ڪتاب جو نالو: سنيها سپرين جا (خط)
مصنف: عيسى ميمڻ
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 394 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 80 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ليکڪ ۽ اديب عيسيٰ ميمڻ ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. ”سنيها سپرين جا“ ، مختلف وقتن تي مختلف اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جي لکيل خطن تي مشتمل آهن. هنن خطن مان نه صرف سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ سياسي ۽ حالتن جو اولڙو پسي سگهجي ٿو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ جوڙڻ ۾ پڻ ابتدائي مواد جي صورت ۾ ڪم ايندو. جنهن سان نئين نسل ۽ تاريخدانن لاءِ ڪنهن قدر مدد ملي سگھي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ : جوڳين جوڳ ُ جڳاءِ
  • سنيها سپرين جا (خط)

  • اسرا ر شام (چوڏهن خط)
  • ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (هڪ خط)
  • هارون چنو (هڪ خط)
  • ادل سومرو (هڪ خط)
  • منٺار سولنگي (هڪ خط)
  • محسن ٻٻر (هڪ خط)
  • سرڪش سنڌي، ابراهيم کرل، آزاد انور ڪانڌڙو، غلام محمد غازي (هڪ خط)
  • ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، معشوق ڌاريجو ۽ ذاڪر حسين کٽي (هڪ خط)
  • رياضت ٻرڙو (هڪ خط)
  • اصغر سجاڳ (هڪ خط)
  • احمد ضياء (هڪ خط)
  • ڀائو ستار سومرو (هڪ خط)
  • مقصود گل (هڪ خط)
  • سومرو شبير احمد (هڪ خط)
  • عباس سارنگ (ٻه خط)
  • اعجاز اسد پليجو (هڪ خط)
  • وفا عرس پارابي
  • علي بخش پٺاڻ (پنج خط)
  • وفا مولا بخش قمبراڻي (چار خط)
  • منظور ابڙو (ٻه خط)
  • اسد پتافي (هڪ خط)
  • محمد رفيع لغاري (ٽي خط)
  • ذوالفقار گاڏهي (هڪ خط)
  • اثر امام (هڪ خط)
  • منصور رمضان عباسي (هڪ خط)
  • ارشد نواب ميراڻي (هڪ خط)
  • عرفان موريو (چار خط)
  • وفا صالح راڄپر (هڪ خط)
  • آزاد جروار (هڪ خط)
  • غلام عباس گوپانگ (هڪ خط)
  • انور خاصخيلي (هڪ خط)
  • نويد ناز ڀٽي (ٻه خط)
  • ستار ملڪ (هڪ خط)
  • منير ايس سومرو (هڪ خط)
  • ڪامران سومرو (هڪ خط)
  • امام بخش ٻُٽُ (هڪ خط)
  • طفيل سوهو (هڪ خط)
  • عبدالوحيد جوڻيجو (هڪ خط)
  • ڪاشف سنڌي (هڪ خط)
  • جيل جا خط (ڏهه خط)

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿا
    ..............................................
    ڪتاب جو نالو: سنيها سپرينِ جا
    (خط)
    مرتب: عيسيٰ ميمڻ
    موضوع: خط
    ڇپائيءَ جو سال: فئبروري 2018ع
    ايڊيشن: پهريون
    تعداد: 500
    ڪمپوزنگ: عبدالمنان ميراڻي
    ٽائيٽل: مرتضيٰ ميمڻ (ڪاتب پريس لاڙڪاڻو)
    ٽائيٽل تصوير: هادي بخش ڪنڀر (پوسٽ مين - ڏوڪري)
    ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر-ڏوڪري
    قيمت : 208/= رپيه

    (ڪتاب جي فرنٽ ٽائيٽل تي تصوير هادي بخش ڪنڀر جي آهي. جنهن ڏوڪريءَ ۾ 25 سال ٽپال کاتي ۾ رهي عوام جي خدمت ڪئي آهي).

    رابطي لاءِ:
    عيسيٰ ميمڻ
    03337555986


    ارپنا

    هيءٌ
    ڪتاب
    ارپيان ٿو
    پنهنجي امڙ عائشه
    کي
    جنهن جي وجود
    بنا
    منهنجو وجود
    ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.

    - عيسيٰ ميمڻ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنيها سپرين جا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ اديب عيسيٰ ميمڻ ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي.
    ”سنيها سپرين جا“ ، مختلف وقتن تي مختلف اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جي لکيل خطن تي مشتمل آهن. هنن خطن مان نه صرف سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ سياسي ۽ حالتن جو اولڙو پسي سگهجي ٿو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ جوڙڻ ۾ پڻ ابتدائي مواد جي صورت ۾ ڪم ايندو. جنهن سان نئين نسل ۽ تاريخدانن لاءِ ڪنهن قدر مدد ملي سگھي ٿي.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران هيءٌ ڇويهون نمبر ڪتاب آهي. جيڪو عيسيٰ ميمڻ ڏي لکيل خطن جو مجموعو آهي. خط دنيا جي ادب ۽ تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. خطن ذريعي نه صرف انساني جذبن، خيالن سوچن جو بهترين ۽ آسان اظهار ٿئي ٿو پر سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حالتن جو عڪس به پيش ڪن ٿا. جڏهن اڃان انفارميشن ٽيڪنالوجي ترقي نه ڪئي هئي تڏهن انسان پنهنجي رابطي لاءِ جيڪي وسيلا پيدا ڪيا، انهن مان خط هڪ اهم وسيلو هيو، جنهن جي اڄ جي ترقي يافته دور ۾ به اهميت ختم ٿي آهي ۽ نه گهٽي آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته ان پنهنجي شڪل تبديل ڪئي آهي جديد ٽيڪنالوجي جي صورت ،جنهن ۾ اِي ميل، SMS، واٽس ايپ، ميسينجر، IMO, وغيره شامل آهن. اڄ دنيا جي وسيع ترين آبادي رابطي جا جديد ذريعا استعمال ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته اهي ذريعا جلدي، تڪڙو ۽ آسان ٿي پيا آهن. اهو الڳ سوال آهي ته جديد ٽيڪنالوجيز پيغامن جي عمر گهٽائي آهي پر ان جي اهميت اڄ به برقرار آهي ۽ رهندي.
    هيءٌ خطن جو مجموعو ”سنيها سپرين جا“ ، مختلف وقتن تي مختلف اديبن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جي لکيل خطن تي مشتمل آهن. هنن خطن مان نه صرف سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ سياسي ۽ حالتن جو اولڙو پسي سگهجي ٿو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ جوڙڻ ۾ پڻ ابتدائي مواد جي صورت ۾ ڪم ايندو. جنهن سان نئين نسل ۽ تاريخدانن لاءِ ڪنهن قدر مدد ملي سگھي ٿي. اسان هميشه وانگر ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي اداري پاران ڪتاب جي معيار تي ڌيان ڏيون ان ڏس ۾ ڪيترا سوڀارا ٿيا آهيون ان جو احاطو اوهان پڙهندڙ ساٿي ئي بهتر انداز ۾ ڪري سگهو ٿا ان ڪري هميشه وانگر اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.
    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر- ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو


    پنهنجي پاران

    مون جڏهن ادب ۽ سياست جي پيچرن تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هو ان وقت هوش کان وڌيڪ جوش حاوي هيو. جڏهن ادب جي راهن تي هلڻ شروع ڪيوسين ته جيڪي اسان جا سينئر هئا انهن پنهنجي مرضي سان هلڻ بجاءِ ڪنهن هڪ خاص دائري ۾ هلڻ جي لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون. جڏهن مون پنهنجن دڳن تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ساڳين ئي مهان اديبن ۽ دانشورن راهن ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون. انهن حتي الالمڪان ڪوشش ڪري ته مون کي کوهه جي ڏيڏر جيان بند ڪري آسمان ڏيکارڻ شروع ڪيو. جنهن کان مون انڪار ڪيو. جنهن جي سزا اڄ به مون کي مون کي ملي رهي آهي. مون پنهنجي سموري سفر ۾ پنهنجي دامن کي بچائي هلڻ ۽ پنهنجي ڪردارکي هن سماج جي بهتريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي زندگيءَ کليل ڪتاب وانگر آهي ان ۾ جيڪڏهن ڪي پروف جون غلطيون آهن ته اهو الڳ سوال آهي باقي ”مون هن سماج کان وٺڻ بجاءِ ڏيڻ “ کي ترجيح ڏني آهي. مون وٽ پنهنجي ذات کان وڌيڪ هن سماج جو درد وڌيڪ اهميت رکي ٿو. منهنجي درد جي دوا هن سماج سان وابسته آهي. هن راهه ۾ پراون کان وڌيڪ پنهنجن زخم وڌيڪ ڏنا آهن. مون اهي زخم به جهولي جهلي قبول ڪيا آهن. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هن سماج ۾ هرنواڻ کي قبولڻ ڪرڻ جا دوازا بند رهيا آهن، ڪنهن به چڪور جو انڌياري ۾ اڏرڻ ڏوهه آهي. مان قبول ٿو ڪريان ته هن سماج جي اڏوهي کاڌلن جي پٺيان هلڻ جو گناه مون کان نه ٿيندو. ان ڏس ۾ جيڪا به سزا ملي آهي اها ته قبول آهي پر هر ايندڙ سزا لاءِ مان ذهني طور تي تيار آهيان.
    هن سفر ۾ جن دوستن سان منهنجو قلمي ، ذاتي توڙي جيڪو ادبي رشتو قائم رکيو آهي ان رشتي جو اظهار خطن جي صورت ۾ جن به ڪيو آهي اهي خط اٺ سئو جي لڳ ڀڳ مون کي لکيا ويا آهن . جيڪي مون وٽ محفوظ آهن جن مان ڪجهه چونڊ خطن تي مشتمل ڪتاب ”سنيها سپرين جا“ جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. هنن خطن ۾ جيڪوڪجهه دوستن لکيو آهي اهو جيئن جو تيئن برقرار رکيو اٿم. انهن ۾ ڪجهه ذاتي معاملن کي ايڊٽ ڪيو اٿم. ڇاڪاڻ ته ذاتي خط جڏهن پبلڪ تائين پهچن ٿا ته ان ۾ ڪجهه ضروري رازن ۽ ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري سمجهيو. هن ڪتاب کان سواءِ تحقيقي مقالن ۽ مضمون جو 400 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۽ ايم فل جي ٿيسز جو مقالو پڻ ڇپائيءَ جي تيارين ۾ آهي. جن کي پڻ جلد آڻبو. ان کان سواءِ ڏوڪري جي سياسي، ادبي ۽ سماجي تاريخ تي مشتمل ڪتاب تي پڻ گهڻي وقت کان وٺي ڪم ڪري رهيو آهيان. اهو ڪتاب پڻ هڪ ٿيسز جيتري اهميت رکي ٿو. ان تاريخ کي پڻ محفوظ ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ايم فل ڪرڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خواب ساڀيان جي انتظار ۾ آهي. مون کي اميد آهي ته اهو خواب ساڀيان ضرور ٿيندو. هن ڪتاب جي حوالي سان جن دوستن صلاحون ، رايا ڏنا انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان ۽ هميشه ٿورائتو رهندس.

    اوهان جو پنهنجو
    عيسيٰ ميمڻ


    مهاڳ : جوڳين جوڳ ُ جڳاءِ

    ادبي دنيا جي کيتر ۾ هڪ روشن ستارو عيسيٰ ميمڻ، جنهن شعوري عمر جي ٿوري عرصي ۾ ادبي حلقي ۾ انيڪ ڪم ڪري پاڻ مڃايو آهي. عيسيٰ جي ذهني اوسر ۽ ارتقا ايئن آهي جيئن نئين جو پاڻي، جيڪو سسئيءَ وانگر پير پٿون ڪري، پٿرن مان پنهنجي لاءِ پاڻ رستا ۽ پيچرا ٺاهيندو آهي ۽ کوڙ سارن اڻ اسرندڙ ٻوٽن کي پاڻي مهيا ڪري، انهن ۾ ساوڪ ۽ ڦل جو جياپو بخشيندو آهي. اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي وقت ۽ حالتن جي انتظار ۾ ساڪن رهندا آهن ۽ موقعي جو انتظار ڪندا آهن ، ليڪن هي يار هڪ اهڙو شخص ۽ ڪردار آهي، جيڪو کيرٿر جهڙي اڻانگي جبلن ۽ ڏکين وقتن، لمحن ۽ حالتن مان به ارتقائي گس ٺاهي پار پوندو آهي.
    عيسيٰ جو جنم ڏوڪري تعلقي (هاڻوڪي باڪراڻي) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کوهارا ۾ 9 جولاءِ 1985ع ۾ ، هڪ پورهيت ۽ ڌنار الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. جنهن عمر جي ننڍي حصي ۾ ئي ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ پنهنجو الڳ مقام ٺاهي ورتو.هن رواجي تعليم پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان حاصل ڪئي ۽ سال 2006ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم –اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ان سان گڏوگڏ وڪالت ( ايل ايل بي) جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. سال 1998ع ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ سان ادبي سفر جو آغاز، شاعري، اخباري ڪالم ۽ مضمون لکڻ سان ڪيو. ازانسواءِ عوامي آواز اخبار جي ٻارن واري صفحي ”جوت“ ۾ پڻ سندس تخليقون شايع ٿينديون رهيون جن کيس ادبي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ انهيءَ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۾ پڻ سرگرم ٿيو. 2002 ۽ 2003ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ٿيو. ان دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ ۾ هن زبردست سرگرميون ڪيون. جيڪي ڏوڪري جي تاريخ جو اهم رڪارڊ آهن. ڪجهه ذاتي مسئلن جي ڪري عيسيٰ ميمڻ ڏوڪريءَ کان هجرت ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي هڪ مسواڙي جڳهه ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ گذريل ڏهن سالن کان وٺي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ مسواڙي جڳھن ۾ گذاري رهيو آهي. لاڙڪاڻي لڏي اچڻ کان پوءِ به هن کي سڪون سان ويهڻ نه آيو ۽ ادبي ۽ سماجي حلقي ۾ شامل ٿيو ۽ ايئن سال 2013-14 ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري چونڊجي ويو. جتي پڻ بهترين ڪردار ادا ڪيائين. ان کان سواءِ 2006 ۽ 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻي جي ترجمان رسالي ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو اٿس ۽ ڪراچيءَ مان ماهوار ادبي رسالي ”سارنگ“ جو پڻ جوائنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب مهين جو دڙي جي تحفظ لاءِ ادل سولنگي، عزيز منگي ۽ علي بخش پٺاڻ سان گڏجي ”مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ” جو بنياد رکيائين . جنهن پليٽ فارم تان هن تهذيب جي تحفظ لاءِ پڻ مثالي جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن ته اڪيڊمي جي ترجمان پرچي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي . شاگردن ۾ تعليم ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي جو 2003ع ۾ پڻ بنياد رکيائين . ڏوڪري ۾ خانگي سطح تي اسوا لائبريري پڻ سندس ڳڻپ جوڳو ڪردار رهيو اهي. 2012ع ۾ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو بنياد رکي ”پنهنجي مدد پاڻ“ تحت ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيائين. ڏسندي ڏسندي تمام ٿوري عرصي ۾ 30 ڪتابن جي لڳ ڀڳ سنڌي ادب کي معياري ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جن ۾ ”مهين جو باغي“ ، ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو جي شخصيت تي ڪتاب، ٻيو نمبر منهنجو شاعريءَ جو ڪتاب ”اڻپوري ڪويتا“، جي-ايم سيد جون يادگار تقريرون ”پرھ جو پيغمبر“، سياست، تاريخ ۽ ڪردار( عيسيٰ ميمڻ جو ڪتاب)، سياسي تعليمي نصاب ( ڊاڪٽر مير عالم مري جو ڪتاب)، سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانديو جو ڪتاب)، سماج ۽ ادب جو سفر (سرور منگيءَ جو ڪتاب)، بند اکرين جو ڀاڪر (شمير سومري جي شاعري جو ڪتاب)، خانه بدوش لفظن جا قافلا (ادل سولنگيءَجي شاعري جو ڪتاب) ارپڻ کان رهجي ويل محبت (وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻين جو ڪتاب) هدايت منگيءَ جا ٻن اهم ڪتابن سميت ڪل 30 ڪتاب شايع ڪرايا اٿائين.عيسيٰ ميمڻ کي مختلف ادبي ۽ علمي خدمتن جي عيوض مڃتا اعزاز ۽ سندون به ملي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ٻاراڻي ادب جي خدمت طور سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي صحيءَ سان ”مڃتا سند“، 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران ”سنگت جو بهترين ورڪر ايوارڊ“، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران 2013ع ۾ سنگت جي بهترين ڪارڪردگي سند، 2017ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي پاران ادبي خدمت عيوض ”مڃتا ايوارڊ“ 2017ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران تعليمي خدمتن عيوض ايوارڊ ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي پاران 2018ع ۾ ”تاريخ، مڃتا ايوارڊ“ پڻ شامل آهن.
    عيسيٰ ميمڻ صبح جو گهران نڪرندو آهي ته ٻيهر شايد ماني کائڻ لاءِ ئي گهر ويندو آهي، باقي سمورو وقت ڪتابن کي پڙهڻ ، لکڻ ۽ ادبي سرگرمين ۾ وقت مصروف رهي ٿو ۽ رات جو به گهر تڏهن ويندو آهي جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ ڪري ويندا آهن باالخصوص شام جو وقت ته اهڙو هوندو آهي جڏهن لاڙڪاڻي جا اديب خاص ڪري عزيز منگي، قاسم ڪيهر ۽ عادل عباسي، مهراڻ هوٽل تي چانھه جي ڪٽ تي ايئن گڏ ٿيندا هئا، جيئن پراڻي دور ۾ حيدرآباد جا اديب فٽاز هوٽل تي گڏ ٿيندا آهن ۽ جڏهن دوست لاڙڪاڻي ۾ مهراڻ تي گڏبا آهن ته هڪ ٻئي کان عيسيٰ لاءِ ائين پڇا ڪندا آهن ڄڻ عيسيٰ ڪو سندن پنهون هجي جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته :
    ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
    ڪني سانگو ساه جو ، گهوريس ڪيو گهڙن،
    ساهڙ سندو تنِ، گهاگهائي گهرن جي.
    مون کي ته ڏاڍو تعجب لڳندو آهي ته عيسيٰ ايترا ڪم هڪ ئي وقت ڪيئن ڪندو آهي، جڏهن ته سندس جياپي لاءِ جڪ ننڍڙي نوڪري J.S.T جي آهي، جنهن جي پگهار مان مسواڙ جي گهر ۾ رهي ٿو، گهر ڀاتين جي سهائتا ڪري ٿو ۽ مسلسل تعليم به حاصل ڪري ٿو. هن وقت شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان”جيلن ۾ لکيل سنڌي ادب “ جي موضوع تي ايم - فل ڪري پيو ۽ پي ايڇ ڊي سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خواب آهي توڻي جو سندس ذاتي زندگيءَ ۾ چئني طرفن کان سسئيءَ وارا سور ۽ عذاب اٿس پوءِ به جستجو جو اتساه ۽ ويساه رکي ٿو. جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته :
    اٺ ويري، اوٺار ويري،ويري ٿيڙم ڏير،
    چوٿون ويري واءٌ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير،
    پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير،
    ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سوان ڪيان سير،
    ستون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
    واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.
    (شاه)
    مطلب ته جتي گهر پنهنجو نه هجي، گهرجا ٻار هن معاشي بدحاليءَ جي دور ۾ ايترا هجن جو ماڻهو خودڪشي پيو ڪري يا پوڙها ۽ ٻار پيا کپائن يا ڊليورين جون نشانيون اسپتالن جي ڍيرن مان ملن ۽ جيئڻ جو ٻيو ڪو سهارو نه هجي ، نه زمينداري نه صنعتڪاري، نه ڪا موروثي ملڪيت ، نه اجهو نه اڀل، اتي سج اڀرڻ کان وٺي رات جي چنڊ لڙڻ تائين، رڳو جفاڪشي هجي، وک وک تي سسئيءَ وارو پيرين پنڌ هجي ۽ ٻيو ڪو اوهي واهي نه هجي پوءِ به اڳتي وڌڻ جو اتساه نه رڳو پاڻ وٽ رکي بلڪه ٻين نوجوانن کي جاڳائي- اڳتي کڻي هلي، نه صرف عام زندگيءَ ۾ پر ادبي کيتر ۾ به ، پوءِ ڇو نه ادبي سنگت جون سرگرميون هجن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا واري تحريڪ هجي، ته به پاڻ ٻين دوستن کان اڳ کان اڳ ڀرو هوندو آهي پوءِ ڀلي ان ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون اڳيان هجنس ان جو ڪو اونو ئي نه ڪندو.
    تاريخ فرد واحد جي داستان ڪونهي ڪا، بلڪه فردن يا ماڻهن جو انساني سماج جي اندر ڪردار آهن ۽ انساني معاشري ۾ تحرير جو فن نهايت اهم رهيو آهي اهڙي طرح خط لکڻ ۽ ان جي رسائي، خواه قانون نافذ ڪرڻ، جنگين جا پيغام پهچائڻ يا ڪي محبت جا سنيها موڪلڻ هجي، قديم دنيا جي تهذيبن مان هڪ اهم ڪم رهيو آهي ۽اهڙيءَ طرح عيسيٰ جو هيءٌ نئون ڪتاب، ”سنيها سپرين جا“ جن ۾ سندس ڏانهن ڪيترن ئي دوستن ۽ خطن ذريعي پنهنجو حال احوال اوريو آهي. جيڪو شايد هن ٽيڪنالوجيءَ جي دور ۾ موبائل ميسيج، واٽس ايپ يا e-mail ذريعي نه ٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ يا ته روبرو ويهي ڪچهريون ڪجن يا وري پراڻو روايتي ۽ تهذيبي خطن جو سلسلو رکجي. هنن خطن ۾ عيسيٰ سان جتي ڪيترن ئي دوستن ۽ يارن ادبي ۽ سياسي گفتگو ڪئي آهي ته ڪٿي ميارون ۽ ڏوراپا پڻ ڏنا آهن ته ڪٿي وري سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ سياسي بيهڪ جي ڳالھه ڪئي آهي. جديد دور ۾ خطن جو رواج بنھه گهٽجي ويو آهي پر ان جي باوجود به ، جن دوستن عيسيٰ کي خط لکيا آهن انهن جس لهڻو، جن نه صرف عيسيٰ ڏانهن اهڙا سياسي، سماجي، رومانوي ۽ مياري خط لکيا آهن پر ادب جي دنيا ۾ هڪ زبردست اضافو پڻ ڪيو آهي. جن ۾ اسرار شام، در محمد پٺاڻ، ادل سومرو، منٺار سولنگي، سرڪش سنڌي، رياضت ٻرڙو، اصغر سجاڳ، مقصود گل، هارون چنو. محسن ٻٻر، ستار سومرو، سومرو شبير احمد، عباس سارنگ، اعجاز اسد پليجو، وفا عرس پارابي، علي بخش پٺاڻ، وغيره شامل آهن. علي بخش پٺاڻ جي خطن ۾ ته تصوف جي اپٽاربه شاندار نموني ٿيل آهي. ان کان سواءِ جيل جي عرصي جا پڻ خط تاريخ جو حصو آهن.
    عيسيٰ هڪ جڳت ڪندڙ جوڳي آهي. جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته:
    جوڳين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پڻ سونهين جوڳين،
    جـوڳـيـن سـنـدي جان ۾ ، ڳجهه ڳهاندڙ آه،
    هاءِ ! مونهين کي واءِ، جا آءٌ جوڳ نه سکي. (شاه)
    مطلب ته جڏهن به مان هن کي ڏسندو آهيان ته هٿ ۾ ڪتاب يا بغل ۾ ٿيلهو هوندو اٿس ۽ جڳت ۾ هوندو آهي جيڪا اسان وٽ ڪو نه آهي يا سکي نه سگهيا آهيون. بهرحال عيسيٰ ميمڻ جون اهڙيون ڪاوشون ۽ ڪوششون اميد ته سدائين رهنديون ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۾ اضافو ڪندو رهندو جيڪو اسان سميت لاءِ نيئن نسل لاءِ پڻ لاڀائتو ٿيندو.
    ساٿ سلامت
    رسول بخش منتظر سومرو
    بنگل ديرو-لاڙڪاڻو
    14.02.2018


    سنيها سپرين جا (خط)

    اسرا ر شام (چوڏهن خط)

    حيدرآباد
    باشعور پتڪڙا ڀاءٌ محمد عيسيٰ ميمڻ
    شل شعور سان موچارو ماڳ ماڻيو.
    خوبصورت پر بازار مان خريد ڪيل پيڊ تي ڏوڪري جي امن مان 2.04.1996ع تي لکي روانو ڪيل اوهان جو خط ”جوابي لفافي“ ساڻ دهشتگردي جي فضا جي ور چڙهيل اٻاڻڪي شهر حيدرآباد ۾ 8.04.1996ع تي پهتو.
    ٻالڪ ادب جي حوالي سان پهريون باظابطا خط لکڻ ۽ جواب طلبي لاءِ شعور جو مظاهرو ڪندي جوابي لفافو موڪلڻ لاءِ ”ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا“.
    (هاڻ اوهان جي مختصر خط جو پيرائتو جواب ” ترجيحي بنيادن “ تي حاضر آهي. اميد ته اوهان کي شعور جو گس ضرور ڏيندو!؟)
    1) اوهان جو وري به ٿورائتو آهيان جو اوهان ” ٻالڪ ادبي پمفليٽ“ جون ڪجهه فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائي واسطيدار جاين تي لڳائي پهرين وک ۾ ٻالڪ ادب دوستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. البت ساڳي اميد ڪندس ته هن خط ساڻ شامل ڪيل پمفليٽ، جنهن ۾ اوهان اسڪول جو ڏس پتو لکيو آهي، ٻيهر فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ساڳين واسطيدار جاين تي لڳائڻ جو ضرور اهتمام ڪندا ته جيئن ڏوڪري جي ٻارڙن کي پتو پوي ته کين ڪٿان ڪتاب هٿو هٿ ملي سگهن ٿا؟ وغيره.
    2) ٻي سهڪاري وک ۾ اوهان سندم پورهئي سان سجايل ڪتابن جون 8 ڪاپيون موڪلڻ جو حڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ پمفليٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 عدد ڪاپين گهرائڻ جي اپيل ڪيل آهي. جڏهن ته پوسٽ ذريعي گهٽ ۾ گهٽ ڏه ڪتاب موڪلڻ اسان جي اداري جي مجبوري ۽ ضرورت آهي. ان ڪري اميد ڪندس ته پنهنجي انفرادي صلاحيت سان 2 وڌيڪ ميمبر ڪري 10 ڪتاب گهرائيندا ته اوهان کي مڃتا ڏيندي هڪ ڪتاب وڌيڪ بغير ڪنهن قيمت جي ڏنو ويندو. ٻئي طرف اوهان چاهيو ته پنهنجي اسڪول جي ڪنهن به هڪ استاد محترم، جيڪو ٻالڪ ادب جي علمي ادبي اهميت کي سمجهندڙ هجي،کان پڻ تعاون حاصل ڪري نتيجي ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي ڪتاب گهرائي سگهو ٿا!
    3) اوهان هنن ڳالهين سان اتفاق ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙي طريقي تحت ڪتاب گهرائيندا ؟ ان متعلق فارم شامل ڪريان پيو.
    4) سندم پورهئي سان سجايل ڪتاب مواد جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا آهن؟ مطالعي لاءِ ڪتاب ڪڙي 29، جيڪا هن وقت ورهاست جي آخري مرحلن ۾ آهي،تي ڇپيل تبصرو پيش ڪريان ٿو ته جيئن اوهان جي علم ۾ رهي!؟
    5) ڄاڻ ڏيندا ته اوهان ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ٻاراڻا رسالا پڙهندا ۽ گهرائيندا آهيو؟
    مان پنهنجوموقف پيش ڪيو آهي. هاڻ اوهان ڪتاب گهرايو يا نه گهرايو، مرضيءَ جا مالڪ آهيو. البت هيءَ گذارش ضرور ڪندس ته هيءٌ خط پنهنجي والدين کي ڏيکاري سندن رضامندي ۽ اجازت سان اخلاقي طور اهڙي ريت جواب ضرور لکندا جو ڪا به ڳالهه رهجي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته وقت جي کوٽ هجڻ ڪري ٻيهر سمجهاڻيءَ سان خط لکي جواب ڏيڻ مشڪل ٿو ڀانيان.
    - تڙ تڪڙ ۾ لک پڙه ڪرڻ به مجبوري اٿم. ڇو ته خط لکندڙ سوين ٻار هوندا آهن، جڏهن ته جواب ڏيندڙ مان اڪيلي سر هوندو آهيان.
    - تازو سندم ادا وڏو فوت ٿي وڃڻ ڪري (ڏيهاڙي جيان) حيدرآباد کان ڏهاڪو کن ميل ٽنڊو ڄام ۾ اوسيئڙو ڪندڙ جيجل وٽ به ريل رستي پهچڻو اٿم. اوهان معصوم آهيو دعائن ۾ شامل ڪندا ته پاڻ لاءِ آخرت جو ڇوٽڪارو سمجهندس.

    اوهان جو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (2)
    12.05.1996
    حيدرآباد
    ادل عيسيٰ ميمڻ
    سکي هجو شال
    وعليڪم سلام
    جيئي لطيف ، جيئي لطيف جي ڌرتي
    اوهان جا ٻه جدا جدا خط ۽ ڏهن ڪتابن لاءِ سٺ رپين جو مني آرڊر پهتو. ورندي وارڻ لاءِ ٿورا.ڪتابن سميت جواب لکان پيو.
    خط نمبر1، 27.04.1996ع تي پهتو. هن ۾ اطلاع هو ته سٺ روپيه مني آرڊر ڪيا ويا آهن جن تي 6 رپيه خرچ ڪيو ويو آهي.ٻه رپيه لفافي تي خرچ آيا. اهڙي طرح اٺ رپيه خرچ ڪرڻ وس کان ٻاهر آهن. ان ڪري مان کان اجازت وٺڻ ملڻ کان پوءِ رقم لفافي ۾ موڪليان وغيره.
    - عرض ته هڪ سو روپين جي مني آرڊر تي پوسٽ واري فقط 5 رپيه في وٺندا آهن. اوهان کان هڪ رپيو وڌيڪ ورتو اٿن.
    - لفافي ۾ رقم وجهي موڪلڻ غيرقانوني عمل آهي. ايئن ڪندا ته خود ذميوار رهندا، اوهان جي خيال ۾ پوسٽ ڪيل خط پهچي سگهي ٿو ته ساڳي لفافي ۾ وڌل نوٽ به پهچي ويندو؟ پهچي ته ويندو پر اتفاق سان نه پهچي ته اوهان ايئن ئي سمجهندا ته اسرار پئسا کائي ويو؟ پوسٽ جي قاعدن مطابق ڪا به رقم مني آرڊر فارم ڀري موڪلي سگهجي ٿي.
    - اوهان ڏهن ڪتابن جي حاصلات لاءِ هڪ طرف اٺ رپيه خرچ ڪيا ته ٻئي طرف وري 17 رپيه پارسل موڪلڻ تي پوسٽ خرچ ڪيا. ٿورو نقصان اوهان کي ۽ گهڻو نقصان مان کي ڀرڻو پيو. مان ته هڪ طرح سان پنهنجي زندگيءَ جا اهم سال ٻالڪ ادب جي خدمت ڪري جيڪو نقصان حاصل ڪيو آهي. ان جو ذڪر نه ٿو ڪرڻ چاهيان. البت اوهان کي نقصان کان بچائڻ لاءِ تجويز ڏيندس ته طريقي نمبر 2 تحت وي-پي ڪري گهرايو.
    - اوهان هن خط جي موٽ ۾ لکندا ته آئينده ڪتاب وي –پي ڪري موڪليو ته ان تي عمل ڪرڻ سان نڪو اوهان جو نقصان نڪو فائدو جي بنياد تي ڪتاب حاصل ڪري سگهندا.
    - خط نمبر2 آخري 27.04.1996 ع تي پهتو.
    - سندم ادا وڏي جي وفات تي رسمي طور تي فاتح ڪرڻ لاءِ ٿورا... ٿورا... ٿورا.
    - حڪم هو ته سنڌي ٻارڙا مئي-جون 10 ڪاپيون موڪليون وڃن. تعميل ڪندي وضاحت ڪندو هلان ته اسان مهيني بدران ڪتاب ڪڙي نمبر جي حساب سان شايع ڪندا آهيون.
    - هن وقت سندم پورهئي سان سجايل ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جي ڪتاب ڪڙي نمبر 29 ”ڀاءٌ ڀيڻ“ ورهاست جي آخري ۽ ڪتاب ڪڙي نمبر 30 ”هٿيار“ ابتدائي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي.انهيءَ حوالي سان بهتر ڄاتم ته ڪتاب ڪڙي نمبر 29 موڪليان ۽ ڪڙي نمبر 30 بعد ۾ موڪليندس.
    - اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته اوهان ٻارڙن جا ٻيا به رسالا وڪري لاءِ گهرائي واهيرن تائين پهچائڻ سان گڏ پڙهندا به رهو ٿا، پر اهو معلوم ڪري بيحد افسوس ٿيو ته ” اوهان جي اسڪول ۾ ڪو به اهڙو استاد ناهي جيڪو ٻاراڻا ڪتاب گهرائڻ لاءِ شعور رکندو هجي!! مايوس نه ٿيو. خط ساڻ درخواست فارم شامل ڪريان پيو. چاهيو ته پنهنجي اسڪول جي جناب هيڊ ماستر صاحب سان رجوع ڪري گهربل مقصد جي اجازت حاصل ڪئي وڃي. يقين ڏيارڻ لاءِ سندن مختصر خط به شامل ڪند ته پاڻ لاءِ احسان ڀائيندس.
    - مواد جي اشاعت لاءِ” پاليسي پيپر“ پڻ شامل ڪريان پيو، ان تي عمل ڪندا ته سمجهندس ته اوهان ٻالڪ ادب جا گهڻگهرا آهيو.
    - اوهان جو 60 رپين جو مني آرڊر 09.06.1996 تي پهتو آهي. موٽ ۾ عدد 10 ڪتاب موڪليم. سترهن رپيه پوسٽ خرچ ڪري، جيڪي اوهان اڏو آهن.
    - اهو ڄاڻي افسوس ٿيو ته بقول اوهان جي ته اسڪول ۾ ڪو به اهڙو استاد ناهي جيڪو اوهان سان سهڪار ڪري. اوهان خود غربت جي دائري ۾ ايندڙ ٻار هجو ته پهرين اوهان نه ته ٻي صورت ٻي ڪنهن وري ذهين شاگرد کي نامزد ڪري اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب کي درخواست لکو. نمونو ساڻ شامل آهي.انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي والد صاحب کي به گڏ وٺي وڃو ته بهتر ٿيندو. اميد ته نتيجو بهتر نڪرندو ۽ خط ڏيکاري منهنجا به سلام ڏجوس.
    - ڪتاب اوهان کي ۽ اوهان جي ساٿين کي ڪيئن لڳا ان حوالي سان پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.


    اوهان جو پنهنجو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (3)
    حيدرآباد
    12.06.1996
    ننڍڙا مائٽ عيسيٰ ميمڻ
    سکي هجو شال
    وعليڪم سلام
    جيئي لطيف، جيئي لطيف جي ٻولي
    - اوهان جو خط 10.061996 تي تصوير، شاعري ۽ نالن جي لسٽ سميت پهتو.
    ترت نه سهي دير سان به جواب لکڻ لاءِ ٿورا.
    - حڪم هو ته ڪتاب ڪڙي نمبر 30 جون عدد 10 ڪاپيون فوري طور وي پي ڪيان.حاضر بابا ! تفصيل ۾ 11.06.1996 تي اڳواٽ رواني ڪيل مختصر بوڪ پوسٽ ذريعي دستوري اطلاع ڪندي لکيم ته (1) 10 عدد ڪتاب اٽڪل 15 رپيه پوسٽ خرچ ڪري روانه ڪيا وڃن پيا.(2) نڪو نقصان نڪو نفعو جي بنياد تي 60-60 رپين ۾ وي پي ڇڏائڻ لاءِ پوسٽ سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ته ڏوڪري پوسٽ وارا جائز طور تي فقط ڏه رپيه ڪاٽي پاڻ رکندا ۽ مان ڏي 50-60 رپيه ڏياري موڪليندا. (3) ڪتاب 15-16 جون اندر پهچي ويندا،(4) اوهان جي خط جو جواب (هيءٌ) لکي ڪتابن جي پارسل جي وچ ۾ رکيو ويو آهي، وغيره.
    - اميد ته مٿيون اطلاع ضرور پهتو هوندو؟ يا پنڌ ۾ هوندو؟
    - هاڻي اوهان جي خط جو تفصيلي جواب حاضر آهي:
    - ڪتاب ڪڙي 32 ، منهنجو ابتدائي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. واري اچڻ تي واري واري سان تصوير، شاعري ۽ لسٽ شايع ڪئي ويندي.
    - اوهان جي شڪايت اجائي به آهي ته سجائي به آهي ته اوهان غلطيءَ سان لفافي تي 75 پيسن جي ٽڪلي نه لڳائي ، خط موٽي آيو ۽ مان ڏيڍ رپيو ان ڪري ادا نه ڪيم ته غريب آهيان؟ وغيره . عرض ته 15.05.1996 کان پوسٽ وارن جو هڪ مختصر خط، جيڪو 23.05.1996 تي پهتو هو. ڏيڍ رپيو ڏنڊ ڏيئي حاصل ڪيم. (ثابتي طور تي ساڳيو لفافو هن خط ۾ شامل ڪريان پيو) ان ڏس ۾ ”جوابدار“بڻجي وڌيڪ وضاحت ڪندو هلان ته اوچتو پوسٽ خرچ وڌي وڃڻ ڪري مان اوهان ڏانهن ڪتاب ڪڙي نمبر 29 جا عدد 10 ڪتاب ( فاضل هڪ ڪتاب سچ جا سنيها سميت) اٽڪل 25 رپيه پوسٽ خرچ ڪري پارسل نمبر 568 ڪيا هئا. ڇا اوهان پارسل تي ٽڪليون نه ڪيون هيون؟ انهيءَ جو مطلب ٿيو ته اوهان ڪڙي 29 جي حاصلات لاءِ پنج رپيه مني آرڊر تي ۽ 60 رپيه ڪتابن جا ڪل 65 رپيه خرچ ڪري پنج رپيه نقصان کاڌو. جڏهن ته مان 25 رپيه پوسٽ خرچ ڀري 35 رپين ۾ 10 ڪتاب ڏنا يعني ڇهن رپين وارو ڪتاب سراسري طور تي ساڍا ٽن رپين ۾ ڏنا !( وڌيڪ اوهان ميمڻ آهيو ته مان به ميمڻ آهيان. حساب کي سمجهو ته وڙ).
    - ان جي برعڪس اوهان کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سٺ رپين جا ڪتاب 50 ۾ وي پي ڪيا . ڏوڪري پوسٽ وارن ڏه رپيه وڌيڪ جائز طور پاڻ وٽ رکيا. جڏهن ته مان اٽڪل 15 رپيه پوسٽ ڪيا. وري به سراسري طور تي 35 رپين ۾ اوهان 10 ڪتاب حاصل ڪيا ۽ مان اصولي طور 25 رپين جو نقصان کاڌو.
    - ان ڪري تجويز ڏيندس ته ڪتاب ڪڙي نمبر 31 کان ڪتابن جو تعداد 15 يا 20 ڪريو. جيئن ٻنهي طرفن کان نڪو نقصان نڪو نفعو جي بنياد تي ٻالڪ ادب جي خدمت لاءِ جاکوڙ جاري رکي سگهجي. اهيو به واضح ڪندا ته ڪڙي 31 ڪڏهن موڪليان ؟
    - سال 1996.7 جي سالياني بجيٽ جي تلوار مٿان لٽڪيل آهي. مهانگائي جو راڪاس ادبي ادارن کي ڳڙڪائڻ لاءِ وات ڦاڙيو بيٺو آهي. ڇا ڪجي؟
    - سندم پورهئي سان سجايل ڪڙي نمبر 29 پسند ڪرڻ لاءِ ٿورا.
    - اسڪول جون وئيڪيشن ختم ٿيڻ شرط هيڊ ماستر صاحب سان ضرور رابطو قائم ڪري سهڪار حاصل ڪريو.
    - اوهان جو والد صاحب اڻ پڙهيل آهي ته پوءِ گهر جي ڪنهن به لکيل پڙهيل فرد کي گذريل ۽ هيءٌ خط ڏيکاري ۽ سندن رهنمائي ضرور حاصل ڪندا.
    - ڇهون پاس ڪري ستين ڪلاس ۾ اچڻ تي مبارڪباد قبول ڪندا. ستين ۾ محنت ڪري پهريون نمبر حاصل ڪري ڏيکاريندا ته اوهان جو سٺي نموني باتصوير تعارف شايع ڪندس. سنڌي ٻارڙا جو هڪ سلسلو، خبرچار، عجيب دنيا، ٻالڪ ڊائري ۽ نئين دنيا (سائنس) چونڊ ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو.
    - نيڪ تمنائن سان اوهان جو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (4)
    حيدرآباد
    30.06.1996
    پتڪڙا مائٽ عيسيٰ ميمڻ
    جُڳ جُڳ شال جيئو
    حق موجود- ناحق نابود
    - اوهان جو خط 26.06.1996 تي چوسٽي ۽ راءِ سميت پهتو.جواب لکڻ لاءِ ٿورا.
    - ڪڙي 31 جي پارسل ۾ احوال ( هيءٌ) لکي اوريان پيو ته جيئن لفافي جي بچت ٿي پوي. ڇو ته اوهان به ميمڻ آهيو ته مان به به ذات جو ميمڻ آهيان ۽ بچت ڪرڻ پنهنجي برادريءَ جو اعليٰ مثال آهي. البت وري به ان آرزو جو ورجاءٌ ڪندس ته سهڪاري جذبن سان سرشار ٿي ڪتاب نڪو نفعو نڪو نقصان جي بنياد تي گهرائڻ لاءِ حيلا هلائيندا ته وڙ.
    - اوهان جو واعدو رڪارڊ تي رکان ٿو ته اوهان اسڪول جون موڪلون ختم ٿيڻ شرط 15 ڪاپيون گهرايون وينديون. ان ڏس ۾ خيال رهي ته ڪڙي نمبر29 جي پارسل سان گڏ هيڊ ماستر صاحب کان سهڪار ماڻڻ لاءِ هڪ درخواست فارم جو نمونو به رکيو اٿم. ان حوالي سان هيڊ ماستر صاحب سان رجوع ڪري ردعمل ۾ ڪتابن جو تعداد لکندا ته وڙ.
    - اوهان جي تصوير ۽ مواد ڪتاب ڪڙي 32 کان واري اچڻ سان شايع ڪيو ويندو. جيستائين موڪليل مواد شايع نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين ٻيو مواد نه موڪليندا ڇو ته هر ڪتاب ڪڙي جي اشاعت کان پوءِ مواد جا ايڏا ته ڍڳ جمع ٿي وڃن ٿا جو هڪ ئي وقت سمورن ٻارڙن کي راضي رکڻ مشڪل آهي. (اميد ته اتفاق ڪندا ته بهتر).
    - ڪتاب ڪڙي 32 جيڪا هن وقت تيارين جي عذاب ڏيندڙ ابتدائي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. رهيو امن امان ۽ ملي حياتي ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ شايع ڪرڻ جا وس ڪندس. ان کان اڳ اوهان چاهيو ته ٻيون ڪتاب ڪڙيون، جيڪي اوهان نه پڙهيون آهن اهي ڏياري موڪليان.
    - اوهان پنهنجي خاص دوست (ٻار) جو انٽرويو ڀلي موڪليو. شرط اهيو آهي ته صلاحيتمند ضرور هجي ؟ انٽرويو وٺڻ دوران ورتل تصوير موڪليو ته سٺو، نه ته فقط هڪ پاسپورٽ سائيز تصوير موڪلڻ نه وساريندا.
    - انٽرويو معيار تي نه لٿو ته پوءِ اوهان جي خواهش کي مان ڏيندي ساڳئي انٽرويو کي ايڊٽنگ جي مرحلي مان گذاري ”سيلف انٽرويو“ طرز واري اچڻ تي شايع ڪيو ويندو.( ڪيئن هاڻ به خوش ٿيندا يا نه؟)
    - اوهان جي روزمره جي مصروفيتن متعلق احوال پڙهي خوشي ٿي ته مسقبل تباه ڪندڙ ڊش کي وقت ڏيڻ بدران صبح سوير خدا کي ياد ڪرڻ کان وٺي علم ادب کي پروڙڻ لاءِ گهڙيون صرف ڪريو ٿا. اميد ڪندس ته ساڳين مصروفيتن ۾ پاڻ کي محفوظ رکندا ته مسقبل ۾ سنڌ وطن جا بهترين واهيرو ضرور ٿيندا.
    - اوهان مذڪوره احوال اوريندي سوال ڪيو ته ”هاڻ ڏسون ته اوهان (مان) منهنجي (توهان جي) ڪهڙي همت افزائي ڪيو ٿا؟ وغيره. عرض ته مان اوهان جي ڏيهاڙي جي مصروفيتن جي پڇا ان خيال سان ڪئي ته جيئن بوڪ اسٽال جي حوالي سان ريڊيو تي انٽرويو ڪري سگهان. ڇا اوهان پنهنجي والد صاحب جي اجازت سان آماده آهيو ته بحيثت بوڪ اسٽال هلائيندڙ ٻالڪ جي انٽرويو وٺان ؟
    - وضاحت ڪندو هلان ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هفتيوار پروگرام ” ٻارڙن جي ٻاري“ جي سلسلي : ”جهڙا گل گلاب جا“ لاءِ گذريل هڪ ٻن سالن کان باصلاحيت پر هنرمند شاگردن جا انٽرويو رڪارڊ ڪرائي چڪو آهيان ۽ آگسٽ-سيپٽمبر ۾ وڌيڪ ٻارڙن جا انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ چاهيان ٿو. اوهان حيدرآباد اچڻ لاءِ راضي آهيو ته پوءِ سوال نامو ٻئي چڪر ۾ موڪليان. حيدرآباد اچڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن به ذميوار مائٽ عزيز سان گڏ اچڻو پوندو. هن سلسلي ۾ پنهنجي والد صاحب کان اجازت وٺڻ لازمي آهي.
    - اوهان خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڪڙي 31 جون 10 ڪاپيون ۽ ٻي پاسي وري لکيو اٿوَ ته ڪڙي 31 جون 8 ۽ ڪڙي 32 جون 8 ملائي 16 ڪاپيون وي پي ڪيون وڃن. مٿي وضاحت ڪري چڪو آهيان ته ڪڙي 32 اڃان تيارين جي مرحلي ۾ آهي، ان ڪري في الحال ان باري ۾ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.
    - ڀاءٌ امتياز مغيري کي هڪ ڪاپي ڏئي اوهان چڱو ڪيو پر کيس همٿائيندا ته ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪجهه ميمبر جوڙي ڏيئي.
    - هتي لوڊ شيڊنگ، برسات ۽ مهانگائي جو خوفناڪ عمل جاري آهي. جولاءِ مهينو ته سنڌ مٿان ڏاڍو ڏکيو پيو نظر اچي. اوهان معصوم آهيو هر وقت دعائن ۾ شامل حال ڪندا رهندا ته ٿورا سمجهندس.
    اوهان جو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (5)
    حيدرآباد
    16.10.1997
    سنڌ جي آئيندي جا ابا عيسيٰ ميمڻ
    سک ۽ سانت ۾ هجو شال
    وعليڪم سلام
    - اوهان طرفان موڪليل پاسپورٽ سائيز تصويرن ۾ اوهان نه ڄاڻ ڇو ننڍڙا نظر ايندا هئا ۽ هاڻ موڪليل وڏي رنگين تصوير ۾ صاف صاف ”وا“ وڏا ٻار نظر اچي رهيا آهيو؟ ان جو مطلب اهيو ٿيو ته اوهان پهرين واريون پراڻيون تصويرون موڪليون ۽ هن واري تازي تصوير موڪلي ڏني. جيڪر اهو اندازو درست آهي ته پوءِ ٻارن سان ٻار ٿي رهڻ لاءِ ڪجهه مارڪون گهٽائيندس. ڇو ته آئون پاڻ کي ٻار ٿي رهڻ لاءِ ٻارن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري اڻ ڏٺل ويرين جون سزائون ڀوڳي رهيو آهيان. جيڪر اندازو غلط آ ته پوءِ علمي ۽ عقلي دليل سان پاڻ کي تصويرن جي آئيني ۾ ننڍڙوڏسو نه ؟ ٻار ثابت ڪندا ته ”مارڪون“ ڪاٽو ڪرڻ بدران واڌو ڪندس...!!ڇو ته..........؟
    - اوهان جي رنگين تصوير واري اچڻ تي شايع ڪري همت افزائي ضرور ڪندس.
    - ها ڀائي! محسوس ٿيو ته اوهان واقعي وڏا ماڻهو ( الله ڪري وڏا ماڻهو ضرور ٿيو ) ٿي ويا آهيو. ان جو دليل اهو ئي ڪافي آهي ته منهنجي خط جو جواب پهرين وار بنهه دير سان ڏنو ويو آهي...! يعني اوهان مصروف ماڻهو ٿي ويا آهيو؟ ڇا ۾ مصروف آهيو؟ ان جي خبر اوهان کي...؟
    - ڪلهه جي ٻالڪ ۽ اڄ جي باشعور نوجوان استاد سائين عرس پارابيءَ کي خط ذريعي ڏنل انٽرويو، جيستائين مون کي پڙهڻ لاءِ ڏياري موڪليو، تيستائين ڪيل قول مطابق ڪڙي 37 ۾ پنهنجو سيلف انٽرويو پڙهي گد گد ٿيو، ٺيڪ...؟
    - ڪالهه (ماضي) اوهان جي دل مون سان هئي؟ اڄ (حال) منهنجي سادگيءَ سان اوهان جي دل آ، سڀاڻ (مستقبل) لاءِ ڪا نئين اصطلاح ڪم آڻيو؟ ان کان اڳ اوهان کي صلاح ڏيندس ته منهنجي قلمي پورهئي سان دل لڳايو ته آخري پساه سڪون سان کڻي مٽيءَ ماءٌ جي حوالي ٿي ويندس ڇاڪاڻ ته آئون تيزيءَ سان اڌ صديءَ کي ڇهندڙ اهو نڀاڳو انسان آهيان جنهن کي صدي مڪمل ڪرڻ جي ڪا به خواهش نه آهي...؟؟
    - ٻئي پاسي اوهان کي واقعي ڪو دلي هڳاءٌ هجي ها ته (الف) جشنِ ڏه سالا سنڌي ٻارڙا“ ۾ وڏڙن جي رهنمائي سان ضرور شريڪ ٿيڻ جي نينڍ کي قبولي پاڻ ملهايو ها پر................
    - (ب) ڪتاب ڪڙي 36 جي صفحي 49 ( سلسلي خبرچار) ۾ مون تي خوني حملي ٿيڻ جي خبر پڙهي، ردعمل ۾ رسمي افسوس جو به اظهار ڪيو ها ته اوهان جي دلي هڳاءٌ ( لڳاءٌ نه) جي پروڙ پئجي وڃي ها پر..........
    - اوهان کي ان ڳالهه تي ڀلي ڏک (قلبي نه روايتي) ٿئي ته ڪتابن ذريعي سنڌ جي ٻارن سان محبتون ورهائيندي ٿڪجي پيو آهيان پرمليل زهريلن تجربن جي بنياد تي ڪنهن سمي لکيل ڊائري جي هڪ ورق کي غور سان پڙهي راءِ ضرور ڏيندا . جنهن ۾ ڪجهه هن ريت لکيو هيم ته : پنهنجو رت ست ڏيئي ڪتابن ذريعي سنڌ جي ٻارڙن ۾ علمي ۽ ادبي جوت جاڳائڻ لاءِ وڏا وس ڪيم. موٽ ۾ اجتماعي موٽ نه ملڻ ڪري زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ لاءِ بهتر سمجهان ٿو ته ڪتابي سلسلي کي بند ڪري وي سي آر (ڪيسيٽن جو ڪاروباري دوڪان کوليان ۽ دوڪان جي اڳياڙي تي پينٽر کان هڪ بورڊ هڻايان جنهن تي لکيل هجي ”سنڌي ٻارڙا وڊيو سينٽر“ ۽ پوياڙي ۾ ستل سنڌي سماج کي جاڳائڻ لاءِ به سٽون تحرير هجن ته سنڌ جي سنڌي ٻارڙن کي سنواري ته نه ٿو سگهان پر کاري ته سگهان ٿو نه ......؟
    - اوهان جو ايئن لکڻ ته ”جيستائين زندگي آهي تيستائين ساٿ رهندو. سمجهي سگهو ٿا ته ڪيتري وڏي ذميواري آهي ؟ ان ڪري نئين سر جملو تبديل ڪري هيئن لکندا ته ”جيستائين سنڌي ٻارڙا نڪرندو رهندو تيستائين ساٿ نباهبو رهبو.“
    - ٻار جي سڃاڻپ جو معيار ڇهين يا ستين ڪلاس ۾ داخل ٿي پڙهڻ نه آهي. ڇاڪاڻ ته گهڻن اسڪولن ۾ وڏي ڄمار جا ڇوڪرا به هيٺين ڪلاس ۾ داخلائون وٺندا رهندا آهن. اوهان جي ڪلاس ميٽ ساٿي جوڻيجو جي تصوير خود ڳالهيو ته هيءَ ٻار نه پر نوجوان ساٿي آهي. بهرحال اوهان جي خواهش کي مانُ ڏيندي سندس تصوير ڪڙي 38 ۾ ڇاپڻ جا وسَ ڪندس.

    چڱو مائٽ موڪلاڻي ناهي
    اوهان جو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________


    (6)
    حيدرآباد
    27.01.1998
    مٺڙا مائٽ عيسيٰ ميمڻ
    گد گد رهو شال سدا.
    وعليڪم سلام
    - اوهان جو انٽرويو ڏاڍو پسند آيو پر جاڳو طرفان ڪنهن ورتو؟ ان جو نالو نشان به نه هو. يا اوهان خود جاڳو ٻالڪ جو سوال نامو ٿيندي خود لکيو؟ بهرحال! انٽرويو ۾ اوهان گوسڙو استادن بابت جنهن جذبي ۽ همت سان جواب ڏنا آهن انهن تي تاڙيون وڄائيندي اتفاق ڪندي داد ڏيان ٿو ۽ آسوند رهندس ته اڳتي هلي اوهان خود ڪنهن به شعبي ۾ نوڪري اختيار ڪيو ته ماضي جي نسبت سان چيل لفظن تي خود به عمل ڪندي صالح ٿيندا ته وه واه.
    - موڪليل تصويرن جي وضاحت ڪو نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته اوهان جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي تصوير موڪلي هئي ته پهريون خط ساڻ واضح ڪري ڇڏيو هو ته اهي تصويرون پنجي درجي ۾ پڙهڻ دوران نڪتل هيون، پي...؟ اٺين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سو به مان جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ ان ڏس ۾ تصديق ڪرڻ ڪجهه عجيب لڳو. بهرحال ! اوهان جي حڪم تي ڪڙي 38 ۾ شايع ڪرڻ جي تعميل ڪندي واري اچڻ تي شايع ڪرڻ جي هام ڀريان ٿو.
    - اوهان سنڌي ٻارڙا لاءِ سچل چواڻي ساڳيا آهيو يا سا ڳيا رهندا؟ اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. البت ٻال ساهت جي حال سان جيترو ٿي سگهي ته نڀائيندا ته منهنجي لاءِ ايترو ئي ڪافي ٿيندو.
    - علمي ادبي دنيا تي سنڌ جي ٻارڙن لاءِ قلمي محبتون ورهائڻ جي حوالي سان اوهان جو اهيو ردعمل ته ”جيستائين منهنجي زندگي رهي ته اوستائين سنڌي ٻارڙا سان ساٿ رهندو ڇو ته مان پنهنجي زندگي ( خدا نخواسته) وڃائي ويهان ، پر آرزو اٿم ته سنڌي ٻارڙا اڃان به جاري رهي“. وغيره ٻالڪ ادب جي سولي چڙهندڙ عظيم عيسيٰ ! ان ڏس ۾ ڪن کولي ٻڌ. تنهنجي مذڪوره جملي جي موٽ ۾ من اندر برپا ٿيندڙ ” شام غريبان“ جي حوالي سان ورجاءٌ ڪرڻ کان سواءِ فقط ايترو چوندس ته اوهان آئينده ٻيهر پنهنجي زندگي وڃائڻ جي ڳالهه لکي انفرادي طور ارپڻ جو اظهار ڪيو ته ڪتاب موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندس. ان حوالي سان منهنجو هيءٌ خط به آخري سمجهندا. ڇو ته مان وڏيون اذيتون سهي پنهنجي زندگي سنڌ جي ٻارڙن جي آئيندي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي آهي. ان جي برعڪس...! اوهان پنهنجي زندگي سنڌي ٻارڙا تي قربان ڪرڻ بدران پنهنجي زندگي جي بيهڪ اهڙي ريت بيهاريو جيئن اوهان جا جذبا به اسرندا رهن ۽ اوهان جي والدين جي اکين ۾ اوهان لاءِ سجايل سپنا به ساڀيان ٿي سگهن. حساس ضرور رهو ايڏا به حساس نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ان قسم جي جملن تي آئون بيحد جذباتي ٿي ويندو آهيان. محسوس ايئن ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪو منهنجو رانديڪو وڃائجي ويو آهي ۽ ڳوليندي ڳوليندي گم ٿي ويو آهيان. سندم پيرا کڻندڙن کي رانديڪو ته لڀي پيو هجي پر آئون نه ملي سگهيو هجان!!! ( الائي ڇا لکي ويو آهيان).
    - 11.01.1998 واري عوامي آواز جي صفحي ”جوت“ جو by the way درشن ٿيو. ان ۾ اوهان جو ليک ”ٻاراڻو ادب ۽ اسان جون ذميواريون“ جي عنوان تي بهترين ليک هو. پر مواد جي آخري ٽڪرو : اها ڳالهه جڏهن مون محمد حسن پٺاڻ... کان وٺي توڙ تائين اڻ لاڳاپيل هئي جيڪا ڪهاڻي جي اسٽائيل ۾ ڊائيلاگن سان سلهاڙيل هئي.
    - ڀائو حسن کي ٻالڪ رسالو هلندڙ سال ۾ شايع ڪرڻ تي منهنجي طرف کان اڳواٽ ئي مبارڪون ڏيندا.
    - اوهان جو هڪ هفتو اوسيئڙو ڪيو ويو پر ورندي نه اچڻ ڪري واجب سمجهيم ته ڪتاب روانه ڪري ڇڏيان. ڇاڪاڻ ته امڪان آهن ته 9.02.1998 کان اسڪولن ۾ ساليانه امتحان شروع ٿي وڃن. جيڪڏهن امتحانن جو پروگرام پڌرو ٿي وڃي ته سڀ مصروفيتون ترڪ ڪري پڙهائي تي ڌيان ڏيندا.

    اوهان جو پنهنجو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (7)
    حيدرآباد
    03.04.1998
    مانوارا عيسيٰ ميمڻ
    سلامت هجو سدا
    وعليڪم سلام
    اوهان جي مختصر موٽ جو طويل اوسيئڙو ڪرڻ کان پوءِ ڪڪ ٿي اوهان جي حصي جا ڪتاب ڪڙي 38 موڪلي ڇڏيم.
    هاڻ اچان ٿو اوهان جي خط ڏانهن ڪيل وچن تحت ورندي وارڻ لاءِ:
    - ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ مون کي جواب لکي ننڍپڻ ۾ نظر ڪمزور نه ڪريومان ميڻ بتيءَ تي ڇو ٿو لکان؟ مون کي ڇڏي ڏيو. مان ان ڪري ٿو لکان ته جيئن سنڌ جو نئون نسل منهنجون اکيون بڻجي سگهي.....
    - اوهان هر خط جيئان هن خط ۾ به جملو ورجايو ته ”جواب دير سان لکڻ تي معذرت.“ پليز روايتي معذرت خواهان رويو ترڪ ڪريو. جواب ڀلي دير سان لکو پر اڌوري بدران ڀرپور ۽ سٺو ڪري لکو. جيئن پڙهندڙ آسيس ماڻي ! ۽ مون وانگر احتجاج رڪارڊ نه ڪرائي ته ڦلاڻن جا جواب ڇو رهجي ويا.
    - ڏهه سالا جشن سنڌي ٻارڙا لاءِ واڌايون قبول آهن البت ان ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارو ڪارڻ ڪڏهن به قبول نه ڪندس. ڇو ته اوهان هاڻي ٻار نه پر ذري گهٽ مئي جي سيشن تائين نائين ڪلاس ۾ داخل ٿيندڙ ميچوئر ۽ نوخيز نوجوان شاگرد هجڻ جي باوجود جشن ۾ شريڪ ٿيڻ کان لاچار ٿي ويا. ان جي برعڪس ڪوهن کان ڪهي ايندڙ معصوم نياڻين شريڪ ٿي خود مون کي حوصلو ڏنو جڏهن ته اوهان........
    - ها ٿورو وري به ترسو ! سنڌي ٻارڙا جا ڪتاب گهرائي سهڪار ڪندڙ (اوهان سميت) ساٿين کي هٿو هٿ توڙي پوسٽ ذريعي ”سهڪاري سندون“ جن جشن ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌ جي مهان ادبي شخصيتن جون صحيحون ڪيل آهن، جاري ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿيڻ وارو آهي. اوهان پنهنجو سهڪاري سرٽيفڪيٽ جيڪو مستند هجڻ ڪري ڪٿي به اوهان کي ڪم اچي سگهي ٿو، حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ هجو ته 20 رپين جون پوسٽ واريون ٽڪليون ڏياري موڪليندا ته جيئن سندَ پوسٽ ڪري سگهان. پليز ! هلندي هلندي هن پيشڪش کي واپاري نالو ڏيڻ بدران ”ٻالڪ ادب جي مفاد ۾“ خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ ”ڦڙي ڦڙي جو نالو ڏيندا ته وڙ، نه ته.......
    - سڄڻ! اوهان جي جذبن جا پير ۽ منهنجيون پيرانديءَ لاءَ سدا کان واقف ڪيل اکيون حاضر آهن. منهنجي اکين سان مون کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهو ته وڏو انقلاب تصور ڪندس....
    - هن وقت شديد گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ جي عذاب ۾ سڙي ڪتابي ڪم ڪري رهيو آهيان. هيءَ اونهارو خير سان گذاري ويس ته ڄڻ نئون جنم ٿيندم. نه ته مري وڃان ته ٻه قل پڙهي ڇڏجو. ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ کان وٺي گرمي برداشت نه ڪري سگهندو آهيان. مٿان وري ذهني ۽ قلمي پورهيو به وڻ وڄائي ڇڏيندو اٿم. هاڻ ڏسو نه اوهان کي به 4 صفحن تي خط لکي ويس؟
    - خط جو اطمينان جوڳو جواب لکندا ته قرب.
    اڃان به ساڳيو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (8)
    حيدرآباد
    20.05.1998
    فضا ۾ جمود آ، هوا هير ناهي!
    يا الاهي ڇا ماجرا ، ڪهڙي مام آهي ؟
    ڪاڙهي/ ڪڙهي تپي جواب ڏنو،
    اهيا ائٽمي تجربن جي قيامي شامت آهي. (ا.ش)
    ڊيئر عيسيٰ ميمڻ
    سلامتيون هجن شال !
    وعليڪم سلام
    - قسطوار ڊرامي جيئان هڪ،ٻه ،ٽي مختصر پيرائتا خط پهتا. جواب لکڻ ويٺس ته لوڊشيڊنگ جي نالي ۾ بجلي ( گذريل ٻن هفتن جيئان) ڀڄي ويئي. گرميءَ جي درجي حرارت به ٽاپ تي هئي. ميڻ بتيون ٻاري انهن به نور اوتڻ شروع ڪيم، لئون لئون مان پگهر باه بڻجي نڪرڻ شروع ڪيو ته مجبورن قميص ۽ گنجي لاهي ڏيهاڙي جي قلمي ڪرت جي حوالي سان اوهان کي خط لکڻ ويٺس ته ” سندم آفيس جي بلڊنگ وارو پٺاڻ چوڪيدار به اچي نڪتو ۽ چيائين ”صاب ! جب ديکهو کام کرتي هو ؟ بجلي بهي نهين هي، گرمي بهت زياده هي، سبب ( آفيس ۾ چاليهارو کن ٻيون به آفيسون آهن) چلي گئي ، تم دفتر بند ڪر ڪي آرام ڪرو “ ورنديءَ ۾ چوڪيدار کي چيم ته تون وڃي هيٺ گيٽ تي انتطار ڪر ، ڏيهاڙي جيئان لکپڙه ڪري هيٺ لهندس ته پوءِ تالو لڳائجانءِ.
    - گرمي جي شدت ۾ هن خط جي نراڙ تي هڪ چوسٽو تخليق ٿي ويو، جنهن ۾ رديف / ڪافين جي گرٽ ضرور آهي پر ڪيفيتن جو اظهار ضرور آهي ته آرام ڪرڻ بدران قلمي ڪرت ڇو جاري رکيون پيو اچان؟ ان ڏس ۾ ڌارئي پٺاڻ چوڪيدار جو شڪرگذار آهيان ته هن قلمي مصروفيتن کي مڃتا ڏيندي خيالن جو اظهار ڪيو، پر افسوس اٿم ته اوهان سميت پنهنجن به ڪائي مڃتا نه ڏني ته، آرام جيڪو هڪ مقدر ۾ نه اٿم، ڪري ٻالڪ ادب جي مفاد ۾ جنگ لڙڻ لاءِ تازو توانو ٿي ميدان تي لهان. جيتوڻيڪ حالتن اهڙو ته اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي جو جهالت جي فوج سان هر محاذ تي وڙهي پنهنجو سڀ ڪجهه (خاص طور آئيندو داوَ تي لڳائي چڪو آهيان.) افسوس ڇا؟ دل تي زخم زخم اٿم ته هڪ ڌاريو پٺاڻ چوڪيدار سندم عذاب ڏيندڙ قلمي مصروفيتن کي محسوس ڪري مڃتا ڏئي ٿو پر ان جي برعڪس جنهن نڀاڳي ،بدبخت، ستل ،سست سنڌي قوم جي ٻارڙن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري قلمي جهاد ڪري رهيو آهيان، ان طرفان مجموعي طور تي ڪابه مثبت، سواءِ نعري بازي جي، موٽ نه اچي ته سنگهرن سان ماتم ڪريان يا........... سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هيترا ڪتاب موڪلجن پيا؟ جهڙو مختصر اطلاع ڪرڻ بغير/ گڏ ڪم ڪرڻ سان ڪم رکندي رت ولوڙيندڙ هيءٌ احوال ڇو لکي رهيو آهيان؟ ڇا پٺاڻ چوڪيدار جئان احساس ڪري سگهندا؟
    - ڪڙي 38 ۾ رکيل تفصيلي جواب جي رد عمل ۾ قسطوارجيڪي پتر پلئي پيا، انهن جا جواب (جواب دار نه هوندي به هڪ طرح سان) حاضر آهيان.
    - اوهان سنڌي ٻارڙا تي تبصرو سٺو لکيو. ٻالڪ اديب، شاعر ٿيڻ کان پوءِ پهرين وار ”مبصر“ ٿيڻ تي واڌايون ٿو ڏيان. البت تبصري ۾intro نه هجڻ ۽ هٿ اکر بهترين هجڻ باوجود به ڳتيل ۽ تجريدي فارم ۾ هجڻ ۽ آخري 4 سٽون پنهنجي هٿ سان نه لکڻ ڪري ٻيهر مون کي نقل ڪرڻو پيو.
    - اوهان خود نشاندهي ڪئي آهي ته هلال پاڪستان ۾ تبصرو شايع ٿي چڪو آهي. مهرباني ڪري عبرت مئگزين، (ٻالڪ رنگ)، گل ڦل، جوت ۽ جاڳو، ٻالڪ پڙهندڙ هجو ته تبصرو شايع ٿئي ته انهن جا فوٽو اسٽيٽ مون ڏانهن ضرور موڪليندا. ڇاڪاڻ ته مان تبصرا مختلف اشاعتي سلسلن ڏانهن موڪليندو رهندو آهيان. ڪو ڇاپي يا نه ڇاپي پارت ڪون ڪندو آهيان. البت جنهن به سلسلي ۾ شايع ٿيندا آهن ته موٽ ۾ پهچندڙ خطن ذريعي پتو پوندو اٿم ته فلاڻي صفحي ۾ تبصرو شايع ٿيو آهي. سچ پڇو ته هيڪاندين مصروفيتن جي ڪري باقاعدگيءَ سان اخبارن وارا ٻارن جا صفحا نه پڙهي سگهندو آهيان. ڪڙي 39 بابت هلال پاڪستان ۾ ڇپيل تبصري جي ڪاپي به سنڌي ٻارڙي جي هڪ پڙهندڙ ساٿي آڻي ڏني.
    - ٻڌجي پيو ته جون ۾ سال 1998-99 جي پيش ٿيندڙ ساليانه بجيٽ تمام سخت اچي رهي آهي، نوان ٽئڪس لڳندا. مهانگائي جو راڪاس کي نئون رت ملندو. ڪاغذ ، ڪمپيوٽر، پيٽرول، بجلي جا اگھ چڙهيا ته مختلف اشاعتي سلسلن جيئان ”سنڌي ٻارڙا“ جي وجود کي به خطرو پيدا ٿيندو؟ ان لاءِ سڀاڻ نه پر اڄ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان ڏس ۾ سوچيندي سوچيندي اڪيلو ٿي ويندو آهيان پوءِ به رهيو امن امان ۽ ملي حياتي ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ڪڙي 41 آڻڻ جا جتن ضرور ڪندس.
    - نيو سعيد آباد مان دوستن طرفان شايع ٿيندڙ ٻاراڻي اخبار سنڌ سرهاڻ جي هڪ ڪاپي سوکڙي طور تي رکان پيو.

    اڃان به ساڳيو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (9)
    حيدرآباد
    6.10.1998
    مانائتا عيسيٰ ميمڻ
    مرڪندا رهو سدا.
    وعليڪم سلام
    - ڪتاب ڪڙي 40 ۾ 20.05.1998ع تي لکيل خط جي جواب ۾ ٻه خط پهتا آهن.حسب دستور ڪتاب ڪڙي 42 جو 27.09.1998ع تي روانگيءَ جو اطلاع ڪندي اڳواٽ ڄاڻ ڏنم.
    - اوهان بغير اطلاع ڏيڻ جي اوچتو ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ آيا.. آيا ته اکين تي ، پر مون وٽ نه آيا. پنهنجي قلمي دوست وفا مولا بخش قمبراڻي وٽ آيا.جتي اوهان by the way قمبراڻي جي استاد ساءِ اسرارميمڻ سان ملاقات ٿي. جنهن اوهان کي خوب کلائيندي ذري گهٽ روئاريندي اسرار شام وٽ سندس ”سنڌي ٻارڙا“ جي آفيس ۾ پڄائي تحليل ٿي ويو. جتي اوهان کي اسرار شام اوهان جا خط ۽ اوهان کي لکيل جوابن جا ڪاربان پيپر ڏيکاريا ۽ ٻاراڻي ادب جي تڪليفن کان آگاه ڪيو ۽ چند ڏينهن کان پوءِ وي پي ٿيندڙ ڪڙي 41 جون عدد 17 ڪاپيون هٿوهٿ ڏنيون اوهان ڪوٽڙي وڃڻ جو چئي موڪلائيندي وچن ڪيو ته ڪتابن جي رقم هڪ هفتي جي اندر-اندر مني آرڊرڪري موڪلي ويندي. (هڪ مهينو گذري ويو)؟
    - ها ڇو پيا منجهو؟ ادب ۾ علامت نگاريءَ جي حوالي سان پاڻ پيهي مونجهارو دور ڪري سگهو ٿا ڇو ته ان مونجهاري جو ڪارڻ اوهان خود آهيو. ان ڏس ۾ ڇا ياد ڏياريان؟ سنڌي ٻارڙا جي ڪتابي سلسلي سان رضاڪارانه طور تي پر حال سارو سهڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ريڊيو تي ٻارن جي پروگرام ۾ انٽرويو رڪارڊ ڪرائڻ جي نينڍ ڏنم بعد ۾ ” ڏه ساله جشن سنڌي ٻارڙا“ جي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت نامو موڪليم.( ردعمل ۾ اهيو پئي ظاهر ڪيو ته والد صاحب ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي؟) ان جي برعڪس اوهان طرفان قمبراڻي وٽ پهچڻ سان اندازو ٿيو ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ بابت مرضيءَ جا مالڪ آهيو.جنهن ۾ والدين طرفان جاري ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي اجازت نامي جو عمل دخل ناهي. جي آهي ته فقط............لاءِ هو/آهي.اهڙي روش تي دلي ڏک پهتو آهي.۽............؟
    - اوهان ۽ هيسباڻي وچ ۾ ٿيل /ڇپيل خط وڪتابت واري جنگ پڙهي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو، ٻنهي طرفان مقابلو خاشو هو پر اوهان جو پلڙو ڀاري ان ڪري هو ته اوهان لفظن جو استعمال سنجيده ڪيو. البت ان قسم جا بحث ضرور ٿيڻ گهرجن پر اختلاف ذاتي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجن. مون ٻئي فوٽو اسٽيٽ خط قمبراڻي جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
    - ڏه سالا جشن سنڌي ٻارڙا جي وڊيو ڪيسيٽ حاصل ڪرڻ ۾ دوستن سان ڀلي رابطو ڪريو پر ايتري دير نه ٿيڻ گهرجي جو اڳتي هلي آئون خود ڪيسيٽ موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيان؟
    - مهانگائي کي منهن ڏيڻ واري جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٿورا. ڪتاب جي قيمت ساٿين سان مشورن سان جڏهن به وڌائبي، ان لاءِ اڳواٽ اطلاع ڪندس. البت اوهان به ڪتاب خريد ڪندڙن کي ذهني طور تي اڳواٽ سجاڳ ڪري ڇڏيو.
    - هن خط جو جواب قسطن ۾ لکڻ بدران هڪ وار لکندا ڪيو، خاص طور تي ڪاري مس واري پين سان لکو ته پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. قمبراڻي ۽ شڪيل کي ڀاڪر ڀرڻ بدران ڪن پٽي ” اوهان جا سلام ڏنم“ .
    موڪلاڻي ڪانهي
    اڃان به ساڳيو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (10)
    حيدرآباد
    01.02.1999
    سهڪاري ساٿي عيسيٰ ميمڻ
    اسلام عليڪم
    - رسمي خيرعافيتن کي درگذر ڪندي ورجاءٌ سان ور ور ڏيئي اوهان جي ٿورا ڳايان ٿو ته ماضي ڏور يا قريب کان سندم عذابن اوجاڳن سان سجايل ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جا ڪتاب حال سارو گهرائي واهيرن تائين پڄائڻ لاءِ اخلاقي ۽ قومي فرض ادا ڪري رهيا آهيو. البت سنڌي ٻارڙا“ جي نيپاڄ ۾ مون اڪيلي سر گذريل يارهن سالن کان نئين نسل جي مفاد ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪيترو ڀوڳيو آهي؟ ان جو ازالو اڄ تائين ڪوبه ناهي ڪري سگهيو ۽ شايد ازالو ڪري به نه سگهندو. ڇو ته اسان جي سنڌي قوم هڪ طرح سان ايڪيويهين صديءَ ۾ کٽ تان پير لاهي داخل ٿيڻ بدران ڏٺوويندوجي بنياد تي مرده پرستي ۽ بي حسي جو مظاهرو ڪرڻ ڪاڻ لت کوڙي سمهڻ کي ترجيح ڏيئي چڪي آهي؟ انهيءَ حوالي سان غفلت جي غشي ۾ غرق سنڌي قوم جي بدن مان پيدا ٿي ” ڊش“ سان سُر ملائي آئيندو تباه ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي ڪهڙي ريت جوابدار بڻائي پڇا جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي ٿو، جيڪي وقت کان اڳ غيرفطري طور بالغ ٿي، پنهنجي وڏن کان به وڌيڪ منفي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي فخر ڪندا هجن ؟ اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ والدين، استادن، سماجي ورڪرن ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪن کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ان ڏس ۾ سوچڻ لوچڻ لاءِ ردعمل ظاهر ڪرڻ ڪاڻ به وقت نه هجي ته پوءِ ٻڏي مرڻ گهرجي. نه ٿا ٻڏي سگهون ته پوءِ ٻڏڻ لاءِ ماڳ تلاش ڪرڻ کان اڳ ٿورو سوچڻ به گهرجي، وقت ناهي ته آپگهات واري آخري رستي تي هلڻ کان اڳ به ڪي نصيحتون ڪرڻ گهرجن. نصيحت ڪرڻ لاءِ اهڙي جاءِ جي ڳولا ڪرڻ گهرجي ، جتي گڏجي دفن ٿيڻ کان پوءِ ٺهندڙ يادگار قبر تي ڪاڪا نارائڻ شيام طرفان گهڻا سال اڳ سنڌي قوم جا لڇڻ ڏسي اذيت سان تخليق ڪيل هيءٌ شعر ڪتبي تي لکائڻو پوندو ته:
    - ”الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ڪا ٻولي ؟!“ انهيءَ فطري تسلسل جي حوالي سان حد کان وڌيڪ ڀوڳنائون ڀوڳيندي ڀوڳيندي ٻالڪ ادب جي منظرنامي تان اوچتو گم ٿي وڃان ته گمشدگي جو اشتهار شايع ڪرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ڇو ته خبر اٿم ته اوهان منهنجي مرتئي کان پوءِ، مقبرو اڏائڻ، سنڌي ٻارڙا کي نظرياتي بنيادن تي جاري رکڻ ته پري ٿيوپر منهنجي جيجل امان طرفان وڇايل تڏي تي فاتح ڪرڻ توڙي اخبارن ۾ تعزيتي ليک جاري ڪرڻ کان به ڪن ٽار ڪندئو؟ ڇو ته اوهان زندگيءَ ۾ سکڻيون واه واه ڪندڙ فرد ۽ مئي پڄاڻان مرده پرست سنڌي قوم مان جنم وٺندڙ ڌرتي ماءٌ جا صدورا پٽ به آهيو !! اندازو آهي ته سکڻيون واه واهون ڪرڻ ۽ هوائي نعري بازي ڪري پاڻ پڏائڻ وارو نمائشي مرض اڃان به سنڌي قوم جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.ان ڏس ۾ آزمائشي طور اوهان سميت ڪتاب گهرائي سهڪار ڪندڙ سمورن ساٿين کي فردن - فردن نور نچوئي خط لکي اپيل ڪيم ته جيڪر واقعي ٻالڪ ادب جا عملي طور همدرد آهيو ته موٽ ۾ فقط ڊبنگ چارج ڪيسيٽ جي قيمت 200 رپيه موڪلي ”جشن جي مووي گهرائي ، ٻهراڙي جي ٻارن کي ڏيکاري شعور جي پکيڙ ۾ واڌارو ڪري سرخرو ٿيو. ردعمل ۾ ڪهڙي موٽ ملي ؟ جواب پاڻ کان پڇي ٻڌايو ته اوهان خود ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو ؟ مهانگائي جا عذاب هر سال پريس جي شعبي مٿان نازل ٿي پريشان ڪندا رهيا آهن. هلندڙ سال (1999) جي اڳياڙي اوچتو مهانگائي جو راڪاس ڪتابن جي اشاعت جي مڙني مرحلن تي ٻيڻا اگھ ڪري راتاهو هڻي چڪو آهي. اڪثريت جي فرمائش تي ڪتاب ڪڙي 41 هين ٽائٽل رنگين ڪرڻ ڪري خرچ به وڌي چڪو آهي. انهيءَ صورتحال جي تقاضا اهيا آهي ته قيمت وڌائي وڃي. نماڻو عرض ته ڪڙي 44 هين کان ڪتاب جي قيمت ست رپين مان وڌائي اٺ رپيه ڪئي ويئي آهي. نئين قيمت سان اتفاق ڪريو ته ٺيڪ نه ته سابقه قيمت تي ڪتاب موڪلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.
    -
    جواب جو منتظر
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (11)
    حيدرآباد
    01.09.1999

    هونئن ته هر ڪنهن ٻار منجهه، مهڪي پيئي مڻيا،
    پر جيڪي سنڌ ڄڻيا، تن جو مٽ ٻـيـا ڪينڪي.
    ناراض مائٽ عيسيٰ ميمڻ
    رساڻا ڇڏي حال پرين ٿيو شال !
    وعليڪم سلام
    - ڪڙي 45 جي وي پي منجهه 04.04.1999 ع تي رکيل خط جي موٽ ۾ اوهان جو پيرائتو پتر03.08.1999 تي پهتو. حسب روايت بنهه دير سان به ورندي وارڻ لاءِ وڙ. ساڳي در موٽ ۾ احوال اوري ڪڙي 48 هين ۾ رکان پيو. قبوليت ملي ته لايا سجايا سمجهندس.
    - خيال رهي ته ڪڙي 47 هين جي وي پي ۾ اوهان جي همعصر ساٿي علي بخش پٺاڻ لاءِ سندس خط جو جواب ۽ اوهان لاءِ 47 هين جي حوالي سان هڪ فوٽو اسٽيٽ ( اجتماعي) خط پڻ لکيو هيم. افسوس ته مذڪوره جنهن جو مواد ترت ورندي جي گهرجائو هو جو ”مناسب“ جواب نه اچڻ تي ملال ٿيو ۽ رهندوبه... جيتوڻيڪ خط و ڪتابت جي قاعدن آهر ڪي جواب طلب ڳالهيون به هونديون آهن ، جن جا جواب ( هڪ ڌر طرفان) ترت لکيا ويندا آهن ته جيئن خيالن جي ڏي وٺ جي تازگي برقرار رهي سگهي. ان جي برعڪس اوهان ڀال ڀلائيندي جواب ته ضرور لکندا آهيو پر ايڏي ته دير سان لکندا آهيو جو ردعمل ۾ ماضي جي تازگي برقرار رهي نه سگهندي آهي. ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به سوال ڪندا آهيو جيڪي خطن بدران روبرو ڪرڻ جوڳا هوندا آهن.
    - ڏهين ڪلاس ۾ داخلا هجڻ جي حوالي سان وهاب عثماني واري ڳالهه تي يقين ان ڪري به ڪرڻو پيو ته اوهان طرفان بنهه دير سان جواب لکڻ ڪري ( هڪ طرح سان) ابهام پيدا ٿيڻ ڪري شڪ پيدا ٿيو. جنهن جي اوهان ترديد ڪري بهتر ڪيو.
    - اعتراف ڪريان ٿو ته اوهان کان راءِ پڇڻ بدران ڪتاب جي قيمت وڌائي 8 رپيه ڪري ڇڏيم. ان جو هڪ سبب اهيو به ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي قابلِ اعتماد سهڪاري ساٿي سمجهي راءِ پڇڻ ضروري نه سمجهيم. البت ان ڏس ۾ هڪ ٻيو گڏيل فوٽو اسٽيٽ خط اڳواٽ ضرور موڪليو آهي.
    - 13 آگسٽ تي ساٿي اڪبر جسڪاڻي جي ڪمهلي موت مون تي ڄڻ سڪتو طاري ڪري ڇڏيو آهي. السر جو مريض ته اڳ ئي آهيان. البت اڪبر جي ڌڪ بلڊ پريشر لو ڪري ڇڏيو آهي. بيدرد سنڌي قوم بيدردري سان اڪبر کي بيرحم روين سان اجاڙي ڇڏيو. واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ اديب پريس پڌرايون ڪڍڻ ۾ پورا آهن. سو سڄڻ ! ٻارن جي اديبن جي پڇاڙي ڏسي مايوس ٿيڻ بدران منفي جذبا اڀري رهيا آهن. پاڻ اوچتو هيٺ مٿي ٿي وڃون ته ڀلجي به پريس رليز نه ڇپائجانءِ!!
    - اها سٺي ڳالهه آهي ته ٻالڪ ادب جي خدمت ڪرڻ ڪاڻ ساٿي رفيع لغاري سان اسسٽنٽ ايڊيٽر طور تي سلهاڙجي آگسٽ ۾ ماهوار ”ٻارڙا“ مئگزين مارڪيٽ ۾ آڻي رهيا آهيو. وڌيڪ لاءِ ساٿي رفيع لغاري کي منهنجا سلام ڏيڻ سان گڏ کيس نياپو ڪندا ته رسالي جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي اخلاقي ۽ فني مدد جي ضرورت هجي ته حاضر آهيان.
    - جيستائين ”ٻارڙا مئگزين“ گهرائڻ جو تعلق آهي ، ته ان بابت ٻه رستا آهن هڪ ته جيئن مون اوهان سان لک پڙهه ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻارڙا جا ڪتاب مستقل گهرائڻ لاءِ آماده ڪيو، تيئن اوهان به خط لکي مون کي آماده ڪري مشڪلن مان گذري ڪجهه سکو. ٻيو سولو رستو اهيو آهي ته جيترا ڪتاب سنڌي ٻارڙا جا گهرايو ٿا، اوترا ڪتاب وفا جي ائڊريس تي وي پي ڪري موڪليو. وي پي وفا ڇڏائيندو ۽ کپائڻ جي ذميواري مون تي آهي.
    - ڪيفيت: ڏيهاڙي جيئان اڄ به بيحد ٿڪل آهيان۽ ٻيو ته اوهان پوءِ ٻين ساٿين کي پڻ ضروري خطن جا جواب لکڻ کان پوءِ سڄي رات آفيس ۾ اوجاڳو ڪري وي پي ۽ پارسل به ٻڌڻا آهن ۽ پوِ صبح سوير پوسٽ جي حوالي ڪري اسڪول ياترا به ڪرڻي اٿم. ان ڪري ننڊاکڙين اکڙين سان موڪلايان ٿو. ( ڪڙي 47 هين تي راءِ ضرور لکندا).
    اڃان به ساڳيو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (12)
    حيدرآباد
    02.03.2000
    مانوارا عيسيٰ ميمڻ
    شل جاکوڙي جهان ماڻيو !
    السلام عليڪم
    اميد ته حالتن جي حساب سان سکي ۽ سلامت هوندا.
    - ياد رهي ته حسب دستور نور نچوئي 4 صفحن جي ڪينواس تي اڪريل ” جوابي خط“ 1.09.1999 تي لکي ڪڙي 48 هين ” ٿري ٻار“ جي وي پي وچ ۾ امين ڪري رکيو هيم.
    - خيال رهي ته اوهان جو هڪ بنهه مختصر خطن 18.09.1999 تي مليم.
    - ساٿي علي بخش پٺاڻ جي ڏکويل هڪ خط ذريعي معلوم ٿيو ته ”اوهان روزگار جي سلسلي ۾ ڌڪا کائيندا حيدرآباد اچي مايوس ٿي موٽي آيا“.اهڙي ڄاڻ پڙهي ڏک ٿيم. احساس اٿم ته بيروزگاري اوج تي آهي. پر افسوس سان تجربن آهر چوندس ته سنڌي ماڻهوءَ جي نفسيات ”پسند جو روزگار“ هجڻ ڪري، حاصلات ۾ ناڪام رهندي پئي اچي. واندو ويهڻ کي ترجيح ڏيندي سماجي براين جي ڄارَ ۾ ڦاسڻ پسند ڪندو آهي پر ڳولا ۽ مسلسل ڳولا لاءِ کٽ تان پير هيٺ نه لاهڻ ڪري مايوسين سان سمجهوتو ڪري آپگهات ته ڪندو پر مسلسل جاکوڙ ڪرڻ کان لنوائيندو رهندو آهي. منهنجي هٿ ۾ روزگار جو ڪو به وسيلو نه آهي. منهنجي سڄي ملڪيت ”سنڌي ٻارڙا“ آهي. جنهن جا حقيقي وارث سنڌ جا سڄاڻ
    (سست نه) ٻار آهن.اشاعتي سلسلن جي اصل فيلڊ سرڪيوليشن آهي.جنهن ۾ ڪا به مالي سيڙپ ڪرڻ پنهنجن بدران ڌاريا ماڻهو شامل ٿي عزت ڀريو روزگار حاصل ڪري رهيا آهن.اهڙي صورتحال ۾ وفا مولا بخش قمبراڻي سندم موثر رهنمائي ۾ ڪتابن جي بنڊل هرمهيني ٻئي مهيني ڪلهن تي کڻي ڳوٺن ۽ شهرن جي اسڪولن تي ڦيرائي پائي نتيجي ۾ ڪاليج جي في، ڪتابن جو خرچ ۽ ذاتي ضرورتن جو مناسب اجورو پائي سگهي ٿو ته سنڌ جا ٻيا نوجوان واندي ويهڻ بدران ايئن ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟ ڏهين جي سالياني امتحانن مان فارغ ٿي تڌي دماغ سان ٻيئي دوست هن تجويز تي غور ضرور ڪندا.
    - ساٿي علي بخش لاءِ جوابي خط ۽ دوست عزيز منگي لاءِ ڪتابن جو سيٽ، جيڪو ڪڙي نمبر 50 ۾ رکيو هئم ۽ موٽي اچڻ تي ٻيهر شامل ڪري رهيو آهيان کين ضرور پڄائيندا. خواهش اٿم ته مناسب موقعي تي ساٿي علي بخش کي ساڻ ڪري حيدرآباد ڏيکاريندا ته جيئن روبرو سندس شڪايتن جو ازالو ڪري سگهان.

    اوهان جو پنهنجو
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (13)
    حيدرآباد
    09.11.2000
    ڪٽيا پيا آهيون، سٽيا پيا آهيون،
    سڄڻ ! هر دل تان مٽيا پيا آهيون. ( اسرار شام )
    مٺڙا عيسيٰ ميمڻ
    شل سک جي سوليءَ تي به سرخرو ٿي ڏيکاريو.
    اسلام عليڪم
    اميد ته پاڻ مرادي اختيار ڪيل مصروفيتن ۾ انفرادي طور تي زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ مشغول هوندا. جڏهن ته آئون..............
    - وڏي وٿي کان پوءِ اوهان جو مبهم خط طويل نثري نظم سميت 01.11.2000 تي پهتو.ردعمل ۾ روايتي طور ٿورا مڃڻ کان انڪار ڪريان ٿو. ڇو ته اوهان ٻاراڻي ادب جي حوالي سان بهترين سهڪاري هجڻ جي باوجود به لک پڙهه جي حساب سان توازن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪا آهيو. پوءِ به پاڻ مرادو توازن قائم ڪرڻ جي آس رکندي، اڳ جيان هاڻ به مڪمل جواب لکي سچ-حق جو ڳاٽ اوچو رکڻ جا وسَ ڪيان ٿو.
    - نثري نظم واري اچڻ تي ضرور شايع ڪندس. هن کان اڳ آئون سمجهان ٿو ته اوهان جو رهيل ڪو مواد به ضرور واري اچڻ تي شايع ٿي ويو هجي ته ڪو وڌاءٌ نه ٿيندو. جيتوڻيڪ اوهان ڪڙي 52 هين کان ڪٽجي چڪا هئا.
    - اهيو پاڻ مرادو اعتراف ڪيو ته : ”ٻاراڻي ادب جي ڪٺن سفر ۾ ٿڪجي پير پٿون ڪري چڪو آهيان. ممڪن آهي اوهان ٿڪجي پيا هجو پر مذڪوره اعتراف مون لاءِ نئون ۽ ڇرڪائيندڙ آهي. ان ڪري ته اوهان سان خطن ذريعي وقت کان رابطو هجڻ جي باوجود به اوهان ٻارڻي ادب لاءِ ڪيل قربانين جي ڪا به واضح ڳالهه نه پئي ڪئي هوندي. مثال طور : ويهه پنجويهه ڪتاب گهرائڻ ۽ اخبارن جي صفحي ۾ لکڻ واري عمل کي بهترين عمل ته چئي سگهجي ٿو پر سفر نه ؟ ڇا اوهان ٻالڪ ادب ٻارن تائين پڄائڻ لاءِ سنڌ جي جهر جهنگ جو سفر ڪيو آهي ۽ موٽ نه ملڻ ڪري ٿڪجي پيا آهيو؟ جي ها ته پهرين وار سندم ناقص ڄاڻ ۾ واڌارو ضرور ڪندا جي نه ته پوءِ اهڙي سفر کي ذاتي يا معاشي مسئلن جي سفرياترا جوئي نانءٌ ارپي سگهجي ٿو. معاف ڪجو ”اوهان جي عمر منهنجو تجربو “ جي حوالي سان وڌيڪ لکندس ته چوندا حوصلو وڌائڻ بدران طنز ٿو ڪريان. مون کي افسوس آهي ته سنڌي ٻارڙا جي نسبت سان مون کي بيحد عزيز هوندي به منهنجي ڪٺن ادبي سفر، جيڪو اڄ به جاري آهي، مان ڪوئي سبق حاصل نه ڪري سگهيا !!!
    - اوهان پنهنجي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ڀٽائي جي بيتن جو حالتن آهر سٺو سهارو ضرور ورتو آهي پر ساڳئي لطيف جي مزاحمتي بيتن جو سهارو وٺڻ بدران مايوسي وارو انداز اپنايو آهي.
    - وفا مولا بخش قمبراڻي جا سلام قبول ڪندا ته وڙ جنهن کي مون اوهان جو خط پڻ ڏيکاريو هو. خطن جو جواب ترت ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.
    اوهان جو خيرخواه
    اسرار شام
    _______________________________________________________________________________

    (14)
    حيدرآباد
    28.04.2013
    مانوارا ڪامريڊ عيسيٰ ميمڻ
    سلامتيون هجن شال سدا

    اسلام عليڪم
    جيئي ٻاراڻو سنڌي ادب ۽ جيئنَ سنڌ جا سنجيده پاڙهو ٻارَ
    - احوال عرض ته وڏي وٿ کان پوءِ کن پل ۾ گذري ويل ڪالهه (15.04.2013) اڱاري تي منجهند ڌاري حيدرچوڪ ( ڪتابن جي گاڏي) تي اوچتو بيٺي پير آمهان سامهان ٿياسين. اوهان مان کي (اڃان ساڳيو هجڻ) ترت سڃاتو پر مان نه سڃاتو. اوهان پاڻ مرادي سڃاڻپ ڪرائي. ماضي ڏور ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ ڪڙي 22 (شايد) کان ٽپال ذريعي رسالو ” سنڌي ٻارڙا“ کي گهرائيندڙ محمد عيسيٰ کي قومي ليکڪ جي حيثيت ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. پنهنجي سرسوتي ڪتاب گهر طرفان شايع ڪرايل ٽي ڪتاب (شاعري، سياست ، تاريخ ۽ ڪردار، مهين جو باغي، قومپرستي) سوکڙي ڏنا ۽انڪشاف ڪيو ته سندم لکيل طويل خط محفوظ آهن.جن کي سندم مرڻ کان پوءِ شايع ڪرائي سنڌي قوم جي مرده پرستي واري روايت کي قائم ڪيو ويندو. اوهان ته مذاق ڪئي پر حقيقت به اهيا آهي ته سندم خط سرسوتي ڪتاب گهر طرفان مرڻ کان پوءِ شايع نه ڪرايا ويندا ؟ (البت سوکڙي جي موٽ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿي ويل ناٽڪڙن جي مجموعي جو ڪتاب ، جيڪو آخري تصور ڪندا” وڌي جڏهن وڏو ٿيندس“. شامل ڪجي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻين ٻاراڻن ڪتابن جي مسودن تي ڪم ڪيان ٿو ته ” سنڌي ٻارڙ“ جو ڪم متاثر ٿيڻ ڪري ، ترجيح رسالي کي ئي ڏنم. مٿان وري سنڌي ۾ لساني ڪشيدگي کي ڏسندي دماغ ۾ تڏ ويٺم ، سنڌ ۾ سنڌي-اردو ٻوليون ٻوليندڙ ٻارن وچ ۾ لساني هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سنڌ دوست ٻارن جو رسالو شايع ڪريان. 2009ع کان سندم جنم ڀومي ٽنڊو ڄام مان ٻه ماهي رسالو ”بهت خوب“ جي نالي سان تاحال شايع ٿي رهيو آهي. نموني طور تي فقط هڪ ڪاپي اڀياس طور تي حاضر آهي. ان ۾ سنڌي بول چال جهڙا مستقل سلسلا ڏسي پنهنجي نظرياتي قومپرست اڳواڻ محترم عبدالواحد آريسر کي پڻ رسالو ڏيکاري آگاه ڪندا. اڳ مهاجر مخالف ۽ هاڻ مهاجر دوست ؟ سچ ته قومپرستي جي جادو ( ماضيءَ ۾) مان تي به اثر ڏيکاريا هئا. ڪٽر ٿي يڪ طرفو لکيم پر حالتن جي پيڙ مان جيڪا تصوير ٺهي، انهن جي ڪئپشن ۾ مهاجرن کي مهاجر ڪرڻ وارا اسان خود سنڌي قومپرست آهيون. سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ بدران سان خود هنن سان اردو ۾ ڳالهائي. ان ڏس ۾ هڪ ڄنگهه ٻهراڙي ٻي ڄنگهه شهرن ۾ هجڻ ڪري مون وٽ کوڙ سارا مثال آهن. قومي-علاقائي نالي ۾ ميڊيا وار شروع ٿي ته سنڌي عوام وڌيڪ اثر وٺندي لکنوءَ ڪلچر ۽ ٻولي کي اپنايو. ٻولين سان عداوت قطعي نه ڪرڻ گهرجي. پر ان جو مطلب هروڀرو به ائين ناهي ته پنهنجي مادري زبان کي ڪنڊائتو ڪيو وڃي. مٿان وري ترقيءَ جي نالي ۾ نازل ٿيندڙ موبائل فون بعد ۾ نيٽ، فيس بوڪ وغيره سنڌي سماج ۾ جيڪو ثقافتي ڀونچال آندو ، ان جي نتيجي ۾ خاص ڪري سنڌ جي نيئن نسل موبائل کي چچڙ وانگر چهٽيو ته اردو جي رومانس ۾ هيل توڻي گهڻو تعليم، اخلاق ،حياءٌ، شرم، جنهن ۾ ڇوڪريون به شامل آهن کي تين وال ڪندي جنهن ۾ لڙهي رهيا آهن. انهن کي نعري باز قومپرست ڪلچر بچائڻ بدران عملي ڪلچر ۾ ادب ئي بچائي سگهي ٿو. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن سڀ ڌريون هڪ ٿي هڪ آواز سان ٻاراڻي نرسري ( ادب ) تي ڌيان ڌرينديون. پر ايئن ٿيڻ سنڌ ۾ ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه سموريون ڌريون مختلف ماسڪ پائي مال تي ڌمال هڻي رهيون آهن. عوام کان ڏور رهي ڇڙوڇڙ نعري باز سياست ڪندڙ قومپرست به چونڊن ۾ بيٺا آهن. فرشتن ووٽ نه وڌو ته قومپرست اميدوارضمانتون رد ڪرائي ويهندا وري نئين روپ ۾ نوان وڏيرا ايندا. اقتدار ماڻڻ لاءِ مفاهمت جي نالي ۾ پٽڪا مخالف جي پيرن تي رکي رهيل سنڌ کي وڪرو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا.
    - آئون جذباتي ٿيندو پيو وڃان، جذبن تي بريڪ هڻندي تسلسل کي ملايان ٿو. طئي اهيو ٿيو ته في الحال ماه مئي کان عدد 15 ڪاپيون نڪو نفعو نڪو نقصان جي بنياد تي سهڪار کي جاري رکيو ويندو. رسالا شاگردن ۾ تقسيم ڪرڻ کان پوءِ تعداد به وڌايو ويندو. ذاتي طور تي موبائل فون نه رکڻ سبب ، دوستن جي نمبرن تان هيلو هاٰءِ ڪيم ۽ خط جهڙي انقلابي صنف کي سنڌ جي جهونن-نون اديبن طرفان موبائل ڌاري تباه و برباد ڪرڻ جي روشنيءَ ۾ وينتي ڪيم ته ماضيءَ جو عيسيٰ بڻجي،خط و ڪتابت تي ڌيان ڌريندا ته معاونت ٿي پوندي. اوهان مٿين دل سان هاڪار ڪئي!!
    - مناسب وقت اندر مختصر مقالو لکي موڪليندا ته مقالن تي شايع ٿيندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجي. چاهيو ته اسڪول پروگرامس ۾ چونڊ ناٽڪ اسٽيج ڪري سگهو ٿا.
    - اوهان کي به ڪهاڻي لکڻ جي تجويز ڏني هيم . هائوڪار ملي، موٽ ڏيو. ٻاراڻي ادب لاءِ سنڌي ڪهاڻي مري چڪي آهي.اردو ٻاراڻي ادب لاءِ بيشمار ڪهاڻيون لکيون پيون وڃن. نموني طور تي رسالي ” بهت خوب“ جي هڪ ڪاپي اڀياس لاءِ حاضر آهي.
    - ماضي ڏور کي حال سان ملائيندا ته بيمار سرير کي آڪسيجن ملي پوندي ڇو ته جنوريءَ کان مسلسل بيمار رهندو پيو اچان. دعائن ۾ ياد رکندا ته وڏاوڙ.

    اڃان به ساڳيو
    اسرار شام


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (هڪ خط)

    (15)
    خيرمحمد آريجا
    23-03-2002
    قابلِ احترام عيسيٰ ميمڻ
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت
    ڏوڪري شاخ
    موضوع: سنگت شاخ جو مواد ۽ پروفائيل
    محترم سائين:
    گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي نماڻين تحقيقي ۽ تاريخي خدمتن ڪارڻ هن وقت ملڪ کان ٻاهر پڻ مڃتا ماڻڻ لڳو آهي. هن اعزاز جو بنيادي ڪارڻ اسان جو خلوص ۽ بي لوث محنت آهي. اسان اوهان کي دعوت ٿا ڏيون ته پاڻ قرب جا قدم ڀري ادارو ڏسي وڃو.
    هن اداري ۾ اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو پروفائيل رکڻ گهرون ٿا. جنهن لاءِ اسان کي هيٺ ڄاڻايل مواد ۽ معلومات فراهم ڪرڻ جي عنايت ڪندا.
    1. موجوده ۽ سابق عهديدارن ۽ ميمبرن جا ڪوائف. هن لاءِ هڪ عدد پروفارما شامل ڪجي ٿو.
    2. منٽس بوڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
    3. اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرون، رپورٽون وغيره. اوهان جي شاخ جون ادبي ۽ تنظيمي سرگرميون مسلسل نظر مان گذرن ٿيون، اوهان جو بحيثيت سيڪريٽري جي، ڪم شاندار آهي. اميد ته ساڳي جذبي ۽ محنت سان ڪم ڪندا رهندا.
    اوهان جو خيرانديش
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


    هارون چنو (هڪ خط)

    (16)
    چڪ / شڪارپور
    08 مئي 2008ع
    مِٺا عيسيٰ
    جيئو شال
    حق موجود:
    حيدرآباد ۾ مرڪزي اليڪشن وقت ڪيل واعدي مطابق ڪتابُ نه پرڏنڊ ۾ ٻيا ڪتاب به گڏ حاضر آهن. اُميد ته دير جي ليٽ نڪري وئي هوندي. ليٽ جي معافي به ڏئي ڇڏي هوندوَ. مهرباني.
    مون لاءِ ڪو حڪم هجي ته حاضر آهيان.
    • سنگت لاءِ ڍير سلام دعائون.
    • تولاءِ اِلاهي اِلاهي پيار. تون نوجوان آهين تو ۾ ڪم ڪرڻ جي جستجو ۽ حوصلو ڏسي خوشي ٿي اٿم. اميد ته سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندين.

    توهان جو پنهنجو
    هارون چنو.


    ادل سومرو (هڪ خط)

    (17)
    سکر
    30-03-2002
    محترم ڀاءٌ
    عيسيٰ ميمڻ!
    السلام عليڪم
    سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسيءَ جي ڪوٺ پهتي. مهرباني. سنگت ٺل وارن 6 اپريل تي شام جو فتاح عابد جي ورسيءَ جو پروگرام رکيو آهي. جنهن لاءِ کين اڳواٽ پروگرام ڏنو هو. مان ڪوشش ڪندس ته توهان وٽ ٻئي ڏينهن پهچان، پر واعدو نٿو ڪريان. نه پهچي سگهڻ تي اڳواٽ معذرت. ڪنهن نه ڪنهن پروگرام ۾ اوهان وٽ ايندس. ضرور. توهان جون سرگرميون مون لاءِ اتساهه جو سبب آهن.
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    اوهان جو
    ادل سومرو
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت - سنڌ


    منٺار سولنگي (هڪ خط)

    (18)
    نئون ديرو
    17-11-2002
    محترم ڀاءٌ
    عيسيٰ ميمڻ
    اميد اَٿم ته خوش هوندا.

    اوهان ادل سولنگيءَ جي رهاڻ جي دعوت موڪلي – خط لکيو ۽ آخر ۾ پاڻ لڙي به آيا. منهنجو پڪو پروگرام هو اَچڻ جو – پر ڪالهه واري مظاهري ڏاڍو ٿڪائي وِڌو. ان جو سمورو انتظام اول کان وٺي آخر تائين مون کي ئي ڪرڻو هو. جيڪو ٿيو. بس ان ئي سبب ڪري مان نه اَچي سگهيس. اوهان ضرور ڪاوڙيا هوندا، پر اوهان کي پرچائي وٺبو. اميد ته دل ۾ نه ڪيو هوندوَ ۽ معاف ڪيو هوندوَ. مون کي اميد آهي ته اوهان جو پروگرام ڪافي بهتر ٿيو هوندو. مون پاران ادل سولنگيءَ کي مبارڪون چوندا ۽ پاڻ به قبول ڪندا.

    اوهان جو
    منٺار سولنگي


    محسن ٻٻر (هڪ خط)

    (19)
    اسلام آباد
    23 جولاءِ 2005
    مانوارا عيسيٰ ميمڻ

    عنوان: عوامي مشاورت ذريعي پيئڻ جي پاڻي جي قومي پاليسي.

    صارفين جي تحفظ جو ادارو، دي نيٽ ورڪ، مٿي ڏنل عنوان جي حوالي سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عوامي رابطي جي مهم جي شروعات ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ عوامي گڏجاڻيون ڪوٺرائڻ سميت ميڊيا سان رابطن جو رٿيو ويو آهي. انهن گڏجاڻين جو مقصد ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻيءَ بابت خدشن، مسئلن ۽ تجويزن کي ريڪارڊ ڪرڻ ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي مرڪزن ۾ پاليسي سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي. اسان جي انهيءَ ڪوشش جو تعلق وفاقي حڪومت پاران جوڙي ويندڙ پيئڻ جي پاڻي جي قومي پاليسيءَ سان آهي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت ”نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار واٽر ائنڊ سينيٽيشن (NCCWS) جوڙي آهي ۽ ان ڪميٽي جنهن ۾ دي نيٽ ورڪ هڪ اهم رڪن آهي، جو مقصد پيئڻ جي قومي پاليسي جو مسودو تيار ڪرڻ آهي.
    اسان کي يقين آهي ته پاليسي سازي جي عمل ۾ عوام جي اميدن ۽ خدشن کي نظرانداز ڪرڻ خود ايترو ئي اهم مسئلو آهي جيترو اهم پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي. حڪومتي ادارن پاران بنا ڪنهن مشاورت جي پاليسي سازي جو شاهاڻو انداز جاري آهي ۽ ان سان اسان جي ناقص ۽ ڪمزور حڪمراني جي طريقيءَ جا اهي مسئلا وڌيڪ سنگين ٿي رهيا آهن. جيئن ته توهان کي معلوم آهي ته ملڪ جي سمورن علائقن خاص طور تي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ بهتريءَ جي ڪا به اميد نظر نه ٿي اچي.
    اسان سمجهون ٿا ته قومي پاليسيون جوڙڻ وقت عوام جي تجويزن کي لازمي طور شامل ڪرڻ گهرجي. ان مقصد کي آڏو رکندي دي نيٽ ورڪ هڪ عوامي رابطي جي مهم جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن عوام جي آواز کي پاليسي سازن جي دروازي تائين پهچايو وڃي ۽ انهن تي عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ دٻاءٌ وڌو وڃي.
    ان ڏس ۾ اوهان جي شهر ۾ هڪ عوامي مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺرائي ويئي آهي جنهن ۾ اوهان جي شرڪت ۽ سهڪار اسان جي لاءِ انتهائي حوصلا افزائي جو سبب بڻبي. گڏجاڻي جو پروگرام۽ وڌيڪ تفصيل هن ڪوٺ ساڻ منسلڪ آهي. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اوهان ڏنل ائڊريس يا اسان جي مقامي سهڪاري تنظيم سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهو ٿا.
    پيئڻ جي پاڻي جي قومي پاليسي بابت اوهان جي تجويزن جو منتظر

    اوهان جو پنهنجو
    محسن ٻٻر
    پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر - واٽر


    سرڪش سنڌي، ابراهيم کرل، آزاد انور ڪانڌڙو، غلام محمد غازي (هڪ خط)

    (20)
    لاڙڪاڻو
    31-08-2006
    مانوارا سائين
    عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته سرها هوندا.

    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ اسان کي اهو موقعو ٿي ڏئي ته اسان گروهي، سياسي ۽ شخصي لاڙن کي ڇڏي اجتماعي ۽ قومي ڪارج لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪريون ۽ اسان جو ادبي سفر مانائتو ۽ سڦلائتو هجي. اسان سنڌي ادبي سنگت کي هڪ سگهارو ادارو ڏسڻ جي خواهش رکون ٿا. ان لاءِ اسان ڪجهه هم خيال دوستن، هڪ عزم کڻي سنڌي ادبي سنگت جي سال 07-2006 جي مرڪزي چونڊن ۾ مرڪزي عهدن لاءِ ذميداري کڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. اسان جون خواهشون، ارادا ۽ پروگرام اهي ئي آهن، جيڪي اوهان سڄاڻ ۽ باشعور ليکڪ دوستن جا هئڻ گهرجن.
    • اسان سنڌي ادبي سنگت جي متن، مقصدن ۽ منشور تي مڪمل ڪاربند رهنداسين.
    • اسان سنگت جي وقار، عزت ۽ ڪردار جي بحالي لاءِ پرعزم آهيون.
    • اسان سنڌي ادبي سنگت جي اديبن، شاعرن، دانشورن جي متحد ۽ غير متنازعه جماعت واري روح کي برقرار رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
    • اسان سنڌي ادبي سنگت کي جديد دور جي تقاضائن موجب هم آهنگ ڪري، سائنسي شعور ۽ ساڃاهه سان اڳڀرائي ڪنداسين.
    • اسان سينيئر ۽ جونيئر جي وچ ۾ احترام ۽ عزت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان پيڙهي ۽ وڇوٽيءَ واري غير ادبي ۽ غير سائنسي لاڙي کي اڀرڻ نه ڏينداسين.
    • اسان سنڌ جي زندگي ۽ موت وارن قومي مسئلن ۽ سنڌي ٻولي جي قومي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ جاري رکنداسين.
    • اسان سنڌي ادب جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ شاخن جي سهڪار سان هر ممڪن طريقا ڪتب آڻينداسين. ادبي شعور، نثر ۽ شاعري جي صنفن جي ساڃاهه لاءِ ليڪچر، اڀياسي ويهڪون ۽ سيمينارن جو بندوبست ڪنداسين.
    • سنگت پاران سنڌ جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ پيغام کي سمجهڻ لاءِ شاهه جي پارکن کان ليڪچر ۽ ڪلاس هلائڻ جو بندوبست ڪنداسين.
    • اسان سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر (پاڪستان ۽ دنيا) جي ادبي تنظيمن سان برادرانه لاڳاپا قائم ڪنداسين.
    • غريب، بي پهچ ۽ بيمار اديبن، شاعرن جي مالي مدد لاءِ سنگت جي وسيلن، سرڪاري ۽ افرادي امداد لاءِ ڪوشان رهنداسين.
    • سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير، ان ۾ جديد سهولتن ۽ رڪارڊ جي سهيڙ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آڻينداسين.
    • اسان سنگت مرڪز ۽ شاخن ۾ رابطي جو بهتر نظام قائم ڪنداسين.
    • اسان سنگت جي شاخن جي سهڪار سان ڪتابن، خبرنامن ۽ ٻئي مواد جي اشاعت طرف وڌيڪ ڌيان ڏينداسين ۽ سنگت پبليڪيشن کي جامع رٿا موجب هلائينداسين.
    • اسان سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي سمورن ميمبرن جي ڊائريڪٽري شايع ڪنداسين. جنهن ۾ سمورن ميمبرن جو مختصر تعارف، تصويرون ۽ ائڊريسون شامل هونديون.
    • سنڌي ادب ۾ ڪتابن تي اديبن، شاعرن کي هر سال سنگت ايوارڊ ڏنا ويندا ۽ بهتر ڪارڪردگي جي بنياد تي سنگت جي شاخن ۽ رابطا سيڪريٽرين کي مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون وينديون.
    • اسان ”سنگت ويب سائيٽ“ ٺاهي، سنڌ سنگت جي تاريخ، سنگت مرڪز، شاخن جي ادبي سرگرمين ۽ سنڌي ۾ ڇپيل اهم ڪتابن کي ”سنگت ويب سائيٽ“ تي آڻينداسين.
    • سنڌي جي سمورن ادبي ادارن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، شاهه لطيف چيئر، سچل چيئر، شيخ اياز چيئر، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وغيره جي بورڊ آف گورنرز/ صلاحڪار بورڊن ۾ سنڌ سنگت کي نمائندگي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    • سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي ادارن جي سهڪار سان سنڌ_هند جي ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جي وڪري جو وسيع نيٽ ورڪ جوڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    اوهان جا پنهنجا
    سرڪش سنڌي
    ابراهيم کرل
    آزاد انور ڪانڌڙو
    غلام محمد غازي
    اميدوار
    سيڪريٽري جنرل ،جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ آڊيٽر


    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، معشوق ڌاريجو ۽ ذاڪر حسين کٽي (هڪ خط)

    (21)
    لاڙڪاڻو
    01 سيپٽمبر 2006
    محترم عيسيٰ ميمڻ
    شل سکيا هجو!

    اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ته سنڌي ادبي سنگت کي موجوده بحراني صورتحال تائين گِهلي پهچائڻ وارا هٿ ڪهڙا آهن. اسان هميشه سنگت جي عظيم تر مفاد خاطر پنهنجائپ وارن روين ۽ سنگت جي ايڪتا لاءِ دل ۽ جان سان پتوڙيندا رهيا آهيون، چاهي اسان کي سنگت جا مرڪزي عهدا نصيب ٿيا هجن يا نه، اسان لاءِ بلند ترين مقصد سنڌي ادبي سنگت جي وقار جي بحالي ۽ بهتر ڪارڪردگي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگيءَ کي نئين سر منظم ڪري، نئين روح، جذبي ۽ خلوص سان ان کي پنهنجو شاندار ماضي موٽائي ڏيڻ سان گڏوگڏ نين تقاضائن موجب سنگت جي صف بندي ڪرڻ اسان جي سڀ کان وڏي اوليت آهي. اسان ڪامل يقين ۽ اعتماد سان چئون ٿا ته اسان پاڻ کي اوهان دوستن جي اعتماد ۽ ڀروسي کان به گهڻو اڳڀرو ثابت ڪري سگهنداسين ۽ يقينن اسان تي اعتماد ڪندڙ دوستن کي پنهنجي اعتماد تي ڪا به پشيماني نه ٿيندي.
    سنڌي ادبي سنگت کي جاکوڙي مرڪزي عهديدارن جي ضرورت آهي. جيڪي ادبي ميدان ۾ تتي ٿڌيءَ مسلسل متحرڪ رهڻ جا هيراڪ هجن، اسان ڪي به وڏيون دعوائون ڪري ڪي به سبز باغ ڏيکارڻ جا جتن ڪري توهان کان توهانجو اعتماد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ فقط ايترو عرض ڪريون ٿا ته يقين ڪريو ته اسان توهان جي اعتماد تي هر حالت ۾ پورا لهنداسين ۽ فوري طور تي هيٺئين پروگرام کي عملي جامون پهرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    o سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي ترجمان ”نيوز ليٽر“ جاري ڪيو ويندو.
    o سنگت جو تخليقي، تنقيد ۽ تحقيقي مخزن ”سنگت“ جاري ڪيو ويندو.
    o چونڊجڻ کان پوءِ ڪن سرندي وارن دوستن جي اسان سان ڪيل غير مشروط مدد جي واعدن موجب ٽن مهينن اندر مرڪزي آفيس جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائينداسين.
    o شاخن کي بهترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ڏنيون وينديون.
    o بيمار اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي واسطي ”سنڌ سنگت سهائتا ٽرسٽ“ قائم ڪيو ويندو.
    o سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ مختلف صنفن جي ڪتابن تي ايوارڊ ۽ انعام ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
    o سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن تي چٽو ۽ واضع موقف اختيار ڪيو ويندو.
    o چونڊن ۾ اوهان جي اعتماد جي بحالي جي صورت ۾ پهرين مهيني اندر سنگت سنڌ ويب سائيٽ ٺهرائي ان جو افتتاح ڪيو ويندو.
    o عورت ليکڪائن جي همت افزائي ڪرڻ ۽ کين اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪري عورت جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو رکيو ويندو.
    o ملڪي سطح تي سنڌي اديبن کي ٻاهرين ملڪن جي دورن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    o سنگت مرڪز طرفان ضرورتمند اديبن جا ڪتاب ۽ پروفائيل ڇپائڻ ۽ نوجوان ليکڪن جي لکڻين جا ٻين ٻولين ۾ ترجمان ڪرائي ڇپائڻ.

    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
    ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    معشوق ڌاريجو ۽ ذاڪر حسين کٽي
    اميدوار
    سيڪريٽري جنرل، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ آڊيٽر


    رياضت ٻرڙو (هڪ خط)

    قمبر
    02 ڊسمبر 2003
    محترم سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
    اميد ته چڱا ڀلا هوندا.
    اسان سڀئي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت اسان سڀني ليکڪن لاءِ اهڙي عزت ڀرئي اداري جي حيثيت رکي ٿي، جتان ادبي شعور جون نيون واٽون نڪرن ٿيون، اهڙيون واٽون جن تي وڌڻ سان هن خوبصورت ڪائنات جي رنگن ۽ روپن کي نه رڳو پاڻ وڌيڪ بهتر طريقي سان محسوس ڪري سگهجي ٿو پر ٻين کي به ان جو ڀرپور احساس ڏيارائي سگهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت ئي اهو ادارو آهي جنهن نه صرف سنڌي ترقي پسند ادب جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ گذريل 57 سالن کان پئي پتوڙيو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ جدوجهد پڻ ڪئي آهي.
    جيئن هر اداري کي ڪاميابيءَ ۽ ترتيب سان هلائڻ لاءِ ڄاڻو ماڻهن، سٺن منتظمن ۽ ساڃاهه وندن سميت مضبوط تنظيمي سرشتي جي گهرج پئي رهندي آهي. ائين ئي سنڌي ادبي سنگت لاءِ پڻ گهڻي وقت کان وٺي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي پر افسوس ته اهڙي ڪا به پائدار ڪوشش نه ورتي وئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جيئن ته سنڌي اديبن جي mother institute جي تربيتي بنيادي اداري جي حيثيت رکي ٿي، تنهنڪري ان ڏانهن اڃان به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي. ان سلسلي ۾ اسان پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. ان تي پڻ ويچارڻ گهرجي.
    سنڌي ادبي سنگت جيئن ته جمهوري ادارو آهي، ان ڪري سندس ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، ان جي روايت اها پڻ رهندي پئي اچي، ته هڪ مقرر مدي کان پوءِ، ان جون چونڊيون ڪرايون وڃن ته جيئن سلسلو قائم رهي ۽ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ۽ منتظم ماڻهو ملندا رهن. اهڙو ئي هڪ موقعو 14 ڊسمبر 2003 تي ”سنگت“ سان لاڳاپيل اديبن کي ميسر ٿيندو ته جيئن اهي پنهنجي سنڌي ادبي سنگت لاءِ پاڻ مان ئي ڪجهه اميدوار چونڊي سگهن جيڪي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم کي اڳتي وڌائن. هن ڀيري مان پڻ ان ئي ارادي ۽ اتساهه سان ”سنگت“ جي مرڪزي پلئٽفارم تي سيڪريٽري طور، اچي رهيو آهيان، ته جيئن پنهنجون صلاحيتون ۽ خدمتون ”سنگت“ لاءِ وقف ڪري سگهان. ان سلسلي ۾ هيٺيان ارادا ۽ پروگرام ابتدائي طور ذهن ۾ رکان ٿو.
    1. ”سنگت“ جي آفيس جي اڏاوت لاءِ اپاءَ وٺڻ.
    2. ”سنگت“ پبليڪيشن کي مستقل بنيادن تي هلائڻ.
    3. ”سنگت“ جي متن ۽ مقصدن کي سندن اصل روح مطابق عمل ۾ آڻڻ.
    4. بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۽
    5. مختلف علمي ۽ ادبي موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ.
    اميد رکان ٿو ته اوهان جنهن وقت ووٽ جو حق استعمال ڪندا ان وقت منهنجين گذارشن کي خيال ۾ رکندي ”سنگت“ جي هڪ عهدي لاءِ اميدوار طور مون کي نه وساريندا.
    اوهان جو پنهنجو
    رياضت ٻرڙو
    اميدوار سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ


    اصغر سجاڳ (هڪ خط)

    ٺل
    31-08-2006
    مانوارا عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته خوش هوندا.
    ذڪر ادبي سنگت جو ئي آهي ۽ مامرو ادبي سنگت جي وقار جو ئي آهي. هڪ سنگين حرڪت، جنهن جي شروعات ٺل کان ٿي آهي ۽ جيڪا نه ڄاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟ خدا خير ڪري! سنڌي ادبي سنگت ٺل شاخ، جنهن جو بنياد منهنجي هٿان 1975 ۾ پيو، پهرين سيڪريٽري جي حيثيت ۾ تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل رشيد ڀٽي جي دور ۾ الحاق وٺي، شاخ جي شروعات ڪئي. 32 سال ٿي ويا آهن، منهنجي عمر 18 سالن مان اڄ 50 سال ٿي آهي. ان ڊگهي سفر ۾ منهنجي مضبوط حوصلن ۽ جذبن شاخ کي پرجوش ۽ جوان رکيو آهي. گذريل وڏو عرصو جوان عمر ساٿين، شاخ کي سنڀاري پنهنجو ادبي شغل، رنگبرنگي انداز ۾، ٽهڪڙن ۽ کجڪن ۾، ٺيڪ اهڙي طرح جاري رکيو، جهڙي طرح اڄ ٿر ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ مور ٽهوڪا ڪري رهيا آهن. پر 2006 جي ابتدا سڄو منظر بدلائي ٿي ۽ سڀ رنگ مٽجي وڃن ٿا ۽ سارا ٽهڪ ۽ ٽهوڪا غائب ٿي وڃن ٿا. 19 فيبروري تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ کان پوءِ اهڙي ڀيانڪ شڪل ڇو ٿي بڻجي!؟ سال 2006 جو، ٺل شاخ جو نئون سيڪريٽري ڪجهه هينئن چوي ٿو؛ ”سنڌي ادبي سنگت جو آئين ڇا ٿيندو آهي؟ آئين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ ۽ منهنجي آڏو آئين ڪا به اهميت نه ٿو رکي.“ وڌيڪ چوي ٿو، ”مان سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سڀ ڪجهه آهيان، سيڪريٽري جنرل ذوالفقار سيال مون کي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، هاڻ جيئن وڻندو تيئن ڪندس“ وڌيڪ چوي ٿو ته ”مان انهن سمورن ميمبرن کي خارج ڪيان ٿو، جيڪي مون کي پسند ناهن، جنهن کي وڻندو تنهن کي رکندس، جنهن کي وڻندو ڪڍندس. هاڻ اهي ميمبر رهندا، جيڪي منهنجي چوڻ آکڻ تي هلندا، اختلاف رکندڙ ميمبر سنگت مان روانا ٿين. مون کي مرڪز جي حمايت حاصل آهي، ذوالفقار سيال چئي ڇڏيو آهي ته صفايو ڪندو وڃ، مرڪز تو سان گڏ آهي.“ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ساڳئي نوجوان صرف ايترو ئي نه چيو، پر ان کان وڌيڪ اهي لفظ چيا، جيڪي ڏاڍا شرمناڪ، غصب ناڪ ۽ خوفناڪ آهن. هن صاحب فرمايو ” آئين، آئين نه ڪيو، آئين منهنجي نظر ۾ اها شيءَ آهي، جنهن کي ڪو پيشاب به نه ڪري!!!؟.
    سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور آڏو هي سوال ڪَرَ کڻي بيهي ٿو ته هي لفظ شاخ جي سيڪريٽري جا آهن، يا سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جا؟ سيڪريٽري جنرل جي کاتي اهي لفظ ان ڪري به ٿين ٿا، جو هو صاحب ان شخص تي اڃا به مهربان آهي. ٺل شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي 13 آگسٽ جي اجلاس ۾ ان شخص جي تاحيات ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري مرڪز کي وڌيڪ ڪاروائي جي گذارش ڪئي آهي. سموريون رپورٽون ۽ لاڳاپيل مواد سيڪريٽري جنرل ڏانهن اماڻيو ويو آهي. اسان سمجهيو ته سيڪريٽري جنرل جلال ۾ ايندو، ڳاڙهو پيلو ٿيندو، سخت رد عمل ڏيکاريندو ۽ سخت ڪاروائي ڪندو: پر ان جي ابتڙ مانواري سيڪريٽري جنرل کي ان شخص لاءِ اڃا همدردي ٿي پئي آهي. کيس ڳڻتي اها اچي ٿي آهي ته ان شخص کي ڪيئن بچائجي. سيڪريٽري جنرل ان شخص کي اڃان به شاخ جو سيڪريٽري مڃي رهيو آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي!!!.
    سنڌي ادبي سنگت اندر هڪ ڪارو باب رقم ٿي ويو آهي، گروپ بندي جي گهاٽ ههڙن لفظن کي لڪائڻ ڇا، خود هڪ وڏو ڏوهه نه آهي!؟ سنڌ جي تاريخ جيڪا خود وڏي ادبي عدالت آهي، اها ڪنهن کي به معاف نه ڪندي. سنگت جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي، ان کي ههڙن گهٽيا لفظن سان نوازڻ واري تي خاص نوازش آخر ڇو پئي ٿئي!؟ سنگت جي ادارن ۽ ايوانن جي کليل توهين تي اکيون ٻوٽيون ڇو پيون وڃن!؟ پريس ۽ ميڊيا ۾ هي مامرو ” ادبي ائڊوائيس“ جي نظر ٿي ويو، ٺل شاخ جا کنيل قدم ڪنهن اخبار جي زينت نه بڻجي سگهيا!؟
    سنڌ جو شعور ۽ ساڃاهه فيصلو ڪري ته ڇا ٿيڻ کپي؟ عهدي ۽ عهديدارن کي مقدس سمجهي، ڪجهه نه ڪڇڻ کپي؟ ڪجهه نه لکڻ کپي؟ ۽ ڪجهه به نه ڪرڻ کپي؟ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عاشقن کي هن صدا جو جواب ضرور کپي!

    اصغر سجاڳ
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت ٺل (شاخ)


    احمد ضياء (هڪ خط)

    (23)
    نوابشاهه
    04-02-2000
    محترم عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته اوهين بلڪل خيريت سان هوندا.
    سنڌ بڪ ڪلب جي رڪنيت جي سلسلي ۾ اوهان جو خط مليو آهي. ڪلب جي ميمبرشپ فارم اوهان ڏي موڪلي رهيا آهيون. هن جي پويان باقي تفصيل درج آهن. ميمبرشپ جي في ۽ ڪتاب جي قيمت بئنڪ ڊرافٽ وسيلي احمد ضياءَ نواز شاهه کي روانو ڪيو وڃي. ڪتابن تي اسين 20 سيڪڙو رعايت ڏيندا آهيون جڏهن ته ڊاڪ جو خرچ اسين پاڻ ڀرينداسين.
    اوهان جي خدمت ۾ ڪتابن جي فهرست جيڪي هن وقت موجود آهن سا موڪلي رهيا آهيون. جلد ڪتابن جي هڪ وڏي فهرست جيڪا ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي اوهان کي بعد ۾ موڪلي ڏينداسين. اوهان جيترا به ڪتاب گهرائڻ چاهيو ايڊوانس ڊرافٽ موڪلي گهرائي سگهو ٿا. اسين پاڪستان جي هر اشاعتي اداري جا ڪتاب جن ۾ اردو، سنڌي ڪتاب اوهان کي ڏئي سگهون ٿا.
    ياد رهي ته مذهبي نفرتون پکيڙيندڙ ملڪ دشمني تي ٻڌل مواد وارا ڪتاب نه رکندا آهيون ۽ هر قسم جي فحاشي مواد جو ڪتاب نه رکندا آهيون. اميد ته اوهين اسان جي علمي، ادبي ڪم ۾ اسان سان تعاون ڪندا ۽ ميمبرشپ فوٽو اسٽيٽ ڪرائي باقي دوستن کي به ميمبر بڻائي سگهو ٿا.
    فقط اوهان جو مخلص
    احمد ضياء
    صدر سنڌ بڪ ڪلب نوابشاهه


    ڀائو ستار سومرو (هڪ خط)

    (24)
    نصيرآباد
    13-06-2000
    اچـين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
    پـيـرين ڌريــان پنبڻيون، هــنڌ وڇايان وارَ،
    ساجن سڀ ڄمارَ، هوند گولي ٿي گذاريان.
    (شاهه)
    تمام پيارا دوست: عيسيٰ ميمڻ
    سڪ ۽ خلوص جو سلامُ
    شال خوش و خرم هجو
    ڪافي سڪ ۽ اڪير منجهان لکجي ٿو ته اوهان جو محبت نامون اڄ شام جو مليو پڙهي ٿورڙو مايوس ٿيس ته خبر ناهي ته عيسيٰ سان ڪهڙو مسئلو ٿيو آهي. جو تڪڙ ۾ ۽ جلدي ۾ گهرائڻ جو لکيو اٿئي؟ جڏهن ته مان ڏوڪري آيو به هيس توهان ڪو نه مليا هيئو توهان جي سڪ به گهڻي لڳي آهي. اوهان جو حڪم اکين تي پر ڪن مجبورين سبب نه ٿو اچي سگهان. ان لئه توهان کان معافي ٿو وٺان. باقي مان گهر ۾ به آهيان توهان ڪنهن مهل به هليا اچو. هي اکيون اوهانجو انتظار ڪنديون. بقول مرشد لطيف ته.
    پسندي پنهل کي، اکين ڪيو آرام.
    اوهان جو جيڪو مسئلو يا ڪم ڪار آهي اهو به روبرو حل ڪنداسين. باقي سڀ خير آهي. وڌيڪ احوال روبرو ٿيندا.
    سلام سڄي سنگت لئه
    اوهان جو مخلص
    ڀائو ستار سومرو


    مقصود گل (هڪ خط)

    (25)
    رتوديرو
    18-01-1998
    برادرم عيسيٰ ميمڻ صاحب!
    حق موجود! سدا موجود!
    گذارش ته توهان جي پروگرام جا دعوت ناما مليا، ۽ حالتن کان آگاهي ٿي. يادگيريءَ لاءِ اوهان جي مهرباني. وڌيڪ گذارش ته ساڳئي ڏينهن، 8 فيبروري 1998 تي، مهان ڪوي شيخ اياز جي چاليهي جي سلسلي ۾ ڀٽ شاهه تي ادبي ميڙاڪو ٿيندو، جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ اوڏانهن وڃي نڪتاسين پوءِ ته اوهان وٽ حاضر نه ٿي سگهبو. انهيءَ لاءِ اڳ واٽ معذرت عرض ڪجي ٿي. پر جيڪڏهن اوڏانهن نه وياسين پوءِ ته اول خير سائين مختيار گهمري سان گڏ ضرور حاضري ڀربي.

    سائين گڏ، ساٿ سلامت.
    دوستن لاءِ پيار ۽ سلام
    توهان جو پنهنجو ئي
    مقصود گل
    _________________________________________________________________________

    (26)
    رتوديرو
    12-02-1998
    عزيز ڀاءٌ عيسيٰ ميمڻ صاحب
    حق موجود! سدا موجود!
    گذارش ته اوهان جو 30 جنوري وارو لکيل خط اڄ مليو. ان کان اڳ فون تي به گفتگو ڪئي هئي سين. ڀاءٌ حقيقت هن ريت آهي ته مون کي سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪائونسلر سان گڏ ضرور ڀٽ شاهه تي حاضر ٿيڻو هو، هون به هيڏو سارو قومي ميڙاڪو انهيءَ سان منهن موڙ مناسب نه هئي، تنهن هوندي به مون ڀٽ شاهه تي اڪيلو وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سائين مختيار گهمرو کي اوهان ڏي اچڻ لاءِ ترسائي ويس. پر اتفاق سان کيس طبيعت اجازت نه ڏني جنهن ڪري هو حاضر نه ٿي سگهيو. بهرحال اسان مجبور هئڻ جي ڪري نه اچي سگهياسين تنهن، هوندي به اسان ٻنهي کي توهان جي پروگرام ۾ نه شامل ٿيڻ جو ڏک آهي. جنهن لاءِ اوهان کي يقين ڏياريون ته هاڻي جڏهن اوهان پروگرام ڪريو ته اڳ واٽ ٻه اکر لکي گڏجي تاريخ مقرر ڪبي ۽ پوءِ ضرور روبرو اچي اوهان کان ۽ ساري سنگت کان معافي وٺنداسيون. اميد ته اوهان ضرور اڳ واٽ ئي معاف ڪيو هوندو.

    اوهان جو
    مقصود گل
    _________________________________________________________________________

    (27)
    رتوديرو
    11-01-2000
    محترم عيسيٰ ميمڻ صاحب
    سچ موجود! سنڌ موجود!

    گذارش ته اوهان جو نئين سال ۽ عيد جي حوالي سان کليل خط اڄ پهتو. مان اوهان جي انهيءَ قرب جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. موٽ ۾ اوهان به عيد مبارڪون قبول ڪندا. منهنجون نيڪ تمنائون قبول ڪندا. اميد ته نئون سال ۽ نئين صدي نيون امنگون کڻي اوهان کي منزل طرف ضرور اتساهه بخشيندا.

    اوهان جو مخلص
    مقصود گل


    سومرو شبير احمد (هڪ خط)

    (28)
    جيڪب آباد
    11-07-2002
    مانوارا عيسيٰ ميمڻ
    آس ته سرها هوندا

    اوهان جو خط حاڪم مڱريو هٿان مليو. اوهان جا ويچار اوهان جي ڀاونا جي ترجماني ڪن ٿا. اها ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي ته ورهاڱي اسان جي سماج کي به ايترو ئي ڌڪ ڏنو آهي جيترو اسان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌي ادب کي. ۽ ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته قومي تحريڪ کي زنده رکڻ، سماج جي سنوار ۽ سنڌي ادب کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سگهارو ڪردار رهيو آهي ۽ ان ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد پاڻ ملهايو آهي مان جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ سنگت جيڪب آباد جي تاريخ / ڪردار هتي بيان به ڪريان ته شايد اها پنهنجي تعريف ٿئي بهرحال سنگت جيڪب آباد جي 1954ع کان هن مهل تائين جيڪا تاريخ رهي آهي يا جيڪو سنگت جو ڪردار رهيو آهي ان کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ رڌل آهيان ۽ آس اٿم ته ان ۾ ڪامياب ويندم.
    اوهان منهنجي ٽرم کي ساراهيو آهي ان لاءِ اوهان جا ٿورا مڃيان ٿو ۽ مان اوهان کي اهو ٻڌايان ته سنگت جيڪب آباد منهنجي سيڪريٽري شپ ۾ جيڪي پروگرام ڪرايا انهن ۾ ڪجهه پروگرام اهڙا به آهن جيڪي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن به شاخ نه ڪرايا آهن. مون کي افسوس ان جو آهي ته مان اهڙا پروگرام وڌيڪ نه ڪرائي سگهيم ۽ هاڻي جيڪو سيڪريٽري آهي ان به انهن پروگرامن کي جاري نه رکي سگهيو. اوهان هن وقت سنگت ڏوڪريءَ جا سيڪريٽري آهيو منهنجي خواهش آهي ته سنگت جا سڀ يونٽ متحرڪ رهن ۽ تحقيقي ۽ مثبت ڪم ڪن. اوهان ڪوشش ڪيو ته دستوري گڏجاڻين ۾ تحقيقي مقالا پڙهيا وڃن ۽ خاص ڪري سماجي تبديليءَ لاءِ جيڪي ڪوششون تحريري طور ٿي سگهن ڪيو.
    اسان جو سماج پستيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي مون کي دوستن جي ماٺار تي ارمان ٿيندو آهي اڄڪلهه سياست بدنام ٿي ويئي آهي ان جو به ڏک ٿيندو اٿم پر آس آهي ته ڪي دوست ميدان تي نڪري ايندا پنهنجو سڀ ڪجهه ڦرائي به اسان جي سماج ۽ سياست کي سنواريندا. اوهان ان لاءِ جيڪو قدم کڻي سگهو ٿا اهو ڪيو.
    اڄڪلهه سنگت جو جيڪو ڪردار آهي ان کان اوهان واقف آهيو، سنگت جون شاخون اهڙيون به آهن جيڪي رڳو مرڪزي اليڪشن وقت متحرڪ يا ڏسڻ ۾ اينديون آهن ان کان علاوه جيڪي ٻيون شاخون آهن جيڪي دستوري گڏجاڻيون ڪري به رهيون آهن انهن شاخن جي گڏجاڻين ۾ جيڪو مواد پڙهيو وڃي ٿو سو ساراهڻ جهڙو نه آهي ڇاڪاڻ ته رڳو شاعري پڙهي ان تي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ ڪا وڏي خدمت يا مسئلو نه آهي. اصل ڳالهه آهي پيغام جي ۽ ان تي عمل جي. اسان جي ادب کي ريسرچ ورڪ جي ضرورت آهي اسان ادب کي ڪهاڻي ۽ ناول جي ضرورت ته آهي جنهن تي ڪم رڪيل آهي ۽ اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت ئي ڪري سگهي ٿي.پر ڇا آهي ته سنگت ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جيڪي رڳو سيڪريٽري جنرل ٿيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وٺندا آهن ۽ پوءِ ٻه سال ماٺ جي مونن ۾ منهن وجهيو وري اليڪشن وقت جاڳندا آهن. سو ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته سنگت جو مرڪزي اڳواڻ اهڙو هجي جيڪو اسان جا مسئلا کڻي ۽ جدوجهد ڪري ته جيئن ٻين شاخن کي به اتساهه ملي.ان لاءِ اسان سڀني کي ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ سنگت جو ڪارج فوت ٿي ويندو.
    سنگت جي ڪارج کي پوري ڪرڻ ۾ ڪي نالا اوهان وٽ آهن ۽ ڪي نالا اسان وٽ به آهن انهن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي به اتساهڻو پوندو. هاڻي اسان سان الميو اهو به رهيو آهي ته جيڪي ماڻهو اسان کي اتساهين ها اسان انهن کي اتساهڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهيون ۽ پنهنجي ڪارج لاءِ ائين ڪرڻو پوندو. اوهان سنگت لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ان جي ڄاڻ ملي پيئي. حاڪم مڱريو اوهان جي تعريف ڪندو رهندو آهي. حاڪم مڱريو اسان وٽ به اسان سان ڪم ڪري ٿو جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. اسان جو رابطو جاري رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته رابطي مان، اسان گهڻو ڪجهه سکي به سگهون ٿا ته ڪجهه اتساهه به وٺي سگهون ٿا. آس ته اوهان سنگت کي متحرڪ رکڻ لاءِ ۽ ان جي اصل ڪارج لاءِ وسان نه گهٽائيندا.
    سڄي سنگت کي سلام

    اوهان جو ٿورائتو
    سومرو شبير احمد


    عباس سارنگ (ٻه خط)

    (29)
    جيڪب آباد
    8 اپريل 2004
    ڊيئر عيسيٰ
    حق موجود - سدا موجود

    ڪيئن آهين، دل ڪيئن آهي، اميد ته قرارن ۾ هوندين مان ڀي ٺيڪ آهيان، تنهنجي ياد ڪرڻ جي مهرباني ادبي رشتي ۾ هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ اسان تي اخلاقي فرض آهي. تنهن جي خط جي وري به مهرباني.
    ادبي سفر جاري آهي سر تي جيڪا ذميواري کنئي آهي نڀائڻ جا جتن ڪيان پيو. آفيس جي مصروفيت ايڏي آهي جو لکڻ پڙهڻ تمام گهڻو گهٽ آهي پر سنگت جي گڏجاڻين ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رهيو آهيان. تازو مورو ۾ ٿيل مرڪزي گڏجاڻيءَ ۾ توهان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري ممتاز لوهار سان ملاقات ٿي جيڪو پڻ توهان کي سڃاڻي رهيو هو. ڪڏهن وقت ڪڍي جيڪب آباد اچو ته ڪچهري رهندي.
    هن وقت ڪهاڻي جي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ به مصروفيت آهي. دعا ڪيو ته پورهيو ساڀيان ماڻي. تنهنجو ڏوڪري ۾ هجڻ ڏڍ ڏيندو رهندو آهي ته تون اتي موجود آهين.
    ياد ڪرڻ لاءِ وري وري مهرباني سموري سنگت کي سلام خاص طري انور ڏنگڙائي ۽ اسماعيل جوڻيجو کي. موئن جو دڙو کي اسپيشل سلام.

    صرف تنهنجو
    عباس سارنگ
    _________________________________________________________________________

    (30)
    جيڪب آباد
    26-04-2005
    ڊيئر عيسيٰ!
    حق موجود - سدا موجود
    ساٿي سَرهو هوندين!
    يار تون ايڏي ٿو محبت ڪرين تنهنجي مهرباني سڪ پيار ۽ قرب لاءِ تنهنجو پيار پتر، اڄ مليو. يار مان ايڏو ته مصروف رهان ٿو جنهن جو مان توسان سکر واري ملاقات ۾ ذڪر به ڪري چڪو آهيان منهنجي ضلعي پوسٽ آهي اندازو ڪر ته ڪيڏو ڪم هوندو. توهان جي سائيڊ تي ڪامريڊ حاڪم هڪ پل جو ڪم ڪندو هو سا ته ٻئي پاسي شفٽ ٿي ويئي آهي. خير پوءِ به ياد ڪرڻ لاءِ وڏا وڙ! ”ساٿ هلندو، لاٽ ٻرندي“ بس يار ڪتاب اچي ويو. تنهنجين مبارڪن جي به مهرباني. مان مصروف هجڻ ڪري بس رابطه سيڪريٽريءَ جو عهدو نڀائي رهيو آهيان خاطر خواهه ڪم ڪو نه ڪري سگهيو آهيان. باقي پنهنجي سنگت انتهائي سرگرم آهي. ٻه ڪتاب ڇپرائي چڪي آهي. جنهن ۾ هڪ منهنجو ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ ۽ ٻيو دوستن جو گڏيل مواد تي مشتمل آهي. هڪ گذارش ته ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ جون ڪاپيون سنگت ۾ هلائي ڏيو جلد لکي موڪليو ته ڪيتريون ڪاپيون موڪلجن. ڪتاب جي قيمت 70 روپيه آهي دوستن کان توهان 50 روپيه وٺو جيئن اسان جو ٻيڙو تري پئي. يا اڃان ٻيو ڪو به مشورو وغيره هجي يا ڪنهن بڪ اسٽال تي به رکرائي سگهجن ته مدد ڪيو. اوسيئڙو رهندو. ڏوڪريءَ جو ڪو دوست جيڪب آباد ۾ ڪم ڪندو هجي ته ڪاپيون موڪلڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي. گهڻو پاڻ تي بار به نه وجهجو هي اسان جو هڪ ادبي ۽ قومي فرض آهي. ان لاءِ توهان کي چيم.
    تنهنجو ساڳيو
    عباس سارنگ


    اعجاز اسد پليجو (هڪ خط)

    (31)
    جنگشاهي
    10-10-1998
    ساٿي عيسيٰ
    سلام، اميد ته خوش هوندا
    توهان جي هن خط جي ورندي دير سان پيو ڏيان، سبب M.Sc فائنل جا سخت امتحان هئا. جيتوڻيڪ امتحان هلندي جواب ڏيئي پي سگهيس پر اهڙي حالت ۾ جواب سان شايد انصاف نه ڪري سگهان ها، سو ”جيئن دير تيئن خير“ جي چواڻي، دير سان ورندي ڏيئي رهيو آهيان. اميد ته پنهنجو سمجهي دل ۾ نه ڪندا. اڳوڻي خط ۾ دير جو ڪارڻ منهنجو ننڍو ڀاءٌ هو، جو هن وقت سر خَطَ پوسٽ نه ڪيا. جنهن ڪري توهان کي اوسيئڙي جو اهنج سَهڻو پيو، ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.
    ادا! توهان پنهنجي ۽ واحد پارس جي تنقيد تي تنقيد ڪرڻ لاءِ چيو آهي. پر اهو ڪم ته هڪ نقاد جو هوندو آهي. پر توهان جو حڪم اکين تي، ان ڪري پهچ سارو منهنجي راءِ حاضر آهي. مان پنهنجي راءِ جو بنياد تنقيد جي هنن مکيه اصولن تي رکان ٿو. تنقيد جي نشاني تي ”ليکڪ“ نه پر ”لکڻي“ هئڻ گهرجي.
    ليکڪ تي تنقيد ڪرڻ مهل خيال رهي ته هو ملائڪ نه پر انسان آهي. تنهن ڪري گڻن سان گڏ منجهس اَوگڻ به ٿي سگهن ٿا. پاڻ پڏائڻ، پنهنجي پاڻ سان پيار ڪرڻ، پنهنجي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. انسان جي انهيءَ فطرت جي بنياد کي نرگسيت (Narcissism) چوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي لاءِ (Narcissism) جو مظاهرو (حد اندر) ڪري ته ان کي تنقيد جي اڏي تي آڻڻ نه گهرجي. ادب ۾ مثبت تنقيد اها ليکبي آهي جيڪا تنقيد جا اصول آڏو رکي ڪئي وڃي. جيڪا تنقيد براءِ تنقيد ۽ ادبي اصولن کان ٿڙيل هوندي اها ناڪاري تنقيد يا ڄنڊاپٽ سڏبي آهي. ادا مقصود تي ڀاءٌ واحد (هلال پاڪستان) ۾ ڪهڙي تنقيد ڪئي. اها مون پڙهي ناهي پر ان جو اولڙو توهان جي خط (واحد پارس هيسباڻي ڏانهن!) ۾ نظر آيو. پر منهنجي خيال ۾ واحد جي تنقيد فضول هئي ۽ توهان کي به ان جي خط کي هروڀرو تنقيد جي دائري ۾ آڻڻ نه کپندو هو. توهان کي حسام سومري تي به ناراض ٿيڻ نه گهربو هو؛ ڇو ته توهان جي تنقيد جوشيلي هئي. ادب ۾ جوش نه پر هوش کان ڪم وٺبو آهي. واحد پارس به غلط ڪيو جو هن ادا مقصود تي ناڪاري تنقيد ڪئي. مطلب سڀني جي تنقيد جو نشانو لکڻيون نه پر ليکڪ هئا. جيڪا سٺي ڳالهه نه هئي.
    ادا عيسيٰ! منهنجي راءِ پڙهڻ کان پوءِ اميد ته اوهان کي ڏک نه ٿيندو ڇو ته مون کي پڪ آهي ته اوهان سچار ۽ حقيقت پسند انسان آهيو. موڪلائڻ کان اڳ هڪ ڳالهه چوندس ته، جي توهان منهنجي راءِ تي پنهنجي راءِ ڏيندا ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. توهان ”جاڳو“ ۾ وري لکڻ شروع ڪيو آهي ان جي خوشي ٿي آهي. ”زندگي جا رنگ“ جيان ”جوت“ ۾ هڪ نئون ڪالم ”رنگ رنگ دنيا“ شروع ڪرڻ جو ارادو هو ۽ مواد به موڪيلم پر زرار پيرزادي چيو آهي ته غلطيءَ سان اوهان جا پنج ڪالم گم ٿي ويا آهن. وري ٻيو مواد موڪليو پر سوچيان پيو ته هاڻ ”ٻارڙا اکين جا تارا“ ۾ ڪالم شروع ڪجي يا ”جوت“ ۾ صلاح ڏيو! ڀاءٌ علي بخش پٺاڻ سميت سڄي سنگت کي سلام چئجو.
    چڱو موڪلاڻي ڪونه سدائين گڏ.

    اوهان جو
    اعجاز اسد پليجو


    وفا عرس پارابي

    (32)
    ميرپور بٺورو
    16-05-1998
    سنڌ امڙ جا ساکي
    ماءِ ڊيئر عيسيٰ ميمڻ
    شال سک سان هجو سدا
    وعليڪم السلام
    ادا توهان جو خط 11-05-1998 تي مليو. خط لکي ياد ڪرڻ لاءِ شڪرگذار آهيان. ادا عيسيٰ صاحب توهان جي سچي نيت آهي جو مون جهڙي ناچيز کي ياد ڪندا آهيو. ادا عيسيٰ صاحب! ڪن ڏاهن محبت بابت فرمايو آهي ته ”محبت هڪٻئي کي گهوريندو رهڻ جو نه پر گڏيل ريت هڪڙي ئي پاسي ڏسڻ جو نالو آهي“ ڪنهن چيو ته ”هيءَ هڪ تمام سٺي بيحد خوفناڪ ٿئي ٿي“ ونڪنگ چيو ته ”محبت ڇا آهي؟ ٻه جسم هڪڙو روح، ٻه دليون هڪڙي تمنا ۽ ٻه دماغ هڪڙو تصور“ ٽيلز چيو ته ”جيڪڏهن دنيا مان محبت نڪري وڃي ته سج پنهنجي گرمي ۽ چنڊ پنهنجي دلڪشي وڃائي ويهندو“.
    ادا! محبت جي باري ۾ مختلف ڏاهن جا مختلف رايا ۽ مشورا آهن. ڪيئن به هجي پر محبت آهي نالو وفا ۽ خلوص، سچائي ۽ بي لوث جذبن جو. محبت نالو آهي پاڻ ارپڻ جو. بهرحال خدا ڪري پنهنجي هي دوستي جو سنگم هميشه تابنده رهي. دوستي ۽ محبت جون معنائون ته الڳ الڳ آهن. پر آهن ٻئي هڪڙي ڌارا جون ٻه راهون.
    ادا! توهان جي خط اچڻ کان پوءِ مون توهان ڏانهن خط لکيو هو جنهن ۾ انٽرويو ۽ هڪ ترجمو ڪيل ڪهاڻي به شامل آهي. ڇا توهان کي اهو خط اڃان تائين ڪو نه مليو آهي؟ اميد ته هيل تائين خط پهچي ويو هوندو. ادا اهو ٽپال جي غلط ڪارڪردگي جي ڪري ائين ٿيندو رهي ٿو. ادا عيسيٰ باقي مان پنهنجي شاعري (ٻاراڻي) فيئر ڪري رهيو آهيان. ڪجهه وقت جي ڪمي ۽ گهڻين مصروفتين جي ڪري تاخير ٿي آهي جنهن لاءِ معذرت. ادا اڳيون لکيل توهان جو خط اڃان تائين ته ڪو نه پهتو آهي مگر 15 ڏينهن کن اڳ توهان جو خط مليو. جنهن جو جواب انٽرويو ۽ ڪهاڻي سان گڏ روانو ڪيل آهي. جنهن جو توهان اڃان تائين ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. ادا مان، توهان جي منع ڪرڻ تي اسرار شام کي ضرور خط لکي مڃائيندس ته توهان کي انٽرويو لاءِ نه لکي. پر مون کي اميد آهي ته توهان موڪليل (انٽرويو) ڪهاڻي پوءِ قسط وار ڪري پر شايع ڪرائڻ فرض ۾ شامل ڪندا ته مهرباني، مهرباني نه بلڪه احسان ٿيندو.
    ادا! توهان رسالي ”پورب“ جو پڇيو. ادا ان لاءِ هي عرض ته رسالو تقريبن چئن پنجن مهينن کان بند ٿيل آهي. وري اڄ تائين شايع ڪو نه ٿيو آهي. شايد هاڻ شايع ٿيڻ انهن جي (وس کان يا) مالي حالت ڪمزور هئڻ ڪري اها پوزيشن نه ساري سگهن. بهرحال اسان جي اها دعا آهي ته خدا ڪري پورب وري به پڙهندڙن آڏو نمودار ٿئي.
    ادا عيسيٰ صاحب! هينئر ڏوڪري ساس شاخ جو سيڪريٽري ڪير آهي؟ توهان پنهنجي مصروفيتن کان آگاهه ڪندا ته مهرباني بلڪه ٿورا ٿيندا. ادا دل ٿي چوي ته توهان ڏانهن ڪافي ڪجهه لکي موڪلجي پر پيارا ان لاءِ مون کي به وقت جو ذيان ڪرڻو پوندو ۽ توهان کي به پڙهڻ لئه ڪافي وقت ضايع ڪرڻو پوندو. ڪچهريون ٿينديون رهنديون. دل ته ”مرحوم استاد بخاري“ جي هن شعر وانگر چوي ٿي:
    دل ڪنهن جي، پرين، پنهنجي نه ڪجي،
    جي پنهنجي ڪجي، اَهنجي نه ڪجي،
    اک برسي مينهن وَسائي پئي،
    دل ڌڙڪي ڀونءَ ڌڏائي پئي،
    اڄ اسهڻ جي جلدي نه ڪجي

    استاد اندر جو ٺار ملي،
    ۽ آجائي آڌار ملي،
    ٻي ڪا ڳري ڳڻتي نه ڪجي.

    هاڻ ادا عيسيٰ صاحب موڪلاڻي ڪونهي.
    هن ناچيز کي توهان جي پيار پني جو شدت سان انتظار رهندو.

    توهان جو
    ”وفا“ ايم عرس پارابي
    _________________________________________________________________________________________


    (33)
    ميرپور بٺورو
    28-08-2003
    سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مـٺـا دلـدار، عـالـم سـڀ آباد ڪريـن. (شاهه)
    شال جڙيو هجي سدا
    ڀاءٌ عيسيٰ ميمڻ
    وعليڪم السلام
    ادا توهان جو پيار ۽ محبت ۽ خلوص ڀريو پتر ڏوڪري شهر متعلق خوبصورت شاعري سان 18-08-2003 تي مليو. پڙهي بيحد خوشي ٿي. ادا توهان جي مهرباني جو توهان ”ٻالڪ رنگ“ متعلق ڄاڻ ڏني، ڀاءٌ مون وٽ شروع وارن ٻالڪ رنگ رسالن جي ائڊريس جيڪا توهان لکي موڪلي آهي ان کان مختلف آهي. شايد هاڻ پتو بدلايو اٿن. بهرحال هن وقت توهان لکيو آهي ته ايڊيٽر به ٻيو آهي. اڳي ته ايڊيٽر ادي مريم هوندي هئي. چڱو ٿيو جو توهان واقف ڪيو. ڀاءٌ توهان ڏوڪري جي تاريخ گڏ ڪري ڪتاب ڇپائڻ لاءِ دعا آهي ته خدا توهان جي اُها من جي منشا پوري ڪري. ڀاءٌ هاڻ اچون ٿا ته توهان جي شاعري متعلق ادا شاعري ته بلڪل خوبصورت آهي. باقي مون کي بحر وزن جو فرق نظر آيو آهي. ڪٿي وزن ۾ سٽون وڏيون ته ڪٿي ننڍيون آهن. جيئن توهان جو عنوان هيٺ آهي.
    ٻارو! اچو سڀ مون وٽ سري،
    گهمايان توهان کي شهر ڏوڪري.

    هاڻي ڏسو ته مٿئين سٽ ۾ وزن کوٽ کائي ٿو. مٿين سٽ جو وزن آهي. ”فعلن فعولن فعلن فعو“ هاڻي ٻي سٽ جو وزن ڏسون ”فعولن فعلن فعلن فهو فعو“ هاڻي توهان ئي ڀيٽ ڪريو ته ڪيڏو فرق آهي. ادا خيالن کان مون کي ڪو به اختلاف ڪونهي آئون فقط بحر وزن جي ڳالهه ڪريان ٿو. ادا هڪ شاعر جي لاءِ بحر وزن جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. ادا توهان جي سڄي نظم جو وزن مٿين سٽ جي وزن جو ٿيندو. پر هاڻي ٻي بند ۾ ڏسون ٿا ته وزن ڇا آهي؟ ”هو واپڊا، هو ڪاليج، هو ناڪو نمبر ون“ ان جو وزن ٿيندو. ”فاعلاتن فعلن فعولن فعلن فعلن“ هاڻ توهان خود ڏسو ته ڪيڏو فرق آهي. اهڙي نموني سڄي نظم تي نظر وجهبي ته بحر وزن جي کوٽ نظر ايندي. باقي خيال بلڪل ٺيڪ آهي.
    ادا عيسيٰ ميمڻ صاحب ٻي ڳالهه هڪ مون کي توهان جي نظم جي قافيي ۾ به نظر آئي ته توهان ڪٿي ڪٿي قافيي جو ٺيڪ استعمال به نه ڪيو آهي. جيڪو شاعر کي سونهي نٿو. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. توهان جو قافيو رکيو آهي اهو آهي سُري، ڏوڪري، اڏري، اڀري، نرسري ٻيو بند نمبر ٽيون هي سٽ پهرين ۾ توهان ”اسٽان“ لکيو آهي جيڪو صحيح لفظ ڪونهي. بلڪل اهو ائين ڄاڻي واڻي ته ڪو نه لکيو هوندو. اهو ”اسٽاپ“ ڪجي ته بهتر ٿيندو. ڇو ته ”اسٽان“ جي معنيٰ صحيح نه ٿي نڪري. بند نمبر پنج ۾ قافيو ”سرڪاري، بهاري، نٿا ٺهن“ اهڙي طرح بند نمبر ست ۾ ”سينٽر“ ۽ ”سڪندر“ قافيو صحيح ڪو نه ٿا ملن.
    ادا مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي توهان هيڏو ڏکيو شعر ٿورن لفظن ۾ شاعري اندر قلم بند ڪيو آهي. توهان وري وزن درست ڪرڻ جي همٿ ڪندا ته نظم وڌيڪ خوبصورت لڳندو. ادا توهان ڏانهن هڪ وائي موڪلي رهيو آهيان. اصلاح ڪندا. ادا توهان جي چوڻ تي توهان جو انٽرويو ”ٻالڪ رنگ“ کي مون موڪلي ڇڏيو آهي. جڏهن به اهو انٽرويو ڇپجي ته هڪ ڪاپي مون ڏانهن به موڪلجو.
    ادا اڄ جڏهن خط لکي رهيو آهي. تمام گهڻي گرمي آهي. اسان وٽ ٻهراڙي ۾ بجلي ڪو نه آهي. ان ڪري پگهر ۾ شل آهيان. وڌيڪ ملاقات ايندڙ خط ۾ هاڻي خدا حافظ.

    توهان جو پنهنجو
    ”وفا“ عرس پارابي.
    _________________________________________________________________________________________


    (34)
    ميرپور بٺورو
    21-09-2003
    انسان کسی سے دنیا میں ایک بار محبت کرتا ہے،
    اسی غم کو لے کر جیتا ہے اسی غم کو لے کر مرتا ہے۔
    پيارا ڀاءٌ عيسيٰ ميمڻ صاحب
    شال سدائين شاد هجين.
    جيئي سنڌ.
    جيئن ته پيارا دوست ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن پنهنجي خط و ڪتابت نه ٿي سگهي آهي. پيارا ڀاءٌ آءٌ ڏاڍي افسوس سان خط لکي رهيو آهيان ته مون توهان کي جيڪا ائڊريس ڏني هئي. اڃان تائين بند پئي آهي ۽ همراهه به گم آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو جو توهان جو خط نه ملي سگهيو. ان ڪري گهڻي يادگيريءَ ستايو ۽ توهان کي خط لکڻ ويٺس. اميد ته خوش هوندين ۽ توهان ادبي حوالي سان ته سرگرم آهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري طرفان هڪ ڀرپور مظاهرو توهان جي نگراني ۾ موئن جي دڙي مان غائب ٿيل قيمتي نواردات بابت اخبار ۾ پڙهيم، ڏاڍي سرهائي ٿي. توهان قابِل تعريف ڪم ڪيو. مون پاران توهان کي جس هجي. اسان جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين کي پنهنجي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ اهڙي جدوجهد ڪرڻ کپي. ادبي حوالي سان توهان تي اهم ذميواري سونپي وئي آهي. توهان ان عهدي جي جبل کي همت جي حوصلي سان کنيو آهي ۽ هاڻي نيون چونڊون به آڪٽوبر 2003ع ۾ ٿي رهيون آهن. اميد ته توهان وري به سيڪريٽري ٿي هن ادبي ٻيڙي کي اڳتي وڌائيندا.
    وڌيڪ ڪُل خير آهي. ڀاءٌ علي بخش جا ڪهڙا حال آهن. کيس مون پاران کوڙ سارا سلام چوندا. ادا توهان اڳ ۾ جيڪو خط لکيو ۽ شاهه جي بيت جي تشريح لاءِ لکيو هو ۽ هن ناچيز پنهنجي سمجهه آهر تشريح لکي موڪلي. وڌيڪ توهان ان بابت لکيو هوندو. پر اهو خط مون کي ڪئبن بند هئڻ ڪري نه ملي سگهيو ۽ هاڻ پهرين واري ائڊريس تي خط لکندا.
    ادا منهنجي بدلي بئن هئڻ ڪري اڃان تائين نه ٿي آهي ۽ اڄڪلهه هلالِ پاڪستان ”ڏات“ ۾ لکي رهيو آهيان. ”ڏات“ جو انچارج يوسف سنڌي آهي. ”ڏات“ توهان ضرور پڙهندا هوندا. توهان به ڪوشش ڪري ”ڏات“ لاءِ مواد موڪليندا.
    ڇا توهان اڄڪلهه لکي رهيا آهيو؟ توهان پنهنجي شاعري موڪليو جيڪي تازي لکي هجي. توهان اڄڪلهه ڪهڙي رسالي يا اخبار ۾ لکي رهيا آهيو؟.
    ٻيا توهان جا ڪهڙا حال آهن. سروس ملي يا نه؟
    سڄي سنگت کي سلام چوندا. موڪلاڻي ڪانهي.

    فقط دعاگو
    ”وفا“ عرس پارابي
    _________________________________________________________________________________________


    (35)
    ميرپور بٺورو
    30-09-2002
    پيارا دوست عيسيٰ ميمڻ
    شال جُڙيو هجين.
    ڀاءٌ تنهنجو پيارو پتر پهتو. توهان جي طبيعت هاڻ ڪيئن آهي؟ هائو دوست انسان ڀوڳنائن جي سفر جو مسافر آهي. صحيح معنيٰ ۾ اهو ئي ڪامل انسان آهي جيڪو ڀوڳي ٿو. اهي انسان جيڪي A.C ۾ بي خبر ننڊون پيا ڪن. انهن کي انسان چوڻ به انسانيت جي توهين آهي. اهڙا ماڻهو فقط پاڻ تائين محدود هوندا آهن. اهي انسان جيڪي ٻين جي لاءِ جيئندا آهن، اهڙا انسان امر هوندا آهن. جيڪي احساس جي ۽ انسانيت جي مادي سان لبريز هوندا آهن. توهان به اهڙن ئي بي باڪ انسانن جي رستي جا مسافر آهيو. الله سائين توهان کي اڃان به وڌيڪ جذبو عطا ڪري جيئن هن سماج ۾ براين کي ختم ڪري هن ديس جي ساک کي بچائي، امن جو گهوارو بڻائي سگهو.
    اهڙي طرح هر انسان جي ذميواري آهي ته هو سماج ۾ رونما ٿيندڙ براين ۽ جيڪي سماج لاءِ ناسور آهن انهن کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ جتن ڪري ۽ تماشائي نه بڻجي. ائين هي سنڌ ۽ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهون ٿا. اسان جي سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي ڌوم، جنهن اسان سنڌين کي احساس ڪمتري جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جا حق غيرن ۽ غدارن کي ڏنا آهن. اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي هوندي يتيم آهيون. اسان سنڌين جا حق ڌارين ڦٻايا آهن. حڪومتي هٿ ڪنڊن جي ڪري ڌاريا اسان جي ڳلي ۾ نانگ ڪري وڌا ويا آهن. اسان سنڌي به پنهنجي ساک ”ثقافت“ کي بچائڻ لاءِ انهن غيرن کي پنهنجو ڀاءٌ سمجهي انهن کي جيءٌ ۾ جايون ڏنيون. پنهنجون زمينون ڏنيون پر اهي حرام خور، نمڪ حرامي جو ثبوت ڏئي رهيا آهن. مهمان نوازي جو صِلو ڇا مليو آهي؟ اڄ سنڌي ننڌڻڪا بڻجي ڀٽڪي رهيا آهن. بي روزگاري جي باهه ۾ پچي پڄري رهيا آهيون. خودڪشيون اسان جي پلئه پيون آهن. مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي. بي انتها برايون اسان جو ديس ڀوڳي رهيو آهي. ان جو شڪار اسين آهيون. اسان کي ناانصافي جي گهاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي. اهڙي طرح سان هر پهلو کان اسان کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي.
    ڌاريا جيڪي ڪالهه هٿين خالي آيا هئا. اهي اڄ بلڊنگون ٺهرائي ويا آهن. اهي بلڊنگون به اسان جي به وقوفي تي ٽهڪ ڏئي اسان جي مٿان هوٽنگ ڪري رهيون آهن. انهن جي ماڙين کي ڏسي اسان جي مٿي تان پٽڪو به ڪِريو ٿو پوي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ اها به ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. اهي سڀ اسان تي واحد وفاق ”پنجاب“ جي مهرباني هئي. جنهن نانگ اسان جي ڪنڌ ۾ وڻ ويڙهي وانگر ويڙهي وڌا. اهي نانگ سچ پچ به اهي ڪاريهر نانگ آهن. انهن کي 50 سال گذري ويا آهن پر اڄ به مختلف نالن سان سڏائيندا آهن ۽ اڄ تائين اهي سنڌي ٻولي نه سکي سگهيا آهن. اهڙا غير سنڌي جيڪي اسان سان ڪنهن به ريت ميچ نه آهن. ڇا انهن جو هتي حق آهي ته هو هتي رهن، هن ڌرتي جو کائن ۽ پيئن. هرگز انهن کي اهو حق نه ٿو ڏئي سگهجي. اسان کي پنجاب سامراج کان جان ڇڏائڻي پوندي. ڇو ته اهي غدار آهن. جنهن سنڌ سان تمام گهڻيون بي واجبيون ڪيون آهن ۽ ڪري رهيا آهن. اسان پنهنجي بقا لاءِ جهاد ڪريون. جيڪڏهن اسين پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ وڏي ڪوشش نه ڪئي ته ايندڙ وقت اسان لاءِ ڏاڍو برو ثابت ٿيندو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. اسان جي جاءِ تي ڏتڙيل هوندا ۽ وارث لاوارث ٿي ائين ئي بي دردي سان ڌڪا کائيندا دربدر هونداسين. اهو اسان کان اسان جو ايندر نسل ضرور پڇندو.
    ڪاش! اسان جي مغرور وڏيري ۽ جاگيردار کي هوش اچي ۽ اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي پنهنجي مستقبل بچائڻ لاءِ غيرتمند سنڌين جو فقط ساٿ ڏين ۽ غيرن سان پراڻا ناتا ٽوڙي غيرت مند سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ ڌارين کي ڌڪاري ڪڍڻ لاءِ جهاد جو اعلان ڪن ۽ سامراجي قوتن کان قطع تعلق ڪن ۽ فقط سنڌ کي پنهنجو ملڪ سمجهن. ڇو ته بنگال ملڪ بڻجي سگهي ٿو ته سنڌ به ملڪ بڻجي سگهي ٿي. اسان کي پنهنجو سڀ ڪجهه آهي. غلامي گار آهي. غلامي ظلمت آهي. غلامي ذلالت آهي. غلامي خواري آهي. اسان کي ان پنجاب جي غلامي مان جان ڇڏائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو. اسان کي غلامي کان جان ڇڏائڻ لاءِ محترم عبيدالله سنڌي واري راهه وٺڻي پوندي. عبيدالله سنڌي جي فن ۽ فڪر کي پڙهڻو پوندو.
    اسان سڀني کي هوشو ٿيڻو پوندو جنهن جو نعرو اڄ به تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيل آهي. ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ هوشو اهو نعرو انگريزن سان جنگ دوران هنيو هو. اگر هي ڌاريا انگريزن کان گهٽ نه آهن. انگريز اڇا نانگ هئا ۽ هي ڪارا نانگ آهن. اچو ته پنهنجي ديس کي آزادي ڏيارڻ لاءِ وڏي ويڙهاند جي تياري ڪيون. سر ڏئي سنڌ بچايون. پنهنجي نسل کي غلام سنڌ نه پر آزاد سنڌ ڏيون. هن ديس کي امن جو گهوارو بنايون. ڪاش هر سنڌي جي اها سوچ هجي!!!
    ڀاءٌ مون شاهه سائين جي بيت جي جيڪا تشريح ڪئي آهي. سا خالص پنهنجي ذهني آڌار تي ڪئي. باقي شاهه جي بيتن جي تشريح مون جهڙو ناچيز نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته انهن بيتن ۾ رمز جون ڳالهيون آهن. اسان ته فقط پنهنجي مطالعي جي آڌار لکون ٿا. بيتن سان انصاف ڪري صاف ۽ سمجهه ۾ ايندڙ تشريح محقق ئي لکي سگهن ٿا. ٻيو ته ڀٽائي صاحب پنهنجي شاعري وجد جي ڪيفيت ۾ چئي آهي. هن لاشعور جي سمونڊ ۾ ٽٻي هڻي ماڻڪ ميڙي ڏنا آهن. اسان جي اديبن جو فرض آهي ته هو سرمائي کي محفوظ بڻائين. شاهه صاحب تي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. شاهه جا جيڪي شائق اڃان به جهرن جهنگن ۽ بَرن ۾ ۽ ٿرن ۾ پيا آهن. انهن جي دل دفتر ۾ ڀٽائي جا بيت بر زبان ياد آهن. انهن سان ملي ڪچهريون ڪري هڪ مستند رسالو تيار ڪري ڇپرائڻ گهرجي. ڇو ته موجوده وقت ۾ جيڪي شاهه جا رسالا آهن اهي متضاد آهن. ان ڪري اسان کي جاکوڙ ۽ جفاڪشي ڪري ان سرمائي کي هٿ ڪرڻو پوندو. لطيفي ادارا قائم ڪرڻ گهرجن. اسان کي لطيف جي ٻولي بچائڻي آهي ته ان لاءِ انا پرستي ڇڏي ڪري سڀ باشعور گڏجي هڪ پليٽ فارم تان ڪم ڪرڻو پوندو.
    ادا! اسان کي اهڙا بحث مباحثا ڪرڻ گهرجن. اسان ائين پنهنجي ذهن جي ڇُري کي تيز ڪري سگهون ٿا. اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو به ٿيندو رهندو.
    واقعي ئي ساس بٺورو جو زوال خراب ڳالهه آهي. اسان ادب جي خدمت لاءِ ڪوشان آهيون. ادل! مون هڪ اردو ۾ غزل لکيو آهي توهان دوستن سان ملي ڇنڊ ڇاڻ ڪري موڪليندا ته ٿورائتو رهندس.
    علي بخش پٺاڻ کي سلام چوندا ۽ اهو به ميسيج ڏيندا ته ڪاوڙ اٿئي جو خط نٿو لکين. ڀاءٌ وڌيڪ ملاقات ايندڙ خط ۾. خدا ڪري اهو سلسلو سدائين صبح هجي ۽ شام نه ٿئي.
    فقط توهان جو دعاگو
    ”وفا“ عرس پارابي
    _________________________________________________________________________________________


    علي بخش پٺاڻ (پنج خط)

    (36)
    لاڙڪاڻو
    11.11.1999
    پيارا عيسيٰ
    سکيو هجين شال
    جيئي سنڌ
    نيٺ
    تنهنجي ئي صلاح وارو فيصلو ڪيم، هاڻي لاڙڪاڻي آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو شدت سان تنهنجي ۽ راشد قاضي جي کوٽ جو احساس ٿيو اٿم. جيتوڻيڪ تو وٽ اڪيلو دوست راشد آهي.( شايد ڪجهه ٻيا به هجن) پر مون وٽ هت هزارين دوست آهن (ڪتابن جي صورت ۾ ) پر تنهن هوندي به توهان جي ڪميءَ جو احساس شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان. انهيءَ کي سنڌي چواڻيءَ موجب ”سنڌي ماڻهو کٽ تان هيٺ پير نه لاهڻ واري وارتا جو تسلسل سمجهين يا ٻيو ڪجهه سمجهين بهرحال جنهن وقت هيڏانهن اُسهي رهيو هئس تنهن وقت سچ پڇين ته جلاوطني وارو احساس ٿي رهيو هيم. هن وقت الائي ڇا لکي رهيو آهيان؟سو مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڇو ته زندگيءَ ۾ جڏهن يڪسانيت اچي ويندي آهي تڏهن ڏاڍي بوريت محسوس ڪندو آهيان سوچون اداس راهن تي رلڻ لڳنديون آهن ۽ دماغ چڪرائجي ويندو آهي ۽ دل سقراط جيان زهر پيئڻ لاءِ پئي اتساهيندي آهي پر منهنجو دماغ کيس اهو چئي روڪي ڇڏيندو آهي ته تو اڃان سقراط وانگر سچ نه ڳالهايو آهي تون ڏاهر جيان بهادر نه آهين تنهن وقت دل ڏاڍي شرمسار ٿيندي آهي. انهيءَ اميد سان جيئڻ لاءِ راضي ٿيندي آهي ته تون هڪ ڏينهن ضرور سچ ڳالهائيندين ۽ زهر جو وٽو پي مرندين.
    مان به عجيب قسم جو انسان آهيان منهنجي زندگي ته هن وقت جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجندي گذري رهي آهي پر پنهنجي مايوس ڪرده سوچن جو منحوس پاڇو خط ذريعي توتي وجهي رهيو آهيان. منهنجو وس به نه آهي . سوچون به سمنڊ آهن. بس ذهن کي لوڙهيو ڇڏين ڪڏهن سنڌ جي غلام ڌرتيءَ جي غلام شهر ڪراچيءَ جي ڪپرن تي پهچايو ڇڏين جتي ذهن تي انڌوڪار جا ڪڪر ڇانيو وڃن ۽ لهرون ڪڏهن آزاد قوم جي آزاد ملڪ بنگلاديش جي ڪناري پهچايو ڇڏين جتي ڪوي ٽئگور جون سوين رچنائون ڦول بڻجي خوشبوءِ وکيري روح کي پنهنجي رنگن ۾ رچيو ڇڏين. اڄ تائين ڀٽائيءَ جي بيتن جي سڳنڌ تي منهنجي ڪابه تشبيهه نه جڙي سگهي آهي. اميد اٿم ته خطن ۾ مهانگو نه هوندوسانءِ هونئن ته ڀٽائي جيان ”پنهون هيس پاڻ“ پر خيالن جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ خط وڪتابت ضروري آهي، جنهن جي مقصد لاءِ ڏوڪري ڇڏيم ڌڻي ڪري ته انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيان.
    خطن ۽ دعائن ۾ ياد ڪجانءِ.

    تنهنجو
    علي بخش پٺاڻ
    _____________________________________________________________________________________________


    (37)
    لاڙڪاڻو
    23.12.1999
    پيارا عيسيٰ، جيئي سنڌ
    اڄ 23 ڊسمبر 1999ع تي روزانه ”تعمير سنڌ“ ۾ لاڙڪاڻي ۾ جسقم جي احتجاج ۾ تنهنجي گرفتاريءَ جي خبر پڙهيم ۽ ڦوٽو ڇپيل ڏٺم. مون کي خوشي ٿي آهي ته تون ننڍڙي ئي عمر ۾ ڌرتيءَ ماءٌ جي فرض کان وانجهيل نه آهين. جڏهن ته تون ڏکن سکن جي سوري چڙهي، گهاڻي ۾ پيڙهجي مري جيئڻ نه سکيو آهي پر تنهن هوندي به خليل جبران چواڻي: ”بهترين جي اميد رکو ۽ بدترين لاءِ تيار رهو“ جيان هروقت هر مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچين ٿو ۽ پنهنجي ڪچڙن ڪلهن تي جن ۾ پنهنجي گهر جو بار سهڻ جي سٽ به ڪانهي تن تي تون سموري قوم جي سورن جو صليب ٿو لٽڪائڻ چاهين. تنهنجو اهو جملو ته گرفتاري نه ڏيان ته ڇا پوءِ خودڪشي ڪريان“. مان ظاهر ٿيو ته توتي جواني ۽ سياست جو نشو طاري آهي. لاجواب ناول ”هم اوست“ ۾ آغا سليم صاحب جنهن رڻ پٽ جي علامت ڏيکاري آهي تنهن مان هن وقت تون گذري رهيو آهين. هي وقت اهڙو ته سنگين آهي جو اسان جي ٿورڙي به غلطي سالن جي پڇتاءَ جو باعث بڻجي سگهي ٿي اسان کي هڪ فرض ۾ ايترو گم نه ٿي وڃڻ گهرجي جو ٻيا فرض وسري وڃن. بهادري ته اها آهي ته چئني پاسن کي منهن ڏجي. هن کان اڳ ٻن صفحن جو خط لکي اهو سمجهي ڦاڙي ڇڏيم ته متان اهو نه سمجهي ويهين ته مان توکي مايوس ۽ فرض کان غافل ڪري رهيو آهيان. وڌيڪ ٻئي خط ۾ احوال ڪبو.

    تنهنجو
    علي بخش پٺاڻ
    _____________________________________________________________________________________________


    (38)
    لاڙڪاڻو
    27.09.2000
    تو وري ڪا ڳالهه چئي آهي،
    ننڊ مان جاڳ ٿي وئي آهي. (اياز)
    پيارا عيسيٰ
    جيئين سدائين
    تنهنجا ست خط پهتل آهن پر منهنجا ٽي خط ۽ هي تنهنجا سڀئي خط،هڪ ٻئي جو جواب نه آهن ڇو ته منهنجا خط تنهنجي خطن لکڻ کان پوءِ توکي مليا ۽ تنهنجا خط منهنجي لکڻ کان پوءِ مون کي مليا. تنهنجا سڀ خط پڙهڻ کان پوءِ جيڪو خاڪو ذهن تي جڙي ٿو سو هت چٽيان ٿو. پهريان هڪ وضاحت ته تنهنجا خط ٽي دفعا پڙهي چڪو آهيان ۽ هر دفعي سان اهي وڌيڪ اونهان اندر ۾ لهندي محسوس ڪيم.
    تنهنجي چوڻ موجب هڪ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي اٿم. دعا ڪر ته منَ پڄاڻيءَ ڪري جلد تنهنجي نظر ڪريان، ڪهاڻي يا مضمون وغيره لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي، مڙوئي تو پڇ ٻڌي مهري ڪيو آهي. هڪ ڳالهه ٻي ته مٿي لفظ ”دعا ڪر“ ڪم آندو اٿم جيڪو شايد توکي نه آئڙي ڇو ته تنهنجي خط ۾ لکيل آ ته ”همدرديون وٺڻ جا قائل ٿيندا پيا وڃون.............“ ايئن ناهي ته ڪو مان تنهنجي ڳالهه نه ٿو سمجهان، اهي لائينون جنهن به خيال سان لکيل آهن، بلڪل ٺيڪ آهن پر اهي مون سان انفرادي تعلق به گهرو رکن ٿيون جنهن ڪري مون کي چوڻو ٿو پئي ته مون کي همدردين جي ضرورت آهي پوءِ انهيءَ لاءِ ڇو نه ڏوهي چوائڻو پويم يا ڇو ته: ”ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان“.
    ۽ هڪ ٻئي خط ۾ تو جا سچ جي ڳالهه ڪئي آ سا به سچي آهي ، بس ضرورت آهي منهنجي فارمولي ”وار جي وٿي“ کي ڌيان ۾ رکڻ جي ڇو ته ڏاهن چيو آهي ته ”تر جي ڳٿي سوَ چوٽون کائي“. سچ ۽ حقيقت ۾ جيڪو فرق محسوس ڪيو ويندو آ سو هي آهي ته ”ضروري ناهي ته اڄ جو سچ سڀاڻي جو سچ به هجي پر حقيقت، حقيقت ئي رهندي آهي.“ اهو حق آهي ته فلسفا ۽ نظريا عملَ جا محتاج رهيا آهن يا ايئن کڻي چئون ته عمل کان سواءِ اڌورا هوندا آهن.
    - هڪ ڳالهه هتي ٻي به چوندس ته مان تو مان ڏاڍو خوش آهيان، منهنجو سڏ نه ئي سهي پنهنجي ضمير جو سڏ ورنايو اٿئي. مبارڪن جي مستحق آهين.
    - مون پاران قاضي راشد کي ڀٽائيءَ جي هي سٽ ٻڌائيندين ته تهنجو ٿورائتو رهندس.”سَرَ ۾ سارينئي“،

    تنهنجو
    علي بخش پٺاڻ
    _____________________________________________________________________________________________

    (39)
    ڪراچي
    12.12.2006
    عيسيٰ
    حق موجود
    هن ويل جڏهن سوچي رهيو آهيان ته ڪتابن پڙهڻ جو نشو ڇو ڇڏائجي ويو اٿم ته سمجهه ۾ آيم ته تون پنهنجي خطن ۾ ڪوٽيشن ذريعي ڪيترائي ڪتاب پڙهايو ڇڏين، نتيجي ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ جي ٻاڙ ئي نه ٿي لڳمِ. سچ ته تو وڏي تپسيا ڪئي آهي، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ. مان به دماغ جي مانڌاڻيءَ سان دل کي ولوڙي لکڻ جا جتن ڪيان پيو، شال مطمئن ڪري سگهانءِ.
    ڪڏهين ڪڏهين زندگيءَ ۾ تسلسل جون ڪڙيون ٽٽي ٿيون پون جن کي جوڙڻ لاٰءِ ڏاڍا جتن ڪرڻا ٿا پون. اصل ۾ هيڪڙائي پسند هوندي به مان اڪيلو نه ٿو گهاري سگهان. شايد تون،راشد قاضي ۽ ارشد ميراڻي ايئن ڪري سگهندا هجو. اڪيلائيءَ ۾ سوچون ڏنگڻ ۽ کائڻ پيون اينديون آهن. تيزاب وانگر اڪيلائي ڳارڻ لڳندي آهي. ايمرسن چيو ”ڪوئي به اڪيلو سٺو نه هوندو آهي“. .........ستي جاڳائي سسئي“ وانگر تنهنجي خط اچي جاڳايو اٿم. ممڪن هجي ته ٿيل Gape کي ڀري نه به سگهان پر وري گيپ ڪرڻ جو گناه نه ڪندس.
    هن وقت سوچون، خيال حملي آور ٿيون آهن ۽ شايد انهيءَ ڪري هن خط ۾ ڪو تسلسل نه رهي ۽ عبدالقادر جوڻيجي وانگر ڇڙوڇڙ ڳالهيون ئي رهن.
    تنهنجو هاڻوڪو سياست کي سي آف ۽ ادب ۾ وري زورشور سان اڻٽر وارو فيصلو منهنجي آئڊيا مطابق ئي آهي، اها ڳالهه مون توکي اڳ به چئي ئي ۽ توکي سمجهه ۾ ڪو نه آئي هئي، شايد سياست جي عشق ۽ جوانيءَ جي جوش ۾.
    چڱا خاصا ڪتاب پڙهي چڪو آهين ۽ پڙهين پيو. چڱي ڳالهه آهي. پر جهان جو مطالعو لڪل حواسن کي ڇهي ٿو ۽ نوان راز ۽ رمزون چٽيون ٿي اڳيان اچن ٿيون.
    تنهنجي خواهش رهي آهي ته هن بحث کي جاري رکجي پر هڪ ڳالهه ٻي به منهنجي لاءِ مونجهاري جو سبب آهي ته تنهنجا منهنجا خيال به ساڳيا ، سوچ به ساڳي ! پوءِ بحث ڇا جو.
    ڀٽائي نه ٿو چوي ته:
    ڌوڌا تون نه ڌئين، آگ اوڏو نه وڃين،
    اڀو ايئن چئين، آءٌ آڳڙيو آهيان.
    پيارا عيسيٰ !
    باھ جي خبر انهن کي هوندي آهي جيڪي آگ اوڏو هوندا آهن، آڳڙيو ٿيڻ لاءِ باھ کي ڀاڪر پائڻا پوندا آهن. عشق راند ناهي جو ڪي ڳڀرو ويهي کيڏندا.
    اڄوڪي ڪاوش ۾ تصوف جي حوالي سان امين قريشيءَ جو مضمون ڇپيو آهي، ضرور پڙهجانءِ، هن مضمون ۾ حوالي طور هيءَ سٽ چيل آهي ته ”برهما گيان عقل ۽ ڪتابن بجاءِ عشق سان حاصل ٿئي ٿو“.
    آفتاب سرهيي هفتيوار پنهنجي انٽرنيٽ تي موڪليل ڪالم منجھه يورپ ۾ هلندڙ تازين بيٺڪن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ”آمريڪا جي ڪيليفورنيا ۾ صوفي ازم جي حوالي سان اٺون ساليانو سمپوزيم ڪوٺرايو ويو، جنهن کي بعد ۾ انٽرنيٽ تي به جاري ڪيو ويو، جنهن جو مقصد انسان جي روحاني ڪيفيتن کي اجاگر ڪرڻ هو. ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو ته الله جي ذات سان انسان جو روحاني رشتو جڙيل آهي. ان سلسلي ۾ عبادتن ۽ مراڪبن جي وسيلي انساني روح کي اجرو ۽ پاڪ بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ هيو. ( منهنجي خيال ۾ روح اجرو ۽ پاڪ هوندو آهي). هن سمپوزيم جو اصلي مقصد هيو ته جڏهن انسان جو الله سان رشتو جڙي پوي ٿو ته پوءِ سندس زندگيءَ ۾ پاڪيزگيءَ جو عنصر ڦٽي نڪري ٿو. ان سمپوزيم ۾ اها ڳالهه چئي وئي ته اسان نه صرف زبان سان الله جو ذڪر ڪريون پر کيس دل ۽ دماغ سان به ياد ڪريون.
    مٿين ڳالھه تصوف ۽ اڄ جي دنيا تي هڪ نظر هئي ۽ هاڻي ڏسون ته تصوف ۽ اڄ جي دنيا کي بدا ابڙو ڪيئن ٿو محسوس ڪري: ”مادي ۽ روح يا شعور مان اوليت ڪنهن کي آهي؟ روحانيت کي جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. مادي ۽ روحاني دنيائن تي هلندڙ تڪرار جو مرڪزي نقطو ” ڪائنات جو مرڪز“ ڳولڻ آهي. ٻئي ڌريون گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات جو ڪو هڪ بنيادي مرڪز ۽ محور آهي.............. ۽ ڪائنات جو سڄو سرشتو ان جي تابع آهي.
    پنهنجو ڏنل دليل پڙه ۽ ڏس ته ڪير حق تي آهي. ” جيڪڏهن اسان پاڻ کي ڳوليو. خدا کي پاڻ سمجهيوسين ، تڏهن يقيننن اسان تصوف جي بنياد Them کي سمجهي ورتوسين ۽ ڪائنات جا باقي راز، راز ئي نه رهندا.“ تنهنجي خط جي پڇاڙيءَ واري صفحي جو وچيون سٽون Misunderstanding کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. ظاهري آهي لڳ ڀڳ ٻيو سال آهي جدا رهندي انهيءَ جو ڪو ته Affect ٿيندو نه !
    جو حال پريان نال مطابق هي خط حاضر آهي، هن خط ۾ هر ڳالھه کي واضح نموني چوڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ممڪن آهي ته ڪجهه ڳالهيون رهجي به ويون هونديون.
    راشد کان خط جي تقاضا ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ ٿيندو. مون توکي هن خط لاءِ ڏاڍو ستايو آهي، ڄاڻي واڻي نه نه سهي. جيڪا تو انتظار جي پيڙا ڀوڳي آهي اميد ته مون کي انهيءَ کان بچائيندين. هن خط لکڻ مهل منهنجا احساس، پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ وارا هئا، ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ويٺي ڳالهايم. آخر ۾ تصوف جي حوالي سان ڀٽائيءَ جا ڪجهه بيت پڙهه:
    صوفيءَ سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساه،
    سا نه ڪري ڳالهڙي، جا پريون پروڙي پساھ،
    آهيس اي گناھ، جي ڪا ڪري پڌري.

    الف جنهن جي اڳ ۾ سا سٽ ئي نه سارين،
    نا حق نهارين، پنا ٻيا پرين لئي.
    وحدت تان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪل،
    حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل،
    هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين

    احد، احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مسغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.

    جيڪڏهن ڪجي ته ڳالهه اڃان ڊگهي ٿي پوندي ته چڱو موڪلاڻي ڪانهي.

    تنهنجو : علي بخش پٺاڻ
    _____________________________________________________________________________________________

    (40)
    ڪراچي
    06-03-2005
    عيسيٰ!
    جيئي سنڌ
    تون ڪراچيءَ آئين ٻه ٽي ڏينهن رهي واپس هليو وئين، هڪڙي ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ۽ شايد نوٽ به تو ڪرائي ته مان توکي ڳالهه ڳالهه تي دڙڪا پئي ڏنا. مون کي ان ڳالهه جو احساس به آهي ته ڏک به. ڳالهه اها آهي ته مون توکي ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، توکي ڪجهه ٻڌائڻ ۽ شيئر ڪرڻ پئي چاهيم پر تون هر وقت پنهنجي موڊ کي اهڙو ٿي رکيو جو مان توکي ڪجهه چئي، ٻڌائي نه ٿي سگهيس.
    هونءَ به گهڻو وقت ٿيو آهي جو ماڻهن سان ميل جول گهٽائي ڇڏي اٿم ۽ اهو ته تو به نوٽ ڪيو هوندو ته خط پٽ به لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم.
    زندگي ڄڻ ته بور ڊرامو آ،
    مان اڌ مان اٿي رهيو آهيان.
    تون جڏهن زندگيءَ جي ڳالهه ٿو ڪرين، اميد جي ڳالهه ٿو ڪرين ۽ چوين ٿو ته ماڻهو مانيءَ بنا چاليهه ڏينهن پاڻي بنا هفتو جي سگهي ٿو پر اميد بنا هڪ منٽ به جِي نه ٿو سگهي، تڏهن ڏاڍو سٺو لڳين ۽ تون سئو سيڪڙو سچ تي به آهين پر ڇا ڪجي هاڻي ته ٻار به نه رهيا آهيون جو اهڙين ڳالهين سان کڻي دل وندرائجي!
    حقيقت اها آهي ته مان ڏئي وٺي بيٺو آهيان، مون کي ڪائي واٽ نه ٿي سجهي. ڪنڊائتو ان ڪري به ٿيڻ چاهيم جو توهان مستقبل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ۽ مان فراريت جي.
    تنهنجو علي پٺاڻ


    وفا مولا بخش قمبراڻي (چار خط)

    (41)
    ڳوٺ ڀينڊو شريف
    01-03-1998
    هونئن ته هر ڪنهن ٻار ۾، مهڪي پئي مڻيا،
    پر جيڪي سنڌ ڄڻيا، تنهنجو مٽ آ ڪينڪي.
    (ادل سومرو)

    سدا سلامت خوش هجو
    مانوارا عيسيٰ!
    السلام عليڪم:
    احوال آهي ته هت سڀ خير آهي ۽ اوهان ڏانهن به ڌڻي تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ڪُل خير هوندو. (آمين).
    ادل!! اوهان جو خط ۽ دعوت نامو مليو پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ پوءِ ڊپ به ٿيو ۽ ڊپ وچان کٽ جي هيٺيان لڪي ويهي رهيس ته بابا چيو پٽ خير ته آهي جو کٽ جي هيٺيان لڪيو ويٺو آهين. موٽ ۾ مون اوهان جي نالي ٻڌايو مانس ته ڀائو عيسيٰ ميمڻ ڏوڪري مان ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي اهميت ۽ ان جي موجوده صورتحال“ جي عنوان سان 10 فيبروري تي پرائمري اسڪول ڏوڪري ۾ ٿيندڙ سيمينار جو دعوت نامون موڪليو آهي ۽ ان ۾ لازمي شرڪت ڪرڻ لاءِ پڻ لکيو اٿس. ان تي بابا وراڻيو ته عيسيٰ جي پروگرام نه وڃ ڇاڪاڻ ته عيسيٰ پاڻ ڪنهن جي پروگرام اچي ئي ڪو نه.
    ادا عيسيٰ! ڇا بابا اوهان کي سڃاڻي ٿو؟ جو ائين پيو چوي. ڇا توهان واقعي ڪنهن جي پروگرام ۾ شرڪت ڪو نه ڪريو؟ ضرور ٻڌائيندا.
    ادا اهيو جيڪو اڳيان آئون لکي آيو آهيان اهيو سڀ اوهان سان مذاق خاطر لکيو اٿم. ڇاڪاڻ ته منهنجو والد محترم اوهان کي سڃاڻي ئي ڪو نه ان ڪري اوهان جي لاءِ اهيو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿو چئي سگهي؟ دراصل حقيقت هي آهي ته آئون ڪڏهن گهر کان ايترو پري اڪيلو نڪتو ئي نه آهيان ٻيو ته وري ڏوڪري ڏٺل ئي ڪونهي ان ڪري گهران اڪيلي سر پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ملي. جيڪڏهن ڪنهن ويجهي جڳهه تي پروگرام هجي ها يا ڏوڪري ڏٺل هجي ها ته پوءِ ضرور اوهان ڀائرن جي حاضري ڀرڻ اچان ها. ڇاڪاڻ ته اوهان جنهن خلوص، پاٻوهه ۽ پيار مان دعوت موڪلي هئي ان جي موٽ ۾ اوهان جي پروگرام ۾ نه اچڻ جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. ٻيو ته هي پروگرام به ٻاراڻي ادب جي اهميت تي هو ان ڪري آئون هن سيمينار ۾ لازمي شرڪت ڪريان ها. ڇا اهيا اوهان کي چڱيءَ ريت ڄاڻ هوندي ته آئون پيدوار ئي ٻاراڻي ساهت جو آهيان مون پڙهڻ جي شروعات به ٻاراڻي ادب کان ته لکڻ جي شروعات به ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ انشاءَ الله تاحيات اهيو سلسلو جاري رهندو.
    يقين ڪريو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته ان دور ۾ جڏهن اسان جا مهان قلمڪار به اهو چيو لنوائيو وڃن ته ٻاراڻو مواد سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو ٿو پوي ۽ اهيو ڪم اسان جي وس کان ٻاهر آهي جهڙا جملا چيو جند ڇڏايو وڃن. ان حالت ۾ به اوهان نوخيز هوندي، جهڙي ريت ٻاراڻي ادب جي جياپي ڪارڻ جيڪي جتن ۽ عملي ڪوششون ڪري رهيا آهيو سچ پڇو ته تمام گهڻو ساراهه جوڳو آهي ۽ ان تي اوهان کي داد نه ڏيڻ سراسر ناانصافي ٿيندي.
    مٺا! اوهان جون تحريرون وقت بوقت مختلف ٻاراڻن رسالن ۽ اخبارن ۾ نڪرندڙ هفتيوار ٻاراڻن صفحن ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون رهن ٿيون. اوهان تمام سٺو لکي رهيا آهيو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ تسلسل سان لکندا رهيا ته منهنجي دعا آهي ته اوهان اڳتي هلي سنڌ جا وڏا ليکڪ ٿي سگهو ٿا. پر گڏوگڏ هڪ ننڍڙي گذارش ته وڏا ليکڪ ٿي هن ٻاراڻي ادب کي وساري نه ڇڏجو موجوده سنڌي اديبن جيان.
    ادا! زندگي رهي ۽ وري اوهان جيڪڏهن اهڙو ميلو مچايو ۽ ياد ڪيو ته انشاءَ الله ضرور حاضري ڀري اوهان جي ميار لاهينداسين.
    خط لکي ياد ڪرڻ لاءِ مهرباني، مهرباني ۽ مهرباني.

    دعاڳو
    وفا مولابخش قمبراڻي
    ___________________________________________________________________________________________

    (42)
    ڳوٺ ڀينڊو شريف
    11-04-1998
    روئندي روئندي نير کٽي ويو لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
    آئون کلندي ڪيئن کير پيان منهنجي سنڌڙي آ سڏڪن ۾.
    (نياز همايوني)
    قابل احترام ساٿي عيسيٰ ميمڻ صاحب
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    سدا جئي سنڌ
    السلام عليڪم:
    مٺا! اوهان طرفان مانائتي موٽ 10-04-1998 تي شام جو 7 بجي ملي پڙهي تمام خوشي محسوس ڪيم. خط جو وقتائتو جواب ڏيڻ لاءِ وڏا وڙ. ڀاءٌ اوهان لکيو آهي ته جن به دلي دوستن اسان جي سڏ تي اسان جي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي آهي. مان ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته انهن اسان کي ڪنهن به اهميت جي نگاهه سان نه ڏٺو.
    ادل! اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. آئون ٻين متعلق ته ان باري ۾ ڪجهه به نه چوندس پر پنهنجي لاءِ ايترو ضرور چوندس ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذهن ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي اوهان منهنجا ڀاءٌ آهيو ۽ پاڻ سڀ هڪ ئي منزل جا مسافر آهيون. اوهان جي لاءِ منهنجي دل ۾ لک عزتون آهن ۽ اوهان منهنجي لاءِ مهذب ۽ محترم آهيو. پر آئون اڳ به پروگرام ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب اوهان اڳيان وضاحت سان عرض ڪري چڪو آهيان ۽ باخدا ٻي اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي جيڪا اوهان سوچيو ٿا.
    اوهان جن دوستن جا نالا ڄاڻايا آهن منهنجي خيال ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي باقي سڀن جو تعلق اوهان جي ضلعي سان آهي پر پوءِ به انهن پروگرام ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي ان جو سبب هڪ ته شرڪت نه ڪندڙ ۽ ٻيو خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
    مٺا رفيع لغاريءَ سان ڪچهري واري پروگرام جي ڄاڻ اٿم مگر ڪن مجبورين سبب اچي نه سگهندس ان لاءِ وري به معذرت. مٺا اوهان لکيو آهي ته اوهان يعني (منهنجو) تخليقي سفر تمام سستي سان هلي رهيو آهي. ڀاءٌ ان جا ڪيترائي سبب آهن هڪ وڏو سبب وقت جو نه ملڻ آهي ڪم ڪاريون ايتريون آهن جو ان جو اوهان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان. والد صاحب تمام غريب آهي ۽ هاڻي جهونو به ٿيندو پيو وڃي نه اٿئون ڪو ٻني ٻارو ۽ نه وري بابا کي ڪا نوڪري. نوڪري به ڪيئن ملي ها بابا ته پڙهيل ئي ڪونهي. ان ڪري گهر جو خرچ وغيره هلائڻ لاءِ مون کي محنت ۽ مزدوري ڪرڻي پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته پٽن ۾ سندس وڏي ۾ وڏي اولاد آئون آهيان. ان ڪري اهيا ذميواري مون تي عائد ٿئي ٿي. هن وقت به هڪ باغ تي ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪو شايد جولاءِ تائين هلندو. هي خط به اتان اوهان ڏانهن تحرير ڪري رهيو آهيان. ان کان علاوه ڪجهه رسالا جن ۾ ”سنڌي ٻارڙا“، ”پچار“ ۽ ”سنڌ سرهاڻ“ ٻارڙن جي اخبار گهرائي 33 سيڪڙو ڪميشن تي وڪڻندو آهيان ۽ ڪتاب ڪاپين جو خرچ ڪڍندو آهيان ۽ ادبي ڪتاب وغيره وٺندو آهيان. هاڻ توهان ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو صبح جو 6 وڳي روزگار جي تلاش ۾ نڪري وڃي ۽ شام جو 7 وڳي موٽي اچي ان وٽ ڪهڙو ٽائيم هوندو ادب پڙهڻ يا تخليق ڪرڻ جو. بهرحال وري به وس آهر ڪوشش ڪندو آهيان ڪجهه لکڻ جي ۽ جڏهن ڪجهه لکي وٺندو آهيان ته پوءِ ڪنهن رسالي يا اخبار ڏانهن موڪليندو آهيان.
    ادا انهن مالي پريشانين ٽائيم نه هئڻ سبب ئي مئٽرڪ ۾ 577 مارڪون هئڻ باوجود به فرسٽ ييئر آرٽس گروپ ۾ پڙهي رهيو آهيان. هاڻي توهان پاڻ ٻڌايو ڏوهه منهنجو يا حالتن جو؟
    نهايت پيارا: پروگرامن ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري ڳالهه مون اوهان سان مذاق خاطر لکي آهي. اوهان شايد ان کي سيريس سمجهيو آهي. ان ڪري پروگرامن جو تعداد لکي موڪليو آهي. ڀاءٌ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. ڀلا اوهان پاڻ سوچيو ته هڪڙو بهترين ٻالڪ ليکڪ جيڪو باقاعده ٻارن لاءِ لکندو هجي سو ٻارن جي پروگرامن ۾ شرڪت کان لنوائي سگهي ٿو. هرگرز نه؟
    ادل زندگي رهي ۽ اوهان وري اهڙا ميلا مچايا ۽ ياد ڪيو ته ضرور حاضري ڀريندس.
    اوهان ڏانهن هي خط لکندي شام ٿي آهي سج لهڻ وارو آهي. آئون سوچان پيو ڪڏهن منهنجي زندگي جو سج به ان سج وانگر لهي ويندو. ڇو ته آخر سب ڪجھه فنا آهي.
    سڄي سنگت کي منهنجي طرفان سلام چوندا.

    ساهن جي موجودگيءَ تائين گڏ
    ”وفا“ مولابخش قمبراڻي
    ___________________________________________________________________________________________

    (43)
    ڳوٺ ڀينڊو شريف
    تاريخ 22 آڪٽوبر 1998ع

    جيڏو تنهنجو نانءٌ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان
    ريءَ ٿنڀي، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇانءٌ،
    آئون ڪڄاڙو ڪهانءٌ، توکي معلوم سڀ ڪا.
    (شاهه)

    سدا وهيڙي گل جهڙا عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته خيريت سان هوندا.
    جئي لطيف - جئي سنڌ
    السلام عليڪم:
    ٻه ٽي هفتا اڳ اوهان جي محبت ڀري موٽ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيو هو. اوهان جنهن سڪ ۽ اُڪير سان جواب لکو ٿا. ان لاءِ اوهان جو هي حقير بندو نهايت گهڻو ٿورائتو آهي ۽ اميد ٿو ڪري ته آئنده به ائين وڙڪندي دير سوير ساريندا رهندا.
    مٺا! اوهان سوچيندا ته هيڏو ليٽ سان هي جواب پيو مُڪان آخر ڇو؟ ادل ننڍا وڏا ڪيترائي سبب آهن جي سهيڙي اوهان آڏو پيش ڪيان ته هوند ٻه ٽي ڪتاب جڙي پون. پر في الحال اوهان جي عدالت ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ خاطر هڪ اهم سبب حاضر آهي.
    ادل! اوهان جو خط 26 سيپٽمبر 1998ع تي مليو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀينڊو شريف طرفان محترم اسرار شام صاحب سان 3 آڪٽوبر 1998ع تي شام ملهائڻ جو پروگرام طئي ڪري رهيا سون. ان جي تيارين ۾ ايترا ته مصروف هئاسين جو اوهان پيارن ڏانهن خط لکڻ ته ڇا پر دعوت ڏيڻ جهڙو اهم ڪم پڻ وساري ويٺس. هي پروگرام ايترو تڪڙو ۽ مختصر وقت ۾ آرگنائيز ٿيو جو ان جو ٻڌي اوهان تعجب ۾ پئجي ويندا. 27 سيپٽمبر جي گڏجاڻي ۾ اهيا ڳالهه رکي ويئي ته محترم اسرار شام سان سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شام ملهائي وڃي، دوستن چيو ته ٺيڪ آهي ۽ اهيو پروگرام 3 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو. مون ان ڳالهه جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي ته هڪڙو هفتو پروگرام پوئتي هٽايو وڃي پر سنگت منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ ائين هي پروگرام 3 آڪٽوبر تي ٿي ويو. آئون اوهان ڏي دعوت موڪليان ها! پر جنهن شخص کي پروگرام جي صدارت ڪرڻي هئي. ان اچڻ جي پڪ ڏني ئي 03 آڪٽوبر تي. ان ڪري صرف انهن دوستن کي دعوت ڏني سين جن جا فون نمبر هئا. يا وري جيڪي ويجها هئا. هاڻ مون کي اميد آهي ته اوهان انهيءَ سلسلي ۾ مون کان ڪا به وضاحت طلب نه ڪندا ۽ منهنجي ننڍڙي غلطي کي فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪندي معاف ڪندا. باقي خط دير سان لکڻ واري ڳالهه ته ڪجهه ٽائيم آئون پروگرام جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هئس ۽ ان کان پوءِ وري ڪجهه ذاتي ڪم هئا، ان ڪري ليٽ ٿي ويئي. مون کي وري به اميد آهي ته اوهان پنهنجي اعليٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي منهنجي غلطين کي درگذر ڪندا. ڀائو! هاڻي ڪجهه اوهان طرفان موڪيل خط طرف.
    جاني ڀاءٌ! اوهان لکيو آهي ته مون اڃان تائين سائين اسرار شام کان ”جاڳو ٻارڙا“ جي فوٽو اسٽيٽ ورتي يا نه؟ ڀاءٌ! مون اهيا فوٽو اسٽيٽ ورتي ۽ ٻنهي جو غور سان مطالعو ڪيو. اهيا سٺي ڳالهه آهي. جو اوهان هڪ اهم شيءَ تي قلم کنيو. تنقيد جي اسان جي ادب ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي. ان جو مکيه ڪارڻ صرف تنقيد جي سهپ نه هئڻ آهي اسان جا ليکڪ دوست جن تي به تنقيد ڪجي ٿي ته اُهي چڙي پون ٿا ۽ پوءِ الائي ڪهڙا ڪهڙا الزام ٿا هڻن ۽ ڪٿي ته هڪٻئي کي لٺيون ۽ مُڪون هڻڻ تائين ڳالهه پهچي وڃي. اوهان کي جس آهي جو اوهان ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي. واحد تي تنقيد لکي آهي. تنقيد جي حوالي سان اوهان جي ٻولي سنجيده آهي. اوهان تمام سٺو لکيو آهي. اوهان ۾ سٺي تنقيد نگار ٿيڻ جون سڀئي صلاحيتون موجود آهن. پر گڏوگڏ هڪ عرض ڪندو هلان ته واحد جو سائين مقصود گل نالي ڪالم مون پڙهيو هو. مون کي ته ان ۾ ايڏي ڪڙاڻ نظر نه آئي جو ان لاءِ چئجيِ ته اهيا منهن ۾ چماٽ هڻڻ برابر آهي. بهرحال وري به اوهان بهتر ڄاڻو ٿا. ادا توهان آخر ۾ لکيو آهي ته هي خط حسام سومري، واحد پارس جو دوست هئڻ ڪري. هلال ۾ نه ڇپيو ۽ هاڻ جاڳو ۾ پيو ڇپجي. ڀائو هي لفظ توهان کي نه لکڻ گهرجن ها. ڇاڪاڻ حسام جيڪڏهن واحد پارس جو دوست آهي. ته به ائين نه لکوها. ڇاڪاڻ ته ڪافي ماڻهن کي اهيو موقعو ملي ويندو ته رفيع لغاري، عيسيٰ جو دوست آهي. ان ڪري عيسيٰ کي جاڳو ۾ ٿو ڇپي. ان ڪري ٿورو سمجهه کان ڪم وٺو. بهرحال مجموعي طور اوهان جي تنقيد ساراهه لائق آهي. سائين اسرار شام پڻ اوهان جي تنقيد کي ساراهيو آهي، بهرحال وري ٻئي خط ۾ واحد وارو ڪالم جيڪو سائين مقصود گل جي نالي لکيل آهي پڙهي پوءِ وري توهان ڏي تفصيلي خط لکندس.
    ادا. حزب الله کان مون پڇيو آهي ته علي بخش جو خط پهتو يا نه. باقي توهان جي ائڊريس تي اخبارون روانو ڪري چڪا آهيون جيڪي توهان وٽ پهچي چڪيون هونديون.
    ڀاءٌ توهان جو انٽرويو ۽ عطا سنڌيءَ جو انٽرويو تمام سٺا آهن. توهان جو انٽرويو اڳ ۾ هلال ۾ ڇپيل آهي، عطا سنڌي جو توهان جاڳو لاءِ انٽرويو ورتو هو. جاڳو ۾ نه ڇپيو هجي ته پوءِ توهان جي ۽ عطا جي انٽرويو دوران نڪتل جيڪا تصوير موڪليو اسان بلڪل شايع ڪنداسين. اخبار جو تازو شمارو ٻالڪ ادبي فورم جو سالگرهه نمبر آهي جيڪو 27 آڪٽوبر تي پڌرو ٿيندو.
    جاڳو ٻارڙا جي پنجين ڪڙي جي رزلٽ اوهان وٽ هجي ته موڪلجو. سائين اسرار شام، دوست سنڌو شڪيل جوڻيجو ۽ ٻئي سنگت جا سلام قبول ڪندا.
    اوهان جي نڪور مواد ۽ خط جي جواب جو انتظار رهندو.

    فقط خادم خاڪسار
    ”وفا“ مولابخش قمبراڻي
    ___________________________________________________________________________________________

    (44)
    ڳوٺ ڀينڊو شريف
    29-03-2000
    جــن ريءَ سري مَ ساءِ، رتي رس مَ تـن سيـن
    هو جهڻڪن تون جهڪو ٿي، پاند ڳچي پاءِ،
    پـاڻ وڃـي پـرچاءِ، مـتـان رٺو ئي رهجي وڃي.
    (شاهه)
    ساٿي عيسيٰ
    هميشه مرڪندا رهو.
    سدا جئي سنڌ.
    اوهان جو نوازش نامون مليو پڙهي خوشي ٿي مانائتو جواب لکڻ لاءِ وڏا وڙ. هن خط جي تڪڙي جواب لکڻ جا انيڪ سبب آهي جن مان هڪ وڏو سبب اوهان جي مايوسي دور ڪرڻ آهي جيڪا اوهان جهڙي بهادر ۽ ارڏي نينگر مٿان حاوي ٿي ويئي آهي. توهان سمجهي ويندا هوندا. ته آئون ڪهڙي حوالي سان مايوسي جو ذڪر پيو ڪريان. هاٰ بلڪل توهان سهي سمجهيو ڪتابن جي حوالي سان مايوسي. دوست! توهان ۽ علي بخش ڪافي عرصي کان ”سنڌي ٻارڙا“ گهرائي اسان سان سهڪار ڪندا رهو ٿا. پر ڪجهه وقت کان وٺي توهان ڪجهه نروس آهيو جنهن جو ثبوت 50 هين ڪڙيءَ جي وي پي جي واپسي آهي. ڇو؟ ڇا ڳالهه آهي ۽ ڪتاب سيل نه ٿا ٿين يا توهان مصروفيت سبب ٽائيم نه ٿا ڏئي سگهو. ڪجهه ان تي روشني وجهندا. ڏوڪري ته تعلقي جي حيثيت رکي ٿو. ان ۾ ته توهان 17 نه پر 100 کان 200 تائين ڪاپيون سيل ڪري سگهو ٿا. آئون رڳو پنهنجي ڳوٺ ۾ جيڪو تمام ننڍڙو ڳوٺ آهي ۽ علم ادب جي حوالي سان تمام پوئتي آهي ان ۾ به 30 ڪاپيون وڪڻي وڃان ٿو ۽ ٻيون جڳهيون ته اڃان تائين الڳ آهن ائين مجموعي طور آئون هڪ ڪڙيءَ ۾ ٻه ٽي سئو ڪاپيون وڪڻي وڃان ٿو.
    دوست! توهان ته هيڏي وڏي شهر ۾ رهو ٿا ۽ جنهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهو ٿا پوءِ به ڪتابن جي حوالي سان ايڏي مايوسي ڇو؟
    دوست! سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو آخري مورچو صرف ادب آهي جيڪڏهن اسان ان مان به هٿ ڪڍي وياسين ته پوءِ اسان جي خدائي حفاظت ڪري سگهي ٿو. توهان مايوس نه ٿيو. توهان لاءِ سندم استاد آسي زميني جو نڪور غزل جو مطلع حاضر آهي.
    اڃان ته پنهنجو پري پنڌ، ڇو ٿڪو آهين،
    اِهو نه آهي اُهو هنڌ، ڇو ٿڪو آهين.
    دوست! ان منزل ڏور پنڌ اڙانگو ۽ واٽ ڪٺن آهي. ان ڪري تتي ٿڌي ڪاهي ان تي رسڻو آهي ۽ رسڻ لاءِ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي.
    توهان ڏهين جو امتحان ڏنو آهي منهنجي دعا آهي بلڪه اسان سڀني يعني سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن جي سٿ جي اجتماعي دعا آهي خدا توهان کي پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.
    خطن جو هي سلسلو ساهن جي ٽٽڻ تائين جاري رهندو ۽ اوهان کي آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان. توهان مختلف ڪتابن مان چونڊ ڪري مون کي سٺيون شيون پڙهائيندا رهو ٿا. ان لاءِ مهرباني.

    اوهان جو پنهنجو
    ”وفا“ مولابخش قمبراڻي


    منظور ابڙو (ٻه خط)

    (45)
    ڪنڍيارو
    03-10-1998
    محترم عيسيٰ ميمڻ صاحب
    السلام عليڪم: اميد ته اوهان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هوندا.
    اوهان جو خط ۽ سوال ڪجهه ڏينهن کان مليل آهي. ڪافي مصروفيت سبب جواب دير سان موڪلي رهيو آهيان. ٻالڪ ادبي فورم جي ٻي سالگرهه 8 نومبر 1998ع صبح جو ڏهين وڳي ڀٽ شاهه ۾ ملهائي رهيا آهيون سڄي سنڌ جا ٻالڪ ۽ ٻالڪ ادب ليکڪ شرڪت ڪندا. اوهان ۽ ٻالڪ شرڪت ڪري سگهو ته وئيلڪم چئون ٿا. وڌيڪ خط لکي احوال کان واقف ڪندا. اوهان فورم جو ڀل يونٽ قائم ڪريو ۽ نالا لکي موڪلجو. جيئن مرڪزي سوئيز ڇپائي رهيا آهيون. ان ۾ نالا شامل ڪري گهون. عهدا هي آهن. 1. صدر. 2. نائب صدر. 3. جنرل سيڪريٽري. 4. جوائنٽ سيڪريٽري. 5 خزانچي. 6 پريس سيڪريٽري باقي ٻالڪ ميمبر ۽ علم ادب دوست اعزازي ميمبر ٿيندا.
    انٽرويو تڪڙ ۾ لکيو آهي ٻئي پني تي فيئر ڪري اخبار ڏانهن موڪليندا ”سنڌ سرهاڻ“ نومبر وارو پرچو خاص ٻالڪ ادبي فورم نمبر هوندو. ان ڏانهن انٽرويو موڪليو ڇو ته ايڊيٽر منهنجو دوست آهي. ضرور هلائيندو ۽ مان پنهنجو ڦوٽو کيس ڏياري موڪليندس. سنڌ سرهاڻ ۾ اوهان به ٻالڪ ادبي فورم تي ڪجهه لکو ته جلدي سندس ايڊريس تي ڏياري موڪليو. شايع ٿيندو. وڌيڪ خط لکي آگاهه ڪندا ته انٽرويو ڪهڙي رسالي / اخبار ڏانهن ٿا اماڻيو. بهرحال سنڌ سرهاڻ ڏانهن ضرور موڪليندا. جيئن خاص نمبر ۾ شايع ٿي سگهي. وڌيڪ جلدي حال احوال کان واقف ڪندا. فورم جي منشور جي ڪاپي ايندڙ خط ۾ اوهان ڏانهن روانو ڪندس. ٻيو سڀ خير. سڄي سنگت کي سلام چوندا.
    منظور ابڙو
    ج. س. ٻالڪ ادبي فورم سنڌ
    _______________________________________________________________________________________________________
    (46)
    ڪنڍيارو
    09-02-1999
    محترم عيسيٰ ميمڻ صاحب!
    السلام عليڪم:
    اميد ته اوهان بلڪل خوش و خيريت سان هوند.ا آمين.
    ادا اوهان ٻالڪ ادبي فورم جي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ لکيو هو ان لاءِ اسان اوهان کي اجازت ڏني هئي. اوهان ڀرپور ڪوشش ڪئي پر يونٽ نه کلي سگهيو. ان لاءِ اوهان اڪيلي سر يونٽ کان سواءِ به ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙي سگهو ٿا.
    اوهان سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ بيٺا آهيو. اميد ته اوهان کي ڪاميابي ملي هوندي. سياسي حوالي سان به خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهيو ۽ ان لاءِ اوهان کي تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پَون ٿيون.
    اوهان انٽرويو لاءِ چيو آهي. هڪ ڪاپي سنڌ سرهاڻ ڏانهن رواني ڪئي اٿم پر اڃان نه ڇپيو آهي. هي اوهان ڏانهن ڦوٽو موڪليان ٿو. ڀلي عوامي آواز ڏانهن موڪليو ۽ اطلاع ڪندا ته ڪڏهن روانو ڪيو اٿو جيئن ان آچر تي عوامي آواز جو انتظار ڪريان.
    اسان جا دوست ڪنڍيارو مان هفتيوار ”سنڌ سڌار“ جاري ڪري رهيا آهن جنهن ۾ مان ٻارڙن جو صفحو رکرايو اٿم. ان لاءِ اوهان يا اوهان جي دوستن جو ٻاراڻو مواد هوندو ته هلائينداسين.
    ٻالڪ ادبي فورم جهول پاران ”جشن لطيف“ لاءِ دوست ڪنڍيارو ڪارڊ کڻي آيا هئا. ڪنڍيارو جو مشهور ٻالڪ ڊبيٽر حافظ عبدالحئي ميمڻ کي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيڻ آيا هئا. پوءِ ان پروگرام ۾ مان نه وڃي سگهيس. پروگرام تمام بهترين ٿيو هو. ٻارڙن موٽي اچي حال احوال ڏنا. وڌيڪ اوهان سنڌ سرهاڻ ۾ پڙهيو هوندو. ٻيو سڀ خير.
    اوهان جي حال جو انتظار رهندو.
    منظور ابڙو ڪنڍيارو


    اسد پتافي (هڪ خط)

    (47)
    گهوٽڪي
    23-05-1998
    پيارا ساٿي، مسٽر عيسيٰ ميمڻ!
    سلام!
    ڀائي جان! مون کي اُن وقت تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن اوهان جو خط پڙهي. اوهان جي جذبن کان آگاهه ٿيس. سنڌ جي تمام نئين نسل، جيڪڏهن اوهان جيان باصلاحيت، ذي شعور، ذميوار ۽ فرض شناس هجي ته ڪُو به سندس استحصال نه ڪري سگهي.
    ادل، مان اوهان کي مبارڪ ٿو ڏيان جو اوهان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي هٿن سان جوڙيل تنطيم جا همدرد ٿي رهيا آهيو، اُميد اٿم ته اوهان هن انقلابي سٿ جا سرويچ ساٿي ثابت ٿيندا.
    ڀائي جان! مان اوهان ڏانهن ميمبرشپ فارم ۽ منشور موڪلي رهيو آهيان، فارم ڀري مون ڏانهن موڪليو ۽ منشور پاڻ به پڙهو ۽ پنهنجي ٻين دوستن کي به پڙهايو ۽ کين تنظيم ۾ شموليت جي دعوت ڏيو.
    فوٽو نه هجڻ جي صورت ۾ فارم بغير فوٽو جي به ڀري موڪلي سگهو ٿا ۽ وڌيڪ فارم گهرجن ته خط لکي گهرايو يا انهي فارم جي فوٽو ڪاپي به ڪم آڻي سگهو ٿا.
    وڌيڪ حال احوال ٻي خط ۾، تيسيتائين اجازت ڏيندا، زياده خير!
    اوهان جو خيرانديش ساٿي
    اسد پتافي
    مرڪزي آرگنائيزر
    سنڌ پيپلز ٻارڙا سنگت، سنڌ.


    محمد رفيع لغاري (ٽي خط)

    (48)
    ڪراچي
    21-04-1998
    پيارا ساٿي! محمد عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته خوش هوندا.
    پيارا! توهان جاڳو ٻارڙا ۾ اشتهار ته پڙهيو هوندو. انهيءَ اشتهار جي روشني ۾ پاڻ جاڳو ٻارڙا ڪچهري ڪري رهيا آهيون توهان 9 اپريل تي ڏوڪريءَ ۾ ڪوٺايل ادبي ڪچهري لاءِ سرگرمي تيز ڪيو. ٻالڪ ادب تخليق ڪندڙ تر جي سمورن ادبي ۽ شاعرن دوستن کي اطلاع ڏيو جيڪي توهان کان يا جن کان توهان ناراض هجو تن کي به دعوت ڏيو. هن ڪچهري کي ڪامياب بڻائڻ، توهان جو فرض آهي.
    مون کي اميد آهي ته توهان پاڻ تي سونپيل ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيندا ۽ ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندا. توهان جي خيال ۾ جي ڪي همراهه اناپرست آهن ۽ ڪچهري ۾ رڪاوٽ بڻبا تن کي ڀلي دعوت نه ڏيو. آءٌ توهان ڏانهن ڪچهري جا دعوت نامه به موڪلي رهيو آهيان جيڪي اديب ۽ شاعر ساٿين کي ڏيو.
    ڀاءٌ منير سومري ۽ ضامن هيسباڻيءَ کي به چئجو ته هو پنهنجو فرض پورو ڪن ۽ هن گڏجاڻيءَ کي ڪامياب بڻائن.
    آءٌ پوري 10 وڳي صبح جو نائين اپريل تي توهان جي دوڪان تي پهچي ويندس. ٽائيم جي پابندي ڪندا ڇو ته ان ڏينهن تي مون کي ٻيا ڪم به آهن. خط ملڻ کان پوءِ جلدي ڪراچي ”جاڳو“ آفيس تي مون سان رابطو ڪندا. آءٌ توهان کي آفيس ۾ صبح جو 12 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين فون نمبر تي ملي سگهندس. فون 212348 ڪراچي. سدائين گڏ.
    سچ سلامت. ساٿ سلامت.
    محمد رفيع لغاري
    _________________________________________________________________________________________________

    (49)
    نصيرآباد
    19-06-1999
    پيارا ادل عيسيٰ ميمڻ
    اميد ته خوش هوندا.
    جيئي انسان.
    توهان جو سنيهو مليو، پڙهڻ کان پوءِ تمام گهڻي سُرهائي ٿي. جيڪڏهن آءٌ ائين چوان ته توهان ڪافي عرصي کان پوءِ ياد ڪيو آهي ته توهان جو ڪهڙو جواب هوندو. بهرحال مون کي توهان جهڙا پيارا ۽ مخلص ساٿي هميشه ياد هوندا آهن.
    توهان جهڙي نموني ”ٻارڙا مئگزين“ شايع ڪرڻ جي همت افزائي ڪرائي آهي تنهن لاءِ آءٌ توهان جو ٿورائتو آهيان. مون کي اميد آهي ته توهان رڳو لفظي ”هام“ نه هنئي آهي پر توهان عملن ۾ به ساٿ نڀائيندا.
    پيارا، اسين رڳو کائڻ لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون پر اسان جي جياپي جو مقصد ٻين لاءِ جيئڻ آهي ۽ نه رڳو ٻين لاءِ جيئڻ پر ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ به آهي. اسان جو لکڻ ۽ پڙهڻ سڀ هن سماج کي سڌارڻ ۽ ٺاهڻ آهي.
    ادل! زندگي عظيم مقصدن کان سواءِ اڻپوري ۽ واهيات آهي. ان کي زندگي چوڻ به فضول آهي اچو ته پنهنجي سمورين صلاحيتن کي عظيم مقصدن لاءِ ارپي ڇڏيون.
    هر گهڙي هر پل اوهان جو
    محمد رفيع لغاري
    _________________________________________________________________________________________________

    (50)
    نصيرآباد
    15-11-1995
    کل مُک ۽ پرخلوص رهو.
    (سقراط)
    پيارا ادل عيسيٰ
    جيئي انسان
    اميد ته سَرها هوندا.
    اڄ اوهان جو سنيهو مليو. پڙهيم توهان خط لکي مون کي ياد ڪيو. تنهن لاءِ آءٌ توهان جو ٿورائتو آهيان.
    پيارا عيسيٰ! ڪڏهن توهان اهو سوچيو آهي ته آخر اهو ڪهڙو رشتو آهي، جو اسين هڪٻئي لاءِ احترام لائق آهيون؟
    ادل عيسيٰ! توهان خط لکي ميار ڏني آهي ته آءٌ توهان کي ياد نه ٿو ڪريان ۽ توهان خط نه ٿا لکو. توهان ته مون کي ”وڏي ماڻهو“ جو خطاب به ڏيئي ڇڏيو. حقيقت ۾ مون کي ان خطاب تي ڪاوڙ ته نه لڳي آهي پر حيرت ضرور ٿي آهي ڇو ته اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو آءٌ عيسيٰ جي اڳيان ”وڏو ماڻهو“ ٿي ويو آهيان. بهرحال ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي.
    توهان ٻڌايو توهان جا ڪهڙا حال آهن. توهان جي ”ٻارڙا ڪيبن“ جا ڪهڙا حال آهن؟ روزگار ٿئي ٿو يا نه.
    عيسيٰ ادل! توهان جنهن تيزي سان ۽ خوش مزاجي ۽ پرخلوص جذبي سان زندگي جو سفر طئي ڪري رهيا آهيون. سو توهان لاءِ وڏو اعزاز آهي.
    آءٌ توهان کي صرف ايترو چوندس ته ڪڏهن به تعريف جا محتاج نه ٿجو. ڇو ته ڪيترائي تعريف جا ڪوڏيا توهان مٿان تعريف جا پهاڙ ڪِيرائي توهان کي اَنا جي بيماري ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. اصل ۾ تعريف ڪن حالتن ۾ اهڙي ڌٻڻ آهي جنهن مان نڪرڻ تمام مشڪل آهي. توهان جيترو لکو ٿا ان کان وڌيڪ پڙهو.
    • پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪريو.
    • پاڻ ۾ هر تڪليف برداشت ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪريو.
    • نوان دوست ٺاهيو.
    • هن معاشري جي سمورن پهلوئن کي سمجهڻ لاءِ محنت ڪريو.
    • مايوسيءَ کي ويجهو اچڻ نه ڏيو.
    • پنهنجي غربت تي پشيمان نه ٿيو.
    پيارا ادل! زندگي ۾ تمام گهڻا مرحلا ايندا پر هر صورت ۾ پراعتماد رهڻ جي ڪوشش ڪريو.
    هن هيٺين چوڻي تي عمل ڪريو. بهتريءَ جي اميد رکو ۽ بدترين لاءِ تيار رهو.
    سچ سلامت ساٿ سلامت.
    اوهان جو ادا
    محمد رفيع لغاري


    ذوالفقار گاڏهي (هڪ خط)

    (51)
    خيرپور ناٿن شاهه
    14-11-1999
    نهايت ئي پيارا سڄڻ عيسيٰ ميمڻ.
    اميد ته سرهو هوندين.
    دوست اسان جيڪي به لطيف فن سان واڳيل آهيون (خاص ڪري اسان شاعر / اديب) نه رڳي لطيف فن سان واڳيل آهيون پر ائين هڪٻئي سان به واڳيل آهيون. جنهن ڪري ئي هڪٻئي ڏانهن ڇڪ رکون ٿا. اها ڇڪ جنهن ۾ سڪ آهي. ان ڪري اسين هڪٻئي کي پيارا به آهيون. اسان جي هن وقت تائين چاهي جو هڪ ٻئي سان روبرو ملاقات نه ٿي آهي ته ڇا اسين هڪٻئي جا دوست ناهيون ڇا؟ اسين هڪٻئي جا دوست آهيون. تون منهنجي لاءِ ٿڌا مٺا ۽ پيارا جذبا رکين ٿو. ته ڇا منهنجي تنهنجي طرف انسيت نه هوندي؟! ڪيئن نه هوندي؟
    تو دير سان ئي صحيح خط جو جواب ته ڏنو آهي. مون کي بهرحال اوهان جي خط ۽ رسالي جو اوسيئڙو هيو. رسالو نٿو اچي. رسالي آڻڻ لاءِ جيڪا پئسن جي ڊونيٽ ٿي هوندي. اهي پئسه گم ٿي ويا. ڏک جي خبر آهي. پر وري هڪ دفعو ڪوشش ڪريو. ڦڙي ڦڙي تلاءٌ آ. پاڻ ۾ جيڪي سوبر قسم جا دوست آهيون ڪوشش ڪريو. ٿي سگهي شوق جو پورائو ٿي وڃي. جي اُن ڪوشش ۾ توهان ڪامياب وڃو ٿا ٺيڪ آهي، توهان ڀلي ڪهاڻي رکي ڇڏيو. پر جي نه ته اها پوءِ ڀلي پهرين فرصت ۾ ئي موڪلي ڏيو ۽ ها توهان کي اها ڪهاڻي ڪيئن لڳي: ان کي توهان ڪيئن ڏٺو ڇا پنهنجي اُن راءِ کان آگاهه نه ڪندئو؟ راءِ اها ناهي ته سٺي لڳي يا خراب. راءِ اها آهي ته اُن تي صفحي ڏيڍ جيترو تبصرو هجي. جيڪڏهن ڪو اُن کي ڇپرائڻ چاهي ته ڇپرائي سگهي ٿو. ائين جيئن ”پاڇي“ ڪتاب ۾ مشتاق جو ڪجهه ڪهاڻين تي تبصرو آهي. تو پاڇي ته پڙهيو هوندو. جي نه ته وفا صالح راڄپر وٺ اٿئي. اُن کان اِهو ڪتاب وٺي، اُن تان گائيڊ لائين وٺ.
    مان هاڻي انتظار ڪندس ته تون اها ڪهاڻي تبصري سان گڏ ڪڏهن ٿو موڪلي ڏين.
    الله واهي
    تنهنجو پنهنجو
    ذوالفقار گاڏهي


    اثر امام (هڪ خط)

    (52)
    باڊهه
    20-12-2006
    منهنجا پيارا عيسيٰ!
    جن ڏينهن کان ننگر چنو سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ ڌرتيءَ ۾ جيئري پوريو ويو آ، تڏهن کان منهنجي مَنَ ۾ هڪڙي آنڌ مانڌ رهي آهي ته ڪير اهو خال ڀري سگهندو؟! آنءٌ ڪنهن سان اُها قلمي دوستي رکان جيڪا ننگر سان هوندي هئم؟ ڇاڪاڻ ته جانيٰ! خط به ماڻهوءَ جي سوانح عمريءَ جو هڪ باب هوندا آهن. نه رڳو خط لکڻ هڪ فن آهي پر بهتر خطن کي سنڀالي رکڻ به هڪ فن آهي يا ائين چئجي ته ڪن خاص موقعن تي اهو ڪم جهاد ۽ زبردست قسم جي ادبي خدمت جو مقام ماڻي وٺي ٿو.
    گهڻي سوچ وِيچار کان پوءِ مون کي لڳو ته شايد تون هڪ بهتر چينل هوندين. منهنجي لکڻين ۾ ڪٿي ڪٿي مزاح جو حس ۽ بي تڪلفي نمايان ٿي پوندي آهي جنهن لاءِ آنءٌ معذرت ٿو ڪريان.
    مون کي اندازو آهي ته تون هڪ مُنجهيل، ڏُکي ۽ هڻ – هڻان واري زندگي پيو گهارين ۽ لڳ ڀڳ ساڳيو ئي حال منهنجو به آهي يا وري ائين کڻي چئجي ته اڄوڪي سنڌي اديب يا سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ فردن جو اهو گڏيل مسئلو آهي. ان ڪري ذاتيات، پنهنجون رام ڪهاڻيون ٻڌائڻ يا پاڻ پڏائڻ وارن جذبن کي پاسي تي رکندي اسان کي علمي موضوعن کي ڇُهڻ گهرجي، جيتوڻيڪ انهن موضوعن تي بحث ڪندي اسان جي پنهنجي ذات به ڳالهائجي ويندي ڇاڪاڻ ته فرد ۽ معاشري جو ڪردار جُز ۽ ڪُل وارو آهي ۽ جهڙي طرح اِهي ٻئي اڪيلي سِر نه سونهندا آهن ائين ئي اسان جو معاملو به آهي پر مان ڀانيان ٿو ته اسان جي حيثيت اعرابن واري هئڻ گهرجي. نه ڪي نُقطن واري. تنهن جي لاءِ اِها ڳالهه شايد حيرتناڪ نه هجي پر مون کي ته ان وڏي عجب ۾ وجهي ڇڏيو ته ليو ٽالسٽائي پنهنجو جڳ مشهور ناول War and Peace کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه ڀيرا Rewrite ڪيو هئو!!.
    عيسيٰ! سچ پڇين ته منهنجو وات ئي گودو ٿي ويو هئو جڏهن مون کي اها خبر پئي! يار! اِهي ماڻهو هئا يا مجسما! جن منجهان ڪم جان ڇڏائڻ چاهيندو هئو. منهنجو پنهنجو تجربو اِهو آهي ته پنهنجي تخليق کي بار بار فيئر ڪرڻ دنيا جو هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ اهو به ٽي هزار صفحن جي ناول کي ٽيهه ڀيرا فيئر ڪرڻ!
    تنهنجي لاءِ شايد اها نئين ڳالهه نه هجي ته عدم تشدد جي نظريئي جو باني سمجهيو ويندڙ مهاتما گانڌي نه رڳو روحاني طور ٽالسٽائي جو شاگرد هئو پر ناتال (ڏکڻ آفريقا) ۾ هوندي چئن سالن تائين ٽالسٽائي سان گانڌيءَ جي خط پَٽَ لکڻ جي ڪري سندس عدم تشدد جو فڪر سرجندو رهيو.
    پيارا! گانڌي ۽ ٽالسٽائي جي ذڪر کان هي خط انتشار جو شڪار نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته اِتان کان مان پاڻ ذهني انتشار جو شڪار ٿي پيو آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي پين منهنجو ساٿ ڇڏي وئي آهي. ان ڪري اتي ختم ڪريون ٿا في الحال.
    تنهنجو
    اثر امام


    منصور رمضان عباسي (هڪ خط)

    (53)
    ڄامشورو
    25-11-2007
    محترم عيسيٰ ميمڻ!
    خوشيءَ جي جهوليءَ ۾ لڏندا هوندئو. عيسيٰ اڄ گهڻي مدت کان پوءِ مان توهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان، شايد انهيءَ ڪري جو اڄ مان فائيلس (Files) ۾ ڪاغذ ڳولهيان پيو ته پهريان اوهان جا محبت سان لکيل خط منهنجي سامهون سرخ گلابن جيان پيل نظر آيا. هيانءٌ ڀرجي آيو ۽ دل سٽ کاڌي ته انهن خطن کي ورائي پڙهي سندن مان محبت جو مٺاس وٺان ۽ ايئن ئي ٻين خيالن کي مروڙي سروڙي پهريان اوهان جي اُڪير ۾ پيپر تي نقش ٿيل لفظ ٻهڪي ٻهڪي پڙهي ورتا.
    خط پڙهڻ کان پوءِ عجيب ڳالهه اها ته مون کي احساس ٿيو ته دوست جيڪو ڀائرن جهڙو پيارو ۽ پنهنجي خوبصورت لفظن ۾ سچ کي اڇي پيپر تي اتاري مون کي سدائين پاڻ سڃاڻڻ ۽ سماج جي ڀلائيءَ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏنو آهي، پر مان، انهيءَ دوست کي وساري ويٺو آهيان. ان تي مون کي پاڻ تي نه صرف افسوس آهي پر تمام گهڻو لڄي به آهيان.
    عيسيٰ اڄ کان ٻه ڏينهن پوءِ منهنجو پيپر آهي جنهن جي تياري ڪيان ٿو ۽ ان کان اڳ به هڪ پيپر نالي (News Writing) جو ٿي ويو آهي جيڪو پڻ سٺو ٿيو. منهنجو آخري پيپر 20 ڊسمبر تي آهي تيسيتائين ته پاڻ نه ملي سگهنداسين پر هن خط ذريعي اسان هڪ ٻئي سان احساس ۽ خوشيون ته ونڊي سگهون ٿا.
    عيسيٰ، انسان ايترو مطلب پرست يا خوددار ڇو ٿيندو پيو وڃي ۽ پنهنجي هڪ روپئي جي فائدي ڪري ٻين جي پنجن روپين کي نقصان پهچائڻ سندس کي هچڪ به نه ٿي اچي. ڇا واقعي انسان ازل کان ائين رهيو آهي ۽ ابد تائين ائين ئي رهندو؟ جيڪڏهن اهو سلسلو ائين رهندو ته ڇا عيسيٰ ميمڻ!، جيڪو حضرت عيسيٰ مسيح جو تسلسل آهي، اهو حضرت عيسيٰ جي عدم تشدد ۽ ماڻهن جي ذهني تبديليءَ ۽ انهن جي ڀلائي واري واٽ ڇڏي صرف پنهنجي فائدي لاءِ سوچيندو؟!
    عيسيٰ مان اڄ حقيقت ٿو بيان ڪريان ته (مون کي ڀل گهڻين ڳالهين جي خبر نه هجي يا مان صرف هش ۾ خوش هجان) ائين جڏهن هَيانءٌ جُهري پوندو آهي. پر گهڙي پَل لاءِ ذهني ٽارچر جو نشان بڻجي ويندو آهيان. اسان سڀ جيڪي هڪ ئي خيال جي ڪڙي آهيون يا هڪ ئي نظريي جا پوئلڳ آهيون تڏهن به ڇو اسان هڪ ٻئي جا مخالف آهيون؟
    بهرحال هڪ ڏينهن ايندو جنهن ڏينهن تي عيسيٰ، مسيح جي ڀرم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن ۾ سچ جو نعرو بلند ڪندو ۽ انهن ۾ هيڪڙائي جي پرچار ڪندو. ان هجوم ۾ ڀلي ان عيسيٰ جا دشمن يا مخالف ڇو نه هجن پر انهن کي به سيني سان لائي سندن کي سچ تي بيعت ڪرائيندو!
    باقي مان ته سدائين عيسيٰ جي ڇانَو ۾ رهڻ چاهيو آهي، اها ڇَانَو مون کي سانوَڻَ جو گهاٽي نِم جي ٿڌي ۽ مٺي ڇانَوَ کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندي آهي، پر عيسيٰ جيڪو ٻين کي ته پنهنجي رهبريءَ جي ڇانَوَ ۾ رهڻ ڏيندو آهي پر شايد مون کي سانوڻ جي باهه مثل سمجهندو آهي جيڪا گهاٽي کان گهاٽي نم کي به هميشه لاءِ ختم ڪري سگهي ٿي. پر مان توهان کي لکي ٿو ڏيان ته مان باهه مثل نه پر هڪ گل جيان آهيان. جيڪو ظالم هٿن ۾ نپوڙي ڀڳل روڊن ۽ رستن تي سانوڻ جي اس ۾ سڙي کپي هميشه لاءِ انهن ظالمن ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه هوندي آهي.
    عيسيٰ توهان پنهنجي زندگي جو سفر ڪيئن طئه ڪيو آهي؟ ان حوالي سان توهان هڪ بردبار ۽ باهمٿ نوجوان آهيو پر اوهان ۾ جيڪا وڏي خوبصورت ڳالهه جيڪا نه صرف منهنجي زندگي گذارڻ لاءِ رستا ۽ فيصلا طئه ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي، پر هر ان ماڻهوءَ کي به انسانيت جي پٽڙيءَ تي آڻي بيهاري ٿي جن جو صرف اوهان جي پاسي مان گذر ٿيو آهي. پر دوست هڪ ڳالهه اوهان کي به سوچڻ گهرجي ته انهن ماڻهن کي صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪي ڪلر جي رڻ ۾ رُلي ويا آهن ۽ سندن جي ذهنن تي صرف ڪلراٺي مٽي ڄمي وئي آهي!
    هت سڄي سنگت خوش آهي جن سان ڪچهريون به ٿينديون رهن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي ڪنهن حوالي تي ياد ضرور ڪندا آهيون جنهن جي ڪري سنگت به اوهان سان ملڻ جي خواهش ٿي ڏيکاري پئي. جيڪڏهن هن وقت ملي وٺجي يا حيدرآباد اچڻ ٿئي ته اسان کي پنهنجو ديدار ضرور ڪرائجو. ڏوڪري جي سنگت کي گهڻي کان گهڻا سلام. اوهان لاءِ نيڪ تمنائون.
    اوهان جو پنهنجو
    منصور رمضان عباسي


    ارشد نواب ميراڻي (هڪ خط)

    (54)
    ڄامشورو
    14-11-2003
    السلام عليڪم!
    هونئن ته ٻڌو آهي ته ڀائي بنگال جو جادو مشهور آهي. ادا ڪهڙو جادو؟ بنگال جو ڪارو جادو، جواب ۾ چوندا آهن ته شايد حضرت نوح جي دور ۾ (يا ڪنهن ٻئي نبي جي دور ۾) خدا جبرئيل کي هيٺ موڪليو ته انهن ماڻهن جي پرک ڪري اچ. جبرئيل هڪ ننڍڙي ٻار کان پڇيو ”ٻڌاءِ جبرئيل ڪٿي آهي؟“ ”مان جي نظر 7 آسمان ڦاڙي لنگهي وئي پر جبرئيل نظر نه آيو، منهنجي نظر زمين جا سڀ تهه ڦاڙي جاچي جوچي موٽي آئي پر جبرئيل نظر نه آيو. هاڻي يا ته تون جبرئيل آهين يا مان! ننڍڙي جواب ڏِنس.
    عيسيٰ، هن معصوم ته شڪ ۾ چيو ته ”يا تون جبرئيل آهين يا مان“ پر مون کي پڪ آهي ته ”مون ۾ آهين تون....!“ سو مان توکي ڪيئن ٿو وساري سگهان نه مون کي مشيني ڪارخانو هلائڻو آهي ۽ نه مان ڪو روبوٽ آهيان، مان هڪ جيئري جاڳندي جان آهيان ۽ مون کان يا منهنجي Memory مان تنهنجي Data ڪڏهن به خارج نه ٿي، ٿي سگهي. ها خارج ٿئي ها البته مان جڏهن روبوٽ هجان هان!
    ها ها.... کل ڙي، عيسيٰ، کل Very Good يعني ٻيهر، کِلُ بس يا پئي ٿي زندگي گذري، مهيني سوا کان مڊٽرم جي لَٺ لڳي پئي هئي جيڪا خير سان 10 نومبر تي پڄاڻي تي پهتا، حقيقت پڇين ڊيلي روٽن ۾ ايترا مصروف آهيون جو پنهنجون گنجيون ۽ جوراب به نه ٿا ڌوئي سگهون، اهو به هفتي ۾ هڪ دفعو.
    هن دفعي ڪجهه ججها ڪتاب خريديا اٿم، جنهن مان فقط 3 ئي پڙهي سگهيو آهيان، باقي ٻيا ڳوٺ پڙهي سگهندس. ها، راشد قاضي ۽ علي بخش جا ڪهڙا حال آهن، يا هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اڄ ڏينهن تائين يعني سال اچي پورو ٿيو مگر علي بخش ڪڏهن به ٻه سٽون نه لکيون آهن، ڇا جي ڪري؟ آيا ايترو ته مصروف آهي يا ڪجهه ٻيو چڪر آ....!؟ زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن پر ايترا وڏا لاها چاڙها، انسان کي بلڪل ٿڪائي ماريندا آهن. هاڻي تون مون جهڙو نفيس ماڻهو ڇا نه ٿو ٿڪجي سگهي؟ اهو ساڳيو سوال مناسب سمجهين ته علي بخش کان به ڪجانءِ. سپاهي ته رهيو ئي سپاهي يا سڌريو به آهي؟
    باقي YES جون ڪاميابيون ڏسي، بيحد خوشي ٿي آهي، مون کي پڪ آهي ته اوهان نامعقول تنقيد نگارن جي تنقيد تي قطعي به غور نه ڪندا هوندا ڇو ته انهن جون تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ هڪ ڌنڌو يا عادت بڻجي وئي آهي. پنهنجي ابي کي گهڻي کان گهڻا سلام ۽ منهنجي پاران پيرن تي هٿ. طبيعت ڪيئن اٿس؟ اميد ته ٺيڪ هوندو، باقي صيفي جا حال احوال روبرو اورينداسين.
    طفيل سوهو کي سلام ۽ سندس جا لک لائق جو ڪڏهن ته ياد ڪيائين.

    تنهنجو پنهنجو
    ارشد نواب ميراڻي


    عرفان موريو (چار خط)

    (55)
    لاهور
    01-02-2002
    محترم ڀائرن وانگر پيارا عيسيٰ
    السلام عليڪم، نمشڪار
    اڄ تنهنجو پريم پتر مليو پڙهي بيحد خوشي ۽ آءٌ ان دور کي دهرائڻ لڳم. جيڪو اسين گڏ گڏ گذاريو، اُهي ڪچهري جا ڏينهن هميشه ياد رهندا. هن دفعي آءٌ گهڻو ڪجهه ڪرڻ آيو هيم. پر الائي ڇو يار آءٌ نه ڪري سگهيم. وقت ائين گذري ويو جو سوچڻ جو وقت به نه مليو. مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو آءٌ ڳوٺ ۾ به آيو هيم. ڪي پل ويهي دوستن سان ڪچهريون به ڪيون هيون. بس ائين ٿو محسوس ڪيان جيئن ڪي صديون آءٌ مالڪن ۽ دوستن کان دور هجان.
    پر چوندا آهن ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي بس ان ڪوٽيشن کي دهرائي ماٺ ڪري ويهندو آهيان. هن دفعي گهڻو توسان ڳالهائڻو هيو ۽ گهڻيون ڳالهيون شيئر ڪرڻيون هيون. طفيل سان به، پر نه ئي طفيل سان شيئر ڪري سگهيم ۽ نه ئي توسان.
    دوست ته منهنجا گهڻا آهن پر الائي ڇو جيترو وقت آءٌ تو سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ گذاريندو آهيان اهو بلڪل ٿورو هوندو آهي. جيڏي مهل به آءٌ ڪا ڳالهه طفيل سان ڪرڻ چاهيم منهنجي زبان کي چپ جو تالو پيو لڳي وڃي ۽ آءٌ انهن رنڊڪن Resistances کي پار نه پيو ڪري سگهان.
    يار عيسيٰ، آءٌ پنهنجي لائيف کي تبديل ڪرڻ ٿو چاهيان. پر الائي ڇو آءٌ Changeable نه ٿو ٿي سگهان. ان رات مطلب آخري رات جيڪا گڏ گذاريسين. يقين ڪر! منهنجي زندگي جي شايد اُها انمول رات آهي. مان هميشه دوستن کي چوندو آهيان مون کي Critisize ڪيو مون کي منهنجون غلطيون ٻڌايو. ان رات واقعي گهڻيون خوشيون ماڻي لاهور لاءِ روانو ٿيم. مون کي يقين آهي ته ٻي رات توهين سڀ منهنجي ڳالهين کي دهرايو هوندو. اڄ هر ڪو چوندو هوندو ته عرفان ۾ هيءَ خامي هئي. هيءَ تنقيد هيس. پهريان جڏهن توهان سوالن جو سلسلو شروع ڪيو ته دل دڙڪڻ لڳي متان ڪو ادبي سوال ڪن. پر آءٌ ان رات سڀني سوالن جا جواب دل جي گهراين سان توهان جي آڏو پيش ڪيان پيو. واقعي عيسيٰ آءٌ تمام گهڻو سيريس ٿي ويو هيم.
    صبح جو ساجهر گهر کان نڪرندي طفيل جي دوڪان تي پهتم ۽ سوچي آيو هيم ته طفيل کي هي سڀ ڪجهه چوڻو آهي پر آءٌ ان کي ڪجهه به چئي نه سگهيم ۽ موڪلائڻ جو وقت ٿي ويو ۽ آءٌ طفيل ۽ ڪامران سان موڪلائي سڌو بس تي اچي چڙهيم. گهر وارن سان موڪلائڻ جو ٽائيم جو ٿيو. سڄي گهر جو ماحول خاموشي جي وَر چڙهي ويو هيو. ڀائو وارا ننڊ مان اُٿي کڙيا ٿيا. بابي کان پهريان موڪلايو هيم ڇو جو هو ٻني تي وڃڻ لاءِ تيار هيو. پهريون پهريون ڏاڏيءَ کان موڪلايم هميشه وانگر هن دفعي چيائين ”الله خير سان توکي تنهنجي مقصد سان ماڻي“ منهنجا پرديسي پٽ. انهن لفظن رهندو اندر جهوري ڏاري وڌو. پوءِ اَمان سان ۽ ٻين گهر وارن سان موڪلايم. گهر جو ماحول ائين ٿي ويو جيئن آءٌ پهريون دفعو ڪو گهر کان ٻاهر ٿو وڃان. آخر ۾ امان ڪجهه مٺيون ڏنيون، موڪلائڻ لاءِ اُٿي عجيب وقت هو!
    هوڏانهن اَمان روئي ٿي ۽ مون کي چئي ٿي ”الله خير سان پهچائيندءِ“ دل هن دفعي مطمئن نه پي ٿئي ته ڪو گهر کي ڇڏيان پر نيٺ وقت پنهنجو پاڻ مڃرايو ۽ پنهنجي منزل ڏانهن هلڻ لڳس. روهڙي اسٽيشن تي پهتم ۽ خير سان گاڏي هلڻ لڳي ۽ پنهنجي دل کي آٿت ڏيندو، سيٽ تي وڃي ويهي رهيم. ٽرين جي دري مان روهڙي شهر کي الوداع ڪندو رهيم. مون کان پوءِ ڊاڪٽر غفار منگي جا ڪهڙا حال آهن، ڪيئن ٿو وقت گذاري. اسان جي ياد اچيس ٿي يا نه! ڏوڪري ۾ اڃان رهيو پيو آهي يا الوداع ڪري ويو. محمد وريل جي گهر جا ڪهڙا حال آهن. ڪيئن ٿو وقت گذاري. تنگ ته نه ڪندو آهينس. منهنجا سلام ڏيندو ڪرينس. وڌيڪ سڄي سنگت کي سلام ۽ پياري ارشد ميراڻيءَ کان وٺي ڀڳت تائين سڀني کي سلام
    تنهنجو پنهنجو
    عرفان موريو
    ______________________________________________________________________________________________
    (56)
    لاهور
    08-03-2002
    ڊيئر عيسيٰ ميمڻ!

    السلام عليڪم يا علي مدد، نمشڪار، جيو هزار برس
    God Bless You
    ڪافي عرصي مطلب ڪافي ڏينهن کان تنهنجي ياد تڙپائيندي رهي آهي. ان ڪري سوچيم تو ڏي ڇو نه دوستي نامون لکان. اميد آ ته قبول، پوندو. ڊيئر: معنيٰ اسان جا ٻئي جهان تنهنجي وس آهر آهن. سو مهرباني ڪري، خدا کي پارت ڪري اسان کي دوزخ ۾ جڳهه ڏي. عيسيٰ منهنجي خيال ۾ ته اڃا تائين توکي پينٽ پاتل هوندي ۽ اهيا ڪَني شرٽ يار مون کي افسوس آ جو آءٌ پنهنجو واعدو نڀائي نه سگهيم. اهو ان ڪري جو ڪافي پريشانيون هيون جنهن ڪري هن دفعي آءٌ ڳوٺان کڻي لاهور لاءِ روانو ٿيان پيو. ان ڪري آءٌ معذرت ٿو گهران. ٻيو ته يا منهنجي پيڪنگ ٿي ويئي هتي. بهرحال تون فڪر نه ڪر آءٌ هن دفعي ضرور توکي شرٽ ڏيندس.
    ٻيو عيد تي جيڪي ڦوٽو ڪڍرايا هياسين مطلب ادبي سنگت ۾. ۽ ها ياد اٿئي نه پروگرام جنهن جي سيٽنگ موئن دڙي جي کبڙن ۾ پهريون هئي پوءِ وڃي سيڪريٽري کي دٻڙاٽ ڪڍي نيٺ ميدان تي پروگرام کي هيلڊ ڪرايو. ان ميدان تي جتي سڀ ميمبر سڀ عهديدار هڪ هئا. جتي ڊانسون ٿيون هيون جتي محفل ۽ مشاعرو ٿيو هيو منهنجي خيال ۾ توکي ياد اچي ويون هونديون. مان ان تصويرن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪي حاڪم منڱريي ڪڍيون هيون.
    ڊيئر اسان هتي سينڊ اپ شروع ٿي ويا آهن ۽ هن مهل تائين مطلب اڄ تائين 3 پيپر ٿيا آهن. جن مان ٻه سٺا ٿيا آهن باقي هڪڙو ايڏو خاص نه ٿيو آهي. اهو ان ڪري جو تياري جو وقت نه ملي سگهيو جيڪو پهريون پيپر هيو. باقي ٻئي سٺا پيپر ٿيا آهن. اڪنامڪس جو به سٺو ٿي ويو آهي.
    تون ٻڌاءِ ڪا ڏوڪري جي تازه ترين خبر چار. طفيل سوهو سان ڪچهريون ٿين ٿيون. يار جيڪو مسئلو مان توکي ٻڌايو هيم ڪافي حل ٿي ويو آهي. اڃان تائين جڳهه شفٽ نه ڪئي آهي. بهرحال پيپرن کان بعد ۾ مطلب مهيني جي اندر ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين. يار آءٌ معافي ٿو گهران ڇو جو آءٌ هن ليٽر کي ان ڏينهن پوسٽ نه ڪري سگهيس اهو ان ڪري جو ڪافي مصروفيت هئي پيپرن جي ڪري اڄ به پيپر ڏيئي. ذهن ۾ اهو خيال رکي ته ليٽر ضرور پوسٽ ڪرڻو آهي سو هاڻي پوسٽ ڪيان پيو. اميد آهي ته پنهنجن نازڪ ۽ ڪنڙن هٿن ۾ هن مهل ليٽر تنهنجي گنهگار اکيون پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويون هونديون.

    عرفان موريو
    لاهوري
    ______________________________________________________________________________________________

    (57)
    لاهور
    17-05-2002
    ڊيئر محمد عيسيٰ!
    آداب عرض آ.
    تنهنجو خط مليو ڏاڍي خوشي ٿي ڇو جو آءٌ اڃان تائين توکي ياد آهيان. ائين نه. اڙي شرم ڪريو پرديسين سان اهڙي مذاق نه ڪبي آهي، بهرحال چڱو ٿيو جو (You are fall in love) وڌيڪ خدا بهتر ڪندو. ماءِ ڊيئر، آءٌ ڪڏهن ٻڌو آهي ۽ ڪافي ڪهاڻيون به پڙهيون آهن ان ٽاپڪ تي پر مون کي سمجهه ۾ نه آيون آهن. ٿي سگهي ٿو ان ڪري جو مان عشق اڃان تائين نه ڪيو آهي. اڃان تائين مان ڪنهن عورت جي نگاهن جو نشانو نه بڻيو آهيان. وڌيڪ خدا کي پارت آهي جيڪڏهن تون واقعي Real Love ۾ آهين ته پوءِ ڊاڪٽر عنايت مگسي اهو توکي نفسيات جو ليڪچر ڏيندو ۽ تون پنهنجا هوش حواس ساڳئي ڪنڊيشن ۾ پائيندين. باقي يار آءٌ عشق نه ڪيو آهي جو آءٌ توکي ان باهه کان بچائي سگهان پر ايترو ضرور چوندس ته زندگي جو حصو آهي. پر ها ڪڏهن چري ٿيڻ جو سوچجان به نه اڳ ۾ ئي ڪافي ڏوڪري ۾ موجود آهن.
    پيپر تنهنجا ڪيئن ٿا ٿين. جيڪڏهن تو عشق پيپرن جي هوندي ڪيو آهي ته مون کي يقين آ ته مٺا پيپر تنهنجا نه ٿيا هوندا. عورت آهي ئي اهڙي شيءِ جنهن اسان جي ڏاڏي آدم کي پٽڙي تان کسڪايو ته ”اسين کس باغ کي مولي هين“. ٻين دوستن جا پيپر ڪيئن ٿيا. خاص طور تي راشد قاضي، ارشد ميراڻي، موٽو (امام بخش ٻٽ)، بوسي جو ٺهيل، ان جو به خط مليو. بدي ۾ آءٌ خط لکيو اٿمانس ڏاڍيون گاريون لکيون اٿمانس. وڌيڪ تون خود ان سان ملجانءِ، عشق جي باري ۾ صلاح وٺڻي اٿئي ته پوءِ طفيل سان ڇو نه ملين اهو ته اسان جو استاد آهي. اسان وري ٻي سينڊ اپ جُون جي آخري تاريخن ۾ آهن خدا بهتر ڪندو. ان کان اڳ ۾ ڪو به پروگرام نه آهي اچڻ جو. باقي خطن جو سلسلو جاري رهندو. پيپرن کان بعد ۾ ڇا پيو ڪرين؟ وڌيڪ خير، سڄي سنگت کي سلام.

    عرفان موريو


    وفا صالح راڄپر (هڪ خط)

    (58)
    وڏي وهڻي
    27-11-1999
    عيسيٰ ميمڻ!
    سدائين سنڌ جي محبت ۾ مدهوش رهين!!
    شايد آءٌ هن پيپري ڏوڪريءَ نه اچي سگهان، جيڪڏهن اچڻ به ٿئي ته اوهان سان نه ملي سگهان. اَن لئه جيترو به جلد ٿي سگهئي ته ذلفيءَ کي پيمنٽ ڏيندا ضروري ناهي ته تون اڄ ئي ڏينس. ٻڌ ڏوڪري تعلقي ۾ جيڪي ٻاراڻو ادب لکن ٿا انهن سڀني ۾ تون نه رڳو ميچوئر آهين، پر ذهني طرح وڌيڪ بالغ به آهين توکي اديب دوست وڃائڻ نه پر ٺاهڻ گهرجن تو ان ڏينهن منٺار لئه جيڪي ريمارڪس ڏنا. اُهي مون کي سٺا نه لڳا. منٺار تي تنقيد ڪرڻ لئه توکي حق آهي پر تنقيد جا به ڪي اصول هوندا آهن تون نه ٿو ڄاڻين ته آءٌ منٺار کي ڪيڏي شدت سان چاهيندو آهيان. رڳو آءٌ منٺار کي شدت سان نه چاهيندو آهيان پر هُو به مون کي شدت سان چاهيندو آهي. منهنجي هڪ طبيعت رهي آهي ته آءٌ جنهن سان پيار ڪندو آهيان ته به شدت سان ۽ جيڪڏهن ڪنهن سان نفرت ڪندو آهيان ته به شدت سان. بهرحال آءٌ گهرائي ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان. آئينده لئه منهنجي مُنهن تي منٺار لئه اهڙا ريمارڪس نه ڏيندو ڪر. جنهن تي ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. تون ڀل مرڪز تي منٺار کي ووٽ نه ڪجانءِ هن کي توهان ۾ اميد هئي ته تون مرڪز تي منٺار ۽ مون کي ووٽ ڪندي. آءٌ مرڪز تي جوائنٽ تي بيهندس. اها منٺار جي خواهش آهي. کٽڻ هارائڻ ڪم آهي. ضروري ناهي ته جيڪي شيون مون کي آئڙن ۽ اهي شيون توکي به آئڙن. وڌيڪ احوال ڪڏهن روبرو ڪنداسين.
    تنهنجو پنهنجو
    ”وفا“ صالح راڄپر


    آزاد جروار (هڪ خط)

    (59)
    ڏوڪري
    12-10-2004
    ڪا سار ته لهبي آ
    رڳو هام نه هڻبي آ (زخمي)
    پيارا، عيسيٰ ميمڻ!
    سنڌ موجود
    پيارا تنهنجو خط طفيل کان معلوم ٿيو ۽ اهيو خط ارشد جهڙي محبوب ساٿي سان گڏ ڪيل ٽرين جي سفر جو مختصر احوال هيو. دوست جنهن سماج مان اسان مس اوپرائپ جو نالو ڪڍي ڪنهن گندي نالي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هيو. سو اڄ ڪن ماڻهن جي روپ ۾ ڦوٽهڙو کائڻ شروع ٿي ويو آهي. ها دوست جڏهن پهريون درجو پاس ڪري ٻين درجي ۾ پهتو هيس. تڏهن هڪ عجيب و غريب ڳالهه سامهون آئي هئي ۽ جنهن سان منهن ڏيڻو پيو هيو. اهيا ڳالهه هيءَ سبق جي پوئين پاسي کان خال ڀريو خانو. توڙي جو اهي خال سبق ۾ موجود هيا. پر سبق کي بار بار پڙهڻ کان پوءِ به خال ڀرڻ ڏاڍا ڏکيا لڳندا هيا. ها جڏهن ڏوڪري جي نوجوانن جي ٺهيل هڪ قطار ۾ ڪو خال پيو آهي تڏهن ماضي جا سبق ياد ٿا اچن ۽ انهن سبقن جيان هي خال ڀرڻ به مشڪل آهي. دوست اوهان جي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن ماڻهو چيو ته ”عيسيٰ جي وڃڻ تي آزاد ڏاڍو خوش ٿيو آهي“. تڏهن اهيا ڳالهه مون کي مذاق لڳي هئي ته جڏهن ان ماڻهو منهنجي سامهون ڪئي هئي. پر ساڳي ڳالهه ڪن ٻين ماڻهن ۽ ان ماڻهو اهيا ڳالهه ٻين سان ڪئي ٻئي يا هر هنڌ پرپٺ ڪئي ۽ انهن اهيا ڳالهه ماڻهن کي ائين چئي ڪئي ته واقعي هي سچ آهي جروار، عيسيٰ جي وڃڻ کان پوءِ خوش آهي. سنڌ جيجل جو قسم آهي مون کي ايترو ڏک ٿيو جو شايد ايترو ڏک مون کي پنهنجي ماءٌ مرڻ جو به ڪو نه ٿيو هيو. ماڻهو اَنا جي سمنڊ ۾ گوتا کائي رهيا آهن. جو نڪرن ٿا ته شفاف ۽ اندر وڄن ٿا ته ڪاراٽيءَ جهڙا ٿين ٿا. هونئن به ڪنهن شاعر سچ چيو آهي.
    هر شخص جي چهري جي مٿان
    ڪو چهرو چڙهيل آهي.
    اسان سڀني جڏهن ”مان“ واري ٻولي وساري، تڏهن سمجهيو اسان ”اڄ کان“ ان وقت کان ڀٽائي کي سمجهي ورتوسين. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي جا ماڻهو انا پرستي ۾ غرق ٿي ويا آهن. هتي سچ چوڻ ڏاڍو سولو ٿي پيو آهي. پر سچ ٻڌڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان وٽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مڃڻ ۽ مڃائڻ لاءِ جدوجهد پيا ڪن. بس خد پرستي بي پاڙي وَل جيان مٽيءَ جي ماڻهو کي وڪوڙي وئي آهي. اوهان پنهنجي مستقبل کي ياد رکندي ڇڏيل ماضي کي به ڀٽائيءَ جي هن شعر جيان ياد رکجو.
    سک نه ستا ڪڏهن، کر ڪڻا لاهي،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    باقي هن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي بي غيرتي، بي ضميري ۽ ڀڙوت تي لکبو ته ان کي شايد اوهان جذبات سمجهندئو. قسم سنڌ جو ته اهي ماڻهو قاضي قاضن ۽ نائو مل وارو ڪردار ادا پيا ڪن. جن لاءِ ٻيو ڪجهه چوڻ مناسب نه ٿو سمجهان. جتي هجو سکيا هجو. اهي لفظ اسان جي زبان مان نڪرن ٿا. توهان انهن کي دعا سمجهو يا دغا اهيو اوهان تي ڇڏيل آهي. اوهان ته اسان کان موڪلايو به نه الائي ڇو ۽ ڇا جي ڪري. مون اوهان لاءِ اڳ چيو هيو ته جي منهنجو ٻيو ڪو محبوب آهي ته اهيو عيسيٰ آهي.
    عاشق محبوب جي وڇوڙي تي خوش ڪونه ٿيندا آهن. انهن جو من سدائين گڏ رهڻ لاءِ آتو هوندو آهي جي اگر ويندا به آهن ته انهن پرين جي انتظار ۾ هوندا آهن ۽ ان جي نمائندگي ڀٽائيءَ هن ريت ٿو ڪري.
    سَر نِسريا پانڌ، اتر لڳا آ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون باسيون.
    (شاهه)
    دوست هتي ماڻهو پاڻ مڃائڻ ۾ مصروف آهن. جن سان اسان جو هلڻ مشڪل آهي. اوهان جي ڪري ڪجهه ماڻهن سان ملڻ ٿيندو هيو. پر اوهان جي وڃڻ کان پوءِ سچ پڇو ماڻهن کان نفرت ٿي وئي آهي. يا اسان خود بيڪار ۽ سست ٿي پيا آهيون. بهتر آهي ته سڄو ڏوهه پاڻ ڏانهن ٿا کڻو ته اسان هاڻي اهڙن ماڻهن سان گڏ ان حالت ۾ هلڻ لاءِ بلڪل تيار ناهيون. اگر جي ماڻهن تي لکبو ته سچ پڇ مان آزاد پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر الائي جي ڪيترا پنا ڀري سگهان ٿو. صرف انهن ماڻهن جون ڳالهيون لکندي. دوست ارشد ميراڻيءَ کي مون چيو هيو ته هاڻي سنڌ يونيورسٽي اچبو. ڇو جو هڪ بابا جي پگهار جو مسئلو هيو ۽ ٻيو منهنجو خدا منهنجو پهريون محبوب به سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي رهيو آهي ۽ انهن حيدرآباد ۾ گهر به ورتو آهي. هُن خط لکيو هيو ته هو هاڻي هتي پڙهڻ چاهي ٿي ۽ منهنجو محبوب روز يا ٻين ٽين ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ايندو آهي ڇو جو ان جو ڀاءٌ اتي پڙهي پيو. هاڻي ته ٻيو محبوب (عيسيٰ ميمڻ) به حيدرآباد آهي سو حيدرآباد زندهه آباد.
    دوست سنڌي روايت مطابق ارشد نواب کي ڳَلَ ڳراٺڙي پائي سلام چئجو ۽ قاسم آباد ڏانهن منهن ڪري حيدرآباد کي آزاد جي اچڻ جو نياپو ڏي ڪا دلجاءِ ڏجو. سنڌ يونيورسٽي جي سونهن پرين، حسن جي ديوئن کي سلام چئجو. ها دوست طفيل سوهو پنهنجي يتيمي تي پاڻ ماتم پيو ڪري پر اوهان به ان گناهه جي ڪم ۾ شريڪ ٿي طفيل سوهو جي يتيمي تي ڪي ٻه چار لڙڪ هارجو ته ڪير ماڳ ۾ مئو، ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو. طفيل سوهو ۽ ٻي سڄي سنگت جا سلام قبول ڪجو. اوهان ٻنهي ڪافرن کي. سنڌ موجود ساٿ موجود.
    دعائن ۾ ياد
    آزاد جروار


    غلام عباس گوپانگ (هڪ خط)

    (60)
    قمبر
    09-05-1998
    پيارا دوست!
    السلام عليڪم
    اسان خيريت سان آهيون ۽ توهان لاءِ به ساڳي اميد آهي، احوال ته توهان جو خط پڙهي دل کي آٿت پهتي ۽ تمام گهڻو ڏک ٿيو. ڇو ته ادا مان توهان وٽ ٻه چڪر آيو آهيان پر ادا توهان کي ڪو به خيال نه ٿيو آهي. يار غلام عباس مون ڏي ٻه چڪر آيو آهي پر مان نه ويو آهيان. توهان جڏهن مون ڏي پهريون خط لکيو هيو ته توهان لکيو ته مون کي قمبر اچڻ جو پروگرام ڏيو. اهو پروگرام ڏنو مس ته به نه آئيو. وري مان توهان ڏي آيس ته به نه آئيو. وري ٻيهر آيس ته به نه آيئو. توهان خط ۾ ان جي باري ۾ لکيو ته مون کي معاف ڪيو. مان ته هڪ بندو آهيان. الله تعاليٰ جو باقي توهان نه آيئو. ان ۾ ڪا به ڳالهه نه آهي ڇو ته توهان ايندئو ته توهان جي مهرباني ٿيندي ۽ نه ايندئو ته مان ڪجهه به نه ڪري سگهندس. دوستي هڪ ان شيءَ جو نالو آهي. جڏهن ڪو دوست ٿئي ٿو ان سان نڀائڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي. انسان کي سدائين ڪم هوندا آهن تَانِ موت نه اچي ڪم کي هيڏي هوڏي ڪري انسان پنهنجي دوستن سان ملندو آهي.
    توهان کي ڪجهه ٿئي ها. توهان سوچو ها. مان توهان ڏي رلي، توهان جي گهر گهاٽ جي خبر به نه، اچي ڪري به مان توهان جي اڱڻ تي پهچندو آهيان. ڇو ته توهان سان ملڻ جو شوق هوندو آهي. خدا جو قسم جي توهان هن خط کي سمجهندئو ته مون ڏانهن ضرور ايندئو.
    نبي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو فرمان آهي جيڪو واعدو ڪري ۽ نه پاڙي ته اسان جي جماعت مان نڪري ويو. مون کي ڏک ٿيو ته اسان دوست جي در تي وڃون به صحيح ۽ اچو به نه خدا جو قسم دل اڌوري ٿي ويندي آهي ۽ سندن دل جي راءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندي آهي. ائڊريس تمام سولي آهي. توهان اچو اسان دل جي گهرائن سان ڀليڪار چونداسين ۽ اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. جي اچڻ عار ٿا سمجهو ته جي بسم الله. ڪا ڳالهه نه آهي. As Your Wish, As You Like الله توهان کي خوش ڪندو. مان هت قمبر ۾ ئي آهيان ڪو پروگرام ڪو نه آهي ٻاهر وڃڻ جو. جي اچو ته ٺيڪ.
    وڌيڪ الله پاڪ توهان کي خوش ڪندو.
    هڪ التجا آهي. دوستن سان سٺو سلوڪ ڪندا ڪريو. جيئن هو دوست ئي هجي. دوست ته ڏکيا ملندا آهن ۽ نڀائڻ مشڪل هوندو آهي. مان توهان جو ڀاءٌ آهيان. باقي ٻين جي لاءِ چئون ٿا. ڪيترو لکيو صحيح لکيو منهنجي خيالن ۾ هن کي کولي خط کي پڙهندا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
    اوهان جو پنهنجو
    غلام عباس گوپانگ


    انور خاصخيلي (هڪ خط)

    (61)
    شهداد پور
    18-04-2004
    پيارا عيسيٰ ميمڻ!
    توهان جو خط مليو. يقين پڇو ته ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اميد ته آئينده به ائين ياد ڪندا رهندا. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي ٽيليفون (ڪمپيوٽر) اي ميل جهڙين سهولتن مان فائدو نه ٿا وٺي سگهن، خط ئي واحد ذريعو آهي رابطي جو. زندگي؟ جيڪڏهن زندگي جي باري ۾ پڇو ٿا ته بس ورثي ۾ مليل حالتن جي رحم ڪرم تي آهيون. هينئر تائين مان نه ٿو سمجهان ته حالتن جي رخ موڙڻ جي صلاحيت حاصل ڪري چڪا آهيون! ها ايترو آهي ته انهن مليل حالتن سان منهن ڪيئن ڏجي. اهو ڪنهن حد تائين ڄاڻي چڪا آهيون. جنهن معاشري ۾ اسان جي سٺي رهنمائي ڪئي آهي. جيڪڏهن زندگي تڪليفون برداشت ڪرڻ ۽ مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي ته توهان کي اسان ۾ زندگي جي هر علامت ملندي پر جيڪڏهن صورتحال ابتڙ آهي ته پوءِ اسان محض گهمندڙ ڦرندڙ لاش آهيون.
    جڏهن سرڪاري نوڪري نه هئي ته سوچيندا هئاسين رڳو نوڪري ملي باقي هر شيءَ ٺيڪ ٿي ويندي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. خير امتحان پاس ڪري ماستر ٿياسين، تڏهن به حالات ساڳيا رهيا. پوءِ سوچڻ لڳاسين هي به ڪانو ڪري آ، ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ، 2700 فڪسڊ پگهار ۽ سروس ڪائونٽ نه ٿئي، ڪا ٻي سٺي نوڪري ملڻ گهرجي. اجهو تقريبن ست مهينا ماستري ڪرڻ کان پوءِ صوبيداري پاس ڪئي. سوچڻ لڳاسين هاڻي ته ٺٺ ٿي ويا. رڳو ويهي کائبو، هاڻي ته ماڻهو گهر وٺي ڏئي ويندا. پر خبر پئي ته هاڻي عوام ۾ شعور اچي ويو آهي ۽ اڳيون دور ڪو نه رهيو آهي. جڏهن هڪ سپاهي ڏهن ڄڻن کي ٻڌي ايندو هيو. هي ته ڪم ئي خراب ٿي ويو. ماڻهن کي رڳو شعور ئي اسان ويچارن پوليس وارن لاءِ اچي ويو، اِهو ڪم به هاڻي ٿيڻو هيو. خير پوءِ به چڱي ڳالهه آهي. شعور ته آيو.
    صوبيدار صاحب ڏاڍي لئه سان پيو گهمي هوڏانهن Accounts وارا چڱا چوکا الائونس صاحب جا روڪيون ويٺا آهن. همراهه پاڻ ۾ ئي پورو لڳو پيو آهي ته گهر ڪيڏانهن هلائي. ماستر هيو ته جيڪي ڪجهه ملندو هيو سو گهر ۾ خرچ ڪندو هيو. هاڻي صاحب ٽريننگ ڪري يا گهر هلائي. هي ته انگرين وانگي Jobless in Disquise ڄڻ ته سال ڏيڍ لاءِ بي روزگاري. رڳو سال ڏيڍ پاڻ مس هلائي ته بيروزگاري نه چئبي ته پيو ڇا چئبو؟ مختيارڪاريءَ لاءِ به جيتري محنت ڪري سگهياسين اُها ڪئي. تجربو به سٺو حاصل ٿيو. وقت ۽ وزن جي به خبر پئي. بهرحال لکت پاس ڪرڻ کان پوءِ جيڪي اميدون پيدا ٿيون سي سڀ مٽي ۾ ملي ويون. ڳالهه آ مقابلي جي، پر مقابلو به هم وزن واري سان ٿيندو آهي. هڪ ٻانهن وارو ٻن ٻانهن واري سان ڪيئن وڙهندو ۽ اسان جي هڪ ٻانهن گهرو ذميواريون ڪٽيون ويٺيون آهن نه ته ماشاالله. ان سڄي مرحلي مان گذرڻ کان پوءِ مان چئي سگهان ٿو ته پاڻ به گهٽ ڪو نه آهيون. پر مڙئي تپن مومن ڪيو آهي. هتي ٽريننگ تمام سخت آهي. تقريبن ماڻهو کي Bound رهڻو ٿو پوي. ان جي باوجود پنهنجي پڙهائي، پنهنجي تياري جاري و ساري آهي. اُهي سڀ مسئلا ڪجهه نه ڪرڻ جو بهانو ڪو نه ٿا ٿي سگهن. نه ئي ڪا رڪاوٽ.
    ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نٿي،
    زندگيءَ جي آرزو ۾، جستجو ٿڪجي نٿي،
    ساٿيو! سندرا ٻڌو هلندا هلو، ڊُڪندا هلو،
    پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نٿي.
    عيسيٰ! پراميد آهيون ته اسان جي محنت رنگ لائيندي ۽ اسان پنهنجي منزل مقصود تي ضرور پهچنداسين، ان سڄي سفر ۾ دوست هڪ وڏي وٿ هوندا آهن، هڪ سهارو هوندا آهن. مون کي فخر آهي توهان جهڙن دوستن تي جيڪي سالن کان پوءِ خط لکن ٿا. توهان کي ته خبر آهي مان مذاق تمام گهڻي ڪندو آهيان.
    اڄڪلهه مان ڏسان پيو ته اسان جي ٽيم جنهن ۾ گهڻيون اميدون رکي سگهجن پيون، اُها غير منظم ٿيندي پئي وڃي. Combined Class جيڪو توهان شروع ڪيو هيو توهان کي خبر نه آهي ان جي Dsitrub ٿيڻ سان توهان کي ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو. مان مجموعي طور تي ڳالهايان ٿو ته توهان سڀئي (يعني پوري ٽيم) ايندڙ چئن مهينن يا سال کان اڳتي ڪجهه ڏسي ڪو نه ٿا سگهو. توهان کي اها خبر ناهي ته توهان جو مقصد ڇاهي، ڪرڻو ڇاهي ۽ ڪهڙيون شيون آهن جيڪي توهان کي هڪ کان وڌيڪ Fields ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون، ڪهڙيون شيون آهن جيڪي توهان کي ان قابل بڻائينديون ته مستقبل ۾ ملندڙ Chances مان فائدو حاصل ڪري سگهجي، ڪهڙيون خوبيون يا ضروري شيون آهن جيڪي توهان کي هن معاشري ۾ هڪ منفرد مقام ڏئي سگهن ٿيون ۽ وڏي ڳالهه اها ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا توهان کي Self Satisfication, Peace of mind ڏيندي. مان سمجهان ٿو ته ان ٽيم کي وري منظم ٿيڻ گهرجي، شخصي ليول تي ۽ اجتمائي ليول تي يعني هڪ ٽيم جي حيثيت سان. شخصي ليول تي يعني توهان هڪ شخص جي حيثيت سان پنهنجو پاڻ ۾ منظم هجو! پنهنجي ئي اندر ڇڙوڇڙ نه هجو، ان سان توهان پاڻ مان مطمئن نه هوندو. توهان ۾ اعتماد نه هوندو ۽ نتيجي ۾ توهان ڪجهه ڪري نه سگهندئو. خاص ڪري جبران سولنگي ۽ منير سومرو. مون کي خبر آهي ته گهڻيون صلاحون ڪنهن کي به وڻنديون ڪو نه آهن. هن دفعي مان ايندس ته ڪي سٺيون فلمون به گڏجي ڏسنداسين.
    اوهان جو
    انور خاصخيلي


    نويد ناز ڀٽي (ٻه خط)

    (62)
    لاڙڪاڻو
    27-02-1998
    پرين عيسيٰ ميمڻ
    السلام عليڪم.
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ تنهنجي رابطي ۾ اچي رهيو آهيان ان لاءِ معذرت! تنهنجو خط ڪافي وقت اڳ موصول ٿيو هيو، جنهن ۾ هڪ سيمينار جو ڪارڊ به شامل هيو، تنهن سيمينار کي به گذري ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن، سيمينار ۾ شامل نه ٿيڻ جي وجهه مصروفيت ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب مان تنهنجي منعقد ڪيل پروگرام ۽ توسان ملڻ کان رهجي ويس ان لاءِ به معذرت اميد ته خوشيءَ سان قبول ڪندين! جيئن ته منهنجي مصروفيت کي مون کي اڳتي وڌڻ کان منجهائي رهي آهي اگر اها مصروفيت نه هجي ها ته منهنجو نانءٌ اڄ سعيد ميمڻ جي نالي سان گڏ کنيو وڃي ها ڇو ته مون کي ان مصروفيت (جنهن کي منهنجي ائڊريس به ڪو نه هئي) اچي ڳولي لڌو آهي. جيئن مون کي ننڍي لاڪون در در ڳولهيو هيو جيڪو هاڻي منهنجو بهترين دوست پڻ آهي ۽ ان درد جي هوندي مان ٿورو ڪجهه سڪون ۾ رهندو آهيان. تون خط لکڻ ۾ ڪنجوسائپ کان ڪم نه وٺندو ڪر. جي ٿي سگهي ته مون کي خط ذريعي حوصلو ڏيندو ڪر پوءِ مون ۾ حوصلي جي وڏي قلت آهي اميد ته خط تفصيل سان لکندس ۽ خط ۾ حوصلو اماڻيندس.
    منهنجي خط لکڻ جو ڪو خاص مقصد ڪو نه هيو سوچيم ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن عيسيٰ ميمڻ ڏي خط لکي سو خط ذريعي اڌ ملاقات ڪري رهيو آهيان. اميد ته خوش ٿيندين! منهنجي وري ائڊريس تبديل ٿي وئي آهي سونئين ائڊريس ڊائري تي لکي ڇڏ اگر ملڻ اچين ته به انهيءَ ائڊريس تي توکي آرام سان ملي ويندس، اگر ملڻ اچين ته اسان جا ڀاڳ. منهنجي طبيعت به اڪثر خراب ٿي رهي ان لاءِ دعا ڪجان ته جلد صحتياب ٿي وڃان. وڌيڪ پاڻ اچي ملين يا خط لکين ته جلد لکجان، انتظار رهندو.

    تنهنجو احسان مند
    نويد ناز ڀٽي

    ______________________________________________________________________________________________________

    (63)
    لاڙڪاڻو
    18-04-1998

    محترم ڀاءٌ ۽ ساهه ۾ ٽاڪيل
    عيسيٰ ميمڻ!

    ڪجهه وقت اڳ اوهان کي منهنجي لاءِ دڪان تي اوسيئڙو ڪرڻو پيو ان لاءِ معذرت توهان جي وئي کان پوءِ چند منٽن کان بعد مون اچي دڪان تي ڦهڪو ڪيو ته خبر پئي ته اوهان آيا هيئو. توهان جي مختصر لکيل چِٺي ملي ته دل کي ڪجهه سڪون مليو ته ملاقات رائگان نه وئي منهنجي چوڻ جو مقصد ته اڌ ملاقات ته ٿي نه. بهرحال خير......!!!
    مان سوچڻ جي صلاحيت کي وڃائي ويٺو آهيان مطلب ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ئي ڪا نه ٿي، خط به تڙ تڪڙ ۾ لکي رهيو آهيان ڪجهه ڪچايون رهجي وڃن ته دل جي گهراين سان معاف ڪندا يا پاڻ ته ٿياسين فقير منش ماڻهو....!!!
    ”جاڳو ٻارڙا“ جي صفحي تاريخ 16-04-1998 تي پنهنجو ڇپيل گيت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس ته منهنجي ڪيل محنت رائيگان نه وئي ۽ سٺي موٽ ملي. يار دل چوي ٿي ته تنهنجي ان ڪيل ڳالهه تي غور ڪيان جيڪا تو پهرين خط ۾ ڪئي هئي مطلب ته انٽرويو واري ڳالهه، توکي ته ياد هوندي. پو دير ڇا جي؟ اڄ ئي خط ذريعي سوال موڪل ته انهن جا جواب ڏئي توکي لاجواب ڪري ڇڏيان اگر تون ان ۾ منهنجو مفاد ٿو سمجهين ته غلط آهي مان پنهنجو فرض سمجهي توکي انٽرويو ڏيان پيو، هونئن مون کي ڪنهن انٽرويو جي ضرورت ناهي پر پنهنجي محنت جو صلو ته مون کي ضرور ملڻ گهرجي جي سو پرين! هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهي وڌيڪ مان ڇا چوان....!!!
    ٻيو حال ڏي ٺيڪ ته آهين نه... ا مون وانگي موت جهڙو مايوس آهين اگر آهين ته خدا خير ڪندو بس رڳو حوصلي مان ڪم وٺندو ڪر. شايد تو ۾ مون کان وڌيڪ حوصلي جي طاقت آهي. آهي نه.....!!!

    تنهنجي حوصلي جو منتظر
    نويد ناز ڀٽي


    ستار ملڪ (هڪ خط)

    (64)
    ميهڙ
    18-01-1999
    محترم ساٿي عيسيٰ ميمڻ صاحب!
    سدائين خوش هجو.
    جيئن ته سدائين نيڪ جذبي سان سرشار ٿي هر موڙ تي ڪامياب منزل ڏانهن روان دوان هوندا، توهان جو خير گهرندڙ هميشه خيريت سان آهي ۽ توهان لاءِ پڻ هر وقت دعاگو رهندو ته شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسو ۽ ڏکي ڏينهن ۾ ثابت قدميءَ سان مڙس ماڻهو ٿي ان جو مقابلو ڪيو. توهان جو پيار ڀريو، شڪايت ڀريو، نصيحت ڀريو خط پياري دوست وٽان مليو آهي پڙهيو، ڏاڍي خوشي ٿي، مون کي حد درجي کان وڌيڪ افسوس آهي جو توهان جهڙن سڄاڻ دوستن جي علمي، دوستي کان ڪٽيل آهيان، ان ۾ منهنجون ڪوتاهيون ۽ سستيون شامل آهن توهان جي تنقيد جي آءٌ آجيان ڪندي هي خط لکي رهيو آهيان.
    محترم عيسيٰ! آءٌ، شفيق ڪانڌڙو ۽ ٻيا دوست هئا ڪجهه ٽائيم اڳ موهن جي دڙي وڃي رهيا هئاسين گاڏي روڪي توهان وٽ آيو هئس پر توهان نه هئا توهان جو برادر مليو هو. مون توهان لاءِ سلام به ڇڏيا هئا، اهي شايد توهان تي ڪو نه مليا هوندا. ان کان پوءِ وري اچڻ ڪو نه ٿيو آهي، ڪڏهن روبرو توهان وٽ اچبو، ڪچهريون به ڪبيون. دراصل الائي ڇو اڄڪلهه ڪافي ڊسٽرب لڳو پيو آهيان، تنظيمي ۽ ذاتي ڪمن ڪري توهان جهڙن محبوب دوستن کان الائي ڇو ڪٽيل آهيان، ائين متان سمجهو ته توهان ياد نه هوندا آهيو، ائين ڇا ڀلا ٿي به سگهي ٿو ڇا؟ ادبي دنيا ۾ هڪ سوڀ تي انعام ڏيندڙ جج کي ڀلا وساري به سگهجي ٿو ڇا؟ مون کي توهان جو ۽ انعام جو انتظار رهندو آهي پر شايد توهان کي وسري ويو آهي خير ايڏي جلدي به ناهي توهان خط ۾ انعام متعلق لکيو آهي ته مون کي پسند آهي؟ انعام جي ڪا به قيمت نه هوندي آهي اها ڪروڙ روپين جو به هوندو آهي ته هڪ روپيو به. ان لاءِ توهان منهنجي پسند جو ڏاڍو انتظار ڪيو آهي. حقيقت ۾ نئون سال آءٌ هڪ شيءِ لاءِ پريشان ٿيس! اها يقينن نئين سال جي ڊائري ئي هوندي ۽ اها ڊائري جنهن ۾ آءٌ پنهنجي سڄي 99 سال جي گهاريل هڪ هڪ پل قيد ڪندس، اها مون لاءِ اهميت رکي ٿي پر اها ڊائري وري جي انعام طور ملي ان جي اهميت ڏهوڻ ٿي وڃي ٿي. پر پوءِ به آءٌ توهان طرفان موڪليل هر شيءَ قبول ڪرڻ تيار آهيان.
    خير ٻيو حال احوال ڪجي. آءٌ اڄڪلهه لکان گهٽ ۽ پڙهان وڌيڪ ٿو. تازو. ”نوجوانن جو گيت“ ليکڪ يانگ مون، ”ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون“، ليکڪ: شيخ اياز، ”ڏونگر منجهه ڏيئو“، ليکڪ: بورس پولياڻي ”پليجي جا قول“، قول رسول بخش پليجو، سهيڙيندڙ: اياز خاصخيلي. ”دنيا جون عظيم انقلابي عورتون“، ليکڪ: تاج جويو، ان کان علاوه ”صبح ٿيندو رسالو، ”سالار” رسالو ۽ ٻيو ڪجهه پڙهيو آهي. ويجهڙ ۾ ڪجهه جاڳو اخبار ۾ ڪالم لڳا آهن جيڪي شايد توهان جي نظر مان به گذريا هجن. ٻيو خير. سجاڳ ٻار تحريڪ جو ڪم شاندار نموني ڪيان پيو تنظيم طرفان مون کي SBT جو ضلع دادو جو صدر چونڊيو ويو آهي، جيڪا پڻ مون لاءِ باعث فخر ڳالهه آهي. هاڻي خط جي جواب ۾ توهان پڻ پنهنجي مصروفيتن جو ذڪر ضرور ڪجو. ڪهڙو ڪتاب پيا پڙهو، ڪهڙا تازو پڙهيا اَٿو، آءٌ ڪوشش ڪندس ته توهان سان ملاقات ڪيان پر ٽائيم نه هجڻ ڪري چئي نه ٿو سگهجي. ها البته آءٌ 17 جنوري تي نصيرآباد اچي رهيو آهيان شهيد عوام فاضل راهو صاحب جي ورسي آهي. عوامي تحريڪ جا دوست ملهائي رهيا آهن. ان ۾ جي توهان به شريڪ ٿيو ته پوءِ وڌيڪ بهتر. پر لڳي ٿو ته 17 جنوري تائين توهان کي هي خط ئي نه ملي سگهي. وڌيڪ اهڙو ڪو احوال ڪونهي، ڪنهن ٻئي ڀيري حال احوال خط ذريعي يا روبرو ڪنداسين.
    فقط
    ستار ملڪ


    منير ايس سومرو (هڪ خط)

    (65)
    ڏوڪري
    17-10-2004
    برادر عيسيٰ ميمڻ!
    اميد اٿم ته خيريت سان هوندا.
    توهان جي اڳرائي تي يقين ڪرين ته ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مَيار به. پر خير آهي اها ميار هن اڳرائي خط لکڻ ۾ ايڊ ٿي وئي. توهان خط لکيو اها ئي وڏي ڳالهه آهي مون لاءِ....!!! يار يقين ڪرين ته مون کي ياد ئي ڪو نه هو ته توهان ڏي خط لکڻو آهي مون توهان کي چيو هيو ته پهريائين عيسيٰ تون خط لکجانءِ پوءِ مان لکندس پر دل ۾ اهو ئي سوچيو هيم ته اڳرائي مان ڪندس پر ٿيو انهيءَ جي ابتڙ آهي اهو انهيءَ ڪري جو اڄڪلهه آءٌ ڪجهه پريشان آهيان ڇو ته امڙ جي طبيعت ٺيڪ ڪو نه آهي انهيءَ وٺ سٺ جي جهان ۾ لڳو پيو هيس. اوچتو شاهه جهان قاضي مان طفيل سوهو وٽ آياسين انهيءَ تنهنجو خط ڏنو پڙهيم ۽ انهيءَ کان پوءِ سوچيم ته يار! جڏهن مان ننڍو هوندو هيس ته وڏي ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هوندو ته آءٌ وڏو ٿيندس ته هي ڪندس، هو ڪندس پر جڏهن هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان يقين ڪر ته مان هاڻي ننڍپڻ لاءِ سوچيندو آهيان ته يار ننڍي هوندي مزو هيو ڪنهن به ڳالهه جي ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي پر اهو وڏو ٿيڻ ته فطري آهي. انهيءَ کان ڪير به انڪار ڪري ڪو نه ٿو سگهي ۽ تنهنجي والد صاحب سان اڄ لاڙڪاڻي مان موٽي اچي ملندس ۽ حال احوال وٺي ٻي خط ۾ ذڪر ڪندس يا وري تو سان ميراڻيءَ ارشد واري نمبر تي ڳالهائيندس. يار منهنجي لکت ڪجهه مٽجي وئي آهي دستاويز لکي لکي مان پنهنجا اصل لکت ڀلجي ويو آهيان. انهيءَ جو مثال توکي خط مان ملندو ته ڪٿي ڪيئن اکر لکيا آهن ۽ ڪٿي وري ڪيئن.
    دوست تو لکيو آهي ته ”پنهنجي دوستي جي نالي کي لڄي ٿيڻ نه ڏنو آهي“ سچي پچي ته آءٌ به انهيءَ سوچ جو قائل آهيان پر اڪثر ڪري مون کي ڪجهه دوستن کان ڪجهه شڪايتون آهن پر مون اڄ تائين انهن کي محسوس ڪرڻ ڪو نه ڏنو آهي نه ئي وري ڪنهن ڪڏهن ذڪر ڪيو آهي پر پنهنجي منهن (خيال) سوچيندو آهيان ته يار ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه دوست کي ڏئي ٿو ڇڏي پر انهيءَ کي وري به غلط سمجهيو ٿو وڃي. جيئن تون پنهنجي پيءٌ جي ڳالهه ٻڌائي هئي ته بابا هڪ دفعي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هيو ته ڪو ڳوٺاڻو ان جو ڏاند گاڏي مٿان ويٺو هو ته تو واري پيءٌ پڇيس ته وڏا ڏي خبر اڄوڪي دور ۾ چڱائي ڪنهن سان ڪجي ته انهيءَ ڇا چيو هو ۽ جڏهن تون واري پيءٌ انهيءَ کي چيو ته چڱائي چڱي ناهي پوءِ به ڪيانءِ ٿو اَنُ وهئي ٿو ۽ انهيءَ ماڻهو جو ري ايڪشن ڇا هيو ته اهائي ڳالهه آهي ته چڱائي چڱي ناهي پر پنهنجي طبيعت جو اهڙي آهي ته ٻي کي ڇا چئجي. لڳي ٿو خط گهڻو لکي ويو آهيان ٻي دفعي تون لکڻ ۾ ٿورو ڪنجوس گهٽ ٿجانءِ. انهيءَ اميد سان موڪليان ٿو ته پنهنجي دوستي ڪڏهن ڪو نه ٿڪبي.

    خدا حافظ
    منير ”ايس“ سومرو


    ڪامران سومرو (هڪ خط)

    (66)
    ڏوڪري
    17-10-2004
    پيارا عيسيٰ!
    منهنجي نظر ۾ بهادر اهي آهن جيڪي وقت کي مات ڏين ٿا. مان سمجهان ٿو انهن بهادرن مان توهان به هڪ آهيو جيڪي پنهنجي محنت سان منزلون طئي ڪري ٻين اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اڄ جو غريب، غريب ناهي پر علم وارو اميرن کان به وڌيڪ شاهوڪار آهي. جيڪي پنهنجا خواب جوڙين ٿا سي ساڀيان ڪرڻ به ڄاڻندا آهن. انهيءَ جي ذهن جي دنيا ۾ پنهنجو جوڙيل خواب ستاري وانگر چمڪندو رهندو آهي. اسان اميد ڪيون ٿا ته جنهن مقصد لاءِ اوهان نڪتا آهيو اهو خواب اسان جي نگاهن ۾ حقيقت جو روپ اختيار ڪندو آهي، اوهان جي وڃڻ کان پوءِ الاءِ ڇو اسان کي اڪيلائي وارو احساس اندر کي جهوري رهيو آهي اسان جي دعا آهي منزل مقصود ماڻيو، خطن جو سلسلو جاري هجي جيئن توهان ۽ اسان کي خبر پئجي سگهي. راشد قاضي، طفيل سوهو، امام بخش، عباس خاصخيليءَ جا سلام.

    اوهان جو پنهنجو
    ڪامران سومرو


    امام بخش ٻُٽُ (هڪ خط)

    (67)
    ڏوڪري
    16-10-2004
    پيارا پيغمبر!
    جيئي سنڌ، جيئي لطيف
    انسان پنهنجي جدوجهد جي شروعات ته هن دنيا ۾ اچڻ سان ئي ڪندو آهي. باقي منزل جو تعين ڪرڻ ۽ ان جي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي مختلف مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن. پر پوءِ به الائي ڇو ڪجهه ماڻهو منزل ويجهو هوندي به پنهنجو سفر اڌ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڏوهه وري وقت ۽ حالتن تي ڇڏيندا آهن. تنهنجو خط مون کي طفيل معرفت مليو هيو. تنهنجو ڪنهن منزل طرف قدم وڌائڻ واري ادا اسان سڀني دوستن کي پسند آهي ۽ دوستن ۾ هڪ قسم جو اتساهه پئدا ٿيو آهي. ڪنهن به اداري ۾ ڪم سان لڳين ته خط لکي آگاهه ڪجان يا جيڪڏهن N.G.Os سان گڏ ڪم ڪرين ته ان بابت به معلومات ڏجانءِ.
    علي بخش توکان تمام گهڻو ناراض ٿي ويو آهي ڇو ته تون ان سان گڏ وڃڻ جو پروگرام ڪري ان کان اڳ ئي هليو وئين ان سان رابطو ڪري کيس پرچائجان. ڪامريڊ حاڪم مڱريو ۽ ڪامريڊ قاضي امداد کي سلام چئجان ۽ ارشد ميراڻيءَ کان مون پاران هڪ مٺي وٺي ان کي به سلام چئجان. مٿي مون تنهنجي لاءِ لفظ پيغمبر استعمال ڪيو. ڇو ته الله تعاليٰ طرفان جيڪي پيغمبر موڪليا ويا. انهن خاص يا محدود قسم جي نظريي جي پرچار ڪئي. پر تون انسانيت، پيار ۽ امن جو پيغمبر آهين. وڌيڪ احوال ٻئي دفعي.
    تنهنجو پنهنجو
    امام بخش ٻُٽُ


    طفيل سوهو (هڪ خط)

    (68)
    ڏوڪري
    17-10-2004
    استاد عيسيٰ ميمڻ!
    ڪهڙا حال ٿئي ڪٿي آهين، ڪيئن آهين ۽ ڪنهن جي لاءِ آهين وغيره وغيره جهڙا کوڙ سارا سوال ذهن ۾ هوندا آهن، جڏهن ڪنهن سان روبرو ملاقات ٿيندي آهي، يا خط ذريعي يا وري فون تي، پر اسان کي سڄي خبر آهي تنهنجي باري ۾، اهي سوال جيڪڏهن توکان پڇبا ته وري به جواب اهو ملندو جيڪو اڳ ئي اسان جي ذهن ۾ هوندو، يعني ايترو ته هڪ ٻئي سان Related آهيون جو سموري ڄاڻ رکون ٿا، هڪ سوال ذهن تي جيڪو پيو ڦرندو آهي اهو آئي پيارا ”زندگي ملي ٿئي يا جستجو هلي ٿي“.
    ساڳيو ئي هڪڙو سوال توکان ته اي هن دور جا حضرت عيسيٰ زندگي ملئي يا آسرا. دلاسا، جنهن جي بنياد تي وقت ۽ زندگي پيا ٿا هلن. پنهنجي زندگي اهائي ساڳي آهي. اڳ وارو طريقو. ڪا به Changing ڪنهن به قسم جو نئون ماحول نه آهي. 2001 ۽ 2002 ۾ به عرفان موريي کي جيڪي خط لکيم اهي سڀ تقريبن ساڳيا يعني اُن وقت به منهنجي زندگي ساڳي ۽ اڄ به ساڳي، يعني دوڪان، بزنس، گهر ۽ وري دوڪان........
    تو ٻڌاءِ وقت ڪيئن ٿو گذري، استاد هڪ ڳالهه ڪليئر ته تون سنڌ جي ان خطي ۾ رهين ٿو جنهن کي شاعر جنت السنڌ يا جنت جو حصو چوندا آهن، روز هوائون، نيچرلي حسن، ڪائنات جا سمورا رنگ جتي تون هن وقت يقينن رڱجي به ويو هوندين، ها البته جڏهن به تنها ٿيو هوندين، يا اڪيلو روم ۾ رهيو هوندين، تڏهن توکي ڏوڪري ضروري ياد آئي هوندي. چوندا آهن ته وڇوڙو به ملاقات جي هڪ علامتي آهي، سو ڪيئن مون کي سمجهاءِ ته سهِي ۽ ٻيو ته وڇوڙو انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آهي. ته تون ڇا سکيو آهين، شاعري ڪئي هوندي، ظاهر آهي تو جهڙو ماڻهو پٿرن جي شهر ۾ رهي ته شاعري ته ضرور ڪندو. ڏوڪري جا دوست توکي ڪيترو ٿا ياد ڪن، ان جو اندازو توکي ٿي ويو هوندو، هڪ دوست پيو چوي ته ارشد ميراڻي جڏهن کان موبائل فون ورتي آهي ڏوڪري مان سندس گهر وارن کان سواءِ ڪنهن به فون نه ڪئي هوندس ۽ هاڻي جڏهن کان عيسيٰ رهيل اٿس ان ڏي رڳو ڏوڪري مان ٿي فون وڃي، ويچارو تنگ ٿي پيو هوندو، جڏهن به رنگ وڄي ٿي ته عيسيٰ لاءِ فون........
    ارشد جا ڪهڙا حال آهن، پڙهائي ڪيئن سٺي ٿي هليس نه، ارشد کي منهنجي طرفان کوڙ ساري محبت ڏجانءِ.... هڪ انمول ماڻهو لاءِ انمول محبت منهنجي طرفان. ڏوڪري واري سموري سنگت جي حاضري منهنجي طرفان پر تون انهن ۾ غير حاضر هوندو آهين، ان شيءَ کي هو خود به محسوس ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته يتيم ٿي وياسين، آزاد جروار ۽ اقرار پيرزادو تي الزام آهي ته انهن جي ملي ڀڳت سان تو ڏوڪري ڇڏي آهي. ها ها ها ها ”هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مون کي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي“، اهو غزل جڏهن به هلي ٿو ته دوست توکي ٿا ياد ڪن، پر مان پنهنجي مرشد کي ياد ڪندو آهيان.
    ادل سولنگي سان ملاقات نه بلڪه ملڻ ٿئي ٿو، ادب ڪندو آهيانس ۽ چانهه پاڻي جي صلاح پڻ، ان لاءِ ته ڪٿي ائين نه سمجهي ته عيسيٰ ناهي ته سڃاڻين ئي نه ٿا.
    استاد روزا به نه رکندو هوندين ۽ يونيورسٽي يا ٻاهرکائڻ پيئڻ لاءِ به سهولت نه هوندي ته توکي تڪليف ته ضرور ٿيندي هوندي. ان لاءِ بهتر آهي ته روزا رک، خدا لاءِ نه سهي ڪنهن ٻئي لاءِ، متان فائدو ملئي. مان روزا اڃان شروع نه ڪيا آهن اهو ان لاءِ مون کي ماحول ملي ٿو کائڻ پيئڻ جو. سيف ڪوري سان ملاقات ٿيندي آهي، ان کي حال احوال ڏئي ڇڏيا اٿم. مطلب ته رابطي ۾ رهي ٿو، چيو هيو مانس ته ڪنهن به قسم جي ضرورت پوئي ته هليو اچجانءِ... وڌيڪ خير....
    هينئر مان هنن آخري سٽن تي لکڻ لاءِ هڪ شعر ڳولي رهيو هوس ته مٿان ادل سولنگي، مجيد زهرائي ۽ غفور زهراڻي آيا، ادل کي تو وارو خط ڏنم، جنهن پڙهڻ کان اڳ اکين تي رکيو ۽ پڙهي پوءِ وري اکين تي رکي چمي ڏنئيس، مان حيرت ۾ اچي ويو آهيان ته اهڙو ڇا لکيل هيو ان خط ۾، مان ڪو نه پڙهيو هيم پر سوچيا پيو ته اهڙو ڇا لکيو اٿئي. ادل جو هڪ غزل هن طرفان هن ليٽر ۾ اٿئي.
    تنهنجو
    طفيل سوهو


    عبدالوحيد جوڻيجو (هڪ خط)

    (69)
    سينٽرل جيل لاڙڪاڻو
    06-03-2002
    اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
    سندي سِڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. (شاهه)
    پيارا ڀاءٌ عيسيٰ!
    السلام عليڪم!
    اميد ۽ دل جي دعا خوشين سان گڏ گڏ هلندو هوندين ۽ پنهنجي ۽ ديس جي شمع کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عيسيٰ اوهان جو ڪارڊ مليو ۽ پيار ڀريو خط به ڪتابن سميت مليو. تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ تي نهايت شڪر گذار آهيان. هي مختصر ۽ سادن اکرن وارو احوال تو ڏانهن ان ساڳي قيدين واري هال تان لکي رهيو آهيان. جيئن ته اڄ اسان جي حاضري هئي ان ڪري بابا سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ اتان اوهان جا ۽ ٻين ساٿين جا خلوص ڀريا سلام انهن تائين پهچايم.
    ڪتابن ملڻ تي دل تمام خوش ٿي. انهن جي اسان قيدين کي واندي ويهڻ ڪري تمام ضرورت محسوس پئي ٿي. پر ياد رهي ته گرم جيل جي قانون سبب عام ڊائجسٽ ۽ رسالا، اخبارون وغيره سواءِ اسلامي ڪتابن کان کڻي وڃڻ نه پيا ڇڏين. پهريائين ته خط و ڪتابن جو ڪو سلسلو نه هو پر ناظم اعليٰ جناب خورشيد جوڻيجو عيد تي قيدين سان ملڻ بعد جاري ڪيو ويو. بهرحال اڃان صرف پين پنو ۽ خط وغيره لاءِ اجازت آهي. ڪتاب تنوير الاسلام جو هتي مختصر جائزو ورتم سٺو لڳو باقي ٻيو ڪتاب مجبوريءَ ڪري اجازت نه هئڻ ڪري واپس موڪلي رهيو آهيان. باقي جيترو ٿي سگهي ته اسلامي ڪتاب موڪليندو رهجانءِ ۽ موڪلڻ جو طريقو هي ته صرف اسان جي حاضري جي پڇا ڪري اسان جي ڪراڙي جي حوالي ڪري ڇڏجانءِ جيڪي باسلامت اسان تائين پهچندا. باقي ٽپال وغيره جي سلسلو صحيح نه آهي ۽ خط وغيره به ان ئي طريقي تي لکي سگهجي ٿو. اديب عيسيٰ ميمڻ اسان قيدين جو حال ته توکي معلوم آهي ته جيل جو ماحول ڪيئن آهي؟ الله تعاليٰ جي ذات تي ڀروسو آهي ته سٺي نموني نڀائي وينداسين ۽ صرف اسان کي اوهان پيارن جي دعائن ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي جيڪي اميد آهي ته جاري رکندا. تنهنجي مسئلن جي خبر پئي ته خوشي به ٿي ۽ ڏک به ٿيو. خوشي ان ڪري ته توهان جي جدوجهد نيٺ رنگ لائيندي ۽ ڏک ان ڪري جو اڪيلو هن مسئلي کي منهن پيو ڏئين. تنهنجي ته مون کي خبر آهي ته الله کانسواءِ ڪو به نه آهي. همٿ ڪجانءِ نڀائجي ويندي. هٿڪڙي هٿن ۾ هئڻ ڪري وقت جي ڪمي جي ڪري اکر سهي نه پيا بيهن. ان ڪري پڙهڻ ۾ توکي تڪليف ٿيندي هوندي. جيڪا برداشت ڪرڻي پوندئي. امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي دلي مبارڪون قبول ڪجانءِ ۽ اميد ته اڳلي امتحان لاءِ ڪوشش جاري رکندين. باقي في الحال اسان جي پڙهائي جو ڪو به بندوبست نه ٿي سگهيو آهي. اميد آهي ناظم صاحب جي ڪوشش سان اهو به جاري ٿيندو. جنهن کان اوهان کي آگاهه ڪنداسين ۽ آخر ۾ هي نماڻو عرض ته جيڪڏهن ٿي سگهئي ته قرآن پاڪ جو تفسير موڪليندا. ڀائو اهڙي ڏکئي وقت ۾ تنهنجي همٿائڻ جو نهايت شڪر گذار آهيان ۽ يقين به ٿيو ته دوست وفا جا پيڪر هوندا آهن. اسان جون خلوص ڀريون دعائون توهان جي محنت ۽ مستقبل لاءِ. ساٿين کي سڪ ڀريا سلام چئجانءِ. اقبال ۽ بابا جي طرف کان به محبت ڀري موٽ قبول ڪجانءِ.
    تنهنجو پنهنجو
    عبدالوحيد جوڻيجو


    ڪاشف سنڌي (هڪ خط)

    (70)
    لاڙڪاڻو
    09.07.2016
    پيارا عيسيٰ ميمڻ
    جيئي سنڌ، جيئي لطيف
    سڀ کان پهريان ته توهان کي سالگره جون لک واڌايون اميد ته قبول ڪندا ۽ کوڙ ساريون خوشيون ۽ نيڪ تمنائون توهان سان گڏ
    -. مان ڄاڻان ٿو ته توهان زندگيءَ جو وڏو حصو اڪيلي تنها ٿر ۾ پهتل ڪنهن اجنبي جيان زندگيءَ جي تتل واريءَ تي پنڌ ڪيو آ ۽ ڪانڊيرن سان وڙهندي پنهنجو دامن صاف، اڇو اجرو، کير جهڙو سفيد رکيو آ ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ توهان جو ڪو به مخالف توهان مٿان غلط اخلاق ڪردار ۽ عمل جو الزام نٿو هڻي سگهي. مان توهان سان ان وقت گڏ نه هيم جنهن وقت توهان ڏوڪري ۾ سگريٽن جي مانڊي هلائيندا هئا پر اهو درد محسوس ڪري سگهان ٿو ته توهان اهو وقت ڪيئن ڪاٽيو هوندو جنهن ۾ هڪ موالي يا لوفر قسم جو ماڻهو به توهان کي اڙي ڪري مخاطب ٿيندو هيو، مان ان وقت به توهان سان گڏ نه هيم جڏهن توهان بس اسٽان تي بيٺل گاڏين کي چند رپين لاء ''ته جيئن پڙهائي جاري رکي سگهجي'' پوچو هڻندا هئا ۽ لوفر وڏيرن جا ٻار بنا پئسو ڏيڻ جي گاڏي ڪاهيندا ڌڌڙ اُڏائيندا ويندا هئا ۽ ان ڌڌڙ ۾ توهان جا ڪيترائي خواب دفن ٿيا هوندا. توهان جي شاديءَ دوران پريشانيون، جيل جا ڏينهن، هڪ پڙهيل انسان کي نشائي ڀاءٌ جا سور، گهر جون ذميواريون يا بيروزگاريءَ وارو وقت ڪيئن گذريو هوندو انهن سمورن معاملن جي بهتر پروڙ ۽ سمجهه آهي مون کي احساس آهي ته اسان جي هن سماج ۾ خاص ڪري هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي زندگي ڪيئن ٿيندي آهي. مون کي ياد آهي جڏهن مان توهان سان گڏ ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻي جي ليڪچر پروگرام تي نصيرآباد هلي رهيو هيم توهان خاموش شيشي کان ٻاهر ڏسي رهيا هئا ۽ اچانڪ هڪ قبرستان تي نظر پوندي ئي توهان مونکي چيو ''ڪاشف قبرستان ڏس''، مونکي ڪجهه خاص نظر نه آيو توهان وري چيو ''قبرستان کي مڪمل ۽ غور سان ڏس''، ڳوٺ جي لاڙي سبب گاڏي آهستي هلي رهي هئي مونکي تڏهن به سمجهه ۾ نه آيو ته آخر هن قبرستان ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ ۽ توهان هڪ ٻيو سوال ڪيو ته ڇا تون ڪڏهن طبقاتي قبرستان ڏٺو آهي؟ پوء مونکي قبرستان جو نقشو ذهن تي تري آيو جتي هڪ طرف پڪيون قبرون ٿوريون وٿئ سان ٺهيل هيون ۽ ٻئي پاسي ڪچيون قبرون ڳتيل هيون، مان اڃان جواب ئي نه ڏنو ته توهان ٻڌايو ''منهنجي ڳوٺ ۾ ٻه قبرستان آهن هڪ اميرن لاء ۽ ٻيو غريبن لاء منهنجو پيءٌ ڳوٺ جي ٻاهران ٺاهيل غريب قبرستان ۾ دفن آهي'' اُن ڏينهن مونکي ايترو تعجب ٿيو ۽ سمورو ڏينهن ته ڇا پر ڪافي مهينا مان صرف ايترو سوچيندو هيس ته قبرستان به طبقاتي ٿيندا آهن ڇا؟ ۽ خبر ناهي ڇو ڀورو ڀيل منهنجي سامهون اچي ويندو هو ۽ چوندو هئو ته ''ها قبرستان طبقاتي، هندو مسلم، شيعا سني، ڪوري ميمڻ، عباسي ڪلهوڙا به ٿيندا آهن تون قبرستان جي ڳالهه پيو ڪرين هاڻي ته خدا ۾ به ورهاست پئي ٿئي عيسائين جو خدا، ٻڌن جو خدا، يهودين جو خدا، هندن ۽ مسلمانن جو خدا. عبدالواحد آريسر چيو آهي ته منهنجو ٽي دفعا جنم ٿيو آهي هڪ جڏهن ماءٌ کي ڄايس ٻيو جڏهن پهريون دفعو اسڪول ۾ ويٺس ۽ ٽيون جڏهن پهريون دفعو سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿي. اڄ مان چوان ٿو ته منهنجو به ٽي دفعا جنم ٿيو آهي پهريون جڏهن آءٌ پنهنجي اُستاد مرحوم نواب الدين کهڙو وٽ سليٽ ۽ پٽئ تي پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان الف جو اکر لکيو هيم، ٻيو جڏهن پهريون دفعو منهنجي اُستاد سيد ساجد شاه امر جليل جو ڪتاب دل جي دنيا تحفي طور ڏنو جتان منهنجي پڙهڻ جي شروعات ٿي ۽ ٽيون جنم تڏهن ٿيو جڏهن توهان منهنجي چيچ ۾ هٿ وجهي سائين جي ايم سيد جي هن قومي قافلي ۾ گڏ وٺي هليا. مونکي اهو جي ايم سيد سمجهه ۾ اچي ويو جيڪو سنڌي قوم جو رهبر آ، سنڌ جي غلامئ مان نجات جو واحد رستو آَ، هڪ اُميد، هڪ آسرو، هڪ لاٽ ۽ هڪ جاڳ آهي. سيد ۽ سنڌ ٻئي پيا صدين کان جاڳن، ستا ئي ناهن انڌيرن جي اک ۾. قومي ڪارڪن ڇا ٿيندو آ؟ نظرياتي گفتگو، سماجي سڃاڻ، ادبي سگهه زندگيءَ جا قاعدا قانون ڇا ٿيندا آهن؟ دوستي دشمني، پنهنجائپ، ڏک سک جو احساس سڀ ڪجهه مونکي توهان کان مليو آ، سائين جي ايم سيد جا ڪتاب ته موجود هئا پر اهي پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ وارا توهان آهيو، زندگي، سماج، ۽ قومي تحريڪ ۾ ماٺار، انتشار ۽ خوف واري ماحول ۾ توهان جي اٽل رهڻ تي مونکي رابندر ناٿ ٽئگور جا اهي لفظ ٿا ياد پون ''لهندڙ سج وڏي واڪ پڇيو ته مونکان پوء هن ڌرتئ کي روشن ڪير ڪندو؟ ته هڪ غريب جي جهوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي چيو ته آءٌ ڪوشش ڪندس ته سوجهرو ڪريان'' شايد توهان سج نه ئي صحيح پر ٽئگور جي انهن لفظن ۾ ڏيئو ضرور بڻجو ٿا جيڪي پنهنجي وس آهر بيٺل سماج ۾ منصور جو آواز بڻجي پيا آهيو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته حسين بن منصورحلاج، سرمد، حسين ابن علي کان صوفي شاه عنايت شهيد، مخدوم بلاول ۽ جي ايم سيد کان عيسي ميمڻ تائين جي سمورن غيرمعمولي، اعلي ڪردارن مٿان ئي تعزيرن جا تاج ڇو پيل آهن؟ ڇو هيءٌ سماج هميشه پٿر کڻي سنگسار ڪرڻ لاء گڏ ٿيندو آهي؟ آخر ڇو هر دؤر ۾ ۽ هر روز ڪنهن عيسي کي صليب تي ٽنگيو ويندو آهي؟ ۽ پوء هڪدم لطيف ياد پوندو اٿم جنهن چيو ''الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن'' ۽ مسڪراهٽ باوجود به ڳوڙها ڳڙي پوندا آهن. مون وٽ هڪ عليشا نالي ڇوڪري پڙهندي هئي منهنجي ڪلاس مان امتحان ڏئي ٻئي ڪلاس ۾ وئي ۽ ڪجهه وقت کانپوء هن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺي تمام هوشيار ۽ ذهين ڇوڪري هئي مون به هن تي پنهنجي وس آهر محنت ڪئي جڏهن ان واقعي جي خبر پئي ته ڏاڍو رنو هيس جو هُن ۾ روشن مستقبل جا خواب سمايل هئا مان سمجهان ٿو ته هڪ شاگرد جنهن کي چيچ کان وٺي هلڻ کان لکڻ پڙهڻ ڳالهائڻ سيکارجي ۽ هو وقت جي وهڪري ۾ وهي وڃي ته ان جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ يقينن جنهن کي توهان چيچ کان وٺي هلڻ سيکاريو ان جو ائين توهان کان پرتي ٿيڻ سو به هڪ غلط رستي ڏانهن وڃڻ توهان لاءِ ڪيترو تڪليف جو باعث بڻيو هوندو حقيقت ۾ هنن توهان سان نه پر تاريخ ۽ سنڌ وطن سان غداري ڪئي آهي ۽ تاريخ وڏي بيرحم ٿيندي آهي غدارن کي به نه بخشيندي آهي.


    اوهان جوپنهنجو
    ڪاشف سنڌي


    جيل جا خط (ڏهه خط)

    مان سياست ۾ 1998ع ۾ پير پاتو جڏهن اٺون ڪلاس پاس ڪري نائين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. سياست ۾ هوش کان وڌيڪ جوش جي ڪري سياست کي پنهنجو مشغلو بڻائي ڇڏيو. ان جوش سبب 22 ڊسمبر 1999ع ۾ جسقم چئرمين بشير خان قريشيءَ جي آزادي لاءِ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان مختيار عالماڻيءَ سان گڏ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺاسين. جتان پوليس گرفتار ڪري لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جتي ڪو به ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ ٻئي ڏينهن تي آزاد ڪيو ويو. ٻيو دفعو 10 جون 2001ع تي جسقم جي سڏ تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ رات جو 60 ڄڻن جي قافلي سان ڏوڪري مان نڪتاسين. رات جو 2 وڳي دادو موري پل تي اسان جي سموري بس کي گرفتار ڪري موري لاڪ اپ ۾ بند ڪري ، مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا. ٻه ڏينهن موري ۾ ٿاڻي تي لاڪ اپ ۾ رهڻ کان پوءِ نوشهري فيروز عدالت ۾ چالان ڪري سنيٽرل جيل سکر ۾ قيد ڪيو ويو. جتان 8 جولاءِ2001ع تي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. هي خط ان جيل دوران مختلف دوستن جا لکيل آهن. جيڪي رڪارڊ طور هتي ڏجن ٿا. جيل ۾ شفيق آريجو، عثمان جيسر، جانب جيسر، نسيم جيسر، سائين ڏنو جيسر، حافظ نور احمد آريجو، حسين سولنگي، عثمان جيسر، نديم باغي، مرتضيٰ جوڻيجو، هدن جيسر، ايم پي ڀان، عرس جيسر، سرور جوڻيجو سميت 60 سياسي ڪارڪن پڻ گڏ هئا. هنن خطن ۾ نه صرف ذاتي حال احوال معلوم ٿين ٿا پر سياسي ۽ قومي تحريڪ جي حوالي سان پڻ ڪافي ڳالهيون سامهون اچي وڃن ٿيون.
    _________________________________________________________________________________

    (71)
    مورو جيل
    11-06-2001
    پيارا راشد
    ساٿ سلامت - سچ سلامت.
    توکان موڪلائي جيئن ئي پنهنجي منزل ڏي اچڻ لاءِ بس جي مقرر وقت ۽ جاءِ تي ڳجهڙ 8 وڳي پهتس ته ٺيڪ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ بس آئي ۽ اسان وري ڏوڪري کان ٿيندي راڌڻ روڊ سان روانا ٿياسين. اسان جي بس مختلف پوليس چوڪين کان پاڻ بچائيندي 12 وڳي ميهڙ ۾ ڪجهه وقت لاءِ آرام ۽ ماني کائي 12.45 تان ميهڙ مان نڪتاسين ۽ مُوري طرف پارٽيءَ چيئرمين جي ڏنل حُڪم مطابق داخل ٿيڻ وارا هياسين ته مورو پوليس گهڻي منهن ماري کان پوءِ سڄي بس کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي 2.45 تي نيٺ پنهنجو اسان کي مهمان ڪيو ۽ هيءٌ خط به توکي جيل مان لکي رهيو آهيان.
    پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻي جي حوالي سان ته خبرون اخبارن ۾ پڙهيون هوندئي ته ڪيئن نه رياست ڏاڍ مڙسيءَ جو مظاهرو ڪندي قومي ڪارڪنن جي مٿان لٺبازي، گوليون ۽ شيلنگ ڪري اسان کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ جي ناجائز ڪوشش ڪئي آهي ۽ جڏهن بشير خان قريشي جي مٿان بلڪل سڌيون گوليون هلايون آهن ۽ بشير خان خود پاڻ تمام ٿلهو ڏنڊو کڻي ڪارڪنن سان گڏ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جا مٿا ڦاڙيا آهن. نيٺ آخر ڳالهه ڳوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي جان بچائي واقعي معجزاڻي طور تي پوليس کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي نڪري ويو. خير انهيءَ لاءِ سامهون تفصيل بيان ڪيا. هن وقت جيل ۾ طبيعت خراب ٿيڻ لڳي آهي مسلسل ماني ٺيڪ وقت تي نه ملڻ، آرام صحيح نموني سان نه ڪرڻ سبب ڪافي مسئلا ٿي پيا آهن پر حوصلا بلند آهن مايوس نه آهيون مڙس ٿي جيل ملهائبو.
    امان ۽ بابي جن ڏاڍا پريشان هوندا انهن سان ملي کين هي خط ۽ دلجاءِ پڻ ڏجانءِ ۽ کيس سمجهائجاءِ ته مان ستت ئي ايندس. اڄ ٿي سگهي چالان ٿي وڃون ۽ چالان ٿيڻ کان پوءِ سست پارٽي ضمانت ڪرائي ڇڏيندي. باقي ٿي سگهي ته ڪجهه ڏينهن لڳندا اهو ڪو مسئلو ناهي. ارشد، بني، امام بخش، اياز ۽ جيڪو پڇئي سلام، قرب دعائون ڏجانءِ. وڌيڪ ٻيهر خط لکندا سانءِ باقي جيل جي زندگيءَ ۾ پنهنجو مزو اٿئي. ڪُل اسان 60 ڄڻا ڏوڪريءَ جا ئي آهيون.
    عيسيٰ ميمڻ
    مورو جيل
    _________________________________________________________________________________

    (72)
    سکر سينٽرل جيل
    12-06-2001
    سڄڻ راشد قاضي
    ڪهڙا حال اٿئي مان ته خوش آهيان، اڄ موري جيل کان صبح جو 5.50 پوليس بند موبائيل مان سکر سينٽرل جيل ۾ آندو ويو آهي. مورو ۽ سکر 155 ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي تقريبن ٽن ڪلاڪن جي اندر سکر پهتاسين. شروعات ۾ تلاشي ورتي وئي ۽ ٻئي مختلف جيل جون فارملٽيون پوريون ڪري هڪ ڪشاده هال ۾ رهايو ويو آهي. جتي جيئي سنڌ جا ٻه سئو کان مٿي ڪارڪن آهن. هتي به ٻه ويلا ماني ملندي آهي مانيءَ جا وقت توکي اڳ لکي چڪو آهيان. هتي جيل جي حوالي سان سمجهه موري کان وڌيڪ سهولتون مليل آهن. ڏينهن ۾ ٻه دفعا وهنجڻ ٿئي ٿو. توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هيءٌ جيلُ برطانيه دور حڪومت ۾ تي ٺاهيو ويو، هن جيل جي ايراضي تقريبن هڪ سئو چاليهه جريب آهي. برطانيه دور حڪومت ۾ هت ڪل هزار قيدي رهائي سگهبا هئا پر هاڻي صورتحال ڪجهه ٻي ٿي وئي آهي. هن وقت ٻه هزار ست سئو قيدي رهيل آهن. سياسي قيدين کان سواءِ ٻين قيدين سان انتظاميه جو ورتاءٌ انتهائي اڻ وڻندڙ آهي. اهو ورتاءٌ ڏسي انسانيت ۽ انسان جي عظيم عظمت تان ويساهه ئي کڄي وڃي ٿو. باقي مستقبل رهائش رکندڙ سياسي يا مڇي مانيءَ لائق چور کي ڪافي سهولتون مليل آهن.
    هتي مستقبل رهائش رکندڙ قيدي عام پورهيو مثال طور ٽوپيون ٺاهڻ، ڀرٿُ ڀرڻُ، استري ڪرڻ، برف کپائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪندا آهن. جن کي محنت آهر معاوضو جيڪو به ٻاهر جي پورهيو کان بنهه گهٽ ملي ٿو. هن جيل ۾ تقريبن ست ڊويزنون (اسان ڊويزن کي پاڙو چئي سگهون ٿا يا ڪالوني) آهن. جن کي سرڪل پڻ چيو وڃي ٿو. هر سرڪل اندر مختلف قسم جا باغيچا، راند جا ميدان پڻ ميسر آهن. جن تي قيدي گهمي ڦري ۽ راند ڪري سگهن ٿا.
    هتان جي هڪ ڪراڙي جيڪو جيل جي قيدين جو خدمتگار آهي تنهن ٻڌايو ته جيل ۾ برطانيه دور حڪومت ۾ قيدين کي پڙهائڻ لاءِ باقاعده اسڪول هوندو هو، قيدين کي عام تعليم سان گڏوگڏ ڏوهن کان باز اچڻ ۽ پڻ مختلف قسم جا ليڪچرار ليڪچر ڏئي سندن ذهني نشونما ڪندا هئا. پر هاڻي اهو سمورو نظام System ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي ته قيدي جيل ۾ نه سکن ٿا ۽ وري انهن جي ٻي ڪا تريبت آهي. انهن سان هتي حسين سولنگي ۽ مان هڪ قيديءَ سان ملاقات ڪئي جيڪو ٽوپي ٺاهي رهيو هو. هي دوست جيڪب آباد جو آهي پاڻ تمام سٺو پڙهيل لکيل پڻ آهي. ساڻس ڪچهري جيل ۾ سندس ذاتي زندگي بابت ڪئيسين جنهن مان ڪافي مطمئن ٿياسين. جنهن لاءِ الڳ ڪچهريون ڪنداسين.
    هتي منهنجي قمبر جي جسقم ڪارڪن سان ڪچهري پڻ ٿي. جن سان سياسي ۽ ادبي معاملن تي ڳالهايوسين، دوست ڪافي سنجيده هئا پر اسان جي پارٽيءَ طرفان اسٽڊي سرڪل نه هلائڻ سبب سندن ڪتابن جي مطالعي جي حوالي سان ڪافي جهول هئا کين انهيءَ جهول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ صلاحون وغيره ڏنيونسين. سڀني مون کي قمبر جي گهمڻ لاءِ دعوت پڻ ڏني. شام جو آرام ڪيم. رات جو ماني کائڻ کان پوءِ پارٽي ماليات سيڪريٽري سرمد ميراڻيءَ ڪجهه جيل جي حوالي سان هدايتون ڏنيون ۽ ڪجهه وقت لاءِ قومي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ مختلف دوستن پنهنجا انقلابي گيت ٻڌايا. ڪارڪن ۾ آزاديءَ جو جذبو ۽ روح پئي ڦوڪيو. ان کان پوءِ ٻارهين وڳي سمهڻ جيتري جاءِ ملي ۽ آرام ڪرڻ تي جون جي ڏينهن جي پڄاڻي خيريت سان ٿي. سڀاڻي ڇا ٿيندو جنهن لاءِ خبر خدا کي.
    اڄ خبر پئي ته اسان جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ممڪن آهي ته ڏينهن ٻن ۾ اسان جي آزاديءَ سان پڄاڻيءَ تي پهچي. نمبر ٻي ڳالهه، اڄ طبيعت ٺيڪ نه اٿم گهمرا ٿي پيا اٿم. جنهن لاءِ نديم باغي ٽيبليٽ وغيره کارايو جنهن کان پوءِ ڪجهه فرحت محسوس ڪري رهيو آهيان. نمبر ٽين ڳالهه، ٽي چار ڏينهن ٿي ويا آهن ايڏانهن ڪير به ملاقات ڪرڻ نه آيو آهي، جنهن جو ٿورو گهڻو ڏک ٿئي پيو ته ڇا سڀني کي ڪٿي وسري ويو آهيان؟ نمبر چوٿين ڳالهه، امان ۽ بابي، ڀينرن ۽ ڀاءٌ جي ڳڻتي اٿم. خبر ناهي انهن جو ڪهڙو حال آهي؟ چڱو ننڊ پئي اچي، موڪلاڻي ناهي.


    عيسيٰ ميمڻ


    (73)
    ڏوڪري
    24-06-2001

    پٽ عيسيٰ!

    هتي اسان بلڪل خوش آهيون. ڪنهن به قسم جي اسان لاءِ ڳڻتي نه ڪجانءِ ۽ جوان ٿي منهن ڏجانءِ متان ڀاڙي ٿي پوين، دوستن ۽ مون کي لڄائي وجهين، مان به ته سعوديءَ جا جيل ڪاٽيا هئا. تون ته هتي آهين ۽ 59 دوست گڏ اَٿَيئي. تون ته اڪيلو به نه آهين.
    ڪالهه سارنگ ماڇي به آيو هئو جنهن دلاسا ڏنا ان جي دلاسن کان پوءِ ڳڻتي بلڪل لهي وئي آهي. پٽ منهنجي تو لاءِ اِها دعا آهي ته شل ڪنڌ نه جهڪائين.

    تنهنجو بابا
    الله ڏنو ميمڻ

    (74)
    سينٽرل جيل سکر
    16.06.2001
    پيارا بابا سائين
    اميد ته خوش هوندا.
    اسان کي هتي اڄ پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون گذري چڪيون آهن. بابا! اسان هي جيل ڪنهن چوريءَ يا ڌاڙي جي ڪيس ۾ ڪو نه پيا ڪاٽيون پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ پاڻ کي تڪليفون ڏيون ٿا. مون کي افسوس آهي ته مان توکي ڪراڙپ ۾ سُک ڏيڻ بجاءِ ڏک ڏنا آهن پر بابا تون اُهو پورو پورو يقين رک اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جا سمورا ڏک، درد دٻي جي پاڻيءَ جيان سُڪي ويندا ۽ اسان پنهنجي زندگي ڏاڍي سُڪون سان گذارينداسين ۽ مان توکي ماڻهن جي اڳيان شرمندو ٿيڻ نه ڏيندس.
    اسان کي جيل ۾ ڪا به تڪليف ڪا نه آهي پارٽيءَ پنهنجي طرف کان مڪمل مالڪي ڪئي آهي جيڪڏهن هتي ڪنهن شيءَ جي تڪليف آهي يا کوٽ آهي ته صرف امان، تنهنجي، پوپري، صيفل، روبينه، حسينه، ناديه، ادي، اشرف، ڀاڳل، سوني، زينت، چاچي، ادا رجب، ادا شبير وارن ۽ پنهنجي مٽ مائٽن جي. نه ته اسان کي هر شيءِ ملندي رهي ٿي. منهنجي توهان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳڻتي نه ڪيو، هتي صرف توهان جو اڪيلو پٽ مان نه آهيان ڏوڪريءَ جا 60 ڪارڪنن سميت ٻيا سوين ڪارڪنن اسان سان گڏ آهن اُهي اسان جو خيال ڀائرن کان وڌيڪ ڪري رهيا آهن. مون کي رڳو ٿورو مٿي ۾ سُور پيو ته سڀ پريشان هئا، اُن وقت ڊاڪٽرن کي گهرائي منهنجو علاج ڪرايو ويو. مطلب ته اسان کي ڪنهن به قسم جي (سوا توهان) ٻي ڪا تڪليف نه آهي.
    مان ڄاڻان ٿو ته اسان جي گهر جي چلهه ڏاڍي ڏکي دُکي ٿي انهيءَ ڪري پئسن جي به ڳڻتي نه ڪندا منهنجا ٻه سئو کن ٽيبل جي هيٺان کوکي ۽ بلو فائيل ۾ پيا آهن..............
    اسان جو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلندڙ آهي پر عدالتن جو ڪم آهي ته هل ته پڄانءِ وارو تنهن ڪري به دير ٿي آهي نه ته اسان ڪڏهوڪو ٻاهر هجون ٿا.
    صيفل ۽ ڀاڳل کي پڙهڻ لاءِ موڪليندا. راشد قاضي پنهنجا ٻار ٽيوشن تي منهنجي ٻاهر نڪرڻ تائين پڙهائيندو. انهن کي خاص هدايت ڪندا ته پڙهو ڇاڪاڻ ته علم / پڙهڻ کان سواءِ ماڻهو دنيا ۾ ڪجهه به نه آهي.
    سلام: امان کي پيرن تي هٿ رکي، ڀينرن، ڀائرن، سئوٽن، چاچي جن ۽ سمورن مٽن مائٽن کي سلام، قربَ ۽ دعائون ڏجو. چڱو موڪلايون ٿا. دعا ڪَجُو رنجُ نه ڪجو. الله سڀ ڪجهه چڱي ڪندو.

    عيسيٰ ميمڻ
    سينٽرل جيل سکر



    (75)
    ڏوڪري
    17-06-2001
    پيارا عيسيٰ!
    خوش هجين شال!
    هتان جي ماڻهن جي Nature اهڙي تبديل ٿي وئي آهي جو ڪو به ذاتي مفادن کانسواءِ ڪم نه ٿو ڪري سواءِ ڪجهه ماڻهن جي. جيڪي نعرا هڻڻ ۾ ڀَڙَ آهن ۽ نعرن هڻڻ کان پوءِ جي پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. انهن لاءِ سياست ڪرڻ ۽ سياسي معاملن تي ڳالهائڻ ڄڻ سوڀ Without compensation ڄڻ ڪا هنن لاءِ ڪينسر کان وڌيڪ مرض هجين جنهن جي بچاءِ لاءِ ويٺا وجهه ڳولهين ۽ جڏهن سياسي معاملن تي ڪچهري ٿيندي ته ڪوشش اها هوندي اٿن ته اهڙي قسم جي ڪچهريءَ ۾ نه ويهن پر جيڪڏهن ڪو ويهڻ لاءِ چوندن ته ٺپ چپ ٿي ويندا ڄڻ ڪنهن ڪڪڙ مٿان مينهن پئجي ويو. اڄ حاڪم مڱريي سان ملندس ۽ وضاحت (تنهنجي جيل ۾ پوڻ جي) ڪندو مانس. ڪالهه مان، امام بخش ۽ اياز موريو چاچي ڏي وياسين تنهنجو سئوٽ (رجب) نڪري آيو، جنهن چيو ته چاچي جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي. پوءِ چاچو پاڻ نڪري آيو. ڏاڍو بخار هئس ٻڌايائين ته ڏينهن لڳي ويو آهي. اسان چيوسونس ته عيسيٰ جي ڳڻتي ٿي پئي اٿئي ڇا. نه نه ڪا به ڳالهه ناهي چيائين باقي ٻه ٽي ڏينهن آهن عيسيٰ جي آزاديءَ ۾ اسان چيوسين ڀلي ڏهه ڏينهن هجي به چيو ڪا پرواهه ناهي ۽ چيائين ته چئجوس ته جوان ٿي منهن ڏئي.
    ڪجهه ماڻهن تنهنجي جيل پوڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، ڪجهه ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو (اهي ائين پيا چون ته جيڪر اسان به وڃون ها) خير اهي ته حوال آهن ۽ وري ڪجهه ماڻهن تنهنجي ڌرڻي ۾ وڃڻ تي ۽ گرفتار ٿيڻ تي ڏاڍو اعتراض ڪيو جن چيو ته ڇا جي ڪاڻ وڃي هٿ سان پاڻ ڦاهو وڌو اٿئين. غريب ماڻهو گهر جو ڇا ٿيندس؟ ۽ پنهنجي ڪريڪٽر تي ڪيڏو اثر پيس؟ هاڻي ويٺو هروڀرو حاضريون ڪاٽيندو. خير، اهي ته هيون ماڻهن جون ڳالهيون ماڻهو جيئن وڻين تيئن ويٺا چون ڇو ته ماڻهن ۽ کوهن جا وات بند نٿا ڪري سگهجن.
    ڀلا تون ٻڌاءِ ڪيئن ٿو گذارين؟ مون کي ته هاڻي تنهنجي لاءِ پريشاني وڪوڙيندي ٿي وڃي. دل به ڏاڍيون سٽون ٿي کائي پئي ڇا ڪريان. پاڻ کي خبر هوندءِ ته مان ڇا جي ڪري نه ٿو اچي سگهان. ارشد سان ملندس ۽ چوندو مانس ته ٽيوشن پڙهائي ۽ ٻي ڳالهه ته ASWA جي طرفان لائبريريءَ تي صوفي آزاد سان شام ملهائي وئي ۽ هن کي ”تصوف“ جي Topic ڏني وئي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ڪامريڊ حيدر جويي کي به دعوت ڏني وئي هئي. ڪامريڊ آيو پر صوفي آزاد جا هڻي ڀاڱا ئي لاهي رکيائين. ويچارو صوفي آزاد ڳالهائڻ کان ئي بس ٿي ويو. باقي ان کان موضوع تي روبرو ڳالهائينداسين ۽ امام بخش واري ڳالهه ته ان ۾ اهي ئي خصلتون اڃا آهن جن جي اڳ ۾ تو نشاندهي ڪئي هُيئي. پر Meteralism ۾ ويساهه پڪو ٿي ويو اٿس. خط مليا پڙهي خوشي ٿي. باقي احوال ڪامريڊ حاڪم ۽ ارشد سان ملڻ کان پوءِ ڪندو سانءِ. ڀائو حسين سولنگي ۽ عثمان جيسر کي سلام رَسن. بني ڀان، راحيل قاضي، هريش اوڏ، عرفان موريو، غفار ڪيهر، اياز، استاد فياض، ارشد ميراڻي ۽ امام بخش ٻٽ جي پاران سلام ۽ سڪ جو اظهار.
    ساٿ چڙهندو لڪين وري به
    راشد قاضي

    (76)
    ڏوڪري
    21-06-2001
    پيارا عيسيٰ!
    اميد ته خوش هوندين!
    مون کي ڏاڍي چڙ لڳي جڏهن ماما فتاح قاضي توکي خَطَ نه ڏنا شايد وسري ويا هئس پر ڦاڙي ته نه ها. ان جو نهايت افسوس اٿم بهرحال خير ۽ ماما وارن ٻڌايو ته اڄ اهي ضرور آزاد ٿيندا. مان ڏاڍو خوش ٿيم پر هن وقت چوطرف پريشاني وڪوڙي وئي آهي. ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان. سڪ به ڏاڍي لڳي آهي. امر پنهنجي رهبر کان پڇيو ته آخر انتظار ايڏو طويل ڇو ٿيندو آهي، چار ڏينهن چار صديون ڇو لڳنديون آهن. اهو ساڳيو ئي سوال منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي مان صدين جو سودائي ٿي ويو آهيان. اها ساڳي ئي ڪيفيت موٽي آئي آهي جا اڳ هوندي هئي. ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل ئي نه ٿي چئي. صرف هڪ جي لاءِ سوچڻ. ٻي دنيا کي وسارڻ. خبر نه ٿي پئي ته آخر ڇا ٿي ويو آهي. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ دلچسپي گهٽ. All activities تي اثر پئجي ويو آهي. ڪوشش به ڏاڍي ڪئي اٿم ته ائين نه ڪيان پوءِ به. وڌيڪ ٻئي خط ۾.

    تنهنجو
    راشد قاضي


    (77)
    ڏوڪري
    24-06-2001
    ادا عيسيٰ!
    مون کان اها ڳالهه ئي وسري وئي جنهن جي ڪرڻ لاءِ هن کان اڳيون خط لکيو مانءِ. حاڪم مڱريو سان آچر ڏينهن مليس تنهنجي ڳالهه ڪري ٻڌائي مانس ته جيسيتائين عيسيٰ اچي تيسيتائين مان ٻارن کي پڙهائيندس. نه خير ٻارن جو تسلسل نه ٽٽندو. جيسيتائين عيسيٰ اچي تيسيتائين توهان تڪليف ڇو ڪريو چيائين. مون چيو تڪليف ڇا جي، ائين نه سمجهو ته عيسيٰ ٻيو ۽ مان ٻيو آهيان، مون لاءِ عيسيٰ جا ٻار پڙهائڻ ڪا تڪليف ناهي. پوءِ به چيائين ته جيڪڏهن فري آهيو ته ٻار پڙهايو مون چيو مان ان وقت بلڪل Free هوندو آهيان. پوءِ ان ڏينهن ئي ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو جيتوڻيڪ آچر هيو ڇو ته هنن (ٻارن) کي هيڏي هڪ هفتي جو گيپ پئجي ويو ۽ پوءِ به ڪامريڊ سان ڪچهري ٿي، تنهنجي معافيءَ لاءِ چيومانس. هن چيو ”ڪو ريءَ وڻ جي ڏار تي ويهي وري ان کي ئي ڪٽيو آهي“ ڀلي ڀلي تجربو ڪري ڏسي“ (ڪاوڙ واري انداز ۾) ۽ ٻيو چيائين ته جيڪڏهن هنن کي خبر هجي ته هي پوليس جا ٽيئر ئي اڏائي سگهن ٿا، (جيڪا خبر ڀاڻس امداد ٻڌائي هئي) پر هنن کي خبر ئي نه پوندي. ٻيو ته ارشد سان مليس ۽ ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ چيومانس جواب نه ڏنائين. هاڻي هي ٻارن کي پڙهائيندو آهي. وڌيڪ ٻئي خط ۾ لکندوسانءِ.
    اهوئي تنهنجو
    راشد قاضي

    (78)
    ڏوڪري
    25-06-2001
    عيسيٰ!
    ڇا ڀلا ائين به ٿيندو آهي ڇا جو دوست پنهنجي دوست کي اوکيءَ ويل وساري ڇڏي. ايئين چئي شرمندو ته نه ڪر Friendship جون ڪيتريون ئي Requirements ٿيندون آهن جيڪي اڃان تائين پوريون نه ڪري سگهيو آهيان پر انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿم. هن خط کان اڳ ٻه خط لکيا آهن جنهن ۾ هڪ خط اهڙو آهي جيڪو متان توکي پريشان ڪري، اهڙي ڪائي به ڳالهه ناهي اها ڪيفيت وقتي هئي پر هن وقت وري ساڳئي (صحيح) ڪيفيت ۾ موٽي آيو آهيان. تون مون لاءِ ڪا به ڳڻتي نه ڪجان ۽ صيفل ايندو آهي. پڙهندو به چڱي نموني سان آهي مون کي اميد آهي ته اڳتي نڪري ايندو. باقي سحر کانسواءِ ٻين جو حال پورو آهي منهنجي گهڻي کان گهڻي ڪوشش آهي ته سڀئي ٻار سٺي پرفارمنس ڏين. ان ۾ ئي منهنجي ڪاميابي آهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته بنيءَ جي سينٽر تي تقريبن منهنجي شفٽ ۾ ٻارن جو ريشو 30 ٿي ويو آهي جنهن ڪري ٻه شفٽيون ڪيون آهن. هڪ اٺ ٽُه نَوَ ۽ ٻي نَوَ ٽه ڏهه ۽ پوءِ پنهنجي ٽيوشن تي ويندو آهيان. اتان موٽي پنهنجي ڀيڻ جي گهر وڃي ان کي به ٽيوشن ڏيندو آهيان. تقريبن ٻارهن ٿي ويندا آهن. پوءِ لائبريريءَ تي ڪڏهن ويندو آهيان ته ڪڏهن نه. ڇو ته ڏاڍو ٿڪ ٿي پوندو آهي. اڳ ۾ منجهند جو ننڊ ڪندو هيس پر هاڻي سمهندو آهيان. پر ننڊ نه ايندي ٿم، پوءِ 5 بجي تيار ٿي منڱريي ويندو آهيان.
    بنيءَ سان گهڻيون ۽ امام بخش سان گهٽ ڪچهريون ٿينديون آهن. اڪثر جڏهن به وڃان تڏهن تنهنجو موضوع کوليندا هئا پر هاڻي مس وڃي ڪنٽرول ڪيو اٿم مانِ. ڪوشش ڪيان ٿو ته هنن سان گهڻيون ڪچهريون ڪريان. پر وقت جي اڻاٺ سبب نه ٿيون ٿي سگهن. ڪلهه هتي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ قاضي امداد کان ليڪچر (گلوبلائيزيشن جي دور ۾ سنڌي شاگرد جو مستقبل) جي ايجنڊا رکي وئي. ان ميٽنگ ۾ صرف انهن ماڻهن کي آندو ويو. جيڪي ليڪچر لاءِ راضي هئا. انهن کي ٻڌايو ئي نه ويو جيڪي ان ليڪچر ٿيڻ لاءِ راضي نه هئا. صرف مان اڪيلو ئي هيم جو چوان پيو ته ليڪچر نه ٿئي، اهو نه ته ليڪچر ڪندڙ خراب آهي يا ليڪچر جي ٽاپڪ خراب آهي. ٻئي سٺا آهن. تون ته ڄاڻندو هوندين نه، ته ڪهڙا مسئلا آهن جنهن تي هنن جو دليل اهو هيو ته پيسا اسان صفا گهٽ ڀرينداسين ڪجهه پيسا سنڌي ادبي سنگت ۽ ڪجهه پيسا Oxford Computers Centre وارا ڀريندا پر پوءِ به کٽن ٿا جيڪي هاڻي هر ميمبر تي ڏهه ڏهه روپيا رکيا ويا آهن وٺي پروگرام سٺو ڪندا. هر شي ڪرڻ ۾ Tricts ٿا رکن. هر ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ٿا ڪن ۽ هاڻي هر هنڌ منهنجي گلا به شروع ڪئي اٿن. تن ۾ ڊاڪٽر جهڙو Genius ماڻهو به شامل آهي. جنهن لاءِ Resign ڏيڻ لاءِ سوچيو اٿم ۽ لکي اٿم تنهنجي ڇا راءِ آهي؟ هن وقت مون کان اهي شيون برداشت نه ٿيون ٿي سگهن. يارَ مون کي معاف ڪجان جو هيترو وقت رسالا ۽ ڊڪشنري نه موڪلي سگهيو آهيانءِ ڇو ته مان اصل اها ڳالهه نه سمجهي هئي ته رسالا (Indus Magazine) ساڳي ئي مهينن جا 6 يا ٻين مهينن جا بهرحال، في الحال ٻه رسالا ۽ ڊڪشنري موڪليانءِ ٿو. مختلف دوستن ڏانهن ويس (بني، ارشد، غفار) جن کان خط لکرايا آهن بنا ڪنهن زور زبردستي جي. موٽ جو اوسيڙو رهندو. سڄي سنگت کي سلام ڀائو حسين سولنگي، عثمان جيسر، نديم باغي، ايم پي، انور جوڻيجو، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين کي سلام ڏجانءِ.
    تنهنجو
    راشد قاضي

    (79)
    ڏوڪري
    01-07-2001
    ادا عيسيٰ!
    مون لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي تو ڏانهن خط موڪلڻ. مان سمجهان ٿو ته توکي منهنجي ٻه اکرن مان ضرور آٿت ملندو. پر مون کي به ايتري آٿت ملندي آهي (تنهنجي لکيل خطن مان) جيتري توکي ملندي آهي ڇو ته تون صرف ان جيل ۾ آهين جنهن جي ايراضي سئو چاليهه جريب آهي (تنهنجي چواڻيءَ مطابق) ۽ ان جون حدون مقرر آهن پر مان هڪ اهڙي جيل ۾ جيڪو لامحدود آهي جنهن جي ڪا به حد ناهي. خير خَطَ مليا پڙهي خوشي ٿي جو ههڙي وقت ۾ به تنهنجو ساٿ مون لاءِ هڪ شمعِ مثل آهي. هتي ٿئي ائين ٿو جو خَطَ، رسالا، ڊڪشنري هُن کي ڏئي هن کي ٿو ڏيان پر ڪو ٿو چوي ته اسان اوچتو ٿا وڃو ۽ پروگرام Cancel ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن ان جو پروگرام Cancel ٿو ٿئي ته وري ان کان واپس ٿو وٺان ۽ ڪنهن ٻئي کي ٿو ڏيان جيڪو وري پنهنجا مسئلا ٿو ٻڌائي نتيجي طور مواد آسري ۾ اڃان تائين ياسين ڪنڀر وٽ پيو آهي. خبر به ناهي ته تو وٽ پهچندو به يا نه.
    اهوئي
    راشد قاضي


    (80)
    سينٽرل جيل سکر
    21-06-2001

    راشد قاضي!
    ساٿ سلامت!
    تنهنجو خط مليو، هڪ ئي وقت انتهائي گهڻي خوشي ٿي ته هڪ ته توکان وسريو نه آهيان ٻيو ته روايتي سستي ڇڏي ڏني اٿئي. جنهن لاءِ توکي شابس هجي. مختلف ماڻهن جا مون لئه مختلف رايا ڪن جا مثبت ته ڪن جا منفي. اهو راءِ ڏيڻ جو حق انهن جو جمهوري حق آهي مان ڪو پاڪستان جو جرنل، ڪرنل نه آهيان جو ماڻهن جي زبانن ۽ تخيل تي پهرا لڳايان. هر انسان بنيادي طور تي آزاد ڄائو آهي آزاد گذارڻ، اظهار جي آزادي انهن جو بنيادي حق آهي. اُها انهن جي مهرباني آهي جو مون لئه ڳالهائن ٿا مون کي پنهنجو سمجهن ٿا اها کڻي الڳ ڳالهه اُهي نيگيٽو ۽ پازيٽو راءِ رکن ٿا. باقي تون ته مون کي ڄاڻين ٿو ته هي مون ڪنڊن جو رستو پنهنجي مٿان تاريخ ۽ قوم جي مون مٿان رکيل ذميواريءَ سبب اختيار ڪيو آهي. محبت اسان کي هن معامري وڌو آهي راشد! نه ته هوند هي ڪشالا ڪرڻ پنهنجي وس کان ٻاهر آهن. محبت جي سفر / ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ سبب سانگا سر جا لاهي ڇڏڻ سڀ محبت نه آهي ته ڇا آهي؟
    شيخ اياز چوندو هو ڏات وڏي شيءَ نه آهي پر سچ وڏي شيءَ آهي، اسان جون سموريون ڪچهريون، بحث مباحثا سڀ ڪنهن حد تائين ڏات جي ذمري (کاتي) ۾ شامل ٿين ٿا هي منهنجو جيل ۾ پوڻ سَچُ آهي. سچ واقعي وڏي شيءَ آهي، ماڻهو جڏهن سچ ۾ پچي راس ٿئي ٿو ته اهو ماڻهو پنهنجي معنيٰ ئي الڳ رکي ٿو. سڄي سنڌ ۽ سنڌي قوم لٽجي ٿي پئي ڪير داد فرياد ڪرڻ وارو ڪو نه آهي، اُتي اسان جي پارٽيءَ کان گهگُهه اوندهه ۾ ڏيئي ٻارڻ برابر آهي جيڪو ٻيو ڪجهه نه به سهي اهو ته احساس ڏئي ٿو ته ٻيلي اٿو جاڳو هي وقت جاڳڻ جو آهي. تاريخ شاهد آهي دنيا ۾ اهو قومون زندهه رهي سگهن ٿيون جيڪي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ وڙهن ٿيون. تنهن ۾ پنهنجو ڀلي وڏو ڪردار نه به هجي پر هئڻ نه هئڻ واري وچ وارو ڪردار ته ڪائونٽ ٿيندو نه؟
    تون پنهنجي خط ۾ مون لاءِ پريشاني ۾ وڪوڙجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، توکي گهٽ ۾ گهٽ مايوس / پريشان ٿيڻ نه کپندو آهي، زندگي ۾ چند ڏينهن جي جدائي برداشت نه ٿو ڪري سگهين؟ دنيا ۾ پاڻ ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به سهڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تي تيار رکجي. پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪجي. تون سڀني صلاحيتن هوندي به ائين ٿو ڪرين. حيرت ڏيندڙ خبر آهي. هن ڪائنات اندر سڀ کان وڌيڪ ۽ عزيز رشتو ڏک جو آهي. ڏک ماڻهوءَ کي سيکارين / سنوارين ٿا سسئي جڏهن رڻ ۾ پنهونءَ ڪارڻ اڪيلي سر ڀٽڪندي رهي، سفر ڪيو جڏهن سور انهيءَ کان الڳ ٿيا آهن ته انهن لاءِ ڏاڍي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان سورن جو ٿورو مڃيو آهي.
    تن سورن کي شابس، جن مون سين گهاريو. (شاهه)
    دردن جي پنهنجي ڪهاڻي آهي ڏک / سُورَ تاريخ انسان ۾ الڳ مقام آهي. گوتم ٻُڌ چيو آهي ته ”سروم دُکم دکم“ معنيٰ سڀ ڪجهه ڏک آهي. انهن سُورن انسان کي سهارو ڏنو آهي. سڀ ڇڏي وڃن تڏهن ويچارا اچن ٿا اسان سان اورين ٿا، اسان کي پنهنجائپ جو احساس ڏين ٿا ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي؟ تون مايوس ٿي ويٺو آهين. اهو چڱو عمل ته ڪو نه آهي. نثار کهڙيءَ ڏوڪري سنگت جي پروگرام ۾ هڪ ڏاڍي ڪَم جي ڳالهه ڪندي چيو هو ته ”جيڪو فرد ۽ قومون مايوس ٿين ٿيون ۽ انهن کي جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي“. هاڻ ٻڌاءِ مان تولئه ڪهڙي راءِ رکان. ڪوشش ڪر پاڻ ۾ جرئت پيدا ڪَر، مڙس ماڻهو ٿي، هاڻي ئي جيڪڏهن ائين ڪندين ته اسان کي گڏجي الائي ڪيترا ڪَم ڪرڻا آهن ته اُهي ڪيئن ڪنداسين.
    سُک مَ سُتا ڪڏهن، کرڪڻا لاهي،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو
    (شاهه)
    امام بخش خط لکيو آهي جنهن ٻڌايو ته بنيءَ سان منهنجي موضوع تي ڪچهريون ڪري ٿو، انهن کي سمجهاءِ ڇا توهان وٽ ٻيا موضوع آهن ئي ڪو نه جو مون تي ويٺا ٿا ڳالهايو. جيڪڏهن اهي ويٺا مون تي ڳالهائيندا ته ٻيا معاملا ڪير حل ڪندو؟ مان انهن جو شڪر گذار آهيان جو ان قابل سمجهن ٿا پر اهو سندن لاءِ نقصانڪار آهي. کيس چئجانءِ ته ڪامريڊ سُوڀي چيو هو ته ”هن وقت سنڌ ۾ اَن، پاڻيءَ جي ڏُڪار کان پوءِ علم جو ڏڪر اچڻ وارو آهي ۽ باقاعده تيزيءَ سان اچي رهيو آهي تنهن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي اسٽيڊيءَ کي تيز ڪجي ته جيئن علم جي ڏڪر کي ڪجهه ته منهن ڏئي سگهون ۽ جتي به عمل جو ڏڪر آيو آهي اُتي هي شيءَ جي تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به پلئه ڪو نه پيو آهي ۽ پوءِ انهن علم جي ستايل / وانجهيل قوم کي ڪر موڙڻ ۾ لکها سال لڳي ويندا آهن. کين تاڪيد سان چئجانءِ ته پنهنجو موضوع مٽائن جي ائين نه ڪندا ته اڄ کان پوءِ پنهنجا رستا الڳ سمجهن. اِها ڌمڪي نه پر حقيقت آهي.
    تو پڇيو آهي ته ڪيئن ٿو گذاريان؟ ڪيئن گذاريان، بس ائين گذاريان پيو جيئن ڳوٺ گذاربو هو. فرق صرف ماحول جو آهي. ماڻهن جو ۽ بس. صبح جو اڳ جيان 5.30 وڳي اُٿي، ڏندڻ وغيره ڪري شاهه جو رسالو يا ٻيو ڪتاب وغيره پڙهندو آهيان. ستين وڳي ڌاري باريڪ کلندي آهي ۽ وهنجڻ لاءِ موٽر تي واري جو انتظار ڪري وهنجندو آهيان. وهنجڻ کان پوءِ ڪچهري، تاس، لڊي يا ٻين مشغولين ۾ گذاريندو آهيان. يارهين وڳي ماني کائي ڪجهه وقت آرام ڪندو آهيان. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن ملاقات به ايندي آهي. جنهن ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويندو آهي. شام جو چار وڳي اُتي ٻيهر وهنجي، راند لاءِ ٻين ڊويزنن / سرڪلن ۾ ويندو آهيان. اُتي صرف راند ڏسڻ جي حد تائين وقت گذرندو آهي پوءِ ستين وڳي باريڪ ۾ ايندو آهيان، اٺين وڳي باريڪ بند ڪئي ويندي آهي. رات جو ماني کائي ڪجهه وقت ڪچهري وغير ڪري آرام ڪندو آهيان. اها آهي پنهنجي روز جي ڊائري. ٻيو گهڻو ڪجهه ڪرڻ باوجود به ڪجهه ڪو نه ٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته پنهنجي غلاميءَ جا زنجير سوڙها ٿي جيل جي ديوارن تائين پهتا آهن. خبر ناهي ته ڪيترو وقت هت رهون. ڪُورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي هئي پر خبر ناهي ته ڇا ٿيندو. اسان پاڻ اندر آهيون. ٻين جي سهاري جيڪو ٿيندو / نه ٿيندو سڀ ڪجهه اُهي وڌيڪ ڄاڻن ٿا.
    امام بخش وارن سان ڪچهرين جو سلسلو ٻيهر جوڙڻ جي ڪوشش ڪر. ٽيوشن جيڪڏهن شروع ڪئي ٿئي ته مون واري ڀاءٌ کي ڪنهن به صورت ۾ پڙهائڻ لاءِ آماده ڪري پڙهائجانءِ، ٿي سگهئي ته اُها ڳالهه تڪليف ڏئي پر منهنجي ڪري برداشت ڪجانءِ. مان ڄاڻان ٿو ته ڇا جي ڪري نه ٿو اچي سگهين. انهيءٌ لاءِ پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضروت ڪانه آهي. پاڻ سمجهه هر وقت گڏ آهيون. پنهنجن خيالن ۾، سپنن ۾، گفتن ۾، تصورن ۾، جنهن جي شاهدي ڀٽائيءَ جو بيت لکندي تو پاڻ به ڪئي آهي ته

    ايڪ قصر، دَرَ لک، ڪوڙين ڪڻس ڳِڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    (شاهه)
    پنهنجي مقرر ٽارگيٽ لاءِ جدوجهد ۾ جيل عارضي رڪاوٽ کڙي ڪئي آهي. تنهن به مايوس ڪو نه ڪيو آهي جيترو پنهنجي مائٽن ۽ گهر وارن. خبر ناهي ته اُهي ڇا سوچيندا هوندا؟ موڪلاڻي ڪونهي، زندگيءَ جي وڇوڙي جا لمحا ايڏا ڊگها ڪو نه ٿيا آهن ۽ نه ئي ٿيندي نظر اچن ٿا. ستت پاڻ ملنداسين. مايوس نه ٿي نه ئي مون کي ڪر. تو لئه حسين سولنگي، نديم باغي، عثمان جيسر، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين سنگت جا سلام قرب.
    تنهنجو
    عيسيٰ ميمڻ / سکر


    (81)
    سکر سينٽرل جيل
    17-06-2001
    راشد ميان ساٿُ سلامت!
    جيل جي ۽ عام زندگيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هتان جي زندگيءَ جو هر گذرندڙ لمحو پاڻ لاءِ تڪليف ڏياريندڙ آهي. زندگيءَ جون گهربل گهرجون اسان جون عام زندگيءَ ۾ مشڪل سان پوريون ٿين ٿيون پر هتي ان کان وڌيڪ ناممڪن آهي. اُنهيءَ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تنهنجا ٻه اکر لکيل پاڻ لاءِ آٿت مهيا ڪن ٿا. اُميد ته اُن کان محروم نه ڪندين ۽ خط تڪڙا تڪڙا لکندو رهندين. مون لاءِ اُها ته انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي جو تون منهنجي دوستيءَ تي اعتماد، ڀروسو ڪرين ٿو ۽ مان آئنده به ڪوشش ڪندس ته تنهنجي ڏنل محبتن جو ڀَرَمُ رکان.
    سَرتيون دَعا ڪجاههءٌ، ته ڀَرم ڀاروڙيءَ رَهِي. (شاهه)
    هتي جيل جي مختلف قيدين سان ڪچهريون ٿينديون آهن. جن جيل بابت اڃان به معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي. هتي مختلف وقتن تي جيل جو سرڪار طرفان آپريشن ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ قيدين کي عبرتناڪ (اذيتناڪ) سزائون ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي. اُنهيءَ آپريشن کي هتي محاورتي طُور تي ”گرم جيل“ ڪري چون ٿا ۽ آپريشن / سختي نه هجي ته ”ٿڌو جيل“ ڪري چوندا آهن. هن وقت جيل ٿڌو آهي. جنهن ڪري سمورو جيل گهمڻ ۾ ڪنهن به قسم جا ڪا به تڪليف ڪا نه ٿيندي آهي. اُنهيءَ تفصيلي طور تي ڪچهري ڪنداسين هتي اسان سنڌ جي نوجوان قومي هيري اسان جي همعمر، هيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاهيءَ گهاٽ کي ڏٺوسين. هيمون ڪالاڻي برطانيه سرڪار طرفان سنڌ ۾ ناجائز هٿيارن کي روڪڻ لاءِ ريل جو پٽڙيون پنهنجي چئن ساٿين سان گڏ اُکيڙڻ وقت گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو هو. اڄ اهو هيمون ڪالاڻي اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين دشمن سان اکيون اکين ۾ وجهي للڪار ڪندو رهيو پر جهڪيو نه.
    سمجھوتے کا نام نہ تھا اُس کے لہو میں شامل
    ورنہ جھک کر پے بھی جی سکتا تنہا مرنے والے
    ۽ اسان کي هت اڄ اٺ ڏينهن ٿيا آهن. ڪجهه دوستن جي ڪوتاهين سبب ضمانتن ٺهڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. هاڻ ممڪن آهي ته ٽن، چئن ڏينهن اندر آزاد ٿي وڃون. اسان جا حوصلا بلند آهن. پنهنجي مٿان مهل آئي آهي ته مڙس ٿي ملهايون پيا. جهڪڻ اسان کي پنهنجي رهبر سيکاريو ئي ڪُونهي. مصيبتن سان منهن ڏيڻ سُو به ڪنهن عظيم مقصد خاطر پنهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ امتحان آهي. جنهن ۾ اي ون، اي، يا بيءَ جيتريون مارڪون نه به سهي پر پاس مارڪن جي لاءِ ڪوشش ڪيون پيا. پنهنجي سڄي سنگت ڏاڍي ياد اچي پئي. کين هر وقت ياد ڪندو آهيان. انهن کي چئو ته يار ٻيو نه ته ٻه اکر خط جا ته لکندا ڪريو؟ ارشد ميراڻي کي منهنجي طرفان چمي ڏئي خط لکڻ لاءِ زور رکجانءِ. سڀني کي. بابي جو خط پڻ ڏاڍو حوصلو ڏياريندڙ هو. جنهن لاءِ مان بابي جا اڻ ڳڻيا ٿورا ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح لاهيندس. بابي کي پيرين تي هٿ رکي گهڻي کان گهڻا سلام ۽ قرب چئجانءِ. اسان کي هن ڪائنات اندر پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪيڏي نه اڻ کٽ جدوجهد ڪرڻي ٿي پوي ۽ اُن جدوجهد ۾ ٿڪجي پوندڙ انسان پنهنجي معنيٰ به وڃائي ويهي ٿو. جيڪي انسان پنهنجي زندگي صرف پاڻ لاءِ گذارن ٿا، اُهي بي نام قبرن مثل آهن پر ٻين لاءِ جيئندڙ صديون تاريخ ۾ زندهه رهن ٿا، اُنهن کي لکها ڪروڙها ماڻهو سلام ڪن ٿا.
    ڪوڙين ڪن سلام، اچي اگهه اُن جي، (شاهه)
    ۽ انهن جي زندگي ٻين لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي. مان به اهڙي زندگيءَ گذارڻ چاهيان ٿو. پر ائين نه به ٿي سگهي ٿو. پر پنهنجي جدوجهد اُنهيءَ لاءِ ئي آهي. اُنهيءَ ۾ ماٺ ڪري ويهڻ پاڻ لاءِ عذاب ڀانيان ٿو. وڌيڪ لاءِ تنهنجي ۽ تو جهڙن دوستن جي رهنمائي جي ضرورت پوندي ته مون لاءِ تي، منهنجي هر چرپر تي گهري نظر رکي منهنجي لاءِ رهنمائي ڪيو. جيل ۾ پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي آهي. ڪنهن تي به ڀاڙڻو ڪين پوندو آهي. مان به انهيءَ اصول تحت رهان پيو. هتي روزانو ليڪچر ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين سائين شفيق آريجو، حسين سولنگي، حفيظ هڪڙو (جساف مرڪزي خزانچي) مختلف موضوعن تي ليڪچر پنهنجي حال آهر ڏنا آهن. منهنجي ذاتي طور تي ڪنهن سان به ڪچهريءَ سواءِ عثمان جيسر ۽ حسين سولنگي جي ٻئي ڪنهن سان ڪا نه ٿي آهي، اُن ڪري انور جوڻيجو، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين ساٿ قومپرستي، انسان جي تاريخ، ”سائين جي ايم سيد ۽ آزاديءَ“ جي موضوعن تي ڪچهري ٿي آهي.
    هتي ڪتاب نه هئڻ سبب جسم ۾ بيقراري رهي ٿي، پر پوءِ به ڪوشش ڪري سقراط جو موڪلاڻي ۽ شاهه جو رسالو هٿ ڪيو اٿم. وقت گذارڻ لاءِ سٺي وندر آهي. خاص ڪري ههڙن موقعن تي ڀٽائي واقعي پڙهڻ گهرجي. سقراط جو فلسفو به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. گهر جي تانگهه، دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي خواهش ۽ پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڙهائڻ جي حسرت، حاڪم مڱريي ۽ منظور ميراڻيءَ جي ٻارن پڙهائڻ جي تمنا ۽ پنهنجي پڙهڻ ۽ انگريزي ڳالهائڻ جي تمنا هت بار بار ستائن ٿيون. ٻي ڪا به تڪليف ڪانه آهي.
    تون پنهنجي سرگرمين بابت لکي موڪل. بني ڀان کي به ٻه اکر لکڻ لاءِ چئجانءِ. خط لکڻ ۾ تڪليف پيش اچئي ته منظور، چاچي پيرل ۽ پارٽي ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. انهيءَ وسيلي تنهنجو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. ضمير جي ڀاءٌ طفيل سُوهو وٽ منهنجو ڪتاب پيو آهي اهو وٺجانس، غفور زهراڻي کان پڻ آريسر جو ڪتاب وٺي پاڻ پڙهه ۽ ٻين کي پڙهاءِ. سڀني کي سلام جيڪو پڇي تنهن کي ٻيڻا. موڪلايون ٿا سدائين گڏ.
    نوٽ: سکر جيل جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ئي هيمون ڪالاڻيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. (بابي جن کي هيءٌ خط پڙهائجانءِ)

    تنهنجو
    عيسيٰ ميمڻ


    (82)
    ڏوڪري
    28-06-2001
    يار عيسيٰ!
    جيئن ته مان به من اندر اڪيلائيءَ جي رڻ ۾ تو بنا رڪاوٽن جي ٿوهرن کي ٽڪر هڻي هڻي..... ڦٽيو ۽ مايوس رهيو پيو وتان، پر راشد ڏي موڪليل خط ۾ نثار کهڙي جي ڳالهه پڙهي سڀئي رڻ ۽ ٿوهر غائب ٿي ويا ۽ ان بدلي ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون ۽ ڪپ تي حسين ۽ رنگين وڻن هيٺيان هڪ جستجو ڪندڙ زندگيءَ ۾ پنهنجو روپ ڏسي ۽ تنهنجي ملهايل حسين يادن جا ورق ڏسي، منهنجو من سچائيءَ، ايمانداري، محبت جي جلون سان جرڪي پيو. مَندُ (منظر) ڏسي بيحد......! خوشي ٿي.
    تنهنجي مون تي رکيل ذميواري آءٌ هڪ سٺي استاد ۽ دوست جي حيثيت ۾ شايد نڀايان پيو يا ضرور؟ الاءِ جي شاگردن کي پڙهائي روحاني سڪون ملي ٿو ۽ ڀت تي تنهنجي اکرن ۾ لکيل، عيسيٰ ميمڻ ڏسي ڏاڍو مزو اچي ٿو. تنهنجي لاءِ بابو چئي پيو ته ”غريب آهي، آزار ۾ پئجي ويا (گهر سوڌو) پر تنقيد کان پوءِ چيائين ته ”اوهان به هن جي همت آهيو جو هن عمر ۾ هيڏي جستجو ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريئي تي عمل راهه! مون کي علي بخش بابت ٻڌاءِ خط لکيئن يا نه؟ جهٽ ۾ قاضيءَ چيو ” انهي (علي بخش) خط نه لکيو اٿس. (خط لکڻ مهل) باقي توهان جي اها سٺي ڳالهه آهي جو مختلف قيدين سان ملي انهي جي زندگيءَ بابت ڄاڻو ٿا ۽ مطالعو جاري رکو ٿا، جوابي خط ۾ ٿورو تفصيل سان جيل جي زندگيءَ جو احوال لکجانءِ. تنهن لاءِ چاچي الله ڏني (تنهنجي والد) هي ريمارڪس ڏنا.

    خود ہی کو کر بلند اتنا، کہ ہر تقدیر سے پہلے،
    خدا بندے سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے۔
    (اقبال)
    منهنجو ڀاءٌ عامر بنيءَ وٽ 50 روپين ۾ پڙهي ۽ مجيب اظهار ميراڻيءَ وٽ فري ۾. مان عادل ۽ مجيب کي حسابن جي Practice پريڪٽس ڪرائيندو آهيان ۽ اکر لکي ڏيندو آهيان. آءٌ U.S.A سينٽر جو فيئر بوڪ به Complete ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻن هفتن بعد ٽيسٽ آهي جنهن جي ڪوشش ڪري اڄ کان تياري شروع ڪندس ۽ پکن جي دوڪان تي پڻ وڃان پيو. 8 تاريخ جولاءِ جي آڪسفورڊ تي امداد قاضيءَ جو اسوا طرفان ليڪچر منعقد ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ٽاپڪ (گلوبلائزيشن جي دور ۾ سنڌي شاگرد جو مستقبل) جيڪا قاضيءَ خط ۾ غلط لکي آهي.
    او يار مان تقريبن مهيني سوا کان شيوِ نه ڪرائي اٿم ۽ هر ڪو چوري ٿو Shave ڪراءِ جواب ۾ آءٌ کين چوان ٿو ” پنج روپيا ڏي“ يا ”ڇا ڀلا تو تي تنهنجي ڳٽن تي آهي جو چوين ٿو ته ڏاڙهي ڪٽراءِ“ پر اڄ پاڻ ئي وڃي Clean Shave ڪرائيندس ڇو ته پاڻ کي ئي بُرو ٿو نظر اچان!؟ (نوٽ تصور ڪندا). هي خط گڊوءَ جي دوڪان تي لکان پيو توکي ڏاڍا سلام پيو ڏئي ۽ بيحد بيحد سلامن ته ابا ۽ ادا جا سلام ياد پيا به قبول فرماءِ. شڪريه.

    ارشد نواب ميراڻي


    (83)
    ڏوڪري
    27-06-2001
    دوست، عيسيٰ ميمڻ.
    قومي قيدي سينٽر جيل سکر.
    السلام عليڪم!
    توهان جا خط گهڻن ايلازن کان پوءِ اڄ تاريخ 27 جون تي راشد! وٺان پڙهڻ لاءِ مليا جڏهن تون راشد ڏي خط لکيو هو ته مون کي امام بخش ٻڌايو هيو ته عيسيٰ راشد ڏي خط لکيو آهي انهيءَ لاءِ ٻئي ڏينهن راشد مليو انهيءَ کان تنهنجو حوال پڇيم جنهن چيو ته عيسيٰ خط لکيو آهي توڏي سلام موڪليا اٿئين. مون راشد کي چيو ته خط کڻي اچجانءِ ته پڙهان جنهن چيو ٺيڪ آهي مان کڻي ايندس. مگر انهيءَ کي ڪجهه ڏينهن گذريا ته مون پڇيو مانس ته خط اڃان ڪو نه کڻي آئين چيائين مون کان ڳالهه وسري وئي. انهيءَ تي مون راشد سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. جنهن تي راشد کِلي چيو ته اهڙي ڳالهه ڪو نه آهي. جڏهن ته مون کي ڪاوڙ به هئي مون ڳالهه مٽائي ان کان پڇيو ته ڪيڏانهن پيو اچين جنهن چيو ته عيسيٰ جي پيءٌ ڏانهن موٽي رهيو آهيان انهيءَ مهل مان عرفان موريي سان چڪر تي نڪتو هيس ته راشد، احمد جي هوٽل کان مليو جنهن مون کي چيو ته يار معافي ڏي سڀاڻي ڪيئن به ڪري عيسيٰ جا خط کڻي ايندس. مون چيو ٺيڪ آهي ۽ چيومانس ته سڀاڻي گڏجي عيسيٰ جي پيءٌ ڏي هلنداسين. انهيءَ لاءِ اڄ ٻئي ارشد ۽ راشد ٻئي گڏجي آيا ۽ تنهنجا خط پڻ کڻي آيو جنهن کان پوءِ تنهنجي سڄي حال جي خبر پئي. انهيءَ لاءِ هاڻي گهر ڏي ڪو خيال نه ڪجانءِ. اڄ مان چاچي سان ملڻ ويندس جيڪا مون کان مدد ٿي سگهي اها به ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪنهن به شيءَ جي ضرورت پئي ته مان وٺي ڏيندس. تون ڪنهن به ڳالهه کان نه گهٻرائجانءِ، جيڪو تون قوم لاءِ جذبو رکين ٿو هن ننڍي عمر هوندي به هيڏو وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي انهيءَ لاءِ خدا توکي انهيءَ ۾ ضرور ڪامياب ڪندو. ڇو ته خدا ڪڏهن به ڪنهن جي محنت ڪو نه وڃائيندو آهي. انهيءَ توهان (جسقم) وارن جيڪا پنهنجي گهر وارن جي پرواهه نه ڪندي خاص ڪري تون جو پنهنجي گهر جو تون پاڻ اڪيلو فرد آهين جو پنهنجي گهر وارن بغير ڪنهن پرواهه جي ڇڏي ويو آهين. انهيءَ لاءِ به وڏي دل گهرجي ٿي. باقي توتي جيڪي تنقيد ڪن ٿا، انهن جي توکي پرواهه ناهي ڪرڻي ڇو ته هر ڪو پنهنجي قبر پاڻ ڇڏائيندو آهي.
    باقي تنهنجي مون ڏي هڪ نه پر کوڙ ساريون مياريون هونديون ڇو ته مان توڏي اچي ڪو نه سگهيو آهيان انهيءَ لاءِ تون منهنجي مجبورين کان آگاهه آهين. ڇو ته اڃان مان تو وانگر دلير يا آزاد ڪو نه ٿيو آهيان. خير تنهنجو ساريون ميارون مون کي قبول آهن. بس خدا توکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري ۽ خير سان تون پنهنجي والدين سان اچي ملين ڇو ته اسان کي به سڪ لڳي آهي. هونءٌ ته تنهنجا پيءٌ ماءٌ ۽ ڀينر ڀائر جن سان تون ننڍپڻ وٺي گڏ رهيو آهين شايد انهيءَ سڀنن کان هي پهريون ڀيرو جدائي هوندي ۽ خبر اٿئي ته پهرئين جدا ئي ڪيڏي نه ڏکي هوندي آهي. انهيءَ جي مون کي سُڌ آهي. هونءٌ پين ساٿ ڇڏي وئي وري ٻي کنئي آهي ڇو ته انهيءَ پين کي جدائي جي ڳالهه پسند نه هئي ۽ انشاءَ الله تون جلد اسان سان پنهنجي والدين سان گڏ هوندين انهيءَ دعان سان جتي به هجو سُکيا هجون اسان جي دعا اِها.
    توهان جو پنهنجو دعاگو
    منير ”ايس“ سومرو
    (84)
    ڏوڪري
    24-06-2001
    منهنجا عيسيٰ
    جوائنٽ سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري.
    مون کي شديد احساس آهي ته مان ادبي سنگت طرفان تو لاءِ ڪو بيان به اخبار ۾ نه ٿو ڏئي سگهان. ڪجهه هٿ ٺوڪين اصولن جي بنياد تي جن کي نه چاهيندي به مڃڻو ٿو پوي. ان لاءِ معذرت. مون کي پڪ آهي ته تون ڪِٺُ آهين ۽ توکي سُرو نه ٿو کائي سگهي، جڏهن کان تون جيل ويو آهين مان اهوئي سوچيندو آهيان ته تون جيل ۾ آهين؟ تنهنجي والد صاحب سان ملڻ جلڻ آهي ۽ مون اهو به چيومانس ته ڪوئي به ڪم هجي ته حجاب نه ڪجو. راشد تو واري سلسلي کي هلايون پيو اچي. سحر خوش نصيب ٿو سمجهان جنهن جو Sir باغي آهي. اي رولو ڇورا ماڻهو توسان پيار ڪرڻ لڳا آهن ۽ مان به. پر ٿورو سرس. ڪو ڪم هجي ته ضرور چٺي لکجانءِ.
    تنهنجو
    حاڪم مڱريو



    (85)
    ڏوڪري
    29-06-2001
    پيارا عيسيٰ!
    خط مليو پڙهي سرهائي ٿيم، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان ڇو ته تون پنهنجي نظريي تي اٽل رهيو آهين، اهائي منهنجي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي جو تو جهڙو دوست ملي پيو. جيڪو باهمت، خود اعتماد ۽ جرئت مند آهي. بلڪل سيد وانگي جنهن هڪ آدرش حاصل ڪرڻ لاءِ پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي. اهائي وڏي ڳالهه هوندي.
    چاچي وارن جي لاءِ ڳڻتي نه ڪجان، ڇو ته هو مطمئن آهن. سڀني دوستن پاران سلام.
    تنهنجو ساڳيو ئي
    امام بخش ٻُٽُ






    (86)
    ڏوڪري
    22-06-2001
    پيارن کان پيارا عيسيٰ ميمڻ
    السلام عليڪم!
    ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن ته ملاقات نه ٿي سگهي آهي. تنهنجو روز صبح جو اچڻ ته وسري ئي نه ٿو. ڪيئن صبح جو ايندي هئين ٻئي هڪ ئي اسٽول تي ويهندا هياسين. (فلمن ۾ اڪثر اداڪار اهو استعمال ڪندا آهن ته هن سان گذاريل شامون مان ڪيئن وساريان. پر هتي وري ان جي ابتڙ آهي اهو هينئن ته مان توسان گذاريل صبح ڪيئن وساريان. عيسي! تو کي چڙ ڏاڍي لڳي هوندي جو مان توهان ڏانهن خط نه لکي سگهيس. سو ڪاوڙ جَهڪي ڪر ته حقيقت ٻڌايانءِ. ڪجهه ڏينهن مون هڪ خط لکيو هيو پر بدقمستيءَ سان اهو خط تو تائين نه پهچي سگهيو چوندا آهن ته (ڏکي کي ڏک به گهڻا) بهرحال تون پنهنجو حوال ڏي ڪيئن ٿي جيل جي زندگي لڳي؟ هڪ ڳالهه ته مون کان وسري وئي اُها اِها ته رڳو تون اڪيلو جيل ۾ نه آهين پر هر هڪ سنڌي مختلف حوالن سان قيد ۾ آهي پر ڪا ڳالهه نه آهي. نيٺ ته پڃرو پرزا ٿيندو پوءِ پکيئڙو وطن تي ويندو. ٻيو خير وڌيڪ حالَ احوالَ روبرو ٿيندا.
    هڪ ڳالهه ٻُڌُ جيل ۾ رهي گهڻي کان گهڻو سِکُ ته قيد ڇا آهي؟ 15 کان 20 ڏينهن جيل ۾ گذاري منهنجي ڀيٽ ۾ تمام اذيت ناڪ تڪليف سَهي وڏو ڪارنامو تون ڪري ڏيکاريو آهي. پر رابندر ناٿ ٽئگور جي ڀيٽ ۾ ته اها تڪليف اُٺ جي ڀرسان ڪِوِل بيٺل ٿي لڳي. عيسيٰ جيل ته ڳالهه هئي نه آهي. اسان کي ته اڃان گهاڻِنِ ۾ پيسجڻو ۽ زهر جا پيالا پيئڻا آهن. عيسيٰ ٻُڌُ بور ته نٿو ٿئين نه؟ چڱو کِلُ ته موڪلايون.
    خدا حافظ
    بني ڀان
    (87)
    ڏوڪري
    15-06-2001
    پيارا عيسيٰ!
    سلامت رهو!!......
    توهان جا خط راشد معرفت پڙهڻ لاءِ مليا. پيارا مون کي بيحد فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ تون ۽ تو جهڙا هزارين ڪارڪن ”محترم بشير خان قريشي“ جي اڳواڻيءَ ۾ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيا آهيو ۽ ان سان گڏ اهيو افسوس پڻ اٿم ته هن ماتا ڌرتي جي وجود جي بقا لاءِ هلندڙ جنگ ۾ اڃان تائين توهان جو ساٿ نه ڏئي سگهيو آهيان. جنهن لاءِ تاريخ مون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ ضمير پڻ ملامت ڪندو رهندو.
    عيسيٰ هر ماءٌ، پيءٌ جي خواهش هوندي آهي ته سندن اولاد سُڌري هڪ عظيم منزل ماڻي ۽ معاشري ۾ سندن رتبو اعليٰ هجي. دوست ديس جي وجود جي بقا لئه وڙهندڙ جيڪڏهن مارجي وڃي ته ”شهيد“ پر جي فتح ماڻي ته ”غازي“ سڏبو آهي. پر ديس جي وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ والدين جي اجازت ضروري آهي. توهان به شايد چاچا سائين جو ناراضپو کڻي نڪتا هُيئو. انهيءَ ڳالهه جو بيحد افسوس اٿم. توهان جي وڃڻ کان پوءِ 11 جون تي ڪارڪنن تي تشدد ٿيڻ، ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيڻ ۽ هڪ نوجوان شهيد ٿيڻ جو ٻڌي تمام گهڻي پريشاني ٿي. ٻيو اهيو خوف ورائي ويو ته ڪٿي توهان تي به تشدد نه ڪيو ويو هجي ۽ توهان جا والدين به تمام گهڻو پريشان ٿيا آهن. مگر 12 جون تي توهان جو خط مليو. جيڪو پڙهي سموريون پريشانيون دور ٿي ويون ۽ وري ڪجهه دوستن به توهان جي خيريت جي خبر ڏني. جنهن کان پوءِ اسان چاچا سائين کي وڃي توهان جو خط ڏنو ۽ ان کي مطمئن ڪيوسين ۽ وري سارنگ ماڇي به ان کي دلاسا ڏئي ويو هيو. هو پوري طرح مطمئن هو ۽ توهان جا سڀ گهر وارا به مطمئن آهن. رات چاچا مليو ۽ ان سان وري ڪچهري ڪئي. ان چيو ته جيڪڏهن عيسيٰ ڏانهن خط لکو ته ان کي چئجو ته جيڪڏهن ميدان ۾ لٿو آهين ته مڙس ٿي مُنهن ڏجان (مقابلو ڪجان). متان ڀاڙيو ٿي پوين، مون کي ۽ دوستن کي لڄائي وجهين. تون ته پوءِ به پنهنجي ديس ۾ آهين. اسان ته سعودي ۾ به جيل ڪاٽيا ۽ هن ديس جي آزاديءَ لاءِ آئون هڪ ته ڇا پر هزارين عيسيٰ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هاڻي هو تمام گهڻو خوش آهن ۽ دوستن جو پريشانيون به دور ٿي ويون آهن. وڌيڪ لاءِ منهنجي طرفان ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته آئون حاضر آهيان ۽ خط لکجان ۽ ٻيو ته مون ”ارتقا جي ڪهاڻي“ پڻ پڙهي پورو ڪيو. هاڻي ته يقين ٿي ويو اٿم ته همراهه جو ڪو به وجود نه آهي ۽ اهو صرف تصور آهي. توهان جي عظمت کي سلام آهي جو مون جهڙي Absent Minded ماڻهو کي توهان اونداهه مان ڪڍي روشني ۾ آندو آهي.
    راشد ۽ بني سان به هر روز ملندو آهيان ۽ اسان جي گفتگو جو اڪثر موضوع توهان هوندا آهيو. توهان جي وڃڻ کان پوءِ رات جو ارشد وارا به ڪچهريءَ تي نه ٿا اچن ۽ مان به واندو ويهي تنگ ٿي پوندو آهيان ۽ توهان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي Study به رڪجي وئي آهي. هاڻي جلدي ٻاهر اچ ڇو ته تون هڪ واعدو به ڪيو هيو. جيڪو به نه پاڙيو اٿئي. ياد اٿئي يا نه ”مائو کارائڻ وارو“؟!!! باقي هتان جي ڪا به ڳڻتي نه ڪجان. توهان جا والدين به خوش آهن. ڪاش توهان جي والدين جهڙا منهنجا والدين هجن. جي هِن ڌرتي جي وجود جي بقا لاءِ هلندڙ جنگ ۾ مون کي به وڙهڻ (حصو وٺڻ) جي اجازت ڏين پر هو ائين ڪو نه ڪندا. Sir Anwar به توهان جو هر روز پڇندو آهي توهان کي”جيئي سنڌ“ چيو اٿس.
    نوٽ: هن خط ۾ جيڪڏهن غلطيون هجن ته انهن جي نشاندهي ڪجانءِ ۽ مون کي معاف ڪجان. ڇو ته مون جهڙي Absent Minded ماڻهو وٽ لفظن جو هڪ محدود ذخيرو آهي. جيڪو هِن خط ۾ استعمال ڪيو اٿم. پر اڃان لفظن جي مون وٽ تمام گهڻي کوٽ آهي. جنهن لاءِ اميد اٿم ته زندگي جي هر موڙ تي رهنمائي ڪندو رهندين. هميشه حق ۽ سچ واري واٽ ڏسيندو رهندين. وڌيڪ بحث مباحثا ۽ ڪچهريون تنهنجي ٻاهر اچڻ کان پوءِ ٿينديون. في الحال اندر آرام ڪري وٺ. متان اهڙو سڪون نه وري نصيب ۾ نه اچئي، جيل ۾ آرام ڪرڻ جو به پنهنجو مزو اٿئي. وڌيڪ لاءِ موڪلاڻي ڪانهي پر موڪلايون ٿا وري ملڻ لئه. جيئي سنڌ.
    سنڌ مقدس عقيدو ايمان آ،
    سنڌ گيتا، سنڌ انجيل ۽ قرآن آ.
    تنهنجو ساڳيو
    امام بخش ٻُٺ

    (88)
    ڏوڪري
    24-06-2001
    يارَ عيسيٰ!

    اڄ توکي جيل ٻيو هفتو پورو ٿي ويو آهي. خبر ناهي ته آخر توهان کي آزاد ڇو نه ٿا ڪن ۽ تون دڪان جي اڳيان لنگهندو هئين ته ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسين. جڏهن کان تون ويو آهين ته دل به بي چين ٿي پئي آهي. منهنجو ارادو هيو ته خط پٽ ئي لکانءِ ته ڪير تو ڏانهن ملاقات ڪرڻ ڪير ٿو اچي يا ڪير نه. بهرحال مون کي معاف ڪجانءِ. اهي به راشد جون مهربانيون آهن جو مون کان وٺي توهان ڏانهن موڪلڻ لاءِ خط ورتو اٿئين. وڌيڪ پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهه. الطاف مڱڻهار چيو ته شڪر الحمد الله جو جيل پئين. ڇو جو هاڻي پڪو ڪامريڊ ٿيندين. سڄي سنگت لاءِ سلام.

    تنهنجو ساريندڙ
    عبدالغفار ڪنڀر


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258283
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386404
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ