ڪتاب جو نالو: عُرُوس القُرآن ( ترجمو منظوم سوره الرحمٰن )
مصنف: سعد الله ”سپاهي“ ابڙو
ڇپائيندڙ: مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 01 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 297 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 62 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عروس القرآن : سوره الرحمان جو منظوم ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي. منظوم ترجمو محترم سعد الله سپاهي ابڙو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو جو ڪيل آهي.
پهريون دفعو هي ترجمو 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو پاران مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون خادم گهراڻو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • پيش لفظ ( پهريون ڇاپو )
  • پهرئين ڇاپي بابت
  • عروس القرآن (مسدس)
  • ليڪکن جو تعارف

  • ڪتاب بابت

    وَلَقَدُ يَسَرنَا القُرآنَ لِلذِّڪرِ فَھَل مِن مُدّڪِر
    عُرُوس القُرآن
    ( ترجمو منظوم سوره الرحمٰن )


    منظوم ترجمو ڪندڙ
    سعد الله ”سپاهي“
    محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو

    پهريون ڇاپو : 1951 ع
    ٻيو ڇاپو : 2017 ع
    هديو : 25 روپيا

    ڇپائيندڙ : پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو
    مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عروس القرآن : سوره الرحمان جو منظوم ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي. منظوم ترجمو محترم سعد الله سپاهي ابڙو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو جو ڪيل آهي.
    پهريون دفعو هي ترجمو 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو پاران مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون خادم گهراڻو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    محترم سعدالله سپاهي ابڙو نصرپور جو هڪ بهترين پرائمري استاد هو. هيءُ استاد سان گڏ هڪ بهترين شاعر ناول نويس نثر نويس هو. سندن ٻه ڇپيل ڪتاب اسان وڏن جي واتان ٻڌا هئا. هڪ ناول جنهن جو نالو هو ٻه معصوم مکڙيون جيڪو هن کان پهرين سنڌ سلامت تي اپلوڊ ٿي چڪو آهي. سندن ٻيو ڪتاب سوره الرحمٰن جو منظوم ترجمو هو. جيڪو ڪتاب هٿ ڪيو ويو پر ان جي حالت اها هئي ته ان جي جنهن به پني ۾ هٿ وڌو ويو ٿي اهو ٽٽي پيو ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن هڪ عزيز به گڏ هو جنهن جو نالو محمد يوسف شاڪر ابڙو هو جيڪو هڪ بهترين محقق هو. سندن ڪيترائي تاريخي مضمون نئين زندگي ۽ مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيندا رهيا هئا. پاڻ سوره الڪافرون جو به تفسير لکيو هو. سندن ڪيترائي ڪتاب آهن مثال مصري شاهه جو چونڊ ڪلام وغيره جيڪي هن وقت اڻ لڀ آهن هجن ته ڪنهن لائبرري ۾ ملي سگھن ٿا. کين نئين زندگيءَ طرفان سندن حياتيءَ ۾ ايوارڊ مليو هو. پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو جيڪو هڪ سٺو شاعر ليکڪ مترجم آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايل آهن سندن پنهنجو ذاتي اشاعت گهر مدني پبليڪيشنز جي نالي سان آهي. پاڻ هي ناياب ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايو جنهن جي هڪ اعزازي ڪاپي مون کي به عنايت ڪئي ويئي. پنهنجي خواهش هئي ته ان کي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪجي. ان لاءِ عربي سافٽويئر ۽ فونٽس جي ڳولا ڪيم پر نه مليا. ڇاڪاڻ قرآن شريف جون آيتون به ڪمپوز ڪرڻيون هيون. ناڪامي کانپوءِ ڪتاب کي اسڪين ڪرائي پاڻ وٽ رکيم. انهن مان ئي قرآن شريف جون آيتون هتي پيسٽ ڪيم باقي منظوم حصو ڪمپوز ڪيم هاڻي هي ڪتاب جيڪو سرمايو آهي دوستن اڳيان حاضر آهي. دوستن جي راين جو انتظار رهندو. پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو جي مهرباني جنهن هيءُ ناياب ڪتاب عنايت ڪيو .

    خادم گهراڻو


    پيش لفظ ( پهريون ڇاپو )

    اهو امر تسليم شده آهي ته نظم نثر کان جلد ياد ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته نظم جي شيريني ۽ رنگيني دو و دماغ تي گھرو اثر ڪري ٿي. خاص ڪري ٻارڙن جو ته نظم سان گھڻو چاھ آهي. اهو خيال دل ۾ ڌري هن سورة سڳوري الرحمان جو ترجمه نظم ۾ ڇاپائي پيش ڪيو اٿئون. اميد ته اسان جو مقصد بر صواب ٿيندو.
    ان کان سواءِ نظم جو سر (وزن ) خطبي وارو ( فعولن ) رکيل آهي جنهن ڪري خطبي ۾ به پڙهي سگھجي ٿو. خطبه ۾ ٻين اجاين سجاين غزلن وغيره پڙهڻ کان قرآن شريف جو ترجمو پڙهجي ته ڪيترو نه بهتر آهي. قارئين ڪرام کي عرض آهي ته هن ترجمو پڙهڻ بعد اسان جي حق ۾ دعا جي نظر فرمائين.

    فقط والسلام
    از سپاهي و شاڪر ابڙو نصرپوري


    پهرئين ڇاپي بابت

    عروس القرآن جو پهريون ڇاپو مولوي عبدالحق رباني ، رباني پرٽنگ پريس کيا آباد حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو. ماستر سعدالله نصرپور مان شايع ڪيو. واضع رهي ته ان وقت 1951 ع ۾ سائين حاجي سعد الله ابڙو هيڊ ماستر پرائمري اسڪول امين محمد ڪاڪيپوٽه لڳ نصرپور هئا ۽ سائين محمد يوسف ابڙو شاڪر نائب ماستر پرائمري اسڪول نصرپور ضلع حيدرآباد سنڌ هئا. ان وقت ڇپيل ڪتاب جي قيمت چار آنا لکيل آهي هينئر سال 2017 ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو ڇپائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان.


    برڪت ابڙو ڪريمي نصرپور


    عروس القرآن (مسدس)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع ٿو ڪريان ساڻ نام خدا ،
    محمّد مُڪو جنهن نور الُهدا.
    سدائين هئَو ۽ به هوندو سدا ،
    بندي کان ٿئَي ڪين هرگز جدا.
    مهربان رحمان منان آھ ،
    سڀن کان ٻاجھارو سو سلطان آھ.

    اَلرَّحْمٰنُۙ۰۰۱ عَلَّمَ الْقُرْاٰنَؕ۰۰۲ خَلَقَ الْاِنْسَانَۙ۰۰۳ عَلَّمَهُ الْبَيَانَ۰۰۴

    ترجمو :
    خدا پاڪ قرآن سيکاريو ،
    هدايت جو رستو به ڏيکاريو.
    ۽ مخلوق مڙني کي پيدا ڪيو ،
    فقط لفظ هڪ ڪُن خدا هو چيو.
    بشر کي کاڳهائڻ سيکاريو خدا ،
    چٽو جو چوي ٿو اَم ۽ اَبا.

    اَلشَّمْسُ وَ الْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ۪۰۰۵ وَّ النَّجْمُ وَ الشَّجَرُ يَسْجُدٰنِ۰۰۶

    ترجمو :
    قمر شمس تارا بنايا ڀلي ،
    ٿو هر هڪ سندس حڪم موجب هلي.
    قهاريءَ سندو تاب ڪيئَن ڪو جھلي ،
    ڇڏيو جنهن مٺو کارو پاڻي رلي.
    سنجھي صبح سجدو خدا کي ڪرن ،
    وليون وڻ ويچارا نميو پيا نمن.


    وَ السَّمَآءَ رَفَعَهَا وَ وَضَعَ الْمِيْزَانَۙ۰۰۷ اَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ۰۰۸ وَ اَقِيْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَ لَا تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ۰۰۹

    ترجمو :
    اڀن کي ڪيائين بلند هڪ جھو ،
    عدل جو ترازو ڪيائين کڙو.
    سبب تنهن ترازو رکڻ جو اهو ،
    ته توري توهين جو وٺو ۽ ڏيو.
    رکو ان ۾ انصاف جي سڀ نظر ،
    نه گھٽ توريو ۽ نه ان کان ڪثر.


    وَ الْاَرْضَ وَ ضَعَهَا لِلْاَنَامِۙ۰۰۱۰ فِيْهَا فَاكِهَةٌ١۪ۙ وَّ النَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِۖ۰۰۱۱

    ترجمو :
    پکيڙيو زمينن کي پڻ ذوالمنن ،
    فقط لاءِ مخلوق ماڻهن مرن.
    منجھس کاڄ ميوا موچارا ڄمن ،
    انهن مان ڪريو قوت سڀ پيا پرن.
    عجب صوف اکڙوٽ ميوا ٻيا ،
    کجيون گوشه نخل اڀريا.

    وَ الْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَ الرَّيْحَانُۚ۰۰۱۲ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۱۳

    ترجمو :
    انهيءَ ارض ۾ ان ٿئَي ايترو ،
    کپي ساري مخلوق کي جيترو.
    تهن ۽ بهن ۾ لڪل ڪيترو ،
    ٻيون خوشبويون عطر هيترو.
    چو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِۙ۰۰۱۴ وَ خَلَقَ الْجَآنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍۚ۰۰۱۵ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۱۶

    ترجمو :
    مٽيءَ مان ماڻهن جي سا مورت بني ،
    وڄندڙ ٺڪر جهڙي ڳوهيل ڪني.
    جنن آگ مان جان ڏاترڏني ،
    کنيو آگ عنصر انهن آھ ڳنهي
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نا فرمان ٿيو ؟


    رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَ رَبُّ الْمَغْرِبَيْنِۚ۰۰۱۷ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۱۸

    ترجمو :
    ٻنهي اوڀرن ۽ ٻنهي اولهن ،
    جو مالڪ خدا کي مڙئي ٿا چون.
    ۽ ڪافر ڪٽا ڪين هرگز مڃن ،
    مگر ڏک محشر ۾ ڏاڍا ڏسن.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيٰنِۙ ۰۰۱۹بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِۚ۰۰۲۰ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۲۱

    ترجمو :
    زمينن جي اندر جي دريا ٿين ،
    مٺا آب کارن سان گڏجيو پون.
    ٿئَي اوٽ پردو ٻنهي وچ چون ،
    نه ڪن آڪرائي ٿا هڪڙا ٻين.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَ الْمَرْجَانُۚ۰۰۲۲ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۲۳

    ترجمو :
    سچا موتي سپجن ٻنهي ۾ پيا ،
    منجھان آب بارش انهن جو ويا.
    ۽ مرجان نڪري ٻنهي مان ميان ،
    مڻيا مالهائون منجھان تنهن ٿيا.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    وَ لَهُ الْجَوَارِ الْمُنْشَـٰٔتُ فِي الْبَحْرِ كَالْاَعْلَامِۚ۰۰۲۴ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِؒ۰۰۲۵

    ترجمو :
    سمونڊي سفر لئي چلن شھه شغف ،
    سڙھ ساڻ اوچا جبل چوطرف.
    هزارين نمونا جهازن صرف ،
    خدا خلقيا ڏيئي ماڻهن شرف.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍۚۖ۰۰۲۶ وَّ يَبْقٰى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِۚ۰۰۲۷ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۲۸

    ترجمو :
    زمينن تي جيڪي آھ ٿيندو ختم ،
    فنا سڀ تي ايندي سڻي ڪر فهم.
    بقا ذات مولى جي آهي ذوالڪرم ،
    جو خلاق عالم ۽ راحم رحم.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟


    يَسْـَٔلُهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِيْ شَاْنٍۚ۰۰۲۹ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۳۰

    ترجمو :
    اڀن ۽ زمينن ۾ جيڪي رهن ،
    ننڍا ۽ وڏا سڀ خدا کان گھرن.
    پڄائي مرادون خدا ٿو انهن ،
    رهي روز ڪم ۾ خدا ذوالمنن.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    سَنَفْرُغُ لَكُمْ اَيُّهَ الثَّقَلٰنِۚ۰۰۳۱ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۳۲

    ترجمو :
    سڀئَي جن انسان گڏجي ٻڌو ،
    توجھه توهان ڏي ڪنداسون سگھو.
    ٻين مان ي واندا اجھوڪي اجھو ،
    نه ڪريو ڪفر ۽ نه مغرور ٿيو.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    يٰمَعْشَرَ الْجِنِّ وَ الْاِنْسِ اِنِ اسْتَطَعْتُمْ اَنْ تَنْفُذُوْا مِنْ اَقْطَارِ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ فَانْفُذُوْا١ؕ لَا تَنْفُذُوْنَ اِلَّا بِسُلْطٰنٍۚ۰۰۳۳ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۳۴

    ترجمو :
    اڙي جن انسان سرڪش سڻو ،
    ڪره ارض ۾ قيد بيشڪ ڀڻو.
    نه نڪري سگھندو ٻٽاڪون هڻو ،
    سوين ڀل طياره راڪيٽا کڻو.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّنْ نَّارٍ١ۙ۬ وَّ نُحَاسٌ فَلَا تَنْتَصِرٰنِۚ۰۰۳۵ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۳۶

    ترجمو :
    جي نڪرڻ جي همت ڪري ڪو ڪڏهن ،
    اماڙيون لڳنديون تنهين کي تڏهن.
    الانبا ۽ دونهون ڏسندو جڏهن ،
    مقابل نه ٿيندو انهيءَ سان هڏهن.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فَاِذَا انْشَقَّتِ السَّمَآءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِۚ۰۰۳۷فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۳۸

    ترجمو :
    سرشتو دنيا ۾ ڪبو سڀ ختم ،
    سڀئَي اڀ ڦاٽي پوندا مثل چم.
    گلابي رنگت ٽڪر ٽڪرا نم ،
    نه پرواه ان ، جنهن ڪيا نيڪ ڪم.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فَيَوْمَىِٕذٍ لَّا يُسْـَٔلُ عَنْ ذَنْۢبِهٖۤ اِنْسٌ وَّ لَا جَآنٌّۚ۰۰۳۹فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۴۰

    ترجمو :
    نه ان ڏينهن پڇبو ڪنهين کان اتي ،
    آهيو نيڪ يا بد گذاريو ڪٿي.
    جنن کان ۽ انسن کان پڇبو جتي ،
    اهو هنڌ هڪڙو مقرر هتي.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    يُعْرَفُ الْمُجْرِمُوْنَ بِسِيْمٰهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِيْ وَ الْاَقْدَامِۚ۰۰۴۱فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۴۲

    ترجمو :
    گنهگار شڪلين مان پڌرا ٿيا ،
    مثل دونهين ڪاري سڃاتا ويا.
    جھلي کان ڄنڊن ۽ پيرن پڪڙيا ،
    ملائڪن وڃي منجھه دوزخ هنيا.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    هٰذِهٖ جَهَنَّمُ الَّتِيْ يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُوْنَۘ۰۰۴۳يَطُوْفُوْنَ بَيْنَهَا وَ بَيْنَ حَمِيْمٍ اٰنٍۚ۰۰۴۴ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِؒ۰۰۴۵

    ترجمو :
    جهنم اهو هي آھ وعدو ڪيل ،
    گنهگار ڪوڙو ٿي سمجھيو دغل.
    ضيافت جي لئَي آب ات ٽهڪيل ،
    پيارين ڏوهين کي پاڻي تتل.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ۰۰۴۶فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۙ۰۰۴۷ذَوَاتَاۤ اَفْنَانٍۚ۰۰۴۸ فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۴۹

    ترجمو :
    خدا جي اڳيان جي بيهڻ کان ڊنا ،
    خدا باغ ٻه تن کي بهشتي ڏنا.
    ٻئَي باغ آهن سي گھاٽا گھنا ،
    گھڻو سرس آهن سي سارھ ڪنان.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِمَا عَيْنٰنِ تَجْرِيٰنِۚ۰۰۵۰فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۵۱

    ترجمو :
    ٻنهي ۾ ٻه چشما چڱا پيا وهن ،
    ٿا زنجيل هڪڙي کي نالو ڏين.
    ٻيو سلسبيل آھ رک پنهنجي من ،
    بهشتي ڀري پر پيالا پين.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجٰنِۚ۰۰۵۲فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۵۳

    ترجمو :
    اهي ٻئَي باغ مذڪور ٿيا ،
    مٺا ميواتن جا به مشهور ٿي.
    ثمر ٻه ٻه جنسون سي منظور ٿيا ،
    چکيو جن انهن مان سي مسرور ٿيا.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    مُتَّكِـِٕيْنَ عَلٰى فُرُشٍۭ بَطَآىِٕنُهَا مِنْ اِسْتَبْرَقٍ١ؕ وَ جَنَا الْجَنَّتَيْنِ دَانٍۚ۰۰۵۴فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۵۵

    ترجمو :
    وڇاڻن تي ريشم جي ٽيڪون ڏيو ،
    بهشتي بهشت ۾ وهندا ٺهيو.
    خدا ميوو باغن جو ويجھو ڪيو ،
    اُٿي ويٺي تن جو اهو کاڄ ٿيو.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرْفِ١ۙ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ اِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَ لَا جَآنٌّۚ۰۰۵۶فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۵۷

    ترجمو :
    انهن بهشتي ماڙين ۾ جيڪي رهن ،
    حياوان حورون ٿا تن کي چون.
    شرم کان نگاه هيٺ ڪريو هلن ،
    نه ڇوهيو انهن کي ڪنهين انس جن.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    كَاَنَّهُنَّ الْيَاقُوْتُ وَ الْمَرْجَانُۚ۰۰۵۸فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۵۹

    ترجمو :
    اهي جي به حورون رهن بهشت ۾ ،
    ته ياقوت مرجان آهن ڄڻڪ سي.
    خدا پاڻ تن جي ٿو ساره ڪري ،
    اندر هن آية چِٽو ٿو چئَي.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    هَلْ جَزَآءُ الْاِحْسَانِ اِلَّا الْاِحْسَانُۚ۰۰۶۰فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۶۱

    ترجمو :
    بديءَ جو بدي بدلو سڀڪو ڀري ،
    چڱائيءَ جو بدلو چڱائي سري.
    ٿو محسن سان احسان سڀڪو ڪري ،
    بري کان ٿو سڀڪو ڀڄي ٿئَي پري.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    وَ مِنْ دُوْنِهِمَا جَنَّتٰنِۚ۰۰۶۲فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۙ۰۰۶۳

    ترجمو :
    اٿو باغ انهن سوا ٻح ٻيا ،
    سڳوري ڌڻيءَ پاڪ پيدا ڪيا.
    بهشتين جي ڪارڻ خدا خلقيا ،
    اندر هن آية سي قادر چيا.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    مُدْهَآمَّتٰنِۚ۰۰۶۴فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۶۵

    ترجمو :
    چهچ سبز ساوا ٻئَي باغ سي ،
    ڪومايا نه ڪڏهين ادا سچ اهي.
    ڏسڻ سان سرهائي اکين کي رسي ،
    انهن جهڙا دنيا ۾ آهن ڪٿي ؟
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِمَا عَيْنٰنِ نَضَّاخَتٰنِۚ۰۰۶۶فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۶۷

    ترجمو :
    ڦوهارن مثل تن ۾ چشما چڱا،
    ڪڏهين ڪين وسرن پيتي هڪ لڱا.
    انهن جون ساراهون ڪريو ناسگھان ،
    سي پرور پيارج توکان ٿو مڱان.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِمَا فَاكِهَةٌ وَّ نَخْلٌ وَّ رُمَّانٌۚ۰۰۶۸فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۶۹

    ترجمو :
    بهشتي باغن ۾ کجوريون سجھن ،
    ميوا ڪئَين موچارا مٺا ٻيا ملن.
    مٺا ڏاڙهون صوف سرها سڀن ،
    ملندا بهشتين کي پاران پرين.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    فِيْهِنَّ خَيْرٰتٌ حِسَانٌۚ۰۰۷۰فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۷۱

    ترجمو :
    چڱيون عورتون پاڪ سهڻيون سٺيون ،
    بهشتي باغن ۾ رهن ٿيون ڪٺيون.
    اهي نيڪ سيرت موچاريون ميون ،
    ملنديون بهشتين کي سي اڻ پڇيون.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    حُوْرٌ مَّقْصُوْرٰتٌ فِي الْخِيَامِۚ۰۰۷۲فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۷۳

    ترجمو :
    انهن عورتن جا تنين ۾ مڪان ،
    گذارين پردي اندر اي ميان !
    ٻاهر تن جين ڪرڻ جو ناهي گمان ،
    سي فرمانبردار ڻيون ۽ جُوان.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    لَمْ يَطْمِثْهُنَّ اِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَ لَا جَآنٌّۚ۰۰۷۴فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ۰۰۷۵

    ترجمو :
    هونديون پاڪ حورون اهي سڀ اڃا ،
    ملنديون بهشتين کي جيڪي سڀان.
    ڪنواريون اڇوتن سونهاريون سدا ،
    نڪي جنّ انسان گڏيون ادا.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    مُتَّكِـِٕيْنَ عَلٰى رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَّ عَبْقَرِيٍّ حِسَانٍۚ۰۰۷۶فَبِاَيِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ۰۰۷۷

    ترجمو :
    ويهندا بهشتي غاليچن مٿي ،
    سبز رنگ سائي لٿي ۽ پٿي.
    وهاڻا پٿرڻيون ملندن اتي ،
    انهن جهڙا دنيا ۾ آهن ڪٿي.
    ڇو ٿا جن انسان حيران ٿيو ؟
    ڪهڙين نعمتن جا نافرمان ٿيو ؟

    تَبٰرَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِي الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِؒ۰۰۷۸

    ترجمو :
    اسم رب پاڪ جو پاڪ اعلى اُتم ،
    برڪتن جو ڀنڊار راحن رحم.
    صفت تنهن جي قرآن ۾ ذوالڪرم ،
    محمّد مُڪو جنهن ڪري شاھ اُمم.
    وصف وير جي ڪيتري هت ڪبي ،
    جو شافع انت جو سڳورو نبي.
    ڪئَين نعمتون پاڪ پيدا ڪيون ،
    سڀئَي خاص انسان ڪارڻ ٺهيون.
    ڏسون پسون ٿا نئَين سج نيون ،
    اهي رب خالق خدا خلقيون.
    ڪريان هت انهن جو ذڪر ڪيترو ،
    زبان ۾ نه آھ زور ڪو ايترو.
    دنيا ساري مڪتب بنائي خدا ،
    سکو نهن منجهان سبق سهڻا سدا.
    اٿو ماڳ عبرت هي ادا ،
    گذاريو ڇو گوندر اندر ٿي گدا.
    پڙهو پاڪ قرآن مومن پيا ،
    اَٿو ان جو تفسير ساري دنيا.
    اڀن کان خدا آب ٿو موڪلي ،
    نباتات تنهن مان ڦُٽي ۽ کُلي.
    عجب جڳه سندو روز چرخو چلي ،
    چوي سڀڪو بيشڪ بلي ! ڙي بلي ! !
    مقرر مهينا ۽ راتيون ٿيا ،
    وٺون فائدا سڀ انهن مان پيا.
    نرالو ڪريو نعمتن تي شڪر ،
    لکان ڪيتريون هت چيم مختصر.
    نه ڪريو ڪڏهين نعمتن جو ڪفر ،
    ۽ احسان محسن مڃيو سر بسر.
    خريديو ڇو دوزخ پيا اي پسر ،
    ڇڏي در خدا جو نه ٿيو در بدر.
    ختم ترجمو ٿيو اچي هت ادا ،
    مدد ساڻ منان خالق خدا.
    ستر سال هجري تيرهن سؤ جدا ،
    جماد الاول ماھ ۾ مومنا.
    جمع ڏينهن جنهن جي ڪيم ابتدا ،
    جمع ڏينهن موٽي ڪيم انتها.
    عروس القرآن نالو ڏيئَي ،
    ادا چوپڙي هيءَ ڇپائي ويئَي.
    مدد مشفقن جن به مون ساڻ ڪئَي ،
    مڃيان مهرباني انهن جي چئَي.
    مصنف ۽ قاري ٿين بخش سڀ ،
    اهو عرض منهن جو سڻي شال رب.
    سپاهيءَ جي صاحب اگھائج دعا ،
    خدايا پڇاڙيءَ ۾ هي عرض آ.
    محابي محمّد جي ڏج تون بچا ،
    ڪنان باھ دوزخ اي سائين سچا.
    پڙهي پاڪ ڪلمون پڄن شل پساھ ،


    ليڪکن جو تعارف

    حاجي سعدالله ابڙو سپاهي

    ابڙا پاڙي نصرپور ۾ 07 جنوري 1925 ع تي جنم وٺندڙ شادي خان ابڙو ، علم ۽ ادب جي افق تي حاجي سعد الله سپاهي جي نالي سان مشهوري ماڻي.
    پاڻ بنيادي طرح سان پرائمري استاد هئا ۽ اهي به ان دور جا جڏهن سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪيل شاگردن کي استاد ۽ روينيو تپيدار جون اهم ۽ بنيادي ذميواريون سونپيون وينديون هيون. مذهبي پاسو سندن نهايت ڀرپور رهيو عقيدي ۾ پختا نوحد ۽ ديوبندي مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل رهيا.
    روزانو فجر نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ وري ڪجھه رڪوع ترجمي سان هنڊائڻ سندن آخر تائين معمول رهيو.
    مون پاڻ ناظره قرآن پاڪ کانئن ئي پڙهيو. 1962 ع ۾ جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته اهو سنڌي ورنيڪيولر جو آخري سال هو. پاڻ مون کي ۽ ڪجھه ٻين ڪلاس فيلوز کي همت ڏياري سنڌي ورنيڪيولر وارو ڪورس پڙهائي امتحان ڏياريائون جنهن ۾ مون سوڌا اڪثر شاگرد پاس ٿيا.
    ادب جي دنيا ۾ سندن ڪاوشن ۾ عروس القرآن ، گل بهار ، عرف ، ٻه معصوم مکڙيون ، ٽيپو سلطان ، ريفرينڊم مثالي شاهڪار رهيا.
    شاعريءَ ۾ ته پاڻ استاد شاعر هئا. پرائمري اسڪول نصرپور جي صبح واري اسيمبليءَ ۾ سندن هي نظم
    تنهنجو حمد ڪريون ٿا خدايا ،
    توکان ٿا رب رحم گھرون.
    فضائن ۾ معصوم ٻالڪن جي صدا ٿي گونجندو هو.
    پاڻ 04 جون 1997 ع ۾ راهي عدم ٿيا. الله پاڪ جي در دعا آهي ته رب پاڪ کين ابد جي ابدي خوشين ۾ ترو تازه رکي. آمين

    محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو

    محمد يوسف ولد واليڏنو خان ابڙو ( ولادت : 1919 ع – وفات 2005 ع ) نصرپور جي ابڙا محلي ۾ ڄائو. محمد يوسف سنڌي زبان جو بهترين نثر نگار ۽ شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”شاڪر“ هو. سندس شاعري ، مضمون ۽ مقالا ماهوار ”اخابر تعليم“ ، ”نئين زندگي“ ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سورة الرحمان جي هن منظوم ترجمي واري ڀلاري ڪم ۾ پڻ حاجي سعد الله مرحوم سان گڏ شامل هو. ماهوار ”نئين زندگي“ رسالي طرفان کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو.
    الله تعالى مٿين ٻنهي صاحبن کي جنت الفردوس ۾ جڳھه عطا فرمائي. آمين ثم آمين

    پروفيسر برڪت ابڙو ڪريمي
    مدني پبليڪيشنز ابڙا پاڙو ، نصرپور سنڌ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259636
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ