ڪتاب جو نالو: ٽيون نسل
مصنف: امداد رند
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 16 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 592 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 152 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
امداد جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سِپ پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 24
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداريو : ٽڙندڙ ڪهاڻين جا گلاب
  • مهاڳ : ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻيڪار
  • صبح جي ڳولا ۾ نڪتل شام جهڙيون اُداس ڪهاڻيون
  • پنهنجي پاران : ديس جي دريءَ مان
  • ڪهاڻيون

  • اَڌ ۾ رهجي ويل چُمي
  • ڇَپيل ڀونڊو
  • ڳاڙھيون اکيون
  • واٽر وار
  • پيرو
  • مانيءَ جو ڀور
  • ڏھين جون
  • شوڪي
  • خرچي
  • گُم ٿي وَيل شام جي ڳولا
  • خالي بيڊ
  • ٽيون نسل
  • ٽمندڙ نيڻ
  • مٿاھون ھٿ
  • ڪاري چانهه
  • مسيحا
  • آخري شنوائي
  • لکڻ کان رھجي ويل خط
  • ويساهه گهاتي

  • سِپ پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 24

    ڪتاب جو نالو: ٽيون نسل
    ليکڪ: امداد رند
    ڇاپو پهريون: مارچ 2018ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: شمس الدين جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: سِپ پبليڪيشن - نواب شاھه
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/200 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    امان ۽ بابي جي نالي.
    جن مونکي سدائين انسانيت
    جو درس ڏنو،


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٽيون نسل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار امداد رند جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    امداد جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن، نوابشاهه پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداريو : ٽڙندڙ ڪهاڻين جا گلاب

    ڪائنات جي هِن هيڏي وسيع ڦهلاءُ کي سهيڙي هڪ نقطي ۾ سمائي ڇڏڻ يا وري هڪ نُقطي کي ڪائناتي ڦهلاءُ جيان تبديل ڪري ڇڏڻ جو ڏانءُ ئي ڪهاڻي آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي روح مان صديءَ جي سفر جا ٿَڪَ اڃان نه لٿا آهن پر پوءِ به سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن مقام تي پُهتي آهي اُن سفر جي پنڌ ۽ پيڙا جا رنگ، نرالا ۽ مُنفرد ضرور آهن. اُنهن خاصيتن جي اِدراڪ کي اُنهن ڪهاڻين جي ڪئينواس تي ڪو پورٽريٽ بڻجي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ هُونءَ ته ڪهاڻيڪار گهڻا آهن پر ڪهاڻيءَ جي ڪاڪ جو راڻو ڪو ڪو بڻجي سگهيو آهي. ڇو ته ڪهاڻي پنهنجي فني ۽ فڪري ڳوڙهاين جي ڏانءُ يا هُنر جي حاصلات ۾ گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ماڻجي سگهي آهي. امداد رند به سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪٺن سفر جو هڪ کاهوڙي ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي ڪهاڻيڪار دل، دماغ ۽ نظر هر وقت سُجاڳ، پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي آس پاس متحرڪ ۽ اُن جي ذري ذري تي غور ۽ ويچار ڪندي رهي ٿي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو امداد رند جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي مواد پنهنجي سماج جا اُهي ڪردار، واقعا، حقيقتون ۽ سچ آهن جيڪي امداد جي روح ۾ لهي وڏي فنائتي نموني، سان ڪهاڻين جي روپ ۾ نروار ٿيا آهن. امداد رند جون ننڍڙيون، ننڍڙيون ڪهاڻيون، مُختلف حالتن جون نراليون تصويرون آهن جن ۾ ڪردارن جون ڪيفيتون ۽ حقيقتون لفظن ذريعي سِڌو سَئنون، بنا ڪنهن رَنڊڪ جي دل تائين پهچن ٿيون. امداد رند جي ڪهاڻين ۾ موضوعن جي چونڊ، موضوعن مُطابق ڪردارن جي بيهڪ، اُنهن جي چُرپُر، اُنهن جي ٻولي، ٻوليءَ جي فطري سادگي، منظر نگاري، مقصد ۽ مفهوم کي فنائتي انداز سان فوڪس ڪري پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ کي اُهو سڀ ڪُجهه هُوبهُو ڏيکارڻ يا ڀرپور نوني محسوس ڪرائڻ يا اُن جي من ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪري ڇڏڻ جو عنصر وڏي گهرائي سان سمايل ملي ٿو. سچ ته اُهو انداز امداد کي هڪ باشعور ڪهاڻيڪار طور سامهون آڻي بيهاري ٿو. امداد جي اندر جي ڪهاڻيڪار جو جنم توڙي جو منهنجي سامهون ئي ٿيو آهي ۽ اُن کي اڃا ڪو گهڻو عرصو به ڪونه ٿيو آهي، پر ڪُجهه سالن جي غور ۽ فڪر امداد کي ڪهاڻيءَ جي دنيا جو هڪ ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ڪردار جيڪو مُختلف ڪهاڻين جي ڪردارن جا روپ ڌاري پڙهندڙ سان هم ڪلام ٿئي ٿو. هُن جي سڀني ڪهاڻين جا گهٽ ۽ گهيڙ مون کان ڪڏهن ڳُجها نه رهيا آهن، اُهي ڄڻ ته منهنجا ازل کان ڄاتل سُڃاتل آهن ته ڪيئن اُهي پنهنجي منزل ڏانهن سفر ڪن ٿا. ڪيئن اُنهن تي پيڙائن جا سج لهن ۽ چڙهن ٿا. امداد جو اڪثر ڪهاڻيون بي ساختگيءَ ۽ ڪُجهه ڪهاڻيون باساختيءَ جي اعتبار کان پنهنجي آرٽسٽڪ ڏانءُ ۾ پُختيون آهن. امداد ڄاڻي ٿو ته ڪهاڻي ڪيئن شُروع ڪجي ۽ ڪيئن اُن جي اُڻت ڪجي. اِهو هُنر ئي آهي جيڪو امداد جي ڪهاڻيپڻي کي هڪ وڻندڙ رنگ ۽ ڍنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي سُونهن ۽ سوڀيا، نقش ۽ نگار امداد جي گهري نگاهه جو ئي تصور آهن. جيڪي حقيقتن مان اُڏامي سندس تخيل جي ڪيئنواس تي چِٽجي وڃن ٿا. امداد جي ڪهاڻين ۾ سماجي حالتن جي تُز ۽ کَري عڪاسي، طنز ۽ مزاج جو تخليقي رنگ ۽ ڍنگ ۽ درد جي احساس جي اکرن ۾ اُپٽار ۽ اُڻت جو ڍنگ هِن کي هڪ فطري ڪهاڻيڪار جو اعزاز بخشي ٿو. امداد جون ڪهاڻيون پڙهي توڙي ٻُڌي سنڌي سماج جي سموري صورتحال هُوبَهو اکين اڳيان تري ايندي آهي. جديد ۽ قديم ڪهاڻيءَ جو سنگم امداد جهڙي ڪهاڻيڪار کي هڪ سيبتي ليکڪ طور اُجاڳر ڪري ٿو. سچ ته امداد جي مختصر ڪهاڻين جا ڪيئنواس پنهنجي تخليقي ڦُهلاءُ ۾ وسعت ته رکن ٿا. پر اُن وسعت کي اڃان وڌيڪ ڦهلائڻ جو احساس پڻ من ۾ ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو. هُن جي ڪهاڻيڪار دل جي بيقراري، بي چيني، ڪيفيتي هم آهنگي سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ اُنهن پاران چيل لفظن ۾ چِٽيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿي. اِهو ئي سبب آهي جو هي ڪهاڻيءَ جي سِٽاءُ کي هُنرمنديءَ سان اهڙو ته سهيڙي ٿو جو سندس هر ڪهاڻي پنهنجي روح ۾ رچي راس ٿي پوي ٿي. امداد رند جي ڪهاڻيءَ جو مزاج ۽ مقصد، مفهوم ۽ معيار هڪ مُڪمل پسمنظر رکن ٿا ۽ اُنهن جي فطرت پنهنجي ڌرتيءَ مان پاڻ مُرادو ڦُٽي نڪري ٿي. ڌرتي، جنهن جو شعور ۽ ادراڪ امداد جي ڪهاڻين کي هڪ ڀرپور سماجي، سياسي، ادبي ۽ تاريخي پسمنظر مُهيا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ديس جي دانهُن ۽ ڪُوڪن کي پنهنجي تخليقپڻي جي روح ۽ فني تناظر مان گُذاري پنهنجي دور جي تلخ تاريخ کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ مُنتقل ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جي دُنيا جا نقش ۽ نگار پنهنجا آهن. بلڪه هُن جون ڪهاڻيون خارجيت مان داخليت جو سفر ڪري پنهنجي هڪ نڪور ڪائنات جوڙِن ٿيون. امداد هڪ سُجاڳ ليکڪ جيان ڪٿي به پنهنجين ڪهاڻين ۾ مُداخلت نه ٿو ڪري. هُو ته هڪ ڏسندڙ جيان، هڪ حساس دل رکندڙ شخص جيان سماج جي اوڻاين کي يا ساڻس ٿيندڙ سياسي چالبازين ۽ ڏاڍاين خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي اهڙي باغيانه عمل کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي ڇڏي ٿو. جيڪي رنگَ ۽ روپ اسان کان ڪڏهن به اوپرا نه رهيا آهن. بلڪه اُهي ته اسان جي ئي حالتن، ڪيفيتن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هوندا آهن.
    امداد رند جي ڪهاڻين ۾ رومانوي خوشبوءِ سان گڏ مزاحمتي رنگ ۽ تخليقي علامت نگاريءَ جو انداز به پنهنجي هڪ الڳ سُڃاڻپ رکي ٿو. اهڙا اهم مُحرڪ، جيڪي اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻلڀ پيا ٿيندا وڃن، امداد رند اُنهن سمورن رنگن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سهيڙي زنده رکيو آهي.

    بخشل باغي


    مهاڳ : ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻيڪار

    ڳالهه ٻڌائڻ يا ڪهاڻي بيان ڪرڻ انساني فطرت آهي. ڳالهه، آکاڻي يا لوڪ ڪهاڻي صدين کان سنڌي سماج ۾ رائج آهي. يورپ ۽ آمريڪا کان آيل مختصر ڪهاڻي به ڳالهه يا آکاڻي جي سُ ڌريل شڪل آهي. ترجمن کان پوءِ اصلوڪي سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ جو سفر جيڪو 1914ع کان شروع ٿيو هو، (حُر مکي جا: لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي) تنهن کي 2014ع ۾ سئو سال پورا ٿيا. موجوده دور جي نئين نسل جا سنڌي ڪهاڻيڪار ان سفر کي زور شور سان جاري رکندا پيا اچن. ان نئين نسل ۾ امداد رند به شامل آهي.
    موجوده دور ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارن جو تعداد گذريل سمورن دورن کان گهڻو وڌيڪ آهي. هڪ اندازي موجب هن وقت ٻه سئو کن ڪهاڻيڪار آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪنهن ڪهاڻيڪار جو مٿي اڀري اچڻ ۽ پاڻ مڃائڻ ڪو ايترو سولو ڪونهي. امداد رند جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن جي ڪهاڻين نه رڳو پڙهندڙن، پر سنڌي ادب جي حلقن جو ڌيان پڻ ڇڪايو آهي.
    امداد رند 1992ع ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪئي. پر پوءِ هن کي پنهنجي اظهار جي لاءِ شاعريءَ کان وڌيڪ نثر ڀانءِ پيو ۽ هن 1996ع کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ڏهن سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ هن جي جيڪا پهرين ڪهاڻي نوابشاهه مان نڪرندڙ اجرڪ مئگزين ۾ شايع ٿي سا هئي ”خالي بيڊ“، ان کان پوءِ امداد رند جون ڪهاڻيون سنڌيءَ جي اهم رسالن ۾ لڳاتار شايع ٿينديون رهيون آهن. هو هيستائين 35 کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي. ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان کيس فقير محمد لاشاري ايوارڊ پڻ مليو آهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ٽيون نسل“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ امداد رند جون 19 ڪهاڻيون شامل آهن.
    امداد رند جي پهرين ڇپيل ڪهاڻي ”خالي بيڊ“ پڙهي ائين نٿو لڳي ته اها ڪنهن نئين يا سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار جي لکيل اوائلي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ۽ بيانيه جون خوبيون موجود آهن، هن مجموعي ۾ جتي امداد رند جون سٺيون ڪهاڻيون شامل آهن، اتي البت ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جيڪي معيار جي لحاظ کان ڪچيون ڦڪيون لڳن ٿيون. ٿي سگهي ٿو اهي ڪهاڻيون امداد رند جي شروعاتي دور جون لکيل هجن.
    ”اڌ ۾ رهجي ويل چمي“ سوچ جي سلسلن جي هڪ سٺي ڪهاڻي آهي، پر ان جي هڪ وڏي خامي اها آهي ته پڙهندڙ جيئن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو، هن کي ڪلائميڪس جي خبر پئجي وڃي ٿي ته پڇاڙي ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪهاڻيءَ جو عنوان ”اڌ ۾ رهجي ويل چمي“ پنهنجي جاءِ تي خوبصورت آهي، پر اهو خود ڪهاڻيءَ جي انت ڏانهن اشارو ڪري ڇڏي ٿو. عنوان جي آڌار تي لکيل ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪو انت ٿي به نٿو سگهي. ان هوندي به ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي اثرائتي آهي.
    هن مجموعي جي نالي واري ڪهاڻي”ٽيون نسل“ پڙهندي اهو اندازو لڳائن مشڪل آهي ته ان جو ڪلائميڪس ڪٿي دنگ ڪندو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهندڙن جي توقع جي ابتڙ، ڀرپور ۽ فطري آهي. منهنجي خيال ۾ ”ٽيون نسل“ سنڌي ادب جي اهم ڪهاڻين ۾ ليکي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ پُٽ کي پيءُ جي ڪِرت تي شرمندگي واري موضوع تي اڳ ۾ به ڪجهه سٺيون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، پر امداد رند جي ڪهاڻي انهن کان الڳ پنهنجي هڪ خاص انفراديت رکي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو جنريشن گئپ ڏيکاريو ويو آهي ان جا اصل ڪارڻ سماجي ۽ معاشي مسئلا آهن. سادگي ۽ زميني حقيقتن جي بنياد تي بيٺل سنڌي سماج ۾ هاڻي ڪوڙي ڏيکاءُ ۽ شوبازي کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي وئي آهي. پراڻي خانداني ڪِرت ۽ ڌنڌي کي عزت ۽ بيعزتيءَ جو پيمانو بنائي رد ڪيو پيو وڃي. احساس ڪمتري وچان انهن ڌنڌن سان لاڳاپيل ذاتين کي لڪائي ۽ بدلائي مانائتي سمجهي ويندڙ ذات اختيار ڪرڻ جون مصنوعي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. سماج جي ان سڄي لقاءُ کي امداد رند هن ڪهاڻيءَ ۾ پختي فنڪارانه انداز ۾ چٽيو آهي.
    ”ڇپيل ڀونڊو“ ڪهاڻيءَ ۾ پڻ شرمندگي ۽ بيعزتي جي احساسن کي بيان ڪيو ويو آهي، پر ان جو موضوع توڙي پسمنظر بلڪل الڳ آهي. ان ڪهاڻيءَ جي فطري وهڪري کي ”جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي“ وارو مثال ڌڪ رسائي ٿو. فقير واري ڳالهه زوريءَ آندل لڳي ٿي.
    ”ڳاڙهيون اکيون“ سنڌ جي سياسي غلامي بابت هڪ منفرد علامتي ڪھاڻي آهي. ڌرتيءَ کي شڪار گاهه بنائيندڙ قابض شڪارين تر جي اصلوڪن ماڻھن کي زير ڪري ڪتن جھڙو بنائي ڇڏيو آهي. اهي ان حد تائين بيغيرت ۽ پنھنجن جا ويري ٿي ويا آهن جو شڪاري جي اشاري تي هنن پنھنجن ئي معصومن ۽ گگدامن جا نسل تباهه ۽ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. امداد ان سڄي صوتحال کي علامتن ۽ استعارن وسيلي بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته وڏيرا، رئيس، ڀوتار ۽ پير پنھنجن جا ته ويري آهن، پر ڌارين شڪارين جي لانگ بوٽن کي صاف ڪندي خوشامد وچان پڇ لوڏيندي، پيرن ۾ ليٿڙيون پائڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا.
    پاڻي سنڌ جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. امداد رند ان کي واٽر وار جو نالو ڏنو آهي. هيءَ ڪھاڻي سنڌ ۾ 2010ع ۾ آيل مھا ٻوڏ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ وطن دوست ڪردار آهن، جيڪي ماڻھن کي ٻڌائين ٿا ته ”هيءَ ٻوڏ نه آهي، آبي جنگ آهي جيڪا دشمن اسان تي اوچتو زوريءَ مڙهي آهي، جڏهن دشمن توبن ۽ ٽينڪن سان سنڌ فتح نه ڪري سگهيو، ته هاڻي پاڻيءَ کي هٿيار بنايو آهي.“ ان مھا ٻوڏ ۾ سنڌو درياءُ جي ٽوڙي بند کي ڪٽ هڻي ذري گھٽ سڄي سنڌ کي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هونءَ عام حالتن ۾ سنڌو درياءُ مان پاڻي زوريءَ کڻي سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ۽ ويران بنايو ويندو آهي. پر جڏهن مٿين علائقن ۾ برفباري ۽ زوردار برساتن کان پوءِ درياءُ ۾ ٻوڏ اچي ويندي آهي، ته ان کي سنڌ ڏانھن موڪلي، بندن ۾ ڪٽ ڏئي گهارا هڻي، غريب مسڪين سنڌين جي ڳوٺن ۽ ٻنين ٻارن کي ٻوڙي، لکين ماڻهن کي بي گهر بنائي دربدر ڪيو ويندو آهي.
    ”پيرو“ پيري ڪتن بابت هڪ طنزيه ڪھاڻي آهي، ”مانيءَ جو ڀور“ درد وندي ديس جي بک ۽ بيحاليءَ جي دل ڌوڏيندڙ ڪھاڻي آهي. پنھنجو پاڻ کان وڃائجي ويل جھوني کي جڏهن وسري ويل ڳالھيون ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته هو چئي ٿو، ”ابا اسان ته سڀ ڪجھه وڃائي چڪا آهيون. ديس، درياءُ، ٻنيون، ٻولي، ڇاڇا ياد ڪريان بابل.“
    ”شوڪي“، ”خرچي“، ”گم ٿي ويل شام جي ڳولا“، ”ٽمندڙ نيڻ“ ۽ ٻين ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي مختلف پھلوئن سان لاڳاپيل موضوعن کي چٽيو ويو آهي. امداد رند جي ڪھاڻين ۾ مون کي جيڪا خاص خوبي نظر آئي، سا اها آهي ته هو ڪٿي به اجائي ڊيگھه نٿو ڪري ۽ نه لفاظي کان ڪم وٺي ٿو. هن جي بيانيه ۾ توريل تڪيل لفظ ۽ جملا هوندا آهن. جيتري قدر سندس ڪھاڻين ۾ فن ۽ فڪر جو تعلق آهي، ته ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ اڃا وڌيڪ سوڀيا ۽ گھرائي پيدا ٿيندي ويندي، سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿيون.

    شوڪت حسين شورو


    صبح جي ڳولا ۾ نڪتل شام جهڙيون اُداس ڪهاڻيون

    صبح جي ڳولا ۾ نڪتل شام جهڙِيون هي اداس ۽ حيران محبوبائن جهڙيون ڪهاڻيون ڏک جي هڪ رات گذاري پرهه ڦٽيءَ مهل پڪ سان پنهنجي محبوب سورج سان ضرور ملنديون.
    امداد رند جي ڪهاڻين ڏانهن ڏسي رهيو آهيان. يا شايد امداد رند جون ڪهاڻيون مون ڏانهن ڏسي رهيون آهن. پيار ۽ پنهنجائپ مان. اسان ٻنهين جي آس پاس ”ٽيون نسل“ جاڳي رهيو آهي. هڪ اميد، هڪ آس، هڪ خوشي، هڪ اعتبار.
    روشني جو ڪرڻو،
    ٻرندڙ ديپ،
    وهندڙ درياهه،
    نه مان وڌاءُ نه پيو ڪيان،
    نه ئي لفظن جو اجايو استعمال ٿو ڪيان.
    لفظ ٻرندڙ ميڻ بتيون آهن، جيڪي اونداهيءَ ۾ راهه به ڏيکاري سگهن ٿيون ته جهوپڙيون به جلائي سگهن ٿيون.
    جيڪو شخص لفظ جي ماهيت کي سندن اثرن، ڦهلاوَ ۽ نتيجن کي نه ٿو ڄاڻي اُهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو بي خبر ماڻهو آهي.
    ٽيون نسل واقعي به اميد جو اهڃاڻ آهي.
    خوشيءَ جو استعارو آهي.
    گهٽ ۾ گهٽ ڀلا ٻيو ڪجهه نه تڏهين به ”ٽيون نسل“ اميد ۽ اعتبار جي چئو ديواري ۾ ”ويساهه گهاتي“ جهڙو کاٽ ته ناهي. جنهن ۾ هڪ يونين اڳواڻ پنهنجي پورهيت ساٿين جي قسمت جي واڳ پنهنجي مڌر پارٽي جي رهنما جي هٿ ۾ ڏئي هڪ وڏي غلطي ڪري ٿو. مڌر پارٽي جو رهنما ملز انتظاميه وٽ ڏوڪڙن تي وڪامي پورهيتن جي سموري جدوجهد جو تين وال ڪري ٿو ڇڏي.
    هڪ الميو.
    هڪ واقعو.
    هڪ سچائي.
    پڙهندڙن جي اکين ۾ دوکي جي ڌوڙ اڏامندي رهجي ٿي وڃي. هن ديس ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون ويساهه گهاتيون ٿين ٿيون؟ انهن جو ڪو انت پار ڪونهي.
    هڪ سچي آرٽسٽ جو اصلي ڪم تخليقي انداز ۾ سچ جو اظهار ڪرڻ آهي. نه ڪنهن جي حمايت نه ڪنهن جي مخالفت.
    پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪندو دوکي جي ان ڄَر کي، ڪوڙ جي سيڪ کي، اهڙو دوکو، اهڙو ڪوڙ جيڪو ”ڳاڙهيون اکيون“ ڪيو ويٺو آهي. پر ڳاڙهيون اکيون رڳو مظلوم لاءِ.
    ڳارهيون اکيون رڳو غريب ۽ ناپهچ لاءِ.
    پر انهن لاءِ نه جيڪي کيس ڳچي ۾ چمڙي جو پٽو وجهي پنهنجا بوٽ چٽرائين ٿا.
    انهن لاءِ هُو ”لوسي ڪتو“ آهي.
    جنهن جو ڪم ئي آهي لُور لُور ڪرڻ، نُوس نُوس ڪرڻ ۽ ڀونڪڻ.
    بلڪل ايئن ئي امداد رند جي ڪهاڻي ”واٽر وار“ کان وٺي ”ڏهين جُون“ تائين ۽ هڪ دلال جي ڪٿا ”خرچي“ کان ويندي ”ڇپيل ڀونڊو“ تائين سماج جي انيڪ اوڻاين تي هڪ حساس ليکڪ جو تخليقي ردعمل آهي.
    جيڪو سڀاويڪ ۽ اڻ ٽر آهي.
    ”مسيحا“، ”ڪاري چانهه“ ۽ ”مٿاهون هٿ“ کان ٿيندي ”مانيءَ جو ڀور“ ۽ ”آخري شنوائي“ تائين سڀ ڪهاڻيون پنهنجي پاڻ ۾ هڪ رڙ آهن، هڪ شڪايت آهن، هڪ صدا آهن.
    اڃان رُڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
    متان ايئن سمجهين مئا مور سارا.
    سوال اهو نه آهي ته ڪڙي ۽ تيز چيخ جهڙيون اهي ڪهاڻيون سماج ۾ ڪا گهربل مثبت تبديلي يا فرق آڻي به سگهنديون يا نه؟ ڪو ٻوٽو ٻاري به سگهنديون يا بس رڳو هڪ رڙ وانگر وقت جي ويران صحرائن ۾ ڀٽڪندي رهجي وينديون؟
    پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته هر ڳالهه جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت، اهميت ۽ اثر ضرور آهي. اثر کان ته ڪو هڪ لفظ به خالي نه آهي ته هڪ سڄي ساري ڳالهه اثر کان عاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي. البت ان ڳالهه ۾ اگر ”ڳالهه“ وارو هنر هوندو ۽ ان ڳالهه ۾ واقعي ڪا ”ڳالهه“ به هوندي ته پوءِ ان جا اثر ۽ نتيجا گهڻ پاساوان، گهرا ۽ دائمي ٿيندا ۽ اهو معاملو خود ليکڪ جو آهي ته هو ڇا ٿو چاهي!
    ۽ پڙهندڙ وري ليکڪ سان ٻڌل ناهي.
    اها وري ان جي مرضي ۽ پسند آهي ته هو ڇاٿو چاهي ۽ ڇا نه ٿو چاهي!
    ليکڪ ۽ پڙهندڙ گڏ گڏ هوندي به ڌار ڌار هلندا آهن
    ڌار ڌار هلندي به گڏ گڏ هوندا آهن.
    ان فرق ۽ فاصلي کي سمجهڻ سولو آهي به ۽ ناهي به! ۽ مان ان فاصلي جي ڪناري تي بطور هڪ پڙهندڙ امداد جون ڪهاڻيون جيڪي وڌيڪ ويجهيون محسوس ڪيان ٿو اُهي آهن.
    شوڪي،
    گم ٿي ويل شام جي ڳولا،
    ٽمندڙ نيڻ
    ٽيون نسل
    ۽
    لکڻ کان رهجي ويل خط
    مون کي هي پنج ڪهاڻيون وڌيڪ پياريون ڇو آهن؟ ان سوال جو ڪو به جواب شايد مون وٽ نه هجي. ڪنهن شئي جي گهٽ پسند يا ناپسند هجڻ لاءِ ته ماڻهوءَ وٽ شايد کوڙ جواب دليلن سميت موجود هوندا آهن پر پسند لاءِ الاءِ ڇو اڪثرماڻهو وٽ ڪي گهڻا جواب ۽ دليل نه هوندا آهن. شايد اُهو ان ڪري جو پسند ۽ پيار جو تعلق دل سان هوندو آهي. ۽ دل جي ڳالهه پاڻ ئي پنهنجو جواب هوندي آهي. پاڻ ئي پنهنجو منطق پنهنجو دليل هوندي آهي. دل ڳوڙهن ۾ ڳالهائيندي آهي ۽ خاموشين ۾ سوچيندي آهي. منهنجي نزديڪ آرٽ دل جي ويجهو ۽ دل آرٽ جي ويجهو هوندي آهي.
    آرٽ ۽ دل يا احساس ۽ جذبو هڪ خواب جي ٻٽي تعبير آهي. اهي ٻئي پاڻ ۾ بنان ڪنهن پُل جي ڳنڍيل آهن.
    میں رویا پردیس میں بھیگا ماں کا پیار،
    دل نے دل سے بات کی بِن چٹھی بِن تار۔
    (عبدالرحیم خانِ خاناں)
    سو ان ڪري مان پنهنجي پسند جي انهن پنجن ڪهاڻين جي پسنديدگيءَ لاءِ لفظن ۾ ڪو سبب ٻڌائڻ جي Stereo Type ڪوشش کان بچندي فقط اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته امداد جون هي پنج ڪهاڻيون پنهنجي پاڻ ۾ منهنجي لاءِ ”پنج معنيٰ گنج“ آهن.
    هي پنج ڪهاڻيون دل جي اهڙي نديءَ جو جل آهن جيڪو پڙهندڙن جا نيڻ پُسائي سگهي ٿو.
    هي ڪهاڻيون اوهان کي خاموش سرگوشيءَ ۾ محبت جو اهو راز ٻڌائينديون جيڪو اوھان کي پنهنجي منهن مُرڪڻ تي ۽ دل تي هٿ رکي ٿڌو ساهه کڻڻ تي مجبور ڪندو.
    ڇو ته دل جي واديءَ ۾ رهندڙ ”ٽيون نسل“ پنهنجي نيڻن ۾ پيار ڀريو اعتراف سانڍي هلي ٿو. ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ پڇتاءُ جي ڇيت آهي! محبت ۽ سچ لاءِ اهو اعتراف ۽ غلطيءَ جو اهو پڇتاءُ کيس عشق جي امامت سونپي ٿو. صبح جي ڳولا ۾ نڪتل شام جهڙيون هي اداس ۽ حيران محبوبائن جهڙيون ڪهاڻيون ڏک جي هڪ ڊگهي ڪاري رات ڪٽي پرهه ڦٽيءَ مهل پڪ سان پنهنجي محبوب سورج سان ضرور ملنديون.


    منور سراج


    پنهنجي پاران : ديس جي دريءَ مان

    ڪهاڻيءَ کي مان وهندڙ نديءَ وانگر سمجهان ٿو. جنهن جو پاڻي هر پل نئون ۽ تازو توانو آهي ۽ زندگي وانگر روان دوان، جديد ڪهاڻي جي ڪابه شروعات نه آهي ۽ ڪو به اختتام نه آهي، اُها ڪٿان به شروع ڪري ۽ ڪٿي به ختم ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻي به انساني تاريخ سان گڏوگڏ هڪ طويل سفر ڪندي، وڏن لوڪ ڪهاڻين، ۽ قصن کان ٿيندي آکاڻي تائين پهتي ۽ آکاڻي کان ڪهاڻي تائين. سنڌي ڪهاڻي جو جديد سفر، لال چند امر ڏني مل جي ڪهاڻي ”حُرَ مکي جا“ جيڪا 1914ع ۾ لکي ويئي آهي. انهيءَ کان 2014ع تائين سئو سالن جو هڪ خوبصورت تخليقي سفر طئي ڪري ٿي ۽ سنڌي ڪهاڻي جي انهيءَ سئو سالا سفر ۾ جن وڏن دبنگ ڪهاڻيڪارن، ڪهاڻيءَ جي ڪئنواس تي نرم، نفيس احساسن ۽ جذبن جا رنگ ڀريا ۽ اُنهن ۾ وقت سان گڏ جدت بخشي اُنهن جي هڪ طويل لسٽ آهي. اُنهن مان ڪجهه نالا پنهنجي حافظي جي زور تي لکان ٿو. نادر بيگ مرزا کان وٺي مرزا قليچ بيگ، جمال ابڙو، شيخ اياز، امر جليل آغا سليم ماڻڪ، سراج الحق عبدالقادر جوڻيجو، نورالهدا شاهه، شوڪت شورو، مهتاب محبوب، نسيم کرل، لياقت رضوي، اخلاق انصاري، امر لغاري، محمد صديق منگيو، منور سراج ۽ ضراب حيدر جهڙا مک نالا شامل آهن، چون ٿا ته هي دور نثر جو دور آهي، جنهن ۾ ناول، ڪهاڻيون، آتم ڪٿائون، سفرنامن جهڙيون شيون تيزي سان وڌي رهيون آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ کي فن جي عروج تائين پڄائڻ وارا مٿيان سڀئي نالا منهنجا آئيڊيل رهيا آهن ۽ اُنهن ۾ هڪ نالو ممتاز بخاري جوبه آهي، جنهن جو تخليقي ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اُنهن سڀني ڪهاڻي جي فن کي پنهنجي فني عروج تي پهچايو آهي. مان پنهنجي ڪهاڻي لاءِ اڃا ڪا به دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان. مان بس يوسف جي خريدارن جي لسٽ ۾ شامل آهيان ۽ اها ئي منهنجي وڏي خوش قسمتي آهي. منهنجي خيال ۾ سٺي ڪهاڻي اُها آهي جنهن ۾ اهڙِن احساسن جي لهر هجي، جيڪا پڙهندڙ جي دل کي ڇُهي، هن جون اکيون آليون ڪري سگهي ۽ چپن تي مُرڪن جا پوپٽ اُڏائي سگهي، جنهن ۾ جذبي جي بيساخته اڇل هجي.
    مون ڪتابن جي مطالعي کان وڌيڪ زندگي جي ڪتاب مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڪهاڻيون ٻڌڻ جو مان ننڍي هوندي کان ئي تمام گهڻو شوقين رهيو آهيان. منهنجا وڏڙا به بهترين خوشمزاج ۽ قصاگو رهيا آهن. ننڍي هوندي کان قصن ٻڌڻ جو وڏو شوق، راتين جون راتيون قصا ختم ئي نه ٿين ۽ مان قصن جي اڌ ۾ ئي ننڍ پئجي ويندو هوس، ايئن ننڍي هوندي فلم ڏسندي به ننڊ پئجي ويندو هوس، ۽ بابا سائين پنهنجي ڪلهي تي کڻي گهر ايندو هو. مون پنهنجي ٻالڪپڻ کي تمام گهڻو ماڻيو. بابا سائين ريلوي ۾ ڊرائيور هو. بابا سان گڏ سڄيءَ سنڌ جو ريل ۾ سفر ڪيم. سچي ڳالهه اِها آهي ته بابا سائين جهڙو محبت ڪندڙ ۽ ٻاجهارو، زنده دل خوشمزاج، دوست مون کي حياتيءَ ۾ وري نه ملي سگهيو. ڪتاب وٺڻا هجن، فلمون ڏسڻيون هجن، سدائين ”ها، بابا، ها، وٺئون ٿا“ زندگيءَ ۾ جيستائين بابا سائين جو ساٿ هو، ته مون کي دنيا جو ڪو به هوش نه هو. مان خوشين جي ستين آسمان تي اڏامندو رهيس، منهنجون حقيقي معنيٰ ۾ اکيون تڏهن کليون جڏهن، بابا سائين جون اکيون هميشه لاءِ بند ٿي ويون.
    ”ڄاتم سڀ ڄمار، سڄڻ هوندا مون گهرين.“
    ادب سان منهنجو رشتو سياست جي ڪري جُڙيو. 1980ع وارو ڏهاڪو منهنجي زندگي جو اهم ڏهاڪو هيو. جنهن ۾ منهنجي شعور جا بنياد پيا، ۽ آئون شعور جي سفر تي گامزن ٿيس، ۽ انهيءَ قومي، سياسي سفر جو پهريون سُونهون مون کي سائين عزيز الله ٻوهئي جهڙو جاکوڙي، سچو، مخلص، با ڪردار، عالم مليو. جيڪو شاهه سائين جي هن بيت جو عڪس آهي.
    کرکڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه)
    ٻوهئي صاحب پنهنجي گهر جا ٿانوَ کپائي به سنڌ جي نوجوانن ۾ نئين سنڌ جي شعور جا ڏيئا ٻاريا. اهو دور سچائي ۽ قربانيءَ جو عظيم دور هو. جو نوجوان نياڻيون پنهنجو ڏاج به قومي تحريڪ جي چندي ۾ ڏيئي ڇڏينديون هيون. قومي اڳواڻن جي سچائي ۾ انڌو ايمان هوندو هو. ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين سائين ٻوهئي صاحب سان محبت ۽ احترام جو رشتو قائم آهي ۽ هميشه قائم رهندو ھو. ٻوهئي صاحب سان ڪتابن جو ٿيلهو هميشه گڏ هوندو آهي. جيڪي هو پاڻ پڙهي پوءِ قومي ڪارڪنن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي ٻوهئي صاحب جي ڪتابن مان گهڻو ڪري سنڌ گم ٿي ويئي آهي. اهو دور اسٽڊي سرڪلس جو دور هو، ڪتابن سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو. سياسي ادب ۽ فلسفو تمام گهڻو پڙهيو ويندو هو ۽ وڏي ذهني هلچل سائين جي ايم سيد جي ڪتابن آندي. ۽ خاص طور تي سائين جي ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ ۽ ”جئين ڏٺو آهي مون“اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون کي ڪامريڊ الهه بخش راڄپر، سڄڻ سنڌي ڪامريڊ سرور بوٽا، حافظ عبدالاحد ڀٽو، خليل انصاري ۽ ساگر حنيف بڙدي. جهڙا دانشور دوست مليا، جن سان ڪيل ڊگهيون ڪچهريون ۽ اُنهن جا پاڻ ۾ ٿيندڙ وڏا علمي بحث، مباحثا، سياسي تجزيا منهنجي لاءِ انمول علمي سرمايو ثابت ٿيا. انهن ئي ڏينهن کان وٺي ڪتابن سان دوستي زندگيءَ جو لازم ۽ ملزوم حصو ٿي ويئي. ۽ تڏهن کان وٺي اڄ تائين جهڙوڪ ڪتابن ۽ ڪچهرين جو موالي ٿي ويس. آءٌ اهو اعتراف ڪريان ٿو ته منهنجو محسن ۽ منهنجو پهريون ادبي ۽ سياسي استاد سائين عزيز الله ٻوهيو مون کي نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي حياتيءَ ۾ سياسي، ادبي ۽ سماجي شعور حاصل نه ڪري سگهان ها، ۽ سچي ڳالهه اِها به آهي ته اڄ مان جيڪا خوشحال زندگي گذاري رهيو آهيان ته اُها به سائين ٻوهئي صاحب جي ڪري ئي آهي. جنهن مون کي تمام ڏکن ۽ تڪليفن واري دور مان ڪڍي، 1990ع ۾ ٽريفڪ پوليس ڪراچيءَ ۾ ڀرتي ڪرائي ڄڻ ته نئين زندگي ڏني.
    آءٌ مستنصر حسين تارڙ جي لفظن ۾ اِهو به اعتراف ڪيان ٿو ته مون تي آسمان مان ڪجهه به نه لٿو آهي، مان جيڪو ڪجهه به آهيان، پنهنجي سينيئر ۽ همعصر دوستن جي ڪري آهيان، نوابشاهه ۾ 1992ع ۾ ٽرانسفر ڪرائي اچڻ کانپوءِ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته مون نئون جنم ورتو هجي ۽ منهنجو نئون ادبي سفر شروع ٿيو. نوابشاهه ۾ اچڻ کانپوءِ جن ادبي دوستن سان منهنجي ويجهڙائپ ٿي، اُنهن ۾ وسيم سومرو اهو پهريون دوست هو، جنهن سان سڀ کان اڳ ۾ منهنجي شناسائي ٿي هئي، جيڪا پوءِ گهاٽي دوستي ۾ بدلجي ويئي. وسيم هڪ دوست جي حيثيت ۾ منهنجي شاعري ۾ وڏي رهنمائي ڪئي. ۽ پنهنجي نگراني ۾ ڇپجندڙ رسالي ”اجرڪ“ مئگزين ۾ منهنجي پهرين ڪهاڻي خالي بيڊ ڇپائي مون کي تمام گهڻي خوشي ڏني هئي. ۽ ان کانپوءِ مون کي لکڻ لاءِ نئون اعتماد مليو. انهن ئي ڏينهن ۾ سارنگ سهتو ۽ منور سراج جهڙن ليکڪن جي سنگت نصيب ٿي. جن به منهنجي ڪهاڻين کي تمام گهڻو اُتساهيو ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
    نوابشاهه سيشن ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪندي ويهن ٻاويهن سالن جو عرصو گذريو، ان دوران سائين اخلاق حسين لاڙڪ جهڙو علم دوست، ادب دوست ۽ انسان دوست ماڻهو بدلي ٿي آيو. جنهن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجه سکڻ جو ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو. خاص طور تي ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ جي شروعات ٿي. اخلاق صاحب پاڻ سان گڏ علم، ادب ۽ راڳ جي بهترين ڪليڪشن به آندي هئي، ۽ ان سان گڏ جيڪو اڻ ميو پيار اخلاق صاحب وٽان مليو. اُھو ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، تنهن وٽان ادب جا شاهڪار پڙهڻ لاءِ مليا، راجه گڌ، سڌارٿ، وبا جي ڏينهن ۾ ڪيل محبت، پوڙهو ۽ سمنڊ، ذلتون ڪي ماري لوگ، مولانا روم جي مثنوي ۽ خاص طور تي گرو رجنيش کي تمام گهڻو پڙهيم، اخلاق صاحب جي معرفت سنڌ جي وڏي آرٽسٽ، ترقي پسند اديب ۽ دانشور سائين ڊاڪٽر پير بخش لاڙڪ جي سنگت، صحبت، پيار ۽ محبت نصيب ٿي، ڊاڪٽر پير بخش لاڙڪ ۽ اخلاق صاحب سان ڪيل ڪچهريون مون کي سالن جي مطالعي کان وڌيڪ لڳنديون آهن. سائين ٻوهئي صاحب جي سنگت ۽ سائين اخلاق صاحب جي صحبت منهنجي شعور کي وڌيڪ ڦهلاءُ بخشيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مان اڄ به پاڻ کي هڪ قومي ڪارڪن سمجهندو آهيان. ۽ ان ڪري آءٌ ڪڏهن به غير جانبدار نه رهيو آهيان، ها منهنجون ڪهاڻيون ضرور غير جانبدار هونديون آهن. پر آءٌ هميشه جانبدار رهيو آهيان آءٌ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن سان عشق جي حد تائين محبت ڪيان ٿو. پنهنجي ديس وارن تي ٿيندڙ ڪنهن به انياءَ تي خاموش نٿو رهي سگهان، ڇو ته اسان جو سماج وڏي عرصي کان جمود جو شڪار بنايو ويو آهي. اسان جا سڀ ادارا هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا آهن، ڌارين جي آبادڪاري هر سال لکن جي تعداد ۾ وڌي رهي آهي، ساڃاهه وندن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، سنڌ اڃا تائين ظلم ۽ جبر جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي ۽ مان هڪ پل لاءِ به اهڙن ڏاڍاين کان لاتعلق نٿو رهي سگهان، ڇو ته:
    ”الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن“
    اسان ماڻهن جو شعور کان وڏو ٻيو ڪو به دشمن نه آهي، جيڪو اسانکي پل پل سجاڳ ۽ بيچين رکي ٿو. اسان کي تڙپائي ٿو، ڦٿڪائي ٿو، ۽ لکرائي ٿو. آءٌ دنيا کي پنهنجي ديس جي دري مان ڏسندو آهيان. منهنجي لاءِ سڀني کان اڳ ۾ پنهنجو وطن ۽ پنهنجي قوم آهي، پوءِ ٻي دنيا، مان پهريان وطن پرست، قوم پرست ۽ پوءِ عالمگيريت پسند آهيان. آءٌ اڄ به پاڻ کي وطن جو اهو سپاهي سمجهان ٿو، جيڪو جنگ جي محاذ تان، اڃان موٽيو نه آهي. بلڪه اڄ به پنهنجي ديس جي ويرين سان ادب جي مورچي تان، پنهنجي قلم سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي، ۽ منهنجي ڪهاڻين ۾ اوهان کي اِهي شيون ضرور ملنديون. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار اوهان کي خلائن ۾ نه پر پنهنجي آس پاس ڌرتي تي نظر ايندا.
    نوابشاهه ۾ رهڻ دوران ڪافي عرصي کان پوءِ بخشل باغي ۽ ستار سندر جي دوستيءَ جي صورت ۾ هڪ نئين زندگي ملي آهي، اڄ مون کي ادبي دنيا ۾ گهڻو ڀٽڪڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته هن رشتن ناتن کان منڪر دنيا ۾ منهنجي زندگيءَ جي پاند ۾ بخشل باغي ۽ ستار سندر جو سَرهو سنگ نصيب ٿيو، جيڪو مون لاءِ ڪنهن ڀاڳ کان گهٽ ناھي. مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته جن سان مون، يا جن مونسان زندگي جي هر روپ کي پنهنجائپ سان ونڊيو آهي، اهڙي محبت جي ونڊ اسان جي دوستي جي ايمان ۾ تازگي ۽ توانائي جو ڪارڻ پئي رهي آهي، منهنجي ڪافي ڪهاڻين هنن دوستن جي آڏو ئي جنم ورتو آهي، هنن دوستن جي منهنجي ڪهاڻين تي ڪيل بي رحم تنقيد يا جائز تعريف به هنن جي پنهنجي ذاتي آرٽ سان سچائي جي ثابتي آهي. هنن دوستن جي اُتساهه ۽ حوصله افزائي نه هجي ها ته شايد مان ايتريون ڪهاڻيون نه سرجي سگهان ها. ۽ نه منهنجو ڪتاب ئي اچي سگهي ها. ڪيترن سالن کان هي ٻئي دوست مون کي ڪتاب لاءِ همٿائيندا رهيا آهن ۽ هنن پيارن جي ڪوششن سان، نيٺ منهنجو اهو خواب هاڻي سندر حقيقت جو روپ ڌاري ”ٽيون نسل“ جي صورت ۾ اچي رهيو آهي، منهنجي هن ڪتاب کي شروعات کان وٺي آخر تائين بخشل باغي جنهن پيار سان ڏٺو آهي جو مان سمجهان ٿو ته ايتري محنت هن ڪڏهن پنهنجي ڪتاب تي به نه ڪئي هوندي، هن ڪتاب جي ٽائيٽل کان وٺي بيڪ ٽائيٽل تائين سڀ خوبصورتيون بخشل باغيءَ جي محنت جو ثمر آهن. منهنجي ادبي سفر ۾ گهڻو وقت اڳ بخشل باغيءَ هڪ سونهين جي حيثيت ۾ منهنجي رهنمائي ڪندي چيو هو ته ”امداد توکي شاعري ڇڏي، ڪهاڻيون لکڻ گهرجن، تنهنجي اندر ۾ مان هڪ ڪهاڻيڪار ڏسي رهيو آهيان ۽ تون ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو بهتر اظهار ڪري سگهين ٿو.“ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي مون شاعريءَ واري ناوَ کي الوداع ڪري ڪهاڻيءَ جي غوراب ۾ سفر شروع ڪيو، جنهن مون کي ”ٽئين نسل“ جي جزيري تائين پهچڻ جو ساهس بخشيو آهي ۽ اڃا اڳتي ڪهاڻي جي وشال سمنڊ جو منظر پنهنجي جوڀن سان منهنجي روح ۽ شعور آڏو ڇوليون هڻي رهيو آهي.
    هن ڪتاب کي ساڀيان جي صورت ڏيڻ ۾ منهنجي جاکوڙي دوست علي رضا خاصخيلي جو وڏو سهڪار شامل آهي ۽ علي رضا جي معرفت جن دوستن جون محبتون ۽ پيار هن ڪتاب ۾ شامل آهي انهن ۾ پيارو دوست عمران بلوچ، انور چانڊيو، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري، مختيار چارڻ صاحب، ۽ سائين علي محمد شاهه لڪياري به شامل آهن.
    جن دوستن منهنجين ڪهاڻين تي لکڻ جو قرب ڪيو، اُنهن ۾ سڀ کان اڳ ۾ آءٌ سنڌ جي سينيئر ۽ جينيئس ڪهاڻيڪار سائين شوڪت حسين شوري جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان، جنهن مون جهڙي سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار تي مهاڳ لکي تمام گهڻي عزت بخشي آهي. آءٌ ايترو ئي احسان مند آهيان سائين اخلاق انصاريءَ جو، جنهن به وڏا قرب ڪري مون جهڙي ننڍڙي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين تي پنهنجا قيمتي ويچار بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکي ڏنا ۽ مان پياري منور سراج جو به تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن تمام ڌيان سان منهنجون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ پيار سان اُنهن متعلق پنهنجي راءِ ڏني ۽ ڪهاڻين لاءِ ٻه اکر پڻ لکي ڏنا. پياري بخشل باغي جا ٿورا ته آئون ڪڏهن به لاهي نه سگهندس، جنهن ٽي ڀيرا وڏي محنت سان پروف ريڊنگ ڪئي ۽ ڪهاڻين تي ٻه اکر به لکي ڏنا ۽ منهنجي ڪتاب کي پنهنجي ڪتاب وانگر ڇپرايو آهي. اُن کان علاوه وڏا قرب ڀاءُ ڪپتان ابڙي جا جنھن منھنجي هن ڪتاب کي پنھنجي ناياب آرٽ سان هڪ خوبصورت چھرو بخشيو آهي. هن ڪتاب ۾ منهنجي سڀني گهرڀاتين جون نيڪ تمنائون به شامل آهن، منهنجي امڙ، منهنجا ڀائر لياقت علي ۽ زاهد علي منهنجون ڀينرون ۽ منهنجون ڌيئرون ۽ منهنجا پٽ غازي خان (عمران علي)، ڪامران علي ۽ عبدالرحمان ۽ منهنجي جيون ساٿي جنهن جو ساٿ منهنجي لاءِ خوشين ڀريو رهيو آهي آءٌ پنهنجي ننهن ۽ پٽ غازي خان جو به ٿورائتو آهيان جن مون کي ڏاڏي ٿيڻ جو شرف بخشي، مونکي پنهنجي مستقبل جي ٽئين نسل عروا ۽ عروج جي ناياب سوغات ڏيئي، منهنجي مختصر حياتيءَ کي وسيع ڦهلاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.

    امداد رند
    Cell: 0301-3818714


    ڪهاڻيون

    اَڌ ۾ رهجي ويل چُمي

    موٽر سائيڪل مناسب رفتار سان ھلي رھي ھئي، آسپاس موٽر سائيڪل جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪو به آواز نه ھو، پر هُو به ان وقت ھر آواز کان بي پرواھه ھو، ھن جي ڪنن تي موبائيل فون جو ھيڊ فون چڙھيل ھو، موبائيل فون تي ھو پنهنجي محبوبا آسيه سان پنهنجي مستقبل جا حسين تاج محل اڏي رھيو ھو، ھن کي ايئن ڀاسي رھيو ھو، ڄڻ آسيه ھن جي سامهون بيڊ تي ويٺل ھجي، ٻئي ٺُونٺيون ھنج ۾ ڪري، ٻنهين ھٿن جي پيالي ۾ پنهنجي کاڏي رکي، ھن ڏانهن مرڪي نهاري رھي ھجي جذبات ۾ ڪنهن پل موٽرسائيڪل جي رفتار گهٽجي رھي ھئي ته ڪنهن پل وڌي رھي ھئي،
    ”جاني، اڃا ڀلا ڪيترو تڙپائيندين، ڪيترو انتظار ڪرائيندين؟“
    ”بس، آسي ھاڻ ڪجهه سالن جي ڳالهه آھي، ھي سال منهنجي تعليم جو آخري سال آھي، ان کان پوءِ نوڪري ۽ پوءِ شادي“
    ھن پيار ڀريل ٿڌي مٺي لهجي ۾ ھن کي اطمينان ڏياريندي چيو،
    ”نه آصف ايڏو پري انهيءَ وچ ۾ ته آءُ مري وينديس“
    ھن ڏاڍي اتاولائيءَ مان چيس، آصف منهنجي دل ھاڻي ڪنهن به شيءِ مان وندرجڻ واري نه آھي،
    ”آصف مون کي ھاڻ وڌيڪ نه تڙپاءِ. نوڪري وڃي کڏ ۾ پوي مان جيڪو ھيڏو سارو پرائيويٽ اسڪول ھلايان پئي، اھو ڪنهن جي لاءِ آھي. سچ پڇين ته آءُ محبت جي معاملي ۾ ڏاڍي بدقسمت رھي آھيان، مون ائين به محسوس ڪيو آھي ته سچي محبت مون کي گهڻو وقت راس نه ايندي آھي، آصف مون کي بس تون گهرجين. آصف تون، آصف توکي خبر آھي ته منهنجي دل ڇا ٿي چوي ؟“
    ”ڇا ٿي چوي ڀلا تنهنجي دل؟“
    ”منهنجي دل چوي ٿي تون ھينئر جو ھينئر مون وٽ پهچ، مون کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري چنڊ جي ھن پار وٺي ھل، جتي پيار ڪرڻ وارن جي ھڪ ڌار حسين دنيا آباد ھجي، جتي ٻار، گل ۽ پوپٽ ھجن، بلڪل ڪنهن شاعر جي خواب جهڙي دنيا،“
    آسيه مسلسل ڳالهايو پئي، ڄڻ ته ھن تي ڪنهن ديوانگي جو دورو پئجي ويو ھجي، رات جو رنگ آسيه جي نيڻن جهڙو گهرو ڪارو ھو، ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ھيڊ لائيٽ ۽ ھارن جي شور جو ھن تي ڪو به اثر ڪونه ھو، موٽرسائيڪل جي ڦرڙاٽ جو آواز به رفتار سان گڏ گهٽ ۽ وڌ ٿي رھيو ھو، مختلف گاڏيون ھن کي ڪراس ڪري رھيون ھيون ۽ سامهون ايندڙ گاڏيون ھن جي چهري کي ڪجهه گهڙين لاءِ روشن ڪري گذرنديون رھيون، آصف تي آسيه جي لهجي جو خمار چوٽ چڙھيل ھو، نينهن جي نشي جو سرور ئي ٻيو ھو، ھو ڏاڍو خوش ھو، آسيه جي نشي جهڙي جواني ۽ مستيءَ ڀريل اکيون آصف جي تصور ۾ ھيون.
    ھنن جي پهرين ملاقات موبائيل فون ذريعي ٿي ھئي، ان رات به آصف ”راجه ڏاھر“ ھاسٽل تي پنهنجي ڪمري ۾ جاڳي رھيو ھو، ھن جا دوست روم پارٽنر بابر ۽ مزمل گهري ننڍ ستل ھئا، رات پنهنجو اڌ سفر پورو ڪري چڪي ھئي، ان رات آصف ڏاڍي بچيني پئي محسوس ڪئي، ننڍ ھن جي نيڻن کان ڪوھين ڏور ھئي، ھو ھاسٽل جي ڪمري مان نڪري سرسبز لان جي وچ تي ٺهيل پٿر جي دڪيءَ تي ويٺو. چنڊ آسمان جي نرڙ تي بنديا جيان چمڪي رھيو ھو. رات جي سانت ۾ گهرو سڪون ھو، ٿڌڙي ھوا ھن جا ڳل چُمي رھي ھئي، ھو موبائيل تي نوان، نوان نمبر ڊائل ڪرڻ لڳو، مختلف نمبر ڊائل ڪرڻ کان پوءِ ھڪ نمبر تي رنگ وڃڻ لڳي،
    ”ھيلو“
    پريان ھڪ نرم ۽ نفيس قسم جو عورتاڻو آواز آيو.
    ”جي ھيلو“ آصف ڳالهايو
    ”مون کي ننڊ نه پئي آئي سو ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ فون ڪيم“
    ”ادا، آءُ ھڪ ڊاڪٽرياڻي آھيان ھاسپيٽل مان ڊيوٽي تان پئي ڳالهايان، منهنجو وقت ڏاڍو قيمتي آھي. ۽ آءُ ڏاڍي مصروف آھيان جي اوھان ڪا ننڊ جي ٽيبليٽ وغيره لکڻ چاھيو ته لکي وٺو،“
    ”نوميڊم ٿينڪ يو“
    ان کان اڳ جو آصف ھن کي سوري چوي ھا، لائن ڪٽجي ويئي، آصف ٻيهر ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڪيترائي مرداڻا آواز اچڻ تي، ڪنهن کي سوري، ڪنهن کي رانگ نمبر چئي ٽاريندو رھيو، ۽ نوان نوان نمبر ڊائل ڪندو رھيو، آخر ھڪ ڀيرو ٻيهر ھڪ سُريلو رس ڀريل آواز ھن جي سماعتن سان ٽڪرايو.
    ”ھيلو، اسلام عليڪم،“ ”وعليڪم اسلام“
    ”ڇا حال آھي “؟ آصف سلام جو جواب ڏيندي چيو،
    ” ھا سڀ خير آھي.“ ايترو چئي ھوءَ وري چپ ٿي ويئي.
    ”معاف ڪجو جي مون اوھان کي ڊسٽرب ڪيو ھجي، يا اوھان جي مٺي ننڊ خراب ڪئي ھجي“،
    ”نه مان جاڳان پئي“. ھن وري به مختصر جواب ڏنو،
    ”ڪجهه دير اڳ منهنجي ڪال ھڪ ڊاڪٽرياڻي سان ملي ويئي ھئي، خبر نه آھي ته ھنيئر ڪنهن سان مخاطب آھيان“،
    ”ھنيئر اوھان ھڪ ماسترياڻيءَ سان پيا ڳالهايو،“
    ”ڀلا ھڪ ڊاڪٽرياڻي ۽ ھڪ ماسترياڻي ۾ ڪهڙو فرق آھي اوھان جي نظر ۾“.
    ھن گفتگوءَ کي پاڻ ئي ھڪ دلچسپ انداز سان اڳتي وڌائي ڇڏيو ھو. “
    ”منهنجي نظر ۾ ٻئي مسيحا آھن، ھڪ اِنسان جي جسم جا روڳ دور ڪندو آھي ۽ ٻيو روح جا“،
    آصف جي دل جو دھڪو وڌي ويو ھو، ساھه، ساھه ۾ نه پئي آيس،
    ”ڀلا اوھان جي نظر ۾.؟“
    ” منهنجي نظر ۾؟“
    ”ھا، ھا اوھان جي نظر ۾“
    ”منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي ھٿ ۾ سرنج ھوندي آھي ۽ ماسترياڻيءَ جي ھٿ ۾ لڪڻ“،
    ايئن چوندي ھو ٻئي ٽهڪن جي گلابي ساگر ۾ ٻڏي ويا،
    ”الله معافي ڏيندو “.
    ڪافي دير جي ٽهڪن کان پوءِ آصف چيو،
    ”ڇا کان؟“ ھن ھڪدم پڇي ورتو.
    ”سرنج کان ۽ لڪڻ کان“.
    ھڪ دفعو ٻيهر ھو ٽهڪن جي آڪاس تي پکين وانگر ترڻ لڳا، ڪجهه ئي دير کان پوءِ حجاب جون سڀ ديوارون ڀڄي ڀور ٿي چڪيو ن ھيون،
    ”اوھان ڇا ڪندا آھيو“. ھن پڇيو.
    ”آءُ شاگرد آھيان انجنيئرنگ ۾ پڙھان پيو“
    ”اڇا ته چئبو مستقبل جا اِنجنيئر آھيو“.
    ”ھا، دعا ڪريو“،
    ”ٻيو ڇا پڙھندا آھيو ؟“
    ”ٻيو ادب سان ننڍي ھوندي کان گهرو لڳاءُ اٿم“،
    ”ڀلا اوھان ڪجهه پنهنجي باري ۾ به ٻڌايو“.
    ”مون سوشيالا جي ۾ ايم. اي ڪئي آھي، ۽ ادب منهنجي به ڪمزوري آھي، نورالهدا شاھه ۽ آغا سليم مون کي تمام گهڻو وڻندا آھن، ھاڻ ھڪ پرائيويٽ اسڪول ھلائيندي آھيان، ھڪ ننڍي ڀيڻ اٿم، جيڪا ميڊيڪل ۾ پڙھندي آھي، بابا ڪراچي ۾ ھڪ صوبائي کاتي ۾ سيڪريٽري آھي، ۽ امان ھڪ اين جي او جي ڪرتا ڌرتا آھي، اھا پنهنجي ڪمن جي سلسلي ۾ ڪڏھن ڪراچي ته ڪڏھن اسلام آباد جي ٽوئرن تي ھوندي آھي،“
    ھن مختصر طور تي پنهنجي سڄي بايو ڊيٽا ٻڌائي ڇڏي ھئي.
    اوھان پنهنجو نالو اڃا تائين نه ٻڌايو آھي“.
    نالي ۾ ڇا آھي، نالو ته بس سڃاڻپ لاءِ ھوندو آھي، باقي رشتو ته ڪالهه به ”آدم ۽ ھوا“ جو ھو اڄ به آھي ۽ سڀاڻي به رھندو.
    ”مطلب“؟ آصف پڇيو.
    ”مطلب ته عورت ۽ مرد“
    ”اِھا ته ڳالهه صحيح آھي، پر ڀلا سڃاڻپ لاءِ ئي سهي، پنهنجو نالو ته ٻڌايو؟“
    ”آسيه“، ھن ڄڻ شرمائيندي ٻڌايو ھجي.
    ايئن آھستي آھستي فون جو سلسلو ھلندو رھيو ۽ نيٺ ڳالهه اچي ملاقات تائين پُهتي”سڪون ھوٽل“ جي فيملي ھال جي اُھا ڪنڊ، ان ڏينهن خوشبوءَ سان واسيل ھئي، ھوءَ آصف جي تصور کان به حسين ھئي، عمر اٽڪل پنجو يهن، ٽيهن جي وچ تي ھئي، ڪافي دير ھو ٻئي ھڪٻئي کي ڏسي خوشي ۽ حيرت مان مرڪندا رھيا ھئا، ھوءَ به آصف سان ملي ڏاڍي خوش ھئي. ڄڻ ھن کي پنهنجو آئيڊيل ملي ويو ھجي، ڪافي دير تائين مُرڪن جي ٻوليءَ ۾ گفتگو ھلندي رهي، آصف مرڪندي ھن جا گلابي ھٿ پنهنجي ڪوسن ھٿن ۾ جهليا ته ھن جو چهرو اُڀرندڙ سج وانگر ٻري روشن ٿي پيو ھو، ھن مرڪي نيڻ ٻوٽي ڇڏيا ھئا، ايئن ڪچهرين جو سلسلو طويل ٿيندو ويو.
    ھنن پيار جي زباني اظهار کان ويندي جسماني اظهار تائين جو سفر به طئي ڪري ورتو ھو، تڏھن به ھنن جي پيار جي شدت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، ھاڻ ھو ھڪٻئي کي سمجهي ويا ھئا، ھنن ھڪٻئي کان ڪجهه به نه لڪايو ھو، ايتري قدر جو آسيه، آصف کي اھو به ٻڌايو ھو ته ھوءَ اڳ ۾ به ھڪ شاديءَ جو گهاءُ کائي چُڪي ھئي، برگر فيملي ۾ ٿيل ھن جي ناڪام گهريلو زندگيءَ، ھن کي احساساتي طور ڪافي زخمي ڪيو ھو. ھن جا سمورا خواب چڪنا چور ٿيا ھئا، شاديءَ جي نالي ۾ ھن کي ھڪ سونهري پڃري جو قيد مليو ھو، جيڪو ھوءَ گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ھن کي خبر پئجي ويئي ته ھن جي مڙس کي ھن جي ”من“ جي نه، پر رڳو ”تن“ جي ئي طلب ھئي، ۽ ھن جو مڙس آوارا ڀنوري وانگر ھرروز نئين گل جي واس وٺڻ جو شوقين ھو، ھوءَ ھڪدم سونهري پڃرو ٽوڙي آزاد ٿي ويئي. پر انهن ڏينهن ۾ ھوءَ اھا آسيه به نه رھي ھئي، جيڪا شاديءَ کان اڳ ۾ ھڪ شوخ، چنچل، حاضر جواب ۽ لاجواب آسيه ھئي. ٽهڪ وکيريندڙ آسيه مان ھڪ نئين اداس ۽ ھر پل نيڻن مان نير وھائيندڙ آسيه جو جنم ٿيو ھو، پنهنجي اندر ۾ ٽٽل ڦٽل، ڀڄي ڀور ٿيل، پنهنجو پاڻ کي شراب ۾ ٻوڙيندڙ ۽ پاڻ کي ڏکن جي درياھه ۾ لوڙھيندڙ، ڪجهه ئي وقت ۾ پنهنجي ھڪ ڌار دنيا ٺاھي ورتي ھئي، جنهن ۾ ھاڻ ھوءَ ھوندي ھئي، شراب ھوندو هو ۽ ھن جا نوان، نوان دوست ھوندا ھئا. جيڪي ھن کي نوان، نوان دوکا ڏيئي، ھن جي روح کي ويتر زخمي ڪري ھليا ويندا ھئا، ايئن ھن ڪجهه عرصي تائين پاڻ کي خود اذيتي جي ڪيفيت ۾ متبلا رکيو، پر پوءِ ھو پنهنجو پاڻ سنڀالڻ لڳي ۽ ھوريان ھوريان سڀني شين کي ڌڪي ڌار ڪندي ويئي، ٿوري عرصي ۾ ھن پنهنجو پاڻ کي سڀنالي ورتو ۽ واپس پنهنجي حقيقي زندگي ۾ موٽي آئي، ھن کي ايئن ڀاسندو ھو ڄڻ ڪو، ھن، ھڪ ڀيانڪ خواب ڏٺو ھجي، ھوءَ ڪڏھن ڪڏھن رڳو پنهنجو پاڻ سان رات جو پيئڻ جي ڪمپني ڪندي ھئي، پر ڏينهن جو ھوءَ مڪمل ذميواري سان پنهنجي اسڪول جي دنيا ۾ گم ھوندي ھئي، سڄو ڏينهن ننڍن ٻارن کي ھنج ۾ کڻي ھنن جو سبق ٻڌڻ انهن کي پيار ڪرڻ، اُنهن کي شيون وٺي ڏيڻ ۽ شايد اُنهن ٻارن ۾ هوءَ پنهنجو اھو ٻار به ڳوليندي ھئي جيڪو ھن ابارشن جي ذريعي ڪيرائي ڇڏيو ھو.
    ھن پنهنجي حسين مستقبل جا خواب وري ڏسڻ شروع ڪيا ھئا، ھوءَ ڏاڍي خوش ھئي، آصف ھن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خوابن جي روشن ساڀيان ٿي مليو ھو. ھن جي شوخ چنچل، حاضر جواب ۽ ٽهڪ وکيريندڙ جواني وري واپس موٽي آئي ھئي.
    آصف کي پويان ايندڙ ڪوچ جي تيز پريشر ھارن ڇرڪائي وڌو
    ”آسيه منهنجو توڏي ھڪڙو قرض رھيل آھي“.آصف ڳالهايو،
    ”ڀلا ڪهڙو ؟“ آسيه خماريل لهجي ۾ پڇيو،
    ”آسيه ڪالهه شام سرور ھوٽل ۾ مون توکي ھڪ مٺي ڏني ھئي، ۽ تو مون کي پنج مٺيون ڏنيون ھيون. ڇو؟
    ”اڇا ته اِھا ڳالهه آھي، پوءِ ته تون منهنجو قرضي ٿئين نه، ھاڻ مون کي پنهنجون چار مٺيون موٽائي ڏي نه ته وڌيڪ سمجهين ٿو،“
    اڄ ھوءَ ڏاڍي رومانٽڪ موڊ ۾ محسوس ٿي رھي ھئي،
    ”آسي اڄ تنهنجو آواز ڇو مٽيل آھي، تنهنجو آواز اڄ گهڻو خماريل ۽ مٺو مٺو ٿو لڳي، ڪٿي تون اڄ به پي ته نه رھي آھين؟“
    ”ھا، سهڻا پي رھي آھيان،“
    ”پر تو ته مون سان واعدو ڪيو ھو ته ھاڻ جڏھن به پيئنداسين ته گڏجي پيئنداسين“.
    ”آئي ، ايم سوري جاني ھن ڀيري معافي ملي، اڳتي لاءِ واعدو“
    ”آسيه ڀلا توکي ٻار وڻندا آھن آصف ھڪدم موضوع مٽايو،“
    ”۽ ھا، جاني ھڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، مون کي ٻار ڏاڍا وڻندا آھن پر آءُ ٻار ھڪڙو ئي ڄڻينديس ۽ اھا به ڌيءَ، وڌيڪ لاءِ تون ھنيئر ئي سوچي وٺ، متان سڀاڻي مون کي تنگ ڪرين، آءُ ٻارن ڄڻڻ واري مشين ڪڏھن به ٿيڻ نه چاھينديس“.
    آصف سمجهي ويو ھو ته مڌ جو نشو ھاڻي آسيه تي چوٽ چڙھي چُڪو ھو، آصف کي موٽرسائيڪل ھلائڻ ۾ ڏاڍو لطف اچي رھيو ھو،
    ”آسي ھاڻ فون بند ڪر، ھاڻ تون آرام ڪر. ۽ تنهنجو آواز ھاڻ مونکي صفا جهيڻو پيو ٻڌڻ ۾ اچي“.
    ”نه آصف نه پليز فون بند نه ڪجان، توکي منهنجو قسم آھي“،
    ”آسيه پليز پاڻ کي سنڀال“
    ھاڻي آصف کي آسيه جي سڏڪن جا آواز صاف ٻڌجي رھيا ھئا. ھو، ڪافي دير تائين رئندي رھي،
    ”آصف توکي خبر آھي ته آءُ ڪير آھيان“
    ”ھن مڌ ھوشي جي عالم ۾ ڳالهايو،“
    ”ھا، مون کي خبر آھي، تون منهنجي آسيه آھين.“
    ”نه چريا نه آءُ موھن جي دڙي جي ناچڻي آھيان آءُ نور الهدا شاھه جي ڪهاڻي ”پاروٿو گوشت آھيان،“
    ”آسي ھاڻي تون بلڪل آئوٽ ٿي رھي آھين پليز ھاڻ فون بند ڪر“
    ”نه چريا ھنيئر ئي ته آءُ نارمل آھيان“
    ”چڱو آسي ھاڻي موڪلايون ٿا، پر اڳ ۾ ھڪ مٺي ڏي“،
    پوءِ ڪافي دير تائين آصف جي ڪنن ۾ چمين جا روح گرمائيندڙ آواز ايندا رھيا، آسيه ڄڻ تصور ۾ آصف جا گلابي چپ چمي رھي هجي،
    ”آصف ھاڻ تون به مٺي ڏي“.
    آصف به چمي جي جواب ۾ چميون ڏيندو رھيو، چميون ڏيندي ھن تصور ۾ آسيه جي چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا. ڪجهه ساعتن لاءِ ھن جو اکيون بند ٿي ويون ۽ آصف جو ڌيان سامهون ايندڙ وين کان بلڪل ھٽي ويو ھو، ھڪ ڌماڪو ٿيو. ۽ هڪڙو خوبصورت خواب چِڪنا چور ٿي ويو ۽ هڪ چُمي هوائن ۾ اٽڪي اڌوري رهجي وئي.


    ڇَپيل ڀونڊو

    سڄي دڪان کي ٻهارو ڏيئي، ڇنڊڻيءَ سان شيشي جي ڪٻٽن کي ڇنڊڻ شروع ڪيم، منيارڪو دڪان، ڪٻٽن ۾ ھر قسم جا پائوڊر، طرحين، طرحين جون خوشبوءِ واريون سينٽون، ۽ جسم کي مهڪائيندڙ صابڻ توڙي اسپري، ھار سينگار جو مڪمل سامان موجود ھيو، ڪٻٽ اُگهي اڃا واندو نه ٿيو ھوس، سامهون واري فٽپاٿ تي ٺهيل ڇپرا ھوٽل جو ”ٻاھر واري“ ڪندڙ ملازم، ھڪ چانهه واري ڪٽلي ۽ ٻه ڪيڪ معمول موجب رکي ھليو ويو، ڪٽلي ۽ ٻن ڪوپن جي کڙڪي مون کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو، روڊ تي نهار وڌم ته اڃا سڄي بازار ۾ ويراني ڇانيل ھئي، پري کان دڪانن جا شٽر مٿي کڄڻ جا آواز آيا پئي، ڀنگياڻيون ٻهارو ڏيئي، گند ميڙي وڃي چڪيون ھيون. آڪٽوبر جي ٿڌي مٺي صبح ھئي، نه گرميءَ جو احساس ۽ نه ئي گهڻي ٿڌ. موسم ڏاڍي وڻندڙ ھئي، ۽ اڄ الاءِ ڇو منهنجي اندر ۾ به گل مهڪي رھيا ھئا، مون چانهه کي ھڪدم ڪوپ ۾ اوتيو، چانهه جي مخصوص خوشبو دار ٻاڦ منهنجو منهن چمڻ لڳي، محبوب جي ساھن جهڙي ڪوساڻ، ڪيڪ کي چانهه ۾ ٻوڙي وات ۾ وڌم ته لذت جو مٺو ۽ گرم احساس سڄي وجود ۾ ڦهلجي ويو.
    اسان شهري ماڻهن جي دنيائي نرالي آھي، ڪيبل نيٽ ورڪ اچڻ کان پوءِ ته ويتر نرالي ٿي پئي آھي، رات جو دير تائين ھلندڙ اسٽار پلس جي ڊرامن، اسان جي زالن کان اسان جو مڪمل ڌيان کسي ورتو آھي، انهن ڊرامن دوران ڀلي ڪي سيارا پاڻ ۾ ٽڪرا ئجي وڃن ۽ ڪا خوفناڪ قيامت اچي وڃي پر مجال آھي جو مايون پنهنجي جاءِ تان چُرن. رات جو جي بک گهڻي لڳي ته پاڻ فرج مان ٻوڙ ڪڍي گرم ڪيون ته ڪيون يا، ڊرامن جي نه کٽندڙ سلسلي جو انتظار ڪيون ۽ صبح جو به سوير نماز پڙھي بنا ڪنهن نيرن جي نڪري پئون، ھا، باقي منجهند جي مانيءَ جو ٽفن پنهنجي پوري ٽائيم تي پهچيو وڃي.
    ”اي سيٺ خير ته ڏي الله جي نالي“ اوچتو فقيرياڻيءَ جي صدا تي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو،
    ”معاف ڪر“. مون چيو
    ”اي سيٺ صبح جو ٽيم آ. خالي نه موٽاءِ ڪجهه ته ڏي، الله ڪندو مڪي مديني جي زيارت ڪندين“، باگڙياڻيءَ پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو.
    ”ڀلا ٻڌاءِ گهڻو خير کپئي“ منهنجي اندر جو شيطان جاڳي پيو.
    ”اي سيٺ جيڪي پنج ڏهه روپيه ڏي ته وڃان، ڪو لهڻو ليکو ته ناھي“. ھن چيو
    ”پنجن ڏھن مان ڇا ٿيندو ڪو ھزار، پنج سئو جي ڳالهه ڪر“
    مون چيو مانس. مان الائي ڇو ھوش مان نڪرندو پئي ويس، خبر نه آھي ته اھو ھن جي حسن جو جادو ھو يا جوانيءَ ڀريل ادائن جو، ھوءَ به صبح جو سوير ھار سينگار ڪري، ڪنهن وڏي قتل عام جو پروگرام جوڙي نڪتي ھئي، باھه جي ڄڀين جهڙا ڀورا ڳاڙھا ڳل، ڪجل ڀريل نيڻ، چپن تي ھڪ قاتل مرڪ سان گڏ ناز ۽ نخرن جا سڀئي داوَ آزمائڻ لڳي،
    ”اي سيٺ ڏي جلدي ته وڃان“هُن وري چيو،
    ”چانهه پيئندينءَ؟“ مون چيومانس،
    ”ها ڇو نه پيئان“، مون اٿي دڪان کي ٻن حصن ۾ ورھائيندڙ پردو ڇڪي ورتو، ڪوپ ۾ چانهه وجهي ۽ پني ۾ ويڙيل ڪيڪ کيس ڏيکاريندي پردي جي پويان سڏيم، ھن کي ايئن اندر اچڻ جي دعوت ڏنم جيئن اڙيل گهوڙي کي جهولي ڏيکاري وٺڻ جي ڪوشش ڪبي آھي، هوءَ بکي ٻلي جيان پير پير ۾ ڏيئي، پردي جي اندر اچي ويئي، منهنجي سامهون ڪيڪ چانهه ۾ ٻوڙي کائڻ لڳي، ۽ مان ھن کي ايئن ڏسڻ لڳس جيئن ٻلي. ڪوئي کي ڏسندي آھي.
    ”ھي جيڪو سيٺ تنهنجي ڀرسان آھي نه جنهن جو نوٽن جي ھارن جو دڪان آھي، ان نڀاڳي ته آنو به نه ڏنو.وري چوي پيو، ڪلمو پڙھي مون سان شادي ڪر ته سڄي عمر عيش ڪرائيندو سائين. ھيڏي وڏي ڏاڙھي، مئي جي، ھٿ ۾ تسبيح، نه شرم نه حيا“،
    ھن پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿڌو ساھه کنيو.
    ”ھن ويچاري ملي جو ڪهڙو ڏوھه تون ته فرشتن جو ايمان به لوڏي سگهين ٿي،“
    ”سيٺ ڀوڳن کي ڇڏينس، خير ڏي ته مان وڃان،“
    ھاڻ ھوءَ تڪڙ ڪرڻ لڳي،
    ”ڀلا ھُن مُلي کي ته ھڻ ڍنڍ ۾، منهنجي لاءِ ڪهڙي صلاح اٿئي؟“،
    ”اي هي ڇا جي صلاح“
    ڳالهين دوران هُن جي پشم جهڙي ھٿ مٿان پنهنجو ھٿ رکي چڪو ھوس، ھن ڪا گهڻي مزاحمت ته ڪانه ڪئي، پر ھوريان هوريان پنهنجو ھٿ، منهنجي ھٿ مان ڇڏائي ويئي،
    ”مون سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ ڪهڙي صلاح اٿئي.“
    ايئن چوندي منهنجا ھٿ، منهنجي وس مان نڪري ويا، ۽ مان ھن سان اُها حرڪت ڪري ويٺس جنهنجو عام حالتن ۾ مان تصور به نه ڪري سگهان ھا. منهنجي جبري ڪوشش ڪرڻ ۽ ھٿ چراند ڪرڻ تي ھوءَ مڇرجي اٿي پئي ۽ مون کي ڌڪو ڏيئي پوئتي ھٽايائين ۽ ٿورو پوئتي ھٽي گهروڙي ڀونڊو، منهنجي منهن تي ڪنهن موچڙي وانگر وھائي ڪڍيائين. ۽ ڪمان مان تير وانگر، منهنجي دڪان مان نڪري ويئي. مون محسوس ڪيو ته منهنجو منهن صفا تئي جي پٺيئن پاسي جهڙو ٿي ويو ھو. حالا نڪه اِھو پهريون ڀيرو ٿيو ھو.
    ڀونڊو منهنجي حواسن تي سوار ٿي ويهي رھيو ھو،
    سج جيئن جيئن مٿي چڙھندو ويو، بازار ۾ رش وڌندي ويئي پوءِ سڄو ڏينهن ڪم ھلندو رھيو، نوٽن سان پنهنجي دخل جا خانا ڀريندو رھيس پر چاھڻ باوجود ڪنهن به گراھڪ سان مرڪي نه سگهيس ۽ نه ئي مان گراھڪن سان نظرون ٿي ملائي سگهيس، بس دل پئي چاھيو ته سج کي ڪنڌ ۾ رسو وجهي ھيٺ جهڪائي ڇڏيان ۽ جلديءَ ۾ رات ٿئي ته گهر وڃان، عيد جي رش هجڻ باوجود مون جلديءَ ۾ دُڪان بند ڪري تالو پئي هينم ته ڀر واري دڪاندار سيٺ حاجي صديق ھڪل ڪري پڇيو،
    ”ادا مجيد ڇو ڀلا اڄ سوير پيا وڃو خير ته آھي.“؟
    ”ها حاجي صاحب ٿورو طبيعت ٺيڪ نه آھي، ان ڪري دڪان بند ڪيو اٿم،چڱو دعا ڪجو، خدا حافظ“، مون زوريءَ موڪلايو.
    گهر جي بيل تي ھٿ ڄمي بيهي رھيو، گهرجي اندران بيل جو مسلسل آواز ڊنگ ڊونگ، ڊنگ ڊونگ وڄندو رھيو، ھڪدم درکليو بيگم جو حسين چهرو ظاھر ٿيو ۽ ھن گهٻرايل آواز ۾ پڇيو،
    ”سائين خير ته آھي اڄ صفا بيل تي چڙھي بيهي رھيا آھيو، اڄ جلدي موٽي آيا آھيو، خير ته آھي نه“
    بيگم جي آواز مان ھاڻي پريشاني واضح نموني سان ڇلڪُي رھي ھئي، ھا، ھا سڀ خير آھي، پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانه آھي، ٿورو مٿي ۾ سور ٿي پيو ھو، ان ڪري جلدي ھليو آيس“.
    ”ٺيڪ آھي اوھان ويهو ته مان اوھان لاءِ چانهه ٿي ٺاھي اچان.“
    پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٽي وي آن ڪري، پنهنجو پاڻ کي مختلف چينلن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ايڏي ڪوشش جي باوجود به صبح وارو ڀونڊو سڄي ڏينهن جيان منهنجن حواسن تي اڃا تائين ڇانيل ھو.
    بيگم چانهه جي ٽري کڻي آئي جنهن ۾ چانهه جا ٻه مگ رکيل ھئا ھڪ مگ مون کنيو ۽ ٻيو بيگم ،
    ”اڄ الائي ڪهڙو ڏينهن ھو آئون سڄو ڏينهن ڪاوڙ ۾ پئي ڪڙھي آھيان“، بيگم پنهنجي ڊيلي ڊائري شروع ڪئي.
    ”ڇو، توسان ته خير ھو، گهر ۾ آھين به اڪيلي تڏھن به وتين ٿي ڪاوڙي، چري ٿي پئي آهين ڇا؟“. مون مُرڪندي پڇيو.
    ”نه اڙي چري ناهيان ٿي، اڄ مون سان اھڙي جُٺ ٿي آھي جو ڇاٻڌايانءِ ۽ مان ته توکان سواءِ ڪنهن سان ڳالهه به نه ٿي ڪري سگهان“
    منهنجي ھٿ ۾ چانهه جو مگ لڏڻ لڳو، اکين جي آڏو اونداھي ڇائنجڻ لڳي،
    ”وري به ڪجهه ٻُڌائي ته سهي، ته ڇا ٿيو آهي. تون ته منهنجو ساهه ٿي ڪڍين“.
    مان صفا بي صبرو ٿي پيس، نه ڄاڻ ڇو، صبح وارو منظر منهنجي تصور ۾ ڦرڻ لڳو،
    ”اڄ صبح تنهنجي وڃڻ کان ڪلاڪ ڏيڍ پوءِ اِھو واقعو پيس آيو ھو.“ ھوءَ ڄڻ ٻڌائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري رھي ھئي،
    ”ڀلا ڪجهه ٻڌاءِ ته سهي آخر ٿيو ڇا آھي“ بيچيني منهنجي لهجي مان نيسارا ٿي وھڻ لڳي.
    ”ها، ڪلاڪ ڏيڍ ٿيو ھو، تنهنجي ويئي کي جو درتي ڪنهن فقير اچي صدا ھنئي، مان به اٽي جو وٽو ڀري درتي کڻي آيس. درکوليم ته سامهون ھڪ ڏنڊو مٽو فقير، وڏو ڪارو جبو پيرن تائين، مٿي تي رلين جي ٽڪرن واري لاھوتي ٽوپي پهريل، کاٻي ڪُلهي ۾ اٽي وجهڻ واري بجڪي، ساڄي ھٿ ۾ ڪتن کي ھڪلڻ واري لٺ ھيس، مون اٽي وارو وٽو اڳتي وڌايومانس ته هُو وٽي کي نظرانداز ڪيو مون ۾ اکيون کپايو بيٺو ھو، ھو مون ڏانهن ايئن ڏسي رھيو ھو، جيئن ڪو بکيو بگهڙ پنهنجي شڪار کي ڏسندو آھي، جيئن ڪو ٻلو، ڪوئي کي ڏسندو آھي.“
    ۽ ھاڻي مان ڪجهه به نه ٻڌي رھيو ھوس، ھوءَ مسلسل ڳالهائي رھي ھئي، مون کي ايئن ڀاسي رھيو ھو، ڄڻ صبح واري فقيرياڻي اڃا تائين ڀونڊو ٽنگيو بيٺي ھئي.


    ڳاڙھيون اکيون

    شڪاري ڪرسيءَ تي ويٺل ھو سڄو حال ڪتن سان ڀريل ھو، سڀئي ڪتا پڇ لوڏي رھيا ھئا، سڀ ڪتا ڏاڍا خوش نظر اچي رھيا ھئا، شڪاري اُٿيو، ڪتن ڏانهن وڌيو، ڪتا شڪاريءَ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، پوئين ڀرگيسيون ڏيندا گسڪندا پوئتي ھٽڻ لڳا، شڪاريءَ جي وک توريل تڪيل ھئي، ڪجهه وکن کان پوءِ ھو ڪتن جي وچ ۾ بيٺل ھو، سڀئي ڪتا ادب ۾ اٿي بيهي رھيا، سڀ ڪتا ھن جي لانگ بوٽن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪتا ھڪٻئي جي مٿان چڙھڻ لڳا، ھڪٻئي کي لتاڙڻ لڳا، ڪتا ھڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ريس ۾ ھڪٻئي مٿان چڙھيو ٿي چڙھيا، ھڪٻئي مٿان چڙھڻ ڪري ھڪ ڍڳ ٺهي ويو. شڪاريءَ کي ھاڻ ڀئو ٿيو ته ڪٿي ڪتا چاپلوسي ڪندي بوٽ چٽيندي، چٽنيدي سندس وردي نه خراب ڪري وجهن. ھلڪين لتن سان ڪتن کي ٿيلهڻ لڳو، ڪو به ڪتو نه ڀونڪيو، بلڪ خوشامد واري مٺي لهجي ۾ ڪئون ڪئون ڪرڻ لڳا، شڪاري ڪتن مان نڪري وري ڪرسي ڏانهن موٽڻ لڳو، ڪجهه ڪتا ھن کي پروٽوڪول ڏيڻ خاطر ھن سان ڪرسيءَ تائين گڏيا آيا، شڪاري ڪرسيءَ تي ويٺو ته ڪتا به واپس پنهنجي شان مطابق پنهنجي ڀائرن سان پنهنجين پنهنجين جاين تي وڃي ويهي رھيا، ويهڻ کان پوءِ ڪتن جا پڇ تڪڙا تڪڙا لڏي رھيا ھئا، شڪاري سامهون ميزتي رکيل رموٽ بيل وڄايو. رنگين شيشي واري در جو ھڪ تاڪ ھڪدم اندر ڏانهن کليو،
    ”جي سر“ ھڪ ڪلين شيو حسين قدآور باوردي نوجوان سليوٽ ڪري پڇيو.
    ”رفيق صاحب کي چئو ته فائل سوڌو اچي“.
    باوردي نوجوان واپسي جو سليوٽ ڪيو ۽ واپس ٺڪ ٺڪ ڪندو ھليو ويو، ڪجهه منٽن ۾ درٻيهر کليو ھڪ باوردي اڌڙوٽ ھمراھه اندر آيو ۽ سليوٽ ڪيو. اڄ شڪاري ۽ ڪتن جي وچ ۾ تعارفي مٽينگ ھئي، شڪاري ويٺي ئي ساڄو ھٿ مٿي ڪري سليوٽ جو جواب ڏنو، ۽ ڀرواري ڪرسيءَ تي ويهڻ جو ھٿ سان اشارو ڪيائين. ٻنهين جي وردي ۽ لانگ بوٽ چمڪي رھيا ھئا، فرش تي ڪروڙن جا قالين ۽ در درين تي لکين رپين وارا قيمتي پردا ٽنگيل ھئا،
    ”رفيق ھي ڪٿان جا ڪتا آھن“ شڪاري ڪتن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو
    ”سر ھي سڀ پنهنجي تر جا ئي ڪتا آھن“
    رفيق جيڪو شڪاري جو پرسنل سيڪريٽري ھو، ڪتن ڏانهن ھڪ اعتماد واري نهار وجهندي چيو
    ”رفيق لڳيم ٿو ھي ڪي لوسي نسل جا ڪتا آھن، ھي ته ڀونڪن ئي نٿا“ شڪاريءَ چيو
    ”سر اوھان جي ڳالهه بلڪل درست آھي، بلڪل لوسي ڪتا آھن پر رڳو اسان جي لاءِ ھونءَ ھي ڀو نڪندا به آھن ڏاڙھيندا به آھن، رت به پئيند آھن، ماس به پٽيند آھن، پر پنهنجن جو يا، وري جنهن لاءِ اسان چاھيون ، پوءِ انهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا آھن، سر ھنن جي خاص خوبي اِھا آھي، ته پنهنجن جا ويري آھن، پنهنجي تي نظر پين، ڄڻ دشمن تي نظر پين،“
    رفيق تفصيلي جواب ڏنو، رفيق ھنن ڪتن جي خاصتين مان ڏاڍو خوش ۽ مطمعن نظر اچي رھيو ھو.
    ”رفيق ھنن کي ٿورو ڀونڪاءِ ته سهي،مان ٿورو ھنن جي ڀونڪڻ مان ھنن جي نيتن ۽ ارادن جو اندازو ته لڳايان،“ شڪاري فرمائش ڪندي چيو.
    ”سر! ھي اوھان تي، منهنجو مطلب آھي ته پنهنجي مالڪن تي ڪڏھن به نه ڀونڪندا آھن، ھي اسان جا سٺ، ستر سالن کان آزمايل ڪتا آھن. پرڪي ته اڃا ان کان به پراڻا نسل درنسل اسان جا وفادار رھيا آھن، ھنن اسان کي ڪڏھن به مايوس نه ڪيو آھي“، رفيق شڪاري کي مطمعن ڪندي چيو،
    ”ڀلا ھنن کان وڌيڪ خوبين وارا ڪتا ناھن ڇا؟“ شڪاري بيچين ٿيندي پڇيو.
    ”نه سر اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ مال اچي ئي اھڙو ٿو، پرھي به ڪنهن کان گهٽ نه آھن، وڏا، خوانخوار ۽ وحشي آھن، ھي رڳو اوھان جي آڏو ڇَپ ھنيو. اشراف لڳا ويٺا آھن. نه ته سڄي دنيا ۾ ھنن جهڙو بيغيرت ۽ پنهنجن جو ويري نسل ڪٿي به نه ملندو، ھنن ڀڙون اسان جي اشاري تي، پنهنجي معصومن ۽ گگدامن جا نسل تباھه ۽ ويڙھا ويران ڪري ڏيکاريا آھن، ھنن ٿورڙن ڪميڻ جي ڪري، اسان گهڻن تي ڪنٽرول ڪيو ويٺا آھيون، گهڻي لوڌ جي بڪ بڪ ۽ اجايون سجايون ڳالهيون مڃڻ کان بهتر آھي، ته ھنن ”چند ڪتن“ کي ٿورو مال کارائي پنهنجا مسئلا ھتي ويٺي پيا حل ڪريون. ھڪڙن ڪتن مان رڍون ۽ ٻڪريون تنگ ٿي پونديون آھن، ته اسان وري نوان ڪتا ميدان ۾ لاھيندا آھيون، چهرن جي تبديليءَ کي اِھي رڍون ۽ ٻڪريون وڏو انقلاب سمجهي جهمريون ھڻنديون آھن. وري جڏھن انهن ڪتن مان به بيزار ٿينديون آھن ته وري نئون ڪتو، ڪڏھن ڪڏھن ته سال ۾ ٽي، ٽي ڪتا به بدلائيندا آھيون، ۽ سر، ھي ڪتا قومي خزاني تي گهڻو بار به نه آھن، ۽ جڏھن ڪي ڪتا ڪم جا نه رھندا آهن، تڏهن ڪن کي زھر، ڪن کي گولي، ڪن سان لتن مڪن ۽ ڦاھيءَ واري راند به کيڏندا آھيون، ڪن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پري ڪڍي ڇڏيندا آھيون، وري ڪم پوڻ تي واپس گهرائي به وٺندا آھيون“. رفيق تفصيل سان ٻڌائيندي چيو.
    ”رفيق منهنجو خيال آھي، ھاڻي ھنن کي ڪنهن مينار جي آڏو بيهاري، گولي سان اڏائي ڇڏ جي۽ ھاڻي وري نون ڪتن کي موقعو ڏجي“.
    اھا ڳالهه ٻڌي ڪتن جا دوڏا، ٻاھر نڪري آيا، زبانون ھيٺ قالين تائين لڙڪي پيون ۽ پُچَ تيزيءَ سان لڏڻ شروع ٿي ويا،
    ”نه، سر نه ھي اڃا وڏي ڪم جا ڪتا آھن، ۽ ھنن جو اسان کانسواءِ ٻيو ڪو سهارو به نه آھي، ھي مرندي مري ويندا، پر پنهنجون وفاداريون اسان سان ئي رکندا، ھي اڄ جيڪي ڪجهه به آھن، اسان جي ڪرم نوازيءَ جي ڪري ئي آھن، اسان ھٿ ڪڍنداسين ته بج، بج ٿي ويندا، ۽ ھنن جي، پنهنجن وٽ اُھا اڳوڻي لئي ۽ دٻديو به نه رھيو آھي، ھي اسان جي پيرن کان ڪڏھن به پري نه ٿيندا.“
    ”رفيق ڀلا ھاڻ شينهن ھن تر ۾ نظر نٿا اَچن ڇو“؟ شڪاري پڇيو.
    ”سر شنيهن ۽ ھنج ھونءَ به ٿورائي ھوندا آھن، باقي ڪانو ۽ ڪتا عام جام ھوندا آھن“.
    ”ھن تر ۾ اڳ ۾ شينهن جو تعداد چڱو خاصو ھو پوءِ ڪي شينهن ھي تر ڇڏي ھليا ويا، ڪي قيد ڪيا ويا ڪي سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ جي ڪم اچڻ لڳا، ۽ هڪڙو شينهن ته اھڙو به ھو، جيڪو ڪنهن جي چوڻ آکڻ ۾ نه پيو اچي، پنهنجي جهنگن، دنگن ۽ ننگن جي آزادي سان گهمڻ جا خواب ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ لڳو ھو، پوءِ انهيءَ کي سڄي عمر پڃري ۾ بند رکيوسين، تان جو دم به پڃري ۾ پرواز ڪري ويو ھوس“، رفيق اعتماد سان شڪاريءَ کي بريف ڪندي چيو.
    ”پر رفيق چوندا آھن ته شينهن جا ٻچا به شينهن ٿيندا آھن.“
    ”سربلڪل صحيح ٿا چئو. آھن ته اُھي به شينهن پرھنن ۾ ڪجهه ڪمزوريون آھن، ھڪڙو ته لوسي ڪتن جي صحبت ۾ رھي ھو به پنهنجي دفاعي جبلت وڃائي ويٺا آھن ۽ ھنن جون اکيون به وڏين گاڏين جي ھيڊ لائٽن تي پورجيو وڃن ۽ ڦٽاڪن جي آواز تي به چُرن ۾ لڪي ٿا وڃن، ايئن سمجهو ته ھو به بس رڳو ڏسڻ جائي شينهن آھن“
    رفيق شينهن بابت تفصيل سان ڳالهائيندي چيو. ”رفيق پوءِ اِھي به شينهن ته نه چئبا.“ شڪاريءَ وراڻيو.
    ”سر معاف ڪجو، شينهن جو ھن تر ۾ قدر به ڪونهين، ھن تر جا ماڻهو سدائين ڪتا ويڙھائيندا آھن ۽ ڪتن وانگر پاڻ ۾ پيا وڙھندا آھن.“ رفيق جواب ڏنو.
    ”ڀلا رفيق جيڪڏھن اسان شنيهن پالڻ چاھيون ته پوءِ “
    ”سر، شينهن ھاڻ جبلن ۽ غارن ڏانهن منهن ڪيو آھي، اُھي ھاڻ اسان سان گڏجي رھڻ نٿا چاھين،اُھي شايد ھاڻ اسان کي سمجهي ويا آھن ته، اسان جو، لالچ ۽ قبضي کان سواءِ ڪو به دين ڌرم نه آھي“.
    ”ڀلا جبلن ۾ ڪتاآھن،“ شڪاري پڇيو.
    ”سر، شينهن چونڊي چونڊي ۽ ڳولي ڳولي، ڪتا جبلن ۾ ماري ڇڏيا، ٻيا ڪتا خوف مان جبل ڇڏي ڀڄي ويا، ھاڻ جبلن ۾ گهڻو ڪري ڪتا نٿا رھن، ھا، باقي ڪجهه شينهن ۽ اُنهن جا ٻچا وڃي بچيا آھن، جن ھاڻ ليڪو ڪڍي ڇڏيو آھي، اُھي ھاڻ جبلن تي ڪنهن کي به اچڻ نٿا ڏين“ رفيق ٻڌايو.
    ”پوءِ ھي ڪتا ڪڏھن ڪم ايندا.؟“
    ”سر! شينهن جو شڪار ڪتن سان نه بلڪ بندوق سان ڪبو آھي، پرھاڻ مشڪل اِھا آھي، جو شينهَن به بندوق کڻي ورتي آھي،“ رفيق چيو.
    ”رفيق ھي جيڪو سڀني ۾ ٿلهو ڳاڙهين اکين وارو بلڊاگ ڪتو آھي، اِنهي جون ڳاڙھيون اکيون ڏاڍيون ڀوائتيون آھن، اھو ڪيڏي مهل به اسان کي کائي سگهي ٿو“. شڪاريءَ بلڊاگ جي ڳاڙھين اکين کان ڊڄندي چيو.
    ”نه سر اھو ته صفا لوسي آھي، چئو ته هينئر ئي امتحان وٺئونس، اِھي ڳاڙھيو اکيون رڳو پنهنجن جو رت سُڪائڻ لاءِ اٿس،“ رفيق چيو.
    ”ڀلا وٺيس امتحان ته ڏسئونس“، شڪاريءَ خوش ٿيندي چيو.
    رفيق پنهنجو لانگ بوٽ لاٿو، ھٿ ۾ جهلي، توري تڪي پوريءَ طاقت سان بلڊاگ کي ٻوٿ وارو وھائي ڪڍيو، لانگ بوٽ ڪتي کي اھڙو زور سان لڳو، جو ڪتو لانگ بوٽ سان گڏ ٿيلهجي وڃي ڪريو، ايڏو زوردار ڌڪ لڳڻ کان پوءِ به ڪتي ڪوڪٽ به ٻاھر نه ڪڍيو بلڊاگ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سنڀالي اٿيو. ڪجهه سيڪنڊن تائين پنهنجا ڪن ڇنڊيندو رھيو، ڪن ڇنڊي لانگ بوٽ کي ويجهو آيو، بوٽ چڪ ۾ ڪري آھستي آھستي ڪنڌ ھيٺ ڪري رفيق جي پيرن ۾ رکيائين ۽ بلڊاگ رفيق جي پيرن ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳو ۽ پنهنجون ڳاڙھيون اکيون کڻي ٻنهين ڏانهن نهارڻ لڳو، جيڪي ھن کي ساڳي مرڪ سان نهاري رھيا ھئا.


    واٽر وار

    پنهل سڀني ڳوٺاڻن سان درياھه جي بچاءَ بند تي بيٺل ھو. سوين ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو ھو. پاڻيءَ جو چاڙھه تيزيءَ سان وڌندو پئي ويو. ھزارن جي تعداد ۾ ڳوٺاڻا بچاءُ بند تي پهتل ھئا، ڪوڏرن جا زپڪا لڳا پيا ھئا، ھڪڙا ھٿ ڪوڏرن مان نڪتا پئي ته ٻيا پيا پئي، وريام خان به بند تي موجود ھو، وريام خان ھڪ پڙھيو ڳڙھيو، ساڃاھه وند، سلجهيل ۽ وطن دوست زميندار ھو، اڄ جڏھن سڀ چونڊيل عوامي نمائينده ڪوئن وانگر ٻرن ۾ لڪي ويا ھئا ته وريام خان جهڙا کوڙ سارا غيرت مند راڄن جا چڱا مڙس پنهنجي مدد پاڻ تحت ميدان ۾ نڪري پيا ھئا، بند تي نظر کٽي پئي، پر ماڻهو نٿي کٽا، ھر ماڻهو ھمت جو ڀرپور مظاھرو ڪري رھيو ھو، وريام خان ته پنهنجي ٽريڪٽر ٽرالين، ھارين نارين سوڌو بند تي موجود هو، ڪافي انگ ۾ هٿياربند ماڻهو به نظر آيا پئي، جن کي وريام جو سختيءَ سان چيل هو ته،
    ”ڪو به ماڻهو بند کي ڪٽ ھڻندي نظر اچي ته آنڊا ڪڍي ڇڏجوس، ڀلي ڪو ورديءَ وارو ڇو نه ھجي“.
    ھڪڙن ٽريڪٽرن زمين مان مِٽي پٽي پئي ته ٻين ٽريڪٽرن مٽي ڌڪي بند تي چاڙھي پئي، ڪاوڙ ۽ ڏک جي فضا ڇانيل ھئي، اڪثر ڪم وارن جوانن جون قميصون لٿل ھيون. بند کي تمام گهڻو ويڪرو ڪيو ويو ھيو، پلاسٽڪ جا وڏا ڪٽا ڀري بنياد ۾ لڳايا پئي ويا. بند جي مٿان ڪٿي ڪٿي پلال وڇايل ھيو، ۽ پلال مٿان تڏيون، تونريون ۽ رليون به وڇايل هيون، ھنن کان ٿورو سڏ پنڌ تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون ڪيپمون به لڳل ھيون، اُھي ماڻهن کي بند تان لهي وڃڻ ۽ گهرن ڏانهن موٽي وڃڻ جو چئي رھيا ھئا، بند تي بيٺل ڪنهن به ماڻهوءَ ھَنن جي ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو، بند تي جهڙو ميڙو متل ھجي، بند تي ڪم سان گڏ ڪچهريون به شروع ھيون. بند تي ڪامريڊ پنهل سان گڏ تر جا جوان، ٻڍا، ٻار به شامل ھئا، وريام خان به ھنن جي ڪچهري ۾ شامل ھو، پر ڪچهري ۾ ڪامريڊ پنهل پنهنجن روشن ۽ اُجرن خيالن جي ڪري سڀني ۾ منفرد ۽ نمايان ھو، ڪم وارن جوانن پاڻيءَ جو چاڙھه ڏسي، پنهنجا شهپر پئي وٽيا ڄڻ چاڙهه کي چيلنج ڪندا ھجن،
    ”ڀائرو، ھي ٻوڏ نه آھي ھي آبي جنگ آھي، جيڪا دشمن اسان تي اوچتو زوريءَ مڙھي آھي، جڏھن دشمن توپن ۽ ٽينڪن سان سنڌ فتح نه ڪري سگهيو، ته ھاڻي ھن پاڻيءَ کي ھٿيار بنايو آھي. ڪو دور ھو، جڏھن سنڌ تي مهاراجا ڏاھر جي امن پسند حڪومت ھئي، تڏهن به بدنام زمانا لٽيري بن قاسم تلوار ۽ تسبيح کي ھٿيار بنايو ھو، پر اسان ھنن جي ھر سازش کي ناڪام بنايو ۽ ھاڻي اسان ھن جنگ کي به ناڪام بڻائينداسين،
    ”ڪامريڊ پنهل ڏک ۽ ڪاوڙ مان ڳالهائي رھيو ھو، ڳالهائڻ مهل ھن جو منهن تتل ٽامي جهڙو ٿي پيو ھو،
    ”ڳالهه دشمن جي حملي جي نه آھي، پر ڏک پنهنجن غدار وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جو آھي. جو اُھي اڄ به ھميشه وانگر دشمن سان گڏ بيٺل آھن“،
    ”بس، ادا اھائي ڳالهه ته ماري ٿي ته اسان کي منهن ۾ پنهنجا ڏنا ويا آھن“ چاچي سليمان وچ ۾ ڳالهايو.
    ”ھا، چاچا سليمان صحيح ٿو چوين اصل لک جي ڳالهه ڪئي اٿئي، ھُنن سدائين اِھي ڪُڌا ڪم اسانجي پنهنجن کان ئي ڪرايا آھن، سدائين اسان جي پنهنجن جي ڪلهي تي بندوق رکي اسان کي ماريو ويو آھي“، ڪامريڊ پنهل، چاچا سليمان جي ڳالهه جو جواب ڏنو،
    ”پر چاچا سليمان ھاڻ گهڻو ٿيو، ھاڻي اسان سڀ قرض وياج سوڌو لاھي ڇڏيا آهن، ھاڻ اسان ڪنهن به بگهڙ کي پنهنجو ماس پٽڻ نه ڏينداسين“ وريام خان سخت ڪاوڙيل انداز ۾ ڳالهايو،
    ”ڀائو وريام ھي ته دشمنن کان به چڙھي ويا“، حاجي يعقوب ڳالهايو،
    ”بابا دشمني جي ڪا ڳالهه آھي، اِھي سڀ جا سڀ ڪارِڙا تتر اَٿو، ھو ڪيئن چوندا آھن ته ماڇن جو ڪتو سوئر جو ھمراھه، انهن غدارن جي ڪري ته اسان جا هي حال ٿيا آهن، ھنن سدائين حرام جي ھڏيءَ لاءَ انهن گگدام، سادن سچن ماڻهن توڙي وسيلن جا سودا ڪيا آھن“،
    ”ادا، مَلوڪ! هنن کان ته ٻروچن کي شابس هجي، هڪڙي پوڙهي جي تذليل ٿي ته سڀني غيرت ۾ اچي اقتدار واري ڪرسي کي ٿُڪَ ھڻي ڇڏي،
    ”پر سائين وريام اسان وارن ته حد ڪري ڇڏي، سنڌراڻي جي خون جو سودو ڪري ويهي رھيا. مڙس جي کپي کپي پئي پئي، صفا ٻڏڻ جهڙو ڪري ڇڏيائين قوم کي“
    ڪامريڊ پنهل رئيس وريام خان کي مخاطب ٿيندي چيو،
    ”ھا، ڪامريڊ اھڙي تذليل تي حڪومتون نه مٽائبيون آھن، پر جاگرافيون ۽ نقشا مٽائبا آھن،“
    ”پر رئيس قوم ته پنهنجو فيصلو، شهيد راڻيءَ کي لحد ۾ لاھڻ مهل ٻڌائي ڇڏيو ھو.“
    ”ديس جو ھر ماڻهو نه کپي، نه کپي جا نعرا ھڻي رھيو ھو، قومن جي فيصلي جي آڏو فردن جي فيصلي جي ڪهڙي اھميت آھي،
    ”پر بابا قوم ته ڪري به ڏيکاريو، ٽي ڏينهن ھي ديس ملڪ کان ڪٽي ڌار ڪري ڏيکاريائون، اھڙي ڪاوڙ جو ھر شئي کي باهه جي شعلي ۾ بدلائي ڇڏيائون، روڊ رستا ويران، ريلون بند، ھوائي سفر بند رڳو ھر پاسي باھه ئي باھه ھئي، ماڻهن جي اندر جي باھه جيئن ڀڙڪو ڏيئي ٻاھر نڪري آئي ھئي“
    ”ھا، سائين ها، برابر“
    ايئن چئي ڪچهري تي ڪا، دير ماٺ جي موسم ڇا ئنجي ويئي، پريان ڪجهه ھمراھه چانهه جون وڏيون ڪٽليون ڀرائي کڻي آيا، ڪجهه ھمراھن جي ھٿن ۾ وڏيون بالٽيون ھيون، جن ۾ پيالا ۽ ٿڌو پاڻي به ھو چانهه جو دؤر شروع ٿي ويو.
    ”ماستر، ڏسين پيو نه پاڻ واري سرڪار جا ڪم، ڪيئن نه ٽوڙي بند وٽان ھٿرادو ڪٽ ڏياري، ڪروڙين ماڻهن کي تباھه ۽ برباد ڪري سک سان سمهي رھي آ“.
    ”ھا، رئيس ڏسئون پيا، رئيس ياد اٿئي ايڪھتر ۽ ٻاھتر واريون ٻوڏون، ڀٽي صاحب واري دور واريون. ڀٽي صاحب پاڻ ھيلي ڪاپٽر تي چڙھي، سڄي درياھه جو معائنو ڪيو ھو. ۽ علي واھڻ بند وٽان ڪٽ ڏياريو ھو، جتان پوءِ ٻوڏ جو گهڻو نڻو پاڻي ٿر جي ريگستان ۾ ۽ ٿر جي اونهين کاھين ۽ ڪُنن ۾ لکين ڪيو سڪ پاڻي جذب ٿي ويو ھو“،
    ”ھا، ادا، ماستر مون کي چڱي طرح ياد آھي، ته اُنهن ڏينهن ۾ ايريگشين جا وزير، سيڪريٽري، انجنيئر داروغن سوڌو درياھه جي بندن تي سمهندا ھئا، تيسيتائين درياھه تي ھئا، جيسيتائين ٻوڏ جو خطرو مڪمل ٽري نه ويو ھو،“
    ”پر، ادا ماستر ھن ڀيري ته سڄو ڪم ھٿ جو ٿيل آهي، قدرتي ڪٽ ڇڏي، ھٿرادو ڪٽ ڏياري، لکين ماڻهو، پنهنجي ٻچن ۽ مال متاع سوڌو دربدر ڪري ڇڏيائون، ڪچهري ۾ واري واري سان سڀني پئي ڳالهايو، ماڻهن جو اندر وڍيل ھئو.“
    ھا، ڀائو ھاڻ ته پاڻي جو سمنڊ اٿلي پيو آھي، گهر توڙي فصل ھر شئي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويئي آھي، اڃا به ٻيا شهر توڙي ٻهراڙيون وڃي ٿو ٻوڙيندو“،
    ”ابا، ھي پوليس وارا به آيا آھن، اسان جي مدد لاءِ انهن کي به چانهه پيئاريو“.
    ”ها، ها، رئيس اچو ته اِهي به اسان جا ڀائرآھن.“
    ”رئيس پوليس وارن ڳالهه پئي ڪئي ته شهر ڏانهن ويندڙ رستا نيشنل هاءِ وي توڙي سپر ھاءِ وي دادو مورو پل کان وٺي ڪراچي ويندڙ سڀ رستا ھزارين ماڻهن جي پيرين پيادل قافلن ۽ مال جي ڌڻن سان، ڀريل ھئا، چون ٿا ته ھي تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ آھي،“
    ”ھا، ماستر، چون ٿا ته ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيا آھن، توبهن ابا چون ٿا ته اھو به رب سائين جو ڏمر آ،
    ”ھا، ادا، اسان جا پنهنجا اعمال خراب آھن،“
    ھڪڙي جهوني کان دانهن نڪري ويئي ۽ ٻيا جهونا به پنهنجي ڪنن جي پاپڙين کي ھٿ لاءِ توبهن ڪرڻ لڳا.
    ”چاچا ھي ڪو به قدرتي ڏمر ڪونهي، پر اسان کي ٻوڙي مارڻ جي سازش ٿي آھي. ته جيئن اسان پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جي دعويٰ تان ھٿ کڻون. سنڌ ۾ گڊو بيراج کان وٺي ڪوٽڙي بيراج تائين درياهه جا دروازا ھيٺ ڪري سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کان روڪيو ويو. منڇر ڍنڍ کي به ٽٽڻ تائين خالي نه ڪيو ويو ۽ ھو چشما جهلم لنڪ ڪئنال جيڪو بنيادي طور تي آھي ئي فلڊ ڪئنال جيڪو ٺاھيوئي ٻوڏ لاءِ ويو ھو، اھو ڪئنال به ٻوڏ مهل بند ڪيو ويو ھو، ھونءَ ٻارھو ئي پيو وھي، چاچا ولي محمد ھاڻي اِنهي ۾ قدرت جو ڪهڙو ڏوهه“، ڪامريڊ پنهل ڄڻ دليل سان قدرت جو دفعا ڪندو ھجي، ”پرڪامريڊ ايترو پاڻي آيو ڪٿان، مينهن ته ايترا وسيائي ڪونهن“ ؟ چاچا سوڍا، تو ڏاڍي اھم ڳالهه پڇي آھي، دراصل سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي. ھاڻ جديد ٽيڪنالا جي، جي ذريعي فضا ۾ ڪٿي به ھٿرادو مصنوعي طريقي سان ھوا جو داٻ (vacume) پيدا ڪري برسات وسائي سگهجي ٿي ۽ جديد ڪيمڪلز جي وسيلي برف جا وڏا (گليشئر) پهاڙ، جبل رجائي پاڻي ۾ تبديل ڪري پاڻيءَ جي پورت ڪري سگهجي ٿي، پر سامراجي سوچ رکندڙ ملڪ، ھن جديد ٽيڪنالاجيءَ کي مظلوم ۽ محڪوم، قومن لاءِ ھٿيار طور استعمال ڪري رھي آھي.“
    ”مار، ابا وڏي ڳالهه آھي، ايڏو وڏو ظلم ۽ قهر، ابا شڪر آھي رب جو، جو اسان وٽ پنهل ۽ دريا خان جهڙا پڙھيل ڳڙھيل ڪامريڊ آھن، نه ته ڪير اسان کي ھيڏي چالاڪ دشمن جون چالون سمجهائي ھا، چاچي سوڍل حيران ٿيندي چيو، بچاءَ بند تي جيئن جيئن پاڻي جو چاڙهه وڌندو پئي ويو، تيئن تيئن قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو انگ به وڌندو ٿي ويو، پر اُنهن جي اچڻ کان اڳ ئي ڌرتيءَ جا ڌڻي پنهنجي بندن جي حفاظت لاءِ موجود ھئا، قانون جي رکوالن، پهچڻ سان ڳوٺاڻن کي ڏاڍي نفرت ۽ حقارت ڀريل روين سان، بند تان زوريءَ ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪٿان ڪٿان ڌڪا ڏيئي ماڻهو بند تان ڀڄايا ويا، پرڪافي ۽ گهڻين جاين تي ڳوٺن جا ارڏا پٽ، سينا تاڻي ۽ اکيون اکين ۾ وجهي بند خالي ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي بيٺا. ۽ خيما کوڙي ڏينهن رات بندن جي حفاظت ڪرڻ لڳا، پوءِ جن جاين تان ڳوٺاڻا بند خالي ڪري ھليا ويا ھئا، اُتي بند مضبوط ھجڻ باوجود به بندن کي گهارا پئجي ويا ھئا، پر جتان ،جتان ڳوٺن جا رکوالا، ڌرتيءَ جا ڌڻي مهاڏو اٽڪائي بندن تي بيهي رھيا ھئا، اُتي بند ڪمزور ھجڻ باوجود به گهارا پئجي نه سگهيا ھئا، ڪافي ھنڌن تي بندن کي روڻيون پيون ھيون، پر اُتي باھمت جوانن ڪوڏرن سان اھڙا لپا ھنيا، جو بندن تي بيٺل رکوالا، مايوس ۽ شرمسار ٿي ڪيمپون پٽڻ لڳا، نوجوان مٽيءَ جا، پاچڪا، ڀريندا، بندن کي مضبوط ڪندا رھيا.
    ڪامريڊ پنهل، دريا خان، ۽ رئيس وريام مرڪندي سڀني ڳوٺاڻن جي وچ ۾ سرڪاري رکوالن کي ڪيمپون پٽيندي ڏسندا رھيا، ڪجهه نوجوان شهپر وٽي ٻانهون لوڏي بندن تي ھلي رھيا ھئا، قانون جي رکوالن جي منهن تي عجيب شڪست جا آثار ھئا، ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي مُنهن تي ھڪ عظيم فاتحانا مرڪ هئي.


    پيرو

    ڪتا ۽ ماڻهو ڪچن پيچرن تان ڌوڙ اڏائيندا اڳتي ڌوڪيندا پئي ويا، ڪتن جي منزل جي ڪنهن کي خبر نه ھئي، گهڻو ڪري ڪتا ماڻهن پويان لڳندا آھن، پر ھتي قصو ان جي صفا اُبتڙ ھو. ماڻهن جو ھڪ انبوهه ڪتن جي پويان ھو، ھي ڪو عام رولو ڪتا نه ھئا پر ھي جا سوس پيري ڪتا ھئا، ھنن جو ڪم چورن جو پيرو کڻي چورن تائين پهچڻ ھو، ڪتن ۾ ھونءَ به سنگهڻ واري حس تيز هوندي آهي. هنن ڪتن کي خاص ٽريننگ ڏيئي تيار ڪيو ويو ھو، ھي ڪتا پيرن جا نشان سنگهي چورن تائين پهچي سگهندا ھئا، ھي ٻه ڪتا ھئا ھڪ اڇي رنگ جو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو، ماڻهن جي انبوهه مان ڀُڻ، ڀُڻ جا آواز اچي رھيا ھئا، ”ڏسجان ڪتا ھلي عارب جي ڳوٺ ۾ ٽاڪوڙو وجهندا“ تر، جا سڀ ڏوھاري ماڻهن جي گمان ۾ اچڻ لڳا، سامهون واري ڳوٺ مان اوچتو ڪتن جي ڀونڪڻ، ڪتن کي ٿورو منجهائي وڌو ھو، پر ڳوٺ وارا ڪتا ڀونڪي، ڀونڪي، اُتي ئي پڇ پولهه ھيٺان ڪري ويهي رھيا، ڪتا اڳيان اڳيان ھلندا رھيا. ڪجهه ماڻهو ٿڪجي ماڻهن جي ميڙ مان ڌار ٿيندا رھيا، ۽ ڪجهه شامل ٿيندا رھيا. ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪافي تعداد ۾ ٻار به شامل ھئا.
    چوريءَ جي ڳالهه صبح ساڻ سڄي ڳوٺ ۾ جهنگ جي باهه جيان ڦهلجي چڪي ھئي، ماستر لقمان جي گهر کي کاٽ لڳو ھو، چور سندس اَلهه تلهه ٻُهاري ويا ھئا، گهر جي پوئين پاسي کان وڏو ٻانڀ ڦاٽو پيو ھو، ماستر جي اک ڪتن جي اويلي بانهڻ تي کُلي ھئي، پر تسيتائين ڏاڍي دير ٿي چڪي ھئي، ماستر ھڪدم ڳوٺ جي چڱي مڙس لونگ خان کي ھڪل ڪئي، لونگ خان به ھڪدم دونالي بندوق سوڌو ماستر لقمان جي ھڪل تي ٻاھر نڪري آيو، ڪجهه دير ۾ سڄو ڳوٺ اچي مڙيو، سڄو ڳوٺ ماستر جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ۽ ماستر پاڻ به ڏاڍو معتبر ماڻهو هو. ھي سڄي ڳوٺ جي ٻارن کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پڙھائيندو ھو، ماستر سدائين ذات پات ۽ مذھبي مت ڀيد کان مٿاھون ٿي ٻارن کي پڙھائيندو ھو.
    ڪتن جي رفتار به چڱي خاصي ھئي، تمام تيز، نه تمام آھستي پر ڪٿي ڪٿي ھو سڀني کان اڳڀرو نڪري ٿي ويا، خلق کي به عجيب رونشو لڳلل ھو، ڪتا قد جا بندرا، پر سگها متارا ھئا، ھاڻ ڪتا جتي گهاٽو ڇانورو ڏسن پيا، اُتي ڪجهه دير ساھي کڻن پيا. ڪجهه دير ترسائي مالڪ پنهنجن ڪتن کي وري نئين سر مٽي سنگهائي، وري سفر تي روانو پيا ڪن. ڪتن جي ڳچين ۾ خوبصورت رنگين پٽا، پٽن ۾ ننڍڙا گول لوھي ڪڙا، ڪڙن ۾ ڪاري رنگ جا سنها سُٽ جا رسا پيل ھئا، ڪتن جا مالڪ ڪتن جي مرضيءَ سان ڪيڏي مهل آھستي ته ڪيڏي مهل تڪڙا ھلي رھيا ھئا، ڪيترائي ڳوٺ پوئتي رھجي ويا، ڪتا، سڪل ٺوٺ ٻنيون ۽ سُڪل شاخون ٽپندا ھلندا رھيا، ماڻهن جي زبانن تان ڪيترن ئي چورن جا نالا چڙھندا ۽ لهندا رھيا ماڻهن جون زبانون آلي مٽيءَ ۾ ھَرن جيان ھلي رھيون هيون. ماستر، سڀ کان پهريان ٿاڻي تي به ويو ھو.
    ٿاڻي تي وڏي رش ھئي، ڀر واري ڳوٺ مان گهوٽ ۽ ھُنَ جي پيءُ کي ٻڌي آيا ھئا، ۽ ديڳون به کڻائي آيا ھئا، ھنن حڪومت جي ڀتن ۾ ون ڊش واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي، ماستر ٿاڻي تي پهتو ته ڇا ڏسي ته وڏي منشي جي ھٿ ۾ ڪڪڙ جو پيس ھو، جنهن کي ھو بي درديءَ سان پٽي رھيو ھو، ۽ ھن جي سامهون ڪجهه خالي ڊشز جا ڏونگها ۽ ھڏن جو دير پيل ھو، جن تي وڏو منشي ۽ ٿاڻي جا ٻيا عملدار ھٿ صاف ڪري چڪا ھئا، ڪجهه دير کان پوءِ وڏي منشي به ٽي وڏيون اوڳرايون ڏيئي آڱرين سان ڏندن ۾ ڦاٿل گوشت جون تندون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ جڏھن ڏسڻ وائسڻ جهڙو ٿيو ته ماستر کي سڃاتائين ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ پوليس جو پراڻو راڳ شروع ڪيائين.
    ”ماستر ڪجهه شڪي ماڻهن جا نالا ڏيئي وڃ ته جانچ شروع ٿا ڪيون“،
    ”وڏا، منهنجي ڪنهن سان دشمني آھي، ئي ڪانه ته نالا ڪٿان ڏيندس خبر ئي نه آھي ته ڪير چوري ڪري ويو آھي، اوھان وٽ ته ڏوھارين جو سڄو رڪارڊ موجود آھي، مهرباني ڪري اسان جي ڪا قانوني مدد ڪريو“،
    ”ادا، ماستر، ته پوءِ ٺيڪ آھي، اسان کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو“. وڏي منشي تيليءَ سان ڏند کوٽيندي چيو.
    ”ماستر، تون رڳو تيل جا پئسا ڏيئي وڃ، تون استاد آھين، تولاءِ عزت آھي، اڄ ئي ٿا جانچ شروع ڪيون“.
    شام جو اھي سڀ حال احوال لونگ خان جي اوطاق تي ٿيا، سڀني ڳوٺاڻن پوليس تي بد اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ پيري ڪتن کي گهرائڻ جي صلاح ڏيندي چيائون ته
    ”پيري ڪتا گهرائي چورن جو ڳاٽو ٿا جهليون“
    ”پر ادا، ڪتن لاءِ به پندرنهن ھزار ڪٿان ايندا “؟ماستر مايوس ٿيندي چيو
    ”ماستر ڪهڙيون ٿو ڌارين واريون ڳالهيون ڪرين اھا تنهنجي نه پر اسان سڀني ڳوٺ وارن جي بيعزتي ٿي آھي، تون پئسين جو ڪو به اُلڪو نه ڪر“.
    ماستر ڳوٺ وارن جي محبت جي آڏو ڪڇي نه سگهيو. نيٺ ڪتا آندا ويا ڪتن کي کارن سان ڍڪيل چورن جا پيرا سنگهايا ويا ۽ ڪجهه مٽي پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ کنيئن وئي، صبح جو ڪتن سفر شروع ڪيو ھو، پر ھاڻ ته اچي منجهند ٿي ھئي، ڪتا جڏھن نوان نوان آيا ھئا، ته چورن جون متيون منجهائي ڇڏيون ھين زمين ۾ پوريل سامان، خون ٿيل ماڻهن جا ٽي ٽي مهينا پراڻا لاش، بُهن ۾ لڪايل چوري جو سامان گهلي ٻاھر ڪڍڻ لڳا، سرڪاري ادارن تي تمام گهڻي تنقيد ٿيڻ لڳي، نيٺ سرڪاري ادارن کي پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪتن جي جانچ تي پابندي لڳائڻي پئي، ۽ ڪتن جي خلاف اسيمبلي مان قرارداد به پاس ٿي ويئي پر پوءِ آھستي آھستي ڪتن جي ڪارڪردگي به ڏينهون ڏينهن گهٽبي ويئي پوءِ ڪتا به الاءِ ڪيئن بي گناھه ۽ شريف ماڻهن کي وٺڻ لڳا، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪتن ۽ چورن جي وچ ۾ ڪو مفاھمتي ٺاهه ٿي ويو ھو، پوءِ چور ۽ انهن جا سنڀاليندڙ وڏيرا ڏاڍا خوش ھئا.
    ماڻهو ھلي ھلي گهڻو ٿڪجي پيا ھئا، پر پوءِ به بي دليا قدم کڻندا ھلندا رھيا، سومر ماڇي جي ڳوٺ وٽان ھڪ ڊگهو موڙ آيو ماڻهو ۽ ڪتا ڪجهه دير لاءِ ھڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ويا. اوچتو ڪتن جي مالڪن مان ھڪ ڄڻي زمين تان نئين ۽ تازي پيرن جي نشان جي مٽي کڻي ڪتن کي ٻڪ سان سنگهائي ۽ ھڪٻئي ڏانهن معنيٰ خيز مُرڪ سان نهاري ھلي پيا، ڪتن ھاڻ سامهون جوڻيجن جي ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو، ڪتن جا مالڪ ڳوٺ کي ٿورو ويجهو اچي بيهي رھيا، تيسيتائين پوئتي رھجي ويل ھمراھه به اچي پهتا ۽ سامهون واري ڳوٺ مان به ڪجهه ماڻهو تڪڙا تڪڙا آيا، ڪجهه ڳوٺاڻا، پاڻي ۽ لسي به کڻي ايندا رھيا، حال احوال وٺڻ کان پوءِ سڀ ماڻهو ڪتن سان گڏ ھلڻ لڳا، ڪتن جون ڄڀون به ٻاھر نڪري آيون ھنيون ڳوٺاڻا به ٿڪجي پيا ھئا، نيٺ سڀني شڪر ڪيو ته چورن جي ڳوٺ ته پهتاسين. ڳوٺ جي ڪتن بَهي ھنن جو استقبال ڪيو، ڳوٺ جا ماڻهو به گهرن مان ٻاھر نڪري آيا، پر ڳوٺاڻن جا منهن لٿل ھئا، ڇو ته ھنن کي خبر ھئي، ته هُنن جي ڳوٺ ۾ ڪو به لچ لوفر ڪونه ھئو، خبر نه آھي ته ڪتا ڪنهن غريب جي گهر تي ٽانڊو رکندا، پوءِ ڳالهه ٿاڻن کان ٿيندي ڪورٽن تائين پهچندي ۽ مڙسن جي عمر ئي سُنواين ۾ پوري، پر ھاڻ ڏسئون ته ڪنهنجي ٿي ڦٽي، ڳوٺ جي مدرسي جا کٿابي به اچي سهڙيا، گرميءَ جي باوجود، ماڻهن جي رش ھڪڀيرو ٻيهر وڌي ويئي ھئي.
    ڳوٺ جا ورن وڪڙن وارا رستا ڪهندا، لوڙھن وارا گهر اُڪرندا رھيا، ھلندي ھلندي ڪتن اوچتو ڳوٺ جي پاسي ٺهيل جا مع مسجد ڏانهن کڻي رخ رکيو. سڀئي حيران ٿي ويا،
    ”چورن پڪ سان الله جي گهر ۾ پناھه ورتي آھي،“
    ماڻهن جي ڀُڻ ڀُڻ وڌي ويئي.
    مسجد جي ڀرسان ھڪ ننڍڙو ھُجرو به ٺهيل ھو، ڪتن به سڌو ھجري ڏانهن لُوھه ڪئي، مالڪ ڪتن سوڌو ھُجري ۾ گهڙي پيا، ھُجري ۾ ھڪ کٽ تي اکين کان نابين حافظ ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪري رھيو ھو، ۽ وجد جي ڪيفيت ۾ اڳتي پوئتي لُڏي رھيو ھو، ڀرسان ئي حافظ جي لٺ ڀت سان ٽيڪل ھئي. ڪتا ھڪدم حافظ جي کٽ جي ھيٺان ويهي پڇ لوڏڻ لڳا، آيل سڄي خلق حيران ٿي موٽڻ لڳي.


    مانيءَ جو ڀور

    ڊاڪٽر جي گهڻي ڪوشش کان پوءِ ٿري جهوني جي جسم ۾ ڪجهه چرپر شروع ٿي. ڊاڪٽر جي مُنهن تي ھاڻ اطمينان جا آثار ھئا، جهوني ھاڻ پنهنجون چُهنجڙيون اکيون اُپٽيون ۽ اکين ۾ زندگيءَ جي چمڪ ھئس، جهونو حيرت مان آسي پاسي نهارڻ لڳو.
    ”ابا ھي مان ڪٿي آھيان؟“ جهوني پڇيو،
    ”چاچا گهٻراءِ نه تون اسپتال ۾ آھين“
    ”چاچا تون جلسي گاھه ۾ ڪِري پيو ھئين توکي ڪو به ھوش ڪونه ھو، آءُ توکي اسپتال کڻائي آيو آھيان“ جهوني پنهنجي پراڻي عينڪ کي نڪ ۾ ڦاسايو، عينڪ جي ھڪ ٽنگ ڀڳل ھئي، ڀڳل پاسي کان، اڳڙيءَ جي پراڻي لير ٻڌل ھئي، جيڪا ھن پنهنجي ٻئي ڪن ۾ ڦاسائي ھئي، ھن ڏاڍو غور سان ڪنهن مَهل ڊاڪٽر کي ته ڪنهن مهل خدا بخش کي پئي چتائي نهاريو، جهوني جي جسم تي ھڪ پراڻي انگو ڇي جي گوڏ ٻڌل ھئي، جيڪا ڇڪي تاڻي مس پئي اوگهڙ ڍڪي سگهي، سندس پاسريون به ڄڻ جسم مان چمڙيءَ کي چيري ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڏاڍيون بي چين هُيون. ننڍڙي بي ترتيب چاپئين ڏاڙھي، مٿي جا وار به رڍ جي اُن جهڙا کهرا ۽ اڻڀا ھئا، ھن ھٿ ڊگهيري ھيڏانهن، هوڏانهن ڪا شئي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، خدا بخش سمجهي ويو ته جهونو پنهنجي لٺ پيو ساري
    ”چاچا تو واري لٺ ھٿيڪي رکي آھي، گهٻراءِ نه “.
    ”ابا مون کي ڪٿان کڻين آيا آھيو“
    جهوني جي چهري تي ٺهيل گُهنجن جو ٻيلو پريشانيءَ ۾ ويتر گهاٽو ٿي ويو.
    ”اي چاچا ڪالهه جلسي ۾ تو نعرا پئي ھنيا جيئي جيئي پئي پيئي، پوءِ اوچتو وڃي ڦهڪو ڪيئي ڪو ماڻهو تنهنجي ويجهوئي نه پئي آيو، گهڻن کي منٿون ڪيم ته ڪو اچي ڪراڙي ۾ ھٿ وجهرائي، پر ماڻهو چون پوڙھو الاءِ ڪير آھي، وري ڪجهه ٿي پويس، ته سڀاڻ ھرون ڀرون وتون پوليس ۾ گهلبا، نيٺ ويچاري مَمو گڏھن گاڏي واري کي منٿ ڪيم، تنهن اچي اسپتال رسايو آھي“.
    خدا بخش سمورو پيرائتو احوال ٻُڌايو،
    ”چاچا، تون به ڪجهه حال احوال ٻُڌاءِ ڪير آهين ۽ ڪٿي ويٺو آھين“؟
    خدا بخش پڇيو،
    ”ابا، مان ووٽر آھيان“
    ”اڙي چاچا ووٽر ته پاڻ سڀئي آھيون مون ته اوھان جو نالو ۽ ايڊريس پئي پڇڻ چاھي“،
    ”چاچا ڀلا ڪندو ڇا آھين“
    خدا بخش جهوني کي ويجهو ٿيندي پڇيو،
    ”ابا، آءُ اعتبار ڪندو آھيان“
    جهوني چپن ۾ ڀڻڪيو.
    ”پر چاچا ڪنهن تي اعتبار ڪندو آھين؟“
    ”ابا، ڪوڙن واعدن، ڏٽن ، فريبي نعرن ۽ منافقتن تي“،
    ايئن چئي جهونو ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو. ٿوري ساھي کان پوءِ وري ڳالهائڻ لڳو،
    ”ابا، ڀلا اوھان جو نيشان ڪهڙو آھي،“
    ”اڙي چاچا، ڇا جو نشان، اسان ڪو اليڪشن جا اميدوار ٿورئي آھيون، اسان مان ھڪڙو ھي ڊاڪٽر اٿئي ۽ ٻيو مان آھيان ڀرواري اسڪول جو ماستر خدابخش ”خيالي“. استاد خدابخش جهوني کي سمجهائيندي چيو.
    ”پر، ابا موالي، ھتي سڀ ڪنهن جو ڪو نه ڪو نشان ضرور ھوندو آھي، ڪنهن جو چاڪو، ڪنهن جو خنجر، ڪنهن جو تير، ڪنهن جو تلوار ڪنهن جو گهوڙو ڪنهن جو گڏھه پر ابا اسان ته سدائين گڏھن کي ئي ووٽ ڏيندا آھيون ۽ هاڻ ته سالن کان وٺي گڏھن کي ووٽ ڏيڻ جي عادت پئجي ويئي آھي، سو انشاءَ الله اڳتي به ووٽ گڏھن کي ئي ڏبو“.
    ڊاڪٽر سمجهي رھيو ھو ته ھاڻ ھي ڪيس سائيڪالاجي شعبي جو آھي، بظاھر جهوني کي ڪابه بيماري ڪانه هئي، جلسي گاھه ۾ به جهونو بک ۽ اڃ جي ڪري لو، بلڊ پريشر ٿي وڃڻ ڪري ڪِري پيو ھو، گلو ڪوز جون ڪجهه ٿيلهون جن ۾ ڊاڪٽر ملٽي وٽامنس جا ڪجهه انجيڪشن به ملايا ھئا، جنهن جي ڪري جهوني جي بت ۾ ڪجهه ساھه پيو ھو ۽ جهونو اکيون ڇنڀڻ جهڙو ٿيو ھو.
    ”ابا مون سان ٻيا به ھمراھه ھئا، اھي ڪاڏي ويا“
    جهوني کي اوچتو پنهنجي ساٿين جي سنڀار ٿي.
    ”چاچا ماڻهو ته جلسي ۾ ھزارين ھئا، سڀني پئي، جيئي جيئي ڪئي، تون به اُنهن سان جيئي جيئي پئي ڪئي پوءِ اوچتو اسٽيج تان آواز آيو ته سڀني لاءِ ماني تيار آھي، سڀئي ماني کائي پوءِ وڃجو، پوءِ ته ماڻهن ۾ اھڙي وٺي ڀاڄ پئي جهڙو رڇ ڪتي جي بڇ ۾ ھوندي آھي. ماڻهن ته ذري گهٽ لتاڙي ماريو ھو توکي مان نه ھجان ھان، ته الاءِ ڪهڙو حال ٿئي ھا تنهنجو “. ماستر سڄي ڪٿا جهوني کي ٻڌائيندي چيو،
    ”ابا، ڀلا ڀت ڪيڏي مهل رجهندو، ڀت، ٻت کائي پوءِ ٿا ھلئون ووٽ ڏيڻ“،
    ”ابا ماستر ھيل گهڻو دير سان پيا ووٽ ٿين اڳي ته ٻئين ٽئين سال پيا ووٽ ٿيندا ھئا، ڏاڍا ڀت کائي پيا ڍَوَ ڪندا ھئاسين، ۽ ھر شناختي ڪارڊ تي پنج پنج سئو ملندا ھئا “.
    ڊاڪٽر ۽ ماستر کلڻ سان گڏ پنهنجي اکين جا لڙڪ به اُگهي رھيا ھئا، ۽ گهڻو ڪجهه سوچي به رھيا ھئا،
    ”ابا، ماستر تون به اڳي آيو ھئين نه اسان جي ڳوٺ ووٽن لاءِ“،
    ”اي چاچا آءُ ھتان گهڻو پري ٻئي شهر ۾ ويٺو آھيان، اسان غريب مسڪين ماڻهو، بابو سائين وتي سڄو ڏينهن ٿانون ٺاھڻ لاءِ مٽي ڳوھنيدو، ھن کي دلن، مٽن ۽ ٻارن جي رانديڪن ٺاھڻ مان ئي واندڪائي نه آھي، آءُ ڪنهن جي لاءِ ووٽ پنڻ ايندس“. ماستر جهوني کي جواب ڏنو.
    ”چاچا، ھڪڙي امانت اڃا ٻي به تنهنجي اسان وٽ رکيل آھي، ڀلا ياد ڪر ڪهڙي ؟“
    ماستر جهوني کي ڪجهه ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ابا اسان ته سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آھيون، ديس، درياھه ٻنيون ٻوليون ڇا ڇا ياد ڪريان بابل“.
    ماستر بيڊ جي ڀرسان رکيل ڪٻٽ مان، پلاسٽڪ جي ھڪ شاپر جو، جنهن مان ھڪ قميص ڪڍي، جنهن جا سڀ رنگ جهوني جي زندگي جي رنگن وانگر اڏامي چڪا ھئا. جيڪا سڄي چتيون چتيون ھئي. جنهن جي ساڄي پاسي کان ھڪ کيسو ھو، ۽ ان کيسي ۾ سڪل مانيءَ جو ڀور ھو، قميص صفا کٿل ھئي.
    ”اچي وٺ ھيءَ پنهنجي قميص، جي اڄ مان نه ھجان ھا ته تنهنجو به ھن قميص وارو حال ٿئي ھا.“
    ماستر جهوني کي قميص کولي ڏيکاريندي چيو.
    جهوني قميص پاتي جهوني جي قميص ايمرجنسي ۾ چيڪ اپ دوران لاٿي وئي ھئي، قميص پائڻ کان پوءِ جهوني ماني واري سڪل ڀورکي ھڪ ھٿ سان قابو ڪري ڇڏيو ھو، ماستر ڏٺو پئي ته جهوني جي منهن تي تمام گهڻي ٿڪ جا آثار ھئا، ھن جا پير سڳل ھئا، ڄڻ ڪو صدين جو رڻ جهاڳندو رھيو هجي، ٻنهين پيرن جون تريون لڦون لڦون ۽ پيرن جون کڙُيون ڦاٽي ڦارون ڦارون ٿيل ھئس، ماستر کي ايئن محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ جُهوني جي دل به ڦارون، ڦارون ٿيل هئي. جنهن تي اَجهي، ڪپڙي ۽ مانيءَ جهڙن ڪوڙن نعرن جا رانڀوٽا آيل ھئا، ھڪڙن واعدن جا رانڀوٽا سُڪي ڪڙيون مس ٻڌندا ھئا، ته مٿان ٻيا رانڀوٽا ھنيا ويندا ھئا، جن واعدن تي اعتبار ڪري سڀ ڪجهه لٽجي چڪو ھو، بس ھڪ قميص ۽ انگوڇي جي گوڏ وڃي بچي ھئي، جيڪا به انگ ڍڪڻ کان لاچار ھئي،
    ”ابا، ماستر آءُ ٿورو سمهان ٿو، ڀت رجهي وڃي ته مون کي به اٿارجان ته پاڻ ٻئي ڀت ٻت کائي ھلي گڏهه کي ووٽ ڏيون“،
    ايئن چئي جهونو پاسو ورائي سُمهي رھيو ۽ سُڪل مانيءَ جي ڀور کي ائين سانڍي رھيو ھو، ڄڻ ھن کي خوف ھجي ته کائونس اھو به ڪو کسي نه وڃي. جهوني وري پاسو ورايو، ماستر اُٿيو جهوني جي انگوڇي جي گوڏ سولي ڪري جهوني جي اوگهڙ ڍڪي ڇڏي.


    ڏھين جون

    ”چيس“ جي وڏي آواز سان ھُنن گلاس ٽڪرايا ۽ سَپ ڪرڻ لڳا، ڪمري ۾ ھڪ ٽيليويزن ۽ ان جي ڀرسان ٽيبل تي ھڪ ننڍو ريڊيو به پيو ھيو. ٽيليويزن ھلي پئي، سامهون ڪليءَ ۾ ھڪ ٻن ڦولن واري وردي ھينگر ۾ ٽنگيل ھئي، ڪمري ۾ تازو ھاف وائيٽ ڪلر ٿيل ھو، در ۽ درين تي خوبصورت گلن ٻوٽن وارا پردا ٽنگيل هئا.
    ”ڀلا وڏا ڏي خبر، اڄ گهڻو ايمونيشن ذيان ٿيو؟“ ننڍي قد ۽ وڏي پيٽ واري صوبيدار ٿاڻي جي وڏي منشيءَ کان پُڇيو،“
    صاحب اڄ حد ٿي ويئي نيٽن سان ڀريل سڄي ٽرڪ مان ڪجهه ڏنڊا مس بچيا آھن، ۽ آنسو گيس جا شيل ۽ گوليون جيڪي وڏي صاحب اوھان کي سڄي ضلعي جي ڪوٽا ڏني ھئي، اُنهن مان ته ڪا به شئي ڪانه بچي آ،“
    ”يار، خبر نه آھي ته اڄ مون به الاءِ ڪيترن جا مٿا ڦاڙيا ۽ ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڳيون آھن“.
    ”ھا، صاحب، وڏي صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ ته سائين جن به اڄ حد ڪري ڇڏي“.
    ”صاحب! ڊيم جي خلاف ڌرڻي کي ايڏي بي رحميءَ سان روڪبو آھي ڇا؟“ ”صاحب اسان ته اڻويهه سئو ايڪهتر واري جنگ ۾ بنگال ويا ھئاسين اتي اھڙي ڪار ڏٺي ھئيسون ۽ ٻيو وري اڄوڪي ڌرڻي ۾“
    جهوني وڏي منشيءَ افسوس جو اظهار ڪندي چيو. صوبيدار بڇڙو منهن ڪري اُٿيو ۽ بي بي سي ٻڌڻ لاءِ ريڊيو سيٽ ڪرڻ لڳو، نيٺ بي بي سيءَ جي مخصوص ڌُن وڄڻ لڳي ۽ ڪمري ۾ رضا علي عابدي جو آواز گونجڻ لڳو. ۽ بي بي سي حيدرآباد جي نمائيندي علي حسن پنهنجي کڙڪيدار آواز ۾ ٻڌائي رھيو ھو ته:
    ”اڄ جڏھن مان ڪالا باغ ڊيم جي خلاف لڳل ڌرڻي جي ڪيس ۾ گر فتار قيدين سان ملڻ ڪوٽ ڏجي ٿاڻي تي پهتس ته ٿاڻي جي ٻاھران ڌرڻي وارن جي گاڏين تي نظر پئي ته سڀ گاڏيون گولين سان پروڻ ٿيل ھيون، ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ته اھي ڪنهن جنگ جي ميدان تان موٽيون ھجن، ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڀريل قيدين ۾ اڪثر جا مٿا ڦاٽل، ٻانهون ڀڳل ۽ ٽنگن ۾ گوليون لڳل ھيون، مون کي بلڪل ٻي عالمي جنگ جي ڪنهن فلم جو خوفناڪ ۽ درد ناڪ منظر نظر اچي رھيو ھو“، صوبيدار ماحول ۽ ڳالهه مٽائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اڄوڪو قهري واقعو ھنن جي حواسن سان چنبڙيل ھو،
    ”وڏا، توکي ڪهڙي خبر ته ھنن ڦولن کي بچائڻ لاِءِ ڇاڇا نه ٿو ڪرڻو پوي“ .
    صوبيدار پنهنجو گلاس خالي ڪندي چيو.
    وڏي منشيءَ جي سُئي به ھڪ جاءِ تي اٽڪي پئي ھئي، ۽ ھن کي به ٻيو ڪو موضوع سُجهي ئي نه پيو،
    ”پر صاحب، اوھان کي ڪجهه خيال ڪرڻ کپندو ھو، ھڪڙو ته پنهنجي ديس جي حقن لاءِ ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي نه آھي، صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ ۾ به جهڙا لاش کڻي پڄايا اٿئون. شابس ھجي ھنن غيرت مند جوانن کي جن کي سدائين اسان وات ڳاڙھا ڇوڪرا سمجهندا ھئاسين، اڄ ھنن اھڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي، جو دل ٿي چوي ته سڀني کي سونا تاج پارائجن، پر صاحب اڄ جيڪو اسان ھنن جو حشر ڪيو آھي، اصل ٻُڏي مرڻ کپي“، وڏي منشيءَ جون اکيون ڀريل ھيون.
    ”وڏا، ھاڻ موڊ خراب نه ڪر، ماٺ ڪري پاڻي پي ۽ مال کاءُ، اسان ڇا ڪيون ھا، ڌارئي صوبي جو ايس – پي ھيڏو موچڙو کنيو مٿان بيٺو ھو، تنهنجون ڳالهيون ئي پنهنجون. اسان ٿوري به لٺ هلڪي وهايون ها ته تو واري زال جو به خير نه ٿئي ها ۽ مون واري به ڳولهئي ڪانه لڀي ھا.“ شايد اڄوڪي ڪاري قيامت کي وسارڻ لاءِ ھو پاڻ کي شراب ۾ ٻوڙيندا رھيا، پر شايد، پرشايد هُو ٻوڙي نه سگهيا.


    شوڪي

    ڪي ماڻهو چوندا آھن ته ھُو چريو آھي، ڪن جو خيال آھي، ته هُو ڪو غير ملڪي جاسوس ۽ ڪن کي وري ھُو ايجنسين جو ماڻهو لڳندو آھي، شوڪي ڇا آھي؟ ڪير آھي؟ جيترا وات اوتريو ڳالهيون. پر مون کي ھو ڪڏھن به چريو نه لڳو. هُو تمام گهڻو ڳالهائيندو آهي. مون سان تمام گهڻيون ڪچهريون ڪندو آهي، مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ھن جون ڳالهيون ٻڌندو آھيان، ۽ ھن جي ڳالهين جو موضوع به سدائين ھڪڙو ئي ھوندو آھي، ۽ اھو ھوندو آھي
    ”سندس شادي “
    ھُو سدائين پيو مختلف زالاڻا نالا کڻي، انهن سان پنهنجي شادي جا خيالي داستان ٻڌائيندو آھي، ۽ اُھي قصا ايڏا ته رنگين ۽ مصالحيدار ھوندا آھن ڄڻ ته سينسر ٿيڻ کان بچي ويل ڪا پشتو فلم ھجي، جو ڪڏھن ڪڏھن هُن جون ڳالهيون ٻُڌي منهنجو به نرڙ پُسي ويندو آھي، ”ڊاڪٽر صفيه چوي ٿي ته مان توسان ڇهن مهينن کان پوءِ شادي ڪنديس،
    ”ھُو چوندو آھي،“
    اڙي شوڪي، اھا ته وڏي ڪوڙي اٿئي.
    ”مان چوانس“
    نه اڙي ايئن ڪري ته اُڦٽ ماريانس،”شوڪي چوندو.
    ڪڏھن ڪڏھن شهر ويندي ريلوي ڦاٽڪ تان گذرندو آھيان، ته عجيب نظارو پسندو آھيان، ريلوي ڦاٽڪ وارو پنهنجي جوئاري ۽ موالي دوستن سان، پنهنجي ننڍڙي ڪاٺ جي ڪيبن ۾ مُٺ تي سگريٽ رکي پيو تاس کيڏندو آھي، جڏھن ته اسان وارو يار شوڪي سڄو ڏينهن پيو، ڦاٽڪ کوليندو ۽ بند ڪندو آھي، مان به نظر بچائي ھن جي ڀرسان، تڪڙو تڪڙو نڪري ويندو آھيان ۽ سوچيندو آھيا ته جي شوڪيءَ ڏٺو ته پوءِ منهنجو به سج لٿو، شام جو وري هُن جو آستانو، ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم نمبر ٻَه ھوندو آھي، اتي وحيد جي چانهه جي اسٽال جي پوئين پاسي، نم جي ٿڌي ۽ گهاٽي ڇانو ۾ پلٿي ھنيو پيو مفت جي چانهه جا مزا وٺندو آھي، چانهه جي دورسان گڏ، ھن جو داستانِ محبت به پيو ھلندو آھي، ۽ ھن جي چوڌاري لوڪوشيڊ جا واندا ملازم ۽ ريل گاڏي جي انتظار ۾ بيٺل مسافر به ھن جون مزيدار سيڪسي ڳالهيون ٻُڌي پيا وقت پاس ڪندا آهن، جي اوچتو مون تي نظر پيس ته پري کان سڏ شروع
    ”منظور او منظور، ڪاڏي ٿو وڃي يار تو ۾ ھڪڙو ضروري ڪم ھو“.
    ”ھا. حڪم ڪر“
    يار منظور اڄ سڄو ڏينهن عبدالله وري ڦاٽڪ کولرايو ۽ بند ڪرايو پر ڀيڻ جي ........ نه ماني نه چانهه نه سگريٽ جو پڇيائين“
    ”اھا ڳالهه آ. پوءِ اٿ ته ھلئون ماني کائڻ، ڇو ته مون به ماني ڪانه کاڌي آهي“.
    پوءِ وٺي اچانس پنهنجي بيٺڪ تي. ماني کائڻ کان پوءِ چانهه جو دور ۽ ڪچهري جو سلسلو وري شروع ڄڻ مانيءَ جو وقفو ختم ٿيو، ھجي.
    ”منظور! ڳالهه ٻُڌي اَٿئي؟“،
    ”وري ڪهڙي؟“
    مان مصنوعي حيرت مان پُڇانس
    ”ڪلثو م کي به طلاق ڏئي ڇڏي مانئينءِ“،
    پر شوڪي
    ”هن تي ته تو ڏاڍا پئسا به خرچ ڪيا ھئا.“
    ”ھا، يار سڄو ملڪ گهمايو مانس. پندرنهن ڏينهن ڪراچي، پنجاب ۾ ته سڄو مهينو گهمياسين، اٺ ڏھه لک اتي خرچ ٿي ويا، توکي ته خبر آ ته پئسن جي مان پرواھه ئي نه ڪندو آھيان، ھاڻ اسان جو دبئي ۽ شارجه جو پروگرام ھو، تون ڀاءُ ويٺو آھين ته ھن لاءِ ٻه مهينا ڪار ڪِرائي تي ورتي ھئم، اسلام آباد، ڪوهه مري، لاھور مان ڏاڍي شاپنگ ڪرائي مانس“
    ۽ مان حيرت مان ھن جي چهري ڏانهن ڏسندو آھيان، عجيب معصوميت ڇانيل محسوس ڪندو آھيان.
    ”اڙي شوڪي ڪلثوم ته ڏاڍي سٺي ھئي، پوءِ اوچتو ڇا ٿيو“؟
    ھو ڪلثوم کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏيئي چوندو آھي.
    ”ڪلثوم ھاڻي استاد نيازي سائيڪل واري سان ياري رکي آھي“.
    ”پر شوڪي ڊاڪٽر فرزانا جو ڇا ٿيو؟“
    ”اڙي ھا، يار، اھا ته روز منٿون ڪندي آھي. اھا ته پنهنجي ويهين گريڊ واري مڙس کي به ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويئي آھي. مون کي چوندي آھي، شوڪي منهنجي مڙس جو ڪو حال ڪونه اٿئي، شوڪي مان توسان لاھور ڀڄي ھلنديس، مون پنهنجي مڙس جا ٽيهه لک به تولاءِ لڪائي رکيا آھن، مون چيو مانس ته ھا، پوءِ ٺيڪ آهي. مان لاھور ۾ تولاءِ پڪوڙا کپائيندس، پر حالي ٿورو ترس، حالي ڪجهه ڏينهن ۾ مان اسپتال جي نرس سلميٰ سان شادي ڪرڻ وارو آھيان، ٻه ٽي مهينا ترس، سلميٰ کي طلاق ڏيان ته پوءِ تنهنجو وارو ايندو“،
    ھن جي اھڙين عجيب ڳالهين تي مون کي کِل به ايندي آهي ۽ ڏک به ٿيندو آهي ۽ ھن تي رحم به ايندو آهي، ٽيهن پنجٽيهن سالن جو جانٺون جوان ريلوي اسٽيشن کان شهر ۽ شهر کان مارڪيٽ تائين ڦهليل ھن جي دنيا، ماڻهن لاءِ رڳو ڀوڳ ئي ڀوڳ ھئي. پر ڪنهن به هُن جي اندر جي دنيا ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ته سندس اندر ۾ دردن جون ڪيئي ڪائناتون آباد هيون.
    شوڪي ڪڏھن به ڪنهن کي ذاتي ڪم کان جواب نه ڏيندو ھو، سياري جي وسندڙ برساتن ۾، برسات جي اونداھين راتين ۾ جڏھن بجلي ھلي ويندي ھئي، جڏهن ريلوي جي عملي کي لالٽينون ٻاري ريلوي ڪيبن ۾ پهچائڻيون ھجن يا ريلوي سگنل جي پولن تي چڙھي سگنل ۾ فٽ ڪرڻيون ھجن ته شوڪي اُھي سڀ ڪم ڪندو ھو، سيءَ ۾ ٿڙڪندو هو. ۽ لالٽينون به پيون ٻاريندو ھو، ۽ پاڻيءَ جا مٽ ڀري لوهي ڏاڪڻ چڙهي ريلوي ڪيبن تي پيو پڄائيندو ھو، ريلوي جي ڪيبن مين کي سگنل وارا ڪانٽا ڇڪرائڻا ھجن، يا ريلوي جو ڦاٽڪ کولرائڻو يا بند ڪرائڻو ھجي، يا شهر جي ھوٽل واري کي ڪاٺ وارا گٽڪا ڪپرائڻا ھجن پر شوڪي ڪنهن کي به جواب نه ڏيندو هو، نه وري ڪنهن کان معاوضو طلب ڪندو هو، جيڪڏھن ڪنهن پيار سان سڏي ڪجهه کارائيس ته پوءِ خوشيءَ سان کائيندو هو. ڪپڙن تي سدائين ايڏي مير ھوندي.اٿس جو ڪپڙن جو اصل رنگ ڪير به سڃاڻي نه سگهندو آهي ته، ڪپڙن جو رنگ نيرو آھي يا ناسي. ھفتو ھفتو ته ڪڏھن مهينن جا مهينا به نه وھنجي ۽ جي ڪڏھن وھنجي به ته ڪپڙن سوڌو وھنجي. ڪو به سرڪاري نلڪو ھن جو باٿ روم ھوندو آھي ۽ ريلوي اسٽيشن جي لوھي پُل، پليٽ فارم جون پٿريليون بينچون يا ريلوي جا ٻئي پليٽ فارم ھن جو بيڊ روم ھوندا آھن.
    مان اڪثر جڏھن پنهنجي نوڪري جي سلسلي ۾، رات جو ٽرين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ايندو آھيان، ته ھُو مون کي ڪٿي نه ڪٿي ستل نظر اچي ئي ويندو آھي، مون ھن کي سدائين گهري ۽ پرسڪون ننڊ ۾ ئي ستل ڏٺو آھي، ۽ اھائي گهڙي ھن جي خاموش رھڻ جي ھوندي آھي، نه ته جاڳ ۾ ھن کي ڪير ماٺ ڪرائي. ھو ننڊ ۾ ايڏو پرسڪون ھوندو آھي، ڄڻ سڄي دنيا جي بادشاھي ھن جي مُٺ ۾ ھجي، يا ڪو عاشق پنهنجي محبوبا جي ھنج ۾ ستل ھجي ۽ شايد ھُو به پنهنجي محبوبا سڪينه جي ھنج ۾ مٿو رکي ستل ھجي. جنهن سان ھُن ننڍي لاڪون مٽي جا گهرڙا ٺاھي رانديون ڪيون ھيون ۽ ھن ڪيترائي سُندر سپنا ڏٺا ھئا، ۽ اُنهن سندر سپنن ۾ ھن ڪيترائي ڀيرا سڪينه کي پنهنجي لال ڪنوار ٿيندي ڏٺو ھو ۽ سپنن ئي سپنن ۾ ھو سڪينه جي محبت ۾ ڏاڍو ڏور ھليو ويندو ھو، ايترو ڏور جتان ھن کي ڪائنات جي ڪا به ھستي واپس، موٽائي نه سگهندي هجي. ننڍي ھوندي به ھو، ڪاغذ جون ٻيڙيون ٺاھي، سانوڻيءَ جي مينهن ۾ پار پڄائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، پر اُھي ٻيڙيون سدائين اورين ڪناري تي ئي پُسي ۽ ٻڏي وينديون ھيون.
    ھڪڙي ڀيري ھڪڙي ٽرين پليٽ فارم تي اچي بيٺي ۽ ھڪ بوگي جنهن ۾ ڪنهن شادي وارن جي بڪنگ ٿيل ھئي، بوگيءَ مان ماين جي لاڏن جا آواز آيا پئي، اُنهيءَ بوگي مان ڪجهه ماڻهن شوڪيءَ کي سڃاڻي ورتو ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا،
    ”اڙي ھو ڏسو، شوڪي بيٺو آھي.“
    پوءِ ته سڄي گاڏي ۾ شوڪي، شوڪي گونجڻ لڳو هو. آواز شوڪي جي ڪنن تائين پهتا، شوڪي به ٽرين جي بوگيءَ کي ويجهو آيو، ھن ٽرين جي بوگيءَ جي دريءَ مان نهاريو ته هڪ ڪنوار جو گهونگهٽ به مٿي ٿيو. ڪنوار جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. شوڪيءَ ڏٺو ته ھن جي سڪينه ڪنوار بڻجي ڪيڏانهن پرڻجي وڃي رھي ھئي. ٽرين ھوريان ھوريان رڙھڻ لڳي، هُن کي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ ٽرين اڄ هُن جي مٿان گذري رهي هجي. ٽرين جي رفتار تيز ٿيڻ لڳي، ھو به ٽرين سان گڏ ڊوڙڻ لڳو، ٽرين پليٽ فارم ڇڏي چُڪي هئي. آھستي آھستي اکين اڳيان گم ٿي ويئي، ۽ شوڪي به ڊوڙندو ڊوڙندو ٽرين جي پويان گم ٿي ويو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شوڪي وري پليٽ فارم تي نظر آيو، هُو سڄو ڦٽيل هو. اندران توڙِ ٻاهران ڏاڍو گهايل هو. هُن جا ڪپڙا ليرون ليرون هئا. پر هاڻي شوڪي چپ ٿي ويو ھو، ماڻهو هُن تي کلندا ھئا ۽ ڀوڳ چرچا ڪندا هئا. پر ھو اھڙو چپ ٿي ويو ھو، ڄڻ ٽرين سڪينه سان گڏ ھُن جون ڳالهيون ۽ ھن جا ٽهڪ به پاڻ سان کڻي ويئي ھجي.


    خرچي

    چنيسر گهر ۾ داخل ٿيو، بوسڪيءَ جو پٽڪو، ويڪري ڇاتي، ويڪري منهن تي وڏا گهاٽا شهپر، اکيون ڳاڙھيون جهڙيون ٻرندڙ ٻاٻرا ٽانڊا، ھٿن ۾ رت جي اُڃاري، ڪاري ڪهاڙي، جنهن جي ڳن تي، چانديءَ جو پٽ چڙھيل، پيرن ۾ اڇي رنگ جا بوٽ، ڌرتيءَ تي ايئن ھلي رھيو ھو، ڄڻ ڌرتي مٿان احسان ڪري رھيو ھجي، ماسي ذليخان کٽ تي ويٺل، درسني ھٿ ۾، مُساڳ سان پنهنجي سونهن کي وڌائي رھي ھئي، کن پل لاءِ چينسر ڏانهن نفرت مان اکيون کڻي ڏٺائين، ۽ مُنهن کي موڙو ڏيئي، وري پنهنجي درسني ۾ نهارڻ لڳي ويئي، پر جُهونِي ذليخان جي ڀر ۾ ويٺل ڪاليج ڇوڪري جي دل خوف ۾ تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي.
    ”وڃ ابا! اڄ ته مري وياسين.“
    ڇوڪرو خوف ۾ سڄو پگهرجي چڪو ھو، وڏا خوفناڪ شهپر ۽ ڪاري ڪهاڙي ڏسي، خوف مان ھن جي سڄي بدن کي ڏڪڻي اچي ورتو ھو، ھن جي بت مان ساھه ڇڏائڻ لڳو ھو، ھن جي دل ۾ طرح طرح جا وسوسا ۽ خوف جنم وٺڻ لڳا، هُن کي هاڻ پنهنجو پاڻ تي وڏي ڪاوڙ اچي رهي هئي. ۽ پُڇتاءُ ٿيڻ لڳو ھو،
    ”سوا گهڙي جي لذت لاءِ اجايو پنهنجي زندگي داوَ تي لڳائي ڇڏيسين.“
    چنيسر، توريل تڪيل وکون کڻندو، ھلندو کٽ جي پاوي تي لت رکي بيهي رھيو، ھڪ هٿ سان شهپر کي وٽ ڏيئي ھڪ ٽيڏي نهار، ڇوڪري تي وجهي، کنگهڪار ڪري، نڙي ۾ ڦاٿل کانگهارو اندر ڪيائين ۽ ڪراڙيءَ سان مخاطب ٿيو،
    ”ماسي ھي ادو ڪير آھي؟“
    چنيسر نوجوان ڏانهن اڌوري معنيٰ خيز مرڪ اُڇلائيندي، ماسي ذليخان کان پڇيو،
    ”تنهنجو ڇا؟“ ذليخان ڪنڌ مٿي کڻي اکيون ڦوٽاري ڪاوڙ مان جهڙو ھن جو منهن پٽي ورتو.
    ”ماسي مون ته ايئن ئي پڇيو ھو، تون ته مورڳو وڙھين ٿي،“.
    ڀلا ماسي ڪونج ڪانه ٿي ڏسجي؟ ماسيءَ جي ھڪل تي ھو صفا سُسُي ويو ھو، پوءِ به شهپر مان ھٿ نه ڪڍيائين
    ”اُھا ٻيئي مهمان سان ڪمري ۾ ويئي آھي“
    ذليخان وري به رکو ۽ مختصر جواب ڏنو. نوجوان کي پنهنجو اندريون ساھه اندر ۽ ٻاھريون ٻاھر بند ٿيندي محسوس ٿيو. اڄ ھن کي ڪهاڙيءَ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي دوست جو سچو پچو موت پَسجي رهيو ھو، چنيسر شهپر وٽيندي ڪهاڙي مٿي کنئي، ڇوڪري پنهنجون اکيون ٿوري دير لاءِ بند ڪري ڇڏيون، وري کوليون، چنيسر ڪهاڙي کڻي وري پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکي ڇڏي، نوجوان ڏانهن نهاريو ۽ ماسي ذليخان کي ڏاڍي نرمي سان چيو
    ”ماسي منهنجي خرچي“،
    نوجوان ھڪ طويل ٿڌو ساھه کنيو ۽ ھن جو سڄو وجود ٺري پيو.


    گُم ٿي وَيل شام جي ڳولا

    اسٽيشن تي ريل گاڏي جي اچڻ جو ڪو به امڪان نه ھو. مينهن وسڻ جي ڪري ريلوي جو سگنل سسٽم خراب ٿي چڪو ھو، پري پري تائين ڦهليل ريلوي جو اسپورٽس گرائونڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھو، ڪٿي ڪٿي مٿاھينءَ تي لاڏائو فقيرن جا تمبو نظر اچي رھيا ھئا، ڪئي تنبوئن مان برسات جو پاڻي اڃا تائين ٽمي رھيو ھو، برسات جي پاڻيءَ ۾ فقيرن جا اگهاڙا ته ڪي اڌ اگهاڙا ٻار شپ شپ ڪندي ڊوڙي رھيا ھئا، اختر به مٿاھينءَ تي پير رکندو گرائونڊ مان گذرڻ لڳو، پاڻي جي مٿاھينءَ سطح تي پلال ۽ بال پينن جا خالي کوکا پُسيل حالت ۾ ھر طرف وکريل ھئا، ڪٿي ڪلن اکوڙڻ جا نشان به نظر آيا ٿي، اسپورٽس گرائونڊ مان گذرندي تيز ٿڌي ھوا، اختر جي آڏو ڪنهن ڀت وانگر اچي بيهي رھي، اختر ڪجهه ساعتن لاءِ بيهڻ تي مجبور ٿي پيو، کن پل لاءِ ته ھن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ھن کي پٺيان پنهنجي پشم جهڙي ريشمي ڀاڪر ۾ ڀري بيهاري ڇڏيو ھجي. ھن کي ڪنهن جي ساھن جي ڪوساڻ به محسوس ٿيڻ لڳي، بارش جي ٿڌي ھوا ۾ ھن جي لونءَ لونءَ ڪانڊار جي ويئي ھئي، ھن حسين يادن جو رنگين ڄار ٽوڙي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. اتر جي ٿڌي ھوا، جسم سان گڏ روح کي به ٺاري وڌو ھو، برسات جي ھوا ۾ مٽي جو وڻندڙ ھڳاءُ به شامل ھو، اختر ھوٽل ۾ داخل ٿيو، ھڪ اھڙي ڪنڊ ڏسي وڃي ويٺو جتان ھوٽل جو اندريون ۽ ٻاھريون نظارو آرام سان ڪري سگهجي پيو، مينهن جو پاڻي اڃا به وڻن مان ٽمي رھيو ھو، آسمان اڃان ڪڪرن سان ڪارو ھو، ھوٽل ۾ اختر جي سامهون ٽي ويءَ تي انڊين آئٽم سانگس جي گيت مالا ھلي رھي ھئي، پر اختر جا نيڻ فقير جي تنبن ۽ پاڻيءَ تي ترندڙ پلال، بال پين جي خالي کوکن ۽ ڪلن اکوڙڻ جي نشانن تي ڄمي بيهي رھيا ھئا، بيرو اختر کان چانهه جو آرڊر وٺي وڃي چڪو ھو، سامهون ٽيبل تي رکيل جڳ ۽ شيشي جو چمڪندڙ گلاس ھن کي ڪافي دير کان گهوري رھيا ھئا، اختر جي ھٿن مشيني انداز ۾ جڳ مان پاڻي اوتي پيتو، ھوٽل ۾ ڪافي ماڻهو ھئا، ڪافي ماڻهو پڪوڙن ۽ سمبوسن سان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا، ڪجهه ٽيبلون خالي ھيون پر اختر جو روح اتر کان ڏکڻ طرف ويندڙ ھڪ سرمئي ڪڪر سان گڏ سفر ڪري رھيو ھو، ان ڏينهن اسلاميات جو پيرڊ ھلي رھيو ھو، پروفيسر اڃا ڪلاس وٺڻ ڪونه آيو ھو، ڪلاس ۾ تمام گهڻو شور ھو، جو ھوءَ ڪلاس روم ۾ داخل ٿي ھئي، ھن جي ھڪ ھٿ ۾ بال پينن جا کوکا ۽ ٻئي ھٿ ۾ بال پينون هُيون. سڄي ڪلاس روم جون نهارون هن جي بال پينن ۾ نه پر ھن جي گول معصوم خوبصورت چهري ۾ گم ھيون، تيز نارنگي وڳي ۾ ڄڻ ته ڪا اپسرا ڀاسي رھي ھئي، ھوءَ زبان سان گهٽ پر پنهنجن ڪارن نيڻن سان وڌيڪ گفتگو ڪري رھي ھئي، ڪلاس جي سڀني ڇوڪرن جي ھٿن مان سبجيڪٽ ڪنهن لغڙ جي ڪاٽا ٿيل ڏور وانگر ڇڏائجي ويو ھُو، ھن جي سونهن جي جادؤ سڀني کي پٿر بنائي ڇڏيو ھو، ”آداب“ ھن ھڪ ادا سان، ڪنڌ نوائي ساڄو ھٿ مٿي ڪري، پنهنجي چهري تائين آڻيندي چيو، پوءِ ھن پنهنجي غربت جي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ آخر ۾ پينون وٺڻ لاءِ التجا ڪرڻ لڳي، پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ھن ھڪ ڊگهو ٿڌو ساھه کڻي ڪلاس ڏانهن مرڪي نهاريو. ھن جي مرڪ جي خوشبو سڄي ڪلاس روم ۾ ڀرجي ويئي ۽ سڀئي ڇوڪرا ھڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهائڻ شروع ٿي ويا، ڪجهه ڇوڪرن ھن کان پينون خريد ڪيون، ڪجهه ڇوڪرن بنا پينون خريد ڪرڻ جي ھن جي مدد ڪئي، انهن مدد ڪرڻ وارن ۾ اختر به ھو، اختر کي پنهنجي دل جو ڌھڪو تيز ۽ نرڙ تي ھلڪي پگهر جي ٿڌاڻ محسوس ٿي رھي ھئي، شايد اھو ھن جي مستيءَ ڀري جوانيءَ جو ڪرشمو ھو، ھوءَ پنهنجي سانوري مرڪ مُرڪي ۽ سڀئي پينون ھڪ ھٿ ۾ سنڀالي، ساڄي ھٿ سان ساڳي ادا سان آداب چئي، مرڪن جي خوشبودار اسپري ڪري ھلي ويئي، اختر جون اکيون ڪافي دير تائين در جي چائٽ ۾ ڦاٿل رھيون.
    ھوءَ ھاڻ چوٿين پنجين ڏينهن ڪلاس روم جو ڀيرو پئي ڪندي ھئي، اختر کي خبر ئي نه پئي ته ھوءَ ڪڏھن اختر جي دل کي پنهنجي مرڪن جي گلابي ڄار ۾ ڦاسائي کڻي ويئي ھئي، اختر کي ھاڻ ھر پل ھن جو انتظار رھندو ھو، ڪلاس ۾ ڪيڏو به شور ھجي، پر ھن جي اچڻ سان خاموشي ڇائنجي ويندي ھئي. پوءِ ھن جو آواز سڄي ئي ڪلاس روم ۾ رقص ڪندو ھو، ان ڀيري ھوءَ جيئن ئي خيرات وٺي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪتي ھئي ته اختر به ھن جي پٺيان ئي ٻاھر نڪري ويو، اڄ اختر ھن سان ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاھيو پر ھوءَ ڀر واري ڪلاس ۾ داخل ٿي چڪي ھئي، ھن جو آواز اختر جي سماعتن کي چمي رھيو ھو، اختر ھن جي انتظار لاءِ ڪو بهانو سوچڻ لڳو. ھن جي نظر ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ٺهيل پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ تي پئي. ھو جيئن ئي پاڻي جي ٽانڪي جي ويهجو پهتو ته موڪل جو گهنڊ وڳو، جنهن ھر طرف ھلچل مچائي ڇڏي ھئي، ھو ڪلاس روم ڏانهن موٽيو، ڪتاب کڻي تڪڙو ٻاھر نڪتو، پر ھوءَ نظر نه آيس. اختر جي نگاھن ھن کي ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر نه ڄاڻ ھوءَ ڪيڏانهن گُم ٿي ويئي ھئي، ان ڏينهن جڏھن ھوءَ ڪلاس روم ۾ داخل ٿي ته اکين ۾ ڪجل ۽ سائي رنگ جو وڳو پاتل ھوس، سڄو ڪلاس ھن کي ڏسندو ئي رھجي ويو. اختر جا نيڻ به ڪا دير ھن جي سراپا ۾ اٽڪي بيهي رھيا،
    ”تنهنجون پينو ڏاڍيون سهڻيون آھن“،
    اختر ھن جا ھٿ ڇُهندي ۽ ھن جي ھٿن مان پينون وٺندي چيو،
    ”نا، بابو نا، منهنجون پينون ايتريون ڀليون نه آھن، جيتري تون ڳالهه ڪرين ٿو،“
    ھن شوخ ۽ معنيٰ خيز نظرن سان اختر جي اکين ۾ نهاريندي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو.
    ”نه نه تنهنجون پينون واقعي به خوبصورت آھن“.
    اختر ٻيو ڀيرو ورجايو ته ھن کي ھڪ لمحي لاءِ پنهنجي پينن ڏانهن نهارڻو پئجي ويو،
    ”پر تنهنجون اکيون اڃا به وڌيڪ سهڻيون آھن“.
    اختر سندس اکين ۾ نهاريندي چيو ۽ ھوءَ شرمائجي ويئي، اختر ڏھين جو نوٽ ڏيندي، ھن جي ھٿن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر ڇهي ورتو ته ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ھڪ خوبصورت چمڪ پيدا ٿي پئي.
    ”تنهنجو نالو ڇا آھي“.
    اختر کائونس پيار مان پڇيو
    ”ريشمان“، پر سڀ مون کي ريشمي سڏينداآھن.
    ”ھن ٿورو شرمائيندي ۽ اکين کي جُهڪائيندي چيو.“
    ھا، برابر تون آھين، به ريشمي، تنهنجو ان کان وڌيڪ سهڻو نالو ٻيو ٿي به نٿو سگهي“. اختر دل ۾ چيو، ھوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪري ويئي.
    ڪافي ڏينهن گذري ويا ھئا، اھو ھڪ موڪل جو ڏينهن ھو، اُھا صبح ڏاڍي وڻندڙ ھئي، ھوا جو لهجو اڃا ٿڌو ھو، اختر پنهنجي گهر ۾ ڪو ڪتاب پئي پڙھيو، ته گهٽيءَ ۾ ٻارن جو تمام گهڻو ھُل ٻڌڻ ۾ آيو، اُنهيءَ ھل ۾ ڊُگڊُگيءَ جو وڻندڙ آواز به شامل ھو. اختر گهر کان ٻاھر نڪري آيو، ڏسي ته فقير رڇ کي نچائي رھيو آھي، رڇ جي نڪ ۾ ٻڌل نوڙي فقير جي ھٿ ۾ ھئي، رڇ فقير جي اشارن تي ڪنهن مهل ڪلهن ۾ لٺ ڦاسائي ٻڪرار پئي ٿيو ته ڪنهن مهل سائيڪل پئي ھلايائين، ڪڏهن جلال چانڊئي وانگر ان جي اھل پئي ڪيائين ۽ آخر ۾ رڇ سڀني کي ھٿ ٻڌي سلام ڪيو ۽ گول دائري ۾ ڦيرو ڏيئي سڀني کان انعام وصول ڪرڻ لڳو، ننڍا، وڏا ٻار خوشيءَ مان، رپئي جا نوٽ، ٽافيون، ميوا رڇ کي ڏيڻ لڳا، اختر جي نظر اوچتو رڇ جي ڀرسان بيٺل ريشمان تي پئي، پر اڄ ھن جي ھٿن ۾ پينن بدران ڪتن ھڪلڻ واري لٺ ھئي، ۽ ڪلهي ۾ اٽي وجهڻ واري بُجڪي ھئي ۽ ٻئي ھٿ ۾ جست جو وڏو وٽو ھو، ھوءَ ڪافي دير کان اختر کي شوخ نظرن سان گهوري ۽ مرڪي رھي هئي. اختر ريشمان جو اھو نئون روپ ڏسي ٿورو حيران ۽ ٿورو خوش ٿيو، ھن به ريشمان ڏانهن مرڪي نهاريو. ريشمان جي نيڻن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو جادو ھو، فقير ۽ ريشمان سڄو ڏينهن شهر ۾ رڇ پنائيندا رھيا، ۽ اختر به سڄو ڏينهن ھنن پويان ھلندو رھيو، ھن کي ايئن ڀاسي رھيو ھو، ڄڻ ھو به رڇ وانگر ريشمان جي مرڪن جي ريشمي ڏور سان ٻڌل ھجي، ھن جو پاڻ تي ڪو به وس نه پي ھليو، ھن جي وجود ھن جي ھر ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ريشمان سڄو ڏينهن ھن جي مرڪن سان حوصله افزائي ڪندي رھي. ھو ھنن جي پويان ھلندو رھيو، ھو ريلوي ڪالوني مان پنندا، ريل جون پٽريون ڏئي، ريلوي ڪالوني ڪراس ڪري ريلوي اسپورٽس گرائونڊ ۾ پنهنجن خيمن وٽ پهتا، ته شام ٿي چڪي ھئي، ريشمان رڇ کي لوهه جي ڪلي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ اخترکي مرڪي واپس وڃڻ جو اشارو ڪيو.
    اختر جي زندگيءَ جو معمول مٽجي چڪو ھو، ھاڻ اختر صبح جو تيار ٿي گهران نڪرندو ھو، ته ھن جي سائيڪل جو رخ ڪاليج بدران فقيرن جي خيمن ڏانهن ھوندو ھو. ھن جي سائيڪل پاڻهين او ڏانهن کڻي منهن ڪندي ھئي، ھن جو ھٿ جنهن مهل سائيڪل جي گهنٽيءَ کي ڇُهندو ھو، ته گهنٽيءَ جي سُرن مان خوشيءَ جا نغما ڦٽي نڪرندا ھئا، ھن کي ايئن ڀاسندو ھو ڄڻ ھن جي سائيڪل زمين کان مٿي ھوا ۾ اڏامي رھي ھجي. ھن جو رستو خيمن جي وچ مان ٿي گذرندو ھو، فقيرن جا خيما رستي جي ٻنهين ڪنارن سان ايئن ڦهليل ھئا، جيئن ميلي ۾ رستي جي ٻنهين ڪنارن سان بازارون ٺهيل ھونديون آھن، اختر سائيڪل بيهاري سائيڪل جي گهنٽي وڄائي، ته ھوءَ ھڪ خميي مان چنڊ وانگر اڀري پئي، ھن جي ھٿ ۾ منهن ڌوئڻ وارو وٽو ھو، ھوءَ وٽي مان ٻڪ ڀري پاڻيءَ جا ڇنڊا پنهنجي منهن تي ھڻي رھي ھئي، موتي ھن جو مک چمندا، ھوا ۾ نچندا، ھيٺ ڪرندا رھيا، اختر ٻيهر گهنٽي وڄائي ته ھن جا ھٿ ھڪدم بيهي رھيا. ھن اختر ڏانهن خوشيءَ مان مرڪي نهاريو، ريشمان ھڪدم پنهنجي چولي سان پنهنجو مُنهن اگهي ورتو، ھن جي خوبصورت دُن ھن کي اک ڀڃي ورتي. اختر ھن معصوميت تي مرڪي پيو، خيمن م ٻارڙن توڙي ماين جي رش نظر نه پئي آئي، خيمن جي پاسن کان گڏهه ۽ گاڏا ڌار، ڌار ٻڌل ھئا، ڪتا پري ويٺي پڇ لوڏي رھيا ھئا ۽ اڳين ٽنگن سان مُنهن تان مکيون ھٽائي رھيا ھئا، ريشمان اختر کي ھٿ جي اشاري سان سڏ ڪيو، ان ڏينهن خيمي ۾ ھن جي انڌي ناني کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ھئو، ھوءَ ھن کي ھڪ خالي خيمي ۾ وٺي آئي.
    ”بابو، تون مٺائي کائيندين“
    ريشمان کي ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪوجملو نه ملي سگهيو.
    ”نه مان ڪجهه به نه کائيندس“.
    ”ڇو ڪونه کائيندين“.
    ريشمان پڇيس.
    ”توکي ڏسڻ سان ئي منهنجو ڍئو ٿي ويو آھي.“
    اختر چيو. اختر اڄ ھن سان رڳو دل جا حال احوال پئي اورڻ چاھيا.
    ”ڍئو ٿي ويو آھي يا اسان جي شين مان ڪرڀ ٿي اچئي“.
    ھو ڏاڍي تيز ھئي،
    ”نه نه اھڙي ڳالهه نه آھي“.
    اختر پيار سان چيو.
    ”اھڙي ڳالهه نه آھي ته کاءُ، نه ته دوستي ختم“.
    ھن شوخيءَ مان چيو
    ”چڱو سائين ڀلا کڻي اچ ته گڏجي کائون“.
    ھوءَ سامهون رکيل کاري ھيٺان مٺائيءَ سان ڀريل جست جو وٽو کڻي آئي، ھن وٽي مان مٺائي کڻي ريشمان کي به کارائي ۽ پاڻ به کائڻ لڳو، ھو ٻئي گهڻي دير ھڪٻئي کي نماڻان نيڻ کڻي مرڪي نهاريندا رھيا. لفظ ھنن جي چپن مان پوپٽن وانگر اڏامي ويا ھئا، اکين ئي ٻڌو پئي اکين ئي ڳالهايو پئي ۽ اکين ئي سمجهو پئي. اختر چوڻ لاءِ الاءِ، ڇا ڇا سوچيندو رھيو ھو. پر ھينئر پرين جي سامهون ھن جي زبان کي تالا لڳي ويا ھئا، ھن جي زبان صفا گونگي ٿي ويئي ھئي،
    ”بابو تون اسان جي پويان ڇو ايندو آھين“
    ريشمان کي ھڪ دفعو وري ڳالهين جي گم ٿي ويل ڏور ھٿ اچي ويئي ھئي، اختر ھن کي ڪو به جواب نه ڏيئي سگهيو، پر ھن جي دل چوي پئي چئي ڏيس ته
    ”پاڻ ئي چريو ڪري وري، پاڻ ئي پئي پُڇين.“
    نيٺ هُن جي اندر ڳالهايو. ريشمي تو مونکي الائي ڇا ڪري ڇڏيو آھي، مون کي ھاڻي توکان سواءِ ڪجهه به نه ٿو وڻين، نه ڪاليج نه ڪتاب، نه گهر، نه دوست، مون کي ھاڻي ھر پل، ھر پاسي تون ئي تون ٿي ڏسڻ ۾ اچين.
    ”نه بابو نه ايئن نه چئو“
    اختر ھن جو هٿ پنهنجي ھٿ ۾ پڪڙيو ۽ ھوءَ اختر جي ڇاتيءَ سان لڳي ويئي، محبت جي مٺي آتش ۾ ٻئي وجود ميڻ وانگر رجي هڪ ٿيڻ لڳا، پر ٿوري ئي دير ۾ ھو وري ھوش جي دنيا ۾ موٽي آيا، ريشمي ھن کي ھڪ اڇي رنگ جو رومال تحفي طور ڏنو، رومال جي مٿان ريشمان جي نرم گلابي چپن جهڙو تازو گلاب ڀرت سان اڪريل ھو،
    ”بابو ھاڻي تون ڀلي وڃ ھاڻي امان وارا اچڻ وارا آھن.“
    ھنن ھڪٻئي کان موڪلايو ته ٻنهين جا نيڻ جهڙالا ھئا، ھاڻ ھوءَ رومال جي صورت ۾ ھر وقت ھن سان گڏ ھئي، رومال ۾ ريشمان جي وجود جي سُرھي سرهاڻ سمايل ھئي، اختر ھن جي ساھن جي خوشبو پنهنجي سيني ۾ سمائي ڪاليج ويندو رھيو، محبت جي مٺي آڳ ۾ ھو ٻئي ھوريان هوريان دکندا، ٻرندا ۽ جلندار رھيا. اختر اُن جلڻ ۽ ٻرڻ واري ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان نه پئي ڪري سگهيو، ھن سوچيو پئي ته شايد ھن ڪيفيت کي ڪنهن شاعر کان سواءِ دنيا جو ڪو به ماڻهو لفظن جو روپ نه ٿو ڏئي سگهي. هاڻ هُن جي زندگيءَ جا سمورا رستا فقيرن جي خيمن وٽ اچي ختم ٿي ويندا ھئا، ھاڻ اختر جي دل ۽ سائيڪل جي گهنٽي ھم آواز ٿي، خوشيءَ مان محبت جا نغما ڳائيندا رھندا ھئا، ھو ٻه ٽي ڏينهن جي ڪاليج نه ايندي ھئي، ته ھو، خيمن کان ٿورو پرڀرو بيهي سائيڪل جي گهنٽي وڄائڻ تي مجبور ٿي پوندو ھو، ۽ ھو جتي به ھوندي ھئي، اتان نڪري نروار ٿي پوندي ھئي، ھاڻ اختر کي ايئن ڀاسڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ھن جو روح قيد ڪري خيمي ۾ بند ڪري ڇڏيو ھجي. ھو ھر وقت پاڻ کي خيمي ڏانهن ڇڪجندو محسوس ڪندو ھو، ھاڻ ھوءَ به پينون کپائڻ گهٽ، پر اختر کي ڏسڻ لاءِ وڌيڪ ايندي ھئي.
    ۽ ان ڏينهن جڏھن ھوءَ ڪاليج آئي ته نه رڳو ھن جون اکيون پر ھن جون پينون به اداس ھيون، ھوءَ پينون وڪڻي جيئن ئي ڪلاس روم مان ٻاھر نڪتي ته اختر به ڇڪجي ھن جي پٺيان ٻاھر آيو. اختر ھن کي پيار مان نهاريو،
    ”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمي ۾ ضرور اچجان“،
    ايئن چئي ھوءَ وڃڻ لڳي، اختر ھن کي سڏ ڪري روڪيو ته ريشمان جي اکين ۾ جُهڙالي شام جهڙي اداسي، ڇلڪي رھي ھئي،
    ”ريشمي، ٿورو ترس، مون کي به توسان ھڪ ڳالهه ڪرڻي آھي،“
    ”نا، بابو نا، ھينئر نا، شام جو مان تنهنجو انتظار ڪنديس.“
    ايئن چئي، ھوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ڪاليج مان نڪري ويئي ھئي، ھن جو چيل جملو، ڪا مهل تائين اختر جي سماعتن سان پڙاڏو بڻجي ٽڪرائجندو رھيو،
    ”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمي ۾ ضرور اچجان.“
    ھن جو چيل جملو، اختر جي دل جي اٿاھه گهراين ۾ لهندو ويو، ھو اڃان سوچن جي ڪُن مان ٻاھر نه نڪتو ھو، جو ڪاليج جو ٽائيم به اچي پورو ٿيو، اوچتو ائين محسوس ٿيو ڄڻ سج لهي ويو ھجي، ڄڻ رات اوچتو پنهنجي ڪاري چادر ڏينهن جي مٿان وجهي ڇڏي ھجي، ھن دريءَ مان ٻاھر نهاريو ته آسمان تي گهاٽا سُرمئي ڪڪر ڪاھيندا پئي آيا سارو آڪاس ڪڪرن سان ڍڪجي ويو ھو، برسات جي ٿڌي ھوا سڄي ڪلاس کي مٽيءَ جي مهڪار سان مهڪائي ڇڏيو ھو، ھوا ڪافي تيز ۽ ٿڌي ھئي، اختر پهريان خيمن ۾ وڃي ريشمان سان ملڻ پئي چاھيو ۽ پوءِ گهر وڃڻ. پر اڃا شام ٿيڻ ۾ ڪافي دير ھئي، مينهن جي ڪري ھو پهريان گهر آيو، وڏ ڦڙي سان مينهن شروع ٿي چڪو ھو، ڪيترن ڪلاڪن تائين تيز طوفان ۽ وڏي گجگوڙ سان بارش ھلندي رھي، سج لهڻ ۾ اڃا ڪجهه دير ھئي، جو مينهن ڪجهه ساھي ڏني ته ھو سائيڪل ڪڍي خيمن ڏانهن روانو ٿيو، ھن کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ اڄ ھن کي پنهنجي منزل ملڻ واري ھئي،
    ”بابو اڄ شام جو اسان جي خيمن ۾ ضرور اچجان“.
    ھن جي ڪنن ۾ ريشمان جا لفظ مٺو، مٺو سرٻاٽ ڪندا رھيا، سامهون اتر جي تيز ھوا ھن جو رستو روڪي رھي ھئي. اختر کي اڄ رستو، معمول کان ڊگهو ٿيندو پئي محسوس ٿيو، سائيڪل کي گرائونڊ تي اچي بيهاريائين، هن سائيڪل جي گهنٽي وڄائي ته سائيڪل جي گهنٽيءَ مان سڏڪا نڪري پيا، چئو طرف پاڻي ئي پاڻي ھو، ۽ ڪِن ڪِن مٿاهين جاين تي ڪِلن کوڙڻ جا نشان نظر اچي رھيا ھئا، مينهن جي پاڻيءَ مٿان پلال ۽ بال پينن جا خالي کوکا پُسيل حالت ۾ تري رھيا ھئا، ھوٽل جي سامهون واري شيشي تي مينهن جو پاڻي لڙڪن وانگر ليڪا ٺاھي رھيو ھو، ھن کيسي مان اڇي رنگ جو رومال ڪڍيو، جنهن تي ڳاڙهي رنگ جو گلاب اڪريل ھو، ھن عينڪ لاھي عينڪ جا شيشا به صاف ڪيا ۽ پنهنجا نيڻ به.


    خالي بيڊ

    ھن پنهنجي جيون جا چوٽيهه سال، پنهنجي آفيسرن جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏيا ھئا، زندگيءَ جي ھن سفر ۾، ڪيترا آفيسر ايندا ۽ ويندا رھيا. پر علي نواز اُتي جو اُتي، صاحب جي آفيس جي درتي، ڌيان سدائين در ۾ لڳل گهنٽيءَ ۾،
    ”حاضر سائين، جي سائين، آيو منهنجا سائين“
    ڪندو رھيو.
    علي نواز ھڪ زندهه دل، خوش مزاج انسان ھو، ھن سدائين اداس جهولن ۾ ٽهڪن جا ڦول وڌا ھئا، حيثيت ۾ ته ھو معمولي پٽيوالو ھو، پر سوچن جي حوالي سان ھو تمام وڏو انسان ھو، باذوق ايڏو ھو، جو ھن وٽ سَوَن جي تعداد ۾ فوني جا رڪارڊ سنڀاليل ھئا، سنڌي اردو ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل جو خزانو ھوندو ھو علي نواز وٽ، ھڪ ڀيري استاد محمد جمن جي رڪارڊنگ جي خبر پيس سو آفيس مان موڪل وٺي ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ويو ھو، ۽ استاد کي اجرڪ پارايائين ۽ استاد به ھن کي ھڪ پيار ڀريو ڀاڪر پائي ۽ ھن سان ھٿ ملايو ھو، جنهن جو ذڪر ھو ھر نئين ماڻهو سان فخر وچان ڪندو ھو، ھو جڏھن به آفيس ۾ پير رکندو ھو ته آفيس وارن کان پنهنجا سمورا درد وسري ويندا ھئا، آفيس وارا سڄو ڏينهن ھن سان چرچا گهٻا پيا ڪندا ھئا، ۽ سهپ ۾ به علي نواز وٽ ڪا سمنڊ جيڏي دل ھئي، ھڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو صبح جو ھو جيئن ئي آفيس ۾ آيو ته ھن جو موڊ تمام خراب ھو ۽ اچڻ سان سڌو ويو صاحب جي چيمبر ۾ ۽ دانهن ڏيندي چيائين،
    ”سائين ھي اوھان وارو گن مين ھاڻي منهنجي ھٿان مرندو“
    ”ابا ڇو خير ته آھي؟“
    صاحب حيران ٿيندي پڇيو.
    ”سائين ڪالهه ڇا ٿيو جو شام جو آءُ مٿي ۾ ڪاري ميندي وجهي اڃان مس واندو ٿيو ھوس، جو درکڙڪيو،“
    ھن فرياد ٻڌائڻ شروع ڪيو،
    ”در جو کولي ڏسان ته اھو پاڻ وارو گن مين بيٺو ھجي، پڇيو مانس ابا ڪر خبر ڪيئن ڀلجي پيو آھين،“
    ته ھن چيو،
    ”ماما، ھتي ڪنهن ڪم سان آيو ھوس، سو ھتان جو گذر ٿيو ته سو چيم ته ماما کي سلام ڪندو وڃان ٻيو مڙئي خير آھي.“
    سو مون چيومانس،
    ”پوءِ بيهه کٽ ٻٽ ڪڍان ته ڪچهري به ڪيون ۽ چانهه به پيون.“
    سو مون کي چيائين
    ”واھه ماما واهه، ھاڻي ھن ڪِني ڌپ واري گهٽيءَ ۾ مون کي ويهاريندين.“
    مون چيو مانس.
    ”نه ته ڇا توکي گهر وٺي ھلي ويهاريان“
    مون کي چئي.
    ”ماما وٺي ھلندين ته ڇا ٿي پوندو، اندر به منهنجي مامي ويٺي آ“
    سائين پوءِ مون ھٿ ٻڌي چيو مانس
    ”ابا ويهين ته کٽ ڪڍان باقي گهر مان به ڪونه وٺي ھلندو سانءِ“
    ”سائين اِھي اٿوَ اوھان واري گَن مِين جا حال“،
    ”وڃ ھيڏي سڏ ڪرينس ته مان ٿو خبر وٺانس.“
    صاحب به مصنوئي ڪاوڙ ڪندي چيو، صاحب جي چيمبر مان نڪري گن مين کي سڏ ڪيائين
    ”ھل صاحب ٿو سڏئي“
    ”ماما ڇو خير ته آھي؟“
    گن مين پڇيو
    ”ھل ھل اندر پاڻهين خبر پئجي ويندئي“،
    ھو به ڪوڙو ڊپ ظاھر ڪندي، صاحب جي چيمبر ۾ داخل ٿيو ۽ ڇا ڏسي ته اڄ صاحب پاڻ به وڏي موڊ ۾ آهي.
    ”ابا تنهنجي دانهن ملي آ،“
    صاحب چيو.
    ”سائين الائي ڪهڙي؟“
    صاحب علي نواز ڏانهن اشارو ڪيو، ۽ پنهنجي کل تي ڪنٽرول ڪندي چيو.
    ”چوي ٿو ڪالهه مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو آھي“
    صاحب مختصر فرياد ٻڌايو
    ”سائين اوھان پاڻ فيصلو ڪيو، ماما علي نواز ڪالهه مون کي ھڪ ڪني ڌپ واري گهٽيءَ ۾ پئي ويهاريو سائين مان اُتي ڇو ويهان ھا، سائين، ماما علي نواز مون کي چانهه نه پياري ته مڙيئي خيرآھي، ھاڻي ماما علي نواز کي منهنجي طرفان ٻارن ٻچن سوڌي دعوت آھي، پوءِ ڏسو ته مان ڪيئن ٿو گهر ۾ ويهاري ماما ۽ مامي جي خدمت ڪيان.“
    ”سائين ڏسو پيا اوھان جي منهن تي ڇا پيو چوي “.
    علي نواز دانهن ڪئي،
    ”سائين جي ھاڻ پاڻ نه ايندو ته پوءِ مان ٿو ٽانگو ڀري وڃانس، هاڻ ماني کائي يا کارائي.“
    پوءِ ھجن علي نواز جون دانهون، صاحب جا ۽ گن مين جا ٽهڪ،
    ”سائين مون فيصلي کان ئي بس ڪئي، ھي آھي، وڏو زورآور ماڻهو، الاءِ ڪنهنجا ٻار وٺي اچي لهي منهنجي گهر ۽ مون واري زال به ڏسي وڃي“.
    بس پوءِ ھر طرف ٽهڪن جي خوشبو ڦهلجي ويندي ھئي.

    ڪڏھن ڪو ڪلارڪ چوندو ھوس ته
    ”علي نواز تون ڏاڪڻ وٽ لڪي ٿو چانهه پاڻيءَ جا پئسا وٺين. خبر اٿئي قيامت واري ڏينهن تنهنجي گناھن ۾ اِھا ڏاڪڻ به تُرندي“
    سگريٽ جو ھڪ وڏو سوٽو ھڻي کلي چوندو ھو.
    ”ايڏي وڏي ڏاڪڻ ملائڪن کان ڪيئن کڄندي ۽ جيسين قيامت ايندي تسين ھي ڏاڪڻ الاءِ ڪٿي وڃي پڄندي“.
    اڄ سڀ ڪجهه ساڳيو ھو، پر علي نواز جي سڏن جي روشني نه ھئي، ھن جي ٽهڪن جي خوشبو نه ھئي، پر ھو پاڻ به نه ھو، عيد اچڻ کان مھينو اڳ پيو پور پچائيندو ھو،
    ”صاحب تمام ڀلو ماڻهو آھي، مٿين ڪمائي به ڏاڍي اٿس، ھن عيد تي ضرور ٺٺ ڪرائيندو. ٻه ٽي ھزار ڏيندو ته ٻارن ٻچن جا عيد جا ڪپڙا ٿي پوندا“
    ”علي نواز جي پگهار، جيڪا جاءِ جي مسواڙ، بجلي ۽ گيس جي بلن مان ڪجهه بچندي ھئي ته گهر لاءِ سيڌو سامان وٺي ايندو ھو، نه ته ساڳي اوڌر، سڄو مهينو پيو قرض وٺندو ھو، ۽ پاڻ کي صاحب جي خرچين جا ڪوڙا دلاسا ڏيئي پيو پنهنجي دل پرڀائيندو ھو، ويچاري علي نواز کي ڪهڙي خبر ته ھن جو صاحب جيڪو پاڻ ئي ٻن زالن جي گهاڻي ۾ ڦاٿل هو ۽ صاحب سان جيڪا ويڌن ھئي، اڄ ته صاحب جو موڊ تمام خراب ھو، ھر ڪنهن کي پئي ڏاڙھئين، ٿوري دير اڳ ۾ ته بلڪل ٺيڪ ھو، ھا، اِھا جيڪا ٿوري دير اڳ ۾ ڪراچيءَ واري گهر مان فون آئي ھئي، اھو سڄو ان جو ڪمال ھو، فون تي حڪم ٿيو ھو ته صاحب جي ڀاڄائي ھڪ لک رپين جي شاپنگ ڪري آئي آھي، ان ڪري ھاڻ صاحب جي گهر واريءَ کي ٻن لکن جي شاپنگ لازمي ڪرڻي ھئي، نه ته صاحب جي گهر واريءَ جو ڪنڌ ھيٺ ٿيڻ جو وڏو خطرو ھو، ۽ صاحب کي ھر حال ۾ بيگم جو ڪنڌ مٿي ڪرڻو ھو، سو صاحب کي ته ڪو اسٽاف وارو ياد ئي ڪونه ھوندو ھو، پر علي نواز ايڏو سادو ۽ معصوم جو عيد کي ڪيئي ڏينهن گذري وڃن، تڏھن به ھن جي غربت ھن کي ڪوڙا خواب ڏيکارڻ کان ڪانه مڙندي ھئي.“
    ”متان صاحب کان ڳالهه وسري ويئي ھجي، ۽ ڪيڏي مهل پاڻ ئي ڪوٺي ۽ کيسي ۾ ھٿ وجهي ڳاڙھا، ڳاڙھا نوٽ ڪڍي چوي علي نواز ھي تنهنجي عيد جي خرچي. يار علي نواز معاف ڪجانءِ عيد تي تڪڙو ھليو ويو ھوس،“
    پر اھڙي ڪابه عيد علي نواز لاءِ ڪانه آئي، ۽ ھا پوءِ ھڪ ڏينهن علي نواز به آفيس ڪونه آيو، ھڪڙي درخواست آئي ھڪ مهينو موڪل جي ۽ پوءِ ڪيترائي مهينا گذري ويا علي نواز نه موٽيو. اسپتال جي وارڊ ۾ موجود، ھر بيڊ جي چوڌاري چار پنج ماڻهو ويٺا ھوندا ھئا، پر ھڪڙي علي نواز جو بيڊ ئي ماڻهن کان خالي ھو، ھي اھو بيڊ ھو جنهن کي صرف خوابن جو گهيرو ھو، يا رڳو ھاسپيٽل اسٽاف، وارڊ بوائي، نرسون، ڊاڪٽر، پنهنجي ٽائيم تي آيا پئي، ۽ ھڪ اداس مريض کي سُيون ھڻي، چارٽ ۾ ڪجهه لکي ويندا رھندا ھئا، بيمارين جا ميلا ھن جي جسم ۾ وڃن پيا ڏينهون ڏينهن پنهنجو بازارو لڳائيندا، شگر، بلڊ پريشر، ڊپريشن، ھلڪو تپ، مٿي جو سور ۽ الاءِ ڇاڇا؟
    پهريان ڪجهه ڏينهن ھن جي وفادار ۽ سگهڙ گهر واري، پنهنجو اڌچريو پٽ ساڻ ڪري ايندي ھئي، ۽ ڪڏھن سَيون، ڪڏھن ماني، تريل بيدا، ته ڪڏھن تريل پٽاٽا ھن لاءِ آڻيندي ھئي، پوءِ علي نواز پاڻ ئي پنهنجي گهر واريءَ کي چئي ڏنو.
    ”اِھي سئو روپيه رڪشي جا به روز روز ڪٿان ايندا، منهنجي لاءِ ڪجهه نه آڻيندي ڪر، اھي ٻه ٽي روپيه به ٻچن کي کاراءِ مون کي اسپتال پاران ماني ٽِڪي ملي ٿي. تون پريشان نه ٿي آءٌ چڱو ڀلو ٿي جلدي گهر موٽي ايندس. توهان ٻيهر اسپتال نه اچجو.“
    ھن جي گهر واري ڪافي دير تائين ڪنڌ ھيٺ ڪيو، علي نواز جون ڳالهيون به ٻڌندي رھي ۽ رئو منهن تي ڏئي سڏڪندي به رھي، نيٺ نير وھائيندي گهر ھلي ويئي.
    ڪجهه سالن کان ھن کي پير جو ھڪ ننڍڙو زخم ستائيندو رھندو ھو، پرھن ڪڏھن به ھن تي ڌيان نه ڏنو، نيٺ جڏهن سڄو سارو پير ڳرو محسوس ٿيڻ لڳس، تڏھن وڃي ھن اک پٽي ۽ وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيو، ٽيسٽن جي نتيجي کان پوءِ ڊاڪٽر ھن کي ٻڌايو ته،
    ”معاملو خراب ٿي ويو آھي ۽ مسئلو گهڻو اڳتي وڌيل آھي ۽ تنهنجي پير جو آپريشن ٿيڻو آھي، ڪو ماڻهو ھجئي ته پاڻ وٽ گهرائي وٺ“.
    علي نواز ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌي ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ خاموش رھيو، اکين ۾ عجيب اداسيءَ جي موسم ڇانيل ھيس، ھڪڙو ننڍو ڀاءُ ھوندو ھو، اھو به مون کان اڳ ۾ وارو وڄائي ھليو ويو، مائٽن جا حال اِھي آھن، ھيترا ڏينهن ٿيا آھن جو ڪو پڇڻ ئي ڪو نه آيو آھي، سو ڪير اچي مون سان اسپتال ۾ رھندو، ڪير ڪنهن جو، ناھي،”ھن دل ئي دل ۾ سوچيو“. جڏھن مائٽ ئي سار نٿا لهن، ته پوءِ آفيس وارن ۽ دوستن تي ڪهڙي ميار، ھن جي سوچن جو سلسلو ھر وقت جاري ھو، ھن جو اکيون ھر وقت در ۾ اٽڪيل ھونديون ھيون، نه ڄاڻ ھن کي ڪنهن جو انتظار ھو، ھن جي سوچن جو رُخ ھڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي نئين آيل صاحب ڏانهن ھليو ويو، جيڪو وڏو حاجي ۽ نيڪ نمازي ھو.
    ۽ ھي ڇا سچ پچ گيٽ جو درکلي ٿو، اڳيان صاحب، پويان ڪلارڪ، پيٽوالو جن جي ھٿن ۾ ميوات جا وڏا شاپر، ڪيڪ، مٺايون ساڻ ڪيون سڌو علي نواز جي بيڊ تي اچي بيهي ٿو. ۽ علي نواز ڏاڍو خوش، صفا ھشاش بشاش ٿي ويو.
    ”ابا علي نواز ڪيئن آھين“؟
    ”سائين الله جو شڪر آھي“.
    ”ابا ڪنهن شئي جي ضرورت ھجئي ته حجاب نه ڪجان، ڪابه تڪليف ھجئي ته مون کي ضرور ٻُڌائجان“.
    ۽ پوءِ صاحب کيسي ۾ ھٿ وجهي، ڪجهه نيرانوٽ ڪڍيا ۽ علي نواز جي کيسي ۾ زوريءَ وجهي ڇڏيا. علي نواز، صاحب کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي،
    ”نه سائين نه، اوھان اڳ ۾ ئي ايترو خرچ ڪري آيا آھيو، نه پئسا نه ڏيو“.
    ”اي چاچا، ڪنهن سان پيو ڳالهائين، خواب پيو ڏسين ڇا. اُٿ، بابا، اُٿ اڄ آپريشن ٿيڻو اٿئي،“
    ھن کي ھڪ وارڊ بوائي خواب مان جاڳائيندي چوي ٿو.
    آپريشن واري ڏينهن تائين ھو وارڊ واري در ۾ اکيون کپايو، در ڏانهن پاسو ورايو ستو رھيو، ماڻهو ايندا رھيا ويندا رھيا پر ٻين وٽ، ھن جي اکين ۾ نه لڙڪ ھئا، ۽ نه ئي چپن تي ڪنهن لاءِ ڪا شڪايت، ھا، ھن جي اکين ۾ ڪجهه خواب ھئا، پنهنجي گهر کي پڪو ڪرائڻ جا، پنهنجي گهرواري کي سونيون چوڙيون وٺي ڏيڻ جا، پنهنجي پٽن کي پڙھائي آفيسر ٺاھڻ جا، ۽ ھن جي اکين ۾ انتظار ھو، سٺن ڏينهن جي اچڻ جو، ھوريان ھوريان سڀ خواب ۽ سڀ انتظار ھن کان پنهنجو ھٿ ڇڏائي ويندا رھيا، ھن جا پير ڪجهه دير ھيڏانهن ھوڏانهن جُتي ڳوليندا رھيا، ۽ پوءِ جتيءَ ۾ پئجي ويا، آس پاس جي بيڊ وارن کان ھن ڏاڍيءَ سڪ سان موڪلايو ، جن ھن جو تمام گهڻو خيال رکيو ھو، ھِن ھنن کان موڪلائڻ ضروري پئي سمجهو، ھِن ڄڻ ھنن کان ھميشه لاءِ پئي موڪلايو، ھُن کي ھِن دنيا تي ڏاڍي حيرت ٿي ھئي، ھن ڄڻ واپس نه اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ھُو، ھوريان ھوريان ھلندو آپريشن ٿيئٽر جي در وٽ اچي بيٺو ۽ ٿورو ترسي پوئتي ھڪ نهار وڌائين ۽ خشڪ چپن تي هڪ پُر درد مُرڪ آڻي آپريشن ٿيئر ۾ اندر ھليو ويو.


    ٽيون نسل

    شرنائيءَ جا مِٺا مِٺا آواز ننڍي ھوندي کان ئي ھن جي حواسن تي ڇانيل ھئا، سُرن جو ذائقو ھن لاءِ سڀني ذائقن کان نرالو ھو، ھن جو پيءُ فقير ڪوڙو خان جڏھن بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي، ٽڪه واري رلي وڇايل کٽ تي ويهي، شرناءِ نهايت پيار سان ٻنهين ھٿن ۾ جهلي ڦوڪ ڏيندو ھو ته تر جي سڄي ماحول کي سُرن جي خوشبو سان واسي ڇڏيندو ھو، سڄي ڪائنات ڄڻ سرن ۾ ويڙھجي ويندي ھئي، ۽ ننڍڙو شمن، پنهنجي بابا جي کٽ جي سامهون، ھيٺ پٽ تي ڪاٺ جي منجي تي ويهي، ٻئي پنهنجي ھنج ۾ رکي، پنهنجون ننڍڙيون گول مٽول مٽون، پنهنجي پتڪڙي ھٿن ۾ جهلي، نهايت ڌيان سان، پنهنجي بابا جي شرنائيءَ جي سرن ۾ وڃائجي ويندو ھو، گهر جا ٻيا ڀاتي جن ۾ ھن جي امڙ، چاچا، چاچيون ننڍڙي شمن کي ڏسيو پيا ٺرندا ھئا، ۽ سندس سُرن ۾ وڃائجي وڃڻ تي به ڏاڍا خوش پيا ٿيندا هئا. سڄي تر جون خوشيون فقير ڪوڙي خان کان سواءِ ٻُسيون ۽ اڌوريون ھونديو ھيون، ڇٺيون ھجن، طهر يا شاديءَ جي وھانون جا ڪاڄ، فقير ڪوڙو خان ئي وڃي اُنهن ۾ ميلا مچائيندو هو. فقير ڪوڙي خان جا ٻه ڀائر سدورو خان ۽ سو ڀارو خان به دُھل ۽ ڌُڪڙ جا وڏا ماھر فنڪار ھئا، شرنائيءَ سان گڏ ائين پيا وڄت ڪندا ھئا، جو ٻڌندڙن تي عجيب خوشيءَ ڀريل ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي، خوشيون ورھائي، جڏھن نوٽن سان ڀريل جهول کڻي گهر ايندا ھئا، ته ايڏا خوش ھوندا ھئا، ڄڻ ڪو پنهنجو گهوٽ پرڻائي آيا ھجن، ٻه ٻه مهينا اڳ فقير ڪوڙي خان کي ڀتن ۽ ڪاڄن جون پارتون ٿي وينديون ھيون. ڇا ته ڀلوڙ زمانو ھو، نه ڌاڙا نه ڦرون نه ئي قبائلي جهڙن جو تصور، سالن ۾ ڪا رڍ ٻڪري جي چوري ٻُڌبي ھئي، ڳوٺن ۾ سڀني ذاتين توڙي مذھبن جا ماڻهو پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رھندا ھئا، نسلي، مذھبي ڪو به مت ڀيد نه ھو، عيدون ھجن يا ڏياريون، سڀئي ڏھاڙا، سڀني ۾ گڏجي خوشيون ورھا ئيندا ھئا.
    ڪوڙو فقير ھر ڪنهن لاءِ معزز ۽ معتبر ھو، ھرڪو ڪوڙي فقير کي ٻارن ٻچن ۾ ايئن وٺي وڃي شرنايون وڄرائيندو ھو، ڄڻ ڪوڙو فقير انهن سڀني گهرن جو ڀاتي ھجي، شادين ۾ گهر ڌياڻيون شرنائي جي سُرن تي ايئن نچنديون ھيون، جيئن پکي ھوا ۾ اُڏامندا آھن، جيئن سنڌؤ ۾ ٻيڙيون ترنديون ھجن، ڳيچ ڳائينديون کيچلون ڪنديون، ننڍيون، نيٽيون ھڪ جيڏين جي مٿان پيون نوٽ رکنديون ھيون ۽ ڪوڙو فقير نهايت احترام سان مرُڪندي، اُنهن جي مٿي تي دعا جا ھٿ ڦيري، نوٽ به کڻي وٺندو ھو، سڄي ڄمار ڪاڄن تي شرنايون وڄائيندي، اُنهن شادين ۾ ڪڏھن گهوٽ جي پيئرن جا لٿل مُنهن ۽ مائرن جا خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرا به پڙھي وٺندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪٿي حجت ڪري پڇي به وٺندو ھو،
    ”رب ڏنا، ڇو ڀلا پٽ جي شاديءَ تي به منهن لٿو پيو اٿئي، ھٿ ئي مٿي نٿو کڻين ”؟“ ڪوڙا خان ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اھا مِٽي منهنجي زاال، پٽ جي چوڻ تي ڌارين مان ڪئي آھي،“
    ڪوڙي خان کان ڪو به ماڻهو پنهنجي اندر جو احوال نه لڪائيندو ھو.
    اِھي سڀئي لقاءَ ڏسندي، حيا جا سبق پڙھندي، شمن فقير وقت سان گڏ، ننڍي ٻوٽي مان وڌي ھڪ ميويدار وڻ ٿي پيو ھو، پنهنجي اَبي جي ڪلهن سان اچي ڪُلها ملايا ھئائين، ھاڻ ڪوڙو فقير جي ڪنهن جاءِ تي نه به وڃي سگهندو ھو ته شمن فقير وڃي اُنهن شادين کي سُرن سان سينگاريندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن ڪوڙو فقير هڪ ڳوٺ ۾ ته شمن فقير ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي پيا سُر وکيريندا ھئا، پر جي اتفاق سان ڪنهن ھڪ جاءِ تي گڏجي پوندا ھئا، ته ماڻهن مان واھه، واھه جا ڪوڪريا ڪڍرائي ڇڏيندا ھئا، پيءُ ۽ پٽ جي شرناءِ تي سُرن جي پلٽن جا اھڙا ته وسڪارا ٿيندا ھئا، جو ماحول ۾ صفا آڳ لڳائي ڇڏيندا ھئا، ماڻهن جون دانهون نڪري وينديون ھيون،
    ”واھه ڙي شمن واهه اڄ ته صفا مٽ ڀڃي ڇڏيئي“.
    پر جي مند سياري جي ھوندي ھئي، پوءِ ته اوسي پاسي جا سڀئي ڳوٺ سُرن جي گرميءَ سان ٻري پوندا ھئا، سُرن جي خوشبو سَوڙ ۾ سُتل ماڻهن کي به مهڪائي وجهندي هئي. جهونا پنهنجين سَوڙين مان پيا هڪلون ڪندا هئا.
    ”واهه ڪوڙا خان واهه تنهنجي شرناءِ“،
    تر جا زميندار فصل لهڻ تي ھنن راڄ جي فقيرن کي ڪڏھن به نه وساريندا ھئا، ڪڻڪ توڙي ساريون يا سايون ڀاڄيون ھجن گهر ويٺي پيا موڪليندا ھئا.
    وقت ڪنهن تيز نديءَ جي وھڪري جيان گذرندو رھيو. ايئن زندگيءَ جي ريل گاڏيءَ مان نه ڄاڻ ڪڏھن ڪوڙو خان ڪنهن تڪڙي مسافر جيان، پنهنجي اسٽيشن تي لٿو ھليو ويو، ۽ پنهنجي سيٽ تي پنهنجي پٽ شمن فقير کي ويهاري ويو، ڪوڙو فقير پنهنجي پوٽي ڏسڻ جا خواب به پنهنجي نيڻن ۾ سمائي ھليو ويو، ڪوڙي فقير جي وفات جي ڪجهه مهينن کانپوءِ شمن فقير کي پٽ ڄائو، پوءِ ان خوشيءَ ڪافي حد تائين ڪوڙي خان جي وڇوڙي جي گهاءُ کي ڀري ڇڏيو ھو.
    سانوڻ به نيٺ اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو. ۽ جنهن ڏينهن شمن فقير پنهنجي نيڻن جي ٺار کي اسڪول داخل ڪرائي آيو ھو، ان ڏينهن ھو، گهڻي دير تائين شرناءِ وڄائيندو رھيو ھو، سُرن جي لَهرن ۾ ته ڪڏهن پنهنجي بابا جي يادگيرين ۾ لڙھندو رھيو، سُرن سان گڏ ھن جي نيڻن مان بنا باد لن جي برسات به ھلندي رھي، اِھا خبر نه پئي ته اھا برسات ڪنهن پل شروع ٿي، پر ختم ان پل ٿي، جنهن وقت سانوڻ جي ماءُ اچي پنهنجي ساڄي ھٿ جي تري شرناءِ جي مُنهن تي رکي ھئي،
    وقت گذرندو رھيو، موسمون بدلبيون رھيون، پُل ھيٺان نه ڄاڻ ڪيترو پاڻي گذري چڪو ھو، پر شمن فقير پنهنجي بابا جي شرناءِ کي ڪڏهن به ميرو ٿيڻ ڏنو، ۽ نه ئي شرناءِ جي آلاپن کي ڪڏھن ڌيمو ٿيڻ ڏنو، سانوڻ خيرن سان اسڪول کان ڪاليج تائين وڃي رسيو ھو، سانوڻ پنهنجي جيون مان ڏاڍو خوش ھو، سانوڻ کي خوش ھجڻ به گهر جي ھا، ڇو ته ھن جي بابا ھن کي ڪنهن قسم جي تڪليف اچڻ نه ڏني ھئي، پئسا ڏوڪڙ ھجن يا ڪپڙا لٽا ھن جي بابا سدائين ھن جي ھر خواھش جو احترام ڪيو ھو.
    ھن کي به پنهنجي بابا سان ڏاڍو پيار ھو پر ھن کي پنهنجي بابا شمن فقير جي شرناءِ وڄائڻ قطعي پسند ڪونه ھو، پنهنجي بابا سان بي اِنتها پيار ھجڻ ڪري، ھو ان ناپسنديدگي جو دٻيل اظهار ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي ماءُ سان ڳراٽڙي پاءِ ڪندو ھو،
    ”امان بابا کي چئو شرناءِ نه وڄائي اسان تي ماڻهو کلن ٿا“.
    ”پر، ابا، ڇو نه وڄائي پڻهين ڪو نئين مان ته شرناءِ ڪونه ٿو وڄائي، اِھا ته تنهنجي ابن ڏاڏن کان وڄائندا اچن“.
    ماءُ پيار مان چيَس
    ”امان، او منهنجي مٺڙي امان، تون نه ٿي سمجهين مون ڪاليج ۾ سڀني دوستن کي ٻڌايو آھي ته منهنجو بابا تر جو وڏو زميندار آھي“.
    ”پر ابا تنهنجو بابا زميندار نه آھي، تڏھن به توکي زميندارن جي پٽن کان گهٽ ته ڪين ڀانيو اٿس، توکي شابس ھجي ابا، ھيڏا خرچ پکا ڪري، پاڻ کي لنگهڻ ڏيئي، توکي پڙهايوسين، تنهنجا سڀئي انگل پورا ڪياسين، اُنهيءَ جو اِھو اُجورو ڏنو اٿئي. توکان ته پوءِ اُھي اڻ پڙھيا چڱا چئبا جيڪي پنهنجي ابن ڏاڏن جي پورھئي، کان ڪرڀ ته نٿا ڪن،“
    سانوڻ جي ماءُ جي جيري کي ڄڻ باهه لڳي ويئي ھئي.
    ”او، امان امان اھو ڪو سٺو ڪم نه آھي، ماڻهو اسان کي گهٽ ذات ٿا سمجهن، ، ميراثي ۽ مڱڻهار ٿا سمجهن“.
    ”اڙي نڀاڳا پوءِ اسان پنهنجي ذات به نه سڏايون ڇا؟، اسان ست پيڙھائتا ميراثي ۽ مڱڻهار آھيون، ته ماڻهو اسان کي ميراثي ئي سڏيندا نه، يا تون پڙھيئين ته اسان سيد ٿي پياسين.اھا شرناءِ وڄاءِ وڄاءِ تنهنجي ابي توکي ان منزل تي رسايو آھي، ھاڻ توکي اِھا شرناءِ نٿي وڻي، سڀاڻي چئجان ته امان به پوڙهي ٿي وئي آهي، مون کي اها به ڪانه ٿي وڻين.“
    ”او امان، منهنجي چري امان، منهنجو اِھو مطلب نه آھي، تو ۾ ته منهنجو ساھه آھي،“
    ايئن ماءُ ۽ پٽ جو اِھو جهيڙو سدائين ھلندو رھندو ھو.
    سانوڻ ننڍي ھوندي کان ئي پنهنجي مامن وٽان مڱيل ھو، ھاڻ سندس ماماڻن جا نياپا به اچڻ لڳا ته،
    ”اسان کان ھاڻ پنهنجي امانت وٺي وڃو، ته جيئن اسان جن ڪلهن تان نياڻي جو بار لهي“.
    ”سانوڻ دل ۾ ته راضي هو پر ظاھري طرح ٽارڻ لڳو.“
    ”اول روز گار سان ٿيان، پوءِ پرڻبس،“
    ”ماءُ ۽ رب کان ڪجهه به نه ٿو لڪائي سگهجي، ماءُ جي سمجهائڻ تي ھن نيٺ ھا ڪئي، پر ھڪڙو شرط به ماءُ سان رکيائين“،
    ”امان بابا کي چئو ته منهنجي شادي تي شرناءِ نه وڄائيندو.“
    ”ماڻس به ھن جي دل رکڻ لاءِ ھن سان کڻي ھا ڪئي“،
    ”مان بابنهين کي پاڻهين ئي سمجهائينديس“.
    نيٺ اھو ڏينهن به اچي ويو، جنهن ڏينهن کي ڏسڻ جو ارمان ھر ماءُ ۽ پيءُ جي دل ۾ ھوندو آھي، ۽ جنهن ڏينهن جا خواب مائرون ڇٺيءَ جي ڏينهن کان ڏسڻ شروع ڪنديون آھن، سڄي ويڙھي ۾ اوسي پاسي جي مهمانن جي اچڻ سان جهڙوڪ ميلو متل ھجي، سڄو ويڙھو خوشين ۾ مگن ھو، ويڙھي جي ڀرسان وڏا چوڪنڊا شاميانا لڳي چڪا ھئا. شاميانن ۾ مهمانن جي ويهڻ لاءِ ۽ ماني کائڻ لاءِ ڪرسيون ٽيبلون لڳايون، ويون ھيون، ڇني جي ڀرسان ديڳون رجهي رھيون ھيون، ديڳن ۾ ڪفگير گهمائڻ تي برياني، زردي ۽ ڀاڄيءَ جي سُرھاڻ سڀني مهمانن جي صبر جو امتحان وٺي رھي ھئي، مهمانن جو گرم جو شيءَ سان استقبال ٿي رھيو ھو، سانوڻ، سانوڻ جا چاچا ۽ ماما سڀني مهمانن کي ڀاڪرن ۾ ڀري آجيان ڪندا رھيا، مووي ڪئميرا وارو، وائرون سنڀاليندو، ھڪ اک ڪئميرا ۾ اٽڪائي مهمانن جا پوز وٺندو رھيو، مهمان ڪافي تعداد ۾ اچي چڪا ھئا، انهن ۾ سانوڻ جي ڪاليجي دوستن جو انگ به چڱو خاصو ھو.
    پر اُنهن سڀني ۾ شمن فقير ته ھو ئي ڪو نه، شمن فقير ڪيڏانهن ويو ھو، اڙي ھي شمن فقير پنهنجي گهر جي ڪنڊ ۾ پيل صندوق مان ڇا پيو ڳولي، شمن جا ٻئي ھٿ صندوق مان ٻاھر نڪتا ته ھڪ ھٿ ۾ بوسڪيءَ جو پٽڪو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ھڪ خوبصورت شرناءِ ھئي، شرناءِ کي پنهنجي پاسي ۾ رکي، ٻنهين ھٿن سان پٽڪو ٻڌڻ شروع ڪيو ته سانوڻ جي ماءُ ھن کي ايلاز ۽ مِنٿون ڪرڻ لڳي،
    ”سانوڻ جا پيءُ الله کي مڃ، اڄو ڪو ڏينهن مُڙ، رب جي واسطي اڄ شرناءِ نه وڄائجان، نه ته ڇورو ڇتو ٿي پوندو“.
    شمن فقير ڄڻ اڄ ڪجهه ٻُڌو ئي نٿي. سنڌي ٽوپيءَ مٿان بوسڪيءَ جو پٽڪو ھن کي ايئن سونهي رھيو ھو، ڄڻ ڪو راڄ جو راڻو ھجي، شمن فقير کي ياد ھو ته ھن جي شاديءَ کان ڪيئي ڏينهن اڳي ھن جي بابا شرناءِ وڄائڻ شروع ڪئي ھئي، ويندي شاديءَ جي ڏينهن تائين.
    سانوڻ نه ڄاڻ ڪهڙيءَ ڳالهه تي پنهنجي دوستن سان کل ۾ ويڙھيو پيو ھو، ۽ ھن جا سڀ دوست به ھن سان ٽهڪن ۾ شامل ھئا، ته اوچتو ھڪ سُريلي شرنائيءَ جو آواز سڀني جي ڪنن ۾ رس ڀرڻ لڳو. سانوڻ جي مُنهن جو پنوئي لهي ويو، سانوڻ جو منهن تمام گهڻو خراب ٿي ويو. ھو اڃا اُٿڻ جو سوچي ئي رھيو ھو ته شمن فقير پنهنجي بهترين لباس ۾ وڏي سريلي انداز سان شرنائي وڄائيندو اچي مهمانن آڏو ظاھر ٿيو. سانوڻ نه ڪئي ھَمَ نه تم، اٿيو ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان، شمن فقير کان شرناءِ کسي پنهنجي پيرن ھيٺان ڏيئي ٽڪر، ٽڪر ڪري ڇڏي، ھن کي ايئن لڳو ڄڻ شرنائي سان گڏ، ھن جي پيءُ جو روح به ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويو ھجي.
    ”واھه جو شرنائي پيو وڄاءِ ڪير آھي؟“
    سانوڻ جي ھڪ دوست سوال پڇي سانوڻ کي خوفناڪ خواب مان ڇرڪائي، جاڳائي وڌو، سانوڻ ڏٺو ته ھن جا ڪافي دوست شرناءِ جي مٺيءَ ڌن تي جمهريون ھڻي رھيا ھئا، شرناءِ سان گڏ دُھل جي ڌڌڪن ڄڻ ميلي جهڙو ماحول ٺاھي ڇڏيو ھجي، شمن فقير اڄ ڏاڍو خوش ھو، سڄي دنيا کان بي پرواھه ڪنهن پکي وانگر سُرن جي آڪاش تي اڏامي رھيو ھو، شمن فقير کي ايئن لڳي رھيو ھو ته ڄڻ بابا ڪوڙي خان جو روح به اڄ سڀني سان گڏ جهمريون پائي رھيو ھجي. اڄ ھن به سُرن سان سڄي فطرت کي نچائڻ ٿي چاھيو، ڪاليجي ڇوڪرا پنهنجي يار جي شاديءَ تي، اچي جو جهمرين ۾ پيا ته بس ئي نه پيا ڪن، سانوڻ جي چهري تان احساس ڪمتري جا بخار آهستي، آھستي لهڻ لڳا، ھو تڏھن ويتر حيران ٿي ويو، جڏھن سڀئي دوست خوش ٿي ھن کان پڇڻ لڳا،
    ”سانوڻ تنهنجي ڳوٺ ۾ ھي ھيڏو فنڪار ڪير آھي؟“
    ھڪ ٻئي دوست پڇيو،
    ”يار سانوڻ ايڏي ڀلي شرنائي ته اسان ڪڏھن ٻڌي ئي نه آھي، مار ھي ته بسم الله خان جون سڪون پيو لاھي“.
    ”يار، ڏسو ته سهي، اسان وٽ ڪيڏا وڏا فنڪار ٻهراڙين ۾ لڪا پيا آھن“.
    ايڏي تعريف ٻڌڻ کان پوءِ سانوڻ جي زبان پاڻهين ھلڻ لڳي،
    ”ادا، هي منهنجو بابا شمن فقير آھي“.
    ”ھان، واقعي، اڙي حيف اٿئي، ايڏي وڏي ڳالهه تو اسان کان لڪائي، سانوڻ توکي مبارڪون، تون وڏن ڀاڳن وارو آھين، جو اھڙي سُريلي ماڻهوءَ جي گهر تنهنجو جنم ٿيو آھي“.
    ڪجهه ڪاليجي ڇوڪرا ھاڻ ھو جمالو جي ڌن تي جهمريون پائي رھيا ھئا، جڏھن شرناءِ بند ٿي ته سڀئي ڇوڪرا ڏاڍي احترام سان شمن فقير جا پير ڇُهندا، ڀاڪرن ۾ ڀريندا، مبارڪون ڏيڻ لڳا ۽ ڪي اخبارن جا وڏا پيڪيٽ ڦاڙي، انهن مان نوٽن جا ھار ڪڍي سانوڻ بدران، شمن فقيرکي پارائيندا رھيا. ھارن پارائڻ کان پوءِ سانوڻ ۽ شمن فقير سان گڏجي گروپ فوٽو ڪڍرائيندا رھيا. انهيءَ مهل سانوڻ، شمن فقير جي پيرن تي ڪري پيو، شمن فقير ھن کي مٿي اٿاري سيني سان لاتو، اُنهيءَ مهل ٻنهين پيءُ پٽن جي اکين ۾ لڙڪ ھئا، پيءُ جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ ۽ پٽ جي اکين ۾ نِدامت جا.


    ٽمندڙ نيڻ

    ھوءَ ھئي ته منهنجي ناني، پر ان کان وڌيڪ منهنجي دوست به ھئي، ۽ ساڳي وقت سڄي گهر ۾ منهنجي لاءِ ھڪ اھم دفاعي مورچو ۽ منهنجي لاءِ ھڪ ڍال به ھئي، مون کي ياد آھي، جڏھن آئون پهريون ڀيرو اسڪول ويو ھوس ته منهنجي ھڪ ھٿ ۾ ڪتابن وارو ٿيلهو ھو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ناني جي ٿڌي چيچ ھئي، سنڌو درياھه جي ڪپ سان اھو اسڪول اڄ به مون کي چٽيءَ طرح ياد آھي، جنهن ۾ فرشتن جهڙو ھڪ ٻاجهارو سائين، جيڪو پاڻ سان کٽمٺڙا به آڻيندو ھو، جيڪي ھو ٻارن ۾ورھائيندو ھو، ۽ ٻارن کي ڏاڍي پيار سان پڙھائيندو ھو، جڏھن گهر ۾ مون تي بلورن کيڏڻ تي پابندي لڳي ھئي، ان وقت به سڄي گهر ۾ نانيءَ کانسوان ٻيو ڪير به منهنجا بلور لڪائڻ لاءِ تيار نه ھو. ناني ڇا ھئي، منهنجي ته سڄي ڪائنات ھئي.
    نانيءَ جي نيڻن جهڙي ڪاري رات جڏھن نيري آڪاش تي ڦهلبي ھئي، تڏھن نانيءَ جي ساڄي ٻانهن منهنجو وھاڻو ھوندي ھئي، منهنجا ٻاراڻا سوال به ڄڻ نانيءَ لاءِ خوشيءَ جو بهانو ھوندا ھئا، نانيءَ جا ڀاڪر ۽ مٺيون منهنجي لاءِ خوشيءَ جو خزانو ھوندا ھئا،
    ”ناني، ناني جڏھن تنهنجي شادي ٿي ھئي ته تون ڪيتري ھئين؟“
    ”ابا، مان وڏي جواڻ، جماڻ ھئيس، ھا، باقي تنهنجو نانو، الله جنت ۾ جايون ڏيس، وڏو، پهلوان ۽ قدارو مڙسالو ھو، جڏھن مون کي لائون پيا ڏين ته، منهنجو مٿو، تنهنجي ناني جي مٿي سان نه پيو ٽڪرجي، پوءِ مون کي ٻن ٿلهن وھاڻن تي ويهاريو ھئن، پوءِ تڏھن وڃي اسان برابر ٿياسين“.
    ”ناني، ناني ڀلا تنهنجو مڱڻو به ٿيو ھو؟“.
    ان ڳالهه تي نه ڄاڻ ڇو ناني ھڪ وڏو ٿڌو ساھه کڻندي ھئي، پوءِ چوندي ھئي،
    ”پٽ مڱڻو منهنجو ٻئي ھنڌ ٿيو ھو، پر اسان جي گهر وارن جي معمولي ڳالهين جي تڪرار تان مڱڻو ٽٽي پيو ھو.“
    مونکي ايئن لڳندو ھو، ڄڻ اِھا ڳالهه ڪندي نانيءَ جي ساھه جي تند ڪنهن اٽڪي تي بيهي رھندي ھجي، ڄڻ ناني جو ساھه اچڻ، نه اچڻ جو فيصلو ڪندو ھجي، ناني ڄڻ سَڪتي ۾ اچي ويندي ھئي، ان پل نه ڄاڻ ناني ڪيڏانهن گم ٿي ويندي ھئي، مون سان ھوندي به، مون سان نه ھوندي ھئي، پوءِ مان گهٻرائي، ناني ناني ڪري نانيءَ کي موٽائي وجهندو ھوس.
    اسان جو گهر شهر ۾ ھو، جتي بابا جو ڪپڙي جو دڪان ھوندو ھو، اسان جو ڳوٺ شهر کان پري ھو، ناني اسان سان شهر ۾ رھندي ھئي، ڳوٺان جڏھن، ڪمين ڪارين، مٽ مائٽ ايندا ھئا، ته ناني ڏاڍي خوش ٿيندي ھئي، مهمانن جي خدمت ڪري، اُنهن مٿان گهور پئي ويندي ھئي، پر ھڪ ڳالهه ته جي مهمان ٻن ٽن ڏينهن کان مٿي ترسندو ھو ته پوءِ ناني بيزار ٿي پوندي ھئي، منهنجي ناني ھڪ وڏي ھنرمند ۽ سگهڙ ناني ھئي، اوڙي پاڙي جون ڪيئي مايون، رڳو نانيءَ جا ٺاھيل رلين جا نمونا ڏسڻ اينديون ھيون اڳٺن جا اھڙا اھڙا نمونا تاڃيءَ تي ڊزائين ڪندي ھئي، جو ماين جو عقل حيران ٿي ويندو ھو، ڪيتريون مايون ته سامهون ٺهيل به رلين جا نمونا پاڻ ٺاھي نه سگهنديون ھيون، نانيءَ جي رلين ۾ ڪائنات جا سمورا رنگ رقص ڪندا ھئا، ناني رلين کي ايڏي ته چاهه سان ٽوپنيدي ھئي جو ايئن ڀاسندو ھو ڄڻ ناني اُنهن ۾ پنهنجا ٽٽل خواب، ٽوپنيدي ھجي، ھڪڙي ڀيري نانيءَ رليءَ تي ٽافين واري ڊزائين ڪڍي ھئي ۽ مون کي سڏي چيو ھو
    ”اِھي ٽافيون توکي وڻنديون آھن نه؟“
    ۽ مون حيرت مان چيو ھو،
    ”ناني ھي ھتي ڪيئن اچي ويون؟“
    ناني کلي چيو ھو،
    ”جادو سان“،
    واقعي نانيءَ جي ھٿن ۾ جادوھو.
    رات جو ناني جي نرم ۽ ريشمي ھنج ۾ سُمهي، ديَون ۽ پرين جون ڪهاڻيون ٻڌندو ھوس، ۽ تصور ۾ اُنهن شهزادن سان گڏ ڪڏھن ڪوهه ڪاف ته ڪڏھن بغداد جي شهر جو سير پيو ڪندو ھوس. ۽ اُنهن شهزادن ھٿان وڏن ظالم ديون ۽ جادوگرن جون مُنڍيون لهندي ڏسندو ھوس، پرستان جي حسين پرين سان ھوا ۾ اُڏائيندي، اڪثر ناني مون کي ننڊ جي جادونگريءَ ۾ پهچائي ڇڏيندي ھئي، ۽ اُنهن قصن ۾ اڪثر ھڪ اھڙي شهزادي جو قصو به ٻڌائيندي ھئي، جيڪو ھڪ شهزاديءَ تي عاشق ٿي پيو ھو، شهزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ شهزادي جي پيءُ ھڪ شرط رکيو ھو، ڪوهه ڪاف مان پارس پٿر کڻي اچڻ جو، شهزادو سوين ميل جهاڳي، ڪوهه ڪاف جو اڙانگو پنڌ ڪري ڪيئي سالن جي سفر کانپوءِ اتي پهتو ھو ۽ اُتي ڪنهن جادوگرياڻي شهزادي کي پٿر جو بُت بڻائي ڇڏيو ھو، ۽ اُھا شهزادي اڃا تائين ان شهزادي جي انتظار ۾ ويٺي آھي، ۽ اِھا ڳالهه ڪندي ٻَه ڪوسا ڳوڙھا، نانيءَ جي ڳلن تان ترڪندا، اچي منهنجي منهن تي ڪرندا ھئا، ۽ ناني ھڪدم پنهنجا لڙڪ اُگهي وٺندي ھئي.
    ھا، نانيءَ کي مهمانن جو گهڻو ترسڻ ڪڏھن به سٺو نه لڳندو ھو، پر ڪڏھن اسان وٽ نانو رمضان ايندو ھو ته ناني ڏاڍي خوش ٿيندي ھئي، ۽ نه رڳو خوش ٿيندي ھئي، پر ناني بلڪل مٽجي ويندي ھئي، مون کي ايئن ڀاسندو ھو، ڄڻ هيءُ اھا مون واري ناني آھي، ئي ڪانه، جيڪا مون کي ھنج ۾ سمهاري آکاڻيون ٻڌائيندي آھي، نه مون کي آکاڻيون ٻڌائي، نه مون سان ڳالهيون ڪري، مون کي ائين لڳندو ھو، ڄڻ اسان جي گهر ۾ ڪا اجنبي عورت ڪاھي آئي ھجي، جنهنجو مون سان ڪو به رشتو ناتو نه ھجي، ۽ ھن جي سمورين دلچسپين جو مرڪز صرف ۽ صرف نانو رمضان ھجي، ۽ ھوءَ اوچتو پوڙھي نانيءَ مان مٽجي، ڪا جواڻ جماڻ عورت ٿي پوندي ھئي، پاڻ کي ٺاھڻ، پائڻ ۽ سٺا سٺا طعام پچائي ناني رمضان کي کارائڻ ۽ نانو رمضان ڀلي ڪيترا به ڏينهن رھي، پر مجال آھي جو ناني ڪڏھن بيزار ٿئي، ۽ انهن ڏينهن ۾ ناني کي ڪير به نه وڻندو ھو، مان به نه. نانو رمضان جڏهن به وڃڻ جو سعيو ڪندو ھو، ته ناني مون کي چوندي ھئي ته
    ”پنهنجي ناني کي چئو، نانا ھيل تون گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو آھين، توکي تڪڙو موڪل نه ملندي“.
    پوءِ نانو، نانيءَ جي چوڻ تي ھڪ ٻه ڏينهن ٻيا به ترسي پوندو ھو، پر اُنهن ڏينهن ۾ ناني مون سان ھوندي به مون سان نه ھوندي ھئي، منهنجي سامهون ھوندي به، مون کي نه لڀندي ھئي، اُنهن ڏينهن ۾ ناني خوشيءَ وچان ھوائن ۾ اڏامندي ھئي، ڪڏھن ڪڏهن دل چوندي ھئي، ته نانيءَ کان پڇان ته
    ”ناني، ھي نانو رمضان ڪير آھي، جيڪو جڏھن به ايندو آھي، ته توکي مون کان کسي وٺندو آھي، ۽ ناني! تون مون کان ايترو پري ڇو ٿي ويندي آھين، جو توکان ديون، پرين ۽ شهزادن جا سڀ قصا به وسري ويندا آھن“،
    ۽ الائي ڇو ناني مون کي ان شهزاديءَ وانگر لڳندي آھي جنهن جو سالن کان پٿر ٿي ويل شهزادو موٽي آيو ھجي، ناني وڃڻ واري ڏينهن ناني کي پلي جو پلاءُ ضرور پچائي کارائيندي ھئي، ۽ جنهن ڏينهن نانو رمضان وڃڻ جي تياري ڪندو ھو. اھو ڏينهن نانيءَ لاءِ وڏي امتحان جو ڏينهن ھوندو ھو ۽ اھا گهڙي ڏاڍي مشڪل گهڙي ھوندي ھئي، ڄڻ ڪنهن جو روح جسم کان ڌارٿيندو ھجي، ان ڏينهن نانيءَ جي رَوي جا پَلَوَ پُسلِ ھوندا ھئا ۽ جڏھن آئون، ناني رمضان سان گڏ جي ٿورو اڳپرو ٿيندو ھوس ته ڏسندو ھوس، ته ناني رمضان جون اکيو به ڪنهن پراڻي ڇپر جيان يڪيون پيون ٽمنديون ھيون.


    مٿاھون ھٿ

    سي ايم صاحب پهريون ڀيرو ايترو پريشان نظر اچي رھيو ھو. پنهنجن ڏھن سالن جي دور ۾، اھڙا مرحلا اڳ ۾ به کوڙ ڀيرا هُو ڏسي چڪو ھو، اهڙي صورتحال پهريون ڀيرو ٿي ھئي، حالانڪ ھو انهن ڏينهن ۾ به ايترو پريشان نه ٿيو ھو، جڏھن ھن پاڻ صوبي کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورھايو ھو، جنهن کان پوءِ عوام جو سخت رد عمل سامهون آيو ھو، ايڏيون وڏيون ھڙتالون جو روڊ رستا ويران، شهر بند، وڏا مظاھرا، ساڃاهه وند، طبقي جا اديب، شاعر ۽ وڪيل ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پيا ھلندا ھئا، چونڊيل نمائندن جي گهرن تي توا ٽنگيا ويا ھئا، ۽ گهرن اندر چوڙيون اڇلايون ويو ھيون ۽ ايڏي سخت دٻاءُ کان پوءِ ڪجهه مهينن جي اندر سرڪار کي پنهنجو فيصلو مٽائڻو پئجي ويو ھو، پر اھڙي صورتحال پهريون ڀيرو ٿي ھئي جو پنهنجي پارٽيءَ جو ھڪ ايم پي اي بغاوت ڪري بيهي رھيو ھو، ڪرپشن جا سڀ پول پڌرا ڪيا هئائين، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي بل جي حمايت کان صفا انڪار ڪري بيٺو ھو، سرڪار جا نمائنده ۽ اتحادي اھڙا چپ ٿي ويا، جهڙو ڪُڪڙ تي مينهن. ٻيو ته ٺهيو، پنهنجي سرڪار جي وفاقي وزيرن جا به اڇا ڪارا پڌرا ڪري بيهي رھيو ھو، ھڪ ڳالهه ھئي ته ڪنهن به ھن کي ڪوڙو نه پئي سمجهو. ڳالهيون ته سڀئي پنهنجي قوم جي دل وٽان پئي ڪيائين، سڄي سنڌ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو ھو، ايتري قدر جو ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان ھئا، ھزارين اسڪول وڏيرن جي قبضن ۾ ھجڻ ڪري لکين ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم ھئا، اسپتالن ۾ ڪابه دوا نه پئي ملي، ڏٺا وائٺا سوين ماڻهن جا قاتل ۽ دھشت گرد ڇوٽ گهمي رھيا ھئا، سرڪار جي مفاھمت واري پاليسي قوم کي ھاڻ نانگ وانگر ڏنگي رھي ھئي، ھن به اسيمبلي ۾ بيهي اُھي سڀ سچيون ڳالهيون ڪيون، جن جو سي ايم ڪڏھن خواب ۾ به نه سوچيو ھو، ۽ هُن ايندڙ بل جي سخت مخالفت جو فيصلو ڪيو ھو، ۽ ھن پنهنجي ھمخيال ميمبرن جو ھڪ سگهارو گروپ به ٺاھي ورتو ھو، ھاڻ بل پاس ٿيڻ ايترو آسان نه ھو.
    سي ايم پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، ميز جو طواف ڪري، ھر، ھر پاڻ کي ڪرسيءَ تي اڇلي رھيو ھو، پنهنجي ھڪ ھٿ جي تريءَ تي ٻئي ھٿ جا ٺونشا ھڻي رھيو ھو، ھن جي چهري تي سخت ذھني دٻاءَ جا آثار نظر اچي رھيا ھئا. خوشامدي ۽ چاپلوس وزيرن سان سي ايم صاحب جو ڪمرو ڀريل ھو،
    ”سائين، اوھان ايترو ٽنيشن نه وٺو مسئلو پارٽي جو آھي، ۽ حڪومت به پارٽي جي آھي، پارٽي جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ انشاء الله مسئلو حل ٿي ويندو“.
    سي ايم جي مٿي تي ڇٽيل ڪارا تر، ڄڻ ٽڪڻ جي مٿان اُڪري آيا ھئا،
    ”سائين اوھان پي ايم صاحب سان ڇو نه ٿا ڳالهايو ؟، ھُنَ لاِءِ ته اِھو ڪو مسئلو ئي نه آھي“،
    ھوم منسٽر، سي ايم صاحب جي ھانو تي ڄڻ ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو ھنيو،
    ”ٺيڪ آھي، فاروق، پي ايم صاحب سان لائن ملايو.“
    لائن ملائي ھن فون سي ايم صاحب کي ھٿ ۾ ڏنو،
    سائين اسلام عليڪم جي سائين سڀ خبر آھي، جي ھا سائين، مسئلو حل نه پيو ٿئي، ايم پي اي اڃا پنهنجي ضد تي قائم آھي، جي ھا، سائين سڀ ڪوششون، سڀ ھربا ھلائي ڏٺا آھن،
    ”پي ايم صاحب اِھا ڳالهه ٻڌي تپي باهه ٿي ويو“
    ”ڇا اسان اسلام آباد ۾ واندا ويٺا آھيون توھان ڇا ٿا سمجهو اسان کي ڪو ڪم ڪار ڪونهين، توھان کي ڇا آھي، ھر وقت رڳو ڀنگ جي نشي ۾ ھوندا ته پوءِ ڪم به ائين ھلندو نه، ٺيڪ آھي اوھان پريشان نه ٿيو مسئلو حل ٿي ويندو، ٻيهر اھڙن ننڍن مسئلن لاِءِ اسان کي تنگ نه ڪيو“.
    فون بند ٿي چڪي ھئي، ۽ فون بند ٿيڻ سان سي ايم جي وات مان اھڙو زوردار شُوڪٽ نڪتو، جهڙو ميونسپالٽي جي نلڪي مان، پاڻي اچڻ کان اڳ ۾ نڪرندو آھي، فون رکي سي ايم ڪرسي سان ٽيڪ ڏيئي ڪا دير، پنهنجا ساهه درست ڪرڻ لڳو، سي ايم صاحب جا ساهه اڃا مس ساهن ۾ آيا ھئا، جو فون جي گهنٽي ھڪ ڀيرو ٻيهر وڄڻ لڳي، پي، اي ھڪدم فون کنئي ۽ جلديءَ ۾ رسيور سي . ايم کي ڏيندي چيائين،
    ”سائين –پي- ايم صاحب“،
    جي سائين،
    ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، پارٽي چيئرمين کي اوھان ۾ آخر ڪهڙي خوبي نظر آئي آھي“،
    پي ايم صاحب ٿوري دير سي ايم تي پنهنجي باهه ڪڍي، ۽ پوءِ سي . ايم کي مسئلي جو آسان حَل ٻُڌايو، حَل ٻُڌڻ کان پوءِ سي . ايم صاحب جي سموري ڪيمسٽري مٽجي ويئي.
    ٿوري دير کان پوءِ ھڪ اھم اداري جي آفيس ۾ فون جي رنگ وڄي رھي ھئي، فون پي اي اٽينڊ ڪئي،
    ”ھيلو، سي ايم صاحب ڳالهائيندو“.
    ”ھا، ضرور، ٿورو ھولڊ ڪجو“،
    پي اي فون جي مائوٿ پيس تي ھٿ رکي پنهنجي صاحب کي سي ايم صاحب جي فون جو ٻڌايو
    ”ٻه ٽي منٽ اڃا ترسائينس“
    ”ھا، ھاڻي مون کي ڏي“،
    ”ھيلو شاهه صاحب ڇا حال آھي“.
    ڪجهه دير سي ايم ڳالهائيندو رھيو.
    ”اڇا، اڇا ٺيڪ آھي، شاهه صاحب اوھان بلڪل فڪر نه ڪريو، بل جي تياري ڪريو، مسئلو حل ٿي ويندو“.
    ايم پي اي جو اختلاف اصولي ھئو، ھن جي دليلن ۾ وڏو وزن ھو، سڄي قوم، توڙي سڀئي اسيمبلي ميمبر ھن کي حق تي سمجهي رھيا ھئا، پر ڪو به ميمبر اسيمبلي فلور تي پنهنجو موقف چٽي طرح رکڻ لاءِ تيارنه ھو، ھا، باقي، سڀئي ميمبر ھن جي دٻيل لفظن ۾ حمايت ۽ حوصله افزائي پڻ ڪري رھيا ھئا، پر ھو پنهنجي فيصلي تي اٽل ھو، فيصلي ۾ باقي ھڪه رات جو مفاصلو وڃي بچيو ھو.
    اڄ اسيمبلي ۾ ڏاڍي رونق ھئي، اڄ تاريخ جي بدترين اختلافي ترقياتي بل جي فيصلي جي گهڙي ھئي، گئلري تي صبح کان ئي نام نهاد قومي ميڊيا جو قبضو ٿي چڪو ھو، اُھا قومي ميڊيا جنهن کي ڪروڙين ماڻهن جا ٻوڏن توڙي برساتن جا اھنج، يا لکين ماڻهن جا آجپي لاءِ نڪتل احتجاجي مارچ ڪڏھن به نظر نه ايندا آهن، تعصب سان ڀريل اِھا قومي ميڊيا شل نه اسلام آباد ۾ ڪو واندو ھٿيار کڻي نڪري اچي، يا ڪنهن ڪرڪيٽر جي شادي ٿئي ته سڄو ڏينهن پيا اُھا قومي خبر ھلائيندا، ۽ تيلي کي ٿنب بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا، سنڌي ميڊيا وارا به ڪنڊ پاسن کان پنهنجا مورچا سنڀالي چڪا ھئا، ڪئميرائون ھر پاسي کان پوز وٺي رھيون ھيون ۽ آخر ۾ ڪجهه حسين ليڊي ميمبرن جي چهري تي ٽڪي بيهي رھيون.
    اسيمبلي حال ۾ جيئن ئي باغي ميمبر داخل ٿيو ته سڀني ميمبرن توڙي صحافين ۾ سُسَ پسُ شروع ٿي ويئي، سڄو حال ڀڻڪن سان ڀرجي ويو. سڀئي نظرون ھن کي فوڪس ڪري رھيون هُيون، اخبارن ۾ به وڏيون سرخيون لڳيون ھيون، عام ماڻهن ۾ به وڏو چوٻول ھيو،
    ”نه ابا، اڄ ھمراهه نه ڇڏيندو“
    ”ھا، ابا، شينهن جو پٽ اٿئي شيهن جو“.
    ”ھا، يار سڄي اسيمبلي جو نڪ اٿئي نڪ“
    عام ماڻهن کي به اڄ باغي ميمبر مان وڏيون اميدون ھيون، ھو پنهنجي ھمخيال ميمبرن کي کيڪاريندو، پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺو.
    ”لڳي ٿو اڄ وڏو مزو ٿيندو“.
    ھڪ ميمبر، ٻئي کي ڪن ۾ چيو.
    ”تون ڇا ٿو سمجهين“.
    ”ابا، ھمراهه آھي ته وڏو ضديرو، بحرحال ڏسئون ٿا، خدا خير ڪري، باقي مسئلو وڏو آ“.
    نيٺ امتحان جي گهڙي اچي ويئي، اسپيڪر بل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سڀني ميمبرن بل جي يڪراءِ حمايت ڪئي، سي- ايم ڏاڍو خوش ھو، سي ايم ڪنڏ ورائي باغي ميمبر ڏانهن ڏٺو، سڀئي ميمبر بل جي حمايت ۾ ھٿ مٿي ڪري چڪا ھئا، باغي ميمبر جو ھٿ سڀني ميمبرن کان مٿي کينل ھو، سڄي حال جون اکيون باغي ايم پي اي ڏانهن حيرت مان نهاري رھيون ھيون.


    ڪاري چانهه

    بجيٽ اجلاس شروع ٿي چڪو ھو، ٽي وي تان وزير خزانه جي تقرير سڌو سئون نشر ٿي رھي ھئي، وزير خزانه جي لهجي ۾ ڏاڍي گرم جوشي ھئي، ھن چيو پئي ته
    ”اڄوڪي بجيٽ غربت جي خاتمي واري بجيٽ آهي، ھن بجيٽ ۾ ملڪ جي ھيٺين ڪلاس جو ھميشه جيان تمام گهڻو خيال رکيو ويو آهي“.
    ”چانهه کڻين اچان ؟“
    گهر واريءَ پڇيو، جيڪا سڄي اڇي رنگ جي رئي ۾ ويڙھيل ھئي، شايد ٽپهري جي نماز تان اٿي ھئي،
    ”مون ھا ۾ مختصر جواب ڏنو.“
    منهنجو سڄو ڌيان غربت جي خاتمي واري بجيٽ ڏانهن ھو، ھر سال جيان، ھن سال به وزير خزانا جي بجيٽ تقرير ڏاڍي وڻندڙ ھئي، نه ڄاڻ ڪيڏي مهل، صفيه منهنجي آڏو چانهه جو ڪوپ رکي به وئي ھئي، چانهه جو رنگ ڏٺم ته ڏينهون ڏينهن ڪارو ٿيندو پئي ويو،
    ”ڀلا اڄ چانهه صفا ڪاري لڳي پئي آھي، ڇو؟“
    مون پڇيو.
    ”اڄ کير وارو به کير ڏيڻ کان جواب ڏئي ويو آهي، چوي پيو ته اڳيان پئسا ڏيو ته پوءِ ٻيو کير ڏيندو سانوَ، ۽ ھا، چانهه جي پتي به ختم ٿي ويئي اٿئي“.
    صفيه بجيٽ تقرير جو مزو وڃائڻ جو ڄڻ فيصلو ڪري چڪي ھئي،
    ”چڱو، ھاڻ الله کي مڃ، ٻه منٽ ماٺ ڪر مون کي تقرير ٻڌڻ ڏي“.
    ”بابا، بابا منهنجو وات پچي پيو آھي“.
    ننڍڙي آسيه منهنجي ھنج ۾ ويهندي چيو.
    ”ڇو ڀلا، منهنجي امان جو وات پچي پيو آ.؟“
    مون آسيه جي پشم جهڙي ڳل تي مٺي ڏيندي چيو.
    ”بابا، ھاڻ مان بصرن، دال، ميهن ۽ پٽائن سان ماني کائي کائي تنگ ٿي پئي آھيان، امان، آ، نه، پاڻ ڳاڙھا مرچ پاڻي ۾ وجهي، ماني کائيندي اٿئي، مون کي وري بصرن سان ماني کارائيندي اٿئي، مون کي چوندي آھي، مرچ تکا آھن، تنهنجو وات سڙي پوندو توکي مٺا، مٺا، بصر ٿي ڪپي ڏيان، بابا مون کي بصر نه ٿا وڻن ڌپ وارا ڪنا بصر“.
    آئون آسيه جي ڳالهين ۾ بجيٽ جو گهڻو حصو مس ڪري چڪو ھوس، ھن ڳالهائڻ مهل، منهنجي کاڏي کي جهلي منهنجي منهن جي رخ کي، ٽي وي کان ھٽائي، پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ھو.
    ”امان، امان، پگهار ملي ته مان تنهنجي لاءِ گوشت ۽ مڇي وٺي ايندس“.
    مون پنهنجي ڪاوڙ کي پئيندي آسيه کي نرمي سان جواب ڏنو، بجيٽ تقرير جي حمايت ۾ ڊيسڪون، ڌڙ، ڌڙ، جي آواز سان وڄي رھيون ھيون، تاڙين جي ڦهڪن ۽ ڊيسڪن جي ڌڙ، ڌڙ جي شور ۾ ھاڻ ٻيو ڪجهه به ٻڌجڻ ۾ نه پئي آيو.
    ماڻهو زور، زور سان تاڙيون وڄائي رھيا هئا. سخي جي ميلي ۾ سردار جمال خان ۽ رئيس ربنواز جي گهوڙن ۾ وڏو مقابلو ھو، ميلي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ ۾، تر جي سڀني، وڏيرن جا گهوڙا ۽ گهوڙيون مقابلي لاءِ لٿل ھئا، گهوڙن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو، ھڪٻئي تي چڙھيو ٿي چڙھيا، ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه ھئي، وڏيرا پنهنجون وِڇُون ڪٽ مُڇون وٽي رھيا ھئا، اوچتو ھڪ فائر جي ”ٺا“ جو آواز ٿيو ۽ گهوڙا ھوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، گهوڙن جي سنبن سان زمين ۾ جهڙو زلزلو آيل اچي ويو، تاڙين جي ڦهڪن ۽ سيٽين جي گونجار، گوءِ ۾ جهڙو زندگي جي نئين لهر آڻي ڇڏي ھئي، ماحول ۾ ڏاڍي گرمجوشي ھئي، ماڻهن پنهنجا ساهه روڪي ڇڏيا ھئا، ھنن کي مقابلي جي نتيجي جو سخت انتظار ھو، گهوڙن جي ڊوڙ کان پوءِ رڇ ڪتي جي بڇ شروع ٿيڻ واري ھئي. ريسٽ ھائوس جي وي آئي پي ڪمري ۾ رئيس الطاف خان پنهنجي ھٿن سان ڪتي کي بادامن ۽ پستن واري کيرڻي چٽائي رھيو ھو، حالانڪ ھونئن پنهنجي ھارين سان يا عام ماڻهن سان رئيس الطاف خان ھٿ ڏيڻ به پسند نه ڪندو ھو، جي مجبورن ڪٿي، ڪنهن ھٿ ڏئي وڌس ته اُتي جو اُتي سُرھي صابڻ سان هٿ ڌوئي صاف ڪندو ھو، اِھو ڪتو رئيس کي پنهنجي وڏي وزارت جي دؤر ۾ يو ايس اي جي سفير گفٽ ڪيو ھو، اھو ڪتو رئيس کي دنيا جي ھر شئي کان پيارو ھو، ڪراچي ۾ پاڻِيءَ جي کوٽ خلاف ھلندڙ ڌرڻي وارن سان ڳالهين لاءِ حڪومتي وفد جنهن ۾ وڏو وزير الطاف خان پاڻ به شامل ھو، جڏھن اڃا ڳالهيون ھلي رھيون ھيون ته ڪمدار فون ڪري ٻڌايس، ته
    ”ٽميءَ کي نڙيءَ ۾ ٻڪر جي ھڏي ڦاسي پئي آھي“.
    ته اوڏي مهل ئي ڳالهيون اڌ ۾ ڇڏي، ھيليڪاپٽر تي پنهنجي ڳوٺ پهتو ۽ لنڊن مان ڪامياب آپريشن ڪرائي موٽيو ھو، گهوڙي جي سنبن سان زمين لرزي رھي ھئي، زمين تان اٿيل ڌوڙ سان ڪا مهل تائين، ڪابه شئي ڏسڻ ۾ نه پئي آئي، رئيس ربنواز جي گهوڙي ھڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ويئي ھئي. ميدان جي چئني پاسن کان بيٺل خلق تاڙين سان آسمان مٿي تي کڻي ڏنو ھو، رئيس ربنواز ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيو، رئيس جون حيرت مان اکيون ڦاٽل هُيون. رئيس اکيون ھيڏانهن ھوڏانهن ڦيرايون ته چوڌاري تاڙيون ۽ ڊيسڪون وڄي رھيون ھيون، ھن ڀر واري ايم اين اي، کان پڇيو ته
    ”ڏي خبر ڇا تي کڻي اسيمبلي مٿي تي کنئين اٿن“.
    ”الاءِ يار، مان به تو وانگر ڏاڍي مٺي ننڍ ۾ ستو پيو ھوس، ھنن نڀاڳن وٺي جو ڌڙ، ڌڙ مچائي ته مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. هاڻي وارو ڪر ڊيسڪ وڄاءِ اسپيڪر صاحب پنهنجي عينڪ جي شيشي مان، توکي گهوُري ڏسي رھيو آھي، ڀيڻ جا.....ننڊ جو سڄو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيائون“.
    رئيس چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ بي دليو ڊسيڪ کي ڪٽڻ لڳو. ڌڙ، ڌڙ، جي آواز ۾ بجيٽ تقرير ھلندي رھي.
    اوچتو در کڙڪيو ته ننڍڙي آسيه منهنجي ھنج مان ترڪندي، ڊوڙندي وڃي در کوليو ته، در، تي پاڙي جو، ھڪ پيرن اگهاڙو ٻار ھٿ ۾، خالي وٽي جهليو بيٺو ھو، پوءِ ھورڙيان ننڍيون وکون کڻندو، صفيه کي ويجهو وڃي، ڪنڌ ھيٺ ڪر نماڻائي سان چوڻ لڳو.
    ”ماسي بابا شهر مان اڃان ڀاڄي وٺي ڪونه موٽيو آھي، ٿوري ڀاڄي ھجيو ته اسان کي ڏيو، منهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي ڏاڍي بک لڳي آھي. اھو ڏاڍو روئي ٿو“.
    ”ابا، اسان ڀاڄي چاڙھي ھئي، پر اسان منجهند کائي ڇڏي. ھجي ھا، منهنجا راڻا ته مان توکي ڏيان ھا“.
    صفيه ننڍڙي ڇوڪري کي جواب ڏيندي چيو. ڇوڪرو ھليو ويو.
    ”امان پاڻ ته ٻوڙ پچايو ئي ڪونهين پوءِ تو ڇو چيو ته ٻوڙ اسان کائي ڇڏيو آھي،؟“
    صفيه، آسيه جي ڳالهه ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. غربت جي خاتمي واري بجيٽ اڃا جاري ھئي، خزاني واري وزير جي ڀرسان، خبرن واري پٽي به ھلي رھي ھئي، جنهن تي لکيل ھو.
    ”ھڪ ھمراهه، غربت کان تنگ اچي، پنهنجن ٽن ٻارن کي زال سوڌو ڪهي خودڪشي ڪري ڇڏي“.
    ”ھڪ ھمراهه غربت کان تنگ اچي پنهنجا ٻار کپائي ڇڏيا“.
    ”ھڪ پيرسن عورت غربت کان تنگ اچي پنهنجو پاڻ کي ھلندي ٽرين جي اڳيان ڏيئي ڇڏيو“.
    خزاني وارو وزير ٻڌائي رھيو ھو، ته حڪومت غريب عوام جي سهولت لاءِ ايسِيون، ڪارون، موٽرسائيڪلون سستيون ڪري ڇڏيون آهن، مون ھڪدم ريموٽ جو بٽڻ دٻائي ٽي وي بند ڪري ڇڏي، ۽ پنهنجون نظرون، ٽي وي جي ڪاري اسڪرين مان ھٽائي، ڪاري چانهه ۾ کپائي ڇڏيون.......


    مسيحا

    جميل جا هٿ تيزيءَ سان فرش تي ھلي رھيا ھئا، اسپتال جي سڄي حال کي پو چو ھڻي، ھاڻ ڪُنڊن ۽ پاسن مان، پان جي پڪُن جا ڳاڙها نشان صاف ڪندي، خوشيءَ مان جهونگاري به رھيو ھو، ھن جي گهرواري اميد سان ۽ خيرن سان پورن ڏينهن سان ھئي، ھاڻ تمام جلد ھنن جي گهر ۾ ھڪ نئون حسين مهمان اچڻ وارو ھو، ھن کي پنهنجي زال سان ڏاڍو پيار ھو،
    ”او، ھو، محبوبا، او، منهنجي زندگي، او، منهنجي بندگي.“
    ماسي خيران، پنهنجا ٻئي ھٿ چيلهه تي رکيو ھن جي مٿان ايئن بيٺي ھئي، جيئن ڪو انجنيئر پل جي معائني ڪرڻ مهل بيهندو آھي.
    ”ابا جميل ڪجهه ھٿ کي تڪڙو ھلاءِ، مريضياڻيون ڄاڻ پهتيون“،
    ماسي ٿورو تڪڙي ٿيندي چيس.
    ”ماسي ھاڻ ھنن پان جي داڳن کي آئون ڇا ڪريان، جيڪي مِٽجڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن، جهڙا رت جا چُٽا، ماسي ھنن پان کائڻ وارن ته سڄو ملڪ ڪِن ڪري ڇڏيو آھي، دل ٿي چوي ته ريمبو واري مشين گن کڻان ۽ جيڪو به پان کائيندو ڏسان، بس پورو ڪندو وڃانس“.
    جميل وائيپر واري لٺ پنهنجي بغل ۾ وجهي، ريمبو وارو پوز ٺاھيندي چيو،
    ”چڱو ، چڱو ھاڻ جلدي ھٿ کي ھلاءِ ، ڪٿي ڊاڪٽرياڻي اچي ويئي ته اڳ ۾ ڪندي پاڻ ٻنهين کي پورو“.
    ماسي ٿورو گرم ٿيندو چيو،
    ”ڀلا ماسي، اڄ ھڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، ھيءَ پاڻ واري ڊاڪٽرياڻي، مون واري زال جو ويم ڪرائيندي يانه؟“
    جميل ماسيءَ کان ڏاڍي عاجزيءَ سان، ٿڌي ۽ مٺي لهجي ۾ پڇيو.
    ”مفت ۾ ته ڪا نه ڪرائيندئي، پيسن جي ڀري وٺندئي، پوءِ سيزر ڪري ٻار ڪڍي ڏيندئي،“
    ماسي به سڌيون ٻڌائيندي چيس،
    ”پر ماسي مون واري زال جو ڪيس ته نارمل آھي، مون ھاڻ ھن جو الٽراسائونڊ ڪرايو آھي،“
    ”چڱو، چڱو پوءِ وٺي اچجانس، پر مون توکي سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏي آھي، پر ھاڻي الله کي مڃجان، منهنجو نالو نه وٺجانءِ.“
    ماسيءَ اندرئي اندر ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ کان ڪجهه ڊڄندي، ۽ ڪاوڙ جندي چيو
    ”پر ماسي، اھو ڪو الله جو خوف ته ڪونه ٿيو، جو نارمل ڪيسن ۾ به سيزر ٿا ڪيو، الله ڏي به ھلڻو اٿو يا نه“.
    جميل جيڪو ٿوريءَ دير اڳ ۾ ڏاڍو خوش ھو، سو سيزر جي خوف ۾ ائين سُسي ويو ھو، جيئن ھوا نڪتل ڦوڪڻو سُسي ويندو آھي.
    ”چڱو، چڱو ھاڻي کڻ پنهنجو پوچو ۽ بالٽي ته ڪيائين نه سڌو ، وڏو آيو آ، الله کان ڊيڄارڻ وارو“.
    جميل مُنهن خراب ڪري، پوچو بالٽي ۾ وجهي، چپن ۾ ڀڻڪندو، ڪاوڙ ۾ ٻاھر نڪري ويو، جميل جو ماسي خيران سان اِھو وات جو جهيڙو روز جو معمول ھوندو ھو، باقي من ٻهنين جا ڪپهه وانگر ڪنئورا، اڇا ۽ اجرا ھوندا ھئا، صبح جو روز، وري اُھڙي جا اھڙا.

    (ستن ڏينهن کان پوءِ )
    صبح جا يارنهن ٿيا آھن، ماسي خيران ڊاڪٽرياڻي، جي ڪمري ۾ اچي ميز ۽ ڪرسين کي ڪپڙي سان صاف ڪرڻ لڳي، ماسي خيران اڳ ۾ سرڪاري دائي ھئي، توڙي جو ھن کي دائپي جو ھنر ورثي ۾ مليو ھو، قد، پورو پُنو، پنجاهه جي پيٽي ۾ ھلندڙ، ماسي خيران اڄ به سراپاءِ نور ھئي، ماسي ھڪ خدا ترس عورت ھئي، ھن جون ڪيل چڱايون، ھن جي چهري تي نور بڻجي چمڪنديون ھيون. اوڙي پاڙي لاءِ به ھوءَ وڏي رحمت ھئي، ڊڪٽرياڻين جي سيزر جي ڏنل ڀئو کان، آيل ماين جي نارمل ڊليوري ڪرائي ڏاڍي خوش ٿيندي ھئي، مجبور ماڻهو، اڌ اڌ رات جو پيا، ھن جو در، ڪُٽيندا ھئا، پر ھوءَ جيڪا ھميشه خدا وانگر نهايت مهربان ۽ رحم واري ھئي، ڪڏھن به ڪنهن تي ارھي نه ٿيندي ھئي، ڪڏھن به ڪنهن سان منهن خراب نه ڪيائين، ان ئي مهل وڃي، سورن ۾ ڦٿڪندڙ ماين جي مدد گار ٿيندي ھئي، ننڍڙا سهڻا، سهڻا ٻار ڄڻائي، جڏھن اُنهن کي ڏيکاريندي ھئي، ته اُنهن کان خوشيءَ مان ويم جا سور ئي وسري ويندا ھئا، ۽ ان پل ھوءَ پاڻ به وڏو روحاني سڪون محسوس ڪندي ھئي، پيسن جي ڪا به لالچ نه ڪندي ھئي، ھر ڪنهن جي حال تي ھلندي ھئي. جيڪو، جيتري به مٺائي ڏيندو ھوس، خوشيءَ سان وٺي ڇڏيندي ھئي. ڇو ته ھوءَ پئسن لاءِ گهٽ، دل جي خوشيءَ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندي ھئي، ڊاڪٽر فرزانا جي اسپتال جون سڀئي رونقون به ماسي خيران جي ڪري ئي ھيون، ماسي جي ھتي پگهار به سٺي ھئي، ۽ ماڻهو مٺائي به گنج ڏيئي ويندا ھئس. پر ماسي، ڊاڪٽرياڻيءَ جي مريضاڻين سان بي رحم، رويئي جي ڪري، اندران ئي اندران خوش نه ھئي، ڊاڪٽر فرزانا، جيتوڻيڪ ھيٺين وچين ڪلاس سان تعلق رکندڙ ھئي، ھن جو پيءُ پنهنجي دؤر جو ھڪ ناميارو استاد رھي چڪو ھو، استاد بچل جنهن کي سڄو شهر سائين ڪري سڏيندو ھو، سائين بچل سڄي حياتي پنهنجي ٻچن کي انسانيت سان پيار جا سبق ياد ڪرايا ھئا، پر ڊاڪٽر فرزانا کي اھڙي قسم جو ڪو به سبق ياد نه ھو، ھن جو دين ۽ ايمان صرف پئسو ھو، ڳوٺاڻا ماڻهو اٻوجهه، گگدام ، سدائين ھن جو آسان شڪار ھوندا ھئا، بس ھنن لاءِ ھن ڪجهه جملا، مثلن.
    ”جي سسِزر نه ٿيو ته ماءُ ۽ ٻار ٻنهين جي حياتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي“.
    طوطي وانگر رٽي ياد ڪري ڇڏيا ھئا، جيڪي عام غريب ماڻهن جي ساهه سُڪائڻ لاءِ ڪافي ھئا،
    ماسي، ڊاڪٽرياڻي جي ڪمري مان ٻاھر آئي ته ڏٺائين ته مايون ڪافي تعداد ۾ اچي چڪيون ھيون، مايون ھال ۾ رکيل صوفن، ڪرسين ۽ ڪاٺ جي بينچ تي ويٺل ھيون. ماسي وڌي وڃي ھنن کي ھٿ ڏنو، جو انهن مان گهڻيون ماسيءَ جون ڄاڻ سڃاڻ واريون ھيون. ھوريا، ھوريان رش وڌي رھي ھئي،
    ”ماسي، ڊاڪٽرياڻي ڪيڏي مهل ايندي؟“.
    ھڪ ڳور ھاريءَ مائيءَ ماسيءَ کان پڇيو.
    ”ائي، امان تون اُلڪو نه ڪر، بس، ھاڻي اچڻ واري آھي، “
    ”ماسي اڄ ڊاڪٽرياڻي ڪانه ايندي ڇا؟“
    هڪ ٻي ڳورھاريءَ ماسيءَ کان پڇيو. ڄڻ انتظار ڪري ٿڪجي پئي ھجي.
    ”امان، تون گهٻرائين ڇو ٿي، ڊاڪٽرياڻي دير ڪئي ته به خير آھي، مان جو ويٺي آھيان“
    ماسيءَ مرڪندي ھن کي دلاسو ڏنو.
    ”نه ماسي اھڙي ڳالهه ڪانهين، مون ۾ ته اڃا دير آھي، مون ته ايئن ئي پئي پڇيو،“
    ھاڻ ھڪ ٻي جواڻ جماڻ ڇوڪري ماسي جو ھٿ پنهنجي ريشمي ھٿ ۾ جهلي ويهي رھي. ھن گلابي ڇوڪريءَ جي سڀاءُ مان لڳي رھيو ھو ته، ھن جي ماسيءَ سان گهڻي ويجهڙائپ ھئي، اسپتال ھاڻ ماين سان ڀرجي چڪي ھئي، ڳورھاريون مايون گهڻي انگ ۾ ھيون جيڪي الٽراسائونڊ ڪرائڻ ۽ پنهنجي ويم جي تاريخ پڇا ڪرڻ بابت آيون ھيون، ۽ ڪجهه پورن ڏينهن سان سورن واريون ته ڪي زالاڻن مسئلن واريون، ڪن کي اولاد نه پئي ٿيو ته ڪي ٻارن جي گهڻائي جي ڪري پريشان ھيون ۽ آپريشن ڪرائي ٻار بند ڪرائڻ آيون ھيون، ماسي واري واري سان ڪئميرا جيان، سڀني کي اک مان ڪڍندي رھي. اسپتال ڊاڪٽرياڻيءَ جي بنگلي ۾ ئي هيٺين منزل تي هئي. هُن جو مُڙس به سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ھو، نراڙ تي نماز جو ڪارو بدنما ٽڪو، وڏي ڇڄ جيڏي سونهاري، باقي ڪردار ۾ وڏو ظالم ھو، اُھو به سرڪاري اسپتال ۾ ويهي، مريضن کي خوفزده ڪري، پنهنجي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جون صلاحون پيو ڏيندو ھو، سال ۾ ھڪڀيرو حج يا عمرو ضرور ڪندو ھو.
    ڊاڪٽرياڻي جي اچڻ جو رستو به بنگلي جي اندران ئي ھو، اوچتو پکين جي چو چٽ وارو بيل وڳو ته ماسي، تڪڙيون وکون کڻندي ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ھلي ويئي ۽ وري اُنهن ئي پيرن تي موٽي آئي.
    ”ائي امان، شريفان تون اچ“.
    شريفان جيڪا ڪجهه دير اڳ ۾ ماسيءَ جو ھٿ جهليو ويٺي ھئي، اُنهين جو پهرين نمبر تي سڏ ٿيو ھو، ۽ ھوءَ سونهن ۾ به پهريون نمبر ھئي، پنهنجو حسين جوڀن (جيڪو ھر ڳورھاريءَ عورت جي خاص نشاني ھوندو آھي.) کي سڀنالنيدي، ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي، ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ھلي ويئي، ماسي ڊاڪٽرياڻيءَ جي در وٽ ڪرسيءَ تي ويهي رھي، ڪجهه دير کان پوءِ شريفان، پنهنجي سَسُ سوڌو ٻاھر نڪتي، ۽ بيل وڳو، ماسي پنهنجي ڪرشماتي انداز سان ھڪ ٻي مائي کي اندر موڪلي ڇڏيو، ماسي خيران شريفان جي چهري ڏانهن نهار ڪئي ته، ھن کي چنڊ وساڻل، وساڻل لڳو.
    ”امان، ڏي خبر خير ته آھي نه“؟
    ماسيءَ ھمدرديءَ مان پڇيو.
    ”نه ماسي خير وري ڪٿي آ، ڊاڪٽرياڻي ته منهنجو ساهه ئي ڪڍي ڇڏيو آھي“.
    ھن ٿوري ساھي کنئين،
    ”ڊاڪٽرياڻي چوي ٿي ته ٻار سولو ڪونهي، وڏو آپريشن ٿيندو، جي آپريشن نه ڪرائيندينءَ ته، ماءُ ۽ ٻار ٻنهين جي حياتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي“.
    ھن ٻه ٽي ساهيون کڻي، ڏاڍو مشڪل سان ڳالهه پوري ڪئي، ھن جو سڄو بت رڦيو پئي. ماسيءَ ھن جو پشم جهڙو ھٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ھن کي ڏاڍو پيار سان، ھڪ پاسي واري صوفا تي ويهاري، ڪن ۾ ڦُسڪن ۾ ڳالهائڻ لڳي.
    ”ائي صدقو وڃانءِ تون ھانءُ نه لاهه، منهنجي امان اِھا مُئي سڀني کي ايئن چوندي آھي، ويم جي ٽائيم تي سڀئي ٻار سنوان ٿي ويندا آھن. مون واري نُنهن خيرن سان، چار ٻار، منهنجي ھٿان، پنهنجي ئي گهر ۾ ڄڻيا آھن، ۽ ھيءَ اُنهين کي به، ھر ٻار تي، ايئن ئي، ڊيڄاري، ڊيجاري ساهه ڪڍندي ھئي، اِھي ساڳيون، تو واريون ڳالهيون ٻار ڏکيو اٿئي، آپرشين ضروري اٿئي نه ته ٻنهين جي مرڻ جو انديشو آھي، امان تون نه گهٻراءِ ھي، اڄو ڪيون ڊاڪٽرياڻيون رڳو پئسن لاءِ، ماين کي خوف ڏيئي پيون ساهه ڪڍنديون آھن، امان ھاڻي ڊاڪٽرياڻيون گهٽ، ڪاسائڻيون وڌيڪ ٿي پيون آھن، تون نه گهٻراءِ جڏھن اھو وقت آيو ته مان ويٺي آھيان الله چڱائي ڪندو، پر ڳالهه ٻڌ، اِھي ڳالهيون ڪنهن سان ڪجانءِ نه، متان وڃائين مون مسڪين جي نوڪري“.
    ھاڻ شريفان جي چهري کان مايوسيءَ ۽ اُداسيءَ جو اڇو پردو ھٽي چڪو ھو، ۽ ھن جي چهري تان گم ٿي ويل گلابي رنگ وري موٽي آيو. ھو خوشيءَ مان مرڪنديون ھليون ويون، اُنهيءَ دوران ماسي، ماين کي، پنهنجي واري سان اندر اماڻيندي رھي، ايئن پاڻ ڏيکاريو، ڪجهه مايون وينديون رھيون ته ڪجهه اينديون رھيون.
    ماسي خيران جي موبائيل فون ڪافي دير کان وڄي رھي ھئي، پر ماين جي شور ۽ ايندڙ، ويندڙ ماين ۾ ڌيان ھجڻ ڪري ماسي فون نه ٻڌي ھئي، ٻه مايون،سڀني کان منفرد، ۽ بي حد حسين ھيون، ھڪ ته ھنن جو سڄو وجود ئي ڄڻ قدرت واري جهڙو، سون جي پاڻي سان ڳوھي ٺاھيو ھو، ھنن جي ڊريسنگ به ڏاڍي شاندار ھئي، ھو ڄڻ ڪنهن سون جي نمائش ۾ شريڪ ٿيڻ آيون ھجن، ٻنهين جون ٻئي ٻانهون سونين چوڙين سان ڀريل ھيون، ڳلي ۾ سونو ھار، جنهن جو وڏو سونو پُتلو لڏي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رھيو ھو، اوچتو اُڀري آيل نئين دولتئي پوڍائي ٽرڙي ڪلاس جو خوبصورت نمونو نظر اچي رھيون ھيون، ماسي به ڪافي دير کان انهن ۾ گم ھئي، اوچتو ڪنهن مائي ماسيءَ کي چيو ته
    ”ماسي تنهنجي فون ڪافي دير کان وڄي رھي آھي“.
    يڪدم فون کنيائين ته پريان پنهنجي اسپتال جي سوئيپر جميل پئي ليلايو،
    ”ماسي ڪٿي آھين وارو ڪر جلدي اچ، مون واري زال کي رات کان ڏاڍا سور آھن، سوير کان پيو، توکي فون ڪيان، فون ئي ڪانه پئي کڻين، ماسي وارو ڪر، نه ته مون واري زال مري ويندي“.
    ماسي ھن جون درد ڀريون دانهون ٻڌي پريشان ٿي ويئي ھئي،
    ”ابا ھتي ڏاڍي رش لڳي پئي آ، ٿورو ترس، ڀلا مان ڏسان ٿي“.
    ماسي ھن کي دلاسو ڏنو پر ماسي سوچن جي طوفان ۾ اچي ويئي ھئي، ھنيئر ڊاڪٽرياڻيءَ کان موڪل ملڻ جو ته سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. اھڙيءَ رش ۾ موڪل گهرڻ معنيٰ عزت ۽ نوڪري ٻئي خطري ۾ وجهڻ برابر ھو. اوچتو ماسيءَ محسوس ڪيو ته ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪال بيل به ڪافي دير کان وڄي رھي ھئي، ماسي پاڻ سنڀالي ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿي،
    ”ماسي ڪچهريون پئي ڪرين ڇا، اِلاھي دير کان گهنٽي پئي وڄايان؟“
    ڊاڪٽرياڻيءَ دوڏا ڦوٽاريندي چيو،
    ”نه، امان فون آئي ھئي، گهران اُھا پئي ٻڌم.“
    ماسي ڊپ ۾ سچي ڳالهه به سلي نه سگهي،
    ”ماسي توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم، ھتي اچين ته فون بند ڪري ڇڏيندي ڪر“
    ”ھا، امان بند ٿي ڪيان مئي کي“.
    تڪڙ ۾ ڪمري مان نڪرڻ جي ڪيائين
    ”ميڊم ڪلثوم ۽ نجمه اچن.“
    سون ۾ ڳاڙھيون ٻئي عورتون، اعتماد واريون وِکون کڻنديون ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿي ويون. جيستائين اھي ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ۾ داخل نه ٿيون ھيون، تسيتائين سڀئي اکيون ھنن جو پيڇو ڪنديون رھيون، ماسيءَ جي فون وري مسلسل وڄي رھي ھئي .
    جميل جي زال ھاڻي صفا ھمت ھاري چڪي ھئي، سور کائي، کائي ھن جو بت صفا ساڻو ٿي چڪو ھو، ھن جي اکين جي جوت به جهڪي ٿيڻ لڳي ھئي، ھن جا هٿ پير ٿڌا ٿيندا پئي ويا، جميل ڏاڍو پريشان ھو. پنجن سالن جي دوائن ۽ دعائن کان پوءِ ھن جي گيتا اميد سان ٿي ھئي، گيتا جيڪا رڳو ھن جي زال ئي ڪا نه ھئي. پر هُن سان ڏکن، سُکن ۾ گهاريندڙ هُن جي بهترين دوست به هئي. ھو ٻئي صبح جو سويل گڏجي، چانهه پاپن جو ناشتو ڪري، گهران نڪرندا ھئا، ھوءَ هُن کي پنهنجي سائيڪل تي کڻي ڊاڪٽر ڪالونيءَ ۾ ڇڏيندو هو ۽ پوءِ پاڻ به ڪجهه پرائيوٽ اسڪولن، اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي گهرن ۾ پوچو ٻهاري ڪندو هو. منجهند جو گيتا ھن لاءِ ڪالونيءَ مان طرح طرح جا طعام آڻيندي ھئي، ۽ جميل به اسپتالن مان مريضن کان مليل فروٽ ھن لاءِ آڻيندو ھو، پوءِ منجهند جي ماني گڏجي کائيندا ھئا، ھنن جي گهر ۾ ڪو به قيمتي سامان ڪونه ھو، صاحبن وٽان مليل پراڻي ٽي وي ۽ بيگمن جا لٿل جوتا ۽ ڪپڙا پايو گيتا جميل سان ڏاڍي خوش ھئي، ھنن جو گهر قيمتي سامان سان نه، پر خوشين سان ڀريل ھو، شام جو جميل، گيتا کي تيار ڪري، ڪڏھن بخاري جي درگاهه تي ته ڪڏھن، لئيبريري پارڪ ۾ گهمائڻ ضرور وٺي ويندو ھو، ھاڻي ھو اڳي کان به گهڻا خوش ھئا، ۽ ھو ٻئي پنهنجي نئين مهمان جي آجيان ڪرڻ لاءِ ڏاڍا بي چين ھئا، گيتا پنهنجي ٻار لاءِ رلڪا، توڙي سوئيٽر ڏاڍي چاهه سان تيار ڪري رکيا ھئا، ھن جميل کي وري ماسيءَ ڏانهن فون ڪرڻ لاءِ چيو، جميل ھر، ھر ماسيءَ کي ڪال ڪري رھيو ھو، ماسيءَ به بس ھڪڙو دفعو ٺلهو آسرو ڏيئي وري فون ئي نه پئي کئين، گيتا جا پساهه پورا ٿي رھيا ھئا.
    ”نجمه گهڻو انتظار ته ڪرڻو نه پيو،“
    ڊاڪٽرياڻي ٻنهين کي ڀاڪر ۾ ڀري خوشي سان ملي، کين ويهڻ جو چيائين، کير جي رنگ جهڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي ويجهو ڪري ويهاريائين، پوءِ پنهنجي پيشوراڻي خوش اخلاقي سان گفتگوءَ جو آغاز ڪيو.
    ”نه، ادي، اڃا پنج ڏهه منٽ مس ٿيا ھوندا، اسان کي آئي باقي اِھا تو واري ماسي، ھن عمر ۾ به فون جي پچرئي نٿي ڇڏي.“
    ھنن ھمدرد، ماسيءَ تي پنهنجين گندين سوچن جو گند اڇلايو، ھنن جي بي تڪلفيءَ مان ظاھر ٿيو پئي ته ھنن جي پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ ڪافي پراڻي ھئي،
    ”ڇڏيو انهن ڳالهين کي، ڀلا ڏيو خبر ڪيئن اچڻ ٿيوآھي، اڄ؟“
    ڊاڪٽرياڻيءَ جي بنهه سادي سوال پُڇڻ تي، ٻنهين جي چهرن تي ڪيترائي رنگ آيا ۽ لهي ويا، ۽ ٻئي ماءُ ڌيءُ ھڪٻئي جي مُنهن ۾ ڏسڻ لڳيون. نيٺ ميڊم ڪلثوم پنهنجي حواسن کي ڪنٽرول ۾ ڪندي چيو، ”امان ھن جو وقفو ڪرائڻو آھي،“
    ”ڇو ماسي، اڃا ھنيئرئي وقفو، اڃا ته شاديءَ کي ٻه ٽي سال ئي مس ٿيا اٿس، هڪڙو ٻار مس ڄائو، اٿس، گهٽ ۾ گهٽ جوڙو ته ٿيڻ ڏئي ھا ۽ ھن جو ته مڙس به ھتي ڪونهين، اھو به چئن پنجن سالن لاءِ ڪمائڻ سعودي عرب ويل آھي، پوءِ ھن کي وقفي جي ڪهڙي ضرورت؟“
    ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڳالهه ھنن کي ڪجهه دير لاءِ پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو ۽ نجمه ڪافي دير تائين، ٿڌا ۽ ڪوسا ساهه کڻندي رھي. ھن جو رنگ شرم وچان، اڇي مان ڦري گلابي ٿي پيو ھو، ڄڻ ڪنهن کير ۾ روح افزا ملائي ڇڏيو ھجي، ۽ ھن جڏھن پنهنجون خماريل اکيون ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانهن کنيون ته ڊاڪٽرياڻي به ڪجهه دير لاءِ ھن جي نيڻن ۾ گُم ٿي ويئي ھئي، نجمه جي نيڻن جا، اوجاڳيل اکين جهڙا، ڳاڙھا ڏورا، ھن جي جوڀن جي التجا بڻجي ھن کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي رھيا ھئا،
    ”ادي، واقعي منهنجو مڙس ته ٻاھر ويل آھي، پر ڪيڏي مهل به اچي ته سگهي ٿو نه.“
    نجمه نظرون چورائيندي پنهنجو دفاع ڪيو.
    ”ادي نجمه منهنجو ته ڪم ئي ماين جا وقفا ڪرڻ آھي، مون ته رڳو ائين ئي پئي پڇيو، مون وٽان ته اھڙيون مايون به وقفو ڪرائي وينديو آھن جن جي اڃا شادي به ڪانه ٿي ھوندي آھي، ۽ اھڙيون به جن جا مڙس لاڏاڻو ڪري چڪا ھوندا آھن، مان ته ڊاڪٽرياڻي آھيان، منهنجو ته اھو فرض آھي ۽ پروفيشن به، ته مان ماين کي وڌ ۾ وڌ زندگيءَ جو سک وٺرايان.“
    ڊاڪٽرياڻيءَ ھڪ ڀيرو وري پنهنجي پشيوراڻي ۽ معنيٰ خيز مرڪ مرڪندي چيو، اِھا مرڪ سدائين ان وقت ھن جي چهري تي رقص ڪندي ھئي، جڏھن اھڙيون سڻڀين آساميون ھن جي ڄار ۾ ڦاسنديون ھيون، تڏھن ھوءَ ھنن کي مرڪن جي ڄار ۾ ڦاسائي ھنن کي ڪڏھن وقفي لاءِ، ڪڏھن سيرز لاءِ آماده ڪندي ھئي، ۽ آپريشن ٽيٽر ۾ اُنهن ڳورھارين جي ڀريل ۽ سُڄيل پيٽن تي ائين پيار سان ھٿ ڦيرائيندي ھئي، ڄڻ اھي پيٽ ٻارن سان نه بلڪ نيرن، نيرن نوٽن سان ڀريل ڪا ڳوٿري ھجن،
    ”چگو ھاڻِ ھل اندر تون به ڇا ياد ڪندينءَ. وڃين موجون ماڻ.“
    ڊاڪٽرياڻيءَ نجمه کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي ھڻندي چيو، ڊاڪٽرياڻيءَ جي چهنڊڙي جي رد عمل ۾ نجمه جي ڳلن مان خوشيءَ ڳاڏڙ باکون ڦٽڻ لڳيون.
    ڊاڪٽرياڻيءَ ماسيءَ کي گهرائڻ لاءِ بيل وڄائي، بيل ڪافي دير تائين وڄندي رھي، بيل جو آواز سڄي اسپتال ۾ ڦهلجي ماسيءَ کي ڳوليندو رھيو پر ماسي اسپتال مان مسيحا بڻجي گم ٿي چڪي ھئي.


    آخري شنوائي

    ڪورٽ کُلي چڪي ھئي، جج انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي چڪا ھئا، وڪيل ڪارا ڪوٽ پايو، ڪورٽ ۾ اچي ۽ وڃي رھيا ھئا، حيران ۽ پريشان ماڻهن سان ڪورٽ ڀريل ھئي، ڪورٽ ۾ سڏ شروع ٿي چڪا ھئا، سڏن جا پڙ اڏا سڄي ڪورٽ ۾ گونجي رھيا ھئا.
    پريان ڪورٽ جي داخلي گيٽ کان قيدين واري سرڪاري گاڏي، ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿي، ۽ قيدين لاءِ ٺهيل لاڪ اپ وٽ اچي بيهي رھي، تڪڙو ان جي پويان ھڪ ٻي ڇڪڙي ٽائپ گاڏي جيڪا پوليس وارن سان ڀريل ھئي، اچي پهتي ۽ پوليس وارا ڏاڍي ڦڙتيءَ سان ٽپ ڏيندا، لهندا ويا ۽ قيدين واري گاڏي کي گهيرو ڪري بيهي رھيا، پوءِ قيدين کي لاھي ڪورٽ ۾ ٺهيل لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو.
    ھن سيشن ڪورٽ جي فرسٽ فلور تان اُنهن قيدين جو ڏُکائيندڙ نظارو پئي ڪيو، انهن قيدين ۾ اڄ ھن کي هڪ نئون ۽ نرالو قيدي به نظر آيو، جيڪو ڏاڍو اداس پئي نظر آيو، ٻين قيدين کان بلڪل الڳ، ڪنڌ جهڪيل، ڪلهن تائين ڪارا زلف، ڪنهن قلندر وانگر، پيڪر عجز و انڪسار، ۽ ھن سان گڏ ٻيا قيدي ھر ڳالهه کان بيپرواهه، ڪنڌ آڪڙيل، اڇا ڪاٽن جا ڪلف ٿيل ڪپڙا، سنڌي ٽوپي نرڙ تي جهڪيل، گلا کليل، سينو سڄو پائوڊر سان اڇو ٿيل، قميص جي اندران ڳاڙھي گلاب واري گنجي پهريل، آھستي آھستي ڏاڍي لئي سان ھلندا، ٻانهون لوڏيندا، لاڪ اپ ۾ داخل ٿيا، ڄڻ ڪا دس فتح ڪري آيا ھجن، بس اُھو ، نئون قيدي ئي عجيب ھو، ميرا ڪپڙا، ڪنڌ ڏکن جي بار کان جهڪيل ھوس.
    ڪجهه دير کان پوءِ ڪورٽ جو ڪاروھنوار تيز ٿي ويو، ھر ڪورٽ مان جوابدارن کي پڪارڻ جا آواز اچڻ لڳا،
    ”جوابدار خميسو ۽ ٻيا“
    علي نواز به ڪورٽ ۾ ملازم ھو، پوءِ جيئن ئي ھن کي به جج صاحب حڪم ڪيو ته ھن به سڏ ڪرڻ شروع ڪيا،
    ”جوابدار منٺار ۽ ٻيا“
    قيدين جي لاڪ اپ مان ھڪ قيديءَ کي ڪڍي آندو ويو، اڳيان ۽ پٺيان پوليس وچ ۾ اُھو قلندر ٽائيپ قيديءَ ھو، جنهن کي منٺار جي نالي سان ھن سڏ ڪيو ھو، ھن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جج صاحب ھن کي ترسائڻ جو چئي، وري ٻئي جوابدار کي سڏ ڪرايو، ڪورٽ جي آڳر ۾ پيل بينچن تي جوابدار منٺار، پوليس وارن سان گڏ ويهي رھيو، ڪجهه پوليس وارا ھن کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رھيا. علي نواز ڏٺو ته منٺار جي چهري ۾ ھن کي عجيب جلوو نظر آيو، ھن جا ڪلهن تائين ڦهليل ڊگها وار ۽ ھن جي ھنج کي ڇهندڙ ڊگهي ڏاڙھي، ھن جي شخصيت ڏاڍي پراسرار پئي لڳي، ھن جي چهري تي ڏاڍو سڪون ڇانيل ھو، ايڏو سڪون ڪنهن وڏي گيان ۽ ڌيان کان پوءِ ئي حاصل ٿيندو آھي، ھن جڏھن غور سان ڏٺو ته منٺار جي نماڻن نيڻن مان مسلسل برسات وسي رھي ھئي، سانوڻ جي ان گونگي مينهن وانگر، جيڪو، مَنهن ۽ ڇپر به ٽمائي ڇڏيندو آھي، لڙڪ جيڪي منٺار جي ڏاڙھيءَ مان جهولندا، ھن جي ھنج ۾ جذب ٿيندا پئي ويا، ھن پاڻيءَ جو گلاس اچي منٺار کي ڏنو جيڪو ھو ھڪ ئي ساھيءَ ۾ پي ويو، ڄڻ ھن جي اندر ۾ ڪا وڏي باهه ٻري رھي ھجي، نيٺ ھو منٺار جي ڀر ۾ ويهي رھيو،
    ”ادا، ڇا ڳالهه آھي،“
    ھن جي پڇڻ جي دير ھئي جو منٺار جي من جا سڀئي بند ٽٽي پيا، اکين منجهان مينهن شروع ٿي ويو. ڏکن جا بادل برسڻ لاءِ ڄڻ ڀريا بيٺا ھئا، جڏھن ھانوَ جو بار ڪجهه ھلڪو ٿيس ته ٻڌائڻ شروع ڪيائين،
    ”ادا منهنجو نالو منٺار آھي، آءُ اُتر جو ويٺل آھيان، ھارپو ڪندو آھيان، منهنجو ڀاءُ قومي تحريڪ جو ميمبر ھو، پڙھيو لکيو، وڏو فضيلت وارو منهنجو ڀاءُ وريام اوچتو گم ٿي ويو ھو.“
    اھو چئي ڄڻ ھن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ڪهاڻي ٻڌائڻ دوران به ھن جا بي چيا لڙڪ وھندا رھيا.
    ”پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان مون کي تمام گهڻي محبت آھي، جنهن کي ننڍي ھوندي کان ابو، امان گذاري وڃڻ کان پوءِ مون ۽ منهنجي گهر واري پٽن وانگر پاليو ھو، ڀاءُ جي گم ٿيڻ جي ڪري، ڄڻ ته مان اڌ چريو ٿي پيو ھوس، وريام جي ڪامريڊ دوستن سان گڏجي، ٿاڻا، اسپتال ڳوٺ توڙي شهرن ۾ ڳولائون، ڦولائون ڪيم، پر ادا، ڪا به سُڌ ڪانه پئي ته وريام کي زمين ڳيهي ويئي يا آسمان کائي ويو.“
    ”ادا، پوءِ ته منهنجي ھر ڪم مان دل کڄي ويئي، نه ٻنيءَ ۾ ٿي دل لڳي نه ئي گهر ۾ ٿي آرام آيو“
    ھن پنهنجي قميص سان لڙڪ اگهيا، ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌايو،
    ”گهر ۾ منهنجي گهر واري، ٻه ٻار جنهن ۾ ھڪ ڏھن سالن جي نياڻي صدوري ۽ ھڪ پٽ بلاول اٺن سالن جو ۽ ھڪ ٻڪري جنهن جي کير مان ڪڏھن چانهه ته ڪڏھن مانيءَ ڀور کائيندا آھيون، ھڪ رات اوچتو خواب ۾ مونکي ھڪ فقير چيو ته تون لال سائينءَ جي درگاهه تي وڃ توکي تنهنجو ڀاءُ ملي ويندو، اِھو سچ ھو يا گمان مونکي ڪابه خبر نه آھي، صبح جو اٿڻ ساڻ وڌم ٻڪري جي رسي ۾ ھٿ پنجن ھزارن ۾ ٻڪري کپائي، گهرواريءَ کي سڄو احوال ٻڌائي مان لال شهباز جي درگاهه تي اچي ٽي راتيون رھيس.“
    لڳي پيو ته منٺار کي ڪو پيرن فقيرن ۾ تمام گهڻو ويساهه ھو، ۽ خواب ۾ ايندڙ فقير به ھن جي لاشعور ۾ ويٺل ڪو درويش ھو، جيڪو ھن کي دلاسا ڏيئي رھيو ھو،
    ”۽ پوءِ وري مون کي اوچتو ڀٽائيءَ تي وڃڻ جو اشارو مليو، لال تان ٿي ڀٽائي جي درگاهه تي پهتس ته تندن سڄو ماحول تپائي ڇڏيو ھو، الو ميان جي آلاپ تي ڀٽائي جي چائونٺ تي مٿو رکي ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون ڀاءُ لاءِ ليلائيندو رھيس، ڀٽائي کان پوءِ سخي ڄام ڏاتار تي وڃڻ جو خيال دل ۾ آيو، ڀٽائي کان موڪلائي جڏھن مان سخي ڄام ڏاتار تي وڃڻ لاءِ لاري اڏي جو گس وٺيو پئي ويس، ته رستي ۾ بيٺل ٻن پوليس وارن مون کي سَڏ ڪيو ته ويتر پريشان ٿي ويس. پريان ٽن فيٿن وارو جمعدار موٽرسائيڪل تي چڙھيو ويٺو ھو ۽ پان چٻاڙي رھيو ھو، آءُ جيڪو اڳ ۾ ئي پنهنجي سورن جي ڪري پريشان ھوس، اھلڪارن جو مونکي سڏ ڪيو ته ويتر منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. پوليس وارن مون کي پريشان ڏسي، آڏا، ابتا سوال پڇي ويتر پريشان ڪرڻ لڳا، منهنجي تلاشي ورتائون ته ٻه ٽي ھزار روپيه ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ کيسي مان نڪتو. جيڪي اُنهن پنهنجي وڏن جي ملڪيت سمجهي وِڌا، پنهنجي کيسي ۾ ۽ مونکي موٽرسائيڪل تي ويهاري وٺي آيا ٿاڻي تي. جتي پهچڻ سان ھُنن مون کي اچي ورتو، لتن ۽ مڪن سان، منهنجون ته ويتر متيون ئي منجهي ويون، پوءِ مون کي بيستو ڪري لاڪ اپ ۾ اُڇلي ڇڏيائون، پوءِ ھفتو کن آئون ٿاڻي تي ٻهارو ڏيڻ، ڇڻڪار ڪرڻ، صوبيدار جا ڪپڙا ڌوئڻ، بوٽ پالش ڪرڻ، ٿاڻي جي نادي ڀرڻ جهڙا ڪم ڪندو رھيس، ھفتي کن کان پوءِ مون تي ڪو ڪيس داخل ڪري جيل جي دوزخ ۾ موڪلي ڇڏيائون، اڄ مهيني کان پوءِ جيل مان ڪڍي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو اٿن، جيل جي ڪلارڪ ٻڌايو ته مون کي بنا لائسنس ھٿيار ۾ چالان ڪيو اٿن.“
    ھن ڄڻ پنهنجي روئداد پوري ڪندي چيو ته،
    ”ادا هاڻي نه گهر وارن کي منهنجي ڪا خبر آهي ۽ نه مون کي گهر وارن جي“،
    ھن مٿس رحم کائي، سندس گهر جي ايڊريس لکي ورتي ۽ پنهنجي کيسي مان ڏھين ڏھين جا ڪجهه نوٽ ڪڍي سگريٽن لاءِ ھن کي ڏنا، جيڪي ھن ڏاڍين منٿن کان پوءِ قبول ڪيا، منٺار سنوائي وٺي جيل ھليو ويو ۽ ھن منٺار جي گهر وارن کي ھڪ خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ مختصر احوال ۽ ايندڙ سنوائي جي تاريخ به لکي ڇڏي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ھو صبح جو معمول موجب آفيس جون ڪرسيون صاف ڪري رھيو ھو، آفيس جو عملو به آھستي آھستي ايندو ويو، ھو سڄو ڪم ڪار لاھي، صاحب لاءِ آيل اخبار پهريان پاڻ پڙھڻ لڳو، شنواين وارا ماڻهو به گڏ ٿيندا ويا، اوچتو ھن جي نظر، پريان ٻهراڙي جي ھڪ خوبصورت معصوم ڇوڪري تي پئي، جنهن جي عمر اٺ ڏهه سال کن ھوندي جنهن جا پير اگهاڙا، مٿي جا وار اڻڀا، ڳلن تي ڳوڙھن جا ليڪا ٺهيل، هٿ ۾ کجيءَ جي ڦرھين واري ڇٻي ۽ ڇٻيءَ ۾ ڪلام پاڪ جو نسخو، جيڪو ڪيترن ئي رومالن ۾ ويڙھيل ھجڻ ڪري، تمام وڏو ڀاسي رھيو ھو، ھوءَ ڏاڍي حيران ۽ پريشان، ھر ڪنهن کان پڇندي پئي وتي ته
    ”منهنجو بابا ڪٿي آھي، منهنجو بابا ڪٿي آھي“.
    علي نواز ڇوڪري کي اُن حالت ۾ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويو، آفيس جي اسٽاف جي نظر جو ڪلام پاڪ تي پئي ته سڀ حراسجي ويا، خبر نه آھي ته اُھا حراسمينٽ ڇوڪري جي دانهن جي ڪري ھئي يا ڪلام پاڪ جي ڪري، علي نواز ھڪدم اُٿي ننڍڙي کي مٿي تي ھٿ رکي ڏاڍي پيار سان پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو، ۽ پوءِ آفيس وارن جا ڏاڍا عجيب و غريب منهن ٺھڻ لڳا ۽ چپن ۾ ڀڻڪي رھيا ھئا،
    ”نڀاڳي ڇوري صبح ساڻ الاءِ ڪنهن جون پاڙون ساڙڻ آئي آھي.“
    ”ھو وري پريان ڏس، اسان واري پٽيوالي کي، ماءُ کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويٺو آ، ھڻين چنبو ڪڍيس ٻاھر.“
    ھن ڏٺو ته سڀني جي منهن تي ڪاوڙ جو مانارو ٺهيل ھو،
    ”اڙي، علي نواز ڏي خبر، ماڻهين ڪنهن ڏانهن قرآن کڻي آئي آ“
    ھن جي پڇڻ تي، ڇوڪري ڪڇڻ لڳي، پر ڳلو ڀرجي اچڻ جي ڪري آواز ٻاھر نڪرڻ بند ٿي ويس. پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري ڪجهه ڳالهائڻ جهڙي ٿي ته، هُن وراڻيو
    ”اسان ڏي خط آيو آھي، ته بابا جيل ۾ آھي، اڄ ھن کي ڪورٽ ۾ وٺي ايندا، مون کي ٻڌايو ڪٿي آ، منهنجو مٺڙو بابا؟“
    ڇوڪري بابا، بابا ڪري اچي جو روئڻ ۾ پئي ته سڄو ماحول درد ناڪ ٿي ويو، سڀئي اسٽاف وارا به پنهنجن ڪرسين تان اُٿي ھن کي پرچائڻ لڳا، ۽ کيسن مان پئسا ڪڍي نياڻيءَ کي ڏيڻ لڳا، شايد ھنن کي پنهنجون نياڻيون اکين اڳيان اچي ويون ھيون، پر هُوءَ جا پنهنجي وس ۾ نه ھئي، روئيندي به رھي ۽ ڳالهائيندي به رھي، ھن پنهنجو نالو صدوري ٻڌايو ۽ اھو به ٻڌايو ته ھن سان گڏ ھن جي ماءُ ۽ ننڍڙو ڀاءُ به آيا آھن، جيڪي ھيٺ ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ ويٺا آھن. ۽ بابا سان ملندا، علي نواز سمجهي ويو ته صدوري منٺار سان ملڻ جي ڳالهه پئي ڪريءَ ھوءَ منٺار جي ڌيءَ ھئي.
    منٺار ڪجهه دير کان پوءِ پوليس جي پهري ۾ ڪورٽ ۾ آيو ۽ پنهنجي ٻارن سان ملي ڪافي دير تائين لڙڪ به لاڙيندو رھيو، ۽ اُنهن کي ريجهائيندو به رھيو.
    گهنٽي وڄڻ تي علي نواز صاحب جي چيمبر ۾ ويو.
    ”جي سائين“
    صاحب جيڪو ڪنهن ڪيس جي فائيل ۾ گم ھو، ٿورو ڪنڌ کڻي چيائين،
    ”پاڻي پيار“.
    پاڻي پيارڻ مهل صاحب کي موڊ ۾ ڏسي، منٺار بابت سڄي ڳالهه صاحب کي ٻڌائي.
    ”جيڪڏھن ڳالهه سچي آھي ته مان اڄ ئي ضمانت ڏيانس ٿو، جيڪڏھن ڳالهه ۾ ڪابه گڙٻڙ ٿي ته پوءِ توکي به منٺار سان گڏ جيل ۾ رکندس.“
    ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ صاحب نهايت سنجيدگيءَ سان چيو. ھن جو صاحب، نه رڳو ھڪ انصاف پسند جج هُيو. پر هُو هڪ بهترين همدرد انسان به هو. هُو سدائين انصاف کي انصاف سمجهي ڪندو ھو، احسان سمجهي نه، نيٺ صاحب پاڻ ئي ھڪ وڪيل کي گهرائي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ۽ صاحب پنجاهه ھزارن ۾ ھن جي ضمانت منظور ڪئي ۽ اِھا خوشخبري صاحب پاڻ منٺار کي گهرائي روبرو ٻڌائي. منٺار خوش ٿي، سنوائي وٺي ھليو ويو، پر منٺار لاءِ پنجاهه ھزار جي ضمانت به وڏو مسئلو ھئي، ڪيئي سنوايون گذري ويون، نه پئسن جو بندوست ٿيو نه ضمانت جو، ھر سنوائي تي منٺار جا ٻار پيا ايندا ھئا، ۽ ائين منٺار کي جيل ۾ ڪجهه مهينا ٻيا به گذري ويا، ضمانت ٿيڻ باوجود ھو جيل مان ٻاھر نه نڪري سگهيو.
    ھڪ ڏينهن صاحب منٺار کي گهرائي پڇيو ته
    ”منٺار تو پنهنجو ضامن ڇو نه پيش ڪيو آھي“.
    ”سائين مان پرديسي آھيان اُتر سنڌ جو ويٺل آھيان،، ھتي ڪير مون غريب جو ضامن پوندو، ھتي ته ڪو به ماڻهو منهنجو واقف نه آھي“.
    نيٺ جج صاحب پاڻ مرادو، ھڪ ٻئي وڪيل کي گهرائي چانهه پياري ھن کي منٺار جي مسڪينيءَ جو احوال ٻڌايو ۽ خدا ڪارڻ ضامن پوڻ لاِءِ چيو، اِھو ٻڌي وڪيل چيو ته
    ”سائين ضامن ته کڻي مان ئي پوانس، سڀاڻي ضامن ڪرائي ڀڄي وڃي ته مان ايترا پئسا ڪٿان ڀريندس،“
    ”جيڪڏھن ڀڄي ويو ته ڪورٽ اوھان کي ڏنڊ معاف ڪري ڇڏيندي“.
    صاحب ڏاڍي اعتماد سان چيو. نيٺ وڪيل صاحب پنهنجي ڪنهن پلاٽ جا ڪاڳر کڻي آيو ۽ منٺار کي چيو ته
    ”ابا، ھاڻ ڪجهه خرچ ٿيندئي، مختيار ڪار آفيس مان سالوينسي سرٽيفڪيٽ ٺهندو، پوءِ مسئلو حل ٿيندو.“
    ”سائين ھڪڙي آخري سنوائي وٺي ڏيو ته حاضر ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪيون ٿا.“
    پوءِ به ڪافي ڏينهن گذري ويا پئسن جو ڪو بندوبست نه ٿيو. ھر سنوائي تي منٺار جي ڌي، پٽ ۽ زال ايندا رھيا ۽ منٺار سان ملي، روئي روئي واپس ويندا رھيا.
    ۽ ھڪ ڏينهن منٺار جي زال، پنهنجي پٽ سان گڏجي آئي ھئي ان ڏينهن ھو پئسن جو سڄو بندوبست ڪري آئي ھئي ان ڏينهن ھن سان ننڍڙي صدوري ساڻ ڪانه ھئي، اھا خوبصورت ۽ معصوم صدوري نه ڄاڻ ڪيڏانهن گم ٿي ويئي، پر ان ڏينهن منٺار جي زال وٽ پئسا جام ھئا، ۽ اھا آخري شنوائي ھئي، جنهن تي پئسن جو بلو ٿي ويو ھو، ۽ منٺار ضمانت تي آزاد ٿي ويو، پئسن ملڻ کان پوءِ منٺار جون ھٿڪڙيون ۽ جيل جا لوھي دروازا ميڻ وانگر ڳري وڃي پٽ تي پيا.


    لکڻ کان رھجي ويل خط

    خبر نه ھئي ته ھن کي آخر ڪنهن ڏانهن خط لکرائڻو ھو، ڇا لکرائڻو ھو، حالانڪ مون کي ته خط لکڻ جو ڪو به تجربو نه ھو، پر ھوءَ سدائين اوچتو سڏي مون کي ڇرڪائي ڇڏيندي ھئي، ھو سدائين مون کي وڏي ۽ جوان ٿيڻ جا مهڻا ڏيندي ھئي ته
    ”تون جوان ٿي وئين ته اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيو. ۽ تنهنجي پڙھڻ جو به اسان کي ڪهڙو فائدو، اسان کي ته ڪڏھن ٽڪي واري چٺي به نه لکي ڏنئي“
    ائين چوڻ مهل ھوءَ ڏاڍو پيار سان ۽ معنيٰ خيزانداز سان مرڪي پوندي ھئي، عجيب نظرن سان منهنجي سڄي جسم کي پئي ڏسندي ھئي، ھوءَ مون کي ويجهو اچي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ چوندي ھئي، پر مان ھن کان ٿورو فاصلو رکي ھن جون ڳالهيون ٻڌندو ھوس، ھوءَ سدائين مون کي رات جو سومهڻي واري نماز تي وڃڻ مَهل سڏي بيهاري ڇڏيندي ھئي، ۽ مون کي دل ئي دل ۾ نماز ۾ دير ٿيڻ جو افسوس ٿيندو هو، ھن جي گهر جي اڳيان گهگهه اوندهه ھوندي ھئي، اوندهه ۾ بس ھن جا ھٿ ۽ چهري جي روشني ئي ھوندي ھئي، ۽ ھن جون ڳالهيون ريل جي پٽڙين جيان وينديون ھيون ڊگهيون ٿينديون، ھن جو مڙس ريلوي کاتي ۾ ملازم ھو ۽ گهر مان ٽي، ٽي چار، چار ڏينهن ڊيوٽي سانگي ھليو ويندو ھو، ھن جي شاديءَ کي اڃا چند بهارون مَس گذريون ھيون، پر ھن جي اڱڻ ۾ ڪو به گلاب ٽڙي نه سگهيو ھو، ھن جو مڙس جڏھن ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ گهر ايندو ھو، ته ھو پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي ڏينهن جا ٿڪ ۽ راتين جا اوجاڳا به ساڻ کڻي موٽندو ھو. اچڻ سان ماني کائي ھنڌ وڇرائي سمهڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويندو ھو، ھن جي مڙس جا گهر ۾ ٻه ئي ته ڪم ھوندا ھئا، ھڪڙو کائڻ ۽ ٻيو سمهڻ، اھو ته جهڙوڪر گهر ۾ ايندو ئي پنهنجي ننڊ پوري ڪرڻ ھو، ۽ ھن جي زال جا سڀ سينگار، ريشمي خواب، نرم ۽ نازڪ احساس سڀ اجايا ٿي ويندا ھئا.
    منهنجو گهر ھن جي گهر کان ٿورو پرڀرو ھو، مسجد ويندي مون کي مجبورن ھن جي گهر جي سامهون ئي گذرڻو پوندو ھو، ڇو ته ٻيو ڪو به رستو نه ھو، ۽ ٻانگ اچڻ کان پوءِ ھن جي دروازي تي ٽنگيل پردي ۾ چر پر شروع ٿي ويندي ھئي، حالانڪ منهنجو سڄو پاڙو نمازي ھو، ۽ ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو جن ۾ مون جهڙا نوجوان به شامل ھئا جيڪي نماز تي ويندا ھئا، ۽ اُهي به پڙھيل لکيل ھئا، پر الاءِ ڇو ھوءَ رڳو مون کي ئي نالو وٺي سڏي وٺندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن مان ڪو نه ڪو بهانو ڪري ھليو ويندو ھوس، پر جڏھن ھوءَ سڏي ڳالهائڻ شروع ڪندي ھئي، ته خبر نه آھي ته ھن جي ڳالهين ۾ ڪهڙو جادو ھوندو ھو، جو آءُ ڳالهين ۾ ڳڱاٽجي ويندو ھوس، منهنجا پير ڌرتيءَ سان چنبڙي ويندا ھئا، مان صفا پنڊ پهڻ ٿي ويندو ھوس، ۽ ھُو سدائين مون سان ساڳي فرمائش ڪندي ھئي.
    ”رشيد اڄ ته مون کي خط لکي ڏي، ڇو ايترو ظالم ٿيو آھين، ھلي آ، اندر اچ تون مون کان ايترو شرمائين ڇو ٿو، مان توکي کائي ته ڪانه وينديس“
    ۽ منهنجا ساڳيا بهانا،
    ”مون وٽ هينئر ٽائيم ڪونهي، منهنجي نماز نڪري ويندي، اڄ مون کي ڇڏ، منهنجو توسان واعدو آھي، سڀاڻي مان توکي خط لکي ڏيندس،“
    ”واعدو ڪر، پڪو واعدو“
    ”ھوءَ چوندي ھئي،“
    ھا،
    ”پڪو واعدو“.
    ۽ ائين ڪيترائي ڀيرا وعدا وفا نه ٿي سگهيا. ائين ڪيترو عرصو گذري ويو، پر ھڪ ڏينهن منهنجا بهانا ۽ ڪوڙ ختم ٿي ويا.
    ”اڄ ڇا به ٿئي، اڄ توکي منهنجو ڪم ڪرڻو ئي پوندو، اڄ مان توکان خط لکرائي ئي رھنديس“.
    ۽ مان پهريون ڀيرو ھن جي گهر ۾ ايئن داخل ٿيس، ڄڻ ڪنهن مون کي ھپنا ٽائيز ڪري ڇڏيو ھجي، مان ھن جي ننڍڙي صاف سٿري گهر ۾ ھلندو ويس ننڍڙو آڳر، ننڍڙو ورانڊو ۽ ھڪ ڪشادو ڪمرو، جنهن ۾ زندگي پنهنجن سڀني رنگن سان موجود ھئي. ھوءَ مون کي بيڊ تي ويهاري ھلي ويئي.ٻاھرين در بند ٿيڻ ۽ ڪنڊي لڳڻ جو آواز آيو، ھاڻ گهر ۾ ڪير به بنا اجازت جي داخل نه پئي ٿي سگهيو. مان ڪمري ۾ ڪاٺ جي ڦٽن تي سجايل ھن جا ٿانو ڏسندو رھيس. خوبصورت چادر وڇايل بيڊ، پير ھيٺ لڙڪائي ويهي رھيس، ۽ سوچڻ لڳس، الائي ته ڪنهن ڏانهن خط لکرائيندي، الاءِ ڇا ڇا لکرائيندي، مان اڃان سوچن ۾ ئي گم ھوس ته ھو سامهون هٿ ۾ ھڪ ٽري کڻي ايندي نظر آئي. ۽ ٽري اچي منهنجي ڀرسان رکيائين، ٽري ۾ ڪجهه پليٽون ھيون، ۽ ٽري ۾ ڊراءِ فروٽ، ڪيلا، صوف ۽ مڪس نمڪو وغيره ۽ بسڪوٽ ھئا،
    ”ھي تون ڪيئن ڌارين وانگر ويٺو آھين،“
    ھن مون کي پيرن کان وٺي زوريءَ بيڊ تي مٿي ڪري ويهاريو،
    ”پاڻ دوست آھيون، تون بلڪل پريشان نه ٿي، ھاڻي ھتي ڪير به ڪو نه ايندو“.
    مون کي پنهنجي هٿن سان صوف ڪپي کارائڻ لڳي، مون کي اُن مهل پنهنجون ٽنگون ڏڪندي محسوس ٿيون ھيون،
    ”جلدي ڪيون خط لکي وٺون“.
    مون چيو،
    ”ھا، ھا، خط به لکنداسين، پر پهريان پنهنجي سهڻي مهمان جي خدمت ته ڪري وٺان.“
    ائين چئي ھن منهنجي ڳل تي ھڪ زوردار، ڊگهي چمي ڏني. چميءَ جي اثر سان منهنجا رنگ مٽجڻ لڳا، مون کي اچتو سخت سيءُ محسوس ٿي رھيو ھو، پوءِ ھن ڪمري جو در به بند ڪيو ۽ ھوءَ نه پين کڻي آئي ۽ نه پنو ۽ پوءِ ھوءَ بيڊ تي چڙھي آئي، مون کي ڪافي دير تائين پنهنجي گرم ڀاڪرن ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. ھن جي جسم جي ڪوساڻ، ۽ ساھن جي سرھاڻ مون کي ھڪ نئين دنيا سان روشناس ڪرايو ھو، مون کان ڪا گهڙي سڄي ڪائنات وسري ويئي ھئي. هُوءَ به ڄڻ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي ھئي، ۽ مون کان مسجد، نماز توڙي دوزخ جو عذاب سڀ ڪجهه وسري چڪو ھو. اھو سڄو ھن جو ڪمال ھو، جڏھن زمين کان وٺي آسمانن جو سير ڪري موٽي آياسين ته ھُوءَ ڏاڍي خوش ھئي، ۽ مان به عجيب نئين خوشيءَ جي احساس سان سرشار ھوس. نيٺ ڪيترائي ڀيرا ھن لطف مان گذرندا رھياسين، نيٺ ھوءَ ساڻي ٿي پئي، ۽ چوڻ لڳي،
    ”ھاڻ تون وڃ ٻئي ڀيري خط لکنداسين“.
    ائين چئي ھن منهنجو کيسو خرچيءَ سان ڀري ڇڏيو.
    ”نه خط اڄ ئي لکنداسين، مان اڄ خط ضرور لکندس“
    مون ھن کي خط لکرائڻ لاءِ مجبور ڪيو، ھن مون کي ھڪ ڀيرو وري پنهنجي ريشمي ڪوسي ڀاڪر ۾ ڀري، ھڪ ڊگهي چُمي ڏني ۽ چيو
    ”ھينئر تون وڃ، وري جڏھن خط لکرائڻو ھوندو، آءُ توکي پاڻ ئي سڏي وٺنديس“
    منهنجي ته سڄي دنيائي بدلجي چڪي ھئي، مون کي ايئن ڀاسندو ھو، ڄڻ مون ڪو مٺو خواب لڌو ھجي، منهنجي اندر ۾ عجيب مزيدار احساس جنم وٺڻ لڳا، مون پنهنجو پاڻ بلڪل نئون نئون پئي محسوس ڪيو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي ھاڻ وڏو مرد ماڻهو سمجهڻ شروع ڪيو ھو. منهنجي اندر جا سڀ خوف ختم ٿي ويا ھئا، مون کان جنت جا سڀ رستا وسري ويا ھئا، مون دوزخ واري رستي تي ھلڻ شروع ڪيو ھو، ھاڻ جنهن پل منهنجي دل گهرندي ھئي، مان حسُن بانو جي دنيا ۾ ھليو ويندو ھوس، پيار واري ٻانگ مون کي مُلي واري ٻانگ ٻڌڻ ئي نه ڏيندي ھئي، حسن بانو به مون کي ڪڏھن نه روڪيندي ھئي، ھن جي گرم جوشي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي ويئي، نينهن واري نماز کان پوءِ، مون کان سڀ نمازون وسري ويون ھيون“. ھر، ھر حسن بانو وٽ وڃڻ ڪري، ڀنڀور کي باهه لڳي چڪي ھئي، ھر زبان تي اسان جي عشق جا چرچا ھئا، اوڙي پاڙي ۾ ھاڻي جتي به چار مايون ويهنديون ھيون ته رڳو حسن بانو جي پيار تي پيون سڙنديون ھيون، ڳالهه ٿيندي، ٿيندي نيٺ حسن بانو جي ڪنن تائين وڃي پهتي،
    ”ائي حسن بانو ھي اسان ڇا پيا ٻڌون، اھو پاڙي وارو ڇورو، سڄو ڏينهن تنهنجي گهر، اچ وڃ لڳي پئي اٿس، ائي جي تو واري مڙس کي خبر پئي ته ڪم ڏاڍو خراب ٿيندئي.“
    حسن بانو جي خوبصورت ڪمري ۾ منهنجي معصوم جوانيءَ نئون جنم ورتو ھو. ھي حسين ڪائنات، مون کي پهرين کان به وڌيڪ حسين محسوس ٿيڻ لڳي ھئي. ھاڻي اوڙي پاِڙي واريون مايون مون کان پردو ڪرڻ لڳيون ھيون، جوانڙيون مون کان شرمائي، ٽهڻ، کلڻ ۽ ڀڄڻ لڳيون ھيو. حسن بانو سان ملڻ کان پوءِ منهنجي سڄي دنيا ئي بدلجي ويئي ھئي، نه روزا رھيا نه منهنجون نمازون رھيون، بس ھر پل تون ئي تون لڳي پئي ھئي. وقت جو گهوڙو پنهنجي رفتار سان ڊڪندو رھيو، موسمون ڦرنديون رھيون، وري ساڳي جنوري ۽ ساڳيا سيارا موٽي آيا ھئا. پيار جون ڊگهيون راتيون وري موٽي آيون ھيون سڀ ڪجهه ساڳيون ھو، مسجدون به ساڳيون ھيون ۽ نمازون به ساڳيو ھيون بس نه ھوس ته مان اھو ساڳيو نه ھوس، ھڪ ڏينهن آذان جي ڇڪ تي وري مان مسجد ڏانهن ڇڪجي ويو ھوس، ساڳي سومهڻي جي نماز ھئي، مسجد ۾ داخل ٿيندڙ سڀ کان پهريون نمازي به مان ھوس، سجدي ۾ به ھاڻ اڳيون سرور نه ھو، مسجد مان ٻاھر نڪرڻ وارن ۾ به سڀ کان پهريون ماڻهو آءُ پاڻ ھوس، نماز اڃا ھلي رھي ھئي، مسجد مان نڪري تڪڙو تڪڙو ھلندو، آءُ ساڳي ريشمي پردي واري دروازي تي اچي بيهي رھيس. اُھا رات حسن بانو جي زلفن کان ڪاري ھئي، مون ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ ھٿن سان در کڙڪايو.
    ”ڪير.“
    حسن بانو جو ساڳيو مڌ ڀريل آواز آيو،
    ”مان آھيان رشيد“.
    مون چيو.
    ”ڇو آيو آھين“.
    ھن جي لهجي ۾ عجيب لاتعلقي ھئي.
    ”خط لکڻو آھي.“
    مون جواب ڏنو. هُن چيو
    ”تنهنجي مهرباني مون خط لکرائي ڇڏيو آهي،“
    ۽ دروازو ٿورو کُلي زور سان بند ٿي ويو.


    ويساهه گهاتي

    مل جي چمنيءَ مان پورھيتن جو خون دونهين جي شڪل ۾ ٻاھر نڪري رھيو ھو، مل جو گُهگهو وڄي ٿو. مل جا پورھيت عملو تبديل (shift change) ٿيڻ تي، مل جي وڏي لوھي مين گيٽ کان ٻاھر نڪرن ٿا. پورھيتن کي ميرا ڪپڙا اکيون اوجاڳيل، ڪن جا ڪپڙا ڪاري تيل سان اَٽيل، ڪي پنڌ ته ڪي سائيڪلن تي، ڪي موٽرسائيڪلن تي، پنهنجن اَجهن ڏانهن روانا ٿي رھيا ھئا، ھو ڏاڍا ٿڪل ھئا، ھنن جا سنڌ، سنڌ ساڻا ٿيل ھئا، مل ھنن جو رت ۽ ست نپوڙي ڇڏيو ھو، ھنن جلدي گهر پهچي آرام ڪرڻ ٿي چاھيو، ۽ مل ڏانهن ايندڙ پورھيت تازا، توانا. ڦڙتيلا ۽ جو شيلا ھئا، اھي مل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مل ڏانهن وڌي رھيا ھئا، ھنن پورھتين جا مُکَ اڄ خوشيءَ سان ٻهڪيل ھئا، اڄ وڏي جدوجهد کان پوءِ ھنن کي پنهنجي منزل ملڻ واري ھئي، اڄ ھنن کي پنهنجي محنت جو ثمر ملڻ وارو ھو. اڄ سڀئي پورھيت ڏاڍا خوش ھئا، سڀئي پورھيت ساٿي جلوس جي صورت ۾ مل جي مين گيٽ کي جيئن پوءِ تئين ويجها ٿيندا پئي ويا.
    مل جي پورھيتن پنهنجي ايڪي ۽ ٻڌي سان اڄ جيڪا منزل ماڻي ھئي، اُنهين ۾ ھنن جي پوين ستن ڏينهن جي ڪامياب ھڙتال جي وڏي اھميت ھئي، ۽ خاص طور تي ستن ڏينهن جا به آخري ٻه ڏينهن وڏي اهميت وارا هئا. اُنهن ٻن ڏينهن ۾ مل جا مالڪ گوڏا کوڙي ويهي رھيا ھئا، مل جي، جي ايم، يونين جي مک عهديدارن کي ڳالهين لاءِ پنهنجي آفيس ۾ اچڻ جي دعوت ڏياري موڪلي ھئي، جيڪا ڪامريڊ مٺل پنهنجي ساٿين سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ اھو چئي رد ڪئي ته،
    ”ڳالهيون سڀني مزدورن جي سامهون ٿينديون، نه ڪي ڪنهن آفيس جي بند ڪمري ۾.“
    ان کانپوءِ ڳالهين ۾ ھڪ ڀيرو وري ڊيڊلاڪ پيدا ٿي پيو، يونين اڳواڻن، پنهنجي مڌر پارٽي سان مٽينگ ڪئي، جنهن سان ھو مسلسل رابطي ۾ ھئا، مڌر پارٽيءَ پاران ھڪدم ڪاميٽي ٺهي ويئي، گڏجاڻيون ٿيون ۽ جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ھاڻ مل سان گڏ مين روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. آخري ٻه ڏينهن جڏھن روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ به بند ٿيو ته حڪومت ۽ تر جي انتظاميا پاران مل جي مالڪن تي سخت دٻاءُ پيو. جيئن جيئن مل مالڪن تي حڪومت ۽ انتظاميا جو پريشر وڌندو ويو. تيئن تيئن مل مالڪن، ڪامريڊن مٺل ۽ سندس ساٿين کي خريد ڪرڻ ۽ ھڙتال تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ھر قسم جون آڇون وڌائي ڇڏيون ھيون، پر ڪامريڊ مٺل ۽ سندس پورھيت ساٿي لنگهڻ ڪاٽي ۽ تن کي تسيا ڏيئي به ڏاڍا سرھا ۽ مطمئن ھئا، پر پنهنجي جدوجهد تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ھئا.
    ”ڪامريڊ اسان کي اوھان تي مڪمل ڀروسو آھي، توھان ڀلي سيٺن سان ڳالهايو، اسان جا سڀ ساٿي ان ڳالهه تي متفق آھن.“
    ھڪ پورھيت ساٿي ڪامريڊ جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
    ”نه، ڪامريڊ ايئن نه ٿيندو. ڳالهيون سڀئي گڏجي ڪنداسين ۽ اسين پنهنجو حق ٿا گهرون ڪا خيرات ڪونه ٿا پنئون. ۽ اسين ته ايترو ٿا چئون ته مل تي سڀ کان اڳ ۾ پهريون حق اسان ڌرتيءَ ڌڻين جو آھي، ۽ اسين جيڪي ڏھن ۽ پندرنهن سالن کان مل ۾ پورھيو ڪندڙ سينيئرپورھيت آھيون اول انهن کي پڪو ڪيو وڃي. اِھو ڪٿان جو انصاف آھي، ته سينيئر پورھيت ڪچا ھجن ۽ نون ٻاھران آيل پورھيتن کي ھڪدم پڪو ڪيو وڃي.“
    ”۽ ڪامريڊ! ٻين صوبن ۾ ته ملازمن جون پگهارون به نون بجيٽ جي اعلان مطابق پيا ڏين ۽ اسين اڃا تائين پُراڻين پگهارن تي پيا ھلئون،“
    ”ساٿيو، ھمت ڪيو، ھاڻي منزل پري نه آھي، ھاڻي مل جا مالڪ اسان جا اڌ مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا ته اوھان جا اڌ پورھيت ھن سال پڪا ڪريون ٿا. ۽ اڌ ايندڙ سال پڪا ڪنداسين. اسين چئون ٿا ته اسين سڀ سينيئر آھيون، ان ڪري اسان سڀني کي يڪدم پڪو ڪيو وڃي.“
    ”ها، ڪامريڊ ھاڻي لڳي ٿو ته اسان جي جدو جهد، ھنن جو غرور خاڪ ۾ ملائڻ واري آھي.“
    ۽ نيٺ مل جا مالڪ ۽ جي ايم پورھيتن وٽ ھلي آيا. ھاڻي ھو ڳالهيون لاءِ بلڪل تيار ھئا، ھنن مڌر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪامريڊ مٺل تي ٻڌل ڪاميٽيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار هئا. سڀني پورهيتن جا مُک خوشيءَ سان ٻهڪي اُٿيا. پنهنجي مرڪزي اڳواڻن تي پورھتين کي پورو يقين ھو. شام جو ڇهين وڳي ڳالهين جو وقت طئي ٿيو. مرڪزي اڳواڻ جلوس جي شڪل ۾ مل ۾ داخل ٿيا ھئا، مل جو سڄو ماحول ڳاڙھن جهنڊن سان ٻهڪي اُٿيو ھو. ڳاڙھي جهنڊي جو رعب ئي پنهنجو ھو. ڳالهين ۾ مل مالڪ، مرڪزي اڳواڻ ۽ يونين ليڊر مٺل به شامل ھو. ڳالهين جو دؤر ڊگهو ٿيندو ويو، نيٺ رات جو ٻارهين وڳي ڳالهيون ختم ٿيون. ڳالهين ختم ٿيڻ کان پوءِ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ يونين اڳواڻ ڪامريڊ مٺل، سواءِ ڪجهه ٻڌائڻ جي پنهنجي وڏين گاڏين ۾ چڙھي، روانا ٿيا، مين گيٽ وٽ گاڏي ٿوري جَهڪي ڪري، چيئرمين صاحب، ھلندي گاڏيءَ مان، انتظار ۾ بيٺل پورھيتن سان بس ايترو ئي ڳالهايون ته
    ”سڀاڻي کان ھڙتال ختم آھي.“
    پورھيت چيئرمين صاحب جي اڌوري ڳالهه ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا،” ھنن کي پڪ ھئي ته ھنن جا سڀ مطالبا مڃيا ويا آھن ۽ ھاڻي سڀني سينيئر پورھيتن کي نئين وڌيل پگهار تي پڪو ڪيو ويندو ۽ ڌرتي ڌڻين کي اوليت ڏني ويندي.
    سڀ مزدور ھاڻي مل جي مين گيٽ کي ويجهو رسي، چڪا ھئا. ھو پيار سان ٿڪل پورھيتن کي ويندو ڏسي رھيا ھئا، ھو اڄ ڏاڍا خوش ھئا. سڀ مزدور مل جي گيٽ وٽ پهچي بيهي رھيا ھئا، مل مان ڊيوٽي پوري ڪري نڪرندڙ، پورھيتن لاءِ گيٽ کوليا ويا ھئا، ۽ ٻين پورھيتن کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ھو، ھنن کي گيٽ تي ئي روڪيو ويو، ھنن کي اندر اچڻ نه پئي ڏنو ويو، ڪجهه دير کان پوءِ مل جي مين گيٽ جي ٿلهن پلرن تي نالن واريون وڏيون لسٽون ھنيون ويون ھيون، نالن جي مٿان لکيل ھو ھنن سڀني پور ھتين لاءِ مل جو گيٽ ھميشه لاءِ بند ڪيو ويو آھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267697
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387993
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ