ڪتاب جو نالو: حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري
مصنف: مولوي محمد يامين شورو
ڇپائيندڙ: الهديٰ پبليڪيشن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 30 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 394 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 57 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمة الله عليه جي حالات زندگي، علمي، ادبي، اصلاحي، سماجي خدمتن جو سرسري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن
  • سنڌ سلامت پاران
  • پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض
  • سوانحي خاڪو
  • ولادت:
  • تعليم:
  • استاد:
  • درس و تدريس:
  • جديد عصري تعليم (اسڪولي تعليم) لاءِ سندن ڪيل ڪوششون:
  • مولانا جي قائم ڪيل تعليمي ادارن جا ڪي شاگرد:
  • مذهبي پرچار ۽ وعظ و تبليغ:
  • سماجي ۽ فلاحي خدمتون
  • تصنيف و تاليف:
  • ڇپيل تصنيفون:
  • اڻ ڇپيل ڪتاب
  • سندن مجلس جو نمونو:
  • لباس ۽ کاڌو:
  • عام عادتون ۽ اخلاق:
  • حُليو مبارڪ:
  • شادي:
  • علالت (بيماري)
  • مدرسه هلائڻ لاءِ سندن رهنما اصول ۽ هدايتون:
  • وفات:
  • وصيت نامھ
  • تدفين
  • الهديٰ پبليڪيشن بابت
  • الهديٰ پبليڪيشن جا ايندڙ ڪتاب

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن

    نالو ڪتابچي جو: حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري
    ليکڪ: مولوي محمد يامين شورو
    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: فهمي ڪمپيوٽرس مسڻ وڏي
    ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: فهيم فدا شورو
    ڇپائيندڙ: الهدي پبليڪيشن مدرسه دارالهدي مسڻ وڏي
    ڇپيندڙ: نفيس پرنٽنگ پريس لڄپت روڊ حيدرآباد
    قيمت: 50 روپيه
    ملڻ جوهنڌ:
     مدرسه دارالهدي مسڻ وڏي

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حالاتِ زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو صاحب آهي.
    هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمة الله عليه جي حالات زندگي، علمي، ادبي، اصلاحي، سماجي خدمتن جو سرسري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
    هي ڪتاب الهدي پبليڪيشن، مدرسه دارالهدي مسڻ وڏي پاران 2005ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون فهيم فدا شورو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض

    حامداً و مصلياً و مسلماً. اما بعد؛
    هن مختصر ڪتاب ۾ شامل معلومات يقينن اڻ پوري آهي، جنهن ۾ ڪيئي اهم ڳالهيون رهجي به ويون آهن، ته ڪيترن ئي اهم شخصيتن جا نالا ۽ سندن تذڪرا به نه اچي سگهيا آهن. تنهن لاءِ مؤدبانه عرض ته، هي مختصر ڪتاب (مقاله) پڙهي پنهنجي پڪي معلومات جي آڌار تي نشاندهي ڪري آگاهه فرمائيندا ته، جيئن اها ملندڙ معلومات آئنده جي تفصيلي ڪتاب ۾ شامل ڪري، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ بابت هڪ جامع تصنيف ترتيب ڏيئي سگهجي. جزاڪم الله خيراً.
    پڙهندڙن جي اصلاحي تنقيد، تبصري ۽ مشوري جا ٿورائتا رهنداسون. اميد ته حضرت مولانا لغاريؓ بابت جنهن وٽ به جيتري معلومات هجي سا براهه ڪرم تحريري صورت ۾ اسان کي عنايت ڪري ته احسانمند رهندس.


    شڪريه والسلام.
    پهرين ذوالحج 1425 هه (مولوي) محمد يامين شورو
    12 جنوري 2005ع ناظم مدرسه دارالهديٰ
    ۽ خطيب جامع مسجد مسڻ وڏي


    سوانحي خاڪو

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءَ ڀيٽي، سڪندي کي سڄڻين.

    ويهين صدي عيسوي ويندي ويندي اسان کان ڪيئي عظيم شخصيتون وڇوڙي وٺي وئي جن جي جدائي جو صدمو سالن تائين نه بلڪه ايندڙ صدين تائين محسوس ڪيو ويندو. هنڪري ته، اهي وڇڙي ويل عظيم شخصيتون اهڙيون هيون جن جي هر قول ۽ فعل تي انسانيت جي جياپي جو دارومدار هو. جيتوڻيڪ رب العالمين طرفان اهڙو سلسلو قائم رکيو ويو آهي جو هڪڙا ويندا ته ٻيا ايندا، هڪڙا مرندا ته ٻيا ڄمندا. هر دور جي فرعون لاءِ موسيٰ جهڙا جرئتمند پيدا ٿيندا رهندا، پر هر هڪ جي حيثيت، مرتبو ۽ مقام پنهنجو پنهنجو آهي. اهوئي سبب آهي جو انهن ڀلارن جي وڃڻ تي جيڪو خال پيدا ٿئي ٿو سو خال ئي رهجيو وڃي، انهي جي ڀرجڻ جي نوبت نٿي اچي. ؓ
    ماضي قريب ۾ اسان سنڌ واسين کان هڪ اهڙي ئي هستي هميشه هميشه موڪلائي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان ملي. انا لله وانا اليه راجعون.
    اها عظيم الشان هستي آهي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ مسڻ وڏي وارا.
    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جن جي شخصيت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم و عمل، تواضع ۽ توڪل، صبر ۽ تحمل، تقويٰ ۽ تزڪيه، ايثار قرباني، ڪسر نفسي ۽ ڪم گوئي، پاڪدامني ۽ پرهيزگاري، نوڙت ۽ نهٺائي، سخاوت ۽ مهمان نوازي خدمت خلق ۽ خودداري، ديني فڪر جي صحيح پرچار، تصنيف ۽ تاليف جهڙين اعليٰ صفتن سان ڄاتي سڄاتي وڃي ٿي. رحمة الله عليھ رحمة واسعة وادخلھ الله فسيح جناتھ- آمين اسان هتي سندن زندگي جي ڪن پهلوئن کان پڙهندڙن کي واقف ڪرڻ گهرون ٿا.


    ولادت:

    تعلقه ٽنڊي الهيار، تپي ڍالو، ديهه ڳاڙهو صدر، ڳوٺ “اله کاهي جي ڪسي” ۾ نج ٻهراڙي جي ماحول ۾ لغاري بلوچن جا زراعت پيشه مالوند مارو خاندان رهاڪو هئا جن ۾ تعليم تمام گهٽ هئي ۽ اهي ايامن کان پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهڻ جا عادي هئا. نه هٺ نه وڏائو. سادگي سندن سڃاڻپ ته نوڙت نيازمندي نس نس ۾ سمايل هين. اهڙي پاڪيزه ماحول ۽ بردبار گهراڻي جي هڪ فرد حاجي علي محمد لغاري جي گهر ۾ خميس جي پرهه ڦٽي مهل، 25 ربيع الثاني 1333هه مطابق 12 مارچ 1915ع تي هڪ سدا ملوڪ سلڇڻو، سدورو سڪيلڌو ڀاڳن جو ڀريون کڻي پيدا ٿيو. گهر گهر ۾ ان جي ڄمڻ تي خوشي جون کيرون ۽ مٽن مائٽن کي مبارڪون ڏنيون ويون.
    حاجي علي محمد پنهنجي نئين ڄاول نينگر جو نالو “ڄام” رکيو. اوڙي پاڙي جي مٽن مائٽن کي ڪهڙي ڪل ته، اهو نينگر اڳتي هلي اسم با مسميٰ (جهڙو نالو تهڙو مرد) ثابت ٿيندو؟ پر وقت ثابت ڪيو ته هي نه رڳو ڄام پر “ڄامن جو به ڄام” آهي جنهن جي دنيا صبح شام سلامي پئي ڪئي، ڇو ته،
    ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
    ان جي عبداللطيف چئي، مٽي لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن سلام اچيو آسڻ ان جي.


    تعليم:

    حاجي علي محمد لغاري جو سڪيلڌو “ڄام” جڏهن ستن سالن جي عمر ۾ ٻالڪپڻ جا پنڌڻ ڇوڙي سمجهه ڀريو ٿيو ته، کيس علم پرائڻ لاءِ ٻن ٽن فرلانگن تي ڀرواري ڳوٺ پير بخش لغاري وٺي آيو جتي مولانا محمد عثمان قراني جي شاگرد مولوي محمد يعقوب پنهور جو ديني مدرسو هو. مولوي محمد يعقوب کي حاجي علي محمد اچي عرض ڪيو ته، سائين! هن سڀاڳي کي پنهنجي درسگاهه ۾ داخل ڪري علم جي دولت سان نوازڻ جي مهرباني ڪريو. مولوي محمد يعقوب، معصوم ڄام جي چهري ڏانهن مرڪندي نهاريو ۽ هڪ ئي نظر سان سندس ڪشاده پيشاني مان بکندڙ نور کي پرکي پروڙي ورتو ته ڳوٺ جي سڀني ٻارڙن ۾ هي معصوم علم جهڙي امانت جو هڪ وڌيڪ اهل آهي، سو کيس مدرسه ۾ داخل ڪري حاجي علي محمد جي آس پوري ڪيائين. اهڙي طرح 1340هه/1922ع کان علم حاصل ڪرڻ جي ابتدا ٿي ته وري 1359هه/1941ع ۾ دارالعلوم ديوبند مان فارغ التحصيل ٿيڻ تي پڄاڻي ٿي. اڃا تحصيل علم جي جدوجهد هلندڙ هئي ته، سال 1928ع ڌاري ڳوٺ دولت لغاري (تعلقه ميرپورخاص) ۾ 12-13 سالن جي عمر دوران پڙهندي مولوي محمد صالح ميمڻ نصرپوري سندن نالو ڄام بدلائي “عبدالڪريم” رکيو. شايد سندن ڪريمانه ٻاجهاري طبعيت جي مناسبت سان نالي جي چونڊ ڪئي هئائين، ته جيئن اسم بامسميٰ هڪ ٿئي. مولوي محمد صالح ميمڻ جي نظر ۾ ڄام هڪ بادشاهي لقب يا سرداري نالو هو، جنهن مان وڏائو ۽ فخر پئي ظاهر ٿيو جڏهن ته سندن طبعيت ۾ سراسر نياز نوڙت، ٻاجهه ۽ ڪرم سمايل هو.
    حضرت مولانا عبدالڪريم علم حاصل ڪرڻ لاءِ لوئر سنڌ جي مختلف مدرسن جهڙوڪ: مدرسه مولوي محمد يعقوب پنهور، ڳوٺ پير بخش لغاري تعلقه ٽنڊوالهيار، مدرسه مولانا محمد نوح خاصخيلي ڳوٺ حاجي وريام خاصخيلي چونئرو ميرواهه گورچاڻي، مدرسه مولوي حاجي ابراهيم خاصخيلي، ڳوٺ مبين خاصخيلي ميرواهه گورچاڻي مدرسه مولانا علي محمد درس (فاضل ديوبند) ڳوٺ ٽوها درس لڳ ماتلي مدرسه مولانا محمد عثمان قِراني شادي پلي، مدرسه مظهرالحق نصرپور ۽ مادر علمي جامعه دارالعلوم ديوبند ۾ لڳ ڀڳ ويهارو سال کن پڙهندا رهيا. ياد رهي ته، مولانا عبدالڪريم لغاري دارالعلوم ديوبند ۾ 1356هه ڌاري داخل ٿيا هئا ته 1359هه ۾ فارغ التحصيل ٿي واپس آيا هئا. يعني دارالعلوم ديوبند ۾ پاڻ لڳاتار ٽي سال پڙهندا رهيا.
    سنڌ جي ديوبند مان فارغ ٿيل ڪنهن به عالم کي دارالعلوم ديوبند ۾ ايترو عرصو رهي علم حاصل ڪرڻ جي سعادت نصيب نه ٿي آهي هنڪري ته،
    این سعادت بزور بازو نیست تا نہ بخشد خدائے بخشندہ
    اهڙي طرح ٻالڪپڻ کان جواني تائين سندن مشغلو فقط علم پڙهڻ ۽ پرائڻ هو. انهي سموري عرصي ۾ سندن استادن ۽ گڏ پڙهندڙن ڪن ساٿين ۽ رفيقن جا نالا هيٺئين ريت آهن.


    استاد:

    مولوي محمد يعقوب پنهور (فاضل مدرسه قراني) اصل رهاڪو ڳوٺ ونهيل پنهور لڳ ميرپورخاص، مولانا محمد نوح خاصخيلي، مولانا حاجي محمد ابراهيم خاصخيلي، مولانا محمد صالح ميمڻ نصرپوري، مولانا رسول بخش چانڊيو جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) مولانا عبداللطيف ميمڻ ٽالهي وارو، مولانا ميان احمد متعلوي نصرپوري، مولانا عبدالحق رباني نصرپوري، مولانا مفتي محمد شفيع ديوبندي، مولانا ظهور الحسن ديوبندي، مولانا سيد اصغر حسين شاهه ديوبندي، مولانا عبدالسميع ديوبندي، مولانا شمس الحق افغاني، شيخ العرب والعجم، مولانا سيد حسين احمد مدني، مولانا محمد ابراهيم بلياوي، مولانا محمد ادريس ڪانڌيلوي، مولانا اعزاز علي، مولانا شبير احمد عثماني خاص طور قابل ذڪر آهن.
    پڙهڻ دوران سندن هم ڪلاسي رفيقن مان ڪي هي آهن.
    مولوي عبدالحئي ميمڻ، مولوي محمد هاشم ميمڻ، مولوي عبدالرحمان ميمڻ، مولوي ساجن ٽوهو، مولوي محمد عثمان پروان ميرپوربٺورو، مولوي محمد يعقوب چيلهه وارو ضلع ٿرپارڪر، مولوي عبدالڪريم سمون، مولوي محمد عمر جوڻيجو ڏيپلو، مولوي عبدالحليم، ميون عبدالڪريم وهڻاين وارو، مولوي عبدالڪريم لغاري ڊگهڙي وارو، علاوه ازين دارالعلوم ديوبند ۾ دوره حديث دوران جيڪي شريڪ درس ۽ رفيق رهيا تن ۾ هي خاص طور قابل ذڪر آهن.
    مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا قطب الدين انڍڙ هاليجي شريف، مولانا قاري عزيز احمد ٺيڙهي، مولانا حڪيم شفيع محمد پنجابي جيمس آباد، مولانا غلام محمد ڪلواري وارو، مولانا محمد حسين سومرو بدين، مولانا احمد دين آرائين پنجابي 170 چڪ ڊگهڙي وارو، مولانا نور احمد بهاولپوري، مولانا محمد حسن ڪڇي.


    درس و تدريس:

    دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي واپس وطن اچڻ تي سندن پختو ارادو ٿيو ته، پنهنجي علائقي ۾ رهي ديني علم جي پرچار ۽ نشر و اشاعت، تدريس و تعليم جي صورت ۾ جاري رکڻي آهي.
    اهڙو اظهار پنهنجي ڪتاب “مرد قلندر” صفحه 21 تي به ڪيو اٿن ته،
    “دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي واپس وطن اچڻ بعد پختو ارادو ڪيم ته، ديني تعليم تي نه پگهار وٺڻو آهي نه ئي مدرسي جي نالي ڪنهن مغرور متڪبر وڏيري جي اڳيان سر جهڪائي بيک ڇڏائڻي آهي جنهن کي اڄوڪي اصطلاح ۾ چندو چوندا آهن، اهي ٻئي معمول بحمدالله اڄ تائين پختگي سان هليا اچن.”
    وڌيڪ ساڳي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته، منهنجي پهچڻ کان (ست سال) اڳ هتي (مسڻ وڏي ۾) معزز مهربان رفيق شفيق عزيز محترم مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ ديني اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ جو بنياد 2 ذوالقعد 1352هه/مطابق 1934ع ۾ اڳيئي رکي چڪا هئا. (مرد قلندر صفحه 21)
    مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي خودداري، بيباڪي، بي ريائي، اخلاق ۽ للٰهيت استغناء، بلند خيالي، جفاڪشي، جدوجهد، حق گوئي، حق شناسي ۽ اٽل ارادن جهڙين بيشمار خوبين جو مولانا عبدالڪريم تي گهرو اثر پيو. جنهنڪري زندگي ڀر، مولانا محمد اسماعيل جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ جو پڪو ارادو ۽ ڪيل وچن نڀائيندي پوري حياتي ساٿ ۾ وقف ڪري پوين پساهن تائين قائم رهيو. پاڻ پنهنجي هٿ اکر کليل آتم ڪٿا ۾ لکن ٿا ته،
    جمال ھمنشین در من اثر کرد وگر نہ من ہماں خاکم کہ ہستم
    (ترجمو: مجلس ۾ ويٺل محبوب جي جوت جمال مون ۾ اثر ڪيو آهي، نه ته، آئون اهائي مٽي جي مٽي آهيان.) ڌڻي تعاليٰ جي لطف و ڪرم جو بيڪ جان نه بصد جان ممنون و مشڪور آهيان جو دارالعلوم ديوبند کان فراغت بعد مهربان معزز مشفق عزيزي مولانا محمد اسماعيل صاحب لغاريؓ جي رفاقت نصيب ٿي. جنهن جي اٽل ارادن عزمِ مصمم، خودداري، بلند خيالي، جفاڪشي، جدوجهد جو هن بندي تي ضرور اثر ٿيو. انهي نعمت عظميٰ لاءِ سر بسجود آهيان. رب پاڪ منهنجي رڳو مهربان نه، بلڪه مربي (تربيت ڪندڙ مولانامحمد اسماعيل) کي جنت ۾ جايون ڏئي. اسان پوين کي سندس طريق ڪار تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري. (آمين)
    پهرين هي ته، اسان ٻنهي رفيقن عهد ڪيو هو ته، پنهنجي ساري زندگي ڏتڙيل قوم جي خدمت ۾ صرف ڪرڻي آهي. ڪهڙيون به حالتون سر تي اچن. بقول شاهه لطيف، “پير نه ڇڏج پرين جو، توڙي لُڪون لڳن لک.”
    انهي غريب جماعت سان رهڻو آهي. ڌڻي جي دهليز تي آخري پساهه ڏيڻو آهي. ٻيو ته، پنهنجي لاءِ يا قومي ادارن لاءِ ڪنهن به سرمائيدار جي اڳيان هرگز هٿ ڊگهيرڻو ڪونهي. توڙي جو ضرورتون حد کان وڌي وڃن. نه ئي ڪنهن سرمائيدار، زميندار جي دعوت قبول ڪرڻي آهي. سختي سان بو علي قلندر جي مندرجه ذيل پارسي بيت تي عمل ڪرڻو آهي.
    بر در سلطاں مرو رویش مبیں گنج قاروں گر دہد سویش مبیں
    (خود نوشت سوانح قلمي صه 17)
    ترجمو: بادشاهه جي در تي نه وڃ، انهي جو منهن به نه ڏس، جيڪڏهن قارون جو خزانو به ڏئي ته به انهي ڏانهن نه ڏس.
    مولانا عبدالڪريم لغاري، مولانا محمد اسماعيل لغاري جن جا رفيق بنجي مدرسه دارالهديٰ ۾ درس و تدريس جا فرائض سنڀالڻ لڳا. ٻنهي بزرگن جي گڏيل جدوجهد ڏينهن رات جي محنت، هم آهنگي ۽ هم خيالي سان مدرسه دارالهديٰ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو. ٻنهي بزرگن جي علمي مهارت، خلوص ۽ تقويٰ، طالبن سان شفقت، مدرسه جي شهرت ۾ بيحد اضافو ڪيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ته ڇا پر بلوچستان، ايران تائين جا شاگرد مدرسه جي هاڪ ٻڌي اچي علم پرائڻ لڳا. بمصداق:
    ہر کجا چشمئہ بود شیریں مردم و مرغ و مور گردآیند
    ترجمو: جتي به ڪو مٺو چشمو هوندو ته، ماڻهو پکي ماڪوڙيون سڀ اچي ڪٺا ٿيندا.
    منهنجو والد صاحب مرحوم (مولوي عبدالرحمان شورو) ٻنهي بزرگن جي اوئلي شاگردن مان هو، سو ٻڌائيندو هو ته، آئون به انهي سال مدرسه دارالهديٰ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳو هئس جنهن سال مولانا عبدالڪريم لغاري تازو دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي اچي مدرسه دارالهديٰ ۾ داخلا وٺي پڙهائڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ 60کان 70 شاگرد مسافر رهندا هئا. مون سان جيڪي شاگرد دوري (هم سبق) هئا تن ۾ ٽي شاگرد ايراني هئا جن کي اسان مڪراني سڏيندا هئاسون. انهن جي ٻولي فارسي هئي ۽ اهي ٽيئي موقوف عليه تائين منهنجا دوري رهيا. انهن جا نالا هئا مولوي سعيد احمد، مولوي عبدالصمد، مولوي عبدالغني . جڏهن اسان مولانا محمد اسماعيلؓ وٽ سبق وٺڻ ويندا هئاسون ته، استاد مولانا محمد اسماعيل اسان سنڌي شاگردن کي ڪتاب جو ترجمو، تشريح، سوال جواب وغيره سنڌي ۾ سمجهائيندو هو ته، اسان جي ايراني ساٿين کي فارسي ۾ سمجهائيندو هو. بلوچستاني شاگردن ۾ هڪ فيض محمد بروهي به هو جنهن کي قدرت واري پرسوز آواز جي ڏات ڏني هئي تنهن جي آواز ۾ اهڙو ته، جادو جهڙو اثر هوندو هو جو جڏهن به اذان ڏيندو هو ته، مسجد جي ڀر ۾ بازار جا واڻيا دڪاندار ڏيتي ليتي ڇڏي بيهي رهندا هئا ته مسجد جي ڀر ۾ واڻين جي گهرن جون واڃاڻيون گهرن جي دروازن وٽ بيهي سريلي آواز جو لطف وٺنديون هيون. نيٺ هڪ ڀيري واڻيا، مولانا محمد اساعيل وٽ هي عرض کڻي آيا ته، سائين! جيڪڏهن روزانه فيض محمد ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي ته، اسان جون واڃاڻيون هڙيئي مسلمان ٿي وينديون. تنهنڪري مهرباني فرمائي انهي ڊيوٽي تي ڪو ٻيو شاگرد مقرر ڪريو.
    ابتدا کان وٺي موقوف عليه تائين درس نظامي ۾ شامل فارسي توڙي عربي ڪتاب، مولانا عبدالڪريم جي زير تدريس رهيا. جيئن ته بنده به ابتدائي ڪتابن کان وٺي آخر تائين جي درسي ڪتابن ۾ سندن شاگردن مان هڪ ادنيٰ شاگرد آهي انهي ڪري آئون پنهنجي سمجهه ۽ تجزئي مطابق يقين سان چوان ٿو ته، پاڻ پڙهائڻ دوران هر علم، فن ۽ مضمون ۾ ڪامل مهارت ۽ اعليٰ استعداد وارا ثابت ٿيا. فارسي ادب کان به وڌيڪ کين عربي ادب ۾ مهارت حاصل هئي. سندن علمي جوهر ۽ ڪمال ان وقت ظاهر ٿيندو هو، جڏهن پاڻ ڪو عربي ادب جو ڪتاب پڙهائيندڙ هوندا هئا.
    مون کي چٽو ياد آهي ته، جڏهن اسان وٽن مقامات حريري (نثر ۾ عربي ادب جو ڪتاب) ۽ ٻي سال ديوان متنبي (نظم ۾ عربي ادب جو ڪتاب) پڙهيو هو ته، سبق پڙهائيندي پاڻ هر هر لفظ جي تشريح مشتقات، علم صرف جي مختلف بابن جي لحاظ کان انهي جي معنيٰ، مترادف، عربي ٻولي جي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ انهي جو استعمال، جمع واحد، اضداد ۽انهي لفظ مان ٺهندڙ صفتن جا وزن وغيره بيان ڪري حيران ڪري ڇڏيندا هئا. اها ڪامل مهارت شايد هنڪري هئي ته، پاڻ دارالعلوم ديوبند ۾ شيخ الادب والفقه حضرت مولانا اعزاز علي وٽ عربي ادب وڏي شوق ۽ محنت سان پڙهيا هئا، ٿي سگهي ٿو ته، اهو انهي فيض جو اثر هجي. مولانا عبدالڪريم دارالعلوم ديوبند ۾ رائج درس نظامي کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ اهوئي نصاب پابندي سان پڙهائيندا هئا ۽ سندن پڙهائڻ جو طريقو به دارالعلوم ديوبند وارو ئي هو. يعني ته گهڻو توجه متن حل ڪرڻ تي ڏيندا هئا. حواشي، شرح شروح ۾ آيل خارجي بحث ۽ اشڪال در اشڪال بنهه گهٽ بيان ڪندا هئا. پاڻ هر شاگرد جي نفسيات کي مدنظر رکي پڙهائيندا هئا جنهن ڪري کانئن منتهي (آخري درجي وارو) شاگرد به ايتروئي مستفيض ٿيندو هو جيترو مبتدي (پهرئين درجي وارو) شاگرد. پاڻ شاگردن جي ذهن، لياقت ۽ عمر کي خيال ۾ رکي تشريح ڪندا هئا، جنهن ڪري ذهين توڙي غبي شاگرد هڪ جيترو استفاده ڪندا هئا. پاڻ سبق پڙهائيندي رعب تاب سان وڏي واڪي نه ڳالهائيندا هئا، بلڪه سادگي سان وچولي درجي واري آواز سان شاگردن کي پيا سمجهائيندا هئا. سندن دستور هو ته، سبق وٺڻ لاءِ آيل شاگردن کان اڳ ۾ ڪالهوڪي سبق بابت پڇا ڪندا هئا ۽ ڪنهن خاص مقام بابت چڱي طرح استفسار ڪري جڏهن کين اطمينان ٿيندو هو ته، ڪالهوڪو سبق پوري طرح سمجهيل ۽ ياد آهي ته پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ پهرين شاگرد کان عبارت پڙهائيندا هئا، عبارت ۾ غلطي تي مبتدي شاگرد کي تنبيهه ڪندا هئا باقي منتهي شاگردن کان جيڪڏهن عبارت پڙهندي ڪا غلطي ٿي ته سخت پڪڙ ڪندا هئا. فارسي توڙي عربي ادب تي ڪامل دسترس هئڻ ڪري کين جديد فارسي ۽ جديد عربي جا آئوٽ آف ڪورس (درس نظامي کانسواءِ ٻيا غير درسي) ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿيندي هئي. مون خود جڏهن سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان مقرر ڪيل منشي فاضل فارسي (انٽرميڊيئيٽ ليول) جو امتحان ٿي ڏنو ته انهي ۾ اڪثر جديد فارسي جا وڏا وڏا ڪتاب جهڙوڪ: آثار جاويدان، افڪار جاويدان وغيره شامل هئا، جن جي تحرير جو انداز فلسفيانه، پيچيده عبارت، سياسي سماجي ۽ اقتصادي نوعيت جي مضمونن ۾ جديد ترين فارسي اصطلاح پڙهڻ ۽ سمجهڻ بنهه مشڪل پر پاڻ اهي مشڪل ترين ڪتاب آساني سان حل ڪري مون کي پڙهايائون ۽ مون انهي آڌار تي امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪئي.
    اهڙي طرح سندن بعض شاگردن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم-اي عربي ۾ داخلا ورتي ته پاڻ انهن شاگردن کي فرمايائون ته، ڪورس جا جيڪي به ڪتاب هجن سي وٺي هٿ ڪريو انشاء الله آئون توهان کي اهي ڪتاب حل ڪرائيندس. مون کي ذاتي طرح تجربو آهي، ڇو ته، مون خود سنڌ يونيورسٽي مان ايم-عربي ريگيولر جو ڪورس ڪيو آهي ته ايم-اي عربي جي ڪورس جا ڪتاب، جن ۾ ڪي جديد عربي جا ڪتاب به شامل آهن سي ڏاڍا ڏکيا آهن. مدرسن واراعام مولوي حضرات اهي ڪتاب حل ڪري نٿا سگهن، پر مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي شاگردن کي ايم-اي عربي جو مڪمل عربي ڪورس سبق سبق ڪري پڙهايو ۽ اهي شاگرد تمام سٺن گريڊن ۾ پاس ٿيا.
    مطلب ته، فارسي توڙي عربي ۾ کين ڪتاب داني جي اعليٰ مهارت هئي، اهڙي مهارت مون کي ٻين مولوين ۾ نظر ڪانه آئي. کين هن ڳالهه جو بيحد شوق هو ته، سندن شاگردن ۾ اهڙي صلاحيت پيدا ٿئي جو هو رڳو عربي جا چند درسي ڪتاب پڙهي انهن تي اڪتفا نه ڪن، بلڪه منجهن اهڙي استعداد پيدا ٿئي جو قديم توڙي جديد عربي جو ڪهڙو به ڪتاب، ڪنهن به عنوان ۽ موضوع تي هجي بخوبي پڙهي سمجهي حل ڪري سگهن. اهوئي سبب هو جو اسان کي ابتدا کان وٺي جديد عربي جو ڪورس پڙهائي ننڍا وڏا جملا عربي ۾ ترجمو ڪرڻ جي مشق ڪرائيندا پئي رهيا. اڳتي هلي ڪنهن به سنڌي ڪتاب، اخبار يا رسالي جي هڪ ٻن صفحن جو به عربي ۾ ترجمو ڪرڻ جي روزانه مشق ڪرائيندا هئا. اهڙي طرح عربي ۾ مختلف عنوان تي ننڍا ننڍا مضمون لکڻ جي به ترغيب ڏيندا ٿي رهيا. اسان به غلط سلط مضمون لکي آڻي پيش ڪندا هئاسون جن جي درستي ڪرڻ وقت، ترجمي ڪرڻ جي طريقي، معنيٰ ۽مفهوم کي ترجمي واري ٻولي جي گهاڙيٽي ۽ اصطلاح وغيره متعلق بهترين سمجهاڻيون ڏيندا هئا.
    مولاناعبدالڪريم لغاري لڳاتار 46 سالن تائين مدرسه درالهديٰ مسڻ وڏي ۾ درس و تدريس جا فرائض انجام ڏيندا رهيا. انهي سان گڏ مدرسه جي اندروني نظام کي سنڀالڻ، استادن ۽ شاگردن جي نگهداشت، تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ جهڙيون ذميواريون به سندن سر تي هيون. جڏهن ته مدرسه سان واسطو رکندڙ ٻاهريان ڪم ڪار، مدرسه جي مواقفت يا مخالفت ۾ ٿيندڙ معاملن واقعن ۽ مدرسه جي موافق يا مخالف ماڻهن کي منهن ڏيڻ، اهڙي هر قسم جي دفاع ۽ برتاءِ جي اهم جوابداري مولانا محمد اسماعيل جي حوالي هئي.
    تقريباً 48 سالن تائين مولانا محمد اسماعيل جي رفاقت ۾ مدرسه جي نظامت، آئي وئي مهمان جي خاطر تواضع، مسافر شاگردن جي ديک ڀال جهڙا فرائض نڀائي 1989ع ۾ مولانا محمد اسماعيل باني مدرسه دارالهديٰ ۽ مهتمم اول جي انتقال کانپوءِ مدرسه جي اهتمام جي ذميواري به سنڀاليائون جيڪا پوين پساهن تائين (يعني پنڌرهن سالن تائين) احسن طريقي سان نڀائيندا رهيا.


    جديد عصري تعليم (اسڪولي تعليم) لاءِ سندن ڪيل ڪوششون:

    مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عدالڪريم لغاري جن گڏجي جيڪو ديني مدرسو هلايو پئي سو اهڙي علائقي ۾ واقع هو، جيڪو ميرن جي هڪ جاگير هئي. هي ڳالهه سڀني کي معلوم آهي ته، جاگيرداڻي علائقي ۽ ماحول ۾ اتي جا رهاڪو لازمي طرح جاگيرداري جي تسلط سبب غلامي جو شڪار ٿي جهالت ۽ پسماندگي ۾ گهيريل هوندا آهن. انهي تعيليمي پستي ۽ جهالت جي ڪري اهي ماڻهو نه ته ديني تعليم کان واقف نه ڪي دنياوي تعليم کان.
    ٻنهي بزرگن جاگيرداڻي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي مستقبل تي غور ڪيو ۽ اتي جي مذهبي حالتن سان گڏ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو به جائزو وٺي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم جي سخت ضرورت محسوس ڪئي جيئن ته مولانا صاحبن جو پروگرام هو بنا اجوري خلق جي خدمت ڪرڻ. سو ته تڏهن ئي مڪمل ٿي سگهيو ٿي جو اهڙو ادارو هلائن جيڪو زندگي جي سڀني شعبن ۾ رهنما ثابت ٿئي، ڇو ته دنيا ۾ رهندي هر ماڻهو کي جيئن دين جي ضرورت آهي تيئن دنيا جي به ضرورت آهي انهن ٻنهي شين بابت مڪمل تعليم کانسواءِ زندگي ته جانورن واري گذرندي.
    اسلام به اهائي تلقين فرمائي ٿو جيڪا قران شريف ۾ آيل هن دعا مان ثابت آهي ته،
    ربنا آتنا في الدينا حسنة و في الآخرة حسنة وقنا عذاب النار
    (ترجمو: اي پالڻهار اسان جا! اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي نصيب فرماءِ ته آخرت ۾ به ڀلائي نصيب فرماءِ ۽ اسان کي دوزخ جي باهه کا بچاءِ)
    انهي ڪري ٻنهي بزرگن قوم جي ديني ۽ دنياوي رهبري لاءِ، قوم جي جهالت ۽ پسماندگي ختم ڪرڻ لاءِ ديني تعليم جي اداري مدرسه دارالهديٰ سان گڏ هڪ دنياوي تعليم جي اداري کولڻ جو پڪو پهه ڪيو. سندن اهڙي سوچ پيدا ٿيڻ جو سبب مقامي حالتن سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي، جي اها تلقين به هئي جنهن ۾ مولانا سنڌي فرمايو هو ته، اسان انگريز جي مخالفت ۽ انهي جي هتان نيڪالي لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ حق بجانب هئاسون پر انگريزي ٻولي جي مخالفت ڪرڻ اسان جي غلطي هئي. انهي ڪري اسان انگريزي جا بحيثيت ٻولي جي مخالف ڪونه آهيون. تنهن ڪري اهڙو انتظام ڪرڻ کپي جو اسان جو نوجوان جديد عصري تعليم يعني انگريزي وغيره پڙهي، ته جيئن مستقبل جي بدلجندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ جي لائق بنجي سگهي، ڇو ته هن جديد دور جي حوالي سان جيڪي نت نيون ايجادون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وغيره سڀ انگريزي ٻولي ۾ آهن. انهي ڪري اسان جي سڀني ساٿين کي اهڙا ادارا کولڻ کپن جتي انگريزي پڙهڻ پڙهائڻ جو بندوبست هجي. انهي ۽ اهڙن ٻين سببن جي ڪري، انهي رٿا کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سڀ کان پهرين کڏي ڪراچي ۾ مولانا محمد صادق ميمڻ صاحب پنهنجي مدرسه مظهرالعلوم ۾ اهڙو ادارو کولي ابتدا ڪئي. پوءِ حيدرآباد ۾ سيد علي اڪبر شاهه صاحب جامعه عربيه هاءِ اسڪول نالي اهڙو ادارو شروع ڪيو. انهي بعد مولانا عبيدالله سنڌي جي خاص شاگرد ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جي پرچارڪ شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني نصرپوري ميرپورخاص ۾ دارالعلوم القاسميھ نالي اسڪول کوليو.
    جيئن ته، مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري جو سڌو سنئون تعلق حضرت مولانا عبدالحق رباني، مولانا محمد صادق کڏو ڪراچي ۽ امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي سان هو. انهي ڪري پاڻ پنهنجي قوم کي ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعليم به روشناس ڪرڻ لاءِ اسڪولي تعليم جي 1944ع کان ملا مڪتب سان شروعات ڪئي، جيڪو اڳتي هلي مستقل مسلم سنڌي پرائمري اسڪول جي نالي سان خانگي طرح مولانا جن جي هيڊ معملي ۾ 29 سال تائين هلي 1972ع ۾ گورنمينٽ جي تحويل ۾ ڏنو ويو. علاوه ازين 1953ع ۾ مسلم پرائمري اسڪول کان الڳ، انگلش ڪلاس به شروع ڪيو ويو جنهن جي منظوري لوڪل بورڊ حيدرآباد کان ورتي وئي. انگلش ڪلاس اڳتي وڌي مڊل اسڪول ٿيو ۽ نيٺ 1961ع کان هاءِ اسڪول جي سطح تائين پهچايو ويو. انهن ٻنهي اسڪولن جي نظام کي بهتر نموني هلائڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي رجسٽر ڪرائي وئي جنهن جا سربراهه مولانا محمد اسماعيل لغاري هئا ته، سيڪريٽري مولانا عبدالڪريم لغاري جن هئا. رٿيل پروگرام مطابق پوري جدوجهد سان جديد عصري تعليم کي زور وٺرايو ويو. جيتوڻيڪ ديني مدرسه به پنهنجي پراڻي روايت مطابق پوري آب تاب سان هلندو رهيو.
    مولانا جن جي اڳواڻِ ۾ جديد عصري تعليم جو ادارو (هاءِ اسڪول) روز افزون ترقي ڪندو رهيو جنهن جي شهرت هنڌين ماڳين پهچي وئي ان ۾ نه رڳو مسڻ وڏي ۽ آسپاس جا مقامي شاگرد پڙهڻ لڳا پر پري پري جا پرديسي شاگرد به اچي پڙهڻ لڳا، جن لاءِ الڳ هاسٽل جي بلڊنگ ٺهرائي وئي جنهن ۾ رهندڙ 60 شاگردن جي کاڌي خوراڪ، علاج معالجه، سفر خرچ وغيره جو ذمو انهي ڪاميٽي جي ذمي هو جيڪا ٻنهي بزرگن جي سربراهي ۾ هلي رهي هئي. اسڪول ٽائم کانپوءِ جڏهن شاگرد هاسٽل ۾ اچي رهندا هئا ته شام جي وقت مولانا عبدالڪريم صاحب انهن شاگردن کي عربي ۽ ديني تعليم سان گڏ اسلام جا اصول ۽ مباديات اسلام جي اخلاقي تعليم بابت درس ۽ ليڪچر ڏيندا هئا. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن لاءِ ضابطھ اخلاق، پنج وقتي نماز جي پابندي، قرآن شريف جي باقاعده تلاوت، شرعي مسئلن جي سکيا جهڙيون لازمي پابنديون هيون. قاعدي جي خلاف ورزي ڪندڙ شاگرد کي هاسٽل مان بيدخل ڪيو ويندو هو. مولانا لغاري جن جي سربراهي ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول جي اهميت جو اندزو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، پوري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ هاءِ اسڪول فقط ٻه هئا، هڪ حاجي صادق ميمڻ وارو اسٽيشن ٽنڊوالهيار وٽ ايس-ايم هاءِ اسڪول ۽ مولانا لغاري جن جو اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي. انهن کانسواءِ پوري تعلقي ۾ هاءِ اسڪول سطح جو ٻيو ڪوبه ادارو ڪونه هو. اهڙي طرح مذڪوره اسلاميھ هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جي تعليمي رزلٽ ۽ تدريسي ڪارڪردگي اهڙي ته بهتر آئي جو پوري ضلع حيدرآباد ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جا شاگرد پوزيشن کڻڻ لڳا. جنهنڪري اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جي نالي کي اڃا به وڌيڪ شهرت ملي ۽ دور دراز علائقن جا شاگرد هاسٽل جي سهولت ملڻ تي داخلا وٺي جديد هنري تعليم سان گڏ ديني تعليم به پرائڻ لڳا. مولانا لغاري جن جي اڳواڻي ۽ نگراني ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول 19 سالن تائين پوري ڪاميابي سان هلندو رهيو. بعد ۾ 1972ع ڌاري گورنمينٽ جي تقاضا تي سرڪاري تحويل ۾ ڏنو ويو.
    مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري ۽ سندن معاون جماعت جي گڏيل جدوجهد ۽ محنت سان گڏوگڏ ٻنهي تعليمي ادارن يعني مدرسه دارالهديٰ ۽ اسلاميه هاءِ اسڪول مان هڪ طرف دين جا عالم فاضل تيار ٿي پئي نڪتا ته ٻئي طرف دنياوي جديد عصري تعليم جا تربيت يافته اڳتي هلي ماهر انجنيئر، ڊاڪٽر وڪيل، اديب، دانشور، سياستدان، تاجر، سماجي ورڪر ۽ ماهر استاد بنجي پنهنجي پنهنجي شعبي ۽ حلقي ۾ سماج، ملڪ ۽ قوم جي بهترين خدمت ڪرڻ لڳا ۽ پوري معاشري لاءِ نفعي بخش ثابت ٿيا. جيتوڻيڪ وقت جي نزاڪت ۽ حالات جي تبديلي سبب انهن مذڪوره ادارن جو هاڻي اهو اڳوڻو عروج نه رهيو آهي پر پوءِ به علم جي اها لاٽ جيڪا اهي ٻئي بزرگ ٻاري ويا سا اڃا تائين ٻري رهي آهي ۽ انشاءَالله ٻرندي رهندي ۽ پنهنجي آسپاس کي روشن ڪندي رهندي، بتوفيق الله وعونھ.


    مولانا جي قائم ڪيل تعليمي ادارن جا ڪي شاگرد:

    مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري جن جي گڏيل جدوجهد سان قائم ٿيل تعليمي ادارن مدرسه دارالهديٰ ۽ هاءِ اسڪول مان سوين ته ڇا پر هزارين ماڻهو پڙهي تعليم جي زيور سان آراسته ٿيا. انهن مان جن ماڻهن پنهنجي تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائي قائم رکيو سي به سون جي تعداد ۾ ناليرا انسان ٿي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري خلق جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن سون مان ڪن چند مشهور نالا هيٺين ريت آهن.
    مولوي محمد عمر دائوداڻي، مولوي غلام قادر بروهي، مولوي عبدالرحمان شورو، مولوي عبدالڪريم سريوال، مولوي محمد ساند، مولوي محمد عثمان ڳاهو، مولوي عبدالرحمان ڇٽو، مولوي محمد يامين شورو (راقم الحروف)، مولوي محمد ابراهيم ڪنڀار، مولوي مير محمد غاري، مولوي محمد حسن لغاري، مولوي خليل لغاري، مولوي حافظ محمد صديق عمراڻي، مولوي امان الله ڪنڀار، حڪيم نبي بخش لغاري، محترم محمد هاشم لغاري (سابق سيڪريٽري تعليم) محترم عبداللطيف مڱريو (سابق ايم پي اي) سرجن پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسين لغاري، سرجن ڊاڪٽر عبدالعزيز لغاري، ڊاڪٽر محمد ايوب لغاري، ڊاڪٽر خادم لغاري، ڊاڪٽر ولي محمد لغاري، ڊاڪٽر قربان لغاري، حڪيم خادم لغاري، حڪيم ڊاڪٽر عمر لغاري، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو، ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو، ڊاڪٽر راڻو ايم-رکيسر، پروفيسر محمد ميمڻ، پروفيسر محمد ڪامل لغاري، شاعر خليل کوسو، استاد حاجي عبدالله دائوداڻي، استاد خان محمد لغاري، استاد مير محمد خاصخيلي، استاد محمد عثمان ڪنڀار، استاد نولراءِ لال چنداڻي، استاد سائين خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ) مرحوم، استاد رسول بخش کوسو، استاد عبدالجبار لغاري، محترم ظهيرالدين بابر، محترم رياض احمد لغاري، رئيس حاجي محمود لغاري، رئيس گل حسن لغاري، مخدوم محمد حسن لغاري، محترم مخدوم ميون علي محمد ولهاري، محترم مخدوم ميون مقبول ولهاري، محترم عاصي عبدالواحد هڪڙو، وڏير حاجي عمر ٻگهيو، وڏيرو حاجي قبول محمد ساند، انجنيئر محمد صالح ڪنڀر ۽ جناب عبدالرحمان ساند وغيره.


    مذهبي پرچار ۽ وعظ و تبليغ:

    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جن جي مذهبي پرچار ۽ وعظ و تبليغ جو طريقو عام رواجي مولوين کان نرالو هو. پاڻ جڏهن به جمعي ڏينهن جامع مسجد ۾ وعظ ڪندا هئا ته، سندن انداز بيان نج سنڌي سليس ٻولي ۾ اصلاحي نقطئه نظر سان هوندو هو. نه فلسفيانه فقرا، نه ڪي اديبانه الفاظ ۽ نه وري عربي فارسي جي مشڪل ڀاري لفظن جي ڀرمار، نه ڪي طنز و مزاح ٽوٽڪن لطيفن سان ماڻهو کلائي خوش ڪرڻ وارو طريقو.
    ڪنهن به فرقي ۽ گروپ تي تنقيد يا تبصرو هرگزڪونه ڪيائون، ماڻهن جي اخلاقي سڌارن ۽ شريعت جي خالص احڪام سمجهائڻ تي گهڻو توجه ڏيندا هئا. سندن وعظ ۾ ناصحانه نڪتا نمايان هوندا هئا. ماڻهن کي پيار ڀرين ٻاجهارن لفظن سان مخاطب ٿي اسلام ڏي راغب ڪندا هئا جوش ۽ ڌمڪي وارو جارحانه انداز ڪڏهن به اختيار نه ڪيائون. پيشه ور واعظين وانگر سرتار سان وعظ ڪرڻ جو کين ڪڏهن به شوق ڪونه ٿيو. سندن وعظ ۾ عام طرح سيرت النبي، صحابه ڪرام ۽ اوليائن سڳورن جي زندگين مان ڪي واقعا ضرور شامل هوندا هئا، جن کي مثال طور پيش ڪري پنهنجي پاڻ کي پرکڻ ۽ ڀيٽڻ جي دعوت ڏنل هوندي هئي. سندن وعظ جو مرڪزي نقطو رجوع الي الله (الله ڏي موٽي اچڻ) هوندو هو. گهڻو ڪري بيهي وعظ ڪندا هئا، منبر تي ويهي ڪڏهن به ڪونه ڳالهايائون. هميشه قرآن شريف هٿ ۾ کڻي پهرين حوالي طور چند آيتون پڙهي پوءِ ڪا حديث پيس ڪري پوءِ انهن جي روشني ۾ وعظ ڪندا هئا. وعظ ۾ شاهه لطيف جو ڪونه ڪو بيت موضوع جي مناسبت سان ضرور پڙهندا هئا، يا وري مثنوي رومي ۽ شيخ سعدي جي ڪتابن مان ڪونه ڪو واقعو، مثال، بيت وغيره بيان ڪندا هئا.
    مولانا عبدالڪريم لغاري ڪڏهن ڪڏهن مسڻ وڏي جي آسپاس ڳوٺن، راڄن ۾ وڃي ماڻهن سان خالص مذهبي پرچار جي حوالي سان ڪچهريون ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وڃي وعظ تقرير به ڪندا هئا، پر اهڙي صورت ۾ ڪو به اڳواٽ پروگرام طئي نه ٿيندو هو، نه ڪي اطلاع ڏنو ويندو هو، بس هڪ ٻه شاگرد ساڻ وٺي پيدل روانا ٿي ويندا هئا. اهڙي طرح ڳوٺن ۾ وڃي اسلام بابت پکڙيل غلط فهمين جو ازالو ڪري دين جي صحيح ڄاڻ ۽ فڪر کان ماڻهن کان واقف ڪندا هئا. سندن اهڙين ڪچهرين ۾ انسانيت جو درس، خلق جي خدمت، هڪ ٻئي سان همدردي، خير خواهي ڀائيچاري ۽ محبت جي وڌ کان وڌ ترغيب هوندي هئي ڪنهن ڪنهن سال ته پاڻ پنهنجي جامع مسجد ۾ خالص مذهبي جلسا به ڪرائيندا هئا. جهڙوڪ: غالباً 1962ع ڌاري هڪ وڏو ديني جلسو ڪرايائون جنهن ۾ نه رڳو آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو پر گهڻو پري پري جا ماڻهو به شريڪ ٿيا هئا جن جي قيام و طعام جو بندوبست به پاڻ ڪيائون. انهي جلسي جي صدارت شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني نصرپوري ڪئي هئي ته مهمان خاص ۽ جلسه جو مقرر مولانا عبدالشڪور دينپوري هو. جلسه جي ميزباني جا فرائض ۽ آيل سڀني مهمانن جي لاءِ ڪيل انتظام جي نگراني مولانا محمد اسماعيل لغاري سرانجام ڏني هئي. جامع مسجد مسڻ وڏي جي تعمير مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 1975ع تي خاص دلچسپي وٺي هڪ وڏو ديني جلسو ڪرايائون، جنهن جي سرپرستي مولانا محمد اسماعيل لغاري جن ڪئي هئي ته، مهمان خاص ۽ مقرر حضرت مولانا عبدالڪريم شاهه بخاري ديري غازي خان وارو هو. جيتوڻيڪ پوءِ به سندن سرپرستي ۾ وقت بوقت ديني جلسا ٿيندا رهيا پر پاڻ ذاتي طرح جلسن ۾ دلچسپي نه ورتائون. پوءِ جي ٿيندڙ جلسن ۾ مقررين مان شيخ الحديث استاذالعلماء حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي، استاد الحديث مولانا غلام محمد سومرو، حضرت مولانا محمد حسن لانگاهه، حضرت مولانا مفتي محمد صادق سومرو ۽ حضرت مولانا محمد خان نوحاڻي خاص طور قابل ذڪر آهن.علاوه ازين پاڪستان قائم ٿيڻ کان به پهريان مولانا محمد لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري جن جي گڏيل ڪوششن سان ديني جلسا ٿيندا هئا. اهڙن جلسن ۾ مختلف وقتن تي آسپاس جي مقامي عالمن کان سواءِ ٻاهر جا علماء سڳورا به اچي وعظ ڪندا هئا. جهڙوڪ: مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارو، مولانا عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو ميرواهه گورچاڻي، مولانا محمد هاشم رڪن وارو، حڪيم مولانا محمد صالح سمون خطيب جامع مسجد ميرپورخاص، مولانا عبدالحق رباني، شيخ الحديث مولانا ميان احمد متعلوي، مولانا عطاءُالله پٺاڻ جيڪب آبادي وغيره.


    سماجي ۽ فلاحي خدمتون

    1953ع ڌاري سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڳوٺن، واهڻن، وستين جي سڌاري، واڌاري، فلاح و بهبود لاءِ ڳوٺ سڌار نالي تحريڪ شروع ٿي. ڪجهه شروعاتي سالن ۾ انهي تحريڪ ته ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو، پر صدر ايوب جي بنيادي جمهوريت واري دور ۾ سرڪار جي سپورٽ سان اها تحريڪ زور شور سان سرگرم رهي. جيئن ته مولانا عبدالڪريم لغاري پنهنجي زندگي جا شب و روزخلق جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا، انهي ڪري پاڻ پنهنجي سمورن دوستن، شاگردن ۽ عقيدتمندن سميت 1954ع ڌاري ڳوٺ سڌار تحريڪ ۾ خالص فلاحي ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان عملي طرح حصو وٺڻ لڳا، ڇو ته سندن عقيدو هو ته، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ئي اصل عبادت آهي. بقول شيخ سعدي ته،
    عبادت بجز خدمت خلق نیست بہ تسبیح و سجادہ و دلق نیست
    يعني درويشي (عبادت) نالو آهي خلق جي خدمت جو، تسبيح ۽ مصلي ۽ کٿي جي گودڙي ۾ فقيري ڪانه رکي آهي.
    ڳوٺ سڌار تحريڪ هڪ نج سماجي فلاحي تحريڪ هئي تنهنڪري پاڻ پنهنجي پوري دلچسپي، همت ۽ پُرخلوص جذبي سان ڳوٺاڻن کي ڳوٺ سڌارڻ ۽ ڳوٺ جي فلاحي ڪمن بابت ترغيب ڏيئي ڳوٺاڻن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي بنياد تي نوجوان رضاڪارن جا جٿا ٺاهي گروپن جي شڪل ۾ ڳوٺاڻا ڀرتي ڪري ڳوٺ مسڻ وڏي جي سڌاري جي ڪمن ۾ جُنبي ويا. رات ڏينهن ڪم ڪندي شهر مسڻ وڏي جي شاهي بازار پڪي ٺاهي ورتائون. ڳوٺ جون گهٽيون صاف سٿريون ڪيائون. مسڻ وڏي کان سلطان آباد تائين پنج ميل رستو، پيچري مان بدلائي وڏو ڪشادو ڪچو رستو ٺاهيائون. شهر جي صفائي سٺائي، رات جو شهر جي گلين ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ روشني جو انتظام ڪرايائون. مجال آهي جو ڪو گند جو ڍير ڪٿي گڏ ٿئي، يا ڪو ڪتو گهٽي ۾ مري وڃي ۽ انهي جي نيڪالي ۽ صفائي لاءِ ڪو رضاڪار موجود نه هجي، گهڙي جو گهڙي ۾ گند ڪچرو نيڪال ٿي ويندو هو ۽ مئل ڪتي کي ٽنگ ۾ رسي وجهي شهر کان ٻاهر ڪنهن کاڻ ۾ اڇليو ويندو هو.
    اڄ به مسڻ وڏي جي شهر جا ماڻهو شاهد آهن ته مولانا عبدالڪريم لغاري بذات خود ڪڏهن ڏينهن جو، ڪڏهن رات جو ڪوڏر هٿ ۾ کنيو رستن ۽ گهٽين جا کڏا کوٻا پيو پوريندو هو ۽ ڳوٺ جي صفائي جو جائزو پيو وٺندو هو، جتي به ڪنهن ڪم ۾ ڪمي بيشي ڏسندو هو ته پاڻ اڪيلي سر اها خدمت سرانجام ڏيندو هو.
    اهڙي طرح ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ۽ عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت سماجي خدمتن جي موضوع جا سنڌي ۾ مضمون لکي پنهنجي شاگردن ۽ دوستن جي نالي، ڪڏهن ڳوٺ سڌار نالي ماهوار رسالي ۾ ته ڪڏهن مقامي اخبارن ۾ شايع پيا ڪرائيندا هئا.
    ڳوٺ سڌار تحريڪ طرفان جيڪي ڳوٺاڻن ڪچهريون ٿينديون هيون، تن ۾ نوجوانن جي همت افزائي خاطر بذات خود شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهڙين ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندڙ ڳوٺاڻن کي انسان ذات جي خدمت جي تلقين ڪندا هئا. اڄ به ”ماهوار ڳوٺ سڌار“ جي پراڻن فائلن ۾ سندن لکيل مضمون ۽ ڪچهرين جون تصويري جهلڪيون ڏسي سگهجن ٿيون. ياد رهي ته، ڳوٺ سڌار ڪچهرين ۾ گهڻو ڪري سڀ ڳوٺاڻا شريڪ ٿيندا هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي فن، هنر ۽ ثقافت ۽ علم و ادب جو اظهار ڪندا هئا. شاعر، سگهڙ، ڏور بيت ۽ ڳجهارت جا ماهر، دلي تي ڪافيون ڪلام ڳائيندڙ چٽاڀيٽي تقريري مقابلو ڪندڙ شاگرد اهڙين ڪچهرين ۾ پنهنجو فن پيش ڪندا هئا. آخر ۾ محفل جو مور پنهنجا تاثرات پيش ڪري ڳوٺاڻن کي ڳوٺ سڌار بابت آگاهي ڏيئي انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ همٿائيندو هو.
    علاوه ازين مولانا عبدالڪريم جون اهڙيون خدمتون مسجد ۽ مدرسه لاءِ به، مثالي حيثيت رکن ٿيون. رات جو انڌيري ۾ مسجد جا باٿ روم، پيشاب خانا، هاسٽل جا باٿ روم صفا ڪري ڇڏيندا هئا. اها صفائي راتورات ائين لڪ ۾ ڪري ويندا هئا جو نه ڪنهن ڏٺو نه ڪنهن ٻڌو. ڏينهن جو وري مسجد جي ٻهاري صفائي ته اڪثر سندن ذمي هئي. مدرسه ۾ رهندڙ شاگردن جي ماني ٽڪي ته پاڻ پنهنجي هٿن سان پچائي پوءِ اچي شاگردن کي سڏي کارائيندا هئا. پڇاڙي جو جڏهن مدرسه جو عروج گهٽ ٿيو ۽ مسافر شاگرد نه هئڻ برابر وڃي رهيا هئا ته، رمضان شريف ۾ ڳوٺ جا غريب يتيم ڇوڪرا سڏي انهن کي مدرسه ۾ رهائيندا هئا ۽ پوءِ انهن جي لاءِ سحري توڙي افطار جي ماني ٽڪي پاڻ پنهنجي هٿن سان تيار ڪري پيا کارائيندا هئا. جيڪڏهن اسان مان ڪو کين چوندو هو ته سائين هنن ڇوڪرن جا ته گهر به آهن، هنن کي ڇڏيو وڃي سندن گهر رهن، ته پاڻ وراڻيندا هئا ته، ابا مون کي مٿان حڪم ٿيو آهي ته، مهمان خانو بند نه ڪر، ننگر جاري رک.
    اڪثر ڪري پنهنجي هڙان وڙان غريب غربي، مسڪين لاچار کي ته ڪپڙا، پئسا دوائون، گهر لاءِ سيڌو سامان وٺي ڏيڻ به سندن معول هو. رمضان شريف ۾ ته، پاڙي جي ڪيترن غريب گهرن لاءِ پوري مهيني جو راشن وٺي اماڻيندا هئا. عيد جي ڏهاڙي غريب ٻارن کي سڏي گهرائي پيا خرچيون ڏيندا هئا.


    تصنيف و تاليف:

    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جي زندگي انتهائي مصروف گذري، جنهنڪري کين تصنيف و تاليف جو موقعو بنهه گهٽ مليو. جيڪڏهن کين درس و تدريس، قديم و جديد تعليمي ادارن جي تعمير و ترقي ۽ ديک ڀال، سماجي ڀلائي جي ڪمن ۽ خدمت خلق جهڙن ڪمن کان فارغ البالي جو موقعو ملي ها ته شايد پاڻ بيشمار علمي ادبي تصنيفون لکي علمي دنيا ۾ قابل قدر مواد مهيا ڪن ها، جيڪو يقيناً اهل علم ۽ ادب دوست حضرات لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿئي ها. پر پوءِ به انهي پهلو کي صفا خالي نه ڇڏيائون. ديني مدرسن ۾ رائج درس نظامي جي لحاظ کان سندن يادگار ٽي تاليفات آهن جيڪي دارالعلوم ديوبند ۾ پڙهڻ دوران، استادن جي شرح و بيان کي ترتيب ڏيئي لکيون اٿن. سي هي آهن.
    1) حديث جي ڪتاب ترمذي شريف جو شرح (غير مطبوعه)
    2) حديث جي ڪتاب مشڪوات شريف جو شرح (غير مطبوعه)
    3) عربي ادب جي مشهور ڪتاب ديوان متنبي جو شرح (غير مطبوعه)
    علاوه ازين سنڌي ادب جي حوالي سان سندن ڪجهه تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن. شايع ٿيل تصنيفون ادبي دنيا۾ داد حاصل ڪري چڪيون آهن، جيڪي پاڻ ذاتي خرچ تي ڇپائي پڌريون ڪيائون.


    ڇپيل تصنيفون:

    سندس تصنيفن ۾ هيٺڍيون تصنيفون شامل آهن.

    1- مرد قلندر:
    سنڌي، ٻولي ۾ سندن هي پهرين تصنيف آهي جيڪا سائين صاحب خان نالي سندن هڪ ننڍپڻ جي دوست ۽ علمي ادبي سفر ۾ سندن ساٿي جي زندگي بابت سوانحي خاڪو آهي. مذڪوره ڪتاب ربيع الثاني 1399هه مطابق مارچ 1979ع تي حاجي سليمان جي نفيس پرنٽنگ پريس لڄپت روڊ حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. سائين صاحب خان جي علمي ادبي ڪاوشن، رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق بنا سندس ڪيل تعليمي ۽ تدريسي خدمتن جا بيحد مداح رهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته، انسانيت جي حقيقي خدمت اهائي آهي جو بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ ذاتي غرض جي ڪئي وڃي، انهي خدمت جو زنده مثال سائين صاحب خان جو ڪردار آهي. هڪ ڀيري فرمايائون ته، پرائمري ماسترن ۾ سائين صاحب خان اولياء آهي.
    مذڪوره ڪتاب بابت مولانا لغاري جن جي قلمي پورهئي ۽ اديبانه تحرير جو وڏن وڏن دانشورن، اهل قلم صحافين، سياستدانن، ناميارن ايڊيٽرن پنهنجن اخبارن، رسالن ۽ ذاتي خطن ۾ خوب داد ڏنو آهي. هن وقت مذڪوره ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ختم ٿي چڪيون آهن. في الحال مرد قلندر جي ٻيهر ڇپائڻ جو پروگرام ڪونهي ممڪن آهي آئنده ڪو اهڙو پروگرام ٿئي. والله اعلم.

    2- سڪ جو سفر:
    هي ڪتاب دارالعلوم ديوبند جي صد ساله جشن منعقده مارچ 1980ع جي اکين ڏٺي احوال ۽ انهي سلسلي ۾ ڪيل سفر جي روئداد، دارالعلوم ديوبند جي تاريخ سان گڏ هندستان جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد جي احوال تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي خاص ڪري علماءِ ديوبند جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ صاحبن پنهنجي ناقدانه تبصرن ۾ “سنڌي ۾ هڪ بهترين تاريخ” قرار ڏنو آهي.مذڪوره ڪتاب ربيع الاول 1402هه 1982ع ڌاري حاجي سليمان جي نفيس پرنٽنگ پريس لپت روڊ حيدرآباد ۾ ڇپيو هو. ڪتاب شايع ٿيندي ئي هٿو هٿ کپي ويو. هينئر ڪابه ڪاپي بچت ڪونهي. راقم الحروف ان جي ٻيهر ڇپائي لاءِ ڪوشان آهي.
    مذڪوره ڪتاب جي ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ مڪمل ڪري بٽر ڪاپي به تيار ڪرائي وئي آهي، انشاءالله ٿوري ئي عرصي ۾ اهو ٻيو ڇاپو شايع ٿي منظرعام تي اچي ويندو، بتوفيق الله وعونه

    3- ٿڌا وڻ ولهار جا:
    هي ڪتاب مسڻ وڏي جي قديم و جديد تاريخ بابت آهي. هن ڪتاب کان اڳ حضرت مولانا عبدالڪريم جو پروگرام هو ته، پاڻ ٽنڊي الهيار جي تعلقي ليول تي تفصيلي تاريخ لکندا. جيتوڻيڪ انهي سلسلي ۾ ابتدا ڪري ڪجهه ڪوشش به ڪيائون، پر پيرا نه سالي سبب طبعيت ايڏي وڏي ڪم جو بوجهه برداشت نه ڪري سگهي. انهي ڪري پاڻ ٽنڊي الهيار جي قديم تاريخي خطه “ولهار” بابت تاريخ مرتب ڪرڻ جو رٿيائون. انهي سلسلي ۾ پاڻ ولهار جي مختلف شخصيتن، قديم ماڳن، مڪانن ۽ آثار قديمھ وغيره بابت ڪافي مضمون به قلمبند ڪيائون، جن مان ڪي اخبارن ۽ ماهوار رسالن ۾ به شايع ٿيا هئا، پر پوءِ نيٺ سندن هي راءِ بيٺي ته، في الحال پاڻ ولهار (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي هڪ تپي بلغاءِ ۾ واقع ديهه مسڻ جي ڳوٺ وڏي جي تاريخ لکي شايع ڪرائيندا ۽ آئينده مرحليوار جي باقي علائقن جهڙوڪ: تپو ڍالو، تپو پاڪ سنگهار، تپو سنجر چانگ، تپو چمبڙ جي تاريخ به لکي مرتب ڪندا. جڏهن ڪتاب ٿڏا وڻ ولهار جا شوال 1404هه مطابق جولاءِ 1984ع ۾ حيدرآباد مان ڇپجي ويو ته سائين مون کي ۽ ٻين دوستن جهڙوڪ عاصي عبدالواحڊ هڪڙو، خليل احمد کوسو کي جدا جدا وقتن ۾ فرمايو ته ادا مون ولهار جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، تنهن لاءِ پهرئين مرحلي ۾ هي ڪتاب ڇپيو آهي. هاڻي اسان تصنيف جهڙي محنت طلب ۽ دماغ سوز ڪم ڪرڻ کان پوڙهپڻ ۽ ڪمزوري سبب رهجي وياسون، هاڻي اهو رهيل ڪم اوهان تي ڇڏيون ٿا.
    حضرت مولانا جن جي انهيءَ فرمان تي عمل ڪندي مذڪوره دوست جاکوڙي رهيا آهن، اميد ته گڏيل ڪوششن سان حضرت مولانا لغاري جي رهيل ڪم کي مڪمل ڪري سگهبو. انشاءالله تعاليٰ


    اڻ ڇپيل ڪتاب

    اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جو تفصيل هن ريت آهي.

    1- ٿڌا وڻ ولهار جا (ٻيو حصو):
    انهي نالي سان پاڻ ڪجهه مضمون لکي هڪ رجسٽر ۾ محفوظ ڪيا هئائون، جن لاءِ سندن ڪوشش هئي ته، جيڪڏهن وقت مليو ۽ حياتي وفا ڪئي ته، تعلقي ٽنڊي الهيار جي قديم خطه ولهار جي تاريخ جو ٻيو حصو ترتيب ڏيئي شايع ڪرائبو. اڃا تائين انهي ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. انشاءَالله آئنده پهرين فرصت ۾ انهي رهيل ڪتاب کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.

    2- بياض ڪريم (سنڌي ۽ فارسي شاعري جو مجموعو):
    هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي هٿن سان پنهنجي شاعري کي ترتيب ڏيئي جمع ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب جي هڪ فوٽو ڪاپي پاڻ خود مدرسه جي لائبريري اشاعت العلوم ۾ رکڻ لاءِ جمع ڪرائي اٿن. بياض ڪريم ۾ شاعري کي ٻن حصن ۾ مرتب ڪيو ويو آهي پهرين حصي ۾ سنڌي شاعري جنهن جا ڪل 88 صفحا آهن ۽ ٻي حصي ۾ فارسي شاعري جنهن جا ٽوٽل 22 صفحا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 12 ربيع الاول 1409هه ۽ مطابق 25 آڪٽوبر 1988ع ۾ آهي.

    3- نقوش زندگي:
    هي ڪتابڙو آتم ڪٿا (خود نوشت سوانح) تي مشتمل آهي جيڪو فل اسڪيپ سائيز جي 19 صفحن تي حاوي آهي. اها اتم ڪٿا لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 20 جمادي الثاني 1413هه مطابق 16 ڊسمبر 1992ع آهي.

    4- ڊائري (روزنامچو)
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن 1978ع کان 1997ع پوري پابندي سان بلاناغھ ڊائري لکندا هئا، تائين ۽ ڪجهه 1998ع جا مهينا به لکيل آهن. اهي ڊائريون حقيقت ۾ 19 ساله ملڪ ۽ قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي تاريخ سان گڏاهم واقعات جو هڪ محفوظ رڪارڊ ۽ دستاويز آهن، جيڪي قيمتي ذخيري هجڻ سان گڏ انهي عرصي جي تاريخ جي طالب علم لاءِ هڪ بهترين رهنما ۽ گائيڊ بُڪ آهي.

    5- چند ابيات فارسي دربيان حالات حاضره :
    بياض ڪريم جي ترتيب کان ڪجهه سال پوءِ پاڻ ڪي نظم (بيت) فارسي ۾ وقت بوقت لکندا رهيا جيڪي مذڪوره نالي سان هڪ ڪاپي ۾ جمع ڪيا اٿن. 33 صفحن تي مشتمل انهي ڪتابڙي ۾ شيخ سعدي جي ڪتاب ڪريما فارسي جي وزن تي ڪل 90 بيت آهن. جڏهن ته آخر ۾ مناجات بر آستانه عاليھ جي عنوان سان شيخ فريد عطار جي مشهور ڪتاب پندنامه فارسي جي وزن تي 15 بيت شامل آهن. انهي مناجات جو ابتدائي ۽ آخري بيت هن طرح آهي.
    (الف) اے کریم کردگار کار ساز بندۂ پرور توئی بندہ نواز
    (ب) چوں خداوندت رحیم است و کریم پس مشو مغموم اے عبدالکریم
    ترجمو: (الف) اي سخي ڏاتار! اي ٻاجهارا، ڪل جڳ جا ڪلتار!! بگڙيل ڪم بنائڻ وارا ! تون ئي ته ٻانهن کي پاليندڙ آهين! تون ئي ته ٻانهن کي نوازيندڙ مهربان آهين!!
    (ب) جڏهن تنهنجو ڌڻي بيحد مهربان آهي ته، پوءِ اي عبدالڪريم! توکي ڳڻتي ڪهڙي؟
    ابيات لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 15 رمضان 1420هه مطابق ڊسمبر 1999ع آهي.

    6- قصيده بُرده شريف جو سنڌي ترجمو:
    هي سندن سڀ کان آخرين تصنيف آهي، جنهن کانپوءِ ڪوبه ڪتاب يا مضمون ڪونه لکيائون. البته ديني اداري مدرسه درالهديٰ (جنهن جا پاڻ مهتمم به هئا) جي مستقبل جي بابت خاص هدايتون رهنما اصول ۽ وصيتون لکي راقم الحروف (مولوي محمد يامين شورو) جي حوالي ڪري سڀني متعلقين کي انهن هدايتن، رهنما اصولن ۽ وصيتن جي روشني ۾ مذڪوره ديني اداري ۽ جامع مسجد جي نظام کي هلائڻ جي تاڪيد ڪيائون. اهڙي طرح ملاقات لاءِ ايندڙماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بجاءِ ڪاغذ تي لکي، آيل مهمان کان حال احوال پڇندا هئا ته وري مهمان به پنهنجي احوال ۽ اچڻ جي مقصد کان واقف ڪرڻ لاءِ جواباً لکي ڏيندو هو. اهڙي طرح لکپڙهه ذريعي ڪچهري ٿيندي هئي. انهي جو سبب هي بنيو جو سندن قوت سماعت (ٻڌڻ جي سگهه) ڪمزور ٿي ويئي هئي انهي ڪري پاڻ لکپڙهه ذريعي آيل ماڻهن سان ڪچهري ڪندا هئا. لکپڙهه جو اهو سلسلو به ڪافي سال هليو. نيٺ لاڏاڻي کان چند مهينا اڳ اهو به سلسلو ختم ٿي ويو. پوءِ صرف اشارن سان آيل کي خير عافيت ڪندا هئا ۽ دعا ڪرڻ جي آٿت ڏيئي اجازت ڏيندا هئا.
    جيئن ته پڇاڙي جو حضرت مولانا عبدالڪريم جن انتهائي ضعف ۽ پيري سبب تقريباً لکڻ پڙهڻ جو ڪم ختم ڪري چڪا هئا ۽لازم الفراش بنجي اڪثر ڪري کٺ تي آرامي هوندا هئا. کٽ تان هيٺ لهڻ جي به سگهه ڪانه رهي هئي. اهڙي وقت مون (محمد يامين) کي هڪ دفعي گهرائي فرمايائون ته، ابا! هاڻي منهنجي حالت به ڪمزوري ۽ محتاجي ۾ امام بوصيري جهڙي ٿي ويئي آهي. چاهيان ٿو ته، اهڙي موقعي تي بوصيري جي اقتدا ڪري اهوئي ڪم ڪريان جيڪو هن ڪيو هو. سو مون کي بوصيري جو قصيده بُره شريف هٿ ڪري ڏي ته، ان جو مطالعو به ويٺو ڪريان ته، انجو سنڌي ۾ ترجمو ڪري وندر به ويٺو ڪريان. مون مدرسه جي ڪتبخانه ۾ پيل قصيده بُرده جا هڪ ٻه نسخا آڻي کين پيش ڪيا. پوءِ ٿورو ٿورو ڪندا لکندا رهيا ۽ بعض اوقات اسان کي به لکيل ترجمو، مشڪل الفاظ جو لغوي حل، اشتقاق وغيره ڏيکاريندا رهيا. تان جو اهڙي ضعف ۽ پيري جي باوجود ڏيڍ سئو کان وڌيڪ قصيده جي عربي بيتن جو ترجمو تشريح وغيره مڪمل ڪري ڪاپي جا 240 صفحا لکي پورا ڪيائون. سندن جسماني ضعف ۽ پيري کي ڏسي وري سندن قوت حافظه، جانفشاني، جفاڪشي، عرق ريزي، دماع سوزي وارو ڪم ڏسندو هئس ته آئون ته سندن اها ڪرامت مڃيندو آهيان. ڇو ته اسان جهڙي کي ڪو بخار به اچيو وڃي ته هفتو کن ته، بسترو نه ٿا ڇڏيون پر ماڻهن سان به صحيح ڪونه ٿا ڳالهائي سگهون پر هتي ڪا ٻي طاقت هئي جيڪا کانئن ڪم وٺي رهي هئي. سبحان الله مااعظم شانه
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن قصيده بُرده جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو هن لاءِ سوچيو ته، سندن پيري ۾ بيوسي جي حالت قصيده بُرده جي مصنف امام بوصيري جهڙي ٿي وئي هئي، ڇو ته امام بوصيري بابت هي روايت مشهور آهي ته، امام بوصيري کي اڌ رنگ ٿي پيو هو جنهن ڪري سندس جسم مفلوج ٿي ويو ۽ پاڻ محتاج بنجي کٽ تي پئجي رهيو. هڪ ڀيري سوچيائين ته، ڇو نه حضور ڪريمﷺ جي شان ۾ قصيده لکي سندن درٻار ۾ بطور نذرانه پيش ڪري کين عرض ڪريان ته، اي الله جا رسول! خدا جي بارگاهه ۾ مون بيمار ۽ محتاج لاءِ دعا فرمائي شفاياب ڪريو. بس اها ڳالهه سوچي امام بوصيري عربي ۾ حضور سائينﷺ ۾ تعريف ۾ قصيده چوڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو. جڏهن قصيده جا 165 شعر چئي مڪمل ڪيائين ته پنهنجي دعا ۾ اهو قصيده حضور سائينﷺ جي خدمت ۾ نذرانه طور پيش ڪري شفايابي لاءِ خدا کان دعا گهريائين. رات جي خواب ۾ حضور سائينﷺ جي کيس زيارت نصيب ٿي ۽ پاڻ ڪريمنﷺ خواب ۾ کيس چادر اوڍائي فرمايو ته بوصيري! هاڻي خدا جي حڪم سان تنهنجو مرض دور ٿي ويو. صبح جو امام بوصيري سجاڳ ٿيندي پاڻ کي بلڪل صحتياب محسوس ڪيو ۽ اڌ رنگ جو مرض ڪافور ٿي ويو. امام بوصيري پاڻ سڳورنﷺ جي خواب ۾ انهي زيارت ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي چار اوڍائڻ جو قصو ڪنهن سان به نه ڪيو. هڪ ڏينهن اتفاق سان ان وقت جو ڪامل بزرگ امام بوصيري سان واٽ تي مليو چيائينس ته، ادا! اسان کي پنهنجو قصيده ته لکي ڏي؟ امام بوصيري پڇيس ته منهنجو ڪهڙو قصيده؟ بزرگ وراڻيو ته اهو قصيدو جنهن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ توکي حضور سائينﷺ جن رات جو خواب ۾ اچي زيارت به ڪرائي هئي ته، پنهنجي چادر به اوڍائي هئي.
    عربي ۾ بُرده چادر کي چون ٿا. اهو قصيده انهي ڪري قصيده بُرده (چادر وارو قصيدو) جي نالي سان مشهور آهي.
    حضرت مولانا عبدالڪريمؓ جن ٻڌائيندا هئا ته، اسان جو استاد مولانا محمد عثمان قراني هميشه فجر نماز کانوءِ قصيده بُرده جو ورد ڪندو هو.
    قصيده بُرده جي سنڌي ترجمي جي پڄاڻي تي پاڻ هي نوٽ لکيو اٿن.
    اڄ مورخه 10 محرم 1420هه مطابق 2000ع تي باوجود ڪمزوري جي، بوصيري صاحب محمد بن سعيد جي قصيده بُرده جو سليس سنڌي ترجمو شڪر الحمدلله ختم ڪيو اٿم. جيڪو 165 عربي نظم تي مشمتل آهي، سو درٻار رسالت ۾ بطور نذر پيش ڪريان ٿو. شفيع المذنبين ۾ شفاعت جي اميد اٿم. آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جو هڪ گنهگار اُمتي، خادم مدرسه درالهديٰ مسڻ وڏي الآثم عبدالڪريم لغاري 10 محرم 1420هه مطابق 2000ع والسلام.

    7- حجاز جو پهريون سفر:
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن پهريون فريضه حج جي ادائيگي لاءِ 1956ع ۾ حرمين شريفين ڏي ويا هئا. پاڻ اهو سفر بحري جهاز جي ذريعي ڪيائون جنهن ۾ ساڻن گڏ سندن مخلص شاگرد حاجي محمد يوسف سولنگي رفيق سفر هو. حرمين جو اهو پهريون سفر، خليج فارس جي سامونڊي رستي کان شروع ٿيو هو. سفر هلندي وچ ۾ ڪجهه بندرگاهه جهڙوڪ: گوادر، مسقط، عمان ۽ بحرين آيا هئا. پاڻ جيئن ته، ڪراچي کان بحرين جو ٽڪيٽ وٺي سوار ٿيا هئا، تنهنڪري بحرين ۾ لهي هفتو کن اتي رهڻ بعد اتان کان سامونڊي رستي سعودي جي بندرگاهه الخبر پهتا. وري اتان کان روڊ رستي سعوديه جي شهرن الدمام، الاحساء ۾ ترسندا گهمندا رياض پهتا. جتان کان نجد واري رستي وڃي ميقات تي آيا، جتي احرام ٻڌي حرم مڪه شريف ۾ 25 رمضان تي پهتا. اتي عمره، حج، زيارات ۽ عبادات جي ادائگي بعد 30 ذوالحج تي مڪي کان جده ۽ پوءِ مدينه منوره روانا ٿيا. مديني شريف ۾ ٽي مهينا رهڻ بعد واپس وطن موٽيا. جڏهن ته، مڪي شريف ۾ به کين ٽي سوا ٽي مهينا رهڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح سندن حجاز جو پهريون سفر ڇهن ستن مهينن تي مشتمل رهيو، جنهن جو آغاز 1- رمضان شريف 1375هه مطابق 13 اپريل 1956ع کان ٿيو هو. پاڻ انهي پهرين سفر جي مختصر روئداد، فل اسڪيپ سائز جي 13 صفحن تي لکي اٿن.

    8- حجاز جو ٻيو سفر:
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن حجاز مقدس ڏي 31 سالن کانپوءِ وري ٻيو ڀيرو عمره جي نيت سان 1407هه مطابق 1987ع ۾ حرمين ڏي روانا ٿيا هئا. هن ڀيري ساڻن گڏ سندن ڀاءُ حاجي عبدالله لغاري رفيق سفر هو. سندن روانگي رمضان شريف کان چند ڏينهن اڳ ۾ ٿي هئي. رمضان شريف جيڪو رحمت، بخشش ۽ ڇوٽڪاري جو مهينو آهي، سو انهي ڀلاري ڀون مقدس ماڳ، حرم مڪھ ۽ حرم مدينھ ۾ گذاريائون.
    انهي سال جيئن ته، سعودي بادشاهه فهد جو پٽ ڄائو هو، تنهن انهي خوشي ۾ رمضان شريف دوران عمره تي آيل سڀني معتمرين، (عمرو ڪندڙ) ۽ زائرين کي حج ڪرڻ جي به اجازت ڏني هئي پر پاڻ مهينو سوا رهڻ بعد 7 شوال 1404هه تي وطن موٽي آيا.
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن انهي ٻئي ڀيري حجاز جي سفر جو احوال ٻن ٽن صفحن تي لکيو آهي.

    9- ستن ڪلاڪن جو سفرنامو:
    اسان هتي پڙهندڙن جي ذوق خاطر، حضرت مولانا عبدالڪريم جن جو لکيل مسڻ وڏي کان ڳوٺ دولت لغاري تائين “ستن ڪلاڪن جو سفرنامو” پيش ڪريون ٿا، جيڪو سندن عالمانه ۽ اديبانه تحرير جو هڪ عمدو مثال آهي. وڌيڪ انهي تحرير تي پڙهندڙ پاڻ تبصرو ڪن.
    “پنهنجو آستانو ڇڏي، سير سياحت لاءِ ٻاهر نڪري پوڻ کي عام طور سفر چيو ويندو آهي، توڙي جو شرعي سفر نه ئي سهي. اهو ڪلاڪن جو هجي يا ڏينهن جو، هفتن جو هجي يا مهينن جو، ديس جو هجي يا پرديس جو، مڙيوئي سفر ۾ شمار آهي.
    پنهنجي وطن جي نظارن ۾ ڪهڙي ڪمي آهي؟ جو اسان پنهنجو قيمتي وقت ۽ اٿاه سرمايو برباد ڪري، بيروني ملڪن جي وڏن شهرن جي سياحت کي ترجيح ڏيئي، پرائي ڏيهه جي پٿرين کي هيرا جواهر، ڪوڏين جي چمڪ کي سچا موتي، بيجان تصويرن کي حورون پريون سمجهي مٿن جان پيا قربان ڪندا آهيون.
    ہر ہلاکی امت پیشیں کہ بود زانکہ بر جندل گمان کردند عود
    مولانا رومي چوي ٿو ته، ڪيتريون اڳيون قومون هن ڪري برباد ٿي ويون، جو خوش فهمي ۾ مبتلا ٿي، ڪارين پٿرين کي عود، عنبر سمجهڻ لڳيون.
    ڇا اسان پنهنجي ديس جي رنگين مناظر کي، ڪڏهن غور سان ڏسڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي؟ ڇا هتي جون پُرفريب رسيليون راتيون، صبح جي هير، باغن جون بهارون، چپه چپه تي سرسبز واديون، من موهيندڙ کيتيون، هنڌين ماڳين اهي فطرت جا نظارا، انسان جي اُداس دل جي لاءِ راحت جو سامان ميسر ڪونه ڪري رهيا آهن؟ “وڃين ڇو وڻڪار؟ هت نه ڳولين هوت کي.”
    وري هتي جي شهرن جي ڀيٽ ۾، ديهاتي زندگي لاءِ فطرتي سونهن لازوال حسن آهي. شهرن ۾ بناوٽ ملاوٽ فقط ظاهري جڙتو ڏيکاءُ آهي، ٻيو مڙيئي خير.
    عرب جي مشهور شاعر “متنبي” پنهنجي ديوان ۾، انهي مضمون کي هن ريت ورجايو آهي ته، “ٻهراڙي جو حسن خدا داد ۽ قدرتي آهي، انهي جي بر خلاف شهرن جي ساري رونق هٿرادو، بناوٽي ۽ رنگ روغن تي مبني آهي. اڳتي چوي ٿو ته، ڀلا ٻڪري ۽ جهنگل جي هرڻي ٻئي سونهن ۾ برابر آهن؟ نه ڙي نه، هرڻي جي اکين جي چمڪ، سڊول جسم، نازيلي چال جهڙيون بي نظير صفتون ٻڪري جي جهوجهير جسم ۾ ڪٿي؟ اهوئي ته سبب آهي جو هڪواري برپٽ ۾ جڏهن هرڻين جو ولر، مجنون جي پاسي کان اچي لانگهائو ٿيو، مولائي جي به ڪا اوچتي مٿن نظر پئجي وئي، مجنون اڳتي وڌي واڪو ڪري مخاطب ٿي چيو ته،
    بالله ياظبيات القاع قلن لنا،
    اليلاي منکن ام من البشر.
    اي پوٺي جون هرڻيون! قسم اٿئو خدا جو!! تڪڙ نه ڪريو دم گهڙي ترسو!!! مون کي مهرباني ڪري ٻڌايو ته سهي ته، مون واري ليلا اوهان جي جنس مان آهي يا اسان ماڻهن مان؟ سنڌ جي مشهور شاعر ”شاهه لطيف“ برپٽ، ميدانن، جهنگلن جا اڻانگا پيرين پنڌ سفر ڪري جيڪي نڪتا گڏ ڪيا آهن، اهي ٻهراڙي جي سونهن سو ڀيا جي ساک ڀري رهيا آهن، جن ۾ مارن جي محبت، سانگين جي سڪ، ڌراڙن پنهوارن جي پريت، ڀنگا ۽ ڀٽون، وليون ۽ وڻڪار، ڇپر ۽ ڇنا، انهي عنوان جا عيني شاهد آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو ته، کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واري منجهه وٿاڻ
    ساٿين کي سيد چئي، ڀريو ڏين ڀاڻ،
    عمر! اِي اماڻ، ثابت رکج سومرا
    شهرن جي محل ماڙين، بخمل بافتن، قيمن ڪبابن جي بجاءِ لاک رتيون لويون، پيرن ۽ پڪن، ڏٿن کي هزار بار بهتر ٿو سمجهي.
    ڳاڙهاڳن ڪهاڙيين، لاکيون لويون جن،
    ميڙي رتيون مڃر مان، پاڳون پنهوارن،
    تون ڪيئي سنديون تن، جهنگلان آڻيو جهليين.
    مورخه 13 مارچ 1991ع وارو رونقدار زندگي جو صبح تا دير ياد رهندو، جنهن ۾ اسان هيٺان پنج رفيق راهه هر هڪ، اسان جي بستي جو بزرگ محترم شيخ محمد حسن صاحب، مولوي محمد يامين شورو، ولهار مڊل اسڪول جو عربي ٽيچر امان الله گلال، سندس ننڍو ڀاءُ زاهد علي ۽ راقم الحروف 8-9 سالن جي وقفي بعد، هڪ اهڙي ديهاتي ڳوٺڙي جو سفر اختيار ڪيو، جنهن سان ننڍپڻ کان وٺي روحاني توڙي قومي قريبي رابطا قائم آهن، جيڪو مسڻ وڏي کان سر اوڀر ۽ ميرپورخاص کان جنوبي جانب پنج ميل مفاصلي تي “دولت لغاري” جي نالي سان مشهور آهي. ٻنهي ڳوٺن کي نهرو ويسٽ جمڙائو هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. مسڻ وڏي کان ميرپورخاص وايا دولت لغاري کان بس سروس، روڊ سارو پڪو آهي. کاٻي توڙي ساڄي قسمين قسمين قدرتي مناظر، ڪيئي وستيون واهڻ، ڳوٺ گام، آباديون، باغ باغيچا چڱو چهچٽو مچايو بيٺا آهن. وري جو مٿان بهار جي موسم، سبزي ساوڪ، گلن جي خوشبوءِ، سبحان الله! هن روڊ کي وڌيڪ رنگين بنائي ڇڏيو آهي. جڏهن مسافرن سان ڀريل بس، جمڙائو جي ٻاويهه ميل موري تي پهتي ته، سندس سبزه زار فضا تي ويهه سال اڳ جيڪو سنڌي نظم لکيو هوم، سو هڪ واري واري نئين طرح دل تي لهي آيو، جنهن جا پهريان ٻه بند هي آهن.
    جس ڙي جمڙائو! تنهنجي موري ٻاويهين ميل جي،
    سال ٿيا توکي سوين، ٿو ڳالهه ڪريان هيل جي.
    هر طرف هيرون هوائون، ڇانوَ هيٺ آهي ڇٻر،
    واهه وڻ! وڻڪار وسندي، ۾ ڏٺم ويٺل ولر.
    اسان واري “فتاة الصحراء” تيزرو يعني “پوٺي جي جوانڙي” فضا کي امالڪ چيريندي هنڌين هنڌين هارن هڻندي جڏهن منزل مقصود تي پهتي ته، بس اسٽاپ دولت لغاري تي لهڻ وقت استقبال لاءِ آيل ڪيترن ڄاتل سڃاتل چهرن تي نظر پيئي، جيڪي ڏاڍي قرب ڪشش سان مليا، ڄڻ سالن جا وڇڙيل هئاسون. مغموم چهرن مان سمجهه ۾ پئي آيو ته، اهي پراڻا يار دوست استقبال لاءِ نه پر بنده ناچيز کي پنهنجو پراڻو رفيق ۽ همدرد سمجهي، زبان حال سان هي شڪوا کڻي آيا آهن ته، جنهن پاڪستان بنجڻ لاءِ دعائون پئي گهريون سون زنده باد جا نعرا پئي هنياسون، مڃتائون پئي باسيون سون، انهي ۾ اڄ اسان بي يارو مددگار آهيون. داد نه فرياد، اغوا ۽ بدامني جي هراس، اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. ٻنيون ٻارا، ڪڙم ڪاروبار سارو ٺپ ٿي ويو آهي. سندن اداس چهرا ڏسي دل ڀرجي آئي. آخر ڪري به ڇا ٿي سگهيس. دل ۾ شيخ سعدي شيرازي جو مشهور پارسي بيت دل تي تري آيو.
    چو دشمن خرروستائی بہ برد ملک باج دہ یک چرا میخورد
    “ڳوٺاڻي غريب جي درتي هوئي هڪ گڏهه، سو ته چور ڪاهي ويس. خبر ناهي ته، حڪومت عشرو ۽ ڍل ڇا جو وصول ڪري رهي آهي.”
    دولت لغاري ۾ پهچڻ سان، ماضي جي تاريخ جا هزارين باب کلي پيا. وساريان پر نٿيون سرن، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون. گذريل دور جون يادگيريون هڪ هڪ ٿي اڳيان اچڻ لڳيون.
    ڪيترا غير معروف ڳوٺڙا هڪ تاريخي شخصيت جي وجود ۾ اچڻ سبب ايڏي ته شهرت ۽ شرف کي پهچيو وڃن، جو وڏن شهرن کان به گوءِ کڻيو بيٺا آهن. دهلي جي اردو شاعر ”غالب“ جو هڪ ئي بيت انهي تي ترجمان حال آهي.
    مکان کا شرف مکین سے ہے اے اسد
    مجنوں مرگیا ہے، جنگل اداس ہے۔
    يعني ڪنهن مڪان جو شرف ۽ شهرت، مڪان واري سان وابسته آهي. هن ديهاتي اجڙيل بستي (دولت لغاري) کي هڪ واحد شخصيت ”استاد صاحب خان لغاري“ پنهنجي لياقت، جفاڪشي، ايثار، اخلاق سان ايترو ته مٿانهين مرتبي تي پهچائي ويو آهي، جو ٿرپارڪر جو ڪوبه ٻهراڙي جو ڳوٺ سندس همسري ڪرڻ کان قاصر آهي. يارهن سالن جي گذرڻ بعد به زمانو سندس يادگار ميسارڻ ۾ هرگز ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو آهي. مرحوم جي فيض جي پالوٽ، تعليمي سرگرميون، سندس حسن اخلاق، فياضي طبع ۽ وفا شعاري جهڙين چيده خصلتن جي اڄ به هر هنڌ هاڪ آهي. “هر ڳلي هر ڳوٺ ۾، ڳالهيون گهڻا ڳائين پيا.”
    هن وقت ڳوٺ جي شمالي جانب، پنهنجي اباڻي قبرستان ”دولت شهيد“ ۾ هڪ سرسبزڄار جي اوٽ ۾ آسوده خواب آهي. سندس تُربت جي لوح مزار تي، مغل شهزادي ”زيب النساء“ جو مشهور پارسي بيت اڪر ٿيل آهي.
    بر مزار ماغریبان نے چراغ ونے گلے،
    نہ پرے پروانہ سوزد، نے صدائے بلبلے۔
    يعني اسان غريبن جي مزار تي، نه ڪي ته ڪو چراغان ٿو ٿئي جنهن تي پروانن جا پر سڙندا هجن، نه ئي ڪا گلن جي چادر چاڙهي ويندي آهي، جنهن تي ڪا بلبل جي صدا ٻڌڻ ۾ ايندي هجي.
    اسان کيس نذرانه عقيدت پيش ڪري، واپس اتان رکيوسون شهر ڏانهن رخ، سندس قائم ڪيل لائبريري ڏانهن، جيڪا هن وقت سندس هڪ مخلص شاگرد عبدالمجيد صاحب لغاري جي نظرداري هيٺ آهي. هن ۾ ڪيترا قديم ناياب نسخا بمبئي پريس مان ڇاپيل موجود آهن. هينئر جيڪڏهن ڪو شوقين صاحب ثروت لک روپيا خرچ ڪري، تڏهن به اهڙو اصلي ڇاپو حاصل ڪرڻ ناممڪن. آڳاٽو انگريزن جي دور ۾، استاد صاحب پنهنجي معمولي پگهار مان پيسو پيسو بچائي، ڪيترا ناياب ڪتاب ۽ ماهوار مختلف رسالن جا فائل، سندس چونڊ پارسي، سنڌي اردو ۽ سرائڪي ۾ خوشخطي سان لکيل ڪتبا ۽ پارسي ڪتابن جا ترجما ڪري، سميٽي سهيڙي جتي هٿ سان رکيا اٿس اتيئي محفوظ پيا آهن. ڄڻ ته مالڪ اجهو هتان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر نڪري ويو آهي.
    افسوس! ته هن ناياب جنس جا خريدار الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن.عرب جي هڪ فيلسوف (متنبي) جو هيٺيون شعر آب زر سان لکڻ جو لائق آهي.
    اعز مکان في الدنيا سرج سابح خير جليس في الزمان کتاب
    “يعني دنيا ۾ ڪا عزت ڀري جڳهه آهي ته، اها آهي ڀلي گهوڙي جو زين، زماني ۾ ڪو بهترين رفيق ٿي سگهي ٿو ته اهو آهي ڪتاب.”
    حافظ شيرازي ته، انهي مضمون تي، مٿئين يار کان اڳڀر هليو ويو آهي. چوي پيو ته،
    دو یار زیرک وازبادۂ کہن دومنے- فراغتے و کتابے و گوشئہ چمنے
    من ایں مقام بدنیا و آخرت ندہم۔ گرچہ درپیم افنند خلق انجمنے
    ڪنهن باغ جو ڪنڊ پاسو هجي ڪتاب ساڻ هجي، بيف ڪري هجي پراڻو شراب هجي ۽ ٻه داناء دوست گڏ هجن.
    يعني اها جڳهه اهڙي ته، دلپسند اٿم، جو انهي جي بدلي مون کي دنيا ۽ آخرت جون ساريون نعمتون آڇين ۽ انهي جي ڇڏائڻ لاءِ انبوهه خلق نڪري پوي، پر اتان هرگز ڪونه هٽندس.
    اڄوڪي دؤر ۾ اگرچه ٻه سياڻا رفيق ۽ پراڻي شراب جو پالو نه سهي، چاءِ جو پيالو به اهو ڪم ڏيئي سگهي ٿو. چمن جو گوشو (باغ جي ڪنڊ) ۽ ڪتاب به ملڻ جوڳا آهن، باقي فراغت (واندڪائي/بيفڪري) جو ميسر اچڻ غير ممڪن. هينئرو ڪو انسان هزارين پريشانين ۾ جڪڙيل آهي. اها متاع بي بها هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل.
    شام جو دولت لغاري کي الوداع ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميزبانن هر هڪ رئيس محمد صالح خان، رئيس حاجن خان لغاري ۽ عبدالمجيد صاحب کان موڪلائي، واپسي ۾ رئيس هوت خان لغاري جي ڳوٺ رئيس محمد عالم خان سابق چيئرمين يونين ڪائونسل دولت لغاري جي بيمار پُرسي ڪري دير سان خير جو واپس پنهنجي آستاني تي پهتاسون.
    عبدالڪريم لغاري
    پوسٽ مسڻ وڏي وايا ٽنڊوالهيار
    31 مارچ 1991ع
    نوٽ: مٿين تاريخ تي روزانه اخبار آفتاب حيدرآباد کي مٿيون سفرنامو ڇپائڻ لاءِ مولوي محمد يامين شوري هٿان موڪليو ويو.


    سندن مجلس جو نمونو:

    حضرت مولانا عبدالڪريم جن جي مجلس جو نمونو به عجيب هوندو هو. خاص ڪري صبح واري مجلس، سندن ويجها دوست ۽ شاگرد فجر نماز بعد سندن رهائش واري ڪمري ۾ اچي ويهندا هئا ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان تيار ڪيل چانهه سگري تان لاهي دوستن ۽ شاگردن کي ڏيندا هئا. چانهه سان گڏ ڪڏهن بسڪيٽ، ڊبل روٽي ته ڪڏهن سندن هٿن جي پڪل ماني شامل هوندي هئي. صبح واري چانهه کي پاڻ حفاظ شيرازي جي زباني “صبوحي شراب” سڏيندا هئا. چانهه جو چُڪو پيڻ، بعد مجلس ۾ ويٺل ڪو دوست يا شاگرد ڪڏهن ڪا ڳالهه ڪندو هو يا ڪو مسئلو ڇيڙي کانئن ڳالهرائيندو هو، پوءِ پاڻ انهي بابت تبصرو ڪندا هئا ۽ مجلس ۾ ويٺل خاموشي سان سندن علمي ادبي نقطا ڌيان ڏيئي پيا ٻڌندا هئا. گهڻو ڪري سندن مجلس “علمي ادبي رهاڻ” هوندي هئي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي رسالي، مولانا رومي جي مثنوي، حافظ شيرازي جي ديوان ۽ عرب شاعر متنبي جي ديوان مان ڪونه ڪو بيت، مثال، ذڪر ڪندا هئا. عام طرح سندن مجلس ۾ اسلام جي فڪر ۽ فلسفي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. پاڻ مسلمان فلاسافرن، سائنسدانن جي دماغي ڪاوشن، تحقيقي جدوجهد جو گهڻو داد ڏيندا هئا. اهڙي طرح قرآن ۽ حڊيث جي روشني ۾ حقوق الله ۽ حقوق العباد، عبادات معاملات، اخلاقيات معاشيات، اقتصاديات وغيره بابت شرعي ضابطا، قاعدا، قانون ۽ اصول ترتيب ڏيندڙ امامن، مجتهدن، فقيهن، محدثن، مفسرن جي خدمتن جو نه رڳو اعتراف هئن، پر ڪچهرين ۾ انهن جي تحريرن، فتوائن، فيصلن جا حوالا به ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته، الله تعاليٰ اهڙا عظيم انسان پيدا ڪري دنيا وارن تي احسان فرمايو جو عام ماڻهو کي دين تي هلڻ آسان ٿي پيو. هي وقت اختلافن جو ناهي، نه ڪي فرقا ۽ گروپ ٺاهڻ جو، بلڪه اسلام جي حقيقي تعليم تي عمل ڪرڻ جو وقت آهي، جيڪا قرآن ۽ حديث جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آهي. قرآن ۽ حديث ۾ آيل فرضي ۽ وجوبي حڪمن ۾ ته ڪنهن به امام، محدث ۽ فقيهه جو ڪوبه اختلاف ڪونهي، البت ڪن حالتن ۽ بعض معروضي صورتن ۾ فروعي اختلافن جو هجڻ عين ممڪن آهي. انهي ڪري معمولي فروعي اختلاف کي بنياد بنائي ڪفر جي فتوابازي ته، سراسر بي عقلي ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ ايڪي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي هڪ ناپاڪ سازش آهي. مسلمانن کي کپي ته، اهڙين سازشن جو شڪار نه ٿين ۽ پنهنجي اتحاد کي قائم رکن.
    مولانا لغاري جن سماجي براين ۽ بداخلاقين جي اصلاح تي گهڻو زور ڏيندا هئا ۽ دوستن، يارن کي اهڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ همٿائيندا هئا. مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندن زباني برصغير جي آزادي جو به ذڪر ٿيندو هو ته، هندستان جي آزادي جي متوالن جا ڪارناما بيان فرمائيندا هئا.
    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان کين خاص لڳاءُ ۽ محبت هئي، گهڻو ڪري ڌرتي جي محبت جو ذڪر، مذهبي حوالي سان فرمائيندا هئا.
    موجوده پاڪستاني سياست کان بنهه خفا ٿيندا هئا ۽ اهڙو اظهار اڪثر ڪري ڪندا رهندا هئا.
    زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ساڻن ملاقات لاءِ ايندا هئا، جن ۾ سياستدان، سماجي ڪارڪن، مذهبي اڳواڻ، عالم اديب، شاعر سگهڙ، سرڪاري آفيسر، دانشور، هاري مزدور، صحافي شامل آهن، تن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي، ملڪي حالتن، اصلاحي طريقن، سرڪار جي روين بات خوب بحث مباحثو به ٿيندو هو.
    سنڌ جي قومي ڪاز لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان خاص همدردي هوندي هئن. البت اهي ماڻهو جيڪي انهي آڙ ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪن ٿا ۽ فقط سنڌ جو نعرو هڻي، سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري پنهنجا غرض، مطلب ۽ مفاد پورا ڪن ٿا، تن کان پاڻ بيحد ناخوش هئا. مجلس ۾ آزادي جي ذڪر تي، آزادي جي هيرن، رهنمائن ۽ ڪارڪنن جا ڪارناما بيان ڪري نت نوان نقطا ٻڌائيندا هئا. اهڙي موقعي تي امام الهند ابوالڪلام آزاد، شيخ الهند مولانا محمود حسن، امام انقلاب عبيدالله سنڌي، آزادي جي رهنما مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي ڪراچي واري، حريت پسند اڳواڻ مولانا سيد تاج محمود امروٽي ۽ پنهنجن استادن شيخ العرب والعجم سيد حسين احمد مدني، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني جو ذڪر ۽ سندن ڪارناما وقت بوقت بيان ڪندا هئا.
    هڪ ڀيري مجلس ۾ ويٺل دوستن ۽ شاگردن آڏو 1940ع جي روزانه حريت (اردو) جو هڪ پرچو کولي مون (محمد يامين) کي فرمايائون ته، ابا! هن ۾ هڪ نظم پڙهي ٻڌاءِ جنهن جو عنوان آهي ”پاڪستان ۾ ڪيا ڪيا هوگا“ سندن حڪم تي آئون انهي نظم کي پڙهڻ لڳس ته، وچ وچ ۾ مون کي روڪي پاڻ هر هر بند جي تشريح ڪرڻ لڳا ۽ فرمايائون ته، علامه انور صابري کي الله تعاليٰ ڪهڙي نه دور انديش فڪر سان نوازيو هو جو اڃا پاڪستان ٺهڻ کي ڪافي سال پيا هئا ته پاڻ اڳ ۾ ٻڌايائون ته انهي ملڪ ۾ ڇا ڇا ٿيندو؟ پوءِ مجلس ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇيائون ته، توهان ساک سان ٻڌايو ته، ڀلا جيڪي انور صابري اڳواٽ ٻڌايو سو هينئر ٿي رهيو آهي يا نه؟ وڌيڪ فرمايائون ته، ، مومن نه رڳو ظاهري اکين سان ڏسي ٿو پر اهو باطني نور ۽ بصيرت قلبي سان اهو ڪجهه ڏسي، پرکي ۽ پروڙي وٺي ٿو جيڪو عام ماڻهوءَ جي احساسات ۽ سندن ذهني رسائي کان گهڻو مٿي هوندو آهي.
    مجلس ۾ آيل ماڻهوءَ واتان ڪنهن جي به گلا، شڪايت ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ڪا شڪايت، غيبت وغيره اچي ڪندو به هو ته، يا ته کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيندا هئا، يا ته مجلس مان اٿي هليا ويندا هئا.


    لباس ۽ کاڌو:

    سندن لباس انتهائي سادگي وارو هو. عام طرح کاڌي ۽ بافتي جو ڪپڙو استعمال ۾ رهيو. پهراڻ ۽ شلوار سان گڏ مٿي تي پٽڪو پائيندا هئا. شروع ۾ ڪيترن سالن تائين ناسي رنگ ململ جو پٽڪو ۽ پوءِ نصرپوري لنگي جو پٽڪو به گهڻي عرصي تائين رهيو، پرآخر ۾ ململ جو اڇو پٽڪو پائيندا رهيا. پائڻ جا هڪ ٻه جوڙا هوندا هئن، جيڪي هميشه پنهنجي هٿن سان ڌوئيندا هئا. ڌوٻي يا شاگردن کان صحتمند هجڻ تائين ڪڏهن به ڪپڙا نه ڌئاريائون ڪپڙن کي ڪلف يا استري هڻڻ پسند ڪونه ڪندا هئا. اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن شاگرد لڪ چوري ۾ ڪپڙا استري ڪري به ڇڏيا ته، وري انهن کي پاڻي مان ڪڍي سڪائي پوءِ پائيندا هئا. تيل سُرمي جو به استعمال ڪندا هئا، پر ان ۾ باقاعده ڪا پابندي ڪانه هئي. خوشبو بنهه گهٽ استعمال ڪيائون. پيرن ۾ هوائي چپل ۽ جوتو استعمال ۾ رهيو. ذاتي استعمال جي هر شئي ۾ سادگي کي اوليت هئي. اوچو ڪپڙو ڪڏهن به پسند ڪري ڪونه پاتائون. ڪيئي معتقد کين اوچا ڪپڙا تحفو ڪري ڏيندا هئا، جيڪي کانئن وٺي ڪنهن غريب مسڪين کي ڏيئي ڇڏيندا هئا.
    جيئن ڪپڙي پائڻ ۾ سادگي معمول رهي تيئن وري کائڻ پيئڻ ۾ به سادگي ۽ قناعت قائم رهي.
    زندگي گذارڻ جون ٻه واٽون آهن هڪ “خوردن براءِ زيستن يعني کائو جيئڻ لاءِ” ٻي زيستن براءِ خوردن يعني جيئو کائڻ لاءِ، ته حضرت مولانا عبدالڪريم جن حياتي بچائڻ ۽ جيئڻ ڪاڻ کائيندا هئا ۽ اهوئي اسلام جو ڏسيل طريقو آهي.
    منهنجي سمجهه مطابق اسلام کائڻ پيئڻ ۾ جيڪا ويهي کائڻ ۽ ويهي پيئڻ جي تلقين ڪئي آهي تنهن جي حڪمت ۽ فلسفو هي آهي ته، جيئن جسم کي گهرج آهر خوراڪ مهيا ٿي سگهي ۽ حد کان وڌيڪ خوراڪ نه هجي، پو ته انهي صورت ۾ کاڌي جو اضافي بوجهه، جسم کي ڪنهن نه ڪنهن هاڃي ۽ مرض ۾ مبتلا ڪندو. يورپ جي جديد تهذيب کائڻ پيئڻ ۾ جيڪو بيهي کائڻ وارو فيشن متعارف ڪرايو آهي سو ته، جانورن واري ڇڙواڳ زندگي جو تصور آهي. جيتوڻيڪ اسلام کاڌي پيتي ۾ هي احتياط ڏسيو آهي ته، کائڻ وقت جيڪڏهن اڃا ڪجهه ٻن ٽن گراهن جيتري گنجائش سمجهجي ته، کاڌي مان هٿ ڪڍي ڇڏجي، صحتمند رهڻ جو اهو بهترين اصول آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، خود دين جا داعي ۽ مذهبي قائد به انهي اصول تي عمل پيرا ٿيندا گهٽ پيا نظر اچن.
    حضرت مولانا عبدالڪريم جن هميشه پنهنجي هٿن جو تيار ڪيل کاڌو کائيندا هئا پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مدرسي ۾ شاگردن لاءِ ايندڙ فقر تي به گذارو ٿيندو هو.
    ڪنهن به مير پير وڏيري جي دعوت قبول نه ڪندا هئا ۽ نه ڪي عام شادي مرادي جي دعوتن ۾ وڃي شريڪ ٿيندا هئا. اوچي کاڌي جو نه ڪڏهن شوق ڪيائون، نه ڪي کاڌائون. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو دوست گهران سٺو کاڌو تيار ڪري آڻي پيش ڪندو هو ته، مدرسي جي شاگردن کي سڏي کارائي ڇڏيندا هئا. صحت ۽ جواني واري وقت ۾ به هڪ اڌ ماني ڪڏهن ڪنهن عام رواجي ٻوڙ يا چٽڻي سان، ته ڪڏهن کنڊ ملايل پاڻي سان کائي ڇڏيندا هئا.
    هڪ دفعي کاڌي جي موضوع تي ڳالهائيندي فرمايائون ته، مون کي انهن واعظي مولوين تي عجب آهي جيڪي سڻڀا سٺا چڱا چوکا هضم ڪري، چونري کير جي چٽ ڪري پوءِ اچي منبر تي نبيﷺ جي ثنا خواني ۽ سيرت بيان ڪندا آهن ته، پاڻ ڪريمنؐ سڄي ڄمار جون جي ماني به ڍو ڪري نه کاڌي، ڀلا جن ماڻهن جو خود سنت تي عمل ناهي تن جي زبان ۾ ڪهڙو اثر هوندو جو سندن واعظ تي خلق وري عمل ڪندي.


    عام عادتون ۽ اخلاق:

    عام ماڻهو سان سندن محبت ۽ همدردي وارو رويو رهيو. ترش روئي ۽ تلخي، منهن گهنجائي ملڻ جو ته، ڪڏهن موقعو به نه آيو. سندن خاص خوبين ۾ خاموشي، تواضع پسندي، ڪسر نفسي، صبر و تحمل، پرهيزگاري، نفس تي ضابطو، شڪر گذاري، پاڻ کي سڀني کان گهٽ سمجهڻ، گفتگو ۾ نماڻائي، نيازمندي، ڌيمو آواز، هر هڪ جي عزت افزائي، وڏي توڙي ننڍي سان شفقت ۽ محبت سندن خاص عادتون هيون. ڪجهه وقت اڳي مدرسي ۾ غسل خانا ٺهيل ڪونه هئا، سڀ شاگرد ۽ استاد هينڊ پمپ (نلڪي) تي ظاهر ظهور پيا وهنجندا هئا، پر پاڻ هميشه پاڻي جي بالٽي ڀري ڪنهن خالي ڪمري ۾ هليا ويندا هئا، جتي در دريون بند ڪري، گوڏ پائي وهنجي ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪرندا هئا. صحتمند رهڻ تائين پوري حياتي شلوار جو پانچو ايترو مٿي ڪونه ڪيائون جو سندن پير جي مرُيي کان مٿي بُڪي به ڏسي سگهجي. پنهنجي منهن اڪيلائي ۾ به مٿو اگهاڙو ڪري نه ويٺا. سخت گرمي ۾ پگهر اچڻ تي به پٽڪي بجاءِ مٿي تي ٽوال ويڙهيل هوندو هئن.
    پوري زندگي ڪنهن به شاگرد يا معتقد کان نه زور ڏياريائون، نه ڪي مٿي تي تيل جي تري لڳرايائون، انهي کي سخت عيب سمجهندا هئا.
    گهڻو ڪري ماڻهن سان ميل جول کين پسند ڪونه هوندي هئي، پر جيڪڏهن هو هلي ايندو هو ته ان سان خنده پيشاني سان ملي گهڙي کن ويهي ان جي ڳالهه ٻڌي سندس مسئلو حل ڪندا هئا. ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾ ڪونه ڪٽيندا هئا، بلڪه ان جي پوري ڳالهه ٻڌي پوءِ مناسب ۽ مختصر جواب ڏيندا هئا.
    سندن رهائش واري ڪمري ۾ ڪانه ڪا ٻلي اچي رهندي هئي جنهن کي حضرت ابوهريره اصحابي وانگر کير پياري، کاڌو کارائي پيا پاليندا هئا. “پکي پکڻ، جيت جڙن لاءِ بچيل ماني جا ڀورا ڪري پليٽن ۾ رکي انهن کي کارائڻ کين ڏاڍو وڻندو هو.”
    هر ماڻهو کي سندن نفسيات مطابق مخاطب ٿيندا هئا. ٻارن سان ٻاراڻي ٻولي ۾ ته وڏن سان سندن سمجهه آهر.
    پاڻ خوش مزاج به هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀوڳ ۽ مذاق به ڪندا هئا. شاگردن سان بيحد شفقت هين. پنهنجي خاص رفقين، جماعت جي ساٿين جو بيحد احترام ۽ قدر ڪندا هئا. معمولي ماڻهوءَ کي به گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪنهن به سوالي کي خالي نه موٽايائون. مهمان نوازي ۽ سخاوت ته سندن نس نس ۾ سمايل هئي، ايثار ايترو جو پنهنجو کاڌو به ٻين کي ڏيئي، پاڻ رکي سکي تي گذارو ڪندا هئا. ڪتابن سان بي انتها محبت هين. فرمائيندا هئا ته، ابا! ڪتاب آهن علم جي بئنڪ، علم ته خدائي امانت ۽ خدا جي صفت آهي تنهن ڪري ڪنهن به ڪتاب جي بي ادبي نه ڪريو.


    حُليو مبارڪ:

    رنگ ڳورو، پيشاني چمڪدار، سونهاري سفيد نسوروئي نور، حيادار اکين ۾ نور ڀري تجلي جي ڪشش، ڏسندڙ کي هر هر پئي ڇڪيندي هئي. چهري جي بيهڪ ۾ ڳلن تي گوشت پورو پُنو، نڪ ڊگهو نروار، جسم سنبار قدآور پر هڏ مضبوط ويڪرا سينو ڪشادو پيشاني جي آثارن مان ڪنهن عظمت جا اُهڃاڻ پڌرا، اکين جي مٿان گهاٽن ڀرن جا ڇپر وريل، 92 سالن جي عمر جي باوجود سندن ڏند سڀ جا سڀ سلامت. مٿي جا وارا اڪثر ننڍا رکندا هئا. سندن مردانه آواز ۾ نماڻائي غالب هئي. جنهن به سندن صورت مبارڪ جي جهلڪ هڪ ڀيرو ڏٺي هوندي سو بار بار کين ڏسڻ جي سڌ پيو ڪندو هو.


    شادي:

    حضرت مولانا عبدالڪريم جن مجرد (اڪيلي) زندگي گذاري ۽ شادي نه ڪيائون. اسان ڪڏهن به اهڙي جرئت نه ڪئي جو کانئن شادي نه ڪرڻ بابت پڇون، ڇو ته، اهو سندن ذاتي معاملو هو، پر پاڻ ڪڏهن از خود فرمائيندا هئا ته، ماڻهو چوندا ته، “مولويءَ شادي نه ڪري نبيءَ جي سنت ادا نه ڪئي، “ابا! اسان کان ته فرض به مشڪل سان ادا ٿين ٿا، سنتون ته پري رهيون.” وري ڪڏهن چوندا هئا ته “شادي ڪبي آهي اولاد لاءِ ڀلا مدرسي جا هي شاگرد منهنجو اولاد ڪونهي؟ بس اهوئي اولاد آهي.”
    مون ٻڌو هو ته، جواني واري وقت ۾ مولانا عبدالڪريم کي سندن لغاري عزيزن سڱ ڏيڻو ڪيو هو ۽ کين نڪاح لاءِ به ڏينهن ڏنو هئائون. پوءِ پروگرام مطابق جڏهن مولانا عبداللڪريم پنهنجي ڀائرن سميت لغارين جي ڏنل ڏينهن تي وٽن نڪاح لاءِ ويا ته، لغارين کين چيو ته سائين جنهن ڇوڪري جو سڱ اسان توهان کي ڏيڻو ڪيو هو سو هاڻي ڏيون ٿا فلاڻي کي، توهان کي وري ڪو ٻيو سڱ ڏينداسون. انهي جواب تي پاڻ سخت ناراض ٿيا ۽ پنهنجي نڪاح لاءِ آندل کارڪون اتيئي ڇڏي، ڀائر وٺي اٿي واپس هليا ويا ۽ هميشه لاءِ شادي تان هٿ کڻي ڇڏيائون. اسان ٻڌو هو ته، جيڪا ڇوڪري سائين کي پرڻائڻ جو وعدو ڪري، وري انهي واعدي تان ڦري ٻئي کي پرڻائي هئائون، سا ڇوڪري شادي ٿيڻ کان سال ڏيڍ پوءِ گذاري وئي.
    مولانا عبدالڪريم کي ڪيترن ماڻهن پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته، مون کي شادي جي ضرورت ڪونهي.
    فقھ اسلامي جي لحاظ کان شادي (نڪاح) فرض، واجب يا سنت جي حيثيت رکي ٿي.
    شادي انهي ماڻهو لاءِ فرض آهي، جنهن کي سخت خطرو آهي ته، کانئس نفس تي ڪنٽرول نه ٿي سگهندو ۽ ضرور ڪو ڏوهه ڪري ويهندو، اهڙي طرح انهن لاءِ شادي ڪرڻ واجب آهي جنهن کي انديشو هجي ته، متان ڪو ڏوهه ٿئي، پر جن ماڻهن جو پنهنجي نفس تي مڪمل ضابطو ۽ ڪنٽرول آهي تن لاءِ شادي ڪرڻ سنت يا مستحب آهي. مولانا عبدالڪريم صاحب انهن ماڻهن مان هو، جن جو پنهنجي نفس تي مڪمل ڪنٽرول هو. نفس کي اهڙو ته، ماري ميڻ ڪري ڇڏيو هئائون جو اهي سڌون ئي دل تان ميسارجي ويون.


    علالت (بيماري)

    حضرت مولانا عبدالڪريم جن جي بيماري جو آغاز شايد بلڊ پريشر کان ٿيو، جنهن جي شروعات 1991ع کان ٿي. اڳتي هلي 1994 ۾وڌيڪ تڪليف ٿي پئي ۽ پوءِ آهسته آهسته ڪيئي عارضا لاحق ٿيندا ويا، جن کي 1998ع ۾ شديد عليل بنائي بستري داخل ڪري ڇڏيو. 1994ع دوران جيڪا تڪليف ٿي هين تنهن ايترو ته شديد حملو ڪيو هو جو، پاڻ سنڀالي به نه پيا سگهن.
    انهي ڪري بروقت مون کي ۽ سائين خليل الرحمان (مولانا محمد اسماعيل جو وڏو فرنزد) کي سڏايائون. اسان سندن خدمت ۾ حاضر ٿياسون پاڻ ڪتابن واري ڪٻٽ کي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئا ۽ سندن ڀر ۾ زاهد علي ڪنڀار ويٺو هو. اسان ويٺاسون ته، پاڻ پنهنجي طبعي ناسازي جو مختصر ذڪر ڪري فرمايائون ته، آئون مدرسه بابت اوهان کي ڪجهه ڳالهيون چوڻ ٿو چاهيان سي ڌيان سان ٻڌو ۽ لکي وٺو اهي هدايتون اوهان کي آئينده ڪم اينديون. انهن ئي هدايتن جي روشني ۾ مدرسي جو نظام هلائجو.
    پاڻ هدايتون زباني چوندا ويا ۽ آئون اهي قلمبند ڪندو ويس. موقعي جي مناسبت سان اهي رهنما اصول ۽ خصوصي هدايتون هتي ذڪر ڪجن ٿيون.


    مدرسه هلائڻ لاءِ سندن رهنما اصول ۽ هدايتون:

    1) هن مدرسي لاءِ سرڪاري پيسو قبول نه ڪجو، ڇو ته انهي پيسي ۾ ڪابه برڪت ڪانهي. اسان اهي مدرسا ويران ڏٺا جن سرڪاري پيسو ورتو. اها برڪت مسلمانن جي عام چندي ۾ آهي. مون کي ڪِن دوستن چيو ته، عشر زڪوات جا پيسا وٺي مدرسه ۾ هلائجن پر مون سختي سان انڪار ڪيو.
    2) مدرسه جي نالي جهولي نه جهلجو، در در تي چندو نه ڪجو، بلڪ هن جماعت تي ڀاڙجو، هتي جي جماعت مٿان هن مدرسه جو حق به آهي. اسان انهي ڪري مٿن (جماعت جي ماڻهن تي) ٻاراهو رقم مقرر ڪري ڇڏيون، يا وڌ ۾ وڌ انهن کان چندو وٺون ته، اهو اسان جو حق آهي، ڇو ته، اهي (جماعت جا) ماڻهو هن مدرسي ۾ پڙهيا آهن. انهن کي هن مدرسي هلائڻ لاءِ ذميدار بڻائجي آئون دعا ٿو ڪريان ته مدرسي جي خرچ جي پورائي هن جماعت هٿان پئي ٿيندي.
    3) وڏيرن جون دعوتون قبول نه ڪجو، اسان جڏهن شروع ۾ هي مدرسه هلائڻ شروع ڪيو هو ته، اسان تي دعوتن جي وارو وار ٿي وئي. ڪڏهن عرس جي دعوت، ته ڪڏهن ختمي درود جي دعوت، پر اسان اهي دعوتون قبول نه ڪيون. جيڪڏهن قبول ڪريون ها ته انهن وڏيرن کي حق جو ڪلمو ڪيئن چئي سگهون ها.
    4) هي مڏي جيڪا اسان ۽ مولوي صاحب مرحوم (مولانا محمد اسماعيل) گڏجي ٺاهي رکي آهي، تنهن کي برباد ٿيڻ کان بچائجو. هي اسان جي يادگار آهي، ان جي سنڀال ڪجو. اسان جي زندگي جي سموري محنت ۽ سرمايو اهائي مڏي آهي، جيڪا مدرسي ۽ مسجد جي صورت ۾ توهان جي سامهون آهي، تنهن جي پارت اٿئو.
    5) هتي جي نظام ۾ ڪنهن نئين قسم جو ڦيرو نه آڻجو، جيئن هلي پيو، تيئن ئي پيا هلائجو. الله تعاليٰ توهان کي همت ۽ توفيق ڏئي.
    اڱاري جي صبح 10 وڳي بتاريخ 12 جولاءِ 1994ع سندن ڪمري ۾ سندن ٻڌايل هدايتون اسان سنڀي شاگردن ۽ متعلقين لاءِ واقعي هڪ رهنما اصول آهن. الله تعاليٰ اسان کي انهن هدايتن جي روشني ۾ نيڪ نيتي ۽ خلوص دل سان عمل جي توفيق عطا فرمائي آمين يا رب العالمين.
    ڏينهون ڏينهن وڌندڙ عارضن ۽ ڪمزوري سبب 1998ع کان پاڻ بستري داخل ٿي ويا. ايتريقدر جو کٽ تان هيٺ لهڻ ۽ مٿي چڙهڻ جي به سگهه نه رهي. خدمت ۽ تيمارداري ۾ سندن شاگرد ڏينهن رات ڪوشان رهيا. جنهن به سندن جيتري خدمت ڪئي اوتروئي کانئن دعا ورتي. تقيناً نيڪ نيتي سان اهڙي بزرگ هستي جي خدمت ڪرڻ وارو خدا وٽ وڏي اجوري جو مستحق آهي. تقريباً اٺن سالن تائين لڳاتار پاڻ هڪ ئي کٽ تي داخل رهيا، پر شاباس آهي انهن شخصن کي جن سندن اهڙي خدمت ڪئي جو، هر وقت حاضر رهي کاڌو پيتو وقت تي کارائڻ پيارڻ، ڪپڙا مٽائڻ، قضا حاجت ڪرائي مڪمل صفائي ڪرڻ سان گڏ سندن ڪپڙا، بسترو ڪمرو هر وقت پاڪ ۽ صاف پئي رکيو. اهو ڪارخير، خدمتگاري ۽ تيمارداري جو فرض نڀائيندڙ به تقريباً سندن شاگرد ۽ متعلقين ئي هئا، بستري داخل ٿي علالت ۾ لڳاتارا اٺن سالن تائين سندن صبر ته مثالي صبرهو. سڀئي خادم ۽ شاگرد هن ڳالهه جا شاهد آهن ته، اٺن سالن تائين پاڻ زبان تي بيماري يا درد تڪليف جي شڪايت جو هڪ حرف به نه آندائون، پر پنهنجي منهن ويهي دانهن به ڪونه ڪيائون بس ماٺ ئي ماٺ.
    ڪافي سالن تائين انهي بستري تي ويهندي تيمم سان ويٺي ويٺي نمازون پئي پڙهيائون جڏهن ڪمزوري اڃا به وڌي وئي ته، پوءِ اشارن سان به نماز پئي پڙهيائون. ستي (ليٽيندي) ويٺي درود شريف، ذڪر اذڪار، تسبيحات وغيره جو ورد ته جاري رهندو آيو جيڪو آخر تائين قائم رهيو.
    پاڻ پنهنجي بيماري جي بستري تي آخري تصنيف قصيده بُرده شريف جو سنڌي ترجمو به لکيائون جيڪا 1420هه مطابق 2000ع ۾ مڪمل ڪيائون. انهي کان پوءِ 1421هه مطابق 2001ع ۾ وصيتون لکيائون ۽ پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنائون.
    ماڻهو پڇندا هئا ته، هيڏي ساري عالم، بزرگ تي هن ڊگهي بيماري جي صورت ۾ ڪهڙي آزمائش آهي؟ آئون انهن کي وراڻيندو هئس ته، اهو راز رب ٿو ڄاڻي، پر ايترو ضرور آهي جو خدا جي نيڪ ٻانهن تي سندن مقام ۽ مرتبي مطابق آزمائش ايندي آهي. جيڏو وڏو بزرگ ۽ عالم ايڏي ئي آزمائش وڏي هوندي آهي. حقيقت ۾ اهڙيون آزمائشون انهن نيڪ ٻانهن جا مرتبا مٿانهان ٿيڻ ۽ درجات جي بلندي لاءِ هونديون آهن. انهن آزمائش دوران انهن جا صغيرا گناهه ۽ هلڪيون غلطيون به ڌوپي صاف ٿي وينديون آهن تان جو اهي نيڪ ٻانها ڏوهن کان پاڪ صاف ۽ اڇا اجرا ٿي موت جو دروازو لنگهي وڃي بهشت ۾ داخل ٿيندا آهن.
    مون کي حضرت مولانا عبدالڪريم بابت هينئن ٿو محسوس ٿئي ته، پاڻ خدا جا شاڪر ۽ صابر ٻانها هئا. جيستائين پاڻ صحتمند ۽ سگهارا هئا ته سندن شڪر جو امتحان هلي رهيو هو. پر جڏهن کان سندن علالت شروع ٿي ته، سندن صبر جو امتحان شروع ٿيو. شڪر جي امتحان ۾ ته بظاهر ڪامياب نظر پئي آيا، ته وري صبر جي امتحان ۾ به اسان جي ظاهري نظرن ۾ ڪامياب هئا، ڇو ته اسان سندن علالت جي طويل عرصي ۾ بي صبري جو ذرو به نه ڏٺو، ته اهڙي صورت ۾ يقين سان چوان ٿو هت، پاڻ شڪر توڙي صبر جي ٻنهي امتحانن ۾ نهايت خوش اسلوبي سان ڪامياب ٿيا. هن دؤر ۾ مون کي اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي جيڪو بيشمار تڪليفن ۽ بيمارين تي ايڏو صبر ڪري. بس هن دؤر جي اهائي هستي هئي جنهن جو صبر ۽ شڪر اسان لاءِ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو.
    1425هه مطابق 2004ع جي رمضان شريف ۾ به باوجود پيري، ضعف ۽ ڪمزوري سبب سندن کائڻ پيئڻ معمول مطابق رهيو. جيتوڻيڪ دائم المريض هجڻ ڪري علاج بدستور هلي رهيو هو. جهڙوڪ: هر جمعي تي ڊاڪٽر غلام محمد ٻگھيو ۽ سندن دوست ڊاڪٽر محمد هاشم پنهور سندن عيادت ۽ چيڪ اپ وغيره لاءِ ايندا هئا ۽ هفتي ڏيڍ جون دوائون مستقل طرح پهچائي ويندا هئا. الله تعاليٰ انهن ٻنهي نيڪ مردن کي جزاءِ خير عطا ڪري، جن بنان ڪنهن شهرت ۽ لوڀ لالچ جي علاج معالجه ۾ ڪڏهن به ڪا ڪمي ڪوتاهي نه ڪئي. محض هڪ بزرگ، استاد ۽ عالم سمجهي خدمت ڪئي.
    رمضان شريف بعد عيدالفطر واري ڏينهن صبح جو مون خود ساڻن ملاقات ڪئي ته، پاڻ بلڪل هشاش بشاش کٽ تي ويٺا هئا ۽ مرڪندي هٿ ملائي اشارن سان خير و عافيت پڇيائون. پر عيد نماز ادا ڪرڻ بعد ماڻهن جي اچانڪ انبوهه ٿي ساڻن ملڻ ڪري، سندن طبعيت اوچتو ئي اوچتو بگڙي وئي. حالانڪ ماڻهن کي روڪيو ويو ته، سائين جن گهڻن ماڻهن جي رش برداشت نٿا ڪري سگهن، پر سندن حبدارن اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، جيئن ته سائين جن کي پنهنجي عقيدتمندن سان محبت هئي انهي ڪري سوين ماڻهن سان ملڻ ڪري سندن آرام متاثر ٿي پيو. اهائي ڳالهه سندن طبعيت خراب ٿيڻ جو سبب بني. بهرحال اهو هڪ بهانو بنيو ۽ پوءِ پهرين شوال (عيد واري ڏينهن) کان وٺي ڏينهون ڏينهن حالت بگڙندي رهي. ڊاڪٽر آيا علاج ٿيا پر
    “مرض بڙهتا گيا. جون جون دوا کي”
    ڀلا علاج ٿيندو آهي بيماري جو، پر جي حياتي جا ڏينهن پورا ٿي وڃن ۽ موت اچي سر تي بيهي ته، ان جو ڪهڙُو علاج ٿيندو. بقول حڪيم اجمل ته، آیا ہے اجل، اس کو کیا کرے اجمل۔


    وفات:

    14 شوال 1425هه مطابق 27 نومبر 2004ع ڇنڇر جي رات 2 وڳي ڌاري، هجري سال مطابق 92 سالن جي عمر ۾، پاڻ دارالفنا ڇڏي، دارالبقا ڏي راهي ٿي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا. اِنا لِلھِ وَ اِنا اليھ رَاجِعُون.
    سندن وفات جو سانحو ڪنهن وڏي ۾ وڏي حادثي کان گهٽ ڪونه هو. ڄڻ ڀنڀور کي باهه لڳي وئي. ڳوٺ مسڻ وڏي جو اهو ڏينهن انتهائي غم، ڏک ۽ صدمي وارو ڏينهن هو. ڪوبه گهر اهڙو ڪونه هو، جتي سائين جي لاڏاڻي تي اکيون لڙڪ لاڙينديون نه هجن. شهر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. تعليمي ادارا بند ٿي ويا. مسڻ وڏي جو شهر غم ۾ غرق ٿي ويو. انهي ڏينهن ماڻهن جي منهن تي مرڪ ڏسڻ ۾ نه آئي. هر هڪ اداس ۽ويڳاڻو پئي لڳو. هندو مسلمان انهي م ۾ برابر جا شريڪ هئا. سڀني ٿي سمجهيو ته، ڄڻ سندن ابو انتقال ڪري ويو آهي. بقول فارسي شاعر،
    حال ما در ہجر یوسف کمتر از یعقوب نیست
    او پسر گم کردہ بود و ما پدر گم کردہ ایم
    ترجمو: اسان جي حالت وڇوڙي ۾ حضرت يعقوبؑ کان گهٽ ڪونهي. فرق صرف هي آهي ته، حضرت يعقوبؑ جو ته پٽ وڃايو هو ۽ اسان پنهنجو پيءُ وڃايو ويٺا آهيون.
    مون کي سندن انتقال جو لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ عقل چرخ ڪندڙ ڄاڻ منهنجي گهر جي دروازي تي مدرسه جي شاگرد اچي ڏنو.
    سچ پچ ته، هوش حواس وڃائي ويٺو هوس. پر پالڻهار کان توفيق گهريم ته، جيئن آئون سندن سفر آخرت جي تياري جو سندن فرمان ۽ وصيت مطابق سعيو ڪري سگهان. فوراً مدرسه پهچي سندن رهائش واري ڪمري ۾ داخل ٿي ويٺل همراهن ۽ ڪن شاگردن کي اتي هر وقت حاضر رهڻ لاءِ چئي، پنهنجي دفتر واري ڪمري ۾ آيس ۽ سندن ڀائيٽي جناب عبدالرحمان ولد حاجي عبدالله کي سڏي ڪمري ۾ ويهاريم ۽ ڪي ٻيا شاگرد به اچي ويٺا. پوءِ سائين جن جي اها وصيت جيڪا پنهنجي ذاتي حوالي سان لکي هئائون سا پڙهي ٻڌايم ته،


    وصيت نامھ

    1) جيڪڏهن پهچي سگهن ته، مون کي آخري غسل محمد ايوب لغاري منهنجو ڀائٽ ٽنڊوالهيار وارو ۽ مولوي محمد يامين شورو اها تڪليف برداشت ڪن ته تمام بهتر، جزا ڪم الله خيراً.
    2) آخري لباس 12 وال بافتو سوئي سڳي سميت مدرسي جي ننڍي ڪٻٽ جي ڇت تي هيڊي ڳوٿري ۾ رکيل آهي.
    3) مون هڪ ناڪاره بنده لاءِ پڇاڙي ۾ منهن کولي ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي تڪليف نه ڪندا.
    4) زاهد علي گلال گهڻو وقت مون بيمار جي هر طرح خدمت پي ڪئي آهي، جيسين پنهنجي تڏي وارو ٿئي تيسين هن کي مدرسي جي ڪتبخانه جو محافظ ڪري رکندا ته تمام بهتر.
    5) ساٿيو! مدرسه دارالهديٰ ۽ جامع مسجد مسڻ وڏي ٻنهي جي هر طرح سنڀال ڪندا رهندا. انهن ٻنهي جي پارت اٿوَ.
    خدا حافظ
    خادم مدرسه احقر عبدالڪريم لغاري
    تاريخ 3 شوال 1421هه مطابق 30 ڊسمبر 2000ع
    (نوٽ: مذڪوره تاريخ لکي وري ان کي قلم سان ليڪا پائي ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون).
    الله جو شڪر ته، انهي وصيت تي پورو پورو ڪم ڪيم ۽ سندن آخري آرام گاهه لاءِ جاءِ جو انتخاب به سندن ڏس ۽ مرضي موجب ڪيم. آئينده لاءِ به ڌڻي در دعاگو آهيان ته، سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ۽ سعادت نصيب ٿئيم. آمين.


    تدفين

    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جن جي سفر آخرت جو آغاز ڇنڇر ڏينهن ظهر نماز بعد ٿيو. هزارين عقيدتمند، دوست، شاگرد، عزيز مائٽ، پاڙيسري، زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندن جنازي واري قافلي ۾ شريڪ ٿيا، جن مان هر هڪ پروانن وانگر مٿن فدا ۽ ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ آتو هو، هزارين ماڻهو ڪلهي ڪانڌي به ٿيا ته وري هزارين ماڻهن کي فقط سندن جنازي واري ڏولي تي هٿ رکڻ جو به مشڪل سان موقعو مليو. جن ماڻهن جنازي جي ڏولي تي هٿ رکيو ٿي تن اها سعادت سمجهي پنهنجا هٿ چميا پئي. سندن مداحن جو اهو منظر نهايت رقت آميز هو جڏهن سندن جنازو مدرسي مان کڻي قبرستان ڏي نيو ٿي ويو. انهي وقت سندن عاشق اوڇنگارون ڏيئي روئي رهيا هئا. هر اک نه رڳو آلي هئي پر زارو قطار روئي رهي هئي. دل مان درد ڀريا آلاپ اٿي ويتر ويا ڪل من کي جهوري رهيا هئا.
    اکين ڪين ڪيو، رت نه رنائون،
    بيٺي ڏٺائون، ڦوڙائبا سپرين.
    سندن جنازه نماز مولانا محمد اسماعيل مرحوم جي باغ ۾ راقم الحروف جي امامت ۾ پڙهي وئي، جنهن ۾ هزارين مسلمانن سان گڏ هندو به شريڪ ٿيا هئا. جنازه نماز کان فارغ ٿي سندن جنازو مسڻ وڏي جي مشهور قبرستان “عبدالله فقير” ڏي نيو ويو ۽ “حلقه ابرار” (چڱن جي چوياري) ۾ مولانا محمد اسماعيل جي پيراندي، آلين اکين، آهن ۽ سڏڪن سان سپرد خاڪ ڪيو ويو. ڪيترن عقيدتمندن سندن مزار مٿان گلن جون چادرون چاڙهي، گلن جي ورکا پئي ڪئي.
    ٿي سگهي ٿو ته، تدفين کانپوءِ سندن اندر مان اهي التجا ڀريو الوداعي آواز نڪتو هجي ته،
    ڌڙ ڏٽي ويا ڌوڙ ۾، باقي ڌڻي داني رهياس
    پل اندر پوري وريا، پنهنجا پرايا اوچتا
    (احمد ملاح)
    آخر ۾ آئون منهنجي محترم مربي استاد مولانا عبدالڪريم بابت پنهنجي ذاتي راءِ ڏيئي مضمون ختم ڪندس ته، جيڪڏهن ڪو ملائڪ انساني روپ ۾ اچي دنيا ۾ رهي ها ته، يقيناً اهو مولاناعبدالڪريم جي گفتار ۽ ڪردار وارو هجي ها.
    واقعي ملائڪ ته، انسان ٿي نه ٿو سگهي، پر انسانن ۾ مولانا عبدالڪريم هڪ ملائڪ ماڻهو هو، پر افسوس! بقول سانگي،
    ويا دار دنيا مان نوبت وڄائي،
    ملائڪ صفت مهربان ڪهڙا ڪهڙا


    الهديٰ پبليڪيشن بابت

    الهديٰ پبليڪيشن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جو هڪ ذيلي اشاعتي ادارو آهي، جيڪو گذريل سال قائم ڪيو ويو آهي.
    انشاءَ الله هن اداري جي ڪوششن سان مدرسه دارالهديٰ جي باني ۽ مهتمم اول حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ صدر مدرس ۽ مهتمم ثاني حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي تصنيفن ڇپائڻ سان گڏ عام مسلمانن جي ديني رهنمائي لاءِ خالص اسلامي لٽريچر شايع ڪيو ويندو.
    علاوه ازين هن اداري جي مستقبل جي پروگرام ۾ مقامي عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ دانشورن جي قلمي ڪاوشن کي سهيڙي سموهي شايع ڪرڻ جو پروگرام به شامل آهي.
    اميد ته، مقامي اهل علم ۽ ادب دوست رابطي ۾ ايندا ته جيئن سندن تعاون سان علمي ۽ ادبي شهپارا ڇپائي محفوظ ڪري سگهجن.
    هر قسم جي رابطي لاءِ
    مولوي محمد يامين شورو
    مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار
    فون نمبر 2025268-022


    الهديٰ پبليڪيشن جا ايندڙ ڪتاب

    1) يادگيريون (آتم ڪٿا) مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ
    2) ڪليات ذبيح (سنڌي ۽ فارسي شاعري) مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ
    3) سڪ جو سفر (سفرنامو) مولانا عبدالڪريم لغاريؓ
    4) قصيده برده شريف (سنڌي ترجمو) مترجم مولانا عبدالڪريم لغاريؓ
    5) نقوش زندگي (آتم ڪٿا) مولانا عبدالڪريم لغاريؓ
    6) بياض ڪريم (سنڌي ۽ فارسي شاعري) مولانا عبدالڪريم لغاريؓ
    7) ٿڌا وڻ ولهار جا (ٻيو حصو) مولانا عبدالڪريم لغاريؓ
    8) ڪشڪول ڪريمانه (چونڊ مضمون) مولانا عبدالڪريم لغاريؓ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258304
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386412
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ