ڪتاب جو نالو: سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا
مصنف: احساس ميرل سهتو
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 25 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 863 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 200 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • ٻه اکر
  • تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ
  • ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب
  • تاريخي حوالي سان اهم ڪتاب
  • دل جي ڳالهه
  • تعارفي سلسلو

  • ( 1) محمد علي جت
  • (2) فرزانا شاهين
  • (3) عبدالرحيم عبد ڪنڀر
  • (4) تصوّر ابڙو
  • (5) امتياز دانش
  • (6) ريحان ابڙو
  • (07) مٺل جسڪاڻي
  • (08) پیر مجدّد
  • ( 9) هيڪل سومرو
  • (10) لڇمڻ داس 
  • (11) مجيب سنڌي 
  • (12) ساحل خاصخيلي
  • (13) حسن پنهيار
  • (14) محبوب سنڌي
  • ( 15) امين ڀٽو
  • (16) آزاد ابوبڪر
  • (17) ساحر راهو
  • (18) صلاح 
  • ( 19) امين اُڏيرائي 
  • (20) مخمور رضا 
  • (21) اياز رِضوي
  • (22) تنها شورو
  • (23) سائل پيرزادو
  • (24) آڪاش علي نواز
  • (25) اياز عمراڻي 
  • (26) ساگر ميمڻ
  • (27) شرف بلوچ 
  • (28) راحب ميمڻ 
  • (29) انجم قاضي
  • (30) اقبال گل مينگل
  • (31) انورسانول
  • (32) عبدالله آس هنڱورجو
  • (33) سڪندر علي
  • ( 34) فدا لغاري
  • (35) عزيز ”مھراڻ“ سومرو
  • (36) امتياز خاصخيلي
  • (37) راجا کٽي
  • (38) مفلس ٻگهيو
  • (39) فياض سمائر 
  • (40) سائينداد مڱريو
  • (41) صفيه ڪنول
  • (42) عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو
  • (43) عبدالسلام ٿھيم
  • (44) اداس سولنگي
  • (45) فرهاد جروار
  • (46) شيخ نديم
  • (47) حبدار علي
  • (48) عبدالخالق اسير. اي ڪي “ اسير “
  • (49) خيال سنڌي
  • (50) خاڪي جاني
  • (51) شاھده کوکر
  • (52) خيال کتري
  • (53) غلام مصطفيٰ سولنگي
  • (54) شاد ڇٽو
  • (55) بلال تبسم
  • (56) عنايت درس 
  • (57) جهانگير
  • (58) ٺٽوي ڪاتيار
  • (59) بدر انصاري
  • (60) اصغر مهرائي
  • (61) غلام حيدر خاصخيلي
  • (62) مختيار
  • (63) بخشل باغي 
  • (64) الله بخش آريسر
  • (65) سيد غفورشاھ تقوي
  • (66) بلاول سنڌي
  • (67) نظير احمد ڀنڀرو
  • (68) احسان آڪاش 
  • (69) وسيم سومرو 
  • (70) لکمير عباسي
  • (71) اندارا شبنم پونا والا
  • (72) مجروح ڀٽ شاھي
  • (73) خالد راڄپر
  • (74) نقاش بلوچ
  • (75) عمران وفائي 
  • (76) هدايت ڏيپر
  • (77) انورساگر 
  • (78) مُفلِس زرداري
  • (79) غوث پيرزادو
  • (80) سانوڻ راڄڙ 
  • (81) رحمت پيرزادو
  • (82) حيدر امان
  • (83) معصوم سندرائي
  • (84) جي ايم لاڙڪ
  • (85) اصغر باغي
  • (86) سعيد حاوي
  • (87) بخشڻ مھراڻوي 
  • (88) اخلاق بلوچ
  • (89) رياض مشوري
  • (90) اظهر مجيد
  • (91) اعجاز ڪٽپر
  • (92) سڄڻ ناريجو
  • (93) قاضي مقصود احمد
  • (94) اشرف سولنگي
  • (95) علي مخفي 
  • (96) جميل سومرو 
  • (97) آتم دراوڙ
  • (98) احمد گل 
  • (99) شتاب زرداري
  • (100) احساس ميرل
  • (101) امجد دراني 
  • (101) وفا گل محمد 
  • (103) ملڪ نديم
  • (104) لطيف کوکر 
  • (105) سنڌو پيرزادو
  • (106) بدر قاضي 
  • (107) ذاڪر سيتائي
  • (108) امداد سولنگي
  • (109) ممتاز خادم 
  • (110) شازيا گل
  • (111) خيرل سيلرو
  • (112) علي منصور
  • (113) عاجز ڇٽو 
  • (114) ارشاد ڪٽپر
  • (115) آزاد مري
  • (116) غفار شيخ
  • (117) عشوق”مُحسن“
  • (118) خليل چانڊيو
  • (119) وسيم گبول
  • (120) منور ملاح
  • (121) ساحل ميمڻ
  • (122) سڪندر علي شاھ
  • (123) محمد اشرف ڪنڀار
  • (124) وسيم آڪاش سيتائي
  • (125) سجاد گل 
  • (126) استاد راهي 
  • (127) ميرحسن امر پنهور
  • (128) فقير امر عباس
  • (129) حبيب متو 
  • (130) منير پنهور 
  • (131) امر عبدالستار
  • (132) فياض منصور
  • (133) استاد اسلم
  • (134) ابراهيم ملاح 
  • (135) اعجازشاھ
  • (136) نسرين الطاف 
  • (137) عزيز سولنگي
  • (138) فقير جيوڻ مهر
  • (139) سارنگ سولنگي 
  • (140) اشرف علي 
  • (141) الله ڏنو ھالاڻي
  • (142) قربدار قادر 
  • (143) ساحر سنڌي 
  • (144) مير احمد مير
  • (145) عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
  • (146) ماهين هيسباڻي
  • (147)
  • (148) فقير بلاول
  • (149) محبوب هوٿيپوٽو
  • (150) گلشن سنڌو 
  • سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل عنوان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
    هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري احساس ميرل ۽ پرڪاش ڪرمواڻي جا جن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com



    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ’سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا‘
    سهيڙيندڙ: ’احساس ميرل’
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ: حيدرارمان
    لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
    ٽائٽل: نعيم ديسوالي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    فون نمبر: 03333173584
    قيمت: 400 روپيا

     
    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪ1تاب گهر ڪنڊيارو
    شعور لائبريري خليفو قاسم، سليم نيوز پيپر ايجنسي ٽنڊوباگو،


    ارپنا

    سهڻي سنڌ جي مڙني سُخنورن
    خاص طور تي اُنهن گمنام سُخنورن
    جي نانءُ
    جن جي تلاش
    اڃا جاري آهي


    اداري پاران

    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران هي ڏهون ڪتاب سنڌ جا سرجڻهار بيحد سهڻو هڪ شاعراڻو البم آهي. سنڌ ۾ سٺن شاعرن جي گڏيل تعارفن ۽ تخليقن کي ڪٺو ڪري هڪ ڪتاب ۾ آڻڻ جي روايت طور ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب نظر اچن ٿا انهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، اسان جي خوبصورت شاعر دوست ”احساس ميرل“ جو سهيڙيل هي ڪتاب ڪيترن ئي حوالن سان ڏاڍو منفرد ۽ هڪ سهڻو سيبتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن. ڪتاب سنڌ جا سرجڻهار پڙهي اسان اهيو ڄاڻي سگهون ٿا ته اسان جي نئين شاعر جي تخليق ڪهڙي موڙ تي بيٺل آهي. اميد آهي ته هي تحقيقي ۽ تخليقي پورهيو شاعري سان دلچسپي رکندڙ سڄڻن کي پسند ايندو هي ڪاوش نوجوانن جي لاءِ ضرور اُتساھ جو گس ثابت ٿيندي.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    03333173584
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    karmwanipirkash@gmail.com


    ٻه اکر

    اڪثر ماڻهو شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن ته سنڌي قوم ۾ شاعر گهڻا آهن. اصل ۾ هر ٻوليءَ ۾ شاعرن جو تعداد نثر نويسن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ئي منظوم ڪلام سان ٿي آهي. ڇو ته اوائلي دور ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد گهٽ هوندو هو. جنهن جي ڪري سڄو ڪم يادگيريءَ جي بنيادن تي هلندو هو. ان ڪري تحريرون منظوم انداز ۾ لکيون وينديون هيون ته جيئن ياد ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. 
    ڏٺو وڃي ته نثر جا ٽي قسم يعني نثر مرسع، نثر مسجع، نثر مقفيٰ شاعراڻن خاصيتن سان ڀرپور آهن. جڏهن ته اڄ جي دور ۾ اسان جنهن تحريري طريقي کي نثر سمجهون ٿا، ان کي نثر عاري سڏيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ انگريزن کان اڳ ان جو چالامان تمام گهٽ هو. ويندي مذهبي تحريرون الف اشباع جي شڪل ۾ لکيون وينديون هيون ته جيئن ياد رکڻ ۾ سهولت ٿئي. نثر عاري، اخباري صنعت لاءِ مثالي تحرير ثابت ٿيو آهي، جنهن جي لکڻ جو رجحان هاڻي عالمي ادبي ڳانڍاپي جي ڪري وڌي ويو آهي. 
    سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي ذخيري جي مختلف دورن جو اڀياس ڪندي اسان کي ڳاهن تي مشتمل لوڪ داستانن توڙي نيم تاريخي قصن، اصلاحي توڙي مذهبي بيتن کان پوءِ جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها آهي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي اجاگر ڪندڙ، رومانوي خيالن کي ظاهر ڪندڙ، شعور کي بيدار ڪندڙ ۽ فن کي نين ڏسائن ۾ وٺي ويندڙ شاعري. جنهن جا ماخذ قاضي قاضن، شاهه لطف الله، شاهه ڪريم، شاهه عنايت کان وٺي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ تائين موجود آهن. جن جي ڪماليت کي زوال ڪونهي. اها اسان جي قديم اساسي شاعري آهي. بعد ۾ سنڌي شاعريءَ تي هڪڙو اهڙو دور به آيل آهي، جڏهن غير فطري ماحول ۽ اڻ ڏٺل شين کي شاعريءَ جي زينت سمجهي ان ۾ شامل ڪرڻ جو رجحان وڌڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي شاعريءَ مان تخليقي رجحان دم ٽوڙڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي شاعريءَ جو ڳپل حصو هڪ فرسوده علم جي شڪل اختيار ڪري ويو. جنهن ۾ فني قدرن تي ته تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو، پر اڪثر شاعرن وٽ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ سٽ به ڪانه هوندي هئي. 
    اهو هو روايتي شاعريءَ جو دور، جنهن مان سنڌي شاعرن کي ڪڍڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو خاص طور تي ڳڻائي سگهجي ٿو. پر اڳتي هلي، هن روايتي اسلوب کي جديديت جي تحريڪ جي روپ ۾ باقائده للڪاريو ويو ۽ نون رستن ۽ نون راهن تي هلڻ جو ڏس ڏنو. جديديت هڪ نعري جيان سنڌي شاعرن جي للڪار بنجي اڀري ۽ سنڌي ادب ۾ تخيل جو درياهه موجزن ٿي پئي ۽ نين توڙي پراڻين صنفن ۾ رومانس کان سواءِ سماجي، قومي، فڪري، نظرياتي ۽ اخلاقي موضوعن جا وهڪرا وهڻ لڳا. ٻولي، موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي شاعريءَ کي زميني حقيقتن سان سلهاڙي عام ماڻهوءَ لاءِ پرڪشش بنايو ويو. جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي بيٺل پاڻيءَ واري تاثر جو خاتمو ٿيو ۽ ان جو ڪينواس وسيع ٿي ويو. هتي اهو واضح ڪبو هلجي ته سموري روايتي شاعري به خراب نه آهي، بلڪه جديد شاعري وڌيڪ سگهاري هئڻ ڪري وڌيڪ مڃتا حاصل ڪري وٺي ٿي. خود جديد شاعري به روايتي شاعريءَ جي ڪک مان پيدا ٿيل آهي ۽ هر شاعر نئين انداز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ روايتي شاعري به ڪندو آهي. تنهنڪري ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي باري ۾ مجموعي راءِ قائم ڪرڻ ئي مناسب هوندو آهي. 
    اڄ اسان سوشل ميڊيا جي جنهن دور ۾ رهي رهيا آهيون. گهڻي قدر شاعرن جي نڪور شاعري فيس بوڪ، واٽس اپ جي ذريعي شاعرن تائين پهچي ويندي آهي. تنهن ڪري شاعر جي قدڪاٺ جي پڙهندڙن کي خبر هوندي آهي. اهو هاڻي عام مشاهدو نظر اچي رهيو آهي ته اڪثر سنڌي شاعر موضوع توڙي اسلوب جي نواڻ کي سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان نوان رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي ڪري سندن شاعري، تخيل جي اڏار ۽ موضوع جي گوناگونيءَ سان ڀرپور، پرڪشش ۽ سبق آموز نقطن سان ٽمٽار هوندي آهي. 
    اهڙيءَ صورت ۾ چونڊ شاعريءَ جي ڪنهن مجموعي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ سٺي شاعريءَ مان به چونڊ ڪري شاعري پيش ڪئي وئي هجي. جتي سڄي سنڌ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ جي جهول نون اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن سان ڀريندي نظر اچي رهيا هجن. 
    منهنجي دوست احساس ميرل سهتي جڏهن فيس بوڪ تي شاعرن جي تعارف جو سلسلو هلايو، تڏهن ئي محسوس ٿيو ته  هن منفرد نوعيت جي ڪم کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو ته سنڌ جي نمائنده شاعريءَ جو هي گلدستو نه رڳو شاعرن جي مجموعي طور، بلڪه شاعري توڻي ٻوليءَ جي ارتقا طور مطالعي لاءِ ريڊي ريفرينس جو ڪم ڏيندو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان موجوده دور جي ڏيڍ سو کان مٿي سٺن شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعري مختلف صنفن جي صورت ۾ شامل ڪيل آهي. هن مجموعي ۾ شامل شاعرن ۽ شاعرائن مان (نالن جي اڳتي پوئتي هجڻ جي معذرت سان) پير غلام مجدد سرهندي، وسيم سومرو، بخشل باغي، اندرا شبنم پونا والا، نسرين الطاف، ماهين هيسباڻي، صفيه ڪنول ابڙو، فهميده شرف بلوچ، غوث پيرزادو، جميل سومرو، انور ساگر ڪانڌڙو، سائين مٺل جسڪاڻي، امين اُڏرائي بخشل باغي، غلام مصطفيٰ سولنگي، ساحر راهو، عجاز علي ڪٽپر، ريحان ابڙو، وسيم سيتائي، بلال تبسم، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، محمد حسن پڙهيار، انجم قاضي، خاڪي جاني، حيدر امان جسڪاڻي، محمد علي مير جت، فياض منصور، ٺٽوي ڪاتيار، انور سانول، خيال کتري جي شاعري منهنجي مطالعي هيٺ ايندي رهي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست آهن جن جي شاعري ڏسي اهيو چئي سگهجي ٿو ته هن دؤر جي سنڌي شاعرن ۾ (Qualitative) سان گڏ (Qualitative) تبديليون به وڏي پئماني تي آيل آهن جيڪي موجوده دؤر جي سنڌي شاعر کي دهشت مجموعي عليٰ درجي جي ادب جي دائري ۾ بيهاري بيٺيون آهن.
    هن مجموعي کي سامهون آڻڻ لاءِ واسٽ سپ جي عالمي ساس گروپ جو بيان ڪار احساس ميرل سهتو ۽ سندس دوست جس لهن احساس ميرل پاڻ به سٺو شاعر آهي ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي ضلعي مٽياري جي باڊي ۾ سندس ڪارڪردگي جي بلدباري ۽ ذهبي رجحانن جو به مشاهدو ڪري چڪو آهيان اُن لحاظ کان مون کي پوري اُميد آهي ته پاڻ هن ميدان ۾ به ضرور اهڙو نمايان ڪم ڪري ويندو جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو باقي اهو گلدستو هڪڙو ئي ٿو ميدان ۾ اچي يا ان جا هڪ کان وڌيڪ حصا ٿا سامهون اچن اهو ڪم پڙهندڙن پاران ملندڙ پذيرائي تي ڇڏيل هوندو.

    تاريخ 28 جولاءِ 2017ع
    قاضي مقصود احمد
    مٽياري


    تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ

    قدرت جي طرفان انساني فطرت ۾ ڪيترا ئي انمول عمل موجود هوندا آهن ۽ انهن سڀني جا مخصوص دائرا آهن جن کان ٻاهر وڃڻ جو خيال بي عقلي ۽ چٽي پٽي چريائپ آهي پر ان ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جن جي ڀيٽ ۾ انساني دائري جي ايراضي وسيح آهي. انساني فطرت ۾ جيڪي قدرتي عمل موجود آجن انهن مان ٽي اهم تصور ڪري سگهجن ٿا اهي آهن هجڻ، ٿيڻ، ۽ بڻجڻ. هجڻ وارو عمل بلڪل مخصوص آهي جنهن مان مراد آهي ڪنهن به شي جي وجود جي ظاهري، جيئن چنڊ، سج، وڻ، ماڻهون، ڍور، جيت وغيره جنهن جي شڪل تبديل نه ٿي سگهي. ٿيڻ واري عمل مان مراد آهي ڪنهن سٺي يا خراب شي ڪردار ۽ سوچ وغيره جو نقل ڪرڻ، مثال ڪو شخص ڪنهن سٺي اديب يا شاعر جو نقل ڪري ٿو يعني ان جهڙو لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن کي اثر به چيو وڃي ٿو، مثال ڪرڙ خان استاد بخاري جي اثر هيٺ لکي ٿو، ڪانڊيرو خان شيخ اياز جي اثر هيٺ لکي ٿو وغيره، ان باري ۾ يونان جي مشهور ڏاهي ۽ فلسفي “افلاطون“ چيو آهي ته “ شاعر خدا جي اثر هيٺ لکن ٿا ۽ خدا جي ٺاهيل شين جو نقل بيان ڪن ٿا“. بڻجڻ واري عمل مان مراد آهي نئين شي جو ايجاد ڪرڻ نئين سوچ کي جنم ڏيڻ، اها سوچ جنهن جو اڳ ۾ ڪنهن تصور ئي نه ڪيو هجي اهڙي فڪري سوچ کي جنم ڏيڻ سان تخليقڪار جي ذاتي ۽ الڳ سڃاڻپ ٺهندي آهي جنهن سان هو ٻين کان منفرد بڻجي ويندو آهي. سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن نئين سوچ کي جنم ڏنو جنهن سان هو منفرد بڻجي ويا ۽ ٻيا ڪيترا ئي اديب، شاعر انهن جي اثر هيٺ لکڻ لڳا. موجوده دؤر ۾ ڪيترا ئي اديب، ۽ شاعر ان ڳالھ تي پورا لٿا ۽ ٻين کان منفرد بنجي ويا جيئن سنڌ جي سٻاجهڙي شاعر محترم “ احساس ميرل “ سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو تعارف فيس بڪ تي هلائي عالمي ادب سان ڳانڍاپي جي سوچ کي جنم ڏئي پاڻ کي منفرد بڻايو آهي. فيس بڪ سوشل ميڊيا جي اها شاخ آهي جيڪا پوري دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو قائم رکي ٿي. ليوَ ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي “ ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق ڪيل ڏهن شين مان سڀ شيون کڻي ڪنهن جي دل تي جادوئي اثر نه به ڇڏين پر انهن مان ڪا هڪ شي ضرور اهو ڪردار ادا ڪندي جيڪڏهن تخليقڪار جي سوچ ۾ گهرائي آهي“ احساس ميرل جو تعارف هلائڻ وارو ڪم ليوَ ٽالسٽاءِ جي سٽن تي بلڪل پورو بيهي ٿو. سنڌي ٻولي تمام قديمي ٻولي آهي جيڪا نه صرف سنڌ ۽ هنڌ بلڪه دنيا جي ٻين کوڙ سارن ملڪن ۾ لکي، پڙهي، ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي ان يقين سان بلڪل چئي سگهجي ٿو ته احساس ميرل سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو عالمي ادب سان ڳانڍاپو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا سندس سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس ان قدم جي ٻيا دوست به پيروي ڪري رهيا آهن جيڪو ڪم ٿيڻ واري عمل ۾ شمارجي ٿو. احساس ميرل جي اها سوچ بلڪل نئين سوچ آهي جيڪا صديون پڄاڻا به پراڻي نه ٿيندي. احساس ميرل تعارفي سلسلي ۾ شامل دوستن جي تعارفن کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري تاريخ جي اکين ۾ سچائي جو سرمو وڌو آهي جنهن سان سنڌي ادب جو اضافي وارو عمل به اڳڀرو ٿيو آهي نيلسن منڊيلا چيو آهي ته جيسين تائين قوم جي نوجوان فردن کي اعلا اختيار ادارن جي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويندو تيسين تائين ترقئ جي اميد ڪرڻ اجائي آهي ڇو ته نئين دور جا فرد نئين سوچ کي جنم ڏيندا آهن جيڪا ماضي کان منفرد هوندي آهي احساس ميرل جي اها به وڏي خاصيت آهي ته هن سڄي سنڌ جي سينيئر ۽ جونييئر دوستن کي هڪ ئي سٿ ۾ سلهاڙيو آهي جيڪو عمل پيار ۽ پنهنجائپ جو چٽو ثبوت سامهون آڻي ٿو انساني ضرورتون به ڪيترن ئي قسمن جون آهن جن مان ڪجه وقتي ٿين ٿيون ۽ ڪجه سدائين ساڻس لاڳاپيل رهن ٿيون هڪڙي دور مان ٻئي دور ۾ منتقل ٿين ٿيون ڪي ضرورتون اهڙيون آهن جيڪي پاڻهي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين ٿيون جيئن لٽي. اجهي.۽ ڳڀي جي ضرورتن کان ڪو به ماڻهون غافل ناهي انهن ڏي ازخود ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي ڇو ته اهي بنيادي ضرورتون آهن پر ڪجه بنيادي ضرورتون اهڙيون به آهن جيڪي غور-طلب ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ته ٿين ٿيون پر ماڻهون انهن کان غافل رهن ٿا ڪجه ڄاڻي واڻي ته ڪجه بيخبري ۾ جنهن سان سندن آئيندو انتهائي عبرت ناڪ بڻجي ويندو آهي جن مان علمي.ادبي.۽ قومي ضرورتون زير-فهرست آهن پر احساس ميرل جهڙا باشعور فرد انهن ضرورتن کان غافل رهڻ کي گناه تصور ڪن ٿا پنهنجي عقل جي بنياد تي. نه ته گهڻي ڀاڱي اسان جا دوست ٻين جي ڏسيل راه تي هلندا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ عقل جا انڌا آهن ڇو ته اهي پنهنجي عقل جو استعمال ڪندا ئي ناهن پوء ڏاسو جي مرضي آهي ته کين اڇن کي تهري ڪري پيش ڪري يا زهر کي شربت ڪري. انهن لاء ڪل ئي ٻڪريون ڪارٻوٿاڙيون. مان يقين سان ٿو چوان ته انهن جي تخليق گفتگو ۽ ڪم قابل-اعتماد ناهي پوء ڀلي اهي وڏي نالي وارا ۽ سينيئر ڇو نه هجن اهو ان ڪري ته ڪاميابي ۽ قابليت ٻه جدا شيون آهن ڪاميابي شخصيت کي اڀاري ٿي جيڪا عارضي به ٿي سگهي ٿي ۽ قابليت ڪردار کي اڀاري ٿي جيڪو دائمي آهي ان ڳاله جي شاهدي ۾ نفسيات جي ماهر ۽ قابل اديب ڊيل ڪارنيگي چيو آهي ته ڪاميابي هڪ ڌاڙيل کي به ملي ٿي ته هڪ سپاهي کي به پر فرق آهي ڪردار جو. ڌاڙيل جو ڪردار برو ۽ سپاهي جو ڪردار سٺو ٿئي ٿو ڇو ته ڌاڙيل پنهنجي ذاتي مفاد لاء وڙهي ٿو ۽ سپاهي قومي مفاد لاء. ان نظر سان ڏسجي ته احساس ميرل وڏي قابليت رکندڙ شخص آهي ۽ سندس قابليت آڏو ڪاميابي به سر جهڪائي سلامي آهي سنڌي ادب جي خدمت لاء جوڳو قدم کڻي احساس ميرل پنهنجي تاريخ جي ڪردار کي سٺن لفظن ۾ سينگاريو آهي هوئين به تاريخ جي ڪردار کي سينگارڻ جو ڪم فردن جو آهي تاريخ جو نه. ڇو ته؛ تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ.

    “شتاب“ زرداري
    قاضي احمد سنڌ


    ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب

    عالمي اوطاق يعني فيس بوڪ، ڪنهن به لکي پڙهي سگهندڙ ۽ موبائيل فون استعمال ڪرڻ واري کان شايد ئي ڳُجهو هجي! ۽ عالمي اوطاق تي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي به هر هڪ عالمي اوطاق تي ليئو پائڻ واري کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي هن اوطاق تي اڪثريت شاعرن جي يا شاعري ۾ ججهي دلچسپي رکندڙن جي نظر ايندي رهي آهي، ۽ اهي سڀ، دنيا ۾ جتي به عالمي اوطاق نظر اچي سگهي ٿي، اتي نظر اچڻ باوجود، جيئن شاعر هڪ ٻئي سان مخاطب ٿيندا آهن، هڪ ٻئي لاءِ رايا لکندا آهن، هڪ ٻئي کي حاجي ۽ قاضي ڪري پيش ڪندا آهن، ان جا ڪهڙا مثال ڏئي، ڪهڙا ڏجن! سچ، ڪڙو سچ اهو آهي ته اتي ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٽولا آهن، لابيون آهن. ان جو ڪم ڏسي، ڪردار ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن، رت ٽهڪندو آهي! اهڙي ئي ماحول ۾، اها 2017ع جي 20هين مارچ هئي، عالمي اوطاق تي نظر ڊوڙائيندي، منهنجي سامهون اوچتو احساس ميرل جي هڪ پوسٽ ”تعارف نمبر (1) پيشڪش احساس ميرل“ عنوان سان آئي، جنهن ۾ ٽنڊو الهه يار جي نوجوان شاعر محمد علي ميرجت جو ”نالو، ادبي نالو، پيءُ جو نالو، ذات، رهائش، تعليم، لکڻ جي شروعات جو سال، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ۽ صنفون“ جي سري سان معلومات ۽ ”سندس شاعريء مان ڪجھ شعر“ پڙهڻ لاءِ مليا. ان تي مون صرف هڪ لفظ ”زبردست“ راءِ طور لکيو! ائين پوءِ، اهو سلسلو جاري آهي. اڏيرولعل اسٽيشن جي رھواسي، نوجوان شاعر احساس ميرل جا ٿورا نه ٿورا... شاعرن جو تعارفي سلسلو شروع ڪري، ھن اھو ڀلو ڪم ڪيو آھي، جيڪو منهنجي ڄاڻ مطابق، عالمي اوطاق تي، اڳ ۾ ٻيو ڪير به نه ڪري سگھيو آھي. اها ٻي حقيقت آهي ته احساس ميرل جي هن سلسلي کان پوءِ، ٿوري تبديلي سان، ٻين به اهڙو ئي سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن جو سلسلو به جاري آهي. احساس ميرل جي شروع ڪيل ھن تعارفي سلسلي ۾ ڪير ڪھڙي دلچسپي پيو وٺي، ردعمل ڪھڙو پيو ظاھر ڪري، اھو ردعمل به پنھنجي جاءِ تي دلچسپ ۽ اھم آھي. آئون ھي سلسلو پھرين ڪڙي کان پڙھندو پيو اچان. مون احساس ميرل کي هڪ هنڌ راءِ ڏني هئي، ته اهو سلسلو جاري به رکي ۽ ڪوشش به ڪري، ته اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي. ڇپيل تاريخ طور محفوظ ٿي پوي. ڇو ته ان سلسلي مان تمام گھڻي سٺي معلومات ملي رھي آھي. هن سلسلي کي هر پڙهندڙ، پنهنجي پنهنجي اوليت جي بنياد تي پئي ڏٺو. ان ۾ حصو پئي ورتو. منھنجو وڌ ۾ وڌ ڌيان شاعر جي تعليم ۽ ان جي عمر ڏانھن، شاعر جي ڪرت يا پيشي ڏانهن پاڻمرادو ھليو ويندو آھي. ڪجھه شاعرن جو تعارف پڙھي، آئون تمام گھڻو منتشر ٿي، پاڻ نه سنڀالي سگھيو آھيان، پر گهڻو ڪري ظبط ۾ به رهيو آهيان! ھن تعارفي سلسلي معرفت اھو ڄاڻي سگھجي پيو، ته ننڍي عمر جو نوجوان، جنھن جي عمر سندس تعليم تي توجھه ڏيڻ جي آھي، اھو تعليم سان ايترو سنجيدو آھي، جيترو ڪو عام ماڻھو! تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو پنھنجي جاءِ تي، پر سولو به تمام گھڻو آھي. خانگي طور امتحان ڏئي، ڪاپي ڪري ميٽرڪ ڪرڻ، انٽر ڪرڻ، بي اي ڪرڻ، ايم اي ڪرڻ ۽ پوءِ ٿورو جتائيندڙ شاعر ئي نه، نثر نويس ۽ صحافي ٿي پوڻ، پاڻ وٽ ”هر فن مولي“ ڪي ٿورا نه آھن! مون کي انھن تي حيرت آھي، جيڪي سڀ ڪجھه سمجھندي به، نوجوانن کي ڪا سھڻي صلاح ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آھن! جيتوڻيڪ احساس ميرل جي هن محنت، کان اڳ شاعريء جا گڏيل ڪتاب اچي چڪا آهن پرَ هن ڪتاب ۾ خاص ڳالھ اها به آهي، ته هن ۾ سينيئر شاعرن ۽ اديبن سان گڏوگڏ نون لکندڙن کي پڻ منظر تي آندو ويو آهي، ۽ هن سلسلي ۾ شامل شاعر ۽ شاعرائون، هڪ ٻن ياچئن علائقن يا ضلعن جا نه، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ليکارين کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪا نئين ڳالھ آهي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو، تہ هي ڪتاب، هي مجموعو، اڳ ۾ آيل ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڏسي، تڪي توري، اهو معلوم ڪرڻ جهڙو ڪتاب آهي، ته ڪنهن ڪيئن ڪتاب آندو آهي؟ احساس ميرل هي ڪتاب ڪيئن چپرائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي، ڪهڙو تاريخي ڪم ڪيو آهي، اها معلومات به وقت تي ظاهر ٿي بيهندي. آئون هڪ دفعو وري به احساس ميرل جي جذبي کي ساراهيندي، کيس اهڙو بهترين ڪم ڪرڻ، ان کي ڪتابي صورت ڏيڻ تي دل جي گهرائين مان شاباسون ڏيان ٿو.

    مٺل جسڪاڻي
    ٽنڊوڄام


    تاريخي حوالي سان اهم ڪتاب

    ادب درياھ جيان وهندڙ شئي آھي انڪري اهو زندگي جي اهم ضرورت بڻجي ويو آھي اهو وهندڙ انڪري آھي جو ان ۾ ھر وقت نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا نواڻ ادب کي سونهن بخشي ٿي ان سونهن کي دوام بخشڻ لاء پنهنجي انداز سان منفرد ۽ انوکي انداز سان نڀائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي احساس ميرل سنڌي ٻوليء جو خوبرو شاعر ڪهاڻيڪار آھي فڪري طور سندس لاڙو ريئلزم ڏانهن آھي انڪري سندس تخليقي عمل سماجي المين ۽ داخلي پيڙائن جو گڏيل مظهر آھي احساس ميرل جو شمار سنڌي ٻوليء جي اهڙن جاکوڙي ۽ محنتي تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي واندي ويهڻ ۾ بيچين ٿي ويندا آھن احساس ميرل به انهن اديبن مان آهي جيڪو مسلسل پنهنجي ٻوليء سان سرگرم نظر اچي ٿو اهو سندس پنهنجي ٻوليء سان چاھ ۽ محبت ئي آھي جو هي ڏکيو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي انکي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ساهس ساري همٿ جو ڪم ڪيو آھي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب تاريخي حوالي سان به اهم آھي هي ڪتاب نه صرف منفرد پر ڪارائتو پڻ ثابت ٿيندو جيڪو سنڌي ادب سان چاھ رکندڙ اديبن ۽ شاگردن لاء به لاڀائتو ثابت ٿيندو.

    فرزانا شاهين
    تاريخ
    7-7-2017
    سکر


    دل جي ڳالهه

    ڪنهن پڇيو ته احساس ڏي خبر شاعري کي نکارڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي..؟ چيم ! ادا منهنجي خيال ۾ ڏات خدا جي طرفان ملندي آهي، باقي ڏانءُ سکڻو پوندو آهي. مثال هڪ پٿر آهي، جنهن کي هيرو چئجي ٿو، اگر اوهان کي هٿ اچي ته اوهان جي لاء پٿر ئي هوندو، پر جيڪڏهن اوهان اُن کي تراشي هيري جي شڪل ۾ آندو ته هو قيمتي بنجي ويندو. ائين ئي تخليق کي تراشڻ لاءِ اوهانکي اُن جا گُر ۽ هنر سکڻا پوندا. انهن گُرن ۾ شاعريءَ جي حوالي سان سڀ کان ضروري آھي علمِ عُروض. اسان کي ته اڃان علمِ عُروض جي ”ع“ جي به خبر ناهي پئي، بس سکڻ جو عمل جاري آهي، آئون به ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ هن رستي جو راهي آهيان. جيستائين زندگي ساٿ ڏنو اِهو سفر جاري رهندو. دوستو دنيا ۾ جتي ٻين ٻولين جي ادب آسمان کي ڇُهيو آهي، اتي سنڌي ادب به بُلندين کي عُبور ڪيو آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا گلوبن ڳوٺ ٿي وئي آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته دنيا گلوبل گوٺ به نه، پر گلوبل گهر ٿي وئي آھي. سوشل ميڊيا تي اسان ڪا لکڻي رکون ٿا ته ان کي پوري دنيا پڙهي رهي آهي. فيس بڪ جو صحيح استمال ڪرڻ به وڏو فائديمند آهي. آئون سمجهان ٿو فيس بڪ اسان سڀني پيارن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. مونکي هر وقت اِها اڻتڻ هوندي آهي ته هن گلوبل گهر مان ڪجھ فائدا وٺجن. مون 2015 ۾ ”عالمي ساس“ نالي سان هڪ واٽس ائپ گروپ ٺاهيو، جنهن ۾ ٽيھ کان چالھ دوست شامل آهن جيڪو بلڪل منظم طريقي سان اڃان جاري آهي. جنهن ۾ مشاعرا ۽ ليڪچر پروگرام ٿين ٿا. آئون ائين سمجندو آهيان ته هر ماڻهوءَ تي پنهنجي حصي جو ڪم رکيل آهي، پوءِ ڇو نه پنهنجو حصو سمجهي اهڙو ڪم ڪجي، جنهن سان هڪ تاريخ جڙي پئي. اصل ۾ مون تعارفي سلسلو شروع ڪرڻ چاهيو ٿي، جنهن سان اسان جي لکندڙن کي مڃتا به ملندي ۽ اسان جي ھڪ ٻئي سان سڃاڻپ به وڌندي، سو مون پڪو ارادو ڪيو ته بس هي ڪم لازمي ڪرڻو آهي. ٿورو ٻڏتر ۾ هئس ته شروعات ڪنهن کان ڪيان؟ شايد 20مارچ 2017 رات جا شايد اٺ ساڍا اٺ ٿيا هوندا ته پنهجي دلبر دوست، پياري ڀاءُ ۽ ٽنڊي الهيارجي تمام خوبصورت شاعر محمد علي ميرجت کي فون ڪيم. چيومانس ادا پنهجو مڪمل تعارف موڪلي ڏي پر اڄ ئي هن منهنجي ڳالھ کي اهميت ڏني ۽ ڪلاڪ ٻن کان پوء پنهنجو تعارف موڪلي ڏنائين. ٻئي ڏينهن مون به اهو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. جيڪو اڃان تائين جاري آهي ۽ انشاءالله جاري رهندو. پوءِ هرروز شاعرن ۽ شاعرائن کي ميسج ڪري تعارف گهرائڻ منهنجو معمول بنجي ويو. جڏهن تعارفي سلسلي جا ڪجھ نمبر هليا ته دوستن پاران ڀرپور موٽ ملڻ شروع ٿي. منهنجي دل مطمئن ٿي شڪر الله جو جيڪو ڪم مون شروع ڪيو آهي، اهو دوستن کي پسند پيو اچي. اها ئي منهنجي ڪاميابي آهي. ڪجھ دوستن مشورا ڏنا ته هن تعارفي مواد کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ گهرجي. منهجو ته پهرين ئي اهو پرگرام هو، پر پوءِ ان ڳالھ تي وڌيڪ غور ڪيم ۽ محسوس ڪيم ته واقعي جي هي سلسلو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ته منهنجو پوهريو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويندو… پر هاڻ مسئلو هو ڪتاب ڇپجڻ جو… مطلب ته خرچ جو… پهرين منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالھه هئي ته منهنجي هن محنت کي ڏسي ڪو خدا جو بندو اٿندو ۽ چوندو ته هي ڪتاب آئون يا اسين ٿا ڇپرايون پر اهو شايد ديواني جو خواب هو. ِ سوچيم ته هاڻ هڪڙو ميسج ٺاهي، هر ان اديب، شاعر ۽ شاعرائن کي موڪليان، جنهن جو تعارف هليو آهي ته سائين يا سانئڻ آئون هن تعارفي سلسلي جو ڪتاب ٿو ڇپرائڻ چاهيان. سو اوهين پنهنجو حصو موڪلي ڏيو… پر سچي ڳالھه اها آهي ته مونکي پنهنجي اندر جي احساس اجازت نه ڏني… سوچيم هو ڇا سوچيندا جيڪڏھن ائين ڪرڻو آھي ته پوءِ مون ڪهڙو وڏو ڪارنامو ڪري ڇڏيو؟؟ هون به گڏيل ڪتاب ڇپبا رهندا آهن ۽ ماڻهون ٽي چار يا پنج هزار تائين به وٺندا آهن، مون پاڻ به ڏنا آهن، پر مونکان پنج سو گهرڻ جي به همٿ نه ٿي.. ذھن ۾ هڪ طوفان برپا هو ته ڪٿي سڀ دوست ائين نه سوچين ته احساس هي سلسلو صرف پئسن لاءِ شروع ڪيو آهي.. بس پوءِ اِهو طئه ڪيم ته ڪتاب ضرور ڇپائبو ۽ پاڻ ئي خرچ ڪري ڇپائبو… ها، باقي ڪتاب اچڻ کان پوءِ اُن ڪاوش ۾ شامل ٿيندڙ اديبن، شاعرن، سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي اهو عرض ڪبو ته ”جي ٿي سگهي ته اوهان صرف ڪتاب جون ٻه ڪاپيون خريد ڪيو ته لک قرب…“ دوستو اڄ ڪتاب اوهانجي پيارن ڀائرن ڀينئر بزرگن جي هٿن ۾ آهي، مونکي يقين آهي ته اوهان جون محبتون موسان گڏ هونديون… دوستو اِهي ڪجھه دل جون ڳالهيون هيون، جيڪي اوهان آڏو رکيون اٿم. ھڪ عرض ڪندو هلان ته هن ڪتاب کان پهرين به گڏيل شاعري جا ڪافي ڪتاب اچي چڪا آهن پر هن ڪتاب ۾ ڪجھ ڳالهيون نيون آهن.. مثال طور هن ڪتاب ۾ ٻن پنجن يا ڏهن ضلعن جا شاعر يا شاعرائون شامل ناهن بلڪه هن ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا سخنور شامل آهن ۽ هن ڪتاب ۾ سنڌ جا تمام وڏا نالا به شامل آهن… آئون ڪنهنجو به نالو نٿو کڻان ان لاءِ ته سڀ منهنجي سِر جا سائين آهن ۽ اتي وري مون جهڙا نوان لکندڙ به شامل آهن… مونکي ڪجھه دوستن چيو ته سينيارٽي جو خيال رکو… پر مون کين جواب ڏنو ته يار ڏسو جيڪي بلڪل جونيئر آهن، اُھي ٿوري ئي عرصي ۾ ڪافي سٺو لکي رهيا آهن.. جن وٽ ڪتاب ڇپائڻ جا وسائل به ناهن، اسين گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڪو موقعو ته ڏيون… انهن جي ڪجھه حوصلا افزائي ته ڪيون… متان به هن ننڍڙي ڪوشش جي ڪري ڪي دوست اڳتي نڪري اچن… ان ڪري مون سڀني کي گڏائي پيش ڪيو آهي ۽ جئين ئي فيس بڪ تي تعارف نمبر هليو آهي، مون اُن ۾ ڪابه هير ڦير نه ڪئي آھي. هن ڪتاب 150 شاعر ۽ شاعرائون شامل آهن. اوهان سڄڻن جو ساٿ رهيو ته انشاءالله هي سلسو به هلندو ئي رهندو… هر سو نمبر کان پوءِ ڪتاب ڇپجندو رهندو… آخر ۾ آئون سامروٽي پبليڪش جي سرواڻ ڀاء پرڪاش ڪرمواڻي جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن ڀائرن وانگر ساٿ ڏنو هڪ نماڻو عرض پنهنجي قيمتي راء سان ضرور نوازجو… جتي به هجو… خوش هجو… سدائين مهڪندا ۽ ٻهڪندا رهو… سُک اوهانجي حياتي جو سينگا
    سُک اوهانجي حياتي جو سينگار هجن… ڏک اوهانجي ڀر مان به نه گذرن آمين يارب العالمين…
    جئي سنڌ…
    جئي سنڌي ٻولي…

    احساس ميرل
    03013516393
    03462476673
    اڏيرو لال اسٽيشن ضلعو مٽياري


    تعارفي سلسلو

    ( 1) محمد علي جت

    [شاعر]
    نالو: محمد علي
    ادبي نالو: محمد علي جت
    والد جو نالو: حاجي خان
    ذات: ميرجت
    رهائش :ٽنڊو الهيار
    رابطو: (3242344_0300)
    تعليم: بي اي
    لکڻ جي شروعات: 1998ع
    ڇپيل مواد: ادب، امرتا، هالار، صبوح، عبرت ميگزين
    عوامي آواز، ڪاوش گيلري، شعراءِ ٽنڊو الهيار
    لکيل صنفون: غزل،نظم، چوسٽا، ڏيڍ سٽا، ٻه سٽا/ فرد
    سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ

    نظم
    ڪلا
    اندر جا درد ڌوئڻ لئه،
    گڏيل آ لوڻ پاڻي سان،
    ڪُنو يا ڏول چاڙهيل آ ،
    هينئون پيو ٻاڦ تي ٽهڪي،
    اکين جي جهيل جي ڀرسان،
    اچي ڪو داٻڙو رکجي،
    کڻي ڪو پُور جو ڍنگهر،
    ٻٽي ڪي واءُ جا جهوٽا،
    ڀري ڪو اُس جو ڀاڪر،
    لٽا سڀ درد جا ڌوئي،
    نپوڙي ۽ ڇنڊي سارا،
    سُڪائي ھاڻ سڀ ڇڏجن.
    نڊاڪا خواب سڀ ڳولي،
    اکين جي اوڏڙا رکجن،
    گُلن مان مُرڪ ڪجھه ڳولي،
    چپن جي ويجهڙي رکجي،
    ڪِلن مان مال جان کولي،
    سُمورا ٽھڪ جي ڇڏجن،
    ٻڌي ڪنهن ٽار سان پوتِي،
    اندر جي ٻار کي ڇڏجي،
    بهاني ٽار هڪڙي جي،
    لُڏي وڻ ٻار سان ويٺو.
    ٻُڌي ڪو ڇير جو ڇمڪو،
    ڪُڏي پئي دل چري ڪيڏي،
    اِجهو! هي اوچتو ئي ڏِس،
    هندوري هانءُ منهنجي ۾،
    بدن کي لوڏ ڏيئي ڪا،
    اچِي ڪا اپسرا ويٺي،
    ڦُٽين جا گُل سڀئي چُونڊي،
    جواني جو ڀري ڪانبو،
    پشم جهڙيون ڳنڍون کولي،
    ڀڃي پئي آرسون مون ۾،
    عجب لالاڻ لبڙن جي،
    ڪري پئي ماڪ گُلڙن تي،
    مٺي آ ميٺ ماکيءَ کان،
    غضب جي ڇا گهڙي چئجي،
    شرم ٻُوٽي جيان مونکي،
    وڪوڙي وئي صفا آهي،
    ڪلِي ۾ ڇا ڪَلا آهي،
    عجب آ زهر ماڻهوءَ ۾،!
    ڏنگيو ڇوري بلا آهي،
    خوشين ۾ ڇا تُري ماڻهو،
    بچي ويو آ مري ماڻهو،
    خوشين ۾ ڇا تُري ماڻهو،
    خوشين ۾ ڇا تُري ماڻهون...!!!

    چؤسٽو

    ڏکن ۾ دل هي چِڪار آهي.
    غمن جي گاڏي اُلار آهي.
    جُتيءَ بنا ڪو لُڇي پيو ننڍڙو،¡
    مِٽيءَ کي آيل بُخار آهي.
    


    (2) فرزانا شاهين

    [ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره]
    اصل نالو :فرزانا شاهين
    ادبي نالو :فرزانا شاهين
    والد جو نالو :عبدالرشيد
    ذات: مڱڻيجو
    رهائش :سکر
    تعليم :ايم .ايس .سي( ڪيمسٽري) ايم اي سنڌي
    لکڻ جي شروعات : 1987ع
    ڇپيل مواد: نئين زندگي، مهراڻ، سرتيون، بختاور، مرڪ، پرھ، عبرت ميگزين، سگهڙين سٿ، نئين آس، همسري، سنڌ رآڻي، پوپٽ
    صنفون: غزل، وائي، نظم، نثري نظم، بيت، نئين ڪويتا، گيت
    ڇپيل ڪتاب:
    (1) وجود جي ڳولا (ڪهاڻيون)
    (2) پهڻ پيرَ پٿون ڪيا (شاعري)
    (3) .نيڻ آسائتا (شاعري)
    اُن کان علاوه اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    وائي
    ڌرتيءَ لئه جيئندي،
    ڌيءَ “عروبا“ هرقدم!
    ڏِسندي ڏَنجھَه ڏُکائتا،
    ڏُکندن ڏي سُرندي.
    ڌيءَ “عروبا“ هر قدم!
    ڳوڙها ساري سنڌُ جا،
    ماءُ جيان اُگهندي.
    ڌيءَ “عروبا“ هر قدم!
    ڀاڳوَندي ھِن ڀونءِ جا،
    ڳائي ڳُڻَ لکندي.
    ڌيءَ “عروبا“ هر قدم!
    اَڀرن سين انياءُ ڇو!؟
    ڏاڍَ اڳيان ڪُڇندي.
    ڌيءَ “عروبا“ هر قدم!
    "فرزانه" هر گام تي،
    مون وانگر وڌندي،
    ڌيءَ "عروبا" هر قدم!

    غزل
    سور ڌرتيءَ ۾ سار ڌرتيءَ ۾،
    پاڻ سان انتظار ڌرتيءَ ۾.

    آس تنھنجي کٹي ھلیا آھیون،
    ھاٹي ملجان بھار! ڌرتيءَ ۾.

    تذڪرو تن جو قلب سان لیڪن،
    سنڌ تان جا نثار ڌرتيءَ ۾.

    جی وفائون ڪندا ھئا جڳ ۾،
    سی ستا چپ میھار ڌرتيءَ ۾.

    زندگي آسرن ۾ اُلجھي وئي،
    ٿی رکان پاڪ پیار ڌرتيءَ ۾.

    ڪونہ شاھین سوچ آ ڪائي،
    جیت ڌرتيءَ ۾ ھار ڌرتيءَ ۾.

    چؤسٽو
    عنوانِ دؤرِ حاضر تحرير سنڌ جي
    احساس ٿو بڻائي تصويرسنڌ جي
    شاهين دل منهنجيءَ ڏي ڪوئي متان ڏسي
    هرجاءِ تي رهِي دل جاگيرسنڌ جي
    


    (3) عبدالرحيم عبد ڪنڀر

    [شاعر]
    اصل نالو: عبدالرحيم
    ادبي نالو: عبدالرحيم عبد ڪنڀر
    والد جو نالو: محمد دائود
    ذات: ڪنڀار
    رهائش: ڳوٺ محمد دائود ڪنڀار- تعلقو چمبڙ- ضلع ٽنڊو الهيار
    رابطو: (7472134_0332)
    تعليم: بي اي
    لکڻ جي شروعات: 1998ع کان.
    ڇپيل مواد : هالار، هزار داستان، نئين زندگي، ادب/اديب، امرتا، صبوح، عبرت مئگزين، ڪينجهر، ينگ جنريشن، امرتا غزل رنگ، شعراءِ ٽنڊوالهيار، هلال پاڪستان، ڪاوش گئلري وغيره
    صنفون غزل، بيت، وايون، چوسٽا، نظم، گيت، ڏيڍ سٽا، گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هر گل جي خوشبو پنهنجي” ۽ “ادب آب حيات” ۾ شاعري چپيل.
    اڻ ڇپيل: ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غزل
    اوهان کي ڏسڻ لئه نماڻيون اکيون
    هوائن ۾ ڄڻ پئي اڏاڻيون اکيون

    اوهان جون ئي راهون تڪيندي صنم
    ٿيون هن اچي نيٺ ساڻيون اکيون!

    نقابن جي پهري ۾ اڄ مون ڏٺيون
    هيون آشنا ڪي پراڻيون اکيون!

    پڙھي ڪير، ڪيئي کنيو ٿيون وتن،
    ڏکن ۽ سکن جون ڪهاڻيون اکيون!

    هٿن سان بنائي پَني تي پرين!
    ٻُڌائي ته ڇو تو اماڻيون اکيون؟

    اوهان جي پڄاڻان رهيون هن سدا،
    خوشيءَ ۾ به هي لُڙڪ هاڻيون اکيون!

    ٻِٽا تِيرَ ڄڻ ٿي هنيئي “عبد“کي.
    غضب جي ادا سان تو تاڻيون اکيون!

    غزل
    گهُرج تنهنجي، سانوڻيءَ جهڙي لڳي
    اُڃ منهنجي ڪنهن ٿَريءَ جهڙي لڳي

    واٽ ويندي مُرڪ جو تحفو ڏنئي،
    مُرڪ تنهنجِي ڀي چُمِيءَ جهڙي لڳي

    تنهنجي پيشاني پگهر ۾ ڇا ڀِنِي؟
    ماڪ ۾ وهنتل ڪَليءَ جهڙي لڳي.

    ڪالھه تنهنجي شھر مان ڇا ٿيو گُذر؟
    هر گَلِي تنهنجي گَلِيءَجهڙي لڳي!

    دل جڏھن تنهنجي اشارن تي نچِي،
    دل به مون کي ناچڻيءَ جهڙي لڳي.

    هر خوشِي واري به محفل تو سوا،
    “عبد“ مونکي آ غميءَ جهڙي لڳي!
    


    (4) تصوّر ابڙو

    [ڪهاڻيڪار، شاعر]
    اصل نالو: تصوّر علي
    ادبي نالو:تصوّر ابڙو
    والد جو نالو:فقير بخش علي
    ذات: ابڙو
    رهائش: لاڙڪاڻو
    رابطو: (2452310_0331)
    جنم: پهرين مارچ 1977ع
    تعليم: گريجوئيٽ سول انجنيئرنگ / ماسٽرس اردو ادب
    لکڻ جي شروعات: 1991ع
    ڇپيل ڪتاب: تشنگي جو سفر (شاعري)، وجدان (شاعري)، منڪر نه ٿي پوان (شاعري)، کچھ تو دوش تيرا هے (اردو شاعري)
    لکيل صنفون :غزل، وائي، نظم، بيت، دوها، ٽيڙو،گيت
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غزل
    انا کي هت فنا آھي، فقر مشھور ٿيندو آ
    رياضت سان ملي جيڪو، ثمر مشھور ٿيندو آ

    قلندر لال سيوهڻ کي ٖ رڱي ويو رات هڪڙي ۾
    جتي مجذوب رهندو سو، شھر مشھور ٿيندو آ

    زهر ڀي بي اثر هتڙي پِيَل بوتل اندر جيڪو
    لڳي عاشق لبن سان پوءِ زهر مشھور ٿيندو آ

    سموري زندگي جو هت سفر بيڪار ٿو گذري
    نجف ڏي پيرڙا کڄنديٖ سفر مشھور ٿيندو آ

    زمانو ڀل ڪري ڪاوڙ فرق ڪوئي نه پوڻو آ
    رٺو محبوب جي هيڪر ڏمر مشھور ٿيندو آ

    نه ڪا قيمت ڪري سگهندا جواهر ڪنڊ ۾ رکيل
    شرافين هٿ اچي پو ئي وکر مشھور ٿيندو آ

    ٻه ٽي گز مس ڪفن ٽڪرو هتان ويندي مهل هوندو
    عياشي لئه تصوّر بس سمر مشھور ٿيندو آ

    اردو غزل
    مختصر سی حیات باقی ہے
    زندگی سےنجات باقی ہے

    میں فنا سے بقا طرف جاؤں
    کچھ انا کی ثبات باقی هے

    روز لکھتا رها قصیدے میں
    آج بھی کچھ دوات باقی ہے

    شرمندہ کل امام کے آگے
    آج تک بھی فرات باقی ہے

    سو گیا چاند اوڑھ کے چادر
    پر ستاروں برات باقی ہے

    ہر تصور تجھے بتایا ہے
    پہر نہ کہنا کہ بات باقی ہے
    


    (5) امتياز دانش

    [ڪهاڻيڪار ، شاعر]
    اصل نالو: امتياز علي
    ادبي نالو: امتياز دانش
    والد جو نالو: فيض محمد
    ذات: پٺاڻ
    ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ سيهڙ وليج، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو
    موجودہ رهائش: ڪراچي
    رابطو: (2803837_0306)
    تعليم: پوسٽ گريجوئيشن
    لکڻ جي شروعات: ننڍپڻ کان
    ڇپيل مواد: عبرت ميگزين، ڪاوش ميگزين، سوجهرو، سارس، همرچو،نئين آس، لوڪ، هالار، سنڌو ڊائجسٽ، ڪاوش ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سوڀ، ڪوشش، عبرت، نجات، خبرون وغيره
    اردو ۾ ڇپيل مضمون . جنگ، خبرين، نيا اخبار، امروز، ڪراچي وغيره
    صنفون: نظم، غزل، ڪافي ، وائي، چوسٽا
    ڇپيل ڪتاب: پرين جو عڪس (شاعري)
    سندس شاعريءَ مان ڪجھہ چونڊ

    غزل
    درد گهارڻ ڪمال جيون جو
    روح آهي وشال جيون جو

    سڀ فنا سرحدن کي اورانگهي
    ايئن آهي خيال جيون جو

    بي حسي ڀوڳجي اڃا ڪيسين؟
    روز آهي سوال جيون جو

    عمر گهارڻ جدو جهد ۾ سک!
    نيلسن آ مثال جيون جو

    موڙ جيون جو موت دانش آ !
    موت ناهيزوال جيون جو

    نظم
    سوجهرن جا سپنا ..!!
    روز سپنا ڏسون سوجهرن جا اسين
    آڻيون انت ٿا ڏوجهرن جا اسين
    روح رمتو پرين آهي گهايل اڃا !
    ٿو مٽائي وجود پنهنجو قاتل اڃا
    توڙي جو سختيون ساهه هر پل سهن
    پوءِ به ڪارونجهر حوصلا ٿا رهن
    پوءِ ڇا ٿي پيو ڏور منزل جي آ
    جستجو آهي پوءِ ڏور منزل نه آ
    جستجو جو سفر جستجو ۾ رهي
    آرزو جو سفر آرزو ۾ رهي
    ديس جي درد کان ڪير موڙي ٿو منهن
    ديس جي عشق کان ڪير ٽوڙي ٿو سُهن
    ديس جي دلبري جان کان آ عزيز
    ديس جي زندگي جان کان آ عزيز
    دلبري _ زندگي لاءِ ووڙيون اسين
    ديس دشمن سان هر پل ٿا جهيڙيون اسين
    پٿريلا پٿريلا سڀئي رستا پرين !
    ها ! انهن تي هلي پير ٿي ويا پٿون
    پوءِ به اڳتي وکون ! پوءِ به اڳتي وکون !
    


    (6) ريحان ابڙو

    [شاعر ،ڪهاڻيڪار ،مضمون نگار]
    اصل نالو :محمود احمد
    ادبي نالو: ريحان ابڙو
    والد جو نالو: برڪت علي
    ذات : ابڙو
    جنم 1980ع
    رهائش : نصرپور
    رابطو: (2564718_0301)
    تعليم : ايم.اي سنڌي - ايم.ايڊ
    ڪرت: اسڪول ٽيچر
    لکڻ جي شروعات: 1993ع
    ڇپيل مواد: عبرت ميگزين، ڪاوش ، تخيل، سنڌ راڻي، سوڀ وغيره
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، هائيڪو، ڏيڍ سٽا، دوها، بيت . نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، ڪتابن تي تبصرا وغيره
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    ترائيل
    او آرائين، او آرائين!
    گل ورڇيندين ڪيسين آخر؟
    ڀيليندڙ بس پهتا سائين!
    او آرائين، او آرائين!
    واڙ کي ويڙهو ڪين ٿو پائين!
    ويل وڃي پئي وس کان ٻاهر،
    او آرائين، او آرائين!
    گل ورڇيندين ڪيسين آخر؟


    اردو غــــــــــزل
    سوئی آنکھیں، جاگا خواب
    امیدوں میں پلتا خواب

    حیرت کا دریا پُرشور
    خاموشی سے تکتا خواب

    بس چہرے پر لایا دھول
    تیری تلاش میں نکلا خواب

    عارضہء دل کیوں ہو تمام
    چاہت روگ، مسیحا خواب

    وعدہ ہے، لوٹے گا، خوب
    کیا کہنے! کیا اچھا خواب

    خلوت کے لمحات عجیب
    کمرے میں ہے ہنستا خواب

    اس کو کیا دیکھا "ریحان"
    خوشبو سے ہے مہکا خواب

    پنجـــڪڙو
    حسرتن جو ورائي ڪفن ڇو سمهان؟
    ڇا رهيو ناهي مقصد ڪو سنسار ۾؟
    زندگي هٿ هڻِ پئي اڃا تار ۾،
    ڇو نه نظرون ڪناري تي کوڙي ڇڏيان!
    حسرتن جو ورائي ڪفن ڇو سمهان!
    


    (07) مٺل جسڪاڻي

    [شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]
    اصل نالو : محمد مٺل جسڪاڻي
    ادبي نالو : مٺل جسڪاڻي
    والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي
    ذات : جسڪاڻي
    جنم: 15 جنوري 1961ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽؤنر خان جسڪاڻي ۾ ٿيو
    رهائش: ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽؤنر خان جسڪاڻي
    رابطو: (3088996_0300)
    تعليم : ايم.ايس.سي ايگريڪلچر (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، پلانٽ پيٿالاجي)
    ڪرت: استاد، محقق
    لکڻ جي شروعات: 1975ع
    ڇپيل مواد : ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، برسات، عبرت، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، مھراڻ، تعمير سنڌ، سرواڻآفتاب، سنڌو، خادم وطن،وغيرہ
    صنفون : آزاد نظم، نثري نظم، غزل، وائي، ٽيڙو (ھڪيٽو، ھڪ نئين صنف متعارف ڪرائي، جنھن ۾ ٻيا بہ ڪيترا ئي شاعر لکي رھيا آھن),نثر ۾ مضمون ۽ تجزيا تمام گھڻا لکيا آھن، سؤ سوا لکڻيون انگريزي ۾، پنجاھ کن اردوءَ ۾، سڀ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آھن.
    زرعي تحقيقي مقالا بہ 700 کان وڌيڪ بين الاقوامي معيار جي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيل آھن. ٽيھارو کن پروفائيل انٽرويو، ٽيھارو کن ڪتابن تي تبصرا، مختلف ڪتابن ۾ مھاڳ نما تفصيلي رايا،ڪھاڻيون وغيرہ/ڇپيل ڪتاب زرعي معلوماتي ڪتاب ويھارو کن ڇپيا آھن. ھڪ انگريزي ۾ آھي. ھڪ سنڌي ۾ سفرنامو ۽ ٻه انگريزي ڪتاب. اُن کان علاوه سنڌيءَ ۾ هڪ ڪھاڻين جو مجموعو، هڪ سفرنامو ۽ هڪ شاعري جو مجموعوڇپجڻ جي انتظار ۾ آھي،
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غزل
    ڪهڙو ٻڌايان حال دل جو؟
     تمام گهڻي بي قرار آهي!
     
    جنهن جو ڪيو ناهي ڪڏهن،
     صرف اُن جو انتظار آهي!
     
    موت تہ بر حق آهي جاني،
     ڪڏهن ڪيو انڪار آهي!
     
    انتظار بہ ڇو ۽ ڇا لاءِ،
     اهو تہ خاص اسرار آهي!
     
    جهڙو آهيان تهڙو رهندس،
     اهو ئي منهنجو اقرار آهي!

    نثري نظم
    اوھان کي جيئن وڻي،
    ڪري گُذرو!
    ھونئن بہ،
    ماڻھُو ايترو،
    ڄاڻن ڪٿي ٿا،
    جيترو اوھان،
    ڄاڻو ٿا!
    اوھان ئي مڪمل،
    اوھان ڄاڻو سڀ ڪُجھہ،
    ماڻھُن کي،
    مڃڻو بہ پوندو،
    قبولڻو بہ پوندو،
    جيئن بہ چئو اوھان،
    جيئن بہ ڪريو اوھان،
    ٻيو آھي بہ ڪٿي،
     جھڙا آھيو اوھان!
    نثري نظم
    ياد ڪر!
    سيارو موڪلائي ويو ھو،
    انبن ۾ ٻُور ھو،
    ٻيرون ڇانگيل ھيون،
    ٻٻرن ۾ پلڙا پئي لڙڪيا،
    برسيم ڀلو ٿيو ھو،
    گاھہ جو پاڻ کي،
    ڪو فڪر نہ ھو،
    ڪچھري ڪندي،
    ھر ھر لؤڻا ھڻندي،
    تو چيو ھو:
    "ڪو ڏسي نہ وٺي"،
    مون وراڻيو ھو:
    "ٻيو ڪير ڏسي نہ ڏسي،
    مون سڀ ڪجھہ ڏسي ورتو"!
    ياد ڪر،.
    اُھي ڏينھن،
    ھي ڏينھن،
    ويا سال گُذري،
     تون آھين ڪٿي؟
    


    (08) پیر مجدّد

    ڪهاڻيڪار ، شاعر
    اصل نالو : پیر غلام مجدّد سرھندي
    ادبي نالو : پیر مجدّد
    والد جو نالو: پیر شاھ غلام رسول سرھنديرح
    ذات : سرھندي فاروقي
    جنم: 1966ع
    رهائش : سجادہ نشین ھائوس درگاھ پیر سرھندي
    مٽیاري سنڌ
    رابطو: (4177867_0300)
    تعليم : گریجوئیٽ، ڪجھه مدرسن جي تعلیم عربي ۽ فارسي.
    پاڻ پھریون شعر نائین درجي ۾ پڙھندي لکيائون.
    بحر وزن جا استاد: پیر بھاءُالدّین سرھندي ”بھا سرھندي“
    لکيل صنفون: غزل، وائي، ڪافي، گیت، نظم، نثري نظم، ٽیڙو.
    ڇپيل ڪتاب :ھڪ ڪتاب ”ٿر سُک جو سفر” نثر ۾ ڇپیل ٿرجي مهمان نوازيءَ، محبت ۽ والد سڳوري جي صوفیانہ رَوِش ڪچھرین تي مشتمل آھي.
    ٻن ڪتابن”ڏات جا ھي ڏيئا” ۽ ”آڪاس کي وڻي ٿو“جو مواد چپائيءَ لاءِ تيار آهي،جيڪو انشاءَ الله جلدڇپجندو.
    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    ٻه شعر
    يا حُور يا پرِي هئي، يا مُشڪ جي ڀَرِي هئي..!!
    غريب هئي ضرور پر عجيب ڇوڪري هئي..!!

    هُو چنڊ جي چهل پهل ۽ پِيرَ جي لکيل غزل
    کان معتبر ۽ منفرد، اڃا به مٿڀرِي هُئي..!!



    نظـــــم
    شيشي جو شھر..!!

    پٿر جي زماني جو ماڻھو
    شيشي جي شھر ۾ آيو آ ..!!
    شيشي جي شھر جي رھواسين 
    تي خوف انوکو ڇانيو آ ..!!
    پٿر جي زماني جو ماڻھو
    شيشي جي شھر ۾ ڪيئن رھندو؟
    جنھن کي ٿو ڇُھي
    شيشو ٿو ڀڄي
    شيشا ٿي ٽُٽا، شيشن تي جڏھن،
    پٿر جي زماني جي ماڻهوءَ 
    شيشي جي شھر ۾ ڊوڙ ڪئي،
    شيشو ٿي لڳس 
    شيشو ٿي کَنيَئِين
    شيشي کي کڻي
    شيشي تي ھَنيَئِين
    ڪا جاءِ به شيشي جي نه ڇڏيئِين
    شيشي جو شھر شيشو شيشو ..!!
    پٿر جي زماني جو ماڻھو
    شيشي جي شھر ۾ آيو ھو
    شيشي جي شھر جي رھواسين
     تي خوف انوکو ڇانيو ھو..!!

    نظــــم
    اڌ ڪلو اٽو..!!


    منھنجي سوچن کي ساھمي ۾ وجھي
    ڪالھه ھڪڙي ڪٻاڙئي توري
    مونکي واپس ڪيون
    ۽ مونکي چيئين
    تنھنجيون سوچون صفا نَيُون آھن..!!
    ھي ته بلڪل لڳن ٿيون امپورٽيڊ،
    آئون ڪٻاڙيو آھيان خريديندس،
    پر پراڻي ڪباڙ جي اگھه ۾..!!
    مون ذرو ڀي نه ان تي ويچاريو
    مونکي افسوس ڪونه ٿيو بلڪل 
    ھن کي ڪھڙي خبر ته ٽِين دنيا، 
    مفلسي، بک جي شڪار آھي..!!
    ڇا ڪندو تن کي تنھنجو انٽرنيٽ"
    "ڊسڪ" اٽي جي ڪانه ٿيندي آ
     ماڻھو ٿيندا نه آۡھن ڪمپيوٽر!!
    پيٽ "ايميل" سان نٿو ڀرجي
    ڪھڙي ڪم جو ڀلا ھي "ائٽم بم"
    "فيڪس" مون لئي اجھو لٽو ناھن
    ھن کي ڪھڙي خبر ته منھنجي لئه
    قيمتي آھي "اڌ ڪلو اَٽو..!!" 
    


    ( 9) هيڪل سومرو

    ]شاعر[
    اصل نالو: سعيد احمد
    ادبي نالو: هيڪل سومرو
    والد جو نالو: عبدالغفور سومرو
    ذات: سومرو
    جنم : 2فيبروري 1980ع 
    رهائش: شھر وارھ، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
    رابطو: (3424085_0333)
    ڪرت: سرڪاري ملازم
    لکيل صنفون :غزل، گيت، وائي، دوها، نظم
    ڇپيل مواد: مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾. 
    تقريبن ٻن ڪتابن جو مواد موجود
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غــــزل
    ھَر ڳالھه ڳُجھي رھندي
    پَرَ عشقُ عَيان  رھندو
    ڪايا جَي نه ڪينجھرَ تي
    نُوريءَ جو نشان  رھندو
    وئي عمر کسي جوڀن
    جذبو ته جوان  رھندو
    جَنتَ نه سھِي دوزخ
    ڪوئي ته مڪان  رھندو
    ٿي خاڪِ ويندو ساڌُو
    ڇا ڪوئي مُلان  رھندو
    ڪو شَڪُ نه خِلجي تي
    پنھنجَي تي گُمان  رھندو
    جَي ڏيندين رَتُ ´ھيڪل`
    سِنڌُو ته روان  رھندو

    نظـــــم

    سُور بڻجي سنگِدل
    جيڪا رھَي ٿي روحَ ۾
    جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
    جاڳ بڻجي جا خُدا
    ڪجُھه گھڙيون تِنھن کي
    سُمھاري ڏي خُدا،
    منھنجي اندرَ ۾ جُڳن کان
    ٿِي اڃان تائين جيئي
    جامُ سمجھي جا لھُو
    منھنجي جِسم مان ٿي پيئي
    تنھن کي ماري ڏي خُدا،
    ھُوءَ ڀلي ھِن دل اندر
    ٿِي پئَي دفن،
    منَ اندرَ جي ديسَ مان
    ڪر بيوفا جي ياد کي جلاوطن،
    ھِي جھان ناھي رھيو
    ڪو چاھتن وارو چمَن
    بِرھ جي ھِن باھ ۾
    ڪيسين جلَي منھنجو بدَن
    ڪاش ھيڪل`
    عشق جي ھيءَ
    آڳ ٺارَي ڏي خُدا
    جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
    جاڳَ بڻجي جا خُدا
    ڪجُھه گھڙيون تنھن کي
     سُمھاري ڏي خُدا...!


    (10) لڇمڻ داس 

    ]شاعر، ڪاڻيڪار]
    اصل نالو .لڇمڻ 
    ادبي نالو:  لڇمڻ داس 
    والد جو نالو: نٿو مل 
    ذات : جنڊاوڙو
    جنم : 1986
    تعليم: مڊل 
    ڪرت: رازڪو ڪم 
    لکڻ جي شروعات: 2009ع
    راهئش: رُڪن ٻُرڙا، ضلعو سانگھڙ
    رابطو: (0804084_0340)
    ڇپيل مواد: گڏيل ڪتاب ( هرگل جي خوشبو پنهنجي) ۾، هڪ اردو انتخاب (موجِ تھِ آب ) ۾ شاعري ڇپيل ۽ اُن کان علاوه امرتا، سنڌو، سوجهرو، بياض، ٺنڊي آگ ، ارزنگ، شعروسُخن وغيره ۾ به مواد ڇپيل.
    صنفون .غزل . نظم . چوسٽا ۽ نثر.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    چؤ سٽــــو
    سرساھ ڪيان صدقو ۽ پيار به حاضر آ
    توڪاڻ صنم سارو سنسار به حاضرآ 

    گر ڏوھ محبت آ ڏي يار سزا مونکي 
    مان ڪنڌ جهڪايان ٿو  تلوار به حاضرآ

    غــــــزل
    جڳ هي اونداهي واٽ جهڙو آ
    ساٿ سپرين جو لاٽ جھڙو آ

    ماڻھون توکان تڏهن لنوائن ٿا
    تنهنجو لهجو لپاٽ جهڙو  آ

    سر تي ڪاتيون ٽنگيل زماني جون
    سچ مگر اوچي ڳاٽ جهڙو  آ

    هن تي تعمير ڪر محبت جي 
    من هي خالي پلاٽ جهڙو  آ

    ڪيئن ھن سان ڪو هم ڪلام ٿئي
    هن جو هر لفظ ڇاٽ  جهڙو آ

    داس دل جي ڀرئي ترئي گهر ۾ 
    هي وڇوڙ ته کاٽ جهڙو  آ

    اردو غزل
    اشک آئے تو بیشمار آئے
     بوجھ پلکوں سے ہم اُتار آئے

    خواہشیں روز مارتی تھیں ہمیں
     آج ہم خواہشوں کو مار آئے

    مستحق آپ ٹھہرے پھولوں کے
     اپنے حصے میں صرف خار آئے

    زندگی کشمکش میں ہے یارو
     اس سے کہنا کہ ایک بار آئے

    آج اس کی گلی سے گذرے تھے
     آج پھر ہو کے بیقرار آئے

    بوجھ سانسوں کا اپنے سر پہ لئے
     زندگانی تو ہم گذار آئے

    داس خواہش بسنت کی کیا ہو؟
     جب خزاں کی طرح بہار آئے
    


    (11) مجيب سنڌي 

    ]شاعر، ڪهاڻيڪار]
    اصل نالو : مجيب الرحمان 
    ادبي نالو : مجيب سنڌي 
    والد جو نالو : محمد حيات 
    جنم: 5مارچ 1983ع
    ذات : ڪورائي 
    رهائش : عمر مارئي ڳوٺ قائد آباد، بن قاسم ٽائون ڪراچي
    رابطو: (0203006_0300)
    تعليم : مئٽرڪ 
    ڪرت : پنهجو ڪاروبار
    لکڻ جي شروعات : 1998ع 
    ڇپيل مواد : سنڌي مئگزين، رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي تخليقون ڇپجنديون رهن ٿيون. 
    صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، بيت، نظم، مضمون ۽ ڪجھه ڪهاڻيون وغيره
     ڇپيل ڪتاب : تياري جي مرحلي ۾ آهي
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غــــــزل
    ڇا جي چاهت ڇا جي ياري 
     هر ڪنهن وٽ آ دنيا داري

    رشتن جو ڪو مان نه آهي 
     سڀ کي پياري ناماچاري

    هر ڪو ساڙ سڙيو ٿو ڏسجي 
     هر ڪنهن وٽ آ مارا ماري

    مفلس ماڻهو سورن ۾ آ
     آهي تماشو دنيا ساري

    نيٺ مجيب اڀرڻو آهي 
     مون جنهن سج جي راھ نهاري.

    غــــــزل
    شاھ گداگر تنهنجي در تي
    ڪيئي گوهر تنهنجي در تي

    آئون به دل جو دان رکان ٿو
    منهنجا دلبر تنهنجي در تي

    مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن
    سڀ ثنا گر تنهنجي در تي

    هيڪر ٻيهر ٽيهر ڇا لئه
    ايندس هر هر تنهنجي در تي

    وائـــــي

    هاڻي آءُ هلي،
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    ٿر بر آ سائو ٿيو
    مهڪي مند ڀلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    موسم ڏس ملهار جي
    کنوڻين ساڻ کلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    رنگ نرالا مينهن جا
    ڌرتيءَ جھول جھلي
      آيا سانوڻ مينهنڙا


    ڪافي

    پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي 
    پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي

    جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
    دنيا ان کي خوار ڪيو آ 

    تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي
    مست ملنگن جو هي ٽولو

    سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
    گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي

    حسن عجب ۽ پيار عجب آ
    هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ 

    الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي
    محبت ماريل اک نماڻي 

    مجيب هر دم لڳي اياڻي 
     پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي


    (12) ساحل خاصخيلي

    [شاعر]
    اصل نالو : غلام رسول 
    ادبي نالو : ساحل خاصخيلي 
    والد جو نالو : حاجي محمد 
    ذات : خاصخيلي
    جنم : 5 مارچ 1987ع
    رهائش : ڪنري ضلع عمرڪوٽ 
    رابطو: (2367243_0331)
    تعليم : پرائمري
    ڪِرت: اسٽار لائٽ ڊرائي ڪلينرز، فوٽو گرافي، ويڊيو ايڊيٽنگ.
    لکڻ جي شروعات : 2015ع
    ڇپيل مواد : سوڀ، عبرت مئگزين، سنڌ ايڪسپريس وغيره 
    لکيل صنفون: گيت، غزل، نظم، چؤسٽا. 
    اڻ ڇپيل مواد : هڪ ڪتاب جيترو موجود.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چئوسٽــــو

    کڻي اک ڏسين ها ته ڇاٿي پوَئي ها
    ڀـلا  جي ملين ها ته ڇاٿي پوَئي ها

    گناهن جو پُتلو تون ساحل کي سمجهي
     جي بخشي ڇڏين ها ته ڇاٿي پوَئي ها

    چئوسٽــــو

    وقت وڻندڙ هُيو هر خوشيءَ جي پُٺيان
    پر وڃائي ڇڏيم دوستيءَ جي پُٺيان
    بي حيائي وئي آ دنيا ۾ وڌي
     لوفرن جو جَٿو ڇوڪريءَ جي پُٺيان

    نظــــــم
    بابا


    تنهنجي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ
    ڏٺا ڏک سور مون بابا
    نه ڪو هو ڀرجهلو منهنجو
    نه ٻي ڪا واھ هئي منهنجي
    صفا معصوم قدمن سان
    جبل جهاڳڻ ڏکيو هو پر
    وٺي نالو مٺي رب جو
    کنيم پنهنجا قدم اڳتي
    سهارو هو فقط رب جو
    اچي منزل پڳس آخر
    امڙ جون ڀي دعائون هون
    اوهان جو پيار ڀي گڏ هو
    خدا جي مهربانيءَ سان
    ويا ڏک ڏور ٿي سارا
    رهان ٿو هاڻ خوش ڏاڍو
    مگر تنهنجي وڇوڙي جو
    مليو جو اوچتو صدمو
    اهو ڪٿ ٿو سگهي وسري
    ويو تون پار آن ان ڏي
    جتان واپس نه ڪو ورندو
    دعاڳو هان سدا تولئه
    ڪندئي رب ٻاجھه پيو پنهنجي
    کڻي پرور اڳيان هٿڙا
    گهري ساحل دعا هي ٿو
    قيامت ۾ مٺو مرسل
    ڪندو توتي نظر پنهنجي
     ڪندو توتي نظر پنهنجي

    


    (13) حسن پنهيار

    ]شاعر]
    اصل نالو: محمد حسن
    ادبي نالو : حسن پنهيار
    والد :جو نالو محمد اسماعيل
    جنم: 1973ع
    ذات :پنهيار
    رهائش: ڳوٺ حاجي محمد رمضان خان پنهيار, ڪنڌڪوٽ
    رابطو: (3612113_0300)
    تعليم: گريجوئيٽ ايگريڪلچر,ايم. اي سنڌي 
    لکڻ جي شروعات: 1990ع کان
    ڳائڻ ۾ هڪ البم  :2005ع
    جن فنڪارن شاعري ڳائي ،قبلا سيد سخاوت حضور بخاري , شريف عباسي, نذير فقير ،ڪجهه اسم حسن پنهيار پاڻ به ڳايا
    شاعري جو استاد محترم بشير احمد تعبير سومرو
    پنجون درجو :استاد محترم نور محمد چاچڙ پڙهايو
    ڇهون ستون درجو :استاد محترم خوش محمد سرڪي وٽ پڙهيو
    اٺون نائون درجو :استاد محترم شفيع محمد سرڪي وٽ پڙهيو
    ڏهون درجو :مرحوم استاد محترم ارباب علي چنا وٽ پڙهيو
    ميئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺُل مان ڪئي، انٽر ڪلاس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل مان ڪئي.
    ڇپيل مواد .عبرت مئگزين.ادب مهراڻ .ڪاوش. سوڀ.
    صنفون . غزل. گيت. وائي . نظم .چؤسٽا. دوها . بيت. 
    ڇپيل ڪتاب: پهر پيار جا 2005ع، نظر ناز پرين جو 2007ع.
    اڻ چپيل ڪتاب: “نيڻ نهارن پيچرا”، “ڀيڄ پاڳارا چوندو آ”
    “هڪ نيڻ تنهنجا ٻيو جيجل سنڌ”، “رهجي ويل چُمي” ،
    “تنهنجي ڏنل چُمي”.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    اردو غزل

    دلوں میں گھر بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
    ہنسی لب پر سجالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    مجازی مام کا مطلب اگر حاصل عیاں یوں بھی 
    خدا سے بھی ملالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    زمانے میں هزاروں لوگ بڑے ہی نام رکھتےہیں 
    گرے کو گر اٹھالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    الف سی میم نکلا هے مگر وہ میم جانے کیا!
     کسی کو وہ سکھالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    نظارے بہت ہیں لیکن عجب انداز نینوں کا
     ملا کے آنکھ پلالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    نہ کر ظاهر محبت کو چُمی مانگوں تو کیا هوگا؟
     بنا مانگے ہی پالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    حسن ہی نام کافی ہے عنایت يه تیری مولا
    تجھے اپنا بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہو


    وائــــــي
    اکيون سي ئي پسن
      جن سان ناتو نيهن جو

    عاديون ٿيون جن لاءِ هي
    ٻئي کي ڪيئن ڏسن
    جن سان ناتو نيهن جو

    اڱڻ مون احسان ٿي
     پرين شال اچن
      جن سان ناتو نيهن جو

    سدا منهنجي من ۾
    ساهن جيئن رهن
      جن سان ناتو نيهن جو

    چُمي پائي پيار سان
     ڀاڪر ساڻ چمن
      جن سان ناتو نيهن جو

    دم دم حَسن کان ڪڏهن
     پري پل نه ٿين
      جن سان ناتو نيهن جو

    هائيـــــڪا
    پاتو تو ڀاڪر
    چُمي سان دک دور ٿيا
      ٿي ويس مڌ ۾ پُر
    تنهنجو نانءُ غزل
    آءُ ته توکي ڳايان
     پائي قربَ ڪجل


    (14) محبوب سنڌي

    ]شاعر،ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]
    اصل نالو: محبوب علي
     ادبي نالو: محبوب سنڌي
    والد : غلام مصطفيٰ شاهين (شاعر)
    ڄمڻ جو هنڌ : تاريخ 24 مارچ 1982 سورج آباد محلا ڪنڀر پاڙو دادو شهر
    لکڻ جي شروعات: 1994/95ع
    موجوده رهائش: ڪوٽڙي، ضلعو ڄامشورو.
    رابطو: (2493121_0308)
    ادبي استاد : مخدوم احمد مجتبيٰ غالب، سائين الله نواز “نواز رڪڻائي” ۽ عاشق دادوي.
    لکيل صنفون : ڊراما، ڪهاڻيون، ناول، شاعري، مضمون، شخصتين جا خاڪا.
    ڪي ٽي اين تي هليل ڊراما: (وري ورندو واءُ، ڏوهاري،لڄ)
    لکيل فلمون: (حيوان، واسينگ نانگ)
    فلمن ۾ ڪم ڪيو: زهريلو دشمن، رت جوويري، غيرت جو سوال.
    لکيل اسٽيج ناٽڪ: (جيئي عشق)، هڻ ته چتي (مزاحيا ڊرامو)
    اسٽيج ڊرامن جي شروعات: 1997ع ۾ 
     اسٽيج استاد : استاد حضور بخش گوپانگ
    تقريباََ 70 کان 80 اسٽيج ڊراما ڪيا.
    کيس ڪيترائي ايورڊ مليل، تازو ساس سنڌ پاران سرٽيفڪيٽ ۽ بزمِ غالب ۽ قلندر شهباز ايوارڊ پڻ مليل.
    مواد مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپيل.
    چپيل ڪتاب: ٽڙيا ٽارين گل(گڏيل شاعري جو مجموعو)
    اڻ ڇپيل : ناول، ڪهاڻيون، مضمون، شخصتين جا خاڪا ۽ شاعري.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غــــــزل
    ڪي گل گلزار جون اکيون
     ڪي هن اغيار جون اکيون

    تڪن ماني ڳڀي کي پيون
    بکايل ٻار جون اکيون

    انڌيون ٿي هن پيون شايد،
     ستل سرڪار جون اکيون

    ڪڇي ماڻهو ڀلا ڪئين جو
    ڏسي ڀوتار جون  اکيون

    ٽمڻ ڪم آھي انهن جو
    هجن ڄڻ نار جون  اکيون

    اسان کان اڄ ويون مٽجي
    اسان جي يار جون  اکيون

    نه ٿيون محبوب کان وسرن
    مٺي منٺار جون  اکيون

    نظـــــم 
    روپ هوشو جو وٺي دودي جيان ڌڌڪار ڪندي
     سنڌ جاڳي آ اٿي اغيار کي للڪار ڪندي
    سونهن سنڌو جي سمائي روپلا هيمون اچن پيا
    دولھه دريا ۽ بلاول ديس خاطر اڄ اٿن پيا
    شاھ حيدر هو عنايت باھ جو مچ ٿي مچن پيا
    سولي گهاڻا تير تلوارن کي چميو هي چمن پيا
    سر ڏين مرڪي نرالا ڏيھه ۾ نروار ڪندي
     سنڌ جاڳي آ اٿي اغيار کي للڪار ڪندي
    


    ( 15) امين ڀٽو

    ]شاعر]
    اصل نالو: محمد امين 
    ادبي نالو: امين ڀٽو
    والد جو نالو: سومرو خان
    جنم: پهرين اپريل 1986
    ذات: ڀٽو
    رهائش: عبدالله ڳوٺ، نزد نيشنل هاءِ وي، فيز 1. گلي نمبر21، گھر نمبر 580، بن قاسم ٽائون ڪراچي
    رابطو: (3447891_0300)
    تعليم: ايم.اي بي.ايڊ، ڊي .آءِ. ٽي ڪورس.
    لکڻ جي شروعات: 2000ع اداس پرديسي ڀٽو جي نالي سان.
     ڇپيل مواد: مهراڻ، سوجهرو، هالار، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڪاوش، شام، ڪوشش، عبرت، سنڌو وغيره.
    لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره.
    اڻ ڇپيل : 33 ڪتابن جو مواد موجود.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    غــــــزل
    هجرت ڪدي جان لهجا خانه بدوش آئون
    مون ۾ ڊڪن ٿا رستا خانه بدوش  آئون

    هن پنڌ ۾ بيهاري مون کان ڪيو پڇاڻو
    دک درد دڪيسين رهندا خانه بدوش  آئون

    رستو هي رڃَ جهڙو پيرن ۾ آھي ڦاٿل
    آھي ڪا گڏ ھلي جا خانه بدوش  آئون

    ٻيڙي ندي ڪنڌ ي تي ٻيلي جي آھي ڀرسان
    پنڇي به هي آوارا خانه  بدوش آئون

    منزل هي مئڪدي جان مونکي ڇڪي رهي آ
    روڪيندا ڪيسين  لمحا خانه بدوش آئون

    نظـــــم
    (پنڌ ڪهڙو خوف جهڙي زندگي جو)


    زندگي خوف آھي خواب آھي
    چوڙين جو چنڊ آھي منڊ آھي کنڊ آھي
    هي حياتي هي مماتي
    الڪي جهڙي سڏڪي جهڙي 
    پور جهڙي سور جهڙي هجرجهڙي
    وڻ ٽٽل ڪنهن 
    لام جهڙي جهرڪين جي گهر جيان ٿر جيان
    بر جيان ڪنهن ندي جي شور وانگر ڄڻ جبل تي
    ڪنهن ڪکاوين جهوپڙي ۾ ڪوئي ٻرندڙ
    ديپ آھي ڪنهن ڪنواري جي اکين ۾
     لڙڪ پهرين پيار جو آ
    هي حياتي موت جهڙي ماٺ آھي
    ڊيل جو ڪو سڏ آھي يا ڀڳل ڪو هڏ آھي
    خوف ۾ گذري سدائين خوف ڪهڙو خوف ڇاجو
    سو پتو آھي به ناهي خوف ڇاجو 
    عمر جا ڌاڳا ڪچا سڀ اڻسبيل ڪپڙي جيان ئي
     روز اڊڙي روز ڳنڍجن روز اڍڙن روز اڍڙن
    زندگي ڪنهن شھر ٻي ۾
    اجنبي جي وک آھي لاپتا ڪنهن ديس اندر
    ڪنهن سڃاڻپ جو سنيهو ڪنهن جي ڳولا
    جي مجاور ڄڻ ته ڪائي آ مزار
    الڪو الڪو پنڌ آھي پنڌ ڪهڙو ڌُنڌ جهڙو
    ڪنهن وڻن جي خامشي ۾ ڄڻ پکين جو 
    ديس آھي جهنگ آھي ٻيلو آھي چارو آھي
     پنڌ ڪهڙو خوف جهڙي زندگي جو
    


    (16) آزاد ابوبڪر

    ]شاعر، محقق، مضمون نگار]
    اصل نالو : ابوبڪر
    ادبي نالو: آزاد ابوبڪر
    والد جو نالو : ميان بخش
    ذات :ڇٽو 
    جنم: 1985ع
    تعليم: انٽر
    ڪرت :هاري
    رهائش: ڳوٺ صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرولعل اسٽيشن 
    رابطو: (8902135_0346)
    لکڻ جي شرعات: 1999ع
    لکيل صنفون: تحقيق، غزل، وائي، بيت، گيت، چوسٽا، هائڪا، مقالا، مضمون، خاص ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب  (ڀٽ جو ڀٽائي ) گنج بخش ڪتاب گهر طرفان ڇپيل آهي. ان کان سواء چئن ڪتابن جو مواد موجود اٿن، جيڪي پڻ شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي لکيل آهن ان کان علاوه ،سنڌ جي تاريخ تي به تحقيقي 3ڪتاب لکيا اٿس جيڪي مالي حالات جي ڪري اڃان  ڇپائي ناهن سگهيا.
    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چوسٽـــــو 

    ڳالھه ڳالھه تي جهيڙو آهي
    دور  الائي ڪھڙو آهي

    نفرت جا ٿو نانگ نپائي
    محبت کان  ڇو ٽيڙو آهي

    بيــــــت
    پرينءَ سندي پار ڏي آ ڪيو پَنڌُ
    آذاد عجيب لئه ٿو سڪي سَنڌُ سَنڌُ
    ڪوري ڏيان ڪَنڌُ، جي پرين پرچڻ جون ڪري

    غـــــــزل
    ڏي نه ڀلي تون ڪَک اسان کي
    ويجهو پنهنجي رَک اسان کي

    اُڏري پار پرينءَ جي پهچون
    پَروَر ڏي ڪي پَک اسان  کي

    ماندي مَن کي مانُ ملي بس 
    ڪونه کپي ٿو لَک  اسان کي

    سِڪَ ۾ دل جا ٽارَ ٽُٽَن ٿا
    ڏيکاري وڃ اَک اسان کي

    منزل آزاد ملي ويندي 
    ڀاڳ ڏنو جي ٻَک اسان  کي

    غــــــزل
    شهر سندا هي سارا ماڻهو
    منهنجا آهن مارا  ماڻهو

    جن تان واري ويٺس جندڙي
     دل جا نڪتا ڪارا ماڻهو

    ڏاڍن اڳيان يار ٻُڌا تون 
    ڇا ته ڪندا ويچارا  ماڻهو

    جن سان تنهنجو چاھ رهي ٿو
    سي ئي ٿيا سوڀارا  ماڻهو

    تنهنجي ٻانهُن منجھه مرڻ جا
    ڪو ته هڻي  پيو نعرا ماڻهو

    دل آزاد کسي ويا منهنجي
    ڪارن وارن وارا  ماڻهو
    


    (17) ساحر راهو

    [شاعر]
    اصل نالو: عبدالرحمٰن
    ادبي نالو : ساحر راهو
    ولد: احمد خان راهو
    ذات : راهو
    تاريخ پيدائش: 1-آڪٽوبر-1963ع
    ڳوٺ: شهمير راهو، موجوده ضلعو مٽياري، تعلقو نيو سعيد آباد. 
    تعليم: انٽر
    رابطو: (8862567_0300)
    ڪرت :سرڪاري نوڪري
    ڇپيل ڪتاب:
    1. خواب کٿُوري چنڊ (غزل) 2. سانوري شام (غزل )، 3. نيڻ سجدي ۾ (غزل)،4. خوابن جي خودڪشين کان پوءءِ (غزل ۽ نظم گڏيل)، 5-وهي پت جھڑ ہے آنکھوں میں (اردو.غزل)، 6. دل جي ڳلي (غزل) 
    ڪتاب اڻ جهاڳ اڪيلائي (غزل) ڇپائيءَ هيٺ.
    مليل ايوارڊ : سوجهرو ايوارڊ ،ڊاڪٽر تنوير عباسي شليڊ ،ڄام خان جمالي شيلڊ سڪرنڊ ،حاجي علام نبي رند شيلڊ سڪرنڊ ٻه ڀيرا، سنڌ راڻي ايوارڊ حيدر آباد، ماهوار ناٽڪ شيلڊ ڪراچي ،اڻ مُلهه اثاثو اعزاز ايوارڊ.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ 

    غــــــزل
    بادل پهاڙ جُگنُو رستا رباب جهرڻا
     ڪنهنجي تلاش ۾ ها درياه گلاب جهرڻا

    مسلڪ هُجي مٿانهون جنهن جاءِ تي بندي کان
     ڪهڙي وقعت رکن ٿا اُن جاءِ ڪتاب جهرڻا

    رُڃ جي فصيل فطري صحرا نديءَ جي وچ ۾
     محرم نه دوست ٿر جا چشما حُباب جهرڻا

    تنهنجي نفيس لهجي پل ۾ ڪري ڇڏيا هن
    محبُوب دل جا بنجر جل ٿل خواب جهرڻا

    ترديد ڪا نه ٿيندي ميخاني ۾ وڃڻ جي
    تجديد لئه پيون ٿا زاهد شراب جهرڻا

    چوڳي جي چاهه موهيا پلڪُن ۾ جاڳ پوئي
    جهُوپن جي ڀر ۾ ڇڏيا ڪجلا شباب جهرڻا

    آڪاس ۽ زمين جي ڀر بي وٿي ته ڪڏهين
    سوراخ سنگ مان ڀي ڪڍندا جناب جهرڻا

    چهرا پڙهي شهر جا بنجر ها ياد آيا
    واهڻ جا صافُ اُجرا ساحر حجاب جهرڻا

    غـــــــزل
    پُرڪيف دلبرايون دلڪش خواب رستا.
     مدهوش مهه جبينيون ميڪش خواب رستا.

    انجيل جهڙيون اکيون توريت جهڙا چهرا.
     سانوڻ جي شام ناسي ترڪش خواب رستا.

    ويڻيءَ ۾ ويڙهي گجرا ماٿي تي تلڪ ٺاهي.
     ڪجري گُجر ڪيا تو پُرڪش خواب رستا.

    توسان ته ڇڄيسُ ته ڇرڪيا مخمور خواب چارا.
    توسان مليسُ ته مهڪيا  سرڪش خواب رستا.

    خاموشيون خريدي هڪ مُرڪ ۾ ملايا.
     مايوُس ماڻڪين ۾ مُنڪش خواب رستا.

    رُڪجي ته روڪجن ٿا سنوري ته گهورجن ٿا.
     منظر هوائون ساگر گردش خواب رستا.

    لُوڻياٺ ۾ لپيٽيل پاڻياٺ ۾ پُسايل.
     ميلاپ جي اڌُوري خواهش خواب رستا.

    ايمان ۾ وجهن ٿا مومن جي ڏار ساحر.
     ڇورين جا سينا ڇُلڪي بارش خواب رستا.
    


    (18) صلاح 

    [شاعر]
    اصل نالو: صلاح الدين
     ادبي نالو: صلاح 
    والد جو نالو: جادم علي
    جنم: 1998ع
    ذات: راهمون 
    رهائش: ڳوٺ صلحاٹي تعلقه ڏاهلي ٿر
    رابطو: (0347001_0341)
    تعليم: انٽر 
    لکڻ جي شروعات: 2012ع، لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، هائيڪا، گيت، چوسٽو، بیت، هڪ ڪتاب جو مواد اڻ ڇپيل موجود.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    وائــــــي

    تو سواءِ زندگي
    هر گھڙي جيل جي
    ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
    ياد آگم ڪيان
    ٽورَ ڄڻ ڊيل جي
    ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
    مُرڪ تنهنجيءَ ۾
    مهڪَ رابيل جي
    ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
    منهنجي لُڙڪن ڪَٿا
    آ لِکِي هيلَ جي
    ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
    عشق شروعات آ
    عشق جي کيلَ جي
    ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!


    غـــــــزل

    عشق سندو الهام اکين تي رکنداسين
     روح ۾ رَسَندو رام اکين تي رکنداسين

    تو ڏني پڪ پرين پنهنجي هجڻ جي
     تنهنجو آڇيل جام اکين تي رکنداسين

    پنهنجي شهر جي هر هڪ در تي
     ڏيئو ٻاري شام اکين تي رکنداسين

    روز نوان الزام لڳن ٿا چونڪن تي
     سارا سڀ الزام اکين تي رکنداسين

    پنهنجي دل جي آڳر تي هڪ ڪعبو جوڙي
     تنهنجي صورت نام اکين تي رکنداسين

    هر هڪ پاسي ڌُنڌ مگر ڏس هن پاسي
    روشن آهي مام اکين تي  رکنداسين

    شعر سٻاجها نيٺ ته ”صلاح“ ٺهندا ويندا
    لفظن جو الهام اکين تي  رکنداسين

    چؤسٽــــو

    ڳوٺ اورانگھي شهر پهتو هُيو
    ڪنهن اڻ ڄاتي نگر پهتو هُيو

    حُسن پُوڄا پاٽ پاسي تي رکي
    مورتيون کڻي پٿر پهتو هُيو


    ( 19) امين اُڏيرائي 

    تعارف نمبر( 19)
    ]شاعر . ڪهاڻيڪار. مضمون نگار]
    اصل نالو : محمد امين 
    ادبي نالو ؛ امين اُڏيرائي 
    ولد ؛ لال خان 
    ذات؛ کوکر 
    جنم : 05 نومبر 1964ع
    تعليم ايم اي (سنڌي ادب) بي ايڊ
    رهائش : اُڏيرو لعل اسٽيشن
    رابطو: (3846359_0345)
     ڪرت : اسڪول ٽيچر
    لکڻ جي شرعات: 1982
    تصنيف ڪيل ڪتاب؛ 13
    ترتيب ڏنل: سنڌي ڪتاب 8، سنڌي شاعري جا 5 ڪتاب،
    سنڌي ڪهاڻين جا 2 ڪتاب،  اردو شاعري جا 3 ڪتاب،
    اردو ڪهاڻين جا 2 ڪتاب ۽ پنجابي شاعري جو1 ڪتاب.
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    ٻه شعـــــر

    جيڪڏهن ڪنهنجي ڪم نه آئي آ
    سمجھه پوءِ زندگي اَجائي  آ

    چند خطڙا، ڪتاب، تصويرون 
    هي منهنجي عمر جي ڪمائي  آ

    ٻه شعــــــر

    جيستائين هي زندگي هوندي 
    درد مندن سان دوستي  هوندي

    گُهگھه اوندھ ۾ تون پڙهي ڏسجان
    منهنجي لفظن ۾ روشني  هوندي

    اردو دو شعر

    ایک صحرا سے ہوکے آیا ہوں 
    اب سمندر کو پار کرنا  ہے

    پھر ہتھیلی پہ جان رکھنی ہے
    پھر ترا اعتبار کرنا  ہے

    دوشعر

    جانے کیوں پھر لگا سراب مجھے
    پھر سمندر سے لوٹ آیا  ہوں

    اس سے پہلے کہ تُو نہ پہچانے
    میں ترے در سے لوٹ  آیا ہوں

    پنجابی دو شعر

    ایسے لئی خوش رہنے آں 
    ساڈا ہویا سانجھا  دکھ

    کسراں وکھ کرے کوئی سانوں
    میں آں ہیر تے رانجھا  دکھ
    


    (20) مخمور رضا 

    تعارف نمبر 20
    [شاعر]
    اصل نالو : غلام رضا 
    ادبي نالو : مخمور رضا 
    والد جو نالو: علي گوهر 
    جنم: 2 مارچ 1996ع
    ذات: ميمڻ
    تعليم : گريجوئيشن
    رهائش : اللّٰه آباد لاڙڪاڻو
    رابطو: (4300687_0300)
    لکڻ جي شروعات: 2013ع کان
    ڇپيل مواد :  ڪاوش سنڊي مئگزين، سوڀ سنڊي مئگزين، عوامي آواز سنڊي مئگزين، سنڌ ايڪسپريس سنڊي مئگزين، فاسٽ اخبار. سڦلتا مئگزين. نئين آس مئگزين ۽ عبرت مئگزين.
    لکيل صنفون :غزل ۽ وائي وغيره
    ڇپيل ڪتاب: " هينئڙي منجهه هڳاءُ" شاعري 2016ع ۾، ۽ “درد جو آڪاس“ شاعري 2017ع ۾. 
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــزل
    هنڌ، هنڌ کان پيو ٽٽي من آ
     آسمانن تان پيو ڪِري من آ

    تنهنجي نڪري پناهه مان، سچ آ
    منهنجو اجڙي ويو سکي! من آ

    عشق جي ڪنهن وشال صحرا ۾
     منهنجو ننڍڙو ويو رُلي من آ

    تنهنجي! سهڻين، حسين ساروڻين
     جي سهاري رهيو هي جي من آ

    خوابَ خوشين سندا ڏسي سُرها
     ڪيترو هي پيو ٿڪي من آ

    چيچ پڪڙي هليو محبت جي
     زندگاني خدا! سڄي من آ

    سنڌڙيءَ کي ڏسي عذابن ۾
     پنهنجو پوندو صفا لُڇي من آ

    ڌڪ گِهرو لڳڻ سبب منهنجو
     اڄ مخمور ويو مري من آ

    غــــــزل
    ڪيترا ظلم سهندي رهي سنڌ آ
    اذيتن ۾ ازل کان وٺي سنڌ آ

    ايترا نيري اُڀ ۾ به تارا نه هن
     جيترا نير رَت جا رُني سنڌ آ

    هوڏانهن دشمن هٿيارن سان آهن سوين
     هيڏانهن خالي هٿين هيڪلي سنڌ آ

    آهي تاريخ شاهد، ڪڏهن ظلم ۽ 
     ڏاڍ آڏو نه پنهنجي جُهڪي سنڌ آ

    لاشَ ڍوئي جرارن ۽ جوڌن سندا
     ڪيڏو مظلوم ٿڪجي پئي سنڌ آ

    گهر، ٻنيءَ ۽ ونيءَ، ٻارڙن، جند کان
    مونکي مولا ڏسي  ٿو مٺي سنڌ آ

    ڪيئن نه تڙپان، لُڇان ۽ جُهران آنُ هيئن
     منهنجي مخمور چئي جو ڏکي سنڌ آ
    


    (21) اياز رِضوي

    [شاعر[
    اصل نالو: ايازحُسين شاھ
    ادبي نالو: اياز رِضوي
    ولد: امداد حُسين شاھ
    جنم : 1آڪٽوبر 1971ع
    ذات : سيد
    تعليم: ايم.اي سنڌي
    رهائش : روشن آباد، تعلقو جُھڏو، ضلعو ميرپورخاص
    رابطو: (3317337_0300)
    ڇپيل مواد : سوجهرو، ساڃاھ، عبرت ميگ، ڪاوش، عوامي آواز، همرچو، آفتاب، هالار وغيره
    صنفون : غزل، وائي، بيت، نظم وغيره 
    ڇپيل ڪتاب: 1. اُگهي ڪيرڳوڙها شاعري،2. بهارون سوڳواريءَ ۾

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ڪيڏي تنهنجي ٻاڙ اکين کي
    ڏور رهي نه ساڙ اکين کي

    تنهنجو وڇوڙو روز ڪندو آ
    سچ پرين ڀيلاڙ اکين کي

    سپنا رات جو ڏينداآهن
    دردن جي مسواڙ اکين کي

    پائي نه هلجان رنگ پکين جا
    باز جيان آ تاڙ اکين کي

    هرڪو رستوشيشي جهڙو
    پٿراُڇلي ڦاڙ اکين کي

    ڏاڍيون تڙپيون ڀٽڪيون آهن
     هاڻ ته رضوي واڙ اکين کي

    غـــــــزل

    مُٺ ۾ آهي ساھ اسان جو
    خيرڪجان الله اسان جو

    برفيلا احساس ٿا گهرجن
    عضووعضوو باھ اسان جو

    وڻ سان جيڏوپيارپکي جو
    ايڏو توسان چاھ اسان جو

    تنهاين ۾ توکان پوءِ
    دردن سان ٿيو ٺاھ اسان جو

    قوم ڪيئن منزل ماڻي سگهندي
    رهبر هر گمراھ اسان جو

    سنڌ سڄي ۾ پارس جهڙو
    هڪڙو مرشد شاھ اسان جو

    پٿر جهڙي شهر۾ رضوي
     وکري ويو ويساھ اسان جو

    غــــــزل 

    مُک تو مٽي ڇڏيو آ
    صدمن سٽي ڇڏيوآ

    دل جي مٽي ٿي سُڏڪي
    غم تو ڇٽي ڇڏيو آ

    سچائي جو زماني
    ڪنڌ ئي ڪٽي ڇڏيوآ

    ٻيوڪجھه به يادناهي
    توکي رٽي ڇڏيوآ

    بي دردتووفا جو
    هر گُل پٽي ڇڏيوآ

    سُوليءَ تي دل کي چاڙهي
    تنهنجي ڏٽي ڇڏيوآ

    ريتن جي مم رضوي 
     جيون چٽي ڇڏيو آ
    


    (22) تنها شورو

    تعارف نمبر (22)

    [شاعر[

    اصل نالو : سجاد علي 
    ادبي نالو : تنها شورو
    والد جو نالو : درياءَ خان 
    ذات : شورو
    جنم : 8 آگسٽ 1987
    رهائش : شھر خانوٺ ضلع ڄام شورو
    رابطو: (3783199_0311)
    تعليم : مڊَل پاس 
    لکڻ جي شروعات :2003
    ڇپيل مواد : سنڌو ۽ عبرت . 
    صنفون : غزل، نظم، وائي، چؤسٽا وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    نظـــــم

    يادن جا بادل ڇهايل هئا
    منهنجي من مٿان ،،،
    وسيا پئي گجگوڙ ڪري
    ڀنا نيڻ نماڻا منهنجا ؛؛
    هنُ جا ڏنل سور ساري
    جليا جگر جيرا منهنجا
    جڏھن ماضي ۾ نڪتل 
    تصويرون هنُ جون هئيون 
    ڊائري ۾ ڏسي تن کي دل 
    زارو زار رُني
    نه هئي خبر ائين به ڪندو
    پنهنجو چئي من کي چير ڏيندو
    ڇا؟ ٻڌايان زماني وارؤ اوهان کي
    ته ڪيڏي تڪليف ٿيندي آ ؛؛؛
    جڏهن ڪو پنهنجو چئي، پوءِ 
    ناتو ڇني بيوفائي ڪندو آ
    تڏهن جيءُ جُهرندو آ ٰٰٰ
    روحُ تڙپندو آ 
    سڄو سور ٿي انسان 
    حياتيءَ ۾،
    ڏيئي وانگي ٻرندو آ ؛؛
    نه جِي سگهبو آ ، نه مرِي سگهبو آ
    بس سڪرات جيان ، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي
     موت جو انتظار ڪبو آ..!!

    غــــــزل

    نازڪ حالت آ بـيـــمار دل جـي
    ڪا ته لهي وڃُ ســــار دل جي

    ڇو نٿو ٻڌي ڪا پڪار تــــون
    هن بيوس ۽ لاچار  دل جـــــي

    توسواءَ هيڪلو آ ســنــــسار ۾ 
    لڳي ناساز حياتي يار  دل جي

    ڪر ڪا موٽڻ واري او سائيـــن
    من کي طلب آ تنوار  دل جــــي

    مرڻ کان اڳ ُ هنُ کي ڏســـــان 
    خواهشُ آخري اٿم  يار دل جي
    


    (23) سائل پيرزادو

    تعارف نمبر (23)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار، مضون نگار[
    اصل نالو: غلام حسن
    ادبي نالو: سائل پيرزادو
    والد جو نالو: هادي بخش
    ذات: پيرزادو
    ڄمڻ جي تاريخ : 4 اپريل 1978ع
    ڄمڻ جو هنڌ: تعلقو سڪرنڊ، ضلعو شهيد بينظير آباد
    رهائش: سڪرنڊ
    رابطو: (3524041_0342)
    تعليم: اسٽاڪ اسسٽنٽ ڊپلوما
    لکڻ جي شروعات: 1992ع
     ڇپيل مواد: عبرت ميگزين، ڪاوش ميگزين، سوجهرو، ريکائون، همرچو، پرهه، مومل، پرک، سنڌو ڊائجسٽ، مهراڻ، تخيل، مسيحا سڪرنڊ، ساک سڪرنڊ، هزار داستان، ڪينجهر، ادب، امرتا، رمجهم، نئين زندگي، سنڌ لائين، برسات، جاڳو، ڪاوش ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سوڀ، ڪوشش، عبرت، وغيره
    صنفون: نظم، غزل، بيت، وائي، گيت، دوها، ترائيل، هائڪو، نثري نظم، آزاد نظم
    ڪجهه ڪهاڻيون، مضمونَ ڇپيل.
    شاعري جا 3 ڪتاب ڇپيل : 1. سمنڊ ڪناري ڪوڏ، 2. خوشيون پرڏيهه جا پنڇي، 3. اکين ۾ مند مينهوڳي. 
    تاڻيان تندُ نه نبري ترتيب ثناءُ الله خاصخيليءَ جا مضمون
    اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ شاعريءَ جو.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــــزل

    جي به مليا ٿَڪَ اَٿَس ڪي پنڌ ۾
    ساڻ آيو، آ کڻي، سَنڌَ سَنڌَ ۾

    هُو اُٿي، آفيس هليو آ ويو
    ماءُ ويڙهي خواب رکيا هَنڌَ ۾

    ديس کي ڇا لاءِ پيا آهن اَچي
    هيل ڀي مهمان ڪيئي ڪَنڌَ ۾

    هُوءَ ڪري ويران ڪيئي گهَرَ وئي
    ڇا ته پنهنجي حُسن جي آ اَنڌَ ۾

    هيل سانوڻ خوب برسيو آ پرين
    ٻار مورن سان نچيا آڳَنڌَ  ۾

    غـــــــزل

    ڪاغذن جان ڇار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
    هي حياتي سار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

    جيل مان آهي اُماڻيو هن سنيهو،
    پنهنجي منزل دار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

    پوپٽن جو موت ايندو ديس ۾، يا
    دل گلن مان خار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

    ڇو امن! منهنجي وطن تي ڪونه آئين،
    سنڌ سڄي آثار ٿيندي، پوءِ ايندين؟

    هي جدائي روح جي لئه او! پريتم،
    نانگ جا ڪي وار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
    
    روشنيءَ جي راههَ آئين ڪونه سائل،
    گهُگهه اوندهه يار  ٿيندي، پوءِ ايندين؟


    (24) آڪاش علي نواز

    تعارف نمبر (24)

    شاعر]]
    اصل نالو: علي نواز
    ادبی نالو:آڪاش علي نواز
    والد جو نالو:نبي بخش
    ذات:چانڊيو
    رهائش : ڳوٺ حاجی عیسن چاندیو
    رابطو: (2123430_0306)
    تعلقو : ڏیپلو
    ضلع : ٿرپارڪر
    تعلیم : میٽرڪ
    لکٹ جی شروعات: 2014ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، چؤسٽا وغيره.
    ڇپیل مواد :ھزارداستان، عبرت مئگزین وغيره.
    ڇپیل ڪتاب :گڏیل ڪتاب “ھر گل جي خوشبو پنھنجي”
    ھڪ ڪتاب جو مواد موجود اٿس.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    تنھنجي طرفان محبت ڪونھي
    منھنجي طرفان نفرت ڪونھي

    دردن جي جاگیر ملي آ
    مون وٽ ھاڻي غربت ڪونھي

    ڪنھنجي ڪامیابي تی پڄرون
    يار اسان جی عادت ڪونھي

    گھر جو ڀاتي دشمن ٿئي جي
    ان کان وڌ ٻي عبرت ڪونھي

    بد نصيب اهو آ جنهن وٽ
    ماءُ جي حاصل شفقت ڪونھي

    مان تہ مٽيءَ جو پتلو آھیان 
    منھنجي ڪائي حیثیت ڪونھي

    دل جو ڪٿ فریاد ٻڌايون 
    اھڙي ڪٿ به عدالت ڪونھي

    ٻچڙن لئه هو ڪيئن ڪمائي 
    ھاڻ بدن ۾ طاقت ڪونھي

    دل اُجري آڪاش هجي بس 
    ڇا ٿيو سهڻي صورت ڪونھي

    غـــــــزل

    ‏ڳالهه ساري ڇو ڪجي
    بي معياري ڇو ڪجي

    پاڻ جی آھیون اگر
    ٻيو ڏوھاري ڇو ڪجي

    ملڪ جی دشمن سندي
    طرفداري ڇو ڪجي

    سوچ پنھنجيءَ کي ڪڏهن
    رات ڪاري ڇو ڪجي

    پنھنجي قسمت تی سدا
    اشڪباري ڇو ڪجي

    هو نه اچڻو آهي پوءِ
    انتظاري ڇو ڪجي
    ‏


    (25) اياز عمراڻي 

    تعارف نمبر .(25)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار[

    اصل نالو ؛ غلام حيدر 
    ادبي نالو ؛ اياز عمراڻي 
    والد جو نالو ؛ محمد يعقوب 
    ذات ؛ عمراڻي 
    جنم ؛ 01 جنوري 1969ع
    رھائش ؛ گلشن حيدر ٽائون ميرپورخاص
    رابطو: (2763335_0331)
    تعليم ؛ ايم اي ايم ايڊ
    لکڻ جي شروعات 1990 کان ڪئي ؛
    ميرپورخاص مان [پڙاڏو پبليڪيشن ] جا ٻه پرچا ڪڍيا ؛
    ڇپيل مواد ؛ برسات ؛ پروڙ ؛ پرک ؛ عبرت مئگزين ؛ ادب ؛ ٽماھي مهراڻ سوجهرو  ۽ ٻين رسالن کانسواء مختلف اخبارن عبرت ؛ پاڪ ؛ ھلال پاڪستان ؛ تعمير سنڌ ؛ مهراڻ سنڌ ايڪسپريس وغيره
    لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل وغيره.
     ڇپيل ڪتاب :1. لکاڪي ۾ چنڊ (شاعري )
    اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. ڪهاڻيون ، 2. پروفائيل خاڪا ۽ خط، 3. سفرنامو ايران ۽ عراق جو ، 4. شاعري.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نظــــــــم

    ڪلاچي ڏسو ڪُن ڏسو مورڙا
    ڪُتو ڪيئن چوان ؛ باوفا ڪونهي ؛ 
    ڇتو آ ٿيو  ؛ ۽ ڀؤنڪي پيو ؛ 
    رڳو ھن گدڙ ڀڀڪيون ؛ پورڙا ؛
     اچو ۽ مڙي مٺُ ٿيون ڀورڙا
    لڳايون لنئون ۽ لياري ٿئي 
    غزاله بتول ؛ بختاور جيان ؛ 
    پيار و پلاند نه پُراڻو ٿئي ؛
     بلاول ھجون ۽ نه گهاڻو ٿئي ؟
    پُڇون ته ؛ ڪٿان پاڙ پنهنجي پٽين ؛ 
    ڪن ياد ماضي ؛ پُڇن پاڻ کان 
    چئون ته پٽين اک سياڻا ٿين ؛ 
     ڏسن سنڌ ؛ سمونڊ نه پڇاڻوڪري ؛
    اياز نه اياڻا ٿجو ؛ عرب ٻيا 
    ھي ارغون اٿئو ؛ عيار رت پياڪ ھي ؛ 
    نباھ نيتن ۾ نه ئي ڪا وفا؛ 
    دغاباز دھليءَ جا رولاڪ ھي 
     دغاباز دھليءَ جا رولاڪ ھي

    غـــــــزل

    نيڻ ٻئي چار ڪري بيٺا ھا
     دنيا ڌار ڪري بيٺا ھا

    پل ۾ ٻريا ۽ ٺريا پئي
    ڪو تڪرار ڪري بيٺا ھا

    آيا ته الائي به ڪٿان ٿئي
    لڙڪ قطار ڪري بيٺا ھا

    ھجر عطا ڪيا ؛ پل ۾ زمانا
    وصل شمار ڪري بيٺا ھا

    ڌنڌ ۾ عرش ڏٺو فرش نٿي
    سوال غبار ڪري بيٺا ھا
    


    (26) ساگر ميمڻ

    تعارف نمبر (26)

    [شاعر ، ڪالم نگار[

    اصل نالو : عبدالرّحمٰن
    ادبي نالو : ساگر ميمڻ
    والد جو نالو : محمد ابراھيم
    جنم : 01 اپريل 1982ع
    ذات : ميمڻ
    رهائش : شھر چوھڙجمالي تعلقو شاھ بندر ضلعو سجاول
    رابطو: (8042723_0312)
    تعليم : بي.اي، بي اي.ايڊ، لکڻ جي شروعات :  2003ع
    ڇپيل مواد : ٻارڙن جي رسالن، سُرھاڻ، امرتا، عبرت، سنڌو ڊائجسٽ اخبارن، عوامي آواز، جيجل، سوڀ، ھلال پاڪستان، ڪاوش، خبرون، تعميرِ سنڌ، پاڪ، سُڪار، شام، سنڌ ايڪسپريس،
    لکيل صنفون : غزل ، وائي ، چوسٽا ، پنج ڪڙا ، ٻه سٽا ، نثري نظم، آزاد نظم، نثر، مختلف موضوعن تي ڪالم ، مضمون، ڪتابن تي تبصرا، مقالا ۽ تاثر لکيا اٿس.اڻ

    ڇپيل ڪافي مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    تنھنجي چپن تي دُعا رھجي وئي
    سخي کان ڄڻ سخا رھجي وئي

    اسان لئه ته تقدير ھئي اِھا
    اوھانجي جا عطا رھجي  وئي

    ڇڏي ساٿ سارا ، اوھين ويا ھليا
     اوھانجي اسان وٽ ،جفا رھجي وئي

    جي اوھين ناھيو، اسان ته ڀانيو
     ھر گھڙي توبن ، قضا رھجي وئي

    سنڌ تنھنجو فرض ، لاھي نه سگھيس
    منھنجي سا ته خطا رھجي  وئي

    “ساگر“ جي ملڪ جو ، دستور اِھو آ ،
     اظھار خيال تي سزا رھجي وئي

    نثري نظـــــم
    اُجڙيل آکيرو

    حُسناڪين جا منظر ،
    سندس من موھي وجھندا ھئا، 
    ڳوٺ ۾ نم جي وڻ تي ،
    جھرڪين جو آکيرو ،
    قدرت جو شاھڪار لڳندو ھوس، 
    آکيرو ڏسڻ،
    روز جو معمول ھوس، 
    وڻ کان پريان،
    ڳوٺ جي اُن گھٽي طرف
    وڃڻ به،
    جتي روح کي
    تازگي مُھيا ڪندڙ،
    ڇوڪري رھندي ھئي، 
    جنھن نه فقط من کي موھيو ،
    پر سندس دل ۾ ،
    جھرڪين جھڙو ،
    خوبصورت محبت جو آکيرو ٺاھيو ھو، 
    جڏھن اُن ڇوڪري جو،
    غير فطري موت ٿي ويو
    ھو..!!
    ساڳئي طرح ،
    نم واري وڻ جي ھيٺان ،
    اچي ويھندو آھي ،
    پر ھاڻي ،
    نم جي وڻ تي جھرڪين جو،
    اُھو آکيرو ناھي رھيو، 
    وڻ به ٺلھو ڪاٺيون،
    بڻجي چڪو آھي، 
    جڏھن ڳوٺ جا ٻار،
    کيس تنگ ڪندا آھن ته ،
    رڙيون ڪندو ،
    اُن گھٽي طرف ڊوڙندو آھي ،
    جنھن ۾ رھندڙ ڇوڪري ،
    سندس دل ۾ ،
    محبت جو آکيرو ٺاھيو ھو،
    پر ھاڻي،
    آکيرو جوڙڻ واري ڇوڪري،
    جھرڪين جيان اُڏامي وئي آھي ،
    ھُو به نم جي وڻ وانگر،
     رڳو ڪاٺيون بڻجي چڪو آھي………!!

    نثري نظـــــم

    پکين جي اکين ۾ ،
    گليل جي خوف جيئن ،
    سندس دل ۾ به ،
    گولي جو خوف ،
    رھي ٿو ..!! 
    ھاڻي ته ھُن جون اکيون ،
    پيار جو صبح ،
    ڏسڻ کان اڳ ،
    رات جي چادر ،
     اوڙھي سمھي رھيون آھن..!!
    اوڙھي سمھي رھيون آھن..!!
    


    (27) شرف بلوچ 

    تعارف نمبر (27)

    [شاعره[

    اصل نالو: فهميده
     ادبي نالو : فهميده شرف بلوچ 
    بنت : شرف بلوچ 
    ذات ؛ جاگيراڻي بلوچ
    رهائش : ڪراچي
    تعليم. ايم.اي، بي.ايڊ
    لکڻ جي شرعات: 1994ع
    ڇپيل مواد؛ سنڌو، عبرت، ڪاوش، سنڌايڪسپرس، امرتا، اديب، هالار، هزار داستان وغيره.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل، ٽيڙو، چوسٽا.
    ڇپيل ڪتاب : اُماس راتيون اداس رستا.
    اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب “محبت مانُ گهرندي آ ” تياريءَ جي مرحلي ۾

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    سپنا نه رهيا ساڳيا، ۽ ساڻ نه سرهائي
    هڪ آء ٻي گڏ مون سان آ منهنجي اڪيلائي

    سوچيان ٿي پئي هاڻي ان وقت تي مان ساجن
    ڇاپريت هئي پنهنجي   ۽ ڪهڙي شناسائي؟

    توکان پوء هميشه لئه هن منهنجي حياتي تي
    هر ٽھڪ ٺٺولي آ ، ھر لڙڪ  تماشائي

    مون ڀي نه تمناڪئي ،موٽي نه اها خود ڀي
    ڪجھه وقت خوشي مون کي جا راس هئي آئي

    ٿو چنڊ لڳي وياڪل مايوس ستارا ڀي
    جنهن وقت پيا تنهنجي ٿي سار اچي ڪائي

    وائــــــي

    جنهن لاء مان تڙپان پئي 
     سرتيون سو ساجن
    نڪتو هرجائي..!!
    ڇڏي مون کي هيڪلو 
     ترسي هو پل کن
    نڪتو هرجائي..!!
    مٺڙي،مٺڙي لهجي سان 
     موهي منهنجو من
    نڪتو هرجائي..!!
    جيڪو هيو زندگي 
     دل جي هو ڌڙڪن
    نڪتو هرجائي..!!
    لڙڪن سان منهنجو 
     ڀري هو دامن
    نڪتو هرجائي..!!
    ڏسي مون کي هيڪلو 
     چيو ٿي رستن
    نڪتو هرجائي..!!
    


    (28) راحب ميمڻ 

    تعارف نمبر (28)

    [شاعر[

    اصل نالو: راحب علي 
    ادبي نالو : راحب ميمڻ 
    والد : ڦلو خان 
    ذات : ميمڻ 
    پيدائش تاريخ : 1986ع 
    تعليم : ميٽرڪ 
    رهائش: ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ ضلع و تعلقه گهوٽڪي 
    رابطو: (00923027584129)
    لکڻ جي شرعات: 2007ع ، ٻن ڪتابن جو مواد موجود.
     لکيل صنفون: غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، چوسٽا، ٽيڙو وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    عشق حۡسۡن مليو نينهن نکري پيو
    پيار جي نانءۡ جو سج  اڀري پيو

    اک اکين سان ملي چپ چپن سان مليا
    هي نظارو ڏسڻ چنڊ نڪري  پيو

    گل جهومن پيا ڀنورا ڳائن پيا
    سارو باغ گلن جو به  اجري پيو

    ڳل ڳلاٽيون وجهي ڇاتيون جيئن مليون
    هوش ٻنهي ڄڻن کان ته وسري ويو

    سونهن وارا مليا جيئن پيارا مليا
    روح راحت ۾ هر ڪنهن جو نسري پيو

    عشق اصرار ڪيو دل پنهنجي يار سان
    اڄ راحب ملڻ لاء به سنڀري پيو

    نظــــــم 

     مگر انسان ويا مٽجي
    فنا جي فرش تي ويهي
    انا جي عرش ۾ اکيون
    اسان ڀلجي ويا آهيون
    اسان تي موت اچڻو آ 
    اسان جيئن ٿيا آهيون پيدا 
    ائين واپس به ورڻو آ 
    اسان جا ڪم سڄا ڪوجها 
     سڄا ڪردار هن ڪوجها
    سڏايون ٿا اسين مسلم 
    مگر اعمال ڪهڙا هن 
    رهون ٿا دين کان پاسي 
     اسان جا خيال هن ڪهڙا
    چئون ٿا سچ اگر ڪنهن کي 
    اهو چريو سڏيندو آ 
    هتي آ ڪنڌ جهڪيل سچ جو 
    مگر آ ڪوڙ کي مڳي 
    نه ڪوئي احترام آهي 
     رڳو ڌوڪو رڳو ٺڳي
    اگر ڪنهن کي چئون ڪجھه ٿا 
    سڀن جا خيال پنهنجا هن 
    چون ٿا پيا ٻڌو آهي 
    زمانو ويو بدلجي آ 
    مگر اهڙي نه ڪا ڳالھه آ 
    زمانو ساڳيو ئي آهي 
    اها سج جي تپش آهي 
    اهو ئي چنڊ روشن آ 
    اهو ئي ڏينهن نڪري ٿو 
    اها ئي شام ٿيندي آ 
    وري جي شام ٿي گذري 
    ته پوء رات ٿيندي آ 
    اها ئي آسمان کان 
    ڏسو برسات ٿيندي آ 
    اها گلڙن ۾ خوشبو آ 
    هوائون ڀي گهلن ساڳيون 
    زمين کي جي کيڙيون ٿا 
     اها اناج ڏيندي آ،
    ڏسيو مون کي اوهان يارو 
    ته بدليو ڇا هتي آهي 
    جڏهن کان ٿي زمين پيدا 
    جڏهن کان آسمان بڻيو 
    جڏهن جن، جيت ٿيا پيدا 
    جڏهن کان هي جهان بڻيو 
    جڏهن آدم کي لاٿو ويو 
    جڏهن انسان ٿيا پيدا 
    جڏهن انسان لئه جڳ ۾ 
    پکي حيوان ٿيا پيدا 
    اهي حيوان ساڳيا هن 
    مگر انسان ويا مٽجي 
    اسان جون دليون ويون مٽجي 
    اسان جا ڌيان ويا مٽجي 
    زمانو ساڳيو ئي آهي 
    مگر انسان ويا مٽجي 
     مگر انسان ويا مٽجي
    


    (29) انجم قاضي

    تعارف نمبر (29)

    [شاعر[

    اصل نالو : دين محمد
    ادبي نالو : انجم قاضي
    ولد : گل حسن
    ذات : قاضي
    رھائش : سِٽِي نئون ديرو ، ضلعو لاڙڪاڻو
    رابطو: (2778935_0334)
    لکڻ جي شروعات : 95-1994ع
    ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي سڀني ، رسالن، مئگزين، اخبارن ۾
    لکيل صنفون : غزل، وائي ، بيت ، نظم ، ڏيڍ سٽا ۽ ھائيڪا وغيره
    ڇپيل ڪتاب : 1. ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾، 2.نئون نئون مڌ آ ( گڏيل شعري مجموعو ). ٽيون ڪتاب اچڻَ وارو.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    ٿي رات وَئي ڪيڏي ، لمحن ۾ اُداسي آ
    ٿو چنڊُ ڏئي پھرو ، رستن ۾ اُداسي  آ

    تنڀوءَ جي مٿان بيٺو ، اي سنڌ اَمان تنهنجو
    ڦڙڪي  ٿو پَپو پرچم ،جهونڪن ۾ اُداسي آ

    ڇو راس اچي ڪوئي ،منظر نه اسانکي ٿو
    جنمن کان وٺي  پنهنجي ، دلين ۾ اُداسي آ

    رستي ۾ اچانڪ اَڄُ ، جئن پاڻَ مليا آھيون
    پنهنجي ٻنھي جي لفظن ، لھجن ۾ اُداسي آ

    ڪو خوابُ حقيقت آ ماڻي نہ سگهيو انجم!
    تڏھين ته وَئي رھجي ، نيڻن ۾  اُداسي آ

    غــــــــزل

    دل جي لڳيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
    ھِڪَ عاشقيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان

    خاموش شھرَ جي هر رستي تي چنڊَ جِي
    آوارگيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان

    ڇاتيءَ مَٿان جا ھُنَ جي ، ويئي چُمي ڏئي
     تنھن مينھَن ڪڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان

    رنگينِ شامَ ، اُڀَ تي اُڏندا پکي رهيا
    سامھون نَديءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان

    گُذري صَديون وَيون پر ، اَڄُ ڏينھَن تائين ڀي
    ھڪڙي گھڙيءَ جو منظر ، وسري نه ٿو  اڃان

    انجم ! اُداسُ گمُ سمُ ، پارڪَ ۾ ھيڪلي
    ڪنهن ڪامڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان

    غــــــــزل

    باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن
    واسجي ويو سَڄُو پوپٽن جو  بدن

    پوڙھي وَرَ سان سُتلَ نينگريءَ جي پيو
    ٿو سدائين سَڙي خواھِشن جو  بدن

    بندِ ڪمري ۾ پيلَ ڪِنِ ڪتابن ۾ ڄَڻُ
    لفظَ چُمندا رهيا ڪاغذن جو  بدن

    زندگيءَ جو سَمورو لهي ٿَڪُ وَڃِي
    ھِڪِڙو ڀيرو چمڻ ڏي چپن  جو بدن

    مون ڏِٺو اُڀ تي شامَ ڌاري ڇُھي
    واءُ پيو عاجزيءَ مان پکين جو  بدن
    


    (30) اقبال گل مينگل

    تعارف نمبر (30)

    [شاعر]

    اصل نالو : اقبال گل 
    ادبي نالو : اقبال گل مينگل
    ولد : علي گل 
    ذات : مينگل
    جنم : 6 سيپٽمبر 1988ع
    رهائش : نظر محلہ لاڙڪاڻو
    رابطو: (2847020_0346)
    تعليم : ايم.اي اڪانامڪس 
    لکڻ جي شروعات :2012ع
    ڇپيل مواد : سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، نظم ۽ چؤسٽا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    چـــوســــــٽو

    ايئن پري کان نہ تاڙ دل کي
    آء ڀلا تون بہ ساڙ دل  کي

    ڪاريگري ۾ مڃيل هيو پر
    ڪري نہ سگهيو جُڳاڙ دل کي

    چـــؤســــــٽو

    اگر ڪجھه چوڻ جي اجازت ھجي ھا
    نہ اڄ زيرِ لَب ڪا شڪايت  ھجي ھا

    غمن جو نہ پھرو ھجي ھا اسان تي
    اوھان جي اگر ڪجھه عنايت ھجي ھا

    غــــــــزل

    گھر گھر ۾ سردار وڌي ويا
    تڏھن آھن تڪرار وڌي ويا

    لفظن مان به مِٺاس ھلي وئي
    ھر جاءِ ھن گندگار وڌي ويا

    مسڪينن جي محنت مان ئي
    ميرن جا ڪمدار وڌي ويا

    ناھي شوق رکڻ ڪو سولو
    شوقن جا ملھه يار وڌي ويا

    غزل جا ڪجهه شعر

    لڳي ٻئي ڪنهن سان ناهي دل،ٽُٽل آهي اڃان تائين
    سوا تو زندگي منهنجي، کُٽل آهي اڃان  تائين

    رڳو چوري، رڳو رشوت ، رڳو دهشت آهي ھر جا
     منهنجي هن ملڪ جو سسٽم، ڦِٽل آھي اڃان تائين

    هلايا ٿم گهڻا هيلا ، مڃائڻ لاءِ مينگل چئي
    مگر پرچيو نه آ دلبر ، رُٺل آهي اڃان  تائين
    


    (31) انورسانول

    تعارف نمبر (31)

    [شاعر: ڪهاڻيڪار[

    اصل نالو : انورعلي 
    ادبي نالو : انورسانول
    ولد : شير محمد 
    جنم: 5 مئي 1981ع
    ذات : ابڙو
    رهائش : ضلعو خيرپر ميرس 
    رابطو: (2738506_0303)
    تعلقو ڪنگري، ڪولاب جيئل 
    تعليم : انٽر سائنس 
    لکڻ جي شروعات : 1999ع
    ڇپيل مواد : خبرون، سوڀ ، عبرت ميگزين ، سنڌو ڊائجسٽ، هزار داستان ميگزين.
    لکيل. صنفون غزل ، گيت ، وائي ، ڪهاڻي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    اوهان جي سار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان
    سڄي سنسار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان

    کڻي دردن سندي صندوق پنهنجي يار هٿڙن ۾
    غمن جي بار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان

    نڪي يادون رکان تنهنجون ، نڪو تصور ٿئي جانان
    پراڻي پيار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان

    هليو هان ديس ڪهڙي تي پتو ڪوئي رهيو ناهي
    انهي اسرار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان

    وڇوڙي گهاو گهرا سڀ ڏنا سانول تہ تحفي ۾
    هجر جي هار کي سهڻا وسارڻ لاء نڪتو هان

    وائــــــي

    ٿو وڌي حق ڏي قدم،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!
    ٻاٽ ۾ ٻارڻ سندو ، 
    لاٽ جو آھي عزم ،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!
    سچ اندر ۾، سچ ٻاھر، 
    سچ لکي منھنجو قلم ،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!
    مون تہ رکیو آ سدا، 
    امن جو اوچو علم ،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!
    چٹنگ جا چولي لڳي، 
    شل رکان ان جو ڀرم ،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!
    ساڻ سانول نینھن جو، 
    آ رکیو ناتو صنم ،
    راھ ڇو روڪیو پیا..!!

    گيــــت

    جيء جياري سنڌي ٻولي
     ساھ کان پياري سنڌي ٻولي
    جنهن ۾ سچل شاھ سامي
    جنهن ۾ عنايت بيدل حامي
    سھڻي ساري سنڌي ٻولي
    جيجل جي آ ٿڃ ۾ شامل
    ٻاروتڻ ۾ جا ٿي حاصل
     محبت واري سنڌي ٻولي
    سھڻا سهڻا لفظ جڙن ٿا
    مطلب جنهن جا کوڙ ٿين ٿا
    سونهن سونهاري سنڌي ٻولي
    شل سداشاد رهي سانول
    دنيا ۾ آباد رهي سانول
    پياري پياري سنڌي ٻولي

    نظـــــم 

    امن جا ڪبوتر
    وري روح زخمي
    ڪري ويا اسانجو
    اسان جو نگر آ
    امن آستانو
    ڌمالن ۾ رقصان
    جتي هو قلندر
    اتي لاش پنهنجي
    اکين اڄ ڏٺا هن
    اهي لاش جيڪي
    اسان اڄ کنيا هن
    انهن جي شهادت
    ۽ سيوهڻ جي نگري
    امن ۽ صوفيت تي
    سڌو وار چئبو
    امن جا ڪبوتر
    رتو رت ويا ٿي
    بمن سان اڏاريا
    ويا جي ڪبوتر
    نہ موٽيا نہ موٽيا
    ائين ماريا ويا هن
    


    (32) عبدالله آس هنڱورجو

    تعارف نمبر (32)

    [شاعر[

    اصل نالو: عبدالله
    ادبي نالو: عبدالله آس هنڱورجو
    ولد: محمد سانوڻ ھنڱورجو
    جنم: 23 فيبروري 1989ع
    ذات :هنڱورجو
    تعليم : ايم.اي سنڌي
    رهائش : ڳوٺ ٻُگهار تعلقه مٺي ضلع ٿرپارڪر
    رابطو: (3137240_0315)
    ڇپيل مواد: سنڌ راڻي، عبرت ميگ، ڪاوش دنيا، هزار داستان، سڦلتا، گلشن لاڙ، عوامي آواز وغيره.
    لکيل صنفون : غزل، بيت، نظم.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ڏسي ڪي ماتمي منظر ستارا سوڳواريءَ ۾
    وطن ويران ۽ ويڙھا نظارا سوڳواريءَ ۾

    نڪا نوري نڪو آيو تماچي ڄام ڪينجهر تي،
    ڪنڌي تي ڪير ڪُوماڻا؟ ڪنارا سوڳواريءَ ۾

    سموري باغ کي ڀيلي اُڏامي ڏُور ويا پنڇي،
    اچي ڏس نيڻ مالهي جا اُڃارا سوڳواريءَ ۾.

    ڪٿي مورن ٽهوڪا سي ٻُڌي جو ننڊ آئي ٿي،
    ڏٺاسين سيم جا اڪثر سهارا سوڳواريءَ ۾.

    ڇڏيو تو راڄ پاڙو ڇو، اسان سمجهيو اڃا ناهي؟
     مري ويا ڳوٺ جا ڳڀرو وچارا سوڳواريءَ ۾.

    غــــــزل

    آيو آھي ڪير گڍي تي
    ڇمڪي پئي ٿي ڇير گڍي تي

    منظر مهڪيا خوب مٺي جا
    ڌريا هُن جو پير گڍي تي

    هُن جي آئي هر ڪنهن پاسي
    وکريون خوشيون ڍير گڍي تي

    سانوڻ سان گڏ ساجن ايندو
    ڪرڻ سنجهي مان سير گڍي تي

    آس اسان ڀي ويٺا هئاسين
    دلبر سان ڳچ دير گڍي تي.

     غــــــزل

    غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ.
    مُرڪ چپن تي آڻي ڇڏ.

    مُرڪن جا مينهن وسائي،
    رُتبا اعليٰ ماڻي ڇڏ.

    مند ملڻ جي آئي آ،
    تون ڀي رُساما هاڻي ڇڏ.

    مُک جي کٽ گُلابي تي،
    واڻ چڳُن سان واڻي ڇڏ.

    مايوسين آ من کي گهيريو،
    آٿت ڪا ته اُماڻي ڇڏ.

    رولاڪ اکين کي آس کڻي،
     هڪڙي ڪنهن ته ٺڪاڻي ڇڏ.

    غـــــزل

    روپ پَرِين جو ڌاري آئي
    چانڊوڪي کي ماري آئي

    سونهن سندءِ ڀيٽيون ڪنهن سان
    چوڏس چنڊ اُڀاري آئي

    تون ڇا ڄاڻين ساڻ گهڙي سان؟
    ڪهڙا ڪهڙا تاري آئي؟

    چيچ جهلي انسان هزارين
    ريٽا رڻ اُڪاري آئي

    سانوڻ جهڙي مرڪ چپن تي
    سڏ ڪري هُو واري آئي

    آس نراس جي ويلا ناهي
    مند ملڻ جي ساري آئي


    (33) سڪندر علي

    تعارف نمبر (33)

    [شاعر[

    اصل : نالو سڪندر
    ادبي نالو : سڪندر علي
    ولد : محمدابراهيم
    ذات : اوٺو
    جنم: 05 فيبروري 1985ع
    ڪرت : پرائيويٽ نوڪري
    رهائش : ڪراچي عارضي. رابطو: (8767010_0345)
    تعليم: انٽر. لکڻ جي شروعات: 2013ع
    ڇپيل مواد : سامروٽي مئگزين، ننڍڙا ليکڪ مئگزين، ٻاهياري مئگزين، سنڌ راڻي مئگزين، سنڌ ايڪسپريس، شام اخبار وغيره.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، بيت، وائي، چؤسٽا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    انتظاري جو مزو مون کان نه پڇ
    بيقراري جو مزو مون کان نه پڇ

    ڪالھه سنڌوءَ تي سنواريا وار جنهن
    ناز واري جو مزو مون کان نه پڇ

    ديد جنهن جي سان منهنجي آ عيد ٿي
    تنهن تون پياري جو مزو مون کان نه پڇ

    ٿر ڀٽن تي کيل ٿي کنوڻن ڪيا
    خوش گواري جو مزو مون کان نه پڇ

    روهيڙي جي گل جو جنهن تي ٽڙڻ
    ان تون ٽاري جو مزو مون کان نه پڇ

    ساھ ۾ جنهن پل سميٽيو تو کڻي
    ڪيف طاري جو مزو مون کان نه پڇ

    ساٿ جيڪو آ ڏنو ” سڪندر “ سدا
    ان جي ياري جو مزو مون کان نه پڇ

    نظــــــم

    پهريون ڀي سال گُذري ويو
    ٻيو هي سال گذري پیو
    پرین پوءِ الائي ڇو
    اچڻ ۾ دیر ڪئي آ تو
    سفا ھي رتُ بہ آ سھڻي
    سیاري جي جواني ۾
    سرد راتیون
    ننڍا ڏينهنڙا رھیا ھن
    زندگاني ۾
    گھاریان پيو چاھ مان گھڙیون
    انھيءَ ئي آشیاني ۾
    ٽڙي جت ٽھڪ تنھنجن ٿي
    فضا کي رونقون بخشیون
    گلابي گؤنچ ڪلین مان
    فٽا ٿي دل اندر جانا
    جڏھن لفظن جی ڳٺڙي کي
    کولي تو خیال ھئا اوریا
    اتي وچنن ۽ وڪڙن ۾
    ڀنڀا جي وار ھئا کولیا
    ڀريو هُوَم ڀاڪرن ۾ مون
    لاڙيو جيئن ڪنڌ تو لالڻ
    چُميم رخسار پبڙين کي
    گلابي لال لبڙن کي
    ڇلڪندڙ جام ڀي پيتو
    نشا ٿي نيهن جا نڪتا
    خماريل نيڻ تنهنجن مان
    انهي پل پيار تنهنجا ڀي
    گرم سي ساھ تنھنجا ڀي
    ڪیا ھئا قید مون دل ۾
    اڃان محفوظ آھن سي
    ڇڏیا ھئا لاشعوري ۾
    ٽٽل لفظن سندا جملا
    اڌوریون ڳالھڙیون اوریل
    اھي ئي پیار جون چوریل
    اڃان سی یاد آھن مون
    نہ وسریون وقت ویو گذري
    اڃان ڀي انتظاری آ
    منھنجي ناچیز اکڙین جي
    سجایل خواب سڀني کي
    سڪندر سانڀيان ڏيئي
    اسان جي سار لهي وڃ تون
    پرین ھاٹي ملي وڃ تون
     پرین ھاٹي ملي وڃ تون
    


    ( 34) فدا لغاري

    تعارف نمبر( 34)

    [شاعر]

    اصل نالو: عمران علي
    ادبي نالو : فدا لغاري
    ولد : تاج محمد 
    ذات : لغاري
    جنم: 1994ع
    رهائش :
    رابطو: (4450405_0341)
    تلعيم : مڊل 
    لکڻ جي شرعات : 2014ع
    ڇپيل مواد: هزار دستان 
    لکيل صنفون:  غزل، چؤسٽا، پنج ڪڙا وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    اميد ھر ڪا چاڪ ھئي
     حيات دردناڪ ھئي

    نه گل اڳي ها جهول ۾
    اڏي پئي جا خاڪ هئي

    حسين شام جي طرف
    ٽري منجهند ٽاڪ هئي

    ڪو عيب هو نه سونهن ۾
    نگاھ عيبناڪ هئي

    نفيس ڪيڏو ڏيک هو
    گلن مٿان پئي ماڪ هئي

    چون ٿا ناهين پاڪ تون
    مٽي ته تنهنجي پاڪ هئي

    غـــــــزل

    هوريان هوريان ڀرڻو آ
    پاڻ فنا ڏي سرڻو آ

    لڙڪن جا ڇنڊا ته نه هڻ
     جيءُ چئي ٿو، ڪرڻو آ

    چُپ جا ڪرف ٽٽڻ تي هن
    گيت چپن تي ٻرڻو آ

    توسان گهاريل هر لمحو
    روز هنئين ۾ هرڻو آ

    ساڀيان جنهن کي ڪانه ملي،
    خواب اکين ۾ جهرڻو آ.

    اونداهين جي نگري ڏي،
    نيٺ سويرو ٽرڻو آ.

    غــــــزل

    کوڙ ذھنن تي ويئي ڄمي ڌوڙ آ،
    ڪيتري جاهليت جي وسي ڌوڙ آ.

    تيز رفتار گاڏي لتاڙي ويس،
    ڪئي زريون ٿي هوا ۾ اڏي ڌوڙ آ.

    ڪجھه سجهي ئي نٿو، ويون اکيون پورجي،
    چئني پاسي رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ آ.

    منهنجي جذبن کي پاڪيزگي وئي ملي،
    ديس جي مون پوتر چمي ڌوڙ آ.

    جيءَ جي ڪٻٽ ۾ خواهشن جا ڪتاب،
    جن کي پوري ڇڏيو وقت جي ڌوڙ آ.

    تو ته ڏيکاءُ جا کوڙ ڦوڪا ڏنا،
     تنهنجي هستي مٿان ڪٿ لٿي ڌوڙ آ.
    
    در درين تي ڄميل پيا ٿا ڄارا ڏسون،
     ڪنهن جو گهر آ فدا پئي ٽڪي ڌوڙ آ.


    (35) عزيز ”مھراڻ“ سومرو

    تعارف نمبر (35)

    ]شاعر]

    اصل نالو: فقير عبدالعزيز
    ادبي نالو: عزيز ”مھراڻ“ سومرو
    ولد : حافظ غلام حسين 
    جنم : 01 مارچ 1993ع
    ذات : سومرو
    رهائش : ڳوٺ ماٿيلو مومل جي ماڙي ضلعو،تعلقو گھوٽڪي
    رابطو: (3164064_0300)
    تعليم: انٽر ۽ حافظِ قرآن.
    لکڻ جي شروعات: جنوري 2016ع
    ڇپيل مواد: عوامي آواز، سوڀ ، سنڊي مئگزين وغيره
    لکيل صنفون :غزل،نظم،چارسٽا وغيره
     هڪ ڪتاب جو اڻ ڇپيل مواد موجود آھي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ياد آئينءَ مٺي، درد ڀَڙڪِي پيو
    سار جي سيءُ ۾ جيءُ سَڙڪِي  پيو

    تو اچڻ جو ٻُڌِي نيڻ در ۾ کُتا
    ۽ ڪڙي جان مِٺِي ساھ ُ لَڙڪِي  پيو

    سونهن ھاٺِيل ھُئي،مون نه تاتيو هينئون
    عِشقُ جائو ڪُڪُڙ، نيٺ  ڦَڙڪِي پيو

    منهنجي من جي ڇَپَرڙي مٿان دوستو
    وِڄُّ وانگي وڇوڙو آ ڪڙڪي پيو

    ھاءِ! جيجل پڄاڻان ته مھراڻُ جو
    آرسِي جان ڪِرِي ڀاڳُ ٽَڙڪِي  پيو

    چؤ سٽـــــــا

    ڪاوڙيل آ ته پو ٻَک ڇو ٿو وجھي؟
    بيوفائي مٿان، ڪَک ڇو ٿو وجھي؟
    جي نھاري ته ٿي پيو ڏوھي عزيز!
    پاڻ مھراڻ ۾،  اَک ڇو ٿو وجھي؟

    رئيس، ڀوتار جي چاپلُوسِي نه ڪر
    تون جُتي ناس سان ڪابه نُوسِي نه ڪر
    هٿ ڏنا ٿي خدا، کاءُ ڪمائي عزيز!
    ڪا بچايل هَڏِي مُور چُوسِي  نه ڪر

    غـــــــزل

    وڇوڙي هِي جِيوَن، ڇِڇوڙيو گھڻو آ
    اڪيلي اوهان بِن، مون  لوڙيو گھڻو آ

    ڀَڄان ها اگر آرسِي جان ته بِھتر!
    اوهانجي غمن مونکي ٽوڙيو  گھڻو آ

    دُعا دستگيري گھُرِي ڪيرُ تاري؟
    دنيا منهنجي ٻيڙِي کي ٻوڙيو  گھڻو آ

    سڄو ڳوٺ ويو آ مِٺِي واسجي تَڏ،
    اڳي کان تو زُلفن کي ڇوڙيو  گھڻو آ

    نڪوئي ٿو مونکي سندس ڏس پتو ڏي،
    وفا کي تلاشيو، مون ووڙيو گھڻو  آ

    مَڳِي وَئِي مَرِي آھِ مھراڻ تُنھنجي!
    اندر عِشقُ تُنهنجو نِچوڙيو گھڻو  آ
    


    (36) امتياز خاصخيلي

    تعارف نمبر( 36)

    ]شاعر، ڪمپيئر]

    اصل نالو: امتياز علي
    ادبي نالو: امتياز خاصخيلي
    ولد: علي مراد 
    ذات: خاصخيلي
    جنم : 14مارچ 1985ع. تعليم: ايم.اي سنڌي ادب، ايم.ايڊ
    رهائش : شهر ٻيراني، ضلعو سانگهڙ
    رابطو: (2376763_0303) لکڻ جي شروعات: 2001ع
    وجھِه شھرت ڪمپيئر : ايف ايم 91 ٽنڊو آدم 
    ڇپيل مواد : سنڌو، امرتا، نئين زندگي، سوجهرو، ادب، اديب هزار داستان، سلسليوار عڪس  وغيره. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    بيوفا ٿي وئين
    ڇو جدا ٿي وئين

    ڪالھه ڇا تون هئين
    اڄ ته ڇا ٿي وئين

    مان ته سهڻي هيس 
    تون درياءُ ٿي وئين

    ڪالھه پرتو هئين
    اڄ  جدا ٿي وئين

    ڪنهن نه مونکان پڇيو
    ڇو فنا  ٿي وئين

    ابتدا مان هيس
     انتها ٿي وئين

    تون به اڄ مطلبي
    ڇوڪرا ! ٿي وئين

    نظـــــم

    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون
    اسان کان ايئن نه گذرن ٿيون
    جدائي جون مٺيون ڪاتيون
     عتابن جيئن الرن ٿيون
    اسان جي دل جي آڳر تي
    ڪڏهن مھمان ٿي اينديئن
    دکن جي درد جو ڪڏھين
    ڀلا درمان ٿي اينديئن
    نچي ٿو نينهن نانگو ٿيو
    جوانيَ آر وانگر آ
    حياتي پر سواِ ڪنهن جي
    نڌڻڪي ٻار وانگر آ
    عمر جا پير راھن ۾
    ٿي نڪري واٽ واٽن مان
    صديون گذريون پڇائن ۾
    ڪڍيو غم ڪو نه ٻانهن مان
    اکيون گونگيون ايامن کان
    پڇائن پار ٿيون تنهنجا
    مسافر سال ويو گذري
    پرين من ھيل ٿيون تنھنجا
     پرين من ھيل ٿيون تنھنجا
    


    (37) راجا کٽي

    تعارف نمبر (37)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار ، ناول نگار، ڪالم نويس[

    اصل نالو : نورمحمد.
    ادبي نالو: راجا کٽي
    ولد : حاجي عبدالقادر
    ذات : کٽي
    جنم : 25 ڊسمبر 1972ع . رهائش : چوھڙ جمالي.
    رابطو: (3148308_0311). تعليم : انٽر
    لکڻ جي شروعات : 2015 ع
    ڇپيل مواد : عقيق مئگزين، هزار داستان، ڊائجسٽ وغيره
    ڇپيل مواد : غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻيون، ناولَ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾. هڪ ڪتاب ” گلن کي سزا “ شاعري ڇپيل.
    اڻ ڇپيل مواد : هڪ ڪتاب ” آخري ڌمال“ ناول، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو تيار آهي ۽ هڪ شاعريءَ جو، اڃا هڪ ناول ”پڳ عشق جي مصلّي تي“ جو ڪم جاري آهي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نظــــــم

    حقيقت حال جِي ڏسندين، مٺا ماڻهو مري ويندين
    اسان کان ڌار جَي  ٿيندين، مٺا ماڻهو مري ويندين
    لڪائي دل رکيو آهي ڪرڻ ظاهر نٿي چاهي
    چري ناهي هُو سمجهي ٿي اوهان ۾ سهپ ئي ناهي
    اشارا پيا ملن اھڙا هوا ٿي مٺ گُري آهي
    ڇهين حس پئي ڏَسي مون کي هوا هي راز کوليندين
    انهي کان سور سي سُڻندين، مٺا ماڻهو مري ويندين
    اسان کان ڌار جي ٿيندين مٺا  ماڻھون مري ويندين
    اوهان سان پيار جو ڪاٿو انگن اکرن کان ٻاهر آ
    وري اهڙو جڙيو ناتو انگن اکرن کان ٻاهر آ
    اسان کي درد ڪيئن ڄاتو انگن اکرن کان ٻاهر آ
    شاهاڻي درد کي ڏسَندي! جبل پرزا ٿيا سارا
    اُتان جي شاهدي وٺندين، مٺا ماڻهو مري ويندين
    اسان کان ڌار جي ٿيندين مٺا ماڻهو مري  ويندين
    وڏي ڪوشش ڪئي آهي، مونکان پر جهل نٿي جهلجي
    اوهان جي ياد کان خالي گهڙي ڪا پل نٿي جهلجي
    عجب منظر ڏسان ويٺو ڏسڻ سان کِل نٿي جهلجي
    ڪبوتر باز جي پويان لڳو آهي شڪاري ٿي
    چريائپ پاڻ سان رکندين مٺا ماڻھو مري ويندين
    اسان کان ڌار جي ٿيندين مٺا ماڻھو مري  ويندين

    غـــــزل

    اسان عاشق آهيون ليڪن اوهان جي ڳالھه ٻي آهي
    هڻي ڇالون ڀلي هرڻي اوهان جي  ڇال ٻي آهي

    وڏا ماهر ڪَھي آيا ڪُڏڻ لئہ راند شطرنج جي
    پيادا سڀ ويا پٽجي اوهان جي  چال ٻي آهي

    نہ گولي ڪا هلي ڪنهن تي نہ بوءِ بارود جي آئي
    مگر جنهن ٿي ڪيا زخمي! اُها  دونال ٻي آهي

    ثناءَ محبوب تنهنجي مان ڪيان جيڏي لڳي ٿوري
    اسان جا سُر وڃن وکريو اوهان جي تال  ٻي آهي

    ڏکن پنهنجن تي روئان ٿو! تڏهن آهن اکيون ڳاڙهيون
    اوهان جي ڪيف ۾ ٿيندي، اکين جي  لال ٻي آهي

    گهڻا ئي ڏينهن ويا گذري کٽي راجا ڪا واهر ڪر
    هزارين ٿيون اچن ليڪن  اوهان جي ڪال ٻي آهي
    


    (38) مفلس ٻگهيو

    تعارف نمبر (38)

    ]شاعر]

    اصل نالو: مولابخش
    ادبي نالو: مفلس ٻگهيو
    ولد : محمد ادريس 
    جنم : 11 ڊسمبر 1994ع
    ذات : ٻگهيو
    رهائش: نوابشاھ
    رابطو: (3646868_0323)
    تعليم: انٽر
    لکڻ جي شروعات : 2016ع
    لکيل صنفون: غزل،نظم، گيت،چارسٽا، قطعا، وائي وغيره

     هڪ ڪتاب جو مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    توکي دولت ڌن جون سوچون
    مونکي مارن من جون سوچون

    ڪونه مريدن جي لئه سوچي
    مرشد کي بس ڏن جون سوچون

    وڻ ڀي ڇاڻي ويندي آهي
    ڪهڙيون خزان کي پن جون سوچون

    صاف ڀلا ڪيئن هونديون يارو
    رهبر جانۡ، رهزن جون سوچون

    سَينَ هڻي ٿو پينو در تي
    ان کي آهن کَنَ جون سوچون

    سوچي گاڏين ڪاڻ وڏيرو
    مفلس کي هن ان جون سوچون

    غــــــزل

    هن سنڌ جي ڏکڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر
    مسڪين جي ڪکڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    محبوب جي واکاڻ تون هر شعر ۾ آهين ڪندو
    مزدور جي هٿڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    گرمي هجي سردي هجي محتاج وٽ ساڳا وڳا
    تن ڦاٽلن ڪپڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    رئندي رهي ساري عمر ٻچڙا رهيا جنهن کان پري
    ان ماءُ جي ڳوڙهن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    سٽ سٽ هجي سورن سندي خود شاعري دانهون ڪري
    تون واقعن اهڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    جن سنڌ کي آهي لٽيو کائي سڄي ”مفلس“ ويا
     ها تون انهن مڪڙن مٿان شاعر ڪڏهن لکندو به ڪر

    غــــــزل

    رهون ٿا سدائين محبت جي ويجهو
    نه ڏسندين اسان کي تون نفرت جي ويجهو

    ڪپي ماءُ جو ٿو ڳلو پٽ به هاڻي
    لڳي ٿو پڳا هون قيامت جي ويجهو

    گناهن جي پٺيان مسلمان آهي
    هجڻ جنهن کي گهرجي عبادت جي ويجهو

    حياتي هي گذري رڳو خواب ڏسندين
    نه پهتا اڃان هون حقيقت جي ويجهو

    اڙي حڪمرانو اوهان جي بدولت
    وڃين قوم پهتي آ غربت جي ويجهو

    نه گل آڻ سهڻا ڪنڊا ئي کڻي آ
    رڳو ويھه مفلس جِي تربت جي ويجهو
    


    (39) فياض سمائر 

    تعارف نمبر (39)

    [شاعر[

    اصل نالو : فياض احمد 
    ادبي نالو :  فياض سمائر 
    ولد : شمس الدين
    ذات : سمائر 
    جنم: 8 مئي 1985ع
    رهائش : ڳوٺ سلطانپور، تعلقو پنوعاقل سکر
    رابطو: (3462825_0304)
    تعليم : ايم.اي سنڌي.  ڪرت : سرڪاري استاد
    لکڻ جي شروعات : 2005ع
    لکيل صنفون : غزل، نظم، چوسٽا ۽ نثر.
    ڇپيل مواد : سنڌو، عبرت ميگزين، گل ڦل، ڪاوش، ڪوشش.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ديد اڄ روبرو ڪري وٺجي
    يار سان  گفتگو ڪري وٺجي

    ڳالھه دل جي زبان تي آڻي
    هر عيان آرزو  ڪري وٺجي

    وار محبوب جا وري ڇوڙي
    گهر سڄو نازبو ڪري وٺجي

    سنڌ ڌرتيءَ ۾ پڳا آهيون
    ترس پهريان وضو ڪري وٺجي

    هوءَ ڀل جان ملي، ملي نہ ملي
    پوءِ بہ ڪا جستجو ڪري وٺجي

    جنگ جوٽي فياض جابر سان
    سِر سندو سرخرو ڪري وٺجي

    نثري نظــــم

    “ٻار”


    ابا...
    مان ته جيڪو پني آيس
    روز جيان
    اهي پئسا مونکان کسي!!!
    چرس پيئندين.. !
    مونکي به بک لڳندي آ
    مان ڇا کائيندس...؟؟؟
    ابا........
    ڀر واري پکي ۾
    پڇندڙ ماني جي خوشبو
     مونکي سمهڻ نٿي ڏي..!!

    غــــــزل

    الفت کي ڇاڪاڻ ڪڍون
    قلب منجهان ڪاراڻ ڪڍون

    ڌاريا دنگ لتاڙن پيا
    حد جو ليڪو هاڻ ڪڍون

    پاڻ پرين جي پرچي پئي
    ڪنهنجي ڇالئہ ڪاڻ ڪڍون؟

    خوشحالي جا خيما کوڙي
    غربت جي گدلاڻ ڪڍون

    ڪين وٺي ڇڪتاڻ جنم
    من مان جي ميراڻ ڪڍون

    مرڪ پکيڙي مک، مک تي
    اکڙين مان آلاڻ ڪڍون
    


    (40) سائينداد مڱريو

    تعارف نمبر (40)

    [شاعر]

    اصل نالو: سائينداد مڱريو
    ادبي نالو: ساڳيو
    ولد: جمال دين مڱريو
    جنم: 04 مارچ 1984ع
    تعليم: گريجوئيٽ
    رهائش: امرڪوٽ
    رابطو: (3572004_0345)
    ڇپيل مواد: ڪاوش دنيا، هلال پاڪستان، عوامي آواز ۽ ٻيا سنڌي رسالا ۽ اخبارون.
    صنفون: غزل۽نظم

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ڪهڙا ميگهه ملهار، آئون سوچيان ٿو
    توبن منهنجا يار آئون سوچيان ٿو

    دنيا جو سوچي تنهنجي باري ۾
    ساري جڳ کان ڌار آئون سوچيان ٿو

    تون ڄڻ رانديڪو توکي ماڻڻ لئه
    بڻجي ننڍڙو ٻار آئون سوچيان ٿو

    موت نه ماريو آ ماڻهو کي ڪڏهن
    ماريو آهي ميار آئون سوچيان ٿو

    ٿي آ رات ختم پنهنجي ليکي ئي
    ياتو ويڙهيا وار آئون سوچيان ٿو

    ٻارڻ ٻاريندي مونکي ماريندي
    ساجن تنهنجي سار آئون سوچيان ٿو


    غــــــــزل

    ڪاُڪُلن کان روز ٿو ڪکجي غزل
    ٻانهن تنهنجي ساڻ ٿو ٻکجي غزل

    چنڊ جان ٿو چاهه ۾ چمڪي پوي
    مُرڪ تنهنجي ساڻ ٿو مکجي غزل

    گيت سڀ تنهنجي گلي تان گهورجن
    روز تنهنجي راهه ۾ رکجي غزل

    ڇير جي ڇم ڇم جيان ڇمڪي نه جو
     جک وانگر ڇو ڀلا جکجي غزل

    غـــــــزل

    هڪڙو گُل سئو خار اسانجي کاتي ۾
    دردن جا انبار اسانجي کاتي ۾

    توسان ئي جوڀن آ توسان جيون آ
    توبن ڇاهي يار اسانجي کاتي ۾

    تنهنجي سوڀ ۽ سوڀيا خاطر او ساٿي
    هر هر آئي هار اسانجي کاتي ۾

    ڪاش وٺين سئو بار جنم تون دنيا ۾
    ڪاش اچين سئو بار اسانجي کاتي ۾

    ڀل تون پنهنجي دنيا ۾ ئي رهندو ڪر
    چار گهڙيون ڪي گهار اسانجي کاتي ۾

    تنهنجون سوچون تنهنجون ڳالهيون ۽ ٻيو ڇا؟
    ۽ ٻيو تنهنجي سار اسانجي کاتي ۾
    


    (41) صفيه ڪنول

    تعارف نمبر (41)

    [شاعره، ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو: صفيه
    ادبي نالو: صفيه ڪنول
    ولد: محمد طيّب
    ذات : ابڙو
    تعليم: بي.اي
    رهائش: نصرپور
    لکڻ جي شروعات : ننڍپڻ
    ڇپيل مواد: عبرت مئگزين، پرھ، بختاور، ڪاڪ مئگزين، ڪاوش، سرتيون، امن اخبار، هلال پاڪستان، خادمِ وطن، جاڳووغيره.
    لکيل صنفون: غزل، نظم، گيت، وائي وغيره
    هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ. اُن کان علاوه اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    بي اعتبار دنيا، بي اعتبار ماڻهو
    بيوس کي وڌيڪ ڪن ٿا لاچار ماڻهو

    جذبا احساس ڪچلن ٿا ايئن
    ڄڻ ته هجن تکي تلوار ماڻهو

    سون جي روپ ۾ ڪچو ڪائو
    مري ويا جي هيا مڻيادار ماڻهو

    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جو اندر ڪارو
    مرون مُهانڊا ٻين لاءِ آزار ماڻهو

    ڪيترن رنگن جا نقاب وٽن آهن گھڻا
    ڪامياب به دنيا ۾ اهڙا فنڪار ماڻهو

    ڪنول تو جهڙن لاءِ ڇو بڻيل آهن
    اهڙا ڪِريل انسان ڄڻ للڪار ماڻهو

    نثري نظــــم

    منهنجا سپنا..!!


    بهار جي
    حسين رنگ سان رتل
    او منهنجا سپنا..!!
    اچ ته گلي ملي
    روئي موڪلايون..!!
    جو وڇوڙي جو وقت
    ڪاريهر جيان
    اچي رهيو آهي..!!
    ماٺ جي ميدان ۾
    اکين جو شمعون
    ميلاپ جي ساري روشني
    وڃائي ويٺيون آهن
    ۽ اونداهين ۾
    سموريون واٽون
    وڃائجي ويون آهن..!!
    چاهنائون، حسرتن جو
    رَئو اوڍي
    سمهي رهيون آهن..!!
    دل جي هر ڌڙڪن
    ساهن جي سرگم تي


    (42) عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو

    تعارف نمبر (42)

    ]شاعر، مضمون نگار]

    اصل نالو : ڊاڪٽر عبدالغفار
    ادبي نالو : عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو
    ولد : عبدالرزاق . ذات : جوڻيجو
    جنم : 20 مئي 1967ع
    رهائش : سول اسپتال ڪالوني، مٺي ٿرپارڪر.
    رابطو: (2644798_0320)
     تعليم : بيچلر آف ڊينٽل سرجري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڊپلوما ان ڪميونٽي هيلٿ مينجمنٽ اسلام آباد.
    لکڻ جي شروعات : 1993ع
    ڇپيل ڪتاب : ”نيڻن ننڊ اکوڙ ۾“ ڀٽائي سائين تي مقالو ڇپيل
    ڇپيل مواد : مختلف، اخبارن ۽ رسالن ۾. 
     لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره.
    اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جو مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    زندگي ڄڻ ڪو فسانو آ
    وحشتون ۽ بس ويرانو آ

    دل دردن جو آ ڪو مسڪن
    چاهه چريو ۽ ديوانو آ

    ڪوئي ڪنري وڃي ته وڃي
    نينهن نبريو واهه زمانو آ

    هي ڀنڊار اٿم يادن جا
    ڪهڙو ڪو ٻيو خزانو آ

    ڪيڏو سُڏڪي ساهه صحرا ۾
     عبد ئي ڇو ته نشانو آ،

    غـــــــزل

    پراڻا پيار ڪي ساري
    الائي اڄ آڌيءَ ڌاري

    وري هن سار ساروڻيون
    جدا ڪيئن ڪو گهاري

    رخ تي وار وکريا پئي
    وئي هوءُ مفت ۾ ماري

    چيم چنري نه کسڪايو
    سڄو پيو لوڪ ته نهاري

    اکين جي زير زبرن سان
    وجهو ٿا ورهه جي واري

    ڪِريو ڪو عبد آ ڪُن ۾
    تون ئي آ کيس ڪو تاري

    نظـــــــم

    پتڻ جي پار تي پهچي،
    جڏهن سوچن ۾ ساري ڪو،
    واري ڪنڌ نهاري ٿو،
    اهو لمحو ته ماري ٿو.
    اتر جا هن اوهيرا ڪي،
    لڳي ٿو سار جا پنڇي،
    اونهي آڪاش۾ اڏري، 
    دڳن کان دور هن ڪيڏا،
    ٿڪل ڪي چور هن ڪيڏا،
    وڻن کي واءُ ٿو ويڙھي،
    پنن جي پهچ ئي پٽ تي،
    ڇڻڻ جو ڇا ڪجي آخر،
    ذهن کي سوچ ٿي رهڙي.
    اسان جي آس آکيرا،
    هئا لٽڪيل ته لامن ۾،
    زخمي زرد شامن ۾،
    وڏا ڪي وڻ هئا واقعي،
    ٿر جي ٿاڪ جا منظر،
    منجهند ٽاڪ جا منظر.
    دلڙي درد بس هاڻي،
    دڙن تي ديد نه دلبر،
    ملندو ڪير رب ڃاڻي.
    سڪايل جون صدائون هن،
    تماچي تو بنا تڙ تي،
    نوريءَ جون نگاهون هن.
    وڇڙي هُن وڃڻ وايون،
    وکيريا جذبا جيون جا،
    چري دلڙي ڇا دهرايون.
    مڙئي پيا پاڻ پرچايون.
    ڪٿي ڪونجون،ڪٿي آڙيون،
    ولرکان جا وئي وڇڙي،
    اڀاڳڻ سا ڪيئن واريون.
    پکين جي پريت پيا ساريون.
    شفق ۽ شام جو ايندا،
    مٺا مهراڻ ڇولين ۾،
    کڻي پيار جهولين ۾،
     کڻي پيار جهولين ۾.
    


    (43) عبدالسلام ٿھيم

    تعارف نمبر (43)

    ]شاعر، ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو: عبدالسلام 
    ادبی نالو:عبدالسلام ٿھيم
    ولد : محمد مبارڪ 
    ذات: ٿھيم
    رهائش : جاتي ٽائون، تعلقوجاتي، ضلعو سجاول.
    رابطو: (2565570_0333)
    تعلیم :ايم.اي (سنڌي)، ايم.ايڊ
    لکٹ جي شروعات :  1995ع
    لکيل صنفون : غزل، ڪھاڻيون، ڪالم، مضمون، تاثر وغيره 
     ڇپیل مواد :ھزارداستان، عبرت مئگزین، ڪاوش ميگزين، ڪاوش گئلري، شام، تخيّل، سنڌو، سنڌ ايڪسپريس، ھلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، گل ڦل، سوجھرو.
    ڇپیل ڪتاب : اوسيئڙي ۾ جڙيل آس (ڪھاڻيون) ڪنول پبليڪيشن 2013ع، مينھن آيو ڊوڙي (ٻاراڻيون ڪھاڻيون) ۽ “نورالدّين نفيس جو فن ۽ شخصيت“ تياري مرحلي ۾.

    سندس تخليق مان هڪ ونڊ.

    ڪهاڻــــــي

    (سرپرائيز)


     مير صاحب رٽائرڊ پروفيسر ھو،درس و تدريس دوران ھو ڪالم به لکندو ھو،تنھنڪري سندس علمي توڙي ادبي فيلڊ ۾ چڱي موچاري سڃاڻپ ھئي.
     اڄ اڃا ننڊ مان سندس اک ڪونه کُلي ھئي،تيستائين سندس موبائل جي ٽون وڳي ۽ سجاڳ ٿي ويو،ھن اکيون مھٽيندي ڪال اٽينڊ ڪئي ته آواز آيو
    ”سر توھانکي مبارڪون.....“ 
    ھي خير مبارڪ ڪري سوچڻ لڳو ”ھي واڌايون ڇا جون،اڄ نه عيد نه برات....ڀليو ھوندو پڪ سان.....!“
    ھو اٿيو،تيار ٿيڻ لڳو ته ٻيھر کيس ڪال آئي،آواز ٻيو ڳالھه ساڳي…
     ”آخر ھي سڀ ڇا پيو ٿئي....اڄ تاريخ...پھرين اپريل....مطلب ته مونسان پيا اپريل فول ملھائين....ھون بيوقوف....!؟“
     ھن سان ائين ٿيندو رھيو،ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا ته ڪي اڻڄاڻ ھنکي واڌايون ڏيندا رھيا ۽ ھي خوش اسلوبيءَ سان کين جواب ڏئي پنھنجي پرِ ۾ ھنن کي بنائي رھيو ھو،منجھند تائين ھن کي پنج ڪالز اچي چڪيون ھيون،مارڪيٽ کان گھر وڃي رھيو ھو ته کيس ٻيھر فون ڪال آئي،گرميءَ سبب سندس مزاج ۾ ڪجھه تيزي ھئي،ڪال اٽينڊ ڪيائين
    ”واڌايون سر.....توھانجي وڏي حياتي لاءِ دعاگو آھيان.....“
    ھن ڌيرج سان وراڻيو
    ”مھرباني پٽ.....پر توکي حياءُ ڪرڻ گھرجي....“
    سامھون وارو نوجوان پريشان ٿي ويو
    ”حياء.....سر ڇو مون ڇا ڪيو.....!؟“
    ھن جذباتي ٿيندي وراڻيو
     ”پنھنجي پيءُ جيڏي سان مذاق ڪرڻ توکي زيب ڏي ٿو ته ڀلي ڪر......باقي پٽ تون اپريل فول مونسان ڇا ملھائيندين....مون تو جھڙا ڪيئي اُٺ پڙھائي ڇڏيا.....“
    وش ڪرڻ واري نوجوان کي ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي،تنھن چيو
    “سر آئون اکين وارو آھيان،توھان منھنجا بزرگ آھيو....مونکي شرم ڪونه ٿيندو جو توھان سان......“
    پروفيسر سندس ڳالھه ڪٽيندي طنزيه لھجي ۾ وراڻيو
    ”پوءِ ڇا پڻين جو پيريءَ ۾ پٽ ڄائو آھي،جو واڌايون......“
    نوجوان مسڪرائيندي وراڻيو
    ”او نو سر.....اڄ توھانجو برٿڊي.....فيسبوڪ تي......!!“
    ”منھنجو ڀرٿڊي...........فيسبوڪ.......!…او او سوري ينگ مين....ٿينڪ يو......“
    پروفيسر کي ڪجھ افسوس ٿيو،سوچڻ لڳو
     ”پر آئون ته فيسبوڪ تي ناھيان....پوءِ ھي سڀ.....!!....پڪ سان مون واري پوٽي خرم جي شرارت آھي....بس گھر پھچان ته ڪن پٽيانس....“
     پروفيسر کي ڪالز تي واڌاين جو سبب ملي ويو،تڪڙو تڪڙو گھر ڏانھن ويو،ھن دروازي تي بيل جو بٽڻ ڌٻايو،نوڪر آيو،
    جيئن دروازو کليو،ته اندران خوشيءَ مان آواز آيا
    ”ھيپي ڀرٿڊي ڊيئر گرانڊ فادر....ھيپي برٿڊي بيلوڊ ابو.....“
    ھن کان سرپرائيز جي خوشيءَ ۾ شڪايت وسري وئي ـ
    


    (44) اداس سولنگي

    تعارف نمبر (44)

    ]شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو: نبي بخش 
    ادبي نالو: اداس سولنگي
    ولد : خالق ڏنو
    جنم: 15 جنوري 1970ع
    رهائش : ڳوٺ لال ٻاٽي، اسٽيشن پليجاڻي، ضلعو مٽياري.
    رابطو: (3096402_0307). تعليم : بي.اي
    ڪِرت : پرائمري استاد. لکڻ جي شروعات  : 1985ع
    لکيل صنفون: غزل، گيت، بيت، وائي، ڪافي، نظم، نثري، نظم، ٽيڙو، قطعہ، قصيده، نوحا، منقبت، ڪهاڻيون، مضمون، ڊائري، ڪالم، رپورٽنگ وغيره.
    ڇپيل مواد : ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، ڪاڪ، صبوح، امرتا، ڪينجهر، عبرت مئگزين، هالار، هزار دستان، پورب، سنڌ رنگ، سنڌ لائين، ادب، سنڌ روز، آواز ادب، عبرت، ڪاوش، آفتاب، سنڌ سجاڳ، سوڀ، برسات، سنڌو، مومل، ميرانپور، سنڌ سماچار، عوامي آواز، عرش، هاڪ.
     ڳايل شاعري : فوزيہ سومرو، ديبا سحر، ثمينہ ڪنول، الهڏنو جوڻيجو، محبوب خاصخيلي، محمد رحيم سولنگي، زمان خاصخيلي، مولا بخش مري، پير پپو، عنايت مري.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    آزاد نظــــــم

    چپن کي چمين جو لطف ياد ناهي
    لڳل خامشيءّ جو سدائين هو پهرو
    وسڪار جي رت آئي تہ هئي پر
    اڃايل اميدن جي ڌرتي سڪل هئي
    ڏڪارن جي ور هو سڄو ديس دل جو
    نگاهن جو مهراڻ هو خشڪ بنجر
    خيالن جا نازڪ پکيئڙا اڃارا
    ڇتيءّ اُ س ۾ آب جي ڍڪ خاطر
    اڏامي اڏامي ٿي ساڻا ڪري پيا
    مري نيٽ ويا ڦٿڪي ڦٿڪي ويچارا
    سهارن جا گهنگهور بادل بہ برسيا
    هئي روح کي ڏاڍي رم جهم جي حسرت
    ڪلي گل ٿيڻ لاء آتي بہ هئي پر
    وفائن جي ڏاڍي رٽل سانوڻي هئي
    نہ پرتي نہ پرتي نہ برسي نہ برسي
    نہ من تي مهربان ٿي ڪا بہ موسم
    خفا عرش هو پنهنجي ڌرتيءّ تي ڏاڍو
    هئي چنڊ کي روشنيءّ کان شڪايت
    سنڌوءّ جا ڪنارا بہ هئا گڏ هميشه
    تڪيندا رهيا بس پري ئي پري کان
    ڪڏهن هئا مليا ڪنهن ڏٽا ڪير چوندو
    ڪري خواب ڇرڪن حوالي ڇڏياسين
    رناسين بہ اهڙو لڪائي لڪائي
    نڪي ڪير جاڳي نڪي سوال اڀرن
    نصيبن جي ڪاري سڄي رات جاڳي
    ستارن جي ڇٿر بہ سهڻي پئي ٿي
    شڪايت جي هرگز اجازت نہ هئي ڪا
    لڳل خامشيءّ جو سدائين هو پهرو
     چپن کي چمين جو لطف ياد ناهي

    وائـــــي

    اکڙيون آليون پيٽ بکايل ابهم ٻارن جا
      ديس دلارن جا
    در در دهشت هيسيل چهرا مٽڙن مارن جا
    ديس دلارن جا
    ڦٽڪا ڪوڙا تن من گهايل مڙس متارن جا
    ديس دلارن جا
    مائن ڀيڻن چچريل لاشا ورتا پيارن جا
    ديس دلارن جا
    چنڊ اداس ۽ جهيڻا تارا سنڌڙيءّ وارن جا
      ديس دلارن جا
    


    (45) فرهاد جروار

    تعارف نمبر (45)

    ]شاعر]

    اصل نالو : محمد شريف 
    ادبي نالو : فرهاد جروار 
    ولد : جمعون خان 
    ذات : جروار 
    رهائش : خير محمد جروار, تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار.
    رابطو: (3901722_0346) 
    جنم : 29 سيپٽمبر 1978ع 
    ڪرت : زميندار ۽ دڪاندار.
    تعليم : بي.اي آنرس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 
    لکڻ جي شروعات : 1994ع 
    سنڌ جي تقريبن سڀني رسالن ۾ مواد ڇپيل اُن کان علاوه گڏيل شاعري جي مجموعي “پير پير جو پنهنجو پنڌ “ ۾ شاعري ڇپيل  
    ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود. 
     لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، چوسٽا، بيت، پنجڪڙا، دوها .

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غـــــــزل

    درد جي ديس ۾ هر خوشي اوپري
    تو سواءِ ٿي لڳي  زندگي اوپري

    ساٿ تنهنجو هيو ڏيھه پنهنجو هيو
    تو پڄاڻان ٿي دنيا وئي  اوپري

    درد تو وٽ اگر جي نه آھي ڪوي
    بي بقا پو سڄي شاعري  اوپري

    جيئن دل ۾ لٿي مون به محسوس ڪئي
    هٿ تنهنجا هئا هئي ڇري اوپري

    مائٽن جو ڀرم جنهن رکيو ماٺ ۾
    ان کي ور جي لڳي هر چمي اوپري

    کولي البم پراڻا جو فوٽو ڏٺئين
     پاڻ کي پاڻ ئي هو لڳي اوپري

    دوستن جا دلاسا لڳا عارضي
    هيڪلو ٿي ڏٺم دوستي اوپري

    ڪالھه “ فرهاد“ کي جيڪا ڏسندي رهي
    هون ته پنهنجي هئي پر لڳي اوپري

    غـــــــزل

    هو جي سجائي دار سمهي پيا
    سچ ڪري نروار سمهي  پيا

    اڌ ۾ رهجي وئي آکاڻي
    ٻڌندي ٻڌندي ٻار سمهي  پيا

    پورو ٿي نه سگهيو ليکڪ کان
    ناول جا ڪردار سمهي  پيا

    هن جي يادن جا ڪوڙيئڙا
    مون ۾ ٺاهي ڄار سمهي  پيا

    گذريل لمحا نازڪ دل تي
    کولي پنهنجا وار سمهي  پيا

    وڏڙا ننڍڙن کي ورثي ۾
    خوني ڏيئي تڪرار سمهي پيا

    پنڇي پنڃري ۾ هو ساري
    پنهنجي تيز اڏار سمهي  پيا
    


    (46) شيخ نديم

    تعارف نمبر (46)

    [شاعر[

    اصل نالو: نديم حسين شيخ
    ادبي نالو : شيخ نديم
    ولد: عبدالستار 
    جنم: 07 فيبروري 1984ع
    ذات :شيخ 
    رهائش : رند ڪالوني، سامهون الله آباد، لاڙڪاڻو سنڌ
    رابطو: (3399983_0346) 
    تعليم: انٽر 
    لکڻ جي شروعات: 1998ع
    ڇپيل مواد :  ادب، هالار، پندرنهن روز عبرت مئگزين، سوجهرو، هزار داستان وغيره. 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم. 
    گڏيل شاعري جو مجموعو “برکا بوند بهار جي” ۾ شاعري ڇپيل.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    ناهي ڪوئي نه گهر هوا وانگي
    پيو ٿو گذري سفر هوا  وانگي

    جو ڏسڻ لئه نگاهه تڙپي ٿي
    سو نه آيو نظر هوا وانگي

    تو سوا دل جو گل آ ڪوماڻيل
    سار ! ڪيو آ قهر هوا  وانگي

    منهنجي نيڻن مان ٿي وَسي بارش
    غم جو آيو ڪڪر هوا  وانگي

    اپسرا هوءَ "نديم" وسري ڪيئن
    ياد جو آ امر هوا  وانگي

    غــــــــزل

    هُن جي هر گام تي درد جو رقص آ
    اڄ به انجام تي درد جو رقص آ

    روز اڳ رات کان خون ٿو سج مَکي
    ۽ حسين شام تي درد جو رقص آ

    خواب هن جا اچي جاڳ مون کي ڏين
    منهنجي آرام تي درد جو رقص آ

    جنهن به وڻ تي پکي سُر سُرن ۾ ڪڍن
    ڄڻ ته ا ُن  لام تي درد جو رقص آ

    مون محبت جي مئخاني ۾ آ ڏٺو
    عشق جي جام تي درد جو رقص آ

    غـــــــزل

    روز مون احساس جا لاشا کنيا
    پنهنجي زخمي آس جا لاشا کنيا

    مئڪشي جو سمنڊ منهنجي ڀر ۾ هو
    ته به چپن پئي پياس جا لاشا کنيا

    سنڌ تان قربان هر سرواڻ ٿيو
    ايئن  اسان اتهاس جا لاشا کنيا

    ور خزان جي خواهشن جون سڀ ڪليون
    ۽ گلن جي واس جا لاشا کنيا

    درد اندر کي ڪندو ويو کوکلو
    ڪنهن نه ان راڪاس جا لاشا کنيا

    گل وفا جا هر دفعي پوکي نديم
    مون ٽُٽل وشواس جا لاشا کنيا
    


    (47) حبدار علي

    تعارف نمبر (47)

    [شاعر[

    اصل نالو: حبدارعلي 
    ادبي نالو : حبدار علي
    ولد : صيفل خان 
    ذات : ٽوٽاڻي 
    جنم : 1973ع
    ڪرت : پرائمري استاد 
    تعليم: ايم.اي سنڌي ۽ بي.ايڊ
    اصل رهائش : انور آباد، تعلقه وارهه، ضلع قمبر. موجوده. رهائش لاڙڪاڻو شهر
    رابطو: (2970201_0341) 
    لکڻ جي شروعات : 1996ع کان. 
     ڇپيل مواد : ڪاوش، خبرون، ڪوشش، اخبار، نئين زندگي، اخبارِ جهان  ۽ مختلف اخبارن ۾. 
    ڇپيل ڪتاب : اردو مان ٻه ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا اٿن جيڪي اڻ ڇپيل آهن. 
    هڪ ڪتاب گڏيل شاعريءَ جو “ادب آب حيات”  ۾ شاعري ڇپيل 
    ٻن ڪتابن جو مواد اڻ ڇپيل موجود. 
    لکيل صنفون : بيت، وائي، ڪافي، چؤسٽا، غزل، نظم، سانيٽ،
     ترائيل، ٽيڙو، وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــــزل 

    ناڪام محبت جو الزام ڏيان ڪنهن کي
    تقدير لکيو جيڪي بدنام ڪيان ڪنهن کي

    جا آس اندر ۾ آ ،سا يار نه ٿو سمجهي
     اقرار ويو ڀلجي پيغام ڏيان ڪنهن کي

    برباد ڪري مون کي ڇا محل اڏايا ٿي
    بي درد نه ڇو سوچيئه ناڪام ڇڏيان ڪنهن کي

    آواز آيو اڀ کان غافل نه رهو انسان
    ڪو غيب ٿيو ظاهر احڪام مڃان ڪنهن کي

    هن پاڻ لکيو نالو گڎ نانء منهنجي سان هو
    افسوس ويو وڇڙي گمنام ڏسان ڪنهن کي

    اي شوخ نظر جانان ! هڻ تير ٿيان گهائل
    تلوار تکي تيزي قتلام ڪجان ڪنهن کي

    تون منهنجي پريتم آن مان ساحر هان تنهنجو
    محبوب سوا مٺڙا گلفام چوان ڪنهن کي

    حبدار حياتي هي دلدار کي هئي ارپي
    جا نام ڪيم هن جي ٻئي نام ڪيان ڪنهن کي

    ترائيــــــل

    منهنجو ننڍڙو ڳوٺ اباڻو
    ان سان ڏاڍو پيار آهي
    گذريو جاتي وقت ٻاراڻو
    منهنجو ننڍڙو ڳوٺ اباڻو
    اڄ ڀي آهي ساهه سيباڻو
    من جو ڄن منٺار آهي
    منهنجو ننڍڙو ڳوٺ اباڻو
    جنهن سان مون کي پيار آهي
    


    (48) عبدالخالق اسير. اي ڪي “ اسير “

    تعارف نمبر (48)

    [شاعر[

    اصل نالو: عبدالخالق 
    ادبي نالو : عبدالخالق اسير. اي ڪي “ اسير “ 
    ولد: هوت خان 
    ذات: خاصخيلي
    جنم : 20 مارچ 1961 
    تعليم : بي.اي.
    ڪرت : ملازمت
    رهائش : ڳوٺ غازي خان خاصخيلي، ٽنڊو آدم روڊ ميرپورخاص.
    رابطو: (2975356_0333) 
    لکڻ جي شروعات : 1980ع.
    لکيل صنفون :غزل،وائي،نظم،گيت ۽ مختلف موضوعن تي ڪالم.
    ڇپيل مواد رسالا :- نئين زندگي ، ادب، پيغام، گل ڦل، برسات، امرتا، پورب، وينجهار، پچار، ڪچهري، سالار، عبرت مئيگزين، عوامي آواز، آفتاب، هلچل، عبرت، الک، تعمير سنڌ، سنڌو،هلال پاڪستان.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نثري نظــــــم

    احساس


    مُون آئيني ۾ ڏٺو
    آئينو مُرڪڻ لڳو
    مُنهنجي وجود بجاءِِ
    عڪس تُنهنجو  هُيو ...!!

    غـــــــزل

    سنگيت جي بدن مان هو ٿي ڦُٽِي
    هر گيت جي بدن مان هو ٿي ڦُٽِي

    چنگ چترا رکي ڪو هُن ۾ وئي
    جگجيت جي بدن مان هو ٿي  ڦُٽِي

    هُن جي هٿن وقت جي بازي جهٽِي
    هر جيت جي بدن مان هُو ٿي  ڦُٽِي

    هر سُوءِ ھُن منجهان مهڪِي هئي
    هر ميت جي بدن مان هُو ٿي ڦُٽِي

    مُون ڳوھ ڳوڙھن کي ڏيئي ڏٺِي
    هر ڳيت جي بدن مان هُو ٿي  ڦُٽِي

    غـــــــزل

    آءُ اڃا احساس ٿا جاڳن
    مون ۾ ڪي وشواس ٿا جاڳن

    موکيءَ جهڙو موھ ٿو گهرجي
    هٿڙن منجھه گلاس ٿا جاڳن

    جُگنو تُنهنجي جوت جيئي شل
    رنگ رتا راڪاس ٿا جاڳن

    رمجهم رمجهم روح جون رمزون
    واهوندي جا واس ٿا جاڳن

    مُنهنجي گيت غزل ۾ ھر پل
    عشق سندا اڀياس ٿا جاڳن

    نظــــــم

    مون جڏھن بہ
    ڪجھ لکڻ چاهيو
    تُنهنجي نانءَ سواء 
    ٻيو ڪجھه بہ ناهيان
    لکي سگهيو .... !!

    وائــــــي

    ٽاري ٽاري ٽھڪ َ
    آءُ پکي پرڏيهي

    سارون سارون سانڍ
    ڪيڏي ساهن سهڪ َ
    آءُ پکي پرڏيهي

    هيڻا هيڻا حال
    ڪهڙي ڪنهنکي ڪهڪَ
    آءُ پکي پرڏيهي

    مُونکي تُنهنجو موھ
    آئي آھي مهڪَ
    آءُ پکي پرڏيهي
    


    (49) خيال سنڌي

    تعارف نمبر (49)

    [شاعر[

    اصل نالو : محمد جمن
    ادبي نالو : خيال سنڌي
    ولد : مير ڀاڻوجو
    ذات : ڀاڻوجو
    جنم : 1985ع 
    تعليم : انٽر
    ڪرت : هاري
    رهائش : ڳوٺ پنج مورو، تعلقو سعيد آباد.
    رابطو: (3873369_0305) 
    ڇپيل مواد : هالار، ادب، عبرت مئگزين، هزار داستان، سرتيون، مهراڻ، دوستي، سوجهرو، تخيل وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــــزل

    ڪپ چانهه ڊڳڙ ماني، ڪجهه ڪو نه ٿو گهران ٻيو
    گهارڻ لاءِ زندگاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

    لک پنهنجا پنهنجي ملڪيت رک پاڻ وٽ سنڀالي
    بک قرب جي آ جاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

    تقدير جا اي مالڪ ! ننڍڙو سوال آهي
    يا هو يا هن جو ثاني، ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

    انڌن سان گڏ به هلندس ليڪن آ شرط هڪڙو
    انڌو هجي نه باني،  ڪجهه ڪونه ٿو گهران ٻيو

    غـــــــزل

    پيار واري پنجوڙ ۾ آهيان
    ڀاڪرن جي ڀڪوڙ ۾ آهيان

    پنهنجي مرضي سان پئي ورهائي ونڊي
    هن کان رڌجي ويو ٻوڙ ۾ آهيان

    سج تنهنجون حمايتون ئي ڪبيون
    ڇوته پاڇن سان جوڙ ۾ آهيان

    هيڪلائي هجوم جهڙي آ
    ماٺ هوندي به گوڙ ۾ آهيان

    پاڻ کي پاڻ ٿو لتاڙي وڃان
    نيٺ ڪهڙي ته ڊوڙ ۾ آهيان

    خيال آهيان وڳو غريباڻو
    ۽ مسلسل ئي چوڙ ۾ آهيان

    غــــــــزل

    جسم مون ڏي ۽ جان توڏي آ
    منهنجو سارو ڌيان توڏي آ

    جيسين تو وٽ اَهيان اَهيان محفوظ
    امن توڏي امان توڏي آ

    آئون سرهو هان ان ورهاست تي
    آ قلم مون ڏي ڪان توڏي آ

    تنهنجي حصي جو ڪم اکين تي پر
    منهنجي حصي جو نان توڏي آ

    ڪوڙ ! تنهنجي چمڪ آ اڄ به اها
    اڄ به سارو جهان توڏي آ
    


    (50) خاڪي جاني

    تعارف نمبر (50)

    ]شاعر، ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو: جان محمد
    ادبي نالو : خاڪي جاني 
    ولد : نصيرمحمد
    جنم: 03 مارچ 1978ع
    ذات : نظاماڻي. رهائش: ڳوٺ بخشونظاماڻي
    رابطو: (3934512_0346) 
    تعليم بي.اي، بي.ايڊ، ڊي.اي.اِي
    لکڻ جي شروعات: 1994ع 
    ڇپيل مواد: پرهه،پرک، همرچو، سارنگا، سوجهرو، سامروٽي، ميگهه، ادب، ڪينجهر، امرتا، سنڌرنگ، هالار، سنڌو، عبرت، پيغام احمد،گلشن لاڙ وغيره ۾ مواد ڇپيو.
    لکيل صنفون : ڪهاڻي، مضمون، تنقيد/اڀياس ۽ شاعري.
    ڇپيل ڪتاب: “امن ٿو گُهران” شاعري 2011ع . 
    اڻ ڇپيل: 5 ڪتاب شاعري جا، 2 ڪهاڻين جا، هڪ مضمونن جو، هڪ تاريخ تي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    اڊڙيل سوچن کي ڳنڍيان پيو
    جملي جوتن کي ڳنڍيان پيو

    ڌارگذارڀلي.، خيالن ۾
    توسان جوڀن کي ڳنڍيان پيو

    دنيا جن کي آ ڌار ڪيو
    مان تن جوڙن کي ڳنڍيان پيو

    ڌاريان ڌن وارا، آء سنڌي
    ڦاٽل نوٽن کي ڳنڍيان پيو

    بس پنهنجي آ سنڌ شناخت
    شھرن ڳوٺن کي ڳنڍيان پيو

    تون هرهر ٽوڙين ٿو ۽ مان
    من جي موهن کي ڳنڍيان پيو

    غــــــــزل

    جي نه آھن همّتون گهرن هلو
    ٿاملن جت پيار تن درن هلو

    عشق جي راهن رڪاوٽون رڳو
    پيارجيئي نفرتون مرن هلو

    زندگي جو جستجو ته نانءُ آ
    جيستائين هي اکيون ٺرن هلو

    علم سان ئي روشني حيات ۾
    هي کڻي مشعل ٿرن،برن هلو

    حوصلن ۾ مات آ نراس جي
    آس جا خاڪي ڏيئا ٻرن هلو

    غــــــــزل

    وڏو امتحان زندگي هي
    نه پاڻي،پنهنجو پاڻ کي پي

    خوشي ڪونه هٿڙا وڌايا
    غمن جا ويا هٿ ڊگها ٿي

    سوين راهه آھن ڪٽيندڙ
    نه هڪڙو ڪٿي ٻانهن ٻيلي

    اسان عمر ڪاٽي ڪنڊن تي
    ڪٿي سيج آھي گلن جي؟

    زبان تي اڃان تائين تالا
    اڃان پئي وڪامي نياڻي

    رڳو رنگ نسلن جا نعرا
    پئي کيڏجي خون هولي

    حقيقت ۾ آھيان ته خاڪي
    چون سڀ مگر يار جاني
    


    (51) شاھده کوکر

    تعارف نمبر (51)

    [شاعره]

    اصل نالو: شاھده پروين
    ادبي نالو: شاھده کوکر
    والد جو نالو: امير بخش
    ذات : کوکر
    رھائش: لاڙڪاڻو 
    تعليم : ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي ايڪانامڪس، ايم.اي اسلامڪ ڪلچر،ايم.اي صحافت
    لکڻ جي شروعات: 1980ع
    ڇپيل مواد :عبرت ميگزين، پرھ، ڪينجھر، سرتيون، ھزار داستان، نئين زندگي، سنڌ سجاڳ، ھلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت.
    لکيل صنفون: غزل، وائي، بيت، گيت، چوسٽا، پنج ڪڙا.
    ڪتاب ڇپيل: 1.”ريشمي خواب ۽ تنھائي“، 2 . “ھانء ھاريو متان“
    اچڻ وارو. ھڪ ڪھاڻين جو ڪتاب اڻ ڇپيل موجود.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    قدرت قديم قائم مٽجي وڃي ٿو باقي
    ٻيو وقت سان مٽيءَ ۾ لٽجي وڃي ٿو باقي

    هڪ سور جو هي رستو آهي ڊگهو ازل کان
    دم دانهن ويلَ،  ويلو ڪٽجي وڃي ٿو باقي

    ويساهه ئي سدائـين سائو رهي سفر ۾
    هر ساهه ڏيھه ڏک ۾ ٿڪجي وڃي ٿو باقي

    زندھ ضمير جرڪي انسان جي عمل سان
    پيئسو ۽ لوهه لوڀي زنگجي وڃي ٿو باقي

    ڪردار شاهده! هڪ دائم رهي دنيا ۾
    هر پير ڪوڙ  وارو پٽجي وڃي ٿو باقي


    غـــــزل

    تو ڪونہ اڃان ڄاتوھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي
    آ موت مٺو پھتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي

    سک ساءِ نہ ٿي سنڀران پل پل ۾ پئي پڄران
    ٿي درد ملیو تحفو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي

    ٻُوساٽُ قھر آھي ھر ویل زھر آھي
    تون ڀانءِ نہ ڪَلُ ڪوڪو ھن ھانو جي هڏڪيءَ کي

    تنھن ویل وري ورندین ھن جيءَ جیاپي ڏي
    جنھن ویل بہ تو ڄاتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي

    شاھدہ کي وساریندین احساس کي ماریندین
    آ نینھن اڃان ناتو ھن ھانو جي ھڏڪيءَ کي

    وائـــــي

    سڏ سڻي ڪوئي
      ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

    سور جهليندي ڪيترا
    لڱن جي لوئي
    ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

    سنڌوءَ جهڙا لڙڪ ها
    ڇڏيا ڳل ڌوئي
    ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!

    گذري ويندي شاهده 
    عمر اديون ! روئي
    ڪوهن جي هن ڪاڪ ۾!
    


    (52) خيال کتري

    تعارف نمبر (52)

    [شاعر]

    اصل نالو: بشير احمد 
    ادبي نالو: خيال کتري
    ولد : محمد حافظ
    جنم: 6 جون 1970ع
    ذات: کتري
    رھائش: مٽياري
    رابطو: (3093973_0300) 
    تعليم: B.Sc، B.Ed
    لکڻ جي شروعات: 1988ع
    ڇپيل مواد: اخبارون: ڪوشش، عوامي آواز، ڪلياڻ، ٿعمير سنڌ، مھراڻ، فيصلو، پاڪ، هفت روزہ دين، ماھوار ضياءَ اسلام وغيرہ
    لکيل صنفون : مضمون، حمد، نعت، مناقب، غزل، بيت وغيرہ
    چار ڪتاب ڇپيل
    1. ذڪر پاڪ شاھ لولاڪ 2. حضرت سيدنا صديق اڪبر رضي اللہ عنہ. 3. سوال جواب 4. حضرت عثمان غني رضي اللہ عنہ.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    الائي ڇا پئي چئي، چوري پئي چپن کي
    خيالـــــــن کي آڻي، سوري پئي چپن کي

    ڏمرجي پئي آ مون تي مــٺي اجايــــــــو
    اٿس ڪا تہ ڪاوڙ، ڪوري پئي چپن کي

    سدا سرخ چــپڙا، تيزاب سان ڪري تـــر
    اجايـــو مکي مک، جھوري پئي چپن کي

    سـعـادت مـلي ھـڪ ڀيرو چــپن چـمڻ جي
    ڪڏھن ٿو چمي ڏي، گھوري پئي چپن کي

    ڪيو ترڪ ڳالھائڻ ھو جنھن خيال سوئي
     اچي ويجھو ھـوري ھـوري پئي چــپن کي

    غـــــــزل

    ڪرين تون ڇا پيو ، وڃي ڪک پن جي ڪر
    هتان سڀ ڪو ويو ، وڃي ڪک پن جي  ڪر

    دنيا کــيتي اٿـئي، ڪري وٺ ڪار ڪو
    جيئـــڻ ڪارڻ جـــــيو ، ڪک پن جي  ڪر

    ڪري جـو مــوٽ ۾ ڀـلائـــيءَ سان ڀــلــو
    ڪٿي ڪنهن سان ٿيو ، وڃي ڪک پن  جي ڪر

    دنيا دو رنگ آ، وڏائــــي پــر ڪــــٽي
    رڳــو نيــڪي نيو ، وڃي ڪک پن جي  ڪر

    ســچو ساٿي خيال ، هِـــت آهي ڪـــٿي
    نه آهي ڪو ٻيو ، وڃي ڪک پن جي  ڪر
    


    (53) غلام مصطفيٰ سولنگي

    تعارف نمبر (53)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو: غلام مصطفيٰ
    ادبي نالو : غلام مصطفيٰ سولنگي
    ولد: احمد خان 
    ذات : سولنگي 
    جنم : 03 مارچ 1976ع
    تعليم : بي.اي 
    اصل رهائش: ڀان سعيداباد، موجوده رهائش: حيدرآباد 
    رابطو: (3492704_0301) 
    لکڻ جي شروعات : 1984ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا، ڪهاڻيون، مضمون.
    ڇپيل مواد : سنڌ مان نڪرندڙ سمورن رسالن، ميگزينن
    ۽ اخبارن ۾.
    4 چئن ٻاراڻي ادب جي ڪتابن سميت چوڏهن ڪتاب ڇپيل.
    1. درد جي موسم . شاعري
    2. دانهون منهنجي ديس جون . مضمون
    3. پيسو لڌ۾ پٽ تان . ٻارن جي شاعري
    4. سنڌي ٻاراڻي ادب جي انٿالاجي
    5. چئبو سچ طنزو مزاح
    6. شاعري ڳالهائي ٿي . تحقيق
    7. سنڌ جو ن شاعر عورتون . تحقيق
    8. ناني نوران جون آکاڻيون . ٻارن جون ڪهاڻيون
    9. اسيمبلي جو راڳ . محمد صديق مسافر جي سوانحِ حيات ۽ شاعري ۽ ٻيا ڪتاب.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل 

    موتين جي هار جهڙي ڇوڪري
    ۽ سنڌو جي  پار جهڙي ڇوڪري

    پنڊ پهڻ مونکي ڪري گذري وئي
    ڦوھ ۾ گلزار  جهڙي ڇوڪري

    هر گھڙي ٺاهي ٿي پاڻ کي 
     هوءَ سڳنڌ سينگار جهڙي ڇوڪري

    من پڌر تي ياد ٿي ان جي اچي
    سر سنگيت ۽ تار  جهڙي ڇوڪري

    ڪاش منهنجي ٿي پوي اي مصطفيٰ
    هوءَ ماکيءَ لار جهڙي  ڇوڪري

    غــــــزل

    نئوويس پاتل ڪنوري بدن تي
    بليو  واھ بخمل ڪنوري بدن تي

    ڳچيءَ سڳوسون جو ڀي ٺهي ٿو
     ڪري وجهندو پاڳل ڪنوري بدن تي

    وڃي شرم ٻوٽيءَجيان هو ٿي وٺجي
    ڪبي ڪانه کيچل  ڪنوري بدن تي

    سڄي رات سيءُ ۾ ورن کٽ تي پاسا
    متل آهي هلچل  ڪنوري بدن تي

    اچن ڏينهن اهڙا مصطفيٰ سڀاڳا
    هجي ڪان جهل پل  ڪنوري بدن تي
    


    (54) شاد ڇٽو

    تعارف نمبر (54)

    [شاعر]

    اصل نالو : عبدالشڪور
    ادبي نالو : شاد ڇٽو
    ولد : حاجي علي محمد
    ذات : ڇٽو 
    جنم : 1988ع
    تعليم : ايم.اي سنڌي
    رهائش : ڳوٺ صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
    رابطو: (0387045_0341) 
    لکڻ جي شروعات : 2003ع 
    ڇپيل مواد : امرتا، عبرت مئگزين، اديب، تعميرِ سنڌ، سنڌو، سوڀ، صبوح، ڪاوش، هالار وغيره
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، ٽيڙو، پنجڪڙا، مقالا، مضمون، اُن کان علاوه  گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هر گل جي خوشبو پنهنجي“ ۾ شآعري ڇپيل.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    منھن مٽي آ ويو
    دل ڦٽي آ  ويو

    درد جو دل اندر
    ٻج ڇٽي آ  ويو

    سور صدما ڏئي
    هُو سٽي  آ ويو

    روح رشتا سَکي 
    اڄ ڪٽي  آ ويو

    باز ٿي شاد هو 
    دل جهٽي  آ يو

    پنجڪــــڙو

    ڊسمبر تو وڏيون مڳيون آهن
    تواسان جون دليون ڀڳيون آهن
    راھ رستا تڪي ٿڪيون آهن 
    وڏ ڦڙو ٿي اکيو وسيو آهن
    وري ڪيون تو ٺڳيون  آهن

    چؤ سٽــــو

    محبتون تون ساھ ڏي 
    نفرتن کي باھ  ڏي
    باز شڪرو ٿي پرين 
    اچ،غمن کي ٽا ھ  ڏي

    وائـــــي

    اوندھ راتيون
    کٽن نٿيون..!!
    توسواءِ جانان
    تتل تاتيون 
    کٽن نٿيون..!!
    دل تي وار جيان 
    لڳل ڪاتيون
    کٽن نٿيون..!!
    دل ۾ دفن ٿيل 
    تنهنجو باتيون 
    کٽن نٿيون..!!
    خوابن ۾ شادکي 
    تنهنجون جهاتيون 
    کٽن نٿيون..!!
    


    (55) بلال تبسم

    تعارف نمبر (55)

    [شاعر]

    اصل نالو : محمد بلال 
    ادبي نالو : بلال تبسم
    ولد : حاجي محمد اسلم 
     ذات : ٽوٽاڻي 
    تعليم : انٽر 
    رهائش : قمبر علي خان، اسلم هائوس، وڳڻ روڊ قمبر.
    رابطو: (3484144_0308) 
    لکڻ جي شروعات : 2009ع
    ڇپيل مواد : نئين آس، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس، 
    هزار داستان وغيره
    چپيل مواد: گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “روهيڙي جا رتا گُل“ ۾ شاعري چپيل.
    ترتيب ڏنل : گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “ ادب آبِ حيات“.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نثري نظـــــم

    “درد جو صليب”
    هر روز دردن لئه
    سولي 
    سجائي وڃي ٿي؟
    جنهن ۾ زندگي جا 
    سکيا پل،
    هُو صليب جا ڪوڪا ٿا 
    سمجھيا وڃن.
    اڄ ڀي
    زمانو تماشائي ٿو لڳي!؟
    ۽ درد آرس ڀڃي رهيو آهي
     زندگيءَ جي آڳر تي.

    غــــــزل

    دل جو ٽانگو ڀڄي پيو آهي 
    مون لئہ رکجان تير  َ سنڀالي
    يادون تنهنجون اڻکٽُ آهن 
     ڪيئن سگهان مان نير سنڀالي
    ماڻهپ محبت جذبن واري 
     ڪير سگهي اڪيرَ سنڀالي
    دل بي خالي آکيرو آ
     دردن جي سٽ ڪير سنڀالي
    روئندي زينب ڪربل ۾ آ
     اڪبر جهڙا ويرَ سنڀالي
    ڪنهن جو ناهي جڳ ۾ ڪوئي 
     هر ڪو پنهنجا پير سنڀالي
    جيون سارو آتش ٿي ويو 
     سورن جا ڪي سير سنڀالي
    مان ڀي تو جان تڙپيو آهيان 
     سنڌڙي جا پي خير سنڀالي
    ڪير ڏسي ٿو ڪنهن جي کولي
     باب نگر مان بيرَ سنڀالي
    باهيون گهر گهر ۾ لڳي ويون 
     آهن ڪنهن جا ڀير سنڀالي
    چئجان تنهنجي منهنجي وچ ۾ 
     جيڪا آهي چير سنڀالي
    رهيان ناهيون ٻٻرن وٽ ڏس
     پنهنجا هاڻي ليرَ سنڀالي
    غربت جو ڇا حال پڇو ٿا؟
     زندگي گذري گيرَ سنڀالي!
    پئسي خاطر ٿيا هن تڪڙا 
     واري واري ٿيرَ سنڀالي
    ڏڪندا ٻارن جا گهر سينا 
     آهن، هر هر ڦير سنڀالي
    دشمن هاڻي جڳ آ سارو 
     مون ڏي ايندڙ هير سنڀالي.
    


    (56) عنايت درس 

    تعارف نمبر(56)

    [شاعر[

    اصل نالو : عنايت الله 
    ادبي نالو: عنايت درس 
    ولد : محمد حسين 
    ذات : درس
    جنم : 01 مارچ 1998ع
    تعليم : انٽر رابطو: (3502904_0316) 
    رهائش : ڳوٺ سليمان درس، وَر شهر ويجهو، پيرآر ضلعو ٺٽو.
    لکڻ جي شروعات: 2015ع
    لکيل صنفون: نظم،غزل،نثر. 
    ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، عقيق، هزار داستان وغيره
     اڻڇپيل ڪتاب: گلن جون گاڏيون

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل 

    وڻيون اوهان جون ادائون تڪڙيون
    تڏهن ڪيوسين خطائون تڪڙيون

    اوهان اکين کي عذاب ارپيا
    ڪِريون ڪنڊن تي وفائون تڪڙيون

    ڪٺور سڏڪا اٿن نه ها پر
    اوهين ڪري ويا دغائون تڪڙيون

    قرار جا پل لٽيا وڇوڙي
    پيون ڳچيء ۾ سزائون تڪڙيون

    اي درس دوکن جي پيچرن تي
    سڙيون اسان جون صدائون تڪڙيون


    نظــــــم 

     بي درد خزائن خوشبوء جي 
    هر وستي آ ويران ڪئي 
    مرڪن جي گلابن جون گاڏيون 
    ناهين چپن جي چوڪن تي 
    بي ترس وڇوٽين واڳونء جيئن 
    آهين ڳراٺيون ڳڙڪايون 
    آسن جا بتيلا ناکئي بن 
    ڪيئن تار منجهان هي تيز ترن 
    ڪٿ ڪون ڳيو ٿو ڳائجي 
    پيا پار هوائن ۾ پکڙن 
    بس پاپن وارن پڃرن ۾ 
    نئون روز پکي ٿو قيد ٿئي 
    ڪنهن هوڙي وانگي هارين جي 
    ٿا خوشين وارا خواب ٻڏن 
    مظلومن کي ڪو پياري ٿو 
    ڪا روز ستي نئين سورن جي 
    هت ڏوٿين کي ٿا ڏنڀ ملن 
    هت ڪاتيون ڇاتيون روز ڇنن 
    هر گيت ڏکاري جو لهجو 
    تاريخ تريء تي آ رکيو 
    ڪوئي به نٿو دل جي دن مان 
    تڪرارن جا طوفان تڙي 
    ويا ساٿ سڪي ويا قول سڙي 
    ٿا رليو روئن روهاکي 
    ٻڌ ٻاٻاڻن جا ٻار ننڍا 
    ٿيو بک وگهي بيمار مرن 
    هت لوڙهون مارڻ جي به لٿا 
    سي گهاتو ويا سڀ گهائجي 
    اي درس عنايت لڙڪن سان 
    هر ٽهڪ ويو ٽڪرائجي
     هر ٽهڪ ويو ٽڪرائجي
    


    (57) جهانگير

    تعارف نمبر (57)

    [شاعر، مضمون نگار[

    اصل نالو : جهانگير 
    ادبي نالو : جهانگير
    ولد : تاج محمد
    ذات : ڏاهري
    تعليم : MBA. رھائش : ڳوٺ ڄام ڏاهري، سڪرنڊ
    رابطو : (3014323_0302). لکڻ جي شروعات : 2015ع
    ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي ڪجهه، رسالن، مئگزينن۽ اخبارن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، وائي ، بيت ، نظم ، آزاد نظم، بيت، دوها، گيت، نثري ٽڪرا وغيره
    اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جيترو مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    هي وجدان ڇا جا هن، هي امڪان ڇا جا هن
    اسان تي عشق جو غلبو، اڳيئون فرمان ڇا جا هن

    ٻڌي ٽڙڪاٽ گهاڻي جا، اچن عاشق اڏاڻي ٿا
    سوين سرمد پيا ڪسجن، اهڙا ايمان ڇا جا هن

    اسان جو جاڳ آ سوري، رکون ٿا مام منصوري
    اسان جو آٽ آزادي، اڙي زندان ڇا جا هن

    مٽي جو مان ڀائين ٿا، سندس ئي گيت ڳائين ٿا
    کلي جي کاڪ ۾ موٽن، اهڙا مهمان ڇا جا هن

    توهان جو ساٿ اهڙو آ، امر ڪنهن گيت جهڙو آ
    اسان وٽ ميت مي رقصم، توهان وٽ تان ڇا جا هن

    امڙ جيجل جي لولي جيئن، سنڌو جو جل پوتر تيئن
    هلو ڀٽ شاهہ ڏي ڪاهيون، ٻيا سڀ گيان ڇا جا هن

    نظـــــم

    اڄ ڀي منهنجا گيت صدا هڻي توکي ڳولن ٿا
    پرديسي پکيئڙا جيئن نگر نگر ۾  ٻولن ٿا
    منهنجو ڪمرو منهنجا ڪاغذ منهنجو يار قلم
    پوئين پهر پڪارن ٿا سائين تنهنجو نانءُ اتم
    تنهنجي ياد جا ڪي ئي منظر پل ۾ کولن ٿا
    اڄ ڀي منهنجا گيت صدا هڻي توکي ڳولن ٿا
    رات بہ توکي ياد ڪري هي اک نہ جهپڪي آ
    تنهنجي چاهہ جي چڻنگ اٿي، شولو بڻجي سا
    ويندي ويندي چنڊ ستارا جاڳ وڙولن ٿا
    اڄ ڀي منهنجا گيت صدا هڻي توکي ڳولن ٿا
    منهنجي جسم ۾ اڄ ڀي تنهنجو جاري آه هڳاءُ
    تو بن هاڻي ڪونہ سري ٿي جلدي موٽي آءُ
    هو ڏس ٽارين ۾ ڀي گلڙا ويٺا ڏولن ٿا
    اڄ ڀي منهنجا گيت صدا هڻي توکي ڳولن ٿا

    انگريزي نظـــــم

    White-Lily
    )Short poemm(
    After bathing,
    I saw your thoroughly,
    Your face,
    I found like White-Lily,
    It enjoyed spring fall,
    Oh! Dew drops,
    And your face,
    
    I made many probes...


    (58) ٺٽوي ڪاتيار

    تعارف نمبر (58)

    [شاعر]

    اصل نالو : ذوالفقار علي 
    ادبي نالو : ٺٽوي ڪاتيار
    والد جو نالو : محمد بخش 
    جنم : 21 فيبروري 1989ع
    ذات : ڪاتيار. رهائش : مڪلي ضلعو ٺٽو.
    رابطو : (3094990_0324) تعليم : بيچلر.
    لکڻ جي شروعات : 2004ع 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم.
    ڇپيل ڪتاب : ( راوَڙ رياتڙو) تحقيق

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    اسان مرنـــدا رهيـــاسين حجابـــن تي
    نظر انداز ڪيوسين گل گلابــــــن تي

    هــر سـوال لاجـواب ڪـريو ڇـــــڏي
    انگ انگ جـھومـي ٿو جــوابـــــن تي

    ظــالـم زمـانـي وسـان ڪيـن گھـٽــايو
    پابنديون لڳي ويو آهن خوابــــــــن تي

    تاريخ روئندي رهي پنهنجي حــال تي
    مٽي جي برسات ٿي وئي ڪتابـــن تي

    گناھ ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽـــــايو آ
    پوءِ به خوش آهيون ثـــــــــوابــــن تي

    عورت جو پردو ته باعث سـڪــون آ
    لڳي ويون پابنديون پيارا نقابــــــن تي

    ڪـاتـيــار ارڏو مـڙس مڻـيـــادار آهي
    ڪونه وڪـبو عـورتـن ، شـرابــن تي

    غـــــزل

    ايڪتــــــــــا جو ڏيــئو نـاهي اجهاڻــــو
    امن ۽ محبت جو پکي آهي اڏاڻــــو

    ســــنــــــڌ سنـوارڻ لاءِ محنت ڪبــــي
    نــه ٿــڪـبـــو، نـه ٿـيـڻــــو آ سـاڻـــــــــــو

    هــر اهــو ســنـــــــڌي ٿـــو ســــــــــــڏائي
    جـنـهن بڻـايو آ ســــنــــــڌ کي ٺڪاڻــو

    سنـڌ ڌرتــــي جو جيڪو عاشـــــــــق آ
    سو ئي دلبـــر جانـــــي سوئي راڻـــــو

    ڪـاتيـــــار سـنــڌ، ٻولـــي، ثقافــت لاءِ
    قــبــــــــول آ هـــــرڪـــــوگـھـــــاڻــــو

    غـــــزل

    خـــــــــواب ٽـــٽـــــل آهـــــن
    اکــيــــــون ڀــــنــــــل آهــــن

    ڪـــــــر ڪــا داد رســــــــي
    نــصــيــب ڦــــٽـــــل آهـــــن

    عــشــق کـان ڪـئي تـوبـه
    اڳـيـئـي ڌڪ  لــڳـل آهــن

    ڪـنـهن کي سـور ٻڌايان 
    پـنـهـنجـا ئـي  رٺـــل آهـــن

    غــريــب مــاروئــڙا ڏســي
    سـور پونـدا  پـل پل آهـن

    ســنـڌ امــــڙ جــــا جـــــوڌا
    ڄـڻ نـيــل ڪــنــول آهــــن
    
    ڪـاتـيــار ڪنهن تي لکان
    قــلــم ئـــي سُــتــــل آهـــــن


    (59) بدر انصاري

    تعارف نمبر (59)

    ]شاعر]

    اصل نالو: بدرالدين
    ادبي نالو: بدر انصاري
    ولد: قمرالدين
    جنم: 28 جولائي 1973ع
    ذات : انصاري
    تعليم : ايم.اي، ايم.ايڊ
    رهائش: نيو ليلا آباد محلا لاڙڪاڻه
    رابطو : (3903741_0331)
    لکڻ جي شروعات : 2001ع.
    ڇپيل مواد: عبرت مئگزين، نئين سوچ، سوجهرو وغيره.
    لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نثري نظم، آزاد نظم.
    ڇپيل ڪتاب 1. سانڍ سپنا سانوري، 2. گڏيل ڪتاب “برکا بوند بهار جي“. جڏهن ته هڪ ڪتاب اچڻ وارو.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    هلندي هلندي راهه مَٽي ويا
    سنگتي کِلندي راهه مَٽي ويا

    هن جي اکڙين جا مون کان ڇو
    جام به ڇلندي راهه  مَٽي ويا

    ڪيئن ميندي جا گلڙا ڳاڙها!
    ٽلندي ٽلندي راهه مَٽي ويا

    شام جا پاڇا اڄ به چون ٿا
    جهولا جُهلندي راهه  مَٽي ويا

    چنڊ بدر سان ساڻ هُيو ۽
    تارا ملندي راهه  مَٽي ويا

    غــــزل

    ڀڃون ٿڪ اگر ڪجهه گهڙي ترس پيارا
    ڊگهو آ سفر ڪجهه گهڙي ترس پيارا

    گهڙي مان ڀري ڍڪ ڏيو يار پاڻي
    چوي ٿي نظر ڪجهه گهڙي ترس پيارا

    هي اڻ ڄاڻ رستا نه منزل جو ڏَسُ ڪو
    آ صحرا ۽ بر ڪجهه گَهڙي ترس پيارا

    ٻسي دل آ منهنجي ڏسڻ لئه اوهان کي
    کلي دل جو در ڪجهه گهڙي ترس پيارا

    هوا تنهنجي خوشبو سان پهتي بدر آ
    گَهٽيو غم اثر ڪجهه گهڙي ترس پيارا

    غــــزل

    موت جي ٻانهن تي زندگي پئي سُمهي
    ٿي انڌيرو ويو روشني پئي سمهي

    هي جي توسان ڳنڍيل آهي رشتو پنهل
    ڪٿ آ ڪردار جي سادگي پئي سمهي

    درد منهنجا تڏهن يار نروار ٿيا
    مرڪ تنهنجيءَ جي چاشني پئي سُمهي

    هي ڳلن تي جا آلاڻ ٿي اوچتو
    هيءَ گُلن جي جڏهن تازگي پئي سُمهي

    پيو ٿو مان پاڻ کي آٿتون ڏيان بدر
    تنهجي رستن تي آوارگي پئي سُمهي
    


    (60) اصغر مهرائي

    تعارف نمبر (60)

    [شاعر، مضمون نگار]

    اصل نالو : اصغر علي 
    ادبي نالو : اصغر مهرائي
    ولد : ڪامريڊ محمد ابراهيم
    جنم: 20 فيبروري 1985ع 
    تعليم . انٽر
    رهائش: سمون ڳوٺ نزد پاڪستان هوٽل ميمڻ ڳوٺ روڊ ملير ڪراچي
    رابطو : 03212637257
    ڪرت : پنهنجو ڪاروبار 
    لکڻ جي شروعات: 1996ع
     لکيل صنفون: غزل، گيت، بيت، وائي، نثري نظم، مضمون ڊائري، ڪالم، رپورٽون. 
     ڇپيل مواد : نئون نياپو، ڪرزما ڊائجسٽ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، پاڪ، سنڌ سجاڳ، عوامي فورم، عبرت مئگزين، سنڌ، جنگ، ايڪسپريس، پنهنجي ذاتي اخبار۽ مئگزين ڪراچي فورم، عوامي عزم مئگزين ۽ هن وقت ملير ڄاوَن شاعرن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي جيڪو جولائي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو.
    پنهنجي شاعري جو مجموعو به جلد ڇپائيڻ جو ارادو اٿن.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    غلاميءَ جا زنجير ٽوري هليو هل 
    ڇنل تند رشتن جي جوڙي هليو هل

    جني ظلمتن جي هتي پوک پوکي 
    اٿي ڪنڌ تن جا مروڙي هليو هل

    وڏيرا ۽ سردار وڪبا وڃن ٿا 
    ٻڌل تن جي ڌاڳن کي ڇوڙي هليو هل

    مڪر سان مڪارن ڪيا محل قائم 
    اهي مهل تن جا اوکوڙي هليو هل

    وري ملڪ مهرائي پنهنجو سجائي 
    جياپي جا جهنڊا کوڙي هليو هل

    غـــــزل

    هتي دردآهن ۽ دارون نه آهن
    هتي پيار جون ڪي پچارون نه آهن

    هتي ساھ سڏڪن ۾ سسڪي پون ٿا
    هتي اڄ جياپي جون سارون نه آهن

    هٿي لال لڙڪن جون لارون ملن ٿيون
    هتي  هاڻ مرڪن تنوارون نه آهن

    هتي اڄ نياڻيون نماڻيون وتن ٿيون
    هتي سور آهن سنڀارون نه آهن

    هتي هر قدم تي آ ڪهرام جاري
    هتي قربتن جون قطارون نه آهن

    هتي آهي مهرائي مطلب پرستي
    هتي هاڻ ڪنهن تي معيارون نه آهن
    


    (61) غلام حيدر خاصخيلي

    تعارف نمبر (61)

    [شاعر[

    اصل : نالو حاجي غلام حيدر 
    ادبي نالو : غلام حيدر خاصخيلي
    ولد : حاجي محمد 
     ذات : خاصخيلي 
    جنم : 1958ع
    تعليم : پرائمري 
    ڪرت : مزدوري 
    رهائش : ڳوٺ ڀائوخان پٺاڻ، ضلعو مٽياري 
    رابطو : 03423170600
    لکڻ جي شرعات : 1990ع
     ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    ڇپيل ڪتاب : (دير ڪئي تو اچڻ ۾)شاعري
    هڪ ڪتاب گڏيل شاعري جو مرتب ٿيل “هرگل جي خوشبو پنهنجي“.
     صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، چؤسٽا وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چؤسٽــــو

    تنهنجي آءِ سان عزم آدم جو پورو ٿيو نظم
    اي حوا تنهنجي اڳيان سرُ آ صحيفن جو به خم
    تنهنجي عظمت جا قصا هِن ماء ڌيء ۽ ڀيڻ تون
    پوءِ نه ڇو ڀرجي سگهيا جيڪي  مليا توکي زخم

    غـــــزل

    جڏهن ڪنهنجي زيرِ اثر ٿي وياسين
    ته قطر مجهان ڄڻ بحر ٿي  وياسين

    ڏسي ڏو پنهنجا پڙهي ڊائريء ۾
    زبان گونگ ٿي وئي  پٿر ٿي وياسين

    اسان کي نه باغي سڏيو بي وڙاهي
    گهر خاڪ ٿيندو اگر ٿي  وياسين

    چيو جن ٽري وڃ اکين جياڳيان تون
    انهن جا به جيرا جڳر  ٿي وياسين

    ڪڏهن جانِ دلبر ڪڏهن يار حيدر
    ڪڏهن ڇو الائي زهر ٿي  وياسين

    نظــــم

    “پيار”


    سوچ، عقل، دستور وڃي..!!
    ۽ ماڻهو ٿي مجبور وڃي..!!
    اُن کان اڳ جو
    اوندھ ٿي ڀرپور وڃي..!!
    ۽ نور وڃي..!!
    زڪرِ الاهي سان تون روشن،
    دنياکي دلدار ڪري وڃ..!!
     پيار ڪري وڃ..!!
    


    (62) مختيار

    تعارف نمبر (62)

    [شاعر[

    اصل نالو : مختيار 
    ادبي نالو : مختيار
    ولد : ولي محمد
    ذات : مگسي
    جنم : 1986ع
    ڪرت : درزڪو ڪم
    رهائش : سعودي عرب شھر مدينہ
    رابطو : 00966599858774
    تعليم : پرائمري پاس
    لکڻ جي شروعات : 2000ع 
    ادبي رهنما : ضمير کرل
    ڇپيل مواد : هالار، ( ادب - اديب )، سنڌو ڊائجسٽ هزاردستان، نئين زندگي، نئين آس، نئين منزل، عبرت ميگزين، ڪاوش، خبرون، نجات.
    لکيل صنفون :  غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    جنهن روح ۾ پرين جي آ تات جو تصوّر
    تنهن کي ڪٿي رهي ٿو سڪرات جو تصوّر

    تنهنجي ڪمال جي ٿا اعظمت بيان ڪن ائين
    جيئن پاڻ ٿو ڪيان هن ڏينهن رات جو تصوّر

    دل ۾ سدا رهي تون موجود دلربا ٿو
    مون ۾ رهي پو ڪيئن ڪنهن حالات جو تصوّر

    جنهن مان ڏٺم پئي سڪ تنهنجي چيم انهيءَ کي
    تنهنجي اکين ۾ آھي پرڀات جو  تصوّر

    مٽجي شهر کنڊر ۾ وَيا جهٽ گهڙي پهر ۾
    تنهنجو اچي پيو ائين جذبات جو  تصوّر

    بس ڪنهن ٻئي جي آڏو محتاج ڪر نہ خالق
    تو مان سدا رهي ٿو خيرات جو  تصوّر

    تنهنجي هجي رضا جنهن ۾ سا قبول آهي
    سجدي ۾ رهيو نہ ڪڏھين جنت  بات جو تصوّر

    محبوب کي جي منهنجو ٿو گهر وڻي ڪکن جو
    مختيار ڇو ڪيان پو محلات جو  تصوّر

    وائـــــي 

    هر شيءَ وَئي وسري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!

    توکي چاهيان ايترو 
    وڃي دم نڪري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!

    تون اچ هاڻي جو متان 
    آنءَ وڃان وکري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!

    زندگي آ ڪم جي اها 
    جا وڃي نبري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!

    ڪوما ۾ ھس ڄڻ تہ ڪو
    توبن جا گذري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!

    سنڀاريندي جي نہ تون
    ويندس آن ءَ ڀري
    ساجن تنهنجي سار ۾..!!
    


    (63) بخشل باغي 

    تعارف نمبر (63)

    [شاعر[

    اصل نالو : الله بخش 
    ادبي نالو : بخشل باغي 
    ولد : محمد پريل 
    ذات : خشڪ 
    جنم : 19اپريل1975ع. تعليم : بي.اي، بي.ايڊ 
    ڪرت : ٽيچر.  لکڻ جي شروعات : 1988ع
    رابطو: 03003217411
    ڇپيل مواد : امرتا، مهراڻ، پروڙ، ساڄاھ، ڪونج، ڪينجهر، عبرت مئگزين، روح رهاڻ، پرک، نئون نياپو، ادب، نئين زندگي، پيغام، پورب، هزار داستان، بختارو، سنڌ سجاڳ، السنڌ، سُرت، مسيحا، عوامي آواز، ڪاوش ميگزين، سوڀ، شام، لهرون، سارس، پارس، پوپٽ، همرچو، ڪونج انڊيا، سپون انڊيا، سنڌو انڊيا.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، گيت، وائي، بيت، پنجڪڙا، ٽيڙو، نئين ڪويتا، دوها، چؤسٽا. 
    ڇپيل ڪتاب 8ڪتاب شاعري جا. 3 ڪتاب ترتيب ڏنل.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    نظـــــم

    اکين ۾ جاڳ آ جلندي
    تڏھن ڪي خواب هِن پَچندا
    جئين لُک تيز تر لڳندي
    تئين رِڻَ روح ۾  رَچندا
    حياتيءَ جي گهٽي سوڙھي
    سُرنگ آ ساھ ۾ گَھري
    لڳي هر شام ٿي پوڙھي
    شفق جي آ ٽُٽل  اَهري
    ٻُڏان ٿو پنهنجي ساهن ۾
    ڪُُنن ۾ ڪيفيت آھي
    حياتيء َ جي نگاهن ۾
    وڃان ٿو سج کي  لاهي
    جلائي دل جي ٽُُڪرن کي
    دُُکايم درد جو دُونهون
    پُڪاريو مون پَڙاڏن کي
    نه صحرا  جو مليو سُُونهون
    اندر ۾ سُُڃَ ٿي سَهڪي
    رڳن ۾ رڻ جا راڙا
    اکين ۾ اُُڃَ ٿي ٽَھڪي
    ڪڙھن ٿا روح  ۾ ڪاڙها
    ملي آ مُفلسي اهڙي
    ڀريل بازار ۾ مون کي
    ڪمائي قرض ۾ جهڙي
    ملي سنسار ۾  مون کي

    غــــــزل

    ننڊ جھڙي هُوءَ مِٺي لولي هئي
    ماءُ،مون لئه ٻاجھه جي ٻولي هئي

    نيهن جي دل ۾ ندي وَهندي هئي
    ساھ ۾ ڇُلندڙ ٿڌي ڇولي هئي

    رنگَ منهنجي سڀ ڪندا هئا آجيان
    وقت جي هر ڪا گھڙي هولي هئي

    آسمانن جي حويليءَ مان اِها
    چنڊ جي تو ئي دري کولي هئي

    ڍنڍ وانگر هُوءَ ڇُلي پئي ڇوھ مان
    ڪُونجڙين جي هُن مٿان ٽولي هئي

    مون جيئڻ جي جُستجوءَ ۾ ڀٽڪندي
    زندگيءَ ۾ زندگي ڳولي هئي
    


    (64) الله بخش آريسر

    تعارف نمبر (64)

    [شاعر[

    اصل نالو : الله بخش 
    ادبي نالو : الله بخش آريسر
    والد جو نالو : غلام رسول
    ذات : آريسر 
    جنم : پهرين جنوري 1977ع
    ڪرت : صحافت ڊان ميڊيا گروپ
    رهائش : عمرڪوٽ شهر
    رابطو: 03453883777
    لکڻ جي شروعات : 1995ع 
    ڇپيل مواد : عبرت ميگزين ۽ پساھ رسالو.
    لکيل صنفون:نظم، وائي، غزل، ٽيڙو، چوسٽو، بيت، نئين ڪويتا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــزل

    ڏيئا ٺاهي، نيڻ جلايان
    تنهنجي ڪارڻ، ليئا پايان

    تون ئي منهنجو تصور آھين
    توکي ٺاھيو، ويٺو ٺاھيان،

    وسيو تن من ۾ تون آھين
    توکي ڳوليان، پوءِ وڃايان،

    پير ڀري جي ايندين مون ڏي
    پنھنجا آتا، نيڻ وڇايان،

    منھڙو مون کان هاڻ مٽيو تو،
    ڪيئن پرچايان ۽ ترسايان

    منھنجي تو نه ٻُڌي بس پيارا
    ڪنهن کان هاڻي ڀاڳ لکايان

    ماٺ ڪري پيو ڳوڙها ڳاڙيان 
    بخش کي ڪهڙو حال ٻڌايان

    غـــــزل

    تو ڪٿي آهين پنهون منهنجا
    پير تو لئه ٿيا پٿون  منهنجا

    تار تنهنجي آ ملي مونکي
    ڇڏ وساري پيار  تون منهنجا

    عشق ڪيڏو روھ ۾ روليو
    ميت اچ هاڻي ملون  منهنجا

    گهاء منهنجن ئي ڏنا مونکي
    ۽ مڙهن پيا  تهمتون منهنجا

    سڀ پلاڻي چين آهن ويا
     ڪٿ رهيا هاڻي سڪون منهنجا

    نظــــم

    مايا تي مستان هتان جا
    ماڻهو ڪي نادان هتان جا
    رهزن غنڊه ڏنڊن وارا
    ساون ڳاڙھن جهنڊن وارا
    بڻيا آهن مهمان هتان جا
     ماڻهو ڪي نادان هتان جا
    عصمت جي نيلام ڪري ويا
    سئو خون سرعام ڪري ويا
    ڏين ٿا تن کي مان هتان جا 
     ماڻهو ڪي نادان هتان جا
    ووٽ وٺي پوءِ ڪين نه سڃاڻن
    مال رڳوٿا ميڙيو ڄاڻن
    اهڙا سياستدان هتان جا
     ماڻهو ڪي نادان هتان جا
    ماڻهن ڀوڳيو سالن تائين
    ڀاڳيا پهتا ڀالن تائين 
    ڦرندا ويا فرمان هتان جا
    ماڻهو ڪي نادان هتان جا
     مايا تي مستان هتان جا
    


    (65) سيد غفورشاھ تقوي

    تعارف نمبر (65)

    [شاعر،مضمون نگار، لطيف سرڪار جو پارکو[

    اصل نالو : سيدعبدالغفورشاھ
    ولد : سيدپيرڏنوشاھ
    ادبي نالو : سيد غفورشاھ تقوي
    ذات : سيد
    ڪرت : ادب جي خدمت. رهائش : ڪراچي
    رابطو : 03118409579
    لکڻ جي شروعات : اسڪول جي زماني 1973ع کان.
     ڇپيل مواد : سنڌ ۾ شايع ٿيندڙ تمام سنڌي اخبارن توڙي رسالن ۽ ميگزينن ۾ لاتعدادشاعريءَ سان گڏ مختلف آرٽيڪل ڇپيل.
    سائين جن سڄي سنڌ ۾ پنهنجي شاعريءَ سان گڏ لطيف سائينءَ جي پارکو جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا.
     لکيل صنفون غزل : گيت، نظم، وائي، ڪافي، منقبت، نعت، چوسٽا، بيت وغيره
    ڇپيل ڪتاب : هڪ شاعريءَ جو ڪتاب (اڇا اولا عاج جا) ڇپيل.
    اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ، ان کان سواءِ ڪافي مواد موجود اٿن.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چؤســـــــٽا  

    ڏکن ۽ سکن ۾ به گهاري سگهون ٿا
    خطائون به ڪنهنجون وسري سگهون ٿا

    مگر جن اسانجون ڪيون بند واٽون
    اسين تن پهاڙن کي ڏاري  سگهون ٿا

    اڃان خوف آھي اڃا خر ڄمن پيا
    اڃان تائين تقوي ثنا گر ڄمن پيا

    غدا رن جون مائون ميون ڪين آھن
    اڃان مير جعفر چنيسر ڄمن  پيا

    غـــــزل

    بوتل اُها پراڻي ليبل نئون نئون آ
    مقتل نٿا مٽائين قاتل نئون نئون  آ

    ساڳيو نظام ساڳيا سر ڪار جا پُڄاري
    ليڪن لباس تن کي پاتل نئون  نئون آ

    انصاف جو ترازو ڌاڙيل جي هٿن ۾
    ليڊر ٿيو اسان تي نازل نئون  نئون آ

    ليگين جو دور کائي پي پي وسائي ويٺو
    بڻجي پيو جيالو جاهل نئون  نئون آ

    اخلاق جي حدن جا ليڪا پيو لتاڙي
    ايوان ۾ ٿيو ڄڻ داخل نئون  نئون آ

    زخمي ٿياهزارين مرهم ڪجي ته ڪنهنجو
    هرڪو غفور وانگي گهايل نئون  نئون آ

    وائـــــي

    مک تي مرڪون ڳل تي ڳوڙھا
    پڇندي ڪنهنجا پار الا لا..!!
    کلندي روئندي وئي..!!

    جن نه ساري ساٿ سان
    پڇندي ڪنهنجا پار الا لا..!!
    کلندي روئندي وئي..!!

    وڇڙي ڪونج ڪتار مان
    پڇندي ڪنهنجا پار الا لا..!!
    کلندي روئندي وئي..!!

    صحرا جي رڻ راھ ۾
    پڇندي ڪنهنجا پار الا لا..!!
    کلندي روئندي وئي..!!

    گلشن ڏيئي غفور شاھ
    پڇندي ڪنهنجا پار الا لا..!!
     کلندي روئندي وئي..!!


    (66) بلاول سنڌي

    تعارف نمبر (66)

    [شاعر[

    اصل نالو : بلاول 
    ادبي نالو : بلاول سنڌي
    والد : محمد 
    ذات : لغاري
    جنم : 01 اپريل 1992ع. تعليم : بي ايس سي
    ڪرت : ليبارٽري ٽيڪنيشن آرمي 
    رهائش : تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ جي ويجهو، شهر گلاب لغاري تعلقو چمبڙ، ضلعو ٽنڊو الهيار.
    رابطو: 03462553877 . لکڻ جي شروعات  : 2007ع
    ڇپيل مواد : ٻاراڻي ادب جي رسالن سنڌي ٻارڙا، گل ڦل ۽ سنڌي اخبارن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ملڻ جون گهڙيون نقاب ڇو؟
    اسان کان ايڏا حجاب  ڇو؟

    وفا منهنجي کي جفا ئي سمجهئي
    رکيا تو اهڙا حساب ڇو؟

    لفظ تنهنجا هن بڻڇا ۽ ڀالا
    کٽين ٿو هيڏا ثواب ڇو؟

    جيئري هوندي قدر نه ڄاتئي
    قبر تي هاڻي گلاب ڇو؟

    ڏسي ڏکن ۾ کلين سدائين
    اکين ۾ آندئي سيلاب ڇو؟

    زندگي ڏکن جي ٿئي سيج ،،بلاول
     ڏسين ٿو رنگين خواب ڇو؟

    نثري نظــــم

    اڪثر هن کي
    اهو چوندو هوس
    اسان جي محبت ۾
    ڪيڏو نہ فرق
    آهي مان توسان
    بي پناھ پيار ڪندو آهيان
    پر تنهنجن جذبن  ۾
    اها صداقت نٿو ڏسان
    جواب ۾صرف هڪڙو
    لفظ چوندي هئي
    وقت ٻڌائيندئي
    اڄ جڏهن
    سالن کان پوءِ ڏٺم تہ خبر پئي
    ڪنهنجي جذبن ۾
    صداقت هئي..!؟
    مان هن جي ملڻ سان
    کنڊرن مان گلشن 
    بڻجي ويس..!!
    ۽ هو تہ هڪ گلشن هئي
    مون سان ملي
    کنڊرات بڻجي وئي..!!

    غــــــزل

    خطا ۾ وڃائي هي ساري حياتي
    ائين ئي اجائي هي ساري حياتي

    ڪڏهين نه ڪنهن سان مٺو ڳالهايم
    دلڙي لکن جي ڏکائي هي ساري حياتي

    ٻڌي ڪين ڪنهنجي مڳي ۾ گذاري
    آ پنهنجي هلائي هي ساري حياتي

    ڪيو خرچ جيون آ ائين بلاول
    ڄڻ هئي ابي جي ڪمائي هي ساري حياتي
    


    (67) نظير احمد ڀنڀرو

    تعارف نمبر (67)

    [ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار[

    اصل نالو : نظير احمد 
    ادبي نالو : نظير احمد ڀنڀرو
    ولد : ڪوڙو خان ڀنڀرو
    ذات : ڀنڀرو
    جنم : 18 جولاءِ 1965ع. تعليم : (D.A.E. (Itrumentation
    ڪرت : وفاقي انڊسٽريل اداري ۾ سروس
    رهائش : ضلع ملير، ڪراچي. رابطو: 03054751090
    لکڻ جي شروعات : سن 1978 کان ”گل ڦل“ ٻاراڻو ادبي رسالو ۽ عبرت اخبار ۾ ٻارن جو صفحو.
    ڇپيل مواد : سنڌ جي سڀني سنڌي روزاني اخبارن ۽ گهڻو مواد ڪراچيءَ کان شايع ٿيندڙ سڀئي سنڌي اخبارون.
    لکيل صنفون : ڪالم، ڪهاڻيون. پيش آهي سندس هڪ ڪهاڻي

    لاسي گَڏھُ ۽ لُوسي گَڏَھُ

    مون هِڪُ گَڏَھُ وَرتو جَڏھن اڃان ڦَروٽو هئو ، کيس وَڏي چاھَ سان پاليم، پُڇَ کان ته لُنڊو هئو پَرَ اهو سوچي ورتو هئم ته ڀَلي نصل واري گَڏھِ جي نصل مان هئو، اُھا اهڙي گَڏَھ ھُئي جو هڪ ڏينهن پَنهنجي جان جي بازي لڳائي پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئائين سو مون گهڻيون ڊگريون پڙھيل لاسي گڏھُ جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو ان کي به ڇڏي ڏنم، جَڏھن اهو ڦَروٽو وڏو ٿيو باقائده گَڏَھُ نظر اچڻ لڳو ته خبرَ پيم ته هن ۾ ڪا شَناس ئي ڪانهي، ننڍي وڏي جو به لحاظ ڪونه اٿس، نه ڪو حلال حرام جي پرواه ٿو ڪري، سَڻڀي ديڳ تي اصل ڪريو پوي، سو اهو سوچي زھر جو ڍُڪُ پيتم ته جَڏھن پَڪو پُختو ٿيندو ته سُڌري ويندو، نيٺ منهنجي عزت خاطر ڪنيون عادتون ڇڏي ويندو، هڪ ڏينهن خبر پيم ته منهنجي کودڙي کي عقل ڏاٺ ڦٽي آھي سو دل باغ بهار ٿي پيم جو وڏڙن کان ٻڌو اٿم ته عقل ڏاٺ ڦٽڻ کان پوءِ عقل جا درياھَ وهي پوندا آھن، مان اِنَ خوشفهميءَ ۾ اهڙو مبتلا ٿي ويس جو بنا ڌَڙڪ سندس ويجهو وڃي جائزو وٺڻ شروع ڪيم پَرَ جڏھن پويان وڃي سندس لُنڊي پُڇَ جو جائزو وَٺڻُ چاهيم جنهن جو منهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو اَرمان هئو ته ڀلا کڻي پُڇَ لُنڊو نه هجيس ها، عقلَ ڏاٺَ ڦُٽي اٿس ته مَنَ ڪو پُڇُ به ڦُٽو هُجيس اهو ويچار ڪندي وڏي چاھَ سان پاليل گَڏَھَ جي پوئين پاسي ويس، اڃا جائزو وٺڻ جي دِل جي حسرَتَ پُوري ئي ڪانه ٿي هئم ته ٻئي لَتون زورَ سان وَھائي ڪَڍيائين جيڪي سِڌيون لوندڙيءَ ۾ لڳم، اکين آڏو اوندھ اچي ويم ۽ پوءِ جنهن وقت هوش آيم ته پاڻ کي اسپتال جي آئي سي يو واري وارڊ ۾ موجود ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيس ته هتي ڇو آھيان ؟ ته سامهون بيٺل ٻن نرسن کي ڳالهائيندي ڏٺم، هڪڙيءَ ٻيءَ کي ٻڌايو پئي ته شڪر آ منهنجو پيشنٽ ته هوش ۾ اچي ويو ته ٻيءَ وراڻيس ته ائي ادي دعا ڪر ته منهنجو پيشنٽ به هوش ۾ اچي، ٻن راتين کان وائٽلز مانيٽرنگ ڪري ٿڪجي پئي آھيان، ڪالھه صبح واري ڪلينڪ ۾ ڊيوٽيءَ تي ته اصل جُهوٽا پئي کاڌم، مون واريءَ نرس چيس ته ادي رَبُ رَحم ڪندئي مان حيران ٿيس ته مريضَ کي دعا ڪرڻ بجاءِ هِڪَ نَرس ٻيءَ نرس کي دعا ڪئي ته “اَدي رَبُ رحم ڪَندئي“ سو کَڻي پڇيو مانس ته اوهان مريض کي دعا ڪرڻ بجاءِ نرس کي دعا ڇو ڪئي ته هڪ لمحو خاموش ٿي چيائين ته اسان ٻئي ٻه ٻه ڊيوٽيون ڪنديون آهيون، اسان جو مريض بيهوش ھوندو آ ته اسان کي مانيٽر تي نظر رکڻ لاءِ جاڳڻو پوندو آھي انڪري صبح جو ڪلينڪ واري ڊيوٽيءَ دوران جھوٽا اچڻ لڳندا آھن، اهي لفظ وٺندي سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، مون پڇين ته ٻه ڊيوٽيون ڇو ٿيون ڪيو؟ ٻنهي چيو ته اسان جا مُڙسَ ڪَمَ چورَ، ٺَڳَ ۽ بَدمعاشَ آھن، ڪير به کين مهيني کان وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکي ئي ڪونه، ڪڏھن لاڪپ به ٿي ويندا آھن ته به اسان ئي کين ڇڏائي اينديون آھيون، ايئن مڙئي اسان جي پوليس وارن سان ڪجھ سلام دعا ٿي وئي آ، مون چين ته ڇا ايترا بي غيرت آھن جو اوهان جي ذِلَتَ بَرداشت ڪن ٿا، ٻنهي چيو ته غيرت هجين ها ته عورتن جو حق ڪَمائِي ويهي کائن ھا ڇا؟ سندن اهي لفظ ٻڌي مون کي مٿي ۾ شديد سُور محسوس ٿيو ۽ شڪايت ڪيم ته نرس جلدي پين ڪلر انجيڪشن سرنج ۾ ڀَرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته اوهان کي ڪنهن حادثي ۾ مٿي ۾ سخت ڌَڪُ لڳو آھي گهڻو نه ڳالهايو، مون پڇيس ته ڪھڙو حادثو، چيائين ته اوهان جي ياداشت به واش ٿي چڪي آھي، آرام ڪيو ته بهتر، پر مون کي صبر ڪونه آيو، مون ٻنهي کان پڇيو ته اوهان اهڙن حرام خور ۽ بي غيرت مڙسن مان ڦاٿيون ڪيئن ؟ هڪڙيءَ چيو ته ڌُوڙ پاتي هئم لَو ميريج ڪَئي هئم ته وري جنهن نرس جي ڊيوٽي مون سان لڳل هئي اُنَ چَيو ته منهجي مڙسَ جي ماءُ ته وڏي غيرتمند، سُلڇڻي ۽ سليقه شعار هئي، ڪڏھن به ڪُوڙ ڪانه ڳالهائيندي هئي، نماز روزي جي به پابند هئي ۽ منهنجي ڏاڏا جي خاندان مان هئي ۽ ھڪ دفعي پنهنجي جان تي کيڏي پنهنجي مڙسَ جي جان بچائي هئائين، سندس اهي لفظ ٻڌي مون کي پنهنجو لاڏ ڪوڏ سان پاليل گڏھُ ياد اچي ويو، جنهن مونکي اسپتال ڀيڙو ڪيو، اُن جي ماءُ به ته پنهنجي جان تي کيڏي پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئي. ايئن ئي وڏو ڊاڪٽر اچي نڪتو ۽ مونکان طبيعت پڇيائين، چيومانس، “بهتر آهي.. بس مٿي ۾ سُور آهي..!!“. ايئن چئي وڃڻ لڳو ته مون چيس “هڪ مسئلو حل ڪري وڃو”. چيائين، “ڪهڙو..!؟ جلدي ٻُڌاءِ.. ٽائيم ڪونهي..!!“. چيومانس ته “جنهن گڏھ مونکي بي رحميءَ سان پويان ٻئي لتون لوندڙيءَ ۾ هڻي، اوهان تائين پهچايو آهي، اُن جي ماءُ ته پنهنجي جان جي بازي لڳائي، پنهنجي مالڪ جي جان بچائي هئي، اُهو ئي ڏسي مون هِي گڏھ اُن وقت ورتو هو، جڏهن هِي اڃا کودڙو هو. جڏهن وڏو ٿيو ته ڏاڍيون شڪايتون ملڻ لڳيون، ته وڏو بي حيا، بدتميز ۽ بي رحم آهي. ننڍي وڏي ۽ ڪنهن چڱي جي به پرواھ نه اٿس. مالڪ جي جان بچائڻ جي بجاءِ مُرڳو سِر پئي کنيائين. آخر خصلتن ۾ ايڏو فرق ڇو..!؟“
    ڊاڪٽر چيو، “ان ۾ ماءُ جو قصورناهي، ڇو ته D.N.A مان اصل خاصيتون پيءُ مان ٿينديون آهن. سندس ماءُ ڪنهن لاسي گڏھ مان هوندي ۽ تو وارو گڏھ لُوسِي گڏھ مان هوندو..!!“
    


    (68) احسان آڪاش 

    تعارف نمبر (68)

    [شاعر[

    اصل نالو: احسان رضا
     ادبي نالو: احسان آڪاش 
    ولد : مرحوم غلام رضا
     ذات: گاڏهي 
    جنم: ڳوٺ چؤٻار تعلقه خيرپور ناٿن شاه 
    تعليم: ايم_اي. ڪرت: پرنسپل 
    رهائش: ڀٽائي ڪالوني ڪوٽڙي. رابطو: 03155577538
    لکڻ جي شروعات: 2000ع
     ڇپل مواد : عبرت مئگزين، هالار ڊائجسٽ، هزار داستان، الک، پاڪ ، رمجهم، سنڌ آئي، سنڌ راڻي، همسري.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، بيت، نظم ۽ ٽيڙو.
    ڪتاب ”ڪجھه يادون، ڪجھه سپنا“ ڇپائيءَ هيٺ.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    انسانن تي قياس لکان
    ڪهڙو مان اتهاس لکان

    جڳ سارو ٺڳي جو ٺاهه آ
    هِت ڪنهنجو احساس لکان

    رات دير تائين چنڊ رُنو پئي
    ڳوٺن، شهرن تي راڪاس لکان

    بک جو مذهب پيٽ آ پيارا
    ڇا دين جو وشواس لکان

    نفرتن جي اُس ۾ سڙن جي
    اها بدبوءِ ڪئين آڪاش لکان

    نظـــــم

    محبوب جي تصوير بڻايان
    رنگ گلابن مان چورايان
     اهڙي منهنجي مصوري ڪٿي؟
    آسمان کي ڪينواس ڪري
    چنڊ تارن کي قلم بڻائي
    سج مان ڦڪو رنگ گهرائي
    سمنڊ جو تنهن ۾ نيرو آب ملايان
     اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
    انڊلٺ جا سڀئي رنگ کڻي
    ڌرتي جي سڀني گلشنن کي
    تنهنجي تصوير ۾ ملائي
    جا منهنجي من کي هُڳائي
    سنڌ جي سُونهن تنهن ۾ سجايان
     اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
    اڌورن سپنن کي بُرش ٺاهي
    تعبير تنهن منجھه ڀريان
    اوڄاڳيل راتين جون
    سوين سارون
    فراق وصل جي وچ ۾ 
    دردن جون دانهون تو ۾ رچايان
     اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
    تون صرف منهنجي هجين
    مان صرف تنهنجو ٿيان
    تنهنجي وجود جا سمورا رنگ وٺي
    مان پنهنجي وجود کي رنگان
    تنهنجي چپن جو جام اوتي
    پريم کي ڪا امرتا ڏيان
    اهڙي مان تصوير بڻايان 
    پر اي سانئڻ
    اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
    اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
    


    (69) وسيم سومرو 

    تعارف نمبر (69)

    [شاعر[

    اصل نالو : محمد خان
    ادبي نالو : وسيم سومرو 
    والد جو نالو : محمد حسن
    جنم : 16 نومبر 1963ع
    ذات : سومرو
    رهائش : عظيم ڪالوني، نوابشاھ شهر. رابطو: 03053630120
    تعليم : ماسٽر سنڌيءَ ۾ ۽ تعليم ۾.لکڻ جي شروعات ؛ 1979ع
    ڇپيل مواد : سُھڻي، ساڃاھ، نئين زندگي، سوجهرو، پروڙ، لهرون، همرچو، پوپٽ، ادب، هزار داستان وغيره.
    لکيل صنفون غزل : گيت. وائي . نظم . نثر . وغيراه 
    ڇپيل ڪتاب : 1. ياد جي نيري ندي/ مشترڪہ شاعري
    2. دل جون لهرون/ غزل 3. سچ جي چاندني/ ٿر جي پسمنظر ۾ شاعري ۽ سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا، 4. پاڻي/ هائيڪو،نظم

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــــزل

    ملڻ لاءِ آتيون اکيون ٿيون رهن
    سڄو ڏينهن جهاتيون اکيون ٿيون رهن

    پتنگن جيان ٿيون جلن جاڳ ۾
    ڄڀن کان اڄاتيون اکيون ٿيون رهن

    پنبڻ بارشن ۾ ڇنڀي پيار لئہ
    سُريليون ڪي لاتيون اکيون ٿيون رهن

    نہ سُرمي سرائي نہ سپنو سرل
    نہ آھين تہ ڪاتيون اکيون ٿيون رهن

    بُتن ڪو نہ سمجھيون جھِڄي دل جيان
    بدن جون ڪي باتيون اکيون ٿيون رهن

    سڄڻ جون سنڀاري نهارون وسيم
    نيون ڪائناتيون اکيون ٿيون رهن

    نظـــــم

    ”سيوھڻ“


    سانگ سکُا جا لالَ سڙي ويا
    ڀرت ڀريل رومال سڙي ويا
    ڪنهنجي ڪپجي ٻانهن اڏاڻي
    ڪنهنجو وڍجي ڪنڌ اڏاڻو
    ڀڙڪي دک جي دانهن اڏاڻي
    دل جا سُڏڪي سُوال سڙي ويا
    جيون جو گل گل مرجهاڻو
    ٽھڪ ٿڌا ٿي هيٺ ڪري پيا
    هر پاسي جيئن رت اڏاڻو
    اکڙين جا احوال سڙي ويا
    بکُ اجل جو ٿي ويا سارا
    ديسي، پرديسي آيل
    ننڊ مان جاڳيا ڪو نہ نغارا
    ڇم ڇم کان اڳ ڇال سڙي ويا
    ٻارن مُٺ ڀرڻ کان پهرين
    ٿيون سڀ سرخ ڦُلن جون ٿيلهيون
    کُنهبو رنگ ڪرڻ کان پهرين
    مينديءَ جا هڙ ٿال سڙي ويا
    ڀاڪر ۾ گڏُ جيونَ جاليل
    جلندي جلندي جسم ڇڄي ويا
    ڪنهن جيجل جي پُٽ جا پاليل
    نازڪ سورنهن سال سڙي ويا
    دل جون ڪو نہ ڌمالون ڌڙڪيون
    سوچي پير ڌمال ڌڄي ويا
    سيوھڻ ۾ جيئن باهيون ڀڙڪيون
    سوچن جا پاتال سڙي ويا
    


    (70) لکمير عباسي

    تعارف نمبر (70)

    [شاعر[

    اصل نالو: لکمير علي
    ادبي نالو: لکمير عباسي
    والد جو نالو : غلام سرور 
    ذات : عباسي ڪلهوڙو
    جنم: 12 ڊسمبر 1996ع. تعليم: بي.ايس.سي
    رهائش : ڀينس ڪالوني نزد سهيل ڪالوني لاڙڪاڻو.
    رابطو: 03110893775
    اصل رهائش : موهن جو دڙو، لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
    لکڻ جي شروعات : 2012ع
    ڇپيل مواد: عوامي سنڌ اخبار فاسٽ ٽائيمز اخبار مختلف رسالن ۾
    لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، بيت، دوها. 

    اڻ ڇپيل ڪافي مواد  موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ننڊ به مون کي ڦٿڪي آئي
    خواب ڊنا ۽ هڏڪي آئي

    ڪنهن آ پڪاريو پوئين پهر ۾
    سار اکين ۾ سڏڪي آئي

    وار به وکريل چهرو نم هئس
    ڪير ڀٽن ۾ ڀٽڪي آئي

    موت جو منظر سامهون ڏسندي
    ياد به ڪنهن جي دڙڪي آئي

    نالي سان لکمير ڪا گوري
    نيٽ نڙي تي اٽڪي  آئي

    غــــــزل

    سڄي جڳ ۾ سڀ کان نرالا اسين
    وفائن جا آهيون حوالا اسين

    موهن جي دڙي جا ۽ مڪليءَ جا منظر
    ڪٿي مسجدون ڪٿ شوالا اسين

    نچن من جي آڳر تي ويچار منهنجا
    انڌيري ننگر ۾ اجالا اسين

    ملي جام پي من اجاگر ڪيون
    محبت جي مئه جا پيالا اسين

    نه لکمير ميري ٿئي مارن جي پوتي
    ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جا رکوالا اسين

    وائـــــي

    ڪڻڪون پچي تيار ٿيون
    اڃان نه آئين تُون
    آئي بهار آئي..!!

    سانڍي توکي ساھ ۾
    ٻيلي هردم رکيو مُون
    آئي بهار آئي..!!

    ڌڙا لڳن ٿا ڌرتي تي
    لٽجان ٿو مارن سُون
    آئي بهار آئي..!!

    حال منهنجا بي حال ڏٺئي
    چُريئي نه ڪَن تي جُون 
    آئي بهار آئي..!!

    مند ملهاري لکمير ملڻ جي
    سُڻ ڪوئل جون ڪُوڪُون
    آئي بهار آئي..!!
    


    (71) اندارا شبنم پونا والا

    تعارف نمبر (71)

    [شاعره، ڪهاڻيڪاره[

    اصل نالو: اِندرا شبنم شهدادپوري
    ادبي نالو : اندارا شبنم پونا والا
     والد جو نالو: ٽيڪچند داس شهدادپوري
    ذات : شهدادپوري
     جنم : هنڌ ڪراچي سنڌ 
    پاڪستان ۾ رهائش : پهرين سندن وڏا شهدادڪوٽ ۾ رهندڙ، پوءِ ڪراچي ۽ آخر ۾لاڙڪاڻو. 
    هاڻوڪي رهائش : پونا، مهاراشٽر،انڊيا
    تعليم: بي.اي، بي.ايڊ، ايم.اي.
    ڪرت : ڪاليج پروفيسر، وائيس پرنسپال.
    ڇپيل مواد : سنديا، لوڪ، پوپٽ وغيره
    ٻن ڪهاڻين جي ڪتابن 1. عبات، 2. ضمير پنهنجو پنهنجو سميت ڇپيل ڪتاب : 21 سنڌي، هندي، مراٺي، اردو ۽ انگلش.
    ٻن گڏيل ڪتابن ۾ پڻ شاعري ڇپيل: 1. پير پير جو پنهنجو پنڌ، 
    2. ادب آبِ حيات. 
    لکيل صنفون : غزل، نظم، گيت، وائي،چؤسٽا ڪهاڻيون وغيره 
    ٽيليڪاسٽ ٿيل اسٽوري : ”ٽڙيل پکڙيل“ ۽ ”عبادت رشتا“.

     سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    جيڪڏهن عرش ڏي پرواز کپي
    ڪانو ڪٻريون نه، شهباز  کپي

    نيون ڳالهيون نئون آواز کپي
    ڪو نئون اعجاز يا اعزاز کپي

    زنده گهڻيئي نه مگر زنده دل
    موڳو مردو  نه ڪو جانباز کپي

    پنهنجي منزل تي پڄي سگهنداسين
    پر اثردار ڪو اعجاز  کپي

    سُور هرڪو ئي ونڊڻ چاهي ٿو 
    دل وٺڻ وارو ڪو همراز  کپي

    ڪوئي پنهنجي دل لٽي ڇونن ڇڏي
    خوبصورت ڪوئي انداز  کپي

    نثري نظـــــم

    “واقفيت” 


    ڪنهن طلسمي 
    ڪشش وس 
    اسين ٻئي 
    ڇڪجي ٿا گڏجون
    بار بار 
    ائين ٿو محسوس ٿئي
    اسين ٻئي 
    هڪ ئي باھ جي تپش مان
    ڄرن مان 
    ٿورو سيڪجي 
    ڪجھه جليل چمڙي 
    ڪجھه رهنڊون 
    چنڊ، زخم ۽ ٿورن زخمن جا نشان کڻي
    زنده سلامت بچي ايندا رهيا آهيون
    شايد..!!
    ڪنهن هڪ ئي آزمودي
    هڪ ئي درد جو رشتو 
    اسان ٻنهي جي وچ ۾..!!
    


    (72) مجروح ڀٽ شاھي

    تعارف نمبر (72)

    [شاعر[

    اصل نالو : عبدالواحد 
    ادبي نالو : مجروح ڀٽ شاھي
    ولد : عبدالرّحمٰن 
    ذات : سومرو
    جنم : 1973ع 
    تعليم : بي.اي 
    ڪرت : وفاقي سرڪار جو ملازم 
    رهائش : ھنر مند ڪالوني، ڀٽ شاھ. رابطو : 03332852535
    لکڻ جي شروعات : 1993ع
    ڇپيل مواد : مھراڻ، عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين، نئين زندگي، ھزار داستان.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره.
    هڪ ڪتاب گڏيل شاعري جو مرتب “پير پير جو پنھنجو پنڌ“.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    طرحي غـــــزل

    “هاڻ يارن ۾ وفاداري ڪٿي“
    اڄ خردمندانا گفتاري ڪٿي

    آدمي ۾ اعلي ڪرداري ڪٿي
    برهه جهڙي ناهي بيماري ڪٿي

    هجر جهڙي آ عزاداري ڪٿي
    عهدَ رفتا واري آياري ڪٿي

    سخن ور پيا گل نڇاور ڪن اڃا
    پاڻ جهڙن جي ڀلا واري ڪٿي

    شوق هيو مونکي سواري جو گهڻو
    برهه جي گاڏي تو بيهاري ڪٿي

    تير نظرن جا لڳن زخمي نه ٿئي
    دل ڀلا اهڙي اسان ڌاري ڪٿي

    ننڍ پڻ جاياد ٿا روزا اچن
    اهڙي سحري اهڙي افطاري ڪٿي

    هڪ گهڙي مجروح ھن کان ٿي جدا
    زندگي اهڙي اسان گهاري ڪٿي

    نظــــــم

    مونکي توسان محبت هئي
    مونکي توسان محبت آ
    کڻي هرهر قسم مونسان
    سدائين تو چيو ٿي پر
    نه تنهنجو سو ملڻ آهي
    نه تنهنجو سو کلڻ آهي
    نه تنهنجو رات جو جاڳي
    وري هر هر فون تي ڪالون
    نه تنهنجا سي گهٽيا آهن
    ڏنئي جي درد هر هر ٿي
    بدلجي ويو آهين مونکان
    رهيو آهين نه ساڳيو تون
    وڏيون هامون هنيون ٿي تو
    مرڻ ۽ گڏ جيئڻ جون تو
    ڪيڏانهن ويا واعده تنهنجا
    ڪٿي آهن وچن تنهنجا
    ملڻ جي بي قراري تو
    هئي لاموش تي هر پل
    نه تنهنجي بي قراري سا
    نه تنهنجي انتظاري سا
    اڃا ڀي ٿو چوين مجروح
    مونکي تو سان محبت هئي
     مونکي توسان محبت آ
    


    (73) خالد راڄپر

    تعارف نمبر (73)

    [شاعر]

    اصل نالو : خالد اختر
    ادبي نالو : خالد راڄپر
    ولد : امير بخش
    ذات : راڄپر
    جنم : 6 سيپٽمبر1978ع
    تعليم : بيچلر آف سول انجنيئرنگ ايم.اي
    ڪرت : انسپيڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد.
    اصل رهائش: محرابپور ضلع نوشھرو فيروز.
    موجوده رھائش : قاسم آباد حيدرآباد. ربطو: 03342191622
    لکڻ جي شروعات : 1994ع.
    ڇپيل مواد : سنڌ جي تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، آزاد نظم، وائي، ھائيڪو، بيت، نثري نظم، نئين ڪويتا.
    ڇپيل ڪتاب : ”ڀنل آرسي“ شاعري 2012، تازو ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    پنھنجي ٽُٽل مِٽي کَڻي، جوڙيان ته ڪيئن جوڙيان
    ھي روحُ ڌوڙِ سمنڊَ ۾،  ٻوڙيان ته ڪيئن ٻوڙيان

    شيشا بَدَنُ ٽَپي ويا ، آ فرشُ واتُ نانگ جو
    خيما خدا زمينَ تي، کوڙيان ته ڪيئن کوڙيان

    اُٻِرن اکيون پئي سَڙي دل چيلَ جي چيرنِ جيان
    اي عِشقَ طرفُ باھِ جو، موڙيان ته ڪيئن موڙيان

    مجذوبَُ پيرَ ساھ َ جا، سوڙھا ٻَڌا، مان ھاڻي
    ھيءَ ڏورَِ زورَ ڏِيان مگر، ڇوڙيان ته ڪيئن ڇوڙيان

    محبت! سزا ملي ته مان، توبِنِ جياپو ڪاٽيان
    پر تون ٻُڌاءِ تو سِوا،  لوڙيان ته ڪيئن لوڙيان

    ھِيءَ دردَ جي بنارسي، ساڙھي بدن تي آھي
    لاھيان ته لِڱَ ننگا ٿينِ، چوڙيان ته ڪيئن چوڙيان

    روڪينسُ ڇو نه، ٿي پئي، لاھي لِباسَ منھنجا
    تنھنجي اکين جي آرسي، ٽوڙيان ته ڪيئن ٽوڙيان

    توکان رُسي ته پوءِ ڏَسِ، خالد وڃي به ڪاڏي
     ھي پيارَ ڏارََ وڻ ڪچا، روڙيان ته ڪيئن روڙيان

    نظــــــم

    ”دارُالسُرورُ“


    زندگي دردَ جي ندي آھي
    دردُ جيڪو رڳُن ۾ ڊوڙي ٿو
    دردُ پاڻي به آ نگاھن ۾
    روز ڪيڏا خواب ٻُوڙي ٿو
    پاڙ دل جي زمين جي اندر
    ڄارَ وانگر ڊگھي پکيڙي ٿو
    روحُ جوڳي فقير جان رولي
    درد توسان اچي ملائي ٿو
    درد ٽُوڙي بدن مَروڙي ٿو
    اڻَ ڏِٺلَ ۽ ضعيفَ ماڻھُون سان
    درد رشتا عجيب جوڙي ٿو
    اڄُ ته مئنوش ھُوش ۾ ناھي
    ھاڻِ ماري نه جوش ۾ آھي
    منھنجو منھنجي لھُوءَ مان ٻُوڙي
    ساھُ آلو ڪري نِپوڙي ٿو
    دردُ آھي ڪو رڇُ مُھاڻي جو
    روزُ اُڇلي اکيون وڪوڙي ٿو
    درد آزاد روحَ ڳيري کي
    تيزُ دل ۾ لڳلُ ڇِرو آھي
    ھِي ته واسينگَ فوڪَ ڀاسي ٿو
    درد آتش فِشان، ٻري ٿو پيو
    روز لاھي لباسَ پنھنجي کي
    دردُ منھنجو لِباسُ پائي ٿو
    ھِنََ ته پالي وڏو ڪيو مون کي
    ھِي ته مون لاءِ ھِڪ،َ حياتي آ
    دردُ مون وٽِ ڏَسيان ته ڪھڙو آ
     دردُ دارُالسُرورَ جھڙو آ
    


    (74) نقاش بلوچ

    تعارف. نمبر (74)

    [شاعر[

    اصلي نالو: رضوان علي 
    ادبي نالو: نقاش بلوچ
    ولد : الطاف حسين بلوچ
    ذات: چانڊيو
    رهائش :ڳوٺ وليداد چانڊيو،سنڌي ٻٽڙا تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ضلع دادو
    رابطو: 03473226451
    تعليم:ايم.اي ،ايم.ايڊ
    ڪرت :J.S.T ٽيچر گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻٽڙا سنڌي
    لکڻ جي شروعات : 2016ع
     لکيل صنفون:نعت،غزل،نظم،گيت،وائي،چوسٽا وغيره
    هڪڙي ڪتاب جو مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    قوم مٿان جو عتاب آهي
    لٿو الا هِي عذاب ڄاڻان

    ووٽ وٺي پوءِ ڀڄي ويو جو
    اُهو ٿو قاتل ڪساب ڄاڻان

    ٺڳي ته هُن جي پيشو آهي
    ٺڳ وڏيرو خراب ڄاڻان

    ڪُڙمين سان ٿو ڪِيسَ ڪري جو
    بَد، بُڇڙو، بي مُهاب ڄاڻان

    جو ڦورن کي هيرو ليکي
    “نقاش“ ڪوڙو نصاب ڄاڻان

    نظــــم
    ”نئون سال..!!“


    سال نئون ڀي ايندو آ ڇا..!؟
    حال نئون ڀي ايندو آ ڇا..!؟
    تو بِن پنهنجو حال آ ساڳيو،
    خيال به ساڳيو، سال به ساڳيو
    سج به ساڳيو، اوڀر اُڀري،
    مَنَ ۾ ساڳيو اوٻر اُٻري،
    راتيون ساڳيون اونداهين جون،
    باتيون ساڳيون بيواهين جون،
    ڏينهَن وڏا ٿي، ڏينهَن ننڍا ٿين،
    ڏاڍ، جبر جا مينهَن وڏا ٿين،
    ڪيڏا ڏس ڪَلُور ڪَٺا ٿين،
    پيار تي پهرا ڪالهه به ساڳيا،
    هيل پريڪا حال به ساڳيا،
    ڪالهه به ڪوٺي ماريَن ڪارَي،
    هيل به ساڳي بي ڏوھ ناري،
    مارين مَنَ جا رولا ساڳيا،
    وحشت جا ڏس ٽولا ساڳيا،
    جيون ساڳيو، سُور ۽ سختيون،
    ڪهڙيون دلبر مَن جون مستيون،
    واهڻ وستيون ويرانيون هِن،
    سال سموري حيرانيون هِن،
    پاڻ لئه هڪڙو سال نئون هو،
    ڌرتيءَ تي جو ڇال نئون هو،
    خلقيا هُون جي ساڳي خالق،
    پنهنجي ڇو حالات آ اهڙي،
    اڻڀي اڻڀي، جهڙي، تهڙي،
    ڌرتيءَ تي ڄڻ اُڇليا وياسين
    بيواهن جيئن ڪُچليا وياسين
    تنهنجي دنيا ۾ او داتا،
    اَنُ داڻي لئه بڻجي آتا،
    پاپي پيٽ پُوڄاريءَ خاطر،
    وڪڻي پنهنجا ٻچڙا، ماتا،
    جيئن هُو امڙ نانءُ وٺن ٿا،
    جيجل جو ڄڻ هانءُ وڍن ٿا،
    تن جا ڪهڙا کوليون کاتا،
    پنهنجا ٻول باراڻا، ٻاتا،
    سال، صديون سڀ ڪڪر ڪارا
    غم جي بارش جا وسڪارا
    تن سالن جي تات اجائي،
    سال نئين جي بات اجائي،
    ڏينهُن نئون ڏي، رات نئين ڏي،
    خوشين جي سوغات نئين ڏي،
    تنهنجي ڏنل ڏات ٿي ٻولي،
    مظلومن جا وات ٿي کولي،
    ڀل پيو سڏجان دهريو ماڻهو،
    توسان ليڪن آهي ماڻو،
    اندر ٻاهر تون ئي تون آن،
    صاحب سڀڪجھه تون ئي تون آن
    مونکان ويس هي وٺ حيواني،
    ذات ”نقاش“ کي ڏي انساني،
    مان به مڃان پوءِ سال نئون آ،
    هيڻن جو اڄ حال نئون آ،
    مون وٽ سارو خيال نئون آ..!!
    


    (75) عمران وفائي 

    تعارف نمبر (75)

     [شاعر]

    اصل نالو : غلام فاروق
    ادبي نالو : عمران وفائي 
    ولد  : غلام محمد 
    ذات : عمراڻي 
    جنم : 3 مارچ 1983ع
    تعليم : انٽر
    ڪرت : ٽيچر
    رهائش : اڏيرولال اسٽيشن ضلعو مٽياري
    رابطو : 03438304625
    لکڻ جي شروعات : 2000ع
    لکيل صنفون : غزل، نظم، چؤسٽا.
    ڇپيل مواد : امرتا، اديب، ڪرزما، صبح، عبرت ميگزين، سنڌو اخبار، رياست اخبار، ڪاوش گيئلري، ميرانپور اخبار وغيره
    اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جو مواد موجود. 

    سندس شاعريَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    چيو ڪنهن سُکن ۾ اسان جو آ جيون
    اچي ڏس ڏکن ۾  اسان جو آ جيون

    اوهان محل ماڙين آباد ليڪن
    ڪکن ۽ پکن ۾ اسان جو  آ جيون

    تري نيٺ ٿي پار ڪشتي اوهاجي
    سدائين ڪُنن ۾  اسان جو آ جيون

    جڏهن کان اوهان ساٿ ٽو ڙي ڇڏيوآ
    رهيو مئڪدن ۾  اسان جو آ جيون

    جلايو مٽايو يا پنهنجوبنايو
    اوهانجي هٿن  ۾ اسان جو آ جيون

    غــــــزل

    ٻڌو ٻڌو اي دوستو! دماغ ڪم نٿو ڪري
    صداقتون نه ڀروسو دماغ ڪم نٿو ڪري

    رُلي رُلي جهان ڏٺم وفا سندي تلاش ۾
    مليو نه ڪو هتي سچو  دماغ ڪم نٿوڪري

    جفا جي شهر ۾ سڄو بدن سڙي جلي پَيو
    وسو وسو اي بادلو! دماغ ڪم نٿو ڪري

    نه رهنما نه همسفر نه مهربان ڪا نظر
    اي رهبرو اي دلبرو!  دماغ ڪم نٿو ڪري

    کڻي اُميد جو ڏيئو وفائي اڄ اچي پيو
    ڏِيو ڪو پيار جو ذرو دماغ ڪم نٿو ڪري

    نثري نظــــم
    “فيصلو”


    ڪو ويچارو ديوانو
    اونداهي ڪوٺيءَ ۾ 
    اڪيلو ڪنهنجي يادن ۾ 
    مسلسل روئندو رهيو
    ٽڙپندو رهيو
    نيٺ پنهنجا لڙڪ پاڻ اگهي
    دل کي چيائين
    اچ ته اڄ هڪڙو فيصلو ڪريون
    هاڻ هي مسئلو حل ڪريون 
    يا ته هُن جي تمنّا نه ڪر
    مونکي ايڏو تنگ نه ڪر
    هر ڳالھه تي ضد نه ڪر
    يا اچ ته ٻئي همٿ ڪري 
    جستجو ڪري 
     هن کي هميشه لئه پنهنجو ڪريون..!!
    


    (76) هدايت ڏيپر

    تعارف نمبر (76)

    [شاعر، ڪاڻيڪار]

    اصل نالو : هدايت الله
    ادبي نالو : هدايت ڏيپر
    ولد : محمد خان 
    ذات : ڏيپر 
    جنم : 08 اپريل 1970ع
    تعليم : انٽر 
    ڪرت : پرائيويٽ ملازم 
    رهائش : مورو شهر
    رابطو : 03063212501
    لکڻ جي شروعات : 1995ع
    ڇپيل مواد : تقريباََ سمورن سنڌي رسالن، ميگزينن ۽ اخبارن ۾. 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره، اُن کان علاوه گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن“سک نه ستا ڪڏهن“، “لفظن جاسڏڪا“، “ادب آبِ حيات” ۽ “شاعري ڳالهائي ٿي” ۾شاعري ڇپيل.
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    اکين جي سمندر جون ٻيڙيون به ڇوڙي ڇڏيوسين
    حياتيون به ڇولين سان ڪي جوڙي ڇڏيوسين

    اسان لئ سوين سازشن جا ٿي ٻريا ڀڀڙ ھت
    اسان عشق پنهنجي جو جهنڊو به کوڙي ڇڏيوسين

    ڪٿي ٿا ڇنايو نگهاهن ۽ مرڪن جا نيئر
    اسان پيار ۾ توکي اهڙو وڪوڙي ڇڏيوسين

    جي ڏاڙھون رنگا لڙڪ هاڻي وهيا ڀي ته ڇا ٿيو
    اميدن جي گلشن منجهان ٻور روڙي ڇڏيوسين

    جٿي سڇ سندو حق بندوقن دٻائي رکيو هو
    هدايت سو وحشي اهو ملڪ ٽوڙي ڇڏيوسين

    غــــــزل

    شھر وارا نه سمجهيا شھر جي درد کي
    آس ۾ اجڙيل ڪنهن  بحر جي درد کي

    ڪيترو وسيا اوهيڙا ڪري نيڻ ٿس
    ڀونءِ ڇا ڄاڻي سگهندي ڪڪر جي درد کي

    چيلھه تائين پڄي معراج ماڻيو دلي
    ڪنڀر آوي ٿي ڄاڻي ٺڪر جي درد کي

    هو ته ڀڳوان سمجهي پوڄين ٿا پيا
    پر نه سمجهي هو سگهيا پٿر جي درد کي

    پير پنهنجا پُسائيو´ شوق سان آب ۾
    ڪجھه ته سمجهو حسينو بحر جي درد کي

    نثري ٽڪــــــرو

    “لفظن جا زخمي روحَ”


    جڏھن ليکڪ
    پنهنجي لکڻين جي فڪري واٽ
    ڇڏيندو آھي..!!
    تڏھن سندس تحريري لفظن جا 
     روح زخمي ٿي پوندا آھن.
    نثري خيال
    جيڪا قوم 
    هڪ هٿ ۾ تقدير
    ۽ ٻئي هٿ ۾ تدبير 
    کڻي نڪرندي..!!
    اها قوم
    لوحِ محفوظ کي پوچو هڻي
    پنهنجي تقدير
     پنهنجي تواريخ پاڻ لکندي..!!
    


    (77) انورساگر 

    تعارف نمبر (77)

    [شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو : علي انور 
    ادبي نالو : انورساگر 
    ولد : علي نواز 
    جنم : 01 مئي 1973ع
    ذات : ڪانڌڙو 
    اصل رهائش : درياهه جو پاڙيسري ڳوٺ ڪانڌڙا، تعلقو مورو، ضلعو نوشهروفيروز، موجوده رهائش : قاسم آباد حيدرآباد 
    تعليم: ايم.اي. ڪرت : ليڪچرار اردو 
    لکڻ جي شروعات : 1993ع
    ڇپيل مواد : مهراڻ، ادب اديب، سنڌ لائين، سنڌ رِوِويُو، عبرت مئگزين، بلاول، ڪاوش دنيا، ڪاوش مڊ ويڪ، سنڌ راڻي مئگزين، رمجهم، آفتاب، هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، عبرت، سنڌ ۽ شام.
    لکيل صنفون : گيت، وائي، بيت، غزل، ٽيڙو، نظم، نئين ڪويتا، آزاد نظم، ڪهاڻيون، ليک، مضمون ۽ مقالا.
    ترتيب ۽ تحقيق : سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان دادو، ڄام شورو، 
    قمبر، شهداد ڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ضلعن تي لکيل تاريخ ۽ مختصر تعارفي ڪتاب ۽ قلندر لعل شهباز جي سالياني عرس بابت گذريل ڏهن سالن جي تاريخ تي مبني ڪتاب چپجڻ جي مرحلي هيٺ. اُن کان علاوه ثقافت کاتي طرفان شايع ٿيل ڪتاب “تذڪره قلندر لعل شهباز رح”، شهباز ميلا ڪاميٽي پاران مرتب ڪيل ڪتاب 1. دما دم مست قلندر رح،
    2. قلندرم مستم، 3. يادگارِ قلندر ۽ 4. مستو مست قلندر ( قلندر لعل شهباز رح کي ڏنل شاعرن جي ڀيٽا ) بابت.
    گڏيل شاعري جي ڪتابن  1. “درد جا گلاب“ (نوشهرو فيروز جا چونڊ شاعر)، 2. “شاعري ڳالهائي ٿي“ ۾ پڻ شاعري ڇپيل.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    هن دل سدائين مون کي هر جاءِ تي منجهايو
    اندر جي ڳالهه کولي تون کي نه مون رلايو

    ماضيءَ کسيو ڇا مون کان ڪنهن کان حساب وٺندس
    بس تون هُئين مون جنهن کي، غلطيون ڪري وڃايو

    هڪ رات ڪالهه مون کي، هڪ ديوَ غارِ آندو
    هڪ نينهَن ڏينهَن مون کي سورج مان آ  ڦٽايو

    هڪ ريل ۾ هو گڏ گڏ ، پٽڙيون جيان هلي هئي
    ڪائي خبر نه پئي جو  اُکڙيل حصو به آيو

    توسان ڪروڙ ڳالهيون ڪاڳر تي ڪيئن آڻيان
    پينو پنان کٽي پيا توکي نه ڪنهن ٻڌايو

    انداز ناز جن جا لوڏن حڪومتون ٿا
    حاجت جتي نه تنهنجي، سينو اتي ٿا ساهيو

    هڪ دل هئي جا بيدل مون کي بڻائي وئي آ
    ٻيو رب هيو ته جنهن تان ارواح تو  کڻايو

    مون کي لباس هڪڙي لاهيو قلندريءَ ۾
    اهڙا سرور چڙهيا چڻنگن کڻي  نچايو

    پرواهه يار مون کي ڪنهن ڏنگ جي نه آهي
    باقي اهيو ڪيو اٿم نانگن کي مون نپايو

    هو شاعرِ بغاوت انور ملي ته ڏسجو
    جنهن  عشق جي اکر کي ڪاٿي وڃي پڄايو


    (78) مُفلِس زرداري

    تعارف نمبر (78)

    [شاعر]

    اصل نالو : علي حيدر
    ادبي نالو : مُفلِس زرداري
    والد جو نالو : صفر خان
    ذات : زرداري
    جنم : 06 آگسٽ 1996ع. تعليم : مئٽرڪ
    پيشو : دڪانداري. رابطو : 03062351412
    رھائش : قاضي احمد. لکڻ جي شروعات : 2010ع
    ڇپيل شاعري : مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ۽ گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “ساٿ چڙھندو لڪئين” ۾ پڻ شاعري ڇپيل.
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود .
    لکيل صنفون : غزل، وائي، چؤ سٽا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    پيار تنهنجو پرين ڪيئن ڀُلائي سگهان
    مان نٿو عرش تان چنڊ لاھي سگهان

    درد شدت ۾ آ ھو ملڻ ٿو اچي
    شل صنم جي اڳيان مسڪرائي سگهان

    ايترو حق ته ڏي ڊاھي سڀ دوزخون
    يا خدا! خوف جڳ جو مٽائي سگهان

    منهنجي ڦاٽل لٽن ڏي نه ڏس دلربا
    عشق مجنون جيان ٿو نڀائي سگهان

    توکي مسجد مبارڪ هجي شيخ جي
    مان نٿو رب ڀِتن ۾ لڪائي سگهان

    نير “مُفلِس“ اگهي وڃ چيم يار کي
    هن چيو ڪيئن سنڌو سڪائي سگهان

    غــــــزل

    اڃان ڪر رھاڻيون اڃان رات پئي آ
    نه ڪر موڪلاڻيون اڃان رات پئي آ

    اسان جي نصيبن اوڄاڳا ئي آندا
    ڪٿان ننڊ آڻيون اڃان رات پئي آ

    پرھ جون پچارون ڇڏي ڏي پري آ
    چون ٿيون ڪهاڻيون اڃان رات پئي آ

    اڙي چنڊ توڏي چتائي چڪورن
    نگاهون وِساڻيون اڃان رات پئي آ

    اسان جي تصّور جون توڏي پيارا
    اکيون ڇو اُڏاڻيون اڃان رات پئي آ

    الئه ڪيئن ڪٽبيون اي“مُفلِس“ اوهان بن
    گھڙيون درد ھاڻيون اڃان رات پئي آ

    وائـــــي

    تُنهنجي نيڻ نھار
    مون ڏي ڇالئه ٿي اچي..!!
    اڄ جي سُھڻي کي چئو
    آئون نه ھان ميهار
    مون ڏي ڇالئه ٿي اچي..!!
    ھا تون چاھين ٿي مونکي 
    جي نه ته تنهنجي سار
    مون ڏي ڇالئه ٿي اچي..!!
    مان جو تولئه ٿو جيان 
    بڻجي موت ميار
    مون ڏي ڇالئه ٿي اچي..!!
    “مُفلِس“ موٽي پوئتي
    توبن مُند بهار
    مون ڏي ڇالئه ٿي اچي..!!
    


    (79) غوث پيرزادو

    تعارف نمبر (79)

    [شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو : غوث بخش
    ادبي نالو : غوث پيرزادو
    ولد : ڪريم بخش 
    ذات : پيرزادو
    جنم : آگسٽ 1968ع 
    اصل رهائش : ڳوٺ ٻلهڙيجي، لڳ موهن جو دڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو. موجوده رهائش : گلشن حديد ڪراچي
    رابطو : 03333760847
    تعليم : ايم.اي سنڌي ۽ ايم.اي سوشيالوجي
    ڪرت : سماجي ڪارڪن. لکڻ جي شروعات : 1988ع 
    ڇپيل ڪتاب :  “مُئل ضمير جو مرثيو” شعري مجموعو ترجمو 2001ع.  “چيڪي مٽي” 2010ع شاعريءَ جو مجموعو، 
    “رمجهول” شعري مجموعو  2016ع.
    ڇپيل مواد : عبرت رسالو، سوجهرو، سارس، لهرون، همرچو، امرتا، سارنگا، عوامي آواز، جاڳو، وغيره
    لکيل صنفون : نثر ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعريءَ ۾ غزل، نظم، ٽيڙو، بيت وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ننڊ ۾ چاهي ڇڏيو هو آسمان
    ساهه ۾ لاهي ڇڏيو هو آسمان

    سرد جذبن جي ڀنور ۾ ويڙهجي
    دل جو ڊاهي ڇڏيو هو آسمان

    چاهه جي چنڊ تي چڙهي او مينڌرا
    ڳاهه جيان ڳاهي ڇڏيو هو آسمان

    نيڻ ڪنهن مک تي سجائي واءَ ۾
    اڄ وري ٺاهي ڇڏيو هو آسمان

    هاڻي جيون ڌرتتي بڻجي ويو
    پاڻ ئي ٽاهي ڇڏيو هو آسمان

    غـــــزل

    ڳيچ ڳائي رني هوندي
    نينهن لائي رني هوندي

    ويڙهه منهنجو نچي نکري
    چيچ پائي رني هوندي

    هوءَ ميلي ۾ ويڳاڻي
    تنهنجي آئي رني هوندي

    مان ته سهسائي ويو آهيان
    مونکي تائي رني هوندي

    ٻاٽ اوندهه جي ڪا ناري
    ڌيءَ ڄائي رني هوندي

    مينهن جوڀن سندا وينگس
    ڇا وسائي رني هوندي

    غــــــزل

    جهول خالي هو نه ڪو پٿر هيو
    خواب سارو ٿي ويو پٿر هيو

    هڪ چمي هڪ رات جو سودو هيو
    پوءِ جدائيءَ جو ڳٿو پٿر هيو

    واءُ وارن سان ڪڏيو پئي رات ڀر
    دل جي آڳر تي اٺو پٿر هيو

    ساهه جو ڳيرو اچي ڦٿڪي ڪريو
    پوءِ ٻيلو ٿي ويو پٿر هيو

    دل جي ڌرتيءَ زلزلو ڀوڳيو هيو
    تلخ لهجي جو کتو پٿر هيو

    زائچه ڪهڙا ڪڍايون ها ڀلا
    شهر جڏهن سنئون سڌو پٿر هيو
    


    (80) سانوڻ راڄڙ 

    تعارف نمبر (80)

    [شاعر، ڪاڻيڪار، ڪالم نگار]

    اصل نالو : سانوڻ
    ادبي نالو : سانوڻ راڄڙ 
    و لد : حضوربخش
    جنم : 07 سيپٽمبر1981ع
    ذات : راڄڙ
    رهائش : ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، اڇڙوٿر
    تعليم : انٽر. رابطو: 03415023036
    لکڻ جي شروعات : 1995ع .
     ڇپيل مواد : عبرت ميگزين، مهراڻ، ڪاوش، ارادو، عوامي آواز، ڪلياڻ، واڪا، جيجل، سنڌ ايڪسپريس، سانگهڙ، سماچار، نئون صبح، سنڌ سرواڻ، نئين زندگي، سوجهرو، همرچو، ادب، هزار داستان، اڇڙوٿَر وغيره.
    لکيل صنفون : شاعري، ڪالم، ڪهاڻي.
    اڻ ڇپيل مواد : ٻه ڪتاب ”ڪالم منهنجا“ ۽ “ٽنڊومٺا خان جي تاريخ“ تياريءَ جي مرحلي هيٺ.

    سندس لکڻيءَ مان ڪجھه ونڊ

    ماھ شعبان جون فضيلتون برڪتون!!

    الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن جي مٿان پنهنجون رحمتون ۽ ڪرم نوازيون عطافرمائيندو آھي انهن رحمت رباني مان مهينن ۾ خاص ڪري ماه شعبان ۾ پنهنجون برڪتون ۽ نوازشون ٻانهن جي مٿان ڪندوآھي قرآن پاڪ ۾ سوره الدخان، پاره (04) ۾ ارشادفرمايو آهي ته شب برات جي رات تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا. علامه جلال الدين السيوطي رحمته الله عليه پنهنجي جڳ مشهور تفسير الدزُ المنثور ۾ بيان ڪن ٿا ته سيدنا حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه جن کان روايت ڪن ٿا ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته جڏهن پندرهين شعبان جي رات اچي ته ان رات الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا ڪريو ۽ ڏينهن جو روزا رکو. ڇو ته الله تعاليٰ سج لهڻ شرط آسمان ۽ دنيا تي جلوه گر ٿئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان بخشش طلب ڪري آئون ان کي بخشي ڇڏيان، آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان رزق طلب ڪري، آئون ان کي رزق عطا ڪري ڇڏيان، آهي ڪو پريشان حال ماڻهون جو مون کان پريشاني مان نجات گهري ته آئون ان کي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏيان، آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جو آئون ان کي عطا ڪري ڇڏيان. ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ اهي پڪارون اچنديون رهن ٿيون. ايستائين جو صبح صادق ٿئي.حضرت معاذ بن جبل رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم فرمايو ته خدا تعاليٰ نصف شعبان جي رات کي پنهنجن سموري مخلوق جي طرف نظر ڪندو آهي.سڀني جا گناهه معاف فرمائيندو آهي. سواءِ مشرڪن ۽ بغض (ڪينو) رکڻ وارن جي.
    امام ابن ابي شيبه امام ترمذي، ابن ماجه ۽ بيهقي جن امُّ المومنين حضرت سيّده عائشه رضي الله عنه کان روايت ڪن ٿا ته مون هڪ رات رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي گهر ۾ نه ڏٺو، آئون کين ڳولهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس، ڇا ڏسان ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن جنت البقيع (مدينه منوره جي مُقام ) ۾ آهن، سندن نگاهون آسمان جي طرف آهن، پاڻ فرمايائون ته اي عائشه! ڇا تون ان ڳالهه کان خوف زده آهين ته الله ۽ ان جو رسول توتي ڪو ظلم ڪندا؟ مون عرض ڪيو ته ( يا رسول الله ﷺ) مون کي ان ڳالهه جو ڪو به خوف نه هو، پر مون کي گمان هو ته توهان پنهنجي ازواج مطهرات مان ڪنهن وٽ تشريف فرما ٿيا هوندا. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تبارڪ و تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات آسمانِ دنيا تي نزول فرمائي ٿو ۽ بنو قلب قبيلي جي ٻڪرين کان به زياده ماڻهن کي بخشي ڇڏي ٿو.الله تعاليٰ جا ڪروڙين ڪرم آھن جو پنهنجن ٻانَهنَ تي اهڙا با برڪت مهينا عطا ڪيائين.
    شعبان جو مهينو حضور اڪرمﷺ جن جو مهينو، جنهن ۾ پاڻ تمام گھڻي انداز ۾ روزا رکندا هئا. رات جو قيام معمول کان وڌيڪ فرمائيندا هئا. جڏهن شعبان جي آخري تاريخ ٿيندي هئي ته رسول اڪرمﷺ جن رمضان جي مهيني جي عظمت جو استقبالي خطبو ڏيندا هئا. امام خطيب رح رواه مالڪ ۾ امُ المومنين حضرت سيّده عائشه رضه کان روايت ڪري ٿو ته مون نبي ڪريمﷺ جن کي فرمائيندي ٻُڌو ته الله تبارڪ و تعاليٰ چئن راتين ۾ خير جا دروازا کولي ڇڏي ٿو، هڪ عيدالفطر، ٻي عيد الاضحيٰ، ٽين پندرهين شعبان جي رات، جنهن ۾ انسان جو موت ۽ رزق لکيو وڃي ٿو ۽ چوٿين عرفات جي رات صبح ٿيڻ تائين. سال جي ٻارهن مهينا جن مان ڪِن مهينن جا فضائل نبي اڪرمﷺ جن جي حديثن ۾ آيا آهن.
    


    (81) رحمت پيرزادو

    تعارف نمبر . (81)

    [شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو : رحمت الله
    ادبي نالو : رحمت پيرزادو
    ولد. : مير محمد 
    ذات : پيرزادو
    جنم : 01 فيبروري 1978ع
    تعليم : بي.اِي (ايگريڪلچر)، ايم.اي سنڌي.
    ڪرت : چيف انجنيئر (ايگريڪلچر)
    رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي
    رابطو : 03337551931 
    لکڻ جي شروعات : 1992ع
    ڇپيل مواد : سنڌ جي سمورن اخبارن ۽ رسالن ۾ 
    لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، ڪالم وغيره.
    ڇپيل ڪتاب : ”ڪليسا جي دريءَ ما“، “ڪينڊل لائيٽ”، “خمار، گيت، چاندني”، “اڪيلائيءَ جو ڪئنواس”، “خدائي رقص ۾ آهي”، “دلين جا داخلي رستا”، “صليب جاڳ اسان جي”(ترتيب).

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نظـــــم

    مسافر ڇوڪري آهي
    مسافر ڇوڪري آهي
    ٽڪي پئي روح منهنجي ۾
    هُو جيڪا جل پري آهي
    سفر ۾ ساڻ آ مون سان
    هوا ۾ هٿ هڻان ٿو مان
    ته ڪا ڪوساڻ آ مون سان
    بدن رنگريز وانگر ٿس
    هوا ۾ هرک هاري ٿي
    اُها مون کي سڏي ٿي پئي
    اُها مون کي پُڪاري ٿي
    انهيءَ جا نيڻ قاتل هن
    انهيءَ جي گھور ٿي گھائي
    وفا جا ويڻ قاتل هن
    گھٽي آ گھُور ۾ ان جي،
    محبت موڪري آهي!
     مسافر ڇوڪري آهي!
    اسان هن ديس ۾ هوندي به 
    ڄڻ پرديس ۾ آهيون-
    مسافر ڇوڪري ناهي،
    اسان جو من مسافر آ!
    اسان جو هي سڄو جوڀن،
    سڄو درپن مسافر آ!
    مسافر پير، پيغمبر، 
    سڄو عالم مسافر ۽
    مسافر مُرڪ آ پنهنجي 
    اسان جو غم مسافر آ!
    سفر جي آجيان ۾ جا
    گُلن جي ٽوڪري آهي،
     مسافر ڇوڪري آهي!
    ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!

    نظـــــم

    پيار اسان جو الجبرا جيئن
    گھاٽو ڌُنڌ ٻٻر جي ٻاري
    سيءُ سُنگھي ويو ماٺ وڻن جي
    ڌنڌ دڳن تي آ چوڌاري
    ڳوٺ ڊسمبر کي اوڙهيو آ
    اسڪولن لئه ٻار اُٿن ٿا
    وات منجھان سي ٻاڦ ڪڍن ٿا
    جھوني در جو تاڪ کُلي ٿو
    هوءَ جيڪا استادڻ آهي
    پلڪارُن تي پير رکي ٿي
    ۽ دنيا کي گول گھُمي ٿي
    پيار اسان جو الجبرا جيئن
    مايوسيون، مونجھارو آهي
    هن جي ڪاري برقعي جو هي
    رنگ ته ڪيڏو ڪارو آهي
    هُوءَ جا پاڻ اڇي اُجري آ
    نيڻ انهيءَ جا جيئن کڄن ٿا
    دل ۾ ڪي ئي ساز وڄن ٿا
    ڳالهه انهيءَ جي جادوءَ جهڙي
    ماٺ انهيءَ جي موسيقي آ
    هُوءَ جي ماٺ ڪري ويٺي آ
    ٽيبل، ڪُرسي پڻ چُپ آ پر
    هن جي ماٺ به ڳالهائي ٿي
    هر ڪا واٽ به ڳالهائي ٿي
    هُوءَ جا ميٿ پڙهائيندي آ
    سُلجھائي الجھائيندي آ
    اُلجھائي سُلجھائيندي آ
    چاڪ انهيءَ جو ميري من تي
    اُجرا اُجرا لفظ لکي ٿو
    دردُ دلين کان دور ڀڄي ٿو
    ڄڻ هُو پيار پڙهائيندي آ
    هُن جي مُرڪ مسيحائي آ
    هُن جا نيڻ خدا جهڙا ۽
    ڇا ته ڀرون سي جاڙا آهن
    هُن ۾ جيڪو واس رهي ٿو
    ان سان ڌُنڌ جيان ڍڪيل هي
    سارا اوڙا پاڙا آهن
    ۽ جي ناهي، شهر سڄي جا
    گس لڳن ٿا ٻاڙا آهن
    دل جو داد، فرياد نه ڪوئي
    ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!
    


    (82) حيدر امان

    تعارف نمبر (82)

    [شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]

    اصل نالو : غلام حيدر 
    ادبي نالو : حيدر امان 
    ولد : غلام شبير
    ذات : جسڪاڻي
    جنم : 10 مارچ 1984ع 
    تعليم : گريجوئيشن
    ڪرت : استاد. رابطو : 03443729229 
    رهائش : اُڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري،
    لکڻ جي شروعات : 1999ع.
    لکيل صنفون :غزل، نظم، وائي، چؤسٽا، ڪهاڻي، ڪالم، مضمون
    ڇپيل مواد، امرتا، ڪرزما، تعميرِ سنڌ، سنڌو، ڪاوش، امرتا، امرتا غزل نمبر، ارزنگ (اُردو رسالو)، دنياءِ ادب (اُردو رسالو).
     ڇپيل ڪتاب : نيڻن جا ورق (شعري مجموعو) 2015ع.

    سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ،

    غــــــزل

    دل جي ڌرتي، ٽانڊن ڍير آ، ٻيو سڀ خير آ
    يادن ڀي اڄ، پاتي ڇير آ، ٻيو سڀ خير آ

    مونکي هرڪو، ماڻھو ميرو، لڳندو آھي
    شايد منهنجي، مَنَ ۾ مير آ، ٻيو سڀ خير آ

    هاڻي مونکي، نانگن مان ڪو، ڊپ ئي ناهي
    تنهنجي وارن، سان پيو وير آ، ٻيو سڀ خير آ

    ”ڇا حال آھي“ نيٺ پُڇائين، مون به وراڻيو
    تنهنجي الفت ۾ ڪجهه ڦير آ، ٻيو سڀ خير آ

    دل ويراڳي، اک اوجاڳيل، هيڪل هينئڙو
    پيار ڪيوٿم، نانگ تي پير آ، ٻيو سڀ خير آ

    پنهنجي چاهت، پنهنجو رشتو، ڪهڙو چئبو
    اَڪَن انبڙيون، ٻٻرن ٻير آ، ٻيو سڀ خير آ

    نظــــــم

    دنيا جي پُرڪيف فضا مان
    تنهنجي هر هڪ يار صدا مان
    تنهنجي هٿن جي هڪڙي هڪڙي
    روئِي گُهرِيَل يار دعا مان
    مون جهڙو بيڪار به نڪتو..!!
    تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

    دنيا جي هِن ويراني مان
    هر هڪ طنز ۽ هر طعني مان
    مدّت کان هڪ آس تي ويٺل
    تنهنجي دل جي مئخاني مان
    پياسو هڪ مئخواربه نڪتو..!!
    تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

    تنهنجي ديس نرالي مان اڄ
    هر هڪ يار حوالي مان اڄ
    جُتِيءَ مان جيئن ڪوڪو نڪري
    تنهنجِي ٿالهي، پيالي مان اڄ
    ڀاڱي ڀائِيوار به نڪتو..!!
    تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

    دل مان، دل جي ارمانن مان
    قولن مان ۽ فرمانن مان
    انڌن جِي هِن وستِيءَ مان ۽
    پٿر ديس جي انسانن مان
    هڪ شيشه بردار به نڪتو..!!
    تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!

    چؤســــــٽو

    وقت جيسين هُيو تيسين سمجهوسون ڄڻ !
    وقت نوڪر هُجي، دل وڏيرِي هُجي.

    اهڙي چورِي ڪڏھن ڀي وَري ڪانه ٿي،
    گهر ٺَڳن جي بِلي، چور پيرِي هُجي.
    


    (83) معصوم سندرائي

    تعارف نمبر (83)

    [شاعر]

    اصل نالو : ارشد علي
    ادبي نالو : معصوم سندرائي
    ولد : عبداللّه 
    ذات : مهر
    جنم : 01 فيبروري 1982ع
    رهائش : سوندر تعلقو ننگرپارڪر
    رابطو : 03458587086
    لکڻ جي شروعات : آگسٽ 2005ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، چؤسٽا  وغيره
     ڇپيل مواد : هالار، سنڌ رنگ، سنڌو ڊائجسٽ، عبرت مئگزين، خبرون، مهراڻ، تعميرِ سنڌ، هزارداستان، ڪيسوبا مئگزين، سامروٽي، ٻانهياري، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس، الراشد ۽ ٻين مختلف ميگزينن ۾. 
     اڻ ڇپل ڪافي مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    جلون آڳ ۾ خود نمائي ٿيون
    ملڻ کان اڳي ڇو جدائي ٿيون

    ستارن کي ٽانڪي سفر تي هلون
    خلا ۾ ختم ٿي خدائي ٿيون

    پٿر کان پڇون ۽ پٿر ٿي رهون
    زمانا ڇو تنهنجي سچائي ٿيون

    ٿئي جا نہ ميّسر انهي تي روئون
    انهي کان اڳي چوٽ ڪائي ٿيون

    حياتي هي پوري لکي ٿا ڏيون
    رڳو درد کان بس رهائي ٿيون

    غـــــزل

    رُڳو چاهيم ملي مُڪتي ڪٿي گُھريم خدائي ڏي
    وڇوڙي کان خُدا مونکي حياتي ۾ رِھائي ڏي

    مڃون ٿا شگر واري کي جُليبيء ڪا چڱي ڪونهي
    اها نمڪين پاڙي کي حصي ۾ مڻ مٺائي ڏي

    جيئڻ جي موڍ ۾ آھيون پيئڻ کان يار ٿو روڪين
    ٻہ ٽي ڍڪڙن مان ڇا ٿيندو اسانکي ڪجھه سوائي ڏي

    اسانجي ڀاڳ ۾ ناهي اوهان جي حسن جي سُرڪي
    خدارا قسط تي هيڪر حياتي کي پوائي ڏي

    اوهان جي ياد کي ميڙي سُتو آھيان صحيفي تي
    اکين جي آھ زاري ڏس پٿر کي پارسائي ڏي

    نظـــــم

    ”رات“


    رات رقاصا جي بدن تي
    رهجي وئي آھي..!!
    ۽ آئون ڏينهن جو خواب ڏسي
    خدا جي ڳُجھه ۾ ھٿ وجهي رهيو آھيان.
    ڪاش..!!
    آئون تنهنجي رخسار واري تِرَ تي
    ڪنهن اردو شاعر جي
    سِٽن جهڙي ڪا سٽ لکي سگهان ها،
    پر ايئن نہ ڪري سگهيس..!!
    بک منهنجي هر سوچ کي
    مروڙي ۽ ماري ڇڏيو آھي..!!
    آئون هڪڙي ڦٽ پاٿ تي
    ويٺل مواليءَ جي لاءِ 
    نہ ملندڙ آفيم ٿي ويو آھيان..!!
    سڄو شھر ڊوڙي رهيو آھي
    ۽ اڪيلو مان
    خدا جي برابري تي سوچي رهيو آھيان..!!
    


    (84) جي ايم لاڙڪ

    تعارف نمبر (84)

    [شاعر]

    اصل نالو : غلام مجتبي 
    ادبي نالو : جي ايم لاڙڪ
    ولد : استاد غلام قادر 
    ذات : لاڙڪ
    جنم : 11 مارچ 1978ع
    تعليم : بي.ا يس.سي ڪمپيوٽر
    ڪرت : پرائيويٽ جاب. رابطو : 03023362350
     رهائيش : نئون ڪوٽ، ڏهرڪي، ضلع گهوٽڪي. 
    لکڻ جي شروعات : گذريل ڏهن سالن کان.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، نثري نظم، چوسٽا، ٽيڙو.
    ڇپيل مواد : هزارداستان، ارچڪ مرچڪ، پوپٽ، همسري، گل ڦل ۽ اُن کان علاوه گڏيل ڪتابن “چوڏس ميگهه ملهار”، “پير پير جو پنهنجو پنڌ“ ۾ پڻ شاعري شامل.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    چُمِي جِي بُکِي آ
    ھِي دل ڪجھہ ڏُکِي آ

    ٻَچن کي ڏِجي ڇا
    نہ ماني سُڪِي آ

    ڏِسِي حال ھيڻو
    ڪنھن ماني مُڪِي آ

    ڏِسِي حال سنڌ جو
    ھِي دلڙي رُنِي آ

    وڏيري جي ظلمن تي
    ڪاوڙ لڳِي آ

    غــــــزل

    سونهن جي گهر کي تالا آهن
    مڌ کان خالي پيالا آهن

    حُسن ڪيو بدنام الا ڙي
    رانجهڻ، مجنون نالا آهن

    نيڻن جي سڪ ماپ اچي هي
    تنهنجا موڊ نرالا آهن

    ڪڏهن جنت ڪڏهن دوزخ
    تنهنجا موڊ نرالا آهن

    روز پيئن ٿا منهنجي رت کي
    درد به دوست موالا آهن

    ايڏو پڄريو ناهيان باقي
    ڪاٽيا مون به ڪشالا آهن

    منهنجا شعر هي منهنجا ناهن
    تنهنجا يار حوالا آهن

    عشق جو پنڌ ڏکيو آ پيارا
    پير ۾ اڄ ڀي ڇالا آهن

    چوسٽــــو

    نظرون ترش نهاري وئي
    کلندي کلندي ماري وئي

    صنم ڪيڏي سنگدل هئي
    رستي منجهه بيهاري وئي

    نثري نظـــــــم

    احساس ئي احساس آهن
    محبت کي هاڻ تون ئي ٻڌائي 
    وڌائيندا آهن ته مان تو بنا
    ۽ منهنجي من ۾ ڪئين جيئان..!!
     تولئه هزارين
    


    (85) اصغر باغي

    تعارف : نمبر (85)

     [شاعر، مضمون نگار]

    اصل نالو : غلام اصغر 
    ادبي نالو : اصغر باغي
    ولد  : محمد سچل 
    ذات : کوسو
    ڄم جي تاريخ : 05 مئي 1962ع
     جنم ڀومي : ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو، لڳ احمدپور، تعلقو ڪنگري، ضلعو خير پور.
    تعليم : ماسٽرس. رابطو: 03332399099
     رھائش : گلشن حديد فيز ٽو، ڪراچي. 
    لکڻ جي شروعات : 1983ع
    ڇپيل مواد : هلال پاڪستان، عوامي آواز، تعمير سنڌ، امن، سوجهرو، اجرڪ، دي پرزنر، همرچو، پرک، تِروِرا، سنڌ راڻي، همسري، لوڪ ۽ ٻيا ڪيترن ئي ادبي مئگزينن ۾. 
    گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “شاعري ڳالهائي ٿي“ ۾ پڻ شاعري ڇپيل
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، مضمون نگاري وغيره. 
    شاعري مختلف گلوڪارن ڳائِي جن ۾ سرمد اياز، زاهد شيخ، مراد يوسف، ٻيجل سنڌي، ممتاز رڏ، نوح مري ۽ ٻيا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    آدرشن جي ، لات وڪيَئي ڇو
    تاريخن جي ، تات وڪيَئي ڇو

    ڏيھه جا ڏاها ، ڏاهپ تنهنجي
    کان پڇان ٿو ، ڏات وڪيَئي ڇو

    سڀ ڪجھه سؤدي ، لاءِ رکيو ٿي
    ڏينهن پيو وڪڻين ، رات وڪيَئي ڇو

    سچ جي خاطر ، سر وڍائڻ
    سوڀ وڪاڻي ، مات وڪيَئي ڇو

    سورج سامهون ، ڪيئن ڪو بيهندو
    پرھ سندي ، پرڀات وڪيَئي ڇو

    ان الحق آ ، نانئہ اسان جو
    منصورن جا ، ڪات وڪيَئي ڇو

    خلجي هٿ ڪيئن ٻاگهل ايندي
    اوڙو پاڙو ، ذات وڪيَئي ڇو

    نظــــــم

    آ عجيب اڻتڻ اسان جي تن ۾
    شعور ڇوليون هڻي پيو من ۾
    گيڙو رتا سي فقير ڄاتا
    اسان جي نسبت ڌرتي ماتا
    حجاب پنهنجا پي نقاب لاٿا
    مقتل بہ کولي رکيا ٿي کاتا
    اڃيو آ عاشق ڇا ٿو هي چاهي
    رڻن پٽن ۾ پيو آ ڪاهي
    ڪليسا، مسجد، مندر پيو ڊاهي
    اڪير اٿس جا نہ ٿي اجهامي
    پئي اندر جي ڪني اڀامي
    نسل پرستي نہ فرقہ پرستي
    نہ انا پرستي نہ ڪائي پستي
    نکري پئي ٿس عظيم هستي 
    اهڙو تہ امرت اسان بہ پيتو
    ملي ٿو جيڪو اڄ بہ سن ۾
    


    (86) سعيد حاوي

    تعارف نمبر (86)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو : سعيد احمد 
    ادبي نالو : سعيد حاوي
    ولد : گل حسن
    ذات : شيخ
    جنم : 19 آگسٽ 1981ع
    تعليم : گريجوئيٽ. ڪرت : ڪشيده ڪاري
    رهائش : لاڙڪاڻو غوثپور محلا. رابطو : 03063499553
    لکڻ جي شروعات : 1996ع
    ڇپيل مواد : سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾. 
     لکيل صنفون : غزل، وائي، گيت، دوها، بيت، هائيڪو، نظم، ترائيل، نثري نظم، ڪهاڻي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــزل

    ڪيو هو پيار توڪل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
    مليا سين يار پل  پل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    هجر جي رات هڪڙي هئي صدين جي فاصلن جيڏي
    ڪريا جو لڙڪ ڳل ڳل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    بهارن جان هئي الفت خزائن جو نه سوچيو هو
    گهلي جا واءُ گل گل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    ڪڏهن ممڪن نه هو جانان جدايون پاڻ ۾ ٿين هان
    ٻڌي رٿ تن به اٽڪل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    ڏنگا هن دور جا ماڻهون ڪٿي هن ڀروسي لائق
    نه ڪر اعتبار اڄ ڪله تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    اسان جا ڀوڳ ها تونسان مزاجي بي رخي ڇا لئه
    رٺو آن يار کل کل تي نه تو سمجهو نه مان سمجهو

    وائـــــي

    وڪرو جو ماڻهو ٿيا
    جڳ لڳايو دام الا 
    مان به ٿيس نيلام الا..!!
    اڄ مان به ٿيس نيلام..!!

    سڀ چيو هي خاص آ
    پرمان ماڻهو عام الا 
    مان به ٿيس نيلام الا
    اڄ مان به ٿيس نيلام..!!

    خيال اسان جا اڄ رنا
    جذبن ڪيو ماتام الا 
    مان به ٿيس نيلام الا
    اڄ مان به ٿيس نيلام..!!

    بازارن جي ڇاپ لڳي
    ڪونه هيس بدنام الا 
    مان به ٿيس نيلام الا
    اڄ مان به ٿيس نيلام..!!

    بيـــــت

    ڪهڙي ڪهڙي پارکان، پنڇن آندو پيار
    مهڪي سانوڻ رت پئي، هينئڙي کي آ ٺار
     تن کي ڪهڙو آر، چاهت جن سرحد بنا
    


    (87) بخشڻ مھراڻوي 

    تعارف نمبر (87)

    [شاعر، ڪمپئر، ڊرامانويس، ڪالم نگار]

    اصل نالو : محمد بخش 
     ادبي نالو : بخشڻ مھراڻوي 
    ولد : فقیر محمد رحیم 
    ذات : مھر
    جنم : 18 آڪٽوبر 1966ع
    تعليم : ایم.اي ( سنڌي )
    ڪرت : سرڪاري نوڪري ۽ فري لانس ٽي وي ڪمپئر.
    رهائش: ملیر ڪینٽ ڪراچي. رابطو:
    لکڻ جي شروعات : 1987ع 
    ڇپيل مواد : سنڌ جی تقریبن سڀني رسالن، مئگزینن اخبارن ۾.
    لکيل صنفون : شاعريءَ ۾ غزل، وائي ، نظم، نثري نظم.
    نثر ۾ ڪاالم، تاثر، ڊاڪیومینٽري اسڪرپٽ .
    شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب “التجا ” ۽ ڪجھه نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب سھیڙیا اٿن، جيڪي انشااللہ جلد مارڪيٽ ۾ ایندا.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي
    زرد شامون ۽ هي  اڪيلائي

    بند ڪمرو ۽ تنهنجي فوٽوءَ سان
    تنهنجون ڳالهيون ۽ هي  اڪيلائي

    چنڊ تارا ڪَتِيون نڪي چارا 
    سڃ راتيون ۽ هي  اڪيلائي

    دوست ٿياسين اسان ٽيئي آخر
    سمنڊ آئون ۽ هي  اڪيلائي

    درد ڳوڙها ۽ بس رڳو ماتم 
    رت ڇاتيون ۽ هي  اڪيلائي

    ماٺ مٽي ۽ چئو طرف قبرون 
    سرد آهون ۽ هي  اڪيلائي

    نظـــــم

    تنھنجي در تي بیٺو آھیان 
    کجین جو پیو باغ نهاري
    ھڪ اسرار ھوا ۾ آھي
    جنھن جي پویان سج لھي ٿو
    پکي ڄڻ تہ پرولیون آھن 
    آکیرن جو پنڌ پري آ
    ڳوٺ جو رستو ڳالھائي ٿو 
    ڪیئي وِیر لنگھیا ھا جنھن تان
    مجبورین ھا گھر ڇڏایا 
    ڪیئي نِیر لنگھیا ھا جنھن تان
    دونھین مان ڪا دانھن دکي ٿي
    سِڪَ جون ڪاٺیون ڪیر ٿو سوري
    باھ برھ جي ڀڙڪا ڏي ٿي 
    يڪتارن جي تند تپي ٿي 
    ویراڳي ورلاپ ورن ٿا 
    من من ۾ ڪو مینھن وسي ٿو 
    آھُن ۾ ڪي گھاءُ لڇن ٿا
    ساھ جو گھوڙو سھڪي پیو ٿو 
    وڄ وراڪا پنڌ پڇي ٿو
    اُتر تنھنجو انت لھڻ لئہ 
    ڪیڏي آتر ویلا آھي 
    سارین مان ٿو اوٻر اُٻري 
    گرمي ٿاڌل گھوٽي پئي ٿي 
    تو ۾ ھڪڙو سچل آھي 
    تو ۾ بیدل، بیڪس آھي
    سانجھيءَ جو ٿو سنک وڄي ۽
    ميڙي میڙي مچ ٻرن ٿا
    مونکي اھڙو سچ چون ٿا 
    اُتر تو مان آڳ به اُٿڻي 
    تو مان ھڪڙي جاڳ به جٽڻي 
    سنڌو ساھ ڪي سؤلا کٹندو 
    مٽي سون سریکي ٿیندي 
    تو مان ھڪڙو ناچو ایندو 
    ڇیریون پائي ڇم ڇم نچندو 
    ھر گُھنگھرو کي پنھنجي ٻولي
    جیون ھڪڙي ڏِٺَ پرولي 
    تِنھن جي ڀَڃڻي تو ۾ آھي
    سیوھاڻي سرڪار چوي ٿو 
     ٻاٽ ۾ لاٽ به ٻرڻي آھي!
    


    (88) اخلاق بلوچ

    تعارف نمبر (88)

    [شاعر]

    اصل نالو : اخلاق احمد
    ادبي نالو : اخلاق بلوچ
    ولد : محمد اسحاق
    ذات : عارباڻي
    رھائش : گھوٽڪي 
    رابطو: 03022386963
    تعليم : انٽر
    لکڻ جي شروعات : 2016ع
    ڇپيل مواد : ڪاليج مئگزين ۾.
    لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، نظم، ڪويتا، نعت. 
     
    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    تنهنجي قدرت تي پيو لکان
    پنهنجي فطرت تي پيو لکان

    سيني ساڻ لڳايو آ جنهن
    ماءُ جي عظمت تي پيو لکان

    وَيا لُٽي ھي ڌرتي منھنجي
    سنڌ جي غربت تي پيو لکان

    ھاري جي ويو ڀينگ ڪري آ
    ھن جي محنت تي پيو لکان

    ٽوڙي جنھن دل منھنجي آھي
    يار جي جرئَت تي پيو لکان

    اخلاق ڪري ڇا آ غريب
    پنھنجي دولت تي پيو لکان

    غـــــــزل

    ڪيڏي اڄ برسات وڻي ٿي
    بوندن جي ھا لات وڻي ٿي

    سيءُ پارو تن کي ڪندو ڇا
    لاھوتين جي لات وڻي ٿي

    مچ ڪچھري پئي ھلي اڄ
    پوڙھن جي ھر بات وڻي ٿي

    ھر ھڪ سٽ ۾ سون سجائي
    شاعر جي ھي ڏات وڻي ٿي

    ڇا ٿيندو ھن قوم جو ھاڻي
    تنھنجي ھي فڪرات وڻي ٿي

    ھڪ مون ۾ اخلاق ھن خاميون
    باقي بلوچ ھر ذات وڻي ٿي

    نظــــــم

    ڪاليج جون آخري گھڙيون
    غمن جو سي ٿي سبب بڻيون
    جدا ٿيندي ائين رناسين اسان
    موسم بدلجندي جئين ٽاريون  ڇڻيون
    خبر پئي آخري آ اڄ پيرڊ ھتي
    ملي دوستن سان ڪيوسين  رڙيون
    جنھن سان نہ ھو ڪڏھن ھٿ ملايو
    ڪلاس ۾ تن جون ڳالھيون پئي وڻيون
    ھر موڙ تي پيا ملنداسين مٺا
    دل سان اوريون پئي  مڙئي سکڻيون
    لڙڪن بند بڪ”اخلاق“ کان ڪرايو
    نہ تان اڃا  بہ ڳالھيون ھيون گھڻيون
    


    (89) رياض مشوري

    تعارف نمبر (89)

    [شاعر]

    اصل نالو: رياض حسين
    ادبي نالو: رياض مشوري
    والد جو نالو: بابو خان
    ذات : مشوري
    جنم : 25 جنوري 1984ع
    تعليم : ايف.اي
    ڪرت : زمينداري
    رهائش : ڳوٺ ميوو خان مشوري ضلعو نوابشاھ
    رابطو: 03133612951
    لکڻ جي شروعات : 2010ع
    ڇپيل مواد : مختلف سنڌي اخبارن ۽ ميگزينن ۾. 
    لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، چؤسٽا، ڪافي، گيت، دوها.
    ساس شاخ قاضي احمد پاران گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب "ساٿ چڙهندو لڪئين" ۾ شاعري ڇپيل.
    ٻن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    حُسن تي ناز ايڏو نه ڪر دلربا
    هي جواني اٿئي مختصر دلربا

    ڏونگرن کي به ٿو آئون ڏاري سگهان
    ساٿ تنهنجو ملي پئي اگر دلربا

    رات ڀر نيڻ آلا رهن ٿا مٺا
    ايترو ياد ايندو نه ڪر دلربا

    رات آڪاس تي چنڊ تارا ڏسي
    نيڻ تولئه ٿيا منتظر دلربا

    تنهنجي پاڙي ۾ ٿو رياض تڙپي لڇي
    ايترو ڀي نه ٿي بي خبر دلربا

    غــــــزل

    مصريءَ وانگر مٺڙي آهين
    سهڻي سسئي جهڙي آهين

    هر دم رنگ فضا جا تو ۾
    چئو تون موسم ڪهڙي آهين؟

    سارون تنهنجون ساڻ رهن ٿيون
    سانڍيل من ۾ اهڙي آهين

    سنڌڙيءَ سان جيئن جيءُ جڙيل آ
    پياري تون پڻ تهڙي آهين

    تو جهڙو ٻيو ڪوئي ناهي
    رياض جي لئہ تون هڪڙي آهين

    وائـــــي

    مون ڏي نيڻ کڻي
    ڇاٿي سوچي سانوري..!؟

    سُونهن سراپا سنڌ جيئن
    مونکي کوڙ وڻي
    ڇاٿي سوچي سانوري..!؟

    سينگاريندي پاڻ کي
    کڻي هٿ ڦڻي
    ڇاٿي سوچي سانوري..!؟

    سک سمرتين وچ ۾
    جوڀن ياد بڻي
    ڇاٿي سوچي سانوري..!؟

    رياض مشوري راحتون
    هينئڙي منجھه هڻي
    ڇاٿي سوچي سانوري..!؟
    


    (90) اظهر مجيد

    تعارف نمبر (90)

     [شاعر]

    اصل نالو: اظهر مجيد
    ادبي نالو : اظهر مجيد
    ولد نالو: عبدالمجيد
    ذات : تنيو
    جنم: 04 جنوري 1985ع،
    تعليم: بي.اي، ايل.ايل.بي 
    ڪرت: پي اي ٽو سيشن جج 
    رهائش: شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو
    رابطو: 03341687735
    لکڻ جي شروعات: 1997ع 
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾. 
    لکيل صنف: غزل 
     هڪ ڪتاب جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    سوال اهڙا جواب ڪونهي
    گناهه ڪيڏا ثواب ڪونهي

    ڏسڻ اچين ٿو ڏسي وڃين ٿو
    حضور تو وٽ حجاب ڪونهي

    وشال اڀ تي اڏام ڪائي
    ڀري اچي سو عقاب ڪونهي

    ونڊي وکيري اسان اوهان ۾
    هڳاءُ اهڙو گلاب ڪونهي

    ڏسي ڪرم ڪر گناهه اظهر
    ثواب مون وٽ جناب ڪونهي

    غـــــــزل

    تو سوا زندگي ڇا ڪبي
    اي خدا بندگي ڇا ڪبي

    باک تائين رني رات آ
    گل مٿان تازگي ڇا ڪبي

    موت ٿو ياد هر پل ڪري
    واٽ تي وارثي ڇا ڪبي

    پاڻ کي پاڻ ۾ ٿو پسان
    سامهون آرسي ڇا ڪبي

    بي وفا دلربا جي مٿان
    اي ڪوي شاعري ڇا ڪبي

    ساز سڀ ٿا وڄن من اندر
    ٻاهرين بانسري ڇا ڪبي

    يادگيري لکي دل مٿان
    ڪاغذي ڊائري ڇا ڪبي

    غـــــــزل

    ردا ٿي اوهان جي هوا ۾ اڏامي
    حياتي اسان جي سزا ۾ اڏامي

    اچي تون ملي وڃ ڏسي وڃ اسان کي
    دعا ٿي اسان جي فضا ۾ اڏامي

    جدائي اسان جي ڊگهي ٿي وئي آ
    اڪيلو پکي ٿو هوا ۾ اڏامي

    فنا ٿي وياسين بقا جي سهاري
    بقا جي اسان جي فنا ۾ اڏامي

    کلي ڪين اظهر ڪڏهن ڀي ڏٺو تو
    ادا ٿي اوهان جي انا ۾ اڏامي
    


    (91) اعجاز ڪٽپر

    تعارف نمبر (91)

    [شاعر]

    اصل نالو : اعجاز علي 
    ادبي نالو : اعجاز ڪٽپر
    ولد : محمد آچر 
    ذات : ڪٽپر
    جنم : 20 جنوري 1963ع
    تعليم : ڊپلوما اليڪٽريڪل، ماسٽرس (اڪنامڪس)
    ڪرت : اليڪٽريڪل انسپيڪٽر ايٽ سعودي اليڪٽرڪ ڪمپني،
    سعودي عرب ، دمام سٽي
    موجوده رهائش : او.پي.ايف ڪالوني لاڙڪاڻو
    رابطو : 00966551303705
    لکڻ جي شروعات : 2011ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره
    ڇپيل مواد : مختلف،  اخبارن ۽ رسالن ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چؤسٽـــــو

    سرد آهون گواهه ٿي پيارا
    توسان نينهڙو لڳي ويو آهي

    هاءِ دل جو حساب دل ڄاڻي
     پاڻ آهيون ڪٿي پڙهيل پيارا

    غـــــــزل

    نديءَ جي نانءُ جهڙي تون
    نـڪـــور ي ٿانءُ جهڙي تون

    ڪجي منظر ڪشي ڪهڙي
    اسـر جـي لانءُ جهڙي تون

    کِلـي پنهنـجا تو پرکيا هِنِ
    سيـاڻـي ڪانءُ جهڙي تون

    سـڀـئـي ٿـي انـگ آسُودا
    ڪوي جي ڏانءُ جهڙي تون

    مسين سُک جو کنيو آ ساهه
    پپـر جـي ڇـانءُ جهڙي تون

    ڏنگـين ٿـي روز ڪـٽپـر کـي
    پڪي آن هانءُ جهڙي تون

    غـــــــزل

    رنگ تنهنجي طواف ۾ آهن
    درد سڀ اعـتـراف ۾  آهن

    خوبـصورت خيـال ۽ جذبـا
    حسن واري اوصاف ۾  آهن

    تور ڀل تور اڻ تريل آهيان
    بـد گمـانيـون صراف ۾  آهن

    ڀل ته و ڪڻـن اهي عقيدا پر
    نـوٽ ڳڻبـا اوقاف ۾  آهن

    ڍول آ جو ڍڪي ٿو ڪٽپر کي
    ڪاڄَ اڄُ اختلاف ۾  آهن
    


    (92) سڄڻ ناريجو

    تعارف نمبر (92)

     [شاعر]

    اصل نالو : سڄڻ ناريجو
     ولد : غلام رسول 
    ذات : ناريجو 
    جنم : 04 مارچ 1979ع . تعليم : انٽر 
    ڪرت : پنهنجو ڪاروبار 
    رهائش : شاھ لطيف ڪالوني، بڪيرا روڊ ٽنڊو الهيار.
    رابطو : 03003094235 لکڻ جي شروعات : 1995ع
    ڇپيل مواد : عبرت ميگزين، ڪاوش، الک، تعميرِ سنڌ، گل ڦل، هالار. ڳايل شاعري : ثريا سومرو، شازيا گل، محمد خان رند، ذوالفقار خاصخيلي، فهميده سحر، صائما سومرو، وزير علي بروهي، غلام شبير عباسي، شھزادو لاشاري، زاهده ناز، رشيده راڻي، رامچند فقير، همت علي ميرالي وغيره. 
    لکيل صنفون : گيت، غزل، نظم، وائي، چؤسٽا، بيت، ڪالم، ڪهاڻيون وغيره. ٻِن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    پرين کي پسڻ جون حسرتون ئي رهيون
    محب جي ملڻ جون حسرتون ئي رهيون

    رهي دل جي ڌرتي سڪل ٺوٺ بنجر
    مينهن جي وسڻ جون حسرتون ئي رهيون

    ڪينجهر ڪارونجهر ۽ ماڳ مڪلي تي
    ملي گڏ گهمڻ جون حسرتون ئي رهيون

    صدا روئي روئي رهيون اوجاڳن ۾ اکڙيون
    خوش ٿي کلڻ جون حسرتون ئي رهيون

    ڏنا سين چمن ۾ چڪر چڪور وانگي
    چنڊ کي چمڻ جون حسرتون ئي رهيون

    وئي سڪ ساڙي ن سپنا ٿيا ساڀيان
    سڄڻ کي سڄڻ جون حسرتون ئي رهيون

    غــــــزل

    پڙھي ڇا ڪندا سين ڪتابن جي دنيا
    ڏيئي وئين تون پيارا خوابن جي دنيا

    اڀريو لهن پيا سڄڻ سور تنهجا
    کٽي ڪونه توکان جوابن جي دنيا

    هليو وئين تون جاني جڏو جيءُ جلائي
    وڃائي هٿن سان ثوابن جي دنيا

    سڄڻ ساهه سڪ ۾ سڄڻ جو پيو تڙپي
    ماڻي مان نه سگهيس گلابن جي دنيا

    نظـــــم

    آھين ماکي کان مٺڙي
    چوڏھين جي چنڊ کان چٽڙي
    مکڻ جي آھين چاڻي
    آھين صفا تون ڏڌ جهڙي
    مصر جي آن راڻي
    توکي ڏسڻ سان بهارون اچن من ۾
    تنهجي کلڻ سان سُر ڇڙي پون
    ڪي ڪوهياري
    ته ڪي مالڪوس ڀوپالي راڳ جهڙي
    منڇر ڪارونجهر
    سهڻي تون ساڳ جهڙي
    روح منهنجو هي راڻو
    تون من جي مومل
    مون لاءِ تون ميهار واري سهڻي
    تاج محل جهڙي تو ۾ سونهن آ سمايل
    وسڪاري کان پوءِ ٿر جي ڀٽن تي سائي گاهه جيئن وڇايل
    ڪيان ڳالھه سڄڻ ڪهڙي
    چوڏنهن جي چنڊ کان چٽڙي..!!
     آهين ماکي کان تون مٺڙي..!!
    


    (93) قاضي مقصود احمد

    تعارف نمبر. (93)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار، محقق، ڪالم نگار]

    اصل نالو: قاضي مقصود احمد
    ادبي نالو: قاضي مقصود احمد
    ولد : قاضي سيف الدين
    ذات : قاضي
    جنم: 6 سيپٽمبر 1969ع
    تعليم : ايم اي سنڌي. ڪرت : سرڪاري ملازم
    رهائش : قاضي محلو، تعلقو ۽ ضلعو مٽياري
    لکڻ جي شروعات : 1989ع. رابطو: 03003069185
    ڇپيل مواد: عبرت مئگزين، عبرت اخبار، سنڌو اخبار، خادم وطن اخبار، ماهوار سوجهرو ڪراچي، ماهوار سنڌ رويو ڪراچي، ٽماهي مهراڻ ڄام شورو، ڇهه ماهي سنڌي ادب ڄام شورو، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد، سلسليوار ڪينجهر سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، روزاني عوامي آواز ڪراچي وغيره وغيره
    لکيل صنفون : شاعري، علمي، تاريخي، تحقيقي مضمون ۽ مقالا
    ڇپيل ڪتاب: 1- مند نه آهي ماڄ جي (شاعري 1997ع)، 2 -دائرا (شاعري، 2015ع)، 3- مسلمان ٻارن جا نالا (تحقيق 2003ع)، 4- تاريخ مٽياري (تاريخ ۽ تحقيق 2006ع)، 5-الرحيق المختوم (سيرت النبي صلي الله عليه وسلم، ٻه ڇاپا 2008ع ۽ 2013ع)، 6- لاکو ڦلاڻي (تاريخي سوانحي تحقيق تي مرتب ڪيل ڪتاب، 2009ع)، 7- پير آقا غلام مجدد سرهندي آزاديءَ جي تحريڪ جو نادر ڪردار (سوانح 2016ع).

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    رات نـنـڍي، بــات وڏي، پــهـر کـٽـن پــيــا
    آءُ تــه آســيــس وٺـــون، پـل چــون پــيــا

    سـونـهـن سـهـائـيءَ ۾ اڃـا سرس هجين پر
    شـهـر ۾ ڦـرجـانءِ نه، راڪاس گهمن پيا

    تون به ڀلي هاڻ مون کان سِـرﱡ گهري ڇڏ
    چـپ چـريـا، ٻـول لـڳـم، چـنـگ وڄـن پيا

    بـرهه جـي بـيـمار ڦڪيا ٻُـڪ ڦڪين جا
    شــهــر ۾ لـقـمـان وڏو انــگ رهـن پــيــا

    تون جو خزائن ۾ پڳئين، باغ ٿيون دليون
    ٻــج ڦــٽــا، گـﺆنـچ ٺـهـيـا، گـــل ٽــڙن پــيــا

    آءُ ٻــڌي پـيـنـگـهـه لـڏون نـم جـي وڻ ۾
    او هـــو پــريــان ڏس ته وڏا ڏار لـمـن پـيـا

    هـاڻ ڪبيون جوڙ کڻي لوهه جون تارون
     ڇــو تــه نـشـانـيءَ جـا سـڳـا روز ٽـٽـن پـيــا

    غــــــزل

    تشبيهون، استعارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي
    لفظن جا هي شرارا، ڄڻ تنهنجي در جا بـاندي

    هـونـدا گلاب ٽڙيل، تـو بـن بهـار ڪانهي
    سهڻا سڀئـي نـظـارا، ڄـڻ تنهنجي در جا باندي

    واڄٽ ڪري وڄن ٿا، ڪيڏو نه سر ٿو وکري
    هي نينهن جـا نغارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي

    موکيءَ کان وٽ مليل آ، نيڻئون خمار جهلڪي
    هـن دور جـا مـتارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي

    تنهنجـن خواهـشن تـي، ٿـا نـابـري ورائــن
    ڍرنـدڙ اسـان تي ڍارا، ڄـڻ تنهنجـي در جا بـانـدي

    هن لوڪ کي به شابس، منهنجي ئي ڪـڍ لڳل آ
    ڪمزور ۽ سگهارا، ڄڻ تنهنجـي در جا باندي

    تو سان بغاوتن جو سوچيان ته ڪيئن سوچيان
    منهنجا خيال سارا، ڄڻ تنهنجي در جا باندي

    قسمت جي ڳالهه آهي، ڪو وس هلي نه جنهن تي
    “مقـصود” جا ستارا، ڄڻ تنهنجي در جـا باندي
    


    (94) اشرف سولنگي

    تعارف نمبر (94)

     [شاعر]

    اصل نالو : اشرف علي 
    ادبي نالو : اشرف سولنگي
    ولد : علي اڪبر
    ذات : سولنگي
    جنم 10 اپريل 1985 
    تعليم مئٽرڪ. ڪرت . درزي 
    رهائش. رحيم ڏنو سولنگي، تعلقو مورو، ضلعو نوشهرو فيروز
    لکڻ جي شروعات 2000 کان. رابطو: 03038163006
    ڇپيل مواد : ريکائون، ميگهه ملهار, ناٽڪ، اخبار، سوڀ، سچ.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، گيت وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    شايد تہ رُخصتيءَ جو ٻُڌي هوء رُني چري
    چُلھه تي حيات  ساڻ جلي ٿي ڪُني چري

    هلندي هلي تہ ساڻ ڊگهي شام ٿي وڃي
    هڪ جاءِ تي رُڪي تہ حياتي پُني  چري

    هر مرڪ لڙڪ جي بہ مٿان ٿي پهاڄ آ
    گوگهي ٿي سسڪيون ڳلو اوڍي چُني چري

    ڌَڻ خواهشن جا خوب تہ پردي پُٺيان لُٽيا
    هڪ ديد ٿي ڌَنار ۽ ٻي  ٿي مُني چري

    منهنجي مٿي تي ساڻ ڪلنگي گلا جي آ
    کيڏندي رهي ٿي کيل نئون  ڇو دُني چري

    او وقت ڏاوڻيون تو وڌيون سوگهيون ڪري
    وِک وِک تي ميار ڏئي ٿي ڀُني چري

    غـــــزل

    تنهائي جي رڻن ۾ واڪا ڪَندي وتي ٿي
    هڪ آھ زندگيءَ جي  ڇاڇا ڪندي وتي ٿي

    ڳلڙا بہ دارَ آهن لڙڪن کي ڦاهيون اينديون
    جلاد ديد ڳاڙھي ماڻا ڪندي  وتي ٿي

    هن جي اگهاڙي تن کي منهنجي بدن ڍڪيو هو
    هاڻي حيا جا ڪيڏا پردا ڪندي وتي  ٿي

    جاڙي ندي اُرھ جي پنڇي اُڃارا ڳولهي
    پرواز جي پُڄڻ جا سايا ڪندي  وتي ٿي

    ننڍڙي عمر اُوڳاڇي پيراسِني پُڳي آ
    هر وقت مُند مون سان  هاڃا ڪندي وتي ٿي

    سکڻي هٿن تي دٻڪي واجهائي دردن ۾
    بک کي وفا جا گهرجن لولا ڪندي  وتي ٿي

    وائـــــي

    چيڙھ وارن مان ڇَڻي،
    روز لڙڪن کي ڄَڻي.
    وَر بنان..!!

    طوق رسمون ڪنڌ ۾،
    نَٿ اَڙي ڪهڙي وَڻي. 
    وَر بنان..!!
    مند نکٽّ ساڻ ٿي،
    تير هنيا پئي ڳَڻي.
    وَر بنان..!!

    مڌّ ماٽيءَ جو نشو،
    نانگ جوڀن ڪَرُ کڻي.
    وَر بنان..!!

    ڏنگ سيڪي ڇا ڪنديس،
    عمر پن پن ٿي ڇڻي.
    وَر بنان..!!
    هوءَ پتڻ تي ڪالھه کان،
    سوچ جا پَٿر هَڻي.
    وَر بنان..!!
    


    (95) علي مخفي 

    تعارف نمبر 95

    [شاعر]

    اصل نالو: محمد علي 
    ادبي نالو: علي مخفي 
    ولد: محمد يونس 
    ذات : سومرو
    جنم: 15 فيبروري 1982ع
    تعليم : ايم.اي سنڌي، ايل.ايل.بي (وڪالت)
    رهائش : غريب آباد محلو، خيرپور.
    رابطو: 03160360082
    ڇپيل مواد: عبرت مئگزين،سوجهرو، ادب، ڏات، روشنائي، روشن دنيا، سنڌو، هزار داستان.
     لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    ڪر مطالعو جناب دردن جو
    زندگي آ ڪتاب دردن جو

    آڱرين تي ڳڻڻ کان گهڻا آهن
    ڪئين ڪجي حساب دردن جو

    ٻار منهنجي دل ۽ اوهان
    پيا پڙهايو نصاب دردن جو

    هل علي ڪٿي اگهون ڳوڙها
    ڪيترو ڪيون آداب دردن جو

    وائــــــي

    مونکي اچي ميڙ..!!
      آءٌ وکري ويو آهيان..!!

    منهنجي حال تي زمانا
    ڏند ائين نه ٽيڙ..!!
       آءٌ وکري ويو آهيان..!!

    جنهن ۾ چقمق چاهه جو
    اهڙو راڳ ڪو ڇيڙ..!!
       آءٌ وکري ويو آهيان..!!

    پنهنجي پاسي کان علي
    ائين نه اسانکي ٿيڙ..!! 
       آءٌ وکري ويو آهيان..!!

    غـــــــزل

    توسان پيارا دوستيءَ جو شوق هو
    پاڻ سان ڄڻ دشمنيءَ جو شوق هو

    سٽ سٽ پڄري پوءِ لکي آهي
    مون کي ڪاٿي شاعريءَ جو شوق هو

    ويساھ گهاتي وقت ڪئي هن سان
    هن کي ڪهڙو خوڪشيءَ جو شوق هو

    ماڻهو جت سڀ ديوتا ٿي ويا
    اُت علي کي سادگيءَ جو شوق هو
    


    (96) جميل سومرو 

    تعارف نمبر (96)

    [شاعر]

    اصل نالو: جميل احمد
    ادبي نالو: جميل سومرو 
    ولد : محمد ابراھيم 
    ذات : سومرو
    جنم : 05 جنوري 1969ع  تعليم: ايم.اي ( اڪنامڪس)، ايم.ايڊ
    ڪرت : ھاءِ اسڪول ٽيچر. رابطو: 03337242432
    رهائش : تعلقو ڏھرڪي، ضلعو گھوٽڪي، سنڌ.
    لکڻ جي شروعات : بي ضابطہ 1992ع کان ( جملي 2 کان 44 غزل ۽ پوءِ ڊگھي ماٺار)، باضابطہ شروعات 2013 کان.
    ڇپيل مواد : مھراڻ ، ڪاوش، ناٽڪ، پوپٽ وغيره. 
    لکيل صنفون : بيت، وائي، ڪافي، غزل، ٽيڙو، ترائيل، سانيٽ، نظم، دُھري، چوسٽا، ھائيڪا، نثري نظم ۽ مضمون وغيرہ 
    ڇپيل ڪتاب: "ريشم جھڙا خواب"

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
    فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

    هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
    احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

    نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
    مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

    پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
    صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

    ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
    راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

    هي شاهه، سچل پيار جي پيغام جا داعي
    ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو

    وائــــــي

    نديءَ گهَري ننڊ ۾
      سانجهي سج لٿي..!!

    پير نه ڪو پاڇو
    گهٽي گهَري ننڊ ۾
       سانجهي سج لٿي..!!

    اڀ تي چنڊ رڳو
    پکي گهَري ننڊ ۾
       سانجهي سج لٿي..!!

    ساري ڏينهن جو ٿڪ
    ونيءَ گهَري ننڊ ۾
       سانجهي سج لٿي..!!

    ٻوڙ نه ڪا مانيءَ
    وَٽي گهَري ننڊ ۾
       سانجهي سج لٿي..!!

    پورو ڳوٺ سُتل
    ٻنيءَ گهَري ننڊ ۾
       سانجهي سج لٿي..!!

    بابا ڪونه وريو
    ڪِڪِي گهَري ننڊ ۾
        سانجهي سج لٿي..!!

    پنجڪـــــڙو

    ڪپهه ڄڻ ڪانڀ ۾ آهي
    پشم جهڙو بدن هنج ۾
    آ نيرولو گگن هنج ۾
    سکي اڄ سانڀ ۾ آهي
    ڪپهه ڄڻ ڪانڀ ۾ آهي
    


    (97) آتم دراوڙ

    تعارف نمبر (97)

    [شاعر، ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو : اظهرالدين
    ادبي نالو : آتم دراوڙ
    ولد : ظهيرالدّين
    ذات : دراوڙ
    جنم : 18 آگسٽ 1990ع. تعليم : پرائمري. ڪرت : مزدور
    رهائش : ڳوٺ وڪڙو تعلقو ڏوڪري، وارهه سٽي، تعلقو واره، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ. رابطو : 03063684124
    لکڻ شروعات : 2013ع
    صنفون لکيل : شاعريءَ ۾ بيت، وائي، دوها، گيت، نظم، وغيره ۽ نثر ۾ مختصر ڪهاڻيون.
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    ڪيئن وِراڳي وَيهَڻُ آيُئِه
    ووءِ! ڪٿ جزبو ويچڻ آيئه

    گَسندي آلا گَسڙا پائي
    پُرُ پَيچُرَ ۾  پَيچَڻُ آيُئِه

    نينهَن:ته پسڻو،پارسُ آهي
    چڪ تي ڏيکَڻ ڦَيرَڻُ آيُئِه

    آيُس اونڌه ڌوئڻ چو مانءِ
    واه جو سج پر گَيڙَڻُ آيُئِه

    هونءَ هجر هو هاڙَھي هاڻو
    هاڻي:  ًهَو!،ً ٿي لَيکَڻُ آيُئِه

    آتم، ڪيرت مڳڻو ٺاهي
    ڪنڌ اڏيء تي ڦيڪَڻ آيُئهِ

    نظـــــم

    رَويّا رَتُ کائن ٿا..!!
    انهن جو خير گهرندو ڪر
    اَڄاڻا ديس جا ماڻهو
    مان ڄاڻا ڪيترو ڪُڻڇان
    وڪوڙي غير ٿو تن کي
    ڀڪوڙيل مورڙا مارون
    پرن جا کنڀ ڳولهن ٿا
    اجل کان آجپو آجو
    وطن ڳاڙھو ۽ آزادي
    چوڻ آکڻ ٻُڌڻ سمجهڻ
    سَهل آسانُ پنهنجائپ
    سٺي سڪشا ازم ٿيندو
    ازم ان تي عمل ٿيندو
    پريان پاڙا اوڙا اوريان
    ڌڻي عالم سدا ساڳي
    رکي آباد سنڌوء سان
    تڏهن رَتُ جو قدر ٿيندو
    سنڌو سهڻو سندر هوندو
    نگر نرمل روين سان
    هڳايل ديشڙو هوندو
    پرين پرميشور هوندو
    سنڌو اهڙو وطن ٿيندو
    سنڌو اهڙو وطن ٿيندو.
     رَويّا رَتُ کائن ٿا..!!

    وائـــــــي

    اڀ، کان سر گُهريندڙ ٻيجل
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!

    باک، لئه لالي گهربل آهي
    اُشا، لئه ڏي رت جهول
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!

    رائي وانگر،آنءُ به سر ڏيا
    تند، ته اهڙي تول
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!

    محنت ڪش جي ڦٽيل لڦن تي
    لکَئون ٻئي آ ڪول
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!

    بيد جي وڻ تي ويٺل پَنڇِي
    هينءَ ۾ آهي هول
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!

    آزاديءَ جي پرواني ريءَ
    آتمَ، ڪهڙو مول
    ٻول پکيئڙا ٻول..!!
    


    (98) احمد گل 

    تعارف نمبر . (98)

    [شاعر]

    اصل نالو : احمد خان
    ادبي نالو : احمد گل 
    ولد : حبيب اللّه
    ذات : سولنگي
    جنم : 03 مارچ 1988ع. تعليم : ميٽرڪ
    ڪرت : مزدوري
    رهائش : ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي، وارڊ نمبر 4، تعلقو مورو، ضلعو نوشهرو فيروز،
    لکڻ جي شروعات : 2004ع. رابطو: 03063318066
    ڇپيل مواد : سنڳند، ريکائون.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نثري نظـــــم

    “اَن جو داڻو”


    وقت جي واڳ 
    مِرن جي هٿ لڳل آ،
    سجّ اوندھ جي چادر اوڙھي ڇڏي آ
    خوف ننڊ جون گوريون کائي سمهي ٿو،
    حياءُ لفظن ۾ ئي رهيو آ
    چنڊ وَر ۾ خنجر رکي،
    ستارا پيٽ سان بم ٻڌي
    گهران نڪرن ٿا،
    شيهُن ھرڻين کان مُجرو ڪرائي ٿو،
    بازَ ڪبوترن جي ڀاڙ کائن ٿا،
    ماکي جي مک ڦٽن مان گند چوسي کاڄ بڻائي ٿي
    ماڻھن جا قد ننڍڙا ٿيندا ٿا وڃن
    سڄو ڪاروان انڌو پيو هلي،
    هوا هيروئن جو نشو ڪري 
    وتي ٿي ٿيڙ کائيندي،
    آدم اَنّ جي داڻي مان 
    ٻارَ ڄڻي رهيو آ..!!

    غـــــــزل

    چانڊو ڪيُن ۾ چنڊ آ لُٽيو گهڻو
    اونڌاهيُن جو آھي من ڏُکيو  گهڻو

    آڪاس جي نيڻن منجهان ڳوڙها ڳڙيا
    پل پل پئي پاتارُ هي  لُڇيو گهڻو،

    هُن دُنّ جي آڳر مٿان ڦيرا ڏَئي
    هي روح ڀي  لاٽونء جيان گُهميو گهڻو

    هرياد جي ڪاراڻ مان هيرو مليو
    هڪ نانءُ سپ ،جهڙو هيو هُريو  گهڻو

    ڇاتيء جي سامهون رکي ڪا آرسي 
    سينگار سان گڏ عڪس آ ڀُريو  گهڻو

    ڪانن ڪَکن ڪڙين جو گهر جڙيل ڏسي
    شعلا کڻي طوفان هو گُهليو  گهڻو

    سالن پڄاڻا گُل گَڏي خوشبو هئي 
    گهنجيل نظر آيو  سندس هُليو گهڻو

    غـــــــزل

    جسم جسم سان مليو دونهون اٿيو
    لمحو لمحو پئي  جليو دونهون اٿيو

    اُرھ باک جا ڦڪا رهيا سدا 
    صبح پاڻ هو پليو  دونهون اٿيو

    چُپ چپن جي موت جهڙي ٿي لڳي
    درد درد سان سليو دونهون اٿيو

    لڙڪ لڙڪُ راز وانگيان هيو
    لڙڪ هڪڙو مس ڪريو دونهو اٿيو

    هوء ندي تي ڪا الڙ آ ڇوڪري
    چنڊ تنهن ڏي جو وريو  دونهون اٿيو

    مون تہ جسم سوگهو هو ڪيو مگر
    روح هن ڏي سُريو  دونهون اٿيو

    ڦٽ گُهري هُئي دوا ڪا درد جي
    هُن ملم کڻي مکيو دونهون اٿيو
    


    (99) شتاب زرداري

    تعارف نمبر (99)

    [شاعر]

    اصل نالو : علي اصغر
    ادبي نالو : “شتاب زرداري“
    ولد : صفر خان
    ذات : زرداري
    جنم : 15 آگسٽ 1991ع
    تعليم : مئٽرڪ پاس. ڪرت : پورهيت
    رهائش : قاضي احمد. رابطو : 03007045369
    لکڻ جي شروعات : 2005ع
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون گيت، غزل، وائي، ڪافي، نظم، دوها، چوسٽا، قطعا، بيت، رباعي، سانيٽ، ٽيڙو، پنجڪڙا، 
    ڇپيل ڪتاب “ڇِڄ مَ قطاران“ گڏيل شاعري جنهن جو مرتب به پاڻ 
    اڻ ڇپيل مواد :
    1. مون ڏي نيڻ نه کڻ “شاعري“
    2. پيار نٿو پلجي “شاعري“
    3. تئين جو آکيا عشق لُڪا “سرائڪي شاعري“
    4. ساس قاضي احمد جي تاريخ “تاريخ“
    5. پر ڇو؟ “ڪهاڻيون“

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    گيـــــت

    تڙپي مون تولاءِ رُنو هو، اهڙو تنهنجي ياد ڏنو هو،
    دلڙيءَ کي ايذاءُ پڇيو هو ماءُ،
    ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    ويٺي ويٺي ڇال ڏنو مون، ڄڻ ڪو سامهون نانگ ڏٺو مون،
    منهن تي منهنجي خوف هو ڇانيل، اهڙو تنهنجي ڳوٺ کان آيل،
    ڇرڪ ڀرايم واءُ، پڇيو هو ماءُ،
     ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    خوابن رات ملايم توسان، ننڊ ۾ پئي ڳالهايم توسان،
    منهنجي ٿئي ٿي سار پڇيو تو،؟ ساڳيو ئي آھي پيار پڇيو تو،؟
    مون چيو وِڦلي ھاءُ، پڇيو هو ماءُ،
     ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    تيز هوا هو در کڙڪايو، مون سوچيو تون هوندين آيو،
    ويل انهي ڄڻ ٻارُ ٿي پئي هس، يڪدم ڊوڙي در تي وئي هس،
    جهڻڪ ڏني هئي ڀاءُ، پڇيو هو ماءُ 
     ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    آيو ڪو مهمان هو ساجن! منهنجو توڏي ڌيان هو ساجن!
    تنهن جي لئه مون طعام هو ٺاهيو، کائيندي هُن هيئن فرمايو،
    ڪونهي ٻوڙ ۾ ساءُ پڇيو هو ماءُ،
     ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    ميندي هٿڙن لايم ويٺي، گيت “شتاب“ ڪو ڳايم ويٺي،
    هڏڪي آئي جيءُ جهُري پيو، هٿ مان منهنجي ٿالھ ڪري پيو،
    اُٿلي پيا سڀ گهاءُ، پڇيو هو ماءُ 
     ته  “ڇوري ڇا ٿيو ٿئي..!؟“

    سرائڪي غــــزل

    عمر هلي ڳئي چرچا ٿوليئي ها
    سونهن دا سؤدا سستا ٿوليئي ها

    چنڊ پيا ڪوڙي چغلي هڻيندَئي
    رات او مَيڪَڻ ترسيا ٿوليئي ها

    ساهه ڪڍڻ دي سازش هَئِي اي
    منهن ڪُون لُڪاوَڻ نخرا ٿوليئي ها

    ماڻهو تماشي ڪاڻ آ گڏ ٿَئي
    ڦتڪدا پيا هَم مُجرا ٿوليئي ها

    ڇوڙڻا هَس، سو ڇوڙي هليا ڳيا
    مئين اُهندا هَم مَيڏا ٿوليئي ها

    وقت هَٿان چُون زوري کسيا هي
    جوڀن ڪُون مَئين اڇليا ٿوليئي ها

    لوڪ شتاب ڪُون سمجهه نه سگهيا
    شاعر ها ڪو چريا ٿوليئي ها
    


    (100) احساس ميرل

    تعارف نمبر (100)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو: مير محمد 
    ادبي نالو: احساس ميرل
    ولد : نورمحمد 
    ذات : سهتو
    جنم : 15 ڊسمبر 1984ع.
    تعليم :. پرائمري.
    ڪرت : پنهنجو ڪاروبار
    لکڻ جي شروعات : 1999ع. رابطو: 03013516393
    اصل ڳوٺ ۽ جنم: ڳوٺ نئين وسي، ضلعو مٽياري.
    موجوده رهائش: اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، ترائيل، چوسٽا، 
    ڪهاڻي، ڪالم وغيره.
    ڇپيل مواد : امرتا، اديب، ڪرزما، شام، آڪاش، صبح، نئين آس،  همسري، عبرت مگزين، ڪاوش گئلري، سنڌو، ھاري، حلال پاڪستان وغيره ۽ اُن کان علاوه گڏيل شاعري جي ڪتاب ”هر گُل جي خوشبو پنهنجي“ ۽  ”ادب آبِ حيات“ ۾ شاعري ڇپيل. 
    ڇپيل ڪتاب :1. “توزندگي چيو هو“ شعري مجموعو 2014ع.
    2. “جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو” شعري مجموعو 2016ع.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    چؤسٽـــــــا

    سيارو سرد جاڳي ٿو
    وري نئون درد  جاڳي ٿو
    وڃي چنڊ يار کي چئجان
    اڃان ڪو فرد جاڳي  ٿو

    درد دل ۾ کُتل ۽ خاموشي
    ڊائري گل  سُڪل ۽ خاموشي
    اڄ به دردر کنيو پيو ڀٽڪان مان
    دل جا ٽڪرا ٽُٽل ۽  خاموشي

    غـــــزل

    عڪس هُن جا آرسيءَ ۾ گُم ٿيا
    حوصلا منهنجا دريءَ ۾ گُم  ٿيا

    جِن دنيا ۾ پاڻ کي سمجهو خُدا
    سي وڃي آخر مٽيءَ ۾ گُم  ٿيا

    يادگيرن جا جڏهن کوليم پنا
    لڙڪ ڪرندي ڊائريءَ ۾ گُم  ٿيا

    واھ جو قاضيءَ ڪيو آ فيصلو
    جگر جا ٽُڪرا چَٽيءَ ۾ گُم  ٿيا

    ماءُ جيجل جا سُڪون آرام سڀ
    پُٽَ جي آوارگيءَ ۾ گُم  ٿيا

    دل جي چوريءَ جا جڏهن پيراکنيم
    تنهنجي نيڻن جي  گهٽيءَ ۾ گُم ٿيا

    اڄ ٿيو احساس ميرل کي اهيو
    درد سارا شاعريءَ ۾ گُم  ٿيا

    غــــــزل

    مان جُهو پن ۾ تون ماڙيءَ ۾
    ڪيئن رهندي گڏ ٻهراڙيءَ  ۾

    اڄ گدڙن جا ٿي هانءُ ڇڳا
    هو خوف وڏو اوناڙيءَ  ۾

    مون ڏاڍا ڳوليا ڪونه لڌا
    ڪجھه خواب رکيل الماڙيءَ  ۾

    اڄ پيءُ چيو پٽّ کي سُڏڪي
    پٽ! رئندين تون به پڇاڙيءَ ۾

    مان شهر اُ ڏيري ٽيشڻ جو
    دل ڦاسي وئي سرهاڙيءَ  ۾
    


    (101) امجد دراني 

    تعارف نمبر (101)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار،ڪالم نگار]

    اصل نالو : احمد علي 
     ادبي نالو : امجد دراني 
    ولد : مظهر علي دراني
    ذات : دراني
    جنم : 3 مارچ 1965ع
    تعليم : ايم.فل ايجو ڪيشن
    ڪرت : ٽيچنگ ايليمينٽري ڪاليج ڪراچي
    رهائش : ڪراچي. رابطو: 03003139005
    لکڻ جي شروعات : 1984ع 
    ڇپيل ڪتاب : چار 
    ڇپيل مواد : ڪاوش، عبرت، عبرت ميگزين، سنڌو، مهراڻ، پاڪ، سنڌ، عوامي آواز، برسات، جسارت وغيره.
    لکيل صنفون : ڪالم، ريسرچ آرٽيڪل، ڪهاڻيون، شاعري،

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

     وائـــــي

    پهر پهر ۾، 
    سازش پئي ٿي سٽجي..!!

    سنڌڙي تنهنجي ،
    نگر نگر ۾ ،
      سازش پئي ٿي سٽجي..!!

    انسان تو لئه، 
    مسجد مندر ۾، 
    سازش پئي ٿي سٽجي..!! 

    اوندهـ آڻڻ ، 
    لاءِ سحر ۾ ، 
    سازش پئي ٿي سٽجي..!!
     
    تنهنجي خلاف ئي ، 
    تنهنجي گھر ۾ ، 
    سازش پئي ٿي سٽجي..!! 

    روح پکيءَ لئه،
    امجد اندر ۾ ، 
    سازش پئي ٿي سٽجي..!!

    غـــــــزل

    سنڌوءَ جي سينڌ ميري آ، اوهان پنهنجي سنواريو نه
    لهو پرگهور ڌرتيءَ جي، سچاين کي وساريونه

    سمورا ڪم وڃن وسري، گهڻائي ڌڪ جهليا گهرجا
    سڄڻ مرڪي ٺهي سنبري، ائين موڏي نهاريونه !؟

    هوا جو رخ ڏسن ويٺا،اسان جا دوست دشمن ڀي،
    وڏي واڪي ، کڻي نالو سڀن آڏو پڪاريونه

    ڏنو آواز تاريخن چيو پئي ڪنهن وڏي واڪي
    صدين جي جاڳ کي ڀوڳي ستو آهيان اٿاريونهٗ

    سنڌي ٻولي ڀڃي ڀوري ڪڍيائيون شهرمان روڙي
    هڏن جي مٺ وڃي ڪاڏي ائين گهرمان ڌڪاريونه

    ننڍي پوڙهي جوان جوڌي گهٽين شهرن۽ڳوٺن ۾
    سڏي سنڌري اديبن کي چيو مون کي وساريو نه

    ڀلائن جون ڀليون ڳالهيون، ڪتابن آ ڏ سيو امجد
     خطائن کان خطا ٿيندي، خطائن کي اچاريو نه

    چؤسٽــــو

    درد ڇاهي ڪو ٻڌائيندو ڀلا
    چين جو ڪو روپ ٺاهيندو ڀلا
    جن جي خاطر روز ٿا روئون کلون
     تن جا پيرا ڪو کڻا ئيندو ڀلا
    


    (101) وفا گل محمد 

    تعارف نمبر (102)

    [شاعر]

    اصل نالو : گل محمد 
    ادبي نالو : وفا گل محمد 
    ولد : محمد نواز 
    ذات : جمالي
    جنم : 02 مارچ 1988ع
    رهائش : شھدادڪوٽ.
    رابطو: 03337504137
    تعليم : ايم.اي سنڌي
    ڪرت : استاد. لکڻ جي شروعات : 2013ع 
    ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، ھزار داستان، سنڌو مئگزين، ادب. 
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، نثر.
    ترتيب ڏنل : ھڪ ڪتاب “پير پير جو پنهنجو پنڌ“ گڏيل شاعري.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    تو پڄاڻان شاد ڪاٿي زندگي
    آ رهِي آباد ڪاٿي زندگي

    سار تنهنجي کان به فرصت ڪين آ
    تون ئي تون آن، ياد ڪاٿي زندگي

    داد جا در بند آهن ڇا ڪجي
    هِي ڏِيان فرياد ڪاٿي زندگي

    مختصر آ وقت سڀ وٽ ساھ جو
    آ ڊگهي ميعاد ڪاٿي زندگي

    دل شڪسته، دل نه ٿئي ٻيو ڇا ڪري
    آ رهيو ڪو داد ڪاٿي زندگي

    بس رڳو تنهنجو جمالي آ مُئو
    ٿيو وفا برباد ڪاٿي زندگي

    نظـــــم

    "چنڊ جي وڪري جو اشتهار"
    چنڊ جي وِڪري جو ڇاپي اشتهار
    رات ڪنهن اخبار جئن آهي پُڳي
    سڀ ڌنڌوڙي خواب ٿا ٻوليون هڻن
    خوبصورت چاندنين جي روپ جا
    ٿا لڳن هوڪا سرِ بازار ۾
    نيڻ وڪجي ٿا وڃن ساڃاھ جا
    ٿا ٿين سودا گهڙيءَ ۾ راھ جا
    کڙڪڻا ڪئِين نوٽ جهومڻ ٿا لڳن
    ٿِيون ڪِرن دانشوريون سڀ ٿاٻڙي
    ليکڪن جا مُلھه ڪَٿجي ٿا وڃن
    نظرين جا ريٽ سڻڀا ۽ سٿيل
    ڳوٿرين جا مُنهن به کولي ٿا وٺن
    ڪو به اهڙي دلربا ماحول ۾
    پاڻ کي ڪاٿي سنڀالي ٿو سگهي
    قلم جون نوڪون ٿين نيلام ٿيون
    ۽ هزارين نظرياتي ذهن ڀي
    ٻن ٽَڪن تي پاڻ کي وڪرو ڪري
    ديس جا دلال بڻجي ٿا پون
    ان رذالت جي فضا ۾ شخص ڪو
    جي اگر لکندو رهي ٿو سچ ڪو
    سو گهڻو تاريخ کان آ مٿڀرو
    سو گهڻو اتهاس کان اوچو به آ
    گيت آ نغمو به آ
    دودو به آ جوڌو به آ..!!
    


    (103) ملڪ نديم

    تعارف نمبر (103)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار]

    اصل نالو : عبدالراق 
    ادبي نالو : ملڪ نديم
    ولد : موريو خان 
    ذات : ملڪ
    جنم : 08 اپريل 1948ع
    تعليم : ايم.اي، پي.ايڇ.ڊي. ڪرت : پروفيسر
    رهائش : ڪنڌ ڪوٽ.
    رابطو : (03323866236 سندس فرزند سڪندر مهراڻ)
    لکڻ جي شروعات : 1960ع 
    ڇپيل مواد : روح رحاڻ، سهڻي، تحريڪ، اديون، سوجهرو، ڪينجهر، تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾.
    ڇپيل ڪتاب : 1. سچل سرمست (ٻارن لاءِ) ڇپائيندڙ سنڌيالوجي. 2. تجريدي نظم، 3. سچل جي سيني ۾ سنگرام،4. ڀٽائي بک هڙتال تي، 5. اياز ڏوهي آهي.
    6. منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي (شاعري)
    لکيل صنفون : شاعري جون سڀ صنفون، پاڻ تجريدي نظم جا خالق ,نثر ۾ تحقيق، مضمون، مقالا، ريسرچ، ڪالم، ڪهاڻيون.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    گيـــــت

    سڏي پنهنجي سنڌ
     ٻڌو سر تي ڪفن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    راه آئي ڏکي 
    ڀونءِ آهي بۡکي
    ايئن ٿئي نه الا
     ٿيون راهه ۾ دفن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    تاڻيو لوها سينا
    لڳن سال مهينا
    ٿيندي نيٺ ختم
     هي راهه ڪٺن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    هن ڀيري گۡهري
    ديس رت ڦڙي
    ڦڙو ڦڙو ڪري
     رنڱيو سارو چمن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    جو بيٺو ڪۡٺو
    ڄڻ ديس رٺۡو
    اسين دنيا کڻي
     جي پرتو وطن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    راهه ڪٺن وئي
    منزل مُرڪي پئي
    مانجهي مُرڪي وڌو
     باقي ٿورو جتن
    ساٿي هلندا هلو ڙي..!! هلندا هلو..!!

    بيـــــت 

    چهرن مٿان چهرا، اسان سڀ اداڪار
    ٻاهر ٻهڪون ٽهڪون ،من ۾ مڪّار
     سچ ڪري سهڪار ،ته اندر پنهنجا اُجاريون

    نظـــــم

    هو ءَ
    مون موچي لاءِ
    در تي واجهائيندي هوندي..!!
    ڇا ڪاڻ ته
    هن جي ٿيل آ 
     قرآن سان شادي..!!
    


    (104) لطيف کوکر 

    تعارف نمبر (104)

    [شاعر]

    اصل نالو : عبدالطيف 
    ادبي نالو : لطيف کوکر 
    ولد : بهرام خان 
    ذات : کوکر
    رهائش : ڳوٺ رئيس قلندر بخش کوکر، پوسٽ بڊاڻي، ضلعو ۽ تعلقو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ.
    رابطو : 03003364289
    تعليم : ميٽرڪ.
    لکڻ جي شروعات : 2005ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، نثر، روبائي
    ڇپيل مواد : گڏيل شاعريءَ جي مجموعي ”ڪوي ڪشمور جا“ ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    بي چئي اڄ وري ڪا قضا ٿي اچي
    تون نه نظرون هٽا ڄڻ سزا ٿي اچي

    هُو سراپا خدا جو آهي روپ ڪو
    غم!  کي ماري امڙ جي دُعا ٿي اچي

    آھين هوشو ڪٿي، اچ هاڻي وري
    درد سنڌ جا  کڻي هي صدا ٿي اچي

    خوشبوئن جا آھن هي کلي کيت پيا
    هو ڪٿان خوبرو اپسرا  ٿي اچي

    موت کي ڀاڪرين ٿي ڀري اڄ وري
    زندگي موت ڏانهن باوفا  ٿي اچي

    نظــــم

    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“


    ڌرتتيءَ آ مون ڏٺي
    پير تنهن تي مون رکيا
    مون آهي محسوس ڪيو
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“

    وحشتن جي وات ۾
    رت آهي رات ۾
    قيد پنهنجي ذات ۾
    ٻوڙا نٿا ٻڌن سدا
    مون آھي محسوس ڪيو
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“

    ابنِ علي جو خون ٿيو
    يزيد پوءِ سڪون ڪيو
    قيد سيدياڻيون ڪري
    جشن هو ملعون ڪيو
    برپا ٿي پوءِ عزا
    مون آھي محسوس ڪيو
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“

    سنڌ جا جوڌا هي ڏس
    حسينيت جي راھ تي
    هوڪا پيا حق جا ڏين
    پير تن جا باھ تي
    وک ناهن پوئتي هٽيا
    مون آھي محسوس ڪيو
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
    ”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“


    (105) سنڌو پيرزادو

    تعارف نمبر (105)

    [شاعر]

    اصل نالو : سنڌو پيرزادو
    والد جو نالو: ستار پيرزادو
    ذات : پيرزادو
    جنم : 11 سيپٽمبر 
    تعليم : ايم.اي اردو
    ڪرت : سرڪاري نوڪري
    رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي. 
    ڇپيل مواد : سنڌي ريکائون، ناٽڪ ميگزين، ڪاوش دنيا، سرتيون، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس وغيره
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا وغيره.
    ڇپيل ڪتاب : “صليب جاڳ اسان جي” (ترتيب).

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    هي دل اي هرجائي توکي ڳولي ٿي
    ڪاٿي آن تنهائي  توکي ڳولي ٿي

    ڪنهن جو ٿو آواز ڦُٽي پيو رُوح منجھان
    ڄڻ ڪائي شهنائي توکي ڳولي ٿي

    آءُ نئون الزام لڳي ڪو جيئن مون تي
    راهن جي رسوائي توکي ڳولي ٿي

    چپڙن جي هر لفظ ۾ تنهنجي چاهت آ
    اکڙين جي گهرائي توکي ڳولي ٿي

    هاڻي پنهنجو پاڻ ڪٿي آهي مون ۾
    دلڙي ٿي سودائي توکي ڳولي ٿي

    آءُ پرين هر رات نهاريان ٿي تو لاءِ
    آءُ پرين پُروائي توکي ڳولي ٿي

    نظــــــم

    (ڌنڌ آ مگر گهري)


    ٻاهريون سڄو منظر
    ڌنڌ ۾ وڪوڙيل آ
    هر طرف سياري جي 
    ٿڌ هارجي وئي آ
    ڄڻ دري به ڪمري جي
    برف ۾ ڄمي وئي آ
    وڻ سڀ هي ساوا
    ماٺ منجھه بيٺا هن
    دور ڪي ئي ٻڪريون هن
    ٻار جيڪي چاري ٿو
    پيرُ پيرَ ۾ تن جو
    ڄڻ رليءَ جو کڻ آهي
    ٻار لئه سڄي دنيا
    ڄڻ ته ڪوئي ڌڻ آهي
    سيءُ هي ڊسمبر جو
    ٻار کي ستائي ٿو
    ڌنڌ آ مگر گهري
    ڪاٺ جا ڪريل ٽُڪرا
    ڇانگ جون سُڪل ڪاٺيون
    پن وڻ جا ميڙي
    باهه کي ڏئي ڦوڪون
    نيٺ هُو جلائي ٿو
    هٿ پنهنجا سيڪي هُو
    بنسري وڄائي ٿو
    دُور ٿورڙو اُن کان
    اسپتال سرڪاري
    ڄڻ اُجاڙ گھر آهي
    ماٺ ٻار ڄاول جي
     ڄڻ ته ڪائي رڙ آهي
    آئون پنهنجي ڪمري کان
    ٿي ڏسان پئي ٻاهر
    برف جهڙو منظر آ
    مگ چانهه جو ٺاهي
    ڪو ڪتاب کوليان ٿي
    جنهن ۾ شاعري آهي
    ڄڻ ته منهنجي ڪمري ۾
     باهه ڪا ٻري آهي
    


    (106) بدر قاضي 

    تعارف نمبر (106)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار]

    اصل : نالو بدرالدين
    ادبي : نالو بدر قاضي 
    والد جو نالو : محمد بخش
    ذات : قاضي
    جنم : 01 آگسٽ 1961ع 
    تعليم : بي.يو.ايم.ايس. فاضل طب و جراحت.
    ڪرت : حڪمت.
    رهائش : نصرپور، تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊوالهيار.
    لکڻ جي شروعات : 1985ع
    رابطو : 03003358563 
     مواد ڇپيل : امرتا،ادب، ساٿي، شعراءِ ٽنڊوالهيار، ڪاوش وغيره.
    صنفون : غزل، وائي، بيت، ٽيڙو، نثري نظم، ڪهاڻيون ۽ تاثر.
    هڪ ٻن ڪتابن جو مواد موجود ڇپائڻ لاءِ ڪوشش جاري.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نثري نظـــــم

    راھ خار ۾ ڪنهن،
    ڪنهن کي ڇڏيو،
    اها ڳالھه نٿو ڪيان مان..!!
    بس ايترو آھي،
    رفاقت تنهنجيءَ ۾
    سک،چين ۽
    ننڊ ڦٽي هئي..!!
    هاڻ وڇوڙي کان پوءِ
    سڪون سان
    سمهندو آھيان..!!
    نثري نظــــــم
    هيءُ ڏاڍ، ڏهڪاءُ،
    نفرتون، ڪدورتون،
    هيءُ روز جو قتل عام،
    مون نه سوچيو هو..!!
    امن هجي، ڀائيچارو،
    پيار، محبت، اونهارو، سيارو..!!
    خزان مٽجي، ٿئي بهار ۽
    دشمن ڦِرِي، ٿئي دوست وفادار..!!
    تنهن لاءِ مون هو لوڇيو،
    تون به آءُ دوست،
    هڪ منجهان ٻه ٿيون،
    ٻن مان ٻارنهن،
    گڏجي سوچيون لوڇيون،
    ۽ ماڻيون منزلون،
    خواب،
     تعبيرون هزار..!!

    ٽيــــــــڙو

    ڪرسي خاطر گند
    شور شرابو روز جو
     ٿيڻ گهرجي بند
    ٭٭٭
    ڏاڍي سوکي آھ
    لائڻ دلبر دوستي
     پارڻ اوکي آھ

    هائيڪـــــو

    گاھ لڻندي هوءَ..!!
    مون ڏي هر هر پئي تڪي
     ڀاڻس ڇنڊيس ڇوھ..!!
    


    (107) ذاڪر سيتائي

    تعارف نمبر (107)

    [شاعر]

    اصل نالو : ذاڪر حسين
    ادبي نالو : ذاڪر سيتائي
    ولد : شبير احمد
    ذات : سولنگي
    جنم : 05 اپريل 1980ع
    تعليم : ميٽرڪ. ڪرت : مزدوري. رهائش : سيتاروڊ ضلعو دادو
    رابطو : 03442525478. لکڻ جي شروعات : 2013ع
    لکيل صنفون:غزل،گيت،وائي،نظم،نثري،نظم، هائيڪا، چوسٽا.
    ڇپيل مواد . مختلف اخبارن ۽ رسالن ۽ ميگزينن ۾. 
    ڇپيل ڪتاب  : 1. (ڏھر منجھه ڏيئا ) گڏيل شاعري، 2. (چوڏس مينگھه ملهار ) گڏيل شاعري. هڪ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    هُو نه هڪ ساريون وڃن ٿيون
    کوھ تي ناريون وڃن ٿيون

    هلُ ھلي ڇت تان ڏسون ڪيئن
    ڳوٺ ڏي لاريون وڃن ٿيون

    هُو کنيون سڀئي پليءَ جون
    ڍاڪَ تي کاريون وڃن ٿيون

    چَپَ چُمين جا ٿانوَ ڀريل
    سَٽَ ۾ هاريون وڃن ٿيون

    دل جي ڌرتي ، يادگيريون
    مينهن جان ٺاريون وڃن ٿيون

    جَن سهاري مان جيئان هان
    سي اکيون ماريون وڃن ٿيون

    آزاد نظـــــــم

    سونهن تنهنجي کي ڏسي
    مان ايئن ٿو ڀائيان
    ڄڻ ته مندر ۾ سَجل
    مورتي آھين مٺي
    چيلھه ٿئي چهبُڪ ۽
    وار ڀي واسينگ ٿئي
    تن ۾ ٿئي سهڻي سڳي
    جيئن ٿي وک کي کڻين
    جا ڪري آواز ٿي
    سڀئي کولي راز ٿي
    ڳل تنهنجا هوبهو
    انب جو ڦارون ڪٽيل
    نيڻ ڄڻ جاڙيون نديون
    چپ ٿي چورين جڏھن
    ڄڻ ته پوپٽ گل مٿان
    پاڻ ۾ ٿا پيار ڪن
    لفظ ناهن مان سندءِ
    سونهن تي ڏس ڇا لکان
    بس ڪمي هڪڙي اٿئي
    ڪا ڪمي تو ۾ نه آ
    ها اها ئي ٿئي ڪمي
    ها اها ئي ٿئي ڪمي
    


    (108) امداد سولنگي

    تعارف نمبر (108)

    [شاعر]

    اصل نالو: امداد علي
    ادبي نالو: امداد سولنگي
    ولد : رضا محمد
    ذات : سولنگي
    جنم : 01 فيبروري 1985ع
    تعليم : بي اي
    ڪرت : ڪلارڪ CMA LAHORE
    رهائش : سيالڪوٽ، پنجاب
    رابطو: 03433633523
    لکڻ جي شروعات : 1999ع
    ڇپيل مواد : هالار، سنڌ رنگ، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، ڪوشش، خبرون وغيره.
    لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، نظم.
    ڇپيل ڪتاب : 
    1“پارسائي جون حدون“ (شاعري)
    2- گڏيل ڪتاب “ڪوي ڪشمور جا” (شاعري)

    سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ

    غــــــزل

    مان جيئان من زندگي سان ٺاهه ٿئي
    سونهن سرچي عاشقيءَ سان ٺاهه ٿئي

    جڳ منجهان ڪُل ڪلفتون هي دور ٿين
    آدمي جو آدميءَ سان ٺاهه  ٿئي

    نيڻ خوابن ساڻ گڏجي ٽھڪ ڏين
    رات جيڪر ننڊ مٺيءَ  سان ٺاهه ٿئي

    گيت سِهرا خوب ڳائي مان نچان
    بس رڳو هُن پوپريءَ سان ٺاهه  ٿئي

    هارجي ڳوڙھن سان پئي آ التجا
    دلرُبا اچ ، دلبريءَ سان ٺاهه  ٿئي

    درد پالي دل وئي آ ، چُور ٿي
    ڦٽ ٻُرن ٿا ڪنهن ڦڪيءَ سان ٺاهه ٿئي

    لوڪ جي ٺوڪر کان بهتر آ ھِتي
    هاڻ پنهنجو مئڪشيءَ سان  ٺاهه ٿئي

    وائــــــي

    رات اڪيلائي کي ميڙي 
    سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

    خواب ڪٿان کان ايندا آھن،
    ننڊ اوجاڳن سان پئي جهيڙي
      سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

    دل جا چاڪ ڏٺا تو دلبر،
    اُڌمن سان ائين پاڻ اُڊيڙي
      سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

    هلڪي هلڪي هير ڏکڻ جي
    يادن جا ڪي گيت پئي ڇيڙي،
      سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

    راهه رُلي ٿو جوڳي منڙو،
    پنهنجا ٿاڪ سمورا ٿيڙي،
      سوچ ٻري ٿي پونم جان..!!

    


    (109) ممتاز خادم 

    تعارف نمبر (109)

    [شاعر]

    اصل نالو : ممتاز علي
    ادبي نالو : ممتاز خادم 
    ولد : محمد اسحاق 
    ذات : ميمڻ
    جنم : 1968ع
    تعليم : ايم.اي سنڌي 
    رهائش : قاضي احمد 
    رابطو : 03003246101
    ڪرت : سرڪاري ملازم. لکڻ جي شروعات : 1990ع
    ڇپيل مواد : مختلف مئگزين، رسالا ۽ اخبارن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، آزاد نظم، دوها، چؤسٽا، هائڪا۔ 
    مرتب ڪيل ڪتاب  : 1. ساٿ چڙھندو لڪئين، 2. مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن. اُن کان علاوه ٻن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    رات به توکي ساري نيڻ ستا ناهن
    لڙڪ اکين مان هاري نيڻ ستا ناهن

    رات سموري چنڊ چڪور سان ڳالهين ۾
    تارن کي به سمهاري نيڻ ستا ناهن

    ٿر ۾ بک وگهي ٿا ننڍڙا ٻار مرن
    ڳالهه اها ويچاري نيڻ ستا ناهن

    ڄام تماچي تڙ تي پهچي هيئن چيو
    نوري ڏانهن نهاري نيڻ ستا ناهن

    خادم وٽ هو رات متان ڀلجي به اچي
    ديپ اکين جا ٻاري نيڻ ستا ناهن

    وائـــــي

    رستن چارن سان 
    چنڊ ستارن سان 
      ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
    شام جو تون هيڪلي
    سمنڊ ڪنارن سان 
      ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
    آئيني سامهون اچي 
    پنهنجن وارن سان 
      ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
    ديپ وساڻو اونداهي ۾
    هاڻي جارن سان 
     ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
    يونيورسٽي جي ڇوڪرن
    هيڏن سارن سان 
     ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين ؟
    چانڊوڪي ۾ رات جو 
    خادم پارن سان 
     ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين؟


    دوهـــــا

    تنهنجي خاطر منهنجي دل ۾ ھڪڙو آهي راز
    ايئن سليندس توسان ساجن ٻيو نه ٻڌي آواز

    ڪان خبر پئي ڪير رکي ويو گل ڪتابن ۾
     مونکي سوچن منجه وجهي ويو پاڻ حجابن ۾

    ٽيـــــڙو

    اکين سان اورڻ 
    حال ڏيڻ ڪنهن کان سکئين
     بنان چپ چورڻ
    ٭٭٭
    بادل پيا برسي 
    مونوٽ اڄ تون سانورا 
    رات پئو  ترسي۔
    


    (110) شازيا گل

    تعارف نمبر (110)

    [شاعره،فنڪاره]

    اصل نالو : شازيا 
    ادبي نالو : شازيا گل
     والد جو : نالو حامد علي 
    ذات : رند 
    جنم : 08 جنوري 1998ع 
    تعليم بي.اي. 
    ڪرت : راڳ سکڻ جي تعليم جاري.
    رهائش : مجاهد ڪالوني، بڪيرا روڊ ٽنڊو الهيار
    لکڻ جي شروعات : 2012ع
    ڇپيل مواد : عبرت، ميگزين، ڪاوش، ٽنڊوالهيار نيوز وغيره. 
    لکيل صنفون : گيت، غزل، نظم، وائي، چوسٽا، بيت.
    ٻِن ڪتابن جو مواد موجود

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    اُردو اشعار

    ظالم نے لال کی نگری لال کر دی ہے
     وہاں فقیروں نے پھر سے دھمال کر دی ہے

    ڈرتا نہیں ہے موت سے یہاں کوئي بھی
    دیکھو قائم پھر نئي مثال کردی ہے

    سخي لال کو چاہنے والوں نے پھر سے
    شازیہ رونق کیسے بحال کردی ہے


    مارواڙڑي ، اُردو مکس گيت

    جِیا نا لاگے مورا اک پل
     مارا من بن بیٹھا پاگل رے

    ایسے موہے تمھاری میٹھی بولی
     جيسے مور پپیہا کوئل رے

    ایسے برسیں آنکھيں تمھارے بن
     جیسے برسے برکھا بادل رے

    چوڙڑی ماری چھن چھن کر کے
     مارا تجھ کو بلائے آنچل رے

    دل میں بٹھا کے تجھ کو ساجن
     تھاری بن بیٹھی شازیا گل رے
    


    (111) خيرل سيلرو

    تعارف نمبر (111)

    [شاعر]

    اصل نالو : خير محمد 
    ادبي نالو : خيرل سيلرو
    ولد : احمد علي 
    ذات : سيلرو
    جنم : 14 اگسٽ 1972ع 
    تعليم : ايم.اي پوليٽيڪل سائنس 
    پوسٽل ائڊريس : ناظم سرتاج ڪريانہ اسٽور رتو ديرو روڊ 
    شهداد ڪوٽ
    Gmail . Khairmuhammad447@gmail.com .
    Phone.pk.03337505187''
    Saudi.00966598014186
    لکڻ جي شروعات : 1990ع. 
    ڇپيل مواد : ادب، هالار، نئين سوچ، نئين زندگي، خوشبو، عبرت، آس، نئين آس، مرڪ، ڪجھه هفتيوار اخبارون، گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب  ”نئون نئون منڌ آ“ ۾. 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، دوها، چؤ سٽا، نوح، قصيدا، آزاد نظم، نعت، حمد، ٽيڙو، هائڪا،

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    زندگيءَ کي زندگي آ تو ڏني
    هن خوشيءَ کي ڀي خوشي آ تو  ڏني

    جنهنجي رڳ رڳ پيارسان رسيل هجي
    تنهن محبت کي مڳي آ  تو ڏني

    عشق کان جنهنجي بہ دل واندي هئي
    ان جي دل کي دل لڳي آ تو  ڏني

    جيڪو ڪنهن جي ڀي عبادت ۾ نہ هو
    تنهن کي پنهنجي بندگي آ تو  ڏني

    روح جي رنجش خلش ٿي وئي ختم
    ا هڙي ان کي تازگي آ تو  ڏني

    پيار پرور آهي " خيرل سيلرا "
    جنهن جي مونکي تشنگي آ تو  ڏني

    سرائڪي،غــــــزل

    اک ملي اک نال دل ٿي شاد ڳئي
    دل ملي دل نال ٿي  آباد ڳئي

    نظر نان نظران دا هئي نياپا پڳا
    پياردي مين تي تہ ٿي امدادڳئي

    مين ڪتي فريادهئي اڪ يار دي
    اڄ قبولي سا ميڏي  فرياد ڳئي

    دلربا دي ناز هن اکيان تي سب
    يار دي فرمائش ٿي آزاد  ڳئي

    مين اۡتر وچ "سيلرا خيرل " ڳيم
     سرداهاسئوداميڪون مل دادڳئي

     گيـــــــت

    تو سواءِ نہ يار آ سکي
    زندگي اڃا بہ آ ڏکي
    ڏک سواءِ سک نٿو ملي
    سک جو آهي نانءُ ٿو رلي
    سک ۾ زندگي آ ڪنهن  ڪٽي
    درد سان آ دم ڳنڍيو پيو 
    غم سان يار پيار آ سچو
    سک سان دوستي نہ آ  سٺي
    آ حياتي بيوفا صنم
    موت کي ئي محبوبا چيم
    قبر ۾ بہ هوندي  سا ڪٺي
    "سيلرا " خوشيون ورهائي ڇڏ
    سور سيني ۾ سمائي ڇڏ 
     پئہ نہ خيرل سک جي تون پٺي


    (112) علي منصور

    تعارف نمبر (112)

    [شاعر]

    اصل نالو : علي بخش
    ادبي نالو : علي منصور
    ولد : عبدالغني 
    ذات : سنڌي پٺاڻ
    جنم : 14 جنوري 1983ع
    تعليم : مئٽرڪ پاس
    رهائش : هاڻي محنت مزدوري جي سلسلي ۾ سعودي عرب، اصل گھوٽڪي سنڌ.
    لکڻ جي شروعات : 2005ع.
    رابطو : 00966551473199/ 03003446212
    ڇپيل مواد : سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، باک رسالو، عبرت مئگزين ۽ ڪجھه ٻين رسالن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، چؤسٽا، نثري نظم، بيت، ڪجھه ٽيڙو ۽ هائيڪا. 
    ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غـــــــزل

    عڪس آهيان ٻن چپن جي چاھ جو
    مون کي ڪو پَٿر نه سمجهي راھ جو

    درد منهنجا انڊلٺي احرام ۾
    رنگ تِن تي آ چڙهيل ويساھ جو

    آ نه واقف عاشقيءَ جي انت کان
    دين ڪهڙو ۽ ڌرم گُمراھ جو

    مون پتنگي جيئن جلي تولئہ پرين
    لُطف پاتو عشق جي آڙاھ جو

    ٿي حياتيءَ ۾ اسان تي ڇانورو
    ڀروسو ڪونهي ڪو کڄندڙ ساھ جو

    هِن ڪنڌي منصور ٿو تو لئه لُڇي
    تون ڪنارو، ٻيو بڻينءَ درياھ جو

    نظـــــم

    قبيلائي جهيڙا..!!
    کپائي ڍور سڀ گهر جا
    وٺي هٿيار آيا جي
    خريدي هوڏ پئسن سان
    ٿيا انسان مان وحشي
    ڪُڌا جهيڙا قبيلن جا
    پيا ڪن قوم کي زخمي
    وڌائون وير نانگن جان
    ڪُٺائون ڪيترا ڪونڌر
    وڏا قاتل وڏا اجگر
    وڌائي وحشتون گهر گهر
    بڻيا زوري ونين جا ور
    ڪيو برپا وتن محشر
    لڀي سک ڪو نه ٿو ڪنهن پر
    جنين ميڙيا مهينن کان
    ڪلاشنڪوف لئه ڏوڪڙ
    ٻچن جي پر ڪتابن لئه
    نه پئسا پانڌ ۾ تن جي
    ڪلاسن کان ڪلاشن جو
    مٿاهون مرتبو ڀانئن
    ڏَسيو ڪهڙو ڏيون ٿا پيا
    نسل ايندڙ کي آئيندو
    اهي ڇا ڀاڳ ماڻيندا
     وڙهي هڪٻئي کي ماريندا
    ڏَسيو ڪا مات ڀي ايندي
    انهن بيمار ذهنن کي
    ڏَسيو هي رات ڀي ويندي
    ۽ چوڏس روشني ٿيندي
    جڏهن ڪرندو نه ڪو لاشو
    ٿئي سک چين جو واسو
    جمالا ڳائبا هر هنڌ
    ٻچا پرڻائبا هر هنڌ
    پڙهڻ ويندا ننڍا نينگر
    ڪٺي سڀ ڳوٺ منهنجي جا
    نه جن کي ٿا اماڻيون اڄ
    مرڻ جي خوف کان ٻاهر
     نه جن کي ٿا اماڻيون اڄ
    


    (113) عاجز ڇٽو 

    تعارف نمبر (113)

    [شاعر]

    اصل نالو : عبدالغني 
    ادبي نالو : عاجز ڇٽو 
    ولد : علي احمد 
    ذات : ڇٽو 
    جنم : 02 اپريل 1980
    تعليم : مئٽرڪ. ڪرت : هارپو
    رهائش : صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرولال اسٽيشن، ضلعو مٽياري.
    رابطو نمبر : 03443524406
    لکڻ جي شروعات : 2000ع
    ڇپيل مواد : امرتا، هالار، اديب، صبح، عبرت مئگزين، هزار، دستان، سنڌو، سوجهرو، ڪاوش گيئلري، آڪاش، ڪرزما، عقيق، گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هرگل جي خوشبو پنهنجي“ ۾.
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، چوسٽا، ٽيڙو، ڪهاڻي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    چُني هوا۾ اُڏي رهي آ
    لڳي ٿو موسم  ڪُڏي رهي آ

    اسان جي دل تي اوهان جي سائين 
    سدائين ڪاتي مُڏي رهي  آ

    اوهان جي آڏو اسان جي قيمت 
    ته ٻارَ واري گُڏي رهي  آ

    حبيب منهنجو رقيب ٿي ويو 
    تڏهن ته دلڙي ڌُڏي رهي  آ

    زهر لڳي ٿي حيات مونکي 
    قدم قدم تي ٿُڏي رهي  آ

    عجيب آيو آ دور عاجز 
    وفا جي ٻيڙي ٻُڏي رهي  آ

    وائــــــي

    روئي ڏنو نيڻن 
    ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
    اڌو اڌ ڪري ڇڏيو
    جيءُ جڏو جذبن 
    ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
    باھ لڳائي آهي 
    اندر ۾ اُڌمن 
    ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!
    اڄ وري اوچتو 
    پاند پُسايو ڳوڙهن 
    ننڍڙيءَ ڳالھه تي..!!

    چؤســـــــٽا

    درد ايڏو بُرو لڳو سائين
    ڪاٺ کي جيئن سُرو لڳو سائين
    نيڻ تِرڇا کڻي نهاريو تو
    هانءُ ۾ ڄڻ ڇرو لڳو  سائين

    ٭٭٭

    ڪڏھن ته کُلندي دري وفا جي
     کڻي تون ملندين ڀري وفا جي
    اوهانجي رخ مان لڳي ٿو مونکي
    اميد ناهي ذري وفا  جي

    ٭٭٭

    زمين توڙي گگن ٿو روئي
    رُٺي آ بُلبُل چمن ٿو روئي
    سرير منهنجو سڄو آ چچريل
    عجب آ يارو ڪفن ٿو روئي
    


    (114) ارشاد ڪٽپر

    تعارف نمبر (114)

    [شاعر]

    اصل نالو : ارشاد علي 
    ادبي نالو : ارشاد ڪٽپر
    ولد : محمدآچر ڪٽپر“ مخمور“
    ذات : ڪٽپر
    جنم: 01 سيپٽمبر 1953ع
    پيدائش : نئون ديرو 
    تعليم : ايم اي (آئي آر). ڪرت : مينيجر (ريٽائر)
    رهائش : گلشن حديد ڪراچي
    رابطو : 03312323332
    پيدائش : نئون ديرو
    لکڻ جي شروعات :   2012ع
    لکيل صنفون : نثري نظم، نظم، وائي، گيت، غزل، بيت، ٽيڙو، مختصر ڪهاڻيون.

    غـــــــزل

    ويٺو آ ڇو وڃائي جيڪا امر هئي
    تهذيب سا اتم من پنهنجو ثمر هئي

    شاداب ڪر الاهي سنڌڙي لطيف جي
    پنهنجي پِني دعا ڀي ڪا بي اثر هئي

    تو ياد جا ڇڏي من ارمان جي اها
    هر رات ننڊ تي سا ڏاڍو قهر هئي

    ڇو ڪونه سمجهيا تو منهنجا اکر پئي
    پنهنجي ته شاعري ڀي سادو نثر هئي

    پوڄا ڪندي رهي هئي ڪٽپر جا پيار جي
    ڇا زندگي جڳن کان رڻ جو سفرُ هئي


    اردو غزل

    اب سیانے ہو گئے ہیں یار اپنے
     جو کرو تو بس کہا، یُوں یُوں کرو تم

    ہے رکھی گردن چُھری پہ جانِ من نے،
    پھر کہا بندا بنو، نہ چُوں کرو تم

    هاتھ رکھ کر سر ڈھکا کچھ نہ دیا بس,
    مانگ لی اپنی زباں، ہاں ہُوں کرو تم

    جیب خالی ہو سرائی تب لگاؤ
    تیل موچھوں اور پھر فاں فُوں کرو تم

    جب پڑے تیرا کسی میں کام کٹپر,
    پَھٹ اسے جاکر بھلے ماموں کرو تم

    نثري نظــــــم

    تو کي چنڊ چيو ،
    تو روشني چيو ،
    ايڏو پيار ڏئي ،
    مون تي ٿورو ڪيو.
    پر منهنجا پيارا ،
    نينهن جا نيارا ،
    ايڏو نه پيار ڪيو ،
    پوءِ نه پڇتاءُ ڪيو !
    ڇو ته پنهنجي ،
    پڇاڙي ناهي رهندي۔۔!!
    


    (115) آزاد مري

    تعارف نمبر (115)

    [شاعر]

    اصل نالو : محمد اعظم 
    ادبي نالو : آزاد مري
     ولد : صوبدار خان
    جنم : 17 آگسٽ 1978ع
    تعليم : بي.ايڊ
    رهائش : سانگهڙ. ڪرت : سرڪاري ملازم
    رابطو : 03412872884
    لکڻ جي شروعات : 2016ع
    ڇپيل مواد : سانگهڙ، سماچار.
    لکيل صنفون : نعت، منقبت، غزل، چؤسٽو، وائي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــزل

    ستايل اکيون ۽ ڏکايل اکيون
    اٿئي هي اسانجون او گهايل اکيون

    اوهان کان پوءِ ڪنهنجون ٿيون ڪونہ آهن
    اوهان جي در تي آهن وڪايل اکيون

    اوهان جي دڳن تي هميشہ جي لائي
    گلابن جيان هي وڇايل  اکيون

    پسڻ لائي پرين کي تتي ريت جيئن
    هجن ڄڻ اسان جون اڃايل اکيون

    اسان جي اکڙين جي پڙهي ڳالھه ڪوئي
    قرب جي نشي ۾ خماريل اکيون

    ڀلايان ڀلا ڪيئن آزاد مان
    اکن سان هن جون ملايل اکيون

    چوسٽــــو

    ڏٺوسين قرب هي تنهنجو ڏٺوسين هي پيار تنهنجو
    گهڙي کن قرب جون ڳالهيون پوءِ تڪرار هي تنهنجو
    لڳين ٿو غير جي سيني ڪرين ٿو قرب جون ڳالهيون
    انهيءَ کان تہ چڱو آهي پرين انڪار هي تنهنجو

    وائـــــي

    موٽي بهار آئي
    مونڏي قرار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!

    پيرون پچي ويا هن
    گڏ يار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!

    ٿوهر بہ ٿڙ ٿڙايو 
    کٻڙن ۾ خار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!

    ڪونجون بہ ڪرڪرايون
    ليڪن قطار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!

    چاندي جو چنڊ آهي 
    سوني پڪار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!

    ويندو هليو هي اعظم
    ڪنهن وٽ ترار ناهي
    هينئڙي تي بار آهي..!!
    


    (116) غفار شيخ

    تعارف نمبر (116)

    [شاعر]

    اصل نالو : عبدالغفار
    ادبي نالو : غفار شيخ
    والد جو نالو : غلام رسول
    ذات : شيخ
    جنم : 01 فيبروري 1979ع
    تعليم: ايف.اي
    ڪرت : جيڪا ملي!، في الحال سماء ٽي وي تي. 
    رهائش : ڏھرڪي/ڪراچي. لکڻ جي شروعات :  1995ع
    رابطو : 03323587435
    ڇپيل مواد : ھالار، سنڌ رنگ، سوجھرو، عبرت، خبرون ۽ ڪاوش.
    صنفون لکيل : تقريباََ سڀني صنفن تي پر غزل گھڻو لکيو اٿن.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    منھنجي اک ۾ پنھنجي اک جا منظر ڳوھِ
    پنھنجي ھٿ سان ٻيھر چارئي عنصر ڳوھِ

    آءُ ڪـيراءِ صلـيبي ديـدون ڏاگھه تـي چاڙھ
    سونھن جا نشتر عشق جا مون ۾ لشڪر ڳوھِ

    وارن جا ڪي واس رکي وڃ خوشبوء ۾
    جـيءُ جـبل کـي پـار اُڪـاري پـٿر ڳـوھِ

    تنھا تنھا سانجھي، سج خوابن جا
    ساڀيائن جي نيري نڀ تي، امبر ڳوھِ

    بي ترتيبيون ترتيبين ۾ آڻ چريءَ
    اونداھين ۾ چنڊ ڪتين جي اوسر ڳوھِ

    پـانـدن ۾ انگـوريـا آھـن شـوق پـريـن
    ھاڪر جي اڄ جر سان پنھنجي نھڪر ڳوھِ

    نظـــــم

    انهي عشق جي اڱڻ تي 
    ڇيريون ٻڌي نچياسين 
    حِردي ۾ سڪ پگهاري 
    دردن ۾ روح ڍاري 
    ڳوڙهن جا ڳوٺ ڳاري 
    ڍنڍون اکين مان هاري 
    دامن ڀنل اڪاري 
    هر شخص جي اکين مان 
    ٿي سانوڻيون وٺا سين
    جيڏو غرور هو ڪلهه
    جنهن ساٿ جي هجڻ تي 
    هو ناز دل چري کي 
    مرڪڻ کلڻ ملڻ تي 
    رستن مٿان ڪڪر ٿي 
    پاڇن جئان گهمڻ تي 
    هڪٻئي جي ڇانو بڻجي 
    نٽهڻ مٿان لهڻ تي 
    افسوس ايئن اچانڪ 
    شيشي جئان ٽُٽا سين 
    ميڙي سگهيو نه هٿ ڪو 
    پئي هانو ۾ چڀيا سين 
    چوڏهين جي چنڊ جهڙا 
    ڪيئي مقام آيا 
    ٿيون وائڙيون عشاقيون 
    ويو وصل موڪلائي 
    اهنجا ايام آيا 
    پل پل عجب ٿي گذريو 
    پنهنجي ڏٺي کليا سين 
     پنهنجي ڏٺي رنا سين..!!
    


    (117) عشوق”مُحسن“

    تعارف نمبر (117)

    [شاعر]

    اصل نالو : معشوق علي 
    ادبي نالو : معشوق”مُحسن“
    ولد : علي گل
    ذات : ابڙو 
    جنم : 01 مارچ 1993ع.
    تعليم : ايم.اي (سنڌي)
    ڪرت : استاد. رهائش : دادو مورو پل لڳ ڳوٺ وارياسو.
    رابطو :  03003264248
    لکڻ جي شروعات : 2010ع.
    لکيل صنفون : حمد، نعت، نظم، گيت، غزل، وائي، چؤسٽو وغيره
    چپيل مواد : مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــــزل

    عشق تنهنجي جو اثر آهي اڃا
    سار جو مون وٽ ثمر  آهي اڃا

    ترس ٿورو سونهن کي سجدا ڪيان
    رات جو پويون پهر آهي  اڃا

    شانَ ۽ شفقت ڀريو هُو شاھُ آ
    ڇانؤ ڇورن تي ڇپر آهي  اڃا

    خيال جو کُورُو ٻريو کُٽڪو وڌيو
    سوچ جو جاري سفر آهي  اڃا

    شالَ! ھُو ”معشوق مُحسن“ سان ملي
    ديد اُن لاءِ دربدر آهي  اڃا

    نظـــــــم

    توسواءِ رِڻَ ۾ نہ رهندس راتڙي
    جهنگ ۾ اُڇلي نہ مونکي وڃ امان
    پيار پنهنجي ٿورڙي ڪا ٿڃ امان
    عرض آزيون ميڙ منٿون مڃ امان
    ٻارڙي کان ڪينَ ڀيرو ڀڃ  امان
    سمجھه منهنجي ماءُ ٻولي ٻاتڙي
    تو سواءِ رِڻ ۾ نہ  رهندس راتڙي
    تو عذابن لئہ جنم جيجل ڏِنو
    ڇو نہ روئان تو بہ ڇاتيءَ کان ڇِنو
    روح تنهنجو خوف ۾ ناهي ڊِنو
    ڪيترو تو ڪم ڪيو هي  آ ڪِنو
    ڪنهن ڀلا اولاد اُڇلايو ڪٿي
    چاھ ۾ ٿي چُور چچلايو  ڪٿي
    تو کنيون جن ڪاڻ جڳ جون تهمتون
    سي بہ وِيا توکان ڪري ڪُل نفرتون
    تو رکيون هونديون هزارين حسرتون
    مانَ سان تو ڪينَ  ماڻيون محبتون
    ماء ُپيءُ توکي ڏني تعليم جا
    ڪانہ تن جي تو ڪئي تعظيم سا
    تو حيا جو ڇو ڀڳو تالو تہ ڏَس
    ڇو هنئي دل ۾ ڀري ڀالو تہ ڏَس
    ڪير آ منهنجو ابو نالو تہ ڏَس
    رڻ ۾ ٿيندو ڪير  رکوالو تہ ڏَس
    ڇو ڀلا خوفِ خُدا ڌارين نٿي
    لت رکي نرگهٽ مٿان مارين نٿي
    نينهن ۾ نروار ٿي ناري هتي
    ڪيس ڪيڏو ٿي ڪري ڪُنواري هتي
    سر مٿان سهندي وتي خُواري هتي
    ڪا ڪُهي پنهنجن  ڇڏي ڪاري ھتي
    روز ٿو مرندي ڏسان مخلُوقَ مان..!!
     ڪيئن رهان ماٺار ۾ ”معشُوق“مان..!!


    (118) خليل چانڊيو

    تعارف نمبر . (118)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار، دانشور، ڪالم نگار]

    اصلي نالو : خليل احمد 
    ادبي نالو : خليل چانڊيو
    ولد : محمد ابراهيم 
    ذات : چانڊيو
    جنم : 13 مئي 1965ع
    تعليم : ايم.اي اڪانامڪس
    ڪرت : پبلڪ رليشنس آفيسر، منسٽري آف پورٽ اينڊ شپنگ، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي.
    اصل رهائش : لاڙڪاڻو، موجوده رهائش : ڪراچي
    لکڻ جي شروعات : 1992ع
    لکيل صنفون: غزل، نظم، پنج ڪڙو، چؤسٽا، ڪالم، ڪهاڻي، مضمون. 
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميئگزينن ۾. 
    اڻ ڇپيل مواد : هڪ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    چنڊ چوڏهينء سوجهرو ناهي ڇڏيو
    آرزو پڻ آسرو  ناهي ڇڏيو

    روڊ رستا بند گليء ڏي گامزن
    پوء به پانڌي پيچرو ناهي ڇڏيو

    سير سنڌوء جي سڪي ويئي مگر
    دل جي درياء وهڪرو ناهي ڇڏيو

    گوشو گوشوار راحتن جو ، غم الم
    ڪو به ويڙهو ويڪرو ناهي ڇڏيو

    بخت پنهنجي وقت جو ساٿي سڌير
    اڄ به ڏک جو ڏوجهرو ناهي ڇڏيو

    مدتن کان پيار جي پيماني کي
    حادثن هڪ جيترو ناهي ڇڏيو

    فاصلن جا حال ڪهڙا اورجن
    حالتن اڄ اوترو ناهي ڇڏيو

    ڏسي اڀ تي حالات گردش زحل
    روشني اڃان ترورو ناهي ڇڏيو

    نظـــــم 

    تاريخ


    خطائون جي، ڪجن اڄ ٿيون
     تن خطائن جي سزا تاريخ ڏيندي آ
    لڪائجن ٿا، جي گند گناهن جا
     بي پرده تن گناهن کي، ڪري تاريخ ڇڏيندي آ
    لمحا جي رهيا، هر وقت سفر ۾ آهن
     انهن لمحن کي، واپس ورڻ جي صدا تاريخ ڏيندي آ
    جهالت جي انڌيرن ۽ ستمگر طوفانن، ڏيئا جيڪي وسايا ها
    اجهاڻل تن ڏيئن کي، ٻارڻ جي حرارت،  تاريخ ڏيندي آ
    ادب جا گم ٿيل آهن جي شهپارا
     انهن شهپارن کي جڳه، تاريخ ڏيندي آ
    ملي ٿو داد جن کي، دهل ۽ ڌمچر تي
     اصل قلمڪارن کي، داد تاريخ ڏيندي آ
    زنده قومن جي وساريو ٿا خوشحالي اوهان اڄ ڀي
     خبر خوشحالي ٻڌائي تن کي، تاريخ ڇڏيندي آ
    ڪهاڻي ياد جن کي نه عنوان ياد جن کي
     اهڙن ڪند ذهنن ڪردارن کي، وساري تاريخ ڇڏيندي آ
    دلين جا زخم قومن کي، سمهڻ ڪونه ڏيندا هن
     هلڪو خمار آيو ، جاڳائي تن کي تاريخ ڇڏيندي آ
    سياست ۾ شعبده بازيون، بد ڪلاميون ۽ بد گمانيون
     حقيقي رهنمائن کي، دعا تاريخ ڏيندي آ
    خدا بڻجي وڃن ٿا جي، خدا جي ڌرتيء تي
     زمين جي تن خدائن کي، مٽائي تاريخ ڇڏيندي آ
    


    (119) وسيم گبول

    تعارف نمبر (119)

    [شاعر]

    اصل نالو : وسيم 
    ادبي نالو : وسيم گبول
    ولد : محمد صالح
    ذات : گبول
    تعليم : ايم.اي سوشالوجي، ايم.اي سنڌي
    جنم : 15 آگسٽ 1984ع. ڪرت : رڪشو هلائڻ.
    رهائش : گهوٽڪي / ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1994ع
    رابطو : 03048672729
    ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، مِٽي، ڪينجهر، ادب، هالار، عوامي آواز، ڪاوش، سنڌ. اُن کان علاوه گهوٽڪي ضلعي جي دوستن جي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “تارا تارا جهول“ ۾ شاعري ڇپيل.
    لکيل صنفون:غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نئين ڪويتا، پنجڪڙا.
    اڻ ڇپيل: هڪ ڪتاب “ڏُک کي ڏُک آ“ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــزل

    عشق ملهائي پيو زندان ۾
    سنڌ امّڙ آ جنگ جي ميدان  ۾

    وطن لئه ويرين سان وڙھبو تيستائين
    جيستائين ساھ آھي جان  ۾

    سنڌ جا ساڃاھ وندو هاڻي اُٿو
    ڪُجھه ته غيرت هوندي آ انسان  ۾

    روز کنڀجن ديس جا ڳڀرو هِتي
    روز آھيون عشق جي امتحان  ۾

    اي اديبو! شاعرو! ڪافر ٿيو
    ڪيترو جيئندؤ انڌي ايمان  ۾

    سيد ۽ سنڌ سان جَڙيل آ جيءَ ائين
    ساھ سمايل هوندو آ جئين جان  ۾

    پنجڪــــڙو

    مون ۾ تون گُم ٿيل هُئين، ڳولي توکي لَڌو مون
    ڪُل ڪائنات تون آن، منهنجو سجود توکي
    ڄڻ کنڊر جيان لڳي پيو،پنهنجو وجود مون کي
    توبن هُئي وِلھه حياتي، ٺاهيو آ ڄڻ اجهو مون
    مون ۾ تون گُم ٿيل هُئين، ڳولي توکي لَڌو مون

    وائـــــي

    انسانيت - سفير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!

    پيار، امن ۽ سچ جو،
    پيغمبر، فقير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!

    پير، مُلان کان مٿي آن،
    سنڌڙيءَ جو امير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!

    ماريئي سُر سنگيت جو،
    ڪُوڙ ڪُپت کي تير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!

    ڌَرم ڀُونگي جروار جي، 
    بس، ٺاهيئي جاگير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!

    رُڪ اسٽيشن- بيگناھ،
    شھيد ٿئين راهگير،
    ڀڳت ڪنور رام تون..!!
    


    (120) منور ملاح

    تعارف نمبر (120)

    [شاعر]

    اصل نالو : منورعلي
    ادبي نالو : منورملاح
    ولد : ٽلندو خان
    ذات : ملاح
    جنم : 05 جنوري 1980ع 
    تعليم : بي.اي. ڪرت خانگي ملازمت
    رھائش : ملاح ڪالوني،کپرو. لکڻ جي شروعات : 2000ع
    رابطو : 03455237685
    ڇپيل مواد : سوجھرو، ادب، ھالار، ھزارداستان، عبرت ميگزين، پرک، ھمرچو، نئين زندگي، نئين خوشبو، نئين آس، ٽه ماھي مھراڻ، امرتا، نئون نياپو، ميگھه، لڙڪ ميگزين، ڪاوش ميگزين، سوڀ ميگزين، عبرت ميگزين، خبرون، آفتاب، تعميرسنڌ، عوامي آواز، عبرت. 
    لکيل صنفون :غزل، نظم، وائي، گيت، ھائيڪا، بيت، قطعه، دوها. 
    ڇپيل مواد : شاعريءَ جي گڏيل ڪتابن ”سُک نه سُتا ڪڏھين" ۽ “کپرو جا دورِ حاضر شاعر“ ۾ پڻ شاعري شامل.
    ٻن ڪتابن جيترو نثر ۽ ھڪ ڪتاب جيترو شاعري جو مواد موجود

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    ھوءَ اندر ۾ ترسي آھي
    ڄڻ مندر ۾  ترسي آھي

    وينگس وار سڪائي ويٺي
    اُس آڳر ۾ ترسي  آھي

    خوشين جو سنسار لڳي ٿي
    جنھن جي گھر ۾ ترسي آھي

    توکان پوءِ ھر چانڊوڪي
    ڄڻ کنڊر ۾  ترسي آھي

    سوچ مُصور سونھن سکي جي
    ڄڻ منظر ۾ ترسي آھي

    ڪير ھوا ۾ سڙھ سنڀالي
    موج لھر ۾ ترسي آھي

    ماءُ اکين ۾ الڪا ساڳيا
    ديد به در ۾ ترسي آھي

    نيڻ ڪنوارا نکري پيا ھن
    ڪنھن تصور ۾ ترسي آھي

    خوف اڃارو ڀٽڪيو مون سان
    ھرڻي بر ۾ ترسي آھي

    پاڻ صدين جا تارا سوچيا
    اک امبر ۾ ترسي آھي

    شايد ھوءَ آ آسي پاسي
    خوشبو ڀر ۾ ترسي آھي

    ھاڻي منور موٽي ايندو
    بارش ٿر ۾ ترسي آھي

    غـــــزل

    روز ٿو زخمي ڪري عاشقي کي حادثو
    روز آ منھنجي اندر آرسي کي  حادثو

    تون نظر ڦيري وئين راھ تي لاشا ھئا
    ڇو نٿو عبرت ڏئي آدمي کي  حادثو

    ھردفعي آھي ملي ڇوڪري ڪنھن موڙتي
    ھو مُڙي ڇا ڄڻ ھيو زندگي  کي حادثو

    رات مون تارا ڏٺا ھا ٽٽا آ ڪاس تان
    سوچ جي  آيو ڪٿان سرشٽي کي حادثو

    ھا سوالن کي نوان ڪيترا چھرا مگر
    ڪير ويو آھي لکي خودڪشي کي حادثو

    فاصلا ھن پاڻ ۾ روز ٿا وکري وڃون
    شڪ جو لوڏي ٿو وڃي دوستي کي،حادثو

    سونھن مان مرڪي ڏسڻ روڪ ھي قاتل ادا
    روز آھي ھر نئين اجنبي کي  حادثو
    


    (121) ساحل ميمڻ

    تعارف نمبر (121)

    [شاعر]

    اصل نالو : خدابخش
    ادبي نالو : ساحل ميمڻ
    ولد : حسين بخش
    ذات : ميمڻ
    جنم : 05 فيبروري 1966ع
    تعليم : انٽر پاس
    ڪرت : پرائيويٽ سدوس
    رهائش : درگاهه لواري شريف، بدين.
    رابطو: 03443284557
    لکيل صنفون : غزل، نظم،گيت، وائي، دوها، حمد، نعت، قصيده.
    ڇپيل مواد : ”پيغام لواريه“ سنڌي رسالي ۾ شاعري ۽ ھڪ مقالو بعنوانِ ”مظھريت جي حقيقت“.
    شرڪت :آواز ٽي.وي پروگرام”مٺيون ڳالهيون” ۽ ”لاڌا سهرا“ ۾ بطور مهمان شاعر،
    اڻ ڇپيل مواد : امامن سڳورن جي شان ۾ قصيدو، هڪ تقريباََ ٽن ڪتابن جو مواد موجود جيڪو مفلسي جي ڪري ڇپجي نه سگهيو.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    اردو غزل

    کیا ہوا کہ زندگی کی، دوڑ میں پیچھے رہے
    موت کے سائے تلے، ہر موڑ پر پیچھے رہے

    کیا بنانا تھا ہمیں،اور کیا بنا بیٹھے ہیں ہم
    جوکچھ بنایا تھا وہ، سر پھوڑ کر پیچھے رہے

    نا تمیز فکر تھی ،اور نا جستجو میں ذکر تھا 
    نفس کے پیچھے‎ ‎ہمیشہ، ہاتھ جوڙ کر پیچھے رہے

    سوچتے ھیں اب کہ، ھوگا ھمارا حشر کیا
    نادھیانی میں سبھی کچھ، چھوڑ کر پیچھے رہے

    آنکھ جب ھے کھلے، ساحل پر بھی ڈوبنے لگے
    بھیڑ لہروں کی اور ہم اوڑ میں پیچھے رہے

    نظـــــــم

    مان ڪيان ڪوشش مڙئي
    هوت هڪ راضي هجي
    منهن پري قاضي هجي
    لاف ڏاڍي پيو هڻي 
    ڄڻ ته ڪو حاجي هجي
    منهن پري قاضي هجي
    ڇو ملان قاضي سندو
    فرض يا واجب هجي
    منهن پري قاضي هجي
    عشق ۾ ناهي ملان
    ڇو ۽ ڇا ڇاجي هجي 
    منهن پري قاضي هجي
    درد ساحل دم بدم
    ڪٺل يا غازي هجي
    منهن پري قاضي هجي
    


    (122) سڪندر علي شاھ

    تعارف نمبر (122)

    [شاعر]

    نالو : سڪندر علي شاھ 
    ادبي نالو : ساڳيو
    ولد : علي حيدر شاھ
    ذات : سيّد
    جنم : 12 مارچ 1988ع
    تعليم : بي.ايس.سي، بي.ايڊ ۽ ڊي.اي.اِي انجينيئرنگ
    ڪرت : اسٽامپ وينڊر. رهائش : غريب آباد محلو، ماتلي.
    رابطو : 03133686198
    شاعريءَ جي شروعات : 2007ع 
    ڇپيل مواد : چانڊاڻ، ڦليلي، حوصلو،امرتا وغيره.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، چوسٽا، نثري نظم، بيت، دوها.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    دوهـــــو

    لولي مونکي جلدي ڏي او منهنجي جيجل ماءُ
    ابدي ننڊ سمهاري ڇڏ، هي دنيا ڏي ٿي گهاءُ

    نظــــــم

    وَڻ ٽِڻ ٻوٽا سُهڻي ٽاري
    سَلا به ساوا ٻاري ٻاري
    ڦُڙ ڦُڙ ٽِم ٽِم مُند مَلهاري
    گُجر چال ۽ ڪُنڊي ڪاري
    ڪوڏر ڏانٽا ڪُلهي هاري
    ڪڻڪ جوئر ۽ جِتي ساري
    ٽَڪري ڀٽون ٿر جي واري
    اٿئي منظر منهنجي سنڌ جا
    بلبل طوطا آڙي تتر
    ڪسي ٻنا کيڙي ڀتر
    سمنڊ لهرون مڪلي منڇر
    دريا بادشاهه ڍنڍ ڪينجهر
    ٽوهه ڪونڀٽ اَڪ ٿر ٿر
    مٺي ٺٺو ماتلي سکر
    موهن دڙو لاڙ اتر
    اٿئي منظر منهنجي سنڌ جا
    موتيو گلاب خوشبو ۽ گلڙا
    لٽڪن جهولن ٻٻر پلڙا
    مارو ماڻهو صفا منڙا
    روجهه گهوڙا هرڻ ٻچڙا
    پپر بڙ ۽ نم پنڙا
    هنج تلور ۽ مور کنڀڙا
    مکڙي گُل ۽ گؤنچ ڪچڙا
    اٿئي منظر منهنجي سنڌ جا
    ڪوئل ڪوڪو سهڻا ساز
    ڪُڪڙي ٽرڪي بدڪون ڪاز
    ڪٻر ڳيرا سرڻون باز
    نور نانگ ٻئي ناراض
    قدرت تنهجا عجب راز
    ڪڪڙ ٻانگ جا آواز
    ڊيل ڪري ٿي نخرا ناز
    اٿئي منظر منهجي سنڌ جا
    جهنگ ۾ ماکي هتي لار
    چوليون مستيون هتي تار
    رات جو ڳائي هتي آر
    ڪڪر ڪاڙها هتي ٺار
    موڪ اڏون هتي نار
    سوين پکي هتي جهار
    جرڪن مڇيون هتي ڄار
    اٿئي منظر منهنجي سنڌ جا
    سسئي مارئي به سنڌ ڄائي
    علڻ فقير ۽ جيوڻي ٻائي
    ڪافيون بيت غزل وائي
    جنهن ۾ پئي آ سنڌ سمائي
    ڳالهه بچي نه باقي ڪائي
    سنڌ “سڪندر” سڄي سائي
    شاهه عقيق ڀٽ ڀٽائي
    اٿئي منظر منهنجي سنڌ جا
    


    (123) محمد اشرف ڪنڀار

    تعارف نمبر (123)

    [شاعر]

    اصل نالو : محمد اشرف 
    ادبي نالو : محمد اشرف ڪنڀار
    ولد : الله بخش
    ذات : ڪنڀار
    جنم : 21 جولاءِ 1984ع. تعليم : مڊل. ڪرت : ذاتي ڪاروبار
    رھائش : ڳوٺ محمدصالح ھنڱورجو، رتوڪوٽ
    رابطو : 03410355535
    لکڻ جي شروعات : 2005ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره.
    ڇپيل مواد : خبرون، عبرت مئگزين.
    هڪ ڪتاب جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    مونکان ھو ڏور ڇاڻي پيو
    ڳوڙھا ڀرپور  ڇاڻي پيو

    ڇڏي مونکي ٻڌو آ مون
    سمورو نور  ڇاڻي پيو

    ميارن جي وجهي مالها
    صدين جا سور ڇاڻي پيو

    سموريون عيد جون خوشيون
    ڏئي ھوگهور  ڇاڻي پيو

    الئي ڇو پيو الڳ گهاري
    جوڀن جو ٻور  ڇاڻي پيو

    نظــــــم

    اوھان سان ميل باقي آ
    اڃا اپريل باقي  آ
    ڪبوتر ڪانءُ اُڏاريان پئي
    پرين توکي پڪاريان پئي
    ائين خط ۾ لکيو ھو تو
    ڏينهن ٻن ۾ توسان ملبو
    ٻه ٽي ڏينهن جيل باقي آ
    اڃا اپريل باقي  آ
    سڄو ڏينهن يار ڪاڙھي ۾
    سڙان تنهنجي ٿو پاڙي
    آهي مون تي ڪا سازش ٿي
    يا تنهنجي ڪا نوازش ٿي
    اھو بس کيل باقي آ
    اڃا اپريل  باقي آ
    ڀنل واسينگ واري پئي
    بنا سينگار ماري پئي
    اکين پاتو ڪجل ڪونھي
    ۽ لالي ڀي لڳل ڪونھي
    چنبيلي تيل باقي آ
    اڃا اپريل باقي  آ
    اوھان جي ڳالهه جو نڪتي
    وڏي سانئڻ وڏ بختي
    سڀئي گل ويا نکري
    سڄي خوشبو وئي اڏري
    رھيل رابيل باقي آ
    اڃ اپريل باقي  آ
    چري تون چنڊ گذرڻ ڏي
    ستارن کي به وکرڻ ڏي
    ائين ڇو رئي کي تاڻين ٿي
    ڪرين ڇو موڪلاڻي ٿي
    ڳلن جي ڀيل باقي آ
    اڃا اپريل باقي  آ
    کسيا جي مور راڻي کيت
    رنا تن لاءِ ڀٽون ۽ ٻيٽ
    اُتي پھتو نه آدم ڪو
    ڪندو ھت ڪير ماتم پوءِ
    رھي ڪٿ ڊيل باقي آ
    اڃا اپريل باقي آ
    اوھان سان ميل  باقي آ
    


    (124) وسيم آڪاش سيتائي

    تعارف نمبر (124)

    [شاعر]

    اصل نالو : محمد صديق 
    ادبي نالو : وسيم آڪاش سيتائي
    ولد : ممتاز علي 
    ذات : ميمڻ 
    جنم : 10 اپريل 1984ع
    تعليم : بي.اي
    ڪرت. خانگي ملازمت
    رهائش: ميمڻ محلا . وارڊ نمبر 4 سيتاروڊ
    رابطو : 03334511338
    لکڻ جي شروعات : 2003ع.
    ڇپيل ڪتاب : “ھوائن ڇير ڇمڪائِي” (شاعري 2014ع), “ڏھر منجھه ڏيئا” (سيتا جي سترنھن شاعرن جي گڏيل شاعري 2015ع)
    “آلا نيڻ آڪاش جا” (شاعري 2016ع)
    اڻ ڇپيل ڪتاب. 1.“ساڀيا جي صبا” (شاعري)، 2. “آڪاش جي وسعت” (نثري نظم).
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن  ۾. 
    لکيل صنفون :غزل، گيت، وائي، نظم، بيت، هائيڪا، چوسٽا وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    مصور جئان چٽي ٿو تصوّر
    ڪلا جو ڪوي اُڻي ٿو تصوّر

    خيالن جي تختگاھ تي ڪوئي
    خدائي ڏسي پسي ٿو تصوّر

    ستارن جي ريگذار ۾ تنھا
    اڃي چنڊ جو رڙي ٿو تصوّر

    ڪري ڌنڌلا دوار نظر جا
    ڊگھي عمر جو ڇڻي ٿو تصوّر

    زميني حقيقتن جي صدا جو
    دِلي درد ٿي دُکي ٿو تصوّر

    نه آزاد ٿي فضا به وطن جي
    نه ئي قيد جو ڀري ٿو تصوّر

    پريشان ٿي وڃان ٿو گھڙي ۾
    گھڙي ۾ ٺھي ڊھي ٿو تصوّر

    نه آڪاش وٽ سڀاءُ نه صورت
    مگر ڏات جو نچي ٿو تصوّر

    غــــــــزل

    ھوا ساھن ۾ سرھائي، کڻي آئي
    ھٿن ۾ زندگي آئي، کڻي آئي

    شفق جي منظرن سان مرڪ کي رنڱي
    اکين ۾ شام سرمائي، کڻي آئي

    قضا دل جي افق جا مامرا پوئي
    ستارن جي به تنھائي، کڻي آئي

    محبت انتھا جي موج کي ماڻي
    نديءَ جا گھيڙ گھرائي، کڻي آئي

    حيا جي اوٽ اورانگھي ھلي جيئڻ
    حصي ۾ ڌوڙ ۽ ڇائي، کڻي آئي

    سھائي ڏات فڪري ڪھڪشائن کي
    غزل جي گونج ۾ جائي، کڻي آئي

    زميني آرسي آڪاش جي لکڻي
    حقيقت جي شناسائي، کڻي آئي


    (125) سجاد گل 

    تعارف. نمبر (125)

    [شاعر]

    اصل نالو : سجاد حسين 
    ادبي نالو : سجاد گل 
    ولد : حبدار علي 
    ذات : چانڊيو
    جنم : 03 فيبروري 1996ع
    تعليم : انٽر 
    ڪرت : پنهنجو ڪاروبار 
    رهائش : وارهه سٽي، تعلقع وارهه، ضلع قمبر شهدادڪوٽ.
    رابطو : 03033595505
    لکڻ جي شروعات : 2015ع
    ڇچيل مواد : عوامي آواز سنڊي ميگزين، 
    لکيل صنفون : غزل ، گيت، نظم، بيت، وايون، دوها، هائيڪا،
    نثري نظم، چارسٽا. 
    هڪ ڪتاب جو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه ونڊ.

    غــــــزل

    منهنجي شعرن کي زندگي ڏيندي
    ڪا ته هوندي ، جا پاڻ  ارپيندي

    جنهن جي چاهت ۾ شعر ٺاهياسين
    ڪيئن چئجي ته سا به  ڳائيندي

    هُوءَ جاڏَهون جي هُئي ، هلي ويئي
    دل وتي ٿي جَهانُ  جهاڳيندي

    دل لڳي ٿي وڃي ، نٿي سوچي
    ڌار ٿيڻ کان پو ڪيئن  جاليندي

    ”گل“ ته غم جي جهان ۾ گم آ
    ڪيرَ هُن سان ڄمار  واڳيندي

    هائيڪـــــو

    چوڌاري تارا..!!
    هڪڙو شاعر سوچ ۾، 
    ماضيءَ لامارا..!!

    نظــــــم

    ڪراچي ياد ايندي آ..!!
    جڏھن ڀي لاڙڪاڻي جي
    سندر نارين کي رڪشن ۾
    ڏسي دل شاد ٿيندي آ..!!
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!

    اڇين اکڙين جي چوڌاري
    سنهن ڪپڙن سندي ڄاري
    جڏھن دل کي سڏيندي آ..!!
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!

    اهي ڪاريون ، ڦڪيون پرسون
    ڪلهن ۾ ۽ روا ڳاڙھا
    هٿن ۾ سامسنگ فونيون
    ڏسي دل داد ڏيندي آ..!!
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!

    جڏھن ريشم گليءَ مان ڪا
    ننڍي آڱر وٺي ناري
    رَلِي ڪنهن ساڻ ويندي آ..!!
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!

    جڏھن جُهڙ جي جهروڪن مان
    ڏِسي هُن چنڊ جا ليئا
    ننڊاکي آس نيڻن جي
    جڏھن پاسا مٽيندي آ
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!
    ڪراچي ياد ايندي آ..!!
    


    (126) استاد راهي 

    تعارف. نمبر (126)

    [شاعر،محقق، ڪالم نگار، مضمون نگار]

    اصل نالو : رحيم داد 
    ادبي نالو : استاد راهي 
    ولد : حاجي علي شير
    ذات : سومرو
    جنم : 01 سيپٽمبر 1969ع
    تعليم : ايم.اي سوشل لاجي ۽ ايم.اي سنڌي، اي.ايم.سي . 
    ڪرت : استاد.
    رهائش : چڪ شهر پوسٽ آفيس چڪ
    رابطو نمبر : 03337278988 :030023072077 
    لکڻ جي شروعات : 1983ع
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾. 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، چوسٽا، ڪالم، ڪهاڻي، مضمون، تحيقق. 
    ڇپيل ڪتاب : 1. “ياسر عرفات جي سوانحِ حيات”، 2. “مذهب جو فلسفو” 3. “مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪتاب جو ترجمو“، 4. “گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “سُک نه سُتا ڪڏهن” ۾ شاعري ڇپيل.
    اڻ ڇپيل مواد : تقريباََ ڏھ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غـــــــزل

    حياتي سموري رھي جستجو ۾
    سنڌ ۽ سڄڻ سان رھي گفتگو ۾

    سنڌ سونھن منھنجا ٻه موضوع آھن
    ٻنھي سان رھي آ وفا سرخرو ۾

    بَکي بي وسي ٿي ھتي زندگيءَ ۾
    جبر ھيٺ خوھش خوشي آرزو ۾

    ڀري رنگ آئي پکي چانھن جھڙا
    وڻِي واھ گلڙن ڇٗڳي نازبو ۾

    خدا جو بندو آ وڃي پاڻ ڄاڻي
    نبي تي رکي يا رکي ستگرو ۾

    پڙھي ڏس تون تاريخ استاد راھي
    ڀاڳيلا ھي ڀاڳيا ھئا دودبدو ۾

    غـــــــزل

    عشق الائي ڇا ڇا ميڙي
    ڳولا پنھنجي معنا ميڙي

    توڏي ڪئن مان لڙڪ اماڻيان
    بي وس ڳليون سپنا  ميڙي

    مسجد مندر ڪيڏو روشن
    وحدت پئي ٿي ڏيئا ميڙي

    پوڙھو پيو ٿو پاٺا ميڙي
    عمر اڃان ڀي ٿاٻا ميڙي

    آءٗ خدا تون ھيٺ اچي ڏس
    ڀؤ ٿو پنھنجا ٻانھا ميڙي

    تڙ تي ڪو به تماشو ڪونھي
    ڪير اسان جا واڪا ميڙي

    ڀونء مان بٗڙڪي خوشحالي پر
    ڇاتِي رات رنڀٗوٽا ميڙي

    بک جو ڇا اخلاق به آ؟؟
    عصمت پئي ٿي پئسا ميڙي

    ڀيلٗ دراوڙ دعوت جا ٿو
    بچيل سچيل کاڌا ميڙي

    ڪعبي ۾ ھن دانھون ڪنھنجون
    حاجي پاپَ پراڻا ميڙي

    جيون گذريو آءٗ چوي ڪو
    سينو منھنجو صحرا ميڙي

    ھو جو ھليو ڏٗور ويو آ
    جيون راھي صدما ميڙي
    


    (127) ميرحسن امر پنهور

    تعارف نمبر (127)

    [شاعر]

    اصل نالو : ميرحسن 
    ادبي نالو : ميرحسن امر پنهور
    ولد : يارمحمد 
    ذات : پنهور 
    جنم : 15 مئي 1980ع
    تعليم : انٽر سائنس. ڪرت : مزدوري 
    رهائش : ڳوٺ شاهه محمد پنهور، هوسڙي، حيدرآباد 
    رابطو : 03111222663
    لکڻ جي شروعات : 2000ع 
    ڇپيل مواد : اردو انتخاب “موج تهه آب”، امرتا، عقيق، سنڌو ڊائجسٽ، مهراڻ، پاسبان اردو اخبار، سيوهڻ سماچار اخبار وغيره 
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، بيت، گيت، قطعه، چؤسٽا.
    ڳايل ڪلام : ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ گيت پروفيسر فقير ڌڻي بخش چانڊيو جي آواز ۾.
    تقريباََ ٽن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــــزل

    ٻاٽ ۾ روشني اچ ته ڳولي وٺون
    چنڊ جي چاندني اچ ته ڳولي وٺون

    نفرتن کي ڏجي مات محبت ڪري
    دل اندر آدمي اچ ته ڳولي وٺون

    اونچ ۽ نيچ جون ڇو پيو ڳالهيون ڪرين
    ماڻهپو سادگي اچ ته ڳولي وٺون

    ٻار پوڙهو جوان فلسفو آ وڏو
    بس رڳو زندگي اچ ته ڳولي وٺون

    روز پرچون رسون ڳالهه ڪونهي سٺي
    قرب جي راڳڻي اچ ته ڳولي وٺون

    جا نئي نسل ۾ آڻي جدت ڇڏي
    سا امر شاعري اچ ته ڳولي وٺون

    نظـــــــم

    وقت جون لوفر اکيون،
    سونهن ليڙون پئي ٿي،
    وقت جي بي رحم نظرن جي اڳيان
    ڪانه ٿي ڪا جُون سُري..!!
    غيرت الئه ڪيڏانهن وئي،
    نور کان آجا لڳن،
    واٽ ويندڙ چوڪ جا ماڻهوَ سڀئي،
    هرڪو پنهنجي ڊوڙ ۾ آهي مگن،
    ڪو ٻڏل آ..!!
    ماٺ سمندر ۾ وري،
    ڪو ته ڦيري منهن لنگهي ٿو،
    پاڻ ڄڻ آ پارسا،
    ڪو ته چٿرون ٿو ڪري ۽ ٽهڪ ڏي،
    جا ڪلي مان آس گل جي ٿي رکي،
    ڇا اُنهيءَ جي،
    سوچ منزل کي وڃي
    پڄندي ڪڏهن..!؟
    وقت جون لوفر اکيون
    ڪيئن لواڙن سونهن ٿيون
    وقت جون لوفر اکيون..!!
    وقت جون لوفر اکيون..!!
    


    (128) فقير امر عباس

    تعارف نمبر (128)

    [شاعر]

    اصل نالو : عباس علي 
    ادبي نالو : فقير امر عباس
    ولد : يارمحمد
    ذات : ڀنڀرو
    جنم : 15 نومبر 1976ع
    تعليم : انٽر سائنس. ڪرت : زمينداري
    رهائش : شهر دولت آباد، تعلقو کپرو، ضلع سانگهڙ.
    لکڻ جي شروعات : 1990ع
    رابطو : 03438291705
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، بيت، دوها.
    ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    روح راڻو راڙ تي مرڪي پيو
    عشق مومل ماڙ تي  مرڪي پيو

    تون قلندر ڪيترا گهايل ڪندين
    لال هڪڙو لاڙ تي مرڪي  پيو

    تون کرارن جو ڌڻي وڦلين پيو
    هاري  خالي ناڙ تي مرڪي پيو

    اک ڏيڍي سان ڏسي ڏيڍي اندر
    چنڊ هن جي تاڙ تي مرڪي پيو

    ها! ٻٽا ڀاڪر ڀري ڪي ڏينهن ٿيا
    ٻک پنهنجي ٻاڙ تي مرڪي  پيو

    نيهن جي نانگن ڪکيو آهي امر
    جهاڙو هڻندي جهاڙ تي مرڪي پيو

    نظــــــم

    روز وڃي ٿي ساز ھو ڇيڙي
    ميران کي سمجهائي  ڪوئي
    جنهنجي تن جي ھرڻي ڊوڙي
    رُخ ڇڏي صحرا جا موڙي
    مورن ۾ بس رقص لڇي ٿو
    جنهن پل وار ڇڏي ھو ڇوڙي
    ڇيرن ڏاڍا ڇرڪ ڀريا ٿي
    گهنگهرو جي تسبيح جا داڻا
    ڌوڻڻ سان ڄڻ ٻير ڇڻيا ٿي
    منهنجيون اکڙيون ٻارن وانگر
    تنهنجي تن تان ٻير چُنڊن ٿيون
    مونکي منهنجي جانان تون بس
    اوچي وڻ جي لام لڳين ٿي
    واءُ ڏکڻ جيئن جام لڳين ٿي
    روز ٿو ڦاسان روز ٿو ڦٿڪان
    ديسي واڻيل دام لڳين ٿي
    ناسي مُند ۾ نانگڻ ڪاري
    جنهن جي کل تي چمڪي واري
    جوڳڻ ڪنهن جو جوڳ ڏسي ٿي
    ڪنهن جي من جو روڳ ڏسي ٿي
    سانجهي ٽاڻي سانوڻ ساري
    ڦُوڪا ڏيئي ڦوڳ ڏسي ٿي
    واري تنهنجي لُڇ ٿي لوچي
    روز سڙي ٿي سوچي سوچي
    پير جنهن جا پُکراج ھجن
    ۽ نُھن ھجن سڀ نيلم جهڙا
    من جو کيت وڃي سا کيڙي
    ڇيرن کي ڇمڪائي سوئي
    روز وڃي ٿي ساز ھو ڇيڙي
    ميران کي سمجهائي ڪوئي
    ميران کي سمجهائي  ڪوئي
    


    (129) حبيب متو 

    تعارف نمبر (129)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار ]

    اصل نالو : حبيب الرّحمٰن
    ادبي نالو : حبيب متو 
     ولد : شاهه محمد 
    ذات : متو
    جنم : 28 جون 1981ع 
    تعليم: ايم.اي فائنل 
    ڪرت : ملازمت
    رھائش : شيخ محلا، ھنڱورجا، تعلقوصوڀوديرو،ضلع خيرپورميرس
    رابطو : 03003104994
    لکڻ جي شروعات : 1998ع
    ڇپيل مواد:عبرت،ڪاوش، سوڀ ميگزين، ھالار،سنڌ رنگ دائجسٽ 
    لکيل صنفون : حمد، نعت، غزل، وائي، نظم، بيت، چوسٽا وغيره. 
    ڳايل شاعري : مختلف چئنلز تان امان اللہ جمالي، اختر علي اختر ۽ سچل حيدري جي آوازن ۾.
    تقريباََ ٽن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    بند ڪمري ۾ ارمان سڏڪي پيو
    ھاءِ ھيڪل ڪو انسان سڏڪي پيو

    رات رِمجِھم ۽ مرڪن سندي مالھا
    گل ڪري ياد گلدان سڏڪي پيو

    چاھ محبت کڻي جو عزت آ پڳو
    محترم اڄ سو مھمان سڏڪي پيو

    عيب جي اَجر جي ڄاڻ جنھنکي نہ ڪا
    غمزدہ اڄ سو نادان سڏڪي پيو

    ياد مسجد نہ مصلو نہ قرآن رھيو
    شوڪ محراب نالان سڏڪي پيو

    ڇو حقارت دنيا آ وڌائي ڇڏي
    ٿي حبيب متو حيران سڏڪي پيو

    غـــــــزل

    ھـوءَ رُني مـان رُنـس گـڏ رُني رات ھئي
    وقـت جـي قـيد ۾  پئي ڀـنـي رات ھئي

    ماڪ وسندي رھي ھوءَ چوندي رھي
    ميڙ موتن ڀري ڪنھن ڏني رات ھئي

    صـرف خامـوش کڙڪـو ھـوا ھـو ڪيو
    ڇرڪندي ڇرڪندي ڇو ڊني رات ھئي

    کـوڙ سـپنا سـجـائي ھُــتان جـا ھـلي
    جـيءُ جـھوري رني سـا وني رات ھئي

    سانجھه کان درد ۾ سرڪندي سرڪندي
    راھ ڀلـجي ڪـٽي گـڏ ٻـنـھي رات ھئي

    مات کـاڌي مـتـو پوءِ حـبـيـب مـليو
    سو بہ پوئـين پھر جڏ پُـنـي رات ھئي
    


    (130) منير پنهور 

    تعارف نمبر (130)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار ]

    اصل نالو : منير احمد 
    ادبي نالو : منير پنهور 
    ولد : نور محمد 
    ذات : پنهور 
    جنم : 10 اپريل 1981ع 
     تعليم : انٽر 
    ڪرت : زمينداري 
    رهائش : ڳوٺ جاڙو پنهور هوسڙي حيدرآباد
    رابطو : 03003061729 
    لکڻ جي شروعات : 2000ع 
    ڇپيل مواد : عبرت ڪاوش، ماهوار الفاروق، جرائت اردو اخبار، 
    پاسبان، سنڌ رنگ، هزارداستان وغيره. 
    لکيل صنفون : غزل، گيت، قطعا، نظم. 
    گلوڪارن پاران ڳايل ڪلام :
    غلام شبير سمون، ثمينه ڪنول، وچن سنڌي، صائمه سومرو، سينگارعلي، قربان چانڊيو، وزيرعلي عمراڻي، عرفان علي.
    ٻن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    اردو غزل

    جهاں آج اپنی ملاقات هوگی 
    "نئے لوگ هونگے ،نئي  بات هوگی"

    اُسی وقت میرا جنازہ اٹھے گا 
     گلی میں تمهاری جو بارات هوگی

    هوا وقتِ رخصت اگر دلربا کا 
    تو آنکھوں سے اشکوں کی برسات هوگی

    خدا کے سوا کون میرا یہاں پر 
    وہیں گھر ہے میرا جہاں رات هوگی

    نہیں کوئی تیرا منیر اب یہاں پر 
    ترے ساتھ رب کی فقط ذات هوگی

    غــــــزل

    بُرا ماڻهو وڃن وڌندا ڀَلن سان حادثا ٿيندا
    چڱن جو دور ئي ناهي، چڱن سان حادثا ٿيندا

    اسانجي قوم جا هيرا ڏسو چونڊي پيا مارين
    اڃا سنڌ جي حِلالي هِن پُٽن سان حادثا ٿيندا

    ڏيان ٿو واسطو رب جو، پڙهايو ٻار اڄ پنهنجا
    اچي پيو دور اهڙو جو ڄٽن سان حادثا ٿيندا

    ڏهاڙيءِ تان ڪري جھيڙو، هُنن مالهي ڪيو بدلي
    نئون مالهي اگي ايندو گُلن سان حادثا ٿيندا

    ڪُئا مُڙسي ڪري آخر، ٻڌي گھنٽي ويا هُن کي،
    ٻِلي بُک تي مَري ويندي ٻِلن سان حادثا ٿيندا
    


    (131) امر عبدالستار

    تعارف : نمبر (131)

    [شاعر]

    اصل نالو: عبدالستار
    ادبي نالو : امر عبدالستار
    ولد : لال محمد
    ذات : ٻاڪڙ(موسيپوٽو)
    جنم : 05 جون 1999ع. تعليم : انٽر جاري...
    ڪرت : ريڊيو ڪمپيئر. لکڻ جي شروعات : 2014ع
    رابطو : 03322088189
    لکيل صنفون : نظم، غزل، نئين ڪويتا، وائي، چوسٽا وغيره.
    نثر ۾ اخباري ڪالم، شارٽ اسٽوريز، ريڊيو تحريرون، تبصرا، خاڪا ۽ ريڊيو اسڪرپٽ، خط وغيره.
    ڇپيل مواد : مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾.
    رهائش : مٺي ٿرپارڪر.
    شاعري ۾هڪ ڪتاب جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.نثر ۾ ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــــزل

    ڏور اکين کان گوري آھي
    ديد اسان جي ڇوري آھي

    چپڙن تي آ ماٺ لٿي اڄ
    اکڙين ڳالھه به اوري آھي

    نفرت لاءِ کوڙ حياتي
    محبت لاءِ ٿوري آھي

    پاڻ گڊي تي مليا آھيون
    پل پل جي ٿي چوري آھي

     نظـــــــم

    پنهنجو جيون واچوڙي ۾
    ڦرندڙ پن جيان ٿي پيو آهي
    پنهنجا روح به ٿڪجي پيا هن
    پاڻ به جوڳي جي مُرلي مان
    نڪتل ڪو آواز لڳون ٿا
    جنهن جي هر ورلاپ مان نڪري 
    نانگن گڏجي ڦڻ ڪڍيا هِن
    پاڻ ڏنگڻ لئه
    سڀ وفائون سچ جي آڏو
    هاڻي هاري ويٺيون آهن
    سچ جو جيڪو مان هجي ٿو
    جنهن سان رب ڪريم ملي ٿو
    ان سچ پويان
    پاڻ به هُون اُڀ کان اڳتي
     پر پوءِ پٺتي 
    پنهنجو پورو يار وجود 
    طوفانن ۾ وکري ويندو
    واهوندي جي
    دز ۾ لٽجي ويندو آخر
    مان به نه ٿو چاهيان هي 
    تنهنجي اکڙين ڪابه اداسي 
    من جي داسي 
    پاڻ کي سچ ئي چوڻو پوندو 
    هاڻي سڀ ڪجهه
    ايئن وسارڻ ممڪن ڪونهي
    ليڪن
    پنهنجي من جي
    جيڪر ڳالهه ڪجي ها
    هيئن به چئجي ها 
    هيئن وسامي وياسين 
    ڄڻ ته مسافر هئاسين 
    واٽون ويندي پاڻ ملياسين
    نيٺ ٻه واٽي وڇڙي وياسين
    اهڙي منزل هاڻ وڃون پيا
    ڏور پري جي ماڳن جي آ
    تنهنجو ماڳ به تون سان آهي
    منهنجو ماڳ به مون سان آهي 
     هاڻِ حقيقت سمجهڻ گهرجي..!!
    


    (132) فياض منصور

    تعارف نمبر (132)

    [شاعر]

    اصل نالو : فياض علي
    ادبي نالو : فياض منصور
    ولديت : منصور سيتائي
    ذات : سولنگي
    جنم : 26 جون 1991ع
    تعليم : بي.اي. ڪرت : شاگرد
    لکڻ جي شروعات : 2007ع.
    رهائش : قاسم آباد، حيدرآباد.
    رابطو : 03332982152
    ڇپيل ڪتاب : “چوڏس مينگهه ملهار” مرتب ڪيل 2015ع. 
    ڇپيل مواد : سارنگا، هزار داستان، عبرت ميگزين وغيره 
    لکيل صنفون : غزل،گيت، وائي، نظم وغيره

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غـــــــزل

    نه سيني ساڻ تو لايو
    پئي ڳوڙهن ئي ڳالهايو

    اوهان جي وصل ۾ ٽِڙِيُس
    اوهان جي هجر مرجهايو

    دڳن ۾ ديد هُئي تولئه
    اسان جنمن کان واجهايو

    اُميدن کي، اُميدون ڏئي
    مون تڙپڻ کي آ تڙپايو

    مُنجي ڪو خواب رانديڪو
    اکين جو ٻار کيڏايو

    فدا فياض توتان ٿئي
    صنم مرڪي جي فرمايو

    غــــــزل

    تنهنجي پيرن کي چُمن توڏي اچن
    خيال جا پوپٽ اُڏن توڏي اچن

    درد جي برسات ۾ ٿيون، سانوري
    آس جون جهرڪيون پُسن توڏي اچن

    مان نه ٿو چاهيان ڪڏهن هڪ پل به ڪو
    درد ڪي تو وٽ هجن توڏي اچن

    لفظن دردن مان لکين ٿو جي ڪَوِي
    سون چاندي سي تُرن توڏي اچن

    منهنجي لفظن جي خواهش ڀي ته ڏِسُ
    جيئن ئي ڪاڳر تي لهن توڏي اچن

    نظـــــم

    نچي ٿو غم
    ستارن ٿي ڀڳا آرس

    ڏنيون پئي رات اوٻاسيون
    سُمهي پيو چنڊ ڀي رولو

    تنهنجي پر ياد جا ڏيئا
    ٻرن پيا من جي مندر ۾

    خيالن کان خيالن مان
    اڃا تائين لٿي ناهين

    اڃا اکڙين جي شيشي ۾
    ڏسان ٿو پيو چِٽي آهين

    آ ٺاهيو دل ۾ آکيرو
    نظر تنهنجي پکيءَ جي ئي

    اُميدن جا اڃا پوپٽ
    پيا اُڏرن ٿڪا ناهن

    جڏهن توکي ڏسي ٿو غم
    ٻڌي ڇيرون نچي ٿو غم


    (133) استاد اسلم

    تعارف نمبر (133)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار]

    اصل نالو : محمد اسلم
    ادبي نالو : استاد اسلم
    ولد : استاد لعل محمد
    ذات : جمالي. جنم : 1987ع 
    تعليم: بي.ايس.سي ،بي.ايڊ، ايم.اي، ايم.ايڊ، پي.ٽي.سي، سي. ٽي
    ڪرت : پرائمري استاد
    رھائش:زوھيب آباد محلو، شھر شهدادڪوٽ، ضلعو قمبرشهداڪوٽ
    رابطو : 03342491045
    لکڻ جي شروعات: 2010ع
    ڇپيل مواد : سنڌي رسالن، اخبارن ۽ ميگزينن ۾.
    لکيل صنفون:غزل، گيت، وائي، چؤسٽا، بيت، ٽيڙو، دوھا، ڪهاڻي 
    ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد ڇپائيءَ ھيٺ.
    گلوڪارن پاران ڳايل شاعري: شاھد عباس، پرويز لاشاري، رضا سومرو، تنوير چوڍيو.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    رٺلن کي پرچائڻ وڏي ڳالھه آ
    روئندڙن کي کلائڻ وڏي ڳالھه آ

    ڪو ھجي جيڪو درد ٻڌي
    ڌاري کي پنهنجو بڻائڻ وڏي ڳالھه آ

    حسين ماڻھون سان ڀر ۾ ويھي
    سرِعام مسڪرائڻ وڏي ڳالھه آ

    ڀلي ڪرتون خير خيراتون وڃي
    سخي پاڻ منائڻ وڏي ڳالھه آ

    ڪو پينو در کان خالي نه وڃي
    اھڙي سخا ھلائڻ وڏي ڳالھه آ

    پنهنجا ته پيارا ھوندا آھن
    پر پنهنجن سان ساٿ نڀائڻ وڏي ڳالھه آ

    ٻئي جي پويان تون ڇو ٿو لڳين
    پنهنجو پاڻ ڪمائڻ وڏي ڳالھه آ

    سڄي زندگي ٻئي جي غلاميءَ ۾
    تن من پنهنجو جلائڻ وڏي ڳالھه آ

    ڪو جي ڪري ٿو ڏاڍ ڏاڍايون
    ظالم ڪي پنهنجو بڻائڻ وڏي ڳالھه آ

    اسلم سڄڻ ٿي جي دشمن پوي
    تِنهن کي پنهنجو ڀانئڻ وڏي ڳالھه آ

    نظــــــم

    ڪري به ڇا سگهان ٿو مان
    مڙئي منڙا جيئان ٿو مان
    ڏاڍو مجبور توکان دُور
    صفا آھيان چڪنا چُور
    مون لاءِ چارئي مند عاشُور..!!
    تو آ پاتو ڳاڙھو جوڙو
    مون لاءِ قيامت وانگي وڇوڙو
    صفا سنگدل آن مهجُور
    ظالم ستمگر ٿئين مشهُور
    مون لاءِ چارئي مند عاشُور..!!
    اسلم سان نه ڪيئي وفائي
    جيئري ڪري وئين جدائي
    محبت ۾ ھيس مجبُور
     تڏھن ڏئي وئين مون کي سُور
    مون لاءِ چارئي مند عاشُور..!!

    چو ســـــٽو

    پيار پنهنجي کان منهنڙو نه موڙبو
    يار پنهنجي جو پيڇو نه ڇوڙبو
    جيسين آ ساھ سريءَ ۾ اسلم
    سڪ واري سڳي کي پيو سوربو
    


    (134) ابراهيم ملاح 

    تعارف نمبر (134)

    [شاعر]

    اصل نالو : محمد ابراهيم 
    ادبي نالو : ابراهيم ملاح 
    ولد : غلام رسول 
    تعليم : پرائمري. ڪرت : هاري. لکڻ جي شروعات : 1998ع
    رابطو: 03423412874
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، بيت وغيره.
    ڇپيل ڪتاب : “دونهان جن دکائيا“ گڏيل شاعري. 
    ٻن ڪتابن جو سهيڙيل مواد موجود. 
    ڇيپل مواد : مهراڻ، سوجهرو، سنڌ رِوِيُو، مومل، عبرت ميگزين، هالار، ادب، نئين زندگي، نئين آس، ڪينجهر وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ڌار توکان جيڪا گهڙي گذري
    زهر وانگي صفا ڪڙيَ گذري

    وقت ڪيڏا نه فاصلا ٿو ڪري
    هي حياتي سڄي رڙي گذري

    انتظارن جا هي ڊگها صدما
    انتظارن ۾ هر گهڙي گذري

    توکان وڇڙي رڳو رهيو ماتم
    باهه تي زندگي سڙي گذري

    تو ڏنو ساٿ هو جڏهن مونکي
    زندگي موت کان لڙي گذري

    نظـــــم

    ڪونه آئين تون پرين 
    مند آئي سانوڻي 
    ساريون سڳداسي لٿيون 
    ڪنهن سان ڪيون ڳالهيون مٺيون 
    دل ۾ الڪو ٿي پيو 
    هو پرائي ديس ويو 
    جيڪو هو دل جو ڌڻي 
    چڪ وجهي ٿي هانءُ ۾ 
    رات جو پوئين پهر 
    ها ڏکڻ جي هير ڪا 
    چاڪ کولي ٿي اندر 
    سانت منهنجي ڀوڳنا 
    آ مقدر هي بڻي 
    نيڻ راهون پيا ڏسن 
    ٿا هوائن کان پڇن 
    ڪونه آيو ميت آ 
    جيڪو منهنجو گيت آ 
    سڪ لڳي جنهن جي گهڻي 
    نيڻ تنهنجي جاڳ ۾ 
    پيا جلن ڪنهن آڳ ۾ 
    تون ويو آهين پري 
    ڪانه ٿي منهنجي سري 
     دل لڇي هڪڙي ڄڻي
    


    (135) اعجازشاھ

    تعارف نمبر (135)

    [شاعر]

    اصل نالو : سيد اعجاز علي 
    ادبي نالو : اعجازشاھ
    والد جو نالو : جهان علي شاھ 
    ذات : سيّد
    جنم : 16مارچ 1983ع. ڪرت : فوٽو گرافي 
    رهائش : ٽنڊو غلام علي. تعليم : گريجوئيٽ
    رابطو : 03153330621. لکڻ جي شروعات : 2003ع
    ڇپيل مواد : سوجهرو، هزار داستان ۾. 
    لکيل صنفون : غزل، نظم، نئين ڪويتا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ڪـــير دل جون حــالتون پڌريون ڪري
    آرسي تي عادتــــــــــون پڌريون ڪـــري

    مان محبت جو ڪـــريان پرچـــــــــار ٿو
    لوڪ پنهنجون طاقتــــون پڌريون ڪري

    ڪــــــون نيڻن کي جهلي آ هو ســـــگهي
    نيٺ وئي سڀ تهمتـــــون پڌريون ڪري

    هو ڀنل آهي اڇــــــــي جـــــوڙي ۾، ڄڻ
    آســـــــمان پيو آيتـــــون پڌريون ڪــري

    زندگــــــــــــي جي ڪن ۾ تنهنجون امان
    هـــــــــــر ڦڙو پيو پارتون پڌريون ڪري

    سي وري واپس وريـون ئي ڪونه جيئن
    موســـمون وئين چار تون پڌريون ڪري

    پو ڪــــريان پنهنجي به نالي ٻه گهڙيون
    بس دنيا جي محبتون پڌريون ڪــــــري

    نظــــــم 

    پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي..!!
    ڪڏھن فاقا ڪڍيا ڏينهَن
    ڪڏھن راتيون اڃاريون ٿيون
    پياريم لڙڪ ٻچڙن کي
    دوائون جيئن مهانگيون ٿيون
    اسان عيدون نپايون سين
    لٽن جي سوچ کارائي
    جتين کاڌا ڪنڊا جيڪي
    انهن سان عيد پنهنجي ٿي
    وني ڦاٽل وڳو سبندي
    ڏني آٿت پي کيسي کي
    وسي هئي هيل ڇت پنهنجي
    ٽميو هو بورچيخانو
    جنت پنهنجي ڊيڄاريو هو
    ٻچن کي هيل سانوڻ ۾
    سَوَڙ سياري نه آندي هئي
    رلي رِيڙھُون هئي پنهنجي
    کٽن تي هنڌ ها ساڳيا
    ڪٿي گرمي !! ڪٿي سردي !!
    سمورو سال هو پنهنجو
    حياتي کان ئي روزي ۾
    جيئڻ پنهنجو ئي بند هو ڄڻ
    مرڻ اوکو آ ٻچڙن پوءِ
    ڪٽيم يارنهن مهينا ڪيئن
    ڪلهي تي هٿ رکي پڇيئي
    ڪڏھن پڇيئي اچي مونکان
    ته ويڳاڻپ اٿم ڇا لاءِ..!!
    سمورو سال گذري ويو
    کلڻ مون کان ئي وسري ويو
    ميان هي ماجرا ڇاهَي…!!
    پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي…!!
    پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي…!!
    


    (136) نسرين الطاف 

    تعارف . نمبر (136)

    [شاعر، ڪهاڻيڪاره، مضمون نگار،ڪالم نويس]

    اصل نالو : نسرين الطاف 
    ادبي نالو : ساڳيو
    والد جو نالو : الطاف حسين 
    ذات : قريشي
    جنم : 14 آگسٽ
    تعليم : ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي پوليٽيڪل سائنس
    ڪرت : تعلقه ايجيوڪيشن آفيسر فيميل شهدادپور
    لکڻ جي شروعات : 1987
    لکيل صنفون : غزل . گيت. وائي . نظم . ربائي. ٽي سٽا . چوسٽا. ڪالم . ڪهاڻي . مضمون 
    ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي سڀني رسالن . مگزين . ۽ اخبارن ۾ 
    ڇپيل ڪتاب  : 1. “درد جي ڇانو” شاعري، 2. “رڻ ٿو رڙيون ڪري” شاعري.
    هڪ ڪهاڻين جو ۽ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ. 
    اُن کان علاوه شاعري ۾اڻ ڇپيل ٽن ڪتابن جو مواد موجود ۽ هڪ ڪالمن جي ڪتاب جو مواد پڻ موجود.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    سانت چوي ٿي ڀڻڪا گهرجن
    ساز جي  ناھي سڏڪا گهرجن

    نيڻ جهڪائي ڇا ٿا سوچو؟
    وڻ وڻ مان اڄ واڪا گهرجن

    هاڻي آءُ امن سان ملجي
    ڪين امڙ کي لاشا گهرجن

    ساهه نه ڪوئي خوف ۾ ڏسجي
    خير جا چار ئي پاسا گهرجن

    روئي ننڍڙي ڌيءَ چوي ٿي
    چار گرنهه ٿا بابا گهرجن

    ساڙ نٿي نسرين گهري دل
    پيارا، پيار پتاشا گهرجن

    نظــــــم

    توکي روز پڪاريان بابا..!!
    تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
    تو بن گهر آ خالي خالي
    تو بن ڪهڙي عيد ڏياري
    هر هر توکي ساريان بابا..!!
    تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!

    تنهنجي ياد اچي ٿي جهوري
    من اندر کي ڀوري ڀوري
    تنهنجا پيار سنڀاريان بابا..!!
    تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!

    ساڙ تتيء کان خوب بچايئي
    جيون جو هر ڍنگ سيکاريئي
    ڳالهيون سي نه وساريان بابا..!!
    تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!

    تنهنجي دوري ماري پيئي
    وسريا سک نسرين سڀئي
    هنجون ويٺي هاريان بابا..!!
    تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
    


    (137) عزيز سولنگي

    تعارف نمبر (137)

    [شاعر]

    اصل نالو : عزيزالله
    ادبي نالو : عزيز سولنگي
    والد : محمد عيدن
    ذات : سولنگي
    جنم : 02 مارچ 1985ع
    تعليم : ايم.اي سوشالاجي. لکڻ جي شروعات : 2005ع
    ڇپيل مواد : تقريبن اخبارن رسالن ۾.
    رابطو : 03113526606
    لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، بيت، نظم، پنجڪڙا، ترائيل.
    سهيڙيل ڪتاب : 1. “مٽي جا غزل”، 2. “اڌوريون ڪوتائون”، 3.“جُهڙ نيڻئون نہ لهي”.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    نظــــــــم

    زندگي جي ڍنڍ مان
    پيو رڳو سپنا پيئان
    آھيان ڪهڙو پکي
    پر ڪڍي اڏران نٿو
    واءُ ۾ وکران نٿو
    اُڀ ۾ اُڀران نٿو
    جيءُ ٿو جهليو رکان
    آھيان ڪهڙو پکي
    ڪو بہ آکيرو اَڏڻ
    مونکي ايندو ناهي ڄڻ
    ۽ نہ وڻندو آھي وڻ
    مان ٿو ڀينڊن ۾ رهان
    آھيان ڪهڙو پکي
    ڪي مَ کاوان ٿو اناج
    ريت رسمن جو وياج
    منهنجو پنهنجو آ سماج
    خود ئي خود تي ٿو تڳان
    آھيان ڪهڙو پکي

    غـــــــزل

    اُگهاڙا پير ڪاڏي ويا
    ڪُراڙا، پير ڪاڏي ويا

    اميدن جو ڪپي ٻيلو
    ڪهاڙا پير ڪاڏي ويا

    اڪيلي دل پئي ڳولي
    ۽ جاڙا پير ڪاڏي ويا

    محبت جي مَکي ميندي
    پو ڳاڙھا پير ڪاڏي  ويا

    اکين جا خواب ترسائي
    لڄاڙا پير ڪاڏي  ويا

    پڙي ڏئي ماٺ جي من کي
    هُو راڙا پير ڪاڏي  وياڍ

    غــــــزل

    لنگهي ٿي ڄڃَ ڳوڙھن جي
    ڦِٽي آ ننڊ نيڻن  جي

    پون ٿا پور پلڙن جا
    ڪُکي ٿي کؤنر  ٻٻرن جي

    مصور دل جي پردي تي
    چٽي تصوير  خوابن جي

    ۽ د ل جا ٻا ر خوابن ۾
    ڏسن ٿا مند ٻيرن  جي

    اکين سرمون ڪري پاتي
    مٽي معشوق پير ن  جي

    وئي منحوس ٿي آ ھي
    نزاڪت من جي  ما ڳن جي

    ٿڦي ويو وقت ٻا نهينءَ تي
    تغاري ڏ ک جي ڇيڻن  جي
    


    (138) فقير جيوڻ مهر

    تعارف نمبر (138)

    [شاعر]

    اصل نالو : جیوڻ 
    ادبي نالو : فقير جيوڻ مهر
    ولد : فقيرٺارو (مرحوم)
    ذات : مهر. جنم: 0 جنوري1980ع
    تعليم : مڊل. ڪرت : ٻني ٻارو.
    موجوده رهائش :چولستان، تعلقوخانپور ڪٽورا، ضلعو رحيم يارخان پنجاب.
    ربطه نمبر.03403747722.
    لکڻ جي شروعات: 1998ع
    لکيل صنفون : غزل، نظم، افسانا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    غــــــزل

    ڏسيو پاڻ ڏاڍو اِشارن ۾ آهي
    مگر قوم ڀنگ جي خمارن ۾ آھي

    اُفق تي اڏي پئي هي دنيا ٺڪاڻان
    فرق ڪو اسانجي سِتارن ۾ آھي

    خزان کي سدا ساڻ سيني لڳائي
    پئي روز سمجهي ته بهارن۾ آھي

    ٺڳن جي ٺڳي تان به ٺڳجي نه سمجھي
    هي ٺڳجڻ لئي ٽيهر قطارن ۾ آھي

    بکارا سمهاري ڇڏيا ٻارجيجل
    ابو تن جوشاهي ٻُهارن ۾ آھي

    هي زردار جي زرته ٻيڻي وڌي پئي
    مگر ملڪ منهنجو خسارن ۾ آھي

    ڌڪاکائي هرڪو ويو ٿي سياڻو
    اسان کان گهڻي سمجھه ٻارن ۾ آھي

    مون شفقت جو ڀائنيو هيو هٿ مٿي تي
    خبر پئي سو هٿ مهنجي وارن ۾ آھي

    هي تڙپي پڪارن پيا ٻار، جيجل
    وڏي سگھه اسانجي بيمارن ۾ آھي

    َڏِنئي حُر هٿن ساڻ واڳون وطن جون
    چئيئ ڏوھ سارو غدارن ۾ آھي


    سرائيڪي نظــــــم
     
    مرویسوں..!!

     
    اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
    ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!
    ساڈا وارث جگ تے کوئی کینی
    کُھتھے وال گنڑیندیں مرویسوں
    دربدری کیتے جنم پے ڈیندوں
    مردے بال گنڑیندیں مرویسوں
    نِکی عمر اچ مال دے ہیلک کر
    ہُنڑ وال بنڑیندیں مرویسوں
    اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
    ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!

    اے سارے گپل چیر ودن
    لیڈر نہیں خنزیر ودن
    باعزت بے توقیر ودن
    مفاد پرست شریر ودن
    اودوکھے ڈیندے رہ ویندن
    اساں بھال گنڑیندیں مر ویسوں
    اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
    ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!

    کیا پلے ملک دے رکھیا ہے
    اوبے ضمیرو خنزیرو
    سڑکاں سولنگاں پی گئے او
    بے مرشدے لوکو بے پیرو
    کھا پی تے ڈکاراں مارگیو
    لٹ وطن میڈا غدار گیو
    جھیڑے ساڈےپلے پاتو وے
    ہُنڑ بال لڑیندیں مرویسوں
    اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
    ایویں حال سنڑیندیں مرویسوں..!!
    


    (139) سارنگ سولنگي 

    تعارف نمبر (139)

    [شاعر]

    اصل نالو : معشوق علي 
    ادبي نالو : سارنگ سولنگي 
    والد جو نالو : جمال الدين
    ذات : سولنگي
    جنم : 22 جولاءِ 1980ع
    تعليم : بي.اي
    ڪرت : حيسڪو ۾ ڪلارڪ
    رهائش : راجپوت ڪالوني، گلشن اقبال بلاڪ 3، ڪراچي
    ربطو : 03158504160
    لکڻ جي شروعات : 1997ع
    ڇپيل مواد : عبرت ميگزين۔
    لکيل صنفون : غزل، وائي، گيت، نظم، ترائيل، بيت، دوھا، چوسٽا، ڇھہ سٽا، ھائيڪا۔

     سندس شاعريءَ مان ڪجھہ چونڊ:

    غــــــزل

    رنگين تو سلسلا گھٽائي ڇڏيا
    گھَٽيل تو حوصلا گھٽائي ڇڏيا

    ھيترا فاصلا وڌائي ڇا ٿيو؟
    جي تو ڪجھ فاصلا گھٽائي ڇڏيا

    ڳالھہ چئي ھڪڙي سانئڻ ڳالهين جا
    ڪروڙ تو قافلا گھٽائي ڇڏيا

    تون تہ آھين اڃان بہ منهنجي دادلي
    پر تو رکڻ دادلا گھٽائي ڇڏيا

    پيار ٿيو پيدا پنڌ نہ ڪيئين پر
    ھلڻ جا تو مرحلا گھٽائي ڇڏيا

    نظـــــم

    (ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر)


    ننڊ ويو پئجي اُھو
    ٿو جاڳين جنهن جي لاءِ
    ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
    جذبا! تون ڀي ننڊ  ڪر

    ملڻي ناھي ساڀيان
    پويان نہ اِئين ڊوڙاءِ
    ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
    سپنا! تون ڀي ننڊ  ڪر

    بوءِ نہ ڄاڻن بي نَڪا
    خوشبو نہ ھتي ڦھلاءِ
    ننڊ ڪر اڙي! ننڊ ڪر
    چمپا! تون ڀي ننڊ  ڪر

    دوھــــــو

    ”اکيون بند، مُنهن پَرتي، ۽ ٿيءُ ٿورو ھيٺ“
    ٺڳيءَ ساڻ ڏئي  وئي، ڳل تي چمي نيٺ

    بيـــــــت

    تنهنجي بُتَ مان رَتَ جي، بوتل کُٽي ڇو!
    تنهن سان تنهنجو ڇا وڃي، جي ڪو مري ٿو!
    انسانيت سان وو! ڪھڙو تنهنجو  واسطو!


    (140) اشرف علي 

    تعارف نمبر (140)

    [شاعر]

    اصل نالو : ڪریم بخش
    ادبي نالو : اشرف علي 
    ولد : اللہ وسایو
    ذات : مھر
    جنم : 06 جولاءِ 1993ع
    تعليم : ٻارنھن درجا پاس
    ڪرت : سرڪاري ملازم
    رهائش : تعلقہ لکي غلام شاہ. ضلع شڪارپور
    ربطو : 03457258144
    لکڻ جي شروعات : سیپٽمبر 2016
    ڇپيل مواد : عبرت مئگزین، خبرون اخبار. ماھوار ساٿي رسالو.
    لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، دوھا، چؤسٽا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    پرين تو پُڄاڻان پٿرُ ٿي ويا سين
    صفا ڄڻُ ته موهن شهرُ ٿي ويا سين

    سناٽو رڳي آ حويلي اندر جي
    بچيو ڪجھه به ناهي کنڊر ٿي ويا سين

    ڪڏهن ٽهڪ مرڪون سڄڻ هون چپن تي
    وڇوڙي ۾ ويران گهرُ ٿي ويا سين

    پرين ساٿَ تنهنجي سان منزل پسون ها
    جيئن هٿ ڇڏيئي در بدر ٿي ويا سين

    بنا تنهنجي جيون مثل ريت سجني
    ڦٽا منجھه ٿوهر ۽ ٿرُ ٿي ويا سين

    رڳي هاڻ يادن جي پوڄا ڪجي جِتِ
    اهو ڄڻ ته ”اشرف“ مندِرُ ٿي ويا سين


    نظـــــم

    رهون ٿا ديش پنهنجي ۾
    پرائي حڪمراني آ
    اسان جي سنڌ سورن ۾
    اسان جي بي ڌياني آ
    آ تنهنجو وقت عيشن ۾
    ها راندين ۾ ۽ رونشن ۾
    ٿري بک تي مئو ٻالڪ
    ملي تنهن کي نه ماني آ
    نه سچ جو ساٿ ڏي ٿو ڪو
    وڏو اڳواڻ ٿئي ٿو جو
    مڃان مان ڪيئن ڪنا توکي
    اسان جو شاھ باني آ
    اسان تي وار ڌارين جا
    ڏسي تڪرار ڌارين جا
    لڳائي تو ڳلي تن کي
    ڪئي هي بدگماني آ
    اسان جي بي ڌياني آ
    اسان جي بي ڌياني آ
    


    (141) الله ڏنو ھالاڻي

    تعارف نمبر (141)

    [شاعر،نثر نگار]

    اصل تعارف : الله ڏنو
    ادبي نالو : الله ڏنو ھالاڻي
    ولد : محمد جمعن
    ذات : لنجو
    جنم : 01 آگسٽ1987ع
    تعليم : پرائمري
    رھائش : ڳوٺ ڏينڻيون لنجا، ضلعوٿرپاڪر، مٺي.
    رابطو : 03473224531
    اي ميل اڊريس : allahdinolanjo35@gmail.com 
    لکڻ جي شروعات : 2013ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ڪالم، مضمون. 
    ڇپيل مواد : ھزار داستان، صحراءِ ٿر، سامروٽي، نئين جاکوڙ، ٻانھياري ميگزين.
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    اوھان کان به مُنھڙو نه موڙي سگھياسين
    زماني جون رسمون نه ٽوڙي سگھياسين

    جڏھن کان اوھان سان ٿيو پيار آھي
    وري ناتو ٻي سان نه جوڙي سگھياسين

    ڇڏي ڳنڍ ڏيئي تو دل کي آ دل سان
    اڃان ڀي ٻڌل آ نه ڇوڙي سگھياسين

    ڌڪاريو پرين تو جڏھن در پنھنجي تان
    ڪٿي پير پنھنجا نه کوڙي سگھياسين

    ويٺا درد دل ۾ وڏي ڪنھن ولر جيئن
    ھالاڻي سي ھرگز نه ھوڙي سگھياسين

    نظــــــم

    صوفي ٿياسين باغي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
    يار حرام حلال به سمجھي
    ٻي کي پنھنجو مال به سمجھي
    چورن جي ھر چال به سمجھي
    نه ڪڏھن دل جي ڌمال به سمجھي
    صوفين مان ئي ساقي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين

    مفلر گيڙو ڪُلھن پائي
    پاڻ کي بلڪل باغي ڀائي
    شاھ ڀٽائي کي گلي لاھي
    واتن تي بس ڪوڙ سجائي
    ڪيئن چوان پو باغي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين

    ڪونه سگھياسين خُود کي ٺاھي
    ويس فقيري گيڙو پائي
    ڀٽ ڌڻيء جي وائي ڳائي
    ساڳيون سوئي ساز وڄائي
    اندر ۾ ڪي نانگ نپائي
    ڀاڳ منجھان ته اڀاڳي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين

    ڀل ته چوي ڪو جديد به آھيون
    مگر اسان ته مزيد به آھيون
    پيئڻ کان پو خسيس به آھيون
    پوءِ نه ڪنھن جا عزيز به آھيون
    ذھني يار مريض به آهيون
    ڪيف لٿا پو ساڳي ٿياسين
    سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
     سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
    


    (142) قربدار قادر 

    تعارف نمبر . (142)

    [شاعر]

    اصل نالو : غلام قادر
    ادبي نالو : قربدار قادر 
    پي جو نالو : عبدالنبي
    ذات : چانڊيو
    جنم : 1989ع
    تعليم : انٽر
    ڪرت : انجنيئر
    رهائش : ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، تعلقو ميروخان 
    رابطو. نمبر 03072937107
    لکڻ جي شروعات : 2014ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره
    ڇپيل  مواد : عبرت ميئگزين، هالار ڊائيجسٽ.
    ٻن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــــزل

    توکي ٿو ساجن گلاب ارپيان
    زندگي ڪري مان ڪتاب ارپيان

    ڀري پير اڱڻ تي آءۡ هلي
    خوشيون سڀ مان جناب ارپيان

    پنهنجي نيڻن مان پيا ر سخي
    ساري زندگيءَ جا ثواب ارپيان

    تهنجي قدمن ۾ رکي سر قادر
    ڪسڻ جي لاءِ بي حساب ارپيان


    غــــــزل

    خواب اکڙن جا سدا لٽبا رهيا
    ٽٽل چور دل جا  قطبا رهيا

    اميرن جي محفل ۾ تنها اسان
    اکين ۾ سدائين  سڏڪا رهيا

    لائي ڳلي تون ڪرين پيار پيارا
    ڪٿي اهڙا  پهنجا هن رتبا رهيا

    لٽي ڌرتي کي کائي ويا وڏيرا
    غريب ٿاڻن  تي ڪٽبا رهيا

    قادر لکين سچ نروار ٿي لک
    سدا  قيد اسان جا جذبا رهيا

    گيــــــت

    ڌرتي ته ٿيا بار سدائين..!!
    بڻيا سين غدار سدائين..!!
    واڳون بڻجي ويٺا سنڌ تي
    ظلم ڪيا هن ڇاڇا سنڌ تي
    ڌارين جا ٿيا يار سدائين
    ڌرتيءَ تي  ٿيا بار سدائين..!!

    روئي ٿي هي قوم ويچاري
    لٽجي ويو آ هاري ناري
    مسڪين کاڌي مار سدائين
    ڌرتيءَ تي ٿيا بار سدائين..!!

    ٻڌ تون سارا سوال ڀٽائي
    هيڻا ٿي ويا حال ڀٽائي
    ٿر بر ٿي وسڪار سدائين
    ڌرتيءَ تي ٿيا بار سدائين..!!
    


    (143) ساحر سنڌي 

    تعارف نمبر (143)

    [شاعر]

    اصل نالو : وسند 
    ادبي نالو : ساحر سنڌي 
    والد جو نالو : مينڌرو مل 
    ذات : ميگهواڙ
    جنم : 01 مارچ 1983ع
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪرت : مووي ميڪر ۽ مڪينڪ
    رهائش : مڪمل پتو ڳوٺ ڪلڻهار کارو تعلقہ ڏيپلو
    رابطو : 03349931502 : sahersindhi@gmail.com
    لکڻ جي شروعات : 2005ع 
    ڇپيل مواد : هزار داستان، پيغام، احمد وغيره.
    لکيل صنفون : غزل، وائي، گيت ۽ نظم.
    اڻ ڇپيل ڪافي سارو مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    نشانيون هتي ڪجھه ڇڏي ٿا وڃون
    مٽي ۾ اميدون گڏي ٿا وڃون

    زمانو هتي ڪين ڏيندو جيئڻ
    هتان پاڻ تنها لڏي ٿا وڃون

    حقيقت ۾ ڪوئي جهڳو ڪونہ ٿيو
    ڪي خوابن جا گهر بس اڏي ٿا وڃون

    ڀري ڀاڪرن ۾ چيم موت کي
    ڏنم توکي جيون سڏي ٿا وڃون

    دعا آخري هي چپن تي رهي
    خدا هاڻ تنهنجي تڏي ٿا وڃون

    ملي ويندي منزل لحد جي هُتي
    ڪري هوڪ واقعي وڏي ٿا وڃون

    نظــــــم

    موت ڪهڙو موت آهين
    روز ٿو گهوٽ کسين
    اڃان سِکيو الف به نه هو
    زندگي کان بيزار ڪرين
    خالي مون کي اچڻ ڇو ڏنو
    هي سنسار ڏسڻ ڇو ڏنو
    پوري ڪابه تمنا ڪري نه سگهيس
    نه من جي ڪا ڪامنا ڪري سگهيس
    روز روڊن تي لاش پئي ڏٺم
    طعنا مهڻا دڙڪا ٿي سٺم
    معني نه زندگي کي ڪا ملي
    ان کان اڳم تو ڇو سڏي
    ائين تون نه مونکي مار هتي
    اڃان آهيان ڪلهوڪو ٻار هتي
    سنڌ جو مان ساهه آهيان
    سنڌو لئه ڪا راهه آهيان
    منهنجي جنت بهشت آهي هتي
    مون کي تنهن کان ڌار نه ڪر
    اهڙو اوکو مونسان پيار نه ڪر
    تو کي ڪهڙي کوٽ آهي
    منهنجي ماءُ وٽ ڪو به ناهي
    آئون ئي هن جو راڻو آهيان
    هن جي پيٽ بکئي جو داڻو آهيان
    مون کان منهنجو کس نه فرض
    منهنجو آخري اهو عرض
    مون کان منهنجو کس نه فرض
    


    (144) مير احمد مير

    تعارف نمبر (144)

    [شاعر]

    اصل نالو : ميراحمد 
    ادبي نالو : ميراحمد مير
    ولد : درمحمد 
    ذات : جلباڻي
    جنم : 01 جنوري 1979ع
    تعليم : گريجوئيٽ. ڪرت : پرائيويٽ جاب
    رهائش : ڳوٺ پپري، تعلقہ ميرپور ماٿيلو.
    رابطو : 03002291125
    لکڻ جي شروعات : 2012ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، چؤسٽا، پنجڪڙا، سانيٽ، ترائيل.
    ٻِن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غـــــزل

    ماضيءَ جي ڳنڍ پل ۾ ڇوڙي ھلي وئي آ
    ھڪ سار ضبط سارا ٽوڙي ھلي وئي آ

    دل نانءُ سان انھي جي اڄ ڀي پئي ٿي ڌڙڪي
    ھو زندگي مان منھنجي توڙي ھلي وئي آ

    ھڪڙي نھار سان ھو فطرت جا رنگ بدلي
    زلفن سان رخ ھوا جو موڙي ھلي وئي آ

    لھجن جي آڳ سان سڀ گُل پيار جا جلائي
    شعلن جي سمنڊ ۾ ڇو ٻوڙي ھلي وئي آ

    اقرار جي تمنا اظھار جي گھٽيءَ ۾
    بي سُود پنڌ لوڙي  لوڙي ھلي وئي آ

    ھُو ھجر جي وِٿين کي اڄ وصل ساڻ ليپي
    ڀُرندڙ وجود منھنجو جوڙي ھلي وئي آ


    نثري نظــــــم

    “آخري تيلي”


    شرافت!
    ڪنهن ناياب نسل جيئن
    اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي
    ۽ ڪميڻپ جي شرح ڄم
    تيزيءَ سان وڌي رهي آهي،
    بُک هر برائي جي ماءُ
    ۽ ڳڀوايمان جنمي ٿو،
    اُميدون هر روز ٽُڀجي پون ٿيون
    احساس ڄڻيندڙ جسم
    سنڍ ٿي چڪا آهن
    هماليه کان وڏا نالا
    ڪانڊيري جي ڇانوَ ۾ ٿَڪ پيا ڀڃن،
    ۽ ڪجھه ڄامڙا ته پنهنجي
    هٿ سان چنڊ تي چترڪاري
    لئه پيا سوچن 
    الميو اهو ناهي ته
    ڪانوَ هنجن جي ٻولي پيا ٻولين 
    پر..!!
    الميو اهو آهي ته
    هنج ڪانَوَن جي چوڳ پيا چُڳن
    انا جي بدنما داغن سان ڀريل
    ادبي چولو
    شهر جي ڌوٻين ڌوئڻ کان انڪار ڪندي
    ماچيس ۾ بچيل آخري تيلي سان
    اگني سنسڪار ڪري سندن رک
    سنڌوءَ حوالي ڪرڻ جو
    مشورو ڏنو آهي
    ۽ مان
    سنڌو پليد ڪرڻ
     نه ٿو چاهيان..!!
    


    (145) عبدالستار آڪاش ٽکڙائي

    تعارف نمبر (145)

    [شاعر،ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس]

    اصل نالو : عبدالستار 
    ادبي نالو : عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
    والد جو نالو : حفيظ الله 
    ذات : ڳنڀير. جنم : 02 ڊسمبر1978ع
    تعليم : ايم.اي سنڌي، ايم.بي.اي آنرس.
    ڪرت : سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر
    رهائش : ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ، تعلقه بلڙي شاهه ڪريم، ضلعو ٽنڊومحمد خان
    ربطو : 03332631030
    لکڻ جي شروعات :1997ع 
    ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، ڪاوش، سنڌو.
    لکيل صنفون : شاعريءَ ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، ڪافي، سانيٽ، هائيڪو، ٽيڙو، وائي. نثر ۾ مضمون ، افسانا، ڊراما، ناول.
    ڇپيل ڪتاب : 1. چنڊ بنا آڪاش اڌورو(شاعري)، 2. توکي ياد ايندس مان (شاعري).
    هڪ ڪتاب شاعريءَ جو ڇپائيءَ هيٺ.

    سندس شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ

    غــــــزل

    ڪاغـــــــذ جي نوٽن تي ايمان وڪامي ٿو
    دنيا جي منــــــــــڊيءَ ۾ انسان وڪامي ٿو

    هت جسم وڪامن ٿا جذبات وڪامن ٿا
    مجبور جوانـــــيءَ جو ارمان وڪامي ٿو

    مذهب سان ڪفالت آ درگاهه به ٺيڪي تي
    بس نانءُ عقيدت جي هر دان وڪامي ٿو

    جنت جــــــي نالي تي آدم جي هي تذليل
    بمبار ٿيــــــڻ لئي ٿي حيوان وڪامي ٿو

    ڪجهه نوٽن جي عيوض هت ووٽ وڪامن ٿا
    ۽ وقت اچڻ تي پــــــورو ايوان وڪامي ٿو

    هن بي حس نگــــــريءَ ۾ انسان اتي پهتو
    هت قبر وڪــامي ٿي شمشان وڪامي ٿو

    سرڪاري آفيسن ۾ هي حال وڃي ڏسجان
    ''صاحب ''کان وٺي ويندي ''درمان'' وڪامي ٿو

    ڪُرسي جو مُلهه آهي قانون جي قيمت آ
    ٿاڻا به وڪـــــــامن ٿا ، زندان وڪامي ٿو

    گستاخي معاف ڪجو انصاف به وڪجي ٿو
    هت قلم وڪــامي ٿو فرمان وڪامي ٿو

    انسان جــــي اندر۾ احساس مري ويو آ
    آڪاش تڏهن هر ڪو سامان وڪامي ٿو

    غــــــزل

    تنهنجي طرف ڏسڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
    تو ڏي جهڪي اچڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    اهڙي عظيم هستي هوندي آ فقط ماءُ
    جنهن جي مٿان لکڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    ڪيڏي به هجي مشڪل آسان ٿي وڃي ٿي
    هن ڇانوَ جي ملڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    مذهب ٿو چوي تنهنجي پيرن ۾ آهي جنت
    هيءَ ڳالهه ئي ٻڌڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    دنيا ۾ ڪوبه رهبر توکان وڌيڪ ناهي
    توساڻ گڏ هلڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    ميدان جنگ ۾ يا جيون جي ڪشمڪش ۾
    تنهنجي دُعا وٺڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    هڪ لفظ ۾ سمايل ڪيڏي مٺاس آهي
    توکي "امان" چوڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو

    آڪاش عقيدت ۽ اڪسير منجھان تنهنجي
    هٿڙن کي ئي چمڻ سان هڪ حوصلو ملي ٿو
    


    (146) ماهين هيسباڻي

    تعارف نمبر (146)

    [شاعره،ڪمپيئر]

    اصل نالو : ماهين هيسباڻي
    ادبي نالو : ماهين هيسباڻي
    والد جو نالو : غلام مرتضيٰ 
    ذات : هيسباڻي . 
    جنم : 01 اپريل
    تعليم : ايم.اي ادب، ايم.بي.اي
    لکڻ جي شروعات : 1998ع
    رهائش : 73/1 khayaban e nishat DHA phase 6 karachi
     لکيل صنفون : غزل، گيت، نظم، وائي، چوسٽا وغيره. 
    ڇپل مواد : سنڌ جي سمورن رسالن، ميگزينن ۽ اخبارن ۾. 
    ڇپيل ڪتاب :  1. “تون“ شاعري.
    ٻيو ڪتاب “ڪڏهن سيفو ڪڏهن مرڪان“ (شاعري) چپائيءَ هيٺ
    اُن کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود اٿن.

    سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    ٻڌي آهون داهون لوڪ سڄڻ
    تنهنجي تهمت  پاتم طوق سڄڻ

    مون عشق ڪيو ٿيو عشق تڏهن
    ڀلي  عشق منهنجي کي ٽوق سڄڻ

    مان ته ڏينديس پئي تون ڏس نه ڀلي
    منهنجي اکڙين کي تون نه روڪ سڄڻ

    تو پنهنجي پر بدنام ڪيو
    مشهور ٿيس چؤڪ چؤڪ  سڄڻ

    چئي جاهل هان ناسمجھه آهيان
    آهي خوار ٿيڻ جو شوق  سڄڻ

    نڪي گل ٿا ٽڙن نڪي گلزاري
    سڄو سينو ٿي ويو  سوڪ سڄڻ


    نظـــــم

    منهنجا پريتم!


    اِها تنهنجي پيار جي پيڙا آهي،
    جا منهنجي رڳ رڳ ۾ رچجي وئي آ.
    لڙڪ جي منهنجي اکين مان ٽميا آهن
    مون انهن جا هار پوئي پاتا آهن.
    جيڪي هر پل منهنجي سيني سان چهٽيل رهن ٿا.
    توکي ساري منهنجي هر رات
    هڪ تاري کان ٻي تاري کي تڪيندي
    وهامي ٿي وڃي.
    ۽ ها، توسان نبهه جي قيد جا ڪنگڻ به، 
    ٻانهن ۾ پاتا آهن.
    ۽ هاڻي ته منهنجو ڪو پل اجايو نٿو گذري
    ڊگهي اڪيلائي ۽ جدائيءَ ۾
    تنهنجي يادن جي طرح طرح رنگ برنگي
    خوشبودار پيالن مان ڍڪ ڀريان ٿي
    هاڻي ته منهنجي بدنَ مان تنهنجو واس اچڻ لڳو آهي.
    هن جھيڻي جِسمَ تي
    تنهنجي چاهه جا
    جيڪي ڳرا ڳرا ڳهه ڳٺا پاتا اٿم
    سي به تنهنجي نينهن جا
    راڳ الاپڻ لڳا آهن
    جنهن جو پڙاڏو
    سڄي ڳوٺ ۾ گونجڻ لڳو آهي.
    بند دريءَ جي وٿيءَ مان،
    هر ڏينهن تنهنجي واٽَ تڪيان ٿي،
    ۽ سوچيان ٿي!
    جي تون اچي پوين
    ته جيڪر منهنجو ڪچڙو گهرڙو
    تنهنجي آجيان ۾ جرڪي پوي
    ۽ تنهنجي هڪ نهار
     منهنجي سونهن کي سوايو ڪري وجھي.
    


    (147)

    تعارف نمبر (147)

    [شاعر]

    صل نالو: عبدالحميد 
    ادبي نالو: عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي
    پيءُ جو نالو: عبدالمجيد 
    ذات: جسڪاڻي
    جنم تاريخ: 27 مئي 1973ع
    ڪرت. هاري ۽ ڳوٺ جي مسجد ۾ بنا پگهار درس ڏيڻ. 
    رهائش : ڳوٺ ٻاڙيا پنهور، قاضي عارف، تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو
    تعليم: ميٽرڪ پاس، ناظره قرآن ڏاڏي حاجي دين محمد جسڪاڻي پڙهايو، اسلامي تعليم به ان وٽان حاصل ڪئي، شاعري ۾ استاد ناظم منگي.
    لکڻ جي شروعات: 1988ع
    ڇپيل مواد: عبرت، عوامي آواز، سنڌو، هاري، سڦلتا ۽ زرعي ڊائجيسٽ وغيره ۾.
    لکيل صنفون: نعت، حمد، ثنا، ڪافي، غزل، نظم وغيره
    ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:

    ڪافـــــي

    هي ماڻهو ته سارا، ڀلارا مگر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو
    مان ڳالهه ڪيان پيو، کولي هينئر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

    اولاد ته هڪڙي آدم جي
    پر عمل ٿو هر ڪو پنهنجا ڪري
    ڀلي ڏسجو دنيا ۾ ڦيرائي نظر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

    جي هڪڙو هڪ سان متفق آ
    ته ٻيو ٿو مخالف بڻجي وڃي
    ٿو هڪڙي طبيعت نه ڌاري بشر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

    بس گورو ۽ ڪارو، رنگ اٿس
    پر جبلت هر ڪو پاڻ رکي
    ڪو مسلم مشرق، ۽ ڪو آ ڪافر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

    هت رشتن جي ڪا ڳالهه نه آ
    هن ماحول کي مون جاچي ڏٺو
    هي هڪڙو ”حميد“ آ، در ۽ گذر
    ڪو ڪنهن سان سٺو، ڪو ڪنهن سان سٺو

    هارين لاءِ دعــــا

    مالـڪ سـائين ڪـر خوشحال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    ٻاجــهه گهــرن پيا ٻـچـڙيـوال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    رت سـت ڏيئي ملڪ سنـوارن
    صبح مسا ڪن پوک جي ڳالهه
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    مٽر مڱيرا توريون ڀينڊيون
    بـصـر بادامـيون بـهه بيـمـثال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    گدرا، ميها، ڇانهان، ڇونهارا
    ڪنهن شيءِ جي هت ڪانهي ڪال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    ساوڻ سيارو سک نه سنڀرن
    هر ايندڙ سورن وارو سال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    جيڪر ڪڙمي ڪين هجن ها
    ملڪ نه ٿئي ها مالا مال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا
    هر هلائيندي زخمي ٿين ٿا
    هيڻا ”حميد“ تن جا حال
    هاري منهنجي ملڪ مٺي جا


    (148) فقير بلاول

    تعارف نمبر (148)

    [شاعر]

    اصل نالو : بلاول خشڪ
    ادبي نالو : فقير بلاول
    ولد : محمد قاسم 
    ذات : خشڪ 
    جنم : 05 نومبر1966ع
    تعليم : ميٽرڪ 
    ڪرت : سرڪاري ملازم 
    رهائش : اڏيرو لعل اسٽيشن، ضلعو مٽياري 
    رابطو : 03433422390
    ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾. 
    لکيل صنفون: غزل، نظم، چوسٽا وغيره.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    جتي ڀي وَڳي عشق جي تَند آهي
    اُنهيءَ تند يارو گُهريوڪَنڌ آهي

    ڀُلائي ڇڏي ٿو سڄڻ جي سوا سڀ
    ڏسو عشق جو اهڙو ئي اَنڌ آهي

    خدا تنهنجي دل ۾، ۽ تون منهنجي دل ۾
    زمين دل جي تنهنجو ئي آڳَنڌ آهي

    نچائي جتي عشق هُو جي هوا ۾
    اُتي ڪوبه ڪنهنجو نه پابَند آهي

    سڄو شهر اڄ ٿرٿلايان ها ليڪن
    سرِشام ٿيو مئڪدو بَند آهي

    ڪٿي پيڙهجي ٿي بلاول جي هستي
    ڪٽيو ويو ڪٿي ڪنهن جو سَنڌ سَنڌ آهي

    نظـــــم

    ماڻهون ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!
    لبڙن تي تنهنجو نام رهي ٿو
    ڄڻ مئي جو ڪو جام رهي ٿو
    قرب هي صبح شام رهي ٿو
    اهوئي درشن عام رهي ٿو
    پرين پسڻ جا پار ڏٺاسون..!!
    ماڻهو ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!
    چاهت واري چنگ کي چوري
    سِر ڏيَن ٿا ساھ به سوري
    گهوٽ ڏين ٿا جان به گهوري
    هادي جي هدايت سمجهن اوري
    دنيا کان ٿيندي ڌار ڏٺاسون..!!
    ماڻهو ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!
    تنهنجي ميخاني م محفل ڪمال
    رڳو حقيقي تنهنجو آخيال
    اچي ظاهر باطن کي زوال
    جنهن ڏٺو آتنهنجو جمال
    دم دم سي ديدار ڏٺاسون..!!
    ماڻهو ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!
    جيڪي سچ جي واٽ وٺن ٿا
    سر سينگاري ڪاپڙي ڪُسن ٿا
    کلي خوشي مان ڏک سهن ٿا
    اناالحق جو نعرو هڻن ٿا
    ڪي مُرڪي چڙهندي دار ڏٺاسون..!!
    ماڻهو ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!
    وڄي ٿي تن ۾ تنهنجي تار
    واھ وري ٿيو وارو وار
    وڄي چنگ تنهنجو ٻي خبر نه چار
    بلاول کي بس تنهنجي سار
    ڪامل ڪي قربار ڏٺاسون..!!
    ماڻهو ڪي مڻيادار ڏٺاسون..!!


    (149) محبوب هوٿيپوٽو

    تعارف (149)

    [شاعر]

    اصل نالو: محبوب علي 
    ادبي نالو: محبوب هوٿيپوٽو
    والد جو نالو: حاجي محمد حسن
    ذات: هوٿيپوٽو
    جنم: 10 آڪٽوبر1967ع
    تعليم: انٽر
    ڪرت: پرائمري اسڪول ٽيچر
    رهائش: ڳوٺ حاجي احمد خان هوٿيپوٽو، تعلقو قاضي احمد، ضلعو شهيد بينظير آباد.
    ربطو : 03022610443
    لکڻ جي شروعات : 1990ع
    ڇپيل مواد : سوجهرو، ادب، نئين زندگي، ڪيسوٻاءِ، ميگها، سنڌو، عبرت مئگزين. اُن کان علاوه گڏيل ڪتاب “ڇِڄ مَ قطاران” ۾.
    لکيل صنفون: حمد، نعت، وائي، غزل، بيت، نظم، ٽه سٽا، هائيڪا.

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.

    وائـــــي

    تون جو ايندي يار
    ڄڻ ڪا مند بهار
    موٽي ايندي ماڳ تي..!!

    مهڪون هن ماحول جون
    گلڙن جي گلزار
    موٽي ايندي ماڳ تي..!!

    ٿر تي ٿڌا ڏينهڙا
    سانوڻ جي وسڪار
    موٽي ايندي ماڳ تي..!!

    ڪندا مور ٽهوڪڙا
    چيهن جي چهڪار
    موٽي ايندي ماڳ تي..!!

    مون وٽ هوءِ محبوب ٿي
    ڪڏهن لال ڪنوار
    موٽي ايندي ماڳ تي..!!

    غـــــزل

    وڃي تو وسائي گلابن جي دنيا
    اسان کي ڏئي وئينءَ خوابن جي دنيا

    اوهان بن حياتي ائين ٿا گذاريون
    رڳو ڀوڳنائون، عذابن جي دنيا

    ڏئي پاڻ پوءِ پڇين روز پئي
    ڏئي ڪير ويو ٿئي ڪتابن جي دنيا

    اسان لئه ڏسڻ ڀي ٿيو ڏوھ جانان
    تنهنجي سونهن جيڪا ثوابن جي دنيا

    ڇو”محبوب“مونکان وتين منهن لڪايو
    چڱي ڪانه آهي حجابن جي دنيا

    غــــــزل

    خزائون به ڄڻ ڪي بهارن جي موسم
    اسان وٽ رڳو آهي سارن جي موسم

    جڏهن ياد ڪڪريون اڏامي اچن ٿيون
    تتل ڏينهن ۾ ڀي ملهارن جي موسم

    اڃا ٿر جا ٿوهر سُڪائيندي ڪيسين
    ڀلا، رهندي ڪيسين ڏڪارن جي موسم

    ڏئي مينهن وَر وَر وسي وڏڦُڙو ٿي
    وري آڻ مالڪ ڪا مارن جي موسم

    ڏسي ڏينهن ڏکيو نه هِيءَ سنڌ ساري
    سدائين رهي هت سُڪارن جي موسم

    وڇوڙي جون گهڙيون وجهن گهاوَ دل ۾
    کُٽي ئي نٿي انتظارن جي موسم

    تون”محبوب“ماڻهو ڪو ڏاڍو پڪو آن
    وڻي ڪيئن وئي توکي قرارن جي موسم
    


    (150) گلشن سنڌو 

    تعارف نمبر (150)

    [شاعر]

    اصل نالو : گلشن پروين 
    ادبي نالو : گلشن سنڌو 
    والد جو نالو : نورمحمد 
    ذات : سولنگي 
    جنم : 16 ڊسمبر1975ع
    تعليم : بي.اي. ڪرت : پرائيوٽ ٽيچر
    رهائش : ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1992ع
    لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره
    ڇپيل مواد :عبرت ميئگزين، هالار، سنڌ رنگ، سونھن ميگ، نئون نياپو، نئين زندگي، سرتيون، مهراڻ، سنڌ راڻي، سنڌ ايڪسپريس، گل ڦل گلڙا، سنڌو، خوشبو ميئگزين، عزم پاڪستان، ميڪ ميگ، واڪا، پرھ ميگ،اوسيئڙو، جوت، شهيد بيبي ميگ، هزار داستان.
    ڇپيل ڪتاب :  “ازل کان سفر ۾” شاعري.
    اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود

    سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ

    غــــــزل

    هي سارا خواب لاجواب آهن
    دنيا جا عذاب لاجواب آهن

    توکان ڪيم هڪ سوال مگر
    تو وٽ جواب لاجواب آهن

    ڪيئن ڪيان توسان اظهارِ محبت
    درميان ۾ حجاب لاجواب آهن

    هر طرف رڳو ليکا ئي ليکا هن
    تو به رکيا حساب لاجواب آهن

    حويلي جي ديوارن ۾ چؤطرف
    ناريءَ جا نقاب لاجواب آهن

    غــــــزل 

    الفت کان انڪار ڪيستائين
    پاڻ کان فرار ڪيستائين

    چاھ اڄ جو چار ڏينهن آ
    رهي سو پائيدار ڪيستائين

    اچڻي وڃڻي شيءِ آھي جا
    قائم سو اقتدار ڪيستائين

    نيٺ ته ان کي ملي وينداسين
    موت ڏيندو ميار ڪيستائين

    توکي وساري ڇڏينديس مان
    رهندين ذهن تي سوارڪيستائين

    چئو سٽــــا

    ڏات بحر ۾ تون ئي تون آهين
    سوچ نگر ۾ تون ئي تون آهين
    ڪيئن سمائجي ڪو ٻيو نيڻن ۾
    نينهن نظر ۾ تون ئي تون آهين

    ٭٭٭
    روح ۽ راحتون ضروري ناهن
    چاهتون محبتون ضروري ناهن

    ضروري آهي بس ڌرتيء جي بقا
    پرين سان قربتون ضروري ناهن

    ٭٭٭

    لڳي ٿو ته ساٿ ڇڏي مات ٿي
    اداس اداس لمحا وساري رات ٿي
    ڪا سوچ بهار ڪو گيت پن ڇڻ 
    الڳ الڳ ڪٿا ڪري ڏات ٿي
    


    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ڇپيل ڪتاب

    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ڇپيل ڪتاب :

    (1).منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو (مضمون )
    (امر رائيسنگهه راجپوت)
    (2).ڪاڳر تي لٿل خيال (شاعري)
    (سرائي محمد رحيم خاصخيلي)
    (3).تتل سج هيٺان (مضمون)
    (محب ڀيل)
    (4).زنگجي ويل ننڊ (شاعري)
    (جاويد جبار)
    (5).سون سريکيون عورتون (پروفائيل)
    (عثمان راهوڪڙو)
    (6).هن رتائين راهه ۾ (ڪالم/ مضمون )
    (محب ڀيل )
    (7).آئيني جي اوٽ (ڪهاڻيون)
    (اصغر پتافي)
    (8).چؤنري مٿان چنڊ (شاعري)
    (امر رائيسنگهه راجپوت)
    (9).نديءَ ۾ نهارون (شاعري)
    (ربڏنو خاصخيلي )
    (10).سخنوَر سنڌ ڌرتي جا (گڏيل شاعري)
    (احساس ميرل)

    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ايندڙ ڪتاب :

    (1).(پورب منهنجو پنڌ (مضمون، ڪالم)
    فقير بشير احمد لغاري
    (3). احتجاج ۽ آزادي
    (سنتوش ڪمار گوماڻي)
    (3). مري جي ڏٺوسين (ناول)
    ايوب کوسو


    بئڪ ٽائيٽل عنوان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258290
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386408
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ