ڪتاب جو نالو: تارن ڀري رات
مصنف: نواز سومرو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 02 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 548 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 142 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڪمپيئر نواز سومري جي ريڊيو اسڪرپٽ جو لکيل مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ نواز سومري جو نانءُ سنڌ جي هاڻي ڪنهن به ريڊيو لسنر توڙي براڊ ڪاسٽر لاءِ اوپرو ناهي رهيو، پر سندس لکڻيون جيڪي اسڪرپٽ جي صورت ۾ ٽڙيل پکڙيل رهيون، ان کي سهيڙي نواز سومري ڪتاب ”تارن ڀري رات“ جي ئي عنوان هيٺ اسان آڏو آنديون آهن، ان سان نه فقط پڙهندڙ مستفيد ٿيندا پر نوجوان طبقي لاءِ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پاڻ مڃرائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • پيش لفظ : انڌاري جيون ۾ ڪنهن ته ڏيئا ٻاريا !
  • سنڌ سلامت پاران
  • رايا

  • نواز سومرو گھڻ رخي شخصيت : اصغر باغي
  • ڪوثر ٻرڙو اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي
  • احساس سمون انڊس ريڊيو ايف ايم عمرڪوٽ
  • تارن ڀري رات جو چنڊ-نواز سومرو
  • نظر حسين ملاح : ڪمپيئر-ريڊيو پاڪستان ڪراچي
  •   لفظن جو جادوگر
  •   براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو روشن ستارو محترم نواز سومرو
  •   رات منظر ۾ المنظر جا منظر
  •   مثبت سوچن جو ليکڪ نواز سومرو
  • لياقت علي شيخ سينيئر پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان ڪراچي
  • نواز سومرو، پُر اعتماد آواز-پر اعتماد دوست
  • ريڊيو اسڪرپٽ

  • جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا باز نڪرن
  •   هن ڀونءِ جو وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو
  •   انسان لاءِ رشتا صرف نالي تائين محدود ڇو هوندا آهن
  •   زندگيءَ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي
  •   احساس بنا زندگي اڌوري آ
  •   ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي
  •   ڇانورا جيڪي سهارو چاهيندا آهن
  •   علم جي ٽين اک کي روشن رکڻ ئي زندگي آهي
  •   زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ وڏين قوتن مان هڪ وڏي قوت آهي
  • محبت جتي روح جي راحت هوندي آهي
  •   پارا نڀان پچار
  •   جيسين جيارج تيسين هادي رکج حفظ ۾
  •   موسيقيءَ جو پراسرار رڌم
  •   خواهشون ڪهڙيون هئڻ گهرجن
  • مسافر پنڌ ڊوڙي ٿو
  •   جن لاءِ دڳن ۾ ديدون هونديون آهن
  •   شال ڀرم هميشه قائم ۽ دائم رهن
  •   اچي عزرائيل ستي جاڳايهءِ سسئي
  • ٻين جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ به وڏو فن آهي
  •   سرمئي شام جو پنهنجين سکين سنگ
  •   وقت چوي آئون بادشاهه
  •   عشق جو اعلان سري عام ڏيندڙ شاعر
  •   ڇانورن بنا وڻ ڪهڙي ڪم جا
  •   زندگي گذارڻ لاءِ مستقل مزاجي ضروري آهي
  •   مهان ماڻهن کي وساري سگهجي ٿو ڀلا
  •   ڪي ڪي ننڍيون عمريون ڊگهيون به ٿي پونديون آهن
  • محبت هڪ عالمگير جذبو
  •   ڪي ڪي خوشنصيب ماڻهو
  •   اسان جي مهمان نوازي ۽ رسمون
  •   رشتن جي ڄار ۾ جڪڙيل انسان
  •   انسان درگذر ۽ قربانين جي ڪري هميشه زنده رهي ٿو
  •   حُسن کي پوڄي وٺو، پوڄي وٺو
  •   پر سڪون زندگي گذارڻ لاءِ ٻين جي ڪم اچڻ گهرجي
  •   دنيا ۾ عابد ۽ زاهد اڃان به موجود آهن
  •   زندگيءَ جي يادن ۽ يادگيرين جو سفر
  •   بي دردن کي هر موسم، وڇوڙي واري لڳندي آهي
  •   سچي دوستي ڪيئن قائم رکي سگهجي ٿي
  •   اکيون يار بنا، رَتُ روئن ڙي اديون
  • اسين اليڪٽرانڪ واري دور مان گذرون پيا...!!!
  •   سٺي معيار ۽ آئيڊيل بڻيل زندگي
  •   پيار جيڪو هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سيکاري ٿو
  • ڪي ڪي ماڻهو قسمت جا ڌڻي هوندا آهن
  •   ڇا هر شاعر حساس ۽ نازڪ مزاج هوندو آهي؟
  •   زندگي پلصراط جي پل وانگر ٿي لڳي
  • اهي پٺي ٺپيندڙ هٿ ڪاڏي ويا
  •   پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي
  •   ڳالهه مان ڳالهوڙو هينئن ٺهندو آهي
  •   پٿر جا ماڻهو ڇا ڄاڻين
  •   پنهنجو گهر پيار ۽ محبت جو مرڪز
  •   يادون جيئڻ جو سهارو بڻبيون آهن
  •   مون کي بيوفا نه سمجهجانءِ
  •   شاعري پيڙا جو پڙلاءُ يا تڙپ جو تيل...؟
  •   هاڻي محبتن ۾ به محبت ناهي رهي
  •   پيار زندگيءَ جو ڪهڙو ماپو آهي...؟
  •   ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شانُ
  •   پيار خوشبوءِ سان ڀريل رقص آهي
  •   يادن جي سهاري انسان زنده رهي سگهي ٿو...؟
  •   اسين ڪاڏي وڃي رهيا آهيون؟
  • مارو ملڪ ملير جا
  •   سجاڳي ۽ بيداري زندگيءَ ۾ ضروري آهي
  •   محبتون ۽ چاهتون رشتن جون محتاج ڪونه هونديون آهن
  •   اڪيلاين ۾ به ڪڏهن دلبريون ملي وينديون آهن
  •   لفظ ڳالهائن ٿا
  • دوستيءَ جا اُهي ماپا ۽ معيار ڪاڏي ويا
  •   مينهن وسندي ڪم اچڻ واري شيءِ جو قدر ڪرڻ گهرجي
  • محبتن جي اڌورن عڪسن کي ڪيئن پسجي
  •   جڏهن آبشارن تي جهرڻا رقص ڪرڻ لڳن
  • لاهيارن جي احساسن جو وطن
  •   زندگي هڪ انمول تحفو
  •   لاپرواهيءَ کي پنهنجو حق سمجهون يا ڏوهه...؟
  •   زندگي وِههُ جو وٽو آهي يا زهر جو پيالو
  •   سڀ ٺيڪ آهي پر دل مطمئن ڪونهي...!!!
  • پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ به بهادري آهي
  •   ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ،
  •   درد به زندگيءَ جو حصو هوندو آهي
  •   طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان، ڌڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏيئي مُٺِ ۾
  • تعليم جو زيور انسان جو سينگار هوندو آهي
  •   وقت کي پنهنجو غلام بنائڻ گهرجي
  •   هن مختصر حياتيءَ جا قصا ڪهڙي ڪتاب ۾ لکجن
  •   عشق جي ڪا به تشريح ڪونه هوندي آهي
  •   فطرت کان بيزاري ڇو ٿيندي آهي
  •   ڏکن ۽ سکن واري زندگي
  •   چون ٿا پيار ڪنهن نيري نديءَ جو نالو آهي
  • سڪ ۽ سوز جي عذاب کان پاڻ کي ڇو آجو سمجهجي
  •   سکن واري سَڌَ، متان مون سان ڪرين
  •   انسان اَنا جي خول مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪري
  •   عشق بنا ڄڻ زندگي اڌوري آ
  •   پراڻا پيار نٿا وسرن
  •   هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ زندگيءَ جو اهم گڻ آهي
  •   ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين
  •   دل جي شهر مٿان لهندڙ يادون
  •   چانڊوڪيون ئي چاهتون بخشينديون آهن
  •   سياڻن ماڻهن سان سهپ به ساڻ، ساڻ رهي آهي
  •   صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو
  •   انساني عقل ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ڪمال
  • سهپ جي ڪا حد مقرر هوندي آهي ڇا...؟
  •   درد وارن جي دوا ڪٿان حاصل ڪجي...؟
  •   انسان بيوس ڪڏهن ٿيندو آهي...؟
  •   رشتن جو قدر ڪيترو ضروري آهي
  •   پيار جي سڳي ۾ پرويل ناتا ۽ رشتا
  • تخليقي شاعري انساني پيڙا جو پڙلاءُ هوندي آهي
  •   حسن جون حيران ڪندڙ وصفون
  •   تخليقي شاعري اظهار جو ذريعو بڻجي ٿي
  •   زندگيءَ سان گڏ، ڏک ۽ درد به گڏ رهن ٿا
  • اڄ ڪالهه جون دوستيون ڪيتريون پائيدار آهن
  •   فطرت سان هٺ ۽ هوڏ چڱي ناهي هوندي
  • اسان وٽ ٽائيم ڇو ناهي؟
  •   ڪڏهن به پوريون نه ٿيندڙ خواهشون
  •   هر ڪو ماڻهو ٻئي کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ۾!!
  •   عشق ڇا آهي، ۽ عشق ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
  • انسان جو انسان سان عشق
  •   لاپرواهيءَ جي حمايت ڪرڻ نه کپي
  •   پنهنجن روين کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو
  • با اصول ۽ باضمير زندگيءَ جي هڪ گهڙي
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ارپنا

    پنهنجون سڀئي ڪاوشون ارپيان ٿو، پنهنجي پيءُ مرحوم مستري محمد ايوب سومرو ۽ پنهنجي مٺڙي امڙ افروز بيگم کي جن منهنجي پرورش ۽ پڙهائي ۾ غربت هوندي به مون کي هن منزل تائين پهچايو، آئون جيڪي ڪجهه به آهيان ته انهن جي دعائن جي طفيل آهيان. گڏوگڏ هي ڪتاب ارپيان ٿو پنهنجي زندگيءَ جي ساٿياڻي پنهنجي بيگم نسيم نواز کي جنهن منهنجو ڏکن ۽ سکن ۾ ساٿ ڏنو آهي.

    نواز سومرو


    اداري پاران

    رات جي سناٽي ۾ ڪنن سان ٽڪرائجندڙ ڪي مڌر آواز اهڙا به هوندا آهن، جيڪي سڄي ڏينهن جي رولاڪين بعد پيدا ٿيل بيچيني ۽ ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارائتا ۽ من ۾ سرور پيدا ڪري ڇڏين ٿا، آواز جي دنيا جا مالڪ جن ۾ خاص طور موسيقيت ۽ براڊڪاسٽنگ سان لاڳاپيل آهن، انهن جي اندر به مختلف ڪيفيتون وقت بوقت انيڪ احساسن سان ٽٻٽار هجن ٿيون، نهايت مٺڙي آواز جي مالڪ نواز سومرو جو آواز به جڏهن رات جي پيٽ ۾ ريڊيائي لهرن وسيلي“ تارن ڀري رات“ جي صورت ۾ ٻڌندڙن جي ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو ته يقينن دنياوي الجهنن کان بي نياز ٿي ڪي ساعتون پنهنجي دل مٿان غبار هٽائي تصوراتي ۽ محسوساتي عمل سان همڪنار ٿيڻ جو موقعو ضرور ڏين ٿيون.
    هڪ بهترين براڊ ڪاسٽر لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشبختي چئجي جو سندس آواز ۽ انداز بيان جو تاثير ٻڌندڙن جي دل ۾ گهر ڪري وڃي ۽ نواز سومرو جو آواز ۽ انداز بيان جي سرور کان هر ٻڌندڙ اثر ضرور قبوليو آهي، سندس لکيل اسڪرپٽ به مختصر پر جامع هئڻ سبب هيئين هنڊائڻ جهڙا آهن، اهوئي سبب آهي جو نواز سومرو جون ريڊيو لاءِ خدمتون سندس معصوم سڀاءَ جيان ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن، هونئن به نواز سومرو پنهنجي اندر جي سچائي ۽ نهٺائي سان بغير ڪنهن لٻاڙ جي پنهنجي ڏات ۽ قابليت آڌار ”تارن ڀري رات“ جي سنگم کي نڀائيندي جيڪي جتن ڪيا آهن، اهي واقع ساراهڻ جوڳا آهن، تڏهن ئي ته سڄي سنڌ ۾ سندس پرستارن جو ڳاڻيٽو اڳ کان اڳرو رهيو آهي ۽ اهائي خوبي کيس ٻين کان ممتاز بڻائي ٿي.
    جيتوڻيڪ نواز سومرو جو نانءُ سنڌ جي هاڻي ڪنهن به ريڊيو لسنر توڙي براڊ ڪاسٽر لاءِ اوپرو ناهي رهيو، پر سندس لکڻيون جيڪي اسڪرپٽ جي صورت ۾ ٽڙيل پکڙيل رهيون، ان کي سهيڙي نواز سومري ڪتاب ”تارن ڀري رات“ جي ئي عنوان هيٺ اسان آڏو آنديون آهن، ان سان نه فقط پڙهندڙ مستفيد ٿيندا پر نوجوان طبقي لاءِ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پاڻ مڃرائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، نواز سومرو جي اهڙي ڪتاب جي اشاعت سمبارا پبليڪيشن لاءِ پڻ سرهائي جو باعث آهي، اميد ته پڙهندڙن لاءِ هيءَ سوکڙي پڻ هيئين سان هنڊائڻ جو سبب بڻبي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    شعوري طور ليکڪ پنهنجين لکڻين ۽ ڪاوشن سان ئي سڃاتو ويندو آهي. آءُ ڪو ايڏو وڏو ليکڪ ته ڪو نه آهيان پر شعوري طور تي پنهنجن هڪ جيڏن سان اٿندي ويهندي، لکندي پڙهندي جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي ادبي گڏجاڻين تائين وڃي پهتس ته اندر جي انسان اڳتي لکڻ، پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪيو. هفتي وار ادبي گڏجاڻين ۾ اچڻ ڪري ننڍن وڏن اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون جن ۾ اظهر ٻانڀڻ، رزاق سهتو، الطاف شيخ، سڪندر سرواڻ، سرتاج جاگيراڻي، هدايت بلوچ، تاج بلوچ، باري منگي، ع_غ_تبسم، اسحاق انصاري ۽ عابد مظهر، ائين آهستي آهستي شعوري سگهه ۾ ڪجهه اضافو محسوس ٿيڻ لڳو. سوچ ۽ لوچ جي ڪسوٽيءَ ۾ جيڪي ڪجهه به پڙهيو، پروڙيو ۽ پرکيو اهي انهن ڳالهين کي صرف وائکي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هيءَ ڪائنات انسانن جي عملن، لفظن، احساسن ۽ جذبن سان ٽمٽار ڀريل آهي. خود لفظ ڪائنات تي جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪجي ته ڪائنات آهي ڇا؟ ڪائنات هڪ محبت جي وجد جو ڪرشمو آهي. هن ڪائنات ۾ زندگيءَ جا ٻيا به ڪيترائي رنگ ۽ احساس موجود آهن، جن ۾ راڳ رنگ موسيقي ۽ رقص به شامل آهي.
    منهنجي مرشد ڀٽ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي ته هن ڪائنات ۾ منهنجي من ۾ خدا تعاليٰ جي عبادت جو هڪ ٻوٽو موجود آهي ۽ راڳ رنگ ان جو پاڻي آهي ۽ منهنجي دل چاهي ٿي ته هيءَ ڪائنات ا﷢ پاڪ جي پاڪ ڪتابجي تلاوت ۾ مشغول هجي ڇو ته انسان کي اشرف المخلوقات هئڻ سان گڏ انسانن کي شعور، فطرت ۽ ڳالهائڻ جي سگهه به ڏني آهي. اهو ڳالهائڻ جيڪو انسان کي ايترو خوبصورت بڻائي ڇڏي ٿو جو ٻڌڻ وارا لکين انسان ان انتظار ۾ هجن ته ڪڏهن ٿو ڪنن تائين آواز پهچي. هي سڀ آواز ئي ته آهن جن ۾ دريائن ۽ سمنڊن جو دڙڪا ڏئي وهڻ، پهاڙن تان آبشارن جو ڪرڻ، هوائن جو گهلڻ، يا وري بابا بُلي شاهه جي بيخودي، سچل سرمست جي مستي، قلندر جي ڌمال يا لطيف سرڪار جي وائي اهي سڀئي آواز مدهوش ڪندڙ ناهن ته ٻيو ڇا آهن. مڃون ٿا ته دنيا دولت جي ديواني آهي، پيار ۽ پاٻوهه جي پوڄاري ناهي، اهو ته سچ آهي ته هي سماج سونهن جو سوداگر ناهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اڄ جي هن وٺ وٺان واري ماحول ۾ ماڻهو، ماڻهو ڪو نه رهيا آهن، مشينون ٿي پيا آهن. پاڻ اهو به ڄاڻون ٿا ته هي معاشرو مال ملڪيت جو پيروڪار آهي، محبت جو محتاج ناهي.
    هن ڪتاب ۾ جيڪي به لکڻيون موجود آهن، اهي آواز هوائن جي لهرن ذريعي اوهان تائين به پهتيون جي نه پهتيون ته هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    ڪراچي ۾ نوڪريءَ دوران ڪجهه يونيورسٽي فيلو، سينيئر دوست، ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي پروڊيوسر طور مقرر ٿي آيل هئا. ديڳ پڪل هئي صرف ان جو ڍڪڻ ئي ته لاهڻو هيو، محمد علي ٻانڀڻ، گل حسن قريشي، نور الله ٻگهيو، خليل چنا، نصير احمد سومرو ۽ ڪوثر ٻرڙو صاحب.
    سينيئر پروڊيوسرن ۾ ممتاز اعواڻ، نثار احمد ميمڻ، شوڪت علي خاصخيلي ۽ شيخ ابراهيم سالن پڄاڻان هن وقت پروڊيوسرن ۾ موجود ثناءَ الله ابڙو ۽ لياقت علي شيخ صاحب، يونيورسٽي فيلو دوستن جي کيپ اچڻ سان ئي پاڻ کي آزمائڻ لاءِ آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتس بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فون ڪال آئي ته اوهان انائونس مينٽ لاءِ چونڊجي ويا آهيو، تنهنڪري سنڌي سيڪشن جي پروڊيوسرن سان اچي ملي وٺو. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي، شام جو آفيس جي ٽائيم کان پوءِ اچي ريڊيو پاڪستان جو دروازو کڙڪايو، مختلف پروڊيوسرن سان روزانه شام جو ملاقاتون ٿينديو رهيون، مختلف پروگرام ملندا رهيا ۽ وقت گذرندو رهيو. پروڊيوسر ڪجهه نوان ايندا رهيا، پروگرامن ۾ تبديلي به ايندي رهي، مختلف دوستن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.
    پروگرامن جي پيٽرن تبديل ٿيڻ سان محترم نصير احمد سومري صاحب ٻه اهڙا سلسلا چونڊيا، جن ۾ پروگرام پڙهو ۽ پرايو. سڪندر سرواڻ جي حوالي ڪيو ويو. شعر ۽ نغما منهنجي يعني نواز سومري جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي هفتيوار پروگرام ايترا مقبول رهيا جو هزارن جي تعداد ۾ خط ۽ پوسٽ ڪارڊ اچڻ لڳا. پروگرام جي سينگار ۽ سنوار لاءِ ٻڌندڙن جي لکڻين ۽ راين کي به شامل ڪيو ويو، پروگرام شعر ۽ نغما لاءِ جن دوستن ۽ٻڌندرن جو مون سان سهڪار رهيو، انهن ۾ ڳوٺ طالب خان ڪلمتي، ميرپور ساڪري کان مجاهد ڪلمتي، نواز ڪلمتي ۽ غلام سرور ڪلمتي، شهر چوهڙجمالي کان گل حسن مگسي، ناز ننگر ۽ بيوسف غلام قادر جمالي، محمد حسن رند مير الهرکيو ڀنڊ، شهر سجاول کان گل محمد پٺاڻ ۽ امير احمد جاکرو، شهر دڙي کان محمد صالح ڪڇي ۽ محمد علي ڪڇي، ڳوٺ ڪريم بخش ڪپري لڳ ڪنري کان اعجاز ڪپري ۽ ور شهر کان محبوب درس، وفا ولي محمد جاڙو ۽ ممتاز علي جاڙو، شهر ڪنريءَ کان چوون ڪمار ڪولهي ۽ احساس سمون، ڳوٺ محمد خان رند کان محمد شريف رند، ڳوٺ ڪڪڙ رند کان وحيد علي رند.
    پروگرام شعر ۽ نغما جيئن جيئن اڳتي وڌندو ويو، تيئن تيئن مقبوليت ماڻيندو ويو، تان جو ٻڌندي سورنهن سال اچي پورا ٿيا، 2 سال اڳ ان پروگرام کي خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري بند ڪيو ويو. تقريبن 2009ع کان ڪراچي اسٽيشن جي حصي ۾ پروگرام تارن ڀري رات، صوبائي نشرياتي رابطي تي لائيو شروع ڪيو ويو، جنهن جو وقت رات 11:05 کان ٺيڪ 12 وڳي تائين مقرر ويو. جنهن لاءِ ان وقت جي سنڌي سيڪشن جي انچارج پروگرام مئنيجر ۽ هڪ سٺي آواز جي مالڪ محترم خليل چنا صاحب ان پهرين پروگرام جي شروعات منهنجي پسند جي ڪمپيئر ۽ منهنجي راڻي رئوف ڪنڌر سان گڏجي ڪئي.هڪ رات جو پهر ۽ ٻيو آسمان تي تارن جي رم جهم ۽ پروگرام جو نالو به رکيل خليل چنا جو تارن ڀري رات، ته بس ڄڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌندڙن جي دل مان واهه، واهه جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ريڊيو پاڪستان جو آواز رات جو پهريون پهر پوڙهن ۽ پڪن جي مٿن کان رکيل ريڊيو سيٽ ۽ مٿي آسمان ۾ اکيون تارن سان ٽمٽار آسمان ڏانهن ته پوءِ نوجوانن وري ڪننن ۾ هيڊفون هڻي موبائيل فون جو سهارو وٺي پروگرام کي انجواءِ پئي ڪيو. خاص ڪري مون پنهنجون اسڪرپٽس ڊسڪ جا ڪي پروگرام سان گڏ، اصلاحي، علمي، تفريحي، اخلاقي ۽ موسيقيءَ سان ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خليل چنا صاحب ۽ رئوف ڪنڌر ته هن پروگرام تارن ڀري رات کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. جو سنڌ جي ڪيترين ئي شخصيتن، جنهن ۾ ثقافت، موسيقي، تاريخ، تهذيب ۽ ادبي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون به ڪيون ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان جي پاليسين مطابق هن پروگرام لاءِ اهڙن ڪمپيئرن جي چونڊ به ڪئي وئي جيڪي هن پروگرام مطابق اهل علم هجڻ سان گڏوگڏ اخلاقي ۽ سماجي شعور به رکندڙ هجن. ۽ براڊڪاسٽنگ جي اصولن مطابق ڳالهائڻ جو هنر به رکندا هجن. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انهن باشعور ۽ ادب دوست ڪمپيئرن جي لسٽ ڊيوٽي روم جي نوٽيس بورڊ تي نظر آئي، جنهن ۾ رئوف ڪنڌر، نور محمد خاصخيلي، ممتاز علي شيخ ۽ نواز سومرو شامل هئا. روزانه جي حساب سان پهرين ٻه، ٻه ڏينهن به پروگرام ڪرڻ لاءِ مليا ۽ پوءِ منهنجا پيارا دوست نظر حسين ملاح، اسد چنا، حنيف ٻگيو، نائلا ميمڻ، ياسر قاضي ۽ آخر ۾ خيرپور تان آيل اسان جو دوست نظير سهتو به هن سٿ ۾ شامل رهيو. پروگرام ”تارن ڀري رات“ رات جو دير سان هلڻ ڪري جيڪي دوست پنهنجن ڪمن ڪارين يا ڊيوٽن تان موٽي پنهنجن گهرن ۾ واپس ايندا هئا ته کين انتظار هوندو هيو ته رات جا 11:05 منٽ ڪڏهن ٿا ٿين. بلڪه ويجها دوست معمول مطابق اهو پڇاڻو ڪندا هئا ته نواز صاحب اڄ پروگرام ڪندا. اهڙي طرح اسان جا هزارين ٻڌندڙ جيڪي نه خط لکي ڄاڻن ۽ نه ئي فون تي رابطو ڪن، انهن به موبائيل فون ذريعي رابطا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پروگرام تارن ڀري رات جي تعريف ڪرڻ لڳا ۽ مون سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش به ڪندا رهيا، جيئن ته مون هر موضوع کي هن پروگرام جي زينت بڻايو پوءِ اهو سماجي، هجي يا اخلاقي، ادبي هجي يا ماحولياتي ڪوشش ڪري پاڻ وٽ پيدا ٿيندڙ انساني روين جي متعلق به مون گهڻو ڳالهايو ۽ لکيو. منهنجن ٻڌندڙن جا مزاج به عجيب هجن ڪن کي صرف نغمن ٻڌڻ جو شوق ڪن کي ڳالهين ٻڌڻ جو شوق ته ڪن کي وري منهنجي آواز ۽ انداز جي تعريف ڪرڻ جو شوق يا ڪن کي صرف نالي ٻڌڻ جو جنون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هي پروگرام ريڊيو پاڪستان ڪراچي،مٺي، حيدرآباد، ڀٽ شاهه، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تان هڪ ئي وقت هلڻ ڪري سڀني ڪمپيئر دوستن جا هزارين چاهڻ وارا رابطي ۾ رهيا. منهنجا خاموش لسنرس فون ذريعي ايترا اچي ڪٺا ٿيا جو جس هجي انهن کي جن مون کي هميشه پنهنجن دعائن ۾ ياد رکيو ۽ پروگرام بابت مختلف مشورا ڏيندا رهيا. پروگرام تارن ڀري تات، جيترا سال به ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان نشر ٿيندو رهيو ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن ٻڌندڙن سان سلام دعا جاري ۽ ساري آهي. ڪي ته پٽا ڏئي ڀڄي به ويا. ڪن وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪمپيئرن سان واسطا وڌايا، ڇو ته اڄڪلهه هي پروگرام حيدرآباد اسٽيشن تان هلي رهيو آهي. ڪيترن دوستن سان ته منهنجي دعا، سلام ايترو وڌي وئي جو هن مهل تائين خوشيءَ ۽ غميءَ ۾ هڪ ٻئي سان شامل حال هوندا آهيون.
    هن ڪتاب ۾ جيڪي به تحريرون شامل آهن اهي آهن ته مختصر ليڪن، ايندڙ ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيل موجود هوندو. ريڊيو تي ڪم ڪندي مون کي ڪيتريون ئي دوستن وٽان محبتون مليون ته نفرتون به پلئه پيون ليڪن پنهنجو دامن بچائيندي سڀني سان هٿ جوڙ وارو سبق ڪڏهن به ڪو نه وساريو. اڄ ريڊيو جي گيٽ ڪيپر، ڊيوٽي آفيسرن، ماسٽر ڪنٽرول روم جي انجنيئرن، پنهنجن پيارن پروڊيوسرن ۽ اسٽيشن جي ڊائريڪٽرن مان پاڻ کي پيار ۽ محبت ئي ملندي محسوس ڪئي اٿم. پيار ته مونکي پنهنجن هم خيال انائونسرن ۽ ڪميئرن دوستن، نظر حسين ملاح، اسد چنا، عبدالسميع، نُور محمد خاصخيلي، صفدر عباس، سڪندر سرواڻ، يونس جسڪاڻي، ڀيڻ نصرين اختر، نائلا ميمڻ ۽ رئوف ڪنڌر کان به ملندو رهيو. مان انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب جي آڻڻ ۾ منهنجي هروقت رهنمائي ڪئي. ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو انهن مهربان پروڊيوسرن کي ياد نه ڪيان، جن جي رهنمنائيءَ ۾ شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر پروگرام سندن جي صلاح ۽ هدايتن ۾ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. اهي منهنجا مهربان آهن، شوڪت خاصخيلي، ممتاز اعواڻ، نثار احمد ميمڻ، محد علي ٻانڀڻ، خليل چنا، نُور الله ٻگهيو،گل حسن قريشي، نصير احمد سومرو، ثناءَ الله ابڙو، لياقت علي شيخ، طاهره ڀٽي، الاهي بخش ٻانڀڻ.
    آئون شڪرگذار ته انهن دسوتن جو به آهيان جن منهنجي هن ڪتاب تي فني ۽ فڪري پهلوئن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن سهڻن ۽ پيارن خيالن جو اظهار پڻ ڪيو آهي. بلڪه اڳتي لاءِ به مون کي حوصلي ڏيڻ جي قوت بخشي آهي. تن مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان هڪ سٺي آواز ۽ انداز جي مالڪ امين ارباب جو نهايت ٿورائتو آهيان . ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ موجود پنهنجن انهن ساٿين جو جن هن ڪتاب بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن جن ۾ شامل آهن، سڪندر سرواڻ، نظر حسين ملاح، اسد چنا ۽ خاص ٿورائتو آهيان محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب، ڊاڪٽر عابد مظهر ۽ مشتاق بخاريءَ جو ڀلا ٿورا ڪيئن نه مڃان پنهنجن هر دل عزيز ۽ محسن محترم نصير مرزا سابق ڪنٽرول ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر حيدرآباد جو جنهن منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي منهنجي مٿان مهرباني ڪئي آهي. ان کان علاوه خاص ٿورا هن ڪتاب جي ڪمپوزر شاهزيب ميمڻ ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ منهنجي سڏ ۾ سڏ ڏنو. ٿورائتو ته آءُ خالد چانڊيو صاحب پروگرام پروڊيوسر، ريڊيوپاڪستان مٺيءَ جو به آهيان، جنهن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
    مون جيڪي ڪجهه به لکيو آهي، پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي ڪيئن لڳندو يا اوهان کي ڇا محسوس ٿيندو تنهن لاءِ اوهان جي اصلاحي جو مون کي هميشه انتظار رهندو. اوهان جون صلاحون ۽ رايا منهنجي لاءِ نيون راهون هموار ڪندا رهندا.
    ٿورا مَ ٿورا مون تي مارئوڙن جا
    ٿر ۾ واري ٿوري، تيهان گهڻيرا
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا

    نواز سومرو
    ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان
    03322188410


    مهاڳ

    زندگي ساهه جي هڪڙي لاٽ آهي، ته اڙانگي يا سڙانگي ڪائي واٽ به ته آهي. جنهن تي هلندي ڪڏهن مڪروهه ته ڪڏهن ڪي محبوب ماڻهو ملندا ۽ وري وڇڙندا به رهندا آهن، جن مان ڪي ڪي ته وري دل جي ديوار تي، تاج محل جي ديوارن تي چٽيل يادگار گلن وانگر من تي اُڪرجي به ته ويندا آهن. نياز مند، نهٺو ۽ نماڻو، هي نواز به اهڙن ئي ته ريڊيائي همسفرن مان هڪڙو آهي. خوش لباس، خوش اطوار، خوش مزاج، خوش آواز، هر وقت ٽپ ٽاپ، اجرو اجرو ۽ نهايت ڪلچرڊ... اڙي بابا! ريڊيو مائيڪ کي اهڙن ئي ته مهذب شائسته ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، ته بس منهنجو هي يار، يعني پروگرام ‘تارن ڀري رات’ جو هي ڪمپيئر نواز به اهڙن ئي ته ٽئلينٽيڊ ماڻهن منجهان، هڪ آهي. جنهن کي سهڻو ڳالهائڻ ته اچي ئي ٿو، پر پنهنجي ڪمپيئرنگ لاءِ اسڪرپٽ لکڻ جو به هن وٽ هي، ڇا ته ڏانءُ!
    هونئن نواز ۾ ٽين خوبي به ته آهي ۽ اها هي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾... بس جنهن جنهن سان واسطو، ان سان ئي رابطو. ها! جيڪو براڊڪاسٽر سندس سڀاءُ جي گهڻو ويجهو، هو برابر ته ان کي به ويجهو رهندو آهي. اگرچه آءٌ شايد ئي سندس ڪنهن پروگرام جو پروڊيوسر رهيو هوندس، پر نواز، جهڙي صاف سٿري، بااخلاق، محبت ڏيندڙ ۽ محبوب صفت انسان سان ڪير نه چاهيندو ته دوستي رکي.
    هونئن سچ پڇو ته نواز جهڙي جوان سان، منهنجي سڀاءُ جون ڪي هڪجهڙايون به ته آهن. جي ها! مون ئي وانگر هو به ادب دوست آهي. شاعري پسند آهي، موسيقي جو شائق آهي، مطالعي سان شوق اٿس، ۽ مٿان براڊڪاسٽنگ سان پڻ گهري دلچسپي، اگرچ ڏٺو وڃي ته ريڊيو ۾ ڪم ڪري ڏيکارڻ جا ڪيئي شعبا ٻيا به آهن، جيئن مثال طور: ڊراما، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، فيچرز، دستاويزي پروگرام ۽ رنگ رنگ جا پروگرام. پر نواز جو اول آخر شوق مئگزين ۽ ڊسڪ جاڪي پروگرامن سان ئي گهڻو رهيو آهي.
    اڇا، هتي آگاهه رهجي ته، 1948ع کان 1986ع تائين پروگرامن جي پيشڪش جو روٽين ٽائيپ اسٽائيل هوندو هو، پر 1986ع جي پڇاڙڪن مهينن ڌاري ڊائريڪٽر جنرل سليم گيلاني صاحب نشريات جو هڪڙو نئون پيٽرن متعارف ڪرايو. ۽ اهو هي ته، هر پروڊيوسر کي روزانه هڪ ڪلاڪ جو چنڪ پنهنجي ٽيم سان پيش ڪرڻو هوندو هو. اهڙي قسم جي پروگرامن کي نئين طرز ِ نشريات جو نالو ڏنو ويو. نئين طرزِ نشريات جو اهڙو نمونو ڪنهن حد تائين اڃا به جاري آهي. اصل ۾ اهڙي نشريات کان اڳ ۾ پروڊيوس ڪيل پروگرامن، مثال طور ڊراما، فيچرز، گيتن ڀرين ڪهاڻين يا جيڪي ٻيا اسڪرپٽيڊ پروگرام نشر ٿيندا هئا، انهن بابت پروڊيوسر انائونسمينٽ انائونسر کي لکي ڏيندا هئا. جنهن کي ريڊيائي زبان ۾ اوپننگ ۽ ڪلوزنگ انائونسمينٽ سڏيو ويندو هو، هاڻي 1986ع کان جڏهن سڀ پروگرام مئگزين يا ڊسڪ جاڪي اسٽائيل ۾ ٿيڻ لڳا، ته اهڙن پروگرامن لاءِ خوش آواز ڪمپيئرن جي به تلاش شروع ٿي، خاص طرح اهڙن ڪمپيئرن جي، جن ۾ ريڊيائي مسوده لکڻ جي صلاحيت به هجي. ته بس ائين سمجهو ته، اسان جو هي ٽئلينٽيڊ ڪمپيئر، نواز به اهڙي ئي کيپ مان نڪري نروار ٿيو، جنهن هونئن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ڪيئي ڊسڪ جاڪي پروگرام لاءِ رنگ رنگ جا اسڪرپٽ لکيا هوندا، پر هي پئراگراف صوبائي نشرياتي رابطي تي سندس ميزبانيءَ هيٺ نشر ٿيندڙ ‘تارن ڀري رات’ پروگرام ۾ پڙهيل، اسڪرپٽ مان چونڊ آهي.
    هتي جيئن مون عرض ڪيو ته، ريڊيو ۾ ڊسڪ جاڪي ٽائيپ پروگرامن جو رواج اڳيئي هئو، ۽ خاص ڪري ‘صبح پهر’ ۾ ريڊيو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان اهڙا جيڪي پروگرام نشر ٿيندا رهيا، انهن جا نالا هئا... ‘سورج شاخون ڪڍيون’، ‘روح رهاڻ’، ‘موتين مالها’، ۽ ‘صبح مهراڻ’. اهڙن پروگرامن لاءِ اهو قطعي ضروري نه هوندو هو ته انهن لاءِ اسڪرپٽ اهي ڪمپيئر پاڻ ئي لکن، سو مختلف مايه ناز ليکڪن مان حميد سنڌي، امداد حسيني، قاضي خادم، قمر شهباز، ماهتاب محبوب ۽ رشيد صابر وغيره جهڙا بهترين ليکڪ اهڙا مسودا لکندا هئا. جن ۾ ادب، ثقافت، موسيقي، لوڪ سازن، هنرن ۽ روزمرهه جي واقعن، حادثن، ايجادن ۽ حالتِ حاضره وغيره بابت ڪيئي پئراگراف هوندا هئا، جن کي ناميارا مرد ۽ عورت ڪمپيئر پنهنجي صداڪاريءَ سان نغمن جي وچ وچ ۾ پڙهندا رهندا هئا. هاڻي 1986ع بعد خوشقسمتيءَ سان ڪيئين اهڙا پڙهيا لکيا ۽ قلم ڌڻي ريڊيو حيدرآباد، ڪراچي ۽ گڏوگڏ ٻين اسٽيشنس کي به ميسر ٿيندا ويا، جن وٽ سٺو ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڀلو ڀلو اسڪرپٽ لکڻ جو هنر به هو. هونئن هتي حقيقت هن حال جي هيءَ ته، اسان پروڊيوسرن منجهان اهڙي ٽائيپ جي پروگرامن جا اسڪرپٽ لکڻ جي بهترين صلاحيت، منهنجي يار ڪوثر ٻرڙي ۾ ئي سڀ کان گهڻي هوندي هئي.
    اجهو ريڊيو حيدرآباد جي مشهور پروگرام ‘صبح مهراڻ’ کان سواءِ ڪوثر، جنهن جنهن اسٽيشن تي تقرر دوران اهڙا ڊسڪ جاڪي پروگرام لکيا ۽ پيش ڪيا، انهن مان ڪن چونڊ پروگرامن جي مسودن کي سهيڙي هن ٻه ڪتاب به جوڙيا ‘اڏاڻا احساس’ ۽ ٻيو ‘لفظ آواره بادل’، ۽ ائين پاڻ کان پوءِ نون ايندڙ ڪمپيئرن لاءِ نقش قدم پڻ ڇڏيا. ڪوثر جي اهڙن ڪتابن بعد ڪن ٻين ريڊيو ڪمپيئرن پڻ اهڙا ئي ڪتاب شايع ڪرايا. ان ڏس ۾ سڄاڻ شاعر ۽ ريڊيو مٺيءَ جي ڪمپيئر امر ساهڙ هڪڙو ڪتاب آندو ‘خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا’، ناشاد رحم عليءَ ڪتاب شايع ڪرايو ‘ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ’، ته بس، نواز سومري جي هن ڪتاب کي به اهڙن ئي ڪتابن جي تسلسل ۾ هڪڙو اهم ڪتاب سمجهڻ گهرجي.
    ڀلا ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي هي پئراگراف آهن ۽ ڇا ڇا آهي هن ڪتاب ۾، ته جواب آهي ته، ڇا آهي، جو نه آهي هن پستڪ ۾... ‘سهپ، رواداري، وڻ،باغ، ڍنڍون، ڍورا، درياهه، جبل، پنهنجو پاڻ تي اعتماد، پورهئي جي عظمت، ڪاوڙ تي ڪنٽرول جا فائدا، تحمل، صبر ۽ نظم و ضبط، بي جوڙ ۽ قبل از وقت شادين جا نقصان، تاريخ، ثقافت، شخصيتون، ادب ۽ اخلاق، ائين نواز جي ڳالهايل (لکيل) هر پئراگراف ۾ روشني، خواب، رستو ۽ درس ئي درس موجود ملندو. هتي هن هيٺين پئراگراف ۾ ڏسو ته هو ڇا پيو چوي...
    ان کان اڳ جو ٻيو ڪو اسان کي پنهنجي غلطين جو احساس ڏياري، اسان کي پاڻ پنهنجون غلطيون درست ڪرڻيون پونديون.
    ائين نواز ‘گـرُو’ بڻجي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اسان ٻڌندڙن کي ڪيئي ‘گُر’ ڏَسيندو ويو آهي، مثال طور: سندس هي صلاحون ڏسو:
    جيڪي ماڻهو، ننڍڙن ٻارن ۾ مقبول هوندا آهن، اهي سڀني لاءِ هر دلعزيز هوندا آهن، انهن جي مقبوليت جو راز اهو ئي آهي، ته ننڍڙو هجي توڙي وڏو، توهان ان سان محبت ڀري گفتگو ڪريو، هر ماڻهوءَ سان همدردي ڪريو ۽ توجهه سان سندس ڳالهه ٻڌو، دوستن وارو سلوڪ ڪريو، اهڙيءَ ريت توهان ان جي پسنديده شخصيت بڻجي ويندؤ ۽ پوءِ ڏسو ته اوهان جي زندگي، ڪيڏي نه پرسڪون ٿي گذري.
    هونئن ته نواز جو هڪ هڪ پئراگراف، ‘عالم ۾ انتخاب’ آهي، پر هن جو اهو مٿيون پئراگراف ته جهڙو هُن جي مڙني پئراگرافس جي نڪ ۾ ڄڻ سهاڳ واري ڦُلڙي... ته بس، المختصر... نواز... اي منهنجا پيارا دوست... توهان وٽ ماشاءِ الله لکڻ جو ڏانءُ به آهي ته، پنهنجي گفتگوءَ سان ماڻهن کي موهڻ جو هنر به. سو اي نواز.... لکندا رهو.. ڳالهائيندا رهو... اسين توهان جي اهڙين پيارين صلاحيتن تان، نه فقط قربان، پر يا قربان ... !

    نصير مرزا
    حيدرآباد
    تاريخ: 14.7.2017


    پيش لفظ : انڌاري جيون ۾ ڪنهن ته ڏيئا ٻاريا !

    شڪارپور جي ڪنهن نوخيز اديب، شاعر ۽ هڪ حساس فلسفي ليکڪ کي جڏهن اهڙي من کي موهيندڙ دلڪش شيرين زبان، ڏات ڏانءُ ۽ هڪ الڳ منفرد تخليقي صلاحيتون هجن ته اهو نواز سومرو آهي جيڪو نه صرف شاعر، اديب ۽ ڪالم نويس به آهي پر هڪ ميچوئر ريڊيو اسڪرپٽ رائيٽر به آهي، اوهانجي سامهون سندس هڪ خوبصورت ڪتاب ”تارن ڀري رات“ هڪ ثبوت طور آهي.
    سندس ڪتاب ”تارن ڀري رات“ بظاهر ريڊيو لاءِ لکيل مختصر ڪالم، خاڪا، تاثر يا شاعراڻا نثري مضمون آهن پر سندن مواد، موضوع ۽ من اندر جو منفرد احساس پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو.پر ريڊيائي اسڪرپٽ شاعراڻي جهڙوڪ اسلوب ۽ ٽيڪنڪ کي غور سان نوٽ ڪن، دل چاهيس ٿي ته اهو انهن مان هو، جا خاص ڪري ڪجهه نوٽيس به وٺن، ڪالمن جا عنوان ٽائيٽل ۽ ڊڪشن موضوع کان قطعي هٽيل ناهن.
    مثال طور سندن هڪ ڪالم آهي ته اڪثر محبت ڪندڙ ماڻهو هن طبقاتي سماج ۾ دوکيباز ۽ دغاباز نڪرن ٿا. سندس چوڻ آهي ته جتي رت جا رشتا به مفادن جي نظر ٿي وڃن، جتي محبت بي لوث نه رهي، جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا ڏئي وڃن، جتي ڪنهن واعدي جي تڪميل نه ٿئي اتي پوءِ احساس رکندڙ ماڻهو هر ٻئي ماڻهوءَ کان ڊڄڻ لڳي ٿو، هن کي ڪنهن تي اعتبار نٿو رهي، هو رت جي رشتن کي دوستن کي هر ماڻهو جي وفا کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي ڏسندي اڪيلائي جي اونهي کوهه ۾ ڪرندي پاڻ کي تنهائيءَ جي تنور ۾ تڙپندو محسوس ڪري ٿو ۽ جڏهن اڪيلائيءَ جا احساس ساٿي بڻجن ٿا، تڏهن هو دنيا جي روين کان تنگي محسوس ڪندو آهي.
    اوهان سندس لکيل هڪ مٿيون ڪالم جو پيراگراف پڙهي ڪري اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته نواز سومرو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي، جنهن وٽ هڪ الڳ ڏات ۽ ڏانءُ آهي.
    ڪتاب ”تارن ڀري رات“ ۾ الائجي ڪيترا ريڊيائي اسڪرپٽ، ڪالم ۽ نثري شاعراڻا ٽڪرايا خاڪا آهن جيڪي سنڌ ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ کان وٺي سنڌ جي سموري فطرتي احساس ۽ حسن کان وٺي سنڌي ماڻهن جي شعوري ۽ فڪري اصلاح خاطر لکيل سندن ڪوتا ڀريون لکڻيون نهايت ڪارائتيون لڳن ٿيون، سندن ڪالم سچ ته جهڙوڪ دردن جي ڪٿا ته آهي ئي آهي پر هڪ درد وارو ليکڪ ۽ حساس آرٽ لَوَر ئي اهڙا ريڊيائي اسڪرپٽ ڪالم لکي سگهي ٿو، ليکڪ ته پنهنجي دور جو آئينو آهي، جيڪو به چاهي ڏسي منجهس پاڻ کي سماج جو هڪ ذميوار فرد سمجهي، هو هڪ شاهد ليکڪ بڻجي لکي ٿو، نواز سومرو جيئن ته هڪ حساس ذهن دل ۽ روح رکي سنڌي سماج ۽ ماڻهن جا انيڪ عڪس چٽي اهڙا ڪالم لکيا آهن جن پنهنجي پر ۾ وڏي ڳالهه کي چند منٽن ۾ سمائي ڇڏيو آهي.
    اچو ته ڪي ڳاڻ ڳڻيا عڪس ۽ جمالياتي حسن سان ڀريل ڪي سحر انگيز ۽ دلڪش منظرنگاري کي ڪجهه گهڙي لئه جهپي وٺون.
    هن ڀونءِ جو وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻون هن ڪالم ۾ سندس اشارو هڪ اهڙي ليکڪ ۽ شاعر ڏانهن آهي، جيڪي پنهنجي دور جا وڏا ترجمان هوندا آهن، هن ڪالم ۾ نواز سومرو لکي ٿو ته ”اڄ به جيڪڏهن اسان دنيا جي ڪلاسيڪل ادب ۾ سرجيل شاهڪارن تي نظر وجهون ٿا ته پوءِ اُهي نثر جا شاهپارا هجن، يا شاعريءَ جا شاهڪار ليڪن انهن ۾ پنهنجي پنهنجي سماج جي نه رڳو عڪاسي ٿيل هوندي آهي پر انهن سان گڏو گڏ حالتن ۾ تبديلي آڻڻ ۽ نئين رخ ۽ نئين روشني حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي پڻ ٿيل هوندي آهي. ”منهنجي خيالن مطابق هن ڀونءِ جو وڏي کان وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو ليکڪ لاکيڻو لطيف ڀٽ جو گهوٽ شاهه عبداللطيف ۽ سندس رسالو آهي“.
    اهو منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ريڊيائي ڪالم نگاري يا اسڪرپٽ نگاري ۾ ڪي چند ليکڪ يا پروڊيوسر آهن جن پنهنجي ڌرتي سنڌي سماج جي انيڪ مسئلن جي نه فقط نشاندهي ڪئي آهي پر سنڌي ثقافت سندس عوام جي سوچ ۽ فڪر کي پنهنجي شاعراڻن نثري خاڪن ۾ هڪ خوبصورت روپ به ڏنو آهي، انهن مان سچ ته نواز سومرو نه فقط هڪ منفرد ليکڪ ۽ ڪالم نگار آهي ڇو ته سندن ٻولي سندس موضوعن جي چونڊ ۽ پنهنجي هڪ الڳ منفرد سوچ، فڪر ۽ تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي هو پنهنجي اندر جي احساسن کي ڏاڍي خوبصورت انداز سان پيش ڪري ٿو. حقيقت اها آهي ته هن ڪتاب جا سڀ ڪالم مضمون ۽ خاڪا پڙهڻ جهڙا آهن، هو مون کي نه فقط خليل جبران جهڙو روح رکندڙ هڪ عالم، فلسفي، دانشور ليکڪ لڳو پر ٻوليءَ ۽ نثر جي اسلوب چٽڻ ۾ سنڌ جو گورڪي لڳو، سندس لکڻين جو هڪ الڳ دائمي اثر رهي ٿو، نواز سومرو سچ ته پنهنجن خوبصورت خيالن ۽ فطري جذبن کي نهايت آرٽسٽڪ انداز ۾ پنهنجن لکڻين ۾ پيش ڪيو آهي، سندس ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي، نواز سومرو تقريبن سنڌ جي سڀني موضوعن کي هڪ ذميوار ليکڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي، مون کي اميد آهي ته سنڌ جا پڙهندڙ هن مجموعي کي پڙهي نه فقط پنهنجي صوفيت پرچارڪ من اندر روح، ذهن ۽ سموري شعوري فڪر ۾ هڪ نرالو تحرڪ ايندي محسوس ڪندا پر نواز سومرو جي ساڳي ريڊيائي اسڪرپٽ واري هڪ ٽرينڊ سيٽ ڪالم نگاري جي فن کي جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻ کان بنهه لنوائيندو!
    نواز سومرو پنهنجي پر ۾ هڪ وڏو ليکڪ ۽ شاعر به آهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ سمورا ڪالم ۽ نثري خاڪا نه فقط دلچسپ آهن پر پنهنجي پر ۾ انيڪ فلسفي جا مختلف رنگ سمائي رکيون ٿا هلن، سندس هڪ ڪالم آهي جنهن جو عنوان آهي ”احساس بنا زندگي اڌوري آهي“ هو لکي ٿو ته ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهو ڪا ياد ڪا جدائي ڪو چهرو وسارڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ ئي ڪا اوڇنگار ٿي ويندو آهي ائين ڇو آهي؟ احساس جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو ساهه جي سلسلن تائين هوندو آهي، آخر هي ڪهڙو جذبو آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙهن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن دل ۾ دفن ٿي وڃي ٿو“.
    ڪتاب مون سمورو هڪ ويهڪ پڙهيو ، پڙهڻ کانپوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته مان هڪ اسٽوري رائيٽر لاءِ الائي جي ڪيترا عنوان ۽ اهڙا پيراگرافس آهن جيڪي پڻ منهنجين ڪهاڻين جا ڊائلاگ ٿي سگهن ٿا، سندس ڪالمن جي ٻولي بيهڪ ۽ منظرنگاري ۽ پڄاڻي ڪافي حد تائين پڙهندڙ کي حيرت ۾ وجهي ٿي.

    “باري منگي”


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تارن ڀري رات“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪمپيئر نواز سومري جي ريڊيو اسڪرپٽ جو لکيل مجموعو آهي.
    جيتوڻيڪ نواز سومري جو نانءُ سنڌ جي هاڻي ڪنهن به ريڊيو لسنر توڙي براڊ ڪاسٽر لاءِ اوپرو ناهي رهيو، پر سندس لکڻيون جيڪي اسڪرپٽ جي صورت ۾ ٽڙيل پکڙيل رهيون، ان کي سهيڙي نواز سومري ڪتاب ”تارن ڀري رات“ جي ئي عنوان هيٺ اسان آڏو آنديون آهن، ان سان نه فقط پڙهندڙ مستفيد ٿيندا پر نوجوان طبقي لاءِ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پاڻ مڃرائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي،
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    رايا

    نواز سومرو گھڻ رخي شخصيت : اصغر باغي

    هڪ تخليقڪار تي لکڻ ايترو ڏکيو ڪم آهي ڄڻ ته ڪا ڪي ٽو جي چوٽي سر ڪرڻ هجي، ان لاءِ تخليقڪار جي تعريف يا تنقيد ڪرڻ کان اڳ سندس تخليق کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ بعد ئي ڪا ايمانداراڻي راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي. منهنجو ادبي دوست نواز سومري جڏهن مون کي حڪم ڪيو ته آئون سندس قلمي پورهئي متعلق پنهنجا ويچار پيش ڪيان، جيڪو هن نه صرف ريڊيو لاءِ لکيو هو، پر هن پاڻ ڪمپئرنگ ذريعي ٻڌندڙن تائين نه صرف پهچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ريڊيو جي سامعين جي دلين ۾ پڻ جڳهه ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. محترم نواز سومري سان منهنجو تعلق سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي آرٽس ڪائونسل جي گڏجاڻين معرفت ٿيو. پاڻ جيئن ته سنگت ڪراچي شاخ جي مختلف عهدن تي پڻ رهي چڪا آهن، سندس جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر طور اٿن پر پاڻ تمام بهترين نثر نويس، ڪمپيئر، ڊراما آرٽسٽ، بئنڪرس وغيرهه پڻ شامل آهن. هن جي همئه گير شخصيت جا ڪيترائي پاسا پڻ آهن، پاڻ فائن آرٽ جهڙي نفيس سبجيڪٽ ۾ نه صرف ماسٽر بلڪه پوزيشن هولڊر شمار ٿين ٿا، پر روزگار جي تنگي سبب هن بئنڪ جهڙي نوڪري جوائن ڪئي، جيڪا سندس طبيعت مطابق بلڪل نه هئي، ريڊيو سان وابستگي بزم طلبه معرفت ٿي، ڪجهه عرصو گذرڻ بعد پروڊيوسر شوڪت خاصخيلي کين انائونسر طور سليڪشن ڪئي، ان بعد سنڌي سيڪشن جي ڪيترن ئي پروڊيوسرن سان سندس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ريڊيو پاڪستان کان علاوه ايف ايم 92، نوري آباد، لاڙ ايف ايم 94 بدين، تي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪرڻ جو کين موقعو ميسر ٿيو، ڪجهه سال اڳ (تارن ڀري رات) جي عنوان سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو، جيڪو هن ڪتاب جو عنوان آهي. هن پروگرام کي لائيو نشر ڪيو پئي ويو، هن پروگرام جي خصوصيت اها هئي ته هن ۾ سماجي، سياسي، ثقافتي مسئلن کي گھري اڀياس طور ۽ وڏي ڪاريگري سان نه صرف پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ريتن رسمن ۽ خوبين ۽ خرابين جو خوب تذڪرو ڪيل هوندو هو. هن پروگرام جي خصوصيت اها هئي ته هن پروگرام معرفت نواز سومري جا سنڌ جي مختلف علائقن جي ماڻهن سان ڄڻ ته سماجي رشتا جڙي ويا. نواز صاحب سامعين جي خوشين ۽ غمين ۾ تلهار، بدين، ٺٽو، ڄامشورو، نوري آباد، ٽنڊو محمد خان ۽ تقريبن سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن تائين (تارن ڀري رات) جي ٻڌندڙن سان ان جي دعوتن، انهن جي ڏکن، انهن جي سکن ۾ نه صرف هي شريڪ ٿيو، پر هنن سان محبتن جا رشتا جوڙي ورتا، تارن ڀري رات جي پروگرام جي ڪاميابي جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٻڌندڙن هن پروگرام جو انتهائي بي چيني سان انتظار ڪندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ فون ڪالز، ايس ايم ايس ۽ خط هن پروگرام جي ڪاميابي جي دليل جا ثبوت ٿيا، نواز سومري جي پروگرام پيش ڪرڻ جو انداز نهايت ئي مٺڙو ۽ ٻاجھارو آهي جيڪو ٻڌندڙن جي من کي موهي ڇڏيندو هو. سندس ڪيل گفتگو جا موضوع ماڻهن کي برزبان ياد آهن ۽ نهايت ئي پر اثر هئا. مثال طور:
    (1) جتي محبت جي دعويٰ ڪندڙ دغا باز هجن:
    عزيزان حيات اڄ ڪلهه جي دنيا ۾ جتي دنيا ۾ تمام گھڻي ترقي ٿي چڪي آهي، سائنسي ايجادن عام ماڻهن لاءِ بيشمار آسانيون پيدا ڪيون آهن، اتي ايٽمي تجربن جي ڪري ڪيئي وبائي مرض ۽ بيماريون پکڙجن ٿيون ۽ انهن مرضن مان گھڻين بيمارين جو ته ڪو علاج به ڪونهي ڪو، اسان وٽ پنهنجن روين جي ڪري به هر ماڻهو پنهنجي وجود ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه نفسياتي بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجن روين تي غور ڪرڻ کپي ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڇڏي سچائيءَ جا انمول موتي ميڙڻ گھرجن.
    (2) هن ڀونءِ جو ڪلاسڪ ڄاڻو
    منهنجي خيال مطابق هن ڀونءِ جو وڏي کان وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو لاکيڻو لطيف، ڀٽ جو گھوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس رسالو آهي، دنيا جي ڏاهن جيڪا ڪلاسڪ جي تعريف ڪئي آهي انهيءَ کان ٿورو هٽي ڪري، جيڪڏهن اسان دنيا جي ادب ۾ جاءِ والارييندڙ عظيم ڪلاسيڪل شهپارن کي ڏسون ٿا ته ان ۾ ٽي شيون پڌري پٽ نظر اچن ٿيون، اهي آهن سچ، سونهن ۽ مزاحمت يعني ته سونهن، سچ ۽ مزاحمت جو سنگم ئي آهن جيڪو ڪنهن ادبي لکڻيءَ کي ڪلاسيڪل انداز يا امرتا بخشي ٿو ۽ اها لکڻي ادب جي آسمان تي هميشه چمڪندڙ چنڊ بڻجي پنهنجو جلوو ڏيکاريندي رهي ٿي. اسان وٽ سرجيل عالمي سطح جي جيڪڏهن ڪا ڪلاسيڪل شيءِ آهي ته اهو لطيف سرڪار جو رسالو ئي آهي.
    (3) ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي
    سائين منهنجا ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو احساس رابيل ٿيڻ بجاءِ دل جا زخم بڻجي ويندا آهن، ڪنارا منزل لڳڻ بجاءِ مقتل گاهن جا گس محسوس ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به وقت ايندو آهي جو پنهنجي وجود کي ماڻهو صحرا ۽ ڳجھن جي چهنبن ۾ تڙپندي محسوس ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏن ائين به ٿيندو آهي جو رستا خود ماڻهوءَ کي لتاڙي ڇڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته گل به روئي پوندا آهن پر هوائون مرڪنديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ذهن هڪ پل ۾ هزارين اٻاڻڪيون دليون راتين جي روح مان ماٺ ماٺ ۾ گذري وينديون آهن، ماڻهو گل ٿيڻ ته چاهيندو آهي ليڪن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن اپاهج خواب جي رڙ بڻجي ويندو آهي.
    (4) سر مئي شام جو پنهنجين سکين سنگ
    چيڪي مٽي ڳوهي چڪ تي چاڙهي چٽ ڪڍي آويءَ ۾ پچائي ته گھاگھر کي ڪنڀر ئي کڻي، ليڪن گھاگھر جي قيمت ۽ قسمت تڏهن سنوربي آهي جڏهن ڪا وينگس، گھاگھر کي ٻانهن جي وڪڙ ۾ آڻي سرمائي شام ويل پنهنجين سکين سنگ پاڻي ڀرڻ ويندي آهي ته محبوب جي دل سان گڏ ڪائنات به گنگنائڻ لڳندي آهي، شاعر منظرن کي، دردن کي، مرڪن کي، لڙڪن کي، پاڻ سان ٿيندڙ حادثن يا ٻين سان ٿيندڙ وارتائن کي اندر ۾ ولوڙي لفظن جو روپ ڏئي ڪاغذ تي وکيريندو ته آهي مگر ڪنهن غزل، گيت، نظم ۽ وائيءَ جي قيمت ۽ لاڀ تڏهن وصول ٿيندو آهي جڏهن ڪو خوبصورت ۽ مڌر آواز، ڪا سريلي ۽ رسيلي ڌن سان گڏ عشق جي حدن تائين شاعري، موسيقي ۽ سرن کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ وارا پاٺڪ ملي وڃن.
    نواز سومري صاحب جا مٿيان موضوع ڪيڏا نه پختا ۽ معنيٰ خيز آهن، جنهن ۾ زندگيءَ جي تمام رخن کي نهايت ئي سهڻي انداز سان نه صرف بيان ڪيو آهي پر ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڀرپور محبتن کي پيدا ڪيو. ماضي واري سنڌ جي پيرس شڪارپور سان تعلق رکندڙ منهنجو دوست نواز سومرو هڪ بهترين شاعر پڻ آهي، سندس جو هي شعر مون کي ڏاڍو پسند آهي.
    ڪيڏن جذبن ساڻ ملياسين،
    وڇڙيل هئاسين، هاڻ ملياسين.
    پلڪن ڦرڦر ڏاڍي لاٿي،
    دل ٿي چاهيو، ڄاڻ ملياسين.
    رستن ساڳين تي هلندي پر،
    ويرين وچ ۾، پاڻ ملياسين.
    اکر نه اڪليو، توکان، مون کان،
    ڌڙڪن دل جي ساڻ ملياسين.
    ڪان هئي ڪا ڪل نواز،
    شايد وڇڙڻ ڪاڻ ملياسين.

    آخر ۾ آئون پنهنجي هن دوست نواز سومري لاءِ دعاگو رهندس ته هو سنڌ جي علم، ادب ۽ فنون لطيفه سان نه صرف جڙيل رهي پر اڳتي هلي هو وري به تارن ڀرين راتن جهڙا خيال سنڌي سماج ۾ منتقل ڪندو رهي.

    اصغر باغي
    تنظيمي سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت ڪراچي


    ڪوثر ٻرڙو اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي

    نواز سومرو جي شخصيت گهڻ ڪاري ۽ گهڻ رخي شخصيت آهي، انيڪ صلاحيتن جي مالڪ هن قلمڪار کي الله تعاليٰ ڪيترين خوبين ۽ گڻن سان مالامال ڪيو آهي، فنون لطيفه سان سلهاڙيل نواز سومرو هڪ سٺو نثر نگار به آهي ته سٺو شاعر به ۽ ان سان گڏو گڏ ريڊيو جي ٻڌندڙن جي هڪ وڏي حلقي جو پسنديده ڪمپيئر به، اوهان ڄاڻو ته ڪمپيئرنگ، پوءِ اها ٽي وي پروگرام جي هجي يا اسٽيج يا ريڊيو جي پروگرامن جي هجي، هڪ محنت طلب ۽ اوکو ڪم آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي ۽ وري ريڊيو ڪمپيئرنگ جو مسودو اسڪرپٽ لکڻ به بذات خود هڪ فن ۽ نهايت ڏکيو ڪم آهي. ريڊيو ۾ بيشمار ڪمپيئر آهن جيڪي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي ڪم ڪري رهيا آهن پر انهن مان ٿورا اهڙا آهن جيڪي خود اسڪرپٽ لکڻ جي سگهه ۽ صلاحيت جا مالڪ آهن ۽ وري انهن مان اڃان به ڪي چند ليکڪ ڪمپيئرآهن، جيڪي پروگرام جو مسودو تمام سٺو ۽ پراثر لکن ٿا تن ۾ اسان جو دوست نواز سومرو به شامل آهي.
    نواز سومري جو ريڊيو اسڪرپٽن تي مشتمل هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي جنهن جو نالو ”تارن ڀري رات“آهي، تارن ڀري رات پروگرام جو نالو آهي جيڪو ڪيترائي سال پهريان ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان شروع ٿيو ۽ صوبائي نشرياتي رابطي تي سڄي سنڌي جي ريڊيو اسٽيشنن تان هڪ ئي وقت نشر ٿيڻ سبب نهايت مقبول پروگرام رهيو (اڄڪلهه اهو پروگرام حيدرآباد تان پيو ٿئي)، نواز سومرو ڇاڪاڻ ته ان پروگرام جي ٽيم ۾ شامل رهيو ان ڪري ڪتاب جو نالو ئي تارن ڀري رات رکيو اٿائين، اصل ۾ اهڙن ڪتابن جي اهميت ان لاءِ به وڌيڪ هوندي آهي جو هونئن ريڊيو تي ڳالهايل جملا ۽ پروگرام هوا ۾ وکرن ٿا ۽ آواره بادلن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ۽ اڏامي ٿا وڃن، جن کي اگر ان وقت ڪنهن ٻڌو ته ٺيڪ نه ته بس. پر اهي ئي اسڪرپٽ ۽ پروگرام جيڪڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿين ٿا ته انهن کي بار بار پڙهي به سگهجي ٿو ۽ اهي ڪتابي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو به ٿين ٿا، اسان جي دوست نواز سومري جي هن ڪتاب وانگر.
    نواز سومري جي لکڻ جو هڪ پنهنجو اسٽائل آهي ۽ سندس اظهار جو هڪ الڳ ۽ منفرد طريقو آهي، هن ڪتاب ۾ سندس لکيل اسڪرپٽ ڪنهن هڪ موضوع تائين محدود ناهن پر بيشمار موضوعن جو هڪ ڀنڊار ۽ خزانو آهي، هي ڪتاب جنهن لاءِ نواز جي محنت نهايت ساراهڻ جوڳي آهي، هونئن به ڪمپيئرنگ چئبو ئي ڪم وارين ڳالهين کي آهي. فضول ۽ بي فائده گفتگو يا ڪمپيئرنگ پنهنجي وقت جو زيان ته آهي ئي آهي پر هزارين ٻڌندڙن جي قيمتي وقت جو زيان پڻ، ريڊيو جي پروگرامن جو بنيادي مقصد اهو ئي هوندو آهي ته ٻڌندڙن کي تفريح ۽ تعليم ڏيڻ سان گڏو گڏ معلومات به ڏني وڃي، اها معلومات ڪنهن هڪ موضوع يا شعبي تائين محدود ناهي هوندي. نواز سومري جي هن ڪتاب کي پڙهڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن ريڊيو ڪمپيئرنگ جي بنيادي اصولن کي ذهن ۾ رکي قلم جو استعمال ڪيو آهي، ريڊيو ۾ نون ايندڙ دوستن لاءِ هي ڪتاب نهايت مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ اڄ ڪلهه ريڊيائي ادب جي اهميت وڌندي پئي وڃي ۽ عام توڙي خاص پڙهندڙ ان ريڊيائي ادب ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي ٿو، سنڌ اندر ويجهڙ ۾ لڳ ڀڳ پنجن سالن اندر ريڊيائي ادب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، جن ۾ امر ساهڙ، رياضت ٻرڙي، امين ارباب، جبار آزاد منگي ۽ مون ناچيز جا ٻه ڪتاب به شامل آهن، منهنجي ذاتي خواهش هميشه اها ئي رهي آهي ته هوند ريڊيو ۾ ڪم ڪندڙ براڊ ڪاسٽر پوءِ اهي ريٽائر ٿي ويا آهن يا اڃان ڪم ڪن پيا، هو پنهنجي تجربن ۽ ڏات توڙي ڏانو کي قلمبند ضرور ڪن.
    نواز سومري جي هن ڪتاب کي شروع ڪرڻ کانپوءِ دل چوي ته ڪتاب مڪمل ڪري پوءِ ئي هٿن مان ڪڍجي، خيالن جو تسلسل، لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي ترتيب، عام فهم ٻولي جو استعمال به هن ڪتاب جي خوبين ۾ شامل آهي، نواز سومرو ٻڌندڙن جي نبض تي هٿ رکي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو آهي، جنهن جو اولڙو، عڪس ۽ ثبوت هن ڪتاب ۾ بخوبي نظر اچي رهيو آهي، ڪمپيئرنگ يا گفتگوءَ جي هر Episode کي باقاعده هڪ عنوان يا سرو ڏنو ويو آهي، جنهن سان موضوع جي اهميت اجاگر ٿئي ٿي، ان کان علاوه ڪيترن ڪلامن جي ٻولي کي ذهن ۾ رکي به ڪمپيئرنگ ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ نثر اندر مناسب جڳهه تي سٺن سٺن شعرن جو استعمال هن ڪتاب جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. مطلب ته نواز سومري سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو گهڻي ڀاڱي ڪامياب به ويو آهي، نواز اڄڪلهه پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب ريڊيو جي پروگرامن کان پاسيرو آهي، منهنجي دعا به آهي ته خواهش به ته نواز سومرو ٻيهر جلد کان جلد پنهنجي ٻڌندڙن سان مخاطب ٿئي ڇاڪاڻ ته هن جهڙن ٽيلينٽڊ ۽ باصلاحيت ڪمپيئرن جي ڏينهون ڏينهن ڪمي ٿيندي پئي وڃي، مان وثوق سان چوان ٿو ته هي ڪتاب ”تارن ڀري رات“ پڙهندڙن ۾ خاصي مقبوليت ماڻيندو. منهنجي دعا آهي ته نواز سومرو ٻيهر ريڊيو تي اچي آواز ۽ قلم ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي خدمت جاري رکي، مان نواز سومري کي هن ڪتاب جي آئوٽ ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.



    ڪوثر ٻرڙو
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي


    احساس سمون انڊس ريڊيو ايف ايم عمرڪوٽ


    رات جو ريشمي روح خاموشين جا خواب ڏسي رهيو هو، ڳوٺ جا رستا ماٺار ۾ ويڙهيل هئا، پري پري تائين وڻن تي خاموشي وسي رهي هئي، اڌ رات جا ڪانٽا پاڻ ۾ ٻکجڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ باقي هو، ريڊيو ٻڌڻ سان شوق ايترو جيترو بيتاب عاشق جو پنهنجي محبوب جي ديدار سان هوندو آهي.
    بس انهيءَ پل ڪو اداسيءَ ۾ ويڙهيل آواز سماعتن تائين پهتو هو، تنهن مهل اڌ رات جو ٽرندڙ لمحن ۾ پاڻ مان اڏامي ويو هئس.
    ها دوستو... اهو نواز سومرو هو.
    نواز جي آواز ۾ ڪٺل ڪونجن جي اداس اکين جهڙو درد هو، هن جا لفظ پکين جي ٻولي جيان پرسڪون لڳي رهيا هئا ۽ پوءِ هر هفتي تارن ڀري رات کي دل جي جهان ۽ روح جي ايمان سان ٻڌندا هئاسين.
    هفتي جا ست ڏينهن نواز جي پروگرام جو انتظار ائين ڪندا هئاسين جيئن سامونڊي بندرن تي ونيون پنهنجي وڻجارن جي اوسيئڙي ۾ آتيون هونديون آهن ۽ جيئن ٻار عيد جي ڏينهن جو انتظار پنهنجي اکين جي کيٽن ۾ پوکيندا آهن.
    نواز جون ڳالهيون مون هميشه اُس ۾ سڙندڙ شهرن تي بادلن جي ڇانوري جيان محسوس ڪيون آهن، هن هل هنگامي جي ڀريل بازار ۾ رهي ڪري به هن پنهنجي لکڻين جي ڌاڳي ۾ سموري سنڌ کي موتين جيئن پويو آهي.
    هن جڏهن به لکيو آهي ته لاڙ جو لهجو ماکي لار جيئن وهيو آهي.
    هو جڏهن به ڪڇيو آهي ته ڪاڇي جي پٽن تي چنڊ چاندنيون وکيريون آهن.
    هن جڏهن به ڳالهايو آهي ته وچولو لوهه پائي جهمريون هڻي رقص ڪرڻ لڳو آهي.
    هو جڏهن اداس ٿيو آهي ته سڪل روهيڙن جو درد ٿر ٻاٻيهي جي پڪار ٿي ڀٽ، ڀٽ تي بيٺو آهي. بيتابي جي بارشن ۾ جڏهن به دل بيقرار ٿي ويندي هئي ته هن برکا جي رولاڪ هوائن جهڙي ماڻهو سان ملڻ جي اندر ۾ آس جاڳي پوندي هئي، وري به اهو سمجهي دل مان خيال ڪڍي ڇڏيندو هئس ته شايد ريڊيو تي ڳالهائڻ وارو ماڻهو عام ماڻهو کان مختلف هجي.
    ۽ پوءِ زندگي ۾ اهي ڏينهن به آيا جو نواز سان نه صرف دوستي جو رشتو جڙيو پر ڳوٺ جي اوطاق نواز جي گفتن سان سينگاريل به رهي. مون نواز کي پيار ڪندڙ ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ ۽ دوستن لاءِ دل ۾ جايون رکندڙ انسان محسوس ڪيو، بهرحال نواز جي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪافي ڳالهيون آهن پر آئون اختصار سان سندس قلمي پورهئي تي ڪجهه ڳالهيون گوش گذار ڪندس.
    منهنجو ريڊيو سان تمام گهڻو چاهه رهيو آهي، مون ريڊيو کي دل جي گهراين سان ٻڌو آهي، مون اهو به محسوس ڪيو آهي ته ڪافي اهڙا دوست پروگرام ڪندا آهن جيڪي عام ماڻهو کي نه ته ڪو ميسيج ڏئي سگهندا نه وري انهن جي ڳالهين ۾ ڪو مقصد هوندو آهي.
    ڪافي ڪمپيئر اهڙا به آهن جيڪي لفظي لٻاڙ ايترو ته ڪري ويندا آهن جو ٻڌڻ وارو ڪوبه مقصد حاصل ڪري ناهي سگهندو ۽ هاڻي ته ٻولي جو به حشر نشر ٿيندي ڏٺو اٿم، پر نواز جو نثر انهن سڀني خامين کان مٿانهون آهي، نواز پنهنجي نثر ۾ ڪارائتي ۽ لاڀائتي ڳالهه ڪئي آهي. هن لفظن جي اهڙي ڄار وڇائڻ کان به پاسو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڳالهه جو اصل مقصد گم ٿي وڃي ها پر هن پنهنجي لکڻ جي نئين اصلوب سان موضوعن ۾ ساهه ضرور وڌو آهي.
    جيتوڻيڪ ريڊيائي اسڪرپٽ ڪتابي صورت ۾ تمام گهٽ ڇپجي چڪا آهن پر انهن پنهنجي مڃتا ضرور ماڻي آهي، جيئن سهڻي ڪمپيئر امين ارباب جا ڪتاب 1. ڌرتي منهنجي سر تي، 2. در کليو ئي رهيو، 3. لڙيو پئي لاڙ تان سورج، ناشاد رحم علي موسيپوٽي جو ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ، امر ساهڙ جو خيالن ڪڙو کڙڪايو يا ڪجهه ٻين دوستن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ۽ انهن کي پذيرائي به ملي آهي، نواز جو نثر ذڪر ڪيل مڙني ڪتابن ۾ آيل نثر کان بنهه مختلف آهي.
    هن انتهائي سهڻي ۽ سادي ٻولي ۾ ڳالهه ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، هن پنهنجي ئي مورچي ۾ ويهي ٻولي جي حفاظت ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو نواز جي نثر جي پنهنجي زمين آهي، هن ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هو شهر جي شور ۾ رهيو ضرور آهي پر هن غربت جي لڪير کان هيٺ گهاريندڙ ماڻهن جي درد کي محسوس ڪيو آهي، تڏهن ته هو تارن ڀري رات ۾ هيئن به لکي ٿو ته ”ان هاري جو احساس هانؤ ڏاري ٿو، جيڪو سرد راتين کان گرم جهولن تائين لنڊيون لتاڙي پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي ٿو پر زماني جي ماڻهن وٽ انهن جو ڪوبه قدر ڪونهي“.
    حقيقت ۾ بک اهو نانگ آهي جنهن تي هر روز پير پوي ٿو... تارن ڀري رات ۾ ڪيترائي اهڙا موضوع آهن جنهن کي پڙهڻ سان اکيون اشڪبار ٿيو پون ٿيون ۽ هي مهينن جي ڳالهه ناهي، تارن ڀري رات کي سهيڙڻ لاءِ نواز سالن جا سفر ڪيا آهن، مون کي سنڌ جي ماڻهن مان نواز جي محنت کي محبت ڀري موٽ جي اميد آهي.
    ۽ منهنجي دعا آهي ته نواز پنهنجي قلم مان اهڙا ئي خوبصورت خيال سرجيندو رهي ۽ سندس جيون جهول ۾ مسرتن جا گلاب ڦٽندا رهن.


    احساس سمون
    انڊس ريڊيو ايف ايم عمرڪوٽ


    تارن ڀري رات جو چنڊ-نواز سومرو

    ريڊيو جي ضرورت ۽ افاديت اڄ به اوتري ئي آهي جيتري اڄ کان پهريان واري دور ۾ هوندي هئي، اها ٻي ڳالهه آهي جو ان ۾ به هاڻي جدت آئي آهي ۽ ڪيترائي نجي ريڊيو چينلز اسان کي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن جديد دور ۾ جتي انيڪ ريڊيو چينلز آهن ۽ معلومات جا ذريعا آهن ، اتي اڄ به ريڊيو پاڪستان جو معيار پنهنجي انفراديت سان گڏ قائم آهي، ريڊيو پاڪستان جي اهميت کان منهن ڦيرڻ مان سمجهان ٿو ته سچ کان انحرافي وارو عمل هوندو، مان بحيثيت هڪ ڪمپيئر جي پنهنجي سينيئر براڊ ڪاسٽرس کان ريڊيو جي پروگرامن جو جيڪو بنيادي مقصد سکيو ته پروگرام معلوماتي هجي، ان ۾ تربيتي پهلو ۽ وندر سان گڏو گڏ همٿائڻ وارو هجڻ گهرجي، ڪمپيئر انهن کي اڄ ڪلهه ڊي جيز ۽ آر جيز سڏيو وڃي ٿو، ان جي ٻولي عام فهم اهڙي ته رس ۽ چس واري هجڻ گهرجي جو ٻڌندڙ هڪ لمحي لاءِ به پنهنجو ڌيان اوهان جي ڳالهه کان هٽائي نه سگهي، اهڙي طرح سان هڪ ڪمپيئر کي لفظن جو اهڙو ته سوداگر هجڻو پوي ٿو جو پنهنجي لفظن جي ڪاريگري واري ڏانءَ سان پرڪشش انداز سان ٻڌندڙ تائين پيش ڪري جو اهي لفظ ٻڌندڙ جي سماعتن کان ٿيندا ان جي اکين جي اڳيان چٽا عڪس ٺهي بيهن، ان ڏس ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو سينيئر ڪمپيئر، منهنجو تمام سٺو دوست نواز سومرو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، توڻي جو هو مون کان عمر ۾ به وڏو آهي ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ به گهڻو سينيئر پر هن ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڳالهه محسوس نه ڪرائي آهي، اهو سندس اوچو ظرف آهي، نواز هڪ ڪميٽڊ ۽ بهترين انسان دوست آهي، منهنجي ساڻس رفاقت گهڻي پراڻي ڪانه آهي پر جڏهن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان صوبائي نشرياتي رابطي جو پروگرام تارن ڀري رات شروع ٿيو (جيڪو سال کن اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد شفٽ ڪيو ويو) جيئن ته مان به ان پروگرام جي ڪمپيئرن مان هڪ هيس ته نواز سان پوءِ ويجهڙائپ دوستي جهڙي انمول رشتي ۾ تبديل ٿيندي وئي، نواز سومرو ادب دوست، محبتن جو مڻيادار ماڻهو آهي، مان دل جي گهراين سان کيس هن ڪتاب جون مبارڪون ڏيان ٿو، جيئن ته هن ڪتاب جو نالو تارن ڀري رات آهي ته هن ڪتاب ۾ نواز جا تارن ڀري رات لاءِ لکيل سندس اهي اسڪرپٽ شامل آهن، تارن ڀري رات پروگرام جيڪو پنهنجي پوري آب و تاب سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان صوبائي نشرياتي رابطي جو ڪامياب ترين پروگرام هو، هن پروگرام سڄي سنڌ ۾ بيحد مقبوليت ماڻي، سال کن اڳ خبر ناهي ته الائي ڪهڙن سببن جي ڪري ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي سونهن ۽ بيحد مقبوليت ماڻيندڙ پروگرام کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، نواز سومري پروگرام تارن ڀري رات لاءِ جيڪي اسڪرپٽ پنهنجي ذهانت، اورچائي ۽ وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي لکيا، اهي سندس هن ڪتاب ۾ شامل آهن، نواز سومرو نهايت حساس طبيعت جو مالڪ آهي، سندس دل ۾ عجيب و غريب احساس، خيال جنم وٺن ٿا جيڪي ڪنهن ندي جي وهڪري جيان جبلن تان پٿرن تان جهنگ جهر مان اڇلون کائيندا خوبصورت لفظن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ٻڌندڙ جي دل و دماغ کي پنهنجو اسير بنائي ڇڏين ٿا، نواز جي اسڪرپٽ جا موضوع هڪ ٻئي کان مختلف آهن، نواز لطيف سرڪار جي ڪلاسيڪل ڪلام مان انسپائر ٿئي ٿو ته لکي ٿو، نواز سومري کي دنيا ۾ هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ هڪ ٻئي کان ڏور رهڻ به ڏکائي ٿو، ته هو لکي ٿو نواز کي رشتن ناتن ۽ دوستي جهڙي انمول رشتي ۾ به ٻيائي ۽ منافقت وارو رويو سندس هانو ۾ وڍ وجهي ٿو، ته هو لکي ٿو، هو ڳالهائي ٿو ته ٻڌندڙن کي موهي وجهي ٿو، نواز پنهنجي خوبصورت ۽ منفرد انداز سان جڏهن مائڪرو فون جي سامهون ڳالهائي ٿو ته ٻڌندڙ کي اتساهه ملي ٿو، ڪئي اميدون ۽ عزم ڪر کڻي جاڳي پون ٿا، گڏو گڏ موضوع سان مطابقت رکندڙ موسيقي جي چونڊ به نهايت مناسب ۽ وقتائتي هوندي اٿس، نواز محبتن جو متلاشي آهي، سندس اسڪرپٽ ۾ سنڌيت، رومانس، محبوب جون ارڏائيون، دوستي جي نالي تي ملندڙ دغائن جا احساس ڇلڪندي محسوس ٿين ٿا، سندس لکيل اسڪرپٽ ۾ خيال هرڻي وارا ڇال ڏين ٿا، سندس ڪيفيت لطيف سرڪار جي هن سٽ جيان هوبهو لڳي ٿي “ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن” مان سمجهان ٿو ته نواز سومري جو هي سندس ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو آهي، نواز سومري جا احساس جيڪي لفظن جي صورت ۾ هوائن جي آڌار تي ٻڌندڙن جي سماعتن کي ٽڪرائيندي سندن دلين ۾ گهر ڪري ويندا آهن، اهي اڄ هڪ بهترين ڪتاب جي صورت ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي هٿن ۾ هڪ بهترين تحفو ڪتابي صورت ۾ هڪ تاريخ رقم ڪري رهيا آهن، نواز کي لک لک واڌايون هجن.

    اسد چنا
    آر جي ايف ايم 101 ڪراچي
    ليڪچرار ڪيڊٽ ڪاليج گڏاپ ڪراچي


    نظر حسين ملاح : ڪمپيئر-ريڊيو پاڪستان ڪراچي


    ريڊيو پاڪستان علم، ادب، فن، تهذيب، تمدن ۽ اخلاق جو بهترين وسيلو آهي، ريڊيو پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ کان پهريان ذڪر ڪبو ان نالي جو جنهن ريڊيو جي فيلڊ ۾ ۽ ادبي حلقن ۾ پاڻ مڃرايو آهي.
    نواز سومرو! جيڪو سندس نالو آهي ۽ الله سائين ان کي نوازيو به اوترو ئي آهي، نواز سومرو اصل ۾ ته هڪ بينڪر رهيو آهي، معاشيات سان هن جي وابستگي رهي آهي ۽ زندگيءَ جو ڳچ حصو هن اسٽيٽ بئنڪ ۾ گذاريو آهي پر ان سان گڏو گڏ ادبي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو آهي، ادبي دنيا ۾ بحيثيت شاعر جي پاڻ مڃرايو اٿائون، ان کان علاوه هي ڪتاب جنهن لاءِ ڪجهه لکڻ جو موقعو مليو آهي، تارن ڀري رات جيڪو ريڊيو پاڪستان جي اسڪرپٽ تي ته مبني آهي ئي پر نثر جي هن ڪتاب لاءِ نواز سومري سٺي محنت ڪئي آهي.
    اصل ۾ تارن ڀري رات صوبائي نشرياتي رابطي تي On Air ٿيندڙ پروگرام جيڪو تقريبن 2009ع کان وٺي 2016ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان صوبائي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندڙ پروگرام هو ۽ هاڻي حيدرآباد اسٽيشن هِن پروگرام کي نشر ڪري رهي آهي.
    پروگرام تارن ڀري رات جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان شروع ٿيو ته ان وقت هي Idea هو ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر خليل چنا صاحب جو! جن جي محنت رنگ لاتو ۽ پروگرام تارن ڀري رات ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان صوبائي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيو. هن پروگرام دوران ڪيترائي اسٽيشن ڊائريڪٽر آيا جن ۾ خليل چنا، اسماعيل بلوچ، الاهي بخش ٻانڀڻ، گل حسن قريشي، نورالله ٻگهيو ۽ موجوده ايس ڊي ڪوثر ٻرڙو پڻ شامل آهن.
    پروگرام جا پيشڪار جيڪي رهيا انهن ۾ لياقت علي شيخ، ثناءُالله ابڙو، نور محمد خاصخيلي پڻ هن پروگرام جا پيشڪار رهي چڪا آهن.
    هن پروگرام جا جيڪي ڪمپيئر دوست رهيا آهن انهن ۾ نواز سومرو، اسدلله چنا، ياسر قاضي، نور محمد خاصخيلي، ممتاز علي شيخ، نائلا ميمڻ، لياقت برهماڻي، عطا حسين چنا ۽ آئون به هن ڪمپيئرن جي سٿ ۾ پڻ شامل رهيس! بهرحال نواز سومرو جو جيڪو اندر جو آواز آهي اهو هن ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي، ڇو ته چوندا آهن ته ليکڪ تاريخ جا امين هوندا آهن.
    انسان اصل ۾ ختم ٿي ويندو آهي پر تاريخ ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندي.
    اهڙي ئي نموني نواز سومرو سان جيڪي رويا روز مره جي زندگي ۾ انهن سان پيش آيا يا هن محسوس ڪيا اهي سمورا احساس هن ڪتاب ۾ اسڪرپٽ جي صورت ۾ شامل آهن.
    ڇو ته نواز سومرو حساس طبيعت جو مالڪ رهيو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سٺي طبيعت هئڻ جي ڪري اسان ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته نواز سومرو اسان کان سينيئر آهي، عمر ۾ به ته تجربي ۾ به پر هميشه انهن شفقت ۽ محبت سان رهنمائي ڪئي آهي، هي ڪتاب ”تارن ڀري رات“ ادبي دنيا ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ واڌارو آهي، هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون جيڪي پروگرام تارن ڀري رات ۾ نواز ٻڌندڙن سان مخاطب ٿيندي ڪيون آهن، اهي ڪتابي صورت ۾ سهيڙيون آهن ته جيئن پڙهندڙ تائين نواز سومري جي اندر جو آواز پهچي سگهي.
    هڪ ڳالهه اها به لکندو هلان ته نواز بينڪر رهيو آهي، پر اها خبر نه آهي ته ڪهڙي سگهه هئي سندس کي جو بينڪ جي نوڪري ڪرڻ کانپوءِ به ريڊيو جو پروگرام ڪرڻ ۽ شعرو شاعري ڪرڻ، اهو وقت هن کي ڪڏهن ملندو هو، بهرحال منهنجي سمجهه مطابق اها بيپناهه محبت آهي، هن جي ريڊيو سان ۽ سنڌي ادب سان ، جنهن جي ڪري هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، مان لک لک واڌايون ٿو ڏيان، نواز سومرو کي جنهن جي هيءَ ڪاوش نثر جي صورت ۾ ادب ۾ واڌارو آهي ۽ پنهنجي محبت جو اظهار هن ڪتاب جي صورت ۾ اسان ۽ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    هڪ ڳالهه اها به اوهان سان شيئر ڪندو هلان ته نواز سومرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کان گهڻو متاثر نظر ايندو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ به ان جو عڪس چٽو نظر اچي پيو،
    جيئن هڪ ٽاپڪ تي لکيو اٿائون ته ”اڄ دل جي ڏاڍي عجيب ڪيفيت آهي ۽ منهنجي ذهن ۾ منهنجي مرشد ڀٽ جي گهوٽ سائين شاهه لطيف جو هي بيت هري رهيو آهي ته
    اچي عزرائيل ستي جاڳائيءِ سسئي،
    پئي ڊوڙائي دليل ته ڪو، پنهوءَ ماڻهو موڪليو.
    ته سسئيءَ کي مليل سور، انهن کي به پنهنجي لفظن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي سهڻي نموني بيان ڪيو اٿائون.
    هڪ جاءِ تي استاد بخاري جي حوالي سان به ڏاڍو سهڻي انداز سان لکيو اٿن ته محبت جا متوالا، پيار جا پوڄاري، عشق جا امام، سچ جا ساٿاري ئي اصل عاشق هوندا آهن.
    استاد بخاري لکي ٿو ته:
    لکڻ زندگي ۽ زندگي ڪيئن ڇڏجي،
    لکڻ بندگي ۽ بندگي ڪيئن ڇڏجي،
    ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
    رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي!
    بهرحال هي محنت تمام گهڻي آهي ۽ سٺي ڪوشش ڪئي آهي، نواز سومري ۽ اميد ته اهڙي محبت سان سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهندا آمين.
    کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون نواز سومرو جي لاءِ ته الله سائين سندس عمر دراز فرمائي، سٺي صحت سان گڏ ۽ ائين ئي سنڌي ادب جي آبياريءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهن (آمين).


    نظر حسين ملاح
    ڪمپيئر-ريڊيو پاڪستان ڪراچي


      لفظن جو جادوگر

    هي جادوءَ جو زمانو ته نه رهيو آهي ڇو ته ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد هر جادوءَ کي حقيقت جو ويس پارائي ڇڏيو آهي، هر ڪا ڳالهه ناممڪن رهي ئي ڪانهي، ليڪن پوءِ به احساس ۽ جذبا سندرتا ۽ خوشي اهڙيون شيون آهن جنهن کي ڪوبه رستا روڪ ڪري نه سگهيو آهي، نه سائنس نه انٽرنيٽ لفظن جو اثر به اهڙو ئي هجي ٿو، لفظن جو باقاعدا هڪ نشو هجي ٿو، لفظن سان انسان جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، ٻولي جو وقار وڌي ٿو، زير زبر پيش جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي، ائين کڻي چئجي ته لفظن جو هڪ پنهنجو الڳ ٿلڳ جهان آهي، جنهن ۾ پير ته هرڪو پائيندو آهي پر منزل جي مومل اهو ماڻيندو آهي، جيڪو ڪاڪ جي سڀني مونجهارن کي سمجهي سگهندو آهي، ۽ جڏهن ريڊئي جي ڳالهه ڪبي ته ريڊيو آهي آواز جي آڌار تي لفظن جو مجموعو، ۽ ريڊيو جي سنسار ۾ سٺو ڳالهائيندڙ ئي سوڀون ماڻيندا آهن، اها به قدرت جي هڪ ڏات هجي ٿي جيڪا هر هڪ جي حصي جو حصو نه هوندي آهي.
    ريڊئي جي دنيا ته آهي ئي آواز جي دنيا جنهن ۾ چلڪڻا چهرا هجن يا نه پر آواز ضرور ڇلڪڻو هوندو آهي ۽ آواز کي ڪنهن گيٽ اپ جي ضرورت نه هوندي آهي، ڪنن کي اکيون بڻائي ريڊيو آواز رستي سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيندو آهي ۽ آواز وري جڏهن ڪمپيئر نواز سومري جو هجي ته پوءِ نه رڳو ڪن ٺري پوندا آهن پر سڄو جسم سڀ حواس راحت جي سرهاڻ ۾ واسجي ويندا آهن، مٺڙي ۽ سريلي آواز جو مالڪ نواز سومرو ڪنهن به تعارف ۽ واکاڻ جو محتاج نه آهي، پهرين ملاقات ۾ پنهنجو ٿي وڃڻ وارو هي همراهه جادو ڀرئي آواز سان دوستي جي سڀني اکرن کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي، وري مٿان ”تارن ڀري رات“ هجي، هئو مئو ٽريل، لوڪ ننڊاکن نيڻن سان ڪراچي ريڊيو جي اسٽوڊيوز مان صوبائي رابطي تي اڀرندڙ نواز جو آواز يقينن هزارين دلين جي ڌڙڪن بڻجندو هوندو ۽ نواز جي هن ڪتاب جو نانءُ به تارن ڀري رات پروگرام وارو رکيل آهي، جنهن ۾ نواز سومرو پنهنجي دور جي ماحول ۽ معاشري کي دل جي سچائي سان لفظن رستي رات جي ننڊاکي پهر ۾ جيترو نوازي سگهيو نوازيو اٿس، جيڪو پورهيو، يقينن ساراهڻ لائق آهي، ڀلي ڳالهه وري اها جو نواز ان پورهئي کي سانڍي رکيو ۽ هميشه امر ڪرڻ لاءِ ڪتابي ويس پهرايو آهي، جيڪو ادب جي دنيا ۾ ضرور پنهنجي جاءِ والاريندو، حالانڪه هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ تارن ڀري رات ۾ مون به ڪيترائي پروگرام ڪيا پر سنڀالجي نه سگهيا ۽ ان معاملي ۾ نواز گوءِ کڻي ويو، نواز جس هجئي.
    ڊسڪ جو ڪي ٽائيپ لکيل اسڪرپٽ جا ننڍا ننڍا ٽڪرا جيڪي حقيقت ۾ ٻڌندڙن جي دلين جو آواز آهن، مون پڙهيا آهن پر مان تبصرو نٿو ڪيان اوهان خود فيصلو ڪندا ته نواز ڪيئن نه سادي ٻولي ۾ سولائي سان هر عنوان کي لفظن رستي سينگاريو ۽ نڀايو آهي.
    ڳالهه ڪبي نواز سومري جي، جنهن سان منهنجي ملاقات ڪراچي ۾ ئي ٿي، ملڻ سان ائين لڳو ڄڻ هڪڙي مزاج جا هجون، ريڊيو ڪراچي تي نوجوانن ۽ شاگردن جي پروگرام بزم طلبا کان وٺي جنرل پروگرامن تائين نواز ۽ مان ڄڻ جسم هڪ جان رهيا آهيون، ڇو ته نواز جو مزاج ۽ طبيعت من موهڻ واري آهي، هو يارن جو يار، دوستن جو دوست ۽ ڀلوڙ انسان آهي، نواز ۽ مون ڪيترائي پروگرام گڏ به ڪيا آهن، خاص ڪري اسان جو مقبول سلسلو هيو، مامو مکڻ، جنهن ۾ ٻڌندڙ مزاحيه سوال پڇندا هئا جيڪي مان پڙهندو هئس، جنهن جا جواب هڪ مخصوص انداز ۽ آواز ۾، مامي مکڻ جي ڪردار ۾ نواز ڏيندو هو، اهو سلسلو ڏاڍو مقبول رهيو، اسان سان گڏ انائونسر ڪلثوم قاضي به هوندي هئي.
    بهرحال نواز ريڊيو ڪراچي تي سنڌي پروگرامن جي هڪ سڃاڻپ رهيو آهي، رڳو تارن ڀري رات نه پر شعر ۽ نغمه جهڙي نموني نواز ڪيو، شايد ئي ٻيو ڪو ڪري سگهي، مٺڙي آواز ۽ محبتي طبيعت رکندڙ نواز سومرو پروگرامن تي سچائي سان محنت ڪئي آهي، بلڪل پروگرام ۾ گم ٿي سمائجي ويندو آهي، مون کي يقين آهي ته نواز جو هي قلمي پورهيو يقينن پڙهندڙن ۾ ٻڌندڙن وانگر جاءِ پيدا ڪندو.
    اسان جو مانوارو سائين ڀلوڙ براڊ ڪاسٽر نثار ميمڻ چوندو آهي، ريڊيو وارن کي ٻڌو ڀلي پر ڏسڻ جي خواهش نه رکو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻڌڻ وارو آواز جو خاڪو ڏسڻ واري تصوير جهڙو نه هجي ۽ اوهان جي خوابن جي محلات پٽ اچي پوي پر يقين ڪريو نواز سومرو سان اها ڳالهه فٽ ٿي اچي، نواز جو جهڙو خوبصورت آواز آهي، اهڙو ئي هو خود به سهڻو من مهڻو، من موهيندڙ آهي، ان لاءِ پڪ سان اوهان جي خوابن جو محلات نه ڊهندو، اهڙو ئي هي گڏ ڪيل نواز جو ريڊيائي اسڪرپٽ وارو ڪتاب تارن ڀري رات آهي، اسان جون دعائون نواز سان گڏ آهن، اڃا به ڪاميابيون نواز جي انتظار ۾ آهن، ساٿ سلامت، سڪ سلامت

    سڪندر سرواڻ
    ڪمپيئر، ريڊيو پاڪستان ڪراچي


      براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو روشن ستارو محترم نواز سومرو

    ريڊيو جي دنيا جا مائيڪرو فون ڀائي، منهنجا الائي ڪيترا ساٿي آهن، پر انهن مان جنهن ساٿي سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائپ، پنهنجائپ ۽ گهاٽي ياري آهي، اهو آهي منهنجو انتهائي قربائتو، محبتي ۽ مهمان نواز سائين نواز سومرو. ساڻس منهنجي پهرين اڌ ملاقات ٽيليفون ڪال ذريعي ٿي هئي، جو مون صوبائي نثرياتي رابطي تان نشر ٿيندڙ پروگرام تارن ڀري رات، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سندس ميزبانيءَ ۾ غور سان ٻڌي. سينيئر براڊ ڪاسٽر انتهائي پياري ماڻهو نور محمد خاصخيلي سان فون تي ڳالهائي سائين نواز جي اسڪرپٽ ۽ ڪجهه ٻين فني ڳالهين بابت تنقيدي ۽ اصلاحي گفتگو ڪئي ۽ کيس چيو ته سائين نواز کي ضرور اهي ڳالهيون منهنجي طرفان چئجو، ٻئي ڏينهن تي منهنجي نمبر تي فون ڪال آئي ۽ نئون نمبر ته هيو ئي، پر آواز مون کي بنهه اوپرو نه لڳو. مون سلام جو جواب ڏيندي چيو مون کي يقين آهي ته توهان نواز سومرو صاحب پيا ڳالهايو. کلي چيائين ها خاور توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو راتوڪي پروگرام بابت توهان پنهنجا رايا ڏنا آهن. مان ته ابا صفا حيران ٿي ويس، ڇو ته مون سوچيو هو ته هي همراهه مون کي اهي ئي جملا چوندو ته تون ڪير ٿيندو آهين منهنجي اسڪرپٽ مان چُڪون ڪڍڻ وارو؟ يا فني خامين جي نشاندهي ڪرڻ وارو؟
    يقين ڄاڻو ان ڏينهن کان سندس فراخ دلي، محبت ۽ قدرداني ڏسي مان ته مٿس عاشق ٿي پيس. اهڙي طرح مون کي براڊ ڪاسٽنگ جو هڪ برجستو، خوش اخلاق، خوش مزاج، خوبصورت، خوبسيرت ۽ انيڪ خوبين جو مالڪ هڪ ڀلو انسان، ڀلو دوست، سائين نواز سومرو ملي ويو، سندس سمورا اسڪرپٽ “تارن ڀري رات“ پروگرام ۾ غور سان ٻُڌل آهن، سندس موضوعن جو انتخاب ايڏو خوبصورت ۽ سليس آهي جو زندگي جي هر طبقي وارو ماڻهو ان کي ڀليءَ ڀت ٻڌي سمجهي ۽ ان جي مقصد واري پهلوءَ کي آساني سان دل ۽ دماغ ۾ ويهاري سگهي ٿو.
    اڃا به هڪ وضاحت ائين به ڪري سگهجي ٿي ته صوبائي نشرياتي رابطي تان نشر ٿيندڙ هڪ بهترين پروگرام تارن ڀري رات لاءِ سائين نواز سومرو هر علائقي کي ذهن ۾ رکي پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ جي سماجي، ادبي، ثقافتي رسمن رواجن کي نظر ۾ رکندي مختلف اسڪرپٽس ذريعي انهن سڀني رنگن کي باريڪبينيءَ سان ڇُهيو آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي ريتن رسمن توڙي اٿڻي ويهڻي ۽ ٻين ضروري پهلوئن جي لحاظ کان اجاگر ڪرڻ جهڙا هجن، سندس لکڻين ۾ ٻڌندڙن لاءِ هڪ انوکو پيغام آهي.
    هڪ سٺي ڪمپيئر جي اِها خوبي آهي ته هو پنهنجي اسڪرپٽ کي اهڙي ته قابليت سان قولمبند ڪري جنهن ۾ ڪو نه ڪو زندگي جو اهم مقصد ته شامل هجي ئي هجي پر آخر ۾ ان کي اهڙي ريت سهيڙي جو جيڪو نغمو نشر ٿيڻو هجي ان سان ضرور ملندڙ جلندڙ هجي. سائين نواز سومرو ان لحاظ کان به تمام سٺي مهارت رکندڙ سهڻو ڪمپيئر لڳو.
    المقصد ته هن موضوع تي ڪجهه ڪتاب پهريان ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته براڊ ڪاسٽنگ جي مستقبل جا چڱي طرح رهنما ثابت ٿيندا، پر هن ڪتاب تارن ڀري رات جي هڪ انفراديت مون کي اها به نظر اچي ٿي ته هن ڪتاب ۾ جيڪي اسڪرپٽ شامل آهن انهن کي عنوان ڏئي پوءِ لکيو ويو آهي، اها خوبي منهنجي خيال ۾ سائين نواز سومرو جي ڪتاب ۾ ئي نظر اچي ٿي، منهنجي دعا اها ته سائين نواز جو هي قلمي پورهيو شال پڙهندڙن جي ذهنن کي جهنجهوڙي سگهي.


    خاور قبولائي
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو


      رات منظر ۾ المنظر جا منظر

    ڳوٺ کان اڍائي ڪلو ميٽر پرڀرو مڊل اسڪول ۾ پڙهندي جڏهن شام لڙي ويلا جو ڳوٺ پهچڻ ٿيندو هو ته “سرهي سانجهه” پروگرام ۾ سيد ماڪن شاهه رضوي، بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻين مشهور ريڊيو ڪمپئرن کي ٻڌڻ لاءِ ريڊيو هنج ڪري وقت جي ڪانٽن ۾ اکيون کپائي رکبيون هيون. ريڊيو ڪهڙو هوندو، آواز آسمانن ۾ ڪئين ٿو اڏامي، ڪمپئرن وٽ هي خوبصورت لفظ لڙي ڪئين ٿا اچن، هي گفتگو جو فن، هي عبرت مئگزينن ۾ ڇپجندڙ ڪمپئرن جا خوبصورت چهرا، ڇا دنيا هوندي هنن ماڻهن جي، ڇا ته ماڻهو مرندا هوندا هنن جي هڪ هڪ لفظ ادا تي، بس عجيب ڪيفيت هوندي هئي، صبح توڙي شام نوان نوان پور پچائڻ جي.
    ناليوارا براڊ ڪاسٽرعبدالغفور کوسو، گل حسن قريشي، علي نواز خاصخيلي، نصيرمرزا، الاهي بخش ٻانڀڻ، ڪوثر ٻرڙو، عبدالجبارٻيلائي، نورمحمد خاصخيلي، امام الدين جمالي، علي ڏنو رند، محمد جمن خاصخيلي، محمد جمن ماڪا، شميم سومرو، سلما ملاح، نغما ملاح، مختيار انڙ، محمود مغل، عذرا ڪنول، جھانگير قريشي، زاهد قلباڻي، ڊاڪٽر فاروق ٽالپر، علي احمد جمالي، محمد حسين قادري ۽ ٻيا آواز جي دنيا جا اهڙا ته منهن موچارا نالا هئا جن جو ديدار ڪرڻ ته رهي پري جي ڳالهه پر ٻه اکر ٻڌڻ لاءِ به هزارين پرستارن جيان آئون به ڳوٺ علي محمد نهڙئي ۾ عجيب پرستار رهندو هوس.
    ساڳيا ئي سال، ساڳيائي مهينا، مختلف پروگرامن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جتي ٻين انائونسرن ۽ ڪمپئرن جا آواز ٻڌندو هوس اتي نواز سومري جو من لوڀائيندڙ آواز به ڪنائيندو هوس. وقت گذريو، حال بدليا، سال بدليا ته ليک اسان جا به ريڊيو سان لکاڻان،“ صبح مهراڻ” شوقيا فنڪارن جو پروگرام “رنگ نو” ۽ پوءِ “سڳند” جو طويل سفر طئي ڪندي ڪراچي اسٽوڊيو مان صوبائي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندڙ مشهور پروگرام “ تارن ڀري رات” ۾ جتي ٻين خوبصورت ڪمپئرن کي هڪ ڪَنو ٿي ٻڌوسين اُتي نواز سومري کي به روح جي ايمان سان ٻڌوسين. لفظن جي ادائگي جو فن، سڀني لسنرز جي خواهش، فرمائش ۽ احساسن کي هڪ ڪلاڪ جي هڪڙي مٺ ۾ بند ڪري ڪنن ۾ رس اوتي هليو وڃڻ جو سليقو، رات جي منظرن ۾ المنظر جا منظر، محبوب ادائن جا دلفريب لمحا جھٽي وٺڻ جو ڏانءُ نواز سومري جي آواز ۾ مون کي اڄ به ائين ياد آهي جئين امان جو رڌل ساڳ ۽ منهنجي ڳوٺ جون سڀئي گھٽيون.
    ناليواري ڪمپئر نواز سومري پاران سندس اسڪرپٽ کي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي هي وک براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ توڙي جو نئين ناهي پر ڪتاب جي پڌرائي انهي ڳالهه جي چٽي ثابتي ضرور بڻبي ته آواز ۽ لفظ رڳو آسمان جي پولارن ۾ گم ٿي ناهن ويندا پر آواز لفظن کي آسمان جي مست گگن مان جھٽي ڪوري ڪاڳر تي اتاري به سگھجي ٿو. مون کي سڀاڻي جي سج اڀرڻ جھڙي پڪ آهي ته ڀاءٌ نواز سومري جو هي ڪتاب “تارن ڀري رات” نه رڳو سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيندو پر انهن سنڌ واسين جو به روح گرمائيندو جيڪي رات جي چاندوڪين ۽ ستارن جي جھرمر ۾ هن محبوب ريڊيو ڪمپئر جا پروگرام ٻڌي نه سگھيا. نوازسومري جي هزارين ٻڌندڙن مان آئون اُهو هڪ ٻڌندڙ آهيان جنهن جي حصي ۾ هاڻ اُهو ئي پروگرام ڪرڻ جو موقعو مليو آهي جيڪو سالن تائين اسان جو هي پيارو نڀائيندي آيو پر سچي ڳالهه اها آهي ته “تارن ڀري رات” ۾ ان تاري کي ڇهڻ جي ڪوشش باوجود ڇهي ناهيان سگھيو جنهن جي بلندين کي نواز سومري جي هر هر انداز ۽ آواز ٿي ٻکيو
    هڪ سهاري کي ڇهي نه سگهياسين
    جيءَ جياري کي ڇهي نه سگھياسين
    آسمان جا تارا ته رهيا تريءَ تي پر
    زمين جي ستاري کي ڇهي نه سگھياسين

    امين ارباب
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد


      مثبت سوچن جو ليکڪ نواز سومرو

    نواز سومرو منهنجو ان وقت جو دوست آهي، جنهن عمر ۾ سنڌ يونيورسٽي جا عاشق هتان جي روڊن، رستن، پٿريلن پيچرن تي ٽڙيل پکڙيل پٿرن کي چمڻ پنهنجو اعزاز سمجهندا آهن. پوءِ جڏهن اها عمر پوياڙي جي پاڇن ۾ پناهه وٺندي آهي ته عشق جو اهو شاندار ماضي زندگي جي يادن جو سرمايو بڻجي ويندو آهي. انهن عشق جي لمحن جو مان پاڻ سميت قيس عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، نصير مرزا اخلاق انصاري، نياز پنهور، ماٺيڻو اوٺو، شفيق حيدري جي عشقن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. انهي عشق جي ڪاري اننگ طارق عالم کان “رهجي ويل منظر” لکايو، ماٺيڻي اوٺي کان خودڪشي ڪرائي، اخلاق انصاريءَ کان سنڌ يونيورسٽي هاسٽل کان ريلوي اسٽيشن حيدرآباد تائين اڻ ٿڪ پنڌ ڪرايا، ۽ هڪ ٻيو مشهور عشق ڪرايو، جنهن تي هن ڪهاڻيون به لکيون آهن. نياز پنهور پنهنجي محبوبه جي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي گهٽين جا پيو سير سپاٽا ڪندو هو. قيس عالم علامه آءِ آءِ قاضي جي مقبري تي اسان سڀني دوستن سان ويهي نازيه حسن جو مشهور گانو ڪورس جي انداز ۾ ڳارائيندو هو. ”آپ جيسا کوئي ميري زندگي مين آئي تو بات بن جائي“ ته جيئن هي آواز مارئي هاسٽل تائين پهچي. شفيق حيدري محبت جي شادي به ڪئي، جيڪا ناڪام وئي ۽ مان پر مونکي ڇڏيو مان ان زوري ڪرايل عشق جو الڳ قصو لکندس، انهن دوستن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ئي اديب، سياستدان هئا، جن جون يادون منهنجي اندر جي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ آهن، انهن دوستن مان ماٺيڻو اوٺو، قيس عالم طارق عالم پنهنجا وارا وڄائي ٻي دنيا ۾ هليا ويا، ان جي ڪنهن کي به خبر ناهي ته اتي ڇا پيو وهي واپري، جيترا آهن ملان اوتريون آهن ان دنيا جون ڳالهيون، جيڪي ٻڌائي ٻڌائي اسان صوفي مسلڪ ماڻهن جو ساهه سڪائڻ ۾ مصروف آهن پر اسانکي رب پاڪ جي رحمت تي ايڏو فخر آهي جو هنن کي شايد آهي ئي ڪين....
    ها باقي مونکي نواز سومري جي عشق جي خبر ناهي پر هن جي ڪتاب”تارن ڀري رات“ کي پڙهي يقين ٿي ويو آهي ته هن عشق ضرور ڪيو هوندو، ان عشق ڪرڻ جي خبر وٺڻ لاءِ مون کيس گلشن حديد فون ڪئي ته جواب ڏيڻ جي بدران هن جي ٿڌن ساهن کڻڻ جو آواز ڪنن ۾ محسوس پئي ٿيو. مون فون رکي ڇڏي، ڀلا اهو ممڪن ئي ڪونهي ته سنڌ يونيورسٽي جو اديب، شاعر، فنڪار، آرٽسٽ فائين آرٽ شعبي جو شاگرد هوندي، هن کي عشق جي انگڙ ونگڙ پيچرن تي هلڻ نصيب نه ٿيو هجي، ٻيو ته هن جي ڪتاب ۾ لکيل اسڪرپٽ هن جي عشق جا چٽاپٽا ثبوت آهن. هن جي انهن عنوانن مان هڪ ديوانگي واري عمر مان گذري هڪ باوقار عاشق جون صفتون ملن ٿيون، هن جي ڪتاب جو پهريون عنوان آهي. ”جت محبت جون دعوائون ڪندڙ دغاباز نڪرن“. هن جا ٻيا عنوان ان عشق جي ”آوي“ مان پڇي نڪرڻ جا ثبوت آهن، جيڪي زندگي کي سڦل بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. مثلن ”زندگيءَ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي“. ”ڇانورا جيڪي سهارو چاهيندا آهن“. ”علم جي ٽرين اک کي روشن رکڻ ئي زندگي آهي.“ ”زبان کي ڪنٽرول ڪرڻ وڏين قوتن مان هڪ وڏي قوت آهي“. ان عنوان جي لڳ ڀڳ مان هي جملو ورجائيندو رهندو آهيان ته ماڻهن کي معاف ڪرڻ جي سگهه ڌاريو. ها اها ڳالهه نواز بلڪل صحيح لکي آهي ته ”زبان تي ڪنٽرول جي قوت ڌاريو“. اها قوت اها سگهه انسان کي ماڻهو بنائي هن کي موت کان پوءِ به يادگار بنايو ڇڏي، مان سمجهان ٿو برداشت ۽ معاف ڪرڻ جي سگهه واري واٽ هڪ پرامن معاشري بڻائڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي. اها معاف ڪرڻ جي سگهه ۽ برداشت نواز سومري کان سٺا لفظ تخليق ڪرائي “تارن ڀري رات” ڪتاب لکرائي ٿي. مهرباني، شفقت، خلوص ۽ مروت وغيره جهڙن جذبن جو اظهار انسان جا اعليَ قدر آهن. مطلب ته اهي ماڻهو جيڪي زندگي ۾ ڪامياب سمجهيا ويندا آهن، اهي ”نواز سومري“ جيان لفظن جي اهميت کي سمجهي پنهنجي ريڊيو ٻڌندڙن لاءِ اهڙا ناياب لفظ ڳالهائي هنن کي زندگي جي خوبصورت هئڻ جي سحر ۾ گم ڪري هنن کي مثبت سوچون سوچرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. سچ پڇو ته احسانن جو بدلو احسان سان نه پر سٺن لفظن جي ادائگي سان به ادا ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو تعريفي جملن مان خوش ٿي توهان جا سٺا دوست به ثابت ٿيندا آهن.
    مونکي هن پنهنجي پياري دوست تي فخر آهي ته هن اهڙو سهڻو، نصيحت آمين ڪتاب لکيو آهي، جنهن کي مان نصيحتن جو ڀنڊار سڏيان ٿو. باشعور ماڻهو جيڪي هڪ هڪ لفظ تي غور فڪر ڪندا آهن، اهي هن ڪتاب جي اکر اکر مان بڻيل لفظن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا، مان فيس بڪ تي هڪ جملو غور سان پڙهيو هو، لکيل هو ته ”سمجهدار ماڻهو ڀت تي لکيل هڪ سٺي جملي مان به سڀ ڪجهه حاصل ڪري ويندو باقي سطحي ماڻهو ڪتاب مان به ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندا.“
    بحرحال نواز سومرو شخصي طور هڪ نهايت اعليٰ صفتن رکندڙ دلربا دوست آهي، جيڪو دوستي رکي به ڄاڻي ته نڀائي به ڄاڻي، اسان ٻئي سنڌ يونيورسٽي جي ابڙا برادران کان وٺي ڪراچي جي ادبي سنگت شاخ ۾ گڏ رهيا آهيون. هڪ ٻئي جي ڪوتاهين چڱاين کان واقف آهيون، معاف ڪرڻ ۽ درگذر واري صاف شفاف زندگي گذارڻ کي اهميت ڏيندا آهيون. هو هڪ مڪمل سادگي پسند ليکڪ انسان آهي، سندس لکيل مضمونن ۾ اها سادگي ۽ پيار هر لفظ لفظ ۾ موجود آهي. هن ٽوڪ ۽ طنز جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن کي هن ڪتاب ۾ هڪ سڌو رستو پيار ۽ برداشت جو به ٻڌايو آهي. مونکي نواز جي هن ڪتاب ۾ زندگي گذارڻ جا انيڪ طريقا ملن ٿا، جيڪي نهايت اهم آهن. مونکي اهو به مڪمل يقين آهي ته هن جو ڪتاب عام پڙهندڙ خلق خدا کي به زندگي گذارڻ جون کوڙ واٽون ڏسيون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان زندگي کي ڪا به شڪايت نه رهندي. مون کي يقين آهي ته هن جو هي قلمي پورهيو نهايت سگهه سان پڙهندڙن جي دل ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهيندو.

    ڊاڪٽر ”عابد مظهر“
    ڪراچي


    لياقت علي شيخ سينيئر پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان ڪراچي

    ريڊيو پاڪستان هڪ اهڙو حساس ادارو رهيو آهي، جتان ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جا هميشه موقعا ملندا رهيا آهن. ان کان علاوه تربيت يا فتح پروڊيوسرن جي ڪوششن سان ڪيترائي اهڙا آواز ۽ انداز متعارف ڪرايا ويا، جن اڳتي هلي پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ ڪيترائي آواز جا مالڪ ۽ آرٽسٽ آڊيو جي دنيا مان نڪري اسڪرين جي پردن تي نمايان نظر آيا. انهن سڀني شخصيتن سان پروگرام جي حوالي سان توڙي اخلاقي لحاظ سان واسطا رهيا. منهنجي حصي ۾ ريڊيو جي دنيا ۾ جڪيي پروگرام آيا، پوءِ انهن ۾ انڊور پروگرام هجي يا ٻاهريون ڪوبه سياسي ۽ سماجي پروگرام، ان کي پوري ڪرڻ لاءِ مون ڏينهن رات، محنت ڪئي ۽ پنهنجي فرض کي هڪ آرميءَ جي فرد يا ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد وانگر وقت سِر ۽ بلڪل پابنديءَ سان نڀائيندو رهيس.
    ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان جيڪي به ننڍا توڙي وڏا پروگرام منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ شامل رهيا، تن جي اناؤنسرن ۽ ڪمپيئرن سان هميشه دوستن ۽ ڀائرن وارو سلوڪ رهيو. جڏهن کان پروگرام ”تارن ڀري رات“ جيڪو صوبائي نشرياتي رابطي تي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي حصي ۾ آيو، تنهن جي شروعات محترم خليل چنا صاحب پنهنجي مٺڙي آواز سان ڪمپيئر رؤف ڪنڌر سان گڏجي ڪئي.
    پوءِ هي پروگرام آخر تائين منهنجي پروڊيوسريءَ ۾ هلندو رهيو ليڪن ڪجهه عرصو پروڊيوسر ثناءُ الله ابڙي صاحب جي زيرِ نگراني به هي پروگرام ٿيندو رهيو.
    هن حساس ۽ صوبائي نشرياتي رابطي تي هلندڙ پروگرام لاءِ سٺن آوازن ۽ سينيئر ڪمپيئرن جي چونڊ به ڪئي وئي. هن ٽيم ۾ شامل نور محمد خاصخيلي، ممتاز علي شيخ، ياسر قاضي، رؤف ڪنڌر، حنيف ٻگهيو، نظر حسين ملاح، اسد چنا، نائله ميمڻ ۽ نواز سومرو شامل رهيا. پروگرام ”تارن ڀري رات“ ۾ مختلف سلسلن جي لحاظ سان ڪيتريون ئي وقتن بوقتن تبديليون به ٿينديون رهيون، جن کي سڀني ڪمپيئرن خوش اصلوبيءَ سان پنهنجي پروگرام جو حصو بڻايو. ان کان علاوه سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن تان ڪابه خصوصي، سياسي يا ادبي رپورٽ آئي ٿي ته ان کي به دل جي گهراين سان قبول ڪري پروگرام ۾ شامل ڪيو ٿي ويو.
    پروگرام ”تارن ڀري رات“ جي خاص ڳالهه جيڪا مون کي هميشه پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي هئي، اها هئي نواز سومرو جي لکيل اسڪرپٽ جيڪا پروگرام لاءِ هميشه ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي مشتمل هوندي هئي. گڏوگڏ نواز جي ڪلامن جي سليڪشن به موضوع سان ٺهڪندڙ هوندي هئي. ان کان علاوه کي اڳلي هفتي جي پروگرام جي اسڪرپٽ مون کان Vetted ڪرائي ويندو هيو. سندس لائيو پروگرام ڪرڻ دؤران اسڪرپٽ صرف سامهون پيل هوندي هئي، لڳندو هو ته نواز کي سڄي اسڪرپٽ ڄڻ ياد هجي.
    اهڙين ئي لکڻين جو هي مجموعو اسان جي هٿن ۾ آهي، جنهن لاءِ اهو وڏي واڪ چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي اندر جي آواز کي هن ڪتاب جي صورت ۾ اوهان تائين پهچايو آهي، منهنجي سندس لاءِ دلي دعا آهي ته شال نواز جي قلم ۾ اها سگهه ۽ طاقت برقرار رهي جو هن جهڙا ٻيا ڪتاب اسان جي ايندڙ نسل لاءِ ارپيندو رهي، جنهن سان هميشه علم ۽ ادب ۾ واڌارو ٿيندو رهي.


    لياقت علي شيخ
    سينيئر پروڊيوسر
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي
    2017-11-25


    نواز سومرو، پُر اعتماد آواز-پر اعتماد دوست

    منهنجي وجود ۾ جيترن عشقن جنم ورتو آهي اڄ تائين گھٽجڻ جو نانءُ ئي نه ٿا وٺن، جيئن ادب جو عشق نٿوگھٽجي، جيئن راندين جو عشق نه ٿو گھٽجي، جيئن ٻارڙن جو عشق نه ٿو گھٽجي، جيئن يارڙن جو عشق نه ٿو گھٽجي، جيئن موسيقيءَ جو عشق نه ٿو گھٽجي، جيئن شاديءَ کانپوءِ به ساجده جو عشق نه ٿو گهٽجي، جيئن ريڊيو جو عشق نه ٿو گھٽجي، تيئن ريڊيو جي دوستن سان به عشق نه ٿو گھٽجي. محترمه ڪوثر ٻرڙي کان پياري ساجد سنڌيءَ تائين ۽ وسند مهر کان نواز سومري تائين ريڊيو جي سڀني دوستن سان اڄ به عشق ساڳيو آهي. هنن سان واسطو ۽ رابطو اڄ به مٿومٿي تي آهي، جيئن عام دوستن يا ادبي دوستن جا مزاج الڳ الڳ هجڻ فطري عمل آهي، اهڙي طرح ريڊيائي دوستن جا مزاج ۽ محبتون به منفرد رهيون آهن. محترم نواز سومرو منهنجي ريڊيائي دوستن ۾ بنهه مختلف مزاج ۽ سڀاءُ وارو دوست رهيو آهي. حساس لفظ کان وڌيڪ حساس، نفيس لفظ کان وڌيڪ نفيس، تمام گھڻو سلڇڻو ۽ پيارو ماڻهو، سوشل طبيعت وارو هر وقت بر وقت دوستن ۽ مٽن مائٽن جي ڪم اچڻ وارو، دوستن کي دوستيون محبتون ۽ مرڪون آڇيندڙ ۽ دوستن جي دوستين، محبتن مرڪن لاءِ واجھائيندڙ انهن لاءِ بيحد فڪر مند رهندڙ، محترم نواز سومرو جهڙو پر اعتماد دوست آهي. تهڙوئي هن جو ريڊيائي آواز ۽ انداز پر اعتماد آهي. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ وڏي اعتماد ۽ اتساهه سان ڪندو آهي. نواز سومري جو آواز ٻڌندڙن جي دلين کي منٽ ۾ پنهنجو ڪري وٺندو آهي، اکين جي معاملي کانپوءِ مان اڄڪلهه موبائل جو اسپيڪر آن ڪري دوستن سان فتگو ڪندو آهيان. هڪ ڏينهن اتفاق سان مان نواز سومري صاحب سان ڳالهايان پيو ته نواز صاحب جو آواز ساجده ٻڌي ورتو مونکي چيائين ڪير ٿو موبائل تي ريڊيو پروگرام ٻڌائيوَ؟ مون کلي چيو ته ريڊيو پروگرام ڪونه ٿو ٻڌائي پر نواز صاحب ٿو موبائل تي ڳالهائي. نواز صاحب موبائل تي ڪمپيئرنگ جي انداز ۾ ڳالهائيندو آهي. نواز صاحب جي وجود، دل ۽ ذهن تي ريڊيو ڪمپئرنگ ايترو ته حاوي آهي ايترو ته ڪمپئرنگ سان عشق ڪندو آهي جو هو عام زندگيءَ ۾ به ڪمپئرنگ جي انداز ۾ ڳالهائيندو آهي.
    بهرحال نواز سومري جو ريڊيائي ڪمپئرنگ تي مشتمل هي خوبصورت ڪتاب هڪ تاريخ آهي. جنهن کي هن محفوظ ڪيو آهي هن جي ريڊيائي عشق محبت ۽ محنت کي سلام آهي.


    مشتاق بخاري
    ڊکڻ- شڪارپور
    07/10/2017



    ريڊيو اسڪرپٽ

    جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا باز نڪرن

    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اسان کي ڪڏهن ڪو ڏک نه به ڏيندو آهي ليڪن هو ڏکويل لڳندو هوندو آهي، اهو ڇو آهي، ڇا لاءِ آهي ۽ ڇا لاءِ ٿيندو آهي، جنهن جو ڪوبه جواب ڪونه هوندو آهي، ليڪن هڪ حقيقت اها به آهي ته هر انسان ايڏو حساس ڪونه هوندو آهي، اڄڪلهه جي هن نفسانفسي واري ماحول ۾ جتي هر ڪوئي موقع پرست سڏيو ٿو وڃي اتي اها به حيقت ۽ سوهانو سچ آهي ته ڪي ڪي ماڻهو اڄ به ٻين لاءِ جيئن ٿا ۽ پنهنجين خواهشن کي ماري ٻين جي لاءِ خوشيون خريد ڪن ٿا پر جڏهن ڏسجي ٿو ته آخر انهيءَ ماڻهو جي حصي ۾ اچي ئي ڇا ٿو؟ ڏک، پريشانيون ۽ بس.
    جتي رت جا رشتا به مفادن جي نظر ٿي وڃن، جتي محبت بي لوث نه رهي، جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا ڏئي وڃن، جتي ڪنهن واعدي جي تڪميل نه ٿئي، اتي پوءِ احساس رکندڙ ماڻهو هر ٻئي ماڻهوءَ کان ڊڄڻ لڳي ٿو، هن کي ڪنهن تي اعتبار نٿو رهي، هو رت جي رشتن کي، دوستن کي، هر ماڻهوءَ کي، هر ماڻهوءَ جي وفا کي به شڪ جي نگاهه سان، ڏسندي ڏسندي اڪيلائيءَ جي اونهي کوهه ۾ ڪرندي پاڻ کي تنهائي جي تنور ۾ تڙپندو محسوس ڪري ٿو، ۽ جڏهن اڪيلائي جا احساس ساٿي بڻجن ٿا، تڏهن هو دنيا جي روين کان تنگي محسوس ڪندو آهي.
    عزيزان حيات، اڄڪلهه جي دنيا ۾ جتي تمام گهڻي ترقي ٿي رهي آهي ۽ سائنسي ايجادن عام ماڻهوءَ جي لاءِ بيشمار آسانيون پيدا ڪيون آهن، اتي ائٽمي تجربن جي ڪري ڪيئي وبائي مرض ۽ بيماريون پڻ پکڙجي ويون آهن ۽ انهن مرضن مان گهڻن جو ته ڪو علاج به ڪونهي، اسان وٽ پنهنجن روين جي ڪري به هر ماڻهو پنهنجي وجود ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه نفسياتي بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجن روين تي غور ڪرڻ کپي ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڇڏي سچائيءَ جا انمول موتي ميڙڻ گهرجن، چوندا آهن ته دوستيءَ جي گلابن جهڙن نازڪ بدن کي جڏهن ٻيائيءَ جا ڪنڊا تار تار ڪري ڇڏين ته
    اهو ڪنهن صورت ۾ به،
    جڙي ڪونه سگهندو آهي،
    ۽ جي جڙي به پوندو آهي ته،
    ان جي مخملي بدن ۾،
    اها سونهن نه رهندي آهي،
    ۽ ڳنڍ جو بدنام داغ،
    لڙڪن سان به ڌوپي ڪونه سگهندو آهي.
    سمورا اعتبار
    ۽ دوستيءَ جا، معتبر احساس،
    ڄڻ شڪاريءَ جي شڪار ڪيل
    پکين جيان
    ڦٿڪيل ۽ لڇيل رهندا آهن.

    *


      هن ڀونءِ جو وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو

    ليکڪ ۽ اديب پنهنجي دور جا ترجمان هوندا آهن ۽ ادب لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو پنهنجي سماج جو آئينو هئڻ سان گڏو گڏ پنهنجي دور جي تاريخ به هوندو آهي، اديب يقينن اهو ئي لکندو آهي جيڪو سندس مشاهدي ۽ تجربي مان گذرندو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري سگهندو ته ادب ئي پنهنجي سماج جي اها واحد وٿ آهي ۽ اها ئي واحد سگهه آهي، جيڪا سماج کي تبديليءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اوهان ڏسو ته دنيا جي عظيم نظرين جي ڦهلاءَ کي ڏسجي ٿو ته انهن جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو سبب ۽ ماڻهن جي دلين ۾ گهِڙي وڃڻ جو وڏو سبب انهيءَ دور جي ادب ۾ انهن نظرين جو سمائجڻ آهي.
    اڄ به جيڪڏهن اسان دنيا جي ڪلاسيڪل ادب ۾ سرجيل شاهڪارن تي نظر وجهون ٿا، پوءِ اهي نثر جا شهپارا هجن يا شاعريءَ جا شاهڪار، ليڪن انهن ۾ پنهنجي سماج جي نه رڳو عڪاسي ٿيل هوندي آهي ليڪن انهيءَ سان گڏو گڏ حالتن ۾ تبديلي آڻڻ ۽ نئين رخ ۽ نئين روشني حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي پڻ ٿيل هوندي آهي.
    منهنجي خيال مطابق هن ڀونءِ جو وڏي کان وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو لاکيڻو لطيف، ڀٽ جو گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس رسالو آهي، دنيا جي ڏاهن جيڪا ڪلاسڪ جي تعريف ڪئي آهي انهيءَ کان ٿورو هٽي ڪري، جيڪڏهن اسان دنيا جي ادب ۾ جاءِ والاريندڙ عظيم ڪلاسيڪل شهپارن کي ڏسون ٿا ته انهن ۾ ٽي شيون، پڌري پَٽِ نظر اچن ٿيون، اهي آهن سچ، سونهن ۽ مزاحمت، يعني ته سونهن، سچ ۽ مزاحمت جو سنگم ئي آهن، جيڪو ڪنهن ادبي لکڻيءَ کي ڪلاسيڪل انداز يا امرتا بخشي ٿو ۽ اها لکڻي ادب جي آسمان تي هميشه لاءِ چمڪندڙ چنڊ بنجي پنهنجو جلوو ڏيکاريندي رهي ٿي.
    اسان وٽ سرجيل عالمي سطح جي جيڪڏهن ڪا ڪلاسيڪل شيءِ آهي ته اهو لطيف سرڪار جو رسالو آهي، جيڪو سونهن، سچ ۽ پنهنجي سماج جي پوري سچائيءَ سان نمائندگي ڪري ٿو، ليڪن سونهاري سنڌ جي هن سرزمين تي جيڪي به صوفي بزرگ پنهنجون ڪمايون ڪري ويا انهن کي به ڪڏهن وساربو ڪونهي.


      انسان لاءِ رشتا صرف نالي تائين محدود ڇو هوندا آهن

    عزيزان حيات، هر انسان جي اها ڪوشش هوندي آهي ته زندگيءَ جي ڏور سان رشتا هميشه جڙيل هجن، وڇوڙن جي ڪابه هوا ڀر مان نه گذري، سدائين انهن تي بهارن جون موسمون رهن ۽ گلن جيان اسان جي جهوليءَ ۾ خوشبوءِ ارپيندا رهن ۽ انهن سان اسان جو واسطو ازل کان وٺي اَبد تائين قائم ۽ دائم رهي ۽ شال صدين تائين هڪ اڻ کٽندڙ سفر هجي، جنهن کي منزلن جي ڪابه پرواهه نه هجي ۽ نه ئي منزلن جو ڪو خوف طاري ٿئي، جيڪڏهن ڪا منزل نصيب ٿئي ته ان ۾ رڳيون محبتون ئي محبتون سمايل هجن ۽ محبت جي رنگن کانسواءِ ٻيا ڪي به رنگ شامل نه هجن ۽ پوءِ اوهان جو ۽ اسان جو پيار نيري ساگر جيڏو وسيع ۽ تمام گهرو هجي ۽ ڪوبه آر ۽ پار نه هجي ۽ هردم تارئون تار هجي.
    جيڪي رشتا، انسان لاءِ صرف ۽ صرف نالي تائين محدود هوندا آهن ته اهي رشتا ڄڻ وجود مٿان بار لڳندا آهن، ڇو ته انهن طرفان اها موٽ نه ملڻ جي صورت ۾ انهن رشتن سان نڀائڻو پوندو آهي، انهن جو مان رکڻو پوندو آهي ۽ سڄي زندگي انهن رشتن جي عزت ڪرڻي پوندي آهي ۽ پوءِ حالتون ڪهڙيون به هجن مجبوريءَ ۾ انهن کي گڏ وٺي هلڻو پوندو آهي.
    اهڙن رشتن کي قبول ڪرائڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ اسان سان جڙيل معاشري جو هوندو آهي، اهو معاشرو اسان کي جيئڻ لاءِ رستا به ڏيکاريندو آهي، ليڪن انسان سڀ ڪجهه سهندي ۽ برداشت ڪندي پاڻ ئي جيئڻ جا کوڙ سارا طريقا ۽ رستا ڳولي وٺندو آهي، ڊهندي ۽ ٺهندي، هر نئين خوشيءَ لاءِ واٽن تي نيڻ وڇائي ڇڏيندو آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجن رشتن جي هميشه سڃاڻپ رکون.


      زندگيءَ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي

    سامعين، تعليم جي گهٽتائي جي ڪري اهڙن خاندانن جا فرد خودغرض ۽ انا پرستيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي ٻين جي زندگين سان کيڏندا آهن، ننڍپڻ جا رشتا طئي ڪري پنهنجي ڪوڙي وڏائپ، شان ۽ شوڪت ۾ اضافو سمجهندا آهن ليڪن کين اها خبر ناهي هوندي ته هو ڪنهن جي زندگي جو مذاق ڪري رهيا آهن ۽ هڪ گناهه سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ان گناهه ۾ پاڻ کي وڃائي ڪٿي گم ٿي رهيا آهن، جهالت جي ڄار ۾ ڦاٿل اهڙا ماڻهو الائي جي، اهو ڇو ناهن سوچيندا ته اسان ڪنهن جي زندگيءَ جو اهو وڏو ۽ اهم فيصلو ڪري، ان کي هٿن سان برباديءَ طرف ڌڪي رهيا آهيون جتي روشنيءَ جو ڪوبه وجود ناهي، جتي ان کي روز جيئڻو ۽ روز مرڻو پوندو ۽ روز موت جي ڦندي ۾ لٽڪڻو پوندو ۽ روز سسڪيون ڀرڻيون پونديون.
    جڏهن ته اسلام ۾ به ان جي اجازت ناهي ته ڪنهن جي زندگيءَ جوفيصلو ان جي رضامنديءَ کان بغير ڪيو وڃي، سڀني مذهبن به هميشه حقن جي ادائگي جو حڪم ڏنو آهي ۽ اظهار جي آزاديءَ جو مڪمل حق ڏنو آهي، ليڪن افسوس اهڙن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي اڃا ٻار مس ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هوندو آهي ۽ جنهن اڃا هن دنيا ۾ اک ئي ڪونه کولي آهي ته ان جي زندگيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ظلم جي انتها کي پهچي پاڻ ۾ واعدا ۽ وچن ڪري ڇڏيندا آهن، ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته ڪٿي ڪوڙي انا کي هٿي وٺرائي ويندي آهي ته وري ڪٿي ڪنهن معصوم جي زندگيءَ جو سوال هوندو آهي، ان ڪري زندگيءَ جا فيصلا هميشه سوچي سمجهي ڪيا وڃن ته هوند زندگيون سنوارجي هرک جهڙا ساهه کڻن ۽ سڪون واري زندگي گذارين.


      احساس بنا زندگي اڌوري آ

    عزيزان حيات، اسان وٽ احساس ڪڏهن پروان چڙهندو، ڪڏهن اسين هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سکنداسين ۽ ڪڏهن ايندو عقل ته پنهنجي شيءِ جو قدر ڪريون، قدر ان شيءِ جو ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي محنت جو ثمر هجي، جيڪا پنهنجي خون ۽ پگهر جي ڪمائي هجي، مون ۽ اوهان صرف ڪهاڻيون ٻڌيون آهن، اوهان ڪنهن ڏينهن پنهنجي ڪمپيوٽر مان منهن ڪڍي ۽ موبائيل فون بند ڪري، پنهنجي ڪنهن گهر جي بزرگ ماڻهوءَ کان پڇو ته احساس ڇا کي چئبو آهي ۽ احساس ڪيئن محسوس ڪيو ويندو آهي، اوهان خود ئي ٻڌايو ته اوهان کي ڪيئن لڳندو آهي جڏهن قيامت اڌ رات جو در تي دستڪ ڏئي، اهڙي قيامت جيڪا پيءُ جو سهارو کسي ڇڏي، اها قيامت جيڪا ماءُ کي جدا ڪري ڇڏي، اها قيامت جيڪا ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏي، اها قيامت پل ۾ سندر سپنن کي خاڪ جو ڍير ڪري ڇڏي، اها قيامت جيڪا سالن جي محنت سان سجايل گهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏي ۽ اها قيامت جيڪا اسان کان جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏي؟ اسين هڪ پاڪ وطن ۾ رهون ٿا ليڪن مون کي اهو ٻڌايو ته اسان سچا ۽ ايماندار آهيون؟ ڇو ته سچ ۽ ايمانداري ڪنهن به مسلمان جون ٻه بنيادي خصلتون هونديون آهن، اسان منجهه آهن؟ ۽ اسين هميشه اهو ئي ڇو سوچيندا آهيون ته ملڪ اسان کي ڇا ڏنو آهي؟ ليڪن آئون چوان ٿو ته هن پاڪ سرزمين اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنوآهي، اڄ اوهين فخر سان چئي سگهو ٿا ته اوهان هڪ آزاد ملڪ جا آزاد فرد آهيو ڪوئي به مائيءَ جو لال غير بڻجي اوهان جي آڏو نٿو اچي سگهي، ڪوئي به اوهان کي پنهنجو غلام نٿو بڻائي سگهي، اوهان جيڏانهن چاهيو وڃي سگهو ٿا، ڪوئي اوهان کي روڪڻ وارو ڪونهي، اوهان پنهنجي تعليم وڏي خوشيءَ ۽ آزاديءَ سان حاصل ڪري سگهو ٿا، پوءِ اهو احساس هئڻ گهرجي ته هي ملڪ واقعي هڪ نعمت آهي، ڇو ته اسان جو پنهنجو گهر آهي.


      ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي

    سائين منهنجا ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو احساس رابيل ٿيڻ بجاءِ دل جا زخم بڻجي ويندا آهن، ڪنارا منزل لڳڻ بجاءِ مقتل گاهن جا گس محسوس ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به وقت اچي ويندو آهي جو پنهنجي وجود کي ماڻهو صحرا ۾ ڳِجهن جي چهنبن ۾ تڙپندي محسوس ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو رستا خود به خود ماڻهوءَ کي لتاڙي ڇڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گل به روئي پوندا آهن پر هوائون مرڪنديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ذهن هڪ پل ۾ هزارين اٻاڻڪيون دليون راتين جي روح مان ماٺ ماٺ ۾ گذري وينديون آهن، ماڻهو گل ٿيڻ ته چاهيندو آهي ليڪن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن اپاهج خواب جي رڙ بڻجي ويندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ماڻهو ڪا ياد، ڪا جدائي، ڪو چهرو وسارڻ جي ڪوشش ڪندي، پاڻ ئي ڪا اوڇنگار ٿي ويندو آهي، ”ائين ڇو آهي“؟ احساس جو رشتو ڪهڙو ٿيندو آهي، ماءُ جو اولاد سان؟ گل جو خوشبوءِ سان؟ ڀاءُ جو ڀيڻ سان يا هڪ اهڙو رشتو جيڪو ساهه جي سلسلن تائين هوندو آهي، آخر هي ڪهڙو جذبو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙهن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن دل ۾ دفن ٿي وڃي ٿو.


      ڇانورا جيڪي سهارو چاهيندا آهن

    عزيزان حيات، الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي حڪم سان روءِ آسمان کان وٺي ڌرتيءَ جي ماحول کي تمام گهڻو خوبصورت ڪري پيدا ڪيو آهي، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، واريءَ جا نه کٽندڙ ريگستان، ور وڪڙ کائيندڙ درياءَ، جبلن تان ڪرندڙ آبشار، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن جون قطارون، ٻيلا، سرسبز ۽ شاداب واديون، باغ ۽ انهن ۾ لنوندڙ پکي پکڻ، مورن جا ناچ، هرڻين جون ڇالون، ٿڌڙين هيرن جا جهوٽا، آسمان تي تارن جون قطارون ۽ چنڊ جي چانڊوڪي هي تارن ڀريون راتيون اهي سڀ جو سڀ قدرت جي خوبصورتيءَ جا بهترين نمونا آهن، ليڪن حضرت انسان ان سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي، سمنڊ گندا ٿي ويا، درياءَ ڄڻ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ بڻجي ويا آهن، وڌندڙ آبادي جي رهائش ۽ ٻين صورتن ۽ ضرورتن لاءِ ٻيلا وڍجي ويا، خدا تعاليٰ جي نعمت سمجهيون ويندڙ برساتون تيزابي ٿي ويون ۽ پکين کي جيڪي ٿڌڪار جي موسم ۾ پرديس کان هن ڌرتيءَ کي خوبصورتي بخشين ٿا، انهن کي بيدرديءَ سان ماريو ٿو وڃي، عزيزان من، انسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي گهر جي شين کي ئي صفح هستيءَ تان هٽائيندو ٿو وڃي، خبر ناهي ته اسان کي مليل اهڙيون حسين ۽ خوبصورت شيون اسين پنهنجي ايندڙ نسل کي ارپي به سگهنداسين الائي نه...؟
    هن وٺ وٺان واري دور ۾ جنهن ۾ اڄ جو انسان احساس ڪمتريءَ جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو پيو وڃي ڏٺو وڃي ته جيون جي ڌارا تي اسان جا ڀٽڪيل روح ته ڪنهن ڇانوري جو سهارو چاهين ٿا، ڇانورا جيڪي ڪچڙي ننڊ جا خواب هوندا آهن ۽ جيڪي مينهن ڪڻين جهڙا نازڪ ۽ نفيس هوندا آهن.
    اسان جي لاشعوري حرڪتن جي ڪري پنهنجو وجود فنا جي فضا ۾ ڦلهوري ڇڏيندا آهن، اسان چاهيون ته اسان پنهنجي ۽ اندر جي بي چئي، شرارتي گهوڙي کي پلر جو پاڻي پياري سگهون ٿا، ان لاءِ اسان کي پنهنجو پاڻ کي، پاڻ مان نڪرڻو پوندو ۽ پاڻپي جي پکيءَ کي ڪل جڳ جي پراسرار ۽ پر رونق فضا ۾ پالڻو پوندو، ڇو ته اسان فطرت جو اٽوٽ حصو به آهيون، ان اڻٽٽ حصي کي من جي ماٺيڻي ميٺ سان محسوس ڪرڻ ڏيون ته بهتر آهي.
    جيئن ڪوبه نفس پنهنجي پاڻ جي بي دلي دعويٰ ڪري ٿو ته ڄڻ پاڻ کي ۽ فطرت کي دوکي جهڙي دنيا ڏيکاري ٿو، هونئن به فطري طور انسان اڻپورو ۽ اڻ مڪمل هوندو آهي، هو ان احساس ڪمتريءَ جو پلئه ڇڏائڻ لاءِ احساس برتريءَ جو ڪوڙو ۽ آسان حل ڳولي پاڻ پنهنجي ان عمل تي بي عمل ٿي پوندو آهي، پاڻ کي مڪمل بنائڻ لاءِ ناممڪن جو رستو اڪري ممڪن ڏانهن پنڌ ڪرڻ گهرجي.


      علم جي ٽين اک کي روشن رکڻ ئي زندگي آهي

    مانوارئو، حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته لفظن کي ڏند ناهن هوندا ليڪن اهي ڪٽي وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ڪٽي وٺن ته پوءِ انهن جا زخم زندگيءَ ڀر ناهن ڀرجندا، لفظن جو مزاج يا انهن جي وزن کان هر ڪو ماڻهو واقف ناهي هوندو، چوندا آهن ته علم انسان جي ٽين اک هوندو آهي، يعني شعور ۽ آگهي واري اک پر اڪثر انهن شعور ۽ آگهيءَ واري اک رکندڙ ماڻهن کي مون اهڙا سخت ۽ برا لفظ ڳالهائيندي يا وري سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي ڏٺو آهي جو انهن جي علم ۽ ڊگرين تي حيراني وٺيو وڃي، چوندا آهن ته علم روشني آهي ليڪن انهيءَ روشني هوندي به ڪي ماڻهو انڌيرن جي گهري سمنڊ ۾ غوطا کائيندا رهندا آهن ليڪن ان جي برعڪس مان اڻپڙهيل ماڻهن جي وچ ۾ به رهي ڏٺو آهي، ڇا ته انهن جي سادگي ۽ مخصوص اندازِ گفتگو هوندي آهي، جڏهن ته علم وارا ماڻهو، سک ۽ سڪون، پيار ۽ محبت ۽ انسانيت جهڙن جذبن کان وانجهيل هجن ٿا، جن وٽ خودشناسي نه هجي، پوءِ اهڙن علم وارن کان اڻپڙهيل ماڻهو هزار درجا بهتر آهن، جيڪي نه صرف محبت ۽ پريت جي احساسن سان لبريز هوندا آهن، ليڪن ماڻهن سان سهڻو سلوڪ روا رکڻ به کين ڀليءَ ڀت ايندو آهي ته انهن سان پيار ڪرڻ به ايندو آهي، تنهن ڪري علم جي ٽين اک کي نظر ۾ رکندي علم جي ڏيئي کي هميشه روشن رکڻ سان انساني زندگيءَ جي حيات آهي.


      زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ وڏين قوتن مان هڪ وڏي قوت آهي

    ٿيڻ کي ڪوبه نٿو ٽاري سگهي، جيڪي ماڻهو ٻين کان نفرت ڪن ٿا ته موٽ ۾ پاڻ به ان نفرت جو شڪار ٿين ٿا، ٽيلي پيٿي جي اصول مطابق هر ذهن ڪنهن به اهڙي ٻئي ذهن سان رابطو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو ان جي حد اندر هجي، ان لاءِ هر اهو شخص، جيڪو پرڪشش شخصيت جو مالڪ بڻجڻ چاهي ٿو ان کي نه رڳو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ عملن تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، بلڪ ذهن ۽ سوچ تي به ڪنٽرول ڪرڻ جو طريقو اچڻ گهرجي، ڇو ته بني نوع انسان کان حقيقي لڳاءُ هڪ تمام وڏو سرمايو حياتيءَ جو آهي ۽ پنهنجي حياتي ۾ جيڪڏهن اوهان ڪاوڙ کي وڌڻ کان نٿا روڪي سگهو ته اها اڳتي هلي نقصان جو سبب بڻجندي آهي، ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿيڻ جو عام طور تي اظهار بي قابو ڳالهائڻ سان ئي ٿيندو آهي، يعني جيڪو شخص ڪاوڙ تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي اهو پنهنجي زبان تي به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي ۽ پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪنهن به انسان جي هٿ ۾ وڏي قوتن مان هڪ اهم قوت آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي نه ڪا خواهش رکن ٿا ۽ نه ئي ڪجهه حاصل ڪرڻ جي اميد رکن ٿا، اهي هميشه بي ضرر هوندا آهن ليڪن مشهور نه.
    اهڙن ماڻهن جي ڪو به ماڻهو پرواهه ناهي ڪندو، جيڪي پنهنجي پنهنجي عمل يا بي عملي مان اهو ظاهر ڪرڻ وارو هوندو آهي ته هن ڪجهه به حاصل ڪرڻ يا نه هئڻ جي اميد ۽ آسرو ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ هڪ وڏي قوت آهي.


    محبت جتي روح جي راحت هوندي آهي

    محبت هڪ اهڙو داستان آهي جنهن جو هر حَرف سج ۽ چنڊ وانگر روشن آهي، سج جي ٿڌي هير جيان پرسڪون آهي، نديءَ جي پاڻيءَ جيان مٺو ۽ شفاف آهي، ڪوئل جي حسين تراني جيان آهي، چانڊوڪي راتين جيان ۽ حسين خوابن وانگر آهي يا تارن ڀري رات جيان آهي.
    مختلف روپن ۾ محبت ڪٿي سج جي تيز تپش جيان محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن چنڊ جي روشني، ته ڪٿي وري ڳوڙهن جو خاموش طوفان، ڪٿي وري مرڪ بنجي سيني جي سرزمين کي سرسبز ڪندي آهي، ڪٿي گلن جي خوشبوءِ آهي ته ڪٿي ڪنڊن جي سيج، محبت ڪٿي سپنن جو حسين محل آهي ته ڪٿي دکن جو ويران گهر، محبت ڪٿي روح لئه راحت آهي ته ڪٿي روح لاءِ رنجش آهي، ڪٿي دل آهي ته ڪٿي ڌڙڪن آهي.
    ۽ سامعين محبت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو دل ۾ سمنڊ جي لهرن جيان ڇوليون هڻندو نظر ايندو آهي، يا وري پٿر دل کي ميڻ ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙو جذبو جيڪو دل جي ويرانين کي رنگينين ۾ تبديل ڪري ڇڏي، اهو ئي جذبو جيڪو انسان کي انسان ٺاهي ٿو، اهڙو جذبو جيڪو پراون کي به پنهنجو بنائي ٿو ۽ محبت هڪ اهڙو گل آهي جيڪو پئسن سان خريد ڪري نٿو سگهجي، پوءِ اهڙي پراسرار داستان کي سمجهڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي، تنهن ڪري چوندا آهن ته محبت ڪئي نه ويندي آهي پر محبت پنهنجو پاڻ ٿي ويندي آهي.


      پارا نڀان پچار

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ” سر پورب“ جنهن ۾ پهرين داستان ۾ شاهه سائين صرف ڪانگل کي ساراهيو آهي ۽ ڪانگ جا ئي بيت چئي ان سان مخاطب ٿيو آهي ته اي ڪانگل، پرين کي اسان جا سلام ۽ نياز ڏج ۽ کيس جهيڻي آواز ۾ اسان جو سنيهو سڻائج، ساجن کانسواءِ اسان جي اکين جو آب سڪي ويو آهي، تون اڏامي کيس پرديس مان واپس آڻ، مان تنهنجا پر سون سان مڙهائيندس، جي پرينءَ پار جي ڪا خبر کڻي ايندين، ته مان توکي پنهنجي دل، پنهنجن هٿن سان ڪڍي ڏيان ۽ تون وڃي ان کي عجيبن جي حضور ۾ وڃي کاءُ ته من تو کان منهنجا پرين پڇن ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي، پاڻ ڪانگل سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
    ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،
    آئون جو ڏينئي سنيهون، وچ مَ وساريج،
    الله لڳ، لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائج،
    چئان تئن چئيج، ته کنياتا، خوش هئين.
    شاهه
    يا
    آءُ اڏامي ڪانگڙا، پارانڀانِ پچار،
    ويهي هت وصال جو، تان ڪو تر تنوار،
    جي ڏسڻ ۾ ڏيسار، سي اڏامي آڻ پرين،
    شاهه
    يا
    پارانڀانِ پچار، مٿي لام لطيف چئي،
    ڦير مَ، فضيلت تون، جا ڪَرَ آوان جي ڪار،
    جي ڏٺي ۾ ڏيٺار، سي اُڏامي آڻ پرين.
    شاهه


      جيسين جيارج تيسين هادي رکج حفظ ۾

    عزيزان من، ڪلهه ڪالهوڻي دنيا جي دور ۾ جنهن جي نالي جو سڪو هلندو هو، اڄ وقت جي واءُ يادگيرين جي ڏيهه تان، انهن جي سار جا پيرا هميشه لاءِ ڊاهي ڇڏيا آهن، ڪيترائي بادشاهه، داناءَ، ديوانا، هن ڌرتيءَ جي گولي تي راڄ ڪندا هئا، ليڪن اڄ سڀ فناعيت جو جام پي لحد ۾ ليٽي هميشه جي ابدي ننڊ سمهي رهيا آهن ۽ پويان انهن جي ماڳ مڪانن تي ڪي ٻيا مڪين آهن.
    هر بشر لاءِ وقت، جنم جو لباس پائي ايندو آهي ۽ موت جو ڪفن پارائي ان کي آخر تائين رسائيندو آهي، ماڻهو فقط ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ واري مختصر وٿيءَ ۾ کليل اکين سان آسمان جي نيري ڇت هيٺ. غم، خوشي، تڪليف ۽ راحت جي احساسن سان آشنا ٿي جياپي جي بار کي پنهنجي دل جي جسارت تي کڻي لڙکڙائيندڙ قدمن سان هلندو ۽ وقت جي ڀير تي “جيسين جيارج، تيسين هادي رکج حفظ ۾” جي دعائن سان ڀرپور اميدن جو ڏونڪو هڻندو رهندو آهي، هن زمين جي سطح تي ڪيترائي انسان آيا، جن پنهنجي وقت ۾ ڪيترائي اڻ مٽ ۽ نه وسرندڙ ڪم ڪيا ۽ تاريخ ۾ هڪ واحد فرد جي اهميت کي نمايان ڪري پنهنجو وارو وڄائي ٽٽندڙ تاري جيان گم ٿي ويا.
    ليڙن لنگهي لس، مانباڻيان مٿي ويا،
    وٺي وَرُ واٽ ٿيا، پنهون ڄام پهس
    هئا وڏي وس، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
    شاهه


      موسيقيءَ جو پراسرار رڌم

    عزيزان من...، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته محبت، موسيقي ۽ مطالعو زندگيءَ جي موت تائين جي سفر کي آسان بنائيندا آهن، هونئن جي محسوس ڪيو وڃي ته ڪائنات جي مختلف شين مان موسيقيءَ جا مڌر سرگم ڪنائي سگهجن ٿا.
    حسين ماٿرين تان لهي نديءَ جي پيٽ تائين، پهچندڙ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ موسيقي هجي ٿي، سانت راتين ۾ پراسرار جهنگ ۾، وڻن جي پنن کي ڇهي گذرندڙ هوائن ۾ اداس گيت سرگوشيون ڪندا آهن، سنجها ٽاڻي واهن ۽ پنهنجن ماڳن تي موٽندڙ ڌڻن جي ٽلين ۾ موسيقي هوندي آهي، باک ڦٽڻ مهل پکين جون ٻوليون آزاديءَ جي گيتن جيئن محسوس ٿينديون آهن، ميگها رت ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندو آهي ته سمورو ٿر گونجي اٿندو آهي، مينديءَ رتن ڪنوارن پيرن جي پازيب جي ڇمڪن جي موسيقي ڪيفيتن کي به ڪيف ڏئي ڇڏيندي آهي.
    تارن ڀري رات ۾ موسيقيءَ جا اهي سڀئي رنگ ۽ رڌم، پنهنجي معنيٰ رکن ٿا، ليڪن اها موسيقي جيڪا انسان جي ڳلي مان نڪري فضائن ۾ پکڙجي وڃي ٿي ۽ ان جو مقام عظمتن کي ماڻي ٿو ۽ دنيا جي هر خطي جو ماڻهو، موسيقيءَ سان دلچسپي رکي ٿو ۽ پنهنجي اندر جي اداس انسان کي سرن جي سمنڊ جو سير ڪرائي آسيس به ماڻي ٿو.
    چون ٿا ته جڏهن تانسين ديپڪ ڇيڙيندو هو ته پاڻيءَ ۾ به باهه ڀڙڪي پوندي هئي، جنهن مهل ملهار ڳائيندو هو ته مينهن وسي پوندو هو، پوءِ اهڙا آواز هينئر آهن الائي ڪٿي، ڪٿان ڳولهجن اهڙا آواز، پر پنهنجي هن ڀونءِ جو هڪڙو آواز اوهان کي ضرور ٻڌرايان ٿو، جيڪو روح ۾ لهي ويندڙ آواز راڳ جي راڻي عابده پروين جو آهي.


      خواهشون ڪهڙيون هئڻ گهرجن

    سامعين، الله تبارڪ تعاليٰ جي هن ڀونءِ تي، هن سرزمين تي ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ آهن، انهن مان ڪي مالدار آهن ته ڪي وري غريب ۽ مسڪين آهن، ڪن وٽ دنيا جي هرآسائش موجود آهي ته ڪي وري ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهن، ليڪن انهن ماڻهن جي خواهش تي نظر وجهبي ته انهن سڀني جون خواهشون هڪ جهڙيون نظر اينديون، پوءِ چاهي اهو امير هجي يا غريب.
    خواهشون دنيا ۾ رهندڙ ڪنهن به انسان جون پوريون ٿي ڪونه سگهنديون آهن، چاهي اهو ڪيتري به ڪوشش ڇو نه ڪري، خواهشون هر ننڍي توڙي وڏي ٻار توڙي ٻڍي،. عورت چاهي مرد جون هڪجهڙيون هونديون آهن ۽ خواهشن جو اهو عمل انسان جي پيدائش کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري ۽ ساري رهندو آهي، فرق صرف ايترو ٿيندو آهي جو ننڍي ٻار يا ننڍي ماڻهوءَ جون خواهشون به ننڍيون ٿينديون آهن ۽ وڏي ماڻهوءَ يا پيرسن جون خواهشون وڏيون ۽ اعليٰ ٿينديون آهن.
    خواهشن جو وجود انسان جي وجود کان ئي شروع ٿيل آهي، حقيقي خواهش ته الله تعاليٰ جي خوشنوديءَ ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ هوندو آهي، جيڪا هر دل ۾ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين الله تبارڪ تعاليٰ جي رضا ۽ رحمت حاصل نه ڪبي، تيستائين انسان جون سڀئي خواهشون پوريون ٿيڻ ناممڪن آهن، انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها ئي هئڻ گهرجي.
    ڪاش الله تبارڪ تعاليٰ اسان جي هر ننڍي توڙي وڏي عمل مان راضي رهي ۽ اسان جي هر جائز خواهش پوري ٿي سگهي، ائين نه ٿئي جو هن شعر وانگر جو:
    ”هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي“ واري ڳالهه صحيح ثابت ٿيندي.


    مسافر پنڌ ڊوڙي ٿو

    سامعين ماڻهوءَ جو مسافر من به ڏاڍو عجيب ٿيندو آهي ۽ مسافر مَنَ جي ارڏائي ڪڏهن ڪڏهن معصوم ٻار جي آرَ جهڙا ڏاڍا عجيب انگل ڪري وجهندي آهي ۽ الئه ته ڇا ڇا گهرندي رهندي آهي، ڪڏهن ڪنهن جي پوتيءَ جو پانڌ جهلي زلفن جي گهاٽن ڇانورن ۾ ڪجهه دير لاءِ سمهي ٿڪ ڀڃڻ جو سوچيندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي لڙڪن ۾ ٻڏي لڙهي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي گلابي ٽهڪن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃائي آٿتن جي شهر ۾ دل کي درد وسارڻ جو ڏس ڏيندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي پارَن جا پير ڇهي پاڻ به خاموش اوڇنگارن جو حصو ٿي ويندي آهي، ته ڪڏهن چپن جي ساحل تي ڦٽندڙ کل جا گل اکين تي اچي، خود بهارن ۾، رابيلن جيان ٽڙي پوندي آهي.
    ڪڏهن ڪنهن اونداهيءَ ۾ سوڳ اوڍي سمهي رهندي آهي، ته ڪڏهن ڪنهن چانڊوڪيءَ کي هانو تي ليٽائي جاڳندي رهندي آهي ۽ وڇوڙن جي زرد خزان ۾ جڏهن ڪنهن جي مخمور نهارن جي بهارن مان اچانڪ ڪنهن راهه تي ڇڻي پوندي آهي، تڏهن اها پنهنجو حسن هٿان وڃائي درد جي تنها دڳن تي هيڪلائين جي چيچ جهلي هڪ اهڙي مفلس مسافري ڪندي آهي، جنهن جتي سڄي ۽ تاريخ مقدر ۾ سواءِ انڌيرن جي نه ڪو تارو کڙي سهائي ڪندو آهي ۽ نه ڪا چانڊوڪي رقص ڪندي آهي، بس رڳو انڌيرن ۾ ٻڏل راهن مٿي وک، وک تي ٿيڙ ۽ ٿاٻا وڇايل هوندا آهن، جيڪي سندس مسافر پيرن کي جهليندا رهندا آهن، بقول ڪنهن شاعر جي ته
    رهون خاموش ڪيئن جانم، ڦٽن کي ڪو ڦلهوري ٿو،
    ڪڏهن ڪينجهر پڪاري ٿي، ڪڏهن ڪو جهوڪ جهوري ٿو،
    ٻڌل ڪنهن ڳنڍ ۾ آهيون، تڏهن ئي دل نٿي جهلجي،
    اويلا ٿا اچون نڪري، سڳي کي ڪو ته سوري ٿو،
    زمانا ڇا ڪندين روڪي؟ بدن ۾ ٿي وڄي مستي،
    پرينءَ جو ڳوٺ ڳوليندي، مسافر پنڌ ڊوڙي ٿو.


      جن لاءِ دڳن ۾ ديدون هونديون آهن

    دنيا ۾ فطرت جي عمل تي يقين رکندي وقت جي وهڪري سان ڪي، ڪي انسان پنهنجي فن، اخلاق ۽ تعميري ڪمن جي اهڙي ته معطر خوشبوءِ ڇڏي گهڻو پري هليا ويندا آهن ۽ دنيا وارن لاءِ امر بڻجي ويندا آهن، جن جي خوشبوءِ هر وقت ۽ هر جاءِ تي موجود محسوس ٿيندي آهي جو بقول شيخ اياز جي ته جڏهن به ڪي حسين ۽ محبت ڀريا انسان اسان کان موڪلائي، وڇوڙو ڏئي ويندا آهن ۽ ڌرتيءَ جي سيني ۾ دفن ٿيڻ سان هو مري ڪونه ويندا آهن، بلڪ هو پنهنجي خوشبوءِ گلاب جي گل جهڙي ڇڏي ويندا آهن، اوهان کي خبر هوندي ته گلاب جو گل سڪي وڃڻ جي باوجود به ان جي ڪشش ۽ خوشبو ساڳي ئي رهندي آهي، پوءِ اهڙن امر ماڻهن جي هميشه ۽ هر جاءِ تي ڪمي محسوس ڪئي ويندي آهي، اهي ڪڏهن به وسري ڪونه سگهندا آهن، سندن ڪيل ڪارنامن ۽ خدمتن جون يادون پل پل ياد پونديون آهن ۽ خاص ڪري جن جاين ۽ جن پيچرن يا دڳن تان انهن جو گذر رهندو آهي ته اهي پيچرا ۽ دڳ ڪنهن کان به وسري ڪونه سگهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن دڳن ۽ پيچرن تي ديدون اٽڪيل رهنديون آهن ته اجهو آيا ڪي آيا، اهي مٺڙا مارو جن جي اندر ۾ آس ويٺل هوندي آهي ۽ جن لاءِ اکيون هميشه آتيون هونديون آهن.


      شال ڀرم هميشه قائم ۽ دائم رهن

    سامعين وٺي جو واءُ، مينهوڳيءَ جي مند ۾ مينهن ڪڻيون ته هر ڪنهن جون ڪمزوريون هونديون آهن ۽ ڪمزوريون ته اهي مٺا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي طبيعتن ٿڌا، شگفته، شائسته، صاف شفاف ۽ اڇا اجرا هوندا آهن اندر جا به ته ٻاهر جا به، اهڙا ئي ماڻهو هر ڪنهن جا محبوب به هوندا آهن، هڪڙن ماڻهن ۾ هڪڙي اهڙي خوشبوءِ ۽ خوبي ٿيندي آهي جنهن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ سڪ ٿيندي آهي تنهن جو ڪوبه مٽ يا مثال ڪونه هوندو آهي، ڇو ته دل وارو ماڻهو ڪڏهن به ڪونه وسرندو آهي.
    يقينن اوهان سڀ ئي ڄاڻو ٿا ته دوستين جو نڀاءُ ۽ نياءُ ڪيڏو نه نازڪ هوندو آهي ڇو ته دوستيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ ڀرڻو پوندو آهي ته جهرڻو به پوندو آهي، ۽ جڏهن نه، ڀرم ڪڏهن، ڪڏهن ڀڄي ڀور ٿي ڀري پوندا آهن ته پوءِ انسان جي اندر ۾ ايتري ته ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي جو انهيءَ مان پاڻ سنڀالي نڪري اچڻ ڪنهن موجزي کان گهٽ ناهي هوندو، پوءِ انهيءَ ڀوراڻي ۽ جهوراڻي واري ڪيفيت ۾ حضرت انسان ڪيتريون ئي بيماريون پلئه پائيندو آهي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي دوستيءَ واري ڀرم کي هميشه قائم ۽ دائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ته جيئن دوستيءَ وارو رشتو هميشه قائم ۽ دائم رهي.


      اچي عزرائيل ستي جاڳايهءِ سسئي

    اڄ دل جي ڏاڍي عجيب ڪيفيت آهي ۽ منهنجي ذهن ۾ منهنجي مرشد، ڀٽ جي گهوٽ شاهه لطيف جو هي بيت هري رهيو آهي ته
    ڪوڙين ڪايائين تنهنجون، لکن لک هزار،
    جي سڀ ڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا، چئي، ڪهڙا چوان
    واقعي سائين پريم جو ڪوبه پار ڪونهي هوندو، اهو لامحدود هوندو آهي، ان جي ڪابه پڄاڻي ڪونه هوندي آهي، هي اهو جذبو آهي هي اهو احساس آهي جنهن جي سحر ۾ گم ٿيڻ کانپوءِ، پاڻ پنهنجو نٿو رهي سگهجي، هيءَ دنيا هيءَ دولت، هي مٽيون مائٽيون، هي دوستيون، هي ڀائپيون سڀ بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون ۽ ڪائنات جي هر ذري پرزي ۾ بس محبوب جي صورت سمايل ٿي ملي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي ۽ جڏهن حضرت عزرائيل به اچي مٿان ٿو بيهي، تڏهن به اهو محبوب جو موڪليل قاصد ٿو معلوم ٿئي ته:
    اچي عزرائيل، ستي جاڳائيءِ سسئي،
    پئي ڊوڙائي دليل، ته ڪو، پنهوءَ ماڻهو موڪليو.
    ۽ ها پريم يا محبت ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڇڪ آهي، هن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو آهي جو سڄو وجود جلي وڃڻ باوجود به ڪو پتو ئي ڪونه ٿو پوي ۽ سڄو جسم لٽجي وڃڻ کان پوءِ به ڪا پروڙ ئي نٿي پوي، جنهن جي من ۾ پرينءَ جي سڪ آهي، ان کي نه ته درياهه جي دهشت ٿي روڪي سگهي ۽ نه ڪچو گهڙو سندس ارادن کي هيڻون ڪري سگهي ٿو ۽ نه جبل جا پنڌ ۽ پيچرا سندس پيرن کي روڪي سگهن ٿا، چون ٿا ته سهڻي سان سندس ڏيراڻين ڌوڪو ڪيو، جو پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچو گهڙو رکي کيس ڀلايو ويو، ليڪن سهڻيءَ کي سڀ ڪجهه خبر هئي هوءَ ڄاڻي وئي هئي ته ساڻس دوکو ڪيو ويو آهي پر جنهن کي پرينءَ سان ملڻ جي سڪ ۽ ڇڪ هوندي آهي اها گهڙي، ڪچي ۽ پڪي جي پرواهه ناهي ڪندي.


    ٻين جي دل ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ به وڏو فن آهي

    سائين منهنجا، اهي ماڻهو جن سان اسان جي ڪابه ويجهي واسطيداري ڪونه هوندي آهي، انهن جا ڪيڏا ڪڙا لفظ ٻڌي به اسان جي دل مان درد جي سٽ نه اڀرندي آهي، اسان جذباتي ضرور ٿيندا آهيون ليڪن ان جي موٽ جذباتي انداز ۾ ڏئي هلڪا ٿي ويندا آهيون، ليڪن ڪنهن به واسطيدار جو ٿورو ئي سخت لفظ به اسان جي دل کي تڪليف پهچائيندو آهي ۽ اسان جون اکيون ڀرجي اينديون آهن، ڇو ته ان سان اسان جي پنهنجائپ هوندي آهي ۽ ان مان اهڙي توقع هرگز به ڪونه رکندا آهيو، پوءِ اهي سخت لفظ سدائين لاءِ اسان جي دل جو زخم بڻجي ويندا آهن، ان ڪري پنهنجائپ واري هنڌ تي، توري تڪي ڳالهائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن بي خياليءَ ۾ ڪوبه ڪڙو لفظ نڪري به وڃي ته جلدي پنهنجي ان غلطيءَ جو احساس ڪري سامهون واري کان ان جي معافي وٺڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان اسان جي عزت ڪونه گهٽبي ۽ نه وري ننڍڙا ٿي وينداسين، بلڪ ان سان اڳين ماڻهوءَ جي دل ۾ اسان جي لاءِ عزت وڌي ويندي، وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن جي دل ٽٽڻ کان بچي پوندي.
    جيترو ٿي سگهي ٻين جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪريو پر ڪنهن جي دل کي تڪليف نه پهچايو.
    حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ اهڙيءَ طرح جوڙيو جو مري وڃڻ کانپوءِ به اوهان لاءِ اهي دعاگو بڻجن ۽ جيڪڏهن زندهه هجو ته توهان سان ملڻ لاءِ بيچين هجن، ۽ اها جاءِ تڏهن ئي پيدا ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان ۾ اهڙيون خاصيتون موجود هجن ۽ ان معاملي ۾ زبان کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، ڇو ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذهني ليول، سوچ ۽ اخلاقن وغيره جي خبر ان جي ڳالهه ٻولهه مان ئي پوندي آهي.


      سرمئي شام جو پنهنجين سکين سنگ

    سامعين، چيڪي مٽي ڳوهي چڪ تي چاڙهي چٽ ڪڍي آويءَ ۾ پچائي ته گهاگهر کي ڪنڀر ئي کڻي، ليڪن گهاگهر جي قيمت ۽ قسمت تڏهن سنوربي آهي جڏهن ڪا سُونهن ورني وينگس، گهاگهر کي ٻانهن جي وڪڙ ۾ آڻي سرمائي شام ويل پنهنجين سکين سنگ پاڻي ڀرڻ ويندي آهي ته محبوب جي دل سان گڏ ڪائنات به گنگنائڻ لڳندي آهي، شاعر منظرن کي، دردن کي، مرڪن کي، لڙڪن کي، پاڻ سان ٿيندڙ حادثن يا ٻين سان ٿيندڙ وارتائن کي اندر ۾ ولوڙي لفظن جو روپ ڏئي ڪاغذ تي وکيريندو ته آهي مگر ڪنهن غزل، گيت، نظم ۽ وائيءَ جي قيمت ۽ لاڀ تڏهن وصول ٿيندو آهي جڏهن ڪو خوبصورت ۽ مڌر آواز، ڪا سريلي ۽ رسيلي ڌن سان گڏ عشق جي حدن تائين شاعري، موسيقي ۽ سرن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارا پاٺڪ ملي وڃن.
    ڪنهن زماني ۾ راڳي لفظن جون ڪٺ مالهائون، سيني ۾ سانڍي نگر نگر، وستيءَ وستيءَ، واهڻ واهڻ، وڻجارن جيان ڀٽڪندا هئا ۽ پنهنجي اندر جي اوڳر کي ڪڍي ٻڌندڙن جو من پرڀائيندا هئا ۽ سريلا ٻڌندڙ، راڳيءُ جو نانءُ ٻڌي پري پري کان ڪهي ايندا هئا ۽ اڃين اکين کي محبوب جي يادن جا منظر روح کي سرور ڏئي پنهنجي جهول ۾ آندل دانُ راڳيءَ جي جهول ۾ نائي، خوش ٿي هليا ويندا هئا، ليڪن هاڻ ڳالهه ڪجهه ٻئي طرح جي ٿي پئي آهي، اڳي ٻڌندڙ سريلا سر ۽ سروپ جي ڄاڻ رکندڙ هئا ۽ هاڻي اها ڳالهه ان سطح جي نه رهي آهي، ڇو ته زمانو بدلجي ويو آهي.


      وقت چوي آئون بادشاهه

    سامعين وقت جي ندي، ازل کان وٺي درياءَ جي وهڪري جيان وهندي رهي ٿي، ان جو شروع کان وٺي هڪڙو ئي نيم آهي، هڪڙو سٽاءُ آهي، هڪ طئي ٿيل خاڪو آهي، ان کان نه تر هيڏانهن ٿو ٿئي ۽ نه هوڏانهن، اهو وقت جيئن جو تيئن، نڪ سامهون هلندو ٿو رهي، راتين پٺيان ڏينهن ته ڏينهن پٺيان راتيون، سانوڻ، سرءُ، سيارو ۽ بهار پنهنجي پنهنجي مند ۽ موسم جي حساب سان اچن ۽ وڃن ٿا، ڪنهن به ان نيم کي نه ٽوڙيو آهي.
    وقت جو ان ڳالهه سان ڪوبه تعلق ڪونهي ته ڪير ان کي اينگهائڻ جي ۽ ڪير ان کي تڪڙو کٽائڻ جي خواهش رکي ٿو پر وقت انهن خواهشن، چاهتن، تمنائن، پيڙائن ۽ پيار جي پيچرن کان بي نياز پنهنجي روءِ، سوءِ سان روان ۽ دوان آهي.
    عزيزان من وقت سان گڏو گڏ حضرت انسان، جنهن کي اشرف المخلوقات ڪري ڪوٺيو ويو آهي، تنهن جي سوچ به بدلجندي رهي آهي، ليڪن افسوس جو اها سوچ وقت سان گڏ پختگي ۽ مثبت پاسي وڌڻ جي بدران، منفي پاسي وڌي رهي آهي، شايد نه، بلڪه يقينن، ان ڪري جو ڪائنات جوانت به ته حضرت انسان کي پاڻ ئي آڻڻو آهي، نه!!! ڇو ته اهي سڀ سبب انسان پنهنجي تباهيءَ جا پاڻ ئي پيدا ڪندو، تان جو الله تبارڪ تعاليٰ جي جلالي حرڪت ۾ ايندي ۽ ماضيءَ جون سڀ نشانيون، جيڪي قرآن پاڪ ۾ ورجائي ورجائي بيان ڪيون ويون آهن، اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿي پونديون، اوهان پاڻ ئي اندازو لڳايو ته اڄ جو انسان آسماني ڪتابن جي علم کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي، نه ته هن کي پنهنجي ديني ڪتابن يا صحيفي جو علم آهي ۽ نه ئي آخر الزمان جي آخري ڪتاب جو علم آهي، جوابدار ڪير آهي؟ جوابدار ته انسان پاڻ ئي آهي، ليڪن هتي ته انسانن ۾ درجه بندي آهي، ان ڪري سڄي انسانيت کي جوابدار نٿو بڻائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نيڪ، صالح، عابد، زاهد ۽ ڀلائيءَ ڏانهن سڏڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ وارا به موجود آهن، پوءِ انهن جي سڏڻ ۾ ۽ روڪڻ ۾ اهو اثر ڇو نٿو نظر اچي، ڇا ٿي ويو آهي اسان کي، ڇا ٿي ويو آهي انسانن کي.


      عشق جو اعلان سري عام ڏيندڙ شاعر

    هن جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ اڄوڪي عاشق، پيار، محبت، سڪ ۽ سوز جي عذاب کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي. اڄ به هن ڀونءِ تي اهڙا ڪيترا عاشق ۽ سرموڙ ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن کي دل ڏين ٿا ته موٽ ۾ به دل جي ئي آرزو رکن ٿا.
    اهڙا ئي محبت جا متوالا، پيار جا پوڄاري، عشق جا امام، سچ جا ساٿاري، محبوب جي تصور ۽ معاشري جي هڪجهڙائي نه هئڻ ڪري، شعر جي صورت ۾ پيش ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا رهن ٿا ۽ هر هال ۾ شاعري سندن مضبوط ۽ ڪارائتو هٿيار هوندو آهي، ڇو ته بقول استاد بخاريءَ جي ته مسلسل لکڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به خاموش ويهي ڪونه سگهندو آهي،
    لکڻ زندگي ۽ زندگي ڪيئن ڇڏجي،
    لکڻ بندگي ۽ بندگي ڪيئن ڇڏجي،
    ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
    رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
    شاعر جڏهن به غمن جي دور مان گذرندو آهي، تڏهن به شاعريءَ جو سهارو وٺندو آهي ۽ جڏهن کيس خوشيءَ جا خزانا هٿ لڳندا آهن ته تڏهن به هو شاعري جي ذريعي ئي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندو رهندو آهي، اهڙيءَ طرح وري جڏهن ڪنهن مظلوم ۽ مجبور جي حق تلفي ڏسندو آهي تڏهن به سندس قلم حرڪت ۾ ايندو آهي، ڪمزورن ۽ بي سهارن ۾ شاعريءَ جي سگهه وسيلي جوش ۽ ولولو پيدا ڪري وٺندو آهي، سچ ۽ حق جا متوالا هميشه پيار وارن کي عشق جو اعلان ۽ پيغام به سرعام ڏيندا آهن، پوءِ ڪو حق مڃي ٿو يا ڪو نٿو مڃي اهو هر ڪنهن جي مرضيءَ تي ڇڏي ٿو ڏجي، اهي سڀ ڳجهه جون ڳالهيون آهن.
    ڏٺو وڃي ته شاعر پنهنجو حسين عشق ۽ راڳيءَ پنهنجو حسين فن ڪونه ڇڏيو آهي پر روڳن ۽ راڳين جا معيار بدلجي ويا آهن، اڳ ۾ روئيندڙ اک سان دل دماغ ۽ جهريل روح به گڏ هوندو هو، ليڪن هاڻي لڙڪ اکين کان ڳلن تائين ايندي ايندي اوپرا محسوس ٿين ٿا، سڏڪا چپن کان نڪرندي دل کي تنها ڇڏي ٿا اچن، مقصد ته ماڻهو پنهنجي وجود کان به اوپرو ٿيڻ لڳو آهي، کلڻ به اداڪاري ته روئڻ به اداڪاري وارو ٿي پيو آهي، فقط زخمي روح آهي جيڪو سراب پٺيان ڊوڙندو ٿو رهي، جڏهن کان ڪاغذ ۽ پلاسٽڪ جا گل بازارن ۾ وڪامڻ لڳا آهن ته نفيس ۽ نازڪ گلن جا خريدار ڳولڻ سان به ڪونه ٿا ملن، اها الڳ ڳالهه آهي ته گلاب جا گل گهوٽ جي ڳچيءَ جي هار ۽ اڪثر مزارن لاءِ خريد ڪيا ويندا آهن ۽ خوبصورت ٻول ڪتابن لاءِ ۽ خوبصورت آواز هاڻي فقط نوحا پڙهڻ لاءِ وڃي بچيا آهن، بهرحال اسان جي دعا آهي ته شال رب پاڪ اسان ناچيز بندن تي رحم ڪري ۽ شال زندگيءَ جو هي ٻيڙو ترون تار ۽ ترندو رهي ۽ اسان جون حياتون رب پاڪ جي امان ۾ بهتر ٿينديون رهن.


      ڇانورن بنا وڻ ڪهڙي ڪم جا

    عزيزان من هر انسان جي دل هڪ وڻ وانگر ٿيندي آهي.
    بس ڪنهن جي دل جو وڻ سرسبز ۽ سائو رهندو آهي ته ڪنهن جي دل جي گهاٽي ڇانو واري وڻ کان ماڻهو موسم خزان بڻجي کانئس پن پن به کسي ويندا آهن ۽ نتيجتن جڏهن اهو وڻ کين اُس جو احساس ڏياريندو آهي ته چوندا آهن ته ڇانورن سواءِ وڻ به ڪهڙي ڪم جا، يا مثال طور ائين به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي“.
    ڏٺو وڃي ته انسان جي به عجيب تاريخ آهي، نه مستقبل جي فڪر کان آجو، نه ماضيءَ جي پراڻين يادن کان غافل ۽ نه ئي وري حال کان مطمئن، عجب بيچيني خلقڻهار انسان جي ضمير ۾ رکي آهي، جو هو اطمينان جهڙي املهه ڪيفيت کان ازل کان پري رهندو آيو آهي ۽ وقت گذرندو رهندو آهي، بچپن رخصت ٿي ويندو آهي، رانديڪا ٻيا ته سڀ ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن، بس خواب رانديڪا، ثابت ٿي سلامت رهندا آهن، سرحدون ٽپي به پيا انهن سان کيڏندا آهن، وقت انسان جيان نٿو بدلجي ته ڇا ٿيو، ته وقت سان گڏو گڏ مٽجي ويا آهيون، نه ڳالهه ساڳي ئي آهي، اهو ضروري آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجون غلطيون ضرور مڃڻ گهرجن، پنهنجي غلطين جي ڪري هن ڪٿي شڪست کاڌي آهي؟ ڪڏهن به نه، هن ڇا ڇا وڃايو آهي؟ انهيءَ جو اعتراف ڪري نئين سر ابتدا ڪري سگهجي ٿي، اها به هڪ واٽ آهي، پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اندر کي سکي رکڻ جي.


      زندگي گذارڻ لاءِ مستقل مزاجي ضروري آهي

    زندگيءَ جون جيتريون خوبصورتيون آهن انهن جي پويان ايتريون ئي بدصورتيون به آهن، انساني فطرت ۾ نيڪي ۽ بدي، تلخي، بلندي، انا، ڪوڙ، سچ، لوڀ ۽ لالچ ۽ خودغرضي جو هڪ عجيب ميلاپ آهي، انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق ڪرڻ به ڏکيو ٿيو پوي ۽ نيڪي بدي ۽ بدي نيڪي بڻجيو پوي ۽ پوءِ جڏهن انسان انهن سڀني شين تي سوچي ٿو، ويچاري ٿو ته کيس زندگي انتهائي کوکلي نظر اچڻ ٿي لڳي ۽ هر شيءِ بيڪار نظر ٿي اچي.
    ڪنهن جي لاءِ، ڪنهن لاءِ، ڇو ۽ ڇا لاءِ، جا سوال ٿا دل ۾ جنم وٺن ۽ پوءِ خود ئي انهن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تنهنڪري انساني دل جوعلاج يعني ان جي ڌڙڪن سمجهڻ ڏاڍي ڏکي شيءِ ٿيو پوي، ماڻهو سمجهي ئي نٿو سگهي ته ويراني ڇا آهي، خاص ڪري دل جي ويراني، اندر جي موسم بابت سمجهڻ ۽ انهيءَ بابت فيصلو ڪرڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي، جڏهن ماڻهو ئي کوکلو ٿيو وڃي ته ڪنهن ڏاهي چواڻي ته ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ٿو ڪري سگهي ته سڪل کوپڙين جو منظر وڌيڪ دهشتناڪ ٿئي ٿو يا مرجهايل دلين جو.
    عزيزان من: انسان کي پنهنجي زندگي سٺي گذارڻ لاءِ مستقل مزاجي ضروري هوندي آهي، ڇو ته مستقل مزاجي نه هجڻ ڪري زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها اچي سگهن ٿا، ڏسو نه، جڏهن توهان ڪنهن به ڪم لاءِ سٺيءَ ريت سوچي ۽ سمجهي ورتو آهي، پنهنجن گهروارن ۽ پنهنجن دوستن سان صلاح مشورو به ڪري ورتو آهي ۽ سڄي حقيقت به ڄاڻي ورتي آهي، ته پوءِ هاڻي وقت آهي عمل ڪرڻ جو، اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي ته ماڻهو ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي تياري ته ڪري وٺندا آهن ليڪن ان تي عمل ڪونه ڪري سگهندا آهن، اوهان جيڪڏهن پنهنجي ڪم طرف ڌيان ڏئي ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪندا ته ان ڪم جو نتيجو به سٺو ۽ پائيدار نڪرندو.
    ياد رکو ته زندگيءَ ۾ ڪاميابي تڏهن حاصل ٿيندي آهي جڏهن توهان پنهنجن منصوبن کي عمل ۾ آڻيو ٿا، جيڪڏهن اوهان جي ملاقات اتفاق سان اهڙن ماڻهن سان ٿي هجي، جيڪي حقيقت ۾ ڪامياب انسان هوندا آهن ته توهان انهن کي ڏسي اهو ضرور نوٽ ڪيو هوندو ته اهي ڪيترا مستقل مزاج هوندا آهن ۽ هميشه ثابت قدم هوندا آهن، ڇو ته مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ جي بنا، توهان ڪابه وڏي ڪاميابي ماڻي ڪونه ٿا سگهو.
    ۽ توهان لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته توهان جي خوابن جي پورائي ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ثابت قدم رهڻ ۽ مستقل مزاج هجڻ ضروري آهي.


      مهان ماڻهن کي وساري سگهجي ٿو ڀلا

    سامعين، اها هڪ اٽل ڳالهه آهي ته هر ساهه واريءَ شيءِ کي موت جو مزو چکڻو ئي پوي ٿو، ڇو ته آخر ۾ ڪائنات جي هر شيءِ مٽيءَ ماءُ جي سيني ۾ دفن ٿيو وڃي، پوءِ ماڻهو چاهي پنهنجي طبعي موت مري وڃي، درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ساهه ڏئي، يا زهر کي امرت سمجهي پي مري وڃي، ۽ اهو به سچ آهي ته هر شيءِ فاني آهي، ليڪن ڪي ڪي شيون پنهنجي سوچ ۽ شعور سان بقادار ڪاوشون جوڙي امرتا جي آئيني ۾ عڪس بڻجي رهن ٿيون، هونئن به هي دنيا عارضي آهي، ليڪن ڌرتيءَ جي سيني تي، جيجل مٽيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪي ڪي مهان ماڻهو ڌرتي آڳر تي پنهنجي حسن ڪاريءَ، تحقيق، تخليق، تخيل ۽ ايجاد سان اهڙيون بامعيار ۽ ابديت سان نوازيل چيزون جنمين ٿا، جنهن سان هو مرڻ بعد به پنهنجي شاهڪار حوالن جي صورت ۾ وجود رکن ٿا ۽ مٽي ماءُ کين پنهنجي هنج ۾ سمهاري به پنهنجي گلقندي ٻوليءَ ۾ امرت ڌارائن جهڙيون لوليون ڏيندي رهي ٿي، ليڪن ڪنهن جي جوڀن جا ارپيل، پيار، نينهن نواز مرڪون، جوش و جذبا، ايثار ۽ مستقل لاءِ سوچ جون لاٽون زندهه رهن ٿيون ۽ سندس دل ۾ سمايل شاهڪار تهذيب تا ابد زنده رهن ٿيون ۽ اهي مهان انسان ڪڏهن به وسري ڪونه ٿا سگهن ۽ اهي ئي مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڪيون هن فاني جهان مان هليا ويندا آهن، صرف ۽ صرف رهجي وينديون آهن انهن جون گلابي يادون يا خيال ۽ لفظ.


      ڪي ڪي ننڍيون عمريون ڊگهيون به ٿي پونديون آهن

    سائين منهنجا، چوندا آهن ته حياتي سئو سال جي هجي يا سٺ سال جي پر حقيقت اها آهي ته اها ننڍڙي هجي ٿي، جنهن جو دليل اهو آهي ته سڀ سڄاڻ ماڻهو ائين ئي چوندا آهن ته يار عمر ننڍڙي آهي، اسان جي سنڌ جي عوامي اديب ۽ شاعر استاد بخاري به هڪ جاءِ تي ائين ئي چيو آهي ته
    مرڪي خدا خضر جي، مون کي ڏئي حياتي،
    ڪُرڪي چوانس، ڪاٿي، ٿوري نه ٿي پوي.
    ليڪن منهنجا سائين اهو به سورهانا سچ آهي ته اهي مختصر عمريون ڊگهيون به ٿي وينديون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪڙيون حياتيون اثبات جي پاسي ڏانهن اينگهجنديون رهنديون آهن ۽ ٻيون وري نفيءَ جي طرف گهلينديون رهنديون آهن ۽ انساني اتهاس انهيءَ سچائيءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهي ته ڪيترن ماڻهن پنهنجون وڏيون، وڏيون عمريون گذاريون ليڪن سالن تائين به اهي ماڻهو، دنيا وارن جي لاءِ يادگيرين جو محور بڻجي نه سگهيا، ليڪن ڪيترن ماڻهن تمام ننڍڙيون حياتيون ماڻيون ۽ صدين پڄاڻان به سندن نالن ۽ ڪيل عملن جو اثر رهيو ۽ انساني عمر تائين کين ياد رکيو ويو ۽ ياد ڪيو ويندو.
    اها وري ٻي ڳالهه آهي ته هڪڙا ماڻهو منفي حوالن سان متعارف ٿيل هوندا آهن ۽ سندن تعارف ساڳيو ئي رهندو آهي ۽ ٻيا ماڻهو انساني عظمتن جي مثبت پاسن سان سڃاتا ويندا آهن ۽ هميشه صدين تائين سڃاتا ويندا.
    ظاهر اهو ٿيو ته ماڻهن جون عمريون سندن عملن جي آڌار تي اينگهجنديون رهنديون آهن ۽ هو پنهنجن پنهنجن حوالن سان حيات رهندا آهن، زنده رهندا آهن،پنهنجي ننڍي عمر ۾ ئي وڏي قدر وارا انسان بڻجي ويندا آهن.


    محبت هڪ عالمگير جذبو

    سامعين، محبت هڪ عالمگير جذبو آهي، جيڪو پنهنجي معنيٰ جي لحاظ کان لامحدود آهي، محبت زندگيءَ جو هڪ حسين ۽ پاڪ جذبو آهي ۽ محبت ٻن انسانن جي وچ ۾ هڪ حسين ۽ خوشگوار تعلق جو نالو آهي، هي محبت وارو تعلق ڪنهن بي جان شيءِ سان به ٿي سگهي ٿو، محبت زندگيءَ جو حسن پڻ آهي ۽ محبت هڪ نيڪي، سڪون ۽ خوشي ڏيندڙ احساس به آهي، جيڪو انسان جي دل ۽ دماغ جي سطح تي هلي، انسان جي دل کي قرار بخشي ٿو ۽ زندگي جي تمام گهڻي اهميت، محبت جي پاڪ جذبي جي ڪري ئي قائم ۽ دائم آهي، ڇو ته زندگيءَ جي جيئڻ جي اميد صرف ۽ صرف محبت جي جذبي جي ڪري ئي آهي، ڏسو نه، هر انسان جي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان محبت، ڀائرن ۽ ڀينرن سان محبت، يارن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان محبت، پنهنجي گهر ۽ گهروارن سان محبت ۽ وطن سان محبت، بلڪ زندگيءَ سان جڙيل سڀني شين سان محبت انسان جو هڪ فطرتي عمل آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ان محبت تي به، جيڪا خدا تعاليٰ جي پنهنجن ٻانهن ۽ اشرف المخلوقات سان آهي ۽ خاص ڪري اسان سڀني کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته دنيا ۾ محبت جو لافاني جذبو هڪ ماءُ جي دل ۾ پنهنجي اولاد لاءِ جيڪو سمنڊ کان به وڌيڪ گهرو هوندو آهي، اهو ڪيڏو نه پاڪيزه هوندو آهي، بهرحال منهنجي دعا آهي ته اوهان جي پنهنجن سڀني سان محبت سمنڊ جهڙي گهري هجي ۽ اوهان جي زندگيءَ جا سمورا خواب سهڻي تعبير ماڻي سگهن ۽ هميشه اوهان جي جهول محبت جي پاڪيزه جذبي سان سائي ۽ ستابي هجي.


      ڪي ڪي خوشنصيب ماڻهو

    سائين منهنجا، اهي ماڻهو ڏاڍا خوش نصيب هوندا آهن جن کي سمهڻ سان ئي ننڊ وٺي ويندي آهي ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ايترو ته پري هليا ويندا آهن جو کونگهري جو ٺڪاءُ شروع ٿي ويندو آهي.
    ڪي ماڻهو وري جيستائين مطالعو نه ڪن ڪنهن ڪتاب يا اخبار جو ته کين ننڊ ئي نه اچي، ڪي وري جيستائين خود به موسيقي ٻُڌن ۽ اوڙي پاڙي وارن کي به بيزار نه ڪن ته کين ننڊ ئي نه اچي ۽ ڪي ماڻهو رات جو چانهه پيئن ته ننڊ نه اچي ۽ ڪي وري سمهڻ مهل کير جي جاءِ تي چانهه جو ڪوپ هڻن ته کين ننڊ اچيو وڃي.
    ٻارڙا گذريل دور ۾ ڏاڏي يا نانيءَ کان آکاڻيون ٻڌي پوءِ ننڊ ڪندا هئا ۽ هاڻي جيستائين ٽي وي تي ڪارٽون نٿا ڏسن ته کين ننڊ ڪونه ٿي اچي، يا ماني کائڻ مهل ڪارٽون نه ڏسن، تيستائين ماني ڪونه کائين ۽ هاڻي وڏڙن ۽ والدين کي اولاد جي مستقبل لاءِ سوچيندي سوچيندي ننڊ اچيو وڃي ته ڪن کي وري ننڊ ۾ ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ جي عادت هوندي آهي ۽ ڪن کي وري ننڊ ۾ هلڻ جي عادت به هوندي آهي، ته ڪن کان وري ننڊ ڪوهين ڏور هوندي آهي ۽ سوچيندي سوچيندي سج اڀاري ڇڏيندا آهن.
    ننڊ صحت لاءِ ضروري آهي، جيئن انسان لاءِ خوراڪ ضروري آهي، تيئن ننڊ انسان لاءِ هڪ جياپو آهي، ڀلا جيڪڏهن ڪنهن جي ننڊ نيڻن ۾ نه هجي، يا ٻيو ڪو سبب هجي ڪو ياد آيو هجي، ڪو عشق لڳل هجي ته ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪو ڏوهه ته ڪونهي نه، اها ڳالهه سنڌ جو هڪ خوبصورت شاعر جواد جعفري به ڪري ٿو ته
    اڃان ننڊ نيڻن کي آئي نه آ،
    اڃان ياد ڪا موڪلائي نه آ.


      اسان جي مهمان نوازي ۽ رسمون

    مانوارئو، هيءَ اسان جي سون ورني ڀونءِ، هميشه امن، شانتي، محبت ۽ مهمان نوازيءَ جو مسڪن رهي آهي، هن ڌرتيءَ جي مهمان نوازيءَ جا قصا، سموري دنيا جي تاريخ ۾ رقم ٿيل آهي، هتان جي شاندار رسمن کي دنيا جي ڪيترين ئي قومن نه صرف ساراهيو آهي پر انهن شاندار رسمن دنيا جي ٻين قومن تي تمام گهڻا اثر به ڇڏيا آهن، ڇو ته ماضيءَ ۾ ماڻهو سام تي پنهنجا سر گهور ڪري ڇڏيندا هئا، نياڻي ميڙ ٿي آئي ته الائي ڪيترا خون ۽ رنجشون به معاف، اوطاقن تي شام ويلي ڪچهريون، ڪچهرين ۾ هڪ ٻئي کان حال احوال ورتا ويندا هئا، درد ۽ سور اوربا هئا ۽ گڏجي دردن جي درمان جو بندوبست ڪيو ويندو هو، علم ورهائڻ يا تعليم ڏيڻ جي عيوض پئسن جو ته ڪوئي تصور ئي ڪونه هو، سالن جا سال امانتون محفوظ، امانت ۾ خيانت ڄڻ عظيم گناهه تصور ڪيو ويندو هو، ڇا ته خوبصورت ۽ دلڪش ماضي هو پنهنجو...
    ۽ دور حاضر ۾ ڏسون ٿا ته پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون، پاڙي وارن سان ويڙهه، ڀاءُ جو ڀاءُ سان وير، نه ڪچهريون، نه ئي سور اورڻ، نه علم جي ڳڻتي، نه امانت محفوظ ۽ نه ئي وري نياڻين جو ساڳيو تقدس، ماني دير سان ملڻ تي ڀيڻ يا گهرواريءَ جو خون، ڪاروڪاريءَ جي روش به هڻي هنڌ ڪيو آهي، نه سوچ نه فڪر.
    منهنجا مانوارءُ، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻ کي بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته حياتي بي بقا آهي، پنهنجي حصي جي بهتري آڻڻ اوهان جو ۽ اسان جو فرض آهي، رشتن جي سڃاڻپ جنهن ۾ نه هجي ته ان کي الله تعاليٰ ئي هدايت ڏيندو.


      رشتن جي ڄار ۾ جڪڙيل انسان

    عزيزان حيات، ڪائنات جي هن حسين ۽ وسيع چادر هيٺ، قدرت جا ڪيترائي ڪنول انڊلٺي رنگ وکيرجن ٿا ۽ اهي خوشبوءِ جي جذبن سان پيار جي رشتن ۾ ٻڌل هوندا آهن، هن دنيا جون دلڪش ديدون ۽ خوش نما خماريل پٽن جهڙيون رتون، ڪنهن رشتي سان ئي حياتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جو هار بڻيل آهن.
    هن لوچيندڙ لوڪ ۾ انسان پنهنجي جنم کان وٺي مختلف رشتن جي ڄار ۾ جڪڙيل رهي ٿو، اهي رشتا ڪي ورثي ۾ کيس نصيب ٿين ٿا ته ڪي وري هو پاڻ جوڙي وٺندو آهي، ليڪن لوڪ جي رسمن انهن کي ٻه الڳ الڳ نانءُ ڏنا آهن، هڪ دل جو رشتو، يعني دوستيءَ جو رشتو جنهن کي هڪ عظيم رشتو ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو انسان پاڻ جوڙي ٿو جنهن سان ڪوبه رت جو ڳانڍاپو ڪونه هوندو آهي، ڇو ته دوستيءَ جو رشتو واقعي دل وارو رشتو هوندو آهي، هن سٻنڌ جو جيون آرڀ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن پيار، پنهنجائپ، همدردي ۽ محبت جهڙا ڪومل احساس ڪنهن اجنبي اکين سان، من جي معصوم محل کي ڇهن ٿا ته هنن جي هم خيال ۽ هڪجهڙي سوچ اسان جي خاموش خيالي ٻيٽ جي پيٽ تي چنڊ جيئن اڀري، متاثر ڪرڻ لڳندي آهي ته اهي البيلا اجنبي جيون راهه ۾دوستيءَ جو نانءُ ماڻين ۽ اسان پنهنجي دل جا سمورا حال انهن سان اورڻ لڳون ٿا.
    هڪ بهترين ۽ سچار دوست الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان مليل هڪ نعمت هوندو آهي، ڇو ته بهترين يار ۽ دوست هڪ گلاب جي گل وانگر هوندو آهي، ان ڪري پنهنجن سٺن دوستن سان ڪڏهن به دوستي ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪيو، ڇو ته اهڙا دوست زندگيءَ جو سرمايو هوندا آهن ۽ هميشه يارن دوستن سان پريت جوڙي رکجي ته هميشه سٺو لڳندو آهي.


      انسان درگذر ۽ قربانين جي ڪري هميشه زنده رهي ٿو

    سامعين، انسان جي زندگي هڪ پاڻيءَ جي ڦوٽي سمان آهي، ۽ انهيءَ حيثيت کي ختم ٿيڻو آهي، اڳ يا پوءِ ڇو ته موت اڻٽر ۽ برحق آهي.
    زندگيءَ ۾ انسان عظيم ۽ امر اهو آهي جنهن جا فعل ۽ اعمال عظيم آهن، جيڪي سندس فنا ٿيڻ بعد به فنا ڪون ٿا ٿين ۽ سدائين ماڻهن جي دلين تي تازا ۽ توانا نقش قائم ۽ دائم رهن ٿا، منهنجي خيال ۾ انهن خيالن ۽ اصولن جي ڪري، انهن جي قربانين جي ڪري ئي انسان ڄڻ هميشه زنده رهي ٿو، ڏسو نه جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ، پيءُ يا ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي تصوير اڳيان سلام ڪري دل ۾ عقيدت ۽ محبت جا ڪئين مڻ کڻي، اکين مان چند موتي ڪيرائي ته اهو بندي جي بندگي ۽ انسان جي عظمت جو اعليٰ ترين روحاني اعتراف آهي، وڏڙا مثال ڏيندا آهن ته ڀت هميشه بنياد تي ويندي آهي، ڇو ته جيتري ڀت مضبوط هوندي ته ان جو بنياد ان کان به وڌيڪ مضبوط سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ئي عظيم انسانن جي اولاد به عظيم ليکي ويندي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو معاشري جي ور چڙهيل اهي شخصيتون جيڪي غلط روين طرف گامزن هونديون آهن ته اهي ماڻهو عظيم چورائڻ کان قاصر هوندا آهن ۽ ڪڏهن به عام ماڻهن جي دلين کي کٽي ڪونه سگهندا آهن، ڇو ته جيڪو ماڻهو پنهنجن روين ۾ صحيح هوندو آهي، اهو ئي ڪامياب زندگي گذاري سگهندو آهي، بهرحال هتي ته منهنجا سائين هرشخص جي مٿان چهرو چڙهيل آهي ڪاڏي وڃجي.


      حُسن کي پوڄي وٺو، پوڄي وٺو

    ماڻهوءَ جي پسند يا ناپسند جو حسن ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، حسن جي ڪا معروضي حقيقت ڪانهي، تنهنڪري هر ماڻهوءَ وٽ حسن جا پنهنجا معيار ۽ ماپا ٿين ٿا، ڪنهن کي ڳاڙها ڳل ۽ ڀورا وار وڻن ٿا، ته ڪنهن کي ڪجليون اکيون ۽ ڪارا ڪجل ڪهن ٿا، ڪنهن کي چپ گلابي ۽ رخسار عنابي ٿا وڻن ته ڪنهن کي مکڙو مشڪي ۽ وار گهنڊيدار وڻن ٿا ۽ ڪنهن جو ظرافت تي زور ته ڪو شرافت جو شيدائي، ڪو گفتار شيرين جو شوقين ته ڪو مٺي به ماٺِ تي مفتون، ڪنهن کي بي باڪ ۽ بهادر گهرجي ته ڪنهن کي نازڪ ۽ نفيس، ڪنهن کي سنجيده ۽ برد بار ٿو وڻي ته ڪنهن کي چنچل ۽ تيز ترار، ڪنهن کي علميت ڀري امانت ٿي موهي ته ڪنهن کي ذهانت ۽ ڪنهن کي دلبر دلنواز ٿو گهرجي، ته ڪنهن کي ناز پرور ۽ نظر شناس، مطلب ته حسن انسان جي قلب جي طمانيت جو باعث بڻجي ٿو، انسان کي خوشي محسوس ٿئي ٿي جڏهن هو حسن جو ڪو جلوو پسي ٿو ۽انسان جي يادداشت ۾ خوبصورت عڪس محسوس ٿين ٿا ۽ دماغ جي دهلڙيءَ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا ۽ خاص ڪري وري شاعر جڏهن حسن جو ڪو جلوو پسي ٿو ته هن جي ذهن ۾ ڪيتريون ئي تحريرون ۽ لفظ جنم وٺن ٿا ۽ جڏهن گلابي چپڙن جي ڳالهه کلي ٿي پوي ته شاعر هڪدم پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪن ٿا.


      پر سڪون زندگي گذارڻ لاءِ ٻين جي ڪم اچڻ گهرجي

    مانوارئو: سماج بلاشڪ ته براين ۽ بڇڙاين سان ڀريل هجي ليڪن ڇا ڪجي، ڏٺو وڃي ته وک وک تي تڪليفون ۽ مسئلا آهن، ڏک آهن، پريشانيون آهن، ماڻهو پنهنجي زندگي، پنهنجي مرضي مطابق نٿو گذاري سگهي،
    سڀ ڪجهه صحيح آهي، پر پوءِ به سج ته روزانو ساڳيءَ تازگيءَ سان اڀري ٿو، ستارن ڀري اُڀ جي سهائي ۽ حسن ۾ ته ڪابه گهٽتائي ڪونه آئي آهي، پوءِ اسان ئي پنهنجن ڏکن، تڪليفن ۽ محرومين کي روڳ بڻائي هڪڙي بي رنگ ۽ مئل قسم جي زندگي ڇو ٿا گذاريون.
    هڪ اجري، قيمتي ۽ اعليٰ قسم جي پوشاڪ پاتل ٻار توڙي هڪ ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا اوڍيل ٻار ساڳئي نموني زندگيءَ سان ڀرپور مرڪ مرڪي سگهندا آهن، اهو به صحيح آهي ته زندگيءَ جو آسمان خوابن ۽ خواهشن جي چنڊ، ستارن سان ئي سهڻو لڳندو آهي، ڀلا جيڪڏهن صحرا ۾ رهي هڪ گلزار جو سپنو اسان جي اکين جي دڳ تي محو سفر ناهي ته زندگي هڪ زخم ۽ ڀوڳنا کان سواءِ ڪجهه نٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن ڪو ڏک يا پيڙا توهان جي اندر ۾ گهر ڪري ويهي رهي آهي ته ان کي ڪوري ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ ۽ خوشيءَ ۽ سک تائين رسائي حاصل ڪرڻ ئي توهان جي پهرين ۽ وڏي اوليت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي پرسڪون بنائڻ لاءِ ٻين جي ڪم اچڻ گهرجي، پنهنجن لاءِ ئي سهي، انهن جي ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، پوءِ اوهان ڏسو ته زندگي ڪيڏي نه سُڪون واري ٿي گذري، جڏهن اسين محبت جا گلاب پيدا ڪنداسين ته انهن گلابن جي خوشبوءِ سان نفرتن جا وجود ختم ٿي ويندا.


      دنيا ۾ عابد ۽ زاهد اڃان به موجود آهن

    سائين منهنجا وقت سان گڏ حضرت انسان جي سوچ به تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ ڪائنات جي هن وشال ڪئنواس تي دنيا جو مستقبل ۾ جڙندڙ خوبصورت خاڪو، لڪيرن ۾ ٺهيل ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪيترن ايامن کان موجود آهي، جنهن تي ڪنهن برش سان ته ڪنهن تيشيءَ يا هٿوڙي سان ته ڪنهن قلم ڪار پنهنجي قلم جي نوڪ سان پئي سونهن ۽ سوڀيا جا رنگ ڀريا آهن.
    هيءَ دنيا اڄ جنهن دل لڀائيندڙ انداز ۽ روپ ۾ نروار بيٺي آهي، سندس ان سونهن ۽ سوڀيا ۾ الائي جي ڪيترن فنڪارن، تخليقڪارن، ليکڪن، عالمن ۽ استادن جي محنت جو پورهيو ۽ پگهر شامل آهي، اهي سڀئي رنگ جيڪي اسين ڏسي ۽ پسي رهيا آهيون، انهن ۾ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا اسان واقعي اها لهر پيدا ڪري سگهيا آهيون يا اها لهر اڀاري سگهيا آهيون، يا نه...؟ ڇا ڪجي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڄ جو حضرت انسان آسماني ڪتابن جي علم کان تمام گهڻو ڏور ٿي ويو آهي، نه ته، هن کي پنهنجي ديني ڪتابن يا صحيفي جو علم رهيو آهي ۽ نه وري آخرالزمان جي آخري ڪتاب جو علم آهي، جوابدار ڪير آهي...؟ جوابدار ته انسان پاڻ ئي آهي، ليڪن هن سماج ۾ انسانن جي درجابندي موجود آهي، ان ڪري سڄي انسانيت کي جوابدار نٿو بڻائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اڃا ڪي آهن واري واٽ کي ڏسندي، انهن ۾ نيڪ، صالح، عابد، زاهد ۽ ڀلائيءَ ڏانهن راهه ڏيکاريندڙ ۽ برائي کان روڪيندڙ به موجود آهن.


      زندگيءَ جي يادن ۽ يادگيرين جو سفر

    عزيزان حيات، ڏٺو وڃي ته انسان جي زندگيءَ ۾ يادن ۽ يادگيرين جا به عجيب سفر هوندا آهن، ڇو ته يادگيرين جي سفر ۾ رلندي، اکين جي اوطاقن ۾ ڪي ميرڙا صبح به اڀري ايندا آهن ۽ من جي اڃايل ڪينجهر تي ستمگر هوائون گلابي تمنائن جا گلاب ارپي وينديون آهن ۽ جڏهن من جي ويران بستي سنجوڳ جوڙيندي آهي ته نيڻ انيڪ روڳ ڀوڳيندا آهن، ڪٺور پيار جا رستا اڙانگا، الفتي منظر، جگر کي جهوري وجهندا آهن، پوءِ جڏهن ڪو مسافر ان واٽ تان گذرندوآهي ته اهو اڻڄاڻ مسافر ڪنهن اجنبي وانگر ان سفر ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي ويهندو آهي، ليڪن الائي ڇو، زندگيءَ جي اها فلاسافي، اسان جهڙن اٻوجهه انسانن کي سمجهه ۾ ڪانه آئي آهي.
    اکين ۾ رتوڇاڻ خواب ۽ پيرن هيٺان لتاڙجي ويل گلاب، ٻنهي جو درد، سرد شامن جهڙو هوندو آهي، سوچن جي ساگر ۾ سڀ جذباتي معنيٰ لڳندا آهن پر ڇا... دل جا رشتا به سِم ڪارڊ جي نيٽ ورڪ وانگي تبديل ٿي سگهن ٿا..؟ ڇا روح جي رومالن تي لکيل نانو وقت جي وهڪرن سان ڌوپجي مٽجيو وڃن ٿا، ڪڏهن به نه...!!
    دلين جا رشتا ته پٿر تي لڪير هوندا آهن، جيڪي زمانن بدلجڻ جي باوجود به ڪونه مٽبا آهن، پنهنجن رشتن مان جيڪا سونهن ۽ سوڀيا محسوس ٿيندي آهي ڪنهن ٻئي مان پنهنجن جهڙي خوشبوءِ ڪونه ايندي آهي.
    سائين منهنجا اسين ماڻهو، پنهنجي پنهنجي وجود ۾ ڏکن ۽ سکن تڪليفن ۽ راحتن، اميدن ۽ نااميدن، خوابن ۽ تعبيرن جو هڪ اسٽور کڻي جيئندا آهيون ۽ يادن جا انبار گڏ ڪندا رهندا آهيون، ته ڪڏهن انيڪ گم ٿي ويل يادگيريون، شعور جي سطح تي تري اينديون آهن، ته پوءِ سمنڊ جيترو گهرو پيار ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي ته آسمان جيڏي اوچائيءَ جيتري عزت ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي، دنيا جي ست رنگي نظارن جيڏي يقين ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي، ڪنهن جا چيل هي جملا به دل چاهيندي آهي ته ڪنهن سان شيئر ڪجن، جيڪڏهن تون چنڊ کي تڪين ته مون کي ياد ڪجانءِ، ڪنهن جي به ڪنهن ڳالهه تي کلين ته مون کي ياد ڪري ڇڏجانءِ، ڪتاب عشق جڏهن به تون پڙهين ته مون کي ياد ڪري ڇڏجانءِ، منهنجي پيار جي خوشبوءِ ۽ منهنجي ياد جيڪڏهن اچنئي ته مون کي ياد ڪري ڇڏجانءِ، پر ڪڏهن ڪڏهن دنيا وارا هئين به چوندي ڪونه ٿڪبا آهن ته:
    ائين ڏوهه محبت جي تي، سزا ڏيندي آهي دنيا
    کلندڙ چهرن کي روئاري ڇڏيندي آهي دنيا
    جيئون ٿا ته جيئڻ جي سزا ڏيندي آهي دنيا.

    ڪيستائين ڪوئي احسان محبت جو کڻون،
    هر روز هڪ نئون زخم لڳائيندي آهي دنيا،
    اهڙيءَ طرح اونداهين ۾ ڪمي ايندي ڪيئن،
    جو ديپ ٻاريان ٿي ته اهو وسائي ڇڏيندي آهي دنيا.


      بي دردن کي هر موسم، وڇوڙي واري لڳندي آهي

    سائين منهنجا پنهنجي هن وطن عزيز ۾ موسمون اچن ٿيون، بدلجن ٿيون، ڏينهن پٺيان مهينا، مهينن پٺيان سال ۽ سالن پڄاڻان صديون اچن ٿيون.
    هن سهڻي ڀونءِ تي ٻين موسمن کان علاوه هڪ واحد موسم چيٽ آهي، جنهن کي بهار به چيو ويندو آهي، جنهن ۾ موسمن جي سردار رات بهار به ايندي آهي، پوءِ چيٽ ڦٽڻ شروع ٿيندو آهي، هن مند ۾ وڻ، گونچ ڪڍڻ شروع ڪندا آهن، جيڪي سرءُ جي مند ۾ وڻ پن ڇاڻي ويندا آهن، اهي وري نئين سر نوان گونچ ڪڍندا آهن، دريائن ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي، پکين ۾ به سرهائي ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ مٺيون مٺيون لاتيون لنودي بهار کي خوش آمديد ڪندا آهن، اڪثر مور پپيها ۽ ڳيرا بهار جي آمد تي گهڻا خوش هوندا آهن، هن مند ۾ ڄانڀو ۽ سرنهن به ڦليارجي ويندي آهي، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي، ان وقت اگر ڪوئي اداس هوندو ته پنهنجي ساٿيءَ کان وڇڙيل هڪ درد ڀريو انسان، جنهن کي نه ته اهي چيٽ وڻندا آهن ۽ نه ته وري اهي بهارون ئي ڀاسنديون آهن ۽ نه وري ڪي ساوڪون ئي کيس ڪو سرور ڏينديون آهن ۽ نه وري اهي چانڊوڪيون ئي چاهت بخشينديون آهن.
    هو انتظار کان وانجهيل هڪ اياڻو انسان پيو لڳندو آهي، پنهنجي پرينءَ جي وڇوڙي ۾ نه ته، هن کي ڪائي بهار ياد هوندي آهي ۽ نه وري چيٽ، بس هن کي هر موسم وڇوڙي واري لڳندي آهي، خدا نه ڪري ته ڪنهن کي ڪي وڇوڙا پلئه پون، بلڪه پنهنجي دعا آهي ته شال اهڙين سمورين موسمن جي مندن وانگر هر ساهه وارو سدائين سائو رهي.


      سچي دوستي ڪيئن قائم رکي سگهجي ٿي

    سائين منهنجا، دوستيءَ جو معيار قائم رکڻ ۽ ان جو ڀرم رکڻ ته پري جي ڳالهه بلڪ جيڪڏهن اسين صرف هر هڪ لاءِ مخلصيءَ وارا جذبا رکون ته هوند، هي دنيا جنت بنجي وڃي، پر بحيثيت اشرف المخلوقات جي انسان جي لاءِ الله تبارڪ تعاليٰ راهون به جوڙي ڇڏيون آهن ته اهو وري انسان جي سمجهه تي ڇڏيو آهي ته سٺائي يا برائي پاڻ ڳولهي سگهي.
    جتي ٽي وي ۽ ڪيبل انسانن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي ته اتي انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ويجهو به ڪري ڇڏيو آهي پر انسان جيترو هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيا آهن، اوترو کين هڪ ٻئي کان شڪايتون به گهڻيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون پر جڏهن دوستي رکبي آهي ته ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ جي خامين ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ کپي، ڇو ته ڪوبه ماڻهو خامين کان آجو ڪونه آهي.
    جيڪڏهن صرف ڪنهن ماڻهوءَ جي خامين کي ڏسبو ته سچي دوستي ڪڏهن به قائم ٿي ڪونه سگهندي، هڪ مفڪر جو قول آهي ته انسان هڪ معاشرتي جانور آهي، ان کي هميشه ٻئي ماڻهوءَ جي ضرورت رهي ٿي، اڳئين زماني جا ماڻهو هڪ ٻئي سان هر وقت گڏ هوندا هئا ۽ گڏ رهندا هئا، هنن جا ڏک، سک، سختيون ۽ سڪون سڀ گڏ هوندا هئا، ۽ هينئر... هينئر مغربي ملڪن جي ڪاپي ڪندي پرائيويسي جي نالي تي هر انسان پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، تنهنڪري پاڻ کي گهرجي ته پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن جي خامين ۽ خوبين کي تسليم ڪري پنهنجي زندگيءَ کي خوش گذارجي.


      اکيون يار بنا، رَتُ روئن ڙي اديون

    سامعين چوندا آهن ته اکيون رستو آهن، اکيون روح آهن ۽ اکيون روشني هونديون آهن، اکين رستي سفر ڪرڻ وارو مسافر جنهن جي منزل دل هوندي آهي يا جيئن ڪوبه مسافر پنهنجي راهه تي پاڻ سفر ڪري.
    هو پاڻ ته مسافر هوندو آهي ليڪن اها راهه ان کي پنهنجي منزل تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، خدا تعاليٰ اهڙيون شيون انسان جي اندر ۾ ٺاهيون آهن جيڪي انسان جي اندروني عضون ۾ شامل ٿين ٿيون ۽ اهي شيون ان مسافر جو مک مقصد هونديون آهن.
    الله تعاليٰ جي خلقيل هن حسين ڪائنات ۾ جيڪا به اسين خوبصورتي ڏسون ٿا اها انسان جي اکين جي رستي سفر ڪري ۽ روح ذريعي انسان جي دل تائين پهچي ٿي ۽ دل وري اهو محل آهي جنهن ۾ هر ڪا شيءِ سمائجي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪا کوٽ محسوس ڪونه ٿيندي آهي ۽ دل هر وقت ان روح جي منتظر رهندي آهي ۽ دل روح جي ڪري ئي پنهنجو پاڻ کي خوشين ۽ غمن سان ڀري ڇڏيندي آهي ۽ هر خوبصورتيءَ کي پنهنجي محل ۾ سجائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اکيون لڙڪ وهائيندي، جڏهن ٿڪجي پونديون آهن ته شاعر جي من پاتال کي جهوري ڇڏينديون آهن ۽ رسمن جي آڙ ۾ جڏهن جذبن جو خون ٿيندو آهي ته اکيون ڳوڙها به ڳاڙينديون آهن، ته اکڙيون ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ آتيون به هونديون، ته اکڙيون پنهنجي محبوب جي اچڻ لاءِ جهاتيون به پائينديون آهن ۽ من پنهنجي محبوب کي پڪارڻ لڳندو آهي ته
    اکيون يار بنا رت روئن ڙي اديون.


    اسين اليڪٽرانڪ واري دور مان گذرون پيا...!!!

    سائين منهنجا، اڄ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ دنيا کي هڪ ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا جي هر موضوع تائين پهچ آسان بڻائي ڇڏي آهي ۽ دنيا جو هر راز ۽ ڄاڻ ڪِي بورڊ جي هڪ بٽڻ کي ڇهڻ سان گهر ويٺي حاصل پئي ٿئي، تڏهن اسان جي اڻ اعلانيل روين ڪتابن جي اهميت کي هڪ سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي، هن نئين جدت پسنديءَ جي قيمت اڄ جي تخلقيڪار، شاعر، اديب ۽ دانشور کي ادا ڪرڻي پئجي وئي آهي ۽ ڪيترا اديب ۽ شاعر فراريت جو شڪار ٿيندي نظر اچن ٿا، ان لاءِ گهڻو اڳ هڪ وڏي ڪويءَ شيخ اياز ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته جي سماج کان فرار ممڪن آهي ته اهوانهيءَ زمين کان فرار آهي، جنهن مان آرٽ جي پرورش ٿئي ٿي، ڇو ته آرٽ هن سموري ڪائنات جي وجود جي تخليق آهي ۽ زندگي بذات خود، آرٽ جو هڪ شاهڪار، پروقار ۽ حساس جو نمونو پڻ آهي.
    احساس جيڪو زندگيءَ جي هر زاويي کي معنيٰ بخشي ٿو،
    احساس جنهن مان محبت ۽ عشق جو جنم ٿئي ٿو،
    احساس جيڪو مظلومن ۽ بيواهن جي رڙ سمجهي ٿو،
    ته اهو احساس ئي آهي جنهن هن ڪائنات کي انڊلٺ جا ڪيترائي رنگ ارپيا آهن.
    ۽ اهو احساس ئي آهي، جنهن مختلف ماڻهن کي مختلف طور ۽ طريقا ماپا ۽ ماڻ ارپيا آهن.
    ڪڏهن ڪنهن بت تراش جي صورت اختيار ڪري پٿر جهڙي بي معني، معدي مان ڪائنات جا، ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل حيرت ۾ وجهندڙ منظر چٽي کيس سندر روپ ڏئي ڇڏيندو آهي، ته ڪڏهن مصوريءَ جا شاهڪار ارپي ڇڏيندو آهي، بلڪ ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته احساس بنا هيءَ زندگي اڌوري آهي.


      سٺي معيار ۽ آئيڊيل بڻيل زندگي

    سامعين، اوهان ۽ اسان سڀئي اهو چاهيندا آهيون ته اسان جي زندگي هميشه سٺي ۽ سڪون واري گذري، ائين ٿو لڳي ته هتي سڀ جو سڀئي اک ڇنڀ ۾ امير ٿيڻ جي خواهش ۾ آهيون، ۽ اسين انهن مادي شين جي حصول لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ کان به ڪونه ٿا ڪيٻايون، مون کي اوهان اهو ٻڌايو ته ڇا ماديت ئي ڪاميابي جي دليل آهي...؟ ڇا حقيقي عمارت فقط مالي طور تي مستحڪم ٿيڻ ناهي، بلڪ پئسن وغيره سان گڏو گڏ، جڏهن توهان جي صحت به سٺي هجي، ملڻ جلڻ وارن سان، اوهان جا لاڳاپا به سٺا هجن، جڏهن توهان نه رڳو پنهنجي ڪاروباري، بلڪي ذاتي زندگيءَ مان به ڀرپور لطف وٺي رهيا هجو ته اها هڪ سٺي، معياري، اعليٰ ۽ آئيڊيل زندگي ٿي سگهي ٿي.
    خوشي فقط ظاهري ۽ جسماني ئي ناهي هوندي بلڪ خوشي هڪ ذاتي ۽ داخلي احساس جو نالو آهي، ڇو ته خوشي اصل روح جو اطمينان ۽ قلب جو سڪون آهي، اهو امن جو ۽ راحت جو نالو آهي ۽ ائين تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن توهان کي پنهنجي اندر جي ڄاڻ هجي، پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ هڪ تمام اهم ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ عمل آهي، جيترو گهڻو توهان پنهنجي باري ۾ ڄاڻيندا ته اوترو ئي گهڻي توهان جي زندگي آسان ٿيندي ويندي، پنهنجي ڀرپاسي وارن سان سٺو سلوڪ ۽ سٺو ورتاءُ ڪرڻ ئي زندگي جو جياپو هوندو آهي.


      پيار جيڪو هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سيکاري ٿو

    اسان سڀني کي ان مالڪ ۽ پالڻهار جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن اسان کي زندگي بخشي ۽ هن جهان جون سڀئي خوشيون ۽ رونڪون عطا ڪيون ۽ انسان کي رب پاڪ کان هميشه توبهه طائب ٿيڻ گهرجي ۽ سنئين راهه تي هلڻ جو طلبگار ٿيڻ گهرجي.
    سڄي ڏينهن جي محنت، مزدوري ۽ جياپي جي جنگ ۾ وهايل رت ۽ ست، پگهر ۽ پسينو، گذران جي گذرگاهن تي وساري، گهر پهچي، تسڪين جي تلاش ۾ جڏهن اسان خيالن ۽ خوابن جي سفر تي نڪرندا آهيون ته سڄي ڏينهن واري محنت ۽ مشقت جي ٿڪاوٽ، جنهن احساس جي چادر ۾ سميٽجي، ننڊ جي فرحت جي فيض سان سرفراز ٿي ويندي آهي، اهو احساس پيار آهي، ڏور آڪاش جي وسعتن ۾ اڏامندڙ پکين جهڙو پيار ڀٽائي گهوٽ جي رسالي سر سارنگ جي بيتن جهڙو پيار ۽ هي پيار ئي آهي، جنهن هن بي رنگ دنيا ۾، دوستين دلبرين، دلڪشين ۽ دل آويزين جا سنهرا ۽ سهڻا رنگ ڀريا آهن، چاهتن، محبتن ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان بي ڪيف فضائن کي معطر ڪري ڇڏيو آهي، هوائن کي سر ۽ نظارن کي نور بخشي ڇڏيو آهي.
    هيءَ زندگي، جيڪا مسلسل پورهئي ۽ پيڙا جو اڻ کٽ سفر آهي، هي جيون جيڪو جياپي جي بي پناهه جنجهٽن جي ڪري ڪنهن جنگ جي ڏيک کان به گهٽ ڪونهي، اهڙي بي روپ حياتيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو حسن آهي، ڪا سونهن آهي، ڪو سڪون آهي، ڪو سرور آهي ته صرف ۽ صرف پيار ۾ موجود آهي، ڇو ته پيار ئي اڪيلو جذبو آهي، جيڪو ميوي کان به مٺو آهي، اوهان ڏٺو آهي ته مِٺو ميوو ڪيڏو نه سٺو ۽ وڻندڙ لڳندو آهي ۽ مٺو ميوو هميشه زمين طرف جهڪيل هوندو آهي، ڇو ته جيڪا شيءِ جهڪاءُ طرف هوندي آهي اها ڏاڍي مٺي لڳندي آهي، اها ڏاڍي پياري لڳندي آهي، اها ڏاڍي سٺي لڳندي آهي، تنهن ڪري اهو اڪيلو پيار وارو جذبو ئي آهي جيڪو انسان کي هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سيکاري ٿو.


    ڪي ڪي ماڻهو قسمت جا ڌڻي هوندا آهن

    ڪي ڪي ماڻهو قسمت جا ڌڻي هوندا آهن جن کي قدرت جي طرفان مليل ڪيترائي تحفا بنا ڪنهن تڪليف جي مليل هوندا آهن، ليڪن ڪٿي وري قسمت جا رنگ ۽ راز به عجيب هوندا آهن، ان ڳالهه کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي ته هر ساهه واري جي زندگي الله پاڪ جي وس هوندي آهي ۽ انسان جي قسمت به قدرت واري جي هٿ ۾ هوندي آهي، ليڪن منهنجي خيال مطابق ته قسمت اسان جي ماضي، حال ۽ مستقبل سان لاڳاپيل هڪ خاص احساس ۽ اهميت وارو عمل هوندو آهي، انسان جي قسمت، انسان جي سوچ، فعل ۽ عمل کان گهرو اثر وٺي ٿي ۽ قسمت جو مطلب زندگي يا موت ڪونه آهي پر قسمت جو مطلب آهي اهي حالتون جيڪي انسان جي پنهنجي سوچ يا عمل جو نتيجو هجن يا ڪنهن ٻئي انسان جي هٿان دوستيءَ يا دشمنيءَ مطابق هجن، ليڪن قسمت کي ڏوهه ڏيڻ وارا ايترو ڪونه سوچيندا آهن ته کين پنهنجي ڪردار کي، ڪيئن سنوارجي. هن ڀونءِ تي ڪي انسان اهڙا به ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آهن جيڪي انهن خوشين کي به دروازي تان موٽايو ڇڏين جيڪي ڪنهن کي اهنج رسائڻ کانسواءِ سندن در پيهي اچن ٿيون، اهي انسان خوشين کي ناقبوليت جو ڏک فقط ان ڪري رسائن ٿا، جو سندن آڳنڌ ۾ سرهايون ڪن ماڻهن کي ارهو ڪري وڃن ٿيون ۽ ها اهو وکر شايد اسان وٽ ان ڪري اڻلڀ ناهي ٿيو، جو انسان اڃا تائين هتي وسن ٿا، اڃا تائين هتي رهن پيا، جذبا، سنڍ ناهن ٿيا، ڇو ته خوشيون زبان رکن ٿيون، خوشيون احساس رکن ٿيون ۽ خوشيون اظهار رکن ٿيون پر ڏکن کي به اکيون هونديون آهن.
    ۽ لوڪ کان مليل ڏک ڪڏهن به وسرڻ جا ڪونه هوندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پنهنجا به پرايا ڀاسباآهن ۽ دل کي لڳل ڌڪ جو ڇٽڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، چوندا آهن ته جسم جو لڳل ڌڪ ته جلدي ڇٽي ويندو آهي پر دل تي لڳل ڌڪ ڪڏهن به ڪونه ڇٽندو آهي.


      ڇا هر شاعر حساس ۽ نازڪ مزاج هوندو آهي؟

    هر شاعر حساس ۽ نازڪ مزاج هوندو آهي، تنهنڪري عام ماڻهن جي مقابلي ۾ هو شين ۽ حالتن کي وڌيڪ تيزيءَ سان ۽ پوري قوت سان سمجهندو آهي، ساڳئي وقت هن کي پنهنجي ماحول ۽ آس پاس، جيڪي وهندو واپرائيندو آهي تنهنجي پوري ڄاڻ ۽ احساس هوندو اٿس.
    ڪنهن شاعر کي ان جي ماحول کان جدا نٿو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن شاعر جي ماحول کي سمجهڻ کانسواءِ ان جي شاعريءَ کي سمجهي ڪونه ٿو سگهجي، ان کانسواءِ شاعر تي ماحول جو اهو به اثر پوندو آهي ته ان ۾ جيڪي اوڻايون هونديون آهن سي ان جي احساس ۽ جذباتي دل ۽ دماغ تي نهايت ئي گهرو اثر ڪنديون آهن.
    شاعري قدرت جي طرفان مليل هڪ اهڙي ڏات آهي، جيڪا ڪن ڪن کي نصيب ٿيندي آهي، ٻين عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شاعر احساس ۽ ڪيفيت کي وڌيڪ زورائتي انداز سان لفظن جي روپ ۾ظاهر ڪري سگهندو آهي، ڇو ته خيالن ۽ احساسن کي ظاهر ڪرڻ جا وسيلا صرف لفظن ۾ ئي هوندا آهن ۽ شاعر به انهن لفظن کي ڪاريگريءَ سان سينگاري انهن جي جوڙ جڪ ڪندو آهي، تڏهن ئي انهن کي پڙهي يا ٻڌي هڪ عجيب اثر محسوس ٿيندو آهي، مطلب ته ڪنهن به خيال کي لفظن ۾ سهڻي ترتيب سان بيان ڪرڻ جو نالو شاعري آهي.


      زندگي پلصراط جي پل وانگر ٿي لڳي

    مانوارءُ، جڏهن زندگي پل صراط جو ڏيک بڻجي ٿي ته انساني جسم جي ڪيفيت جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي، انساني روح، پرزا پرزا ٿي ٿا وڃن ۽ صرف هڪ وکريل وجود ئي وڃي ٿو باقي بچي، معاشري جا تلخ رويا هڪ انسان ۾ نااميدي ۽ نراسائيءَ جا ٻوٽا ٻاري جيئري ئي موت ٿا ڏئي ڇڏين ۽ انساني جسم صرف ۽ صرف هڪ کوکلو هڏين جو پڃرو ٿو وڃي بچي ۽ جڏهن نااميدي انساني دماغ ۾ داخل ٿئي ٿي ته روح جو انت ٿي وڃي ٿو، روح پرزا پرزا ٿي وڃي ٿو، پوءِ جڏهن زندگي پلصراط جو منظر بڻجي ٿي ته سواءِ موت جي ٻيو ڪوئي چارو نظر نٿو اچي، معاشري جا جڏهن مايوس ڪندڙ رويا، انسان کي بيزار ڪري ٿا ڇڏين ته هو پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو ٿو محسوس ڪري ۽ هو حقيقت ۾ بلڪل ئي اڪيلو ٿو ٿي وڃي، جڏهن ڪوئي ان جي سوچ کي نٿو سمجهي ۽ جڏهن ڪنهن وٽ ان جي احساس ۽ جذبن جي ڪائي اهميت نٿي رهي ته هو پنهنجي سوچ ۽ احساس سان گڏ صفا اڪيلو ٿي ٿو وڃي.
    سڀ جيءَ گهريا دوست، مٽ مائٽ به ساٿ ڇڏي ٿا وڃن ۽ صرف تنهائي ئي انسان جو مقدر بڻجي ٿي وڃي ۽ هو پنهنجو جيون اڪيلائيءَ ۾ بسر ڪري ٿو ۽ ڪي وري اڪيلائيءَ جو خوف نه سهي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ئي انت ٿا ڪري ڇڏين.
    هيءَ زندگي به بلڪل پلصراط جي منظر وانگر آهي جتي خوف جي ڪيفيت به آهي ۽ لازمي پار ڪرڻ واري ڳالهه به آهي، هتي معاشري جي بي حسيءَ کان بيزار ٿي ويل وجود پنهنجو پاڻ کي جڏهن اونداهيءَ جو راهي سمجهن ٿا ته معاشري جي روشني انهن لاءِ ڪڏهن به ڪائي لاٽ نٿي ٻاري، الٽو انهن لاءِ وک وک تي ڪنڊا ٿي وڇائي، هتي ڀاءُ کي ڀاءُ صرف ان لاءِ موت جي ننڊ سمهاري ٿو، ڇو جو ان کي پنهنجي رت جي رشتي کان وڌيڪ دولت جي لالچ، حسد ۽ ساڙ ۽ اناپرستي، پياري ٿي وڃي ٿي ۽ اهو ان حرس ۽ هوس ۾ پنهنجا رت جا رشتا به وساري ٿو ويهي.
    ڀلا اوهان ئي ٻڌايو ته هن زندگي جي ڊوڙ ۾جڏهن پنهنجا پنهنجا نه ٿين ته پوءِ هن درد ڀري دل جي ڪنهن کي دانهن ڏجي، آهي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو يا ڪو پيار ڏيڻ وارو.


    اهي پٺي ٺپيندڙ هٿ ڪاڏي ويا

    وقت جديد کان جديد تر ٿيندو پيو وڃي، نڙيون ساڳيون آهن، ليڪن آواز ۽ انداز بدلجندا پيا وڃن، اڳي جڏهن ٻاجهاري وجود کي سڏ ڪبو هو ته او امان ته موٽ ۾ هڪدم ورندي ملندي هئي ته جيءُ ابا، مان صدقو وڃانءِ، يا وري آواز ايندو هو، جي منهنجا ابا ۽ هاڻي اهو سڀ ڪجهه ڄڻ هاڻوڪي ماءُ کي عجيب ٿو لڳي ۽ هن هلندڙ دور جي ماءُ کي مان صدقي وڃانءِ، جي لفظ جي معنيٰ به ڪونه ٿي اچي، ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اهي نرم ۽ نازڪ لهجا، اهي ڳراٽڙيون پائيندڙ ٻانهون ۽ اهي پٺي ٺپيندڙ هٿ اسان کان موڪلائيندا پيا وڃن ۽ هاڻي منهنجي مٺڙي امان جي جاءِ تي، مما، ممي يا وري مدر چئي ٿا پڪاريون، ته مٺا سائين موٽ ۾ انهن کي پورو جواب به ڪونه ٿو ملي، مون کي اوهان ٻڌايو ته مما ۽ مميءَ جو مطلب ڪهڙو آهي، اچو ته اهڙي ٻاجهاري رشتي کي پنهنجي او مٺري امان ڪري سڏيون، جيئن موٽ ۾ اسان کي به اهڙي ٻاجهاري موٽ ملي، ڇو ته جيڪڏهن اسين پنهنجي مٺي امان سان پيار سان پيش اينداسين ته اها مٺڙي امان به اسان جي مٿان ساهه صدقي ڪندي ۽ هميشه مٿان گهور پئي ويندي، ائين اسين پنهنجي اصليت کان به پري ڪونه وينداسين.


      پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي

    چوندا آهن ته اها زبان ئي آهي جيڪا ڇانو ۾ به ويهاري ٿي ته اس ۾ به ويهاري ٿي، ليڪن پاڻ وٽ ان زبان جو بغير سوچ ويچار جي استعمال عام آهي، اسان کي ٻئي جا عيب اگهاڙا ڪرڻ ۽ ان تي طنز ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي، اسان جي وات ۾ڄڻ گلاب جامن پوندا آهن جڏهن اسان ڪنهن جي تذليل ڪندا آهيون ۽ ڪنهن جو مذاق اڏائيندا آهيون، جيڪڏهن انهن لفظن کي جيڪي اسان ٻين جي مذاق اڏارڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا اهي ئي لفظ جيڪڏهن اسين اخلاق جي دائري اندر رهي استعمال ڪريون ته ڪيڏو نه چڱو هوندو آهي.
    ڏسو نه جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي گندن الفاظن سان نوازيو ۽ هو اوهان کي گلاب جا گل پيش ڪري ائين ٿي نٿو سگهي، ائين ناممڪن آهي.
    اسان جيڪڏهن پنهنجي عزت ڪرائڻ جا خواهشمند آهيون ته ان لاءِ اسان کي پهريائين ٻين جي عزت ڪرڻي پوندي ۽ اسان جي پرپٺ ان صورت ۾ ئي ماڻهو اسان جي باري ۾ سٺا لفظ استعمال ڪري سگهندا، جڏهن اسان جو ڪردار فضيلت ڀريو هجي ۽ اسان جو پنهنجي زبان تي ڪنٽرول هجي ۽ زبان کي ڪڏهن به ڪينچي نه بڻائجي، ڇو ته ڪينچيءَ جو ڪم آهي ڪاٽڻ ۽ اها هڪ ڏينهن اسان جي عزت کي ۽ عزت واري لباس کي به ڪاٽي ڇڏيندي ۽ ڪتري ڇڏيندي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته هميشه پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪريون ۽ لفظ توري تڪي ڳالهايون ته جيئن اسين ٻين اڳيان سٺا ثابت ٿيون.


      ڳالهه مان ڳالهوڙو هينئن ٺهندو آهي

    سامعين، گهر هجي يا وري ٻاهر جي ڪا محفل، اڪثر ماڻهن کي بس هرو ڀرو ڳالهائڻ جي عادت هوندي آهي، موضوع ڀلي ڪهڙو به هجي پر هو وچ ۾ پنهنجي ڳالهه ضرور ٽنبي ڇڏيندا، پوءِ ڀلي اها ٺهي يا نه ٺهي، مثال طور جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن چڱي ماڻهو جي فوت ٿي وڃڻ جي ڳالهه هلندڙ هجي ۽ سڀني ويٺلن جا چهرا ان جي وفات جي ڪري ڏک ۾ ورتل هجن ۽ هرڪو ان شخص جون چڱايون بيان ڪندي پنهنجي افسوس جو اظهار ڪندا هجن ۽ اتي جيڪڏهن ڪو وچ ۾ اوچتو ٽپو ڏئي ائين چوي ته يار ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم هٿ سان هارايو ۽ ان جي ڪارڪردگي چڱي ڪونه هئي، ته ڇا ٿا سمجهو، اهڙا ماڻهو اوهان کوڙ ڏٺا هوندا، جيڪي بي فضول ڳالهيون پيا ڪندا آهن.
    ڪهڙي موقعي تي ڇا ڳالهائڻ کپي ۽ ڇا نه ڳالهائڻ کپي، اسان ماڻهن اهو ڪڏهن به طئي ڪرڻ پسند ڪونه ڪيو آهي، اسان کي بس ڳالهائڻو هوندو آهي، پاڻ کي مصروف رکڻو هوندو آهي، پوءِ ڀلي ڳالهه جو ڪو منڍ يا پڇڙي هجي يا نه، هرو ڀرو ڳالهائڻ تي مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته
    ريل گاڏي ۾ سفر دوران هڪ بزرگ ۽ هڪ نوجوان پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، بزرگ نوجوان کان پڇيو ته پٽ اوهين ڪير آهيو؟ نوجوان چيو ته آئون فلاڻو آهيان، بزرگ کلندي وراڻيو ته اڙي اتفاق سان مان به فلاڻو آهيان، يعني تنهنجو ذات ڀائي.
    ڀلا اوهان جو نالو ڇا آهي، بزرگ پڇيو؟
    نوجوان چيو ته منهنجو نالو فلاڻو آهي.
    بزرگ وراڻيو ته اتفاق سان منهنجي پٽ جو نالو به تو جهڙو آهي، بلڪل تو جهڙو، آئي ڪا ڳالهه سمجهه ۾، بلڪل به نه، آنءُ به توهان سان متفق آهيان.


      پٿر جا ماڻهو ڇا ڄاڻين

    سامعين، سنڌ سنهاري جي سدا ملوڪ خطي لاڙ ۽ ٿر جي پڇاڙڪي پٽيءَ ۾ جڏهن ڪنهن به سريلي فنڪار جي آواز ۾ اتر لڳا آءُ پرين جهونگاربو آهي ته پربت جيڏا جذبا رکندڙ هانو به لحظي لاءِ لهي ائين اداس ٿي ويندا آهن ڄڻ اتر لڳا آءُ پرين واري صدا ۾ سوين محبوب دلين جي اها پڪار سمايل هوندي آهي جو ڪپهه جهڙي وجود ۾ ٽانڊا، ٽهه، ٽهه ٿي هن مند جي انهيءَ آمد ۾ جلندا آهن.
    جڏهن اترڙو هلڪي خنڪيءَ سان هوڙها سڙهه ڦڙڪائي وڻن ۾ ٽنگيل آسٽريلي جهرڪين جا آکيرا لوڏيندو آهي ته اسين ماڻهو لاڙ جا، وارين دلين ۾ جيڪي درد، اتر جي ٿڌين هوائن ۾ جاڳندا آهن ته پوءِ انهن دردن کي ڪڏهن به ننڊ ناهي ايندي، ڪڏهن به سڪون ناهي ايندو.
    دنيا جي پکڙيل ملڪن جي وڏن شهرن جي هٿرادو حڪمت عمليءَ هيٺ، سرد موسم ۾، هيٽرن ۽ گرم موسمن ۾ ايئرڪنڊيشن جي ٿڌڙي هوا ته هڪ هٿرادو ماحول سان جڙي فطرت جي هن حسين رازن کي ڀلي ڪٽي ڇڏيو آهي، ليڪن سنڌ سونهاري جي هنن ڳوٺن ۽ شهرن جي هنن وسعتن تي جيڪي پراسرار موسمن جا رنگ آهن انهن جي هڪ الڳ دنيا تخليق ٿيل آهي ته ٿر ۽ لاڙ جي هنن ماڪ پسيل فجر جي خماريل لمحن ۾ جتي سون جي رنگ وانگي سٿيل ۽ پڪل پکڙيل سڳداسي سارين جا کيت نهارجن ٿا ته ايوب کوسي جون هي سٽون روح مٿان رهڙ ٿي لهن ٿيون ته :-
    پٿر جو شهر ڇا ڄاڻي/ يا پٿرن جا شهر ڀلي هنن کيتن جي چانڊوڪين ۽ شبنم ۾ پسيل سارين جي سنگن جي هڪ فطرتي خوشبوءِ کان پري هجن، ليڪن انهيءَ خوشبوءِ جي قيمت پئرس جي خوشبوءِ جي بازارن ۾ به شايد نه هجي، جتي خوشبوئن جا ڪيئي شهر اڏيل آهن.


      پنهنجو گهر پيار ۽ محبت جو مرڪز

    سامعين، ”گهُر“ هونئن ته هڪ ننڍڙي چار ديواري جو نالو آهي پر اها هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن جا اڻ ڳڻيا ۽ گهڻا ئي فائدا هوندا آهن، جنهن وقت ماڻهو روز مره جي ڪمن ڪارين ۽ شهر يا ڳوٺ جي گوڙ گهمسان کان ٿڪجي پوندو آهي ته هو پنهنجي گهر ۾ اچي پناهه وٺندو آهي، جڏهن زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ زماني جي ستم ظريفين کان گهٻرائجي ويندو آهي ته آرام ڪرڻ لاءِ هو وري به پنهنجي گهر جو رخ ڪندو آهي، ايستائين جو گهر هڪ اهڙي پناهه گاهه آهي جتي ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي ۽ دلجاءِ سان بلڪ سڪون واري ننڊ سمهندو آهي.
    گهر پيار ۽ محبت جو هڪ مرڪز محسوس ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا سڀ پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي آگاهي ڏيندا آهن، ڇو ته گهر هڪ اهڙو ننڍڙو معاشرو محسوس ڪيو ويندو آهي جنهن جي وسيلي انسانن جي هڪ وڏي معاشري جي جوڙجڪ ٿيندي آهي، ڇو ته وڏي معاشري جي ترقي ۽ تباهي، چڱائي ۽ برائي ان ننڍڙي معاشري سان ڳنڍيل هوندي آهي، اهڙو ننڍڙو ڪٽنمبي معاشرو جيتوڻيڪ وڏي معاشري جو هڪ جزو هوندو آهي، ليڪن ڪنهن حد تائين ذاتي آزادي به بخشيندڙ هوندو آهي، تنهنڪري اهو چوڻ صحيح رهندو ته جيڪڏهن سماج جو سڌارو ڪرڻو آهي ته ان جي شروعات ڪٽنب کان ڪرڻ گهرجي.
    زندگيءَ جي ان مکيه بنياد ۽ سماج جي ان وڏي درسگاهه ۽ تربيت گاهه کي سڌارڻ اسان سڀني جو فرض به آهي ته عبادت به آهي ۽ گڏو گڏ ان گهر جي چار ديواريءَ جو تقدس به آسانيءَ سان ڪري سگهبو آهي.


      يادون جيئڻ جو سهارو بڻبيون آهن

    سائين منهنجا جڏهن انسان جي ذهنن جي آسمانن تي تصورن جون فضائون ڇانئجي، اميدن جي بادلن سان سانوڻ جي مينهن جي موسم وانگر، دل جي ڌرتيءَ تي چاهتن جي وسڪاري سان ڪنهن جي اچڻ جي آس جي ٿڌڙي هوائن ذريعي دل جي ارمانن سان ڀريل زمين تي وسڻ لڳنديون آهن، جنهن سان دل جي اندر چاهتن جو سمنڊ ڀرجي پوندو آهي ۽ جڏهن دل مان چاهتون ڇوليون کائي اٿنديون آهن ته پوءِ اهي چاهتون دل مان ٻاهر اچي انسان جي اکين مان ڳوڙهن ذريعي وهڻ لڳنديون آهن ۽ پوءِ يادون جنم وٺنديون آهن، ڪنهن لاءِ يادون دل جي هڪ خوبصورت محبت جي سدائن سان ڀريل حسين ۽ دلڪش دنيا هونديون آهن ته ڪنهن جي لاءِ يادون مايوسيءَ جي انڌيري ۾ ٻرندڙ اهڙا ڏيئا ثابت ٿينديون آهن جيڪي انسان کي جيئڻ جو سهارو ۽ حوصلو ڏينديون رهنديون آهن ۽ انسان جي اميدن جي دنيا کي تسلين جي روشنيءَ سان روشناس ڪري ڇڏينديون آهن ته ڪڏهن وري يادون انسان جو پاڇو بڻجي پيڇو ڪنديون رهنديون آهن ۽ وقت به وقت تڙپائينديون ۽ ستائينديون رهنديون آهن ۽ جڏهن اڪيلاين ۽ تنهائين کي انهن يادن سان ئي پرچائڻ جو وقت اچي ويندو آهي ته پرينءَ جي هر وقت هر جاءِ تي ۽ هر محفل ۾ ڪمي محسوس ٿيندي آهي ۽ هيڏي ساري هجوم هوندي به ان هڪڙي پرينءَ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي ۽ نظرون هيڏي هوڏي نهارڻ لڳنديون آهن، ائين آهي نه؟


      مون کي بيوفا نه سمجهجانءِ

    سائين منهنجا، ڪائنات جي هن وسيع دنيا ۾ حسن ۽ جواني جي ڪابه کوٽ ڪونهي، ڀلا ڀلي جو ڇيهه، يا انت ڪونهي، ليڪن اڻ لڀ ۽ ناممڪن شيءِ جنهن جو وجود ضروري آهي، اها آهي صرف خلوص، محبت ۽ سچائي جنهن جي پرک اوهان صرف تجربي ۽ قرباني جي ڪسوٽيءَ تي ئي ڪري سگهو ٿا، هن جهان ۾ حسن ۽ جوانيءَ جي جادوءَ جو نشو ۽ خمار اهڙو ته تيز آهي جو جيڪڏهن لڳي ٿو وڃي ته ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ۽ لهڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو ڪري، ماڻهو هر حقيقت کي ڄاڻيندي به گونگو بڻجي، هر ستم سهندو ئي وڃي ٿو، کيس محبوب جا اوگڻ به گڻ لڳن ٿا، ڪچايون ۽ ڦڪايون به ادائون لڳن ٿيون، بيوفائيون ۽ ڪوتاهيون به خوشيءَ سان نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو.
    ايستائين، جيستائين پاڻي مٿي کان مٿي چڙهي وڃي ۽ هو جڏهن خواب ۾ به ڪنهن اونهي پاڻيءَ ۾ وڪوڙيل ۽ هيڪلو يا بيوس محسوس ڪري ٿو ته ڪو رستو به کيس انهيءَ دلدل مان نڪرڻ جو نٿو سجهي، تڏهن واپس يادن ڏانهن ڦري اچي ٿو، يا پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ۽ جڏهن محبوب جي پهرين محبت جي پرچي پڙهي ٿو ته کيس احساس ٿئي ٿو ته مار...!! هن ۾ ته اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن آئون ڪنهن موڙ تي توکان وڇڙي وڃان ته مون کي بيوفا نه سمجهجانءِ، ۽ پوءِ ان پرچيءَ جي جواب ۾ سندس زبان مان هي لفظ پنهنجي محبوب لاءِ نڪرن ٿا ته
    مان پيار تنهنجي کي وساريان ته بيوفا چئجانءِ،
    کڻي نيڻ ڪنهن ٻئي ڏي نهاريان ته بيوفا چئجانءِ.


      شاعري پيڙا جو پڙلاءُ يا تڙپ جو تيل...؟

    شاعري انساني پيڙا جو پڙاڏو هوندي آهي يا پيڙا جو پار هوندي آهي، يا وري اندر جي اپٽار هوندي آهي، يا اڌمن جو اٻڙڪا ڏيئي نڪرڻ احساس اوتڻ آهي يا جدولي قاعدن ۽ قانون جي جوڙ جڪ ليڪن هر ڪيفيت ۾ جنون ۽ عشق آهي، هي اهو عشق ۽ جنون آهي، جنهن جون حدون ڪائنات جي حدن جيان وسيع ۽ گهريون هونديون آهن ۽ انهيءَ هڪ ڪائنات ۾ ڪيئي لکين، ڪروڙين ڪائناتون پنهنجي انڊلٺي رنگن ۾ انوکيون ۽ نراليون لڳنديون آهن.
    شاعري ڏات جو اهو ڏيئو آهي جنهن جو تيل تڙپ جا احساس ۽ پيڙا جا پيچرا هوندا آهن، پيڙا جي انهيءَ پار ۾ رمزون به آهن ته راز به، اکين ۾ ڳوڙها به آهن ته اڻڀن وارن جو چيڙهه به، محبوب جون مرڪون به آهن ته چل ولاين جون چانڊوڪيون به آهن، ته هجر ۽ فراق جو درد ۽ لذت به آهي، مطلب ته هر روپ ۽ روِش جو رنگ به عجيب آهي،جيئن وڄُ وراڪا ڏئي ٿي، ايئن ئي شاعري به شاعر جي اندر ۾ احساسن جو روپ وٺي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿي، وقت ڪڏهن بيهجي وڃي ٿو ته ڪڏهن گونگو ۽ ٻوڙو ٿي زور سان پڪارڻ چاهي ٿو، آواز پنهنجو احاطو ٽوڙي اندر ۾ سونامي جيان لهرن جو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيندو آهي، ساهه سرگوشيون بڻجي جهونگارڻ لڳندو آهي، پراون احساسن کي پنهنجي درد جو روپ ڏئي لفظن جي صورت ۾ قلم جي نوڪ تي احساس اڇن پنن تي نروار ٿيندا آهن، اهڙن احساسن جي ڪيفيت جو اٻڙڪا ڏئي ٻاهر نڪرڻ ئي شاعري هوندي آهي.
    ڇو ته هر ڪيفيت ۾ اندر رجي ٿو، اندر جي باهه هجي يا بک جي باهه، ڏک جا ڏانوڻ هجن يا مظلوم جون پڪارون، درد جي دلدل هجي يا اداس اکين جون معنيٰ خيز نهارون، يا محبوب جون سرگوشيون، ٻارن جون صدائون هجن يا بيڪل مائرن جون آهون، انهن سڀني احساسن جون ارپنائون اندر ۾ اٻرن ٿيون ۽ قلم پنهنجي سرگوشين ۾ سر الاپي ٿو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري چنڊ سان ڳالهيون ڪري ٿو ته اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ڇا توکي ننڊ به ايندي آ.


      هاڻي محبتن ۾ به محبت ناهي رهي

    عزيزان من، وقت ۽ دور سان گڏ سڀ ڪجهه آهستي آهستي بدلجي رهيو آهي، زماني سان گڏ، زماني جا طور طريقا، گهرجون، تقاضائون ۽ معيارن جا ماپا به ساڳيا ناهن رهيا، زمانو الائي ڇو شارٽ ڪٽ ۽ ري مڪس جي رنگن جو ديوانو بڻجي ويو آهي ۽ احساس جي اکين آڏو اها هڪ اهڙي المناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ حقيقت آهي، جنهن کي اسان جهڙا ڪنهن نه ڪم جا متوالا ماڻهو عظيم الميو چون ٿا.
    اهوئي ڪارڻ آهي جو بدليل دور جي بيحسي عاشقين کان پنهنجا پراڻا انداز ۽ محبتن کان ڄڻ مزا ئي ڦري ورتا آهن، اڻ کٽ انتظاري ۽ بيپناهه بيقراري محبت جي مڪملتا آهن پر هاڻي طويل انتظارين ۽ بيقرارين جو ڄڻ ته محبتن جي معاملي سان ڪو تعلق ئي ناهي رهيو، ان ڪري سچ ته اهو آهي ته هاڻي محبتون به محبتون ناهن رهيون يا ٻين لفظن ۾ ائين ئي کڻي چئجي ته هاڻي محبتن ۾ به محبت ناهي رهي، سو اهڙين دردناڪ حالتن ۾ جيڪڏهن اڃا به ڪو محبت سان محبت ڪندڙ پاڳل جيئي ٿو ته هن دور ۾ ان جهڙي ديواني جو جيئڻ هڪ معجزو آهي، ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته ڪالهه جڏهن عشق جو امام ماڻهوءَ جي اندر ۾ کاٽ هڻي سندس وجود جا هڙئي قرار کڻي ويندو هو، تڏهن حضرت انسان جي روح ۾ برهه جي هڪ بيقراري باهه ڀڙڪي پوندي هئي ۽ پوءِ عاشقيءَ جي اها اڻ تڻ جي باهه تڏهن وڃي اجهامندي هئي جڏهن چين چورائيندڙ چور، حسن جي اکين جي نهار جي وسڪار ۽ پيار جا ڀاڪر آڇيندو هو، پر تڏهن محبوب حسن جي مخموري نيڻن جي برکا ماڻڻ عاشقن لئه ايڏي آسان ڪٿي هئي، جيڏي سولي اڄ آهي اڳي ته عاشقيون، معاشقين کي ماڻڻ لاءِ عمريون ارپي ڇڏينديون هيون، بقول عبدالغفار تبسم جي ته
    انهيءَ محبت ۾ سو، اثر نه هوندو،
    اندر ۾ عشق جو جي گهر نه هوندو.

    تون ئي تبسم نه آهين هڪڙو ڄڻو،
    عشق منجهه ڪير، دربدر نه هوندو...؟


      پيار زندگيءَ جو ڪهڙو ماپو آهي...؟

    پيار قدرت طرفان زندگي، قرباني، وفاداري، موت ۽ مشڪلات کي سمجهڻ ۽ ماپڻ جو اوزار آهي، هي هڪ اهڙو پئمانو آهي جنهن سان توهان اهي عمل آزمائي، ماپي ۽ سمجهي سگهو ٿا، اها انسان جي پنهنجي غلطي ناهي، جيڪو ماڻهو محبت کي غلطي سمجهي ٿو، اهو بيوقوفن جي بستيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اهو ماڻهو آئينده وقت ۾ انهيءَ پيار ڪرڻ واري عمل کي بي عقلي سمجهي ٿو، اهو ائين سمجهو ته هو دماغي طور اڃا به نابالغ ئي آهي ۽ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه به ناهي پرايو، ڇاڪاڻ ته پيار هڪ قدرتي رغبت وارو عمل آهي، جيڪو انسان کان ڪڏهن به، ڪنهن به موقعي تي ضرور به ضرور سرزد ٿئي ٿو ۽ اهو هرگز هن جي وس ۾ ناهي هوندو ۽ پيار جي عمل جو هر هر نازل ٿيڻ قدرت طرفان رحمت ۽ نعمت ڪري سمجهيو وڃي ٿو، مصيبت ڪڏهن به نه، ڇو ته پيار پيار آهي، اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو، پيار کي ماپڻ لاءِ اوهان وٽ قربانيءَ جو وٽ يا ڪانٽو آهي؟ ماپو آهي؟ پيار ۽ قربانيءَ جو پاڻ ۾ سنئون سڌو واسطو، رشتو، ناتو ۽ تعلق آهي، ڇو ته قرباني ئي پيار جو صحيح، صحيح ڪاٿو ۽ اندازو ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته قربانيءَ بنا پيار ڪوبه ڏئي نه سگهندو آهي، اهو سچو، امر ۽ اٽل پيار ئي آهي جيڪو انسان کي قربانيءَ جي هر ڏاڪي تي اوچي کان اوچي ڏاڪي تي به وٺي وڃي ٿو، جتان انسان لهڻ جي هرگز نه پر اوچي منزل ۽ اوچي اڏام جي ڪوشش ڪري ٿو، محبوب جو حاصل ڪرڻ هڪ منزل جو آخري ڇيڙو ۽ سِرو آهي ۽ ٻيو ڇيڙو جان يعني زندگي، عزت دولت ۽ شهرت جي قربانيءَ تي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان لازم ملزوم آهن.
    اهو ته توهان ٻڌو هوندو ته پيار ۽ جنگ ۾ هر شيءِ هر ڪوئي هر عمل جائز هوندو آهي.


      ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شانُ

    اوهان کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته عمر ۽ مارئي جو مشهور ۽ سداحيات تاريخي رومان اڄ تائين هن ڀونءِ جي هر ننڍي توڙي وڏي جي ذهن ۾ موجود آهي، جو عمر جي ڪوٽن ۾ بندياڻي بڻجي رهڻ، ٿر جي کٿيري مارئيءَ منظور ڪيو هو پر عمر جي پَٽَ ۽ پٽيهرن تي هرکجي لاک جي رتل لوئي نه لڄائي هئائين، هڪ طرف حاڪم وقت عمر چوري ۽ زوري ڪري مارئيءَ کي پنهنجن پنهوارن کان ڌار ڪيو هو، انهيءَ ڪري کيس سونا چوڙا ۽ ٻيڙا، ريشمي اطلس ۽ خوشبوئن، عطر ۽ عنبير آڻي گڏ ڪيا هئائين پر عمر جي قيد ۽ لالچ تي نه لڳي هئي، پنهنجن پنهوارن ۽ ڌنارن کي نه وساريو هئائين، پنهنجي کٿيءَ جي پوشاڪ کي عمر جي پٽن کان وڌيڪ ٿي سمجهيائين ۽ انسان کي به مارئي جي ماروئڙن سان محبت ۽ وفاداري، پنهنجي لباس ۽ وطن سان محبت ۽ اڪير کي اندر مان نه وسارڻ گهرجي، قومن جي اڳيان هي قصا ۽ ڪهاڻيون محض ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون ڪونه هونديون آهن، هي صرف مارئيءَ جو عشقي قصو ڪونه آهي، هن جي اندر، پنهنجن جي محبت، اڪير ۽ وطن جو اٿاهه ساگر موجزن آهي ته ٻئي طرف عمر بادشاهه جو دٻدٻو ۽ حاڪميت آهي، ساڳئي وقت عمر جي ڪوٽ اندر، زنجيرن ۾ قيد هجڻ جي باوجود بندياڻي مارئي ڪنهن به لالچ ۾ نٿي اچي.
    کٿيريءَ تان کِلَ عمر نه ڪجي ايتري چئي عمر جي ست رڇين، طعامن، ريشمي وڳن، شربتن ۽ عطر عنبيرن کي پنهنجي ڏٿ ۽ ڏئونرن جو مٽ نه ٿي سمجهي ۽ ٽِڪَ ٻڌي بيهندي، قيد ۽ بند ڪاٽي ٿي پر ڊپ کان پري رهي به ”لاخوف عليهم، ولاهم يحزنون“ تي عمل ڪندي بي خوفيءَ سان طمع کي ترڪ ڪري، پنهنجن جي پچر ڪونه ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي ريت تي قائم رهي ائين ٿي چوي ته،

    ايءُ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
    پکن جي پريت، ماڙي سين نه مٽيان.
    شاهه
    يا
    اننت اڪيلي ڪوٽ جي اندر،
    گنگهر گهاريان، ويٺي ڏينهڙا،
    مون کي منهنجا مارو مٺڙا.

    لنو لڳل آ کيت سان منهنجي،
    اچن انهيءَ جا، ساندهه سڏڙا،
    مون کي منهنجا مارو مٺڙا.

    عمر اسان جي ريت اباڻي،
    اوڍيون پنهنجا کيس ۽ کٿڙا،
    مون کي منهنجا مارو مٺڙا.
    (نواز سومرو)


      پيار خوشبوءِ سان ڀريل رقص آهي

    سامعين، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پيار تاريخ جي اهڙي اڻ سمجهيل خوشبوءِ آهي جنهن جو ڪوبه هڪ تعارف ڪونه آهي، ڪابه هڪڙي وصف ڪونه آهي، پيار هڪ اهڙو احساساتي سوال آهي جنهن جي جواب کان سوين زمانا، لاجواب رهيا آهن، ڇو ته پيار انسان جي من جي وڏي مام رهيو آهي، ان تان پردو کڻڻ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي، پيار احساس جي صورت ۾ زندگيءَ جي عظيم حقيقت آهي...
    منهنجي ذاتي خيال مطابق اهو سوال ڪرڻ ته پيار ڇا آهي، دنيا جي وڏي بيوقوفي آهي، ڇو ته پيار سڃاڻو هئڻ جي باوجود اڻ سڃاڻو آهي.
    ڏٺل وائٺل هجڻ جي باوجود اڻ ڏٺل آهي ۽ پيار خوشبوءِ جو اهو رقص آهي جيڪو حسن جهڙو هوبهو لڳندو آهي، توڙي جو پيار پرڻي جو محتاج ڪونه آهي، ليڪن هتي اسان وٽ پريمي پرڻن جو فيشن ڪجهه تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، گذريل چند سالن ۾ اسان جي ملڪ ۾ انيڪ پريمي پرڻن جون ڪهاڻيون اخبارن جي زينت رهيون آهن.
    منهنجي مشاهدي مطابق پنهنجي گهران لڪي ڇڀي نڪتل پريمين جي پرڻن جا ٻه وڏا ڪارڻ اهي آهن ته پهريون ته دلي شوق ۽ ٻيو ته سماج کان بغاوت، انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪيل پريمي پرڻن ۾ گهر وارن ۽ پنهنجن مائٽن جي مرضي شامل ڪونه هوندي آهي، پوءِ اهي پريمي پرڻا انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون تي ڪيا وڃن يا گهٽيءَ ۾ ڪيل ملاقات ۾ ڪيل ڳالهين وسيلي ڪيا وڃن.
    اڻ ڌريائيءَ جي بنياد تي جيڪڏهن راءِ ڏجي ته پريمي پرڻن جي ڪيسن ۾ والدين توڙي اولاد ٻئي ڌريون ڏوهه جا ڏوهاري آهن، نتيجي ۾ اها ڪهاڻي آخر گل ڪڍندي آهي، جنهن جي شاهدي، مشاهدي تحت ڪيترائي باشعور ماڻهو ڏئي سگهن ٿا.


      يادن جي سهاري انسان زنده رهي سگهي ٿو...؟

    يادون انسان جي ذهن کي جنجهوڙي ڇڏينديون آهن ۽ هڪ وکريل انسان وري يادن جي سهاري ئي زندهه رهندو آهي، جڏهن انسان جون يادون تازيون ٿيڻ لڳنديون آهن ته هو پنهنجي ماضيءَ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ يادون نه ڄاڻ ته انسان کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏين ٿيون، دنيا ۾ اهڙا خوش نصيب انسان تمام گهٽ آهن جن کي محبت ملي آهي مگر گهڻن ماڻهن کي صرف ۽ صرف يادون ئي پلئه پيون آهن.
    چيو ويندو آهي ته وقت وڏو بادشاهه آهي، هو پنهنجي حساب سان اڳتي وڌندو رهندو آهي، ڪڏهن به پٺتي نگاهه ڪونه ڪندو آهي، جنهن جو تيز وهڪرو انسان کي ايترو ته بيوس ۽ مجبور ڪري ڇڏيندو آهي جو انسان وقت ۽ حالتن سان سمجهوتو ڪري پنهنجي ماضيءَ جي سمورين يادن کي دل ۾ دفن ڪري نئين سر جيئڻ جو جذبو پيدا ڪري وٺندو آهي، ڇو ته يادون خوبصورت به هونديون آهن، پنهنجن دوستن کان وڇڙي وڃڻ جي صورت ۾ يادون جڏهن انسان جي ذهن ۾ تري اچن ٿيون ته نه ڄاڻ الائي ڇو اکين مان بيشمار ڳوڙها نڪري ايندا آهن، ڇو ته يادون انسان جي ذهن تي ۽ زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون، ڪي يادون وقت جي تيز وهڪري جي ور چڙهي وينديون آهن ته ڪي يادون انسان جي ذهن ۽ زندگيءَ تي گهرا نشان ڇڏي وينديون آهن، يادگيريون يا يادون وسارڻ انسان جي وس ۾ ڪونه هونديون آهن، خاص ڪري پنهنجن دوستن ۽ پنهنجن پيارن جون يادون.


      اسين ڪاڏي وڃي رهيا آهيون؟

    وقت سان گڏ حضرت انسان جي سوچ به بدلجندي رهي ٿي، ان جو ڪارڻ اهو به آهي ته حضرت انسان آسماني ڪتابن جي علم کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي، نه ته هن کي پنهنجي ديني ڪتاب يا صحيفي جو علم آهي ۽ نه آخرالزمان جي آخري ڪتاب جو علم آهي.
    جوابدار ڪير آهي...؟ جوابدار ته انسان پاڻ ئي آهي، زندگيءَ جا ڏينهن کٽندا پيا وڃن، انسان ڏينهون ڏينهن موت کي ويجهو ٿيندو پيو وڃي، تڏهن اسان ٿورو غور ڪريون ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون، اهڙن سوالن جا جواب اسان پنهنجي ذهن مان تلاش ڪنداسين ته هڪ ئي جواب ملندو ته اسان وٽ سچ يا سچائيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي.
    ڇاڪاڻ ته زندگيءَ ۾ سچائيءَ جا اصول کڻي جيئندڙ اسان ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي سچائيءَ تان پردو کڻي نه سگهيا آهيون، اسان پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون غلطيون ڪندا آهيون جن تي پردو وجهڻ لاءِ اسان کي ڪافي سارا ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن، انهن ڪوڙن کي لڪائڻ لاءِ اسان انهيءَ منزل تي پهچي ويندا آهيون جتان ورڻ يا موٽڻ ناممڪن هوندو آهي، الله تبارڪ و تعليٰ کان دعا آهي ته شال اسان سڀني کي اهڙن ڪرتوتن کان پناهه ۾ رکي ۽ پنهنجي ديني ڪتابن جي روشني ۾ پنهنجي زندگيءَ جو سفر خيرو خوبيءَ سان طئه ڪريون ۽ خدا وند ڪريم کان هميشه اها دعا به پنندا رهون ته شال هميشه امن و امان جو ڏيئو روشن رهي، ڇو ته انسان ڏاڍو گناهگار به آهي ته خطاڪار به آهي.


    مارو ملڪ ملير جا

    سامعين، محبوب ماروئڙن ۽ مال وندن ماڻهن جي ذڪر خاص لاءِ لفظن جا انبار ۽ تشبيهن جا ڀنڊار درڪار هجن ٿا، جڏهن پنهنجن ماروئڙن جي مڙني وصفن ۽ صفتن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺبو ته هي ساڻيهه واسي، ماڻهپ جي عظمت جا علمبردار ۽ پيارو محبت سان ٽمٽار ٿيندڙ جن ۾ ڪينجهر ۽ سامونڊي ويرن سان وڙهندڙ مهاڻا ۽ ماهيگير وڻجارا، ڀٽائي جي سر سريراڳ ۾ پنهنجي جفاڪش ۽ اڻٿڪ جوانين سان طوفانن ۽ برساتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڏسبا آهن، ڏٺو وڃي ته دنيا جي هر خطي جا ماڻهو، پنهنجي سڃاڻپ، ثقافت ۽ خصوصيت سان، هر خاص ۽ عام لاءِ باعث ڪشش هوندا آهن، اهڙي ريت سنڌ جا سادا، سٻاجها، بيباڪ ۽ دلنواز مارو پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ امن پسند، فطرت سان عالمگيريت جو اعزاز بڻيل هوندا آهن، ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين هن خطي جو چپو چپو ماروئڙن جي مهڪ سان معطر آهي، اڄوڪي جديد ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ به جهانگين جي جهونگار ۽ ڪردار ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آيو آهي، سندن اوائلي ثقافت، خوش مزاج طبيعت ۽ تهذيبي حيثيت اڄ به قائم ۽ دائم آهي، ڏسو نه ڏک ۾، سک ۾ ۽ زندگيءَ جي هر موڙ تي اڻ ورڇ رهندڙ سانگي پنهنجي ساک، سونهن ۽ سچائي، ايامن کان برقرار رکندا پيا اچن، ميلا هجن يا شاديون، عيدون هجن يا ورسيون، ڀري ۾ هجن يا ڀاڪر ۾، ليڪن ماروئڙن جي مک تي هميشه اطمينان رهي ٿو.
    جيءَ ۾ جايون ڏيندي جياپي جي جدوجهد ۾ سرگرم ۽ منزل جي تلاش جا پانڌيئڙا رهن ٿا.


      سجاڳي ۽ بيداري زندگيءَ ۾ ضروري آهي

    مانوارئو الله پاڪ انسان کي پنهنجي تمام تر مخلوقات ۾ عظمت عطا ڪئي آهي ۽ کيس هن پوري ڪائنات کي تسخير ڪرڻ ۽ ان جا راز سمجهڻ جي سگهه ۽ سمجهه عطا ڪئي آهي، ڇو ته هر انسان جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي سو يقينن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ مقصد متعين ڪري ٿو ته کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ هن هيڏي ساري دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي اهليت مڃرائڻ لاءِ سڀ کان اهم ۽ ضروري ڳالهه آهي سجاڳي يا بيداري، ان کانسواءِ انسان کي نه ته پنهنجي حيثيت ۽ پنهنجي ذميوارين جي خبر پوندي ۽ نه وري صحيح ۽ غلط جو فرق محسوس ٿيندو.
    هونئن به هيءَ دنيا غفلت جو يا آرام ڪرڻ جو هنڌ نه آهي، غفلت جي ننڊ اسان کي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي ٿي جتان ان جو نڪرڻ محال هوندو آهي، منهنجي مرشد، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پورو ڪلام، انسان ذات لاءِ سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جو پيغام آهي، خاص طور تي، سسئي پنهونءَ جي قصي متعلق چيل پنجن سرن ۾ اهو پيغام نهايت شد ۽ مد سان ملي ٿو، انسان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار سجاڳيءَ يا بيداريءَ تي آهي، ڇو ته بيدار انسان ئي صحيح وقت تي فيصلو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهندو آهي، ڏسو نه، لطيف سرڪار، سر سسئي ڪوهياريءَ ۾، هدايت ڪندي چوي ٿو ته:
    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسيءَ اوجهرين،
    چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ
    نيڻن ننڊ اکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين؟
    اهڙيءَ طرح غلفت ۽ ننڊ نڀاڳيءَ مان نڪرڻ لاءِ وري چوي ٿو ته :
    جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
    تڏهن تنين کي ساٿ ، ستي ئي ڇڏيو.


      محبتون ۽ چاهتون رشتن جون محتاج ڪونه هونديون آهن

    ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته هر انهيءَ حساس دل ڏانهن آٿتن ڀريا سنيها ۽ نياپا لکجن، جيڪا محبتن جي سنگين مرحلن مان گذري آهي، منهنجا دوست، محبتون ۽ چاهتون رشتن جون محتاج ڪونه هونديون آهن ۽ محبتون منزلن جون به محتاج ناهن هونديون، اهو به هڪ ڪوڙو سچ آهي ته عظيم دوستيون ننڍڙين ڳالهين تي ناهن هلنديون ۽ اهو به سچ آهي ته اهي دوستيون ننڍڙين ڳالهين تي ناهن ٽٽنديون، دوستيءَ جي ديوارن کي ڳالهين جي ڪمزور کان ڪمزور ڪاٺين جي ٽيڪن جي ڪابه ضرورت ناهي هوندي، اهي عظيم دوستيون زماني جي روش جي هر طاقت ور طوفان جي اڳيان پنهنجو ڳاٽ، پاڻ اوچو رکنديون آهن، هن دنيا ۾ انهيءَ نباهه ۽ وفائن جون دعوائون ته هر انسان ڪندو آهي، ليڪن چاهتن جي گلن کي شاد و آباد رکڻ تمام مشڪل هوندو آهي.
    هن سماج جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پيچري تي دوستين جي سهڻي سواري دربدر آهي، انهيءَ ورتاءُ دوستيءَ جي رشتن کي هزارين رنگ ڏئي ڇڏيا آهن، لکين بي سرا روپ ڏئي ڇڏيا آهن، تڏهن ته محبوب احساسن وارا ماڻهو ٿڪجي پيا آهن ۽ هن احسان فراموش سنسار ۾ دوستيءَ جي نانوَ کان ڪناراڪشي ڪري رهيا آهن، ڇو ته هن سنسار ۾ جتي ڪنهن سان دل لڳي ويندي آهي يا ڪنهن سان دل لائي به ويندي آهي ته اهي ئي ماڻهو، اڄوڪي هن دور ۾، بيوفائيءَ ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن ۽ جنهن سان دل لڳي به ويندي آ ته اهو ئي ماڻهو سور ڏيندو آهي، اهو ئي ماڻهو ڏک ڏيندو آهي ۽ اهو ئي ماڻهو مفادن جي دلدل ۾ ڦاسي هڪ کانپوءِ ٻيو ۽ ٻئي کانپوءِ ٽيون ۽ ائين هو پنهنجو سفر جاري رکندو آهي، پوءِ اهڙا سور صرف اهي سچا ۽ کرا ماڻهو ئي سهندا آهن جيڪي بغير سوچي سمجهي اهڙن ماڻهن سان دل لڳائي ويهندا آهن.


      اڪيلاين ۾ به ڪڏهن دلبريون ملي وينديون آهن

    عزيزان من، اهو به هڪ ڪورو سچ آهي ته تنهائي محبوبيت آهي، اڪيلائيءَ ۾ به ڪڏهن دلبريون ملي وينديون آهن، ها ڪو نئون ديس ڪو نئون ماڳ، نويڪلايون ۽ تنهايون به محبوب بڻجي وينديون آهن، ليڪن هن دل جي صراحيءَ ۾ رکيل گلن سان گڏ، محبوب جي پيار جون پنکڙيون نه هجن ته شايد هڪ پل جيئڻ به دنيا جي وڏي کان وڏي بهادري چئبي، اڄ دوستين کان باغي دلين جي داستان کي ڪنهن اهڙي جاءِ تي رقم ڪجي جو هر بي وفا وجود، وفائن جي وابستگين ڏانهن واپس اچڻ جو سوچي ضرور، اهي اڪيلائيءَ جا پل، اهي آڳ جي ٻوساٽ، جهڙا لمحا، اهي دل کي جهوريندڙ احساس ڪهڙن دردن کي جنم ڏيندا آهن، احساس ڀريل دلين سان اهي سانحا هوندي به ڪٿان کان ڪا به رڙ ناهي ايندي، ڪوبه اڀ ڏاريندڙ ڪٿان کان ڪوبه آواز ناهي ايندو، ڪوبه سڏڪو سنسار جي اکين جي زمين تي سيلاب ٿي ناهي ايندو، ڪوبه لڙڪ ڪنهن ڏينهن جي درياهه جي ڪناري تي ناهي پهچندو ۽ ڪابه اندر جي آهه دنيا مهڪيل محسوسات جي هوائن ۾ شامل ٿي ڪنهن به پنهنجي ۽ پرائي جي ڪنن ۾ سرگوشيون ناهي ڪندي ۽ احساسن وارين دلين وٽ چپ چاپ هوندي آهي، ڄڻ طويل ماٺار فرض بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن اهي دل وارا دوست به ڪلهي ڪانڌي نه ٿين ۽ اهي ڪنهن به ٿورڙي ڳالهه تي رسي وڃن ته حساس دل رکندڙ جي ڪهڙي حالت ٿيندي آهي، اهو اوهان به سمجهو ٿا.


      لفظ ڳالهائن ٿا

    انساني فطرت ۾ نفرت، حسد، ساڙ، بغض، حقارت، ڪدورت، اَنا، غرور، هٺ ڌرمي، طبقاتي فرق، پاڻ پرستي ۽ خود غرضي، ڏسڻ ۾ ته هي لفظ تمام ننڍڙا ۽ عام حرفن تي ٻڌل آهن، ليڪن جڏهن اهي لفظ منفي رويا بڻجي انسان جي دل ۾ جذبات ۽ احساسن کي ناس ڪري پنهنجو قبضو قائم ڪن ٿا ته دست قدرت پاران نوازيل اشرف المخلوقات جو نوراني تاج لاهي ڦٽو ڪري ڇڏين، ليڪن ڏٺو وڃي ته انسانيت پيار، امن مساوات، خلوص، نياز ۽ نوڙت، رواداري ۽ رحم دليءَ جي جذبن ۽ احساسن جو مرڪب آهي، جنهن کي حسد ۽ ساڙ جو گندرف ساڙي ناس ڪريو ڇڏي، اَنا، احساسن جو موت آهي، حقارت غرور جو ٻج آهي، طبقاتي فرق اميري ۽ غريبي، اوچ ۽ نيچ کي جنم ڏئي ٿو ۽ خودغرضي وري دلين کي سڀني صفتن کان بي پرواهه ڪريو ڇڏي ٿي، سو منهنجا سڄڻو اچو ته هڪ ٻڪ بڻجي، رب ڪائنات جي در دعاگو بڻجون ته خدا تعاليٰ هر انسان کي اعليٰ انساني گڻن ۽ نعمتن سان نوازي ۽ هر شيطاني سوچ ۽ ظالماڻا روش جو مڪروهه حوالو بڻجڻ کان محفوظ رکي، ڇو ته اسان گناهگار بندن تي ڪرم ڪرڻ وارو به اهو ئي مالڪ ۽ خالق آهي، انسان پنهنجي غفلت جي ڪري گناهن ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي، تنهنڪري هر وقت الله پاڪ کان معافي جو طلبگار رهجي ته سڀ کان بهتر آهي.


    دوستيءَ جا اُهي ماپا ۽ معيار ڪاڏي ويا

    معزز سامعين، دوستي هڪ ڏاڍو عجيب ۽ غريب رشتو آهي، دوستي ڳنڍجڻ کانپوءِ ٻن ڌرين جي وچ ۾ دنيا داريءَ وارا ليکا چوکا ختم ٿي وڃن ٿا، ڇو ته دوستيءَ ۾ لالچ ۽ مفاد جي ڪابه گنجائش نٿي رهي، دوست بڻجڻ کانپوءِ ننڍ وڏائي، اميري غريبي ۽ ديني ڌرميءَ جي ڪابه لڪير ۽ ڪابه ديوار نٿي رهي ۽ ڪابه وٿي نٿي رهي ۽ اهو تعلق هنن سٽن جيان محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته:
    متان ٿئين ملور، ڪين اڳاهون آهيان،
    ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
    ليڪن هڪڙو سوال آهي ته ڇا، اسان وٽ، دوستيءَ جا اهي معيار ۽ ماپا سلامت آهن؟ ڇا اسان مان ڪو اهڙو دوست آهي جيڪو ضرورت وقت پنهنجو سر تريءَ تي رکي پنهنجي دوست جي حضور ۾ پيش ڪري؟
    چوڻ لاءِ ته ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، سچائيءَ جي هر ساک کڻي سگهجي ٿي، ليڪن مزو تڏهن اچي ٿو جڏهن اها مهل اچي پهچي ٿي ۽ دعويٰ ڪندڙ دوست گوليءَ وانگر غائب ٿي وڃي ٿو، منهنجي هن راءِ سان اوهان کي اختلاف ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي ۽ توهان مان ڪجهه دوستن جي اها راءِ بيوزني ناهي ته صفا ڪا اوندهه ته ڪونه ٿي آهي، دوستيءَ ۾ سر گهورڻ وارا اڃا سلامت آهن، ليڪن سوال اهو آهي ته انهن جو انگ ڪيترو آهي؟ ان پٺيان انهن جون ڪهڙيون مجبوريون ۽ مفاد موجود آهن؟ مهرباني ڪري، پنهنجي آس پاس جي ماحول جو جائزو وٺي دوست شماري ضرور ڪجو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪجو ته اهو ڪيترو انگ آهي ۽ زماني کي ڏوهه نه ڏجو، ڇو ته زماني ۾ ائين به ٿيندو آهي.
    دوستيءَ جو ڀرم رکڻ وارا هينئر اٽي ۾ لوڻ برابر ڏسڻ ۾ اچن ٿا


      مينهن وسندي ڪم اچڻ واري شيءِ جو قدر ڪرڻ گهرجي

    مون جيئن پنهونءَ سين، جي ٿيئون ملاقات،
    وجهي ٻانهن ۾ وات، هوند رڃن ۾ ريهون ڪريو
    محمد زمان/لنواري شريف
    عزيزان حيات، آدُجڳاد کان ڪائنات جي هن ڪينواس تي زماني جو مصور ڪيترائي عجيب منظر ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو رهيو آهي، ڪيتريون ئي صورتون ان عظيم ڪاريگر جي ڪلا جو تخيل بڻيون، پر نيٺ دستور جي مٽيءَ ۾ پورجي، زمين جي وڇاڻي تان انهن جا پير ائين ڊهي ويا جو اڄ ڪائنات جي ڪتاب ۾ سندن نالي جي باب جا ورق ورائڻ وارو ڪوبه نه رهيو آهي.
    انهن جي بند ٿي ويل ورقن تي ويسر جي دز چڙهي وئي آهي ۽ ڪيتريون ئي شامون، رات جي لامن سان ٻکجي انهن جي ڪتبن تي گهرا انڌيرا ڇڏي ويون آهن، جهڙيءَ طرح ديوارون ٺهنديون ئي ڊهڻ لاءِ آهن ۽ گل ٽڙندا ئي مرجهائڻ لاءِ آهن، اهڙيءَ طرح زمين جي هن پڙ تي موجود هر شيءِ کي ڄمڻ ۽ مرڻ جي پراسرار مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.
    ڇو ته هر اها شيءِ جيڪا اڄ پنهنجي عروج جي جوڀن جا تجلا پئي پسائي، هڪ ڏينهن ايندو جو ان کي عدم جي آهٽ ٻڌي فناعيت جو نوحو ڳائڻو پوندو، ان ڪري هن پل گهڙيءَ جي پر ڊگهي مسافت زندگيءَ ۾ اهڙو ڪجهه ڪجي جو سياڻن چواڻي ته ”مينهن وسندي ڪم اچي“،
    حق ۽ سچ جي ڳالهه، لطيف سرڪار به خوب ڪئي آهي ته
    جهوڙا جن جهلن ۾، هيري لک هزار،
    لڳا واٽ وڻن کي، پنهونءَ جا پالار،
    آن ڪي ويندي گڏيا، اهڙا سٽ سوار،
    هو لنگهي ڪالهه قطار، تون آئي اڄ نهارئين.
    شاهه


    محبتن جي اڌورن عڪسن کي ڪيئن پسجي

    عزيزان من، حقيقتن جي آئينن ۾ محبتن جي اڌورن عڪسن کي ڏسي به سگهجي ٿو، ڇو ته ماڻهوءَ جي روح جي زمين تي موسمون سدائين مهمان رهيون آهن، ڪڏهن بهارون بڻجي ته ڪڏهن وري خزائون بڻجي، سوچڻو اهو آهي ته جيڪي بهارون مهمان ٿي آيون، ڇا اهي ڪجهه پلن جي پوٺي تي ترسي به پيون يا ماڻهوءَ جو من هميشه خزائن جي بربريت جو ٺڪاڻو رهيون، عاشقن جي ساهن وٽ محبوب جي ساهن جي خوشبوءِ جي بي پناهه گهرج رهندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن طويل جداين جي وقت ۾ دل جي هڪڙي ديدار جي لمحي جي تصوير تي پنهنجا گذريل ۽ ايندڙ هزارين زمانا نڇاور ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي، جن محبتن جي تڪميل ناهي ٿيل، انهن لاءِ ئي دل جي هر خيال جي اسڪرين تي اها تصوير لڳل رهندي آهي ۽ فراقن جي بر ۾ رلي ويل ماڻهوءَ جي من جي ڪينجهر جي لهرن تي ڪنهن شاعر جا لفظ تري ايندا آهن جيئن شيخ اياز چيو آهي ته :
    سکي پيا کي، ملين ته چئجانءِ،
    تو سواءِ هيءَ چاندني نه ٿيندي.
    مانوارئو،جن محبت جي ڪا ڳالهه ئي ڪجهه ٻي هوندي آهي جيڪي ڪڏهن به پوڙهيون ناهن ٿينديون، جيڪي ڪڏهن به مري ناهن سگهنديون ۽ جيڪي ڪڏهن ڪنهن پوڙهائپ جي ڀوائتي جهنگ ۾ وڃائجي به ناهن وينديون، ته اهي محبتون عظيم کان عظيم تر چورائينديون آهن، انهن محبتن جا ساوا جهنڊا هميشه وقت جي سيني ۾ کپيل رهيا آهن، انهن عظيم محبتن جي حياتيءَ کي ڪوبه ڇيڙو ناهي، اهي ازل کان پروان رهيون آهن، انهن عظيم محبتن جي عالمگير محبوبيت جي عڪاسي ائين به ڪري سگهجي ٿي ته اها محبت ماڻهوءَ جي هر احساس ۽ هر حواس ۾ هڪ خوبتر تشنگي ڀري ڇڏيندي آهي، ماڻهو وکري ويلن کي ميڙڻ ۾ مصروف رهجي وڃي ٿو، ماڻهوءَ جو هر تشنا حواس ائين ٿو محسوس ڪرائي ڄڻ اها عجيب پياس صدين کان من جي بر ۾ موجود هئي، جيڪا ماڻهوءَ جي هر شعور تي حڪومت قائم ڪري وٺي ٿي، ليڪن جيئن مون پهرين به ڳالهه ڪئي ته ڪي ڪي محبتون وقت جي وير سان ائين نڪري وينديون آهن، جيئن وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪک پن وهي ويندو آهي ۽ اها سڪ ۽ چاهت چُور بڻجي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو دل وارو، انهن سڀني ڳالهين کي وساري، سڪ ساهه ۾ سانڍي، ان محبوب وٽ هلي وڃي ۽ اهو سنئين منهن نه ڳالهائي ۽ ڏسي به منهن ڦيرائي ڇڏي ته ارمان ته ٿيندو نه..؟؟!!


      جڏهن آبشارن تي جهرڻا رقص ڪرڻ لڳن

    جڏهن ڪاڇي تان ڪونجن جا ولر اڏارون ڪري ڪينجهر ڪناري تي ويهي هڪ ٻئي سان پيار جو اظهار ڪن.
    جڏهن سانوڻ جا ڪڪر گجگوڙون ڪري ڌرتيءَ جي اڃ اجهائن، جڏهن سمنڊ جون لهرون مستيءَ منجهان آڪاش ڇهڻ لڳن، جڏهن شام جا پاڇا ڪنهن حسينه جي زلفن وانگر دلين کي لٽڻ لڳن، جڏهن ملاح هوڙن ۾ چڙهي ڀٽائيءُ جون وايون ۽ بيت خوشيءَ مان نچندي ڳائن، جڏهن ڪوئل باغ ۾ پنهنجي ٻوليءَ سان انبن جي اچڻ جو پيغام ڏي، جڏهن وڻجارا پنهنجي منزل جو منهن ڏسي، مسڪرائڻ لڳن، جڏهن ٿڌي وٺي جي واءُ محبت جا پيغام آڻي.
    جڏهن نمن ۾ ٻور لڳي ۽ ان جي خوشبوءِ پري پري تائين پکڙجي، جڏهن پکي باغن ۾ راهن تي ويٺل ڏسجن.
    جڏهن ڌراڙن جا چنگ جهنگن ۾ جهونگارڻ لڳن.
    جڏهن آڌيءَ رات جي بانسريءَ جو آواز محبت ڪندڙ روحن کي بيچين ڪن، جڏهن آبشارن تي جهرڻا رقص ڪن.
    جڏهن اڪن جا پيلا پن ساوا ٿي ڦلڙيون ٿين، جڏهن اسان جهڙن غريبن جي ڇتن تي ڏيئا روشن ٿين ۽ جڏهن سانورين اکين جا ڪجل چمڪندڙ تلوار وانگي نظر اچن، تڏهن پڪ ڄاڻجو ته ڪو آس وندو اوهان جي انتظار ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ انتظار ڪري رهيو آهي، اهو انتظار ئي ته هوندو آهي، جيڪو هميشه اڌ مئو ڪري ڇڏيندو آهي.


    لاهيارن جي احساسن جو وطن

    عجيب موسمون آهن، هتي، هڪڙا اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ پنهنجا کيت ۽ زمينون لڻندا آهن، جيڪي پاڻ کي لاهيارا سڏيندا آهن، لابارن جي مند ايندي ئي ٿر جي ويران ڳوٺن کي ڪچن لوڙهن سان ڍڪي گڏهن ۽ گاڏين جي ننڍڙن قافلن سان ڪچن رستن تان پنڌ ڪندا، پنهنجي انهن والاريل کيتن ۽ زمينن تائين اچي پهچندا آهن، جن گاڏين جي پراڻين رلين تي، ٻچن جي آري تي ويٺل ڪڪڙين جا ٿڪل ڪنڌ، زبان نڪتل ۽ سهڪندڙ پاليل ڪتن جا ٿڪل وجود انهن قافلن سان گڏ ڊوڙندا آهن، انهن لاهيارن جا اڌ اگهاڙا معصوم ٻارڙا ڪنهن وڏي شهر جي پڪي رستي تان گذرندي عاليشان بنگلي جي لوهي دروازي تي بيگن ويلا جي ول ڏانهن به ناهن ڏسندا، اهي اڌ اگهاڙا ٻارڙا دڪانن جي شوڪيسن ۾ پيل بالن ۽ پلاسٽڪ وارين بندوقن ڏي ناهن ڏسندا ۽ انهن لاهيارن جي گڏهه گاڏين ۾ جيڪي ڪڪڙيون ٻچا ڦوڙينديون آهن، انهن کي به پراين زمينن ۽ اوپرين فضائن مان وحشي بازن جا چنبا کڻي ويندا آهن، لاهيارن جي احساسن جو وطن سندن ننڍڙو پيٽ آهي، جنهن پيٽ جي پوڄا لاءِ هو پرايا پکڙيل ڏيهه لڻندا آهن ۽ کليل آسمان هيٺان سمهندا آهن ۽ پوءِ ويندڙ ڪونجن جي قطارن جي ڪرلاءَ ۾ پنهنجا اهي احساس اڇلي انهن ڪچن گهرن کي ياد ڪندا آهن ۽ پوءِ جڏهن معاشري جا وحشي باز اهي يادون به انهن لاهيارن کان کسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سندن مفلسيءَ وچان کين مجبورن هيئن چوڻو پوندو آهين او پرين او پرين منهنجون يادون نه کس.


      زندگي هڪ انمول تحفو

    سامعين: الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان مليل زندگي هڪ انمول تحفو هوندي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو خوشين لاءِ اميد جا ڏيئا ٻاريندو آهي، جنهن ۾ مسرتن جي آس رکي پيوجيئندو آهي ۽ پنهنجن جي محبتن لاءِ پيو واجهائيندو آهي ۽ پنهنجن جي شفقت جو هميشه طلبگار هوندو آهي، جيڪڏهن اها ئي زندگي پنهنجن جي هٿان برباديءَ ڏانهن ڌڪي وڃي ته ماڻهوءَ وٽ باقي ڇا بچندو آهي، زندگي جو هيڏو وڏو فيصلو جيڪو ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هوندو آهي ۽ ان جي زندگي صرف چند لفظن جي ڪري ۽ ڪوڙي انائن جي ڪري داءُ تي لڳي چڪي هوندي آهي، مطلب ته رشتو طئي ڪري هڪ ٻئي سان ڀاڪرين ملندا آهن، انهن جي ڀاڪرن ۾ عارضي خوشي ته هوندي آهي ليڪن سامهون وري ڪنهن جي زندگيءَ جون حسرتون ۽ اميدون صليب تي لٽڪايون وينديون آهن، احساسن ۽ جذباتن کي موت ڏنو ويندو آهي.
    جڏهن ٻار هن دنيا ۾ اک کوليندو آهي يا وري اهي ٻار جن جو ننڍي عمر ۾ ئي رشتو طئي ڪيو ويندو آهي انهن کي اها خبر ئي ڪونه هوندي آهي، انهن جي عمر مطابق ته اسان جي زندگيءَ جي هڪ وڏي قرباني ٿي چڪي آهي، ڏٺو وڃي ته هي دنيا مطلب تي وڃي بيٺي آهي ڇو ته ننڍي هوندي ٻارن جا رشتا ڪرڻ جو ڇا مقصد آهي، ڪو نه ڪو ته مطلب هوندو نه؟
    بهرحال هيءَ دنيا ڄڻ مطلب کانسواءِ ٺهي ئي نه هجي. مانوارئو، زندگي جواهو اصول آهي ته ڪجهه ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل به ناهي ٿيندو، پيار ۽ محبت توهان کي ساڳي ئي موٽ ڏئي سگهي ٿي ۽ نڪي نفرت، همدردي توهان کي قبوليت عطا ڪري ٿي، اها ڳالهه ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا پر ورتاءُ وقت اڪثر وساري ڇڏيندا آهيون، فراخ دلي انسان کي توهان جي ويجهو آڻيندي آهي، اخلاق اڳئين جي دل ۾ توهان جي لاءِ جڳهه پيدا ڪندو آهي ۽ همدردي توهان کي ان لاءِ مهربان بڻائيندي آهي.
    سماجي زندگيءَ ۾ جيڪو مقام همدرديءَ سان پيدا ٿيندو آهي، اهو دولت سان نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي رتبو دنيا جي هر هڪ هر دلعزيز شخصيت هن دولت سان مالامال رهي آهي، همدردي رڳو زبان جي نه هجڻ گهرجي، اها توهان جي عمل سان ظاهر ٿيڻ گهرجي.
    جيڪي ماڻهو ننڍڙن ٻارن ۾ مقبول هوندا آهن اهي سڀئي هر دلعزيز هوندا آهن ۽ انهن جي مقبوليت جو راز اهو ئي آهي ته ننڍو هجي توڙي وڏو، توهان ان سان محبت سان گفتگو ڪريو ۽ ان جي ڳالهه همدردي ۽ توجهه سان ٻڌو ۽ ان سان دوستن وارو سلوڪ ڪريو، اهڙي ريت توهان ان جي پسنديده شخصيت بڻجي ويندئو، ۽ پوءِ ڏسو ته اوهان جي زندگي ڪيتري نه پرسڪون واري ٿي گذري...؟


      لاپرواهيءَ کي پنهنجو حق سمجهون يا ڏوهه...؟

    سامعين لاپرواهي ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي، ليڪن اسان وٽ ان کي ڏوهه نه پر پنهنجو حق سمجهيو وڃي ٿو، هتي جيڪڏهن لاپرواهي ڪندڙ ڪنهن شخص کي سچ به چئجي ٿو ته اهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، اسين پنهنجي ڀرپاسي ۾ روزانو لاپرواهيءَ جا ڪيترائي منظر ڏسون ٿا، ماڻهو اڪثر ڊرائيونگ ڪندي موبائيل فون تي ڳالهائيندا نظر ايندا آهن، جنهن ڪري انهن جو ڊرائيونگ تان ڌيان هٽي ويندو آهي ۽ گاڏي جي رفتار گهٽجي ويندي آهي، جنهن ڪري پويان ايندڙ گاڏين کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر ان جي ڪابه پرواهه نٿي ڪئي وڃي.
    جيڪڏهن توهان اهڙي لاپرواهي ڪندڙ شخص کي ان جو احساس ڏياريندا ته هو پنهنجي غلطي مڃڻ بجاءِ ويتر به جذباتي ٿي ويندو ۽ اوهان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، ان کان علاوه اسان وٽ گهرن کي گهٽين ڏانهن وڌائڻ وارو منظر به عام نظر اچي ٿو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين ڀت ٺهرائيندو ته ان جي اها پوري ڪوشش هوندي آهي ته اها ٻه ٽي فوٽ اڳتي وڌيل هجي، کٽل نه هجي ۽ هو ان کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي اعتراض ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندو پر جيڪڏهن ڪير سندس پلاٽ ڏانهن هڪ انچ به پنهنجي ڀت وڌائيندو ته هو ان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، اصل ۾اهي ٻٽا رويا ئي آهن جيڪي هن ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته اهڙين لاپرواهين کان پاسو ڪريون، ڇو ته جيستائين اهو رويو تبديل نه ٿيندو تيستائين معاشري مان خرابيون ختم ٿي نٿيون سگهن، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اهڙين لاپرواهين کان پاسو ڪري پنهنجي زندگي کي بهتر کان بهتر بڻايون.


      زندگي وِههُ جو وٽو آهي يا زهر جو پيالو

    سائين منهنجا، زندگي ڇا آهي، زندگيءَ جي متعلق مختلف لکڻين ۾ عجيب و غريب ڳالهيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن ته زندگي وهه جو وٽو آهي، ڪٿي ڪنهن ديوار تي پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته زندگي زهر جو پيالو آهي.
    هر انسان جي دل ۾ رهندڙ ان محبت جي پکيءَ لاءِ زندگي آزاد فضائن ۾ رقص ڪرڻ جو نالو آهي، ڇو ته زندگيءَ کي الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان عطا ٿيل هڪ نعمت سمجهبو آهي ۽ ان کي خوبصورت جياپو ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهبو آهي، ڇو ته زندگي آهي ئي خوبصورت مرڪ جو نالو، ڀرپور احساس جو نالو ئي زندگي آهي ۽ زندگي ڪنهن حسين جي ٽهڪ جو نالو آهي، جنهن جي ٽهڪن ۾ موسيقيءَ جهڙو رڌم هوندو آهي.
    اڪثر دوست اهو سوال ڪندا آهن ته يار زندگي ڇا هي.
    مانوارئو، الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان خليل هيءَ زندگي ڏاڍي انمول تحفو آهي، زندگي ڄڻ ڪويل جي ڪوڪ لڳندي آهي، زندگي ڪائنات جو فطري حسن به آهي ته زندگي ڪارونجهر جي ڪور تي رقص ڪندڙ مور جي رڙ به آهي ۽ زندگي ان اداس انسان جي چپن تي تري آيل يادگيرين جو نالو به آهي ۽ زندگي ته ان ڌنار جي چپن سان چرندڙ چنگ جو نالو به آهي ۽ زندگي مينهن وٺي کانپوءِ خوشيءَ مان ٻوليندڙ ٽاڙي جي جهونگار به آهي.... ها يقينن زندگي مقصد جي ماڻڻ جو نالو به آهي ته زندگي گلاب جي پنکڙين جو نالو به آهي، ته پوءِ ٽڙندڙ مکڙيءَ جهڙي زندگيءَ کان ايتري بيزاري ڇو، ڇا ڪنهن جي مرڪ رسڻ سان زندگيءَ کان به رسي وڃجي؟ نه هرگز نه، اها زندگي ناهي، اها ته خودغرضي آهي، اها ته لالچ آهي، زندگي ڪنهن به واپار جو نالو ناهي، زندگي ته هڪ خوبصورت رومانوي تارن ڀري رات جونالو به آهي، ڇو ته زندگي الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان مليل هڪ انمول تحفو آهي، پوءِ انهيءَ انمول تحفي کي حفاظت سان هلائڻو آهي ، جي نه ته پوءِ ڪٿي ائين نه چوڻو پوي ته هيءَ حسين زندگي ائين گذري وئي خبر ئي نه پئي.


      سڀ ٺيڪ آهي پر دل مطمئن ڪونهي...!!!

    سائين منهنجا، اڪثر زندگيءَ ۾ ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته سڀ ٺيڪ آهي، پر دل خوش ۽ مطمئن ڪونه آهي، بس زندگي جا ڏينهن پورا ڪري رهيا آهيون، سچي خوشي نه ڄاڻ الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهي، جيڏانهن ڏس پريشانيون ئي پريشانيون، اهڙا ملندڙ جلندڙ جملا ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان ٻڌندا رهندا آهيون، ليڪن اهو ڄاڻڻ جي شايد ڪوشش ڪونه ڪندا آهيون ته نيٺ ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهن جي چهرن تان مسڪراهٽ غائب ٿي وئي آهي، آسودگيءَ جي جڳهه تي بيقراري بيچيني ۽ بي سڪونيءَ جو راڄ آهي، اکين جي روشني بي رونق ۽ جهڪي ٿيندي پئي وڃي، بظاهر خوش ۽ مطمئن ماڻهو اندر ئي اندر ۾ ناخوش ۽ احساس محروميءَ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، آخر اسين خوش ڇو ناهيون.
    اسين خوش ڇو ناهيون پنهنجي زندگيءَ ۾ اسان خوشي جو معيار صرف پئسا بڻائي ڇڏيو آهي ۽ خوشين کي آمدنيءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي، اسان سمجهڻ لڳا آهيون ته صرف پئسن سان ئي خوشيون خريد ڪري سگهجن ٿيون، اسان ان ڪري ناخوش آهيون جو اسان پنهنجين ضرورتن ۽ خواهشن جو شمار وڌائي ڇڏيو آهي، اسان پنهنجي ضرورتن کي ايترو وڏو ڪري ڇڏيو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ ڪنهن مهانگي علائقي ۾ هڪ وڏو گهر آهي ته هو ان کان وڏو گهر ٺهرائڻ ٿو چاهي، ڪنهن وٽ سوزوڪي ڪار آهي ته هو پجارو وٺڻ جو آرزو مند آهي، ڪو شاندار سهولتي ڪاروبار ۽ سٺي نوڪري ڪري رهيو آهي، تڏهن به هو مطمئن ڪونه آهي ۽ ڏينهن رات ملڪيت وڌائڻ ۾ رڌل رهي ٿو، اسان وٽ قنائت جو ڄڻ تصور ئي ختم ٿي ويوآهي.


    پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ به بهادري آهي

    سامعين، بهترين ۽ سچو شاعر هميشه معاشري جي اوڻاين ۽ خوبين جي اپٽار ڪندو رهندو آهي، ليڪن اهڙا اديب ۽ شاعر گهٽ هوندا آهن جيڪي پنهنجي غلطين کي تسليم ڪندا آهن، دنيا جي هڪ وڏي ڏاهي جو چوڻ آهي ته ڪنهن غلطيءَ جواعتراف ڪرڻ به ڄڻ پل صراط آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اصلاحي شاعري حال جي ترجماني ڪري ٿي ۽ انسان کي اونداهي مان ڪڍي، روشنيءَ جي ڳولها لاءِ هرکائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ذهني سوچ جا اهڃاڻ اڀرڻ لڳن ٿا ۽ گڏو گڏ دائمي شاعريءَ جا قدر ماضيءَ جي تجربي ۽ ورثي جي آڌار تي حال جي واردات دهرائي قوم جي آئيندي جي سرواڻيءَ جو ڪم ڏين ٿا، ان کان علاوه مقصد جي اهميت لاءِ جتي هنگامي شاعريءَ جا قدر ۽ لاڙا قوم ۾ نئين سر اتساهه پيدا ڪري ايڪي ۽ اخلاص جي حاصلات لاءِ جاڳرتا پيدا ڪن ٿا ته اتي مستقل شاعريءَ جا قدر قوم کي پنهنجي پوريءَ ريت ايڪي ۽ ٻڌيءَ سان گڏ هميشه لاءِ پاڻ ۾ ڀائيچاري جو به سبق ڏين ٿا ۽ خاص ڪري انسان ذات سان محبت، پيار ۽ سڪ واري سڳي کي هميشه دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ درس به ڏين ٿا ۽ ائين به چون ٿا ته
    منهنجي دل ۾ محبت رهي ٿي،
    ها، ساگر کان وڌ، گهري چاهت رهي ٿي،
    وسارڻ جي چاهيان، وساري نه سگهندس،
    مون کي ياد هر هڪ، عداوت رهي ٿي.


      ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ،

    سائين منهنجا اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڏک ڪڏهن به هميشه رهڻا ناهن هوندا ۽ نه ئي سک سدائين لاءِ هوندا آهن، اهي بس موسم جيان تبديل ٿيندا رهندا آهن، انسان کي ٻنهي موسمن ۾ خوش گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي، ڇو ته سک رڳو دولت ۽ ملڪيت هجڻ سان نه ٿا ماڻي سگهجن، ليڪن اها دل جي ڪيفيت آهي، جيڪڏهن دل ۾ خوشي ناهي ته پوءِ بظاهر عيش، عشرت ڪنهن به ڪم جو ڪونهي، ڏکن ۽ سکن جو ساٿ گل ۽ خوشبوءِ جي ساٿ جيان آهي، ٻنهي کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي، اسان مان هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اسان کي هر وقت خوشيون ئي خوشيون نصيب ٿين، ان لاءِ اسان سڀئي طريقا استعمال ڪندا آهيون، ليڪن جتي اسان خوشي جي خواهش ڪريون ٿا ته اتي ڏکن کي منهن ڏيڻ لاءِ به ذهني طور تي تيار هجون.
    اهو سک جيڪو ڏکن کانپوءِ نصيب ٿيندو آهي ان جو پنهنجو مزو هوندو آهي، اسان کي پنهنجن سکن سان گڏ ٻين جي سکن جو به خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته جيستائين هڪ ٻئي جو احساس نه ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي جو خيال نه رکنداسين تيستائين سڪون ماڻي ڪونه سگهنداسين. جهڙيءَ ريت اونهاري پٺيان سيارو ۽ سياري پٺيان بهار، ڏينهن پٺيان رات، روزن پٺيان عيد ايندي آهي تهڙيءَ ريت ڏکن پٺيان سک پلئه پوندا آهن، دنيا جي هر ترقيءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ان جي پٺيان ڏکن،ڏاکڙن، اهنجن ۽ ايزائن جو پاڇو ضرور هوندو آهي، ڇو ته دنيا جي لذت، توڙي نعمت تڏهن حاصل ٿيندي آهي جڏهن ان لاءِ جاکوڙ جا جنڊ هلايا وڃن، سواءِ ڏکن ڏسڻ جي سکن جو سامان ملڻ ائين آهي جيئن ٻٻر کان ٻير گهرڻ.
    اوهان جيڪڏهن گلن جي تمنا ڪريو ٿا ته ان لاءِ ڪنڊن کي به سهڻ لاءِ تيار هجو، جي سلطاني وٺڻ چاهيو ٿا ته آرام ۽ آسائش جي نالي نشان کي ئي گم ڪرڻو پوندو، سائنسي تحقيقات هجي، توڙي اناج جي اپت، بادشاهي تاج هجي توڙي فقيري فقِر، هر هنڌ هر جاءِ، ڏکن ۽ تڪليفن جو واسطو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڏک ۽ سک هڪ ٻئي جي تمام ويجهو رهندا آهن، ڏک پاڇو کڻي پري وڃي ٿو ته کيس سک سڏجي ٿو، ڏک ۽ سک ٻئي لازم ۽ ملزوم هوندا آهن، ائين ڪڏهن به نه سمجهجي ته ساندهه سک نصيب ٿيندا رهندا، جڏهن خوشي محسوس ڪريو ٿا ته ياد رکو ته ڏک پري ناهن هوندا، ڏک ڪهڙي شيءِ ٿيندو آ، حقيقت اها آهي ته ڏکن کانسواءِ سکن کي سمجهڻ ئي ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ڏک ۽ سک ٻئي هڪ ئي هنڌ رهندا آهن، صرف ۽ صرف انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي وقت ۾ فرق هوندو آهي.


      درد به زندگيءَ جو حصو هوندو آهي

    درد اهڙي ڪيفيت آهن جيڪي زندگيءَ جي سمورن رازن کي فاش ڪري انسان اڳيان بي نقاب ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اسين جيون جي هر لمحي کي سڃاڻي سگهندا آهيون، سچ ته اهي درد ئي آهن جيڪي انسان جي بي رنگ حياتي ۾ رنگ اوتيندا آهن ۽ ماڻهو کي پنهنجي زندگيءَ جي قيمتي هجڻ جو يقين ڏياريندا آهن، درد ئي هڪ عام ماڻهوءَ کي زمين جي تهن کان کڻي، آڪاش جي بلندين تائين پهچائيندا آهن، اهو درد ئي آهي جنهن شاهه، سچل، سامي، اياز ۽ استاد جي وجود کي شاعريءَ جي ڀرت ۾ ڀري ڇڏيو، اهو درد ئي آهي جنهن جلال، احمد مغل، عابده پروين ۽ سرمد جي آواز ۾ هڪ راحت سمائي ڇڏي آهي، اهو درد ئي آهي جنهن دنيا جا وڏي کان وڏا، مصور سنگتراش ۽ موسيقار پيدا ڪيا آهن، ۽ اهو درد ئي آهي جيڪو مون کي ۽ اوهان کي قلم کڻڻ ۽ ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي، پوءِ اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته اسان سمورن جا درد ڪيترا ۽ ڪيڏا آهن، درد ڪنهن عورت جو هجي يا مرد جو، ٻار جو هجي يا ڪنهن پوڙهي جو، پر درد جي تڪليف هر هڪ کي هڪ جيتري ۽ هڪ جهڙي محسوس ٿيندي آهي، ان کان علاوه ٺيڪ اهڙي نموني انسان ڪهڙي به رنگ، نسل ۽ قوم جو ڇو نه هجي پر ان جي ڳوڙهن جو رنگ هڪ جهڙو ئي ٿيندو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته ڳوڙها خوشيءَ جا هجن يا غم جا پر ٻنهي قسمن جي ڳوڙهن جو رنگ ۽ انهن جو وهڻ جو انداز به ساڳيو ئي هوندو آهي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڳوڙهن جي بارش کي ڪو خوشيءَ جو نانءُ ڏئي يا غمن جو، ڇو ته جنهن جي دل ۾ درد موجود هوندا آهن ته زندگي جي راز کي به اهي ئي سمجهي سگهندا آهن.


      طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان، ڌڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏيئي مُٺِ ۾

    سامعين، ماڻهوءَ جو هُردو هر شيءِ، هر عمل جو جوابدار هوندو آهي، جيتوڻيڪ سائنس وٽ دل بدران دماغ جي اهميت آهي، ڇو ته اهو ئي سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو، نه ته دل فقط شاعراڻي تشبيهه هوندي آهي، اها دل جي ئي دنيا آهي، جيڪا پيار، پاپ، ڏک ۽ سک سڀ ڪجهه سهي ٿي، جيڪو ماڻهو ”مان“ جي مرض ۾ مبتلا هوندو آهي اهو نه مستقل مزاج هوندو آهي ۽ نه وري منجهس ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي، مون ڏٺو آهي ته اهڙا ماڻهو جلد ئي ٽٽي، ڀڄي ۽ ڀري پوندا آهن ۽ هو جلد ئي شڪست کائي ويندا آهن، ٻين جي هٿان نه پر پنهنجي پاڻ هٿان، پر جيڪي ماڻهو “مان” جي مرض ۾ مبتلا نه هوندا آهن اهي نه رڳو مستقل مزاج هوندا آهن پر منجهن فيصلي ڪرڻ جي قوت سان گڏ انهيءَ تي ڄمي بيهڻ جي صلاحيت به رکندا آهن ۽ اهي شڪست کائي به ٽٽندا ناهن ۽ جي ٽٽندا به آهن ته به جلد ٻيهر پنهنجي وکريل وجود کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ وري به هلندو هل ۽ هلندو هل جي اندرينءَ تنوار تي پنهنجو سفر شروع ڪندا آهن، انهن جو من سکي هوندو آهي، انهن ۾ نياز ۽ نوڙت، پيار ۽ پاٻوهه شامل هوندو آهي ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻهو هميشه خوش مزاج هوندا آهن.


    تعليم جو زيور انسان جو سينگار هوندو آهي

    سامعين، الله تبارڪ وتعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو عطا ڪيو آهي، ٻين لفظن ۾ ته ان کي سموري مخلوق کان، نمايان ۽ افضل بڻايو آهي، ۽ سڄي دنيا جو چرخو ان جي تابع ڪيو آهي.
    الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي هن دنيا ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهي، انهن ڪمن مان، علم جي روشني سڀ کان وڌيڪ افضل ڪم آهي، جيئن سج جي روشني جو هر منٽ اوهان کي بنا گهرڻ جي روشني ڏئي ٿو، تيئن اسان مان به هر هڪ تي فرض آهي ته اسين به علم جي روشني کي هر هڪ ماڻهوءَ تائين پهچايون، اهو فرض لکڻ ۽ پڙهڻ سان ئي ادا ٿي سگهندو آهي، جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي ان وقت کان وٺي لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم جاري آهي، لکڻ اهو گڻ آهي جيڪو ليکڪ ڪنهن قوم جي تاريخ، ملڪ جي ماڻهن جي ڪارڪردگي ڪارنامن، ڪاميابين، ايجادن، نون نظرين، ڪنهن شخصيت، ماڳ، علائقي ۽ ملڪ جي ماڻهن جي خوبين، خامين ۽ انهن جي ڪيل ڪمن ۽ انهن جي اهميتن کي قلم جي مس سان حقيقت جي حيثيت ڏئي ان کي دستاويزي شڪل ۾ آڻيندو آهي، اهو دستاويز هڪ نسل کان ٻئي نسل سان گڏو گڏ، دنيا جي قومن ۽ ملڪن جي استحصال لاءِ منتقل ٿيندو رهندو آهي، اڳتي هلي اهو دستاويز، ان ملڪ جي تاريخ بڻجي وڃي ٿو، تنهنڪري اسان سڀني کي گهرجي ته پاڻ کي تعليم جي زيور سان سجايون ۽ سينگاريون ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل به فيض حاصل ڪري سگهي.


      وقت کي پنهنجو غلام بنائڻ گهرجي

    عزيزان من، وقت جو ڪم آهي گذري وڃڻ، صدين کان وقت جي مزاج ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو آهي، هو اوهان ۽ اسان لاءِ به نه بيهندو هو ته گذرندو رهندو، هر نئون سج ۽ هر نئون ڏينهن ماضيءَ جو حصو بڻجندو رهندو، اسين ائين ئي غفلت جي ننڊ ستل رهجي وينداسين، علامه اقبال جو چوڻ آهي ته :
    ڪاميابي هڪ آهي، هن قوم جي، ۽ نقصان ڀي هڪ،
    هڪ آهي سڀ جو نبي، دين ڀي، ايمان ڀي هڪ،
    حرم پاڪ ڀي، الله ڀي، ۽ قرآن ڀي هڪ،
    ڪا وڏي ڳالهه ناهي، هجن جو مسلمان ڀي هڪ.
    عزيزان حيات، مڃون ٿا ته گهڻي دير ٿي وئي آهي، ليڪن وقت جون واڳون اڃا به اسان جي هٿن ۾ آهن، اسين وقت جا غلام بڻجڻ بدران وقت کي پنهنجو غلام بڻائي سگهون ٿا، بس ضرورت آهي احساس ۽ ذميواري جي، ۽ پنهنجو پاڻ کي پرکڻ جي، پنهنجي خواهشن جي نفي ۽ خوديءَ کي بيدار ڪرڻ جي، ڇو ته عظمت جو معيار عمر جي بلندي ناهي، بلڪ عظيم اهو آهي جيڪو حياتيءَ جا ڏينهن ناهي وڃائيندو، مسلسل پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ وس آهر پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو آهي، اچو ته وچن ڪريون ته هر نئين ڏينهن کي پنهنجي ڪردار سان ضرور سنوارينداسين، يقين ڄاڻو ته اوهان جو هي وچن، تاريخ جي سنهري اکرن سان لکيو ويندو ۽ رب پاڪ ان مثبت ڪوشش جو بدلو اوهان کي ضرور ڏيندو، ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي ان جو سِلو ضرور حاصل ٿيندو.
    خدا تعاليٰ وطن عزيز جي هر فرد لاءِ هر نئون ڏينهن خوشين، محبتن، برڪتن ۽ عظمتن وارو ڪري، ۽ مولا پاڪ سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ ظالم جي ظلم کان هميشه پناهه ۾ رکي، ڇو ته هاڻي ته هيءَ دنيا صرف وڃي مطلب جي رهي آهي.


      هن مختصر حياتيءَ جا قصا ڪهڙي ڪتاب ۾ لکجن

    عزيزان حيات، دنيا جي دستورن ۾ اٽڪيل حياتيءَ جا اجاڙ رستا، هر شام جي بدن تي ايذائن جا لفظ لکي وڃن ٿا، ڪنهن درد کي ڀلا اهو ڇو چئجي ته تو لئه هن جيون هندوري ۾ ڪابه جاءِ ناهي، بلڪ نصيب جي نيزن تي ٽنگيل اسان جا ارمان ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪوا ناهن ڪندا ۽ جڏهن به من ۾ سمايل مڪليءَ جي صحرائي ميدانن تي ڪنهن پيٽ بکايل ٻار جي رڙ گونجي ٿي ته سوين سوال دل جي ويران رڻ تي اڀري اچن ٿا.
    ان هاريءَ جي درد جو احساس هانءُ ڏاري ٿو، جيڪو سرد راتين کان گرم جهولن تائين، لنڊيون لتاڙي، پنهنجي روزي لئه، هر ستم رتن جا سهي ٿو، ليڪن سماج جي هلائڻ وارن وٽ انهن انمول محنت ڪش ماڻهن جي ڪابه اهميت ناهي، رات ڏينهن اکين ۾ اوجاڳا سانڍي، اميدن جا انبار کڻي جيئندڙ اهي انسان هميشه مايوسيءَ جي مونجهارن ۾ ڦاٿل ئي رهيا آهن، نه ئي ڪا عيد انهن لئه خوشيءَ جو پيغام آڻي ٿي ۽ نه ئي ڏياريءَ جا ٽمڪندڙ ڏيئا انهن جي ٿڙڪندڙ چپن تي مسڪراهٽ آڻي سگهن ٿا.
    اسان جون اکيون پنهنجي آس پاس کوڙ اهڙا انسان اڪثر ڏسن ٿيون، جيڪي سخت محنت ۽ جفاڪشيءَ جي باوجود به مشڪل حالات ۾ ڪٺن زندگي گذارين ٿا ۽ درد دل رکندڙ اهي انسان ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪونه ڪندا آهن، بلڪ اهي کِلڻا ماڻهو، پنهنجن ڏکن ۽ دردن جو ذڪر ڪنهن سان به ڪونه ڪندا آهن، پوءِ مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ وارو رستو وٺي زماني ۾ دستور سان گڏ هلندا رهندا آهن ۽ ڪنهن سان به ڳالهه ڪونه ڪندا آهن. زندگيءَ ۾ هر انسان اميدن جي اجالن کي منزلن ڏانهن وڌندي ڏٺو آهي ۽ اهڙن پورهيت مزدورن ۽ لاهيارن فقط پنهنجي ارمانن کي غريبيءَ جي گهاڻي ۾، پيڙجندي ڏٺو آهي، پنهنجي خوابن کي واچوڙن سان ڦرندي ڏٺو آهي، هن حياتيءَ جا قصا تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ لکجن يا آزاد فضائن ۾ اڏائي ڇڏجن، هن اسان جي قصاءِ حيات جو هن زماني ۾ ڪنهن تي ڪوبه اثر ڪين پوندو، ليڪن زماني جي بادشاهن کان، اها التجا ضرور ڪجي ۽ وڏين گاڏين عاليشان محلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ گهمڻ ڦرڻ سان اسان کي ڪابه شڪوا يا ڪابه گلا ڪونهي، ليڪن خدارا، انهن انسانن جو به احساس ڪيو، جيڪي ٻرندڙ سج هيٺان توڙي برفاني سرد راتين ۾ ٻنين، فيڪٽرين، دڪانن توڙي ٻين ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا، اهي اوهان کان گهڻو ڪجهه نٿا گهرن، فقط انهن کي انهن جو حق ڏنو وڃي، جيڪو پڻ اخلاقي توڙي انساني فرض آهي، الائي ڇو اسان جا خيال تمنائون ۽ خواب ايترا ته وڌي ويا آهن جو صرف پنهنجو پيٽ ڀرڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي بکايل پيٽ جو ذرو به احساس نٿا رکون، جڏهن ته اسان سڀ ڀليءَ ڀت ڄاڻون ٿا ته اسان ڪيترو به ڪمائي وٺون، ڀلي ڪروڙين ڊالر اسان جي بينڪ بيلنس ۾ جمع هجن، ليڪن هن فاني جهان کي ڇڏڻو آهي، پوءِ ڀلا اهڙا ڪڌا ڪم ڪنهن لاءِ؟
    هن دنيا ۾ پاڻ هڪ مهمان طور آيل آهيون ۽ هن فاني دنيا کي ڇڏڻ وقت ته هي ڪروڙين ڊالر اسان سان هلي سگهندا ۽ نه ئي اسان جي اعمالن کي لڪائي سگهندا، جڏهن ته انسانيت سان پيار ڪندڙ انسانيت جو هڏ ڏوکي پنهنجي سٺن اعمالن ڪري انسانيت ۾ زنده رهي ٿو، انهيءَ ئي انسان جي زندگي سفل ۽ سٺي چئبي، جيڪو انسانيت ڪاڻ انسانيت ۾ هن جهان ۾ جيئي ٿو.


      عشق جي ڪا به تشريح ڪونه هوندي آهي

    مانوارئو، جڏهن هيءَ حسين زندگي رشتا، ناتا، نڀائيندي پنڌ ڪندي گذري ويندي آهي ته پويان رڳو يادون ئي رهجي وينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن سنگسار خوابن جا مقبرا، ان اڌوري عشق جي ڪهاڻي ياد ڏياريندا آهن، جيڪو ڪڏهن زماني جي خاردار راهن تان هليو هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن بانوري جو ٽهڪ بڻجي نيري امبر تي نچيو هوندو آهي ۽ ڪڏهن اجڙيل بستين جي روح جوسڏڪو بڻجي ويران رستن تي وڃائجي ويو هوندو آهي.
    يا، جيئن ڪن وڻن جون ڄمارون سالن جون به بلڪ صدين تي ٻڌل هونديون آهن، ائين لازوال عشق به وقت جي قيد کان مٿانهون هوندو آهي، جيئن پريت جا پنڌ، ڪندڙ اکين ۽ مسافر پکين جا ڪي به ٺڪاڻا ڪونه هوندا آهن، ائين ئي عشق جي به ڪا، تشريح ڪونه هوندي آهي، اهڙيءَ طرح بيمثال عشق جي گلشن کي خزائون به اجاڙي ڪونه سگهنديون آهن، ڪير ٿو چوي ته پيار پوڙها ٿيندا آهن، ڪير ٿو چوي ته جدائيءَ ۾ جاڳندڙ اکين کي اڪثر ننڊ وٺي ويندي ۽ ڪير چوي ته وقت جو ٻهارو يادون به پاڻ سان کڻي ويندو آهي، اهي سڀ ڳالهيون آهن زندگيءَ جي رشتي کي قائم ۽ دائم رکڻ جون، پوءِ اهڙين ڳالهين ۽ يادن جو چنڊ به ته شاهد هوندو آهي ڇو ته چنڊ به ان وقت ئي وڻندو آهي جڏهن يادون ياد اينديون آهن، پوءِ ايوب گاد به تڏهن ته چنڊ کي چيو هو ته:
    اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ.
    ۽ سامعين زندگيءَ جي ڪتاب کي جيڪڏهن ويهي پڙهبو ته ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاميون نظر اينديون، ڇو ته زندگي تاريخ جو اهو باب آهي جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ عملي قدم کڻڻ وارا تمام ٿورا انسان هوندا آهن، پوءِ انهن انسانن جو تعلق ڪهڙي به قوم يا نسل سان ٿي سگهي ٿو، ان کان علاوه زندگيءَ جي اهميت اسان کي تڏهن معلوم ٿيندي جڏهن اسان جي اندر ۾ احساس جي قوت موجود هوندي آهي ۽ اسين زندگي جي اسرارن کان آگاهي حاصل ڪري وٺندا آهيون ۽ پوءِ ئي اها خبر پوندي آهي ته اسان جي تخليق جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ انهيءَ زندگي جي سفر ۾ جڏهن ڏکن جا پاڇا ۽ حياتيءَ مٿان ڪاڙها ڪڙهڻ لڳندا آهن، سڏڪن جا ساز وڄڻ لڳندا آهن ۽ پير اويلين ۽ اوکين راهن تي هلڻ لڳندا آهن ۽ جڏهن ٽهڪن جا سج لهڻ لڳندا آهن، تڏهن سوچ ۽ سکن جي سندرتا حاصل ڪرڻ جي هوڏ جي سفر کي ڇڏي پڇتائڻ وارو پنڌ ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ دل پڇتاءُ کان علاوه ڪجهه به ڪري ڪونه سگهندي آهي.
    ۽ سامعين هي به هڪڙو سهانو سچ آهي ته ازل کان وٺي حضرت انسان جو هيٺائين سان حسد ۽ نوڙت سان هميشه ڄڻ نفرت ئي رهي آهي ۽ انسان انسان کي مارڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري ۽ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي پويان پنڌ ڪرڻ لاءِ پرچايو ئي ڪونهي، اسين سچ تي هلڻ واري راهه ڇڏي اهڙن پيچرن ۽ راهن تي هلڻ لڳا آهيون جو جن راهن تي هلندي اسان کان انسانيت جو سبق به وسري ويو آهي، پوءِ لطيف سرڪار به سچ جي سبق کي حاصل ڪرڻ لاءِ هينئن به فرمايو آهي ته:
    نهائيئن کان نينهن، سِک منهنجا سپرين،
    سَڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.


      فطرت کان بيزاري ڇو ٿيندي آهي

    زندگي ڪڏهن به ڪنهن لاءِ رڪبي ڪونه آهي، وقت ڪنهن جو به انتظار ڪونه ڪندو آهي، زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ته ايندا ئي رهندا آهن، انساني فطرت يڪسانيت کان بيزار ٿي ويندي آهي، اسان زندگي ۾ اچڻ وارين خوشين جو ته استقبال ڪندا رهندا آهيون، ليڪن ڏکن مان جلدي نڪرڻ چاهيندا آهيون، اسان اهو به ڪونه سوچيندا آهيون ته جڏهن پروردگار هڪ ڀيرو اسان کي خوشيون بخشيون آهن اهو ئي پروردگار اسان کي ٻيهر به خوشيون ڏئي سگهي ٿو، ڪنهن به شيءِ جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ان کي منهن ڏيڻ يا فيس ڪرڻ ضروري هوندو آهي، اهڙي حقيقت جيئرا ماڻهوئي ڄاڻي سگهن ٿا، زنده ماڻهوءَ مان مراد باضمير ۽ باشعور ماڻهو، هونئن به عام چوڻي آهي ته زندگي هڪ امتحان آهي ليڪن زندگي پاڻ هر وقت امتحان وٺندي آهي، اها به حقيقت آهي ته زندگي هڪ وڏو امتحان آهي، زندگي گذارڻ لاءِ انسان کي ذهني طرح سان تمام گهڻو مضبوط ٿيڻ گهرجي، زندگي ڏکن ۽ سکن، خوشين ۽ مونجهارن جو مجموعو ليکي ويندي آهي، انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو انهن مونجهارن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا، اهي ئي دنيا جا ڪامياب ترين انسان چورائين ٿا، بقول ڪنهن شاعر جي ته :
    جو کڄي ارواهه ئي تو تان وڃي،
    ڪر نه تون بيزار اهڙو زندگي.

    جواکين جي پياس، مان پرکي اندر،
    ڪو هجي غمخوار، اهڙو زندگي.

    من پرائو ڏک ٻڌي، روئي پوي،
    آ نه اڄ سنسار، اهڙو زندگي.


      ڏکن ۽ سکن واري زندگي

    سامعين، زندگيءَ جو سفر پنهنجي رفتار سان روان دوان آهي، زندگيءَ جي هن رڻ ۾ خوشيون، غميون، محبتون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون گڏو گڏ هم سفر هجن ٿيون، جيڪڏهن رات رنگين آهي ته صبح سنگين، اڄ اگر زندگي غم جي گردش ۾ وڪوڙيل آهي ته صبح جا ڪرڻا پيار ۽ خوشيءَ جي پيغام سان زندگيءَ کي غمن مان ڪڍي، جيون کي چار چنڊ لڳائي دل کي قرار بخشيو ڇڏين، اصل ۾ زندگي آهي ئي ڏکن ۽ سکن جو ميل.
    ان حوالي سان زندگيءَ جو حقيقي مزو فقط اهو ئي ماڻهو ماڻي سگهي ٿو جيڪو زندگيءَ جي ڏک ۽ سک، محبت، نفرت، وصل ۽ وڇوڙي، درد ۽ پيار کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي هر حال ۾ پنهنجو پاڻ کي مطمئن رکي، ماضيءَ جي تلخين کي ڀلائي، مستقبل ۾ آس ۽ اميد رکي پنهنجي منزل ڳولهي ٿو ۽ اهو انسان ڪامياب آهي، جيڪو مايوسيءَ کي مات ڏئي اميد جي آڌار تي مستقل مزاجيءَ سان فيصلا ڪري ٿو، ليڪن ڏٺو اهو ويو آهي ته ماڻهوءَ جو من تنها بڻجي ويندو آهي ۽ جيون جي ڪشتي به وڇوڙن جي ساگر ۾ ترڻ لڳندي آهي ۽ جيون جي ڪشتيءَ کان وڇوڙن جي ساگر ۾ محبت جا سمورا ڪنارا دور ٿي ويندا آهن ۽ ان جيون ڪشتيءَ کي ڪنهن جي يادن جون لهرون به لوڏڻ لڳنديون آهن ۽ جيون جي جهان جو هر منظر بدليل محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن به اهي وڇوڙي جي ور چڙهي ويل محبتون ماڻهوءَ جو مقدر بڻجنديون آهن ته ماڻهوءَ جي من جي موسم به بهار بڻجي ويندي آهي، ليڪن انهن يادن جي ڀوڳڻ وارا ڪي گهٽ ئي انسان هوندا آهن، جيڪي حساس دل هوندا آهن.


      چون ٿا پيار ڪنهن نيري نديءَ جو نالو آهي

    مانوارئو، پيار هڪ اهڙي نيري نديءَ جو نالو آهي، جنهن جي ڌارا هڪ ساهواري جي ساهه جي سوڙهين گهٽين تائين پهچي ان کي پاڻ ۾ سمويو ڇڏي، ڪنهن زخمي پکيءَ کي ڏسو ان کي جڏهن ڪابه قوت نقصان پهچائي ٿي ته ڪيئن نه ان جي مالڪي لاءِ ان جي ڪڙم قبيلي جا پکي پرند پهچيو وڃن ۽ منهن پٽي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائيندا آهن ته سندن نقصان جو ازالو ٿيڻ کپي.
    چوندا آهن ته پيار انسان ذات لاءِ خوبصورت حسناڪين سان ڀرپور ڪيفيتن جو نالو آهي، جنهن جي لطافت ۽ نفاست انسان جي هر محسوسات کان اتم ۽ اعليٰ هوندي آهي، اوهان هي مثال ته ضرور ڪٿي پڙهيو يا ٻڌو هوندو ته چاهڻ ۽ چاهجڻ زندگيءَ جي عظيم ترين مسرت هوندي آهي، مطلب ته ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ ۽ ڪنهن جو ٿي وڃڻ جي سٽ سدائين اندر ۾ اڇلون هڻندي آهي، پيار کي ڪنهن به قبيلي، قوم، ملڪ يا ديس تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، اهو جذبو انسانيت جي عالمي شناخت آهي، جتان هر انسان جي انسان هجڻ جي يقين دهاني لاءِ ثابتي ملي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جي صفت جو اڳتي نڪري ٿو وڃي، منهنجي مرشد ڀٽ جي گهوٽ ان فلسفي کي هينئن به سمجهايو آهي ته:
    نهائينءَ کان نينهن سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نِڪري.
    يا ٻي جاءِ تي چوي ٿو ته:
    ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساهڙ، ساهڙ ڪن،
    ڪِن کي سانگو ساهه جو، ڪي گهوريون ڪري گهِڙن،
    پر ساهڙ سندو تنِ، جيڪي گهاءَ گهائي، گهِڙ يا.


    سڪ ۽ سوز جي عذاب کان پاڻ کي ڇو آجو سمجهجي

    سائين منهنجا، اسان جي هن جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ اڄوڪي عاشق، پيار محبت، سڪ ۽ سوز جي عذاب کان پاڻ کي ڄڻ آجو ڪري ڇڏيو آهي، ليڪن ڪيترائي اهڙا محبت جا متوالا، پيار جا پوڄاري، عشق جا امام، سچ جا ساٿاري، محبوب جي تصور ۽ معاشري جي هڪجهڙائي نه هئڻ ڪري، شعر جي صورت ۾ پيش ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ هر حال ۾ شاعري سندن مضبوط ۽ ڪارائتو هٿيار پڻ هوندي آهي، ڇو ته شاعر جڏهن غمن جي دور مان اڪثر گذرندو آهي، تڏهن به شاعريءَ جو سهارو وٺندو آهي ۽ پنهنجن سمورن جذبن جو اظهار به شاعريءَ وسيلي ڪندو آهي، اهڙي طرح جڏهن ڪنهن مظلوم ۽ مجبور جي ڪابه حق تلفي ڏسندو آهي ته تڏهن به سندس قلم حرڪت ۾ ايندو آهي ۽سچ توڙي حق جا طالب هميشه پيار ۽ عشق جو اعلان به سري عام ڪندا آهن ۽ پنهنجي عشق جو اظهار هينئن به ڪندا آهن ته:
    پرين! چنڊ، تارا ته مون سان رلن ٿا،
    سمورا نظارا ته، مون سان رلن ٿا.

    مان بيچين رستن جو، آهيان مسافر،
    ۽ خاموش چارا ته، مون سان رلن ٿا.

    ڪجي حسرتن تي ڇو، هر روز ماتم،
    مگر هي ڪيڏارا ته، مون سان رلن ٿا.

    ڪٿي مان رلان ٿو، اي، اعجاز رستا،
    هي رستا ويچارا ته مون سان رلن ٿا.


      سکن واري سَڌَ، متان مون سان ڪرين

    سامعين، حقيقت اها آهي ته ڏکن کانسواءِ سکن کي سمجهڻ ئي ڏکيو آهي، ڏک ۽ سک ٻئي هڪ ئي هنڌ رهندا آهن، صرف انهن جي اچڻ جي وقت ۾ فرق هوندو آهي.
    جيترو انسان ڏک ڏسندو آهي اوترو ئي سک ماڻڻ جي اميد به ساري سگهندو آهي، ڇو ته دنيا ۾ جيڪي به وڏا ڪم ٿيا آهن تن ۾ ڏک ۽ صبر ڪاميابيءَ جو هڪ مضبوط سبب رهيو آهي، اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال ملندا ته ڏکن سهڻ بعد ئي انسان ڪاميابيءَ جو تاج پائي سگهي ٿو، هر ڪاميابي، پوءِ اها دنوي هجي يا آخروي ڪاميابي.
    ڏکن سهڻ کانپوءِ ئي نصيب ٿيندي آهي، تنهنڪري انسان جيڪڏهن چاهي ته ترقي ڪريان ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪريان ته کيس گهرجي ته ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ۽ مشقت ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ته تڏهن وڃي کيس منزل ملندي، ڏک ڪڏهن به مستقل ڪونه رهندا آهن ۽ نه ئي سک سدائين لاءِ رهندا آهن، اهي ته موسم جيان تبديل ٿيندا رهندا آهن، اسان کي ٻنهي موسمن ۾ خوش گذارڻ گهرجي، هونئن به ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪندو رهي، ليڪن اهو سدائين سکن۾ نٿو رهي سگهي، سک رڳو دولت ۽ ملڪيت هجڻ سان نٿا ماڻي سگهجن، ليڪن اها دل جي ڪيفيت تي منحصر آهي، جيڪڏهن دل ۾ خوشي ناهي ته پوءِ بظاهر عيش عشرت ڪنهن به ڪم جي ڪونهي.


      انسان اَنا جي خول مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪري

    مانوارئو، جڏهن هر ماڻهو اها سوچ رکي ٿو، حقيقت کي سمجهي ٿو ته پوءِ به ماحول ۾ هي ٻوسٽ ڇو آهي؟ اسين سڀ ڪجهه سمجهندي به هڪٻئي سان بيحد محبت ڪرڻ باوجود به، پاڻ کي انا جي خول ۾ بند رکي ايڏا ويڇا ڇو پيدا ڪري رهيا آهيون، اسين اهو به ڄاڻيندا آهيون ته اسان جي اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبتون آهن، پوءِ به اسان ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي هڪ ٻئي کان پري ٿي ويندا آهيون، ايترا ته پري جو ٻيهر ملڻ کانپوءِ به هڪ ٻئي کي اهي بي لوث محبتون ڏئي ڪونه سگهندا آهيون ۽ اسان پاڻ کي ايترو ته رزرو Reserve ڪري ڇڏيو آهي جو اسان پنهنجن جذبن جو اظهار به نه ڪري سگهندا آهيون ۽ آخرڪار غلط فهميون جنم وٺن ٿيون ۽ اهي غلط فهميون ويڇا ۽ وڇوڙا پيدا ڪري اسان کي هميشه لاءِ پري ڪري ڇڏين ٿيون ۽ اسان پنهنجي انا جي خول ۾ بند ٿي هميشه لاءِ پنهنجن، سچن ۽ رت جي رشتن کي وڃائي ويهون ٿا، نتيجتن تنهائي جي هن درد نگر ۾ پاڻ ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پاڻ کي نفسياتي مريض سڏايون ٿا، مان هن معاشري ۾ رهندڙ سڀني دوستن کان اِهو پڇڻ چاهيندس ته ان سڄي عمل جو ذميوار ڪير آهي؟ رشتا، معاشرو يا ماڻهو پاڻ.
    منهنجي خيال ۾ تنهائي جي اهڙي درد نگر مان نڪري پنهنجن رشتن کي پاڻ سيني لائڻ گهرجي ۽ انهن کي سچي محبت ۽ پيار سان نوازجي ته بهتر آهي، وڌيڪ هر هڪ انسان جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي.


      عشق بنا ڄڻ زندگي اڌوري آ

    دنيا جي هڪ وڏي مفڪر افلاطون مطابق ته جنهن کي عشق ناهي ڇهيو اهو ماڻهو سدائين اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ائين ئي اڳتي هلي سماج جي جڙڻ ۽ عشق جي اڀارڻ ۾ اضافو آندو آهي، پابندين جي باوجود ان ۾ شدت پئي آئي آهي، چوندا آهن ته جتي عشق هوندو آهي ته اتي غيرت نه هوندي، سو غيرت جو تصور به ان سلسلي جي ڪڙي ٿو ڀانئجي جنهن ذاتي ملڪيت جو نظريو پهرين ۽ تصور بعد ۾ پيدا ڪيو، اهو بنهه الڳ موضوع آهي، بلڪ اهو سچ آهي ته عشق خود ڪائنات جيڏي وسعت رکي ٿو.
    اوهان ڏسو ته دنيا جي هر ادب ۾ شاعريءَ ۾ عشق هڪ بنيادي محرڪ رهيو آهي، دنيا جو سڄو ادب، شاعري، مصوري ۽ موسيقي ان عشق جي ڪري ئي ڄميل ڀانئجن ٿيون.
    عشق جي ان محرڪ کي ان تخليقي عمل مان جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڪجهه به نه بچندو، اڻ سڌريل انسان کان سڌريل انسان تائين عشق جو پنڌ ساڳين قدمن سان رهيو آهي، ان پنهنجون دنيائون اڏيون آهن، دنيا جي درد کان انتظارن تائين، اک جي ڳوڙهي کان پيرن جي ڇالن تائين، عشق دنيا جي ادبي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هڪ عجيب سفر به طئي ڪيو آهي، جيڪو مختلف اندازن سان دنيا جي سامهون آهي.
    دنيا جي عظيم شاعرن ۽ اديبن عشق جي ان روايت کي پاڻي ڏئي زرخيز پئي ڪيو آهي، عشق جو محرڪ هڪ نازڪ ادا جو وجود آهي، جيڪو خود هڪ شاعري به آهي، هونئن به سماج ۾ سڌريل انسان وٽ، نازڪ صنف جو تصور ۽ اهميت نئين انداز سان اجاگر ٿي آهي، جنهن کان ڪوبه نظريو، انڪار نٿو ڪري سگهي.


      پراڻا پيار نٿا وسرن

    سامعين، اسين انهن عجيب رشتن جا اسير آهيون، جن رشتن کي دولت جي هن دنيا ۾ سمجهي نٿو سگهجي، اسين انهن املهه، وفائن جا سوداگر به آهيون، جن جي قيمت موجوده مارڪيٽ ۾ ڪريل آهي، اوهان ڏسو نه، نئين نينهن جي جذبن جهڙن پيروئن سان رهاڻيون رچائيندڙ پيار جا فقير پکي، انهن وڻن جي آکيرن کي ڪيئن وساري سگهندا، جن وڻن تي وڄون ڪريون آهن يا جن ٽارين تي ڪهاڙين جا ڳَنَ اڀا ٿيا آهن ۽ اهي البيلا پيار به ڪيئن وسري سگهندا، جن تي جدايون اويليون اينديون آهن ۽ جيڪي وصل جون واٽن پلجي وڃڻ کانپوءِ، اکين مان ڳوڙهو بڻجي ڇڻي پوندا آهن، پوءِ انهن نازن ۽ نخرن وارن البيلن جون هر ادائون به سهڻيون پونديون آهن.
    جيون جي راهن تي دل جي چيچ جهلي هلندڙ، اسين حقير ۽ فقير ماڻهو، تعبيرن جي تلاش ۾ بيوفا خوابن سان ياريون رکندا رهون ٿا، ليڪن سراب رستن جي رولاڪيءَ اڪثر اسان کي اهو سمجهايو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن منزلون اکين اڳيان اچي پوءِ به پري ٿي پونديون آهن، نازڪ ناتن ۽ رشتن جي سوداگريءَ اسان کي اهو ئي سمجهايو آهي ته محبتن جي مالها جوڙڻ لئه دليلن جا ڌاڳا ضروري ناهن هوندا، جيئن جبلن تان لهي ايندڙ نديءَ جا وهڪرا پاڻهين دريائن تائين پهچي ويندا آهن، جيئن سائبيريا مان اڏامي، سنڌ ۾ ايندڙ مسافر پکين کي ڪوبه گائيڊ درڪار ناهي، ڪوبه رستو ڊٺل ناهي، هو ائين ئي جڏهن اکيون اکين جا پيغام سمجهڻ لڳنديون آهن ته پيار جو ڪوبه پغام رائيگان ناهي ويندو ۽ هو سنڌ جي ننڍين وڏين ڍنڍن ۽ تلائن تي پنهنجا بسيرا ڪندا آهن پر انسان جون اکيون انهن جي سڪون کي به پنهنجو کاڄ سمجهنديون آهن ۽ بنا دير جي انهن مٿان بارود جي برسات لائي پنهنجو پيٽ پاليندا آهن، اهو ڪيڏو نه پاپ آهي جو آيل مهمانن پکين کي پنهنجي ميزباني اصولن ۽ روايتن کي رد ڪري انهن فطرتي عملن کي به پوئتي ڌڪي ڇڏينديون آهن، پوءِ انسان پنهنجي پراڻي پيار ۽ پراڻي فطرت تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي ڇا...؟


      هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ زندگيءَ جو اهم گڻ آهي

    سامعين، بحيثيت انسان هر شخص کي ٻئي جي پرواهه ضرور ڪرڻ گهرجي، ان کي امڪاني نقصان کان محفوظ رکڻ جي حوالي سان محتاط رهڻ گهرجي، ڇو ته پرواهه ڪرڻ ڪنهن انسان جي ذميوار ۽ فرض شناس هجڻ جي ضمانت آهي، جنهن معاشري ۾ اسين رهون ٿا، اتي حقن جي تحفظ ۽ فرضن جي پوئيواري جهڙن قدرن کي قائم رکڻ ضروري تصور ڪيو وڃي ٿو، ليڪن افسوس صرف اهو آهي جو اسان وٽ فرض کان نظرون چورائڻ وارن جي گهٽتائي ناهي، ڏسو نه، والدين پنهنجن ٻارن جي سرگرمين کان لاپرواهه هوندا آهن ۽ ٻارن کي والدين جي ڪا پرواهه ڪونهي، پاڙيسريءَ جا مسئلا ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ به لاپرواهي آهي.
    معاملو بئنڪ جو هجي، گيس ۽ بجليءَ جي بل پيئارڻ جو هجي، خريداريءَ جو هجي، بس يا ٽرين ۾ چڙهڻ يا ٽڪيٽ وٺڻ جو هجي، ڪير به پنهنجي واري جو انتظار نٿو ڪري، بلڪه ٻين کي ڌڪيندو اڳيان وڌندو رهي ٿو، يا وري ٽريفڪ وارن کان نظرون چورائي سگنل ٽوڙڻ ته عام ڳالهه آهي، اوهان ڏٺو هوندو ته نوجوان نسل هڪ ويل تي سائيڪل يا موٽرسائيڪل هلائيندي پنهنجي جان جي به پرواهه ڪونه ٿو ڪري، انهن کي روڪڻ جي ڪنهن کي به ڳڻتي ڪونهي، رستن تي هلندي بنا سبب جي هارن وڄائڻ، يا گاڏيءَ جي فرنٽ لائيٽ، فل آن رکڻ وارن کي به ڪنهن جي تڪليف جي پرواهه ناهي هوندي، شايد هو سمجهندا آهن ته صرف اسان جو ئي حق آهي هتي هلڻ جو، عزيزان حيات، هي سڀ ڳالهيون لاپرواهيءَ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون، تنهنڪري اسان سڀني کي اهڙين لاپرواهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ گهرجي، دعا آهي ته شال هتي پيار ۽ پريت جا ٻول هجن ۽ هر هنڌ چاهت جا ميلا مچن، ان لاءِ اسان سڀني کي پنهنجن فرضن کان خالي نه سمجهڻ گهرجي.


      ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين

    سامعين، جيڪڏهن دليون ڳنڍيل هجن ته دوري، وڇوڙو يا جدائي ڪابه شيءِ نه هوندي آهي ۽ سچي ڳالهه به اها آهي ته ڪي انسان تمام ويجهو هوندي به الائي ڪيترو پري هوندا آهن پر ڪٿي هزارن ميلن جو مفاصلو به چند قدمن جيترو محسوس ٿيندو آهي، ڇو ته انسان جي اندر ۾ جڙيل هوندي آهي، هڪ تصوير، اها تصوير جيڪا ڳالهائي سگهندي آهي ۽ انسان جي اندر سان ڏک ۽ سور اوري سگهندي آهي، اها تصوير جيڪا ڏکئي وقت ۾ آٿت جو سامان بڻجي ويندي آهي، روئڻ مهل ڪنهن دکي انسان کي پرچائي سگهندي آهي ۽ دردن ۾ دلداري ڏئي سگهندي آهي، ائين خبر اٿو ته ڇو ٿيندو آهي؟
    اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي جڏهن اوهان جي سڪ ۽ پريت ۾ سچائي هجي، خلوص ۾ کوٽ نه هجي پر سڀئي چاهتون، نيڪ نيتيءَ جي مٽيءَ سان ڳوهيل هجن، هونئن به انسان جي سموري زندگي مختلف ڪيفيتن جو شڪار رهي ٿي، ڪڏهن مرڪون، ڪڏهن ٽهڪ ته ڪڏهن رنج ۽ غم ته ڪڏهن پيار، ڪڏهن رحم ته ڪڏهن نفرت ۽ ڪڏهن خوشيون ته ڪڏهن لڙڪ، ليڪن ضروري ڪونهي ته سڀني ڪيفيتن ۾ اوهان سان ڪو ڏک، درد ۽ خوشيون ورهائي سگهي، ڪي انسان سوين پنهنجن هوندي به بلڪل اڪيلا ۽ وياڪل هوندا آهن ۽ ڪجهه فرد وري پنهنجي سڀني ڏکن ۽ دردن کي اندر ۾ اوتي ۽ پيار ۽ پريت واري واٽ وٺي، پنهنجي پيارن کي دعائون به ڏيندا رهندا آهن، پوءِ جيڪڏهن هو وڃان وڃان به ڪندا آهن ته انهن پيارن کي روڪي به ناهي سگهبو، ڀلا جيڪي وڃان وڃان ڪن انهن کي ڪيترو روڪبو.
    جهڙي ٿئي مست جواني، تهڙي آ رات سهاني
    ويهه يار ڪيون پيار، ڇڏ، وڃان وڃان.


      دل جي شهر مٿان لهندڙ يادون

    عزيزان حيات، جڏهن به ڪا شام يا ڪا سرمئي رات دل جي شهر مٿان پوپٽن جهڙا حسين رنگ کڻي لهندي آهي ته پراڻين يادگيرين جا ڀيد کلي پوندا آهن ۽ دل جي شهر مٿان ياد جا کڙ کٻيتا، اڏامڻ لڳندا آهن ۽ رات جي ڊگهن لمحن ۾ پرين جا نماڻان نيڻ، پڻ نظر اچڻ لڳندا آهن ۽ ياد ايندا آهن اهي پل ته روح بيتاب ٿي لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ دل رسيءَ کان ڇڙيل ڇيلي جيان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳندي آهي ته گڏو گڏ پرينءَ جي سڪ ۽ ڇڪ جيءَ کي جهوري وجهندي آهي ۽ اوجاڳيل اکيون گهورون پائي، گس پڇائڻ لڳنديون آهن، ليڪن انهن واٽن تي ڪوبه وڻجارو نظر ڪونه ايندو آهي ۽ اهي واٽون ويران ۽ اتاوليون لڳنديون آهن، پوءِ اهو انتظار رهجي ويندو آهي ۽ اکيون انتظار جي طويل ۽ وشال سفر ۾ ٻڏي وينديون آهن، انهن انتظارين ۾ هڪ پنهنجو لطف هوندو آهي ۽ روح جي بيتابيءَ جي جيڪا لهر اڀرندي آهي اها انهن سان ڪيل ڪچهرين ۽ ڪنهن سان گذاريل لمحن جي ياد به ڏياريندي آهي، ڪابه هڪڙي ياد يا يادگيريون جيڪي زندگي جي سفر سان روشن ٿين ٿيون، انهن يادگيرين ۾ وري ڪيترائي انتظار ۽ الڪا جنم وٺندا آهن ۽ پوءِ زندگي جي سفر ۾ گهاريل پل صرف ياد ئي رهجي ويندا آهن.
    جيڪي ڊائريءَ جي ڪنهن ورق جي زينت بڻجي ويندا آهن.


      چانڊوڪيون ئي چاهتون بخشينديون آهن

    سامعين، موسم انسان لاءِ قدرت طرفان عطا ڪيل هڪ بهترين تحفو هوندي آهي، جيڪا پنهنجي تبديليءَ سان انسان تي پوندڙ آلودن اثرن کان محفوظ رکي ٿي، انهن موسمن مان واحد موسم چيٽ جي آهي، جنهن کي بهار به چيو ويندو آهي، هن مند ۾ وڻ گونچ ڪڍڻ شروع ڪندا آهن، جيڪي سرءُ جي مند ۾ وڻ، پن ڇاڻي ويندا آهن، اهي وري نئين سر نوان گونچ ڪڍندا آهن، پکين ۾ به سرهائي ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ هو مٺيون مٺيون لاتيون لنوين بهار کي خوش آمديد چوندا آهن، اڪثر مور پپيها ۽ ڳيرا بهار جي آمد تي گهڻا خوش نظر ايندا آهن، هن موسم ۾ ڄانڀو ۽ سرنهن به ڦليار جي ويندا آهن، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي ۽ هر قدرت جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ان وقت جيڪڏهن ڪو ئي اداس هوندو آهي ته پنهنجي دوست پنهنجي محبوب کان وڇڙيل هڪ درد ڀريو انسان ئي هوندو آهي، جنهن کي نه ته اهي چيٽ وڻندا آهن، نه ته وري بهارون ئي ڀاسنديون آهن، ۽ نه وري اهي چانڊوڪيون ئي چاهت بخشينديون آهن، بس کيس هر موسم وڇوڙي واري موسم لڳندي آهي ۽ سندس هر پل انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ ئي گذرندو آهي.
    وڇوڙا جيڪي به هجن ڏاڍا ڏکيا لڳندا آهن، انهن وڇوڙن ۾ ٻيون ڪيتريون ئي حياتيون گمناميءَ جو شڪار بڻجي وينديون آهن، تاريخ گواهه آهي ته عمر مارئيءَ جو وڇوڙو نوري ڄام تماچي ۽ سورٺ راءِ ڏياج، سسئي پنهون جو وڇوڙو، مومل راڻي جو وڇوڙو، ان کان علاوه پنهنجن جو وڇوڙو، ڪيڏو نه اذيتناڪ هوندو آهي، شال اهڙن وڇوڙن جي سهڻ جي سگهه الله تبارڪ و تعاليٰ اسان سڀني کي ڏي.


      سياڻن ماڻهن سان سهپ به ساڻ، ساڻ رهي آهي

    سائين منهنجا، دنيا جي تقريبن سمورن ڏاهن ۽ دانائن سهپ، صبر ۽ برداشت کي انسان جا اعليٰ گڻ مڃڻ جو اقرار ڪيو آهي، سالڪن جي سنگت ۾ جوش کان وڌيڪ هوش جي وقعت هوندي آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ جي شخصيت جو تاثر جوڙڻ مهل هڪ بامعنيٰ ماڻ ۽ ماپو به هوندو آهي ته زندگيءَ جي مختلف مامرن، لقائن ۽ رد عملن جي دوران هن جي برداشت جي حد ڪٿي ٿي ڇيهه ڪري.
    سهپ جي سرسي نه رڳو ڪنهن فرد جي شخصي تعارف، سڃاڻپ ۾ پڻ اهم حيثيت والاري ٿي، بلڪ فرد جي شخصي تعارف کي پڻ سگهارو بڻائي ٿي، ڌرتي جي گولي تي جڏهن جڏهن به دنيا جي ڪنهن قوم، ڪنهن قبيلي، يا ڪنهن پرعزم ۽ انصاف ڀري پيش قدمي کي ترقي ۽ تبديليءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن ته ان ۾ سياڻپ ۽ سچائيءَ سان گڏ صبر ۽ سهپ ڀي ساڻن گڏ رهي آهي، ڇو ته جن ماڻهن سهپ ۽ صبر کان ڪم ورتو آهي ته دنيا ۾ اهي ئي ماڻهو وڏا چورائيندا آهن.


      صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو

    مانوارئو، مون کي اها پڪ آهي ته اسان جي سماج جا سڀئي فرد، پنهنجن روين، سوچن ۽ ٻولن ۾ نفرت، ساڙ ۽ ڪيني جي ڪنڊن لاءِ ڪابه گنجائش باقي نه رکن، سڀ ڪو خوشبو کي ڦهلائڻ جو سهرو سر تي سجائي هلي ته جيئن هر گهر، هر محلو، هر ڳوٺ، هر گهٽي ۽ هر شهر گلن جو ڀنڊار بڻجي پوي، هونئن ماڻهوءَ جا غلط، اٻهرا ۽ ٻئي کي رنجائڻ ۽ ڪاوڙ ڪڍڻ وارا قدم، گهڙين ۽ چند لمحن جي غلطين جو انجام ئي هوندا آهن.
    اسان جيڪڏهن هڪ گهڙي، هڪ لمحي ۽ هڪ پل جي درد ۽ ڪاوڙ کي پي وڃڻ تي پاڻ هيرائڻ جا حامي ٿيون، ته سال ۽ صديون به اسان جا ٿي سگهن ٿا، اهو ڪجهه ڪري نه رڳو اسان پنهنجي مقصد حيات کي ماڻي سگهون ٿا، ليڪن پنهنجي موت کي به مانائتو ڪري سگهون ٿا ۽ دنيا ۾ سرخرو به ٿي سگهون ٿا.
    بقول منهنجي مرشد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ته:
    هو چونئي، تون مَ چئو، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائيءَ جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
    ۽ زندگي جي ڪاروهنوار ۾ مختلف، جاين تي، انهن قولن ۽ چوڻين کي به اسان ور، ور ڪري ورجائيندا آهيون، مثال طور ته:
    صبر جنين جو سيرُ، تيرُ نه گسي تِن جو،
    زبان چَمَ جي، ڪنهن نه ڪم جي،
    ٿڻين ڏڌو کير ۽ زبان مان نڪتل لفظن جو تير ڪڏهن به واپس وري ڪونه سگهندا آهن، ان ڪري پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر انسان کي برف جيان ٿڌو ٿيڻو پوندو ته تڏهن ئي هو صحيح انسان چورائڻ جو حقدار سڏرائيندو.


      انساني عقل ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ڪمال

    مانوارئو، ڏٺو وڃي ته ضمير هر وقت بااصول ۽ سچي ماڻهوءَ کي پنهنجي وجود جو احساس هر وقت ڏياريندو رهندو آهي، سچ ۽ اصول به زندگيءَ جا ٻه رهنما هوندا آهن، جيڪي ٻئي اهم ۽ اٽل هوندا آهن ۽ ٻئي ايتري وڇوٽيءَ تي هوندا آهن جيتريون ريل جون ٻئي پٽڙيون، انسان کي زندگي انهن ٻنهي پٽڙين جي وچ ۾ گذارڻ گهرجي ڇو ته انسان کي اشرف المخلوقات جي شرف سان نوازيو ويو آهي، سندس رهنمائيءَ لاءِ الله پاڪ ضمير جهڙي انمول تحفي سان نوازيو آهي، جيڪو اسان کي هر وقت گائيڊ ڪندو رهي ٿو، مانوارئو دنيا ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ انسان جي باڪمال ذهن ۽ داد يافته ايجادن انسان کي انيڪ سهوليتون ۽ نعمتون عطا ڪيون آهن، انسان سوين ميل سفر هڪ سيڪنڊ ۾ ڪري ٿو ۽ سمنڊ پار پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان آمهون سامهون سندن تصوير ڏسندي ڳالهائي، ٻولهائي سگهي ٿو، سالن جون يادگيريون ۽ حساب ڪتاب جون تجويزون هڪ سيڪنڊ ۾ اڪلائي سگهي ٿو، اهو ئي زندگي جو اصول ۽ سچ آهي، ته توهان کي پنهنجو ضمير سچي هجڻ جي صورت ۾ جسماني ۽ روحاني خوشيون ارپي سگهي ٿو ۽ ڪيتريون ئي آسائشون ڏيندو رهي ٿو، جنهن دور ۾ موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون سهوليتون ڪونه هيون ته انسان کي پنهنجن ڪمن ڪارين کي اڪلائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو هو، ليڪن هاڻي صرف هڪڙي بٽڻ دٻائڻ سان هر ڪم ڪار سيڪنڊن ۾ ٿيو وڃي، تنهنڪري اهڙين سهوليتن وارن اوزارن جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي.


    سهپ جي ڪا حد مقرر هوندي آهي ڇا...؟

    ڏکن جي به هڪ حد هوندي آهي، هڪ سرحد هوندي آهي ۽ سهپ جي به هڪ حد بندي هوندي آهي ۽ جڏهن اها حد ٽٽي پوندي آهي، سرحد ختم ٿي ويندي آهي، ۽ سهپ جو پيمانو ڀرجي لبريز ٿي ويندو آهي، تڏهن درد دوا ٿي ويندو آهي ۽ اذيت جي انتهائي مسيحائيءَ جو ڪارڻ بڻبي آهي، ڏسو نه، ڪٿي ڪو ڀاءُ ڀيڻ کي بي سبب ڪاري قرار ڏئي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏي ٿو ته ڪٿي ڪو والد ڌيءَ کي چند ڏوڪڙن تي وڪرو ڪري ٿو ڇڏي، ڪٿي عزت سربازار نيلام ٿئي ٿي ته ڪٿي بنت حوا کان جيئڻ جو حق ئي کسيو ٿو وڃي ۽ ڪٿي سفارش ۽ پئسي جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو سچ جو سودو ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي انصاف جي نالي تي مظلوم کي ڦاهي تي چاڙهيو ٿو وڃي، ظلم جا اڻ کٽ داستان آهن.
    اوهان ڏسو يتيميءَ جي ڪربناڪ احساس هيٺ زندگيءَ جا تلخ ڏينهن گذاريندڙ معصوم ٻارڙن لاءِ نئين خوشيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ ڪشش جو باعث بڻجندي، ان ڀيڻ کي ڪهڙي خوشي آٿت ڏيندي، جنهن جو ڀاءُ بغير ڪنهن ڏوهه يا سبب جي قتل ڪيو ويو هجي، يا ان ماءُ جي اکين کي اهڙين خوشين سان ڪهڙي غرض، جنهن جو لخت جگر، ان کان جدا ڪيو ويو هجي، ڀلا اها ميار ڪنهن کي ڏجي ڇا اهو ڏوهه به قسمت کي ڏجي؟ يا قسمت تي ميار ڏجي، ڪهڙي پار وڃجي ڪو ڏس ٻڌائي سگهي ٿو...؟

    عزيزان حيات، انسان جي زندگي ۾ خوشيون جڏهن حد کان گذري وينديون آهن ته بيان نه ڪري سگهبيون آهن، ڇو ته خوشين جو مزاج انساني مزاجن کان گهڻو مختلف ڪونه هوندو آهي، انسان ڪيترو به عمر رسيده ڇو نه ٿي وڃي ليڪن خوشيءَ جو منفرد احساس کيس ٻار بڻائي ڇڏيندو آهي، هن جي ڪفيت ۽ هڪ ننڍڙي ٻار جي ڪيفيت ۾ ڪوبه فرق ڪونه هوندو آهي، تفاوت صرف ڏک ۽ غم جي احساس جي سلسلي ۾ ئي محسوس ٿيندو آهي.
    ٿورو سوچيو، خدارا ڪجهه لمحن لاءِ ئي سهي، پنهنجي سماجي ترجيحات تي غور ڪيو، دنيا ۽ دنيا وارا ڀلي نئين خوشيءَ جي آمد جا گيت ڳائي ۽ آتش بازي ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪن، اوهين پل کن لاءِ انهن مسرتن کي فراموش ڪري پنهنجي اردگرد ڏسو، پرکيو۽ پوءِ فيصلو ڪريو ته هر نئون سال يا ڪنهن خوشيءَ جي آمد اسان لاءِ خوشين جو ڪارڻ بڻجي ٿي، يا غم جو سنديسو ۽ المين جو نه کٽندڙ داستان...؟ هي روز، روز جا دهشت ڦهلائيندڙ واقعا، بم ڌماڪا، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا براءِ تاوان، ڪنهن گهر جو چراغ ختم ڪرڻ، ماءُ جيجل کان ان جو لخت جگر کسڻ، ڀيڻ کان ڀاءُ جدا ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ڇا اها انسانيت آهي، ڇا اها مسلماني آهي، ٿورو سوچيو، اسين بحيثيت مسلمان قوم ڪيڏانهن پيا وڃون، اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.


      درد وارن جي دوا ڪٿان حاصل ڪجي...؟

    سامعين، هتي هر ماڻهو پنهنجي وجود ۾، هڪ پنهنجي جذبي ۽ پنهنجي امنگ جي ڪهاڻي کڻي جيئي ٿو ۽ ائين هن لاڙ ۽ ٿر جي پٽيءَ جي ماڻهن جا احساس به موسمن جي محتاجيءَ ۾ پلجن ٿا، جتي ڏڪارن ڏيهه تپايا، جتي ٻوڏن ڪئين دنگ ۽ دڙا ٻوڙيا، اتي جي هنن موسمن موٽ کاڌي آهي ته وري لاڙ جي دلين تي نوان رنگ رچي پيا آهن ۽ ها، هيءَ موسم ٿر ۽ لاڙ ۾ لابارن جي موسم آهي، لابارا لفظ به هڪ عجيب لفظ آهي، اهي لابارا جيڪي سون جهڙن کيتن ۾ پوندا آهن ته ڏاٽن جي وهڻ واري ڪرڙاٽ سان گڏ چوڙين جي ڇم ڇم به خوشيءَ جو اهو گيت ٿي رقص ڪندي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي اکيئي کان وٺي، هٿن جي ڳاڙهيءَ مينديءَ تائين اهي سڀ پور سمايل هوندا آهن، جن پورن جي ڪابه قيمت لڳائي نٿي سگهجي.
    اتي وري اهي لابارا به آهن جيڪي احساسن ۾ پوندا آهن ته انهن احساسن جا ڪٽيل وجود هڪ عجيب درد جو نوحو محسوس ٿيندا آهن، ڇو ته انهن موسمن وانگر جڏهن درد به پنهنجو رخ موڙيندا آهن ته لاڙي ويچارا انهن هڪڙن ئي دردن مان جان ڇڏائي ڪونه سگهندا آهن ته وري ٻيا درد اچي پنهنجو ديرو ڄمائيندا آهن، پوءِ اها خبر انهن کي ئي هوندي آهي جن جي دل ۾ درد هوندا آهن، ڀلا جن جي دل ۾ ڪڏهن درد آيا ئي ڪونه هجن ته انهن کي ڪهڙي ڪل ته درد ڇا ٿيندا آهن ۽ جن جي دل ۾ درد ڪڏهن به ڪونه ايندا آهن ۽ اهي ٻئي ماڻهوءَ جي دل ڏکائڻ ۾ به دير ڪونه ڪندا آهن ۽ دردن جون ڪٿائون ته انهن کان پڇجن، جيڪي دردن ۾ پنهنجون مٺيون، ننڊون به حرام ڪري راتين جون راتيون جاڳي گذاريندا آهن ۽ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پنهنجا پکا ڇڏي، مختلف شهرن جو سفر شروع ڪندا آهن، ان آس ۾ ته سندن زندگي گذارڻ لاءِ سال جا ڪجهه ڏينهن ۽ مهينا ئي سهي سکيا ته گذرندا.


      انسان بيوس ڪڏهن ٿيندو آهي...؟

    مانوارئو، اسان بحيثيت انسان به ڪٿي ڪٿي ڪيڏا نه بيوس بڻجي ويندا آهيون، اسين پنهنجي جياپي لاءِ سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺون ٿا، پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جي عيوض، هي ڊگريون، هي عهدا، سڀ ڪجه پر جيڪا شيءِ انسان کي جياري ٿي اها آهي سچي محبت جيڪا اسان نه ڪنهن قابليت ۽ نه ئي ڪنهن ذهانت جي ذريعي حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اسين انسان دنيا جون سڀ آسائشون هوندي به پاڻ کي ڄڻ کوکلا محسوس ڪندا آهيون.
    اڄ جي هن ڪمپيوٽرائيز دور ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي بغير ڪنهن لالچ جي، بغير ڪنهن لوڀ جي ، عزت ۽ محبت ڏئي ٿو ته اهو هن صديءَ جو هڪ معجزو چئبو، هتي ته ڪنهن کان وفا ۽ سچائيءَ جي اميد رکڻ جهڙوڪ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، اسان اڄ به جڏهن پنهنجن وڏڙن کان پراڻي وقت جون ڳالهيون ٻڌون ٿا ته اهي اسان کي من گهڙيون لڳن ٿيون ته ڪو پراڻي دور ۾ گهرن ۾، مائٽن ۾ ۽ ڀائرن ۾ ايترو ته پيار هوندو، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن اسان جا وڏا ساڳيا ۽ اسان جي پرورش ڪندڙ ساڳيا ته پوءِ هي رشتن جي روين ۾ ايڏو تضاد ڇو؟ اڄ به هر ٻيو ماڻهو ائين چوندي نظر ٿو اچي ته محبت ناهي ماڻهن ۾، ڀلا هي به ڪا محبت آ، يا هي ڀي ڪو پيار آ، اڳيان مثال اڃا به ساڳيا آهن ته ڀت هميشه بنياد تي ويندي آهي، ليڪن اهي ڀتيون هاڻي ڄڻ ڪمزور لڳي رهيون آهن جو اها پنهنجائپ به پاڻ مان غائب ٿي وئي آهي.


      رشتن جو قدر ڪيترو ضروري آهي

    عزيزان حيات، دنيا ۾ رشتا ٻيا به گهڻا پر ماءُ جو رشتو دنيا جو اهو انمول رشتو آهي جنهن جو ڪو به ملهه ڪنهن وٽ ڪونه آهي، هوءَ پنهنجن ٻچن لاءِ ڪيتريون ئي تڪليفون سهندي آهي پر پوءِ به انهن کي ڪونه ڇڏيندي آهي، جانورن مان ئي مثال وٺجي ته جانورن کي به صرف ۽ صرف پنهنجي ماءُ ۽ ان جي ممتا جي خبر هوندي آهي، جيئن ٻلي، پنهنجن ٻچن کي وات ۾ ڪري پريشان هوندي آهي ۽ هيڏي، هوڏي واجهائيندي رهندي آهي ۽ انهن کي دشمنن جي ديد کان بچائيندي رهندي آهي.
    اولاد جي پريشاني پيءُ کان وڌيڪ ماءُ کي هوندي آهي ۽ قيامت ڏينهن به اولاد ماءُ جي حوالي سان ئي سڃاتو ويندو، ڇو ته اولاد فطري طور تي به ماءُ جي وجود مان جنم وٺي ٿو.
    ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ ڪيتريون نه تڪليفون ڏسندي آهي، ليڪن اولاد، مان ڪيترا وجود ته اهڙا به ڏٺا ويا آهن جيڪي پنهنجي ماءُ جو قدر ڪونه ڪندا آهن، بغير ڪنهن سبب جي غلط فعلن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، جيئن جوا ڪرڻ، نشو واپرائڻ، موبائيل فون جو غلط استعمال ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ جو غلط فائدو حاصل ڪرڻ وغيره، جنهن ڪري هو پنهنجو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيندا آهن.
    اهڙي اولاد جي لاءِ ماءُ جي دل مان ڪهڙي آهه نڪرندي هوندي، ليڪن پوءِ به رحمدل ماءُ جي دل ۾ پنهنجي اولاد لاءِ سکن، سچائي ۽ سرت جي لولي ئي نڪرندي آهي.
    مون کي ياد آهي ته منهنجي امان، جڏهن اسان کي ننڊ مان اٿاريندي هئي ته سندس دل مان دعا سان گڏ هي لفظ به نڪرندا هئا ته شال وڏي حياتي ماڻين، اٿي اسڪول جي تياري ڪر، الله ڪندو وڏو ماڻهو بڻجندين وغيره.


      پيار جي سڳي ۾ پرويل ناتا ۽ رشتا

    سائين منهنجا، پيار هڪ انسيت جو نالو آهي، پيار هڪ ماکيءَ لار جي ميٺاج جي جذبي جو نالو آهي، پيار اعتماد ۽ ڀروسي جو نالو آهي، بابا، ڀائر، ڀينر سڀ رشتا ۽ ناتا، پيار جي سڳي ۾ پروئيل موتين جي لڙين جو نالو هجن ٿا.
    منهنجي خيال ۾، پيار محبوب جي نالي ۾ ڪنهن ڪائنات جو نالو آهي، ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ ڪنهن ٻئي ۾ نظر اچڻ، پنهنجو پاڻ کي ڏيئي ڇڏڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏڻ جو نالو آهي، محبوب جي نالي تي فنا ٿيندڙ اسين ڪيئي مجنون، ابدال ۽ ديوانا، دنيا سان ڀريل تاريخ جي شاهدي آهيون، پيار ته سرحد جي حسين قربانيءَ جو نالو آهي، پيار وصفي نٿو سگهجي، ليڪن اسين هن جذبي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا، ڇو ته پيار زندگيون ڏيڻ جو نالو آهي، وٺڻ جو نه.... گهر ۽ پنهنجي مائٽن جي رسوائي تي ٻڌل جيت کي ڳلي لڳائڻ کان بهتر آهي ته اهڙي هار کي ٻانهن ۾ ڀريون، جنهن ۾ ڪيترين ئي زندگين جو تحفظ جڙيل هوندو آهي، ڏٺو وڃي ته زندگيءَ جون ڪيتريون ئي خوشگوار يادون، گذريل پل ڪڏهن به واپس نٿا اچي سگهن پر جڏهن انهن واقعن ۽ پنهنجن يادگيرين جو ذڪر ڪٿي ڇڙي پوندو آهي ته دل ۾ عجيب سرور محسوس ٿيندو آهي، هونئن به زندگيءَ جو هر پل سندر ۽ سهانو هوندو آهي، پوءِ رب پاڪ کان مليل ان زندگيءَ کي خوبصورت طريقي سان ۽ سچائيءَ سان گذاريون ته جيئن هن دنيا ۾ به نالو ڪمائجي ته آخرت به چڱي بڻجي.


    تخليقي شاعري انساني پيڙا جو پڙلاءُ هوندي آهي

    سائين منهنجا، چوندا آهن ته سندر ۽ تخليقي شاعري، انساني پيڙا جو پڙاڏو هوندي آهي يا پيڙا جو پار، اندر جي اپٽار هوندي آهي يا اڌمن جو اٻڙڪا ڏئي نڪرڻ، احساسن جو اوتڻ آهي يا جدولي قاعدن جي جوڙ جڪ، انهن سڀني ڪيفيتن ۾ جنون ۽ عشق شامل هوندو آهي، جنهن جون حدون ڪائنات جي خلقيل حدن جيان گهريون ۽ وسيع هونديون آهن، ڇو ته شاعري ڏات جو اهو ڏيئو آهي جنهن جو تيل تڙپ جا احساس ۽ پيڙا جا پيچرا هوندا آهن ۽ انهيءَ پيڙا جي پار ۾ رمزون به هونديون آهن ته راز به، اکين ۾ ڳوڙها به هوندا آهن ته اڻڀن وارن جو چيڙهه به، محبوب جون مرڪون به هونديون آهن ته هجرو فراق جو درد به، مطلب ته هر روپ ۽ هر روش جو رنگ شاعريءَ ۾ شامل هوندو آهي.
    هميشه اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڪو وٺڻ جي ڪرت ۾ قابو ته ڪو وري علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ سڄي ڄمار رڌل ٿو رهي، ته ڪو وري جهالت ۾ به چئني پيرن چور، ڪنهن کي عزت جي آرزو ته ڪنهن کي شهرت جو شوق ۽ ڪنهن کي وري دولت جا انبار ڪٺا ڪرڻ جي آس ته ڪنهن کي امير ٿيڻ جي اميد.
    ڪو سهڻن سپنن سان سوچن جو سنسار ٿو سجائي ته ڪو وري محبت جا وکر ورهائيندي پنهنجي وهي کٽائي ٿو ڇڏي، ته ڪو ئي ساجن جي سڪ ۾ سارو، سارو ڏينهن ۽ ساري رات گذاري ٿو ڇڏي، انسان وڃي ته ڪيڏانهن وڃي، طرحين طرحين طبيعتون، رنگ به رنگي انساني رويا، ڪو کلندي روئي پوي ته ڪو روئندي کلي پوڻ جي اٽڪل بازي ٿو ڄاڻي، بهرحال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جڏهن ههڙا ماکيءَ جا ڀنڊار ڀريل گيت ۽ مٺڙا آواز ڪنن تي پون ٿا ته دل بهار بهار ٿي پوندي آهي.


      حسن جون حيران ڪندڙ وصفون

    قدرت جي هر هڪ شيءِ ۽ حسن جي حيران ڪن طاقت کان هر ڪو انسان واقف آهي، حسن جي حيران ڪندڙ سڀني ذريعن سان ملندڙ سرور جي آرزو هر انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي، سندس اکيون حسين چهرن کان وٺي قدرتي نظارن تائين، نيڻن جي چمڪڻ کان وٺي کنوڻين جي چمڪڻ تائين، ٻار جي مرڪڻ کان وٺي ڪليءَ جي کلڻ تائين هميشه واجهائينديون رهن ٿيون.
    ۽ سندس ڪنن کي مڌر موسيقيءَ کان وٺي ڪويل جي ڪوڪ تائين، آڌيءَ رات جو کوهه جي نار جي چيڪٽ کان وٺي فجر مهل مور جي ٽهوڪن تائين هي سڀ آواز سرور بخشين ٿا.
    مانوارئو، جهڙي طرح انساني حواسن کي قدرت جون سڀ حسناڪيون سڪون ۽ سرور بخشين ٿيون، اهڙيءَ طرح هر حساس ماڻهو اهڙين حسناڪين کي پنهنجي من ۾ پنهنجي جان وانگر ئي محسوس ڪندو آهي، ان لاءِ سج لهڻ جو منظر، تيز رفتاريءَ ۾ ندين دريائن ۽ سمنڊ جون بيتاب لهرون، گهنگهور گهٽائون ۽ محبوب جون ادائون، منگتي جون صدائون، چنڊ جي چانڊوڪي تارن ڀري رات ۾ تارن جي جهرمر ۽ رات جي راڻيءَ جي هٻڪار، چيهي جي چهڪار، پازيب جي جهنڪار، چوڙين جي ڇڻڪار، محبوب جي سرگوشي، عاشق جي مدهوشي، جوانيءَ جون بهارون، ڪونجن جون قطارون، فنڪار جي خود داري، مومن جي بيداري، شاعر جي بيقراري ۽ عالم جي ايمانداري، ايامن کان وٺي انسان تي سحر طاري ڪندا رهيا آهن، جهڙي طرح هڪ حساس دل شاعر ٿر جي ڀٽن جي ڀر ۾ ويهي بادلن کي بغير وسڻ جي مٿان گذري وڃڻ ڪري انهن سان مخاطب ٿيندي پڪاري ٿو چوي ٿو ته دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.


      تخليقي شاعري اظهار جو ذريعو بڻجي ٿي

    سائين منهنجا، تخليقي شاعري، شاعر جي اندر ۾ احساسن جو روپ وٺي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿي، وقت ڪڏهن بيهجي وڃي ٿو ته ڪڏهن گونگو ۽ ٻوڙو بڻجي زور سان پڪارڻ چاهي ٿو، آواز پنهنجو احاطو ٽوڙي اندر ۾ سوناميءَ جيان لهرن جو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيندو آهي، ساهه سرگوشيون بڻجي جهونگارڻ لڳندو آهي، اهڙن احساسن جي ڪيفيتن جو اٻڙڪا ڏئي ٻاهر نڪرڻ ئي شاعري هوندي آهي ڇو ته هر ڪيفيت ۾، اندر جي باهه هجي يا بک جي باهه، ڏک جا ڏانوڻ هجن يا مظلوم جون پڪارون، درد جي دلدل هجي يا اداس اکين جون معنيٰ خيز نهارون، انهن سڀني احساسن جون ارپنائون هميشه اندر ۾ اٻرنديون رهنديون آهن، شاعر جو قلم عشق جي اڏام بابت ڪنهن به قسم جي دعويٰ ڪري ڪونه سگهندو آهي، ڇو ته انهن سڀني ڪيفيتن هوندي ڪجهه رنگينيون اڃا به دل ۾ رهجي وينديون آهن ته پوءِ هيئن به شاعر چوڻ تي مجبور ٿي پوندوآهي ته:
    روح جون رنگينيون، رهجي ويون،
    دل ٽٽيءَ جون، سڀ خوشيون رهجي ويون.

    تو ڇنو جو ساٿ منهنجو، او مٺي،
    دلبريون ۽ عاشقيون، رهجي ويون.

    اپسرائن جي بدن جو سج لٿو ڇو،
    پر اکين ۾ روشنيون رهجي ويون.


      زندگيءَ سان گڏ، ڏک ۽ درد به گڏ رهن ٿا

    زندگيءَ جي باري ۾ مختلف جاين تي مختلف لکڻين ۾ عجيب و غريب ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن، ڪٿي ڪنهن ڪهاڻي ۾ پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته زندگي وح جو وٽو آهي، ڪٿي ڪنهن ديوار تي پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته زندگي زهر جو پيالو آهي، ليڪن ڏٺو وڃي ته زندگي هڪ خوبصورت مرڪ جو نالو ۽ ڀرپور احساس جو نالو ئي زندگي آهي، زندگي ته ڪنهن حسين ماڻهوءَ جي ٽهڪ جو نالو آهي، جنهن جي ٽهڪن ۾ موسيقيءَ جهڙو رڌم موجود هوندو آهي، ان سان گڏو گڏ زندگي ڪويل جي ڪوڪ به آهي ته زندگي ڪائنات جو فطري حسن به آهي، زندگي ڪارونجهر جي ڪور تي رقص ڪندڙ مور جي خوبصورت رڙ به آهي ته ان ڌنار جي چپن سان وڄائيندڙ چنگ جو نالو به آهي، بهرحال زندگي قدرت جي طرفان خلقيل انمول تحفو به آهي.
    انساني زندگيءَ ۾ جيڪڏهن خوشيون موجود آهن ته گڏوگڏ ڏک ۽ درد به زندگيءَ جو حصو هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ جي سمورن رازن کي فاش ڪري اسان اڳيان بي نقاب ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اسين جيون جي هر لمحي کي سڃاڻي سگهندا آهيون، سچ پچ ته اهي درد ئي آهن جيڪي انسان جي بي رحم حياتيءَ ۾ رنگ اوتيندا رهندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگي جي قيمتي هئڻ جو يقين به ڏياريندا آهن، اهي درد ئي آهن جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ کي زمين جي تهن کان کڻي آڪاش جي بلندين تائين پهچائيندا آهن، اهو درد ئي آهي جنهن شاهه، سچل ۽ سامي، اياز ۽ استاد جي وجود کي شاعريءَ جي ڀرت ۾ ڀري ڇڏيو، اهو درد ئي آهي جنهن سرمد، عابده، احمد، شمن ۽ ٻين وڏن عظيم فنڪارن پنهنجي آواز ۾ هڪ راهت بخشي ڇڏي، اهو درد ئي آهي جنهن دنيا جا وڏي کان وڏا مصور، سنگتراش ۽ موسيقار پيدا ڪيا، تنهنڪري جهڙيءَ طرح اسين پنهنجين خوشين ۾ خوش هوندا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن انهن دردن کي به پنهنجو سمجهڻ گهرجي.


    اڄ ڪالهه جون دوستيون ڪيتريون پائيدار آهن

    سامعين دنيا ۾ هر ماڻهوءَ جون سوين بلڪ هزارين دوستيون ۽ واسطيداريون هجن ٿيون، انهن واسطيدارين ۾ ڪيتريون ئي دوستيون به هجن ٿيون، جن جي ٻل تي دل کي اها آٿت هوندي آهي ته ڪجهه به ٿيو ته ايترا سارا دوست ويٺا آهن، ڪابه پريشاني ڪونه ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن اهڙو وقت اچي وڃي ٿو، جڏهن دوستن جي ساٿ جي گهرج پوي ٿي ته اڪثر ڪري دل ۾ موجود سموريون آٿتون، واءُ پن ٿي وکري وڃن ٿيون، هزارن جي ان قطار ۾ هڪڙو دوست به هڏ ڏوکي نٿو بڻجي، هر ڪنهن وٽ جان ڇڏائڻ لاءِ سوين دليل هجن ٿا ۽ ان صورت حال ۾ ئي ان ماڻهوءَ کي سموري پرک پئجي وڃي ٿي ته اصل ۾ سندس دوست ڪيترا آهن ته هن جي عجيب ڪيفيت ٿي وڃي ٿي ۽ کيس پنهنجو اندر ڪنهن شيشي جيان ٽٽندي محسوس ٿئي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته ڇا اسان وٽ دوستيءَ جا اهي معيار اڄ به سلامت آهن”؟ ڇا اسان مان ڪو اهڙو دوست آهي جيڪو ضرورت وقت پنهنجو سر تريءَ تي رکي دوست جي حضور ۾ پيش ڪري، چوڻ لاءِ ته ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، سچائيءَ جي هر ساک کڻي سگهجي ٿي، ليڪن مزو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اها مهل اچي پهچي ٿي ۽ دعويٰ ڪندڙ گوليءَ جيان غائب ٿي وڃي ٿو، منهنجي هن راءِ سان توهان کي اختلاف ڪرڻ جو پورو حق آهي ۽ توهان جي اها راءِ به بي وزني ناهي ته صفا ڪا اوندهه به ڪونه ٿي وئي آهي، دوستيءَ ۾ سر گهورڻ وارا اڃان به سلامت آهن پر سوال اهو آهي ته انهن جو انگ ڪيترو آهي، انهن پٺيان انهن جون ڪهڙيون مجبوريون آهن، مهرباني ڪري پنهنجي آس پاس جائزو وٺي دوست شماري ضرور ڪجو ته انهن جو ڪيترو انگ آهي، جيڪو منهنجي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جي هن ڳالهه تي پورو لهندو هجي ته:
    جي هو پائين ڪان ڪمان ۾، ته سينو سپر رکُ،
    منهن ۾ معشوقن جا، چاڪ به چٽڪا چکُ،
    سوري ڀانءِ مَ شڪ، عاشق ٿي ته ابهين.


      فطرت سان هٺ ۽ هوڏ چڱي ناهي هوندي

    بهار کي هميشه سياري کانپوءِ اچڻ جي عادت هوندي آهي، ڏينهن کانپوءِ رات، ۽ رات کانپوءِ ڏينهن، واقعي سائين خالق ڪائنات جو هڪ اسرار آهي، هڪ ڳجهارت، ڇو ته فطرت ۾ جبلت ناهي، هٺ ناهي، چڙهائي ناهي، هوڏ ناهي، هٺ ۽ ضد ناهي، اوهان ڪڏهن ڪنهن وڻ کي ڀر واري وڻ تي چڙهائي ڪندي ڏٺو آهي؟ چنڊ تارن ڪهڪشائن جي چرپر حيرت جا حواس وڃائڻ لاءِ ڪافي آهي، پاڻ کي سڀ کان مٿڀرو پائڻ کان بهتر آهي ته پاڻ کي هيٺانهون سمجهي ٻين جي نظرن ۾ مٿانهون ٿجي، ڪنهن ڏي هلي وڃي ڏسجي، ڪنهن سان کِلي ڏسجي، ڪنهن کي پرچائي ڏسجي يا پرچائڻ ۾ پهرين پهل ڪجي، ڪنهن سان نوڙت ۽ نزاڪت سان پيش اچجي، ٻين جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ به هڪ فن هوندو آهي. اسان کي سکڻن خيالن جا خول لاهڻ گهرجن، کليل اکين جي خوابن جي ساڀيان ناهي هوندي، حقيقت کي حقيقت تسليم ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ڪونهي ۽ منهنجا سائين جيون جي چڙهندڙ ۽ چرندڙ چال جو ڪوبه پتو ڪونهي، ڪنهن پل جي پلٽڻ جي به ڪل ڪونهي ڪا، ننڊ جي نڀاڳ کان جاڳ جي جوڳ اسان لاءِ فائديمند هوندي آهي، اسان کي پنهنجي جيون جي جوت مينهن ۽ اوجهڙ طوفان ۾ جلندي رکڻي آهي ته جيئن اسان انا جي اذيت کان بچڻ لاءِ فطرت کان سبق پرائي سگهون.


    اسان وٽ ٽائيم ڇو ناهي؟

    سامعين اڄڪلهه هر جملو ته مون وٽ ٽائيم ڪونهي، I Have no Time ، ائين لڳندو آهي ڄڻ هي جملو هڪ رواجي جملو بڻجي ويو آهي، هر ماڻهو چاهي اهو وڏو ماڻهو هجي يا ڪو عام ماڻهو، يا ننڍي وڏي ڪنهن پوسٽ ۽ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي، کيس ڪم لاءِ چئبو ته ٺهه پهه جواب ڏيندو ته ٽائيم ڪونهي، شايد اهي ماڻهو پنهنجي فرض ۽ قومي خدمت کان نا آشنا ۽ وانجهيل هوندا آهن، کين اها به ڄاڻ يا خبر ناهي هوندي ته ڪنهن جي ڪم اچڻ سان عام ماڻهو جو ڪيترو ڀلو ٿي پوندو، قوم۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي به ان ۾ هوندي آهي، ليڪن اهي ماڻهو فقط پنهنجي پيٽ ۽ خوديءَ خاطر چوندا آهن ته اسان وٽ ٽائيم ڪونهي.
    اڄ هن جملي ته مون کي ٽائيم ڪونهي چڱن ڀلن ماڻهن جي زبان جي ڄڻ زينت بڻجي چڪو آهي، ليڪن ڪيترائي ڏاها ۽ ساڃاهه وند ماڻهو به ڪن لاٽار ڪري ڄاڻي واڻي چوندا آهن ته مون وٽ ٽائيم ڪونهي، خاص ڪري اهي ملازم عوام جا خادم هوندا آهن جيڪي عوام جي ڏنل ٽيڪسن تي سهڻا سهڻا وڳا پهري ۽ ٽو ڊي گاڏيءَ تي چڙهي گهمن ٿا تن کي شايد اها ڪل ڪانهي ته اسان عوام جا مقروض ۽ خادم آهيون.
    ان جملي مون کي ٽائيم ڪونهي، هاڻي هڪ عام ماڻهوءَ تي به منفي اثر ڇڏيا آهن، بيروزگاريءَ کيس ايترو ته ڪاهل ۽ سست بڻائي ڇڏيو آهي جو گهر جي سامان يا سودي وٺڻ لاءِ به چوندو ته مون وٽ ٽائيم ڪونهي، باقي گهر کان ٻاهر رهڻ ۽ يارن دوستن سان گهمڻ جو ٽائيم هر ڪنهن وٽ موجود آهي.


      ڪڏهن به پوريون نه ٿيندڙ خواهشون

    عزيزان حيات، خوابن جا محل اڏيندڙ انسان دنيا يا سماج ۽ پنهنجي مجبورين کي وساري اهڙا خواب ڏسندا آهن جن جو پورائو هن جي زندگيءَ ۾ ٿيڻ مشڪل هوندو آهي، هو پنهنجي ماضي ۽ حال مان مطمئن ڪونه هوندا آهن، ليڪن ايندڙ زندگيءَ ۾ قدرت طرفان ڪو ڪرشمو ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺل هوندا آهن، هر انسان، مرد توڙي عورت هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي خواهشون، پنهنجي دل ۾ سانڍي رکندا آهن، پوءِ ضروري ناهي ته اهي خواهشون سڀني جون پوريون ٿين ۽ اهو به ضروري ناهي ته انسان اميد رکڻ ئي ڇڏي ڏي، اسان جي آس پاس، بظاهر مرڪندڙ ماڻهن جي دلين اندر ڪيترائي ڏک، سور ۽ ڏوراپا هوندا آهن، ليڪن اهو هرڪو ماڻهو محسوس نه ڪري سگهندو آهي، ان ڪري هر ماڻهوءَ جون اهي دل ۾ پاليل خواهشون پوريون ڪونه ٿيون ٿين ۽پوءِ هو زندگي ۽ معاشري جي بي حسيءَ جي ور چڙهي پنهنجين مجبورين کي پنهنجو بڻائيندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي مجبورين ۾ صرف بهانا ئي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جنهن لاءِ استاد بخاري کي به ڪنهن دوست صرف آسرن ۽ بهانن ۾ پئي بهلايو، تنهن لاءِ چئي ويٺو ته:
    روز بهانا نوان، نوان
    ماريو تنهنجيءَ نه مان نه مان.


      هر ڪو ماڻهو ٻئي کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ۾!!

    سامعين، اڄڪلهه زندگي تمام گهڻين سهوليتن جي باوجود تمام ڏکي ٿي وئي آهي، مقابلي جي ڊوڙ ۾ هر ڪو ٻئي کان اڳتي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ٻئي کي ڄڻ ته پيرن هيٺان لتاڙي رهيو آهي، گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ جي فڪر ۾ پنهنجا خوني رشتا ۽ ناتا به هڪ ٻئي کان پري ٿي رهيا آهن، دوستيءَ جو نالو به گهڻن ماڻهن لاءِ رڳو هڪ ٻئي ۾ گهڻي کان گهڻا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، ڇو ته اڄڪلهه سچو خلوص سچي ديسي گيهه وانگر ڪنهن کي به هضم نٿو ٿئي.
    جڏهن ڪوبه ڪنهن سان سچائي ۽ خلوص مان دوستي رکي ٿو ته گهڻو ڪري ته اڳلو ماڻهو پهرين ته اهو ٿو سوچي ته شايد ڪنهن سبب جي ڪري آئون اهم آهيان يا مون ۾ ڪي اهڙيون ڪوالٽيون آهن جو اڳلو مون سان دوستي پيو رکي ۽ ذهني پستيءَ جي حد اها آهي جو جيڪڏهن ان خلوص جو ڪو سبب سمجهه ۾ نه ايندو ته چيو ويندو ته سچو خلوص ڏيندڙ ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ڪو خلل آهي يا اڌ چريو آهي.
    عزيزان من ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اسان پنهنجي روين جي ڪري ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون، ڇا اڳي جيڪي دوستيون نڀايون وينديون هيون، اهي هاڻي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون؟ اوهان پاڻ ئي پنهنجي دل کان پڇي ڏسو.


      عشق ڇا آهي، ۽ عشق ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

    جواب اهو ٿو ملي ته عشق انسان جي زندگيءَ جي تڪميل ۽ انساني آرزوءَ کي معنيٰ بخشي ٿو ۽ انساني زندگيءَ جي پورائي لاءِ عشق ڪيو وڃي ٿو.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته عشق ڪائنات جو اهو قديم ازلي ۽ فطري جذبو آهي، جيڪو جئين جو تيئن صدين جي سفر کانپوءِ به ساڳي حالت ۾ رهيو آهي، ان عشق چندرمان جي چاندني ۽ اماوس جي ڪو جهائيءَ جي به ڪا پرواهه ناهي ڪئي، عشق ڪڏهن ستار جي تار جيئن ٻريو آهي ته ڪڏهن شاعريءَ جي ڳل تي چٽو ٿي اڀريو آهي، ته ڪڏهن وري چوڙين جي ڇمڪار ٿي چريو آهي.
    دنيا جي هر خطي ۾، هر ڪنڊ ۾ ۽ هر قدم تي عشق جا پيرا چٽا نظر اچن ٿا، بندي جو عشق ڪرڻ يقينن ڪو گناهه ڪونهي ۽ اها به حقيقت آهي ته عشق جو پکي هر دل ۾ آکيرو اڏڻ جي اهليت رکندو آهي، هو ان عمل کان وانجهيل ناهي رهيو، جتي به حسن جي سُهائي ساهه کڻي ٿي، اتي عشق جي باهه جنم وٺي ٿي.
    ۽ دنيا ۾ عشق کي ٻن روپن ۽ نظرين ۾ سمائي سگهجي ٿو، يعني عشق حقيقي ۽ عشق مجازي، جن تي بحث ڪرڻ لاء لکين حياتيون گهرجن، هتي رڳو ان عشق جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جيڪو انساني وجود کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو سبب بڻجي ٿو، يعني جاڳندڙ انسان جو جاڳندڙ انسان سان عشق، اکين کي اکيون ارپڻ جو عشق چانڊوڪين ۾ ننڊون نهوڙڻ وارو عشق، تارن ڀري رات ۾ اوجاڳن وارو عشق ۽ اکين کي روئارڻ ۽ کلائڻ وارو عشق ۽ محبوبيت جي گيتن جي سرهاڻ وارو عشق، جيڪو بي پرواهه ۽ هميشه بي چيو رهڻ وارو عشق، يا زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ وارو عشق، يا وري الستي عشق، هونئن ته عشق جون وصفون بيان ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي جيڪي تمام گهڻيون آهن، في الحال ايترو ئي ڪافي آهي.


    انسان جو انسان سان عشق

    مانوارئو، انسان جو انسان سان عشق ڪٿان شروع ٿيو...؟ اهو به هڪ عجيب سوال آهي، هتي اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪنهن پهريون شعر لکيو هوندو ته يقينن اهو عشق جي اپٽار متعلق ئي هوندو، ٻيا نقطا پوءِ جي ڳالهه آهن، ڇو ته پهرين انسان جو انسان سان واسطو رهيو آهي، اهي سڀ شيون جهڙوڪ ريتون رسمون، سماج ۽ ٻيا انساني ۽ اخلاقي قدر هڪ دور مان لنگهي پوءِ وجود ۾ آيا آهن، انهن ارتقا جو رڻ جهاڳيو آهي ۽ بي ترتيبيءَ کانپوءِ انهن ترتيب جو چولو پاتو آهي، اوهان کي اها خبر هوندي ته اڳ ۾ هر شيءِ اڌورائي جو حصو رهي آهي، ماڻهن پهرين پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري پوءِ ٻين شين ڏي سفر شروع ڪيو آهي.
    انسان جي اوائلي دور ۾ جڏهن پٿرن مان باهه ٻارڻ جي شروعات نه ٿي هئي، جڏهن اوگهڙ ڪابه اخلاقي معنيٰ نه رکندي هئي، جڏهن ماڻهو پنهنجي بچاءُ جي اهليت به حاصل ڪري ڪونه سگهيو هو، تڏهن هن ميلاپ ۽ ملي رهڻ واري سلسلي کي جوڙي ان عشق جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، جيڪو اڄ قبيلن، ڪٽنبن، ٻهراڙين، پاڙن، شهرن ۽ قومن جي صورت ۾ ظاهر آهي.
    اهو تسلسل ان پهرين نگاهه جو ڪمال ۽ اثر آهي جنهن لاءِ معصوم ادا، اهو تاثر اڀاريو هوندو ته ڇا پاڻ هڪ ٿي سگهون ٿا؟ لوڙهي اڏڻ کان وٺي گهر جي ديوار اڏڻ تائين جو سفر، ان ڪومل نگاهه جي سحر جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي اسين عشق چئون ٿا، اهڙي طرح جنهن عشق لاءِ دنيا جي هڪ وڏي ڏاهي ۽ مفڪر افلاطون چيو آهي ته جنهن کي عشق ناهي ڇهيو، اهو سدائين اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو رهندو آهي.


      لاپرواهيءَ جي حمايت ڪرڻ نه کپي

    سامعين لاپرواهي جيتوڻيڪ آهي ته بلڪل مختصر لفظ پر جڏهن اها لاپرواهي عام ٿي وڃي ٿي ته سموري سسٽم تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿي ۽ پورو سسٽم ڊانواڊول ٿي وڃي ٿو، لاپرواهي ڪٿي به ٿئي، ان جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، اسان جي اعليٰ اختيارين کي سسٽم کي اهڙي نموني جوڙڻ گهرجي، جيئن ان لاپرواهيءَ جي ڪابه گنجائش باقي نه بچي ۽ معاملا بهتر نموني اڳتي وڌي سگهن، ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ لاپرواهي ختم ٿي وڃي ته معاملا پنهنجو پاڻ ئي بهتريءَ طرف وڌي سگهن ٿا.
    مثال طور جيڪڏهن هڪ استاد پڙهائيءَ دوران پنهنجي ذميواري محسوس ڪري، ڊرائيور گاڏي هلائڻ دوران لاپرواهيءَ جو مظاهرو نه ڪري، ڳالهه ٻولهه دوران اهڙا لفظ استعمال نه ڪجن، جيڪي سامهون واري جي دل آزاريءَ جو ڪارڻ بڻجن، ڏاڍي کي رعايت ۽ هيڻي کي سزا واري روش نه هجي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر قيمتي انساني جانين سان اهڙي لاپرواهيءَ جو مظاهرو نه ڪن ته معاملا واقعي به بهتريءَ طرف وڃي سگهن ٿا.
    هي سڀ ڪجهه هڪ ٻئي جي گڏيل ساٿ ۽ سهڪار سان ئي ممڪن آهي، ان کانسواءِ اسان کي پنهنجي روين ۾ ايمانداري پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي ضمير اڳيان پاڻ جوابده ٿيڻو پوندو، ان کان اڳ جو ٻيو ڪير اسان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڏياري، اسان کي پاڻ پنهنجون غلطيون درست ڪرڻيون پونديون، تڏهن ئي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون. هي سڀ ڪجهه ائين ٿو لڳي ته ننڍن جي پنهنجن وڏن سان ڪميونيڪيشن گهٽجي وئي آهي، پنهنجي وڏڙن کان سکڻ جي صلاحيت ڪونه رهي آهي، ليڪن اهي وڏڙا به شايد پاڻ پلي ويا آهن، جيڪي اڳي سڏي ڪري قرب ڏيندا هئا، اهي ڄڻ پيار ڪرڻ وارا ماڻهو ئي ڪونه رهيا آهن، خبر ناهي ته اهي ماڻهو الائي ڪاڏي هليا ويا آهن، ڇو ته ورهين کان قائم اوطاقون ويران ٿي ويون آهن، اسڪولن ۾ ٻار پڙهڻ بجاءِ گڏهه ۽ گهوڙا پڙهي رهيا آهن، خبر ناهي ته اڳتي ڪهڙو حال ٿيندو.


      پنهنجن روين کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو

    مانوارئو، مشيني زندگيءَ ۽ ماحولياتي آلودگيءَ جو طوفان جڏهن انسان جي صبر کي ڪک پن ڪري، اڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان جو تلخ تجربو انسان کي بعد ۾ ئي پئجي سگهندو آهي، اسان پنهنجي سماجن جو جڏهن حقيقت پسنديءَ سان جائزو وٺون ٿا ته اڪثريت جو عالم اهو ئي نظر اچي ٿو، جيڪو وٽن صبر جو پئمانو گهڻين جاين تي لبريز ملي ٿو، هرڪو پنهنجي ٻڌائڻ لاءِ آتو هجي ٿو، ڪنهن جي ٻڌڻ کي ڪو ڪو ئي گوارا ڪري ٿو.
    ڏٺو وڃي ته برداشت ۽ سهپ جو ڀاڱو به هر ڪنهن وٽ ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو گهٽجندو، انهن سببن ڪري ئي اسان وٽان ميٺ محبت موڪلائي وئي آهي، اسان کي هڪ ٻئي جي خوشي، ڪاميابي ۽ ترقي برداشت نٿي ٿئي، اسان ماڻهو ڳالهه جو ڳالهڙو ٺاهڻ ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ پورا آهيون، مانوارئو، اهڙن سببن ڪري ئي اسان جي مثبت اوسر رڪجي وئي آهي، ڇو ته اسان وٽ انتشار نه سهپ، اٻهرائي ۽ اوپرائپ پنهنجا پير پختا ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي اسان نابرداشتگيءَ ۽ تڪڙ وارو ترش ڦل کائي پوءِ پڇتائڻ تي ايڏو هري ويا آهيون جو برداشت جو ڀلوڙ ۽ صبر وارو مٺو ميوو کائڻ، اسان کان نڙي کان هيٺ لهي ئي نٿو، مانوارئو، وقت اڃا ويو ڪونهي انهن سڀني صبر ۽ برداشت وارن سبقن کي ياد ڪري سگهجي ٿو، انهن سڀني شين کي پنهنجي هيئين سان هنڊائي سگهجي ٿو ۽ پنهنجن روين کي مثبت رخن ڏانهن موڙي سگهجي ٿو، شرط اهو آهي ته اسان کي صبر ۽ برداشت جو سبق ياد ڪرڻو پوندو، اهو سبق ڪير ياد ڪرائيندو، اهو سبق اسان کي پاڻ ياد ڪرڻو پوندو.


    با اصول ۽ باضمير زندگيءَ جي هڪ گهڙي

    سائين منهنجا، بااصول ۽ باضمير زندگيءَ جي هڪ گهڙي به بي اصول ۽ بي ضمير زندگيءَ جي سئو سالن کان وڌيڪ قيمتي ۽ بهتر آهي، اصولن جي حدن ۾ رهندي انسان زندگي جي نشيب و فراز ۽ معاش جي ڳولا ۾ لاهي چاڙهيءَ جون تڪليفون ڀوڳي وڌيڪ اڇو اجرو ۽ خيالن جو پڪو پختو ۽ مهان ٿئي ٿو، بااصول ۽ باضمير رهڻ لاءِ هن جي زندگيءَ جو هڪ هڪ پل ۽ هڪ هڪ گهڙي، هن کان پورو پورو حساب ڪتاب وٺي ٿي، ايمان ۽ اصول جي تلوار، حق ۽ حلال جي سامهون ناحق ۽ حرام جون ديويون هن کي هر وقت للچائي ۽ دوکي دولاب ڏيڻ جي تلاش ۾ رهن ٿيون، ليڪن بااصول ۽ باضمير جي پختي ۽ منظم زندگيءَ ۾ ڏک ۽ تڪليفون هن جي لاءِ راحت، خوشي ۽ روحاني تسڪين جو سبب ٿينديون آهن، خوشي ۽ راحت جو خزانو محسوس ٿينديون آهن، انهيءَ بااصول ۽ باضمير زندگيءَ کي هڪ ٻي نعمت خدا جي پاران مهيا ڪيل هوندي آهي ۽ اها نعمت آهي سچ جي ڪسوٽي، ڇو ته سچ ۽ اصول جو پاڻ ۾ هميشه گهرو ۽ گهاٽو واسطو رهيو آهي، تنهنڪري پنهنجي زندگي ۾ سچ کي هميشه اوليت ڏيڻ گهرجي، جيئن بااصول ۽ باضمير زندگي گذاريندي دنيا آڏو هميشه سرخرو رهون، جيڪڏهن ائين اسين نه ڪري سگهياسين ته دنيا وارن جي اڳيان ڪڏهن به منهن مٿي ڪري گهمي ڪونه سگهنداسين.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258291
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386408
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ