا هوندا هئا ۽ اونهاري جو انتظار ڪندا هئا. جيئن ئي ”مان سون“ شروع ٿيندي هئي يعني ڏکڻ طرف کان چؤماسيءَ جون هوائون لڳنديون هيون ته سنڌي سوداگر ۽ ملاح اُتر طرف ديبل ڏي ۽ عرب گلف ڏي ڀڄڻ شروع ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٽيليفون يا وائرليس سسٽم ته هو ئي ڪونه جو هوم پورٽ ۾ جهاز جي پهچ (Arrival) جو اطلاع پهچي. سامان جا مالڪ ۽ ملاحن جون زالون موسم ۽ هوا جي رخ مان Idea لڳائينديون هيون ته هاڻ انهن جا ور Homeward جرني لاءِ نڪتا هوندا .... جيئن شاهه لطيف فرمائي ٿو:
    ”کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا
    سودو ڪن سون جو، وڏا وهائو
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا“
    پاڻ آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتي پورچوگالين جي پهچڻ کان اڳ عرب واپارين جو اثر رسوخ هو .... بلڪه هن ملڪ جو نالو موزمبق به هڪ عرب سوداگر موسيٰ البق يا شايد ”موسيٰ بن م بقي“ جي نالي تان پيو جيڪو هتي آيل پهريون واپاري هو ۽ هتي اچي رهي پيو. هيءَ يارهين صديءَ جي ڳالهه آهي. ان بعد عرب دنيا کان ٻيا به واپاري ـــــ خاص ڪري يمن کان، پهرين ممباسا، دارالسلام ۽ زنجبار آيا ٿي ان بعد تنزانيا ۽ موزمبق تائين پهچي ويا ٿي. اهڙيءَ طرح هن پاسي انهن عرب واپارين ذريعي اسلام پکڙيو. اڄ موزمبق جو مذهب عيسائيت آهي پر ملڪ جا 20 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. جن ۾ گهڻا شافعي مڪتبِ فڪر جا سُني آهن. انهن کان علاوه اسماعيلي اهل شيعه پڻ آهن. مسلمانن ۾ ڪجهه مقامي باشندا به آهن نه ته گهڻا تڻا اهي آهن جيڪي عرب ملڪن، اتر آفريڪا جي ملڪن (لبيا، الجيريا، تيونس، موراڪو، مصر) ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن کان لڏي هتي آيا.


    ڇا انگريز سٺا جهازران (Navigators) هئا.....؟

    انگريزن ننڍي کنڊ تي ٻه سؤ سال حڪومت ڪئي. انگريزن جو ملڪ انگلئنڊ يا سڄو برطانيا پاڪستان يا انڊيا جي هڪ صوبي سنڌ، گجرات يا مهاراشٽرا کان به ننڍو ٿيندو پر اسان ننڍي هوندي کان اهوئي پڙهندا اچون ته هو جهازراني ۾ قابل هئا، هنن جهاز ٺاهيا. ان زماني ۾ جنهن وٽ مضبوط جهاز هئا ان جو سمنڊ تي راڄ هو ۽ جنهن جو سمنڊ تي راڄ هو ان جي دنيا تي حڪومت ٿي .... بلڪل صحيح آهي. انگريز سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به اسان ايشين ۽ آفريڪن کان ڪافي اڳتي هئا ۽ جڏهن ته اسان تلوار ۽ ڀالن سان لڙائيون پئي ڪيون ته هنن بندوقن ۽ توبن ذريعي اسان کي ڏڪائي ڇڏيو .... اسان تي حاوي ٿي ويا. ان جو رعب انگريز اسان تي هڻندا رهن ٿا ته هو ڪيئن واپار جي بهاني آيا، علاج ڪرڻ لاءِ هندوستان جي مغل بادشاه وٽ پهتا ۽ انعام اڪرام وٺڻ بدران هنن واپار جي اجازت ورتي ۽ آهستي آهستي ڪري سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو. ننڍي هوندي کان انگريزي رسالن ۽ ڪتابن ۾ انگريزن جي بهادري ۽ جهازرانيءَ بابت پڙهندا اچون ۽ جڏهن به سمنڊ تي رستا ڳولڻ يا جهاز هاڪارڻ جي ڳالهه ٿي نڪري ته اسان انگريزن کي زبردست Sea farer قوم سڏيون ٿا.
    انڊيا جي تاريخ ۾ اسان سڀ وليم هاڪنس، سر ٿامس رو ۽ وليم فِنچ جهڙن انگريزن جا قصا پڙهون ٿا ته اهي شروعاتي انگريز هئا جيڪي مغل شهنشاهن جي درٻارن ۾ آيا ۽ هنن پنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ انڊيا تي قبضو ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
    ڪئپٽن وليم هاڪنس انگلئنڊ جي بادشاهه ’جيمس ون‘ طرفان مغل شهنشاهه لاءِ سوکڙيون پاکڙيون ۽ خط کڻي 1607ع ۾ ”هيڪٽر“ نالي جهاز ۾ لنڊن کان روانو ٿيو ۽ 1608ع ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ اچي لنگر انداز ٿيو. اڪبر بادشاهه جنهن جي مڙيئي انگلنڊ ۾ ڪجهه هاڪ هئي اهو ٽي سال اڳ 1605ع ۾ گذاري چڪو هو ۽ هاڻ هندوستان جو حاڪم اڪبر بادشاهه جو پٽ شهنشاهه جهانگير هو. اڪبر وڏو عرصو هندستان تي راڄ ڪيو.... اٽڪل اڌ صدي ۽ هي اهو دور هو جڏهن انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول هئي.
    بهرحال هاڪنس سورت کان، ان وقت مغلن جي گاديءَ واري شهر, آگري پهتو. جهانگير بادشاهه هن جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. سڀني درٻارين سان هن کي ملايو ويو. انگلنڊ جي بادشاهه طرفان موڪليل سوکڙيون ۽ خط قبول ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ان بعد جهانگير هاڪنس سان 3 ڪلاڪ اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ڪيترا اهو سوچيندا هوندا ته هاڪنس ته انگريز هو ۽ جهانگير بادشاهه فارسي ۽ هندي ڳالهائي ٿي. پر نه. انگريز يا يورپي وڏا سياڻاآهن. هنن ڪئپٽن وليم هاڪنس کي ان ڪري موڪليو هو جو هن کي ترڪش ٻولي آئي ٿي جنهن کان شهنشاهه اڪبر واقف هو. بهرحال هاڪنس جي پهچڻ کان اڳ اڪبر بادشاهه ته راهه رباني وٺي چڪو هو پر جهانگير بادشاهه ۽ سندس وزير کي ترڪ ٻولي آئي ٿي جيڪا بابر جي مادري زبان هئي ۽ جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جو احوال ”تزڪِ بابري“ به لکيو آهي جيڪو اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ هن جي هڪ رتن فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
    انگريز هاڪنس جهانگير بادشاهه کي پهرين ملاقات ۾ ئي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هنن جي تمام سٺي دوستي ٿي وئي.... ٻئي پيالي ڀائي هئا. ڪنهن هنڌ پڙهيو هوم ته:
    “….. in due course of time Hawkins got so intimacy with the “talented drunkard” emperor that no Europeans had ever after wards”
    جهانگير کي هاڪنس جي ڪچهري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي جيڪو هر وقت بادشاهه کي رنن جا قصا ۽ گندا لطيفا ٻڌائڻ ۾ ڪاريگر هو ۽ جهانگير اهي چرچا ڀوڳ ۽ ڪهاڻيون ٻڌي، کل ۾ کيرو ٿي ويندو هو. مغل بادشاهه هن کي مغل ڪورٽ ۾ گهرو سفير ڪري رکيو ۽ کيس مغل درٻارين جي پوشاڪ پهرڻ جي پڻ اجازت ڏني ۽ وڏي قرب مان کيس ”انگلش خان“ يا ”خان هاڪنس“ جي نالن سان سڏيندو هو. کيس هڪ سهڻي آرميني ڪنيز تحفي ۾ ڏني هئائين. کيس شاهي دسترخوان ۾ شامل ٿيڻ جي پڻ اجازت هئي. هاڪنس جهانگير جي ويجھو هجڻ ڪري خوب حرمسراءِ جي اندر ۽ ٻاهر جا قصا ۽ ڪاروايون لکيون. هاڪنس جون مغل درٻار جون يادگيريون ٿيون پڙهجن ته هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته:
    ”بادشاهه سلامت دولت، زمين ۽ سپاهه جي خيال کان مشرق جو عظيم شهنشاهه چئي سگهجي ٿو پر عوام جو وڏو حصو هن سان نفرت ڪري ٿو جو اهو هر وقت خوف ۾ رهي ٿو“.
    هاڪنس هڪ دفعو شهنشاهه کي پنهنجي سيڪريٽريءَ کي قتل ڪندي ڏٺو جيڪو فقط شڪ جي بنياد تي هو ته سيڪريٽري ساڻس وفادار نه آهي. هڪ دفعي هڪ سپاهيءَ بادشاهه سلامت کي پنهنجي پگهار وڌائڻ لاءِ عرض ڪيو ته نشي ۾ ڌت بادشاهه سلامت، هن کي پڃري ۾ بند شينهن سان ملهه وڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سپاهي سان گڏ پاسي اوسي ۾ بيٺل ڏهه کن بدنصيب واٽهڙو به مارجي ويا. معمولي بحث تي جهانگير ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پٽ کي نڙيءَ ۾ کڻي سوئو هنيو.
    هاڪنس لکي ٿو ته جهانگير جي حرم ۾ 5000 عورتون هيون ۽ انهن کان الڳ اندر وارن ڪمرن ۾ شاهي خاندان جون 300 زالون هيون. ان کان علاوه جهانگير جي شوق جي تبديليءَ لاءِ 1000 ڳڀرو ڇوڪرا هئا. محل جي ڀرسان جانورن جو به چڱو خاصو ’زو‘ هو جنهن ۾ 12000 ته هاٿي هئا، 10,000 سان‏، 2000 اٺ، 3000 هرڻ، 4000 ڪتا، 100 پاليل شينهن، 500 مينهون ۽ 10,000 ٽپال جو ڪم ڪندڙ ڪبوتر هئا.
    ٻه سال هاڪنس جهانگير جو فئوريٽ يار ٿي رهيو پر پوءِ درٻار جي نوابن جي ساڙ، حسد ۽ چغلين ڪري جهانگير جو قرب گهٽجڻ لڳو ۽ هاڪنس عقلمندي ان ۾ سمجھي ته هاڻ ڀڄي پري ٿجي ۽ هو چپڙي ڪري آگري مان نڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو پر انگلنڊ پهچڻ کان اڳ واٽ تي گذاري ويو.
    هاڪنس کان علاوه مغلن جي تاريخ ۾ هڪ ٻئي انگريز سر ٿامس رو (Sir Thomas Roe) جو به ذڪر اچي ٿو جيڪو پڻ جهانگير جي دور ۾ انڊيا آيو. جهانگير آرٽ، خاص ڪري چترڪاريءَ (Paintings) جو شوقين هو ۽ ٿامس هن کي ان قسم جون شيون انگلئنڊ مان گهرائي ڏنيون ٿي. ”هاڪنس“ توڙي هن انگريز ”سر ٿامس رو“ جو ان تي زور هو ته مغل بادشاهه انگريزن کي انڊيا ۾ واپار جي اجازت ڏئي. ان ۾ هاڪنس ته ڪامياب نه ٿيو پر ”سرٿامس رو“ جي درخواست تي 1615 ۾ جهانگير بادشاهه انگريزن کي بنا ٽئڪس ڏيڻ جي واپار جي اجازت جو فرمان جاري ڪيو.
    هڪ ٻيو انگريز وليم فِنچ نالي پڻ هاڪنس سان گڏ سورت بندرگاهه ۾ آيو هو جتان پوءِ هو آگري آيو ۽ هاڪنس سان گڏ مغل ڪورٽ ۾ سال ڏيڍ رهيو. هاڪنس جي موٽڻ بعد به فِنچ ڪجهه عرصو رهي پيو ۽ هن بيانا، لاهور ۽ ٻيا ڪيترا شهر ڏٺا. فنچ مختلف شهرن جي واپار وڙي ۽ قدرتي پئداوار جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ هر معلومات انگلنڊ موڪليندو رهيو. فنچ 1612 ۾ شام جي شهر ”اليپو“ وڃي رهيو هو ته رستي تي بابل ۾ زهريلي پاڻي پيئڻ ڪري گذاري ويو.
    ڏٺو وڃي ته هاڪنس، ٿامس رو ۽ وليم فِنچ پهريان انگريز هئا جن هندوستان جي مغل درٻار ۾ داخلا ورتي ۽ ان وقت جي بادشاهه جهانگير جي دل جيتي نه فقط پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ماڻهن لاءِ انڊيا جي سرزمين تي واپاري ڪوٺيون Trading Posts جي اجازت حاصل ڪيائون پر مال تي اڪٽ (Inland Toll) ۽ ٽئڪس ڏيڻ جي به ڇوٽ ورتائون. هيءَ سن 1608ع کان 1616ع تائين جي ڳالهه آهي جڏهن هاڪنس جهانگير بادشاهه جي درٻار ۾ آيو. ان بعد 1609 ۾ شهنشاهه جهانگير انگريزن کي سورت شهر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني ۽ 1613 ۾ انگريزن جي واپاري اداري ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ سورت ۾ ڪارخانو کوليو. ”سورت“ گجرات رياست جو احمد آباد بعد ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ گجرات جي گادي واري شهر ”گانڌي نگر“ کان 284 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. جن ڏينهن ۾ مٿيان انگريز آيا هئا ۽ 1613 ۾ فئڪٽري لڳي، انهن ڏينهن ۾ ــــ بلڪه شهنشاهه بابر جي ڏينهن کان، سورت هندستان جو اهم بندرگاهه هو. سمنڊ رستي حج تي وڃڻ وارا به سورت مان جهاز ۾ چڙهندا هئا ته مديني جي ڀر ۾ ينبو بندرگاهه ۾ اچي لهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جدو هڪ فشنگ وليج (مهاڻن جو ڳوٺڙو) هو. ممبئي (بمبئي) جو ته نالو نشان ئي نه هو. اهو ته پوءِ هڪ صدي کن بعد انگريز شهزادي چارلس ٻئي (Charles-II) جي پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين سان 1662 ۾ شادي ٿي ته اهي پنج ڇهه ويران ٻيٽ جيڪي پورچوگالين جي هٿ ۾ هئا، سي چارلس وارن کي ڏيج ۾ ڏنا ويا جن لاءِ انگريزن کي ٻه چار سال ته سمجهه ۾ نه آيو ته انهن کي ڇا ڪجي. پر پوءِ 1668 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ شهزادي چارلس کان چند پائونڊن جي عيوض مسواڙ تي ورتا. لڳي ٿو ته هن کي فقط خوش ڪرڻ لاءِ جو اهي ٻيٽ ان بعد به ڪيترائي سال ائين ئي بيڪار رهيا. پر پوءِ وقت سان گڏ جڏهن جهازن جي سائيز وڌي ۽ سورت جو بندرگاهه سوڙهو محسوس ٿيڻ لڳو ته انگريز ڪمپنيءَ هنن ڏيج وارن پورچوگالي ٻيٽن تي ڌيان ڏنو جو اتي پاڻيءَ جو ڊرافٽ گهڻو هو .... يعني اونهو سمنڊ هو. بهرحال ممبئي جي تفصيلي ڪهاڻي انڊيا جي سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪُر ۾“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
    سورت جي بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ سمنڊ کان ڪجهه ميل درياهه تاپتي (جيڪو تاپي به سڏجي ٿو) ۾ اندر وڃڻو پيو ٿئي. يعني سورت بندرگاهه درياهه جي ڪناري تي ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄامشورو يا هالا پراڻا ”سنڌو ندي“ تي، آمريڪا جو بندرگاهه نيو اورلينس ”مسي سپي“ نديءَ تي، بئنڪاڪ بندرگاهه ”چائو فريا“ نديءَ تي يا چٽگانگ جو بندرگاهه جتان آئون مئرين انجنيرنگ پڙهيس ”ڪرنا ڦلي“ نديءَ تي. تاپتي نديءَ تي ڊئم ٺهڻ ڪري هاڻ جهاز سورت تائين نٿا پهچي سگهن نه ته انهن ڏينهن ۾ سورت جو بندرگاهه بلي بلي هو. فارس (ايران) کان اٺين صديءَ ۾ جيڪي پارسي (آتش پرست) آيا هئا سي به هن شهر سورت ۾ اچي رهيا. اهي نه رڳو واپاري طبيعت جا هئا پر سٺا هنر مند پڻ هئا جيڪي پنهنجي هنرن سان سڃاتا ويا ٿي جيئن ته دارون والا، لڪڙي والا، تامبي والا، ڪشتي والا وغيره. هنن انگريزن کي ڪارخانن ۽ جهاز راني ۾ وڏي مدد ڪئي. بعد ۾ جڏهن انگريزن مٿين ويران ٻيٽن کي ملائي بمبئي نالو رکيو ۽ اوڏانهن شفٽ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته عام ماڻهن سان گڏ سورت ۾ رهندڙ پارسين ۽ يهودين پڻ پنهنجي رهائش ۽ ڪاروبار بمبئي ۾ شفٽ ڪيو.
    هونءَ پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته بمبئيءَ جي وڌڻ ويجھڻ ڪري سورت بندرگاهه جو اهو شان جيتوڻيڪ گهٽجي ويو پر سورت جو شهر اسان جو مانجھند يا ٺٽو نه ٿيو آهي. سورت شهر اڄ به ماڊرن شهر آهي. صفائي، سٺائي، تعليم، باغ باغيچن، واپار وڙي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ کان انڊيا جو هڪ بهترين شهر آهي. منجھس روڊ رستن، پبلڪ پارڪن، عام ماڻهوءَ جي سواري جي سهولتن کان تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جو معيار يورپ جي ملڪن جهڙو آهي. کيس ’ڊائمنڊ سٽي‘ به سڏيو وڃي ٿو. ڪجهه سال اڳ انڊيا جي شهرن جي سروي ڪئي وئي ته زندگي جي اعليٰ معيار ۽ شهري ضرورتن جي موجودگي کان سورت پهريون نمبر شهر قرار ڏنو ويو. ٻئي نمبر تي پوني ۽ ٽي نمبر تي احمدآباد ٿيو.
    سورت شهر جيڪو پهرين ”ثرياپور“ يعني سج جو شهر سڏيو ويو ٿي هندو ڌرم ۾ به اهميت رکي ٿو، جو ان جو مهاڀارت ۾ ذڪر آهي ته ڪرشن ڀڳوان مٿرا کان دوارڪا ويندي هتي ترسيو هو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته دائودي بوهرن جو ”مرڪزِ دعوة“ جيڪو هاڻ ممبئي ۾ آهي اهو پهرين 1787 ۾ سورت ۾ کليو جڏهن بوهرين جو 42 هون دائي سيدنا يوسف نجم الدين هو. اهو 51 هين دائي طاهر سيف الدين (1965 ــــ 1915) تائين رهيو جنهن بعد ممبئي شفٽ ٿيو. دائودي بوهرين جا ست ذاتي متلق جا روضا سورت جي ”ديودي مبارڪ“ علائقي ۾ آهن ـــ سورت شهر جي وچ ۾ بوهرين جي اسلامڪ عربي اڪيڊمي ”الجامية سيفيه“ آهي جنهن جهڙا هنن جا مذهبي درسگاهه ڪراچي، نيروبي (ڪينيا) ۽ ممبئي ۾ آهن. سورت ۾ هن درسگاهه جو 1814 ۾ بوهرين جي 43 داعيءَ سيدنا عبدالعلي سيف الدين بنياد رکيو. 1920 ۾ هن کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ بوهرين جون ڇوڪريون به اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون. هن کي بين الاقوامي معيار جو ماڊرن درسگاهه بنائڻ ۾ بوهرين جي 52 داعي ڊاڪٽر سيدنا محمد برهان الدين جي وڏي جدوجهد آهي. هتي پاڻ ان وقت جي سورت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جڏهن اڃان بمبئي جو ڪو نالو نشان نه هو.
    انگريزن، جن 200 سال ننڍي کنڊ تي راڄ ڪيو ان جي شروعات انگلنڊ جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1613 ۾ سورت شهر ۾ فئڪٽري لڳائڻ سان ڪئي. ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هڪ پرائيويٽ واپاري ڪمپني هئي جيڪا انگريز اسٽاڪ هولڊرن 1600ع ۾ لنڊن ۾ ٺاهي هئي. هنن ان ۾ پئسو لڳايو ته جيئن پاڻي جا جهاز خريد ڪري ايشيا جي ملڪن، خاص ڪري انڊيا ۾ واپار وڙو ڪري پئسو ڪمائجي. هن ڪمپنيءَ کي هلائڻ لاءِ لنڊن ۾ هڪ ”بورڊ آف گورنرز“ ٺاهيو ويو جنهن وٽ هر ڪو جوابده رهيو ٿي. هيءَ ڪمپني پهرين ته فقط واپار لاءِ ٺاهي وئي پر پوءِ ته هن فوج به تيار ڪئي جيئن ڪٿي ڦڏو فساد ٿئي ته اها ڪمپنيءَ جي حقن لاءِ وڙهي _ ۽ جوڊيشري پڻ، جيئن هر ڳالهه جو ان ذريعي فيصلو ڪيو وڃي .... بس سمجھو ته هيءَ ڪمپني بذات خود حڪومت هئي جنهن تي ڪن ڳالهين ۾ برطانيا جي حڪومت جي به نٿي هلي.
    1613 ۾ سورت ۾ فئڪٽري لڳائڻ بعد ڪمپنيءَ 1616 ۾ انڊيا جي اوڀر واري ڪناري جي شهر ميسوپٽنام ۾ مٿين فئڪٽريءَ جي برانچ لڳرائي. ان بعد 1639 ڌاري ڪمپنيءَ انڊيا جي ڏاکڻي شهر مدراس ۾ ۽ ويهارو کن سالن بعد انڊيا جي اوڀر واري ڪناري جي شهر ڪلڪتي ۾ فئڪٽري لڳائي. ان دوران يورپ جي ٻين ملڪن پورچوگال، فرانس، هالنڊ ۽ ڊئنمارڪ جون ان قسم جون واپاري ڪمپنيون به ڪجهه ڪجهه واپار وڌائينديون رهيون پر هنن کي انگريزن جي ان ڊزائين جي خبر نه پئجي سگهي ته هو انڊيا جي چوڌاري سامونڊي ڪناري وارن اهم شهرن ۾ فئڪٽريون لڳائي انهن شهرن تي پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري رهيا آهن.
    1717 ۾ مغل بادشاهه فرخسيار (شهنشاهه اورنگزيب جو پڙپوٽو جيڪو 1707 ۾ اورنگزيب جي وفات بعد 1713 ۾ تخت تي ويٺو .... اورنگزيب جو پٽ بهادر شاهه اول 1712 تائين تخت تي هو ۽ ٻه ٽي مهينا ان جو پٽ جهاندار شاهه) بيمار ٿي پيو جنهن جو علاج انگريز سرجن وليم هئملٽن ڪيو. صحتمند ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ هن بادشاهه هئملٽن جي گُهر تي انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ کي ڍائي ڇڏيو. واپار وڙي جي معاملي ۾ انگريزن کي وڏي ڇوٽ ملي وئي ۽ هو انڊيا ۾ پنهنجا پير مضبوطيءَ سان ڄمائي ويا. واپار سان گڏ هو پنهنجي فوج ۽ هٿيار به وڌائيندا ويا ۽ مقامي نوابن، راجائن، ڀوتارن جي جھيڙن ۾ ڪنهن هڪ جو پاسو کڻي ٻئي کي موچڙا هڻي وڌيڪَ فائدا ورتا ٿي. 1757ع ۾ ڪمپنيءَ جي هڪ مليٽري آفيسر رابرٽ ڪلائيو بنگال جي نواب سراج الدوله جي فوج کي ”پلاسي جي لڙائيءَ“ ۾ شڪست ڏئي، بنگال جي ائڊمنسٽريشن هلائڻ شروع ڪئي ۽ ”ڪمپني راڄ“ مشهور ٿيو. 1764 ۾ بهار ۾ لڳل ”بڪسار جي لڙائيءَ“ ۾ به انگريزن جي فتح ٿي ۽ ”ڪمپني راڄ“ مضبوط ٿيندو ويو. انهن ڏينهن ۾ مغل بادشاهه شاهه عالم دوم هو ان کان انگريز ــــ (جن ڏيڍ صدي اڳ شروع ۾ جهانگير بادشاهه کان ته فقط سورت ۾ هڪ فئڪٽري هڻڻ لاءِ منٿون ميڙيون پئي ڪيون، تن) هاڻ ڏنڊي جي زور تي، مغل بادشاهه شاهه عالم کان زبردستي فرمان جاري ڪرايو ته بنگال، بِهار ۽ اوڙيسا جو ريونيو (ٽئڪس) انگريزن جي ڪمپني وٺندي. ”ائنگلو ـــ ميسور“ ۽ ”ائنگلو ـــ مرهٺا“ لڙاين ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد انگريزي ڪمپنيءَ جو سڄي هندستان تي راڄ ٿي ويو. اهو راڄ 1857 واري بلوي يا جنگ آزاديءَ تائين رهيو جنهن ۾ به انگريزن جي ڪمپني فوج کي سوڀ حاصل ٿي پر پوءِ انڊيا جون واڳون ڪمپنيءَ بدران برطانيا جي حڪومت حوالي ڪيون ويون. جڏهن 1600 ۾ لنڊن ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ ٺاهي وئي هئي ته ان وقت انگلنڊ جي راڻي ”ايلزبيٿ ون“ هئي ۽ هاڻ 258 سالن بعد جڏهن ان ڪمپني کي dissolve (ختم) ڪيو پئي ويو ته انگلنڊ جي راڻي وڪٽوريا هئي. هاڻ انڊيا تي ”ڪمپني راڄ“ بدران ”برٽش راڄ“ هلڻ لڳو، جيڪو 90 سال هليو جنهن بعد 1947ع ۾ انڊيا جي انگريزن پچر ڇڏي ۽ ساڳي وقت انڊيا جي ورهاڱي تي پاڪستان وجود ۾ آيو.
    اڄ انگريز اسان جي ملڪ ۾ نه آهن پر انهن جون ٺاهيل ڪيتريون شيون، ريلوي، پوسٽ، بيورو ڪرئسي، جوڊيشري جهڙا ڪيترا نظام اسان وٽ قائم آهن. اسان وٽ انهن جي زبان ”انگريزي“ هلي ٿي. اسان جي تن ڏينهن جي حاڪمن ـــ مغل بادشاهن توڙي مير صاحبان ۾ نه اهو افعال هو نه فوجي پختگي جو ڌارين يورپي ٺڳن کي روڪي سگهن .... انگريزن جو جي قبضو نه ٿئي ها ته ڊچ قبضو ڪن ها ۽ انڊونيشيا وانگر اسان وٽ اسڪولن، ڪاليجن ۾ ڊچ ٻولي هلي ها يا پورچوگالي ڪن ها ۽ ائنگولا، نميبيا ۽ موزمبق وانگر هر ڳالهه پورچوگالي يا سينيگال ۽ موراڪو وانگر فرينچ ڳالهائي وڃي ها. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته هيڏا ڌڪ کائڻ بعد اسانجا ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪ هاڻ ڀلا پاڻ ڀرا آهن؟ اسان جا اڄ جا حاڪم عوام جو خيال رکن پيا يا مغل بادشاهن وانگر هنن کي فقط پنهنجو حرم وڏو ڪرڻ جي تات آهي؟ ڇا اسان جا مقامي حاڪم مضبوط ڪردار ۽ عزم جا آهن ۽ ڇا هو ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ڏي وٺي وڃي رهيا آهن؟ يا هو اڄ جي طاقتن: آمريڪا، انگلنڊ، يا اڄ جي پئسي وارن ملڪن سعودي عرب جهڙن وٽ وڪاميا پيا آهن ۽ هنن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحاليءَ جي اُڻ تڻ آهي! گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا، سنگاپور، چين، ايران جهڙن ملڪن تي، آئون نٿو سمجھان، ته ڪو آمريڪا جهڙي طاقت ”ڊو مور“ جهڙو حڪم هلائي سگهندي يا امير عرب رياستن جا شهزادا انهن ملڪن جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، انهن ملڪن ۾ ڪونجن ۽ آڙين جو شڪار ڪري سگهندا.


    اسان وٽ پورچوگالي پهرين پهتا

    گذريل مضمون ۾ انگريزن بابت لکيو اٿم ته ڪيئن هو هڪ ڏورانهين ۽ ٻيٽ نما ڏيهه کان سامونڊي جهازن رستي اسان جي ڌرتي ”ننڍي کنڊ“ تي پهتا ۽ اسان جي حاڪمن کي هڪ دڪان کولي واپار ڪرڻ جي اجازت لاءِ منٿون ڪندا رهيا ۽ پوءِ ڪيئن سڄي هندوستان تي قبضو ڪري ويا. اڄ اسان هنن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايون ٿا .... هنن جي جهازرانيءَ جا طريقا پڙهون ٿا ۽ کين وڏا Seafarer ملاح/ناکئا سڏيون ٿا .... وغيره وغيره. اهو سبق اسان کي ننڍي هوندي کان پڙهايو وڃي ٿو .... ظاهر آهي اهي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل آهن جيڪي اسان پڙهون ٿا ۽ لکڻ وارا به اهي پاڻ انگريز ئي آهن. چٽگانگ ۾ جتي جهازراني ۽ جهاز سازيءَ جي بنيادي تعليم ورتي اتي به انگريز هئا ۽ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ جتي ان بابت وڌيڪَ تعليم حاصل ڪيم اتي به پڙهائڻ وارا گهڻا تڻا انگريز هئا پر جي ڪو سئيڊش، نارويجن يا فرينچ هو ته ان به ليڪچر ته انگريزيءَ ۾ ڏنو ٿي ۽ ڪتاب ته انگريزن جا ئي لکيل پڙهايا ويا ٿي. وري جهاز هلائڻ دوران اسان جو گهڻو انهن بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو ٿي جتي انگريزي هلي ٿي .... ڪنهن فرينچ، اطالوي، هسپانوي يا پورچوگالي زبان ڳالهائڻ واري آفريڪي يا ايشيائي ملڪ ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته حيرت ٿيندي هئي ته اهي يورپي هنن ملڪن ۾ ڪڏهن آيا ۽ اچي هنن ملڪن تي قبضو ڪيائون.
    پاڪستان ۽ هندوستان وانگر ملائيشيا ۾ به انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي جو اتي به انگريزن جو راڄ هو. اسان کي 1947 ۾ ۽ ملائيشيا کي سورهن سالن بعد 1963 آزادي ملي. ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران مون وٽ ڪيترائي هم وطني گهمڻ ايندا هئا. هو شهر ۾ وڪٽوريا ڦوهارو (fountain)، وڪٽوريا ڪلاڪ، ڪُئينس روڊ ۽ ٻيون انگريزن جي نالي واريون شيون ڏسي انهن جو زمانو ياد ڪندا هئا. انگريز جتي به رهيا ته اتي ان قسم جون يادگيريون ڇڏيائون. اسان وٽ به ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ، ميڪلوڊ روڊ، ايمپريس مارڪيٽ، فريئر هال ۽ ان ۾ راڻي وڪٽوريا جو statue، برنس روڊ، راڻي باغ، مختلف اسڪول ۽ گرجا گهر جام آهن. بمبئي به انگريزن جي انهن يادين سان ڀريو پيو آهي. اتي ته ويندي ريلوي اسٽيشن ۽ پلين جا نالا به انگريزن جي ياد ڏيارين ٿا جيئن اسان وٽ جيڪب آباد، جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، لئنسڊائون پل وغيره.
    پر آئون ڏسندو هوس ته ملائيشيا ۾ ايندڙ منهنجي مهمانن کي حيرت تڏهن ٿيندي هئي جڏهن ملاڪا شهر ۾ پورچوگالين جو قلعو يا پورچوگيز ڪوارٽر (ڪالوني) ڏسندا هئا جنهن ۾ لسبن ۽ واسڪوڊا گاما جهڙن نالن جون هوٽلون آهن ۽ اتي رهندڙ مقامي ملئي ماڻهو پاڻ ۾ پورچوگالي ڳالهائين ٿا.
    ”هي به هتان اچي نڪتا هئا ڇا؟ (يعني پورچوگالي)“ هو اڪثر مونکان تعجب مان پڇندا هئا. هنن جو مطلب هوندو هو ته ڏورانهن ڏيهن تائين پهچڻ جي همٿ ۽ طريقو ته فقط انگريزن کي آيو ٿي جنهن اچي، انڊيا، نيپال کان سلون (سري لنڪا)، مالديپ ٻيٽ، ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ تائين قبضو ڪيو. هنن جو به ڏوهه ناهي جو هنن به فقط انگريزن جا ڪتاب پڙهيا يا انهن جون سامونڊي سفرن جون فلمون ڏٺيون جن ۾ انگريزن پنهنجي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ پاڻ کي اڳيان اڳيان ڪري ٻين تي پاڇو وجھي ڇڏيو آهي.
    بهرحال مونکي پنهنجي مهمانن کي سمجھائڻو پوندو هو ته انگريز بهادر پنهنجي جاءِ تي بهادر ۽ هوشيار ضرور هئا پر هتي جي پَٽن تي انهن کان به اڳ هالنڊ کان ڊچ پهتا ۽ وري ڊچن کان اڳ پورچوگالي موجود هئا ـــ يعني اهي سڀ کان اڳ آيا. هي ته ٺهيو منهنجي جهاز جا جونئر آفيسر به يورپين جي ڳالهه ڪڍندا ته انگريزن جي تعريف جا ڍڪ پيا ڀريندا ته انگريز وڏا Sea farer (جهازران) هئا جن جو ستن سمنڊن تي واپار هليو ٿي .... جن جي حڪومت تان سج غروب ئي نٿي ٿيو. دراصل آئون به شروع شروع ۾ اهو ئي سمجھندو هوس پر هاڻ پنهنجن جونئر جهازي آفيسرن ۽ شاگردن کي سمجھائيندو آهيان ته بابا انگريز جهازران يا نيويگيٽر ضرور هئا پر ”وڏا“ ناکئا ۽ ملاح پورچوگالي هئا. انگريز سٺا ڊپلومئٽ، سفارتڪار، ائڊمنسٽريٽر ضرور هئا، هنن جنهن ملڪ تي قبضو ڪيو ٿي ان جي رڳو ڦرلٽ ڪري ڀڄي نٿي ويا پر اتي جو انتظام سنڀالي پنهنجي مڪاني ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون ٿي .... روڊ رستا ٺاهيا ٿي، پليون، ڪارخانا ٺاهيا ٿي، اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيا ٿي پارڪ ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهيون ٿي. هر ملڪ کي پوسٽ ۽ ٽيليگراف جهڙا ادارا ٺاهي ڏنا، جوڊيشري ۽ انتظاميه جا ادارا قائم ڪيا پر اهو چوڻ هرگز صحيح ناهي ته انگريز ڪو سڀني ۾ سٺا جهازران به هئا، يا سٺا Navigator (سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارا) هئا.
    انگريز جي سٺا جهازران هجن ها ته سڀ کان پهرين اهي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ٽپي آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن ۽ انڊيا ۾ پهچن ها. ڪنهن منهنجي مئرين اڪيڊمي جي شاگرد هڪ دفعي چيو ته ”سر! انگريز ته اڄ کان 400 سال اڳ مغل بادشاهه جهانگير جي ڏينهن ۾ ئي1608 ڌاري انڊيا ۾ پهچي ويا. ۽ اڳ ۾ پهچڻ ڪري هنن جو سڄي انڊيا تي قبضو ٿي ويو.“
    ڳالهه اها آهي ته انڊيا، ملائيشيا يا سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن تي انگريزن جو راڄ ضرور ٿيو پر هو پهريان يورپي نه هئا جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي هندي ۽ عربي سمنڊ ۾ پهتا. اهي ته پورچوگالي هئا جيڪي سڀ کان نه فقط پهرين پهتا پر گهڻو گهڻو اڳ پهتا. انگريز سياحن: هاڪنس ۽ سروليم رو جا جهاز جڏهن سورت بندرگاهه تي پهتا ته هي پورچوگالي اڳهين موجود هئا ۽ هُنن انگريزن سان اهي تعديون ڪيون جو انگريز پاڻ بچائڻ ۾ پورا هئا ۽ منٿن ميڙين بعد مس مس هاڪنس کي جهانگير بادشاهه سان ملڻ لاءِ مغل ڪورٽ ۾ آگري وڃڻ جي اجازت ڏنائون. اتي ڪورٽ ۾ پهچڻ تي به هن ڏٺو ته اتي پورچوگالين جو اثر رسوخ هو. ٺيڪ آهي، هاڪنس کي ترڪي ٻولي آئي ٿي جنهن ذريعي هن بعد ۾ جهانگير سان اڪيلي ۾ ڪچهري ڪئي ۽ پنهنجن گندن لطيفن ۽ رنن جي ڳالهين ذريعي پاڻ جهڙي ”شرابيءَ“ کي متاثر ڪيو. پر ان کان اڳ جڏهن هاڪنس ڪورٽ ۾ پهتو ته ڪورٽ ۾ موجود پورچوگالي صلاحڪار هاڪنس جو جهانگير سان فارسي زبان ۾ تعارف ڪرايو هو ته: ”هي درويش اسان جي پاڙيسري ملڪ کان، اسان جي ايجاد ڪيل سامونڊي رستن ذريعي هتي پهتو آهي!“
    اسان جا ماڻهو چون ٿا ته انگريز انڊيا ۾ تمام گهڻو گهڻو اڳ جهانگير بادشاهه جي ڏينهن ۾ آيا. جهانگير بادشاهه جي حڪومت 1605 ۾ سندس والد اڪبر بادشاهه جي مرڻ بعد شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽن سالن بعد 1608 ۾ هاڪنس لنڊن کان سورت بندرگاهه پهچي اتان پوءِ آگري، مغل ڪورٽ ۾ پهتو ۽ جهانگير سان ملاقات ڪئي. پر سائين! پورچوگالي انڊيا ۾ ڪڏهن پهتا؟ جهانگير کان 50 سال کن اڳ اڪبر بادشاهه جو راڄ هو .... ان کان اڳ همايونءَ جو، ان کان اڳ بابر بادشاهه جو جنهن 1526 ۾ پاڻيپت جي ميدان تي ابراهيم لوڌيءَ کان جنگ کٽي پنهنجي مغل گهراڻي جو بنياد رکيو. جن کي معلوم ناهي انهن کي ضرور حيرت ٿيندي ته 1526 ۾ جڏهن ظهير الدين بابر انڊيا پهتو ته پورچوگالي اڳهين موجود هئا!
    واسڪوڊا گاما پهريون پورچوگالي آهي جنهن جو جهاز انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ مئي 1498 ۾ پهتو هو. ان وقت بابر بادشاهه جي عمر 15 سال هئي ۽ هو وچ ايشيا جي شهر فرغانهه (هاڻ ازبڪستان جو شهر) جي گهٽين ۾ پئي هليو ۽ هن کي ان وقت خواب خيال ۾ به ڳالهه نه هئي ته 28 سالن بعد 1526 ۾ هو انڊيا جي تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيندو.
    1510 ۾ پورچوگالين بجاپور جي سلطان يوسف عادل شاهه جي سپاهين کي شڪست ڏئي گوا تي قبضو ڪيو هو. پر اهو آهي ته اهي اتي ئي محدود رهيا .... سڄي هندستان تي قبضو ڪرڻ جا خواب نه ڏٺائون. ائين ته اوسي پاسي جي ٻيٽن ۽ شهرن تي به سندن اثر رسوخ رهيو پر هنن انگريزن وانگر ٺاهه جوڙ نه ڪئي نه ته بمبئي ٻيٽ کي پاڻ به ٺاهي سگهيا ٿي ۽ ساڳي وقت جڏهن سؤ ڏيڍ سؤ سالن بعد انگريز زور ٿي ويا ۽ سڄي انڊيا تي هنن جو قبضو ٿي ويو ۽ هو آرام سان پورچوگالين کان گوا کسي سگهيا ٿي پر هنن پنهنجي ”پيٽي ڀائين“ يعني پنهنجي ”يورپي گورن“ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو. ساڻن دشمني ڪرڻ بدران دوستي ئي رکي تڏهن ته انگلنڊ جي شهزادي چارلس جي پورچوگال جي شهزادي ڪئٿرين سان دوستي ياري ٿي وئي ۽ 1662ع ۾ شادي ٿي ته پورچوگالين ڏيج ۾ ممبئي ڏئي ڇڏيو جيڪو ان وقت ويران ۽ دلدلي ٻيٽ هو جنهن کي پوءِ انگريزن ٺاهيو جوڙيو. هيءَ اسانجي جھوڪ شهر جي صوفي شاعر شاهه عنايت شهيد جي ڏينهن جي ڳالهه آهي جيڪو 1655 ۾ ڄائو ۽ 1718 ۾ ٺٽي ۾ شهيد ڪيو ويو. شاهه عنايت شهيد سنڌ جو پهريون سوشل ريفارمر به سڏيو وڃي ٿو. هن جي ڏينهن ۾ دهلي جي تخت تي فرخ سيار مغل بادشاهه هو جيڪو سخت بيمار ٿي پيو ۽ جنهن جو علاج انگريز ڊاڪٽر وليم هئملٽن ڪيو هو جنهن جي عيوض ۾ فرخ سيار انگريزن کي واپار قائم رکڻ ۽ وڌائڻ ۾ وڏي ڇوٽ ڏني. شاهه عنايت تي اهو الزام لڳايو ويو هو ته هن مقامي هارين جي ننڍڙي فوج ٺاهي مغل بادشاهه فرخ سيار ۽ مقامي جاگيردارن ۽ ملاحن خلاف بغاوت ڪئي آهي. هن جو نعرو هو ته: ”جو کيڙي سو کائي“.... يعني جيڪو زمين تي هر هلائي ٿو ۽ ٻج ڇٽي ٿو، اڀرندڙ فصل ان کي ئي ملڻ کپي. مقامي وڏيرا مغل بادشاهه فرخ سيار وٽ وڃي دانهين ٿيا ۽ غلط معلومات جي بنياد تي مغل بادشاهه اتر سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي کي حڪم ڪيو ته ان صوفي عنايت ۽ ان جي ساٿين کي ختم ڪيو وڃي. وچ ۾ ڪلهوڙن جي ڪمانڊر رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ شاهه عنايت سان صلاح ڪرڻ لاءِ هن کي گهرايو پر هو جڏهن ٺٽي شهر ۾ دشمنن جي ڪئمپ ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو.
    هتي شاهه عنايت صوفي جو ذڪر ان ڪري به کنيم جو هو پنهنجي زندگي جو هڪ حصو صوفي مرشد جي ڳولا ۾ هند سنڌ ڀٽڪندو رهيو تان جو هن جي ملاقات بجاپور ۾ شاهه عبدالملڪ ابن شاهه عبيدالله جيلاني قادريءَ سان ٿي (جنهن 1699 ۾ اتي بجاپور ۾ وفات ڪئي).
    انڊيا جو شهر ”بجاپور“ جيڪو هاڻ ”وجياپور“ سڏجي ٿو، اهو ڪرناٽڪ رياست ۾ آهي ۽ تاريخي مقبرن کان مشهور آهي جيڪي عادل شاهي گهراڻي جي ڏينهن جا آهن. بيجاپور جو تفصيلي احوال ته اڳتي هلي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪبو هتي فقط ايترو لکندو هلان ته بيجاپور ۾ ٽيهه کن صوفي درويشن جا مقبرا ۽ 300 کن خانقاهه ۽ اسلامي مدرسا آهن. بيجاپور ممبئي کان 550 ڪلوميٽر ۽ حيدرآباد دکن کان اولهه ۾ 384 ڪلوميٽر پري آهي. بيجاپور تي عادل شاهي بادشاهن 1490 کان 1686تائين حڪومت ڪئي. جنهن جو بنياد يوسف عادل شاهه رکيو. بجاپور جي سلطنت ۾ گوا به اچي ويو ٿي جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته 1510 ۾ پورچوگالين يوسف عادل شاهه جي سپاهين کي شڪست ڏئي ان تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيو.
    هونءَ ته پورچوگالي سٺا انتظام سنڀالڻ ۽ قبضي ۾ آيل علائقن ۾ ٺاهه جوڙ ڪري رکڻ جا ڪي ماهر نه آهن نه ته سري لنڪا توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ پهرين پورچوگالي پهتا ۽ پنهنجو قبضو ڪيو پر پوءِ اتي به ڊچن ۽ انگريزن هنن کان اهي ملڪ کسي ورتا. بس گوا تي سو چڱي طرح ڄمائي ويٺا. ايتري قدر جو 1947 ۾ جڏهن انگريزن سلون سميت سڄو ننڍو کنڊ آزاد ڪري ڇڏيو تڏهن به پورچوگالين ”گوا“ جي پچر نه ڇڏي ۽ اها پورچوگال ملڪ جي رياست قائم رهي. انڊيا حڪومت پورچوگال وارن کي گهڻيون ئي منٿون ميڙيون ڪيون پر هنن گوا ڇڏڻ تي رضامندي نه ڏيکاري. آخر 1961 ۾ انڊيا جي فوج گوا ۾ گهڙي پئي ۽ هن کي انڊيا حوالي ڪيو. ان ريت ڏٺو وڃي ته گوا تي پورچوگالين جو 1510 کان 1961 تائين ساڍيون چار صديون راڄ رهيو .... ۽ ان کي اڌ صدي گذري وئي آهي پر ”گوا“ رياست جا شهر پونڊا هجي يا Quepem، گاديءَ وارو شهر پنجم هجي يا سڀ کان وڏو شهر واسڪوڊا گاما يا تاريخي شهر مارگائو .... اهي انڊيا يا انگلنڊ جا نه لڳندا پر پورچوگال جا. رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، تهذيب ثقافت نج پورچوگالي لڳندي. اهڙا پورچوگالي شهر آفريڪا جي ملڪن موزمبق، نميبيا ۽ لئانڊا جا به نه آهن جيڪي ملڪ پورچوگالين جون بيٺڪون هيون. ها البت پورچوگالين جي هڪ ايشيائي ڪالوني جيڪا گوا جهڙي لڳي ٿي اها آهي ”مڪائو“. مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ جي ڀرسان ۽ ان وانگر چين جو ٻيٽ آهي. پورچوگال مڪائو ٻيٽ 1999 ۾ چين کي واپس ڪيو.
    سو پورچوگالين بابت اهو سڀ ڪجهه لکڻ مان مطلب اهو آهي ته اسانجي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي پهتا هئا جو اهي سڀني يورپين کان نيويگيشن ۾ ماهر هئا. هو سامونڊي ڇولين جو مقابلو ڪندي، سج، چنڊ تارن ۽ جهڙي تهڙي ”قطب نما“ ذريعي سمنڊ تي رستن جو حساب ڪتاب ڪري سڀ کان اڳ انڊيا پهچي ويا هئا. هنن جا ظلم ۽ ٺڳيون ۽ ڦرلٽون پنهنجي جاءِ تي پر سندن سامونڊي قابليت مڃڻ ضروري آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ انگريز قوم کي نٿو ڏئي سگهجي.
    آخر ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته اڄ ٺٽي، سجاول، ڪيٽي بندر، جنگشاهي جهڙن شهرن جي ماڻهن کان پڇندائو ته: ”توهان ڪڏهن پورچوگالي هتي گهمندي ڦرندي ٻڌا؟“ ته ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل به انڪار ڪندا. پر اڄ کان ساڍيون چار صديون اڳ هن تر جو ٻچو ٻچو پورچوگالين کان واقف هو. ان وقت ڪنهن کي اها ڄاڻ نه هئي ته انگريز ڪير ٿيندا آهن. بلڪه گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ نموندار ٿيو ته هتي جا ماڻهو ان کي به پهرين پورچوگالي سمجھڻ لڳا. جيئن ملائيشيا جي بندرگاهه ۾ ان وقت جي ڪاٺ جي ٻيڙين ۾ جيڪي عرب ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻهو ايندا هئا سي ننڍي کنڊ جو ڪنارو ڏئي ڪلڪتي، چٽگانگ ۽ چالنا جهڙن بنگال جي بندرگاهن تائين پهچي پوءِ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي بندرگاهه ”ملاڪا“ ۾ پهچندا هئا. ان ڪري ملاڪا جا ماڻهو اولهه پاسي کان ايندڙ ڌارين ماڻهن کي بنگالي ۽ اوڀر پاسي وارن کي چيني، جاواني، فلپينو ۽ جپاني سڏيندا هئا. ملاڪا ۾ به پهريان يورپي پورچوگالي پهتا هئا ۽ اهي به انهن ڏينهن جي عام روٽ مطابق بنگال جو ڪنارو ڏئي ملاڪا پهتا هئا. سندن اڇو گورو رنگ ڏسي ملاڪا جا ماڻهو پنهنجي زبان ملئي ۾ انهن کي ”بنگالي پوتيح“ سڏڻ لڳا. پوتيح (Puteh) معنيٰ اڇو، سفيد. سو ٺٽي پاسي جا ماڻهو به شروعاتي آيل انگريزن کي پورچوگالي ئي سمجھندا هئا. پوءِ انگريزن جي پيرن ڄمائڻ ۽ ڊگهو عرصو راڄ ڪرڻ ڪري مڪاني ماڻهن کان آهستي آهستي پورچوگالي وسري ويا ۽ هاڻ هنن لاءِ هر يورپي گورو ماڻهو، چاهي جرمن هجي يا فرينچ، ”انگريز“ سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ هو ان جي به اوتري ئي عزت ڪرڻ ۽ ڊڄڻ لڳا جيترو انگريزن کان. ان ڪري ته 1947 ۾ انگريز راڄ ختم ٿيڻ تي جرمنن به افسوس ڪيو جو هنن سان جيتوڻيڪ انگريزن نفرت ڪئي ٿي پر اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن انهن کي به انگريز سمجھي ”لک عزتون“ ڏنيون ٿي.
    پورچوگالي پهريان يورپي هئا جيڪي ”ڪيپ آف گُڊ هوپ“ وارو سمنڊ اُڪري هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ داخل ٿيا ۽ 1498 ۾ انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ پهتا ۽ ان بعد هو گهڻي کان گهڻا ايندا رهيا ۽ انڊيا جي مختلف حصن تي پنهنجو اثر رسوخ ڄمائيندا ويا. ڪٿي بزنيس ڪيائون ٿي .... يعني پورچوگال کان آندل مال انڊيا جي مختلف شهرن ۾ وڪڻي انڊيا جو سامان خاص ڪري گرم مصالحا، هٿ جو اڄيل ڪپڙو، سون ۽ چانديءَ جا ڳهه، پتل ۽ ٽامي جا ٿانوَ خريد ڪري پورچوگال روانا ڪيا ٿي. سمنڊ تي جتي جَهٽُ لڳن ٿي اتي قزاقي به ڪيائون ٿي. هنن وٽ بندوقچيون ۽ بارود هئا جن سان ٻين جهاز وارن کي ڊيڄاري انهن جون ڦرون ڪيون ٿي. ويندي وجھه لڳڻ تي حاجين جي جهازن کي به نٿي ڇڏيائون. منهنجو ڪو مطلب اهو ناهي ته چور رڳو پورچوگالي هئا باقي ٻيا ۽ اسين ساڌ پات هئاسين. قزاقي (Piracy) ۾ ته گهٽ اسان سنڌي به نه هئاسين ۽ پورچوگالين، عربن ۽ عمانين کان به اڳ عربي سمنڊ تي راڄ سنڌي، ملباري ۽ ڪوڪني قزاقن جو هو ....
    راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ عراق جي گورنر يوسف بن حجاج ڇا تي بگڙي سنڌ تي حملا ڪرايا؟ اسان هندن کي ڊڄڻو ٿا چئون پر اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ته سنڌ جا توڙي انڊيا جي اولهه ڪناري جا قزاق (Pirate) سڀ هندو ۽ ٻوڌي هئا ۽ پائيريسي (قذاقي) ڪو سولو ڪم ته نه آهي.
    بهرحال هنن يورپي (پورچوگالي) ڦورن واپار وڙو به ڪيو ٿي ته ڪجهه چوري چڪاري به. يعني: ”ڪجهه تورايو ٿي ته ڪجهه چورايو ٿي“ تي عمل ڪيو ٿي. ڪٿي راجائن، نوابن ۽ ڀوتارن جا صلاحڪار ٿي رهيا ٿي ته ڪٿي ٻن مقامي راجائن يا نوابن جي وچ ۾ کِٽ ڦِٽ ٿي ٿي ته بندوقن بارودن سان پنهنجو پاڻ هڪ ڌر کي مسواڙ تي به ڏنو ٿي. سوڀ جي حالت ۾ ان راجا، نواب، قبيلي جي سردار کان زمين ۽ مال به ورتو ٿي ته ڍلون ۽ ٽئڪس به معاف ڪرايا ٿي.
    انڊيا ۾ پهريون انگريز 1608 ۾ آيو يعني پهرين پورچوگاليءَ کان هڪ صدي پوءِ ۽ سنڌ ۾ ته ڊاڪٽر جيمس برنس (جنهن جي يا شايد سندس ڀاءُ سر اليگزينڊر برنس نالي ڪراچيءَ ۾ ”برنس روڊ“ آهي) 1827 ۾ آيو .... يعني پورچوگالين جي ٺٽي سنڌ ۾ اچڻ کان ٽي صديون پوءِ. هاڻ پڙهندڙ سوچي سگهن ڏٺا ته ٽن صدين تائين ٺٽي ۽ سجاول پاسي جي ماڻهن جيڪي يورپي گورا ڏٺا ٿي اهي فقط پورچوگالي هئا سو ان بعد جڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز اچڻ شروع ٿيو ته مقامي سنڌي ماڻهو في الحال ان کي به پورچوگالي سمجھڻ لڳا هئا. هونءَ اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر جيمس برنس جي سنڌ ۾ اچڻ کان 70 سال اڳ، سن 1758۾، ڪلهوڙن جي دور ۾ انگريزن کي شاهه بندر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ملي پر پوءِ انگريزن جي نيت خراب ڏسي ڪلهوڙا حاڪمن ان وقت انهن انگريزن کي ٽپڙ ٻڌرائي ڇڏيا ۽ هو انڊيا هليا ويا. بهرحال سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ ۽ اسان جي ان وقت جي حاڪمن جا حال، مختصر طور، آخر ۾ لکان ٿو. پر پورچوگالي سنڌ ۾، انگريزن جي اچڻ کان گهڻو گهڻو اڳ ٺٽي ۽ لاري بندر پاسي موجود هئا. تاريخ طاهري مطابق 1555 ۾ جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ خانه جنگي (Civil War) لڳي ته پورچوگالين Mercenaries طور ارغونن لاءِ ترخانن جو قتل عام ڪيو. پورچوگالين کي شاهه حسن ارغون ڀاڙي تي رکيو. مرزا عيسيٰ بيگ جي غير موجودگيءَ ۾ پورچوگالين ٺٽي شهر ۾ خونريزي هڪ طرف ڪئي ته گهرن ۽ دڪانن کي باهيون الڳ ڏنيون. جڏهن اڳتي هلي انگريز جهازن رستي سورت کان هن پاسي لاري بندر ۽ ٺٽي واپار سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ آيا ته هنن پورچوگالين جي سنڌ ۾ نه فقط واپار ۾ هڪ هٽي قائم ڏٺي پر هنن جا ڪيترائي ماڻهو نظر آيا.
    جڏهن انڊيا ۾ پهريان انگريز 1612 ڌاري آيا ته واپار وڙي تي چوڌاري پورچوگالين جو قبضو هو. هنن پهرين ته انگريزن کي پير ئي رکڻ نه ڏنو. هنن جي مغل بادشاهه به هر ڳالهه مڃي ٿي. اهو ان ڪري نه ته پورچوگالين وٽ نيول جهازن ۽ مليٽري جي طاقت هئي پر هنن مغل گورنر کي چتاءُ ڏنو ته: ”جيڪڏهن انگريزن کي واپار يا فئڪٽري کولڻ جي موڪل ڏيندائو ته اسان پنهنجو سڄو واپار پٽي سورت ۽ ٻيا بندرگاهه ٻُسا ڪري وينداسون.“ ۽ مغل بادشاهن اهو نٿي چاهيو، جو هنن کي پورچوگالين جي بزنيس مان وڏو ٽئڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ملي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پهرين انگريز هاڪنس کي جيتوڻيڪ واپار ۽ فئڪٽري هڻڻ جو جهانگير بادشاهه فرمان جاري ڪيو پر پورچوگالين ان تي عمل ٿيڻ نه ڏنو. ٻه سال پوءِ، ٻئي انگريز سر ٿامس رو کي، مس مس موڪل ڏنائون. مٿيون اهي ٻه ڳالهيون ٽي. ايڇ. سورلي جي ڪتاب “Shah Abdul Latif of Bhit” ۽ مورلئنڊ جي ڪتاب “From Akbar to Aurangzeb” مان ورتيون اٿم.
    هتي ڪجهه سٽون سنڌ ۾ آيل ان انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن انگريزن جي سنڌ تي حملي لاءِ راهه هموار ڪئي.
    پورچوگالي جيتوڻيڪ انگريزن کان هڪ صدي اڳ انڊيا ۾ آيا پر سڀ ڪجهه انگريزن حوالي ٿي ويو ۽ پورچوگالين وٽ فقط گوا وڃي رهيو. بمبئي به انگريزن کي ڏيج ۾ ڏئي ڇڏيائون. 1843 کان اڳ ننڍي کنڊ جي اها پوزيشن هئي ته سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي سڄو هندوستان انگريزن حوالي هئو. سنڌ الڳ ملڪ هو جنهن تي ميرن جي حڪومت هئي ۽ پنجاب تي راجا رنجيت سنگهه جي هئي. بنگال، گجرات، ڏکڻ هندستان، بهار، مدراس وغيره تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن جي سنڌ ۾ اک هئي. انڊيا تي اڃان ”ڪمپني راڄ“ هو ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. انگريزن ڪلهوڙا حاڪمن کي دوستين وارا نمونا ڏيکاري هنن کان سنڌ ۾ شاهبندر ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ورتي. ڪلهوڙا گهراڻي جي ڪجهه ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. پر 1758 ڌاري فئڪٽري ته لڳي وئي پر پوءِ انگريزن جون ٺڳيون ڏسي، اها يڪدم بند ڪرائي وئي. انگريزن کي باهيون وٺي ويون پر هو في الحال وقت جو انتظار ڪرڻ لڳا جو هنن کي سنڌ حاصل ڪرڻ بعد پنجاب تي به قبضو ڪرڻو هو. 1781 ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي راڄ شروع ٿيڻ سان انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي مئنيجرن سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جا سٽل شروع ڪيا. هو پاسي تي رهي سنڌ جي حالتن جو غور سان جائزو وٺندا رهيا. 1802 ۾ جڏهن مير فتح علي ٽالپر وفات ڪئي ۽ مير غلام علي ٽالپر حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته انگريز ڊپلوميسي هل چل ۾ اچي وئي.
    1803 ۾ ڪئپٽن ڊئوڊ سين ميرن جي درٻار ۾ پهتو ۽ هن ”ڪمپني“ پاران ميرن تي ان ڳالهه جو زور ڀريو ته انگريزن سان ناتا وڌائڻ سان سنڌ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ خوشحال ٿي سگهي ٿي. بهرحال ٽالپرن کي انگريزن جي ڳالهه مڃڻي ئي پئي ۽ 24 جولاءِ 1804 تي انگريزن ۽ ٽالپر حاڪمن جي وچ ۾ هڪ عهدنامي تي صحيحون ٿيون جنهن مطابق ٽالپرن انگريزن کي اختيار ڏئي ڇڏيا ته هو ٺٽي ۾ ڀلي پنهنجيون واپاري ڪوٺيون (Trading Houses) ٺاهين ۽ اهو به ته هُو (ٽالپر) انگريزن کان ئي هٿيار خريد ڪندا. ان جي عيوض انگريز ٽالپر حاڪمن کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا. ننڍي هوندي پنجابي فلمن ۾ ڏسبو هو ته فلم جو هيرو جيڪو پاڻ به پهرين نمبر جو لوفر هوندو هو سو پنهنجي گهٽ غنڊي دوست کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ”ڇيڙ ڇاڙ“ ڪرڻ جو اشارو ڪندو هو. پوءِ پاڻ وچ ۾ ٽپي ڇوڪريءَ جي هن مان جان ڇڏائيندو هو. ڇوڪري هن کي وڏو همدرد ۽ سڄڻ سمجھي هن جي ٿي ويندي هئي. انگريزن جو به اهو ڪم هوندو هو. ٻن راجائن، نوابن، حاڪمن يا سردارن کي ڀڙڪائي هڪ ٻئي جي خلاف ڪندا هئا پوءِ جيڪو کين گهڻو فائدو پهچائڻ جو وعدو ”ٽِريٽي“ ڪندو هو ان جو پاسو وٺي ٻئي کي سيڪت ڏيندا هئا.
    اسان جي ننڍي کنڊ جا حاڪم پنهنجو پاڻ ۾ هونءَ ئي وڙهيا پيا هوندا هئا. انگريزن وٽ ان وقت جا ماڊرن هٿيار: بندوقون، گولا، بارود ۽ جنگي دماغ هو ۽ هيڏانهن اسان جي درويش حاڪمن وٽ هيون فقط ڪلهاڙيون ۽ سوني ڀرت وارين مياڻن ۾ چانديءَ جون تلوارون. عوام جي ڀلي لاءِ سوچ يا دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ بدران فقط رنون ۽ شراب هو، جوا ۽ راڳ هو، ڪڪڙن جون ويڙهون ۽ ناچ هئا، ڀنگ ۽ ڪونڊا هئا، کاڌا ۽ خوراڪون هيون .... گهڻا تڻا ته ٿولهه (obesity) ۽ ڊائبٽيز جا مريض هئا. پر ويچارا ان وقت جا تاريخدان اهو نٿا لکن جو سائنسدانن کي ئي 1920ع ۾ خبر پئي ته گهڻي مٺاڻ ۽ گيهه بادام کائڻ ڪري جسم جي Pancreas بي حال ٿيو وڃي ۽ ”انسولين“ ٺاهڻ ڇڏيو ڏئي جيڪا رت ۾ موجود کنڊ تي ڪنٽرول ڪري ٿي.
    بهرحال ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ۽ انگريز ماڊرن هٿيارن ۽ وڏي فوج ڪري اها ”لٺ“ هئا جنهن کي رڳو مٿا ئي مٿا هئا ۽ هر هڪ ان لٺ کان ڊنو ٿي. ٺٽي ۾ واپار بهاني انگريزن جي موجودگي هڪ طرف رهي ته ٻئي طرف 1827 ڌاري ڊاڪٽر جيمس برنس جي حوالي اهو ڪم ڪيو ويو ته هو سنڌ جي درياهه ذريعي سروي ڪري. انهن ڏينهن ۾ انگلئنڊ جو بادشاهه وليم چوٿون هو. (مهاراڻي وڪٽوريا هن بادشاهه جي مرڻ بعد 1837 ۾ تخت تي ويٺي). ڊاڪٽر جيمس برنس کي بادشاهه وليم طرفان تحفي ۾ گهوڙا کڻي سنڌو ندي ذريعي لاهور موڪليو ويو. سفر دوران هو ڳجھي طرح سروي ڪندو ويو. ايتري قدر جو ڪيترن سنڌين ان خوف جو اظهار ڪيو ته هاڻ انگريز هي پَٽَ ڏسندو وڃي سو هاڻ سنڌ جو خير ناهي .... جيڪا ڳالهه پوءِ ڪجهه سالن بعد واقعي سچ ثابت ٿي. ڊاڪٽر جيمس برنس ۽ سندس وڏو ڀاءُ سر الينگزينڊر برنس جيڪو سورت ۾ فوج جو مترجم هو، فارسي ۽ اڙدو جا ماهر هئا. ڊاڪٽر برنس سنڌ جي درياهه جي آرام سان جاسوسي ڪري ورتي ان بعد 1839 ۾ مير عليمراد ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو. مير صاحب ڊاڪٽر کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو. اهڙيءَ طرح انگريزن کي سنڌ جي حاڪمن جي اندروني ڳالهين جي به ڄاڻ ٿيندي رهي.
    ڊاڪٽر جيمس جيئن ئي سنڌو نديءَ جو سفر پورو ڪيو ته ان بعد انگريزي آرميءَ جا ٻيا به ڪيترائي آفيسر نه فقط سنڌ (۽ بلوچستان جي به) سروي ڪرڻ ۽ آئيندي جي چال بابت رپورٽون موڪلڻ لڳا. انهن ۾ هڪ ته ڊاڪٽر جيمس جو ڀاءُ سر اليگزينڊر هو ۽ ٻيا هينري پاٽنجر، جيمس مئسن ۽ هينئري ڪوزنس جهڙا چالاڪ ماڻهو هئا.
    انگريزن جي سنڌ ۾ هن چُرپُر جو جائزو، پنجاب جو ان وقت جو حاڪم راجا رنجيت سنگهه به وٺندو رهيو. هن جي پڻ سنڌ ۾ اک هئي ته ڪنهن ريت ان تي حملو ڪري ان کي پنجاب سان ملايو وڃي. ايتريقدر جو هن انگريزن کان پڇيو ته هو جيڪڏهن اجازت ڏين ته هو سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي ۽ پوءِ ان جو مٿيون حصو پاڻ کڻي ۽ هيٺيون حصو انگريزن حوالي ڪري، انگريزن کي رنجيت سنگهه جي نيت جي اڳهين خبر هئي تن هن کي خبردار ڪيو ته ان مهم ۾ متان ڄنگهه اٽڪائي اٿئي.
    هيءَ اها منزل هئي جتي ٽالپرن جون به اکيون کليون ته هو جن انگريزن کي پنهنجو ساٿي ۽ حفاظت ڪرڻ وارو ٿا سمجھن ان هن جي ڇا مرضي آهي. پر افسوس جو هو هاڻ ڪجهه ڪري نٿي سگهيا جو هو انگريزن طرفان ورتل عهد نامن ۽ راضي نامن ۾ پنهنجو پاڻ کي اهڙو ڦاسائي ويٺا هئا جو انهن کي رد ڪرڻ يا انگريزن سان مهاڏو ڏيڻ سان هنن کي مٿن حملو ڪرڻ جو سبب ملندو ۽ انگريزن اهو ئي چاهيو ٿي ته ٽالپر ڪجهه ڪن ته کين ساڻن لڙائي ڪرڻ جو بهانو ملي. انهن عهدنامن (Treaties) ۾ هڪ 20 اپريل 1833 تي ان راضينامي تي به مير صحيح ڪري ويٺا هئا ته انگريزن کي اهو حق ڏيون ٿا ته هو بنا ڪنهن ٽئڪس ڏيڻ جي ڪو به زميني يا پاڻي وارو رستو استعمال ڪري سگهن ٿا.
    ٽالپر صاحب پاڻ ۾ ورهايل هئا. ڪو حيدرآباد جو حاڪم هو ته ڪو ميرپور خاص جو ته ڪو خيرپور جو. انگريزن انهن حالتن کي خوب exploit ڪري فائدو ورتو ۽ خيرپور جي ميرن سان دوستي ڪري بکر جي قلعي ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺاهيون جتان هنن کي شڪارپور ۽ اڳتي بلوچستان ۽ افغانستان پهچڻ لاءِ لنگهه جي سهوليت ٿي وئي. انگريز هاڻ حيدرآباد جي ميرن جي اجازت بنا پنهنجا سپاهي ڪراچيءَ کان بکر روانا ڪرڻ لڳا.
    ٽالپرن انگريزن مان جان آجي ڪرڻ چاهي ٿي پر انگريز سنڌ ۾ پنهنجا پير چڱيءَ طرح ڄمائي چڪا هئا. ٽالپرن انگريزن سان لڙائي ڪري کين ڀڄائڻ جو سوچيو. 17 فيبروري 1843 تي حيدرآباد جي ڀرسان مياڻيءَ وٽ لڙائي لڳي جنهن ۾ ٽالپرن جي هار ٿي. ان جو ٻڌي غم ۽ غصي جي حالت ۾ مير شير محمد ٽالپر 24 مارچ تي پنهنجي سپاهين کي ميرپورخاص کان حيدرآباد وٺي آيو ۽ ”دُٻي“ وٽ انگريزن سان دوبدو ٿيو. ٽالپرن هيءَ جنگ به هارائي. انگريزن ٽالپر حاڪمن کي گرفتار ڪري سورت ۽ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو.
    سنڌ بعد انگريزن پنجاب به فتح ڪيو ۽ هاڻ هنن کي افغانستان يا وچ ايشيا جي ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ نه رهي. ڪراچي بندرگاهه کي هنن بهتر بڻايو جيئن هنن جا انگلنڊ يا بمبئي کان ايندڙ جهاز، سامان ۽ ماڻهو لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ بيهي سگهن.
    عبرت ۽ ڊان اخبار جو ڪالمسٽ عزيز شيخ لکي ٿو ته: سنڌ جا حاڪم سنڌ کي بچائي سگهيا ٿي پر ڪيترائي سياسي، انتظامي ۽ معاشي فئڪٽر ان جي خلاف هئا. سنڌ جي حاڪمن جي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهاند لڳي رهي ٿي جنهن ۾ عام ماڻهن جو موت ٿيو ٿي. ماڻهن لاءِ روزگار مهيا نه پئي ڪيو ويو ان ڪري هر وقت ڏڪار جون حالتون رهيون ٿي .... ماڻهو ٻه ويلا ٺلهي ماني لاءِ پريشان هئا، تعليم ۽ صحت تي ته ڪو به ڌيان نه هو ۽ ماڻهو بيمارين ۽ موت جو شڪار ٿي رهيا هئا. امن امان جي حالت بهتر نه هجڻ ڪري ماڻهو هر وقت خوف جو شڪار رهيا ٿي. انهن مڙني ڳالهين ماڻهن کي اڪيليپڻي جو احساس ڏنو ٿي جن سان حاڪمن غلامن وارو سلوڪ ڪيو ٿي ۽ جن جو ڪم فقط پورهيو ڪري حاڪمن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ پئسو پهچائڻو هو. سو هن لڙائيءَ ۾ عام ماڻهوءَ جي دلچسپي نه هئي. نئين حاڪم (انگريز) جي اچڻ تي هنن ان جي آڌرڀاء ڪئي. انهن ڳالهين جو انگريزن اڳهين اندازو لڳايو هو ته سنڌ جا حاڪم عوام لاءِ ڪجهه نه پيا ڪن. هو فقط پنهنجي سک ۽ عياشيءَ ۾ پورا آهن ان ڪري جنگ دوران يا جنگ جيتڻ بعد عوام طرفان ڪا خاص مزاهمت نه ٿيندي.


    يورپين جا نوان سامونڊي رستا ڳولڻ

    اسان جي ملڪ تي جيئن ته انگريزن جي حڪومت رهي آهي ۽ اسان وٽ انگريزيءَ جا ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا ان ڪري ظاهر آهي ته اسان انگريزن مان متاثر آهيون. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين يورپين (فرينچ، جرمن، اطالوين، هسپانين ۽ ڊچن وغيره) جي مقابلي ۾ انگريزن جنهن به ملڪ ۾ حڪومت ڪئي ان ۾ بهتري به آندي. هونءَ به انگريزن وٽ ٻين ملڪن کانبهتر سسٽم رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو جپانين وانگر ٻيٽن جا رهاڪو هجڻ ڪري، يعني سمنڊ سان سندن وڌيڪَ Exposure هجڻ ڪري سٺا ملاح (seafarers) مشهور آهن ۽ سٺا جهازران هجڻ ڪري هنن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي ۽ هنن اهو چوڻ سچ ثابت ڪيو ته “Those who rule the sea, rule the world”
    جن جو سمنڊ تي راڄ آهي انهن جو دنيا تي راڄ رهي ٿو. انگريز جهازرانن جا سامونڊي قصا، سامونڊي سفر ۽ مهم جويون اسان ڪتابن ۾ پڙهون ٿا ۽ فلمن ۾ ڏسون ٿا. انگريز نيويگيٽرن، Oceanographers، مئرين سائنٽسٽن جا لکيل درسي ۽ ٽيڪنيڪل ڪتاب مئرين اڪيڊمين ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ ڊگرين تائين اسان پڙهون ٿا .... بلڪل صحيح آهي پر ان سان گڏ اهو به صحيح آهي ته جهازراني، سمنڊ تي رستا ڳولڻ، طوفانن ۽ خوفناڪ سمنڊن جو دليري سان مقابلو ڪرڻ ۽ مشڪلاتن ۾ risk کڻڻ ۾ سڀ کان اڳرا پورچوگالي رهيا آهن. پورچوگال، جنهن جا رهاڪو پورچوگالي سڏجن ٿا، يورپ جو اولهه وارو ملڪ آهي. ميڊيٽرينين سمنڊ يا يورپ جي نقشي ڏي نظر ڪندائو ته پورچوگال بلڪل آخر ۾ کاٻي پاسي نظر ايندو جنهن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. سندس اتر ۽ اوڀر ۾ اسپين آهي. پورچوگال جو ڏکڻ ۽ اولهه ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڇولين حوالي آهي.
    پورچوگال ۾ رهندي آئون هر وقت اهو سوچيندو هوس ته هن ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄمڻ سان سمنڊ جي ڇِتين ڇولين جو نظارو پسي ٿو ۽ وڏو ٿي انهن جو مقابلو ڪري ٿو. اهو ئي حال برطانيا يعني انگلنڊ، اسڪاٽلئنڊ، ويلس ۽ آئرلئنڊ وارن جو آهي. پورچوگال جي ٻئي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اتر ۾ موراڪو آهي.
    پورچوگال، اسپين، انگلنڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن جي جهازرانن جو پنهنجي يورپي ملڪن ڏي ۽ آفريڪا جي اتراهن ملڪن (آلجيريا، ٽيونيشيا، لبيا وغيرهه) ڏي پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين، اچ وڃ ٿيندي رهي ٿي ۽ ٿورو گهڻو آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ويجهو وارن ملڪن (موراڪو، موريطانيا، سينيگال، آئوري ڪوسٽ، لائيبيريا) جي بندرگاهن تائين به هو پهچي ويا ٿي. باقي اڳتي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اولهه طرف وڃڻ يا آفريڪا جي اولهه واري ڪناري ڏي وڌيڪ اڳتي وڃڻ جي هنن پاڻ ۾ همت نٿي ساري. هو اڳتي وڃڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ جهازن کي جوکي ۾ ڇو وجھن. هڪ ته طوفان ۽ سامونڊي ڇوليون ۽ ٻيو اڳتي جي پڪ به نه هئي ته ڪا زمين آهي يا نه. ۽ انهن ڏينهن تائين جهاز وري ڪهڙا مضبوط هئا! اهي سمنڊ جون ڇوليون جيڪي اڄ جي ماڊرن لوهي ۽ ويلڊنگ وارن جهازن کي به ٻه اڌ ڪريو ڇڏين سو انهن ڏينهن جا ڪاٺاڻا ٻيڙا جيڪي انجڻ سان نه پر هوا جي زور تي هليا ٿي (هوا اتر جي لڳي ٿي ته هو ڏکڻ طرف هليا ٿي، ڏکڻ جي لڳي ٿي ته اهي واپس اتر ڏي آيا ٿي) ڪهڙي سَٽَ جهلي سگهيا ٿي. ڪپڙي جا وڏا وڏا سڙهه هوندا هئا جيئن گهڻي کان گهڻي هوا انهن تي لڳي ۽ جهاز تکو تکو اڳتي ڌڪجي. آزمودگار ۽ هوشيار ناکئا (ڪئپٽن) وڌ ۾ وڌ ايترو ڪري سگهندا هئا جو جهاز تي موجود ٽن يا چئن سڙهن کي ٿورو ڪنڊائتو ڪري رکندا هئا جيئن جهاز سڌو اتر يا ڏکڻ طرف وڃڻ بدران سندن مرضي مطابق ٿورو پاسائتو اتر اولهه يا اتر اوڀر طرف به هلي سگهي يا وري ڏکڻ اولهه يا ڏکڻ اوڀر طرف.
    پهرين ته، جڏهن اهو اڃان ثابت نه ٿيو هو ته دنيا بال وانگر گول آهي ۽ ماڻهن ان کي رومال وانگر فلئٽ ٿي سمجھيو، تيستائين ته ملاحن پنهنجن ٻيڙن کي يورپ کان اولهه طرف يعني اڄ واري آمريڪا ڏي وٺي وڃڻ نٿي چاهيو جو هنن کي ڊپ هو ته ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي سمنڊ ختم ٿي وڃي ۽ سندن ٻيڙو ڪنهن کاهيءَ ۾ ڪري پوي. جيئن ڪو گهر جي کڏ تي اکيون پوري ڊوڙندو ته کُڏ ختم ٿيڻ بعد هيٺ وڃي ڦهڪو ڪندو. انهن ڏينهن ۾ سڀني سمجھيو ٿي ته ڪل دنيا ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا آهي جنهن جو وچ ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. بلڪه هن سمنڊ جي نالي جي معنيٰ ئي آهي ڌرتيءَ جي وچ وارو سمنڊ جيئن ان جو سنڌيءَ ۾ نالو ڀؤنچ يعني ”ڀونءِ“ (زمين) جي ”وچ“ وارو سمنڊ.
    اسان واري پاسي به ان وقت جا اهي ڪاٺاڻا ٻيڙا عرب ملڪن (بحر احمر) کان اسان واري عربي سمنڊ ۾ ايندا رهيا ٿي يا ٻئي پاسي آفريڪا جي اوڀر وارو ڪنارو ڏئي جبوتي، مغديشو (سوماليا)، ممباسا (اڄ وارو ڪينيا)، زنجبار (تنزانيا)، ويندي موزمبق تائين پهتا ٿي. باقي ان کان اڳيان ڏکڻ آفريڪا وٽ ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي مڙڻ يا ٻئي پاسي ڏکڻ انڊيا، سلون (سريلنڪا) يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان پري ڏکڻ ڏي وڃڻ (جيڏانهن پوءِ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ايجاد ٿيو يعني نظر آيو) کان گھٻرايا ٿي. وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه ڏينهن اڳيان وڃي ”موٽو ڙي موٽو“ رڙي پويان پير ڪيا ٿي ته اڳيان خبر ناهي ڪٿي سمنڊ کٽي ۽ هو وڃي هيٺ اوڙاهه ۾ ڦهڪو ڪن.
    بعد ۾ زمانو گذرڻ سان جڏهن هنن کي اها ڳالهه ٿوري ٿوري سمجهه ۾ آئي ته ٻيلي هيءَ دنيا رومال وانگر سڌي نه پر سج ۽ چنڊ وانگر گول کينهونءَ وانگر آهي ته به يورپين نه ائٽلانٽڪ سمنڊ جي اولهه طرف ـــ جيڏانهن آمريڪا هئي، رخ ٿي رکيو ۽ نه اسان جي عربن، ايرانين، هندستانين هندي سمنڊ ۾ سلون کان اڳتي ڏکڻ طرف ٿي رخ ڪيو ۽ نه وري جپاني ۽ چيني پئسفڪ سمنڊ جي اوڀر طرف ٿي وڌيا جيڏانهن هوائي ٻيٽ آهن. اڄ جهڙا وڏا لوهي انجڻين وارا جهاز ان وقت هجن ها ته پوءِ اها مهم جوئي ڪرڻ ۾ ڪو ايڏو خوف نه ٿئي ها جو هوا کڻي ڪهڙي پاسي کان به لڳي هي جهاز هلائڻ واري جي خواهش مطابق سڌو ئي سڌو هلن ها. اڄ جي جهازن ۾ وڏين ٽانڪين ڪري مهيني مهيني جي استعمال جو تيل ۽ پاڻي کڻي سگهجي ٿو ۽ جنريٽر، پمپ، اليڪٽرڪ سٽي ۽ ايئرڪنڊيشن سسٽم هجڻ ڪري ڇهه ڇهه مهينن جي خوراڪ ـــ ڪٺل سئو کن ٻڪريون، ڍڳيون، مڇي ۽ کاڌي جو سامان ڪولڊ اسٽورن ۾ کڻي سگهجي ٿو. پر پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين به جيتوڻيڪ ڪولمبس جهڙن ناکئن کي خبر هئي ته دنيا گول آهي پر دنيا جو نقشو يا ماپ جي ته خبر نه هئي ته هي ڌرتي جو گولو ڪيڏو وڏو آهي. جي سمنڊ ڏي منهن ڪري نڪري به پئجي ته ڪيترن ڏينهن بعد ڪنارو ايندو ۽ اوستائين پاڻي ۽ کاڌو ڪٿان ايندو.
    ڪولمبس اسپين مان انڊيا لاءِ نڪرڻ وقت هيٺ ڏکڻ طرف اچي ڪيپ آف گـڊ هوپ وٽان ڦيرو ڪري اوڀر طرف انڊيا ڏي رخ ڪرڻ بدران، اسپين کان اولهه طرف روانو ٿيو. هن اهو ئي سوچيو ته دنيا گول آهي. هن طرف کان ويندس ته به وڃي انڊيا کان نڪرندس. جيڪڏهن هن واقعي اهو سوچيو ته بلڪل صحيح سوچيو پر هن درويش کي يا ڪنهن ٻئي کي ان وقت اها ته خبر ئي نه هئي ته دنيا جو گولو ڪيڏو وڏو آهي جنهن جي اسان کي اڄ ته خبر آهي ته دنيا جو چوڌاري ڦيرو 24000 ميل آهي. پر ڪولمبس ان وقت پنهنجي سوچ يا عقل موجب شارٽ ڪٽ سمجھي روانو ٿيو ته اجھو ٿو ٽن چئن ڏينهن ۾ انڊيا پهچان. بلڪه هن کي شڪر ڪرڻ کپي ته رستي تي آمريڪا کنڊ جو ڪنارو اچي ويو ۽ هن جي زندگي بچي وئي ۽ کيس مجموعي طور سمنڊ ۽ موسم به سڻائي ملي ۽ جلد پهچي ويو نه ته اهي ٻئي خراب ملنس ها يا آمريڪا کنڊ اڃان به هزار ڏيڍ هزار ميل پري هجي ها ته ڪولمبس پنهنجي Crew (خلاصين) سميت بک ۽ اڃ ۾ مري وڃي ها ۽ جهازن جا مالڪ جن ڪولمبس جهڙن کي عقلمند سمجهي نوان جهاز ٺهرائي ٿي ڏنا ته هو انڊيا جي مالابار ڪناري ڏي وڃي انهن جهازن کي مصالحن سان ڀرائي اچن، سي منهن مٿو پٽي ويهي رهن ها. ۽ جيڪڏهن آمريڪا کنڊ جو وجود نه هجي ها ته پوءِ ان هنڌ کان پئسفڪ سمنڊ ته ائٽلانٽڪ کان به وڏو آهي. ان کي جھاڳڻ لاءِ هنن کي يا ٻي ڪنهن انسان کي، انهن ڪاٺ جي ٻيڙن (Sailing Ships) ۾، ڪا همت نه هئي. بعد ۾ جڏهن آمريڪا کنڊ تي يورپين جو قبضو ٿي ويو ته اتي پوک جا ڪم ڪرائڻ لاءِ آفريڪا جي شيدين کي غلام بڻائي، زنجيرن ۾ ٻڌي آمريڪا وٺي ٿي آيا. وقت سان گڏ جهازن جو معيار به بهتر ٿيو پر ان هوندي به ڪڏهن موسم يا سمنڊ جي خراب ٿيڻ تي جهاز توائي ٿي ٿي ويا ۽ ڏينهن تي ڏينهن پوڻ سان بک ۽ اڃ وگھي جهاز جا خلاصي ۽ شيدي غلام مرڻ لڳندا هئا. پوءِ ايتريقدر جو مينهن جو پاڻي گڏ ڪري پيئندا هئا. مري ويل غلامن جو گوشت رڌي باقين کي کارائيندا هئا جيئن آمريڪا پهچڻ تائين اهي ته بچي سگهن ۽ سندن وڪري مان هو چار پئسا ڪمائي سفر جو خرچ ڪڍي سگهن. اها شيدي غلامن جي به الڳ درد ڀري ڪهاڻي آهي جيڪا ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪنداسين جنهن ۾ نه فقط يورپي گورا پر اسان جا عرب مسلمان ۽ خود آفريڪا جا شيدي سردار، وڏيرا، ڀوتار Involve هئا جن جي ڪجهه جھلڪ Roots فلم ۽ ناول مان به پئجي ٿي.
    اڄ جا جهاز هلائڻ ايترو ڏکيو ڪم ناهي جو اهي مضبوط ۽ ماڊرن آهن، سڄي دنيا جي سمنڊن جا نقشا آهن ۽ سمنڊ جو هڪ هڪ ميل مَيل ۽ ماپيل آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن سڙهه جا ڪاٺ جا ٻيڙا هئا ته جهاز هلائڻ وارا پنهنجي مرضيءَ مطابق جڏهن وڻين يا جيڏانهن وڻين تيڏانهن نٿي وڃي سگهيا. هنن کي هر ڳالهه ۽ هر طرف لاءِ موسم ۽ هوا جي رخ کي ڌيان ۾ رکڻو پيو ٿي. پورچوگالي واسڪوڊا گاما هيڏو قابل ۽ دلير جهازران هو جنهن سڀ کان اڳ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ اُڪري اوڀر آفريڪا جي بندرگاهه ممباسا ۽ ان بعد ميلندي ۾ اچي نڪتو. هن کي اها خبر هئي ته انڊيا جو مالابار ڪنارو سڌو اوڀر طرف آهي پر هن کي اها خبر نه هئي ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ سال جي ڪهڙي مند بهتر رهندي ۽ ان سفر ۾ هن کي ڪهڙي ڪهڙي طرف کان هوائون ملنديون ۽ سمنڊ جي ڇولين جو رخ ڪهڙي طرف هوندو جنهن موجب سڙهن کي سيٽ ڪرڻو پوندو جيئن جهاز (ڪاٺ جو ٻيڙو) توائي (Drift) ٿيڻ بدران سڌو منزل ڏي ويندو رهي. ان لاءِ هن ميلندي مان هڪ قابل سونهون ناکئو ٻول تي (يعني پگهار تي) کنيو. هن لاءِ ڪي چون ٿا ته عرب هو ته ڪي چون ٿا ته گجراتي هو. هُن واسڪوڊا گاما کي ميلندي (اڄ واري ڪينيا جي بندرگاه) کان ڪوچين (انڊيا) 27 ڏينهن ۾ آڻي پهچايو. اڄ جا جهاز ته اهو سفر ست اٺ ڏينهن ۾ ڪريو وڃن جو اهي ڪَلَ (انجڻ) تي هلن ٿا پر تن ڏينهن ۾ سڄو مدار هوا جي رختکائي، ۽ سڙهن جي مضبوطگيءَ تي هو.
    بهرحال واسڪوڊا گاما وڏو قابل ملاح هو آفريڪا کان انڊيا پهچڻ لاءِ رستو ۽ هوائن جو رخ سمجھي ويو. واپسي تي به هن سونهين (سمنڊ جي ڄاڻوءَ) سان موٽڻ چاهيو ٿي. ان لاءِ هن صحيح مُند جي اچڻ جو ٽي چار مهينا انتظار ڪرڻ چاهيو ٿي پر جيئن ته انڊيا ۾ سندس مقامي سردارن سان ڦڏو ٿي پيو ان ڪري هن يڪدم ڀڄي جان بچائڻ چاهي ۽ صحيح موسم ۽ وقت جي اچڻ کان اڳ هنن آفريڪا ڏي واپسي جي سفر لاءِ پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا. واسڪوڊا گاما کي واپسي جي رستي جي ته ڄاڻ ٿي وئي هئي پر انهن ڏينهن ۾ (ان مند ۾) هوائن جو رخ صحيح نه هجڻ ڪري هنن جو ايندي وقت وارو 27 ڏينهن جو سفر مس مس 132 ڏينهن ۾ پورو ٿيو. بک، اڃ، بيمارين (خاص ڪري چمڙيءَ جون ۽ وٽئمن سي جي کوٽ ڪري Scurvy جهڙيون بيماريون، جيڪي ان زماني ۾ سمنڊ تي ڊگهي سفر ۽ اڻ پوري کاڌي ڪري ٿينديون هيون)، ڪري هن جا اڌ کان وڌيڪَ ماڻهو مري ويا.
    اسان بار بار ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن جي خوف بابت، اسان مان ڪيترن، ٻين کان به ٻڌو هوندو يا ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو. منهنجي خيال ۾ ان بابت هتي ٻه ٽي سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن پڙهندڙن کي ڄاڻ رهي ته اهو سمنڊ جو ڪهڙو حصو آهي ۽ اهو ڇو ايڏو خطرناڪ آهي جو اُن سالن، بلڪه صدين کان يورپ وارن کي هيڏانهن اسان جي ايشيائي ۽ اوڀر آفريڪا جي بندرگاهن ۾ پهچڻ کان روڪيو ٿي.
    اهو سمنڊ جو حصو جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو آفريڪا کنڊ جي هيٺان واري سمنـڊ جو حصو آهي جتي کاٻي پاسي کان، يعني اولهه کان ”ائٽلانٽڪ سمنڊ“ ۽ ساڄي پاسي کان، يعني اوڀر پاسي کان ”هندي وڏو سمنڊ“ هڪ ٻئي سان ٽڪرائي جبلن جيڏيون ڇوليون پيدا ڪن ٿا جن ۾ اڄ جا لوهي آفت جيڏا طاقتور انجڻين تي هلندڙ جهاز به ڇوڏي وانگر لڳن ٿا. ان کان علاوه هن علائقي ۾ يعني سائوٿ آفريڪا ملڪ جي ڊربن، ايسٽ لنڊن ۽ پورٽ ايلزبيٿ بندرگاهن کان ’ڪيپ ٽائون‘ تائين .... بلڪه ’سالدنها‘ بندرگاهه تائين يا ان کان به ٿورو مٿڀرو جتان پوءِ نميبيا جو ملڪ شروع ٿئي ٿو، هر وقت تيز طوفاني هوائون لڳنديون رهن ٿيون. انهن طوفانن جي ڪري ئي سمنڊ جو هي علائقو “Cape of Storms” سڏبو هو پر پوءِ جڏهن يورپي جهازران هن سمند کي ڪراس ڪري انڊيا، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پهچي ويا ۽ اتان ان وقت جي قيمتي خزاني ”مصالحن“ (ڪارا مرچ، لونگ، ڦوٽا، جاڦل، جاوتري، وغيره) سان جهاز ڀري پنهنجي ملڪ اچڻ لڳا ته پنهنجن ملڪن: پورچوگال، اسپين، هالئنڊ، انگلئنڊ کي خوشحال ڪري ڇڏيائون. ان خوشيءَ ۾ هو هن سمنڊ کي ”طوفاني سمنڊ“ سڏڻ بدران ”سٺي اميد جو سمنڊ“ سڏڻ لڳا. هي ئي سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ هو جنهن يورپين کي اسان ڏي اچڻ کان صديون روڪي رکيو ۽ هنن کي اهڙي عياشي ڪڏهن به نصيب نه ٿي جهڙي هن سمنڊ کي ڪراس ڪرڻ جون اٽڪلون اچڻ بعد.
    دنيا جي نقشي ۾ توهان آفريڪا کنڊ کي ڏسندائو ته اهو ماڻهوءَ جي منهن جهڙو آهي جنهن جو مٿو مصر، لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا ۽ موراڪو ملڪ آهن ۽ ان مٿي تي وارن بدران ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ماريطانيا ۽ سينيگال ان ماڻهوءَ جو اولهه پاسي وارو ڪَنُ آهي ۽ اوڀر پاسي وارو ڪَنَ ڳاڙهي سمنڊ وٽان ڪٽيل نظر اچي ٿو. ان قسم جي ماڻهوءَ جي منهن جهڙي نقشي ۾ ان ماڻهوءَ جي کاڏي سمجهو ته ”سائوٿ آفريڪا“ ملڪ آهي. ان ماڻهوءَ جي منهن جي اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ آهي جيڪو وڌيڪَ اوڀر ۾ انڊيا ۽ ملائيشيا تائين وسيع آهي ۽ اولهه طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي جيڪو وڌيڪَ اولهه ۾ آمريڪا کنڊ تائين هليو وڃي ٿو. ٻئي سمنڊ اٿاهه آهن ۽ دنيا جي پنجن وڏن سمنڊن (Oceans) مان آهن. ٻنهي سمنڊن جون ڇتيون ڇوليون آفريڪا کنڊ جي پاسن تي لڳنديون رهن ٿيون يعني هن ماڻهوءَ جي ڳلن تي لڳي شانت ٿينديون رهن ٿيون. کاڏيءَ تائين ته اهو سلسلو رهي ٿو پر پوءِ کاڏيءَ هيٺان انهن ٻنهي سمنڊن جون ڇوليون هڪ ٻئي سان ٽڪرائي جيڪو ويل پئدا ڪن ٿيون ان کان اسان جهاز هلائڻ وارا منهن مٿو پٽيندا آهيون ته اهڙي سامونڊي نوڪري کان ڳوٺ ۾ ويهي پڪوڙا وڪڻجن ها. ۽ اهو سامونڊي علائقو .... يعني کاڏيءَ کان هيٺ وارو حصو جيڪو پورٽ سينٽ جان ۽ ڊربن کان شروع ٿي ڪيپ ٽائون بندرگاهه تائين هلي ٿو، اڪرڻ ۾ ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو وڃڻ. جهاز جي رفتار کڻي ڪيتري به رکون پر جي سمنڊ خراب آهي يا طوفان آهي ته جهاز ڇولين تي هيٺ مٿي ٿيڻ تي ان جو پنکو (Propeller) ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته ڪڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪريو اچي ۽ سامونڊي جهاز فقط تڏهن اڳيان وڌي سگهندو جڏهن ان جو پروپيلر (جهاز جي تري ۾ لڳل پنکو) لڳاتار پاڻيءَ اندر ڦرندو رهندو.
    سامونڊي وڏين ڇولين ۽ طوفانن ڪري جهاز جو ”هيٺ مٿي ٿيڻ“ جنهن عمل کي ”پائونڊنگ“ ۽ ”پچنگ“ سڏجي ٿو، نه فقط جهاز کي پر هلائڻ وارن کي به تڪليف ڏئي ٿو .... سِي سڪنيس ڪري الٽيون ۽ مايوسي هڪ طرف ٿئي ٿي ته جهاز جو ڪم الڳ وڌي ٿو. هڪ عام ماڻهوءَ کي شايد سمجهه ۾ نه اچي پر انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ ٻه چار سٽون لکندو هلان ته Rough Sea ۾ يعني بگڙيل سمنڊ ۾ جڏهن جهاز وڏين ڇولين تي مٿي کڄي هيٺ ٿو ڦهڪو ڪري ته جهاز جي ٻاهرين Structure کي هڪ طرف نقصان رسي ٿو ته جهاز جو پروپيلر جيڪو سمنڊ اندر ته 125 يا 130 چڪر منٽ ۾ (rpm) هڻي رهيو آهي اهو جهاز جو پٺيون حصو مٿي کڄڻ تي جيئن ئي پاڻيءَ بدران هوا ۾ اچي ٿو ته هن جي رفتار يڪدم وڌيو وڃي جيڪا 200 تائين به پهچندي دير نٿي ڪري ۽ جيسين انجڻ جو ”گورنر“ ان جي رفتار کي جھڪو ڪري، انهن ڪجهه سيڪنڊن لاءِ پروپيلر جي وڌيڪ رفتار _ ٻين لفظن ۾ انجڻ جي پسٽنن جو وڌيل Reciprocating Motion جهاز جي انجڻ کي ايترو ته Overload ڪريو ڇڏي جو اهڙين حالتن ۾ Relief Valve ته کڄندو رهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو پسٽن يا سلينڊر به ايڏي پريشر جي دٻ نه جهلي Crack ٿيو پوي ۽ پوءِ اهڙي خراب موسم ۾ اسان کي جهاز کي ويجھي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا.
    جهاز جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري جهاز جي مين انجن يا جنريٽرن کي تيل (Lubricating oil) يا پاڻي پهچائڻ وارا پمپ suction پڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ جيئن انجڻ کي ٿڌو رکڻ واري پاڻي يا ان کي چڪنو رکڻ واري تيل جي سپلاءِ چند سيڪنڊن لاءِ به بند ٿئي ٿي ته مين انجڻ يا جنريٽر بند ٿيو وڃي. مين انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز توائي ٿي ڇولين ۽ هوا جي رخ جي رحم و ڪرم تي لوڏا کائڻ شروع ڪري ٿو. جنريٽر بند ٿيڻ تي اونداهه ڪانڀار ٿيو وڃي. بلوئر بند ٿيو وڃن ۽ گرميءَ ۽ Suffocation ۾ ساهه گهٽجڻ لڳي ٿو ۽ جنريٽر يا جهاز جي انجڻ کي وري re-start ڪرڻ ۾ ڪافي دقت درپيش اچي ٿي. دير ٿيڻ تي تيل ٿڌو ٿيو وڃي ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ ۾ مشڪل ڪري ٿو. ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ خط استوا کان ڪافي هيٺ آهي ۽ نومبر ڊسمبر ۾ جڏهن اتي اونهاري جي موسم آهي ان وقت به اتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي پر جي جون، جولاءِ ، آگسٽ جهڙا مهينا آهن ته پوءِ سمجهو ته اتي پاري جهڙو سيءُ آهي. اهڙي سرديءَ ۾ ڏامر جهڙي خام crude oil کي سلينڊرن ۾ ساڙڻ لاءِ گرم ڪرڻ ۽ سندس Viscocityگهٽ ڪري ڇڍو ڪرڻ هڪ مسئلو رهي ٿو.
    انجڻين کي جيڪي پمپ سمنڊ مان پاڻي ڇڪي، ٿڌو بڻائين ٿا انهن جا فلٽر سمنڊ جي اٿل پٿل ڪري مڇين (خاص ڪري جيلي مڇين) ۽ سامونڊي سنهي مخلوق ۽ گاهه سان ذري ذري چوڪ ٿيو وڃن جن مان هر هڪ کي هر هر کولي صاف ڪرڻ ئي پريشان ڪريو ڇڏي ۽ ٻيا ڪئين مسئلا خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ٿيڻ تي ڪَرَ کڻن ٿا. ۽ جڏهن هي مسئلا اڄ جي جهاز هلائڻ واري کي ئي پِنائي رکن ٿا ته اڳئين زماني ۾ انهن جهازرانن (ناکئن) ۽ سندن سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي ٻيڙن جو ڇا حال ڪندا هوندا. ان وقت جا جهازران ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جي ويجھو ئي نه ايندا هئا. جيڪو ايندو هو ان جي ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو ڪونه هوندو هو. ٻي ڳالهه ته پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين دنيا جو صحيح نقشو نه هو. ڪنهن کي خبر نه هئي ته آفريڪا کنڊ ماڻهوءَ جي منهن جيان آهي جنهن جو ساڄو ڳلُ ڏئي هيٺ کاڏيءَ وٽان مڙي مٿي کاٻي ڳل تي پهچي سگهجي ٿو جتي ممباسا، زئنزيبار، ميلندي تاريخي بندرگاه آهن ۽ جتان پوءِ اوڀر طرف رخ ڪرڻ سان انڊيا جو ڪنارو اچي ٿو.
    خشڪيءَ رستي يورپ کان ترڪي، ايران يا ”ريشم روڊ“ کان انڊيا پهچڻ جي هنن کي خبر هئي ۽ مارڪو پولو جهڙا سياح تيرهين صديءَ ۾ يورپ کان انڊيا، چين ۽ جپان پهچي چڪا هئا پر هنن کي اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن ڏيهن ڏي سمنڊ رستي به پهچي سگهجي ٿو يا نه. هنن اهو ئي شڪ ڪيو ٿي ته هندي وڏو سمنڊ به ميڊيٽرينين يا بحر اسود (ڪاري سمنڊ) وانگر تالاب وانگر آهي. ڪن يورپين کي شڪ پيو ٿي ته شايد سندن ائٽلانٽڪ سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ڳنڍيل هجي پر هنن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اهو ڪٿي ملي ٿو. هڪ طرف ته ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جي ڪري سندن ٻيڙا اڳتي وڌڻ ڪري ٻڏي ويا ٿي ۽ ٻئي طرف اولهه ڏي ويا ٿي ته پنج ڇهه ڏينهن بعد به انڊيا ته ڇا ڪو ڪنارو نظر نٿي آين. نتيجي ۾ هو ٿورو اڳيان وڌي وري ڊپ ۾ موٽي ٿي آيا ته متان راشن پاڻي نه کپي وڃي ته ڪيڏانهن وينداسين. انهن ڏينهن ۾ سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ڪمزور جهاز ڪنارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا. اسان وٽان لاري بندر يا ديبل کان نڪرندا هئا ته گجرات ۽ مالابار جو ڪنارو ڏيندا ڏيندا سلون پهتا ٿي. سو اهڙي حالت ۾ سمنڊ جي ڪناري وارن يورپي ملڪن: انگلنڊ، اسپين، ڊئنمارڪ، هالنڊ، پورچوگال، اٽلي جي قابل ناکئن جو به ساهه ٿي ويو. پر پوءِ پنڌرهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ طرف پورچوگالي برتولوميو ۽ واسڪوڊا گاما ”ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپڻ“ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ٻئي طرف اسپين جي بادشاهه طرف موڪليل اطالوي ڪئپٽن ڪولمبس ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري نئين دنيا ”آمريڪا“ جي خبر اچي ٻُڌائي.
    يورپين کي هي جوکائتا سفر ڪرڻ لاءِ ڪهڙيءَ ڳالهه مجبور ڪيو ۽ اهي شروع وارا جهازران ڪير هئا ۽ اهي ڪيئن انڊيا ۽ آمريڪا پهتا، انهن جو احوال ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين. هتي ڪجهه احوال ان شروعاتي يورپي سياح مارڪو پولو جو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان جيڪو خشڪيءَ رستي انڊيا ۽ چين پهتو. يورپ کان انڊيا ۽ چين تائين ته مارڪو پولو کان اڳ به ايڪڙ ٻيڪڙ يورپي ايندا رهيا ٿي پر وينس جو رهاڪو مارڪو پولو پهريون هو جنهن پنهنجي سفر جو احوال قلمبند ڪري يورپين کي انڊيا ۽ چين جي ڄاڻ ڏني ته هي ملڪ مشرق ۾ ڪهڙي هنڌ آهن ۽ اتي خشڪي رستي ڪيئن پهچي سگهجي ٿو. ۽ پوءِ سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جي راهه پورن 220 سالن بعد پورچوگالي ناکئي واسڪو ڊا گاما ڏيکاري.


    شروعاتي سياح جن جا سفرناما اڄ به مشهور آهن

    يورپين کي انڊيا تائين سمنڊ رستي پهچڻ جو ڏس 1498 کانپوءِ پيو جڏهن پهريون پورچوگالي جهازران واسڪوڊا گاما آفريڪا جي کنڊ جي هيٺان وارو سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ ڪاميابيءَ سان پار ڪري هندي سمنڊ ۾ داخل ٿي ممباسا ۽ ميلندي جهڙن آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن بندرگاهن ۾ پهتو. اتان پوءِ هو انڊيا پهچي ويو. هو چئن جهازن جو فليٽ وٺي پورچوگال کان نڪتو هو. اوٽ موٽ جي سفر ۾ هن جا ٻه جهاز ۽ اڌ کان وڌيڪَ ماڻهو طوفانن ۽ ڊگهي سفر ڪري بکن ۽ بيمارين ۾ مري ويا پر بهرحال يورپ وارا، خاص ڪري پورچوگال جو بادشاهه ۽ عوام خوش ٿيا ته هنن انڊيا پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولي ورتو. ان بعد هنن اهو رستو راز ۾ رکيو ۽ ڪئين سال رڳو پورچوگالي جهاز انڊيا ۽ پوءِ ته اڳتي انڊونيشيا ۽ ملايا (مغربي ملائيشيا) تائين ايندا ويندا رهيا. ٻيا يورپي ملڪ فرانس، اٽلي، هالنڊ خاص ڪري انگلنڊ وارا به هٿوڙاريون هڻندا رهيا ۽ پوءِ اهي به ائٽلانٽڪ سمنڊ کان هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڳولي ويا. پر ان جدوجهد ۾ هنن کي هڪ صديءَ کان مٿي عرصو لڳي ويو. واسڪوڊا گاما 1498 ڌاري سورت ۾ پهتو ۽ 110 سالن بعد سن 1608 ۾ پهريون انگريز ڪئپٽن هاڪنس سورت بندرگاهه ۾ پهتو.
    هنن کان اڳ يورپ وارن جو باءِ روڊ (خشڪي رستي) اچڻ وڃڻ ضرورهو. انڊيا، چين ۽ هندي سمنڊ تي ٻين آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي ڄاڻ يورپ وارن کي مارڪوپولو ۽ ابن بطوطا جي سفرن بعد پئي. ائين ته مارڪو پولو کان اڳ به ڪيترائي يورپي، خشڪيءَ رستي انڊيا ۽ چين آيا ويا پئي .... ويندي مارڪوپولو جي ڄمڻ کان اڳ هن جو پيءُ ۽ چاچو چين تائين ايندو ويندو رهيو ٿي پر دنيا وارن کي پنهنجي سفر جي لکت ۾ ڄاڻ پهرين مارڪو پولو ڏني. يا کڻي ائين چئجي ته سفرناما ته مارڪوپولو ۽ ابنِ بطوطا کان پوءِ به ڪيترن ئي لکيا ۽ اڄ به لکندا رهن ٿا پر مٿين همراهن جا شروعاتي ۽ تفصيلي سفرناما آهن جن مان يورپ وارن کي ڄاڻ پئي ته قسطنطنيه ۽ مراڪش کان اڳتي به ڪا دنيا آهي جنهن جي تهذيب بيحد قديمي آهي.
    مارڪوپولو اٽلي جي شهر وينس جو رهاڪو هو ۽ سندس مادري زبان اطالوي هئي .... بعد ۾ ته هن کي هندي، فارسي ۽ چيني به اچي وئي. هن پنهنجي سفر جو احوال “Livres des merveilles du monde” نالي ڪتاب ۾ اطالوي ۾ لکيو آهي جيڪو 1300ع ڌاري انگريزي ۾ “Book of Marvels of the world” ۽ ”ٽريولس آف مارڪوپولو“ نالي ڇپيو. هن ڪتاب بعد ئي يورپين جون انڊيا، چين ۽ وچ ايشيا جي ملڪن بابت اکيون کليون. دراصل هڪ ڳالهه قابلِ غور آهي ته يورپي ماڻهن مان وري به ڪجهه پنهنجي سفر جو احوال لکي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن کي انهن ڏيهن ۽ ماڻهن جي آگاهي ڏني جنهن کان هو پهرين اڻ واقف هئا. ان ڄاڻ جي ڪري سندن ماڻهن کي فائدو رسيو. انگريز جهازران ڪئپٽن هاڪنس جهانگير مغل بادشاهه جي درٻار ۾ رهڻ دوران مغل سلطنت بابت ڳالهيون لکيون ۽ پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليون. اهڙي طرح ڪيترن پورچوگالين پڻ سنڌ هند بابت لکيو. مارڪوپولو جي سفرنامي مان به يورپين کي ايشيا جي ملڪن ۽ اتي جي ماڻهن جي اوڻاين پوڻاين جي ڄاڻ ٿي. ڪولمبس پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته مارڪوپولو جو سفرنامو پڙهي کيس سمنڊ رستي انڊيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هو رستو ڀلجي آمريڪا وڃي نڪتو.
    مارڪوپولو جو پيءُ ۽ چاچو وڏي عرصي کان چين ڏي واپار وڙي خاطر ويندا رهيا ٿي جتي هنن جي قبلائي خان سان به ملاقات ٿي. 1254 ۾ جڏهن مارڪوپولو ڄائو ته ان وقت سندس پيءُ ۽ چاچو وينس (اٽلي) ڇڏي چڪا هئا. 1269 ۾ جڏهن اهي موٽيا ته مارڪوپولو ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي چڪو هو ۽ ان بعد واري سفر ۾ هو مارڪوپولو کي ساڻ کڻي نڪتا. سندن هن سفر ۾ 24 سال لڳي ويا ۽ جڏهن پنهنجي وطن وينس پهتا ته وينس وارن جي جينوئا وارن سان لڙائي هلي رهي هئي جنهن ۾ هي به ڦاسي پيا ۽ مارڪو پولو کي ست سال کن جيل ۾ رهڻو پيو. هونءَ مارڪوپولو کي سفرنامي لکڻ جو خيال نه هو. هن ته وينس پهچي ٻه چار مهينا آرام ڪري وري ٻي سفر لاءِ نڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي. جيل ۾ ماڻهو ڇا ڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي سفر جا قصا پنهنجن ساٿين کي ٻڌائيندو رهيو جيڪي هن پاران لکندا رهيا. 1299 ۾ مارڪو پولو جڏهن جيل مان نڪتو ته ان وقت هن جي عمر 45 سال هئي. هو هڪ امير واپاري ٿيو، شادي ڪيائين ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ ٿيو. 1324 ۾ وفات ڪيائين.
    مارڪوپولو جي ياد ۾ دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون. خاص ڪري اٽليءَ جي شهر وينس جي ايئرپورٽ جو نالو ”وينس مارڪو پولو ايئرپورٽ“ آهي.
    هڪ ڳالهه آهي ته مارڪوپولو گهر کان 24 سال پري رهيو پر اهو آهي ته هن سان گڏ هن جو پيءُ ۽ چاچو به هو. ان مقابلي ۾ ابنِ بطوطا کي شابس هجي جنهن اڪيلي سر سفر ڪيو. پنهنجي شهر طنج (Tangier) جڏهن ڇڏي رهيو هو ته بقول سندس سفرنامي جي، هن جي توڙي هن جي ماءُ پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا جيتوڻيڪ ان وقت هو حج جي ارادي سان نڪتو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ آفريڪا کنڊ جي ان علائقي مراقش، جنهن سان هن جو واسطو هو يا ڀر وارن ملڪن ماريطانيا يا مالي جي ماڻهن کي حج جي اوٽ موٽ سفر ۾ ٻه سال کن لڳي ويا ٿي. پيرين پنڌ ۽ ڪجهه فاصلو اٺن تي ڪرڻ سان کين اوٽ موٽ سورهن مهينا لڳا ٿي. اهڙا ڇهه اٺ مهينا مڪي مديني ۾ رهڻ جا. اڄ ڪلهه حج لاءِ ويندڙ ماڻهو مهيني کان به گهـٽ وقت رهن ٿا نه ته اسان جڏهن ننڍا هئاسين ۽ حاجي فقط پاڻي واري جهاز ”سفينهِ حجاج“ ۾ ويندا هئا ته ان وقت به اهي مڪي ۾ چار مهينا کن رهندا هئا.
    بهرحال حج لاءِ روانو ٿيل ابن بطوطا اتان واپس ورڻ بدران اڳتي انڊيا، چين، وچ ايشيا، وچ مشرق، اتر آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن مان ٿيندو جڏهن واپس پنهنجي وطن تنج پهتو ته هن جي عمر 45 سال هئي .... يعني هن جو به هي سفر مارڪو پولو وانگر 24 سالن جو رهيو. ڪيترا ماڻهو سفرناما لکڻ ڪري مونکي ”ابن بطوطا“ سڏين ٿا پر اڄ ڪلهه جي ماڊرن دور ۾ اسانجا سفر ابن بطوطا جي سفرن وانگر اهڙا ڏکيا نه رهيا. چئن پنجن مهينن ۾ جهاز ڏهه ٻارهن ملڪن مان چڪر هڻي هوم پورٽ پهچي ويو ٿي. وڏو ڇيهه ته اٺ نوَ مهينن جو سفر ٿيو ٿي. ان بعد به جهاز هوم پورٽ ۾ نٿو آيو ته موڪلون ملهائڻ لاءِ هوائي جهاز رستي پنهنجي ملڪ پهچي وياسين ٿي. جهاز تي رهائش ۽ کاڌو به فائو اسٽار هوٽل جهڙو رهي ٿو .... يعني آرام جي زندگيءَ ۾ رهياسين ٿي. ها البت ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ خراب سمنڊن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي ۽ ان لاءِ ئي ته اسانکي پگهار ملي ٿو. ابن بطوطا ته ڪٿي پنڌ، ڪٿي اٺن تي سفر ڪيو ٿي. سمنڊ رستي سلون کان مالديپ ٻيٽ ويو يا عدن کان جبوتي ته ان دور جي جن ضعيف ٻيڙين ۾ هن سفر ڪيو ٿي اهي اڄ جي لحاظ کان Non Sea Worthy ۽ خودڪشي برابر هيون. بهرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته ابن بطوطا پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ ديني تعليم کان واقف هجڻ ڪري هن جي گهڻن هنڌن تي عزت ڪئي وئي ٿي. ۽ کيس قاضي (جج) جهڙيون نوڪريون به مليون ٿي. رهڻ لاءِ گهر ۽ خذمت چاڪريءَ لاءِ نوڪرن جي لوڌ هُيس ۽ شادي ته لڳي ٿو جتي بُل لڳس ٿي اتي ڪيائين ٿي. جيتوڻيڪ اها چوڻي اسان جهازرانن (Sailors) لاءِ مشهور آهي ته Sailor’s life, new port new wife پر ان تي عمل سختيءَ سان مولانا ابن بطوطا الطنجيءَ ڪيو ٿي.
    ابن بطوطا ۽ مارڪوپولو کي سندن سفرنامن لکڻ تي ان ڳالهه جو به ڪريڊٽ ڏئي سگهجي ٿو ته هنن سڄو سفر ڪرڻ بعد ان جو احوال لکيو. اسان يعني اڄ جا سفرناما لکڻ وارا، پنهنجي سفر جو احوال جون روز points لکندا رهون ٿا. پاڻي واري جهاز تي ته ڪافي ٽائيم مليو وڃي ـــ خاص ڪري اهي ڏينهن جن ۾ جهاز ڪنهن بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ کان اڳ بندرگاهه جي ٻاهران ڏينهن ٻه انتظار ڪري ٿو جنهن ۾ نه جهاز هلائڻو پوي ٿو ۽ نه ڪناري ڏي وڃي سگهجي ٿو. واندڪائي ئي واندڪائي هوندي آهي. باقي پراڻن توڙي اڄ جي سفرنامن مان پڙهندڙن جو فائدو ضرور ٿئي ٿو. ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جهڙن جي شروعاتي سفرنامن مان ته دنيا جي ماڻهن کي وڏو فائدو رسيو ۽ اڄ به اهي سفرناما تاريخ جو ڪم ڏين ٿا. منهنجي سفرنامن مان کڻي ٻيو فائدو نه ٿيو هجي پر نوجوان ٽهيءَ جي سامونڊي نوڪريءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ تمام گهڻا گهڻا آيا ۽ صحيح وقت تي آيا ــــ خاص ڪري ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن دنيا جي ”مرچنٽ نيوي“ تمام گهڻو flourish ڪري رهي هئي. پاڪستان جهڙي ملڪ کي به 80 کن جهاز هئا. پر هاڻ پاڻيءَ جا جهاز گهٽبا وڃن جو مسافر توڙي مال هوائي جهازن رستي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچي ٿو. هن وقت اسان وٽ ڪي پنج ڇهه جهاز به مس هوندا ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه هر جهاز ۾ آٽوميشن اچڻ ڪري جهاز کي هلائڻ لاءِ 20 کن ماڻهو ڪافي آهن نه ته اسان جي ڏينهن ۾ (1980ع کان اڳ تائين)، هر جهاز تي 60 کان 70 ماڻهن جو هجڻ ته خير جي ڳالهه هئي.
    مارڪوپولو سفر لاءِ پنهنجو شهر وينس 1269 ۾ ڇڏيو ۽ 1349 ۾ واپس پهتو. ابنِ بطوطا پاڻ کي پنهنجي شهر طنج سان به سڏرايو ٿي جيئن اسان وٽ هالائي، ڏيپلائي، دهلوي، شيرازي سڏرائين ٿا تيئن ابن بطوطا پاڻ کي ”محمد ابنِ بطوطا الطنجي“ سڏرايو ٿي. اسان وٽ ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ ابنِ بطوطا وڌيڪَ مشهور آهي. دبئي ۾ هڪ مشهور شاپنگ مال جو ته نالو ئي ”ابن بطوطا مال“ آهي. انڊيا ۾ ٻارن جي ڪتاب ۾ هڪ مشهور نظم (Nursery Rhyme) ”ابن بطوطا پهن ڪي جوتا“ آهي:
    ابن بطوطا، پهن ڪي جوتا،
    نڪل پڙي طوفان ۾.
    ٿوري هوا ناڪ ۾ گهس گئي،
    ٿوري گهس گئي ڪان ۾ .
    ڪبهي ناڪ ڪو، ڪبهي ڪان ڪو،
    مَلتا ابن بطوطا.
    اسي بيچ ۾ نڪل پڙا،
    ان ڪي پيرون ڪا جوتا.
    اُڙتي اُڙتي ان ڪا جوتا،
    پهنچ گيا جپان ۾.
    ابن بطوطا خود ره گيا،
    موچي ڪي دڪان مين.
    ايئن ته 2010ع جي بالي وڊ فلم ”عشقيه“ ۾ به هڪ گاني جو ٽائيٽل ”ابن بطوطا“ آهي. ملائيشيا جي هڪ ڳائڻي ”نور عائيزا ادريس“ جو پڻ ملئي زبان ۾ ابن بطوطا بابت هڪ گانو بيحد مشهور آهي:
    Layar Ibn-e-Batuta (تون سفر ڪندو رهه ابنِ بطوطا).


    سون کان قيمتي مال !

    پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين، يعني آمريڪا کنڊ جي ڳولا کان اڳ ماڻهن لاءِ دنيا فقط ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊ هو. يورپ جو کنڊ سمنڊ رستي ايشيا يا آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن سان ڳنڍيل نه آهي. يورپي ملڪن جا ٻيڙا ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پئي هليا يا وري جبرالٽر وٽان سمنڊ مان نڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اتر طرف انگلئنڊ، جرمني، بيلجم، هالنڊ وغيرهه ڏي ويا ٿي يا ڏکڻ طرف آفريڪا جي اولهه ڪناري جي مٿين حصي وارن ملڪن: مراقش، موريطانيا، سينيگال، گئمبيا، گني بسائو ۽ وڌ ۾ وڌ سيرياليون ۽ لائبيريا جي بندرگاهن مان ٿي موٽي ٿي آيا .... بعد ۾ ڪجهه عرصي بعد ڪجهه ناکئن وڌيڪ ڏکڻ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڌ ۾ وڌ گئبان، ائنگولا ۽ نميبيا ملڪن جي بندرگاهن تائين جو هيٺ ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جي ويجھو ويندي ڪنهن جي همت نٿي ٿي. ياد رهي ته ان وقت تائين اڃان نه پيٽرول ۽ ڊيزل ايجاد ٿيو هو نه ڪَل جون انجڻيون. جهاز ڪاٺ جا هوندا هئا جن تي ڪپڙي جا سڙهه هئا جن تي هوا لڳڻ سان اهي اڳيان ڌڪيا ٿي.
    دنيا جي ٻئي پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ ۾ عرب، ايراني ۽ انڊين ناکئا پنهنجن جهازن کي ننڍي کنڊ جي چوڌاري يا آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن: ممباسا، ميلندي، دارالسلام، زنجبار وغيره تائين وٺي آيا ويا ٿي. اهي به آفريڪا جو ڪنارو وٺي آخري ڇيڙي تائين هيٺ نٿي ويا جتي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خطرناڪ سمنڊ آهي. البت اڳتي وڌڻ جي ڪوششن ۾ هر سال ڪئين جهاز ٻڏندا رهيا ٿي. ائين ناهي ته ڪو انڊيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن کي خبر نه هئي ته يورپ به آهي ۽ ساڳي وقت يورپ وارن کي به خبر هئي ته انڊيا، چين ۽ جپان به آهن ڇو جو هو باءِ روڊ تي هڪ ٻئي وٽ آيا ويا پئي. جنهن جي خبر 200 سال اڳ مارڪو پولو ڪري چڪو هو. سو انهن ملڪن جو خشڪي رستي واپار وڙو ته هليو پئي. هندي سمنڊ وارن بندرگاهن کان سامان ڳاڙهي سمنڊ تائين آيو ٿي جتان پوءِ عربستان، ايران، مصر، ترڪي مان باءِ روڊ هلي اٽلي پهتو ٿو جتان پوءِ وينس بندرگاهه يا ٻين بندرگاهن کان يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پهتو ٿي. اهڙيءَ ريت ڪا به شيءِ انڊيا يا چين کان فرانس جرمني يا پورچوگال وغيره پهتي ٿي ته رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽئڪس ۽ ڀتا ڏيڻ ڪري منزل تي مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿي. ان ڪري يورپ وارن کي سخت آنڌ مانڌ لڳي رهي ٿي ته ڪنهن به طرح سمنڊ ذّريعي انڊيا ۽ ان پاسي جي ملڪن ملايا، انڊونيشيا (ايسٽ انڊيز) وغيره جو رستو ڳولي وٺجي جيئن هو سنئون سڌو اتي پهچي سودو خريد ڪري سگهن.
    ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته اها ڪهڙي شيءِ هئي جيڪا خريد ڪرڻ لاءِ سڄي يورپ جا ماڻهو ايڏو پريشان هئا. نه فقط عام ماڻهو پر يورپ جي ملڪن جون حڪومتون، بادشاهه ۽ راڻيون ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا تائين سامونڊي رستو ڳولڻ جا خواب ڏسي رهيون هيون. مختلف يورپي ملڪن جي وڏن واپارين گڏجي، يا ڪجهه ملڪن جي بادشاهن پنهنجي خزاني مان وڏو پئسو ڪڍي وڏا وڏا جهاز ٺهرائي ملڪ ملڪ جي بهترين ناکئن جي حوالي ڪيا ٿي ته وڃو، سامونڊي لهرن ۽ ڪُنن سان مقابلو ڪري انڊيا جو رستو ڳوليو ۽ جهازن کي سامان سان ڀري اچو.
    سوال آهي ته اهو ڪهڙو سامان هو جنهن ۾ اسان جا ايشيائي ملڪ مالا مال هئا ۽ يورپي ماڻهو ان لاءِ ايڏو چريا هئا جو هو سالن تائين بلڪه صدين تائين پئسو خرچ ڪندا رهيا، پنهنجا ماڻهو ۽ جهاز ٻوڙائيندا رهيا. ڇا اهو مال سون ۽ چاندي هو يا ان کان به وڌيڪ قيمتي؟ اهو سامان، اها شيءِ، ان وقت، سون ۽ چانديءَ کان به مهانگي هئي. اڄ جو ماڻهو ان تي يقين نه ڪندو پر اها حقيقت آهي ته صدين تائين انڊيا ۽ ايسٽ انڊيز ۾ پيدا ٿيندڙ مصالحو سون کان به مهانگو وڪاميو ٿي _ خاص ڪري ڪارا مرچ (Peppers) جنهن کي سنڌ ۾ ”مِريون“ به سڏين، جاوتري (Mace)، لونگ (Cloves)، جائڦل Nutmeg، دار چيني (Cinnamon) ۽ ڦوٽا جنهن کي الائچي به سڏجي ٿو (Cardamom) جهڙن مصالحن لاءِ ته يورپ جا امير امرا چريا هئا. اهي مصالحا هندستان جي مالابار ڪناري وارن شهرن ۽ انڊونيشيا جي جاوا ۽ ٻين ٻيٽن کان ٻيڙين ذريعي ۽ پوءِ خچرن، گڏهن ۽ اٺن ذريعي افغانستان، ايران، ترڪي جي رڻ پٽن ۽ جابلو علائقن مان ٿيندا جڏهن وينس (اٽلي) پهتا ٿي ۽ اتان پوءِ لسبن، لنڊن، پئرس، بارسلونا ۽ ٻين يورپي شهرن جي سوداگرن تائين پهتا ٿي ته انهن جي اگهن آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪيون. ائين ته يورپي ماڻهو لوڻ، هئڊ، هنگ، گدامڙي، ادرڪ، ٿوم، ڪمال پٽ، اجوين جهڙين شين لاءِ به ديوانا هئا. آئون اڄ به اهو سوچيندو آهيان ته ڇا مصالحي جهڙي شيءِ جيڪا کاڌي ۾ خوشبو يا سواد پئدا ڪري ٿي ايڏي مهانگي ٿي سگهي ٿي! پر پوءِ زعفران (Saffron) جنهن کي ’ڪيسر‘ به سڏجي ٿو ان جو ٿو سوچيان ته اڄ هيترين قسمن جون ساسون ۽ خوشبوئون ايجاد ٿيڻ جي باوجود زعفران ڪيڏي مهانگي آهي! آئون ته جڏهن به ايران يا اسپين ويس ٿي ته منهنجن دوستن فقط ان جي ئي فرمائش ڪئي ٿي.
    پراڻي وقت ۾، يورپ ۾ جڏهن ڪارن مرچن جو اگهه سون برابر هو ته جائڦل (Nutmeg) مصالحو سون کان به مهانگو هو. ويندي سورهين صديءَ ۾ به مصالحي جو ايڏو مانُ هو جو لنڊن جي بندرگاهه۾ ڌڪي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بونس ۾ پئسن بدران لونگ مليا ٿي. 410 ۾ جڏهن وسيگاٿ (Visigoths) وارن روم فتح ڪيو ته هنن رومين کان ڀُنگ خاطر ٽي هزار پائونڊ (يعني ڏيڍ هزار سير) ڪارن مرچن جي گهر ڪئي. رومن سپاهين کي ڪڏهن ڪڏهن پئسن بدران پگهار ۾ لوڻ ملندو هو. عباسي سلطنت کي جائڦل ۽ دار چيني جهڙن مصالحن جي وڪري امير بنايو. هو انڊيا کان آيل اهو مصالحو بصري ۽ بغداد مان گهرائي وڏي اگهه تي قسطنطنيه ۽ اٽلي جي شهرن وينس ۽ جينوا ڏي روانو ڪندا هئا.
    راميسس دوم مصر جو فرعون جنهن 1279 ق.م کان 1212 تائين حڪومت ڪئي ان جي مميءَ (ميڻ ۾ ڍَڪيل جسم) جو جڏهن جائزو ورتو ويو ته هن جي ناسن (نڪ جي سوراخن) ۾ ڪارن مرچن جي ٻوٽي جا پن مليا جنهن جي ول انڊيا جي مالابار ڪناري تي پوکي وڃي ٿي. ان مان لڳي ٿو ته ان وقت به مصالحو انڊيا کان مصر تائين پهتو ٿي.
    مصالحو نه فقط کاڌن ۾ پر دوائن، شهوتي طاقت وڌائڻ لاءِ معجونن ۽ خاڪن ۾ ۽ دفن ڪفن جي رسمن ۾ به استعمال ٿيندو اچي. مصالحن جي تاريخ ايتري ئي آڳاٽي لڳي ٿي جيتري انسان ذات جي. مصالحي خاطر دنيا ۾ جنگيون لڳيون، سلطنتون ٺهيون ۽ ڊهيون، ويندي نوان ملڪ ايجاد ٿيا. مصالحي جي لوڙ نه هجي ها ته ڪرسٽافر ڪولمبس ڪو گهران نڪري ها. هو ته مصالحي خاطر انڊيا ڏي روانو ٿيو ته رستو ڀلجي آمريڪا کان وڃي نڪتو.
    چون ٿا ته آڳاٽي وقت کان، گهٽ ۾ گهٽ 3500 ق.م مصر جي ماڻهن مختلف مصالحن کي رڌ پچاءَ، خوشبوءِ، سينگار ۽ مُردن کي ليپو (Embalming) ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿي. ان بعد مصالحي جو استعمال وچ اوڀر ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي آسپاس وارن ملڪن ۾ عام ٿيو. اٽڪل 5000 سال عربن جو هن واپار تي قبضو رهيو. پوءِ جڏهن يورپين انڊيا تائين پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳوليو ته بازي بدلجي وئي. مصالحي جو واپار پورچوگالين ۽ ٻين يورپين جي هٿ ۾ اچي ويو.


    مصالحن ۽ ان جي واپار بابت ڪجهه وڌيڪَ ڳالهيون

    • جيئن اڄ ڪلهه اسان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ روزگار نه ملڻ ڪري، گهر ٻار لاءِ پئسو ڪمائڻ خاطر پنهنجي زندگي جوکي ۾ وجھي، ڀڳل ٻيڙين ۽ بند ٿيل ڪنٽينرن ذريعي ترڪي، يونان، اٽلي ۽ اڳتي فرانس، جرمني انگلنڊ پهچن ٿا تيئن پراڻي دور ۾، يورپ جي ماڻهن پندرهين صديءَ جي آخر تائين .... ۽ ويندي ان کانپوءِ به، سامونڊي ڇتين ڇولين ۽ طوفانن جي پرواهه نه ڪندي، مصالحن خاطر انڊيا پهچڻ جي ڪوشس جاري رکي ٿي. يورپ ۾ مصالحن جو اگهه ايڏو ته مٿي هو جو اتي جي ماڻهن زندگي داءَ تي لڳائي به انڊيا، جاوا، سماترا سمنڊ رستي پهچڻ چاهيو ٿي. جو هنن سمجھيو ٿي ته سمنڊ رستي هو گهڻو مصالحو آڻي سگهيا ٿي ۽ جھجھو مال ڪمائي سگهيا ٿي.
    • پهريون يورپي جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وارو سمنڊ ڪراس ڪري انڊيا پهتو اهو پورچوگالي واسڪوڊاگاما هو. هو پاڻ سان چار جهاز ساڻ ڪري نڪتو هو. واٽ تي ٻه جهاز ٻڏي ويا پر هو باقي ٻه جهاز مصالحي سان ڀرائي پورچوگال پهچي ويو. ان مصالحي مان هنن پنهنجي سڄي سفر ۽ ٻڏل جهاز جي خرچ کان 60 دفعا وڌيڪَ ڪمايو.
    • انهن ڏينهن ۾ هڪ پائونڊ (يعني اڌ ڪلو) ادرڪ (سنڍ) جي قيمت هڪ رڍ برابر هئي. هڪ پائونڊ جاوتريءَ جو ٽن رڍن يا اڌ ڍڳيءَ برابر هو. ڪارا مرچ سڀ ۾ مهانگا هئا. اهي تور بدران، انهن جا داڻا ڳڻي وڪيا ويا ٿي.
    • واسڪوڊاگاما جي انڊيا پهچڻ بعد يورپ ڏي مصالحو اچڻ وڌي ويو. ڪيترا سال ته هن سامونڊي رستن تي فقط پورچوگالين جو قبصو هو پوءِ يورپ جي ٻين قومن به اهي رستا ڳولي ورتا. ڊچن کي پورچوگالين انِڊيا ڏي يا انڊيا وٽان لنگهڻ نٿي ڏنو پر پوءِ هنن ماڳهين جاوا (جتي بانڊا ۽ مالوڪو (Maluku) جهڙا مصالحو پيدا ڪرڻ وارا ٻيٽ آهن، جيڪي سڏجن ئي مصالحي وارا ٻيٽ (Spice Islands) ٿا) اتي پهچڻ لاءِ ڊچن ڪيپ آف گڊ هوپ کان سڌو اوڀر ڏي رستو اختيار ڪيو ۽ انڊيا ڏي وڃڻ بنا سڌو ملايا ۽ انڊونيشيا پهچي ويا ٿي.
    • مصالحن وارن ٻيٽن ۽ انهن تائين پهچڻ وارن سامونڊي رستن تي اختيار قائم ڪرڻ لاءِ، جيئن فقط سندن ڪمائي ٿئي ۽ ٻيا بک مرن، يورپي ملڪ ـــ خاص ڪري پورچوگال، اسپين، فرانس، هالنڊ ۽ برطانيا پاڻ ۾ ٽن صدين تائين خوني لڙائيون وڙهندا رهيا.
    • سن 1000ع تائين عربن جو سنڌو ماٿريءَ تي قبضو ٿي چڪو هو. عربن پاڻ سان سعودي عرب، عراق، شام، کان جيڪي مصالحا انڊيا ۾ آندا انهن ۾ سڪا ڌاڻا (Coriander) ۽ جِيرو (Cumin) آندو جيڪو انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪارين مِرين (مرچن)، سنڍ (ادرڪ) ۽ هئڊ (Turmeric)سان ملائي جيڪو مڪس مصالحو ٺاهيو ويو ٿي اهو آهستي آهستي نه فقط سڄي انڊيا (هند سنڌ) ۾ پر سڄي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن: سيام (اڄ واري ٿائلنڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، انڊونيشيا کان ويٽنام، ڪمبوڊيا، برما، سريلنڪا ۾ مشهور ٿي ويو. صدين بعد جڏهن انگريز جهازرانن انڊيا اچڻ شروع ڪيو ته هنن هن مصالحي کي ”ڪَري پائوڊر“ جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور ڪرايو.
    • عرب سوداگرن انڊونيشيا توڙي ٻين ايشيائي ملڪن ۾ ٿيندڙ مصالحو انڊيا مان ئي خريد ڪيو ٿي. انڊيا جي واپارين دلال (مڊل مئن) جو ڪم ڪيو ٿي. انڊيا وارن جو ٻن صدين کان جاوا ٻيٽن تي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي جتي بانڊا ۽ مالوڪو جهڙن ٻيٽن تي ته رڳو مصالحو ٿيو ٿي. هاڻ پنجاهه سٺ سالن کان اسان وٽ سنڌ جي وڏن دڪانن تي هر قسم جو مصالحو ملڻ شروع ٿيو آهي نه ته سٺ واري ڏهي ۾ به اسان چٽگانگ (بنگلاديش) ۽ ڪولمبو (سلون) کان موٽندا هئاسين ته اتان سوپاريون ۽ مصالحا وٺي ايندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ گهرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ لوڻ، مرچ، هئڊ ۽ ڪارين مرين جوئي استعمال ٿيندو هو. جئڦل ۽ جاوتري جهڙا نالا ته مون ٻڌا ئي نه هئا. ڪولمبو ۾ رهندڙ هڪ هندو فئملي جڏهن مونکي زبردستي وٺرايا ۽ ڳوٺ کڻي آيس ته منهنجي ڏاڏيءَ کي به سمجهه نه آيو ته انهن جو ٻوڙ ۾ استعمال ڪيئن ٿو ٿئي. اهڙين شين جا نالا اسان هالا ۾ فقط ٻن پسارين: عبدالعزيز انصاري ۽ ايسرداس جي دڪانن تي ٻڌا ٿي.
    بهرحال سنڌ جا هندو واپاري جن جو واپار خاطر صدين کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي اهي البت جاوا ۽ سماترا (اڄ جي انڊونيشيا) ڏي به ويندا رهيا ٿي ۽ هنن جي اتان آندل مال تي تمام وڏي ڪمائي هئي جو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته صدين تائين مصالحو سون کان به مهانگو وڪاميو ويو ٿي. جاوا ويندڙ مصالحي جا واپاري نه فقط عرب، گجراتي، پورچوگالي، ڊچ ۽ انگريز خوش حال رهيا ٿي پر سنڌ جا سنڌي واپاري پڻ. تڏهن ته شاهه لطيف کي چوڻو پيو:

    سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا
    ڪري وڻج واپار، سي سگهو ٿيا ساوا

    • انڊيا جي مالابار ڪناري تي خاص ڪري ڪوچين وغيره ۾ ڪافي مصالحو ٿيو ٿي پر ملايا (ملائيشيا) ۽ انڊونيشيا جا ٻيٽ جاوا سماتر وغيره ڄڻ ته مصالحن جا گهر هئا. ايتريقدر جو جاوا جي ڀر وارا بانڊا (Banda) ٻيٽ ۽ مالوڪو (Maluku) ٻيٽ ته صدين کان ”مصالحي وارا ٻيٽ“ (Spice Islands) سڏجن ٿا. عربن جو هند سنڌ ۽ سلون جي بندرگاهن ۾ ته صدين کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي جو انهن ڏينهن ۾ جهازراني ”ڪناري راني“ هوندي هئي يعني تارن رستي سمنڊ تي واٽ ڳولڻ جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي ۽ نه وري اٿاهه سمنڊ جي وِيَٽ ۽ ماپ جي. لاري بندر يا ديبل بندر کان نڪتل ٻيڙا اٿاهه سمنڊ ۾ وڃڻ بدران ڪڇ، گجرات جو ڪنارو ڏيندا، مالابار ڪناري تي پهتا ٿي جتان پوءِ سلون پهتا ٿي. سڙهن وارا ٻيڙا هئا جيڪي هوا جي زور تي هليا ٿي، مٿيون سفر يعني سنڌ کان سري لنڪا جو يا عرب ۽ ايراني بندرگاهن کان سنڌ ۽ سلون جو يعني اتر کان ڏکڻ طرف وڃڻ جو هميشه سياري جون اتراهون هوائون لڳڻ سان يڪدم شروع ڪيو ويو ٿي. اتر جي پهرين هير لڳڻ سان ناکئا وٺ وٺان ۾ اچي ويندا هئا. هو مائٽ مٽ، نيون شادي شده ونيون، عيد براتون ڇڏي ڏکڻ طرف سفر جو سانباهو ڪندا هئا. بقول شاهه لطيف جي:
    ”لڳي اتر هيرَ، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير.“
    تن ڏينهن ۾ سنڌ جا رهاڪو هندو ۽ ٻوڌي هئا. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سٺا سامونڊي هئا .... سٺا ناکئا هئا .... جن جو واپار کان علاوه قذاقي (سامونڊي ڦرن) ۾ به وڏو نالو هو. عرب به سٺا جهازران هئا ۽ انڊيا مان انڊونيشيا جو مصالحو خريد ڪري مصر جي شهر ۽ بندرگاهه سڪندريا ۾ اچي بازار لڳائي ٿي جتان پوءِ رومن (انهن ڏينهن ۾ ترڪي تي رومن جي حڪومت هئي) اهي خريد ڪري اٽلي جي وينس ۽ جينوا شهرن ۾ وڪرو ڪندا هئا جتان پوءِ سڄي يورپ ۾ هي وکر (مصالحا) جيڪو سون ۽ قيمتي پٿرن کان مهانگو هو، پهتو ٿي. انڊيا جي رهاڪُن، عربن ۽ وينس جي يورپين ان مان خوب ڪمايو ٿي.

    • ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عرب سٺا ماهر فلڪيات رهيا آهن يعني هو تارن جي علم Astronomy ۾ هوشيار هئا. هنن جلد ان بابت سوچيو ته تارن جي چرپر، اڀرڻ لهڻ ۽ ٻي معلومات ذريعي هو سمنڊن تي رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪن. ۽ هو ان ۾ بلڪل ڪامياب رهيا. هنن جي تارن بابت ڄاڻ اڄ به يورپ جي جهازرانيءَ جي اسڪولن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. هو ان زماني ۾ تارن جي ڄاڻ مان فائدو وٺي اڄ واري انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پهچي ويا جتي جا ٻيٽ مصالحن کان مشهور هئا. هاڻ هو انڊيا مان فقط انڊيا جو مصالحو وٺڻ لڳا باقي ٻيو مصالحو انڊونيشيا پهچي اتي جي ٻيٽن بانڊا ۽ ملوڪو تان خريد ڪرڻ لڳا ۽ پهرين کان به وڌيڪَ فائدو حاصل ڪرڻ لڳا. هوڏانهن قسطنطنيه، سڪندريا، ۽ ويانا ۾ ويٺل عيسائي جن اڳتي يورپ جي ملڪن ۾ سپلاءِ ڪيو ٿي، اهي به فائدو وٺندا رهيا. يورپين لاءِ مصالحو ان ڪري ضروري هو جو هڪ ته انهن ڏينهن ۾ اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن نه هئي ۽ ٻيو ته هائجن جو معيار به ڪو ايترو بهتر نه هو. سو گوشت کي بئڪٽيريا کان بچائڻ لاءِ ۽ گوشت ۾ خوشبوءِ ۽ سواد پئدا ڪرڻ لاءِ مصالحن جي ڊمانڊ تمام گهڻي هئي. مختلف مصالحا خوشبوءِ طور به استعمال ٿيا ٿي جيئن ته ڦوٽا (الائچي)، لونگ وغيره. ڪجهه مصالحا دوائن ۽ معجونن ڪُشتن ۾ به استعمال ٿيا ٿي.
    • يورپي درويش گهر ويٺي مهانگو مصالحو حاصل ڪري، سڄي زندگي خوش ويٺا هجن ها ۽ اسان ڏي اچڻ جو رخ ئي نه ڪن ها. پر پوءِ ڇا ٿيو جو 1453 ۾ ”قسطنطنيه“ عثمانيا سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو. هاڻ آيل مصالحي تي ٽئڪس هڻڻ وارا رومن عيسائي نه پر ترڪ مسلمان حاڪم ٿي ويا. هنن هڪ هٽيءَ مان فائدو وٺي مصالحي تي ايڏو کڻي ٽئڪس هنيو جو يورپين جون وايون بتال ٿي ويون. هو سوچڻ لڳا ته مسلمانن کي ٽئڪس ڏيڻ بدران ۽ مصالحي جو اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪو سامونڊي رستو ڳولڻ کپي جنهن ذريعي سڌو انڊيا ۽ انڊونيشيا پهچي مصالحو آڻجي.
    يورپي سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جون راهون ڳوليندا رهيا. هر يورپي ملڪ پنهنجا سٺا سٺا جهازران، نون نون جهازن ۾ ڏکڻ طرف موڪليندا رهيا جو هنن کي ايتري idea ٿي وئي هئي ته آفريڪا کنڊ جي ختم ٿيڻ بعد ئي انڊيا اچي ٿي. جهاز ٻڏندا رهيا جهازران مرندا رهيا پر هر ملڪ پنهنجي ڪوشش قائم رکي. 1488 ۾ اهو ڪارنامو ٿيو جو پورچوگالي ناکئو برتولومو (Bartolomeu Dias) آفريڪا کنڊ جي هيٺين tip (کاڏيءَ) تائين پهچي موٽي آيو. هو طوفانن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ اڳيان وڌڻ بدران موٽي آيو. 1492 ۾ اسپين جي بادشاهه طرفان موڪليل اطالوي ناکئو ڪراسٽافر ڪولمبس انڊيا جي ڳولا ۾ هڪ نئين دنيا ”آمريڪا“ ڳولي آيو. ان بعد پوءِ 1497 ۾ واسڪوڊاگاما جيڪو پڻ پورچوگالي هو اهو آفريڪا جي ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سمنڊ اُڪري انڊيا تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ ته پورچوگالي جهازن جي انڊيا ڏي قطار لڳي وئي ۽ مصالحي جي واپار تي پورچوگالين جو قبضو ٿي ويو. نه فقط مصالحي تي پر موزمبق، گوا، ملاڪا جهڙن ملڪن تي پڻ قبضو ڪري ويهي رهيا.


    وچ ايشيا جو سفر

    • اسانجي ۽ مغرب جي ٽوئرسٽ ۾ فرق.....
    ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي جتي مون کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جي جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن پڙهايو ٿي اتي آفيس جي ڪمن لاءِ مڪاني ملئي ڇوڪريون رکيل هيون. هڪ دفعي انهن مان ڏهاڪو کن ڇوڪريون گروپ ٺاهي هفتي کن لاءِ آذر بائيجان جي شهر باڪوءَ ۾ موڪلون گذارڻ ويون. انهن ۾ اسان جي مئرين ڊپارٽمينٽ جي ٽائپسٽ ”چڪ (Cik) زهره“ ۽ اسٽوڊنٽس ڪوآرڊينيٽر ”پُئان (Puan) سيتي فاطمه“ به هيون. هيڏانهن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي پاسي ويندي ڏکڻ ٿائلينڊ ۾، ڪنواري ڇوڪريءَ کي ”چِڪ“ يعني مِس سڏين ۽ شادي شده يعني مسز کي ”پئان“. ملئي رومن لکڻيءَ ۾ ”چ“ جي اچار لاءِ انگريزيءَ جو اکر (C) استعمال ٿئي ٿو جيئن اسان وٽ (C H) ٿئي ٿو.
    مون کي به آخري ڏينهن ۾ خبر پئي ته هو باڪو وڃي رهيون آهن جنهن لاءِ هو نوان نوان چمپل ۽ باجو ڪرونگ (ملئي ڊريس جنهن ۾ مٿي بلائوز جهڙو چولو ٿئي ٿو ۽ هيٺ گوڏ جهڙو اسڪرٽ) ٺهرائي رهيون آهن. مون خبردار ڪيومان ته ”اتي جي موسم ڪا ملائيشيا جهڙي ناهي جتي ٻارهوئي گرمي ۽ مينهن لڳو پيو هجي. آذر بائيجان ايران کان به مٿي اتر ۾ آهي جتي مارچ جي مهيني ۾ جنهن ۾ هو وڃي رهيون هيون، سخت سيءُ هوندو. انهن ملئي سرونگن (گوڏين/ اسڪرٽن) بدران پتلونون ۽ هڪ اڌ سوئيٽر يا جئڪيٽ کڻي وڃو.“
    ملائيشيا جا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نه نڪتا آهن انهن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته سيءُ ڇا ٿو ٿئي. جيئن سئيڊن، ناروي پاسي جي ماڻهن کي گرميءَ جو احساس ناهي ـــ ايتري قدر جو اتي جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي، جن جو ڪڏهنايشيا يا آفريڪا ته پري جي ڳالهه آهي پر ڏکڻ يورپ جي اٽلي، اسپين، يونان ۽ البانيا جهڙن ملڪن ۾ به وڃڻ نه ٿيو آهي انهن ڪڏهن ايئرڪنڊيشن يا اليڪٽرڪ جو پنکو (Fan) به نه ڏٺو آهي. ظاهر آهي انهن جو اونهارو به ٿڌو ٿئي ٿو. ايتري قدر جو بسين ۾ شيشي جون دريون ته ضرور ٿين پر کلڻ بدران سِيل ٿن. اهڙي طرح ڪيترن ملئي ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن سئيٽر يا ڪوٽ نه پاتو هوندو. ملائيشيا ۾ گرم ڪپڙن جا دڪان ئي ناهن. ڪئالالمپور ۾ هڪ آڳاٽو دڪان انگريزن جي ڏينهن کان هو ۽ ان بعد هاڻ ٻيو کليو آهي. انهندڪانن تي ڪنهن ملئي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي چڙهندو ڏسو ته سمجهي وڃجو ته هو اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ، آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ڏي پيو وڃي.
    موڪلن بعد جڏهن اڪيڊمي کلي ته ملئي ڇوڪرين جي چهرن ۽ ڳالهين مان لڳو ته هو خوب Enjoy ڪري آيون آهن. ڇا باڪوءَ جي ٿڌڪار واري موسم، ڇا اتي جا نظارا، اتي جي بندرگاهه ۾ ايندڙ ويندڙ جهاز ۽ فيريون..... ۽ انهن مان لهندڙ ايراني، روسي، ترڪمنستاني، قزاقستاني ۽ مڪاني آذربائيجاني سهڻا ماڻهو سهڻن وڳن ۾.... ۽ باڪو شهر ۾ دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسي هي ڇوڪريون واقعي موهجي ويل ٿي لڳيون.
    چانهه جي وقفي ۾ آئون انڊيا جي سک ڪئپٽن تيجپال سنگهه سان ويٺو هوس ته پئان سيتي فاطمه مون کي مختلف جهازن تان آيل آفيسرن جي ٽائيپ ٿيل لسٽ اچي ڏني جن مئرين انجنيئرنگ جا مختلف ڪورس ڪرڻ لاءِ بڪنگ ڪرائي هئي. مون کائنس باڪوءَ جو پڇيو.
    ”انچڪ الطاف! ڏاڍو مزو آيو. توهان ته ضرور ڏٺو هوندو“، هن چيو.
    ملئي زبان ۾ جناب يا محترم لاءِ ”اِنچڪ“ لفظ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزيءَ ۾ ”مسٽر“ ۽ جپانيءَ ۾ سان (San).
    ”جي ها، فاطمه“، مون مرڪندي وراڻيو پر هن کي اهو لڳو ڄڻ هن اهو سوال مون کان ڪري غلطي ڪئي هجي.... هوءَ يڪدم ملئي ٻوليءَ ۾ ”معافڪن معافڪن“ (ساري! ساري!) چئي، انگريزيءَ ۾ چيو: ”ڏس ته صحيح مسٽر الطاف! آئون اهو سوال ڪنهن کان ته ڪري رهي آهيان. توهان جو جهاز ته باڪوءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا ويو هوندو“.
    ”هڪ دفعو به نه،“ مون وراڻيو مانس، ”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو اسانجي ملڪ جو ڪو جهاز آذربائيجان جي بندرگاهه باڪو ۾ داخل ٿي سگهي“.
    ”پر مون ٻڌو آهي ته اسان جي ملڪ جي جهازن يا ماڻهن کي فقط اسرائيل جي بندرگاهن ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي. باڪو ته هڪ مسلمان ملڪ جو بندرگاهه آهي“. پئان سيتي فاطمه چيو.
    ”توکي خبر آهي ته ايمرجنسيءَ ۾ اسان بمبئي ته ڇا پر اسرائيل جي بندرگاهن: حائفان، ايلات ۽ اشدود ۾ به جهاز کي وٺي وڃي سگهون ٿا پر باڪو بندرگاهه ۾ پهچڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي“.
    منهنجي ڳالهه کي هن ڪجهه ڪجهه چرچو سمجهي هوءَ ڪئپٽن تيجپال سنگهه ڏي ڏسڻ لڳي. تيجپال جيڪو شروع کان اسان جي گفتگو ٻڌي مرڪي رهيو هو تنهن سيتي فاطمه جي اکين ذريعي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو: ”فاطمه الطاف سچ ٿو چوي.... الطاف ته ڇا پر آئون يا ٻيا تنهنجا اڌ درجن مختلف ملڪن جا ڪئپٽن جيڪي هتي پڙهائين ٿا ۽ جيڪي ويهه ويهه سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي پنهنجا جهاز هلائي هتي پهتا آهن انهن مان به ڪو جپان، ڪوريا يا انگلينڊ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن کان جهاز کي باڪو نٿو پهچائي سگهي“.
    فاطمه وائڙي ٿي وئي، پر يڪدم عقل کان ڪم وٺي چيو: ”توهان چئو ٿا ته باڪو ۾ دنيا جو ڪو به جهاز نٿو پهچي سگهي پر مون ڏٺو ته باڪوءَ جو بندرگاهه جهازن ۽ ٻيڙين سان ڀريو پيو هو. هڪ دفعي ته اسان جي اڳيان هڪ پئسينجر فيري (جهاز) باڪو آيل ٽوئرسٽن کي کڻي قزاقستان ملڪ جي بندرگاهه آق تائو (Aktau) وڃي رهيو هو ۽ هڪ مال بردار جهاز ايران جي بندرگاهه راشت (Rasht) کان به آيو هو، مسٽر الطاف!“.
    ”بلڪل صحيح ٿي چوين پر“، مون پاران منهنجي ساٿي پروفيسر ڪئپٽن تيجپال سنگهه کيس جواب ڏنو، ”تون اتي هجڻ دوران بندرگاهه يا ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ کان پڇين ها ته اتان ڪو جهاز ملائيشيا، انڊونيشيا يا پاڪستان ۽ هندوستان به وڃي ٿو؟ يا ايران جي بندرگاهه راشت ڏي ويندڙ جهاز وارن کان اهو پڇين ها ته اهو جهاز يا ان ڪمپنيءَ جو ڪو ٻيو جهاز ايران جي بندرگاهه ڇا بهار يا بندر عباس وٺي هلندو؟“.
    ”ڪئپٽن تيجپال! چڱو جو سيتي فاطمه انهن جهاز وارن کان اهو نه پڇيو،“۽ پوءِ سيتي فاطمه کي مخاطب ٿيندي چيم، ”اجايو ماڻهو کلن ها“.
    اسان جون ڳالهيون ٻڌي فاطمه سخت پريشان ٿي وئي. اسان کي به چانهه پيئڻ دوران مڙيئي بڪ شڪ ڪرڻ جو سٺو موقعو مليويو.
    ”ريئلي؟ سايا تيداق فهام! سايا بَالڪ دي بِلڪِ سايا“- (سچ پچ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. چڱو آئون پنهنجي ڪمري ڏي موٽان ٿي). اهو چئي فاطمه هلڻ لڳي ۽ اسان به چانهه جي آخري سرڪ ڀري اٿياسين. رستي تي مون فاطمه کي پريشانيءَ مان ڪڍڻ لاءِ حقيقت ٻڌائي ته اهو ان ڪري جو ڪئسپين سمنڊ جنهن جي ڪناري تي باڪو يا ايران جو بندرگاهه راشت ۽ قزاقستان جو بندرگاهه آق تائو آهي، هڪ کليل سمنڊ نه پر ڍنڍ آهي. ڍنڍ ۾ فقط اهي جهاز هلي سگهن ٿا جيڪي اتي ڄمن ٿا يعني اتي ٺاهيا وڃن ٿا. اهي جهاز ڍنڍ جي چوڌاري خشڪي لتاڙي نه ٻئي سمنڊ ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ نه ٻين ملڪن جا جهاز هن ڍنڍ ۾ اچي سگهن ٿا. جهاز هڪ سمنڊ کان ٻئي تائين تڏهن پهچندو جڏهن انهن جي وچ ۾ ڪا سامونڊي گهٽي هوندي جيئن هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي وچ ۾ هي ملاڪا ڳچي سمنڊ (The Malacca Strait) آهي.“ مون اسان جي اڪيڊمي اڳيان وهندڙ درياهه جهڙي سمنڊ ڏي اشارو ڪري چيو ـــــ جنهن جي پرئين ڪناري پاسي انڊونيشيا جو ٻيٽ سماترا آهي جنهن جا جبل اسان جي گهرن ۽ آفيسن مان صاف نظر اچن ٿا.
    ”اوه! تيريما ڪاسيح- ڪاش مون کي وڃڻ کان اڳ اها ڄاڻ هجي ها ته اها ڳالهه اتي تصور ڪري وڌيڪ لطف وٺان ها“. هن ملئي ٻوليءَ ۾ ٿورا مڃيندي چيو.
    ”مون ته توکي وڃڻ کان اڳ بار بار چيو پئي ته جنهن شهر ۽ ملڪ ۾ وڃين پئي ان جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي ڄاڻ ۽ ان جي شهر جي عمارتن ۽ روڊ رستن جا نقشا جانچي وڃ. پر توکي رڳو ڪپڙا سبرائڻ جو يا هوٽل جا بروشر ڏسڻ جو شوق هو ته فور اسٽار هوٽل آهي يا فائو اسٽار.... روز جي مسواڙ ۾ نيرن به شامل آهي يا نه.... شاپنگ لاءِ ڪهڙيون شيون ۽ ڪهڙا دڪان آهن جيڪي ڊسڪائونٽ ڏين ٿا.... چڱو هاڻ منهنجي آفيس اچي وئي.... خدا حافظ“.
    آفيس پهچي ٿورو ٿورو افسوس ضرور ٿيو ته منهنجن دڙڪن تي مائي وڏيءَ پنهنجي بيعزتي نه محسوس ڪئي هجي. دراصل اهو ئي فرق آهي اسان ايشيائي ٽوئرسٽن (سياحن) ۽ مغرب جي ٽوئرسٽن ۾. گورا يورپي توڙي آمريڪن ڪو ملڪ يا ان جو ڪو شهر گهمڻ لاءِ نڪرندا ته ان کان اڳ ڪيترائي ڏينهن هو ان شهر ۽ ملڪ جي جاگرافي ۽ تاريخ جو مطالعو ڪندا رهندا.... شهر جي هڪ هڪ گهٽي ۽ ڏسڻ جهڙين اهم عمارتن جا نالا ياد ڪري ڇڏيندا.... ويندي مختلف علائقن ڏي ويندڙ بسين جا نمبر ۽ ممبئي يا تهران جهڙن شهرن ۾ هلندڙ لوڪل ريل گاڏين يا ميٽرو ٽرينن جي ريلوي اسٽيشنن جا نالا به ياد ڪري ڇڏيندا. اسان جا ماڻهو سفر تي نڪرڻ کان اڳ اتي پائڻ لاءِ نوان نوان وڳا ٺهرائيندا ۽ بوٽ خريد ڪندا. يورپي ماڻهو هڪ ئي جينز جي وڳي ۽ جاگر شوز ۾ پيا هلندا.... پوءِ اسان جي ماڻهن کان واپسي تي احوال پڇبو آهي ته هنن جو سڄو زور ان تي هوندو آهي ته هوٽل جي ڪمرن جو غاليچو ۽ پڙدا واهه جا هئا. روز مئڪڊونالڊ ۽ ڪي ايف سي ۾ ڊنر ڪندا هئاسين. هوٽل طرفان جيڪا نيرن ملندي هئي ان ۾ ڏهه ڊش هوندا هئا.... وغيره وغيره.

    • ڪئسپيئن ـــ هڪ عجيب سمنڊ.....
    مٿي آذر بائيجان ملڪ جي خوبصورت بندرگاهه باڪوءَ جي ڳالهه ڪندي ڪئسپين سمنڊ جو ذڪر نڪتو. هتي ڪجهه سٽون هن عجيب سمنڊ بابت لکڻ ضرور ٿو سمجهان. ڏٺو وڃي ته دنيا جا سڀ سمنڊ هڪ ٻئي سان پاڻمرادو ڳنڍيا پيا آهن جيئن عربي سمنڊ، ايراني نار، هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ وغيره. يا وري سوڙهين سامونڊي گهٽين (نارن ۽ ڳچي سمنڊن) ذريعي مليل آهن يا وري سئيز، پاناما ۽ ڪِيل ڪئنال جهڙن هٿرادو کوٽايل ڪئنالن ذريعي. ڪي سمنڊ جيڪي بند بند آهن... بحر اسود (Black Sea) ۽ ڀونچ سمنڊ جهڙا ــــــ اهي به ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌان ٿورا کليل آهن جن مان جهاز ۽ سمنڊ جو پاڻي ٻين سمنڊن ڏي ايندو ويندو رهي ٿو. پر ڪئسپين سمنڊ سنئون سڌو يا ڪنهن سامونڊي درياهه ذريعي ڪنهن بهٻئي سمنڊ سان ڳنڍيل ناهي.مثال طور ڀونچ سمنڊ (Mediterranean)خلا مان ڏسڻ سان بند سمنڊ لڳي ٿو پر ائٽلانٽڪ سمنڊ سان جبرالٽر ڳچي سمنڊ ذريعي مليل آهي جنهن جو عربي نالو ”مضيق جبل طارق“ آهي.
    ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري پري پري تائين خشڪي آهي. ڪو سمنڊ ويجهو هجي ها ته سئيز يا پاناما جهڙي هٿرادو ڪئنال سان کين ڳنڍيو وڃي ها. ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري هي ملڪ آهن: اتر اوڀر ۾ قزاقستان ته اتر اولهه ۾ روس آهي. بلڪل اولهه ۾ آذربائيجان آهي جنهن جو بندرگاهه باڪو هن سمنڊ جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي. ڏکڻ اوڀر ۾ ترڪمنستان آهي ته بلڪل ڏکڻ ۾ ايران آهي. راشت بندرگاهه ڪئسپين سمنڊ ۾ ايران جو وڏو بندرگاهه آهي.
    چوڌاري زمين هجڻ ڪري جيڪي ماڻهو ڪئسپين سمنڊ کي ڍنڍ سمجهن ٿا اهي به غلط نه آهن. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾ اهو ئي پڙهايو وڃي ٿو تهڌرتيءَ جو ٽڪرو جنهن جي چوڌاري پاڻي آهي ته اهو ”ٻيٽ“ سڏجي ٿو ۽ اهو پاڻيءَ جو تالاب جنهن جي چوڌاري خشڪي آهي ته اها ”ڍنڍ“ ٿي. سو ان حساب سان ڪئسپين دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ٿي. جيئن آمريڪا ۽ ڪئناڊا بارڊر وٽ 82،100 چورس ڪلو ميٽر جي Lake Superior ڍنڍ آهي. يا وڪٽوريا ڍنڍ جيڪا آفريڪا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي ـــ (اٽڪل 69000 چورس ڪلوميٽر) جنهن جي چوڌاري يوگنڊا، ڪينيا ۽ تنزانيا جهڙا ملڪ آهن. اهڙي طرح روس جي 31،500 چورس ڪلوميٽر بائيڪل (Baikal) نالي ڍنڍ آهي.
    ڏٺو وڃي ته ”مردار سمنڊ“ جنهن کي عربي ۾ ”البحر الميت“ يعني Dead Sea ۽ ”بحريه لوط“ به سڏيو وڃي ٿو اهو پڻ ڍنڍ ٿيو. هي سمنڊ ٽن ملڪن جي وچ ۾ آهي. سندس اولهه ۾ اسرائيل ۽ فلسطين (ويسٽ بئنڪ) آهي ته اوڀر ۾ اردن (جارڊن). هي سمنڊ ۽ سندس ڪنارو دنيا جي سامونڊي سطح (Surface Level) کان 400 ميٽر هيٺ آهي. هي علائقو دنيا جو بلڪل هيٺاهون علائقو چئي سگهجي ٿو. اسرائيل کان فلسطين جي ويسٽ بئنڪ تائين وارو هاءِ وي دنيا جو هيٺاهون ترين رستو آهي. هن سمنڊ ۾ تازو پاڻي فقط اردن نديءَ مان اچي ٿو جيڪا هن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پوک (کيتي ٻاڙي) ڪري ڇوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جو مقدار وڃي گهٽبو جيئن اسان وٽ سنڌونديءَ جو ڇوڙ آهي. ڪوٽڙي کان پوءِ وڃي پاڻي گهٽبو ۽ عربي سمنڊ ۾ ڪو پاڻيءَ ڦڙو مس داخل ٿئي ٿو. پر اهو آهي ته عربي سمنڊ هن مردار سمنڊ وانگر الڳ ٿلڳ ناهي. اهو هندي وڏي سمنڊ سان مليو پيو آهي ۽ هندي سمنڊ جي هڪطرف ائٽلانٽڪ سمنڊ ڳنڍيو پيو آهي ته ٻئي طرف ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ. ان ڪري هڪ سمنڊ جو پاڻي ٻئي سان ملي نه فقط کاراڻ (لوڻ جي ليول) پر پاڻيءَ جي ليول هڪ جهڙي قائم رکي ٿو. گرميءَ ۾ سمنڊن جو پاڻي ٻاڦ ٿي ڪڪر ٿين ٿا. پاڻي جي کوٽ ضرور ٿئي ٿي پر وسڪارو يا برف باري ٿيڻ تي پاڻي واپس سمنڊ ۾ داخل ٿي ليول ۽ لوڻياٺ قائم رکي ٿو. ان کان علاوه اتر کان ايندڙ برف جون ڇپون Ice Bergs به سمنڊ جي ليول کي برابر ڪن ٿا.پر مردار سمنڊ (Dead Sea) دنيا جو اهو سمنڊ آهي جنهن مان هر سال جيترو پاڻي Evaporate ٿئي ٿو اوترو دريائن جي صورت ۾ منجهس داخل نٿو ٿئي. صدين کان هن سمنڊ جو پاڻي وڃي Evaporate ٿيندو ۽ ان جو لوڻ پٺيان رهجيو وڃي. ان ڪري هن سمنڊ جي کاراڻ 34 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي. يعني هن سمنڊ جي گلاس پاڻيءَ ۾ 34 حصا لوڻ آهي ته 66 حصا پاڻي، دنيا جي سمنڊن جو پاڻي ايڏو کارو آهي جو اڃ ۾ پاهه ٿيل ٻڏندڙ انسان به پي نٿو سگهي ۽ هن مردار سمنڊ جو پاڻي دنيا جي ٻين سمنڊن: ائٽلانٽڪ، پئسفڪ، عربي سمنڊ ۽ ايراني نار جي سامونڊي پاڻيءَ کان 9 دفعا وڌيڪ کارو آهي. سندس Densitty 1.25kg/ litre يعني مردار سمنڊ جي هڪ لٽر پاڻيءَ جو وزن سوا ڪلو آهي. نتيجي ۾ هن سمنڊ ۾ بنا هٿ پير هڻڻ جي آسانيءَ سان Float ٿي سگهجي ٿو. توهان هن سمنڊ جا ڪيترا فوٽا ڏٺا هوندا ته ماڻهو سمنڊ جي مٿان ليٽي اخبار پڙهي رهيا آهن. سخت کاراڻ ڪري هن سمنڊ ۾ نه ڪو گاهه ٻوٽو ۽ نه ڪا مڇي گانگٽ جيئرو رهي سگهي ٿو.
    اڄڪلهه هن سمنڊ (Dead Sea) جي پکيڙ ڪا 600 چورس ڪلوميٽر مس وڃي بچي آهي ڇو جو روز سج جي تپش ڪري ان جو پاڻي ٻاڦ ٿيو پيو وڃي ۽ نئين پاڻي اچڻ جو ڪو گس ناهي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هن مردار سمنڊ ۾ فقط اردن ملڪ جي نهراردن ڇوڙ ڪري ٿي سا به پوک جي ڪري ڇوڙ وٽ ڪوئي جو پڇ ٿي وئي آهي.... يعني پاڻي صفا نه برابر وڃي رهيو آهي جيئن اسان جي سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا جو حال آهي. پوڇڙ ۾ پاڻي آهي ئي ڪو نه. هڪ هنڌ- شايد ملائيشيا جي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ اپوح، جي هڪ ڊپلوما شاگرد پڇيو ته مردار سمنڊ جو پاڻي بخار ٿي اڏامندو رهي ٿو ته ان سان گڏ ان ۾ شامل لوڻ به ڇو نٿو هليو وڃي. بهرحال سائنس جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندڙ ٻار به سمجهي ٿو ته گرمائش تي پاڻي پنهنجي شڪل بدلائي ٻاڦ ٿيو وڃي ۽ ٻاڦ گئس هجڻ ڪري اڏاميو وڃي. لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) يا ان جهڙيون ٻيون شيون پٺيان رهجيو وڃن. ان ئي طريقي سان ته اسان جهاز تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيون ٿا. اسان جي شروع وارن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي تائين ته هلندڙ پراڻن جهازن تي ديڳ جهڙو بئالر هوندو هو جنهن جي هيٺان ڪوئلا، ڇوڏا، رڌڻي جو ڪِن سِن ساڙي پاڻيءَ کي 100 ڊگرين تائين ٽهڪايو ويو ٿي جيئن ٻاڦ پيدا ٿئي ــــــ جيڪا پائيپ ذريعي ٻئي ڊرم ۾ پهچائي وئي ٿي جتي اها ٻاڦ ٿڌي ٿيڻ تي مٺو پاڻي ٿِي ٿي.
    1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جيڪي نوان جهاز ٺهڻ لڳا انهن ۾ ”فريش واٽر ايووپريٽر“ فِٽ ڪيو ويو ٿي. هن ۾ پڻ سمنڊ جي پاڻيءَ مان ٻاڦ ٺاهي وئي ٿي پر ان کي باهيون ٻاري گرم ڪرڻ جي تڪليف ۽ خرچ کان بچي وياسين ٿي. هن ۾ معمولي گرمائش 40 کان 45 ڊگرين تي پاڻي ٽهڪڻ لڳي ٿو. يعني هن کان وڌيڪ گرمي ته سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ٿئي ٿي. اسان وٽ Atmospheric Pressure تي ديڳڙي ۾ پاڻي 100 ڊگرين تي ٽهڪي ٿو. فريش واٽر ايوو پريٽر ۾ اسان ان جي اندر جو پريشر گهٽائي زيرو ڪري ڇڏيندا آهيون جنهن ڪري پاڻيءَ جي ٽهڪڻ (Boiling) جي ڊگري گهٽجي 40 تي وڃيو پهچي ۽ اسان کي باهه ٻارڻ جي ضرورت ئي نٿي پوي. بهرحال پڙهندڙ هن مونجهاري ۾ نه پون. جيڪڏهن ڪو ان بابت دلچسپي رکڻ چاهي ٿو ته هو اها ڳالهه ڪنهن B.Sc. جي شاگرد کان تفصيل سان سمجهي سگهي ٿو.
    مردار سمنڊ (Dead Sea) جو پاڻي ٻاڦ ذريعي گهٽبو وڃي ۽ ٻاهران مٺو پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي خاص نديون نه آهن سو هن سمنڊ جي ايراضي وڃي گهٽبي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سندس چوڌاري ميلن تائين گپ، چڪڻ ۽ خشڪ ڌرتي ٿي وئي آهي ۽ هاڻ مردار سمنڊ جي پکيڙ اسان جي دادو ضلعي کان به گهٽ اٽڪل 600 چورس ڪلوميٽر وڃي بچي آهي. پراڻي زماني جا ڪيترا جهاز جن هن سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي تر ورتو هو اهي هاڻ هن سمنڊ جي خشڪ ٿي ويل حصي ۾ ڌرتيءَ جي مٿان نظر اچن ٿا. هڪ ٻي ڳالهه ته هن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪيميائي شيون موجود هجڻ ڪري هي پاڻي چمڙيءَ جي ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائدي وارو آهي ۽ دنيا جا ڪيترائي چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض هن سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي جسم جي چمڙيءَ کي نرم و نازڪ ۽ ترو تازه بنائڻ جي شوقين عورتن جا پڻ ڪٽڪ اچن ٿا ۽ مردار سمنڊ جي چوڌاري ڪيتريون ئي Spa ڪلنڪون آهن جن ۾ هن سمنڊ جي ڪاري گپ سان هو پنهنجي چهري ۽ سڄي جسم کي ليپ ڏيارين ٿيون. چون ٿا ته هن سمنڊ جي گپ ۾ Medicinal (علاج معالج جون) خاصيتون آهن ۽ Therapy ۽ اها گپ جسم کي شانت بنائي ٿي.
    ڊاڪٽر شعوقي ابو خليلي جي ويجهڙائيءَ ۾ ڏنل فتويٰ پڙهي رهيو هوس ته اسان مسلمانن کي هن مردار سمنڊ جي هر شيءِ کان سختيءَ سان پرهيز ڪرڻ کپي. ياد رهي ته هن پاسي جا محقق اهو ئي چون ٿا ته هن سمنڊ وارو علائقو اهو آهي جتي حضرت لوط عليه السلام جي قوم رهي ٿي جنهنتي الاهي عذاب نازل ٿيو ۽ اها هن هنڌ تي ڌرتيءَ اندر غرق ٿي وئي. حضرت لوط عليه السلام جو مقبرو به هن مردار سمنڊ (جنهن کي عرب بحر لوط به سڏين ٿا) جي ڀر واري ٽائون بني نعم (bani Naim) ۾ آهي.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته مردار سمنڊ (Dead Sea) سُسُي سُسُي ايترو ننڍو ٿي پيو آهي جو هن کي ڍنڍ چوندي به عجيب ٿو لڳي آخر منڇر ڍنڍ به ته چڱي خاصي وڏي آهي.... جيڪا مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي. مردار سمنڊ جو پاڻي آمريڪا جي رياست اتاح (Uttah) جي مشهور ڍنڍ ”گريٽ سالٽ ليڪ“ وانگر کارو ۽ ڳرو آهي يعني Salinity ۽ Density گهڻي اٿس.
    مردار سمنڊ کي سمنڊ سڏي سگهجي ٿو يا نه پر ”ڪئسپين سمنڊ“ ۾ سمنڊ ۽ درياهه جون ٻئي خصلتون موجود آهن. اهو ڪيڏو ته وڏو آهي ـــ اٽڪل 371000 چورس ڪلوميٽر (143200 چورس ميل)! ڏٺو وڃي ته اهو سنڌ ۽ پنجاب جيڏو ٿيو. (سنڌ جي ايراضي 140،900 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي 205،344 چورس ڪلوميٽر).ڪئسپين سمنڊ ۾ جهاز هلن ٿا. سندس گهڻي کان گهڻي اونهائي 1025 ميٽر آهي جيڪا هڪ ڪلوميٽر ٿي پر ساڳي وقت ڪئسپين سمنڊ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پڻ سڏجي ٿو. مون کي اها ڄاڻ ناهي ته اسان جي منڇر ڍنڍ ۾ جڏهن گهڻو پاڻي اچي ٿو، خاص ڪري گهڻي برسات ڪري ندين نين مان يا ٻوڏ ۾ اچي ٿو، ته اهو Over flow ٿي ڪيڏانهن وڃي ٿو.... عربي سمنڊ ۾ ئي ويندو هوندو. پر مردار سمنڊ وانگر ڪئسپين سمنڊ مان پاڻي ٻاهر خارج ٿيڻ يعنيOut Flow جو ڪو بندوبست ناهي.... فقط Evaporate ٿيندو رهي ٿو يعني ٻاڦ ذريعي نڪرندو وڃي ٿو. منڇر ڍنڍ ۾ به اونهاري جي سخت تپش ۾ پاڻي ٻاڦ ٿي نڪرندو رهي ٿو پر مٺو پاڻي هجڻ ڪري اهو پٺيان لوڻ جهڙيون شيون نٿو ڇڏي. ڪئسپين سمنڊ ۽ مردار سمنڊ (بحرِ لوط) ڍنڍون ضرور آهن پر کاري پاڻيءَ جون آهن ۽ مٺو پاڻي (H2O) نڪرڻ تي پٺيان سوڊيم ڪلورائيڊ (Nacl) جهڙا لوڻ هنن ڍنڍن کي وڌيڪ کارو ڪندا رهن ٿا جيئن مردار سمنڊ لاءِ ٻڌائي چڪو آهيان ته ان جي کاراڻ دنيا جي عام سمنڊن جي کاراڻ کان 9 دفعا وڌيڪ آهي.
    ان اصول سان ڪئسپين سمنڊ جيڪو پڻ مردار سمنڊ وانگر هڪ ڍنڍ آهي ان جو پاڻي به سخت کارو هجڻ کپي. پر نه، ائين ناهي. بلڪه ڪئسپين سمنڊ جو هڪ چڱو حصو ته درياهه جهڙي مٺي پاڻيءَ جهڙو آهي ۽ باقي حصو به عام سمنڊن کان گهٽ کارو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جتي مردار سمنڊ ۾ فقط هڪ ندي ”نهراردن“ ڇوڙ ڪري ٿي جنهن ذريعي ايندڙ پاڻي ايترو گهڻو ناهي جو مردار سمنڊ جي ليول وڌائي. بهرحال جتي مردار سمنڊ جي ليول ۽ ايراضي، ڏينهون ڏينهن گهٽبي رهي ٿي اتي ڪئسپين سمنڊ ۾ انيڪ نديون ڇوڙ ڪرڻ ڪري ڪئسپين سمنڊ جي ايراضي گهٽ ٿيڻ بدران وڌندي رهي ٿي. چوڌاري ايران، آذر بائيجان، روس قزاقستان ۽ ترڪمنستان ملڪن کان 130 کان مٿي نديون هن سمنڊ ۾ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ جيترو پاڻي بخار (Evaporation) جي صورت ۾ اڏامي وڃي ٿو ان کان وڌيڪدريائن/ ندين جو مٺو پاڻي ايندو رهي ٿو. ايتريقدر جو ڪئسپين سمنڊ جي ڪن حصن جو پاڻي خاص ڪري جتي وولگا (عربي نالو نهر فولغا ۽ فارسي نالو رود وولگا)، ارل ندي (Ural) جيڪا مقامي ٻولي باشقوُرت ۾ ”يايئق“ ندي سڏجي ٿي، ڪُرا (Kura) ندي، آمو درياهه (Amu Darya) جيڪا آڪس ندي به سڏجي ٿي، ازباءَ ندي ۽ سير دريا (Syr Darya) جنهن کي عرب ”سيحون ندي“ سڏين ٿا، اچيو ڇوڙ ڪن ٿيون، اتي چڱو مٺو آهي.

    • يورپ جون وڏيون نديون: وولگا ۽ ڊئنيوب ....
    ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ندين مان ٻن ٽن دلچسپ ۽ مشهور ندين تي ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو. وولگاندي يورپ جي وڏي ۾ وڏي ندي آهي. ائين ته يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃ ته اهي ڊئنيوب نديءَ جي ڳالهه ڪندا. يورپ ويندڙ اسان جهڙن ٽوئرسٽن جو واسطو به ڊئنيوب نديءَ سان ئي پوي ٿو. لنڊن وڃ ته ٿيمس ندي نظر اچي ٿي جو اها شهر جي وچمان لنگهي ٿي جيئن گنگاندي بنارس جي وچمان يا ڪرناڦلي ندي چٽگانگ جي وچ مان لنگهي ٿي. نيويارڪ وڃ ته اتي شهر جي وچمان هڊسن ندي وهندي نظر اچي ٿي يا نيل ندي قاهري (Cairo) مان لنگهي ٿي. پر يورپ جي ڊئنيوب ندي اها آهي جيڪا يورپ جي ڪيترن مشهور، تاريخي ۽ خوبصورت شهرن مان گذري ٿي. 2860 ڪلوميٽر جي سفر ۾ ڊئنيوب ندي چئن ملڪن جي گادي وارن شهرن مان ته ائين لنگهي ٿي جو ان شهر جو اڌ هڪ پاسي ته ٻيو اڌ ٻئي پاسي ٿي پيو آهي جيئن سنڌونديءَ جي هڪ پاسي روهڙي آهي ته ٻئي پاسي سکر.
    مٿيان چار گاديءَ وارا شهر جن مان يورپ جي ٻيو نمبر وڏي ندي ڊئنيوب (Danube) لنگهي ٿي، هن ريت آهن: ويانا (آسٽريا)، براٽيسلاويا (سلو واڪيا)، ٻڍاپيسٽ (هنگري) ۽ بلگريڊ (سربيا). ڊئنيوب نديءَ کي نقشي ۾ ڏسبو ته اها وچ يورپ کان شروع ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ور وڪڙ کائڻ بدران نانگ وانگر سڌي مشرقي يورپ تائين نظر اچي ٿي. ان ڪري پاڻي جي جهاز ۾ يا ڪار رستي هن نديءَ جو ڪنارو ڏئي هلڻ ۾ سفر به سٺو طئي ٿئي ٿو ته چوڌاري يورپ جي مختلف ملڪن جو نظارو ۽ ڪلچر پسڻ جو به موقعو ملي ٿو.
    ڊئنيوب ندي جرمني جي ”بليڪ فاريسٽ“ کان شروع ٿي ”بلئڪ سي“ (بحر اسود) ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. اها جرمني لتاڙڻ بعد نو ٻين ملڪن مان به لنگهي ٿي يا بارڊر ٺاهي ٿي.... جيئن ته: آسٽريا، سلوواڪيا، هنگري، ڪروشيا، سربيا، بلغاريا، مولدووا، يوڪرين ۽ رومانيا. بحر اسود ۾ اوڊيسيا بندرگاهه کان رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا اچبو هو ته اڌ رستي تي هن ندي ڊئنيوب جو ڇوڙ (ڊيلٽا) نظر ايندو هو جيئن ڪراچيءَ کان ڪولمبو ڏي رخ ڪجي ٿو ته ڪجهه ڪلاڪن بعد سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽان گذر ٿئي ٿو.
    بهرحال يورپ جي هن ندي ڊئنيوب جي ڇا ڳالهه ڪجي جنهن سان يورپ جي مختلف ملڪن جي ٻولين جي شاعري ڀري پئي آهي.... ناولن ۽ ڪهاڻين کان علاوه ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي سيريل ۾ هن نديءَ جو ذڪر آهي. آڳاٽي زماني جا حاڪم هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ هن نديءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. وڏي عرصي کان ڊئنيوب ”بادشاهن جي ندي“. (The River of Kings) سڏبي اچي. نئپولين ته ڊئنيوب نديءَ کي يورپ جي ندين جي راڻي (Queen of Europe’s Rivers) سڏيندو هو. اڄ به لکين يورپ ايندڙ ٽوئرسٽ ۽ مڪاني ماڻهو ڊئنيوب نديءَ ذريعي گهمن ٿا.
    اڄ کان 200 سال اڳ آسٽريا جي واپارين ٻاڦ تي هلندڙ جهازن جي DDSGنالي هڪ ڪمپني کولي جنهن جا آگبوٽ (Steam Ships) ماڻهن کي ڊئنيوب نديءَ جو سير ڪرائيندا هئا يا ڊئنيوب ندي تي آباد هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وٺي ويندا هئا. هيءَ ڪمپني پنهنجي نالي ۽ مسافر ۽ مال بردار جهازن کان وڏو عرصو مشهور رهي. سندس سڄو نالو (جنهن جو DDSG شارٽ فارم آهي) هو:Donaudampfschiffahrtsgesellsehaft
    هن ڪمپنيءَ کي 1200 کن جهاز هئا جيڪي مسافرن کان علاوه هر قسم جو مال: کاڌي پيتي جي شين کان ڪپڙو گندي، ڪوئلي کان چوپايو مال هن نديءَ جي ڪنارن تي ايندڙ هڪ شهر کان ٻئي تائين پهچايو ٿي. هاڻ ته ريل گاڏيون، ڪارون، ٽرڪون ۽ هوائي جهاز ٿي پيا آهن پر ان هوندي به اڄ ڊئنيوب نديءَ جي وڏي اهميت آهي جو جرمني، آسٽريا ۽ رومانيا جي ڪروڙن ماڻهن کي هيءَ ندي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ٿي. اسان وٽ جتي ڪبوتر ۽ ڳيري جهڙو پکي به اسان کان پيو ٽهي اتي اسان جي ماڻهن کي هن نديءَ جو سير ڪندي جتي ڪٿي ڪنارن تي بدڪن، ڪازن، هنجن، چيڪلن ۽ تلورن کي بي ڊپو ٿي انسانن جي اڳيان چهل قدمي ڪندو ۽ چڳندو ڏسي ضرور حيرت ٿيندي هوندي. ايترا گهڻا ان قسم جا پکي مون سئيڊن ۾ به نه ڏٺا. بقول ڪنهن جي ته:
    Danube is home to over one Million Swans & Ducks
    بهرحال پاڻ ڪئسپين سمنڊ جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن جي ڪناري واري هڪ ملڪ آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو مان اسان جي ملائيشيا جي آفيس جون ملئي ڇوڪريون گهمي آيون هيون. ڪئسپين سمنڊ ۽ مردار سمنڊ (جنهن کي بحر لوط ۽ البحرالميت به سڏجي ٿو) چوڌاري بند هجڻ ڪري ڍنڍون ئي چئبيون ۽ ٻنهي سمنڊن جو پاڻي عام سمنڊن کان وڌيڪ کارو هجڻ کپي پر ڪئسپين سمنڊ جو پاڻي عام سمنڊن جي پاڻيءَ کان به گهٽ کارو آهي جو ان ۾ ڪيتريون ئي نديون اچيو ڇوڙ ڪن جن جو مٺو پاڻي آهي. سڀ کان گهڻو مٺو پاڻي (80 سيڪڙو) وولگا ندي جي ڇوڙ (Delta) مان ملي ٿو.
    وولگاندي يورپ کنڊ جي سڀ کان وڏي ندي آهي. اها حقيقت آهي. پر توهان يورپ جي ڪنهن به ملڪ جي عام ماڻهو ۽ ويندي ڪيترن پڙهيل لکيلن کان پڇندائو ته يورپ جي وڏي ندي ڪهڙي آهي ته هو توهان کي ڊئنيوب ندي ٻڌائيندو. ڪيترا ته وولگا جو نالو ٻڌي وائڙا ٿي ويندا آهن! اهو ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري آهي جو وولگا ندي جيڪا 3690 ڪلوميٽر آهي. يعني ڊئنيوب کان 830 ڪلوميٽر وڏي آهي، اها فقط روس جي شهر ماسڪو وٽان شروع ٿي روس ۾ ئي ڦري گري ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي سو ظاهر آهي روس کان پري جرمني، آسٽريا يا انگلينڊ، فرانس جي رهاڪوءَ کي ڪهڙي خبر ته روس ۾ ڪهڙيون نديون آهن جيئن اسان وٽ ڪيترن کي اها به خبر نه هوندي ته اراودي ندي برما جي وڏي ۽ تاريخي واقعن کان مشهور ندي آهي يا ڪرناڦلي ۽ مڌومتي بنگلا ديش جون نديون آهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ مشرقي پاڪستان جون سڏيون ويون ٿي ۽ جن ندين نالي اسان جي قومي شپنگ ڪمپني PNSC کي پاڻيءَ جا مالبردار جهاز به هئا. پر مون کي ياد آهي ته پڙهيل ڳڙهيل به جهاز تي اچي پڇندا هئا ته هي نالو ڪنهن تان رکيل آهي..... خاص ڪري ”مڌو متي“ جهاز تي.
    هڪ ٻي ڳالهه هتي لکڻ چاهيان ٿو ته جيئن ترڪي ايشيا کنڊ ۾ آهي ته يورپ کنڊ ۾ به.... بلڪه ترڪي جي خوبصورت بندرگاهه استنبول جي وچ مان جيڪو سامونڊي درياءُ ”باسفورس“ وهي ٿو ان جي هڪ پاسي وارو استنبول ايشيا ۾ آهي ته ٻئي پاسي وارو يورپ ۾. اهڙي طرح مصر ملڪ جو ڪجهه حصو ايشيا کنڊ ۾ آهي ته باقي آفريڪا کنڊ ۾. روس جيڪو اسان کي افعانستان جي مٿان يعني اتر ۾ هجڻ ڪري ائين لڳي ٿو ته اهوفقط ايشيا کنڊ ۾ آهي پر روس ٻين رياستن کان ڌار ٿيڻ بعد به اڪيلي سر دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي جنهن جي ايراضي 17075200 يعني اٽڪل سترهن ملين چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اهو ايڏو وڏو ملڪ آهي جو اسان جهڙي ملڪ پاڪستان (جيڪو ڪو گهٽ ننڍو نه آهي، سندس پکيڙ اٽڪل 882،000 چورس ڪلوميٽر آهي) جهڙا 18 ملڪ ٺهن. ان روس جو وڏو حصو يورپ کنڊ ۾ آهي.
    دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ روس آهي ٻئي نمبر تي ڪئناڊا، ٽي نمبر تي USA ۽ چوٿين تي چين۽ ان بعد پنجين تي برازيل آهي. سو اسان جي ملڪ جي اتر ۾افغانستان آهي ۽ ان جي مٿان روس نظر اچي ٿو پر اهو روس ايڏو وڏو آهي جو ساڄي پاسي اوڀر ۾ سڄي ايشيا کنڊ کي ورايو ويٺو آهي ۽ چين، منگوليا ۽ نارٿ ڪوريا تائين وڃيو نڪري ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ پولينڊ، فنلئنڊ ويندي ناروي سان وڃي ٿو ملي. هونءَ به وولگا ندي روس جي يورپ واري حصي ۾ آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته ڊئنيوب ندي يورپ کنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ هجڻ ڪري سياري ۾ به وهندي رهي ٿي. ان ۾ سڄو سال ”پئسينجر فيريون“ ۽ ”مال بردار ٻيڙا“ هلندا رهن ٿا پر وولگا نديءَ جو وڏو حصو اتر ۾ (ماسڪو واري ويڪرائي ڦاڪ ۾) هجڻ ڪري سياري ۾ سخت ٿڌ پوي ٿي ۽ ان جو پاڻي ٽي مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ ڄميل رهي ٿو ان ڪري وولگا نديءَ ۾ آمدرفت بند ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته وولگا نديءَ ۾ سفر ڪرڻ سان فقط هڪ ملڪ روس ڏسي سگهجي ٿو.
    روس جي اتراهن علائقن ۾ ڀلي ٿڌ هجي.... وولگا نديءَ جو اتراهون حصو توڙي بحراسود (Black Sea) جي سمنڊ جو مٿاهون حصو ڄمي برف ٿي ويو هجي پر وولگا جي ڇوڙ (Delta) وارو حصو ٻارهو ئي رونق وارو ۽ زندگيءَ سان ڀرپور رهي ٿو. ڪنهن چيو ته آذربائيجان جو شهر باڪو جيڪو ڪئسپين سمنڊ تي آهي ان جي آبهوا لاجواب آهي. نه فقط باڪوءَ جي پر هر ان شهر جي آب هوا خوشگوار آهي جيڪو ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان جي مقابلي ۾ ايران جي آبهوا بهترين آهي جتي بهار واقعي بهار ٿئي ٿي ۽ گل گلڪاريون ۽ بلبلون چهڪندي نظر اچن ٿيون. ايران ۾ توهان جون يا جولاءِ جي مهيني ۾ ويندائو ته به گرمي محسوس نه ڪندائو.... ٿڌڙي هير پئي لڳندي. اسين دنيا جا ماڻهو تهران، مشهد، اصفهان، تبريز، ڪرمان، قم، زاهدان ڏسڻ لاءِ ايران وڃون ٿا پر اتي جي مقامي ماڻهن کي ڏسبو ته هو هر وقت گيلان، مازندران ۽ اردابيل صوبن ڏي گهمڻ ۽ موڪل جا ڏينهن گذارڻ جي خواهش جو اظهار ڪن ٿا. ايران 31 صوبن ۾ ورهايل آهي جن مان مٿيان ٽي صوبا ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري سان لڳل آهن ۽ جن جا شهر راشت، استرا، آستانه اشرفيا، ساري (شهر تاجان)، امول، نور، تنڪابن، اردابيل ته ٻارهوئي ٽوئرسٽن سان ڀريا پيا آهن.... جتي ٻاهرن ملڪن جي سياحن ۽ گهمڻ جي شوقينن سان گڏ ايراني به نظر اچن ٿا. خاص ڪري گيلان جي شهر راشت ۾ جيڪو ڪئسپين سمنڊ ۾ باڪو بعد ٻي يا ٽي نمبر تي وڏو بندرگاهه آهي. اردابيل صوبي جو نالو آهي ته صوبي جي گادي واري شهر جو به. گيلان اهو صوبو آهي جتي جا ماڻهو گيلاني اسان جي ملڪ ۾ به نظر اچن ٿا. عربيءَ ۾ گ جو اکر نه هجڻ ڪري عرب ملڪن ۾ (توڙي اسان وٽ به) گيلاني کان وڌيڪ جيلاني سڏجن ٿا. بهرحال هتي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪئسپين سمنڊ جي آس پاس علائقن جي آبهوا لاجواب آهي. ويندي روس جهڙو ملڪ جنهن جي موسم ظالم سڏجي ٿي ان جو اهو حصو جيڪو ڪئسپين سمنڊ تي آهي ۽ جتي روس جي.... بلڪه يورپ جي وڏي ندي وولگا اچي ٿي ڇوڙ ڪري باڪو ۽ راشت جهڙي آب هوا آهي. ان جي ڇوڙ وٽ ئي روس جو تاريخي، سدا جاڳندڙ ۽ چهڪندڙ شهر ۽ بندرگاهه استراخان (Astrakhan) آهي.

    • روس جو بندرگاهه استرا خان ....
    ڪئسپين سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز، جن اوسي پاسي جي وڏن بندر گاهن جو ٽوئرسٽن کي سير ڪرائين ٿا انهن ۾ آذربائيجان جي باڪو ۽ ايران جي راشت بندرگاهه بعد گهڻو مشهور روس جو استراخان آهي.روس جي هن بندرگاهه ذريعي روس جو سامان پاڻيءَ جي جهازن ذريعي ايران، آذربائيجان، ترڪمنستان ملڪن ڏي ٻارهوئي ايندو ويندو رهي ٿو، نه ته روس جا ٻيا بندرگاهه سال جا ڪيترائي مهينا سمنڊ جو پاڻي ڄمڻ ڪري ويران ۽ سنسان پيا آهن. هڪ ڳالهه هتي پڙهندڙن لاءِ لکندو هلان ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ سامان هوائي جهاز يا خشڪي رستي به موڪلي سگهجي ٿو.... پوءِ چاهي پراڻي زماني ۾ اٺن ۽ گڏهن ذريعي ويو ٿي ۽ هاڻ ٽرڪن، ٽرينن (مال گاڏين) ۽ ٽالرن ذريعي وڃي ٿو پر سڀ کان سستي ٽرانسپورٽ اڳ توڙي اڄ پاڻيءَ (درياهن/ سمنڊن) ذريعي آهي. مثال طور خشڪي تي ڊيزل يا پيٽرول کڻي هلندڙ آئل ٽينڪر وڌ ۾ وڌ 10000 گئلن کڻي هلن ٿا. پر سمنڊ تي هلندڙ تيل بردار جهاز، جي هڪ لک ٽن جو آهي ته معني 2500 ٽئنڪرن (ٽرڪن) جيترو سامان کڻي پيو وڃي. هر ملڪ خرچ ۽ کٽراڳ کان بچڻ لاءِ سمنڊ/ درياهه رستي سامان موڪلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ڇو جو هڪ ئي وقت فقط هزار کن ٽرڪون ڪراچيءَ کان ٿيون نڪرن ته سپر هاءِ وي توڙي واٽ تي ايندڙ شهرن: حيدرآباد، مٽياري، سڪرنڊ، مورو، خيرپور، روهڙي، سکر ۾ ٽرئفڪ جئم ٿيو وڃي. پر جي سنڌو ندي گهڻو اڳ وانگر جهازراني (Navigation) جي قابل هجي ها ته گهڻي ڀاڱي سامان وڏين بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي ڪراچي کان گهٽ ۾ گهٽ ملتان تائين معمولي خرچ سان پهچي وڃي ها. ڇو جو پاڻيءَ ۾ وڏي کان وڏي بارج کي به فقط هڪ ننڍڙي لانچ (انجڻ واري ٻيڙي) آسانيءَ سان ڇڪي سگهي ٿي. اهو ڪم ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلي ٿو جيئن بئنڪاڪ يا چٽگانگ جهڙن بندرگاهن ۾ جڏهن اسان جهاز کي لنگر انداز ڪندا آهيون ته جهاز جي هڪ طرف سامان کي خشڪيءَ تي لاهيندا آهيون جيڪو ٽرڪن يا مال گاڏين ذريعي اندروني ملڪ ويندو آهي ته ٻيو سامان جهاز جي ٻئي پاسي پاڻيءَ ۾ بيٺل بارجز ۾ لاهيندا آهيون جيڪي بئنڪاڪ بندرگاهه واري چائو فرا ۽ چٽگانگ جي ڪرناڦلي نديءَ ذريعي ڪوٽڙي، ڄامشورو، هالا، درٻيلي جهڙن انهن ملڪن جي دريائي بندرگاهن تائين پهچن ٿيون.
    هاڻ ڳالهه اها آهي ته روس ملڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي جيڪو مغرب ۾ ڏورانهن يورپي ملڪن فنلئنڊ، اسٽونيا ۽ لٽويا وغيره سان وڃيو ملي ۽ مشرق ۾ چين ۽ ڪوريا تائين پکڙيل آهي پر سندس بيهڪ گهڻو اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ٻارهوئي ٿڌ رهي ٿي. سندس اتر وارا حصا جيڪي سمنڊ سان مليل آهن اهي سال جا ته جهڙوڪر ڏهه مهينا برف ٿيا پيا آهن ۽ انهن بندرگاهن تائين پهچڻ ۾ وڏو خرچ ٿو اچي. اڳ ۾ جڏهن روس سوويت يونين (USSR) هو ته ٻيا اوسي پاسي جا ملڪ: جارجيا، يوڪرين، بيلا روس وغيره سڀ هڪ هئا ۽ روس ملڪ جو سامان اسان اوڊيسا بندرگاهه ۾ لاهيندا هئاسين.پر سوويت يونين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي اوڊيسا يوڪرين جو بندرگاهه هجڻ ڪري روس سان واسطو ختم ٿي ويو. بهرحال جڏهن يوڪرين روس جي قبضي ۾ هو تڏهن به اوڊيسا ڪو ڀلو تڙ نه هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو وري به ٿڌ گهٽ ٿيڻ ڪري سال جو وڏو عرصو کليل رهي ٿو پر بحر اسود (Black Sea) سمنڊ ۾ هجڻ ڪري اتي پهچڻ ڏکيو ڪم هوندو هو جو هي ”ڪارو سمنڊ“ چوڌاري بند بند آهي. ان ۾ داخل ٿيڻ جي فقط ترڪيءَ وٽان هڪ واهَه آهي جيڪا ترڪي جي شهر استنبول جي وچ مان وهندڙ سامونڊي واهُه آهي. ۽ ان واهه باسفورس مان لنگهڻ وقت هر جهاز کي ترڪيءَ جي حڪومت کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوي ٿي ۽ ٻڌائڻو پوي ٿو ته جهاز ڪهڙو سامان کڻي ڪڏهن گذرندو.
    روس کڻي وڏو ۽ طاقتور ملڪ هو ۽ اڄ به آهي پر هو ان معاملي ۾ ترڪي وارن سان داداگيري ڪري نٿو سگهي جو ترڪي وارن کي باسفورس سامونڊي نهر ۾ فقط هڪ ننڍڙو جهاز ٻوڙڻو پوندو ان بعد جيڪو جتي اهو اتي ٿي ويندو. نه ڪو جهاز ڪاري سمنڊ کان نڪري سگهندو ۽ نه ان ڏي وڃي سگهندو ۽ يوڪرين ۽ ان سان گڏ لاڳو روس به جڏو ٿي پوندو.
    بهرحال روس سامان موڪلڻ لاءِ اوڊيسا وري به سٺو تڙ (بندرگاهه) هو جتي يعني ڪاري سمنڊ ۾ سواءِ مهيني ٻن جي برف نٿي ڄمي ۽ اسان جا جهاز ايندا ويندا رهيا ٿي. پنهنجن شروعاتي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي مارچ جي مهيني ۾ اسان جو جهاز اوڊيسا بندرگاهه ۾ لنگر انداز هو ته هڪ رات ايڏي ته ٿڌ ٿي جو صبح جو اٿي ڏسون ته سڄو بندرگاهه برف ٿيو پيو آهي جنهن ۾ سڀ جهاز ڦاٿا پيا آهن. اهو به شڪر آهي ۽ قدرت جا ڪمال آهن جو جتي هر شيءِ ٿڌ ۾ سُسي ٿي اتي پاڻي برف بڻجي واليوم ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ برف پاڻيءَ کان هلڪي ٿيڻ ڪري سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ بدران سمنڊ جي سطح تي رهي ٿي. هڪ دفعو سمنڊ جي مٿان فٽ ڏيڍ فٽ جو تهه ٿي وڃي ته پوءِ اهو Insulation جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻاهر ڀلي منفي 20 ڊگريون ٿڌ ٿي وڃي ۽ ڪيڏي به ٿڌي هوا پئي لڳي پر برف جي تهه هيٺان سمنڊ جو پاڻي برف جي ٿڌ يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌيڪ ٿڌو نٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هيٺ رهندڙ مڇين جو بچاءُ ٿيو وڃي. اهي سامونڊي ساهوارا جيڪي سطح سمنڊ تي يا ڪناري تي به نظر اچن ٿا اهي به ٻاهر جي ٿڌ ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ برف جي تهه هيٺان لڪيو وڃن. جيڪي اتر يورپ جي ٿڌ ۾ رهيا هوندا انهن کي اها ڄاڻ هوندي ته اتي جو سيارو خاص ڪري جي ٿڌ جو پد منفي 10 کان به هيٺ ٿو وڃي ته ڏڪڻي وٺيو وڃي. پر وري به گرم ڪوٽ، سئيٽر پائڻ سان بچاءُ ٿيو وڃي پر جي اهڙي سيءَ ۾ هوا ٿيلڳي ته اها وڌيڪ ظالم ثابت ٿئي ٿي. اها ٿڌي هوا جسم کي جهڙو ڪپي ٿي. هوا جي شروع ٿيڻ تي ته هٿن تي به جوراب ضروري ٿيو پون. ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ گرم ٽوپ هوندي به هٿ پير کيرا محسوس ٿين ٿا. اهڙين حالتن ۾ پارڪن يا درياهه جي ڪناري وٽان لنگهندي ڏسندو آهيان ته پکي پکڻ، توڙي نوريئڙا ۽ سانڍا ڪنهن برف جي ڇپ هيٺان يا پويان لڪي ويٺل نظر ايندا آهن. هو سياڻا آهن ته برف جنهن جي ٿڌ فقط ٻڙي آهي ٻاهر جي ڪاٽو 15 يا ڪاٽو 20 ڊگرين کان گرم آهي. جيستائين پکين جو سوال آهي ته سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ٿڌن ملڪن جا رهاڪو پکي سيپٽمبر آڪٽوبر اچڻ سان ڏکڻ ڏي گرم ملڪن طرف لڏيو وڃن جيئن ڪونجون وغيره سائيبيريا کان اسان وٽ سنڌ، ڪڇ، گجرات کان اچيو نڪرن. باقي سئيڊن جهڙن ملڪن جا ٿلهي بج (Fur) ۽ گهڻن کنڀن وارا پکي جن کي قدرت ٿڌن ملڪن جي سياري لاءِ ٺاهيو آهي، اهي گهڻي ٿڌ- خاص ڪري ٿڌي هوا لڳڻ تي ڄمي ويل پاڻي (برف) جي پٺيان يا هيٺان پيا پاڻ لڪائيندا آهن. ان تان مون کي اهو به ڌيان ۾ اچي رهيو آهي ته اسان جهڙن گرم ملڪن جا شاگرد جڏهن سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ اعليٰ تعليم يا نوڪريءَ لاءِ وڃن ٿا ته هنن کي کپي ته روزانو گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ٽي وي تي موسم جو ضرور معلوم ڪن ته ڪيتري ٿڌ رهندي، هوا جي ڇا رفتار رهندي، بارش ٿيندي يا نه. ۽ پوءِ ان مطابق ڪپڙا اوڍي نڪرن. ڇو جو گهٽ گرم ڪپڙن ۾ نڪرڻ ڪا پهلواني ناهي. جيئن اسان وٽ اونهاري ۾ گرمي ڪري ڏينهن لڳيو وڃي اهڙي طرح ٿڌن ملڪن ۾ سياري جي موسم ۾ يڪدم ٿڌ لڳيو وڃي ۽ نمونيا، لقوه (وات جو ڦري وڃڻ)، اڌرنگ جهڙيون بيماريون ٿيو پون.
    بهرحال اوڊيسا بندرگاهه ۾ رات جو پارو وسڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿي ويو. اسان کي ان ئي ڏينهن بندرگاهه ڇڏڻو هو سو جيئن ئي جهاز اسٽارٽ ڪيوسين ته هن جي لوهي پليٽن ۽ پنکي (Propeller) برف جو اهو تهه ڀڃي جهاز کي اڳتي هلڻ لاءِ راهه ڏني.
    هاڻ اوڊيسا جهڙو بهترين بندرگاهه روس جو نه رهيو آهي. سوويت يونين (USSR) جنهن ۾ روس سان گڏ اوسي پاسي جا ٻيا 14 ملڪ جارجيا (گرجستان)، قزاقستان، آرمينيا، تاجڪستان، ترڪمنستان، ازبڪستان وغيره مليل هئا جن سڀني مٿان رعب ۽ حڪومت روس جي ئي هئي. اهي سڀ ملڪ/ رياستون 1991ع ۾ الڳ الڳ ٿي ويا. اڄ به روس باقي رياستن کان وڏو ۽ طاقتور آهي پر هاڻ هر ملڪ جو پنهنجو نظام آهي. روس جو مٿن اهو دٻاءُ ناهي جو پهرين هو. نه ته هر ملڪ کي اسان جهڙو عام ماڻهو روس سمجهندو هو. انهن رياستن USSR جي ٽٽڻ بعد به سال ڏيڍ تائين آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اوڊيسا روس ۾ آهي پر پوءِ کڻي نقشو ڏسان ته اهو هاڻ ڌار ٿيل ملڪ يوڪرين (اوڪرانيا) آهي. جنهن ملڪ جو گاديءَ جو شهر ڪيف (Kiev) آهي.

    • دنيا جي ڊگهي ريلوي لائين....
    هونءَ روس کي پنهنجا بندرگاهه کوڙ آهن پر تمام مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري ڪم جا نه آهن، جيئن روس جي بلڪل اوڀر واري ڇيڙي وٽ تمام مشهور ۽ وڏو بندرگاهه والادي ووستوڪ (Vladivostok) آهي پر اهو جپان جي اتراهين ڇيڙي کان به مٿي اتر ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. سياري ۾ جتي جپان جي ڏاکڻن بندرگاهن ٽوڪيو، يوڪوهاما، ڪوبي ۽ اوساڪا جهڙن بندرگاهن ۾ ئي ٿڌ ٿي ٺاري ۽ جپان جي اتر واري حصي هڪيدو ۾ برف ڄمي پئي هوندي آهي اتي، اڃان مٿي اتر ۾، روس جي بندرگاهه ”والادي ووستوڪ“ ۾ جهاز کي وٺي وڃڻ تي ڪنهن جي دل چوندي، ۽ جتي اسان وٽ ڪراچي کان 40 ڪلوميٽر پري پورٽ قاسم ۾ سامان لهي ٿو ته سامان جا مالڪ ۽ جهازن جا ايجنٽ دانهون ڪن ٿا ته سامان کي پورٽ قاسم کان ٽرڪن رستي ڪراچي آڻڻ ۾ تڪليف، خرچ ۽ ٽائيم ٿو ضايع ٿئي جو آخرڪار ٻاهران آيل سامان ملڪ جي مختلف صوبن ۽ شهرن ڏي ڪراچيءَ کان ئي موڪليو وڃي ٿو اتي ولادي ووستوڪ کان ماسڪو باءِ روڊ سامان موڪلڻ ۾ ڪيڏي دقت ٿيندي هوندي. اوڊيسا کان ماسڪو ته فقط 1300 ڪلوميٽر آهي يعني لڳ ڀڳ ڪراچيءَ کان اسلام آباد جيترو فاصلو ٿيو جو اهو 1430 ڪلوميٽر آهي. پر سائين ولادي ووستوڪ کان ماسڪو 9100 ڪلوميٽر آهي. يعني ڏينهن رات بنا ترسڻ جي ڪار 116 ڪلاڪ وٺي ٿي. ٻين لفظن ۾ ماسڪو مان جي ڪو سامان ڪولمبو، بمبئي يا ڪراچيءَ موڪلڻو هجي ته ٽرڪن ذريعي پهرين ولادي ووستوڪ موڪلجي جتان جهاز کڻي اسان ڏي نڪري، فقط جهاز جو سفر به ڪوريا ۽ جپان کان وڏو ٿيو. يعني ٽڪي جي شيءِ ٽي رپيا ڀاڙو ٿيو.... ان ڪري ته روس جڏهن ٻين ڀر وارن ملڪن سان گڏ USSRبڻيل هو ۽ دنيا ۾ آمريڪا جي ٽڪر جو پاور هو ته جڪ کائيندو هو ته ڪنهن ريت افعانستان تي قبضو ڪري بلوچستان کي پنهنجو ڪريان ته جيئن سندس عربي سمنڊ ۾ گوادر يا ايران جو چابهار جهڙو بندرگاهه ٿي پوي ته ٻارهوئي سندس شپنگ جاري رهي.... ان ڏس ۾ هن افغانستان تي قبضو به ڪري ورتو ۽ هاڻ پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ اک هيس ته ان کي به پاڻ سان ملايان پر ٻين جا ملڪ کسڻ واري جو پنهنجو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو.
    روس جو هي مشرقي ڪنڊ تي پئسفڪ سمنڊ وارو بندرگاهه ولادي ووستوڪ جنهن لاءِ مٿي لکيو اٿم ته جپان جي هڪيئدو ٻيٽ کان به مٿي اتر ۾ آهي. يعني سائيبيريا وارو علائقو ٿيو اتي برف پوڻ ڪري بندرگاهه بلاڪ ڇو نٿو ٿئي؟ اهو ان ڪري جو روس جي حڪومت وڏو خرچ ڪري هن بندرگاهه ۾ هر وقت ”برف ڀڃندڙ“ Ice Breaker جهاز هلائيندي رهي ٿي جيئن ڄميل برف ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي رهي ۽ جهازن جي آمدرفت لاءِ رستو کليل رهي. هونءَ روس جي هن بندرگاهه جي اهميت جنگي جهازن جي اڏي ڪري به آهي. روس جا گهڻي ڀاڱي جنگي جهاز هن بندرگاهه ۾ بيٺل رهن ٿا جيئن اوس پاس جي ملڪن، خاص ڪري چين، جپان، ڪوريا جهڙن کي اک ڏيکاري سگهجي. مال بردار ۽ مرچنٽ نيوي جي جهازن لاءِ به هي بندرگاهه چڱو ڪارآمد آهي جو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن لاءِ ته سڏ پنڌ تي آهي پر ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي مغربي ڪناري (West Coast) وارن بندرگاهن: لاس اينجلس، وئنڪوئر، سئن فرانسسڪو جهڙن پئسفڪ سمنڊ وارن بندرگاهن لاءِ روس جو هي بندرگاهه ولادي ووستڪ ويجهو ٿيو. پر ڳالهه اها آهيته ولادي ووستڪ تائين سامان پهچڻ تي اهو سامان روس ملڪ ۾ ته پهچي ويو پر ان پاسي ته ڪو ايڏو ڪاروبار يا آبادي ناهي. روس جو وڏو حصو ٿر وانگر ويران آهي. ريتي ۽ واري بدران سائيبيريا جي برف ۽ ٿڌيون هوائون آهن. زندگي سڄي ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرس برگ جي آسپاس آهي ـــــ جيڪي روس جا علائقا يورپ کنڊ ۾ آهن ۽ ولادي ووستڪ بندرگاهه کان 9000 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. روس جي هن ڏورانهين ترين پئسفڪي بندرگاهه ولادي ووستڪ (Vladivostok) کان ماسڪو تائين آمدرفت لاءِ 1915 ۾ ”ٽرانس سائيبيرين ريلويز“ نالي ريلوي لائين تيار ڪئي وئي جنهن جو مقصد اهو ئي هو ته يورپي روس جي شهرن کي ايشيا جي روس سان ملايو وڃي. هي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ريل جو سفر آهي جيڪو مفاصلي جي لحاظ کان 9300 ڪلوميٽر ٿئي ٿو. رستي تي اٽڪل 120 ريلوي اسٽيشنن تي گاڏي بيهي ٿي جن مان ڪوٽڙي ۽ روهڙي جنڪشن وانگر ڪن جنڪشن اسٽيشنن تان منگوليا، چين ۽ اتر ڪوريا ڏي به گاڏيون وڃن ٿيون.
    هيءَ ريلوي لائين جيڪا 1891 ۽ 1916 جي وچ ۾ ٺهي ان لاءِ ان وقت جي حاڪمن: زار اليگزينڊر ٽئين ۽ زار نڪولس ٻئي خاص وزير مقرر ڪيا هئا. هينئر جڏهن سي پيڪ (CPEC) چائنا پاڪستان ايڪانامڪ ڪاريڊور ٺهي رهيو آهي ته روس جي حڪومت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ان TSR (ٽرانس سائيبيرين ريلوي) کي سي پيڪ ذريعي گوادر بندرگاهه سان ملايو وڃي. هيءَ روسي ريلوي لائين (TSR) روس جي جپان ڀرسان واري بندرگاهه ولادي واستڪ کان ماسڪو تائين پهچڻ ۾ 8 ڏينهن لڳائي ٿي. هن ريل TSR کي شروع ٿئي هڪ سئو سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ يورپ ۽ ايشيا کنڊ جو سير ڪرڻ لاءِ هن ريل جو سفر خوبصورت ۽ سستو آهي ۽ روس جهڙي هڪ طلسماتي ملڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جنهن لاءِ ونسٽن چرچل جو هڪ مشهور قول آهي ته:
    Russia is a riddle wrapped in a mystery inside an enigma
    دنيا جي هن ڊگهي ريلوي لائين تي ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن ۽ سفرناما لکيا ويا آهن. سيول (ڏکڻ ڪوريا) جي بندرگاهه کان جپان جي اتراهين ٻيٽ سپورو ڏي ويندي يا جپان جي نگويا، هيروشيما، شمنوسيڪي جهڙن بندرگاهن کان لاس اينجلس (USA) لاءِ روانو ٿيڻ وقت روس جي هن جپاني سمنڊ واري بندرگاهه ولادي ووستڪ وٽان اسان جو هميشه گذر ٿيندورهيو ٿي. شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ولادي ووستڪ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ هاڻ جڏهن لکيو اٿم ته ولادي ووستڪ جپاني سمنڊ ۾ آهي ته ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه پڙهندڙ کي منجهائي. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه جو مثال لکندس ته اهو عربي سمنڊ ۾ به چئي سگهون ٿا ته هندي وڏي سمنڊ ۾ به. عربي سمنڊ ”انڊيناوشن“ (هندي وڏي سمنڊ) جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ ڪراچي، گوادر، ممبئي وغيره آهي. اهڙي طرح ”پئسفڪ اوشن“ (پئسفڪ وڏي سمنڊ) جو ”جپاني سمنڊ“ هڪ ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ جپان ڪوريا جا ڪجهه بندرگاهه ۽ ”ولادي ووستڪ“ بندرگاهه اچيو ٿو وڃي.

    • ولادي ووستڪ جون اهم شخصيتون...
    1960 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان سامونڊي نوڪري شروع ڪئي انگريزي فلمن جو هڪ هيرو يول برينر اسان جو دلپسند اداڪار هوندو هو. هونءَ ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ فلمي هيرو جي پهرين سڃاڻپ سندس گهاٽن وارن جو اسٽائيل هوندو آهي پر هي هيرو يول برينر (Yul Brynner) وارن بنا هو. يول برينر روس جو رهاڪو هو ۽ هن بندرگاهه ولادي ووستڪ ۾ 1920 ۾ ڄائو هو. سندس فلم (The King & I) جنهن ۾ هن ٿائلئنڊ جي بادشاهه مونگڪت (Mongkut) جو ڪردار ادا ڪيو، اڄ به بهترين فلمن مان هڪ مڃي وڃي ٿي. ان کان علاوه هن جي فلمن: (The Ten Commandments) ۽ (Magnificient Seven) جي به وڏي هاڪ ٿي. هي فلمون حيدرآباد جي صدر واري سئنيما نيوميجسٽڪ ۽ ڪراچي ۾ بامبينو ۽ پئلس ۾ ڪيترائي دفعا چڙهيون.... هر دفعي وڏي رش رهي ٿي. ڪنهن خوش نصيب کي لائين ۾ بيهڻ تي ٽڪيٽ ملي ٿي نه ته اسان جهڙن هميشه مڪراني دادائن کان بليڪ تي ٽڪيٽ خريد ڪئي ٿي. ڇا ته اهو زمانو هو جنهن جو تفصيلي ذڪر اسان جي ڳوٺائي ۽ همعمر پروفيسر قاضي خادم پنهنجين يادگيرين جي ڪتابن ۾ ڪيو آهي. هاڻ ته ڪنهن کي گهر ويٺي ٽي وي چئنل تي فلم ڏسڻ جو به ٽائيم ناهي. پر اسان جي ڏينهن ۾ ٻي ڪا وندر به ته نه هئي. خاص فلم ڏسڻ لاءِ هالا يا پيٽارو کان هلي حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوندو هو. يول برينر 1985ع ۾ گذاري ويو.
    فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته سائوٿ انڊيا جي هڪ مشهور فلمي ائڪٽريس سواٿي مڌاپتي جيڪا اڄ ڪلهه ”ڪئڊبري ڊائري مِلڪ“ جي اشتهار ۾ نظر اچي ٿي اها پڻ روس جي هن بندرگاهه Vladivostok ۾ ڄائي هئي. مون کي به هن وقت اوچتو ان ڪري ياد اچي وئي جو گذريل هفتي ڪوالالمپور جي برڪ فيلڊ علائقي جي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان جي سامهون واري سئنيما ۾ تيلگو ٻوليءَ جي فلم Ashta Chamma لڳل هئي جنهن جي پوسٽر تي هن فلم جي هيروئن ”سواٿي مڌاپتيءَ“ جي تصوير هئي. هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ تامل بئري ٻڌايو ته هيءَ ٽاپ جي فلم آهي. جيڪا ڪوالالمپور ۾ ٻيو يا ٽيو دفعو چڙهي آهي.
    پڙهندڙن جي چاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جا ماڻهو ٽن مکيه قومن ۾ ورهايل آهن. ملئي ـــــ جيڪي مسلمان آهن جيڪي مڪاني ماڻهو- يعني ڀوميپترا سڏجن ٿا، چيني- جيڪي اڄ کان سئو ڏيڍ سئو سال اڳ چين کانپورهئي لاءِ هتي آيا ۽ واپس نه ويا. اهي ۽ ملئي ماڻهو پنجيتاليهه پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندا. ملائيشيا جي باقي ڏهه سيڪڙو آدمشماري انڊين سڏجي ٿي جنهن ۾ هڪ يا ٻه سيڪڙو گجراتي، سنڌي هندو، سک، پنجابي ۽ پٺاڻ، بوهري ۽ آغا خاني، پارسي ۽ بنگالي آهن باقي 8 سيڪڙو ڏکڻ هندستان جا هندو، مسلمان ۽ عيسائي آهن. جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ريلوي ۽ ٻنين ٻارن ۾ پوک جي ڪم لاءِ ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) آيا هئا. هنن جا ٻار هتي جي تامل اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر گهر ۾ پنهنجي ڏکڻ هندوستان جي مادري ٻولي تيلگو، مليالم، ڪنهڙ يا تامل ڳالهائين ٿا. اهي ٻوليون لڳي ٿو هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون جيئن اسان وٽ اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي.
    ڪوالالمپور جو برڪ فيلڊ علائقو سائوٿ انڊين جي آباديءَ کان مشهور آهي ۽ هتي جي سئنيمائن ۾ ورلي ڪا هندي يا پنجابي فلم لڳي نه ته هميشه تامل، تيلگو ۽ مليالم فلمون ئي اچن. انڊين ٽي وي چئنلن مان ”اسٽارــــ ما“ (MAA) ٽي وي ـــــ تيلگو ٻوليءَ جو چئنل مشهور آهي. جيئن KTN سنڌي ٽي وي چئنل تان شام جو سهراب سومري ۽ علي گل ملاح جو مشهور پروگرام ”ايوننگ ڪَلرس“ هلي ٿو تيئن MAA ٽي وي جو ”ڪلرس“ نالي مشهور پروگرام ڪجهه سال اڳ هليو هو جنهن جي ميزبان (ائنڪر) هيءَ روس جي ڄاول ڇوڪري سواٿي مڌاپتي رهي ۽ اٽڪل 150 پروگرام ڪيائين. ان ٽي وي پروگرام سان گڏ هوءَ تامل، تيلگو ۽ مليالم فلمن ۾ به ايندي رهي ٿي. منهنجي سريلنڪا جي تامل دوست ڪئپٽن رڊرا ڪمار جي پٽ ٻڌايو ته هن جي پهرين فلم ”سبرا منيا پورم“ نالي تامل ٻوليءَ ۾ هئي ۽ کيس انڊيا جي فلم فيئر ۽ ناندي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. پاڻ انڊيا کان علاوه سري لنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سائوٿ انڊين ۾ به مشهور آهي.
    سواٿيءَ جو پيءُ انڊين نيويءَ ۾ هو ۽ سب مرينر جي ٽريننگ لاءِ ولادي ووستوڪ ۾ رهيل هو ته سواٿي ڄائي. هوءَ يارهن سالن جي ٿي ته حيدرآباد دکن جي ”سينٽ ميري ڪالج“ ۾ داخلا ورتي ۽ بايو ٽيڪنالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. ماڊل، ٽي وي، اشتهارن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه هوءَ پلي بئڪ سنگر ۽ Voice Actor به آهي.... يعني هوءَ فلمن ۾ آواز به ڊب ڪري ٿي. سندس MAA ٽي وي جا تيلگو پروگرام يوٽيوب تي به مشهور آهن.

    • روس جي اوڀر وارو بندرگاهه ولادي ووستڪ
    ولادي ووستڪ (Vladivostok) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو جپان جي اتراهين ٻيٽ هڪيدو کان به وڌيڪ اتر ۾ آهي. بس سمجهو ته روس جو سائيبيريا وارو علائقو ٿيو جتي اونهاري ۾ به اسان جي سياري جهڙي ٿڌ آهي ۽ سياري ۾ ته ڪاٽو 20 ڊگرين کان به ٿڌ جو پد (Temperature) گهٽ ٿو رهي. هونءَ ئي ٿڌن شهرن جي آدمشماري گهٽ هوندي آهي اهڙي طرح هن بندرگاهه جي آدمشماري گهڻي ناهي. پر ڏسان پيو ته هن شهر ڪيترائي قابل ۽ مشهور انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنسدان، اديب، شاعر ۽ نيون ايجادون ڪرڻ وارا ماهر پيدا ڪيا آهن. منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه رهي ٿي ته اتراهن علائقن جا ماڻهو، هيڏي ٿڌ ۽ ڏڪاڻيءَ جي باوجود هر فيلڊ ۾ قابل ڇو آهن! پوءِ سئيڊن ۾ تعليم جي سلسلي ۾ جڏهن لڳاتار ٻه سال رهيس ته اتي ڏٺم ته هر هڪ ماڻهو .... ننڍو توڙي وڏو، عورت توڙي مرد اسڪول يا آفيس جي ڊيوٽي ڏيڻ بعد هيڏانهن هوڏانهن رلڻ پنڻ بدران گهر ۾ ويٺا رهن ٿا. ههڙي سيءَ ۾ ڪير ٻاهر نڪري. اهڙي ٿڌ، جو ٻه جملا ڳالهايا نه ٿيندا هئا. آئون ته ڳوٺان گرم ”ڪن ٽوپ“ کڻي ويو هوس جنهن سان نه فقط مٿو پر ڳچيءَ تائين سڄو منهن ڍڪجي ويو ٿي، فقط اکيون نظر آيون ٿي. اهڙي سياري ۾ سئيڊن ۾ سال جا 8 مهينا کن ته ڏسندو هوس ته هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو ڪجهه نه ڪجهه ڪري. ڪو ڪمپيوٽر تي لڳو پيو آهي ته ڪو هارمونيم پيو سکي، عورتون سلائي ۽ ڀرت پيون ڪن ته ٻار لکن پڙهن پيا يا اسڪرئبل جهڙي راند پيا کيڏن. اهو سڄو نظارو، گهرن وٽان لنگهندي ٻاهران نظر ايندو هو. سياري ۾ هنن اتراهن ملڪن ۾ شام جو 3 بجي ئي سج لهيو وڃي. اندران ڪمرن ۾ بتيون ٻرڻ ڪري ٻاهر جي راهگير کي اندر جي هر شيءِ صاف نظر آئي ٿي. پوءِ هو گهر ۾ ويٺي ويٺي سائنسدان ٿيو وڃن. اسان وٽ هڪ ته گرمي اهڙي آهي جو دماغ ۾ ڪا ڳالهه نٿي اچي ان مٿان لوڊ شيدنگ يعني نه بجلي نه پنکو آهي. اخبار لاءِ ڪالم لکندي به پگهر اچيو وڃن. ننڍي هوندي تارن جي جهڳمڳ ۾ اڱڻ ۾ سمهبو هو. اڄ به پيٽارو جون ٿڌيون هوائون ياد ٿيون اچن. ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي، اڱڻ ۾ رکيل صندل تي لالٽين اڳيان ويهي پڙهبو هو. مون کي حيرت ٿي جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج توڙي ڄامشوري جي ماڻهن ٻڌايو ته هو مڇرن جي چَڪن کان ٻاهر اڱڻ ۾ نه وهن نه سمهن. واقعي! دنيا ۾ مليريا ختم ٿي وئي. اسان وٽ مليريا جو کاتو- مڇرمار 1955 ۾ شروع ٿيو..... سٺ سال گذرڻ بعد به مليريا قائم دائم آهي.... جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن جهنگل ۽ پوسل وارن ملڪن ۾ جيڪي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ اسان کان گهڻو پٺتي هئا اتي به مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون اڄ کان 35 سال اڳ ختم ٿي ويون. اسان وٽ مڇر صاحب مليريا سان گڏ مليريا کان به خطرناڪ بيماريون: ڊينگي ۽ چڪون گونيا (Chikungunya) کڻيو پيا هلن. سو اسان وٽ ماڻهو مختلف مصيبتن کي منهن ڏين يا ايجادن ڏي ڌيان ڌرين. بهرحال اهو چوندس ته روس جي هن شهر ولادي ووستڪ تمام گهڻا اهم ماڻهو پيدا ڪيا آهن. هتي ٻئي ڪنهن اِگور انسف (Igor Ansoff) جهڙي حسابدان يا ولاديمير آرسينيو جهڙي رولاڪ Explorer جو احوال نٿو لکان ۽ نه وري نتاليا پوگونينا جهڙي شطرنج جي رانديگر يا Eugene Kozlovsky جهڙي روسي اديب ۽ صحافي بابت ٿو لکان جيڪو مون کان ٻه سال ننڍو آهي هو ولادي ووستڪ ۾ ڄائو، وڏو ٿيو اڄڪلهه ماسڪو ۾ رهي ٿو. سندس انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آتم ڪٿا پڙهڻ وٽان آهي .... هتي آئون ڪجهه سٽون فقط ولادي ووستڪ ڄائي ”ائنا شچيٽينيا“ بابت ضرور لکندس ته اها دنيا جي پهرين عورت آهي جيڪا مرچنٽ نيوي ۾ آئي ۽ پاڻي جي ڪيترن ئي جهازن کي ڪئپٽن جي حيثيت ۾ دنيا جي مختلف سمنڊن تي هلايو. منهنجي خيال ۾ پاڻي جي جهاز تي ڪنهن عورت جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ ”موت جي کوهه“ ۾ ڦٽڦٽي (موٽر سائيڪل) هلائڻ کان ڏکيو ڪم آهي. عورتن کي ڊاڪٽر، سرجن، هوائي جهاز جو پائلٽ..... ويندي ٽرڪ يا ٽرين هلائيندي ڏٺو آهي پر مرچنٽ نيوي جي جهازن تي آخري عهدي تائين پهچڻ بيحد حيرت جي ڳالهه آهي ۽ ان جو اندازو اهي لڳائي سگهن ٿا جن جو مالبردار يا مسافر جهازن سان واسطو آهي. سرجن يا پائليٽ جو ڪم به هڪ عورت لاءِ مشڪل نه آهي. جو هڪ هنڌ صاف سٿري ماحول ۽ موسم ۾ ڪرڻو پوي ٿو. هوائي جهاز هلائيندڙ پئليٽ عورت کي نيويگيشن جو به مسئلو ناهي جو هوءَ روزانو ساڳي روٽ تي ڪراچي کان لنڊن يا لنڊن کان نيويارڪ اچي وڃي پئي ۽ نقشي تي ٺاهيل رستي کي فالو ڪندي وڃي پر پاڻي جي جهاز کي لنڊن کان نيويارڪ وٺي وڃڻ ۾ ڏهاڪو کن ڏينهن لڳيو وڃن يا ولادي ووستڪ کان وئنڪوئر وٺي وڃڻ ۾ 15 ڏينهن لڳيو وڃن ۽ هر دفعي موسم ۽ سامونڊي ڇولين مطابق نئون نئون رستو اختيار ڪرڻو پوي ٿو. طوفانن ۽ مخالف سمنڊ ڪري هر وقت جهاز ٿڙيو وڃي ۽ روزانو حساب ڪتاب ڪرڻو پوي ٿو ته جهاز ڪهڙي طرف بتال ٿي ويو ان کي صحيح رستي تي ڪيئن آڻجي. طوفانن ڪري سامان جي اٿل پٿل، باهه يا پاڻي هيٺ ڀڳل جهاز سان ٽڪرائڻ ڪري پيش آيل حالتن کي منهن ڏيڻ، جهاز تي ڪم ڪندڙن جي بيمارين، حادثن ۽ جهيڙن جهٽن کي ٺاپر ۾ آڻڻ ۽ ڪڏهن ته خراب موسم، طوفانن يا سئيز ۽ پاناما ڪئنال مان لنگهندي يا جبرالٽر جي ڳچي سمنڊ ۽ سنگاپور وٽان ڦرندي جتي بي انتها ٽرئفڪ رهي ٿي اتي 24 ڪلاڪن کان مٿي پيرن تي بيهي اوجاڳو ڪرڻ اسان مردن کي ئي گهوماٽيو ڇڏي.... يا اهڙن موقعن تي جڏهن سيڪندن ۾ فيصلو ڪرڻو پوي ٿو ڇو جو پاڻيءَ جي جهاز کي ته بريڪ ناهي جو يڪدم بيهاري سگهجي نه خشڪي جي ٽرئفڪ وانگر هڪڙو ئي قانون آهي ته هن ملڪ (USA) ۾ هر هڪ کي پنهنجي ساڄي طرف هلڻو آهي يا هن ملڪ (انگلينڊ، پاڪستان، ملائيشيا وغيره) ۾ هر هڪ کي پنهنجي گاڏي کاٻي پاسي کان هلائڻي آهي. هتي سمنڊ تي مختلف طرفن کان ايندڙ جهازن کي وزن ۽ ماپ مطابق مختلف قانون تي هلڻو آهي جنهن جي ڄاڻ ۽ فيصلو تڪڙو ڪرڻو پوي ٿو نه ته حادثو ٿي سگهي ٿو.... ٿوري به سستي، ٿڪاوٽ، خوف ۽ اڻڄاڻائي جهاز ۽ ان ۾ سوار جانين کي ٻوڙي سگهي ٿي. اهي فيصلا ۽ ڊيوٽيون عورت لاءِ ڏاڍيون ڏکيون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته تعليم دوران به آسان زندگي ناهي.، پڙهائي سان گڏ پي ٽي، پريڊ، اڪيلي سر چَپون هلائي Rowing ڪرڻ يا ڳرن سڙهن کي ڇڪي هوا جي رخ مطابق سيٽ رکي Sailing ڪرڻ، جهاز جي لوهي پليٽن جي چپنگ ڪري رنگ ڪرڻ، خاص ڪري جهاز جي ٻاهرين پليٽن کي جتي ڪرڻ سان ماڻهو هيٺ سمنڊ ۾ هليو وڃي..... هر ملڪ جي بندرگاهه ۾ اتي جي مزورن، سامان جي مالڪن، هيلٿ آفيسرن، ڪسٽم ۽ اميگريشن کي منهن ڏيڻ.... ڪي سولا ڪم نه آهن. جهاز جي نوڪري سخت جسماني ۽ ذهني ٽينشن واري رهي ٿي.... هر وقت پنجاهه مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو .... ۽ پهلوان ناکئن کي به پگهر اچيو وڃن ۽ سندن نروس بريڪ ڊائون ٿيو پوي اتي اهڙي جاءِ تي ڪنهن عورت کي ڏسي داد ڏيڻو پوي ٿو چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم وٺڻ دوران اسان ٻڌو هو ته سمنڊ تي هڪ عورت به آهي جيڪا روس جي ولادي ووستڪ ۾ ڄائي، اتي جي مئرين اڪيڊميءَ مان تعليم حاصل ڪري جهاز تي ٻه سال ڪئڊٽ Sail ڪيو ان بعد بين الاقوامي امتحان ڏئي سيڪنڊ ميٽ ۽ پوءِ چيف ميٽ رهي.... ان بعد وڌيڪ امتحان ڏئي جهاز جي پهرين ڪئپٽن ٿي آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پاڪستان ۾ 1962ع ۾ جڏهن چٽگانگ ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ته اها ايشيا جي ٽي اڪيڊمي ڳڻي وئي جو پهرين روس جي هيءَ ”ولادي ووستڪ مئرين اڪيڊمي“ هئي. ان بعد انگريز راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن نالي مئرين اڪيڊمي کلي ان بعد اسان وٽ مشرقي پاڪستان ۾ کلي. ان ئي ڏهاڪي ۾ عرب ملڪن ۾ تيل نڪرڻ ڪري هر امير ملڪ ۾ جهازن جو تعداد وڌڻ لڳو. ان سان گڏ هر ملڪ مئرين اڪيڊمي کولڻ لڳو ۽ ايران، جپان، فلپين کان سري لنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ مئرين اڪيڊميون کلي ويون ۽ گذريل صديءَ جي آخر تائين سامونڊي نوڪري (مرچنٽ نيوي) بهتر ڪئريئر سمجهيو ويو ٿي پر هاڻ ڏٺو وڃي ته هر شيءِ هوائي جهاز رستي موڪلي وڃي ٿي ۽ پاڻي جا جهاز گذريل ويهارو سالن کان تيل جا پئسا ڪڍڻ لاءِ به پريشان آهن. ڪيترن جهازن جي مالڪن پنهنجا جهاز اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي وڃي هوٽلون کوليون..... اهو ئي سبب آهي جو هن ڪئريئر لاءِ جتي مون 1970 جو سڄو ڏهاڪو مضمون لکي نوجوانن کي همٿايو اڄ انهن کي هن فيلڊ ڏي اچڻ کان خبردار ڪريان ٿو جو سوين گرئجوئيٽ ته ڇا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به بيروزگار ويٺا آهن .... جهاز ئي ڪو نه آهن ـــــ نوڪري ڇاتي ملي!
    بهرحال جنهن زماني ۾ ”شچيٽي نينا“ جهاز هلايو ان دور ۾ ته هڪ عورت لاءِ پاڻي جو جهاز هلائڻ اڃان به وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڪمال جهڙي ڳالهه سمجهي وئي ٿي. شچيٽي نينا (سڄو نالو Anna Ivanovna Shchetinina) 1908 ۾ ڄائي. 1925 ۾ ولادي ووستڪ مئرين اڪيڊميءَ جي نيويگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. گرئجوئيشن بعد پاڻي جي جهاز تي هن هڪ عام خلاصي Ordinary Seaman (بلڪه Sea Woman) جي حيثيت ۾ Sail ڪيو. 24 سالن جي ڄمار ۾ بين الاقوامي امتحان ڏئي هوءَ سيڪنڊ ميٽ ٿي ۽ 27 سالن ۾ ڪئپٽن ٿي. چون ٿا ته هن جڏهن ڪئپٽن جي حيثيت ۾ پهريون جهاز M.V.Chavycha هئمبرگ (جرمني)- جتي اهو نئون جهاز خريد ڪيو ويو هو، جي بندرگاهه کان ڪڍي يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ڪندي پنهنجي هوم پورٽ ولادي ووستڪ پهتي ته سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ٻي جنگ عظيم دوران ۽ ان بعد به هوءَ ڪيترن ئي جهازن جي ڪئپٽن ٿي رهي. ان بعد هن کي پڙهائڻ جو شوق ٿيو ۽ مون وانگر مئرين اڪيڊمي جي ماسترياڻي ٿي. 1999ع ۾ سندس وفات ٿي. هن جو لکيل ڪتاب، جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري On the Seas & Beyond the Sea نالي ڇپيو ويو، اڄ به قدر جي نگاهه سان پڙهيو وڃي ٿو.

    • استرا خان ڪو ”خان“ نه پر ”بندرگاهه“ آهي.
    پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته روس جيتوڻيڪ وڏو ملڪ آهي، طاقتور ملڪ آهي پر افسوس جو سامونڊي بندرگاهن ۾ غريب ملڪ آهي. هي ڏور اوڀر جو، پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وارو ولادي ووستڪ بندرگاهه جيتوڻيڪ سال جو وڏو عرصو کليل رهي ٿو، سڻائي هنڌ تي آهي، ڪافي اونهو ۽ ماڊرن بندرگاهه آهي جتي وڏا وڏا جهاز به اچيو لنگر انداز ٿين پر هي بندرگاهه گادي واري شهر ماسڪوجتي زندگي آهي، جتي ملڪ جي آدمشماري جو وڏو حصو رهي ٿو، کان بيحد پري آهي.... انڊيا پاڪستان کان يا آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه کان روس لاءِ سامان جيڪڏهن ”ولادي ووستڪ“ بندرگاهه ۾ لاٿو ٿو وڃي ته هڪ ته سامونڊي رستو وڏو ٿئي ٿو سو ڀاڙو به وڌيڪ ٿيو ۽ پوءِ ولادي ووستڪ کان ماسڪو پهچڻ ۾ وڌيڪ ڏينهن ۽ وڌيڪ ڀاڙو خرچ ٿئي ٿو جو ماسڪو اتان 9000 کن ڪلوميٽر آهي. ان حالت ۾ ڪئسپين سمنڊ جيڪو ڍنڍ مثل آهي ان جو وولگانديءَ جي ڇوڙ وٽ روسي بندرگاهه استرا خان سڀ ۾ بهترين ئي چئبو جو ان جي سڏ پنڌ تي قزاقستان جو بندرگاهه اقتائو (Aktau) آهي ۽ ٿورواڳيان ترڪمنستان جو بندرگاهه ”ترڪمن باشي“ آهي ۽ ٻئي ڇيڙي تي، بلڪل ڏکڻ ۾ ايران جو بندرگاهه راشت (Rasht) آهي. راشت پري پري ته به فقط هڪ هزار ڪلوميٽرن جيفاصلي تي آهي. سو روس هر سال پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو ايران کان سندن بندرگاهه راشت ذريعي پنهنجي بندرگاهه استرا خان ۾ گهرائي ٿو.اهڙي طرح پنهنجي ملڪ جو سامان به هن سمنڊ ذريعي ايران موڪلي ٿو جتان پوءِ ڀر وارن ملڪن توڙي آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن ڏي وڃي ٿو.اهڙي طرح روس جو سامان آذربائيجان جي بندرگاهه باڪو ڏي پڻ وڃي ٿو.
    هڪ ڳالهه جيڪا اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن روس ۾ پهچي محسوس ڪئي ٿي ۽ پڙهندڙ هي مضمون پڙهي ضرور حيرت کائيندا هوندا ته جتي روس جي شهرن جا نالا هنن جي پنهنجي حساب سان آهن ۽ اسان لاءِ ڏکيا ۽ اوپرا آهن اتي روس جي هن بندرگاهه جو نالو جيڪو يورپ جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي وولگا جي بلڪل ڇيڙي وٽ ڊيلٽا تي آهي، جتي اها ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري، ”استرا خان“ هجڻ عجيب ٿو لڳي. ۽ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ته هيڏانهن روس پاسي ڪهڙا خان، ترڪ، منگول آيا جن هي شهر اهڙي نالي سان ٻڌرايو. هن پاسي جي تاريخ ٿي پڙهجي يا جهونن کان خبرون ٿيون پڇجن ته معلوم ٿو ٿئي ته هي ڪافي آڳاٽو شهر آهي جنهن جو پهرين ذڪر تيرهين صديءَ جي سياحن ڪيو. انڊيا وارو تيمورلنگ جيڪو 1336 ۾ ڀرواري ملڪ ازبڪستان جي ڪيش شهر ۾ ڄائو، 1370 ۾ بلخ شهر ۾ تاجپوشي ٿيس ۽ 1405 ۾ قزاقستان جي شهر اوترار ۾ گذاري ويو. تيمورلنگ (فارسي خطاب آهي جنهن جي معنا ٿي ’منڊو تيمور‘) پرشيا (ايران) ۽ وچ ايشيا ۾ تيمور سلطنت جو بنياد رکيو جنهن جو پهريون حاڪم پاڻ ٿيو. تاريخ ۽ هن تر جي ماڻهن واتان ٻڌجي ٿو ته هو وڏو طاقتور حاڪم هو. دراصل اسان گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ تاريخ جون اهي ڳالهيون به ته منجهائيندڙ آهن ته 1857ع واري انگريزن سان ويڙهاند آزاديءَ جي لاءِ جنگ هئي يا بقول انگريزن جي اسان هندوستانين (Natives) طرفان بلوو! نادر شاهه ايران کان اچي دهلي ساڙي، هزارين ماڻهو ماري هيرن جواهرن وارو تخت طائوس به ڳوٺ (يعني ايران) کڻائي ويو.... ظاهر آهي وڏو ظلم ڪيائين اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن کي ڦورو، ڌاڙيل ۽ ظالم سڏيون ٿا پر ايران ۾ وڃ ته اتي جي اسان جي مسلمان ڀائرن لاءِ هو هيرو جي اهميت رکي ٿو. مشهد ۾ جتي امام رضا جو روضو آهي ان جي پسگردائيءَ ۾ سندس مقبرو آهي جنهن مٿان هن جي ياد ۾ گهوڙيسوار جو وڏو Statue آهي. هندستان جي ڀينگ ڪندڙ هي ۽ غوري ۽ غزنوي حاڪم جن جا ۽ مغل بادشاهن جا نالا وٺي اسان ٺرون پيا، ڏٺو وڃي ته انهن جي راڄ ۾ هندستان جي غريب عوام کي ته ٻه ويلا ماني به نه هئي.... مسلمان حاڪمن هوندي مسلمان رعيت به پير اگهاڙا ڪري پئي هلي. ان هوندي به اسان غوري يا غزنوي کي پنهنجو سمجهي پنهنجي ملڪ جي روڊ رستن-ــ ويندي ميزائيلن تي انهن جا نالا رکي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ ان ڳالهه تي افغانستان اسان تي چٿرون ٿو ڪري ته ”چريائو! اهي ڪڏهن توهان جا هئا؟ غزني غور-ــ اهي شهر ۽ انهن جا اهي ڏنگا مڙس ته اسان جا آهن.... اسان جا هيرو آهن.... ڇو جو توهان کي لٽي ڦري دولت هيڏانهن کڻي ٿي آيا ۽ اسان کي خوشحال ٿي ڪيو. توهان تي ته هنن حڪومت ڪئي جيئن بعد ۾ انگريزن ڪئي ۽ هاڻ وري توهان جا پنهنجا چند خاندان پيا ڪن“. منهنجي خيال ۾ مون حسن نثار کان پاڪستان جي ڪنهن ٽي وي چئنل تي ٻڌو ته افغانستان حڪومت پاڪستان حڪومت کي خط لکي ان اعتراض جو اظهار ڪيو آهي ته توهان اسان جي شهرن ۽ اسان جي هيرن جا نالا پنهنجين شين تي ڇو ٿا رکو؟.
    تيمورلنگ لاءِ چيو وڃي ٿو وڏو جنگجو همراهه هو. هن مصر ۽ شام جي مملوڪن کي، اڀرندڙ سلطنت عثمانيه کي ۽ زوال پذير دهلي سلطنت (1526-1206) جي انهن ڏينهن جي تغلق گهراڻي جي حاڪم تي 1398 ۾ سوڀ حاصل ڪئي. (منهنجي خيال ۾ ان وقت تغلق گهراڻي جو حاڪم نصيرالدين محمد شاهه تغلق اتر انڊيا جو حاڪم هو)..... ۽ هي تيمور لنگ ئي هو جنهن هن شهر استرا خان کي سال 1395 ۾ ساڙي ڀسم ڪيوهو.
    حيرت ٿي ٿئيته ان زماني ۾ نه هوائي جهاز هئا نه ٽرڪون ڪارون ـــــ تيمورلنگ، نادر شاهه، بابر يا سلطان غزنوي جهڙا حاڪم ٿي ڪري عام سپاهين سان گڏ سخت سردي توڙي گرميءَ ۾ خچرن گهوڙن تي يا ڪٿي پيرين پنڌ پنهنجي جنگي اصلح تيرن ڪمانن، نيزن، ڀالن بڻڇين سميت ميلن جا ميل سفر ڪيو ٿي! تيمورلنگ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Tamerlane لکيو وڃي ٿو ازبڪستان جي ”گورِ امير“ ۾ دفن ٿيل آهي. دهليءَ ۾ همايون جي مقبري ۽ آگري جي تاج محل وانگر سمرقند جو هي ”گورِ امير“ هڪ تاريخي مقبرو آهي ۽ عمارتسازيءَ کان مشهور آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته هتي تيمورلنگ کان علاوه سندس پٽن شاهه رخ ۽ ميران شاهه، ۽ پوٽي الغ بيگ (مرزا محمد طارق بن شاهه رخ مرزا) جون قبرون پڻ آهن. تيمورلنگ جي مشهور ٽيچر سيد برقا (1403-1343) کي پڻ هتي دفن ڪري هڪ استاد جي عزت افزائي ڪئي وئي آهي. تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ ۽ سندس زال گوهر شاد بيگم (1457-1378) جنهن مشهد ۾ 1418 ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان مسجد گوهر شاد ٺهرائي ۽ جنهن جي نالي ڪابل افغانستان ۾ 2003 ۾ وومين يونيورسٽي کولي وئي، ۽ سندس پٽ الغ بيگ جيڪو 1394 ۾ ڄائو ۽ 1449 ۾ وفات ڪيائين نه فقط حاڪم ٿي رهيو پر قابل حسابدان (Mathematician) ۽ ماهر فلڪيات (Astronomist) پڻ هو جنهن جا ثابت ڪيل ٽرگناميٽري جا فارمولا ۽ تارن جو حساب ڪتاب اسان جي جهاز راني (Navigation)سبجيڪٽ ۾ اڄ به دنيا ۾ پڙهايو وڃي ٿو.... انهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي ايران واري ”ايران ڏي اڏام“ سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هو امير ڪبير جي خطاب سان سڏيو ويو ٿي. هن جي نالي ڪيترائي تعليمي ادارا ايران، ازبڪستان، تاجڪستان، ترڪمنستان، افغانستان، ڪرغستان ۽ قزاقستان ۾ آهن (جيڪي ملڪ هن جي ڏينهن ۾ سلطنت تيموريا جي قبضي ۾ هئا) خاص طور ايران جي امير ڪبير يونيورسٽي، تهران ۽ سمرقند ۽ بخارا جا ”الغ بيگ مدرسا“.
    پاڻ ڪئسپين سمنڊ جي روسي بندرگاهه استراخان جي ڳالهه ڪريون جنهن تي ڪيترائي دور، حاڪم ۽ عروج زوال آيا. استراخان جو شپ يارڊ روس جي مشهور زار ”پيٽراعظم“ (Peter the Great) ٺهرايو ۽ ساڳي صديءَ ۾ روس جي هڪ خاتون حاڪم (زرينه) راڻي ڪئٿرين هن شهر ۾ خوب ڪارخانا ۽ فئڪٽريون لڳرائي مڪاني ماڻهن ۾ خوشحالي پيدا ڪئي.

    • روس جا زار ۽ زرينائون....
    پيٽر دي گريٽ (پيٽر اعظم) روسي راڄ جو هڪ بهترين ۽ دلپسند شهنشاهه ٿي گذريو آهي. هو روس جي پهرين زار (Tsar) ميخائيل (سڄو نالو Mikhail Romanov) جو پوٽو هو.ميخائيل 1613 ۾ ”رومانوو گهراڻي“ جو بنياد رکيو جنهن جي آخري بادشاهه (زار) نڪولس ٻئي کي 1917 واري انقلاب ۾ تخت بدر ڪري سندس ۽ سندس ٻارن جو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. هتي اهو لکندو هلان ته روس سلطنت جا هي بادشاهه پاڻ کي زار سڏائيندا هئا ۽ سندن راڻيون زرينائون(Tsarina) سڏبيون هيون ـــجيئن سلطنت عثمانيا (Ottoman Empire) جا حاڪم ”سلطان“ ۽ بنواميه ۽ عباسيه سلطنت جا حاڪم پاڻ کي ”خليفو“ سڏائيندا هئا. روس جي ڪن راڻين جيئن ته زرينا ايلزبيٿ جهڙين ايڏو ته نالو پيدا ڪيو جو سندن هاڪ اسان وٽ هند سنڌ ۾ به عام ٿي . ايتري قدر جو ڇوڪرين جو نالو زرينا رکيو وڃڻ لڳو جيئن ڇوڪرن جو رستم ۽ سهراب عام هو.... جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته نه ڪا زرينا ۽ نه رستم سهراب مسلمان هئا. تڏهن ته چوان ٿو ته اهي ”ڪافرن“ جا نالا ته اڄ به رکيا وڃن ٿا باقي باغن ۽ روڊن کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جو ”رام باغ“ کي آرام باغ، ايمپريس مارڪيٽ کي KMC مارڪيٽ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ کي زيب النساءِ اسٽريٽ بنايو ويو. تاريخي حقيقتن کي مِٽائڻ ڪا سٺي ڳالهه ته نه آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه ته انگريز حاڪمن جي نالن وانگر روس جي حاڪمن جا به ساڳيا ساڳيا نالا ڦرندا رهن ٿا جيئن ته انگريز بادشاهن جا نالا وليم، جارج، هينري، رچرڊ، ايڊورڊ، چارلس وغيره هلندا اچن. هڪڙا مرن ٿا ته انهن جا نالا وري انهن جي پوٽن پڙ پوٽن تي رکيا وڃن ٿا. تيئن روسي حاڪمن ۾ پيٽر، ڪئٿرين، پال، اِيوان هلندا رهيا ٿي. مون جهڙن موڳن لاءِ اها وڏي مونجهاري جي ڳالهه ٿئي ٿي. جيئن روس جي بندرگاهن ۾ وڃبو هو يا روسي جهاز وارن سان ملبو هو ته هو هميشه زار پيٽر دي گريٽ ۽ زرينا ڪئٿرين دي گريٽ جي تعريف ڪندا هئا ته هنن روس ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا. آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته ڪئٿرين پيٽر دي گريٽ جي زال آهي پر هو ٻڌائيندا هئا ته هيءَ اها ڪئٿرين نه پر ٻي ڪئٿرين آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ان ٻي ڪئٿرين جي مڙس جو نالو به پيٽر هو جيڪو پڻ زار (روس جو شهنشاهه) ٿي رهيو. بهرحال ڀلو ٿئي منهنجي سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ تيمورلو چنگيزي جو جيڪو هڪ روسي رياست آذر بائيجان يا شايد ترڪمنستان کان آيو هو. هو تاريخ ۽ ڪامرس جو ماهر هو. ٻه سال ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ دوران هن مون کي روس جي تاريخ ڄڻ ته ٽيوشنون ڏئي پڙهائين ۽ هتي تاريخ جي شوقين منهنجي پڙهندڙن لاءِ روسي زارن جو تعارف طور مختصر احوال لکان ٿو جيئن هو انهن بادشاهن ۽ راڻين سان واسطو رکندڙ منهنجيون ڳالهيون سمجهي سگهن.


    House of Romanov

    (روس جو رومانوو گهراڻو (1917-1613)

    ڪجهه اهم زار (بادشاهه) ۽ زرينائون (راڻيون)
     ميخائيل رومانوو (1645-1596)پهريون زار جنهن هن گهراڻي جو بنياد رکيو.
    حڪومت: 1645-1613
     ميخائيل بعد 1645 کان 1682 تائينسندس اولاد اليگزي اول (پٽ)، فيوڊور سوم (اليگزي اول جو پٽ)، صوفيا (اليگزي اول جي ڌيءَ)، اِيوان پنجم (اليگزي اول جي پٽ) حڪومت ڪئي.
     پيٽر اول- پيٽر دي گريٽ (1725-1672) (اليگزي اول جو ننڍو پٽ)
    حڪومت: 1725-1682
     ڪئٿرين اول (1727-1684)- (پيٽر اول جي زال)
    حڪومت: 1727-1725
     پيٽر دوم (1730-1715) (پيٽر اول جو پوٽو- سندس پهرين زال مان اڪيلي پٽ اليگزي جو پٽ. ياد رهي ته پيٽر اول جي وڏي ڀاءُ جو نالو به اليگزي هو جيڪو ميخائل بعد زار (بادشاهه) ٿيو.
    حڪومت: 1730-1727
     ائنا- (1740-1693) هيءَ اِيوان پنجم (اليگزي اول جي پٽ) جي ڌيءَ Anna Ivanovna آهي. پيٽر اول جي ڌيءَ جو نالو به ائنا هو پر اها Anna Petrovna آهي.
    حڪومت: 1740-1730
     ايوان ڇهون (1767-1740) (ايوان پنجين جو پڙ پوٽو جيڪو فقط ٽي چار مهينا زار رهيو. کيس قتل ڪيو ويو.)
    حڪومت: 1741-1740
     راڻي (زرينا) ايلزبيٿ (1762-1709) (پيٽر اول ۽ ڪئٿرين اول جي ڌيءَ)
    حڪومت: 1762-1741
     پيٽر سوم- (1762-1728) (پيٽر اول جو ڏوهٽو- پيٽر اول جي ڌيءَ ۽ ايلزبيٿ جي وڏي ڀيڻ ائنا جو پيٽ. هي 6 مهينا کن زار مس رهيو ته کيس سندس جرمن زال ڪئٿرين دوم قتل ڪري پاڻ روس جي حاڪم (زرينا) ٿي).
    حڪومت: 1762-1762
     ڪئٿرين دوم- ڪئٿرين دي گريٽ (1796-1729) (پيٽر سوم جي زال)
    حڪومت: 1796-1762
     پال اول- (1801-1754) پيٽر سوم ۽ ڪئٿرين دوم جو پٽ. ڪجهه سال حڪومت ڪرڻ بعد هن کي به قتل ڪيو ويو.
    حڪومت: 1801-1796
     پال اول جي وفات بعد 1801 کان 1894 تائين روس جا مختلف حاڪم ٿيا. جهڙوڪ: اليگزينڊر اول (1825-1801)، ڪانسٽنٽائين (1825-1825)، نڪولس اول(1855-1825)، اليگزينڊر دوم (1881-1855)، اليگزينڊر سوم (1894-1881).
     نڪولس دوم (1918-1868)- آخري زار، اليگزينڊر سوم جو پٽ.
    حڪومت: 1917-1894
    اسان روس جي تاريخ ۾ گهڻو پوئتي نٿا وڃون جڏهن 1613 کان اڳ روس تي رُورِڪ (Rurik) گهراڻي جو راڄ هو. اسان 1613 کانپوءِ جي حاڪمن جي ڳالهه ڪنداسين جڏهن ميخائيل رومانوو 1613 ۾ پنهنجي نالي ”رومانوو گهراڻي“ House of Romanov جو بنياد رکيو ۽ پاڻ ان جو پهريون حاڪم (شهنشاهه) بڻيو ۽ پاڻ کي روس جو پهريون زار (Tsar) سڏايو. پاڻ (Mikhail Romanov) 1596 ۾ جنم ورتو هو ۽ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ 1613 کان مرڻ (1645) تائين ”روس جي زار سلطنت“ جو مڪمل حاڪم رهيو.
    ميخائيل جي مرڻ بعد سندس پٽ اليگزي پهريون، ان بعد پوٽو (اليگزي پهرين جو پٽ)، فيوڊور ٽيون، پوءِ فيوڊور جي ڀيڻ صوفيا ۽ پوءِ ڀاءُ اِيوان پنجون 1645 کان 1682 تائين حاڪم (زار ۽ زرينا) رهيا.
    ان بعد فيوڊور، صوفيا ۽ اِيوان جو ننڍو ڀاءُ (اليگزي پهرين ۽ نتاليا جو پٽ) پيٽر پهريون روس جو زار بڻيو. هي بيحد مشهور ۽ عوام جو دلپسند حاڪم ثابت ٿيو ان ڪري هن کي اسان جي هند سنڌ ۾ به ”زار پيٽراعظم (Peter the Great) سڏيو ويو ٿي جيئن يونان جو ”سڪندراعظم“. پيٽر دي گريٽ واقعي روس کي ٺاهي ڇڏيو. هن ملڪ ۾ سڌارا آندا ۽ مخالفن سان لڙائيون ڪري سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو ۽ عوام سک جو ساهه کڻڻ لڳا. پيٽر کان علاوه روس جي هڪ راڻي (زرينا) ”ڪئٿرين ٻي“ به اهو عظيم (The Great) جو لقب ماڻيو پر هيءَ ڪئٽرين زار پيٽر پهرين جي زال ڪئٿرين پهرين نه هئي جيڪا پنهنجي مڙس جي 1725 ۾ وفات تي روس جي راڻي (زرينا) بڻي ۽ 1727 ۾ وفات تائين ٻه سال روس تي حڪومت ڪئي. ڪئٿرين دي گريٽ روس جي 1762 کان 1796 تائين حاڪم رهي يعني ڪئٿرين پهرين جي وفات کان 35 سالن بعد راڻي بڻي ۽ ”ڪئٿرين ٻي“ سڏجي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هن ڪئٿرين Two- يعني ڪئٿرين دي گريٽ جي مڙس جو نالو به پيٽر هو ۽ هن پاڻ کي”پيٽر ٽيون“ سڏايو ٿي جيڪو پيٽر دي گريٽ- يعني پيٽرون جو پوٽو هو.

    • روس جا تعليمي ادارا
    پيٽر دي گريٽ جي ياد ۾ روس ۾ ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون. خاص شيءِ ”پيٽر دي گريٽ سينٽ پيٽرسبرگ پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي“ آهي جنهن مان اسان جا ڪيترائي شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري اچن ٿا. 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان کي بحر اسود ۽ بالٽڪ سمنڊ جي مختلف بندرگاهن ۾ جهازن کي وٺي وڃڻو پيو ٿي ته مهراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيترن ئي شاگردن جو ٻڌبو هو ته هو ماسڪو يا سينٽ پيٽرسبرگ شهرن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن وقت به پنهنجي ڳوٺ جو پاڙيسري مرحوم ڊاڪٽر عبدالرزاق ابڙو ياد اچي رهيو آهي جنهن اتان جيولاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي يا اسانجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو عبدالقادر قريشي لالا جنهن کي مهراڻ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڪرڻ بعد روس مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي، اهڙي طرح انهن ڏينهن ۾ منير جوڻيجو سان به ملاقات ٿي هئي جيڪو روس مان ميٽلرجي انجنيئرنگ ۾ اعليٰ تعليم وٺي رهيو هو.
    هونءَ روس جي ٻئي نمبر وڏي شهر سينٽ پيٽرسبرگ جي هيءَ ”پيٽر دي گريٽ يونيورسٽي“ روس جي سڀ کان اعليٰ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آهي جنهن ۾ ريسرچ جون بهترين سهولتون آهن ۽ فزڪس، مئٿس، انڊسٽريل انجنيئرنگ، ڪيميڪل انجينئرنگ، ايئرو، ايئرو اسپيس انجنيئرنگ ۽ ٻين اڪيڊمڪ برانچن ۾ تعليم جو بندوبست آهي. هيءَ يونيورسٽي سال 1899ع ۾ وجود ۾ آئي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ وارن جو تعداد 3300 آهي ۽ انتظام هلائڻ واري اسٽاف جو تعداد 5280 آهي ۽ شاگردن جو تعداد 34000 آهي جنهن ۾ 3000 ڌارين ملڪن جا آهن. ترڪمنستان جو مشهور سني مسلمان پهريون صدر ”سپار مائرت نيازو“ جيڪو 1990 کان 2006 (وفات) تائين صدر رهيو هن يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. منهنجي پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته روس جي تعليم جو معيار اڄ به بهترين آهي، ڊسيپلين ۽ فضليت وارو ماحول آهي ڪنهن کي اسڪالر شپ ملي وڃي ته ضرور حاصل ڪري. ڪن يونيورسٽين ۾ روسي سکڻ لازمي آهي. پر ڪن ۾ انگريزي ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي.
    هن شهر سينٽ پيٽرس برگ ۾ پيٽر دي گريٽ جي ياد ۾ ٺهيل ٽامي جو گهوڙيسوار هر هڪ جي نظرن جو مرڪز رهي ٿو. هي مجسمو(Statue) سينٽ اسڪائر ۾ رکيل آهي جيڪو پيٽر جي وفات کان گهڻو پوءِ روس جي راڻيءَ (زرينه) ڪئٿرين دي گريٽ ان وقت جي مشهور فرينچ مجسمي ساز کان ٺهرايو هو. هن مجسمي جو نالو The Bronze Horseman روس جي مشهور شاعر پشڪن (سڄو نالو اليگزينڊر پشڪن) جي ان نالي واري 1833 جي لکيل شعر تان کنيو ويو.
    پيٽر دي گريٽ جي ياد ۾ هڪ مجسمو ماسڪو شهر جي وچ ۾ پڻ آهي جتي ماسڪوا ندي ۽ وودوت وودني ڪئنال ملن ٿا. 98 ميٽر ڊگهو هي مجسمو روسي نيوي جنهن جو بنياد پيٽر دي گريٽ رکيو، ان جا 300 سال مڪمل ٿيڻ تي 1997ع ۾ اڀو ڪيو ويو هو. دنيا جي مجسن ۾ هي اٺون نمبر وڏو آهي. هن جي تور 1000 ٽن آهي. جنهن ۾ 600 ٽن رُڪ (Steel)، ٽامو ۽ پتل آهي. هن پيٽر تي Peter I جي نالي سان ٽالسٽائي جو هڪ تاريخي آتم ڪٿائي ناول پڻ آهي جيڪو 1930 ۾ لکيو ويو.
    * بهرحال پيٽر ون (يعني پيٽر دي گريٽ) جي وفات بعد هن جي زال ”ڪئٿرين اول“ روس تي حڪومت ڪئي.
    * ان بعد ”پيٽر ٻيو“ 1727 ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1730 ۾ وفات ڪرڻ تائين زار رهيو. پاڻ پيٽر دي گريٽ جو پوٽو (اليگزي جو پٽ) هو.
    * ان بعد ائنا 1730 کان 1740 ۾ مرڻ تائين روس تي حڪومت ڪئي. ائنا 1693 ۾ جنم ورتو هو. پاڻ پيٽر دي گريٽ جي وڏي ڀاءَ ”اِيوان پنجين“ جي ڌيءَ هئي جيڪو پڻ روس جو شهنشاهه رهي چڪو هو.
    * 1740 ۾ ائنا جي وفات بعد ”اِيوان ڇهون“ روس جو حاڪم ٿيو جيڪو سال اندر 1741 ۾ قتل ٿي ويو.
    * ان بعد 1741ع ۾ راڻي ايلزبيٿ روس جي حاڪم ٿي. پاڻ 1709 ۾ ڄائي هئي. 21 سال حڪومت ڪرڻ بعد 1762 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ پيٽر دي گريٽ يعني پيٽر اول ۽ ڪئٿرين اول جي ڌيءَ هئي.
    ”ايلزبيٿ“ پيٽر دي گريٽ جي زال ڪئٿرين مان ڌيءَ هئي. پيٽر اعظمکي ڪئٿرين مان ٻارهن ٻار ٿيا پر جواني جي حد تائين فقط ٻه ٻار: هڪ ايلزبيٿ جنهن روس تي حڪومت ڪئي ۽ ٻي هن کان سال وڏي ڀيڻ ائِنا پيٽرو ونا، بچيا. ائنا حڪومت نه ڪئي پر هن جو پٽ ”پيٽر ٽيون“ ڪجهه مهينن لاءِ حاڪم ٿيو ۽ هن جي قتل بعد سندس زال ”ڪئٿرين ٻي“ روس جي 34 سال راڻي ٿي رهي ۽ ”ڪئٿرين دي گريٽ“ سڏي وئي ٿي.
    ياد رهي ته ايلزبيٿ کان اڳ جيڪا ائنا نالي عورت روس جي 1730 کان 1740 تائين ڏهه سال راڻي ٿي رهي اها ائنا اِيوانوونا (Anna Ivanovna) هئي جيڪا پيٽر دي گريٽ جي ڌيءَ نه پر ڀائٽي هئي يعني پيٽر جي وڏي ڀاءَ ”ايوان پنجين“ جي ڌيءَ هئي. وڏي ڀاءَ هجڻ ڪري سندس ڌيءَ ائنا بعد سندس پڙڏوهٽو (يعني ايوان جي ٻي ڌيءَ ڪئٿرين جي ڌيءَ ائنا جو پٽ) ايوان ڇهون تخت تي ويٺو. ايوان پنجين جي هن ڏهٽيءَ جو نالو ”ائنا ليوپولڊوونا“ هو. اسان وٽ اسان جي ڪنهن ٻار جو نالو اسان جو مائٽ ته هرگز نه رکندو پر ڀر واري محلي جو ڪو همراهه پنهنجي ٻار تي اهو نالو رکندو آهي ته ان تان به وڙهندا وتندا آهيون ته هن ساڳيو نالو ڇو رکيو آهي پر هتي روس جي حاڪمن ۾ ڏسندائو ته ساڳيا ساڳيا نالا: ڪئٿرين، ائنا، پيٽر، اِيوان هر هڪ جي ٻارن ۾ عام نظر ايندا..... جيڪا ڳالهه اسان تاريخ جي شاگردن لاءِ سخت مونجهارو پيدا ڪري ٿي.

    • زار سلطنت جا حڪم ظالم پڻ هئا ...
    روس جي هنن بادشاهن ۽ راڻين (زار ۽ زرينائن) جي حڪومت ڪا رڳو امن امان واري نه هئي پر سخت آمرانه (Autocracy) واري يعني مطلق العنان واري هئي. هنن مغلن وانگر ڪي چڱا ڪم به ڪيا ٿي پر ظلم به ڪيائون ٿي. عوام سان ته ڇا پر حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن سان به.
    ايلزبيٿ جيڪا 32 سالن جي ڄمار ۾ 1741 ۾ روس جي زرينا (حاڪم) ٿي ۽ چڱي جوءِ ٿي ملڪ ۾ سڌارا آندائين ۽ ويندي ماسڪو يونيورسٽي ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ اڪيڊمي آرٽس کوليائين. ان کان علاوه ونٽر پئلس (سياري وارو محل) ۽ سمولني گرجا گهر جهڙيون خوبصورت عمارتون ٺهرائين، ڪا ورثي موجب راڻي نه ٿي هئي.سندس وڏي چاچي ايوان پنجين جي ڌيءَ ائنا تخت تي ويٺي ان بعد ايوان پنجين جو پڙڏوهٽو ايوان ڇهون تخت تي ويٺو ته هن ايلزبيٿ محل جي فوجي گارڊن کي شامل ڪري ڪُو (Coup) آندو. ناڪام وڃي ها ته هن ڇوريءَ کي ٽواٽي تي ٽنگين ها پر سندس بغاوت ڪامياب وئي ۽ پاڻ پري جوءِ بڻجي ملڪ جي راڻي (زرينه) ٿي ويٺي. ۽ وراثت موجب اصل بادشاهه ايوان ڇهين ۽ هن جي ماءُ پيءُ کي ڏيهه نيڪالي ڏئي سائبيريا جي ڏورانهين بنديخاني ۾ قيد ڪري ڇڏيو جتي ويهن سالن بعد هنن جو قتل ڪرايو ويو. قيد ۾ ڄاول ايوان ڇهين جي ٻارن کي ڪجهه فوجين بچائي ورتو جن کي سندن ماسيءَ حوالي ڪيو ويو جيڪا ان وقت ڊئنمارڪ جي راڻي هئي.
    * هن زرينا- يعني ايلزبيٿ جو احوال ڪيترن ئي ناولن، ڪهاڻين ۽ فلمن ۾ اچي چڪو آهي. هڪ ته The Winter Palace نالي فلم به مشهور آهي.
    * مشهور آمريڪن اداڪارا ۽ ليکڪا ”ديبراڊين“ پنهنجي هڪ ناول (The Mirrored World) ۾ روس جي هن راڻي ايلزبيٿ جو ڪردار ڏنو آهي. اهو ڪتاب 2012 جو آهي. ان کان علاوه هن جا ٻه ٻيا به ڪتاب آهن هڪ مختصر ڪهاڻين جو Confession of a Falling Woman ۽ ٻيو The Madonnas of Leningrad. 2006 جو هي ڪتاب 20 کن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڊيبرا ڊين انگلش ۾ ڊبل ايم اي آهي. پاڻ ميامي آمريڪا ۾ رهي ٿي ۽ فلوريڊا يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿي.
    * هڪ ٻي ليکڪا اِيوا مارٽنس جي تاريخي ناول (A Princess at the Court of Russia) ۾ به ايلزبيٿ جو ڪردار آهي.
    * اڄڪلهه هلندڙ مِني سيريز ”ڪئٿرين“ ۾ ڪئٿرين دي گريٽ کي مرڪز بنايو ويو آهي پر ان ڊراما سيريز ۾ جوليا اَگ (Julia Aug) ايلزبيٿ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    * 1762 ۾ ايلزبيٿ جي وفات بعد پيٽر ٽيون تخت تي ويٺو. هي پيٽر دي گريٽ جو ڏوهٽو هو. يعني پيٽر اول جي ڌيءَ ائنا جو پٽ هو.سندس ان ئي سال قتل ٿيو ۽ سندس زال ڪئٿرين دوم تخت نشين ٿي.
    ”ڪئٿرين ٻي“ 1729 ۾ ڄائي. مڙس جي مرڻ تي 1762 ۾ روس جي حاڪم ٿي ۽ 34 سال حڪومت ڪرڻ بعد 1796 ۾ وفات ڪيائين. تاريخ ۾ ”ڪئٿرين ٻي“ اها عورت آهي جنهن سڀ کان وڏو عرصو تمام وڏي ملڪ تي بهترين نموني سان حڪومت ڪئي ۽ ملڪ ۽ ماڻهن کي خوشحال بڻايو. هن جي دور حڪومت کي روسي سلطنت جو سونهري دور (Golden Period) سڏيو وڃي ٿو ۽ کيس ”ڪئٿرين دي گريٽ“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن يورپ جي ماڊل تي روس کي ماڊرن بڻايو، نون نون شهرن جو بنياد رکيو. هميشه سٺا سٺا صلاحڪار ۽ ڪامياب فوجي جنرل ۽ ائڊمرل رکيا ۽ هن ڪامياب جنگين ۽ ڊپلومئسي سان پنهنجي سلطنت کي وڌايو. بحراسود سمنڊ جي اتر واري ڪناري تي جيڪو Crimean Khanate ۾ وڳوڙ هو ان کي ٻنجو ڏنو. (هن سلطنت کي عرب ”خانيته القرم“ ۽ ايراني ”خانات ڪريمه“ سڏين ٿا). هي خوبصورت علائقو آهي جنهن تي تاتاري مسلمان، ان بعد سلطنت عثمانيه جو ۽ ڪئٿرين دي گريٽ جي ڏينهن ۾ هن تي روس جو قبضو ٿيو. خانات ڪريمه جي سلطنت ۾ ڪيترائي حاڪم ٿيا انهن مان هڪ ”خان ڪريمي گرائي“ بيحد مشهور آهي. هن جون ٺهرايل مسجدون ۽ سرايون (مسافر خانا) عمارت سازي جي خيال کان اڄ به ڏسڻ وٽان آهن. راڻي (زرينا) ڪئٿرين جي ڏينهن ۾ لڳل ”ترڪ روسي لڙائين“ ۾ ڪئٿرين سلطنت عثمانيه کي شڪست ڏني ۽ بحراسود (ڪاري سمنڊ) جي پاسي جو وڏو علائقو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ٻيو ته ٺهيو پر هن پنهنجي ناڪام عاشق ”پونياتو وسڪي“ (سڄو نالو Stanislaw August Poniatowski) کي به نه بخشيو ۽ هو جيڪو پنهنجي ملڪ پولينڊ سان گڏ لٿيوئنا کي ملائي ڪامن ويلٿ ٺاهي اوسي پاسي جي ملڪن کي دٻون پٽي رهيو هو اها ٽوڙيائينس. پاڻ پولينڊ جو آخري بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته 1755 ۾ جڏهن هو روس جي ان وقت جي گادي واري شهر سينٽ پيٽرس برگ جي محل ۾ شاهي مهمان جي حيثيت ۾ اچي رهيو ته هن جو ڪئٿرين سان معاشقو ٿي پيو. ان وقت پونياتو وسڪي جي عمر 23 سال هئي ۽ ڪئٿرين کائنس ٽي سال وڏي هئي. پر لڳي ٿو ته هي هڪ طرفو عشق هو جو ”اديءَ کي سڌ نه سماءَ، ادي کي عشق انڌو ڪيو“ وارو حساب هو. پونياتو وسڪيءَ جوانيءَ ۾ شادي نه ڪئي. هن جي پنهنجي ڪزن ايلزبيٽا سان پڻ معاشقو هليو پر هن جي پيءُ اهو رشتو اهو چئي قبول نه ڪيو ته ”ڇورا! تون نه دولتمند آهين نه اثر رسوخ وارو.“
    1762 ۾ جڏهن ڪئٿرين جو مڙس گذاري ويو ۽ پاڻ روس جي راڻي ٿي ته سال 1763 ۾ هن عاشق ڪئٿرين کي خط لکيو ته مون کي تاج تخت جي به ضرورت ناهي ۽ ان کي به فقط ان ڪري پسند ٿو ڪريان ته تو جهڙي محبوبا ان تي آهي.
    If I desired the throne, it was because I saw you ……
    پر ڪئٿرين پنهنجي ايلچيءَ هٿان پنهنجي عاشق کي صاف نياپو ڪيو ته هوءَ ساڻس شادي ڪرڻ جو ڪو خيال نٿي رکي.
    بهرحال اهو آهي ته 1763 ۾ پولينڊ جي بادشاهه ”آگسٽن ٽئين“ جي وفات تي جڏهن نئين بادشاهه جي چونڊ لاءِ فيصلا ٿيڻ لڳا ته روس جي هن راڻيءَ مائي ڪئٿرين پنهنجي ناڪام عاشق کي بادشاهه چونڊرائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جو اثر ۽ خزانو خوب لٽايو ۽ اليڪشن ۾ هي کٽي ويو. راڻي ڪئٿرين جهڙي سياڻي حاڪمزاديءَ اهو ڪم شايد اهو سوچي ڪيو هجي ته هن گڏهه جي چونڊجڻ تي هن مان ڪم ڪڍي سگهجن ٿا پر پوءِ اڳتي هلي پونياتو وسڪيءَ پولينڊ سان ٻيا ملڪ ملائي پاڻ کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته ڪئٿرين فوج جي زور تي سندس اهو ”ڪامن ويلٿ“ ٺاهڻ جو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڪئٿرين جرمنيءَ جي شهزادي جي ڌيءَ هئي ۽ سندس ٻه سوٽ ”گستاوو ٽيون“ ۽ ”چارلس تيرهون“ سئيڊن جا بادشاهه ٿيا. هن ننڍپڻ ۾ جرمنيءَ ۾ رهڻ دوران فرينچ ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي جيڪو انهن ڏينهن جوفيشن هو.
    * ڪئٿرين جي 1796ع ۾ وفات بعد سندس پٽ ”پال اول“ جيڪو ان وقت 42 سالن جو هو، تخت تي ويٺو. پنج سال ڪا مس حڪومت ڪيائين ته 1801 ۾ ساڻس به اهو ئي ٿيو جيڪو سندس پيءُ ”پيٽر ٽئين“ سان ٿيو. کيس قتل ڪيو ويو.
    * پال اول جي 1801 ۾ وفات بعد 1894 تائين روس تي مختلف بادشاهن: اليگزينڊر اول (1825-1801)، نڪولس اول (1855-1825)، اليگزينڊر دوم (1881-1855) ۽ اليگزينڊر سوم (1894-1881) جي حڪومت رهي، اهي ايترا اهم نه هئا پر انهن بعد جيڪو 1894 ۾ ”نڪولس ٻيو“ روس جو بادشاهه (زار) ٿيو ان جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان جو هي روس جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو ۽ هن جي پڄاڻي بيحد دردناڪ ٿي. هن کي نه فقط تخت تان لاٿو ويو پر کيس، سندس زال ۽ ٻارن سميت قتل ڪيو ويو.

    • روس جو آخري زار....
    * 1894 ۾ ”اليگزينڊر ٽئين“ جي وفات بعد سندس پٽ نڪولس ٻيو روس جو زار (حاڪم) ٿيو. نڪولس ٻيو 1868 ۾ ڄائو هو. يعني انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان 25 سال پوءِ وارن ڏينهن ۾. سندس شادي انگلنڊ جي راڻي وڪٽوريا (1901-1819) جي ڏوهٽي ۽ شهزادي ائلس (1878-1843) جي ڌيءَ اليگزينڊرا سان ٿي. روس، جرمني، انگلينڊ، فرانس يا سئيڊن، فنلينڊ وغيره جيڪي ورلڊ وار ون ۽ ٽو (جنگ عظيم پهرين ۽ ٻي) کان پوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ضرور نظر اچن ٿا پر ان کان اڳ هنن جي شهزادن ۽ شهزادين جون شاديون پاڻ ۾ ٿينديون رهيون ٿي ۽ سڀ پنهنجو پاڻ ۾ سوٽ ماسات يا پڦاٽ ماروٽ لڳا ٿي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سئيڊن جي بادشاهن ”گستاوو ٽئين“ ۽ ”چارلس تيرهين“ جي سوٽ ڪئٿرين روس جي زار ”پيٽر ٽئين“ جي زال ٿي ۽ مڙس جي قتل تي پاڻ ”ڪئٿرين دي گريٽ“ جي لقب سان روس جي زرينا (حاڪم) ٿي. يا 1662 ۾ انگلينڊ جي شهزادي ”چارلس ٻئي“ جي شادي پورچوگال جي بادشاهه ”جان چوٿين“ جي ڌيءَ ”ڪئٿرين براگانزا“ سان ٿي ۽ پورچوگال جي حاڪم جنهن جو انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي رياست گوا تي قبضو هو، بمبئي ٻيٽ انگريز شهزادي چارلس کي ڏيج ۾ ڏئي ڇڏيو.
    روس جو آخري زار ”نڪولس ٻيو“، سندس پيءُ ”اليگزينڊر ٽئين“ جي 1894ع ۾ وفات تي 26 ورهين جي ڄمار ۾ روس جو بادشاهه ٿيو. هن کي 1917 واري روسي انقلاب جيڪو لينن (سڄو نالو Vladmir Lenin) ۽ ٻين ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن آندو، ان ۾ ”نڪولس ٻئي“ کي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس ڪٽنب کي قتل ڪيو ويو.
    ”نڪولس ٻئي“ (روس جي هن آخري زار) جي بدقسمتي رهي جو هن جي دور حڪومت ۾ روس وڳوڙ ۾ اچي ويو. هڪ ته جنگ عظيم پهرين (World War One) لڳي جنهن ۾ (1914 ۾) جرمنيءَ روس جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ روس جا 33 لک سپاهي ۽ شهري مارجي ويا. هر گهر ۾ جهڙو ماتم ڇائنجي ويو ۽ عوام کي پنهنجي بادشاهه لاءِ نفرت وڌي وئي. بس قدرت جا پنهنجا حساب آهن. روس جي هنن بادشاهن (زارن) توڙي راڻين (زرينائن) جو اهڙو ته رعب تاب ۽ دٻدٻو هو جو ڪنهن سوچيو به نه هو ته هنن جي حڪومت ريتيءَ جي گهر وانگر اچي ڦهڪو ڪندي. اسان ته گهڻو گهڻو پوءِ ٽيهارو سالن کن بعد ڄاواسين پر هنن روس جي زارن جون ڪهاڻيون، ناول ۽ فلمون ڏسي هنن جي نالي کان به خوف ٿي لڳو. بس جيئن ڪنهن ٿي سوچو ته فرعون سان ڇا ٿيندو! اسان کي پنهنجا ڏينهن ٿا ياد اچن ته چوندا هئاسين ته ايوب خان ڊڪٽيٽر مان خبر ناهي ڪڏهن جان ڇٽندي به يا نه. مون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ جي دوستن جا اهي جملا ٻڌي منهنجي والد مرڪندي اسان کي فرعون ۽ ٻين جا مثال ڏنا هئا پر اسان کي يقين ئي نٿي آيو ته ايوب خان جهڙي طاقتور کي ڪو لاهي سگهندو. پر پوءِ سندس مقرر ڪيل وزير ڀٽي جهڙي عام ماڻهوءَ ذهني انقلاب آڻي سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو. ايوب خان جي مدد لاءِ ڪو به نه آيو. ۽ پوءِ ضيا نالي چوندا هئاسين ته ان کي هٽائڻ ناممڪن ڳالهه آهي جو هن پنهنجا مائت مٽ طاقتور هنڌن تي رکي ڇڏيا هئا. ۽ سڀني چيو ته ڪو ضيا کي هٽائيندو ته اختر يا ڪو ٻيو سندس اعليٰ فوجي جنرل مائٽ حڪومت جون واڳون سنڀالي وٺندو. پر پوءِ قدرت کي ضيا جي حڪومت ختم ڪرڻي هئي ته ڪيئن ٿي وئي ـــ سڀ هڪ جهاز ۾ سوار ٿي ٻئي جهان ۾ هليا ويا.
    اهو ئي حال هن طاقتور روسي بادشاهت جو ٿيو. نه فقط جرمني سان جنگ ۾ سندن فوج تباهه ٿي وئي پر راسپوٽين نالي هڪ ”اروڙ جي مست“ جهڙي چرئي ٻائي (Mad Monk) هيڏي وڏي ملڪ جي بادشاهه ۽ ان جي زال اليگزينڊرا کي آڱرين جي اشارن سان رلائي رکيو. هو هن جا ايڏو پوئلڳ ٿي ويا جو ڪورٽ جا نواب به بادشاهه جي خلاف ٿي ويا. وڏي ڏاڙهي ۽ بدبودار ڪپڙن وارو راسپوٽين جنهن وقت چاهيندو هو راڻيءَ جي محل ۾ پهچي ويندو هو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ راسپوٽين تي فلمون ڏسي ۽ ناول پڙهي حيرت ٿيندي هئي. هڪ فلم يا ناول ۾ ته اهو به ٻڌايل هو ته ماني کائڻ بعد راسپوٽين جي وڏن نُنهن واريون آڱريون، راڻي اليگزينڊرا زبان سان چٽي صاف ڪندي هئي.
    1915ع ۾ ته حد ٿي وئي. جنگ جي ڪري روس جي حالت خراب هئي ۽ ”زار نڪولس ٻيو“ پنهنجي مايوس فوجي دستن سان ملڻ لاءِ دوري تي روانو ٿيو ۽ پٺيان محل ۾ سندس زال اليگزينڊرا ۽ راسپوٽين جا تعلقات عروج تي پهچڻ لڳا. اهي حالتون ڏسي ماڻهو سخت دل شڪسته ٿي پيا ته ڪهڙي عذاب ۾ اچي ويا آهيون. نيٺ هڪ ڪاوڙيل گروپ 1916 ۾ موقعو ڏسي راسپوٽين کي قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد سگهو ئي 1917 ۾انقلابين زار، زرينا ۽ سندس پنجن ئي ٻارن کي ماري ڇڏيو.
    راسپوٽين (سڄو نالو گريگوري راسپوٽين) 1869 ۾ سائيبيريا جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ڄائو هو. هن پنهنجو پاڻ کي مست فقير ۽ درويش صفت ٻائو سڏرائي 1905 ۾ ڪنهن نموني سان نڪولس زار ۽ سندس زال اليگزيندرا زرينا سان ملاقات ڪئي ۽ هنن کي اهو ذهن نشين ڪرايو ته هن جي هٿن ۾ شفا آهي ۽ هو هر بيماريءَ جو علاج ڪري سگهي ٿو. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته راسپوٽين کي مسميرزم (هئپناٽزم) جي طاقت هئي.
    بهرحال ڪيترن سالن بعد اڄ سوچي رهيو آهيان ته ملڪ جي بادشاهه زار نڪولس جي راڻي اليگزينڊرا جي آخر ڪهڙي مجبوري هئي جو هن پاڳل راهب تي ايڏو فدا ٿي. دراصل راڻي اليگزينڊرا جنهن جي نڪولس ٻئي سان 1895 ۾ شادي ٿي ۽ پنج ٻار ٿيا- چار ڌيئون: اولگا، تاتيانا، ماريا ۽ اناستاسيا ۽ پٽ فقط هڪ اليگزي هو جيڪو چئن ڌيئن بعد سِڪي پني ڄائو ۽ سڀني جو لاڏلو هو. اهو بيمار رهيو ٿي. مون کي به هاڻ معلوم ٿيو آهي ته هن کي پنهنجي ماءُ واري بيماري هئموفيليا (Haemophilia) هئي جيڪا خانداني بيماري هن جي نانيءَ(انگلنڊ ۽ انڊيا جي مهاراڻي وڪٽوريا) کان هلندي پئي آئي.
    ياد رهي ته روس جي هيءَ آخري زرينا (راڻي) اليگزنڊرا مهارڻي وڪٽوريا (1901-1819) جي ڌيءَ شهزادي ائلس (1878-1843) جي ڌيءَ هئي. هيءَ بيماري ”هئمو فيليا“ جيڪا مهاراڻي وڪٽوريا کي ٿي ان بعد سندس سڄي اولاد کي نه ٿي پر ڪن ڪن ميمبرن کي ٿيندي رهي. جيئناليگزينڊرا کي ٿي. ان بعد سندس چئن ڌيئن مان ته ڪنهن کي به نه ٿي.... اچي اچي سندس ننڍي پٽ ٻار ”اليگزيءَ“ کي ٿي جنهن لاءِ هن اميد ٿي رکي ته پيءُ بعد هو بادشاهه ٿيندو. ان ڪري هوءَ چري ٿي پيئي ته ڪنهن نموني سان سندس پٽ اليگزي کي شفا ملي جنهن لاءِ هن کي راسپوٽين ۾ يقين ٿي ويو ته هو سندس پٽ جو علاج ڪري سگهندو.
    هئموفيليا هڪ خانداني (موروثي) بيماري آهي جنهن ۾ جسم ۾ موجود اها خاصيت ختم ٿيو وڃي جنهن ذريعي رت ۾ ڪڙي ٻڌجي ٿي. هن بيماري واري ماڻهوءَ کي ڪٽ لڳڻ سان رت بند نٿو ٿئي ۽ وهندو رهي ٿو. ٿي سگهي ٿو اڄ ان بيماري جو علاج هجي پر هڪ صدي اڳ تائين ڪا دوا درمل نه هئي. راسپوٽين جهڙن مستن ۽ ڀوپن ئي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو ٿي.
    ڪاليج جي ڏينهن ۾ راسپوٽين تي هڪ ٻه مشهور ڪتاب (هڪ ته Rasputin- the Mad Monk of Russia) اسان جي لائبريري ۾ هئا ۽ حيدرآباد جي مئجيسٽڪ سئنيما ۽ ڪراچيءَ جي پئلس ۽ بامبينو سئنيمائن ۾ ٻه فلمون ڏٺيونسين. هڪ ته The Night they killed Rasputin ۽ ٻي 1966 جي Rasputin the Mad Monk هئي. اڄڪلهه ٽي وي چئنل HBO جي راسپوٽين تي ٺهيل فلم Rasputin: Dark Servant of Destiny پڻ ڪافي مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو يوٽيوب تي به هجي.

    • ازبيگ ۽ جاني بيگ وغيره
    پاڻ دنيا جي ڍنڍ جهڙي سمنڊ ڪئسپين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ۾ چوڌاري ڇوڙ ڪندڙ ندين مان هڪ روس جي ندي وولگا (جيڪا يورپ جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي) پڻ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. ان ڇوڙ وٽ وولگا جيڪو ٽڪور (Delta)ٺاهي ٿي ان تي روس جو آڳاٽو ۽ اڄ به قائم دائم ۽ آمدرفت لاءِ تمام گهڻو ڪتب ايندڙ بندرگاهه ”استرا خان“ آهي. جيئن سنڌو ٽڪور (Indus Delta) تي اسان جو ديبل بندرگاهه هوندو هو. سنڌوندي جي رخ بدلڻ ڪري اهي بندر ۽ بازاريون ئي سڃا ٿي ويا ۽ ابن بطوطا جي سنڌ ۾ اچڻ وارن ڏينهن ۾ ڪٿي هو ديبل ڪٿي هو ڀنڀور؟ پر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي جنم کان اڳ ديبل جو نالو هند سنڌ ۽ چين کان علاوه يونان ۾ به مشهور هو. هتي سنڌو ٽڪور ۾ سڪندر اعظم جو ٻيڙو(Fleet)اچي لنگر انداز ٿيو هو. 325 قبل مسيح جيڪو مڪران ڪوسٽ تي زلزلو آيو ان جي پيدا ڪيل سوناميءَ سڪندراعظم جي ان ٻيڙي کي لوڏي رکيو. تاريخ هند مطابق ڇهين صديءَ ۾ به ديبل جو وجود هو جيڪو قزاقن جو اڏو هو جيئن سنگاپور انگريزن جي اچڻ کان اڳ هو. عربن 710 ۾ سنڌ فتح ڪئي ان بعد به تيرهين صديءَ تائين ديبل قائم هو پر چوڏهين صديءَ ۾ ابنِ بطوطا (1368- 1304) جڏهن 1330 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ آيو ته ان وقت ديبل ويران ٿي چڪو هو.
    پر ”ديبل“وانگر وولگاندي جي ڇوڙ وٽ روس جو هي بندرگاهه ”استرا خان“ اڄ به بلي بلي بندرگاهه آهي ـــ جنهن کي ڪنهن زماني ۾ تيمورلنگ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو هو. ڪيترائي ترڪ، منگول، ترخان هن بندرگاهه ۾ آيا، رهيا ۽ پنهنجو اثر ڇڏي ويا. اڄ به مشرقي يورپ جي ملڪن رومانيا، بلغاريا، البانيا، آرمينيا، جارجيا ٿو وڃجي ته باتو خان يا ازبيگ جهڙن حاڪمن جا نالا ٻڌڻ ۾ ٿا اچن جن نه فقط منگول، چين ۽ روس تي پر اوڀر يورپ جي ملڪن تي به حڪومت ڪئي ۽ هي يورپ وارو علائقو جنهن تي منگول سلطنت جو راڄ هليو ٿي تاريخ ۾ The Golden Horde سڏجي ٿو.... عربي ۾ مغول القبجاق او الشمال...... فارسي ۾ اردوي زرين. هن علائقي ”گولڊن هورڊ“ ۾ اوڀر يورپ جو وڏو حصو ارل ندي کان ڊئنيوب نديءَ تائين ۽ روس ۾ سائيبيريا جي اندرين حصي تائين اچي ويو ٿي ۽ ڏکڻ ۾ بحراسود (Black Sea) کان وڃي ٿي نڪتو.
    باتو خان جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿئون هن گولڊ هورڊ جو باني هو. پاڻ چنگيز خان جو پوٽو ۽ جوچي (Jochi) خان جو پٽ هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چنگيز خان جي پٽن جي مرڻ بعد باتو خان سڀ ۾ ناليرو ۽ مشهور حاڪم رهيو. باتو خان 1207 ۾ ڄائو ۽ 48 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1255 ۾ گذاري ويو. اوڀر يورپ جي ملڪن کان روس جي ايشيائي حصي تائين کيس مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته سائين (Sain) خان، گڊ خان، (هي انگريزي وارو لفظ ناهي ۽ نه سائين سنڌي وارو لفظ آهي ـــ هي منگولي، ترڪي ۽ ان پاسي جي زبانن جا لفظ آهن) سائين هان (چين ۾)، زار باتو (روس ۾) ۽ ايران آذربيئجان پاسي ”آغا“ وڏو ڀاءُ به سڏيو وڃي ٿو. هونءَ اصل نالو باتو خان منگولي ٻوليءَ جو آهي. چون ٿا ته منگولي زبان ۾ بات معنيٰ پختو ارادو ۽ باتو خان معنيٰ ”پختي ارادي وارو حاڪم“.
    چنگيز خان 1227ع ۾ وفات ڪئي.... ان بعد سندس پٽنحڪومت ڪئي. سندس پوٽي باتو خان 1255 ۾ وفات ڪئي پر ان بعد به گهٽ به گهٽ 1359 تائين اٽڪل هڪ صدي ”دي گولڊن هورڊ“ (اردوي زرين) سلطنت جو شان ۽ دٻدٻو قائم رهيو جنهن جي سڀ کان گهڻي بلندي ازبيگ (سلطان محمد از بيگ) جي دور حڪومت (1341-1313) ۾ رهي. ازبيگ جنهن کي يورپي Oybeg ۽ Uzbeg لکن ٿا، سڀ کان گهڻو عرصو هن علائقي تي حڪومت ڪئي جنهن ۾ اڄ جو ۽ ان وقت جو واپار وڙي ۽ آمدرفت جي خيال کان اهم روسي بندرگاهه استرا خان اچي ويو ٿي.
    ازبيگ 1282 ۾ ڄائو ۽ سندس پيءُ جو نالو تغرلچا (Toghrilcha) ۽ ڏاڏي جو نالو مينگو تمور (Mengu Timur) هو جيڪي گولڊن هورڊ سلطنت جو 1267ع کان 1280 تائين خان (حاڪم) هئا. ازبيگ جي چاچي توختا خان (Tokhta) جي 1313 ۾ وفات تي ازبيگ تخت تي ويٺو. ان کان اڳ هن بخارا جي هڪ سيد عالم دين ”ابن عبدالحميد“ جي رهنمائيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو. هتي اهو لکندو هلان ته هن گولڊن هورڊ سلطنت جي ڪيترن روسي، چيني ۽ يورپي علائقن جي شهزادن توڙي عوام جو واسطو عيسائي، ٻڌ ڌرم ۽ شاماني ڌرم سان هو. ازبيگ جي مسلمان ٿيڻ ۽ رياست جو سرڪاري مذهب اسلام ڪرڻ سان هن لاءِ چوڌاري مخالفت پيدا ٿي وئي پر هن هر قسم جي بغاوت کي ٻنجو ڏئي تبليغ جو ڪم جاري رکيو. پر ساڳي وقت عيسائي ۽ ٻين ڌرمن جي ماڻهن جي جان ۽ مال جو پڻ خيال رکيو ۽ هنن کي هر سهولت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. جنهن جو ثبوت ان وقت جي ”پوپ جان ٻاويهين“ جي خط مان به ملي ٿو جيڪو هن ازبيگ خان کي عيسائين سان سٺو برتاءُ رکڻ تي لکيو. ازبيگ بعد سندس پٽ جاني بيگ ۽ ٻيا حاڪم مسلمان ئي رهيا.
    استرا خان بندرگاهه کان 120 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ”سراءِ“ نالي هڪ شهر ان وقت گولڊن هورڊ سلطنت جي گاديءَ جو شهر هو. سراءِ فارسي لفظ آهي معنيٰ محل. سراءِ روسي زبان جو به لفظ آهي معنيٰ آرامگاهه (Shed). پراڻو شهر ”سراءِ پراڻو“ (جيئن هالا پراڻا) جيڪو سراءِ باتو به سڏجي ٿو ۽ عربي ۾ ”المقروس“ (The Blessed) 1240 واري ڏهاڪي ۾ ”اختوبا نديءَ“ جي ڪناري تي باتو خان ٻڌرايو. روس جي مختلف رياستن جا شهزادا باتو خان سان پنهنجي وفاداري جي دعويٰ ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا. نئين شهر سراءِ کي ”سراءِ جديد“ به سڏين ٿا. دراصل ڪئسپين جي چوڌاري علائقن ۾ ـــ ويندي روس جي ڏاکڻي حصي ۾ روسي ۽ ترڪي سان گڏ فارسي ٻوليءَ جو به اڄ تائين ڪافي اثر آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته تيمورلنگ نه فقط استرا خان شهر کي پر سراءِ جديد شهر جي به 1395 ۾ ڀينگ ڪري ڇڏي. ان بعد 1502 ۾ خانات ڪريمه (Crimean Khanate) جي حاڪمن به سرائي شهر جي ڦرلٽ ڪري ان کي ويران بڻائي ڇڏيو.
    سلطان محمد ازبيگ سان ملاقات جو احوال ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته هن جي اها ملاقات 1332 ۽ 1333 وارن سالن ۾ ٿي جڏهن هو بحرا سود (Black Sea) ٽپي، وولگا ندي جو ڪنارو وٺي استرا خان ڏي وڃي رهيو هو ته ان وقت ازبيگ خان جو قافلو به هن کان اڳ اڳ هو جنهن سان هنن جون ٽي خچر گاڏيون به وڃي مليون. ابن بطوطه لکي ٿو ته هڪ گاڏي (Wagon) ۾ هو پاڻ ۽ سندس ٻانهي (غلام ڇوڪري) هئي جنهن مان هن کي ٻيو ٻار به ٿيو، ٻي ۾ هن جو دوست ۽ ٽيون وڏو گاڏو جن کي ٽن چئن خچرن گهليو ٿي ان ۾ سندس باقي ساٿي ۽ غلام هئا... هن ازبيگ جي قافلي جي به ڳالهه ڪئي آهي ته اهو ايڏو وڏو هو جو ڄڻ سڄو شهر هلي رهيو هجي.
    بهرحال ازبيگ جي ڏينهن ۾ ”گولڊن هورڊ سلطنت“ وارو هي روسي علائقو وڏي اوج تي هو ۽ استرا خان ۽ سرائي جهڙا شهر ثقافت ۽ واپار وڙي کان ڏيهان ڏيهه مشهور هئا جيتوڻيڪ بعد ۾ سنائي ويران ٿي ويو. روس جو هڪ سوداگر فيڊاٽ (Fedot Kotov) جيڪو وولگاندي جي هيٺين حصي ذريعي سفر ڪري پرشيا (ايران) جو سير ڪرڻ لاءِ آيو، اهو لکي ٿو ته اختوبا نديءَ جي ڪناري وٽ گولڊن هورڊ سلطنت جي هن شهر سنائي ۾ خانن (حاڪمن) جي درٻار، محلات ۽ مسجدون پٿرن جون ٺهيل آهن. پر هاڻي هي سڀ عمارتون ڊاهيون پيون وڃن ۽ انهن مان نڪتل پٿر استرا خان شهر جي عمارتن ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ پيو وڃي.
    نه رڳو اسان وٽ مغل بادشاهه يا روس جي زارن تخت ۽ تاج خاطر پنهنجن ڀائرن، ڀائيٽن ويندي پيئرن کي ماريو پر هتي هن گولڊن هورڊ سلطنت جي حاڪمن جو به اهو حال رهيو.1341 ۾ ازبيگ خان جي مرڻ بعد سندس پٽ جاني بيگ خان 1342 ۾ تخت تي ويٺو پر ان تخت تي جن ٻن وڏن ڀائرن جو حق هو انهن کان اهو حق کسڻ لاءِ انهن جو قتل ڪيائين. جاني بيگ 15 سال حڪومت مس ڪئي ته سندس پٽ بردي بيگ خان 1357 ۾ کيس قتل ڪيو. ان بعد هيءَ هيڏي وڏي طاقتور سلطنت سياسي طرح لوڏن ۾ اچي وئي ۽ 1378 تائين 21 سالن ۾ 25 حاڪم ٿيا. هڪ ٿيو ٿي ته ٻئي هن کي قتل ڪيو ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته ايران جو شهر تبريز 1356 ۾ جاني بيگ فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان ملايو. ۽ اهو پڻ ته روس جي ”چودوو خانقاه/ ڌرمشاله (Chudov Monastery) جيڪا ماسڪو ۾ آهي مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ اليڪسي نالي هڪ پهتل عيسائي شخص (Saint) ٺهرائي جنهن جاني بيگ جي ماءُ تائدلا خاتون جي اکين جو علاج ڪيو ۽ جاني بيگ هن کي اها زمين انعام طور ڏني.
    جاني بيگ جي حڪومت تي ٺهيلThe Horde نالي، 2012 ۾ آيل هيءَ فلم ڏسڻ وٽان آهي. جنهن ۾ جاني بيگ جي ماءُ جيڪا انڌي ٿي پئي ان جي علاج ۽ جاني بيگ جي پٽ هٿان قتل جو پڻ احوال آهي.

    • ابن بطوطا جو استراخان کان بلغار وڃڻ
    پڙهندڙن لاءِ هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان. ڪنهن پڙهندڙ (جنهن پراڻي زماني جي ليکڪن جا سفرناما نه پڙهيا هئا تنهن) چيو ته اڄڪلهه جو ليکڪ پنهنجي ولايت جي سفرنامن ۾ هوائي جهازن ۽ ايئر پورٽن جي ڳالهه ٿو ڪري، فائيو اسٽار هوٽلن ۽ انهن ۾ Serve ٿيندڙ ست رڇين جي ڳالهه ٿو ڪري، سئنيما ٿيٽرن ۽ اسڪولن يونيورسٽين جي ڳالهه ٿو ڪري پر اڄ کان ڪجهه صديون اڳ جڏهن اهي سڀ شيون نه هيون ته ان وقت جي ليکڪن ابنِ بطوطا يا مارڪو پولو جهڙن پنهنجن سفرنامن ۾ ڇا ٿي لکيو؟
    هن وقت ”گولڊن هورڊ سلطنت“ جو احوال لکندي جڏهن اتي جي هڪ مشهور حاڪم ازبيگ خان جي ڳالهه نڪتي آهي ته ابنِ بطوطا جو سفرنامو ياد اچي ويو آهي جيڪو چوڏهين صدي ۾ پنهنجي ملڪ موراڪو کان حج لاءِ نڪتو ته حج ڪري پنهنجي ڳوٺ موٽڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن جا سير ڪندو رهيو. هو هند سنڌ م به آيو ته سلون مالديپ، وچ ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به ويو ۽ ويهارو سال هيڏانهن هوڏانهن جهاتيون پائڻ بعد پنهنجي وطن وريو. انهن ڏينهن ۾ هوائي جهاز يا ريل گاڏيون ته نه هيون. سفر ٻيڙين ذريعي يا خچر گاڏن ۾ ٿيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ سامونڊي سفر ڪو سولو نه هو. هر سفر موت ۽ زندگي جي جنگ هوندي هئي.... پر وري به شڪر آهي جو ابنِ بطوطا کي اسان وانگر ڏينهن رات جهاز نٿي هلائڻو پيو. هن هڪ مسافر جي حيثيت ۾ سفر ڪيو ٿي. خذمت چاڪري لاءِ پاڻ سان هن هر وقت نوڪر چاڪر ۽ سهڻيون غلام ٻانهيون رکيون ٿي ۽ جتي سڻائو بُل لڳس ٿي اُتي ــــ بلڪ جتي ڪٿي، هڪ عدد شادي ڪندي ته ويرم ئي نٿي ڪيائين. ويندي غلام نوجوان ڇوڪرين مان به ٻار ٿيس. هن ٻين تي به نظر رکي ٿي ته ڪنهن کي ڪيتريون زالون آهن. گهٽ ۾ گهٽ حاڪم ازبيگ خان سان ملاقات واري هن جي احوال مان ته اهو ئي لڳي ٿو.
    هينئر ويجهڙائيءَ ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا پريس وارن جو 1989 وارو راس (Ross E. Dunn) جو انگري ۾ لکيل (The Adventures of Ibne Battuta, a Muslim Traveler of 14th Century) پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ ٻيو ڪتاب فاردهام يونيورسٽي وارن (Ibne Battuta- Travels in Asia & Africa 1325-1354) پڙهيم. ان ۾ ازبيگ سان ملاقات بابت ابن بطوطا پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
    ”.... پُروقار سلطان محمد ازبيگ خان هڪ وسيع سلطنت جو طاقتور حاڪم آهي، هو قسطنطنيه جي عوام ۽ ڪافرن جو فاتح آهي ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿو. دنيا جي ستن طاقتور بادشاهن مان هو هڪ آهي.....“
    اهي ست طاقتور بادشاهه ابنِ بطوطاهن ريت بيان ڪيا آهن.... ”پهرين نمبر تي اسان جو وڏو، وفادارن جو ڪمانڊر، الله شل هن کي اڃان وڌيڪ طاقتور بنائي ۽ سندس سوڀون وڌائي، اسان جي ملڪ مراقش (موراڪو) جو بادشاهه آهي. ٻئي نمبر تي مصر ۽ شام جو سلطان (مملوڪ) آهي. ٽئي نمبر تي ٻن عراقن جو سلطان (انهن ڏينهن ۾ عراق ٻن حصن ۾ هوندو هو هڪ ۾ عربن جي گهڻائي هئي اتي عربي ڳالهائي وئي ٿي ۽ ٻئي ۾ عجمي هئا جن فارسي ڳالهائي ٿي)، چوٿين نمبر تي هي سلطان ازبيگ آهي، پنجين نمبر تي ترڪمنستان جو سلطان جنهن جو راڄ آمو درياهه (Oxus) کان به اڳتي تائين آهي، ڇهين نمبر تي انڊيا جو سلطان (شايد تغلق گهراڻي جو حاڪم- جو انهن ڏينهن ۾ انهن جي حڪومت هئي) ۽ ستين نمبر تي چين جو سلطان (شهنشاهه) آهي“.
    راس ڊُنُ لکي ٿو ته جڏهن ابنِ بطوطا ازبيگ خان سان مليو ته هن کي هڪ وڏي تنبوءَ جي وچ ۾ رکيل چانديءَ جي تخت تي وهاريو ويو. بادشاهه جي ڪٽنب جي ماڻهن کي هيٺ پر سندس چئن زالن کي سلطان جي ڀرسان وهاريو ويو. راس ڊُن ٻڌائي ٿو ته منگول سلطنتن ۾ درٻار جي عورتن کلئي عام حڪومت هلائڻ ۾ حصو ورتو ٿي. شهزادن (پٽن) وانگر ڌيئن (شهزادين) کي به سلطان طرفان وڏيون جاگيرون ڏنيون ويون ٿي جن تي هنن جو حڪم هليو ٿي، هنن ماڻهن تي ٽئڪس هنيا ٿي ۽ انهن جي وصولي ڪري عياشيءَ جي زندگي گذاري ٿي. ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”استرا خان پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن آئون هن سان (ازبيگ خان سان) شام جي پهر ڪوٺايل هڪ پُرتڪلف کاڌي جي دعوت ۾ مليس. هي ترڪ نسل جا ماڻهو ان رسم جو بنهه خيال نٿا ڪن ته ڏورانهين ڏيهه کان آيل ماڻهوءَ جي رهائش جو بندوبست ڪجي ۽ کيس سندس آيل خرچ جا ڏوڪڙ ڏنا وڃن. ان بدران هو هن ڏي رڍون ۽ گهوڙا موڪلين ٿا ۽ پيئڻ لاءِ ڪِمز جي ڀريل پخال. اهو هنن جو مهمانن کي آڌر ڀاءُ ڪرڻ جو طريقو آهي“.
    ”هر هفتي جمعي نماز کان پوءِ سلطان پنهنجو پاڻ پسائڻ لاءِ هڪ وڏي هال ۾ جيڪو سون ورنو پويلين سڏجي ٿو، ماڻهن جو ميڙ لڳائي ٿو. سلطان تخت تي ٿي وهي ٿو. سندس ساڄي پاسي هڪ زال خاتون تعتغلي ۽ ان جي ساڄي پاسي ٻي زال خاتون ڪيبيڪ ويٺي ٿي ۽ بادشاهه سلامت جي کاٻي پاسي ٽي زال خاتون بايالون ۽ ان جي کاٻي پاسي چوٿين زال خاتون اردوجا ويٺي ٿي. تخت کان هيٺڀرو سلطان جا پٽ ادب ۾ بيٺا ٿي. وڏو پٽ ساڄي پاسي کان ۽ ننڍو کاٻي پاسي کان، ڌيءَ اڳيان ويٺي ٿي. هر خاتون (زال) جي آمد تي بادشاهه سلامت اٿي بيٺو ٿي ۽ اڳيان وڌي هن کي هٿ کان وٺي تخت تي آيو ٿي ۽ هن کي مقرر جاءِ تي وهاريو ٿي. هي سڀ ڪم بنا ڪنهن لڪ لڪاءِ جي عام پبلڪ اڳيان ٿيا ٿي“.
    سلطان ازبيگ خان پنهنجي زالن جي پهچڻ تي هنن جو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪيو ٿي، ان بابت ابن بطوطا هن ريت ٻڌائي ٿو:
    ”زال جي اچڻ جو اعلان ٻڌي ملڪ جو والي (سلطان ازبيگ خان) اٿي داخلي در تي آيو ٿي. خاتون جي پالڪيءَ مان لهڻ تي هن کي سلام ڪري هن کي هٿ کان وٺي تخت تائين آيو ٿي ۽ هن کي ويهاري پوءِ پاڻ ويٺو ٿي. جن گهوڙن هر زال جو پالڪي نما گاڏو ڇڪيو ٿي انهن کي ريشمي ڪپڙن سان سينگاريو وڃي ٿو .... هر پالڪيءَ اڳيان ڏهن کان پنڌرهن غلام (نوجوان نوڪر ڇوڪرا) هلن ٿا. خوبصورت ريشم جي ڪپڙن ۾ هي ڳڀرو جوان يونان ۽ انڊيا جا آهن. هر خاتون (راڻي) جي گاڏي پويان اٽڪل سئو کن ٻيا گاڏا هلن ٿا جن مان هر هڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار نوجوان ٻانهيون وهن ٿيون ۽ انهن جي پويان سئو کن ٻيا گاڏا آهن جن ۾ هر راڻيءَ جا ويس وڳا، ڳهه زيور، کاڌي پيتي جو سامان، پئسي ڏوڪڙ جو ٽجوڙيون ۽ فرينچر هلي ٿي ۽ انهن گاڏن کي خچر، ڍڳا ۽ اٺ ڇڪين ٿا“.
    ”ٻئي ڏينهن تي بادشاهه سلامت مون کان منهنجي وطن ۽ منهنجي سفر بابت سوال جواب ڪيا ان بعد سندس خاص راڻي ”خاتون تعتغلي“ جي حاضري ڀرڻ ويس. سلطان جا ٻئي پٽ هن زال مان آهن. هوءَ پاڻ کان ڏهاڪو کن وڏي عمر جي عورتن جي وچ ۾ ويٺي هئي جيڪي لڳو ٿي ته هن جون خاص خذمتگار آهن. انهن جي اڳيان پنجاهه کن نوجوان ڇوڪريون راڻي صاحبه کي وندرائڻ ۾ پوريون هيون. خاتون جي هٿن ۾ چيرين سان ڀريل سونو پيالو هو جن مان هوءَ رکي رکي هڪ ڪڍي وات ۾ وجهي رهي هئي.
    منهنجي اچڻ تي راڻي صاحبه (خاتون تعتغليءَ) ڪِمز جو آرڊر ڏنو ۽ پوءِ پنهنجي هٿن سان ڪِمز سان پيالو ڀري مون کي پيش ڪيو. اها ڳالهه هتي جي وهنوار مطابق وڏي عزت بخشڻ جي سمجهي وڃي ٿي. مون هن کان اڳ ڪڏهن به ڪِمز نه چکيو هو پر منهنجي لاءِ ٻي ڪا واهه نه هئي ان ڪري مون کي اهو قبول ڪرڻو پيو. مون سُرڪ ڀري پر مون کي بيحد اُگرو لڳو، ان ڪري مون اهو پيالو پنهنجي ڀرواري ساٿيءَ ڏي وڌائي ڇڏيو.
    ”ان بعد ٻئي ڏينهن آئون سلطان ازبيگ جي ٻي زال ”خاتون ڪيبيڪ“ جي حاضريءَ لاءِ ويس. هوءَ ديوان تي ويٺي هئي ۽ قرآن شريف جو دور ڪري رهي هئي. هن به مون کي ساڳيو مشروب ڪِمز پيش ڪيو. ان بعد آئون سلطان جي ٽيون نمبر راڻي ”خاتون بيالون“ جي خذمت ۾ پيش ٿيس جيڪا قسطنطينه جي شهنشاهه جي ڌيءَ آهي پر هتي جي ماڻهن کان مون کي پڪي طرح خبر پئي آهي ته اها شهنشاهه جو حرامي ٻار آهي. اسان هن وٽ پهتاسين ته ان وقت هوءَ هيرن موتين سان سينگاريل تخت تي ويٺل هئي. سندس چوڌاري سئو کن يوناني، ترڪ ۽ مصري نوجوان خذمتگار ڇوڪريون ويٺل ۽ بيٺل هيون. پٺيان کدڙن جي قطار هئي. هن اسان سان خوش خيرعافيت ڪرڻ بعد اسان کان سفر جو احوال ورتو ۽ پڇيو ته اسان جو ملڪ ڪيترو پري آهي. ان بعد اسان سان همدردي ڪرڻ خاطر روئي ڏنو. هن کي اسان تي رحم اچي رهيو هو ته اسان هيڏي وڏي عرصي کان پرديسي ٿيو پيا هلون ۽ پنهنجي گهر ۽ وطن کان ايڏو ڏور آهيون. هن سامهون رکيل ٽيبل تان رومال کڻي پنهنجا ڳوڙها اگهيا ۽ حڪم ڏنو ته يڪدم ماني لڳائي وڃي. اسان پيٽ ڀري ٻوڙ، پلاءَ، چاشنيون کاڌيون ۽ جڏهن موڪلائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيوسين ته هن چيو ته ”اسان سان لڳ لاڳاپا نه لاهجو. اسان وٽ ايندا ويندا رهجو ۽ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ٿئي ته يڪدم اطلاع ڪجو“. هن وڏي سخاوت جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان جي وڃڻ بعد به هن کاڌي جا ڊش ڀرائي موڪليا جن ۾ نان، مکڻ، ريڍو گوشت، ماکي، پئسو ڏوڪڙ، اوچي پوشاڪ ۽ 13 گهوڙا هئا جن مان ٽي بيحد اعليٰ نسل جا هئا ۽ باقي ڏهه ائين عام رواجي هئا. اڳتي هلي هن خاتون سان گڏ مون قسطنطنيه جو به سفر ڪيو.“
    ”سلطان ازبيگ خان جي چوٿين راڻي (زال) ”خاتون اردوجا“ مون کي سڀ ۾ بهترين طبيعت جي، مهمان نواز ۽ همدرد لڳي. اسان جي ملاقات تي جنهن همدردي ۽ سخاوت جو هن مظاهرو ڪيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن اسان کي تحفن سان اصل ڀري ڇڏيو. رب پاڪ کيس ان جا اجر عطا فرمائي“.
    سلطان ازبيگ وٽ رهڻ دوران ابِن بطوطا ان وقت جي مشهور شهر بلغار جو به ذڪر ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو: ”مون بلغار شهر بابت جڏهن ٻڌو ته منهنجي دل ۾ ان کي ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. ماڻهن ٻڌايو ته اتي سڀ کان ننڍي رات ٿئي ٿي ۽ مخالف موسم ۾ سڀ کان ننڍو ڏينهن ٿئي ٿو. مون کي ٻڌايو ويو ته سلطان جي ديري کان اهو شهر ڏهه ڏينهن جي پنڌ تي آهي. سو مون سلطان ازبيگ کي عرض ڪيو ته هو مون کي ڪو رهنما ڏئي جيڪو مون کي بلغار وٺي هلي. هن ان جو بندوبست ڪيو ۽ اسان سفر تي روانا ٿياسين ۽ جڏهن اتي پهتاسين ته روزن جو مهينو رمضان شروع ٿي چڪو هو. سج لهڻ تي جڏهن اسان روزو کوليو ۽ مغرب جي نماز پڙهي ته خبر پئي ته صبح ٿيڻ ۾ ايترو وقت آهي جو اسان عشاءَ جي نماز پڙهي وٺون ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ سمهي وٺون. آئون هن شهر ۾ ٽي ڏينهن رهيس. مون کي ڌرتيءَ جو اهو حصو ڏسڻ جو به شوق هو جتي مڪمل اونداهه رهي ٿيجيڪو هن شهر بلغار کان 40 ڏينهن جي سفر تي آهي. پر سفر جي ڏکيائين ڪري مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. ڇو جو اوڏانهن برف ئي برف هجڻ ڪري فقط ڪتي گاڏيون (برف گاڏيون) (Sledges) ئي وڃي سگهن ٿيون. اوڏانهن برف تي هلندي ماڻهو توڙي جانور ترڪي سگهي ٿو. ڪتي جي پيرن ۾ ڊگها ننهن هجڻ ڪري هو برف تي ڊوڙي به سگهي ٿو. برف تي هلڻ جو تجربو رکندڙ هڪ هڪ ڪتو هزارين دينار لهي ٿو....“
    منهنجا (الطاف جا) ان بابت ڪجهه Comments جيڪي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ لاءِ هن ريت آهن: ابنِ بطوطا جي سفرنامي جو سنڌي ترجمو مون مئٽرڪ کان به اڳ پڙهيو هو جيڪو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي پهرين سنڌي ٽيچر مرحوم عباسي صاحب عربي تان ترجمو ڪيو هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو هو. عباسي صاحب اسان کي اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ عربي به پڙهائيندو هو جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج اڃان عارضي طور ميرپورخاص ۾ هو. ان بعد 1960 ۾ پيٽارو ۾ ڪجهه عمارتون مڪمل ٿيڻ تي اسان اوڏانهن شفٽ ٿياسين. عباسي صاحب ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو ۽ اسان کي نائين ڪلاس جو آخري اڌ ۽ مئٽرڪ وارو سال سائين مدد علي قادري صاحب پڙهايو جيڪو بعد ۾ عربي ۾ Ph.D ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ وڃي ليڪچرار ٿيو ۽ اسان کي پوءِ فرسٽ ييئر ۽ انٽر ۾ سکر جي منگي صاحب پڙهايو.
    بهرحال ان وقت ابنِ بطوطا جو هي سفرنامو پڙهي منهنجي ڌيان ۾ اهو ئي آيو ته بلغار شهر جتي ابن بطوطا پهتو ۽ لکيو ته اتي اونهاري ۾ راتيون ننڍيون ۽ سياري ۾ ڏينهن ننڍا ٿين ٿا، ضرور اتر قطب ۾ هوندو ــــ جيئن اڳتي هلي اتر قطب جي ملڪن ناروي ۽ سئيڊن ۾ جهاز وٺي وڃڻ ۽ تعليم دوران اسان کي تجربو ٿيو. پر هاڻ هي مضمون لکڻ دوران سمجهه ۾ آيو ته اهو بلغار شهر نه اتر قطب ۾ آهي ۽ نه بلغاريا ۾ پر اتي ئي روس ۾ وولگا نديءَ جي ڪناري تي اڄ جي ماڊرن شهر ڪازان (Kazan) کان 130 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هونءَ به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ نه هئا هوائي جهاز نه ريل گاڏيون يا بسون موٽر ڪارون. ماڻهن ٻيڙين ۾ سفر ڪيو ٿي يا خشڪي تي بيل گاڏين ۽ اٺ گاڏين ذريعي. ۽ جي ابنِ بطوطا وارن کي سندس گاڏي ڇڪڻ لاءِ سٺا خچر يا ڍڳا مليا هوندا ته به روز وڌ ۾ وڌ ٽيهه چاليهه ڪلوميٽر سفر طئي ڪيو هوندائون. سو ڏهن ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ چار سئو يا پنج سئو ڪلوميٽرسفر پورو ڪري هو بلغار پهتا. ناروي ۽ ڊئنمارڪ ته اتان هزار ڏيڍ ڪلوميٽر وڌيڪ پري ٿيو ۽ وچ ۾ جابلو سلسلا ۽ بالٽڪ سمنڊ ٿو اچي جيڪي شيون اڪرڻ خچر يا ڍڳي گاڏي جي وس جي ڳالهه ناهي.
    ٻي ڳالهه ته بلغار کڻي اتر قطب جي ويجهو ناهي پر ڪافي اتر ۾ آهي ۽ جڏهن اسان وٽ ڪراچي حيدرآباد ۾ ئي اونهاري ۾ راتيون ننڍيون ٿين ٿيون ته مٿي افغانستان ۾ ۽ ان کان مٿي ترڪمنستان ۽ اڃان به مٿي روس ۾ ته ڪافي ننڍيون ٿين ٿيون. پر اهو آهي ته جتي اسٽاڪهوم (سئيڊن) يا اوسلو ناروي جهڙن شهرن ۾ رات ٽن ڪلاڪن جي مس ٿئي ٿي اتي بلغار ۾ 8 ڪلاڪن جي ٿئي ٿي. 8 ڪلاڪن جي رات ڪا ايتري ننڍي رات ناهي. خاص ڪري جي اسٽاڪهوم ۽ اوسلو سان ڀيٽ ڪريون يا ناروي ۽ سئيڊن جي وڌيڪ اتراهن شهرن ڪرونا، ترومسو، وادسو وغيره سان ڀيٽ ڪريون جتي رات ڪلاڪ ڏيڍ جي ٿئي ٿي. پر ابن بطوطا لاءِ جنهن جو واسطو موراڪو جي شهر تنج سان هو يا ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا جي رهاڪو لاءِ اها رات ننڍي ٿي جو هنن وٽ ٻارهوئي رات توڙي ڏينهن لڳ ڀڳ ٻارهن ڪلاڪن جو ٿو ٿئي.
    جيئن اسان وٽ اسلام آباد فيڊرل علائقو سڏجي ٿو يعني اهو ڪنهن به صوبي (پنجاب، ڪي پي ڪي وغيره) جو حصو ناهي. ڪن ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ فيڊرل علائقا ٿين ٿا جيئن ملائيشيا ۾ ٽي آهن. هڪ ڪوالالمپور، ٻيو لبئان ۽ ٽيون هاڻ نئون ٺهيل شهر ”پترا جايا“ ٿيو آهي. اهڙي طرح روس ۾ به هڪ کان وڌيڪ فيڊرل علائقا آهن. انهن مان هڪ ”ريپبلڪ تاتارستان“ پڻ آهي. ان تاتارستان ۾ بلغار قبيلي جي ماڻهن جي ”وولگا بلغاريا“ نالي رياست آهي جنهن ۾ بلغار بادشاهن جو راڄ هو. بلغار شهر جتي ابنِ بطوطا ويو اهو اٺين ۽ پنڌرهين صديءَ جي وچ ۾ وولگا بلغاريا جي گاديءَ جو شهر رهيو. ان دور ۾ بلغار کان علاوه بليار ۽ نور سووار شهر به وچ وچ ۾ گاديءَ جا شهر ٿيندا رهيا. جيئن انڊيا ۾ انگريز موسم مطابق گادي جو شهر دهلي ۽ شمله ڪندا رهيا تيئن هتي جا ”بلغار بادشاهه“ پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو شهرڪڏهن بلغار ته ڪڏهن ”بليار“ يا ”نور سووار“ مقرر ڪندا رهيا.
    منگولن جي بليار تي حملي بعد بليار ضرور تباهه ٿي ويو پر پوءِ منگولن جي حڪومت ۾ بلغار وڏو امير شهر ٿي ويو.... تاريخدان لکن ٿا ته اهو ڏهوڻو وڏو ٿي ويو هو ۽ چوڌاري عمارتون ئي عمارتون نظر اچڻ لڳيون. پر پوءِ ”تختمش- تيمور“ جنگ ۾ هن جو زوال شروع ٿيو ۽ 1361 ۾ بلق تيمور هن شهر جي وڏي ڦرلٽ ڪئي ۽ 1431 ۾ ماسڪو وارن هن شهر جي تباهي آڻي ڇڏي. پوءِ زار حڪومت جڏهن شروع ٿي ته ان جي هڪ حاڪم (زار) پيٽراعظم هن شهر ۾ بچيل جهونين عمارتن جي بچاءَ جو قانون پاس ڪيو. اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ اهي آڳاٽيون عمارتون ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا جيڪي اسلامي ثقافت جي عڪاسي ڪن ٿيون.
    هن علائقي وولگا بلغاريا ۾ اسلام بادشاهه المش التبار جي ڏينهن ۾ آيو جڏهن هو نائين صديءَ جي آخري ۽ ڏهين صدي جي شروعاتي سالن ۾ وولگا بلغاريا جو امير (حاڪم) ٿيو. المش پنهنجو اسلامي نالو ”جعفر ابن عبدالله“ رکرايو. هن پنهنجي دور حڪومت ۾ پنهنجا سفير بغداد جي خليفي ڏي موڪليا ۽ 922 ۾ خليفي المقتدربالله (سڄو نالو ابو الفضل جعفر بن احمد المعتضد) پنهنجو سفير ۽ مشهور عرب سياح ابن فضلان بلغار شهر ۾ موڪليو ۽ بغداد جا خليفا ۽ بلغار جا امير هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي رهيا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار شروع ٿيو ۽ بغداد کان بلغار ۽ اڃان اڳيان ڊئنمارڪ تائين ويندڙ رستو اڄ به ”وولگا ٽريڊ روٽ“ مشهور آهي جيئن اسان وٽ سلڪ روٽ ۽ گرانڊ ٽرنڪ روڊ مشهور آهن.
    هتي اهو به لکندو هلان ته سوويت روس (USSR) جي ڏينهن ۾ جڏهن روس توڙي اوسي پاسي جي رياستن ۾ اسلام تي پابندي مڙهي وئي هئي، بلغار ۾ اسلام جي حق ۾ تحريڪون اڀرنديون رهيون ۽ هن علائقي تاتارستان ۽ روس جي اوسي پاسي جي علائقن جا مسلمان جيڪي مڪي نٿي وڃي سگهيا اهي بلغار آيا ٿي.


    الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

    اناميڪا
    منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
    پيار جي گُهٽَ
    وايون وڻجارن جون
    سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
    دنيا آهي ڪاڪ محل
    سمونڊ جن ساڻيهه
    بندر بازاريون
    سمونڊ جي سيوين
    سي جوڀن ڏينهن
    بندر ديسان ديس
    خبرون کيڙائن جون
    ڪويت ڪنارا
    ڇا جو ديس ڇا جو وديس
    جاني ته جهاز ۾
    جپان جن جي جيءَ ۾
    ڳالهيون تنهن جپان جون
    خدا ڏي خط
    جپان رس
    سانڀاهو سمونڊ جو
    موج نه سهي مَڪڙي
    الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
    بهترين سفرناما
    لنڊن تائين لفٽ
    ٻارن جون آکاڻيون
    ٽوڪيو جي گيشا گرل
    مڪليءَ کان ملاڪا تائين
    سنگاپور ويندي ويندي
    ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
    ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
    دُنگيءَ منجهه درياهه
    ڏاهي جهرڪي
    جت جر وهي ٿو جال
    يادن جي انڊلٺ
    ڳالهيون آهن ڳچ
    اي جرني ٽو ٿائلينڊ
    Proverbs Of Far East
    اوهريا جي عميق ڏي
    اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
    ملير کان مالمو
    جت برف پئي ٿي جام
    ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    ارائونڊ دي ورلڊ
    رٺي آهي گهوٽ سان
    يورپ جا ڏينهن راتيون
    اي روڊ ٽو مدينا
    هيلسنڪي جي حسينا
    سنگاپور ٿو سڏ ڪري
    آل ابائوٽ سنگاپور
    ملائيشيا منهنجي من ۾
    ڀلي ڀار تان ڀيرو
    هي ٻيٽ هي ڪنارا
    بوتلن جو سفر
    سوزيءَ سان پيار
    جل پريون
    ملائيشيا 12 سالن بعد
    تيستائين گڊ باءِ
    جپان پنجويهه ورهين بعد
    ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
    دهليءَ جو درشن
    نيو هالا کان نيويارڪ
    بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
    ايران ڏي اُڏام چنڊ چوانءِ سچ
    هلي ڏسجي هندستان
    پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
    ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
    ڏيهه پرڏيهه جو سفر
    بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
    هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
    مونکي موهيو ملائيشيا
    آمريڪا ڙي آمريڪا
    وسي وڏ ڦڙو
    نه سي سڙه سُکان
    بنارس کان برمودا
    برونائيءَ کان برازيل
    گهاتو گهر نه آئي
    ڪئمپس جا ڏينهڙا

    اردو میں

    سمندر کے دن
    ملائیشیا کے دن
    یورپ کے دن
    کراچی سے کوپن ہیگن
    ایران کے دن
    گيشائون کے ديس مين
    جہاز چلانے کے دن
    جپان کے دن
    کنارے کے دن
    میں چلا ممباسا
    چلو چلیں ہندوستان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258297
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386410
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ