ڪتاب جو نالو: گهاگهر منجهه ساگر
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 22 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 766 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 111 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي. اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جو پهريون ڪتاب پيش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“؛ معروف هندڪو شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر سلطان سُڪون جي جوڙيل ڪتاب ”کوزے بچ دريا“ تان ورتل/ماخوذ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۷)
  • سنڌسلامت پاران
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • سادا اکر
  • سلطان سڪون
  • متن

  • 1. آدمی آدمی ويخ کے گل کرنی چاہی دی اے۔ (کہاوت)
  • 2. آدمی آدمیا دا دارو، آدمی آدمیا دا مارو۔ (کہاوت)
  • 3. آدمی بوٹا ويخ کے چھاماں بيٹھدے۔ (کہاوت)
  • 4. آندے آں موڑيا نينھ، جلدے پچھے دوڑيا نينھ۔ (کہاوت)
  • 5. آئيں تے کے آنڑسيں، آياں تے کے ديسيں۔ (کہاوت)
  • 6. اچپا پکم کھا، مندھريا منگ کھا۔ (کہاوت)
  • 7. ادھارا دی ما نينھ موئی۔ (کہاوت)
  • 8. ادھلی آں داج کوڻ پاندے۔ (کہاوت)
  • 9. افسر گوہے دا تے فر لوہے۔ (کہاوت)
  • 10. اکھیاں تو اوہلے دلاں تو اوہلے ۔ (کہاوت)
  • 11. اگ تے پانی بے لحاظ ھوندن۔ (کہاوت)
  • 12. اگ تے پانی دی کے اشنائی۔ (کہاوت)
  • 13. اگلے دی جان گئی لوکاں جوگے کھیڈ تماشا۔ (کہاوت)
  • 14. اللہ گنجے آں نونھ ای نہ ديوے۔ (کہاوت)
  • 15. ان ڈٹھا چور؛ سادھ ھوندے۔ (کہاوت)
  • 16. انھے دا سوٹا؛ کے کھرا، کے کھوٹا۔ (کہاوت)
  • 17. اوکھا ویلا لنگھ جلدے، دوئے دی گل ياد رہندی اے۔ (کہاوت)
  • 18. ايانا گل کردے، سيانا نياں کردے۔ (کہاوت)
  • 19. ایہہ جانے تے اوہ جانے توں پہن دانے۔ (کہاوت)
  • 20. بخشيش سو دانہ، حساب جوں دانہ۔ (کہاوت)
  • 21. برھے چيت؛ نہ کھل مٹے، نہ کھيت۔ (کہاوت)
  • 22. بگانہ گہنا؛ لوکاں دا مہنا۔ (کہاوت)
  • 23. بلی دا گونھ لوڑ آيا تے اوہ بوٹے تے چڑھ ہگی۔ (کہاوت)
  • 24. بنی دا ہر کوئی اے، ان بنی دا کوئی بھی نینھ ہوندا۔ (کہاوت)
  • 25. بنيا جدوں غريب ہو جلدے تے پرانی بہی پھر ولدے۔ (کہاوت)
  • 26. بے کار کولو بگار چنگی۔ (کہاوت)
  • 27. بیاہ کیتا؛ ماؤ پیؤ دارو گیا۔ بچہ ہو؛ سنگیاں ساتھیاں دارو گیا۔
  • 28. بیاہ نینھ کیتا ورے جنجاں چڑھدیاں بہوں ڈٹھیاں نیں۔ (کہاوت)
  • 29. پتریا تے تریا۔ (کہاوت)
  • 30. پرہا پرہاواں دے، پتر ماواں دے۔ (کہاوت)
  • 31. پرون کوزے آں آخے؛ دو موریا تے اپنا کجھ شمار ای نینھ۔ (کہاوت)
  • 32. پکن میوے، کھاون نصیب والے۔ (کہاوت)
  • 33. پہائی پہائیاں دے، چہائی سر گرائیاں دے۔ (کہاوت)
  • 34. پہڈ سوئی یا تروئی؛ ہک ای گل اے۔ (کہاوت)
  • 35. پھگن؛ کھلیاں ہگن۔ (کہاوت)
  • 36. پہیڑے مونھا بچو، پہیڑی گل ای نکلدی اے۔ (کہاوت)
  • 37. پوہ مانھ نرا؛ دیہاڑی چہڑ، راتی کھرا۔ (کہاوت)
  • 38. پوہ مانھ؛ پکھانے؟ (کہاوت)
  • 39. پیدل تے اسوار دی رات؛ ہکی جائی آندی اے۔ (کہاوت)
  • 40. پیر آزما کہن، کہوڑا دوڑا کہن۔ (کہاوت)
  • 41. پیر پتر نہ دتا، رن نینھ کھسدا۔ (کہاوت)
  • 42. پیسا پا، تے نالے کھا۔ (کہاوت)
  • 43. پیسے دی گدڑی، روپیا پیا تے ادڑی۔ (کہاوت)
  • 44. تھوڑا کھانا، سکھیا رہنا۔ (کہاوت)
  • 45. تو کون؟ میں خوامخواہ۔ (کہاوت)
  • 46. ٹہاکے دا ویلا؛ ادھا چٹا، ادھا میلا۔ (کہاوت)
  • 47. جتنا بڑا سر، اتنی بڑی سر دردی۔ (کہاوت)
  • 48. جتنے مونھ، اتنیاں گلاں۔ (کہاوت)
  • 49. جتھے گڑ ہوندے، اتھے مکھیاں ہوندئین۔ (کہاوت)
  • 50. جدھر سر، ادھر سرہانا۔ (کہاوت)
  • 51. جڑھا اتھے خوار، اوہ مکے بھی خوار۔ (کہاوت)
  • 52. جڑھا چھانسی، اوہ جانسی۔ (کہاوت)
  • 53. جڑھی جننے کولو ڈرے، اوہ بیاہ ای نہ کرے۔ (کہاوت)
  • 54. جڑھی متھے بچ ہے، اوہ ہتھے بچ اے۔ (کہاوت)
  • 55. جسدا ہووے پلسی یار، اساں دشمن کے پکار۔ (کہاوت)
  • 56. جسدی شے گمدی اے، اسدا ایمان بھی گم جلدے۔ (کہاوت)
  • 57. جلاہیاں دے ٹھٹھے؛ ماواں پنہڑاں دے نال۔ (کہاوت)
  • 58. جلو اگے، تے چھاٹ پچھے دیئو۔ (کہاوت)
  • 59. جند نروئی، مل نینھ کوئی۔ (کہاوت)
  • 60. جیہجا مونھ، ایہجی چپکیڑ۔ (کہاوت)
  • 61. جیہیے روح، ایہجے فرشتے۔ (کہاوت)
  • 62. چاڑے ہتھ سنیہا؛ جواب کجیہا۔ (کہاوت)
  • 63. چاء دی سرکی؛ ڈوگی رہن کوٹھا کڑکی۔ (کہاوت)
  • 64. چاہ کو چاہ اے۔ (کہاوت)
  • 65. چٹؤا دتا سر، موہلیاں دا کے ڈر۔ (کہاوت)
  • 66. چٹے کپڑے دا داغ، دورو سہی آندے۔ (کہاوت)
  • 67. چٹی؛ کھٹی موڑ پلٹی۔ (کہاوت)
  • 68. چن چڑھدے، تے جگ دیخدے۔ (کہاوت)
  • 69. چھلے دی ہڈی گئی، کتے دی ذات پچھاںئی گئی۔ (کہاوت)
  • 70. چوراں تے مور، تے موراں تے ہور۔ (کہاوت)
  • 71. چوراں کولو پنڈ تاولی۔ (کہاوت)
  • 72. چوہے آں سنڈھا دی گندھی لبھ گئی تے پساری بن بیٹھا۔ (کہاوت)
  • 73. حاضر کو مہر اے۔ (کہاوت)
  • 74. حرامیاں دے سر اتے سنگ نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
  • 75. حرامیاں دے فرقے؛ سیون سویلا، اٹھن چرکے۔ (کہاوت)
  • 76. حرامیاں دی ہک رگ، بدھیک ہوندی اے۔ (کہاوت)
  • 77. خطا، انسان کولو ای ہوندی اے۔ (کہاوت)
  • 78. دخدی جا ای دخدی اے۔ (کہاوت)
  • 79. دلاں بچ سچ، کوٹھے چڑھ کے نچ۔ (کہاوت)
  • 80. دنیا پھردی دا پھیر اے۔ (کہاوت)
  • 81. دنیا دے مونھا اتے ہتھ کون رکھ ہکدے۔ (کہاوت)
  • 82. دور دے رشتیدار کولو، نیڑے دا گمانڈھی چنگا ہوندے۔ (کہاوت)
  • 83. دو ہتھڑ، تالی بجتی ہے۔ (کہاوت)
  • 84. دوۓ دا نیالہ بڈا لگدے۔ (کہاوت)
  • 85. دیہاڑی بولن پھہاڑیاں، راتی بولن کاں؛ یا گراں دا لمبردار نینھ، یا گراں دا گراں۔ (کہاوت، شگون)
  • 86. دیۓ تلے انھیرا۔ (کہاوت)
  • 87. رات کنڈیاں تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)
  • 88. رواں دی بلی بناواں، میاؤں کون کرے۔ (کہاوت)
  • 89. زنانی دے بالا بالا تلے فریب ہوندے۔ (کہاوت)
  • 90. زنانی دی کھری پچھے مت ہوندی اے۔ (کہاوت)
  • 91. سانجھا ابا، کسے نہ دبا۔ (کہاوت)
  • 92. سانجھا مال، ترہایا ای رہندے۔ (کہاوت)
  • 93. ساہیہ لادو ہویا، تے چاسی کے۔ (کہاوت)
  • 94. سٹیا گراں، کے کہننا ناں۔ (کہاوت)
  • 95. سجن آخے روا کے، دشمن آخے ہسا کے۔ (کہاوت)
  • 96. سر بڈے سرداراں دے، پیر بڈے گنواراں دے۔ (کہاوت)
  • 97. سس تے سوہرا کہر نینھ، ہور کسے دا ڈر نینھ۔ (کہاوت)
  • 98. سنڈھیاں دا کہول تے بوٹیاں دی شامت۔ (کہاوت)
  • 99. سنگ کنڈھلے منجھیۓ، پیر چٹے کہوڑیۓ،
  • 100. سنہیا دا مارے دا، کتا بلا کھاندے۔ (کہاوت)
  • 101. سور ہڈی، ملخو کڈھی۔ (کہاوت)
  • 102. شک، پیئو پتر دا لحاظ نینھ کردا۔ (کہاوت)
  • 103. شک، حرام چیز ہے۔ (کہاوت)
  • 104. شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
  • 105. عملاں باہج، نبیڑے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
  • 106. قبرا تا قبر، نینھ ہوندی۔ (کہاوت)
  • 107. قسمت ماڑی ہووے تے اونٹھا تے بیٹھے دیاں بھی کتا لڑ جلدا اے۔ (کہاوت)
  • 108. کاگ اڈدے تے کاں ای کاں کردے۔ (کہاوت)
  • 109. کالیاں دے کالے ای ہوندن۔ (کہاوت)
  • 110. کر پہلا، جے ہووئی پہلا۔ (کہاوت)
  • 111. کسے کبے آں لت کڈھ ماری، اوہ کمادا بچ جل لکیا۔ (کہاوت)
  • 112. ککڑی بھی کسی اوہلی جائی بیٹھ کے انڈہ دیندی اے۔ (کہاوت)
  • 113. ککھ بھی چوری، لکھ بھی چوری۔ (کہاوت)
  • 114. کمنا دی یاری؛ نہ جتی، نہ ہاری۔ (کہاوت)
  • 115. کناں سنی دا کے اعتبار۔ (کہاوت)
  • 116. کندھ، اٹا اتے ای چڑھدی اے۔ (کہاوت)
  • 117. کندھا دے بھی کن ہوندن۔ (کہاوت)
  • 118. کنڈیاں دا منڈھ، ہک ای ہوندے۔ (کہاوت)
  • 119. کھوتیاں کدوں کڑاہیاں کھادئیاں۔ (کہاوت)
  • 120. گنجے دا پتر گنجا نہ ہویا تے تہدری ضرور ہوسی۔ (کہاوت)
  • 121. گنجے دے نونھ، سرا دی شامت۔ (کہاوت)
  • 122. لاندا ہر کوئی اے، نبھاندا کوئی کوئی اے۔ (کہاوت)
  • 123. لسے جنے دی رن، جنے کھنے دی پہابی۔ (کہاوت)
  • 124. لکھ ٹکا ہرایئے، پریت نہ گنوایئے۔ (کہاوت)
  • 125. لکھ گمے، ساکھ نہ گمے۔ (کہاوت)
  • 126. ما جتنا اگاردی اے، اتنا ماردی نینھ۔ (کہاوت)
  • 127. ما ماردی اے، مارنے نینھ دیندی۔ (کہاوت)
  • 128. مانگواں گہننا؛ جگ دا مہننا۔ (کہاوت)
  • 129. ماواں؛ ٹھنڈئیاں چھاواں۔ (کہاوت)
  • 130. مچھ نینھ، تے کچھ نینھ۔ (کہاوت)
  • 131. مکھی، گند اتے ای بیٹھدی اے۔ (کہاوت)
  • 132. مناں دے کہاٹے، سیراں نال پورے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
  • 133. مونھ پہیڑا ہووے تے گل پہیڑی نینھ کرنی چاہی دی۔ (کہاوت)
  • 134. مونھؤ نکلی، ملخو نکلی۔ (کہاوت)
  • 135. نیڑے دا پیر، لوہکا ہوندے۔ (کہاوت)
  • 136. ہتھے آں ہتھ، سیانڑدے۔ (کہاوت)
  • 137. ہچھا کون؟ میں آپ۔ (کہاوت)
  • 138. ہسدا بندہ تہوکے باز ہوندے۔ (کہاوت)
  • 139. ہسیا تے پھسیا۔ (کہاوت)
  • 140. ویخ اللہ دے کم، کھوتے کھاون ام۔ (کہاوت)
  • 141. یا روزی، یانصیب۔ (کہاوت)
  • 142. یار اوہ جڑھا اوکھے ویلے کم آوے۔ (کہاوت)
  • 143. یاراں دیاں گلاں، پھلاہی دیئاں ہلاں۔ (کہاوت)
  • 144. یاراں نال بہاراں۔ (کہاوت)
  • 145. یاری اے کہ چھولیاں دا بڈھ اے۔ (کہاوت)
  • ڏسڻي
  • انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۷)

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۷)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۸ع


    ڪتاب: گهاگهر منجهه ساگر
    (هندڪو ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون)
    تاليف و تصنيف: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: جنوري ۲۰۱۸ع
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۱۵۰ رپيا

    “Proverbs & Sayings of Hindko Language”
    By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: January 2018 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: drmuhabbatacademy@gmail.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙي،
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گھاگھر منجھ ساگر“ اوهان اڳيان پيش آهي. هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جي سهيڙ ۽ ترجمي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ليکڪ، محقق ۽ ڪهاڻيڪار انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
    موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي. اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جو پهريون ڪتاب پيش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“؛ معروف هندڪو شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر سلطان سُڪون جي جوڙيل ڪتاب ”کوزے بچ دريا“ تان ورتل/ماخوذ آهي.
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    سلطان سڪون صاحب جي لکيل ڪتاب ”کوزے بچ دريا“ بابت، مون کي آگاھي ڏيڻ يا ان جي فوٽو ڪاپي ھٿ ڪري ڏيڻ ۾، ضلع جھنگ سان واسطو رکندڙ، رچناوي ٻولي جي ليکڪ، محترم مھر افتخار وينس جو ھٿ آھي. ان صاحب کي اتان جي علائقائي ٻولين بابت کوجنا ڪرڻ يا پنھنجي شاھپوري/رچناويءَ اندر لغتن تيار ڪرڻ جو شوق آھي. ساڻس سليڪ عليڪ فون ذريعي ئي رھي آھي يا خط و ڪتابت ذريعي. کيس ڪٿان راقم جو سيل نمبر ھٿ چڙھي ويو. ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ موضوعن بابت ذڪر ٿيو ۽ تبادلو پڻ ٿيو. کيس ”رچناوي-سنڌي سانجھ لغت“ تيار ڪرڻ جو شوق ۽ اونو آھي. ان لاءِ مواد ڪٺو ڪرڻ خاطر سنڌ اندر ڪيترن ئي اديبن سان فونن ذريعي رابطا ڪندو رھيو آھي. ساڻس روبرو جي ملاقات ناھي. جڏھن ته پنجاب اندر، پنجابي ۽ سرائڪي کان علاوھ ننڍن ننڍن لھجن اندر جوڙيل پھاڪن جي ڪتابن بابت به گھڻي تڻي ڄاڻ وٽانئس ملي.
    مان پنھنجي ھيءَ ننڍڙي محنت ۽ ڪاوش ڏانھنس منسوب ڪيان ٿو. ڇو جو اگر اھو پاڻ رابطا نه ڪري ھا ته ھوند نه ڳالھ ٻول رھي ھا، نه ئي ھندڪو جي پھاڪن جي ڪتاب جوڙڻ ڏانھن ڌيان وڃي ھا.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    پيش لفظ

    عام طرح هڪ سِڪي جا ٻه پاسا، هڪ آئيني جا ٻه رُخ، هڪ رَسي جا ٻه سِرا، پر وجود هڪ ئي. ساڳيءَ ريت، ڏِسجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به ٻه رخ جُڙي پيا آهن، جن مان هڪ رُخ آهي پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون ۽ ٻيو رخ آهي انجنيئر عبدالوهاب سهتو. اهي ٻئي رخ به هڪَ ٻئي سان ايئن جَڙجي ويا آهن جو ٻنهي کي هڪُ ٻئي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي! سندن اها نينهن جِي ’ڳنڍَ ٽوپ‘ شالَ سدا جُڙي رهي، ڇاڪاڻ ته، پڌري پَٽ پيو آهي، ته موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي.
    عبدالوهاب سهتي جا، سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ۱۱-ڪتاب ۽ پهاڪن ۽ چوڻين بابت مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ تي مشتمل ۲-ڪتاب ڇپجي، مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت تي سندس انتهائي اهم ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. هاڻ هُن هڪ وِک ٻِي به کنئي آهي، جيڪا پڻ بيحد وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هن هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
    هندڪو؛ لهندا ٻولي جي ڪٽنب مان آهي جيڪا خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائي ۽ فارسي-عربي (Perso-Arabic) الف-ب جي شاهه مُکِي (Shahmukhi) رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.
    ڪنهن به ٻِي ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۽ عوام ۾ ڳالهائجندڙ پهاڪن ۽ چوڻين جو مطالعو ڪرڻ، ڄڻ ان ٻوليءَ جي سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مزاج (behaivour) ۽ ماڻهن جي روين (attitudes) جو مطالعو بڻجي پوي ٿو. انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ خاص ڪري غريب ۽ سادن سودن ماڻهن ۽ عورتن ڏانهن ٽوڪ ۽ چٿر وارن روين ۽ کين گَهٽِ سمجهڻ جي عام سوچ جي عڪاسيءَ به پڌري ٿي پوي ٿي. ان ريت جڏهن ٻيءَ ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي ٿو، ته مٿئين مقصد سميت ان سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ سمايل ڏاهپ جو ڄڻ ته پنهنجي سماج، ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ سمايل ڏاهپ سان تقابلي مطالعو به ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ٻنهي سماجن، ثقافتن ۽ ٻولين ۾ سمايل مزاجن ۽ ماڻهن جي روين کي به سمجهڻ شروع ڪجي ٿو. ان ريت، ماڻهو هڪ ئي وقت تاريخ (History)، علم الانسان (Anthropology)، علم اللسان/ٻوليءَ جي علم (Linguistics)، ۽ سماجي اڀياس (Sociology) جي شعبن سان سلهاڙجي ٿو.
    اِن مختصر پس منظر ۾، اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جو پهريون ڪتاب پيش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“؛ معروف هندڪو شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر سلطان سُڪون جي جوڙيل ڪتاب ”کوزے بچ دريا“ تان ورتل/ماخوذ آهي.
    سلطان محمد سڪون ۲۳-نومبر ۱۹۳۸ع تي، ايبٽ آباد ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن تعليم کاتي ۾ ٽن ڏهاڪن تائين نوڪري ڪندي، ۱۹۹۳ع ۾، اڪائونٽ آفيسر طور رٽائر ڪيو.
    سلطان سڪون جا هي ڪتاب ڇپيل آهن: ”بجھ ميري بجھارت“ (۱۹۸۷ع، هندڪو ڳجهارتون، انعام يافته)، ”کاري دل گل“ (۱۹۹۶ع، لوڪ ڪهاڻيون)، ”چنّو چودھويں رات“ (هندڪو ڪهاڻيون)، ”هندکو ضرب الامثال“ (۱۹۹۹ع، هندڪو چوڻيون ۽ محاورا، انعام يافته)، ”کوئي خواب هے نه خيال هے“ (۲۰۰۱ع، اردو شعري مجموعو، گولڊ ميڊل ماڻيل)، ”تارا لوئي والا“ (۲۰۰۲ع، هندڪو ماهيا، گولڊ ميڊل ماڻيل)، ”هندکو اردو لغت“ (۲۰۰۲ع، گولڊ ميڊل ماڻيل)، ”سوچ رُت“ (۷۲ شاعرن جا چونڊ غزل)، ”دِلسوتھے“ (هندڪو شاعري) ۽ ” ”کوزے بچ دريا“ (۲۰۰۹ع، هندڪو چوڻيون ۽ محاورا، گولڊ ميڊل ماڻيل) شامل آهن. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور، حڪومت پاڪستان پاران، ۱۴-آگسٽ ۲۰۱۴ع تي، حُسن ڪارڪردگي جو صدارتي تمغو ڏنو ويو.
    سلطان سڪون جي ڪتاب ” کوزے بچ دريا“ ۾، ۵۸۲-عدد پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا داخل آهن جن ۾ گهڻائي محاورن جي آهي، جڏهن ته ڪي ورجيسون ۽ گفتا پڻ شامل آهن. انهن سڀني جو مختصر ترجمو ۽ تشريح اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهي. جهڙوڪ:
    شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
    ترجمه و تشريح: شير اپنا شکار کيا هوا کھاتا هے۔ يعني ايک بهادر آدمي خود کما کر کھاتا هے کسي دوسرے کے رحم و کرم پر نهيں رهتا۔ (کوزے بچ دريا، ص: ۷۳)
    ” کوزے بچ دريا“ جي آخري ٻن ننڍن ”ڀاڱن“ مان، پهرئين ۾ ۲۶-دعائي جملا ۽ ٻئي ۾ ۹-بددعائون به شامل آهن.
    ان ڪتاب جي ڀيٽ ۾، سهتي صاحبَ هي ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“ جوڙڻ ۾، ڄاڻايل ۵۸۲-عدد پهاڪن ۽ محاورن منجهان صِرف ۱۴۵-عدد پهاڪن ۽ چوڻين جون داخلائون کنيون آهن ۽ محاورن جي وڏي تعداد، گفتن، دعائي جملن ۽ بددعائن کي ڇڏي ڏنو آهي. هُن ڪجهه محاورن کي پڻ پهاڪن ۽ چوڻين طور داخل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سندس نُڪتي نظر موجب پهاڪا/چوڻيون آهن. ٻيو ڪم سهتي صاحب اهو ڪيو آهي، ته سلطان سڪون پاران، چوڻين جو ڏنل مختصر ”ترجمو ۽ تشريح“ ڏيڻ بدران، پنهنجي جوڙيل ”سمجهاڻي“ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪي انوکا مثال، ڪهاڻيون ۽ وضاحتون پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب جي هڪ اضافي خوبي هيءَ پڻ آهي، ته هر پهاڪي/چوڻيءَ ۾ شامل ڏکين هندڪو لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنيون آهن. ڪيترن هنڌن تي جاڙن لفظن جون گڏ معنائون ڏنل آهن، جيڪي هر لفظ جون ڌار ڏيڻ گهرجن ها. بهرحال، مون کي هڪ خيال هيءُ به آيو آهي، ته ”هندڪو-سنڌي لغت“ جوڙڻ لاءِ پيش رفت ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ، سهتي صاحب جي ڏنل سمجهاڻيءَ کان پوءِ، ’مطلب‘ جي سِري هيٺ، سڀ کان اڳ هندڪو چوڻيءَ جو ٺهڪندڙ ترجمو ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ گهرج آهر مختصر ۽ آسان جملن ۾ پهاڪي/چوڻيءَ جي ’سبق‘ ۽ ’ساڃاهه‘ کي ٻڌايو ويو آهي. ’مطلب‘ منجهه ئي، هندڪو چوڻيءَ سان ملندڙ جلندڙ سنڌي چوڻيءَ کي پڻ درج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪي ساڳين مفهومن واريون هندي، هندڪو، سرائڪي ۽ فارسي چوڻيون به ڏنيون ويون آهن. ان جي ڪٿَ سڄي ڪتاب منجهان آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. ان کان سواءِ، سمورن ۱۴۵-پهاڪن/چوڻين جي ’ڏسڻي‘ پڻ، هِن ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي ڏني وئي آهي، ته جيئن ڪنهن به گهربل پهاڪي/چوڻيءَ کي بنا دير ڳولي سگهجي. جيئن ته، مٿي ”کوزے بچ دريا“ منجهان هڪ مثال پيش ڪيو ويو آهي، ان ڪري ”گھاگهر منجهه ساگر“ منجهان به، تقابلي مطالعي خاطر، ساڳيءَ هندڪو داخلا جو مثال ڏجي ٿو:
    شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
    ماری دی؛ ڪيل شڪار، پنھنجي ھٿ سان ماريل.
    ”گوشت خور کي گوشت کپي. انسانن وٽ، پرائي پنھنجي ۽ حرام حلال جو فرق آھي. ذبح شڪار ۾ به کين مقرر ٿيل اصولن تحت ھلڻو ٿو پوي. جڏھن ته گوشت خور جانورن وٽ اھڙا اصول وضع ٿيل ناھن. اھي ھر شيءِ کي حرام ڪري ته کائين، پر پرائي پنھنجي جي به تميز نه ڪن. اھو نه ڏسن ته پنھنجو آ يا پرائو، جيڪو آيو، سو ھڙپ.
    گوشت خور جانور ۾، ھڪڙا پاڻ شڪار ڪري سگھن، ٻيا ٺپ نه ڪري سگھن، بلڪ کائين اھي به گوشت. شينھن، گوشت کان سواءِ ڪجھ نه کائي. جڏھن ته جانورن منجھ لومڙ ۽ گدڙ، ڪتو ۽ بگھڙ پڻ گوشت خور آھن. شينھن ڪڏھن به پرائي ڪيل شڪار مان نه کائي. پاڻ شڪار ڪري، ان کي ھڪ ھنڌ ٿمائي. ٻئي ڏينھن اتان اچي کائي. بگھڙ به وڏو شڪاري جانور آھي، پر وٽس پرائي پنھنجي جي ايتري تميز ناھي، جيتري شينھن وٽ آھي. ڪتو به شڪاري آھي پر ايترو نه. ٻين جي ڀيٽ ۾، ڪتو واٺو ڀلو آھي. گدڙ ۽ لومڙي، پرائي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
    پکين منجھ باز، شڪاري آھي. سيکارڻ تي شڪار جھليندو، نه ته چيري ڦاڙي ڇڏيندس. جڏھن ته ڳجھ ۽ ڪانءُ وغيرھ، پرائي-ماري يا الله-جي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . شينھن، پنھنجي ڪيل شڪار منجھان کائيندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . شينھن، شڪار جي معاملي ۾، ٻين چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏو غيرتمند ۽ اصول وارو جانور آھي.“
    ان ريت، سواءِ هندڪو پهاڪن ۽ چوڻين جي، هيءُ هڪ نئون ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
    هيءُ ڪتاب ڏِسڻ کان پوءِ، اميد رکي سگهجي ٿي، ته انجنيئر عبدالوهاب سهتو ضرور، ڪنهن ٻئي وقت، هندڪو محاورن جو ڪتاب به سنڌي ترجمي سان پيش ڪندو، ڇاڪاڻ ته محاورا پڻ پاڻ منجهه هڪ نرالي ۽ حسين دنيا سمايون ويٺا آهن، جيڪا پڻ اسان منجهان ئي ڪنهن نه ڪنهن کي کوجي پڌري ڪرڻي آهي.

    مهرباني.
    رياضت ٻرڙو
    ڊائريڪٽر (اعزازي)
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    ۱۱-ڊسمبر ۲۰۱۷ع


    سادا اکر

    ھر ٻوليءَ منجھ، ڳالھائيندڙن جي تقاضا ۽ گھرج آھر، پھاڪا ۽ چوڻيون جڙندا رھن ٿا. ڪي پاڻ مرادو واقعن منجھان وجود وٺن ٿا, ته ڪي وري ٻين ٻولين جي اثرن يا مطالعن پڄاڻان، ٻولين منجھ داخل ٿي پنھنجي جاءِ والارين ٿا. جنھن ٻولي ڳالھائيندڙن جو ڳاڻيٽو لاتعداد آھي، سا اھميت جي حامل ھوندي آھي. منجھس پنھنجي خوبصورتي جڙندي ويندي آھي. اصطلاحن، ورجيسن، محاورن، پھاڪن، چوڻين، لوڪ ڪھاڻين، لوڪ قصن، لوڪ داستانن، لوڪ گيتن ذريعي، ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري ٻوليءَ جي ضخامت ۾ واڌارو پيو ايندو آھي. اھڙين ٻولين منجھان ھندڪو پڻ آھي.
    ھندڪو، ھندڪوھ، ھندڪُو يا ھنڪُو، ھند-آرين ٻولين جي ننڍڙي گروپ لھندا جو حصو آھي، جيڪو پاڪستان ۽ ھندستان جي اترين پھاڙي علائقن منجھ ڳالھايو ويندو آھي. پاڪستان جا پشتون قبيلا ۽ افغانستان جا ھندڪي ماڻھو، اھا ٻولي استعمال ڪندا آھن. مٿس نالو ھندو ڪش جي جبلن جي نسبت سان پيو آھي. ان ھند مان مراد، موجودھ ھندستان نه، بلڪ اصلوڪو انڊس آھي، جنھن مان انڊيا لفظ ٺھيو آھي. آڳاٽي وقتن جي تاريخ منجھ، سنڌو درياھ جن جبلن منجھان ڦٽي وھي نڪتو پئي، تنھن پھاڙي سلسلي کي ھندوڪش يا ھندڪو سڏيو ويو. ان نسبت سان سنڌوءَ جي ڪنارن وارن آباد علائقن کي سنڌ يا ھند ۽ انگريزيءَ ۾ انڊس يا انڊيا سڏيو ويو. ھندڪو جي علائقي ۾ جيئن ته ھڪ قوم آباد ناھي، بلڪ مختلف قومون ۽ قبيلا رھن ٿا، ان ڪري انھن جي ٻوليءَ کي ھندڪو سڏيو ويو. ان ٻوليءَ جا گھڻا ڳالھائيندڙ ھريپور، ايبٽ اباد ۽ مانسيرھ اندر رھن ٿا، جن کي غير فعال ھزارھ ڊويزن جي نالي جي نسبت سان ھزاروال سڏيو ويندو آھي. جڏھن ته پشاور اندر ڳالھايو ويندڙ ھندڪو لھجي کي ”پشاوري“ يا ”خاري“ سڏيو ويندو آھي. ”خاري“ پشتو جو لفظ آھي، جنھن مان مراد ”شھرن ۾ آباد، ٻولي ڳالھائيندڙ“ ورتي ويندي آھي.
    ھندڪو ٻولي، نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس سميت ھزارھ، پنجاب بمع اٽڪ ۽ پاڪستان واري ڪشمير اندر ڳالھائي وڃي ٿي. ھن وقت ان ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جو تعداد ويھن لکن تائين آھي.
    اسلام کان آڳاٽي دور ۾، موجودھ پاڪستان واري علائقي اندر، پڻي لوڪن جي سڌريل ٻولي سنسڪرت ھئي. سندن حڪومت ھئي، جنھن سببان سندن ٻوليءَ کي تقويت ملي ۽ ڳالھائڻ جي حساب سان گھڻي رواج ھيٺ رھي. اھا گھڻو تڻو ھندي لکيت جي مقدس ڪتابن منجھ به استعمال ٿيندي ھئي. ان جي ھتي حيثيت ائين ھئي جيئن اولھ جي ملڪن ۾ لئٽن ٻوليءَ جي ھئي. ان وقت عوام جي ٻولي پراڪرت ھئي، جيڪا پڻ گھڻن لھجن ۾ ڦھلجي پوري ڏکڻ ايشيا اندر پکڙجي چڪي ھئي. ھندڪو بابت راءِ آھي ته اھا پراڪرت جي موراڳو ويجھو ھئي. منجھس نحوي ڦير ڦار تمام ٿورڙي ٿيل آھي، جڏھن ته لفظن جو ذخيرو پنھنجي پاڙيسري زبان پشتو تان وڌايل اٿس. اھا پنجابيءَ ۽ ھند-آريائي ٻولين جي ننڍڙي گروپ لھندا سان ويجھڙائپ رکي ٿي. کيس وڌيڪ لھجن جھڙوڪ؛ اترئين ۽ ڏاکڻئين منجھ پڻ ورھائي سگھجي ٿو. ڏاکڻيون لھجو سرائيڪيءَ سان ھم آھنگي رکي ٿو، جڏھن ته اتريون پنجابيءَ سان. لھندا گروپ جي ٻين ٻولين جھڙوڪ؛ پوٽوھاري ۽ اولھائين پنجابي سان سمجھڻ جي لحاظ کان مطابقت پڻ رکي ٿي.
    ھندڪو ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙ جي ججھائي پاڪستان جي جن ضلعن ۾ آھي سي آھن؛ ايبٽ آباد، ھريپور، مانسھرھ، اٽڪ. جڏھن ته خيبر پختون خواھ جي شھرن؛ پشاور، نوشھرھ، صوابي ۽ ڪوھاٽ منجھ پڻ سندن ججھائي آھي. ڪشمير جي ٻنھي حصن ۾ پڻ رھائش پذير آھن.
    جيڪي قومون ھندڪو ڳالھائين ٿيون تن کي پٺاڻن سان موسوم ڪيو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ جو گھڻي ئي پشتون قبيلا، مثال طور؛ مشواڻي، جدون، ترين، تنولي، دلازڪ ۽ طاھرخيل، جيڪي ھزارھ وغيرھ ۾ اچي آباد ٿيا، تن ھندڪو کي پنھنجي بنيادي ٻوليءَ طور اپنايو. برطانوي دور حڪومت ۾، انھن ئي علائقن منجھ، سياسي طاقت پڻ حاصل ڪيائون. ان ئي سبب جي ڪري، ڪي پشتون جھڙوڪ؛ ڪاڪڙ، دراني، پوپلزئي، سدوزئي، بنگش، خٽڪ، يوسفزئي، غزنوي ۽ خوگياني جيڪي ھندڪو اولين ٻوليءَ طور ڳالھائين ٿا ۽ پشاور ۽ ڪوھاٽ ۾ رھن ٿا سي اصل ۾ پشتون آھن. ھندڪو ٻولي ڳالھائيندڙ، جيڪي پشاور، ڪوھاٽ، نوشھرھ ۽ اٽڪ ۾ آباد آھن سي ٻه ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن؛ ھڪ ھندڪو ٻي پشتو. تيئن وري گھڻا پشتو ڳالھائيندڙ جيڪي ضلع ايبٽ آباد ۽ ضلع مانسھرھ (خاص طور تي اگرور وادي ۽ اتر تناول) ۾ آباد آھن، سي به ٻه-ٻوليائي؛ پشتو ۽ ھندڪو آھن. جڏھن ته ھڪ اندازي مطابق، پاڪستان جي اڍائي سيڪڙو آبادي مادري زبان طور ھندڪو ڳالھائيندڙن جي آھي جيڪي گھر ۾ به ھندڪو ڳالھائين ٿا.
    گنڌارا-ھندڪو بورڊ، جيڪو ۱۹۹۳ع ڌاري وجود ۾ آيو، تنھن ھندڪو ٻوليءَ بابت ڪتاب ڪيترا ئي ڇپايا آھن ۽ سيمينار ڪرايا آھن. بورڊ طرفان پھرين لغت سال ۲۰۰۳ع منجھ ڇپي، جيڪا ايبٽ آباد جي سلطان سڪون صاحب جي ترتيب ڏنل آھي. ھندڪو بورڊ سال ۲۰۰۷ع دوران ٻي وڏي ۽ ضخيم ھندڪو لغت ڇپائي، جيڪا پشاور شھر جي رھاڪو ۽ يونيورسٽي آف لنڊن جي پروفيسر، ڊاڪٽر الاھي بخش اعواڻ جي ترتيب ڏنل آھي. ”سرزمين ھندڪو“ ۽ ”ھندڪو صوتيات“ پڻ پاڻ لکيا اٿائين، جيڪي گنڌارا ھندڪو بورڊ جا ڇپايل آھن. ھندڪو ٻوليءَ جي صوتيات تي سندس، ٽي ڪتابڙا سال ۱۹۷۰ع ڌاري سينٽرل ايشيا يونيورسٽي پشاور طرفان پڻ ڇپيل آھن. پاڻ لوڪ شاعر، تاريخدان، نقاد ۽ ٽيليڪاسٽر آھي. اردو ۽ انگريزيءَ منجھ ايڪٽيھ ڪتاب لکيا اٿائين. سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسس بعنوان؛ ”ھندڪو جي صفاتي محاورن جي صوتيات“، سال ۱۹۹۲ع ۾ ادارھ فروغ ھندڪو طرفان ڇپي آھي. سال ۱۹۹۵ع ڌاري مقتدرھ قومي زبان اسلام آباد، ٻوليءَ جي محاورن تي ترتيب ڏنل سندس لغت (انگريزي-اردو) ڇپائي آھي.
    ان کان علاوھ ھندڪو ٻوليءَ جا مشھور اديب ۽ شاعر؛ آصف ثاقب، قاضي نصير بختيار، احمدعلي سائين، اجمل نذير، پروفيسر صوفي عبدالرشيد، ڪرنل فضل اڪبر ڪمال، سلطان سڪون، طاھر اھمد طاھر، شريف حسين شاھ، اظھر بخاري، پروفيسر محمد فريد، وحيد بسمل، پروفيسر يحيٰ خالد، خورشيد ساگر، نذير ڪسلوي، فاروق قريشي، محمد حنيف، ڪامران خلوص، ڊاڪٽر الاھي بخش اختر اعواڻ، احمد علي خيالي، قاضي سعيد ناز، شعيب شاھد، نذير حسين شاھ، پروفيسر بشير سوز، عرفان تبسم، نقاش اختر، احمد حسين مجاھد، خالد خواجا، امتياز الحق امتياز، زفاف سواتي وغيرھ آھن جيڪي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ لاءِ مسلسل لکندا رھن ٿا. جيتوڻيڪ منجھن اڪثريت شاعرن جي آھي، تنھن ھوندي به اھي شاعريءَ کان علاوھ ھندڪو ٻوليءَ جي علم و ادب جي ٻين پھلوئن تي طبع آزمائي پڻ ڪري رھيا آھن. ان اڻ ٿڪ آبياريءَ مان اميد ڪري سگھجي ٿي ته اھا ٻولي، ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندي رھندي.
    سلطان سڪون صاحب، شاعر سان گڏ ھندڪو ٻوليءَ بابت، ھندڪو ٻوليءَ ۾ لکندڙن منجھان آھي، جنھن پھرين ھندڪو جي پھاڪن جي لغت لکي ڇپرائي. ان بعد، ”ڪوزي بچ درياھ“ پڻ لکي ڇپرايو. ھن ڪتاب اندر، ھندڪو چوڻين جو متن ان ڪتاب تان چونڊ ڪري ڏنو ويو آھن. جيئن ته سلطان سڪون صاحب، ھن وقت صاحب فراش آھي، ان ڪري ساڻس نه خط وڪتابت ٿي سگھي آھي ۽ نه ئي فون تي رابطو. دعا آھي ته رب تعاليٰ کيس صحت ڪامله ۽ عاجله عطا فرمائي.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قنبر روڊ- لاڙڪاڻو


    سلطان سڪون

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    پنهنجي ڳالهه
    (ھندڪو ٻوليءَ اندر لکيل ڪتاب ” کوزے بچ دريا“ جو مھاڳ)

    پھاڪا ۽ محاورا، ڪنھن به زبان جي تڪميل لاءِ لازمي تصور ڪيا ويندا آھن. اھي ڳالھ ٻولھ يا تقرير ۽ تحرير کي اثرائتو ۽ مختصر بنائڻ ۾ وڏو اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. جتي ڪنھن ڳالھ جي وضاحت ۽ صراحت جي لاءِ گھڻن جملن جي ضرورت محسوس ڪبي آھي، اتي ھڪ پھاڪو/ ضرب المثل يا محاورو/ ورجيس مددگار ٿي پوندا آھن.
    دراصل پھاڪا ۽ محاورا، انساني زندگيءَ ۾ وري وري آڏو ايندڙ گوناگون حالات ۽ واقعات، گرم سرد زماني جي تجربن ۽ مشاھدن جو جوھر ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي جاءِ تي خود ڏاھپ ۽ حڪمت سان ٽمٽار ھوندا آھن.
    ھندڪو زبان منجھ پھاڪي يا چوڻيءَ لاءِ ٻه لفظ رائج ھلندا پيا اچن. ھڪڙو لفظ کاڻ آھي، جيڪو اکاڻ جو مخفف آھي. ٻيو لفظ متّل (مت-تل) آھي. اکاڻ لفظ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ھي لفظ آخڻا يا آکڻا منجھان جڙيل آھي يا ٺاھيو ويو آھي. آخڻا يا آکڻا، ٻه مختلف لھجا آھن، جن جو مطلب آھي؛ ڪھنا/چوڻ يا چيل ڳالھ. جڏھن ھندڪو ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ دوران ڪنھن پھاڪي جي ڳالھائڻ يا استعمال ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آھي، ته ھيئن چيو ويندو آھي؛ ”ھيءَ وڏڙن جھونڙن يا سياڻن/ڏاھن ماڻھن جي کاڻ (چوڻ) يا اکاڻ (چوڻي) آھي. يعني اھا جھونن ۽ عقلمندن جي چيل ڳالھ يا پھاڪو آھي. اھڙيءَ طرح ٻيو لفظ متّل آھي. ان لفظ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اھو مت+ل جو مجموعو آھي. مت، ھندي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ سمجھ ٻوجھ، عقل ۽ ڏاھپ، فھم ۽ ادراڪ، دانائي، راءِ، نصيحت ۽ عادت آھي. جڏھن ته مت سان لڳل ل، حرف تمليڪي آھي، يعني مت جي حامل يا مت واري سوچ سمجھ، يا عقل ۽ ڏاھپ واري ڳالھ.
    اکاڻ، کاڻ يا متّل (ضرب المثل)، جيتوڻيڪ ٻن ٽن لفظن يا ھڪ ٻن جملن تي مشتمل ھوندي آھ، ليڪن منجھس حڪمت ۽ ڏاھپ جو سمنڊ پيو ڇوليون ھڻندو آھي. مثال طور، ھيءَ ھندڪو جي ھڪ متّل آھي؛
    کھاوے ٹبر سوہدے قبر
    اھي چئن لفظن جا ھڪ يا ٻه جملا آھن. ليڪن جيڪا منجھن ڏاھپ جي ڳالھ چيل آھي، تنھن جي تشريح يا وضاحت، چند جملن ۾ ممڪن ئي ناھي. اھڙيءَ طرح ھڪڙو ٻيو پھاڪو آھي؛
    چھٹی کہڑی دی شیطانی
    ساری عمر دی پشیمانی
    ھيءَ متّل به صرف ٻن جملن تي مشتمل آھي، ليڪن منجھس جيڪا حڪمت ۽ ڏاھپ لڪل آھي، سا زندگيءَ جي قدرن کي گھيريون بيٺي آھي. ھڪ دلچسپ ڳالھ ھيءَ به آھي، جو ھر پھاڪو يا محاورو، شعري وصفون به ساڻ کنيو ٿو وتي، يعني انھن جملن ۾، قافئي ۽ رديف جون خصوصيتون موجود ھونديون آھن. جيئن مٿي ڄاڻايل، ٻنھي پھاڪن منجھان نروار ٿئي ٿو. پھاڪي جي جامعيت واري خصوصيت جي ڪري ئي، مون ھن ڪتاب جو نالو ”ڪوزي بچ درياھ“ منتخب ڪيو آھي.
    ھن کان اڳي به منھنجو ھڪڙو ڪتاب، جيڪو پھاڪن ۽ محاورن تي مشتمل آھي، مقتدره قومي زبان پاڪستان وارن سال ۱۹۹۹ع ڌاري ”ھندڪو ضرب الامثال“ جي نالي سان شايع ڪيو آھي، جنھن منجھ گھڻو مقدار پھاڪن جو ھيو. جڏھن ته موجودھ ڪتاب ۾ وڌيڪ مقدار محاورن جو آھي. ھتي ھڪڙي ڳالھ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان، ته اڳئين ڪتاب ”ھندڪو ضرب الامثال“ منجھان ڪو به پھاڪو يا محاورو، موجودھ ڪتاب ۾ ورجايو نه ويو آھي، جيتوڻيڪ ڪٿي اڙيو ٿڙيو، يادگيري جي سھو سبب ٿيو ھجي ته ممڪن آھي، جنھن جي ذميداري قبول ڪيان ٿو.
    مھرباني.


    متن

    1. آدمی آدمی ويخ کے گل کرنی چاہی دی اے۔ (کہاوت)

    1. آدمی آدمی ويخ کے گل کرنی چاہی دی اے۔ (کہاوت)
    ويخ؛ ويک، ڏسي.
    دانشمندي اھا آھي، جو اڳلي جو موڊ ۽ مزاج، ڪيفيت ۽ ڪثافت ڏسي، پوءِ سندس دل وٽان ڳالھ ڪجي، جيڪا اڳلي کي وڻي، تنھن کان پوءِ پنھنجي مطلب جي ڳالھ تي اچجي. اٿندي ئي، پنھنجي مطلب جي ڳالھ ڪرڻ، وائڙائپ آھي. ان سان اڳلو بيزار ٿي ويندو. بجاءِ سٺي موٽ ڏيڻ جي ٿيندڙ ڪم به نه ڪندو.
    مطلب؛
    ۱. ماڻھو ماڻھو ڏسي، ڳالھ ڪجي. (ترجمو)
    ۲. آدمی آدمی ويخ کے گل کرنی پيندی اے۔ (کہاوت)
    (ماڻھوءَ ماڻھوءَ کي ڏسي، ڳالھ ڪبي آھي. ترجمو)
    ۳. جھڙي ڪچھري، تھڙو گفتو. (چوڻي)


    2. آدمی آدمیا دا دارو، آدمی آدمیا دا مارو۔ (کہاوت)

    2. آدمی آدمیا دا دارو، آدمی آدمیا دا مارو۔ (کہاوت)
    دارو؛ درمان، دوا، وقت تي ڪم ايندڙ، علاج. مارو؛ ماريندڙ، ڏنڀ ڏيندڙ.
    انسان، ھڪٻئي جي ڪم اچي ٿو. ھن دنيا اندر، کيس آندو ئي آزمائڻ خاطر ويو آھي. اھو ڏسجي ته ھو پاڪ رب جي عبادت سان گڏ، سندس خلقيل مخلوق جي ڪيترو ڪم اچي ٿو، ان کي ڪيترو پنھنجو سمجھي ٿو، ڇو جو چوندا آھن؛ جنھن يار جو پار سڃاتو، تنھن يار سڃاتو. رب جي مخلوق، عيال مثل آھي. جيڪي رب سان محبت جي دعويٰ ڪن ٿا، سي رب جي مخلوق سان ڪيترو ڀلو ھلن ٿا. جيڪڏهن ٻي مخلوق سان چڱائي نه ٿي پُڄين ته ڀلا جيسي مخلوق سان سندن ڪيترو سلوڪ چڱو آھي. انسان، ان سبب جي ڪري ٻين ماڻھن سان چڱو سلوڪ ڪري ٿو ۽ انھن جي ڏک درد ۾ ڪم اچي ٿو. ائين نه ٿئي جو پنھنجي غرضن جي پوئواريءَ ۾ رڌل رھي ۽ ٻين جا حق ڦٻائيندو رھي.
    مطلب؛
    ۱. ماڻھو، ماڻھوءَ لاءِ ڀرجھلو به آھي ته ويري به.
    ۲. ماڻھو، ماڻھن کان سواءِ رھي نه ٿو سگھي. پوءِ منجھانئن سھنج پھچنس يا اھنج.


    3. آدمی بوٹا ويخ کے چھاماں بيٹھدے۔ (کہاوت)

    3. آدمی بوٹا ويخ کے چھاماں بيٹھدے۔ (کہاوت)
    بوٹا؛ ٻوٽو، وڻ. ويخ؛ ويک، ڏسي. چھاماں؛ ڇانءَ ۾.
    ھر وڻ، ڇانءَ ڏيندڙ نه ھوندو آھي. ڪن وڻن جي ڇانءَ فائديمند به نه ھوندي آھي. ڦلدار وڻ جي ھيٺان ويھبو ته ڦل جا تاڪائو، جنب يا پٿر ھڻي، زخمي به ڪري سگھن ٿا. ان خطري سبب، ھر ميويدار وڻ جھڙوڪ؛ ٻير، انب، زيتون، کٻڙ وغيرھ جي ھيٺان ويھڻ، پسند نه ڪيو ويندو آھي. ڪنڊن واري وڻ جھڙوڪ؛ ڪنڊي، ٻير، ٻٻر، ڪرڙ وغيرھ جي ڇانءَ ھيٺان ويھڻ کي به گھٽ پسند ڪيو ويندو آھي. ڇانءَ جي لحاظ کان سنڌ جا سٺا وڻ نم، آسرھن، ٽالھي وغيرھ آھن. انھن جي ڇانءَ چڱي آھي. صحت بخش به آھي ته سڪون بخش پڻ. انھن جي ھيٺان به تڏھن ويھبو جڏھن، پوري جو پورو، ڇانءَ جي ھيٺان ھجبو. اڌ-گيدي اس ۾ ويھڻ، پڻ جان لاءِ نقصانڪار آھي. اڌ-رنگ جي بيماري ٿيڻ جو خطرو رھندو. ان جي برعڪس، بيد مشڪ، ڊڊونيا، ڪوھنو ڪارپس ۽ ڪوھنو دماس وغيرھ وڻن منجھ، ٿوري گھڻي ڇانءَ ھوندي آھي، پر صحت بخش ناھي ھوندي. پوري جسم آھر ڇانءَ به نه ڏيندا آھن. ٿوريءَ گرميءَ تي بيد مشڪ جي وڻ جا ڏار پاڻ-مرادو ٽڙڪاٽ ڪري به ٽٽي پوندا آھن. ھيٺ ويٺل کي اوچتو ڌڪ لڳي سگھن ٿا.
    مطلب؛
    ۱. وڻ جي نوعيت ۽ سندس ڇانءَ جي ھيئت کي جاچي، پوءِ ھيٺان آساس وٺجي.
    ۲. ماڻھوءَ ماڻھوءَ کي ڏسي، ساڻس ورتاءُ ڪجي. ھر ماڻھوءَ مان ساڳيا فائدا نه ٿا رسن.


    4. آندے آں موڑيا نينھ، جلدے پچھے دوڑيا نينھ۔ (کہاوت)

    4. آندے آں موڑيا نينھ، جلدے پچھے دوڑيا نينھ۔ (کہاوت)
    موڑيا؛ موٽائڻ. جلدے؛ ڄلدے، ويندڙ.
    ايندڙ مھمان کي موٽاءِ نه! ڇو جو مھمان پنھنجي طرفان نه، بلڪ رب جي طرفان اچي ٿو ۽ پنھنجي روزي روٽي ساڻ کڻي اچي ٿو. ڪن صورتن ۾ ته ڪن گھرن کي رزق ملندو ئي مھمانن ۽ مجبورن، مسافرن ۽ ڪمزورن جي خدمت ڪرڻ سببان آھي. ان ڪري مھمان جي اچڻ تي نه ارھو ٿجي، نه کيس ماني کارائڻ جو مٿس ٿورو سمجھجي. بلڪ سندس اچڻ تي سندس ٿورو سمجھ. روزي رزق ۾ برڪت پوي ته ان جي مھرباني سمجھ.
    جڏھن مھمان، پنھنجي مداءَ تي موٽي وڃڻ چاھي ته کيس ست ستاءُ ڪري گيسر نه وجھ. سندس دل رک. خدمت ڪرينس ته بنا لالچ ۽ غرض جي. پويان ڳڪ ٿي نه پوينس. پنھنجي مرضي ۽ منشا تي ھلڻ ڏينس.
    ايندڙ کي ڇڏ نه، ويندڙ کي روڪ نه. ان جملي جو مفھوم پڻ ساڳيو آھي ته آيل مھمان کي مانيءَ کان سواءِ نه ڇڏ. جيڪڏهن وڌيڪ نه ترسي ته کيس ھروڀرو روڪي وقت نه وڃائينس. متان تنھنجي روڪڻ سان سندس ٻيا ڪن کرن. تنھنڪري زور بار به ٺھندڙ رکينس.
    مطلب؛
    ۱. ايندڙ کي موٽاءِ نه، ويندڙ پويان ڊوڙ نه. (ترجمو)
    ۲ . آندے آں چھوڑيا نينھ، جلدے آں موڑيا نينھ۔ (کہاوت)
    (ايندڙ کي ڇڏ نه، ويندڙ کي روڪ نه. ترجمو)


    5. آئيں تے کے آنڑسيں، آياں تے کے ديسيں۔ (کہاوت)

    5. آئيں تے کے آنڑسيں، آياں تے کے ديسيں۔ (کہاوت)
    آئيں؛ اچين. آنڑسيں؛ آڻسين، آڻيندين. آياں؛ اچئون، آيل، مھمان ٿي آيل. ديسيں؛ ڏيسين، ڏيندين.
    اھا ڪھاوت ساڳين لفظن ۾، سنڌي ٻوليءَ اندر پڻ استعمال ٿيندي آھي. ان مان مراد آھي؛ ”اسين تنھنجي گھر مھمان ٿي اچئون ته اسان کي ڇا ڇا کارائيندين. تحفي طور ڪھڙي پاکر ڍڪائيندين. موڪلائڻ ويل ڪھڙا ڪھڙا تحفا تحائف ڏئي روانو ڪندين. وري جڏھن تون اسان وٽ مھمان ٿي ايندين ته ڪھڙيون سوکڙيون پاکڙيون اسان لاءِ آڻيندين؟“
    غرض ۽ لالچ رکڻ وارو، جيڪو ھر صورت ۾ پنھنجو فائدو ڳولي، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چئبو آھي.
    اھي لفظ، ڪنھن دل گھريي مھمان کي، چرچي طور به چيا ويندا آھن، جنھن مان مراد وري الٽي ورتي ويندي آھي. ان چوڻ جو مطلب اھو ھوندو آھي ته؛ ”اسان ايندي ويندين تو تي بار نه ٿينداسين، جنھنڪري ڀيرو نه ڀڃجانءِ!“
    مطلب؛
    ۱ . ايندين ته ڇا آڻيندين؟ اچئون ته ڇا ڏيندين؟ (ترجمو)


    6. اچپا پکم کھا، مندھريا منگ کھا۔ (کہاوت)

    6. اچپا پکم کھا، مندھريا منگ کھا۔ (کہاوت)
    اچپا؛ ڊگھي قد وارو. پکم؛ پڪڙي، سٽ ڏئي. کھا؛ کائي. مندھريا؛ ٺينگڙو، بندرو. منگ؛ مَڱي، گُھري، پني، پن مَڱ تي.
    جنھن جو قد ڊگھو آھي، سو ويٺي ويٺي، ويجھي شيءِ تي پھچي وڃي. ان کي رڳو ھٿ ڊگھو ڪري، کڻڻ جي دير آھي. ان جي ڀيٽ ۾ بندري قد وارو، ڪنھن شيءِ تي پھچڻ لاءِ ويٺو ٺينگ ٽپا ڏيندو، پوءِ به پھچي الائي نه. ڊگھي قد وارو، ڪنھن ڦلدار وڻ جي ھيٺان بيٺي بيٺي ھٿ سان ئي ڦل پٽي وٺندو. ان جي برعڪس، ڪوتاھ قد ماڻھوءَ کي ڊگھي قد واري جي مدد وٺڻي پوندي يا ان کان گھرڻو پوندس.
    جنھن جا ھٿ ڊگھا آھن، تنھن جو ھر ڪم جلدي ٿيو وڃي. جيڪو ھٿ ڳل سان ٻڌي ھلي ٿو ۽ ڊگھيري نه ٿو، تنھن کي کائڻ لاءِ نيٺ ٻين آڏو ھٿ ٽنگڻو ٿو پوي.
    مطلب؛
    ۱ . ڊگھي قد وارو، جھاپڙ ڏئي کائي، بندري قد وارو، گُھري کائي. (ترجمو)


    7. ادھارا دی ما نينھ موئی۔ (کہاوت)

    7. ادھارا دی ما نينھ موئی۔ (کہاوت)
    ھن ڪھاوت جا ٻئي روپ، سنڌيءَ ۾ پڻ ملن ٿا ۽ ساڳي معنى ۽ مفھوم سان استعمال ٿين ٿا. ڪنھن دڪاندار وٽان اگر رکت تي سامان نه ملي، ته ٻئي وٽان کڻي، پوءِ ائين چئبو آھي، يعني اوڌر، ھِتان نه ٿي ملي ته ھُتان ملي ويندي آھي.
    رب ڪنھن کي نه ڇڏيندو آھي. اوڌر ڏيڻ وارو پاڻ ته زندھ آھي، جنھنڪري اوڌر ملي ٿي. بلڪ ان جي ماءُ پڻ زندھ آھي، جيڪا اھڙا مڙس اڃا ڄڻي ٿي پئي. تنھنڪري اميد آسرو نه لاھجي، منجھي ويھي نه رھجي، وک کي اڃا اڳتي وڌائجي.
    مطلب؛
    ۱ . اوڌر جي ماءُ نه مئي آھي. (ترجمو)
    ۲ . ادھارا دی ما مر گئی۔ (کہاوت)
    ۳ . اڌار جي ماءُ مري وئي آھي ڇا؟ (ترجمو)


    8. ادھلی آں داج کوڻ پاندے۔ (کہاوت)

    8. ادھلی آں داج کوڻ پاندے۔ (کہاوت)
    ادھلی؛ ڀاڄوڪڙ، گھران ڪنھن آشنا سان نڪتل. داج؛ ڏاج، ڏيڀ، ڏيوڻ، جھيز.
    ڀاڄوڪڙ عورت ته اخبار ۾ به اھو ئي بيان ڏياريندي آھي ته؛ ”مان ٽن ڪپڙن ۾، پنھنجو گھر ڇڏي نڪتي آھيان. مون کي نه ڪنھن ڀڄايو آھي ۽ نه ورغلايو آھي.“
    اھڙي عورت جي مالڪي ڪرڻ وارو به ڪير نه ھوندو آھي. جيڪا عورت، پنھنجي پيءُ جي ڏاڙھي ۽ ماءُ جي سينڌ ڪوڙي، گھر جي چانئٺ ٽپي، ڌارئي مرد سان ديدھ دلير ٿي وڃڻ لڳي، تنھن سان باقي ڪنھن جي ھمدردي ٿي سگھي ٿي؟!
    ھيءَ ڪھاوت ان وقت به استعمال ٿيندي آھي، جڏھن ڪا رسم لڪائي وڃي يا بي موقع مھل ڪئي وڃي. گھڻو ڪري ڀاڄوڪڙ کي موٽائڻ کان پوءِ پنھنجا پيڪا ئي ڇپر ۾ ٻئي ھنڌ پرڻائي ڇڏيندا آھن. ان ڇپر واري ڳالھ لاءِ ٽوڪ طور به ائين چئبو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڀاڄوڪڙ کي به ڪڏھن ڏاج مليو آھي؟ (ترجمو)
    ۲ . ادھلی آں داج کس پايا۔ (کہاوت)
    ۳ . ڀاڄوڪڙ کي ڪڏھن به ڏاج نه مليو آھي. (ترجمو)
    ۴ . ڀاڄوڪڙ جا؛ نه پيڪا، نه ساھرا. (ترجمو)


    9. افسر گوہے دا تے فر لوہے۔ (کہاوت)

    9. افسر گوہے دا تے فر لوہے۔ (کہاوت)
    گوہے؛ گوبر، ڇيڻو، ڦوسي.
    آفيسر، شروع يا منڍ ۾ ناتجربيڪار ۽ اناڙي ھئڻ جي ڪري ڪمزور، سست ۽ بزدل ٿيندو آھي. سندس ان وقت حيثيت، ڪرفٽيءَ جھڙي ھوندي آھي. ھر ڪو نظر انداز ڪندو وتندو اٿس.
    جيئن جيئن سروس وڌندي ويندي اٿس، تيئن تيئن تجربي سان گڏ، ڏانءُ پڻ ايندو ويندو اٿس، جنھن سببان، ھيٺين ملازمن تي ڪنٽرول ڪرڻ سکي وٺندو آھي. ان کان علاوھ ڏوھ جھڙا ڪم به، جائز طريقي سان ڪري وٺڻ جا طريقا ڄاڻي وٺندو آھي. جيترو تجربي رکڻ جي بنياد تي، منجھانئس فائدو حاصل ٿيڻ جي اميد ھوندي آھي، اوترو وري پاڻ، ترن مان تيل ڪڍڻ سکي وٺندو آھي، جنھن سببان، سندس ھر ڳالھ، لوھ تي ليڪي وانگر ٿي پوندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . آفيسر شروع ۾ ڪمزور، بعد ۾ فولادي ٿي پوندو آھي. (ترجمو)


    10. اکھیاں تو اوہلے دلاں تو اوہلے ۔ (کہاوت)

    10. اکھیاں تو اوہلے دلاں تو اوہلے ۔ (کہاوت)
    اکھیاں؛ اکين کان. اوہلے؛ اوجھل. دلاں؛ دل کان.
    جيڪا شيءِ اکين سان ڏسجي ٿي، ان کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ تانگھ يا محبت رھي ٿي. جا شيءِ، اکين کان ڏور ھلي وڃي ٿي، سا دل تان به لھي وڃي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو ماڻھو، ويَل شيءِ لاءِ، ساري عمر ارمان نه ٿو ڪري ۽ ان جي برعڪس نئين ماڻھوءَ سان، ڏسڻ پڄاڻان، جلد مانوس ٿيو وڃي.
    مطلب؛
    ۱ . اک کان اوجھل، دل تان لٿل. (ترجمو)
    ۲ . اک اوڍر، پھاڙ اوڍر. (ترجمو)
    ۳ . جو چلھ تي، سو دل تي.
    ۴. ڏٺا، منھن مٺا.


    11. اگ تے پانی بے لحاظ ھوندن۔ (کہاوت)

    11. اگ تے پانی بے لحاظ ھوندن۔ (کہاوت)
    باھ ۽ پاڻي، انسان جي ڪم اچن ٿا. باھ جي ذريعي، سرديءَ کان بچاءُ ڪجي ٿو. باھ جو رڌو پڪو، جِوري ٿو ۽ انساني سرير لاءِ ٻل جو سبب بڻجي ٿو. پاڻيءَ منجھ حياتي آھي. وقت تي پاڻي نه ملي ته اڃ وگھي موت به واقع ٿي وڃي ٿو.
    وري اھي اگر ججھي ۽ بي انداز مقدار ۾ حاصل ٿين ته انسان جو سر کڻندي دير نه ڪن. باھ ۾ گِھڙڻ شرط، انسان سڙيو وڃي. ساڙڻ وقت، باھ اھو نه ڏسندي آھي ته منجھس پيل سڄڻ آھي يا دشمن آھي. پنھنجو عمل، اکيون پوري ڏيکاري وٺندي آھي. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ جو ورتاءُ آھي. ٻوڙڻ وقت، دوست دشمن کي نه ڏسندو آھي. ٻئي، وقت پئي، پنھنجي فطري خاصيت ھٿارئون، ڏاڍا مجبور، بي مروت ۽ بي لحاظ ھوندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . باھ، ساڙڻ وقت، دوست دشمن نه ڏسندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . پاڻي، ٻوڙڻ وقت، دوست دشمن نه ڏسندو آھي. (ترجمو)


    12. اگ تے پانی دی کے اشنائی۔ (کہاوت)

    12. اگ تے پانی دی کے اشنائی۔ (کہاوت)
    باھ جو خاصو آھي، ساڙڻ. پاڻيءَ جو خاصو آھي، وِسائڻ/ ٻوڙڻ. اگر پاڻي باھ تي پيو ته ان کي وسائي ڇڏيندو. اگر باھ، پاڻيءَ جي برتن آڏو آئي ته ان کي ٽھڪائي، ٻاڦ ڪري ڇڏيندي. ان لحاظ کان، ٻئي پنھنجي پنھنجي حد اندر رھندي، ياري دوستي نه ملھائيندا آھن. ٻنھي ۾ اقربا پروري يا پنھنجا-نوازيءَ وارو جذبو نه ھوندو آھي. پنھنجي جبلت آھر، ڪير به ڪنھن جو خيال نه ڪندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . وقت تي باھ ۽ پاڻي، ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا ئي ناھن.


    13. اگلے دی جان گئی لوکاں جوگے کھیڈ تماشا۔ (کہاوت)

    13. اگلے دی جان گئی لوکاں جوگے کھیڈ تماشا۔ (کہاوت)
    ھڪڙا معاملا اھڙا ھوندا آھن، جن ۾ ھڪڙن ماڻھن کي ته رونشو يا تماشو پيو سُجھندو آھي، جڏھن ته ٻين جي سر تي آيل ھوندي آھي. اھڙن معاملن منجھ، اڳلي جو خيال رکندي، احتياط کان ڪم وٺجي ته بھتر ٿيندو. ان سان اڳلو جاني يا مالي نقصان کان به بچي ويندو. ٻين لاءِ به سندس دل ۾ احترام ۽ عزت پيدا ٿيندي.
    مطلب؛
    ۱ . ھڪڙو ماڻھو، پنھنجو سر تريءَ تي رکي، درياھ ۾ ٻڏندڙ کي بچائي ٿو. ان جو اھو ڪارنامو ساراھ جوڳو ته آھي، پر ڪن ڏسندڙن لاءِ، رونشي يا تماشي کان وڌ نه ھوندو آھي.


    14. اللہ گنجے آں نونھ ای نہ ديوے۔ (کہاوت)

    14. اللہ گنجے آں نونھ ای نہ ديوے۔ (کہاوت)
    گنجي کي مٿي تي وار ئي نه ھوندا آھن. وارن جو ھئڻ خارس جو سبب ٿيندو آھي، جنھنڪري وارن جي سيوا ڪرڻي پوندي آھي. ڌوئڻ، تيل وجھڻ، نمورين جي رس وغيرھ وجھبي آھي ته جيئن وار، جونئن، ليکن ۽ ڄئوئن جو آماجگاھ نه رھن. اگر اھي مٿي اندر پيدا ٿي پيون، ته سک سان ويھڻ ڪو نه ڏينديون. اگر ماڻھوءَ کي ايترو وقت ناھي جو وارن جي سيوا ڪري سگھي، ته ان لاءِ آسان رستو آھي ته وار ئي ڪوڙائي ڇڏي، ڇو جو چوندا آھن؛ وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
    ان جي ابتڙ، گنجي جو مٿو، ٽپڻ ٽاپ لڳو پيو ھوندو آھي. ان ۾ وارن نه ھئڻ سبب، نه جونئن جو خطرو ھوندو آھي، نه ئي وري مٿي ۾ ڪنھن قسم جي سُر سُر محسوس ٿيندي اٿس. تنھن ھوندي به تجربي مان ڏٺو ويو آھي ته گنجا، کيسي ۾ ڦڻي کڻي ھلندا آھن ۽ مٿي کي پيا نھن سان کنھندا ۽ کوٽيندا آھن. انھن جو کنھڻ ۽ کوٽھڙو ڪرڻ، بجاءِ فائدي ڏيڻ جي، نقصاندھ ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . الله سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو.
    ۲ . گنجے دے نونھ سرا دی شامت۔ (کہاوت)
    ۳ . گنجي کي نھن؛ مٿي جي شامت. (ترجمو)
    ۴ . ڦڻوٽا، گنجن وٽان ئي لڀندا آھن.


    15. ان ڈٹھا چور؛ سادھ ھوندے۔ (کہاوت)

    15. ان ڈٹھا چور؛ سادھ ھوندے۔ (کہاوت)
    چور جو ضد ساڌ آھي. پرائو مال، مالڪ جي رضا کان سواءِ، اک ٽيٽ ڪري ڦٻائي وڃڻ واري عمل کي چوري چئبو آھي. چوريءَ جھڙو عمل وڻندو ڪنھن کي به ناھي، پر وس پڄندي ڪير به مٿانئس ٽرندو ناھي. ھلڪي ڦلڪي چوري، ڏيھاڙي ھر ڪو ڪري ٿو. ڪو ننڍو چور آھي ته ڪو وڏو چور آھي. ڪو ڍڳي جو چور آھي، ته مرغيءَ جو چور آھي. ڪو ماڻھن جو چور آھي، ته ڪو خدا جي فرمانن جو چور آھي.
    ٻيو نه، اگر ڪنھن جو ڪمند ڀڳائين، ساڳ يا پلي بغير اجازت جي پٽيائين ته اھو به چور جي زمري ۾ اچي ٿو. ڪنھن جو ڪک پٽي ڏند کوٽيائين، اھو به چور جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇو جو چيو اٿن؛ ڪک جو چور، سو لک جو چور. يعني چور، چور آھي. ڀلي لک جو ھجي يا کڻي ڪک جو ھجي. چور جا عمل، چوري ڪيل مال جي مقدار تي نه بلڪ، نيت ۽ ارادي جي بدنيتيءَ تي دارومدار رکن ٿا.
    جنھن چور کي چوري ڪندي، ڪنھن ناھي ڏٺو، سو چور ڀلي پيري جي وقت، ساڻ به ھجي تڏھن به کيس ڪير چور نه سمجھندو. بلڪ ساڻس ورتاءُ، اھو ئي ساڌ وارو پيو ٿيندو.
    مطلب؛
    ۱ . اڻ ڏٺو چور، پيءُ برابر.
    ۲ . اڻ ڏٺو چور، ساڌ ھوندو آھي.
    ۳ . اڻ ڏٺو چور؛ يا شاھد، يا بادشاھ.


    16. انھے دا سوٹا؛ کے کھرا، کے کھوٹا۔ (کہاوت)

    16. انھے دا سوٹا؛ کے کھرا، کے کھوٹا۔ (کہاوت)
    انڌو ماڻھو، رستي وغيرھ تي ھلڻ وقت، ھٿ ۾ جھليل لٺ کي رھبر يا سونھين طور کڻي ھلندو آھي. ڪُتي ٻلي کي به ان سان تڙيندو آھي. ڪِرڻ کان سھاري طور يا اڳيان آيل خطري جھڙي شيءِ سان منھن ڏيڻ لاءِ، لٺ جي مدد وٺندو آھي. سندس لٺ، سھارو به ھوندي آھي ته محافظ پڻ.
    باھ جھڙي شيءِ کي پري ڪرڻ، رستي تي کڏ کٻ جي خبرگيري ۽ منجھانئس لنگھي پار پوڻ، ٽيڪ ڏيڻ جھڙا فائدا لٺ مان وٺندو آھي. وقتي ڪو اڳيان اچي بيٺس ته ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ، لٺ جو استعمال ڪندو آھي. اکين سان ڏسي نه سگھندو آھي، تنھنڪري اڳلي جي جسماني سھپ جو اندازو کيس نه ھوندو آھي. ڌڪ ھڻڻ وقت، ايڏو زمائتو ڌڪ ھڻندو آھي جو چڱي ڀلي جا عضوا کاري وجھندو آھي.
    ان کان علاوھ، کيس ڏوھيءَ-بيڏوھي ۽ پرائي-پنھنجي جي سمڪ نه پوندي آھي. جنھنڪري سندس ڌڪ، جوکائتو ئي ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . انڌي جو ٻک، الله جي پناھ.
    ۲ . انڌي جو ڌڪ؛ يا ماري، يا کاري.
    ۳ . انڌو ڌڪ ھڻڻ وقت اھو ناھي ڏسندو ته اڳلي کي اک ۾ ٿو ھڻان يا پٺيءَ ۾. اڳلو ھنيل ڌڪ، سھي به سگھندو يا ٻه-ھٿڙي لٺ لڳڻ سان ھلي پوندو.
    ۳ . انڌو ماڻھو، انوماني ھئڻ سبب، جڏھن زھل مان ڌڪ ھڻندو آھي ته وڏو ڪاپاري ڌڪ ھڻندو آھي.


    17. اوکھا ویلا لنگھ جلدے، دوئے دی گل ياد رہندی اے۔ (کہاوت)

    17. اوکھا ویلا لنگھ جلدے، دوئے دی گل ياد رہندی اے۔ (کہاوت)
    اوکھا؛ ڏکيو. ویلا؛ وقت. لنگھ جلدے؛ لنگھ ڄلدي، لنگھي ويندو آھي، گذري ويندو آھي. دوئے دی؛ ٻئي جي، اڳلي جي.
    ھيءَ دنيا، سک ۽ ڏک، رنج ۽ راحت جي ميلاپ سان جڙيل آھي. ھڪ-ڪري زندگي، ڪنھن جي به ناھي. ھڪ سج؛ ٻه پاڇا اٿس. ھتي اوندھ به آھي ته روشني به آھي. علم به آھي ته جھالت به آھي. چالاڪي به آھي ته موڳائپ به آھي. نه انسان سدائين ٺٺ باٺ ۾ ٿو رھي ۽ نه وري ڏک مٿس آرو ڪري ويھي ٿا رھن. ھر گھڙي، نه چاھڻ جي باوجود، گذريو وڃي. ھر اڀريل سج کي لھڻو آھي. ھر ٺھيل ٺڪر، ھڪ ڏينھن اوج ڇڏي، ڀَڄڻو ڀُرڻو آھي. ھر ساھدار کي، زندگيءَ جي مليل مدت پوري ڪري، ھيءُ خاڪي بوتو ۽ عارضي جھان ڇڏڻو آھي. ان ڪري دنيا جا ڏک سور به عارضي آھن، جيڪي جلد ميٽجڻا آھن. اگر ڪنھن مدد ڪئي ته سو ياد رھندو. اگر نه ڪيائين ته سندس ويسورو ئي رھندو، باقي ڏکن سبب ماڻھو، موت جي منھن ۾ ورلي ويندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڏکيو وقت، ھر ڪنھن تي گذري ويندو آھي. اڳلي جو ورتاءُ، دل تي نقش ٿي ويندو آھي.
    ۲ . دلبر ھن دنيا ۾، رھندو وڃي واس. (شاھ)


    18. ايانا گل کردے، سيانا نياں کردے۔ (کہاوت)

    18. ايانا گل کردے، سيانا نياں کردے۔ (کہاوت)
    ايانا؛ اياڻو، بيوقوف. نياں؛ نياءُ، انصاف، ويڃائڻ.
    بيوقوف ماڻھو ھر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ڀلي ان معاملي جي تحت تائين نه به پھچي سگھي، تڏھن به ان بابت پيو ڳالھ ڪندو. سندس اھڙين ڳالھين کي سؤ سيڪڙو سچ سمجھي، مٿن عمل ڪرڻ پڻ بيوقوفي آھي. سياڻي ماڻھوءَ جو ڪم آھي ته اھڙي بيوقوف جي ڳالھ ڌيان سان ٻڌي ضرور، پر پنھنجي فھم ۽ فراست جي آڌار تي ڳالھ جي تھ تائين پھچڻ جي ڪوشش به ضرور ڪري. جڏھن معاملي جي تھ تائين، کيس مڪمل چٽائي ٿئي ته پوءِ پنھنجي عقل سارو، ان معاملي کي نمٽائي.
    داناءَ کي اٻھر کان نه بلڪ، ڌيرج کان ڪم وٺڻ گھرجي. بنا سوچ سمجھ جي ماڻھن جي ڳالھين تي نه لڳڻ گھرجي.
    مطلب؛
    ۱ . اياڻو ڳالھ ڪري، سياڻو ويڃائي. (ترجمو)
    ۲ . نادان ڳالھ ڪري، داناءُ ويچار ڪري. (سنڌ)
    ۳ . نادان بات ڪري، دانا قياس/ نياءُ ڪري. (ھندي)


    19. ایہہ جانے تے اوہ جانے توں پہن دانے۔ (کہاوت)

    19. ایہہ جانے تے اوہ جانے توں پہن دانے۔ (کہاوت)
    پہن؛ ڀُن، ڀُڃ. دانے؛ داڻي، داڻا، ڪڻا.
    ھر ماڻھو، پنھنجي پنھنجي معاملي ۾ ھوشيار ۽ ڀڙ ھوندو آھي. چوندا آھن؛ نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي. ري-گُھرئي ٻين کي مت ڏيڻ، ھڪڙي ڇسي ۽ بيوقوف ماڻھوءَ جو ڪم آھي. ھر ڪنھن کي ڇڏي ڏجي ته پنھنجي وت، وس ۽ وسيلن آھر، دنيا اندر لوچي ۽ لھي. سندس ڪنھن به ڪم اندر نه دائو دخل رکجي ۽ نه وري ٽنگ اڙائجي. جنھن به ٻين جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن کي سواءِ رسوائيءَ جي ڪجھ به پلئه نه پيو آھي.
    وتايي فقير ڏانھن پڻ اھڙي ھڪڙي روايت منسوب آھي، جنھن ۾ ھر جانور جو پڇ ان ڪري ماپڻ پئي چاھيائين ته ڏسي ته ڪنھن جانور سان ان معاملي ۾ زيادتي ته ٿيل ناھي. ڄاڻڻ پئي چاھيائين ته گڏھ جو پڇ ڊگھو ھوندو آھي يا گھوڙي جو، مينھن جو ڊگھو ھوندو آھي يا ڳئونءَ جو. ان تحقيق دوران، گڏھ جو پڇ ماپيندي، جڏھن اِٽَ ٺڪاءُ ٿي ويس ته دماغ جا ست ئي طبق روشن ٿي ويس. پَٽَ تان سور جي سيٽ سھسائيندي، چيلھ تي ھٿ ڏئي سڌو ٿيندي واتان نڪري ويس؛ ”اڙي وتايا! ڪنھن جو ننڍو، ڪنھن جو وڏو، تنھن ۾ تنھن جو ڇا؟“
    مطلب؛
    ۱ . ھيءَ ڄاڻي، ھوءَ ڄاڻي، تون ويٺي ڀُڃ داڻي. (ترجمو)
    ۲ . اي ڄاڻي ته او ڄاڻي؛ تئين ٻيٺي اٽا تور. (سرائيڪي)
    ۳ . قاضي ڄاڻي، قاضيءَ جي قيام ڄاڻي. (سنڌ)
    ۴ . اڱر ڄاڻن، لوھر ڄاڻي. (سنڌ)
    ۵ . ٻين جي ڪمن منجھ، دخل اندازي نه ڪجي.


    20. بخشيش سو دانہ، حساب جوں دانہ۔ (کہاوت)

    20. بخشيش سو دانہ، حساب جوں دانہ۔ (کہاوت)
    ڪنھن تي مھرباني ڪرڻي آھي ته ڀلي سَون جي عنايت ڪجيس. جيڪڏهن حساب ڪتاب وٺڻو آھي ته پوءِ احتياط ڪجي. نه ٽڪي جي ڪس کائجي، نه اڳلي کي کائڻ ڏجي. چوندا آھن؛ ”ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. ليکو آھي؛ چوکو. چوکي آھي؛ پريت.“ جيڪڏھن حساب ڪتاب جونءَ جونءَ جو ڪبو ته ليکو پورو بيھندو. ٻي صورت ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو. بنا حساب ڪتاب جي معاملو نمٽائبو ته ليکي ۾ رولو پئجي ويندو ۽ محبت يا مٽيءَ ۾ گھاري پئجي ويندي. اڳلي کي ڪس لائبي ته پيو بي ايمان سمجھندو، اگر پاڻ کي ڪس لائبي ته ان ۾ به پيو شڪ ڪندو. تنھنڪري عافيت ان ۾ آھي ته حساب وقت، ڪوڙي پائي به ھيڏي ھوڏي نه ڪجي.
    مطلب؛
    ۱ . بخشش؛ سؤ سؤ، حساب؛ جؤ جؤ. (فارسي)
    ۲ . بخشش، ڀلي بي حساب ڪجي، پر حساب وقت ٽڪو ٽڪو ڳڻجي.


    21. برھے چيت؛ نہ کھل مٹے، نہ کھيت۔ (کہاوت)

    21. برھے چيت؛ نہ کھل مٹے، نہ کھيت۔ (کہاوت)
    برھے؛ وسي، مينھن پوي. چيت؛ چيٽ، مند يا موسم جو نالو. کھل؛ کھليان، بارداڻو. مٹے؛ ماپي. کھيت؛ ٻني، پوک.
    سال جي اندر، فصل لاءِ ٻه وڏيون مندون آھن. ھڪ ڪَتي، ٻيو چيٽ. يا ھڪ ربيع، ٻي خريف. ڪَتي جي موسم اھا آھي، جنھن ۾ ٻارھن تارن وارو ڪتيءَ جو نکٽ، جنھن کي ھنديءَ ۾ ثريا چوندا آھن، سنڌ جي آسمان تي نڪري نروار ٿيندو ھجي. اھا مند آھي جُون کان نومبر يا ڊسمبر تائين. ان کي خريف پڻ سڏبو آھي. ان مند اندر ساريون، جوئر، ٻاجھري، مڪئي، ڪمند، وونئڻ ۽ گوار وغيرھ ٿيندا آھن.
    ان کان پوءِ واري شروع ٿيندڙ مند جنھن ۾ ڪڻڪ ۽ انب وغيرھ ٿئي، سا آھي چيٽ. ان کي ربيع پڻ چئبو آھي.
    ٻنھي مندن جي منڍ ۾ برساتون پونديون آھن. اگر مندائتيون پيون ته ٻنين ۽ گدامن ۾ ان جا انبار ٿي ويندا. اگر برسات نه پئي ته قحط منھن ڪڍندو.
    مطلب؛
    ۱ . وسي چيٽ؛ نه ماپي کليان، نه کيت. (ترجمو)
    ۲ . وسي چيٽ؛ ان نه ماپي کيٽ. (ھندي)


    22. بگانہ گہنا؛ لوکاں دا مہنا۔ (کہاوت)

    22. بگانہ گہنا؛ لوکاں دا مہنا۔ (کہاوت)
    بگانہ؛ بيگانو، پرائو، اڌارو. گہنا؛ ڳھ، زيور. لوکاں دا؛ ماڻھن جو. مہنا؛ مھڻو، طعنو.
    اندر ٻاھر ٿيڻ لاءِ، ھر ماڻھو، پنھنجو شان رکڻ واسطي، چڱو سڦرو لٽو ڪپڙو پائيندو آھي. اڃا به ٽانءِ ڦونءِ کي واڌو ڪرڻ واسطي ڪو زيور جھڙوڪ؛ واچ، لاڪيٽ، سوني زنجير يا مھانگي پٿر واري منڊي وغيرھ پائيندو آھي ته جيئن محفل وغيرھ ۾ نمايان/ نروار نظر اچي. اگر غربت ۽ بي وسيءَ سبب، پاڻ وٽ گھر اندر، چڱي شيءِ نه ھوندي اٿس ته پنھنجي ڪنھن ھُج-واري مٽ مائٽ کان اڌاري وٺي، وقت ٽپائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اڌاري ۾ پَٽڪو، ٽوپي، ڪپڙن جو وڳو، واچ، عينڪ، سوني زنجير يا گھر-واريءَ لاءِ سونو سيٽ وغيرھ جھڙو زيور وٺندو آھي. استعمال ڪري، ستت ئي مالڪ کي موٽائي ڏيندو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پرائي شيءِ، پنھنجي جسم تي اچڻ کان پوءِ سونھندي/ جچندي گھٽ آھي. ان جو نه جچڻ، ان ڪري ھوندو آھي جو اھو جسم انھن لٽن يا ڳھ ڳٺن پائڻ تي ھريل نه ھوندو آھي.
    اھڙي ماڻھوءَ کي، ٻيا ڏسندڙ کڻي ڀلي نه ٽوڪين، پر اھو عمل کيس اندر ئي اندر ۾ پيو ککندو ۽ خوار ڪندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . اڌارو ڳھڻو؛ ماڻھن جو مھڻو. (ترجمو)
    ۲ . اڌاري شيءِ وٺي استعمال نه ڪجي. ماڻھن جا طعنا سھڻا پوندا.


    23. بلی دا گونھ لوڑ آيا تے اوہ بوٹے تے چڑھ ہگی۔ (کہاوت)

    23. بلی دا گونھ لوڑ آيا تے اوہ بوٹے تے چڑھ ہگی۔ (کہاوت)
    لوڑ آيا؛ گھرج ۾ پيو. بوٹے تے؛ وڻ تي. ہگی؛ ھنگي آئي.
    ٻليءَ جو ڪاڪوس، ھڪ حقير شيءِ آھي، جيڪا انسان جي ڪنھن به ڪم نه ٿي اچي. ھٿائين ان جي ھئڻ سان کيس تڪليف پھچي ٿي. ھڪ ته ٻليءَ جي مقدار جي حساب سان ٻليءَ جو ھنگيو، ڏسڻ ۽ وزن ۾ ٿورو ھوندو آھي، ٻيو بدبودار ھئڻ سان گڏ بي فائدي ھوندو آھي. ان ۾ ڪم پوڻ جو ڪو به تصور نه ٿو ڪري سگھجي. ھتي ان حقير شيءِ جو مثال ان ڪري ڏنو ويو آھي جو ڪي لالچي ۽ خود غرض ماڻھو، ان کان وڌيڪ به ڪِريل شيءِ تي ساھ ڏيندا آھن. بلڪ ماڻھوءَ کي ڍِيڪ ۽ سَھمون ڏئي ماري يا بيمار ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙن ماڻھن جي ذھنيت ڏانھن ٽوڪ طور اشارو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ٻليءَ جي گونھن ۾ ڪم پيو، وڻ تي چڙھي وڃي ھنگيائين. (ترجمو)
    ۲ . گدڙ جي گونھن ۾ ڪم پيو، انگاس تي وڃي ھنگي آيو.


    24. بنی دا ہر کوئی اے، ان بنی دا کوئی بھی نینھ ہوندا۔ (کہاوت)

    24. بنی دا ہر کوئی اے، ان بنی دا کوئی بھی نینھ ہوندا۔ (کہاوت)
    بنی؛ بڻيل، ٺھيل.
    ٺھيءَ ٺڪيءَ واري جو ھر ڪو مِٽ سڏائڻ لاءِ تيار آھي. منجھانئس کوڙ فائدا، سرانجام ٿيندي نظر ايندا آھن. سندس ننڍڙو ڪم به، وڏو سمجھي پيو ڪبو آھي. منجھانئس کوڙ اميدون ۽ آسرا ھوندا آھن.
    ان جي برعڪس، اڻ بڻيل يا سُڃي ماڻھوءَ منجھان فائدو فائدي جي ماڳ، ھٿائين سوال جو انديشو رھندو آھي، جنھنڪري ھر ڪو پيو کانئس لھرائيندو آھي. متان اوڌر گھري وجھي، يا متان ڪو ٻيو سوال سٽ ڪري وجھي.
    مطلب؛
    ۱ . سکيي جو سڀ ڪو يار، سڃي جو ڪو به يار نه. (ترجمو)
    ۲ . سکيي جا سو سالا، سڃي جو ڪو ڀيڻيويو ئي نه. (سنڌ)


    25. بنيا جدوں غريب ہو جلدے تے پرانی بہی پھر ولدے۔ (کہاوت)

    25. بنيا جدوں غريب ہو جلدے تے پرانی بہی پھر ولدے۔ (کہاوت)
    بنيا؛ واڻيو، واپاري، دڪاندار. ہو جلدے؛ ٿيندا آھن. ولدے؛ ڳولي لھڻ، لڀڻ، ورائي واچڻ.
    دڪاندار، واڻيو يا واپاري جڏھن ڌنڌي واپار ۾ گھاٽي جو منھن ڏسندو آھي، تڏھن کيس سنھون سنھون حساب ياد پوندو آھي. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءَ وانگر، ڌنڌي واپار جو نقصان به آھستي آھستي پوندو آھي ۽ ترا ڪڍي ڇڏيندو آھي.
    اھڙيءَ حالت ۾، اڪثر واڻيا ڏيوالو ڪڍندا آھن. ڏيوالپڻي لاءِ، ڏينھن ڏٺي جو ڏيئو ٻاري ڇڏيندا آھن. ھونئن ڏينھن جو ڏيئو ٻارڻ؛ انڌي ھجڻ جي نشاني آھي. اھڙيءَ طرح ان انڌائپ مان مليل نقصان جو دليل پڻ آھي، جنھن مان مراد اھا آھي ته پيل نقصان جو ٻيو ڪو به نه بلڪ مالڪ ذميوار آھي.
    ائين ڪرڻ سان واڻيو، قرضين جي ھڪين پٽڻ کان ڇٽي ويندو آھي. ان واندڪائيءَ مان فائدو وٺندي، پراڻيون وھيون/ بنديون ٻيھر کوليندو آھي. ٽوٽل پيو ڀيٽيندو آھي. نقصان، کيس پيو آھي، تنھنڪري ٻين جو رولو ڀولو، پاڻ ڏي ڪڍڻ بجاءِ ٻين ڏي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . واڻيو وھيون تڏھن جاچي جڏھن؛ يا سڃو ٿئي، يا بي ايمان ٿئي.
    ۲ . پيل نقصان سان، واپاريءَ جي دماغ جا ست ئي طبق روشن ٿي ويندا آھن.


    26. بے کار کولو بگار چنگی۔ (کہاوت)

    26. بے کار کولو بگار چنگی۔ (کہاوت)
    واندو ماڻھو، بت مان بيزار ھوندو آھي. ٻيا به ساڻس ويھي وقت وڃائڻ پسند نه ڪندا آھن. کيس وندر ورونھن، ضرور کپي. اگر پنھنجو ڌنڌو روزگار نه اٿس ته پرائو ڌنڌو واپار، پگھار جي عيوض سنڀالي. اگر ايترو به نه ته پڇاڙيءَ ۾ ٻين جي ڪمن ۾ بنا معاوضي جي پاڻ کي وڃي وندرائي ته ڀلو. ان سان ڪم از ڪم، ذھني بيمارين کان بچيل رھندو. اڳلن منجھان ڪنھن چڱائيءَ جي اميد رکي سگھندو. بيڪاري، کيس ھڏئون ويھاري، کاري ڇڏيندي. سَنڌن سُڪڻ کان پوءِ، ٻين جو محتاج ٿي ويندو.
    مطلب؛
    ۱ . بيڪار کان بيگار ڀلي. (ترجمو)
    ۲ . بيڪار سي بيگار اڇي. (ھندي)
    ۳ . ڪام نھين تو ڦر ڀي ڪُڇ ڪيئا ڪر، اور نھين تو ڪپڙي اڌيڙ ڪي سيئا ڪر.


    27. بیاہ کیتا؛ ماؤ پیؤ دارو گیا۔ بچہ ہو؛ سنگیاں ساتھیاں دارو گیا۔

    27. بیاہ کیتا؛ ماؤ پیؤ دارو گیا۔ بچہ ہو؛ سنگیاں ساتھیاں دارو گیا۔
    بچے بڈے ہوۓ؛ آپے دارو گیا۔ (کہاوت)
    ڇَڙو ماڻھو، مٽن مائٽن جي ڪلھي تي ھوندو آھي. گھر جي ڪا ڳڻتي نه ھوندي اٿس. پيءُ ماءُ جو دادلو ھئڻ سبب، ڪير به کانئس پڇڻ وارو نه ھوندو آھي. ڍيڪڻي ميڪڻي، نه ھئڻ سبب، ڪنھن تي به فلڪ نه آڻيندو آھي. نه ئي وري کيس ڪمائن ڪرتڻ جي ڳڻ ڳوت ھوندي آھي. سڄو ڏينھن نکمڻن جي سنگت/ صحبت ۾ پيو گذاريندو آھي.
    پرڻي کان پوءِ، گھر گرھستيءَ جي لوڙ کيس ڪمائڻ ۽ پئسي گڏ ڪرڻ ڏانھن پئي اڪسائيندي، تان جو پيءُ ماءُ به ياد نه ھوندس. اھي به وسري ويندس.
    ٻار ٻچا ٿيندس ته ڇڙن جي سنگت مان مزو نه ايندس. ٻچن جي سار سنڀال ۾ سنگت ساٿ سڀ ڪجھ وسري ويندس.
    جڏھن ٻار ٻچا وڏا ٿيندس، انھن جي سار سنڀال ۾ ايترو مدھوش ٿي ويندو جو پنھنجي پاڻ جي به خبر نه ھوندس ته بيمار آھيان يا چاق. ڪمائڻ لائق آھيان يا ھلي چريو آھيان. ڪمائڻ ۽ مال گڏ ڪرڻ جي حرص ۾، ڪو ھوش نه ھوندس.
    مطلب؛
    ۱ . پرڻيو ته پيءُ ماءُ کان ويو، ٻچا ٿيس ته سنگت ساٿ کان ويو، ٻچا سامايس ته پنھنجي پاڻ کان ويو. (ترجمو)
    ۲ . مڱيو ته اڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ، ماڻھو ڪريو ماٺ، مڙس به ويو ته پئسا به ويا.
    ۳ . مڱيو ته ويو ملڪ کان، پرڻيو ته ويو ماءُ پيءُ کان، ڄائس ٻار ته ويو پاڻ کان.


    28. بیاہ نینھ کیتا ورے جنجاں چڑھدیاں بہوں ڈٹھیاں نیں۔ (کہاوت)

    28. بیاہ نینھ کیتا ورے جنجاں چڑھدیاں بہوں ڈٹھیاں نیں۔ (کہاوت)
    بیاہ؛ وھانءُ. جنجاں؛ ڄڃ. ڈٹھیاں نیں؛ ڏٺيون آھن.
    ضروري ناھي ته ماڻھو، ھر ڪم ڪري ۽ پوءِ ان ۾ مھارت حاصل ٿئيس. ڪي ڌنڌا، ڏسڻ وائسڻ سان به ڏانءُ اچي ويندا آھن. انھن لاءِ ڪا اڳواٽ تعليم يا تربيت حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه ھوندي آھي. جيئن ھڪڙو ماڻھو، بلوغت کي پھچڻ کان پوءِ، شاديءَ جي تمنا ڪري ته کانئس، ان ڪرڻ واري عمل جو تجربو يا تعليم نه پڇي ويندي آھي. بلڪ ان اناڙي يا ناتجربيڪار کي، ھر ڪو پنھنجي الھڙ ۽ نوخيز نياڻي، جنھن کي گھر گرھستي ھلائڻ جو تجربو يا خاص سرٽيفڪيٽ نه ھوندو آھي، يڪدم پرڻائي ڏئي ڇڏيندو آھي. اھڙيءَ طرح ماڻھو، زندگيءَ ۾ ڄائو ھڪ دفعو آھي ۽ مرندو به ھڪ دفعو. ھاڻي کانئس مرڻ وقت، مرڻ جو تجربو ته نه پڇبو. پرڻي ۽ مرڻي جي تجربي لاءِ، ٻين جو مڱڻو، پرڻو ۽ مرڻو ڏسڻ ڪافي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . پرڻيو ناھيان ته ڄاڃي ضرور ٿيو آھيان. (ترجمو)
    ۲ . پرڻيا ناھيون ته ڄاڃي ضرور ٿيا آھيون، مئا ناھيون ته ڪلھي ڪانڌي ضرور ٿيا آھيون.


    29. پتریا تے تریا۔ (کہاوت)

    29. پتریا تے تریا۔ (کہاوت)
    پتریا؛ چاچو. پتریہا؛ ڀائٽيو. تریا؛ ٽيون.
    رشتن ۾ پھريون رشتو، ماءُ ۽ پيءُ جو آھي. ٻيو ڀائرن جو آھي. چاچي-ڀائٽي وارو رشتو، ٽئين نمبر تي آھي. فطري طور تي اوليت، پھرين ٻن رشتن کي، ٽئين رشتي جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ڏني ويندي آھي. چاچو، پھرين ته ڀاءُ جي رشتي جي سبب، ڀائٽين تي مھربان ھوندو آھي. ڀائٽيا به پيءُ وئي کان پوءِ، چاچي کي ئي پيءُ سمجھندا آھن. پر وقت گذرڻ پڄاڻان، چاچي کي جڏھن گھر گرھستي ۽ ڌيئن پٽن جا مسئلا وڪوڙڻ شروع ڪندا آھن ۽ ڀائٽين ڏانھن توجھ ھٽندو اٿس ته ٻنھي ڌرين جي دل ۾ بي اعتمادي پيدا ٿيندي آھي، جيڪا وڌي وڌي ڪڏھن خونريز دشمنيءَ تائين وڃي دنگ ڪندي آھي. تواريخ جي ورقن تي اک-وتائي ڏسبي ته چٽو نظر ايندو؛ ويجھن رشتن ۾ اگر خون جي ڪا سازش ٿي آھي ته اھا انھن ٻن رشتن جي وچ ۾ سرس ٿي آھي. مامي-ڀاڻيجي جي وچ ۾ يا ٻين رشتن جي وچ ۾ گھٽ ٿي آھي، ڇو جو جھيڙي جو سبب، عمومًا گڏيل ملڪيت ئي رھي آھي، جيڪا وقت سر نبري نه سگھي ھجي. اھا ڳالھ، عام طور انھيءَ ٽئين نمبر رشتي اندر ئي ڏٺي وئي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . چاچو؛ ٽيون رشتو.
    ۲ . پتریہا تے تریا۔ (کہاوت)
    ۳. ڀائيٽيو؛ ٽيو.
    ۴ . چاچي-ڀائٽيي جو رشتو، وقتي ٽئين نمبر تي ھليو ويندو آھي.
    ۵ . چاچي-ڀائٽيي وارو رشتو، پيءُ-پٽ واري رشتي جھڙو ناھي.
    ۶ . ملڪيتن جي ورھاست تان، چاچي-ڀائٽيي جو رشتو، دشمني تائين ھليو ويندو آھي.


    30. پرہا پرہاواں دے، پتر ماواں دے۔ (کہاوت)

    30. پرہا پرہاواں دے، پتر ماواں دے۔ (کہاوت)
    پرہا؛ ڀائر. ماواں؛ مائرن.
    دنيا جو ڪار-وھنوار، ھڪڙي ربط تحت ھلي رھيو آھي. اھو ربط، قدرت طرفان مقرر ڪيل رشتن ناتن جي جوڙجڪ سان قائم آھي. جيئن آڱرين جا نھن، ماس کان ڇڄڻ ڏکيا آھن، تيئن اھي رشتا پڻ ڇڄڻ جي حساب سان ڏکيا ٽٽندا آھن. ڀائر وڙھڻ کان پوءِ به ڀائر ئي سڏبا، پٽ جدا ٿيڻ بعد به پٽ سڏبا. جڏھن ته دوست وڙھڻ بعد، دشمن سڏبو آھي. پر ھي ٻه رشتا اھڙا آھن، جيڪي وڙھڻ، وڙھي ڍانگ و ڍانگ ٿيڻ پڄاڻان به رشتيداريءَ جي وڪڙن مان نه اُکڙي سگھندا آھن ۽ نه معنيٰ ڦيري سگھندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . ڀائر، ڀائرن جا، پٽ مائرن جا. (ترجمو)
    ۲ . ڀائر، ڀائرن جا، چچڙ ڪانون جا.
    ۳ . ڀيٽيو؛ پہائی پہائیاں دے، چہائی سر گرائیاں دے۔ (کہاوت)


    31. پرون کوزے آں آخے؛ دو موریا تے اپنا کجھ شمار ای نینھ۔ (کہاوت)

    31. پرون کوزے آں آخے؛ دو موریا تے اپنا کجھ شمار ای نینھ۔ (کہاوت)
    پرون؛ پروڻ، پرڻ، ڇاڻي، گيچڻ. کوزے آں؛ ڪوزي کي، ڪونئري کي. دو موریا؛ ٻه-ٽونگا.
    عيب يا وڏنھن ڪڍڻ، انساني فطرت آھي. ھر ماڻھو عيبدار آھي. پنھنجي عيبن کي لڪائڻ يا گھٽائڻ بدران، ڪوشش ڪندو آھي ته ٻين جا عيب ڳولھي ۽ کين لوئي ته جيئن سندس عيب، ٻين جي نظر تي نه چڙھن. حالانڪ، ان سان ويتر سندس ئي خواري ٿيندي آھي. پاڻ ٻين جا چند عيب ڏسي ٿو. جڏھن ته ٻيا، سندس ان دشمنيءَ جي بدلي، سندس عيبن جي ٽوھ ۾ اھڙا عيب ۽ نقص ڪڍي ٿا وٺن، جيڪي ڀلي منجھس ھجن ئي نه.
    پرڻ، اٽي ڇاڻڻ جي ڪم ايندو آھي. منجھس سوين سوراخ ھوندا آھن. سندس اھي بي انداز سوراخ، جيڪي عام ماڻھو ڳڻي ئي نه سگھي، سندس عيبدار ھئڻ لاءِ ڪافي آھن. تنھن ھوندي به اھو ويھي، ٻن ٽنگن واري تي ڍيڪ ڏئي، سا عجب جھڙي ڳالھ آھي.
    مطلب؛
    ۱ . پرڻ ٿو چوي ڪونئري کي؛ ھل ٻه-ٽنگا. (ترجمو)
    ۲ . پرڻ ٿو چوي ڏونگھي کي؛ ھل ٽه-ٽنگا.
    ۳ . مينھن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ ھل پڇ-ڪاري.
    ۴ . جڏھن گھڻن عيبن وارو، ٿورڙن عيبن واري جي گلا ڪري، تڏھن ائين چيو ويندو آھي.
    ۵ . جڏھن ماڻھوءَ کي ساڳيا عيب پاڻ ۾ نظر نه اچن ۽ ويٺو ٻين جو لٽو لاھي ته ان کي اھڙي وقت تي ٽوڪ طور ائين چئبو آھي.


    32. پکن میوے، کھاون نصیب والے۔ (کہاوت)

    32. پکن میوے، کھاون نصیب والے۔ (کہاوت)
    ميوو، پنھنجي مند تي پچي راس ٿيندو آھي. ڪچو ميوو کائي ته سگھجي ٿو، پر منجھس کائڻ جو سواد ۽ فائدو ايترو ناھي، جيترو پچڻ پڄاڻان ھوندو اٿس. اڪرندڙ مند جو ميوو، فائدو يا سواد ڏيڻ جي بجاءِ نقصاندھ ئي ھوندو آھي. ھر ميوو، مند تي ئي واپرائجي ته بھتر. اٻھر سان، ڪيميڪلن جي زور تي، اڳواٽ تيار ڪيل ميوو وَٽَ طور ته کائي سگھجي ٿو پر نه کائجي ته بھتر. جڏھن ته پنھنجي پوري مند تي رسيل ميوو کائڻ لاءِ ٿورو ترسڻو پوندو آھي. اھو صبر ڪرڻ به ڪن سھپ ۽ نصيب وارن ماڻھن جو ڪم آھي. مند تائين جيئرو رھڻ، پئسا پاڇي ڪري مندائتو ميوو خريد ڪري گھر اچڻ، نصيبن تي انحصار ٿو رکي.
    مطلب؛
    ۱ . پچن ميوا، کائن نصيبن وارا. (ترجمو)
    ۲ . پڪل ميوو به؛ يانصيب.
    ۳ . پڪي ماني به؛ يانصيب.
    ۴ . وڻ ھڪڙا لڳائين ٿا، وڻن جا ڦل وري نصيبن وارا کائين ٿا.


    33. پہائی پہائیاں دے، چہائی سر گرائیاں دے۔ (کہاوت)

    33. پہائی پہائیاں دے، چہائی سر گرائیاں دے۔ (کہاوت)
    پہائی؛ ڀائي، ڀائر. چہائی؛ ڇائي، ڌوڙ. سر؛ مٿو، منھن. گرائیاں؛ ڳوٺائي، ڳوٺاڻان، ڄٽ.
    ڀائرن جي وچ ۾ ٿيل اڻبڻت، ھڪ ڏينھن نبرڻي آھي. ان ڪري ٻين لاءِ بھتر آھي ته تماشو ڏسڻ يا ڌر ٿيڻ بدران سندن ٺاھ بابت ڳالھيون ھلائن. ڇيڻا-ڀور ٿيڻ سان، آخر ھلي پاڻ کي ان ڏينھن ڏٺو-وٺو ڪرائيندا، جڏھن اھي وڙھيل ڀائر، پاڻ ۾ ٺھي کير کنڊ ٿي ويندا. ٻه-وڙھائوءَ لاءِ، اھا اھڙي صورتحال ھوندي، جيئن ڪنھن جي منھن ۾ ڌوڙ جا ٻُڪ ڀري اڇلي ھڻجن. ان ۾ خواري به آھي ته آئندھ جو رستو به وڃائڻو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڀائر، ڀائرن جا، ڌوڙ ڳوٺ وارن جي منھن ۾.
    ۲ . مِٽَ پاڻ ۾ سرچي ويندا، وچ-ڪٽيا بڇڙا پيا ٿيندا.
    ۳ . ڀيٽيو؛ پرہا پرہاواں دے، پتر ماواں دے۔ (کہاوت)


    34. پہڈ سوئی یا تروئی؛ ہک ای گل اے۔ (کہاوت)

    34. پہڈ سوئی یا تروئی؛ ہک ای گل اے۔ (کہاوت)
    پہڈ سوئی؛ ٻار ڄڻڻ، ويم ڪرڻ، ويائي. تروئی؛ ڪھائي، ٻار ڪيرائڻ، ڇڪي اچڻ، حمل ڪرڻ.
    حامله عورت جي پيٽ اندر، سرجيل ٻار جا سنجريل سور، سھڻ کان وڏا ھوندا آھن. جيءَ اندر سرجيل ٻيو جيءُ، کڻڻ ۽ اندر پالڻ اھنجو آھي. پنھنجو ڇڙو سر کڻي ھلڻ ئي ڏکيو آھي ته ڀريل پيٽ سان ھلڻ اڃا اوکو آھي. جڏھن سور سنجرندا آھن، تڏھن ويتر ويڌن ٿي ويندي آھي. ان صورت ۾ ڳورهاريءَ جي حالت جري ھوندي آھي. مرڻ جھڙي ڪشمڪش مان گذرڻو ھوندو اٿس. ان کي ان وقت ھر صورت ۾ آجائي کپي. ٻار زندھ نڪري يا مئل، پر ھن جو سر بچائڻ ضروري ھوندو آھي. ٻنھي صورتن ۾، ٻار ڄڻڻ يا ڪيرائڻ وارين ۾، حامله جي حمل منجھان، ھڪ جيترو ئي خون وھي اُڙھندو آھي، جيڪو کيس نھوڙي رکندو آھي. جڏھن ٻنھي صورتن ۾ ساڳيا سور ۽ ساڳيون سختيون سھڻيون آھن ته پوءِ بھتر آھي ته بچه ۽ زچه، ٻنھي کي صحيح سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪجي.
    ان کان علاوھ ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن حامله کي، ڪمزوريءَ سبب ڇڪي به اچي ويندي آھي. ان صورت ۾ به کيس ساڳي پيڙا ۽ ساڳئي درد منجھان گذرڻو ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ويائي يا ڪھائي، ھڪ ئي ڳالھ آھن.
    ۲ . ويائي آھي ڪھائي.
    ۳ . ويم جا سور ۽ ڇڪيءَ جا سور، ھڪجيترا ڀوڳڻا ھوندا آھن.


    35. پھگن؛ کھلیاں ہگن۔ (کہاوت)

    35. پھگن؛ کھلیاں ہگن۔ (کہاوت)
    پھگن؛ ڦڳڻ، ھندي مھيني جو نالو، جيڪو فيبروري-مارچ ڌاران اچي. کھلیاں؛ ميدان تي، واٽ تي، بيٺي بيٺي. ہگن؛ ھنگڻ.
    ڦڳڻ جي مھيني منجھ موسم تبديل پئي ٿيندي آھي. رات ٺرندي آھي ۽ فرحت بخش ھئڻ سان گڏ، رلي وجھڻ تي پڻ مجبور ڪندي آھي. اگر ڀل ۾ رات جو لٽو جسم تان لھي ويو ته صبح ڌاري زڪام شروع ھوندو. وري صبح ٿيندي گرمي شروع ٿيندي. ڏينھن جو، چِٽ سبب، پگھر پيا ڳڙندا. ماڻھو، اھڙي گرميءَ ۾ ٻاھر جھنگ ۾ بيھي ئي نه سگھندو. اگر اھڙي وقت تي ٽورو لڳندو ته لازمي آھي ته جھنگ ۾ پھچي، قرار سان ويھڻ ڪو نه ڏيندو. انھن ڏينھن ۾ جڏھن، مرد گھرن جون پُئيون يا ڪاڪوس خانا، ويھڻ لاءِ پسند نه ڪندا ھيا، تن ڏينھن ۾ ٽورو ڪرڻ لاءِ جھنگ ۾ وڃڻ ڏاڍو ڏکيرڙو ھوندو ھيو. ماڻھو وڃي بيٺي پير ئي موٽڻ جي ڪندو ھيو. اوڍر تاڙڻ بجاءِ، رستي يا ميدان تي حاجت پوري ڪري ڀڄڻ جي ڪندو ھيو. ٻين لفظن ۾، بيٺي پير ڪاڪوس ڪرڻو پوندو ھيس.
    مطلب؛
    ۱ . ڦڳڻ، ميدان تي ھنگڻ. (ترجمو)
    ۲ . ڦڳڻ ڦوسيارو؛ راتيان پارو، ڏينھان پاگھارو.
    ۳ . ڦڳڻ ڦُلهاريو؛ رات سيارو، ڏينهن اُونهارو.
    ۴ . آرڙھ جي تتي ڏينھن، سانوڻ جي وسندي مينھن، سياري جي آڌي رات، شل ٿئي نه ھنگڻ تات. (سنڌ)


    36. پہیڑے مونھا بچو، پہیڑی گل ای نکلدی اے۔ (کہاوت)

    36. پہیڑے مونھا بچو، پہیڑی گل ای نکلدی اے۔ (کہاوت)
    پہیڑے؛ بڇڙو. مونھا بچو؛ واتئون، وات منجھان. پہیڑی؛ بڇڙي.
    ماڻھوءَ جي مزاج جي ڄاڻ، سندس مک منجھان نڪتل گفتن مان ئي پئجي ويندي آھي. چڱي جي واتان چڱيون ۽ چڱائيءَ واريون ڳالھيون پيون نڪرنديون آھن. بڇڙي جي واتان اھا ئي بڇڙائپ واري ڌپ پئي ايندي آھي.
    ماڻھو، سڄو ڏينھن جھڙي صحبت ۾ گذاري ٿو، اتان جا لڇڻ پرائي ۽ اظھاري ٿو. چڱن جي صحبت ۾ چڱايون ۽ بڇڙن جي صحبت ۾ بڇڙايون پرائي ۽ اپنائي ٿو. چڱن سان گڏ ويھڻ جو مثال ائين آھي جيئن عطار سان گڏ ويھڻ. کانئس، عطر خريد نه ڪبو، ته به شام ڌاري جسم ۽ لٽن مان سرھاڻ واري مھڪ پئي اٿندي. اھڙيءَ طرح، بڇڙن جي سنگت ائين آھي، جيئن لوھر سان ياري. سندس سنداڻ تان اٿيل چڻنگون اگر چڏن ۾ نه لڳيون ته شام ڌاري لٽن تي ڪارنھن ۽ ڪيري ضرور چنبڙيل ھوندي.
    مطلب؛
    ۱ . بڇڙي وات مان، ڳالھيون به بڇڙيون ئي نڪرنديون آھن. (ترجمو)
    ۲ . چنڊي جي واتان، ڳالھيون به چنڊائپ واريون اٻڙڪا ڏينديون.
    ۳ . سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باھ، ماڻھو پرکجي تڏھن، جڏھن ڪي ڳالھاءِ.


    37. پوہ مانھ نرا؛ دیہاڑی چہڑ، راتی کھرا۔ (کہاوت)

    37. پوہ مانھ نرا؛ دیہاڑی چہڑ، راتی کھرا۔ (کہاوت)
    پوہ؛ پوھ، ھندي مھيني جو نالو، ڊسمبر-جنوريءَ ڌاري اچي. مانھ؛ مانگھ، ماگھ، ھندي مھيني جو نالو، جنوري-فبروريءَ ڌاري اچي. نرا؛ نر آ، بھادر آ. دیہاڑی؛ ڏينھن جو. چہڑ؛ جھڙ، ڪڪر ڪارونڀار. راتی؛ رات ڌاري. کھرا؛ آسمان صاف.
    پوھ ۽ مانگھ جا مھينا، سرديءَ جا مھينا آھن، جن منجھ ڏينھن جو سج ٿوري وقت لاءِ نڪرندو آھي. ھر ڪو تڙڪو پيو جاچيندو آھي. جڏھن ته موسم جي راند وري ٻي ھوندي آھي. ھڪ ته ٻئي مھينا نر يعني پنھنجي پر ۽ ھٺ تي بضد ھوندا آھن، ٻيو وري رات جو آسمان صاف ھوندو ته ڏينھن جو جھڙ-ڦڙي واري ڏک پيو ڏيندو. سرديءَ ۾ جُھڙ جو ٿيڻ، گھڻن نڪمن کي ڪم نه ڪرڻ لاءِ، بھاني طور ھٿ اچي ويندو آھي. تن لاءِ وڏڙا چوندا آھن؛ مولا وسائي مينھن ته ڪانيارا ڇٽن ڪم کان.
    مطلب؛
    ۱ . پوھ ۽ مانگھ نر آ؛ ڏينھن جو جھڙ، رات جو کر آ. (ترجمو)
    ۲ . پوھ مانگھ جي مھينن ۾ سردي پنھنجي عروج تي ھوندي آھي. ساڻس کينس نه ڪري سگھبي.


    38. پوہ مانھ؛ پکھانے؟ (کہاوت)

    38. پوہ مانھ؛ پکھانے؟ (کہاوت)
    پوہ مانھ؛ ھندي مھينن جا نالا؛ پوھ ۽ مانگھ. پکھانے؛ پکاڻو، ھڪڙي جھنگلي ميوي جو نالو.
    پکاڻي نالي سان جھنگلي ميوو ٿيندو آھي، جنھن جو ٻوٽو ڪنڊيدار ھوندو آھي. ميوو، ڳاڙھاڻ مائل ڪارو ٿيندو آھي. قد ۾ چڻي/ ڦاروي/ پٽ تر يا پيرونءَ جيترو ٿيندو آھي.
    اھو ميوو يا سوغات، ھميشه ھاڙھ ۽ سانوڻ جي مھينن ۾، جڏھن چؤماسي جون برساتون پونديون آھن، تڏھن پاڻمرادو جھنگن ۾ ڦٽي پوندو آھي. پوھ يا مانگھ جي مھينن ۾ ٿيندو ئي ناھي. ھاڻي اگر ڪو ماڻھو اچي اھڙي ڳالھ ڪري ته کيس يا ڪوڙو سمجھبو يا بيوقوف.
    مطلب؛
    ۱ . پوھ ۽ مانگھ؛ پکاڻو! (ترجمو)
    ۲ . بي موقعي جو فروٽ/ ميوو يا معمول جي خلاف ڪا ڳالھ ڏسڻ سان، اھي الفاظ زبان تي اچي ويندا آھن.
    ۳ . بيوقوفيءَ/ وائي توائيءَ جھڙيون ڳالھيون ڪندڙ لاءِ، ٽوڪ طور ائين چئبو آھي.


    39. پیدل تے اسوار دی رات؛ ہکی جائی آندی اے۔ (کہاوت)

    39. پیدل تے اسوار دی رات؛ ہکی جائی آندی اے۔ (کہاوت)
    ھن ڪھاوت اندر، ايسپ جي آکاڻيءَ ڏانھن اشارو آھي، جنھن ۾ اھو ٻڌايل آھي ته ھڪڙي ڪڇونءَ (ڪميءَ) ھڪڙي سھي سان شرط پڄائي. طئي اھو ٿيو ته ھڪڙي ميدان جي ھڪ سري کان شرط شروع ٿيندي، ميدان جي ٻئي ڇيڙي تائين مقابلو ٿيندو. اھو مفاصلو، ٻنھي منجھان جيڪو اڳ ۾ ڪري وٺندو، تنھن اھا شرط کٽي.
    شرط واري ڏينھن تي، ٻين پاڻ جھڙن ساھدارن کي امين واري، ٻنھي ساڳي ليڪ تان سفر شروع ڪيو. سھو ھلڻ جو ڇوھو ھيو، سو ته ويو ميدان کي سرڙيندو. اڳڀرو ٿيڻ کان پوءِ، پوئتي ڏٺائين. ڪڇونءَ کي ھلڻ ۾ ڏاڍو ڍرو محسوس ڪيائين. سمجھيائين؛ سڄو ڏينھن ھڻندو مس وڃي، اھو پنڌ پورو ڪندو. ان ڪري ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ھڪڙي وڻ ھيٺان ساھي پٽڻ ويھي رھيو. ٿڪل ھيو، سو وڻ جي ڇانءَ ۾ کيس آرام اچي ويو ۽ ننڊ کڻي ويس.
    ڪڇون، پنھنجي چال سان ھلندو رھيو. تان جو شام ڌاري وڃي طئي ٿيل منزل جي ويجھو ٿيو. ان وقت سھي جي اک کلي، پوءِ ته گھڻو ئي ڀڳو، پر ڪڇون شرط واري جاءِ تي کانئس اڳي پھچي چڪو ھيو. اھا شرط، ان ڪڇونءَ، پنھنجي مسلسل جدوجھد سبب کٽي، جو رستي ۾ ٿڪجي ساھيون نه پٽيائين. بلڪ توڪل ڪري ھلندو رھيو.
    ھن ڪھاوت مان به مراد ساڳي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . پيادي ۽ سوار جي رات، ساڳي جاءِ تي ھوندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . ڪڇون ۽ سھو شام ڌاري، رات ٽڪڻ لاءِ، ساڳي منزل تي ئي وڃي ترسيا. ڪو به اڳتي يا پوئتي نه ترسيو.


    40. پیر آزما کہن، کہوڑا دوڑا کہن۔ (کہاوت)

    40. پیر آزما کہن، کہوڑا دوڑا کہن۔ (کہاوت)
    کہن؛ گھن، وٺ، خريد ڪر. کہوڑا؛ گھوڙا، گھوڙو.
    پير يا مرشد، ھدايت واسطي وٺڻ ضروري آھي، ڇو جو شيطان، انسان جو ازل کان ويري آھي ۽ کيس ھر جاءِ تان ڀلائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھندو آھي. عالم کي علم سان، جاھل کي جھل سان برغلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ان ڪري سڌي راھ اختيار ڪرڻ واسطي، ھادي/ رھبر/ سونھون وٺڻ ضروري آھي. جيئن دنياداريءَ جي معاملن ۾ پڇائي پڇائي، رستا اختيار ڪيون ٿا، تيئن دينداريءَ ۾ پڻ ڪامل ولين ۽ رب جي پھتل ٻانھن جي رھبريءَ ھيٺ زندگي گذارڻ ۾ عافيت آھي. ان لاءِ لازمي آھي ته مرشد ان ماڻھوءَ کي ڪري وٺجي، جيڪو سنت ۽ شريعت جو پابند ھجي. ڏسي وائسي، جاچي جوچي سندس ھٿ تي بيعت ڪجي.
    اھڙيءَ طرح، آڳاٽي زماني ۾، سفر توڙي حضر ۾، گھوڙو ئي سواريءَ طور ڪم ايندو ھيو. اھو ئي سونھون، اھو ئي بار کڻندڙ ۽ منزل تي پڄائيندڙ ھوندو ھيو. اگر گھوڙو، صحيح نموني سان، سيکاريل ۽ پنڌ تي ھيرايل ھوندو ھيو ته سوار سڪون سان ھوندو ھيو. اگر اھو کٽر ۽ نٺر ھوندو ھيو ته منزل منزل جي ماڳ موراڳو، ٿڏي تي ئي ڪڏائي، سيس يا سوار کي پٽ تي اڇليندو ھيو. ان ڪري لازمي طور، ڏسي وائسي خريد ڪرڻو پوندو ھيو.
    مطلب؛
    ۱ . مرشد ڏسي وائسي ڪجي، گھوڙو گھمائي وٺجي. (ترجمو)
    ۲ . ڏھي ڏھائي وٺجي، ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي.


    41. پیر پتر نہ دتا، رن نینھ کھسدا۔ (کہاوت)

    41. پیر پتر نہ دتا، رن نینھ کھسدا۔ (کہاوت)
    پٽ جھڙي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ، چڱا ڀلا ماڻھو، پنھنجو وس ڪندا آھن. چڱي نسل منجھان شادي رچائيندا آھن. اگر مومڀي ٻار سنجرڻ ۾، وقفو پئجي ويندو آھي ته دايون ۽ حڪيم پڇائيندا آھن. دوا درمل اثر نه ڪندا آھن ته دعا سڳي، ٽوڻي ڦيڻي لاءِ زندھ پيرن ڏي واجھائيندا آھن.
    اگر ڪو اتي وڃڻ ۾ ھچڪچائيندو آھي ته کيس اھو آٿت ڏنو ويندو آھي ته اگر پير جي درگاھ تي وڃڻ پڄاڻان، تنھنجي پٽ ملڻ واري مراد پوري نه ٿي ته تون اتي زال ڦرائي نه ايندين.
    مطلب؛
    ۱ . پير پُٽ نه ڏيندو ته زال ڪو نه کسيندو. (ترجمو)
    ۲ . اڳلي وٽ ڪم لاءِ وڃڻ ۾ ھٽڪ محسوس نه ڪجي. ڪم نه ڪندو ته ڦريندو ڪو نه.
    ۳ . عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪو نه ٿيلھيندو.


    42. پیسا پا، تے نالے کھا۔ (کہاوت)

    42. پیسا پا، تے نالے کھا۔ (کہاوت)
    مفت جي شراڪت ڪير به برداشت نه ڪندو آھي. گھر ۾ به ماني ان کي چڱيرڙي ملندي آھي، جيڪو ڪمائي اچي ٿو. نڪمي ماڻھوءَ کي ماني ڏيڻ وقت مائٽن جو به ارواح نه ورندو آھي. ڌارئي ماڻھوءَ کي ھڪ ڏينھن، ٻه ڏينھن ڇڪي تاڻي ٽي ڏينھن ماني کارائي سگھبي. پوءِ ته ڳوٺ جو دڳ وٺرائبس.
    ان جي ابتڙ، جيڪو ماڻھو، ڪمائي اچي ٿو، پوءِ اھو گھر جو ڀاتي آھي يا مھمان آھي، تنھن کي ھر ڪو سڏي پاڻ سان ماني کارائي ٿو. جيڪو پئسو نه ٿو گڏي خرچ ڪري تنھن کي ڌار ماني ڏيڻ لاءِ به ڪير تيار نه ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . پئسا ملاءِ، گڏجي کاءُ. (ترجمو)
    ۲ . خرچ ڪرڻ واري تي ٻيا به خرچ ڪن ٿا.


    43. پیسے دی گدڑی، روپیا پیا تے ادڑی۔ (کہاوت)

    43. پیسے دی گدڑی، روپیا پیا تے ادڑی۔ (کہاوت)
    آڳاٽي دور ۾، پئسو پنجڙ جان سان رکڻو پوندو ھيو. بئنڪون ھيون ڪو نه. ٻين وٽ ڌراوت طور رکڻ به خطري کان خالي ڪو نه ھوندو ھيو، ڇو جو ماڻھوءَ جي کرڻ يا بي ايمان ٿيڻ جو وقت مقرر ٿيل ناھي. ان ڪري ڪي ماڻھو، ناڻو صندوقن ۾ بند ڪري، مٿانئن بندوقن سان پھرو ڏيندا ھيا. ڪي زمين ۾ پوري ڇڏيندا ھيا. جڏھن ته سفر حضر منجھ، اھو ناڻو جان سان رکڻو ھوندو ھيو. چوڻي پڻ ھئي؛ رن ران سان، پئسو جان سان. جان سان تڏھن ٻڌي سگھبو ھيو، جڏھن ڪنھن ڪپڙي منجھ ٻڌل ھجي يا ڪپڙي جي ٺھيل ڳوٿريءَ ۾ منجھ سانڍيل ھجي. پوءِ اھو ڪمر سان يا چيلھ سان ٻڌي ڇڏبو ھيو.
    سادي ڪپڙي جي ڳوٿري، بربلن ٽڪن پوڻ تي ڳري ڇڄي پوندي ھئي، جنھنڪري اھا ڳوٿري اگر مضبوط ٺاھڻي ھوندي ھئي ته چمڙي منجھان ٺھندي ھئي، ان ڪري جان سان چھٽيل ھوندي ڪو نقصان نه رسائيندي ھئي.
    سادي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ پئسا پوندا ته ڦاٽي پوندي.
    مطلب؛
    ۱ . پئسي جي ڳوٿري، رپيا پوڻ سان ڄاڻ اڊڙي. (ترجمو)
    ۲ . پیسے دی گتھی بچ روپیا پیا تے پھٹ جلدی اے۔ (کہاوت)
    ۳ . پئسي جي ڳوٿريءَ ۾، رپيا پيا ته ڦاٽڻ لڳندي. (ترجمو)
    ۴ . ڍءُ جھلي؛ يا مينھن، يا ڀاڀڙو.
    ۵ . پوءِ ڍائي ماڻھوءَ وٽ ڌن دولت اچي ته ڦاٽان ڦاٽان ڪري.


    44. تھوڑا کھانا، سکھیا رہنا۔ (کہاوت)

    44. تھوڑا کھانا، سکھیا رہنا۔ (کہاوت)
    انسان کاڌو ان لاءِ کائيندو آھي، ته جيئن جسم جي اندر رطوبت ٺھي. رت، مسلسل ٺھندو رھي ۽ رڳن اندر وھندو رھي. ان سان جياپو آھي، ان سان حياتي آھي. کاڌو، حد کان گھٽ کائبو ته جسماني ضرورتون پوريون نه ٿينديون. حد کان وڌيڪ، يا جسم جي گھرج کان واڌو/ سرس کائبو ته ھضم ڪرڻ لاءِ، معدي کي محنت گھڻي ڪرڻي پوندي. جنھن سان معدو ڪمزور ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوھ، واڌو کاڌل کاڌي جو بوجھ به جسم کي کڻڻو پوندو، جيڪو به چڱي ڀلي جسم کي ڇني وجھندو آھي.
    پورو پورو ۽ وت آھر کائجي. گھٽ ڀلي کائجي پر وڌ نه کائجي جو، ڇو جو وڌيڪ کاڌل، نھوڙي وجھندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ٿورو کاءُ، سکيو گذار. (ترجمو)
    ۲ . لوڪ سھائيندو پائجي، ھٺ سھائيندو کائجي. (چوڻي)
    ۳ . ڄٽ؛ يا چاءِ مري، يا کاءِ مري. (چوڻي)


    45. تو کون؟ میں خوامخواہ۔ (کہاوت)

    45. تو کون؟ میں خوامخواہ۔ (کہاوت)
    اتي ئي سوال آھي ته؛ ”تون ڪير آھين؟“ اتي ئي اڳلي طرفان تصور ڪيل جواب آھي؛ ”مان ته اجايو يا فضول ٽنگ-اڙائيندڙ آھيان.“
    جڏھن ڪو ماڻھو، ٻين جي معاملي ۾ خوامخواھ، بي مقصد ۽ بنا دعوت جي ٽنگ اڙائيندو آھي ته کي ٽوڪ طور ائين چئبو آھي. ان مراد سان، ته اڳلي کي باور ڪرائجي ته؛ ”تون ري سڏيو، اڻ ڪوٺيو يا بي دعوتيو، اسان جي معاملي ۾ پيو ٽنگ اڙائين، سو چڱو ناھي.“
    مطلب؛
    ۱ . تون ڪير؟ چي؛ مان خوامخواھ. (ترجمو)
    ۲ . پراوا ٽٽ، پنھنجي مغز ۾ نه وجھجن.
    ۳ . نانگن کي، پنھنجي ڳچيءَ جو ھار ڪري، نه پائجي.


    46. ٹہاکے دا ویلا؛ ادھا چٹا، ادھا میلا۔ (کہاوت)

    46. ٹہاکے دا ویلا؛ ادھا چٹا، ادھا میلا۔ (کہاوت)
    ٹہاکے؛ پھاڙي، پھاڙ جو. ویلا؛ ويلو، وقت، پوشاڪ، ڪپڙو. ادھا؛ اڌ. چٹا؛ سفيد، ڌوتل. میلا؛ ميرو، اڻ ڌوتل.
    پھاڙن جي اندر رھندڙ، جيڪي پوشاڪ يا ڪپڙو پائين ٿا، سو جيستائين پورو ميرو نه ٿو ٿئي، تيستائين لاھين نه ٿا. ان جو سبب، ڪم ڪار کان علاوھ، پاڻيءَ جي اڻ ھوند آھي. جڏھن برسات پوي ته پاڻيءَ جا انڇر ڇنڇر ٿي وڃن؛ نه روڪي سگھجيس، نه ڪٺو ڪري سگھجيس. ھلندي برسات ۾ ڪپڙو لاھڻ، ڌوئڻ، سڪائڻ پڻ ڏچو. وري جڏھن برساتون اوڪاڻجي وڃن ته پيئن لاءِ پاڻي ميسر نه ھجي ته وھنجڻ ۽ ڪپڙو ڌوئڻ لاءِ ته اڃا نه ملي. تنھنڪري پاتل پوشاڪ، جلدي نه مٽائين. ھڪ ته جبل تي يا ٽڪرين ۾ ڌوڙ مٽي آھي ڪو نه جو ڪپڙو جلدي ميرو ٿئي يا ميرو نظر اچي. وقت گذرڻ پڄاڻان، فطري طور تي ھر شيءِ ميري ٿئي ٿي، جنھنڪري ڪپڙو ڪٿان ميرو ته ڪٿان صاف سٿرو پيو نظر ايندو.
    مطلب؛
    ۱ . پھاڙي پوشاڪ؛ اڌ اجري، اڌ ميري. (ترجمو)
    ۲ . پہاڑ دا ویلا؛ ادھا چٹا، ادھا میلا۔ (کہاوت)
    ۳ . پھاڙي وڳو؛ اڌ اجرو، اڌ ميرو.


    47. جتنا بڑا سر، اتنی بڑی سر دردی۔ (کہاوت)

    47. جتنا بڑا سر، اتنی بڑی سر دردی۔ (کہاوت)
    سر؛ مٿو.
    تجربن مان ڏسي ۽ مشاھدن سان پرکي، اھا ڄاڻ ملي آھي ته جنھن ماڻھوءَ جو مٿو وڏو ھوندو آھي، اھو سڀاڳو ھوندو آھي. وٽس ڪيئي معاملا، حل ڪرڻ واسطي ھر وقت موجود ھوندا آھن. پاڻ به انھن منجھان، بجاءِ بيزار ٿيڻ جي، حل ڪري پيو مزا ماڻيندو آھي. ٻين ماڻھن جي آڏو، اگر اھي معاملا ڏسڻ لاءِ اچن ته ھوند، بيزار ٿي ڀڄي وڃن، ڇو جو انھن معاملن ۾ ڪوفت، سر دردي ۽ مغزماري تمام وڏي ھوندي آھي.
    اھو به ڏٺو ويو آھي ته جنھن جو مٿو وڏو ھوندو آھي، ان جو مغز وڏو ۽ دل ننڍي ٿيندي آھي. ان سبب، سندس سوچ سمجھ سجيھ ھوندي آھي پر دلير، گھٽ ھوندو آھي. ھر معاملي ۾ سوچي سمجھي، سنجيدگيءَ سان ھٿ وجھندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾، ننڍي مٿي واري جو مغز ننڍو ۽ دل وڏي ھوندي آھي. ان سبب، اھو ھر معاملي ۾ دليريءَ سان، بنا سوچ سمجھ جي، ڪاھي پوندو آھي. ننڍي مٿي وارو، ان قسم جي سردردي نه کڻڻ چاھيندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . جيڏو وڏو مٿو، اوڏي وڏي مٿي-ماري. (ترجمو)
    ۲ . جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    ۳ . رب تعاليٰ به سھنديءَ جا بار رکي ٿو.
    ۴ . سر وڏو سپوٽ جو، پير وڏو ڪپوٽ جو. (ٿر)


    48. جتنے مونھ، اتنیاں گلاں۔ (کہاوت)

    48. جتنے مونھ، اتنیاں گلاں۔ (کہاوت)
    مونھ؛ وات، منھن، ٻوٿ. گلاں؛ ڳالھيون، خيال، راءِ.
    انسان، سوچي ته دل ۽ دماغ سان ٿو پر پنھنجي خيالن جو اظھار، زبان جي ذريعي ڪري ٿو. اھا اظھار واري زبان، وات جي اندر، ڏندن جي پھري ۾ محفوظ ھوندي آھي. مڙني حِسن؛ ڏسڻ، سنگھڻ، چکڻ، ٻڌڻ، ڇھڻ جو مرڪز، منھن آھي. انھن جا آرگن، منھن يا چھري اندر رکيا ويا آھن. ٻين آڏو، ماڻھوءَ جو اظھار يا پيغام اتان، روانو ٿئي ٿو.
    ھر ماڻھوءَ جو مھانڊو پنھنجو آھي. زبان جو لھجو ۽ آواز جي ڍار پڻ مختلف آھي. پردي ۾ پيو ڳالھائيندو، ته ٻڌڻ وارو پيو ڪنائيندو ۽ ذھن تي زور ڏيندو ته اھو آواز ڪنھن جو آھي، ڇو جو ھر ڪنھن جو آواز ھڪ ٻئي کان مٽ آھي. اھڙي نموني، ھر ھڪ جي سوچ، جيڪا جڙي ته حواس خمسہ جي ذريعي ٿي، پر ھوندي مختلف آھي، ڇو جو ھر ڪو ھر معاملي کي ڏسي پنھنجي پنھنجي اينگل کان ۽ پنھنجي نظر سان ٿو، جنھن سبب ھر ھڪ جي مشاھدي جو ڦيرو ٿيو وڃي. نتيجي طور ھر ھڪ جي سوچ پڻ جداري ٿيو وڃي.
    جيترا ٻوٿ يا وات ھوندا، منجھن زبان ته ھڪ ھڪ ھوندي، پر واتن جي حساب سان کوڙ ٿي وينديون. منجھانئن نڪرندڙ ڳالھيون يا سوچون، ساڳئي معاملي منجھ، ھڪ ٻئي کان مختلف ھونديون. ڳالھائڻ کان پوءِ، گيڙ-بگيڙو ٿي ويندو.
    مطلب؛
    ۱ . جيترا وات، اتريون ڳالھيون. (ترجمو)
    ۲ . ھر ڪنھن جي راءِ، پنھنجي پنھنجي ھوندي آھي.
    ۳ . ھر ماڻھوءَ منجھ، عقل-ذرو سبيل ئي رکيل ھوندو آھي، جيڪو ٻين جي عقل کان مختلف ھوندو آھي.


    49. جتھے گڑ ہوندے، اتھے مکھیاں ہوندئین۔ (کہاوت)

    49. جتھے گڑ ہوندے، اتھے مکھیاں ہوندئین۔ (کہاوت)
    ھر ساھدار، کاڌي جي شين کي طلبيندڙ ٿيندو آھي. مَکِ، مٺاڻ کي پسند ڪندڙ جيت آھي. گند تي ويھي، اٿڻ بعد، ڪنھن چڱي شيءِ تي اچي ويھندي آھي. اتي به مٺاڻ، خاص طور تي ڳڙ کي پسند ڪندڙ آھي. ڳڙ يا مستي کنڊ جي ڀيٽ ۾ نرم، کاڄرو ۽ وڌيڪ مٺيون ھونديون آھن، جنھن سبب جي ڪري مک لاءِ مرغوب ھونديون آھن. کنڊ، مصري، پتاشو، ريوڙي يا ڪتل وغيرھ پڻ مٺيون آھن، پر اھي ڀورو يا ريشيدار گھٽ آھن، جنھنڪري مک جو لاڙو انھن ڏانھن، ڳڙ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . جتي ڳڙ ھوندو، اتي مکيون ضرور ھونديون. (ترجمو)
    ۲ . کاڌي ڏانھن، ھر ساھدار جو لاڙو ھوندو آھي.


    50. جدھر سر، ادھر سرہانا۔ (کہاوت)

    50. جدھر سر، ادھر سرہانا۔ (کہاوت)
    سر؛ مٿو. سرہانا؛ وھاڻو.
    مٿو، ماڻھوءَ جي جسم اندر ھڪ لڱ يا عضوو آھي. ٻين سمورن لڱن جي ڀيٽ ۾، عزت ۽ شرف ۾ سرس آھي، جنھنڪري ٻين عضون جي ڀيٽ ۾، ان کي مٿانھون رکڻو آھي. ھر ڪو ڪوشش ڪندو آھي ته اھو ھر حال، سڃائي توڙي اميريءَ ۾، مٿي ئي رھي. وھاڻن جي ٽيڪ ڏئي به ان کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اگر مھمان ايندو آھي ته کيس اوطاق ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ سندس ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ، کٽ ۽ رليءَ سان گڏ وھاڻو ضرور کڻي اچبو آھي. جيئن ٽيڪ لڳائي آرام سان ويھي.
    مطلب؛
    ۱ . جتي مٿو، اتي وھاڻو. (ترجمو)
    ۲ . عزتدار ماڻھو، عزت واري جاءِ تي ئي اچي ويھندا آھن.


    51. جڑھا اتھے خوار، اوہ مکے بھی خوار۔ (کہاوت)

    51. جڑھا اتھے خوار، اوہ مکے بھی خوار۔ (کہاوت)
    مڪي پاڪ جي اندر، ڪعبو ٺھيل آھي، جيڪو قبله اول آھي. ان جي ھر شيءِ تعظيم لائق آھي. اتي حجر اسود، ميزاب رحمة، باب ملتزم، حطيم، رڪن يماني، مقام ابراھيم، آب زم زم، صفا جي ٽڪري، مروھ جي ٽڪري، منيٰ، مزدلفہ، ميدان عرفات، جبل رحمة، مسجد جن، جبل ابراھيم، غار ثور، غار حرا وغيرھ جھڙا شعائر آھن. جڏھن ته مڪي پاڪ کي قرآن مجيد ۾ رب پاڪ بلد الامين سڏيو آھي. اتي حج ۽ عمره جھڙيون عبادتون ۽ سعادتون حاصل ٿين ٿيون، جيڪي دنيا جي ٻي ڪنھن ڪنڊ ڇا، ڪائنات جي ڪنھن ڪنڊ ۾ نه ٿيون ٿي سگھن. اتي گنھگار ماڻھو، روئي رب کي ٻاڏائي ۽ ريجھائي ٿو. ساري زندگيءَ جا ڪيل گناھ، معاف ڪرائي، ائين پاڪ صاف ٿئي ٿو، جيئن ماءُ جي پيٽان تازو ڄاول ٻار ھوندو آھي.
    اتي به پاڪ صاف ٿيڻ لاءِ اھو شرط آھي، ھتان اندر صاف ڪري پوءِ وڃي. جيڪو بد ارادي سان ويندو، اھو اھڙو ئي واپس ايندو، جھڙو ويندو. ھٿائين پنھنجي پرڪارن ۾ پڪو ٿي موٽندو.
    مطلب؛
    ۱ . جيڪو ھتي خوار آھي، سو مڪي ۾ به خوار ئي ٿيندو. (ترجمو)
    ۲ . عملن جو دارومدار، نيتن تي آھي.
    ۳ . حضرت عيسيٰ جو گڏھ مڪي وڃي، ته به اٽن ھڻڻ واري عادت کان نه مڙي.
    ۴ . ابو جھل ۽ ابو لھب جھڙا ڪٽا ڪافر به مڪي ۾ دفن ٿيل آھن.
    ۵ . عملئون ڇٽي نه ڪير، جيسين ڦيرو نه ٿئيس فضل جو.


    52. جڑھا چھانسی، اوہ جانسی۔ (کہاوت)

    52. جڑھا چھانسی، اوہ جانسی۔ (کہاوت)
    چھانسی؛ ڇاڻسي، ڇاڻيندو، ڇنڊ ڇاڻ ڪندو. جانسی؛ ڄاڻسي، ڄاڻندو، ڄاڻ رکندو. چھانڑدے؛ ڇاڻدي، ڇاڻيندو آھي، ڇنڊڇاڻ ڪندو آھي. جانڑدے؛ ڄاڻيندو آھي، ڄاڻ رکندو آھي.
    دنيا جو ڪو به ڪم، بغير سکڻ جي صحيح نموني سان نه ڪري سگھبو آھي. سکڻ کان پوءِ به منجھس مھارت تڏھن حاصل ٿيندي، جڏھن ان کي وري وري ڪبو. نتيجن تي غور ڪبو. نفعي نقصان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي. اڳين تجربي وارن سان صلاح سباب ڪبي. کانئن ڄاڻ وٺبي. انھن جي ٻڌايل علم جي روشنيءَ ۾، پنھنجي ڪيل تجربن ۽ مشاھدن کي ملائي، رب جي ڏنل ڏات يا عقل کي استعمال ڪندي، ڇنڊي ڇاڻي، اخذ ڪيل راھ وٺبي ته ڪارائتي رھندي. مٿس ھلي، منزل ماڻبي ۽ دنيا جا فائدا حاصل ڪبا.
    مطلب؛
    ۱ . جيڪو ڇاڻي، سو ڄاڻي. (ترجمو)
    ۲ . جڑھا چھانڑدے، اوہ جانڑدے۔ (کہاوت)
    (جو ڇاڻيندو، سو ڄاڻيندو. ترجمو)
    ۳ . محنت ڪرڻ وارو، رستو لھندو.
    ۴ . جو ڳوليندو، سو لھندو.


    53. جڑھی جننے کولو ڈرے، اوہ بیاہ ای نہ کرے۔ (کہاوت)

    53. جڑھی جننے کولو ڈرے، اوہ بیاہ ای نہ کرے۔ (کہاوت)
    جننے؛ ڄڻڻ، ويم ڪرڻ. جنے؛ ڄڻي، شخص، مرد.
    اصل مسودي منجھ لفظ جنے لکيل آھي، جنھن جي معنى ڄڻو، شخص يا مرد ئي ٿي بيھي. اھو نه پرڻجڻ جو دليل نه ٿو ٿي سگھي. اصل مؤلف، ڄڻو لکيو آھي، جيڪو غلط نظر اچي ٿو.
    عورت لاءِ، شادي ايتري ضروري آھي، جيتري مرد لاءِ، پوءِ اھا، شادي کيس ڪرڻي به مرد سان آھي. ڪنھن نامرد يا عورت يا ٻار سان ناھي ڪرڻي، ڇو جو منجھانئن شادي ڪرڻ وارو مقصد ئي پورو نه ٿيندو. غرضَ، جيڪا عورت کي شادي ڪرڻ ۽ پنھنجي پيءُ ماءُ جو گھر ڇڏائي ٿي سا آھي، پنھنجو گھر آباد ڪرڻ. اھو گھر آباد ٿيندو، انھن ٻارن ٻچن سان، جيڪي اھا پاڻ ڄڻيندي.
    ٻار نپائڻ تاتڻ تمام سولو ۽ دل وندرائيندڙ ڪم آھي. مڙس جي خدمت ۾ ۽ ساڻس سمھڻ ڪرڻ ۾ به عجيب مزو ۽ ڪيفيت آھي. عورت جي مٿان جيڪا ان سڄي مرحلي مان ڏکي گھڙي گذري ٿي سا آھي، ٻار ڄڻڻ واري. ڄڻڻ وارا سور، ٻين سورن کان اور آھن.
    ڪي عورتون درد زھ ۾ سر به وڃائي ويھنديون آھن. ٻار ابتو يا پيرڙيو آھي، عورت ڪمزور ۽ ٻار طاقتور ٿي ويو آھي. ڏھن مھينن کان وقت گھڻو ٿي ويو آھي يا ٻار آڳاٽو پيو اچي. انھن صورتن ۾ جيڪي ويل عورت مٿان وِھائجن ٿا، سي تصور کان وڏا آھن.
    ھاڻي ڪا عورت، اھي سور ساري ۽ ٻار ڄڻڻ واري عمل تان ھٿ کڻي، رڳو اھو چوي ته شاديءَ جا ٻيا سڀ کٽراڳ برداشت ڪندس پر ويم جا سور مون کان برداشت نه ٿيندا، ته پوءِ شادي ڇا لاءِ ٿي ڪري. مرد جي طرفان شادي ڪرڻ جي آخري منزل آھي ئي ٻار حاصل ڪرڻ، جنھن سنڍ عورت منجھان ٻار ڄڻڻ جي اميد نه ھجي، مرد جو ڏانھنس لاڙو يا الفت ئي نه ٿيندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . جيڪا ڄڻڻ/ ڄڻي کان ڊڄي، سا پرڻجي ڇو؟ (ترجمو)
    ۲ . جيڪا ويم جا سور برداشت نه ڪري سگھي، سا شادي ڇو ڪري؟!
    ۳ . جيڪا ٻار ڄڻڻ کان لھرائيندي، تنھن سان شادي ڪير ڪندو؟


    54. جڑھی متھے بچ ہے، اوہ ہتھے بچ اے۔ (کہاوت)

    54. جڑھی متھے بچ ہے، اوہ ہتھے بچ اے۔ (کہاوت)
    انسان جي فطرت آھي، جنھن شيءِ جو خبط سندس مغز ۾ ويھندو آھي، لڳ لاڳاپا به ان سان رکندو آھي. جيڪا شيءِ سندس نرڙ تي قادر مطلق پنھنجي قدرت سان لکي آھي، سا ئي کيس نصيب ٿيندي. ان جو روڳ ئي مٿي ۾ ھوندس. ان کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا سندس ويجھو ھوندا. ان ڏانھن لاڙو ۽ التفات ھوندس. اھا ئي شيءِ سندس لاءِ ڪارائتي (فائدو يا ضرڙ ڏيندڙ) ھوندي. ان مان کيس اھو ئي معاملو رسندو، جيڪو قسمت لکڻ واري، سندس لاءِ لکي ڇڏيو آھي. ان کان نه ذرو ھيٺ ٿيندو، نه ذرو مٿي ٿيندو. نه گھڙي اڳي ٿيندو، نه گھڙي پوءِ ٿيندو.
    مطلب؛
    ۱ . جيڪا نرڙ ۾ آھي، سا ھٿ ۾ ملندي؟ (ترجمو)
    ۲ . لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وھي.
    ۳ . لکيو منجھ ازل، تنھن کي ڪير وجھي جھل.


    55. جسدا ہووے پلسی یار، اساں دشمن کے پکار۔ (کہاوت)

    55. جسدا ہووے پلسی یار، اساں دشمن کے پکار۔ (کہاوت)
    پلسی؛ پوليس وارو، سپاھي.
    سپاھي يا پوليس واري جي نوڪري آھي ئي، ماڻھو پڪڙڻ. ان کي روزي روٽي ملي ئي انھيءَ منجھان ٿي. جيترا ماڻھو گھڻا پڪڙيندو، اوترو سندس ڪارڪردگي وڌندي. پنھنجي واقفڪارن مان به اک-ٽيٽ ڪري پيو ڪَسا پڪا ۽ ڪمزور ماڻھو تاڙيندو ته جيئن وقت سر پنھنجي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ کين استعمال ڪري سگھي.
    ڪنھن سان اگر سپاھيءَ جي ياري آھي ته اُھو، اِھو نه سمجھي ته سپاھيءَ ساڻس ان لاءِ ياري رکي آھي ته وقت تي سپاھي کيس ڪم ايندو. بلڪ ابتو سمجھي، يعني سپاھيءَ ان لاءِ ياري رکي آھي ته جيئن وقت تي اھو پاڻ ڪم ڪڍي سگھي. سپاھي ڪمزور ھوندو ته پيو ھيٺانھين-مٿانھين ڪندو. جيئن طاقت يا پاور مليس، تيئن پنھنجا-مارَ شروع ڪندو. ان ڪري ان منجھان وفا جو آسرو رکڻ ئي عبث آھي.
    ان ڳالھ کي سمجھڻ لاءِ ھڪڙو ضرب المثل ٽوٽڪو پڙھڻ وارن جي دلچسپيءَ خاطر ھيٺ ڏجي ٿو.
    ھڪڙي ماڻھوءَ مرڻ وقت پنھنجي پٽ کي ٽن ڳالھين جي نصيحت ڪئي:
    ۱ . رنڊيءَ وٽ ڪڏھن نه وڃجان. اگر مجبوريءَ تحت وڃڻو پوئي ته صبح جو سوير وڃجانس.
    ۲ . دل جي راز واري ڳالھ، گھر-واريءَ کي ڪڏھن به نه ٻڌائجان.
    ۳ . سپاھيءَ سان ياري نه رکجان. ڀل ڀلايو ٿِي وڃي ته مٿس اعتبار/ آسرو نه ڪجان.
    پيءُ جي وفات پڄاڻان، ھڪ ڏينھن پٽ جي دل تي انھن ٽن نصيحتن اچي ھرکر لاتي. دل ۾ آيس ته؛ اڄ ابي جي ٽنھي نصيحتن کي کڻي آزمائي ڏسجي.
    ھڪ ڏينھن صبح مردان جو اٿيو ۽ سڌو بازاري عورت جي ڪوٺي تي وڃي نڪتو. پھرينءَ سَٽ کيس سڃاڻي ئي نه سگھيو. بغير ميڪ اپ جي، زناڪاريءَ واري چھري جو ڀيانڪ روپ، سندس اکين آڏو ھيو. ڏاڍي وحشت، نفرت ۽ مونجهه محسوس ڪندي، اتان پوئين پير گھر اچي پھتو. سڄي عمر لاءِ، اھا ڳالھ ڳنڍ ٻڌي ڇڏيائين ته زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ڀلجي اوباش قسم جي ماڻھن جي صحبت ۾ وڃڻو ناھي.
    ھاڻي ھن ھڪڙي پوليس واري سان وڃي ياري رکي. ياري به مٿو مٿي تي.
    پيءُ جي ٽيون نمبر نصيحت آزمائڻ لاءِ، ھڪڙو ڇيلو ورتائين، تنھن کي سير وجھي، کل سميت ھڪڙي ٻوريءَ ۾ ٻڌي، اچي گھر جي ڇت جي شھتير ۾ لڙڪائي ڇڏيائين. ٻوريءَ مان ٽمندڙ خون ڏسي، زال حيرانگيءَ مان پڇيس؛ ”ھيءُ ڇا آھي؟“ کيس آزمائڻ لاءِ، راز جي ڳالھ ڪندي چيائينس؛ ”ھڪڙو جاني دشمن ھيو، جنھن کي ماري، سندس لاش رولڻو ھيم. ھاڻي ماري آيو آھيانس. سندس لاش، ھن ٻوريءَ ۾ بند ڪيو اٿم. جيستائين ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو وجھ ملي، تيستائين ھتي ٿمايانس ٿو. ھاڻي ھڪ خبر تو کي، ٻي مون کي. ڪنھن کي اھو دل جو راز نه ڏجانءِ.“
    زال سان اھي ڳالھيون سلي، پاڻ وقتي سنگت ساٿ ۾ نڪري ويو.
    جوڻس، ھڪ عورت ذات، ٻيو گھر جي ڇت ۾ لڙڪيل خون ٽمندڙ لاش ڏسي، ٿوري وسمي وئي. اچي ھرکر ۽ ڳڻتيءَ ورايس. مڙسس جي دوست پوليس واري جو گھر به سندن گھر جي ڀرسان ھيو. ان جي گھرواريءَ سان وري ھن عورت جي سھيلائپ ھئي. ڳالھ ھن کان پيٽ ۾ نه ٽِڪي ۽ يڪدم وڃي سھيليءَ سان سليائين. ان وري پنھنجي مڙس سپاھيءَ سان راز ڳرھيو، جيڪو يڪدم صوبيدار کي وٺي اچي جاءِ واردات تي پھتو. عين وقت تي گھر-ڌڻي به گھر ۾ موجود ھيو. لڙڪندڙ خون-ٽمندڙ ٻوري، سندس سامھون ھيٺ لاٿائون ۽ کيس سڳ سوڌو، ٿاڻي تي وٺي اچي پھتا. پنھنجي يار سپاھيءَ کي مدد لاءِ چيائين. ان مدد ڪرڻ کان اکيون اھڙيءَ طرح ڦيريون جو ڄڻ ھن جو واقف ئي نه ھيو. چي؛ ”ھي خون جو ڪيس آھي. ان ۾ ڪھڙي مدد. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي ڦاھي ٽنگبي. ھتي ڪر، ھتي لوڙ. ان ۾ اسان ٻين جو ڇا؟“
    جنھن بعد ھن، صوبيدار صاحب کي ٻوري کولي جاچ مڪمل ڪرڻ جو عرض ڪيو. ٻوري کوليائون ته منجھانئس ڪُٺل ڇيلو نڪتو. صوبيدار ڏسي پڇيس؛ ”ھي ڇا ھي؟“
    ان سوال تي کيس پيءُ جي نصيحت سميت، سربستو قصو ڪري ٻڌايائين. جنھن کان پوءِ سندس جان ڇٽي ۽ پيءُ جون ٻڌايل باقي ٻه نصيحت آميز پيشنگويون به سچ ثابت ٿيون.
    مطلب؛
    ۱ . پوليس وارو ھجئي يار، ٻيو دشن ئي نه ڌار؟ (ترجمو)
    ۲ . ڦڦڙ نه گوشت، سپاھي نه دوست.
    ۳ . جھڙيءَ طرح ڦڦڙ يا اوجھريءَ منجھان ٻئي گوشت وارو ذائقو نه ٿو ملي، تھڙيءَ طرح سپاھيءَ جي دوستيءَ مان دوستيءَ واري آسيس نه ملندي.


    56. جسدی شے گمدی اے، اسدا ایمان بھی گم جلدے۔ (کہاوت)

    56. جسدی شے گمدی اے، اسدا ایمان بھی گم جلدے۔ (کہاوت)
    انساني سڀاءُ ۾، دنيا جي شين سان انسيت رکيل آھي. انسان جو منجھن ڄڻ ساھ ھوندو آھي. انھن جو نقصان، پنھنجي جان جو نقصان پيو ڀائيندو، انھن جي حفاطت ڄڻ پنھنجي جان جي حفاظت پيو سمجھندو. جان تي اچڻ ڏيندو، مال متاع، ڍڳي ڍور، ٽپڙ ٽاڙيءَ، ڌن دولت تي اچڻ نه ڏيندو. چور چڪار سان وڙھڻ ته ڇا، پنھنجن سان به اچائيندي دير نه ڪندو.
    ملڪيت مان ٿوري شيءِ گھٽ ٿيس ته ھٿن مان پيو ويندو. فريفته ۽ بيزار بيزار پيو ٿيندو. ڄڻ ايمان ئي انھن ۾ ھيس، جيڪو انھن جي وڃڻ سان ھليو ويو اٿس. اھا ڳالھ وقتي طور سندس ذھن مان ئي محو ٿي ويندي آھي ته ھر شيءِ جو اصل مالڪ، الله آھي. جنھن الله اھا ڏني ھئي، اھو کسي به سگھي ٿو. کسڻ پڄاڻان وري موٽائي به، اھو ڏيڻ چاھي ته، ڏئي سگھي ٿو.
    مطلب؛
    ۱ . جنھن جي شيءِ گم ٿيندي آھي، ان جو ايمان به گم ٿي ويندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . ان ته ايمان، نه ته بندو ئي بي ايمان.
    ۳ . ماڻھوءَ جو ايمان، جڏھن شين ۾ اچي ويھندو آھي، تڏھن انھن جي وڃڻ سان ايمان ھليو به ويندو آھي.
    ۴ . ايمان آھي مھمان. ٽڪندو تڏھن، تعظيم ملندس جڏھن.


    57. جلاہیاں دے ٹھٹھے؛ ماواں پنہڑاں دے نال۔ (کہاوت)

    57. جلاہیاں دے ٹھٹھے؛ ماواں پنہڑاں دے نال۔ (کہاوت)
    جلاہیاں؛ ڪوري، آڏاڻي تي ڪم ڪندڙ. ٹھٹھے؛ کل مذاق، ھاسي، چرچو ڀوڳ. ماواں پنہڑاں؛ مائرن ڀينرن، نياڻين سياڻين سان.
    ڪوري، ڪم سان ڪم رکندڙ مخلوق آھي. پاڻ نه اوڍي به ٻين لاءِ ڪپڙو اڻن ٿا. ان، ڌاڳي ۽ اڻاوت تي مغزماري ڪرڻ ۾ مصروف رھندڙ ھيءَ شريف مخلوق، عزت ته لھڻي. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته؛ ڪاسبي، الله جو دوست آھي. ڪوري، ڪپڙو اڻڻ جو ڪسب ڪري، حق حلال جي روزي روٽي ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنھن کان ڦري نه ٿو کائي. ھاڻي ان سان ويھي مذاق ڪجي يا مٿس ٺٺول، چٿر، ڌنڪ ويھي ٺاھجي. اھا ڳالھ ٺھي نه ٿي.
    اھڙي اشراف ماڻھوءَ سان کل مذاق ائين آھي، جيئن ماڻھو، جنھن ماءُ ڀيڻ جي ھٿ جي رڌو پڪو کائي وڏو ٿئي يا سندن ھٿ جو ڌوتل لٽو لڱن تي ڪري، ۽ ساڻن ويھي ٽوڪ چٿر واري ٻولي به ڳالھائي. اھڙي ماڻھوءَ جي عقل تي ھر ڪو حيران ضرور ٿيندو.
    مطلب؛
    ۱ . ڪورين سان مذاق، مائرن ڀينرن سان مذاق. (ترجمو)
    ۲ . کدڙي سان کينس، ماءُ ڀيڻ سان کينس.


    58. جلو اگے، تے چھاٹ پچھے دیئو۔ (کہاوت)

    58. جلو اگے، تے چھاٹ پچھے دیئو۔ (کہاوت)
    جلو؛ ڄلو، ھلو. چھاٹ؛ بوڇاڙ. پچھے؛ پوئتي.
    دنيا اندر انسان جو اچڻ، ھڪ مسافر وانگر آھي. نه روزي روٽي ھٿ ۾ کڻي آيو آھي، نه وري لٽو ڪپڙو تن تي اٿس. ڄمڻ کان اڳ، نه ڪنھن جاءِ جڳھ تي سندس نالو نشان آھي ۽ نه وري سندس نالو، جھان وارن کي ڪو اڳي ٻڌل سڌل آھي. ھن ھل ھلان جي جھان ۾ ھڪ ھنڌ ڄمي ٿو، سوَ جايون مٽي ٿو. ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، ٻئي کان ٽئين ھنڌ. ڪڏھن نوڪريءَ جي بھاني، ڪڏھن شاديءَ جي واسطي، ڪڏھن واپار سانگي. الغرض ڪيئي معاملا آھن، جن جي ڪري ماڻھو لڏ پلاڻ ڪندو رھي ٿو.
    ان لاءِ اھو چيو ويو آھي ته اڳتي وڌو يا لڏي ڀلي وڃو، پر پويَن سان، جن سان چار ڏينھن گذاريا ھجن، چار ٽھڪ ڏنا ھجن، تن سان به روابط ختم نه ڪجن. لڏڻ کان پوءِ ائين ھليو نه وڃجي يا واسطا ٽوڙي نه وڃجن، جو ڪڏھن ڪنھن سان مکا ميلو ٿئي ته ڳل-لڳڻيءَ کان ته وڃجي پر منھن-پکڻي به ھليو وڃجي.
    مطلب؛
    ۱ . ھلو اڳتي، پر بوڇاڙ پوئتي ڏيو. (ترجمو)
    ۲ . ڀڄندو به وڃجي، رھائيندو به وڃجي.
    ۳ . ماني به موڪلائجي، جان به ڇڏائجي.


    59. جند نروئی، مل نینھ کوئی۔ (کہاوت)

    59. جند نروئی، مل نینھ کوئی۔ (کہاوت)
    جند؛ جند، جان، سرير، جسم. نروئی؛ درستگي، چاقائي، ٺيڪائي. مل؛ ملھ، قيمت. نینھ؛ ناھي.
    جھان جي اندر، انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ، کوڙ ساريون نعمتون جھان مان ئي ملڻيون آھن. جڏھن ته ڪي مخصوص نعمتون، ھو پاڻ سان، ساڻ کنيو آيو آھي. جھڙوڪ؛ سرير، حياتي، عمر، نصيب، حسب نسب وغيرھ. کيس مخصوص علائقي ۽ حسب نسب يا قوم اندر، مخصوص ماڳ مڪان تي مقرر وقت تي موڪليو وڃي ٿو.
    عمر يا حياتيءَ جي موڙي کڻي، انساني سرير سان جيڪو آيو آھي، سو ڪوشش ضرور ڪندو ته اھا موڙي چڱن ڪمن ۾ استعمال ڪري ۽ پاڻ کي خوش رکي. خاص طور تي پنھنجي سرير بابت، ھر ڪنھن کي ڳڻتي ضرور ھوندي آھي. اھو خوش ۽ صحتمند ھجي. ان سان سڪون ۽ ذھني طراوت آھي. ان سان ماڻھو ھڪ طرف ٻين جي محتاجيءَ کان بچي ٿو، ٻئي طرف ٻين جي ڪم اچي، دعائون کٽي ٿو.
    مطلب؛
    ۱ . صحتمند سرير جھڙي نعمت ئي ڪانھي. (ترجمو)
    ۲ . تندرستي؛ ھزار نعمت.
    ۳ . رب ھلنديءَ ھلائي، ڪنھن جي محتاجي نه ڏئي.


    60. جیہجا مونھ، ایہجی چپکیڑ۔ (کہاوت)

    60. جیہجا مونھ، ایہجی چپکیڑ۔ (کہاوت)
    جیہجا؛ جھڙو، وانگر. مونھ؛ منھن، ٻوٿ، ٿوٻڙو. ایہجی؛ اھڙو، ھوبھو. چپکیڑ؛ ٿڦڙ، موچڙو، ورتاءُ.
    دنيا جو ڪاروبار، انساني روابط سان ملحوظ آھي. ٻين جي طرفان، واسطي يا معاملي ۾ اچڻ کان بغير، ڪو به ڪم اڪلائجي سگھڻ ممڪن ھجي پر مشڪل ضرور آھي. اجتماعيت سان وابسته آھن، دنيا جي ترقي ۽ معاملات.
    ھر معاملي کي، جاچي جوچي، سلجھائڻ جي ڪوشش ڪبي ته معاملو حل به ٿيندو ۽ نبرندو به ھلندو. اگر ڌيان نه ڏبو ته معاملو کرندو/ بگڙندو ويندو، تان جو ان کي سلجھائڻ ڏکيو ٿي ويندو.
    اھڙيءَ طرح، ھر ماڻھوءَ جو معاملو آھي. ٻين جي واسطيداريءَ کان سواءِ، ڪيترا ئي معاملا الجھيل رھن ٿا. انھن سان به جيڪڏھن سندن طبيعت ۽ طبعي ميلان مطابق رويو رکبو ته ٺيڪ آھي، نه ته معاملا ٺھڻ بجاءِ کرڻ شروع ٿي ويندا، جيڪي بعد ۾ سلجھائڻ ڏکيا ٿي ويندا. ان ڪري اٿندي ئي اک پٽجي.
    مطلب؛
    ۱ . جھڙو ٻوٿ، تھڙي چپاٽ. (ترجمو)
    ۲ . جھڙو منھن، تھڙو موچڙو.
    ۳ . جھڙي ذات، تھڙي پات.
    ۴ . منھن ڏسي، مٺائي گھرجي.
    ۵ . جھڙو لڳي اتر واءُ، تھڙي ڏجي پٺ.


    61. جیہیے روح، ایہجے فرشتے۔ (کہاوت)

    61. جیہیے روح، ایہجے فرشتے۔ (کہاوت)
    ماڻھو دنيا جي اندر، مقرر وقت لاءِ، مخصوص زماني اندر اچي ٿو. عمر جي محدود موڙي ساڻ کڻي اچي ٿو. پنھنجي رب جي زمين تي، رب جي ڏنل نعمتن سان، سندس عبادت/ٻانھپ ڪندي، سندس مخلوق سان واسطيداريون نڀائي ٿو. سندس آزمائش، انھن روابط نڀائڻ ۾ رکي وئي آھي. مخلوق ڏانھن سندس رويو ڪيئن آھي. رب جي مخلوق سان ڪيئن ٿو اٿي ويھي. انھن جي خدمت ڪري ٿو يا نه.
    ھڪڙن ماڻھن ۾، ڪمزور مخلوق جي خدمت ڪرڻ جي طاقت رکي، ساڻن واسطا رکايا ويا آھن، جيئن کيس آزمائي سگھجي. اگر اھو طاقت ھوندي، ڪمزورن جي مدد ۽ خدمت ڪري ٿو ته پوءِ ھن دنيا مان لڏڻ وقت ساڻس اھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. اگر ھوندي سوندي، ڪير ڪمزور مخلوق جي خدمت نه ٿو ڪري ته ساڻس اھڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. يعني سندس به مدد نه ڪئي ويندي. اگر ڪو ٻه آڱر اڃا وڌي، مدد ڪرڻ، مدد ڪرڻ جي ماڳ، موراڳو ڪمزورن کي آزاري ٿو ته دنيا ڇڏڻ وقت، سندس روح قبض ڪرڻ لاءِ اھڙا فرشتا موڪليا وڃن ٿا، جن جو روپ ئي ڀيانڪ ھوندو آھي.
    ھر ماڻھوءَ سان دنيا اندر، اھو معاملو ٿئي ٿو، جھڙو پاڻ ٻين سان ڪري ٿو. ايستائين جو مرڻ وقت، کيس روح قبض ڪندڙ فرشتا به ان شڪل ۾ نظر اچن ٿا.
    مطلب؛
    ۱ . جھڙا روح، تھڙا فرشتا. (ترجمو)
    ۲ . جھڙا روح، تھڙا ختما.
    ۳ . جھڙي نيت، تھڙي مراد.
    ۴ . جھڙو ورتاءُ، تھڙو انجام.


    62. چاڑے ہتھ سنیہا؛ جواب کجیہا۔ (کہاوت)

    62. چاڑے ہتھ سنیہا؛ جواب کجیہا۔ (کہاوت)
    چاڑے؛ گونگو، بي زبانو. ہتھ؛ ھٿئون، ھٿارئون، معرفت. سنیہا؛ سنيھو، نياپو، پيغام. کجیہا؛ ڪھڙو، ڪنھن جھڙو.
    نياپو يا اندر جي ڳالھ، اڳلي تائين پھچائڻ لاءِ، زبان جو سھارو ورتو ويندو آھي. ھم زبان سان ھم ڪلام ٿيڻ لاءِ، روبرو ويھبو آھي. توجھ ڏئي ڳالھ ٻڌبي به آھي ته ٻڌائبي به آھي. اگر ٻي زبان جو آھي ته وچ ۾ مترجم ويھاربو آھي.
    اگر وچ ۾ وڏو فاصلو آھي ته پوءِ موقف، لکيت ۾، خط تار يا ٻئي ڪنھن وسيلي/ ذريعي سان پھچائبو آھي. اڃا به معاملو تڪڙو ھوندو آھي ته وچ واري ماڻھوءَ کي نياپو ڏئي ڀڄائبو آھي ته جلدي ورندي وٺي اچي. ان ۾ ڪوشش ڪبي آھي ته نياپي کڻي اچڻ وارو، نه ٻار ھجي، نه ئي بيوقوف ھجي. نياپي پھچائڻ ۾ اڪريءَ جي ڦڪري نه ڪري اچي.
    ڀلي نياپي پھچائڻ وارو، ھم زبان، بالغ ۽ سڻوپرو آھي پر ڳالھائڻ ۾ گونگو آھي ته اھو به نه پيغام/ نياپو پڄائي سگھندو، نه ئي وري ورندي وٺي اچي سربستو حوال ڪندو. بجاءِ سلجھائڻ جي ھر معاملو بگيڙي، ڪن ڪري ايندو. نياپو وغيرھ جھڙو اھم ڪم ڪرڻ وقت، سڻوپرن ماڻھن جي جاچ جوچ ڪري، پوءِ مٿن ذميداري رکجي ته نتيجو ڦلدار نڪرندو. ٻي صورت ۾ فائدو فائدي جي ماڳ، الٽو مسئلا ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا.
    مطلب؛
    ۱ . گونگي جي زباني نياپو، پوءِ جواب ڇا ھجي؟ (ترجمو)
    ۲ . گونگن جون آڃون، گونگا ئي سمجھن.
    ۳ . ٻار جي ٻولي، ٻيو ٻار سمجھي يا سندس ماءُ سمجھي.


    63. چاء دی سرکی؛ ڈوگی رہن کوٹھا کڑکی۔ (کہاوت)

    63. چاء دی سرکی؛ ڈوگی رہن کوٹھا کڑکی۔ (کہاوت)
    چاء؛ چانھن. سرکی؛ سرڪ، چشڪو. ڈوگی؛ زمين، ٻني ٻارو، کيت. رہن؛ گروي، رھن، ڳھ. کوٹھا؛ جاءِ، بنگلو، جڳھ، ماڙي. کڑکی؛ قرق، قرقي، ڳرڻ، ڳارڻ، ڳھ ڳارڻ.
    چانھن؛ نه دوا آھي، نه غذا آھي. جڏھن ته کانئس ڪو وانجھيل ناھي. ھر ماڻھو صبح سان اٿڻ وقت، ھڪڙو ڪوپ چانھن جو ضرور گھري ٿو. اھا اھڙي چاھت آھي جو ڪير ان کي خراب يا نقصانڪار به نه ٿو سمجھي. خراب سمجھيو ويندڙ ڪم کان نفرت به ڪبي آھي ۽ منجھانئس جان آجي ڪرڻ جي ڪوشش به وٺبي آھي. جڏھن ته چانھن جي معاملي ۾ ائين ناھي. ھر ڪو کيس ضرورت سمجھي پيئي ٿو. حالانڪ، نه ان ۾ نشو آھي، نه وري ننڊ ڦٽائڻ بعد، جسم کي قوة بخشڻ جي صلاحيت اٿس.
    پنھنجي محدود زندگيءَ اندر، عام انسان ايتري چانھن واپرائي ٿو، جو ان جي خرچ منجھان چڱا خاصا ڪم ٿي وڃن. تجربي مان ڏٺو ويو آھي، جن کي چانھن جي علت/ لت پيل آھي، سي پئسن جي اڻھوند ۾، اوڌر پاڌر تي جيتري ھوٽلن تي چانھن پيئن ٿا ۽ يارن دوستن کي پيئارين ٿا، ان سان مقروض ٿي وڃن ٿا. قرض لاھڻ لاءِ، جڏھن سندن جائداد گروي رکجي ٿي يا ڳارجي ٿي ته پوءِ ٿي خبر پوي ته چانھن پيئڻ جو ڪيترو خرچ آھي ۽ ان سان مالي نقصان ڪيترو آھي. يڪدم زبان تي اچيو وڃي؛ ”چانھن ساڙي ڇڏيا، آنڊا اشرافن جا.“
    مطلب؛
    ۱ . چانھن جي چشڪي؛ زمين گروي، جاءِ ڳھ. (ترجمو)
    ۲ . دنيا جون لذتون، آخر ھر شيءِ نيلام ڪرائين.
    ۳ . بي لذت گناھ جي پڇاڙي، خراب.


    64. چاہ کو چاہ اے۔ (کہاوت)

    64. چاہ کو چاہ اے۔ (کہاوت)
    چاہ؛ چاھت، محبت، ڪشش، ڇڪ، سڪ.
    گھرڻ، آھي گھرڻ وٽان. ٻئي کي جيترو چاھبو، اڳلو به اوترو ئي چاھيندو. ٻين مان فقط ڪم ڪڍڻ ۽ مطلب پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اڳلا به پنھنجا پير اتي جھليندا، جتي سندن جان جو بچاءُ ھوندو. اڳتي کنيل قدم به پوئتي ھٽائي ويندا.
    ٻئي کي دل سان سارڻ به ائين آھي. جيترو ڪنھن کي دل سان ساربو، اڳلو به اوترو ئي ساريندو. دل سان سار ته واحدنو آھر ۾. اگر نفرت سان ساربو ته اڳلو به پرپٺ ساريندو ضرور پر پيو ڪتا ڪھندو.
    اھو ھڪڙو فطرت جو اٽل اصول ۽ قانون آھي. بلڪ قرآن مجيد ۾، الله تبارڪ و تعالى پنھنجي يادگيريءَ واري معاملي ۾ به ائين ئي فرمايو آھي. فاذڪروني اذڪرڪم. مون کي ياد ڪر ته مان تو کي ياد ڪيان. مطلب ته جيترو تنھنجي دل اسان ڏانھن ورندي، اسان ان کان به وڌيڪ تو ڏانھن توجھ ڪنداسين. دنياداريءَ جو اصول پڻ ائين آھي. جيترو ۽ جھڙي نيت سان ٻين سان ورتاءُ ڪبو، ٻين مان به اوتري ۽ اھڙي ئي اميد رکڻ گھرجي.
    مطلب؛
    ۱ . محبت لاءِ، محبت آھي. (ترجمو)
    ۲ . دل کي دل کان راھ ايندي آھي.
    ۳ . تون گھر منھنجي ڄائي کي، مان گھران تنھنجي کٽ جي پائي کي.
    ۴ . گھرڻ آھي، گھرڻ وٽان.
    ۵ . تاڙي ٻنھي ھٿن سان وڄندي آھي.
    ۶ . چاھت سان نوڪري ڪيو، اڻ چاھيءَ جو نالو نه وٺو.
    ۷ . ڀيٽيو؛ دو ہتھڑ، تالی بجتی ہے۔ (کہاوت)


    65. چٹؤا دتا سر، موہلیاں دا کے ڈر۔ (کہاوت)

    65. چٹؤا دتا سر، موہلیاں دا کے ڈر۔ (کہاوت)
    چٹؤا؛ اکرين منجھ، اکريءَ ۾. دتا؛ ڏنو، وڌو. سر؛ مٿو، جان. موہلیاں؛ مھريون، مھرين منجھ. کے ڈر؛ ڪھڙو ڀؤ، ڊڄڻ ڪھڙو.
    دنيا اندر، آيل ترقيءَ ۾ انساني ھٿ ۽ دماغ جو ڪارنامو پڻ شامل آھي. جيترا وڏا ڪارناما انجام ڏبا، تن لاءِ وسائل سان گڏ، صلاحيت ۽ حوصلو پڻ اوترو کپي. اگر ڪنھن ننڍي رڪاوٽ جي اچڻ سان مھم اڌ ۾ روڪي ڇڏبي ته ڪيل خرچ به تاوڻ ٿي ويندو. ان ڪري جڏھن ڪو وڏو ڪم ھٿ ۾ کڻجي يا ان جي کڻڻ جي ذميواري ڪلھن تي اچي وڃي ته پوءِ، ان دوران آيل ننڍين ڳالھين/ تڪليفن کي خاطر ۾ نه آڻجي. اگر ڪِنجھ ڪِنجھ ۽ وِنڌ وِنڌ ڪبي ته گڏ ڪم ڪرڻ وارا به دل شڪسته ٿي پوندا ۽ اڌ ۾ ساٿ ڇڏي ڀڄڻ جي ڪندا. نتيجي طور؛ رٿيون، اڻ رٿيون ئي رھجي وينديون. بلڪ ھيٺيون ھيٺ، مٿيون مٿي رھجي وينديون.
    مطلب؛
    ۱ . جن اُکريُن ۾ وڌو مٿو، تن کي مُھرين جو ڪھڙو ڀؤ. (ترجمو)
    ۲ . جيڪي اکرين ۾ منھن وجھندا آھن سي مھرين ڀئه ڪين ڊڄندا آھن.
    ۳ . جيڪي وڏي مھم تي چڙھندا آھن، سي ننڍين رڪاوٽن منجھان پار پئجي ويندا آھن.
    ۴ . جن جي منزل چنڊ ستارا ھجي، سي وڻن جي چوٽين کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا آھن.
    ۵ . درياھ ۾ گھڙجي ته ڦڻگن ڀئه نه ڊڄجي.


    66. چٹے کپڑے دا داغ، دورو سہی آندے۔ (کہاوت)

    66. چٹے کپڑے دا داغ، دورو سہی آندے۔ (کہاوت)
    چٹے؛ چٽو، اڇو، ڌوتل. کپڑے؛ ڪپڙو، لٽو، اوڇڻ. داغ؛ داڳ، نشان، چُٽو، عيب. دورو؛ پري کان، پرتي کان. سہی آندے؛ ڏسڻ ۾ ايندو آھي، چِٽو نظر ايندو آھي.
    ڪاري تي اڇو يا اڇي تي ڪارو چٽو نظر ايندو آھي. ھن دنيا جو ڪاروھنوار، رنگ ۽ بوءِ جي ان اختلاف تي رکيل آھي. ھڪڙي شيءِ کي ٻيءَ کان نروار ڪري رکڻو آھي ته مٿن رنگ ۽ بوءِ جي چٽائيءَ جو تھ چاڙھي ڇڏيو.
    ھر صحبت جو پنھنجو رنگ آھي. جھڙي صحبت ھوندي، اھڙو رنگ چڙھندو. اھي رنگ، ھر ڪنھن کي پري کان نظر ايندا آھن. اگر چڱن جي صحبت جو رنگ چڙھيو آھي، سو به نظر ايندو. اھو اگر ايترو نظر اچي يا نه اچي، پر برن جي صحبت جو رنگ ۽ اثر پري کان چٽو نظر ايندو آھي.
    پاڻ تي اھڙو نشان يا داڳ نه ڇڏجي، جنھن تي ھر ايري غيري، نٿو خيري جي آڱر پئي کڄي. چڱن جي صحبت ۾ رھجي، برن جي دوستيءَ کان ونءُ وڃجي.
    مطلب؛
    ۱ . اڇي ڪپڙي تي داڳ، پري کان نظر اچي. (ترجمو)
    ۲ . شريف ماڻھوءَ تي لڳل الزام، ھر ڪنھن جي نظر پيو چڙھندو آھي.
    ۳ . ڪاري مينھن کي ئي، ڳئونءَ جو ڪارو پڇ نظر ايندو آھي.
    ۴ . وڏي عيبدار کي، ننڍن عيبدارن جا عيب، جلد نظر ايندا آھن.
    ۵ . مک جي نظر، ڦٽ تي.
    ۶ . ڪانءَ جي نظر، گوبي تي.
    ۷ . سڙيا، ٻرين کي ڳولين.


    67. چٹی؛ کھٹی موڑ پلٹی۔ (کہاوت)

    67. چٹی؛ کھٹی موڑ پلٹی۔ (کہاوت)
    چٹی؛ چٽي، ڏنڊ، ٽوٽ، نقصان، ھرجاڻو، جرمانو. کھٹی؛ کٽي، کٽڻ (مصدر)، ڪمائي. موڑ؛ موٽي، مٿئون، وري. پلٹی؛ پلٽو کائڻ (مصدر)، موٽ ڪرڻ، موٽي ساڳي جاءِ تي بيھڻ.
    واپار ڪرڻ به ڪو سھنجو ڪم ناھي. پئسا سيڙائي، ساھي منجھائڻي ٿي پوي. گراھڪن سان سلوڪ سان ڳالھائڻو ٿو پوي. انھن جون ڪسيون پڪيون ٻڌڻيون ٿيون پون. لالچي ماڻھن جي چالاڪين کان بچڻو ٿو پوي. ناظرو ماڻھن جي بد نظر کان بچڻ جا جتن ڪرڻا ٿا پون. تڏھن به نقصان جو انديشو ضرور رھي ٿو. ان لاءِ ضروري آھي ته يا واپار ننڍي پيماني تي شروع ڪجي يا وري ڪنھن ھنڌ ملازمت ڪري، اتان سکي پوءِ پنھنجو ڪاروبار ڪجي. ائين اُدَ تي سيڙپ ڪرڻ، ڳاٽو ڀڃائڻ جي مترادف ٿيندو.
    ٿوري کٽيي، گھڻي برڪت آھي. اگر گھاٽو به پيو ته نئين ۽ سيکڙاٽ ماڻھوءَ لاءِ ان کي سنڀالڻ، سميٽڻ ۽ سھيڙڻ سھنجو آھي. ساڳئي ڪاروبار ۾ نقصان پوندو آھي. وري ساڳئي ڪاروبار مان فائدو به پوندو آھي. ننڍي ڪاروبار جي نقصان کان موراڳو نه ڊڄجي. اھو به واپار واري لاءِ فائديمند آھي. ان سان سندس اکيون کلي وڃن ٿيون. پنھنجن پراون کي، نفعي نقصان کي سمجھڻ جو ڏانءُ اچي وڃي ٿو. جنھن ڪاروبار ۾ نقصان نه پيو آھي، ان مان انت فائدو نه پوندو، ڇو جو ان جو نقصان آخر ۾ ايترو ٿيندو جو ان مان اسرڻ محال ھوندو. موٽي ڪاروبار ڪرڻ تي ارواح ئي نه ٿيندو.
    مطلب؛
    ۱ . نقصان، ڪمائيءَ جو زيان. (ترجمو)
    ۲ . ڌنڌي ۾ پيل نقصان يا چٽي، موڙي به ضايع ڪري ڇڏي.
    ۳ . واپار ۾ پيل ڇيھو، ڌوڙ ڪري ڇڏيندو آھي.
    ۴ . يا ھٽيءَ مان ھٽ، يا ھٽي ئي چٽ.


    68. چن چڑھدے، تے جگ دیخدے۔ (کہاوت)

    68. چن چڑھدے، تے جگ دیخدے۔ (کہاوت)
    چن؛ چنڊ، مھتاب، قمر، چوڏھينءَ جو چنڊ. چڑھدے؛ چڙھندو، اڀرندو، چٽو ٿيندو. جگ؛ جھان، جڳ، دنيا. دیخدے؛ ڏسندو، واقف ٿيندو.
    ڏينھن، سج جي چڙھڻ/ اڀرڻ سان شروع ٿئي ٿو. سج، ڏينھن جو دليل آھي ۽ سج جو پنھنجو دليل پڻ سج آھي. جڏھن ته چنڊ چڙھندو ئي رات جو آھي. روشني، سج کان اڌاري ورتل ھوندي اٿس. پر جيئن ته اڀرندو، رات جي اماس ۾ آھي، تنھنڪري ھوندو نروار آھي. وڏا ته کيس ڏسندا ئي ڏسندا آھن، پر ننڍڙا ٻارڙا ته کيس وڏي چاھ مان ڏسندا آھن ۽ کيس پنھنجو ادڙو سمجھندا آھن. اھو جڏھن اڀ ۾ نڪري نروار ٿيندو آھي ته ڪنھن اک کان اوجھل نه ھوندو آھي. ھر ڪو کيس پنھنجي پنھنجي گھران، ائين ڏسندو آھي، ڄڻ ھجي ئي سندس گھر جي اڱڻ تي.
    چٽي ۽ نروار شيءِ يا معاملو، ڪنھن کان به ڳجھو نه رھندو آھي. ان جي لاءِ، اڻڄاڻائيءَ جا دليل فضول آھن. اھڙين شين کي ضرب المثل جي حيثيت آھي. انھن جي وجود جو ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگھي. ظاھري ڳالھ، لڪائي نه لڪندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . چنڊ چڙھندو، جڳ ڏسندو. (ترجمو)
    ۲ . سج، تريءَ ھيٺان نه لڪندو.
    ۳ . اٺ جي چوري، پکي ۾ ڪين لڪندي.
    ۴ . عشق ۽ مشڪ، لڪائي نه لڪن.


    69. چھلے دی ہڈی گئی، کتے دی ذات پچھاںئی گئی۔ (کہاوت)

    69. چھلے دی ہڈی گئی، کتے دی ذات پچھاںئی گئی۔ (کہاوت)
    چھلے دی ہڈی؛ ماس لٿل ھڏي، ڇليل ھڏي، خالي ھڏي. کتے دی ذات؛ ڪتي جي ذات، ڪتي جو نسل، ڪتي جي اصليت. پچھاںئی گئی؛ سڃاپجي پئي، پرکجي پئي، چِٽي ٿي پئي.
    ڪتا ٻلا، پالتو جانور ھئڻ سان گڏوگڏ، گوشت خور پڻ آھن. ڪٿان ماس ھٿ اچي وين ته اھو ضرور رڙڪيندا. ٻليءَ کي ته ڇيڇڙا، وکا يا مڇيءَ جا ڪنھڙ/ ڇلر مرغوب ھوندا آھن. جڏھن ته ڪتي کي گوشت کان وڌيڪ ھڏو مرغوب ھوندو آھي. ماس چڙھيل ھڏي جي ڀيٽ ۾ ماس روڙيل يا کاڌل ھڏو کيس ڪرٽڻ ۾ وڌيڪ مزو ڏيندو آھي. چون ٿا ته جڏھن گوشت تان ماس چڪي کائي ھڏو اڇلجي ٿو، ان وقت قدرتي طور ان ھڏي تي ھڪڙو ماس چڙھي ٿو، جيڪو عام انسان جي نظر نه ٿو اچي. ان کي جن ۽ جانور ڏسن ٿا. اھي ان گوشت کي کائڻ خاطر، ڊڪي وڃي ھڏي سان چنبڙن ٿا.
    ڪن جو وري اھو خيال آھي ته ھڏي جي اندر جيڪا مِکُ آھي، ڪتو ان مِکُ کي چوسڻ خاطر ھڏو ڪرٽيندو آھي. ھڏي جي ڪرٽڻ وقت، ھڏي منجھ به ھڪ عجيب قسم جو سواد ھوندو آھي، جنھن سان طراوت به ايندي آھي ۽ ٻل به ٿيندو آھي.
    بھرحال، جيترا وات اوترا خيال آھن. اھم خيال اھو آھي ته ھڏي ڪرٽڻ ۾ جيڪو ڏندن جو استعمال ٿو ٿئي، اھو استعمال ئي ڪتي جي مرغوب ڪرت آھي. کيس اھو گوشت يا ھڏو وڌيڪ وڻندو آھي، جنھن کي ڀڃڻ يا ڪرٽڻ ۾ وڏي محنت ۽ وڏو وقت لڳي. جيئن مشھور آھي ته؛ گڏھ جو ماس، پٽڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. ڪتي لاءِ اھو ماس پٽڻ، ٻين غذائن کائڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مرغوب آھي. جنھنڪري عام طور چيو ويندو آھي؛ ”گڏھ جو ماس، ڪتي جو وات؛ ھو ڇڄي نه، ھي ڇڏي نه.“
    ماس-کاڌل ھڏو، ايڏي ڪا وٿ ناھي. اگر ڪتو نه به کائڻ چاھي ته به ھر ڪو زوريءَ پيو ڏانھنس اڇليندو آھي. پر ھتي اشارو، ڪتي جي نگاھ واري عادت ڏانھن آھي. ھڏو اڃا اڇليو ناھي، نرو ڏنو ناھي. اھو نرو ڏيڻ، ڪتي جي ڪتي ھئڻ واري ذات کي پڌرو ڪري ڇڏيندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڇليل ھڏي وئي، ڪتي جي ذات پرکجي پئي. (ترجمو)
    ۲ . ٽڪي جي دانگي ڀڳي، ڪتي جي ذات پرکي.


    70. چوراں تے مور، تے موراں تے ہور۔ (کہاوت)

    70. چوراں تے مور، تے موراں تے ہور۔ (کہاوت)
    چور؛ چور، تاڪائو، لڪي مال کسڪائيندڙ. مور؛ معتبر، سھڻي پکيءَ جو نالو. ہور؛ ٻيا، زورآور.
    دنيا آزمائش جو ھنڌ آھي. ھڪڙن کي مال ڏئي آزمايو ويو آھي. ھڪڙن کي سڃ ڏئي آزمايو ويو آھي. ھڪڙن کي عضون ۾ طاقت ڏئي آزمايو ويو آھي. ھڪڙن کي جسماني طور تي ڪمزور ۽ نٻل پيدا ڪيو ويو آھي ته جيئن سندن آزمائش به ٿئي ۽ مٿن ڏاڍ ڪندڙ ڏاڍن جي به آزمائش ٿئي.
    ھڪڙا مال ھوندي به اڃا مال جا تاڪائو آھن. ھوند يا اڻھوند تي پرائو مال ڦٻائيندڙ، چور ۽ ڦورو آھي. ٻيا وري، پاڻ سڌو سنئون نه ڦرين، بلڪ ڦورن ۽ چورن کي پڪڙ جڪڙ کان بچائڻ جي بھاني مال تڳائين. اھي پاٿاريدار قسم جا ماڻھو وري، انھن چورن جي مٿان مور وارو ڪم ڪن.
    ڦر لٽ جي مال کي ائين جائز ڪري کائيندڙ، پاڻ کي چورن آڏو به سرخرو رکن ته ڀاڳين سان به چڱائيءَ جو پير ڀري، پاڻ کي مٿانھون رکن.
    مطلب؛
    ۱ . چورن مٿان مور، مورن مٿان ھور. (ترجمو)
    ۲ . ماريءَ جي مٿان ماري پيو آھي.
    ۳ . دنيا اندر، رپن مٿان رپون پيون آھن.


    71. چوراں کولو پنڈ تاولی۔ (کہاوت)

    71. چوراں کولو پنڈ تاولی۔ (کہاوت)
    چوراں؛ چورن، ڦورن. کولو؛ کئون، کان. پنڈ؛ ڀِنڊَ، ٻِنڊَ، ڳنڍ، ٻڌل ھَڙَ، ڳٺڙي، ڀروٽي، ڀري. تاولی؛ اٻھري، تڪڙي.
    چور جڏھن ڪنھن گھر ۾ گھڙي چوري ڪندو آھي ته گھر جي چڱي سامان کي تاڙي ھٿ ڪندو آھي ۽ کڻڻ لاءِ اھو سامان ڪنھن ڪپڙي جي چادر ۾ ڳنڍ ڪري ٻڌندو آھي ته جيئن مٿي تي رکي کڻي ھلڻ ۾ سھنجو رھيس. مال جي ٻڌل ڳٺڙي، وزن ۾ ڳؤري ھوندي آھي. جيئن ته چور کي سر جي لڳل ھوندي آھي، تنھنڪري کيس ان جو وزن معلوم ئي نه ٿيندو آھي. صبح جو پيري وقت، سپاھي ۽ ڀاڳيا، جڏھن پير ليڪي بيھندا آھن ۽ ھڪڙي چور جو پير ڏسي ۽ چوري ٿيل سامان جو اندازو لڳائي حيران ٿيندا آھن ته ايڏو سامان ھڪڙي چور کنيو ڪيئن آھي. کانئن چوري وسري ويندي آھي، رڳو ان ڳالھ تي پيا چور خان کي داد ڏيندا آھن.
    اھا ٻي ڳالھ آھي ته چوري ٿيڻ کان پوءِ، مال جي ڳٺڙي ھجي يا مينھن جھڙو ھوريان ھلندڙ ڍور، چور جي ھٿن ۾ اچڻ کان پوءِ ان جي وک چور جي وک کان به تڪڙي ٿي ويندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . چورن کان، ٻنڊ تڪڙي. (ترجمو)
    ۲ . گھوٽ ماءُ کان، ارڻ ماءُ تڪڙي. (سنڌي)
    ۳ . مدعي سست، گواھ چست.
    ۴ . چورن کان ڳٺڙي، اڳيان اڳيان.


    72. چوہے آں سنڈھا دی گندھی لبھ گئی تے پساری بن بیٹھا۔ (کہاوت)

    72. چوہے آں سنڈھا دی گندھی لبھ گئی تے پساری بن بیٹھا۔ (کہاوت)
    چوہے آں؛ ڪُئي کي. سنڈھا دی؛ سُنڍ جي. گندھی؛ ڳنڍ، ڳنڍڙي. لبھ گئی؛ لڌس، لڀي پيس. پساری بن بیٹھا؛ پنساري بڻجي ويو.
    آڳاٽي دور ۾ علاج معالجو يوناني يا پنسارڪي وکر سان ٿيندو ھيو. اڄ جي دور ۾ ايليوپيٿي وانگر، مشيني ٽيسٽون يا دوائن جا اسٽور ڪو نه ھوندا ھيا. ستيون ڦڪيون يا وکر جا دڪان ھوندا ھيا جن کي پنسارڪا دڪان چئبو ھيو، انھن تي جڙي ٻوٽيون رکيل ھونديون. جتي سپورنج ۽ سنياسي قسم جا ماڻھو، اھو وکر وٺندا ۽ وڪڻندا ھيا ۽ اڳتي علاج معالجي لاءِ، قدرت طرفان وديعت ٿيل ۽ سيني اندر سانڍيل ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏڍ تي، ڪتب آڻيندا ھيا. ان قسم جي دڪانن وارا، پاڻ به جڙي ٻوٽين جي ڄاڻ رکندا ھيا ۽ انھن جي اوصافن يا اثرن جي ٿوري گھڻي ڄاڻ ھوندي ھين. جيئن اڄڪلھ ميڊيڪل اسٽور واري کي چئجي ته؛ ”مٿي جي سور جي ٽڪي ڏي!“ ڊاڪٽر جي ڪنسلٽنگ بنا، گوري ڏئي ڇڏيندو. آڳاٽي دور ۾ پنساري پڻ، ڪنھن بيماريءَ جي علاج لاءِ گھربل ستي ڦڪي يا جڙي ٻوٽي يا گھوٽو ڏئي ڇڏيندا ھيا. ان لحاظ کان سندن مانُ، جراح حڪيم جھڙو ھوندو ھيو.
    جڏھن جھالت زور وٺي ويندي آھي ته اھڙي دور ۾ نالائق ماڻھو به وڏين مسندن تي ويھي رھندا آھن. ٿوري گھڻي ڄاڻ رکڻ وارا به ھلي ويندا آھن. اھڙا ڪئا، جن کي رڳو ھيڊ ڳڙي ھٿ اچي وڃي، سي به سينو ٺوڪي ھلندا آھن ۽ پاڻ کي وڏا پنساري پيا ڀائيندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . ڪئي کي سنڍ جي ڳنڍ لڌي، ته پنساري بڻجي ويو. (ترجمو)
    ۲ . ڪئي لڌي ھيڊ-ڳڙي، چي؛ مان پنساري آھين.
    ۳ . نوريئڙي لڌي سوپاري، پنساري ٿي ويو.


    73. حاضر کو مہر اے۔ (کہاوت)

    73. حاضر کو مہر اے۔ (کہاوت)
    حاضر؛ موجود، سامھون، روبرو. مہر؛ مھرباني، ٿورو، محبت.
    جيڪو ساڻ آھي يا جيئرو جاڳندو گڏ ٿو رھي، ان سان مھرباني ڪبي آھي. جيڪو پرديس ھليو ويو آھي، يا فوت ٿي ويو آھي يا واسطا ڇني ھليو ويو آھي، ان سان اھا محبت نه ٿيندي آھي، جيڪا ان جيئري سان ٿيندي آھي جيڪو ساڻ رھي ٿو. شاديءَ ۾، غميءَ ۾، ونڊ ۾، وراھ ۾ کيس ئي پيو ياد ڪبو آھي ۽ مٿس ٿورو ڪرڻ ۽ پنھنجي محبت جو اظھار ڪرڻ جا جتن پيا ڪبا آھن. ان جي برعڪس، جيڪو مري ويو آھي، تنھن لاءِ ڄڻ سڄي دنيا به مري وئي آھي. درود ختمو به لاچار ڪير ڏيندس.
    مطلب؛
    ۱ . اکين آڏو، تنھن سان قورانڀو. (ترجمو)
    ۲ . حاضر دی مہر اے۔ (کہاوت)
    ۳ . سامھون ھئڻ جي مھرباني آھي.
    ۴ . مھرباني ان سان وڌيڪ ٿيندي آھي، جيڪو اکين آڏو ھجي.
    ۵ . جو چلھ تي، سو دل تي.


    74. حرامیاں دے سر اتے سنگ نینھ ہوندے۔ (کہاوت)

    74. حرامیاں دے سر اتے سنگ نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
    سنگ؛ سڱ
    اڪثر ائين ڏٺو ويو آھي ته جيڪي چھرا من موھڻا ھوندا آھن، سي وڻندڙ ھئڻ سان گڏ قربدار ۽ نڀائڻ وارا پڻ ھوندا آھن. ان جي ابتڙ، بڇڙا چھرا وري اڻ وڻندڙ ۽ مطلب پرست ٿيندا آھن. ھر وقت مٿن ان قسم جو گمان ئي ويندو آھي.
    ضروري ناھي ته شڪل سھڻي ھجي ته ڪردار به سھڻو ھجي. ائين به تجربي مان ڏٺو ويو آھي ۽ ان جي ابتڙ به ڏٺو ويو آھي. سادي صورت وارا، باڪردار ۽ سھڻي صورت وارا لچ ۽ لفنگا به ٿين ٿا.
    جڏھن ماڻھو ڄمي ٿو، ان وقت کيس معصوم چھرو عطا ٿئي ٿو. مڙني انسانن جا مھانڊا، ڄمڻ وقت معصوم ۽ وڻندڙ ھوندا آھن. ماڻھو جيئن جيئن وڌندو رھي ٿو تيئن تيئن سندس اعمالن/ ڪرتوتن جي ڪري نيت يا ذھن ٺھي ٿو. ان آڌار، ڪڌا ۽ سڌا عمل ڪري ٿو، جن جي نسبت سان سندس چھري ۾ به تغيرات ظاھر ٿين ٿا. عضوا، نه واڌو ڦٽنس ٿا نه وري کانئس ڏنل عضوا کسيا وڃن ٿا. بلڪ انھن ۾ اھڙي قسم جي تبديلي اچي ٿي جو ڏسڻ وارو ڏسڻ شرط، نحوست ۽ سعادت جو اندازو لگائي سگھي ٿو.
    ائين ڪڏھن نه ٿيو آھي ته بدمعاش ٿيڻ کان پوءِ بدمعاش جي مٿي تي جانورن وارا سڱ ڦٽي پون. يا پٺيءَ تي پڇ لڳي وڃي. نه ئي وري سندس ھٿن جي جاءِ تي ڄنگھون ۽ ڄنگھن جي جاءِ تي ھٿ ڦيري لڳايا ويا ھجن، جيئن ھر ڪو سندس حرامي ھجڻ کي سڃاڻي وٺي. اھو ٿيڻ به ممڪن آھي، پر ڪم از ڪم ھن جھان ۾ نه. تنھنڪري حراميءَ کي سندس ڪردار مان ئي سمجھي وٺجي، سندس ڪرتوتن جي نحوست کان ھتي ئي بچي وڃجي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته حراميءَ ۽ حلاليءَ جي شڪل، ھن دنيا ۾ ھڪجھڙي رکي وئي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . حراميءَ جي مٿي تي، سڱ ڪو نه ٿيندا آھن. (ترجمو)
    ۲ . حرامي ۽ حلالي، شڪل ۾ ھڪجھڙا ھوندا آھن.
    ۳ . حرامي يا حلالي؛ نرڙ تي لکيل نه ھوندو آھي.


    75. حرامیاں دے فرقے؛ سیون سویلا، اٹھن چرکے۔ (کہاوت)

    75. حرامیاں دے فرقے؛ سیون سویلا، اٹھن چرکے۔ (کہاوت)
    حرامیاں؛ حرامين، شريرن، بدمعاشن. فرقے؛ ٽولا، فرقا، جماعت. سیون؛ سمھن، ليٽن. سویلا؛ جلدي، سوير ساجھر، سنجھندي ئي. اٹھن؛ ننڊ مان اٿن. جاڳي پون. چرکے؛ دير سان، ٽيٽمائي.
    حرامي يا شرير کي، رات ئي واردات ڪرڻ لاءِ سُجھندي آھي. ماڻھن جي اکين ۾ سرمو وجھڻ لاءِ، سوير ساجھر جو ڇند ڪري سمھي پوندا آھن. لڙي سومھڻيءَ جو جڏھن ٻيا سمھندا آھن ته خيرن سان ھي پنھنجي ڪرت لاءِ ٽپو ڏئي اٿي پوندا آھن. ھم-صلاح يارن دوستن سان ٻاھر نڪرندا آھن. رات پيٽ ۾ وڃي ڪنھن جي مال يا فصل جي ڀينگ ڪندا آھن. انھن ئي پيرن تي، انھن ئي رندن پنڌن سان موٽ به ڪندا آھن.
    عام ماڻھو اڃا ھنڌن مان اٿندا ئي ناھن جو ھي وري اچي ھنڌن ڀيڙا ٿيندا آھن. اڌ منجھند تائين غش ٿيو، ڍير لڳا پيا ھوندا آھن. پٽي اٿارجين ته به اٿڻ جھڙا نه ھوندا آھن. ڀلي ان اپرانڌ، ڀاڳيا رند کڻي اچي سندن گھر/ اوطاق ۾ ھڻن. جڏھن ته ھنن جا وڏا به ھنن جي اشراف ھجڻ جي شاھدي پيا ڏيندا.
    مطلب؛
    ۱ .حرامين جي ھير؛ سمھن سوير، اٿن دير. (ترجمو)
    ۲ . حراميءَ جو ٻنڀو ئي ٻاھر.
    ۳ . حراميءَ جو ھر، واريءَ ۾ به نه وھي.


    76. حرامیاں دی ہک رگ، بدھیک ہوندی اے۔ (کہاوت)

    76. حرامیاں دی ہک رگ، بدھیک ہوندی اے۔ (کہاوت)
    بدھیک؛ وڌيڪ، واڌارو.
    حرامي يا شرير؛ ذھني سوچ ۾ شاطر، ڪردار ۾ وڻواند، معاملي فھميءَ ۾ بيھودو، ورتاءَ ۾ بي شناس ٿيندو آھي. جتي عام اشراف جي ذھن جي سوچ پوري پئي ٿيندي، حراميءَ جي عقل جي اڏام اتان شروع پئي ٿيندي. عقل جي ڊوڙ ڪبي ته سندس عقل کي پڄي ڪو نه سگھبو.
    عام ماڻھوءَ جي جسم ۾ مختلف لڱ آھن، جن مان مختلف ڪارج ٿين ٿا. ھٿ ھڪڙو لڱ آھي، جنھن سان ھاج ڪجي ٿي. ڄنگھ ٻيو لڱ آھي، جنھن سان پنڌ ڪجي ٿو. اک سان ڏسجي ٿو، ڪنن سان ٻڌجي ٿو ۽ نڪ سان سنگھجي ٿو وغيرھ. جڏھن ته سوچ فقط دماغ سان ئي ڪبي آھي. جيترو دماغ ھوندو، سوچ اوتري ئي ھوندي. دماغ وڏو، سوچ وڏي. دماغ ننڍو، سوچ سوڙھي. دماغ جي ننڍ-وڏائيءَ جي ماپ، مٿي جي ننڍ-وڏائيءَ مان معلوم ٿيندي آھي.
    حرامي ماڻھوءَ لاءِ چون ٿا، دماغ ان کان به وڏو ھوندو آھي. ڪي ته بلڪ ائين ٿا چون ته وٽس جسم ۾ گوشت پوست ۽ ھڏا گھٽ پر مغز سجيھ ڀريل ھوندو آھي. ڪي ته ايتري تائين به وڌائي بيان ڪندا آھن ته حراميءَ جو پورو جسم، مغز ئي مغز ھوندو آھي.
    حرامي، جيتريون به حرامپايون ڪري ٿو، سي دماغ جي سوچ سان ڪري ٿو. دماغ، سنھين رڳن ۽ گودي مان ٺھيل آھي. جنھن لاءِ چئجي ٿو، حراميءَ جي مغز ۾ اھي رڳون سبيل پيل آھن، جن مان شرارتن ڪرڻ پڄاڻان، ھڪڙيون ٿڪجن ٿيون ته ٻيون تيستائين ساھي پٽي سڻوپريون ٿي اٿن ٿيون. ان ڪري کيس ٿڪائڻ يا ڀڄائڻ ڏکيو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . حرامين جي ھڪ رڳ، وڌيڪ ھوندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . حراميءَ کي ھڻ پيرن ڀر ته بيھندو مٿي ڀر، ھڻ مٿي ڀر ته بيھندو پيرن ڀر.
    ۳ . حرامي ھڻي، ٻئي ڀاڱا کڻي.


    77. خطا، انسان کولو ای ہوندی اے۔ (کہاوت)

    77. خطا، انسان کولو ای ہوندی اے۔ (کہاوت)
    انسان، نسيان جي ھم وزن آھي. نسيان جي معنى آھي، ڀلجي پوڻ. ھڪجھڙائيءَ سبب اھا ڪيفيت مٿس طاري رھي ٿي. ٻين حرامپاين کان اھا عادت وري به چڱي آھي. ان ۾ به ڪيئي عيب/ خطائون ڍڪجي وڃن ٿيون.
    دنيا اندر موجود ھر شيءِ جو ڪو نه ڪو ڪارج آھي ئي آھي. سواءِ انسان جي، ھر شيءِ پنھنجي ھڪ دائرھ ڪار جي اندر ھلي ٿي. ان کان ٻاھر نه ٿي وڃي. سج، چنڊ، ڌرتي ۽ ستارا پنھنجي پنھنجي محور تي ھلن ٿا. پنھنجي پنھنجي محور کان ٿڙن نه ٿا، جنھنڪري نه خطا ڪن ٿا، نه ئي مٿن ڪا پڪڙ آھي. جبل، وڻ ٽڻ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي پھرئين ڏينھن کان بيٺا آھن. ھيڏي ھوڏي نه ٿا ٿين. ان ڪري کانئن ڪا سرزنش سرزد نه ٿي ٿئي.
    ان جي برعڪس، الله جي نائب حضرت انسان کي، ھٿن پيرن سان گڏ دماغ پڻ ڏنو ويو آھي. پنھنجي مرضيءَ سان چري پري سگھي ٿو. وڻيس ته ھڪڙي ملڪ ۾ رھي، وڻيس ته لڏي وڃي ٻئي ملڪ ۾ رھي. جبل تي رھي يا وڃي سمنڊن ۾ ديرو ڄمائي، يا وچئون ڌرتيءَ کان نڪري، ڪڪرن جي دوش گھمندو وتي ۽ چنڊ تي ٺام ٺڪاڻو ڳولڻ جا جتن ڪندو وتي. جيڪو ايڏو پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ ٿيڻ جي ڪندو، سو خطائون ته اوس ڪندو.
    مطلب؛
    ۱ . خطا، انسان کان ئي ٿيندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . انسان؛ نسيان.
    ۳ . انسان؛ ڀل جو آستان.
    ۴ . انسان، ڀليو ئي بيٺو آھي.


    78. دخدی جا ای دخدی اے۔ (کہاوت)

    78. دخدی جا ای دخدی اے۔ (کہاوت)
    دخدی؛ دکندڙ، ٻرندڙ. جا؛ جاءِ، ھنڌ، لڱ، عضوو. ای؛ ئي. دخدی؛ ڏکندي، سڙندي، ڪُرندي. اے؛ آھي.
    انساني جسم اندر احساساتي رڳون به رکيون ويون آھن، جيڪي ھڪ ھنڌ کي پھتل نقصان جو اطلاع، دل ۽ دماع تائين کڻي پڄائين ٿيون. اگر ڌڪ يا سيڪ ڄنگھ کي اچي ته دماغ کي اطلاع اھو ئي ملندو. ائين نه ٿيندو جو اتي اطلاع ٻانھن جي سڙڻ يا ڌڪجڻ جو پھچي. ايڏو وڏو حسي نظام، انساني جسم اندر جوڙيو ويو آھي ته جيئن بر وقت ڪنھن ناگھاني آفت جو علاج يا تدارڪ ڪري سگھجي.
    ان کان علاوھ، حواس منجھ اھو به رکيل آھي ته جنھن جاءِ تي ڌڪ لڳي يا اھا جاءِ جلي پوي ته اتي سور جو احساس جاڳي پوي. لڱ سڙڻ جو پنھنجو احساس آھي. ڌڪ لڳڻ جو پنھنجو احساس آھي. جتي ڌڪ لڳو يا جيتري ۾ لڳو آھي، اھو ئي ٽڪرو پوسرندو يا سڙندو محسوس ٿيندو آھي، ان کان نه گھٽ ۽ نه وڌ. ان ڌڪ جو احساس وري ٿيندو ان کي، جنھن کي لڳو آھي. اگر احساس نه ٿئيس ته علاج به نه ڪري ۽ نتيجي طور ڦٽ ناسور ٿي جان-ليوا ٿي پويس.
    مطلب؛
    ۱ . دکندڙ جاءِ ئي ڏُکندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . ھنڌ اھو سڙي، جتي باھ ٻري.
    ۳ . جاءِ اھا جلي، جت باھ ٻلي. (سرائيڪي)
    ۴ . لڳي ھووئي ته ڪل پوئي، نه ته لڳي واليان ڪنون پڇ.
    ۵ . تڪليف جو احساس ان کي ٿيندو آھي، جنھن کي اھا تڪليف پھتي ھجي.


    79. دلاں بچ سچ، کوٹھے چڑھ کے نچ۔ (کہاوت)

    79. دلاں بچ سچ، کوٹھے چڑھ کے نچ۔ (کہاوت)
    سچ ۽ ڪوڙ، ھڪٻئي جا ضد آھن. ھڪڙو حقيقت آھي ته ٻيو اختراع آھي. ھڪڙو اصل آھي ته ٻيو نقل آھي. اصل ۽ نقل جي شڪل، دنيا اندر ساڳي ھوندي آھي. ٻنھي کي وقتي طور تي پرکڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. اڳتي ھلي ٻنھي جون راھون جدا ٿي وينديون آھن. جيستائين سچ سچ ٿئي، تيستائين ڪوڙ وڃي ڪوڙ کي کائي.
    سچ، ترت چوڻ سان وقتي تڪليف پھچندي آھي. ان تڪليف کان بچڻ لاءِ، ڪي بزدل ماڻھو ڪوڙ جو سھارو وٺندا آھن. سچ ته حقيقت ۽ ھوبھو ھوندو آھي، جڏھن ته ڪوڙ گھڙي ٺاھي بيھارڻو ھوندو آھي. ورجائي ورجائي ٻڌائڻ سان سچ ته ھر دفعي ساڳيو ھوندو آھي، جڏھن ته ڪوڙ ھر دفعي ارتقائي منزلون طئي ڪرڻ سبب، پنھنجا روپ پيو مٽائيندو آھي، جنھنڪري روز اول کان آخري ڏينھن تائين، سندس ھيئت مٽجي چڪي ھوندي آھي. ھڪڙي ماڻھوءَ ڪوڙ گھڙيو آھي. ھاڻي اھو جيئن ان جي اوسن پاسن تي سوچيندو ويندو، تيئن ان کي سچ جھڙو بنائڻ لاءِ پيو منجھس ٺاھ ٺوھ ڪندو آھي. جڏھن ته سچ چوڻ وارو، جيڪا ڳالھ پھرئين دفعي ڪندو آھي، سا آخري ڏينھن تائين ساڳي ھوندي آھي. ان کي وڌيڪ وزنائتو بنائڻ لاءِ کيس ڪا ٽيڪ يا سياڻپ جو نقطو وجھڻو ناھي ھوندو، جنھنڪري سچ چوڻ وارو دلي طرح سڪون ۾ ھوندو آھي ۽ پھرئين ڏينھن کان وٺي ڪوٺي تي چڙھي، نشانبر ٿي، ساڳي ڳالھ پيو ڪندو آھي. ان جي برعڪس، پھرئين دفعي سان ڪوڙ ھڻڻ وارو، پيو اندران ئي اندران جھڄندو ۽ جھرندو آھي. سوچ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ھوندو آھي ته ھنيل ڪوڙ جو ڀانڊو کلي ته نه پوندو. ان کي وڌيڪ مدلل ڪرڻ لاءِ پيو منجھس جملا ۽ لفظ مٽائيندو. تان جو سندس پھرئين دفعي وارو ڳالھايل ڪوڙ، آخري ڏينھن تي شڪل ئي اڃا ڪا بي ڌاري وٺندو آھي.
    سچ چوڻ واري جي دل ۾ پوءِ جي ڪا فڪرات نه ھوندي آھي، جڏھن ته ڪوڙ واري جي دل پئي جھرندي ۽ جھڄندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . دل ۾ سچ، ڪوٺي تي بيھي نچ. (ترجمو)
    ۲ . دلاں بچ کوڑ، اندر بیٹھ کے چہور۔ (کہاوت)
    ۳ . دل ۾ ڪوڙ، اندر ۾ ويھي لوڙ. (ترجمو)
    ۴ . سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.


    80. دنیا پھردی دا پھیر اے۔ (کہاوت)

    80. دنیا پھردی دا پھیر اے۔ (کہاوت)
    پھردی؛ ڦرندڙ، چڪرباز. پھرنی؛ ڦرڻي، ڦرندڙ گھرندڙ. پھیر؛ چڪر، ڦيرو.
    ھن دنيا اندر، يڪسانيت ڪا به ڪانھي. ڪا شيءِ ٺھڻ يا وجود ۾ اچڻ کان پوءِ يا ارتقائي سفر تي گامزن آھي يا عروج ماڻي، ھاڻي زوال ڏانھن پنڌ پيل آھي. ڪنھن به شيءِ کي بقاءُ ناھي. سج کي ساڳئي ڏينھن ۾ ٻه پاڇا آھن. تن جي وچ تي زوال پڻ آھي. اڀرڻ جي ابتدا اٿس ته لھڻ واري انتھا به اٿس.
    ھڪڙا ماڻھو، ڄاوا غريبن جي گھرن ۾، مئا امير ترين ٿي. ھڪڙا ڄاوا اميرن جي گھرن ۾، سندن لاش نڪتا جھُڳين ۽ جھوپڙين منجھان. ھڪڙا ڄاوا، وات ۾ سونو چمچو کڻي، دنيا مان ويا ته ري-ڪفنيا.
    ساڳيو انسان آھي؛ اڄ ننڍڙو ٻارڙو آھي ۽ ٻين جو محتاج آھي. جوان ٿو ٿئي ته ڪنھن تي فلڪ نه ٿو آڻي. سمجھي ٿو ته لوڙھي يا ڀِتِ ۾ گُھتَ ھڻندس ته ائين پار ھليو ويندس، جيئن پاڻيءَ منجھان ٽوٻو ھليو وڃي. وري ڪراڙپ ڏانھن موٽي ٿو ته ٻين جو محتاج ٿيو پوي. ٻارائپ ۾ ھر ڪنھن پيار مان ھٿ پئي وڌس. ڪراڙپ ۾ ڪير ھٿ وجھڻ وارو به ڪونھيس. اتي ئي کائي، اتي ئي ھنگي.
    مطلب؛
    ۱ . دنيا ڦرندڙ جو ڦير آھي. (ترجمو)
    ۲ . دنیا پھرنی دا پھیر اے۔ (کہاوت)
    ۳ . دنيا ڦرڻيءَ وارو چڪر آھي. (ترجمو)
    ۴ . دنيا جي ھر شيءِ تغير پذير آھي.


    81. دنیا دے مونھا اتے ہتھ کون رکھ ہکدے۔ (کہاوت)

    81. دنیا دے مونھا اتے ہتھ کون رکھ ہکدے۔ (کہاوت)
    مونھ؛ وات، ٻوٿ. ہکدے؛ سگھندو، وس وارو ھئڻ، طاقت رکڻ.
    ھر ماڻھوءَ کي ڳالھائڻ لاءِ زبان، سوچڻ لاءِ مغز، ڏسڻ لاءِ اکيون ڏنيون ويون آھن. جيڪي ڪجھ پنھنجي اکين سان ڏسي ٿو، تنھن کي پنھنجي وات يا زبان سان ٻين آڏو پيش ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو. جيڪا صلاحيت، جنھن جيوَ ۾ رکيل آھي، اھا صلاحيت جبلتي طور تي پنھنجي نمائش پڻ ڪري ٿي ۽ ڪنھن جي موڙڻ سان مڙي نه ٿي. پاڻيءَ کي منڍئون يا ٻنڊي وٽان طاقت حاصل آھي. اھو پنھنجو پورو زور اتي ڏيکاريندو. باھ کي ساڙڻ جي خاصيت آھي، اھا پنھنجي ان جبلتي خاصيت جي اظھار لاءِ ٿَيان ٿَيان پئي ڪندي آھي. پرائو پنھنجو نه ڏسندي آھي. جيڪو آڏو آيس، تنھن کي ساڙيندي دير نه ڪندي آھي.
    ائين درياھ کي به ھڪڙو وھُ آھي، جيڪو پوريءَ طرح بيقرار آھي. ان جي اھا اضطراريت کيس ھڪ ھنڌ بيھڻ نه ٿي ڏئي. ھيٺانھينءَ ڏانھن ڀڄڻ يا ٽٽڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.
    ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان جيڪي ڳالھيون انساني دل يا دماغ تي چڙھيون آھن، سي پنھنجي اظھار لاءِ تَنگَ پيون ڇنائين. اٻڙڪ ڏئي، وات تي پيون اينديون. پيٽ، تيستائين نه ٺرندو جيستائين اھي اظھاري ٻاھر نه ڪڍجن. انھن کي سانڍي، ھپُ ڪري وڃڻ، ڏاڍو اوکو ڪم آھي. ٻڙڪ يا ٻاڦ ضرور نڪرندي. ھڪڙو پنھنجي رازدان کي ٻڌائيندو ته اڳلي جا به رازدان ھوندا. اھو انھن تائين پھچائڻ ۾، سڪون ۽ عافيت محسوس ڪندو. جڏھن منھنجي ڳالھ، منھنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي ته پوءِ ٻئي کي اھو چئي روڪڻ مان ڪھڙو فائدو؛ ”ادا! مون تو کي ٻڌائي آھي، پر تون ٻين کي نه ٻڌائجانءِ.“
    مطلب؛
    ۱ . دنيا جي وات تي ھٿ ڪير رکي سگھندو؟ (ترجمو)
    ۲ . دنیا دا مونھ کون بند کر ہکدے۔ (کہاوت)
    ۳ . دنيا جو وات ڪير بند ڪري سگھندو؟ (ترجمو)
    ۴ . کوھن ۽ ماڻھن جا وات، ڪنھن بند ڪيا آھن؟
    ۵ . درياھن ۽ ماڻھن جا وات، ڪنھن بند نه ڪيا آھن.


    82. دور دے رشتیدار کولو، نیڑے دا گمانڈھی چنگا ہوندے۔ (کہاوت)

    82. دور دے رشتیدار کولو، نیڑے دا گمانڈھی چنگا ہوندے۔ (کہاوت)
    گمانڈھی؛ پڑوسی؛ پاڙيسري. پاڙيچو.
    انسان، گڏجي رھڻ واري مخلوق آھي. اڪيلي ۾ رھڻ، سندس وس کان چڙھيل آھي. الائي ڪيتريون ضرورتون ساڻس ملحق آھن، جن لاءِ کيس ٻين جي مدد درڪار رھي ٿي. مڙيئي ضرورتون، اڪيلي سر ڪير به نمٽائي نه ٿو سگھي. سفر توڙي حضر ۾، کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي، وھنجڻ سانجڻ جھڙن خفن ۾ ڪو به اڪيلي سر نه سوچي سگھندو، نه وري انھيءَ بوجھ کي اڪيلي سر منھن ڏيئي سگھندو.
    بيماري بڙي، لڱائي چڱائيءَ ۾، ڪڏھن ڪڏھن اوچتو ٻين جي مدد درڪار ٿي پوندي. ان صورت ۾، ھڪل جو جواب ھڪل ۾، اھو ڏيندو جيڪو ويجھو/ عزيز/ مائٽ ھوندو، ٻيو نه ڏيندو. پر ڪي اوچتيون ضروتون بيگاھ ۽ بي وقت اچي مٿان ڪڙڪنديون آھن. ان مھل سڏ ۾ سڏ اھو ڏيندو جيڪو ھمدردري رکڻ سان گڏ جسماني طور ويجھو ھوندو. اھو فقط ۽ فقط پاڙيسري ئي آھي. پاڙيسري، ويجھو مائٽ به ٿي سگھي ٿو، پري جو مائٽ به ٿي سگھي ٿو ته ساڳي ذات يا مذھب وارو به نڪري سگھي ٿو. پاڙيسريءَ طرفان، بيگاھ وقت واري ڪيل مدد، پري رھندڙ مائٽ جي مڙني مھربانين کان وڌيڪ آھي.
    مطلب؛
    ۱ . پري رھندڙ مائٽ کان، ويجھو رھندڙ پاڙيسري چڱو. (ترجمو)


    83. دو ہتھڑ، تالی بجتی ہے۔ (کہاوت)

    83. دو ہتھڑ، تالی بجتی ہے۔ (کہاوت)
    دو ہتھڑ؛ ٻه-ھٿڙي، ٻن ھٿن سان. تالی؛ تاڙي.
    تاڙي؛ وڄت جي آواز کي چئبو آھي. آواز، ٻن شين جي ھم-آھنگيءَ کان سواءِ وجود ۾ نه ايندو آھي. وات مان نڪتل آواز ۾، ھوا کان علاوھ، وات جي کڏ اندر، زبان جي اٿل پٿل جو ڪردار ھوندو آھي. ٻن مادي شين جي، پاڻ ۾ ٽڪرجڻ کان سواءِ ڪو به آواز، معرض وجود ۾ نه ايندو آھي. پوءِ دھل جي وڄت ھجي، مرليءَ جو آواز ھجي، سرندي جھڙو ساز ھجي، آبشار مان ايندڙ مڌر ڳنيو ھجي، سڀني ۾ ٻن مادي شين جي ھم-آھنگي شامل آھي.
    وڄايل چپٽيءَ جي آواز ۾ آڱوٺي ۽ آڱر جي ھم-آھنگي شامل آھي. اھڙيءَ طرح، تاڙيءَ جي آواز اچڻ ۾ ٻن ھٿن جو پاڻ ۾ ٽڪرجڻ ئي موجد ھوندو آھي. اگر اھي پاڻ ۾ نه ٽڪرجن ته آواز نه ايندو. ھر شيءِ جي وجود وٺڻ پويان، ڪن ٻن شين جي ڪارفرمائي شامل ھوندي آھي. ائين تاڙي وڄڻ جي پويان، ٻن ھٿن جو ٽڪرجڻ ئي سبب ھوندو آھي.
    بصر مان ڀڄڻ کان سواءِ، ڌپ نه ٿي اٿي. باھ لڳڻ کان سواءِ، دود نه ٿو دکي. ٽانڊو پوڻ کان سواءِ ھنڌ نه ٿو سڙي. ائين ٻن ڄڻن جي چرچ کان سواءِ، جھيڙو نه ٿو اٿي.
    مطلب؛
    ۱ . ٻه-ھٿڙي، تاڙي وڄندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . تاڙي، ٻن ھٿن سان وڄندي آھي.
    ۳ . دل کي دل سان راھ ايندي آھي.
    ۴ . گھرڻ آھي، گھرڻ وٽان.
    ۵ . ڀيٽيو؛ چاہ کو چاہ اے۔ (کہاوت)


    84. دوۓ دا نیالہ بڈا لگدے۔ (کہاوت)

    84. دوۓ دا نیالہ بڈا لگدے۔ (کہاوت)
    دوۓ؛ دوسري، ٻئي. نیالہ؛ نواله، نوالو، گرھ. بڈا لگدے؛ بڙا لگنا، وڏو لڳڻ.
    رِيسَ، رَشڪ ۽ ديکا ديکي، انساني فطرت جي اندر رکيل آھي ته جيئن دنيا جو ڪاروھنوار ھلي سگھي. اگر دنيا ڏانھن ماڻھن جو لاڙو يا التفات نه ھجي ھا ته ھوند، دنيا ڍونڍ وانگر پئي ڳري ۽ سڙي ھا. ڪير کيس ٺاھڻ جي جستجو ئي نه ڪري ھا. اھا فطري حس، اگر حد اندر آھي ته دنيا به ٺھي ٿي ته آخرت به. اگر ان جي حدن کان انسان تجاوز ڪري ٿو ته پوءِ سندس ٻئي جھان اڪارت ٿيو وڃن. نه دنيا رھيس ٿي، نه آخرت.
    ٻئي جي مال تي نگاھ وجھڻ سان، سندس ڌيان ان مال کي حاصل ڪرڻ ڏانھن ھليو وڃي ٿو. پرائي مال مٿان مالڪي حاصل ڪرڻ جي جستجو، اندر ۾ جاڳي ٿي پويس، جنھن سان جيءَ اندر ريس شروع ٿئي ٿي. اڳلي کان اھا شيءِ يا نعمت، ڦرڻ لاءِ نيَتن جا نانگ، جيءَ اندر ڦوڪارا ڏيڻ شروع ڪنس ٿا. وس آھر، اھا شيءِ پاڻ وٽ ڪٺي ڪرڻ جي جستجو ۾ رھي ٿو.
    پنھنجي شيءِ، ويجھي ھئڻ سبب، حقير نظر اچڻ لڳي ٿي. ٻئي جي شيءِ، پاڻ کان دور ھئڻ سبب، سھڻي ۽ وڏي نظر اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي. پرائي ڪِني شيءِ به سھڻي، ڪارائتي ۽ وڏي نظرجي ٿي، جڏھن ته پنھنجي ڀلي شيءِ به ڍلي، بيڪار ۽ ننڍڙي نظرجي ٿي.
    مطلب؛
    ۱ . ٻئي جو گرھ وڏو لڳندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . پرائي مينھن جو اوھ، وڏو لڳندو آھي.
    ۳ . پرائو ڌن ۽ ...، وڏا نظر ايندا آھن.


    85. دیہاڑی بولن پھہاڑیاں، راتی بولن کاں؛ یا گراں دا لمبردار نینھ، یا گراں دا گراں۔ (کہاوت، شگون)

    85. دیہاڑی بولن پھہاڑیاں، راتی بولن کاں؛ یا گراں دا لمبردار نینھ، یا گراں دا گراں۔ (کہاوت، شگون)
    دیہاڑی؛ ڏيھاڙي، ڏينھن جو. بولن؛ ٻولي، ڀونڪي، لنوي، رڙي، اوناڙي. پھہاڑیاں؛ لومڙيون، گداڙيون. راتی؛ رات جو، اڌ رات جو. کاں؛ ڪانءُ، ڪانويليون. گراں؛ گانءُ، ڳوٺ، آبادي، وسندي. لمبردار؛ لمبردار، نمبردار، مکي، وڏيرو، چوڌري، پٽيل. نینھ؛ نھين، نه رھڻ، مري وڃڻ.
    ھڪڙو شگون يا وھم آھي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن آزمائشي طور تي، الله جي حڪم سان وجود به وٺندو آھي. جڏھن ته فطرت جي قانون سان ان جو ڪو به واسطو ناھي.
    فطرت جي قانون تحت، گدڙ رات جو اوناڙيندا آھن ۽ ڪانءَ ڏينھن جو اچي گھر جي ڀت مٿان لنوندا آھن. فطرت کان ھٽي ڪري ڪا شيءِ ورلي ڪم ڪندي آھي. سواءِ جن ۽ انسان جي، ھر مخلوق؛ حيوانات، نباتات ۽ جمادات، پنھنجي پنھنجي مقرر ڪردھ خول اندر ڪم ڪندي آھي. ان جي مقرر حدن کان ٻاھر نه اورانگھيندي آھي. اگر اھا بيگاھ وقت تي، پنھنجي فطرت کان ھٽي ڪري، ڪو ڪم ڪري ٿي ته ان ۾ خالق جي قدرت طرفان ڪو ٻيو نياپو سمجھڻ گھرجي. جنھن جي تاويل، صاحب دل ۽ صاحب ايمان ئي صحيح طور تي ڪري سگھن ٿا. ھن ڪھاوت ۾ پڻ اھڙي عمل ڏانھن اشارو آھي.
    اگر ڪنھن وسنديءَ جي مٿان، ڏينھن ڌاري گدڙ اچي اوناڙين ۽ وري رات ڌاري ڪانوَ اچي لنون ته يا اھا وسندي وجود وڃائيندي يا ان وسنديءَ جو وڏيرو وفات پائيندو. ’آواز خلق، نقارھ خدا است‘ واري اصول تحت، ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن شيءِ جي برباديءَ جا پسڻ، اڳواٽ پئجي ويندا آھن. جيئن حضرت سليمان عليه السلام واري واقعي منجھ آھي ته ڪِوليون، ھڪڙي ٻر کان ٻيءَ ٻر ڏانھن لڏيون پئي ويون ۽ چونديون پئي ويون؛ وقت جا حاڪم وڏا ظالم ٿيندا آھن، جڏھن ڪنھن وسنديءَ تي ٽٽندا آھن ته ان کي تحس نحس ڪري ڇڏيندا آھن.
    ان قسم جي اوساڻن منجھان، ھيءَ ڪھاوت به ھڪڙو شگون آھي. ضروري ناھي ته ائين ٿئي به. جڏھن ته ان جي وجود ۾ اچڻ جو خدشو ضرور رھندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڏينھن جو اناڙين لومڙيون، رات جو لنون ڪانوَ؛ يا وڏيرو وڃي، يا ڳوٺ وڃي. (ترجمو)
    ۲ . ڏينھان اوناڙي گدڙ، راتيان لنوي سيار؛ يا راجا مري، يا پوي ڏيھ ۾ ڏڪار.


    86. دیۓ تلے انھیرا۔ (کہاوت)

    86. دیۓ تلے انھیرا۔ (کہاوت)
    دیۓ؛ ڏيئو، بتي. تلے؛ تري ۾، ھيٺان، ھيٺئون. انھیرا؛ انڌيرو، اوندھ.
    ھر مخلوق، ڪنھن نه ڪنھن ڪارج خاطر، پيدا ڪئي وئي آھي. سج، چنڊ، ستارا، آسمان، ڌرتي، جبل، نيون نديون، درياھ، ڍنڍون ڍورا سمورا جو سمورا ھن پرٿويءَ تي انسان جي خدمت لاءِ خلقيا ويا آھن. سجُ؛ اُس ۽ روشني ڏيڻ لاءِ آھي. جڏھن ته اھو پنھنجي پاڻ کي ڪو به فائدو نه ٿو پھچائي. ائين ڏيئو پڻ روشني ٻين خاطر ڏئي ٿو، جڏھن ته منجھانئس پنھنجي ذات لاءِ ڪو فائدو نه ٿو وٺي.
    زندگيءَ اندر ڪيترا ئي عالم ۽ استاد پڻ ڏٺا ويا آھن، جن ٻين منجھ تعليم کي عام ڪرڻ خاطر، پنھنجي ذاتي گھرٻار جو ايترو خيال نه ڪيو. نتيجي طور، سندن شاگرد وغيرھ ته تمام گھڻا پيدا ٿيا ۽ وڏن وڏن عھدن تي وڃي رسيا، جڏھن ته پاڻ ساري عمر ماستر جا ماستر ئي رھيا. نه ايترو بلڪ، سندن اولاد پڻ، غربت سبب، اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگھيو.
    اھو به ھڪڙو اصول آھي؛ جيڪو ٻين خاطر پنھنجي پاڻ کي ارپي ڇڏيندو آھي، سو دنياوي مال ملڪيتن ڪٺي ڪرڻ کي سٺو نه سمجھندو آھي ۽ نه ئي ھن عارضي دنيا جون خوشيون کيس وڻنديون آھن. انھن کي ھيچ سمجھي، کانئن ونءُ ويندو آھي. نتيجي طور، دنياوي پدوين جي وھندڙ گنگا واري سھولت مان، مستفيض ٿيڻ بجاءِ، محروم رھجي ويندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڏيئي جي تري ۾، اوندھ. (ترجمو)
    ۲ . اکين کان انڌي؛ نالو نور-پري.
    ۳ . اکين کان انڌو؛ نالو روشن ميان.


    87. رات کنڈیاں تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)

    87. رات کنڈیاں تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)
    کنڈیاں تے؛ ڪنڊن تي. جندرا تے؛ جنڊن تي، جنڊ پيھندي.
    وقت به درياھ جي بيقرار وھَ وانگر، وھندو وڃي ٿو. واري به ھٿن جي وٿين مان ايترو تيزيءَ ۽ آسانيءَ سان کسڪندي ناھي، جيتري آسانيءَ ۽ تيزيءَ سان، وقت گذرندو ۽ وھندو ويندو آھي. ان کي ڪنھن به قسم جو ونگ پوڻو ئي ناھي.
    وقت چوي؛ آ بادشاھ آھيان. مون تي، رب پاڪ کان سواءِ، ڪنھن جو وس ناھي ھلندو. دنيا جي ڪا به شيءِ ان کي روڪي نه ٿي سگھي. ماڻھو ڪٿي به لڪي، ڪھڙي به ڦڏي ۾ پاڻ کي اڙائي، نيٺ اھو سمو يا ٽاڻو مٿانئس اڪرڻو آھي ۽ اڪري ويندو. وقت جو ڪو به ٽاڻو اٽڪي نه ٿو بيھي، بلڪ گذري ئي وڃي ٿو.
    رات جو پھر آھي ئي ڇا؟ گذرندي ويرم ئي نه لڳندي آھي. غربت ۾ به گذري ويندو ته شاھوڪاريءَ ۾ به گذري ويندو. بُت تي لٽو ھجي ته به گذري ويندو، نه ھجي ته به گذري ويندو. ماڻھو ڪَنڊن تي سمھي يا گلن تي، جَنڊ پيھندي گذاري يا ڪيمخواب بستري تي سمھندي گذاري؛ وقت گذري ويندو. سياري جو سمور جي سوڙ ۾ سمھي يا تنور اندر لڪي ويھي، وقت گذري ويندو. اونھاري جو ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ سمھي يا ٻاھر کٽ تي پيو رھي، رات گذري ويندي. وقت جي وھ کي، ونگ پوڻو ئي ناھي.
    مطلب؛
    ۱ . رات ته ڪنڊن تي به گذري ئي ويندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . رات جندرا تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت)
    ۳ . رات ته جنڊن تي به گذري ئي ويندي آھي. (ترجمو)
    ۴ . لوک ہک رات کنڈیاں تے بھی گزار کہندن۔ (کہاوت)
    (ماڻھو ھڪڙي رات ته ڪنڊن تي به گذاري ويندو آھي.)
    ۵ . رات ته گذري ويندي آ؛ تنور ۾ به، سمور ۾ به. (فارسي)
    ۶ . وقت کي ڪو به ٻک وجھي نه ٿو سگھي.
    ۷ . وقت کي پر آھن، وڃي ٿو اڏامندو.


    88. رواں دی بلی بناواں، میاؤں کون کرے۔ (کہاوت)

    88. رواں دی بلی بناواں، میاؤں کون کرے۔ (کہاوت)
    رواں؛ اُنَ، ڏاس.
    ھڪڙي ڳوٺاڻي جي گھر منجھ ڏاڍا ڪُوئا اچي پيدا ٿيا ۽ کيس ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳا. ھر شيءِ زيان ۽ ناس ڪري پيا وڃنس. تو مان سان ڳالھ ڪيائين. کيس ڏس مليو ته ٻلي ڌار.
    ٻلي ڌارڻ لاءِ، تو مان کان ٻلي گھريائين. ڪنھن ڏنس ڪو نه پئي، جو گھر جون ھريل ٻليون ٻئي کي ڪير نه ڏيندو آھي ۽ نه وري ھڪ ھنڌ جون ھريل ٻليون ٻئي ھنڌ ٽڪنديون آھن.
    ٻلي، ٻليءَ جي ماڳ موراڳو، ٻليءَ جو ٻچڙو ڪٿان به نه پئي مليس. نيٺ سوچي سوچي دل ۾ چيائين؛ ’ڪھڙا مون کي ڪوئا مارڻا آھن. کين رڳو ڊيڄارڻو ته آھي. اٺن ۽ رڍن جي ڏاس منجھان ٻلي ٺاھي گھر ۾ ٿو رکان. ڪوئا ڀڄي ويندا.‘
    اُن يا ڏاس منجھان پھرين تُنبو بڻايائين، پوءِ جڙاوت ڪري ھوبھو ٻلي ٺاھيائين. ھاڻي ڏاس جي ٻلي ته ٺھي تيار ٿي. گھر ۾ رکيائين ته ڪوئا، بجاءِ ٻليءَ کي ڏسي ڊڄي ڀڄي وڃڻ جي، ويٺا ساڻس کينچل ڪن. ان تي ھمراھ ڏاڍو پريشان ٿيو. ھيترو خرچ ڪري ٻلي ٺاھيم، تڏھن به ڪوئا نه ويا. تو مان سان ڳالھ ڪيائين. تن چيس؛ ڪوئا ٻليءَ جي شڪل کان نه، پر ان جي ميائون ميائون ڪرڻ سان ڊڄندا آھن.
    وڏا وس ڪيائين پر ھٿ جي جوڙيل ٻليءَ ۾ ميائون ميائون جو آواز نه وجھي سگھيو. بيزار ٿي واتان نڪري ويس؛ ’اُن جي ٻلي ته ٺاھيم، ھاڻي ميائون ڪير ڪري.‘
    مطلب؛
    ۱ . اُنَ جي ٻلي ته ٺاھيان، ميائون ڪنھن کان ڪرايان. (ترجمو)
    ۲ . نقل کي شڪل، اصل واري ته ڏئي سگھجي، پر ڪارائتو نه ٿو ڪري سگهجي.
    ۳ . ڪاٺ جو ڪتو ٺاھڻ سولو، ڀؤنڪ ٺاھڻ ڏکي.
    ۴ . ڪوئن ڏٺي ٻلڙي، دلڙي ٿين ڍلڙي.
    ۵ . ٻلي نه ماري، ٻليءَ جي ميائون ميائون ماري.
    ۶ . سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.


    89. زنانی دے بالا بالا تلے فریب ہوندے۔ (کہاوت)

    89. زنانی دے بالا بالا تلے فریب ہوندے۔ (کہاوت)
    زنانی؛ عورت، رن، مائي. بالا بالا تلے؛ وار وار منجھ. فریب؛ مڪر، مِکر، ڍونگ.
    يوسف عليه السلام واري قصي کي احسن القصص ڪوٺيو ويو آھي، جنھن اندر عورت جي مَڪر کي ”ان کيدکن عظيم“ سڏيو ويو آھي يعني عورت جو مڪر، عظيم مڪر آھي. عظيم وڏي چوٽيءَ واري شيءِ کي چئبو آھي. جيئن جبل کي چوٽي آھي، پر اھا اڃا ننڍي آھي، عورت جي چوٽي ان کان به وڏي آھي، جيڪا سر ڪرڻ وڏن وڏن مھم-جوئن جي بس جي بات ناھي.
    ھڪ ڏاھي ته ائين به چئي ڇڏيو ته دنيا ۾ ٽي وڏيون چوٽيون آھن؛ رب کي چوٽي آھي، جبل کي چوٽي آھي ۽ عورت کي چوٽي آھي. رب غفور رحيم آھي. ٿوري روئڻ تي به ريجھيو پوي. جبل جي چوٽي به ڪشٽن پڄاڻان سر ٿيو وڃي. عورت جي چوٽي، اڄ تائين ڪير سر نه ڪري سگھيو آھي. جيڪو اھا دعويٰ ڪري ٿو، اھو ڄڻ پاڻ اڃا کير-پياڪ ٻار آھي. جيڪا مڙس سان گڏ سُتي ستي، پاسي ۾ پُٽ کي ببو ڏيو وڃي، تنھن جي چوٽي سر ڪرڻ ناممڪنات منجھان آھي.
    مطلب؛
    ۱ . عورت جي وار وار منجھ، مڪر رکيل آھي. (ترجمو)
    ۲ . رن ڪين ڄاڻي، ته به اُٺُ مڪرن جو ڄاڻي.


    90. زنانی دی کھری پچھے مت ہوندی اے۔ (کہاوت)

    90. زنانی دی کھری پچھے مت ہوندی اے۔ (کہاوت)
    کھری پچھے؛ کڙيءَ پويان، کڙيءَ-ھيٺان. مت؛ مت، عقل، ڏاھپ، سمجھ، سوچ.
    مرداڻي سماج اندر، عورت کي ڪمزور ۽ بي عقل سڏيو ۽ سمجھيو ويندو آھي. سندن چوڻ آھي ته؛ عورت کي عقل پير جي کڙيءَ ھيٺان آھي. کڙي کڻندي، عقل نڪريو وڃيس. رات جو ته اھو به ھليو ٿو وڃيس.
    عورت جي پير جي کڙي، جسم جي ٻين عضون جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي ٿيندي آھي. ان جي ھيٺان لڪل شيءِ ته اڃا به ننڍي ٿيندي. مٿين چوڻيءَ مان، ھن تشريح جي عڪس ۾ اھا مراد ٿي ته عورت جو عقل تمام ٿورو، کٽل ۽ ناقص آھي، جنھن شيءِ ۾ نقص يا کوٽ ھجي سا، ڪارائتي ھئڻ بجاءِ نقصاندھ ٿيندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . عورت کي، کڙيءَ- پويان عقل ھوندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . عورت کي عقل کڙيءَ ۾، سج لٿي کان پوءِ سو به ٻاھر.


    91. سانجھا ابا، کسے نہ دبا۔ (کہاوت)

    91. سانجھا ابا، کسے نہ دبا۔ (کہاوت)
    سانجھا؛ مشترڪ، ڀائيچاري وارو، ھڪ-ڪرو، ھڪجھڙو. ابا؛ ابو، پيءُ، بابو. کسے؛ ڪنھن کان. نہ دبا؛ نه دفنيو، نه پوريو.
    ڪفن دفن، ھر مردي يا لاش جو حق آھي. ڪنھن جو به لاش ھجي، ان ڪفن جو لٽو لھڻو. دفن ٿيڻ لاءِ، زمين جي ٽوٽي، ان جو حق آھي. ڀائيواري، پيءُ منجھ به خراب آھي. ڀائيواري واري شيءِ مان، حاصل ٿيندڙ منافعي مٿان ھر ڀائيوار مالڪيءَ جي دعوى ضرور ڪندو آھي. جڏھن ته مٿس محنت يا سيڙپ واري خفي کان، ھر ڪو پيو لھرائيندو آھي. چوڪيداريءَ/ خبرگيريءَ ۽ ٺاھ ٺوھ وقت، ھر ڪو پيو پاڻُ ڪُترائيندو آھي.
    ابي جي ملڪيت ۾، ھڙ پُٽ ڇا ڌيئر به مالڪي پيون جتائينديون آھن. ڪن جڳھين تي ائين به ڏٺو ويو آھي ته لاش پيو ھوندو آھي. ھر ڪو چوندو آھي؛ پھرين ملڪيت جو حساب ڪتاب ڪيو، پوءِ لاش زمين ۾ لھندو. اھڙن پٽن مان اھا ئي توقع رکي سگھجي ٿي، جو ابي جي مرڻ پڄاڻان، ملڪيتن ھٿ ڪرڻ ۾ شينھن ۽ لاش جي ڪفن دفن ۾ سست ھوندا. ھڪ ٻئي جي آسري تي ڪفن دفن جي رسم تي به شل اچن. اھو معاملو اڃا گنڀير ٿي وڃي ٿو، جڏھن مرڻ واري کي ٻن يا ٽن گھر وارين منجھان پٽاڻو اولاد ھجي ٿو.
    مطلب؛
    ۱ . ڀائيواريءَ وارو پيءُ، ڪنھن نه دفنايو. (ترجمو)
    ۲ . ڀائيواريءَ جو ڀت به خراب.
    ۳ . ڀائيچارو، ڀاءُ سان به خراب.
    ۴ . ڀائيچارو، بيويءَ سان به برو.


    92. سانجھا مال، ترہایا ای رہندے۔ (کہاوت)

    92. سانجھا مال، ترہایا ای رہندے۔ (کہاوت)
    سانجھا؛ مشترڪ، ڀائيچاري وارو. مال؛ مال ڀٽارو، مينھون ڍڳيون. ترہایا؛ ترسايل، اڃيارو، اڻ ڍاول. ای رہندے؛ رھندو آھي.
    مينھون يا ڍڳيون؛ ڌارڻ سوليون، چارڻ ڏکيون. مال منجھ، نفعا آھن ته خفا پڻ آھن. مال کي جيستائين جھنگ ۾ ۽ آھر تي چاربو نه ته کير نه ڏيندو. ساڳائيندو به نه. بت ۾ لھڪارجندو ويندو، تان جو ڪاسائيءَ جي لائق به نه رھندو.
    مال ھڪ مالڪ وٽ ھوندو ته اھو نفعو وٺڻ سان خفو به ڪندو. وقت تي چارو وجھندس، پاڻي پياريندس، ٻڌائي ڇوڙائي ڪندس. کير ڏھڻ پڄاڻان، مال جي ٽھل ٽڪور دل سان پيو ڪندو. اگر ڍور جا مالڪ ٻه آھن ته پوءِ ھر ڪنھن جي نگاھ؛ نفعي ۾ ھوندي. مٿس محنت ۽ سار سنڀال ۾ سستي پيا ڪندا. تان جو مال کي، نه وقت تي گاھ پٺو ملندو، نه وري ڪير ڇوڙي وڃي پاڻي پياريندو. اڃ بک ۾ پاھ پيو ٿيندو، ڪنھن به ڀائيوار کي، قھقاءُ ڪو نه ايندو.
    مطلب؛
    ۱ . ڀائيچاري واريون ڀٽاريون، اڃايل ئي رھن. (ترجمو)
    ۲ . ڀائيوارِي، ڀاءُ سان چڱي ناھي.


    93. ساہیہ لادو ہویا، تے چاسی کے۔ (کہاوت)

    93. ساہیہ لادو ہویا، تے چاسی کے۔ (کہاوت)
    ساہیہ؛ سھو، سيھڙ. لادو؛ لاڏو، لڏ کڻندڙ، بار ڍوئيندڙ. ہویا؛ ٿيو، ٿي پيو. چاسی کے؛ چائيندو ڇا، کڻندو ڇا، بار ڪھڙو ڍوئيندو.
    اڄڪلھ بار برداريءَ لاءِ، بحري ٻيڙا، جھاز، ريل گاڏيون، ٽرڪون، ۽ پِڪ اپ وغيرھ روڊن تي ھلندڙ آھن. ڪو زمانو ھيو جو اھو سارو خفو، وھٽن وسيلي ٿيندو ھيو. خاص طور تي اٺن ذريعي، جن کي خشڪيءَ جو ٻيڙو، پڻ سڏيو ويندو ھيو. گڏھن، خچرن ۽ گھوڙن کي به سامان ڍوئڻ لاءِ تيار ڪبو ھيو، جيڪي لڏيل سامان، ھڪ ھنڌ کان ڍوئي ٻئي ھنڌ پھچائيندا ھيا.
    اٺن منجھ، بار برداريءَ جي حساب سان ٻه قسم ھيا. ھڪڙا مھري، ٻيا لاڏو. مھريءَ کان بسن ۽ ڪوچن وارو ڪم ورتو ويندو ھيو. اھي فقط ماڻھن جي سواريءَ واسطي ھوندا ھيا. ھلڻ اھڙو ھين جو ويٺل کي سفر دوران، تڪليف گھٽ پھچندي ھئي. جڏھن ته لاڏو ھيا ئي بار ڍوئڻ واسطي. مٿن وزنائتا ٻورا/ٻوجھا سٿي، سامان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائبو ھيو. اھي کڻڻ ۽ ھلڻ ۾، سگھا ۽ اڻ-ٿڪ ھوندا ھيا.
    ان جي ابتڙ، سَھو ھڪڙو ڪمزور ساھدار آھي، جيڪو مشڪل سان پنھنجو وزن چوري پوري سگھندو آھي. ان کي اگر لڏ ڇڪڻ سيکارجي، ته سوال ٿو اٿي ته؛ اھو مال ڪھڙو ڍوئي سگھندو. سير سوا اگر وزن کڻي ٿو ته ان کان ننڍڙو ٻار به وڌيڪ وزن ڍوئي سگھندو. پوءِ سھي تي ڌارڻ ۽ سڌارڻ جھڙا خفا ڪرڻ مان فائدو ڪھڙو؟
    مطلب؛
    ۱ . سھو لاڏو ٿيو ته، ڍوئيندو ڇا؟ (ترجمو)
    ۲ . ٻڪر کي ڪيترو به چارجي، ھَرُ ڪين وھندو.


    94. سٹیا گراں، کے کہننا ناں۔ (کہاوت)

    94. سٹیا گراں، کے کہننا ناں۔ (کہاوت)
    سٹیا؛ ڇڏيو، لڏيو. گراں؛ گائون، ڳوٺ، وسندي. کے کہننا؛ ڪھڙو چوڻو، ڇا وٺڻو. ناں؛ نانءُ، نالو.
    ھڪڙي ڳوٺ ۾، ماڻھو ڄمي وڏو ٿئي ٿو. اگر اتان ڪنھن سبب جي ڪري ڇڏي لڏي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي ھچر پچر نه ٿو ڪري. اگر کيس اھو ڳوٺ پيارو ھجي ھا ته پوءِ ڏک سک ۾ اتي پيو ھجي ھا ۽ اتان لڏي نه وڃي ھا. ڇو جو لڱايون چڱايون، ھر ماڻھوءَ سان لڳل آھن، پوءِ ڀلي ڪھڙي به ڳوٺ ۾ وڃي رھي. لڏي وڃڻ کان پوءِ، اتان جا حال احوال پڇڻ، اتان جي رھڻيءَ ڪرڻيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ، بي معنى ٿيون لڳن. اگر ايتريون پياريون ھيون ته ڏکيو سکيو ساڻن وقت ڪاٽجي ھا ۽ چڱائيءَ جي اميد رکجي ھا. بيماري بڙيءَ ۾، جنگ جھيڙي ۾ يا ٻوڏ جھڙي آفت اچڻ تي ڳوٺ نه ڇڏجي. ھڪ دفعو ڇڏڻ کان پوءِ، ان ماڳ تي موٽي اچڻ، ڏکيو ھوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڳوٺ ڇڏيي کان پوءِ، ڪھڙو ان جو نالو وٺڻ. (ترجمو)
    ۲ . ميھار مينھن مان نڪتو، وڇن ڪھڙي پارت.


    95. سجن آخے روا کے، دشمن آخے ہسا کے۔ (کہاوت)

    95. سجن آخے روا کے، دشمن آخے ہسا کے۔ (کہاوت)
    سجن؛ سڄڻ، دوست، يار، سچو ساٿي. آخے؛ آکي، چوي، نصيحت ڪري. روا کے؛ روئاري. ہسا کے؛ کلائي.
    نصيحت ڪرڻ وارن جا ٻه قسم آھن؛ جن جي دل ۾ سچي محبت ۽ ھمدردي آ، ٻيا بي دليا جيڪي مٿاڇري زبان سان ميار لاھين. سچا سڄڻ اھي آھن، جيڪي صحيح راھ تي ھلڻ لاءِ، سختيءَ سان تلقين ڪن. جيڪي فقط ميار لاھڻ لاءِ چپ چورين، سي سڄڻ نه بلڪ ڏڄڻ آھن. جن استادن ننڍي ھوندي، مرڪي پڙھايو ۽ ڪڏھن به سختي نه ڪئي، سي اڄ چت تي ئي نه ٿا چڙھن. ان جي برعڪس اھي استاد جن سختي ڪئي ۽ مارون ڏئي سبق ياد ڪرايا سي وسرئي نه ٿا وسرن.
    رحمدل جراح، جيڪو مريض کي کلي ويٺو ڏسي ۽ ان جي ڦٽ جو علاج ڊڄي ڊڄي ڪري، سو مريض جي دل تان جلد لھي ويندو آھي. ان جي ابتڙ اھو جراح، جيڪو بي رحم ۽ بي ڊپو ٿي، جراحيءَ واري وڍ-ٽڪ ڪري، مريض کي دائمي مرض مان جان جي آجائي ڪرائي، مريض تنھن کي ئي سڄڻ سمجھندو آھي. کيس، ورتل فيس جو، حقدار پڻ سمجھندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . سڄڻ چوي روئاري، ڏڄڻ چوي کلائي. (ترجمو)
    ۲ . رحمدل جراح، جلد دل تان لھيو وڃي.


    96. سر بڈے سرداراں دے، پیر بڈے گنواراں دے۔ (کہاوت)

    96. سر بڈے سرداراں دے، پیر بڈے گنواراں دے۔ (کہاوت)
    سر؛ سر، مٿو، مغز. بڈے؛ بڙي، وڏا. سرداراں؛ سردارن جا، منھندارن جا. گنواراں؛ ڳنوارن جا، ڌنارن جا، ڄٽن جا.
    ضروري ناھي ته ماڻھوءَ جو اندر، ائين ئي ھجي جيئن سندس ظاھري شڪل آھي. ظاھري شڪل منجھان، ڪنھن جي ڪردار جو اندازو لڳائڻ، ڪنھن ڪنھن جو ڪم آھي. ماڻھوءَ جي شڪل يا جسماني بيھڪ ڏسي، اندازو ڪري ويندا آھن ته اڳلو ڪھڙي ورتاءَ يا سڀاءَ وارو آھي.
    جيئن ھڪ فقير، ھڪڙي سيٺ جي آڏو خير جي صدا نه پئي ھنئي. پڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”سيٺ جون پنيون ايتريون ٿلھيون آھن، جو ٽڻي ئي ظاھر ناھيس. ان جي مال مان سندس اولاد ۽ جان کي ئي نفعو ناھي پھچڻو، سو مون کي ڇا ڏيندو! کانئس گھري، پنھنجو شان ڇو وڃايان!“
    يا اڪثر ننڍي قد وارن لاءِ اھو چيو ويندو آھي ته؛ بندرا، شيطان ھوندا آھن. يا ڊگھن کي بيوقوف سڏيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح، جن ماڻھن جو مٿو وڏو ھجي، تن لاءِ سمجھيو ويندو آھي ته؛ انھن جو مغز به وڏو ھوندو آھي ۽ کليل دل جا ھوندا. سپوت به انھن منجھان پيدا ٿيندا آھن، جيڪي قوم ۽ ملڪ تي جان قربان ڪري ڇڏيندا آھن. ان جي ابتڙ جن ماڻھن جو پير وڏو ھجي، تن کي مورک سمجھيو ويندو آھي. انھن لاءِ ائين به سمجھيو ويندو آھي ته؛ اھي ڪپوت آھن، جيڪي فقط پنھنجي سر لاءِ جيئن ٿا. قوم ۽ ملڪ کي، منجھانئن ڪو به فائدو ناھي.
    مطلب؛
    ۱ . سر وڏو سردار جو، پير وڏو ڳنوار جو. (ترجمو)
    ۲ . سر وڏو سپوت جو، پير وڏو ڪپوت جو. (ٿر)
    ۳ . سر بڈے سرداراں دے، پیر بڈے گنواراں دے، [دل پتھر خرکاراں دے، دن بڈے بے کاراں دے۔ (مؤلف. سلطان سکون)]
    ۴ . سر وڏا سردارن جا، پير وڏا ڌنارن جا، [دل پٿر خرڪارن جا، ڏينھن وڏا بيڪارن جا. (ترجمو)]


    97. سس تے سوہرا کہر نینھ، ہور کسے دا ڈر نینھ۔ (کہاوت)

    97. سس تے سوہرا کہر نینھ، ہور کسے دا ڈر نینھ۔ (کہاوت)
    سوہرا؛ سھرو، مڙس جو پيءُ. کہر/ کہار نینھ؛ گھر ۾ ناھي. جندے؛ جندڙي، جان منھنجي.
    ھڪ گھر جي اندر گڏ رھڻ سبب، پاڻ ۾ ٽڙ ڦٽڙ ٿيندي رھندي آھي. ڪڏھن ان کي سھڻ لاءِ طبيعت ۾ سھپ ھوندي آھي، ڪڏھن موڊ ئي نه ھوندو آھي. ويتر جو سس ۽ سھرو گھر ۾ ھجن، ته پوءِ اندر جون مڪون اندر ۾ ئي پيون ھڻبيون آھن. زال کان پلاند وٺڻ لاءِ پيو اندر جلندو آھي. ظاھري طرح ڪڇي نه سگھبو آھي جو سس ۽ سھري جي سامھون ٻاھريون ٻنو به رکڻو ھوندو آھي. جڏھن اھي گھر کان ٻاھر ھليا ويندا آھن يا نياڻو زال سميت ساھري-گھران نڪري ايندو آھي ته پوءِ دل جو اوٻر ڪڍڻ لاءِ پاڻ کي آزاد سمجھندي، ائين بھلائيندو آھي. جڏھن ته ٻارن ٻچن جي موجودگيءَ ۾ به اندر جي باھ ڪڍڻ اڃا ڏکي ٿي ويندي اٿس.
    عورتون به موقعا ۽ مھلون سڃاڻي وينديون آھن. پيءُ ماءُ جي سامھون مڙس کي ڇيرا پيون ڏينديون. انھن جي وڃڻ پڄاڻان، مڙس جي مٿي ڇا پيرن کي ويٺيون زور ڏينديون. مرد ويچارو وري به بدلو وٺي نه سگھندو آھي. پر دل کي پيو چوندو آھي ته؛ ڪا غيرت ڪر، ڪو تپي پؤ ته بدلو وٺون. جڏھن ته دل ۽ دماغ، ڀاڙيا ٿي پوندا اٿس ۽ بدلي وٺڻ کان ونءُ پيا ويندا اٿس.
    مطلب؛
    ۱ . سس ۽ سھرو گھر ناھين، ڪنھن جا ڀؤَ ناھين. (ترجمو)
    ۲ . سس تے سوہرا کہار نینھ، تپ وا جندے تپ۔ (کہاوت)
    ۳ . سس ۽ سھرو گھر ۾ ناھن، تپ ڙي جان تپي پؤ. (ترجمو)
    ۴ . ڏسڻ وارو نه ھجي ته ڏاڍيءَ دل سان ڏوھ ڪبو آھي.


    98. سنڈھیاں دا کہول تے بوٹیاں دی شامت۔ (کہاوت)

    98. سنڈھیاں دا کہول تے بوٹیاں دی شامت۔ (کہاوت)
    سنڈھیاں؛ سانَ، سانن. کہول؛ ڪشتي، ويڙھاند، جھڳڙو. بوٹیاں؛ ٻوٽا، ٻوڙا. شامت؛ جوکو.
    ھيڻي ۽ ڏاڍي جي جھيڙي ۾ ته نقصان ھيڻي کي ئي پھچندو آھي، پر ٻن ڏاڍن جي ويڙھ ۾ به نقصان، اوس پاس جي ڪمزورن جو، مفت ۾ ئي ٿيندو آھي، ڇو جو وڙھندي به طاقت آھي ته دفاع به ڪندي طاقت آھي. ٻه ڏاڍا طاقت جي زور تي پاڻ ٻکجن ٿا ته پاسي واري ڪمزور کي آيل چيڀٽ مان سندس ڪمزوري بجاءِ بچائڻ جي ويتر ٻوھي ۾ وجھي ٿي. ان ڪري ڪمزور کي جڳائي ته ڏاڍي جي پاڙي ۾ به نه رھي. ان جو ڪنھن سان تنازعو ٿيو يا ساڻس ڪو اچي وڙھيو ته پاڙي واري ڪمزور تي نزلو ڪرندو. اگر ائين نه به ٿيو ته ڏاڍو پنھنجي دولت جي نشي ۽ بود ۾ آيو ته دڙيون ٽپندي، پھريون نشان پاڙي واري ڪمزور کي ڪندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . سانن جي ڪشتي، ٻوٽن تي مصيبت. (ترجمو)
    ۲ . سانن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.
    ۳ . وڙھن سان، لتاڙجن/ پٽجن ٻوڙا.


    99. سنگ کنڈھلے منجھیۓ، پیر چٹے کہوڑیۓ،

    99. سنگ کنڈھلے منجھیۓ، پیر چٹے کہوڑیۓ،
    مچھا سونہنیاں مرد دی، نین سونہنے گوریۓ۔ (کہاوت)
    دودھ مٹھا منجھی اے، چال سونہنی کہوڑیۓ،
    قول پکا مرد دا، شرم سونہنی گوریۓ۔ (کہاوت)
    سنگ؛ سِڱَ. کنڈھلے؛ ڪنڍي، جنھن جا سڱ ڪنڍا يا وريل ھجن. منجھیۓ؛ مينھن جا، وڇير جا. پیر؛ کر، پير. چٹے؛ چٽا، سھڻا. کہوڑیۓ؛ گھوڙي جا، گھوڙيءَ جا. مچھا؛ مڇون. سونہنیاں؛ سھڻيون. مرد دی؛ مرد جون. نین؛ اکيون، نيڻ، چشم. سونہنے؛ سھڻا، وڻندڙ. گوریۓ؛ نوخيز، الھڙ، نوجوانڙي. منجھی؛ مينھن، وڇير.
    ھن ڪھاوت اندر، ڪن ساھدارن جي تعريف ڪئي وئي آھي. کين جيئن سگھڙن ڏٺو آھي، تيئن پنھنجي زباني بيان ڪيو آھي. ھڪ ئي خلقت ۾ رب تعالى کوڙ ساريون وصفون وديعت ڪيون آھن. ھڪڙن کي سندن ھڪڙي صفت ٿي نظر اچي ته ٻين کي سندن ٻي صفت، ان کان به اڳري ٿي نظر اچي.
    جيئن ھڪڙي جي نظر ۾ مينھن اھا ڀلي آھي جيڪا ڪنڍي ھجي يعني سڱ وريل ھجنس. ٻين جي نظر ۾ اھا ڀلي آھي، جنھن ۾ کير ججھو ھجي. اگر ڏٺو وڃي ته ٻنھي ڳالھين ۾ نقطو ساڳيو سمايل آھي، ڇو جو ڪنڍي مينھن به کير جي ڀلي ھوندي آھي. مھر سان ڏھائيندي آھي ۽ کير جالارو ھوندو اٿس.
    اھڙيءَ طرح ھڪڙن گھوڙي جي پيرن جي تعريف ڪئي آھي ته ٻين سندس چال جي. جنھن گھوڙي جا پير سڌا ھوندا، ان گھوڙي جي چال به تکي ۽ سھائيندڙ ھوندي.
    پھرين سٽ ۾ مرد جي مڇن جي تعريف آھي ته ٻيءَ ۾ ان مرد کي سھڻو چيو ويو آھي جيڪو قول جو پڪو ھجي. جڏھن ته مڇ تي ھٿ رکي ڦرڻ به قول جو پڪو نه ھئڻ کي سڏيو ويو آھي. مراد ساڳي آھي؛ مرد ته مڇ، يعني مرد اھو جو قول پاڙي.
    نوخيز ۽ نوجوان ڪنواريءَ جي اکين کي سھڻو سڏيو ويو آھي. ٻيءَ سٽ ۾ ان جي حياءَ جي تعريف ڪيل آھي. ڏٺو وڃي ته حياءُ به اکين ۾ ھوندو آھي. بي حياءُ عورت ئي ٻين ڏي اکيون کڻي ڏسندي آھي. حيادار، ڌاريي کي اک کڻي نه ڏسندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . سڱ ڪنڍا مينھن جا، پير اڇا گھوڙي جا، مڇ سھڻي مرد جي، نيڻ سھڻا ڪنواريءَ جا. کير مٺو مينھن جو، چال سھڻي گھوڙي جي، قول پڪو مرد جو، شرم سھڻو ڪنواريءَ جو. (ترجمو)
    ۲ . مينھن ته نانگيل ڀلي، ڍُرڪندي ته ڊيل ڀلي، درياهه جي ته ريل ڀلي، ٻانھياري ٻيل ڀلي. (لاڙ) (نانگيل؛ ججھو کير ڏيندڙ)


    100. سنہیا دا مارے دا، کتا بلا کھاندے۔ (کہاوت)

    100. سنہیا دا مارے دا، کتا بلا کھاندے۔ (کہاوت)
    سنہیا دا؛ شينھن جي. مارے دا؛ ماريل منجھان، شڪار مان. کتا بلا؛ ڪتا ٻلا، ڪمزور جانور. کھاندے؛ کائيندا آھن.
    شينھن ھڪڙو غيرتمند جانور آھي. پنھنجي ھڏئون ڪيل ڪمائي کائيندو آھي. ٻين جي ماري نه تاڙيندو آھي. بک مرندو ته به ڊڀ نه چرندو. نه ئي وري وڃي ٻئي جو اوباريل يا شڪار ڪيل گوشت نوسيندو. کيس لڱن منجھ ايتري طاقت آھي جو پھرين شڪار ڪندو آھي، پوءِ ان کي ڏينھن اڌ لاءِ ٿمائيندو آھي ته جيئن گوشت نرم ٿئي. نرم ٿيڻ سان، شڪار جا ڪونئرا عضوا ته گدڙ ۽ لومڙيون پٽي کائي ويندا آھن. شينھن تيستائين پاڻ بک تي ھوندو آھي. وٽس بک برداشت ڪرڻ/ سھڻ جي ايتري قوت آھي. ان بعد ٿيل شڪار تي ايندو آھي ۽ منجھانئس چڙھ ڪري کائيندو آھي. بچي پيو ته ٻئي ڏينھن به اتي ايندو آھي ۽ اچي منجھانئس پيٽ قوت ڪندو آھي.
    ان وچ ۾ ٿيل شڪار منجھان، ڪمزور جانور، جھڙوڪ؛ ڪتا ۽ ٻلا، گدڙ ۽ سرھ، لومڙيون ۽ ڪانءَ پيا پيٽ قوت ڪندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . شينھن جي شڪار مان، ڪتا ٻلا کائين ٿا. (ترجمو)
    ۲ . مڙسن جون ڪمايون، مايون کائين ٿيون.


    101. سور ہڈی، ملخو کڈھی۔ (کہاوت)

    101. سور ہڈی، ملخو کڈھی۔ (کہاوت)
    سور؛ سوئر، حرام. ہڈی؛ ھڏي، لوڀ، ڀاڙو. سور ہڈی؛ سوئر جي ھڏي، حرام جي ھڏي، مفت جو مال، رشوت جو مال. ملخو؛ ملڪئون، ملڪ کان. کڈھی؛ ڪڍي، بي وطن ڪري، دربدر ڪري.
    جائز يا ناجائز ڪم، جلدي ۽ بنا اعتراض جي ڪرائڻ لاءِ، ڪي ماڻھو رشوت جو پئسو بي تحاشا ھلائيندا آھن، جنھن سان پنھنجو گھر ڀرڻ کان علاوھ، ٻين جا حق به ماريندا رھندا آھن. ھڪڙي جي طرفان رشوت جو پئسو ھلائڻ سببان، ٻيو دربدر ٿيو وڃي. رھزن طرفان ھلايل حرام جي ھڏي، اشراف جا ترا ڪڍايو، ملڪ بدر ڪيو ڇڏي.
    رشوت جي پئسي تي ڀاڙيندڙ، خود ھڏ-حرام ٿيو وڃي، جنھن سببان، بکون پيو ڪاٽيندو. حتى ڪ ھڪ ڏينھن، پنھنجي گھر، شھر يا ملڪ مان بيزار ٿي فرار ٿي ويندو. جنھن جاءِ تي ويندو، اتي کيس جوڳو مان نه ملندو. در در جون ٺوڪرون کائي پلبو، تان جو ھڪ ڏينھن ڪنھن اڻڄاتل مقام تي پساھ ڏيندو، جو سندس لاش دفنائڻ وارو به ڪير نه ھوندو.
    مطلب؛
    ۱ . سوئر-ھڏي، ملڪئون ڪڍي. (ترجمو)
    ۲ . ہڈی؛ ملخو کڈھی۔ (کہاوت)
    ھڏي، ملڪئون ڪڍي. (ترجمو)
    ۳ . حرام جي ھڏي، برادريءَ مان ڪڍائي.
    ۴ . حرام جي ھڏي، ھڏ-حرام ڪري ويھاري.
    ۵ . حرام خوري، ماڻھوءَ کي ڌڪي، ڌُڻيئون ڌار ڪري ڇڏيندي آھي.


    102. شک، پیئو پتر دا لحاظ نینھ کردا۔ (کہاوت)

    102. شک، پیئو پتر دا لحاظ نینھ کردا۔ (کہاوت)
    شڪ يا گمان، وھم جي پيداوار آھن. وھمي ماڻھو، جيڪو ڳالھين جون ڪڙيون ڪڙين سان ملائڻ جي حرفت ڄاڻي ٿو، سو ھڪ ڏينھن پنھنجي ئي گمانن سان اڻيل ڄار ۾ چؤکنڀو ڦاسي پوي ٿو. جيڪي سندس سڪون يا ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏين ٿا. اھو ئي سبب آھي جو بعضي گمانن کي ڪبيرو گناھ سڏيو ويو آھي. اھي اھڙا گناھ آھن، جيڪي تيستائين معاف نه ٿا ٿين، جيستائين بدگمان ماڻھو توبہ تائب نه ٿو ٿئي.
    اجايا شڪ، ماڻھوءَ کي ڪم کان کاري ويھاري ڇڏين ٿا. سوچن جي طوفان ۾ ڌڪي، کيس ھوا منجھ ٻوساٽي مارڻ جا جتن ڪن ٿا. نه ڳالھ، نه ڳالھ جي پڇڙي ھوندي، تڏھن به شڪي ماڻھو پنھنجي اندر جي وھمن ۾ ويٺو جِھڄندو ۽ جُھرندو. ٺڪر ٺوٻر جي کڙڪي مان به پيو غلط انومان ڪڍندو. اھي انومان وري کيس، ٻين سان ڦٽائڻ تي آمادھ پيا ڪندا، جنھن سببان، ماڻھن کان ڪٽبو ويندو. جيڪو، ٻين انسانن کان ڪٽجي وڃي ٿو، سو شيطان جي ئي رخ چڙھي ٿو، جيڪو کيس ائين اڪيلو ڪري ڪٽي ٿو جيئن بگھڙ ڌڻ کان وڇڙيل ٻڪريءَ کي کائي وڃي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو شڪ ڪرڻ کان روڪيو ويو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . شڪ، پيءُ پٽ جو به لحاظ نه ٿو ڪري. (ترجمو)
    ۲ . انومان، انڌو ڪري.
    ۳ . انڌو، بدگمان ھوندو آھي.
    ۴ . شڪ، پيءُ جو پٽ تي ته پٽ جو پيءُ تي به ٿي سگھي ٿو.
    ۵ . ڀيٽيو؛ شک، حرام چیز ہے۔


    103. شک، حرام چیز ہے۔ (کہاوت)

    103. شک، حرام چیز ہے۔ (کہاوت)
    شڪ کي شريعت به چڱو نه ٿي چوي، جڏھن ته سماج اندر، شڪ کي حرام قرار ڏنو ويو آھي. شڪ، اندر جو ھڪڙو اختراع جيڪو بد سوڻ تي ٻڌل ھوندو آھي. ان جي شڪل ته اصل جھڙي ھوندي آھي، پر ڏاھپ جي نگاھ کان ڏٺو وڃي ته ڪوڙ جو ھڪڙو مثلو ھوندو آھي، جيڪو بدگمان ۽ شڪي ماڻھوءَ جي مغز مان ڦٽي نڪرندو آھي. سندس ذھن تي حاوي ٿي، کانئس ڪفر جھڙا ڪڌا ڪم ڪرائيندو آھي. پاڙي اوڙي سان ويڙھائي، ناڙُ ڪرائيندو آھي. آخر ۾ شڪي ماڻھوءَ کي، ساري جھان اندر اڪيلو ڪيو ڇڏي.
    مطلب؛
    ۱ . شڪ، حرام شيءِ آھي. (ترجمو)
    ۲ . وھمن جو علاج، لقمان حڪيم وٽ به نه ھيو.
    ۳ . ڀيٽيو؛ شک، پیئو پتر دا لحاظ نینھ کردا۔


    104. شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)

    104. شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت)
    ماری دی؛ ڪيل شڪار، پنھنجي ھٿ سان ماريل.
    گوشت خور کي گوشت کپي. انسانن وٽ، پرائي پنھنجي ۽ حرام حلال جو فرق آھي. ذبح شڪار ۾ به کين مقرر ٿيل اصولن تحت ھلڻو ٿو پوي. جڏھن ته گوشت خور جانورن وٽ اھڙا اصول وضع ٿيل ناھن. اھي ھر شيءِ کي حرام ڪري ته کائين، پر پرائي پنھنجي جي به تميز نه ڪن. اھو نه ڏسن ته پنھنجو آ يا پرائو، جيڪو آيو، سو ھڙپ.
    گوشت خور جانور ۾، ھڪڙا پاڻ شڪار ڪري سگھن، ٻيا ٺپ نه ڪري سگھن، بلڪ کائين اھي به گوشت. شينھن، گوشت کان سواءِ ڪجھ نه کائي. جڏھن ته جانورن منجھ لومڙ ۽ گدڙ، ڪتو ۽ بگھڙ پڻ گوشت خور آھن. شينھن ڪڏھن به پرائي ڪيل شڪار مان نه کائي. پاڻ شڪار ڪري، ان کي ھڪ ھنڌ ٿمائي. ٻئي ڏينھن اتان اچي کائي. بگھڙ به وڏو شڪاري جانور آھي، پر وٽس پرائي پنھنجي جي ايتري تميز ناھي، جيتري شينھن وٽ آھي. ڪتو به شڪاري آھي پر ايترو نه. ٻين جي ڀيٽ ۾، ڪتو واٺو ڀلو آھي. گدڙ ۽ لومڙي، پرائي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
    پکين منجھ باز، شڪاري آھي. سيکارڻ تي شڪار جھليندو، نه ته چيري ڦاڙي ڇڏيندس. جڏھن ته ڳجھ ۽ ڪانءُ وغيرھ، پرائي-ماري يا الله-جي-ماريءَ تي ڀاڙيندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . شينھن، پنھنجي ڪيل شڪار منجھان کائيندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . شينھن، شڪار جي معاملي ۾، ٻين چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏو غيرتمند ۽ اصول وارو جانور آھي.


    105. عملاں باہج، نبیڑے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)

    105. عملاں باہج، نبیڑے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
    عملاں؛ اعمال، نيڪ عمل، ڪرت، ڪارناما. باہج؛ بغير، کان سواءِ.
    نبیڑے؛ نبيري، ڇيني نبيري، فيصلو، جان ڇٽڻ.
    ڪنھن به ڪم جي سر ٿيڻ ۾، نيت ۽ عمل جو عمل دخل آھي. ڪم ڪرڻ جي نيت يا ارادو پھرين ٿيندو آھي، مٿس عمل پوءِ ٿيندو آھي. جيستائين ڪو ڪم ڪجي نه ٿو، تيستائين نتيجو نڪري نه ٿو. پھرين ماڻھو ڪم ڪندو آھي، برو ھجي يا ڀلو، ان کان پوءِ ان جي بدلي جي طلب ٿيندي آھي. ڪم جو معاوضو يا شابس به ڪم آھر ملندي آھي. ھڪڙي ماڻھوءَ ڪم ڪيو ناھي، ان کي نه معاوضو ملندو، نه وري ڪا شابس. جيڪڏهن ڪم چڱو ته شابس، جيڪڏهن ڪم ڪڌو ته لعنت ملامت.
    دنيا جي اندر انصاف جي تقاضا ۽ شرع جو حڪم، ظاھر تي آھن. دنياداريءَ جي معاملي فھمي، ظاھري عمل تي ٿيندي. جڏھن ته قيامت اندر، عملن جو دارومدار نيت تي ھوندو. انھن کي وزن، نيت ۽ ارادي سارو ملندو. جيترو نيت ۾ خلوص ھوندو، اوترو عملن جو وزن وڌندو ويندو. جيترو عملن ۾ ڏيکاءُ وڌندو ويندو، اوترو عملن جو وزن گھٽ ٿيندو ويندو.
    بھرحال، ھِن جھان يا ھُن جھان ۾ ھر فيصلو، ڦري گھري عملن جي تڪ تور تڪ تي ئي ٿيندو.
    مطلب؛
    ۱ . ڪرت کان سواءِ، نبيرو نه ٿئي. (ترجمو)
    ۲ . فيصلا، عملن آھر ٿيندا آھن.


    106. قبرا تا قبر، نینھ ہوندی۔ (کہاوت)

    106. قبرا تا قبر، نینھ ہوندی۔ (کہاوت)
    قبرا تا قبر؛ قبر مٿان قبر، سامھين مٿان سامھين.
    ھڪ قبر جي اندر، ھڪ مردو/ لاش دفنايو ويندو آھي. جنگي حالتن اندر يا وبا جي ڦھلجڻ وقت، قبرون کوٽڻ به عذاب ٿي ويندو آھي، ان صورت ۾ اجتماعي قبر اندر ڪيئي لاش دفنايا ويندا آھن. ان ھوندي به لاش مٿان لاش نه دفنائبو آھي. ھر ھڪ جي زمين ۽ سامھين پنھنجي پنھنجي رکبي آھي. قبر مٿان نشان به ان حساب سان رکبا آھن، ته جيئن سندن پونئير، سندن قبرن جا نشان جاچي، اچي مٿن قل بخشين.
    عام حالتن اندر، اڳي پوريل لاش جي جاءِ تي ٻئي کي جاءِ ڏيڻ لاءِ، قبر مان نه ڪڍبو. نه ئي وري جاءِ جي سوڙھ سبب، مردي مٿان مردي کي دفن ڪبو. ھر مردي، قبر جي جاءِ لھڻي. ان کي قبر جي ٽڪري، جداري ڏيڻي پوندي.
    مطلب؛
    ۱ . قبر جي مٿان قبر، نه ٺھندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . مردي جي مٿان مردو، نه پوربو آھي.
    ۳ . نڪاح جي مٿان نڪاح، نه ٿيندو آھي.
    ۴ . قرض جي مٿان قرض، نه چڙھندو آھي.
    ۵ . مقروض کي ڪو به قرض نه ڏيندو آھي.


    107. قسمت ماڑی ہووے تے اونٹھا تے بیٹھے دیاں بھی کتا لڑ جلدا اے۔ (کہاوت)

    107. قسمت ماڑی ہووے تے اونٹھا تے بیٹھے دیاں بھی کتا لڑ جلدا اے۔ (کہاوت)
    اونٹھا؛ اٺ تي. لڑ جلدا اے؛ ڏھڙي، چڪ پائي، ويڙھ کائي.
    دنيا اندر اھو ئي ٿئي ٿو، جيڪو قسمت جي اندر لکيل آھي. واقعن جي نمودار ٿيڻ ۾ ماڻھوءَ جي عقل ۽ فھم جو ڪو به عمل دخل ناھي. نه ئي وري واقعا، ماڻھوءَ جي مرضي ۽ منشا سان رونما ٿين ٿا. جيڪي به حالات اچن ٿا، سي قسمت سانگي اچن ٿا. اگر تڪليف پھچڻي آھي ته سھوليت واري شيءِ ۽ جاءِ مان به پھچيو وڃي. اگر راحت پھچڻي آھي ته تڪليف ڏيندڙ شيءِ، جاءِ يا حالت مان به پھچيو وڃي. ان قسم جا معاملا، مالڪ پنھنجي قدرت ھيٺ رکيا آھن، جيڪي سندس مرضي ۽ منشا تحت، دنيا اندر نزول پذير ٿين ٿا.
    ھڪڙي بزرگ کان ڪنھن پڇيو؛ ”ڪيئن ٿا چئو ته الله آھي.“ بزرگ فرمايائو؛ ”ارادن جي ٽٽڻ مان پرکيم، ته الله آھي. گھران ھڪڙي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪران ٿو، جڏھن ته نِڪتي کان پوءِ ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃي پھچان ٿو. ان ارادي جي ٽٽڻ مان رب جي وجود کي پرکيم.“
    ماڻھو ڀلي ڪيڏو به پاڻ کي محفوظ ڪرڻ خاطر، لوھي ڪوٽن ۾ قابو ٿي ويھي، وڻ يا اٺ تي چڙھي ويھي، جبل جي چوٽيءَ تي لڪي وڃي، جڏھن موت يا مصيبت کيس پھچڻا ھوندا آھن ته اتي به ڳولي وڃي پھچندا اٿس. رب جي اھڙي لکيي کي، ڪو به ونگ وجھي، روڪي نه سگھيو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . قسمت جڏي ھجي ته، اُٺ چڙھئي به ڪتو کائي. (ترجمو)
    ۲ . قسمت ڦيرو کائي ته، مکڻ کائيندي به ڏند ڀڄي.
    ۳ . وقت ڦيرو کائي ته، اٺ چڙھئي کي نانگ کائي.
    ۴ . لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وھي.


    108. کاگ اڈدے تے کاں ای کاں کردے۔ (کہاوت)

    108. کاگ اڈدے تے کاں ای کاں کردے۔ (کہاوت)
    کاگ؛ ڪوا، ڪانءَ، کنياتا. اڈدے؛ اڏامڻ وقت، اڏامندي. کاں ای کاں کردے؛ ڪان ڪان ئي ڪرڻ، ڪانءَ ڪانءَ ڪرڻ، قوم کي سڏڻ.
    اڏامڻ، پکين جو خاصو آھي. انسان، ٻين جانورن سئين، اڏامڻ نه ڄاڻي. پيٽ ڀر سرندڙ جيت جڙيا پڻ اڏامي نه ڄاڻن. ان جي ڀيٽ ۾ ڪي اھڙا جيت پڻ آھن جيڪي اڏامي ڄاڻن ٿا. اڏامڪ ساھدار، پنڌ ھلندڙ جي ڀيٽ ۾ ماڳ تي جلد پھچيو وڃي. پنڌ ھلندڙ، پيٽ ڀر سرندڙ جي ڀيٽ ۾ منزل تي جلد پھچيو وڃي. ان جلدائيءَ سبب، ھر ھڪ جو شان مان ماپيو ويندو آھي. اڏامڻ واري جو شان، مڙني کان مٿانھون آھي. منجھن وري وڌيڪ شان وارو اھو آھي، جيڪو جيترو گھڻو مٿي ۽ گھڻي دير لاءِ اڏامي سگھي.
    پکين ۾ ھونئن ته مور سھڻو ۽ شان وارو پکي آھي. ڪانءُ ان جي ڀيٽ ۾ ڪارو ۽ ڪوجھو پکي آھي. قد ۾ ننڍو پڻ آھي. جڏھن ته اڏامڻ واري خاصيت منجھس پڻ آھي. ان سبب ڪانءُ به شانَ مانَ ۾ وڌ ھئڻ گھرجي. بلڪ ائين ناھي، ڇو جو ڪانءَ جي جنس جڏي آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مور جي جنس آڪري آھي.
    اڏامڻ وقت، ڪانءَ ۾ فوقيت اچڻ گھرجي، ڇو جو اھو اڏامي ٿو. ماڻھو اڏامي نه ٿو سگھي. جڏھن ته جھاز ۾ چڙھي سفر ڪرڻ وارو، پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ اتم سمجھي ٿو. ان ليکي تي، جيڪر ڪانءُ به پاڻ کي اتم سمجھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اڏامڻ سان، ماڻھوءَ کي سرخاب جا پر نه ٿا لڳن. ڪانءَ وانگر اڏامندي، سندس ٻوليءَ ۾ ڦيرو نه ٿو اچي. اڏامڻ کان پوءِ ڪانءُ، ڪان ڪان ٿو ڪري ته ماڻھو وري پنھنجي ٻولي ٿو ڳالھائي. جھاز ۾ ويھڻ کان اڳ ماڻھو اگرسنڌي آھي ته جھاز اندر ويھڻ شرط سندس جنس ڦري انگريزن جھڙي نه ٿي ٿئي. مصيبت وقت، ماڻھوءَ کي ياد ئي مادري زبان ايندي آھي. ان ۾ ئي روئندو ٻاڪاريندو آھي. خوشيءَ جي موقعي تي پڻ سندس زبان تي، مادري ٻولي ھوندي آھي. اڏامڻ سان، نه سندس علم، سوچ ۽ دانائيءَ ۾ ڦيرو ٿو اچي، نه ئي وري سندس ٻولي عجميءَ مان ڦري عربي ٿي ٿئي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪانءَ اڏامڻ وقت به ڪان ڪان ئي ڪندا آھن. (ترجمو)
    ۲ . ترقي ملڻ سان، ماڻھوءَ جي جنس ۽ قوم تبديل نه ٿي ٿئي.


    109. کالیاں دے کالے ای ہوندن۔ (کہاوت)

    109. کالیاں دے کالے ای ہوندن۔ (کہاوت)
    کالیاں دے؛ ڪارن جو (اولاد)، ڪارن منجھان. کالے؛ ڪارا، ڪارا ڪانءَ.
    ڪانءَ منجھان ڪانءُ، ڪاري منجھان ڪارو، گوري منجھان گورو ئي ڄمندو آھي. ڳئونءَ منجھان ڳئون يا گابو ٿيندو. مينھن منجھان، وڇ يا سانُ ٿيندو. پکيءَ مان پکي، جانور مان جانور، جيت منجھان جيت ئي ڄمندو. اھو قدرت واري، دنيا اندر افزائش جو ھڪڙو اصول مقرر ڪيو آھي، جنھن تحت نسلي واڌ ويجھ ٿئي ٿي.
    ڪُتي منجھان گڏھ ۽ گڏھ منجھان ٻڪري نه ٿيندي. سو تڪبيرون پڙھجن، بگھڙ ٻڪري نه ٿيندو. جنس کان علاوھ، رنگ روپ به والدين تي ئي ويندا آھن. وڏي ڳالھ جيڪا اولاد جي، والدين سان مماثلت کائيندي آھي، سا آھي اوصاف جي ھڪجھڙائي. اولاد جون وصفون؛ گڻ، اوگڻ وڏڙن تي ئي ويندا آھن. بڇڙن ماڻھن جو اولاد، پڻ بڇڙا اوصاف اختيار ڪندو آھي. چڱن جو اولاد، چڱو ٿيندو آھي، ڇو جو ماڻھوءَ جي سڌرڻ ۽ کرڻ ۾، ماحول جو ھٿ ھوندو آھي. جھڙو ماحول ملندو، اھڙا ئي اوصاف، ماڻھوءَ منجھ اوتبا ويندا. تخم جي تاثير سان گڏ، صحبت پڻ پنھنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪندي آھي. بڇڙن جي صحبت ۾ چڱن جو اولاد به کريو وڃي. جڏھن ته چڱن جي صحبت ۾ رھڻ سان، چورن جو اولاد به پارسا ۽ بزرگ بنجيو وڃي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪارن منجھان، ڪارا ئي ٿيندا. (ترجمو)
    ۲ . اولاد، پيءُ-ماءُ تي ويندو آھي.
    ۳ . ڄڻيو اولاد، پيءُ-ماءُ تي اڍ ڇڪي.


    110. کر پہلا، جے ہووئی پہلا۔ (کہاوت)

    110. کر پہلا، جے ہووئی پہلا۔ (کہاوت)
    پہلا؛ ڀلا، ڀلو، چڱائي.
    دنيا، دار العمل آھي. جزاءُ العمل ناھي، تنھن ھوندي به ڏٺو ويو آھي ته؛ مڪافات عمل تحت، بري ڀلي عمل جي سزا جزا، ھن جھان ۾ ئي شروع ٿي وڃي ٿي.
    ٻين سان ڀلائي ڪرڻ خاطر، انسان کي ھن جھان اندر موڪليو ويو آھي. ور نه ته عبادت ۽ رياضت ڪرڻ لاءِ فرشتا ۽ ڪروبي کوڙ ھيا. ھاڻي اھو انسان، اگر فقط نماز ۽ روزي کي عبادت سمجھي ۽ خلق خدا جي خدمت بجاءِ کين آزاريندو رھي، اھو ڪيئن ٿو جنت ملڻ جي تمنا ڪري. اھو ڪيئن ٿو دنيا اندر پاڻ سان چڱائي ٿيڻ جي اميد رکي. انسان کي خلقيو ئي ٽن ڳالھين واسطي ويو آھي؛ الله جي اطاعت، رسول جي طريقي تي ھلڻ ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ. عبادتن سان گڏ، خدمت ڪرڻ به شرط آھي. اھا ڄڻ ٻين سان چڱائي نه ٿو ڪري بلڪ پنھنجي پاڻ سان چڱائي ٿو ڪري.
    مطلب؛
    ۱ . ڪر ڀلو، ته ٿيئي ڀلو. (ترجمو)
    ۲ . ھتي ڪر، ھتي پسُ/لوڙ.
    ۳ . زمين وارن تي رحم تون ڪر، آسمان وارو رحم تو تي ڪري.
    ۴ . تون زيادتي نه ڪر، تو سان زيادتي نه ٿيندي.


    111. کسے کبے آں لت کڈھ ماری، اوہ کمادا بچ جل لکیا۔ (کہاوت)

    111. کسے کبے آں لت کڈھ ماری، اوہ کمادا بچ جل لکیا۔ (کہاوت)
    کبے؛ ڪٻي، ڪٻو، ڪٻڙو، ڊونڊو، چيلھ-چٻو. کمادا؛ ڪمند منجھ، ڪمند جي فصل ۾. جل؛ ڄل، چل، وڃي. لکیا؛ لڪيو، ڇُپيو.
    ڪٻو، جيڪو اڳي ئي چيلھ وتيون ويٺو ھجي، اگر تنھن کي ڪير اوچتو زمائتي لت ڪُٻِ واري وھائي ڪڍي، سو ته سور کان، لِڪڻ جون جايون ڳوليندو وتندو. لڪڻ لاءِ جاءِ اھا ڳولبي يا ھٿ ڪبي آھي، جتي جان ۽ مال محفوظ رھي سگھي. ماڻھو پاڻ به سڪون ۾ ھجي. ائين نه ٿئي جو جنھن مصيبت کان ڀڄي، لڪڻ واري جاءِ تي ان کان ٻيڻي مصيبت ويٺي ھجي.
    ڪمند جا ڳنا، باٺن جھڙا سخت ھوندا آھن. سڌا ھجن ته به منجھانئن لنگھڻ اوکو ھوندو آھي. اگر ڪريل ھجن ته منجھانئن لنگھڻ ۽ منجھن لڪڻ، اوکو ٿي ويندو آھي. چڱو ڀلو ماڻھو به ڪمند جي فصل منجھ ھلي ڪو نه سگھندو آھي. ھلڻ پاسا ڇني ڇڏيندس. ان جي ڀيٽ ۾ اگر ڪو ڪٻڙو يا معذور، منجھن لڪڻ جي ڪوشش ڪندو، اھو لت لڳڻ واري سور کان وڏا سور پرائيندو.
    ماڻھوءَ کي گھرجي ته اگر ڪنھن مصيبت کان ڀڄڻو ھجيس ته اڳُ پُٺِ جاچي پوءِ ڀڄي. ننڍي مصيبت کي ڇڏي، وڏيءَ ۾ وڃي نه ڦاسي. البته وڏي مصيبت يا تڪليف کي ڇڏي، ننڍي يا سھڻ جھڙي مصيبت ڏي ڊوڙي ته ڪو ھرج ناھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪنھن ڪٻڙي کي لت ھنئي ته وڃي ڪمند منجھ لڪيو. (ترجمو)
    ۲ . مينھن کان ڀڄي، نيساري ھيٺان لڪيو.
    ۳ . آسمان تان ڪري، کجيءَ ۾ اٽڪيو.
    ۴ . جنگ يا وبا ڦھليل علائقي مان نه ڀڄجي.
    ۵ . ڏاند ڀڄي پاڃاريءَ کان، ٻوڙي ۾ ٻه پاڃاريون.


    112. ککڑی بھی کسی اوہلی جائی بیٹھ کے انڈہ دیندی اے۔ (کہاوت)

    112. ککڑی بھی کسی اوہلی جائی بیٹھ کے انڈہ دیندی اے۔ (کہاوت)
    ککڑی؛ ڪڪڙ، مرغي. اوہلی؛ اولي، نظرن کان اوجھل. انڈہ؛ انڊو، آنو.
    ھر فائدي واري ڪم جي پٺيان، تڪليف رکي وئي آھي. فائدي کي، ايترو آسان نه بنايو ويو آھي جو ھر نڪمو ماڻھو، محنتي ماڻھوءَ وانگر پيو مزا ماڻي. ڪڪڙ کي آنو لاھڻ وقت، ساھ جي ھوندي آھي. تنھن ھوندي به پنھنجي آني جو بچاءُ ڪرڻ خاطر، ڪنھن اھڙي جاءِ تي وڃي لاھيندي آھي، جتي سندس محنت ۽ سورن کي ڪو آسانيءَ سان زيان نه ڪري سگھي.
    فطري طور تي ھر فائدي واري شيءِ جو تحفظ، پڻ ڪيو ويو آھي. گل، خوشبوءِ ڏئي ٿو. نرم ۽ جاذب نظر ايترو آھي جو ھوند، ھر ڪو مزي وٺڻ خاطر، ھٿ ۾ وٺي، مھٽي زيان ڪري ڇڏيس. پر ساڻس گڏ ڪنڊو به رکيو ويو آھي ته جيئن ھر ڪو آسانيءَ سان زيان نه ڪري سگھيس. ماکي، کائڻ ته آسان آھي پر لاھڻ ڏکي آھي، ڇو جو ماکيءَ جي مک ۾، رس سان گڏ، ڏنگ پڻ رکيو ويو آھي ته جيئن ھر ڪو ان کي زيان نه ڪري ڇڏي. زمين اندر پوکيل ھر فصل مان فائدو تڏھن ٿو وٺي سگھجي، جڏھن لاھ ڪڍي زمين سڌي ڪرڻ، ھر ڪاھڻ، ان ڇٽڻ، جھار ھڪلڻ، لابارو ڪرڻ ۽ ڳاھ ڳاھڻ واريون مسلسل تڪليفون، سھپ ۽ ڏاھپ سان سر تي استوار ڪجن ٿيون.
    مطلب؛
    ۱ . ڪڪڙ به ڪنھن اولي جاءِ تي ويھي آنو لاھيندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . ھر آسائش سان، تڪليف رکي وئي آھي.
    ۳ . دنيا، ڏک ۽ سک جي ميلاپ سان جوڙي وئي آھي.


    113. ککھ بھی چوری، لکھ بھی چوری۔ (کہاوت)

    113. ککھ بھی چوری، لکھ بھی چوری۔ (کہاوت)
    چوري ڪيتري به ننڍي شيءِ جي ھجي، آخرڪار چوري آھي. ڪٿي به لڪڻي ناھي. اھو ناھي ته وڏيون چوريون پڪڙجن ٿيون، ننڍيون نه ٿيون پڪڙجن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته وڏي چوري ڀاڳيي کان برداشت نه ٿيندي آھي، جڏھن ته ننڍي يا سنھي چوري، ڀاڳيو به اک ٽيٽ پڄاڻان، نظر انداز ڪري ڇڏيندو آھي. اھا ئي شيءِ اگر گھري وٺبس ته شايد دل جي خوشيءَ سان ڏئي به وجھي، جڏھن ته چوري ڪرڻ پڄاڻان، سندس دل پئي ڪُرندي. اھو دل جو ڪُرڻ يا سڙڻ، ھڪڙو فطري رد عمل آھي، جنھن جو اظھار، وڏي توڙي ننڍي شيءِ جي چوري ٿيڻ تي ھڪجھڙو ٿئي ٿو.
    چور کي ان ڳالھ تي اطمينان نه ڪرڻ گھرجي ته ننڍي چوري يا ڪک جي چوري ڇپي ٿي وڃي يا ڦٻي ٿي وڃي ته ان جو حساب ڪتاب نه ٿيندو. ھر ذري پرزي، اعمال نامه ۾ داخل ٿيندي ٿي رھي. ھر ذري پرزي جي پڇا ضرور ٿيندي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪک به چوري، لک به چوري. (ترجمو)
    ۲ . ڪک جو چور، سو لک جو چور.
    ۳ . چوري ته چوري آھي، پوءِ اھا ڪک ھجي يا لک جي ھجي.


    114. کمنا دی یاری؛ نہ جتی، نہ ہاری۔ (کہاوت)

    114. کمنا دی یاری؛ نہ جتی، نہ ہاری۔ (کہاوت)
    کمنا؛ کمی کمین؛ ڪميڻو، ڪمذات.
    ڪميڻي مان ڪڏھن به چڱائيءَ جي اميد نه رکڻ گھرجي. جنھن ۾ پاڻ منجھ ڪا مڻيا ناھي، سو ٻين جي فائدي جو نه رھندو آھي. ساڻس ياري رکڻ وارو به سدائين سورن ۾ ھوندو. ڪميڻو؛ نه دوست ڀلو، نه دشمن چڱو. دوست ھوندو ته رڳو ڦرڻ کائڻ لاءِ، دشمن ھوندو ته جيڏانھن تيڏانھن نقصان رسائڻ لاءِ. بي قياس ٿي ڪري پيو ڏنڀيندو.
    يار دوست کي ڦرڻ ڦٽڻ لاءِ شينھن ھوندو، دشمن سان وڙھڻ وقت بزدل ھوندو. سندس ياريءَ مان، دوست کٽي کائي نه سگھندو. سندس دشمنيءَ مان نه وري دشمن ھارائي، جُوءِ ڇڏي ويندو.
    مطلب؛
    ۱ . ڪميڻي جي ياري؛ نه کٽي، نه ھارائي. (ترجمو)


    115. کناں سنی دا کے اعتبار۔ (کہاوت)

    115. کناں سنی دا کے اعتبار۔ (کہاوت)
    جيڪو ماڻھو، پاڻ اکين سان ڪيترن معاملن کي ڏسڻ بدران، نوڪرن چاڪرن تي ڇڏي ٿو ڏئي ۽ وري اھي جيڪو اچي ٻڌائينس ٿا، تنھن تي اعتبار ٿو ڪري، سو جلد نقصان ۾ ويندو، ڇو جو نوڪر چاڪر، پنھنجيون غلطيون کانئس لڪائيندا. پرايون پنھنجيون خوبيون پنھنجي کاتي ۾ ڳڻائي، پيا پاڻ وڻائيندا. اھڙو آفيسر، ڪنن جو ڪچو ھئڻ سبب، ڪنھن به ڳالھ جو صحيح فيصلو ڪري نه سگھندو. نتيجي طور سمورن ماتحتن ۽ بالا آفيسر سان ڦٽائي بيھي رھندو.
    ھر معاملي ۾ پاڻ پنھنجي سر جاچ جوچ ڪجي. ٻڌين سڌين ڳالھين تي ھلي، چٻڪي تي بندوق نه ڇوڙجي. ڪڏھن ڪا ٻڌل ڳالھ، پھچندي پھچندي، اکرن ۾ ڦيرو کائي مطلب مٽي ويندي آھي، جنھن سبب ڪيترا معاملا گنجرجي ويندا آھن. سمورن وچ وارن جا ذھن نه ايترا سٺا ھوندا آھن جو ھڪ دفعو ٻڌڻ سان، ڳالھ کي ائين جو ائين اڳتي وڌائين. نه وري ٻڌي اڳتي پھچائڻ وارا، سمورا ماڻھو نيت جا چڱا ھوندا آھن. پنھنجي طرفان اگر ٺونگڙو ھڻي ڦٽو ڪيائون ته پوءِ ٻڌڻ وارو وتي ڍومائون کائيندو. اھڙي جوکائتي ڦوڪ ڏئي ڇڏيندس جو سلجھيل معاملو به الجھي ويندو.
    مطلب؛
    ۱ . ڪنن سئيءَ جو ڪھڙو اعتبار. (ترجمو)
    ۲ . ڪنن ٻڌيءَ تي اعتبار نه ڪجي.
    ۳ . ڏٺي مان به وري ڏسجي.
    ۴ . ڪنن ٻڌيءَ تي اعتبار نه ڪجي، اکين ڏٺيءَ تي به ويچار ڪجي.


    116. کندھ، اٹا اتے ای چڑھدی اے۔ (کہاوت)

    116. کندھ، اٹا اتے ای چڑھدی اے۔ (کہاوت)
    کندھ؛ ڪنڌي، ڀت، ديوار. اٹا؛ آئرو، بنياد، بڻياد، پيڙھ. کندھا؛ ڀت تي، ڀت مٿان.
    آئرو سڌو ھوندو، ڀت سڌي ھوندي، آئرو ٽيڙو ته ڀت ٽيڙي ھوندي. آئري جي کوٽائي ھيٺ مٿي ٿي وئي ۽ رازي، ان جي ليول منڍئون نه سنڀالي ته اڳتي ھلي ڀت اوھر کائي آھلي پوندي ۽ شاھل ۾ نه پئي ايندي.
    اھڙيءَ طرح، اڌ-گيدي ٺھيل ڀت کي مٿي ڪرڻو ھوندو آھي ته ان جون مٿيون ھاريون ان ساڳئي بڻياد تي رکبيون آھن. يعني اڳي آيل ھارين جي مٿان ھاريون اينديون ته ڀت مٿي کڄندي ويندي.
    مطلب؛
    ۱ . ڀت آئري تي ويندي آھي. (ترجمو)
    ۲ . کندھ، کندھا اتے ای چڑھدی اے۔ (کہاوت)
    (ڀت، ڀت جي مٿان ئي اڏبي وڃبي آھي.)
    ۳ . ماڻھو، وڏن تي اڍ ڇڪيندو آھي.
    ۴ . چڱن جو اولاد چڱو ٿيندو، بڇڙن جو اولاد بڇڙو ٿيندو.
    ۵ . جنھن جا وڏا، نانگن-کاڌا ھوندا، سو پاڻ به زھر سان ڀريل ھوندو.


    117. کندھا دے بھی کن ہوندن۔ (کہاوت)

    117. کندھا دے بھی کن ہوندن۔ (کہاوت)
    ڪيترو به لڪي، خاص طور تي بند ڪمري ۾، ڳالھ ڪجي ٿي، سا جلد ٻئي ھنڌ پھچيو وڃي. لڪائي ڪيل يا سرٻاٽ ۾ چيل ڳالھ، ٻڌندڙ پڻ غور سان ٻڌندا آھن. مٿس ذھن سان سوچيندا آھن، ھينئين سان پڻ ھنڊائيندا ۽ سمجھندا آھن.
    جڏھن ھڪ ڳالھ، ٻڌندڙ جي ذھن ۾ ويھي ويندي آھي، سا سندس پيٽ ۾ نه ٽڪندي آھي. جيستائين ٻين کي نه ٻڌائي، تيستائين پيو پيٽ ڦاٽندس. يا اھا ڳالھ جنھن جي ٻڌائڻ کان پوءِ، ٻڌائيندڙ اڳتي پھچائڻ کان منع ڪئي ھجي. اھا پڻ پيٽ ۾ نه ٽڪندي آھي، ڇو جو اھا اصل ٻڌائيندڙ جي پيٽ ۾ نه ٽڪي. ھن ڪنھن کي ھمراز سمجھي ٻڌائي. ٻڌائڻ کان پوءِ سمجھيائين ته اڳتي ويندي ته خلم ٿيندو. ھاڻ ٻڌندڙ کي اڳتي وڌائڻ کان روڪيائين. ان ٻڌندڙ جا به ڪي رازدان يا جانِ عالم ھوندا، ان تن کي ٻڌائي ڇڏي. ائين چپن ۾ چيل، سرٻاٽ سان سليل، ڀتين اندر لڪي ڪيل ڳالھ کي پر لڳندا ويندا آھن ۽ اھا ڊوڙندي رھندي آھي. ان ڪري ڳالھائڻ کان اڳ، ڳالھ جو منڍ سر ضرور جاچجي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪنڌيءَ کي به ڪن آھن. (ترجمو)
    ۲ . ڀتين کي به ڪن آھن.
    ۳ . ڳالھين کي، پر آھن.
    ۴ . واتين سري، واڳين سري.
    ۵ . واتان نڪتل ڳالھ، پرائي آھي.


    118. کنڈیاں دا منڈھ، ہک ای ہوندے۔ (کہاوت)

    118. کنڈیاں دا منڈھ، ہک ای ہوندے۔ (کہاوت)
    کنڈیاں؛ ڪنڊا، ڪنڊن، سيلھ، ڪانٽا. منڈھ؛ منڍ، جڙ، پاڙ، بڻياد، پيڙھ.
    ڪنڊيندار وڻن جا ڪنڊا، ھيئت ۾ مختلف ھوندا آھن. ڪن وڻن جي ڪنڊن کي ٽي منھن ھوندا آھن، ڪن وڻن جي ڪنڊن کي ٻه چھنبون ھونديون آھن، وري ڪن وڻن يا ٻوٽن جي ڪنڊن کي ھڪ نوڪ ٿيندي آھي. جڏھن ته ڪي ٻوٽا اھڙا به ٿين ٿا، جن جي ڪنڊن کي ٽن کان وڌيڪ نوڪون ھونديون آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ڪنڊن جي مڙني نمونن کي، پاڙ، جڙ يا منڍ ھڪ ئي ھوندو آھي. جيتريون چنھبون/نوڪون، اوتريون پاڙون/جڙون نه ھونديون آھن. بلڪ گھٽ وڌ ھونديون آھن.
    اگر ڪنڊو، وڻ جي ٽاري يا شاخ منجھان ڀڃڻو ھوندو آھي ته ڀلي ڪيتريون چھنبون ھجنس، پر سندس ھڪ پاڙ ھوندي، جتان کيس ڀڃڻو پوندو ۽ پوءِ ڪتب آڻڻو پوندو يا ضايع ڪرڻو پوندو. اھڙيءَ طرح بدمعاش ماڻھو تعداد ۾ ڪيترا ئي گھڻا ڇو نه ھجن، سندن گرو يا پاٿاريدار، مک يا مھندار ھڪ ئي ھوندو. بدمعاشيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، ان ھڪ کي ئي وڃي پڪڙڻو پوندو. ان ۾ ھٿ پوڻ سان، ننڍا ننڍا بدمعاش ٻرن ۾ لڪي ويندا آھن. بدمعاشي ختم ٿي ويندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪَنڊي جو منڍ، ھڪ ھوندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . ڏوھ يا بدمعاشيءَ جو سرو جاچبو ته سرچشمو ڪنھن ھڪ ھنڌ ئي وڃي بيھندو.


    119. کھوتیاں کدوں کڑاہیاں کھادئیاں۔ (کہاوت)

    119. کھوتیاں کدوں کڑاہیاں کھادئیاں۔ (کہاوت)
    مھماني، افعالن ۽ رنگ روپ جي ھوندي آھي. چڱو ڀلو مھمان ايندو، کيس چڱي جاءِ تي ويھاربو، سمھڻ لاءِ ھنڌ ڀلو ڏبس. ڀلي منجھس ڪم ڪار نه ھجي، تڏھن به سندس کاڌ-خوراڪ لاءِ، چڱا چوکا طعام ڪرائبا. اگر ڇيلو نه ڪُھي سگھبو آھي ته لت ڏئي ڪڪڙ کي ليٽائي وجھبو آھي. مھمان، صورت ۾ موچارو آھي ته سر به پيو حاضر ڪبس. سھڻي صورت، خود اڌ رزق آھي. ھر ھر پيو چئبس؛ ”مھمان پنھنجو رزق ساڻ کڻي ايندو آھي. اوھان به رزق ساڻ کڻي آيا آھيو، اوھان جي صدقي اسان به پيا کائون.“
    ان جي ابتڙ جيڪڏهن بي سرو مھمان ھوندو، ڀلي منجھس ڪم ڪار به ھجي، مڙيئي سڙيئي ھٿ ڏبس، حاضر کٽ تي موجود ھنڌ کي سيري ويھاربس. گھر ۾ رڌل دال به سور ٻري سان کڻي اچي کارائبس. گڏھ-مھانڊي کي ته دال يا ساڳ جي صلاح به ڪير نه ڪندو. ان جي ابتڙ اگر اھو ڪڙھائيون کائي ته اندر پيو سڙندو. اھا ٻي ڳالھ آھي، ان جو خالق به الله آھي. اھو چاھي ته ان کي بي تحاشا ڏئي ڇڏي. ڇو جو وٽس صورت کان وڌيڪ سيرت جو قدر آھي. قسمت ۾ اگر لکيل آھي ته پوءِ گرا گنجا به پيا جاوا ڪن.
    مطلب؛
    ۱ . گڏھن ڪڏھن، ڪڙھائي کاڌي. (ترجمو)
    ۲ . قسمت کي ڄائي آھي ڀيڻ، جو گڏھ به ٿو برفو کائي.
    ۳ . قسمت کي ڄائي آھي ڀيڻ، گڏھيون به ٿيون گج پائين.
    ۴ . قسمت کي ڄائي آھي ڀيڻ، ڪوري به ٿيا آھن ڪلارڪ.


    120. گنجے دا پتر گنجا نہ ہویا تے تہدری ضرور ہوسی۔ (کہاوت)

    120. گنجے دا پتر گنجا نہ ہویا تے تہدری ضرور ہوسی۔ (کہاوت)
    تہدری؛ خشڪيءَ وارو، کرنڊ کرنڊ.
    اولاد، والدين تي اڍ ڇڪيندو آھي. منھن مھانڊي ۾ به ته عادتن اوصافن ۾ به ھڪجھڙائي ھوندي اٿن. اڻ واقف ماڻھو کين ڏسي چئي سگھندو آھي؛ پٽ، ٻه-ھٿ ٻه-پير، پيءُ جھڙو آھي. نقش نگار، ننڍ وڏائيءَ جي فرق کان علاوھ ھڪجھڙا پيا معلوم ٿيندا.
    اھڙيءَ طرح، ڪي جسماني ڪمزوريون پڻ ھڪ پيڙھيءَ مان ٻي پيڙھيءَ ۾ ھليون اينديون آھن. رنگ روپ کان علاوھ، جسماني بيماريون جھڙوڪ؛ طبيعت جو بلغمي ھجڻ، وارن جو ڇڻڻ، ٻارائپ ۾ وار اڇا ٿي وڃڻ، ننڍي ھوندي اکين جي ديد گھٽ ٿي وڃڻ، پيرن يا ھٿن تي نزلو ھجڻ ۽ رت جو داٻ يا ذيابيطس وغيرھ جھڙيون بيماريون لڳڻ.
    وارن جو، جوانيءَ ۾ ئي ڇڻي گنج ظاھر ٿيڻ به وڏن کان ننڍن کي ورثي ۾ ملندو آھي. اگر ڪراس بلڊ جي ڪري، ڪي بيماريون ھڪ پيڙھيءَ مان ٻي ۾ پيڙھيءَ ۾ نه ٽپي سگھيون ته به انھن جا اھڃاڻ ضرور ظاھر ٿيندا، ڇو جو ڪمزوريءَ جا اثرَ، ڪنھن نه ڪنھن طرح، ھڪ پيڙھيءَ کان ٻي پيڙھيءَ ڏانھن منتقل ٿيندا رھندا آھن. اگر وار مڪمل ڇڻي نه ڪريا ته به گنجن جي اولاد جي ٺوڙھ واري چمڙي، کھري ضرور ھوندي.
    مطلب؛
    ۱ . گنجي جو پٽ گنجو نه ٿيو ته به مٿو کرنڊ کرنڊ ضرور ھوندس. (ترجمو)


    121. گنجے دے نونھ، سرا دی شامت۔ (کہاوت)

    121. گنجے دے نونھ، سرا دی شامت۔ (کہاوت)
    گنجي ماڻھوءَ جي وارن جون پاڙون ڪمزور ٿينديون آھن. منجھن خشڪي يا ٻڦو جام ٿيندو آھي. انھن کي تيل لڳندو ته ويتر چيڙھ ڪندا ۽ گنجي کي پيا بيزار ڪندا. اگر تيل نه لڳندن ته به سندن پاڙن ۾ سر سر پئي ٿيندي. گنجي کي کنھڻ تي پئي اڪسائيندي. گنجو مٿو کنھي پيو فرحت ڀائيندو. جڏھن ته فرحت حاصل ڪرڻ کان اڳ ڏنل کنھڪي سان، ٻه چار سر سر ڪندڙ وار، ضرور ڇاڻڻا پوندا اٿس. تڏھن وڃي طبيعت ۾ قرار محسوس ڪندو آھي. اھا ڄڻ سندس عادت ٺھي ويندي آھي.
    جنھن کي ھروڀرو مٿي کنھڻ جي عادت ٿي وڃي، ان جا جو ويتر نَھن وڏا ٿي وڃن، سو ته کنھڻ کان مور ڪو نه مڙندو، پيو حرڪت ڪندو. چڱي ڀلي مٿي کي کنھي، ڳاڙھسرو ڪري ڇڏيندو. سندس ان حرڪت سان، جنھن ۾ سندس وڌيل نھن، بيقرار ٿي ويٺا کنھڻ جي وندر ورونھن ڪن، مٿي لاءِ شامت ٿي ويندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . گنجي کي نھن، ٺوڙھ جي شامت. (ترجمو)
    ۲ . گنجو، کنھڻ کان نه مڙي.
    ۳ . گنجي جي گيدي ۾، سدائين ڦڻي.


    122. لاندا ہر کوئی اے، نبھاندا کوئی کوئی اے۔ (کہاوت)

    122. لاندا ہر کوئی اے، نبھاندا کوئی کوئی اے۔ (کہاوت)
    لائڻ يا دوستي رکڻ، ھر ڪنھن کي وڻندي آھي. دوستي رکڻ وقت، دل جي عجيب ڪيفيت ھوندي آھي. ماڻھو، قربان قربان پيو ٿيندو آھي. جڏھن دوستيءَ سببان، واسطا وڌندا آھن ۽ ياري باشيءَ جا بار ۽ امتحان شروع ٿيندا آھن، تڏھن چڱن ڀلن جي آزمائش جي گھڙي ھوندي آھي. ھر ڪو پيو پنھنجي عقل جي زور سان، ياريءَ کي اڳتي وڌائيندو آھي ۽ پنھنجي جان کي آزاد رکڻ جي به ڪوشش ڪندو آھي. ڀڄندو به ويندو آھي، رھائيندو به ويندو آھي.
    ٻين مان، انھن جي ھوند سارو فائدا وٺڻ پڄاڻان، جڏھن پنھنجي سر تي ايندي آھي ته ٻنھي ڌرين لاءِ اصل ڏکيو وقت، ان مھل شروع ٿيندو آھي. ڀاڄُڙ اتان پوندي آھي. دوستيءَ ۾ جڏھن آزمائشن سبب گھاري پوندي آھي، ته ان کي تُنِ يا ٽاڪو نه لڳي سگھندو آھي. مڙس ماڻھو يا صاحب دل اھي آھن، جيڪي ان گھڙيءَ ۾ ثابت قدم رھي، سنگت يا دوستيءَ کي چُٽو لڳڻ نه ڏين.
    مطلب؛
    ۱ . لائي سڀ ڪو، نڀائي ڪو ڪو. (ترجمو)
    ۲ . لانی سوکھی اے، نبھانی اوکھی اے۔ (کہاوت)
    (ياري رکڻ سھنجي، نڀائڻ اھنجي.)
    ۳ . رکڻ ۽ نڀائڻ ۾ سنڌو آھي.


    123. لسے جنے دی رن، جنے کھنے دی پہابی۔ (کہاوت)

    123. لسے جنے دی رن، جنے کھنے دی پہابی۔ (کہاوت)
    لسے جنے؛ لسو ڄڻو، ڪمزور مرد، ماديءَ-مُنھون، ڪوتُ-مُنھون، نامرد، غريب مرد. رن؛ عورت. جنے کھنے؛ ڄڻي ڄڻي جي، مڙني جي. پہابی؛ ڀاڀي، ڀاڄائي.
    شادي، ھڪ ٻنڌڻ آھي، جيڪو مرد ۽ عورت جي وچ ۾ آھي. ان سان نسلي افزائش جو دڳ کلي ٿو. ماديءَ جون ضروري گھرجون، نر کي پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. اگر نه ڪندو ته پوءِ معاملو سارو، کيس ککو وکو ڪري ڇڏيندو.
    ماديءَ-منھون مرد يا کدڙي نما شخص، مردانگي طاقت ۾ ڪمزور ھوندو آھي. پنھنجي ماديءَ جي پورت ڪرڻ واري سگھ جي منجھس کوٽي ھوندي آھي. جنھنڪري سندس مادي اڪثر اڃياري رھجي ويندي آھي. پنھنجي اڃ اجھائڻ لاءِ، ٻين پاسن ڏي پئي واجھائيندي آھي. سندس اھو واجھائڻ، ٻين جي لاءِ ڳالھائڻ ٻولھائڻ واري آساني پيدا ڪندو آھي، جنھنڪري ھر ڪو پھرين کيس ڀاڄائي ڀاڄائي ڪوٺيندو آھي، پوءِ کانئس ٻيون اميدون پوريون ٿيڻ جي توقعات رکندو آھي. ماديءَ-ٻوٿي جي تنزل ۽ خواريءَ جي شروعات، اتان ٿيندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ڪمزور مرد جي زال، ڄڻي ڄڻي جي ڀاڄائي. (ترجمو)
    ۲ . غريب جي زال، جڳ جي ڀاڄائي.


    124. لکھ ٹکا ہرایئے، پریت نہ گنوایئے۔ (کہاوت)

    124. لکھ ٹکا ہرایئے، پریت نہ گنوایئے۔ (کہاوت)
    سنگت يا مٽي مائٽيءَ ۾ پئسو پنجڙ يا دنياداريءَ جا ٻيا معاملا آزمائش طور ضرور اڀرندا آھن. ان وقت ڪوشش ڪجي ته پريت يا واسطيداري نه ٽٽي. پنھنجي خواھشن کي دٻائي، ٻين جي ضرورتن جو خيال رکجي، ٻين ۾ وڏيون اميدون رکڻ بجاءِ، رب جي ڏني تي راضي رھجي. جنھن ماڻھوءَ، سنگت يا مائٽيءَ جي ڀيٽ ۾، پئسي کي ترجيح ڏني، ان کان سنگتي دوستي ۽ مٽ مائٽ ته جدا ٿي ويندا، پر ھڪ ڏينھن ساڻس پنھنجو اولاد ۽ ڪٺي ڪيل ڌن دولت به وفا ڪرڻ بجاءِ بيگانو ڪري ڇڏي ھليا ويندا.
    ڌن دولت جي ھڪڙي خاصيت آھي، جيترو مٺ ۾ جھلڻ جي ڪبن، اوترو ھٿن مان جلد ترڪي نڪري ويندا. جيترو پٺي ڏبن، اوترو پٺيان لڳا ايندا. جڏھن ته دوستي ياري يا مٽي مائٽي جو رشتو، ڌن دولت جي رشتي جي ابتڙ آھي. ان کي جيترو ھٿن سان جھلبو، اوترو جھلجي سگھندو، جيترو ڇڏي ڏبس يا ڍرو ڇڏبس اوترو پرڀرو ٿيندو ويندو. سوال ٿو اٿي ته اگر اھي ٻئي دوست، ھڪ ئي وقت، آزمائش طور اچي وچڙي پون، ته ان وقت ترجيح يا فوقيت ٻنھي منجھان ڪنھن کي ڏجي؟ پئسي کي ڏجي يا مٽ مائٽ/ دوست يار کي؟ اگر پئسي کي مٿانھون رکي، رشتن ناتن مٿان فوقيت ڏبي ته نه پئسو ھٿ ايندو ۽ نه وري رشتا ناتا ساٿ ڏيندا. اگر رشتن جو تقدس رکي، کين ترجيح ڏبي ته رشتا ناتا به جڙيل رھندا ۽ ڌون دولت به ڊڪي اچي پيرن ۾ پوندا.
    مطلب؛
    ۱ . لک ٽڪن جو ھارائجي، پريت نه وڃائجي. (ترجمو)
    ۲ . سؤ وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي.
    ۳ . ھزار وڃائجي، حب نه وڃائجي.
    ۴ . لکُ لٽائجي، لِکَ نه وڃائجي.
    ۵ . ڪروڙ وڃائجي، قرب نه وڃائجي.
    ۶ . ارب وڃائجي، ارواح نه کڻائجي.
    ۷ . پدم وڃائجي، پريت نه وڃائجي.
    ۸ . ڀيٽيو؛ لکھ گمے، ساکھ نہ گمے۔ (کہاوت)


    125. لکھ گمے، ساکھ نہ گمے۔ (کہاوت)

    125. لکھ گمے، ساکھ نہ گمے۔ (کہاوت)
    گمے؛ گم ٿي وڃي، نقصان پھچي. ساکھ؛ ساک، ڪار پت، اعتبار، اعتماد.
    رشتي ناتي کي بچائڻ خاطر، اگر لک روپين جو نقصان پوي ته سودو سستو ڀائنجي، ڇو جو رشتو ناتو، ڪروڙن کان به وڌيڪ جو قيمتي آھي. جڏھن ته لک رپيو بيوفا آھي. اڄ منھنجو آھي، سڀاڻي ٻئي جو آھي. ڪير به مٿس پنھنجي ھئڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگھي. اگر ڪو ڪندو ته ڄڻ پاڇي جي مٿان مالڪي ھلائڻ جي ھڪڙي اجائي ڪوشش ٿو ڪري. لک اگر گم ٿيڻ پڄاڻان، رشتو ناتو نڀجي اچي ٿو ته ڏاڍو سستو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . لک گم ٿئي، ساک نه گم ٿئي. (ترجمو)
    ۲ . مارڪيٽ جو ڪاروبار، ھلندو ئي ساک پت تي آھي.
    ۳ . ڀيٽيو؛ لکھ ٹکا ہرایئے، پریت نہ گنوایئے۔ (کہاوت)


    126. ما جتنا اگاردی اے، اتنا ماردی نینھ۔ (کہاوت)

    126. ما جتنا اگاردی اے، اتنا ماردی نینھ۔ (کہاوت)
    اگاردی؛ تاڻيندي، ڌڪ ھڻڻ لاءِ ھٿ کي مٿي کڻڻ، الاريندي.
    اولاد، ماءُ کي ڪيترو به پٺيرو ٿي ھلي، ماءُ پاڻ تي پھتل تڪليف سھي ويندي آھي، پر ٻچڙي لاءِ دل منجھان ڪا به آھَ نه ڪڍندي آھي. زبان سان چوندي، طعنا تنڪا ڏيندي، پر دليَئون آھ نه ڪڍندي آھي. پٽ يا ڌيءُ تي، ڪنھن معاملي سبب، اگر ناراض به ٿي ته ظاھري زبان سان کيس جھڻڪيندي، دل سان ڪين ڌڪاريندي.
    ڪڏھن ڪڏھن ناراض ٿي موچڙو ھڻڻ جي ڪندي ته سندس ھٿ مان موچڙو ڄڻ گسي ويندو. الارڻ جي حد تائين پھچڻ پڄاڻان، سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي چڪي ھوندي آھي. وھائڻ ۽ ڌڪ ھڻڻ واري نوبت تي پھچڻ، سندس ھٿ لاءِ، ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آھي. اندر جو سور پِي ويندي، الاريل ھٿ جي بدلي ٻچي کي وري ڀاڪر ۾ وٺي پئي چميون ڏيندي، دليئون پئي پشيمان ٿيندي پر ٻچڙي کي پٽ پاراتو به نه ڏيندي. ھونئن به چوندا آھن، ماءُ ڪيڏو به ناراض ٿي، پٽي يا پاراتو ڏئي، اھو لڳندو ورلي آھي، ڇو جو اھا دليئون نه پٽيندي آھي. امڙ جي ڀيٽ ۾ ابي جي پِٽَ، ھڻ کڻ ھوندي آھي. اھا نڪتي ته وھي ويندي. امڙ جي زبان مان نڪتل پِٽَ کي، اولاد تائين پھچڻ ۾ کوڙ رستي-رڪاوٽون آھن. انھن رنڊڪن ۾ امڙ جو کڳل/ کنيل ھٿ، ھوا ۾ ئي جھلجي ويندو آھي. موٽي اولاد مٿان مصيبت ٿي نه پوندو آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ماءُ جيترو الاريندي آھي، اوترو وھائيندي ناھي. (ترجمو)
    ۲ . ماءُ جيترو تاڻيندي آھي، اوترو ماريندي ناھي.
    ۳ . ماءُ الاري سگھي، وھائي نه سگھي.
    ۴ . ٻچي کي مارڻ لاءِ، ماءُ جو ھٿ کڄندو ئي نه آھي.


    127. ما ماردی اے، مارنے نینھ دیندی۔ (کہاوت)

    127. ما ماردی اے، مارنے نینھ دیندی۔ (کہاوت)
    ماءُ ڪيڏي به ناراض ٿئي، لٺ باٺو کڻي پاڻ ماريندي آ. ٻئي کي بڙڇي ھٿ ۾ ڏئي، ٻچي تي بڇي، بيھي تماشو ڪا نه ڏسندي آ. ماءُ جي مار ۾ سنوار آھي. پيءُ جو لڳل زندگيءَ ۾ ھڪ موچڙو به ٻار کان نه وسرندو آھي. جڏھن ته ماءُ جي ڏنل کوڙ دفعن واري مار، ھڪ لحظي لاءِ به اولاد جي دل تي تري نه ايندي آھي. پڇبس ته کلي پيو چوندو؛ ”امڙ ته مون تي سڄي عمر ھٿ سنئون ئي نه ڪيو.“ جڏھن ته پيءُ جي ھڪ دفعي وارو ھنيل پادر سؤ دفعا ورجائي ورجائي پيو ٻڌائيندو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته جنھن ٻار کي پيءُ مار نه ڏني آھي، ان کي سڄي دنيا ڪُٽيو آھي.
    جيئن ماءُ ٻئي کان نه ٿي مارائي، تيئن پيءُ به ٻئي کي اجازت نه ڏيندو ته سندس اولاد کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏئي. پاڻ پادر لاھي ڪٽيندس. ڪٽڻ جي سگھ نه ھوندس ته گھروڙي ڀونڊو منھن وارو رھڙو ڏيندس. اھو نه پڳس ته گار گند ڪندس. ٻئي کي آڇي نه مارائيندس.
    مطلب؛
    ۱ . ماءُ ماريندي، مارائيندي نه. (ترجمو)
    ۲ . ماءُ پاڻ ماري، ٻين کي بڇي نه مارائي.
    ۳ . ڪَھين ته آپ ڪَھ، آڇ مَ چوھيڙيان.


    128. مانگواں گہننا؛ جگ دا مہننا۔ (کہاوت)

    128. مانگواں گہننا؛ جگ دا مہننا۔ (کہاوت)
    مانگواں؛ منگيل، پنيل، اڌارو ورتل. گہننا؛ گھنا، ڳھڻو، ڳھ، زيور.
    ھڪڙن ماڻھن جي عادت ھوندي آھي ته جنھن به محفل ۾ ويندا آھن، ٺھي سنبري ويندا آھن. ڪپڙو لٽو، چڱو پائيندا آھن. واچ، ڪڙو ڪولابو، منڊي يا لاڪيٽ به چمڪندڙ پائيندا آھن. سونَ جو زيور ته عورتن جي ڪمزوري آھي. پنھنجو نه ھوندن ته اڌارو وٺي به، نماءُ ضرور ڪن. اگر ساڳي شاديءَ ۾ ٻه ٽي پروگرام آھن ته وڳا به اوترا وٺنديون ۽ پائينديون. مھنديءَ تي ھڪڙو وڳو، ته لانئن تي ٻيو جوڙو، ونواھ لاءِ ٽيون جوڙو ته ستاوڙي لاءِ اڃا چوٿون جوڙو وٺنديون. اگر ناھي ته اڌارو به وٺي پائڻو آھي.
    پنھنجو لٽو ڪپڙو ۽ زيور ذرو، جان تي ٺھندو آھي. جڏھن ته اڌارو ورتل، اڻ ٺھندڙ/ اڻ سونھندڙ ۽ اوپرو ٻيو لڳندو. ان جي اوپرائپ ئي پئي، اڌاري وٺڻ واري چغلي ھڻندي. اگر ان مان ٻين اندازو نه ھنيو ته جنھن کان اڌارو ورتو ويو آھي، ان جي واتان ئي نڪري ويندو ته اھو منھنجو آھي، ڇو جو اڌاري ڏيندڙ کي موٽائي وري پنھنجو ڳھ يا ڪپڙو پائڻو به ته آھي. اڄ ٻئي جي جان تي آھي. مڙني ان کي اتي ڏٺو، ھاڻي موٽائي مالڪ پائيندو ۽ ساڳين ماڻھن جي وچ ۾ ويھندو ته لڄي ٿيندو. ان لڄ کان بچڻ خاطر، مالڪ جي دل ۾ به ھورا کورا ٿيندي ۽ اڳواٽ پنھنجي شيءِ جي مالڪ ھئڻ جي وڪالت ڪري ڇڏيندو. ان ئي محفل ۾ کول ڪري، دل جو بوجھ ھلڪو ڪندو. جڏھن ته ان سان اڌاري وٺڻ واري جي خواري پڻ ٿيندي پر ان جي کيس پرواھ نه ھوندي. ان ڪري بھتر آھي ته سادو سودو پنھنجو لٽو ڪپڙو ۽ زيور ذرڙو پائجي، ٻين کان اڌارو وٺڻ کان پاسو ڪجي.
    مطلب؛
    ۱ . پَن جو ڳَھُ، جڳ جا مھڻا سَھُ. (ترجمو)
    ۲ . پرائي شيءِ واپرائڻ کان پاسو ڪجي.


    129. ماواں؛ ٹھنڈئیاں چھاواں۔ (کہاوت)

    129. ماواں؛ ٹھنڈئیاں چھاواں۔ (کہاوت)
    ھيءَ دنيا، اُسّ ۽ ڇانءَ جي آميزش سان ٺھيل آھي. ھاڻي اس ھئي، ھاڻي پاڇو وري ويو. ساڳي جاءِ، تتل ھئڻ بجاءِ ٺرڻ شروع ٿي ويندي. سياري جو اس وڻندڙ ٿيندي آھي، اونھاري جو ڇانءَ وڌيڪ مرغوب ھوندي آھي. امير ماڻھو ڀلي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ پاڻ کي بند ڪري ويھن پر جيڪا صحت ٻاھر ويھڻ ۽ وڻن جي ڇانئن اندر آھي، اھا بند ڪمرن جي ايئر ڪنڊيشن ۾ ڪانھي. اھڙيون صحت بخش ڇانئون، ڪن نصيبن وارن کي ئي پلئه پونديون آھن.
    ماڻھو به دنيا اندر، نر ۽ ماديءَ جي جوڙي، يعني پيءُ ماءُ منجھان اچي ٿو. ٻئي مٿس مشفق رھن ٿا. پر ٻار جو جيترو لاڙو، امڙ ڏانھن رھي ٿو اوترو پيءُ ڏانھن نه ٿو رھي، ڇو جو عورت ۾، مرد جي ڀيٽ ۾ سھپ وڌيڪ ھوندي آھي. ماءُ جي روپ ۾ ته اڃا وڌيڪ سھپ واري ۽ دلير ٿيندي آھي. ھر تڪليف پاڻ تي کڻندي، ٻچي تائين پھچڻ نه ڏيندي. جيئن وڻ، اس جا تکا ڪِرڻا پاڻ ۾ جذب ڪري، پنھنجي ھيٺان ويٺل کي راحت بخش ڇانءَ مھيا ڪري ٿو، تيئن امڙ به آيل تڪليف پاڻ تي کڻي، ٻچڙي کي راحت پھچائي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو امڙ جي رشتي کي، ڇانءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ماءُ، ٿڌي ڇانءَ. (ترجمو)


    130. مچھ نینھ، تے کچھ نینھ۔ (کہاوت)

    130. مچھ نینھ، تے کچھ نینھ۔ (کہاوت)
    ڏاڙھي ۽ مڇ، مرد جو نشان آھي. عورتن کي ٻئي نه ڄمنديون آھن. کدڙن ويچارن جي ته ڪمائي ئي، ڏاڙھي مڇ جي صفائيءَ ۾ پوري ٿي ويندي آھي.
    عورت، وچن يا واعدو ڪندي ته ان جي نڀائڻ لاءِ، سينڌ جي اقرار سان يقين دھاني ڪرائيندي. وارن جي چڳ تي ھٿ رکي چوندي؛ ”ھيءَ سينڌ آھي! فلاڻو ڪم نه ڪيان ته ھيءَ منھنجي سينڌ ئي ناھي.“ اھڙيءَ طرح مرد، ڏاڙھيءَ تي ڏائو/کاٻو ھٿ رکي، واعدي پوري ڪرڻ جو يقين ڏياريندو. ڏائو يا کاٻو ھٿ، کائڻ پيئڻ ۾ ڪتب گھٽ ايندو آھي. بلڪ گندگي صفا ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو آھي. ان ڪري اھو يقين ڏياربو آھي ته اگر واعدو پورو نه ٿيو ته اھو ھٿ ڄڻ ڪرفٽيءَ ۾ ڀريم. ڪي مرد وري ڏاڙھي ڪوڙين، پر مڇ ضرور رکن. اھي وري مڇ ڏيکاري، پنھنجي مردانگي ۽ واعدي نباھڻ جي استقامت ڏانھن اشارو ڪن.
    مڇ جي اشاري ڪرڻ مان سندن مراد ھوندي آھي ته؛ پاڻ مرد آھن، جنھنڪري پنھنجي ڪيل زبان/ واعدي تان پاڻ نه ڦرندا. اگر ڦرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويُن يا حالات ڏکيا ٿيا ته به مڙس ٿي منھن ڏيندا پر ڏنل قول ضرور پاڙيندا.
    واعدي جو يقين ان ڪري ڏياريو ويندو آھي ته جيئن ماڻھوءَ جي ساک ۽ ڪار پت، ٻين ۾ ويٺل ھجي، ڇو جو دنيا ۾ سک سان اھو ٿو گذاري جنھن جي معاشري اندر ساک ويٺل آھي. جنھن جي ساک ويٺل ناھي، تنھن کي تڪليفون سرس پھچن ٿيون.
    مطلب؛
    ۱ . مُڇ ناھ، ڪُڇ ناھي. (ترجمو)
    ۲ . مڙس ته مڇ.
    ۳ . مڇ کان سواءِ مڙس ڪھڙو؟!


    131. مکھی، گند اتے ای بیٹھدی اے۔ (کہاوت)

    131. مکھی، گند اتے ای بیٹھدی اے۔ (کہاوت)
    مک جي مکيه عادت آھي، گندگيءَ تي ويھڻ. اگر اتان اٿي گھر اندر ڪاھي ايندي تڏھن به ويھڻ لاءِ چڱي جاءِ ڪا نه وڻندس. ڳولي ڳولي وڃي، گندگيءَ تي ويھندي. انساني جسم تي ويھندي ته به ڪنھن بوءِ واري ھنڌ تي يا ڦٽ ڦرڙيءَ تي ويھندي. مال تي ويھندي ته به ان حصي تي ويھندس جتي اڳي ڪا گندگي لڳل ھجيس. ڦٽ ڦرڙيءَ واري جاءِ ته مرغوب اٿس. اتان کيس خوراڪ پڻ مليو وڃي. پيٽ ڀرڻ سان گڏ، دلڪش ماحول پڻ ميسر ٿيو وڃيس. گندگيءَ تان اٿي، ڀلي سٺي شيءِ تي ويھي، ويھڻ شرط پئي منھن مٿو پٽيندي. مکڻ، لسي، کير، ڏڌ، گوشت، کاڌي وغيرھ تي ويھڻ کان پوءِ به ٺرندي نه. ٻئي چنبا پئي ٻوٿ ۾ وھائيندي. سي به آھستي نه، بلڪ ھڻ ھڻان ھوندس.
    گندگيءَ تي ويھڻ، مک جي فطري عادت آھي. اھڙيءَ طرح ھڪڙا ماڻھو طبعًا گندگي پسند ھوندا آھن. چڱي پاڙي يا شھر ۾ گھر ھوندن، ڪين وڻندن. ڳولي ڳولي وڃي گندگيءَ واري علايقي ۾ گھر وٺندا ۽ اتي رھي روزگار ڪندا.
    مطلب؛
    ۱ . مک، گند تي ئي ويھندي آھي. (ترجمو)


    132. مناں دے کہاٹے، سیراں نال پورے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)

    132. مناں دے کہاٹے، سیراں نال پورے نینھ ہوندے۔ (کہاوت)
    مناں دے؛ مڻن جا، مڻن جي حساب سان. کہاٹے؛ گھاٽو، نقصان، ضرر.
    سیراں؛ سيرن، سير سان.
    اَنَ يا جنس جي واپار ۾، جتي فائدو پوي ٿو، اتي ڪنھن سال نقصان به پئجيو وڃي. ننڍي واپار ۾ نفعو يا نقصان، ٿورو پوندو آھي ۽ وڏي واپار ۾ نفعو يا نقصان گھڻو پوندو آھي. پيل نقصان جي سٽ سھڻ، ڏاڍي ڏکي ھوندي آھي. الھ تلھ ٻھارجي/ اُگھجي ويندو آھي. دڪان يا گھر جو ڏيوالو نڪري ويندو آھي. اھڙي پيل نقصان جو ازالو به ڏاڍو ڏکيو ٿي سگھندو آھي. ننڍي واپار جي نقصان جي سٽ، ننڍڙو واپاري سھي ويندو آھي جو کيس سيرن پيري نقصان پوندو آھي. اگر ڪو سيٺيو مٽ مائٽ يا دوست يار، سندس مدد ڪري ته سندس نقصان جو ازالو ٿيو وڃي، جيڪو ڪنھن ھڪ ئي مائٽ جي مدد سان ٿي سگھي ٿو.
    ان جي ابتڙ وڏو سيٺ، پيل نقصان جو تدارڪ ڪري نه سگھندو آھي، ڇو جو کيس گھاٽو مڻن پيري پوندو آھي. اگر گھڻا مٽ مائٽ گڏجي به سندس مدد ڪرڻ چاھين ته به نه ڪري سگھندا، ڇو جو اھي کيس مدد ڏئي سگھندا سيرن پيري، جڏھن ته نقصان پيل ھوندو آھي مڻن پيري.
    مطلب؛
    ۱ . مڻن جا نقصان، سيرن سان پورا نه ٿيندا. (ترجمو)
    ۲ . وارن ڪوڙيي، ميٿ/ ميت ھلڪو نه ٿيندو آھي.
    ۳ . جتي ھاٿين جي تور ٿيندي آ، اتي گڏھ ته ڪاڻ ۾ ويندا آھن.
    ۴ . اڀ ڦاٽي کي، اڳڙي ڪين لڳي سگھندي.


    133. مونھ پہیڑا ہووے تے گل پہیڑی نینھ کرنی چاہی دی۔ (کہاوت)

    133. مونھ پہیڑا ہووے تے گل پہیڑی نینھ کرنی چاہی دی۔ (کہاوت)
    پہیڑا؛ بڇڙو، برو، ڪنو. گل؛ ڳالھ.
    ھڪڙن ماڻھن جي صورت يا شڪل موچاري ھوندي آھي. ويتر جو نرڙ ۾ گھنڊ ۽ نڪ ۾ سونڊ وجھي، تارا ڳاڙھا ڪري ڳالھائيندا آھن ته اڃا بڇڙا لڳندا آھن. ھر ڪو پيو کانئن پاسو ڪندو آھي. دنيا اندر، ھر ڪنھن کي سونھن پسند آھي. ڏيتي ليتيءَ ۽ ڪار وھنوار ۾ اھا کيس جاذب نظر ھوندي آھي. ماڻھو، سودو ان دڪاندار کان وڃي وٺندو آھي، جيڪو کلي ڳالھائي ۽ مرڪي ملي. جيڪو سيٺيو، دخل تي سيٽيو ۽ ٺڳيو ويٺو ھجي، نوڙي ڪو وکر کڻي نه ڏئي، سو گراھڪ کي ڪين وڻندو. دڪان تي وکر نه بلڪ وڙ وڪامندو آھي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي؛ ھٽ تي وکر نه ٿو وڪامي پر واڻيو ٿو وڪامي.
    اھي دڪاندار ڪامياب ڏٺا ويا آھن، جيڪي شيءِ چڱيءَ سان گڏ، ورتاءُ سٺو رکن. ڀلي شڪل جا موچارا ھجن، پر صاف سٿرا ۽ من مھڻا ٿي ويھندا ته گراھڪن کي پنھنجو ڪري وٺندا. مٺڙي زبان سان پراوا گراھڪ به پنھنجا ڪري وٺندا. ھونئن به عربي ٻوليءَ جي چوڻي آھي ته؛ سھڻي صورت، اڌ رزق آھي. مال صفا، ھزارين نفعا جي اصول تي ڪاربند رھندي، واڻيو واپار ڪري ٿو.
    سماج اندر سمورا معاملا، ان ئي اصول تحت سر ڪري سگھجن ٿا. ھر ماڻھوءَ جي ٻئي جي ورتاءَ تي نظر ھوندي آھي. خدمت، سڀني کي وڻي ٿي. جڏھن ته مٺڙي زبان سان ڪيل خدمت، بڇڙي زبان سان ڪيل خدمت جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ پسند پيل ھوندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . شڪل بڇڙي ھجي ته ڳالھ بڇڙي نه ڪجي. (ترجمو)
    ۲ . ڀوائتي شڪل واري کي ھر ڳالھ، کلي چوڻ گھرجي.
    ۳ . نقصان واري ڳالھ ڪجي ته لھجو وڻندڙ اختيار ڪجي.
    ۴ . اڻھوند ھجي ته افعال بڇڙا نه ڪجن.


    134. مونھؤ نکلی، ملخو نکلی۔ (کہاوت)

    134. مونھؤ نکلی، ملخو نکلی۔ (کہاوت)
    وات مان نڪتل گفتي کي پَرَ ھوندا آھن. نڪرندي ئي اڏامڻ شروع ڪندو آھي. ھڪ جي چپن تان اڏامي، ٻئي جي چپن تان ٽپو کائي، ٽئين ۽ چوٿين جي وات تان اڃا اڳتي ھلندو ويندو. ڪٿي رڪندو نه. کيس اھڙا پَرَ يا پير لڳي ٿا وڃن، جو اھي ٿڪجڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.
    واتئون نڪتل ڳالھ، پرائي آھي. پنھنجي شيءِ تي ته ماڻھوءَ جو ڪنٽرول ٿي سگھي ٿو، ٻئي جي شيءِ تي نه. اگر ڳالھ راز جي آھي ۽ سرٻاٽ ۾ ڪيل آھي ته اھا اڃا وڏي وويڪ ۽ آواز سان ڀڄڻ شروع ڪندي آھي. واتن چپن تان ٺينگ ٽپا کائيندي، ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھچندي آھي. ان ڳالھ جي ٻڌڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ اھڙا ماڻھو به دلچسپي وٺڻ شروع ڪندا آھن، جن جو ان ڳالھ سان پري جو واھپو يا رشتو به نه ھوندو آھي. تان جو وڃي ملڪ کڻندي آھي. بلڪ اڃا به وڌي وڃي انھن زمانن ۽ مڪانن ۾ پوندي آھي، جتي اھو به نه پھچي سگھندو آھي، جنھن جي واتان اھو گفتو پھرين جاري ٿيو ھيو.
    مطلب؛
    ۱ . واتئون نڪتي، ملڪئون نڪتي. (ترجمو)
    ۲ . واتين سري، واڳين سري.
    ۳ . واتان نڪتل گفتو، سفر ڪندو آھي.
    ۴ . واتان نڪتل ڳالھ کي پر لڳي ويندا آھن.
    ۵ . وات مان نڪتل ڳالھ، پرائي.
    ۶ . ڪمان کان ڇُٽل تير، وري نه موٽندو. ڏڌو کير، ٿڻين نه پوندو.
    ۷ . ڏڌل کير، ڇٽل تير، نڪتل گفتو، موٽي نه اچن ماڳ.
    ۸ . جھڙيءَ ريت ڪمان مان نڪتل تير واپس نٿو اچي، تھڙيءَ طرح وات مان نڪتل گفتو به واپس نٿو اچي.


    135. نیڑے دا پیر، لوہکا ہوندے۔ (کہاوت)

    135. نیڑے دا پیر، لوہکا ہوندے۔ (کہاوت)
    لوہکا؛ ھلڪو، بي وزن، بي قدر.
    ھر ويجھي شيءِ، خوبصورتي وڃائي ڇڏيندي آھي. پنھنجا عيب، گھڻا ظاھر ڪري وجھندي آھن. پري کان ڏاڍي سھڻي لڳندڙ صورت، ويجھو اچڻ شرط، پنھنجو اھو سحر وڃائي ويھندي آھي. گڏ رھندڙ جو قدر نه ھوندو آھي جو ان جي سونھن سان گڏ، ان جا عيب به ظاھري اکين سان ڏسي وٺبا آھن.
    پري کان ته دھل جو آواز به پر ڪشش ھوندو آھي. ويجھو اچڻ کان پوءِ، اھو به پيو ڪن کائيندو آھي. پنھنجي گھر ويٺل عورت، سونھن سببان عاشقن کي ڏاڍي وڻي پئي ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ عاشق خودڪشيءَ تي آمادھ ٿيو پون. وصال کان پوءِ، عاشقن کي پتي تي نه ٿي پوي. اھو ڇاھي؟ اھو ان ڪري ٿيو جو ويجھي کان ڏسڻ جي ڪري، ان جا عيب صواب ظاھر ٿيا آھن. پري کان ڏٺل شيءِ جا عيب، ظاھر نه ٿيندا آھن. ويجھي اچڻ کان پوءِ، ان جو ڳالھائڻ، کائڻ، ورتاءُ وغيرھ اھي نه ھوندا آھن، جيڪي عاشق سھڻي صورت ڏسڻ وقت، پنھنجي ذھن اندر جوڙيا ھيا.
    ھڪڙي ڪاني ڪرامت واري بزرگ کي گھر واري سدائين پئي طعنا تنڪا ڏيندي ھئي. بزرگ جي دل ۾ خواھش جاڳي ته اگر بزرگي گھرواريءَ تي کلي پئي ته ھوند گھر ۾ قدر ٿي پوندو. ھڪ ڏينھن گھر کان ٻاھر نڪري، ڪرامت جو نماءُ ڪندي، اڏامڻ لڳو ۽ اڏامندي پنھنجي گھر مٿان به ھڪ ٻه لامارو ڏنائين. سندس ان نماءَ کي گھڻن ماڻھن تجسس سان ڏٺو ۽ دل ۾ ويتر اثر وڌي وين. ڪرامتي نماءَ بعد، بزرگ گھر ۾ آيو ته گھر واريءَ جو ساڳيو ورتاءُ ڏسي، پنھنجي اڏامڻ واري ڪرامت ياد ڏياريائينس. ان تي گھر واريءَ دوڳيندي چيس؛ ”مئا مان به چوان ٽيڏو ٽيڏو پئي وئين، لاشڪ تون ئي ھوندين.“
    ڳوٺ جي بزرگ کي، ڳوٺ وارا ان ڪري ھلڪو ٿا سمجھن جو وٽن، سندس عيب صواب ظاھر ٿيل آھن. کين پير صاحب، پاڻ جھڙو عام ماڻھو ٿو نظر اچي. اھو منجھن ڄائو نپنو ۽ اٿيو ويٺو آھي. سندن واھر ۽ مدد سان وڏو ٿيو آھي. ھاڻي کيس بزرگ ڄاڻي ڪيئن پاڻ کان وڌيڪ مان ڏئي، عام ماڻھن کان اوچو سمجھن؟! نا ممڪن آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ويجھو پير، چلھ جو مارنگ. (ترجمو)
    ۲ . کہرا دا پیر لوہکا ہوندے۔ (کہاوت)
    (گھر جو پير، چلھ جو مارنگ ھوندو آھي.)


    136. ہتھے آں ہتھ، سیانڑدے۔ (کہاوت)

    136. ہتھے آں ہتھ، سیانڑدے۔ (کہاوت)
    سیانڑدے؛ سڃاڻي.
    ٻين سان ڪار وھنوار، ھٿن ذريعي ڪيو ويندو آھي. لھڻو ليکو، ڏيتي ليتي جھڙا فعل ھٿن ذريعي ٿين ٿا. اوڌر پاڌر ڏبي ان کي آھي، جيڪو ترت موٽائي ڏئي يا جنھن کان موٽائي وٺڻ جو ارادو نه ھجي. اعتبار به ان تي ڪبو آھي، جنھن سان اڳي واسطو پيل ھجي ۽ اھو ان واسطي داريءَ سبب، ڄاتل سڃاتل ۽ آزمايل ھجي. کانئس يا وٺي کاڌو ھجي يا ڏئي وقتائتو موٽايو ھجي. آزمايل ماڻھوءَ جو ھٿ، ڄڻ سڃاتل ھٿ آھي. ان کي ڏيڻ ۾ ڪا ھچڪچاھٽ يا ھٽڪٽو نه ٿو رھي. جڏھن ته اڻ آزمايل ۽ اڻ واقف کي اوڌر ڏيڻ وقت، فقط دليون ئي ھڻبيون آھن. آزمايل کي اڻ سوچيو، اڌ-ڳالھايو، مال ڏئي ڇڏبو آھي.
    مارڪيٽ يا سماجي ڪار وھنوار اندر، ڄاڻ سڃاڻ کان وڌيڪ ڪارپت کي اھميت ھوندي آھي. اعتبار ويٺل ھوندو ته سوين نفعا وٺي سگھبا.
    مطلب؛
    ۱ . ھٿ، ھٿ کي سڃاڻي. (ترجمو)
    ۲ . اوڌر ان کي ڏبي، جنھن وقت تي ڏني ھوندي.


    137. ہچھا کون؟ میں آپ۔ (کہاوت)

    137. ہچھا کون؟ میں آپ۔ (کہاوت)
    ہچھا؛ اچھا، سٺو، ڀلو.
    سٺي ھجڻ جو سرٽيفڪيٽ، ھر ڪو پاڻ کي پھرين ڏيندو آھي. پرائي محنت به پنھنجي کنڌي ۾ پيو وجھندو. ان ۾ به پنھنجي سورھيائيءَ جا ڳڻ پيو ڳائيندو. ڪھڙي به نااھل شخص کان ٿيل ڪم جي ڪارنامي بابت پڇبو ته اشارو پاڻ ڏانھن ڏيندو.
    خود ثنائيءَ واري ٿاٻي-ٽؤنڪر، چڱن ڀلن کي ھوندي آھي. ڪن ته وڏن پڙھيلن ۽ بزرگن کي به اھڙي بري فعل ۾ ملوث ڏٺو ويو آھي. ان، مان واري عادت، چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪرائي ڇڏيا. ٻين جي سچي تعريف ڪرڻ کان به پيا ڪيٻائيندا. جڏھن ته پنھنجي تعريف، ڪوڙ تي ڪندي به، نه مڙندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . ڀلو ڪير؟ چي؛ مان پاڻ. (ترجمو)
    ۲ . ڪانءَ کي چيائون؛ ”سھڻو ٻچو کڻي آءُ!“ ته پنھنجو ٻچو کڻي آيو. چي؛ ”ھن کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪو سھڻو ڪونھي.“
    ۳ . نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي.
    ۴ . ھڪڙي ڏيڏري، ٻيءَ کان پڇيو؛ ”ھي جيڪو چون ٿا ڪي پريون به آھن دنيا ۾، اھي ڀلا اسان کان وڌيڪ سھڻيون آھن ڇا؟“


    138. ہسدا بندہ تہوکے باز ہوندے۔ (کہاوت)

    138. ہسدا بندہ تہوکے باز ہوندے۔ (کہاوت)
    ہسدا بندہ؛ کلڻو ماڻھو. تہوکے باز؛ ڌوڪي باز، ٺڳ، نوسر باز.
    ڪاوڙِيل طبيعت ماڻھو، ڪاوڙ وارو چھرو ڪري، پنھنجي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندو آھي. ٺريل ۽ راضي ماڻھو، پنھنجي راضپي جو اظھار، پنھنجي مرڪندڙ چھري سان ڪندو آھي. چھرو، اندر جو آئينو آھي. دوکو، منافقيءَ سان ڏبو آھي. اندر ۾ ناراض ھوندي، مرڪندڙ چھري سان ڏسڻ ۽ تعريفي جملن سان ورتاءُ ڪرڻ به منافقيءَ جي اھڃاڻن منجھان ھڪ اھڃاڻ آھي. راضي ھوندي، ڪاوڙ وارو چھرو ڪري ڏيکارڻ پڻ ائين آھي. ان ورتاءَ کي دوکي وارو ورتاءُ يا دوکيبازي سڏبو آھي.
    جنھن ماڻھوءَ جي اندر جي، سندس ظاھري چھري مان پرک نه ٿئي، ان جھڙو نقصان رسان ٻيو نه ٿو ٿي سگھي. وڌ ۾ وڌ نقصان يا ضرر، اتان پھچندو آھي، جتي دوکو ھجي. بظاھر سھڻي صورت ۽ مرڪندڙ چھرو ھجي، جڏھن ته اندر ۾ سوچ من-ڪُھڻي ھجي.
    مطلب؛
    ۱ . کلڻو يار، دوڪيباز ھوندو آھي. (ترجمو)
    ۲ . پڏڻو جوڳي، ھسڻي نار، گد ڪھي؛ ٻئي ڪُھي مار.
    ۳ . بیری دا بور ہوسی، جڑھا ماہیا ہسدا ریہوے، تہوکے باز ضرور ہوسی۔ (ہندکو ماہیا)
    (ويريءَ جو وير ھوندو، جيڪو يار کلندو رھيو، سو دوکيباز ضرور ھوندو. -ھندڪو ماھيه)


    139. ہسیا تے پھسیا۔ (کہاوت)

    139. ہسیا تے پھسیا۔ (کہاوت)
    ہسیا؛ کِليو، کِليائين. پھسیا؛ ڦاٿو، چؤکنڀو ٻڌو.
    ڪاوڙ واري ماڻھوءَ کان ھر ڪو ٽري پاسو ڪندو آھي. کلي ڳالھائڻ واري ڏانھن وقت ڪڍي به ھليو ويندو آھي. نئون ماڻھو، ٻئي سان جھٽ رلي ملي نه ويندو آھي. نئين ھجڻ واري وٿي، ٻنھي جي وچ ۾ حائل ضرور ھوندي آھي. جنھن سببان، ھڪ ٻئي سان ترش لھجي ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندا آھن. ڳالھائيندي ڳالھائيندي، ھڪ ڌر اگر مرڪي موٽ ڏني ته ٻئي جي دل به سرڪي پوندي. پوءِ حجاب جا پردا ٽٽڻ شروع ٿيندا آھن. بي حجاب ٿيڻ کان پوءِ، کلي ڳالھائڻ وارو ويندو آھي ڦاسندو ۽ جڪڙجندو.
    ان جو ٻيو مطلب به آھي. ڪنھن معاملي ۾ ڪنھن کان آڏي پڇا ٿيندي آھي. اھو رُکا جواب ڏيندو آھي. جڏھن آڏي پڇا وارو منطقي دليلن سان سوڙھو ڪري سچ اڳرڻ واري جاءِ تي وٺي ايندو اٿس، ته ڀيد کلڻ شرط اڳلو ڦڪي کل کلي پوندو آھي. اھا ڦڪي کل، کيس خوار ڪري ڦاسائي وجھندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . ھنسي ته ڦنسي. (ترجمو)
    ۲ . کليائين ته ڦاٿي.
    ۳ . چُپ؛ نيم رضا.
    ۴ . آپي ريڌي، ڪرم ڪٽائي.


    140. ویخ اللہ دے کم، کھوتے کھاون ام۔ (کہاوت)

    140. ویخ اللہ دے کم، کھوتے کھاون ام۔ (کہاوت)
    رب، ڪريم آھي. سندس ڪرم نوازيءَ سان ھن سنسار جو ڪار وھنوار ھلي ٿو. ازل کان ابد تائين، ھن جھان جي ھلڻ لاءِ قانون جوڙي ڇڏيا اٿائين ته جيئن ھر شيءِ، ٻين جي ربط سان، پنھنجي ضبط اندر ھلي. ھر مخلوق جو پنھنجو پنھنجو ڪارج ۽ قدر مقرر ڪيو اٿائين. گھوڙي جي ڀيٽ ۾ گڏھ جو قدر گھٽ آھي پر وھٽن جي اندر جيترو اٺ ۽ گھوڙو ڪارائتو آھي، اوترو گڏھ به آھي. اٺ اگر خشڪيءَ جو ٻيڙو آھي ته گڏھ به سھنديءَ آھر بار ڍوئيندڙ آھي. گھوڙو اگر بار ڇڪڻ ۽ پٺيءَ تي سواري کڻڻ ۾ جھر جھنگ مان ڪاھي پھچائيندڙ آھي ته گڏھ پڻ اڙانگن پنڌن تان پار اڪارڻ ۾ معاون ۽ مددگار آھي. تنھن ھوندي به ڏٺو ائين ويو آھي جو سندس قدر، اٺ ۽ گھوڙي جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھي. مٿس اگر ڪنھن مھرباني ڪئي ته پئي ڳائبي. اٺ ۽ گھوڙي تي ڪيل مھربانيءَ کي، سندن مانُ، مرڪ ۽ حق پيو سمجھبو آھي. گڏھ کي ان لائق نه سمجھندي، پيو ڪرڪبو آھي. اھڙيءَ طرح دنيا اندر پڻ گرا گنجا آھن، جيڪي نڪما ھوندي به رب جي رحمتن سان مالامال آھن. تن مٿان ٿيل انھن مھربانين تي ڪي محنتي ۽ سھڻا ماڻھو، پڻ انھن الفاظن ذريعي ڪرڪندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . ڏس رب جا ڪرم، گڏھ پيا کائين انب. (ترجمو)
    ۲ . الله مھربان، گڏھ به خاندان.
    ۳ . بخت کي ڄائي آھي ڀيڻ؛ گڏھيون به ٿيون گج پائين.
    ۴ . بخت کي ڄائي آھي ڀيڻ؛ گڏھ به ٿو برفو کائي.


    141. یا روزی، یانصیب۔ (کہاوت)

    141. یا روزی، یانصیب۔ (کہاوت)
    یانصیب؛ نصيب ۾ لکيل ھئڻ سان مشروط.
    روزي رزق، محنت سارو ته ملي ٿو پر حرام يا حلال، گھڻو يا ٿورو، نصيب سارو ملي ٿو. محنت جو عمل دخل به تڏھن آھي، جڏھن نصيب اندر لکيل آھي. جتان روزيءَ جي اچڻ جو امڪان لکيل آھي، اتان ايندي. ٻئي ھنڌ ڪيل محنت ۽ موڙيءَ جي سيڙپ، اجائي ھلي ويندي. اھو محنت ۽ سيڙپ جو اڪارت ٿيڻ به نصيب اندر لکيل ھوندو آھي. جنھن سببان ھڙ مالي ڦوڪُ/ ڦوڳُ ٿي ويندي آھي.
    مطلب؛
    ۱ . يا روزي، يا نصيب. (ترجمو)
    ۲ . یا رزق، یا نصیب۔ (کہاوت)
    (يا رزق، يا نصيب.)
    ۳ . روزي رزق، يانصيب.
    ۴ . پڪي ماني، يانصيب.


    142. یار اوہ جڑھا اوکھے ویلے کم آوے۔ (کہاوت)

    142. یار اوہ جڑھا اوکھے ویلے کم آوے۔ (کہاوت)
    جڑھا؛ جھڙو، جيڪو. اوکھے ویلے؛ اوکي ويلي، ڏکئي وقت، تڪليف ۾.
    سنگت رکبي ئي، اڙيءَ اڌيءَ ۾ ھڪ ٻئي جي ڪم ڪار اچڻ واسطي آھي. اگر سنگت رکڻ پوءِ ٻيو سنگتي پنھنجي مفاد کي مقدم رکي ته ان کي ڪير به چڱو ڪو نه چوندو آھي. نه ئي وري ساڻس ڪا سنگت وڌائڻ تي ڪنھن جي دل گھرندي آھي. ھر موڙ تي کيس ميارون ئي پيون ملنديون آھن. ھڪڙو ٽوٽڪو مشھور آھي، جيڪو ياددھانيءَ خاطر رقم ڪجي ٿو.
    ٻه سنگتي، جهنگ منجھان گذري رهيا هئا، جو ھڪڙي شينهن جي چنگھاڙ ٻڌايون. ھڪڙو سنگتي وڻ تي چڙھڻ ڄاڻندو ھيو، سو ته جهٽ وڻ تي چڙهي ويو. ٻيو دوست وڻ تي چڙهڻ نه ڄاڻندو ھيو. دوست جي ڇڏي ڀڄڻ سببان، دھلجي ھيٺ ڪري پيو. ڦٽيل آڱر جي پٽي ڇوڙي ساھ ٻوساٽي ڪريو ته شينھن اچي مٿس پھتو. زخم سنگھي، کيس ٻئي جو ڪيل شڪار سمجھي، اڳتي ھليو ويو.
    شينهن جي هليو وڃڻ پڄاڻان، وڻ تي ويٺل دوست هيٺ لھي آيو ۽ پٽ تي پيل کان پڇيائين؛ ”ٻيو ته ٺھيو. جيڪي ٿيو سو ٿيو. مون کي رڳو ايترو ٻڌاءِ ته شينھن تو کي سنگھندي، ڪن ۾ ڇا پئي چئو.“ دوست ميار واري انداز ۾ ورندي ڏيندي ٻڌايس؛ ”شينھن مون کي چيو؛ دوست اھو رک جيڪو اوکيءَ گھڙيءَ ۾ ساڻي ٿيئي.“
    مطلب؛
    ۱ . يار اھو، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. (ترجمو)
    ۲ . دوست اھو، جو يار غار ھجي.
    ۳. ڪانئر دوست کان، بس ڀلي آهي.


    143. یاراں دیاں گلاں، پھلاہی دیئاں ہلاں۔ (کہاوت)

    143. یاراں دیاں گلاں، پھلاہی دیئاں ہلاں۔ (کہاوت)
    گلاں؛ ڳالھيون، باتيون. پھلاہی دیئاں؛ ڦلاھي جون، ڦلاھي ھڪ وڻ جو نالو، جنھن جي ڪاٺي نھري ٿئي. ہلاں؛ ھَرَ، ھَرَ جو جمع، ھرنھ جنھن ۾ گھوٻو وجھي زمين کيڙجي.
    يارن جي ياريءَ ۽ منجھس ڏنل قربانيءَ واري جذبي کي، ڦلاھيءَ جي ڪاٺيءَ مان جڙيل ھَرَ سان تشبيھ ڏني وئي آھي. ھَرُ، سخت زمين کي کيڙڻ واسطي ڪم ايندو آھي، جنھن کي ڍڳا ڇڪيندا آھن. زمين، پنھنجي سختيءَ ۾ ڏاڍي ھوندي آھي. ڏاند، پنھنجي ڇڪڻ واري شڪتيءَ ۾ ڏاڍا ھوندا آھن. اگر ھرنھ جي ڪاٺي ڪمزور ھوندي ته ھَرُ نه ھلندو. اھا به اگر نھري ۽ ٺوس ھوندي ته جھالائو ٿي پوندي. ھَرُ، تمام سٺو وھندو.
    اھڙيءَ طرح ياري به اھا ديرپا ۽ جٽادار آھي، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين اندر سھپ جو مادو ھجي. ھڪ ۾ قربانيءَ جو جذبو ھجي ۽ ٻئي ۾ سھپ نه ھجي ته اھا ياري نه ھلندي.
    مطلب؛
    ۱ . يارن جون ڳالھيون؛ ڦلاھيءَ جا ھَرَ. (ترجمو)
    ۲ . مطلبيءَ جي ياري؛ ٻه آڱر ٽاڪ، ٻي واري. (ابتي)


    144. یاراں نال بہاراں۔ (کہاوت)

    144. یاراں نال بہاراں۔ (کہاوت)
    بہاراں؛ بھاريون، خوشيون، سڪون.
    دنيا جي خوشي ۽ غم، عارضي آھن. اڄ انسان آپي ۾ ناھي، اڄ ئي ھڏن جي مٺ لڳو پيو آھي. نه ڌن دولت کيس اصل خوشي رسائي ٿي، نه اولاد ۽ مٽ. ھر ڪنھن کي پنھنجي غرض ۽ ضرورت آھي، جيڪا تعلقات استوار ڪرڻ تي اڪسائي ٿي. ٻي صورت ۾ ڪنھن کي ڪنھن جي پراوھ ناھي. تنھن ھوندي به دنيا اندر چار گھڙيون، چئن ٽھڪن سان گذارڻ لاءِ، ھم-خيال دوستن جي ضرورت آھي. جڏھن ھم-خيالَ، ساڻُ ھوندا آھن، تڏھن محفل جي رونق اور ھوندي آھي ۽ طبيعت جي ڪيفيت اڏامان اڏامان پئي ڪندي آھي. ان جي ابتڙ، جڏھن ھم-خيال دوستن جي ڪمي ٿي پوندي آھي يا اھي دنيا ڇڏي ويندا آھن ته پوءِ، دل تي افسردگيءَ جو بوجھ طاري ٿي پوندو آھي. ڪو به نظارو يا کاڌو ڪو نه وڻندو آھي. ڪنھن به ڳالھ ۾ چس يا رس نه رھندو آھي. اٿڻ ويھڻ، سمھڻ گھمڻ، کائڻ پيئڻ بي مزي ۽ بيسود پيا محسوس ٿيندا. ماڻھو ھر وقت پنھنجي جسم جي عضون کي چھنڊيون پائي، پڪ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آھي ته عالم سجاڳيءَ ۾ آھي يا عالم رويا ۾ پيو منظر پسي. جيئرو به آھي، يا ھلي پيو آھي!
    مطلب؛
    ۱ . يارن سان بھاريون آھن. (ترجمو)
    ۲ . سک به يارن سان.
    ۳ . يارن سان ڪھڙا ليکا، ٿيا جو يار.


    145. یاری اے کہ چھولیاں دا بڈھ اے۔ (کہاوت)

    145. یاری اے کہ چھولیاں دا بڈھ اے۔ (کہاوت)
    چھولیاں؛ ڇولا، چڻا. بڈھ؛ وَڍُ، ڪَٽائي، ڀَيل.
    چڻو، زمين اندر پوکڻ کان پوءِ، گڇا ڪري ڦٽندو آھي. اگر منجھانئس پليءَ جا گؤنچ چونڊي پٽجن ته انھن پٽيل جاين ڀرسان ٻيا ٽانگا گوھا ڏئي موربا آھن ۽ وڌي ويندا آھن. منجھن چڻن جا ڦوٽا به جام ٿيندا آھن. جڏھن مند اندر، ڦوٽا به پٽبا آھن ته نه کليل ڦليون پنھنجي گؤنچن منجھان ٻيا ڦوٽا مُوري اٿنديون آھن، جن منجھان چڻا حاصل ٿيندا آھن. حاصل مطلب ته چڻي جو فصل اھڙو آھي، جيترو وڍينس يا ڀيلينس اوترو زور ڏئي، ھنڌئون ھنڌئون ڦٽي پوندو. جنھن لاءِ ڀٽائي سڳوري پڻ فرمايو آ:
    ڏِنو ڪِنو نه ٿئي، جيئن ڏي تيئن گهڻو،
    سَخي سِرنَھن چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.
    پڪي ياري يا مڙساڻي سنگت کي، چڻن جي وڍ سان مشابھت ڏني ويندي آھي. ان ۾ به دوست کي جيترو ڀيلبو آھي، اوترو سھندو آھي ۽ سندس سنگت ۾ ڪَرَ نه ايندي آھي. ڪچا ۽ مطلبي دوست، ٿوري آزمائش ۾ ڀڄي ويندا آھن.
    مطلب؛
    ۱ . ياري ائين آھي، جيئن چڻن جي ڀيل. (ترجمو)
    ۲ . سخي، ساري، ياري، سرنھن ۽ چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلا ٿين.


    ڏسڻي

    ڏسڻي

    نمبر کہاوت صفحو
    ۱ آدمی آدمی ويخ کے گل کرنی چاہی دی اے۔ (کہاوت) ۱۶
    ۲ آدمی آدمیا دا دارو، آدمی آدمیا دا مارو۔ (کہاوت) ۱۶
    ۳ آدمی بوٹا ويخ کے چھاماں بيٹھدے۔ (کہاوت) ۱۷
    ۴ آندے آں موڑيا نينھ، جلدے پچھے دوڑيا نينھ۔ (کہاوت) ۱۷
    ۵ آئيں تے کے آنڑسيں، آياں تے کے ديسيں۔ (کہاوت) ۱۸
    ۶ اچپا پکم کھا، مندھريا منگ کھا۔ (کہاوت) ۱۹
    ۷ ادھارا دی ما نينھ موئی۔ (کہاوت) ۱۹
    ۸ ادھلی آں داج کوں پاندے۔ (کہاوت) ۲۰
    ۹ افسر گوہے دا تے فر لوہے۔ (کہاوت) ۲۱
    ۱۰ اکھیاں تو اوہلے دلاں تو اوہلے ۔ (کہاوت) ۲۱
    ۱۱ اگ تے پانی بے لحاظ ھوندن۔ (کہاوت) ۲۲
    ۱۲ اگ تے پانی دی کے اشنائی۔ (کہاوت) ۲۲
    ۱۳ اگلے دی جان گئی لوکاں جوگے کھیڈ تماشا۔ (کہاوت) ۲۲
    ۱۴ اللہ گنجے آں نونھ ای نہ ديوے۔ (کہاوت) ۲۳
    ۱۵ ان ڈٹھا چور؛ سادھ ھوندے۔ (کہاوت) ۲۳
    ۱۶ انھے دا سوٹا؛ کے کھرا، کے کھوٹا۔ (کہاوت) ۲۴
    ۱۷ اوکھا ویلا لنگھ جلدے، دوئے دی گل ياد رہندی اے۔ (کہاوت) ۲۵
    ۱۸ ايانا گل کردے، سيانا نياں کردے۔ (کہاوت) ۲۶
    ۱۹ ایہہ جانے تے اوہ جانے توں پہن دانے۔ (کہاوت) ۲۶
    ۲۰ بخشيش سو دانہ، حساب جوں دانہ۔ (کہاوت) ۲۷
    ۲۱ برھے چيت؛ نہ کھل مٹے، نہ کھيت۔ (کہاوت) ۲۷
    ۲۲ بگانہ گہنا؛ لوکاں دا مہنا۔ (کہاوت) ۲۸
    ۲۳ بلی دا گونھ لوڑ آيا تے اوہ بوٹے تے چڑھ ہگی۔ (کہاوت) ۲۹
    ۲۴ بنی دا ہر کوئی اے، ان بنی دا کوئی بھی نینھ ہوندا۔ (کہاوت) ۲۹
    ۲۵ بنيا جدوں غريب ہو جلے تے پرانی بہی پھر ولدے۔ (کہاوت) ۳۰
    ۲۶ بے کار کولو بگار چنگی۔ (کہاوت) ۳۰
    ۲۷ بیاہ کیتا؛ ماؤ پیؤ دارو گیا۔ بچہ ہو؛ سنگیاں ساتھیاں دارو گیا۔
    بچے بڈے ہوۓ؛ آپے دارو گیا۔ (کہاوت) ۳۱
    ۲۸ بیاہ نینھ کیتا ورے جنجاں چڑھدیاں بہوں ڈٹھیاں نیں۔ (کہاوت) ۳۲
    ۲۹ پتریا تے تریا۔ (کہاوت) ۳۲
    ۳۰ پرہا پرہاواں دے، پتر ماواں دے۔ (کہاوت) ۳۳
    ۳۱ پرون کوزے آں آخے؛ دو موریا تے اپںا کجھ شمار ای نینھ۔ (کہاوت) ۳۴
    ۳۲ پکن میوے، کھاون نصیب والے۔ (کہاوت) ۳۴
    ۳۳ پہائی پہائیاں دے، چہائی سر گرائیاں دے۔ (کہاوت) ۳۵
    ۳۴ پہڈ سوئی یا تروئی؛ ہک ای گل اے۔ (کہاوت) ۳۵
    ۳۵ پھگن؛ کھلیاں ہگن۔ (کہاوت) ۳۶
    ۳۶ پہیڑے مونھا بچو، پہیڑی گل ای نکلدی اے۔ (کہاوت) ۳۷
    ۳۷ پوہ مانھ نرا؛ دیہاڑی چہڑ راتی کھرا۔ (کہاوت) ۳۸
    ۳۸ پوہ مانھ؛ پکھانے؟ (کہاوت) ۳۸
    ۳۹ پیدل تے اسوار دی رات؛ ہکی جائی آندی اے۔ (کہاوت) ۳۹
    ۴۰ پیر آزما کہن، کہوڑا دوڑا کہن۔ (کہاوت) ۴۰
    ۴۱ پیر پتر نہ دتا، رن نینھ کھسدا۔ (کہاوت) ۴۰
    ۴۲ پیسا پا، تے نالے کھا۔ (کہاوت) ۴۱
    ۴۳ پیسے دی گدڑی، روپیا پیا تے ادڑی۔ (کہاوت) ۴۱
    ۴۴ تھوڑا کھانا، سکھیا رہنا۔ (کہاوت) ۴۲
    ۴۵ تو کون؟ میں خوامخواہ۔ (کہاوت) ۴۲
    ۴۶ ٹہاکے دا ویلا؛ ادھا چٹا، ادھا میلا۔ (کہاوت) ۴۳
    ۴۷ جتنا بڑا سر، اتنی بڑی سر دردی۔ (کہاوت) ۴۳
    ۴۸ جتنے مونھ، اتنیاں گلاں۔ (کہاوت) ۴۴
    ۴۹ جتھے گڑ ہوندے، اتھے مکھیاں ہوندئین۔ (کہاوت) ۴۵
    ۵۰ جدھر سر، ادھر سرہانا۔ (کہاوت) ۴۵
    ۵۱ جڑھا اتھے خوار، اوہ مکے بھی خوار۔ (کہاوت) ۴۶
    ۵۲ جڑھا چھانسی، اوہ جانسی۔ (کہاوت) ۴۷
    ۵۳ جڑھی جنے کولو ڈرے، اوہ بیاہ ای نہ کرے۔ (کہاوت) ۴۷
    ۵۴ جڑھی متھے بچ ہے، اوہ ہتھے بچ اے۔ (کہاوت) ۴۸
    ۵۵ جسدا ہووے پلسی یار، اساں دشمن کے پکار۔ (کہاوت) ۴۹
    ۵۶ جسدی شے گمدی اے، اسدا ایمان بھی گم جلدے۔ (کہاوت) ۵۱
    ۵۷ جلاہیاں دے ٹھٹھے؛ ماواں پنہڑاں دے نال۔ (کہاوت) ۵۲
    ۵۸ جلو اگے، تے چھاٹ پچھے دیئو۔ (کہاوت) ۵۲
    ۵۹ جند نروئی، مل نینھ کوئی۔ (کہاوت) ۵۳
    ۶۰ جیہجا مونھ، ایہجی چپکیڑ۔ (کہاوت) ۵۴
    ۶۱ جیہیے روح، ایہجے فرشتے۔ (کہاوت) ۵۴
    ۶۲ چاڑے ہتھ سنیہا؛ جواب کجیہا۔ (کہاوت) ۵۵
    ۶۳ چاہ دی سرکی؛ ڈوگی رہن کوٹھا کڑکی۔ (کہاوت) ۵۶
    ۶۴ چاہ کو چاہ اے۔ (کہاوت) ۵۷
    ۶۵ چٹؤا دتا سر، موہلیاں دا کے ڈر۔ (کہاوت) ۵۸
    ۶۶ چٹے کپڑے دا داغ، دورو سہی آندے۔ (کہاوت) ۵۸
    ۶۷ چٹی؛ کھٹی موڑ پلٹی۔ (کہاوت) ۵۹
    ۶۸ چن چڑھدے، تے جگ دیخدے۔ (کہاوت) ۶۰
    ۶۹ چھلے دی ہڈی گئی، کتے دی ذات پچھاںئی گئی۔ (کہاوت) ۶۱
    ۷۰ چوراں تے مور، تے موراں تے ہور۔ (کہاوت) ۶۲
    ۷۱ چوراں کولو پنڈ تاولی۔ (کہاوت) ۶۲
    ۷۲ چوہے آں سنڈھا دی گندھی لبھ گئی تے پساری بن بیٹھا۔ (کہاوت) ۶۳
    ۷۳ حاضر کو مہر اے۔ (کہاوت) ۶۴
    ۷۴ حرامیاں دے سر اتے سنگ نینھ ہوندے۔ (کہاوت) ۶۵
    ۷۵ حرامیاں دے فرقے؛ سیون سویلا، اٹھن چرکے۔ (کہاوت) ۶۶
    ۷۶ حرامیاں دی ہک رگ، بدھیک ہوندی اے۔ (کہاوت) ۶۶
    ۷۷ خطا، انسان کولو ای ہوندی اے۔ (کہاوت) ۶۷
    ۷۸ دخدی جا ای دخدی اے۔ (کہاوت) ۶۸
    ۷۹ دلاں بچ سچ، کوٹھے چڑھ کے نچ۔ (کہاوت) ۶۹
    ۸۰ دنیا پھردی دا پھیر اے۔ (کہاوت) ۷۰
    ۸۱ دنیا دے مونھا اتے ہتھ کون رکھ ہکدے۔ (کہاوت) ۷۱
    ۸۲ دور دے رشتیدار کولو، نیڑے دا گمانڈھی چنگا ہوندے۔ (کہاوت) ۷۲
    ۸۳ دو ہتھڑ، تالی بجتی ہے۔ (کہاوت) ۷۲
    ۸۴ دوۓ دا نیالہ بڈا لگدے۔ (کہاوت) ۷۳
    ۸۵ دیہاڑی بولن پھہاڑیاں، راتی بولن کاں؛ یا گراں دا لمبردار نینھ،
    یا گراں دا گراں۔ (کہاوت، شگون) ۷۴
    ۸۶ دیۓ تلے انھیرا۔ (کہاوت) ۷۵
    ۸۷ رات کنڈیاں تے بھی گزر ای جلدی اے۔ (کہاوت) ۷۶
    ۸۸ رواں دی بلی بناواں، میاؤں کون کرے۔ (کہاوت) ۷۷
    ۸۹ زنانی دے بالا بالا تلے فریب ہوندے۔ (کہاوت) ۷۸
    ۹۰ زنانی دی کھری پچھے مت ہوندی اے۔ (کہاوت) ۷۹
    ۹۱ سانجھا ابا، کسے نہ دبا۔ (کہاوت) ۷۹
    ۹۲ سانجھا مال، ترہایا ای رہندے۔ (کہاوت) ۸۰
    ۹۳ ساہیہ لادو ہویا، تے چاسی کے۔ (کہاوت) ۸۰
    ۹۴ سٹیا گراں، کے کہننا ناں۔ (کہاوت) ۸۱
    ۹۵ سجن آخے روا کے، دشمن آخے ہساکے۔ (کہاوت) ۸۲
    ۹۶ سر بڈے سرداراں دے، پیر بڈے گنواراں دے۔ (کہاوت) ۸۲
    ۹۷ سس تے سوہرا کہر نینھ، ہور کسے دا ڈر نینھ۔ (کہاوت) ۸۳
    ۹۸ سنڈیا دا کہول تے بوٹیاں دی شامت۔ (کہاوت) ۸۴
    ۹۹ سنگ کنڈھلے منجھیۓ، پیر چٹے کہوڑیۓ، مچھا سونہنیاں مرد دی،
    نین سونہنے گوریۓ۔ دودھ مٹھا منجھی اے، چال سونہنے کہوڑیۓ،
    قول پکا مرد دا، شرم سونہنی گوریۓ۔ (کہاوت) ۸۵
    ۱۰۰ سنہیا دا مارے دا، کتا بلا کھاندے۔ (کہاوت) ۸۶
    ۱۰۱ سور ہڈی، ملخو کڈھی۔ (کہاوت) ۸۷
    ۱۰۲ شک، پیئو پتر دا لحاظ نینھ کردا۔ (کہاوت) ۸۷
    ۱۰۳ شک، حرام چیز ہے۔ (کہاوت) ۸۸
    ۱۰۴ شیر، اپنی ماری دی کھاندے۔ (کہاوت) ۸۹
    ۱۰۵ عملاں باہج، نبیڑے نینھ ہوندے۔ (کہاوت) ۸۹
    ۱۰۶ قبرا تا قبر، نینھ ہوندی۔ (کہاوت) ۹۰
    ۱۰۷ قسمت ماڑی ہووے تے اونٹھا تے بیٹھے دیاں بھی کتا لڑ جلدا اے۔ (کہاوت) ۹۱
    ۱۰۸ کاگ اڈدے تے کاں ای کاں کردے۔ (کہاوت) ۹۲
    ۱۰۹ کالیاں دے کالے ای ہوندن۔ (کہاوت) ۹۳
    ۱۱۰ کر پہلا، جے ہووئی پہلا۔ (کہاوت) ۹۳
    ۱۱۱ کسے کبے آں لت کڈھ ماری، اوہ کمادا بچ جل لکیا۔ (کہاوت) ۹۴
    ۱۱۲ ککڑی بھی کسی اوہلی جائی بیٹھ کے انڈہ دیندی اے۔ (کہاوت) ۹۵
    ۱۱۳ ککھ بھی چوری، لکھ بھی چوری۔ (کہاوت) ۹۶
    ۱۱۴ کمنا دی یاری؛ نہ جتی، نہ ہاری۔ (کہاوت) ۹۶
    ۱۱۵ کناں سنی دا کے اعتبار۔ (کہاوت) ۹۷
    ۱۱۶ کندھ، اٹا اتے ای چڑھدی اے۔ (کہاوت) ۹۷
    ۱۱۷ کندھا دے بھی کن ہوندن۔ (کہاوت) ۹۸
    ۱۱۸ کنڈیاں دا منڈھ، ہک ای ہوندے۔ (کہاوت) ۹۹
    ۱۱۹ کھوتیاں کدوں کڑاہیاں کھادئیاں۔ (کہاوت) ۱۰۰
    ۱۲۰ گنجے دا پتر گنجا نہ ہویا تے تہدری ضرور ہوسی۔ (کہاوت) ۱۰۰
    ۱۲۱ گنجے دے نونھ، سرا دی شامت۔ (کہاوت) ۱۰۱
    ۱۲۲ لاندا ہر کوئی اے، نبھاندا کوئی کوئی اے۔ (کہاوت) ۱۰۲
    ۱۲۳ لسے جنے دی رن، جنے کھنے دی پہابی۔ (کہاوت) ۱۰۲
    ۱۲۴ لکھ ٹکا ہرایئے، پریت نہ گنوایئے۔ (کہاوت) ۱۰۳
    ۱۲۵ لکھ گمے، ساکھ نہ گمے۔ (کہاوت) ۱۰۴
    ۱۲۶ ما جتنا اگار دیاے، اتنا مار دی نینھ۔ (کہاوت) ۱۰۴
    ۱۲۷ ما ماردی اے، مارنے نینھ دیندی۔ (کہاوت) ۱۰۵
    ۱۲۸ مانگواں گہننا؛ جگ دا مہننا۔ (کہاوت) ۱۰۶
    ۱۲۹ ماواں؛ ٹھنڈئیاں چھاواں۔ (کہاوت) ۱۰۷
    ۱۳۰ مچھ نینھ، تے کچھ نینھ۔ (کہاوت) ۱۰۷
    ۱۳۱ مکھی، گند اتے ای بیٹھدی اے۔ (کہاوت) ۱۰۸
    ۱۳۲ مناں دے کہاٹے، سیراں نال پورے نینھ ہوندے۔ (کہاوت) ۱۰۹
    ۱۳۳ مونھ پہیڑا ہووے تے گل پہیڑی نینھ کرنی چاہی دی۔ (کہاوت) ۱۱۰
    ۱۳۴ مونھؤ نکلی، ملخو نکلی۔ (کہاوت) ۱۱۱
    ۱۳۵ نیڑے دا پیر، لوہکا ہوندے۔ (کہاوت) ۱۱۱
    ۱۳۶ ہتھے آں ہتھ، سیانڑدے۔ (کہاوت) ۱۱۳
    ۱۳۷ ہچھا کون؟ میں آپ۔ (کہاوت) ۱۱۳
    ۱۳۸ ہسدا بندہ تہوکے باز ہوندے۔ (کہاوت) ۱۱۴
    ۱۳۹ ہسیا تے پھسیا۔ (کہاوت) ۱۱۵
    ۱۴۰ ویخ اللہ دے کم، کھوتے کھاون ام۔ (کہاوت) ۱۱۵
    ۱۴۱ یا روزی، یا نصیب۔ (کہاوت) ۱۱۶
    ۱۴۲ یار اوہ جڑھا اوکھے ویلے کم آوے۔ (کہاوت) ۱۱۷
    ۱۴۳ یاراں دیاں گلاں، پھلاہی دیئاں ہلاں۔ (کہاوت) ۱۱۷
    ۱۴۴ یاراں نال بہاراں۔ (کہاوت) ۱۱۸
    ۱۴۵ یاری اے کہ چھولیاں دا بڈھ اے۔ (کہاوت) ۱۱۹



    انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب

    انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب

    • ڪھاڻيون (ڇپيل)
    1. ھراس آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
    2. جڏھن بت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع
    3. ھٿ جي وڍي ۱۹۹۹ع
    • پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون (ڇپيل)
    1. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲ع
    2. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
    3. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
    4. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
    5. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
    6. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون (ترتيب) جولاءِ ۲۰۱۵ع
    7. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
    8. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع
    9. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون جُون ۲۰۱۶ع
    10. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ڊسمبر ۲۰۱۶ع
    11. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين) فيبروري ۲۰۱۷ع
    12. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون اپريل ۲۰۱۷ع
    13. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب) آگسٽ ۲۰۱۷ع
    14. گهاگهر منجهه ساگر جنوري ۲۰۱۸ع
    • تاليف ۽ ترتيب
    1. عبدالڪريم گدائي؛ روايت ۽ بغاوت جو شاعر. جنوري ۲۰۰۶ع
    2. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
    3. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع
    4. جيڪب آبادي صاحب ڪتاب ۽ سندن ڪتاب ڇپائيءَ ھيٺ
    • پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
    1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون ڇپائيءَ ھيٺ
    2. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون س ل ا وٽ
    3. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ


    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    ۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۲. ماڻهو ۽ ماڻهپو .......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۳. آبشار ............................ جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۴. يادون ۽ سُڪونُ ......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۵. ٻوليءَ جو بڻ .............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۶. سائنسي ڄاڻ ....................................................................... اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
    ۷. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ............................ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۸. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ............................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۵۰)
    ۹. رانديڪو ................................................................................... ملهار سنڌي (ختم)
    ۱۰. ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ....................... عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۱۱. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم .................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
    ۱۲. شعور ......................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۱۳. شام جي هوا ........................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۱۴. هوا ۾ ٻرياسين ...................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
    ۱۵. تقريرون .............................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۱۶. موسيٰ کان مارڪس تائين ............... سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۱۷. پنج ڏينهن .............................................. سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
    ۱۸. وکر ڌارو ڌار ...................................................................... غلام علي چنه (ختم)
    ۱۹. ڪونج .................................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۲۰. ديوانِ رياضت ....................................................................... رياضت ٻرڙو (-/۶۰)
    ۲۱. تحفو .............................................................................. حسن علي هڪڙو (-/۴۰)
    ۲۲. جيون تنهنجي نانءِ ............................................................ وفا اسلم شيخ (-/۵۰)
    ۲۳. ساحل ۽ سمنڊ ................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو (-/۴۰)
    ۲۴. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۹۰)
    ۲۵. قنبر: هڪ اڀياس ............................ ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۲۶. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............... مرتب: دين محمد ڪلهوڙو (ختم)
    ۲۷. گرهن جي کوجنا ................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۲۸. ٻول جو بڻ ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۲۹. ڳولا .................................................... ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (-/۸۰)
    ۳۰. چانڊوڻا چمڪن ...................................................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۳۱. سڄڻ ماکيءَ ميٺ ....................................................................... اسد چاچڙ (-/۴۰)
    ۳۲. ڌرتي: منهنجو گھر ................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰)
    ۳۳. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............ ايم ايڇ پنهور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۲۰)
    ۳۴. فلسفو: هڪ مطالعو ............................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۵. ضميري پڇاڙيون .................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۶. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ........................ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (-/۱۲۰)
    ۳۷. پيرل قنبر .......................................................................... ڪوڙل قربدار (-/۱۶۰)
    ۳۸. اهنجي ڌرتي ............................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۳۰)
    ۳۹. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) ................ رياضت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۰. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ................................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۱. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ............................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۲. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ............................. جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۳. فطرت، سائنس ۽ سماج .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۵۰)
    ۴۴. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا ........ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۵. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ............................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۶. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ............ ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۴۷. محبت جا خط ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۸. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون...انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۴۹. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ................................ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۵۰. معلوماتي مالها .......................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۰۰)
    ۵۱. چونڊ سنڌي چوڻيون ... ڪيرت مهرچنداڻي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۵۲. معلوماتي مالها (ٻيو ڇاپو) ....... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۲۰)
    ۵۳. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون .................................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۶۰۰)
    ۵۴. محبت جن جي من ................................ ترتيب ۽ تدوين: رياضت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۵۵. ڌرتي: منهنجو گهر (ٻيو ڇاپو) ............................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۵۶. اکئين ڏٺم جو ....................................................................... عاشق منگي (-/۱۴۰)
    ۵۷. گهاگهر منجهه ساگر .......................................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258264
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386395
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ