ڪتاب جو نالو: موٽي ايندس مان
مصنف: ابراهيم کرل
ڇپائيندڙ: تخليقڪار فورم، خيرپور
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 11 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 656 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 168 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • موٽي ايندس مان شايد ! سکر مان
  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ
  • اَ ـ مُهاڳ
  • منهنجو بابا
  • پنهنجي پاران
  • پهرين لڙي : مُلياڻي حليمان
  • ٻي لڙي : رحيمان
  • سفوران : ٽئين لَڙهي (ڪَڙي)
  • (پهرين لڙي) : ”عمر“ـ 1
  • (ٻي لڙي) : ”عمر“ـ 2
  • (ٽئين لڙي) : ”عمر“ ـ 3
  • گلناز
  • آخري رات
  • مرغو نمبر ـ 5
  • جنڊو پاڙو
  • پهرين ملهه
  • موٽي ايندس مان
  • واليون

  • موٽي ايندس مان شايد ! سکر مان

    موٽي ايندس مان
    شايد ! سکر مان
    ڪنهن ٿي ڳالهايو

    ڪيڏو تڙپائين ٿو
    حويليءَ دَرَ مان
    ڪنهن ٿي ڳالهايو

    دليون ڇو ٿا ڊاهيو
    مسجد مندر مان
    ڪنهن ٿي ڳالهايو

    چنڊ اڀرين ڇو نه ٿو
    اونداهين گهرَ مان
    ڪنهن ٿي ڳالهايو

    ڪيڏو وکري ويو آهين
    منهنجي اندرَ مان
    ڪنهن ٿي ڳالهايو


    ڪتاب بابت

    BOOK NO. 04
    موٽي ايندس مان
    (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: ابراهيم کرل
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين ۽ ڪمپوزنگ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: ذڪر پرنٽرس ــ پاڪستان چؤڪ ڪراچي، سنڌ
    ڇپائيندڙ: تخليقڪار فورم خيرپور، سنڌ
    ملهه: 200/- روپيه

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    “MOTI EINDUS MAAN”
    (Stories)
    By: Ibrahim Kharal
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design & Composing: Asif Nizamani
    Printed by: Zaki Printers – Pakistan Chowk Karachi, Sindh.
    Published by: Takhleeqar Forum Khairpur, Sindh.
    Price: Rs. 200/-


    ارپنا

    ”جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي امام“،
    ”سنڌي ڪهاڻي جي مجيري“،
    ”سنڌي ڪهاڻيءَ جي دادلي بودلي ڪهاڻيڪار“،
    ”نسيم کرلَ“
    جي نانءِ جنهن سنڌي ٻوليءَ کي
    کوڙ عظيم ڪهاڻيون ڏنيون آهن.

    ـــ ابراهيم کرل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”موٽي ايندس مان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
    هي ڪتاب تخليقڪار فورم، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين إبراهيم کرل ۽ پياري آصف رضا نظاماڻي جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ابراهيم کرل، سنڌي ٻوليءَ جو سيبتو ڪهاڻيڪار آهي. تخليقڪار فورم پاران سندس هي ٻيون ڪتاب اوهان تائين پهچائيندي انتهائي فخر محسوس ڪيون ٿا. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي. ٻهراڙي ۽ شهري ماحول تي ڪهاڻيون لکندڙ ابراهيم کرل، سنڌي ٻوليءَ جو برجستو ڪهاڻيڪار آهي. اميد ته سندس هي ڪيل ادبي پورهيو ضرور مڃتا ماڻيندو.
    تخليقڪار فورم اوهان لاءِ هي ڪهاڻيون پيش ڪري رهيو آهي ان اميد سان ته پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

    شاهن سمنگ
    چيئرمين
    تخليقڪار فورم، خيرپور


    مُهاڳ

    ادب درياهه جيان وهندڙ شئي آهي، ان ڪري اهو زندگيءَ جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي. اهو وهندڙ ان ڪري آهي جو ان ۾ هر وقت نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا، نه ته هوند ان مان ڌپ اچڻ شروع ٿئي ها. جيڪي ماڻهو ان ۾ نواڻ جا وهڪرا شامل ڪندا آهن اهي يقينن تخليقي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن. ابراهيم کرل هن ڪتاب جي مسودي ميل ڪرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ پنن جو هڪ ٿهو ڏنو ۽ ڳنڀيرتا سان چيائين، ”مون ڪهاڻيءَ ۾ نئون تجربو ڪيو آهي.“ مون سندس چهري جي سنجيدگيءَ جو جائزو ورتو. اکين ۾ سوال ڏسي ورتم ته مون تهڙي مهل ڪو تبصرو نه ڪيو. ابراهيم کرل جيڪڏهن سنجيدا هجي ۽ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ نه هجي ته لڳندو آهي ڄڻ هي موجود هوندي غير موجود آهي. پر اوچتو ئي اوچتو هن جي چهري تي رونق جو باغ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ چرچي سان گڏ پاڻ به کلي پوندو آهي ۽ اڳيان به ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا آهن، سندس چهري جي ڳنڀيرتا به ان ٻوڙان ٻوڙ ۾ لڙهي ويندي آهي. سو ان ڏينهن به ايئن ٿيو، مليل ڪهاڻين جي ڳالهه به لڙهي وئي. جڏهن ابراهيم هليو ويو ته مون اهي پنا ڏسڻ شروع ڪيا. انهن پنن مٿان هڪ اڌ پنو پيل هيو جنهن تي لکيل هيو:
    ”سنڌي ڪهاڻي، ڳالهه، آکاڻي ۽ ڪهاڻيءَ کان ٿيندي افساني، مختصر ڪهاڻي رپوتاز ۽ ڪالم ڪهاڻيءَ تائين سئو سال مڪمل ڪيا آهن ۽ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ڀرپور تاثر ڇڏيو آهي.
    آءُ ڪهاڻي ڪافلي جو ننڍڙو سپاهي آهيان، ان حوالي سان ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪهاڻي ۾ پنهنجي ذهن آهر هڪڙو تجربو ڪيو اٿم! خاص ڪري شاعريءَ ۾ ته ٽه سٽا، ٽيڙو، چئوسٽا ۽ پنج ڪهڙا صنفون رائج ٿي ويون آهن پر ڪهاڻيءَ ۾ طويل ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي ۽ مٿي بيان ڪيل قسم رائج آهن. انهن شين کان هٽي ڪري مون جيڪو تجربو ڪيو آهي ان جو نالو ”ٽه لڙهي“ جنهن کي ”ٽه ڪڙي“ به سڏيو اٿم، هن تجربي ۾ ٽن مختصر ڪهاڻين کي شامل ڪيو اٿم. هر هڪ ڪهاڻي پنهنجا ڪردار، پلاٽ، مقصد ۽ فني لوازمات رکي ٿي ۽ هر هڪ ڪهاڻي کي پنهنجو ڪلائمس آهي، فرق اهو آهي ته ٽنهي ڪهاڻين جا واقعا الڳ آهن ۽ متفقه ڳالهه اها آهي ته ٽنهي ڪهاڻين جي ڪردارن جو پاڻ ۾ ربط آهي. ائين سمجهو ته ڪٽنب، پاڙو يا تر ساڳيو آهي، وقت جي وٿي آهي. وڏي ڳالهه ته پهرين ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿيندڙ ٽي مثبت ڪردار ۽ ٽي منفي ڪردار، هر هڪ ڪهاڻيءَ کي ڪلائمڪس تي پهچائيندا، روانا ٿي وڃن ٿا. مثبت ڪردار جي جاءِ ٻيو مثبت ڪردار وٺي ٿو ۽ ائين ٽيئي ڪهاڻيون تسلسل ۾ هلن ٿيون ۽ هر ڪهاڻيءَ جو پنهنجو ڪلائمڪس آهي.“
    اڳيان پنان اٿلايم ته انهن ۾ سندس اهي تجرباتي ڪهاڻيون، ”ملياڻي حليمان، رحيمان ۽ سفوران” هيون. مون اهي ڪهاڻيون پڙهيون. سوچڻ لڳس ته ڪهڙي شئي نئين آهي؛ اها ئي ته انهن ٽنهي ڪهاڻين کي “ٽه لڙهي” چيو ويو آهي. ڇا اها ڳالهه ڪو وڏو تجربو آهي. يا ڪنهن فلم جو جيئن سيڪيوئل هوندي ان جيان انهن ڪهاڻين کي ڏٺو ۽ سمجهيو وڃي. مٿان وري خيال آيو ته ڇا واقعي اڳ ۾ ڪهاڻين جي اهڙي سٽاءُ کي ڪنهن اهڙو نانءُ ڏنو آهي. ناول ۾ ته مون ٽرايولاجيز پڙهيون آهن، جنهن ۾ خاص ڪري نجيب محفوظ جا ٽي ناول جن کي The Cairo Trilogy چيو ويندو آهي، اهي ڏاڍا شاندار آهن. انهن ناولز جا نالا Palace Walk (1956), Palace Desire (1957) ۽ Sugar Street (1957) آهن. نجيب محفوظ انهن ٽنهي ناولن ۾ انهن ڪٽنبن جي زندگين جي ڪٿا بيان ڪئي آهي جن جي ٽن پيڙهين قاهره ۾ گذاريو. ان کي The Cairo Trilogy, نالو به ان ڪري ڏنو ويو آهي جو اهو ڪٽنب قاهره ۾ رهندو هئو. جن ڪٽنبن بابت اهي ناول آهن اهي اتي ٻن مهاڀارين جنگين دوران رهيا. مصر ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ ڪهڙيون ڏکائيون ڏٺائون اهي ته بيان ٿيل آهن پر جن خاندانن بابت ناول آهن انهن ۾ عورت ڪردارئي اهم بڻجي وڃن ٿا جو هڪ سخت گير مڙس جي زال ۽ ڌيئرن جي زندگيءَ جا ڏوجهرا بيان ڪيل آهن. ريتن جي ٽوڙن لاءَ ڪوششون ظاهر ٿيل آهن. بنيادي طور ٽرايولاجي ٽن پيڙهين جي سورن جي سامان کي لفظن سان دنيا سامهون رکيو ويو آهي. فلم يا ٻي ڪنهن به اظهار جي طريقي ۾ ٽرايالوجي ۾ جو مطلب ئي زندگي، تاريخ يا واقعن جي ٽن حصن کي ٽن لڙين واري مالا جي هڪ هار وانگر هڪ ڪرڻ آهي. سائنس فڪشن جي مشهور لکاري وليم گبسن جون پڻ ناولز جون چار ٽرايولاجيز مشهور آهن. اهڙو ٻيو نالو ازاڪ ايسوموف به جنهن فائونڊيشن سيريز تحت ٽرايولاجيز لکيون. ڪهاڻيءَ جي عظيم نالي چيخوف جي ڪهاڻين جي هڪ ٽرايلوجي "The Little Trilogy" جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سندس ٽي ڪهاڻيون The Man in a Case, Gooseberries, ۽ About Love شامل آهن. اولهه ۾ ٽرايولاجي ناول ۽ ڪهاڻي توڙي ڊگها ٽرايولوجي نظم اڄ به لکيا وڃن ٿا. ابراهيم کرل به “ٽن لڙين” وارو ڪهاڻين جو تجربو ڪيو آهي ان ۾ سنڌي سماج جي ٽن وهنواري روايتن کي اپٽاريو آهي، جيڪي الڳ الڳ هوندي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. سنڌيءَ ۾، تاريخ جي دورن بابت، ٽرايولاجيز وارو ناول جو ڪم سراج پاران ڪيو ويو. ابراهيم کرل اڄ جي سنڌ ۾ سماجي روين جي ڪٿا پنهنجي ڪهاڻين جي ٽرايالوجي ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ “ملياڻي حليمان” ڪهاڻي ۾ اسان وٽ مذهب توڙي سماجي روين جي زور تي مرداڻي ڏاڍ کي انتهائي فنائتي انداز ۾ بيان ڪيو اٿائين. نج سنڌي انداز ۾ سنڌ جو پيڙهيل ۽ ڏاڍ ڪندڙ طبقو پاڻيءَ مٿان تيل جيان ترندي نظر ايندو. ان سلسلي جي ٻي لڙي واري ڪهاڻي “رحيمان” آهي. جنهن جي پهرين ڪهاڻي پڙهيل هوندي ان لاءِ ته هي ٻي قسط لڳي سگهي ٿي، پر جنهن جي پهرين ڪهاڻي نه پڙهيل هوندي ان لاءِ اها بلڪل نئين ڪهاڻي ئي هوندي جو پهرين ڪهاڻي توڙي هن ڪهاڻي جي اڻت وڏي ڪاريگريءَ سان ڪيل آهي. الزامن ۾ عورت جو قتل، ان تي فيصلا، سياست ۽ وري پلاند جي باهه... سڀ ڪجهه هن ڪهاڻيءَ ۾ حليمان جيان رحيمان جي قرباني ۽ وري اهو سلسلو سفوران تائين. ڪهاڻين جي اهم ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته ابراهيم کرل ماحول، ڪردار، وقت ۽ ٻولي جو خاص خيال رکي جهڙوڪر سنڌ جي سماجي تاريخ به لکي آهي. ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته واقعن سان جڙيل واقعا آهن، ڪردارن سان جڙيل ڪردار آهن پر ڪهاڻيون ڌار ڌار آهن. انهن ڪهاڻين جي ٻولي انهن جي ماحول ۽ ڪردارن سان اهڙي ته ٺهڪندڙ آهي جو پڙهندڙ به جهڙوڪر اهو ڪردار بڻجي وڃي ٿو.
    انهن “ٽه لڙي” ڪهاڻين کان پوءِ “گلناز” ڪهاڻي هڪ ٻي ماحول ڏانهن وٺي وڃي ٿي جنهن ۾ اسڪول جي هڪ استادياڻي جي زندگيءَ ۾ جهاتي آهي. استادياڻين، خاص ڪري سينئرس کي، مئڊم به ڪوٺيو وڃي ٿو سو اها ڪهاڻي هڪ اهڙي ئي مئڊم جي آهي. نئين مزاج ۽ نئين ماحول ۾ پهچائڻ لاءِ ابراهيم کرل به وڏي استادي کان ڪم ورتو آهي. ڇو ته هي ڪهاڻي لائيٽ موڊ واري ڪٿا آهي. پر ان جي اندر زندگيءَ جي ڇرڪائيندر حقيقت به شامل آهي. هن ڪهاڻي جي اڻت ڪردارنگاريءَ جي فن سان اڳتي وڌائي وئي آهي. گلناز جي مزاج کي اپٽارڻ لاءِ بيان بجاءِ ايڪشن کي استعمال ڪيو اٿائين، جيئن: ”موبائيل فون تي مٿو هڻندي هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان رزلٽ آئوٽ ٿي ويو انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽ جڏهن هيءَ اسڪول پهتي ته پروگرام پوين پساهن ۾ هيو، هن ڳڻي ڳڻي زرينه کي ته گاريون ڏنيون پر ماءُ، ڀيڻ کي به نه بخشيو. جن جي ڪري ساڻس هي ويڌن ٿي هئي.“
    يا وري هيئن: ”گلناز بيگم آلن وارن کي سُڪايو ئي ڪونه؟ اقبال جي هنيانءَ تي مڳ ڏرڻ لاءِ اِهوُ به سانگ رچايو ته ڀلي ڏسي ۽ سندس اندر سڙي ۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوءَ اڃان پنهنجي لاءِ وَرُ به ڳولهي نه سگهي آهي.
    کيس اها به ترڪيب سُجھي ته هوءَ هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان ويهي جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش ڪندي ته ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوءِ آيو. هن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سوکڙيون وٺي آيو.“
    جڏهن ته ڪهاڻيءَ جو اينٽي ڪلائمڪس ڇرڪائيندڙ آهي. جملن جي چونڊ ٺهڪندڙ آهي. ڪردارن جي گهڻائي جي ڪري ڪجهه ڪردار اڃان ٽريٽمنٽ لهڻا خاص ڪري سندس ڌيءَ گُڏي جيڪا هن جي زندگيءَ سان جڙيل آهي ۽ اقبال جيڪا سندس زندگيءَ سان جڙڻي آهي. ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي ختم ٿيل آهي، جيئن ڪنهن معياري ڪهاڻي جو هجڻ گهرجي.
    اڳئين ڪهاڻي ”آخري رات“ آهي جيڪا ماحول نگاري سان اڻيل آهي. ڪچي جي ماحول جي مهڪ ڪهاڻي پڙهڻ سان ئي ڪيفيت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي: ”سندس گهر ڪچي جي ايراضيءَ ۾ ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ آهي، سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا. هڪ جھلي بند ڏانهن ۽ ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن، باقي ٻه پاسا گھاٽو جھنگ ئي جھنگ، جنهن ۾ گھڙڻ کانپوءِ ڪو، سونهون ئي نڪري سگهي ٿو....... ٻوڏ جي ڏينهن ۾، پهريان هيءَ ڇني جڏهن ڀربي آهي، ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع ڌنار، هن ڇنيءَ ۾ لاهي، ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي کي ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن......... جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته کين ولو ڏئي اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن، بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر ۾ رات جو دير تائين باهڙي پئي ٽمڪندي، جنهن جو ڏس، سڏ پنڌ تي پيو ملندو ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين مٽيءَ جي هٿرادو پيل ڀراءَ، تي اڏيل آهن، جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي نه ته مڙئي خير.“
    اهڙي منظرنگاريءَ کانپوءِ ڪچي جي زندگيءَ جي ڄاڻن لاءِ ڳالهه پاڻهي کلي بيهي ٿي ته اها ڪهاڻي ان زندگيءَ جو اپٽار هوندي ۽ ٽه لڙين وارين ڪهاڻين جيان ماڊرنزم ۽ ڪلاسيڪيت جو رچاءُ هوندي. جڏهن ته ان زندگيءَ بابت ڄاڻ نه رکندڙن لاءِ هي ڪهاڻي بلڪل ايئن هوندي جيئن کين ڪو ڪچو گهمائي رهيو آهي ۽ اتان جي سماجي سائنس ٻڌائي رهيو آهي. ڪهاڻي Descriptive آهي ان ڪري ليکڪ آزاديءَ سان پنهنجي مک ڪردار جي واقعن ۽ ان جي ماضيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. مان هتي ڪهاڻي جو تت ان ڪري نه پيو ڏيان جيئن پڙهندڙ لاءِ ڪهاڻي نئين رهي. ڪهاڻي فلسفو اهو آهي ته واقعا ۽ ماڻهو پاڻ ۾ اهرو جڙيل هوندا آهن جو ان ڇيد وقت ڪندو آهي، روزاني وهنوار ۾ ماڻهوءَ کي خبر ئي نه ٿي رهي ته هن جو پنڌ ڪيئن انهن قبرن ڏانهن وڌي ٿو جن بابت ڪو گمان ئي نه هوندو آهي، پر زندگيءَ جو ڏيئو ٻرندو رهندو آهي.
    ابراهيم کرل ڪهاڻي ”مرغو نمبر-5 “ ۾ ڪچي مان ڪڍي پڪي ۾ وٺي اچي ٿو. هي ڪهاڻي جديد انداز جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڳوٺن ۾ داخل ٿيندڙ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي استعمال کان وٺي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ نوجوان جي رويئي ۽ لاڙي کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ اڌ شهري ۽ اڌ ڳوٺاڻي مزاج جو ڪاڪ ٽيل هن ڪهاڻي جي مک خوبي آهي. ڪهاڻي جتي ختم ٿئي ٿي اتي ان جو اهو حصو مشهور لطيفي مان متاثر نظر اچي ٿو. جيڪو بنيادي طور وڏي حقيقت به آهي. هن ڪهاڻي جيان ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي به شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ڪاڪ ٽيل آهي. بنيادي طور سنڌي سماج جي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي تيزيءَ سان گڏبي وڃي ٿي ان ڪري اهڙو ادراڪ رکندڙ ليکڪ ئي اهڙي موضوعن وارين ڪهاڻين سان انصاف ڪري سگهي ٿو. ٻنهيءَ جا ڇيڙا پڪڙڻ سولو ڪم ناهي، پر ابراهيم جون ڪهاڻيون نه رڳو انهن ڇيڙن کي پڪڙي بيٺيون آهن پر انهن کي خوب جڪڙي به ڇڏيو اٿائون. ان جو سبب اهو آهي ته هن ڪردارن کي آزاد ڇڏيو آهي، جهڙا آهن تهڙا ئي رهڻ ڏنا آهن.
    جڏهن مون ڪهاڻي ”پهرين ملهه“ عنوان پڙهيو ته ڇرڪ نڪري ويو ته ڪٿي اها ”پهرين مراد“ ڪهاڻي مان متاثر ته نه هوندي، پر ايئن ناهي اها حقيقي ڪردارن جي ڪهاڻي لڳي رهي جيڪا واقعي ملهه پهلوان جي ئي آهي. اصل نالا ۽ اصل جايون. حاڪم شاهه پٽ واري جو ميلو ، ارباب ڀٽي، شمن شاهه ۽ ٻين ملهه پهلوانن جي نالن سان گڏ اسان جي ڳوٺ جهانپور جي ملهه پهلوان الهڏتي اعواڻ جو ذڪر، جيڪو مون سان ساڳئي اسڪول ۾ گڏ پڙهيو هيو. نج سنڌي ڳالهائيندو هيو. ايئن ته آءِ آر ۾ مون کي ۽ ٻين ڪيترن کي پڙهائيندڙ استاد امان ڀٽيءَ جو به ڪهاڻي ”مرغو نمبر-5“ ۾ ذڪر ڪيو اٿائين. اهي ڪهاڻيون سوشل ريئلزم جي پيرائي ۾ اچن ٿيون. ملهن بابت ڪهاڻيءَ ۾ ابراهيم کرل ٻولي به خوب ڪتب آندي آهي. ان راند بابت مڪمل ڪهاڻي هن کان اڳ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هوندي، پر هي ڀرپور ڪهاڻي آهي ڄڻ ملهه سامهون ٿي رهي هجي: ”پوءِ جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو هڪ ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوءِ اندريون، جانٺا، مُٺين جا مروٽا، گوڏا کوڙ، لڳي پئي هئي. پر ڪير ڪنهن کي جاءِ ئي نه پيو ڏي.
    پوءِ اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي، پٽي جانٺو وهائيس، ڄڻ هٿوڙو وهائي ڪڍيائينس. اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي. ڀٽي پير پختو ڪري ٺڪاءُ جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا هوش خطا ٿي ويا. مٿو مٿي سان ملائي، اتي وڃي. ٽوڙيائينس، جتي سڪي پٽڻ هئي.“
    ملاکڙي ۽ ملهه پهلواني بابت مون اڳ اهڙي ڪهاڻي اڳ ڪڏهن به ناهي پڙهي ۽ جيئن ابراهيم کرل لکي آهي تهڙي شايد ٻيو ڪو لکي به ته اهڙي بيهاري نه سگهندو، جنهن ۾ ڪهاڻي به هجي ۽ ملهه راند جي سموري رمز به هجي.
    هن ڪهاڻين جي ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”موٽي ايندس مان“ آهي. هي ڪهاڻي Generation complex ۽ Time psychology جو بهترين اظهار آهي. تيزي سان بدلجندڙ انساني رشتن جا جيڪي نوان الميا جن وٺي رهيا آهن انهن مان هڪ وڏي الميئي کي Descriptive انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ ابراهيم ان لکڻ جي انداز جي آزاديءَ مان ڀرپور فاعدو وٺندي نظر آيو آهي جتي هو پاڻ به اندر وڃي ٻاهر نظر اچي ٿو. پنهنجي لکڻ جي فن سان پورو پورو انصاف ڪيو اٿائين.

    ممتاز بخاري
    • سکر ــ سنڌُ
    16 ڊسمبر 2016ع


    اَ ـ مُهاڳ

    ابراهيم کرل جي نالي سان نسيم کرل ياد اچي وڃي ٿو. نسيم کرل جيڪو سنڌيءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار هو ۽ ڪيتريون ئي لازوال ۽ شاهڪار ڪهاڻيون ڏئي ويو. ان ڳالهه جو مقصد اهو هرگز ڪونهي ته ٻيو ڪو کرل ڪهاڻيون لکي ته هن کي نسيم کرل سان ڀيٽيو وڃي. ابراهيم جي لکڻ جو پنهنجو انداز آهي ۽ هن پنهنجي الڳ واٽ ٺاهي ڪهاڻيون لکيون آهن. ”موٽي ايندس مان“ ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو آهي. جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جو تعداد ٿورو آهي، پر معيار جي لحاظ کان اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارڻ جوڳيون آهن.
    سنڌي ڪهاڻيڪارن جي گهڻائي ڳوٺن سان تعلق رکي ٿي، ان ڪري سندن ڳوٺاڻي ماحول جو مشاهدو تيز آهي. سندن ڪهاڻين ۾ روزمرهه جي ڳوٺاڻي زندگي، اتي جي ماڻهن جا ڏک سک، اٿڻي ويهڻي، ڇيڙيون نبيريون، حقيقت نگاري سان پيش ڪيل آهن. ڳوٺاڻي زندگي، اتي جي ماحول جي منظر نگاري، نج سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪي، انهن ڪهاڻين جون خاص خوبيون آهن، پر اهي ساڳيا ڪهاڻيڪار جڏهن شهري زندگي جي تناظر ۾ ڪهاڻيون لکن ٿا، ته سندن انداز غير فطري ۽ گهڙيل لڳي ٿو. وري به منهنجي ذهن ۾ نسيم کرل جو نالو اچي ٿو جنهن کي ڳوٺاڻي، توڙي شهري ماحول جي تناظر ۾ ڪهاڻين لکڻ تي دسترس حاصل هئي. ان ڏس ۾ ابراهيم کرل به پوئتي پيل ڪونه ٿوي لڳي. بلڪه هن ڳوٺاڻي ۽ شهري ماحول جي آميزش سان سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن. ”جنڊو پاڙو“، ”موٽي ايندس مان“ ۽ ”مرغو نمبر 5“ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون آهن.
    ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي ۾ مجبورين جي احساسن ۽ ڪيفيتن جو خوبصورت اسلوب ۾ بيانيه، اثرائتو آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ وارو جملو ”۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا“ هنيانءَ ۾ چڀي وڃي ٿو.
    ”موٽي ايندس مان“ ڪهاڻي پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي جي ٻي صورت يا Version هجي، ٿوڙي ڦير گھير سان ٻنهي ڪهاڻين جو موضوع ساڳيو آهي. ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڳوٺ مان شهر ۾ منتقل ٿيڻ بعد ذهني ۽ معاشرتي بي پاڙي تبديلين کي وائکو ڪيو ويو آهي. اهو هڪ اهڙي صورتحال جو بيانيه آهي، جنهن ۾ فرد خواهشن جي پورائي جي لاءِ مصلحتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي، پنهنجين پاڙن کان ته ڪٽجي وڃي ٿو، پر جنهن نئين ماحول کي پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو، سو کيس قبول نٿو ڪري. نتيجي ۾ هو هڪ لحاظ کان اوپرو بنجي رهجي وڃي ٿو. معاشرتي فرق هجڻ سان گڏ، هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته وڏن شهرن جو ماحول سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کان ڪٽيل ۽ ڌاريو آهي. سنڌ جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي لاءِ اهو هڪ وڏو الميو آهي، جيڪي من اندر اڻ کٽ خواهشون کڻي حيدرآباد ۽ ڪراچي جهـڙن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا ۽ اتي جا ئي بنجڻ جي چڪر ۾ مصلحتن جي بار هيٺان دٻجي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويهن ٿا. ”موٽي ايندس مان“ ٻي لڙي آهي ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻيءَ جي ــــ پر پنهنجي جاءِ تي اها هڪ ڀرپور ۽ اثرائتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ جي وڏي سگهه ان جي ڪردار نگاري آهي، جنهن تي ابراهيم کرل کي دسترس حاصل ٿي چڪي آهي.
    موبائيل فون عام ٿيڻ کي ٽيڪنالاجي جي ترقي سڏيو وڃي ٿو، پر ان سان ڳوٺن، توڙي شهرن ۾ زندگيءَ جي معيار تي ڪو فرق نه پيو آهي. معاشرتي ۽ معاشي بدحالي، اها ساڳي آهي، البته معاشرتي بگاڙ ضرور پيدا ٿيو آهي. اخلاقي قدر به بدلجي رهيا آهن. اڻ ڏٺل غير واقف مردن ۽ عورتن جا موبائيل فون تي ڪوڙن سچن عشقن جا داستان ۽ انهن جا اگرا نتيجا ڪڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين پهچي ويندا آهن. ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ”مرغو نمبر 5“ ۾ ان نئين حقيقت کي وائکو ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي جنهن ۾ طنز پڻ سمايل آهي. البت ڪهاڻي جي پڇاڙي ۾ پنهل کي اها ضرورت ڇو ٿي محسوس ٿئي، جو هو پنهنجو موبائيل فون ڪڍي، نسرين جو نمبر ملائي ڏسي ٿو، ان ڳالهه جو ڪو جواز نظر ڪونه ٿو اچي.
    عالمي ادب ۾ ناولن جي ٽرائلاجي جو رواج عام آهي. ناولن جي ڀيٽ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ ساڳئي صورتحال، ساڳين ڪردارن کي کڻي سلسليوار بيانيه هجي سو تمام گهٽ آهن. مختصر ڪهاڻيءَ جي استاد ڪهاڻيڪار چيخوف جون، ٽرائلاجي ڪهاڻيون لکيل آهن:
    1. The Man in a case
    2. Gooseberries
    3. About Love
    ڪن ٻين ڪهاڻيڪارن جون به ڪجهه ٽرائلاجي ڪهاڻيون آهن. سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون ته نه، البت ڪجهه ناول ٽرائلاجي طور لکيا ويا آهن. آئون سمجھان ٿو ته ابراهيم کرل سنڌ توڙي هند ۾ پهريون ڪهاڻيڪار آهي. جنهن ٽرائلاجي طور ڪهاڻيون لکيون آهن. ”ملياڻي حليمان“، ”رحيمان“ ۽ ”صفوران“ ٽي ڪهاڻيون ٽن لڙين ۾ پويل، هڪ ئي موضوع تي ساڳين ڪردارن کي کڻي لکيون ويون آهن. هونءَ ابراهيم کرل چاهي ها ته انهن ٽن ڪهاڻين کي هڪ طويل ڪهاڻي جي روپ ۾ لکي سگهي ها، پر هن هي هڪ تجربو ڪيو آهي، ٽن مختلف ڇوڪرين ملياڻي حليمان، رحيمان ۽ صفوران جا ڪردار هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ۽ ساڳئي صورتحال مان گذرندڙ آهن. ”مُلياڻي حليمان“ ۽ ”رحيمان“ ڪهاڻين جا انت، الميه آهن. ”صفوران“ ڪهاڻيءَ جو انت بنهه مختلف ۽ پڙهندڙن جي لاءِ ڇرڪائيندڙ آهي. لفظن جي ڪفايت شعاري تي لکيل ٽنهي ڪهاڻين جو بيانيه دلچسپ آهي. سنڌ جي سڀ کان وڏي روڳ وڏيرڪي نـظام ۾ ماڻهو زندگي ڪيئن گذارين ٿا، ان جو چٽ چٽيل آهي ان ڪهاڻي ٽرائلاجي ۾.
    ”گلناز“ ۽ ”آخري رات“ وچٿريون ڪهاڻيون آهن.
    ملهه سنڌ جي قديم ۽ روايتي راند آهي جنهن کي بدقسمتيءَ سان سرڪاري سرپرستي حاصل نه ٿي سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڏا وڏا ناميارا ملهه، ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ۽ سندن سار لهڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي. ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين ملهه“ ۾ هڪ نامور ملهه جي ذاتي زندگيءَ جي مسئلن، مجبورين ۽ گڏوگڏ ملهه سان سلهاڙيل ملاکڙن ڪرائڻ وارن جي مفادن ۽ مصلحتن کي فنڪاريءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. زوردار اسلوب، ملهه سان واسطو رکندڙ اصطلاح ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ سان گڏ ڪردار نگاري، هن ڪهاڻيءَ جون اهم خوبيون آهن. ”پهرين ملهه“ بلاشڪ سنڌي ادب جي هڪ شاندار ڪهاڻي آهي.
    ابراهيم کرل ۽ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن کي پڙهي لڳي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي، جي وهڪري ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي.


    شوڪت حسين شورو
    • ڄامشورو ــ سنڌُ
    23 ڊسمبر 2016ع


    منهنجو بابا

    اڄ مونکي جنهن هستيءَ تي لکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ان تي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ اهي لفظ ناهن جو مان بيان ڪري سگهان، اها عظيم هستي ۽ انمول هستي آهي منهنجو بابا ـــ اهو منهنجي لاءِ تمام مشڪل ڪم آهي ته مان انهن جي شخصيت ۽ پيار کي هتي چند لفظن۾ ٻڌائي سگهان. پر پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿي ته مان اهڙي اولادِ مان آهيان جنهن کي اهو موقعو مليو ته مان پنهنجي بابا لاءِ، ان جي دوستن کي ٻڌائي سگهان ته هي آهي منهنجو بابا. خوشقسمت هوندا آهن اهي ٻار جن جي مٿن تي پيءُ ۽ ماءُ جو هٿ هوندو آهي پر ان کان به وڌيڪَ مان پاڻ کي خوشقسمت سمجھان ٿي جو مونکي بابا جهڙو انسان As a father خدا تعاليٰ عطا ڪيو. چوندا آهن ته پيءُ پنهنجون فيلنگس “Feelings” اولاد لاءِ ظاهر نه ڪري سگهندو آهي پر مان ان چوڻيءَ کي غلط ثابت ڪنديس ڇو ته مان پنهنجي بابا جو پيار ۽ محبت انهن جي دڙڪن ۾ محسوس ڪيون آهن جيڪي منهنجين غلطين تي مونکي ڏيندو آهي. هونئن ته سڀني جا والدين پنهنجي اولاد کي سٺي تربيت ڏيندا آهن ڇو ته اهو سندن فرض آهي. هڪ ڊووٽيڊ پيءُ، پنهنجي اولاد ۽ گهر لاءِ گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي ۽ انهن تڪليفن کي صبر سان سهندو آهي ڇو ته سون کي باهه سان آزمايو ويندو آهي ۽ مؤمن کي تڪليف سان ـــ مان پنهنجي بابا کي نه صرف ڊووٽيڊ فادر نه پر پرفيڪٽ فادر وانگر ۽ ريسپانسبل فادر ڏٺو آهي. صبح جو سوير اٿڻ، اسان کي اٿارڻ ۽ ٽائيم سان اسڪول ڇڏڻ، پاڻ ڪاليج وڃڻ ۽ ٽائيم تي واپس وٺي اچڻ مونکي ياد ناهي ته ڪڏهن هنن اسانکي انتظار ڪرايو هجي. اسان کي ٽيوشن تي ڇڏي اچڻ يونيورسٽي وڃڻ ۽ واپسيءَ ۾ ڊيري ملڪ ۽ آئيس ڪريم سان گڏ واپس وٺي اچڻ مون پنهنجي بابا کي راتيون جاڳندي ڪم ڪندي ڏٺو آهي ڪڏهن يونيورسٽي جا ليجر تيار ڪندي ته ڪڏهن اسڪرپٽ لکندي ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو ڪم، رات جي ڪچهري مهل اسان جو ڪم چيڪ ڪرڻ ڳالهيون ڪرڻ ۽ پوءِ ٽائيم تي گڊ نائيٽ چوڻ ۽ ٽيبل لئمپ ٻاري پنهنجو ڪم ڪرڻ ۽ چانهه جي فرمائش ڪرڻ ـــ مون بابا جي واتان ڪڏهن به اهو نه ٻڌو ته اڄ جو ڪم سڀاڻي ـــ هن اسان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو؟ نه ڏينهن ڏٺو نه رات نه سيءُ ڏٺو نه گرمي بابا اسان کي تسبيح جي داڻن وانگر هڪ ڌاڳي ۾ پوئي رکيو. مون وٽ ايترا لفظ ناهن جو مان بيان ڪريان But who is the person which love and fully devoted to his work.
    حد کان وڌيڪَ هيلپ فل نه صرف پنهنجي اولاد لاءِ بلڪه سڀني دوستن لاءِ به، بابا کي ڪتاب گهڻا پسند آهن بابا جي هڪ لئبريري آهي جنهن ۾هر ڪتاب هڪ سيريز ۾ سيٽ ٿيل آهي. بابا کي هر هڪ ڪتاب جو رنگ ۽ ڪتاب جو نالو ياد آهي. جنهن ڪتاب جي ضرورت پوندي صرف رنگ ۽ شيلف جي لائين ٻُڌائيندو ـــ هٿ وجھو ته ڪتاب حاضر.
    هڪ دفعي اسان لاڙڪاڻي وياسين ـــ جلوس سبب رستو بند هيو بابا گاڏي مان لٿو ۽ سامهون ڪتابن جي اسٽال ڏانهن هليو ويو. واپسيءَ تي سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب سيرت النبي جيڪو سليمان ندوي جو لکيل هو. بابا کي ڄڻ قيمتي ڪتاب ملي ويو هو ـــ ”علم خزانو آهي“ گهٽ ماڻهو سمجھن ٿا پر مونکي فخر آهي ته منهنجو بابا هن خزاني جو مالڪ آهي“.
    بابا جي باري ۾ ڳالهايان ته شايد سڄو ڏينهن گذري وڃي. بس آخر ۾ اها دعا رب عزت کان جيڪو مشرق وارن کي ڏسي ٿو ۽ مغرب وارن کان واقف آهي جيڪو ائين معاف ڪرڻ وارو آهي جو سالن جا گناهه هڪ پل ۾ معاف ڪري ڇڏي. اهو رب منهنجي بابا کي علم برڪت جان مال ۽ تمام خوشيون ۽ هر پل پنهنجي ياد عطا فرمائي (آمين).

    ڊاڪٽر ڪائنات کرل
    • بقائي يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
    ڪراچي ـــ سنڌ
    06 مارچ 2017ع


    پنهنجي پاران

    موٽي ايندس مان ـــ ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جنهن ۾ منهنجون يارنهن ڪهاڻيون شامل آهن. هن کان پهريان منهنجي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”درياءَ جي هُنَ پارِ“ 2003ع ۾ ڇپيو هو لڳ ڀڳ 13 سالن جي وٿيءَ کانپوءِ هن ڪهاڻي ڪتاب سان اوهان آڏو حاضر آهيان. ڪائي مٽ سٽ ڪانهي. اوئين اوچيان ٿو اوئين لکان ٿو. اوئين اٿان ٿو اوئين گهمان ٿو. اوئين موٽر سائيڪل تي هڪ هنڌان ٻي هنڌ پهچان ٿو. ليڪچرر مان ٿوري ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو آهيان. دل جي ڌڙڪن ساڳي رفتار ۾ آهي. آس پاس ۾ ڪجهه ڀڳو، ڀريو، سڙيو آهي پر لکايو ڪونهي. هونئن ڀي ماڻهو مري ٿا وڃن ته انهن جي پٺيان ڪير ٿو مري، هرڪو پنهنجي زندگي جيئي ٿو. ائين ڪهاڻي به اڳتي وڌندي ٿي رهي. نون ڪردارن سان، نون لاڙن ۽ مروج ٿيندڙ ورتائن سان ـــ ڪالهه ڪهاڻين جا موضوع سماج سان سلهاڙيل هئا اڄ ڀي آهن. دنيا ترقي ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ ”جديديت پڄاڻان“ جهڙو موضوع ظاهر ٿيو آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي هڪ سؤ سال پورا ڪيا آهن ۽ پنهنجا فارم به مٽايا آهن. ڪهاڻي اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ کان ٽيهن سيڪنڊن تائين پهتي آهي. آزاد نظم کان به ننڍي رڳو تاثر يا ائين کڻي چئون ته ”چمڪو“ جيئن کنوڻ جو چمڪاٽ، يا ڪيميرا جي فليش اوندهه کي روشنيءَ جو احساس ڏياري. اهڙي ادب کي چيو ئي فليش ادب وڃي ٿو. باقي ڳالهه وڃي ڀرپور تاثر جي رهي ٿي. لطف جي رهي ٿي وليءَ جي خوبصورتيءَ، لفظن جي جڙاءَ، علامتن جي ڳنڍ جي، جذبن جي جوالاجي، تشبيهن جي تاءَ جي ته اهي اڃاريون رهجي وڃن ٿيون. انهن جي پر ڪيف جڪڙ، مان اسين آجا ٿيندا ٿا وڃون اسان جي ادب ۾ ڇسائپ ايندي ٿي وڃي. اوهان ان شيءِ کي ڪيئن ٿا مهسوس ڪيو؟
    مون هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جي حوالي سان، صرف هڪڙي ڳالهه شيئر ڪرڻ پي چاهي. اها آهي هڪ ننڍڙي تجربي جي حوالي سان سچ پڇو ته مون پنهنجي آڌار تي هڪ ڳالهه محسوس ڪئي جڏهن هڪ واقعو مون کي ڪيترن سالن کان جنجھوڙي رهيو هو. لڳ ڀڳ زندگي جا ويهه سال مون انهي واقعي تي نه لکي سگهيو. سوچيم ته لکندس ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي. پر انهن عورتن جي روحن مون کي هميشه لکڻ تي مجبور ڪيو. مون جڏهن اهي ڪهاڻيون لکيون ته عجيب تسلسل ٺهي پيو. جنهن کي مون ”ٽه لڙهي“ يا ”ٽه ڪڙي “ جو نالو ڏنو آهي جيئن سان ٻڪرين رڍن ڳئن ۽ مينهن کي ڳچيءَ ۾ پارائڻ لاءِ ڳاني ٺاهي پارائيندا آهيون، اها ڳاني ٻن لڙهين واري به ٿئي ته ٽنل ڙهين واري به ٿئي. پر ان جو پاڻ ۾ جڙاءُ اهڙو هوندو آهي جو لڳندو آهي ته اها هڪ ئي ڳاني آهي. سو مون به اهو خيال ذهن ۾ رکي ٽن ڪهاڻين جي تربيت کي ٽه لڙهي ڪهاڻي سڏيو آهي. جنهن ۾ ڪردار تقريبن ساڳيا آهن. مکيه ڪردار جيڪي مثبت آهن انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي. ۽ اهي تسلسل ۾ هلن ٿا. وقت ۽ حالتون انهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهين ٿيون. منهنجي ڪردارن جي پڻ اڻت ساڳي آهي. اوهان جيڪڏهن هنن ٽن ڪهاڻين کي جدا جدا ڪري پڙهندؤ ته توهان کي انهن جو تاڃي پيٽو ـــ وچ ۽ ڪلائيميڪس الڳ الڳ لڳندو ۽ هر ڪهاڻي هڪ مڪمل ڪهاڻيءَ جو تاثر پيش ڪندي. پر جيڪڏهن اوهان گڏي پڙهندؤ ته اوهان کي هي ٽي ڪهاڻيون هڪ ئي تسلسل جو عڪس پسائينديون. ٽه لڙهي ڪهاڻين ۾ پهرين ڪهاڻي ”ملياڻي حليمان“ ٻي ڪهاڻي ”رحيمان“ ۽ ٽئين ڪهاڻي ”سفوران“ شامل آهي جڏهن ته فليش ادب جي طرز تي لکيل مختصر ٽه لڙهي ڪهاڻي عمر1، عمر 2 ۽ عمر 3 شآمل ڪهاڻين تي مبني ٽه لڙهي ڪهاڻي آهي. باقي ڪتاب ۾ ٻه ڪهاڻيون منهنجي شروعاتي دؤر جون لکيل ڪهاڻيون آهن. جيڪي رسالن ۾ ڇپيل آهن. جن مان ”آخري رات“ ڪچي جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. جنهن کي مون اوئين رهڻ ڏنو آهي ۽ ٻي ڪهاني جيڪا ”جنڊو پاڙو“ جي نالي سان آهي هي ڪهاڻي مون ان ڪري هت ڏني آهي ته هن ڪهاڻيءَ جو تسلسل ”موٽي ايندس مان“ ڪهاڻي سان ملي ٿو اڳتي هلي ان تسلسل جي ٽئين ڪهاڻي لکيم ته ان کي به ٽه لڙهي جي فارم ۾ آڻيندس!
    مان انتهائي ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست ممتاز بخاريءَ جو جنهن نه صرف اتساهيو پر ڪهاڻين تي مهاڳ به لکي ڏنو. سچ پڇو ته مون هن کان اڳ سواءِ سراج جي ناولن جي ٽيالاجي وغيره ناول يا ڪهاڻيون ڪونه پڙهيون هيون، ممتاز بخاري جي مهاڳ ۾ اهڙو ذڪر پڙهيو اٿم! بخاري منهنجو 28 سالن جو دوست آهي کيس تمام سٺي ڄاڻ آهي. هاڻي به کيٽو ڪيون ويٺو آهي ته ناول لکي ڏي. دعا ڪيو ته جلد يار جي خواهش پوري ٿئي!
    مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان سائين شوڪت حسين شوڪري صاحب جو جنهن ڪهاڻي جي حوالي سان مختلف مضمونن ۾ مونکي ڪوٽ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي سلسلي ۾ جڏهن ساڻس ڳالهه ـٻولهه ٿي ته سائين ڪجهه ڪهاڻين تي يا منهنجي باري ۾ ٻه اکر لکي ڏيو ته پاڻ چيائون ڪهاڻيون موڪلي ڏي. مون پنج ڪهاڻيون موڪلي ڏنيون. پاڻ ٽه لڙهي ڪهاڻي پڙهي ميسيج ڪيائون ته ”يار هي ته ناول جو مسودو ٿو لڳي. مون وضاحت ڪئي ته سائين هي ڪهاڻيون آهن. وڏا وڙ سائين جن جا جو ٻه اکر به ايترا شاندار لکي موڪليائون جو آءٌ شرمندو پيو ٿيا ته جيڪر ممتاز بخاريءَ سان مهاڳ جي ڪمٽمينٽ نه هجي ها ته شآيد آءٌ شوڪت شورو جي هن راءِ کي مهاڳ طور شامل ڪيان هان. شوڪت صاحب اوهان جو پيار اکين تي ـــ احسانمند رهندس
    ڪجهه مهينا اڳ مون هڪ ڪهاڻي ”گلناز“ ويڪلي ڪاوش مئگزين کي موڪلي هئي. جيڪا شايع ٿي هئي ته منهنجي ڪاليج ڪليگ سائين منظور بيدار صاحب ان ڪهاڻيءَ تي ميسيج ڪري راءِ ڏني هئي کيس ڪهاڻي وڻي هئي. مون سندس راءِ کي ڪتاب جي فليپر تي رکي ڇڏيو آهي. منظور بيدار صاحب بهترين انسان آهي مان سندس ٿورائتو آهيان.
    مان انتهائي مشڪور آهيان ڀاءُ امر اقبال جو جنهن منهنجي هن ڪتاب تي پڻ راءِ ڏني آهي. مونکي ياد آهي 1991ع ۾ جڏهن اسان جو شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب ”تنهنجي وئي کانپوءِ“ جنهن۾ حبيب ساجد، علي عابد ۽ مان، شامل هئاسون ته ان وقت به امر اقبال اها راءِ ڏني هئي ته مان شاعري ڪرڻ بجاءِ بهتر ڪهاڻيون لکي سگهان ٿو. ۽ مان ان راءِ تي عمل ڪيو هو. امر سائين مان اوهان جو ٿورائتو آهيان.
    مان پنهنجي ڌيءَ ڊاڪٽر ڪائنات جو به ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب اچڻ ۾ انٽريسٽ ورتو. وقت بوقت پڇندي رهندي آهي ۽ پنهنجا ٻه چار لفظ، مون لئه لکيا اٿائين. جيڪي منهنجي لاءِ الئه ڇا آهن. جو مان سمجھان ٿو ته منهنجي سموري اولاد مان کيس ئي منهنجو وڌيڪَ اونو هوندو آهي.
    مان پنهنجي پٽ شاهزيب جو شڪر گذار آهيان جنهن پروف جون ٻه پرنٽون ڪڍي ڏنيون ۽ ذاتي لڳاءُ ڏيکاريو.
    مان پنهنجي ڀاءُ آصف رضا نظاماڻيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل سميت ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ جو سڄو ڪم پاڻ ڪيو آهي. واقعي ڀاءُ آصف تمام بهترين انسان آهي جنهن سان گهاريل گهڙيون خوشگوار هونديون آهن. هو هڪ سٺو پڙهندڙ ۽ سٺو مشاهديڪار به آهي. سندس راءِ هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪري سگهيو آهيان. جيڪا هو هر ڪهاڻي ڪمپوز ڪرڻ کانپوءِ مون کي مهل سر ڏيندو رهيو آهي.
    مان تخليقڪار فورم خيرپور جي سربراهه استاد شاهن سمنگ جو به ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي آهي.

    ابراهيم کرل
    • ڪائنات ڊيسينٽ گرامر اسڪول
    سول اسپتال روڊ ـــ خيرپور ــ سنڌُ
    02 مارچ 2017ع


    پهرين لڙي : مُلياڻي حليمان

    دريائي ڪنارا جڏهن وڻن، ٻوڙن، جھنگ ۽ گاهه کان خالي نه ٿيل هئا تڏهن دليون به محبتن سان سرسبز ۽ سايون هيون، ٻيلن جو موت نه ٿيو هو ـــ تترن جي تنوار، مال جي چَڙن ۽ بِيڪو مشينن جي پائيپ مان نڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز. خانوءَ واري اَٽي جي، چڪيءَ واري لوٽيءَ جو آواز، ماحول کي مترنم ڪري ڇڏيندو هو. هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي.
    درياءَ جي کاٻي ڪَپَ تي وڏيري ربن جو ڳوٺ چاليهارو گهر، لانڍيون، ڇَپِرا، سي به لَئي جي لڪڙن مان ٺهيل. سِرَ، سيمينٽ جو نالو نشان ئي ڪونه. سواءِ هڪ حويليءَ جي جيڪا به ٻاهران پڪ سِري ۽ اندران ڪچين سِرُن جي ٺهيل، چوڌاري اوڏڪي ڀت، ۽ هڪڙي وڏي اوطاق، ربن خان جي، جيڪو ڳوٺ جو وڏو، چڱو ۽ ڪرتا ڌرتا به هو. ڪچي جي ٻني درياءَ جو لٽ چڙهي ته، ماڻهو پوک ته ڦُٽي پوي، سرنهن اُڇِلِ ته، ونئڻن جيان ڳَنَرَ ڪري، ڦلارجي ته مکيءَ جي کيتن کي به ماري وڃي. انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون واقعو ٿيو هو ته ماڻهن جي بُتَ ۾ سِسِراٽيون پئجي ويون، سال سَوا ته، ماڻهو ڪنن کي وٺي، نڪ تي آڱر رکي ڪي گهڙيون، سانت ٿي ويندا هئا.
    مولوي بدر الدين جو گهر، ڳوٺ جي نياڻين لاءِ مسيت به، تَه، محرابُ به، جتي ڳوٺ جا ٽَٻَرَ ڇوڪرا، ڇوڪريون قرآن پڄائڻ تائين، مَسعُ ڪري رومال ۽ پوتيون ويڙهي، جڏهن نُخنِ تي اچي ويهندا هُئا ته سڄي ڳوٺ ۾ ”دُرِيَون يوقد“ ”تننزل الملائڪة“ جهڙن لفظن جي گونجار ۾ ٻري اٿندو هو ۽ مولوي بدر الدين جو ڳرو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهگهو ٿي ويل آواز سڄو پاڙو ٻڌندو هو، دونهين جون لاٽون سياريءَ ۾ ڳوٺ جي مٿان وڪڙ کائي، مال جي اٿيل مٽيءَ سان ملي هِڪَ ٿي وينديون هيون. انهي گهر ۾ جنم وٺندڙ حليمان سيپاري (قاعدي) کان جڏهن وَناسِ تائين پهتي ته بدر الدين نُختي ۽ سنڱر جي ٿيلهي ڀري اچي سائيڪل جي هِينڊل مان لاٿي، خُطابين سان گڏ ڳوٺ جي هر گهر ۾ چَپٽي چَپٽي، خُطابين هٿان موڪلي ڏنائين ته، ڪريمت پنهنجي ڌيءَ مٿان گھور گھور ٿيڻ لڳي. پنجن سالن کانپوءِ ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪريءَ قرآن پڙهي پورو ڪيو هو ۽ هيءَ نياڻي چوڏهن قرآن ٿي پئي هئي. ”نياڻي ست قرآن ۽ وري جي پڙهي پورو ڪيائين ته چوڏهن قرآن“.
    مولوي بدر الدين تان ڄڻ اَڌُ بار لهي پيو هو، ڳوٺ جون ڇوڪريون هاڻي حليمان پڙهائڻ لڳي هئي. هوءَ صوم صلواة جي پابند بڻجي وئي هئي. مولوي بدر الدين، هاڻي جي، شادي مُرادي ۽ مرڻي تي هليو ويندو هو ته، کيس ڳڻتي ڪانه ٿيندي هئي. حليمان پنهنجي علم ۽ حِلمَ سان ميلو مَچايون ويٺي هُئي. هن نمازن ۾ هاڻي اشراڪ کي به شامل ڪري ڇڏيو هو. وڏي ڳالهه ته هاڻي زناني موتگيءَ جا بار به هن پنهنجي مٿي تي، کنيا هئا. فوتگي ٿي ته، هوءَ مهل سان ڪَفَن جي سلائي، عطر، خاڪِ شِفا ۽ ڪلمن واري چادر سميت وڃي، ميت تي پهچندي هئي، تَڙُ ڏيارڻ کانپوءِ، ميت کي ٺاهي سينگاري، جڏهن ڪفن ۾ ويڙهي کٽ تي سمهاريندي هئي ته سندس چهرو ٻهڪي پوندو هو ۽ پوءِ هوءَ، سورتون پڙهي قرآن بخشي جڏهن عورتن کي نه روئڻ جو درس ڏيندي هئي ته سفيد لباس ۾ آسمان جي پري لڳندي هئي. ڳوٺ جون سڀ مايون کيس ڏسي، اهو ضرور چونديون هُيون ته ”ادي بدر الدين زندگيءَ ۾ ته بهشت ڪمايو پر مئي به پنهنجي قبر ڇڏائي“.
    ڪريمت ڪَرُ کنيو گهمندي هُئي ۽ ڌيءَ جي اهڙن ڪمن کيس سرخرو ڪري ڇڏيو هو. ڳوٺ جي چڱي ربن کي اهو ارمان هو ته: ”سندس نياڻي رحيمان اهڙو مرتبو نه ماڻي سگهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي ڌيءَ رحيمان سان ان وقت ڪيو، جڏهن هُو موتيءَ تان موٽي ٿڪجي، اچي کٽ تي ليٽيو هو ۽ رحيمان کيس زورَ ڏئي رهي هئي. هن پنهنجي ڌيءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو هو ”امان اڄ مان دنگ رهجي ويس“.
    ڇا ٿيو بابا؟
    رحيمان جي اُنَ سوال تي ربن ٿڌو ساههُ کنيو ۽ چيو
    امان بدر الدين جي ڌيءَ، اڄ مائي مرادان جو ڪَفنُ ٺاهيو. کيس تَڙُ ڏئي تيار ڪيو“.
    ”ها بابا، هوءَ سِکي آهي، قرآن پڙهي آهي! سندس پيءُ مُلان آهي“
    ها ڌيءَ بيشڪ! ”بدر الدين ته سندس تربيت ڪري، هي جهانُ به سنواري ڇڏيو ته هُو جهان به سنواريو“.
    ها بابا! اها ته سٺي ڳالهه آهي!
    ڌيءَ ڪاش مان به تنهنجي اهڙي تربيت ڪيان ها.
    بابا...... توهان به!
    ڇو بابا..... اُنَ ۾ ته چڱائي آهي، ڪهڙي بُرائي آهي؟
    مان ڪڏهن ٿي چوان ته بُرائي آهي، پَر حليمان کي اهڙو ماحول مليو تنهن ڪري هن سکي ورتو!
    ته مونکي به اهڙو ماحول ڏيڻو هو نه ! ربن وراڻيو.
    بابا، ريس نه ڪبي آهي. ڀلا رحيمان کي مون جيان گهر هلائڻ ايندو، اوطاق جي لاءِ اهڙي سانجڻ ڪرڻ ايندي. آئي وئي جو خيال رکڻ ايندو، ڳوٺ جي مائين سان اُٿي ويٺي، ڪرڻ ايندي. رحيمان پيءُ کي لاجواب ڪندي چيو.
    چوين ته تون به سچ ٿي.... پر ڌيءَ، جنهن آخرت سنواري اهو ڪمائي ويو.....
    هيءَ نيڪي گهٽ آهي، ٻين جي خدمت ڪرڻ، بکين کي کاڌو کارائڻ تڪليف ۾ مدد ڪرڻ، ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ“ رحيمان آٿت ڏيندي چيو.
    ”ڌيءَ تون ته منهنجو بار هلڪو ڪري ڇڏيو، تون ايڏي سياڻي ٿي وئي آهين“
    ”مان ڌيءَ ڪنهن جي آهيان“ رحيمان مرڪي چيو.
    ربن جي منهن تي، مرڪ تري آئي. هن اٿي ڌيءَ. جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ سينڌ تي چُمي ڏني.“
    روشن توڻي جو بدر الدين جو پٽ هو پر، پنهنجي طبيعت ۽ ارڏائي جي ڪري بدر الدين کي ڀانءِ نه پوندو هو، ”نه مسيت ڏانهن مُنهن، نه چڱن سان چاهه“، ”نه ربيع ۾ راضي نه خريف جي خبر“، محنت ڏانهن ته منهن ئي نه هئس، دوستن جي سنگت کاري خراب ڪيو هئس، سدائين سِيٽ تي زور، سچ چئه ته سامهون پوندو هو. ان ڪري بدر الدين چاهيندو هو ته گهر کان دربدر هجي، منهن نه چڙهي، کيس ڪوٺيندو ئي اوندهه هو.
    جڏهن کان حليمان پڙهي قابل ٿي هئي ته، وٽس خوشين جي آمد ٿي هئي، هِڪُ ڏينهن اهڙو به آيو جو روشن اچي ڀنڊڻ ڪيو ته مونکي ماڻهو مهڻا ۽ طعنا ٿا ڏين ته، ڪنواري ڀيڻ کان مُلائپ ٿا ڪرايو، دينُ اسلام، ان جي اجازت نٿو ڏئي ٻيو ته اسان سڀ مائين جي ڪمائي ٿا کائون.....
    بدر الدين کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي هئي پر، پهريان شرعي فتويٰ وٺڻ جو سوچي چپ ٿي ويو. حليمان ته حالن کان هلي وئي. ”ڇا ڪنوارپ اسلام ۾ ايڏو وڏو ڏوهه آهي“. جو ماڻهو ميت کي تڙ ڏئي سنواري قبر ڏانهن موڪلي نٿو سگهي. ٻيو ته ملندو وري ڇا هيو اهي ٻه رَوا، يا اجرڪُ، يا وري ميت جي بت تان لٿل ڪپڙا، يا وري قرآن بخشراڻي ٻه چار سَوَ جنهن لاءِ هن جي ڀاءُ اچي ڪاڪڙو ڪيو هو ۽ اڀ مٿي تي کنيو هيائين.
    ٻي ڏينهن تي ٽاڳڙي جي مدرسي ۾ بدر الدين وڃي مولوي عبدالحق سان مليو هو ۽ حال سندس آڏو رکيو هيائين، مولوي عبدالحق مسئلو ٻڌي فلحال ته ڦانءِ ٿي منجيءَ تي ليـٽي پيو، پاسا ورائي پيٽ جا وڪڙ ڪڍي سڌو ٿي ويٺو.
    ”بابا بدر الدين، اسان سڏايون ته مولوي ٿا پر، احڪامن تي پورا نٿا لهي سگهون، بابا دين جي مسئلن ۾ منجھي ٿا پئون، حڪم آهي ته نينگر جوان ٿئي ته اٿاري ڇڏجي. ايتري تائين جو ٻه ماهواريون آيون ته ٽئين پوڻ نه ڏجي، تڏهن ته اسان کي ماڻهو پير تي نه هجڻ جا مهڻا ٿا ڏين. ابا اهي مليائپ واريون مسندون تڏهن ئي وٺجن جڏهن ماڻهو پير تي پورو هُجي.“ هاڻي تون ته اسان لاءِ به مسئلو پيدا ڪندين، وڃي ڳوٺ ٻڌائيندين ته مولوي عبدالحق هيئن چيو آهي. جنهن کي ڳالهه نه وڻندي اهو مونکي به چڱو ڪونه سمجھندو تنهن ڪري پنهنجي پٽ سان منهن پاڻ ڏي، باقي نياڻي اٿارڻ جو ته سڌو سنئون حڪم آهي، باقي مرضي آ تنهنجي حرام، حلال آ تنهنجي هٿ ۾ مرضي پوئي ته کاءُ، مرضي پئي ته پري ڪر! مونکي آ، درس ڏيڻو سو ٻيلي مان هلانءِ ٿو. باقي دوزخ جي باهه کان بچڻ ٿو چاهين ته نياڻي اٿاري ڇڏ“.
    بدر سڄي واٽ سوچيندو ويو ته آخر ڇا ڪجي؟ مسين وڃي سور گهٽيا هئا، وري اچي ڏونگرن منهن ڪڍيو آهي. رات جو ڪريمت کي ويهاري ويچار ڪيائين ته آخر ڪهڙو پاسو وٺجي. حليمان جيڪا مصلي تي هٿ مٿي ڪري پنهنجي پالڻهار کان پيءُ ماءُ لاءِ دُعا گهري رهي هئي، شاديءَ جو سڙ ٻاٽُ ٻڌي ساهه مٺ ۾ اچي ويس.
    منهنجا مولا، مس ته وڃي پيرن ڀر بيٺي آهيان، پير ئي ٿا پٽجن، هي ڇا ڪائنات جا رب! منهنجي قسمت ۾ اِهُو لکيو هيئي. هيءَ مهل منهنجي لکيي جي لکئي هُيئي“!
    ڪريمت! ”ڀلاَ جي ڇوڪري جي شادي ئي ڪرڻي آهي ته منهنجي ڀاءُ جو پٽ ڀلارو ويٺو آهي“.
    ڀلاري جو نالو ٻڌي حليمان جو هنيانءُ هٿ ۾ اچي ويو. ڀلارو پورا ڏهه سال مونکان وڏو، نه سنوارت ڪرائي نه نماز، نه روزو، نه مسلماني..... يا خدا هي ڇا؟
    حليمان جا پيءُ اهڙو قهر ته نه ڪر! ڪريمت جا لفظ ٻڌي حليمان کي ڪجهه ساهه پيو.
    منهنجو ڀاءُ ڇا چوندو! بدر الدين منهن خراب ڪندي وراڻيو.
    اسان جي ڇوڪري سهڻي سيبتي، روزي نماز جي پابند، سڄي ڳوٺ ۾ سندس عزت، مان مرتبو، ماڻهو ٿڪون نه هڻندا ته هٿ وٺي ڇوڪر باهه ۾ اڇلايوَ!
    دوزخ جي باهه کان ته بچنداسين! بدرالدين جي ذهن ۾ عبدالحق جا لفظ ڦرڻ لڳا.
    ته جيئري نياڻيءَ کي باهه ۾ اڇلائيون! ائين نه! ڪريمت وراڻيو.
    ٻيا رشتا کُٽا آهن آهن جو ائين ڦاهو کائون! ڪريمت وراڻيو.
    بدر الدين سوچ ۾ پئجي ويو.
    ڀلا ڏي وٺ ڪيئون؟ ڪريمت داءُ کيڏيو.
    ڪنهن سان ؟ بدر الدين وراڻيو.
    ادي مير محمد سان؟ ڪريمت چيو.
    بدر الدين ڪاراٽجي ويو..... ”ادي مير محمد سان هونهه! “
    سدائين پنهنجن ڏانهن پير سور ڪجانءِ! تو وارو ڇورو بيهندو ان ڳالهه تي. سدائين وتي ٿو مامن جون سڙيون ٻوٽيون کائيندو!
    ”ڀلا جي هلي اچنسِ ۽ معافي تلافي ٿئي ته....! ڪريمت اهو دڳ ٻڌايس! ڪونه معاف ڪندن! ڇوري کان پوليس جا پادر وسري ويا هِن! بدر الدين ياد ڏياريس.
    ”پادر به ته پاڻ کاڌا هيائين يا منهنجي ڀائرن چيو هئس ته چوري ڪري“!ڪريمت ڀائرن جي وَٽِ ورتي.
    ”ڪاهيو به ته ڇيلو هيائين ڪو وڏو ڏوهه ته ڪونه ڪيو هيائين جو ست ڏينهن ٿاڻي ۾ پي ڪٽرائيو هئائونس“ ـــ بدر الدين پٽ جي وٽ کنئي.
    مان ته سٺي صلاح ڏني اٿمانءِ! ڇوڪري سکي ٿيندي جي چوندين ته ڇوڪري به گهر ۾ هوندي ۽ شادي به ٿي ويندس!ڪريمت ڳالهه سؤلي ڪري ڏنس.
    ”شاباس! ته گهر ڄاٽو ڪرائي رکندو مانس ۽ پٽ جي منهن تي دانگي مليندس“! بدر الدين ارهو ٿيو.
    وڌيڪَ آ تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن ڪر! باقي ڇوڪريءَ کان پڇجانءِ ضرور! نه ته قيامت ۾ جواب پاڻ ڏجانءِ! ڪريمت ڊگهي ٿي سمهي پئي. بدر الدين ڌيءُ ڏانهن ڏٺو، جنهن جا هٿ اڃا مٿي بارگاهه الاهي ڏانهن کنيل هئا.
    صبح سان ئي بدر الدين نماز پڙهائي موٽيو ته، روشن نلڪي تان منهن پي ڌوتو.... بدر الدين جي مٿان بار هو، هن اهو لاهڻ پي چاهيو. هو گهڙي پلڪ رڪجي ويو دل، من، سوچي هن روشن کي چيو ”پٽ ٻه منٽ اندر اچ توسان ڳالهائڻو اٿم!
    بدر الدين اندر ويو ته روشن به ڪڍ لڳو ويس.
    ويهه پٽ!
    جي بابا!
    پٽ، مونکي آهي بار لاهڻو، تنهنجو ڪروڌ به چوٽ چڙهيل آهي....سو ڌيءَ حليمان جي شادي ڪرڻي آهي. مون ته سڄي رات جاڳي گذاري آهي....
    تون ڇا ٿو چوين!بدر الدين پٽ جي منهن ۾ ڏٺو.
    ”مان ته راضي آهيان، توهان ڀلي اهو بار لاهيو، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا نه پوندا. روشن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو
    پٽ هڪڙي جاءِ آهي. ادي وٽ، ڀلاري لاءِ......... ۽ ........ ۽ ..... بابا.....
    ۽ ٻي جاءِ آهي. تنهنجي مامن وٽ، مير محمد جي...... بدر الدين اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ته روشن ڳالهايو ”انهن جو نالو ئي نه کڻ بابا، ڪهاڙيءَ سان ڪپي ڇڏيندس حليمان کي..... پر انهن کي ڏيڻ ڪونه ڏيندس“!
    ڀلا جي ڇوڪر ڀلاري لاءِ راضي نه هجي..... بدر الدين جملو روڪي ڇڏيو.
    روشن کٽ تان اٿيو ۽ نماز پڙهندڙ ڀيڻ کي ٻانهن کان گهليندو اندر وٺي آيو. پڇيس بابا...... هاڻي جو هاڻي پڇيس.....
    حليمان ڏڪي رهي هئي، هن جي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو هو!
    بدر الدين اکيون مٿي ڪري پڇيو.... ڌيءَ توکي ڀلاري جو رشتو منظور آهي....؟
    حليمان جي جسم مان ساهه ڇڏائبو ويو. هن ڊگهي ڳيت ڏئي توانائي گڏ ڪري چيو: ”نه بابا، منهنجو نڪاح مسلمان سان ڪرايو“.....
    روشن ڀيڻ جو هٿ ڇڏي ڏنو.....
    ڀلا مامهين مير محمد جو پٽ! بدر الدين ٻيو آپشن ڏنو.
    ڀلي ڪنهن سان به ڪرايوپر ...... حليمان رڪجي وئي.
    اڳيان لفظ نه بدر الدين ٻڌا نه روشن.....
    ڪهاڙي سينڌ ۾ اچي لڳس.....
    بابا ڪري، ڪري پئي..... ٻي ڪهاڙيءَ پيءُ جو پٽڪو ڪيري حليمان جي ڪياڙيءَ ۾ لڳي. بابو رتورت، بابي جي ڏاڙهي رت....
    ڪريمت قرآن کڻي آئي، پر ملياڻي حليمان آخري هڏڪي ڏني....!
    خبردار جو هن کي ڪنهن تڙ به ڏنو آهي ۽ تڏو وڇايو آهي...... روشن جا آخري جملا گونجيا.


    ٻي لڙي : رحيمان

    ڳوٺ ۾ حليمان جو قتل ٿيو ته سڄو ڳوٺ غم جي ڪوهيڙي ۾ وٺجي ويو ماڻهن مال جي ڳچيءَ مان چڙا لاهي ڇڏيا، بدر الدين جي گهر ۾خطابي گڏ ٿي ويا، پاڙي جون عورتون جنهن جتان ٻڌو اتان حليمان جي گهر جو رخ ڪيو. سڀئي هائسي ۾ هئا ته هي اچانڪ ڇا ٿي ويو. ڳالهيون ٿيون ۽ وڌي وڻ ٿيون، ڪِن چيو ته، ”حليمان منهن ۾ مسلماني رکي اندر ۾ ابليس کي ويهاريو ۽ سڳ سوڌو پڪڙجي پئي“. ڪن ڪنن تي هٿ هڻي نڪ رڳڙيو ”امڙ الله حقئون به رکي ته ناحقئون به بندي جي من ۾ هڪڙي ته مالڪ جا پنهنجا فيصلا، ضرور ڪجهه ته هيو جو ڪهاڙي سينڌ تي هلي.
    روشن جي پرڪارن جي راڄ کي خبر هئي ته، هو مولوي بدر الدين جو پٽ ضرور هو پر اٿڻ ويهڻُ، لچن لوفرن سان هئس، مامن سان ڪونه رهائي هئائين باقي راڄ سان ڪهڙو روح رلائي هان! سڄو ڏينهن اوتاري تي ڀلاري ۽ دادن سان پيو لپڙي جي لونجهه تي ٽهڪا هڻندو هو ۽ سلفيءَ مان سوٽا ڀري اکيون ڳاڙهيون ڪري رت سان راند کيڏندو هو. انهيءَ راند ۾ هن مُلياڻي حليمان جو به سر کنيو. چڱن ٿو ٿو ڪئي ۽ مِڙي ربن جي اوطاق تي وڏيري کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.
    ربن مٿي کي هٿ ڏيئي، گهڻي سوچ کان پوءِ چيو ته ”ادا ڪهڙو ڪارو منهن ڪجي، ڪنهن سان ڇا بيان ڪجي، هٿ جي وڍي آهي ڪهڙيون مَلمُون لائجن ڪهڙا ٽاڪا هڻجن“ وڏو آهي بدر الدينُ، ان جي صلاح کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
    مير محمد جيڪو توائي ۾ تتو پيو هو تنهن ڀڙڪو کائي باهه ڪڍي، ”اهڙي سوئر کي سڌيون گوليون هڻجن، اهو ڏوهه بخشڻ جهڙو ناهي“.
    ادا مير محمد برابر صحيح ٿو چوين. ڇوڪَرِ اسان جي نياڻين کي خدا جو ڪتاب پڙهايو، دين ڏانهن راغب ڪيو، اڄ اسان جي گهرن ۾ خداءِ جو ذڪر ٿئي ٿو ته اهو نينگر حليمان جي ڪري.“ وسائي اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو.
    ايتري ۾ بدر الدين به اچي پهتو، جنهن جو چولو رت ۾ ڀريو پيو هو! اکين مان نير جاري هئس. ”ادا ربن مونسان ناحق ٿي ويو. منهنجي قيامت ڪاري ڪري ڇڏي روشوءَ، منهنجي هيءَ دنيا به وئي ته هوءَ دنيا به“.
    مير محمد ماڻهن کي پري ڪندي اڳتي آيو ۽ چيائين ته: ”بدر الدين مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته ان بي بڻيادي مان سرهي ڪانه ٿيندءِ ڀاڻيجو اسان جو به آهي پر نانگن کاڌو آ، ادا! نانگ کي ڪيترو به کير پيار پر هڪ ڏينهن ڏنگُ ضرور هڻي“
    پر اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن ڪا خبر ته پوي ربن ماڻهن کي ماٺ ڪرائيندي پڇيو!
    بس ادا، ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڀنڊڻ ڪيائين ته ماڻهو طعنا مهڻا ٿا ڏين ته ڪنواري ڇوڪريءَ کان ملائپ ٿا ڪرايو. حرام ٿا کائو. سو مون وڃي مولوي عبدالحق سان بيان ڪيو، جنهن به اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ادا تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ڇوڪري اٿاري ڇڏ ته ڀلو آهي“، سو مون اچي نِڀاڳَي سان صلاح ڪئي. ان تي اهو مسئلو ويو وڌندو“ بدر الدين سسڪين ۾ پئجي ويو.
    ”اڇو ٿس منهن“، ڪو اهڙين ڳالهين تي گهر جو ڀاتي ماربو آهي عبدالرزاق جملو ڇڏيو.
    ادا بدرالدين پيرائتي ڳالهه ڪر! جي ڪا ٻي اهڙي ڳالهه آهي ته ٻڌاءِ سڀاڻي، پوليس آهي، قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، ائين نه ٿئي جو هڪڙو ظلم ٿيو آهي ۽ وري اچي ٻي مصيبت ۾ پئون. ربن وضاحت گهرندي چيو:
    ادا، مون پهريان گهر واريءَ سان صلاح ڪئي ۽ پنهنجي ڀائيٽي ڀلاري جو نالو کنيو ته جيڪر ڀائر ڳنڍجي وڃئون، گهر جو مسئلو، گهر ۾ رهي، تنهن تي گهر واري راضي نه ٿي ته اسان جي ڇوڪري پڙهي لکي، روزي نماز جي پابند، ۽ ڀلاري جي توهان سڀني کي خبر آهي“. بدر الدين سڏڪندي احوال ڪيو.
    مير محمد هڪل ڪري چيو ته: ”ان ۾ ڪو شڪ آهي، اديءَ صحيح چيو....
    ربن پڇيو، پوءِ ادا بدر الدين ڇا فيصلو بيٺو“.
    ادا پوءِ ڳالهه آئي مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد تي، منهنجيءَ گهر واريءَ چيو ته جي تون چاهين ته مان ادي سان ڳالهائيان ڏي وٺ ڪيئون!
    جنهن تي مون مڙئي پٽ. جي ڪري ٿورو..... رَئُه رکيو. ڳالهه رڪجي وئي.... مون کي ڪهڙي خبر ته روشو مونسان ائين ڪندو“. بدر لدين وڌيڪَ تفصيل پيش ڪيو.
    وسائي چيو ته وڏيرا ”بدر الدين اتي به صحيح هو، ڇو ته روشن ۽ مير محمد وارا پاڻ ۾ پاسيرا آهن“.
    ادا ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اصل ممڙ ڇاتي متو! ربن ڳالهه ختم ڪرڻ چاهي! بدر الدين گوڏن ڀر وڏيري جي اڳيان ويهي رهيو. ”ادا مونکي ڪهڙي خبر ته روشن ڀيڻ کي گهلي مون آڏو وٺي ايندو، منهنجي نياڻي نماز پڙهي رهي هئي. بدر الدين ڍنڍڪرن ۾ شروع ٿي ويو.
    ”ادا مون اهڙي ڳالهه نه اڳ ڪئي آهي ۽ نه هاڻي ئي راضي آهيان جو منهنجو نالو ورتو ٿو وڃي“! مير محمد وضاحت ڪندي چيو!
    بدر الدين ته آخر ڇوڪر ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي! ربن مٿان جملو چيو! ”ادا مون چيو نه ته ڇوڪر ڀلاري لاءِ صاف انڪار ڪيو ته مون نالو مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد جو کڻڻ چاهيو، جنهن تي ڇوڪر صرف ايترو چيو ته ڀلي ڪنهن سان به ڪرايو.... ”پر.....“
    جنهن تي روشوءَ جي مِتِ منجھي ۽ دير ئي نه ڪيائين! بدر الدين ٻئي چنبا پنهنجي منهن ۾ هنيا!
    چئبو ته روشن اهو غلط سمجھيو يا شڪ ڪيو! بدر الدين پَڪَ ڪرڻ چاهي.
    مير محمد ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. ”نالو به پاڻ کڻن ۽ خون به پاڻ ڪن، ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟“
    عبدالرزاق وراڻيو. ادا مير ممد به چوي ته سچ ٿو، باقي جي اهڙي ڪا ثابتي آهي ته کڻي نروار ڪن! ڇو ته ننهن جي ڇنيءَ کي، ڪاتيءَ سان ڇو ڇنجي.“
    بدر الدين، مٿي منهن ڪري چيو ته، ”ادا مٿان وري اُهو چئي ويو ته ڪير ڇوڪرِ کي تڙ به نه ڏي ۽ تڏو به نه وڇائي!“
    وسائي، وارو سمجھندي ٻه لفظ اڇليا ته ”چئبو ته من ۾ مير هُيس ني جو اهڙا لفظ اڇلي ويو“.
    ”سڀني جا منهن لهي ويا، ڪير ڪڇي جي ڪڇي ته ڪافر“.
    مير محمد جي ڌيءَ سفوران پيرين اگھاڙي ڀڄندي اچي رحيمان جي گهر پهتي وڏيري ظلم ٿي ويو پڦاٽِ حليمان قتل ٿي وئي!.
    سفوران جي واتان اهي لفظ ٻڌي رحيمان جي هٿن مان چانهه جو ڪوپ ڪري پيو، وات مان هان! جو لفظ نڪتو، ۽ هوءَ سن ٿي وئي!
    ”خداءِ خانو خراب ڪيو روشن جو جنهن ڪهاڙيون هڻي قرآن کي ڪٺو!“ سفوران پاراتو ڏنو.
    رحيمان سامت ۾ آئي هن جي نڙي مان اٽڪيل لفظ نڪتا.... پر ڇو.... ڇا تي؟
    سفوران سُڏڪندي ٻڌايس ته ”پڦاٽِ ڀلاري سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان تي“.....؟
    انڪار تي قتل!حليمان چڙ ۽ ڏک جي انداز کي گڏائي پڇيو.
    ها، وڏيري ماڻهو پنهنجي زندگي پاڻ به جيئي نٿو سگهي.....
    مٿان وري مهانڊو چئي ويو آهي ته ڪير به کيس تڙ نه ڏي ۽ نه ئي تڏو وڇائي! سفوران وراڻيو.
    ڇا مطلب سفوران تون هي ڇا ٿي چوين؟! رحيمان جھيڻي آواز ۾ پڇيو!
    ”وڏيري ائين سمجھ ته هن ڪاري ڪري ماري“! سفوران سمجھائيندي چيو!
    ”شاديءَ جي انڪار تي ڪاري“؟ اهو ڪٿان جو قانون آهي، ڪهڙي قوم جي رسم آهي! دنيا ۾ ڪو راڻو راڻي آهي به يا سڀ مري کپي ويا! رحيمان جي لهجي ۾ غصو هو.
    وڏيري سڀ مرد اچي اوطاق ۾ مڙيا آهن خبر ناهي ڇا ٿئي! سفوران ڪنڌ هيٺ ڪيو.
    جيڪي ٿيو اهو ڏٺو ويندو، تون مونسان اچ مان ڏيندس حليمان کي ڪفن، مان ميت کي سينگاريندس، جي ڪنهن ۾ همت آهي ته اچي! مونکي روڪي ڏيکاري، مان به ڏسان ته ڪنهن ۾ ايترو دم آهي؟ تون مونسان گڏ هل! رحيمان سينو تاڻي چيو.
    ”وڏيري مونکي بابا منع ڪئي آهي. اسان انهن جي گهر ۾ نه ويندا آهيون“ سفوران وراڻيو.
    توکي مونسان هلڻو پوندو چاچي سان مان پاڻ ڳالهائيندس! رحيمان آٿت ڏيندي چيس.
    رحيمان، سفوران سان ملي، طالب ڇُوڪرين جي مدد سان حليمان جو لاش پٽ تان کڻي، کٽ تي رکيو، تڙ ڏياريو، ڪفن جو بندوبست ڪيو ۽ سينگاري ٺاهي، طالبن کي همت ٻڌرائي ته، ”ڀلي ڳوٺ جا ماڻهو پوتيون پائي گهرن ۾ ويهي رهن پر توهان کي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي، سامي ٺهرائڻي آهي، جنازي کي ڪلهو ڏيڻو آهي ۽ حليمان کي لحد ۾ لاهڻو آهي“.
    پوءِ سڀني ڳوٺ وارن ڏٺو ته ڪلمه شهادت سان ڳوٺ جون گهٽيون گونجي اٿيون ۽ ماڻهو نڪري پيا، تدفين ٿي، تڏهن وڃي ماڻهن ۾ ساهه پيو ته، بدر الدين به قل پڙهي حليمان جي روح کي بخشيا.....
    مئخاني ۾ ڀلاري نعرو هنيو. دم مست قلندر حق حق ”جيڪو ڀلاري جو برو چاهيندو اهو ائين ڪُسندو!، ڀلا ڙي روشن، مڙس جو پٽ آهين! رَنَ کي ڪهڙي بحال جو انڪار ڪري“! اسان دنيا کي ڌوڙ وجھيون مئخاني ۾ هرو ڀرو ويٺا آهيون!
    دادن ڀلاري جو دبرڻ ٻڌو ته سلفيءَ مان سوٽو ڀري دونهين کي مٿي ائين اڇليو ڄڻ حقارت کي اندر مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪندو هجي.
    نه چئه ائين نه چئه! ڪا مهل ڪهڙي ڪا مهل ڪهڙي“.
    هن کان وڌيڪَ ڪهڙي مهل هوندي! ماڻهو رڳو مسلماني بچائڻ ۾ پورو آهي. آهي ڪو مٽ مائٽ جو لحاظ.
    دادن مان سڳو سئوٽ هئو مانس، اها ملياڻي مون کي ڏسي منهن بڇڙو ڪندي هئي.
    ”بابا اهو انهيءَ جو وڙ، مئي پٺيان اهڙي پچار نه ڪجي“ دادن وراڻيو.
    ڇو دادن مان ڪو ملائپ ڪرڻ کان روڪيانس ها ڇا؟ رهندو مئخانو ۽ مسيت ملي پون ها، ڀلاري اندر جي باهه ڪڍندي چيو!
    ڀلا، زور جي ميندي لڳندي آهي ڇا؟ دادن سلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهيو ۽ ڀلاري ڏانهن وڌائي.
    ڀلاري وڏو دوگاڙو هڻي، دونهون ٻاهر ڪڍيو، ناسن مان وات مان دونهون زور سان لاٽون ٿي نڪتو ڄڻ سندس اندر ٺري پيو.
    روشن منهنجو اندر ٺاري وڌو، نه چاچو چڱو نه چاچي چڱي، ٻنهي مان روشن ڪيئن غيرتي پيدا ٿيو. نه ناناڻا نانگ نه ڏاڏاڻا ڏنگا! اصل اصيل ٿي اڀريو. وڃ ڙي روشن! تون ته اوندهه ۾ سوسڙي ٻاري ڇڏي..... ڀلارو دبري دبري وڃي، گوڏن کي انگوشو ٻڌي جھولا ۽ جھوٽا کائڻ لڳو.
    روشن ڪهاڙي تان رت لائي نرڙ کي هنئي ۽ ڪي پهر وڏيري ربن جي جھٽي واري مشين بي موڪ ۾ پير لاهي ويهي رهيو ۽ دليل ڊوڙائڻ لڳو ته هاڻي ڪاڏي وڃجي،
    ”جي بابو ڀاڙي ٿي پيو ته اجھو ٿي پوليس اچي ۽ نوڙي مان نانگ ٺاهي. وڏيرو ربن به راڄ کي ڇڏي منهنجي هروڀرو ڀرڪو نه وٺندو. ٻن چورين جو حساب رهيل اٿس، وارو مليس ته اهڙو ڪٽرائيندو جو ويهي به ڪونه سگهندس!
    پاڻيءَ تي پوندڙ سج جي ڪرڻن ۽ ترورن ۾ ذهن تي هڪ ڳالهه چٽي ٿي آيس ته ڇو نه ايم اين اي، اُڌل شاهه جو پاسو ڏجي. اڄڪلهه سندن حڪومت به آهي، ٻڌي ڇوڙي به سندن چوڻ تي ٿئي ٿي. ٽڪيٽون ۽ عهدا به هو ئي ورهائن ٿا، پوليس به پوئواري ڪرين ٿي. ٻيو ته ربن به انهن ڏانهن راغب آهي ۽ ٽڪيٽ جو آسرو اٿس! ٽپ ڏئي اٿيو، ڄڻ جسم ۾ ساهه پئجي ويس!
    اڌل شاهه کي به اهڙا ماڻهو گهربل هئا، جن جي دهشٽ ۽ وهشت ماڻهن ۾ هجي لنڊي لوفر سان اٿڻ ويهڻ هجي، اليڪشن ۾ باٺو ۽ داسو وهائي سگهن، ووٽ وٺي سگهن يا ڇني ڇيهه ڪري ڏيکارين اڌل شاهه جي ڊبل ڪئبن تي مٿان سلفي رائيفل کڻي بيهڻ ۾ دهشت به هئي ته دهشت ۽ وحشت به!
    اها ئي رات، روشن ڪارا ڪپڙا پاتا! رائيفل ڪلهي ۾ وڌي ۽ صوبيدار جي سامهون ٿيو، جيڪو اڌل شاهه جي آستاني تي، فارمي ڪڪڙ جي ڄنگهه ۾ ائين وات وجھيو ويٺو هو، ڄڻ جھنگ ۾ شينهن شڪار ڪيو هجي. هُن ٽيڏي اک سان روشن کي ڏٺو ۽ ڄنگهه ۾ اهڙو چڪ وڌائين جو هڏي ٽڙڪاٽ ڪيو!
    هڏيءَ مان فارغ ٿي، ڪنڌ مٿي ڪري روشن کي چيائين روشن پِيرَ زورا اٿئي نه ته ڪم اهڙو ڪيو ٿي جو ٽي ڏينهن ته ٻٻر جي ڏار ۾ ٽنگيو پيو هُجين ها!“
    اڌل شاهه وڏو ٽهڪ ڏنو! ”صوبيدار روشن ٻاٻرو ٽانڊو اٿئي ٽانڊو! هن جي ڄر کان بچجانءِ دکي دکي وري ٻرندو اٿئي!“
    صوبيدار ڦڪي کل کلي روشن ڏانهن ڏٺو ته روشن هلڪو شهپر کي هٿ هنيو!
    ”ڏسنداسين ته ايندڙ اليڪشن ۾ اهي شهپر مٿي ٿا وَرُ کائن يا مورڳو هيٺ لهي وات ۾ ٿا پون!“ صوبيدار ڄڻ ڪاٺي سوري ٽانڊي کي ڀڀڙ ڪرڻ چاهيو!
    اڌل شاهه جون اکيون ڳارهيون ٿي ويون! صوبيدار منهنجو ڪم به ماڻهن سان آهي. گدڙن سان ناهي جن جون کلون ڳچيءَ ۾ ماڻهو ڊيڄهڙي کان پائيندا آهن“. جيڪو به فريادي ٿئي، ”اهو گدڙ ڪري مارجانءِ.... ڇو ته شينهنُ، شينهنَ وٽ پهچي ويو آهي. ڪيس لوڙهڻ تنهنجو ڪم، پوسٽنگ جتي چوندين وٺرائي ڏيڻ منهنجو ڪم!
    صوبيدار سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ پيٽ تي هٿ ڦيرائڻ لڳو.....
    ”تنهنجو پيٽ هميشه مون ڀريو آهي“ اڌل شاهه پٽاٽي جي ٺهيل چپس مان هڪ فنگر کڻي وات ۾ وڌي!
    صوبيدار مرڪيو ۽ اتي بيٺو پاتل پئنٽ کي مٿي ڪري سلوٽ ڪري نڪري ويو.
    اڌل شاهه صرف هلڪي نظر روشن تي وڌي، جيڪو جُھڪي بيٺو ته ادل شاهه ڪلهي تي ٺاپي ڏئي چيس! شير يا لوگان.....
    ”شير سائين شير“! اهي لفظ چئي روشن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي!
    ڌيءَ تون سٺو نه ڪيو! هيڏي ڀري راڄ ۾! مونکي ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه ڇڏيئي“، وڏيري ربن ميار واري لهجي ۾ رحيمان کي چيو!
    ڇو بابا! منهنجو ته ڪنڌ مٿي آهي ۽ هي ڪلهو به شان کان اوچو ٿي پيو آهي، هڪ باحياءَ عورت جي جنازي کي ڪجهه ڏيڻ تي...... رحيمان ڪلهو مٿي ڪندي وراڻيو.
    ”تون نٿي سمجھين“! ربن وراڻيو.
    مان سڀ سمجھان ٿي بابا، مان توهان جي ڌيءَ آهيان، ڳوٺ جي راڄ سان اٿي ويٺي آهيان، عورتن جي درد کي سمجھان ٿي، انهن سان ڀاڱي ڀائيوار آهيان! ”اهو ڪٿان جو اصول آهي ته هڪ باعزت، باوقار ۽ با سيرت عورت کي صرف شادي جي انڪار ڪرڻ تي ڪاري ڪري ماريو وڃي“. رحيمان اکيون اکين ۾ وجھي پيءُ کي چيو.
    ”اهو انهن جو ذاتي مسئلو آهي“. ربن غصي ۾ وراڻيو.
    نه بابا نه، اهو اسان جو اجتماعي مسئلو آهي. اهو ساڳيو عمل منهنجي خلاف ٿئي ها ته پوءِ ڀي بابا اوهان ائين سمجھو ها!
    ربن رڳو رحيمان جي اکين ۾ ڏسي ٻاهر نڪري ويو.
    اوطاق ۾ اڌل شاهه جو ماڻهو ويٺو هو، جنهن نويڪلائيءَ ۾ ربن سان ڳالهايو ۽ هليو ويو. ربن مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
    سومهياڻيءَ جو جڏهن رحيمان ويلو مانيءَ جو ملياڻي حليمان جي گهر ڏئي موٽي ته ربن پڌر ۾ پي چڪر ڏنا!
    پيءُ جي اها حالت ڏسي رحيمان ٿانءَ رکيا ۽ ڀر ۾ اچي بيٺي.
    بابا ڇا ٿيو آهي؟
    اهو پڇ ته ڇا نه ٿيو آهي؟ ربن جواب ڏنو.
    رحيمان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇَڏيو!
    ربن رڙ ڪري چيو ته ”اهو روشو اڌل شاهه وٽ پهتو آهي، ۽ منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني اٿائين ته ربن جي ڌيءَ، ڪاريءَ کي غسل ڏئي راڄ جي منهن تي دانگي ملي آهي، جنهن جو فيصلو گهرجي“!
    ڇا جو فيصلو بابا! بي ڏوهيءَ کي مارڻ جو يا ان کي انسان سمجھي دفن ڪرڻ جو؟ انهن ٻنهي فيصلن مان ڪو به هڪ فيصلو توهان کي ڪرڻو پوندو.
    مون توکي اڳ ئي چيو هو ته مردن جي فيصلن ۾ توهان مائين جو ڇا؟ ربن دڙڪي واري انداز ۾ چيو.
    واهه بابا واهه! هونئن ته توهان جي گهرن ۾ اسان جي وڏي اهميت آهي. اسان نه هجئون ته هي گهر قبرستان بڻجي وڃن! ۽ فيصلن ۾ وري مائين جو ڇا؟ رحيمان ايترو ئي بس چيو.
    بڪواس بند ڪر! ربن انتهائي غصي ۾ ايندي چيو.
    ”واهه بابا سائين واهه اڄ اهي لفظ به توهان جي زبان تي آيا“ رحيمان وراڻيو.
    هي ته رڳا لفظ آهن. ڊڄ انهيءَ ڏينهن کان جو هي هٿ تنهنجي ڳچيءَ تائين پهچن ۽ گهٽو ڏئي توکي پورو ڪن“. ربن صفا باهه ٿي ويو.
    مون کي ٻيو ڇا گهرجي! هِڪَ مرد ڀيڻ ماري، ٻيو مرد پنهنجي ڌيءُ ماريندو“ اڄ هو دربدر آهي.... ۽ سڀاڻي.... رحيمان جا لفظ رڪجي ويا.
    زوردار چماٽ رحيمان جي ڳل تي لڳي، سناٽو ڇائنجي ويو ٻه ڳوڙها اکين جو بند ڀڄي ڳلن تان ٿڙندا ٿاٻڙجندا هيٺ ڪريا. رحيمان جي وات کي تالو لڳي ويو. شايد ڳالهائڻ ئي ڏوهه هو، زبان ۾ تلخي ڀرجي ويس. جنبش ۽ حرڪت ئي مسئلي جي جڙ هئي. اها زبان چپ ٿي ۽ اهڙي چپ ٿي، جو ڇهن مهينن تائين چپ ئي رهي.
    انهيءَ چپ چپات ۾ ئي ربن خان فيصلو ڪيو ته رحيمان جي شادي پنهنجي ڀائيٽي دادن سان صفر جي 14 تاريخ ٿيندي.
    سنڌ جي وڏي شاعر شاهه لطيف جو عرس جنهن عورت کي، سورمي ڪري پيش ڪيو. عورت جي عظمت تي شاعري ڪئي. ان کي اتساهيو. سهڻي جو رات جي اونداهيءَ ۾ ميهار سان ملڻ کي، عيب نه سمجھيو، ان جو محبوب سان ملڻ اهڙو ته بيان ڪيو جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن ان جي عرس جي تاريخ 14 صفر، رحيمان ڪو ڪروڌ ڪونه ڪيو، ڪائي بد اخلاقي نه ڪئي، انڪار جي همت ئي ڪونه ساريائين.
    دادن موالي ڀلاري جو ڀائي ـــ ڀنگ سندس ڀيڻ، چرس سندس چاچو، رحيمان تي رحم ڪهڙو؟ جي بسم الله! گھوٽ جو خواب، اکين ۾ چمڪ، پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ لڳو.
    سفوران جو ساهه سوڙهو ٿيڻ لڳو. هي ڇا، هي ٻيو قهر!؟
    ڳوٺ جي مردن ماٺ کڻي ڪئي. وڏيري جو فيصلو پٿر تي ليڪ!
    ڀلارو ڀيريون وڄائڻ لڳو! اڄ مئخاني ۾ مراد فقيرَ، شاهه سائين جي ڪافي پي ڳائي ”سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا منهنجو هي ليک پنهل سان“
    ڀلاري بيخوديءَ ۾ حق حق جا نعرا پي هنيا. دادن جي گوڏ جي وَرَ مان ٻه ڳاڙها نوٽ نڪتا مراد فقير تان گھور ڪيائين. ڄڻ شاديءَ جو لاڏو پيو ڳائجي. يا ڪنوار پئي پرڻائجي.
    سفوران گهڻو رحيمان جي اڳيان ليلائيو. وڏيري هي ڇا؟
    تون ڪڇين ڇو نه ٿي؟ تون لڇين ڇو نه ٿي؟ تون ڊڄڻي آهين تون مرڻ کان ٿي ڊڄين! تون جيئري موت ٿي قبولين! ان کان ته موت ڀلو؟
    رحيمان وٽ ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه هو، هن کي چپ لڳي وئي ڄڻ سهراب فقير کان آواز رسي ويو هجي. اکين مان پاڻي کٽي ويو هجي ڄڻ مائي جندو قبرن مٿان ويٺي نير هاري رهي هُجي.
    ٻُڪي جي رسم، دادن جي گهر دهل جو آواز، سهرن ۽ تاڙين جو ٻٽڪو ـــ ربنُ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي اوطاق ۾ ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو. آئي وئي کي کلي پيو کيڪاري. مئل ۽ ساهه ڇڏائي ويل هٿن تي ميندي جا ليڪا نڪتا. آٽڻ ٻانهن تي مليو ويو. هيڊيون ٻانهون سڪل چپ. رحيمان هڪ نظر گهر تي وڌي.... واش روم ۾ وئي ته..... الٽيون، اوجھڪارا. جسم مان ساهه ڇڏائجي ويس. ڪاري چادر ڪاڏهون آئي. ڪيئن ويڙهيائين. ڪاڏهون نڪتي.... ڪيئن هلي وئي....
    ماڻهن ۾ ڦڙ ڦوٽ ”رحيمان ڀڄي وئي“.....
    ربن اجھڪو کائي اٿيو ٿڙيو ـــ ٿاٻڙيو حويليءَ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک.
    وارو وارو ٿي، ماڻهو نڪتا! هٿ بتيون روشن ٿيون، ڪنهن جهڙو پاسو ورتو، ڪنهن ڪهڙو؟
    وڏيرو ربن چپ کي چڪ هنيو ڪنوار جي ڪمري ۾ تيستائين بيٺو رهيو جيستائين منشيءَ اچي ڪن ۾ ڀڻڪيس ته، ”پير حويليءَ جي وٽ، مان اتر طرف لڳا آهن“.
    اڪيلا آهن يا.......
    صرف امڙ رحميمان جا.....!
    وڏيرو ربن سٽ ڏئي رپيٽر لاٿو! لوڊ ڪيو ۽ شال جو وَرُ ورائي ڪلهي تي اڇليو. شال ڌوڙ ٿيڻ کان بچي وئي هئي.
    پير کڻندا، جھاڙون ڏيندا، بتيون هڻندا، ڪڏهن ڀاڄ ته ڪڏهن ڊگَ! هي ٿا وڃن! هتي ڊُڪَ جا پيرَ آهن، هتي ڪِري آهي.
    هن ڪوشي مان، هن لنگهه کان، تان اچي درياءُ تي پهتا ـــ اڀ ڪپرو درياءُ، ڪپر تان گيهو، هيٺ جتيءَ جو پادر!
    ربن جُتيءَ جو پادر کنيو، ڦري هيٺ لهي آيو. واريءَ تي هڪ اگھاڙو ۽ هڪ جتيءَ وارو پير..... درياءَ جون ڇوليون.... رحيمان جو نه اتو نه پتو......
    ربن هٿ ۾ جھليل پادر گوڏي تي وهائي ڪڍيو.
    ”رحيمان سهڻي جيان درياءَ حوالي“.


    سفوران : ٽئين لَڙهي (ڪَڙي)

    وڏيرو ربن کٽ جو وچ ورتيون، پاسن کان وهاڻا ڏيون مهمانن جي محفل مچايون ويٺو هو ته ڪمدار، حسوءَ اچي ڪن ۾ سس پس ڪيس. وهاڻي جي ٽيڪ ڇڏي پهريان سڌو ٿي ويٺو کٽن جي وچ ۾ ٻه ٻٻرن جا ٻرندڙ ڏانڊا سندس اکين ۾ لهي آيا. ڄنگهون هيٺ لاٿائين ڄنگهن کي هيڏي هوڏي لوڏي پيرن سان بوٽ ڳولهيائين، حسوءَ ويهي پيرن ۾ ٻئي پادر پارايس. اٿيو ته ڄنگهن مان ساهه ڇڏائجي چڪو هئس. مهمان جيڪي ڏند ڪڍي کلي رهيا هئا تن جا ڄڻ چپ خشڪ ٿي، پاڻ ۾ ملي ويا.
    ربن ٿاٻو کاڌو، حسوءَ بسم الله چئي هٿ وڌس ته سٽ ڏئي ٻانهن ڇڏائي سڌو حويلي طرف پاچا ڪنجيندو نڪري ويو. حويليءَ ۾ دهل وڄڻ بند ٿي ويو هو. زائفون وات ۾ آڱريون وجھيون بيٺيون هيون. سهرن وارين مايُن دهل کي ڪپڙي ۾ پئي ٻَڌو.
    امان الله خير ڪري!
    وڏيريءَ، الائي ڪاڏي منهن ڪيو.
    ربن ڪمري ۾ ويو جتي ڳاڙهو رئو پلنگ تي پيو هو. سونهري سئنڊل اونڌو لڳو پيو هو. جيڪو هُنَ سکر مان ساڍي ٽي هزارين آندو هو ـــ هو اڃا ٻاهر نڪتو ته سامهون سفوران نظر تي چڙهيس. هڪڙي دل چيس ته ٻئي هٿ ڳچيءَ ۾ وجھي کيس پورو ڪري، پر پڪ ڪرڻ تائين ارادي کي ٽي وي چئنل جيان مٽائي ڇڏيائين! هو وڌي وڃي واش روم تائين پهتو ته حسو اليٽري کڻي اچي واش روم ۾ هنئي. واش روم جو وڏو روشندان کليل هو. ربن روشندانُ ڏسي، پوئتي موٽ کاڌي ۽ ڪوٽ جي وٽ وٺي، گٽر جي دڪيءَ تائين پهتو، جنهن ۾ پلاسٽڪ جا پائيپ لٿل هئا. ۽ مٿان ٽانڪيءَ مان لوهه جون ٻه نڙيون هيٺ اچي رهيون هيون.
    ڪمدار حسوءَ اليٽري هنئي ربن پائيپن ۽ لوهي نڙين کي ڏسي وري پوئتي موٽ ڪئي.
    ”اعتماد وارا ماڻهو ڪڍ....“!
    ”پيرا کڻو!“
    ربن جي آواز ۾ لرزش به هئي ۽ ڏهڪاءُ به
    حسو ڀڄي وڃي اوطاق ۾ پهتو، جتي ٻاٻرا ٽانڊا آخري پساهن ۾ هئا.
    دير ئي ڪونه ٿي، بندوقون نڪري آيون، پنج ست ڄڻا اليٽريون هڻندا اڳتي نڪري ويا.
    ربن جي هٿ ۾ دونالي بندوق اچي وئي، جنهن جا ڪارتوس چيڪ ڪري ربن بندوق بند ڪئي.
    حسوءَ سان وسايو ۽ مير محمد گڏ گڏ هلڻ لڳا، ربن اڳيان هلڻ لڳو.
    هڪ جاءِ تي ربن بيهي رهيو ۽ مير محمد ڏانهن منهن ڪري، ٻرندڙ اکين سان ڏٺو.
    مير محمد جو ساهه سڪي ويو.
    حسوءَ اک جو اشارو ڏنو ته مير محمد موٽ کاڌي.
    حسو، وسايو ۽ ربن اڳيان ڀاڄ ويندڙ، همراهن جي ڪڍ لڳي پيا.
    ٻُوڙن، ڪانڊيرن سان سٿيل رستو. جھنگ ۾ ٻرندڙ لائيٽون، سناٽو، ربن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه کي ڄڻ ٻَلُ ڏئي رهيو هو!
    اڳيان ويندڙ همراهن، هِيڏي هِيڏي چئي ڪري رستو مٽايو. رستو درياءَ جي اڀ ڪپر تي اچي کٽو ـــ همراهن جمپ ڏئي پاڻ کي هيٺ لاٿو. روشنيون بند ٿي ويون اوندهه ڇائنجي وئي. ربن جون اکيون ٻرڻ لڳيون. هن حسوءَ کي رهڙ ڏني. ”بيٽري سامهون هڻ“ ــ ”ايڏانهن پنهنجي ماءُ کي ٿو ڳولهين ڇا“؟
    بيٽري سڌي ٿي ربن ڄڻ ڊڪ ڀري ۽ ٻي لمحي هو ٽئي درياءَ جي اڀ ڪَپَرَ تي هئا.
    هيٺان رحيمان جي گهر واري چمپل جو هڪ پادر کڻي ڀلارو مٿي چڙهيو.
    ”هي پادر ۽ رئو مليو آهي“. ڀلاري ربن کي ٻُڌايو.
    ربن پادر ورتو ۽ گوڏن ڀر ويهي ٻنهي سٿرن تي هنيو.
    هيٺان ماڻهو مٿي چڙهي آيا.
    ”وڏيري درياءَ حوالي ٿي وئي“ حسوءَ ڪنڌ جھڪائي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
    ربن اٿيو، بندوق جي سيف چاڙهي هن صرف هڪڙو فائر فزا ۾ ڇڏيو.
    شڪر ٿيو. پير هڪڙو ئي هيستائين آيو نه ته هي ٻئي ڪارتوس پنهنجي سيني ۾ هڻان ها“.
    ماڻهن جا ڪنڌَ هيٺ جھڪي ويا. سڀئي هارايل جوارين جيان پوئتي موٽيا.
    رستي ۾ ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو.
    اوطاق ۾ کٽون اونڌيون ٿي چڪيون هيون.
    ربن جيئن ئي اوطاق ۾ ٽپيو ته کٽون اونڌيون ڏسي ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو.
    ماءُ مري وئي اَٿَوَ ڇا جو کٽون اونڌيون ڪيون اٿوَ“
    منٽ ۾ کٽون سڌيون ٿي ويون، ربن ٻئي منڊا ملائي پٺيان ويهاڻو رکي کَٽَ تي ويهندي سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    ماڻهو ماحول ڏسي هوريان هوريان اوطاق مان نڪرندا ويا.
    اڌ ڪلاڪ تائين ربن پاسو نه ورايو.
    ڪمدار، حسوءَ جو ڪنڌ جھڪيل رهيو.
    ربن رهڙ ڏيندي چيس ته: ”متان صبح سان ماڻهو وٺي درياءَ تي ويو آهين“.
    ”رحيمان ڄڻ ڄائي ئي ڪونه هئي“.
    جملي تي حسوءَ صرف نظرون کڻي ربن کي ڏٺو، جيڪو اڃان آسمان ۾ نظرون وجھيون ساڳي حالت ۾ تارا تڪي رهيو هو!
    صبح تي ربن مير محمد کي گهرايو.
    مير اڄ کانپوءِ منهنجي نظر تي نه چڙهجانءِ..... سٺو اٿئي ته ٽپڙ کڻي ڪو ٻيو ڳوٺ وساءِ.
    ”مير محمد جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي“.
    اڃا مير محمد خشڪ نڙي کي آلو ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو ته سامهون اوطاق جي در تي اچي ڊبل ڪئبن بيٺي، جنهن مان اڌل شاهه لٿو. روشن جمپ ڏئي پٺيان گاڏيءَ مان لٿو ۽ اڌل شاهه جي ڪڍ. ربن تائين پهتو. روشن اتي بيٺل مامي کي نفرت ڀري نگاهه سان ڏٺو ۽ ربن سان نوڙي هٿ ملايو. ربن سندس ڪلهي تي هٿ رکي مير محمد ڏانهن ڏٺو.
    اڌل شاهه ساڳي کٽ تي ويهي ربن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتو.
    ”مهلون مڙسن تي اينديون آهن“ ڪني مڇي ڪُتي جو ڪُوت هوندي آ، ان کي جھير ڏئي لوڻ نه وجھڻو پوندو آ“. ان ڪري چوندا ـآهن ته مڇيءَ جي ذات ۾ ڏنڀرو ڀلو پوءِ به نَرُ ته آهي نه“.
    اهي لفظ چئي اڌل شاهه روشن ڏانهن ڏٺو، جنهن شهپرن کي هلڪو هٿ هنيو. ”وڏا مون اڳ ۾ ئي هٿ ڌوئي ڇڏيا هئا ته جنهن ڪاريءَ کي تَڙُ ڏنو اها درياءَ ۾ لڙهندي“.
    روشن جي جملي تي ربن کي جَڪَ ته گهڻا آيا پر ڪڇي نه سگهيو.
    مير محمد، روشن کي ڏٺو، جنهن جي واتان ڳوٺ جي ابي امان جي لاءِ اهڙا لفظ نڪتا هئا!
    اڌل شاهه وچ ۾ جملو اڇليو ڪو سمجھي ته ربن تون هن راڄ جو ابو امان ۽ لجپال آهين.
    ربن شوڪارو ڀريو ”جنهن جي لڄ ته نه رهي هئي رڳو پال وڃي رهيو هو“
    قبلا! اسان جو لڄپال تون آهين ربن ڌڪ بچائيندي جملو اڇليو.
    اڌل شاهه ربن جي هٿ تي ٻيو هٿ رکي چيو ”ربن تڏهن ته وير ئي نه وڌم“ روشوءَ کي چيم ته سڄڻن تي ڪڪر جو پاڇو آيو آهي متان کنوڻ جو خوف ڪري“. گجڻُ ۽ وسڻُ ڇڏي ڏئي هل ته هلئون.
    ”کنوڻين جا خوف انهن کي ٿين جن جا ڪوٽ ڪچا هجن“. منهنجي پڪي ٻانهين تون ويٺو آهين، هاڻي کنوڻيون نه هجن يا گجگوڙيون ٿين. ربن ڪر کڻي جملو اڇليو.
    ”باقي منهنجون ٻه ڳالهيون“ روشن مهل تي جملو اڇليو.
    ربن ڪنڌ مٿي ڪري مير محمد ڏي ڏٺو ــ ”ميروءَ کي ته مان هاڻي هاڻي چيو آهي ته پنهنجا ٽپڙ کڻ“
    اڌل شاهه موقعو ڏسي وار ڪيو ”ربن مير محمد سڄي عمر تو وٽ رهيو آ، ابا ڏاڏا هڪ مقام ۾ دفن ٿيل اٿس. تون هن جو ڪعبو قبلو. ڪعبي کي پٺي ڪير ڏيندو“.
    مير محمد سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جملي تي غور ڪرڻ لڳو.
    ربن ”قبلا سٺو اٿس ته هتان هليو وڃي. مون هن جي ڪري روشن کي پوئتي ڪيو. ان جو سِلو اُهو ڏنائين ته ”منهنجي ڌيءُ کي گهران نڪرڻ ۾ به هٿ هن جي گهر جو ٻڏل مليو“. ربن ڄڻ ميار ڏنس.
    مير محمد وائڙو ٿي ويو.
    ربن ڳالهه ته وڏي ڪري ڇڏيئه. ”مون اجايو توکي پارت ڪئي“ اڌل شاهه ٻيو وار ڪيو.
    مير محمد جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون“. گوڏا کوڙي اڌل شاهه جي اڳيان ويهي رهيو.
    بابا سائين مون وڏيرڪي در جو ٽڪر کاڌو آهي. مون کي اڪيلو نه ڪيو مان ابن ڏاڏن جا گهر ڪيئن خالي ڪيان؟“.
    مان ڪاڏي دربدر ٿيندس؟
    اڌل شاهه مير محمد کي ڄار ۾ ڦاسندو ڏسي. يڪدم کيس ٻانهن کان وٺي مٿي اٿاريو.
    مير محمد توکي اسان اڪيلو ڪونه ڪنداسين، تون اسان جو حصو آهين!
    اڌل شاهه ربن ڏانهن منهن ڪندي چيو. ته مير محمد سان ڳالهيون ڪر مان پاڻ انهن ڳالهين ۾ هوندس اسان مير محمد جي پاران ذمو ٿا کڻون ته جيڪي مٿس ڳالهيون بيٺيون انهن جو حساب هي ڏيندو ضامن مان آهيان.
    هڪ ئي ڌڪ ۾ اڌل شاهه ٻه شڪار ڪيون گاڏيءَ ۾ چڙهيو هليو ويو.
    دادن ويڻيءَ ۾ ٻڌل ست رنگي ڳاني کي سٽ ڏئي ٻرندڙ باهه ۾ وڌو، جيڪو سڙي خاڪ ٿي ويو. ۽ اها خاڪ ميڙي تماڪ سان مليل چرس سميت سُلفيءَ جي ڦُلَ ۾ وڌي ۽ هنيانءَ جي باهه کان ڀري وزم هنيو ته ڳاني جي خاڪ جو هُڳاءُ سندس اندر ۾ لهي ويو. هن پٽي گار ڀلاري کي ڏني. جوءِ جا..... تو واري نڀاڳ منهنجو به گهر خاڪ ڪري ڇڏيو.
    ڀلاري وڏو ٽهڪ ڏنو.... تو وٽ گهر هيو ڪاٿي؟ پڻهين جي ملڪيت ربن هٿ ڪئي. ڳوٺ جو وڏيرو ٿي ويهي رهيو. تون سدائين اسان جي ڳچيءَ ۾ هيڏي ملڪيت هوندي به سدائين پوتڙو ڪلهي تي ۽ وزن اسان تي.
    دادن کي جواب ذهن تي چڙهيو. پر اکين اڳيان صرف دونهون نظر آيس!
    چاچو به ڇا ڪري؟ هو ته مونسان سچو آهي. خداءِ سان گڏ قلندر ڪو پُڄي رحيمان کي، جيڪا جڳهو ئي مسيت ڪري وئي.
    اڙي مئخانو چئه مئخانو ٻڌئي نه ڪو ڪَٽڙُو.ڀلاري سُلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهيندي چيس.
    ”مئخانو ته پنهنجو ڏاج آ ان کي ڇو ٿو خراب ڪرين؟
    چڱو ٿيو جو ٻُڏِي مُئي. هيڏي ڪهڙو تَري هان“ دادن سٽ ڏئي ڀلاري کان سُلفي کَسي.
    تون ڪڏهن کان ڪٽڙو ٿيو آهين“ هنيانءَ تي ڇنڊو وجھڻ بدران ٽانڊا ٿو رکين!
    ڀلاري جو وزم ويندي ڏٺو ته يڪدم پاسو مٽايائين ”دادن توکي ڌڪ تازو آ مون وارو ته ناسور ٿي ويو آ. مون سان سؤٽِ گهٽ ڪئي. مري وئي وڍجي وئي پر ڀلاري جي ڀر نه ورتائين، نڀاڳ چوٽ چڙهيل هئس.
    دادن ٽهڪ ڏنو. ”اڙي ڪڏهن ملياڻيءَ ۽ مواليءَ جو نڪاح ٻڌئي“.
    ڀلارو ڪنڌ لاڙي ويهي رهيو ته دادن سلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهي. صفا سَرِ ڪري ڦوڪ لاءِ وڌايُس. ڀلاري اهڙا ٻه ٽي دوگاڙا هنيا جو هنياءُ ٺري پيس.
    ۽ پنڪين ۾ ڪلام شروع ڪيو. ”ڇا وڃي اسان جو زماني سان ـــ سِرُ لڳي پنهنجو مئخاني سان“. زماني جا غم مئخاني ۾ لڳل گوار ٻوٽيءَ جي خاڪ ۾ دفن ٿي ويا. حق حق جا نعرا گونجي اٿيا.
    مير محمد سومهياڻيءَ جو گهر آيو ته مِيسَ ئي مئل هئس. جوڻس سري اچي پيراندي ورتي. سفوران جا پيءُ خير ته آهي“
    ”ڇڏي سگهندينءَ اباڻا ڪک؟“ مير محمد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    ”هي تون ڇا ٿو چوين“.... ڇا ٿيو آهي؟
    وڏيري چيو آهي ته ٽپڙ کڻ....
    صابل جي هنيانءَ ۾ هٿ پئجي ويو. ”سفوران جا پيءُ پر ڇو ٽپڙ کڻوڻ؟!“.
    اهو سڄو الزام هِن تو واري ڇوريءَ تي لڳو آهي ته رحيمان کي ان ڀڄايو آهي.
    آهي ڪا عقل جي ڳالهه ـــ هيءَ ڇو ڀڄائيندس! صابل صفائي ڏيندي وراڻيو.
    هڪڙي پاسي عطا محمد وارو الزام لٿو ئي ڪونه ته وري هي ٻيو الزام مان وڃان ته ڪاڏي وڃان.“
    توکي خبر ناهي ته عطا محمد تي هنن پنهنجو سر بچائڻ لاءِ الزام هنيو هو نه اسان گهر ڪئي، نه اسان جي مَن ۾ ڪا ڳالهه هئي ـــ اها سڄي تنهنجي ڀيڻ جنهن ناحق نالو کڻي اسان کي آزار ۾ وڌو.
    هن کي ڪهڙي خبر ته هي ”لانگھڙ لاهه ٿي بيهندا“ مير محمد ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو!
    مون کي جي لَڏڻو پيو ۽ هي گهر ڇڏڻو پيو ته ڇڏيندس، پر انهن جا منصوبا مٽيءَ ۾ ملائيندس! صابل پنهنجو فيصلو ٻُڌايو.
    ڪاڏي اباڻا ڪک ڇڏي دربدر ٿينداسين. ابو هتي امان هتي. ڀائر هتي دفن ٿيا. هجئون هندو ته رک کڻي هلي درياءَ ۾ وجھون! مير محمد لاچاري ڏيکاري.
    هي ڪهڙي مسلماني. هي ڪهڙو دين ايمان، جو ناحق ويٺا چٽيون ڀريون، صابل نڪ ۾ لهي ايندڙ پاڻيءَ کي رئي جي ڪنڊ سان صاف ڪيو.
    ٿوڻين تي ٺهيل ورانڊي ۾ سفوران ڪَنُ ڏئي ماءُ پيءُ جي گفتگو ٻڌي رهي هئي!
    ڀلا جي چٽي پئي ته ڀرينداسين. پر پنهنجن کان ڪونه ڇڄنداسين. پنهنجا ماري ڇانوَ ۾ ته ڦٽو ڪندا. مير محمد فيصلو ٻڌايو.
    اها ڪهڙي ڇانوَ جيڪا مُئي کان پوءِ ملي. صابل جي اکين جا ڇپر ڳورا ٿي ويا.
    مان ته هي گهر ڪونه ڇڏي سگهندس!
    خبر ٿئي مان ڏهن سالن ۾ هي گهر ٺاهيو هو. صرف ان ڪري ته هتي امان مرحيات مون کي ڄڻڻ مهل سور کاڌا هئا. ۽ منهنجي اورَ هتي پوري هئي“. مير محمد سبب ٻُڌايو.
    ٻه سال ته مان ڀي گڏ هن جيان مٽي ڍوئي هي ڍورو ڀريو هو، جتي اڄ کٽ رکيون ويٺو آهين. الائي ڪيترا ڀيرا ته مونکي ڇڪي پئجي وئي هئي. صابل ڄڻ مٽو مٽ ٿيڻ چاهيو.
    بهرحال ڳالهيون رکبيون ـــ فيصلو اڌل شاهه ڪندو. جي برادري ڏنڊ ڏوهه رکيو ته مونکي ڀرڻو پوندو. ائين ڀاڙيو ٿي ڪونه ڀڄندس/لوڪ جا طعنا مهڻا ڪونه کڻندس..... ۽ ها پنهنجي ڇوريءَ کي سمجھائي ڇڏ. ڪير جوئر پوکي يا ڪڻڪ هروڀرو هيءَ کانڀاڻي کڻي واهپ نه ڪري! ائين چئي مير محمد اجرڪ اوڍي ڊگهو ٿي سمهي پيو.
    صابل کٽ تان اٿي ته کيس ٿيڙ آيو. ڄڻ گهر جو ٿلهو پرائو ٿي کيس ڌڪي رهيو هو.
    هن وَٽي ۾ پاڻي اوتي پيتو ۽ کٽ تي ويهي پوتيءَ سان ڇڪي مٿو ٻڌو.
    سفوران جي اکين مان ننڊ ڪارڙي تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اڏامي وئي.
    هڪڙي هفتي ۾ راڄ مڙيو. ربن جي اوطاق ماڻهن سان سٿجي وئي.
    پهريان مولوي بدر الدين جو بيان ٿيو ته ”منهنجي ڇوڪر حليمان الزام تي مُئي. منهنجي پٽ روشن کي شڪ هو ته مير محمد جو پٽ عطا محمد منهنجي ڀيڻ کي پسند ڪندو آهي ۽ ڇوڪريءَ به ان ڪري منهنجي ڀائٽي ڀلاري سان شآدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي قتل ٿي وئي“.
    ٻيو بيان ربن جو ٿيو جنهن چيو ته ”حليمان جي قتل وقت مير محمد جي ڇوڪري منهنجي ڌيءُ وٽ پهتي، جنهن کي ورغلائي وٺي وڃي ڪاريءَ کي تڙ ڏياريائين ۽ بغاوت جو ٻج ڇٽيائين. وري مون پنهنجي ڀائٽي دادن کي سڱ ڏيڻو ڪيو ۽ شاديءَ جون تياريون ڪيون. رسمن واري رات مير محمد جي ڌيءَ سفوران لاءِ لوئي کڻي آئي ۽ منهنجي ڌيءُ کي ورغلائي ڀڄڻ تي مجبور ڪيائين. ۽ ڀڄي وڃي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي مري وئي“.
    مير محمد گهڻو ئي لڇيو ڪڇيو، ڦتڪيو ته مٿس گهر ويٺي الزام لڳايا ٿا وڃن، جن سان سندس ڪو تعلق ناهي پر اڌل شاهه اکيون ڦوٽاري اعلان ڪيو ته سڀئي الزام آخر مير محمد جي ڇوڪريءَ مٿان ڇو لڳا آهن. هوءَ ڏوهارڻ آهي. تنهن ڪري مير محمد پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڇُوڪرِ حليمان جي قتل ٿيڻ واري چٽيءَ ۾ مولوي بدر الدين جي پٽ روشن کي ڏيندو.
    جڏهن ته مير محمد جي ڇوڪري سفوران، شادي کانپوءِ وڏيري ربن جي گهر ۾ رهندي ڇو ته ربن جي گهر کي هلائڻ واري ڇوڪر رحيمان سفوران جي ڪري وسندڙ گهر ڇڏيو ۽ آپگھات ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشن به ارهو نه ٿيندو ـــ هو جڏهن ڳوٺ ايندو ته سفوران کي پنهنجي گهر وٺي ويندو.
    اهڙي فيصلي تي ربن جا هيٺ لٿل شهپرڦڙڪڻ لڳا ۽ ڪمدار حسوءَ ڏاڍيان واهه واهه ڪئي ۽ اڌل شاهه جي فيصلي جو دادُ ڏنو. مٺائي ورهائجي وئي. ٻه لڏون مير محمد انگوشي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي گهر پهتو.
    هڪڙو لڏون صابل کي ڏنائين ۽ ٻيو لڏون سفوران جي وات ۾ وجھي چيائين ته: ”جي توکي پيءُ جي عزت پياري آهي ته پنهنجو وات بند رکجانءِ“.
    سفوران اوڪارا ڏئي لڏون ڪڍي ڇڏيو اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس“.
    هڪڙي مهيني ۾ ئي. سڀئي سانگ رچايا ويا. ڪاڄ ٿيو. ربن جي اوطاق تي شرناءِ وڳي ـــ دُهلَ تي ڌَمالَ لڳي.
    مئخاني ۾ ڀلارو ۽ دادن ٻکين پيا. خوشيءَ ۾ کليا جھمريون هنيائون.
    مسين ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿي هئي.
    روشن موڙ ٻڌا. صابل مٿو ڇڪي رئي سان ٻڌو. ڳاڙهي قرآن هيٺان ٽپا ئي سفوران کي روشن جي حوالي ڪيو.
    روشن سفوران جي بي سَتي جسم سان سڄي رات، ستو رهيو. جنهن تي خار به ڏاڍا آيس هڪ دل چيس ته ڪهاڙي کڻي جسم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڇڏيانس پر ان ۾ به سندس فتح هئي، ته هن هڪ عورت جي هٺ ۽ غرور کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري مروڙي ڦٽو ڪيو آهي.
    روشن هليو ويو ته سفوران وڏيري ربن جي حويليءَ ۾ آندي وئي، جتي اوطاق جي نوڪرن ڪاراون، ڪمدارن جي ماني پچائڻ لڳي، رات جو ربن کي زور ڏئي. سمهاري پوءِ وڃي چيلهه سڌي ڪندي هئي.
    هڪ ڏينهن وڏيري ربن ڪارو پٿر گھوٽي مينديءَ ۾ ملايو ۽ وارن کي ڪلر ڪرڻ لاءِ سفوران کي سڏيو. سفوران وارن کي رنگ ڪيو. ان دوران ربن جون نظرون سندس سڄي جسم جو جائزو وٺنديون رهيون.
    سج لڙي، لهي ويو. ربن تڙ ڪري ڪلر لاٿو ۽ چلهه تي ويهي جسم کي سيڪا ڏنا ۽ پاڻ کي گرم ڪندو رهيو، ته اوچتو روشن اچي ٺڪاءُ ڪيو. ٻرندڙ بنڊيءَ تي پاڻي هاري ربن اٿيو ۽ ٿيڙ کائيندو ڪمري ۾ وڃي پلنگ تي ڪريو.
    سفوران ڪاري پٿر واري ٿيلهي چادر ۾ لڪائي روشن جي ڪڍ لڳي گهر پهتي، جتي هن پَليءَ جو ساڳُ ٺاهيو. هن مڙس کي ماني کارائي. کير جو وٽو ڀري پياريو. روشن گهڻو خوش هو ته سفوران هاڻي ڌڪ پچائي وئي آهي ۽ سندس رويو درست ٿي ويو آهي. جھٽ کانپوءِ روشن هڪ وڏي الٽي ڪئي ـــ سائي پلي سندس وات سان گڏ ناسن مان به پاڻي ٿي نڪتي.
    مولوي بدر الدين پٽ جي اها حالت ڏٺي ته مٿس آية الڪرسي ۽ ياسين جو ورد ڪيو. اڃا صراط مستقيم لفظ تي پهتو ته روشن وڏو اوجھڪارو ڏنو ۽ ٿڌو ٿيندو ويو. سفوران زور سان پير کي زمين تي هنيو ۽ چپ ڀيڪوڙي وڏي گار چپن کان پوئتان موٽائي ڳهي ڇڏي....!


    (پهرين لڙي) : ”عمر“ـ 1

    غوث بخش ننڊ مان اٿيو ته کٽ تان لهندي، جُتيءَ جي هڪ پادر ۾ پير پيس ۽ هڪُ جتيءَ جي ڪَهيءَ ۾ ڦاسي پيس! ٿاٻو کاڌائين! ذري گھٽ مٿو ڀت ۾ لڳو هئس. جوڻس سامهون پئي ماني پچائي، تَئي تي ماني اُڇليندي ٿورو مسڪرايائين.
    هن کي اها مرڪ ميار لڳي. هي باٿ روم ۾ ويو ڏندڻ ڪري موٽيو ته جوڻس پٽ کي مانيءَ جي مٿان مکڻ جو چاڻو رکي ڏنو.
    پٽهنس حيران ٿي پڇيو ”امان هيءَ ماني منهنجي آهي؟“
    ها پٽ ڇو؟ ماڻهنس وراڻيو....
    مون سمجھيو ته بابا جي آهي؟
    ڇو پٽ تون اهو ڪيئن سوچيو!؟
    امان بابو نوڪري ٿو ڪري، سڄو ڏينهن ڪم ٿو ڪري ان ڪري خيال آيو.
    اڙي ابا.... تون به ڪو صفا موڳو آهين.
    پڻهين جي هيءَ عمر آهي مکڻ کائڻ جي؟
    غوث بخش جي وات مان گرڙيءَ وارو پاڻي قميص جي آڳر تي هارجي پيو.


    (ٻي لڙي) : ”عمر“ـ 2

    غوث بخش کي اڄ موڪل آهي، هو گهر ۾ گهڻي دير سمهي ناهي سگهندو، هنڌ ۾ پاسا ورائيندي خيال آيس ته اڄ ڇو نه ڏاڙهي جا خط وٺرائجن ۽ وارن کي ننڍو ڪرائجي؟
    اهو خيال ايندي ئي هو تڪڙ ۾ اٿيو.
    چپل کي چتائي ڏٺائين. کيس ڪالهوڪو خيال ذهن تي تري آيو. متان ڪٿي اڄ به وچڙي نه پوان ۽ زال جي مرڪ جو نشانو بڻجان. هو سنڀالي لٿو ۽ چپل ۾ صحيح پير پوڻ تي گد گد ٿيو. هن برش تي پيسٽ لاٿي ۽ نوجوانن جيان برش ڪري، گرڙيءَ کي پري اڇلايائين. قميص جا ڪَفَ ٺيڪ ڪري، ڪالر درست ڪري ٻاهر نڪري پيو.
    سيلون تي موڪل هئڻ سبب رش ڪجهه وڌيڪَ هُئي.
    حجم جي قينچي ۽ زبان هڪ رفتار سان هلي رهي هئي.
    غوث بخش رات ننڊ نه آيئي ڇا؟
    حجم جي سوال تي هي وائڙو ٿي ويو!
    نه ڀائو اهڙي ڳالهه ته ڪونهي. غوث بخش رکو جواب ڏنو.
    ايتري ۾ هڪ پيرسن فقير سيلون جي در تي اچي بيٺو!
    ابا نالو الله جو.....
    حجم ڦڻيءَ کي قينچي تي ٺاٺوڪو ڏئي چنبڙيل وار هيٺ ڪيرايا ۽ ڪنو منهن ڪري فقير کي ڏٺو.
    فقير تنهنجي هيءَ عمر آ پنڻ جي؟ جو وتين ٿو ٿاٻا کائيندو؟
    گهر ۾ ويهي الله الله ڪر
    فقير اهي لفظ ٻڌي اڃا واپس ئي ڪونه ٿيو ته هڪ حسين جميل ڇوڪري سيلون ۾ اندر گھڙي آئي.
    الله جو نالو.
    حجم جون واڇون ٽڙي ويون.
    هو خاني ڏانهن مڙيو ۽ ڏهين جو نوٽ ڪڍي فقيرياڻيءَ جي هٿ تي ائين رکيائين جو فقيرياڻي شڪي ٿي ماڻهن ڏانهن ڏٺو.
    غوث بخش ڪنڌ هيٺ ڪيو. ته حجم جملو چيو غوث بخش ماڻهو خير به ڏئي ته ڪنهن چڱيءَ جاءِ تي.
    غوث بخش جي واتان لفظ نڪري ويا.
    هائو ڀائو عمر جي تقاضا به آهي.


    (ٽئين لڙي) : ”عمر“ ـ 3

    غوث بخش آفيس لاءِ تيار ٿيو. ڪالهوڪو ڏينهن موڪل جي ڪري ڏاڍو بور گذريو هئس. ان ڪري آفيس ايندي. سڄي واٽ سوچن ۾ گم رهيو.
    موٽر تان لهي آفيس جي در مان گذريو ئي مس، ته صاحب جون نظرون شيشي جي هُن پارَ کان اندر ۾ لهندي محسوس ڪيائين.
    هِن جھڪي وڃي سلام ڪيو ته سلام جو جواب نه مليس، هن هٿ وڌائي رجسٽر کڻڻ جي ڪئي ته آفيسر رجسٽر تي هٿ رکيو.
    مسٽر غوث بخش اوهان کي خبر آهي ته ٽائيم ڇا ٿيو آهي؟
    غوث بخش گهڙيال کي ڏٺو.
    سائين! نَوَ لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن.
    پوءِ! صاحب ٿورو ڪڙڪائي مان وراڻيو.
    غوث بخش وڏي ويچار کانپوءِ چيو. ”سائين سيارو آهي“.
    ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي، جيستائين پاڻي گرم ڪرايان وهنجان....... ماني کاوان....... غوث بخش اڃان جملو ئي پورو نه ڪيو. ته مٿان صاحب وراڻيس:
    ”هن عمر ۾ وهنجڻ ضروري آهي؟“
    ايتري ۾ آفيس سيڪريٽري پنهنجي آلن وارن کي سنواريندي اندر داخل ٿي. آفيسر جون نظرون وارن تان ٿينديون هيٺ لٿيون.
    سيڪريٽري رجسٽر هٿ ۾ کنيو، هلڪي مرڪ اڇلي، رجسٽر تي صحيح ڪئي ۽ آلن وارن کي جھٽڪو ڏئي نڪري وئي.
    صاحب! ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏني ۽ هلڪي مرڪ مرڪي، غوث بخش کي چيو. غوث بخش ”ان کي چئبو آ عمر!“


    گلناز

    هوءَ اڄ صبح صبح سان ٻڏتر ۾ آهي ته: ”آخر ڪهڙو سوٽ پائي وڃي“ الماڙيءَ جي رينڪ مان هن، چئن سوٽن کي ڪڍي بيڊ تي پٿاري ڇڏيو آهي. کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هوءَ انهن چئن سوٽن مان، آخر ڪهڙي سوٽ جي سليڪشن ڪري! پيلو وڳو هن آپا ڪلثوم جي ميلاد ۾ پاتو هو“. نيرو وڳو آپا صغريٰ جي ڌيءَ واري سالگرهه ۾ پائي چُڪي هُئي. فيروزي برٿ ڀريل ڊريس، هن اڃا اڳئين هفتي ۾ اسڪول پڪنڪ تي پاتي هئي. سفيد وڳو زري جي ڪم سبب ميلاد ۾ ڪيئن پائي وڃي؟ لائيٽنگ تي ڪو خاص مزو نه ڪندو“ سي گرين وري ٿورو ڀاري (ڳرو) هو کيس هٿن ۾ کڻي هلڻو پوي ها“
    هن پنهنجي ڌيءَ کي سڏ ڪيو جنهن کي پڻ يونيورسٽي وڃڻ ۾ دير پي ٿي“.
    هنن مان ڏس ڪهڙو سوٽ پايان..... هن منهن خراب ڪندي گڏيءَ کان پڇيو.
    ”سڀئي سٺا ته آهن.... ڪهڙو به پائي وٺو“. گڏيءَ مٿاڇري نظر وجھي کيس ورندي ڏني.
    ”ان ڪري ته توکان راءِ نه وٺندي آهيان، سٺي صلاح ڏيڻ جي بجاءِ اندر ساڙي ڇڏيندي آهين“. جي ڪهڙو به پائي وڃڻو هو ته توکان ڇو ٿي پڇان“؟
    ”مما مونکي يونيورسٽي دير پئي ٿئي، مان وڃان ٿي“. گڏي بڪس کڻي نڪري وئي. ته پٺيان ماڻهنس جملو ڇڏيو ”وڃي ڌوڙ پاءِ“
    اهڙي جملي تي گڏيءَ جو موڊ خراب ٿي ويو، جنهن ڪمري جو دروازو زور سان بند ڪيو ۽ ٽپڪ ڏپڪ ڪندي ڏاڪڻين تان لهي هلي وئي.
    جنهن تي گلناز بيگم جو اڃا به پارو چڙهي ويو ۽ ”ٻه ٽي ڪچيون گاريون طوفان جيان گڏيءَ جي پويان لڳي پيون“
    اِهُو ڪو نئون مسئلو ڪونه هو، بلڪه روز جو معمول هو!
    اسڪول جي ماحول، ميڊمن جي طعنن، مهڻن، طنز ميڊم گلناز کي بخيل ڪري وڌو هو! جڏهن کان سندس دوستي اُمِ رباب سان ٿي هئي، تڏهن کان سندس ڦرڪو ڦريو هو، ننڍي وڏي مئڊم سان سندس ٻوٽي ڪونه ريجھندي هئي. هوءَ پاڻ کي ميڊونا کان به مٿانهون سمجھڻ لڳي هئي.
    سندس اٿڻ ويهڻ جو طريقو نرالو ٿي ويو هو، مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن تي اک نه ٻڏندي هئس. گهر ۾ آمدني چار پئسا هئس، مهيني جي پگهار ستر، اسي هزار، مڙس پاران گهر جو خرچ، ٻارن جي پڙهائي، لٽو ڪپڙو، غمي شادي ماني ڍَوَ تي، مطلب ته ٻئي پاسي جو الُڪو ڪونه هئس، تنهن ڪري مئڊم جون شاهه خرچيون وڌي ويون هيون،ناشتي ۾ مڇي، ٻاڪرو گوشت، ٽفن ۾ بند ڪري جڏهن هاف ٽائيم ۾ اسٽاف روم ۾ وڃي کوليندي هئي، ته مئڊمن جا وات ڀرجي ويندا هئا ۽ پاڻي پاڻي ٿي ويندا هئا، هوءَ اُمِ رباب سان تاڙو ملائي، ناز نخري سان گرهه ڏيکاري ڏيکاري کائيندي هئي.
    سندس اهڙي روش، مئڊمن کي بلڪل به نه وڻندي هئي، ٻه ٽي دفعا ته جھيڙا ٿيندي ٿيندي ٽريا هئا. هيڊ مسٽريس کي، هن پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رکيو هو، هفتي ۾ بيڪريءَ تان ڪيڪ، مهيني ٻئي بنارسي سوٽ، هالا جي ڀرت ڀريل چادر ته ڪڏهن اڌ ڏنڀري جو ڀُڳل، وڃي ٽيبل تي رکندي هئي ته هيڊ مسٽريس جون واڇون وڃي ڪنن سان لڳنديون هُيون ۽ هوءَ ساڻس جھُٽ ٿي وئي هئي!
    وري جي امتحان ٿيندا هئا، ته پيپرن کان پوءِ عاليشان پارٽي ڪري ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ ايڪسٽرنل کي ڍَوَ تي ماني کارائي ڇڏيندي هئي، تنهنڪري سڄي امتحان ۾ هوءَ واڻڪي ڳئون، وانگر پئي بلاڪن ۾ گهمندي هئي.
    اڄ اسڪول ۾ ميلاد هئي ۽ کيس سڄو انتطام سنڀالڻو هو، ڪنهن کي نعت پڙهائڻي آهي، ڪنهن کي گلن جا هار پارائڻا آهن ۽ ڪنهن کي مٿي ويهارڻو آهي، اهو سڄو ڪم سندس بِلي هو، تنهن ڪري هن کي پاڻ کي ڪيئن ٺاهي رکڻو هو، ڪهڙي ڊريس پائي وڃي ۽ ام رباب جهڙي لڳي. ”هن ام رباب کي به مات ڏيڻ ٿي چاهي“
    تنهن ڪري فيصلو نه پي ڪري سگهي، ته آخر ڪهڙي ڊريس پائي وڃي.
    هوءَ ٻن منٽن لاءِ بيڊ تي سڌي ٿي سمهي پئي.
    اهو خيال ايندي ٽَپُ ڏئي اٿي ته کيس سڄو انتظام سنڀالڻو آهي ۽ متان ڪا ٻي مئڊم کانئس گوءِ کڻي وڃي“. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو
    ”امتحان جو رزلٽ آئوٽ ٿيڻو هو“ ته صبح صبح جو ماڻس اچي ويهي رهي هئي، ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ ليڪا لتاڙي چڪي آهي، مڙس کي ڇڏي انهيءَ ڳالهه تي بضد آهي ته هاڻي هوءَ ان سان نه رهندي، ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏيندي“. ماڻهنس اهي سور کڻي اکين ۾ پاڻي آڻي، اچي صبح جو ٺڪاءُ ڪيو هو ته هوءَ ئي کيس سمجھائي“.
    موبائيل فون تي مٿو هڻندي، هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان رزلٽ آئوٽ ٿي ويو. انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽ جڏهن هيءَ اسڪول پهتي ته پروگرام، پوئين پساهن ۾ هيو، هن ڳڻي ڳڻي زرينه کي ته گاريون ڏنيون پر ماءُ، ڀيڻ کي به نه بخشيو. جن جي ڪري ساڻس هي ويڌن ٿي هئي.
    سو هاڻي هن اهڙي رسڪ نٿي کڻڻ چاهي.
    هوءَ تڙ تڪڙ ۾ واش روم مان ٿي آئي ۽ سفيد ڪپڙا پائي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون ٿي بيهي رهي.
    هن فيس تي اسٽڪ هنئي، هڪ هٿ سان منهن مهٽڻ شروع ڪيو ۽ ٻيو هٿ پرفيوم جي باٽل ۾ وڌو ۽ ڪپڙن کي پرفيوم هڻڻ جي ڪئي ته پرفيوم جي باٽل مان صرف هواءِ نڪتي. پرفيوم ختم ٿي چڪو هو. هن جو پارو ويتر چڙهي ويو ”هن کي به هاڻي ختم ٿيڻو هو“.
    هن وڌي وڃي ستل پٽ کي ٿڏو هنيو جيڪورات جو ٻي وڳي تائين موبائيل سان کيڏي کيڏي ستو هو!
    اٿ چنڊا! هن مهل تائين ستو پيو آهين، ”گاڏي ڪڍي پرفيوم آڻي ڏي“!
    منور جو اٿيو، ته سندس ذهن ڪم ئي نه پيو ڪري، اکيون مهٽي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي“.
    ”پڻهين مري ويو آهي“ غصي ۾ جواب ٻڌي هو، ويتر وائڙو ٿي ويو.
    هزار جو نوٽ ٺڪاءُ ٻوٿ ۾ ٿي ويس، هي وٺ ۽ پرفيوم وٺي آءُ.....
    منور هزار جو نوٽ کنيو هيٺ لهي باٿ روم ۾ هليو ويو، ڪچڙي ننڊ مان اٿيل منور جو باٿ روم ۾ ويٺو ته ويٺو ئي رهيو.
    مٿان ڏاڪڻ تان سينڊل جو آواز ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ باٿ روم مان نڪتو ته گلناز بيگم آڱريون کنڊيري ڀرپور بجو سندس ٻوٿ تي گهروڙي هلي وئي....
    ”هي اولاد آهي، چنڊي، نڀاڳي، ڪم چئه ته باٿ روم ۾ وڃي ويهي رهيو آهي“.
    ميلاد جا مهمان پهچي ويا هئا، مئڊم پريشانيءَ جي حالت ۾ جيئن ئي هال ۾ پهتي، ته زرينه کيس ڏسي مئڊم شاهده کي سرٻاٽ ڪيو. ”لڳي ٿو ته گهران رهڙون کائي پهتي آهي“.
    هن کي باهه وٺي وئي، وري جو اڳتي ٿي ته سامهون ام رباب مرڪي چيس:
    ”نيٺ اڇو وڳو پاتئي نه، مان ان ڪري نه پاتو ته تون ضرور پائي ايندينءَ“
    دل چيس ته ميڪ اپ سان ڀريل ٿيلهو وهائي ڪڍيس پر..... سڄو پروگرام خراب ڪرڻ نه چاهيائين ”اڳتي وڃي ڇوڪرين کي هدايتون ڏنائين ۽ پروگرام ۾ لڳي وئي. هيڊ مسٽريس کي مٿي ويهاري ميلاد شروع ڪرايائين، پر زبان سندس ساٿ نه پي ڏنو.... پروگرام جي ترتيب خراب ڪري ويٺي. ام رباب اچي سهارو ڏنس ۽ پروگرام جيئن تيئن ڪري پورو ٿيو. مٺائي ورهائي، هوءَ تڪڙ ۾ اسڪول مان نڪري وئي. پويان هن جملا به ٻڌا ۽ ٽهڪڙو به سندس ڪنن ۾ گونجيو.
    گهر اچي هن بيڊ تي ٿيلهو اڇليو ۽ سينڊل کي ائين ئي پيرن سان اڇليو، هڪڙو پادر مٿي وڃي هلندڙ پکي ۾ لڳو. ستل پٽهنس ڪر کڻي اٿيو ته هن ٻيو پادر لاهي کيس وهائي ڪڍيو. ”هن چنڊي جي ڪري منهنجو پروگرام خراب ٿيو.“
    مان ڇا ڪيو؟ منور اڃا ايترو وراڻيو ته.....
    هن وري پادر کڻي وهائي ڪڍيس......
    منور اٿيو ۽ زور سان در بند ڪري ٻاهر نڪري ويو.....
    نڪرو منهنجي گهر مان، خداءِ جي ڪا مار پئيوَ.... جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو اَٿَو..... مرو ته منهنجي جند ڇُٽي“.
    ”سندس اکين مان پاڻي وهي آيو، منهن تي ٻانهن ڏئي سڏڪندي رهي“.
    هن کي مڙس تي خار اچڻ لڳا ”ٻار منهنجي مٿي ۾ ٺوڪي، پاڻ وڃي ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جون هوائون ٿو کائي“ اڙي ڇا ڪندس، مان تنهنجا اهي رشوت جا نوٽ! ايترا پئسا ته مون وٽ به آهن.... نالي ۾ مڙس ٿيو آهي.... پاڻ وتي ٿو عياشون ڪندو ۽ هتي مان گهر سان به منهن ڏيان، ٻارن سان منهن ڏيان ۽نوڪري به ڪيان ۽ اتي ويٺل ڏائڻين سان به ڏند چڪ ڏيان.“
    دل چيس ته هينئر جو هينئر فون ڪري مڙس کي ست سريون ٻڌائي، پر اهو سوچي نه ڪيائينس ته ڀلا جي، منهنجو ڏينهن خراب ٿيو آهي ته هروڀرو ٻئي جو ڇو خراب ڪيان؟
    باقي سڀاڻي انهن شودين کي ته مان پاڻ ئي ڏسي وٺندس، ته ڪيئن جملا هڻبا آهن ۽ ڪيئن سرٻاٽ ڪبا آهن، ”اهي پاڻ کي سمجھن ڇا ٿيون“؟
    مونکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي ته اها زرينه مڙس هٿان روز موچڙا کائيندي آهي، ڪڏهن به سنئين ٻوٿ اسڪول نه آئي آهي.
    هوءَ ڊگهي ٻوٿ واري اقبالِ، جنهن جي منهن تي سدائين ڦٽڪار پئي وسندي آهي ويٺي ويٺي اڌ مٿو، اڇو ٿي ويو اٿس پر ڪير قبول ئي نٿو ڪريس، هجنس پرڪار، سٺا ته ڇو نه شادي ٿئيس، وتندي آ رڳو مائين جا مٿا ڏسندي ته اڄ ڪير وهنجي آئي آهي ۽ پوءِ اندر جي باهه کان اچي پاسو وٺندي آهي، ته ڏي خبر اڄ وهنجي آئي آهين ”رات خير ته هيو“؟
    ممڙي ائين چئي چئي ويٺي اندر جي اوٻر کي ڇنڊا هڻندي آهي. هوءَ زرينه به ساڻس ٻٽ آهي، جيڪا مڙس جي مڇرجڻ جا قصا ٻڌائي همدرديون حاصل ڪندي آهي“. ادي توسان ته ظلم آهي، مڙس ڇڪي مزاج جو مليو اٿئي“. ائين ڪڏهن نه چيو اٿائينس ته ڪجهه پير سنڀالي کڻ، مئي روز ٿي پادر کائين“ مٿان وري چونديس ته چڱو ٿيو ادي جو منهنجي شادي نه ٿي نه ته مونسان به اهڙي ويڌن هُجي ها“.
    هاڻي پُڇيس ته ”کُنڊي توسان شادي ڪندو ڪير“؟
    ذهن ۾ دليل وڙهائي وڙهائي پاسا ورائيندي کيس ننڊ اچي وئي....
    صبح جو اسڪول لاءِ سنبرندي سندس ذهن ۾ سوين ترڪيبون، خيال اچڻ لڳا ته اڄ انهن شودين جي ڇنڇري لاهڻي آهي، جن ڪالهه مونسان ڪين گهٽايو آهي.
    ان اقبالِ جا نَڪَ ۽ چَپَ وڍيندس، ته ”کوڳ عمر اچي سٺ کي پهتي اٿئي، اڃا مٿي ڇانوَ ئي نه ڪئي اٿئي“ پوءِ ڇا پينشن سان لانئون لهندينءَ؟
    ان زري کي به بخش ناهي ڪرڻو، جيڪا روز ٿي موچڙا کائي اچي پر، مڙي ڪونه ٿي.
    گلناز بيگم آلن وارن کي سُڪايو ئي ڪونه؟ اقبال جي هنيانءَ تي مڳ ڏرڻ لاءِ اِهوُ به سانگ رچايائين ته ڀلي ڏسي ۽ سندس اندر سڙي ۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوءَ اڃان پنهنجي لاءِ وَرُ به ڳولهي نه سگهي آهي.
    کيس اها به ترڪيب سُجھي ته هوءَ هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان ويهي جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش ڪندي ته ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوءِ آيو. هن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سوکڙيون وٺي آيو.
    هالن جي سوسي، ڀرت ڀريل چادر، زري لڳل کُسا، حيدرآباد جي مشهور بيڪريءَ جا ڪيڪ، ٺونٺ جيڏا ٻه موبائيل فون، ٻارن لاءِ ڪپڙا مطلب ته گاڏي سامان جي ڀري آيل، اڪبر لاءِ هوءَ اهڙو ته تاثر پيش ڪندي جوا قبالِ جا ڪارڙا ئي مري ويندا.
    هوءَ جڏهن هيٺ لٿي ته بورچيءَ ناشتو تيار ڪري ڇڏيو هو، هن ٽفن چيڪ ڪيو ته ٻاڪري ٻوڙ جو هُڳاءُ هن جي اندر ۾ لهي ويو. هن مرڪندي پنجن سَوَن جو نوٽ پرس مان ڪڍي بورچيءَ جي تريءَ تي رکيو ته ”بورچيءَ جون واڇون ٽڙي ويون، هو ٿئنڪ يو چوڻ کان پوءِ مئڊم سان در تائين گڏيو آيو ۽ گاڏيءَ ۾ ويهڻ تي کيس سلام ڪري، خوشيءَ مان موٽيو.
    گاڏي اسڪول جي گيٽ تي پهتي، ته ٻن پٽيوالن دروازو کوليو. گاڏي مڙي اسيمبلي گرائونڊ تي پهتي ته هڪ پٽيوالي مئڊم گلناز جو اچي دروازو کوليو ته ٻئي اچي ڊرائيور کان مئڊم جو پرس ۽ ٽفن باڪس ورتو.
    گلناز گاڏيءَ مان لٿي ته هٻڪار ٿي وئي. هن هڪ نظر اسٽاف روم تي وڌي، جنهن ۾ اڄ چهچٽو گهٽ هو. هوءَ مڙي هيڊ مسٽريس جي آفيس ۾ آئي ته مئڊم سورة ”ڪميل“ جو وررد پي ڪيو. هن مسٽررول تي صحيح ڪئي ته مئڊم کيس، عينڪ جي مٿان عجيب نظرن سان ڏٺو. هن مرڪي کيس سلام ڪيو.
    ”مئڊم ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو“.
    هوءَ آفيس مان نڪتي، سامهون پٽيوالو هٿ ۾ سامان جھليون بيٺو هو سندس منهن لٿل هو. کيس ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. هوءَ تڪڙي ٿي اچي اسٽاف روم ۾ پهتي جتي ٽيچرس سُس پُس واري انداز ۾ ڳالهائي رهيون هيون هن کي ڏسي چپ ٿي ويون، هن پنهنجو سامان ڪنڊ واري ٽيبل تي رکيو ۽ مٿي تان رئو هٽائي وارن کي ڇنڊڪو ڏنو ته آلن وارن مان پاڻيءَ جون ڦينگون ويٺل ٽيچرس کي لڳيون، ڪو به ريمارڪس نه آيو، ته هن ڀر ۾ ويٺل ام رباب سان وڃي پاسو هنيو. صوفي جي ٻانهيءَ تي هٿ رکيو، ته ام رباب سندس هٿ تي هٿ رکيو، اڄوڪو رکيل هٿ تاڙي ۽ خوشيءَ وارو ڪونه هو.
    گلناز بيگم، ام رباب جي اکين ۾ ڏٺو جتي چمڪ بدران نمي هئي.
    هن کان رهيو نه ٿيو ”ڇا ٿيو آهي“
    ام رباب جي ڏڪندڙ چپن مان نڪتو اقبالِ شادي ڪري ڇڏي“
    اڙي واهه! اها ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي“
    زرينه اٿي اچي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽گلناز جو ٻيو هٿ پڪڙيو...... ”هن ادا اڪبر سان شادي ڪئي آهي.....“
    گلناز بيگم جي جسم مان ست نڪري ويو.
    سندس ٻنهي هٿن تي هٿ ڦرندا رهيا ٻه ڦڙا وارن بدران اکين مان ڪريا جيڪي هٿن تائين پهتا.


    آخري رات

    تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا
    نڪي غم ٿو وڃي نڪي دم ٿو وڃي

    ريڊيو تان، رات جي وڳڙي ۾ ڪلام گونجيو ته سندس جان ۾ هڪ لهر ڊوڙي وئي.
    رات جي ان ويل هو جاڳي رهيو هو، توڙي جو سياري جي رات، هي ڪو گهڻو ٽائيم نه ٿيو هو. نائين کان ڏهين واري پروگرام جو هي آخري ڪلام هلي رهيو هو، سندس گهر جا سڀ ڀاتي ورانڊي ۾ اگھور ننڊ جي ور چڙهي چڪا هئا. سندس گهر ڪچي جي ايراضيءَ ۾ ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ آهي، سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا. هڪ جھلي بند ڏانهن ۽ ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن، باقي ٻه پاسا گھاٽو جھنگ ئي جھنگ، جنهن ۾ گھڙڻ کانپوءِ ڪو، سونهون ئي نڪري سگهي ٿو، باقي الله الله خير سلا، ٻيلي جي اولهائين ڇيڙي تي سندس مائٽن جا گهر آهن، جيڪي درياهه جي ڇڏي وڃڻ واري ڍوري کان چڙهنديءَ ۾ آهن، جنهن کي اتان وارا ڇني ڪري سڏيندا آهن، ٻوڏ جي ڏينهن ۾، پهريان هيءَ ڇني جڏهن ڀربي آهي، ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع ڌنار، هن ڇنيءَ ۾ لاهي، ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي کي ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن. هتان جو هر رهاڪو ننڍو، جوان ۽ ٻڍو پاڻيءَ جو تارو آهي. باقي عام ڏينهن۾ ڌنار ٻيلي ۾ مال لاهي گس جھلي ويهندا آهن. جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته کين ولو ڏئي اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن، بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر ۾ رات جو دير تائين باهڙي پئي ٽمڪندي آهي، جنهن جو ڏس، سڏ پنڌ تي پيو ملندو آهي ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين مٽيءَ جي هٿرادو پيل ڀراءَ، تي اڏيل آهن، جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي، نه ته مڙئي خير. اهڙيون ئي حالتون ۽ پس منظر هن سان ڀي لاڳو آهي، سندس گهر اڪيلو ٻيلي جي وٽ تي اڏيل آهي. بند کان لهندي سندس ڪانن سان اڏيل جھوپڙي نما سندس گهر، ڪنهن ٿر جي چؤنري جيان لڳندو آهي، گهر جي اوڀارين حصي ۾ ٿوڻين تي ٺهيل ڇپرو، سندس اوطاق آهي، ۽ اولهائين پاسي کان ڪانن سان ٺهيل هڪ ڪمرو جنهن ۾ ڏڪن سان ٺهيل هڪ در جنهن کي ٻن مضبوط ٿلهين ٿوڻين سان ٻڌي ڇڏيو اٿائين ۽ ان کان اڳيان اڌ کليل ورانڊو ٺهيل اٿس، ان جي ڏاکڻي پاسي ٿوري وٿيءَ سان ننڍڙو ڇپرو ٺهيل اٿس، جنهن ۾ هي رات جو جيون جا لمحا گذاريندو آهي، ان جي پويان سندس مال جو منهه ٺهيل آهي. جنهن جو ڳِلو هن جي ننڍڙي ڇپري مان آهي. مال جي سانگي ۽ جوانيءَ جي سرحدن کي لتاڙي اچڻ ڪري، هاڻي صرف مال جي نگهباني ڪرڻ ٻيلي ۾ گهمائڻ ۽ ڪاٺيون ڪرڻ جو شوق وڃي باقي رهيو اٿس.
    ڪو وقت هو جو هُو آزاديءَ سان اسر ويل اٿي وڃي، ڇنيءَ کان مال کي لاهيندو هو ۽ نڙ جهڙي مڌر ساز سان ستا جاڳائيندو هو، هاڻي ته نَـڙ وڄائڻ سان دم گهٽجڻ لڳندو اٿس، کنگهه جي هڪ ڊگهي مالها ڳچيءَ ۾ پئجي ويندس اٿس، جنهن مان ڪلاڪن کانپوءِ وڃي جان ڇڏائيندو آهي، ان آزار کان ڪڏهن ڪڏهن دل جي حسرت مارڻ لاءِ نڙ کڻي انگوشي سان ڇنڊي ڦوڪي وري رکي ڇڏيندو آهي.
    اهي سندس جوانيءَ جا ڏينهن هوندا هئا، جيڪي اڄ سندس هينئين تي اهو ڪلام ٻڌي هري آيا هئا، هن کان ٿورو اڳ ڇنيءَ جي مٿان ڪلاشن جا برسٽ ٻڌي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو هو. ٿاٻڙندي وڃي ورانڊي ۾ پهتو هو جتي سندس پٽ پنهنجي ونيءَ سان ستل هو، چمنيءَ جي مڌم روشنيءَ ۾ هن پنهنجي پٽ جو حسين چهرو ڏٺو ۽ دل تي هٿ رکي ٿڌو ساههُ کنيو ۽ موٽي اچي چلهه ۾ پيل ڪنڊيءَ جي بنڊن کي ٺاٺوڪا ڏئي باهه کي مچائڻ لڳو، هاڻي هو پنهنجي جسم۾ ڏڪڻي محسوس ڪري رهيو هو، باهه تي هٿ سيڪيندي پلال مان ٺهيل پيڙي تي ويهندي ڀڻڪيو، ”ڌاڙيلن ته اچي ننڊ حرام ڪري ڏني آ، نٿا مَرن نٿي جان ڇٽي، مسڪين ماڻهن جي ته زندگي ويل ڪري ڇڏي اٿئون، وڃئون ته ڪاڏي وڃئون، ڏينهن ڏٺي، مال جا ڌڻ ڪاهيو وڃن، پڇندن، کي گوليون هنيو وڃن، ڄڻ پکي ماريو ڇڏين، وري اَچي آڌيءَ رات دهمان رکن ته ماني کارايو، ڪنهن وٽ هجي ڪنهن وٽ نه هجي، هنن جي پيو پورت ڪري، هڪ غريبي گهٽ آزار هو جو ٻيو هڪ آزار به اچي اسان لاءِ پيدا ٿيو“.
    هي اٿيو ۽ ميريءَ سوڙ ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ گهري ويو، پاسو ورائيندي ريڊي جي مٿان وڃي پاسيري چڙهيس. هٿ سان ڪڍي ٻُجيءَ کي ڦيريائين ته اهو ڪلام هلڻ لڳو، ”تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نڪي غم ٿو وڃي نه ڪو دم ٿو وڃي“، سوڙ ۾ سندس گوڏا اُڀا ئي رهجي ويا. هي ڪجهه گهڙين لاءِ بلڪل سن ٿي ويو. جان ۾ پيدا ٿيندڙ ڏڪڻي ڪوهين ڏور هلي وئي هئس. هي جوانيءَ جي انهن لمحن کان ٿيندو پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ جي جدا ٿيڻ تائين وقت جي وير ۾ لڙهي ويو. ڇا ته اهي ڏينهن هئا، هن کي اڃا مڇن جي ساوڪ ۽ ريهه ڪري لهندڙ ڏاڙهيءَ جي ڪٽي پشم نما بج، ويڪري پيشاني تي اڀري آئي هئي. وڏا ڪارا گھاٽا وار جنهن ۾ چڱو خاصو تيل هڻي، جڏهن پاسي تي سينڌ ڪڍي، ننڍي چمڪيدار ڪهاڙي کڻي، هو پنهنجي اصل گهر (جيڪو هينئر سندس مائٽن جو ڳوٺ آهي، ان ۾ هوندو هئس) مان نڪرندو هو ته، جوان ڇوڪرين جي دلين ۾ هورا کورا مچي ويندي هئي. سندس پيءُ دشمني سبب، جڏهن هي اڃا پنجن سالن جو هو ته قتل ٿي ويو هو. هي گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ وڃي بچيو هو. هڪ ننڍڙي ڀيڻ ۽ هڪ ماءُ، مائٽن ۾ هجڻ ڪري هن کي ڪڏهن اهو محسوس ڀي نه ڪرايو ويو ته هي ڪو اڪيلو آهي. قتل واري حادثي ۾ مڙس ٿي منهن ڏيڻ واري اکر، سندس پيءُ، کانپوءِ سڄي ڳوٺ وارن جون همدرديون، ساڻس وڌيڪَ هيون. هر ڪو پيو جيءَ ۾ جايون ڏيندو هئس ۽ گھور پيو ويندو هئس. اسماعيل جي ته اهڙي ٿي وئي هئس جو پل ڀي پاڻ کان پري نه رکندو هئس. اسماعيل هڪ سپرونج سگھڙ هيو ۽ ان سان گڏ نڙ تي بيت اهڙا چوندو هو جو ڳوٺ وارن جون دليون مست ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن ڪڙمي ڪم ڪار تان ٿڪجي ايندا هئا ته اهڙين دوڪان واري ميدان تي اچي ميڙو ڪندا هئا. حالَ احوال کانپوءِ ڪچهري جو آخري ائٽم نڙ بيت هوندا هئا. اسماعيل نڙ ڀي ڏاڍو سريلو وڄائيندو هو، پر هو ڪچهريءَ ۾ بيت ڏيندو هو ۽ ساڻس نڙ تي سنگت هڪ درويش نما، جانو ڪندو هو، جنهن جي لاءِ اهو مشهور هو ته هو الله لوڪ درويش آهي، جنهن جي بڻ بڻياد کان ته ڪو ڪو واقف هوندو هو، باقي عام ماڻهن کي اها خبر هئي ته اهو ڪرم شاهه بخاريءَ جي درگاهه جو فقير آهي. جيڪا سڏ پنڌ تي ڳوٺ جي اولهه ۾ واقع هئي. جانو درويش نڙ وڄائيندي اکين مان رت روئيندو هو، ۽ اسماعيل سانوڻ فقير جا بيت اکيون بند ڪري پيو وڏي واڪي چوندو هو ۽ سڀ ڳوٺ وارا خاموشيءَ سان ٻڌندا هئا.
    هي ڀي اسماعيل جي ڀر ۾ ويٺو بيت ٻڌندو هو ۽ جانو درويش کي چتائي ڏسندو هو، هڪ ڏينهن هن اسماعيل کان پڇيو ته هي درويش نڙ وڄائيندي روئندو و آهي. اسماعيل چيو هئس ته تون اڃا اهي مامون پروڙي نه سگهندين، اهي عشق جون چوٽيون آهن، تون اڃا ٻار آهين. ائين هن ۾ وڌيڪَ تجسس پيدا ٿيو هو هڪ ڏينهن هن اسماعيل کي چيو مان نڙ وڄائڻ سکندس ۽ تو سان سنگت، بيتن تي مان ڪندس. پوءِ پورو هفتو هن ساهه کڻڻ جي مشق، ڪڻڪ جي تيل پاڻيءَ ۾ وجھي پڪي ڪئي هئي ان کانپوءِ اسماعيل کيس انگ ڳڻڻ سيکاريا هئا، جنهن کانپوءِ هوريان هوريان هي سڀ ڪجهه سکي ويو هو. اسماعيل نڙ وڄائيندو هو. هڪ ڏينهن هي موقعو تاڙي ڪرم شاهه پير تي جانوءَ سان وڃي مليو، ۽ کانئس زندگيءَ جي بابت پڇڻ لڳو، پهريان ته جانو هن کي ڪلهي تي ٺاپي ڏني ۽ چيو هو ته گلاب، تون اڃا گلاب آهين، تون ته ٽڙيو ئي مس آهين، تون ڪا، ڪوسي واءُ، (جھولو) به نه ڏٺو آهي. تون جڏهن اهڙي منزل تي پهتين ته تو وٽ اها ڳاڙهاڻ نه رهندي، تون گلاب جي گل جيان پن پن ٿي وکري ويندي، تڏهن توکي انهن رمزن جي ڪل پوندي ۽ تنهنجي نڙ ۾ برهه جون باهيون، اندر جي آواز ۾ سمائجي وينديون ـــ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ نڙ وڄائيندي منهنجي جسم مان اهو درد ڦوڪ وسيلي ٻاهر نڪرندو هُجي. تون ڇا ڄاڻي ڪندين، هڪ مسافر جي ڪهاڻي جنهن کي اها ڀي خبر ناهي ته هو ڪٿان جو هو ڪٿي آهي، ڪٿي ويندو.
    هي ڪجهه دير سن ٿي ويو هو. پر جانوءَ بابت معلومات هٿ ڪرڻ جو هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو.
    هن وري جانوءَ کي التجائن واري نظر سان ڏٺو.... ۽ چيائين..... جانو، مان ڄاڻن چاهيان ٿو اهي رمزون، جيڪي انسان جي اندر کي جھوري وجھنديون آهن.“ جانوءَ.... ڳالهايو ته پوءِ ڪٿي لؤن لائي ڏس.... ۽ ان انتظار جي ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهي ڏس“.
    ”ڪهـڙي ڪڙهائي“.... گلاب کانئس پڇيو!
    محبت جي ڪڙهائي.... عورت جي پهرئين جھلڪ واري ڪڙهائي... ان جي لفظن جي چاشنيءَ واري ڪڙهائي.... مرد مٿان فدا ٿيندڙ ان جذبي جي ڪڙهائي.... گرم گرم ساهن جي ڪڙهائي.... ڊپ ۽ خوف وچان ڌڙڪندڙ دل جي آواز واري ڪڙهائي.... سرد راتين جي انتظآر واري ڪڙهائي ۾ ڪڙهي ڏس گلاب....“ ۽ هو روئي پيو.
    گلاب سندس منهن ڏانهن ڏسندو رهيو، جيڪو مڪئي جي سنگ جيان پيلو ۽ ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ هن موٽ ڪئي هئي اسماعيل ڏانهن.... اندر جي اڻ تڻ سبب هن اسماعيل کان جانوءَ جي باري ۾ پڇيو هو.
    اسماعيل هن کي بيقرار ڏسي چيو هو، ”پنهنجي ڀر واري زميندار سچل کي ته سڃاڻين؟“ هن هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    اسماعيل ڳالهه جاري رکندي چيو، ”هي جانو ان جو سؤٽ اٿئي“.
    هن جون اکيون حيرت مان اسماعيل ڏانهن کڄي ويون.
    سچل جي پيءُ.... جانوءَ جي ڀاءُ کي زهر ڏئي مارائي ڇڏيو هو. هو هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو هو، جنهن نوڪري ختم ٿيڻ کانپوءِ زمين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سچل جي پيءُ کان پنهنجو حصو گهريو هو، ان جي موٽ ۾ کيس حياتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. جانو اڃا تن ڏينهن ۾ ننڍو هيو ۽ سندس ماءُ به شهر جي هئي، ان ڪري سچل جي پيءُ جي ساڻن لڳي ئي ڪونه ـــ بي سهارا هجڻ ڪري، هي به چپ چاپ ماني ٽڪر تي پلندا رهيا. سچل جي ڀيڻ سان، جانوءَ جونينهن وارو ناتو ٿي ويو. هڪ گهر ۾ رهڻ ڪري اها ٻاپور سچل کي پئجي وئي. جنهن جانوءَ جي ماءُ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ جانوءَ کي نيمڪ حرام ڪوٺي گهر مان بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو قرآن سان حق بخشرائي ڇڏيو. هاڻي ته جانوءَ جي ماءُ به مري چڪي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سچل جي ڀيڻ پير ڪرم شاهه تي زيارت لاءِ ايندي آهي نه ته سالن جا سال جانو ان آس ۾ اتي ويٺو هوندو آهي ته من ڪنهن ڏينهن اچي. ان انتظار جي درد ۾ پچندي ڪڏهن نڙ وسيلي اندر جو بار هلڪو ڪندو آهي ته ڪڏهن ميخاني ۾ لڙڪن جو مينهن وسائي هينئون هلڪو ڪندو آهي.
    گلاب ان ڏينهن ئي ڳنڀير حالت ۾ موٽيو هو، سج لهي چڪو هو، ڳوٺ دونهين جي ڪڪرن ۾ گم هو. هرڪو مال جي وٿاڻن تي دونهون ڪري مڇرن جي فوج کي تڙي رهيو هو. لَيُن ۽ ڪنڊين جي وچواري سنهڙي گهٽي ڏيو هر گهر وڃي رهيو هو ته ملوڪان ڇيڻو دکايو گهر وڃي رهي هئي، اوچتو ريشمي ڪپڙن جي سر سر تي هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ملوڪان ٻرندڙ ڇيڻو مٿي ڪري سندس منهن ۾ تڪيو. ”هيڏو سارو ٻيڙو جوان ڊڄين ٿو“. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي.
    ملوڪان وري ڳالهايو.... ”يڪي ڪاٿي هئين، مان ويهي ويهي هاڻي ڇيڻو دکائي موٽي آيس!“.
    هن کان لفظ ئي نه اڪليا هئا.
    ملوڪان مڪ اولاري، نڪ تي هوريان هڻي چيو هيس، دير تائين ٻاهر نه رهندو ڪر، ڏسين نٿو ته زمانو ڇا لڳو پيو آ“ ۽ پوءِ ريشمي ڪپڙن جو گسڪو سندس پاسي کان ٿيو ۽ هوءَ هلي وئي.
    هي بيٺو رهيو هن پاسي جي لڳڻ کي شدت سان محسوس ڪيو. ملوڪان پنهنجي ڳلي تي ڀريل ڇيڻي وارو هٿ لوڏي هلي وئي. هي شرم واري مرڪ مرڪي گهر ڏانهن راهي ٿيو هو. ان ڏينهن کان هن پاڻ کي بدليل بدليل پئي محسوس ڪيو. پوءِ جڏهن به ملوڪان سندس گهران ڇيڻو دکائڻ ايندي هئي ته ڦوڪ ڏئي دونهون هن ڏانهن ڪري مرڪندي، هلي ويندي هئي، جنهن جي خبر هن جي ڀيڻ مٺان کي به پئجي وئي. پوءِ اڪثر ملوڪان ۽ مٺان پاڻ ۾ مذاق ڪندي جھيڙو ڪنديون هيون ۽ هن کي چيڙائينديون هيون. ملوڪان ڪمدار قربان جي اڪيلي ڌيءَ هئي. گهر ۾ پٽ جي اولاد نه هجڻ ڪري هوءَ لاڏلي هوندي هئي نه ڪنهن جي جھل نه پل ـــ هيءُ ۽ ڪمدار ڳوٺ ۾ هڪ ذات ڪري هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا باقي مائٽي وارو رشتو ڪونه هئن.
    ملوڪان ۽هي پاڻ ۾ ويجھا ٿي ويا، ايترا ويجھا جو رات جو لين ۽ ٻوڙن جي ڪير ۾ هي لوڪ ستي وڃي ملندا هئا. ڪمدار اڪثر مشن تي رهندو هو. تنهن ڪري ملوڪان ماءُ کي سمهاري وڃي هن سان ملندي هئي.
    هوريان هوريان سندن نينهن جي ناتي جي خبر پهريان عورتن کي پئي ۽ پوءِ عورتن جي ويجھو رهندڙ مردن کي، جن هن کي هروڀرو جون ڳالهيون ڪري راز ڪڍي ورتو ـــ هي نروار ٿي پيو، اها خبر جڏهن اسماعيل کي پئي هئي ته ان هن کي گهڻو سمجھايو ته ڳوٺ جي ڳالهه آهي توکي ائين نه ڪرڻ گهربو هو، وڌ ۾ وڌ تون ڪمدار ڏي امڙ کي وٺي سڱ لاءِ وڃين ها. اهو بهتر هو، هاڻي جيڪڏهن تون ڪمدار وٽ پڌرو ٿي پئين ته هو سڱ ڏيڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿو ۽ فيصلو به ڇڪائي سگهي ٿو. هن اسماعيل کي منٿون ڪيون ٻيلي منهنجي مدد ڪر، مان ملوڪان کان سواءِ خوش نٿو رهي سگهان، تنهنجي ساڻس لڳندي آهي. تون ئي ڪو بلو ڪر، آخرڪار هڪ ڏينهن هي ٻئي مشين تي ڪمدار سان ملڻ ويا. اتي ڪمدار جو ڀائيٽو به موجود هيو جنهن کي هن ۽ ملوڪان جي ڳالهين جي خبر هئي، اسماعيل سموري ڳالهه ٻڌائي اڃا بس ڪئي ته ڪمدار جو ڀائيٽو اٿيو ـــ چاچا شيءِ توهان جي آ، باقي ڪاري کي سڱ نه ڏبو آ، هن ۽ ملوڪان جون ڳالهيون سڄي ڳوٺ ۾ هُلي ويون آهن.
    ڪمدار صفا ڳاڙهو ٿي ويو ـــ ڳالهائي ئي ڪونه سگهيو ـــ اوچتو هيڏي وڏي ڳالهه ٻڌي سن ٿي ويو، اسماعيل گهڻو ئي چيو ته ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪنهن بند ڪونه ڪيا آهن. ڪمدار تون ماڻهن جي ڳالهين تي نه لڳ، هي ڇوڪرو تمام سٺو آهي، اها توکي به خبر آهي ته پڻهنس اکر وارو هو. ان وقت ڪمدار کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري آخر ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙيندي چيو هيائين ته اسماعيل تون آيو آهين نه ته هن مهل الائي ڇا ٿي وڃي ها ـــ باقي هي نه منهنجا مائٽ آهن ۽ نه ئي مان مٽي ڪندس، باقي عزت جو پلئه مان ضرور وٺندس. اسماعيل سڄي واٽ سوچن ۾ غرق رهيو هو ۽ هي ڀي ماٺ ميٺ ۾ گهر اچي سمهيو هو. توڙي جو ملوڪان جو انجام به هئس. صبح اڃا پنهنجو جلوو نه پسايو هو جو ملوڪان ڇيڻو دکائڻ آئي ۽ هن کي منهن ۾ دونهون ڏئي اٿاري ۽ منهن خراب ڪري هلي وئي، هن اهو سڄو ڏينهن سوچن ۾ گذاريو، شام جو هن پنهنجي ماءُ کي سڄو احوال ٻڌايو ته ماڻهنس ڪي پهر ته سوچيندي رهي ڄڻ سڪتو تاري ٿي ويو هئس.
    آخر ماڻهنس فيصلو ڪيو ته ڪمدار ڏي نياڻي ميڙ ڪري ويندي، من هو سندس عرض قبول ڪري. پر ڪجهه نه وريو ڪمدار زال کي چئي ڇڏيو ته ان مائي کي چئه ته هتان هلي وڃي منهنجون اکيون رت ٿيون ڇڏين. ٻنهي گهرن ۾ ڄڻ ماتم برپا ٿي ويو. ملوڪان جي ماءُ حيران رهجي وئي. هيڏو ڪجهه ٿي ويو ۽ مون کي ڪا به خبر ناهي، هن ڪمدار جي ڀر ۾ اچي ڀڻڪيو. ڪمدار ٻه مڪون وهائي ڪڍيس هي سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ئي ته ٿيو آهي. چاڙهه پنهنجي ملوڪڙي کي مٿي تي ملوڪان روئي رهي هئي. ان کي اها ته ڪل ئي ڪونه هئي ته انهن معاملن ۾ ڪو ائين به ٿيندو آهي.
    اها رات هي سمهي نه سگهيو هو. سڄي رات سوچن جي ور چڙهي وئي هئس. رات جي پوئين پهر هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هاڻ هو، ملوڪان کي ڀڄائي ويندو، ٻي رات هو ملوڪان کي ڀڄائي ويو هو. پويان جي ڪا ڪل ئي نه رهي هئس ته سندس ڀيڻ ۽ ماءُ ڪيئن هونديون. هن اهو درد تڏهن محسوس ڪيو جڏهن ملوڪان سندس پٽ کي جنم ڏيندي هن کان هميشه وڇڙي وئي هئي. اها هڪ سرد رات هئي. ملوڪان کي سور ٿيا هئا هوءَ ضد ٻڌي بيٺي هئي ته هڪ دفعو هينئر جو هينئر امڙ وٽ وٺي هل.
    هي حالتن کي مجبور ٿي ڳوٺ اچي رهيو هو جو، ان جاءِ تي (جتي هينئر گهر اٿس)، ملوڪان کي پٽ ڄائو هو ۽ ڪجهه پلن کان پوءِ کانئس موڪلائي وئي هئي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ هو اتي ئي پنهنجي زندگي جا لمحا گذاريندو. اهي ڏينهن کيس شدت سان ياد اچڻ لڳا. هاڻ ته هو به زندگيءَ جي راند هارائي چڪو هو. پر سندس دشمنيون اڃا ڪمدار جي ڀائٽي جي پٽ سان هلندڙ هيون، جنهن اڃا ڪالهه ئي پٽهنس سان زمين جي مامري تي ڇنيءَ وٽ ڏند ڏنا هئا. پڻهنس جيان پاڻ به ارڏو ٿي پيو هو، هاڻ ته اچي کيس فڪر ورايو هو ته متان ملوڪان جي آخري نشانيءَ جي به هو حفاظت نه ڪري سگهي. ان ڪري هي هي هڪ دفعو وري اٿيو ۽ ورانڊي ۾ سمهيل پٽ کي ڏسڻ ويو. پٽهنس گهري ننڊ ۾ ستل هو. هي موٽي اچي، مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو هو. ريڊيو بند ٿي چڪو هو، دير دير سان ٻاهران کڙڪو ٿيو، هي اٿي کڙو ٿيو چوڌاري فائرنگ شروع ٿي وئي، هي پٽ ڏانهن ڀڳو، ورانڊي جي در تي بيهي رهيو. پٽ کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ لڳو. اوچتو گوليون سندس سيني مان پار ٿي ويون.
    صبح سان هڪ ٻي قبر کنئي وئي. ملوڪان جي ڀرسان کيس دفنايو ويو. اڃا به اتي ٻه قبرون موجود آهن ۽ هڪ گهر ـــ جنهن ۾ اڃا به ڏيئو ٻرندو آهي.


    مرغو نمبر ـ 5

    پنهل جيئن ئي گاهه پَٺي مان واندو ٿي، لائيف بواءِ جي ڳريل اڌ چڪي هٿ ۾ کڻي تيل جي شيشيءَ ڏانهن وڌيو، ته تيل جي شيشي خالي ڏسي، کيس ڍڪر اچي ويا.
    ”ابول تيل کي به اڄ ختم ٿيڻو هو“.
    هن خالي شيشيءَ کي گهروڙي بُجو ڏنو.
    سامهون لڳل آئيني ۾ پنهنجي ڪيفيت ڏسي ٿورو مرڪيو ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو.
    ”وڏن ماڻهن جيان مان ڀي لڳي ٿو ته نفسياتي مريض ٿي ويو آهيان“.
    هل ڙي پنهل اڄ لائيف بواءِ سان ئي لائيف کي اڳتي وڌاءِ.
    پنهنجو پاڻ کي جملو چئي هو سيٽي وڄائيندو ٻاهر نڪتو.
    جوڻس ڀانان چلهه تي ويٺي ماني پي پچائي. کيس سيٽيون وڄائيندو ڏسي پڇيائين
    ”خير ته آهي“.
    ”ها هو رات تيل جو منهن ڪارو تو ڪيو آ“. پنهل مزاحيه انداز ۾ پڇيو.
    مان ڪونه ڪيو آ، اهو ماڻهين پي مٿي کي مالش ڪرائي مالش ڪري ڪري هاڻي ته ويڻيءَ ۾ سور ٿي پيو آ. لُولَي کي به زبرو ڌڪ هڻي نٿي سگهان“. اڄ جي مانيءَ جون وٽيون پاسا برابر نه هجن ته منهن ڪنو نه ڪجانءِ“. ڀانان ڪن کڻائيندي چيس.
    پنهل جي گول ٿيل چپن وري سيٽي، اُتان ئي وڄائڻ شروع ڪئي جتي ڇڏي هئائين. هن کان اک لڳي وئي.
    جوڻس شرمائجي وئي. هن وري ڪو ٻيو اشارو سمجھيو.
    پنهل ڪياڙي کنهي ٻاهر اوطاق تي لڳل نلڪي واري دڪيءَ تي پلٿي ماري ويٺو، اتي به هن کي محسوس ٿيو ته ”مان ته صفا سودائي ٿي ويو آهيان“”
    زال کي اک هنيم، جيڪا اک هو اڪثر ان مهل هڻندو آهي ”جڏهن سندس موڊ ٺهندو آهي“.
    هن کان نلڪي جي ڳن ۾ هٿ وجھندي، کل نڪري وئي. مار ڀڻسان ڪم ته خراب ٿي ويو، هو مرڪيو ۽ نلڪي کي هلائڻ لڳو. جسم تي پاڻي پيس ته ڄڻ ڪرنٽ ڊوڙي ويس“.
    هي ڇا اڄ پاڻي به اوپرو اوپرو ٿو لڳي.
    هن جلدي جلدي جسم کي صابڻ هنيو. بغلن کي مهٽيو ۽ ڪجهه سرس مهٽيو کيس خبر آهي، ته جڏهن هو گاهه پٺو ڪري موٽندو آهي ته سندس بغلن مان عجيب قسم جي بوءِ ايندي آهي. جنهن جي شڪايت ڀانان به ٻه ٽي دفعا ساڻس ڪئي آهي.
    صابڻ کي لاهڻ لاءِ هن وري نلڪي کي گيڙا ڏنا ۽ هٿن سان سڄي جسم کي مهٽيو.
    جي تيل هجي ها ته ڪيا بات هي“ ڪم ٿي وڃي هان. ڇو ته سياري جي اچڻ سبب سندس جسم تي ڄڻ اڇي ڪلري ٿي ٿي بيٺي.
    ”چلو ڪوئي گل نهين“ هن کان وات مان نڪري ويو.
    وري هن کان اک لڳي وئي. ۽ هو وري پريشان ٿي ويو ته هي اڄ مون سان ڇا ٿي رهيو آهي.
    هن جلديءَ ۾ ڪپڙا پاتا ـــ صابڻ کنيو ۽ گهر ۾ کٽ جو وچ وٺي ويهي رهيو.
    کيس ناشتي اچڻ جو انتظار هو.
    ڀانان چلهه تان اٿي ۽ مٿس اچي بيٺي ۽ آرس ڀڃڻ لڳي.
    ”تون به اهڙو آن جو مهل نه موقعو ٿو ڏسين“.
    پنهل وائڙو ٿي ويو ته بيگم صاحبه کي ڇا ٿي ويو.
    هن اڃان دماغ ۾ ڪجهه ٽلڻ جي ڪئي ته وري کانئس اک لڳي وئي“.
    ته ڀانان کي ڄڻ وٿي ملي وئي.
    ”ته پوءِ تڙ ڪرڻ جي جلدي هيئي ڇا؟“
    پنهل کان زري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. پوءِ کيس ياد آيو ته اک غلط ٽائيم تي لڳي وئي آهي.
    هن ٻئي هٿ ڪنن ۾ وڌا ۽ نڪ تي آڱر ڦيرائي چيو. بيگم غلطيءَ جي معافي!
    ڀانان منهن چٻو ڪري چيو: ”هڻي منهنجو به موڊ خراب ڪري ڇڏيئه“.
    ڀانان وئي، مانيءَ تي مکڻ جا ابتا سبتا ليڪا ڪڍي اچي اڳيان رکيائينس!
    پنهل پهريان ته مانيءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ زال جي منهن کي ڏٺو جنهن تي به ڇار ۽ اٽي جي آٽڻ جا ليڪا نڪتل هئا.
    ڀلو ٿيئي هي ڇا؟ مکڻ ڪونهي ڇا جو اڄ ماني کي هڻڻ مهل به بيگر لاٿي اٿئي“. پنهل کيس چتائي ڏسندي پڇيو.
    ڀانا موڙا ڏيندي اندر ڪمري ۾ پيل ڪينگر مان وٽو لسيءَ جو ڀري اچي ڄڻ هٿ ۾ ٺوڪيس......
    وري به پنهل کان اک لڳي وئي ته ڀانان جو وات ڦاٽي ويو ۽ چيلهه تي هٿ رکي بيهي رهي.
    ”مکڻ ته مونکان وسري ويو. هاڻي کائيندين يا پوءِ....؟
    پنهل پوءِ جو مطلب سمجھي نه سگهيو ۽ مانيءَ جو اڌ ڀڃي وات ۾ ائين وڌائين ڄڻ غريبَ مينهن کان ٽپڙ اندر پيو ڪري!
    ڀانان، هونهه ڪري وڃي مانيءَ کي اهڙا ڌڪ هنيا، جو ڄڻ ته پنهل تي پئي چماٽون هلائي.
    پنهل وٽو لسيءَ جو منهن تي چاڙهي اک هڻي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيو چوي ته ”پنهل توائي مانيءَ مان ٿي نڪرئي!
    پنهل ماني کائي هٿ آلي، اَنگوشي سان صاف ڪيا ۽ اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
    هن چارج ۾ لڳل موبائيل ڪڍيو ۽ اسڪرين تي ان باڪس ۾ پيل پيغام کي اسڪرين لاڪ کولي پرهيو.
    مٺا سائين جلدي اچڻ جي ڪجانءِ ڇو ته هڪ کان پوءِ گهر ۾ هُل ٿي ويندو آهي. سڀ گهر ڀاتي اچي ويندا آهن.
    پيغام پڙهي، هن اسڪرين آف ڪئي ۽ موبائيل کيسي ۾ وجھي مڙيو ته آئيني وري مٿس ڄڻ ٺٺول ڪئي. هن مڙي پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو ۽ اک ڀڳي......
    هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ”تون ته منهنجي ڪڍ پئجي وئي آهين“
    هي در کان نڪتو، ته سامهون جوڻس تي ديد پئجي ويس. جنهن کيس ڏسي منهن بڇڙو ڪيو.“
    صبح صبح سان منهن بڇڙو نه ڪندي ڪر! تون اندر هجين ها ته ڪڪڙيون ۽ ڪانءَ اٽو پٽي کائي وڃن هان. ان ڪري رات تائين مهلت!
    ڀانان جھٽڪو ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کنيو ۽ ڀرسان ايندڙ ڪُڪِڙِ کي اهڙو وهائي ڪڍيائين جو ڪا مهل ته ڪڪڙ سامت ۾ ئي ڪونه هئي. ڪڪ ڪڪ ڪڏوڪ ڪندي مال جي واڙي ۾ وڃي پهتي.
    ”ڇتي ته ٿي آهي“.... پنهل جملو چئي ٻاهر نڪتو.
    پنهل جي ذهن ۾ منظر ڦرڻ لڳا. هي مونسان ڇا ٿي رهيو آهي. مان ڪڏهن کان اهرو ٿي ويو آهيان. ڇورن هڻي منهنجو به مٿو ڦيري ڇڏيو آ، مان اڳ ته اهڙو ڪونه هئس. ايم. اي بين الاقوامي تعلقات ۾ ڪيم، يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرين جا ٽولا هوندا هئا. پر مونکي ڪا به ڀانءِ نه آئي. هر هڪ کي ادي ڪري آسرو پلائيندو هئس. ڇو ته انقلابي سوچ منهنجي ذهن کي اهڙو ته مٽائي ڇڏيو هو جو اسٽڊي سرڪل ۽ پاڻ! ٻي ڪنهن طرف ڌيان ئي نه ويو. ايم اي ڪري واءِ واز ڏيڻ ويس ته پٺيان چاچو ڀڄندو آيو.
    ”پنهل ادو الله کي پيارو ٿي ويو“
    هي ڇا هاڻي ته گهران آيو آهيان. ابي جي پيرن تي هٿ رکي.
    چاچا تون هي ڇا چئي رهيو آهين؟
    ها پٽ دل ۾ تڪليف ٿيس. گاڏي ڦيرائي، مس بيهاري سين ته دم نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.“.
    اها گاڏي ڪهرائي هت پهتو آهيان“.
    بابي سان جَھٽُ ٿي ويو. امڙ جيڪا راڄ ۾ ست لڙهي دهري پائي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿيندي هئي تنهن جي ڪنن مان ڪيوٽيون، پڪڙ سان ويڙهه کولي لاٿيون ويون.
    ٽيجھو ٿيو، ست جماڻا ٿيا. امان جي سوءَ لٿي ته چاچو در وٺي بيهي رهيو.
    ”پنهل شآدي ڪر، هيءَ ڍاڳ مينهن جي. گهر جو ڪم ڪار، اٿي ويٺي ڪير سنڀاليندو“.
    نوڪريءَ جا خواب لهڻ ڇڏي ڏي.
    خاندان بچاءِ. چرخو هلاءِ....
    ٽن مهينن ۾ ڪاڄ ٿيو. ڀانان هٿن کي ميندي لاهي اچي پهتي. پوءِ خبر پيئي ته عورت جي خوشبوءِ ڇا هوندي آ. باسمتي چانور جي هُڳاءَ جهڙي، رابيل جي سڳنڌ جهڙي ڀانان سڳي سؤٽ ـــ اچي جو گهر کي سنڀاليائين ته گهر کي ڀاڳين جو گهر ڪري ڇڏيائين. عصر جو اٿي. مال کي ڪونر کارائي چئونري کڻي گوڏن ۾ ڦاسائي پهريون گوهو ڪڍي ته چئونري شوشو جي آواز کان شروع ٿئي ۽ ڪنن تائين گج سان ڀرجي وڃي.
    کير مکڻ پنهنجو اڌ پاڙو لسي وٺڻ لاءِ، ٿانءَ جھليو بيٺو هجي. لوٽا ڀريندي ٿانون ۾ وجھندي وڃي بسم الله، بسم الله جا لفظ چپن تي ـــ ڪڏهن به منهن تي گنج ڪونه پيس.
    آچر جو ڏينهن ٿئي ته شام سان ئي پاڙي جا جوان ڇوڪرا پنهل جي اوطاق ۾ منڊلي مچائي ويهن.
    هاڻي تون ڪهڙي ڪلاس ۾ ٿو پڙهين؟ پنهل.
    بي ايس سي ۾؟ ڇوڪرو!
    ۽ تون دلاور؟ پنهل
    آءِ آر ۾؟ ٻيو ڇوڪرو.
    اڙي يار امانُ ڀٽي خوش آ.....
    ها پنهل صفا ڀڙ لڳو پيو آ.....
    اڃا ڊريسنگ ٺيڪ ٺاڪ اٿس يا.....
    بابا اسان کي به ماري ٿو وڃي!
    پنهل ٿڌو شوڪارو ڀري چوي ٿو يار ماڻهو ته ناهي. مکڻ آ مکڻ....
    ائين ڳالهين جا دؤر هلن. ڪچهريون اڌ رات تائين برقرار.....
    نوجوانن جي هٿن ۾ وڏا وڏا موبائيل. هر ڪو ڪرت سان لڳو ويٺو هجي.
    وڊيو ڪال تي ڪا ڇوڪري ڪنهن نوجوان سان آن لائين ٿئي ته پنهل وڌيڪَ ٽهڪ ڏئي. ابا آئي ٿي هيروئن. اڳي ماڻهو هيروئن ڏسڻ لاءِ سئنيما ويندا هئا. هاڻي هيروئن هٿن ۾ اچي ٿي ٺڪاءُ ڪري.
    پنهل تو به ڪو يونيورسٽيءَ ۾ عشق ڪيو؟ نوجوان جو سوال!
    نه يار اسان کي عشق ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه مليو. شاگرد تنظيمن ايترو ته قابو ڪري ڇڏيو جو ڇوڪرين کي ادي ۽ ڀيڻ چئي جند ڇڏائڻي پئي.
    ڀلا هاڻي عشق ڪرڻ جو موڊ اٿئي؟
    هن عمر ۾! ابا پڪي گهڙي کي به ڪڏهن ڪَنا پيا؟!
    ٽهڪڙو
    ”پنهل جي ذهن ۾ ڄڻ لائيو پروگرام هلي ويندو هو“
    گهر کان ته نڪري آيو ! پر يادن جي ڪوهيڙي ۾ ايترو وٺجي ويو جو ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته وڃان ڪاڏي ٿو. گهران نڪتو ڇو آهيان ۽ هي سوچيان ڇا ٿو؟
    واٽ تي بيهي سوچيائين. پويان سڀ منظر وري هلڻ لڳا.
    دلاور نمبر ڏنو هوس ته ”پنهل ههڙو پکي ڪڏهن ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ به نه ڏٺو هوندءِ“. آڙي کان به ڳچي ڊگهي. بخملي بدن ـــ ڳٽي تي هٿ رکئيس ڄڻ مکڻ جي چاڻي تي هٿ رکيئي“.
    ”ابا منهنجي ڪهڙي ڪم جو“
    ڳالهه ٿو ڪرين ڪم ئي تنهنجي جو آ.
    دلاور نمبر پنهل جي موبائيل ۾ سيو ڪيو.
    هائو ٻيلي ڪنهن نه ڪنهن مهل موبائيل جي رنگ وڳي.
    پنهل هلو ڪيو ته پريان عورت جو آواز آيو ـــ
    ”هي عباس جو نمبر آهي؟“
    نه هي پنهل جو نمبر آهي.
    نمبر بند ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن ڪال آئي نمبر ساڳيو هو.
    پنهل ”هي عباس جو نمبر ناهي. توهان کان غلطي ٿي آهي. مون اڳ به وضاحت ڪئي آهي.
    ”تون پنهل آهين ته مان سسئي آهيان“.
    پنهل جلدي ۾ مٽجندڙ اسٽيٽمينٽ کي سمجھي نه سگهيو هو.
    مون کي صرف هڪ ڳالهه نه وڻندي آهي ته: ”مونسان ڪو ڪوڙ نه ڳالهائي“. عورت پاڻ ئي وضاحت ڪئي!
    مون ڪٿي ڪوڙ ڳالهايو. پنهل ڀي وضاحت پيش ڪئي.
    مان هاڻي لاءِ نٿي چوانءِ آئينده توهان کي احتياط ڪرڻو پوندو. ماڻهو عزت جو بکيو هوندو آهي. پئسي جي بک ته مطلبين کي هوندي آهي. مونکي الله تونسان ملايو آهي“.
    سو ڪڏهن به مونسان ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.
    ڪوڙ مان ڇو ڳالهائيندس! پنهل پاڻ کي آجو ڪندي چيو هو.
    تنهنجي شادي ٿيل آهي؟ ڇوڪري
    ها شادي ٿيل آهي.... پنهل....
    اها سٺي ڳالهه آهي ته تون مونکي ڌوڪي ۾ نٿو رکين؟ گهڻا ٻار اٿئي؟
    ٻار ڪونهن وانگار ۾ ٿو هلان.... پنهل
    ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو.....
    توهان کليو ڇو؟ پنهل
    توهان جي سچي انداز تي. ڇوڪري!
    ۽ توهان شادي شده آهيو؟ پنهل
    نه مون شادي نه ڪئي آهي.....
    شڪر آ. نه ته توهان کي به اهڙي سوال جو جواب ڏيڻو پوي ها!
    وري ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو وانگار وارو.... سوال ڪرين ها ڇا؟
    پنهل کان به ٽهڪ نڪري ويو.
    ويڊيو ڪال ڪرڻ ايندي ٿي؟ ڇوڪري!
    ها ڇوڪرن سيکاري آهي..... پنهل
    توکي ته اولاد ڪونهي ڪهڙن ڇوڪرن سيکاري ٿي. ڇوڪري....
    يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهن....
    اهو شوق به ڪندو آهين ڇا؟
    پنهل کان ٽهڪ نڪري ويو. ”الله نه ڪري“.
    ڇوڪريءَ جي بي باڪيءَ تي پنهل کي ڏاڍي کل آئي هئي ۽ هن ڪال ڪٽي ڇڏي هئي!
    رات جو هاڻي پنهل لاءِ ڄڻ مشغلو ٿي پيو هو ۽ هو تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو! پر ان تبديليءَ جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هو. ڇوڪرن سان اهي ئي نمان نه مان واريون ڳالهيون؟ اهڙين يادن تي هو ٿورو کليو.
    هو هاڻي ڳالهين جي ڳوٺ مان نڪري اچي اسٽاف تي پڳو هو. بس جي انتظار ۾ ويٺو ته وري رابيل جهڙي سڳنڌ کيس ورائي وئي. ۽ ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو.
    ”توهان عشق ڪيو آ، ڇوڪري.
    ”مون عشق ۾ پير ئي ڪونه پاتو آهي“.
    ڇو ڀلا پير ايڏو وڏو ٿي ڇا؟ ڇوڪري.
    پير ته ستون نمبر آ پر پير پائڻ جي جاءِ ئي نه ملي... پنهل
    تون ماڻهو ڏاڍو دلچسپ آهين؟ پڙهيل گهڻو آن“.
    ”ايم اي آءِ آر ۾ ڪئي اٿم“. پنهل
    ”ڪهڙي سال ۾“
    2001ع ۾
    ”هان ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري وئي“
    ”ايترو ننڍو آهين“ ٽهڪ ڏيندي ڇوڪريءَ چيو هئس!
    ”ها زماني وڏو ڪري ڇڏيو آ“. پنهل
    ”زمين گهڻي ٿي“.
    36 ايڪڙ.... پنهل
    سڀ پنهنجي نالي تي اٿئي؟ ڇوڪري.
    بابي جي نالي تي آ. بابو گذاري ويو آ. کاتو بدليو ڪونهي“. پنهل
    سڀئي آباد اٿئي؟ ڇوڪري.
    ها. کجين جا باغ آهن..... پنهل
    کارڪون ڪڏهن کارائيندين.... ڇوڪري.
    جڏهن حڪم ڪيئي؟..... پنهل
    ڏٽو ته ڪونه پيو ڏئين؟ڇوڪري.
    تو پهريان ئي چئي ڇڏيو آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.... پنهل
    واعدو پڪو؟ ڇوڪري.
    ”ها پڪو واعدو.... پنهل
    ”دوستي پڪي؟“ ڇوڪري.
    ”ها سائين“. پنهل
    ”سائين نه مٺا“ ڇوڪري.
    ”کارڪن کائڻ کانپوءِ“.... پنهل.
    ”نه هاڻي سان ئي“..... ڇوڪري
    ”جي مٺا سائين“.... پنهل
    ”ڇڏي ته نه ڏيندينءَ“ ڇوڪري.
    ”توکي ڪو ڪافر ڇڏيندو“. پنهل
    ”جيڪو ته ڪوڙ ڳالهائيندو“ ڇوڪري
    پنهل کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو هو. ”وڏي ڪا شودي آن“.
    ”مان جهڙي آهيان بس اهڙي آهيان“ ڇوڪري.
    ”سر لڳي“. پنهل
    ”رک ڏاڙهيءَ تي هٿ“ ڇوڪري.
    ”مڙساڻو واعدو“ پنهل
    بس اچي ٺڪاءُ ڪيو ڪلينڊڙ لسڙاٽ ڇوڪرو هو.
    هل وڏا هل ٽائيم ٿيڻ وارو آ“
    پنهل جا خيال ٽٽا. هو بس ۾ چڙهندي ڪلينڊر کي اک هڻي ٿو.
    استاد ڊبل ڪريس!
    ٽئين جنس وارو لڳي ويو آ. ڪلينڊر سندس جذبن کي مجروح ڪندي ڊرائيور کي چيو. پنهل کان، کل نڪري وئي.
    الائي ڪيئن بس، واءُ مينهن هڪ ڪري اچي شهر پهتي.
    پنهل بس مان لٿو رڪشا ۾ ويٺل هڪڙي گهٽيءَ ۾ رڪشا واري کي هلڻ جو اشارو ڪيائين.
    هن موبائيل ڪڍيو ۽ پيغام لکيو ”مٺا سائين مان پهچي ويو آهيان“
    پريان پيغام آيو ”امان بيمار ٿي پئي آهي، سڀ اسپتال آهن“.
    ”پوءِ مان اچان يا واپس ٿيان“ موٽ واري رسيد طور پنهل لکيو.
    آيو آهين ته اکين تي“ موٽائيندي مانءِ ڪونه. ڇو ته ڪوڙ پاڻ وٽ آهي ڪونه“.
    ”مان اچان ٿو“ پنهل
    تو وٽ پئسا گهڻا آهن کيسي ۾؟ ڇوڪري!
    ”پنج ڇهه هزار روپيا هوندا“. پنهل....
    اچ اچ گهر ۾ ننڍو ڀاءُ ويٺو آ. اسپتال ڪجهه پئسا موڪليان ۽ هن کي به گهر مان ڪڍان“ ته پوءِ ويهي ڪچهري ڪيون“.
    ”ڪاڏهون اچان“.... پنهل.
    سڌو هليو آءُ، مان ڇوڪرو بيهاريانءِ ٿي“. ڇوڪري.
    رڪشو بيٺو ٻاهر ڇوڪرو موجود هو. جيڪو اڳ ۾ ٿي هليو. در جي طاق مان پنهل ڏسڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪري اڳ ۾ ئي اندر هلي وئي.
    پنهل ورانڊي ۾ پيل صوفه سيٽ تي ويٺو.
    ڇوڪريءَ اندران چيو: ”هن کي پئسا ڏي، ته اسپتال وڃي. امان جي دوا وٺڻي آهي“.
    پنهل پئسا ڪڍيا. هزار هزار جا پنج نوٽ ڇوڪري جي هٿ ۾ ڏنا.
    ڇوڪرو پئسا مٺ ۾ ڪري ٻاهر نڪري ويو.
    ڇوڪري ٻاهر نڪتي. پنهل کان رڙ نڪري وئي ”نسرين تون“
    نسرين پنهنجو موبائيل هٿ مان لاهي ٽيبل تي رکيو. ”ها مان“
    پنهل ڪا مهل کيس ڏسندو رهيو اها ئي نسرين! هن کان هڪ سال جونيئر..... يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي ساڳيو آءِ آر ڊپارٽمينٽ.
    جيڪا هميشه ليڊرن تي ڇوهه ڇنديندي هئي، ته ليڊريون مطلب جون آهن. اهي ليڊر يونيورسٽي جا ڀتي خور آهن. قوم جو هنن کي ڪهڙو درد پئسي لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ٿا ڪن ۽ بس جي ڊيزل لاءِ هڙتائون ٿا ڪرائين. ڪڏهن لطيف جي ميلي تي ته ڪڏهن سن جي سائين جي سالگرهه! تي.
    ”مان چانهه ٺاهي اچان“ تون ويهه باقي سڀ ڪجهه بعد ۾! پنهل گهري سوچ مان ٻاهر آيو.
    پنهل جي اک ڦڙڪڻ لڳي.
    نسرين ڪچن ۾ وئي. ته پنهل جي ديد ٽيبل تي رکيل، نسرين جي فون تي پئي. فون کي ڏسندي ئي هن کان اک لڳي وئي ۽ سندس زهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه چيڪ ڪري وٺان ته نسرين منهنجو نمبر ڪهڙي نالي سان سيو ڪيو آهي!
    هن پنهنجو موبائيل ڪڍي نمبر ملايو. نسرين جو موبائيل وائبريشن ڪرڻ لڳو.
    پنهل موبائيل هٿ ۾ کنيو جنهن جي اسڪرين تي اکر چمڪڻ لڳا ۽ لکيل هو.
    مرغو نمبر 5..........


    جنڊو پاڙو

    سندس زندگيءَ جو ڏکن وارو باب هاڻي پورو ٿي چڪو هو. هُو گھوٽ بڻجي ويو هو، تڏهن کان، جڏهن سندس ئي آفيس جي سيڪريٽريءَ پنهنجي وڏوَر ڌيءَ جو سڱ، کيس ڏيڻ جي پڪ ڏني هئي. ڀلا هڪ معمولي ڪلارڪ جي ڇا حيثيت هئي. جيڪو ٽن ماڻهن جي ڊيوٽي ڀريندو هُجي. وڏي صاحب جي ڀاڄي وٺي اڃا مس پهچندو هو ته سيڪريٽريءَ جو سڪيلڌو پٽ اچي هنج ۾ پوندو هئس. جنهن کي آفيس جي باغيچي ۾ کيڏائيندو هو ۽ موڪل ۾ سيڪريـٽريءَ کي گهر ڇڏڻ لاءِ ڊرائيور جي سيٽ به سنڀاليندو هو. اهي سڀ ڪم خوشيءَ سان ڪري ويندو هو. ڇو ته سندس ڄنگهون بابهنس جي گڏههِ هڪلي هڪلي ڪِٺُ جو ٿي پيون هيون، ڀلا کٽيءَ جي به ڪا زندگي! سندس تن ڀل کڻي ڪيڏو به ميرو هجي پر هو ٻين جي ڪپڙن مان مَرُ، پنهنجي من جيان ڪڍي ڇڏيندو هو. هو جڏهن پيءَ کي ڪپڙن جي گڏهه ڀرائي ميرواهه تي ڇڏڻ ويندو هو ته پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور محسوس ڪندو هو. سندس من ۾ اٿاهه خواهشون ڪر کڻي ننڊ ۾ پئجي وينديون هيون، شام جو مُلڪي گهر هُجڻ ڪري در در تان خيرات جي ماني وٺندي، قسمت جي ديوي جاڳي پئي هئس. مئٽرڪ کانپوءِ کيس نوڪري ملي وئي. هن جا ته ڄڻ ڀاڳ کلي پيا، هاڻي هو نه پيءُ جي گڏههِ هڪلائيندو هو ۽ نه ئي شام جو ماني وٺڻ ويندو هو. مهيني جي پگهار مان پنهنجي پورت ڪري ويندو هو. ساڳي زندگي جو بس رخ مٽائي ڇڏيو هيائين. هاڻي هو ننڍڙي ڀاڳل جي بدران عمران کي کيڏائيندو هو. اڳي گڏهه کي هڪليندي پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور سمجھندو هو. هاڻي هو ٽيوٽا ڪرولا ڪار جو ڊرائيور ٿي ويو هو. سيڪريٽري جي زال هاڻ کيس هفتي ۾ خرچي به ڏيندي هئي، جيڪا پنهنجي ماءُ کان ملندڙ خرچيءَ کان ڏهوڻي هوندي هئي. سندس درد جي ڏينهن جو پاڇو اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو هو ۽ هي شهر جي روشنين ۾ رهي پيو هو. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ هو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. هن جي اڳيان هاڻي پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجي وڏڙن جو وجود ڪا به اهميت نه پيو رکي.
    هڪ ڏينهن جڏهن هو صاحب جي چوڻ تي ڳوٺ آيو هو ته سندس پيءُ کيس سکيو ڏسي گهورُ پئي ويو. سندس اکين ۾ فتح جون مشعلون ٻري پيون هيون ٻه گرم ڳوڙها هيٺ ڪري پيا هئس، گهڻن ڏينهن پُڄاڻان سندس اکين جو ٺار آيو هو. امڙ ته ڄڻ سڏڪيل جيون مان ائين نڪري آئي هئي ڄڻ ڦاسيءَ جي انتظار ۾ ويٺل ڪنهن قيديءَ کي، آزاديءَ جو سنيهو مليو هجي. هن جيڪي ڏينهن پنهنجي پٽ کان ڏور گهاريا هئا، اهي ڄڻ وائيٽو جي ليپ ۾ اچي ويا هجن. سيڪريٽري، هن جي والدين جي اها ڪيفيت ڏسي شهري زندگيءَ جي فلسفي ڏانهن مڙي پيو هو. شهر ۾ سهولتون آهن، رستا آهن، هر شيءِ آهي پر اهڙو پيار ڪٿي به ڪونهي جهڙو واهڻ۾ اڏيل ڪکائن جھوپن ۾ آهي. سيڪريٽري صرف سندن ڪچين سرن مان ٺهيل گهر جو جائزو وٺي رهيو هو. سندس ماءُ جي تن تي پهريل گربيءَ جي سلوار ۽ ململ جي چولي کي جاچي رهيو هو. ڀاڳل جي هٿ ۾ مٽيءَ جي پنوڙن کي ڏسي رهيو هو، هوءَ ڄڻ ماڻهوءَ جي خمير لاءِ مٽي ڳوهي رهي هئي. سندس من اٻاڻڪو ٿي ويو هو. اندر کي ڄڻ پائيندڙ پائي وئي هئس. هن پنهنجي من۾ اٿيل سوالن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فطرت جي لفظن، مک مان ئي سڪ جي توهين ڪندي، کيس چٽو ڪري وڌو. ”مان پنهنجي ڌيءَ هن ماحول ۾ نه ڏئي سگهندس“ ڪراڙي جي منهن تي مايوسيءَ جون ريکائن اڀري آيون هيون. هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظ زبان ۾ اٽڪي پيس، چپ ڦڙڪڻ لڳس. ڪراڙي رئي جي ڪنڊ سان پنهنجين ڏار ڏنل اکين جون پُڇڙيون اگھيون جن ۾لڙڪ ڪنهن جوڌي جيان ڄڻ ڦاهيءَ چڙهي ويا هيا ۽ صليب سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هجي. هن سڏڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڏڪي نه سگهي.....
    نڙيءَ مان مٿي چڙهندڙ سڏڪو هيٺ لهي ويو، ائين جيئن سانجھيءَ ويل سج ڏسندي ڏسندي کڻي گُهت هڻندو آهي. اها ويل هئي جنهن ويل ڪنهن جي زندگيءَ جو سڄو پورهيو لفظن ۾ لڙهي رهيو هو. سندس پٽ جي مک تي مايوسيءَ جي مرڪ هئي. هن ڦڪي مرڪ کي سيڪريٽريءَ جي لفظن ۾ توريو ڦڪي مرڪ وارو پُڙُ ڳرو هو ٻئي طرف سندس اميدن جي دنيا هئي جيڪا پنهنجا سڀ رنگ کڻي آئي هئي، جنهن ۾ صرف هڪ رنگ ڪونه هو، پيلو جنهن سندس پيءُ، ماءُ جو ساٿ ڏنو هو. سندس مک سج لهڻ جا منظر پيش ڪري رهيو هيو.
    هو سيڪريٽريءَ سان ڪار ۾ چڙهي هليو ويو هو. پنهنجي پيءُ ماءُ جي منهن کي رنگن جي بازار مان پيلو رنگ ڏيارائي.
    سندس پيءُ ٿڪل قدمن سان ڪپڙن جي گڏهه ڀري زندگي سان وڙهڻ ميرواهه ڏي هوريان هوريان نڪري ويو هو. سندس ماءُ چاڏيءَ ۾ پيل چانورن لپ ڪڍي ڇڄ ۾ وڌي هئي. جيڪي ڌوپڻ کان اڳ لڙڪن سان اڌ آلا ٿي ويا هئا، ۽ هيءُ هيو جو سڪون جي تلاش ۾ سيڪريٽريءَ جي گهر اچي پهتو هو، ندامت جا آثار کڻي. سندس هٿن تي ميندي هڻڻ کان اڳ کانئس ”جنڊو پاڙو“ لکرائي ورتو ويو هو. هن جيون جي راهه ۾ اهو سڀ ڪجهه سکئي گذارڻ لاءِ ڪيو هو. پر سندس هٿن تي مينديءَ جو رنگ نه چڙهيو هو. اهو ئي پيلو رنگ سندس ذهن ۽ هٿن تي چٽجي ويو هو. هن سڄي ماحول کي ڪنهن سانجھيءَ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيو هو. سندس مُکَ ڦڪي ـــ کل سان ڄڻ مذاق ڪري رهيو هو. جنهن به هن تي کلي ڏند پئي ڪڍيا. هو. جڏهن سندس شادي ٿي هئي ته هو ته در ٽپندي ائين محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ ماءُ ڪراڙيءَ جو لاش ڪمري جي چائنٺ تي پيو هجي، هي هٻڪي پيو پر پنهنجين خوشين ڏانهن اکيون ٻوٽي وڌي ويو هو. سندس خوشيون ڪنهن ڏائڻ جيان هيون جيڪي ڄار ۾ ڦاٿي کانپوءِ ڄڻ کيس کائي وينديون. هاڻ هو پاڻ کي، پنهنجي مٽيءَ جي خمير مان ٺهيل ڀولڙو محسوس ڪري رهيو هو، جنهن کي سيڪريٽري نچائي رهيو هو، پنهنجي لڄ بچائڻ لاءِ......!
    هن جي من ۾ سيڪريٽريءَ جا لفظ ڪنهن ڀولڙي جي ڊٻڪيءَ جيان وڄي رهيا هجن ”مان هن ماحول ۾ پنهنجي ڌيءَ نه ڏيندس.“ هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ رشتن کي گار ڏني وئي هجي. آدم ۽ حوا جي رشتي جي بي حرمتي ڪئي وئي هجي. زليخان ۽ يوسف جي آدرش جو اپمان ڪيو ويو هجي. هن پاڻ کي هالار جبل تان ڪرندي محسوس ڪيو. پوءِ به پنهنجي پر ۾ هن خوشين جي اچڻ جو انتظار ڪيو، پر هڪ انساني گهٽ وڌائيءَ وارا ويڇا ۽ سيڪريٽريءَ جا لفظ درياهه بڻجي پيا هئا ۽ هي ٻئي زال مڙس ان جا ڪنارا. خوشيون ڪنهن ناوَ ۾ چڙهي هيٺ لڙهنديون ٿي ويون. هي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس زندگيءَ ۾ بهار به آئي. هڪ نازڪ ڪلي کلي جنهن جي ايندي هن پاڻ کي وڌيڪَ اڪيلو محسوس ڪيو. هن جي من تي ڀاڳل جا عڪس اچڻ لڳا جنهن جي مُٺين ۾ مٽيءَ جا پنوڙا هئا.
    ٻار پيدا ٿئي کانپوءِ هو، ڄڻ ساڳيو پٽيوالو رهجي ويو هو. ڪڏهن باغيچي ۾ ويٺو ريجھائيندو هئس ته ڪڏهن آفيس ۾ ٽائيپ ڪندي هنج ۾، گهر ورڻ تي خبر پوندي هئس، ته ميڊم صاحبه ڪنهن دعوت ۾ ويل آهي. موٽڻ تي موڊ ٺيڪ نه هجڻ جي صورت ۾ کيس ايلاز ڪرڻا پوندا هئس. هاڻي هو پاڻ کي ڪنهن جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيل محسوس ڪري رهيو هو. آفيس جي ڪم ۾ رولو هجڻ ڪري سيڪريٽري صاحب کيس ڪڍي ڇڏڻ ۽ ٻار ٻچا کسڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس غريب هجڻ تي چئي ڏيندو هئو ته ”تو وٽ ڇا هيو؟ مونکي بلا کاڌو، جو توکي پنهنجي ڌيءُ جي ڪرمن ۾ هنيم“.
    هن مرد جي رشتي ۽ حيثيت کي ڪرندي محسوس ڪيو. هن جي اڳيان مثالي زال ۽ مڙس وارو رشتو ٺٺوليون ڪرڻ لڳو. جيڪو ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿُ ڏيندو آهي.
    هُو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري سڏڪي پيو. سوچن جي ٻه واٽي تي ٽنگيل رهيو، ڪڏهن سڀ ڪجهه ڇڏي، پيءُ ماءُ ڏانهن موٽڻ جو پئي سوچيائين ته ڪڏهن اولاد جو سوچي لڙڪ لڙي ٿي پيس، وري ڪڏهن زال جا ابتا سبتا طعنا ڪنن ۾ ٻرڻ ٿي لڳس، هو فيصلو نه ٿي ڪري سگهيو ته ڇا ڪري؟!
    هن جا قدم بي اختيار ڳوٺ ڏانهن کڄڻ لڳا. گهر اچڻ شرط کٽ تي پيل ماءُ جو مٿو چميائين ۽ پوءِ بي اختيار هلندو ميرواهه تي اچي پهتو هو، جتي سندس پيءُ لٽا پئي سٽيا ۽ پنهنجي دنيا کان بي نياز لٽن جي سٽڪي ۾ مهو هو، هن سڏ ڪندي سڏ ڪيو..... بابا.... بابا.... ب.... ب.... با!!.... ۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا....!
    پاڻيءَ جي وچ ۾ پڻهنس ٻانهون کولي ڄڻ سڏ ڪيس، هي اڻ تارون هوندي به پاڻيءَ ۾ لهي پيو. زندگيءَ جي ڪن مان آزاد ٿي آيو هو. پاڻيءَ ۾ گوپاٽا کائڻ لڳو ته پڻهنس، مٿي ڪري ڀاڪر ۾ ڀري وتس. پڻهنس جو سينو سفينو ٿي پيو هو ۽ هي ان ۾ منهن لڪائي سڏڪي پيو. گهڻي دير کانپوءِ هو پيءَ جي اکين ۾ نهاري ٽب ۾ پيل ڪپڙن ڏانهن وڌيو اجرڪ کڻي، پنوڙو ٺاهي داٻڙي تي سٽڻ لڳو. سندس وات مان شو جو آواز نڪتو. جيڪو آزاديءَ جو آواز هو.


    پهرين ملهه

    هو سوچي ٿو، سڀاڻي واري ملاکڙي ۾ کيس ڪهڙيءَ ريت ملهه وڙهڻي آهي. رڳو وڙهڻي نه آهي، پر کٽڻي به آهي“. هو وڌيڪَ سوچي ٿو. ”سندس مقابلو ڪهڙن ملهه پهلوانن سان ٿي سگهي ٿو، جي علينواز ڦل سان ٿيو ته هائو ٻيلي علي نواز به ٺاهوڪو ملهه آهي، جهڙو قد ڪاٺ ۾ آهي اهڙو وري داءَ جو به ڀلو آهي. ڦنڊي يا اندرئين مان ڪو نه ڄاڻي، هٿ ڦٻائي چاڙهي وجھندو ۽ پوءِ مُٺين جي زور تي سامهون واري کي ڀاڙي ڪيو ڇڏي. ها، جائي، هو ارباب ڀٽي به ته آهي نه.... مڙس ٻيلي زور آور آهن. چوندا آهن ته داـءُ دشمن جو به نه وڃائجي.“
    حاڪم شاهه پٽ واري جو ميلو هجي، ميلي ۾ اعواڻ ملههَ، مَلهن کي راتاها ڏيئي ڇڏيا هُجن. هر هر ڪڏي ميدان ۾ پي آيو. اچي پڙهو گهمرائيائين، ”آهي ڪو نَـرَ سنڌيءَ جو ٻچو، جو ميدان ۾ لهي اچي، آئون چار ملهه ماري هاڻي پڙ پالو ڪيون ٿو وڃان.“
    ”هاءِ ڙي ارباب ڀٽي هاءِ!“ اصل ڪاوڙ ۾ڳاڙهو ٿي ويو. ڪکين تي هٿ رکي پڙهو ٻڌي ميدان ۾ وڃي نروار ٿيو. مرشد شمن شاهه کي پيرن تي هٿ رکي چيائينس، ”قبلا پاڻي سِرَ کان مٿي چڙهي ويو، هاڻي دل سان موڪل ڏي ۽ دعا ڪر ته ان اعواڻ جي ٻچڙي کي سنڌين جو رت ڏيکاريان“.
    ”ڀٽي، ملهه جوش سان نه پر هوش سان وڙهبي آهي.“ شمن شاهه اکين ۾ اکيون وجھي چيس.
    ”ملهه مولا جي راند آ ۽ علي جي اولاد کان ئي اجازت ۽ دعا وٺڻ آيو آهيان“. ارباب هيٺاهين وٺندي چيس!
    ”بابا ٿڌو ٿي، تڪڙ نه ڪر.“ سيد سمجھائيس!
    ”نه قبلا، اعواڻ، اعواڻ جو پٽ سڄي سنڌي قوم کي ٿو للڪاري؟“
    ”نه بابلا ائين نه، تون وڙهيس ڀلي پر عقل سان وڙهجانس. هر داـءَ تي ڌيان ۽ نظر رکجانءِ، ڇو ته هن وٽ هر داءُ آهي. منڙيءَ جو ته ماهر اٿئي. ٻيو ته لوسي داءَ اندرئين مان به نه مڙندو اٿئي.“ شمن شآهه پڪو ڪري لاهڻ چاهيس!
    ”سائين مون کي سڀ خبر آهي، بس بابو ٿيءُ، اجازت ڏي ته اهي منڙيون ٻنڙيون سڀ ٿو وساريانس.“ ارباب سينو اڳتي ڪري هام هڻندي چيس!
    ”ها سائين.“
    ”ته پوءِ مولا عليءَ جو نالو وٺي وڃي سندرو ڇڪيس، ڌڻي ڪندو ته سوڀارو ٿيندين.“ سائين دعا ڪيس؟
    پٺي ٺپرائي ارباب ميدان ۾ لٿو ته، ٻانهين مان تاڙيون وڄي ويون. هر ڪو ايئن پيو چوي، ”واهه ڙي ارباب واهه، سنڌين جو نڪ مٿي ڪري ڇڏيئي.“
    ”ڇا ٻلي ڇا جلاب، اعواڻ ٿي، سڀني سنڌين کي چئلينج ٿو ڪري؟“مدن جملو اڇليو!
    ”همٿ ڪر، ٻيلي ڪو ميدان ماري، سنڌين جي نڪ تان، اها مَرَ لاهه!“
    ”هاءِ ڙي ڀيڻان، ارباب هاءِ، تنهنجي ملهه.“ مختلف آوا.ز
    پوءِ جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو هڪ ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوءِ اندريون، جانٺا، مُٺين جا مروٽا، گوڏا کوڙ، لڳي پئي هئي. پر ڪير ڪنهن کي جاءِ ئي نه پيو ڏي.
    پوءِ اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي، پٽي جانٺو وهائيس، ڄڻ هٿوڙو وهائي ڪڍيائينس. اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي. ڀٽي پير پختو ڪري ٺڪاءُ جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا هوش خطا ٿي ويا. مٿو مٿي سان ملائي، اتي وڃي. ٽوڙيائينس، جتي سڪي پٽڻ هئي.
    ٻانهين ۾ ڪوڪرا پئجي ويا. لائوڊ اسپيڪر واري رڙ ڪري چيو، ”کڻ پنهنجي ڀاءُ کي. هيئن هوندو اٿئي سنڌين جو ڌڪ“.
    ”ابا پٽين جو همراهه کي ته همراهه ريهان کنئان لڳو پيو آ.“ ڪنهن چيو. ”هي ڪيئن ماريئي لعل جوان“
    ڪو ڪلهن کان پيو زور ڏئيس ته ڪو مٿو پيو دٻائيس ته ڪو پيرن جون تريون پيو مهٽيس. کڻي وڃي ٻانهين وٽ رکيائونس. ماڻهن جون جھمريون لڳل هيون. ارباب اولهاهين پاسي کان جو پئسا وٺڻ بيٺو ته ڪلاڪ رڳو پئسا پي ورتائين. پورو پوتڙو پئسن سان ڀري ڳنڍ ڏئي رکيائين. واندو ٿي اچي مٿان بيٺس، ”ڪندين ٻي؟“
    اعواڻ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
    شمن شاهه بادشاهه هر هر ڦري ارباب جي پٺي پيو ٺپي.
    ”واهه ڙي ارباب تنهنجي ملهه.“
    ”سو اهڙو ڪو ملهه لڳي ويو ته ڇا ٿيندو؟ اسان جا ته ”ويهه به ويا ته ڇويهه به ويا“. هڙ هلي ويندي. منهنجن ته خوابن تي به پاڻي ڦري ويندو. ننڍڙي نهال جو ڇا ٿيندو؟ سندس سالياني في ۽ هاسٽل جو خرچ ڪٿان ايندو؟
    ”مڙئي بابو به آ بادشاهه ماڻهو، هاڻي اچي پوٽن کي پڙهائڻ جو شوق ٿيو اٿس. اسان کي پڙهڻ جو شوق هو ته پڙهايائين ڪونه. تنهن دور ۾ وري ملهه جو خفت هئس.
    ملهه ڇا وڙهيس، اصل ڪڍ پئجي ويو ته ڇڏ پڙهڻ کي. تون ملهه ٿي. مون کي پهلوان ڪرڻ لاـءِ سچي گيهه جا ٽين گهرائيندو هو. ۽ داءَ پيچ سيکاريندو هو.
    ”پاڻ ته پٽڪو ٻڌي ميدان جي وچ تي هلي ويهندو هو، پر زور ته اسان کي ڏيڻا پوندا هئا نه. وري جي دسجي پوان ته هفتو، هفتو ڳالهائي نه. چئي، منهنجون محنتون اجايون ويون، هي خرچ خفا سڀ ساڀ نه پيا. ڇورو حرام ٿو ڪري.“ وري جي ڪجهه چويس ته ڄڻ ڇتيءَ ککر ۾ کڙو هَنيَئي.
    ”اهي به ڪهڙا ڏينهن هيا. جو مهينو، مهينو گهر واريءَ جي ويجھو وڃڻ نه ڏيندو هو. پڌر جي وچ تي پنهنجي کٽ رکي پيو چؤنڪي ڏيندو هو. چئي، اڙي حرام ملاکڙي تائين نه ڪر. حرام ڪرڻ سان ڄنگهه جي طاقت ختم ٿي ويندي آهي ۽ ملاکڙو کٽڻ لاءِ ڄنگهه جو بچاءَ ضروري آهي. هوڏانهن مون واري زال وري وَرَ تي رسو ڀڃندي هئي. سامهون نه ته اوٽائتا ڌڪ پئي هڻندي هئي. چئي، ”تنهنجي اها زورآوري منهنجي ڪهڙي ڪم جي.... وتين ٿو مرد دسيندو“. اصل ٻن باهين ۾ هوندو هئس“.
    ”هاڻي وري بابي جو سڄو ڌيان پنهنجي پوٽن تي آهي، ”ڪيئن به ڪر. ڪجهه به ڪر، پر ننڍڙن کي پڙهاءِ.“ الائي ڪٿان اچي اهو جن مٿي ۾ ويٺو اٿس. هڪ کي ڊاڪٽر ڪرڻو اٿئي، ٻي کي فوج ۾ ميجر ڪرائڻو اٿئي.
    ”ڄڻ منهنجي وس ۾ هجي. پنهنجي پٽ کي ملهه ڪري پاڻ ملهائيائين. پر هاڻي اسان جي مٽي پليت ڪري ڇڏي اٿائين.
    نهال کي هاسٽل جو خرچ ڏيڻو آهي، في مهيني سر پهچائڻي آهي. ان جا ڪتاب، ڪاپيون، لٽا ڪپڙا ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
    هي کٽ جو ٽڙڪو ماري اٿي ٿو.“
    ڦري پيءُ جي کٽ جي مٿي کان اچي بيهي ٿو، جيڪو اگھور ننڊ ۾ ستل آهي، پڻهنس جي وات ۾ ڏند نه هئڻ سبب نڪرندڙ هوا ڦوڪٽ ٿي ٻاهر نڪري ٿي.
    ”هاڻي نٿو پهرو ڏئين، ته متان وڃي زال سان ملان.“ هي دل ئي دل ۾ جڪون کائي ٿو.
    ”جڏهن پنهنجو شوق هيئي ته سڄي سڄي رات جاڳي پهرا ڏيندو هئين ۽ هاڻي وري سڄو خيال پوٽن ۾ اٽڪيو اٿئي.“ هي هوريان اهي لفظ اچاري اڳتي وڌي ٿو ته پٺيان پڻهنس کي سڌير ٿئي ٿي،
    ”ابا، ننڊ نٿي اچئي ڇا؟“
    ”نه بابا، ننڊ وري ڪٿي.“ هي بي دليو جواب ڏئي ٿو.
    ”پٽ چپڙي ڪري سمهي پئه، هروڀرو ٻين جي ننڊ به ٿو ڦٽائين.“
    ها بابا سمهان ٿو.“ اهو چئي، اچي کٽ تي ويهي ٿو، مٿن کان چئونري کير جي اڃا ڀري پئي اٿس. چئونري تان تسري پري ڪري کير کي ڏسي ٿو ۽ وري کسڪائي تسري ڏئي ڇڏي ٿو.
    ڪا شيءِ نٿي وڻيس. اندر ۾ عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪري ٿو. وارن ۾ هٿ ڦيري، وري اٿي گهر واريءَ جي کٽ مٿان بيهي ٿو جيڪا ننڊ ۾ هڪ ٻانهن ڪنڌ هيٺان ڏيو ۽ ٻي ٻانهن، ڀر ۾ ستل ننڍڙيءَ بختاور جي مٿان ائين واريو ستي پئي آهي ڄڻ ڪڪڙ باز کان چوزو لڪايو هُجي.
    ”ننڊ به اچي منهنجي ڦٽي آهي، هي سڀ سڪون سان ستا پيا آهن. ها پر وڙهڻو به ته مونکي آهي نه هنن کي ڇاهي؟ کين هر ڪا شيءِ گهر ويٺي ملي ٿي نه! ڀوڳيون ته اسان ٿا.“ سوچي ٿو.
    سدائين ميلن جي تاريخن ۾ ديد. انتظار، ڏينهن پيا ڳڻبا، ته ڪڏهن ٿو ميلو اچي، ته هرک واري اڇي سلوار کي ڪلف هڻائي استري ڪرائي، اڳٽ وجھي ڪليءَ ۾ ٽنگجي، گهر وارن کي به پوءِ وڃي آٿت ٿيندو ته هاڻي، هي کاٽو پٽ، پڙ تي وڃي لهندو ۽ ٻه چار سئو ڪمائي آڻيندو. کين اها خبر ئي ڪونهي ته انهن ٻن چئن سئون جي ڪري پاڻ کي ڪيترو تسيو ٿو ڏيڻو پوي. خوراڪ جو خيال الڳ، کير جو بل الڳ، وري ميلا ڪميٽيءَ وارن کي سائين ميان الڳ ڪرڻي ٿي پوي.
    وري جي، ڪنهن پهلوان جي پاڙي جو ميلو آهي ته اهو الڳ ڪاوڙيو ايندو، ”ٻيلي منهنجيءَ عزت جو مسئلو آهي، منهنجو تَرُ آهي، پهرين ملهه تون ڀلي کڻ پر پوئين ملهه مون کي ڏيڻي پوندئي.“
    ”نسورو ناحق، سڏائين ٿو پهلوان ڪرين ٿو اِٽڪيون ٻِٽڪيون، تنهنجي ته هتان گهران، هتان نڪران.“ پاڻ سان وڙهي پوي ٿو.
    ”ڪجي ڇا؟ انهن يونين وارن به هڻي اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي، مردانگيءَ کي به ڪاروبار ڪري ڇڏيو اٿن. ويٺا صلاحون ڏيندا ته پهلوانو، پاڙي جي لڄ رکڻي اٿو، تر جي پهلوانن کي مڙئي ٽيڪو ڏيڻو اٿو. هاڻي جي ڪيون ٿا انڪار ته مورڳو ميلي ۾ سڏائڻ کان به پيا لنوائيندا. تنهنڪري هٿ وات تي به ته هيٺ به.
    ”وري جي داءُ ڪري داد وٺڻ ٿا وڃون ته اتي به چاپلوسيءَ مان ڪم ٿو وٺڻو پوي. لائوڊ اسپيڪر واري جي، ڏهڙي الڳ. سامهون ويٺل ڀوتار کي سائين ميان ڌار. ٻانهين ۾ بيٺل ماڻهن کي سلام جدا، ڄڻ ملهه نه وڙهي سين، خيرات ٿا وٺئون. اڄ جو شوقين به مجال آهي جو کيسي ۾ هٿ وجھي، مسخري جيان ڄڻ کيسي ۾ نانگ ويٺو اٿس. بس رڳو چتائي ڏسڻ تي به واهه، واهه ۽ واهه پهلوان تنهنجو داءُ، جوان جو پٽ آهين، الله الله خير سلا.“ وري هو پورن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
    ”هاءِ ڙي دنيا، تنهنجا رنگ، ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا.“ وري کٽ تان اٿي گهڙامنجيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتي پيل ڪُٽ جي وٽي ۾ پاڻي اوتي ٻه ڍڪ ڀري خار مان پاڻي هيٺ هاري بڇان ۾ چوي ٿو، ”خداءِ جي مار پوندن، کير ته پيئن ٿا پر اها تميز ڪونه اٿن ته ٿانءُ کڻي ڌوئي ڇڏين.“
    هن کي کير کان ڄڻ، الرجي ٿي پئي هجي. انهيءَ کير کان جنهن کيس پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ اهڙو پهلوان بڻايو، جو ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ ماڻهن کان ڪوڪرا ۽ رڙيون نڪري وينديون هيون. آواز ايندا هئا، ”ادا لٿو آ نواب پهلوان.“
    ”هاءِ ڙي هاءِ نواب پهلوان تنهنجي نوابي.“ هي پنهنجي منهن ڀڻڪي کٽ تان اٿي ٿو ته کٽ مان ٽڙڪاٽ نڪري ٿا وڃن.
    پڻهنس ڪنڌ مٿي ڪري پڇي ٿو، ”اڙي نواب ڇا ٿيو اٿئي، دل ۾ ڪو گدڙ ويٺو اٿئي ڇا؟“
    ”خير آ، خير آ، ساهه نه وڃئي، هاڻي مان، پاڻ ئي سڀ ڪجهه سمجھان ٿو. پوڙهو ته ڏس اڃان چؤنڪيون نٿو ڇڏي. هروڀرو اچي ڍٻي اڏي ويهي ٿو رهي. جڏهن ته مون کي خبر آهي ته سڀاڻي چوٽيءَ جا ملهه اچي پڙ ۾ لهندا، اهو ميدان هن ميدان کان وڌيڪَ آهي. هيءَ ته پنهنجي کيتي آهي جنهن مهل کيڙيس.“ ايئن چئي هو زال ڏانهن ڏسي ٿو، جنهن جا سنگ اڃان پڪل آهن. جوڻس ڪَر ڀَڃي کيس سڌير ۾ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ پاسو ورائي ڍونگل وهائي ٿي ڪڍيس، ”مڙسالو ته ڏس، اڃان پاڻ کي 25 سالن جو ٿو سمجھي. اڇو مٿو، اٽو خراب، اهي طاقتون پاڻ وٽ سنڀالي رک ته متان ڪو پهلوان هڻي جانٺو، ڄنگهه نه ڀڃي وجھئي!.“
    ”مار، مائي اصل اندر ۾ کوري جيان ٿي ٻري.“ اندر ۾ ڀڻڪي ٿو پر باهه بيهڻ ڪونه ڏنس ۽ جملو وهائي ڪڍيائينس، ”اندر ۾ ته پڄرين ٿي پئي، پر وس ڪونه ٿو پڄئي.“
    ”ڪونه ٿي پڄران ۽ نه ئي ڪا پرواهه اٿم..... ٽي ٻچڙا ٿيا..... وار اچي اڇا ٿيا، هاڻي ڇا پڄرنديس.... جنهن عمر ۾ پڄرڻو هو، ان۾ به ٿڌو گهـڙو پاڻيءَ جو هاريم، هاڻي ڇا جا ٿو حساب پڇين؟“
    ”چڱو چڱو، هاڻي سکڻي ڪُني جيان نه اڀام، چپ ڪري سمهي پئه، نه ته بابو، وري اچي، وجھئي نه کٽ وچ ۾!“
    ”کٽ نه وجھي کڻي لوڙهو ڏئي، منهنجو ڇا؟“
    ”مار، رن تنهنجي فوقيت“. اهو چئي هي اٿي اندر ڪمري ۾ آيو. بلب ٻاري، آئيني جي آڏو بيهي پاڻ کي جاچڻ لڳو. ساڍا ڇهه فوٽ قد، منهن موڪرو، ڪلها ڀريل، نڪ چوپو، ڀرؤن ڊگها ٿلها، وڏا پوپٽ، وار وڏا پوئتي ورايل، منهن کان ٿي هيٺ ديد ورائيائين، پيٽ هاڻي ڪنٽرول کان ٻاهر، دُن ڄڻ چدن کيڏڻ واري گهچي. گوڏ، هر هر پيٽ تان کسڪي هيٺ لهندڙ. هڪ نظر پاڻ تي وجھي ڦوڪٽ ٿو ڀري، ”هاءِ ڙي نواب، جواني!“.
    ذهن جي اسڪرين تي گلان تري ٿي اچيس. گلان جيڪا اڌڙوٽ عمر ۾ به هٿن، پيرن کي ميندي هڻي، ڪارا ڪپڙا پائي، جڏهن امام علي شاهه جي پڙ ڏانهن ويندي هئي ته رستا صاف ٿي ويندا هئا. ايرو غيرو پاسو وٺي مائي گلان جي حسن کي ڊڄڻن وانگر ڏسندو هو ۽ سندس لک لهندڙ لوڏ، ماڻهن تي ڄڻ اسم اعظم پڙهي ڇڏيندي هئي. ان گلان هڪ ڏينهن مڙي چيو هئس، ”ڇورا، مان به مان آهيان“ ”پر تون به تون آهين“. ”هڻي گهڻن جا وضوع ٽوڙي ڇڏيا اٿئي“، ”ٻيو ته ٺهيو پر اڄ گلان به....“ گلان لفظ کائي وئي هئي.
    ”هاءِ ڙي گلان، تنهنجي جواني.“ گلان، نواب جي نيڻن ۾ نهاري نونڌ ڪندي به نواب کي نوائي نه سگهي. هو ٿڌو شوڪارو ڀري آئيني کي ڏسي، ڏورن کي هٿ لائي ٿو ڏسي، جن جي کل هاڻي لڙڪڻ لڳي آهي هو مرڪي پوئتي موٽي ٿو ۽ چوي ٿو، ”ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج کي ڪير سلامي ڪندو.“
    ”اها خبر ته سڀاڻي پوندي ته هن جسم ۾ ڪيترو دَمُ آهي؟“
    ٻاهر اچي کٽ تي آهليو ئي مس ته وري ذهن جي اسڪرين تي، پير هوٿي نوٿيءَ جو ميلو تري آيس، ”هاءِ ڙي سائين شمن شاهه بادشاهه، ملهه ته تنهنجي! ”شمن شاهه بادشاهه ۽ سرور جتوئي ملهه نه هئا.... هَتِ....“ ذهن ۾ ان ميلي کي فوڪس ڪري ٿو.
    ”ابول، ملهه ته نه هئي پر باهه ۽ پاڻيءَ جو مقابلو هو، شمن شاهه بادشاهه جوشيلو ۽ جذباتي، هوڏانهن وري سرور جتوئي ماٺيڻو، برجستو ۽ اونهو.“
    ”آئون هٿ پئجي ويا آهن.... آئون ڇڪ ڇڪان ٿي آ، ته اڌ ڪلاڪ ته رڳو همران هڪٻئي جا پاڻي ڪڇيا.
    خلق جو ڏسو ته اچي بيزار ٿي، چئي هيءَ به ڪا ملهه آهي. اڌ ڪلاڪ ٿيو آهي بيٺا هڪ ٻئي رڳو زور ٿا ڏين، داءُ ته ڪير ڪري ئي نٿو.“ چوڌاري آواز، ”مرشد ملهه ڏيکار.“
    اؤن مرشد ٿوري تڪڙ ڪئي آ ۽ سرور جي اري ۾ آيو آ. ”ابا جتوئي پهرين ملهه مرشد کي هڻي ويو.“ ٻانهين ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو. سائينءَ جو تَرُ، هيڏو وڏو ملهه دسجي پيو! سرور ڪُڏَ ڏيندو وڃي ٻانهين ۾ پيو. مٺيون پئسن جون وٺي اچي پڙ ۾ پهتو ئي مس ته شمن شاهه وڃي سندري ۾ هٿ وڌس، تاڙيون وڄي ويون. سيد جي اکين ۾ رت لهي آيو. لائوڊ واري دهل واري کي بس ڪرائي اعلان ڪيو، ”هن ملهه تي پنج هزار انعام رکيو ويو آهي، جيڪو ماريندو ان کي اهو انعام ڏنو ويندو.“. سنها ٿلها ملهه پاسو ڪري ويا ۽ سڀني ويهي آخري ملهه ڏسڻ چاهي.
    سيد بادشاهه هٿ وجھندي ئي اچي سرور کي پٽيو آهي. گهمائي گهمائي هيٺ لاٿائينس ته سرور پير مضبوط ڪري ويو. وري اکري مهري ڪري داءُ ڪيائينس پر اهو داءُ به سرور بچائي ويو. وري ڇڪي جانٺو هيائينس، ته به سرور جانٺو ڪڍرائي ويو. اؤن ڪٿان سرور ڍاڪ تي ٿو چڙهي وڃيس، شمن شاهه بادشاهه ٻوڙي لاٿس، پٽي وڃي جو پٽڻ تي هنيائيس ته سرور جتوئي ٿيڙ کائي اٿيو.
    ٻانهين مان ڪوڪرا نڪري ويا، ماڻهن کيس دل کولي داد ڏنو ۽ کيسا کولي پئسا ڏنا، ايترا پئسا پيس جو سيد اصل وٺڻ ۾ آزرتو. اصل پوتڙو پئسن سان ڀرجي ويس، ڳنڍ ٻڌي اچي ميدان ۾ رکيائين. پر اهڙو پهلوان به حرام کان بچي نه سگهيو ۽ جڏهن ڄنگهه جي طاقت ختم ٿي ته ماٺڙي ڪري وڃي رڳو ٻي ملهه وڙهڻ لڳو.
    آهي دارومدار پهلوان جو پاڻ تي. يا پنهنجي جان جي حفاظت ڪري يا وري چقمقي دنيا ڏانهن ڇڪجي وڃي. ڇو ته دشمني جواني سان ٿيندي آ پوڙهائپ ته پاڻ دشمني آهي.
    هي سڀاڻي واري ملاکڙي کي ٽلي ٿو ته ڪيئن ان ۾ سوڀ ماڻڻي آهي؟ جڏهن ته ماڻهن جا هُشام هوندا. اهي جھمريون، مڱڻهار فقيرن جي وڄ وڄان، دهل تي ٽاهو، پر اهي سڀ کيل تماشا کٽڻ واري جي لاءِ هوندا آهن... هارائڻ واري لاءِ رڳو ندامت ۽ شرناءِ جو رينگو، شرناءِ به ڄڻ هار تي ماتم ڪندي آهي. خبر ناهي منهنجي داءَ تي شرناءِ ڪهڙي وڄي؟
    ”بس داءُ هڪڙو ڪندم، جي لڳي ويو ته ”لائي، نه ته ڇائي“ اصل استاد ابراهيم ڦلپوٽي واري ملهه وڙهبي. کپائي جانٺو هڻبو ۽ مٿان ٻيو جانٺو هڻبو پوءِ کٽائي قسمت.
    انهيءَ ٽل اچڻ سان ڄڻ کيس ذهني سڪون ملي ويو ۽ هي پاسو ورائي ستو ته ننڊ کڻي ويس.
    صبح ٿيندي ئي اٿي کڙو ٿيو، وهنجي سهنجي، ڪپڙا پائي بوڇڻ ڪلهي تي رکي، پٽڪي جا ور ڏيڻ شروع ڪيائين پر ٽي وَرَ ڏئي، هٿ رڪجي ويس، گمان ٿيس ته پٽڪو صحيح نه پيو ٻڌجي. ور کولي وري ٻڌڻ شروع ڪيائين پر پوءِ به اطمينان نه ٿيس.
    ”ڇا ٿيو اٿئي نواب، اڄ پٽڪي جا وَرَ نٿو ڏئي سگهين؟“ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيائين.
    پڻهنس اهو لقاءُ ويٺي ڏٺو. سو اٿي آيو ۽ پٽڪي جا وَرَ ڏيندي چوڻ لڳو، ”نواب اولاد ڪيتري به وڏي ٿي وڃي پر وڏن اڳيان هميشه ٻار ئي رهندي آهي. هن ڏنل ورن جو مانُ رکجانءِ. مان ڏسان ٿو ته تون ٻن ٽن ڏينهن کان سوچ ۾ ٻڏل آهين. سوچ ئي پهلوانيءَ جي پُڄاڻي هوندي آهي. ڏوهه منهنجو به آهي، جو مان تومان هٿ ڪڍي ويو آهيان. مان به ڇا ڪيان؟ هي تنهنجا پٽ هاڻي ايڏا پهلوان ٿي ويا آهن جو تنهنجي پهلواني هاڻي لهندڙ سج جيان محسوس ٿي رهي آهي. هو ٻڌو نه اٿئي ته ميلي جي موٽ ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي.“
    نواب چتائي پيءُ جي چهري کي ڏسي ٿو جنهن تي پيل گهنج اڃان به گهرا ٿي ويا آهن. پيرن تي هٿ رکي چويس ٿو، ”بابا دعا ڪجانءِ“.
    ”پٽ، الله جي دعا اٿئي.“
    هي بوڇڻ سان بوٽ کي ڇنڊڪو ڏيئي گهر مان نڪري آيو.
    سڄي رستي ۾ پيءُ جي لفظن جا پڙاڏا، سندس ذهن ۾ گونجندا رهيا. تان جو ميلو اچي ويو. هر طرف رڙيون ئي رڙيون، هوڪا ئي هوڪا،
    ”هلي آ ميلي جا مور هيڏانهن هلي آءُ“.
    هي پهريان درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ وڃي ٿو. بوڇڻ سان پير سائين جي دروازي واري چائنٺ ڇنڊي اندر وڃي ڪنڊ ۾ ويهي، قل پڙهي، اولياءَ کي بخشي ٿو. ٻئي هٿ مٿي ڪري، اکين ۾ لڙڪ آڻي دعا گهري ٿو. ”اي الله جا پيارا، منهنجو حال توکي معلوم آ، منهنجي اندر متل هن طوفان کي تون کي ڄاڻين ٿو. جڏهن ته هي سارو لوڪ اهو ٿو چوي، ته نواب ۾ هاڻي اها رت ناهي رهي. مڃان ٿو اهو جوانيءَ وارو دم ناهي رهيو پر اڃان جذبو جوان آهي، مان پاڻ مان مايوس ناهيان، پر صرف مايوسي، اولاد جي مستقبل جي باري ۾ ٿي رهي آهي. نهال جي اسڪول جي في، گهر جو خرچ، اٿي ويٺي، ٻيو ڪو حيلو وسيلو ڪونهي، اوهان اوليائن جون درگاهون حيلو وسيلو آهن. اڄ ڪا واهر ڪر.“ ائين چوندي هن پاڻ کي بيوس ۽ لاچار سمجھيو. سندس اکين مان لڙڪ وهي پيا. ايتري ۾ بيا ملهه به اچي دعا گهرڻ لاءِ روضي ۾ پهتا. هي انهن کان ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ بوڇڻ سان جلدي منهن اگھي ٿو. سڀ ملهه کيس جھڪي، ”پهلوان“ چئي ملن ٿا. هي سڀني جي پٺي ٺپي، پوئين پير روضي مان ٻاهر نڪري ٿو. ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ کيس ائين ٿو لڳي ته سندس سينو ويڪرو ٿي ويو هجي.
    سڀئي پهلوان گڏجي، ميلي ۾ لڳل بازارِ مان آستاني ڏانهن وڃن ٿا. کين پهريل ويڪريون هرک جون شلوارون کَڙ کَڙ ڪنديون ڄڻ سندن ڪڍ لڳيون ٿيون وَتن. ماڻهو ۽ دڪاندار کين جھڪي سلام ٿا ڪن ۽ مٺائيءَ وارا، هوڪن سان گڏ کين مٺائي کائڻ جي سکڻي صلاح ڪن ٿا. پر هي صرف هٿ مٿي ڪري ”مهرباني“ چوندا اڳتي وڌندا وڃن ٿا.
    هي پنهنجو دٻدٻو ۽ شان ڏسي، اهو سوچي ٿو، .هي سمورو ڪرشمو اولياءَ جو آهي.“ اهو سوچي، سندس ذهن مان گذّريل سڀ وارتائون نڪري وڃن ٿيون. ائين اچي هي پِڙَ تي پهچن ٿا. چؤطرف ماڻهن جون ٽوليون ڪي گلمن تي ته ڪي تڏن تي ۽ ڪي رلين تي پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪرت ۾ لڳا پيا آهن. ڪي ڪونڊي ۽ ڏنڊي جي رڳڙي ۾ قابو ته ڪي سلفيءَ مان نڪرندڙ دونهين کي ڏسي مست لڳا پيا هئا ته ڪي وري تاس جي پتي کي ڌڪ هڻي پنهنجي ڪاوڙ لاهي رهيا هئا. هي چوڌاري نظر ڦيرائي مَنَههَ ۾ اچي بوڇڻ وڇائي ويهي ٿو. ايتري ۾ ميلا ڪميٽيءَ جو هڪ ماڻهو اچي کيس ڪن ۾ چوي ٿو.
    ”پهلوان هي ميلو استاد عبدالقادر جي پاڙي جو آهي. ان ڪري پهرين ملهه تنهنجي ۽ پوئين ملهه استاد عبدالقادر جي.“
    اهو ٻڌي هي ارهو ٿي وڃي ٿو ۽ جذباتي انداز ۾ چوي ٿو، ”اڄ ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جي هن جي عزت جو سوال آهي ته منهنجي به زندگي ۽ موت جو سوال آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ٿي سُجھي، پر ٻئي جو خيال ڪنهن کي به ڪونهي؟“ هن جي تپي ڳالهائڻ تي ماڻهو جمع ٿي وڃن ٿا ۽ اهو همراهه کسڪي وڃي ٿو.
    ”افسوس آهي، هاڻي هن راند ۾ به سفارش ڪاهي پئي آهي، ملهون به وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن. طاقت به پئسي ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي. پوءِ هروڀرو ڇو ٿا ڌوڙ پايو، پئسي جي طاقت تي ميدان ماريو، ڇا جي پهلواني، ڇا جا داءَ؟“ ملهن جا پول کلڻ لڳن ٿا ته سڀئي پهلوان سري اچي کيس سمجھائڻ لڳن ٿا، ڇو ٿو وائکو ڪرين؟ هي اسان جي ٻچن جي روزي آ، ماڻهن کي خبر پوندي ته ڪير اعتبار ڪندو اسان تي، ڪير انعام اڪرام ڏيندو، ٻيلي ڏاهو ٿيءُ.“
    ايتري ۾ ميدان مان ٽاهو وڄڻ جو آواز اچي ٿو ۽ شرناءِ مئل ڪوڪ ڪري مٿي وڄي ٿي. سڀئي ملهه بوڇڻ ڇنڊي اٿن ٿا. گهڻن ملهن جا منهن لٿل آهن. ميدان تي ٻانهيون ٻڌجي چڪيون آهن. پهلوان ٻانهيون چيري اندر ميدان ۾ داخل ٿين ٿا. بوٽ لاهي مٿن بوڇڻ رکي ويهي رهن ٿا.
    ملهه شروع ٿي ٻه ٽي سنها جوڙ وڙهيا، ٻوڙ ٽوڙ شروع ٿي. اوچتو اعلان ٿيو، ”هاڻي چوٽيءَ جي ملهه ٿيڻ واري آهي. اوهان جي سامهون ٻه چوٽيءَ جا ملهه سندرا ساهيندا. استاد عبدالقادر ۽ نواب پهلوان. هاءِ ڙي نواب تنهنجي ملهه. ادا نواب به نواب آ، پر وري استاد عبدالقادر به عبدالقادر آهي. اڄ ميدان تي اهو فيصلو ٿيندو ته زورآور ڪير آهي؟“ اهو ٻڌي نواب جذبات ۾ اچي اٿڻ چاهيو ته چڪر اچي ويس. هي ٿاٻو سنڀالي اٿيو. قميض لاهي بوٽ جي مٿان رکيائين ۽ پٽڪو قميض جي مٿان رکي سندرو کڻي وچ ميدان تي آيو.
    عبدالقادر ميدان تي پهتو ته تاڙيون وڄي ويون. ڇو ته اهو سندس تَرَ جو ميلو هيو.
    نواب چتائي تاڙيون وڄائيندڙن کي ڏسي ٿو. هڪ دل چيس، ”جيڪر گاريون ڏيئي تاڙيون وڄائيندڙن کي چپ ڪرائي ۽ کين ٻڌائي ته جنهن لاءِ تاڙيون ٿا وڄايو اهو توهان جو پيءُ مونکان چڙهندو به صحيح.“ پر وري سوچي زهر جو ڍڪ ڀري کڻي ماٺ ڪيائين.
    ايتري ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو، ”هن ملهه تي ڏهه هزار رپيا انعام رکيل آهي، جيڪو پهلوان اها ملهه ماريندو ان کي اهو انعام درگاهه جو سجاده نشين پنهنجي هٿن سان ڏيندو.“ پوءِ هڪل ڪري دهل واري کي چيائين، ”ان خوشيءَ ۾ ٽاهو وڄاءِ.“ دهل واري دهل کي ڏونڪو هيو ته سڄي خلق وٺي تاڙيون وڄايون.
    هن کي ياد آيو ته هي اهو ساڳيو ميدان آهي، جتي شمن شاهه بادشاهه سرور جتوئي کي ملهه ماري پاڻ ملهايو هو. اڄ اهو ساڳيو ميدان آهي. ماڻهن جا هشام، ڏهه هزار انعام، اڄ وارو اٿئي نواب، جي هيءَ ملهه ماريئي ته تنهنجي هاڪ هنڌين ماڳين هلندي. ۽ ٻچڙن جي اسڪول جي في به اڳڙي پوندي.
    هٿ وجھندي ئي، هن، کڻي عبدالقادر کي گهمائڻ شروع ڪيو. گهمائي گهمائي جنهن مهل هيٺ لاٿائينس ته پڻهس جا چيل جملا ياد آيس، ”هن پٽڪي جي ورن جي لڄ رکجانءِ.“
    دل ۾ آيس ته اٻهرائپ ڪرڻي ناهي. سو وري داءُ رکي عبدالقادر جو پاڻي ڪڇڻ لڳو. عبدالقادر جانٺو هنيس ته ڪڍرائي منڙي ڏنائينس، عبدالقادر ٿيڙ کائي پاڻ سنڀالي ويو. وري اچي ڄنگهه ۾ وچڙيس. هن ٽل ويڙهائي ته ڇو نه ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هڻي ڇڪي وڃي هڻانس. هي اڃان انهي ٽل ۾ هو ته عبدالقادر ڦٻائي جانٺو هڻي مٿو مٿي سان ملائي ٻوڙي لاٿس. پٽ تي ڪرڻ مهل هن رڳو شرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ ماڻهن جون تاڙيون. هن ڪلهن ۽ ڄھنگهن کي زور ايندي محسوس ڪيا. هن پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌنڌلائپ سبب پنهنجو پاڻ کي به ڏسي نه سگهيو.......


    موٽي ايندس مان

    رات جا ٻه ٿي ويا آهن پر هن جي نيڻن مان ننڊ اڏامي وئي آهي. ڪمري ۾ پيل بيڊ به هن کان لاتعلق لڳو خاموشيءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. رولنگ چيئر تي ويٺل يعقوب سگريٽ مان وڏو ڪَش ڀري فضا ۾ ڇڏي ٿو ته دونهون ڪنهن تجريدي آرٽ جي اسٽروڪن جيان هيٺ مٿي ڦهلجي وڃي ٿو. سندس پٽ فهيم اڃا تائين دوستن جي ڪچهريءَ مان واندو نه ٿيو آهي جو هن مهل تائين گهر نه پهتو آهي. سندس پٽ جي اها روٽين ٺهي وئي آهي ته هو رات جي ماني کائي ڳٽڪو وات ۾ وجھي. موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي نڪري ويندو آهي.
    پٽ جي ڳٽڪي کائڻ جي خبر جڏهن هن کي پئي هئي ته کيس سمجھائيندي پنهنجي زال جي موجودگيءَ ۾ هن چيو هو:
    ”فهيم هي تون ڪهڙيون عادتون شروع ڪري ڇڏيون آهن؟ نه تنهنجي بابي گٽڪو کاڌو نه ڏاڏي“
    فهيم ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو هو ته:
    بابا سائين مون ڪڏهن توهان کي چيو آهي، ته توهان سگريٽ ڇو ٿا پيئو؟“
    هن زال جي منهن ۾ ڏٺو هو: ”جنهن جي چپن تي مرڪ هئي“.
    هن جو ڪنڌ ازخود جھڪي ويو هو.
    وري جڏهن رات جو دير تائين ٻاهر رهڻ کان منع ڪئي هئائينس ته فهيم هڪڙو ئي جواب ڏنو هئس ته:
    ”بابا سائين اوهان هروڀرو ٿا ڳڻتي ڪيو توهان ماٺڙي ڪري سمهي پوندا ڪريو مان چاٻي پاڻ سان کڻي ويندو آهيان، در کولي گاڏي اندر ڪندس ۽ سمهي پوندس“. کيس ياد اچي ويو هو ته ڪيئن بابو مرحيات سج لهڻ سان ئي لٺ کڻي نڪري پوندو هو ۽ دوڪان تان اٿاري ماني کارائي سمهاري پوءِ وڃي سمهندو هو“.
    هن ڀيري به پٽ جو جواب ٻڌي هو ڪجهه نه ڪڇي سگهيو هو ۽ شڪر ڪيو هئائين ته هن ڀيري سندس سامهون زال سامهون ڪونهَ هئي، نه ته هُنَ جي مرڪَ سندس اندر کي الائي ڪيترا ڏنڀ ڏئي هان!
    اهي ٻئي واقعا هن جي ذهن تي ائين تري آيا جيئن سائبريا جا ٻه اڇا پکي سنڌ جي ڪنهن ڍنڍ جي پاڻيءَ تي تري رهيا هجن.
    يعقوب اٿيو ته ويلنگ چيئر جي اسپرنگ مان هلڪو آواز آيو.
    هو ڪمري مان نڪري در تائين ويو. در بند هو ۽ موٽر سائيڪل ڪونه هئي.
    پٽهنس اڃا واپس ڪونه ٿيو هو.
    هي اچي بيڊ تي ويٺو ته بيڊ مان ٿورو آواز آيو. ڄڻ بيڊ سندس اچڻ جي آجيان ڪئي هُجي ۽ خاموشيءَ مان تنگ ٿي پيو هُجي.
    هن زندگيءَ جا پنجويههَ سالَ هن گهر کي ڏنا هئا. سرديون، گرميون، بهارَ، خزائون ڏٺيون هيون هن نم جي پتن کي پيلو ٿيندي ڇڻندي ڏٺو هو ۽ وري گونج نڪرندي سائو چهچ ٿيندي ڏٺو هو. ٻور کان نمورين ٿيڻ تائين ۽ پڌر ۾ پکڙيل نمورين تي پير اگھاڙي گهمندي پاڻ کي هلندي ۽ پيرين ۾ چڀندي محسوس ڪيو هيائين.
    ڀڄ ڀڄان، وٺ وٺان ۽ مشين جيان زندگي، گذاري هئي. هن پوئتي مڙي نهاريو به ڪونه هو ته جنهن گهر کي ڇڏي هي شهر نڪري آيو هو، اتان جي موسم ڇا هوندي اتي گهر جو پڌر ڪيئن هوندو، جنهن تي هن بانبڙا ڏنا هئا. چيڪي مٽي کاڌي هئي ۽ ڀڄندي ڪريو هو ته کاڏيءَ ۾ ٺڪري چڀجي وئي هئس، جنهن کي ماڻس ڇڪ ڏئي ڪڍيو هو ۽ سرمو وجھي سندس رت بند ڪئي هيائين:
    هن کي پنهنجي پيءُ جو پيار ياد اچڻ لڳو، جيڪو کيس سڏي ڀر ۾ ويهاريندو هو ۽ زماني جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته وڏن جو ادب ڪجي کٽ تي انهن جي مٿي کان نه ويهڻ گهرجي، مِٽَ مائٽ اوڙي پاڙي لاءِ اکين ۾ لڄ رکجي، وڏي آواز سان نه ڳالهائجي، ڪو ڪم چوي ته منهن ۾ گُهنڊ نه وجھجي، نوڙي ۽ جھڪي سلام ڪجي. هڪ جيڏن سان گار گند نه ڪڍجي، استاد جي سامهون نه ٿجي، اوطاق تي ايندڙ مهمانن جو خيال رکجي، وڏن جي وچ ۾ نه ڳالهائجي. نه ئي ٻاهر جي ڳالهه گهر ۾ ڪجي ۽ نه وري گهر جي ڪسي پڪي ڪنهن ٻاهر واري سان سلجي“.
    اڄ اهي سڀ ڳالهيون کيس ڇو ياد اچي رهيون هيون. هن غور ڪيو شايد ان ڪري ته پٽ سندس پير تي نه هلي رهيو هو، هو شهر جي پڪن رستن تي گاڏي ڀڄائي رهيو هو. هن وٽ موبائيل اچي وئي هئي، جنهن ۾ هو 24 ڪلاڪن مان ويهه ڪلاڪ ويهي، يارن دوستن سان ڳالهيون ڪندو هو. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو ۽ گهر ۾ موجود ڀاتين جو خيال نه ڪندو هو. ۽ نيٽ تي ٿيندڙ فحش حرڪتن کي لائيڪ ڪرڻ لڳو هو. وقت سان گڏ پئسي جو زيان ڪري رهيو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري، صرف ان لاءِ گڏ ڪيو هو ته سندس اولاد سُکي رهي. انهن کي هن دؤر ۾ تڪليف نه اچي.
    پنهنجي پلان ڪيل زندگيءَ ۾ هن کي مسلسل هار سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. يا زمانو بدلجي ويو هو يا هو بدليل حالتن سان ايڊجسٽ نه ٿي رهيو هو. ٻنهي مان ڪا ته ڳالهه هئي جيڪا کيس مسلسل سوچڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ڪو وقت هو ته سندس گهر ۾ گڏيل دستر خوان لڳندو هو. سڀئي گڏجي جڏهن ماني کائيندا هئا ته هڪٻئي جي انداز تي نظر رکندا هئا. هو ٽنهي ٻارن کي ماني کائڻ جا انداز سيکاريندو هو، مانيءَ جو صرف وچ نه کائجي، ڪنا رهائي نه ڇڏجن. چمچي سان گهٽ هٿ سان ماني کائو. هٿ ڌوئي اچو، بسم الله پڙهو. ترين جي ٺيڪ تي نه ويهو. پاڻي وچ ۾ پيئو. مٿان نه پيئو. ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان جي دؤر ۾ دسترخوان وڇائي ماني کائڻ جو رواج نڪري ويو. پراٺن جي جاءِ سلائيز اچي ورتي جئم هنئي هٿ ۾ سلائيز کنئي اسڪول يا ڊيوٽي تي ويندي هلندي سلائيز کاڌي نه کاڌي هرڪو نڪري ويندو هو هو سلائيز جي ٽڪرن کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀري نوڪريءَ تي نڪري ويندو هو. ۽ کيس ڳوٺ ياد اچي ويندو هو“. پڻهنس لٺ کٽ جي واڏڻ ۾ وجھي ويٺو هوندو هو. جيستائين ٻار پراٺا وٺي مٿان ڦٽي مکڻ جي رکي لسي جو گلاس ڀري نيرن نه ڪندا هئا تيستائين ويٺو ڏسندو هئن، مجال آ جو بنا نيرن جي ڪو ٻار گهر مان ٻاهر نڪري“.
    اهي سڀئي عڪسَ يادون هن جي ذهن جي ڪنڊ مان اڄ اوچتو ڇو اٿل کائي سندس سوچ کي ٻوڙي رهيون هيون. هو پراڻا وَٽَ سنڀالي رهيو هو.
    ڪيئن صبح سوير اٿندو هو نماز پڙهڻ کانپوءِ جڏهن، حافظ نور محمد کين سيپارو پڙهائيندو هو ـــ ڳوٺ جا سڀ ٻار ڇوڪرا ڇوڪريون لائين ٺاهي ويهندا هئا ۽ مليل سبق ياد ڪندا هئا ۽ مسجد مان ٻارن جي پڙهڻ ۽ هِجي ڪرڻ جا آواز گهرن تائين پهچندا هئا. رکي رکي حافظ نور محمد جي ڪنهن ٻار کي ڪنڌ نوڙائي ڪنڊي ۾ مُڪَ هڻڻ جو آواز گونجندو هو ته سڀني ٻارن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويندو هو ۽ هو زور سان پنهنجو سبق پڙهڻ لڳندا هئا.
    يعقوب اڪثر پنهنجي سڳي سؤٽ راڻيءَ سان گڏ ويهندو هو، جيڪا وقفي وقفي سان ٺونٺ هڻي اکر اکر تي هٿ رکي ان جي هِجي ڪرڻ بابت پڇندي هئي ۽ هي ڪَن ۾ هوريان کيس اکر هِجي ڪري ٻڌائيندو هو. ٻاهر نڪرڻ مهل راڻي کيس چيڙائيندي هئي ته مونکي ته سبق ياد هو، مان ته هروڀرو پئي پڇانءِ. ۽ هي ان جي ڪڍ پئجي ويندو هو ۽ راڻي ڊُڪي وڃي ماءُ جي ڪڇ ۾ لڪندي هئي. راڻي جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي. هڪ گهر ۾ پلي نپني، کيڏي ڪُڏي، وڏي ٿي هئي.
    راڻيءَ کي به ته هي ڇڏي شهر نڪري آيو هو. بلڪه نڪتو ئي راڻيءَ جي ڪري هو. جڏهن گهر ۾ راڻي ۽ سندس لاءِ ڳالهيون هلڻ لڳيون هيون ته هاڻي يعقوب نوڪريءَ سان به لڳي ويو آهي ۽ راڻي به ڪيترو ويهي انتظار ڪندي، هڪ نه هڪ ڏينهن ٻنهي کي شادي ته ڪرڻي آهي. اهي سڙٻاٽ ٻڌي هن جو مٿو چڪرائجي ويو هو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پي آهي ته هن جو نڪاح راڻيءَ سان ٿيندو جنهن کي هن هميشه ڀينرن جيان ڏٺو آهي. ڀينرن جيان پيار ڪيو آهي. هي پنهنجي اهڙي پيار کي شاديءَ واري ٻنڌڻ ۾ ڪيئن ٻڌي سگهندو؟ ۽ پوءِ جڏهن سوچي سوچي ان هڪڙي ڳالهه تي پڪو پختو بيٺو ته هو راڻي سان شآدي نه ڪندو ته سڀني جي وات ۾ آڱريون اچي ويون هيون. پڻهنس اهڙي جواب تي کٽ جي واڏڻ مان لٺ ڪڍي هئي ان کي به هِنَ اهو چيو هو ته: ”لٺين جا آهوڙا وساءِ پر ادي راڻيءَ سان شادي نه ڪندو مانءِ“ اهڙو جواب ٻڌي پڻهنس کڻي لٺ واڏڻ ۾ وڌي هئي هٿيار ڦٽي ڪيا هئائين ۽ ڀاءُ جي گهر وڃي هيٺ ويهي رهيو هو“. ادا مان تنهنجو ڏوهي جيڪا سزا مقرر ڪرين مان حاضر ڇورو ڀڙ ڪڍي بيٺو آهي ته راڻي منهنجي ڀيڻ آهي“.
    هن ان راڻيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪا قرآن پڙهڻ ويل حضرت يوسف ۽ زليخان جي قصي پڙهڻ وقت يعقوب نالو پڙهڻ ۾ به لڄ ڪندي هئي ته ڪيئن هوءَ پنهنجي ٿيندر مڙس جو نالو زبان تي آڻي. حافظ نور محمد جون مڪون برداشت ڪيو هئائين. پر يعقوب نالو زبان تي نه آندو هئائين! مولوي نور محمد ورجائيندو رهيو هو ته ”يعقوب وَاِز نادا رَبَہُ“ پر هن صرف واِز نادا رَبہُ ئي پڙهيو ٿي. پر يعقوب نٿي پڙهيو.
    سبق تان موٽندي هن کيس ڏاڍوپ تنگ ڪيو هو ته توکي يعقوب هِجي ڪرڻ نه پي آيو.
    راڻيءَ ڪاوڙ ۾ کيس مڪون وهائي ڪڍيون هيون!
    هي راڻيءَ جي اهڙن احساسن کي به سمجھي نه سگهيو هو.
    اڄ جڏهن سندس گهر جي ڀاتين هن جي احساسن کي نه سمجي سگهيو هو ته کيس راڻيءَ جا احساس ياد اچي رهيا هئا!
    ڇا راڻي مونکي ايترو چاهيو هو، منهنجي تصوير کي ايترو ذهن ۾ سجايو هو.
    منهنجي تصور کي ايترو پاڪ سمجھيو هو جو منهنجو نالو به نه کڻي سگهي هئي.
    ان جي ڀيٽ ۾ هِنَ گهرواريءَ يعقوب مان يعقو بڻائي ڇڏيو هوس. جنهن سان مون پيار مان شادي ڪئي. جنهن کي مون ايترو چاهيو جو پنهنجن پيار ڪرڻ وارن رشتن کان الڳ ٿي. سندس هر خواهش پوري ڪئي.
    ڇا اهي سڀئي قول قرار، قربانيون کانئس وسري ويون. مون گهر ڇڏيو. ابو امان ڇڏيا. ڀائر ڀينر ڇڏيا. اَبُو انهيءَ سور ۾ ٽن سالن اندر وڃي قبر پهتو.
    ”وصيت ڪري ويو ته يعقوب منهنجو منهن نه ڏسي“.
    اهڙي وصيت ٻڌي امان سندس آڏو گڙ گڙايو هو ته يعقوب جا پيءُ هي تون ڇا چئي رهيو آهيين پنهنجي پٽ لاءِ ائين چئي رهيو آهين جنهن کي هنج تي کڻي گهمايو اٿئي، جنهن کي ڀر ۾ ويهاري پيار ڪيو ٿئي. ان پٽ لاءِ تون زبان مان اهڙا لفظ ڪڍيا آهن.
    پڻهنس جي زبان بند ٿي ته وري نه کلي ۽ هو موڪلائي ويو.
    ”اهي لفظ به کيس راڻيءَ ٻڌايا هئا جنهن وقت هو مئل پيءُ جي مٿان پهتو هو“.
    سندس پيءُ جي مُئي کانپوءِ راڻيءَ جي شادي طئه ٿي هئي. چاچي ٽانگي تي چڙهي اچي کيس سڏ ٻڌايو هو ته راڻيءَ کي اٿاريان ٿو. راڻيءَ جي خواهش آهي ته تون پنهنجي هن ڀيڻ کي اچي هٿن سان رخصت ڪر“. مان تنهنجي ان قول کي پاڻي ڏيڻ ٿي چاهيان ته تون مونکي پنهنجي ڀيڻ سمجھندو آهين“.
    ان ڏينهن ڪيڏو گهر ۾ فساد ٿيو هو. ڪيڏيون تهمتون لڳيون هئس ته اها راڻي اڃان تنهنجي پچر ڇو نه ٿي ڇڏي“. هن پاڻ کي رشتن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو هو جنهن ۾ ويساهه جي ڪا به دري لڳل ڪونه هئي جنهن مان نڪري هو پاڻ بچائي سگهي.
    راڻيءَ جي شاديءَ واري رات هو، ڀٽائي جي درگاهه تي نڪري ويو هو. فقيرن وائي پي ڳائي ”آيل منهنجو روح اپليو نه ٿئي“”
    ٻئي ڏينهن جڏهن هارايل جواريءَ جيان گهر موٽيو هو ته ”طعنن جو هڪ ڊگهو هار سندس ڳچيءَ ۾ پيو هو“ ويو هنئين پنهنجي محبوبه جي شاديءَ ۾“.
    ان ڏينهن کيس احساس ٿيو هو ته دنيا وارا ڀيڻن کي به محبوبائن جو لقب ڏيندا آهن“.
    هن جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي، در جي آواز تي. هو اٿي کرو ٿيو. هن بيڊ تي پيل اجرڪ جسم کي ويڙهيو ۽ در تائين آيو.
    ”يوسف تون چئي وڳي موٽيو آهين“.
    مان يوسف نه فهيم آهيان“ توهان کي به الائي ڇا ٿي ويو آهي بابا“
    نٿا پاڻ ننڊ ڪيو ۽ نه ئي ٻين کي آرام سان گهمڻ ڏيو. فهيم جا لفظ بڙڇي بڻجي ڪنن ۾ گونجيا هئس.
    هن کي ياد آيو ته واقعي منهنجو رکيل نالو يوسف ته ماڻهنس ديڳ لهرائي مٽائي ڇڏيو هو.... هاڻي ته هي فهيم آهي!
    هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. مان ويهه سال پوئتي ڇو هليو ويو آهيان منهنجي پٽ جو نالو ته ويهه سال اڳ، بيگم صاحبه ان ڪري مٽائي ڇڏيو هو ته انهن نالن جو هاڻي رواج ڪٿي رهيو آهي“.
    فهيم در بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو پر هي اتي ئي بيٺو رهيو.
    هن هٿ هڻي دروازي جو ڪنڍو چيڪ ڪيو کيس پڪ ٿي ته دروازو بند آهي. هي موٽي اچي ڪمري ۾ پهتو کيس احساس ٿيو ته هي هتي هروڀرو رهيو پيو آهي. هي انتظار ڪرڻ، پنهنجون ننڊون ڦٽائڻ ڪهڙي ڪم جون“ جڏهن احساس مري وڃي، ڪنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو احساس ختم ٿي وڃي ته پاڇيءَ ۾ ڇا ٿو بچي؟
    ماڻهو ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪاٽو ٿيندو ٿو رهي ڪڏهن رشتن ۾ ونڊجي ٿو وڃي. ڪڏهن ڪو انگ کيس پورو ونڊي ٿو ڇڏي پاڇي ڪجهه به نٿي بچي.
    اڄ پٽ جي جملن هن کي سمنڊ ڇڏيو هو.
    هن جي دل چيو ته: ”پاڻ کي ڪنهن واهه جي حوالي ڪري ڇڏي. سندس جسم لڙهندو وڃي پاڻيءَ جون بلائون، سندس ماس کي پٽي کائي وڃن“.
    ”هونئن به روحن کانسواءِ جسم ڪهڙي ڪم جا؟“
    هو سڄي رات سوچن سان اڪيلي سر وڙهندو رهيو لڇندو رهيو ڦٿڪندو رهيو.
    مسجد مان آزان جو آواز گونجندو رهيو.
    ”حياعَ الفلاح ــ حياعَ الفلاح“
    هن اندر جي سڏ کي سڃاتو. گهر مان ڪجهه نه کنيو اجرڪ ويڙهي رستي تي نڪري آيو، ڄڻ ڪنهن جو روح سڏي رهيو هجيس.
    شهر جو روڊ ويران هو ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ هي اڳتي وڌندو ويو وڌندو ويو سندس پير ڄڻ نشانن تي رکبا اڳتي کڄندا ويا.
    هو ڳوٺ جي مسجد وٽ پهتو جتي ٻار وڏي آواز ۾ سبق پڙهي رهيا هئا.
    ”يعقوب از نادا رَبَہُ“
    سڀئي ٻار يعقوب جو نالو وٺي رهيا هئا. ڪو به اهڙو ٻار ڪونه هو جنهن يعقوب جو نالو نٿي ورتو.
    هن کي گمان ٿيو ته هو ڪنهن جي ڳوٺ ۾ آيو آهي.
    راڻيءَ جو مڙس مسجد مان نڪتو، هن کي ڏسي بيهي رهيو.
    ”يعقوب تون هتي؟“
    هي وائڙو ٿي ويو. کيس پڪ ٿي ته هو پنهنجي ڳوٺ پهتو آهي.
    هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    ”هيڏي سوير“ راڻيءَ جي مڙس جي اواز تي هي ڄڻ جاڳي پيو.
    ”ڏاڍي دير ٿي وئي“ هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو.
    راڻيءَ جي مڙس کيس ڀاڪر وڌو، ڄڻ ڪنهن پنهنجي جي ڀاڪر ۾ آيو هجي. ڄڻ ڪنهن ڄاتل سڃاتل خوشبوءَ سان واسجي ويو هجي. ڪي ساعتون ته هن ڀاڪر کان جدا ٿيڻ ئي نه پي چاهيو. اکين جا بند ڀڄي پيا. گرم ڳوڙها راڻي جي مڙس جي ڪلهن تي ڪريا.
    يعقوب ڄڻ پنهنجي وجود سان ملي رهيو هو.
    گهر پهتو ته ڄڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کيس سڃاتو هجي. ڀاڪرن مان واندو ٿي هو پيءُ واري کٽ تي ويٺو جنهن جي واڏڻ ۾ اها ساڳي لٺ اڃا سندس اوسيئڙو ٿي ڪيو.
    ڀاڻيجا، ڀائيٽا. اڦراٽن تي مکڻ ڦٽيون رکي ماني کائڻ لڳا. هو مرڪيو.
    وري اکين جا بند ڀڄي پيس. ڳوڙها کاڏيءَ کي ڇهندا هيٺ ڪري پيا.
    هن جون اکيون ٻوٽجي ويون
    جڏهن اکيون کوليائين ته کٽ جي واڏڻ تي راڻي ويٺي هئي. اڇو ململ جو چولو، مٿي تي اڇو رئو. هن جون اکيون جرڪي پيون.
    راڻيءَ ڪڇ ۾ ڪيل بار جو ڪپڙو پري ڪيو.
    هي ڏس منهنجو ”يوسف“
    هن کان رڙ نڪري وئي. منهنجو ”يوسف“
    ها يعقوب جو ”يوسف“ جنهن سان ملي کانپوءِ يعقوب جو نور واپس آيو هو هن يوسف کي ورتو. اها ساڳي خوشبوءِ جنهن کي ڇڏي هو شهر ڏانهن هليو ويو.
    هن يوسف جي نرڙ تي چمي ڏني.
    راڻيءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪريا.
    ڪيڏو روڪيو مانءِ ”نه وڃ“
    يعقوب يوسف کي مضبوط هٿن ۾ جھليو منهن منهن سان ملائي چيائين ”موٽي ايندس مان“.


    واليون

    سوڍو رڳو نالي جو وڃي سوڍو بچيو هو
    سڄو ڏينهن پير کاٽ ۾!
    هُنَ چنبو هنيس ته وري ڪٿان بُجو مليس.
    سندس ڪم ئي اهڙا هئا، گُهري عزت لهرائيندو هو.
    ”ڪنهن کي دم ته ڪنهن کي دلاسو“.
    ڪنهن کان ويهه ورتا، ته ڪنهن کي پنجاهه جي چوٽ
    صبح جو سوير وڃي، خير شاهه جي مَڪان تي پاسو جھلائبو ۽ جُوا جي ٽِڪري تي ويهي، پڙ پالو ڪري، ڪڏهن ٻه چار روپيه کٽندو ته واهه واهه، نه ته هميشه ملڪ ميدان ڪري، انگوشو ڇنڊي.، ڪلهي تي رکندو هو.
    ”ڪڏهن ڪڏهن ته انگوشو به ماڻهو کسي وٺندا هئس“.
    سوڍو هڪ ڀرپور بجو، پنهنجي منهن تي ملي چوندو هو ”سوڍا ٿُڪ ٿئي! جي جوان هوندين، ته سڀاڻي کان هن پِڙَ تي پير ئي نه رکندين“.
    ڪيئي سج اڀري لهي ويا پر سوڍي جي ڪرت ساڳي، مجال آ جو سوڍو جُوا کان باز اچي، عادت سوڍي جو عضوو ٿي وئي هئي!
    جوا نه کيڏي ته چينَ سان نه سمهي سگهي!
    چئي! ”ته هنن هڏن کان هاڻي ٻيو ڪهڙو ڪم ٿيندو؟“
    چَمُ چيو ئي نٿو ڪري، تڳاري مونکان کڄي ڪونه ٿي ٿورو وزن کڻي پنڌ ٿو ڪيان ته اُڀ ساهي وٺي ٿي وڃي.
    اُهو مُئو گولڊ فليڪ سگريٽ پي، پي، هڻي ڦڦڙن جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿم!
    دوا به ڪٿان وٺان، جڏهن کان يوناني ڊاڪٽر ٻه هڪڙآ ڪک ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏنا ۽ چيو ته، سوڍل جيڪي ڏينهن جيئرو رهين غنيمت اٿئي، باقي تنهنجي گارنٽي ختم کيل ختم پئسا هضم“.
    خبر ٿئي ڇا چيم ان حجم ڊاڪٽر کي، ڪوڙو ڪوڙي جو پٽ! چيومانس ته ”حڪيم صاحب حياتي ڇڏي ڪو به ڪونه مرندو جيڪي ڏينهن جيئرو هوندس اهي تون ڪونه وٺي ڏيندين“.
    خبر ٿئي ڇا چيائين،
    ”چيائين ته ڪڏهن زندگي به جوا جيان هارائي ڇڏيندين“.
    چيومانس.
    وائڙيءَ جا اهي تو وارا ڪک منهنجي زندگي بچائيندا زندگي به منهنجي ته هارائيندس به مان“.
    سوابا، ڏاڍو انگوشو ڇنڊي، شهپر کي تريءَ سان مهٽو ڏئي ڊاڪٽر جي اکين ۾ چتائي ڏٺم ته ڊاڪٽر چيو: ”ماڻهو مون به ڏٺا پر تو جهڙا گهٽ“.
    ٻئي ڪک ڪاغذ کولي اتي هاريامانس ۽ پوءِ موت سان مهاڏو اٽڪائي نڪري آيس“.
    سوڍو به سوڍو ته مومل به مومل.....
    هڪڙي، هيڪل جندڙي جبل جيڏي گهر سان منهن ڏيڻ، جڏهن ته مڙس جا افعال اِهي. نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾! گهر جو ڪم ڪار راڄ جي اٿي ويٺي، سَڏُ، صلح، اصل مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيون پئي اچي. لَکائي ڪونه، ته ڪو مڙس ڪمائي ڪونه ٿو، سڄو ڏينهن جوا جي ڪڍ آ، ڇوٽ ڇُوٽِ ۾ گهڻو مٿو هنيائين پر جبل سان مٿو ڪير هڻي“.
    سوڍو نه سڌرڻو هو سو نه سڌريو“.
    ”مومل پيڪن کي دانهن ڏني“
    ” رسي وڃي گهر ويٺي پر سوڍو چَئُه، جو سڌري، اُهو ئي، خير شاهه جو مڪان ۽ پاڻ“.
    مومل رسي وئي ته سوڍو پرچائڻ ڪونه ويس، صرف هڪڙو ڪم ڪيائين جڏهن به ساهراڻي گهر کان لانگھائو ٿيندو هو ته وڏي آواز ۾ ڪلام چوندو هو ته: ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين گهڻن کي اسان به روئاري وينداسين“.
    مومل جي هنيانءَ ۾ ڄڻ هٿ پئجي ويندو هو ۽ لڙڪ لاڙي ويهندي هئي، هڪ ڏينهن ته پيءُ سان وڙهي پئي.
    چئي ”بابا سوڍو مري ويندو، مون کي ڇڏ ته مان پنهنجي گهر وڃان“
    ”امان گهر تنهنجو پنهنجو“
    ڇڏي تون پاڻ آئي آهين، هاڻي مونکي چو ٿي چوين؟
    مان توکي ٻڌي ته ڪونه ويهاريو آ
    پڻهنس جو اهو چوڻ ۽ مومل جو ڌيءُ کي ڪڇ تي کڻي نڪرڻ.
    ان رات مومل ڏاڍو رني سوڍل جو گوڏو هو، سوڍو هو ۽ مومل جا لڙڪ هئا. سوڍو به روئي ويٺو هو.
    چيائين، ”مونسان ايڏي دل به اٿئي پوءِ ڇو ڇڏي وئينءَ“.
    مومل لڙڪ اگھي کيس رڳو ڏٺو.
    اڙي ائين نه ڏس، مارڻي ڍور وانگر ڪٿي شهيد ڪري نه وجھين، مومل جي مک تي مرڪ تري آئي هئي ۽ هن ڀري مُڪ جو سوڍل جي نڪ تي هنئي ته ”سوڍل جو اڇو پهراڻ رت ۾ ٿي ويو.
    مومل ڏاج ۾ ڏنل موٺڙيي وارو رَئو ساڙي کيس خاڪ سنگھائي تڏهن وڃي رت بند ٿي.
    ته سوڍل چيس:
    ڇو بند ڪيئي اها به مئي نڪري وڃي ها، هن نڪمي جسم مان ته چڱو هو.
    مومل مِسڪي پئي ته سوڍل ساڻي ٿيل جسم کي سندس ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو“ اها رات مومل لاءِ سڀاڳي رات هئي جو ورهين پڄاڻا هن کي مڙس جو قرب نصيب ٿيو هو.
    مومل اڃا اٿي منهن تي ڇنڊو به نه هنيو هو ته خبر آئي هئي. ته سندس پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڪمري جو شهتير ڀڄڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا آهن، اتان ڄڻ مومل نڪرڻ جي دير هئي، مومل خاڪ کڻي مٿي ۾ وڌي ۽ ماتم ڪندي پهتي.
    ان ڏينهن مومل اهڙو ماتم ڪيو جهڙو امامن جو ٿيندو آهي، ياحسين! هڪ لمحي جي خوشي سالن جي درد کي ٿالهيءَ ۾ کڻي اچي مومل جي جھولي ۾ وجھي وئي.
    ”مومل جي ميس ئي مري وئي، دنيا ئي وسري ويس، شاديون ڇٺيون ته ٺهيو پر مرڻي تي به گهران ڪونه نڪري، گهر ۽ پاڻ، رليون ۽ تڏا، درد جو ٽوپو ۽ ڏکن کي وڪڙ“.
    مومل جي مک تي مرڪ وري تڏهن وَري جڏهن راڻي سمجهه سان ٿي.
    امڙ پڌر جي ٻهاري ته ڏئي وٺ،
    اڄ ڀلا ٿانون تي ته هَٿُ ڦيري وٺ،
    پڻهين جو پوتڙو ميرو پيو آ، ان کي ته صابڻ جا ٻه گهڪا ڏئي تار تي اُڇل!
    مطلب ته هن کي هٿ ونڊرائڻ واري ملي وئي هئي. راڻيءَ کي کلندي ڪم ڪندي ڏسي کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو“
    ڏاڍي لاڏلي هئي پيءُ جي، ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هئس اهي ميلا، ملاکڙا، شاديون غميون.
    جيڪو انگل ڪري اهو پورو.
    ”هڪ دفعي ضد ڪيائينس ته بابا مونکي واليون وٺي ڏي“.
    ”اڙي بابا ڇا ڪندينءَ تون واليون تون اڃا معصومڙي ڪن ڪچا“
    ”مان واليون پائيندس“
    ”ٻار واليون نه پائيندا آهن“.
    ”پُڦيءَ جو پاتيون آهن“.
    ”پُڦهين ته وڏي آ نه“.
    مان ڪجهه نٿي ٻڌان مونکي واليون گهرجن!
    ٻي ڏينهن سورهن واليون اچي ويون.
    ڪچڙا ڪن سبيا، ڪارا ڌاڳا پيا، حقي جي پاڻيءَ سان ڌوتا هفتي ۾ ڪن ڇٽي ويا ۽ واليون پائجي ويون.
    هُنَ ٻئي ننڍڙيون ٻانهون ڦهلائي پيءُ جي ڪنڌ ۾ ڀاڪُر وڌو ۽ واليون ڏيکاريون ته پڻهنس جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    ”هاڻي ته خوش“.
    ”خوش“.
    مومل ڪيلي جي وڻ جيان ڄڻ ڇهن مهينن ۾ جوان جماڻ ٿي وئي هئي، سندس شادي سڳي سؤٽ سوڍل سان ٿي. هن کي خبر ٿورئي هئي ته قسمت ايترو جلدي پلٽو کائيندي شهزادين وانگر پليل، ڪنهن جي آڏو ائين مجبور ٿي پوندي ۽ هن کي ڪم کائي ويندو. پر هاڻي هوءَ خوش هئي....
    ته راڻي راحت بڻجي آئي آهي.
    کيس ڏسي اندر ۾ خواهش جاڳي ته جيڪر ڌيءُ جي ڪنن ۾ واليون وجھان.
    پر ڪيئن ڪريان؟ ڪنهن کي چوان؟
    سوڍي کي ڪيئن ڏيان، ڪٿي جوا ۾ نه هارائي اچي....
    ڪئي ڪمائي نه لوڙهي ڇڏي!
    ڌيءَ سان صلاح ڪيائين ”امان توکي واليون ٺهرائي ڏيان؟“
    راڻي ”ڇو امان؟“
    سٺيون لڳندءِ.... مان ته ستن سالن ۾ واليون پاتيون“
    هان امان! پوءِ ڀلا ٺهرائي ڏي“
    ”ڪنهن کي چوان“
    ”بابا کي“
    ”پڻهين کي“
    ”ها ڇو“!
    ائين.... هن کي ڪهڙي خبر ته جوا ڇا آهي؟ مومل اندر ۾ ڀڻڪيو. ٻي ڏينهن ننڍي قينچي کڻي ويٺي.
    ڌيءُ کان ڪن جھلرائي ويڙه کويندي سورهن ئي واليون لاٿائين“ ڪاغذ ۾ بند ڪري رکيائين، رات جو سوڍل کي منجھي منجھي چيائين.
    راڻيءَ لاءِ واليون ته ٺهرائي ڏي.
    سوڍل آسمان ۾ ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسي ٽهڪ ڏنو.
    کلئين ڇو؟
    ”تنهنجي خواهش تي کل آئي.“
    ڇو؟
    تون جيڪڏهن چوين ها ته آسمان مان ستارا لاهي اچ ته شايد مان ڪوشش ڪيان هان“ پر هي ته ممڪن ئي ڪونهي.
    مان ٿي ڏيانءِ پنهنجيون واليون، تون رڳو ننڍيون ڪرائي نئين ڊزائين ٺهرائي ڏي“.
    سوڍل پاسو ورائي سندس اکين ۾ ڏٺو، جن ۾ والين وارو خواب ڪرموڙي رهيو هو“.
    ”هُنَ ها ڪئي“
    ”مومل کي ڄڻ اوندهه ۾ ڏيئو نظر آيو“
    صبح ٿيو. سوڍل انگوشو مٿي سان ٻڌو ۽ شهپرن کي تيل هنيو. آئيني ۾ منهن ڏٺو ته مومل اچي پنو هٿ ۾ ڏنس!
    پريان راڻي مرڪي ڏٺس، هن آئيني تي آخري نهار وڌي ته ٻاهران در تي سڏ ٿيو.
    ”هن آئينو کٽ تي اڇليو. والين وارو ڪاغذ کيسي ۾ وڌو ۽ ٻاهر نڪتو“.
    ”ٻاهر نڪتو ته سامهون خدو بيٺو هو“.
    پٽ گهڻا ڏينهن ڏٽا ڏنا اٿئي ”اڄ پئسا ڏيڻا پوندئي.
    سوڍل جي نڙي خـشڪ ٿي وئي هن کيسي کي مضبوطيءَ سان پڪريو....
    ”ڇا ٿو لڪائين“
    ”ڪجهه به نه“
    ”هيڏي ڪر“
    ”ادا خدن مون وٽ هن مهل ڪجهه به ڪونهي، مان تنهنجا پئسا جيءُ جيءُ ڪري ڏيندس“.
    ”نه مون کي پئسا هاڻي کپن“
    ”ڳالهاءَ ته مومل ۽ راڻي سري اچي در جي اوٽ ۾ بيٺيون“
    ”ڀاءُ منهنجا مان پئسا توکي هفتي ۾ ڏيندم“.
    خدن هڪ به نه ٻڌس، اڳتي وڌي کيسي ۾ هٿ وڌائينس.
    ته سوڍل پوري طاقت سان کيس پري ڌڪو ڏنو....
    خدن ڪاوڙ ۾ آيو ۽ چماٽ هنيائينس.....
    ”سوڍل واليون ڪڍي مٺ ۾ ڪيون“
    خدن لت هنيس ته ڪري پيو.....
    ٻه.... ٽي چار..... لتون پيٽ تي هنيائيس ته سوڍل کان دانهن نڪري وئي.
    راڻي ڀڄندي اچي پيءُ کي چنبڙي ”بابا کي نه ماريو“
    خدن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڀيڪوڙيل مٺ نه ڇڏائي سگهيو.
    راڻي کي روئيندو ڏسي سوڍل اڃا ڀي مٺ ڀيڪوڙي ڇڏي.
    خدن بدنامي کان بچڻ لاءِ آخري زوردار لت سندس پيٽ ۾ اهڙي هنئين جو سوڍل کي اڀ ساهي ٿي پئي.....
    خدن نڪري ويو.....
    مومل مٿان آيس ته اعتبار قائم رکڻ لاءِ مٺ کولي مرڪي ڏنائينس ۽ آخري هڏڪي ڏنائين........
    واليون جرڪي رهيون هيون......


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267714
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ