ڪتاب جو نالو: گليور جو سير ۽ سفر
مصنف: شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 04 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 381 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 139 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب آئرلينڊ جي مشهور مصنف ۽ پادريءَ ” ناٿن سئفٽ“ جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ آهي.
گليور جو سير ۽ سفر”بظاهر ته تفريحي ادب جو هڪ“ ننڍڙو حصو ٿو لڳي، پر مزاح، ڪردار سازي ۽ سبق آموز ڪٿا جي حوالي سان هيءَ تحرير هڪ دلچسپ انفراديت به رکي ٿي. ڪوبه عام پڙهندڙ هيءُ ڪتاب پڙهندي دلچسپيءَ جي ڪئين جزيرن کي دريافت ڪرڻ سان گڏ لطافت ۽ ظرافت جا مختلف رنگ پسي سگهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • ديباچو
  • ڀاڱو پهريون: لِلي پٽ ڏي درياهي مسافري

  • باب پهريون : گليور ڪيئن قيد ٿيو
  • باب ٻيو : گليور ڪيئن آشنائي پيدا ڪري ٿو
  • باب ٽيون : لِليپٽ ۾ شاهي دربار
  • باب چوٿون : لِليپٽ جو وڏو شهر يا گاديءَ جو هنڌ
  • باب پنجون : ڪيئن گليور سڀ جنگي جهاز پڪڙي ٿو
  • باب ڇهون : گليور لِليپٽ ڇڏي ٿو
  • ڀاڱو ٻيو : برابڊنگ نئگ ڏي درياهي مسافري

  • باب پهريون : ڪيئن گليور عجب جهڙن ماڻهن جي وچ ۾ وڃي پوي ٿو
  • باب ٻيو : گليور جي ڪري زميندار کي بخت لڳي ٿو
  • باب ٽيون : گليور بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي ٿو
  • باب چوٿون : گليور برابڊنگ نئگ ڇڏي وڃي ٿو
  • تعارف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گليور جو سير ۽ سفر“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب آئرلينڊ جي مشهور مصنف ۽ پادريءَ ” ناٿن سئفٽ“ جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ آهي.
    گليور جو سير ۽ سفر”بظاهر ته تفريحي ادب جو هڪ“ ننڍڙو حصو ٿو لڳي، پر مزاح، ڪردار سازي ۽ سبق آموز ڪٿا جي حوالي سان هيءَ تحرير هڪ دلچسپ انفراديت به رکي ٿي. ڪوبه عام پڙهندڙ هيءُ ڪتاب پڙهندي دلچسپيءَ جي ڪئين جزيرن کي دريافت ڪرڻ سان گڏ لطافت ۽ ظرافت جا مختلف رنگ پسي سگهي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1969ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جو پنجون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو. ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ڪتاب کڻي دوستن جي اسرار تي پي ڊي ايف ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    هيءُ ڪتاب ”گليور جو سير ۽ سفر“ سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون ڪتاب هرگز به ناهي. مون سميت سنڌ جا ڪئين نسل مرزا قليچ بيگ صاحب جو هيءُ ڪتاب ٻالڪپڻ ۾ پڙهي جوان ٿيا ۽ بعد ۾ منجهانئن ڪي ته خود به قلم جا صاحب بڻجي ويا. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب سنڌ ۾ شعور جي اوسر جي حوالي سان هڪ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    گليور جو سير ۽ سفر”بظاهر ته تفريحي ادب جو هڪ“ ننڍڙو حصو ٿو لڳي، پر مزاح، ڪردار سازي ۽ سبق آموز ڪٿا جي حوالي سان هيءَ تحرير هڪ دلچسپ انفراديت به رکي ٿي. ڪوبه عام پڙهندڙ هيءُ ڪتاب پڙهندي دلچسپيءَ جي ڪئين جزيرن کي دريافت ڪرڻ سان گڏ لطافت ۽ ظرافت جا مختلف رنگ پسي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو آئرلينڊ جي هڪ نامياري پادري ۽ ليکڪ” ناٿن سُفٽ“ جو لکيل هيءُ ڪتاب بيشمار ٻولين ۾ ترجمو ٿي دنيا ۾ مڃتا جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي.
    بورڊ ۾ مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن حلقن طرفان هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو بازار ۾ آڻڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهيا ۽ لائق پڙهندڙن جا انهيءَ سلسلي ۾ خط به موصول ٿيا. مون اهڙي عوامي طلب کي ذهن ۾ رکندي”گليور جو سير ۽ سفر“ کي نئين سر ڇپائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. اُميد ته ڪتاب جو نئون ڇاپو بهتر رنگ ڍنگ سان پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچندو ۽ پسنديدگيءَ جي پرائي پد کي ڇُهي وٺندو.

    انعام الله شيخ
    سيڪريٽري
    18 مئي 2004


    ديباچو

    جنهن انگريزي ڪتاب جو هي ترجمو آهي، سو هڪڙي مشهور مصنف ۽ پادريءَ ” ناٿن سئفٽ“ نالي جو لکيل آهي، هو آئرلينڊ جو ماڻهو هو. سندس پيءُ سندس ڄمڻ کان ئي ڪي ٿورا مهينا اڳي مري ويو، ۽ ماڻس تمام تنگ حال ۾ هئي، سندس چاچي هن کي پاليو ۽ پڙهايو، پر سگهوئي اهو به مري ويو. پوءِ انگلينڊ ۾ ويو، ۽ ”سر وليم ٽيمپل“ وٽ رهڻ لڳو، جو سندس ماءُ جي مائٽن ماڻهو. ايم_ اي پاس ڪرڻ تي هو سئو پائونڊ سالياني پگهار تي پادري مقرر ٿيو. مشهور”جانسن“ جي ڌيءَ ”اسٽيلا“ سان هن جي معرفت ٿي، ۽ نيٺ انهيءَ سان ڳجهه ڳوهه ۾ شادي ڪيائين.
    راڻي ائن جي راڄ ۾ هو ڊبلن ۾ ڊين يا وڏو پادري مقرر ٿيو، پر راڻيءَ جي وفات کانپوءِ البت هن کي شڪست پهتي. زال جي مرڻ کانپوءِ هن گوشه نشيني قبول ڪئي، ۽ لکڻ پڙهڻ کي لڳو. شعر به گهڻو چيائين، جو اڪثر چرچي ۽ خوشطبعي جهڙو آهي، پر هن جي نثر جا ڪتاب تمام چڱا لکيل آهن. انهن مان تمام مشهور هي ڪتاب”گليور جو سير ۽ سفر“: آهي، جو هڪڙيءَ وڏيءَ آکاڻيءَ جي طرز تي آهي، ۽ سڀني ماڻهن کي نهايت پسند آهي. گهڻن ملڪن ۽ گهڻين ٻولين ۾ انهيءَ جو ترجمو ٿيو آهي. ”ڊين سُئفٽ“ سن 1669ع ۾ ڊبلن ۾ ڄائو هو، ۽ سن 1745ع ۾ مئو.
    اميد آهي ته انهيءَ مشهور ڪتاب جو هي سنڌي ترجمو سنڌ جي ماڻهن کي به گهڻو پسند ايندو.


    مرزا قليچ بيگ
    اپريل 1920ع
    حيدرآباد


    ڀاڱو پهريون: لِلي پٽ ڏي درياهي مسافري

    باب پهريون : گليور ڪيئن قيد ٿيو

    منهنجي پيءُ کي ناٽنگهام شائر ۾ هڪڙي ننڍي جائداد هئي. آءٌ سندس پنجن پٽن مان ٽيون هوس. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ آءٌ ڪيمبرج جي مدرسي ۾ ويس، جتي ٽي ورهيه رهيس، ۽ ڏاڍي محنت ڪري پڙهيس. جڏهن بابو مون کي وڌيڪ وقت لاءِ اتي رکي نه سگهيو، تڏهن آءٌ ڪاليج ڇڏي لنڊن ۾ وڃي سرجن يا ڊاڪٽر ٿيس. اتي مون کي گهڻو فائدو ڪونه ٿي پيو، تنهنڪري هڪڙي جهاز تي وڃي ڊاڪٽر ٿيس، ۽ هڪڙي _ ٻه سمنڊ جي مسافري ڪري موٽي لنڊن ۾ آيس، ۽ ڳچ وقت تائين اتي رهجي پيس. پهرين ته مون کي ڪمائي گهڻي هوندي هئي، پر نيٺ اها گهٽجي ويئي، تنهنڪري مون وري ارادو ڪيو ته ڪنهن درياهي سفر تي وڃان. آءٌ ٻن جهازن ۾ ڊاڪٽر هوس، ۽ ڇهن ورهين تائين ڪيتريون ئي مسافريون ڪيم ڪي” ايسٽ انڊيز“ ڏي ڪي ”ويسٽ انڊيز“ ڏي، جن مان مون چگو پئسو ڪمايو، ۽ پنهنجي دولت وڌائي.
    پوئينءَ مسافريءَ مان گهڻو فائدو حاصل نه ٿيو، تنهن ڪري آءٌ سمنڊ جي سفر مان ڪڪ ٿي پيس، ۽ ارادو ڪيم ته اڳتي آءٌ پنهنجي ٻارن ٻچن سان گهر گذاريندس، پر ٽن ورهين کان پوءِ مون پاڻ کي هڪ چڱي جهاز ۾ ”ائنٽيلوپ“ (يعني هرڻ) تي ڊاڪٽر مقرر ڪرايو، جو ڏکڻ واري سمنڊ ڏي وڃڻو هو، اسين سن 1699ع جي مئي مهيني جي 4- تاريخ ”برسٽل“ مان روانا ٿياسين، شروعات ۾ اسان جي مسافري تمام سک واري هئي، انهيءَ پاسي جي سمنڊن ۾ جيڪي اسان جا کوڙا ڪڍيا، تن جي مفصل بيان ٻڌائڻ سان ڪن سببن ڪري، اسين پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏينداسين، ايترو چوڻ بس آهي ته جڏهن ڏکڻ واري سمنڊ کان لنگهي اڀرندي وارن انڊيز ٻيٽن ڏي ٿي وياسين، تڏهن هڪڙو سخت طوفان اچي لڳو، جنهن اسان جي جهاز کي ڌڪي ”وارن ڊيمنسلئنڊ“ جي اُتر اُلهندي ڏي آندو، اسان جي خلاصين مان ٻارهن سخت پورهئي ۽ بک جي وگهي مري ويا، باقي تمام ضعيف حالت ۾ هئا.
    نومبر جي 5- تاريخ جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ اونهارو شروع ٿو ٿئي، تڏهن هوا غبار واري ٿئي ٿي. صلاصين جهاز کان ٿوري پنڌ تي هڪڙو ٽڪر ڏٺو، پر هوا اهڙي زور واري هئي، جو اسان جو جهاز ڌڪجي وڃي انهيءَ ٽڪر تي وڃي لڳو، ۽ ڀڄي ٻه ٽڪر ٿي پيو.
    جهاز وارن مان ڇهن ڄڻن- جن مان آءٌ به هڪڙو هوس، هڪڙو بتيلو لاهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ ڏاڍا مٿا هنيائون ته جهاز ٽڪر کان نڪري پري ٿئي. اسين ڳنَ ڏيئي اٺ- نو ميل ڪري وياسين، پوءِ ٿڪجي پياسين، جو جهاز تي سخت محنت ڪئي هئيسون، تنهنڪري لاچار ٿي، پاڻ کي لهرن جي حوالي کڻي ڪيوسون، پر اڌ ڪلاڪ جي اندر واءُ جي اوچتي جهوٽي اچڻ ڪري، بتيلو اونڌو ٿي پيو، آءٌ چئي نٿو سگهان ته منهنجي بتيلي وارن سنگتين جو، يا جي بچي وڃي ٽڪر تي پهتا يا جهاز ۾ رهجي ويا تن جو، ڪهڙو حال ٿيو، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته اهي سڀ ٻڏي مئا. باقي آءٌ سو قسمت جي اشاري تي ترڻ ۽ ٻانهون هڻڻ لڳيس، ۽ سمنڊ جي لهرين ۽ هوا جيڏي ٿي ڌڪيم اوڏي ٿي ويس. ڪڏهن ته ٽنگون هيٺ ڪري ٿي ڏٺم، ته ترو پيرن سان ڪونه ٿي لڳو، جڏهن آءٌ بلڪل ٿڪجي پيس ۽ وڌيڪ ٻانهون هڻي نه سگهيس ۽ ٻڏڻ تي هوس، تڏهن اوچتو ڏٺم ته پنهنجي قد جيڏي پاڻيءَ ۾ آهيان! انهيءَ وچ ۾ طوفان به ڍرو ٿيو، پاڻي اهڙو درجي بدرجي تانگهو ٿيندو ويو، جو آءٌ ميل کن تائين پنڌ ڪري پوءِ ڪناري تي وڃي پهتس، اهو شام جو اٺين بجي جو وقت هو، جو آءٌ سڪيءَ تي وڃي چڙهيس. آءٌ ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ هوا به گرم هئي، تنهنڪري ننڊ اچڻ لڳيم. آءٌ ننڍي نرم گاهه تي ليٽي پيس. اتي نوَ ڪلاڪ برابر ستو هوندس، ڇا لاءِ جو جڏهن جاڳيس تڏهن ڏينهن جو سوجهرو ٿيو هو.
    مون اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چُري به نه سگهيس، ڇا لاءِ جو جيئن پٺن ڀر پيو هوس، تيئن معلوم ڪيم ته ٻنهي پاسي منهنجون ٻانهون ۽ ٽنگون زمين سان ٻڌيون پيون هيون! منهنجا گهاٽا ڊگها وار به ساڳيءَ طرح سان ٻڌا پيا هئا، ۽ ڪيترائي سنها سنها ڌاڳا پنهنجي بت تان هيڏي هوڏي لنگهيل ڏٺم. آءٌ رڳو مٿي نهاري ٿي سگهيس. سج به تابش ڪرڻ لڳو هو، تنهنڪري روشني منهنجي اکين کي تڪليف ڏيڻ لڳي، پنهنجي آسپاس مون کي هڪڙي قسم جو ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ آيو، پر جنهن حالت ۾ پيل هوس، تنهن ۾ آسمان کان سواءِ ٻيو ڪي به ڏسي نٿي سگهيس.
    سگهو ئي پنهنجي کٻيءَ ٽنگ تي ڪا شيءِ جيئري چُرندي معلوم ڪيم اها وڌندي وڌندي منهنجي ڇاتيءَ تائين آئي، ۽ کاڏيءَ تائين آئي. جيترو ٿي سگهيو اوترو اکيون هيٺ ڪري ڏٺم، ته هڪڙو ننڍڙو ماڻهو آهي، جو قد ۾ ڇهه انچ به مس آهي، سو هٿن ۾ تير ۽ ڪمان ۽ پٺن تي تيرن جي بٿي کنيو اچي!
    انهيءَ وچ ۾ ساڳئي قسم جا چاليهارو ”ماڻهو“ انهيءَ پهرئين جي پٺيان ايندا معلوم ڪيم، مون کي ڏاڍي حيرت لڳي، ۽ اهڙي وڏي هڪل ڏنم ۽ ڳجڪار ڪيم، جو هو سڀ ڊڄي پٺتي ڀڄڻ لڳا. پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته انهن مان ڪي، جي منهنجي پاسن تان ٽپي هيٺ زمين تي پيا، تن کي ڌڪي اچڻ ڪري ايذاءُ پهتو هو، پر انهيءَ هوندي به، هو سگهو ئي موٽي آيا، ۽ هڪڙي ته اهڙي همت ڪئي جو منهنجو سڄو منهن ڏسي سگهيو. اهو ڏسي، هو پنهنجو هٿ ۽ اکيون مٿي ڪري هڪڙي عجيب ٻوليءَ ۾ سڏ ڪري ڪي چوڻ لڳو، جنهن جو هڪڙو لفظ به مون نه سمجهيو.
    اهو سارو وقت آءٌ ڏاڍو ڏکيو پيو هوس، نيٺ آزاد ٿيڻ لاءِ ڦٿڪڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ لڳس. خوش نصيبيءَ سان ڌاڳا ڇني وڌم، ۽ جن ڪلين سان منهنجي کٻي ٻانهن زمين تي ٻڌل هئي، سي ڪڍي وڌم. جڏهن اها ٻانهن منهن تي آنديم، تڏهن خبر پيم ته ڪهڙي رستي هنن مون کي ٻڌو هو، ڏاڍي زور سان هڪڙي ڇڪي ڏنيم، جنهن ڪري مون کي ڏاڍو سور ٿيو، مگر جن ڌاڳن سان منهنجا وار کٻي پاسي ٻڌا هئائون، سي ٿورا ڍرا ٿيا، جنهن ڪري آءٌ اٽڪل ٻه انچ پنهنجو مٿو ڦيرائي سگهيس.
    هنن کي جهٽ هڻي وٺڻ جي ڪوشش ڪيم، پر هو وري به ڀڄي ويا. تنهن کان پوءِ هڪڙي وڏي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. اها بس ٿي ته انهن مان هڪڙي انهيءَ ساڳي ٻوليءَ ۾ وڏي سڏ ڪري چيو. انهيءَ دم سئو کان به مٿي تير ڇٽي ويا، جي منهنجي هٿ ۾ اچي لڳا، ۽ سُين وانگي چڀي ويا. تنهن کان سواءِ هنن ڪيترائي تير هوا ۾ ڇوڙيا، جن مان گهڻا منهنجي بت تي ۽ ڪي ٿورا منهنجي منهن تي اچي ڪريا.
    جڏهن اهو تيرن جو دس لڳي رهيو، تڏهن آءٌ سور ۽ اهنج کان ڪنجهڻ لڳس، وري به پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳس، تڏهن هنن وري ٻيو تيرن جو دس اڳئين کان به وڏو ڇوڙيو، منجهانئن ڪن ته منهنجي پاسي ۾ پنهنجا ڀالا به هنيا، پر منهنجو نصيب چڱو هو، جو تمام ٿلهي ڪپڙي جي صدري پيل هيم، جنهن ۾ اهي گهڙي نه سگهيا.
    مون خيال ڪيو ته ماٺ ڪري پئجي رهڻ بهتر آهي، منهنجي رٿ اها هئي ته رات تائين ائين پيو هجان، پوءِ پنهنجي ڇٽل کٻي هٿ سان پاڻ کي مشڪل کان سواءِ آزاد ڪري سگهندس. پڪ هيم ته جي هو سڀ انهيءَ قد جا هوندا جيڏو منجهانئن هڪڙو ڏٺو هوم، ته پوءِ جي هو مون تي وڏو لشڪر چاڙهي ايندا، ته به انهن سان آءٌ پڄي سگهندس! پر منهنجي قسمت ٻيءَ طرح جي هئي، جڏهن هنن ماڻهن ڏٺو ته مون کڻي ماٺ ڪئي آهي تڏهن هو وڌيڪ تير نه ڇوڙڻ لڳا. سندس آواز مان معلوم ڪيم ته هنن جو تعداد وڌيو آهي. پاڻ کان چئن والن جي پنڌ تي ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت تائين مون ٺڪاءَ پئي ٻڌا، ڄڻ ڪي ماڻهو ڪم پيا ڪندا هجن. جڏهن مون رسا تاڻي پنهنجو مٿو انهيءَ گوڙ ڏي ڦيرايو، تڏهن مون هڪڙو ڪاٺ جو ٿَلهو جڙيل ڏٺو، جو زمين کان ڏيڍ فوٽ مٿي هو، جنهن تي مجهانئن چار ڄڻا بيهي ٿي سگهيا، انهيءَ ٿلهي تي بيهي، انهي مان هڪڙي ماڻهوءَ وڏي تقرير ڪئي، جنهن جو هڪڙو لفظ به مون نه سمجهيو. پر تقرير شروع ڪرڻ کان اڳي هن حڪم ڏنو ته جن ڌاڳن سان منهنجي مٿي جو کٻو پاسو ٻڌو هو، سي وڍي ڇڏين. انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجو مٿو سڄي پاسي به ڦيرائي، انهيءَ ماڻهو کي ڏسي سگهيس ٿي، جنهن تقرير ٿي ڪئي. هو وچوليءَ عمر جو ماڻهو هو. انهن مان هڪڙو ته خاص خدمتگار ڇوڪر هو، جو سندس جُبي جو پٺيون جهول وارو ڀاڱو کنيو بيٺو هو، ۽ اهو منهنجي وچينءَ آڱر کان قد ۾ ٿورو وڏو هو. ٻين ٻن مان هڪڙو هن جي هِن پاسيء ۽ هڪڙو هُن پاسي سندس مدد لاءِ بيٺو هو. ڏاڍيءَ مشڪلات سان آءٌ انهيءَ کي سمجهائي سگهيس ته آءٌ نڪي سندس ٻوليءَ نه ٻين جي ٻولي سمجهي سگهيس، مڱر منهنجي ڪابه مرضي ڪانه هئي ته کين ڪو ايذاءُ پهچايان.
    مون کي ڏاڍي بک هئي، جو جهاز ڇڏڻ کان ڪي ڪلاڪ اڳي هڪڙو گرنهه به نه کاڌو هوم، تنهنڪري پنهنجي هٿ جي هڪڙي آڱر ذري ذري پنهنجي وات ۾ وجهي، اشاري سان چيم ته مون کي ماني گهرجي. هنن جو سردار جو ٿلهي تي هو، تنهن منهنجو اشارو چڱي طرح پروڙيو. هو هڪدم هيٺ لهي آيو، ۽ حڪم ڏنائين ته منهنجن پاسن تي ڏاڪڻيون رکيون وڃن. انهيءَ تي سوين ماڻهو مون تي چڙهي آيا. اتي جي بادشاهه کي جڏهن منهنجي خبر پهريندي ملي، تڏهن سندس حڪم پٺيان کاڌي جون ٽوڪريون اهي ماڻهو کڻي آيا هئا، ۽ آڻي منهنجي وات ۾ وڌائون. کائڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ ۾ ڪيترن ئي جانورن جو گوشت هو، پر سواد مان آءٌ سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙن جانورن جو هو، ٽنگون، ڦڻيون، رانون، جن جي شڪل ٻڪريءَ جي عضون جهڙي هئي، سي چڱيءَ طرح پڪل هيون، مگر جهرڪيءَ جي کنڀڙاٽين کان به ننڍيون! مون گرنهه گرنهه ۾ اهي ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪري پئي کاڌيون، ۽ ٽي ٽي ”روٽيون“ گرنهه سان ٿي کاڌيم، جو اهي قد ۾ بندوق جي گولين جيڏيون مَس هونديون!.... هنن ٽوڪرن تي ٽوڪريون منهنجي وات ۾ پئي وڌيون! جيترو کاڌو مون کاڌو تنهن تي، ۽ منهنجي قد تي، هنن حيرت ۽ عجب جون هزارين نشانيون ڏيکاريون.
    تنهن کان پوءِ مون وري اشارو ڪيو ته مون کي اُڃ لڳي آهي. منهنجي کائڻ مان هنن کي معلوم ٿيو ته آءٌ پاڻي به ٿورو ڪونه پيئندس. هو تمام هوشيار ماڻهو هئا، تنهنڪري هنن تجويز ڪري پنهنجو هڪڙو وڏو ڀريل ”پيپ“ کڻي رسي ۾ لڙڪايو . اهو هنن ريڙهي منهنجي هٿ وٽ آندو، ۽ پوءِ انهيءَ جو ڍڪ ڌڪ هڻي لاهي ڇڏيائون. اهو آءٌ کڻي هڪڙيءَ ئي ساهيءَ سان پي ويس. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ هوئي پاؤُ کن پاڻيءَ جو مس! معلوم ڪيم ته سواد شراب جهڙو هو، مگر ڏاڍو لذيذ هو.
    هنن مون کي شراب جو ٻيو پيپ آڻي ڏنو، جو آءٌ اڳي وانگي تڪ ڏيئي پي ويس، ۽ وڌيڪ اشارا ڪرڻ لڳس. پر هنن وٽ ٻيو موجود ڪونه هو، جو ڏين، جڏهن آءٌ اهي عجب جهڙا ڪم ڪري رهيو هئس، تڏهن هنن خوشيءَ مان رڙيون ڪيون، ۽ منهنجي ڇاتيءَ تي نچڻ لڳا. هنن مون کي اشاري سان چيو ته اهي پيپ هيٺ اڇلائي ڇڏ،.... پر پهرين هنن هيٺ ماڻهن کي خبردار ڪيو ته پري ٿي بيهن! جڏهن هنن اهي سڀ پيپ هوا ۾ ڏٺا، تڏهن منجهانئن وڏي رڙ اُٿي!
    سچ ٿو چوان ته ڪيترائي ڀيرا منهنجي دل ۾ آيو ته جيئن هو منهنجي بُت تي آيا ۽ ويا، تيئن پهريان چاليهه _ پنجاهه جي منهنجي پهچ ۾ هئا، تن کي جهلي هيٺ زمين تي اُڇلائي وجهان، پر وري ياد آيم ته جيڪي هنن مون سان ڪيو هو، سو شايد تمام خراب نه هو، ۽ مون به هنن سان انجام ڪيو هو ته آءٌ سندس نقصان ۾ نه آهيان، تنهنڪري سگهوئي اهي خيال منهنجي دل مان نڪري ويا. هنن تمام ننڍڙن انسانن جي همت تي مون کي عجب ٿي لڳو، جي بي ڊپا منهنجي بُت تي چڙهيا ۽ هليا، جڏهن منهنجو هڪڙو هٿ ڇٽل به ٿي ڏٺائون، ۽ مون جهڙي وڏي حيوان کي ڏسي ڏڪيا به نٿي!
    ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن هنن ڏٺو ته آءٌ وڌيڪ کاڌو نٿو گهران تڏهن هڪڙي وڏي درجي وارو ماڻهو شهنشاهه طرفان منهنجي اڳيان آيو. منهنجي سڄيءَ ٽنگ تي پير کان چڙهي، هلي منهنجي منهن وٽ آيو. پٺيان ڏهه _ ٻارهن ماڻهو هئا. اٽڪل ڏهن منٽن تائين هن مون سان ڪنهن به ڪاوڙ جي نشانيءَ کان سواءِ ڳالهايو. مگر نظر منهنجي مُنهن ۾ کُتل هيس! ڳالهائيندي، هن اڪثر اڳ ڏانهن هٿ کنيو ٿي، جيڏانهن پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته سندن وڏو شهر هو، جو اُتان اڌ ميل پنڌ تي هو، شهنشاهه اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته مون کي اُتي وٺي هلن.
    مون مختصر لفظن ۾ ورندي ڏني، پر هنن اها نه سمجهي. ڇُڙيل هٿ ٻئي هٿ تي رکي، ۽ پوءِ پنهنجي مٿي ۽ بُت تي رکي، اشاري سان چيومانس ته ”منهنجي مرضي آهي ته مون کي هن بند مان آزاد ڪريو.“ ڀانئجي ٿو ته هن منهنجو مطلب سهي ڪيو، ڇالاءِ جو هن ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪئي، ۽ پنهنجو هٿ اهڙيءَ طرح مٿي ڪيائين جو مون سمجهيو ته: چوي ٿو ته توکي ائين ئي ٻڌل کڻي هلنداسين. انهيءَ هوندي به هن ٻيا اشارا ڪيا، جن مان مون سمجهيو ته مون کي چڱي طرح کارائيندا پياريندا، ۽ سکيو رکندا.
    تنهن تي وري به مون کي خيال آيو ته زور لاهي رسا ڇنان ۽ ڪِلا پٽيان، پر جڏهن منهن ۽ هٿن تي هنن جي تيرن جو وسڪارو لڳم، جن مان گهڻا اڃا ٽنبيا پيا هئا، ۽ ڌڪن وارين جاين تي ڦوڦينڊا ٿي پيا هئم، تڏهن مون هنن کي اشارن سان چيو ته هاڻ جيئن اوهان کي وڻي تيئن مون سان ڪريو، تنهن تي ستت ئي مون هڪڙي وڏي رڙ ٻڌي، ۽ معلوم ڪيم ته گهڻا منهنجي کٻي پاسي تي چڙهي رسا پيا ڇوڙين. نيٺ ايترو ٿيو، جو آءٌ پنهنجي سڄي پاسي تي اُٿلي آرام وٺي ٿي سگهيس.
    اُنهيءَ کان اڳي هنن هڪڙي قسم جي مرهم سان منهنجو مُنهن ۽ هٿ ٿڦي ڇڏيا هئا. اهو مرهم ڏاڍو سُرهو هو، ۽ سگهوئي هنن جي تيرن جا، ننڍڙا ڦٽ ڇٽائي ڇڏيائين. انهيءَ ڪري، ۽ جيڪو کاڌو پيتو مون کي ڏنو هئائون، تنهن مان مون کي گهڻي طاقت حاصل ٿي، تنهنڪري مون کي ننڊ اچي ويئي. مون کي پوءِ ٻڌايائون ته آءٌ اٺ ڪلاڪ برابر ستو پيو هوس! ۽ اُنهيءَ ۾ ڪو عجب نه هو، ڇا لاءِ ته جيڪو شراب مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو هئائون، تنهن ۾ گهري ننڊ آڻڻ جي ڪا دوا گڏي ڇڏي هئائون.
    ڀانئجي ٿو ته جڏهن جهاز تان لهڻ کان پوءِ پهرين هنن مون کي زمين تي ستل ڏٺو تڏهن شهنشاهه کي بروقت خبر ڏني هئائون، تنهن تي پنهنجا مشير گڏ ڪري، هن ارادو ڪيو ته مون کي ستي ئي کڻي ٻڌن. ان موجب، رات ئي رات جو هنن کڻي مون کي ٻڌو هو، جيئن مٿي مون بيان ڪيو آهي. هن اهو به حڪم ڪڍيو هو ته مون کي کاڌو پيتو مَئو پهچائين ۽ هڪڙي ڪِل جي گاڏي ٺاهين، جنهن تي مون کي ٻڌل ئي کڻي شهر ۾ آڻين.
    اها تجويز شايد بهادريءَ جهڙي ۽ خوفناڪ ڏسڻ ۾ ايندي، ۽ مون کي پڪ آهي ته يورپ جو ڪوبه بادشاهه اهڙي وقت تي جيڪر ائين نه ڪري،”مگر منهنجي راءِ ۾ اها تجويز ڏاڍي سياڻپ جهڙي به هئي، ۽ مروت جهڙي به. جيڪڏهن اهي ماڻهو مون کي سُتي ئي ڀالن ۽ تيرن سان مارڻ جي ڪوشش ڪن ها، ته پهرئين ئي چُڀڪاري سان يقينا آءٌ جاڳي پَوان ها، انهيءَ ڪري مون کي اهڙي چِڙ وٺي ها، ۽ ايترو زور لايان ها، جو جن ڌاڳن سان آءٌ ٻڌل هوس، تن کي جيڪر ڇني ڇڏيان ها، پوءِ هو منهنجي اڳيان بيهي نه سگهن ها، ۽ آءٌ به هنن تي رحم ڪرڻ نه گهران ها.
    هي ماڻهو ڏاڍا هوشيار آهن. سندن شهنشاهه، جو علم ۽ هنر جو حامي آهي، سو هنن کي همتائيندو آهي، ۽ تنهنڪري هو ڏاڍا قابل هنرمند ٿي پيا آهن. بادشاهه وٽ ڪيتريون ئي ڦيٿن واريون ڪلون آهن، جن تي وڻ ۽ ٻيا ڳرا ڳرا بار کڻندا آهن. هو اڪثر وڏا وڏا جنگي جهاز به جوڙائيندو آهي، جن مان ڪي نَوَ فوٽ ڊگها آهن. اهي ٻيلن ۾ جڙندا آهن، جتي وڻ ٿين ٿا، ۽ پوءِ انهن ڪَلَن تي اهي کڻائي، ٽن- چئن سَون يارڊن جي پنڌ تي سمنڊ تائين آڻيندا آهن. پر انهن ڦيٿن وارين ڪَلَن يا گاڏين مان ڪابه اهڙي وڏي يا مضبوط ڪانه هئي، جا مون کي کڻي سگهي، تنهن ڪري پنج سئو واڍا ۽ انجنيئر ويهاريا ويا ته جيڏي وڏي ڪل ٺاهي سگهن اوڏي ٺاهين، اها ڪاٺين جي جڙيل هئي، ۽ زمين کان ٽي انچ مٿي هئي، ست فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري هئي، ۽ ٻاويهن ڦيٿن تي ٿي هلي. جيڪا وڏي رڙ مون ٻڌي هئي، سا انهيءَ ڪَل جي اچي پهچڻ تي ٿي هئي. ڀانئجي ٿو ته اها منهنجي سُڪيءَ تي لهڻ کان چار ڪلاڪ پوءِ نڪتي هئي.
    اها وڏي گاڏي، جيئن آءٌ ليٽيو پيو هوس، تيئن منهنجي پاسي سان لڳ آڻي بيهاريائون، پر وڏي مشڪلات اها هئي ته مون کي ڪيئن کڻي ان ۾ رکن! انهيءَ ڪم لاءِ اسي ڪاٺيون ڪِلن وانگي کوڙي، (هر هڪ ڪاٺي هڪ فوٽ اوچي هئي) مضبوط رسا، سوتليءَ جهڙا، ڪَڙن ڪُنڍن سان منهنجي بُت تي ٻڌل رسن سان ٻڌي ويا. اهي رسا ڪم ڪندڙ ماڻهو پهرين منهنجي ڳچيءَ ۽ منهنجن هٿن، پيرن ۽ ڀڀريءَ جي چوڌاري ٻڌي ويا هئا، پوءِ اُنهن ڪاٺين يا ڪِلن تي ڪپيون يا ڦرڻيون ٻڌي، انهن تان نَوَ سئو ماڻهو، اهي رسا ڇڪڻ لڳا، انهيءَ طرح ٽن ڪلاڪن اندر مون کي انهيءَ ڪَل يا گاڏي تي رکيائون، ۽ اتي مضبوط ٻڌي ڇڏيائون.
    اهو سڀ احوال مون کي ٻڌايائون، ڇالاءِ جو ڪم هلندي آءٌ ڏاڍي گهريءَ ننڊ ۾ پيو هوس، جو ننڊ جي دوا انهيءَ شراب ۾ وڌي هئائون، جو مون کي پياريو هئائون. شهنشاهه جي تمام وڏن گهوڙن مان پنج سئو گهوڙا، جن مان هر هڪ ساڍا چار انچ اوچو هو، سي کڻي انهيءَ گاڏيءَ ۾ ٻڌائون ته ڇڪي مون کي شهر تائين نين، جو اُتان اڌ ميل تي هو، جيئن مون مٿي به چيو آهي.
    اتان رواني ٿيڻ کان چار ڪلاڪ پوءِ هڪڙو تمام عجيب اتفاق ٿيو، جنهن تي آءٌ جاڳي پيس. گاڏيءَ کي ڪا حرڪت ٿي پيئي، تنهن جي درست ڪرڻ لاءِ اها ڪي ٿورا منٽ بيٺي. اتي جي ٻن- ٽن جوان مڙسن کي خواهش ٿي ته ڏسن ته جڏهن آءٌ ستل آهيان تڏهن ڪيئن ٿو ڏسجان. انهيءَ ڪري هو گاڏيءَ ۾ چڙهي، آهستي هلي منهنجي منهن ڏي آيا. انهن مان هڪڙو، جو پهري وارن سپاهين جو عملدار هو، تنهن پنهنجي هٿيار جي چهنب منهنجي نڪ جي کٻي ناسوٽيءَ ۾ ڳچ تائين اندر لنگهائي ڏني، جنهن ڪري مون کي خارش ٿيڻ لڳي، جيئن نَڪ ۾ ڪک ڦيرائڻ سان ٿيندي آهي، مون کي ڏاڍي نِڇ آئي، جنهن تي هو اهڙو لڪي ڀڄي ويا، جو ڏسڻ ۾ ئي نه آيا! ٽن هفتن کانپوءِ مس مون کي خبر پيئي ته منهنجي انهيءَ اوچتي جاڳڻ جو سبب ڇا هو.
    باقي جيڪو ڏينهن رهيو هو، تنهن ۾ اسان گهڻو پنڌ ڪيو، ۽ پوءِ رستي ۾ رات جي لاءِ ساهي کنئيسون. پنج سئو پهري وارا منهنجي هر هڪ پاسي بيٺا، جن مان اڌ کي تير ڪمانون هيون، انهيءَ لاءِ ته جي چُران ته مون کي هڻي ڪڍن. ٻئي ڏينهن صبح جو سج اُڀرئي مهل اسين وري پنڌ پياسين، ٻنپهرن ڌاري شهر جي درن کان باقي وڃي ٻن سَون يارڊن تي بيٺاسين، شهنشاهه ۽ سندس سڀ درٻاري اسان کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا، پر وڏن عهديدارن شهنشاهه کي نه پئي ڇڏيو ته پنهنجي جان خوف ۾ وجهي منهنجي بُت تي چڙهي، جنهن هنڌ گاڏي بيٺي، اُتي هڪڙي قديم مڙهي هئي، جا ساريءَ بادشاهت ۾ تمام وڏي سمجهيل هئي، اها ديول ڪن ورهين تائين ڪم ۾ نه آئي هئي، جو انهيءَ ۾ ڪو خون ٿي پيو هو. اهو ٺهراءُ ٿيو ته انهيءَ ”عمارت“ ۾ مون کي رکن. انهيءَ جو وڏو در، جو اُتر ڏي هو، سو چار فوٽ مٿي هو، ۽ قريب ٻه فوٽ ويڪرو هو، در جي ٻنهي پاسي هڪڙي هڪڙي ننڍي دري هئي، جا زمين کان ڇهه انچ مٿي مس هئي.
    کٻي پاسي واري دريءَ ۾ بادشاهه جي لوهارن اسي هڪڙيون ۽ يارهن ٻيون زنجيرون کڻي وڃي رکيون، جهڙيون يورپ ۾ سکر زالن جي واچ يا گهڙيءَ ۾ پونديون آهن، ۽ اوڏيون ئي هيون. اهي هنن منهنجيءَ ٽنگ ۾ وجهي، انهن کي ڇٽيهه ڪلف ڏيئي بند ڪري ڇڏيو.
    هن مڙهيءَ جي آمهون سامهون، وڏي شاهي سڙڪ جي ٻئي پاسي ويهن فوٽن جي پنڌ تي هڪڙو منارو هو، جو پنج فوٽ مٿانهون هو، انهيءَ ۾ شهنشاهه چڙهي ويٺو، ۽ ساڻس گڏ سندس درٻار جا گهڻائي مُک امير ويٺا، انهيءَ لاءِ ته مون کي ڏسي سگهن، جو آءٌ هنن کي ڏسي نٿي سگهيس، اٽڪل هڪ لک ماڻهو تماشي ڏسڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا، منهنجن پهريدارن هوندي به، آءٌ ڀانيان ٿو ته ڏهن هزارن کان ٿورا ماڻهو نه هئا، جي جدا جدا وقتن تي ڏاڪڻيون رکيو، منهنجي بت تي پئي چڙهيا، پر پوءِ اهڙو حڪم جاري ٿي ويو ته جيڪو چڙهندو، تنهن کي موت جي سزا ملندي.
    جڏهن ڪم ڪندڙ ڏٺو ته آءٌ بلڪ پاڻ کي آزاد ڪري نٿو سگهان، تڏهن جن رسن سان آءٌ ٻڌل هوس، سي سڀ هنن وڍي ڇڏيا. تنهن تي آءٌ اُٿيس، پر اهڙي شڪستي ۽ خراب حال ۾ هوس، جنهن ۾ اڳي عمر نه هوس. پر جڏهن ماڻهن مون کي اُٿندو ۽ گهمندو ڏٺو، تڏهن اهڙا حيران ٿيا ۽ اهڙيون رڙيون ڪيائون، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر! جنهن زنجيريءَ سان منهنجي کٻي ٽنگ ٻڌل هئي، تنهن سان آءٌ اڌ گهيري ۾ هيڏي هوڏي گهمي ڦري ٿي سگهيس. اها در کان چئن انچن تي ٻڌل هئي، تنهنڪري آءٌ مڙهيءَ منجهه وڃي سنئون ٿي سمهي به ٿي سگهيس.


    باب ٻيو : گليور ڪيئن آشنائي پيدا ڪري ٿو

    جڏهن آءٌ پيرن ڀر ٿيس، تڏهن پنهنجي آسپاس نهارڻ لڳس، ۽ آءٌ مڃان ٿو ته اهڙو خوبصورت نظارو مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. چوڌاري ملڪ هڪڙي وڏي باغ وانگي ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ حد پيل ٻنيون، جي گهڻو ڪري چاليهه فوٽ چورس هيون، سي ڄڻ ته باغ چمن هئا، انهن ٻنين ۾ ٻيلا هئا، جن ۾ تمام وڏا وڻ، منهنجي نظر ۾، ست فٽ ڊگها هئا، کٻي پاسي کان مون کي شهر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جو اهڙو پئي ڏٺو جهڙو ناٽڪ جي پردن تي نقاش چٽي ڇڏيندا آهن.
    تنهن کانپوءِ شهنشاهه ٺُل تان لٿو، ۽ گهوڙي تي چڙهي مون وٽ آيو، انهيءَ ڪري ذري گهٽ هن کي جوکو رسيو هو، ڇا لاءِ جو سندس گهوڙو گهڻو ئي تعليم ڏنل هو، ته به اهڙي ڏيک تي هريل نه هو، جو ڄڻ ته هڪڙو جبل سندس اڳيان پئي چُريو، تنهنڪري هن نرا کنيا ۽ پوين ٽنگن تي بيٺو. پر شهنشاهه جو ڏاڍو چابڪ سوار آهي، تنهن زين نه ڇڏي، جيسين سندس نوڪر ڊوڙي نه آيا، ۽ اچي لغام کان نه ورتائون، پوءِ شهنشاهه وجهه وٺي لهي پيو.
    جڏهن هو گهوڙي تان لٿو، تڏهن مون کي چوڌاري ڦري، ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر هو منهنجن زنجيرن جي ڊيگهه جيتري پنڌ کان پرڀرو پئي بيٺو. هن پنهنجن بورچين کي حڪم ڏنو ته مون کي کاڌو پيتو ڏين. اهو هنن هڪڙيءَ ڦيٿن واريءَ ميز جهڙيءَ ڪُل تي رکي ڌڪي مون ڏي ڪيو، جتي آءٌ انهيءَ کي پهچي کڻي ٿي سگهيس. ستت ئي اهو کڻي مون خالي ڪري ڇڏيو. اهڙيون ويهه ڪلون هنن کاڌي سان ڀريون، ۽ ڏهه پاڻيءَ سان، کاڌي جي هر هڪ ميز يا ڪَل مان مون ٻه يا ٽي گرنهه ڪيا، ۽ پاڻيءَجا ڏهه ئي ٿانءَ هڪڙي وڏي ٿانءَ ۾ وجهي اهو هڪ ساهيءَ ۾ پي ويس.
    راڻي ۽ ننڍا شاهزادا ۽ شهزاديون ٿوري پنڌ تي ڪرسين تي چڙهي ويٺا هئا، ۽ گهڻيون ئي ٻيون شريف زالون سندن خدمت ۾ حاضر هيون، پرجڏهن شهنشاهه جي گهوڙي جو مٿيون اتفاق ٿيو، تڏهن هو لهي شهنشاهه وٽ آيون، جنهن جو هاڻي آءٌ بيان ڏيان ٿو.
    هو پنهنجن سڀني درٻارين ۽ اميرن کان منهنجي ننهن جيترو قد ۾ ڊگهو هو. فقط ايتري ئي ڪري، ڏسڻ وارن کي خوف ۽ عجب لڳندو هو، مهانڊي ۾ هو مضبوط ۽ مردانو هو، سنها چپ هئس، ۽ ڏنگو ڪُنڍيدار نڪ هئس. بت ۽ عضوا وضعدار هئس، ۽ سندس چرڻ پرڻ جا رستا سڀ سهڻا ۽ وڻندڙ هئا. عمر ۾ جواني کائي موٽيو هو، ۽ اُنهيءَ وقت پوڻا اوڻٽيهه ورهيه ڄمار هيس. هن اٽڪل ست ورهيه ڏاڍي سک سان راڄ ڪيو هو، ۽ اڪثر فتح حاصل پئي ٿيس.
    هن کي چڱي طرح ڏسڻ لاءِ آءٌ پاسي ڀر ليٽي پيس اهڙيءَ طرح، جو منهنجو منهن هن جي سامهون هو. هو مون کان ٽي يارڊ پري بيٺل هو. پر انهيءَ کانپوءِ هو ڪيترائي دفعا منهنجن هٿن ۾ آيو آهي، تنهنڪري هن جو جيڪو بيان مون ڏنو آهي، سو بلڪل پورو آهي.
    هن جي پوشاڪ سادي سودي هئي، مٿي تي هلڪو سون جو ڇٽ هوس، جنهن تي جواهر جڙيل هئا، ۽ اڳيان پيشانيءَ جي مٿان طرو هوس. هن پنهنجي بچاءَ لاءِ ترار ڪڍي هٿ ۾ ڪئي هئي، ته متان آءٌ ڇُڙي پوان. اُها ترار اٽڪل ٽي انچ ڊگهي هئي. اُنهيءَ جو هٿيو ۽ کپ ٻئي سون جا هئا، ۽ اُنهن تي هيرا لڳل هئا. سندس آواز سنهڙو پر صاف هو، ۽ آءٌ بيٺي چٽو ٻڌي سگهندو هوس.
    درٻارين ۽ زالن کي ڏاڍيون عمديون ۽ سهڻيون پوشاڪون پيل هيون، جنهن ٽڪريءَ تي اهي سڀ ماڻهو بيٺل هئا، سا اهڙي ڏسڻ ۾ پئي آئي جو ڄڻ زمين تي هڪڙو ڪپڙو وڇايو پيو آهي، جنهن تي سون ۽ رپي جون مورتون ڀريل آهن.
    شهنشاهه گهڻائي ڀيرا مون سان ڳالهايو، ۽ مون هن کي ورندا جواب ڏنا، پر اسان هڪٻئي جو هڪڙو اکر به نه سمجهيو، شهنشاهه جي حاضريءَ ۾ گهڻائي پادري ۽ قاعديدان وڪيل بيٺل هئا. سندن پوشاڪ مان ائين معلوم ٿي سگهيو ٿي، جيڪي ٻوليون مون کي ٿوريون يا گهڻيون اينديون هيون تن سڀني ۾ مون هنن سان ڳالهايو، مثلن انگريزي، ڊچ، لئٽن، فرينچ، اسپئنش ۽ اٽالين، پر ڪابه هن کي سمجهه ۾ نه آئي.
    اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ شهنشاهه پنهنجن درٻارين سميت اُٿي ويو، ۽ مون کي گهڻن پهري وارن جي حوالي ڇڏيو ويو ته متان خلق مون کي تمام ويجهي اچي ۽ سوڙهي پوي. پر جيئن آءٌ پنهنجي گهر جي در وٽ زمين تي ويٺو هوس. تيئن گوڙ منجهان ڪن مون کي تير به هنيا، هڪڙو تير ته ذري گهٽ منهنجي کٻي اُک ۾ لڳو هو. پهري وارن سپاهين جي ڪرنل انهن مان ڇهن مک فسادين کي پڪڙايو، ۽ ڀانيائين ته انهن کي منهنجي حوالي ڪرڻ سان هنن کي جوڳي سزا ملندي، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين ته هنن کي پنهنجن هٿيارن جي اُبتن ڇيڙن سان ڌڪي، منهنجي پهچ اندر آڻين... تنهن تي مون انهن سڀني کي پنهنجي سڄي هٿ ۾ کنيو.
    انهن مان پنجن کي ته مون کڻي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڇهن کي کڻي پنهنجي وات تائين آندم، ڄڻ ته جيئرو ئي انهن کي کائڻ ٿي گهريم، ويچارو ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳو. سپاهين جو ڪرنل ۽ ٻيا سندس زيردست عملدار ڊڄِي ويا، خاص جڏهن هنن مون کي انهيءَ مهل چاڪون ڪڍندو ڏٺو. پر جڏهن مون هنن تي مهربانيءَ سان نظر ڪئي، تڏهن هڪدم هنن جو ڊپ لٿو. پوءِ مون انهيءَ قيديءَ جا رسا وڍي، آهستي انهيءَ کي زمين تي کڻي رکيو، جنهن تي هو ڊوڙون پائيندو ڀڄي ويو.
    ٻين قيدين سان به مون ساڳي ئي هلت ڪئي. هڪ_هڪ کي کيسي مان ڪڍندو آزاد ڪندو ويس. انهيءَ ڪري ڏٺم ته جهڙا قيدي تهڙا ٻيا ماڻهو منهنجي انهيءَ رحم تي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ منهنجي هلت بابت، شهنشاهه ۽ انهيءَ جي درٻارين وٽ ڏاڍي ساراهه ٿيڻ لڳي.
    رات پئي، ته آءٌ مشڪلات سان پنهنجي گهر ۾ گهڙيس، ۽ وڃي پَٽَ تي سنئون ٿي سمهي پيس. اٽڪل ٻه هفتا مون انهيءَ طرح پئي گذاريو. انهيءَ وچ شهنشاهه حڪم ڏنو ته منهنجي لاءِ بسترو تيار ڪن. رواجي قد جا ڇهه سئو هنڌ گاڏين ۾ وجهي کڻي آيا، ۽ انهن کي گڏي منهنجي گهر ۾ هڪڙو وڏو هنڌ ٺاهڻ لڳا. ڪم ڪندڙن انهن کي چئن تهن ۾ کڻي زمين تي وڇايو. انهن مان ڏيڍ سئو هنڌ ڊيگهه ۽ ويڪراڻ قائم ڪرڻ لاءِ کڻي گڏ سبيائون، پوءِ به هنڌ اهڙو ٿلهو نه ٿيو، جو مون کي زمين جي سختيءَ کان بچائي. ڇالاءِ جو فرش لسن پهڻن جو هو. ساڳيءَ طرح هنن منهنجي لاءِ هنڌ جون چادرون، کٿا ۽ رضايون جوڙيون، جنهن ماڻهوءَ هيترا ڏينهن سختيون ۽ مشڪلاتون ڪڍيون هيون، تنهن جي لاءِ اهي سڀ تمام چڱيون شيون هيون.
    جيئن جيئن منهنجي اچڻ جي خبر ملڪ ۾ پکڙندي ويئي، تيئن تيئن بيشمار ماڻهو- ڪي دولتمند، ڪي تماشبين، ڪي رولو گهمندڙ منهنجي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. ايترو ميڙو ٿيڻ لڳو، جو جيڪڏهن شهنشاهه اشتهار جاري ڪري اهو بند نه ڪرائي ها، ته زمين جي آبادي يا گهرن جو ڪم ڪار جتي ڪٿي وسري وڃي ها ۽ ڳوٺ خالي ٿي پون ها، تنهن ڪري هن حڪم ڏنو ته جن مون کي اڳئي ڏٺو آهي، سي موٽي گهر وڃن ۽ سرڪار جي اجازت کان سواءِ منهنجي گهر کان پنجاهه يارڊن جي اندر وري نه اچن.
    انهيءَ وچ ۾ شهنشاهه ڪيتريون ئي مشيرن سان مجلسون گڏ ڪيون. انهيءَ لاءِ ته منهنجي بابت ٺهراءُ ڪري ته ڇا ڪجي. هڪڙو خاص دوست، جنهن کي مخفي سرڪاري ڳالهين جي خبر هوندي هئي، تنهن مون کي پوءِ خاطري ڏني ته شاهي درٻار کي منهنجي نسبت ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون درپيش هيون. سڀني کي ڊپ هو ته آءٌ پاڻ ڇڏائي نڪرندس يا منهنجي گهڻي کائڻ ڪري ڏڪار پئجي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن هنن ارادو پئي ڪيو ته مون کي بک ڏيئي مارين، نه ته زهردار تير منهنجي منهن ۾ هڻي مون کي مارين.
    انهن مجلسن ۽ بحثن هلندي، ڪيترائي فوجي عملدار وڏيءَ درٻار جي جاءِ جي در وٽ ويا ۽ انهن مان ٻه، جن کي اندر وٺي ويا، تن بيان ڪري ٻڌايو ته مون مٿي ذڪر ڪيلن ڇهن قيدين سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي. انهيءَ بيان شهنشاهه جي دل تي اهڙو چڱو اثر ڪيو، جو حڪم جاري ڪيائين ته شهر جي چوڌاري نَون سون يارڊن جي اندر ڳوٺن جا سڀ رڪاهو ڏهاڙي صبح جو ڇهه ڍڳا، چاليهه رڍون ۽ ٻيو کاڌو مون کي پهچائيندا رهن ۽ تنهن کان سواءِ مانيءَ ۽ شراب جا وڏا انداز ڏيندا رهن.
    انهيءَ سڀ سَرسات جي لاءِ شهنشاهه پنهنجي هڙان پئسا ڏيندو هو، ڇالاءِ جو هو خاص پنهنجي ئي پيدائش تي گذاريندو آهي،ڪڏهن اتفاق سان وڏي ضرورت وقت، هو پنهنجي رعيت کان پئسو اڳاڙيندو آهي. جا جنگين جي وقت پنهنجي خرچ سان وٽس حاضر رهڻ لاءِ ٻڌل آهي. مون کي ڇهه سئو نوڪر به ڏنا ويا، جن کي کاڌي جو خرچ ملندو هو، ۽ انهن جي رهڻ لاءِ منهنجي در جي ٻنهي پاسي تنبو کوڙي ڇڏيا هئائون. اهو به حڪم ڪڍيو ويو ته ٽي سئو درزي ملڪ جي دستور ۽ نموني موجب منهنجي لاءِ هڪڙو ڪپڙن جو وڳو ٺاهين. شهنشاهه هيئن به حڪم ڏنو ته سندس وڏن عالمن مان ڇهه ڄڻا مون کي اتي جي ٻولي سيکارين. هن جي حڪم جي پٺيان شاهي گهوڙا اڪثر منهنجي اڳيان گهمائيندا هئا ته مون کي ڏسي هري وڃن ۽ ٽهن نه.
    انهن سڀني حڪمن جي پوري تعميل ٿيڻ لڳي، ٽن هفتن جي اندر مون هنن جي ٻولي سکڻ ۾ گهڻي ترقي ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ شهنشاهه پاڻ مهرباني ڪري ڏسڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيندو هو ۽ مون کي تعليم ڏيڻ ۾ منهنجن استادن کي مدو ڏيندو هو. اسين هڪڙي رستي سان پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳاسين. پهريان لفظ، جي مون سکيا، سي انهيءَ خواهش ظاهر ڪرڻ لاءِ هئا ته هو مهرباني فرمائي مون کي آزاد ڪري، اهو عرض آءٌ ڏهاڙي گوڏا کوڙي ڪندو هوس. هن جو جواب، منهنجي سمجهه موجب، اهو هوندو هو ته ڪجهه وقت کان پوءِ ائين ڪرڻ ۾ ايندو، ۽ سندس مشيرن جي صلاح کان سواءِ اهڙي رٿ ڪرڻ ۾ نه ايندي. ٻيو ته پهرين آءٌ ساڻس ۽ سندس ملڪ سان صلح ۾ رهڻ جو انجام ڪريان. انهيءَ هوندي به هن وعدو ڪيو ته مون سان هر طرح مهربانيءَ جي هلت پيئي ٿيندي.
    شهنشاهه مون کي هيءَ صلاح به ڏني ته ”تون صبر ۽ سمجهه سان اهڙي چڱي هلت ڪر، جو منهنجي ۽ منهنجي رعيت جي تنهنجي نسبت ۾ چڱي راءِ ٿئي.“ اهو به چيائين ته ”جي آءٌ پنهنجن ڪن عملدارن کي تنهنجي بدن جي تلاشي وٺڻ لاءِ چوان ته تون رنج نه ٿج، ڇالاءِ جو امڪان آهي ته تو ساڻ ڪي هٿيار هجن، جي تو جيڏي ماڻهوءَ جي موافق هئڻ ڪري خوفناڪ هجن.“
    مون ورندي ڏني ته ”حضور جي خاطري“ ڏيارڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان ته پنهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيان ۽ پنهنجا کيسا اُٿلائي ڏيکاريان، اهو جواب مون ڪجهه لفظن ۾ ڏنو ۽ ڪجهه اشارن سان. هن انهيءَ جي ورنديءَ ۾ فرمايو ”ملڪ جي قاعدي موجب منهنجن عملدارن مان ٻه ضرور تنهنجي بدن جي تلاشي وٺندا. مون کي خبر آهي ته اهو ڪم تنهنجي مرضيءَ ۽ مدد کان سواءِ ٿي ڪين سگهندو. تون اهڙو نرم دل ۽ انصاف وارو آهين، جو منهنجي تنهنجي نسبت ۾ تمام چڱي راءِ آهي، ۽ منهنجو توتي اهڙو اعتبار آهي جو پڪ اٿم ته هنن کي تنهنجن هٿن ۾ نقصان نه پهچندو. جيڪي هو تو وٽان ڪڍندا، سو هن ملڪ مان نڪرڻ مهل توکي وري موٽائي ڏنو ويندو يا ته منهنجي ڪٿ موجب انهيءَ جي قيمت ادا ڪئي ويندي.“
    مون انهن ٻن عملدارن کي کڻي هٿن ۾ ڪيو ۽ پوءِ پهريائين مون هنن کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسن ۾ وڌو ۽ پوءِ ٻيا جيڪي کيسا هئا تن ۾ وڌم، سواءِ پنهنجن ٻن واچ جي کيسن جي، ٻيو به هڪڙو ڳجهو کيسو هوم، جو مون هنن کي نه ڏيکاريو، جو انهيءَ ۾ ڪي ضروري شيون هيون جي مون کان سواءِ هنن مان ڪنهن جي به ڪم جون نه هيون. منهنجي هڪڙي واچ جي کيسي ۾ چانديءَ جي زنجيري هئي ۽ ٻئي ۾ ڪي ٿورا سون جا سڪا چم جي پاڪيٽ ۾ پيل هئا.
    انهن ٻن صاحبن سان قلم، مس ۽ ڪاغذ هئا، جيڪي ڏٺائون تنهن جي مفصل ياداشت شهنشاهه جي لاءِ لکيائون. جڏهن اهو ڪم ڪري رهيا، تڏهن مون کي چيائون ته ”هاڻ اسان کي لاهي هيٺ رک، ته اها ياداشت شهنشاهه کي وڃي ڏيون.“ اها ياداشت مون پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي ۽ اها هيٺ ڏجي ٿي: وڏي جبل جهڙي ماڻهوءَ جي ڪوٽ جي سڄي پاسي واري کيسي ۾ گهڻيءَ تلاش کانپوءِ اسان سادي ڪپڙي جو فقط هڪڙو وڏو ٽڪر لڌو، جو ايڏو آهي، جو حضور جي درٻار واري ڪمري جي فرش کي ڍڪي ڇڏي. کٻي پاسي واري کيسي ۾ اسان هڪڙي تمام وڏي چانديءَ جي پيتي ڏٺي جنهن تي ڍڪ به چانديءَ جو هو، جو اسين تلاش وٺڻ وارا مٿي کڻي نه سگهياسين. اسان جي چئي ته هن اهو ڍڪ لاٿو ۽ اسان مان هڪڙو انهيءَ ۾ لهي پيو ۽ پاڻ کي هڪڙي قسم جي مٽيءَ ۾ پيل ڏٺائين. انهيءَ مٽيءَ مان ٿوري اُڏامي اسان جي منهن ۾ پئي، ۽ اسان ٻنهي انهيءَ ڪري ڳچ وقت تائين پئي نڇون ڏنيون.
    ”هن جي صدريءَ جي کيسي ۾ اسان هڪڙي سنهي اڇي شيءِ جي هڪڙي وڏي ڳنڍڙي ڏٺي. اها شيءِ هڪٻئي تي ويڙهيل هئي ۽ قد ۾ ٽن ماڻهن جيڏي هئي. اها ڳنڍڙي هڪڙي تمام ٿلهي مضبوط رسي سان ٻڌل هئي ۽ مٿانئس ڪارا نشان يا انگ هئا، جي اسان جي سمجهه موجب اکر لکيل آهن. هر هڪ اکر اسان جي هٿن جي اڌ تريءَ جيڏو هو.“
    ”صدريءَ جي کٻي کيسي ۾ هڪڙي قسم جي ڪَل هئي، جنهن جي پٺئين پاسي مان ويهه وڏيون ڪاٺيون نڪتل هيون، جيئن حضور جي درٻار جي اڳيان ڪٽهڙو ڏنل آهي. انهيءَ سان اسين ڀانيون ٿا ته اهو جبل جهڙو ماڻهو پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏئي ٿو! پڪ اسان کي ڪانهي، ڇالاءِ جو اسان هن کي ذري ذري سوالن وجهڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ سان تڪليف نه ڏني، جو هن کي مطلب سمجهائڻ اسان کي نهايت مشڪل نظر آيو.“
    ”هن جي پتلون جي سڄي پاسي واري وڏي کيسي ۾ اسان لوهه جو هڪڙو پورو پيلپائو ڏٺو، جو ماڻهوءَ جي قد جيڏو هو، جو انهيءَ پيلپائي کان وڏي مضبوط ڪاٺ سان ٻڌل هو، انهيءَ پيلپائي جي هڪڙي پاسي تي لوهه جا ڪيترائي تمام وڏا ٽڪر ٻاهر نڪتل هئا، جي قسم قسم شڪلين ۾ وڍيل هئا. اسان کي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ڪهڙي ڪم جو آهي.“
    ”کٻي پاسي واري کيسي ۾ ساڳئي قسم جي ٻي ڪَل هئي، سڄي پاسي واري ننڍڙي کيسي ۾ وري ڪيترائي گول ڇپرا اڇي ۽ ڳاڙهي ڌاتوءَ جا ٽڪر هئا، جي جدا جدا قد جا هئا، جي اڇا ٽڪر، جي چانديءَ جا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، سي اهڙا وڏا هئا، جو اسين ٻيئي کڻي نه سگهياسين.“
    ”کٻي پاسي واري ننڍڙي کيسي ۾ ٻه ڪارا پيلپاوا هئا، جي ڪنهن سوڌي ءَ شڪل جا نه هئا. اسين هن جي کيسي جي تري ۾ هئاسين، تنهنڪري ڏاڍي مشڪلات سان انهن جي چوٽيءَ تي پهچي سگهياسين. انهن مان هڪڙو ڍڪيل هو ۽ هڪڙو يڪو ٽڪر پئي ڀانيو، پر ٻئي جي مٿئين ڇيڙي وٽ هڪڙي اڇي گول شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جا اسان جي مٿن کان قد ۾ ٻيڻي هئي، انهن مان هر هڪ جي اندر رڪ جو هڪڙو وڏو پڙڇ هو. اسان هن کي چيو ته اهي اسان کي ڏيکار، جو اسان کي ڊپ هو ته متان اهي خوفناڪ هٿيار هجن. هن اهي انهن جي خانن مان ڪڍي چيو ته ”پنهنجي ملڪ ۾ آءٌ انهن مان هڪڙي سان پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙيندو هوس، ۽ ٻئي سان کاڌي جون شيون وڍيندو هوس.“
    ”ٻيا به ٻه کيسا هئا، جن ۾ اسين لنگهي نه سگهياسين. انهن کي هن واچ جا کيسا ٿي سڏيو، اهي هن جي پتلون جي چوٽيءَ تي ٻن وڏن شگافن وانگي هئا ۽ تمام سوڙها پوريل هئا، انهن کيسن مان سڄي منجهان هڪڙو وڏو چانديءَ جو زنجير پئي لڙڪيو، جنهن جي هيٺئين پاسي هڪڙي عجيب قسم جي ڪَل هئي. اسان حڪم ڏنس ته انهيءَ زنجير جي ڇيڙي ۾ جيڪي آهي، سو ڪڍ، هن اهو ڪڍيو. اهو هڪڙو گولو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو اڌ چانديءَ جو هو ۽ اڌ ڪنهن ٻئي ڏاتوءَ جو، جنهن مان آرپار ڏسي ٿو سگهجي، شفاف پاسي تي اسان ڪي عجيب شڪليون گهيري ۾ نڪتل ڏٺيون، اسان ڀانيو ته اسين انهن کي هٿ لائي ڏسون، پر اسان جون آڱريون انهيءَ عجيب ڏاتوءَ تي بيهي رهيون. اندر نه هليون.“
    ”هن اُها ڪَل جي ڪنن تي رکي ته انهيءَ ڏاڍو خوفناڪ آواز پئي ڪيو، جيئن ڪا پاڻيءَ تي هلندڙ چَڪي يا گرڻي ڪري، ۽ اهو آواز بيهڻ جو ئي ناهي. اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪو عجيب جانور آهي يا ڪو ديوتا آهي، جنهن جي هو پوڄا ٿو ڪري. اسين وسهون ٿا ته اهو هن جو ديوتا آهي. ڇالاءِ جو هن جي اڻپوريءَ ٻوليءَ مان اسان رڳو هيترو سمجهيو، جو هن اسان کي پڪ ڏني ته ڪوبه ڪم هو انهيءَ جي صلاح کان سواءِ نٿو ڪري. انهيءَ کي هن پنهنجو غيبي صلاحڪار ٿي سڏيو ۽ چيائين ته اهو سندس حياتيءَ جي سڀ ڪنهن ڪم جو وقت ٿو ڏيکاري.“
    ” پتلون جي کٻي کيسي مان هڪڙو وڏو ڄار ڪڍيو، جو مڇي مارڻ وارن جي کڻن جهڙو هو، اهو ٻٽونءَ وانگي پٽيو ۽ پوريو ٿي، ۽ هن کي ساڳئي ئي ڪم ٿي آيو، انهيءَ ۾ پيلي ڏاتوءَ جا ڪيترائي وڏا ٽڪر پيل ڏسڻ ۾ آيا. اهي جي، سچ پچ سون آهن، ته انهن جي قيمت تمام ڳري هوندي.“
    ”حضور جن جي حڪم موجب هن جي سڀني کيسن جي محنت سان تلاشي وٺڻ کانپوءِ اسان هن جي چيلهه جي چوڌاري ڪنهن وڏي جانور جي کَل جو پٽو ڏٺو. انهيءَ مان کٻي پاسي کان هڪ ترار پنجن ماڻهن جي قد جيڏي پئي لڙڪي. انهي جي سڄي پاسي هڪڙي ڳوٿري ٻن خانن واري پئي لڙڪي. انهيءَ جو هر هڪ خانو اهڙو هو، جنهن ۾ حضور جي رعيتي ماڻهن مان ٽي پئجي سگهن.“
    ”انهن خانن مان هڪڙي ۾ تمام ڳري ڌاتوءَ جا ڪيترائي گولا هئا، جي قد ۾ اسان جي مٿن جيڏا هئا ۽ جن کي ڪو زور وارو ماڻهو کڻي ٿي سگهيو، ٻئي خاني ۾ وري هڪڙي قسم جا داڻا ڍڳ ٿيو پيا هئا، پر نڪي وڏي قد جا هئا، نڪي ڳرا هئا، ڇالاءِ جو اسين انهن مان پنجاهي کن پنهنجن هٿن جي ترين ۾ کڻي ٿي سگهياسين.“
    ”اها آهي پوري يادداشت انهن شين جي، جي اسان انهيءَ جبل جهڙي ماڻهوءَ جي بُت تي لڌيون. انهيءَ اسان سان گهڻي مروت ۽ مهرباني ٿي ڪئي، ۽ حضور جا حڪم ڏاڍي تعظيم سان ٿي بجا آندائين. بس تاريخ چوٿين، حضور جي سڀاڳي راڄ جي اوڻانوي مهيني ۾، هن تي صحيح ڪئي ويئي ۽ مُهر هنئي ويئي، صحيح، ڪليفرن فريلاڪ، صحيح، مارسي فريلاڪ.“
    جڏهن اها يادداشت شهنشاهه کي پڙهي ٻڌائي ويئي تڏهن هن هڪدم مون کي حڪم ڏنو، مگر تمام نرم لفظن ۾، ته ”اهي سڀ شيون يادداشت ۾ ڏيکاريل ڪڍي ڏي پهريان هن منهنجي ترار گهري جيڪا، مون هن کي کپ سميت ڪڍي ڏني. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ٽي هزارچونڊيل سپاهي انهيءَ وقت سندس حاضري ۾ هئا، تن کي حڪم ڏنائين ته تير ڪمان ڪڍي هڻڻ لاءِ تيار ٿي، ٿوري پنڌ تي منهنجي چوڌاري بيهي وڃن. پر مون هنن کي ڪونه ڏٺو، ڇالاءِ جو منهنجون اکيون شهنشاهه تي کتل هيون.
    تنهن کان پوءِ هن مون کي ترار ڪڍڻ لاءِ چيو جا اگرچ سمنڊ جي پاڻيءَ لڳڻ ڪري ڪن هنڌن ڪٽجي ويئي هئي، ته به گهڻو ڪري تمام چمڪندڙ هئي. مون اها ڪڍي ٻاهر ڪئي، ته ساري لشڪر مان حيرت جهڙي رڙ نڪري ويئي. ڇالاءِ جو سج صاف پئي چمڪيو ۽ ترار جي عڪس هنن جون اکيون انڌيون ڪري ٿي ڇڏيون، جو مون انهيءَ کي پنهنجي هٿ ۾ هيڏي هوڏي ٿي ڦيرايو. شهنشاهه، جو تمام سخي ۽ رحمدل بادشاهه آهي، سو اهڙو دل جو بهادر هو، جو منهنجي خيال ۾ ئي نه هو. هن مون کي حڪم ڏنو ته ”ترار وري کپ ۾ وجهي هيٺ زمين تي اڇلائي ڇڏ.“ مون آهستي آرام سان اها لاهي، پنهنجي زنجيريءَ جي ڇيڙي کان اٽڪل ڇهن فوٽن تي رکي.
    ٻي شيءِ جا هن گهري، سا هئي لوهه جي پورن پيلپاون مان هڪڙو، يعنيٰ منهنجا تپاچا، سندس حڪم پٺيان مون هڪڙو ڏنس ۽ وس پڄندي سمجهايو مانس ته ڪهڙي ڪم ٿو اچي. مون انهيءَ کي فقط بارود سان ڀريو، جو سمنڊ ۾ ڀڄڻ ڪري ۽ ٿيلهي جي سُسڻ ڪري پاڻيهي نڪري ٿي پيو، پهرين بادشاهه کي چيم ته ”ڊڄو متان“، پوءِ اهو هوا ۾ کڻي ڇوڙيم. انهيءَ تي ترار جي ڏسڻ کان به هنن کي زياده عجب لڳو، ڇالاءِ جو سوين ماڻهو ٺڪاءُ تي ڪري پيا، ڄڻ ته ڌڪ لڳڻ ڪري مري پيا آهن. خود شهنشاهه به، جو اگرچ پنهنجي جاءِ تي بيٺو هو، ته به ٿوري وقت تائين هوش جاءِ نه هوس.
    جيئن ترار ڏني هيم، تيئن پنهنجا ٻيئي تپاچا به ڏيئي ڇڏيم ۽ پوءِ دارونءَ ۽ گولين جو ٿيلهو به ڏيئي ڇڏيم. مون عرض ڪيو ته دارونءَ کي باهه کان پري رکن، نه ته تمام ننڍي چڻنگ سان به انهيءَ کي باهه لڳي ويندي ۽ شاهي محلات به هوا ۾ اڏامي ويندو. مون پنهنجي واچ يا گهڙي به ڏيئي ڇڏي، جو شهنشاهه کي انهيءَ جي ڏسڻ جي ڏاڍي خواهش هئي. هن پهرين وارن سپاهين کي هڪڙي ڇڙهه ۾ لٽڪائي، ڪنواٺيءَ وانگي ڪلهن تي رکي. کڻي هلن. هن کي انهيءَ جا ساندهه آواز ڪرڻ تي ۽ منٽ واري ڪانٽي جي هلڻ تي ڏاڍي حيرت لڳي، ڇالاءِ جو هن جي نظر اسان جي نظر کان تيز آهي، ۽ انهيءَ ڪري واچ جي ڪانٽي جو چُرڻ آسانيءَ سان ڏسي ٿي سگهيو.
    تنهن تي هن پنهنجي عالمن کان انهيءَ بابت راءِ پڇي. هنن جدا جدا رايا ڏنا، پر سڀ غلط هيا. نيٺ جڏهن مون ٻڌاين، تڏهن خبر پين، پر جيڪي هنن چيو ته سو آءٌ پوري طرح سمجهي نه سگهيس.
    پوءِ مون چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا ڪڍي ڏنا ۽ پنهنجو ٻٽون به، جنهن ۾ نَوَ سون جا وڏا سڪا ۽ ڪي ننڍا سڪا به هئا. پنهنجي ڇَري ۽ پاڪي، پنهنجي ڦَڻي ۽ ناس جي دٻلي، پنهنجو رومال ۽ روزنامي جي ڪتابڙي- اهڙيون سڀ شيون به ڪڍي ڏنيم، منهنجي ترار ۽ تپاچا ۽ بارود ۽ گولين جو ٿيلهو، اهي ته گاڏين ۾ وجهي، شاهي گدام ڏي کڻائي ويا باقي ٻيو سامان هنن مون کي موٽائي ڏنو.
    مون مٿي چيو آهي ته مون کي هڪڙو ڳجهو کيسو هو، جو تلاش وقت هنن کي ڏسڻ ۾ نه آيو هو. انهيءَ ۾ منهنجي عينڪ پيل هئي. (ڇالاءِ جو اکين جي ضعف ڪري آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اها ڪم آڻيندو آهيان) ۽ هڪڙي ننڍي دوربين ۽ ڪي ٻيون شيون به پيل هيون. اهي بادشاهه جي ڪم جون نه هيون، تنهنڪري مون انهيءَ جي زور ڪري ڏيکارڻ جو ضرور نه ڄاتو، ۽ اهو به ڊپ هوم ته منهنجي هتان نڪرڻ ڪري متان گم ٿي يا خراب ٿي وڃن.


    باب ٽيون : لِليپٽ ۾ شاهي دربار

    منهنجي نرمائي ۽ چڱي هلت جو شهنشاهه توڙي دربار وارن تي توڙي لشڪر ۽ عام خلق تي، اهڙو چڱو اثر ٿيو، جو مون کي اميد ٿيڻ لڳي ته اجها ٿي مون کي آزادي ملي. مون حتي الامڪان اڃا به ڪوشش ڪئي ته هن جي راءِ زياده چڱي ٿئي. منهنجي مٿان پهچڻ جو ڊپ اتي جي ماڻهن کي درجي بدرجي گهٽ ٿي ويو، ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سمهي پوندو هوس ۽ هنن مان پنجن ڇهن ڄڻن کي پنهنجي مٿي تي نچڻ ۽ ٽپڻ ڏيندو هوس، پڇاڙيءَ ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون همت جهلي اينديون هيون ۽ منهجن وارن ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪنديون هيون.
    هاڻي هنن جي ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ مون گهڻي ترقي ڪئي هئي. شهنشاهه جي مرضي ٿي ته هڪڙي ڏينهن مون کي اتي جا تماشا ڏيکاري، جن ۾ اهي ماڻهو اهڙا ته هوشيار ۽ چالاڪ هئا، جو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ مون اهڙا نه ڏٺا. مون کي جهڙو هنن جي رسي تي نچندڙ بازيگرن جو چرچو لڳو، اهڙو ٻئي ڪنهن جو نه لڳو. هنن هڪڙو سنهڙو اڇو ڌاڳو اٽڪل ٻه فوٽ ڊگهو تاڻي کڻي ٻڌو، جو زمين کان اٽڪل ٻارهن انچ مٿي هو. پڙهندڙن جي اجازت سان انهيءَ تماشي جي بيان کي آءٌ طول طويل ڏيڻ ٿو گهران. اميد آهي ته تحمل سان پڙهندا.
    اهو هنر رڳو اُهي ماڻهو ڪم ۾ ٿا آڻين، جي شاهي دربار جي عزت ۽ وڏن عهدن جا اميدوار ٿا ٿين. انهن کي ننڍپڻ کان انهيءَ هنر جي تعليم ٿي ملي، ۽ هو هميشه چڱي اصل نسل جا نٿا ٿين، نڪي ڪو گهڻو عمل ٿا حاصل ڪن، جڏهن ڪو وڏو عهدو خالي ٿيندو آهي، يعني جڏهن ڪو عهديدار مرندو آهي يا ڪنهن جو درجو گهٽبو آهي(جيئن اڪثر ائين ٿيندو آهي)، تڏهن پنج يا ڇهه اميدوار شهنشاهه ۽ سندس درٻارين کي رسي تي نچڻ جي تماشي ڏيکارڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ عرض ڪندا آهن. جيڪو وڏو ٽپ ڏيندو آهي ۽ ڪرندو نه آهي، انهي کي اها خالي جاءِ ملندي آهي. گهڻو ڪري مک اميرن ۽ وزيرن، کي حڪم ٿيندو آهي ته اهو تماشو ڪري ڏيکارين، جنهن مان معلوم ٿئي ته هنن اهو هنر وساري ته نه ڇڏيو آهي.
    شاهي خزانچي کي اجازت آهي ته سنئين رسيءَ تي قلابازي هڻي، جا بادشاهه جي ٻين اميرن کان تمام ٿورو ته به هڪ انچ ضرور مٿي هجي، مون عملدارن کي ڏٺو آهي ته سوتليءَ جهڙي سنهي ڌاڳي تي هڪڙي ٿالهي رکي انهيءَ تي ڪيترائي ڀيرا قلابازي هڻندا آهن. شهنشاهه جو خانگي چيف سيڪريٽري، منهنجي راءِ ۾ خزانچي کان پوءِ ٻئي درجي ۾ آهي، ٻيا وڏا عهديدار گهڻو ڪري هڪجهڙا آهن.
    انهن راندين ۽ تماشن مهل گهڻا خراب اتفاق ٿيندا آهن ۽ ماڻهو مرندا آهن. دفتر تي اهڙا گهڻا داخلا ڏسڻ ۾ آيا، مون پاڻ ڏٺو آهي ته ٻن ٽن ڄڻن راند ڪندي پنهنجا عضوا ڀڃي وڌا آهن. پر جڏهن خود امير کي تماشي ڏيکارڻ لاءِ حڪم ٿيندو آهي، تڏهن ته سڀ کان وڌيڪ خوف هوندو آهي، ڇالاءِ جو هو ڪوشش ڪندا آهن ته هڪٻئي کان ڪثر کڻن، ۽ اهڙو ڪشالو ڪندا آهن، جو گهڻو ڪري هو ڪو ڌڪو کائيندو آهي، ڪي ته ٻه يا ٽي ڀيرا به ڪري پوندا آهن. مون کي ٻڌايائون ته منهنجي اچڻ کان ورهيه ٻه اڳي شهنشاهه جي گادين مان هڪڙي اتفاق سان زمين تي پيل نه هجي ها، ته خزانچي جو ضرور ڪنڌ ڀڄي پوي ها، پر انهيءَ گاديءَ ڪري هلڪو ڌڪو آيس.
    ٻي به هڪڙي راند آهي، جا ڪن خاص وقتن تي، فقط شهنشاهه ۽ راڻي ۽ وڏي وزير جي اڳيان ڪرڻ ۾ ايندو آهي، شهنشاهه ٽي پَٽ جا ڌاڳا ڇهه انچ ڊگها زمين تي رکندو آهي. انهن مان هڪڙو نيرو ۽ ٻيو ڳاڙهو ۽ ٽيون سائو هوندو آهي. اهي ٽي ڌاڳا شهنشاهه انعام وانگي انهن ماڻهن کي ڏيندو آهي جن کي ڪا خاص عزت جي نشاني ڏيڻ گهرندو آهي.
    اها راند شهنشاهه جي وڏيءَ دربار جي جاءِ ۾ ڪرڻ ۾ ايندي آهي، جتي راند ڪندڙن جي هنرمنديءَ جي آزمائش، رسيءَ تي نچڻ جي آزمائش کان ٻيءَ طرح جي هوندي آهي. انهيءَ جهڙو تماشو مون نئينءَ توڙي پراڻيءَ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ڏنو آهي. راند ڪندڙن مان هڪڙو هڪڙو ٿي ايندو آهي، ۽ ڪڏهن انهيءَ لڪڻ تان ٽپندو آهي، ڪڏهن انهيءَ جي هيٺان پيٽ ڀر رڙهي لنگهي ويندو آهي ته هنن کي به گهڻا ڀيرا اڳتي هلڻو ۽ وري پٺ تي موٽڻو ٿيندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن شهنشاهه لڪڻ جو هڪڙو ڇيڙو وٺندو آهي ۽ وڏو وزير ٻيو ڇيڙو جهليندو آهي، ڪڏهن ته وزير سڄو ئي لڪڻ پاڻ اڪيلو جهليندو آهي، جيڪو چڱي راند ڪندو آهي، ۽ هوشياري ڏيکاريندو آهي، تنهن کي نيلي رنگ وارو پٽ جو ڌاڳو انعام ملندو آهي. انهيءَ کان ٻئي درجي واري کي وري ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ملندو آهي، ۽ سائو وري درجي ٽئين واري کي ملندو آهي. ڌاڳا هو ٻه ڀيرا چيلهه کي ور ڏيئي ٻڌندا آهن. ڪي ٿورائي ماڻهو درٻار ۾ ڏسبا، جن کي هڪڙو نه ٻيو اهڙو ڌاڳو چيلهه سان ٻڌل نه هوندو.
    لشڪر جا گهوڙا، توڙي شاهي طنبيلن جا گهوڙا جي هر روز منهنجي اڳيان لهندا هئا، سي هاڻ ٽهندا نه هئا، پر ڇرڪ ڀرڻ کان سواءِ خود منهنجي پيرن تائين ايندا هئا. آءٌ هٿ زمين تي کڻي رکندو هوس ته سوار انهن کي منهنجي هٿ جي مٿان ٽپائي ويندا هئا، هڪڙي ڏينهن شهنشاهه جو هڪڙو شڪاري، گهوڙي چڙهيل، منهنجي جتيءَ پيل پير تان وڏو ٽپ ڏيئي هليو ويو.
    منهنجا نصيب چڱا هئا، جو هڪڙي ڏينهن شهنشاهه کي هڪڙي عجيب رستي سان وندرائي خوش ڪيم . مون هن کي خواهش ڏيکاري ته حڪم ڏيئي ته ڳچ جيتريون ڪاٺيون، ٻه فوٽ ڊگهيون ۽ رواجي نيٽ يا بيد جهڙيون ٿلهيون، مون کي گهرائي ڏئي. هن هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ٻيلن جو عملدار اهي حاضر ڪري ۽ ٻئي ڏينهن جو صبح جو ڇهه ٻيلي وارا ماڻهو ڇهه گاڏيون ڀرائي آيا، جن مان هر هڪ ۾ اُٺ گهوڙا ٻڌل هئا. مون انهن ڪاٺين مان نوَ ڪاٺيون کڻي زمين ۾ هڪڙي چوڪنڊيءَ شڪل ۾ کوڙيون، جا اڍائي فوٽ چورس هئي، چار ٻيون ڪاٺيون کڻي، انهن کي ٻنهي ڇيڙن کان پوريءَ وڇوٽيءَ تي ٻڌم، ۽ اهي زمين کان اٽڪل ٻه فوٽ مٿي هيون. تنهن کان پوءِ جيڪي نوَ ڪاٺيون اُڀيون بيٺيون هيون، تن تي کڻي پنهنجو رومال ٻڌم، ۽ انهن کي سڀني پاسن کان اهڙو ڇڪيم، جو رومال تاڻجي دهل جي کل وانگي ٿي بيٺو. چار پوريءَ وڇوٽيءَ تي بيٺل ڪاٺيون جي رومال کان اٽڪل پنج انچ مٿي هيون، سي هر هڪ پاسي ڇڄهريءَ وانگي ڪم آيون، جڏهن اهو ڪري رهيس، تڏهن شهنشاهه کي عرض ڪيم ته هاڻي پنهنجن چوويهن فوجي گهوڙي وارن کي حڪم ڏئي ته انهيءَ ڍڪيل ميدان تي اچن ۽ گهوڙا ڊوڙائين.
    شهنشاهه منهنجي اها رٿ پسند ڪئي ۽ مون انهن کي گهوڙي چڙهيل ۽ هٿيارن ٻڌل هڪڙو هڪڙو ڪري پنهنجي هٿن ۾ مٿي کڻي تاڻيل رومال تي رکيو. سندن عملدار قواعد ڪرائڻ وارا به ساڻن گڏ هئا. جڏهن ترتيبوار بيهي ويا، تڏهن ورهائجي دفعا دفعا ٿي ويا ۽ ڪوڙيون لڙايون ڪرڻ لڳا. مڏا تير ڇوڙيائون، تراريون ڪڍيائون، ڀڳا، هڪٻئي جي پٺيان پيا، ڪاهون ڪيائون، پٺتي هٽيا، مطلب ته اهڙو عمدو جنگي قواعد ڏيکاريائون، جنهن جهڙو مون اڳي ڪو ٿورو ڏٺو هوندو.
    پوريءَ وڇوٽي تي بيٺل ڪاٺين هنن کي ۽ هنن جي گهوڙن کي تماشي جي ميدان تي ڪرڻ کان بچايو. شهنشاهه انهيءَ تماشي تي اهڙو خوش ٿيو، جو هن ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ جي وري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ هڪڙي ڀيري ته سندس حڪم موجب کيس مٿي چاڙهيو ويو ۽ پاڻ لشڪر کي قواعد ڪرايائين. ڏاڍيءَ مشڪلات سان هن راڻيءَ کي ٺڳاري اها ڳالهه قبول ڪرائي ته آءٌ هن کي ڪرسيءَ سميت کڻي تماشي واريءَ جاءِ يعني سيٽيل رومال، کان ٻن يارڊن جي انداز اندر جهليان، جتان هوءَ سارو تماشو چڱي طرح ڏسي سگهي.
    اها منهنجي لاءِ خوش نصيبيءَ جي ڳالهه هئي، جو انهن تماشن تي ڪوبه خراب اتفاق نه ٿيو، فقط هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪپتان جو شوخ گهوڙو، مستي ڪندي ۽ سنب هڻندي، پنهنجو پير منهنجي رومال جي هڪڙي ٽنگ ۾ اٽڪائي وڌو ۽ ٿاٻو کائي پاڻ به ڪريو ۽ سوار کي به ڪيرائي وڌائين. پر مون هڪدم ٻنهي کي ڇڏائي سنئون ڪيو، ۽ هڪڙو هٿ ٽنگ تي ڏيئي ٻئي هٿ سان ساريءَ فوج کي هڪڙو هڪڙو ڪري لاهي هيٺ ڪيم، جيئن مٿي چاڙهيو هو مان، جيڪو گهوڙو ڪريو هو، تنهن کي کٻي ڪلهي تي ضرب رسي هئي، پر سوار کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه پهتو، مون پنهنجي رومال کي مٿان هڻي مرمت ڪري ڇڏيو پر وري انهيءَ کي اهڙي تماشي لاءِ ڪم نه آندم، جو ڄاتم ته اهو اهڙو مضبوط نه آهي.
    آءٌ آزاد ٿيس تنهن کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳي، مون شهنشاهه ۽ ان جي درٻار وارن کي انهيءَ قسم جي تماشي سان خوش ويٺي ڪيو، ته هڪڙي قاصد اچي شهنشاهه کي ٻڌايو ته جنهن هنڌ آءٌ پهرين هٿ ڪيو ويو هوس، اتي سندس رعيت مان ڪن ماڻهن وهٽن تي لنگهندي زمين تي ڪا وڏي ڪاري شيءِ پيل ڏٺي آهي، جا عجيب شڪل جي آهي ۽ انهيءَ جا پاسا چوڌاري پکڙيل آهن ۽ ايترو ڪشادا آهن جيترو شهنشاهه جي سمهڻ جو ڪمرو آهي ۽ انهيءَ جو وچ ماڻهوءَجي قد جيترو مٿي آهي.
    هنن چيو ته اهو ڪو ساهه وارو جانور ناهي، جيئن پهرين هنن کي خطرو هو، ڇالاءِ جو اهو گاهه تي چُرڻ کان سواءِ پيو آهي ۽ منجهان ڪيترا هن جي چوڌاري گهڻائي دفعا ڦري آيا هئا. هنن ايترو به ٻڌايو ته هڪٻئي جي ڪلهن تي چڙهي هو انهيءَ جي چوٽيءَ تائين به چڙهي آيا هئا، جا سنئين ۽ چپتري هئي، ۽ پيرن سان ڌڪ هڻي به ڏٺو هئائون ته اندران اُها شيءِ پوري آهي. هنن ڀانيو ته اها انهي جبل جهڙي ماڻهوءَ جي ڪا شيءِ هوندي. هنن چيو ته جي شهنشاهه اجازت ڏئي ته اهو ان کي فقط پنجن گهوڙن سان گهلي کڻي اچن.
    جڏهن مون هنن جي ڳالهه ٻڌي تڏهن هڪدم سهي ڪيم ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، ۽ اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش به ٿيس، ڀانئجي ٿو ته جهاز ڀڄڻ کان پوءِ جڏهن آءٌ ڪناري تي پهتس، تڏهن اهڙيءَ وٺ پڄ ۾ هوس، جو جتي آءٌ اچي سمهي پيو هوس، انهيءَ هنڌ پهچڻ کان اڳي منهجي ٽوپي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي هئي. جڏهن مون بتيلي کي ڳن پئي هنيو، تڏهن انهيءَ کي ڌاڳو ٻڌي پنهنجي مٿي سان اٽڪائي ڇڏيو هوم. ۽ ترڻ مهل به مون سان اٽڪي پيئي هئي. پر شايد اتفاق سان ڌاڳو ڇڄي پيو هو، ۽ جڏهن ڪناري تي پهتس، تڏهن مون کي نظر نه آئي. ڀانيم ته سمنڊ ۾ ڪري پيئي آهي.
    مون شهنشاهه کي عرض ڪيو ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد اها شيءِ مون کي آڻائي ڏين، ۽ بيان به ڪري ٻڌايو مانس ته اها ڪهڙي شيءِ آهي ۽ ڪهڙي ڪم ايندي آهي. ٻئي ڏينهن گاڏين وارا اها کڻي آيا، مگر تمام چڱي حالت ۾ نه هئي. انهن انهيءَ جي ڪُني ۾ وٽ کان ڏيڍ انچ اندر ٻه ٽنگ ڪڍيا هئا، ۽ انهن ۾ ٻه ڪڙا کڻي ٻڌا هئائون ۽ انهن ڪڙن ۾ رسا وجهي کڻي گهوڙن سان ٻڌا هئائون ۽ انهيءَ طرح ميل کن پنڌ جو زمين تي گهلي منهنجي ٽوپي کڻي آيا. پر اُنهيءَ ملڪ ۾ زمين تمام سنئين ٿي ٿئي، تنهن ڪري ٽوپيءَ کي اهڙو نقصان نه رسيو جهڙي جو ڊپ هوم.
    انهيءَ واردات کان ٻه ڏينهن پوءِ شهنشاهه حڪم ڏنو ته لشڪر جو جيڪو ڀاڱو سندس تختگاهه ۾ يا انهيءَ جي آسپاس منزل انداز هو، سو تيار ٿئي. هن کي اوچتو خيال آيو ته پاڻ کي هڪڙي تمام حيرت جهڙي رستي سان وندرائي. هن مون کي چيو ته جيترو ٿي سگهي ٽنگون ڦاڙي بيهه، تنهن کان پوءِ سندس جنرل يا سپهه سالار، جو ٻڌو ۽ هوشيار قواعد دان عملدار هو ۽ منهنجو وڏو دوست هو، تنهن کي حڪم ڏنائين ته لشڪر صفون ٻڌي بيهاري منهنجي هيٺيان هلائي. اهڙيءَ طرح جو پيادا قطار قطار ۾ چوويهه ڄڻا هجن ۽ سوار سورنهن سورنهن ۽ دهل به وڄائيندا، نيزا ۽ جهنڊا کڻندا هليا هلن. انهيءَ فوج ۾ ٽي هزار پيادا سپاهي ۽ هڪ هزار سوار هئا.
    مون شهنشاهه کي پنهنجي آزادي لاءِ ايتريون درخواستون ڪيون هيون، جو هن نيٺ پهرين خانگيءَ طرح پنهنجن خاص مشيرن سان صلاح ڪئي ۽ پوءِ ڀريءَ درٻار ۾ وزيرن سان صلاح ڪئي. ملڪ جو امير البحر ڪنهن سبب ڪري ناحق منهنجو جاني دشمن ٿي پيو ۽ منهنجي آزاد ٿيڻ جي برخلاف هو. پر راين جو غلبو منهنجي فائدي ۾ هو، تنهن ڪري شهنشاهه به انهن جي راءِ منظور ڪئي، انهيءَ امير کي به نيٺ ريبي ريبي منظور ڪرايائون، مگر انهيءَ شرط سان ته هو شرط لکي تيار ڪندو، جن جي بجا آڻڻ لاءِ آءٌ هر قسم کڻندس ۽ پوءِ مون کي آزاد ڪندا. اهي شرط خود اهو ئي امير پاڻ مون وٽ کڻي آيو، ۽ ساڻس ٻيا ڪيترائي معزز ماڻهو هئا.
    پهرين ته اُهي مون کي پڙهي ٻڌايائون، پوءِ مون کي چيائون ته ”هاڻ قسم کڻ ته انهن شرطن تي هلندين، ۽ پهرين تون پنهنجي ملڪ جي رسم موجب ۽ پوءِ اسان جي قاعدي موجب اهي بجا آڻيندين.“ هنن جو دستور اهو هو ته آءٌ پنهنجو سڄو پير کٻي هٿ ۾ جهليان ۽ پنهنجي سڄي هٿ جي وچين آڱر پنهنجي مٿي جي چوٽيءَ تي رکان ۽ پنهنجو آڱوٺو پنهنجي سڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي رکان.
    پر شايد پڙهندڙ کي شوق هوندو ته ڏسي ته اهي شرط ڪهڙي قسم جا هئا، جن تي مون کي ڇڏيائون، تنهنڪري اهي آءٌ هيٺ ڏيان ٿو.
    1. ”جبل جهڙو ماڻهو اسان جي ملڪ مان اسان جي وڏيءَ مهر لڳل اجازت نامي کان سواءِ نڪري نه ويندو.“
    2. ”اسان جي صاف حڪم کان سواءِ هو اسان جي خاص شهر ۾ نه ايندو ، جڏهن اهڙو حڪم ڏبو، تڏهن هتي جي رهاڪن کي ٻه ڪلاڪ اڳي اطلاع ڏبو ته گهرن جي اندر رهن.“
    3. ”هو فقط اسان جي شاهي سڙڪن تي هلندو، ۽ ڪنهن به گاهه جي ميدان يا گاهن جي ٻنيءَ ۾ نڪي گهمندو، نڪي سمهندو.“
    4. جڏهن سڙڪن تي هلندو، تڏهن ڏاڍي خبرداري ڪندو ته اسان جي پياري رعيت مان ڪنهن جي به بدن يا گاڏين يا گهوڙن کي لتاڙي نه ڇڏيندو. نڪي هنن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجن هٿن ۾ کڻندو.“
    5. ”جيڪڏهن ڪو ضروري تڪڙو حڪم ڪٿي موڪلڻو هوندو ته اهو جبل جهڙو ماڻهو پنهنجي کيسي ۾ قاصد ۽ سندس گهوڙي کي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ڇهن ڏينهن جي پنڌ تائين کڻي ويندو ۽ جي ضرور ٿيو ته انهيءَ کي موٽائي اسان جي حضور ۾ آڻيندو.“
    6. ”هو بليفسڪو جي ٻيٽ ۾ اسان جن دشمنن جي برخلاف اسان جي دوستيءَ ۾ رهندو ۽ هنن جي لشڪري جهاز کي ناس ڪرڻ ۾ وس پڄندي ڪوشش ڪندو، جو اهڙا جهاز اسان تي ڪاهه ڪرڻ جي لاءِ پيا سنبرن.“
    7. ”اهو جبل جهڙو ماڻهو فرصت جي وقت اسانجن ڪم ڪندڙن کي مدد ڪندو ته اسان جي مک باغ ۽ ٻين شاهي عمارتن جي ڀتين جي مٿان رکڻ لاءِ وڏا پهڻ کڻن.“
    8. هو ٻن مهينن جي عرصي ۾ اسان جي ساري ملڪ جي چوڌاري ڪناري سان گهمي ٻڌائيندو ته ڪيتريون وکون آهن.“
    9. ”پڇاڙيءَ ۾ هو قسم کڻي انجام ڪندو ته مٿين شرطن تي پوريءَ طرح هلندو، ۽ هن کي اسان جي رعيت مان 1728ع ماڻهن جيترو کاڌو پيتو هر روز ملندو رهندو، هو اسان جي حضور ۾ آزاديءَ سان پيو ايندو، ۽ اسين هن تي ٻيون به مهربانيون ڪندا رهنداسون.“
    ”هي پيلفا بوراڪ ۾ اسان جي محلات منجهه اسان جي راڄ جي ايڪانوي مهيني جي ويهين تاريخ لکيو ويو.“
    مون گهڻي خوشيءَ ۽ رضا سان هي شرط قبول ڪيا، جيتوڻيڪ انهن مان ڪي منهنجي خيال ۾ آبرو جهڙا نه هئا. اها سڀ حرڪت انهيءَ وڏي امير البحر جي هئي، جنهن جي مون سان دشمني هئي. تنهن کان پوءِ هڪدم منهنجا زنجير لاهي ڇڏيائون ۽ مون کي آزاد ڪيائون. شهنشاهه پاڻ انهيءَ سڄي ڪار گذاريءَ ۾ حاضر رهڻ سان مون کي عزت بخشي، انهيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾ مون سندس پيرن تي سجدو ڪيو، پر هن مون کي اُٿڻ لاءِ فرمايو. گهڻي مهربانيءَ جي گفتن کان پوءِ هن چيو ته ”آءٌ اميد ٿو ڪريان ته تون ڪمائتو خدمتگار ٿيندين ۽ جيڪي مهربانيون هن کان اڳي توسان ڪيون اٿئون ۽ جيڪي هن کان پوءِ ڪنداسين، تن جو پاڻ کي لائق ڪندين.“


    باب چوٿون : لِليپٽ جو وڏو شهر يا گاديءَ جو هنڌ

    آزاد ٿيڻ کانپوءِ جيڪو پهرين عرض مون ڪيو، سو اهو هو ته مون کي موڪل ملي ته آءٌ گاديءَ جو هنڌ ۽ قلعو (ملڊينڊو) ڏسان. شهنشاهه آسانيءَ سان مون کي موڪل ڏني، پر اهو خاص تاڪيد ڪيائين ته ”ماڻهن کي يا گهرن کي ڪوبه نقصان نه پهچائجئين.“ ماڻهن کي خبر پيئي ته مون کي شهر ڏسڻ جو ارادو آهي. قلعي جي چوڌاري جيڪا ڀت وڃي ٿي، سا اڍائي فوٽ اوچي آهي ۽ تمام ٿوري ته به يارهن انچ ويڪري آهي، جنهن ڪري گاڏي گهوڙن سميت انهيءَ جي چوڌاري سلامتيءَ سان ڪاهي ٿي سگهجي. ڏهن ڏهن فوٽن تي پاسن کان انهيءَ ڀت تي هڪڙو ٺلهه بيٺل آهي.
    آءٌ انهيءَ جي الهندي واري وڏي دروازي جي مٿان ٻرانگهه ڀري لنگهي ويس، ۽ تمام آهستي پاسيرو ٿي فقط صدريءَ ۾ ٻن مک گهٽين مان لنگهي ويس. وڏو ڪوٽ لاهي ڇڏيم. انهيءَ ڊپ کان ته متان انهيءَ جي دامن سان گهرن جي ڇتين ۽ ڇڄهرين کي نقصان رسي، آءٌ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان هليس ته متان جيڪي ماڻهو گهٽين ۾ گهمندا هجن، تن کي لتاڙي وجهان، جيتوڻيڪ اهڙو سخت حڪم جاري ٿيل هو ته سڀ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ هئڻ گهرجن نه ته سندن نقصان جو ڪوبه جوابدار ڪونه ٿيندو. گهرن جي درين ۽ ڇتين تي تماشه بينن جو ايترو گوڙ هو، جو مون ڄاتو ته مسافرين ڪندي مون اهڙو آباد شهر ڪونه ڏٺو هو.
    اهو شهر پورو چورس آهي، جنهن جو هر هڪ پاسو پنج سئو فوٽ ڊگهو آهي، ٻه وڏيون گهٽيون جي انهيءَ ۾ آرپار وڃن ٿيون ۽ شهر کي پورن چئن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿيون، سي پنج فوٽ ويڪريون آهن. ننڍيون گهٽيون يا ڪوچا جن ۾ آءٌ گهڙي نه سگهيس مگر جن کي رڳو لنگهندي ڏٺم، سي ٻارهن کان ارڙهن انچن تائين ڪشادا آهن. شهر ۾ پنج لک ماڻهو رهي سگهن ٿا. گهرن تي ٽن کان وٺي پنجن تائين ماڙيون آهن، دڪانن بازارين ۾ جهجهو مال رکيل آهي.
    شهنشاهه جو محلات شهر جي پوري وچ ۾ آهي، جتي ٻئي وڏيون سڙڪون اچي ٿيون گڏجن، انهيءَ جي چوڌاري ٻه فوٽ اتانهين ڀت آهي، جا محلات جي عمارت کان ويهه فوٽ پري آهي. مون کي شهنشاهه جي اجازت هئي ته اها ڀت اورانگهي وڃان، مگر ائين ڪرڻ سان ضرور ٿلهن کي وڏو نقصان پهچي ها، جيتوڻيڪ ڀتيون پڪن پهڻن جون مضبوط جڙيل هيون ۽ چار انچ ٿلهيون هيون. ساڳئي وقت ۾ شهنشاهه جي اها ڏاڍي مرضي به هئي ته آءٌ سندس محلات جو تجمل ڏسان. پر ائين فقط آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪري سگهيس. اهو سڀ وقت مون پنهنجي چاڪونءَ سان شاهي باغ جي تمام وڏن درختن وڍڻ ۾ لڳايو، جو باغ شهر کان اٽڪل هڪ سوء يارڊ پري هو.
    انهن وڻن مان مون وڏا اسٽول يا سپا ٺاهيا، هر هڪ اٽڪل ٽي فوٽ وڏو هو ۽ اهڙو مضبوط هو، جو منهنجو بار کڻي سگهي. ماڻهن کي وري ٻيو ڀيرو اطلاع ملڻ کانپوءِ آءٌ وري به شهر مان لنگهي، پنهنجا ٻئي اسٽول هٿن ۾ کڻي محلات ڏي ويس. جڏهن ٻاهرئين دالان جي پاسي وٽ آيس، تڏهن مون هڪڙي اسٽول تي بيهي ٻيو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ڇت جي مٿان لنگهائي، پهرئين ۽ ٻئي دالان جي وچ ۾ جيڪا اَٺ فوٽ ويڪري وٿي هئي، تنهن ۾ رکيم. پوءِ هڪڙي اسٽول تان لانگ ورائي ٻئي تي پير رکيم ۽ پهريون اسٽول ڪُنڍي واري لڪڻ سان پنهنجي پٺيان کڻي ورتم.
    انهيءَ طرح آءٌ اندرئين دالان ۾ گهڙيس، پوءِ پاسي ڀر ليٽي پنهنجو منهن وچ وارين ماڙين جي درين وٽ جهليم، جي منهنجي لاءِ کولي ڇڏيون هئائون. اندران جايون اهڙيون سهڻيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. اتي مون راڻي ۽ ننڍا شهزادا ڏٺا، جي پنهنجن پنهنجن جاين ۾ ويٺا هئا ۽ سندن مک خدمتگار سندن آسپاس حاضر هئا. راڻي صاحبه مون کي ڏسي مهربانيءَ جي نظر سان مرڪڻ لڳي ۽ دريءَ مان پنهنجو هٿ ڪڍي مون کي ڏٺائين، جو مون چميو.
    آزاد ٿيڻ کان اٽڪل ٻه هفتا پوءِ هڪڙي ڏينهن صبح جو خانگي ڪمن وارو سيڪريٽري فقط هڪڙو نوڪر ساڻ ڪري منهنجي گهر آيو. هن پنهنجي گاڏي پري بيهاري خواهش ڏيکاري ته آءٌ ساڻس ڪلاڪ کن خلاصي صحبت ڪريان. هو چڱو ۽ لائق ماڻهو ۽ درٻار ۾ مون کي گهڻي ڪم آيو هو، تنهنڪري مون اها ڳالهه هڪدم قبول ڪئي. مون کيس چيو ته آءٌ ليٽي پوان ته هو منهنجي ڪن تائين پهچي سگهي. پر هن جي مرضي هئي ته آءٌ هن کي هٿ ۾ کڻي جهليان ته اُتي مون سان گفتگو ڪري.
    هن پهرين مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي مبارڪ ڏني، ۽ چيائين ته ”اُنهيءَ ۾ منهنجو به هٿ هو، پر جي درٻار جي هاڻوڪي حالت نه هجي ها، ته جيڪر توکي اهڙو جلد ڇوٽڪارو نه ملي ها. ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ ٻاهرين ماڻهن کي اسان جي حالت تمام چڱي ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ته به اسان ۾ به وڏيون خرابيون آهن. هڪڙي هيءَ ته ملڪ جي اندر دوطرفي، ناسازي ۽ مخالفت رهي ٿي، ۽ ٻي هيءَ ته ٻاهرئين ملڪ جي هڪڙي زور ڀرئي دشمن جي ڪاهه جو ڊپ ٿو رهي، پهرينءَ خرابي بابت توکي خبر هجي ته گذريل ستر کن مهينن کان هن بادشاهت ۾ ٻن مخالف ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي، جن کي ”وڏيون کُڙيون“ ۽ ”ننڍيون کڙيون“ ٿا سڏين.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته وڏين کُڙين وارا اسان جي قديم قاعدن جي فائدي ۾ آهن. پر انهيءَ هوندي به شهنشاهه رڳو ننڍين کُڙين جي وسيلي ڪم هلائڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي. توکي معلوم ٿيو ته هوندو، ته سڀ عهدا هو انهن طرف وارن کي ٿو ڏئي. جن جون کُڙيون ٻين دربار وارن کان تمام ٿورو ته به هڪ دُرو ننڍيون آهن، ۽ دُرا انچ جي چوڏهين پتيءَ جي ماپ آهي. انهن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ايتري مخالفت آهي، جو هو هڪٻئي جو نڪي کائين پيئن، نڪي هڪٻئي سان ڳالهائين. وڏين کُڙين وارا تعداد ۾ اسان کان گهڻا آهن. مگر حڪومت سازي اسان جي هٿ ۾ آهي.
    ”اسان کي اهو ڊپ آهي ته وليعهد صاحب جو لاڙو وڏن کُڙين وارن ڏي آهي. ڏسجي پيو ته هن جي جُتيءَ جي هڪڙي کُڙي ٻئي کان ٿورو مٿي آهي، جنهن ڪري هلندي هو منڊڪائي ٿو. هاڻي هنن اندروني جهيڙن جهڳڙن هوندي اسان کي پاسي واري ٻيٽ بليفسڪو جي بادشاهه جي ڪاهه جو ڊپ آهي. اها به دنيا جي ٻي وڏي بادشاهت آهي ۽ اهڙي وڏي زور ڀري آهي، جهڙي هيءَ.“
    ”تون چوندو آهين ته دنيا ۾ ٻيون به بادشاهتون ۽ رياستون آهن، جن ۾ تو جيڏا وڏي قد جا ماڻهو رهندا آهن، سا ڳالهه اسان جن ڏاهن کي اعتبار ۾ نٿي اچي. هو ويساهه ڪن ٿا ته تون چنڊ مان يا ڪنهن ٻئي تاري مان هيٺ ڪري پيو آهين. يقين آهي ته تو جيڏا هڪ سئو ماڻهو ٿوري ئي وقت ۾ ساريءَ بادشاهت جا ميوا ۽ ڍور کائي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اسان جا تاريخ نويس، ڇهن هزارن مهينن جا به، انهن ٻن بادشاهتن، لِليپٽ ۽ بليفسڪو، کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن جو ذڪر نٿا ڪن.“
    ”هاڻي ٻُڌ، هي ٻه وڏيون بادشاهتون گذريل ڇٽيهن مهينن کان سخت جنگيون ڪنديون آيون آهن، اُها جنگ هيٺين سببن ڪري شروع ٿي، سڀ قبول ڪن ٿا ته کائڻ کان اڳي، آنن ڀڃڻ جو پهريون رستو آهي اُنهن جي موڪري ڇيڙي تي زور ڏيڻ، پر اسان جي شهنشاهه جو ڏاڏو اڃان ٻار هو، تڏهن آني کائڻ مهل اڳوڻي دستور موجب جو آنو ڀڳائين، ته اتفاق سان پنهنجي هڪ آڱر وڍي وڌائين. تنهن تي شهنشاهه جي ڏاڏي هڪ قاعدو جاري ڪيو ته سڀ رعيتي ماڻهو آنن جا ننڍا پاسا ڀڃن، نه ته سخت سزا ملندين.“
    ” ماڻهن کي انهيءَ قاعدي جي نسبت ۾ اهڙو سخت اعتراض هو، جو اسان جا تاريخ نويس چون ٿا ته انهيءَ ڪري ڇهه فساد برپا ٿيا، انهن مان هڪڙي ۾ شهنشاهه مارجي ويو ۽ ٻيو تخت تان لاٿو ويو. اهي اندروني جنگيون بليفسڪو جي بادشاهن جي چوڻ تي ٿينديون هيون، جڏهن اهي بند ڪيون ويون، تڏهن ڏوهاري هميشه انهيءَ ملڪ ڏي ڀڄي ويندا هئا. حساب ڪيو ويو آهي، ته يارهن هزارن ماڻهن آنا ننڍي پاسي کان نه ڀڳا، پر موت قبول ڪيائون. “
    ”هاڻي وڏي پاسي کان ڀڃڻ وارن ڀڳلن ماڻهن بليفسڪو جي درٻار ۾ ايترو مان لڌو آهي ۽ انهن کي هن ملڪ جي خانگي طرفدارن کان ايتري مخفي مدد ملي آهي، جو گذريل ڇٽيهه مهينن ۾ ٻنهي بادشاهتن جي وچ ۾ سخت لڙايون پئي ٿيون آهن، جن ۾ ڪڏهن هڪڙي فتحياب پئي ٿي آهي، نه ڪڏهن ٻي، انهيءَ وچ ۾ اسان جا چاليهه وڏا جهاز ناس ٿي ويا آهن. ننڍن جهازن جو ته ڳاڻيٽو ئي ڪونهي، تنهن کان سواءِ ٽيهه هزار چونڊيل سپاهي ۽ خلاصي مارجي ويا آهن. دشمن کي ته اسان کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي. انهيءَ هوندي به هاڻ هنن بيمشمار جهاز تيار ڪيا آهن ۽ اسان تي ڪاهه ڪرڻ وارا آهن. اسان جي شهنشاهه جو منهنجي همت ۽ طاقت ۾ گهڻو ڀروسو آهي. هن مون کي حڪم ڏنو آهي ته هي سڀ احوال توکي ٻڌايان.“
    مون سيڪريٽري کي چيو ته ”شهنشاهه کي منهنجون بندگيون ڏجو ۽ چئجو ته آءٌ پرديسي ماڻهو آهيان، تنهن ڪري آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي مناسب ناهي ته ٻين جي وچ ۾ دست اندازي ڪريان، پر آءٌ شهنشاهه ۽ سندس ملڪ بچائڻ لاءِ سڀني ڪاهه ڪندڙن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، پوءِ جي انهيءَ ۾ منهنجو ساهه ويو، ته حرڪت ڪانهي.“


    باب پنجون : ڪيئن گليور سڀ جنگي جهاز پڪڙي ٿو

    بليفسڪو جو ملڪ هڪڙو ٻيٽ آهي، جو لِليپٽ جي اُتر- اُڀرندي ڏي آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي کاري آهي، جا اٺ سوء يارڊ ڪشادي آهي. مون اڃا اها ڪين ڏٺي هئي، ۽ جڏهن ڪاهه ٿيڻ جي ارادي جي خبر پئي هيم، تڏهن آءٌ ڄاڻي ٻجهي انهيءَ پاسي جي ڪناري ڏي نٿي ويس، انهيءَ ڊپ کان ته دشمن جا جهاز، جن کي اڃا منهنجي خبر نه پئي هئي، سي متان ڏسي وٺن. جنگ هلندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آمدرفت ڪرڻ جي سخت منع ٿيل هئي، ۽ حڪم ڀڃڻ واري کي موت جي سزا ملڻي هئي. شهنشاهه جي ڪنهن به جهاز کي انهيءَ پاسي وڃڻ جي موڪل نه هئي.
    مون شهنشاهه کي دشمن جي سڀني جهازن کي پڪڙڻ جي رٿ بيان ڪري ٻڌائي. جاسوسن اسان کي پڪي خبر ڏني هئي ته جهاز بندر تي سڻائي واءُ جي انتظار ۾ تيار ٿيا بيٺا آهن. آزمودگار خلاصين کان کاريءَ جي عمق بابت اسان پڇا ڪئي هئي جو هنن گهڻائي ڀيرا انهيءَ جي ماپ ڪئي هئي. هنن چيو ته وچ ۾ وير چڙهڻ وقت اها ستر گنگلف اونهي هئي، يعني اٽڪل ڇهه فوٽ، ٻيا ڀاڱا گهڻو گهڻو ته پنجاهه گنگلف هئا.
    آءٌ بليفسڪو جي آمهون سامهون اتر اڀرندي واري ڪناري ڏي هليس، اتي هڪڙيءَ ٽڪريءَ جي پٺيان ليٽي، مون پنهنجي ننڍي دوربيني ڪڍي ڏٺو ته دشمن جا جهاز لنگر هڻيو بيٺا هئا ۽ مڙئي اٽڪل پنجاهه هئا. انهن کان سواءِ سامان کڻڻ جون گهڻيون ئي ٻيڙيون هيون. پوءِ آءٌ موٽي پنهنجي گهر آيس ۽ حڪم ڏنم ته ”گهڻا ۽ مضبوط رسا ۽ لوهه جون شيخون مون کي آڻي ڏيو.“ اُهي آندائون. رسو سوتليءَ جي ڌاڳي جهڙو ٿلهو هو ۽ لوهه جون شيخون ڊيگهه توڙي قد ۾ اَن جي ڪم جي سوئن جهڙيون هيون.
    سوتليءَ کي ٽيڻو ڪري مون مضبوط رسو ڪيو ۽ ساڳيءَ طرح سوئا به ٽي گڏي وٽي مضبوط ڪيم ۽ انهن جون چهنبون موڙي ڪنڍي وانگي ڪري ڇڏيم، پوءِ پنجاهه اهڙيون ڪنڊيون پنجاهه اهڙن رسن ۾ وجهي وري به اُتر اڀرندي واري ڪناري ڏي ويس ۽ پنهنجو ڪوٽ ۽ جوتا ۽ جوراب لاهي پنهنجي چم جي صدريءَ ۾ وجهي سمنڊ ۾ گهڙي پيس. وير چڙهڻ ۾ اڃا اٽڪل اڌ ڪلاڪ پيو هو. جيترو تڪڙو هلي سگهيس اوترو تڪڙو هلي، وچ ۾ اٽڪل ٽيهن يارڊن تائين ترسيس، تان جو پير وڃي وري هن ڀر سڪيءَ تي لڳو. اڌ ڪلاڪ جي اندر آءٌ دشمنن جي جنگي جهازن تائين وڃي پهتس.
    دشمن جا سپاهي مون کي ڏسي اهڙو ڊڄي ويا، جو جهازن تان ٽپي تري ڪناري تي ويا، جتي ٽيهن هزارن کان گهٽ ماڻهو نه هوندا. پوءِ مون پنهنجا رسا ڪڍيا ۽ هر هڪ جهاز جي چهنب وٽ ٽُنگ ۾ ڪنڍي اٽڪائي سڀ رسا گڏي انهن جا ڇيڙا کڻي ٻڌم. جيسين مون اهو ڪم پئي ڪيو، تيسين هنن ڪيترائي هزار تير ڇوڙيا، جن مان گهڻا مون کي هٿن ۽ منهن ۾ لڳا. انهيءَ سخت ايذاءَ کان سواءِ، هنن منهنجي ڪم ۾ به گهڻي حرڪت ڪئي. مون کي گهڻو ڊپ پنهنجي اکين جو هو، ۽ جي انهيءَ مهل انهن جي بچائڻ جي تجويز اوچتي دل ۾ نه اچيم ها ته جيڪر اُهي وڃايان ها.
    ٻين ڪن ننڍڙين ضروري شين سان گڏ مون پنهنجي عينڪ به ڳجهي کيسي ۾ لڪائي ڇڏي هئي. اهي سڀ شيون شهنشاهه جي تلاش ڪندڙ عملدارن جي نظر نه چڙهيون هيون، جيئن مون مٿي به چيو آهي، اها عينڪ مون ڪڍي پنهنجي نڪ تي مضبوط ڪري ٻڌي ڇڏي، ته ڀل اکيون بچيل رهن. پوءِ بهادريءَ سان آءٌ پنهنجي ڪم ۾ لڳس ۽ دشمن جي تيرن جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪيم. ڪيترائي تير عينڪ جي شيشن کي لڳا، پر انهن کي هيڏي هوڏي چورڻ کان سواءِ ٻيو نقصان نه پهچايائون.
    جڏهن سڀ ڪُنڍيون اٽڪائي رهيس، تڏهن رسن جي ڳنڍ هٿ ۾ جَهلي ڇڪڻ لڳس، پر هڪڙو جهاز به نه چريو، ڇالاءِ جو اهي لنگرن سان مضبوط ٻڌل هئا. اهو وڏيءَ بهادريءَ جو ڪم اڃان منهنجي لاءِ رهيو پيو هو. تنهن ڪري رسو کڻي ڇڏيم، ڪنڍيون ائين ئي جهازن ۾ لڳيون پيون هيون. ڪپ سان اهي رسا وڍي وڌم جي لنگرن سان ٻڌل هئا. انهيءَ ڪم ڪندي مون کي اٽڪل ٻه سوء تير منهن ۽ هٿن ۾ لڳا. تنهن کانپوءِ رسن جي گڏيل ڳنڍ هٿ ۾ جهلي وٺي ڇڪيم ته آسانيءَ سان دشمن جا پنجاهه ئي وڏا جهاز منهنجي پٺيان هليا آيا.
    بليفسڪو جي ماڻهن کي منهنجي آزاديءَ جي ڪابه خبر ڪانه هئي، سي پهريائين ته حيران ٿي ويا. هنن مون کي رسا وڍيندي ڏٺو هو ۽ ڀانيو هئائون ته هي رڳو جهازن کي پنهنجي منهن ٽلڪن لاءِ ڇڏي ڏيندو، جي شايد پاڻ ۾ لڳندا ۽ ٺهڪندا. پر جڏهن هنن ڏٺو ته سڀ جهاز ترتيبوار پيا هلن ۽ معلوم ڪيائون ته آءٌ سڀني کي ڇڪيندو وڃان، تڏهن ڏک ۽ نااميديءَ ۾ اهڙيون رڙيون ڪرڻ لڳا، جي خيال ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.
    جڏهن آءٌ خطري جي جاءِ کان نڪري ٻاهر ٿيس تڏهن ٿورو ترسي منهن ۽ هٿن مان تير ڪڍيم. پوءِ انهيءَ هنڌ ٿورو مرهم رکيم، جو پريندي پهچڻ وقت مون کي ڏنو هئائون، جيئن مون مٿي چيو آهي. پوءِ عينڪ لاهي ڇڏيم ۽ ڪلاڪ کن آرام ڪيم، جڏهن وير ذرو هيٺ ڀري ٿي، تڏهن جهاز گهلي لِليپٽ جي شاهي بندر تي صحيح سلامت اچي پهتس.
    شهنشاهه پنهنجي ساريءَ دربار سميت ڪناري تي بيٺو هو، ته ڏسي ته منهنجي ڪوشش جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري، سڀني ڏٺو ته جهاز اڌ گهيري ۾ هليا اچن، پر مون تي هنن جي نظر ڪانه پئي، جو آءٌ اُرهه تائين پاڻيءَ ۾ هوس، جڏهن آءٌ کاريءَ جي وچ ڌاري آيس ۽ ڳچيءَ تائين پاڻيءَ ۾ اچي ويس، تڏهن هنن کي ڏاڍو ڏک ۽ انتظار ٿيڻ لڳو، جو ڄاتائون ته آءٌ ٻڏي ويس ۽ دشمنن جا جهاز وڙهڻ لاءِ ڪاهيندا اچن، پر مون کي اڳتي کاري ويئي تانگهي ٿيندي ۽ آءٌ اچي کين ويجهو ٿيس ۽ هو منهنجو ڳالهائڻ ٻڌي سگهڻ جهڙا هئا. تڏهن مون کي ڏسي هنن جو انتظار لٿو. مون جهازن جي رسن جي ڳنڍ مٿي ڪري وڏي سڏ چيو ته ”خدا شل لِليپٽ جي زور واري بادشاهه کي وڏي حياتي ڏئي!“ جڏهن آءٌ وڃي ڪناري تي چڙهيس، تڏهن شهنشاهه نهايت گهڻي خوشيءَ سان مون کي گڏيو ۽ اتي جو اتي مون کي ”تر ڊاڪ“ جو لقب ڏنائين، جو هنن ۾ هڪڙو وڏو خطاب آهي.
    شهنشاهه مون کي چيو ته ”دشمنن جا باقي جيڪي جهاز آهن، سي سڀ ڪنهن ٻئي وقت گهلي اچجئين، اهي بادشاهه اهڙا طمع وارا آهن، جو سندن مرضي آهي ته لِليپٽ ۽ بليفسڪو جي سڄي بادشاهت گڏجي هڪڙي ٿي وڃي، جو پوءِ پنهنجي طرفان رڳو ڪي نواب يا فرمانروا مقرر ڪري آسانيءَ سان اتان جو ڪاروبار هلائي سگهن. هن جي مرضي هئي ته آنن جي وڏي پاسي ڀڃڻ وارا سڀ فسادي، جي شهر ڇڏي ويا هئا، تن کي ماري ناس ڪري ڇڏي، ۽ انهن ماڻهن کي اڳتي اهڙو لاچار ڪري، جو هو پنهنجا آنا ننڍي پاسي کان ڀڃن، جنهن ڪري ساريءَ شهنشاهت جو هوئي هڪڙو شهنشاهه ٿيندو.
    پر مون هن کي انهيءَ ارادي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ صاف طرح ٻڌايو ته ”بهادر ۽ آزاد ماڻهن کي غلام ڪرڻ ۾ آءٌ مدد نه ڏيندس.“ ۽ جڏهن انهيءَ ڳالهه بابت مشيرن جي وچ ۾ بحث هليو، تڏهن جيڪي عقل ۽ سمجهه وارا وزير هئا، سي منهنجي راءِ ۾ شامل هئا.
    هيءَ جا پنهنجي راءِ مون همت ڪري ظاهر ڪئي، سا شهنشاهه جي راءِ ۽ رٿ جو اهڙو برخلاف هئي، جو انهيءَ ڪري هو مون کي ڪڏهن معاف ڪري نه سگهيو. هن مشيرن جي مجلس ۾ به اشاري سان اها ڳالهه ڏيکاري، جو مون کي چيائين ته ”عقل وارن مشيرن مان ڪي ماٺ ڪري ويٺا، جنهن مان هو منهنجي راءِ سان شامل ڏسڻ ۾ ٿا اچن.“ پر ٻيا، جي منهنجا دشمن هئا، سي منهنجي ٿورڙي تعريف به برداشت ڪري نه سگهيا. انهيءَ وقت کان وٺي شهنشاهه ۽ منهنجي مخالف ڪيترن وزيرن جي وچ ۾ منصوبا ٿيڻ لڳا، جي ٻن مهينن جي اندر ظاهر ٿيا جن مان اهو امڪان ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته مون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيندا. بادشاهن جي ڪيتري به خدمت چاڪري ڪجي، پر هنن جي مرضيءَ جي برخلاف ڪي کڻي ڪبو، ته اُها سڀ خدمت برباد ٿيو وڃي.
    انهيءَ محرم کان اٽڪل ٽي هفتا پوءِ بليفسڪو مان ڪي وڪيل آيا، جن صلح ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. سگهوئي صلح ڪيو ويو، جنهن جا شرط شهنشاهه جي لاءِ تمام فائدي وارا هئا. انهن جي تفصيل ٻڌڻ مان پڙهندڙ کي تڪليف ٿيندي، تنهنڪري هتي بيان ڏيڻ اجايو آهي، مڙئي ڇهه وڪيل هئا ۽ ساڻن اٽڪل پنج سوء ماڻهو هئا. هو ڏاڍي تجمل سان شهر ۾ آيا، ۽ هنن کي سندن بادشاهه جي شان وٽان ۽ ڪم جي حالت موافق مرحبا ڪئي وئي.
    جڏهن عهد نامو پورو ٿيو، تڏهن بليفسڪو جي وڪيلن مون سان اچي ملاقات ڪئي، ڇالاءِ جو مون انهيءَ ڪم ۾ هنن جي گهڻي خير خواهي ۽ طرفداري ڪئي هئي، ۽ هنن مون کي معتبر شمار ٿي ڪيو، ۽ خانگي طرح ماڻهن کان هنن کي خبر پيئي هئي ته آءٌ سندن خيرخواهه آهيان. پهريائين هو منهنجي بهادريءَ ۽ مهربانيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳا، پوءِ مون کي هنن پنهنجي بادشاهه جي طرفان پنهنجي ملڪ ڏي اچڻ جي دعوت ڏني، ۽ چيائون ته ”اچي اسان کي پنهنجي بي انداز طاقت جون ڪي ثابتيون ڏيئي ڏيکار، جو انهيءَ بابت اسان حيرت جهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن“ انهيءَ ۾ مون هنن کي راضي ڪيو، پر جيڪي ڪم ڪيم تنهن جي تفصيل ڏيڻ سان پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس.
    جڏهن ڳچ وقت تائين مون هنن کي خوش ڪيو ۽ حيرت ۾ وڌو، تڏهن مون چيو ته ”منهنجا گهڻا نياز پنهنجي بادشاهه کي ڏجو، جنهن جي نيڪين جي تعريف ساري جهان ۾ پکڙيل آهي. اُميد آهي ته پنهنجي ملڪ ڏي رواني ٿيڻ کان اڳي آءٌ اوهان جي بادشاهه جي قدمبوسي ڪري ويندس.“
    انهيءَ موجب ٻئي وقت جڏهن مون شهنشاهه جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو، تڏهن کانئس بليفسڪو جي بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت گهريم.
    هن اجازت ڏني، مگر مون صحيح ڪيو ته ڏاڍي رنج سان ڏنائين. پر انهيءَ جو سبب آءٌ معلوم ڪري نه سگهيس، مگر نيٺ مخفي طرح هڪڙي شخص کان مون کي معلوم ٿيو ته شاهي خزانچي ۽ امير البحر شهنشاهه جي ڪَنَ تي وڌو هو ته مون بليفسڪو جي وڪيلن سان رستو رکيو آهي ۽ سندس برخلاف آهيان، پر آءٌ يقين سان چوان ٿو ته انهيءَ تهمت کان آءٌ آزاد هوندس. انهيءَ وقت کان وٺي پريندي بادشاهن ۽ وزيرن جي وسيلي گفتگو ٿي ڪئي. انهن ٻنهي ملڪن جون ٻوليون اهڙيون عليحده هيون، جهڙيون يورپ جي ڪن ٻين ملڪن جون آهن. هر هڪ ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي قدامت ۽ خوبصورتي ۽ پڪائيءَ جو فخر ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به اسان جي شهنشاهه، جو هنن جي جهازن پڪڙڻ سان فتح حاصل ڪئي هئي ۽ هنن تي قابض پيو هو، تنهنڪري زور ڪري هنن تي به لِليپٽ جي ٻولي ڳالهائڻ جو بار رکيو هئائين.
    پر ايترو قبول ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ ايتري آمدورفت ۽ سوداگري هلندي هئي ۽ اتي جي دستور موجب شريف ۽ دولتمند ماڻهو دنيا ڏسڻ ۽ ماڻهو سان واقفيت رکڻ ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ ايترا پنهنجا جوان ماڻهن هڪ - ٻئي جي ملڪ ڏي موڪليندا هئا، جو اهڙا ڪي وڏا ماڻهو يا سوداگر يا خَلاصي ڪنارن تي رهڻ وارا ٿورا هوندا، جي ٻنهي زبانن ۾ گفتگو ڪري نه سگهندا هوندا. اها ڳالهه مون کي تڏهن معلوم ٿي، جڏهن پوءِ آءٌ بليفسڪو جي شهنشاهه جي سلام تي ويس، جيتوڻيڪ منهنجن دشمنن جي بدخواهيءَ ۽ وير ڪري مون تي گهڻيون مشڪلاتون ۽ مصيبتون آيون هيون، ته به منهنجي انهيءَ پاسي وڃڻ مان مون کي گهڻو فائدو پهتو ۽ سک حاصل ٿيو، جيئن هيٺ موقعي تي آءٌ بيان ڪندس.


    باب ڇهون : گليور لِليپٽ ڇڏي ٿو

    هن بادشاهت ڇڏڻ جو بيان ڏيان، تنهن کان اڳي پڙهندڙ کي خبر ڏيڻ مناسب آهي ته منهنجي برخلاف ٻن مهينن کان هڪڙو منصوبو لڪچوريءَ ۾ پئي ٺهيو، هيستائين عمر ۾ مون ڌارين ملڪن جي بادشاهن وٽ نه گذاريو هو، تنهن ڪري انهن وٽ رهڻ جي مون کي لياقت ڪانه هئي. وڏن وڏن بادشاهن ۽ اميرن جي مختلف طبيعتن بابت مون پڙهيو گهڻي ئي هو، پر اها اُميد مون کي نه هئي ته انهيءَ جو خراب نتيجو آءٌ ههڙي پرانهين ملڪ ۾ ڏسندس، جتي منهنجي سمجهه موجب يورپ جي قاعدن کان بلڪل عليحده قاعدا جاري هئا.
    مون اڃا بليفسڪو جي شهنشاهه ڏي وڃڻ جي تياري پئي ڪئي، ته هڪڙو وڏو امير، جنهن تي بادشاهه جي مٿس ڪاوڙجڻ مهل مون گهڻا احسان رکيا هئا، سو رات جو بند ٿيل ڪرسيءَ ۾ لڪچوريءَ منهنجي گهر آيو، ۽ نالي ٻڌائڻ کان سواءِ اندر لنگهي آيو.
    ڪرسي کڻڻ وارا هليا ويا، ۽ مون امير کي ڪرسيءَ سميت کڻي پنهنجي وڏي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، تڏهن مون پنهنجي هڪڙي معتبر نوڪر کي چيو ته ”ماڻهن کي ٻڌاءِ ته آءٌ بيمار آهيان ۽ ستو پيو آهيان.“ پوءِ مون پنهنجي گهر جو دربند ڪيو ۽ ڪرسي کيسي مان ڪڍي ميز تي رکيم، جيئن هميشه ڪندو هوس ۽ پوءِ انهيءَ جي پاسي ۾ ويهي رهيس، امير ڏاڍي خيال ۾ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ جڏهن مون انهيءَ جو سبب پڇيس، تڏهن هن مون کي ٻڌايو ته ”شهنشاهه پنهنجن مشيرن ۽ اميرن سان صلاح ڪري اهو حڪم ڪڍيو آهي ته دغا ڪرڻ جي ڪري تنهنجون اکيون ڪڍائي، ٽن ڏينهن جي اندر سيڪريٽري تنهنجي گهر ايندو ۽ توکي حڪم پڙهي ٻڌائيندو.“
    ٿورو وقت انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري مون دل ۾ هڪڙو ٺهراءُ ڪيو، جنهن لاءِ شايد مون تي واجبي طرح الزام اچي سگهندو. آءٌ قبول ٿو ڪريان ته منهنجي اُٻهرائيءَ ۽ بي تجربي هئڻ جي ڪري ئي مون پنهنجون اکيون بچايون ۽ پنهنجي آزادي حاصل ڪئي، جيڪڏهن مون کي انهيءَ وقت بادشاهن ۽ وزيرن جي طبيعتن جي خبر هجي ها، جيئن پوءِ مون کي گهڻن ٻين بادشاهن ۽ اميرن جون به معلوم ٿيون، ۽ جي مون کي خبر هجي ها ته مون کان به وڏن ڏوهارين کي ڪهڙيون سزائون ٿيون ملن ته جيڪر آءٌ خوشيءَ سان اهڙي هلڪي سزا قبول ڪريان ها.
    پر جوانيءَ جي اُٻهرائيءَ ڪري ۽ شهنشاهه جا مون کي بليفسڪو جي بادشاهه وٽ وڃڻ جي اڳيئي اجازت ڏني هئي، تنهن موجب، مون وڃڻ جو پڪو ٺهراءَ ڪيو، ۽ انهن ڏينهن گذرڻ کان اڳيئي پنهنجي دوست سيڪريٽري، ڏي هڪڙو خط موڪليم، جنهن ۾ لکيو مانس ته مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته اڄ آءٌ بليفسڪو ڏي روانو ٿيندس.
    هن جي جواب لاءِ به نه ترسيس، ۽ اُٿي ٻيٽ جي انهيءَ پاسي ويس، جتي اسان جا جهاز بيٺا هئا. اتي هڪڙو وڏو جنگي جهاز پڪڙي انهيءَ جي چوٽيءَ ۾ کڻي هڪڙو رسو ٻڌم، لنگر کڻي، پنهنجا ڪپڙا لاهي ڪڇ ۾ جيڪو مٿان وجهڻ جو کٿو هوم، سو به ڪپڙن سميت ڳنڍڙي ڪري، کڻي انهيءَ جهاز ۾ رکيم: پوءِ انهيءَ کي ڇڪي اٿي هليس. ڪٿي پاڻيءَ ۾ پنڌ پئي ڪيم، ڪٿي تريس ٿي. ائين ڪندي آءٌ نيٺ بليفسڪو جي شاهي بندر تي آيس، جتي گهڻي وقت کان ماڻهو منهنجي لاءِ منتظر بيٺا هئا.
    هنن مون کي به سونها ڏنا ته وڏي شهر ڏي وٺي هلن، جنهن جو نالو به بليفسڪو آهي. مون انهن سونهن کي هٿ ۾ ڪيو، جڏهن شهر جي وڏي در کان ٻن سون يارڊن جيتري پنڌ تي آيس، تڏهن مون هنن کي چيو ته ”هاڻي وڃي هڪڙي سيڪريٽريءَ کي منهنجي اچڻ جو ٻڌايو، ۽ چئو ته آءٌ شهنشاهه جي حڪم جو منتظر ٿيو ويٺو آهيان.“ ڪلاڪ کن جي اندر جواب آيو ته شهنشاهه پنهنجي شاهي ڪٽنب ۽ اميرن وزيرن سميت منهنجي مرحبا ڪرڻ لاءِ ٿو اچي. آءٌ سوء يارڊ سندن لاءِ اڳڀرو ويس.
    شهنشاهه ۽ سندس عملو گهوڙن تان لهي پيو، راڻي ۽ سندس خدمتگاريون گاڏين مان لٿيون. مون ڏٺو ته هنن کي ڪو ڊپ يا فڪر ڪونه هو. مون شهنشاهه کي عرض ڪيو ته ”آءٌ پنهنجي ڪيل انجام موجب آيو آهيان ۽ مون کي پنهنجي ڌڻيءَ يعني شهنشاهه اجازت ڏني آهي ته حضور جهڙي زبردست شهنشاهه جي ملاقات جو شرف حاصل ڪريان ۽ وس آهر اهڙي خدمت چاڪري ڪريان، جا پنهنجي بادشاهه ڏانهن فرض جي ادائي ۽ نمڪ حلاليءَ سان موافق هجي.“ مون پنهنجي نسبت ۾ پنهنجي شهنشاهه کي انهيءَ ڳجهه جي ڪابه خبر نه پوندي، جو آءٌ سندس وس کان ٻاهر هوس. پر سگهوئي معلوم ٿيو ته انهيءَ خيالن ڪرڻ ۾ مون غلطي ڪئي هئي.
    هن ٻئي شهنشاهه وٽ منهنجي ڪهڙي مرحبا ٿي، تنهن جي بيان ڏيڻ سان آءٌ پڙهندڙ کي تڪليف نه ڏيندس. اها اهڙي وڏي بادشاهه جي مهربانيءَ ۽ شان وٽان هئي، گهر ۽ بستري جي لاءِ جيڪي مون کي مشڪلاتون پيش آيون، تنهن جو به ذڪر نه ڪندس. مون کي لاچار پنهنجو کٿو ويڙهي زمين تي سمهڻو پيو.
    منهنجي اتي پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ، ٻيٽ جي اُتر - اڀرندي ڪناري گهمندي، سمنڊ ۾ ڏيڍ ميل پنڌ تي مون کي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جا اونڌي ٿيل ٻيڙي وانگي نظر ٿي آئي. مون پنهنجا جوتا ۽ جوراب کڻي لاٿا ۽ ٻن يا ٽن سون يارڊن تائين اندر پاڻي ۾ هليو ويس. ڏٺم ته اها شيءِ وير جي زور سان وڃي ويجهي پوندي، تڏهن صاف معلوم ٿيم ته سچي پچي اها ٻيڙي آهي، جا مون ڀانيو ته ڪنهن جهاز تان طوفان جي زور سان ڇڄي آئي آهي. تنهن تي هڪدم آءٌ موٽي شهر ۾ آيس، ۽ شهنشاهه کي چيم ته جنگي جهازن جي پڪڙجڻ کانپوءِ جيڪي ڊگها جهاز بچيا آهن، تن مان مون کي ويهه ڏيو ۽ ٽي هزار خلاصي به ڏيو ۽ انهن جي مٿان نائب امير البحر به مقرر ڪري ڏيو.
    اهي جهاز، جيسين آءٌ سڌو ڪناري تي وٺي ويس تيسين ڦري انهيءَ هنڌ آيا جتي مون پريندي ٻيڙي ڏٺي هئي، مون ڏٺو ته وير انهيءَ کي اڃا به ويجهو آندو هو، سڀني خلاصين کي رسا ڏنا ويا، جي مون اڳئي وٽي مضبوط ڪيا هئا. جڏهن جهاز اچي پهتا تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ پنڌ ڪري جتي ٻيڙي پيئي هئي، انهيءَ کان سئو يارڊن جي اندر آيس، پوءِ تري انهيءَ تائين پهتس.
    خلاصين رسي جو ڇيڙو مون کي اڇلائي ڏنو، ۽ رسي جو ٻيو ڇيڙو وري هڪڙي جنگي جهاز سان ٻڌي ڇڏيم، پر مون ڏٺو ته منهنجو پورهيو سڀ اجايو ٿيو، ڇا لاءِ جو پاڻي تار هو، تنهنڪري آءٌ ڪوبه ڪم ڪري نه سگهيس. لاچار ٿي تري ٻيڙي جي پٺيان وڃي انهيءَ کي هڪڙي هٿ سان اڳتي ڌڪڻ لڳس. وير سڻائي هئي، تنهنڪري ايترو وڌي آيس، جو کاڏي پاڻيءَ کان ٻاهر جهلي ۽ پير زمين تي رکي سگهيس، ٻه يا ٽي منٽ ساهي کڻي، ٻيڙيءَ کي وري ٻيو ٿيلهو ڏنم، نيٺ ڌڪي ڌڪي ايڏي پاڻيءَ ۾ آندو مانس، جو منهنجن بغلن تائين ٿي آيو.
    مشڪل ڪم لهي ويو، تنهنڪري هاڻ مون پنهنجا رسا ڪڍيا جي هڪڙي جهاز ۾ ڍير ٿيا رکيا هئا، انهن کي پهرين ٻيڙيءَ سان ٻڌم، پوءِ ٻين نون جهازن سان ٻڌم، جي مون کي ڏنا ويا هئا، واءُ سڻائو هو ۽ خلاصين ڳن ڏنا ۽ مون زور لاتو. انهيءَ طرح اسين ڪناري کان چاليهن يارڊن تائين آياسين، جڏهن وير لٿي تڏهن آءٌ سُڪيءَ تي پنڌ ڪري ٻيڙي وٽ آيس، ٻن هزارن ماڻهن جي مدد سان رسن ۽ ڪلن جي وسيلي مون ٻيڙيءَ کي اُٿلائي سنئون ڪيو ۽ ڏٺم ته انهيءَ کي ڪو گهڻو نقصان نه پهتو آهي.
    ڪهڙين مشڪلاتن سان مون انهيءَ ٻيڙيءَ کي بليفسڪو جي شاهي بندر ۾ آندو، تن جي بيان ڪرڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس. انهيءَ لاءِ مون کي ڪي ڏهه ونجهه يا ڳن جوڙڻا پيا، جن تي ڏهه ڏينهن پئي مٿا هنيم، جڏهن آءٌ اتي آيس، تڏهن ماڻهن جا گوڙ اچي گڏ ٿيا ۽ ههڙو وڏو جهاز ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. مون شهنشاهه کي چيو ته ”آءٌ نصيب وارو آهيان، جو هيءَ ٻيڙي مون کي هٿ آئي آهي. اها مون کي ڪنهن هنڌ کڻي ويندي، جتان آءٌ پنهنجي وطن ڏي موٽي وڃي سگهندس. مون عرض ڪيس ته مون کي وڃڻ جي موڪل به ڏئي ۽ ماڻهن کي حڪم به ڏئي ته مون کي ٻيڙيءَ جي تيار ڪرڻ ۾ ضروري سامان موجود ڪري ڏين.“ ٿوريءَ تڪليف ڏيڻ کان پوءِ هن اجازت ڏني.
    انهيءَ وچ ۾ آءٌ حيران هوس، ته ڪهڙي سبب اسان جي شهنشاهه ڪوبه پيغام مون ڏي بليفسڪو ۾ ڪونه موڪليو، پر پوءِ خانگي طرح مون کي سندس منصوبن جي ڪل پئي هئي. هن سمجهيو ٿي ته سندس اجازت ۽ پنهنجي ڪيل انجام موجب آءٌ فقط بليفسڪو ڏي گهمڻ ويو آهيان، جو درٻار وارن کي به ايتري خبر پئي هئي. هن ڄاتو ٿي ته اتي جي بادشاهه جي ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ موٽي ايندس. پر جڏهن مون گهڻا ڏينهن لڳايا، تڏهن البت بي آرام ٿيڻ لڳو. خزانچيءَ ۽ ٻين منهنجن دشمنن سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ هڪڙو آبروءَ وارو ماڻهو مون ڏي موڪليو ويو، ۽ جيڪو تهمتنامو مون تي جوڙيو هئائون تنهن جو نقل فلم وارو به ڏياري موڪليو هئائون. انهيءَ وڪيل کي اهو حڪم هو ته بليفسڪو جي بادشاهه کي ٻڌائي ته سندس شهنشاهه گهڻي مهرباني ڪري منهنجي لاءِ فقط ايتري سزا مقرر ڪئي آهي ته منهنجون اکيون ڪڍي ڇڏجن. جو آءٌ انصافي محڪمي کان نٽائي ڀڄي آيو آهيان، ۽ جي آءٌ ٻن ڪلاڪن جي اندر موٽي نه ويندس ته منهنجو مرڊاڪ جو خطاب موٽائي ورتو ويندو ۽ مون کي دغاباز ۽ باغي شمار ڪيو ويندو. وڪيل هيترو به چيو ته جي بليفسڪو جو شهنشاهه ڀانئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صلح رهي ته هڪدم منهنجا هٿ پير ٻڌائي، دغابازيءَ جي سزا ڀوڳڻ لاءِ مون کي لِليپٽ ڏي ڏياري موڪلي.
    بليفسڪو جي شهنشاهه ٽن ڏينهن جي صلاح مشورن کانپوءِ گهڻن عذر خواهين ۽ بهانن جو جواب مٺن لفظن ۾ ڏياري موڪليو. اهو هي هو ته ”هن جبل جهڙي ماڻهوءَ کي ٻڌي موڪلڻ بلڪل ناممڪن آهي، جيئن اوهان کي معلوم هوندو، جيتوڻيڪ هن منهنجا سڀ جهاز پڪڙي ورتا آهن، ته به صلح ڪرائڻ ۾ هن گهڻي مدد ڏني آهي، تنهنڪري آءٌ هن جو احسانمند آهيان. انهيءَ هوندي به اميد آهي ته اوهين توڙي اسين ٻيئي جلد خوش ٿينداسين، ڇالاءِ جو هن هڪڙو عظيم جهاز ڪناري تي لڌو آهي، جنهن تي هو چڙهي وڃي سگهندو. انهيءَ جي تيار ڪرڻ لاءِ کيس مدد ڏيڻ واسطي مون حڪم جاري ڪيو آهي. اميد آهي ته ٿورن ئي هفتن ۾ ٻيئي بادشاهتون هن کان ڇٽي پونديون.
    اهو جواب وٺي اهو وڪيل لِليپٽ ڏي موڪليو ويو، ۽ بليفسڪو جي شهنشاهه جيڪي ٿي گذريو هو مون کي ٻڌايو. ساڳئي وقت ۾ هن مخفي طرح مون کي چيو ته ”جي تون مون وٽ رهندين، ته آءٌ توکي پوري پناهه ڏيندس. جيتوڻيڪ هن جي سچي نيت ۾ مون کي شڪ ڪونه هو، ته به مون پڪو ارادو ڪيو هو ته وس پڄندي آئيندي بادشاهن يا اميرن ۾ ڪڏهن ويساهه ڪين رکندس، تنهنڪري مون سندس شڪر گذاري ڪري ادب ۽ نياز سان معافي گهري، چيو مانس ته ”جڏهن چڱيءَ يا بڇڙيءَ قسمت هڪڙي ٻيڙي مون کي ڏياري آهي، تڏهن آءٌ بخت آزمائي ڪري سمنڊ تي نڪري پوندس. هتي رهي ٻن وڏن بادشاهن جي وچ ۾ ناسازي پيدا نه ڪندس.“ انهيءَ تي شهنشاهه ڪاوڙيو ڪين بلڪه هڪڙي اتفاق سان مون کي معلوم ٿيو ته هو ٿورا گهڻا وزير امير منهنجي انهيءَ آزادي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا.
    انهن سببن ڪري پاڻ جلد رواني ٿيڻ جي مون کي خواهش ٿي. بادشاهه توڙي درٻارين کي پاڻ تڪڙ هئي ته هي وڃي، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان مون کي مدد پئي ڏني. پنج سئو ماڻهو منهنجي حڪم هيٺ ٻيڙيءَ جي ٻن سڙهن ٺاهڻ لاءِ ڪم ۾ لڳايا ويا. انهيءَ ڪم لاءِ هنن جي مضبوط ڪپڙي جا تيرهن ٿان هڪٻئي مٿان ٿها ڪري ڪم آندا ويا. هنن جا ڏهه ويهه بلڪه ٽيهه ٿلها ۽ مضبوط رسا وٽي پنهنجي ٻيڙيءَ جا رسا جوڙيم.
    گهڻي ڳولا کانپوءِ سمنڊ جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پهڻ لڌم، سو مون کي لنگر وانگر ڪم آيو. ٽن سون ڳئن جي چرٻي مون کي ٻيڙيءَ جي مکڻ ۾ توڙي ڪن ٻين ڪمن ۾ ڪم آئي. ونجهن ۽ کوهن لاءِ ڏاڍي محنت ڪري ڪي وڏا درخت وڍيم پر انهيءَ ڪم ۾ مون کي شاهي جهازن جوڙيندڙن مدد ڏني، جو منهنجي کهري ڪيل ڪم کي هنن لسو ٿي ڪيو.
    مهيني کن جي اندر جڏهن سڀ شيون تيار ٿيون، تڏهن مون شهنشاهه کي چوائي موڪليو ته ”هاڻ آءٌ موڪل وٺندس، مون کي وڃڻ جو حڪم ملي.“ شهنشاهه پنهنجي ساري شاهي ڪٽنب سميت محلات مان نڪري آيو. آءٌ هن جي هٿ چمڻ لاءِ اونڌو ٿي پيس ۽ مهرباني فرمائي مون کي پنهنجو هٿ ڏنو. راڻيءَ توڙي شهزادن به ائين ڪيو. شهنشاهه مون کي پنجاهه ٿيلهيون انعام ڏنيون، هر هڪ ۾ ٻه سوء سپرگ هئا. ۽ پنهنجي ساري قد واري تصوير به عطا ڪيائين، اها ته مون پنهنجي هڪڙي دستاني ۾ وڌي، ته متان ٻاهر خراب ٿي پوي. منهنجي رواني ٿيڻ مهل جيڪي ٿي گذريو، تنهن جو هينئر بيان ڏيڻ اجايو آهي.
    هڪ سئو ڏاند ۽ ٽي سوء رڍون ڪهي ٻيڙيءَ ۾ آذقو ڪري کنيم. ماني ۽ پاڻي به ڳچ جيترو کنيم، رڌل طعام به ايترو ساڻ کنيم، جيترو چار سوء بورچي رڌي ڏيئي سگهيا، ڇهه ڳئون ۽ ٻه ڏاند جيئرا به کنيم ايتريون رڍون ۽ گهٽا به کنيم، ته انهن کي پنهنجي ملڪ ڏي نيان، ٻيڙيءَ تي انهن کي کارائڻ لاءِ هڪڙي اَن جي ڳوڻ به کنيم ۽ وڏو گاهه جو سٿو به کنيم.
    آءٌ جيڪر خوشيءَ سان اتي جا ڏهه- ٻارهن ماڻهو به کڻان ها، پر شهنشاهه انهيءَ جي بلڪل اجازت نه ڏني. منهنجن کيسن جي چڱي طرح تلاشي ته ورتائون، پر مون کان قسم تي انجام به ورتائون ته ماڻهن جي مرضيءَ ۽ خوشيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به پاڻ سان نه کڻندس.
    انهيءَ طرح حتي الامڪان سڀ تياري ڪري، سن 1701ع جي سيپٽمبر مهيني جي چوويهين تاريخ صبح جو ڇهين بجي مهل سڙهه چاڙهي، اتان روانو ٿيس. جڏهن اُتر ڏي اٽڪل ٻارهن ميل پنڌ ڪري ويس تڏهن هوا ڏکڻ اُڀرندي جي ٿي، ۽ شام جو ڇهين بجي ڌاري اتر _ اولهندي پاسي ٽن ميلن جي پنڌ تي، هڪڙو ننڍو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو، مون انهيءَ پاسي اڳڀرو هلي ٻيٽ جي پٺئين پاسي لنگر کڻي لاٿو، جو انهيءَ پاسي ماڻهن جي وسندي ڏسڻ ۾ نٿي آئي.
    تنهن کانپوءِ ماني کائي وڃي سمهي پيس. ڀانيان ٿو ته تمام ٿورو ته به ڇهه ڪلاڪ چڱي ننڍ ڪيم، ڇالاءِ جو جاڳڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ پرهه ڦٽي،رات بلڪل صاف هئي. نڪو جهڙ هو. نڪو واءُ هو. سج اُڀرئي کان اڳي ناشتو کاڌم. پوءِ واءُ سڻائو ڏسي، لنگر کڻي، اڳئين ڏينهن وانگر ساڳئي طرف ڏي ٻيڙي هلائڻ لڳس. کيسي ۾ ننڍڙو قطب نما هوم، انهيءَ مان طرفن جي خبر پئي لڌيم. ارادو هوم، ته جي ٿي سگهيو ته وان ڊيمس لئنڊ جي اُتر_ اُڀرندي وارن ٻيٽن مان هڪڙي کي وڃي پهچندس.
    اهو سارو ڏينهن مون کي ڪي به ڪين ڏسڻ ۾ آيو، پر ٻئي ڏينهن ٽين بجي ڌاري جڏهن پنهنجي حساب موجب بليفسڪو کان ستر کن ميل ڪري آيو هوس، تڏهن پري کان هڪڙو سڙهه ڏکڻ _ اُڀرندي ڏي ويندو ڏٺم منهنجو رخ سر اُڀرندي هو. مون سڙهه واري جهاز کي هاڪاريو، پر جواب ڪونه مليم، انهيءَ هوندي به ڏٺم ته هوا جي گهٽ ٿيڻ ڪري، آءٌ ويس انهيءَ کي ويجهو پوندو. جيترو مون کان ٿي سگهيو، اوترو وڌڻ لاءِ زور لاٿم. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ هن مون کي ڏٺو، ۽ هڪڙي توف ڇوڙيائين. انهيءَ تي مون کي جيڪا خوشي ٿي سا ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي، جو آسرو ٿيم ته وري به هڪڙو ڀيرو پنهنجو پيارو وطن ڏسندس ۽ پنهنجن پيارن کي ملندس، جي ڇڏي آيو هوس.
    جهاز پنهنجا سڙهه ڍرا ڪيا ۽ آءٌ سيپٽمبر جي 26- تاريخ شام جو 5 ۽ 6 بجي جي وچ ۾ وڃي انهيءَ کي پهتس. انهيءَ تي انگلينڊ جون بيرقون ڏسي منهنجي دل ٽپا ڏيڻ لڳي. مون پنهنجو ڳئون ۽ رڍون کڻي وڏي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌيون، ۽ پنهنجو ٻيو سامان کڻي جهاز تي چڙهي آيس.
    پوءِ جيڪو سفر ڪيم، تنهن جي بيان ڪرڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي تڪليف نه ڏيندس. گهڻو ڪري تڪليف ڪانه ٿي، ۽ سن 1702ع جي اپريل مهيني جي 13- تاريخ آءٌ ڊائونس ۾ پهتس.


    ڀاڱو ٻيو : برابڊنگ نئگ ڏي درياهي مسافري

    باب پهريون : ڪيئن گليور عجب جهڙن ماڻهن جي وچ ۾ وڃي پوي ٿو

    موٽي اچڻ کان ٻه مهينا پوءِ، منهنجي قسمت ۾ منهنجي طبيعت وري مون کي کنيو ته هلي محنت ۽ بي آراميءَ جي زندگي گذاريان، تنهنڪري مون وري به پنهنجو وطن ڇڏيو ۽ مزي جهڙي جهاز”ائڊوينچر“ نالي ۾ چڙهي روانو ٿيس، جو سورت بندر ڏي وڃڻو هو، ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ تائين ته سفر ڏاڍو سڻائو هو. اتي لهي تازو پاڻي کنيوسين، پر جهاز جي تري ۾ هڪڙي سير معلوم ٿي، تنهنڪري سامان لاهي وڌوسين، ۽سيارو اتي گذاريوسين. ڪپتان بيمار ٿي پيو، تنهنڪري مارچ جي پڇاڙيءَ کان اڳي اسين ڪيپ مان روانا ٿي نه سگهياسين.
    تنهن کان پوءِ اسين سڙهه سنوان ڪري سمنڊ تي نڪتاسين، ۽ جيسين مئڊا گاسڪر جو ڳچ سمنڊ لنگهياسين تيسين تمام چڱي مسافري ڪئيسين، پر جڏهن انهيءَ ٻيٽ جي اتر ڏي ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ جي پنجن درجن تي آياسين، تڏهن اپريل جي 19- تاريخ واءُ ڏاڍي زور سان لڳو ۽ ڦري اُلهندي جو ٿيڻ لڳو، نه ته هميشه انهن سمنڊن ۾ ڊسمبر جي شروع کان وٺي مئي جي شروع تائين اُتر ۽ اُلهندي جي وچ جو واءُ هڪجهڙو لڳندو آهي. اهو سخت واءُ ويهه ڏينهن ساندهه پئي لڳو، پوءِ ڦري اُلهندي ۽ ڏکڻ-الهندي ڪنڊ جو ٿيو، ته به اڃا زور وارو پئي لڳو.
    انهيءَ طوفان ۾، منهنجي حساب موجب، اسين ڌڪجي اٽڪل ڏيڍ هزار ميل اُڀرندي ڏي وياسين، جهاز تي جيڪو جهونو ۽ آزموده گار خلاصي هو، سو به ڪين چئي ٿي سگهيو ته اسين دنيا جي ڪهڙي ڀاڱي ۾ آهيون.
    سن 1703ع جي جون مهيني جي 14- تاريخ هڪڙي ڇوڪر کوهي تي چڙهي زمين ڏٺي، جڏهن اتي پهتاسين، تڏهن نڪا ندي ڏٺيسين، نڪو چشمو، نڪو ڪن رهندڙن ماڻهن جو نشانو ڏٺوسين، تنهن ڪري اسان جا ماڻهو سمنڊ جي ويجهو تازي پاڻي ڳولي لهڻ لاءِ ڪناري تي گهمڻ لڳا. آءٌ وري ٻئي پاسي پنهنجي منهن ميل کن پنڌ جو ڪري ويس، چوڌاري سُڃ لڳي پيئي هئي، زمين جبلائتي هئي، جڏهن ٻي ڪابه نئين شيءِ ڏسڻ ۾ نه آئي، ۽ آءٌ به هلي هلي ٿڪس، تڏهن آهستي آهستي سمنڊ جي ڦاٽ ڏي موٽيس. سامهون سمنڊ پئي ڏٺو. اوچتو ڏسان ته اسان جا سڀ ماڻهو ڀڄندا بتيلن ۾ چڙهي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جهاز ۾ پيا وڃن.
    مون گهڻا ئي سڏ ڪيا پر هنن نه ٻڌا. اوچتو ڏٺم ته هڪڙو وڏو جانور سندس پٺيان سمنڊ ۾ تکو ڪاهيندو ٿو وڃي. گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ويو، پر اسان جا ماڻهو هن کان ڏيڍ ميل _ ٻه ميل اڳي هئا. اتي سمنڊ ۾ تِکين چوٽين وارا ٽڪر گهڻا هئا، تنهن ڪري اهو راڪاس جهاز تائين پهچي نه سگهيو.
    اها ڳالهه مون ٻڌي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن کي ڏسڻ جي لاءِ اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيس. پر جنهن رستي سان آيو هوس، تنهن سان تمام تِکو ڊوڙيس، ۽ پوءِ هڪڙي اُڀ _ ڪپري ٽڪريءَ تي چڙهي آسپاس ملڪ نهارڻ لڳس. ڏٺم ته چوڌاري آبادي ٿيل آهي، پر اتي جو گاهه ڏسي مون کي پريندي حيراني لڳي ويئي، جو اهو اٽڪل ويهه فوٽ ڊگهو هو.
    آءٌ هڪڙي وڏي سڙڪ تي اچي پيس، مگر حقيقت ڪري اهو اتي جي رهاڪن لاءِ فقط هڪڙو پيچرو هو، اهو جَوَن جي ٻنيءَ ڏي ٿي ويو. انهيءَ سان ڳچ پنڌ تائين هليس، پر ٻنهي پاسي ڪي به ڏسي نه سگهيس، ڇالاءِ جو فصل تيار هو ۽ اَن جي پوک تمام ٿورو ته به چاليهه فوٽ وڏي هئي. انهيءَ ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ تائين وڃڻ ۾ به مون کي ڪلاڪ لڳي ويو، جيڪو لوڙهو انهيءَ کي چوڌاري آيل هو، سو به اٽڪل سوا سوء فوٽ وڏو هو، وڻ ته ايڏا وڏا هئا، جو آءٌ انهيءَ جي اوچائي معلوم ڪري نه سگهيس.
    انهيءَ ٻنيءَ کان ٻيءَ لاڳتي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لاءِ وچ ۾ هڪڙو وڏو پهڻ لنگهي، انهي بند جهڙي ٻني جي چوٽيءَ تي ماڻهو وڃي ٿي سگهيو. انهيءَ بند تي چڙهڻ منهنجي لاءِ مشڪل هو، ڇالاءِ جو هر هڪ ڏاڪو ڏهه فوٽ مٿي هو ۽ مٿيون پهڻ اٽڪل ويهه فوٽ اوچو هو. مون مٿو پئي هنيو ته انهيءَ لوڙهي ۾ ڪو ڳڙکو يا وٿي هجي ته انهيءَ مان لنگهي وڃان، ته اوچتو هڪڙو ماڻهو، اتي جو رهاڪو، پاسي واريءَ ٻنيءَ ۾ ڏٺم، جو بند ڏي ٿي آيو. ايڏو وڏو هو، جهڙو اهو، جو سمنڊ ۾ اسان جي جهاز جي پٺيان پيو هو.
    اهو ديول جي مناري جيڏو ڊگهو هو، ۽ هر هڪ ٻرانگهه اٽڪل ڏهن يارڊن جي هيس، انهيءَ کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڊپ ۽ عجب لڳو، ۽ پاڻ کي ان جي پوک ۾ لڪائڻ لاءِ انهيءَ پاسي ڀڳس. اتان لڪي ڏٺم ته هو بند تي چڙهي سڄي هٿ پاسي واريءَ ٻنيءَ ڏي مُڙي پيو نهاري، هن اهڙي وڏي آواز سان سڏ ڪيو جو بگل جي آواز کان گهڻو ڳرو هو. پر انهيءَ جو پڙلاءُ هوا ۾ ايڏو وڏو ٿيو جو مون سمجهيو ته اُڀ ٿو گجي. انهيءَ آواز تي هن جهڙا ست ٻيا راڪاس وٽس اچي نڪتا. هٿن ۾ ڏانٽا هئن. هر هڪ ڏانٽو اسان جن ڇهن ڏانٽن جيڏو هو.
    انهن پوين ماڻهن کي هن پهرئين ماڻهوءَ جهڙا ڪپڙا نه هئا. اهي هن پهرئين جا نوڪر يا پورهيت ٿي ڏٺا، ڇالاءِ جو هن جي ڪي ڳالهائڻ تي هو وري اتي اَن لڻڻ لڳا، جتي آءٌ لڪو ويٺو هوس. مون کان جيترو ٿي سگهيو اوترو هنن کان پري رهيس، مگر وڍيل ڪانا جي ڪٿي ڪٿي هڪ فوٽ کان پري نه هئا، تن جي وچان آءٌ پاڻ کي ڏاڍيءَ ڏکيائيءَ سان لنگهائي ٿي سگهيس. انهيءَ هوندي به مون اڳتي وڌڻ لاءِ زور لاتو، نيٺ ٻنيءَ ۾ انهيءَ هنڌ آيس، جتي مينهن ۽ واءُ جي ڪري اَن جا ڪانا ڪِري سٿا ٿي پيا هئا. اتي ته هڪڙي وک به کڻي نٿي سگهيس. جو ڪانا اهڙا پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا هئا، جو آءٌ انهن منجهان سِري نڪري نٿي سگهيس، ۽ جَوَن جي ڪِريلن سنگن جا بُج اهڙا سخت ۽ چهنبيارا هئا، جو منهنجن ڪپڙن مان لنگهي بت ۾ پئي چُڀيا.
    ساڳئي وقت ۾ مون لڻڻ وارن جو آواز پئي ٻڌو، جي منهنجي پٺيان سوء يارڊن کان پري نه هئا. آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس. ۽ نهايت ڏکارو ۽ نااميد ٿي ٻن ٻنن جي وچ ۾ ليٽي پيس، ۽ اها دعا پئي ڪيم ته اتي منهنجا ڏينهن پورا ٿين. ڄاتم ته ويچاري بيوهه زال ۽ يتيم ٻار الائجي ڪيئن ڪندا، دل ۾ چيم ته ڏاڍي بي عقلي ۽ اُٻهرائي ڪيم، جو پنهنجن سڀني دوستن ۽ مائٽن جي مرضيءَ جي برخلاف هن ٻيءَ مسافري تي نڪتس!
    اهڙي غمگيني ۽ ملولائيءَ جي حالت ۾ مون کي لِليپٽ ياد پيو، جتي جا ماڻهو مون کي دنيا ۾ هڪڙو نهايت عجيب مخلوق سمجهندا هئا ۽ جتي آءٌ هنن جا سڀ جنگي جهاز هٿ سان ڇڪي وٺندو هوس ۽ اهڙا ٻيا ڪم ڪندو هوس، جي انهيءَ بادشاهت جي تاريخ ۾ هميشه قائم رهندا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيڻ لڳو ته هن قوم ۾ آءٌ اهڙو ننڍڙو شمار ۾ اچان ٿو جهڙو لِليپٽ جو هڪڙو ماڻهو، جيڪو اسان وٽ شمار ۾ اچي.
    مون ڄاتو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه تمام ڳري مصيبت بڻجي ويئي هئي، ڇالاءِ ته جيئن انسان قد جي نظر تي زياده جهنگلي ۽ ظالم ٿيندا آهن، تيئن پڪ هيم ته هنن ديون يا راڪاسن مان جيڪو پريندي مون کي پڪڙيندو، سو مون کي هڪڙو گرنهه مس ڪندو.
    مون کي اهڙو ڊپ هو، جو اهڙا خيال گهڻي تائين ڪري نه سگهيس، اوچتو لڻڻ وارن سان هڪڙو منهنجي لِڪڻ واريءَ جاءِ جي ڏهن يارڊن اندر ويجهو آيو. مون کي اهو ڊپ ٿيو ته جي ٻيو قدم کنيائين ته آءٌ سندس پير هيٺان چپجي مري پوندس. سندس ڏانٽي سان وڍجي ٻه اڌ ٿي پوندس. تنهنڪري وري جڏهن چرڻ جي ڪيائين، تڏهن ڊپ کان مون ڏاڍي رڙ ڪئي. تڏهن هن ديو پنهنجو قدم کڻي ننڍو ڪيو ۽ ڳچ تائين پنهنجي هيٺان نهاري نهاري نيٺ مون کي ستل ڏٺائين.
    هن ٿوري تائين خيال ڪيو، جيئن ته ڪو ڪنهن ڪيئن يا جيت وٺندي سنڀال ڪري، ته متان رهنڊو پائي يا چَڪ هڻي. نيٺ هن مون کي پٺيان چيلهه کان چپٽيءَ سان کنيو ۽ اکين کان ٽن يارڊن تي آندائين ته منهنجي شڪل چتائي ڏٺي. مون هن جو مطلب سمجهيو، خوش قسمتيءَ جي ڪري مون کي انهيءَ مهل اهڙيءَ همت آئي، جو مون ارادو ڪيو ته جيئن هو مون کي هوا ۾ کنيو بيٺو هو، تيئن ذرو به نه چران ته متان هن جي آڱرين مان ترڪي ڪِري پوان، جيتوڻيڪ هن جي چپٽيءَ جي زور ڪري منهنجا پاسا پئي ڏکيا.
    مون رڳو ايترو ڪيو، جو اکيون کڻي سج ڏي ڪيم، ۽ هٿ ٻڌي ڏاڍي ڏکاري آواز سان پنهنجي حال وٽان ڪو عرض ڪيم، ڇالاءِ جو مون کي ڊپ هو ته اجهو ٿو مون کي زمين تي اُڇلائي، جيئن اسين ڪنهن ڪرهت جهڙي ڪِئِين کي ناس ڪرڻ جي ارادي سان ڪندا آهيون، پر منهنجا نصيب چڱا هئا، جو هن کي منهنجو آواز ۽ منهنجا اشارا وڻي ويا ۽ هو مون کي عجب جهڙو جيت سمجهڻ لڳو، ۽ منهنجي ڳالهائڻ تي حيرت لڳيس، جيتوڻيڪ هو سمجهي نه سگهيو.
    انهيءَ وچ ۾ آءٌ سڏڪن ڀرڻ ۽ هنجن هارڻ کان رهي نه سگهيس ۽ مٿو پاسن ڏي لاڙيم ته هن کي خبر پوي ته سندس آڱوٺي ۽ آڱر جي زور ڪري مون کي ايذاءُ ٿو رسي. ڀانئجي ٿو ته هن منهنجو مطلب پروڙيو، ڇالاءِ جو پنهنجي ڪوٽ جو پلئو کڻي، مون کي آهستي لاهي، انهيءَ تي رکيائين، ۽ هڪدم ڊوڙي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ ويو، جو زميندار هو، ۽ اُهو ساڳيو شخص هو، جنهن کي مون پريندي ٻنيءَ ۾ ڏٺو هو.
    هنن جي ڳالهائڻ مان مون سمجهيو ته زميندار پنهنجي نوڪر جو بيان ٻڌي هڪڙو ڪک کنيو، جو لٺ جيڏو هو، ۽ انهيءَ سان منهنجي ڪوٽ جا پلئو کڻي ڏٺائين. ڀانيائين ته اهو به ڪو منهنجي بت جو قدرتي پوش آهي. هن ڦوڪون ڏيئي منهنجا وارا پاسي ڪيا انهيءَ لاءِ ته منهنجو منهن چتائي ڏسي. هن پنهنجي ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏي پڇيو ته ”اوهان ڪو هن جهڙو جيت هنن ٻيٽن ۾ ڪڏهن ڏٺو؟“
    پوءِ هن مون کي آرام سان زمين تي کڻي اونڌو رکيو، پر آءٌ جهٽ ۾ اٿي بيٺس، ۽ آهستي هيڏي هوڏي هلڻ لڳس، ته ڀلي هنن کي خبر پوي ته آءٌ ڀڄڻ وارو ناهيان. هو سڀ چوڌاري مون کي حلقو هڻي ويهي رهيا، انهيءَ لاءِ ته چتائي ڏسن ته آءٌ ڇا ٿو ڪريان. مون پنهنجي ٽوپي لاهي ڪنڌ جهڪائي زميندار کي سلام ڪيو، ۽ گوڏن ڀر ويهي ۽ اکيون مٿي ڪري تمام وڏي سڏڪي سان ڳالهايم ۽ پنهنجي کيسي مان سون جي مهرن جو ٻٽئون ڪڍي نياز سان نذرانو ڪري هن جي اڳيان رکيم.
    هن اهو پنهنجي تريءَ تي ورتو ۽ اکين جي اڳيان جهلي ڏٺائين ته ڪهڙي شيءِ آهي، پوءِ پنهنجي آستين مان هڪڙي ٽاچڻي ڪڍي انهيءَ سان ڪيترائي ڀيرا انهيءَ کي اُٿلايائين، پر سڃاڻي نه سگهيو ته ڇا آهي. تڏهن مون اشاري سان چيس ته پنهنجو هٿ زمين تي رکي. هن ائين ڪيو، ۽ مون ٻٽئونءَ مان سڀ مهرون هن جي تريءَ ۾ هاري وڌيون. ڇهه اسپين جون مهرون ۽ ويهه يا ٽيهه ٻيا ننڍا سِڪا هئا. مون ڏٺو ته هن پنهنجي چيچ جي چوٽي زمين تي ڀڄائي هڪڙي مهر کڻي ورتي، پوءِ وري ٻي کنيائين، پر ائين پئي معلوم ٿيو ته هن کي خبر نه پئي پئي ته اهي ڇا آهن. هن مون کي اشارو ڪري چيو ته ”اهي وري ٻٽونءَ ۾ وجهه.“ انهيءَ ڪري ٻٽون وري پنهنجي کيسي ۾ وڌم، جو هن کي اهو ڪيترائي ڀيرا آڇيم پر هن وٺڻ جو خيال نه ڏيکاريو. ايتري مان زميندار کي پڪ ٿي ته آءٌ سمجهه وارو جانور آهيان. هن گهڻائي ڀيرا مون سان ڳالهايو. پر هن جو آواز پاڻيءَ جي چڪيءَ جي آواز وانگي منهجن ڪنن کي چيريندو ويو. انهيءَ هوندي به هن جا لفظ چٽا ٻڌڻ ۾ آيا. مون ڪيترن ئي ٻولين ۾ وڏي آواز سان جواب ڏنو ۽ هن ذري ذري پنهنجو ڪن لائي، مون کي ٻن يارڊن تي آڻي ٿي جهليو، پر اسين هڪٻئي جو مطلب اصلي سمجهي نه سگهياسين.
    تنهن کانپوءِ هن پنهنجن نوڪرن کي پنهنجي ڪم تي موڪليو، ۽ کيسي مان رومال ڪڍي ٻيڻو ڪري پنهنجي کٻي هٿ تي کڻي وڇايائين، ۽ هٿ کڻي پٺيرو زمين تي رکيائين، ۽ اشاري سان مون کي تريءَ تي ويهڻ لاءِ چيائين. هٿ فوٽ کن ٿُلهو هو، تنهنڪري آءٌ آساني سان ٽپ ڏيئي انهيءَ تي چڙهي ويٺس. مون حڪم مڃڻ فرض سمجهيو، ۽ ڪرڻ جي ڊپ کان سنئون ٿي رومال تي سمهي پيس. رومال جي باقي ڀاڱي سان هن وري مون کي مٿي تائين ڍڪي ڇڏيو، ته زياده سلامتي هجي. انهيءَ حال ۾ هو مون کي کڻي پنهنجي گهر هليو.
    اتي هلي هن پنهنجي زال کي سڏيو، ۽ انهيءَ کي ڪپڙو لاهي منهنجي شڪل ڏيکاريائين. پر هوءَ دانهن ڪري پٺتي ڀڳي، جيئن انگلينڊ ۾ زالون ڏيڏر يا ڪوريئڙي ڏسڻ تي ڪنديون آهن. انهيءَ هوندي به جڏهن هن منهنجي هلت چلت ڏٺي، ۽ ڏٺائين ته آءٌ ڪيئن سندس مڙس جا اشارا سمجهان ٿو، تڏهن جلد ئي هوءَ خوش ٿي ۽ درجي بدرجي مون تي تمام مهربان ٿيڻ لڳي.
    ٻنپهرن جو، هڪڙو نوڪر ماني کڻي آيو. سادي طعام جي فقط هڪڙي رڪابي هئي، جهڙو هاري ماڻهو کائيندا آهن. اها رڪابي چوويهه فوٽ قطر ۾ هئي. زميندار، سندس زال، ٽي ٻار ۽ هڪڙي سندن ناني سڀئي گڏجي اُها کائڻ ويٺا: زميندار مون کي ميز تي ٿورو پرڀرو کڻي رکيو، جو اها زمين کان ٽيهه فوٽ مٿي هئي.
    مون کي ڏاڍو ڊپ هو، ۽ ميز جي ڪناري کان جيترو اندر ڀرو ٿي سگهيو اوترو رڙهي ويٺس، ته متان ڪِري پوان. زال گوشت جو هڪڙو ٽڪر وڍي ذرا ذرا ڪري، انهيءَ ۾ ماني ٽُڪر ڀوري، مانيءَ جي تختيءَ تي رکي، منهنجي اڳيان رکيو. مون نِوڙي کيس سلام ڪري پنهنجي ڇُري ۽ ڪانٽو ڪڍيو ۽ کائڻ لڳس. اهو ڏسي هنن کي ڏاڍو مزو لڳو. زال پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي پاڻيءَ جي ننڍڙي پيالي آڻڻ لاءِ چيو. اها ٻن گئلن جي ماپ هئي. انهيءَ ۾ هن شراب وڌو.
    مون ڏاڍيءَ مشڪلات سان اُهو پيالو ٻنهي هٿن ۾ کنيو. ڏاڍي ادب ۽ تعظيم سان انهيءَ مائيءَ کي تندرستيءَ جي دعا ڪري پي ويس. جيڪي چيم سو انگريزيءَ ۾ چيم ۽ وڏي آواز سان چيم، تنهن تي هو اهڙا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا، جو منهنجا ڪن ٻوڙا ٿيو پئي ويا. شراب سواد ۾ صوفن مان نڪتل شراب جهڙو هو ۽ خراب ڪين ٿي لڳو. تنهن کانپوءِ زميندار مون کي پنهنجي رڪابيءَ جي پاسي وٽ اچڻ لاءِ چيو. آءٌ حيرانيءَ مان ميز تان پنڌ ڪندو ٿي آيس، ته رستي ۾ مانيءَ جي هڪڙي ڀور تي آٿڙجي پيس ۽ منهن ڀر وڃي ڦهڪو ڪيم، پر ايذاءُ ڪونه پهتم.
    آءٌ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيس، ميز تي ويٺل ماڻهن کي مون تي قياس آيو، تنهنڪري مون سندن تعظيم لاءِ پنهنجي ٽوپي لاهي ڪڇ ۾ ڪئي ۽ مٿي جي مٿان ڦيرائي ٽي ڀيرا خوشيءَ جو نعرو هنيم، انهيءَ لاءِ ته ڏيکاريان ته ڪِرڻ ڪري مون کي ڪو ايذاءُ نه آيو آهي. پوءِ آءٌ زميندار وٽ هلي ويس، جنهن کي اڳتي آءٌ ”پنهنجو ڌڻي“ سڏيندس. سندس ننڍڙو پٽ، جو سندس پاسي ۾ ويٺل هو ۽ فقط ڏهن ورهين جو ڇوڪر هو، تنهن مون کي ٽنگن کان وٺي کنيو ۽ هوا ۾ ايترو مٿي کڻي جهليائين، جو منهنجو عضوو عضوو پئي ڏڪيو. پر پڻس سندس هٿن مان مون کي کڻي ورتو، ۽ هن کي کٻي ڪَن تي اهڙو گهوشو هنيائين جو جيڪر يورپي گهوڙن جي لشڪر کي زمين تي ڪيرائي وجهي ها. پوءِ حڪم ڏنائين ته مون کي ميز تان وٺي وڃن.
    مون کي ڊپ ٿيو ته متان اهو ڇوڪر مون سان وير رکي، ۽ خبر هيم ته اسان جا ڇوڪر جهرڪين،سَهن ۽ ڪُتن جي پلونگلڙن کي حرڪت ڪري ڪيترو نه ايذاءُ پهچائيندا آهن، تنهنڪري گوڏن ڀر ويهي اشارن سان عرض ڪيم ته آءٌ سندس پٽ کان معافي وٺڻ ٿو گهران، پيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڇوڪر وري پنهنجيءَ جاءِ تي ويهي رهيو. مون وڃي سندس هٿ چميو. پڻس اهو هٿ وٺي انهيءَ سان آهستي منهنجا پُٺا ٺپرايا.
    ماني کائيندي منهنجي ڌياڻيءَ جي هريل ٻِلي ٽپ ڏيئي سندس جهوليءَ ۾ ويهي رهي. انهيِءَ وقت مون کي پٺيان اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جهڙو ڏهه _ ٻارهن جوراب اُڻندڙ ڪلن سان ڪندا آهن. جڏهن مٿو ورائي ڏٺم، تڏهن معلوم ٿيو ته ٻلي ٿي اهو پيار جو آواز ڪري. ٻلي به قد ۾ ٽن ڍڳن جيڏي هئي، جو انهيءَ جي مٿي ۽ چنبن مان مون کي ائين پئي معلوم ٿيو. سندس ڌياڻيءَ کيس ويٺي کارايو ۽ ٺپريو به ٻليءَ جي خوفناڪ شڪل ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو، جيتوڻيڪ آءٌ ميز جي پرانهينءَ ڪنڊ تي هوس ۽ اٽڪل پنجاهه فوٽ پري هوس. جيتوڻيڪ مائي ان کي جهليو ويٺي هئي، مون کي پنهنجن چنبن ۾ جهلي پر حقيقت ڪري ڪوبه ڊپ جو سبب ڪونه هو، ڇا لاءِ جو ٻليءَ مون ڏي ڪوبه خيال ڪونه ڪيو ۽ منهنجي ڌڻيءَ مون کي انهيءَ کان ٽن يارڊن جي اندر کڻي رکيو.
    مون به پنهنجو ڊپ ظاهر نه ڪيو، جو هميشه ٻڌو هوم ۽ سفر ڪندي آزمودي مان معلوم ڪيو هوم ته ڪنهن خوفناڪ جانور جي اڳيان ڀڄڻ يا ڊپ ڏيکارڻ ڪري اهو پٺيان ڪاهي پوندو آهي. آءٌ همت جهلي ٻليءَ جي بنهه مٿي جي اڳيان پنج_ ڇهه ڀيرا هليس ۽ کيس اڌ يارڊ تي به ويجهو ويس... ته هوءَ هٽي پٺتي ٿي، ڄڻ ته مون کان ڊڄي ٿي. ٽي_ چار ڪتا به اندر جاءِ ۾ گهڙي آيا، جي اڪثر زميندارن جي گهرن ۾ ٿيندا آهن، پر انهن جو مون کي اهڙو ڊپ نه ٿيو. هڪڙو ته وڏو چئن هاٿين جي قد جيڏو ۽ ٻيو انهيءَ کان ڊگهو هو. ليڪن وڏو نه هو.
    جڏهن ماني بس ٿيڻ تي آئي، تڏهن دائي هڪڙو ننڍڙو ورهيه کن جو ٻار ڪڇ تي کڻي آئي. انهيءَ مون کي ڏسي هڪدم رڙ ڪئي، جو ڀانيائين ته آءٌ ڪا راند جي شيءِ آهيان، سا وٺي _ جيئن اڪثر ننڍڙا ٻار ڪندا آهن. اها رڙ هئي، جا ”لنڊن جي پُل“ کان وٺي ”چيلسيءَ“ تائين جيڪر ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهن مون کي کڻي هن جي اڳيان رکيو ۽ هن هڪدم کڻي مون کي چيلهه کان ورتو ۽ مٿو کڻي وات ۾ وڌائين. تنهن تي مون هاءَ ڦاٽيون اهڙيون دانهون ڪيون، جو ٻارڙو ڊڄي ويو ۽ مون کي کڻي ڇڏيائين. جي ماڻس اڳ جي ڪپڙي سان مون کي نه جهلي وٺي ها، ته منهنجو ڪنڌ ئي ڀڄي پوي ها. دائي ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هڪڙو جهنجهڻو کڙڪايو، جو هڪڙو پورو ٿانءُ وڏن پهڻن سان ڀريل هو ۽ هڪڙو وڏو نوڙ، جنهن جو هڪڙو پاسو انهيءَ ۾ ٻڌل هو، تنهن جو ٻيو پاسو ٻار جي چيلهه سان ٻڌو پيو هو.
    جڏهن ماني پوري ٿيڻ تي آئي، تڏهن منهنجو ڌڻي ٻاهر نڪري مزدورن ڏي ويو، ۽ سندس آواز اشارن مان معلوم ڪيم ته زال کي منهنجي نظرداريءَ جو سخت تاڪيد ڪيائين. آءٌ ڏاڍو ٿڪو هوس ۽ ننڊ ٿي آيم. منهنجي ڌياڻيءَ اهو حال ڏسي، مون کي پنهنجي هنڌ تي کڻي رکيو ۽ هڪڙو صاف اڇو رومال منهنجي مٿان وجهي ڇڏيائين، پر اهو اسان جي مکيه سڙهه کان به وڏو ۽ ٿلهو هو.
    آءٌ اٽڪل ٻه ڪلاڪ ستو پيو هوس ۽ خواب پئي لڌم ته گهر پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ويٺو آهيان. جڏهن جاڳيس، تڏهن انهيءَ ڪري ڏک ٿيم، جو پاڻ کي هيڏيءَ ساريءَ جاءِ ۾ اڪيلو ڏٺم، جا ٻه _ ٽي سوء يارڊ ڪشادي ۽ ٻه سوء يارڊ مٿي هئي، رڳو هنڌ تي ويهه يارڊ ويڪرو هو. منهنجي ڌياڻي گهر جي ڪم ڪار پٺيان ويئي هئي ۽ مون کي جاءِ ۾ ڪلف ڏيئي بند ڪري ويئي هئي. هنڌ زمين کان اَٺ يارڊ مٿي هو. آءٌ هنڌ ۾ پيو هوس ته ٻه ڪُئا پردن مان سري چڙهي آيا ۽ سنگهندا هيڏي هوڏي هنڌ تي ڊوڙڻ لڳا.
    انهن مان هڪڙو ته منهنجي منهن وٽ آيو ۽ آءٌ ڊپ کان ٽِپ ڏيئي اٿيس. اهي خوفناڪ جانور مون تي ٻنهي پاسن کان ڪاهي آيا، ۽ هڪڙي ته پنهنجا اڳيان پير منهنجي ڳچيءَ تي آڻي رکيا، پر آءٌ چڱي نصيب وارو هوس جو هڻي ماري رکيومانس ۽ هو مون کي ڪو نقصان پهچائي نه سگهيو. هو منهنجن پيرن وٽ ڪِري پيو، ۽ ٻيو پنهنجي سنگتيءَ جو حال ڏسي اُٿي ڀڳو، پر ڀڄندي به پٺن تي اهڙو ڌڪ هنيو مانس جو رت ٽمائيندو هليو ويو.
    انهيءَ کانپوءِ ساهه کڻڻ ۽ سامت ۾ اچڻ لاءِ هنڌ تي ويهي پسار ڪرڻ لڳس، اهي ڪُئا قد ۾ وڏي ڪُتي جيڏا هئا، مگر انهن کان زياده چالاڪ ۽ خوفناڪ هئا. جيڪڏهن آءٌ پٽو لاهي سمهي پوان ها، ته جيڪر مون کي ڦاڙي ٽُڪر ڪري ڳڙڪائي وڃن ها. مُئل ڪُئي جو پُڇ مون ماپيو ته ٻه يارڊ ڊگهو ٿيو، فقط هڪڙو انچ گهٽ ٿيو، اهو مون هنڌ تان ڇڪي اڇلائي ڇڏڻ نه گهريو، اتي ئي پيو هو ۽ رت پئي وهيس. مون ڏٺو ته اڃا ساهه اٿس، تنهنڪري ڳچيءَ تي زور سان ڌڪ هڻي اصل ماري ڇڏيومانس.
    سگهوئي پوءِ منهنجي ڌياڻي جاءِ ۾ آئي ۽ مون کي رت ۾ ڀريل ڏسي ڊوڙي اچي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين. مون کِلي مُئل ڪُئي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٻين اشارن سان سمجهايومانس ته مون کي ايذاءُ نه پهتو آهي. تنهن تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيائين ته مئل ڪُئو چمٽي سان کڻي، دريءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏ.“ پوءِ پاڻ مون کي کڻي ميز تي رکيائين. جتي مون هن کي پنهنجي ترار رت سان ڀريل ڏيکاري، ۽ پنهنجي ڪوٽ جي دامن سان اُگهي وري کُپ ۾ وجهي ڇڏيم.


    باب ٻيو : گليور جي ڪري زميندار کي بخت لڳي ٿو

    منهنجي ڌياڻيءَ کي نون ورهين جي ڌيءُ هئي، جا پنهنجي عمر جي ڪري ڏاڍن گڻن واري هئي، ۽ سئيءَ جي ڪم ۾ هوشيار هئي ۽ ننڍڙي ٻار جي ڪپڙن ڍڪائڻ ۾ چالاڪ هئي. انهيءَ ٻارڙي جو پينگهو انهيءَ ڇوڪري ۽ سندس ماءُ منهنجي رات جي سمهڻ لاءِ ٺاهي تيار ڪري ڇڏيو. پينگهو ڪٻٽ جي هڪڙي خاني ۾ کڻي رکيائيون، ۽ اهو خانو هڪڙي لڙڪندڙ جاري تي رکيائون، انهيءَ ڊپ کان ته متان مون کي ڪئا نقصان پهچائين. جيسين آءٌ انهن ماڻهن وٽ هوس، تيسين اهو منهنجو هنڌ هو، جيتوڻيڪ وقت بوقت جيئن جيئن آءٌ هنن جي ٻولي سکندو ويس ۽ منهنجي گهرجن جي هنن کي خبر پوندي ويئي، تيئن تيئن هو انهيءَ کي سڌاريندا زياده آسائش جهڙو ڪندا ويا.
    اها ڇوڪري ٻولي سيکارڻ لاءِ منهنجي استاد ۽ ماسترياڻي هئي. جڏهن آءٌ ڪا شيءِ ڏيکاريندو هو سانس، تڏهن هو انهيءَ جو نالو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻڌائيندي هئي. انهيءَ طرح ٿورن ئي ڏينهن ۾ جيڪي وڻندو هو، سو گهري وٺي سگهندو هوس. هوءَ ڏاڍي چڱي طبيعت جي هوندي هئي، ۽ عمر جي ننڍائيءَ ڪري قد ۾ چاليهن فوٽن کان مٿي نه هوندي هئي. هن مون کي مئنيڪن جو نالو ڏنو، يعنيٰ ”ننڍڙو ماڻهو“. هن ئي جي ڪري آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ صحيح سلامت رهي سگهيس، ۽ جيسين اتي هوس تيسين هن کان ڌار نه ٿيس. آءٌ هن کي ”گلمڊال ڪلچ“ يعنيٰ ”ننڍڙي دائي“ سڏيندو هوس، جيڪا محبت هوءَ مون کي ڏيکاريندي هئي، ۽ جنهن جي عيوض ڏيڻ لاءِ وس پڄندي منهنجي دلي خواهش هوندي هئيم تنهن جو آءٌ تعريف جهڙو ذڪر نه ڪريان، ته جيڪر نااحسانمند ليکجان، پر مون کي ڊپ آهي ته ناحق منهنجي ڪري هن تي بي آبروئيءَ جهڙو الزام آيو.
    اِتي آسپاس معلوم ٿيڻ لڳو ته منهنجي ڌڻيءَ ٻنيءَ ۾ هڪڙو عجيب جانور لڌو آهي، جو شڪل ۾ بلڪل ماڻهوءَ جهڙو آهي ۽ انهيءَ وانگي هلي چلي ٿو. هو ڳالهائي به پنهنجي ننڍڙيءَ ٻوليءَ ۾ ٿو ۽ سندس ڪي لفظ به اڳي ياد ڪيا اٿس، هلي ٻن ٽنگن تي اچي ٿو، هريل ۽ نرم طبيعت وارو آهي. سڏ تي هليو اچي، جيڪي چئجيس ٿو سو ڪري ٿو. عضوا تمام چڱا اٿس ۽ منهن جو رنگ ڪنهن امير ماڻهوءَ جي ٽن ورهين جي ڌيءَ کان به وڌيڪ گورو اٿس.
    ٻيو هڪڙو زميندار، جو نزديڪيءَ ۾ رهندو هو ۽ منهنجي ڌڻيءَ جو گهاٽو يار هو، سو ملاقات جي لاءِ آيو، خاص انهيءَ ڪم واسطي ته انهيءَ ڳالهه جي تحقيقات ڪري. هڪدم مون کي آڻي ميز تي رکيائون. اتي جيئن مون کي حڪم ڏنائون، تيئن هليس: پنهنجي ترار ڪڍيم، وري کپ ۾ وڌيم، مهمان کي سلام ڪيم، سندس ٻوليءَ ۾ خير عافيت پڇي مانس، ۽ جيئن منهنجي ننڍڙيءَ دائيءَ مون کي سيکاريو هو، تيئن چيومانس ته ”ڀلي ڪري آيو.“
    اهوشخص جو ٻڍو ۽ ڪم نظر هو، تنهن مون کي چٽيءَ طرح ڏسڻ لاءِ عينڪ وڌي، تنهن تي آءٌ ڏاڍو کِليس، ڇالاءِ جو هن جون اکيون اهڙيو پئي ڏسڻ ۾ آيون، جهڙيون چوڏهينءَ جو چنڊ جو ٻن درين کان جاءِ ۾ چمڪندو آهي. گهر جي ڀاتين، جو منهنجي کل ۽ خوشيءَ جو سبب معلوم ڪيو، سي به مون سان گڏ کلڻ لڳا، تنهن تي اهو ٻڍو بي عقلي ڪري ڪاوڙيو. هو ڏاڍو ڪنجوس مشهور هو، ۽ هو به برابر اهڙو، ڇا لاءِ جو منهنجي بدنصيبي ڪري هن منهنجي ڌڻي کي صلاح ڏني ته پاسي وارو شهر، جو اسان جي گهر کان اٽڪل ٻاويهه ميل هو ۽ ڪلاڪ کن گهوڙي جو پنڌ هو ۽ جتي ميلو لڳڻو هو، اتي انهيءَ ڏينهن خلق جي اڳيان مون کي ڏيکاري پئسا گڏ ڪري.
    مون کي شڪ پيو هو ڪا حرڪت ٿا سٽين، جو منهنجي ڌڻيءَ ۽ سندس دوست ڳچ تائين سُس ڦُس ڪئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون ڏي به پئي اشارا ڪيائون، ڊپ جي ڪري مون ڀانيو ته مون هنن جي ٻولي سمجهي هئي. پر ٻئي ڏينهن منهنجي ننڍڙي دائي، ”گلمڊال ڪلچ“، مون کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، جا هن اٽڪل ڪري پنهنجي ماءُ کان پڇي هئي. ويچاريءَ مون کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو ۽ شرم ۽ ڏک کان روئڻ لڳي. هن کي اهو ڊپ هو ته عام خلق مون کي چپي ماري وجهندي، يا هٿن ۾ کڻي ڪو عضوو ڀڃي وجهندي.
    هن کي اها خبر هئي ته آءٌ طبيعت جي ڪري لڄارو آهيان ۽ پنهنجي عزت آبرو جي مون کي گهڻي ڳڻتي ٿي رهي ۽ تنهن ڪري پئسن جي لاءِ خسيس ماڻهن جي اڳيان تماشي جي واسطي رکجڻ مون کي پسند نه ايندو. هن چيو ته ”منهنجي ماءُ ۽ پيءُ، انجام ڪيو آهي ته ”هي ننڍڙو ماڻهو تنهنجو آهي.“ پر هاڻ آءٌ ڏسان ٿي ته جيئن پَرسال مون سان ٺڳي ڪئي هئائون، تيئن هيل به ڪرڻ ٿا گهرن. پرسال انجام ڪيائون ته هڪڙو ڇيلو توکي ڏينداسين، پر جڏهن اهو مچي ٿلهو ٿيو، تڏهن ڪاسائيءَ کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيائون.“
    پنهنجي لاءِ پڪ سان ٿو چوان ته منهنجي دائيءَ کي ڳڻتي هئي، پر مون کي ڪانه هئي. مون کي پڪي اميد هئي ته هڪڙي ڏينهن آءٌ آزاد ٿيندس،۽ انهيءَ اميد مون کي اصل نه ڇڏيو.
    منهنجو ڌڻي پنهنجي دوست جي چئي لڳي، ميلي واري ڏينهن، مون کي هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري، پاسي واري شهر ۾ کڻي هليو، ۽ پنهنجي پٺيان پنهنجي ڌيءَ به چاڙهي هليو، جا منهنجي دائي هئي، پيتي چوڌاري بند هئي. منجهس فقط ڪي ٿورا سوراخ هئا. ڇوڪريءَ ايتري به خبرداري ڪئي هئي، جو پنهنجي رضائي اندر لنگهائي ڇڏي هئائين ته انهيءَ تي آءٌ ستو پيو هجان.
    انهيءَ هوندي به انهيءَ مسافريءَ تي ڏاڍا لوڏا آيا ۽ تڪليف رسي. جيتوڻيڪ وقت فقط اڌ ڪلاڪ لڳو، ڇالاءِ جو گهوڙي جو هر هڪ قدم اٽڪل چاليهه فوٽ هو، ۽ اهڙو تڪڙو ٿي هليو، جهڙو ڪو جهاز وڏي طوفان ۾ هيٺ مٿي ٿيندو آهي.... پاڻ انهيءَ کان زياده جلد جلد اهڙولوڏو ٿي آيو، منهنجو ڌڻي پهرين هڪڙيءَ مهمانسراءِ ۾ لٿو، جتي هو هميشه ايندڙ هو.
    سراءِ جي مالڪ سان ٿورو وقت صلاح ڪري، ۽ ضروري تياري ڪري، هن هڪڙو پڙهي ڏيڻ وارو هٿ ڪيو، ۽ انهيءَ کي حڪم ڏنائين ته شهر ۾ پڌرو ڪرائي ته وڏي باز جي نشان واريءَ سراءِ ۾ هڪڙو عجيب جانور ڏسي سگهجي ٿو. ”سپلئڪنڪ“ جيڏو به ڪين آهي ۽ ڪي لفظ به ڳالهائي ٿو ۽ سوين مزي جهڙا ناٽ ڪري سگهي ٿو. سپلئڪنڪ انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو خوبصورت جانور آهي، جو اٽڪل ڇهه فوٽ قد ۾ آهي ۽ بت جا سڀ عضوا ماڻهوءَ جهڙا ٿا ٿينس.
    سراءِ ۾ جيڪا وڏي جاءِ هئي، تنهن ۾ مون کي کڻي هڪڙيءَ ميز تي رکيائون. اها ميز اٽڪل ٽي سئو فوٽ چورس هئي. منهنجي ننڍڙي دائي ميز جي پاسي ۾ هڪڙي اسٽول يا صندليءَ تي چڙهي بيهه رهي. انهيءَ لاءِ ته منهنجي سنڀال ڪري ۽ مون کي سمجهائي ته ڇا ڪريان. منهنجي ڌڻيءَ گوڙ بند ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ته دفعي دفعي ۾ فقط ٽيهه ماڻهو منهنجي ڏسڻ لاءِ اچن. ڇوڪريءَ جي چوڻ پٺيان آءٌ ميز تي هليس ٿي. هن مون کان ڪي سوال ٿي پڇيا، اهڙن لفظن ۾ جي هن ڄاتا ٿي ته منهنجي سمجهه ۾ ايندا، ۽ مون انهن جا تمام وڏي آوازسان جواب ڏنا ٿي.
    آءٌ ڪيترائي ڀيرا ماڻهن ڏي منهن ڪري ٿي بيٺس. هنن کي سلام ٿي ڪيم، چيو مان ٿي ته ”ڀلي ڪري آيئو“، ۽ ٻيو جيڪي مون کي سيکاريو هئائون سو ٿي چيم، گلمڊال ڪلچ مون کي هڪڙو انگشتان پاڻي پيئڻ لاءِ پيالو ڪري ڏنو هو، سو مون ڪڍي پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ ماڻهن کي دعا ڪري اهو ٿي پيتم. پنهنجي ترار ڪڍي ٿي هوا ۾ لوڏيم، جيئن انگلينڊ ۾ پلٿي ڪرڻ وارا ڪندا آهن.
    منهنجي دائيءَ مون کي ڪک جو ٽڪر ڏنو جو مون ڀالو ڪري ڪم آندو ۽ انهيءَ سان راند ڪري ڏيکاريم، جا مون ننڍي هوندي سکي هئي. انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻارهن دفعن مون کي اچي ڏٺو ۽ اوترائي دفعا مون کي ساڳيائي ڪم وري وري ڪرڻا پيا. انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو بيزار ٿيس ۽ ٿڪجي پيس. جن ماڻهن مون کي ڏٺو هو، تن اهڙيون عجيب غريب ڳالهيون وڃي ٻين سان ڪيون، جو ماڻهن در ڀڃي به اندر اچڻ ٿي گهريو.
    منهنجي ڌڻيءَ پنهنجي فائدي لاءِ، منهنجي دائيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نٿي ڇڏيو ته مون کي هٿ لائي، ۽ منهنجي چوڌاري ميز تي ٿوري پنڌ تي بينچ رکي ويا، ته متان ڪو هٿ ڊگهيري مون کي وٺي يا ڪو ٻيو نقصان پهچائي. انهيءَ هوندي به هڪڙي ڪمبخت اسڪول جي ڇوڪر هڪڙي سوپاري منهنجي مٿي تي اڇلائي هنئي، جا ذري گهٽ مون کي لڳي هئي. اها اهڙي زور سان آئي، جو جي لڳي ها ته منهنجو ميڄالو ئي ڪڍي رکي ها، ڇالاءِ جو اها ايڏي وڏي هئي جيڏو ننڍو ڪدو ٿئي. پر آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس، جو انهي بدمعاش کي خوب مار ڏنائون ۽ جاءِ مان هڪالي ڪڍي ڇڏيائون.
    منهنجي ڌڻيءَ عام اشتهار ڪيو ته وري ايندڙ ٻئي ميلي تي مون کي ڏيکاريندو. انهيءَ وچ ۾ هن منهنجي کڻڻ لاءِ ٻيو بندوبست ڪيو، جو فائدي جي نظر تي هن خوشيءَ سان ڪيو. پهرينءَ ئي مسافري ڪري ۽ اٺ ڪلاڪ سانده تماشي ڪرڻ ڪري، آءٌ اهڙو ٿڪجي پيس، جو پنهنجن ٽنگن تي بيهي يا ڪو اکر ڳالهائي نٿي سگهيس. ٽن ڏينهن کانپوءِ مس آءٌ سامت ۾ آيس. پر گهر ۾ به ماڻهن مون کي آرام وٺڻ نٿي ڏنو، ڇالاءِ جو آسپاس سئو کن ميلن جي اندر ڪيترائي سکر ماڻهو خود منهنجي ڌڻيءَ جي گهر منجهه منهنجي ڏسڻ لاءِ آيا.
    منهنجي ڌڻيءَ ڏٺو ته منهنجي ڪري هن کي گهڻو فائدو ٿيڻو آهي، تنهن ڪري هن ارادو ڪيو ته ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ مون کي کڻي وڃي. انهيءَ ارادي سان وڏي مسافريءَ جي لاءِ سڀ ضروري شيون موجود ڪري، ۽ گهر جي ڪم ڪارين جو پورو بندوبست ڪري، هن زال کان موڪلايو ۽ سن 1703ع جي آگسٽ مهيني جي سترهين تاريخ، يعنيٰ، منهنجي اچڻ کان اٽڪل ٻه مهينا پوءِ، اسين گاديءَ جي هنڌ واري شهر ڏي روانا ٿياسين، جو انهيءَ بادشاهت جي وچ ڌاري هو ۽ اسان جي گهر کان اٽڪل ٽي هزار ميل پري هو. منهنجي ڌڻيءَ پنهنجي ڌيءُ، گلمڊال ڪلچ کي پنهنجي پٺيان کڻي چاڙهيو ۽ هوءَ مون کي پيتيءَ ۾ بند ڪري پيتي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي اڳيان جهوليءَ ۾ رکي ٿي هلي.
    منهنجي ڌڻيءَ جي مرضي هئي ته رستي تي يا رستي کان پنجاهه يا سوء ميلن جي اندر جيڪي به شهر هجن، يا جيڪو ڳوٺ هجي، يا ڪنهن سکر ماڻهوءَ جو گهر هجي، جتي پئسي پيدا ٿيڻ جو امڪان هجي، اتي منهنجو تماشو ڏيکاريندو هلي. اسين هلڪيون هلڪيون منزلون وياسين. ڏينهن ۾ ستر _ اسي ميلن کان وڌيڪ پنڌ نٿي ڪيوسين، ڇالاءِ جو گلمڊال ڪلچ منهنجي سک لاءِ دانهن ڪئي ته گهوڙي جي سواري کيس ٿڪايو ٿي وجهي. منهنجي چوڻ تي هن ڪڏهن ڪڏهن مون کي پيتيءَ مان ٻاهر به ڪڍيو ٿي ته هوا کاوان ۽ ملڪ ڏسان، پر هميشه رسو پاڻ وٽ قابو ٿي رکيائين. رستي ۾ اسان کي ڏهه هفتا لڳي ويا ۽ ارڙهن وڏن شهرن ۾ ۽ ڪيترن ٻين ڳوٺن ۽ خانگي ڪٽنبن جي گهرن ۾ منهنجو تماشو ڏيکاريائون.
    آڪٽوبر جي 26- تاريخ اسين تختگاهه واري شهر پهتاسين. منهنجي ڌڻيءَ شهر جي مک گهٽيءَ ۾ هڪڙي جاءِ ڀاڙي تي ورتي. جا شاهي محلات کان پري نه هئي ۽ دستور موجب عام اشتهار پڌرو ڪرايائين، جنهن ۾ منهنجي شڪل شباهت ۽ هنرن جو مفصل بيان ڏنائين. هڪڙي وڏي جاءِ ٽن _چئن سَون فوٽن جيڏي ويڪري ڪرايي تي ڪيائين. هڪڙي وڏي ميز، سٺ فوٽ ڪشادي، موجود ڪيائين، جنهن تي مون کي تماشو ڪرڻو هو. ڪناري کان ٽي فوٽ اندر ۽ ٽي فوٽ مٿي، چوڌاري اوٽ ٻڌي ڇڏيائين ته متان آءٌ ڪِري پوان. هر روز مون کي ڏهه ڀيرا ماڻهن جي اڳيان پيش ٿي ڪيائون، جنهن ڪري ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ حيران ٿي ٿيا. ۽ آءٌ موچاري ٻولي ڳالهائي ويندو هوس ۽ جيڪي مون کي چوندا هئا، سو بلڪل چڱي طرح سمجهي ويندو هوس، تنهن کان سواءِ مون هنن جي الف_ بي به ياد ڪري ڇڏي هئي، ۽ ڪوشش ڪري ڪنهن جملي جي سمجهاڻي به ڏيئي ويندو هوس.


    باب ٽيون : گليور بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي ٿو

    ڏهاڙي محنت ۽ هلاڪي ڪرڻ ڪري، ٿورن ئي هفتن ۾ منهنجي تندرستيءَ ۾ گهڻي ڦير گهير پئجي ويئي، منهنجي ڌڻيءَ کي جيئن مون منجهان زياده نفعو ٿيندو ويو، تيئن وڌيڪ ڪڍڻ جو حرص ٿي ٿيس. آءٌ ماني کائي نٿي سگهيس ۽ تنهنڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويس. جڏهن زميندار اهو حال ڏٺو ۽ ڊپ ٿيس ته متان هي جلد مري وڃي، تڏهن هن ارادو ڪيو ته جيترو وڌيڪ فائدو مون منجهان ڪڍي سگهي اوترو ڪڍي وٺي. انهيءَ طرح هن پنهنجي منهن پئي خيال ڪيا ۽ پور پچايا، ته شاهي درٻار مان هڪڙو عهديدار اچي نڪتو، ۽ منهنجي ڌڻيءَ کي منهنجي نالي حڪم ڏنائين ته، ”راڻيءَ ۽ سندس ٻين خدمتگار زالن کي تماشي ڏيکارڻ جي لاءِ هڪدم هن کي کڻي هل.“
    انهن زالن مان ڪي مون کي اڳئي ڏسي ويون هيون، ۽ تن وڃي منهنجي خوبصورتي ۽ هلت چلت ۽ هوشياريءَ جي نسبت ۾ عجيب غريب ڳالهيون ڪيون هيون. راڻي ۽ سندس خدمتگاريون منهنجا ڪم ڏسي نهايت خوش ٿيون. مون گوڏن ڀر ويهي عرض ڪيو ته مون کي راڻيءَ جي پير چمڻ جي موڪل ملي. پر راڻيءَ مهرباني ڪري پنهنجي چيچ مون ڏي ڪئي، ۽ مون کي کڻي ميز تي رکيائون. مون ٻنهي هٿن سان انهيءَ چيچ کي کڻي ڀاڪر وڌو ۽ انهيءَ جي چوٽي ڏاڍي ادب سان کڻي وات ۾ رکيم، هن مون کان پنهنجي ملڪ بابت مسافرين بابت هيڏي هوڏي جا سوال پڇيا، جي مون چٽيءَ طرح ۽ مختصر لفظن ۾ ڏنا.
    هن مون کان پڇيو ته ”تون بادشاهه جي درٻار ۾ رهڻ لاءِ راضي آهين؟“ مون ڪنڌ جهڪائي ميز جي تختي تي رکيو ۽ نياز سان ورندي ڏنيم ته ”آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جو غلام آهيان. پر جي آءٌ پنهنجي وس هجان ته جيڪر پنهنجي سڄي عمر حضور جي نوريءَ ۾ گذاريان ۽ انهيءَ کي پنهنجو فخر سمجهان.“ تنهن تي راڻيءَ منهنجي ڌڻيءَ کان پڇيو ته ”تون هن کي چڱي ملهه تي وڪڻندين؟“ منهنجي ڌڻي کي ته اڳيئي ڊپ هو ته هي مهينو به جيئرو نه رهندو، سو منهنجي وڪڻڻ لاءِ هڪدم تيار ٿيو، ۽ هزار سونيون مهرون گهريائين. اهي اُتي جو اُتي هن کي مليون. هر هڪ مهر قد ۾ اٺن سَوَن”مائڊرون“ يا پورچو گال جي سونن سِڪن جيڏي هئي. پر انهيءَ ملڪ ۾“ يورپ جي سڀني شين جي سراسريءَ جي نظر تي ۽ هنن ۾ سون جي زياده قيمتي هئڻ جي نظر تي، اها رقم انگلينڊ ۾ هزار گنين جي قيمت جيتري مس هئي.
    پوءِ مون راڻيءَ کي عرض ڪيو ته ”هاڻ جڏهن آءٌ حضور جو غلام خسيس ٻانهو آهيان، تڏهن مهرباني سان منهنجو هي عرض قبول ٿئي ته گلمڊال ڪلچ جنهن مون کي هيستائين ڏاڍيءَ سنڀال سان پاليو آهي ۽ اهو ڪم هو چڱي طرح سمجهي ٿي، سا حضور پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي، ته هوءَ مون کي سنڀاليندي ۽ سيکاريندي رهي.“
    راڻي صاحبه منهنجو عرض قبول ڪيو ۽ آسانيءَ سان زميندار کي قبول ڪرايائين، جو پاڻ خوش ٿيو ته سندس ڌيءَ کي محلات ۾ نوڪري ملي، ۽ ويچاري ڇوڪري پاڻ ته خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. منهنجو اڳوڻو ڌڻي مون کان موڪلائي هليو ويو، ۽ چوندو ويو ته ”مون توکي چڱيءَ نوڪريءَ ۾ ڇڏيو آهي.“ مون ڪابه ورندي ڪانه ڏنيس، ۽ رڳو ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيومانس.
    راڻيءَ منهنجو راضپو معلوم ڪري ورتو، ۽ جڏهن زميندار جاءِ مان نڪري ويو، تڏهن مون کان انهيءَ جو سبب پڇيائين. مون دل جهلي چيو ته ”هن منهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ مون سان جيڪو احسان ڪيو آهي، سو فقط اهو ته جنهن ويچاري مسڪين مخلوق کي اوچتو ٻنيءَ ۾ لڌائين، تنهن کي ماري هن جو ميڄالو ڪڍي نه وڌائين. انهيءَ جو عيوضو هن کي ملي چڪو آهي. جو هن مون کي اڌ بادشاهت ۾ ماڻهن کي ڏيکاري فائدو ڪڍيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ مون کي چڱي ملهه تي وڪڻي ڇڏيائين.“ راڻيءَ جي اڳيان جيڪا تقرير مون هٻڪي هٻڪي ڪئي، تنهن جو مختصر مطلب اهو هو.
    راڻيءَ مون کي ڳالهائڻ ۾ ڀڙ هئڻ جو مجرائي ۽ انصاف مڃيائين، ۽ ههڙي ننڍڙي جانور ۾ هيترو عقل ۽ هوش ڏسي حيران ٿي. هوءَ مون کي هٿ ۾ کڻي بادشاهه وٽ ويئي، جو انهيءَ وقت پنهنجي ڪمري ۾ هو، بادشاهه پريندي منهنجي شڪل پوريءَ طرح نه ڏٺي، تنهنڪري البت رنج سان راڻيءَ کان پڇيائين ته ”ڪڏهن کان توکي هڪڙو سپلئڪنڪ ايترو وڻڻ لڳو آهي؟“ ڀانئجي ٿو ته هن مون کي انهيءَ نالي وارو ننڍڙو جانور سمجهيو، جو آءٌ راڻيءَ جي تريءَ تي اونڌو ٿيو پيو هوس. پر جڏهن هن منهنجو ڳالهائڻ ٻڌو، ۽ ڏٺائين ته جيڪي چوان ٿو سو پورو ۽ سمجهه جهڙو آهي، تڏهن عجب لڳس، ۽ راڻيءَ کي پارت ڪيائين ته انهيءَ جي چڱي سنڀال ڪجئين.“
    راڻيءَ پنهنجي واڍي کي حڪم ڏنو ته هڪڙي اهڙي پيتي ٺاهي، جا منهنجي لاءِ چڱي سمهڻ جي جاءِ هجي. انهيءَ ڪاريگر، منهنجي ڏس پٺيان ٽن هفتن جي اندر هڪڙي ڪاٺ جي ڪوٺي ٺاهي، جا سورهن فوٽ چورس هئي ۽ ٻارهن فوٽ مٿي هئي، در ۽ دريون به هيس ۽ ٻه ننڍڙيون ڪوٺيون منجهس هيون، وهنجڻ ۽ جاءِ ضرورت ڪم لاءِ، جيئن لنڊن ۾ سمهڻ جي ڪوٺيءَ جو بندوبست ٿيندو آهي، ڇت وارو تختو اهڙو هو، جو مٿي کڄي به سگهيو ٿي ۽ وري لهي به سگهيو ٿي. انهيءَ لاءِ هن کي ٻه نرماد پيل هئا. انهيءَ کلندڙ ڇت جي وسيلي راڻيءَ جو خان سامان ٺهيل ٺڪيل هنڌ انهيءَ ۾ لنگهائي رکي سگهيو ٿي ۽ گلمڊال ڪلچ اهو هنڌ ڏهاڙي ٻاهر ڪڍي هوا ۾ رکي، وري ٺاهي تيار ڪري، رات جو اندر رکي، منهنجي مٿان ڇت کي ڪلف ڏيئي ڇڏيندي هئي.
    هڪڙو هوشيار ڪاريگر، جو عجيب غريب ننڍڙين شين ٺاهڻ لاءِ مشهور هو، تنهن ذموکنيو ته منهنجي لاءِ ٻه ڪرسيون عاج جهڙي شيءِ جي پٽن ۽ چونڪن سان، ۽ ٻه ميزون شين جي رکڻ لاءِ هڪڙي خاني سان جوڙي تيار ڪندو. جاءِ کي سڀني پاسن کان گاديون هڻي ويا ڇت توڙي فرش تي گاديون لڳائي ڇڏيائون ته متان جيڪي ماڻهو مون کي کڻن، تن جي غفلت ڪري سندس هٿن مان اتفاق سان ڪري پوان، يا جڏهن مون کي انهيءَ ڪوٺيءَ سميت گاڏيءَ ۾ کڻن، تڏهن متان مون کي گهڻو لوڏو يا ڌڪو اچي.
    مون خواهش ڏيکاري ته منهنجي در کي ڪلف ڏيئي ڇڏجي، متان ڪئا اندر لنگهي اچن. لوهار ڪاريگر گهڻن مٿن هڻڻ کان پوءِ هڪڙو اهڙو تمام ننڍڙو ڪلف جوڙيو، جنهن جهڙو اڳي ڪڏهن هنن نه ڏٺو هو، پر مون انگلينڊ ۾ انهيءَ کان وڏو ڪلف هڪڙي سکر ماڻهوءَ جي گهر جي ٻاهرئين در کي ڏنل ڏٺو آهي. مون ڪوشش ڪري ڪنجي پنهنجي کيسي ۾ رکي ته متان گلمڊال ڪلچ اها وڃائي ڇڏي.
    راڻيءَ کي منهنجي صحبت اهڙي وڻي ويئي، جو مون کان سواءِ هوءَ ماني نه کائيندي هئي، جنهن ميز تي هوءَ ماني کائيندي هئي، تنهن جي مٿان ٺونٺ وٽ، منهنجي ميز ۽ ڪرسي رکڻ ۾ ايندي هئي. گلمڊال ڪلچ منهنجي ميز جي ويجهو هڪڙي اسٽول تي منهنجي سنڀال ۽ مدد لاءِ بيهندي هئي. منهنجون سڀ رڪابيون ۽ ڍاڪون ۽ ٻيون ضروري شيون چانديءَ جون تيار ڪيون ويون هيون، جي راڻيءَ جي سامان جي مقابلي ۾ اهڙيون هيون، جهڙيون ٻارن جي راند لاءِ لنڊن ۾ گُڏين جي رانديڪن جي دڪان ۾ ڏسبيون آهن. اهي رڪابيون منهنجي ننڍڙي دائيءَ هڪڙيءَ چاندي جي پيتيءَ ۾ بند ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي، ۽ جڏهن مانيءَ مهل مون کي انهيءَ جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن هوءَ پاڻ اهي صفا ڪري مون کي ڏيندي هئي.
    ٻيو ڪوبه ماڻهو، سواءِ ٻن شاهزادين جي، راڻيءَ سان گڏ ماني ڪونه کائيندو هو. وڏي شهزادي سورهن ورهين جي هئي ۽ ننڍيءَ جي ڄمار تڏهن تيرهن ورهيه ۽ هڪ مهينو هئي، راڻي صاحبه منهنجي هڪڙي رڪابيءَ تي گوشت جو ٽڪر رکندي هئي، انهيءَ مان آءٌ ذرو پنهنجي لاءِ وڍي وٺندو هوس، ۽ هوءَ مون کي کائيندو ڏسي خوش ٿيندي هئي، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ راڻيءَ جو هاضمو ضعيف هوندو هو، ته به هڪ گرنهه ۾ ايترو طعام کڻندي هئي، جيترو انگلينڊ جا ٻارهن زميندار هڪڙي وقت تي کائي سگهن. اهو حال ڏسي، پهرين ته ڳچ وقت تائين مون کي نفرت ايندي هئي، جو هوءَ رڌل چنڊول پکيءَ جي سڄي کنڀڙاٽي هڏن سوڌي ڏندن ۾ چٻاڙي کائي ويندي هئي، جيتوڻيڪ اهو پکي اسان جي وڏي ٽرڪي يا فيل مرغ کان نَوَ دفعا وڏو هوندو هو، ۽ مانيءَ جو ٽُڪر، جو وات ۾ وجهندي هئي، سو ئي ايڏو هو، جيڏيون ٻه وڏيون ٻارهن پيسن واريون ڊبل روٽيون ٿينديون آهن.
    هوءَ هڪڙي سوني پيالي مان هڪڙي ئي ساهيءَ سان موچاري پيٽ جيترو پاڻي يا شراب پي ويندي هئي. هن جون ڇريون ڏانٽي کان ٻيڻيون وڏيون هونديون هيون، ڄڻ ته ڏانٽا ڳڻ تي سنوان ڪري رکيا ويا آهن. چمچا ۽ ڪانٽا ۽ ٻيا کائڻ جا اوزار به اهڙائي وڏا هوندا هئس. مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري گلمڊال ڪلچ مون کي کڻي هلي شاهي محلات جون ڪي کاڌي جون ميزون ڏيکاريون هيون. اتي ڏهه _ ٻارهن وڏيون ڇريون ۽ ڪانٽا گڏ مٿي کنيل ڏسي، آءٌ ڊڄي ويس، ۽ ڄاتم ته ههڙو خوفناڪ ڏيک مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
    گهڻن مهينن تائين انهن ماڻهن جي ڏيکن ڏسڻ ۽ ٻولين ٻڌڻ ۽ سڀڪا شيءِ تمام وڏي ڏسڻ تي هِري وڃڻ کانپوءِ جيڪو خوف پريندي مون کي ٿيندو هو، سو لهي ويو. انهيءَ وقت جيڪڏهن آءٌ انگلينڊ جي ڪن لارڊن ۽ ليڊين کي تمام عمدن ۽ عيد جهڙن ڪپڙن ۾ بادشاهه جي درٻارين وانگي بيهندو ۽ جهڪندو ۽ ڳالهائيندو ڏسان ها، ته بيشڪ انهن تي مون کي اهڙي کِل اچي ها، جهڙي هتي بادشاهه ۽ اميرن کي مون تي ايندي هئي.
    سچ هي آهي ته خود مون کي به پاڻ تي کِل ايندي هئي. جڏهن راڻي مون کي پنهنجي هٿ تي کڻي آرسيءَ تائين آڻيندي هئي، جنهن ۾ اسان ٻنهي جون شڪليون سڄيون ساريون گڏ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. انهيءَ مهل ٻنهي جي مقابلي ڪرڻ تي ڏاڍي کِل ايندي هئي. آءٌ پاڻ کي پنهنجي سچي پچي قد کان به ننڍو پيو ڄاڻندو هوس.
    راڻيِءَ وٽ هڪڙو بندرو ماڻهو هوندو هو، تنهن کي ڏسي مون کي ڏاڍي چڙ ۽ بيزاري لڳندي هئي. انهيءَ ملڪ ۾ هو تمام ننڍي قد جو ماڻهو هو، ڇالاءِ جو هو پورا ٽيهه فوٽ به قد. سو پاڻ کان به ٻيو تمام ننڍو ماڻهو ڏسي هميشه بيچيو ۽ مغرور ٿي ويندو هو، ۽ راڻيءَ جي جاءِ تي دالان ۾ جتي آءٌ درٻار جي اميرن ۽ سندن زالن سان بيٺو ڳالهائيندو هوس، اتان لنگهندي هو ڏاڍي آڪڙ مان لنگهي ويندو هو، ۽ اڪثر منهنجي ننڍي قد تي ٺٺولي ڪرڻ کان ڪين گسندو هو. اهو وير آءٌ هن کان رڳو هن طرح وٺي سگهندو هوس، جو هن کي ”ادو“ ڪري سڏيندو هوس، ۽ چوندو هو سانس ته ”اچي مون سان ملهه وڙهه.“ ۽ ٻيا به اهڙا لفظ ڳالهائيندو هو سانس جهڙا اڪثر محلات جي ڇوڪرن جي وات ۾ هوندا آهن.
    هڪڙي ڏينهن، مانيءَ مهل، هي خراب بندرو منهنجي ڪجهه چوڻ تي اهڙو خفي ٿيو، جو راڻيءَ جي ڪرسيءَ تي جيئن آءٌ چڙهيو ويٺو هوس، تيئن مون کي ڪمر کان کڻي، ڪنهن به ڊپ کان سواءِ، ملائي جي چاندي جي وڏي پيالي ۾ کڻي اڇلايائون، ۽ پوءِ اٿي ڀڳو، آءٌ سڄو ئي ملائيءَ ۾ ٻڏي ويس، ۽ جي تري نه ڄاڻندو هجان ها، ته الاجي ڪهڙو حال ٿئيم ها، پر منهنجي ننڍي دائي منهنجي واهر لاءِ ڊوڙي آئي، ۽ مون کي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهي وچ ۾ سير کن ملائيءَ جو منهنجي پيٽ ۾ هليو ويو.
    مون کي کڻي وڃي هنڌ ۾ سمهاريائون، ٻيو ڪو نقصان مون کي ڪونه پهتو، رڳو ڪپڙا خراب ٿيم، بندري کي خوب چهبڪ لڳا ۽ وڌيڪ سزا اها مليس جو جنهن ملائيءَ جي پيالي ۾ مون کي اڇلايو هئائين، سو زور ڪري پياريائونس، ۽ اڳتي جي لاءِ راڻيءَ اصل منهان لاهي ڇڏيس.
    اڪثر راڻي مون کي همتائيندي هئي ته نه ڊڄان، مون کان پڇندي هئي ته ”تنهنجي ملڪ جا ماڻهو به تو جهڙا ڊڄڻا آهن ڪيئن؟“ انهيءَ جو سبب هي هو. انهيءَ ملڪ ۾ آرڙهه جي ڏينهن ۾ مکين جو ڏاڍو آزار ٿيندو آهي. هر هڪ مک چنڊول جيڏي ٿيندي آهي. آءٌ ماني کائڻ ويهندو هوس ته مون کي بي آرام ڪنديون هيون جو منهنجن ڪنن وٽ هميشه پيون ڀوُن ڀوُن ڪنديون هيون. ڪڏهن ته اچي منهنجي نڪ ۽ پيشانيءَ تي وهنديون هيون ۽ ڏنگ هڻنديون هيون، ۽ منجهانئن ڪني بانس ايندي هئي. علم حيوانات جا عالم جو چوندا آهن ته مکين جي پيرن ۾ هڪڙي قسم جي لڳڻ واري چنبڙندڙ شيءِ ٿيندي آهي، جنهن جي وسيلي هو پيرن سان اونڌيون ڇت تي هلنديون آهن، سا شيءِ مون کي آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندي هئي.
    انهن خراب پَرندن کان پاڻ بچائڻ ۾ مون کي گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. ۽ جڏهن اچي منهنجي منهن تي ويهنديون هيون تڏهن لاچار ڇرڪ ڀرڻو ٿيندو هوم، اُهو بندرو اڪثر هيئن ڪندو هو، جو ڳچ جيتريون مکيون جهٽي، اوچتو منهنجي نڪ هيٺان کڻي ڇڏيندو هو. انهيءَ لاءِ ته آءٌ ڊڄان ۽ راڻيءَ کي چرچو لڳي، آءٌ وري هيئن ڪندو هوس. جو پنهنجي ڇريءَ سان انهن اڏامندين مکين کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو هوس. انهيءَ منهنجي چالاڪيءَ جي ڪري منهنجي گهڻي تعريف ٿيندي هئي.


    باب چوٿون : گليور برابڊنگ نئگ ڇڏي وڃي ٿو

    مون کي هاڻي انهيءَ ملڪ ۾ رهئي ٻه ورهيه ٿي ويا هئا. ٽئين مهيني جي شروعات ۾ بادشاهه ۽ راڻي ملڪ جي ڏکڻ واري ڪناري ڏي ويا. آءٌ ۽ گلمڊال ڪلچ به سندن خدمت ۾ هئاسون. هميشه جي دستور وانگي مون کي پنهنجي سفر واري پيتيءَ ۾ کنيائون، جنهن جو بيان مون ڏنو آهي. اها موچاري ڪشادي ڪوٺي هئي ۽ ٻارنهن فوٽ ويڪري هئي.
    جڏهن پڇاڙيءَ واريءَ منزل تي پهتاسين، تڏهن بادشاهه جي مرضي ٿي ته فلئنفلئسنڪ جي ويجهو جا محلات آهي، تنهن ۾ ڪي ڏينهن گذارجن. اهو شهر سمنڊ کان ارڙهن انگريزي ميلن جي اندر آهي. آءٌ ۽ گلمڊال ڪلچ ٻيئي ٿڪجي پيا هئاسون. مون کي ٿورو زڪام به ٿي پيو هو، ۽ هوءَ ويچاري ته اهڙي بيمار ٿي هئي جو وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ پيئي. منهنجي دل ٿي ته آءٌ سمنڊ ڏسان، جو ڄاتم ٿي ته جيڪڏهن مون کي ڇوٽڪارو ملندو، ته اُتان ئي ملندو.
    مون ڪوڙ ڪري پاڻ کي زياده بيمار ڪيو ۽ عرض ڪيم ته مون کي موڪل ملي ته سمنڊ جي تازي هوا کانوان. هڪڙو ڇوڪرو راڻيءَ جو خدمتگار، جو مون کي گهڻو وڻندو هو ۽ جنهن جي حوالي ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪري ڇڏيندا هئا، تنهن جي به ٻانهن گهريم. مون کي اِها ڳالهه نٿي وسري ته گلمڊال ڪلچ ڏاڍي ناراضپي سان هائو ڪئي، ۽ انهيءَ ڇوڪر کي منهنجي پوري سنڀال ڪرڻ لاءِ پارت ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ زار زار رنائين به، ڄڻ ته ڄاڻ پيو هوس ته ڇا ٿيڻو آهي.
    ڇوڪر مون کي پيتيءَ سوڌو کڻي سمنڊ جي ڪناري وارن ٽڪرن ڏي آندو، جي محلات کان اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ تي هئا. مون چيس ته مون کي هيٺ رکي، پوءِ هڪڙو پردو کڻي، مون ڏاڍيءَ سڪ سان سمنڊ ڏي نهاريو. مون پاڻ کي بلڪل چڱو ڀلو نٿي ڄاتو، تنهنڪري ڇوڪر کي چيم ته ”منهنجي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجي هنڌ ۾ وڃي سمهي پوان. ته من بهتر ٿيان.“ ان موجب آءٌ اندر لنگهي ويس، ۽ ڇوڪر دري بند ڪري ڇڏي ته متان مون کي ٿڌ لڳي.
    سگهوئي مون کي ننڊ اچي ويئي ۽ آءٌ ڀانيان ٿو ته ڇوڪر مون کي ستل ڏسي ڄاتو ته ٻيو ڪو خوف ڪونهي. تنهنڪري ٽڪرن ڏي پکين جي آنن ڳولڻ لاءِ هليو ويو. انهيءَ کان اڳي به مون پنهنجي دريءَ مان ڏٺو هوس ته هيڏي هوڏي رلي ڳولي هڪ _ ٻه آنا ٽڪرن جي ڦاٽن ۾ وڃي لڌا هئائين. پر انهيءَ کي ڇا ڪبو!..... لوهه جي ڪڙي، جيڪا منهنجي پيتيءَ کي آسانيءَ سان کڻڻ لاءِ ان جي چوٽيءَ تي ٻڌل هئي، تنهن کي اوچتو ڏاڍي ڇڪ آئي. ڏٺم ته منهنجي پيتي هوا ۾ تمام مٿي کڄي ويئي، ۽ پوءِ تمام تِکي اڳتي هلڻ لڳي.
    پهريون لوڏو اهڙو هو، جو آءٌ ذري گهٽ هنڌ تان اُڇلجي ويو هوس، پر پوءِ اهو البت ڍرو ٿيو،، مون تمام وڏي آواز سان ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪيا، پر انهن مان ڪي ڪين ٿيو، درين مان نهاريم ته به آسمان ۽ ڪڪرن کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏٺم. پنهنجي مٿان کَنڀن جي ڦڙڪڻ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم، ۽ پوءِ پنهنجي غمگين حالت معلوم ٿيڻ لڳيم. ڪنهن باز منهنجي پيتيءَ جي ڪڙي پنهنجي چُهنب ۾ کنئي هئي ته اها ڪنهن ٽڪر تي ڀڃي، جيئن ڪَڇونءَ کي ڪندا آهن، انهيءَ لاءِ ته منهنجو بُت ڪڍي کائي وڃي. انهيءَ پکيءَ کي اهڙي باس ايندي آهي ۽ اهڙي اٽڪل اٿس، جو تمام پري پنڌ کان پنهنجو شڪار سهي ڪري وٺندو آهي. جيتوڻيڪ اهو مون کان به وڌيڪ لڪل هجي، ۽ آءٌ به ٻه انچ ٿلهي تختي تي اندر بند هوس.
    سگهوئي کنڀڙاٽين جو آواز ۽ ڦڙڪو زياده ٿيڻ لڳو، ۽ منهنجي پيتي هيٺ مٿي اڇلجڻ لڳي، جيئن واچ واري ڏينهن ڪاٺيءَ تي لڳل نشان جو تختو ڪندو آهي. مون کي اهو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ ائين پئي ڄاتم ته باز کي ڌڪ به لڳا(مون کي پڪ آهي ته ائين هوندو، جو باز کي منهنجي پيتيءَ جو ڪڙو چهنب ۾ هو، سو اڏامندي پيتيءَ جا ڌڪ لڳندا هوندس) پوءِ اوچتو مون پاڻ کي هڪڙي منٽ کان وڌيڪ عرصي تائين ڪرندو ڏٺو، پر اهڙي تيزيءَ سان جو منهنجو ساهه ئي گُهٽجي ٿي ويو.
    ائين ڪندي پيتيءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو ڦهڪو ٿيو ۽ انهيءَ اهڙو وڏو آواز ڪيو، جو نايا گرانديءَ جي ڪِرڻ جي ڪڙڪي کان به وڏو هو. تنهن کانپوءِ، آءٌ منٽ کن تائين ته اونداهيءَ ۾ هوس، ۽ پوءِ وري منهنجي پيتي ايترو ته مٿي چڙهي، جو آءٌ درين جي چوٽين تان روشنائي ڏسي سگهيس. منهنجي بدن ۽ منهنجي سامان لاءِ ڪشادو لوهه جو پٽو، ڏسي سگهيس. منهنجي بدن ۽ منهنجي سامان لاءِ ڪشادو لوهه جو پٽو، جو مضبوطيءَ لاءِ چوٽيءَ ۽ تري ۾ چئن ڪنڊن تي لڳل هو، تنهن جي بار کان منهنجي پيتي پاڻيءَ ۾ پنج فوٽ هيٺ وڃي، پوءِ ترڻ لڳي.
    مون کي تڏهن به اهو خيال آيو ۽ هاڻي به اچي ٿو ته جو باز منهنجي پيتي کڻي اڏاڻو هو، تنهن کي ٻه _ ٽي ٻيا باز پٺيا پيا هئا، جن جي ڪري لاچار ٿي هن مون کي ڪيرائي ڇڏيو، ۽ پاڻ پنهنجي بچاءَ لاءِ هنن کي سامهون ٿيو، جو هنن کي شڪار ۾ حصيدار ٿيڻ جي طمع هئي. جي لوهه جا پٽا پيتيءَ جي ترن ۾ لڳل هئا، سي تمام مضبوط هئا. انهن جي ڪري ڪرڻ مهل پيتيءَ جو وزن پورو جهليو آيو ۽ پاڻيءَ جي مٿان لڳي ڀڄي پوڻ کان پيتي بچي ويئي. انهيءَ جا ست سنڌا هڪٻئي ۾ چڱا کُتل هئا ۽ دَرُ نِرماد تي نٿي ڦريو، پر هيٺ_مٿي اچي سگهيو ٿي، تنهن ڪري منهنجي ڪوٺي اهڙي مضبوط هئي جو تمام ٿورو پاڻي اندر اچي ٿي سگهيو. آءٌ مشڪلات سان پنهنجي هنڌ مان نڪتس، پر پهرين ڇت جي تختي کي کسڪائي ڪڍيم، جو هوا جي آڻڻ لاءِ رکيو ويو هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو هو، نه ته جيڪر آءٌ گُهٽجي مري وڃان ها.
    انهيءَ مهل ڪيترو نه، ٿي گهريم ته پنهنجي پياري گلمڊال ڪلچ سان گڏ هجان! جنهن کان ڌار ٿي ڪلاڪ مس گذريو هوم. انهيءَ حالت ۾ آءٌ چار ڪلاڪ برابر پيو هوس. اها اُميد ۽ خواهش پئي رکيم، ته اجهو ٿو دم ڏيان. اهڙيءَ غمگينيءَ ۽ نااُميديءَ ۾ پيتيءَ جي هن پاسي هڪڙي قسم جي گسڻ جهڙو آواز مون کي ٻڌڻ ۾ آيو، جتي پيتيءَ جي کڻڻ لاءِ ڪنڊا لڳل هئا. تنهن کان پوءِ سگهوئي مون ڄاتو ته پيتي سمنڊ ڏي ڇڪجيو پئي وڃي. رکي رکي هڪڙي قسم جي ڇڪتاڻ مون کي معلوم پئي ٿي، جنهن ڪري لهريون چڙهي منهنجي درين جي چوٽين تائين ٿي آيون ۽ آءُ اونداهيءَ ۾ رهجيو ٿي ويس. انهيءَ ڪري ٿوري ڇوٽڪاري جي اميد منهنجي دل ۾ پيدا ٿي، اگرچ خيال ۾ نٿي آيم ته ڪيئن اها صورت وٺي سگهندي.
    مون همت جهلي پنهنجي هڪڙيءَ ڪرسيءَ جو اسڪرو يا پيچ کوليو، جو هيٺ تر واري تختي سان لڳل هو. پوءِ جيڪو کسڪندڙ تختو مون تازو کوليو هو، تنهن جي هيٺيان وري اهو اسڪرو ڏيئي ڀيڙي ڇڏيم. پوءِ ٽپ ڏيئي، انهيءَ ڪرسي تي چڙهيس ۽ ٽنگ کي ويجهو وات رکي وڏي آواز سان مدد جي لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳس. جيڪي ٻوليون اينديون هيم، تن سڀني ۾ دانهون ڪيم پوءِ جيڪو لَڪڻ آءٌ ساڻ کڻندو هوس تنهن جي چهنب ۾ رومال ٻڌي ٽنگ مان ڪڍي، گهڻا ڀيرا هوا ۾ لوڏڻ لڳس. انهيءَ لاءِ ته جي ڪا ٻيڙي يا ڪو جهاز ويجهو هجي، ته خلاصي ڄاڻن ته ڪو ڪمبخت انسان هن پيتيءَ ۾ پوريو پيو آهي.
    جيڪي ڪري سگهيس، تنهن مان ڪوبه نتيجو نه نڪتو، پر ايترو صفا معلوم پئي ٿيم ته منهنجي ڪوٺي پاڻيءَ جي مٿان هلندي هلي. ڪلاڪ کن جي اندر پيتيءَ جو ٻيو پاسو، جنهن ۾ ڪنڍا پيل هئا ۽ دريون ڪين هيون، سو ڪنهن سخت شيءِ تي وڃي لڳو. مون کي ڊپ ٿيو ته اهو ٽڪر آهي، ڇالاءِ جو آءٌ ڏاڍو ڇاڇولجي ويس. ڪوٺيءَ جي ڍڪ تي ٿُلهي رسي لڳڻ جهڙو آواز چٽيءَ طرح ٻڌم، ۽ ڪڙيءَ مان لنگهڻ ۽ گسڻ جو آواز به ڪن تي پيم، پوءِ ڏٺم ته ٿوري کان ٿورو ٽي فوٽ مٿي درجي بدر جي کڄي ويس.
    تنهن تي وري به مون پنهنجو لڪڻ ۽ رومال ٻاهر ڪڍيو، ۽ مدد جي لاءِ ايتريون رڙيون ڪيم، جو آواز ئي ويهي ويم. جواب ۾ ٽي ڀيرا وڏي رڙ ٻڌيم، جنهن منهنجي دل ۾ اهڙي خوشي پيدا ڪئي، جنهن جي فقط انهن کي خبر هوندي، جن کي اُها ٿيندي هوندي. پوءِ پنهنجي مٿان ڌٻڪو ٻُڌم، ۽ ڪنهن ماڻهو ٽُنگ مان انگريزيءَ ٻولي ۾ وڏي سڏ چيو ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو هيٺ آهي، ته ڳالهائي.“ مون ورندي ڏني ته ”آءٌ پاڻ انگريز آهيان، جو ڪمبختيءَ جي ڪري هڪڙيءَ سخت مصيبت ۾ ڦاسي ويو آهيان. ڀلائي ڪري مون کي هن بند مان ڪڍو.“
    انهيءَ ماڻهوءَ جواب ۾ چيو ته ”هاڻ تون سلامت آهين، جو تنهنجي پيتي جهاز سان قابو ٻڌل آهي. واڍو انهيءَ دم ٿو اچي، ۽ انهيءَ ٽُنگ مان توکي ڇڪي ٿو ڪڍي. جو اهو وڏو ٽُنگ آهي“ مون چيو ته ”ائين نه ڪريو، انهيءَ ۾ گهڻو وقت لڳندو. رڳو هڪڙو خلاصي پنهنجي آڱر ڪڙي ۾ وجهي پيتي سمنڊ مان ڪڍي جهاز تي آڻي ۽ پوءِ ڪپتان جي ڪوٺيءَ ۾ ئي.“ انهن مان ڪن مون کي اهڙيءَ طرح بڪ ڪندو ٻڌي ڄاتو ته آءٌ چريو آهيان. ٻين پئي مون تي کليو. ڪنهن طرح سان مون کي اها ڳالهه خيال ۾ ئي نه پئي آئي ته آءٌ هاڻي پنهنجي قد ۽ طاقت وارن ماڻهن ۾ آهيان. نيٺ واڍو آيو ۽ ٿورن ئي منٽن ۾ ڪارائيءَ سان چئن فوٽن چورس جيڏي دري ڪيائين، ۽ پوءِ هڪڙي ننڍي ڏاڪڻ اندر لنگهائي وڌائون، جنهن تي آءٌ چڙهي آيس. مٿان وري هنن مون کي جهاز ۾ آندو، پر آءٌ ڏاڍي ضعيف حال ۾ هوس.
    خلاصي سڀ حيران ٿي ويا ۽ هزارين سوال مون کان پڇڻ لڳا، جن جو مون جواب ڏيڻ نٿي گهريو، پر ڪپتان مسٽر ٽامس ولڪسن، جو سچو ۽ لائق هو، ۽ شراب شائر جو رهاڪو هو، تنهن سهي ڪيو ته آءٌ بيهوش ٿيڻ تي آهيان. تنهن ڪري هو هڪدم مون کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو ۽ اتي مون کي دل جي قوت جو عرق پياريائين ۽ مون کي صلاح ڏنائين ته ”ٿوري ننڊ ڪر، جو انهيءَ جي توکي گهڻي گهرج آهي“.
    جڏهن وري جاڳيس، تڏهن پاڻ کي بهتر حالت ۾ ڏٺم. انهيءَ مهل رات جا اَٺ لڳا هئا ۽ ڪپتان ماني آڻڻ جو هڪدم حڪم ڏنو، جو ڄاتائين ته مون گهڻي وقت تائين نه کاڌو هوندو. هن مون سان ڏاڍيون مهربانيون ڪيون ۽ چيائين ته ”حيران نه ٿيءُ ۽ اجائي سجائي ڳالهه نه ڪر،“ جڏهن اڪيلاٿياسين، تڏهن هن مون کي چيو ته ”هاڻ سفر جو بيان ڪري ٻڌاءِ ۽ خبر ڏي ته ڪهـڙيءَ طرح هيڏي ساري پيتيءَ ۾ بند ٿئيم؟“
    مون چيس ته ”آءٌ پنهنجو سارو قصو اوهان کي ٻڌايان ٿو، سو تحمل سان ويهي ٻڌو،“ پوءِ انگلينڊ مان نڪرڻ جي وقت کان وٺي هن جي پريندي مون کي لهڻ وقت تائين جيڪو احوال هو، سو مون هن کي ڪري ٻڌايو. سچ هميشه سمجهه وارن ماڻهن جي دلين ۾ جائنشين ٿئي ٿو، تنهنڪري ايماندار ۽ لائق شخص، جو موچاري علم ۽ تميز وارو هو، تنهن کي هڪدم منهنجي ڳالهه تي ويساهه اچي ويو.
    انهيءَ کان پوءِ جيڪو سمنڊ جو سفر ڪيوسين، سو تمام سڻائو هو. انهيءَ جي مفصل بيان ڏيڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي هلاڪ نه ڪندس. جڏهن ڊائونس ۾ پهتاسين، تڏهن آءٌ جهاز مان موڪلائي هليو ويس. اها سن 1706ع جي جون مهيني جي ٽي تاريخ هئي. انهيءَ سفر ۾ منهنجي ڇوٽڪاري کان پوءِ اٽڪل نَوَ مهينا لڳي ويا هئا. مون ڪپتان کي چيو ته ”ڀاڙي ڏيڻ تائين آءٌ پنهنجو سامان ضمانت ۾ ڇڏڻ گهران ٿو،“ پوءِ ڪپتان چيو ”آءٌ ڪي به ڪين وٺندس.“ پوءِ ڏاڍيءَ محبت سان هڪٻئي کان موڪلايوسين، ۽ منهنجي چوڻ تي هن انجام ڪيو ته هو ريڊرف ۾ مون کي پنهنجي گهر اچي ڏسندو. مون پنج شلنگ ڏيئي. هڪڙو گهوڙو ۽ هڪڙو سونهو ڀاڙي ڪيو. اهي پنج شلنگ مون ڪپتان کان اُڌارا ورتا.
    رستي تي هلندي گهر، وڻ، ڍور ۽ ماڻهو مون کي اهڙا ننڍڙا پئي ڏسڻ ۾ آيا، جو مون ڀانيو ته آءٌ اڃا لِليپٽ ۾ آهيان، جيڪو واٽهڙو ٿي گڏيم، تنهن جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿي ٿيم ته چِپي يا لتاڙي نه وجهانس، ۽ پري کان هڪل ڏئي پاسي ٿيڻ لاءِ ٿي چيومان ته متان تڪڙ ڪري هڪ _ٻن جو مٿو ڀڇي وجهان.
    جڏهن آءٌ پنهنجي گهر آيس _ جو پڇائون ڪري ڪري مس لڌم، ۽ منهنجي هڪڙي نوڪر اچي در پَٽيو، تڏهن آءٌ ڪنڌ جهڪائي اندر لنگهيس ته متان منهنجو سَر در کي لڳي. منهنجي زال مون کي ڀاڪر وجهڻ لاءِ ڊوڙي آئي، پر آءٌ هن جي گوڏن کان به هيٺ جهڪي بيٺس، انهيءَ خيال کان متان هوءَ منهنجي وات تائين پهچي نه سگهي. ڌيءُ دعا گهرڻ لاءِ منهنجي اڳيان گوڏا کوڙي اچي بيٺي، پر جيسين هوءَ وري اُٿي بيٺي، تيسين آءٌ هن کي ڏسي نه سگهيس، ڇالاءِ جو هيستائين آءٌ پنهنجو مٿو ۽ اکيون ست فوٽن کان به مٿي ڪري بيهڻ تي هِري ويو هوس. پوءِ آءٌ هڪڙو هٿ هن جي چيلهه ۾ وجهي، مٿي ڪرڻ لاءِ ويس. جيڪي نوڪر ۽ هڪ _ ٻه دوست، جي گهر ۾ هئا، تن تي آءُ حقارت سان نظر ڪرڻ لڳس، ڄڻ ته هو گُڏي جيڏا ماڻهو هئا ۽ آءٌ ڪو ديوتا يا راڪاس هوس. مون پنهنجي زال کي چيو ته تُو ڏاڍي صرفي سان پئي گذاريو آهي، ڇالاءِ جو تو پاڻ کي به ۽ پنهنجي ڌيءُ کي به ناحق بُک ماريو آهي.“ مطلب ته آءٌ اهڙي بي سبب هلت ڪرڻ لڳس، جو هنن سڀني جو ساڳيو اهڙو خيال هو جهڙو. ڪپتان جو هو، جڏهن هن پهرين مون کي ڏٺو هو ۽ سمجهيائين ته آءٌ ديوانو آهيان.
    ٿوري وقت ۾ آءٌ منهنجي گهر جا ڀاتي ۽ دوست سڀ هڪٻئي سٺي کي طرح سمجهي وياسين، پر منهنجي زال مون کي سخت تاڪيد ڪيو ته ”وري ڪڏهن به سمنڊ جي سفر تي متان وڃين“ پر منهنجي قسمت ٻيءَ طرح جي هئي ۽ تنهن کي هوءَ روڪي نه سگهي، جيئن پاڻيهي پڙهندڙن کي هن کان پوءِ معلوم ٿيندو. انهيءَ وچ ۾ آءٌ پنهنجي نڀاڳي سفر جو ٻيو ڀاڱو پورو ڪريان ٿو.


    تعارف

    ”جوناٿن سئفٽ“ هڪ انگريز اديب آهي، ۽ ڪنهن انگريز اديب جو سنڌي ادب ۾ تعارف ڪرائڻ سَولي ڳالهه نه آهي. موجوده دور ۾ انگريزي ادب ۾ تنقيد جو فن تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي. ان ۾ هيئت ۽ مواد، فن ۽ فڪر، حسن ۽ نزاڪت جي باريڪين تي اعليٰ ۽ معياري مضمون لکيا ويا آهن، خود تنقيد جو فن مختلف ۽ متضاد فڪر جي دائرن ۾ ورهائجي ويو آهي. ان جي برعڪس سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد جو فن اڃان ابتدائي مرحلن ۾ آهي. هيستائين اسان وٽ ڪلاسيڪي عربي ۽ فارسي ادبن جي گهڻي اثر سبب، عام طرح تنقيد فقط رواني نقطه نظر کان ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري ڪنهن انگريز فنڪار جي خيال ۽ فن کي سنڌيءَ ۾ انگريزي تنقيد جي معيارن مطابق پيش ڪرڻ ۾ ڪافي دقت پيش اچي ٿي. بهرحال، مون پنهنجي سمجهه ۽ وس آهر، آسان زبان ۾، ”سئفٽ“ جي خيال ۽ فن جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن عام سنڌي پڙهندڙ تنقيد کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن. سئفٽ جي تعارف جي سلسلي ۾ هِتي هڪ ٻي مشڪلات به درپيش آهي. ”گليور جو سفر“ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پر مرزا قليچ بيگ مرحوم فقط پهرين ٻن ڀاڱن جو ترجمو ڪيو آهي. هاڻي هن ڪتاب جو مجموعي تاثر سئفٽ جي فن جي اهميت کان صحيح معنيٰ ۾ واقف ٿيڻ تيستائين ناممڪن آهي، جيستائين چوٿين ڀاڱي جو مطالعو نه ڪيو وڃي، ڇو جو تنقيدي لحاظ کان هن تصنيف جو چوٿون ڀاڱو نهايت اهم آهي، تنهن ڪري مون هن تعارفي مضمون ۾ چوٿين ڀاڱي جي نسبتن زياده تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
    جوناٿن سُئفٽ (1665ع _1745ع) هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو هو، اڃا جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته پيءُ وفات ڪري ويس، تنهنڪري هن جي تعليم جو بار سندس چاچي تي پيو، جيڪو هڪ وچولي درجي جو وڪيل هو. سئفٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊبلن کان لنڊن ۾ آيو، جتي پوءِ هو ”سروليم ٽيمپل“ جو ذاتي سيڪريٽري اچي ٿيو. سر وليم ٽيمپل راڻيءَ (آئن) جي درٻار جو هڪ امير هو، جيڪو ڪجهه وقت وزير به ٿيو هو. هن جي ذريعي سئفٽ جي لنڊن جي مختلف سياسي حلقن سان واقفيت ٿي، جنهن جو اڳتي هلي سئفٽ جي ذاتي زندگيءَ ۽ فن تي تمام گهڻو اثر پوڻو هو. ارڙهين صديءَ جي انگريزي سياست ۾ رشوتستاني، اقرباپروري، پارٽيبازي، سياسي سازشن ۽ چالبازين جو دور هو. پر ظاهري طرح انهن سياسي خرابين کي ايمانداري، اخلاق پرستي ۽ اميرانه نفاست پسنديءَ جي پُر فريب پردن ۾ لڪايو ويندو هو، سئفٽ جي زندگيءَ جو ڳچ حصو ان سياسي ماحول ۾ گذريو. راڻي آئن جي ڪابينا جي ڪن وزيرن سان هن جا دوستانه تعلقات هئا. ملڪ جي سياسي معاملن ۾ هن سان مشورا ڪيا ويندا هئا، ۽ امير ۽ وزير ننڍين توڙي وڏين دعوتن ۾ هن کي هميشه گهرائيندا هئا. سئفٽ سياسي حلقن ۾ مقبوليت ۽ اهميت فقط پنهنجي قلم جي زور تي پيدا ڪئي، پر هو ان ماحول ۾ ترقي ڪري نه سگهيو.
    سئفٽ دوستيءَ جي ناتن ۽ ذاتي لاڳاپن ۾ سياسي چالبازين جي دخل اندازيءَ کي هميشه برو سمجهندو هو، تنهنڪري هن جا امير ۽ وزير دوست هميشه سندس سادگيءَ مان فائدا وٺندا رهندا هئا. پر پڇاڙيءَ تائين هن جي مستقبل کي سڌارڻ ۾ هنن پاڻ سندس ڪا خاص مدد ڪانه ڪئي. سئفٽ جي هيءَ آرزو هوندي هئي ته کيس بشپ (وڏي پادريءَ) جو عهدو حاصل ٿئي. پر جيستائين ”ڊچيس آف سمرسيٽ“ جيئري رهي، هو بشپ ٿي نه سگهيو، ڊچيس آف سمرسيٽ جنهن تي هن پنهنجي ٻئي مڙس کي مارائڻ جي تهمت مڙهي هئي، راڻي آئن جي خاص درٻارين مان هئي، ۽ سدائين سئفٽ جي خلاف راڻي آئن جا پيئي ڪَن ڀريندي هئي. هوءَ راڻيءَ جي وفات کانپوءِ مُئي. گهڻين نااميدين کان پوءِ سئفٽ کي سينٽ پئٽرڪ چرچ (ڊبلن _آئرلينڊ) جو ڊِين (پادري) مقرر ڪيو ويو. هو هڪڙي هنڌ چئي ٿو ته ”منهنجي درٻاري دوستن هڪ اهڙي ملڪ ۾ منهنجي تقرري ڪرائي آهي، جتي آءٌ پاڻ کي ملڪ بدر سمجهان ٿو.“ هن انهن دوستن جي وزارتن کي بچائڻ لاءِ مضمون لکيا، ساڻن سازشن ۾ شريڪ ٿيو، ۽ دشمن پيدا ڪيائين. پر آخر ۾ نتيجو هي مليس، جو هڪ ننڍي عهدي ڪاڻ لنڊن ڇڏڻي پيس. جيتوڻيڪ سياسي ماحول ۾ رهي، هن کي ڪو خاص مالي فائدو نه ٿيو، پر ان مان سندس ادب ۾ سياسي ۽ سماجي طنز جي فني لياقتن کي جرڪڻ جو سٺو موقعو مليو. ان زماني ۾ هن ”هڪ ٽب جي ڪهاڻي“ (A Tale of Tab) جهڙو هڪ اعليٰ مضمون لکيو، جيڪو عيسائيت جي ڪئٿولڪ ۽ پيوريٽن فرقن تي هڪ عميق طنز آهي.
    ”گليور جو سفر“ به هڪ طنزيه تصنيف آهي، ليڪن ان ۾ سئفٽ جي طنز جو دائرو تمام وسيع آهي. سئفٽ ان تصنيف ۾ سڄي انسانيت جي حماقتن بڇڙائين ۽ اخلاقي ڪمزورين تي سخت چوٽون ڪري ٿو. سئفٽ شاعري به ڪئي، پر سندس شعر ايترو معياري نه آهي. سندس همعصر اديبن مان ان ميدان جو مڃيل شاعر پوپ(Pope) آهي، جيڪو ارڙهين صديءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اعليٰ ترين شاعر ليکيو وڃي ٿو. سئفٽ جي نثر توڙي نظم ۾ البت اسان کي هڪ ڳالهه مشترڪ ملي ٿي هن جو نثر ۽ نظم ٻئي نمايان طرح طنزيه آهي. ان صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ اڃان جڏهن ماڻهو ”روسو“ جي رومانوي تحريڪ کان متاثر نه ٿيا هئا، ۽ پاڻ کي ڪنهن ”ڪائناتي مصيبت“ جي شڪنجي ۾ ڦاٿل نه سمجهندا هئا، تڏهن زندگيءَ ڏانهن سندن زوايه نگاهه اڪثر مزاحيه هو، ان زاويئه نگاهه جي مطابق انسان پاڻ کي پنهنجي ڪمزورين ۽ حماقتن جي نتيجي ۾ اڪثر کِل جهڙين حالتن ۾ وجهيو ٿو ڇڏي. ۽ اديبن جي آڏو ”مزاح“ جو ڪم هي هوندو آهي ته ان جي ذريعي انسان جي هنن ڪمزورين ۽ حماقتن کي مختلف طريقن سان پيش ڪيو وڃي. ”فيلڊنگ“ ۽ ”جين آسٽن“ ناولن جي نئين ۽ اُسرندڙ صنف ۾ ، ”پوپ“ شاعريءَ جي ذريعي سماج ۽ فرد جي حماقتن تي طنز ڪئي آهي. سئفٽ جي طنز جو مکيه دائره عمل مضمون نويسي آهي.
    پر انهن چئن جي طنز جدا جدا نوعيت جي آهي. ”آلڊس هڪسلي“ جي نظر ۾ فيلڊنگ جي طنز ٿڌي آهي ۽ منجهس ذهانت جو عنصر وڌيڪ آهي. جين آسٽن فرد جي هلت چلت ۽ سماج جي ريتن رسمن تي نفيس ۽ نرم ٽوڪون ڪري ٿي، ۽ پوپ جي طنزيه شاعريءَ ۾ سماج ۽ خاص ڪري اميرانه سماج سان همدرديءَ جو اظهار ملي ٿو. پر سئفٽ جي طنز، ”ايف. آر. ليوس“ جي چوڻ مطابق، منفي آهي، جيڪا انسان کي شرمسار ڪري ٿي، ڊيڄاري ٿي ۽ حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. ايتريقدر جو جڏهن ”گليور جو سفر“ پهريون دفعو شايع ٿيو، تڏهن ڪن ”نيڪ اخلاق ۽ نفاست پسند“ امير حلقن ان ڪتاب کي بداخلاقي ۽ انسان دشمنيءَ جو حامل سمجهي بنهه پڙهڻ کان ئي نابري واري ڇڏي. هڪڙي نقاد ته اهو به چيو ته ”آءٌ ان ڪمري ۾ ئي ويهڻ پسند نه ڪندس، جتي ”گليور جو سفر“ رکيل هوندو، ۽ راڻي آئن جي درٻاري حلقن ان ڪتاب کي سخت ناپسند ڪيو، جن اميرن ۽ وزيرن تي ان ۾ ڇنڊا هنيا ويا هئا، سي ته تپي باهه ٿي ويا، پر هو سئفٽ جي خلاف ڪجهه ڪري به نٿي سگهيا. سئفٽ ۽ سندس دوستن کي خبر هئي ته ڪتاب جي خلاف لنڊن ۾ ڪاوڙ جو طوفان اُٿندو. تنهن ڪري سياڻپ کان ڪم وٺي ”گليور جو سفر“ اول اول مرڳو سئفٽ جي نالي سان ئي شايع نه ڪرايو ويو.
    اڄ ٻه سوء سالن کان پوءِ بدليل تنقيدي قدرن جي تحت سئفٽ تي بداخلاقي ۽ غير مناسب پسنديءَ جون تهمتون نٿيون مڙهيون وڃڻ، بلڪه سندس تصنيفن کي پاڻ ڏاڍي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو ان تصنيف جو قريب قريب يورپ جي هر زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. هاڻي، جيستائين سئفٽ جي زندگيءَ ڏانهن زاويئه نگاهه جو تعلق آهي، ته ان سلسلي ۾ نقادن جا رايا مختلف آهن. ”ڪارل وئن ڊورين“ هن کي انسانذات سان نفرت ڪندڙ (Misanthrope) سمجهي ٿو، ”مڊلٽن مَري“ ۽ ”رڪارڊو ڪئنٽانا“ جي آڏو هو انسانيت جي اثباتي قدرن جو حامي آهي، ۽”ايف. آر. ليوس“ پنهنجي مضمون ”سئفٽ جي طنز“ ۾ چئي ٿو ته هُن جي لکڻين ۾ بي پناهه قوت آهي، پر ”قابل تعريف ذهانت“ نه آهي، ۽ ان قوت ۾ ايتري ته شدت آهي، جو سئفٽ منفي فنڪار ٿيو پوي. انهن متضاد راين جي پيش نظر ڪنهن قطعي فيصلي تي پهچڻ کان اڳ هي ضروري آهي ته سئفٽ جي دور جو ۽ خود ڪتاب ”گليور جو سفر“ جو، تفصيلي ذڪر ڪيو وڃي.
    سئفٽ ارڙهين صديءَ جي دور کي پنهنجن ٻين همعصرن وانگر ”روشن خياليءَ جو دور“ ڪري ليکيندو هو. ”روشن خياليءَ جو دور“ جي هڪ _ ٻن جملن ۾ تشريح ڪرڻ ناممڪن آهي.. البت ان جو بنيادي تصور هيءَ عقيدو آهي ته رڳو عيسائي، خدا جي مٿن خاص نظر ڪرم سبب، مرڻ کان پوءِ درجئه ڪماليت تي رسندا، پر مرڻ کان اڳ هر انسان هن زمين تي درجه ڪماليت کي پهچي سگهي ٿو. ان عقيدي جي شروعات ”نيوٽن“ جي سائنسي کوجنائن سان ٿي. سترهن صديءَ جي آخر ۾ نيوٽن پهريون دفعو دنيا کي ٻڌايو ته ڪيئن مختلف گرهه طبعي قوانين جي تحت ڦرن پيا، ۽ انهن قوانين جي مدد سان اسين ڪائنات جي ٻين مظهرن کي به پروڙي سگهون ٿا. نيوٽن کانپوءِ انگريزي فيلسوف ”لاڪ“ آيو، جنهن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن خارجي ڪائنات هڪ نظام جي تحت هلي پيئي، تيئن انسان جي سماجي زندگي به ڪن اُصولن تي مبني آهي. سماج ۾ خرابيون ان ڪري نٿيون پيدا ٿين، جو انسان ازل کان گهنگار آهي، يا خدا انسانن جي قسمت اڳ ۾ ئي لوح قلم تي لکي ڇڏي آهي، پر انسان جڏهن به زندگيءَ جي عام فهم اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي، تڏهن ان جو نتيجو سماجي ۽ انفرادي خرابين جي صورت ۾ نڪرندو آهي.
    هاڻي جهڙيءَ طرح اسين ڪائنات جي طبعي نظام کي عقل (Reason) جي مدد سان سمجهي سگهون ٿا، اهڙي طرح ان جي مدد سان انساني لاڳاپن جي اُصولن کي به معلوم ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن عقل جي ذريعي اسان کي خبر آهي ته ڏينهن ۽ رات ڇو ٿا ٿين، ته ساڳئي عقل جي روشنيءَ ۾ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن. طبقاتي تفريق مصنوعي آهي. جمعي جي ڏينهن کي هفتي جي ٻين ڏينهن تي ڪابه فضيلت حاصل نه آهي، ۽ اميرن کي ڪو حق نٿو پهچي ته غريبن جي محنت تي موجون ڪن. مختصر هي ته عقل اسان کي زندگيءَ جي صحيح حقيقتن کان آگاهه ڪري ٿو، ۽ ساڳئي وقت اسان ۾ اهڙي اخلاقي پختگي به پيدا ڪري ٿو، جيڪا انسان جي حيواني جبلتن کي قبضي ۾ رکي ٿي ۽ نفس اُماره کي اُسرڻ نٿي ڏئي. عقل جي روشنيءَ ۾ ترقي ڪندو انسان اُن دنيا ۾ درجه ڪماليت کي رسي سگهي ٿو.
    سئفٽ جي دور جي ان مختصر بيان کانپوءِ هاڻي اچو ته ”گليور جو سفر“ جو تنقيدي جائزو وٺون. ڪن نقادن جي راءِ ۾ ان ڪتاب ۾ سئفٽ جو فن ۽ خيال عروج تي آهي. ڪي وري ”هڪ ٽب جي ڪهاڻيءَ کي سندس بهترين تصنيف تصور ڪن ٿا. بهرحال انهن ٻنهي جي نسبتي اهميت کڻي ڪهڙي به هجي، پر ان حقيقت کان ڪو انڪار نٿو ڪري ته انهن تصنيفن جي ڪري سئفٽ کي ” ظرافت جو شهنشاهه“ ڪري مڃيو ويندو آهي. ”گليور جو سفر ۽ تصوراتي حقيقت پسندي (Fantastic Realism) جي ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آهي ته گليور هڪ سڌو، سادو ۽ سمجهدار انسان آهي، جيڪو پنهنجي مسافرين جو احوال بنا ڪنهن مبالغي جي ڏئي ٿو، هو مختلف سفرن جي دوران ۾ اهڙن ملڪن ۾ وڃيو نڪري، جتي جي دنيا ئي نرالي آهي. ڪٿي ماڻهو هڪ انچ جيتر آهن، ته ڪٿي جانورن ۾ انسانن جي اعليٰ تهذيب آهي ۽ انسانن ۾ جانورن جي مڪمل حيوانيت، هاڻي هيءَ هڪ تخيلي دنيا آهي. پر جڏهن گليور انهن عجيب ملڪن جي رسمن، رواجن، اُصولن ۽ حڪومت جي نظامن جو ذڪر ڪري ٿو ته ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ هو ڄاتل سڃاتل انساني تهذيب ۽ تمدن جي بڇڙاين، حماقتن ۽گندگيءَ تي ٽوڪون ڪري رهيو آهي. انهن ملڪن جا رهواسي به انسانن وانگر سازشون ڪن ٿا، هڪٻئي سان ساڙ ۽ بغض رکن ٿا، ۽ ڪٿي ته صفا ذلت جي گهرائين ۾ ڪِريو ٿا پون، هنن عجيب غريب ماڻهن جو وجود فقط علامتي (Symbolic) آهي. هو حقيقت ۾ سچي پچيءَ انساني تهذيب جي نمائندگي ڪن ٿا.
    ”گليور جو سفر“ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ ”لليپٽ“ جو بيان آهي، جيڪو انگلينڊ جي نمائندگي ڪري ٿو. لليپٽ جي ننڍڙن ماڻهن جي درٻار جو احوال، ارڙهين صدي جي انگريزي وزيرن ۽ اميرن جي سياسي سرگرمين سان ملي ٿو. ”فلمنئپ“ شاهي خزانچي، وزيراعظم ”والپول“ آهي. هو ٻين وزيرن کان هڪ انچ وڌيڪ رسيءَ تان ٽپي ڄاڻي ٿو. هاڻي رسي ٽپڻ جو تصور ئي کِل جهڙو آهي. سئفٽ هتي والپول جي چالاڪي ۽ جي حضوريءَ کي ٽوڪي ٿو.لِليپٽ جي درٻار ۾ ٻه مخالف ڌريون آهن. هڪ ڌر ننڍي کڙيءَ جا ٻي ڌر وڏي کڙيءَ جا جوتا پائي ٿي. ننڍي کڙيءَ واري ڌر ”وگ“ آهي، ۽ وڏي کڙيءَ واري ”ٽوري“. هي ٻيئي انگلينڊ جون قديم سياسي جماعتون آهن، جن کي هاڻي ليبر ۽ ڪنزرويٽو جماعتون سڏجي ٿو. بادشاهه جي نظر ڪرم ننڍيءَ کڙي واريءَ ڌر تي آهي، پر سندس شهزادو چالاڪي ڪري ٻنهي ڌرين کي راضي رکڻ لاءِ ساڳئي وقت ننڍيءَ ۽ وڏيءَ کڙيءَ جا جوتا پائي ٿو. هو جڏهن منڊڪائي هلي ٿو ته بنهه مسخرو پيو لڳي. سئفٽ جي دور جا شهزادا ۽ بادشاهه مخالف ڌرين کي هڪ ئي وقت راضي رکڻ لاءِ مضحڪ خيز حرڪتون ڪندا هئا.
    گليور، جيڪو سياڻپ جي تلاش ۾ آهي، شروع ۾ لِلليپٽ جي باشندن ۽ بادشاهه جي مهمان نوازيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو، پر پوءِ آهستي آهستي کيس معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڻهو اخلاقي طرح ڪِريل آهن. هو هڪ ٻئي سان سياسي بغض رکن ٿا ۽ پاڙيسري ملڪ ”بليفسڪو“ (جيڪو فرانس آهي) سان ڪين جهڙين ڳالهين تان جنگيون ڪن ٿا، بليفسڪو جو بادشاهه جڏهن لليپٽ تي حملي ڪرڻ جون تياريون پيو ڪري، تڏهن گليور هن جا پنجاهه جهاز پڪڙي لليپٽ تان جنگ جي آفت کي ٽاري ٿو. پو لليپٽ جو بادشاهه لالچي آهي. هو گليور کي حڪم ڏئي ٿو ته هو بليفسڪو جا سڀ جهاز پڪڙي اُن ملڪ کي اڳوپوءِ سندس غلام بنائي ڇڏي. گليور هڪ امن پسند انسان آهي ۽ هو بادشاهه جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. ان تي بادشاهه ۽ وزير ملي گليور کي غدار قرار ڏين ٿا. فلمنئپ هن کي وڌيڪ بدنام ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال تي الزام لڳائي ٿو ته هن جا گليور سان ناجائز تعلقات آهن. (ان واقعي جو ذڪر مرزا قليچ بيگ پنهنجي ترجمي ۾ آندو آهي.) هاڻي گليور تي واضح ٿئي ٿو ته هو هتي جي باشندن کان اخلاقي طرح برتر آهي. هو آخر ۾ جان بچائڻ لاءِ لِليپٽ ڇڏي ٿو. ان پهرئين ڀاڱي ۾ سئفٽ جون طنزون شديد نه آهن. شروع کان وٺي آخر تائين انداز بيان مزاحيه آهي.
    پر ٻئي ڀاڱي ۾ سئفٽ جي طنزن ۾ شوخيءَ جو عنصر غالب آهي. ان ڀاڱي جي طنزيه شوخي انسان جي تهذيب ۽ ان ۾ سندس ايمان ۽ فخر تي حملا ڪري ٿي، لليپٽ ۾ گليور جسماني توڙي اخلاقي لحاظ کان ان ملڪ جي ماڻهن کان برتر هو، پر ”برابڊنگ نئگ“ ۾ اچي حالتون بدلجي وڃن ٿيون. هتي گليور برابڊنگ نئگ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ جسماني ۽ اخلاقي لحاظ کان هيچ ۽ ڪمتر ٿيو پوي. ٻئي ڀاڱي جا اهم باب ته اُهي آهن، جن ۾ گليور ۽ برابڊنگ نئگ جي بادشاهه جي وچ ۾ مباحثو ٿئي ٿو. بدقسمتي سان مرزا قليچ بيگ انهن بابن جو ترجمو نه ڪيو آهي، جن جي پڙهڻ کان سواءِ اسين ٻئي حصي جي فني ۽ فڪري اهميت کان پوريءَ طرح واقف ٿي نٿا سگهون.
    برابڊنگ نئگ جو ديو هيڪل بادشاهه هڪ فيلسوف آهي. هو گليور کان سندس ملڪ جي علم، مذهب، ريتن، رسمن ۽ حڪومت جي نظام بابت پڇي ٿو. گليور ڏاڍي فخر سان پنهنجي تهذيب جون خوبيون ٻڌائي ٿو. پر هو بادشاهه کي مطمئن نٿو ڪري سگهي. اُلٽو بادشاهه سندس ملڪ جي قانون ۽ سياسي نظام تي اعتراض واري ٿو. جڏهن گليور هن کي يورپ جا تاريخي واقعا ٻڌائي ٿو، تڏهن هو حيران ٿي وڃي ٿو. گليور جي چوڻ موجب ”يورپ جا ملڪ“ هڪٻئي سان هميشه وڙهندا رهندا آهن. ماڻهو ملڪ سان غداريون ڪندا آهن، خون، چوريون ۽ ڌاڙا هنن جي روزمره جي زندگين جون ڳالهيون آهن، ۽ هي خرابيون انڪري آهن جو ماڻهو ”لالچي، مڪار،پاڳل ۽ حاسد آهن“ هوڏانهن برابڊنگ نئگ انهن خرابين کان پاڪ آهي. تنهنڪري جيئن گليور انساني تهذيب جي زياده کان زياده وضاحت ڪري ٿو، تيئن پاڻ بادشاهه جي نظر ۾ انسانذات جي عزت ۽ احترام گهٽيو وڃي. گليور هن کي توب ٺاهڻ جو هنر سيکارڻ ٿو گهري ۽ ٻڌائيس ٿو ته توبن جي ذريعي وڏن وڏن لشڪرن کي منٽن ۾ نيست و نابود ڪري سگهجي ٿو. هيءَ ڳالهه ٻڌي بادشاهه جا طاق ئي لڳي وڃن ٿا. هن جي خواب و خيال ۾ به نٿو اچي سگهي ته هيءَ جيتا مڙي انسانذات ايتري قدر تباهه ڪُن ٿي سگهي ٿي. هو گليور کي منع ٿو ڪري اڳتي ڪڏهن به سندس سامهون ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪري. هو اهڙي تباهي آڻيندڙ راز کي ڄاڻڻ کان، اڌ ملڪ وڃائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سڄي مباحثي ۾ برابڊنگ نئگ جو بادشاهه گليور کان اخلاقي طرح نهايت برتر ثابت ٿئي ٿو.
    جڏهن گليور هن کي انساني تهذيب جا قابل، فخر ۽ قابل تعريف پهلو ٻڌائي دنگ ٿو ڪري، تڏهن برابڊنگ نئگ جو بادشاهه چويس ٿو”زمين تي جيڪي به خسيس جيتامڙا چُرن پيا، تن ۾ انسانذات سڀني کان وڌيڪ ڪِني ۽ ڌڪار جوڳي جنس آهي.“ هنن جملن ۾ سئفٽ جي طنز تمام تيز ۽ وڌيڪ وڍيندڙ آهي. بادشاهه جي ڳالهين مان سئفٽ کي معلوم ٿئي ٿو ته سندس ملڪ ۾ بلڪ صلح ۽ سانت آهي. رعيت جي زندگي هڪ سٺي معياري ۽ اخلاقي نظام جي تحت آهي. ان جو مطلب هي نه آهي ته برابڊنگ نئگ جو هرڪو باشندو اخلاق جي اعليٰ معيارن جي پوئواري ڪري ٿو. هنن ۾ ڪي ”گلمڊال ڪلچ“ جي پيءُ جهڙا به آهن، جنهن گليور سان ظالمانه سلوڪ ڪيو هو. پر مجموعي طرح ملڪ جو اخلاقي، معيار بلند آهي.
    پر گليور جي آڏو هي ديون جهڙا انسان اڃا به مڪمل نه آهن. سندن رڳو سياسي ۽ اخلاقي نظام قابلِ رشڪ آهي. هو فڪري لحاظ کان غير معمولي معيار جا نه آهن. هنن کي فقط شاعري، تاريخ ۽ حسابن سان دلچسپي آهي. فڪر جون ٻيون راهون اڃا هنن لاءِ کليون نه آهن، ۽ گليور جي معياري سياڻپ لاءِ تلاش جاري ٿي رهي. هو برابڊنگ نئگ ۾ رهي بيزار ٿي پوي ٿو. هن ملڪ ۾ سندس حيثيت هڪ پاليل جانور جهڙي آهي. کيس انساني فخر ۽ عزت حاصل نه آهي. هو معمولي ڪتن ۽ ٻلن کان به ڊڄي ٿو، جيڪي هن کان وڏا ۽ سگهارا آهن. خوش قسمتيءَ سان هڪ گُرڙ پکي گليور کي اڏائي وڃي سمنڊ ۾ ڦٽو ٿو ڪري، جتان هڪ جهاز جا خلاصي بچائي ٿا وٺنس. اهڙيءَ طرح هو ان خشڪ ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ کان نجات پائي ٿو.
    ”گليور جو سفر“ جو ٽيون ڀاڱو سڄي ڪتاب جي اسڪيم ۾ ٺهڪي نٿو اچي، ان هڪڙي ڀاڱي ۾ سئفٽ چئن مختلف ۽ انوکن ملڪن جو احوال ڏئي ٿو، پر انهن ملڪن جي جدا جدا قصن ۾ ڪوبه ربط نه آهي. سڀ قصا ٽڙيل پکڙيل آهن، ته وري انهن ملڪن جي بيان جي ذريعي انساني سماج ۽ انساني کوجنائن تي پيش ڪيل طنز ئي ايتري اهم آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪٿي ڪٿي ته سئفٽ تمام گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو آهي. تنهن ڪري ٽئين ڀاڱي جو تفصيلي ذڪر هتي مناسب نه آهي.
    هاڻي اچو ته چوٿين سفر جو جائزو وٺون، جيڪو هن سڄيءَ تصنيف جو اهم ترين ڀاڱو آهي. گليور جو چوٿون سفر ”وينمن جي ملڪ ڏانهن سفر“ جي نالي سان آهي. ان ۾ پلاٽ ۽ مرڪزي خيال جي هم آهنگي ۽ تسلسل عروج تي پهتل آهي. ان کان سواءِ طنزيه انداز بيان ۽ ڪردارن جي پيشڪش ايتريقدر ته شديد ۽ قوت ڀري آهي، جو هڪ عام پڙهندڙ تي پهريون تاثر هي ويهي ٿو، ته سئفٽ انسانيت سان نفرت ڪري ٿو. لليپٽ ۽ برابڊنگ نئگ جي سفرن جو مجموعي تاثر گهڻي قدر رڳو مزاحيه آهي. تنهنڪري ٻارن کي پهريان ٻه ڀاڱا پڙهڻ ۾ بيحد لطف ايندو آهي. پر چوٿين ڀاڱي ۾ انسان ۽ انساني سماج تي ايتريون ته جامع ۽ فصيح ٽوڪون ۽ طنزون ڪيل آهن، جو هڪ دفعو ته اسان جو انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ مان ايمان ئي کڄي وڃي ٿو پر هي فقط ظاهري تاثر آهي، جنهن جي تائيد يا ترديد ان حصي کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کانپوءِ ڪئي ويندي.”وينمن جي ملڪ ڏانهن سفر“ جا ٻه مرڪزي خيال آهن. هڪ ته جڏهن انسان عقل جي زندگي نه گذاريندو آهي، تڏهن ذلت ۽ خواريءَ جي اوڙاهه ۾ ڪِري انتهائي حيوانيت جو روپ اختيار ڪندو آهي، ۽ ٻيو جڏهن ڪابه ساهه واري جنس عقل جي زندگيءَ کي پنهنجو ڪندي آهي، تڏهن اها نه فقط انسان کان اعليٰ ۽ برتر ٿيندي آهي، پر مثالي درجه ڪماليت کي وڃي رسندي آهي.
    پهرئين مرڪزي خيال جو تعلق ”واهوئن سان آهي، جيڪي ان ملڪ جا ”جانور آهن. ۽ ٻئي جو تعلق ”وِينَمَن“ سان آهي، جيڪي ان عجيب دنيا جي مثالي مخلوق آهن. ”واهو“ جسماني مناسب جي لحاظ سان گليور جا هم شڪل آهن. هو دراصل انسان آهن، ۽ ذلت جي گهرائين ۾ ڪِريل آهن. ”وينم“ گهوڙا آهن، جن جو ان ملڪ ۾ اقتدار ۽ راڄ آهي هو واهوئن کي پاليندا آهن، ۽ هنن کان پورهيو ڪرائيندا آهن. شروع شروع ۾ جڏهن گليور وينمن جي ملڪ ۾ اچي ٿو، ته واهوئن کي ڏسي ڊڄي وڃي ٿو. هنن جو سڄو جسم، منهن ۽ پيٽ کاسواءِ، وارن سان سٿيل آهي. پيرن ۽ هٿن جي آڱرين ۾ ڊگها ۽ سنها نُنهن اٿن هو ڀولڙن وانگر سولائيءَ سان وڻن تي چڙهي وڃن ٿا، ۽ پاڻ ۾ وڙهن ۽ رانديون ڪن ٿا. هنن جون شڪليون خراب ۽ بگڙيل آهن. گليور کي ڏسڻ شرط ئي هنن کي بُڇان اچي ٿي. اوچتو هو گليور کي ڏسي، چوڌاري ورائي وڃنس ٿا. گليور بچاءَ خاطر هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي ٿو. ڪي ”واهو“ وڻ تي چڙهي مٿانئس گند ڦٽو ڪن ٿا، ۽ سڀ ڪپڙا خراب ڪري ڇڏينس ٿا.
    پوءِ گليور کي خبر پوي ٿي ته هي ”واهو“ هن جهڙا انسان آهن. هڪ وينم کيس پنهنجي گهر وٺي اچي ٿو ۽ ٻڌائيس ٿو ته ”تون به واهوئن جي جنس مان آهين.“ تنهن تي گليور پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ هن جي آڏو يورپ جي تهذيب جي ساراهه ڪري ٿو، پر باشعور وينم کِلي چويس ٿو ته ”انهن سڀني ڳالهين جا نشان اسان کي واهوئن ۾ ملن ٿا. واهو پاڻ ۾ ننڍيون وڏيون جنگيون ڪندا آهن، چمڪندڙ پٿرن جي ذخيره اندوزي ڪندا آهن، ۽ انهن تي پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا آهن، جيتوڻيڪ هو چمڪندڙ پٿرن کي استعمال ۾ آڻي نه سگهندا آهن، ۽ هو ٻين کي بک ماري، پاڻ عيش ڪندا آهن. هن ملڪ ۾ بيماريون فقط واهوئن کي لڳن. هنن جو هڪ سردار ٿيندو آهي، جيڪو جسم ۾ سڀني کان بڇڙو ۽ ذهن ۾ سڀني کان شيطان هوندو آهي. هو شهوتي ۽ حريص آهن، منجهن ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ دوست جي ڪا تميز نه آهي، ۽ ان سان گڏ هو ناقابلِ اصلاح، حرفتي، هڪٻئي جا بدخواهه ۽ ظالم آهن.“
    واهوئن جي برعڪس اُتي جا ”وينم“ هڪ مثالي مخلوق آهن. سندن سڄي زندگي ”عقل“ جي روشني ۾ گذري ٿي. هو درجه ڪماليت تي رسيل آهن، ۽ ان لحاظ کان ”روشن خياليءَ جو دور“ هنن وٽ آهي. هو پاڻ ۾ جنگيون ڪونه ڪن. هنن وٽ بيماريون ڪونه اچن. سماجي ڀلائي ۽ دوستي سندن زندگيءَ جا ٻه زرين اصول آهن، ۽ اخلاقي برتريءَ ۾ برابڊنگ نئگ جي باشندن کان به اعليٰ آهن. هو ڪوبه ڪم جذبات جي زير اثر ڪونه ڪن. ڪاوڙ، برائي، گِلا، غيبت ۽ ڪوڙ جو سندن زندگيءَ ۾ ذرو به دخل نه آهي. سندن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت حڪومت جي حوالي آهي. مائٽ ٻارن جون شاديون ٻارن جي پنهنجي مرضيءَ سان ڪرائيندا آهن. جوان وينم جذباتي پيار مان ڪجهه نه ڄاڻن. هو وڏائي ۾ وڏاءُ کان پري ڀڄن، ۽ صفائي ۽ سٿرائي سندن زندگيءَ جا متا آهن. مطلب ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هنن جي ذاتي سماجي زندگي عقل جي روشنيءَ ۾ گذري ٿي.
    واهوئن ۽ وينم جي زندگين ۾ هڪ عظيم تضاد آهي، ۽ ان تضاد جي ذريعي سئفٽ اسان تي چٽيءَ طرح واضح ڪري ٿو ته واهُو بيحد ڪِريل ۽ ذليل آهن. واهوئن جي علامت جي پس پرده سئفٽ انسانذات ۽ انساني سماج تي هڪ اهڙي گهري چوٽ ڪري ٿو، جيڪا اڄ تائين ڪنهن ٻئي طنزيه فنڪار جي قلم مان نه نڪتي آهي. برابڊنگ نئگ ۾ گليور پاڻ کي رڳو اخلاقي ۽ جسماني طرح ڪمتر سمجهي ٿو، پر هِن مثالي ملڪ ۾ اچڻ کانپوءِ هن جو سڄو روح احساس ڪمتريءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو، ۽ هر لحاظ کان هو پاڻ کي خسيس ۽ هيچ سمجهڻ لڳي ٿو. هاڻي ڪوشش ڪري هو وينمن جهڙي زندگي گذاري ٿو، پر هو نيٺ گليور کي ملڪ بدر ڪن ٿا. سندن قانون جي مطابق گليور ان مثالي دنيا ۾ رهڻ جي قابل نه آهي. گليور ڀڳل دل سان هي ملڪ ڇڏي ٿو، ۽ جڏهن واپس وطن اچي ٿو، ته انسانن جي بدران گهوڙن سان پيار ڪري ٿو ۽ گهوڙن جي صحبت ۾ رهي ٿو. هن کي انسانذات سان هميشه هميشه لاءِ نفرت ٿي وڃي ٿي.
    هاڻي، ”ڪارل وئن ڊورين“ جي خيال ۾ سئفٽ جي ويس ۾ انسان کي بي انتها ذليل ۽ خوار ڪري پيش ڪيو آهي، تنهنڪري اسين هي چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سئفٽ انسانذات سان نفرت ڪري ٿو، پر جي سئفٽ واقعي انسان سان شعوري طرح نفرت ڪري ها، ته هو وينمن کي ارڙهين صديءَ جي اعليٰ ۽ اثباتي قدرن جو حامل نه ڏيکاري ها. هن وينمن جي علامت ۾ ”عقل جي زندگيءَ“ ۽ ”روشن خيالي“ جي دور جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هڪ طنزيه فنڪار جو نقطئه نظر هميشه اخلاقي ۽ سماجي بهتريءَ تي مبني هوندو آهي، ۽ جيڪو فنڪار اخلاقي ۽ سماجي بهتريءَ جو خواهشمند هوندو آهي، سو ڪڏهن به انسانيت سان نفرت نه ڪندو آهي. انهن دليلن جي پيش نظر”رڪارڊو ڪئنٽانا“ سئفٽ کي انسانيت سان نفرت ڪندڙ نه، پر ارڙهين صديءَ جي قدرن جو پرچار ڪندڙ ليکي ٿو. البت هو هيءَ ڳالهه ضرور تسليم ڪري ٿو ته وينمن جي مثالي زندگيءَ ۾ اُها چَس، ڪشش ۽ گرمجوشي نه آهي، جيڪا واهوئن ۾ آهي. واهو کڻي ڇا به آهن، پر هنن ۾ زندگيءَ جي هلچل ۽ تيز طراري ۽ چَس آهي. هنن جي برعڪس وينم رڳو ”ذهن جي (ٻُسي) حياتي“ گذاري ڄاڻن ٿا. سندن جذبا سرد ۽ بيجان آهن. پر ڪئنٽانا جي آڏو اِها سئفٽ جي فن جي ڪمزوري آهي. هو واهوئن ۽ وينمن جي ڪردارن کي فني تنساب سان چِٽي نه سگهيو آهي. هن کي گهربو هو ته وينمن جي مثالي زندگيءَ کي جذبات کان عاري نه ڪري ها. البت ”ايف. آر. ليوس“ جي نظر ۾ هيءَ ڳالهه سئفٽ جي وس کان ٻاهر آهي. هو وينمن جي اثباتي زندگيءَ ۾ جذباتي ڪشش ان ڪري پيدا نه ڪري سگهيو آهي، جو هن جون طنزيه قوتون تخريبي آهن. ”ليوس جي خيال ۾“ سئفٽ جي طنزن ۾ جذباتي شدت تمام گهڻي آهي، ۽ ان شدت ۾ ايتري ته قوت آهي، جو خود عقل ۽ حق پرستيءَ جا اثباتي قدر به ڦِري منفي ٿيون پون. ائين برابر آهن ته وينم ”عقل ۽ حق پرستيءَ“ جي نمائندگي ڪن ٿا، جيڪي سئفٽ جا آدرش آهن، پر واهوئن جي ذڪر کي هڪ اهڙي جذباتي شدت سان پيش ڪيو ويو آهي جو وينمن وٽ رڳو عقل ئي عقل رهجيو وڃي، ۽ زندگيءَ جي هلچل ۽ گرمجوشي سڀ واهوئن وٽ، وينم پيار ڪرڻ جي قابل نه آهن. هنن جي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ نه آهن، ڇو جو هنن جون ضرورتون ۽ خواهشون ٿوريون آهن. هو حسن جي ڪشش کان ناواقف آهن، ۽ مرڻ وقت سڀني مائٽن کان گهر گهر موڪلائي، بنا ڊپ ڊاءَ جي، ائين آرام ۽ ٿڌيءَ دل سان مري وڃن ٿا، ڄڻ ڪٿي گهمڻ ٿا وڃن.
    تنهنڪري اسين چونداسين ته سئفٽ جا اثباتي قدر ساراهه جوڳا آهن يا نه، پر ايترو ضرور آهي ته هن انهن کي اثرانداز طريقي سان پيش ڪري، پُرڪشش ۽ قابل قبول نه بڻايو آهي. سئفٽ ائين ڪري به نٿو سگهي، ڇو جو سندس طنزيه قوتون تخريبي آهن ۽ نه تعميري، سئفٽ ڄاڻي واڻي انسانيت سان نفرت نٿو ڪري. هن جي ”جذباتي شدت ئي منفي آهي.“
    ايف.آر. ليوس جي هيءَ راءِ، جيڪا نهايت موزون ۽ وزني آهي. سئفٽ جي زندگيءَ بابت نظريي ۽ سندس فن جي متعلق ڪافي سخت پيئي لڳي. پر ان جي باوجود اڄ اسين سئفٽ کي بداخلاق ۽ غير نفاست پسند چئي، ساڻس نفرت نٿا ڪريون، پر هن کي هڪ عظيم فنڪار سمجهون ٿا. هن جي فن جي هڪ خوبي_ جذباتي قوت ئي ايتريقدر معياري آهي، جو سندس نالو انگريزي ادب جي تاريخ ۾ هميشه زنده ۽ تابان رهندو.

    رشيد آخوند
    ڪراچي
    18- سيپٽمبر 1959ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258284
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386404
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ