ڪتاب جو نالو: صليب جو سڏ
مصنف: اياز امر شيخ
ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن- سجاول
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 414 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • ڀيٽا
  • اُڃ جو آسمان
  • نظم

  • سمنڊ جو سجدو...
  • سقراط...
  • پوڙهو سج...
  • مڪمل ٿيئڻ جي آس...
  • ٽُٽل رانديڪن جهڙا پل...
  • گُلشيفته فراحاني...
  • بُک جي بگري...
  • مُحبت جي معاهدن جو موت...
  • بي ترتيب لمحا...
  • وئشيا جهڙو وقت...
  • منهنجو ڪنڌ ڪپيو ويو آهي....
  • غلاميءَ جا ڦٽ...
  • مُحبت جو جزيرو...
  • مسيحا...
  • مصّور...
  • هي جو مُنهنجا گيت اُڏاڻا...
  • ڳِٽن جي ڳهر…
  • زندگيءَ جو آسمان...
  • وجود جا ذرا...
  • گوليءَ جي گونج...
  • مُحبت جو آڪاس...
  • مُئل محبتن جا مُجسما...
  • اجازت کان بغير
  • ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو...
  • سرحد جي هُن پار...
  • ڀٽائي ته مون ۾ ...
  • ڄمڻ کان اڳ مري چُڪو آهين ...
  • سِڪ جو سينو ...
  • خُدا جي ڳولا...
  • محبت جي قرباني...
  • جهمپير جي جواني...
  • آئون اڪيلو...
  • لاهيارڻ...
  • خوابن کان خالي انسان...
  • جنگ جو طبل...
  • کاروڇاڻ...
  • سڏ منهنجيءَ سنڌ جا...
  • وهنتل عشق جون اکيون...
  • دل جي گلي...
  • رهجي ويل خال...
  • سانگها...
  • پهاڙي شام ...
  • آزاديءَ جون اکيون...
  • زندگي...
  • دل جو ديبل...
  • آئون مُسافر...
  • ماٺ جي قبر
  • تون...
  • ماڻهو...
  • حياتي...
  • آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو...
  • چُمي...
  • زندگيءَ جي بانسري...
  • سنڌ جو سجدو...
  • غيرتن جا گُلاب ...
  • سج جو قتل ...
  • سياري جي صُبح جهڙا سڏ...
  • منهنجا گيت تبديليءَ جي تاريخ آهن ...
  • آس جو صُبح...
  • راجا ڏاهر
  • غزل

  • هڪ ڊگهي آوارگيءَ جو عڪس مون ۾ ٿو رُلي،
  • اڀيچند جان اکيون تنهنجون جڏهن مونڏي نهارين ٿيون،
  • چُميو جو چيلهه کي گهاگهر گسن جا پنڌ پاڻي ٿيا،
  • سڄو دؤر دل جو دفن ٿي ويو آ،
  • اسان اُجالن جي آس ۾ ئي حيات پنهنجي وڃائي آهي،
  • ڪئين لاش دل جي دڳن تي پيا هن، زمانن کان زخمن ۾ گهاريون پيا ٿا،
  • اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
  • لهرن ۾ لوڇ آهي، بندر سُتا ئي ناهن،
  • جسم جي بٺيءَ ۾ پچون ئي پيا ٿا،
  • بازارِ مفلسيءَ ۾ انسان ٿو وڪامي،
  • رات جي رڻ ۾ اڪيلو چنڊ ويو آ مارجي،
  • چُمي هرسونهن جي سنڌ کي سمندر ٿي وَيا آهيون،
  • وائي

  • راج ڪُمارين جا رنگ ميڙي،
  • آئون مياڻي ٿي پيو آهيان،
  • گوتم گيان ۾ آ،
  • هلي آ سڪ جي سڳي سنواري،
  • هڪڙي رات رهي،
  • ڏس خُدا جي گهر کي،
  • بيت

  • اڄ صالح آخوند آ، ننگر ننڌڻڪو،
  • جيئن ٽُٽي پيو آئينو، وکري وَيو عڪس،
  • سُر ڏياري
  • پاڻي لڱن جي مٿان، جڏهن هاريائين،
  • سج اکيون پوري جڏهن، سُتو سانجهيءَ جو،
  • ڏيئو مون جو ٻاريو، سڙِي پيئي رات،
  • ديوارون ڌوڏي ڇڏي، اهڙو ڏي آواز!
  • ڪيئن ڇڏيان مان چئو ڀلا، ڌرتيءَ جو دامن،
  • مٿي تي کارِي رکي، آئي جو بازار،

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 41 (ايڪيتاليهون) ڪتاب صليب جو سڏ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. ٿورا سائين اياز امر جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب روپا پبليڪيشن سجاول پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ کي
    جنهن جي سيني تان اڃا تائين
    شهيدن جو رَت سُڪو ئي ناهي!


    اداري پاران

    روپا پبليڪيشن سجاول پنهنجي روشنائي جو سفر سنڌ جي خوبصورت، ارڏي ۽ محبتن جي سفير شاعر اياز امرشيخ جي شاعري جي مجموعي صليب جوسڏ اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي، اسانجي اداري جو هي پهريون ڪتاب آهي ۽ اداري جي اها تمام گهڻي خوشقسمتي آهي جو اداري پنهنجي خدمتن جو سفر سنڌ جي نوجوان خوبصورت شاعر ايازامرشيخ جي ڪتاب سان ڪيو آهي، اميد ته ادارو پنهنجو روشنائين وارو سفر سنڌ جي ڏات ڌڻين جي خدمت ڪندي وڌ کان وڌ سنڌي ادب کي سُٺا ڪتاب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو.

    عزيز سرواڻ
    رُوپا پبليڪيشن سجاول
    29.3.2013


    مهاڳ

    اي ننڊ نڪاري آءُ نه تون
    هيءُ گيت اڌورو آھ اڃا

    اي لهرون لهرون ننڊ اڃا
    مان پنهنجي ٻيڙي جوڙيان ٿو
    ۽ تنهنجي ڪاريءَ ڪنڌيءَ تي
    ڪجھه عرصو لنگر کوڙيان ٿو

    هي تنهنجا ڪارونڀار ڏسي
    هر ڪنهن جو هانءُ دهلجي ٿو
    پر وقت اُٻهرو وانجهي آ
    جو ڪنهنجي جهل نه جهلجي ٿو

    هي سپنا سپنا سڙھ منهنجا
    ٿو پرکي تن جي سٽ ڏسان!
    جا مهلت آھ غنيمت آ
    هر ڪنهن کي وڃڻو آهه هتان

    هيءُ اُٻهرو وانجهي آ
    جو ڪنهن جي مُور نه مڃڻو آ
    ۽ ٻيڙَن ٻوڙ هوائن ۾
    جو مونسان گڏجي وڃڻو آ

    اي ننڊ نڪاري آءُ نه تون
    هيءُ گيت اڌورو آھ اڃا
    - شيخ اياز


    ڀيٽا

    اياز امر شيخ
    - جيڪو ڪوتا-ڪاڪ جي مومل جو مينڌرو آهي، تنهن ساڻ آءٌ اوهان جو ڪهڙيءَ ريت مکاميل ڪرايان!؟ مومل ۽ راڻو، جيڪي سنڌ ڄاين وٽ عشقِ مجاز جا سداحيات ڪردار، ۽ اسان جي ڪلاسيڪل شعر و ادب جا ته اڻ مٽ اهڃاڻ آهن، پر مون لاءِ اهي اڃا ڪجهه اڳتي، ”تخليق“ ۽ ”تخليقڪار“ لاءِ استعارا آهن. جھڙيءَ ريت وڏي جَتن کان پوءِ راڻو پنهنجي مومل ماڻي ٿو، تھڙيءَ ريت هڪ تخليقڪار (راڻو) پنهنجي فطري سڀاءُ ۽ سُوجهه ٻُوجهه (ڏات) وسيلي، عقلي دليلن (ڏانوَ) ساڻ تخليق (مومل) ماڻي ٿو.
    ياد رهي!
    جيئن راڻي کي پنهنجي (مومل) جي ڏاگهه چڙهڻ جو موقعو- سومل جو سوانگ (عقلي آرو) عطا ڪري ٿو. تيئن هيءَ ڪوتا (مومل) ۽ ڪويءَ (راڻل) وچ ۾ هي سومل جو سوانگ سجايو ٿي به ويندو آهي- پر هڪ تخليقڪار اهڙو راڻل آهي، جيڪو پنهنجي تخليق جي مومل ماڻڻ بعد - ڪنهن به سومل جي سوانگ ۾ ڦاسي، کيس هرگز ڏاگهه نٿو چاڙهي- ۽ اسان جو هيءُ سرجڻهار سجن، پنهنجي سجني لاءِ ڏاگهه چڙهڻ بابت سوچي به نٿو سگهي. اهڙي سچ جو سانکي، سندس تخليق جي مومل جو هيءُ نئون ماڻو (مجموعو) آهي، جنهن سان اڄ اسان سڀ سنمک ٿي رهيا آهيو؛ جنهن لاءِ کيس واڌايون.

    - آسي زميني
    ٽنڊو قيصر
    28 مارچ 2013ع


    اُڃ جو آسمان

    احساسن جي آوارگيءَ جي پنڌ اڃا تائين سوچن کي سُمهڻ ناهي ڏنو. وقت جي تيز رفتار، ڪنهن به پهاڙ سان ٽڪرائجي بيهڻ لاءِ تيارئي ناهي. سلسلن جي نئين جوڙجڪ ۾ ماڻهو پنهنجا وجود وڃائي ويٺا آهن. منافقن جي ڌوڙ واچوڙي جي وکن جيئان وڌي، هر گهر۽ گهٽيءَ ۾ ڪاهي پئي آهي؛ جنهن مان ڪئين چهرا سُڃاڻپ جي صُبح کان وڃائجي رات جھڙي رنگ ۾ تبديل ٿي ويا هن. سچ، منصور جيئان ماري ۽ صالح آخوند جي زبان جيئان ڪپي اُڇلايو ويو آهي.
    دل رت جا دُٻا بڻجي ايتروته لُڇي آهي، جو هاڻ ساھ کڻڻ به مشڪل ٿي پيو آهي؛ پر سنڌ جو سڏ ورنائڻ لاءِ سڀ حوصلا، هيسيل ڪنهن هرڻ جيئان رڻ جي رولاڪين ۾ اڪيلا ٿي رهجي ويا آهن؛ ۽ مياڻ ۾ سُتل تلوار کي به زنگ جو زهر کائي رهيو آهي، جنهن کي ڪابه روايت نئون رنگ بخشڻ لاءَ تيارئي ناهي، باکن جي بدن تان روڙيل گُلن جا گهاءَ، اکين جي آلاڻ جئيان اُداس رهجي ويا آهن. مسجدن جي گُنبذن تي ويٺل ڪبوترن جي جسمن ۾ گولين پنهنجا گهر ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن؛ جن کي اڄ ڏينهن تائين ڪابه اسَر جي
    اذان به روڪي ناهي سگهي. سجدا ته صرف سجدا ئي رهجي ويندا هن، پر خُدا جي خيال جي آلي چُميءَ کان اڪثر ئي محروم رهجي ويندا آهن، وحشتن جي وات کي ڪوبه وضيفو بند ناهي ڪري سگهيو. مذهبن ۽ فرقن جي آڙ ۾ مارجي ويل انسانن جون اکيون، ڄڻ ته سنڌ کي ڏوراپا ڏئي چئي رهيون آهن، ته اي مذهبن جي ماءُ سنڌ! هي ڪهڙي رُت تو ۾ رهي پئي آهي، جو سڄو سڪون رَت جي رستن تي وڇائجي ويو آهي!؟ لاوارثيءَ جو لاش، وقت پنهنجن ڪلهن تان لاهڻ جي لاءِ تيارئي ناهي، ڪفن جھڙي ويڙهيل ماٺ، ۾ من مڪليءَ جي قبرن جي ڊٺل ڪَتبن جيئان پنهنجي سُڃاڻپ جو ساھ وڃائي ويٺو آهي. انسان اُداس ٿي عذابن جي ڊگهي رات ۾ اڪيلو ئي رهجي ويو آهي. ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهو، اڄ تائين غربت کي گناھ جي نظر سان ڏسندا رهيا آهن. اهميتون اجرائپ کان اڇلائجي پري ٿي ويون آهن، ۽ احساس اُڃ جو آسمان کڻي، ڌرتيءَ جي ڌوڙ مٿان رُڃ بڻجي رُلي رهيا آهن؛ جن کي اڄ تائين پيار جو پاڻي به نصيب ناهي ٿي سگهيو. انا جي خنجر کي، ڪوبه سوچ جي صندوق مان ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ لاءِ تيارئي ناهي؛ ۽ ويتر خزائن جي خيال جھڙا ڏينهن، خوشين کي خون ڪري، زندگين کي ضايع ڪري رهيا آهن. پن ڇڻ جھڙي پيڙا مان ڪوبه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ميڙي ناهي سگهيو. صدمن جي صليب تي ٽگيل سنڌ جو وجود، رَت ڳاڙي ساڻو ٿي پيو آهي. هر واٽ غم جي گواهيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳي آهي ۽ ظلم، اورنگزيب جي اُگهاڙي تلوار جيئان جٿ ڪٿ تجلائي رهيو آهي. وقت جي تڪڙي ۽ تماشائي تور ۾ نهاريون ٿا، ته ماڻهو ٿُڪ جيتري قيمت تي به وڪامجي ٿا وڃن، ته ڪٿ وري جُتيءَ جي ماپ جيترا ماڻهو سنڌ وڪڻندي دير ئي نٿا ڪن!
    - پر اُهو ضرور ياد رکڻ گهرجي، ته تاريخ ڀاڪُر به آهي، ته تاريخ ڀونڊو به آهي؛ تاريخ لوليون به ڏياري ٿي. ته تاريخ لعنتون به وسرائي ٿي. ذهن ۽ ضمير طور اگهاڙو ٿيڻ کان بهتر آهي، ته ماڻهو هميشه لاءَ جسماني اگهاڙو ٿي سرمد جي سُنت ادا ڪندو رهي.
    سچ پڇو ته مون سنڌ جو هر صُبح رمشا مسيح جيئان فتوائن ۾ ڦٿڪندي ڏٺو آهي، ۽ هر شام جي نڙيءَ مان شهيدن جو رت اُٻڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪرندي ڏٺو آهي. تضادن جي تيزاب ۾ سڙي ويل سونهن جي چهرن تي اڄ به من ماتم ڪري رهيو آهي؛ پر هي سماج اُن کدڙي جھڙو ٿي پيو آهي، جنهن مان ڪنهن به سُٺي واڌاري جي اُميد ئي نٿي رکي سگهجي.
    آئون پنهنجي ڌرتيءَ جا سمورا داغ، ڪنهن آجپي جي پاڻيءَ سان ته ناهيان ڌوئي سگهيو پر ايترو ضرور چوندس، ته ڌرتيءَ تي ڇانيل اونداهين راتين مٿان ڏيئي جي روپ ۾، پنهنجن نظمن جا نيڻ ضرور ٻاري رکيا اٿم؛ جن جي روشني وقت پاڻ ثابت ڪرائيندو.
    آئون قابلِ احترام مُحترم آسي زمينيءَ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي سنوارڻ لاءِ مونکي وڏو ساٿ ڏنو؛ شال اهو محبتن جو مينهن سدائين دلين مٿان دوستيءَ جي ويس ۾ وسندو رهي.
    - ۽ آئون نهايت ئي شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري دوست عزيز سرواڻ جو، جنهن هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو مڪمل بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ منزل تي پڄايو. سندس ان خلوص کي ڪڏهن به زندگيءَ جي کيسي مان ٻاهر ڪرڻ جو موقعو ئي نصيب ٿيڻ نه ڏبو.
    آئون پنهنجو هيءُ ڪتاب ”صليب جو سڏ“ شاعريءَ جي تخت تي ويٺل ڀٽائيءَ جي درٻار ۾ ان اميد تحت پيش ڪري رهيو آهيان، ته شال هن ڪتاب جا سڏ، وطن جي وارثي ڪندي طنبوري جي تارن جيئان هميشه لاءِ وڄندا رهن
    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت!

    معرفت مارئي ميڊيڪل اسٽور،
    مين بس اسٽاپ، سجاول.
    0300_3275166
    0334_7091595

    - ايازامرشيخ


    نظم

    سمنڊ جو سجدو...

    سمنڊ سجدو ٿي ويو
    لهر جي لڱ ۾ لهي
    ۽ مُهاڻيءَ جا سمورا
    انگ اُجرا ٿي پيا
    سڙهه سيني جا اُڀا
    روز ٿا ڇڪجي پوَن
    تانگهه جي تلوار سان
    روز ٿي وَڍجڻ لڳي
    سِڪ جي ڪا سرڪشي
    ڇير جي ڇمڪاٽ تي
    لاڙ لوڻان ٿو هڻي
    ۽ ڦڳُڻ جا ڦول سارا
    مّن کي مهٽيو اُٿن
    رڇّ وانگي روز دل جا
    ٿا سڳا سوڙها ٿين
    روز ٿو ڇڪجي وڃي
    هانءُ منهنجي هٿّ مان
    ۽ ڇلر جي ڇٽّ جي
    واس ۾ ٿو ويڙهجي
    ساهه جو سارو سفر
    تو ٻڌيون ڄڻ وقت جي
    چيلهه ۾ آهن چڳون
    ۽ اَسر تو مان اُٿي
    روز ٿو آرس ڀڃي
    تون بدن جي باک جو
    ڪو جزيرو ٿي لڳين
    ساحلن جا سڏ ڀي
    تو مان ٿا سيرابجن
    ٻيڙين جي ٻانهن ۾
    ونجهه وانگي ٿي لڳين
    تون ته جوڀن رُتّ ۾
    مٽ آهين مڌّ جو
    رند هرڪو تو اندر
    پاڻ رولڻ ٿو لڳي
    مان به ڏس پيالن جيئان
    تو منجهان ڀرجڻ لئه
    اُڃ بڻجي ٿو اُٿان
    کيپ تو مان ٿا کُلن
    جسم جي هر جوٽ تي
    هر صراحي سُرڪ جي
    تو منجهان پلٽي پرين
    مئڪدو آ ٿي ويو
    سمنڊ سجدو ٿي ويو.


    سقراط...

    اڄ وري سقراط ڪو مون مان
    زهر پيئڻ لئه ظاهر ٿيو آ
    سمنڊ اڪيلو ساڻ نه ڪشتي
    لهرن تي ماٺار مُئل آ
    سچ جو ساھ ستائڻ لاءِ
    درد جي هٿ ۾ ڌار ڌڳيل آ
    سڀ سچايون ساڻيون آهن
    بندر ڪپ تي بُک سان ڀريل
    ڄڻ ته اُداس ڪي مهاڻيون آهن
    هر ديوار ڌُڏي پئي آهي
    اڄ ڪنهن جي آواز اچانڪ
    پنهنجون ٻانهون کوليون آهن
    اونداهين جا عڪس اُجاڙي
    روشن راهون کوليون آهن
    وقت سمورو وھ وٽيءَ جان
    ڄڻ يونان جي غم گهٽيءَ جان
    جت سُرويٽ ساڙيو ويو هو
    اُڀرڻ جي احساس کان اڳ ۾
    زوري سج کي لاڙيو ويو هو
    ديس دونهاٽيل درد ڄڻيو آ
    خواجه سرا جي سوچن جھڙو
    هر ڀيري ئي مرد ڄڻيو آ
    اڄ به زمانو زنگيل ذهن جي
    زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي
    ڪيئي طوق تراشيل آهن
    عشق اکين جا حراسيل آهن
    مُرڪن جو ڀي مُلڪ آ ماريل
    ڪنهن چوراهي جي چهري تي
    ڪو به نه آهي ڏيئو ٻاريل
    ست ڪڍي پيو سُڃ جو ساگر
    رُڃ جي رڻ ۾ ماٺ مُسافر
    ڪنهن به نه ڪاهيو ڪاڪ ڪنڌيءَ ڏي
    ظلم زخم جان ساڳيو صديءَ تي
    ها پر اڄ ڏس سينو ساهي
    سچ جو ساھ بچائڻ لاءِ
    گيت نئون ڪو ڳائڻ لاءِ
    اڄ وري سقراط ڪو مون مان
    ٻيهر ٻهڪي ٻاهر ٿيو آ
    زهر پيئڻ لئه ظاهر ٿيو آ.


    پوڙهو سج...

    صديون ڊوڙي ٿڪجي پيو آ
    هُن کي سانجهيءَ ساڻ ملڻ ڏيو
    پوڙهي سج کي هاڻ سُمهڻ ڏيو!

    چنڊ نديءَ جا نيڻ چُمي پيو
    اُ ڀ ۾ تارو تُرت ڄمي پيو
    برف وڻن کي ويڙهيل آهي
    روز جبل جي سيني تان ڏس
    آبشار نئون گس گهڙي ٿو
    سُرندي جھڙو ساز ڇڙي ٿو
    جذبن ۾ ڪا جاڳ جلي ٿي
    احساسن جي اونداهين تي
    جسمن جي ڪا جوت جلڻ ڏيو
    پوڙهي سج کي هاڻ سُمهڻ ڏيو!

    ڪنهن مندر جي ڏيئي وانگي
    عشق اُڃايل ليئي وانگي
    جهاتيون پائي پنڌ ڪري ٿو
    پٽ تي اُس اُگهاڙي پئي آ
    ڪنهن به نه ماڻيو موسم جو من
    دردن ڇاڻيو آهي جِيوَن
    هاءِ هرڻ جي ڇال منجهان ڏِس
    ڪيڏي ڌوڙ اُڏاڻي آهي
    ماٺ ۾ مڪليءَ کي نه مرڻ ڏيو
    پوڙهي سج کي هاڻ سُمهڻ ڏيو!

    تنهائين کي ڪير تلاشي
    پٿر کي انسان تراشي
    ڀڳوانن جو روپ ڏنون آ
    رسمن جي چوديواريءَ ۾
    مٽيءَ جھڙي ماٺ وسي ٿي
    رُسوائين جا رنگ چٽي ٿي
    ماڻهو ماڻهوءَ منجهه مُئل آ
    صحرا ۾ ڄڻ سُڃ سُتل آ
    تنهن مان ڪو آواز اُٿڻ ڏيو
    پوڙهي سج کي هاڻ سُمهڻ ڏيو!

    ٿر جا ٿوهر اُڃ ۾ آهن
    روح جا رستا رُڃ ۾ آهن
    هاءِ خيالن جي خاموشي
    ڪيڏو ساهه ستايو آهي
    دُنيا هڪڙو گولو آهي
    جنهن ۾ رڻ جو رولو آهي
    بُکئي لئه بس لولو آهي
    تاريخن جا سڀ تماشا
    مون ۾ هڪڙي رات رهڻ ڏيو
    پوڙهي سج کي هاڻ سُمهڻ ڏيو!


    مڪمل ٿيئڻ جي آس...

    مونکي سج جي اک ۾ اُڇلي
    ۽ تون چنڊ جي روپ ۾ رچي وئي آهين
    مون جيڪي به تنهنجي نديءَ جھڙي جسم مان
    سُر ۽ سنگيت چپن سان چونڊيا ها
    سي سمورا بي سُر ٿي ٿڪجي ۽ ساڻا ٿي پيا آهن
    ۽ ساهن جي سفر ۾ به
    ڪئين تڙپ جا طنبورا
    تارون تپائي بي وقتائتا وڄي رهيا آهن
    آئون اڌ وڍيل انسان
    اڄ عشق جي احساس کان هيٺ ڪري پيو آهيان
    ۽ وقت جي فُٽ پاٿ تي پيل منهنجا خواب
    ڪوبه خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي
    آئون پنهنجي زندگيءَ جي اُداس ۽ اڪيلي ٻانهن تي بار بڻجي
    بي ترتيب لمحن مان لنگهي رهيو آهيان
    ۽ هڪ دفعو ٻيهر تو منجهان تعمير ٿيئڻ لئه
    ڪا نئين ترڪيب تلاش ڪري رهيو آهيان
    ته جيئن پنهنجي مڪمل بناوٽ سان بحال ٿي سگهان
    ۽ تو چنڊ جي جسم سان ٻيهر ٻکجي
    محبتن جي معيار مطابق جيءَ سگهان.


    ٽُٽل رانديڪن جهڙا پل...

    هجومن ۾ وڃائجي ويل ماڻهوءَ کي
    پنهنجي تنهائي تلاش ڪري رهي آهي
    ٻارن جي ٽُٽل رانديڪن جھڙا پل
    اڄ زندگيءَ جي اڱڻ تي اُداس پيا آهن
    عورت جي دُن ۾ دفن ٿيل انسان جي سوچ
    مُحبت جي ماپي کان هيٺ ڪري پئي آ
    چڪلي جي در تي وڄندڙ ڪڙي جو آواز
    وئشيا جي خيال کي اُگهاڙو ڪندو رهي ٿو
    ڪُٺل پکين جي اکين جھڙا صُبح
    اُڏارن کان هيٺ اُڇلائجي
    سڪون جا پَر ساڙي ويٺا آهن
    سانجهه جي سيني مان مُسلسل رَت جي ريلي
    صديءَ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آ
    اندر ۾ اُٿيل افراتفريءَ جي ٻوڏ
    اڃا تائين ساهن ۾ سيلاب ڪيو بيٺي آ
    ٽُٽل ٽهڪن کي جوڙڻ جو هُنر
    مُفت ۾ به ڪو سکڻ لاءِ تيار ناهي
    اخبار جي اکين کان رهجي ويل قصا
    حرامي ڄايل ٻار جيئان گُهٽي ماريا ويا آهن
    گنگا مان وهنتل پاڪائيءَ جي احساس
    ٻيهر لڱن کي لذت جي گُناھ سان گڏي ڇڏيو آ
    خارش ۾ ورتل ڪُتي جھڙو سماج
    مسيحا جي علاج جيئان بوتلن ۾ بند رهجي ويو آ
    وقت گٽر جيئان پلٽي پيو آهي
    جنهن مان ڪيترن ئي روحن جا رستا ڀرجي
    بدبوءِ ڪري چُڪا آهن
    هر شور پنهنجو هڪ الڳ
    شهر اڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
    پر تنهائيءَ جي تلاش کي
    واپس نه ملندڙ ماڻهو
    پنهنجو وجود هميشه لاءِ هجومن ۾ وڃائي ويٺو آ
    جنهن جي ڳولا ۾ ڪا ڳوٺ جھڙي ڳالهه
    اڄ به سڏڪي
    هجومن ۾ وڃڻ کان گهٻرائي رهي آهي...


    گُلشيفته فراحاني...

    خانم گگوش تنهنجو....
    ڄڻ اڌ ڪُٺل اڌورو، ڪو خواب پيو آڀٽڪي
    هڪ رقص بيخوديءَ مان سارو بدن ڀِڄائي
    سوچن جو سينو چيري
    احساس جي اڱڻ تي نئين سرنچڻ لڳو آ
    هر فڪر کي فنا ڏئي
    گُلشيفته جي گهنگهرن سان گڏ رچڻ لڳو آ
    سڀ دؤر جون ديوارون پُرزا پيون ٿي آهن
    تقويٰ جون ڀي ترارون
    اڄ مياڻ ۾ مُئل هن
    هڪ وقت جو خُميني خاموش ٿي سُمهي پيو
    ٻيو ننڊ مان نجادي نشتر جيئان اُٿيو آ
    تاريخ جي دريءَ تي
    ساڳي آ دز چڙهيل
    ايران جي اُداسي مُرڪن ۾ ناهي ماپي
    جوڀن جي جرئتن ۾ ڪيڏو جمال آهي
    ڄڻ حُسن جي هينئين مان نکريو ڪمال آهي
    تو سمنڊ ۾ مڇيءَ جان
    خود کي ڇڏيو سمائي
    هر سوڪ جي سيني تي تنهنجو مثال آهي
    سرحد جا هي سپاهي توکي ڇا سگهندا روڪي
    تنهنجي نهار ۾ ڪئين
    مون عشق جا ڪبوتر
    هر صُبح جي سَفر تي، ها! اُڏرندي ڏٺا هن
    تون خيام جي رُباعيءَ جو ڪو رواج آهين
    پنهنجي ئي پاڻ ۾ هڪ جُڙيل سماج آهين
    تنهنجي جسم جي پيالي
    جا کيپ ٿا خُمارين
    پابند روايتن جا سارا وضو ٿا هارين
    مفلوج ماڻهن جي لفظن جا لاش توکي
    سمجهن ڪُفر، گُناھ ٿا
    تون اڄ ثواب وانگي ظاهر جو ٿي پئي آن
    بدذوقيون سموريون ڇرڪيو اُٿن اُگهاڙيون
    وحشت سان وک کڻن ٿيون
    اکين ۾ ڀي اُماڙيون
    تن کي خبر ئي ڪهڙي تُنهنجي نزاڪتن جي
    ناپاڪ نظرين کان تُنهنجي اُڏار اڳتي
    تون روح جي رُتن ۾
    وهنجڻ لڳي جو آهين
    سڀ پيار جا پيغمبر تُنهنجي پُڇاءَ ۾ آهن
    هڪ سُرڪ سونهن لاءِ
    نڪتل صدا ۾ آهن
    تُنهنجي کلڻ سان ڪيئي خاموشيون ٽُٽن ٿيون
    ۽ رات جي اکين ۾ روشن بتيون ٻرن ٿيون.....!!!


    بُک جي بگري...

    اسان زندگيءَ جي خوشحاليءَ جو کيسو
    هٿن جي لڪيرن ۾ ڳولي ٿڪاسين
    وڍيل آڱرين جي اُداسين جھڙا ڀي
    سوين سور سيني ۾ سانڍي رکياسين
    وراثت ۾ مليو
    ڄمڻ ساڻ قسمت کي ڪشتو ئي آهي
    ڪُلهي مان لٿي بُک جي بگري به ناهي
    اسان سان ڪيو آهي
    تقدير اهڙو تماشو ازل کان
    بدن جي اُگهاڙپ
    رهي آ سڃاڻپ
    صدائون صدائون ٿي گهر گهر پُڇون ٿا
    اسان مُعاشري جي اڇي مُنهن تي ڄڻ
    بُجو ٿي لڳون ٿا
    رهيو ڀاڳ بنجارن جان ئي ته ڀٽڪيل
    اها مفلسي ڪوڙهه جھڙي ڪڏهن ڀي
    لٿي زندگيءَ جي لِڱن تان نه آهي
    خيالن ۾ ڪئين خط خُدا کي لکياسين
    اها گار غُربت اسان لئه ڇو آخر !؟
    ورهائي رکين ها ڪنهن تبديليءَ اندر
    مگر تون ته سارا
    دُعائن جا هٿ ڀي ڌڪي ئي ڇڏين ٿو
    سُڪل ڪنهن گِرنهه جان
    گلي منجهه اڪثر ئي اٽڪي پئين ٿو
    ڳڀي جي تون ڳولا ۾ ڳوهي رکين ٿو
    گناھ جي گهرن ڏي جو گھلي وٺين ٿو
    خُدا پوءِ خيالن مان نڪري وڃين ٿو!


    مُحبت جي معاهدن جو موت...

    آئون اُن تسلسل جو موت برداشت نٿو ڪري سگهان...
    جيڪو پاڻ ٻن جي وچ ۾
    مُحبتن جي معاهدي تحت زندهه ٿيو هو
    ۽ نه ئي وري اُنهن حسين لمحن جو
    لاش ڏسڻ ٿو چاهيان
    جن جا سينا هڪ ٻئي سان ملي
    گرم گُفتگوءَ ۾ گُم ٿي ويا هُئا
    آئون ڪنهن به ورجاءَ جي وطن ۾
    وڃائجڻ نٿو چاهيان
    پر توکي ايترو ضرور ٻُڌائڻ ٿو چاهيان
    ته جڏهن به مُحبتن جا مضبوط معاهدا
    دردن ۾ ڌوپجڻ لڳندا آهن
    ته سمورا تسلسل
    ڀروسن جي هٿن مان ڪري
    ڀورڀور ٿي پوندا آهن
    جن کي ٻيهر ميڙڻ به محال ٿي پوندو آهي
    اڄ آئون به زندگيءَ جي سمنڊ ۾
    اُن مسافرجھاز جيئان غرق ٿي رهيو آهيان
    جنهن جي حادثي تي هر مُلڪ کي
    هڪ وڏي صدمي مان گذرڻو پوندو آهي
    ۽ صديءَ جيڏو سُور سَهڻو پوندو آهي
    آئون صدمن جي صليب تي ته جي سگهان ٿو
    پر مُحبتن جي معاهدن جو موت ڏسي نٿو سگهان ...!!


    بي ترتيب لمحا...

    سُڪل مانيءَ جي احساس ۾
    گُم ٿي ويل غُربت
    ڪوبه خوشيءَ جو گيت ڳائي ناهي سگهي
    زندگيءَ جي پياني جا سُر
    بي ترتيب لمحن جي آڱرين کان
    وڃائجي ويا آهن
    وقت جي ميري چادر ۾ مري ويل
    ڪئين لاش لاوارثيءَ ۾ لُڇي رهيا آهن
    خُدا جي خيال مان
    پٽ تي ڪري پيل غربت جي گراھ
    انسان جي ايمان کي اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آ
    ورثي ۾ مليل مُفسليءَ کي
    ڪير ٿو گُهٽا ڏئي ماري سگهي!؟
    فقير گيڙو رنگ جي گودڙيءَ ۾
    اڄ به پِن جو اٽو گڏ ڪري رهيا آهن
    اميرن جون عورتون ته
    غير مردن جو ٻج رکائي به
    پُٽ حاصل ڪري وٺنديون آهن
    پر هن سال به اُن فقيرياڻيءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي
    جنهن پنهنجي پُٽ لاءِ
    ڀرت واري قميص سبي هُئي
    مُرلين جي منهن تي ته
    واسينگ به وٽجي وھ وڃائي ويهندا آهن
    پر الائي ڇو !؟
    هن ڪائنات جي هر ڪُنڊ مان
    غُربت جوگس کُٽي ئي نٿو
    ۽ زندگيءَ جي ساھ لئه
    سڪون جھڙو ساز ڦُٽي ئي نٿو...!


    وئشيا جهڙو وقت...

    ڀِيڙ متل آ بازارن ۾
    رستن تي رش هاريل آهي
    هر ڪو پنهنجي رڻ جو راهي
    پنهنجو پاڻ ۾ پنڌ ڪري ٿو
    رات جي چادر ۾ به چٽا ڏس
    ڪيڏا انگ اُگهاڙا آهن!
    هاءِ عياشيءَ جي اک ڪيڏا
    کائي ڇڏيا پاڙا آهن!
    هوءَ سگريٽ جي سُوٽي جھڙي
    سَنڌ سَنڌ مان ٿي سُور ڇنڊي
    ساري جسم جي جوڀن رُت جو
    ٻانهن مان ٿي ٻُور ڇنڊي
    اڄ گهڙيال جي گهيري وانگي
    نيڻن جي آ ننڊ ڦٽل
    هر گهٽيءَ مان گهور تڪي ٿي
    درين مان ڀي درشن ٿي ٿو
    روز درن جا تاڪ ٿا کڙڪن
    چوڪيدار جا نيڻ ٿا ڇرڪن
    ڪُتي جي اُوناڙ اُٿي ٿي
    سانت اندر ڄڻ ساهه پوي ٿو
    تنهائين جي تهه ۾ پوريل
    ڪيڏو عشق اڪيلو آهي!
    ڄڻ ته ملڻ جو ويلو آهي
    پوءِ به وفا جي وک جي ويجهو
    واشواسن جا وڳ ڪُٺل هن
    هر هڪ روح مان رڙ جو رستو
    پڇتاءَ سان پار ڪڍي ٿي
    پوءِ به زنا جھڙو هيءُ زمانو
    پنهنجي ٿُڪ کي پاڻ چَٽي ٿو
    تذليلن جي تاريخن سان
    ڪوٺن جا ڪردار لتاڙي
    من ڀي ٿي پيو مُجرو آهي
    تن مٿان پيو تال وڄي ٿو
    هر قصي جي ڪوسيءَ ڪڇ ۾
    ماضي ڇا پر حال وڄي ٿو
    نظرين جي نيلاميءَ اڳيان
    وئشيا جھڙو وقت وسي ٿو
    ڀُونڊي جو ڀي ڀاڳ آ پنهنجو
    ڳولي منهن جو ماڳ ڏسي ٿو
    ڪنهنجي قد جي ڪاٺي ڪڇجي
    خيالن سان ڀي کاٽ لڳن ٿا
    هر نِيّت جي نرڙ مٿان ٿيو
    ظلم جو ظاهر ٽِڪلو آهي
    هڪڙي سوچ جي سيرانديءَ کان
    جاڳيل هڪڙو چڪلو آهي...!


    منهنجو ڪنڌ ڪپيو ويو آهي....

    منهنجو ڪنڌ ڪپيو ويو آهي
    آئون بي سِر ڀَٽڪان پيو ٿو
    صدين جا ڪئين سُور سهيڙي
    پنهنجو پاڻ ۾ ڦٿڪان پيو ٿو
    مون تي ڪاھ ڪئي وئي آهي
    جنگي گهوڙن جي لشڪر سان
    زهر ۾ آلوده خنجر سان
    سُک جو سينو چهڪن چيريو
    انسانيت جي اهميت ۾ ڏس
    ڪيڏو فرق اچي ويو آهي
    ڌوڙ ٿيا هن ڌوتل چهرا
    مطلب آهي مقصد ماڻيو
    روز مفادن جي منزل تان
    طلب اُٿي بس تير آ تاڻيو
    منهنجا هٿ وڍيا ويا آهن
    منهنجا پير پٿون ٿي پيا هن
    منهنجن گُهنگهرن گيت وساريا
    منهنجو رقص رُلي ويو آهي
    ميدانن ۾ ٽاپولين ۽
    هِڻڪارن جو هُل متل آ
    منهنجي ڀر ۾ لاش پيل آ
    جنهن جي ڇاتيءَ سان هڪ چنبڙي
    ننڍڙو ڪوئي ٻار روئي پيو
    ڄڻ ته خُدا جي خاموشيءَ تي
    سارو ئي سنسار روئي پيو
    ماڻهو مذهب لاءِ مرن پيا
    تلوارن سان جسم جُهرن پيا
    رت جي راند روايت ٿي آ
    مندر مسجد ڊاهڻ لاءِ
    ظلم زنا سان قيامت ٿي آ
    رڻ ۾ ڪيڏو راڙو آهي
    هر حراسيل پاڙو آهي
    آئون بناوٽ کان ئي ڀُريل
    روز ذرن ۾ ذيان ٿيان پيو
    سِر بنا ئي سهڪان پيو ٿو
    منهنجي سُڃاڻپ گُم ٿي وئي آ
    منهنجو موهن ماريو ويو آ
    مون مان باک ڦُٽڻ کان پهرين
    منهنجو سج سُمهاريو ويو آ
    اڄّ پروهت جي نڪ وانگي
    منهنجو نڪ وڃائجي ويو آ
    آئون بنا نڪ جي ڀٽڪان پيو
    پنهنجو پاڻ ۾ ئي ڦٿڪان پيو
    منهنجي صورت ساڙي وئي آ
    تهذيبن سان ڀريل سنڌ جي
    ڄڻ تاريخ اُجاڙي وئي آ
    ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي پيو آهيان
    ڪونه سگهيس ڪو ميڙي خُود کي
    منهنجو هر هڪ خواب آ چٿيل
    فارسيءَ جي ڦنڌي ۾ ڦٿڪيل
    اڄ صالح آخوند جيئان ڏِس
    ڪيڏا زخم زبان سٺا هن
    بستيءَ بستيءَ منهنجي بُت کي
    ڀيليو ويو آ بيدرديءَ سان
    آئيندن جي اکين لاءِ
    عڪس اڪيلو ٿي پيو آهيان
    هاءِ هجومن ۾ هوندي ڀي
    شخص اڪيلو ٿي پيو آهيان...!


    غلاميءَ جا ڦٽ...

    غيرتون گار جھڙيون ٿي پيون آهن
    نظريا ميلن ۾ وڪامندڙ مٺائين جان
    ميرا ٿي سواد وڃائي ويٺا آهن
    ٻار قومي لولين بجاءِ
    مائرن جا پاراتا ٻُڌي ننڊ ڪرڻ لڳا آهن
    رات عياشيءَ جي اک جو
    اُگهاڙو بدن کڻي رُلي رهي آهي
    جنهن اندر ڪئين صُبح سڙي رهيا آهن
    ماٺ مياڻيءَ جي رت هاڻي راند ۾
    رچڻ لاءِ تيار ئي ناهي
    هوشوءَ جي ڪپيل هٿ مان پٽ تي ڪري پيل تلوار
    اڄ به تنها پئي آهي !
    ساموئيءَ جو ساهه گُهٽجي
    گهوڙن جي ٽاپولين ۾ ٽُڪرا ٿي ويو آ
    آزاد پکين جي اُڏار جھڙا احساس
    الئه ڇو ماڻهن جي من مان وڃائجي ويا آهن
    ۽ اسان قديم تاريخ جا دعويدار
    جن جي سوچ مان اڃا تائين
    غُلاميءَ جا ڦٽ ڇُٽا ئي ناهن!


    مُحبت جو جزيرو...

    آئون تنهنجين اکين ۾ ٿو رهڻ چاهيان
    جن ۾ هڪ مُحبت جو جزيروآهي
    آئون توسان
    ان ڪري به ملڻ ٿو چاهيان
    جو تنهنجي هڪ مُرڪ
    هر درد کي دفن ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿي
    آئون اُهو سمنڊ ٿيڻ ٿو چاهيان
    جنهن ۾ صرف تُنهنجي ئي
    سِڪ جون ڇوليون ڇُلنديون رهن
    ۽ آئون تو ۾
    ان ڪري ئي رهڻ ٿو چاهيان
    جو تون مون مان هڪ پل به
    ٻاهر نه نڪري سگهين ....!


    مسيحا...

    منهنجي اکين مان سمورا
    پاڻياٺ وارا لُڙڪ سُڪي ويا آهن
    ۽ رت ٽمي رهيو آهي ...
    آئون هن خنجر جي تکي
    نوڪ جھڙي دؤر مان گُذري
    سڄو درد ٿي ويو آهيان-
    ۽ اُن دؤر ۾ ڌڪجي
    دفن ٿي رهيو آهيان
    جنهن ۾ ڪنهن به مسيحا جي
    مُرڪ نظر ئي نٿي اچي .....!!


    مصّور...

    منهنجو من مصّور آهي
    وان گوگ جان پيو واجهائي
    روح مان راڳن جا رنگ ميڙي
    روز خلا ۾ خال ڀري ٿو
    چانڊوڪين ۾ چنڊ چٽي ٿو
    رڻ جي هرهڪ رولاڪيءَ تي
    درياھ ويرون سمنڊ چٽي ٿو
    بُک اُهائي ڀونگيءَ ڀيڙي
    ڇڄ ۽ کاريون جنڊ چٽي ٿو
    اُڀ مٿان ڪي عڪس اُتاري
    پاڻيارين جا دڳ ڌوئي ٿو
    گهاٽ مٿي هو ٻيڙياتو ڏِس!
    ونجهه سان سارو ويڙهيل آهي
    سڙھ ۾ ساهه هوا آ ڦُوڪيو
    لهر لهر ڀي سهڪيل آهي
    رات اَسُر جي اوجاڳن سان
    سيءَ ۾ ساڻي ٿي پئي آهي
    رَڇ ۾ مَڇين جا هن ڦٿڪا
    ڪُن جا پوءِ ڀي ساڳيا ڪڙڪا
    اڌ اُگهاڙو ٻار ڪنڌيءَ تي
    جاڳيل آ ڄڻ گار صديءَ تي
    آئون پڪاسو وانگي جاڳي
    خاموشين مان خيال ڪڍان ٿو
    فطرت کي فرسودائيءَ جي
    احساسن کان آجو رکان ٿو
    کٽياڻين جا خواب ڦلهوري
    ڪيسوءَ ڦل جا واس وٺان ٿو
    روز پکيءَ جي اک مان اُڏري
    دُور نديءَ جي پار وڃان ٿو
    منهنجي تصّور جون ڏس پوءِ ڀي
    سڀ اُڏارون ساڳيون آهن
    ها پر دُنيا درد لڳي ٿي
    جنهن جي هٿ ۾ خنجر آهي
    منهنجو من مصّور آهي...


    هي جو مُنهنجا گيت اُڏاڻا...

    هي جو مُنهنجا گيت اُڏاڻا
    پکين سان گڏ پولارن ۾
    تن جي راڳن رقص رچايو
    راتيون جاڳيندي تارن ۾
    اُڀ مان ڳالهين ڳاٽ کنيا هن
    گيتن جو ڪو گيان ٻُڌڻ لئه
    گهوريو خوب گهٽائن گرجي
    گهايل ڪو انسان ٻُڌڻ لئه
    هاءِ ڪکائون گهر گيتن جو
    جنهن ۾ ڏيئو ڏات ٻري ٿو
    اونداهين جون اکيون ساڙي
    ڀڙڪي ساري رات ٻري ٿو
    تنهن کي ڪائي مات نه آهي
    جڳ سڄي کي پيو جرڪائي
    چنڊ لٿو آ چانڊوڪيءَ سان
    ڪيٽي بندر جي ته ڪنڌيءَ تي
    سمنڊ جُوار ۾ جوان لڳي ٿو
    خود ۾ لهرن کي لوڏي ٿو
    هو جي سڙھ هوا جي هٿ سان
    ڪيڏا ڇڪجي ڇيهون ٿيا هن
    تيز هوا ۽ طوفانن ۾
    رولاڪين جون ريهون ٿيا هن
    ناکئا ويٺا ونجهه ورائين
    غورابن جا گس بدلائين
    نٽهڻ اُس جا نيڻ سُمهاري
    شام شفق تي لالي هاري
    هُن جا چپ چُمڻ ٿي چاهي
    هوءَ جا مُهاڻي مُرڪن هاڻي
    راڄ سڄي ۾ آهي راڻي
    هاءِ بتيلن جي بستيءَ ۾
    ماڪ ڦُڙا ڄڻ ڪنول ڪليءَ ۾
    توريان تنهن کي ڇا تشبيھه ۾
    سا ئي منهنجي ساهن ۾ اڄ
    سڪ سان سِرجي آ ساماڻي
    ها سا گج ۽ گربيءَ هاڻي
    سونهن سان سٿيل آ سنڌياڻي
    ها سا منهنجي من جي مُهاڻي
    منهنجن گيتن جي ساٿياڻي!


    ڳِٽن جي ڳهر…

    مڌن جي مَٽَ مان نڪري
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين
    رولاڪين جون رُتون ڇاڻي
    اُٿي ڪا سحر ٿي وياسين
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين.

    گليون گهونگهٽ هليون کولي
    ڇڏيا خود ۾ تو ڪئين رولي
    اُڃي احساس جي اڻکُٽ
    اسان ڀي لهر ٿي وياسين
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين.

    اسانکي ڳوٺ ڳوليو پئي
    هينئين کي تو ته روليو پئي
    هُئاسين هيڪلا ليڪن
    ملي ٻئي شهر ٿي وياسين
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين.

    تڪيان مان تاڙ جھڙي تون
    لڱن ۾ لاڙ جھڙي تون
    چُرن ٿيون چاهتون تو ۾
    پريتون پهر ٿي وياسين
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين.

    ندين مون ڏي نهاريو پئي
    صدين سُڏڪي پُڪاريو پئي
    سڄي تاريخ هُئي زخمي
    نهاري نهر ٿي وياسين
    ڳِٽن جي ڳهر ٿي وياسين...!


    زندگيءَ جو آسمان...

    آئون پنهنجي زندگيءَ جي آسمان ۾
    هڪ چنڊ به ناهيان اُڀاري سگهيو
    ۽ نه وري ڪو ستارو
    منهنجو سڏ ٻُڌڻ لاءِ تيار آهي
    آئون اُن اُداس شهر جو
    رولاڪ روح ٿي ويو آهيان
    جنهن جون سڀ خوشيون قتل ٿي ويو هُجن
    ۽ صرف تنهايون ئي اُن تي تڏو وڇائي
    سوڳ ۾ شامل نظر اچن
    آئون دل جي اُن دؤر مان گُذري رهيو آهيان
    جت احساس بنا ترس جي ٿا تڙپايا وڃن
    سچ پُڇين ته آئون اڄ به تولئه
    اکين ۾ عشق ڀري
    انتظار جي اُڃ ۾ انهي ڪري ئي مري رهيو آهيان
    ته محبتن جي مينهن مان
    پيار جي سُڪل جسم کي
    هڪ دفعو ٻيهر پُسائجي
    ۽ هڪ اهڙو گيت ڳائجي
    جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي چپن کان سواءِ
    ٻئي ڪنهنجي به حصي ۾ نه آيو هُجي
    پر ڇا ڪجي!
    تون منهنجي زندگيءَ جي خالي آسمان ۾
    بارش جو روپ وٺي
    وسڻ لاءِ تيارئي ناهين ...
    ۽ نه ئي ڪو گيت بڻجي
    هوائن ۾ گڏ هلڻ لاءِ تيار آهين ...!!!


    وجود جا ذرا...

    آئون پنهنجو پاڻ ۾
    ڪنهن ڀڳوان جيئان تراشجي رهيو آهيان
    ۽ اُن منزل ۾ ماپجڻ لڳو آهيان
    جتان دُعائن جا در کُلندا آهن
    سڀ مذهب مُراقبي مان ٻاهر نڪري
    منهنجي طواف ۽ تعريف ۾ مصروف ٿي رهيا آهن
    آئون پنهنجو پاڻ ۾
    وڌي وڏو ٿي ويو آهيان
    هر وڻ مون مان
    ڦُٽڻ جي فڪر ۾ ٻُڏل آهي
    پر جڏهن به آئون
    تنهنجي تراش ڏسندو آهيان
    ته منهنجو سمورو هيءُ بي سُرو بُت
    ڀڄي ڀور ٿي پوندو آهي
    ۽ ماٺ جي مندر ۾
    صدائن جو گهنڊ بڻجي گونجڻ لڳندو آهي
    ۽ پنهنجي وجود جي وڃايل
    ذرن کي ڳولڻ لڳندو آهي...


    گوليءَ جي گونج...

    اڄ وري ڏس گونج گوليءَ آ ڪئي
    ۽ پکين جو پنڌ ماريو آ ويو
    سرحدن جا ساھ سوڙها ٿي پيا
    لُڙڪ جو لاشو ڳلن تان پيو ڳڙي
    شهر جي چهري تي راڳيل رَت آ
    ۽ امن جو آسمان آهي اُداس
    سڀ ستارا روشنيون هاريو روئن
    وحشتن جي ڪنهن به وک ناهي جهلي
    ڪالھه جيڪي قافلا ماريا ويا
    ڪونه تن جا لاش ڀي ساريا ويا
    ڪير ميڙي جسم جا ٽُڪرا ٽُٽل
    سڀ سهارا چُپّ جي چادر اندر
    ساھ جون سُرڪيون بچائڻ لئه لڪل
    زخم آهي زندگيءَ ۾ گهر ڪيو
    هر خوشيءَ جو خون ڳاري تر ڪيو
    خوف خيالن کي اڃا کائي پيو
    بُک بارودن جي ٿي ڀيليو ڇڏي
    ماءُ جي ارپيل چُميءَ جھڙي حيات
    ڪلهه ڪَنوَر جي سڏ کي ساڻو ڪري
    رُڪ اسٽيشن مٿان ڪا رات هاري
    گهاءُ گولي تو ڏنو هر گيت کي
    سُور سان ساڻو ڪيئي سنگيت کي
    اڄ ڪراچيءَ جي لڱن ۾ ڏس لهي
    بيگُناهن جو بدن ڀوري ڇڏيئي
    هر خدائيءَ جي تصّور کي تڙي
    جيءَ جي جُڙيل جُهڳي جهوري ڇڏيئي
    تنهنجي ٻوليءَ کي نه سمجهي ڪو سگهيو
    هاء گوليءَ کي نه سمجهي ڪو سگهيو ...!


    مُحبت جو آڪاس...

    مونکي هڪڙي رات کپي ٿي
    جنهن ۾ چنڊ رکڻ ٿو چاهيان
    من جي مُحبت جھڙو مُقدس
    سارو کنڊ رکڻ ٿو چاهيان
    نفرت دل کي ناس ڪيو آ
    وڻ جان واس ڇڻي ويو آهي
    خاموشين سان خنجر ڪوئي
    خوشين منجهه هڻي ويو آهي
    رَت صُبح جي سيني تان ڏس
    ڪونه سُڪو آ صديون گذريون
    خوف هوائن ساڻ هلي پيو
    آهُن کي ايذاءُ اچي ٿو
    ڄڻ ته لُڇي الله پوي ٿو
    روز ڪراچيءَ جي ڪُن مان ٿا
    گولين جا گهوگهاٽ اُٿن
    انسانن جي اک ۾ ڳوڙها
    ساهن مان سرڙاٽ اُٿن
    نسلن کي ئي نپوڙي ويٺي
    وحشت اهڙي ويڙھ وڙهي آ
    پر قانون ڪرائي تي ڏس
    وئشيا جھڙو وقت ڪٽي پيو
    سچ اُگهاڙو سرمد وانگي
    پنهنجو سينو پاڻ سٽي پيو
    چؤواٽن تي چانڊوڪين جا
    زوري چولا لاٿا ويا هن
    باکن جھڙا ڪئين بُت ڀيلي
    اُس ۾ عڪس اُجاڙيا ويا هن
    وقت وڃائي ويٺو وضو آ
    ميرو منهن مزاجن جو آ
    عشق عياشيءَ ۾ پيو پَلجي
    هر هڪ رَٿ کي رنگ آ پنهنجو
    هر هڪ ڏينهن کي ڏنگ آ پنهنجو
    انڌي ديس جي اونداهين ۾
    سڀ اُجالا دفنايل هن
    ڇا ته جنونيت جي هن جهنگ ۾
    باھ جا شعلا ڀڙڪايل هن
    ڪوبه جزيرو اهڙو ناهي
    جنهن ڏي جيءَ جي ٻيڙي تاريان
    پيار ڪنارن تائين پُهچي
    هر اُميد ۽ آس اُڪاريان
    مونکي هڪڙي لهر کپي ٿي
    جنهن سان سمنڊ ترڻ ٿو چاهيان
    مُحبت جي آڪاس ۾ اُڀري
    چاھ جو چنڊ ٿيئڻ ٿو چاهيان...


    مُئل محبتن جا مُجسما...

    آئون پنهنجو پاڻ ۾ اڪيلو ٿي ويو آهيان
    منهنجي اکين جا سمورا تعمير ٿيل خواب
    موهن جي دڙي جيئان مون ۾ دٻجي ويا آهن
    آئون پنهنجي اُجڙيل بناوٽ جا
    آثار ظاهر ڪرڻ جي لئه
    پنهنجو پاڻ ۾ کوٽائي ڪري رهيو آهيان
    جن مان ڪئين
    تنهنجي مئل مُحبتن جا
    مُجسما ملي رهيا آهن
    آئون تن مُجسمن کي
    ويتر ذيان ٿيئڻ کان بچائڻ لئه
    حفاظت جي هٿن سان ميڙي
    پنهنجي وکريل وجود جي ميوزيم ۾
    ان ڪري ئي سجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان
    ته جيئن هڪ ڏينهن تون
    منهنجي دٻجي ويل ساهن جي سيڙهين تي چڙهي
    ڪنهن سياح جيئان مون ۾
    ضرور سَير ڪرڻ ايندينءَ
    ۽ پوءِ آئون
    پنهنجو پاڻ مان اڪيلائيءَ کي ڇنڊي
    مڪمل ٿي ٻيهر ٻاهر نڪري ايندس.


    اجازت کان بغير

    مونکي منهنجي اجازت کان بغير ڄڻيو ويو آهي
    آئون هن بيگر واري زندگيءَ جو
    بار گھلي بور ٿي پيو آهيان
    مونکي اُن مذهب ۾ زوري اڇلايو ويو آهي
    جنهن ۾ منهنجا وڏا
    اڃا تائين اکيون پوري پنڌ ڪري رهيا آهن
    آئون ڪنهن به ٻئي جي مڙهيل
    فيصلي ۾ فنا ٿيئڻ نٿو چاهيان
    آئون پنهنجو پاڻ مان ٻاهر نڪري
    هڪ اهڙي دنيا ۾
    داخل ٿيئڻ ٿو چاهيان
    جت آس جي ڳل تان
    ڳوڙهو ڳڙڻ جي ڳالهه نه ڪري
    جت گناھ ۽ ثواب جي موضوع تي بحث ئي نه هُجي
    جت دوزخ ۽ بهشت جي
    خيال ۾ ڀٽڪڻو نه پوي
    جت انسان جي اهميت اڳيان
    هر فساد جو ڪنڌ ڪپيل هُجي
    ها آئون ڄاڻان ٿو ته ...
    خساري ۾ ورتل اڄ جو انسان
    منهنجي هن احساس جي کُليل اظهار کي
    بغاوت جو نانءُ ڏئي
    ناقابلِ معافيءَ هٿان مارائيندو
    ۽ جھالت جو جواز ڄاڻائي
    سنڌ جي صوفي روحن وانگي
    اَذيّتن ۾ اڇلائيندو
    ۽ هڪ دفعو ٻيهر ...
    مونکي منهنجي اجازت کان بغير
    منهنجي ئي جسم جي گهر مان زوري ٻاهر ڪڍيو ويندو!


    ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو...

    ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو
    لَڪن مان ڏِس ته لهرائي
    پهاڙن تي پُڳو آهي
    اُٿي درياهه جان ڌڌڪي
    ڪنارن تي لڳوآهي
    مگر هن ماٺ جي من ۾
    اُهو ئي کاٽ آ کوٽيل
    زخم جي زندگي ساڳي
    خنجر آ خيال ۾ کُپيل
    خزائون رات جون رهزن
    گُلن کي روز گهائن ٿيون
    اَڪن جي اک ۾ هاڻي
    رُڳو بس اُڃ جاڳي ٿي
    سُڪل دل جو صنوبر آ
    رڻن ۾ رُڃ جاڳي ٿي
    پکين جي پنڌ جون ڳالهيون
    وڻن سان گڏ ويون وڍجي
    نه ڪا آڙي اُڏاڻي آ
    گسن تي گهٽ جا گهيرا
    بُکايل باز جا ڦيرا
    رڇن جي راند ڀي اڪثر
    مڇيءَ جي مُرڪ ماري آ
    چٻن کي هاڻ چانڊوڪي
    نه چٿرن سان ٿي چيڙائي
    ڪُتن جي رُوڙ سان ڀريل
    روايت ۾ رواني آ
    سڄي سگريٽ سوٽي جان
    وئي ساڙي جواني آ
    دلالي دؤر جي در تان
    اُٿي ناهي اڃا تائين
    سڳين جا سلسلا سارا
    ويا وارن کان وڇڙي هن
    ڪُنڀارڻ جي ڪلائيءَ مان
    دلن جا ديس گُم آهن
    نه سُهڻي ٿي سگهي سڪ ڪا
    سڀئي سنديس گُم آهن
    نه ئي رگويد جان هاڻي
    سنڌوءَ تي سَڏّ ٿا جاڳن
    پراڻي قبر جي ڪڇ ۾
    رُڳو بس هڏّ ٿا جاڳن
    جمالن کي جيئارڻ لئه
    تنهائي ڪونه ٿي تڙپي
    جيئڻ جي جاڳ جو جذبو
    ڀڀڙ ٿي ڪونه ٿو ڀڙڪي
    صُبح جي سرڪشيءَکي ڪنهن
    نه گهوڙن تي گُهمايو آ
    زنگيل تلوار جي تن جان
    اسان خود کي وڃايو آ
    مگر هو ڏس ٿڪو ناهي
    ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو
    پيو سالن کان جاڳي ٿو
    روحن جي رات ڪاريءَ تي
    ڏيئن جا ڏيک راڳي پيو...


    سرحد جي هُن پار...

    رات سُتي سڀ منهنجا سپنا
    سرحد جي هُن پار ويا ها
    راجستان جون راڻيون ماڻي
    لکنوءَ ڏانهن ته لڙي پيا ها
    هاءِ ڪجل جي ڪاني ڀي ڏِس
    ڪيڏو سونهن ۾ ساھ وجهي ٿي
    چنبيلي ڀي خوشبوءِ کولي
    روز چڳن مان چاھ چُمي ٿي
    ڇا ته حُسن جي هوليءَ ۾ اڄ
    منهنجا سپنا رڱجي ويا هن
    سڀ گُناھ گنگا ۾ ڌوئي
    ڀاڳن سان ڄڻ ڀرجي پيا هن
    گيت گيت ٿيو گهنگهرو آهي
    سُرندي کي آواز سڏي ٿو
    ميران تُنهنجي محفل ۾ اڄ
    راتيون رقص ڪرڻ ٿيون چاهن
    غالب جو ڪو غزل ٻُڌڻ لئه
    مڌ جا پيالا خوب پيئڻ لئه
    خيال خُمارن سان ڀريا هن
    مُجرن کي ڪا ماٺ نه آهي
    پيئي دلالي در کڙڪائي
    جسم جسم جي
    جاٽ جلي ٿي
    سُور نه ڪنهن سان سانجهه سلي ٿي
    هاءِ ثوابن جي ته سفر لئه
    هر گرجا جو گس سڏي ٿو
    هر هڪ موڙ تي مسجد، مندر
    پنڊت، ملان، ڀڪشو، مُفتي
    گيان، اذانون، گهنڊ وڄن ٿا
    ماڻهپ جو ڪو مذهب ناهي
    ڪونه ٿو ساڌو ڪو سمجهائي
    پوءِ ڀي دڦ تي ڌُن وڄائي
    گليءَ گليءَ ۾ ناچ نچن ٿا
    سپنا ڪنهن کان ڪونه ڊڄن ٿا
    پنهنجي سي آزاد دُنيا ۾
    ساڀيائن جو سج لڳن ٿا
    هر فرقي جي دار کي ڌوڏي
    سرمد بڻجي سچ چون ٿا
    ڪنهن فتويٰ کان
    ڪونه ڪنبن ٿا
    منهنجا سپنا
    جن وٽ ويزا ناهه وطن جي
    سوچن جي بس پرڙن سان ئي
    سرحد پار ڪري ويندا هن
    هر قانون جو ڪنڌ مروڙي
    واپس موٽي ايندا آهن
    ها مون پنهنجي
    سپنن تي ئي سوچيو ويٺي
    رات به پنهنجا بيچينيءَ مان
    پاسا ورائي ٿڪجي پئي هُئي
    سانت اندر ڄڻ
    خوف ڇڏيو هو خنجر کولي
    ها اِئن جيئن ڪنهن زخمي هرڻ کي
    ڪوئي شڪاري رڻ ۾ رولي
    گوليءَ جو آواز اچانڪ
    سرحد جي سيني تي جاڳيو
    منهنجن سپنن سان گڏ ڪيئي
    پکين جا ڀي پر پکڙيل ها
    رَت رُليو پئي رستن تي ۽
    گولين سان ڪئين گهر اُجڙيل ها ....


    ڀٽائي ته مون ۾ ...

    ڀٽائي ته مون ۾ ئي آهي رهي پيو
    طنبوري جي جاڳيل تکي تار وانگي
    اُٿيو عشق آرس ڀڃي آر وانگي
    صدين جو سفر مون ڪيو آصُبح ۾
    سڀئي سج مون مان ئي اُڀري اُٿيا هن
    ڪڏهن واٽ وک جي نه آهي اُجهاڻي
    ڀڳو ٿڪّ مون ۾ ٿڌي ڇانوءَ آهي
    نصيبن تي ترندي رهي ناوءَ آهي
    اڃا قرب ڪاموڏ ناهي قتل ٿيو
    ڪوهياريءَ جو سارو قصو ياد آهي
    بچائي رکيو توگهڻو پاڻ کي پر
    ڏنل پيار جو سو حصو ياد آهي
    سُتل ساعتن جي بُتن کي اُٿاري
    مٽيءَ ۾ وري ساھ ڦوڪڻ ٿو چاهيان
    خُدائيءَ جي خيالن ۾ ڀٽڪڻ ٿو چاهيان
    تصّور تمنا جو پيو روز ڇڪجي
    نئون گيت دل جي گگن ۾ پيو لکجي
    نه ڄاڻان ٿو دوزخ جو دروازو ڇاهي
    نه ئي ڪو ثوابن جو اندازو آهي
    مگر رنگ اهڙي ۾ رنگجڻ ٿو چاهيان
    نه جو ڪنهن به ڌوٻيءَ کان سگهجي ئي ڌوپي
    پراڻن لٽن کي لڱن سان لڳائي
    ۽ ڳل ڳوٺ جي ڳالهين سان ملائي
    ڀڃي بوريت جي سموري بدن کي
    پگهر پيار قطرن سان وهنجڻ ٿو چاهيان
    وضاحت جو نئون ويس پائڻ ٿو چاهيان
    مُئل مُحبتن لئه مسيحا ڪو بڻجي
    سڀن سلسلن کي سهيڙڻ ٿو چاهيان
    تمر لئه اڃا تانگھه تن ۾ تڳي پئي
    اُٿيو آس ڇولي ڪپر تي لڳي پئي
    دلي مان سڄو ديس پيو اُڃ اجهائي
    پوتيءَ سان پاڻياري پئي ڇاتي لڪائي
    گسن تي خمارن جو آ مَٽ هاريل
    مگر واٽ مونکي نه آهي وڪوڙيو
    ڇنڊي روح پنهنجي کي منزل ڏي موڙيو
    لمحن جي ڊگهن لشڪرن سان لڙان ٿو
    ٿڪاوٽ جي سانجهيءَ جو سينو چُمان ٿو
    ڀٽائيءَ جي پيرن ۾ ويهي رهان ٿو
    سُرن جا سڀئي ساھ ميڙي جيئان ٿو
    چٽو چاهتن ساڻ معراج ٿيو آ
    اُهو چنڊ جيڪو هُئو اُڀ جي اک ۾
    سو اڄ منهنجي ڌرتيءَ تي آهي لهي پيو
    ڀٽائي ته مون ۾ ئي آهي رهي پيو ...


    ڄمڻ کان اڳ مري چُڪو آهين ...

    تون جيڪو ڄمڻ سان ئي پوڙهو ٿي وئين
    ۽ جوان ٿيڻ جي عُمر کان اڳ مري وئين
    توکي ته پنهنجو پاڻ تي سوچڻ جي لاءِ
    هڪ پل به حاصل نه ٿي سگهيو
    تو زندگيءَ کي ضايع ڪري
    خود زندگيءَ سان مذاق ڪيو آهي
    وقت جو ڪو به وڪيل
    تنهنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار ناهي
    تون جيڪو انصاف جي اُميد کان به
    خالي رهجي ويو آهين
    تنهنجي سوچ مان ڪوبه
    صحتمند صُبح اُڀري ناهي سگهيو
    تو حقيقتن کي حيرتن جي حادثن ۾ اُڇلي
    انسان جي اهميت کي ايذايو آ
    تنهنجا سڀئي خواب
    جاڳ جي اکين تي بار ٿي پيا آهن
    تن کي هاڻ دفنائڻ گُهرجي
    ڇو ته تون !
    ڄمڻ کان اڳ مري چُڪو آهين ..!!!


    سِڪ جو سينو ...

    اوجاڳن ۾ عشق ٻري ٿو
    هاءِ هينئين ۾ ڪو ته هُري ٿو
    اڄ به جُهڳيءَ۾ جيءَ جليو پئي
    وڻ وڻ لوڏي سيءُ رُليو پئي
    چاڙھ چڙهيل آ جوڀن جو جر
    لڱ به بڻجي لهر پيا هن
    ڪيڏي ڊسمبر ڊيگهه ڪئي آ
    ڪڙڪي من تي قهر پيا هن
    سوڙ ۾ دل جي سار ٺري ٿي
    اُٿيو اونها ساھ ڀري ٿي
    پاسي ۾ ئي چُلهه ٻريل آ
    ها پر سارو جسم ٺريل آ
    هر هر اُٿيو پاسا ورائي
    هٿڙا سيڪيو لمحا لُڇائي
    شُوڪارن ۾ شهر ٻُڏل آ
    رستن تي تنهائي سُتل آ
    کُليل در مان جهاتي وجهي ٿي
    پنهنجو پاڻ ۾ ڪاتي وجهي ٿي
    پر نه ڪوئي پيرو آهي
    رات جو رنگ به گھرو آهي
    سيءُ سَٽي پيو سِڪ جو سينو
    سمنڊ جي وچ ۾ آهي سفينو
    پر هت بُت ٿي برف ڀُري ٿو
    روز هينئين ۾ سُور سُري ٿو
    اوجاڳن ۾ عشق ٻري ٿو....


    خُدا جي ڳولا...

    آئون ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ مان
    پريشان ٿي ٻاهر نڪري ويندو آهيان
    ۽ اُن وئشيا جي اکين ۾
    خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
    جيڪا مجبوريءَ جي اڳيان
    پنهنجو اُگهاڙو جسم اُڇلائي
    مانيءَ جي مُلهه جيترا پئسه ڪمائي وٺندي آ
    آئون اُن ڪاسائيءَ جي اکين ۾ به
    خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
    جيڪو ڪنهن جانور کي زوري ذبح ڪرڻ وقت
    عزرائيل ته بڻجي ويندو آهي
    پر شڪلي بناوٽ ۾ وري به انسان ئي لڳندو آ
    آئون اُن مزدور ڪولهڻ جي اکين ۾ به
    خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
    جنهن جي ڪاري جسم مان
    پورهئي جو پگهر ته ٽمندو رهندو آ
    پر سندس هر سادگيءَ مان
    سچ جو سج، هر اونداهيءَ کان آجو نظر ايندو آ
    آئون اُنهن بيواھ عورتن جي اکين ۾ به
    خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
    جن جي زندگيءَ مان مجازي خُدا جو
    خاتمو ٿي چُڪو هوندو آهي
    ۽ سندن يتيم ٻار
    پيءَ جي پُڇاءَ ۾ اُجهامي
    هر خوشيءَ جي مٺاس کان محروم ٿي
    پاڙي مان مليل ونڊن تي
    پنهنجو وقت گُذارڻ لڳندا آهن
    ها! آئون اُن جلاد جي اکين ۾ به
    خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
    جيڪو حق جي آواز کي
    ڦاهيءَ جي ڦنڌي ۾ ڦٿڪائي
    زندگيءَ جي نس نس کي نپوڙي
    ساھ جو سمورو رس
    موت جي رستن تي هاري ڇڏيندو آ
    پر جڏهن آئون ٻيهر ٻاهران مايوس ٿي
    پنهنجي پريشانيءَ جا پاسا ورائي
    پنهنجو پاڻ ۾ واپس موٽي ايندو آهيان
    ته خود ۾ خُدا کي ڳولڻ جوخيال جاڳي پوندو آ
    ۽ پوءِ آئون پنهنجو پاڻ کي ئي
    پاڻ ۾ ڳولڻ لئه مصروف ٿي ويندو آهيان!


    محبت جي قرباني...

    هن جي اکين ۾ اٽڪيل هڪ ڳوڙهو آهي
    جيڪو وڇوڙي جي علامت ظاهر ڪري رهيو آهي
    پر هن جي اکين ۾ حراس ناهي
    ڇو ته !!
    حراس زندگيءَ کان مقصد کسي وٺندو آهي
    هن آزاديءَ کي ماڻڻ لاءِ
    محبت جي قرباني ڏني آهي
    ۽ پنهنجي محبوب کي
    پهرين ۽ آخري چُمي ڏئي
    ڌرتيءَ جي جنگ لاءِ هميشه
    جوان ڪري موڪليو آهي
    هن جي اکين ۾ فتح جا جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن
    ۽ محاذ تي موڪليل
    محبوب جي چُمي جي احساس به
    هن مان گرمي ناهي گهٽائي
    هوءَ سانجهه جي سفر ۾ اڪيلي محبوبه
    اڄ به آزاديءَ جي اکين جو اُهڃاڻ ٿي لڳي...


    جهمپير جي جواني...

    اڃا جهمپير جي جهوني
    جواني ڪونه ٿي آهي
    اڃا ڪينجهر ڪُنواري آ
    اندر مان عشق جي آڙي
    هوا هرکي اُڏاري آ
    گُلابي ويس ۾ ويڙهيل
    اُها ئي سانجهه آ ساڳي
    ڀريو سنڌور سج آهي
    لهر جي ڏس ته لڱ لڱ ۾
    مندر جي مورتين کي ڀي
    اگر جو واس آ ويڙهيل
    خيالن ۾ ته تاڙين جو
    وڏو ڪو کيپ آ کيڙيل
    اڃا اُن بڙّ پوڙهي جان
    ٿڌي ڇانءَ درس* ۾ آهي
    نه ڇڻيو آ ڪو گُل غم ٿي
    حياتي سرس ۾ آهي
    لمحن جي لُڙ ۾ ليٽي
    کجين جي ٿُڙ ۾ ٿرجي
    وصل جي واٽ کي ويڙهي
    سڄي جهمپير کي ميڙي
    نوان سُر ساھ سان ڇيڙي
    وفا گيتن جو گهر بڻجي
    چُميون هن چاھ جون ٻانهون
    وري ڪينجهر ڪُنواريءَ سان
    لڌيون هن لاڙ ڏِس لائون ....







    *رسول بخش درس


    آئون اڪيلو...

    آئون ايامن کان ئي اڪيلو
    مون سان ٻکيل آهي ٻاٽ
    مون ۾ ڀي ڪا ٻاريو لاٽ
    آئون انڌيرن جي اکين ۾
    صدين تائين سُڏڪيو آهيان
    ساھ صليبن تي سهڪائي
    لاشن وانگي لٽڪيو آهيان
    منهنجو سج سُتل ڇو آهي؟
    ڪوته صُبح سان ڀي ڳالهائي
    آئون فڪر جي روز ڦنڌي ۾
    ڦاهيءَ تي ڄڻ ڦٿڪيو آهيان
    پير نه پُٺتي هٽڪيو آهيان
    ها پر منهنجي آس اڃا ڀي
    اوجاڳن جي اُڀ ڏي اُڏري
    پنڌ نه پنهنجو ماريو آهي
    هر ڏيئي جي وٽ سان وٽجي
    احساسن کي ٻاريو آهي
    هيءُ جو مُنهنجو جيءُ جليو آ
    روز پرھ سان پرچڻ جي لئه
    تنهن جي تانگهه تنواريو تڙ تان
    ڪويل بڻجي ڪوڪڻ جي لئه
    آئون اروڙ جي ارڏائين مان
    ٻيهر اُڀرڻ لاءِ آتو
    ساموئي مونکي آ سُڃاتو
    روھ جبل تي روهاڪيءَ جان
    منهنجا سڏ ستارا ٿيندا
    هر غُلاميءَ جو گهر ڊاهي
    لهرن سان لامارا ٿيندا
    آزاديءَ جي آوازن سان
    نينهن به نکري نيارا ٿيندا
    سارو ديس ڌمالون ٿيندو
    خوب جمالا پيو ڳائيندو
    هي سڀ ڳڀرو اوچا ڳاٽ
    جن جي ٿڪڻي وک نه واٽ
    سي اونداهين کي اُڇلائي
    جرڪائيندا هر هڪ جاٽ
    مون ۾ ڪا ٻاريندي لاٽ...!!


    لاهيارڻ...

    لاباري ۾ لڱ پُسائي
    آرس موڙيئين سج سهڪي پيو
    ڪيڏو ، پيار پگهر قطرن مان
    ڌرتيءَ جي دامن ۾ ڪريو
    نظر نظر مان نينهن جي نغمن
    ڳائڻ لاءِ ڳاٽ کنيا پئي
    هُن جي بُت جون سڀئي بهارون
    ڀُاڪر منجهه ڀرڻ جھڙيون
    آرهڙ جي اونداهين کي ڀي
    هُن جي لوڏ لڄائي ٿي
    هر وڇايل روح رليءَ تي
    پريت جا پيرا پائي ٿي
    هُن جو سينو سمنڊ سُڪيءَ تي
    سپيءَ وانگي سهڪي پيو آ
    ڳوٺاڻن جي ڳالهين ۾ ڀي
    ساڳيو موضوع مهڪي پيو آ
    بار ڀريءَ جو ڀاري آهي
    ها پر نازڪ ناري آهي
    هر ڌنار جي ڌُن ۾ هن جي
    سونهن جا سُرسمايل آهن
    لاهيارڻ جي لڱ لڱ ۾ ڏِس
    ڪيڏا عشق اوجاڳيل آهن
    سڪ جي هر هڪ پڪل سنگ سان
    احساسن تي ڇانيل آهن
    ڏاٽن جھڙي ڏاٺن سان اڄ
    منهنجا گس به گهايل آهن
    لاهيارڻ جا لڱ سمورا
    ساهن منجهه سمايل آهن...


    خوابن کان خالي انسان...

    منهنجي اکين جي حصي جا
    سمورا خواب
    تنهنجي اکين چورائي ورتا آهن
    آئون خوابن کان خالي
    ٿي ويل اڪيلو انسان
    اڄ به پنهنجو پاڻ ۾
    پريشان ڊوڙي رهيو آهيان
    مگر اهو هرگز نٿو چاهيان ته
    تون مون مان جلاوطن ٿي وڃين
    ان خوف ۾ آئون
    الاءِ ڪيترا دفعا قتل ٿيندو رهيو آهيان
    ها! اڄ ان ڪري ئي توکي
    آئون پنهنجن سمورن خوابن سميت کڻي
    پاڻ ۾ ئي لڪائي رکڻ ٿو چاهيان
    ۽ پنهنجي زندگيءَ مان
    ٻاهر نڪرڻ جا سمورا در
    هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏڻ ٿو چاهيان ...


    جنگ جو طبل...

    مياڻ ۾ سُتل تلوار مٿان
    ڏيئو جاڳي رهيو آهي
    ڌرتيءَ کان حفاظتن جا سمورا حق
    وڃائجڻ لڳا آهن
    محاذ تان هٽي ويل سپهه سالار
    لذت جي لڱن مان مڌ جھڙا پيالا پي
    جسم جي بستر تي مدهوشيون ماڻي رهيو آ
    سالن کان خيمي جي در تي بيٺل سپاهي
    جنگ جون سڀئي مشقون مارائي چڪو آ
    ڌرتي ڌارين جي لتاڙ هيٺان
    پنهنجا سمورا دنگ ڌوڙ ۾ وڃائي ويٺي آ
    پر غيرتن مٿان ڪا به گار اثر ئي نٿي ڪري
    ۽ هڪ جهوني بُرج جي ڀر ۾ رکيل
    جنگ جو جوان طبل
    اڄ به وڄائيندڙ هٿن لاءِ واجهائي رهيو آهي...


    کاروڇاڻ...

    هيءُ جو کاروڇاڻ کٿيءَ ۾
    ٽم ٽم لهرن لاٽ بتيءَ ۾
    اوجاڳن جي رات اڱڻ تان
    ڪنهن ته نهاريو ويٺي ڪتيءَ ۾
    رَڇ ۾ ڪيڏو راڙو آهي
    تاڪ ۾ تاڻيل پاڙو آهي
    هي جو تار درياھ دل جو
    جنهن ۾ جهاڳ هلي پئي جيءَ جي
    ڪيڏا ڇڪ جا ڇُلڪا آهن
    آس جي اک ۾ اُلڪا آهن
    هاءِ ِوڇيرو وقت وهيءَ جو
    جنهن کي جهل نه پل ڪا آهي
    تانگهه جي تڙ ڏي پيو ٿو ڪاهي
    ناتاريءَ جان هُن جو نظرون
    روز خيالن منجهه کُپن ٿيون
    ٻانُهن جون پوءِ ٻيڙيون ڌڪجي
    لڱ جي لنگرساڻ لڳن ٿيون
    هاءِ ککيءَ جي کاريءَ ۾ ڏس
    جسمن جواني ماڻي آهي
    ڇاتيءَ سان هر ڇڪيل ڇوري
    تيرن وانگي تاڻي آهي
    پنڌ وڃن پيا پرتي نڪري
    تنهائين جي تهه خاني ۾
    ڳاٽ چُميا ڳالهين ڳلڙن جا
    مدهوشين جي مئخاني ۾
    ڪونه سُتا ڪي سڪ جا سيارا
    واٽون ڦوھ ڦُلاريل آهن
    چنگ چُرن ٿا روز چڳن تي
    واسيل چاھ جا چارا آهن
    روز ٽڪن جي چولي سان ڪا
    تارن کي پئي تجلائي ٿي
    گهاٽ مٿان ڀي گهڙا ڀريندي
    گُهورن سان ئي ڪئين گهائي ٿي
    هوءَ جا وهنتل نينهن نديءَ ۾
    نسريو آ ڄڻ ڪانهه ڪنڌيءَ تي
    هي جو کارو ڇاڻ کٿيءَ ۾....


    سڏ منهنجيءَ سنڌ جا...

    اڄ وري آهي قتل ٿيو
    سج منهنجي سنڌ جو
    ساھ خنجر سان کسيو ويو
    جاڳ جي هر جند جو
    روح مان رت جا ڦوهارا
    پٽ تي پيا هن ڪري
    مُحبتن جا سڀ مُسافر
    راھ ۾ ويا هن مري
    شهر دل جي شاعريءَ جو
    غم ۾ ٿيو غرق آهي
    پر فنا جي فاصلن ۾
    ڪو نه آيو فرق آهي
    روشنيءَ جي راھ تي آ
    رات جو راڪاس جاڳيل
    لاٽ جو هر لڱ لٽيل آ
    ۽ سُڳنڌ جو سِر ڪپيل آ
    سازشن ساڻو ڪيو آ
    سچ جي هر سرڪشيءَ کي
    زهر جھڙو هر زخم ڏئي
    ويو آ ماريو زندگيءَ کي
    هر پهر ٿيو آهي پرزا
    وحشتن جي هت ولر ۾
    ٽهڪ ٽُڪرن ۾ ورهايل
    سانجهه سُڏڪن جي سفر ۾
    آ متل قُهرام ڪلهه کان
    هر گهٽي ۽ گام گهر ۾
    ڪونه مليو آ ڪٿان ڀي
    مُرڪ جو پاڻي ٿڪن کي
    خواهشن جا خواب سارا
    لاش ٿي مليا لَڪن کي
    ظلم جي زنجير ۾ آ
    اڄ به ڏس واڙيل وطن
    ساٿ سان سالار کي هت
    آ رهيو ملندو ڪفن
    روز ڦاهيءَ تي ٿا ڦٿڪن
    هڏّ منهنجي سنڌ جا
    پوءِ به غيرت ۾ گُلابي
    سڏّ منهنجي سنڌ جا...


    وهنتل عشق جون اکيون...

    مون تنهنجي حُسن جي نديءَ مان
    پنهنجي عشق جون اکيون
    وهنجاري ورتيون آهن
    پر الئه ڇو تون-
    منهنجي سرد راتين ۾
    پنهنجا لڱ لڪائڻ جي
    سُڌ ئي نٿي رکين!
    آئون هڪ دفعو ٻيهر
    تنهنجي جوڀن جي چاڙھ کي
    حسرتن جي ڇوليءَ جي هٿن سان
    ڇُهڻ ٿو چاهيان
    ۽ سيني مان ساهن جي گرم گيتن کي
    ڀاڪُرن جي بانسريءَ ۾ آڻي
    عشق جي آڱرين جو آواز ڏئي
    مالڪوس جي مڌُر سُرن سان ڳائڻ ٿو چاهيان ...


    دل جي گلي...

    هلي دل جي گلي گُهمجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي
    چڳن جي واس ۾ ويهي
    ڳلن جي ڳوٺ ۾ رُلجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.

    بدن جي باک مان اُڀري
    وڇوڙي کان سڄو وسري
    ڇُهي ڇاتيءَ جي ڇوليءَ کي
    لڱن جي لهر ۾ لُڏجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.
    سڪيون آهن صديون ڪيئي
    وهن تومان نديون ڪيئي
    پُڪارن جو پتڻ بڻجي
    وڃي ٻئي پار سان ملجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.

    رڱيل روح جي ته رازن سان
    گرم ساھن جي سازن سان
    چپن جي چوديواريءَ ۾
    نئون گهر عشق جو اڏجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.

    مُساڳن سان ملي آهين
    کٿوري ٿي کلي آهين
    گُلن مان گسّ آ تنهنجو
    رُتن ۾ رَسّ پيو ڀرجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.

    هلڻ تنهنجو هوا جھڙو
    کلڻ ڀي ڄڻ خُدا جھڙو
    هينئين جي رحل تي توکي
    رکي ڏينهن رات پيو پڙهجي
    سڳي سڪ مان سڄي چُمجي.


    رهجي ويل خال...

    هن زمين ۽ آسمانن جا خُدا!
    تو ڪئي تخليق جيڪا زندگي
    اُن اندر هڪ خال رهجي آ ويو
    سُور جھڙو سال رهجي آ ويو
    بُک، بدحالي رڳو فاقاڪشي
    روز رستن تي رُلي لاوارثي
    بس نصيبن ۾ لکيل آوارگي
    زلزلا طوفان ٻوڏون ذلتون
    ڪٿ لڪي تُنهنجون ويون هن رحمتون
    لڱ ليڙن ۾ لڪائي مُفلسي
    تو بنايو اُڀ ۾ جو آدمي
    سوخريدي ڪونه سگهيو آ خوشي
    فرق تنهن ۾ آ رکيل ايمان جو
    مُلهه ڪريل مانيءَ اڳيان انسان جو
    اي خُدا تخليق سان انصاف ڪر!
    يا رهيل ان خال کي واپس تون ڀر...!!!


    سانگها...

    سانگها تُنهنجي سيني تي
    سائيبيريا جا ساوا پنڇي
    پنهنجو پنڌ پڄائين ٿا
    سرد هوا جي سرڙاٽن ۾
    اُڏري پَر پُسائين ٿا
    لوڪ گيت ڄڻ ڳائين ٿا
    ويرا واهه جي واٽن تي اڄ
    سانجهيءَ سِرنمايو آهي
    ٽلين ٽهڪ ٻُرايو آهي
    ڇا ته کُرن جي کوٻن ڀي ڏس
    واريءَ کي وندرايو آهي
    سانوڻ سڏ ورايو آهي
    سُر جي سرگم ساڻ ملي اڄ
    موسم مُرڪون ماڻيون آهن
    مورن کيڙا کوليا آهن
    آڙيءَ جي اک اُجري آهي
    ٻاٻيهن ڀي ٻانهون کولي
    ٻهڪي ٻوليون ٻوليون آهن
    تنهنجي جوانيءَ جي ان جر تي
    ڄڻ ڪنهن ڇوريءَ جي ڇاتيءَ جان
    ڇُلڪيل اڄ ڀي ڇوليون آهن
    پاڻيارين جون روز پگهرجي
    پُهتيون توتي ٽوليون آهن
    روز دلن مان پاڻي پلٽي
    اُرهن ۾ احساس ڀري ٿو
    تارن سان آڪاس ٻري ٿو
    تو ۾ پنهنجا پير پُسائي
    ڪجلا سَر ٿو وهنجڻ چاهي
    راج ڪُماريون سڀ ڪُنواريون
    تو ۾ دل جو ڌوپ ڪرڻ لئه
    آس جا انگ مهٽڻ ٿيون چاهن
    تارئون تار ترڻ ٿيون چاهن
    مان به هرڻ جي ڇال سان گڏجي
    سانگها تنهنجي سيني تي
    پنهنجو پنڌ پُڄايان ٿو
    ساري اُڃ اُجهايان ٿو.

    نوٽ: ننگر پارڪر جي ويجهو ويرا واهه ڳوٺ لڳ ڍنڍ سانگها


    پهاڙي شام ...

    ڪنهن پهاڙي شام جھڙي ڇوڪري
    ها گلاسن ۾ ڀريل ڄڻ
    جام جھڙي ڇوڪري
    سوچ جي سيني مٿان ڏس
    ٿي سرورن سان لهي
    ۽ خمارن جون هزارين
    پئي نديون کڻيون گُهمي
    مئڪدا اُن جي نگاهن
    جو ته مرڪز ٿا لڳن
    ۽ بدن جي بيهڪن مان
    ٿا انگوري رس ڇُلڪن
    ڪئين پيالا، اُڃ جون اکيون کڻي
    روز ڀرجڻ جي صدائن
    ساڻ ٿا ٽڪرائجن
    عشق جو احساس ڀي
    ٻانهن اندر ٻکجي پيو
    حُسن جي تاريخ جو ڪو
    باب نئون لکجي پيو
    حسرتن جي هانءَ کي، روز هرکايو وڃي
    هر مصّور جي تصّور ۾ تري ٿي
    هر ڪويءَ جي ڀي قلم تي
    ڏات ٿيو ڏيئا ٻَري ٿي
    مُحبتن جي هر مُسافر رات ۾
    ٿي لڳي آرام جھڙي ڇوڪري،
    گهنڊ وانگي آئون گونجي ٿو اُٿان
    هوءَ مندر ۾ سجايل
    رام جھڙي ڇوڪري
    ڪنهن پهاڙي شام جھڙي ڇوڪري...








    پهاڙي شام ...

    ڪنهن پهاڙي شام جھڙي ڇوڪري
    ها گلاسن ۾ ڀريل ڄڻ
    جام جھڙي ڇوڪري
    سوچ جي سيني مٿان ڏس
    ٿي سرورن سان لهي
    ۽ خمارن جون هزارين
    پئي نديون کڻيون گُهمي
    مئڪدا اُن جي نگاهن
    جو ته مرڪز ٿا لڳن
    ۽ بدن جي بيهڪن مان
    ٿا انگوري رس ڇُلڪن
    ڪئين پيالا، اُڃ جون اکيون کڻي
    روز ڀرجڻ جي صدائن
    ساڻ ٿا ٽڪرائجن
    عشق جو احساس ڀي
    ٻانهن اندر ٻکجي پيو
    حُسن جي تاريخ جو ڪو
    باب نئون لکجي پيو
    حسرتن جي هانءَ کي، روز هرکايو وڃي
    هر مصّور جي تصّور ۾ تري ٿي
    هر ڪويءَ جي ڀي قلم تي
    ڏات ٿيو ڏيئا ٻَري ٿي
    مُحبتن جي هر مُسافر رات ۾
    ٿي لڳي آرام جھڙي ڇوڪري،
    گهنڊ وانگي آئون گونجي ٿو اُٿان
    هوءَ مندر ۾ سجايل
    رام جھڙي ڇوڪري
    ڪنهن پهاڙي شام جھڙي ڇوڪري...


    آزاديءَ جون اکيون...

    آئون اُها جنگ ٿيئڻ ٿو چاهيان
    جنهن ۾ آزادي
    هڪ پل به اکيون ناهي پوريندي
    ۽ غلاميءَ جو اُگهاڙو لاش
    دفن ٿيئڻ واري دُعا کان ڀي
    هيٺ ڪري پوندو آهي
    آئون شعور جي تلوارن کي
    هڪ دفعو ٻيهر
    روح جي روهيءَ تي آڻي
    تکو ڪرڻ ٿو چاهيان
    جيڪي زمانن کان زنگيل آهن
    ته جيئن اُهي ڪنهن به ضعيفيءَ
    جي زنگ سان ذيان نه ٿي سگهن
    ۽ هن دؤر جي دُکيل بٺيءَ ۾ پچائي
    پُختو ڪرڻ ٿو چاهيان
    ته جيئن هميشه سندن لالاڻ
    هر لشڪر اڳيان لهرائيندي رهي
    آئون رَت جي رستن تي وڇايل
    سنڌ جي اُنهن سڀني صُبحن کي
    سيني سان لڳائڻ ٿو چاهيان
    جيڪي آجپي جي سرحدن جا سفير ته هُئا
    پر اونداهين سان ويڙھ ۾ وڙهندي
    وقت کان اڳ وڃائجي ويا
    اڄ آئون به اُنهن ئي
    قدمن جي نشانن مٿان هلڻ ٿو چاهيان
    ۽ هڪ اهڙو آواز ٿيئڻ ٿو چاهيان
    جيڪو هر ماڻهوءَ جي هينئين جي حالتن سان ملي
    ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهي
    ۽ آزاد پکيءَ جيئان اُڏرڻ ٿو چاهي..


    زندگي...

    گهاءُ آهي گهٽ آهي
    زندگي هڪ ڦٽ آهي
    جو ڄمڻ سان ئي *چِڳي ٿو
    ننڊ جي ناڙي مان نڪري
    درد ڪنڌيءَ سان لڳي ٿو
    روڄ ۽ ريهاٽ آهي
    چين سڀ چيهاٽ آهي
    سانجهه جو سينو اڃا ڀي
    رَت ڳاڙيندو وتي ٿو
    آسمانن ۾ اُداسي
    لُڙڪ ڪڪرن مان ڪري ٿو
    جڳ جو هر هڪ جياپو
    دوزخن جو دنگ ٿي پيو
    آدمي اڄ ڀي اڪيلو
    *چِڳڻ: چِڪڻ لفظ جو لاڙي لهجو.
    مذهبن جي ميڙ ۾ آ
    ڄڻ ڪنهن ڦاٿل ويڙھ ۾ آ
    ڪائناتون ڀي ڪنبن ٿيون
    روح رمشا جان رڙي ٿو
    تهمتن جي تلخين ۾
    پر خيالن ۾ خُدائي
    ڪونه خيما کوڙيا هن
    سڀ مسيحا ماٺ ۾ هن
    تڙپ ڏس تلوار وانگي
    پئي وجودن کي وڍي ٿي
    زهر جھڙين ذلتن سان
    سڀ زمانا زخمجن پيا
    انتظاريءَ جون اکيون ڀي
    اُڃ ۾ ئي اوتيل هن
    ۽ پتڻ جا پُور ڀي ڏس
    ڪونه گهاگهر سان گڏيا هن
    واٽ هرڪا ونگ آهي
    ڏيهه سارو ڏنگ آهي
    جو ڏکائيندو رهي ٿو
    روز خوشين جي هينئين جو
    ماس کائيندو رهي ٿو
    ساھ کي ڪا سَٽ آهي
    زندگي هڪ ڦٽ آهي...


    دل جو ديبل...

    مُنهنجا سڏ سمندر بڻجي
    لهرون ڪُن ڪنارا ٿيندا
    راتين جا سڀ رنگ اُجاڙي
    اُڀ جي اک ۾ تارا ٿيندا.

    درياھ جھڙي دهشت مون ۾
    ويرون بڻجي آئون وڌان ٿو
    آزاديءَ جي آس کي ماڻي
    سينو تاڻي سَينَ هڻان ٿو.

    مون مان مقتل روز ٿا رنڱجن
    منهنجو رَت روانيءَ ۾ آ
    منهنجا پنڌ پُڪارون بڻيل
    منهنجي جاڳ جوانيءَ ۾ آ.

    جُهڙ جي جهالر ڇا ته جهليندي
    چانڊوڪي ۽ چنڊ جا چارا
    سڪ جو ساگر تار تري پيو
    نينهن وڄائي ويٺو نغارا.

    وڻ وڻ کي جو لوڏي ويٺو
    وقت وڏو طوفان لڳي ٿو
    پر جو مٽيءَ کي مهڪائي
    ماڻهو سو ئي مهان لڳي ٿو.

    دل جو ديبل روز ڌُٻي ٿو
    سڀ اُجهاڻيل ڏيئا آهن
    مغرب کان جو واعظ وڦلي
    ڏاهر ڏيهه تي ڪڙڪيا آهن.

    مون ۾ ويڙھ اڃا آ جاري
    مان تلوارون ٿي پيو آهيان
    ڪنڌ ڪپائڻ سنڌ بچائڻ-
    لاءِ قطارون ٿي پيو آهيان ....


    آئون مُسافر...

    آئون مُسافر
    منهنجو ڪٿ ڀي، ناهي گهر!
    پاڻيءَ تي جو پنڌ پُڇي ٿو
    آئون لهرن منجهه لهان ٿو
    سارو ماس پيو ٿو پٽجي
    موت وڏو ڪو مانگر مڇ آ
    ماڻهو مٽيءَ ۾ پيو لٽجي
    عمر جوانيءَ جي ٻانهُن مان
    محبوبا جان وڇڙي وئي آ
    انگ اُگهاڙا تنهائين جا
    جن کي ڪوئي ويس نه آهي
    سڪ جي تار سُتي پئي آهي
    ڪو به نٿو سُرندي کي وڄائي
    آئون پنهنجي ئي ڳولها ۾
    ڏينهن اُڪاري رات رُلان ٿو
    سوچ جي صحرا منجهه سڙان ٿو
    منهنجي اک ۾ اونداهين جا
    ڪيڏا عڪس چٽيا ويا آهن
    ڀالن اڪثر ڀيل ڪئي آ
    سارا رقص لُٽيا ويا آهن
    آئون چترڪاريءَ تي چڙهيل
    روز ٿو گهڙجان گهاڙيٽن ۾
    پوءِ ڀي پنهنجا پار وڃائي
    ڀڳوانن کان ڀُلجي ويو هان
    انسانن ۾ اٽڪي پيو هان
    منهنجون واٽون ويهه ٿيون هن
    منهنجي مايوسين جي مُک تي
    ناهي مُرڪن جو ڪو منظر
    منهنجي وک ۾ واري آهي
    آئون اُڃايل احساسن جو
    منهنجي سانجهي رات جي رڻ ۾
    چُپ جي چادر ويڙهي سُتي آ
    منهنجا لڱ لوساٽيل آهن
    ٿڪ ڀڃي ٿو مون ۾ ٿر
    آئون مسافر
    منهنجو ڪٿ ڀي، ناهي گهر...!


    ماٺ جي قبر

    آئون اُن رات ۾ مري رهيو آهيان
    جنهن رات کان چنڊ رُسي ويو آهي
    ۽ آسمان به اُداس عشق جي
    الميي جھڙو لڳي رهيو آهي
    مون م هڪ ماٺ
    قبر جيئان کوٽجي رهي آهي
    پر آئون ان ماٺ جي قبر مان
    هميشه لاءِ ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهيان
    ۽ اُن آزاد ڌرتيءَ جو گيت ٿيڻ ٿو چاهيان
    جنهن ڌرتيءَ جو هر صُبح
    هر زخم کان پاڪ هوندو آهي
    نه جنهن جي ڳچيءَ ۾ پيل
    ڪو غلاميءَ جو طوق هوندو آهي
    ۽ نه ئي وري ڪا پيرن ۾ ظلم جي زنجير...


    تون...

    صحرا ۾ ڪنهن سمنڊ جيئان
    تون ته لهي پئي آهين مون ۾
    رات کان مون محسوس ڪيو آ
    تون ته رهي پئي آهين مون ۾
    منهنجي دل جي دڳن تي تو
    پنڌ ڪيا هن پيار جا ڪيئي
    روز دريءَ مان درشن تنهنجو
    شهر سڄي کي شرمائي ٿو
    اوجاڳن جي احساسن سان
    ڳلين کي ڀي ڳهرائي ٿو
    مٽ کولي مدهوشين جا ڪي
    پيالا کوڙ پيارين ٿي
    اُڃ ۾ ورتل عشق منهنجي کي
    جوڀن ساڻ جيئارين ٿي
    اڄ به نديءَ جي نيڻن وانگي
    سڪ جو سُڪل سينو پُسائي
    پاڻ وهي پئي آهين مون ۾
    تون ته رهي پئي آهين مون ۾...


    ماڻهو...

    آسمان مان اُڇلايل هي
    ماڻهو آخر ڇا ٿو چاهي !؟
    ڌوڙ اکين جي دائري ۾
    گهر گُناھ جو ٺاهيو آهي
    سڀ فرشتا فڪر ۾ ڦاٿل
    هيءُ جو آدم جنم وٺي اڄ
    سجدن سان گڏ جاڳي پيو آ
    هن ۾ ساھ به ڦُوڪيو ويو آ
    ڪائنات جي ڪُل وجود جو
    هن جي تابعداريءَ لاءِ
    سڀ ملائڪ متحد آهن
    هيءُ جو دُنيا جي ڏس دُن ۾
    هَوس جي هٿ سان رکيو ويو آ
    تنهن کي ڪيئي گهاوءَ گهڙيندا
    سارين وانگي سُپ ڇڙيندا
    پنهنجي مٽي پنهنجي هٿ سان
    پاڻ ئي ڀوريندو ۽ ڀڃندو
    لذت جا ڪي لڱ چُمڻ تي
    جنت مان ڀي تڙيو ويندو
    مريم لاءِ مهڻو ٿيندو
    عيسيٰ بڻجي ٽياس تي ٽنگبو
    اُجرائپ جي آوازن جو
    هر سليقو ساڻو ٿيندو
    ڪٿ مُلحد ۽ ڪافر سڏبو
    ڪٿ فتويٰ ۽ گهاڻو ٿيندوٰ
    خدشن ۾ هيءُ خوف کُتل آ
    تيرن ۽ تلوارن اڳيان
    ان الحق جو نعرو هڻندو
    منصورن جي منزل ماڻي
    پنهنجو ئي ڪنڌ ڪپرائيندو
    آسمان جي اوچائيءَ ڏي
    واپس اُڏرڻ ئي چاهيندو
    پنهنجي مٽي پاڻ ئي ميڙي
    ڳوهيندو ۽ پيو ٺاهيندو
    نئين روپ جي رنگ ۾ رنڱجي
    ٻيهر ڌرتيءَ تي ئي لهندو
    آدم جي احساس مان نڪري
    خود کي خُدا ڀي سڏرائيندو
    ڀُرندو ڊهندو ۽ پيو ٺهندو
    آسمان مان اُڇلايل هيءُ
    ماڻهو مرندو ۽ پيو ڄمندو...


    حياتي...

    حياتي حُسن ڇاڻيو آ
    وڌيا پيريءَ ڏي پيرا
    دونهاٽيل ديد جا ديرا
    سمورا پيار جا پيالا
    هٿن مان هارجي ويا هن
    حياتي ڄڻ ته بيواھ جو
    ڪو ڀيليل ڀاڳ ٿي پئي آ
    چپن جون موسمون ميريون
    ڏهاڙي ڏُهاڳ ٿي پئي آ
    اُداسين جي ته اوڙاھ ۾
    ذيان ٿي زندگي آهي
    خيالن مان خوشي پنهنجا
    وئي پرڙا ته آ کوهي
    بدن جي بيسرائيءَ سان
    لُڇو ايئن لڱ لڱ آهي
    سڻيءَ جا سوڪ تي ڦٿڪا
    لُڙاٽيل ڪُن ۾ ڪڙڪا
    هوائن جي هٿن ۾ جيئن
    جهنڊي ڦاٽل جا ڪي ڦڙڪا
    تصّور تڙپ جون تارون
    وڄائي ويو وڃائجي آ
    چِهاڙيل چاڳ جا چولا
    سبي سُک ڪونه سگهيو آ
    دُکيو ايئن درد آ دل ۾
    دلو ڄڻ ڪو نِھائِينءَ ۾
    رڻن جي رات ۾ روئندي
    جواني جنگ هاري آ
    اڇو ٿيو ويس وارن جو
    اها ئي سوڳواري آ
    حياتي وڻ جي ڇاتيءَ مان
    ڇڻيل ڪو ٻُور ٿي پئي آ
    سرورن جا سفر ساري
    سراپا سُور ٿي پئي آ...


    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو...

    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
    جنهن سان رُسوائيون
    هجرت جي رستن تي رُلندي نظر اچن-
    ۽ محُبتون مُرڪن جو ماڳ بڻجي
    نفرتن کي ننڊ سُمهاري ڇڏين.
    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
    جنهن مان غُربت
    پنهنجي اُجهاڻيل چُلهه جي احساس مان ٻاهرنڪري
    ٻن ويلن جي ماني سڪون سان کائي سگهي-
    ۽ هڪ سٺي زندگيءَ جي شروعات ڪري سگهي.
    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
    جيڪو مذهبن ۽فرقن جي ڦنڌي مان
    ماڻهوءَ کي آزاد ڪرائي سگهي-
    ۽ انسانيت جي اهميت کي
    خُدا جي خيال جيئان وشال بڻائي،
    ندين جھڙو وهڪرو ڏئي ڇڏي.
    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
    جنهن کي فالج ۾ ورتل فنڪار
    ڳائڻ سان ئي صحتياب ٿي پوي-
    ۽ نئين سِر سُرن ۾ ساھ ڦوڪي
    پنهنجي ڪَلا کي عشق جي آواز ۾ لاهي سگهي.
    آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
    جنهن سان ڪنهن ڏکايل ماءُ جو
    درد هلڪو ٿي سگهي-
    ۽ خودڪش بمبار هٿان
    مارجي ويل ٻار واپس زندهه ٿي پون.
    ها! پر اڄ آئون اهڙو ئي گيت لکڻ ٿو چاهيان..!!
    جنهن کي ٻُڌڻ سان
    مجبوريون پنهنجي ئي موت پاڻ مرڻ لڳن
    سوچن جا سينا تلوارجي تکائي جيئان تجلائيندا رهن
    ڌرتي انقلاب جي اک بڻجي
    ويڙھ جي وکن تائين جاڳندي رهي-
    ۽ آزاديءَ جي روشن چهري تي هميشه
    ڪاميابيءَ جون ڪوسيون چُميون ڏيندي رهي...


    چُمي...

    تو جيڪا چُمي
    پنهنجن چپن سان
    منهنجي زندگيءَ ۾ پوکي هُئي
    سا اڄ ڦُٽي
    پيار جو وڻ ٿي پئي آهي


    زندگيءَ جي بانسري...

    زندگيءَ جي بانسريءَ کي وڄائيندو وتان
    ساز جي آواز ۾، گيت ڳائيندو اچان
    تند دل جي ٿي تپي
    وجد ۾ ٿو ويڙهجان
    رقص مون مان ٿا ڦُٽن
    باک جي ڪنهن بوند جان
    مان ڪَنوَر جي ڄڻ ڪُٺل
    گيت جو آهيان سفر
    سچ جو سقراط ٿي
    روز پيئان ٿو زهر
    سُرَ مُون مان ساک جا
    پر سُتا ناهن ڪڏهن
    ڳاٽ منهنجي ڳالهه جو
    اڄ به اوچو اُڀ جان
    پر زمانو ربّ جان، ٿو رُلائي رات ڀر
    وقت جي ورلاپ کي جي ورائي ٿو ڏسان
    لاش مون ۾ ٿا لُڇن
    تڙپ جي تاريخ جا
    وڍ تازا ٿيو پون
    چانڊوڪين جي چيخ جا
    خواب جي خوشبوءِ ٿيئڻ
    کان اڳي ويا مارجي
    سونهن جا ڄڻ سلسلا
    ڌوڙ ۾ ويا ڌوپجي
    سوڳ تن جو ساھ ۾
    سمنڊ وانگي ٿو اُٿي
    ڪائناتن جا سڀئي
    دنگ ماپي ٿو اچي
    ڏياچ جھڙي ڏيهه ۾
    ساز ۽ مضراب جي
    ويڙھ جاري آ اڃا
    ديس جي هر دانهن کي
    آءٌ ڪَنائيندو اچان
    دار جي هر دڳ تي
    سِر وڇائيندو اچان
    مقتلن کي مات ڏئي، ڏاڍ ڏاريندو اچان
    عشق جي آواز ۾، سنڌ ڳائيندو اچان
    زندگيءَ جي بانسريءَ کي وڄائيندو وتان…


    سنڌ جو سجدو...

    سنڌ جي مٽيءَ جو تون سجدو
    ڌرتيءَ تُنهنجو دين ڌرم
    سن مان تُنهنجا سڏ اُٿيا ٿي
    آزاديءَ جي اعلانن سان
    تُنهنجي جُرئت آڏو سڀني
    زندانن جا زور ٽُٽا ها
    هرسازش جو سينو چيري
    سچل بڻجي سچ چيو تو
    سيّد کان پو تو ۾ سنڌ جو
    سارو نقشو نکري پيو هو
    تُنهنجي للڪارن جي اڳيان
    اونداهين جا عڪس ٽُٽا ٿي
    تون ئي چانڊوڪين سان ويڙهيل
    اجرڪ جھڙو عشق پرين!
    تو مان دودا، درياھ خان
    ارڏائين سان اُڀريا ها
    روپلي تو ۾ راتيون گهاريون
    تلوارن جي تجلن سان
    ٻاگهين لئه تون ٻل هُئين
    آزاديءَ جو هل هُئين
    تو ۾ مياڻي مهڪ بڻي هُئي
    کرڙيءَ تُنهنجا خواب ڏٺا ها
    تُنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي قومي
    ڌارائن جا ڌڌڪا ها
    تُنهنجو دؤر درياھ جي مستي
    لهر لهر ٿي توکان لرزي
    تُنهنجو ويس وطن جون ڳالهيون
    ڳاڙهي جهنڊي جھڙو تنهنجي
    احساسن جو رنگ هُئو
    تون هر ماپي ميک کان اڳتي
    تُنهنجو ڪوئي دنگ نه هو
    اڄ ڏس تنهنجي ننڊ سُمهڻ سان
    سيّد سن ۾ سُڏڪيو آهي
    هاءِ ڀٽائيءَ بيچينيءَ مان
    تڙپي ڪيڏارو ٿو ڳائي
    ويڻ ويڻ جو گهاءُ ٿو گهائي
    تنهنجي ڳالهين جا ڳھه چُميو
    سهڪيو سيني ساڻ لڳائي
    سنڌ جي سِر تي پوتي ناهي
    ساھ ڇڄِي ٿيو ڇيهون آهي...!

    شهيدِ سنڌ، محترم بشير خان قريشيءَ جي نانءِ


    غيرتن جا گُلاب ...

    تون پنهنجي حصي جي جنگ ۾
    جوان ويو آهين
    تو جيڪو ڌرتيءَ کي تازو رَت جو ريج ڏنو
    تنهن مان ڪئين
    غيرتن جا گُلاب ڦُٽي پيا آهن
    تو غلاميءَ کي
    آزاديءَ جي احساس ۾ اوتي
    هر اڃايل اُميد کي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو
    تنهنجي جسم مان تشدُد جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته
    تنهنجن خيالن ۾
    مضبوط ارادن جي خُدائيءَ جا خيما کتل ها
    جن کي ڪابه آنڌي اُکيڙي نه سگهي
    تُنهنجن لفظن مان نڪتل
    وطن ۽ ڪفن جو ورد
    هر صُبح جي سوچ ۾ سمائجي چڪو آهي
    تو سِرڏئي
    سنڌ کي مانُ بخشي ڇڏيو آ
    ۽ ايندڙ نسلن جي نيڻن ۾
    انقلاب جو اعلان پوکي ڇڏيو آ...

    شهيد مظفر ڀُٽي جي نانءِ


    سج جو قتل ...

    اڄ وري به شام جو
    ڪنهن سج کي قتل ڪيو آهي
    جو سڄو آسمان
    رَت سان ڀريو پيو آهي
    ***


    سياري جي صُبح جهڙا سڏ...

    تو جڏهن کان مونکي
    پاڻ مان ٻاهر ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو آهي
    آئون تڏهن کان پنهنجو پاڻ ۾ به
    پناهه وٺي ناهيان سگهيو
    آئون اوجاڳيل اکين جو آسمان کڻي
    هڪ رات ٻيهر تو ۾ رهڻ ٿو چاهيان
    ۽ سياري جي صُبح جھڙا سڏ
    تنهنجي وجود مان گرم ڪرڻ ٿو چاهيان
    تو جيڪي منهنجي زندگيءَ ۾
    پيار جا پل پوکيا ها
    سي سمورا مون مان جلاوطن ٿي ويا آهن
    آئون اکيون کُليل اُن ڀڳوان جيئان بي ست ٿي پيو آهيان
    جنهن اڳيان هر ٻرندڙ ڏيئو
    پنهنجي سُڃاڻپ جو ساهه وڃائي ويهندو آ
    سچ پُڇين ته
    تو جڏهن کان مون مان
    پنهنجي محبت جي حصي جي مٽي
    واپس کڻي ورتي آ
    آئون تڏهن کان پنهنجو پاڻ ۾
    اروڙ جي اُداسين جھڙا لمحا
    ڀُرندي محسوس ڪري رهيو آهيان
    وقت مونکي واريءَ جيان ويڙهي ويو آهي
    ۽ تون درياهه جيئان وهندي نظر ئي نٿي اچين...!


    منهنجا گيت تبديليءَ جي تاريخ آهن ...

    آئون ڄاڻان ٿو ته
    منهنجا گيت ڪي آيتون ناهن
    نه ئي وري ڪنهن
    پنڊت، پادري، يا مُلان جو
    ڪو ڊگهو واعظ
    جنهن کي سمجهڻ لاءِ
    پهرين وُضُو جي خيال ۾ وڃي
    ۽ پوءِ شريعتن جي شرطن ۾ وهنجڻو ٿو پوي
    جت وري به انسانيت
    اُداسيءَ ۽ اڪيلائيءَ ڏي ڌڪجڻ ٿي لڳي
    پر منهنجن گيتن ۾
    هڪ اهڙي گونج سمايل آهي
    جن کي ٻُڌڻ سان
    ماڻهن جا من تازگيءَ ۾ ترڻ لڳندا آهن
    ۽ مضبوط ارادن جا آسمان بڻجي
    چنڊ جي گهوڙي تي چڙهي، سفر ڪرڻ لڳندا آهن
    آئون پنهنجن گيتن کي
    ڪنهن به فرق ۾ رکي فنا ڪرڻ نٿو چاهيان
    ڇو ته منهنجا گيت
    تبديليءَ جي تاريخ آهن...


    آس جو صُبح...

    اسانجي آس جو صُبح
    اکيون مهٽي جڏهن جاڳيو
    ڏٺائين لاش ڌرتيءَ تي
    ۽ گولين جي آوازن سان
    رڙيون ۽ رت جاري هو
    صبر جو ساھ مان سُڏڪي
    تڳيو پئي تڙپ ۾ سينو
    زخم ٿي زندگي آهي
    جسم جي هر جوانيءَ کي
    لُٽيو لاوارثي آهي
    جيئڻ جي جاڳ جا رستا
    حراسن جي هٿن ۾ هن
    اسانجي ڇو گُمانن ۾
    رُڳو رُسوائيءَ جو رڻ آ
    اسانجي ڇانوءَ ڇانگي وئي
    اسان جي ڀاڳ ۾ بچيو
    اُگهاڙو وقت جو وڻ آ
    اسان تاريخ جي تن تي
    تماشا ٿي ويا آهيون
    رکيل ڪنهن سردخاني ۾
    ها! لاشا ٿي ويا آهيون
    زماني جي ضعيفيءَ مان
    رُڳو الزام اُڀرن ٿا
    غلاظت جي گلين ڄڻيا
    حرامي ٻارهَوسن جا
    اڃا آزاد سوچن جا
    پکي پرواز ۾ ناهن
    نه ئي ڪي گيت گُهنگهرو ٿي
    لٿا آواز ۾ آهن
    نه ساهڙ جون اُهي سارون
    نه سهڻيءَ جي سڏن کي ڀي
    اُٿي درياھ ڌوئي ٿو
    اُداسين جي اونداهين ۾
    ڪُٺا هن چنڊ چُمين جا
    غمن هر گسّ گهايو آ
    ڳڀا هن ڳوٺ دلين جا
    اسان جي آس جو صُبح
    سڄو زخمي ٿيل آهي
    سڪونن جو سفر سارو
    صليبن تي سٿيل آهي...!


    راجا ڏاهر

    سج سانجهيءَ جو سمنڊ ۾
    رَت ڳاڙيندو لهي ٿو
    هر لهر جي لوڇ تي ڄڻ
    ساھ هاريندو رهي ٿو
    ديس جي دل ۾ کپيل آ
    اڄ به ڏس تلوار ساڳي
    دور ديبل جي دڳن تي
    رک بڻجي پيو رُلي ٿو
    ۽ سپهه سالار هٿ ۾
    جهنڊو فتح لئه جُهلي پيو
    آئون هن ڀنڀورکي اڄ
    ۽ صدين جي شورکي اڄ
    پيو ڏسان ڏاهر جيئان
    تخت سان گڏ تاج سارا
    ويو لُٽي لشڪر سڄو
    ڏيهه منهنجي جي ڏُکن تي
    ڪونه رکيو ڪنهن پهو
    منهنجي اجرڪ جي اکين مان
    رَت ڳڙيو رات ساري
    ۽ ثقافت جو صُبح
    مشرق هٿان ماريو ويو
    لاش منهنجي سنڌ جو
    چچري چٿي ساڙيو ويو
    اڄ به تن جو ئي اُلو ڏِس
    اُڀ سان ڳالهيون ڪري پيو
    ۽ تشّدُد لئه سمورا
    تنگ تاڻيو ئي رُلي پيو
    مون اکيون کوليون جڏهن
    هن ڏيهه ڏاهر ۾ اچي
    هڪ اذان جو ڪن منهنجي
    ۾ وڌو آواز ويو
    ۽ مونکان تهذيب جو
    ڄڻ ته کسجي ساز ويو
    منهنجي وڏڙن جا هڏا
    موهن دڙو بڻجي لُڇيا
    آئون تاريخن جي تن تي
    نئون گُناھ بڻجي ويس
    ۽ ثوابن جي چڪر ۾
    سنڌ کي سارڻ ڇڏيو
    ۽ نه ديبل جي بندر ڏي
    وراثيءَ جي وِک وڌائي
    جت ڇِڪي نياڻين نڪن مان
    ڪئين نٿون لاٿيون ويون
    پوتين جا پاند چيهاڙيا ويا
    چولن سان گڏ
    ڪئين قطارون قيدين جون
    ظلم جي زنجير سان
    قيد خانن ۾ ڪڙهيون
    تيردل مان ڪونه ڪنهن
    ڀاڪُر وجهي ڪوري ڪڍيو
    پر گواهيءَ لئه ڳلو ڪپيل کڻي
    روز سانجهيءَ جو سمنڊ ۾
    درد ڌوئڻ ٿو لهي
    مون ڏٺو اُن سجّ جي
    سيني مان رَت جاري هُئو
    ڄڻ کُپيل ڏاهر جسم ۾
    ڀالو ڪو ڀاري هُئو...


    غزل

    هڪ ڊگهي آوارگيءَ جو عڪس مون ۾ ٿو رُلي،

    هڪ ڊگهي آوارگيءَ جو عڪس مون ۾ ٿو رُلي،
    درد جي تاريخ جو ڪو شخص مون ۾ ٿو رُلي.

    مان ته موهن جي مٽيءَ جا رنگ ميڙي ٿو رُئان،
    ناچڻيءَ جا نيڻ ڳولي رقص مون ۾ ٿو رُلي.

    مورڙي جي ماڳ ۾ اڄ ڏس ڪلاچي پئي ڪُسي،
    وقت جي وِڌوا پَلن جو ترس مون ۾ ٿو رُلي.

    عمر جي اونداهه ۾ ڀي پنڌ پورهئي آ ڪيو،
    بُک جو ڀنڊار بڻجي تس مون ۾ ٿو رُلي.

    مڌ جون ماٽيون ڀري ۽ *حَسنَ لئه هوڪا ڏئي،
    جُهور ڪو جهمپير جو هڪ **درس مون ۾ ٿو رُلي.

    اي شهيدِ سنڌ تنهنجي هر صُبح کي آ سلام،
    اڄ به قومي قافلن جو گس مون ۾ ٿو رُلي.

    ڀل ته منهنجا گيت ڦاسيءَ گهاٽ تي چاڙهيا وڃن،
    پر وطن جي وارثيءَ جو ڏس مون ۾ ٿو رُلي.

    * حسن درس، ** رسول بخش درس


    اڀيچند جان اکيون تنهنجون جڏهن مونڏي نهارين ٿيون،

    اڀيچند جان اکيون تنهنجون جڏهن مونڏي نهارين ٿيون،
    اندر مان عشق جا سرمد نئين سڪ سان اُٿارين ٿيون.

    اڃا ڀي دار جو دڙڪو ڪپڻ لئه ڪنڌ ڳولي پيو،
    سچايون سر جو ڏئي صدقو پيون سولي سنوارين ٿيون.

    ڪڪر جي ڪڇ مان نڪري ڏٺو هو چنڊ ڌرتيءَ کي،
    لهي پو لاڙ جي لڱ تي چانڊوڪيون چاهه ٻارين ٿيون.

    ڌڻن جي ڌُوڙ مان نڪري سَڏيو آ سينڍ سانجهيءَ کي،
    ڌنارن جون دليون ڌڙڪي درياهه جي سِير سارين ٿيون.

    ملڻ جون موسمون ڇاڻي وياسين وقت جو وَڍ ٿي،
    وِصل جي واٽ تي تنها ڪي نينگر نير هارين ٿيون.

    لهر جي لوڇ مان اُڀري سمنڊ جو سڏ جاڳي ٿو،
    ڪنڌيءَ تان آس جي اک کي اڃا ٻيڙيون به تارين ٿيون.


    چُميو جو چيلهه کي گهاگهر گسن جا پنڌ پاڻي ٿيا،

    چُميو جو چيلهه کي گهاگهر گسن جا پنڌ پاڻي ٿيا،
    ڪنڌيءَ تي قرب جا ڪڻڇي صُبح ڇاڻي سُمهاڻي ٿيا.

    جواني ڇِڪّ ڏئي ڇاتيءَ سان چوليءَ کي چيهاڙيو آ،
    اُڀا هن ڳاٽ ڳڀرن جا قصا ڪيئي ڪهاڻي ٿيا.

    دلين جي تار درياهه ۾ رَڇن وانگي رچي آهي،
    ڇلر جي ڇٽّ سان ڇٽجي سڀئي منظر مُهاڻي ٿيا.

    اڃا اوڏڻ جي اکين ۾ اُهو ئي عشق اوتيل آ،
    پيالا جن منجهان پيئندي ڪئين لاکا ڦُلاڻي ٿيا.

    سڳيءَ جي سڏ ۾ ويڙهيل اسر جون انتظاريون هن،
    پُڄي ڪي پيار پوٺن تي ملڻ کان اڳ پُڄاڻي ٿيا.


    سڄو دؤر دل جو دفن ٿي ويو آ،

    سڄو دؤر دل جو دفن ٿي ويو آ،
    قصو قُرب جو ڀي ڪفن ٿي ويو آ.

    هتي ڀَروَسن جي وڏي ڀيل ٿي آ،
    سمورو رتوڇاڻ من ٿي ويو آ.

    وفا جي هٿن سان هو جوڙيوسين گڏجي،
    سو برباد دل جو وطن ٿي ويو آ.

    پيون خودڪشيون ڪيئي خيالن ۾ جاڳن،
    چون ٿا ته هاڻي امن ٿي ويو آ!

    مٽي مُحبتن جي ڇنڊي پاڻ مان ڏس،
    وڌي نفرتن جو گگن ٿي ويو آ.

    وري اُن گهٽيءَ ۾ ويا پير گُم ٿي،
    جتي چاهتن جو وڏو ڪُن ٿي ويو آ.


    اسان اُجالن جي آس ۾ ئي حيات پنهنجي وڃائي آهي،

    اسان اُجالن جي آس ۾ ئي حيات پنهنجي وڃائي آهي،
    صُبح جو سينو اُداس اڄ ڀي ۽ رات پنهنجي وڃائي آهي.

    گُلابي شامون قتل ٿيون هن، پرھ جي پنڌ تي آ رَت هاريل،
    واهيات نظريئن جا نيڻ چُمندي نجات پنهنجي وڃائي آهي.

    اڃا سُکن جو پيو ساھ سُڏڪي، صليب ڀي ڏس سُتا ڪٿي هن،
    ذلالتن جا ئي زخم سهندي ها! ذات پنهنجي وڃائي آهي.

    وفاق تنهنجي وکن جي آڏو حُسيني لشڪر جيئان لُٽياسين،
    فنا جي ڦنڌي ۾ پيا ٿا ڦٿڪون، فُرات پنهنجي وڃائي آهي.

    شعور جو سج اڃا سُتل آ پُڪار جو ڀي آ پنڌ ماريل،
    ڏيئو نه بڻجي سگهي جا سنڌ لئه سا ڏات پنهنجي وڃائي آهي.


    ڪئين لاش دل جي دڳن تي پيا هن، زمانن کان زخمن ۾ گهاريون پيا ٿا،

    ڪئين لاش دل جي دڳن تي پيا هن، زمانن کان زخمن ۾ گهاريون پيا ٿا،
    وڃي مقتلن کي هي نياپا نوان ڏيو، ڏيئا ڏيهه ۾ پوءِ به ٻاريون پيا ٿا.

    اسان سُرخ تاريخ جي هر صفحي تي، ڏٺيون زندگيءَ جون زبانون ڪپيل هن،
    اڃا ويڙهه جي ان وطن جي وکن ۾، سوين صالح آخوند ساريون پيا ٿا.

    اسان جنگ جي هر جبل کي لتاڙي، طبل جو سدا تبصرو ٿي وڳاسين،
    اڃا سرڪشيءَ جي ڊگهي هن سفر ۾، ڪي آزاد سوچون اُڀاريون پيا ٿا.

    گهٽيو ڪو به تجلو نه تلوار جو آ، اڃا روپلن تي لٿي رات ناهي،
    صُبح جي اکين کان پُڇين ٿو پُڇي ڏس! اسان وير پنهنجن جا واريون پيا ٿا.

    حياتيءَ جي ڪَتبي مٿان سنڌ جو جن، سجائي ڇڏيو نانءُ نروار ٿيندي،
    اُنهن سُورمن جي سڏن کي ئي ساري، ها! طوفان ۾ تير تاريون پيا ٿا.

    دلالن جي دُنيا اڳيان روز دٻجي، اڙي منصفو! ڇو وُضُو پيا وڃايو،
    اسان غيرتن سان نوان گيت ڳائي، ضميرن کي جُرئت سان جيئاريون پيا ٿا.


    اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،

    اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
    نه ئي مُحبتن کي ڪو ماري سگهياسين.

    اُٿي درد درياھ پيو سُهڻيءَ جان ٻوڙي،
    دلو دل جو مُرڪي نه تاري سگهياسين.

    تمنا هُئي تاريڪين کي تڙڻ جي،
    مگر اک ڏِيئي جي نه ٻاري سگهياسين.

    خوشيءَ جي جسم تان ميرو گج غمن جو،
    زمانا ٿيا نَه اُتاري سگهياسين.

    اکين جي اڱڻ تي ڪُٺا خواب جيڪي،
    اُنهن جو نه رت ڀي ڌُئاري سگهياسين.

    سوين حسرتن سان ڀريل غرق ٿي جا،
    نه سا ناوءَ آڻي ڪناري سگهياسين.


    لهرن ۾ لوڇ آهي، بندر سُتا ئي ناهن،

    لهرن ۾ لوڇ آهي، بندر سُتا ئي ناهن،
    ٻيڙيون ٻُڏل ٻکن جون، اندر سُتا ئي ناهن.

    هر رات جي چڳن تي، ڏسندي چُمي ڪا چنڊ جي،
    ڪي سڪّ جا سيڪارا، ساجهر سُتا ئي ناهن.

    برسات ۾ ڀِڄائي، آئي بدن گُوارڻ،
    گيتن ۾ گهاگهريءَ جا، پو سُر سُتا ئي ناهن.

    آواز ۾ اُداسي، نيڻن مان ننڊ اُڇُليل،
    هن ڌڙڪندڙ دلين جا، ڏِس در سُتا ئي ناهن.

    صحرا سمونڊ وانگي، تنهائيءَ ۾ تري ٿو،
    جنگي سپاهين جان، ڇو بَر سُتا ئي ناهن؟

    تلوار جي تِکائي، جسمن لئه جهير آهي،
    وحشت وجود ۾ آ، خنجر سُتا ئي ناهن.

    سالن کان سنڌ تنهنجو، سينو لتاڙجي پيو،
    ڌارين جي ڌوڙ جا هت، لشڪر سُتا ئي ناهن.


    جسم جي بٺيءَ ۾ پچون ئي پيا ٿا،

    جسم جي بٺيءَ ۾ پچون ئي پيا ٿا،
    ننگي نينهن اڳيان نچون ئي پيا ٿا.

    اسان سِر اڏيءَ تي آ اُڇلائي ڇڏيو،
    جلادن هٿان پر بچون ئي پيا ٿا.

    سوين مقتلن جون اُڀيون ٿيون اکيون هن،
    مگر پوءِ به سامهون اچون ئي پيا ٿا.

    اڃا سچ سيني مان سرمد ٿيو اُڀري،
    انهيءَ رمز ۾ بس رچون ئي پيا ٿا.

    ٿڌا سِج جا نيڻ ٿيندي ڏٺاسين،
    صدين کان غمن ۾ گچون ئي پيا ٿا.

    اسان فڪر جي َڦاهي ۾ پيا ته ڦٿڪون،
    مگر لوڪ ليکي، مچون ئي پيا ٿا.


    بازارِ مفلسيءَ ۾ انسان ٿو وڪامي،

    بازارِ مفلسيءَ ۾ انسان ٿو وڪامي،
    پئسن جي وهڪري ۾ ايمان ٿو وڪامي.

    هن دؤر جي اکين ۾ گهوري ڏٺو مون آهي،
    اڄڪلهه ضمير يارو آسان ٿو وڪامي.

    واعظ پيا ٿا وڦلن مذهب کي مات ڏيئي،
    فتويٰ جي فيصلن ۾ قرآن ٿو وڪامي.

    شاهڪار چترڪاريءَ جو آڱريون وساري،
    مُلهه جو وڌائي ماپو ڀڳوان ٿو وڪامي.

    رندن جي رونقن تي آهي اُداسي ڇانيل،
    موکيءَ جي مٽ سان گڏ مئخان ٿو وڪامي.

    رستن تي رَتّ جو ڄڻ درياھ پوي ٿو اُٿلي،
    رهبر جو رهزنيءَ سان اعلان ٿو وڪامي.


    رات جي رڻ ۾ اڪيلو چنڊ ويو آ مارجي،

    رات جي رڻ ۾ اڪيلو چنڊ ويو آ مارجي،
    ڄڻ مُهاڻيءَ مُرڪ سان گڏ سمنڊ ويو آ مارجي.

    رت دل جي اڄ دُٻن ۾ گڏ ٿيو آهي گهڻو،
    ڄڻ ته خوشين جو سمورو کنڊ ويو آ مارجي.

    شهر جي بازار ۾ ٿو واڪ تي وڪجي بدن،
    آ اُگهاڙپ عيش ماڻيو جُهنڊ ويو آ مارجي.

    ڏِس ملاوٽ جي مُنافق موسمن جي رش ۾،
    آ ثقافت سَنڍ ٿي ۽ جنڊ ويو آ مارجي.


    چُمي هرسونهن جي سنڌ کي سمندر ٿي وَيا آهيون،

    چُمي هرسونهن جي سنڌ کي سمندر ٿي وَيا آهيون،
    نچي دل جي ڌمالن تي قلندر ٿي وَيا آهيون.

    اوجاڳا عشق جي اک سان ننڊون اڇلي اچي گڏيا،
    پرينءَ جي پيار ۾ وهنجي، پويتر ٿي وَيا آهيون.

    اسان من ۾ رکيو آهي مُحبت جي ميهارن کي،
    سدائين سِڪّ سُهڻيءَ جي ۽ گهاگهر ٿي وَيا آهيون.

    اسان ۾ رقص روميءَ جو وڄن گهنگهرو بُلا شاھ جا،
    اسان محراب مسجد جو ۽ مندر ٿي وَيا آهيون.

    اسانجي خون جا قطرا نه جذبي آ سگهي ڌرتي،
    اسان خود پنهنجي سيني ۾ کُتل خنجر ٿي وَيا آهيون.

    اڃا عربن جي ڪاهُن جو ڪفن ويڙهيل وطن کي آ،
    اسان ڏاهر جي نياڻين جيئن بي گهر ٿي وَيا آهيون.

    اسان ۾ ماٺ مڪليءَ جي اُڀن ڪَتبن جيئان اُڀريل،
    منگولن جي هٿان سڙيل ڪو ننگر ٿي وَيا آهيون.

    پکين جا پنڌ ساريندي سُتي آ سانجهه سُڏڪن سان،
    قهر جي رات ڪاريءَ جو ڪُٺل تر ٿي وَيا آهيون.


    وائي

    راج ڪُمارين جا رنگ ميڙي،

    راج ڪُمارين جا رنگ ميڙي،
    ڪجلا سر تي سانجهه لٿي آ.

    بُت جي بارش ڀيڄ ڀنيءَ جان،
    واس ڪُنوارپ جھڙو ويڙهي-
    ڪجلا سر تي سانجهه لٿي آ.

    روح جو روجهه رڙيو آ رُڃ مان،
    خواب کٿورين جھڙا کيڙي-
    ڪجلا سر تي سانجهه لٿي آ.

    اک اک اُجرو عشق لڳي ٿي،
    سُرمي جھڙي سڪ سهيڙي-
    ڪجلا سر تي سانجهه لٿي آ.


    آئون مياڻي ٿي پيو آهيان،

    آئون مياڻي ٿي پيو آهيان،
    مون مان رَت ٽمي ٿو پيو.

    مڪليءَ جيڏي ماٺ ڏسي اڄ،
    اک جو پاڻي ٿي پيو آهيان-
    مون مان رَت ٽمي ٿو پيو.

    منهنجا صُبح ماريا ويا هن،
    تڏهن سُمهاڻي ٿي پيو آهيان-
    مون مان رَت ٽمي ٿو پيو.

    طنبورن جي تند تپايو!
    ڇو ته پُڃاڻي ٿي پيو آهيان-
    مون مان رَت ٽمي ٿو پيو.


    گوتم گيان ۾ آ،

    گوتم گيان ۾ آ،
    ڀڳوان سُتا پيا هن-
    ۽ گهنڊ پيو وڄي ٿو.

    مذهب ۽ ماڻهپو ڇا؟
    ايمان سُتا پيا هن-
    ۽ گهنڊ پيو وڄي ٿو.

    وئشيا جيئان وڪامي،
    ايوان سُتا پيا هن-
    ۽ گهنڊ پيو وڄي ٿو.

    ساموئي سڏي چيو آ،
    ميدان سُتا پيا هن-
    ۽ گهنڊ پيو وڄي ٿو.
    هر دؤر ۾ غلامي،
    انسان سُتا پيا هن-
    ۽ گهنڊ پيو وڄي ٿو.


    هلي آ سڪ جي سڳي سنواري،

    هلي آ سڪ جي سڳي سنواري،
    چُمين جا چولا چپن کي پايون!

    ميهار ڪيڏا ملڻ لئه ماندا،
    درياھ دلي سان پيو سُهڻي ساري،
    هلي آ سڪ جي سڳي سنواري-
    چُمين جا چولا چپن کي پايون!

    ڳٽن جي موسم ڳڱاٽيل آ،
    جوانيءَ جو رس پيو خُماري،
    هلي آ سِڪ جي سڳي سنواري-
    چُمين جا چولا چپن کي پايون!

    لٿي آ سانجهي سمونڊ بڻجي،
    وري به ساھ تي ڪا سار هاري،
    هلي آ سڪ جي سڳي سنواري-
    چُمين جا چولا چپن کي پايون!


    هڪڙي رات رهي،

    هڪڙي رات رهي،
    مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ!

    سڀ انڌيرا اُڇلائي،
    ڪائي ويل وهي-
    مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ!

    آئون وساڻل ورهين کان،
    لاٽن ساڻ لهي-
    مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ!

    صدين تائين ساھ کڻان،
    هليا هاڻ ڪهي-
    مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ!


    ڏس خُدا جي گهر کي،

    ڏس خُدا جي گهر کي،
    آدمي آهي بنايو.
    مُصّلا ۽ مسجدون،
    ڀڳوان ۽ مندر کي-
    آدمي آهي بنايو.
    بُک کي ڀورا ڪري،
    کيت لاءِ هَرّ کي-
    آدمي آهي بنايو.
    هر هُنر هٿ ۾ رکي،
    زندگي لئه زهر کي-
    آدمي آهي بنايو.


    بيت

    اڄ صالح آخوند آ، ننگر ننڌڻڪو،

    اڄ صالح آخوند آ، ننگر ننڌڻڪو،
    توکان پوءِ ڇو، اُٿيو ڪو آواز نه آ!؟
    *

    ٺٽي جي زبان اڄ، ڳاڙيو آهي رَتّ،
    آخوند جو سّت، ساڻو ٿيو آ سنڌ لئه.
    *

    سڏ سرمد جو وري، ٺٽي مان جاڳيو،
    جذبن آ جهاڳيو، اڀيچند جي عشق ۾.
    *

    ٺٽي ۾ ساڳيو وري، وڄي ٿو پيو گهنڊ،
    مڪليءَ مٿي چنڊ، ڳولي پيو آخوند کي.
    *

    ڪڍي وٺ تلوار کي، اُڇلي ڇڏ مياڻ،
    توکي ڌرتي هاڻ، سڏي پيئي سِڪّ مان.
    *

    موکيءَ سان گڏ مَڌ جا، ٻئي پيالا پُر،
    جيڪو وڻئي گُهر، ٻئي خمارين خيال کي.

    موکي ۽ مٽ پاڻ ۾، سلهاڙيل آهن،
    خُماريل آهن، پيالا ڪنهن پياڪ جان.
    *

    مَڌ ڀري ڏي اڄ وري، موکي هٿن سان،
    پيئان سُرڪن سان، رس تنهنجي رنگ جو.
    *

    ڇوريءَ جي ڇاتي پئي، چولي چيهاڙِي،
    موسم ڀي لاڙي، سهڪيو اُٿي سِڪّ مان.
    *

    ڏيئا سڀئي رَتّ مان، ڀري ٻارياسين،
    ڌِڪي ٽارياسين، انڌيرا عذاب جا.
    *

    صليبن ساڻو ڪيو، منهنجو آهي ساھ،
    خدا تُنهنجي راھ، عيسيٰ جان ايذائيو.
    *

    عيسيٰ جان مونکي وري، صليب آههِ سڏيو،
    جڏهن کان ڳنڍيو، ساھ منهنجو سنڌ سان.


    اڃا سڏ صليب جو، سُتو ئي ناهي،
    گهائڻ ٿو چاهي، عيسيٰ جي احساس کي.
    *

    رستا سڀئي رَت الا! گولين جا ڪڙڪاٽ،
    راهون سڀ ريهاٽ، مندون سڀئي ماتمي.
    *

    ازل کان ڦاٿل رهيو، فنا ۾ ماڻهو،
    انا ۾ ماڻهو، پوءِ به اٽڪيل ئي رهيو!
    *

    ڪڻڇي اسَر ويل جو، ٻوليون ٿا ٻولين،
    توکي ٿا ڳولين، اُٿيو نيڻ ننڊاکڙا.
    *

    جيئڻ جو آواز ڪو، مونکي ٿو گُهرجي،
    سمنڊ جيئن گرجي، لهرن جي لشڪر سان.
    *

    ويٺو آ خاموش ڏِس، پٿر جو ڀڳوان،
    جُهڪي پيو انسان، صدائن جو سڏ ٿي.


    جيئن ٽُٽي پيو آئينو، وکري وَيو عڪس،

    جيئن ٽُٽي پيو آئينو، وکري وَيو عڪس،
    هڪڙو ٽُٽل شخص، وکري وَيو وجود ۾.
    *

    منهنجا کنڀ کولي ڇڏيو، مونکي اُڏرڻ ڏيو!
    ٻوليون ٻولڻ ڏيو، آزاديءَ جي اُڀّ ۾.
    *

    سُرهولي
    هولي منهنجي روح کي، رنڱي اهڙو وئي،
    ڌوٻي نه ڌوئي، سگهيو منهنجي ساھ کي.
    *

    حُسن مٿان هارجي، هولي ٿي حيران،
    تازو ٿيو ايمان، وهنجندي ڪنهن واس ۾.
    *

    سنڌڙيءَ جي اڄ سينڌ ۾، رنگن ڀري رات،
    هولي ۽ بارات، ٻئي سهيليون سونهن جون.
    *

    رنگ منهنجي روح تي، هوليءَ جا هاري،
    ڏيئا ڪي ٻاري، ويئي آههِ وصال جا.


    سُر ڏياري

    ڏياري آ موٽي وري، ٻريا هن ڏيئا،
    تولئه مون ليئا، وڌا هر هر واٽ تي.
    *

    ڏيئا ٻارڻ لئه جڏهن، مندر ۾ آئي:
    سوچن تي ڇانئي، جرڪي جوڀن رُت سان.
    *

    رنڱي وڃ مونکي سکي! پنهنجن هٿن سان،
    هولي ٿي هِرکان، ڀِڄي تنهنجي بُت جان.
    *

    ساٽائو جا سيءَ هن، ڏيئاري آندا،
    من ٿيا ماندا، ملڻ واري مند لئه.
    *

    ساڙهي پائي سانوري، مندر ۾ آئي،
    ڀڳوانن ڳائي، گڏجي ساراھ سونهن جي.
    *

    ڪنوارين ٻانهُن ۾ جڏهن، ڪنگڻ پاتائين،
    بيٺي ڏٺائين، آئيني ۾ عڪس کي.


    پاڻي لڱن جي مٿان، جڏهن هاريائين،

    پاڻي لڱن جي مٿان، جڏهن هاريائين،
    مُندون ٺاريائين، درياھ لهرون ٿي اُٿيو.
    *

    پاڻيءَ لڱن کي سڄو، جڏهن پُسايو،
    اُرهن ڳالهايو، چنبڙي پوءِ چوليءَ سان.
    *

    مندر ۽ مسجد اندر، ٻنهيءَ ۾ ڏيئو،
    ٻرندو ئي رهيو، صدين کان ئي ساڳيو.
    *

    تنهنجي ڇاتيءَ مان اُٿي، اُڀريو آهي چنڊ،
    چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ، جرڪي جيئن جُوار سان.
    *

    تنهنجي ڇاتي ڄڻ پرين، سنڌوءَ جي ڌارا،
    مُحبت ڪنارا، ڇوليون ڇوليون ٿيو پُسن.
    *

    تنهنجي ڇاتيءَ جو اُڀو، ڏسندي ئي محراب،
    سوچن منجهه ثواب، سجدي لاءِ ڊوڙيو.


    سج اکيون پوري جڏهن، سُتو سانجهيءَ جو،

    سج اکيون پوري جڏهن، سُتو سانجهيءَ جو،
    هينئيون آڌيءَ جو، رڙي پيو رڻ ۾.
    *

    منهنجو ڪعبو سنڌ آ، منهنجو ڪُل ايمان،
    بيت سڀ قُرآن، ڀٽائيءَ جا ڀانئيان.
    *

    خواب انڌي اک جو، ڳولي پيو تعبير،
    ڌنڌلي ٿي تصوير، حياتيءَ جي حُسن جي.
    *

    ڌرتيءَ جي سا دانهن آ، صدين کان ساڳي،
    قوم نه پر جاڳي، سُجاڳيءَ جو سڏّ ٿي.
    *

    تُخم تون ترخان جو، چنيسر آهين،
    دودن ڏي ڪاهين، وٺيو لشڪر لعنتي!
    *

    آزاديءَ جو پاڻ ۾، اوتي وٺ احساس،
    واٽون سڀئي واس، ريج ڏيئي تون رَت جو.


    ڏيئو مون جو ٻاريو، سڙِي پيئي رات،

    ڏيئو مون جو ٻاريو، سڙِي پيئي رات،
    اُڀري آ پرڀات، جهوليءَ ڀري جوت جي.
    *

    ڀونڊو سو تاريخ جو، تُنهنجي نسل تي،
    ڊٿو آههِ ڪٿي؟ ڏِسي وَٺ تون ڏيھه مان!
    *

    مئخاني تان شام اڄ، ٿڙندي لٿي آ،
    مڌ سان مهڪي آ، سُرڪ پِي سرور جي.
    *


    پيالا ۽ هي پياڪ ڏس، ٿڪا ئي ناهن،
    اُوتڻ ٿا چاهين، مَٽّ سڀيئي مَڌ جا.
    *

    مَٽ سڀيئي مَڌّ جا، پي جڏهن اُٿيا،
    پوءِ به ڄڻ اُڃيا، ساقي اڳيان سُرڪ لئه!
    *

    اُٿاري آواز تون، ڌرتيءَ کي ڌوڏي،
    ديوارن لوڏي، ڏاڍ جي هر ڏينهن جون.


    ديوارون ڌوڏي ڇڏي، اهڙو ڏي آواز!

    ديوارون ڌوڏي ڇڏي، اهڙو ڏي آواز!
    سچائيءَ جو ساز، گونجي هرهڪ گهر مان.
    *

    ڳاءِ اهڙو گيت ڪو، جنهن سان جهومي جڳ،
    سچائيءَ جو وڳ، صدين تائين ساٿ ڏي.
    *

    سنڌ! تنهنجي ساھ ۾، شهيدن جا سڏ،
    پيڙهجن پيا هڏ، گهاڻي ۾ مخدوم جا.
    *

    الله ڏسندو ٿو رهي، ڪُسجي پيو انسان،
    ڌرتي آسمان، رنڱجو وڃي رَتّ سان.
    *

    ماڻهو مندر ٿي ويو، ماڻهو ٿيو مسجد،
    اورانگهي هر حد، وَيو آ وشواس جي.
    *

    ماڻهو هندو ٿي ويو، ماڻهو مسلمان،
    اندر جو انسان، ساڳيو سُتل ئي رهيو!

    آزاديءَ جي اُڃ آ، مونکي ازل کان،
    غلامي! توسان، ويڙھ ٿيو وڙهندو اچان.
    *

    آئون تنهنجي آس جو، اوجاڳو آهيان،
    توکي پيو ڳائيان، صدين کان ئي سنڌڙي!
    *

    رنگ مون مان رات جو، ڌوئي وڃ هاڻي،
    منهنجو ڀي ماڻي، ساھ ڪڏهن سوجهرو.
    *

    چُمي تنهنجي چيلهه کي، جڏهن ٿي گهاگهر،
    منهنجو ڀي اندر، اُڇلون ڏي ٿو اُڃّ مان.
    *

    ڌرتي! تنهنجي ماس کي، پٽين پيا ڪُتا،
    اڃا ڀي جُتا، قوم نه لاٿا پير مان!
    *

    تنهنجي نسل ۾ وڏو، آهي ڪوئي شڪ،
    ڌرتيءَ کي تو ڌڪ، هنيو آهي هانوءَ ۾.


    ڪيئن ڇڏيان مان چئو ڀلا، ڌرتيءَ جو دامن،

    ڪيئن ڇڏيان مان چئو ڀلا، ڌرتيءَ جو دامن،
    منهنجو سارو من، سلهاڙيل آ سنڌ سان.
    *

    سوچيو ويٺي سنڌ تي، اروڙ جي رات،
    اُڀري آ پرڀات، ساڳي رنڱيل رتّ سان.
    *

    ڪُلهي پائي ڪينرو، وڄيس ورهيه ٿيا،
    ڪين ڪي ٿڪيا، سُرّ مون مان سچّ جا.
    *

    سنڌ منهنجي سچ جو، تون ئي هڪ آواز،
    آزاديءَ جو ساز، آئون وڄائيندو وتان.
    *

    رکي کارِي ڪڇَ تي، مالهڻ چونڊيا گُل،
    ڀوئرن ڏنا بُل، ڇُهي ڇاتيءَ ڇُڳ کي.
    *

    رکي کارِي ڪڇّ تي، چونڊيئين سڀ گُلاب،
    ڀريل آههِ شراب، مالهڻ تنهنجي مهڪ ۾.


    مٿي تي کارِي رکي، آئي جو بازار،

    مٿي تي کارِي رکي، آئي جو بازار،
    ماڻهو سڀ قطار، هينئڙو بڻيو هار جان.
    *
    آئون ٺريل ٺار جو، تنهنجا ڪوسا چَپ،
    مونکي ڀي ڪا لَپ، پياري وڃ تون پيار جي.
    *
    سامهون سِڙهه ڦڙڪي پيو، اچي پئي ناوءَ،
    ڪنڌيءَ اُڀي هانوءَ، نهاري پئي نينهن مان.
    *
    مقتل کي آهي سدا، گُهوري ڏٺو مون،
    متان سمجهين تون، وساريو مون سنڌ کي.
    *
    آئي ڏيئاري ڏيهه ۾، ٻريا کوڙ ڏيئا،
    لُڇي لڱ ليئا، پيا تنهنجي پيار لئه.
    *
    آئي ڏياري ڏيھه ۾، گڏجي ديپ ٻريا،
    سڪ مان ساھ سُريا، ساري تنهنجي ساٿ کي.
    *
    سامونڊين سانڀاهِيو، ڏٺي ڏيئاري،
    وياڪل وڻجاري، سُڏڪيو سِبي سِڙھ کي.
    *
    ساري ڏياري رات کي، رُني وڻجاري،
    ماريندو ماري، اَديون اُجري رات ۾.
    ڏيئا ڏيئاريءَ جا ٻَريا، مهڪي من جي رات،
    تهذيبن جي تات، ماڻيو آهي مُرڪ کي.
    *
    مندر مهڪي آ پيو، پسي ڏيئاريءَ ڏِڻ،
    جل ٿل پوڄارِڻ، روح رهڙي آ وئي.
    *
    وينگس سندي واس سان، تازو ٿيو ايمان،
    سوچان ٿو ڀڳوان، ڇو نه اُٿيو آ سانت مان؟
    *
    تنهنجي چهري کي چُمي، ٻَرِي ڏيئن لاٽ،
    چاهت جا چمڪاٽ، ٻهڪن ٿا پيا ٻاٽ ۾.
    *
    مونکي تون مون مان اچي، ٻاهر ڪڍي وڃ،
    ڀورا ڪري ڀڃ، اونداھ جي احساس کي.
    *
    مٽيءَ جو ماڻهو پيو، پٿر کي ٽوڙي،
    خنجر پيو کوڙي، تاريخن جي تَن ۾.
    *
    مقتل جي ديوار کي، گُهوري ڏِٺم جيئن:
    ريٽو بڻيو تيئن، رنگ منهنجي روح جو.
    *
    سيد ۽ سنڌ ٻئي پيا، صدين کان جاڳن،
    سُتا ئي ناهن، انڌيرن جي اک ۾.
    اُڀري آهي سَنّ مان، آزاديءَ اذان،
    سنڌو ديش مهان، نعرو جڙيو جيءَ سان.
    *
    اکيون اوجاڳن سان، ويڙهي ڇڏيون مون،
    متان سمجهين تون، ڇڏي سنڌ آهيان سُتو.
    *
    رَت شهيدن جو وري، ماڻيندو منزل،
    ڊاهيندو مقتل، آزاديءَ اعلان سان.
    *
    گوڙيءَ مندر ۾ وڳا، سنجها ويلي گهنڊ،
    ڀڳوانن جي ننڊ، ٽٽي ٽڪرا ٿي پئي.
    *

    سوچي ويٺو روپلا، اڃا آدي گام،
    ڪارونجهر جي شام، روئي تولئه رت ڦُڙا.
    *

    رت سان ڀريل آ سڄي، اروڙ جي شام،
    سارو آدي گام، رڙيو آ هر رات ۾.
    *

    اڄ ڀي ڦاسيءَ گهاٽ تي، هيمون ڪالاڻي،
    روپلو چولياڻي، سَڙيو منهنجي سنڌ جان!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515422
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ