ڪتاب جو نالو: واڄٽ ڪن وڻجار
مصنف: يوسف جميل لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 18 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 561 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 115 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  •   پيش لفظ
  • اي اهــــل علــــم
  • لاشعوري ڳالهيون
  •   عمده تحرير لکڻ جا ڪجھ اصول
  •   پيپرن جي تياري ڪئين ڪجي ؟
  • اچو تہ عظم ڪريون
  • ناڪامي کي ڪئين مات ڏئي سگهجي ٿو
  • شاگردي وارو دور ڪئين هجڻ کپي
  •   ڌرتي جي فطرت ۽ انساني فطرت ۾ هڪجهڙايون
  • وقت - جيڪو اسان وٽ آهي ڪونه
  • اسـان جو مقدر
  •   جيجل جي عظمت
  • الحافظ ولمحافظ
  • پهرين مئي - مزدورن جو عالمي ڏينهن
  • معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي ؟
  • تعليم جو ڏينهن
  • ٻالڪپڻ ۾ منهنجي لکيل پهرين تحرير
  • سنجيده سياست وقت جي اهم ضرورت
  • عطــائــي ماســتـــر
  •   سائين، منهنجو بہ هڪ سوال آهي ؟؟؟
  • پڙاڏو سو ئي سڏ
  •   حيران هزارين - هڪ مان نہ رڳو
  •   انسانيت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ؟؟
  • تبديلي جي مخالفت ڪرڻ غير فطري عمل آهي
  • فڪر لطيف جو مطالعو
  • خدارا، پنهنجي اندر سوال ڪرڻ جي سگھ پاليو
  •   مان تو کان هڪڙي ڳالھ پڇان ؟؟؟
  • سنڌ، تصوف ۽ اسان جو لطيف
  • هڪ عورت جو سماج جي هر هڪ فرد ڏانهن لکيل خط
  • مسجد خدا جو گَهَر، پر ڪئين ؟؟
  •   اي ڌرتي تنهنجي ساک کڻان
  • ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط
  • قدم بہ قدم، فاصلا ٿيندا ختم
  • اي منهنجي عظيم ٻولي
  •   ٽڪي وڪاڻا ماڻهون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽ احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.
    يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي.
    يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      پيش لفظ

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هي منهنجو ٻيو ڪتاب آهي جيڪو اوهان جي سامهون آهي. هن کان پهريان ”خوابن جا پاڇا “ نالي ڪهاڻين جو مجموعو سنڌ سلامت ڪتاب جي زينت بڻجي چڪو آهي. سنڌ سلامت جي پوري ٽيم سان منهنجو روح جو رشتو آهي. سنڌ سلامت تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهڻ کان پوءَ مون انيڪ مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون، ناول توڙي افسانہ، تاريخ ۽ الاءَ تہ ڪيترن مضمونن تي لکيل ڪتاب پڙهيا ۽ انهن مان مستفيد ٿيندو رهيس، علم ادب سان چاھ رکندڙ دوستن کي سنڌ سلامت جي باري ۾ پڻ ٻڌائيندو رهندو آهيان. ڪنهن بہ موضوع تي لکڻ ايترو سئولو ڪم هرگز ناهي جيترو سئولو ٻيا سمجهندا آهن. لفظن سان عشق ڪرڻ ۽ وري ان عشق کي مستقل طور تي جاري رکڻ بہ هڪ وڏي جدوجهد مثل آهي، مضمون لکڻ مطلب ڪنهن بہ ڳالھ کي اڳ کان بہ آسان ڪري پنهنجي لفظن ۾ ڪنهن ٻي کي سمجهائڻ، سمجهاڻي بہ وري اهڙي نوعيت جي هجي جيڪا هر عام ۽ خاص ماڻهو کي سمجھ ۾ اچي، عوامي ليکڪ توڙي عوامي شاعر پنهنجي شاعري توڙي تحريرن ۾ تمام تر آسان زبان ۽ لفظ استعمال ڪندا آهن تہ جئين انهن جو پيغام هر ڪنهن وٽ با آساني پهچي سگهي.
    منهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون آهن انهن منجھ ڪجھ مضمون اصلاحي آهن، ڪجھ ارتقا جي عمل ڏانهن ڏس ڏيندڙ آهن تہ وري ڪجھ سماج جي روين ۽ ورتاءُ کي مدنظر رکي ڪري لکيل آهن. منهنجو مشغلو ادب ۾ اڄ تائين ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ ۾ رهيو آهي، ڪجھ وقت شاعري تي بہ طب آزمائي ڪئي مگر اهو سڪون نہ ملي سگهيو جيڪو مضمون لکڻ ۽ ڪهاڻي لکڻ ۾ ملندو هو. ان لاءَ شاعري جي شوق کي تالو هڻي ڪري فل حال مضمون نگاري ۽ ڪهاڻين لکڻ تي ڌيان ڏيان پيو.
    آءُ انهن سڀني دوستن جو پڻ تھ دل سان شڪر گذار آهيان جن منهنجي پهرين ڪتاب کي مثبت موٽ ڏني، منهنجي همٿ افضائي ڪئي، دوستن جي اصرار ۽ محبت کي مد نظر رکندي هي ڪتاب اوهان آڏو پيش ڪريان پيو ان اميد سان تہ پهريان وانگر هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءَ پنهنجي قيمتي راءَ کان آگاه ڪندا.

    يوسف جميل لغاري


    اي اهــــل علــــم

    ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي ڏکن، ڏوجڙن ۽ دردن جي درمان لا۽ کن پل ڪو فڪر ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ديس جي ڏتڙيل ۽ مسڪين مائرن جي دل جوئي ڪئي جن جا ڪوڌر پٽ پنهنجي ديس لا۽ جان جو نظرانو ڏئي ويا آهن، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي مسڪين ماروئڙن جي انهجن ۽ تڪليفن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن غريب کي ڳڀي ٽڪر لا۽ بي ضمير ۽ لالچين اڳيان هٿ ٽنگندي ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي تخليقي ۽ باصلاحيت شاگردن کي سفارش ۽ پنهنجا نوازي جي ٽياس تي ٽنگيل ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن اڇي اجري ۽ پاڪ دامن نياڻي کي ڪارو ڪاري جي سوڙهي ڳٽ جو شڪار ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن مسڪين جي گلن جهڙن ٻارن کي سرڪاري اسپتالن جي دروازن تي دربدر ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن ميت کي بنا ڪفن جي دفن ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن غور ڪيو آهي تہ هي جيڪا پاڻ جي هاڻوڪي حالت آهي اها ڪهڙين سببن جي ڪري آهي، ڇا اسين دنيا جي شاهوڪار قومن جهڙيون صلاحيتون ۽ وسيلا نہ ٿا رکون، ڇا اسان وٽ پنهنجا سڀ قدرتي وسيلا موجود نہ آهن، ڇا اسين هڪ پر امن زندگي گهارڻ جا حقدار ناهيون، ڇا اسين ازل کان مهمان نواز قوم ناهيون رهيا، ڇا اسين سڀ ڪجھ هوندي بہ مفلسي ۽ غريبي توڙي غلامي واري زندگي گهارڻ جا حقدار آهيون، ڇا اسين جيڪي زندگي گذاري رهيا آهيون اُهو اسان جو مقدر آهي، نہ نہ ڪڏهن بہ نہ، اسين تہ دنيا جي مهذب قوم جي ڳاڻاٽي ۾ اچون ٿا پر پو۽ بہ اسان لا۽ هي سڀ رنج ۽ تڪليفون آخر مقدر ۾ ڇو، هاڻ اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، هن ڌرتي جي هر فرد تائين پنهنجن بنيادي حقن جي حاصلات جي تعليم عام ڪرڻي پوندي، ڇا تو هن ڌرتي جي حسانڪي کي هڪ دفعو وري ٻيهر واپس آڻڻ لا۽ سوچي ٿو، جي ها تہ پو۽ همت ڪر پنهنجي علم ۽ مهارتن وسيلي هن ڌرتي جي هر فرد تائين سجاڳي پکيڙ، هن ڌرتي توڙي قوم لا۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪر تہ جئين اڳتي هلي ڪري تون تاريخ جو معياري نہ ٿئي ۽ تاريخ توکي سنهري لفظن ۾ ياد ڪري.


    لاشعوري ڳالهيون

    پاڻ ۾ ويٺا آهيون اگر ٿورڙو غور و فڪر ڪجي ۽ ڏسجي تہ اسان جنهن تباهڪاري ۾ مبتلا آهيون ان جو ذميوار ڪير آهي، اسان پاڻ، اسان جا حڪمران يا وري ڪا ٻي ڌُر، منهجو لاشعوري ذهن تہ مونکي اُهو ٿو ٻڌائي تہ معاشري جو هر پڙهيل ڳڙهيل فرد معاشري جي تباهڪاري جو ذميوار آهي، شعور رکندي جيڪو ماڻهو بي شعوري واري زندگي بصر ڪري ٿو هر اهو ماڻهو بہ هن تباهڪاري جو ذميوار آهي اسان جي تعليم جي شرع ۾ ڪائي بهتري نظر نہ ٿي اچي، اسپتالن جي اِها حالت آ جو غريب عوام بہ هاڻي سرڪاري اسپتال وڃڻ کان لوائي ٿو، اسان جا روڊ رستا کنڊرات جا ڏيک ڏين پيا ۽ انهن تي گاڏين جا ايڪسيڊنٽ روز جا معمول بڻيل آهن، هر ادارو ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهي ڀاءُ جو دشمن ڀاءُ لڳو پيو آهي پيءُ پٽ جو ناهي تہ وري پٽ پيءُ جو ناهي، هر ماڻهو امير ٿيڻ لا۽ شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڳولا ۾ آهي.
    اسان وٽ اهڙو ماحول ڇو پيدا ٿيو آهي ؟
    ڇا دنيا جي ڪنهن ٻي ملڪ جا رهواسي بہ اسان جهڙي تنگ دستي ۽ مفلسي واري زندگي گذارن پيا يا هي درد ۽ اُدما صرف اسان جي نصيب ۾ لکيل آهن ڪي صديون گذري ويون مگر اسان اڃا تائين پيري ۽ مريدي جي جهنجٽ مان آزاد ناهيون ٿيا بهشت وٺڻ جي لالچ ۾ اسان پنهجن اصلوڪن حقن تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي، ٺڳن پيرن ۽ جعلي مُلن خلاف ڪي لفظ ڳالهايو ٿا يا وري ڪجھ لکون ٿا تہ ڪي ڪچا ذهن اهي لفظ برداشت نہ ٿا ڪن ۽ اسان کي لادين ۽ بي پيرو هجڻ جا لقب بخشين ٿا ۽ پنهجي آخرت وڃائي ڇڏڻ جا بشارت ٻڌائن ٿا، ستم ظرفي اها آهي تہ اسان کي ڪنهن ظلم جي خلاف ڳالهائڻ جو بہ حق ناهي، اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ توهان ٻڌايو ڪهڙا وري نيوٽن يا آئناسٽائين پيدا ٿيندا ، هٿ وٺي سُٺن ذهنن کي يرغمال ۽ ڪچن ذهنن کي لالچ جي دٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، جيستائين اسان وٽان وڏيرڪي ۽ طبقاتي نظام ختم نہ ٿيندو اسان ترقي جا ڏاڪا ڪونہ چڙهي سگهنداسين، هت سُٺن ذهنن جي بجاء سُٺن ڪپڙن پهريل شخص کي اوليت ڏني وڃي ٿي، دنيا جو مشاهدو تہ ڪري ڏسو دنيا هر روز ڪيڏي نہ ترقي ڪري پئي ۽ اسان دنيا سان گڏ هلڻ جهڙا آهيون قطعہ بہ نہ، جيستائين اسان وسيع دماغ جا مالڪ نٿا بڻجئو تيسيتائين اسان ڪائي شئي بہ تخليق نٿا ڪري سگهون اسان جو جڙيل هي ماحول ئي اسان جي ترقي جي راه ۾ سڀ کان وڏي.
    رڪاوٽ بڻيل آهي، ازل کان غلامي پسند ذهن ڪنهن جي آزادي جي حمايت ڪئين ٿا ڪري سگهن، ماڻهو ٽڪينالاجي کي قصور وار سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ٽيڪنالاجي فاصلا تہ گهٽايا آهن پر ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي معاشري ۾ بگاڙ بہ آندي آهي آءُ اهڙين ڳالهين سان بلڪل بہ سهمت ناهيان، ٽيڪنالاجي تہ اسان جو ٽائيم بچائي ٿي ٽيڪنالاجي تہ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي پوء اسان ان کي معاشري جي بگاڙ جو ڀاڳي ڀائيوار ڪئين ٿا سڏي سگهون، هر شئي جا ٻہ پهلون ٿيندا آهن ۽ اسان هميشه هر شئي جي نيگيٽو پهلو کي ڏسندا آهيون ، هي ڪائنات سڄي ڳڄھ سان ڀري پئي آهي توهان هن جي ڪيترن ڳڄهن کي پروڙيون آهي ڇا اوهان وٽ اها سگھ آهي جو هن ڪائنات جي رمزن کي سمجهي سگهون، پنهجو پاڻ کي پرکي ڏسو ڇا اوهان هڪ صحتمند ذهن جا مالڪ آهيون ؟


      عمده تحرير لکڻ جا ڪجھ اصول

    ڪجھ ڏينهن کان ادب ساه چاھ رکندڙ مختلف دوستن طرفان هڪڙو ساڳيو سوال مسلسل مون کان پڇيو ويو، سوال هو تہ ” اسان ڪهاڻيون لکڻ ٿا چاهيون، اوهان ڪو ڏس پتو ڏيو تہ جئين اسان ڪهاڻيون لکي سگهون.“ يقينن سوال اهميت جوڳو هو، جواب ڏيڻ بہ لازم هوندو هيو پو۽ پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي سڀني دوست کي جواب ڏيندو هيم، هت جامع نموني سان ڪهاڻي لکڻ جي فن تي فڪري نظر سان مضمون ونڊ ڪري رهيو آهيان اميد آهي تہ هن کي پڙهي ڪري ڪافي دوست رهبري حاصل ڪندا.
    جئين تہ سوشل ميڊيا تي هن مهل هر عام توڙي خاص ماڻهون جي رسائي سولي ٿي پئي آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا تي ادب سان لاڳاپيل گهڻو ڪجھ مواد پڙهڻ لا۽ ميسر آهي، ڪجھ فرد ڪنهن اديب يا ليکڪ جي لکيل مواد تي گهڻي واه واه ڏسي ڪري، پاڻ اديب ٿيڻ چاهيندا آهن، اديب يا ليکڪ ٿيڻ ايترو سولو ناهي يا ائين جلد ۾ ناهي ٿيبو، اچو تہ انهن اصولن جو مشاهدو ڪريو جن تي عمل ڪري اسين ادب جي ميدان ۾ پنهنجو سٺو مقام ٺاهي سگهون ٿا.
    سڀ کان پهرين ڳالھ ادبي صنف جي پرک.
    ٻي ڳالھ ادب سان دلي لڳاءُ.
    ٽين ڳالھ مطالعو ۽ مشاهدو.

    اچون ٿا پهرين اصول تي ادبي صنف جي پرک.جئين تہ ادب ۾ ٻہ مکيہ صنف آهن. هڪ نثر ٻي نظم.

    نثر - جنهن ۾ ڪهاڻيون، ناول، افسانہ، مضمون، سفر نامہ، آتم ڪٿا، وغيره وغيره.
    نظم - هن صنف ۾ شعر و شاعري جون تقريبن سڀئي قسمون اچي وڃن ٿيون، جئين غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، چئو سٽو، پنجڪڙو، مرثيو، حمد، نعت، مولود وغيره وغيره.
    ادب سان ذئوق رکندڙ فرد کي اهو تعين ڪرڻو آهي تہ سندس تخليقي صلاحيتون ڪهڙي صنف ۾ سگهاريون آهن.
    ڇا هو بهترين ڪهاڻيون لکي سگهي ٿو ؟؟؟
    ڇا هو ناول لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو ؟؟؟
    ڇا سندس ذهن غزل لکندي ڪنهن بہ قسم جي مونجهاري جو شڪار تہ ٿي ٿئي ؟؟؟
    ڇا هو بهترين نظم لکڻ جي صلاحيت سان ٽمٽار آهي ؟؟؟

    مطلب تہ اهو فيصلو کيس خود ڪرڻو آهي تہ سندس تخليقي صلاحيتون ڪهڙي صنف ۾ سگهاريون آهن، اڪثر ائين بہ ٿيندو آهي تہ ڪافي اديب هڪ ئي وقت، ڪهاڻيڪار، ناوليسٽ، افسانانگار، ڊارامانگار هوندا آهن، اهو بہ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ادب جي هڪڙي صنف ۾ پنهنجو نالو ڄمائي ڪري اُهي وري ٻي صنف تي طبع آزمائي ڪندا آهن ۽ پو۽ وري اڳتي وڌندا ويندا آهن، نون لکندڙن لا۽ اهو سولو ناهي تہ هو يڪدم مختلف قسم جي صنفتن تي پختگي حاصل ڪري سگهن، ان لا۽ فل حال کين هڪڙي صنف تي طبع آزمائي ڪرڻي پوندي ۽ پو۽ وري ادب جي اصولن کان واقف ٿيندي اڳتي وڌڻ کپندو، اهو سندس لا۽ سولو رستو هوندو.
    ٻي اهم ڳالھ تہ ادب سان اگر ڪنهن ماڻهو جي دلي لڳاءُ ناهي تہ پو۽ اِهو مَمَڪن ئي ناهي تہ اُهو ادب ۾ ڪو ٻوٽو ٻاري سگهي، انسان جو لاڙو ئي انسان کان ڪا نہ ڪا نئي شئي تخليق ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، بنا لاڙي ۽ لڳاءُ جي ڪنهن شئي تي عبور حاصل ڪرڻ يقينن ناممڪن آهي، ان لا۽ ادب سان چاھ هجڻ بہ ائين کڻي سمجهو تہ هڪ شرط آهي، وقتي طور يا وري ڪنهن سان رِيس ڪرڻ جي عيوض ادب ۾ جنهن بہ پير پاتا، اُهي فرد ادب جي دنيا ۾ گهڻو عرصو رهي نہ سگهيا، انهن سگهو ئي پنهنجا پير ڊاهيا ۽ اسڪرين تان گم ٿي ويا، تاريخ کين گمنام فردن جي فهرست ۾ شمار ڪري ٿي.
    ٽي مکيہ اصول آهي مطالعو ۽ مشاهدو، هن اصول جو لاڳاپو اوهان جي لکيل تحرير جي روح سان آهي، اوهان جو مطالعو جيترو وسيع ۽ گهرو هوندو، اوهان جي تحرير ايتري جٽادار ثابت ٿيندي، اوهان جو مطالعو جيترو گهٽ هوندو، اوهان جي تحرير ايتري ڪمزور ثابت ٿيندي، ان لا۽ ڪجھ بہ لکڻ کان پهريان مطالعو ضرور ڪجي جئين لکڻ جي اصولن، لفظن جي اصلوبن، تسَسُل، ۽ روانگي کان واقف ٿي سگهجي.
    انهن ٽن اصولن تي عمل ڪندي پو۽ ڪنهن صنف تي طبع آزمائي ڪجي، پنهنجي تخليق کي وري ڪنهن قابل اعتبار ۽ ڄاڻو فرد کي ڏيکارجي تہ جئين ضرورت مطابق وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪري سگهجي، ۽ ائين وري وقت بہ وقت ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ گهرجي ڇو تہ هر شخص ڪهاڻي آهي، هر ڪنهن وٽ زندگي جا تلخ تجربات ذهن جي ڪنڊ ۾ محفوظ ٿيل آهن، خيالي ۽ تصوراتي دنيا کي ڇڏي ڪري اگر سماج تي هڪ نظر ڊوڙائبو تہ اسان کي لکڻ لا۽ انيڪ عنوان ملي ويندا، بس فرق صرف اهو آهي تہ معاشري کي عام ماڻهو جي نظر سان نہ ڏسجي، هڪ حساس دل رکندڙ فرد جي نگاه سان ڏسڻ گ هرجي، پو۽ ڏسو تہ ڇا مان ڇا ٿو ٿئي.


      پيپرن جي تياري ڪئين ڪجي ؟

    پرائمري سطح کان وٺي، يونيورسٽي سطح تائين گهڻا شاگرد اھڙا ھوندا آھن، جيڪي امتحاني هال ۾ مليل سوالنامي کي پڙھي، ھڪ عجيب قسم جي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن. انھن لا۽ مسئلو اھو ناھي ھوندو ته کين لاڳاپيل سوالن جا جواب نٿا اچن، کين جوابن جي ته چڱي خاصي سُڌ ھوندي آھي، پر ساڻن ھتي مسئلو اھو ھوندو آھي ته کين لاڳاپيل سوال سمجھ ۾ ڪونه اچي سگھندا آھن ۽ ٿيندو وري ائين آھي ته سڀ ڪجھ ايندي به ڪي شاگرد صحيح جواب ڪونه لکي سگھندا آھن، جنھن ڪري سندن نتيجا مطمئن ڪندڙ ڪونه اچي سگھندا آھن. محنت توڙي سچيءَ دل سان پڙھڻ کان پوءِ به کين پنھنجي دوستن توڙي مٽن مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوندو آھي ۽ کين پنھنجي محنت تان اعتبار گھٽ ٿيڻ لڳندو آھي. ھتي ڪجھ مھارتي طور طريقا اوھان جي نظر ڪجن ٿا، جن کي ذھن نشين ڪري، اوھان ڪنھن به امتحان ۾ يقيني مارڪون توڙي گريڊ حاصل ڪري سگھو ٿا.
    ڪلاسز جي شروعاتي ڏينھن کان وٺي، ائين کڻي سمجھجي ته پيپرن جي تياري شروع ٿيندي آھي، جڏهن ته پيپر وغيرہ ڪورس جي پُڄاڻيءَ تي ورتا ويندا آھن، پر شاگردن کي ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻو آھي ته استاد صاحبان ڪھڙي عنوان يا مضمون تي گھڻو ڌيان ڏي ٿو، ڇو تہ ڪورس ۾ موجودہ سڀ عنوان يا مضمون امتحان جو حصو ڪونه ھوندا آھن، ڪي عنوان صرف پڙھيا ويندا آھن ۽ وري انھن منجھان لاڳاپيل ڪي خاص مضمون امتحاني عمل جو حصو ٿيندا آھن. شاگرد کي پنھنجي ذھني معيار مطابق انھن اھم ۽ خاص مضمونن جو تعين ڪرڻو پوندو، جي سمجھ ۾ نه اچن ته ڪلاس مان دوستن کان مدد وٺي سگھجي ٿي يا وري لاڳاپيل مضمون جي استاد کان اھو پڇي سگھجي ٿو ته ڪھڙا موضوع اھم آھن، جن منجھان امتحان جي تياري ڪئي وڃي.
    پيپرن جي ويجھي اچڻ وقت عنوانن جي ھڪ فھرست ٺاھي وڃي، ھر ھڪ عنوان کي سمجھڻ لاءِ ان کي مناسب وقت ڏنو وڃي، ھڪ ئي وقت مختلف سبجيڪٽن کي پڙھڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو. ھڪ ئي وقت ڪنھن ھڪ مضمون کي وقت ڏيڻ سان اھو فائدو ٿيندو ته اوھان ان تي عبور حاصل ڪري سگھندا، هڪ ئي وقت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ سبجيڪٽن کي پڙھڻ سان اھي ذھن ۾ وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ اوھان پريشاني جو شڪار ٿي سگھو ٿا. ڪوشش ڪندا ڪريو ته پڙھائي دوران اوھان ٻين ڪمن ڪارن کان پاڻ کي آجو رکي رڳو پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيو، پنھنجي ذھن کي ھِتان ھُتان جي اجاين فڪرن توڙي خيالن کان آزاد رکي، پنھنجو مرڪز صرف ۽ صرف ان لاڳاپيل مواد کي بڻايو. جيڪڏھن اوھان جو ذھن ھڪ جڳھ گڏيل طور نٿو بيھي ته اوھان کي کپي ته چاھيندي يا نه چاھيندي به ڪي صفحا مسلسل پڙھندا رھو. ائين ڪرڻ سان اوھان جي ذھانت جي مشق ٿيندي ۽ اوھان جو مرڪزِ خيال ھڪ جڳھ تي مرڪوز ٿيڻ جو عادي بڻجي پوندو.
    ھيءَ سڄي ڪارگذاري، اسان جي دماغ سان واسطو رکي ٿي، اڪثر ٿيندو ائين آھي ته ڪي شاگرد پيپرن جي ويجھو ايندي ئي، ھڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن، جھڙوڪ فيل ٿيڻ جو فڪر، جوابن لکڻ جو فڪر، سٺيون مارڪون نه اچڻ جو فڪر وغيرہ وغيرہ اھو خوف کين اندر ئي اندر ۾ کوکلو پيو بڻائيندو آھي. ان خوف جي ڪارڻ سندن دماغ سڪون واري حالت ۾ ناھي رھندو. ھاڻ ڏسو نه جڏھن ھڪ دماغ سڪون، تازگي يا وري ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل ئي نه ھجي ته پوءِ ان ۾ ڪنھن به شئي کي ڪئين ٿو محفوظ بڻائي سگھجي، سو ڪجي ائين ته پنھنجي ذھن کي اجاين فڪرن توڙي فڪراتن کان جيترو ٿي سگھي، سگھو ئي آزاد ڪجي ۽ پنھنجي مقرر ڪيل مقصد تي پوريءَ طاقت، توانائي ۽ سمجھ کان ڪم وٺندي جدوجھد ڪجي ته اميد آھي ڪا به شئي باقي ناممڪن نه رھندي.
    پڙھيل شيون وقت جي تقاضائن جي مطابق وسري وينديون آھن، ڪنھن به مضمون توڙي مواد کي ياد ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو اھو به آھي ته ان کي پنھنجي ھٿ اکرن سان لکجي، صرف ھڪ دفعو نه، بلڪ بار بار لکجي، ايتري قدر جو ھو ھميشه لاءَ ذھن نشين ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان ھڪ ته اھو مواد ھميشه لاءِ اسان جي ذھن ۾ محفوط بڻجي ويندو، ٻيو اھو ته ان مشق ڪرڻ سان اوھان ڪنھن به شئي کي صحيح لکڻ جي مھارت حاصل ڪري وٺندا، جيڪو اوھان لاءِ انتھائي فائديمند ثابت ٿيندو ۽ امتحاني هال ۾ سوالن جي جوابن کي لکندي، اوھان کي ڪنھن به پريشاني يا مونجھاري جو شڪار ڪونه ٿيڻو پوندو. اوھان ان قابل ٿي ويندا ته پڇيل سوال جي جواب کي ڪيترو مختصر يا ڪيترو طويل ڪري لکڻو آھي.
    مقرر وقت کان اڳ پيپر ڪري ڇڏڻ يا وري مقرر ٽائيم کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ، ھي ھڪ قسم جي عادت آھي، جيڪا گهڻن شاگردن ۾ ھوندي آھي، پيپر ڪرڻ جون اھي ٻئي حالتون نقصانڪار آھن. وقت کان اڳ پيپر ڪرڻ جي چڪر ۾ گهڻا شاگرد پيپر ۾ گھڻو ڪجھ ۽ اھم معلومات لکڻ رهائي ويهندا آھن. اھي صرف ان فڪر ۾ مبتلا ھوندا آھن ته ڪنھن نه ڪنھن نموني بس پيپر کي پورو ڪري وٺجي ۽ انھيءَ تڪڙ جي ڪري هُو آيل سوالن جا صحيح يا مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه لکي سگهندا آھن ۽ پوءِ سندن نتيجا سٺا ڪونهي ايندا ۽ وري اھي شاگرد جيڪي پيپر جي مقرر وقت کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ جا عادي ھوندا آھن، اھي اصل ۾ ان خوشفھميءَ جو شڪار ھوندا آھن ته پيپر کي حل ڪرڻ لا۽ وٽن وقت گهڻو آھي، جنھن وقت ٻيا سڀ شاگرد پيپر ڪري رھيا ھوندا آھن
    ان وقت اهي شاگرد پنھنجي امتحاني هال کي ڏسڻ، ڪنڌ کي اڳتي پوئتي ورائڻ، سوالنامي کي ھروڀرو وري وري پڙھڻ، جوابي ڪاپيءَ جي صفحن کي بار بار ڳڻڻ، توڙي ان قسم جي مختلف سرگرمين ۾ پنھنجو مليل وقت برباد ڪندا آھن. سندن اکيون تڏھن کلنديون آھن، جڏھن مقرر وقت ختم ٿيڻ تي ھوندو آھي. ان ڪري بھتر اھو آھي ته سوالن کي حل ڪرڻ لاءِ مليل مقرر وقت جي حساب سان سندن جواب لکـــڻ گھرجـــــن. ھر ھڪ سوال جي جواب کي لکندي، ھڪ اھم ۽ بنيادي نقطو ھميشه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اگر جواب طويل آھي ۽ ان جي اندر اڃا ڪجھ ڪي ٻيا نقطا به شامل آھن ۽ اھي به لکڻا آھن ته بھتر ۽ موثر جواب ان کي تڏھن چئبو، جڏھن ان جي ھر ھڪ نقطي کي واضح ۽ صاف ڪري لکجي. جيئن پيپر چيڪ ڪندڙ کي ڪنھن به قسم جي مونجھاري جو شڪار نه ٿيڻو پوي، ان کي ھر ھڪ پڇيل سوال جو جواب صاف، چٽو ۽ نمايان نظر اچي ۽ ھڪ اھم ڳالھ ته ھر نئون جواب، ھڪ الڳ ۽ نئين صفحي کان شروع ڪجي، ڪوشش ڪجي ته صفحي ۾ مليل لڪيرن جي وچ ۾ ڪو مفاصلو نه ڇڏجي. ھر ھڪ لڪير تي ڪي نه ڪي الفاظ تحرير ڪجن ان طريقي سان لڪيرن جي وچ ۾ ڪو چڱو خاصو مفاصلو نه ھجي، ڪي شاگرد لڪيرن جي وچ ۾ مفاصلو ڪندي پيپر ۾ اجايو وڌاءُ ڪندا آھن ۽ پيپر سان گڏ سپليمينٽري ھڻندا آھن جيڪا ڳالھ اڪثر طور استاد ناپسند ڪندا آھن، جوابي ڪاپي ۾ مليل صفحا ڪنھن به جواب کي لکڻ لاءِ ڪافي ھوندا آھن. ھروڀرو سپليمنٽري جو وڌاءُ ڪري ھرگز اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ته اسان کان پڇيل سوال جو جواب اسان کي گھڻو ٿو اچي، جيترو پڇيو ويو ھجي ان جو جواب اوترو ئي لکڻ ۾ بھتري آھـــي.
    پيپر جمع ڪرائڻ کان اڳ اھو يقيني طور اطمينان ڪرڻ گھرجي ته پيپر ۾ ڪنھن به قسم جي گنجائش باقي نه رھجي، پنھنجو نالو، رول نمبر، شعبو، سبجيڪٽ جو نالو، تاريخ ۽ لکيل جوابن کي ھڪ دفعو ٻيهر چيڪ ڪجي ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي ھجي ته ان کي درست ڪري پوءِ پيپر جمع ڪرائجي، ان طريقي سان اوھان پنھنجي ڪيل پيپر بابت مڪمل طرح سان پراميد رھي سگھندا ۽ اوھان کي اھو اندازو بخوبي ٿي ويندو ته اوھان ڪيتريون مارڪون حاصل ڪري سگھنـــدا.
    مٿي بيان ڪيل ڪي اھم نقطا اوھان کي پيپرن جي تياري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، اڪثر شاگردن جي فيل ٿيڻ جو ڪارڻ اھو ئي ھوندو آھي ته کين اھا سُڌ ناھي ھوندي ته کين پنھنجي توانائي پنھنجي پڙھائي تي ڪئين خرچ ڪرڻ کپي، سندن اھا بي خبري اڳتي ھلي کين شرمسار ڪرائيندي آھي ۽ ھن گوناگون زماني ۾ قابليت، ذھانت ۽ توانائي ھوندي به اُھي پوئتي رھجي ويندا آھن، اڳتي ھلي اھي شاگرد پنھنجي ناڪاميءَ جو الزام پنھنجي استادن، پنھنجي اداري ۽ پنھنجي ماحول تي ھڻندا آھـــــــن.


    اچو تہ عظم ڪريون

    نئين سال جي سج کي اُڀرندي پورا هڪ درجن جيترا ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، جنوري جي پهرين تاريخ ٿيڻ شرط ئي واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انباڪس ۾ نئي سال جون واڌايون اڻ کٽ تعداد ۾ ميسر ٿيون، اسان لاءِ نہ ڪوئي نئو سال آيو آهي ۽ نہ ئي وري ڪو پراڻو سال هتان واپس وريو آهي، ڦيرو صرف هڪ انگ ۾ آيو آهي جتي پهريان انگ ست هيو هاڻ اُتي انگ اٺ کي لکيو، سمجهيو ۽ پڙهيو ويندو.
    نئين سال جي اچڻ ۽ وري پراڻي سال جي وڃڻ کي تقريبن سڀني فردن چڱن چوکن لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جتي لهندڙ سج کان موڪلايو ويو اُتي وري نئي سج کي ڀليڪار جا ڀاڪر بہ آڇيا ويا، هن رسم کي اسان جي قوم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان نڀايو آهي جنهن تي ڪنهن بہ قسم جي شڪ شبي ڪرڻ جو ڪو جوائز ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
    اسان جي معاشري جي اڪثريت جو شعور ان حد تي پهچي چڪو آهي جو اگر عيد هجي، ميلاد هجي، محرم هجي، نئو سال اچڻ وارو هجي، پراڻو سال وڃڻ وارو هجي، مطلب تہ ڪو بہ ايونٽ يا مذهبي ڏڻ هجي ان حوالي سان گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺي، هلندڙ گاڏي ۾ ويٺي، ماني کائيندي، چانھ پئيندي پاڻ کي دانشور تصور ڪندي ڪجھ لفظ لکي ڪري فيس بڪ تي پوسٽ ڪري ڇڏبا، پنهنجو ڪم آ پوسٽ ڪرڻ، پڙهڻ توڙي ٽيڪا ٽپڙي ڪرڻ فيس بڪ ۾ موجود دوستن جو ڪم آ، باقي دوست ڇا لاءِ ٿيا آهن ؟
    اسان فيس بڪ جي استعمال کي ايترو تہ محدود ڪري ڇڏيو آهي جو ان کي مٿي ذڪر ڪيل وقتن ۽ ان کان علاوه باقي وقت پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪڏهن بہ، هڪ پل بہ اهو ويچار ناهي ڪيو تہ ٻيلي فيس بڪ سماجي رابطن جو هڪ مکيہ وسيلو آهي جنهن کي ممڪن ڪوشش ڪندي سماج جي بهتري لاءِ اصلاحي شين کي ونڊڻ طور استعمال ڪجي
    .اسان وٽ دوستن جي اڪثريت اُٿندي، ويهندي، کلندي، روئندي، رڙهندي توڙي هلندي پنهنجا عجيب توڙي غريب فوٽو فيس بڪ تي شئير ڪن ٿا، جيڪا ڳالھ خاص ڪري مون لاءِ انتهائي اڻ وڻندڙ آهي، مان ان شئي تي يقين رکندو آهيان تہ فيس بڪ تي پاڻ چمڪائڻ کان بهتر آهي، پاڻ مڃائڻ گهرجي، پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، هرو ڀرو ۽ فصول گري کان پاسو ڪيو وڃي، پر سنگت سمجهي ڪٿي ٿي ويتر ڏمرجي ٿي پئي.
    اچو اڄ هڪ نئون عظم ڪريو، هڪ اهڙو عظم جيڪو ڪوڙ جا ڪوٽ ڊاهي سچ جو ساٿاري ٿي، هڪ اهڙو عظم جيڪو خوف کي ڀڄائي ڪڍي، هڪ اهڙو عظم جيڪو هن ڌرتي تي رهندڙ هر مظلوم جي دردن جي دانهن بڻجي، هڪ اهڙو عظم جيڪو ڪنهن مظلوم کي ظالم اڳيان جهڪڻ تي مجبور نہ ڪري، ها هڪ اهڙو عظم جيڪو ناپيد ۽ ناڪاره ريتن رسمن کي مدنظر رکندي ڪنهن نياڻي کي گهر ڇڏڻ تي مجبور نہ ڪري، ها هڪ اهڙو عظم جيڪو عالم انسانيت جو آواز بڻجي، ها اهڙو عظم جيڪو مظلوم کي ظالم اڳيان ڳالهائڻ جي سگھ عطا ڪري، ها اُهو عظم جيڪو محڪوم قوم کي حاڪم اڳيان سندس ڏاڍ، جبر ۽ ڪوڙ جي قلمدانن جا پول پڌرا ڪري ڏيکاري، ها هڪ اهڙو عظم جنهن وسيلي دليون چوري چوري هڪ ٻي لاءِ نہ دهڙڪن بلڪ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ ڌڙڪ جي اظهار راءِ جو حق رکن، اچو تہ ان عظم کي وري وري ورجهايون.


    ناڪامي کي ڪئين مات ڏئي سگهجي ٿو

    اسين هر روز هن ڪائنات ۾ موجود هر شئي جي ٻن رخن جو مطالعو ڪيون ٿا، ڏکن واري ڪيفيت ۾ هوندي سُکن وارن پلن کي ياد ڪيو ٿا، اڪيلائي جي ٽياس تي هوندي گهڻائي واري پلن کي هياون سان هنڍيون ٿا، سڀ ڪجھ وڃائجي وڃڻ کان پو۽ سڀ ڪجھ هوندي جو احساس ڪيو ٿا، اهڙي نموني هر گهڙي هر پل کي ان جي مخالف پل سان ڀيٽي ڪري ڪي لمحہ، ڪي پل گهاري ڇڏيون ٿا، اسان هر ڏينهن ڪي ئي دفعا ڪامياب ۽ ناڪام ٿيون ٿا ان سان گڏوگڏ وري ٿيندو ائين آهي تہ اسان ان وقت انهن ٻنهي عملن مان هڪ عمل کي ياد رکون ٿا، پنهنجي ڪامياب ٿيڻ کي يا وري پنهنجي ناڪامي کي، دراصل هجڻ ائين کپي تہ اسان کي ٻنهي عملن کي ياد ڪندي سندن پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ گهرجي تہ جئين اها خبر پئجي سگهي تہ اسان ڪيترا دفعا ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ڪيترا دفعا ناڪام، ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابي غرور ۽ ناڪامي نا اميدي جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، ڏاهو ماڻهو اهو چئبو جيڪو انهن ٻن ڪيفيتن کي پنهنجي طبعيت توڙي مذاج تي حاوي ٿيڻ نہ ڏي، اگر پوري دنيا کان هڪڙو ئي سوال پڇبو تہ ڪامياب ڪئين ٿجي تہ اميد آهي تہ تقريبن اهو ئي جواب ملندو تہ محنت کان سوا۽ ڪاميابي جو حصول ممڪن ئي ناهي مطلب تہ محنت هڪ اهم جز آهي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لا۽، هلو اها تہ ٿي وئي ڪاميابي جي ڳالھ، جئين تہ آءُ اڳم اها ڳالھ ڪري چڪو آهيان تہ اوهان هر روز ڪنهن نہ ڪنهن طرح ننڍڙين ننڍڙين ناڪامين کي بہ منهن ڏيندا آهيو، ڀلا ڪڏهن انهن ناڪامين جي واقع ٿيڻ جي سبب/ڪارڻ تي اوهان غور ڪيو آهي ؟؟
    جي اوهان جو جواب ها آهي تہ بهتر تمام بهتر، ۽ اگر جي جواب نہ آهي تہ پو۽ اوهان لا۽ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون انهن تي غور و فڪر ڪري اهو معلوم ڪريو تہ آخر ناڪامي اوهان جي پلئہ ڇو ٿي پوي

    خود اعتمادي جي ڪمي:
    خود اعتمادي هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان ڪو بہ جنگ کٽي سگهجي ٿو، علم جي جنگ، انا جي جنگ توڙي قدرت جي طرفان جوڙيل هن سنسار ۾ فطرت جي قانونن جي خلاف واري جنگ، بس شرط اهو آهي تہ خود اعتمادي قائم هجي، اسان مان اڪثر فرد هڪ اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري خوداعتمادي جي ڪمي جو شڪار ٿي پوندا آهن ان خوف سبب کين سندن صلاحيتن توڙي قابليت تي اعتبار گهٽجي ويندو آهي يا بنھ اعتبار ئي ناهي رهندو جنهن جي ڪري ناڪامي پلئہ پوندي آهي، اسان کي سڀ کان پهريان پنهنجي اندر جي خوف کي مٽائڻو آهي ۽ پنهنجي پاڻ تي پختي حاصل ڪرڻي آهي پنهنجي اندروني صلاحيتن توڙي قابليتن تي پورو يقين رکڻو آهي، پو۽ ڏسو تہ ڪهڙا نہ ناقبل اعتبار نتيجا حاصل ٿيڻ شروع ٿين ٿا جيڪي يقينن حيران ڪندڙ هوندا.

    مناسب حڪمت عملي جو نہ هجڻ :
    مناسب حڪمت عملي ڪنهن بہ عمل جو حصو بڻجي پوي تہ اهو عمل يقينن ڪاميابي جا منزل طئي ڪري سگهي ٿي، اسان مان اڪثر فرد هر شئي هوندي جهڙوڪ طاقت، سمجھ، ۽ سوچ جي بہ ناڪامي کي منهن ڏيندا آهن يا وري مطمئن ڪندڙ نتيجا حاصل ناهن ڪري سگهندا، سندن ناڪامي جي سببن مان هڪ اهم سبب مناسب حڪمت عملي جو نہ هجڻ بہ هوندو آهي، ڪنهن بہ عمل کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لا۽ هڪ مصبت ۽ مناسب حڪمت عملي جو هجڻ اشهد ضروري آهي، يعني ڪنهن منزل تائين رسڻ جدوجهد سان ئي ممڪن آهي، صحيح ۽ طرفي ڊڪ ڊوڙ کي ئي تہ اصل ۾ حڪمت عملي چئجي ٿو، يا وري کڻي ائين چئجي تہ ڪنهن مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪري ان جي تڪميل لا۽ جيڪا طرفي جدوجهد ڪئي وڃي ٿي ان کي حڪمت عملي چئبو آهي، اسان توهان مان هر ڪنهن کي پنهنجي مقصدن جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ پو۽ انهن جي تڪميل لا۽ حالاتن توڙي واقعاتن کي مدنظر رکندي هڪ منصوبو جوڙڻو پوندو ۽ پو۽ ان جوڙيل منصوبي تي عمل ڪندي خوابن جي جبل جي چوٽي تي ڪاميابي جو جهنڊو لهرائڻو پوندو، يقين رکو هي سڀ ڪجھ ڪرڻ سئولو آهي بس ٿوري غور و فڪر ڪرڻ کان بعد.

    گهربل وقت مهيا نہ ڪرڻ :
    سڄي ڪائنات پنهنجي مقرر مدار ۽ محور سان هلي پئي، هن دنيا جي چرغي جي هلڻ، سج توڙي چنڊ جي ڦرڻ، ڏينهن کي رات ۾ تبديل ٿيڻ توڙي رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيڻ جا عمل بہ هڪ مقرر وقت جا پابند آهن، وقت هڪ اهڙو سگهارو ۽ حساس عنصر آهي جو هڪ دفعو هٿن مان نڪري وڃي تہ پو۽ واپس ورڻ جي ڪا ڪل ئي ناهي ڪندو، انسان جي دماغ ۾ هڪ ئي وقت الا۽ تہ ڪيترا اڻ کٽ خيال اچي ڪوچ ڪندا آهن ڪي وقتي هوندا آهن تہ وري ڪي مستقلي، ڪي ضروري تہ وري ڪي فضول، ڪي عام تہ وري ڪي خاص، ڪي چٽا تہ وري ڪي ڌنڌلا، انهن خيالن کي حقيقتن جو عملي جامو پهرائڻ لا۽ اسان ڪن کي گهربل ٽائيم ڏيندا آهيون تہ وري ڪن لا۽ اسان وٽ ٽائيم ناهي بچي سگهندو، هاڻ پاڻ مثال ٿا وٺون انساني جسم جو، ميڊيڪل سائنس مطابق انساني جسم کي تندرست توڙي چاڪ و چئوبند رهڻ لا۽ هر ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ ڇھن ڪلاڪن جي سڪون واري ننڊ گهربل هوندي آهي، جي هاڻ اُهي ڇھ ڪلاڪ جسم کي مهيا نہ ڪيا ويا تہ يقينن اهو جسم ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي سگهي ٿي، بلڪل اهڙي ئي نموني اسان جي خوابن کي پايا تڪميل تائين پهچڻ لا۽ هڪ مقرر ٽائيم گهربل هوندو آهي جيڪو کيس مهيا ڪيو وڃي.
    اهڙي نموني ڪنهن بہ ڪم کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لا۽ هڪ اثراتي ۽ منظم حڪمت عملي درڪار هوندي آهي، دنيا ۾ اڄ تائين اوهان کي ڪو اهڙو شخص ڪونہ ملندو جنهن شارٽ ڪٽ ذريعي ڪاميابين جي بلندين کي رسيو هجي، اسان کي پنهنجي اندر خود اعتمادي جي ٻڄ پوکڻي آهي، ان جي اُوسر لا۽ هڪ حڪمت عملي جوڙڻي آهي، ان جي سارسنڀال لا۽ ان کي گهربل وقت مهيا ڪرڻو آهي، جڏهن اوهان اهو سڀ ڪجھ ڪيو تہ پو۽ يقينن اوهان طرفان پوکيل خود اعتمادي واري ٻڄ وڌي وڻ ٿي ويندي صرف وڻ ئي نہ پر بلڪہ هڪ اهڙو وڻ جنهن جو ميوو يقينن دلڪش ۽ لذيذ هوندو.


    شاگردي وارو دور ڪئين هجڻ کپي

    اسان جي زندگي انڊلٺ جيان پنهنجي منجه کوڙ سارا رنگ رکي ٿي، اُهي رنگ مختلف دورن جي عڪاسي ڪن ٿا، جئين ننڍپڻ جو دور، ٻالڪپڻ جو دور، جواني جو دور ۽ وري آخر ۾ ڪراڙپ جو دور، اهڙي طرح هڪڙو دور هوندو آهي جنهن جو رنگ زندگي ۾ سڀني رنگن کان نمايا نظر ايندو آهي يا کڻي ائين چئجي تہ جنهن جو اثر پوري زندگي تي گهڻو ۽ گهرو رهندو آهي اهو آهي شاگردي وارو دور، هي زندگي جو اهو سونهري دور هوندو آهي جنهن ۾ وڏڙن جي خرچ تي پنهنجا شوق پورا ڪبا آهن، وري هن دور جو عروج جي حوالي سان ڳاله ڪبي تہ اهو عروج هوندو آهي
    يونيورسٽي لائيف، يونيورسٽين جي ڪشاده ۽ دلڪش ماحول ۾ داخل ٿيندي ئي ڪافي سارا نوجوان خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن، مثال طور تہ ” منهنجون سٺون مارڪون هجن هر سبجيڪٽ ۾، هر ڪوئي مون کي سٺي نگاه سان ڏسي، هر ڪنهن جي من ۾ منهنجي لا۽ مناسب جڳه هجي، معاشري جا ماڻهو مون کي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سرجهيل ماڻهن ۾ شمار ڪن، ڊگري کان پو۽ جلد از جلد ڪٿي نہ ڪٿي ڪنهن سٺي پگهار واري مناسب نوڪري ملي وڃي، وغيره وغيره “ هلو خواب تہ ڏسجي ويا پر انهن جي ساڀيا لا۽ ڪهڙي جدوجهد ڪجي اڪثر شاگرد ان طريقي ڪار کان اڻ واقف هوندا آهن جنهن جي سبب گهڻي محنت ڪندي، هوشيار هوندي بہ پوئتي رهجي ويندا آهن.
    يونيورسٽي لائيف ۾ ٽي اهم خصوصيتون بنيادي حيثيت رکن ٿيون جيڪي اوهان کي ڪامياب ڪنديون، اُهي خصوصيتون اوهان کي ڪاميابين جي حاصلات ۾ مدد فراهم ڪنديون، انهن جي هوندي ناڪامي جو تہ تصور ڪرڻ ئي غلط آهي ها البتہ باقي جي اگر قسمت جي بازي هڻي وڃي تہ پو۽ اها وري الڳ ڳالهه آهي.
    يونيورسٽي لائيف ۾ جيڪا پهرين ۽ خاص خصوصيت شاگرد جي نوٽ ڪئي ويندي آهي اها آهي Behavior يعني اوهان جو رويو، اوهان ڪهڙي انداز ۾ پنهنجي ڪلاس فيلوز توڙي لاڳاپيل ماڻهن سان پيش اچو ٿا ؟
    اوهان ڪهڙي انداز ۾ گفتگو ڪيو ٿا ؟
    اوهان ۾ ڪيتري قوت برداشت آهي ؟
    اوهان ڪيتري حد تائين پنهنجو پاڻ سان سنجيده آهيو ؟
    ڪجهه اهڙي طرح سان اوهان جي شخصيت جو مڪمل جائزو ورتو ويندو آهي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿي تہ اهو جائزو وٺندو ڪير آهي؟، اهو جائزو هر اهو استاد وٺندو آهي جيڪو اوهان کي پڙهائي رهيو هوندو آهي.
    يونيورسٽي لائيف جي جنهن ٻي خصوصيت جو شاگرد منجه جائزو ورتو ويندو آهي اهو آهي شاگرد جي Personality يعني اوهان جي شخصيت، اوهان ڪهڙي شخصيت جا مالڪ آهيون، اوهان ڪهڙي قسم جو لباس اڪثر اوڍيندا آهيو، ڇا اوهان جو لباس پرڪشش آهي يا وري اڻ وڻندڙ، ڇا اوهان اڪثر اهو لباس پهرئيندا آهيو جيڪو اوهان جي ڪورس يا ڊگري سان مشابت رکي ٿو يا مناسب آهي، ڇا اوهان ظاهري طور واقعي شاگرد نظر اچو ٿا ؟، ڪجه اهڙي ئي طريقي سان اوهان جي شخصيت کي جاچيو ويندو آهي
    آخري ۽ تمام اهم ترين پهلو جيڪو اوهان جي خصوصيتن ۾ تلاش ڪيو ويندو آهي اهو آهي confidence يعني اوهان جو پنهنجي پاڻ تي اعتبار، يقين ۽ ڀروسو، اوهان شين کي ڪهڙي نموني سان قابل اعتبار بڻايو ٿا، اوهان منجه ڪيتري حد تائين شين کي بيان ڪرڻ جي بي باڪي آهي، ڇا اوهان مليل ڪم کي وقت سر انجام تي ڪرڻ جي سگه رکو ٿا، ڇا اوهان ڪنهن بہ شئي کي آسان ۽ پر اثر طريقي سان بيان ڪرڻ جو فن رکو ٿا، اوهان ڪيتري قدر تائين ماڻهن کي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڏياري سگهو ٿا ؟
    اهڙي نموني اوهان جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي جاچيو ويندو آهي، ان ڳاله ۾ ڪوئي شڪ ناهي تہ جيڪر اوهان پنهنجي شخصيت ۾ انهن خصوصيتن کي شامل ڪري ڇڏيو تہ اوهان جو هي دور جنهن کي شاگردي وارو دور سڏجي ٿو، سونهري دور ٿي پوندو ۽ يقين ڪريو تہ اوهان زندگي کي گذارڻ جو اهو فن سکي وٺندئو جنهن فن کان شايد ڪي ئي شاگرد يونيورسٽي ۾ هوندي بہ اڻ واقف هوندا آهن يا نہ سکي سگهندا آهن،


      ڌرتي جي فطرت ۽ انساني فطرت ۾ هڪجهڙايون

    هي ڪائنات انيڪ رمزن ۽ رازن سان ڀري پئي آهي، جنهن ڌرتي تي اسين رهون پيا اهو پڻ ان ڪائنات جو حصو آهي جنهن کي قدرت واري وڏي حُسن ۽ دلڪشن منظرن ساڻ پيدا ڪيو آهي، هن ڌرتي جي گولي تي مختلف جاندارن ازل کان وٺي پنهنجي بقا ۽ فنا واري جنگ وڙهي رهيا آهن، جن ۾ اعلي ۽ اشرف المخلوقات جو درجو صرف حضرت انسان کي مليل آهي، جيڪو هڪ ئي وقت عقل، سمجھ ۽ فهم پڻ رکي ٿو، ان حضرت انسان جو هن ڌرتي سان پڻ هڪ اهڙو لڳ لاڳاپو آهي جو هُو هن ڌرتي کي پنهنجي جيجل امڙ جو خطاب ڏي ٿو ۽ ساڻس بي انتها عقيدت رکي ٿو ان سان گڏوگڏ ڌرتي جي شان مان توڙي امان خاطر پنهنجي جان جي بہ پرواھ نہ ٿو ڪري، ڌرتي تي قربان ٿيڻ ۾ سُرهائي محسوس ڪري ٿو، آخر سبب ڇا آهي ؟، اُها ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا ڌرتي کي انسان کان ۽ انسان کي ڌرتي کان پري وڃڻ نہ ٿي ڏي، اُها ڪهڙي ڏُور آهي جيڪا سندن وچم هڪ مضبوط ڪَڙي بڻجي کين هڪ ڪيون ويٺي آهي ؟
    اُها ڪڙي، اُها ڏور، اُها وجئہ ڌرتي ۽ انسان جي وچم فطرتي هڪجهڙايون آهن. جي اوهان ڪڏهن ڌرتي جي فطرت ۽ انسان جي فطرت تي غور ڪيو آهي تہ يقينن اوهان انهن فطري هڪجهڙاين کان بخوبي واقف هوندا، جي اگر اوهان انهن تي غور ناهي ڪيو تہ پو۽ فڪر جي ڪا ڳالھ ناهي، انهن هڪجهڙاين کي هتي بيان ڪجي ٿو.

    انساني مٽيءَ جو رنگ ۽ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جو رنگ :
    هڪ انسان هوندي اسين ان ڳالھ جو انڪار نہ ٿا ڪري سگهون تہ اسان جي چمڙي جا مختلف رنگ آهن، جهڙوڪ ڪڙڪ رنگ (پاڪستاني ۽ انڊين وغيره)، اڇو رنگ (انگريز وغيره)، ڪارو رنگ (آفريڪي وغيره). اهڙي نموني چئي سگهجي ٿو تہ قدرت واري سڀني انسانن کي هڪ رنگ ۾ رنڱي ڪري پيدا ناهي ڪيو، کين مختلف رنگن سان نوازيو آهي، اهڙي ئي نموني وري اوهان جڏهن ڌرتي جي مٽي جي رنگ تي غور ڪندئو تہ اوهان کي ڌرتي جي مٽي جو رنگ ڪٿي اڇو ( جنهن کي اڇي واري چوندا آهن)، ڪٿي ڳاڙهو ( جنهن کي ڳاڙي واري چوندا آهن)، ۽ وري ڪٿي ڪڙڪ توڙي چيڪي ملندو، يعني قدرت واري ڌرتي ۽ انسان منجھ سندن مٽي جي رنگن ۾ هڪجهڙائي رکي ڪري ڄڻڪ کين فطري طرح يڪ جان ظاهر ڪيو آهي.

    انساني جسم تي وارن جو ڄمڻ ۽ ڌرتيءَ جي جسم تي فصل جو ڦٽڻ:
    انساني جسم ۾ قدرت واري اُها صلاحيت رکي آهي تہ جي اگر هو پنهنجي جسم تي نمودار ٿيل ضروري توڙي غير ضروري وارن کي هٽائي يعني ڪوڙي ڇڏي تہ هو ٻيهر وري طاقت حاصل ڪري ڄمي يعني ڦُٽي پوندا آهن، بلڪل اهڙي ئي نموني ڌرتي جي جسم يعني سندس مٿاڇري تي ڪاهيل فصل کي جڏهن لڙيو ويندو آهي تہ اهو فصل وري ڪجھ عرصي ۾ ڦُٽي پوندو آهي.

    ڌرتيءَ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ۽ انسان ۾ رت جي وهڪري جو نظام :
    جئين ڌرتي جي بقاءُ لاءَ پاڻي هڪ اهم جُز جي حيثيت رکي ٿي بلڪل ائين ئي انساني جسم ۾ رت جي وهڪري جو نظام بہ گهڻ اهميت جو قابل آهي، ان نظام کان سوا۽ انساني جسم جي واڌ ويجھ توڙي بقاءَ جي پڪ نٿي ڏئي سگهجي.

    ڌرتيءَ تي جبل ۽ انسان جي جسم تي موهيڙن جو نمودار ٿيڻ :
    ڌرتي جي مختلف حصن تي اوهان ۽ اسان ڪافي سارا اُڀ کي ڏاريندڙ آڪاش سان ڳالهيون ڪندڙ جبل ڏٺا هوندا، جئين قدرت واري ڌرتي تي جبلن کي ٺاهي ڪري ترتيب توڙي غير ترتيب سان رکيو آهي بلڪل ائين ئي انساني جسم تي موهيڙن کي بہ مناسب جڳھ عطا ڪئي آهي جيڪا يقينن هڪ يڪسانيت ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

    انسان ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ ڌرتيءَ ۾ زلزلو :
    اوهان کي متان هي ڳالھ عجيب لڳي پر فطرت کي مڃيندڙ فرد ڌرتي ۾ ايندڙ زلزلي ۽ انسان سان پيش ايندڙ هارٽ اٽيڪ کي هڪ ئي ڳالھ سمجهن ٿا، يقنن هي نقطو پڻ انسان ۽ ڌرتي جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو ظاهر ڪري ٿو، ڌرتي بہ بلڪل اهڙيون ئي بي شمار خصوصيتون رکي ٿي جيڪي خصوصيتون هڪ انسان منجھ هجن ٿيون.
    هاڻ فيصلو اوهان پاڻ ڪيو هيترن سارن بي شمار هڪ جهڙن خصوصيتن هجڻ جي باوجود بہ ڀلا ڌرتي جي عشق کان ڪئي ٿو پري رهي سگهجي؟

    لفظ پروفيشن جو مڪمل تعارف

    اسان کي جڏهن ڪو پروفارمہ، درخواست فارم يا وري ڪا ٻي ذاتي تفصيل ڏيڻي هوندي آهي تہ عمومن اتي ان پروفارمہ يا درخواست فارم ۾ لفظ ”پروفيشن“ جو پڇيو ويندو آهي، اسان شاگرد لڏي جا دوست ان خاني ۾ لفظ شاگرد لکي ڪري پاڻ کي پروفيشنلي شاگرد ثابت ڪري ڇڏيندا آهيون حالانڪ لفظ شاگرد پروفيشن جي فهرست ۾ شمار ٿئي ئي نہ ٿو، اچو تہ لفظ پروفيشن جي اصليت کي معلوم ڪريو ۽ اِهو پڻ معلوم ڪريو تہ هِي آهي ڇا ۽ ان بابت ڇو ٿو پڇيو وڃي؟
    پروفيشن: جڏهن اوهان لفظ پروفيشن جي لفظي معني کي معلوم ڪرڻ خاطر ڪنهن بہ ڊڪشنري ۾ لفظ پروفيشن درج ڪندا تہ اوهان کي اُتان ان جي معني ” پيشو - ڌنڌو - ڪِرت يا هنر“ يا وري ان سان تمام ويجها ۽ ملندڙ جلندڙ لفظ ملندا، جڏهن اوهان انهن لفظن جي حقيقي روح کي سمجهڻ خاطر انهن تي غور ۽ فڪر ڪندا تہ اوهان جي ذهن ۾ انهن ماڻهن جو عڪس ٺهڻ شروع ٿيندو جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڪنهن خاص شعبي يا ڪم سان سلهاڙيل هوندا آهن.
    مثال طور جئين استاد، ڊاڪٽر، وڪيل، انجنئير، مستري، مزدور، يا وري ڪو ٻيو، پر اتي ان مهل اوهان جي ذهن ۾ قطعي بہ ڪنهن شاگرد جو عڪس ٺهڻ شروع نہ ٿيندو ڇو تہ شاگردي ڪنهن بہ نموني سان پروفيشن جي لسٽ ۾ شمار ٿئي ئي نہ ٿو، لفظ شاگرد تہ هڪ واضع حالت جي عڪاسي ٿو ڪري جنهن مان اِهو تاثر ملي ٿو تہ ڪو فرد علم، عقل، فهم ۽ شعور جي حاصلات لا۽ ڪوشان آهي، لفظ پروفيشن اُتي استعمال ٿيندو آهي جتي ڪو فرد ڪنهن خاص شعبي، ڪرت يا ڪم ۾ پنهنجي مهارتن کي استعمال ڪندي پنهنجو ڪم سر انجام ڏيندو هجي.
    ڊاڪٽر پڙهي ڪري مريضن جو علاج ڪن ٿا، اهو علاج ڪرڻ سندن پروفيشن، ڪم يا ڪرت آهي، انجنئير پڙهي ڪري شهر، ملڪ ۽ مشينري جي ٺاهڻ توڙي جوڙڻ جو ڪم سر انجام ڏين ٿا، سندن اِها ٺاهڻ ۽ جوڙڻ وارو عمل سندن پروفيشن آهي، استاد شاگرد کي پڙهائن ٿا ۽ سندن رهبري ڪن ٿا، سندن اِهو پڙهائڻ ۽ رهبري ڪرڻ وارو عمل سندن پروفيشن آهي.

    اهڙي ريت هر ڪنهن پروفيشن جو ڪنهن نہ ڪنهن ڪم يا ڪرت جي ڪرڻ سان سنئو سڌو واسطو آهي، شاگرد طبقو هڪ مخصوص ترز عمل مان گذرندي علم جي حاصلات لا۽ پاڻ پتوڙي ٿو يعني اُهو اڃان ان سفر تي روان دوان هجي ٿو، هو مڪمل طور ڪنهن پروفيشن جي هجڻ واريون خصوصيتون پنهنجي اندر نہ ٿو رکي جنهن جي بنياد تي ان لفظ شاگرد کي پروفيشن واري فهرست ۾ شمار ڪجي يا ڳاڻاٽي ۾ ڳڻي سگهجي.
    مون جڏهن لفظ پروفيشن جي وڌيڪ جانچ پڙتال لا۽ اِن لفظ کي گوگل کي ارپيم ۽ کانس سندس اصل روح معلوم ڪرڻ خاطر سرچ آپشن کي دٻائي ڪري موبائل جي اسڪرين تي نظر ڊوڙايم تہ جناب گوگل صاحب مونکي مختصرن پروفيشن جي فهرست مهيا ڪئي جيڪا هن ريت هئي، ”استاد، پروفيسر، انجنئير، فزيشن، وڪيل، ٽيڪنيشن، اليڪٽريشن ۽ ليکڪ “.
    هاڻ اگر جي اوهان هن فهرست تي غور ۽ فڪر ڪندا تہ هت هڪ ٻي اهم شئي بہ معلوم ٿئي ٿي ۽ اُها اِها آهي تہ هن فهرست ۾ استاد کي پروفيشن واري لسٽ ۾ ڳڻيو ويو آهي جيڪو حقيقتن پروفيشن آهي بہ، جنهن جو ذڪر پاڻ پهريان ڪري چڪا آهيون، اگر چہ شاگردي بہ پروفيشن هجي ها تہ پو۽ گوگل ان خاص ٽرم شاگرد کي بہ ضرور هن لسٽ ۾ شمار ڪري ها، ان لا۽ هاڻ اسان کي بخوبي عقلي طور اهو سمجهڻ گهرجي تہ شاگردي پروفيشن بلڪل بہ ناهي ۽ اڄ کان وٺي ڪري ڪنهن بہ پروفارمہ يا درخواست ۾ پروفيشن واري خاني ۾ لفظ شاگرد بجاءِ پنهنجو حقيقي ڪِرت، ڌنڌو (اگر جي هجي تہ) يا وري نہ هجڻ جي صورت ۾ ڪجھ بہ نہ لکڻ گهرجي، جڏهن مالڪ سائين روزگار سان نوازي تہ پو۽ اُن پروفيشن کي اُن خاني ۾ لفظ طور قطب آڻجي.


    وقت - جيڪو اسان وٽ آهي ڪونه

    جئين جئين عمر وڌندي آهي ۽ عمر جي وڌڻ سان ذهني اوُسر ٿيندي آهي تئين تئين انسان پنهنجي طبعيت توڙي احساسن ۽ جذباتن جهڙي ڪيفيتن کان واقف ٿيندو رهندو آهي پو۽ انهن مطابق پنهنجي روين کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪجهہ شيون جيڪي ننڍپڻ ۾ پسنديده هونديون آهن اُهي عمر جي تقاضا مطابق اڳتي هلي ڪري ناپسنديده ثابت ٿينديون آهن وري ڪجهہ شيون جيڪي ننڍپڻ ۾ اڻ وڙندڙ هونديون آهن اُهي اڳتي هلي ڪري پسند اول جو درجو حاصل ڪنديون آهن، انسان ڪڏهن بہ يڪ طرفا احساسن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، مسلسل ڏکن جو گهيرو بہ انسان کي ڪمزور ڪري وجهندي آهي تہ وري يڪي خوشي جي موسم بہ پلي نٿي پئي، ان لا۽ پنهنجي زندگي ۾ ڏکن ۽ سکن کي برداشت ڪرڻ لا۽ هڪ توازن کي رکڻ بهتر آهي ۽ ان جي ضرورت بہ پوندي آهي اگر ڏکن ۽ سکن ۾ توازن برقرار نہ رکبو تہ زندگي بي معني ۽ بيڪار ثابت ٿيندي، توازن کي بهتر رکڻ لا۽ وقت هڪ بهترين مثال آهي، اوهان وقت جو مثال وٺو، وقت ڪڏهن بہ هڪ جهڙو نہ ٿو رهي، پنهنجي مقرر معيار ۽ مدار مطابق وقت پنهنجو سفر پورو ڪري پئي، وقت وٽ نہ ئي ڪي احساس آهن جيڪي کيس ڪمزور ڪري سگهن ۽ نہ ئي ڪو دل جنهن سان هُو ماڻهن طرفان مليل دردن کي محسوس ڪري سگهي، وقت وٽ تہ اُهي ٻہ اکيون بہ ڪونہ آهن، جيڪي اکيون پرين جي پار ڏي نظرون ڪري تن جي انتظار ۾ هجر جون راتيون گذارين، وقت تہ ان خوش فهمي جو شڪار بہ نٿي ٿي جنهن خوش فهمي کي ڪمزور دل پيار جو لقب ڏيندا آهن ها وقت پنهنجي اندر هڪ طاقت رکي ٿي هڪ اهڙي طاقت جيڪا ڪنهن بہ مهل ڪنهن کي بہ غلط توڙي صحيح ثابت ڪري سگهي، وقت جي انهي طاقت کي ئي پروڙيندي تہ سياڻن چيو آهي
    ”صحيح وقت جو انتظار ڪندا ڪريو“ .
    اسان زندگي جي هن گونا گون سفر ۾ وقت سان جيڪا ويڌن ڪيون ٿا وقت ڦري ڪري ان جو اسان کان بدلو وٺي ٿي ۽ اسان کي هر روز ڪنهن نہ ڪنهن جڳهہ تي غلط ثابت ڪري ٿي، اسان پاڻ وٽ ڪڏهن بہ اها سوچ نہ پاليندا آهيون تہ آخر اسان ڇو غلط ثابت ٿياسين، اسان تہ وقت ۽ حالات سان سمجهوتا بہ ڪرڻ ڪونہ ٿا ڄاڻو، اسان مسلسل وقت کي نظرانداز ڪندا آهيون، سمهڻ جي ٽائيم جاڳندا آهيون ۽ جاڳڻ جي ٽائيم سمهندا آهيون، کائڻ جي ٽائيم پيئندا آهيون ۽ پيئڻ جي ٽائيم کائيندا آهيون، کلڻ جي ٽائيم روئندا آهيون ۽ روئڻ جي ٽائيم کلندا آهيون يعني اسان وٽ ٽائيم جو مڪمل چٽو عڪس آهي ئي ڪونہ جنهن تحت سندس اهميت ۽ قدر کي سمجهي سگهجي، اسان جو رويو وقت سان وقت سر ٺيڪ ناهي رهندو جنهن ڪري اڪثر ڪري اسان کي ڏک، درد ۽ ناڪاميون پلئہ پونديون آهن، ڪاميابيون انهن ماڻهن جي دروازي تي دستخط ڏينديون آهن جيڪي وقت جو قدر ڪرڻ ڄاڻيندا آهن وقت ۽ حالات مطابق پنهنجي سفر جي رفتار کي قائم ڪري سفر جو آغاز ڪندا آهن ڇو تہ گهڻي صبر سستي ۾ ۽ گهڻي جلدي تڪڙ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، اوهان دنيا جي ڪامياب ترين شخصيتن جي فهرست پڙهي ڏسو انهن سڀني ۾ هڪ شئي يڪسا آهي ۽ اُها آهي وقت جو قدر، انهن وقت جو قدر ڪيو ۽ پو۽ اڳتي هلي ڪري وقت انهن کي ڪاميابين جا تاج پارايا..


    اسـان جو مقدر

    اسان ان عظيم ڌرتي جا رهاڪو آهيون جيڪا ڌرتي پنج ھزار سال پراڻي مُهذب تهذيب جي مالڪ آهي، ها اُها ڌرتي جنهن ڌرتي لا۽ چيو ويندو آهي تہ جڏهن دنيا جي ٻين خطن جا ماڻهون پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لا۽ وڻ جي ڇوڏن ۽ پنن جو استعمال ڪندا هيا تڏهن اسان جي هن مها عظيم ڌرتي جا فرد مخمل جي نرم لباس ۽ ريشمي لباس پائڻ لاءِ ڪَتَبَ آڻيندا هئا، يعني سراسري طور دنيا جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڌرتي شاهڪار ۽ شاهوڪار هوندي هئي.
    مـــاشـــــــاءِالله
    هي تہ ٿيون ماضي جون جهلڪيون، هاڻ پاڻ اچون ٿا پنهنجي هلندڙ وقت وٽ، يعني هاڻوڪي ڪار گذاري طرف، ڳالھ هلي پئي مقدر جي، ماضي جي جهلڪين مطابق اهو تاثر چٽو ۽ واضع نموني ملي ٿو تہ هتان جي فردن جو مقدر اعلي، فرسٽ ڪلاس توڙي زبردست رهيو آهي، تڏهن ئي تہ مهذب تهذيب جا مالڪ رهيا آهن، اِها ڳالھ بلڪل درست حقيقت آهي تہ اسان جو مقدر اعليٰ آهي.
    مون کي محسوس ٿيندو آهي، جڏهن مان ڪنهن ڪم ڪار عيوض ڪنهن آفيس ويندو آهيان تہ اُتان جا دلال، راشي ۽ حرام خور ڪلارڪ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ کوڙ سارن مسڪينن ۽ اٻوجهن کي هروڀرو بيهاري بيزار ۽ خوار ڪندا آهن، جائز ڪم جي لا۽ ناجائز رشوت جي طلب ڪندا آهن خبر اٿئو ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعليٰ آهي.
    صرف ايترو ئي نہ پر اوهان ٿورو پنهنجي آس پاس هيڏي هوڏي نظر تہ ڊوڙائي ڏسو ۽ ڏسو تہ ڇا مان ڇا پيو ٿي، ڪئين هڪ مسڪين ۽ معصوم ٻار ٻن روپين ڪمائڻ جي لالچ ۾ هوٽل تي بيرو ٿي سڄو ڏينهن پنهنجو پگهر وسائي ٿو. ڇو ، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي.
    ڪئين هڪ نياڻي مارڪن جي عيوض پنهنجي لوئي جي لڄ کي بگهڙن ۽ سوئرن حوالي ڪري ٿي، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي.
    ڪئين هڪ بي روزگار فرد خسيس مالهي يا چوڪيداري جي نوڪري حاصل ڪرڻ خاطر ابن ڏاڏن جي وراثت ۾ مليل زمين کپائي، راشي ۽ حرام خورن جا ڀڀ ڀري ٿو، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي.

    ڪئين هڪ پاڪ دامن عورت پنهنجي عزت، حرمت، ۽ عظمت کي بچائيندي هن دنيا سان منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجو زندگي جو ڏيو اُجهائي ڇڏي ٿي، ڇو، ڇو تہ سندس مقدر اعلي آهي.
    روز مره جي زندگي سان جڙيل ڪيترائي مثال هر روز ملن ٿا، ڪجھ اخبارن ۽ چئنلن جي ور چڙهي انهن جي زينت بڻجي وڃن ٿا، وري ڪجھ بلڪل خاموشي واري رات جي تاريڪين ۾ گمنام ٿي هميشه لا۽ دفن ٿي وڃن ٿا.
    بلڪل اهڙي ئي طرح جنهن طرف نگاه کي ڦيرائجي ٿو اُتان کان هائي گهوڙا ۽ يا حسين جي صدا ٻڌڻ لا۽ محسوس ٿين ٿا، ائين ڀائيجي ٿو ڄڻڪ هي سڄو سارو سنسار ۽ هتان جو وايو منڊل مڪمل طور تي زخمي ٿي چڪو آهي، ائين ٿو ڀائيجي ڄڻڪ واڌو چارج واري جاءِ تي ڪاٽو چارج وارو ڪنيڪشن فٽ ٿي ويو آهي.
    هر ڏينهن اسان جا سماجي رويا توڙي اخلاقي قدر بد کان بدتر ٿيندا وڃن ٿا، اڄڪلھ جتي دنيا چنڊ تي وٿاڻ اڏڻ جا جتن پئي ڪري ۽ هر ڏينهن ترقي طرف پرواز ڪري پئي، اُتي ان جي برعڪس اسان پستين ۾ ڪرون پيان ۽ هر ڏينهن هڪ ٻي کان الڳ ٿيندا وڃون پيا، ڇو، ڇو تہ اسان جو مقدر اعلي آهي.


      جيجل جي عظمت

    هر روز دنيا ۾ انيڪ رشتا ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا جهڙوڪ دوست، محبوب، مٽ مائٽ، وغيره وغيره، جي غور سان ڏسجي تہ هر رشتي ۾ ڪنهن نہ ڪنهن قدر ڪجھ مفاد، لالچ ۽ لوڀ شامل هوندي آهي، بنا مفاد توڙي مقصد جي تہ ڪير ڪنهن کي کوکلو سلام بہ ڪونہ ٿو ورائي، اسان پاڻ رشتن جي هڪ اهڙي ڏور ۾ ڦاٿل آهيون جنهن مان پاڻ ڇڏائڻ مشڪل ئي نہ پر ناممڪن آهي، اسان کي اهو واضع نموني سان سمجهڻ گهرجي تہ اسان جي ان ڏور کي اسان جو هر اهو مٽ مائٽ، دوست توڙي محبوب پاڻ ڏي ڇڪي ٿو جنهن جا اسان ۾ ڪنهن قدر مفاد باقي آهن.
    بس ڪو تہ آهي جيڪو بنا مفاد توڙي لالچ جي هميشه اسان جو ڀلو چاهي ٿي، هر پل هر گهڙي پنهنجو ساه اسان تي نڇاور ڪري ٿي، خدا کان پو۽ اسان جو سڀ کان وڌيڪ خير خواه اسان جي امڙ جنهن کي اسان آئي چئو، امڙ چئو، مدر چئو، موم چئو، يا ڪجھ بہ چئو وري بہ تہ عڪس ان جو ئي ٿو ٺهي جنهن کي دل جيجل چئي مخاطب ٿيندو آهي، لفظ کوکلا ٿي ويندا، لکڻ وارا لکي لکي ڪري ٿڪجي پوندا پر پو۽ بہ سندن هڪ رات جي ڪيل اوجاڳي جي قيمت ادا ڪونہ ڪري سگهندا، قدرت سندس شان، عظمت توڙي محبت کان واقف هئي تڏهن تہ سندس قدمن جي هيٺيان جنت رکي اهو ثابت ڪري ڇڏيائين تہ امڙ کي رنجھ، تڪليف توڙي ايذ۽ ڏئي ڪري ڪوبہ مومن جنت جو حقدار ڪونہ ٿو ٿي سگهي.
    جيجل اها هستي آهي جنهن جي محبت جا پئمانا پنهنجي اولاد لا۽ هميشه پُر هوندا آهن، سندس اکڙيون هميشه ان اوسيئڙي ۾ هونديون آهن تہ سندس ٻچا ڪي گهڙيون ڪي پل ساڻن ڪچهريون ڪن، ڪي حال احوال ڪن، ڪي دل جون ڳالهيون ڪن، تہ جئين سندن صدين جا ٿَڪ لهن، سندن نيڻ ٺرن، اسان مان اڪثر فرد پنهنجي روشن مستقبل جي يڪا يڪ ڊوڙ ۾ اهو وساري ويهندا آهن تہ سندن هڪ جيجل ماءُ بہ آهي، جنهن سان ڪي مٺا ٻول ٻولي ڪري هو سندس دعا حاصل ڪري سگهن ٿا، پنهنجي محنتن جو حال احوال ان جيجل سان اُوري سگهن ٿا، ڪي ڪي امڙيون بنھ اڻ پڙهيل هوندي بہ چڱيون خاصيون شعور رکندڙ هونديون آهن، دنيا جهان جي کين ڪافي ساري معلومات هوندي آهي، اسان مان اڪثر نوجوان اهو سوچي ڪري پنهنجي جيجل سان ڳالھ ٻول ڪرڻ کان لوائيندا آهن تہ امڙ کي ڪهڙي خبر ؟؟
    جنهن هستي اسان کي ڳالهائڻ ٻولڻ، هلڻ توڙي کائڻ سيکاريو، اسان ان هستي جي باري ۾ ان غمان جو شڪار هوندا آهيون تہ امڙ کي ڪهڙي خبر ؟، ڪيڏي نہ بي خبري چئبي، اگر ڪو استاد ڪنهن شاگرد کي الف، ب، ت پڙهائي ڪري ياد ڪرائي ۽ جڏهن اهو شاگرد کي ياد ٿي وڃي ۽ ان کان پو۽ اهو شاگرد ان گمان جو شڪار ٿي وڃي تہ سندس استاد کي ڪهڙي خبر؟؟
    مون اهڙا بہ صالح اولاد ڏٺا جن پنهنجن امڙين جي جئيري ڪنهن بہ قسم جي خدمت گذاري ۾ ڪا ڪسر باقي ڪونہ ڇڏي هئي، جن جو رشتو جيجل سان هڪ گهري دوست وارو رشتو هو، جيڪي هڪ ٻي سان ڏک سک توڙي دنيا جا معملات اوريندا هئا، مون سندن ڳاٽ هميشه اُچو ڏٺو، قدرت واري سندن امڙ جي خدمتن جي عيوض کين قسمت ۾ عزت، شان، مان توڙي دولت جا دروازا کولي ڇڏيا، ائين بہ ناهي جو دولت يا وري هي سڀ ڪجھ ايندي هو بدلجي ويا، هو تہ ويتر ان قابل ٿي ويا سندن جيجل جي خدمت گذاري ۾ متان ڪنهن قسم جي ڪا ڪمي نہ رهجي وڃي، هو اڃا ڀڙ ٿيڻ لڳا، مون کي سندن قسمت تي رشڪ ايندو آهي مان اهو اڪثر سوچيندو آهيان تہ جي ڪاش اسان مان هر ڪو فرد پنهنجي جيجل سان سهڻي سلوڪ سان برتاءُ ڪري، ڪم از ڪم هر روز سندس چهري ڏي نهاريندي رڳو صرف مسڪرائي تہ بہ اهو ڪنهن نيڪي کان گهٽ ناهي.
    شام جو گهر موٽندي صرف امڙ کان ايترو پڇي تہ:
    ” امڙ اوهان ماني کاڌي آهي “
    جي کاڌي آهي تہ بهتر جي نہ تہ پوءِ جيجل کي پاڻ سان گڏ ماني کائڻ جي آڇ ڪري، اهڙي نموني کوڙ سارا معملات آهن جن جي ذريعي جيجل جي من کي باغ و بهار ڪري سگجي ٿو، اسين سندن هڪ پل، هڪ گهڙي جو بہ ٿورو نہ ٿا لاهي سگهو پر پنهنجي ننڍڙين عملن ذريعي گهٽ ۾ گهٽ سندن روح کي تسڪين عطا ڪري سگهون ٿا !


    الحافظ ولمحافظ

    الا۽ ڇو ڪجھ ڏينهن کان اها ڳالھ شدت سان محسوس پيو ڪريان تہ اسان جي معاشري ۾ جن فردن جي ڪلهن تي مذهب کي ڦهلائڻ جو وزن رکيو ويو آهي انهن جي معاشرتي توڙي ذاتي زندگي جو جائزو وٺي ڪري اهو ڏسجي تہ ڇا اُهي ان قابل آهن جو مذهب کي پُر اثرائتي نموني سان هر فرد تائين پهچائي سگهن، مون پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ نظر ڊوڙايو ۽ ڳوڙي اڀياس توڙي مشاهدي سان تحقيق ڪئي ۽ ان کان پو۽ ان نتيجي تي پهتس تہ اسان جي ارگرد اڪثر والدين پنهنجن هوشيار، ڀڙ توڙي گهڻيون صلاحيتون رکندڙ ٻار کي ڪڏهن بہ، ڪنهن بہ قيمت تي مدرسي ۾ داخل ڪونہ ٿا ڪراين ۽ نہ ئي ڪرائڻ چاهيندا، پر ان جي برعڪس جنهن ٻار تي سندن اهو يقين بيهي ويندو آهي تہ هِي موڳو آهي، نڪمو آهي، بلڪل ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ توڙي سکڻ جي صلاحيتن کان محروم آهي ۽ ان جو وجود گهر ۾ بہ وزني محسوس ٿيندو اٿن تہ ان ويچاري ننڍي معصوم ٻار کي مدرسي ۾ ان خيال سان داخل ڪرائي ايندا آهن تہ قران بہ پڙهي پوندو، گهر کان ٻاهر رهي ڪري سڌري بہ پوندو ۽ اسان کان بہ سندس جان چٽيل هوندي، ۽ قيامت جي ڏينهن اسان جي شفاعت جو باعث بہ بڻجي پوندو. اهڙي نموني وري ڪجھ ٻيا سبب بہ هئا.
    مثال جئين اگر ڪنهن ٻار جي ننڍپڻ ۾ سندس والدين جو انتقال ٿي وڃي ٿو تہ پو۽ کيس سنڀاليندڙ فرد وري پنهنجي پاڻ کي ذميوارين کان آجو رکڻ لا۽ انهي معصوم کي ڪنهن ويجهي مدرسي ۾ داخل ڪرائي ٿو ڇڏي، ۽ اُتي اهو ٻار لاوارثي واري زندگي گهاريندي پنهنجي ڪلهن تي ڄاڻيندي يا وري اڻ ڄاڻائي ۾ ثواب حاصل ڪرڻ عيوض ڏينهن رات هڪ ڪيو قران پاڪ پيو پڙهندو آهي، ڪجھ ورهين ۾ قران پاڪ کي پڙهي مڪمل ڪرڻ کان پو۽ کيس حافظ صاحب جو ٽائيٽل ڏنو ويندو آهي ۽ اگر جي هو اڃا اڳتي پڙهڻ چاهي تہ هو حافظ کان عالم تائين جو سفر طئي ڪري سگهي ٿو جنهن کي تقريبن اٺ سالن جو وقت درڪار هوندو آهي، اهڙي نموني ڪي ئي لاوارث، نڪما، حرڪتي توڙي شرارتي ٻار مدرسن مان گريجوئيٽ ٿي ڪري اسان جي معاشري کي مذهب جو درس ڏيڻ ايندا آهن، سڄي عمر در در جي ماني پني ڪري کائيندڙ، مولوين کي پيرايندي ويهي ڪري ڪئي ڪلاڪ مولوين جي پيرن کي زور ڏيندڙ ڪي ئي طالب وقت جا حافظ توڙي عالم بڻجي ويندا آهن، هاڻ هت الميو اهو آهي تہ مدرسن ۾ رهندي کين هڪ تہ قران پاڪ جو درس ڏنو ويندو آهي، پنهنجي فقي متعلق کين ڪي سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن يا وري ڳالهيون ٻڌايون وينديون آهن.
    تہ جئين ٻار جو ذهن ٺهي وڃي تہ صرف جا صرف اسان سچا آهيون، اسان جو فقو سچو آهي، اسان جا عالم سچا آهن، اسان جو عمل سچو آهي، باقي سڀ جا سڀ غلط آهن ۽ سڄو ڪجھ ڪوڙ تي مشتمل آهي، اهڙي نموني سندن ذهانت کي ڪنهن هڪ مخصوص سانچي تائين محدود ڪيو ٿو وڃي، جي اگر ائين ناهي تہ پو۽ اوهان ڪنهن مدرسي جي طالب علم سان، ان فقعي جي مخالف ڪنهن ٻي مدرسي جي باري ۾ احوال ڪري ڏسو ۽ حال احوال وٺي ڏسو، اوهان سڄي وارتا کان واقف ٿي ويندو تہ ڪهڙي نہ چالاڪي سان هڪ ٻي خلاف ڪچن ذهنن کي تيار ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح ڪئي طالب پنهنجي زندگي جو چڱو خاصو عرصو مدرسي جي سحن ۾ گذاريندي پنهنجي معاشرتي زندگي گهارڻ جي هنر کان اڻ واقف رهجي ويندا آهن، هو هڪ مدار ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويندا آهن، فجر جي نماز، وري قران پاڪ جو سبق، ظهر جي نماز وري منجهند جي ماني، عصر جي نماز وري رات جي ماني جي لا۽ در در جو چڪر، ماني وٺي ڪري اچڻ کان پو۽ عشاءَ جو نماز پڙهي ڪري ماني کائي ڪري، قران پاڪ جي سبق جو ورجاءُ ڪري ننڊ جي حوالي، اهڙي نموني هو هر ڏينهن ان مدار ۾ پيا ڦرندا آهن، هُو ان ڳالھ کان بنا اڻ واقف هوندا آهن تہ ٻاهرين دنيا ۾ ڇا ٿو وهي وپرائجي…
    هاڻ ڏسو اهي فرد جن کي پنهنجي گهراڻن ئي گهر ڀاتي طور قبول ڪرڻ پسند ناهي ڪيو، اهي ئي فرد مذهب جهڙي حساس ذميواري کڻڻ جا ذميوار بڻيا وڃن تہ اوهان بخوبي سمجهي سگهو ٿا تہ انهن جي هٿ تي معاشري ۾ سڌار ايندو يا وري بگاڙ، اسان ڏوھ رڳو مولوين ۽ ملن تي ٿا ڏيو، اسان جو ذهن انهن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ڇو نہ ٿي بيهاري جيڪي اهڙن فردن کي مدرسن ۾ اڇلي ٿا وڃن ۽ سالن جا سال سندن حال پڇڻ بہ ڪونہ ٿا اچن .؟؟؟


    پهرين مئي - مزدورن جو عالمي ڏينهن

    مونکي عجيب لڳندا آهن اُهي ڏينهن جيڪي ڪنهن سان يڪجهتي جي نالي تي ملهايا ويندا آهن، مون کي سراسر ڍونگ ۽ ٺڳي جا ٺاھ لڳندا آهن، ڪنهن جي محنتن، عظمتن ۽ جفاڪشين کي صرف هڪ ڏينهن جي ملهائڻ سان ٿورئي ٿو ماپي سگهجي، گرمين ۾ ٽاڪ منجهند جو نٽهڻ اُس ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جي حقن جي وڪالت اي سي جي رومن ۾ ويهي ڪري منرل واٽر پئيندي ڪئين ٿو ڪري سگهجي، اُهي ماڻهو ڪهڙي منشا توڙي منشور تي عمل ڪندي مزدور جي سورن جو ڳاٽاڻو ڪن ٿا، جن ڪڏهن سج ناهي ڏٺو، جن ڪڏهن منرل واٽر جي بدران خالي واٽر جو پاڻي ناهي پيتو، جن ڪڏهن صوفن جي بدران ڇڳل، ٽٽل ۽ پٽيل واڻ واري کٽ تي رات ناهي گذاري، جن ڪڏهن چڪن پيس، ڪباب ۽ ڪڙاهي جي بدران، صبر، مرچ ۽ ڇٽڻي سان ماني ناهي کاڌي، اُهي ماڻهو ڪهڙي نيڪي، ثواب توڙي چڱائي جي خاطر مزدورن جو ڏينهن ملهائين ٿا، هي سڀ ڪانفرنسون، ميڙاڪا، ريليون، توڙي احتجاج سڀ جا سڀ ڏيکاه آهن، ڪنهن کي بہ مزدورن جي فڪر ناهي، جي فڪر هجي ها تہ پو۽ مزدورن جا ٻار فاڪا ڪاٽيندي ڪونہ مرن ها، هڪ ويلهي ماني جي بجا۽ ڏينهن ۾ ٽہ ويلها ماني کائن ها.
    اسان وٽ طبقاتي نظام رائج آهي جنهن جي مطابق غريب طبقو وقت بہ وقت غريب ٿيندو ويندو.
    ۽ امير طبقو وري وقت بہ وقت امير ٿيندو ويندو، اسان جي معاشري ۾ وڏيون مڇيون، ننڍين ۽ ڪمزور مڇين جو شڪار ڪنديون آهن، اسان وٽ خلوص نالي ڪنهن شي جو وجود ئي ناهي رهيو، هت ادارا، اين جيوز، تنظيمون غريبن جي نالي کي استمال ڪندي الا۽ تہ ڪيترا ڪيترا گپلا ڪندا آهن، اسان وٽ هر فرد ان سڄي ڪارگذاري کان واقف هوندو آهي پر پو۽ بہ الا۽ ڇو ڪهڙي سوچ توڙي فڪر عيوض مزدور جو عالمي ڏينهن ملهائيندو آهي.


    معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي ؟

    جڏهن ڪڏهن ڪو معذور فرد ڪو غير معمولي عمل کي پنهنجي صلاحيتن سان ثابت ڪري ڏيکاريندو/ڏيکاريندي آهي تہ اڪثر و بيش اخبارون ان خبر جي مٿي پٽي ۾ عمومن اهو جملو لکي ڇڏينديون آهن تہ ” معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي“، اِهو جملو اڪثر اسان کي ٻين فردن وٽان بہ ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي.
    ڪيڏو نہ آسان آهي ان جملي کي هڪ منٽ ۾ ورجائڻ پر اگر جي ان جملي تي غور ءِ فڪر ڪجي ٿو تہ معلوم ٿئي ٿو تہ اسان جي معاشري ۾ معذوري هڪ اعلي پائي جو مهڻو آهي اِها هڪ اڻٽر حقيقت آهي جنهن کان ڪڏهن بہ ڪنهن بہ بنيادن تي انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.
    اسان وٽ معذور طبقو پوءِ کڻي ان ۾ عورت هجي يا وري مرد توڙي ٻار يا ٻڍا، سڀ جا سڀ انتهائي درجي جي احساس ڪم تري جا شڪار آهن، سندن احساس ڪم تري جو سبب کين هن معاشري ۾ گهربل مان جو نہ ملڻ، زندگي گذارڻ لاءِ ڪي ڪارڳل حڪمت عملين جو نہ هجڻ، حڪومت توڙي اعلي اختيارن طرفان کين مسلسل نظر انداز ڪرڻ جهڙا سبب سرفهرست آهن.
    اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو جهڙي ريت هڪ صحتمند ذهن رکندڙ فردن کي مختلف پيڙائُن توڙي تڪليفن مان گذاري ٿي بلڪل اهڙي ئي ريت اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو معذور فردن کي بہ انتهائي اذيت ناڪ تڪليفن ۽ دردن کان آشنا ڪرائي ٿي.
    اڪثر روڊن رستن، بازارن توڙي عوامي ميڙاڪن وٽ معذور فردن کي جڏهن خيرات گُهرندي ڏسندو آهيان تہ سچ پُچ روح روئي پوندو اٿم، سوچيندو آهيان تہ اُن مسڪين طبقي جي فردن کي آخر پنڻ تي مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ اسان وٽ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون توڙي فلاحي ادارا ان طبقي لاءِ ڪا مناسب حڪمت عملي ميدان ۾ ڇو نہ ٿا آڻين؟
    چئن پنجن فردن جي ميڙاڪي کي ڪلاڪ ٻہ ليڪچر ڏئي فوٽو سوٽو ڪڍي اُهي فلاحي تنظيمون اِهو ڇو ٿيو سمجهن تہ سندس فرض بس اتي پورو ٿي ويو آهي؟

    اُهي سماج ئي ترقي جي راھ تي گامذن ٿينديون آهن جنهن سماج جا فرد مڪمل طرح تخليقڪار هوندا آهن، جن ۾ مسئلن کي مختلف نوعيتن سان جاچڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جيڪي ايندڙ وقت جي حالاتن ۽ واقعاتن جو اڳواٺ ئي اندازو لڳائي انهن جي حل لاءِ تحرڪ وٺڻ شروع ڪندا آهن، اِها بہ هڪ حقيقت آهي تہ هاڻ هر روز دنيا جي آبادي وڌندي رهندي ان جي برعڪس آبادي گهٽجي ٿي پر ان گهٽجڻ جو تناسب، آبادي وڌڻ جي نسبت تمام گهٽ آهي.
    ان کان پهريان جو هي معاشرو مڪمل طرح سان خود فريبي جي تپ ۾ تپي وڃي، اچو تہ پنهنجي پاڻ سان هڪ وچن ورجايو تہ اسان پنهنجي هر صلاحيت توڙي وسيلي کي اِن ڌُڪاريل طبقي جي ڀلائي خاطر استعمال ڪنداسين، اسان پڙهيل لکيل ٿي ڪري کين روشني جا راھ ڏسينداسين، اسان کين مشڪلاتن جي جبلن کي جهڪائڻ جا جتن ٻڌائينداسين تہ جئين اُهي ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجو معاشرتي توڙي ذاتي زندگي ۾ گهربل مقام حاصل ڪري سگهن.


    تعليم جو ڏينهن

    ڏينهن ملهائڻ واري روايت ڪا نئي ڪانهي جو ان تي حيران ٿجي يا وري خوش ٿجي، اسان وٽ عمومن اُهي ڏينهن ملهايا ويندا آهن جيڪي اسان کي روايتي طور مغرب طرفان خيراتي طور ملهائڻ لاءِ ملندا آهن، اَٺَ جنوري کي تعليم جو ڏينهن ملهائڻ کان پهريان اچو تہ پاڻ وٽ اڳ ۾ ئي ملهائجندڙ ڪجھ ڏينهن جو مشاهدو ڪريون جن جو سنئون سڌو واسطو تعليم جي ڏينهن جي ملهائجڻ سان آهي.
    پوري سال ۾ تہ الاءِ ڪيترا ڏينهن الاءِ ڪيترن ئي عنوانن سان ملهايا ٿا وڃن، پر پاڻ مختصرن ڪجھ مخصوص ۽ اهم ڏينهن تي ڳالهائينداسين.

    اٺ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن
    ٻارنهن آگسٽ نوجوانن جو عالمي ڏينهن
    ٽي ڊسمبر معذورن جو عالمي ڏينهن

    عورتن جو عالمي ڏينهن :
    ننڍي هوندي کان ئي اسڪولن ۾ هڪ حديث پڙهڻ وٽان ملندي هئي تہ ”علم حاصل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ حديث جي لفظن تي غور ڪندي اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ علم حاصل ڪرڻ جي ڪا بہ مخصوص عمر مقرر ٿيل نہ آهي، اگر جي وقت طئہ ٿيل هجي ها تہ پوءِ حديث ۾ لفظ مرد جي جاءِ تي ڇوڪرو ۽ لفظ عورت جي جاءِ تي ڇوڪري استعمال ٿي ها، جنهن مان عمر جو تعين سولائي سان ڪري سگهجي ها، ڇو تہ ڇوڪر يا ڇوڪري جي عمر عمومن پنجويھ سال تائين ليکي/سمجهي وڃي ٿي، غير شادي شده مرد کي ”ڇوڪرو“ ۽ غير شادي شده عورت کي ”ڇوڪري“ سڏيو ويندو آهي، شادي کان پوءِ ڇوڪرو، ”مرد“ واري فهرست ۾ اچي ويندو آهي ۽ شادي کان پوءِ ڇوڪري، ”عورت“ واري فهرست ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، هاڻ هتي پاڻ کي ويچارڻو اِهو آهي تہ عورت لاءِ اسان جو هي جوڙيل سماج تعليم جا ڪيترا راه هموار ڪري ٿي، ڇا عورت پنهنجي مڪمل آزادي سان اعلي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿي، نہ بلڪل بہ نہ، سندس تعليم جي مُدت/پيرڊ کي سندس والدين ڪڏهن بہ ڪنهن بہ ڏاڪي تي بنا جواز توڙي اعلي جواز شادي ٿيڻ يا شادي ڪرائڻ جي ڪري ختم ڪري سگهن ٿا ۽ ائين اڪثر ڪيو وڃي ٿو، اِها هڪڙي اڻ ٽر حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.
    ڇا اسان وٽ ڪا بالغ ڇوڪري تعليم پرائڻ لاءِ گهر کان وٺي ڪري پنهنجي اسڪول/ ڪاليج تائين اڪيلي سر وڃي سگهي ٿي، کيس اِها اجازت ميسر آهي؟
    اڪثريت نہ، ڇو تہ اسان جو فرصوده تعليمي مواد يعني نصاب اسان وٽ هڪ صحت مند معاشري جي اڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، اگر هتان جي تعليم هتان جي هر فرد جي ذهني توڙي شخصي تربيت سٺي ۽ پاڪيزه ڪري ها تہ يقينن منهنجي مٿين سوال جو جواب ها ۾ اچي ها ڇا عورت کي ملازمت توڙي ملڪي جوڙجڪ يا عُهدي سازي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ هڪ جيترا موقعا ميسر ٿين ٿا ؟
    سوال جي لفظن تي غور ڪجو، پوءِ جواب کي پڙهڻ جي ڪجو، يقينن هتي بہ جواب نفي ۾ هوندو، اوهان مون کي ڪنهن هڪ اهڙي اداري جو نالو ٻڌايو جنهن ۾ عورت ملازمن جو تعداد مرد ملازمن جيترو هجي، پوءِ ڀلي اهو ادارو سرڪاري يا نيم سرڪاري ڇو نہ هجي، يعني جنهن ۾ مرد توڙي عورت ملازمن جا هڪ جيترا انگ انکر هجن، ڪو بہ ادارو اهڙو نہ ٿو ملي، هر هنڌ عورت منارٽي ونگ وانگر نظر ٿي اچي ۽ اُن جي اِن منارٽي ونگ هجڻ جي ڪري کيس انيڪ قسمن جون ذهني توڙي جسماني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿان وري بليڪ مئلنگ جهڙا ڏچا، جنسي هيراسمينٽ وغيره جهڙا عنصر، مطلب تہ هڪ عورت لاءِ هڪ کان هڪ ڏچو، هر روز هر گهڙي، هر پل هن معاشري ۾ پلجي ٿو جنهن جي ڪري عمومن عورتون گهريلو عورت بڻجي ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿيون ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ور جي پناه ۾ محفوظ سمجهن ٿيون.

    ٻيو مکيہ ڏينهن : نوجوانن جو عالمي ڏينهن:
    چوندا آهن تہ نوجوان قوم جا آئنده هوندا آهن، جن ملڪن ۾ نوجوانن جي آبادي پوڙهن فردن ۽ ٻارن جي شرع کان وڌيڪ هجي ٿي يقينن اُهي ملڪ ترقي ڪرڻ جون اڻ کٽ راهون تلاش ڪري وٺن ٿا، تحقيق مطابق پاڪستان جي ٽوٽل آبادي جو سٺ سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، مطلب تہ پاڪستان جي قسمت ڀلي آهي پر هتان جي نوجوانن جي قسمت ۾ مڙئي ڪجھ ڳڙ ٻڙ آهي، هر اعلي عهدي تي ڪُراڙا ۽ ڊيٺ فرد چبڙيا ويٺا آهن، اُتان چرڻ پرڻ جي ئي نہ ٿا ڪن جيستائين اتفاقن کين موت اچي ابدي ننڊ نہ سمهاري، پاڪستان جا سڀ سياستدان ڪُراڙا، گنجا، متارا ۽ شگر جا مريض پر پوءِ بہ مجال اٿن جو نوجوانن کي ڪو موقعو ڏين، اڳتي اچڻ جو، پاڻ مڃاڻ جو، پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو، مطلب هر پاسي نوجوانن لاءِ صرف مايوسي ۽ رنجھ ئي مقدر بڻيل آهي، اوهان جنهن ڏينهن کي تعليم جو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهيون، ڀلا ان تعليم نوجوانن لاءِ ڪهڙا راھ هموار ڪيا آهن، ڇا اُن تعليم نوجوان کي اِهو سبق ڏنو آهي تہ هُو پنهنجي قوم جي بهبود ۽ فلاح لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري، ڇا اِن تعليم نوجوان کي اُها قابليت بخشي آهي جو اُهو نوجوان ظالم ۽ جابر حڪمرانن اڳيان سچ جا ڪي ٻول ٻولي سگهي، ڇا اِن تعليم اُن نوجوان کي سيکاريو آهي تہ پڙهبو ڪئين آهي، شين کي سمجهبو ڪئين آهي، شين کي بيان ڪبو ڪئين آهي، نہ ڪڏهن بہ نہ، جنهن تعليم جو اوهان ڏينهن ملهائي رهيا آهيون اُها آهي ڪٿي، ڪاپي ڪندڙ شاگردن جي گائيڊن ۾، مارڪن ڏيندڙ بورڊ آفيسن ۾، يا وري نام نهاد اُستادن جي کيسي ۾ جيڪي چند ٽڪن جي عيوض اڄ جي نوجوانن کي ڪوڙيون ڊگريون ڪرائي ٿي ۽ کيس هميشه لاءِ ناڪاره کان ناڪاره تر بڻائي ڇڏي ٿي

    ٽيون: اهم ڏينهن معذورن جو عالمي ڏينهن :
    پنهنجي اک تان اگر مطلب پرستي ۽ خود طلبي واري عينک لاهي ڪري هن معاشري جو مشاهدو ڪبو تہ اسان کي هر شهر، ڳوٺ، چوڪ ۽ روڊ رستن تي معذور فرد خيرات وٺندي نظر ايندا، ڇو آخر ائين ڇو آهي، معذور فردن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو انهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، آخرڪار هتان جو ماحول کين قبول ڇو نہ ٿو ڪري، اگر اتفاقن ڪنهن نياڻي ۾ پيدائشي طور ڪا معذوري هجي ٿي تہ هن معاشري جا مهذب فرد کيس قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿي وڃن ٿا، عمر ڀر سندس شادي نہ ٿي ٿئي، ساڻس ڪو لانئو لهڻ وارو گهوٽ نہ ٿو ملي، اگر جي ملي ٿو تہ وري بہ ڪو معذور يا جڏو فرد مطلب تہ ٻئي پوري عمر لاءِ هڪ ٻي جا محتاج، ڪو صحت مند فرد کيس سهارو ڇو نہ ٿو ڏي، ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جتان هر سال ڪو معذور فرد پوزيشن کڻي پاڻ مڃائيندو هجي، اُهو ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جيڪو معذور فردن لاءِ مناسب تربيتي توڙي مهارتي حاصلات مهيا ڪندو هجي، ڪوئي ڪونهي، ڪٿي ڪونهي، هن معاشري ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪو طبقو احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندو آهي اهو طبقو آهي معذور طبقو، جنهن لا۽ تقريبن هر هنڌ سڀ رستا بند ٿيل آهن، تعليم جي آخري ڏاڪي تائين ڪيترن ڪتابن ۾ معذورن سان سٺي ورتاءُ توڙي انهن سان همدردي جا درس ڏنل آهن ٻڌايو، ان تعليم جي ڪتابن ۾ ڪيترا صفحا معذورن جي بنيادي حقن توڙي کين انسان سمجهڻ ۽ قبولڻ بابت لکيل آهين، پوري جو پورو نصاب انهي معاملي تي خاموش ۽ گونگو بڻيو ويٺو آهي.
    جيڪا تعليم نہ عورت کي تحفظ فراهم ڪري سگهي توڙي نہ ئي کيس اخلاقي آزادي ڏئي سگهي، ان جو ڏينهن ڪئين ملهايو، جيڪا تعليم نوجوانن لاءِ آئيندي جي اميد بڻجڻ بجاءِ کيس مستقل طور تي مزدور بڻائي، جيڪا تعليم معذور فردن کي پنڻ تي مجبور ڪري کين هر پل احساس ڪمتري جي ڪني کوه ۾ اڇلي ڦٽو ڪري، ان تعليم جو ڏينهن ڪهڙي حساب سان ملهايون، ڪهڙي ريت پنهنجو نڪ پڪو ڪري اسان ان تعليم جي هجڻ جي واکاڻ ڪريون، ڪهڙي نموني بي ضمير ٿي ڪري ان جا گيت ڳايون.


    ٻالڪپڻ ۾ منهنجي لکيل پهرين تحرير

    سنڌ جنهن کي اسلام جو دروازو ڪوٺيو ويندو آهي اهو سنڌ جنهن هوشو جهيڙا دلير پيدا ڪيا، جنهن جي نگري ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي جهڙا بزرگ ۽ قلندر لال شهباز جهڙيون عظيم هستيون مدفون آهن، انهي ساڳي سنڌ کي ڏسي ڪري اکيون رت روئن ٿيون ۽ دل چوندي آهي تہ ڪاش جيڪر منهنجي هٿ ۾ جادو جي ڇڙي هجي ها ۽ آءُ سڀ ڪجھ هڪ سيڪنڊ ۾ ٺيڪ ڪري ڇڏيا ها، مگر افسوس تہ آءُ ائين نہ ٿو ڪري سگهان، اڄ انهي سنڌ جي تعليم کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ انهي تعليم جي تباهي ۾ غيرن جو ڏوھ نہ آهي بلڪ اها اسان جي پنهنجي غلطي آهي، اسان پاڻ پنهنجي بگڙيل معاشري کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪڏهن بہ سوچيو ڪونہ ٿا، ليڪن هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان کي انهي ڳالھ تي سوچڻو پوندو ۽ هر گهر جي هر فرد کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، دنيا تيزي سان ترقي ڪندي ٿي وڃي اگر اڄ اسان پنهنجو پاڻ نہ بدليو تہ پو۽ ڪڏهن بہ ڪونہ بدلي سگهنداسين. ڪاپي ڪلچر جي ڪري گهڻن ئي شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيو آهي، صرف هلندڙ دور ۾ نہ پر انهي ڪاپي ڪلچر کي ڏسي ڪري اسان جا پيدا ٿيندڙ نوانسل بہ محنت ڪرڻ کان عار ڪن ٿا، جڏهن اهي ڏسن ٿا تہ ٿورو گهڻو پڙهي ڪري بس امتحان ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿي وڃئو ٿا تہ پو۽ گهڻي محنت يا راتن جا رات جاڳي ڪري پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اهو خيال دماغ ۾ رکي ڪري پڙهائي سان چاھ نہ رکن ٿا ۽ جڏهن اُهي ئي ساڳيا شاگرد مئٽرڪ يا انٽر جا پيپر ڪاپي ڪري پاس ڪري ڪنهن يونيورسٽي يا ڪنهن اهڙي اداري ۾ وڃن ٿا جتي ڪاپي ناهي هوندي اُتي گهڻو پريشان رهڻ لڳن ٿا ڇو تہ هنن کي هتي اهو ماحول نہ ملندو آهي جيڪو هنن کي اڳي ملندو هيو تہ پڙهو يا نہ پڙهو پاس ٿي ويندو، بلڪ هتي هنن کي هن جي اُبتڙ ماحول ملندو آهي ۽ اهو ٻار پو۽ انهي اداري ۾ ناڪامي جو منهن ڏسندو آهي جنهن جي ڪري انهي جي مستقبل تي هڪ داغ لڳي ويندو آهي ۽ دوستن ۽ مٽ مائٽن ۾ بہ ان کي لڃي ٿيڻو پوندو آهي تہ فلاڻي جو پٽ، فلاڻي اداري کي ڇڏي ڪري ڀڄي آيو آهي ۽ اها ذلت ان شاگرد کي عمر ڀر کڻڻي ٿي پوي.
    خدارا سوچيو !!!
    استاد جيڪو پيغمبري پيشو آهي، اوهان ڏٺو هوندو تہ اڪثر خاندان ۾ ڪو نہ ڪو فرد استاد يا ماستر هوندو آهي اگر ڪنهن ڳوٺ جي آبادي ۾ پنجاه گهر آهن تہ انهن گهرن ۾ گهڻائي يا اڪثريت جو واسطو تعليمي شعبي سان هوندو يعني ان ڳوٺ ڪافي فرد استاد هوندا هر ڳوٺ ۾ استادن جي گهڻائي آهي ۽ شهرن ۾ بہ ڪافي استاد رهن ٿا، ليڪن پو۽ بہ ڪاپي ڪلچر ڇو نہ ٿو روڪيو وڃي، ڇو اُهي استاد پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي اولاد سان ۽ پنهنجي معاشري سان سچا نہ آهن، اُهي ڇو نہ ٿا سوچن تہ اگر اسان جا ٻار اڄ ڪاپي ڪري پاس ٿيندا تہ سڀاڻي اهي ڪنهن نوڪري وٺڻ جا اهل نہ ٿي سگهندا، اسان جي مري وڃڻ کان پو۽ هنن جي پوري زندگي تباھ ٿيندي، جيڪي استاد اهي ڳالهيون نہ ٿا سوچن ۽ ٻين ٻارن جي مستقبل سان کيڏن ٿا ۽ خدا بهترين انصاف ڪندڙ آهي انهن استادن جا پنهنجا اولاد بہ اڪثر ڪونہ سڌري سگهندا آهن.
    خدارا سوچيو !!!
    چوندا آهن تہ اگر ڪنهن قوم کي تباھ ڪرڻ چاهيو ٿا تہ ان قوم کان تعليم کسيو، اهو قوم خود بخود تباھ ٿي ويندي، ڇو تہ تعليم ئي هڪ اهڙو بهترين رستو آهي جنهن جي وسيلي اسان پنهنجا حق حاصل ڪري سگهون ٿا بنا ڪنهن جنگ يا جڳڙي جي، جنهن قوم وٽ تعليم نہ هوندي آهي اها قوم هڪ جيان زندگي گذاريندي آهي ۽ اها قوم پنهنجا حق صحيح نموني سان حاصل نہ ڪري سگهندي آهي، اگر ڪنهن ڪمري ۾ لائٽ جي نہ هجڻ جي ڪري اُنداهي آهي ۽ ان ڪمري ۾ سُئي پئي آهي جيڪا اوهان کي گهربل آهي، انهي سُئي کي اُنداهي ۾ ڳوليندي اوهان کي گهڻو وقت لڳندو ۽ ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ اوهان کي شايد اُها سُئي انداهري ۾ نہ ملي سگهي، اهڙي ريت تعليم بہ روشني آهي، بنا تعليم جي ڪو بہ شخص پنهنجي حقن جي حصول ۾ ڏاڍو پوئتي رهجي ٿو وڃي ۽ اهو شخص پنهنجي وجود کي بہ نہ ٿو سڃاڻي سگهي، انهي ڪري خدارا علم جي روشني واري لائيٽ کي ڊم ٿيڻ نہ ڏيو بلڪ انهي روشني کي پکيڙيو تہ جئين ٻيا بہ انهي روشني کان فائدو وٺي سگهن، اسان جي نوجوان نسلن جي حالت اها لڳي پئي آهي تہ اگر ڳوٺن تي نظر ڍوڙايو تہ اسان کي اڪثر جوان ڪبوترن جا شوقين، ڪتن پالڻ جا شوقين، جوا کيڏڻ جا ماهر ۽ فارغ وقت ۾ گهمڻ ڦرڻ جا شوقين نظر اچن ٿا، تن کي شايد ان ڳالھ جو احساس نہ آهي تہ علم انسان جي ٽي اک آهن، بي علمي جي ڪري اهي جوان هن معاشري کي سڌارڻ بدران بگاڙڻ ٿا، شهرن ۾ جيتوڻيڪ هر قسمن جا مشغلا ٿين ٿا ۽ وقت کي برباد ڪرڻ جا ڪافي موقعا هوندا آهن پر انهن کان باوجود اُتان جا نوجوان تعليم کي پنهنجو ٽائيم ڏين ٿا،۽ ٻين ڪمن سان گڏ تعليم بہ پرائن ٿا، ڇو جو اُهي ڄاڻن ٿا تہ تعليم کان سوا۽ زندگي گذارڻ ڪيتري مشڪل ڳالھ آهي، ڪاش اسان جي نوجوانن کي اهو احساس ٿي پوي تہ قلم کان وڌيڪ ڪو بہ هٿيار نہ آهي، آخر ڪاڏي وئي اسان جي سوچ ؟؟؟
    خدارا سوچيو !!
    اسان جي معاشري ۾ ايتري بگاڙ ڇو اچي وئي آهي، استاد پنهنجي ڊيوٽي سان سچا ڇو نہ آهن، شاگرد تعليم کي حاصل ڪرڻ کي ضروري ڇو نہ ٿا سمجهن، آخر ڇو ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا سڀني کي مجبور ڪيو ويٺي آهي، هن تعليم جي تباھي جا سبب ۽ هن معاشري جي بگاڙ جا اسان پاڻ ذميوار آهيون ڇو تہ اسان مان سوچڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي، اسان ڪڏهن بہ اهو نہ ٿا سوچون تہ اگر مان استاد آهيان ۽ مان پنهنجي اسڪول ۾ پنهنجي ٻارن کي صحيح نموني نہ پڙهائيندس تہ سڀاڻي منهنجي اولاد کي بہ ڪو ٻيو استاد صحيح ڪونہ پڙهائيندو، اگر منهنجي سستي جي ڪري منهنجي اولاد جي زندگي بہ تباھ ٿي سگهي ٿي، اگر استاد پنهنجي اولاد کي ذهين ۾ رکي ڪري پنهنجي شاگرد کي اولاد سمجهي ڪري پڙهائي تہ شايد انهن شاگردن جي زندگي سنوري پوي ۽ اهي مستقبل ۾ آفيسر بڻجي پون. جيڪو استاد ٻين جي اولاد کي نہ ٿو پڙهائي سگهي اهو استاد پنهنجي اولاد کي بہ نہ پڙهائي سگهندو، اگر اسان جي دوستن، رشتيدارن ۽ تعليم سان وابسطہ هر قوم جا ڪجھ فرد تعليم جي بگاڙ واري صورتحال کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن تہ انشا۽الله تمام جلد اسان ترقي ماڻي سگهون ٿا ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا، اهو ظلم جيڪو اسان سان ۽ اسان جي نئي نسل سان ڪئي پئي وڃي ۽ اسان کي اونداهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، انهي خلاف اسان کي سوچڻو پوندو ۽ پهريائين انقلاب پنهنجي گهر کان شروع ڪبو، يعني پنهنجي اولاد کي ڪاپي ڪرڻ جي ماحول کان بلڪل دور رکيو ويندو، جڏهن اسان پنهنجي اولاد کي ڪاپي ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين تہ پو۽ اسان جي اندر هڪ جذبو جاڳندو جنهن جذبي تحت اسان ٻين کي بہ ڪاپي ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين ۽ اسان جو تعليمي معيار صحيح ٿيڻ لڳندو، هڪ ڳالھ هميشه ياد رکو تہ انهي ڪاپي ۾ اڪثر غريبن جا ٻار تباھ ٿيندا آهن، ڪاپي ڪرڻ جي ڪري اڳتي هلي ڪري انهن جو مستقبل تباھ ٿيندو آهي ۽ اُهي سڄي عمر علم حاصل ڪري بہ بي علم ٿي ڪري زندگي گذاريندا آهن.
    خدارا ڪجھ سوچيو !!!
    والدين جو اهو فرض ٿو بڻجي تہ اهي پنهنجي اولاد کي سٺي تربيت ڏين ۽ اولاد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان کي پرکن تہ جئين خبر لڳي تہ ٻار جو ڪهڙي شئي ۾ دلچسپي آهي ۽ پو۽ جڏهن انهن کي پنهنجي اولاد جي دلچسپي جي خبر پوي تہ پو۽ اڳتي هلي ڪري انهي ٻار کي انهي شعبي ۾ داخلا وٺي ڏين، جئين ٻار پنهنجي پسنديده شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو صحيح استعمال ڪري سگهي، اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ ٻار جو جنهن شعبي ۾ دلچسپي هوندي آهي انهي جا والدين ان جي برعڪس انهي ٻار کي ڪنهن ٻي شعبي ۾ موڪلڻ چاهيندا آهن، جيڪا منهنجي نظرن ۾ بلڪل غلط آهي ۽ مان ان شئي جو سخت خلاف آهيان، پو۽ والدين جي ان غلط فيصلي جي ڪري ٻار ان شعبي ۾ پنهنجي بهتر جڳھ نہ ٺاهي سگهندو آهي يا ان شعبي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪندو آهي جنهن جي ڪري ان ٻار جا والدين ان تي سخت ناراض ٿيندا آهن ۽ ڪجھ والدين وري پنهنجي اولاد سان رويو تبديل ڪندا آهن يعني پنهنجي اولاد کي پنهنجي ناراضگي جو احساس ڏيارايندا آهن ۽ والدين جي پنهنجي اولاد سان اهڙو رويو ان ٻار لا۽ پريشاني ۽ احساس ڪمتري جو احساس ڏياريندو رهندو آهي، اگر هتي والدين جو بي فرمان يا لوفر پٽ وغيره هوندو آهي تہ انهي تي هي شيون تمام گهٽ اثر ڪنديون آهن، پر اگر اُتي سٺي سوچ رکندڙ، پڙهيل ۽ سلڇڻو اولاد هوندو آهي تہ ان لا۽ اهي شيون گهڻو اثر رکنديون آهن ۽ اڪثر والدين جي اهڙي غلط فيصلي جو نتيجو بہ اڳتي هلي خراب نڪرندو آهي ۽ فرمانبردار اولاد بہ اهڙي رويي جي ڪري بي فرمان ٿيڻ لڳندي آهي يا اهي ٻار والدين جي عدم اعتمادي جي ڪري غلط صحبت ۽ سنگت ۾ اچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ اهي نازڪ دل ۽ نادان ٻار پريشانينن کان تنگ اچي ڪري زندگي جي عظيم نعمت کان پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙن غلط نتيجن جي نڪرڻ کان پو۽ انهن والدين وٽ پچتاءُ کان علاوه ڪجھ بہ نہ رهندو.
    نوٽ : منهنجي هن تحرير کي هتي اوهان سان ونڊ ڪرڻ جو اصل مقصد اهو آهي تہ جئين اوهان منهنجي ان وقت جي ذهني معيار ۽ مقدار کي سمجهي سگهو ۽ منهنجي تڏهن جي احساسن کي سمجهي سگهو.
    ڳالھ احساسن جي آ لفظن کي ڪير ٿو ليکي.


    سنجيده سياست وقت جي اهم ضرورت

    هن مهل پنهنجي آس پاس جي ماحول جو مشاهدو ڪندي مٿي بيان ڪيل جملو ذهن تي بار بار چڙهي ڪري اچي ٿو، الاءَ ڇو ؟؟؟
    نہ ڄاڻ هي مٿيون جملو منهنجي من ۾ پاڻ هي ڄاڻ ڪنهن اڻ ڇهي ساز جيان وڄندو ٿو رهي.
    شايد متان اُهو ڪُو اَمَر اَلاهي هجي يا وري متان ضمير جو ڪو سڏ يا پڙاڏو هجي، بر حال جيڪو ڪجھ بہ آهي منهنجي من ۾ مانڊاڻ مچايو ويٺي آهي.
    سياست کي غير سجيدگي سان جن حڪمرانن ورتو ۽ غير سنجيده سياست ڪئي انهن جي غير سنجيدگي واري سياست اسان جي جوڙيل هن سنسار کي جيتري قدر تباه ۽ برباد ڪيو آهي، اُن جو مشاهدو توهان پاڻ ئي ڪري سگهو ٿا، سڀ ڪجھ اوهان جي سامهون آهي.
    ان غير سنجيدگي واري سياست جي جيڪا روايت صدين تائين هن معاشري ۾ قائم ٿيل آهي هاڻ انهي روايت کي ڦاهي گهاٽ چاڙهڻ کپي، نوجوانن کي اڳتي اچڻ کپي، جيڪي پنهنجي حاضر دماغي ۽ ڪار آمد حڪمت عملي سان هن سماج جي ٿيل نقصانن جو ڪو ازالو ڪري سگهن، نوجوانن جو اڳتي اچڻ وقت جي اشهد ضرورت آهي.
    نوجوان جو سياست ۾ اڳتي اچڻ
    هن قوم جي گهرج آهي
    هر ناري ۽ هاري جي گهرج آهي
    هر ٻڍي ۽ ٻار جي گهرج آهي
    هر استاد ۽ وڪيل جي گهرج آهي
    هر ان فرد جي گهرج آهي جنهن کي رنگين خواب ڏيکاري ڪري سندس خوابن جو جنازو ڪڍيو ويو آهي، سندس اميدن جو قتل ڪيو ويو آهي.
    صدين تائين، دماغ کان خالي ماڻهن اسان توهان جي پڙهيل لکيل ذهنن تي حڪمراني ڪئي آهي، اسان جي شعور کي مختلف اٽڪلن سان يرغمال ڪري رکيو آهي، اسان توهان کي پنهنجي ماروئڙن جي ڏکن سکن توڙي تڪليفن کان پري رکيو آهي.
    اسان توهان جي آڏو انهن چالاڪ توڙي لُومڙي صفت سياستدانن سياست جو غلط ۽ غليظ صورت پيش ڪيو آهي، جنهن سبب اسان توهان سياست کي هڪ برو عمل سمجهي ڪري صدين تائين سندس ويجهي اچڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهيون.
    پر هاڻ وقت چُپَ ڪري ويهڻ جو هر گز نہ آهي.
    وقت جي هاڻ اِها تقاضا آهي تہ معاشري جو هر هڪ پڙهيل لکيل فرد پنهنجي مٿان ذميداري سمجهندي پنهنجي حصي جو ڪردار عملي سياست ۾ مثبت نموني ادا ڪري تہ جئين هن ڌرتي تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن جو ڪو زور ٽٽي سگهي ۽ هن ڌرتي جي چمن ۾ ڪي ڳاڙها گل ڦٽن، جن جي سرهاڻ پوري ڪائنات کي موهي وجهي ۽ هر طرف سنڌ جي سُڳَنڌُ جا گيت هجن.


    عطــائــي ماســتـــر

    اوهان لفظ ”عطائي ڊاڪٽر“ تہ ضرور ٻڌو هوندو ڇو تہ هر هڪ شهر ۾ ڪجھ نہ ڪجھ تعداد ۾ عطائي ڊاڪٽر دستياب هوندا آهن يا وري نمودار ٿيندا آهن. عطائي معني بنا ڊگري وارو، يا کڻي ائين چئجي تہ هٿ ٺوڪيو، جڳاڙي، سنئون سڌو ائين تہ ٻہ ڏينهن ڪو ڪم سکي ڪري، بنا ڪنهن قانوني گُهرجن، بنا ڪنهن سرٽيفيڪٽ جي اهو سکيل ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري تہ پاڻ ان کي عطائي لفظ جي خطاب سان نوازينداسين.
    پاڻ هتي ڳالھ ڪنداسين هڪ نئي گروھ جي جيڪي عطائي ڊاڪٽرن کان پوءَ اُڀري ڪري عطائي ماستر جو خطاب حاصل ڪري چڪا آهن.
    ادا عطائي ماستر اُنهن کي چئبو آهي جيڪي بنا ڪنهن پروفيشنل ڊگري جي ڪجھ ڏوڪڙن عيوض ڪنهن خانگي اداري ۾ پڙهائن، ڀلي پاڻ انهن کي ڪجھ اچي يا نہ اچي پر انهن جي ڪلهن تي قوم کي سڌارڻ جو ذمو جو عائد ٿيل هوندو آهي.
    انهن عطائي ماسترن لفظ استاد جي جيتري قدر هن معاشري ۾ تذليل ڪرائي آهي ايترو شايد ڪنهن ٻي گروھ لفظ استاد جي تذليل ناهي ڪرائي، عطائي استاد ويچارا اڪثر پاڻ مئٽرڪ يا انٽر پاس هوندا آهن، پر پڙهائيندا وري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي ڪلاسن کي آهن.
    حالانڪ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي شاگردن کي پڙهائڻ لاءَ هڪ مڪمل تربيت يافتہ ۽ قابل استاد جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پنهنجي سبجيڪٽ جو ماهر هجي، پر ڇا ڪجي ادا، روزي روٽي بہ تہ ڪرڻي آهي نہ، اسان جو ڇا قوم جي ٻارن جي مستقبل سان، اسان کي جي ٻہ چار هزار ملن ٿا تہ واه واه
    قوم ڄاڻي، قوم جي قسمت ڄاڻي . . .
    ٻارن پڙهن يا نہ پڙهن ان سان اسان جو ڇا وڃي ڀلا ؟؟
    اسان ڪي کپن ڪجھ ڏوڪڙ، جن جي عيوض اسان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهون، ڪو سک جو ساه کڻي سگهون، حڪومت تہ نوڪري ڏيڻ کان صفا نبيريون ويٺي آهي، اسان ڀلا پنهنجو بندوبست پاڻ نہ ڪريو تہ ٻيو ڀلا اچي ڪري اسان جي وات ۾ ڄڻ گرھ وجهندا.
    وڏي ڳالھ تہ اها آهي جو هنن عطائي ماسترن جي ڪلاسن ۾ شاگردن جو جهجو تعداد موجود هوندو آهي، هڪ هڪ عطائي ماستر کي پنجاه کان سٺ تائين شاگرد مليل هوندا آهن جن کي هڪ ئي وقت پڙهائڻ يقنن مشڪل هوندو آهي، پر هي يار انهن کي پڙهائيندا آهن.
    پڙهائيندا وري ڇا آهن، مڙئي وقت جو گذر پيا ڪندا آهن تہ جئين مهينو پوري ٿي تہ اسڪول جي هيڊ کان پگهار وصول ڪريون، شاگرد ڀلي ڪلاس ۾ راند روند ڪن يا وري حرڪت وغيره ڪن پيا سو ڪن پيا، ڀلا هڪڙو ماڻهو ڪنهن ڪنهن تي ضابطو آڻي، ڪنهن کي سمجهائي...
    تعليم جي اصولن مطابق هڪ استاد کي وڌ ۾ وڌ ٽيھ ٻار ڏنا وڃن جن کي اهو هڪ استاد هڪ ئي وقت ڪجھ پڙهائي سگهي يا وري کين ڪجھ سيکاري سگهي، پر هتي انهن عطائي ماسترن وٽ ڪو بہ اصول يا ضابطو ڪارڳر ثابت نہ ٿو ٿي.


      سائين، منهنجو بہ هڪ سوال آهي ؟؟؟

    سماج ۾ جڏهن بہ ڪنهن بهتري يا ڀلائي پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو آهي تڏهن اُها ڀلائي واري سوچ يا عمل هتان جي ماڻهن کي جلد ۾ سمجھ نہ آئي، ڇو تہ هتان جو عام ماڻهو ڪنهن بہ ڳالھ، سوچ، فڪر يا نظريي کي جلد قبولڻ لاءَ ذهني طور ڪڏهن بہ آمده نظر نہ ٿو اچي. هن قوم جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي تہ جو جڏهن بہ هن قوم سان سندس ڀلائي، فلاح توڙي بهبود جي ڪا ڳالھ اُورجي ٿي تہ ان مهل هتان جا معتبر فرد ان عمل، سوچ، فڪر يا نظريي کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ سندس خلاف بي وجا توڙي بي بنياد سوالن جا انڀار اٿي کڙا ڪن ٿا.
    هن قوم جي هاڻوڪي حالت تي سوچيندي سوچيندي ڪڏهن ڪڏهن آءُ دل شڪستہ ٿي پوندو آهيان.
    آءُ سوچيندو آهيان تہ سندن ڏاهپ، عقل توڙي سمجھ ان مهل ڪاڏي گم ٿي هلي وڃي ٿي جنهن مهل ڪو ڀوتار ڪنهن مسڪين غير مذهب نينگر کي اغوا ڪرائي کيس زور زبردستي مسلمان ڪري اسلام جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ چاهي ٿو ؟
    تڪ جو چونڊيل نمائيندو پنهنجي مرضي تي ٽي ايم اوز کي مقرر ڪرائي هر مهيني انهن کان پنهنجو حصو پتي وٺي ٿو ؟
    اقتداري چڱا مڙس نوجوانن کي ڇولا کپائڻ واري تجويز ڏي ٿو ؟
    ايوان ۾ ويٺل معتبر نجي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون پڙهائڻ واري عمل جي مخلافت ڪري ٿو ؟
    تنهن مهل سندن سڀ حواس توڙي سمجھ وار گُر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڇو ٿا وڃن، سڄي سنڌي قوم جنهن اڳواڻ جي نئي پاڪستان واري ٺلي آسري تي لڳي سندس پوئلڳي ڪرڻ لڳو ٿو اُهو اڳواڻ ڪراچي ۽ سنڌ وارو تعسباڻا جملو اپاني ٿو، تنهن مهل فيس بڪ تي احتجاج ڪرڻ جي ۽ گارگند ڪرڻ جي علاوه ڪنهن کي ڪو ڪَک بہ ٻيڻو ڪرڻ جو ڪونہ سجهي ٿو.
    جنهن ڪرڪيٽي جي تعريف ڪندي هتان جا ماڻهو ڍاپن ڪونہ ٿا اهو ئي عوامي ڪرڪيٽر صاحب سنڌين جي عظمت کي ڇهيو رسائيندي اهو بيان جاري ڪري ٿو تہ
    ”سنڌ ۾ پئيڻ جو پاڻي ميسر ڪونہ آهي تہ وري ٽئلنٽ ڪٿي هوندو“،
    سندن اهڙن تعسب ڀرين روين توڙي عملن جي باوجود بہ اڃا سندنس ڳڻ ڳايا وڃن ٿا
    عامر لياقت جهڙو کسيس ٽڪي جو ماڻهو ڪراچي کي پنهنجي پي جي جاگير سمجهدي بيان ٿو جاري ڪري، سندن انهن سڀنين اڻ وڻندڙ روين خلاف سنڌي قوم ڪهڙو تحرڪ ورتو آهي.
    هن قوم جون آڱريون تہ انهن قومپرستن جي ڪارڪردگي تي پڻ اُڀيون ٿين ٿيون، جيڪي پنهنجي ڌرتي جي ڀلي جي ڳالھ ڪن ٿا جن جا ڪافي سارا معتبر، دلير، مهذب توڙي پڙهيل لکيل اڳواڻ هن ڌرتي جي آزادي خوشحالي ۽ آبادي لاءَ پنهنجين قيمتي جانن جو نظرانو ڏئي چڪا آهن.
    هن قوم جا ڪجھ اٻوجھ ذهن فرد اڃا تائين سنڌ ڌرتي جي مفڪر اعظم، ڏاهي، مصنف ۽ ليکڪ سائين جي ايم سيد جهڙي اعلي پائي جهڙي شخصيت جي فڪر جي مخالفت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونہ ٿا ڇڏين، سندس جدوجهد ۽ فڪر تي بي وزنائتا سوال گهڙن ٿا. هن قوم کي ازل کان وٺي ڪري پنهنجا خير خواه فرد پسند ڪونہ آهن، جيڪو بہ فرد کين ڏک درد ۽ پيڙاه مان ڪڍڻ جي ڳالھ ڪندو تہ بلڪل عين ان وقت کن ان فرد ۾ هزارين عيب نظر اچڻ لڳندا آهن، باقي انهن جي برعڪس اگر ڪو فرد کين خيالي خواب ڏيکاريندو يا وري کين ڪوڙن ڏٽن ۽ دولابن ۾ رکندو تہ ان فرد تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتماد ڪرڻ لڳندا آهن، پوءَ وري صدين تائين سندس طرف پيا واجهيندا تہ من ڪو اسان جو ڀلو ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءَ پاڻ ڪڏهن بہ ڪا جاکوڙ نہ ڪندا، ڪائي بہ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪونہ ڪندا هنن لاءَ سڀ ڪجھ ٻيا ڪن، هن جي وات ۾ گره بہ اچي ٻيا وجهن، سندن طبعيت جي ان مزاجي جو غلط فائدو وٺندي ئي تہ کين صدين تائين انهن چالاڪ حڪمرانن ۽ ڪامورن پوئتي رکيو آهي.
    کين چڱي ريت سندس فطرت ۽ طبعيت جي پرک آهي، ان لاءَ هاڻ مجموعي طور هن قوم کي ان سست روي کان ڪڍڻ لاءَ متحرڪ نوجوانن کي اپيل آهي تہ اُهي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪن، هن ستل قوم کي اگهور ننڊ کان سجاڳ ڪن، کين اهو احساس ڏيارن تہ هاڻ گهڻو ٿيو هاڻ خدارا چستي ڪريو تہ جئين اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقل سڌري پوي کين اڄڪلھ جي درپيش مسئلن جهڙا مسئلا نہ جهيلڻا پون، سندن زندگيون سک سان گذري سگهن.


    پڙاڏو سو ئي سڏ

    هن مهل پنهنجي شاهوڪار ڌرتي جي حالت ڏسي ڪري هر هڪ باشعور توڙي سُرجهيل فرد جي ذهن ۾ انيڪ سوال جنم وٺن ٿا، سندس ذهن ۾ اڄڪلھ جي حڪمرانن بابت ڪروڌ ڀريل رويو اُڀري اچي ٿو، جنهن جو مطلب سنئون سڌو اهو آهي تہ سنڌ جو هر هڪ فرد هن فرسوده ۽ ناڪاره نظام کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، هر فرد تبديلي چاهي ٿو.
    پر اهو ممڪن ڪئين ٿئي، هر ڪو فرد ان مونجهاري جو شڪار آهي تہ ڪنهن جي قيادت ۾ اُهي پنهنجي اڄڪلھ جي هن فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اُهي ڪنهن جي چوڻ تي عمل ڪن، ڪنهن جي آسري تي پنهنجي سر جو سانگو لاهي ڪري ڀوتارن، پيرن، ميرن توڙي جاگيردارن سان ٽڪر کائن، انهن سان منهن مهاڏو اٽڪائن.
    ڇو تہ هن مهل اڃا بہ سنڌ جا ڪافي فرد هڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا نظر اچن ٿا، کين پنهنجي تقدير بدلائڻ جي سگھ تي پورو يقين شايد نہ آهي، کين اهو خوف بي پاڙي ولھ جيان وڪوڙيون ويٺو آهي تہ ڪٿي اُهي وري نہ اڪيلا ڪيا وڃن، ڪٿي وري نہ کين اڻ ڳڻين تڪيلفن ۽ پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي، ان بي وقتي خوف کان نڪرڻ لاءَ کين هاڻ ڦڙتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نہ تہ وقت کين ڪي ئي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندي.
    ان لاءِ تبديلي جو انتظار ڪرڻ بجاءَ اسان توهان مان هر هڪ فرد تبديلي جو حصو بڻجي ڪري پنهنجي معاشري جي بقا خاطر، پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلي خاطر، سنڌ ڌرتي جي خوشحالي خاطر، جهموريت جي قيام خاطر، سٺي حڪمراني جي عمل خاطر، پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پنهنجي زندگي کي سياست جو حصو بڻائي، پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي علائقي جو سفير بڻجي ڪري پاڻ پنهنجي ماروئڙن جي سار سنڀال خاطر اُتان جي اڳواڻي جو ذمو پنهنجي سر کڻي.
    سڄي جو سڄو حال اوهان اڳيان آهي، ڪهڙي ڳالھ اوهان کان ڳجهي آهي جيڪا اوهان سان اُورجي ۽ اوهان کي اهو احساس ڏيارجي تہ هن مهل اوهان سياسي طرح مڪمل طور يتيم لڳا پيا آهيو، اوهان جون اسپتالون دوائن ڏيڻ کان انڪاري، اوهان جا تعليمي ادارا ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا، اوهان جون نوڪريون ڪرپشن جي ور چڙهيل، اوهان جا روڊ رستا توڙي بنيادي سهولتون اوهان لاءَ اڻ لڀ، اوهان جا شهر ٻهراڙي مثل بڻيل، اوهان وٽ انصاف غريب جي پهچ کان پري، هي هيڏا سارا ڪلور سي بہ صرف انهن فردن سان جيڪي ووٽ جهڙي جهموري عمل جو حصو بڻجن ٿا.
    ان لاءِ اچو تہ هڪ ڪرا ٿي ڪري سڀ گڏجئون، انهن ڀوتارڪن صفت ڀُوڪَ سياسي اڳواڻن کي شڪست جو چسڪو چکرايو جيڪي پوري پنجن سالن جي عرصي ۾ اسان توهان ڏي اچڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان جي ڪنهن ڳالھ کي ٻڌڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان جي شهرن کي ماڊل بنائڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي اسان کي اسان جون بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءَ تيار نہ آهن، جيڪي بنا پروڪٽوڪول جي ڪڏهن اسان سان ملڻ لاءَ تيار نہ آهن.
    ڇا جهموري حڪومتون ائين قيام عمل ۾ اينديون آهن ڌانڌلين وسيلي؟
    ڇا جهموريت ۾ ڪنهن فردن کي پنهنجي نوڪري ۾ مستقل ٿيڻ لاءَ پوليس جا ڏنڊا برداشت ڪرڻا پوندا آهن ؟
    ڇا جهموري حڪومتن ۾ عوام کي ائين اڪيلو، لاوارث، دربدر ۽ نڌڻڪو ڪيو ويندو آهي؟
    دنيا جي جن ملڪن ۾ جهموري حڪومتون قائم آهن انهن جو جائزو تہ وٺي ڏسو، اُتي هر هڪ عمل، هر هڪ حڪمت عملي عوام جي ڀلي کي نظر ۾ رکي ڪري جوڙي وڃي ٿي، هر هڪ لائہ عمل عوام جي فلاح ۽ بهبود خاطر جوڙيو وڃي ٿو.
    پر هتي ان جي ابتڙ هر هڪ حڪمت عملي، هتان جي واڳوئن جهڙا پيٽ رکندڙ حڪمرانن جي ڀڀ کي ڀرڻ لاءَ جوڙيون وڃن ٿيون پر پوءَ بہ خبر ناهي الاءَ ڇو سندس ڪارون نما طبعيت دولت جي اڻ کٽ حاصلات کان ڊاپي ئي نٿي، کين وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪرڻ جو جنون سوار رهي ٿو، پوءَ ان وچ ۾ عوام تباهي ڪناري پهچي تہ ڀل پهچي، غريب عوام غربت جي سبب ڦٿڪن مرن يا چيفاٽجي ختم ٿين تہ ڀل ٿين، کين ٽڪي برابر بہ ڪو فڪر نہ آهي.


      حيران هزارين - هڪ مان نہ رڳو

    اسان وٽ ماڻهو نڪ جا ڏاڍا پڪا آهن، ڀلي انهن سان کڻي ڪيترو بہ ظلم ڪيو وڃي، کين اڪيلو ڪيو وڃي، در بدر ڪيو وڃي پر پوءِ بہ ٻڻڪ ٻاهر نہ ڪڍندا، ها ڪڇندا ضرور پر تڏهن جڏهن کين ڪير سڄاڳ ڪرڻ جو سوچيندو، ڪير کين ٿوري همٿ يا آٿت ڏيڻ جو سوچيندو پوءِ وري اهڙو ڪڇندا جو اصلي چپ ڪرڻ جي ڪندا ئي ڪونہ.
    اصلي ان ماڻهو جو گريبان هٿ ۾ جهلي بيهندا تہ تو اسان کي سڄاڳ ڇو ڪيو، اسان جي آرام ۾ خلل ڇو وڌو.
    صدين تائين ويڳاڻپ واري حالت ۾ رهي ڪري بہ کين ٿوري بہ ٽڪي جيتري پڪائي ڪرڻ ڪونہ آئي، پنهنجي سون جهڙي جواني ڀوتارن ۽ وڏيرن اڳيان گذاريندي بہ کين ذري برابر شعور نہ آيو جو ڪڏهن پنهنجي شهر جي چونڊيل نمائيندي کان اهو پڇن تہ اسان جي شهر جي حالت ٻهراڙين وانگر ڇو ٿي ٿيندي پئي وڃي، اسان جا بنيادي مسئلا حل ڇو نہ ٿا ڪيا وڃن، آخر اسان جو ڏھ ڪهڙو آهي؟
    اسان کي اسان جي ڪهڙي خطا جي سزا ڏني پئي وڃي؟
    ڇا اسان ان لاءِ توهان کي چونڊي ڪري ايوانن تائين پهچايو تہ اوهان اتي پهچي ڪري اسان کي ائين وساري ڇڏيو جئين انسان ڌرتي تي هلڻ مهل جيت جڙن ۽ ڪولين کي وساري ڪري هلندو آهي، پوءِ اُهي ڀلي لتاڙجي، چيٿاڙجي مري وڃن.
    ڇا اسان توهان کي ان لاءِ منتخب ڪيو هو تہ اوهان اسان جي شهرن جي ترقي لاءَ ايندڙ ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪرپشن جي نظر ڪري ان کي کرد برد ڪري ڪاغذي ڪاروائي تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو ؟
    ڇا اسان اوهان کي ان لاءَ منتخب ڪيو هو تہ اوهان اسان ڏانهن پنجن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ صرف عذر خوائي تي ايندا ڪريو؟
    خدارا هن قوم جي هاڻوڪي حالت تي رحم ڪريو، پنهنجي ذاتي مفادن کان بالا تر ٿي ڪري قومي مفادن جي حاصلات لا۽ اڳڀرا ٿيو، هاڻ گهڻو ٿي، اوهان جي وڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪو نظام کي گهڻو برداشت ڪيوسين، هاڻ اسان کان وڌيڪ برداشت ڪونہ ٿو ٿي، اسان جي ايندڙ نسل تي رحم ڪريو، انهن جي ڀلي خاطر هاڻ اسان جي جند ڇڏيو.

    اوهان جي راهون جدا اسان جون راهون جدا، هاڻ اسان پاڻ پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ لاءَ نڪتا آهيون، اسان کي وڌيڪ بيزار نہ ڪريو پوءِ متان ڪٿي اوهان کي وري پچتائڻو نہ پوي، ان لاءِ براء مهرباني ” ڊونٽ ڊسٽرب اس پليز .“


      انسانيت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ؟؟

    حضرت انسان جڏهن پنهنجي دل ۾ رحم، محبت ۽ احساس جهڙا نفيس جذبا پاليندو آهي تہ ان مهل کيس انسانيت جو پارکو توڙي انسانيت پسند جهڙا لقب ڏنا وڃن ٿا، سندس واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، هر فرد کيس عزت واري نگاه سان ڏسڻ لڳندو آهي، هر ڪو ساڻس ملڻ لاءِ آتو ٿيندو آهي، آءُ هتي ڪنهن مخصوص شخص جي ڳالھ نہ پيو ڪريان، آءُ تہ هتي صرف انسانيت جا گڻ رکندڙ فرد جي ڳالھ پيو ڪريان ۽ انسانيت پسند ڪير بہ ٿي سگهي ٿو.
    انسانيت جي عنوان تي سوچيندي ئي اهو گهمان اڪثر فردن جي ذهن تي اڀري ايندو آهي تہ انساني ڀلائي، فلاح توڙي بهبود لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي انسانيت چئبو آهي، مڃون ٿا ڪنهن قدر انساني ڀلائي جي صنفن کي اڀارڻ جو نالو انسانيت آهي پر ان کان علاوه اسين ڪنهن بہ قيمت تي لفظ انسانيت کي محدود ڪرڻ جو حق نہ ٿا رکو.
    انسانيت جي دائري ۾ تہ هر اهو مثبت پهلو شامل آهي جنهن پهلو ذريعي هن ڪائنات ۾ موجود هر جائدار جي ڀلائي جو سوچيو وڃي، هر پکي پکڻ، وڻ ٽڻ توڙي جيت جڙي جو خيال رکيو وڃي، هر ان جاندار جو ايترو خيال رکيو وڃي جيترو انسان ذات جي ڀلائي خاطر سندس خيال رکيو ويندو آهي.
    اسان وٽ تہ انساني حقوق ئي ڪنهن حد تائين دٻيل ۽ گم شده نظر اچن ٿا پر ان جي باوجود بہ ڪي عبدالستار ايدهي جهڙا انمول شخص پيدا ٿين ٿا جيڪي انساني ڀلائي خاطر پنهنجي سموري زندگي وقف ڪريو ڇڏين ٿا.
    هر روز روڊ رستن تي ڪيترائي جاندار چيڦاٽجيل، دربدر ۽ لاورث پيل نظر اچن ٿا، اسان جا يار ڊائيور حضرات کين اجل جو شڪار ڪندي وڏي سڪون ۽ اطمنان سان ڊرائيوري ڪندي نظر اچن ٿا، ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن جاندار کي ڪنهن وڏي توڙي ننڍي گاڏي جي هيٺيان ايندي ڏسندو آهيان، اسان وٽ تہ ڊرائيورن کي اهو بہ نہ ٿو سيکاريو وڃي تہ اُهي ٻين جاندارن کي بہ هن ڪائنات جو مخلوق سمجهندي سندن خيال ڪن ۽ ڊرائيوري ڪندي کن پل جو خيال ڪن، پر ائين ڪٿي آهي.
    گاڏين جي هيٺيان ايندڙ جاندارن کي ٽڪي برابر بہ نہ سمجهندي کين بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، ڀلا ان چيڦاجڻ کي قتل نہ چئجي تہ ٻيو ڇا چئجي، اگر ڊرائيور حضرات کن پل دماغ کان ڪم وٺن، گاڏي جي بريڪ کي دٻائن تہ شايد ڪو معصوم ۽ بي خبر جانور سندن گاڏين جي هيٺيان اچڻ کان بچي پوي ۽ سندس زندگي جون رونقون هميشه لاءِ بحال رهن.
    اسان توهان مان هر هڪ دوست کي اڄ اهو عزم ڪرڻو آهي تہ اسين ڊرائيونگ ڪندي پنهنجي پنجن حواسن کان ڪم وٺندي هر هڪ جاندار جي بقا جو خيال ڪنداسين، اسان پنهنجي بي ڌياني ۾ ڪنهن بہ جاندار کي اجل جو شڪار ٿيڻ ڪونہ ڏينداسين، اسان جو اهو مثبت قدم بہ يقينن انسانيت جو هڪ اهم جز آهي.


    تبديلي جي مخالفت ڪرڻ غير فطري عمل آهي

    جڏهن خدا تعالي هن ڪائنات کي جوڙيو تہ ان مهل خدا تعالي سندس ڪار وهنوار کي ازخد مستقل طور جاري رکڻ لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا بہ مقرر ڪيا، انهن اصولن جي پغتگي ان ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿي تہ جڏهن بہ ڪو فرد فطرت کان هٽي ڪري ڪنهن غير فطري ڪم ڪري ٿو تہ اهو يڪدم نقصان کائي ٿو.
    اهڙي طرح فطرت جي قانونن ۽ اصولن ۾ هڪ اعلي توڙي ادنا ۽ ڪارڳر اصول قدرت طرفان اهو بہ رکيو ويو آهي تہ هر شئي وقت جي حساب سان تبديل ٿيندي رهندي يا وري تبديلي جي خواهش پنهنجي اندر ۾ ضرور پاليندي، مطلب تہ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جانور توڙي انسان وقت سان گڏجي پاڻ کي تبديلي طرف ڌڪيندا رهندا آهن.
    هاڻ جڏهن اسان ڪنهن سان تبديلي جي ڳالھ ڪريون ۽ اُهو فرد يڪدم تبديلي جي مخالفت شروع ڪري تہ پوءِ يقين ڄاڻو اهو فرد ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ڇو تہ ان جي پنهنجي فطرت ۾ تبديلي جو جذبو قدرتي طور سمائل آهي پوءِ اهو ڪهڙن بنيادن تي تبديلي ٿي ٿو اهو ان تي دارو مدار ڪري ٿو، يا وري اگر جي ڪو فرد تبديلي جي مخالفت ڪري ٿو يا وري تبديلي جي نظريي سان اختلاف رکي ٿو تہ کيس ياد ڏيارو تہ مٺا سائين اوهين پنهنجي ڪالھ ۽ پنهنجي اڄ کي هڪ ٻي سان ڀيٽي ڏسو اوهان کي تبديلي جي مفهوم سمجھ ۾ اچي ويندي.
    کيس ياد ڏياريو تہ اوهان ڄم کان وٺي ڪري اڄ تائين تبديلي جا مختلف مرحلا طئي ڪري هاڻوڪي شڪل ۽ شنبيھ تي اچي پهتا آهيو، اها تبديلي اوهان ۾ اڃا وڌيڪ رونما ٿيندي، ٻالڪپڻ مان جواني، جواني ۾ جنوني ۽ جنونيت کان پوءِ اوهان کي ڪراڙپ اچي سلام ڪندي اگر جي حالت حيات رهيئو تہ اوهان تبديلي جا سڀ رنگ پنهنجي پاڻ پسندئو.
    اهڙي ريت تبديلي هر هڪ عنصر جو بنيادي حصو رهيو آهي ۽ تاقيامت تائين تبديلي جو ڪردار اسان جي روزاني جي زندگي کان وٺي ڪري اسان جي سياست، معشيت، صحت، تعليم توڙي مختلف شعبن سان رهندي، اڃا کڻي ائين چئجي تہ هر هڪ سان رهندي، هاڻ اها ڳالھ واضع ٿي چڪي آهي تہ اسين جاندار ازل کان تبديلي جا متلاشي رهيا آهيون، تبديلي کان سواءِ اسان جي زندگي ۾ سواءِ بيزاري ۽ بيقراري جي ٻيو ڪجھ بہ نہ بچندو
    ان لاءِ ڳالھ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، اجائي فطرت جي خلاف نہ وڃو، آءُ اڳم ئي ڳالھ ڪري چڪو آهيان تہ جيڪو فرد فطرت خلاف وڃي ٿو ان کي اڻ ڏٺي نقصان جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، ان لاءِ پنهنجي اڄوڪي زندگي کي سڀاڻ لاءِ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ تبديلي جو حصو ٿيو.
    اسان انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي ڪري اسان جو اجتماعي شعور خصيص ٽڪي جي حيثيت رکندڙ ڀوتارن، پيرن، ميرن، ۽ جاگيردارن وٽ يرغمال بڻيل آهي، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب هڪ پڙهيل لکيل باشعور فرد ڪنهن انا خور وڏيري جي اڳيان پويان گهمڻ تي مجبور ٿئي ٿو، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب ڪنهن ٻي جڳھ جو اميدوار اچي ڪري اسان جي تڪ تي مسلسل ڪامياب ٿي ڪري اسان تي حڪمراني ڪري ٿو.
    اسان انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب اسان جي شهر جو ڪو پڙهيل لکيل باشعور فرد پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات نہ ٿو ڪري سگهي، کيس هر دفعي ڌوڪا ڌولاب ڏئي ڪري ماٺ ڪري ويهاريو وڃي ٿو، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان جو باشعور سنڌي فرد حق ۽ سچ ڳالهائڻ شرط ئي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ٿورئي ئي عرصي ۾ کيس اسان کان جدا ڪري ڪوه ڏور موڪليو وڃي ٿو هڪ اهڙي دنيا ڏانهن جتان وري سندس واپس ورڻ جي ڪا اميد بہ باقي نہ بچي ٿي.
    اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان سنڌين کي نا اهل سمجهندي اسان جي قدرتي وسيلن تي غيرن کي قابص ڪري سڄي جو سڄيون واڳون انهن جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون اهڙي نموني اسان هر ان روايت کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان کي اڪيلو، لاوارث، نڌڻڪو سمجهيو ويندو آهي، اسان جي زندگين کي بي مقصد، نا اهل، خاموش تماشائي، سمجهي ڪري اسان تي پنهنجو هوڏ قائم ڪيو ويندو آهي.
    اسان جي جذبن کي ٺيس پهچائيندي اسان جي ونين کي ڪارو ڪاري واري روايت جي لپيٽ ۾ گهيري رکيو ويندو آهي، اسان جي نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ ذهني توڙي جسماني طرح هراسمنٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي، اهي سڀ ڪلور صرف ان جي ڪري ٿيندا رهيا آهن جو اسان اگهور ننڍ ستل رهياسين، اسان انهن کان سوال ڪرڻ واري سگھ پاڻ ۾ پيدا نہ ڪري سگهياسين.
    انهن ڪم ظرف ٽڪي وڪاڻا حڪمرانن کان ڪڏهن اسان حال نہ ورتو نہ ڏنو، سندس صحي طريقي سان احستاب نہ ڪيو، هو اسان کي جاهل سمجهندي پنهنجا کيڏ کيڏندا رهيا، ان لاءِ اچو تہ هاڻ سندس ان چالاڪين کي ٻنڊو ڏيئون ۽ کين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اصل طاقت ۽ سرچشمو عوام ئي آهي جن کي هميشه اوهان جتين جو ڪوڪو سمجهي لتاڙيندا رهيا آهيو هاڻ اهو ڪوڪو اوهان جي ڪنڌ ۾ لڳڻ وارو آهي ۽ اوهان جي سڄين مڪارين ۽ چالاڪين کي وائکو ڪرڻ وارو آهي.


    فڪر لطيف جو مطالعو

    ڀٽائي صاحب جي شاعري جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو تہ هوند ان منجھ انساني واقعن، حالاتن، ضرورتن توڙي ڪيفيتن جو چٽو عڪس ذهن ۾ اڀري نروار ٿي ڪري اچي ٿو، ڀٽائي صاحب جي شاعري جو اهم پهلو اهو پڻ آهي تہ اوهين سندس شاعري کي جهڙي ترز عمل ۾ پڙهندا ۽ سوچيندا، اوهان کي سندس شاعري ۾ اهو ئي پيغام ۽ تاثر چٽو ملندو.
    اِها خوبي دنيا جي تمام گهٽ شاعرن جي شاعري ۾ هوندي آهي، ڀٽائي صاحب هن اڄوڪي معاشري توڙي عالم انسانيت کي ڏسڻ، جاچڻ توڙي سمجهڻ خاطر ائين فرمائي ٿو تہ:

    ”سرمـــــــــو سفيــــــــدي جو، جــــــــڏهن پاتو جن،
    تڏهـــــــــن ڏٺــــــــــي تن، اڇائـــــــي عــــالم جي،“

    مطلب تہ جيستائين انسان پنهنجي اکڙين ۾ سفيدي يعني مثبت سوچ واري نظر نہ ٿو پالي تيستائين اُن کي هن عالم جي اندر سُٺَن توڙي سُهڻَن شين جي سُڌ نہ پوندي، ڇو تہ منفي سوچ توڙي نظر هميشه منفي لاڙن کي ئي جنم ڏيندي آهي.
    ڀٽائي گهوٽ جتي دنيا کي پرکڻ جو ڏس اسان کي ڏي ٿو اتي وري سُسُتَ، ٽُوٽِي توڙي ڪاهل ماڻهن کي تبيھ پڻ ڪري ٿو، ڇو تہ ڀٽائي صاحب محنت جي عظمت کان بخوبي واقف هو، تڏهن ئي تہ فرمايائون:

    ”اي ڪــــــــــم ڪميڻين، جي سمهن پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇو نہ لطيــــــــف چئي، هاري لئہ هـــــوتن،
    ننــــــڊا نڀـــــــــاڳـــــــــــن کـــــي، اوڀـالا اچـــــــن،
    سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.“

    ڀٽائي صاحب مٿين بيت ۾ سُسُتَ، ڪاهل، ۽ ٽوٽي فردن کي اها تبيھ ڪندي نظر اچي ٿو تہ اوهين لوچيو ڇو نہ ٿا، محنت جي عظمت واري مهاوري تي هلو ڇو نہ ٿا، اوهان پنهنجي پنهون (مطلب تہ منزل) کي ڪڏهن بہ پهچي ڪونہ سگهندئو، جيستائين محنت نہ ٿا ڪريو
    ڀٽائي صاحب جي هر هڪ سٽ اسان لاءِ رهبري جو سبب بڻجي ٿي، اهو انساني فطرت پڻ آهي تہ جتي ان کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳندو، انسان ان طرف پنهنجو ڌيان وڌيڪ ڏيندو، ڀٽائي صاحب انساني فطرت جي ان پهلو تي اسان سان هن ريت مخاطب ٿئي ٿو:

    ”ويٺــــــــــي جــــــني وٽ، ڏکــــــــندو ڏور ٿـــــــئي،
    تون! تنيـــــــــــن ســــــيـن ڪـــــٽ، اوڏا اڏي پکڙا.“

    وري ٻي هنڌ ڀٽائي صاحب، انهي سنگت جي ڪچهري کان پري رهڻ جو تلقين پڻ ڪري ٿو جتي انسان جا ڏک درد گهٽجڻ بجاءِ وڌيو وڃن يا وڌڻ لڳن.

    ”ويٺي جــــني وٽ، ڏکـــــــندو ڏاڍو ٿـــــــــــئي،
    سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هو هزار جي “

    واه ڀٽائي گهوٽ، هڪ جڳھ تي اها تاڪيد تہ جنهن ڪچهري ۾ من هلڪو ٿي، سڪون ملي، اتي ڀلي ويهو، سڪون وٺو، وري جتي دل جا درد دکن، سور جاڳن، روح رنجھ ٿي، اتان لاءِ چئي ٿو سا مجلس ئي مٽ، مطلب تہ ڀٽائي صاحب انسان جي فطرت کي سمجهندي سندس خوش رهڻ توڙي غم زده رهڻ واري ڪيفيتن کي پڻ پنهنجي شاعري وسيلي نروار ڪري ٿو.
    اهڙي ريت ڀٽائي جي هر هڪ بيت ۾ ڏاهپ جو انيڪ راهون هموار ٿيل آهن، ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان ڀٽائي جي فلسفانہ شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ انهي منجھ لڪل رازن کي ڳولي لهو جن رازن ۾ اسان لاءِ انيڪ ڀلايون سمايل آهن.


    خدارا، پنهنجي اندر سوال ڪرڻ جي سگھ پاليو

    اسان وٽ عام ماڻهو جو ذهن ان خوف ۾ غرق ٿيل نظر اچي ٿو تہ آءُ ڪئين سوال ڪريان ڪٿي سائين جن کي برو نہ لڳي، ڪٿي سائين جن ناراض نہ ٿي پون، ڪٿي سائين مون کي ڪو نقصان نہ ڏئي وجهن، اهڙي قسم جا انيڪ وسوسا ذهن ۾ اڀرندڙ سوالن کي خاموش ڪري ڇڏين ٿا ۽ خيالن کي دٻائي ڪري دفن ڪريون ڇڏين ٿا.
    اسان توهان مان هر اهو فرد جيڪو ووٽ ڏي ٿو، اِن جهموري حڪمت عمل جو حصو بڻجي ٿو ان کي اهو حق حاصل آهي تہ اهو پنهنجي چونڊيل نمائيندي کان اهڙا سوال ڪري، ان کان پڇي تہ اوهان اسان کي ووٽ جي بدلي ۾ ڇا ڏنو آهي، اسان سان ڪهڙيون چڱايون ڪيون اٿئو، اسان لاءِ روزگار جا ڪهڙا راھ هموار ڪيا اٿئو، اسان جي روز مره جي زندگين ۾ ڪهڙيون سولايون پيدا ڪيون اٿئو.
    اهڙي ريت سندس احستاب ڪري اگر جي اهو چونڊيل نمائدو ان حساب سان عوام جو خير خواه ۽ هر دل عزيز ثابت ٿي ٿو تہ پوءِ ڀلي اڳتي لاءِ ان جو ساٿ ڏيڻ کيس جڳائي ٿو پر اگر جي اهو چونڊيل نمائدو ان حساب سان کوٽو ۽ کرو ثابت ٿي ٿو تہ پوءِ کيس سگهو ئي خدا حافظ چوڻ جو جوڳو بندوبست ڪريو.
    ڇو تہ هاڻ گهڻو ٿي چڪو، گهڻو ئي سندس ڪوڙن واعدن، ڏٽن ۽ ڌولابن تي پاڻ هليا آهيون، گهڻو ئي پيري مريدي، مٽي مائٽي، ۽ ذاتي واستن تي سندس ساٿ ڏنو آهي، هاڻ وقت جي اها تقاضا آهي تہ اسان سڀ پنهنجا ذاتي مفاد وساري ڪري قومي مفادن جي حاصلات لاءِ هڪ ڪرا ٿي ڪري بيهون، اسان سڀ ذات پات، رنگ نسل توڙي مذهبي عقيدن جي ڌارا کان وڌي ڪري بحثيت هڪ قوم جي هڪ صف ۾ گڏ ٿي ڪري پنهنجي قومي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيون.
    هاڻ اسان سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، ڇو تہ انهن ڀوتارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن هميشه اسان کي هڪ ٻي کان پري ڪري اسان کي لٽيو، ڦريو ۽ تباه ڪيو آهي، اسان جي ٻڌي ۽ طاقت کي ٽوڙي مروڙي اسان کي ڪمزور ڪري پوءِ اسان تي وار ڪيا آهن،ِ ڪڏهن اسان کي قومي جهيڙن توڙي قبائلي جهيڙن جي اوٽ ۾ نقصان ڏنو آهي تہ وري ڪڏهن اسان کي مختلف رنگ نسل توڙي فرقن جي بنيادن تي اسان جو ناحق خون وهايو آهي. انهن هميشه اسان تي پنهنجي سلطنت قائم ۽ دائم رکي آهي.
    ڪڏهن پيري ۽ مريدي جي اوٽ ۾
    ڪڏهن ذاتين جي بنياد تي ٺهندڙ اتحادن جي اوٽ ۾
    ڪڏهن سرداري نظام جهڙي فرسوده عمل جي اوٽ ۾
    وري ڪڏهن مٽ ۽ مائٽي جي ڏٽي جي اوٽ ۾

    اچو تہ هاڻ انهن کان انهن جا اهي سڀ اوٽ ڪڍي ڪري کين ان چوٽ تي چاڙهي ڇڏيو جتان ڪرڻ کان پوءِ هنن جي ڪا هڪ هڏي ۽ پاسري بہ باقي نہ رهي، هنن جي گوشت جو هڪ نيوالو ڪنهن ڪانگ کي بہ کائڻ لاءِ نصيب نہ ٿي، هنن اسان سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن نہ انهن ڪلورن سان تاريخ جا ڪاغذ ڪارا لڳا پيا آهن.


      مان تو کان هڪڙي ڳالھ پڇان ؟؟؟

    جيڪي دوست گهر ويٺي فيس بڪ تي دانشور ٿي ڪري هر ڪنهن جي مثبت سوچ، عمل يا فڪر تي تنقيد ڪندا رهندا آهن، انهن دوستن کان صرف ايترو مختصرن سوال ڪجي ٿو تہ سائين اوهان پنهنجي شهر جي ڀلي خاطر ڪيترو عملي ڪم ڪيو آهي؟
    اوهان پنهنجي شهر اندڙ ٿيندڙ ڪرپشن بابت ڪيترا دفعا ميدان عمل ۾ آيا آهيو؟
    ڇا اوهان کان اوهان جي شهر جون اهي اسٽريٽ لائٽون وسري ويون آهن جيڪي نہ ڄاڻ ڪيترن ڏينهن کان هڪ لوھ جو ٽڪرو بڻيو بيٺيون آهن؟
    اوهان کان شهر جا اُهي گٽر وسري ويا آهن جيڪي هر روز الٽ ٿي ڪري پوري شهر جي روڊن ۽ رستن کي بدبو دار ڪري ٿا ڇڏين؟
    اوهان کان شهر جون اُهي حد دخليون ڳجهيون آهن جن تي هر روز لينڊ مافيا قبصو ڪندي ٿي وتي؟
    ڇا اوهان کان شهر جي اهم اسپتال جي حالت ڳجهي آهي، جتي غريب غربي کي هڪ پائي جي ٽڪي بہ نٿي ملي؟
    ڇا اوهان کان اهي سڀ ڪلور ۽ نا انصافيون وسري ويون آهن جيڪي اوهان جي شهر سان ٿيون آهن، اوهان کي اڪيلو ڪيو ويو، اوهان تي ٻاهران ماڻهو مسلت ڪيا ويا، اوهان تي ٻاهرين ماڻهن جي حڪمراني هلي ٿي، اوهان هن مهل شديد ٻوسٽ واري ماحول ۾ زندگي گذاريو پيا پر پوءِ بہ انهن سڀنين حالتن کي نظر انداز ڪري اوهان کي برائي ان ماڻهو ۾ نظر اچي ٿي جيڪو اوهان کي حق سچ چئي ٿو، جيڪو اوهان کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، وري بہ آڱر ان تي کڻو ٿا، ان خلاف بد گمانيون پاليو ٿا، ان خلاف هٿ جا ٺاھ ٺاهيو ٿا، ان جي ڪردار ڪشي ڪريو ٿا.
    اوهان کان اُهي معتبر وسري ٿا وڃن جن اوهان کي اڄڪلھ ان مفلسي واري حالت تائين اچي ڪري پهچايو آهي، اوهان جا بنيادي حق هڙپ ڪيا، اوهان جون اميدن جو قتل ڪيو، اوهان سان تاريخي ويساه گهاتي ڪئي، پر پوءَ بہ اُهي معتبر ۽ معزز، گنگهار ۽ ڏوهي وري بہ اسان، اسان ئي توهان جا دشمن، اسان ئي توهان جا ڏوهي، اُهي وري بہ اکين تي ۽ اسان وري اوهان جي اکين ۾ ڄڻڪ ڪنڊا، خدارا اکيون کوليو ۽ پنهنجي آئيندي جو سوچيو نہ تہ ايندڙ وقت ۾ وڏين تڪيلفن کي منهن ڏيڻو پوندئو.


    سنڌ، تصوف ۽ اسان جو لطيف

    سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آه، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا طر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي.
    پاڻ ڳالھ پي ڪئي فڪر لطيف ۾ مذهبي رواداري جي، جهڙي ريت سنڌَ ڌرتي تصوف جي رنڱ ۾ رهيل رهي آهي اهڙي ريت سنڌ سان گڏ هنڌ ڌرتي تي بہ تصوف پنهنجا چٽا ۽ گهرا اثر ڇڏيا.
    اهڙي طرح جڏهن هندن جا جيڪي پرڻا ۽ مرڻا آهن اُهي بہ (مسلمانن سان) گڏ رهيا آهن، هنن جو هوليون ۽ عيدون بہ گڏ رهيون آهن هنن جون ڏياريون ۽ هنن جون ٿڌڙيون بہ هڪ ٻي سان گڏ رهيون آهن.
    ڪالھ تائين هندو مسلم جو تہ فرق نہ هيو پر مسلمانن جي درميان سني شيئي جو بہ فرق نہ هيو ۽ انهي جي ئي ڪري سنڌ جي ماڻهن شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف واري تحريڪ کي قبول ڪيو ۽ اها تصوف واري تحريڪ جنهن جو روح روان پنهنجي دور ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي رهيو، ۽ ان تصوف واري تحريڪ جو روح روان پنهنجي دور ۾ صوفي شاه عنايت رهيو، پنهنجي دور ۾ ان تصوف واري تحريڪ جو اڳواڻ مخدوم بلاول رهيو، تصوف جي ان تحريڪ جو اڳواڻ پنهنجي دور ۾ سچل سرمست رهيو، روحل رهيو، بيدل بيڪس رهيو ۽ اڄ جي سنڌي شاعرن پڻ روشني جا ترورا شاه عبدالطيف جي فڪر مان کنيا آهن. اڄ جي شاعرن ۾ بہ اهو ئي تصوف جو رنگ آهي، اُهائي مذهبي رواداري آهي. لحاظا اڄ جي هن دور ۾ جتي سني شيئو هڪ ٻي کي ڪافر چوندڙ آهن، هڪ ئي مذهب جو هوندي هڪ ٻي جو رت وهائيندڙ آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ محبتن جي بحالي جي لاءِ شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف وارو واحد پيغام ئي ڪارڳر آهي، جيڪو سڀنن کي ان انتهاپسندي واري ماحول مان ڪڍي سگهي ٿو، اڄ جتي پوري دنيا جي اندر دهشتگردي وارو ديو آدم بو آدم بو ڪندو انسانيت جو خون وهائيندو رهي ٿو ۽ ان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ديو کي جيڪڏهن شڪست ڏئي سگهجي ٿي تہ اهو لطيف جو فڪر ئي آهي جيڪو کيس نست ۽ نابود ڪري سگهي ٿو، پوري دنيا جي لاءِ:

    سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

    جهڙو نيڪ خواهش پاليندڙ اسان جو ڀٽائي پوري عالم جي لاءِ نجات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ اڄ جي نوجوان تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي تہ هو باقي مذهبن جو احترام ڪري، ان ڪري جو سمورن مذهبن ۾ حق ۽ سچ جي روشني موجود آهي پر ملن ۽ پڊنتن ان مذهبن جي روح کي زخمي ڪيو آهي ۽ ان جو هو انت چاهن ٿا، پر اسان ڀٽائي جا پوئلڳ چاهيو ٿا تہ هن ڌرتي تي مذهبي رواداري جا رنگ هجن، هوليون بہ هتي هندو ۽ مسلم گڏجي ملهائن، ۽ ساڳي طرح عيدون بہ هندون مسلم گڏجي ملهائن ۽ محبتن جو دور دورو رهي ڇو تہ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو پوري دنيا جي لاءِ بقا باهمي، اتحاد انساني، ترقي بني آدم واري فزا کي برقرار ڪري سگهي ٿو، سنڌ واري تصوف جي روح ۾ ايتري طاقت آهي جو هو پوري دنيا مان دهشتگردي کي تڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري، ان لاءِ اچو تہ ڀٽائي جي فڪر کي پروڙيندي هن عالم انسانيت جي ڀلي خاطر ڀٽائي جي مذهبي رواداري واري روايت کي اپنائيندي هڪ ٻي کي ڳلي لاهيون ۽ محبتون وکيريون.


    هڪ عورت جو سماج جي هر هڪ فرد ڏانهن لکيل خط

    اي منهنجي ڌرتي جا دانشورو .....

    اڄ پوري دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، اوهان تہ بخوبي ڄاڻو ٿا تہ توهان جي هن هٿ ٺوڪيي سماج ۾ اسان عورتن جو ڪهڙو مان ۽ مقام آهي، اي هن ڌرتي جا مفڪرو اوهان اهو بخوبي ڄاڻو ٿا تہ اسان پنهنجي زندگي ٻوسٽ واري ماحول ۾ گذاريون پيا، اسان کي اهو حق ڪڏهن بہ حاصل نہ آهي تہ اسان پنهنجي زندگي جو پاڻ ڪو فيصلو وٺي سگهون، اسان جي جواني جي ڏاڪي تي پهچڻ شرط ئي اسان جي زندگين جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، اسان کان ڪڏهن بہ اهو نہ پڇيو ويندو آهي تہ اسان ان فرد بابت ڇا رايو رکون ٿا، يا ان بابت اسان جي ڪهڙي سوچ يا ويچار آهي جنهن سان اسان کي عمر ڀر لاءِ ڳنڍيو ويندو آهي، اسان جي زندگي ۾ سڀ کان اهم معاملا ۽ فيصلا اسان جا ڌڻي مطلب جنهن وس هجون ٿا، اُهي ئي طئي ڪن ٿا.
    اسان کي اظهار راءَ جو حق نہ ٿو ڏنو وڃي، اگر اتفاقن ڪا عورت اندر ۾ حوصلو ڌاري ڪري اوهان مردن جي جوڙيل هن سماج ۾ سچ ڳالهائڻ جي جرت ڪري ٿي يا وري پنهنجا بنيادي حق وٺڻ چاهي ٿي تہ اوهان جي سماج جا فرد ان عورت کي بد ذهن ڪوٺن ٿا، ان جي ڪردار ڪشي ڪن ٿا، کيس بدڪار ڪوٺن ٿا، اگر ايترو سڀ ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ بہ ڪا عورت اڃا بہ اڳڀري رهي ٿي تہ ان کي کن پل ۾ صدين تائين خاموش ڪريون ڇڏين ٿا.

    اي مڪتب نشينون

    اوهان جي مڪتبن ۾ کوڙ سارا اهڙا ڪتاب هوندا جن ۾ عورتن جي دردن جا انيڪ قصا درج ٿيل هوندا پر انهن کي پڙهي ڪير؟
    ڇو تہ هتي تہ هر ڪو عورت جي جسم سان کيڏڻ جو سوچي ٿو، هتي تہ هر ڪو پنهنجي ڪاري رات کي رنگين ڪرڻ چاهي ٿو، پوءِ کيس ڪهڙي لوڙ پئي آهي جو وتي عورتن جي ڏکن، دردن ۽ سوچن تي سوچيندو، ڪنهن ڏاهي چيو هو تہ” عورت صرف پيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، سمجهڻ لاءِ نہ“، شايد اوهان جي هن سماج جا سڀ فرد ان چوڻي جا پوئلڳ آهن، تڏهن ئي اکين ۾ حوس ۽ اندر ۾ بگڙ واري بک پالي ڪري جي رهيا آهن.
    اوهان جا هي سڀ ڪانفرس، ميڙاڪا، سيمينار بي مطلب ۽ بي معني آهن، تيستائين، جيستائين اوهان عورت کي اهو مان، مرتبو ۽ عزت نہ ٿا ڏيو جنهن عزت، مان مرتبي ۽ شان جو هو حقدار آهي، اوهان جون هي سڀ گڏجاڻيون، ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون گهڙي کن ۾ فزا جي هوائن ۾ وکري ڪري تاريخ جي صفحن تان ميسارجي وينديون ۽ پوءَ وري عورت ان ساڳي ئي پيڙاه مان گذرندي پنهنجي زندگي گذاريندي جنهن پيڙاه مان هو صدين کان گذرندي پئي اچي.
    جڏهن اوهان عورت جي درد کي سمجهندي ان جي بقا ۽ ترقي لاءِ ڪو لاءَ عمل جوڙي ڪري ميدان ۾ اچو تہ پوءِ ڀلي اهي ڪانفرنسون، ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪرائجو، فل حال اوهان جون هي سڀ حڪمت عمليون بي مقصد توڙي بي ڪار آهن ۽ صرف جو صرف ڏيکاءُ آهي، اگر جي اوهان کي واقعي ئي اسان عورتن سان همدردي هجي ها تہ پوءِ اسان جون ڀينرون اوهان جي گهرن ۾ ڪاري ٿي نہ مرن ها، اسان جي ڀينرن کي ڪورٽن جي اعلي قانوني ادارن اندر مرد حضرات گولي جو نشانو نہ بڻائن ها، اسان جي ڀينرن کي زور زبردستي اڳوا ڪري مذهب تبديل نہ ڪرايا وڃن ها.
    هي سڄو سارو سماج اوهان مردن لاءِ جوڙيل آهي ان جي ڪري ئي تہ ڌرتي تي سڀ کان پهريان آدم کي لاٿو ويو جيڪو صفتن مردن هو، حوا کي عورت صفت هجڻ ڪري دير سان آدم کان پوءِ ڌرتي تي لاٿو ويو، ان سڄي وارتا مان بہ اوهان مردن جي برتري کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، هنن ڪانفرنسن، ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندڙ اڪثر مرد حضرات بذات خود عورت جي آزادي ۽ خودمختياري جا مخالف هوندا آهن، پر مڙئي لوڪ مياري ٿيڻ کان بچڻ ڪري اهو تاثر ڏيڻ چاهيندا آهن تہ کين عورتن جي حقن، ڏکن، درد ۽ ڏوجهڙن جو وڏو فڪر آهي.


    مسجد خدا جو گَهَر، پر ڪئين ؟؟

    لفظ گَهَر هڪ عام ۽ معمولي لفظ آهي جنهن جي معني جي اڪثر دوستن کي ڄاڻ هوندي پر ان جي باوجود بہ هن اڄوڪي مضمون کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان اوهان کي لفظ گَهَر جي لفظي معني کي جاچڻو پوندو، سو اچو تہ سنڌي لغت کان مدد وٺندي لفظ گهر کي سمجهون، جڏهن اوهان ڊڪشنري ۾ لفظ ” گهر“ لکندا تہ اُتي ان مهل ڪجھ هن قسم جا مفهوم نڪري ايندا ” گهر معني رهڻ جي جاءِ، مڪان، اَجهو، جهُڳو، چونرو، ڇَنو، مَنَهُن، لانڍي، ڪوٺو، بنگلو، محلات، ڇپر، ڇانءُ، پَٽُ، گهاٽ، ڏَرَ، غار، چُر، آکيرو، ٻِر، وغيره وغيره، يا وري ڪجھ ٻيا اهڙا ئي هم معني لفظ نڪري نروار ٿيندا.
    سادن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ گهر مطلب اها مخصوص جاءِ جتي انسان ٻہ چار گهڙيون سڪون سان ويهي سگهي، آرام ڪري سگهي، سڪونيت حاصل ڪري، ان مخصوص جڳھ يا عمارت کي گهر چئجي ٿو.
    هاڻ اچو ٿا پاڻ پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن، عمومن فردن وٽان اهو جملو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو تہ ” مسجد خدا جو گهر آهي“، مون جڏهن بہ ان جملي کي ڪنهن وٽان ٻڌو آهي تنهن مهل آءُ ان حيراني ۾ پئجي ويندو هيس تہ مسجد خدا جو گهر ڪئين ٿي سگهي ٿو، آءُ ان تي سوچڻ لڳس، ڳپل وقت سوچڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان تہ مسجد خدا جو گهر نہ پر بلڪل مسجد هڪ عبادت گاه آهي، جتي مسلم امت خدا تعالي جي خوشنودي کي حاصل ڪرڻ لاءِ عبادت ڪندا آهن، ان لاءِ مسجد کي خدا جو گهر چوڻ بجاءِ عبادت گاه چوڻ بهتر ۽ مناسب لڳندو.
    ڇو تہ گهر جي وصف آءُ اڳم ئي اوهان آڏو بيان ڪري چڪو آهيان، سو ان لحاظ کان مسجد کي خدا جو گهر چوڻ درست نہ لڳندو ڇو تہ گهر هڪ مخصوص حد بدي جو محتاج هوندو آهي ۽ ان ۾ رهڻ وارو فرد بہ هڪ مخصوص ۽ گهربل جاءِ جو محتاج رهندو آهي ان جي برعڪس خدا تعالي جي ذات پنهنجي صفات ۾ لامحود هستي آهي، ان جي لامحدود هستي کي هڪ محدود ۽ مخصوص حد ۾ قيد نہ ٿو ڪري سگهجي.
    خدا تعالي تہ ڪائنات جي هر هڪ وجود ۾ موجود آهي، ان جي لامحدود هستي جي تقاضا اِها آهي تہ ان کي ڪنهن بہ مخصوص جڳھ يا حد ۾ قيد نہ ٿو ڪري سگهجي، ڪائنات بہ سندس جوڙيل آهي، هي پوري ڪائنات بہ سندس تابع آهي، اسان جي علم، عقل ۽ فهم کان وڌيڪ هو سگهارو ۽ طاقتور آهي، پوءِ ان عظيم هستي کي هڪ محدود جڳھ ۾ فٽ ڪرڻ يا سمائڻ يقينن ناجائزي هوندي، خدا کي تہ انسان پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو، ساڻس هم ڪلام ٿي سگهي ٿو، ڇو تہ خدا تعالي اسان جي ساه واري رڳ کان بہ وڌيڪ اسان کي ويجهو آهي.


      اي ڌرتي تنهنجي ساک کڻان

    اسان وٽ هٿ ٺوکيون حالتون قائم ڪيون ويون آهن اهڙيون حالتون شايد دنيا جي ٻي ڪنهن خطي ۾ قائم نہ هجن، شاهوڪار ڌرتي جا وارث بي ڌڻي بڻجي ڪري زندگي بصر ڪري رهيا آهن، هڪڙا ازلي خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري زندگي بصر ڪري رهيا آهن تہ وري ٻيا تبديلي جي ظهور پذير نہ ٿيڻ واري مونجهاري جا شڪار آهن.
    هڪڙن جو اهو يقين آهي تہ اسان سڀ مشطرڪ طور ناممڪن حالتن کي ممڪن بڻائي سگهون ٿا تہ وري اُتي ئي ٻيا ان وسوسي ۽ خوف ۾ مبتلا نظر اچن ٿا تہ اسين ڪجھ ڪونہ ڪري ٿا سگهون، اسان جي وس ۾ ڪجھ ڪين آهي هاڻ مسئلو ان ڪجھ نہ ڪرڻ واري ذهنن جي ڪري پيدا ٿي رهيو آهي، اِهي ويچارا پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ کان ڪوهين ڏور هليا ويا آهن، ان سوچ جي فردن کي اهو يقين ڏيارڻو آهي تہ اصلي طاقت اوهان آهيو، هر هڪ شئي جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل سنئون سڌو اوهان سان تعلق رکي ٿو رڳو ٿورو غور ۽ فڪر ڪريو.
    اوهان جي ڪجھ نہ ڪرڻ واري صفت ئي دراصل معاشري جي بگاڙ جو سبب بڻجي ٿو، ان لاءِ صدين تائين ذهني توڙي جسماني غلامي واري حالت مان نڪرڻ لاءِ هاڻ اوهان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ڇو تہ وقت بار بار ڪنهن بہ فرد توڙي قوم کي پنهنجي حالت بدلائڻ جو موقعو ميسر نہ ٿي ڪري، ڪٿي ائين نہ ٿي جو اوهان جي اِها سست روي اوهان کي صدين تائين ڪنهن ڊگهي قيد ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ۽ اوهان جو پنهنجي پاڻ کي ڇڏائڻ ناممڪن محسوس ٿيڻ لڳي.
    ان لاءِ اچو تہ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون، مسلسل نظر اندازي واري حالتن کي بدلايون، ٺلن ڏٽن، آسرن ۽ دولابن تان پنهنجو ويساه ختم ڪريون، هر دفعي هڪ نئي نڪور ڪوڙ تي مبني ڳالھ تي پنهنجي پاڻ کي ارپڻ کان پاڻ بچايون، پنهنجي ڌرتي جي خوشحالي خاطر پاڻ اڳڀرا ٿيون نہ ڪي ٻين کي اڳي ٿيڻ جو موقعو ڏيون، انهن کي تہ قطعي طور بہ نہ جن هميشه چهرا بدلائي ڪري نت نون طريقن سان اسان تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي ۽ اسان تي پنهنجو هوڏ هلايو، هاڻ انهن جي ستم ظرفي واري روايت کي ٽوڙيون ۽ پنهنجي ڌرتي جا پاڻ وارث ٿي ڪري سندس دردن جو ڪو درمان ڳوليون.

    اسان جن تي اکيون ٻوٽي ڪري اعتبار ڪندي پنهنجا هر وسيلا ۽ وٿاڻ انهن جي حوالي ڪيا انهن اسان کي نابالغ سمجهندي اسان جي وسيلن جو غلط استعمال ڪيو، ايتري قدر غلط جو انهن اسان جي روح کي رنجهايو ۽ اسان کي روئاريو، انهن نقلي اڳواڻن اسان جي سنڌ ڌرتي جي سينڌ کي ميرو ڪيو، کيس ٻہ ٽڪر ڪرڻ وارن سان واعده ورجهايا، سندس قدرتي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري غيرن جا ڀڀ ڀريا، سندس اصل وارثن کي نٽهڻ اُس تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪيو.
    هاڻ بردشات جي بہ حد گذري چڪي آهي، هاڻ وقت جي تقاضا اِها آهي تہ پنهنجن ۾ موجود پراون جا چهرا سڃاڻجن ۽ پراون منجھ پنهنجن جي مالڪي ڪجي، پنهنجي ماروئڙن کي مسڪيني واري حالت ۾ ڇڏي لکي واري ليک تي نہ هلجي پر سندن ان حالت جي پنهنجي عقل، ڏاهپ ۽ فهم سان سبب ڳولجهن، ڌرتي ڌڻين کي بي ڌڻي ٿي ڪري زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور نہ ڪريون، سندن قسمت بدلائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون ڇو تہ اسان جي ايندڙ نسل بہ هن ڌرتي تي رهائش پذير ٿيندي ڪٿي ائين نہ ٿي جو اسان انهن جا مياري ٿي پئو ۽ حشر ۾ کين منھ ڏيکارڻ جي قابل بہ نہ رهون.


    ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط

    افسوس صد افسوس انهن گروهن تي جيڪي هر ڏينهن نوان اتحاد قائم ڪن ٿا، مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي سنگت جن جا ٺهيل اتحاد نروار ٿي ڪري ڏسڻ وٽان ملن ٿا، جنهن تنهن کي ڏسو پنهنجي ذات جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويٺو آهي، ادا سائين جڏهن اسين سڀ متحده طور هڪ قوم آهيون تہ پوءِ اسان کي ذاتين جي حوالي سان اتحادن جي قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اوهين ان ڳالھ کي سمجهو ڇو نہ ٿا، اسين مشترڪ طور هڪ قوم آهيون جنهن کي دنيا سنڌي قوم جي نالي سان سڃاڻي ٿي، تہ پوءِ اسان کي اتحادن جي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قومن جي اندر ذاتين جي بنياد تي اتحادن جو جوڙڻ سٺو سنوڻ هر گز ڪونہ آهي، اتحادون تہ اُتي قائم ٿينديون آهن جتي ڪنهن وجود کي خطرو لاحق هجي ۽ پوءِ اُهي پنهنجي نسل جي بقاءُ خاطر اتحاد جوڙيندا آهن.
    ڀلا ڪڏهن ائين ٻڌو اٿئو تہ جهرڪين ٻين پکين جي خوف کان پنهنجي الڳ اتحاد جوڙي هجي، جهڙوڪ آل سنڌ جهرڪي اتحاد، يا ڀلا هرڻن شيهن جي خوف خاطر پنهنجي بچاءُ ۾ الڳ آل سنڌ هرڻ اتحاد قائم ڪئي هجي، يا ڳيرن بازن جي شڪار جي خوف سبب پنهنجي الڳ آل سنڌ ڳيرا اتحاد قائم ڪئي هجي، انهن پکين جي وجود کي تہ هردم خوف ۽ خطرو هوندو آهي اُهي ڪڏهن بہ ڪٿي بہ ڪنهن شڪاري جو شڪار ٿي سگهن ٿا پر پوءِ بہ ويچارا خاموش بڻيل آهن، اوهان تہ حضرت انسان آهيو پنهنجي ڌرتي جا مالڪ بڻيا ويٺا آهيو، ٿورو پاڻ سڃاڻون، پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪريو، اتحادن جي جوڙڻ سان اوهان کي ڪجھ ڪونہ ورڻو آهي الٽو ٻيا اوهان کي ڪمزور ۽ هيڻو سمجهندا، اوهان سچ ۾ ئي اڪيلا ٿي ويندا، انهن ڳالهين کي سمجهڻ کان پوءِ بہ وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا، آخر انهن اتحادن جوڙڻ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟
    ڇا اوهان جي وجود کي خطرو آهي؟
    يا سند اندر رهندڙ ٻين ذاتين تي پنهنجو داٻو ۽ دهمان بيهارڻ خاطر وتو ٿا اتحاد جوڙيندا تہ جئين ٻين ذاتين وارا اهو تاثر وٺن تہ هي سڀ هڪ ڪرا آهن سندن پاڻ ۾ ٻڌي آهي، انتهائي افسوس ٿيندو اٿم جڏهن مختلف ذاتين جي نالي سان اتحاد قائم ٿيل ڏسندو آهيان، آخر اسان جي قوم کي ٿي ڇا ويو آهي جو اڃان تائين پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي نہ سگهيا آهن، شايد اڃا تائين ان ٻڏتر جو شڪار آهن تہ هو ڪي ٻاهريان آهن يا وري پاڻ هن ڌرتي کي دل سان پنهنجو چمن قبول نہ ٿا ڪن پاڻ کي اڃا تائين پرايو سمجهندي وتن ٿا اتحادون قائم ڪندا تہ متان ڪٿي ڪنهن ٽائيم کين تڙيو ڌڪيو، ٻاهر ڦٽو نہ ڪيو وڃي ان لاءِ پاڻ کي مضبوط ڪري وٺون، منهنجي سنڌ جي شعوري فردن کي اهو عرض آهي تہ هُو انهي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌ جي هر هڪ فرد کي اهو يقين ڌياني ڪرائن تہ اوهان ئي هن ڌرتي جا مالڪ ۽ مختيار آهيو، اوهان ئي هن چمن جا گل آهيو، سڀاڻ اوهان جي نئي نسل جا فرد هن ڌرتي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪندا، اگر جي اوهان اڄڪلھ جي هن سماجي ماحول ۾ ٻوسٽ محسوس ڪريو ٿا تہ پوءِ اٿو متحد ٿيو، ذاتين، ڪٽبن ۽ قبيلن جي زنجيرن کان پاڻ کي آزاد ڪري هڪ صف ۾ بيهي ڪري سنڌي قوم سڏايو ۽ پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪريو تہ جئين آئينده اوهان جي نئي نسل کي ان ساڳي فڪر ۽ فهم جو شڪار نہ ٿيڻو پوي جنهن جا هن مهل اوهان شڪار آهيو ۽ پنهنجي بقا خاطر وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا.


    قدم بہ قدم، فاصلا ٿيندا ختم

    جڏهن اسين سڀ هڪ ٻي جي ڏکن، دردن ۽ سورن کي سمجهندي انفراديت واري سياست، غرض ۽ لالچ کي ڇڏي ڪري، اجتمايت واري روايت کي اپنائيندي هڪ ٻي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ شروع ڪنداسين تہ يقين ڄاڻو هي چند ڀوتار، وڏيرا، داداگير، چمچا توڙي ڪامورا پاڻ هي ڍلا ٿي ڪري ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇو تہ هنن تمام گهڻو عرصو اسان جي اجتماعي شعور کي يرغمال بڻائي ڪري پنهنجا ذاتي مفاد پي حاصل ڪيا آهن، هاڻ اِهي جعلي، هٿ ٺوڪيا ۽ مصنوعي اڳواڻ بہ بخوبي ڄاڻي چڪا آهن تہ هاڻ سندس کوٽو سڪو بازار ۾ هلڻ جوڳو ناهي رهيو، هاڻ ان ماڻهو جو ئي سڪو هلي سگهي ٿو جيڪو عوام جي ڀلي خاطر انهن منجهان ئي قائدانہ صلاحيت رکندڙ فردن جي چونڊ ڪندي انهن کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.
    هر شئي جي درست رهڻ جي هڪ حتمي وقت مقرر ٿيل هوندو آهي، ان مقرر وقت جي گذرڻ کان پوءِ اُها شئي ناڪاره ٿي پوندي آهي، بلڪل اهڙي طرح هاڻ انهن مصنوعي هٿ ٺهيل اڳواڻن جي مقرر تاريخ ختم ٿيڻ تي آهي، هاڻ وقت آهي اسان نوجوانن کي يڪ جان ٿيڻ جي، وقت آهي شعوري فردن جي جاڳڻ جي، اُٿو جاڳو ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي جي وارثي ڪريو، پنهنجي علائقي جا پاڻ اڳواڻ ٿيو ڇو تہ پنهنجي علائقي جي فطري بيهڪ، حسانڪي ۽ حالات کان جيتري قدر اوهان واقف هوندا ايترو ٻيو ڪو ٻاهريون فرد نہ هوندو، علائقو بہ توهان جو، اُتي ويٺل مٽ مائٽ بہ توهان جا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا بہ توهان جا، زميونون بہ توهان جون، ڍور ڍڳا توڙي ٻيا جانور بہ توهان جا تہ پوءِ اُتي ٻيو ڪو فرد ڇو حڪمراني ڪري.
    جي هاڻ هن دفعي وري اليڪشن ۾ اُهي ساڳيا ڀوتار، پير مير ۽ سردار ڪامياب ٿيا تہ پوءِ پڪ سمجهو پاڻ پوري هڪ صدي پوئتي هليا وينداسين، اسان جو نئو نسل اسان کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي، اسان انهن جا گنگهار ٿي پونداسين، تاريخ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي اسان کي معاف نہ ڪندي.


    اي منهنجي عظيم ٻولي

    ٻاروتڻ ۾ تنهنجي هڪ هڪ لفظ جي اُچار کي اُچارڻ لاءِ مون کي وڏا وس ڪرڻا پوندا هئا، اهو ان لاءِ تہ مون کي ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ ملي، مون جي ذهن جي خالي سليٽ تي جيڪي لفظ پهريان اچي تشريف فرما ٿيا، اُهي بلوچي زبان جا هئا، تنهنجي لفظن جي بيهڪ، سونهن، مهڪ ۽ اُچار کي سمجهڻ لاءِ مون ڪي ئي ساعتون گذاريون ۽ اُنهن تي غور ۽ فڪر ڪيو.
    شروع شروع ۾ مذڪر ۽ مونث جي ملاوٽ تمام گهڻي ٿيندي هئي پر وقت جي ويراڳين ۾ ورندي اڄ ان ڪناري تي اچي پهتو آهيان جو تنهنجي موتين جي مالها سان ڪڏهن پرين کي لفظن جا هار ارپيا ٿو تہ وري ڪڏهن تنهنجي جادو ڀري لفظن سان دل جي احوالن کي ڪاغذ تي اُتاريا ٿو، اِها تنهنجي لفظن جي حسناڪي آهي جيڪا پڙهندڙن جي ذهنن کي باغ و بهار ڪري ٿي ڇڏي.
    اي منهنجي عظيم ٻولي ...
    آءُ هر اُن فرد جي تھ دل سان عزت ڪندو آهيان جيڪو تنهنجي لفظن جا مٺڙا ٻول پنهنجي زبان تي آڻيندي مون سان مخاطب ٿيندو آهي، ان جي برعڪس مون کي ڏاڍي چڙ لڳندي آهي انهن فردن تي جيڪي تنهنجي مٺاس ڀري لفظن کي زبان تي آڻڻ کي عيب سمجهندا آهن، جيڪي مون سان ٻين ڌارين ٻولين جي ڪڙواهٽ ڀري لفظن سان ڳالهائيندا آهن، مون کي ان مهل سندس لفظن سان گڏ سندن چهرن طرف بہ ڌڪارت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، آءُ ان مهل سوچيندو آهيان تہ انهن جي اِها ٻيائي کين هڪ ڏينهن وڏو نقصان ڏيندي، ڇو تہ انسان ڪڏهن بہ پنهنجي اصليت کي لڪائي ڪو نہ ٿو سگهي، پوءِ ڀلي هزارين هيلا ڇو نہ ڪري.

    اي منهنجي عظيم ٻولي ......
    تنهنجي لفظن جي ان جوڙجڪ واري جهان مون ناچيز کي الاءِ تہ ڪيترو مان بخشيو آهي، مون کي ماڻهو ڏاهو سمجهڻ لڳا آهن، پر هڪ ڳالھ تہ واضع آهي منهنجا اُها ڏاهپ تنهنجي انهن لفظن جي هر هڪ رڳ رڳ ۾ سمائل آهي، تنهنجي لفظن جي بيهڪ ۽ مهڪ مون سميت ٻين پڙهندڙن جي من کي مُوهي وجهي ٿي، دراصل اِها ڏاهپ ناهي بلڪل تنهنجي لفظن جي حُسناڪي آهي جيڪا مون کي ٻين آڏو سرخرو ڪري ٿي - اي منهنجي عظيم ٻولي شال صدين تائين قائم رهي.


      ٽڪي وڪاڻا ماڻهون

    ڪجھ ڏينهن پهريان هڪڙو همراھ پنهنجي سياسي قبلن کان ناراض ٿيو، اصلي فيس تي هڻ هڻان لاهي ڏنائين، ڪڏهن انهن جي بي ڌياني جون شڪايتون ڪيائين پي تہ ڪڏهن کين ڏوراپا پي ڏنائين تہ اوهان اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي، اسان جهڙن جيالن کي نظر انداز پيا ڪريون، اسان کي ڪا بہ ترقياتي اسڪيم ڪو نہ ٿا ڏيو اسان صفا بي ڌڻي لڳا ويٺا آهيون، اوهان جي هوندي صوندي اسين تن تنها اڪيلا لاوراث لڳا پيا آهيون، مطلب تہ جيڪو تيڪو آيس پي سو لکيس پي فيس بڪ تي.
    وري سندس ان دانهن ڪوڪن عيوضن الاءِ ڪئين بي خبري ۾ سندس سياسي قبلن کي سندس خيال اچي پيو انهن وري ڇا ڪيو جو سندس ڳوٺ واري ڪچي پيچري کي پڪو روڊ ڪرڻ خاطر کين هڪ ننڍڙي اسڪيم منظور ڪري ڏني، جيڪو شايد سندس نون ڏهن سالن جي حڪومتي بي ڌياني جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، همراه کي خبر پئي تہ سندس ڳوٺ وارو پيچرو پڪو ٿيڻ تي آهي، سائين جن وارن وڏ دلي جو مظاهرو ڪندي سندن سار لڌي آهي.
    همراه گذريل نون ڏهن سالن جي ناانصافين، حق تلافين، بي ڌياني ۽ لاوارثي واري حالتن کي در گذر ڪري هڪ منٽ ۾ وري انهن سياسي قبلن جو متن ٿي پيو، ٺڪا ٺڪ فيس تي پنهنجي آقائن جي تعريف ۾ هڪ تحرير لکي وتائين ۽ انهن تحرير ۾ وڏي فاتحانہ ۽ فخريا انداز ۾ سائين جن جو شڪريو ادا ڪيائين.
    ڳالھ جو ڪل مطلب اِهو تہ اسان جا اهڙا ڪافي دوست پنهنجي ذاتي مفادن جي نہ ملڻ مهل پنهنجي هٿ ٺوڪي سياسي قبلن کان وقتي ناراضگي ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن، جنهن کي وري اسين اهو سمجهندا آهيون تہ شايد اسان واري يار ۾ شعور اچي ويو آهي، ڪوڙن دلاسن ۽ ٺوڪرن کي سمجهي چڪو آهي تڏهن بغاوت ڪرڻ شروع ڪيو اٿائين - پر افسوس تہ ائين بلڪل بہ نہ هوندو آهي.
    ذاتي مفاد جي حاصل ٿيڻ شرط ئي اُهي يار وري انهن ڀوتارن جي شان ۾ گيت لکڻ شروع ڪن ٿا، تحريرون درج ڪن ٿا، انهن جي مان کي مٿاهون ڪرڻ لاءِ ٻٽاڪون هڻڻ ٿا، مطلب تہ ساڳي سنهي ڪرڻ واري روايت کي برقرار ڪن ٿا، افسوس ٿيندو اٿم سندن ان ڪم عقلي ۽ لاشعوري واري زندگي تي، يقنن اهڙا فرد معاشري ۾ پنهنجو ڪو خاص مقام نہ ٺاهي سگهندا.
    ڇو تہ هو ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ پويان پنهنجي قومي مفادن جو جنازو ڪڍن ٿا، جيڪو عمل سندن لاشعور هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258254
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386391
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ