ڪتاب جو نالو: 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: عظمت اڪيڊمي حيدرآباد
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 03 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 446 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 144 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ“ نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي جو لکيل آهي. 1857ع جي جنگ، جيڪا ننڊي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ پهرين ۽ اهم جنگ هئي، انهيءَ ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڪردار هو، تنهن کان گهڻن ڀائرن خاص ڪري نوجوان نسل کي واقفيت نه هوندي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ تي دادا سنڌيءَ جي هيءَ تخليق نهايت معلومات ڀريل ثابت ٿيندي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ۽ ٻيا عام ماڻهو به جيڪي سنڌ سان دلچسپي رکن ٿا تن جي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپرائيندڙ طرفان
  • انتساب
  • مهاڳ
  • پيش لفظ
  • ڀاڱو پهريون

  • تعارف
  • انگريزن جو بر صغير ۾ اچڻ
  • انگريزن جو سياست ۾ حصو وٺڻ
  • انگريزن جون زيادتيون
  • تحريڪ جي تنظيم ؛-
  • تحريڪ جي شروعات؛
  • انگريزن جون انتقامي ڪاروائيون
  • ڀاڱو ٻيون : آزادي جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو

  • تعارف
  • سنڌ ۾ آزادي جي تحريڪ
  • سنڌ ۾ تحريڪ جا مرڪز
  • سنڌي غدارن جون ڪارگذاريون

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    جملي حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ
    مصنف : داداسنڌي
    موضوع : تاريخ
    ٽائيٽل : فتاح هاليپوٽو
    ڪتابت : روشن الدين نهڙي
    ڇاپو : پهريون
    سال : ڊسمبر 1987ع
    قيمت : 8 روپيا
    هي ڪتاب م – ع ميمڻ، عظمت اڪيڊميءَ طرفان احمد برادرس پريس ناظم آباد ڪراچيءَ مان ڇپرائي 13 نظام لاج گاڏي کاتو حيدرآباد مان پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي جو لکيل آهي.
    1857ع جي جنگ، جيڪا ننڊي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ پهرين ۽ اهم جنگ هئي، انهيءَ ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڪردار هو، تنهن کان گهڻن ڀائرن خاص ڪري نوجوان نسل کي واقفيت نه هوندي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ تي دادا سنڌيءَ جي هيءَ تخليق نهايت معلومات ڀريل ثابت ٿيندي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ۽ ٻيا عام ماڻهو به جيڪي سنڌ سان دلچسپي رکن ٿا تن جي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو.
    1857ع جي جنگ آزادي جيڪا هتان جي عوام پنهنجي کسيل آزادي ۽ وڃايل سياسي ساک ۽ قومي وقار کي بحال ڪرائڻ لاءِ هڪ انگريز سامراجي قوت سان لڙي سا اسان جي تاريخ جو عظيم باب آهي. پر اها آزادي جي تحريڪ پنهنجن جي غداري ۽ ستم ظريفي جو شڪار ٿي ويئي ۽ اسان ٻيهر مضبوط ۽ سخت گرفت ۾ اچي وياسون ۽ ان کان پوءِ جيڪي اسان سان ظلم ۽ تعديون ٿيون، اهي تاريخ جا المناڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ قصا آهن.
    هي ڪتاب عظمت اڪيڊمي حيدرآباد پاران 1987ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپرائيندڙ طرفان

    اداري جو ٻائيتاليهون ڪتاب حاضر آهي. هي ڪتاب الڳ ڇپرايل ڪتابن کان مختلف آهي. انهيءَ لحاظ کان ته هي روايتي ٽائپ ۾ ڪمپوز ٿيل نه آهي. پريس جي ڇپائي هاڻ تمام مهانگي ٿي پيئي آهي ۽ انهيءَ ۾ دير به گهڻي ٿي لڳي، اهو سوچي اسان ڪتاب ڪرائي ڪتاب ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو نئين انداز ۾ ڇپرايو ويو آهي. اڄڪلهه سئو صفحن جو ڪتاب 10 روپين ۾ ملي ٿو ڪرائون سائيز ۾، اسان 100 صفحن جو ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ توهان کي اٺ روپين ۾ ڏيئي رهيا آهيون، انهيءَ اميد تي گهٽ قيمت ۾ وڌيڪ مواد تي ٻڌل اسان جي ڪوشش پڙهندڙ ڀائرن کي قبول پوي.
    هي ڪتاب محترم دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. جيڪو هن کان اڳ به سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ 1857ع جي جنگ، جيڪا ننڊي کنڊ جي آزادي لاءِ پهرين ۽ اهم جنگ هئي، انهيءَ ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڪردار هو تنهن کان گهڻن ڀائرن کي واقفيت نه هوندي. انهيءَ ڪري آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي داداسنڌيءَ جي هيءَ تخليق نهايت معلومات ڀريل ثابت ٿيندي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ۽ ٻيا عام ماڻهو به جيڪي سنڌ سان دلچسپي رکن ٿا تن جي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو.
    محترم دادا سنڌيءَ جا لک ٿورا جي پنهنجي هڪ نهايت اهم تصنيف ڇپرائڻ لاءِ اسان جي حوالي ڪئي، انهيءَ اعزاز جو اسين مان رکي سگهيا آهيون يا نه، تنهن جو فيصلو پڙهندڙ ڀائرن تي آهي.
    هن ڪتاب سان گڏ محترم رشيد ڀٽي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”جڏهن جهوڪ جهريو“ به پيش ڪري رهيا آهيون. جيڪو ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي.
    اسين پنهنجي هن ڪتاب جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ متعلق پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار ڪنداسين.

    ساٿ سلامت
    عمر ميمڻ


    انتساب

    1857ع جي جنگ آزادي جي سنڌي سورمن، دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسي ۽ شاهه عنايت جي نالي. جن سورهين رت ڏيئي عالمي تاريخ ۾ سنڌ جو نالو بلند ڪيو.

    اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪ ڦڙا ڪنهن لڙڪ ڦڙا
    جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان وڌ ڪمائي ويا


    مهاڳ

    آزادي قدرت جي عظيم نعمتن مان هڪ آهي. منڍ کان ئي پاڪيزه فطرت انسان ۾ آزادي جو عنصر رکيو آهي. دنيا جون قديم قومون آزادي کي ديوي جو درجو ڏيئي انجي پوڄا پاٽ ڪنديون آهن. اهو ئي سبب آهي. اهو ئي سبب آهي جو، اهي انسان جيڪي آزادي لاءِ سر قربان ڪندا آهن ۽ مرڪندي موت جي سيج ماڻيندا آهن. انهن جا نالا قوم لاءِ سرمائيه حيات باعث فخر هوندا آهن. ان ڪري زنده قومن پنهنجن بهادرن ۽ دليرن جو وَر وَر نڪري ڪري، سندن سونهري ڪارنامن کان پنهنجي نئين نسل کي واقف ڪري، منجهن انهن جهڙو جذبو پئدا ڪنديون آهن. اسان به هڪ آزاد ۽ خوددار قوم جا فرد آهيون. جڏهن برطانوي سامراج اسان کي غلامي جي ڪُن ۾ غرق ڪرڻ ٿي چاهيو. تڏهن اسانجن سوڍن ۽ سورمن، جيڪي جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو خون وهايو اهو داستان اسان لاءِ باعث عبرت به. برطانوي حڪومت کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي پهرين تحريڪ 1857ع جي جنگ آزادي آهي. هي جنگ هندستان جي سرفروشن ۽ مجاهدن جو هڪ خوني داستان آهي.
    هن جنگ ۾، سنڌ به هندستان جي ٻين صوبن کان پٺٽي نه رهي، هتان جي مقدس متبرڪ زمين به شهيدن جي خون سان رچي ريٽي بڻجي پئي. ان جي ناڪامي جو وڏو سبب چند ضمير فروش ۽ وطن جي ويرين جي ڪارڪردگي هئي سنڌ ۾ 1857ع جي واقعات کي هميشه وانگر، بعد جي مورخن ڪابه اهميت ڪانه ڏني، جيڪا سنڌ جي تاريخ سان کلم کلا مذاق آهي. هن وقت تائين، جيڪي به مفصل ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ سنڌ جي قربانين جو ڪوبه ذڪر نه ڏنو ويو آهي، پر هي حقيقت آهي ته خون ڪنهن جو به رائيگان نه ويندو آهي ۽ سنڌ وارن جون هي قربانيون تاريخ جي ورقن تي غير لافاني ۽ لازوال رهنديون.
    جيئن هن موضوع تي اڳ سنڌي زبان ۾ ڪوبه ڪتاب ڪين لکيو ويو آهي، ان ڪري ڪوشش ڪئي آهي ۽ خاص ڪري انگريز حڪومت جي زيادتين جو وضاحت سان ذڪر ڪري، ان جي اسباب کي کولي بيان ڪيو آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ طرفان 1857ع ۾ ادا ڪيل ڪردار کي مفصل لکيو اٿم. هن موضوع تي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن تان وکريل مواد کي کڻي، گڏ ڪري، قارئين ڪرام، آڏو پيش ڪريان ٿو. اميد آهي ته اسان جا نوجوان دوست، هن کي پڙهي، پاڻ مان بزدلي، ڪانئري ۽ بي ستي کي ڪڍي ڦڙت، بهادر ۽ سجاڳ ٿي وطن ۽ قوم لاءِ ڪارگر فرد بنجي سگهندا. ٿي سگهي ٿو ته اڄ جي نونهالن ۾ به ڪي شاهه عنايت، دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسو ۽ جانو جکراڻي جهڙا فرد هجن، جن جنگ آزادي ۾ حصو وٺي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي چلهه جا مارنگ نه آهن ۽ گندي جي موت کي دشمن جي وچ ۾ مرڻ واري موت کان گهٽ ڄاڻيندا آهن. ساڳئي وقت هن ڪتاب لکڻ جو هي به مقصد آهي ته مان اڄ جي دانشور کي اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ڪجهه هن طرف به ڌيان ڪن. مثال سماهي مهراڻ جي ” آزادي نمبر“ ۾ هن موضوع تي ٻه اکر به ڪونه لکيا ويا. صرف پيرن، ميرن، سفيرن، وڏيرن ۽ وزيرن کي آزاد ي جي تحريڪ جو چئمپين ڏيکاريو ويو آهي، پر غريب سپاهي سنڌين جو نالو وٺڻ به جرم سمجهيو ويو آهي.
    آخر ۾ مان محترم محمد عمر ميمڻ جو مشڪور آهيان، جنهن هن ڪتاب جي اشاعت جي زيور سان آراسته ڪري، اوهان جي هٿن تائين پهچايو ۽ ڊاڪٽر زرداري صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجو قميتي وقت سيڙائي پيش لفظ لکي ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو ڪيو آهي.

    ٿور انه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻان ڪيترا

    دادا سنڌي
    داد لغاري
    10 مارچ 1987ع


    پيش لفظ

    تاريخ جي موضوع تي اڄڪلهه تمام گهٽ ڪم ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ محنت طلب موضوع آهي، جنهن ۾ خون پسينو وهائي، اکين جو نور نچوئي، ذهني ڪاوش ڪري، ڪنهن هڪ موضوع کي، تاريخ جي رنگ ۾ قوم آڏو پيش ڪيو وڃي ٿو. تاريخدانن جي سوچ جي پيڙا، صرف ۽ صرف اها هوندي آهي ته هو گم ٿيل ورق اٿلائي، ماضي کي موجوده حالتن سن ڀيٽي ڪا ياد تازه ڪندو آهي، جنهن کان نوجوان نسل بي خبر هوندو آهي، زندهه قومون، پنهنجي تاريخ ۽ تاريخي ورثي سان پيار ڪنديون آهن، تاريخ قومن لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ، دوست ۽ دشمن کان خبردار ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي. تاريخ ئي قومن کي سياسي شعور بخشي ٿي، ٻيو ادب پڙهندڙن کي ذهني عياشي سان گڏ، سماجي شعور ضرور ڏيئي ٿو. پر تاريخي ادب پڙهندڙ کي ذهني سوچ ۽ فڪر ڏيئي سندس ڄاڻ ۽ سمجهه ۾ اضافو آڻي ٿو.
    سنڌ جي تاريخ به دنيا جي ٻين تاريخن وانگر دکدائڪ قصن ۽ ڪهاڻين سان ڀريل آهي. اهو به اٽل اصول آهي ته جيڪڏهن نمڪ يا کاري کٽي شيءَ نه هجي ها ته سٺي شيءَ جو قدر نه ٿئي ها، هي ڪوڙ آهي، جنهن سچ جو مان مٿي ڪيو آهي. غدارن ۽ مفاد پرستن جي وجود جي ڪري، محب وطن ۽ قومي ڪارڪنن جو مان ۽ مرتبو وڌيو آهي. غدار صرف ۽ صرف پنهنجن مان پئدا ٿيندا آهن. ڪنهن به ڌارئي کي غدار نه چيو ويندو آهي. ڌاريو، ڌوڪيباز ۽ دشمن ٿي سگهي ٿو، پر ان کي غدار جهڙي منحوس خطاب سان منسوب نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ساٿي، دوست ۽ همدرد کي ئي بي وفا، لالچي يا ڌوڪيبازي وارو ڪردار ادا ڪندڙ کي ئي غدار جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو. جهڙي طرح امام حسين ع کي، شهيد ڪرائڻ وارا ڪوفي محب وطن ۽ فدائي سڏائڻ وارا هئا. امام ابو حنيفه کي قيد ڪرائڻ ۽ زهر کارائڻ وارا سندس شاگرد ۽ مريد هئا. شاهه ولي الله جي خلاف فتوى ڏيڻ وارا ۽ قيد جي سازش ٺاهڻ وارن ۾ سندس شاگرد ۽ مريد هئا. اسان جي تاريخ ۾، بنگال جي مير جعفر، سنڌ مان سيٺ نائومل ۽ ميرعلي مراد انگريزن جا جاسوس، همدرد ۽ پنهنجن هم وطنين جا غدار سمجهيا وڃن ٿا. تاريخ ۾ حڪيم احسان الله خان منشي رجب علي، مولوي عبدالقادر يا ذڪاءُ الله سڀ انگريزن جا جاسوس ۽ قوم جا غدار هئا. جن قومن سان غداري ڪري، ڌارين سان گڏجي سازشن ۾ شريڪ ٿيا.
    جتي غدار پئدا ٿيندا آهن، اتي محب وطن، قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن به جنم وٺندا آهن. هڪ قومي غدار، هزارن ۽ لکن قومي ڪارڪنن جي جان وٺندو آهي ۽ اهڙي طرح قوم کي مصيبت ۽ غلامي ۾ قيد ڪرائي ڌارين وٽ سرخرو ٿيندو آهي.
    1857ع جي جنگ آزادي جيڪا هتان جي عوام پنهنجي کسيل آزادي ۽ وڃايل سياسي ساک ۽ قومي وقار کي بحال ڪرائڻ لاءِ هڪ انگريز سامراجي قوت سان لڙي سا اسان جي تاريخ جو عظيم باب آهي. پر اها آزادي جي تحريڪ پنهنجن جي غداري ۽ ستم ظريفي جو شڪار ٿي ويئي ۽ اسان ٻيهر مضبوط ۽ سخت گرفت ۾ اچي وياسون ۽ ان کان پوءِ جيڪي اسان سان ظلم ۽ تعديون ٿيون، اهي تاريخ جا المناڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ قصا آهن.
    محترم داداسنڌي، جنگ آزادي جي موضوع تي قلم کڻي، واقع قوم کي هڪ تاريخي آئينو ڏيکاريو آهي. جنهن ۾ جتي محب وطن ۽ قومپرستن جا لاش، لال لهو ۾ تڙپندا نظر اچن ٿا ۽ ڪي ڦاسي لٽڪندا ۽ توبن ۽ ڦٽڪن جي عذاب ۾ سامهون نظر اچن ٿا. اتي ڪن غدارن جا به عڪس ۽ ڪارناما ظاهر ٿين ٿا. داداسنڌي 1857ع ۾ انگريز. حڪمرانن جا ظلم ۽ قومي ڪارڪنن جي قربانين تي تفصيل سان روشني وڌي آهي. سنڌ هن سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو سو اسان جي قومي تاريخ جو اهم ورق آهي، پر افسوس جو ان بابت ڪٿي به تفصيلي ذڪر نه ڪيو ويو آهي. داداسنڌي هن ڪتاب ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد کي سامهون رکي هي ڪتاب لکي هڪ بهترين ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي. هي ڪتاب نه صرف ڪتبخانن ڪي زينت ۾ اضافو آڻيندو، بلڪ باشعور ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي، قومي شعور ۾ واڌارو آڻيندو، بيشڪ محترم داداسنڌي محنت ڪري، هڪ اهم موضوع کي قوم جي آڏو پش ڪيو آهي. جنهن ۾ نه صرف کيس داد ڏجي. بلڪ هو مبارڪباد جو حقدار آهي، جنهن هڪ قومي فرض ادا ڪري هڪ اهم پيغام ۽ سنيهو ڏنو آهي.

    مورو سنڌ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
    8 جون 1987ع ايم- پي،پي- ايڇ - ڊي


    ڀاڱو پهريون

    تعارف

    مئي 1857ع جي جنگ آزادي اسان جي سياسي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿي. پوءِ ان کي ڪنهن غدار سڏيو ڪنهن بغاوت سڏيو. ڪنهن بلوو سڏيو ته ڪنهن وري ناڪام تحريڪ سڏيو. پر تاريخ شاهد آهي ته هي عظيم تحريڪ هتان جي عوام طرفان پاڻ کي غيرملڪي تسلط کان آزاد ڪرائڻ ۽ سامراجي اقتدار جي خلاف، هندستان گير جدوجهد ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿي. هي انگريزن خلاف ابتدا به آهي ته هڪ منزل به آهي. جيتوڻيڪ ان جنگ جي نتيجي ۾ آزادي حاصل ٿي ڪانه سگهي. پر اسان جي ”آزادي جي تاريخ“ جو هڪ سونهري ورق آهي. پنهنجي مقصد سان سچائي، آزادي سان محبت، حريت سان چاهه، اسلام دوستي، شرعي اصولن جي پابندي، جهاد جو جذبو، سورمي سان سِڪ، موت جي مرڪي آجيان ڪرڻ هن جنگ جا زرين پهلو آهن. هي اسان جي سرفروشن۽ مرد مجاهدن جو هڪ خوني داستان آهي. جنهن ۾ پوئين نسل لاءِ هڪ سبق آهي، ولولو آهي، جذبو آهي ۽ تڙپ آهي، آزادي جي جدوجهد ۾ هن جنگ کي، دنيا جي عظيم ڪارنامن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. روزانه الجميعت جو ايڊيٽر لکي ٿو ته ”جنگ آزادي ڪنهن هٿيار جو نالو نه آهي، پر هي ان جذبي جو نالو آهي، جيڪو افراد ۾ حب الوطني جي چڻنگ دکائي غير ملڪي تسلط کان نجات حاصل ڪرڻ جو ولولو پئدا ڪري ۽ ان جي مقصد جي پورائي لاءِ، جان ۽ مال جي قرباني ڪرڻ جي دعوت ڏي.“
    مشهور مورخ آر- سي مجمدار لکي ٿو ته ” 1857ع جي جدوجهد، سچ پچ هندستان ۾ برطانوي راج خلاف، سڀ کان وڏي تحريڪ سمجهي ويندي جنهن بيشڪ ان قومي تحريڪ کي اڀاريو جيڪا اڌ صدي کان پوءِ شروع ٿي. هن بغاوت، ايندڙ تحريڪن کي زو وٺرايو ۽ ان ۾ حصو وٺندڙن ۾ همت پئدا ڪئي.“ هي تحريڪ جيتوڻيڪ ان وقت وطن جي ويرين، جاگيرن جي بکين، پئسي جي ٽَٽُن ۽ ضمير فروش مُلن جي ڪري ناڪام ٿي ويئي، پر هن انگريزي راڄ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ۽ انگريزن کي ذهن نشين ڪرايو ته هتان جي غيور عوام، پنهنجي شعائرن جي بربادي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندي ۽ هت حڪومت ڪرڻ گلن جي سيج نه آهي ۽ نه وري اڪ جي ماکي لاهڻ آهي. پر هت هر قدم قدم تي سوڍن سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ ڪنڊن جي راهه تي هلڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جنگ لاءِ لارڊ ڪنگ کي لکڻو پيو ته ” دراصل هي جنگ لاءِ لارڊ ڪنگ کي لکڻو پيو ته ” دراصل هي جنگ، منتشر شورش جي بدران هڪ منظم بغاوت هئي، جيڪا مذهبي مقصد لاءِ ڀڙڪائي ويئي هئي، فوجي سپاهي، صرف ان جا عملي پرزا هئا.“ هي جنگ صرف مسلمانن جي مذهبي تعصب جي ڪري نه لڙي ويئي، پر هي تحريڪ قومي پئماني تي هندن ۽ مسلمانن گڏجي پنهنجي پياري جنم ڀومي کي انگريزن کا ن آزاد ڪرائڻ لاءِ لڙي . ان ڪري جوسٽن مڪار ٿي لکيو ” هي بغاوت صرف سپاهين جي نه هئي، پر هي فوجي بي آرامي، قومي نفرت ۽ انگريزن سان مذهبي تعصب جو مليل جليل ثبوت هو. ڏيهي راجا ۽ فوج ان ۾ مڪمل طرح شامل هئي هندو ۽ مسلمان پنهنجا اختلاف وساري عيسائين جي خلاف ٿي بيٺا. “ هي جنگ هڪ منظم تحريڪ هئي، جنهن کي ڪيترن ئي سالن جي ڪوششن کان پوءِ شروع ڪيو ويو ۽ پوڙها خواهه جوان، ٻار يا ٻڍا، مرد توڙي عورتون سِر ان ڪفن ٻڌي ميدان جنگ ۾ ڪڏي آيا. ايس ايم گهوش جو چوڻ آهي ته ” هي ڪو اوچتو يا الڳ ٿلڳ واقعو نه هو، پر ساري ملڪ جا ليڊر وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي غير ملڪي حڪمرانن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پهرين منظم ڪوشش هئي، هڪ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنهن جو حاڪم اعلى، بهادر شاهه ظفر هجي.“

    ( ارڙهن سئو ستونجاهه جي جنگ آزادي ( اردو ) خورشيد مصطفي رضوي)


    انگريزن جو بر صغير ۾ اچڻ

    هي تحريڪ غير ملڪي تسلط، جيڪو انگريزن قائم ڪيو هو، ان خلاف هلائي ويئي، انگريز قوم 1400 ع ۾ انگلستان ۾ هندستان سان واپار ڪرڻ جي نالي سان ٺاهي ۽ ان لاءِ برطانوي حڪومت کي منظوري لاءِ درخواست ڏني، جنهن ۾ ڪمپني هڪ ٺهراءُ جو نقل به حڪومت کي پيش ڪيو. ان ۾ هو ته” ڪنهن به ذمينداري جي ڪم تي ڪنهن ايماندار فرد کي نه رکيو وڃي، ڇو جو ڪٿي ائين نه ٿئي جو شريفن کي نوڪر رکڻ سان ڪمپني جا ماڻهو ( حصيدار) شڪ ۾ پئجي وڃن ۽ پنهنجي رقم واپس ڪرڻ جي گهر ڪن“ اهڙي طرح دنيا جي هڪ ظالم ۽ ٻهروپي قوم، مختصر تجارتي ٽولي جي صورت ۾ 31 ڊسمبر 1602ع ۾ ملڪئه برطانيه راڻي اليزبيٿ جي حڪم سان، هندستان ۾ قدم رکيو. ان جا 24 ميمبر هئا ۽ ڪمپني جي موڙي ڏهه لک روپيا هئي. هن جو ڪاروبار هڪ گورنر ۽ 24 چونڊيل ڊئريڪٽرن جي هٿ ۾ هو، جيڪي سڀ پختئه ڪار غنڊا ۽ بدمعاش هئا. راڻي کين ايسٽ انڊيا ۾ واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو هو. 1612ع ۾ ڪمپني جهاز انگريز جي دور ۾ اجازت حاصل ڪري احمد آباد، سورت ۽ بمبئي ۾ تجارتي مرڪز قائم ڪيا، ڪمپني 1612ع ۾ سورت ۾ پنهنجو پهريون ڪارخانو 1616ع ۾ مسليپٽ ۾ ٻيو ڪارخانو ۽ 1689ع ۾ ٽيون ڪارخانو مدارس ۾ قائم ڪيو. 1662ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه چارلس ٻئي بمبئي جو بندر جو کيس سندس زال جي ڏاج ۾ مليو هو ڪمپني کي ڏهن پائونڊن جي سالياني مسواڙ تي ڏنو. مدراس جي حاڪم کان هنن اجازت وٺي سينيٽ جارج جي نالي سان هڪ قلعو ٺهرايو. 1665ع ۾ سر ٽامرو مغلن جي درٻار ۾ ايلچي ٿي آيو، جيڪي ٽي سال رهي، ڪمپني لاءِ ڪيترن ئي سهولتن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مغل بادشاهه، فرخ سيرجو، جڏهن ڊاڪٽر هئملٽن علاج ڪيو، تڏهن ان جي عيوض ۾ تجارتي سامان تان محصول معاف ڪيو ويو ۽ کين ڪجهه زمين ۾ الاٽ ڪري ڏني ويئي. ان ڪري ڪمپني ڪلڪتي ۾ ” فورٽ وليم“ نالي هڪ ٻيو قلعو ٺهرايو ۽ انگلينڊ مان ڪجهه گورا پلٽڻ گهرائي رکي، جنهن ۾ هوريان هوريان اضافو ٿيندو رهيو. اهڙي طرح اهي فوجي برتري حاصل ڪرڻ لڳا.


    انگريزن جو سياست ۾ حصو وٺڻ

    جيستائين مغليه حڪومت، مستحڪم ۽ مضبوط رهي تيستائين ڪمپني جو مڪمل ڌيان واپار ۾ رهيو، پر جڏهن مرڪزي قوت ڪمزور ڏٺائون تڏهن هنن سياست ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. 1669ع ۾ بمبئي جي گورنر اعلان ڪيو ته ” ڪمپني کي هڪ هٿ ۾ واپار جون شيون ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار هئڻ گهرجي“. ان وچ ۾ فرانس ۾ حالتون بگڙي ويون ان ڪري هندستان ۾ ڊيوپلي کي پوري مدد نه ملي سگهي ۽ فرينچ هٿ قدم نه ڄمائي سگهيا.( جنت السنڌ – مولائي شيدائي صفحو نمبر 438)
    ويتر 1732ع ۾ انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ هند ۾ فرانس جو زو ٽٽي ويو ڪرناٽڪ جي ٽن ويڙهن ۾ ڊيو پلي کي ڪلائيو بري طرح شڪست ڏيئي ڪمپني جا قدم مضبوط ڪيا، ڪلائيو پهريون انگريز هو جنهن 1757ع ۾ ” پلاسي جي جنگ “ ۾ نواب سراج الدوله کي شڪست ڏيئي هندستان اندر، انگريز شهنشاهيت جو بنياد وڌو. ان ڪري برٽش حڪومت کيس هندستان جو گورنر ۽ ڪمانڊر انچيف مقرر ڪيو، حالانڪ هو اول درجي جو ڪمينو، پسته اخلاق ۽ ظالم انسان هو. هڪ انگريز مورخ گرين لکي ٿو ته ” اهو اڙٻنگ ۽ بيڪار ڇورو، جنهن جا دوست کيس مدراس ڏانهن هڪ منشي جي حيثيت ۾ رهڻ لاءِ ڪمپني جي ملازمت ۾ موڪلي خوش ٿيا هئا هو هڪ ڏينهن هندستان ۾ انگريز سلطنت جو باني ٿيو.“ ( تاريخ پاڪستان – محمد ابراهيم جويو). هن 4 مئي 1779ع ۾ بنگال کان پوءِ ميسور تي حملو ڪيو. جنگ سيور ۾ سڀ امير ۽ سپاهي وڪامجي چڪا هئا. درٻار جي چند وطن جي ويري معززين، انگريزي فوج کي قلعي ۾
    داخل ڪيو. جڏهن پنهنجي باڊي گارڊز کي ساڻ ڪري، ٽيپو سلطان انگريزن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، تڏهن گرمي جي سختي ۽ اڃ کان سندس چپ سُڪي ويا ۽ پاڻي جي گهُر ڪيائين. پر پنهنجي ساقي، تڏهن افسوس ۽ ڪمال حرامپائي جو ثبوت ڏيندي نه پاڻي ڏنو ۽ پاڻي پاڻي ڪندو گهوڙي تان ڪري پيو. ان وقت به ڪنهن هندستاني کي مٿس رحم نه آيو ۽ هي غريب مسافر اڃ سان ئي مري ويو. ( علماءِ هند ڪا شاندار ماضي – ميان محمد) سندس لاش کي لارڊ هارس ڏسي چيو ته ” اڄ هندستان اسان جو آهي“. اهڙي طرح سرن پٽم تي به سندس قبضو ٿي ويو. جنرل ليڪ مرهٽن سان مقابلو ڪري، مغليه حاڪم شاهه عالم کي کانئن آزاد ڪرايو. ان خوشي ۾ هن ناعاقبت انديش حاڪم انگريزن کي خطابات ۽ خلعتون ڏنيون ۽ دوآبه ۽ آگرو کين بخشش ۾ ڏنو. دهلي ۾ هاڻي انگريزن ريزيڊنٽ رهڻ لڳو. 1801ع ۾ آئوڌ واري عهدنامي کان پوءِ آئوڌ به سندس قبضي ۾ اچي ويو. رنگون جي برمي حاڪم کي برطانوي واپار جو دشمن قرار ڏيئي، واقعيات کي گول مول ڪري، برما کي ڪمپني جي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ڊپلوميسي کان ڪم وٺي، ستارا، ناگپور، جهانسي، برار ۽ سنپل پور تي به قبضو ڪيو. جن شهزادن جي مدد سان ڪمپني هندستان ۾ هڪ وسيع سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. انهن جي لاولد مرڻ جي حالت ۾ انهن جي رياستن تي قبضي ڪرڻ جو نالو هن ” الحاق“ رکيو. ڪمپني پرتاب سنگهه کي ستارا جو حاڪم تسليم ڪيو. ان جي وڏي ٿيڻ تائين ڪپتان گرانپ ڊف رياست جو ناظم مقرر ٿيو. جڏهن شهزادو جوان ٿيو تڏهن ڪمپني کيس جلاوطن ڪري بنارس ڪڍي ڇڏيو ۽ ستارا جو حاڪم ان جو ڀاءُ ٿيو. 1848ع ۾ جڏهن ٻائي ڀائر مري ويا، تڏهن لارڊ ڊلهائوزي ان تي قبضو ڪيو. 17 فيبروري 1843ع ۾ نيپيئر سنڌ تي چڙهائي ڪري اعلان ڪيو ته ” سنڌ تي اسان کي قبضي جو ڪوبه حق نه آهي، پر ان هوندي به اسين قبضو ضرور ڪنداسين ۽ سچ پچ ته اهو قدم اسان جو تمام فائديمند ڪارائتي ڪمينپ ۽ بدمعاشي ٿيندي.“
    اهڙي طرح هن سنڌ تي قبضو ڪري، سندس لفظن ۾ گناهه ڪيو. 1849ع ۾ سنبل پور، ٿانيرل، گنج پور ۽ بنجنور تي قابض ٿيا. ناگپور جي راجا رگهوجي ڀونسله جي ٽين جي پٽ 11ڊسمبر 1853ع تي وفات ڪئي. جيئن ته هو لاولد هو، ان ڪر ان جي ڀاءُ کي وارث بنايو ويو. مگر دلهائوزي پشونت کي راجا تسليم نه ڪيو ۽ ڪمپني رياست تي قبضو ڪيو. جهانسي جي آخري راجا 21 نومبر 1851ع تي وفات ڪئي، راڻي کي پينشن ڏيئي جهانسي کي انگريزي سلطنت سان ڳنڍيو ويو. پنجاب بهاولپور ۽ ڪشمير کي به دلهائوزي تلوار جي زور سان پنهنجي تسلط هيٺ آندو. ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، ڪمپني پنجاب تي قابض ٿي، ٽن سالن تائين، پنجاب جي حڪومت، هڪ ڪائونسل جي هٿ هيٺ رهي.1853ع ۾ ڪائونسل توڙي پنجاب کي ڌار صوبو بنائي، سرجان لارنس کي چيف ڪمشنر بنايو ويو.
    هاڻي انگريز مچي مڙس ٿي پيا. مغل بادشاهه کي ڪک جيتري به حيثيت ڪانه هئي. ڪو وقت هو جڏهن جنرل ويلسلي شاهه عالم کي لکندو هو ته ” مان تهدل سان اعلى حضرت ۾ عقيدتمند ي جو مظاهرو ڪندس ۽ اعلى حضرت جي حڪمن جي پوري پوري تابعداري ڪندس. ( رڪارڊ انڊيا آفيس – 192). پر وقت گذرڻ سان گڏ هنن جي تابعداري ۾ ڦيرو اچي ويو. جڏهن ساري ملڪ تي ڪمپني جو قبضو ٿي ويو. خزانن ۽ دفترن تي ڪمپني ڇائنجي ويئي. فوجن جي ڪمان هن جي هٿ ۾ اچي ويئي، تڏهن شهنشاهه هنن جي عزت ويندي رهي. گورنر هڪ فرمان موجب ” بادشاهه جو فدوي خاص“ لفظ ڪاٽي ڇڏيا ۽ رياست جي والي ڏانهن لکي موڪليو ته ” هو هي عزت وارا لفظ نه لکن“ مقبوضه رياستن جي ماڻهن سان ڪمپني وارن وڏا ظلم ڪيا. سندن عزت ۽ دولت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي. بنگال مان سون، چاندي، هيرن ۽ جواهرن جا جهاز ڀري برطانيه موڪليا ويا. ناگپور ۽ سنڌ راڻين کان زيورات ڦريا ويا. آئوڌ جي ڪيترن ئي جاگيردارن کان سندس ملڪيتون ڦريون ويون. سندن کاتن هيٺ 25543 ڳوٺ هئا، تن مان 11903ڳوٺ ڦريا ويا. سر سيد احمد خان لکي ٿو ته ” آئوڌ جي قبضي ڪري، اسي هزار ماڻهو بي روزگار ٿي ويا.“ سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪئي ويئي، اها تاريخ ۾ نمايان آهي. بسترا، پلنگ ۽ کٽن سان گڏ عورتن جي ڪنن مان والا ۽ ڳُهه به لاٿا ويا.“ ساندهه ست ڏينهن ڦُر جاري رهي. مير حاڪمن جا 18 ڪروڙ روپيه روڪڙا ضبط ڪيا ويا. صرف نيپيئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا. جن آفيسرن ۽ سپاهين کي، هن ڦرلٽ جي مال مان انعام مليو. تن جو تعداد 4731 آهي.

    ( ڏيئي ڏنڀ ڏڏن – داداسنڌي صفحو 284)


    انگريزن جون زيادتيون

    (1) ديسي فوج سان ظلم:-
    1757ع کان، ڪمپني جو نج حاڪمانه دور شروع ٿئي ٿو. هاڻي هو واپار سان گڏ حڪومت به ڪرڻ لڳي. ڪمپني هتان جي عوام کي، پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو ۽ کين حيوانن کان به گهٽ اهميت ڏني. هن دور ۾ ڪمپني هر قسم جي ڦرلٽ کي جائز سمجهيو. ان مقصد لاءِ هڪ ديسي فوج تيار ڪئي ويئي، جنهن ۾ هندو، مسلمان، سک مرهٽا ۽ عيسائي شامل هئا. ان فوج ۾ عيسائي انگريز سپاهي 31552 هئا. جن جو خرچ 982235 پائونڊ ساليانو هو. ان ۾ انگريز آفيسرن سپاهين جي پگهار تي ڪل خرچ 566811 پائونڊ ٿيندو هو. باقي خرچ هندستاني فوج تي ڪيو ويندو هو. هندستاني سپاهين جو تعداد 2642114 هو ۽ ساليانو خرچ 4134125 پائونڊ ساليانو هو. هڪ ديسي پيادل سپاهي کي ماهوار ست روپيا پگهار ملندي هئي، ان مان کيس وردي جي قيمت به ڏيڻي پوندي هئي ۽ رس جي قيمت به فوج جو واڻيو مودي ڪاٽيندو هو. باقي سپاهي وٽ صرف هڪ روپيو وڃي بچندو هو. سوار سپاهي جي پگهار 9 روپيه هئي جنهن مان کيس گهوڙو به وٺڻو پوندو هو. ( هماري آزادي ڪي ڪهاني – عشرت رحماني ص نمبر 70).ڏيهي فوج جي سپاهين سان ڪابه رعايت ڪانه ڪئي ويندي هئي. سڀ رعايتون ختم ڪيون ويون. مثال طور جنگ جي وقت ۾ کين ملندڙ واڌو الائونس، جنهن کي ڊبل ڀتو سڏيو ويندو هو. سندن مٽن مائٽن يا گهرن ڏانهن حال احوال موڪلڻ لاءِ، سرڪاري پوسٽ جو مفت استعمال ڪوبه سپاهي پياده فوج ۾ هڪ سالدار جي عهدي کان ۽ گهوڙيسوار فوج ۾ هڪ رسالدار جي عهدي کان مٿي چڙهي ڪونه سگهندو هو. انهن عهدن جا پگهار انهي پگهار کان گهٽ هئا. جيڪي هڪ نئين ڀرتي ڪيل انگريز سپاهي کي ڏنا ويندا هئا. مسلمانن سپاهين کي ايراني ۽ افغاني جنگين ۾ زوري شامل ڪيو ويو. جيڪا ڳالهه کين نه پسند هئي، ڇاڪاڻ ته هنن پنهنجن مسلمان ڀائرن سان وڙهڻ نه پئي چاهيو. هندو سپاهي وري هندستان کان ٻاهر وڃي وڙهڻ نه چاهيندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن مذهب ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي جهل هئي.
    1856ع ۾گورنر جنرل سروس ائڪٽ پاس ڪيو، جنهن موجب هندستاني سپاهين کي سمنڊ پار جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گهرائي سگهبو هو“ . هڪ ڏيهي سپاهي کي اعلى جانبازي جي بدلي يا انعام يا اضافي ڏيڻ بدران انگريز حڪومت کيس هڪدم پينشن ڏيئي گهر ويهاري ڇڏيندي هئي. ان ڪري هو ڪنهن به ڏيهي سپاهي کي اعلى فوجي عهدي تي پهچڻ ۽ قابل ۽ لائق آفيسر ڏسڻ پسند نه ڪندا هئا. آئوڌ جي الحاق سبب بنگالي فوجين کي سخت نقصان پهتو ۽ اسي هزار فوج مان نڪري آيا.
    هڪ ديسي سپاهي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ، ڪجهه مهينن تائين پنهنجي اعلى آفيسر کي راضي رکڻ لاءِ نذرانو ڏيندو هو. هڪ هندو صوبيدار سيتارام لکي ٿو ته ” فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ وقت، جيڪو حوالدار مونکي قاعدا سيکاريندو هو، مون کان منڍ ۾ بي حد خفا هو. جيستائين مون کيس نذرانو نه ڏنو. تيستائين ان جي ناراضگي دور نه ٿي.“ نذراني جي رقم وري 16 روپيا هئي. ديسي زخمي سپاهي کي اسپتال موڪلڻ جي بجاءِ گولي هڻي ماريو ويندو هو. باڪسر جي جنگ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ زخمي سپاهين کي انعام ڏيڻ بدران قتل ڪيو ويو.

    (2) مذهب سان هٿ چراند
    ديسي سپاهين کي مالي طرح مجبور ڪري، انگريز حڪومت سندن مذهب بدلائڻ ٿي چاهيو. فوجي ڇانوڻين ۾ باقاعدي عيسائيت جي پرچار ڪئي ويندي هئي ۽ کين انجيل پڙهڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. 1855ع ۾ پادري ايڊ منڊ، سرڪاري ملازمن کي ڪلڪتي مان هڪ سرڪيولر رستي آگاهه ڪيو ته ”هينئر هندستان ۾، هڪئي عملداري اچي ويئي آهي. ان ڪري مذهب به هڪ ٿيڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته اوهان سڀني جي بهتري هن ۾ آهي ته عيسائي بنجي وڃو.“ انگريزن نه صرف فوجين ۽ سول ملازمن، پر عوام سان به هن ڏس ۾ وڏا ظلم ڪيا. سندن مقصد ئي ساري هندستان کي عيسائي بنائڻ هو. دارالعلوم انگلينڊ ۾ مسٽر مئنگلس تقرير ڪندي چيو ته ” قدرت انگلينڊ کي هندستان جي هڪ وسيع سلطنت سان نوازيو آهي ته جيئن حضرت مسيح جو جهنڊو هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، فاتحانه انداز ۾ جهوليندو رهي، اسان مان هر هڪ کي، پنهنجي سڄي طاقت ڪم آڻڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪجي جيئن سڄي هندستان کي مسيح بنائڻ جو اعلى ڪم، جاري رهندو اچي.“ هڪ عيسائي پادري اعلان ڪندي چيو ته ” جيستائين هندستان ۾، اسانجي سلطنت قائم آهي تيستائين اسان کي هي ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته اسان جو مکيه مقصد هن ملڪ ۾، مسيحت جي پرچار ڪرڻ آهي. جيستائين هند هماليه جبل تائين، عيسائي نه ٿيو آهي ۽ هندن ۽ مسلمان پنهنجن مذهبن کي اڇلائي ڦٽو نه ڪيو آهي، تيستائين اسان کي پنهنجون ڪوششون اورچائي سان جاري رکڻ گهرجي ۽ ساري هند کي، مشرق ۽ عيسائيت جو هڪ مضبوط قلعو بنائجي.“ ( تاريخ انقلابات عالم – حصو ٻيو ابو سعيد بزمي ) ان ڪري ئي خاص پادري گهرايا ويا، جن ۾ پادري گهرايا ويا، جن ۾ پادري فنڊز قابل ذڪر آهي، جنهن سان هندستان جي عالمن خاص مناظرا ڪيا. انگريز حڪومت انهن پادرين کي هندستانين جي مذهب بدلائڻ لاءِ وڏي رقم ڏيندي هئي. ڪتابن ورهائڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي ويندي هئي. انهن پادرين کي وڏا وڏا اختيار هوندا هئا. اهي پوليس کي ساڻ ڪري، ميلن ملاکڙن ۾ ويندا هئا، جتي هرو ڀرو اعتراض ڪري مذهبي پيشوائن جي گلا ڪندا هئا. کلئي عام بازارن ۽ پبلڪ جاين تي تقريرون ڪندا هئا. هڪ ديسي پادري گوپي ناٿ 24 ماڻهن کي عيسائي ڪيو. جنهن مان ڏهه مسلمان هئا. انگريز آفيسر به پنهنجن ضلعن ۽ تعلقن ۾ گشت ڪري عيسائيت جي تبليغ ڪندا هئا ۽ پنهنجي تڪن ۾ وڃي ماڻهن کي عيسائي بنائيندا هئا. گورنر جنرل لارڊ ڪئنگ ۽ سندس زال لاءِ مشهور هو ته اهي عيسائي تبليغ ڪندڙن کي ڏاڍو همٿائيندا هئا ۽ پنهنجن ديسي ملازمن کي تاڪيد ڪندا هئا ته اسان وٽ اچي پادرين جو وعظ ٻڌو. ان ڪري عام طور هي چيو ويندو ته ڪئنگ کي ” هندستان ۾ موڪليو ئي سڀني ماڻهن کي عيسائي بنائڻ لاءِ آهي.“ ان کان پوءِ تعليمي ادارن ۾ عيسائيت جي تعليم ڏيارڻ لڳي. مشنري اسڪول ته عيسائي جا اڏا هئا. جتي انجيل ۽ ڪرسچن لٽريچر پڙهايو ويندو هو. گوپي ناٿ پاڻ لکي ٿو ته ” ٽن سون کان مٿي نوجوانن کي نه صرف انجيل پڙهايو ويندو هو. پر انهن کي باقاعدي دعائن ۾ شامل ڪري، عيسائيت جا اصول به سيکاريا ويندا هئا ۽ انجيل مقدس جا نسخا ڏيئي گهرن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويندو هوته جيئن اتي به تبليغ پکيڙي سگهن. اسڪول ۾ ننڍن ٻارن کان پڇيو ويندو هو ته اوهان جو خدا ۽ نجات ڏيندڙ ڪير آهي، جيڪي ٻار عيسائي مذهب موجب جواب ڏيندا هئا تن کي وڏا انعام ڏنا ويندا هئا، حڪومت عيسائي اسڪول به کوليا هئا، جنهن جي عهديدارن کي، ملڪ جي خزاني مان پگهار ملندو هو. سرڪاري آفيسر ماڻهن تي زور ڏيندا هئا ته اهي پنهنجن ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ موڪلين . سرسيد احمد خان لکي ٿو ته ” ٻهراڙين ۾ به اهڙا اسڪول کوليا ويا، جتي انگريز انسپيڪٽر امتحان وٺندا هئا، جن کي ڪارو پاڻي سڏيو ويندو هو. انهن پادرين جي سرٽيفيڪيٽن تي کين نوڪريون ملنديون هيون. ان وچ ۾ ڇوڪرين لاءِ به اهڙا اسڪول کوليا ويا. 1837ع ۾ هندستاني ٻارن جو وڏو تعداد عيسائي بنجي ويو. تعليمي ادارن کان سواءِ جيلن ۾ به قيدين کي انجيل پڙهايو ويندو هو ۽ جيڪو ان ۾ مهارت حاصل ڪندو هو، ان جي سزا گهٽائي ويندي هئي. اسپتالن ۽ محتاج گهرن ۾ به باقاعدي عيسائين جي تبليغ ڪئي ويندي هئي. 1850 ع ۾ حڪومت هڪ ضابطو نافذ ڪيو ته ” جيڪو هندستاني پنهنجو مذهب بدلائيندو ته هوبه پنهنجن وڏن جي ملڪيت جو وارث بنجي سگهبو.“ اهو ضابطو ظاهر ظهور عيسائيت کي تقويت ڏيڻ جو زندهه ثبوت هو.“ انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي سر سيد احمد خان لکي ٿو ته ” انهن سڀني ڳالهين مسلمانن جي رجحانات کي مشغل ڪيو، ڇو ته هندو پنهنجي مذهب جا احڪام طور بجا آڻيندا هئا پر مسلمان پنهنجي مذهب جا احڪام طور دلي ۽ اعتقادي طور بجا آڻيندا هئا، جن تي سندن نجات ۽ عاقبت جو مدار هو.“
    مذهب بدلائڻ کان سواءِ انگريزن هتان جي مذهبي رسومات ۽ عقائد به مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي.گورنر جنرل ايمهرسٽ ۽ لارڊ ڪينگ، هندو بيوهه عورتن کي ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪيو جنهن ڪري عام هندن ۽ خاص ڪري برهمڻن ۾ سخت ناراضگي پئدا ٿي ۽ انهن هن قانون کي پنهنجي مذهبي رسمن ۽ بيجا مداخلت سمجهي هن قدم کي برهمڻ پنهنجي مزهب ۽ اٽڪ ۽ عيسائي حڪومت جي ظالمانه حرڪت سمجهڻ لڳا. سر سيد احمد خان لکي ٿو ته ” هو هن قدم کي پنهنجي بي عزتي ۽ خاندان جي ويراني جو ڪارڻ سمجهندا هئا. هنن کي شڪ هو ته هي ائڪٽ ان ڪري پاس ٿيو آهي ته هندن جو رنڙ زالون خودمختيار ٿي وڃن ۽ جيئن کين وڻي تيئن ڪن.“ انگريزي حڪومت هندن جي سڀني مندرن جي سنڀال به پنهنجي هٿ ۾ رکي، ايتري قدر جو جگناٿ پوري جي مشهور مندرتي سندن قبضو ٿي ويو. هندن هن کي، پنهنجي مذهبي معاملات ۾ مداخلت سمجهي مداحن احتجاج ڪيو. هن سلسلي ۾ هندن جي مسلمانن به کلي مدد ڪئي، مسلمانن جي مدرسن ۽ مسجدن کي اڳيان حاڪم جيڪا گرانٽ ڏيندا هئا، سا بند ڪئي ويئي، اسپتالن مان پردي کي به ختم ڪيو ويو. (اسباب بغاوت هند – ص 52)
    عيسائيت جي تبليغ لاءِ وڏي پئماني تي پريس قائم ڪري لٽريچر فراهم ڪيو ويو. ان لاءِ مشهور فرانسي متشرق گارسان ناسي جو چوڻ آهي ته ” مان هن خيال مان واقف آهيان ته هن قسم جي ڪتابن جي اشاعت مان برطانيا حڪومت جو مقصد صرف يورپين نظريات جي اشاعت نه آهي، پر ان سان گڏ مسيحي خيالات جي اشاعت به آهي. آخري مقصد نهايت قابل قدر آهي ۽ ان تي ڪوبه اعتراض ڪري نه ٿو سهگي. “
    (جنگ آزادي 1857ع – محمد ايوب قادري )
    بهرحال حڪومت جي هنن سرگرمين مان عوام چڱي طرح سمجهي ويئي ته اها سندن مذهب بدلائڻ ۾ سرگرم آهي. ان ڪري عوام ۾ نفرت پئدا ٿي.

    (3) صنعت ۽ حرفت جي تباهي:-
    مذهب کي بدلائڻ کان پوءِ برطانوي حڪومت، هندستان جي صنعت ۽ حرفت کي ختم ڪرڻ جون ترڪيبون سوچيون 1742ع ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽر اعلى عهديدارن کي لکيو ته ” هندستان ۾ ڪچي ريشم جي پئداوار کي وڌايو وڃي ۽ ريشمي ڪپڙي جي تياري گهٽائي وڃي ۽ ڪپڙي اڻيندڙن کي مجبور ڪري، پنهنجي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو وڃي، جي نه مڃين ته کيس سخت سزا ڏني وڃي“. سرٽامرو ڪمپني جي ان ڪارگذارين کي ساراهيندي چيو ته ” ڪمپني جي ملازمن، ڪورين جي هڪ ٽولي کي ” ٻاهرن محل “ نالي هڪ جاءِ ۾ بند ڪري، انهن تي پهرو ڏنو ۽ ان وقت تائين کين نه ڇڏيو، جيستائين انهن معاهدو نه ڪيو ته هو پنهنجو مال، سواءِ ڪمپني جي ٻئي ڪنهن کي نه وڪڻندا . جيڪڏهن ڪو ڪوري معاهدي جي انحرافي ڪندو هو ته ان جي مٿان هڪ نگران مقرر ڪبو هو، جنهن جي مزدور هڪ آنو ان ڪوري کان ورتي ويندي هئي ۽ اهو نگران کيس سوٽي سان ماريندو به هو.“ تجارتي بورڊ جي ڀائري ۾ آيل آهي ته ” ڪورين ۽ ملڪ جي ٻين ڪاريگرن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. کين قيد ۾ وڌو ويو. ڪوڙا هنيا ويا ۽ ڏنڊ وڌا ويا. جنهن ڪري هاڻي ڪاريگرن جو تعداد گهٽجي ويو.“ وليس بوٽس لکي ٿو ته ” ڪچي ريشم جي وٽيندڙن کي پڻ ايتري بي انصافي سان هلايو ويو آهي، جو اهڙا ڪيترائي مثال ٿيا آهن، جن ۾ انهن ماڻهن، ريشمي ڪم ۾ ڦاسجي وڃڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجا آڱوٺا وڍائي ڇڏيا آهن.“ اهڙي طرح هندستانين کي زور ۽ زبردستي سان هنر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ته هو يا ته انگريزن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪن يا زراعت جو ڌنڌو اختيار ڪن.“ بورڊس لکي ٿو ته ” هنن سزائن جو نتيجو هي نڪتو آهي جو بنگالين جا هٿ ۽ آڱوٺا ڪپيا ويا آهن. کين سخت ترين سزائون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ قيد ڪرڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ اچي وڃن ٿا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو ڪاريگرن جو تعداد گهٽجي ويوآهي ۽ هو هنر ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.“ ( تاريخ انقلاب عالم ( حصو ٻيو) صه 352). ان کان پوءِ ” پر امن تجارت“ جو ڍونگ رچايو ويو، جنهن موجب هڪ ملڪ جي مصنوعات، ٻئي ملڪ ۾ نه پئي وڃي سگهي. ان لاءِ انگلينڊ ۾ 1820ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو ته ” جيڪو به برطانيه ۾ هندستان جي ڇيٽ وڪڻندو، ان تي سئو روپيه ۽ جيڪو خريد ڪندو، ان تي پنجاهه روپيه ڏنڊ پوندو. 1821ع ۾ قانون پاس ڪيو ويو ته جيڪو انڊيا جو ريشمي ڪپڙو استعمال ڪندو ان تي 5 سئو روپيه ۽ جيڪو پائيندو ان تي سئو روپيه ڏنڊ پوندو.“ هنن قانونن نافذ ٿيڻ ڪري، برطانيه ۾ هندستاني مصنوعات اچڻ بند ٿي ويئي، ويتر ان تي ٻيڻو چئوڻو محصول ورتو ويندو هو، ان ڪري هندستان جي صنعت ختم ٿيڻ لڳي ۽ هنرمند مجبوراً مزدوري ۽ هارپ ڪرڻ شروع ڪئي. ايڇ ڊبليو ولسن لکي ٿو ته ” جن شين ۾ برطانوي ڪاريگر، هندستانين جو مقابلو نه ڪري سگهندا هئا، ته انهن تي دٻائڻ، يا بلڪل هٽائڻ لاءِ، سياسي بي انصافي جو هٿيار ڪم آڻيندا هئا. هندستاني ڪاريگرن جي دولت ٽوڙڻ ۽ ان جي بجاءِ ڪچو سامان پئدا ڪرڻ وارا جي حوصله افزائي ڪرڻ، اصل ان زماني ۾ برطانوي حڪومت ۽ ڪمپني جي خاص سازش هئي.“ دگبي هن پاليسي جي نتيجي بابت لکي ٿو ته ” هاڻي هندستان جي ماڻهن جو ذريعئه معاش يا گذران جو وسيلو، صرف ڪڙمت وڃي ٿيو آهي. جنهن قدرتاً هن ملڪ جي معاشي حالت، اهڙي طرح تي آڻي ڇڏي آهي جو ٽڪرن اچي منهن ڪڍيو آهي.“ ميجر باسو، هن پاليسي بابت لکي ٿو ته ” اهل برطانيه جي هي تجارت هڪ ظلم جي مشين ثابت ٿي آهي، جنهن سان بدنصيب ۽ مجبور مزدور تباهه ٿيڻ لڳا آهن ۽ انهن جا انگريز آقا طرح طرح جي بربريت جو استعمال ڪري، خوش ٿيڻ لڳا. ( نقش حيات – مولانا حسين احمد – ص 125).انهن مڙني حالتن جو جائزو هي نڪتو آهي، جو بيروزگاري وڌي ويئي آهي، صنعت ۽ تجارت ختم ٿي چڪي آهي، ايتري قدر جو هندستان ۾ سئي ٺاهڻ وارو به ڪونه هو. ڪورين جو ڌاڳو به ٽٽي ويو.“ ( اسباب بغاوت هند – ص 64 )

    (4) زراعت جو زوال
    صنعت ۽ حرفت جي بربادي کان پوءِ، انگريزن زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهي، ان سلسلي ۾ لارڊ ڪارنوالس ڍل جون نئون سرشتو رائج ڪيو، ان ڪري پراڻو نظام بيڪار ٿي ويو. هاري ۽ زميندار، انهن نون ضابطن ڪري، هراسان هوندا هئا. شاهوڪارن جي ڪوڙين دعوائن ڪري، هارين جو زمينون ۽ مال نيلام ٿيندا هئا. شاهوڪار انهن کي خريد ڪري، هارين جي وارثن کي انهن کان محروم ڪندا هئا. مسٽر جي هارڊي لکي ٿو ته ”هاري کان ساليانو، هڪ مقرر رقم ورتي وڃي ٿي ۽ ان جو خيال نٿو ڪيو وڃي ته، هن جو فصل ٿيو آهي يا سٺو ۽ خراب فصل جي ڪري هو ڍل ڏيڻ جي لائق به آهي يانه“ رابرٽسن هن موضوع تي لکي ٿو ته هاري طبقي ۾ اسان جي خلاف شاهوڪارن جي طرفداري ڪري، وڌيڪ نفرت ۽ بيزاري هئي. هاري پنهنجن مورثي حقن غضب ٿيڻ ڪري واڻين کان وڌيڪ اسان مان بيزار هئا. ڇو ته اسانجن ڪورٽن جي فيصلن شاهوڪارن کي زميندار بڻائي اسان کي سندن نظرن ۾ ظالم بنايو هو.“ ( روداد برصغير شمس القمر قاسمي – ص نمبر 15).رنگپور جو ڪليڪٽر لکي ٿو ته ”روينيو مقاطعدارن، هارين جي هر اهڙي شئي تي قبضو ڪيو آهي، جنهن تي سندن هٿ پڄي سگهيو آهي ۽ هو اڃان به هرقسم جو حربو هلائي، پنهنجون تقاضائون وڌائي رهيو آهي.“ پورينه جي ڪليڪٽر جي لکڻ موجب ” سندس ضلعي جي هارين جي حالت وڌيڪ خراب هئي، جتي روينيو مقاطعدارن کين وري وري لڪڻ سان ڪٽيو، جن سندن اڳيان پنهنجن زرعي حقن کي، مڪمل طور نظرانداز ڪرڻ ۽ ڍل کي بيحد چاڙهي ڇڏڻ جي خلاف، شڪايت ڪرڻ جي ڪڏهن به همت نه ٿي ڪئي.“ انگريز حڪومت کي جڏهن ڍل جي وصولي جو اختيار مليو، ان کان هڪ سال اڳ، بنگال جي نواب کي، مال گذاري مان ڪل آمدني 8 لک 17 هزار پائونڊ هئي پر ڪمپني جي ٺيڪي کان پوءِ 14 لک 70 هزار پائونڊ وصول ڪئي ويئي. ڇهن سالن کان پوءِ ڍل جي رقم 23 لک 41 هزار پائونڊ ٿي. ان کان پوءِ ٻه سال 28 لک پائونڊ ٿي، جڏهن لارڊ ڪارنوالس هن بندوبست جو اعلان ڪيو ۽ زمينداريون قائم ڪيون ته ڍل جي رقم 23 لک پائونڊ مقرر ڪئي وئي. ان جي لاءِ مسٽر ڊو لکي ٿو ته ” انگريزي سرڪار کي ان ڪم لاءِ ست پلئٽون فوج جون ڀرتي ڪرڻيون پيون.“
    سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه سال تائين ڍل جي پئداوار کي ورهائي، اناج جي صورت ۾ وصول ڪيو ويندو هو. حڪومت پنهنجي حصي جو اناج عام نيلام رستي وڌايل اگهن تي نيڪال ڪندي هئي، جنهن ڪري آبادگار طبقي کي وڏو مالي ڌڪ برداشت ڪرڻو پوندو هو. ان کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ نقدي صورت ۾ ڍلون وصول ڪيون وينديون هيون. ( تاريخ پاڪستان – محمد ابراهيم جويو) . ڍل جي هن نئين سرشتي سڄي برصغير جي هارين سان گڏ زميندارن کي به متاثر ڪيو. مٿرا جو ڪليڪٽر ٿارن هل لکي ٿو ته ” ڍل بي انداز وصول ڪئي ويندي هئي، جيڪا عموماً زميندار ادا ڪري نه سگهندو هو ۽ خراب فصل ۾ ته هو بلڪل تباهه ٿي ويندو هو. امير ۽ زميندار ته پنهنجي حيثيت وڃائي چڪا هئا.“ وليم ائڊورڊ لکي ٿو ته ” منهنجي هڪ زميندار دوست کي، پنهنجي زمينداري ۽ جاگير کي برقرار رکڻ لاءِ هزارين روپيا ڪورٽ في لاءِ خرچ ڪرڻا پيا ۽ 4 هزار کان وڌيڪ رشوت ڏيڻي پيئي، پر پوءِ به هو پنهنجن وڏن جي جاگير کي بچائي نه سگهيو. زمين ۽ خانداني زيورات به وڪڻي ڇڏيائين. “ لارڊ ڪارنلوالس لکي ٿو ته ”زميندار ٽڪر لاءِ محتاج هئا. هو بکن ۾ پاهه ٿيڻ لڳا. هاري تباهه ۽ برباد ٿي ويا. زميندار پنهنجو ذاتي سرمايو، گهر جا زيور، هارپي جا اوزار ۽ جانورن تائين وڪرو ڪري وقت گذاريو ۽ جائدادون به ختم ڪري ڇڏيون.“ مرشد آباد جو ريذيڊنٽ لکي ٿو ته ”هي حسين ملڪ جيڪو انتهائي ملڪن العنان، حاڪمن جي عهد ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيو هو، اڄ انگريزن جي انتظام ۾ تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي.“ وارن هيسٽنگس بنگال لاءِ لکي ٿو ته ” گذريل سال صوبي جي هڪ ڀاڱي تي آبادي، ختم ٿي ويئي آهي. پوک هيٺ آيل رقبي ۾ به ڪمي ٿي آهي.“ اهڙي طرح هن حسين ملڪ جي زمينداري ختم ٿي ويئي. گهه، پان، چانور ويندي بُهه تائين انگريزن پنهنجي قبضي ۾ آندو، انگريزن 1817ع کان 1857ع تائين، ڍل مان 4 ڪروڙ 80 لک روپيه ڪمايا ۽ هتان جي رعيت روز بروز غريب ٿيندي ويئي.“ ( نقش حيات – مولانا مدني رح ) سرسيد احمد خان لکي ٿو ته ”هن مان ڪمپني جو مطلب هي هو ته هتان جي اميرن ۽ زميندارن کي سڃو، غريب، ڪمزور، بيڪار ۽ پست حال بنائي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي.“ ( اسباب بغاوت هند – ص 27).

    (5) علم جو معيار ڪرڻ :-
    زمين جي ملڪيت لٽڪڻ کان پوءِ، انگريزن هتان جي عوام کان علم جي دولت کسڻ شروع ڪئي . ان لاءِ 1835ع ۾ لارڊ مئڪالي جي سربراهي هيٺ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي. هن پنهنجي قلم جي سڄي قوت سان، مشرقي علمن تي، مغربي سائنس کي ترجيح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، هن لکيو ته هڪ سٺي يورپي لئبريري جي هڪ ڪٻٽ جو صرف هڪ خانو ئي، هندستان ۽ عربستان جي سڄي علم ۽ ادب جي برابري ڪرڻ لاءِ بس آهي.“ لارڊ مئڪالي انگريزي ٻولي ذريعي، مغربي طرز جي تعليم کي رائج ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ان ۾ سندس خاص مقصد هو ته ” اهڙن ماڻهن جي طبقي کي وجود ۾ آڻڻ جيڪي ظاهري شڪل و صورت رنگ ۽ رت ۾ ته هندستاني هجن، پر عادتن، خيالن، طور طريقي ۽ دماغي صلاحيتن ۾ انگريز هجن.“ هن نئين تعليمي پاليسي، هندستان جي مسلمانن کي تباهه ڪري ڇڏيو. سندن عالمي ۽ جهموري تعليم جون سچيون ساريون روايتون ناس ٿي ويون ۽ سندن تعليمي ادارا حڪومت جي دلچسپي ۽ سرپرستي نه هئڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويا. سر وليم هنٽر لکي ٿو ته ” عام تعليم جو انگريزي سرشتو، مسلمانن جي روايتن جي خلاف ۽ سندن ضرورتن لاءِ ناموزون هو. مسلمانن جي پنهنجي تعليمي نظام ۾ ماڻهو کي اعلى درجي جي دماغي تربيت ڏيڻ جي صلاحيت موجود هئي ۽ ان جو بنياد ڪن ڪمزور ۽ نه پخته اصولن تي رکيل نه هو ۽ اهو هڪ اهڙو نظام هو، جنهن کين دماغي خواهه مادي فضيلت ۽ برتري ڏياري ٿي. انگريزن پنهنجي حڪومت جي پهرين پنجهتر سالن دوران پنهنجي حڪومت جي انتظام هلائڻ لاءِ موزون آفيسرن پئدا ڪرڻ واسطي، انهيءَ نظام کان ڪم پئي ورتو. پر انهن جڏهن عام تعليم لاءِ پنهنجي اسڪيم عمل ۾ آندي، تڏهن انهن مسلمانن جي، ان پراڻي تعليمي نظام کي، اڇلائي پري ٿي ڪيو ۽ مسلمانن نوجوانن تي، روزگار جو هر رستو بند ڪري ڇڏيائون. ( تاريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو ص 338).
    مسلمانن جي تعليم کي انگريزن جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڌڪ هنيو سوهي هو ته انهن اهڙين سڀني ڍل معاف ٿيل زمين کي سرڪاري ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جيڪي تعليمي ادارن جي خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ اڳين حاڪمن توڙي خانگي ماڻهن مخصوص ڪري ڇڏيون هيون. 1828ع ۾ اهڙين زمينن کي سرڪاري قبضي ۾ آڻڻ لاءِ، رزمپشن آفيسر مقرر ڪيا ويا. سر وليم هنٽر لکي ٿو ته ” اهڙن علمدارن جي مقرر ٿيڻ سان ئي سڄو ملڪ مخبرن، ڪوڙن شاهدن ۽ سخت مزاج ۽ زود رنج رزمپشن آفيسرن سان ڀرجي ويو، جن کي قانون جي پوئواري ڪرڻ ۾، ڪنهن تي به ڪا مڪمل ڪهل ڪانه ايندي هئي. انهن سڀني ڪارواين تي ڪل اسي لک روپيه خرچ آيو ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪي انعامي زمينون ضبط ڪيو ويون، تن جي ڪل سالياني ماليت ٽيهه لک روپيا هئي. تعليم جي مسلم نظام جي زوال جي ابتدا، انهن زمينن جي ضبط ٿيڻ سان ٿي ۽ ظالمن جو پيشو ختم ٿي ويو.“ ( تاريخ پاڪستان – مترجم محمد ابراهيم جويو 338).

    (6) نقدي ڦر:-
    انگريز حڪومت هتان جي مذهب، صنعت،حرفت، زراعت ۽ تعليم کي ختم ڪرڻ سان گڏ ساري دولت ۽ عوام جي پگهر سان ميڙيل پونجي کي به ڦري لٽي برطانيه موڪليو.
    1600ع کان 1947ع تائين، انگريز حڪومت، جهڙي طرح هندستان کي ڦريو، ان جو نظير دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، انهيءَ ڦرلٽ رستي ڪمپني جيڪو هتان پئسو ڪمايو ان جو سال وار تفصيل هن ريت آهي.
    1613ع ۾ ڪمپني حڪومت برطانيه کي 13 هزار پائونڊ نذرانو ڏنو.
    1662ع ۾ ڪمپني حڪومت برطانيه کي 40 هزار پائونڊ نذرانو ڏنو.
    1663ع ۾ ڪمپني حڪومت برطانيه کي 60 هزار پائونڊ نذرانو ڏنو.
    1667ع ۾ ڪمپني حڪومت برطانيه کي 4 لک پائونڊ نذرانو ڏنو.
    1700ع ۾ ڪمپني حڪومت برطانيه کي 10 لک پائونڊ نذرانو ڏنو.
    1756ع ۾ ڪمپني هندستاني راجائن کي ڦرڻ جو نئون طريقو ڪڍيو. ڇا ڪيس جو هڪ حاڪم کي لاهي ٻئي کي پئي تخت تي ويهاريس، ان رشوت جو تفصيل هن ريت آهي. انگريز جا مدح خواهه ڪجهه انگ اکر ڏسن.
    1757ع ۾ مير جعفر کان 3 ڪروڙ 21 لک 7 هزار پنج سئو رشوت ورتي ويئي. 1757ع ۾ مرشد آباد مان 80 لک روپيا. ڪلڪتي ۾ ڪمپني جي آفيس ۾ آيا.
    1765ع ۾ نجم الدوله کان 19 لک 76 هزار 9 سئو روپيا ورتا ويا. 1766ع ۾ ڪمپني ڪائونسل جي ميمبرن کي 6 لک نذرانو ڏنو. 1771ع ۾ 29 ڪروڙ 50 لک روپيا، ڪمپني جي ڊئريڪٽرن کي مليا. 1775ع وارن هيسٽنگز 40 ڪروڙ پائونڊ حڪومت برطانيه کي نذرانو ڏنو. 1763ع ۾ ڪمپني هڪ ڪروڙ 50 لک پائونڊ حڪومت برطانيه کي نذرانو ڏنو.
    1767ع ۾ ڪمپني چار ڪروڙ پائونڊ، حڪومت برطانيه کي نذرانو ڏنو.
    ( نقش حيات – مولانا حسين احمد مدني رحه)

    ان کان سواءِ انگريزن جي انفرادي ڦرلٽ رستي ڪروڙين اشرفيون برطانيه پهتيون.“ لارڊ ڪلائيو لکي ٿو ته تن ڪروڙ انسانن کي ڦري ڪلڪتي ۾ دولت جا انبار گڏ ڪيا ويا.“ لارڊ ميڪالي جو چوڻ آهي ته ” انگريزن جي بد عملي، رشوت خوري ۽ زياده ستاني جي ڪري، هر انگريز جي گهر ۾ دولت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا.“
    سرچالس نيپئر پنهنجي ضمير جي ڦٽ لعنت تي، سچ لکي ويٺو ته ” هندوستان کي فتح ڪرڻ جو خاص مقصد، صرف دولت هئي، چيو وڃي ٿو ته سٺ ورهين جي مدت ۾، ڏهن ڪروڙ پائونڊ کان به وڌيڪ رقم، هندستان کي پيڙهي حاصل ڪئي وئي آهي. انهيءَ رقم جو هر هڪ شلنگ اتي جي بي گناهه ماڻهن جي خون مان ڪڍي، انهيءَ کي اگهي سهگي، خونين جي کيسن ۾ وڌو ويو آهي. پر انهن پئسن کي کڻي، ڪهڙي به طرح ڌوئي ڌپولي صاف ڪريو. انهن تان لعنت جو ٽڪو ڪڏهن به نه لهندو.“ ( ڏيئي ڏنڀ ڏڏن – داداسنڌي ص 258).
    هن ذاتي ۽ اجتماعي ڦرلٽ کان سواءِ، برطانيه حڪومت هر سال هند حڪومت کان اسي ڪروڙ روپيا وياج جي صورت ۾ وصول ڪندي هئي. اهي قرض به عجيب نوعيت جا هئا ۽ ڦر جو انوکو ڍنگ هو. مثال 1856ع ۾ حڪومت برطانيه هندستان ساري کي ڪمپني کان خريد ڪري ٿي، جيڪا رقم ڪمپني کي ڏني وڃي ٿي. اها هندستان جي قومي خزاني تي قرض وڌو وڃي ٿو ۽ اهو قرض ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي ٿو. قرض جو نقشو هن ريت آهي، 1796ع ۾ 70 لک پائون، 1799ع ۾ هڪ ڪروڙ پائونڊ . 1805ع ۾ 5 ڪروڙ 50 لک پائونڊ . 1829ع ۾ 3 ڪروڙ پائونڊ، 1832ع ۾ 3 ڪروڙ 30 لک پائونڊ، 1839ع ۾ چار ڪروڙ 35 لک پائونڊ، 1850 ع ۾ 5 ڪروڙ 50 لک پائونڊ . 1857ع ۾ 6 ڪروڙ 50 لک پائونڊ . هي وڌي 1928ع ۾ هڪ ارب پائونڊ ٿين ٿا.
    ( روداد برصغير – شمس القمر).
    مجموعي طور برطانيه هتان تمام گهڻو سرمايو نيو. سر وليم ڊگني لکي ٿو ته ”هندستان مان انگلينڊ ۾ ويل رقم جو اندازو ايڪيانوي ارب ويهه ڪروڙ آهي.“ مسٽر هنڊو من لکي ٿو ته ” 1900ع کان 1942ع تائين 27 ارب 20 ڪروڙ روپيا آهي. اهڙي طرح 1832ع کان 1945ع تائين. آئيني طريقن سان هندستان ۾ ويل دولت جو اندازو اٽڪل هڪ کر 18 ارب ۽ اسي ڪروڙ آهي. اٽل ڀائي پٽيل لکي ٿو ته هتان 1920ع 4 کرب ۽ 50 ارب روپيا انگلينڊ وڃن ٿا. سيجر وين گيٽ لکي ٿو ته ”1757ع کان 1832ع تائين انگلستان کي هندستان مان 15 ارب روپيا مليا.“ ( نقش حيات – مولانا مدني رح).
    هن هيڏي ساري سرمائي برطانيه جي مرده صنعت ۽ حرفت ۾ نئين جان وڌي، بروڪس ايڊيسن لکي ٿو ته ” 1750ع ۾ مان جڏهن انگلينڊ آيو هوس تڏهن هٿ وڏا وڏا شهر هئا. پر نه ڪا بئنڪ هئي نه ڪو وڏو ڪارخانو هو. پر بنگال جي چاندي هت پهتي ته نه صرف اتان جي دولت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو، پر انجي رفتار به تيز ڪري ڇڏي.“ وليم ڊگبي به هن امر جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته ” پلاسي جي جنگ کان پوءِ، بنگال جي دولت هٿ آئي، جنهن جو هي اثر ٿيو جو، اڳ هت ڪوبه ڪارخانو ڪين هو. پر هاڻي هت، وڏا وڏا ڪارخانا نظر اچڻ لڳا.“ هيءَ ته هو نقد پئسو، جيڪو هتان برطانيه ويو. هاڻي ڪجهه زرعي جنسن ڏانهن به نظر ڪريو! 1863ع ۾ يارهن ڪروڙ 86 لک 83 هزار ست سئو ڏهه مڻ ڪڻڪ هند مان برطانيه موڪلي ويئي. 1883ع ۾ 118 مڻ في منٽ جي حساب سان چانور موڪليا ويا. 1913ع ۾ ڪڻڪ 3 ڪروڙ 50 لک مڻ هتان موڪلي ويئي.1917ع ۾ 29 لک ڏهه هزار ٽن ڪڻڪ هند مان موڪلي ويئي. 1918ع ۾ 45 لک ڏهه هزار ٽن ڪڻڪ هند مان برطانيه موڪلي ويئي ۽ 1918ع ۾ 56 ڪروڙ 50 لک مڻ چانور موڪليا ويا.
    جڏهن ڪمپني هندستان مان ايڏي وڏي پئماني تي ڪمايو تڏهن ان جي ميمبرن جو رعب تاب وڌي ويو. برطانيه ۾ سندن اڊنبر عياشي ڏسي ماڻهو کين نواب سڏيندا هئا ۽ سندس رئيساڻي ٺاٺ جو هُل هوندو هو. هندستان هڪ انگريز آفيسر پنهنجي تجارتي لوڻ تيار ڪرڻ لاءِ تيرهن هزار نوڪر رکيا. اهڙي وقت ۾ جڏهن قيمتون سستيون هيون. تڏهن به ڪيئي نوجوان انگريز ڪلارڪ وڏين ساليانه بجيٽن کان سواءِ رڳو پنهنجي ڪپڙن تي سال ۾ 15 سئو پائونڊ ۽ کاڌي پيتي تي ٻه هزار پائونڊ خرچ ڪندا هئا. اها حالت ڏسي ڪرناٽڪ جي محمد علي ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي هڪ خط ۾ لکيو ته ” اوهان جي نوڪرن جو هن ملڪ ۾ ڪوبه ڪاروبار نه آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ڪو معقول پگهار ڏيو ٿا پر پوءِ به هو کين اشرفيون ڪمائي واپس وڃن ٿا. ايتري ٿوري عرصي ۾ بغير ڪنهن ذريعه معاش جي هي اڻ ڳڻي دولت ڪٿان اچي ٿي. اهو اوهان ۽ اسان ٻئي سمجهي سگهون ٿا.“
    ڊرمنڊ پارليامنٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ” هندستان ۾ بي چيني جو اصل سبب هي آهي ته هن ملڪ کي، سول سروس ذريعي چوسيو وڃي ٿو. اڃان به جي اسان هندستان کي انگريز عهديدارن جي ڦرلٽ جو ذريعو سمجهندا رهيا سين ته اسان نه صرف ان کي وڃائي ويهنداسين، پران جا مستحق به آهيون.“ انگريز سرڪار وڏا آفيسر انگريز رکي پگهارن رستي انهن کي نوازيو. انگ اکر ڏسو. گورنر جنرل اٺ هزار ڪمشنر ساڍا پنج هزار ڪليڪٽر 12 سون کان مٿي، ڊپٽي ڪليڪٽر ستون سون کان مٿي، گشت ۾ ماني ۽ خرچ راڄن تي. پگهار کيسي جي خرچي، ڏيهي زيردستن جي پگهار ڏسو ڪاردار 35 روپيا، منشي 15 روپيا، ڪوٽوال ۽ پٽيوالو 5 روپيه. ماستر ست ۽ پوليس سپاهي چار روپيه.
    هندوستان ۾ جڏهن ايڏي ڦرلٽ ڪئي وئي ته ان جو هي نتيجو نڪتو جو ملڪ کي ڄڻ ماڪڙ کائي ويئي. اقتصادي بدحالي چوٽ چڙهي ويئي، غربت ۽ مسڪيني وڌي ويئي ۽ ڏڪر شروع ٿيا. ڪمپني جي دور حڪومت ۾ 31 ڏڪر پيا ۽ ان ۾ ٻه ڪروڙ سٺ لک ماڻهو مري ويا. بهار جي علائقي ۾ روزانو مرڻ وارن جو تعداد ڏيڊ سئو هو ۽ پسگردائي جي حالت، ان کان به بدتر هئي. اي- اي رسل لکي ٿو ته ” 25 ڪروڙن کان وڌ آبادي کي پيٽ ڀري چانور به نصيب نه ٿيندا هئا. ڏکڻ هند جا ماڻهو جيئن تيئن ڪري زندگي جا ڏينهن پورا ڪري رهيا آهن. بکن کان پاهه ٿي، پردي دار عورتن پنهنجن ٻارن جي جان بچائڻ لاءِ پننديون نظر اينديون هيون ۽ سڙڪن تي روزانو هزارين ماڻهو مرندا نظر ايندا هئا، جن جا لاش ڪتا، گدڙ ۽ گڏهه کائيندا هئا. دريائن ۾ لاشن جي گهڻائي ڪري مڇي به مري ويئي هئي. “ ڪيترن ئي شهرن جي اڌ ۽ ڪيترن جي سڄي آبادي مري ويئي. ماڻهو ويچارا بک مرڻ ڪري 4 آنا ڏهاڙي يا ڏيڊ سير اناج تي ڪم ڪرڻ لڳا.“
    رسل لکي ٿو ته ” هي ماڻهو مسڪينن وانگر مري رهيا آهن. سر سيد احمد خان جو چوڻ آهي ته ” 1827ع ۾ جن ڳوٺن ۾ وبا جو زور هو اتي غريب هارين کي انهيءَ شرط تي کاڌ خوراڪ، ڪپڙو ۽ دوائون ڏنيون وينديون هيون ته هو پنهنجو مذهب بدلائي عيسائي ٿين.“

    (7) اخلاق جو ڏيوالو: -
    انگريز حاڪمن هتان جي معيشت کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ عوام جي اخلاق ۽ ڪردار تي حملا ڪيا ۽ سندن اخلاقي رجحانات ۽ اقدار جي بيخ ڪني ڪئي. هنن جي فرنگي تهذيب هتان جي اخلاقي نظام مان اسلامي اقدار، انساني اوصاف ۽ مشرقي رجحانات کي ختم ڪري اهڙي معاشري کي وجود ۾ آندو جيڪو انساني نه پر حيواني سماج جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح هندستاني نوجوانن ۾ تعصب ۽ تنگ نظري پئدا ڪري، اتحاد ۽ اتفاق کي ختم ڪيو، سندن اخلاق حسنه ۽ بلند ڪردار کي ختم ڪيو ويو. لارڊ ميڪالي لکي ٿو ته ” ڳالهه ڳالهه تي قسم کڻڻ عزت واري هندستاني وٽ گناهه آهي. ان کانسواءِ مشرق ۾ ڪنهن شريف ماڻهو جي گهر ۾ ڪنهن غير مرد جو پيهي وڃڻ يا ڪنهن عورت کي بي پردهه ڏسڻ قابل برداشت ڏوهه آهي. جنهن جو بدلو صرف خون آهي. پر اهي ئي مصيبتون بنگال ۽ بهار جي شريف گهراڻن کي سهڻيون پيون آهن. هندو رعيت جا بد ترين ماڻهو انهن جي چوڌاري گڏ ٿي، توهين آميز روشن ڪن ٿا. شريفن جا زنانخانه اهي مقام هئا جنهن جو احترام مشرقي سلطان به ڪندا هئا. پر هاڻي اهي ئي زنانخانه آهن جتي بدڪار ۽ شرير ماڻهو هليا وڃن ٿا. اسان شريفن کي قيد ڪري ڪلڪتي آندو.“ مدراس جي هڪ پادري ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي لکيو ته ”توهان جي ملازمن جي بداعمالين جي ڪري هندستانين جي نظرن ۾ توهان جي خدا جي جيتري بي عزتي ٿئي ٿي ۽ توهان جو مذهب جيترو بدنام ٿي رهيو آهي. ان جي حالت جي اوهان کي خبر پوي ته توهان جي اکين مان ڳوڙهن جون نديون وهڻ لڳن، جيڪي ماڻهو هت اچن ٿا، انهن مان ڪجهه قاتل هوندا آهن. ڪي ماڻهن کي زوري اغوا ڪرڻ وارا هوندا آهن ۽ ڪي پنهنجون زالون به انگلستان ڇڏي آيا آهن ۽ هت شاديون ڪري ڇڏين ٿا.“ هڪ اخبار ” سلطاناالاخبار“ لکي ٿي ته ” هڪ هندو نياڻِي سان هڪ انگريز زيادتي ڪئي، جنهن تي هن فرياد ڪئي، ان انگريز کي جڏهن فرياد جي خبر پئي ته هن پوليس سان صلاح ڪري، ساري خاندان تي چوري جو الزام لڳائي کين جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ ان عورت جي مظلوم پيرسن ماءُ جيل ۾ وفات ڪري ويئي.“ مسٽر آرنولڊ لکي ٿو ته هڪ برٽش ڪرنل ميڪڪار ميڪ جي گهر ۾ يارهن سالن جي هڪ ڇوڪري اينا نالي نوڪرياڻي هئي. هن ان نينگري سان زيادتي ڪئي ۽ کيس پنهنجي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو، ڇوڪريءَ جي پيءُ ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کي اجازت نه ملي الٽو اينا کي رنڍي قرار ڏنو ويو. ( نقش حيات – مولانا مدني)
    انگريزن سنڌ جهڙي پاڪيزه ۽ شريف خطي ۾ بدڪاري جي اڏن کي قائم ڪيو نه ته ان کان اڳ انهن جو هت ڪوبه وجود ڪين هو. بلڪ برٽن جي لفظن ۾ ” اڳٺ جي مٿان“ ترار لٽڪندڙ هئي. پر انگريزن هڪ خاص محلي ۾ طوائفون گهرائي کين پنهنجي مخصوص ڪاروبار هلائڻ جي اجازت ڏني، پر رچرڊ برٽن جيڪو پاڻ به ڪريل اخلاق جو مالڪ هو، سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين وارن شهرن جي جنسي زندگي تي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن کي پوءِ نيپيئر ساڙائي ڇڏيو. چون ٿا ته ان وقت سنڌ ۾، فحش عورتون ڪين هونديون هيون. جنهن ڪري انگريز سولجر جي نفسياتي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهران سهڻا ڇوڪرا گهرائي انهن جا اڏا کولرايا ويا. نيپئر صرف ا۾ ان لاءِ ڪتاب ساڙايو جو ان رپورٽ ۾ انگريز سولجرن جي بداخلاقي جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي.“ ( اهي ڏينهن اهي شينهن ( جلد ٽيون) - پير علي محمد راشدي)
    ان دور جي اخلاقي اقدار جي باري ۾ مسٽر هينري مسٽريجي لکي ٿو ته ” ماڻهو پهرين کان وڌيڪ نفس پرست ٿي ويا آهن عياري، ڪوڙا قسم، دوکي بازي ۽ فريب جهڙيون خراب خوبيون يقيناَ گهڻيون عام ٿي ويون آهن. شراب خوري، بداخلاقي ۽ شودا پائي جهڙا اخلاق عيب لازمي طور اهڙي نظام حڪومت ۾ وڌندا، جيڪا دعوى ته اسلامي قانون مطابق فيصلو ڪرڻ جي ڪري ٿي. مگر مٿي بيان ڪيل بد اخلاقين تي ڪابه سزا نه ٿي ڏي.“
    ساڳيو صاحب ٻئي جاءِ تي لکي ٿو ته ” انصاف جي ڪنهن به عدالت ۾ اخلاق جو سبق پڙهايو نٿو وڃي. مون وٽ اهڙا سبب موجود آهن. جن جي ڪري اهو يقين ڪري سگهجي ٿو ته ڪلڪتي ۾ جيڪو قانوني نظام اسان رائج ڪيو آهي، ان ماڻهن جي اخلاق کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي، آئون ڪنهن به اهڙي ديسي ماڻهو کي نٿو سڃاڻان، جنهن جو اخلاق ۽ عادتون خراب نه ٿيون هجن.“ لارڊ ميڪالي لکي ٿو ته ” گذريل زماني ۾ جهڙي طرح زور دار روڳي ۽ بي عقل بنايو ويندو هو، تهڙي طرح اسان جي نظام سلطنت اهل هند کي بيڪار ڪري ڇڏيو آهي.“ ( روشن مستقبل – ص 322) . مطلب ته انگريزي راڄ ساري هندستان جي اخلاقي نظام ۽ اعلى مهذبانه روايتن کي پامال ڪري ساريون اخلاقي خرابيون ۽ برايون پيدا ڪيون.

    (8) نفسياتي اثر : -
    معاشرتي، نفسياتي ۽ ذهني طرح به انگريزن هندستان جي ماڻهن کي مفلوج ڪيو. منجهانئن احساس بلاتري، عزت نفس ۽ انائيت جي جذبن کي ختم ڪري انهن ۾ احساس ڪمتري ۽ بزدلي پئدا ڪئي، برطانيه سرڪار هتان جي عوام کي، سرڪاري ڪاغذن ۾ ڪارا ماڻهو ۽ گهٽ عزت آهي ۽ سندن ڀلائي ۽ بهبودي طرف، ايترو ته ٿورو ڌيان اٿن، جو سندن علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو، مصيبتن جي بار هيٺان بنهه گهٽجي ۽ دٻجي رهيا آهن ۽ اهي بنهه سهڻ کان ٻاهر مفلسي ۾ ڏکن جي دنيا ۾ مبتلا آهن، اي خدا! پنهنجن بندن جي واهر ڪر ۽ کين انهن مصيبتن مان نجات ڏيار، جي کين سهڻِيون پيون آهن.“ سر ميلڪم تفصيلي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” اميرن جون رياستون ضبط ڪيون ويون، انهن کي تڪليف ڏيئي ڍل ورتي ويئي، سڀ کان عزت واري خاندان کي ختم ڪري ان رلايو ويو. سندن ذاتين جي توهين ڪئي ويئي. سندن وراثت واري قانون کي منسوخ ڪيو ويو. شادي وياهه جي قاعدن کي بدلايو ويو. مذهبي رسمن ۽ رواجن جي توهين ڪئي ويئي، عبادت گاهون ۽ جاگيرون کسيون ويون. سرڪاري ڪاغذن ۾ کيس ” ڪافر“ لکيو ويو.“ سر ٽامسرو لکي ٿو ته ” هي هڪ عام چوڻي آهي ته جيڪو پنهنجي آزادي وڃائي ويهي ٿو، سو پنهنجي اڌ نيڪي وڃائي ٿو. انهن کي برصغير جي ماڻهن هر هنڌ هڪ گهٽ درجي جي قوم سمجهيو وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ڪنهن کي ياد ڪونهي ته هو ڪڏهن پنهنجي ملڪ جا مالڪ هئا.“ سر ڊبليو ايچ رسل وضاحت سان لکيو آهي ته ” هر انسان کي دنيا ۾ چار شيون پياريون آهن. ايمان، عزت، جان ۽ مال. اسان جي حڪومت انهن چئن ئي شين کي سختي سان هندستانين کان کسيو آهي، ان ڪري ئي هتان جي عوام جي دلين ۾ غصي ۽ نفرت جا جذبات آهن. اسان نا انصافي سان انهن کي اعلى عهدن لاءِ مناسب نه سمجهيو آهي. انهن جي وڏن جون جاگيرون ضبط ڪيون آهن. هر هندستاني اسان جي قوم حاڪمن ۽ انهن جي بداعتدالين ۽ غفلتن لاءِ ذلت ۽ خواري جو شڪار هو. انهن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽ پسنديدگي نه هئي. اسان سندن سڀ ڪجهه ڦري ورتو.“ سر جان شور لکي ٿو ته ” هر اهو عهدو، عزت ۽ منصب جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ درجي جو نوڪر به نه ڪري، ان جو هندستانين لاءِ در بند آهي.“ سر هينري اسٽريچن جو چوڻ آهي ته ” هڪ اهڙي مقامي باشندي کي جنهن جي وڏن شايد اعلى اختيار هلايا هوندا. تنهن کي اسين ڪلارڪي جو اهڙو ڏين ٿا، جنهن جو ماهيانو وظيفو ويهه يا ٽيهه روپيا آهي ان کان پوءِ اسين به چئون ٿا ته هندستاني رشوت خور آهن ۽ ٻئي ڪنهن به قوم کي سواءِ ڪمپني جي يورپي نوڪرن جي مٿن حڪومت ڪرڻ جو حق ڪونهي.“ سر ٽامسرو لکي ٿو ته ” تمام ننڍين عهدن کان سواءِ هو ڪنهن وڏي عهدي تائين پوءِ کڻي اهو فوجي هجي يا سول نه ٿا پهچي سگهن، هو هر ڪنهن جاءِ تي هڪ گهٽ قوم جا فرد ڄاتا وڃن ٿا. سڀئي فوجي ۽ ديواني عهدا جيڪي ڪجهه اهميت رکن ٿا. هاڻي يورپين جي قبضي ۾ آهن.“ مسٽر هولٽ ڪمنري لکي ٿو ته ” هي عمل نهايت حيرت انگيز آهي جو هندستانين سان نيڪ دل انگريزن جو سلوڪ به نهايت حقارت آميز رهيو آهي، جيڪي سچ پچ نيڪ هوندا آهن.“ مسٽر لڊلو لکي ٿو ته ” هندستان فتح ٿيڻ کان پوءِ نتيجو هي نڪتو آهي، جو عوام اڀرڻ جي بدران، ذليل ترين ٿي ويئي آهي.“ سر وليم وڊربرن لکي ٿو ته ” ملڪ جي سڀني اعلى عهدي کان هندستانين کي خارج ڪرڻ جو هي نتيجو نڪتو آهي جو انهن کي اعلى انتظامي قابليت جي نشونما جي تربيت نه ملي ۽ جيڪا ٿوري گهڻي سندن لياقت هئي، اها به هوريان هوريان ختم ٿي ويئي.“ فوجي ڇانوڻين ۾ ديسي سپاهي کي وڏي آفيسر وٽ ويهڻ جي اجازت نه هئي. جيڪڏهن ڪو سپاهي، آفيسر جي بنگلي ۾ ويندو هو ته هو ان جي شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪندو هو ۽ غصي کان منهن ٻئي طرف ڦيري چوندو هو ته ” هي حقير غلام ڪيئن آيو آهي.“
    سر هينري لارينس کي اوڌ جي توبخاني جي هڪ جمعدار چيو ته ” انگريز ڏهن سالن کان اسان کي غلام بنائڻ ۾ رڌل آهن ۽ اسان سان ويل وهائي رهيا آهن.“ ان ڪري ئي بقول وليم هنٽر ” ڪمپني جي فوج جا دروازا مسلمانن لاءِ بلڪل بند آهن ۽ ڪوبه شريف خاندان مسلمان اسان جي رسالن ۾ داخل نه ٿو ٿي سگهي.“ هنٽر پنهنجي ڪتاب اسانجا هندستاني مسلمان ۾ لکي ٿو ته ” بنگال ۾ ٻه هزار هڪ سئو يارهن اعلى ملازمتن مان صرف ٻيانوي مسلمان هئا. پندرهن شعبن مان ست شعبا اهڙا هئا، جن ۾ هڪ به مسلمان نه هو. هن جو اهو سبب نه هو ته ڪي تعليم ۾ پوئتي هئا. پر اصل ۾ انگريزي حڪمران مسلمان کي پنهنجو مخالف سمجهندا هئا.“ ( جنگ آزادي 1857ع – پروفيسر محمد يعقوب قادري ص – 448). سر سيد احمد خان لکي ٿو ته” انگريز حاڪمن جي غرور ۽ تڪبر، سڀني هندستانين کي سندن نظرن ۾ ڪيرائي وڌو آهي. هنن جي بدمزاجي ۽ بي پرواهي هندستانين جي دلين ۾ نفرت پئدا ڪئي آهي.
    ڇا اسان جي حڪومت کي معلوم نه آهي ته وڏي عزت وارو ماڻهو به هندستاني حاڪمن جي بي عزتي واري خوف کان ڊڄي ٿو ۽ هي حقيقت آهي ته هڪ اشراف هندستاني صاحب جي سامهون هٿ ٻڌي عرض ڪري رهيو آهي ۽ صاحب جي ترش روئي ۽ سخت ڪلامي جي ڪري دل ۾ روئي به ٿو ۽ چوي ٿو ته ” هاءِ افسوس ماني ڪٿي نه ٿي ملي هن نوڪري کان ته گاهه کائڻ بهتر آهي.“ سڄي رعيت ڄاڻي ٿي ته حڪومت ان کي ذليل ۽ خوار ڪيو آهي، هندستان جي هڪ شريف ماڻهو جي، هڪ ننڍي ۽ خسيس يورپي جي سامهون، ايتري به عزت ڪانهيءَ، جيتري هڪ يورپي جي ڊيوبڪ جي سامهون“ دراصل انگريزن ۽ هندستان باهه ۽ سڪل گاهه مثل آهن. يا پٿر جي ٻن ٽڪرن وانگر اڇو ۽ هڪ ڪارو. جن ۾ ڏينهون ڏينهن مفاصلو وڌندو وڃي ٿو ۽ ائين سمجهجي ٿو ته هندستان ۾ ڪوبه جينٽل مين نه آهي، هاڻي هي حالت آهي جو انگريز هندستانين کي به هندستاني انگريز کي نفرت سان ڏسن ٿا.“
    ليفٽننٽ وليس لکي ٿو ته هندستانين جي عقيدن، احساسن، عادتن ۽ روايتن جو انگريز ڪوبه لحاظ ڪونه ڪندا هئا.“ اسان شاهي خانو ان جي فردن ۽ وظيفي خوارن سان، هندن جي حالت لاچاري جهڙي بڻائي ويئي. سابق ملازمن ۽ بااثر ماڻهن کي خاص طور ملازمتن ۽ عهدن کان محروم ڪيو ويو. جن تي انهن جي گذاري جو دارو مدار هو.“ ڪيپٽن ايف – آر سيجويڪ لکي ٿو ته ” اسان جين گهڻين ڪمزورين هوندي به سموري حڪومت ۽ سڀ وڏن پگهارن وارا عهدا فقط اسان جي لاءِ مخصوص هئا. منجهن انهن خيالن جيڪي آءُ پندرهن سالن کان على اعلان ظاهر ڪندو ٿو اچان. مون کي نقصان رسايو آهي. ليڪن مون کي انهن جي انهن تي صحيح هجڻ جو ڪامل يقين آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته جيسين اسين عام طور ڊيسين ۽ خاص طورتي ديسي سپاهين جي احساسن ۽ امنگن، سندن قابليت ۽ ڪمزورين کي پنهنجن احساسن ۽ امنگن جي برابر اهميت نه ڏينداسين ڪڏهن به محفوظ رهي ڪونه سگهنداسين.“ (ماهنامه نئين زندگي – مارچ 1968ع).


    تحريڪ جي تنظيم ؛-

    مطلب ته 1600ع کان 1857ع تائين انگريزي حڪومت لاڳيتو، پنهنجي حاڪمانه اقتدار ۽ استحڪام لاءِ اهڙيون بدعنوانيون ۽ زيادتيون ڪيون، جن جي خلاف هتان جي عوام ۾ نفرت پئدا ٿي ۽ انهن ڪمپني جي حڪومت کي نه رڳو پنهنجي قوت عزت ۽ وقار خلاف سمجهيو، پر اهو انهن جي هرادا، طرزعمل، ضابطي ۽ قانون کي پنهنجي ملڪ، ملت، دين ۽ مذهب جو دشمن سمجهڻ لڳا ۽ هڪ اهڙي حاڪم جي غلامي کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيندي ڏٺو . جنهن ۾ انهن لاءِ امن، چين، سماجي اطمينان ۽ مذهبي آزادي جو نالو نشان به نه هو. انهن تباهين ۽ سختين جو لاڳيتو مقابلو ڪري. ملڪي جي رهنمائن، غير ملڪي تسلط خلاف انقلابي تحريڪ جو آغاز ڪيو، جنهن کي تاريخ ۾ ”1857ع جي جنگ آزادي“ چيو وڃي ٿو. هزارين فقير، پنڊت، ساڌو، سنياسي ۽ عالم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. بااثر عالمن جهاد جي اهميت تي زور ڏنو. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ دورا ڪيا. تقريرون ڪيون، رضاڪارن گهر گهر وڃي چندو ڪيو. ڪيترن ئي جاين تي ڊرامن، ناٽڪن ۽ لوڪ گيتن رستي عوام کي غلامي جو احساس ڏياريو ويو. خفيه جماعتن جو قيام ڪري مانين جي تقسيم ۽ گلن جي ورهاست ڪئي ويئي. ڪپتان ڪٽيخ لکي ٿو ته ” مانين تقسيم جو سلسلو 1857ع جي منڍ ۾ شروع ٿيو، هي ماني ڳوٺ ڳوٺ جي زميندارن وٽ ايندي هئي ۽ اهو زميندار اهڙيون ٻيون مانيون پچرائي ورهائيندو هو. ڪوبه ان بابت ڪونه پڇندو هو ته ڪٿان آيون. بس کيس اهڙيون مانيون ٻئي تائين پهچائڻيون هيون. هنن مانين جي راز بابت هڪ انگريز آفيسر، گورنر جنرل کي لکيو ته ” ماني ماڻهو بهي کاڌي جي علامت آهي، هن جي گشت جو هي مطلب آهي ته ” ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته سندن خوراڪ حاصل ڪرڻ جا سڀ وسيلا کانئن ڦريا ويا آهن. ان ڪري هو سڀ پاڻ ۾ متحد ٿين. ڪن جو رايو هو ته ” هنن مانين ۾ اندر هڪ پني تي مخصوص خط هو جيڪو ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچي ڳوٺاڻن کي پڙهي ٻڌائڻو هو. ميجر آرسڪن لکي ٿو ته ” هي مانيون هڪ راز وانگر، سڀني ضلعن ۾ گشت ڪري رهيون هيون ۽ ڪنهن اچڻ واري معاملي جي نشاني هيون.“
    ساورڪر جو خيال آهي ته ” مانيون مختلف طبقن ۾ هم آهنگي پئدا ڪرڻ جي علامت هئي.“ مانين جي راز تي سڀ کان پهرين مسٽر فورڊ ڪليڪٽر گوڙ ڪيو، ليفٽينٽ گورنر مسٽر ڪالون کي لکيو جنهن سڀني ضلعن جي نالي سرڪيولر ڪڍيو. گلن جي ورهاست به پيغام رساني جو ذريعو هو. سڀ کان پهريئن ڪنول جو گل، بنگال ۾ ورهايو ويو. هڪ قاصد ڇانوڻي ۾ ويندو هو، سڀ کان وڏي ديسي فوجي آفيسر سان ملي کيس گل ڏيکاريندو هو. آفيسر اهو گل سپاهي کي ڏيندو هو ۽ اهڙي طرح سڄي ديسي فوج ۾ اهو گل ورهائجي ويندو هو. هي گل صفائي، پاڪيزگي، فتح ۽ شادابي جو نشان هو.“ ( علماءِ هند کان شاندار ماضي – احمد ميان ( جلد ٻيون ) ص نمبر 405. )
    ڀٽ ڌڻي به فرمايو ” ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاس“
    مسلمان عالمن ان انقلابي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پاڻ موکيو . ان وقت جهاد جي فتوى جاري ڪيئي ويئي ته ” انگريزن سان مقابلو ڪرڻ فرض عين آهي. هنن عالمن جو عوام ۾ وڏو اثر هو ۽ انهن تحريڪ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر وليم هنٽر لکي ٿو ته ” اهي اڻ ٿڪ هئا، بي لوث ۽ بي نفس هئا، جن جو طريقئه زندگي هر گمان کان مٿي هو. پئسن ۽ ماڻهن کي سڃاڻڻ جي کين وڏي اٽڪل هئي. سندن ڪم صرف تزڪيئه نفس ۽ اصلاح مذهب هو“. مفتي ذڪاءُ الله لکي ٿو ته ”سئو ٻه سئو جي لڳ ڀڳ وهابي عالمن جهاد ۾ حصو ورتو. دهلي ۾ وهابين جي وڏي ميڙ مولوي سرفراز علي کي اڳواڻ چونڊيو. انهن عالمن هر فرد کي جهاد جي ترغيب ڏني. دهلي جي جامع مسجد ۾ هڪ فتوى تيار ڪئي ويئي، جنهن ۾ انگريزن خلاف هر مسلمان لاءِ جهاد فرض ڪيو ويو ۽ پوءِ هر هنڌ اهڙا اشتهار ورهايا ويا ۽ انهن کي ڀتين تي هنيو ويو. انهن اشتهارن ۾ هو ته ” اي هم وطنو ۽ مذهب جا شيدائيو! اٿو، اٿو اوهين سڀ گڏجي اٿو. فرنگي ڪافرن کي نسب ۽ نابود ڪريو. جن عدل ۽ انصاف جي هر اصول کي پيرن هيٺيان دٻائي اسان جو راج کسي، اسان جي ملڪ جي مٽي پليد ڪئي آهي. ان جو فقط علاج هي آهي ته خونريز
    جگ ڪئي وڃي، جيڪا صرف حق ۽ انصاف لاءِ جنگ آهي. ( اٺارهن سئو ستونجاهه جي جنگ آزادي – روزانه جسارت 10 مئي 1982ع).جن عالمن هن تحريڪ کي اڀاريو اهي آهن. مولوي عبدالغفار، پير علي وغيره. مسلمان عالمن کان سواءِ هندو ساڌن ۽ پنڊتن به هن ڏس ۾ پنهنجي جوابداري محسوس ڪئي، هو ويس بدلائي جوڳي بنجي فوجي باريڪن جي ويجهو دونها دکائي ويهي رهيا ۽ سپاهين ۾ جذبئه حريت ۽ حب الوطني پئدا ڪئي، برهمڻ ساڌن، ان سلسلي ۾ هڪ اعلان ۾ چيو ته ” جيڪڏهن اسان هن موقعي تي سڀ گڏجي هڪ ٿي وينداسين ته اهو اسان جي ديتا، مهاديو جي خوشي جو باعث ٿيندو ۽ ڌرم جو بچاءُ ٿيندو، اسان کي اميد آهي ته، اهي سڀ ماڻهو، جيڪي 16 کان 32 سالن جي عمر جي وچ ۾ تلوار هلائڻ ڄاڻن ٿا. سي فوجن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪلين“. مسلمان عالمن ۽ هندو پنڊتن، هن عوامي انقلاب لاءِ جيڪو ميدان هموار ڪيو. ان لاءِ مسٽر سلورڪي لکي ٿو ته ” فقير، پنڊت، ساڌو ۽ سنياسي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. انهن کي سفر لاءِ هاٿي ۽ محافظ دستا ڏنا ويا. جن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ دورا ڪيا. انهن مولوين ۽ پنڊتن، فوجي ڇانوڻين جي چوڌاري چڪر لڳايا. خصوصاَ بارڪپور کان ميرٺ، انباله ۽ پشاور تائين سندن خفيه انقلابي جماعتن جو ڄار وڇايل هو. آفيسر جيتوڻيڪ انهن تي شڪ ڪندا هئا. پر اهي سپاهين جي ناراضگي کان ڊڄندا هئا. ڇو ته سپاهين کي انهن سان وڏي عقيدت هئي.“ ان ڪري ئي لارڊ ڪيننگ لکي ٿو ته ” مون کي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بغاوت مذهبي بهانن سان ڀڙڪائي ويئي. ڪانپور، بنارس ۽ پٽنم انهن پنڊتن باهه ٻاري ڏني.“ سرسيد احمد خان لکي ٿو ته ” اهي انقلابي ماڻهو فقيراڻو لباس پائي شهرن ۾ ويندا هئا ته جيئن سرڪاري انتظام ۾ خلل وجهن ۽ هندوستاني سپاهين کي باغي بنائين. اهڙي طرح هن عظيم انقلابي تحريڪ جو آغاز انهن عالمن ۽ پنڊتن کان ئي ٿيو. مسٽر ولسن لکي ٿو ته ” سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت بغاوت لاءِ 31 مئي جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. هر ريجمينٽ ۾ هڪ ٽن ميمبرن جي ڪاميٽي هئي، جيڪا بغاوت جي باري ۾ سڀ ڪم پورا ڪندي هئي ۽ اها اسڪيمون ۽ خط و ڪتابت مخفي رکندي هئي. ( تاريخ انقلاب عالم ( حصو ٻيو) خورشيد مصطفى).
    جڏهن تحريڪ مڪمل منظم ٿي ويئي، تڏهن ديسي فوج بغاوت ڪئي، بغاوت هن ڳالهه تي شروع ٿي ته ديسي فوج بغاوت ڪئي، بغاوت هن ڳالهه تي شروع ٿي ته ديسي فوج کي جيڪي ڪارتوس ڏنا ويا اهي ڊم ڊم ۾ ٺهندا هئا، جن تي ڍڳي ۽ سوئر جي چرٻي لکيل هوندي هئي، ڪرنل ماليس لکي ٿو ته ” دليلن جي تفصيل سان سر جان لارينس لکيو آهي ته بغاوت جو سبب فقط چرٻي وارا ڪارتوس هئا. عوام هنن ڪارتوس جي حقيقت کان بي حد متاثر ٿيو ۽ غلط فهمي ۾ مبتلا ٿي ويو.“ سر ڪئننگهام لکي ٿو ته ” ڪارتوسن کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ، مون کي سپاهين جي اعتراض تي ڪابه حيرت نه لڳي، مون کي هرگز اهو خيال نه هو ته، ڪارتوس ۾ اهڙي ڪا سڻڀي شيءِ موجود آهي، هي بلڪل چرٻي آهي، گورنمينٽ جي معتدال پاليسي تي، حرف نٿو رکي سگهجي، پردر حقيقت هن آڳ کي وڌائڻ واري اها سزا هئي جا نهايت ذليل طريقي سان ميرٺ جي ڇانوڻي ۾ ديسي سپاهين کي ڏني وڃي. ( سماهي مهراڻ – 1967- (1).
    روبرٽ لکي ٿو ته ” اها هڪ بدقسمتي هئي، جنهن ۾ ڪجهه صداقت به شامل آهي ته، بارود واري فيڪٽري ۾، ڪارتوسن جي تياري ۾ جانورن جي چرٻي استعمال ڪئي ويندي هئي. انگريزن آفيسرن ديسي سپاهين تي زور رکيو ته اهي هي ڪارتوس ڪتب آڻين، انهن انڪار ڪيو. ان ڪري هڪ سپاهي منگل پانڊي کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏني ويئي. ان وقت هن مجاهد پنهنجي هم وطن سپاهين کي چيو ته” منهنجي موت مان عبرت حاصل ڪيو، اسان وطن ڌرم جي عزت خاطر قربان ٿيون ٿا. اوهان ان مان سبق پرايو، دين ڌرم ۽ وطن جي لڄ رکو.“
    ان جي ڦاسي کان پوءِ پنجاسي سپاهين ڪارتوسن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان ڪري انهن سپاهين کي بدڪردار مجرمن ۾ داخل ڪري کانئن فوجي نشان کسي، سندن وردين کي پٺي کان ڦاڙيو ويو ۽ پوءِ کين نهايت بي عزتي سان هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پارايون ويون، ايڊ ورڊ ٽامسن لکي ٿو ته ” هي نهايت ذلت انگيز ۽ درد ناڪ نظارو هو. بيٺل سپاهي، پنهنجن بدقسمت ڀائرن کي هن ذلت ۾ گرفتار ٿيل ڏسي ڪڙهندا رهيا، مگر مجبور هئا. ان وقت ايئن پئي معلوم ٿيو ته هر سپاهي انتقام جي جوش ۾ ڀريل آهي، هو شايد ان وقت ئي حملو ڪري ڏين ها. پر ميداني توبن، بندوقن ۽ چمڪندڙ تلوارن جي موجودگي ۾ هو ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهيا. قيدين کي قيد خاني ۾ نيو ويو ۽ پهري جي لاءِ، مٿن ديسين کي مقرر ڪيو ويو.“ حسن نظامي لکي ٿو ته ” جنهن وقت قيدي جيل موڪليا ٿي ويا. رستي ۾ جي سپاهي بيٺا هئا، انهن کي نهايت مايوسيءَ مان هو. غيرت ڏياريندا رهيا. ڏهين مئي 1857ع تي آخر وطني غيرت ۽ دين جي حفاظت لاءِ تلوار مياڻ کان ٻاهر آئي ۽ ميرٺ کي، هن ” آزادي جي جنگ“ جو پهريون ميدان بنجڻ جو شرف حاصل ٿيو. ( ايضا”ساڳيو“)


    تحريڪ جي شروعات؛

    صبح جو سمو هو آچر جو ڏينهن هو، انگريزن ديول ۾ پنهنجي ديول ۾ عبادت ۾ رڌل هئا، هنن ساري رات عيش ۽ نشاط، راڳ ۽ رقصن ۾ گذاري هئي. هو هر ڪنهن خطري کان بي پرواهه هئا. ان وقت آزادي جي پروانن، آڳ ۾ ٽپڻ جون تياريون ڪيون، هو تلوارون کڻي، انهن انگريزن جي مٿان وڃي پيا، جن سندن ساٿين کي بي دردي سان جيل ۾ موڪليو هو . سوارن جي هڪ پلٽڻ ۽ پيادن جي ٻن پلٽڻين بغاوت ڪري، قيد خاني تي حملو ڪري سڀني قيدين کي آزاد ڪرايو جو فرنگي کين هٿ آيو، اهو بيدردي سان ماريو ويو. بنگلن تي چڙهائي ڪري انهن انگريزن آفيسرن کي هلاڪ ڪيو. اهڙي طرح 10 مئي تي ميرٺ ۾ آزادي جو پرچم جهولڻ لڳو. مولانا شاهه محمد اوڌ ۾ انگريزحڪومت خلاف ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، مجاهدن اتر هند ۾ استهانه جاءِ وٽ هڪ باغي ڪئمپ قائم ڪري انجام ڪيوته فرنگين جي ظلم کان هند جي عوام کي نجات ڏيارجي، هن ڪئمپ ۾ مجاهدن کي باقاعدي تربيت ڏني ويندي هئي، هڪ انگريز آفيسر لکي ٿو ته ” جڏهن اسان هن سازش کي پڪڙيو، تڏهن خبر پئي ته بنگال کان باغي ڪئمپ تائين، هر جڳهه تي پئسي ۽ ماڻهن جي رسد پهتل هئي.“ مولانا احمد الله شاهه پنجاب، سرحد ۽ وچ هند جو گشت ڪري ديسي فوجن ۾ جهاد جو جذبئه پيدا ڪيو. ان ڪري انگريزن کيس گرفتار ڪيو، بريلي ۾ خانبهادر خان جي رهنمائي ۾ وڏي فوجي جماعت انگريزن جي خلاف ٿي بيٺي. نجيب آباد ۾ نواب محمود خان جي قيادت هيٺ، ڪيترائي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. مولوي محمود خان جي قيادت هيٺ، ڪيترائي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. مولوي سلامت الله، علي شاهه، قاضي عين الدين ۽ قاضي وسيع الدين پنهنجن علائقن ۾ خودمختياري ۽ انگريزن خلاف باقاعده جنگ جو اعلان ڪيو. مولوي محمد حسين ۽ مولوي پير علي عوام ۾ جوش جهاد پئدا ڪيو. مولوي عبدالڪريم، مولانا يحيى علي، مولانا عبدالرحيم ۽ وارث علي به مختلف شهرن ۾ آزادي جي هن عظيم تحريڪ کي منظم ڪيو. الله آباد ۾ مولوي لياقت علي فوجي تنظيم ۽ انقلابي سرگرمين ۾ مصروف هو. دهلي ۾ فيروزشاهه جهاد آزادي ۾ شريڪ ٿيو. ڏهين مئي تي حضرت محل مجاهدن جي قيادت ڪئي، سورمن جيل ڀڃي سيد احمد شاهه کي آزاد ڪري جهاد جو اعلان ڪيو. هنن ريزيڊنسي تي حملو ڪري انگريزي فوج کي قتل ڪيو. حضرت محل جي ڏهن سالن جي پٽ کي اوڌ جي تخت تي ويهاري بهادر شاهه کان منظوري ورتي ويئي، سڀني اميرن سردارن ۽ اڳواڻن گڏجي، بهادر شاهه تاجدار مغليه کي شهنشاهه تسليم ڪيو. جيلن مان مجاهدن کي آزاد ڪرائي، سڀ بهادر اچي دهلي ۾ گڏ ٿيا. جتي بهادر شاهه کي 21 توبن جي سلامي ڏني ويئي. چاندني چوڪ ۾ بهادر شاهه مجاهدن کي خطاب ڪندي چيو ته ” اي هندوستان جا فرزندئو! جيڪڏهن اسان جي دلين ۾ اٽل ارادو موجود آهي ته يقين رکو ته اسان پنهنجن دشمنن کي ٿوري وقت ۾ ناس ڪري سگهندا سون ۽ پنهنجي ملڪ خواهه مذهب کي دشمنن کان بچائي سگهنداسون، اسان جو ملڪ ۽ اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي زندگي کان وڌيڪ پيارو آهي. ( هماري آزادي ڪي ڪهاني – ( حصو ٻيو) عشرت رحماني).
    دهلي جي محاذ تي سخت جنگ لڳي، ڪيترائي انگريز آفيسر مارجي ويا ۽ انگريزي فوجي شڪست کائڻ لڳا، جنرل نجت خان بريلي کان پنهنجن مجاهدن سميت دهلي ۾ آيو ۽ مجاهدن کي منظم ڪري، بهادر شاهه جي حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ شهر جو انتظام به رکيو. بهادر شاهه سڀني، رياستن جي نوابن کي جنگ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ جي تلقين ڪئي. ان ڪري يوپي، آئوڌ، روهيل کنڊ، پنجاب ۽ راجپوتانا ۾ مجاهدن گڏجي انگريزن سان جنگ ڪئي، جي پور، هانسي جصار ۽ ڀوپال کان به ٽي چار سئو مجاهد آيا، ان وقت مجاهدن ۾ جوش ۽ جذبو هو. مفتي ذڪاءُالله ” تاريخ عورج انگلشيه “ ۾ لکي ٿو ته ”جهادي توڙي بکن ۾ پاهه پيا ٿيندا هئا، بدن تي ڪپڙي جي لير به نه هوندي هئي، پر ڪڇ ۾ تلوار چيلهه ۾ خنجر ۽ ڪلهن تي ٽوڙي بندوق پيئي لڙڪندي هين، دهلي ۾ بادشاهه کي جهادي چوندا هئاته ” اسان بکن ۾ مرون ٿا ته بادشاهه کين چوندو هو ته مون وٽ خزاني ۾ ڪجهه به نه آهي. پر شهري مجاهدن کي ماني کارائيندا هئا. نواب محي الدين خان ٻه هزار ۽ محمد شريف پنهنجي گهرجو سارو سامان ڏيئي مجاهدن جي خدمت چاڪري ڪئي.“ ان موقعي تي جنگ هلندي انگريزن مولوي پير علي کي گرفتار ڪيو، کيس طرحين طرحين جا عذاب ڏيئي چيو ويو ته ” جيڪڏهن تون باغي ليڊرن جو پتو ڏيندين ته توکي آزاد ڪيو ويندو. ان تي مولوي صاحب جواب ڏنو تج ” ڪامهل اهڙي هوندي آهي.“ جو پنهنجي جان بچائڻ مفيد هوندي آهي، پر ڪا مهل اهڙي هوندي آهي. هي اهڙو موقعو آهي جو مان پنهنجي زندگي قربان ڪري ابدي زندگي حاصل ڪري سگهان ٿو. توهين مون کي ڦاسي ڏيئي سگهو ٿا ۽ مون وانگر ٻين کي موت جي ننڊ ۾ سمهاري سگهو ٿا، پر اوهين اسان جي مقصد کي ختم ڪري نٿا سگهو. جي مان مري وڃان ٿو ته هزارين بهادر منهنجي پٺيان اٿندا جيڪي اوهان جي سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيندا.“ ( جنگ آزادي – روزانه جسارت 10 مئي 1982ع).
    هن جنگ جو خاص پهلو هي آهي ته مردن سان گڏ عورتن به هن جنگ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، عورتن ۾ انقلابي سجاڳي آڻڻ لاءِ سکيا ورتل عورتون موڪليون ويون جن مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو. پردي جي پابندي جي سختي هوندي به عورتون تلوارون کڻي ميدان ۾ آيون، انهن ۾ هڪ مجاهد خاتون ” سبز پوش“ جو نالو قابل ذڪر آهي، جنهن لاءِ ليفٽيننٽ مڊسن لکي ٿو ته ” هن عورت مجاهدن جي اڳواڻي ڪئي، جنهن کي 5 مردن جيتري طاقت هئي، تلوار ۽ بندوق سان هن ڪيترائي سپاهي ماريا ۽ قتل ڪيا، هو شهر ۾ سائو لباس پائي ايندي هئي. “
    مجاهدن ۾ جوش پئدا ڪندي هئي. عوام کي بغاوت تي اڀاريندي هئي، هو گهوڙي سوار ٿي، هٿ ۾ تلوار کڻي، لشڪر جي قيادت ڪندي هئي. هوڏي دلير ۽ بي خوف عورت هئي.“
    مجاهدن ۾ جوش پئدا ڪندي هئي، عوام کي بغاوت تي اڀاريندي هئي، هو گهوڙي سوار ٿي، هٿ ۾ تلوار کڻي، لشڪر جي قيادت ڪندي هئي. هوڏي دلير ۽ بي خوف عورت هئي. “
    ٻي جانباز عورت حضرت محل هئي. هن فوجين جي ڪمان سنڀالي ۽ انهن جي تربيت ڪئي احمد الله شاهه کي تبليغ لاءِ مقرر ڪري، اوڌ ۾ انقلابي سرگرميون جاري رکيو. هو برقعو ڍڪي، گهوڙي تي چڙهي، فوجين ۾ تقرير به ڪندي هئي ۽ تلوار هلائڻ جي تربيت به ڏيندي هئي. جڏهن واجد علي شاهه کي انگريزن گرفتار ڪيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ کي جاءِ نشين مقرر ڪري حڪومت هلائي، کلم کلا جنگ جو اعلان ڪيو.“
    هت هي حقيقت به ظاهر ڪندو هلان ته هن جنگ ۾ مجاهدن صرف انگريزي فوجين ۽ آفيسرن کي ماريو، پر ٻارن ۽ عورتن تي آڱر کڙي به نه ڪئي. هڪ انگريز مصنف لکي ٿو ته ” جيتوڻيڪ قتل ۽ غارتگري ۾ ظلم ۽ سفاڪي جي انتهائي ڪئي ويندي پر انگريزي عورتن جي بي حرمتي ۽ بي عزتي جون افواهون غلط ۽ بي بنياد آهن ۽ ڪنهن به قابل اطمينان ثبوت کان خالي آهن“. سر رابرٽ هئملٽن به هن راءِ جي تائيند ڪري ٿو ته ” ڪنهن به بيان مان ائين ظاهر نٿو ٿئي ته قتل ڪرڻ کان اڳ، ڪنهن به انگريز سان ڪو توهين آميز رويو اختيار ڪيو ويو هجي نه صرف ان جي گواهي نه ٿي ملي، پر هي ڳالهه به آساني سان ڏسي سگهجي ٿي ته قتل ڪرڻ کان اڳ، ڪنهن لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ يا بگاڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي، باقي هي هو ته ڪنهن مرد آفيسرن جا ڪپڙا چورا يا ويا هئا.“ تاريخ عجيبه ۾ آهي ته ” بغاوت جي وقت ۾ عام فساد مهل، وهابي عالمن انگريزن جي ميم صاحبان ۽ ٻارن کي، باغين جي هٿن مان بچائي، پنهنجن گهرن ۾ محفوظ رکيو.“ ( جنگ آزادي – اٺهاره سئو ستاون)

    هن جنگ ۾ هتان جي عوام جنهن بهادري ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو، ان جو مثال جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. لکنو جي دلير انقلابين بابت ظهير دهلوي لکي ٿو ته ” ٻه سئو انقلابي منهنجي اڳيان اچي ٽپيا . مون ڏٺو ته انهن جي سينن مان گوليون آرپار ٽپيل هيون ۽ سندس بدن ۾ ننڊا ننڊا سوراخ هئا. پٺي ۾ به ڦٽين جا نشان هئا. جيري ۽ ڦڦڙن جا ٽڪر به لٽڪندڙ هئا. ساڃي هٿ ۾ پڳون ۽ کاٻِي هٿ ۾ گهوڙن جون واڳون هيون سندس منهن مان ڪنهن به قسم جو خوف ۽ بدحواسي ظاهر نه هئي. سندن هوش چڱي طرح قائم هئا ۽ پاڻ ۾ خوشي سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندا پئي ويا. هڪ زخمي کي ڏٺم، جنهن جو هٿ ڪرائي کان وڍيل هو ۽ ڪٽيل ٻانهن مان رت وهي رهيو هو. کيس جڏهن دوستن چيو ته اسان توکي ڪلهن تي کڻي ڪئمپ ۾ پهچايون“ تڏهن هن چيو ته ” مان هليو ٿو وڃان .“ بريلي ۾ خانبهادر خان جي فوجي دستي جيڪا بهادري، همت ۽ جرئت ڏيکاري ان جي هڪ انگريزي آفيسر هئين تصوير چٽي ٿو . ” هي غازي شهادت جي نشي ۾ چُور هئا سندن ڏاڙهيون اڇيون هيون. آڱرين ۾ چاندي جي منڊين تي الله لکيل هو. هر غازي جي چيلهه ۾، سائو بوڇڻ هو. سفيد پٽڪا مٿي ٿي هين، جن تي رت جي ڳاڙهن ڇنڊن جا نشان هئا، سندن هٿن ۾ تلوارون ۽ پٺن تي ڍالون هيون. هو دين جو نعرو هڻي اسان جي سامهون آيا. هڪ 20 سالن جي نوجوان اسان جي اڳيان اچي اعلان ڪيو ته ” آهي ڪو اوهان ۾، جيڪو منهنجو مقابلو ڪري، مان هڪ ئي وقت 5 ڄڻن سان وڙهي سگهان ٿو، ليڪن اسان مان ڪوبه سندن سامهون نه ٿيو. آخر جوش ۾ اچي تلوار ڪڍي اسان تي حمله آور ٿيو ۽ هڪٻئي وقت 18 ماڻهن کي ماري وڌائين، جڏهن اسان جي سڄي ڪئمپ گڏجي مٿس سنگينن سان حملو ڪيو ۽ جيستائين سندس ڇاتي پرڻ نه ٿي، تيستائين هو بهادر تلوار هلائيندو رهيو ۽ بهادري جا جوهر ڏيکاريندو رهيو.“ زوارپور جي هڪ دلير راجا کي پڪڙي، جڏهن انگريزن کيس ڦاسي تي لٽڪائڻ جو دڙڪو ڏنو، تڏهن هن دلير پٽ جواب ڏنو ته ” ڦاسي جا ڦندا، توبن جا آواز يا ڪاري پاڻي جا ڌڙڪا اهڙيون نقصان ڪار يا خوفناڪ شيون نه آهن. جهڙي غداري يا دغابازي مان نه چور آهيان نه ڌاڙيل ان ڪري مون کي ڦاسي نه ڏيو پر مون کي توب سان اڏيو ۽ اوهان ڏسندو ته مان ڪيئن نه استقلال ۽ صبر سان توب آڏو بيهان ٿو.“ ( جنگ آزادي – اٺهاره سئو ستاون)
    هي ايڏي پئماني تي هلايل، انقلابي ۽ عوامي تحريڪ، جنهن لاءِ هتان جي عوام سرن جا سودا ڪيا ۽ عالمن رت جو نذرانو ڏنو، ساچند غدارن ۽ وطن فروشن جي ناڪام ٿي ويئي. انگريزن هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا ڀاڙي جا ٽٽو ڇڏيا، جن پنهنجي قوم جي ماڻهن جي رت سان ويهي راند ڪئي. وطن نيلام ڪري هو غيرن وٽ سُرخرو ٿيا. سر سيد احمد خان لکي ٿو ته” هي آزادي جي انقلابي جدوجهد جيڪا خالص جهموري تحريڪ هئي، سا چند غدارن جي ڪري ناڪام ٿي ويئي.“ دهلي ۾ مرزا الاهي بخش، آئوڌ ۾ راجا جڳت ناٿ سنگهه ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ننگ ناموس ۽ ننگ وطن آهن، جن جاگيرن ۽ خطابن کي پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي آزادي ۽ سالميت کان وڌيڪ اهم سمجهيو، هن عوامي تحريڪ کي دٻائڻ ۽ پنهنجي کي ماري، غير ملڪي سامراج کي مستحڪم ڪرڻ ۾ جن صوبن جي ماڻهن حصو ورتو، ان جو تجزيو ڪندي جناب خواجه جميل احمد لکي ٿو ته ”برصغير هندو پاڪ جو هي هڪ المناڪ سانحو آهي ته هن ملڪ ۾ غير ملڪي اقتدار کي ڪامياب بنائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ غير ملڪين جي تلوار کان وڌيڪ پنهنجن جي غداري نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1857ع جي جنگ آزادي ۾ به هي شيءَ نمايان نظر اچي ٿي. جڏهن ته يوپي، بهار، بنگال ۽ وچ هند مان انگريزن جا پير پٽجي چڪا هئا ۽ انهن علائقن ۾ آزادي جو جهنڊو جهولي رهيو هو، تڏهن پنجاب جي مسلمان خاندان ۽ سکن ۽ نيپال جي گورکن هن غير ملڪي اقتدار کي ٻيهر ڪامياب ڪرڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ قوم سان غداري ڪندي، انگريزن جي مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح کٽيل بازي هارجي ويئي، پنجاب جيڪڏهن 1857ع ۾ انگريزن جو ساٿ نه ڏي ها ته هي ملڪ اڄ کان سئو سال اڳ آزاد ٿي وڃي ها ۽ هت اسلامي حڪومت جو جهنڊو جهولندو رهي ها. اهڙي وقت ۾ جڏهن انگريز پنهنجو سامان ٻڌي هندستان مان نڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا ۽ يوپي، بهار، بنگال ۽ وچ هندستان ۾ لڪندا رهندا هئا، پنجاب جي سکن ۽ مسلمانن برطانوي اقتدار جي جهرندڙ ديوار کي سهارو ڏنو. پٽيالا، ناڀه ۽ جنڍي جي سک رياستن ۽ پنجابي مسلمانن جي ڪيترن ئي وڏن وڏن خاندانن قومي انقلاب جي خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح 1857ع جي قومي انقلاب جي قبر پنجاب ۾ کوٽي ويئي ۽ ان ۾ سکن جو وڏو هٿ هو. جان لارنس لکي ٿو ته ” جي پنجاب ۾ اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ها ته پوءِ اسان برباد ٿي وڃون ها، جيستائين مدد اترين صوبن مان پهچي ها تيستائين سڀني فرنگي سپاهين جو هڏيون اس ۾ سڙي وڃن ها ۽ انگلستان کي مشرق مان ٽپڙ کڻي وڃڻو پوي ها.“ دهلي ۾ غدار پنهنجي ۾ لڳا رهيا، باغين جنرل بخت خان جي سرڪردگي ۾ دهلي ۾ انگريزن جو مقابلو ڪيو. غدارن ڪمزور ۽ ضعيف بهادر شاهه کي ۽ ان جي پٽن کي بخت خان کان بدظن ڪري ڇڏيو. انهن غدارن مان بهادر شاهه وزير الاهي بخش خاص طور سان قابل فڪر آهي. برطانوي حڪومت دهلي جي اهميت کان چڱي طرح واقف هئي ان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ سرڌڙ جي بازي لڳائي. ان وقت ساري ملڪ ۾ 39 هزار فرنگي ۽ سوا ٻه لک ديسي سپاهي هئا. ان مان ٻه هزار فرنگي سپاهي سر لارنس جي سرڪردگي ۾ پنجاب ۾ هئا. جڏهن پنجابي سک ۽ مسلمان ۽ گورکن جي فوجي مدد انگريزن کي ملي ته هو دهلي تي حملي آور ٿيا. هي فوج هنري برنارڊ جي سرڪردگي ۾ دهلي ۾ پهتي ۽ پنهنجن جي مدد سان انگريزن مجاهدن کي شڪست ڏيئي ٻيهر دهلي تي قبضو ڪيو. ( اٺارهن سئو ستونجاهه جي جنگ آزادي _ روزانه جسارت 10 مئي 1982ع).


    انگريزن جون انتقامي ڪاروائيون

    جڏهن انگريزن ملڪ تي ٻيهر قبضو ڪيو، تڏهن مجاهدن کي المناڪ سزائون ڏنيون ۽ هنن يورپي آفيسرن جنهن ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جو سياهه باب آهي. مسجد اڪبري کي شهيد ڪري، ان جاءِ تي ڪلب ٺاهي، شراب پيتو ويو. جامع مسجد دهلي کي، فوجين جي بئرڪ ٺاهي، پائخانو ۽ پيشاب ڪيو ويو، ان جي ايوان ۾ سوئر ڪُهي ڪباب پچايا ويا. سوين مسلمانن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، پيپلس پيپر جو ايڊيٽر لکي ٿو ته ”برطانيه هندستان ۾ جنگ کان پوءِ هت موت جو هڪ اهڙو ارزه خير ڍنگ ايجاد ڪيو ويو، جنهن جي تصور سان انسانيت ڏڪي ٿي. انهن رحمدل عيسائين، جيئرن ماڻهن کي توب سان ٻڌڻ جو انوکو مناسب طريقو ڪڍيو. انهن جا توبن سان ٽڪرا ٽڪرا اڏايا ويا. خون جي بارش ٿي ۽ لڇندڙ انساني عضوا ۽ گوشت جا ٽڪرا تماشائين تي اچي ڪريا. ڪوبه ماڻهو انهن حرڪتن کان بازي کڻي نه ٿي سگهيو.“ ڪن انگريزن مورخن پنهنجي قوم جي انهن جلادن جي سفاڪين تي تفصيل سان لکيوآهي، ٿامسن لکي ٿو ته ” لکنئو تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، قتل ۽ غارت جي بازار گرم ڪئي ويئي، هر هڪ هندوستاني کي بي دريغ قتل ڪيو ويو. ڪارو رنگ سندن سڃاڻ هئي، مارڻ لاءِ هڪ رسو ۽ وڻ جي ٽاري ڪافي هئي. دهلي شهر جي بلند جاءِ تي، هڪ سولي لٽڪائي ويئي، جتي 5، 6 ماڻهن کي روز ڦاهي ڏني ويندي هئي ۽ انگريز سگريٽن جو ڪش هڻي، سندن تڙپندڙ لاشن جو نظارو ڏسندا هئا. هڪ جاءِ تي، بدنصيب قيدي جي گوشت مان نڪرندڙ بدبوءِ ساري فضا کي خراب ڪري رهي هئي، هڪ جڳهه تي نهايت وحشيانه طريقي سان هڪ زندهه انسان کي ساڙيو پئي ويو. سک ۽ يورپي مزي سان، ان کي ڏسي رهيا هئا. انگريز سوين ميلن تائين رستي جي ٻنهي طرفن جي ڳوٺاڻن کي ماريو. ڪن کي گهرن ۾ ساڙيو ويو. اهڙي طرح سارو ملڪ ويران ۽ برباد ٿي ويو. دهلي جا هزارين مرد، عورتون ۽ ٻار بي گناهه برباد ٿي جهنگلن ۽ ويرانين ۾ رلڻ لڳا. سپاهي سندن گهرن ۾ گهڙي، ڪنڊون کوٽي، سندن قيمتي مال ڦريو ۽ لٽيو.“ اسيروا ل کي ٿو ته ”وحشي نادرشاهه به اهڙي ڦرلٽ نه ڪئي، جهڙي دهلي جي فتح کان پوءِ انگريزي فوج ڪئي، عام رستن تي ڦاسي گهر ٺاهيا ويا ۽ هرروز سئو ماڻهن کي ڦاسيون ڏنيون وينديون، جن مان 29 شاهي گهراڻن مان هئا. اهڙي طرح 27 هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو ۽ ستن ڏينهن تائين لاڳيتو عام ٿيو.“ ٽائيمز جو ايڊيٽر لکي ٿو ته ” زندهه مسلمانن کي سوئر جي کل ۾ سبڻ يا ڦاسي کان اڳ سوئر جي چرٻي سندن جان تي مکڻ يا جيئري باهه ۾ ساڙڻ يا هڪ ٻئي سان بدفعلي ڪرڻ اهڙيون ذليل حرڪتون آهن، جن جي دنيا ۾ ڪابه تهذيب اجازت نٿي ڏي. اسان جا ڪنڌ شرم ۽ حيا کان جهڪي وڃن ٿا. اهڙيون حرڪتون عيسائيت جي نالي تي بدنما داغ آهن. جن جو ڪفارو لازمي هڪ ڏينهن اسان کي ڏيڻو پوندو.“ سر هيزڪاتن لکي ٿو ته ”مان قيدين جي هڪ تنبو ۾ ويس، جتي انهن بدبخت مسلمانن کي ڏٺم، جيڪي بي حال زمين تي هيٺ ليٽيل هئا. سندن بازو ٻڌل هئا ۽ هو اگهاڙا هئا. مٿي کان پيرن تائين ساري بدن کي گرم ٽامي سان ڏنڀ ڏنل هئا. مون اهو نظارو ڏسي کين پنهنجي پستول سان مارڻ مناسب سمجهيو. “ ٽامسن لکي ٿو ته ”باغين جي ڏوهن جي مقابلي ۾ دهلي جي رهاڪن کي هزارين دفعا وڌيڪ تڪليف سهڻي پئي، هزارين مردن عورتن ۽ ٻارن کي بي گناهه بي گهر ٿي ڪري جهنگلن ۽ برپٽن ۾ رلڻو پيو ۽ جيترو مال ۽ دولت، پٺيان ڇڏي ويا. ان لاءِ سدائين کين هٿ ڌوئڻا پيا. ڇو ته سپاهين گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ کوٽي، ساري قيمتي شين کي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ باقي سامان ڀڃي خراب ڪري ڇڏيو. جنهن کي هو کڻي نٿي سگهيا. “ مسٽر هومز لکي ٿو ته ” پيرسن ماڻهن اسان کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچايو هو . پر انهن کان ۽ بيڪس مجبور عورتن کان، جن جي جهولين ۾ کير پياڪ ٻچڙا هئا. اسان اهڙي طرح بدلو ورتو جهڙي طرح وڏن، وڏن باغين کان.“ مورخ ڪپئي لکي ٿو ته ” هڪڙي هنڌ ڇهه هزار هندستانين جو قتل عام ڪيو ويو. الهه آباد جي علائقي ۾ ايترن ته هندستانين کي قتل ڪيو ويو جيترا انگريز مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا، سموري هندستان ۾ 1857ع جي ساري هنگامي دوران به انقلابين جي هٿان ڪين مئا هئا. “ هڪ انگريز ماري ڇڏيو، سندن جسمن کي سنگينين سان چيريو ويو ۽ هندن جي وات ۾ زبردستي ڳئون جو گوشت وڌو ويو.“ فريڊرڪ ڪوپر لکي ٿو ته ” 66 ماڻهن کي هڪ قبي جي اندر رات جو بند ڪيو ويو، جن مان 45 ماڻهو اندر ٻوساٽجي مري ويا ۽ اهڙي طرح بلئڪ هول وارو داستان وري ٺهرايو ويو. 292 لاشن کي هڪ کوهه ۾ اڇلائي، کوهه کي مٽي سان پورايو ويو. اهڙا کوهه ڪانپور ۽ انبالا ۾ آهن. انگريزن جن کي مهذب، سڌريل ۽ ائڊووڪيٽ سمجهيو ويندو هو. ان وقت انهن جو دلپسند مشغلو هو. ماڻهن کي جيئرو ساڙڻ، جيئري ماڻهو جي کل لاهڻ، گرم شيخن سان ڏنڀ ڏيئي ساڙڻ، عورتن جي عصمت دري ڪرڻ، مسجدن جي بي ادبي ڪرڻ. سندس اهي افعال ڏسي هڪ وڏي پادري ڪمپني کي لکيو ته” اوهان جي خراب لڇڻن جي ڪري، هندستانين جي نظر ۾ اوهان جي خدا جي جيتري بي عزتي ٿئي ٿي ۽ اوهان جو مذهب جيترو بدنام ٿئي ٿو، ان جي جيڪڏهن اوهان کي خبر پئجي وڃي ته اوهان جي اکين مان ڳوڙها وهي وڃن. “ ( نقش حيات – حصو ٻيو – مولانا مدني ).


    ڀاڱو ٻيون : آزادي جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو

    تعارف

    سنڌ سوڍن ۽ سورمن جي سرزمين آهي. سنڌ دولهن ۽ دلاورن جو ديس آهي. وطن جي آزادي ۽ خودمختياري سان سنڌين لانئون لڌيون آهن. ساڻيهه سان سڪ ملڪ جي مٽي سان محبت پنهنجن ملير ڄائين سان پيار سنڌين جو شيوو رهيو آهي. ڪيترن ئي ايامن ۽ جُڳن کان هوس پرستن، پئسي جي پوڄارين، اقتدار جي بکين ۽ ظالم ڦورن سنڌ تي پئي ڪاهيو آهي ۽ قبضو ڪيو آهي، پر هتان جي سورهين ۽ سرويچن هر وقت پئي سندن مقابلا ڪيا آهن. سوري کي هنن سيج بنايو آهي، موٽڻ هنن لاءِ مهڻو هوندو آهي. آزادي هنن جي ساهه پساهه ۾ هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته آرين کان وٺي انگريزن تائين سنڌين وڏيون قربانيون ڏنيون. لال لهو وهايو . رت جا نذرانا ڏنا. جانيون قربان ڪيون. سسين کي ڪنڌ کان ڪٽرايو. ڪاتن هيٺ آيا. پر وطن تي آنچ آڻڻ نه ڏنائون . پوءِ ضرور سون ۾ ڪوڪاڻو به ٿيندو آهي ۽ اهي ڪاڻا ئي اگهاڻا آهن ۽ وطن وڪڻي پنهنجي انا کي سالم رکندا آهن. تاريخ گواهه آهي ته سنڌين انگريزن کي پنهنجي ”جنم ڀومي“ سڙي ڪانه ڏني هئي. مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ جي پنهنجا هزار ماڻهو مرايا هئائون ته دشمن جابه ڪجهه سئو ماڻهو ماريا هئائون. ائين ڊڄي گهرن جا ڪنڊا کولي، فرنگين جي آجيان لاءِ گلن جون ڪنڊيون کڻي ڪونه بيٺا هئا. ان ڪري انگريزن به سنڌي عوام کان مڪمل پلاند وٺڻ لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪيا. پهريائين هنن سنڌ ۾ انگريزي راڄ قائم ڪيو ۽ سرچارلس نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جيڪو 1847ع تائين رهيو. هي دور سنڌ ۾ فوجي راڄ هيو. جنهن ڪري هتان جي ماڻهن کي هڪ عجيب استبدادي دور مان گذرڻو پيو. ان کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري مسٽر آر ڪي پونگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.
    اهڙي طرح سنڌ جي علحده پرڳڻي واري حيثيت ختم ڪري، سندس خودمختياري کسي سنڌ کي بمبئي صوبي سان لاڳو ڪري، سندس حيثيت مخض هڪ ڊويزن واري رکي، حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جهڙي سکئي ستابي ملڪ کي بمبئي جي ماتحت بنايو ته جيئن سنڌ جي دولت، انگريز قوم جي ڀيٽ جو ٻل بنجي سگهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن مالي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا هوندا ته آزادي وٺي نه سگهندا، ڇوته انگريز سرڪار کي ڊپ هو ته مبادا سنڌي قوم به افغانستان وانگر بغاوت ڪري، خودمختياري حاصل ڪري . ان ڪري انگريزن سنڌ کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ انيڪ پروگرام بنايا. حڪومت سڀ کان اول سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن سان اهڙو برتاءُ ڪيو. جيئن هو پنهنجي مان ۽ مرتبي کي سلامت رکڻ لاءِ، سرڪار جا خوشامدي ٿي رهن. انهن پاڻ کي سرڪار سان وفاداري جو ثبوت ڏيکارڻ لاءِ ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. جنهن ۾ آفيسرن جو دعوتون، سرڪاري ڪامورن کي شڪار ڪرڻ، تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪرڻ وغيره هو. انهيءِ ۾ جنهن به جاگيردار ۽ زميندار خودداري ٿي ڏيکاري ته ان کي هراسان ڪري، تڪيلفون ڏنيون ٿي ويون. زميندار کي پنهنجي عزت وڌائڻ لاءِ سرڪاري ڪامورن جنهن ۾ پوليس جي سپاهي کان ڪماني تائين . ڪوٽوار کان ڪليڪٽر تائين، بيلدار کان انجنيئر تائين آنڪي ڀرڻ لازمي هئي، مختيارڪار ۽ ڪليڪٽر جي درٻار ۾ ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ علمدار جي خوشامد ڪرڻ ضروري هئي جنهن لاءِ ڪيترائي اجايا خرچ ڪرڻا پوندا هئا. مسلمان پورهيت ستر سيڪڙو هو. جيڪو زميندار ۽ جاگيردار جي چنبي ۾ قابو هو عدالتن جو نظام رائج ٿيو. وڪيل ملزم جا مددگار ٿيڻ لڳا. پوليس ۾ رشوت جو مرض وڌڻ لڳو. ڪوڙيون شاهديون شروع ٿيون . ڏوهي ۽ بي ڏوهي جي تميز مشڪل ٿي پئي. ڏوهه جي جانچ دوران ماڻهن جي ڌيئرن، زالن، ڀينرن ۽ مائن تي به ظلم ٿيڻ لڳو. سرڪار پرست زميندار، انگريز سرڪار جي خدمت ڪري وڏا وڏا انعام، لقب ۽ خطاب حاصل ڪيا. انگريز سرڪار کي ”فيل مست“ رجابر ۽ طاقتور سرڪار جو تصور ڏنو ويو. رسائي ۽ لاپي جو عام رواج پيو. جيڪڏهن ڪو ڪامورو ڪنهن هنڌ منزل ڪندو هو ته تر جو زميندار ان جو بندوبست ڪندو هو. ڪامورن جي گشت وقت زميندار جي طرف کير، ڇيلا، مکڻ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويندو هو. عام ماڻهو رستا ٺاهڻ، تنبو کوڙائڻ، گاهه ميسر ڪرڻ. شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. پٽيوالن، نائڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏنيون وينديون هيون. منزل تي شراب، ميوو ويندي برف تائين سڀ شيءَ جو انتظام روينيوکاتي جي مقامي ملازمن کي ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ مقصد لاءِ هرهڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، الڳ رقم لاپي جي نالي سان ورتي ويندي هئي. اها رقم تعلقي آفيسن ۾ گڏ ڪئي ويندي هئي، جنهنجو باقاعده حساب ڪتاب رکيو ويندو هو ته سنڌ سرڪاري ڪامورن جي شڪارگاهه ٿي ويئي. هر ڪامورو حاڪم هو. ڪاموري کي صاحب بهادر جي لقب سان مخاطب ڪيو ويندو هو.“ ( سنڌ جي سياسي جدوجهد – ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ص – 38)
    تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي عوام منڍ کان ئي انگريزن کي صفا پسند نه ڪيو . سنڌي ڳوٺاڻا چوندائي ائين هئا ته ”اسان ٽوپلو ڄڻ ڪيهر شينهن ڏٺو“ . انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ آخوند لطف الله به پنهنجي ڊائري ۾ صاف لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو انگريزن کي نفرت جي نظر سان ڏسن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مياڻي ۽ دٻي جي جنگين کان پوءِ، حالانڪ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت پختي ٿي ويئي هئي، پر سنڌي انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي ڇاپا مار حملا ڪري کين پريشان ڪندا هئا. خاص ڪري مير شير محمد ملڪاڻي سندن نڪ ۾ دم ڪري ڏنو.
    نيپيئر لکي ٿو ته” مير شير محمد پاڻ کي، ڦورن جي وچ ۾ رهايو آهي ۽ هنن کي اشتعال ڏياري رهيو آهي ته هو سنڌ ۾ ڦرون ڪن ۽ کين اها به اميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين اها به اميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين بغاوت لاءِ همٿائيدو. مير شير محمد جي حڪم تي انهن مجاهدن خانڳڙهه جي نزديڪ، جتي برٽش فوج موجود هئي حملو ڪيو ۽ ڳاهين ۾ انگريزي فوج تي حملو ڪري، انهن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ انهن جا ستر ماڻهو ماريا ويا. سندن هٿيار ۽ گهوڙا به کسيا ويا. ( تاريخ اميران سنڌ – مير محمد بخش ٽالپور ص 339). مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته ” 1825ع تائين انگريزن سان گوريلا نموني جنگ ڪندا رهيا.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي برطانوي راڄ کي ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ هو ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ سرگرم عمل رهيا. بئرسٽر محمود مرزا لکي ٿو ته ” جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ته اتي ان مهل سکن جو راڄ هو ۽ پنجابي مسلمان سکن کان بيزار هئا. نتيجو اهو نڪتو جو پنجابي مسلمانن انگريزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن سکن کان چڱو ۽ نجات ڏياريندڙ ڪري سمجهيو. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي مهل هٽي ٽالپورن جو راڄ هو.سنڌي قوم نه رڳو فرنگي حڪومت کي دل سان قبول نه ڪيو پر انهن خلاف ويڙهه ڪيائون ۽ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي حملا ڪندا رهيا، معنى انگريزن کي پنجابين جيان نجات ڏياريندڙ ڪونه ليکيو ويو. پر کين پرڏيهي قابض ۽ غير مهذب وارا حاڪم سمجهي کانئن نفرت ڪئي ويئي. “ ( اڄوڪي سنڌ – روزانه جنگ 23/ 02/ 1984ع).
    هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جا رهاڪو، دلي طرح انگريزي حڪومت جي خلاف هئا ۽ هو هن تاڙ ۾ هئا ته ڪا ملڪ گير تحريڪ هلي ته هو هتان انگريزن جو تڏو پٽين.


    سنڌ ۾ آزادي جي تحريڪ

    وچ هندستان ۾ جڏهن جنگ آزادي جي تحريڪ کي منظم ڪيو ويو، تڏهن سنڌ کي به ان ۾ حصي وٺڻ لاءِ آماده ڪيو ويو. سنڌ کي فتح ڪئي صرف چوڏهن سال ٿيا هئا. مير حڪمران اڃان پوني ۾ انگريزن جي قيد ۾ هئا. سنڌين جا ڦٽ تازا هئا. پر هتان جي بهادر عوام جي جنگجو يا نه طبع کي ڏسي سنڌ کي فوجي دٻاءَ ۾ رکيو ويو. انگريز حاڪمن سنڌ کي انهيءَ انقلاب کان پري رلڻ لاءِ، وڏا اپاءُ ورتا. سنڌ جو ڪمشنر فريئر صاحب موڪل تي هو ۽ سندس جاءِ تي جيڪب صاحب هو.“ ( مظلومه سنڌ – ايم آر مائداڻي).سنڌ ۾ هن تحريڪ دٻائڻ لاءِ انگريزن نوان قاعدا قانون جاري ڪيا. سنڌي اخبارن ۾ بنگال، بهار ۽ يوپي جي جدا جدا هنڌن کان حريت پسندن جي سرگرمين جون خبرون اچي رهيون هيون. واسطيدارن انگريز حاڪمن ۾ تشويش پئدا ٿي ۽ انهن سنڌ ۾، اخبارن تي زبردست سينسر لڳائي ڇڏيو. انهن مخالفانه ڪارواين خلاف، سنڌ جي مختلف اخبارن زبردست احتجاج ڪيو. اخبار ”سنڌ قاصد“ پنهنجي هڪ اشاعت ۾ لکيو ته ” حڪومت جو ڪوبه قانون، جنهنجي ذريعي هندستان جي پريس تي هڪ ظالمانه بندش قائم ڪئي ويئي آهي. اسين هن نتيجي پهچي چڪا آهيون ته هي قانون هڪ ئي وقت غير منصفانه ۽ غير سياسي آهي، هن قانون هندوستاني پريس کي سخت مصيبت ۾ متبلا ڪري ڇڏيو آهي، غير سياسي هن ڪري جو حڪومت هندآئيني ذريعن سان متحد طور تي تمام اخبارات جي معاونت حاصل ڪري سگهي. هي قانون ظلم جي حد تائين غير مصفانه هن ڪري آهي جو پريس کي بنا ڪنهن به سبب جي غلطين جي سزا ڀوڳڻي پوي ٿي. هي اخبار انهيءَ قانون کي ڪارو قانون سڏيندي لکيو ته ” نتيجي طور صحافين کي گوناگون پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ( تاريخ اميران سنڌ – مير محمد بخش ٽالپور ص 339) ليڪن سنڌ ۾ بلوي جو خبرون پهچي ويون. مجاهدن ۾ جوش پيدا ٿيو. عين وقت بارٽل موڪل پوري ڪري سنڌ ۾ آيو. هن ڪراچي ۾ يورپي باشندن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي، جنهن ۾ سٺ نمائنده شرڪت ڪئي. فريئر انهن کي يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ بلوي جو ڪوبه امڪان نه آهي. پر ان جي باوجود انگريزن کي يقين نه آيو. هنن هڪ درخواست تي صحيحون ڪري ڪمشنر کان مطابلو ڪيو ته کين هٿيارن ڏنا وڃن ته جئن هو خطري جي حالت ۾ حفاظت ڪري سگهن.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ ۾ انگريزن سنڌين جي انقلابي طبع ۽ مجاهدنه ڪارگزارين کان ڪيڏو نه ڊڄندا هئا.


    سنڌ ۾ تحريڪ جا مرڪز

    سنڌ ۾ هن تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ مرڪز قائم ڪيا ويا. جن جو تفصيلي ذڪر ۽ ڪارگذاريون هيٺ ڏجن ٿيون.

    (1) ميرپورخاص:-
    هن مرڪز جو روح روان شير سنڌ مير شير محمد خان ملڪاڻي هو. مير صاحب هڪ مدبر سياستدان ۽ محب وطن سنڌي هو، جنهن مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ انگريزن سان وڏيون چڪريون کاڌيون، جڏهن نيپئر سندس گوريلا جنگين مان تنگ ٿيو تڏهن هن کيس لکيو ته ” اي سردار تون اسان سان صلح ڪرته اسان توکي پنهنجو ساڳيو ملڪ موٽائي ڏينداسون.“ ( ماهوار نئين زندگي مارچ 1968ع ص نمبر 33) . پر مير صاحب کيس جواب ڏنو ته ”غير جي غلامي کان موت بهتر آهي.دشمنن جي موجودگي ۾ نه آزادي برقرار رهي سگهي ٿي ۽ نه سنڌ جي حاڪميت ئي شانائتي چئي سگهجي.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي جدوجهد منظم نموني ۾ جاري رکي ۽ هر موڙ تي، ڪنهن نه ڪنهن طريقي ۾ انگريزن سان لڙندو آيو تان جو 1857ع ۾ جنگ آزادي شروع ٿي . هن جنگ ۾ مير صاحب جو مرڪز سان به واسطو رهيو.لارڊ ايلفنٽسن لکي ٿو ته ” مون کي اطلاع مليو آهي ته ميرپورخاص جي سابق امير، مير شير محمد ۽ ٻين سردارن پاڻ ۾ مشورو ڪيو آهي ته جيڪڏهن بغاوت سنڌ ۾ پيدا ٿي پوي ته ڇا ڪيو وڃي. هنن جو خيال آهي ته جيڪڏهن بغاوت سنڌ ۾ پيدا ٿي پوي ته ڇا ڪيو وڃي، هنن جو خيال آهي ته ميدان جنگ ۾ پيهي وڙهڻ مردانگي آهي، پر ڳجهه ڳوهه ۾ فريب سان زالن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ گمراهي ۽ نامردي آهي . ( مير شير محمد ملڪاڻي – سه ماهي مهراڻ – 1/ 1968ع ). هن مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب جو تحريڪ ۾ هٿ ضرور هو.
    مير محمد بخش خان ٽالپور لکي ٿو ته ” بهادر شاهه بادشاهه جنگ جي سلسلي ۽ شيرسنڌ کي امداد لاءِ خط لکي موڪليو. ان تي شير سنڌ نقد رقم سان گڏ ڪيترا بلوچ سپاهي به ڏانهس موڪليا. پر افسوس عين وقت تي حيدرآٻاد جي هڪڙي ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم ٿي ويئي.“ ( شير محمد ملڪاڻي – سماهي مهراڻ 1/ 1968ع ) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” 1857ع ۾ ميرشير محمد خان زندهه هو. سندس وجود سنڌ جي ٻين سورهن لاءِ سهارو هو. ظاهري طرح هو خاموش هو، پر سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر، آزادي جي علمبردارن سان سندس سلام پيغام جو سلسلو هلندڙ هو.“ ( نئين زندگي – سيپٽمبر 1979ع - ص نمبر 13). هن مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب به هن عظيم تحريڪ ۾ پاڻ ملهايو ۽ مجاهدن کي ڳجهي طرح همٿايو.

    (2) حيدرآباد : -
    سڀ کان پهرين حيدرآباد ۾ خطري جي گهنٽي وڳي، انقلابين چاهيو ٿي ته حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ خيرپور، روهڙي، بهاولپور ۽ ملتان تي قبضو ڪيو وڃي. ان وقت سربارٽل فريئر وٽ سڄي صوبي سنڌ لاءِ 500 هٿيار بند انگريزي سپاهي هئا. انهن مان 350 بلڪل تندرست ۽ استعمال ڪرڻ جهڙا هئا. باقي ڪجهه بيمار هئا ۽ نوبل هئا. فريئر سڀني کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت توبخانه جي هڪ ديسي صوبيدار ميجر ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ بيٽس ڪامبي کي اطلاع ڏنو ته فوج ۾ مخفي ميٽنگون ٿي رهيون آهن ۽ ڪي رازدانه سرگرميون آهن، جن جي پرده واري ٿي رهي آهي. ترت توبن جي چارج انگريزي سپاهين جي حوالي ڪئي وڃي. انگريزي زالن ۽ ٻارن کي حفاظت سان قلعي ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس ۽ 13 نيو انفٽري 100 صنعت ماڻهن کي پڻ قلعي جي اندر موڪليو ويو. اگرچ ڇانوڻي ۾ خاموشي هئي، پر ڪنهن ايندڙ خطري جو خوف هر انگريز تي ڇانيل هو. فريئر ڪرنل هٽ جي صلاح سان توبخاني جي 60 نون ڀرتي ٿيل سپاهين ۽ 50 والنٽئيرن کي، ليفٽيننٽ هئرس سان گڏ حيدرآباد موڪلڻ جو اهتمام ڪيو. ڪرنل هٽ سارو بندوبست صبح کان اڳ ڪري ورتو ۽ هي ننڍو دستو سج اڀرڻ کان اڳ ئي حيدرآباد پهچي ويو. 10 سيپٽيمبر انقلابين جي عملي ڪاروائي لاءِ مقرر ٿيل هئي. انگريزي مهندارن اڳ ۾ ئي منصوبي جو خاتمو آڻي وڌو. 13 نيٽو انفنٽري اڳ ۾ ئي نه رهيو هو. ان هوندي به انگريزي فوجي علمدارن جو شڪ ۽ شبهو بدلجي نه سگهيو، هئرس کي فريئر هدايت ڪئي هئي ته هو وڃڻ سان انقلابين کي ڳولي ۽ کين عبرتناڪ سزائون ڏي. ان ڪري انقلابين جي تفشيش ٿيندي رهي. 13 پيادل فوج جي هڪ بدنصيب حوالدار ۽ پنجن سپاهين کي بغاوت جي جرم ۾ گرفتار ڪيو ويو. سمورو فيصلو ڪورٽ مارشل جي حوالي ڪيو ويو. جنهن انهن بدنصيب انسانن مان هڪ حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ باقي سندن دوستن کي جنم ٽيپ جي سزا ڏني ويئي. 11 سيپٽمبر تي هن خوني منظر جي لاءِ پريڊ جي ميدان کي تيار ڪيو ويو. حوالدار کي توب جي منهن ۾ مضبوطي سان پڪڙيو ويو. سندس نيڻ آسمان جي طرف اٿي ويا. توب جي لبلبي کي دٻايو ويو. خطرناڪ آواز سان گڏ قيدي جو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي. آسمان ڏي اڏاڻو زمين تي رت جي بارش ٿي ۽ فضاتي خاموشي ڇائنجي ويئي. ( سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – نئين زندگي نومبر 1987ع). ” سنڌ قاصد“ اخبار لکي ٿو ته ” 11 سيپٽمبر تي پريڊجي ميدان تي فوج ڪٺي ٿي. حوالدار کي توب جي طرف، پٺي ڏياري بيهاريو ويو. توپجي کي اشارو ٿيو. 6 ڌڪي توب جو ڌڌڪو ٿيو ۽ حوالدار جو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي اڏامي ويو. سندس ڪرنگهي جو هڏو پر وڃي اٺ تي چڙهيل ڊپٽي ڪليڪٽر کي لڳو. جنهن املاڪ اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. ڪمشنر صاحب کي بروقت اطلاع ڏنو ويو.جنهن حيدرآباد ڏانهن 60 انگريز سپاهي مدد لاءِ موڪليا.“ ( سنڌ ۽ 1857ع جي جنگ آزادي – نئين زندگي مئي 1957ع) . اهڙي طرح هڪ حوالدار جي موت ۽ ٻين سپاهين جي گرفتاري سان حيدرآباد ۾ تحريڪ دٻجي ويئي.

    (3) ڪراچي : -
    13 سپيٽمبر جي رات جو 11 بجه 21 نمبر پيادي فوج جي ٻن ديسي آفيسرن ميجر ميڪ گريگو کي چيو ته هڪ حوالدار وڏن آيو ۽ چيائين ته ”اوهان ڪيستائين خاموش رهندا. هيءَ وقت آهي ته اسان ڪجهه ڪوشش ڪريون نه ته ٻين هندوستاني فوجين وانگر اسان کي به توبن سان اڏايو ويندو.“ اها خبر جڏهن ڪراچي فوج جي هڪ انگريزي آفيسر باب جانٽن کي پئي، تڏهن هو ان وقت بارٽل فريئر وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته ” 21 نمبر پلٽڻ بغاوت ڪئي آهي ۽ اهي پنهنجي ڪاروائي 2 بجه صبح جو ڪندا. باغين کي اميد آهي ته ڪراچي جي مسلمانن کان کين خاطر خواهه امداد ملندي.
    باغين جو ارادو آهي ته هتي يورپين جي قتل عام کان پوءِ هو هٿيارن ۽ خزاني سان دهلي هليا ويندا. هو حيدرآباد جي خزاني تي به قبضي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. فريئر اها ڳالهه ٻڌي بروقت تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن پهريائين انگريزي عورتن ۽ ٻارن کي مسز ويدر جي حوالي ڪري کين کاڌي واري ڪوٺي ۾ رهائي ٻه بلوچ گهوڙي سوار ۽ ٻه چوڪيدار مقرر ڪيا. ميجر مئڪديگر سيڪنڊ يورپين ۽ توبخاني کي گهرايو. ڪرفيو گهنڊ جو آواز 12 بجه بلند ٿيو. ستن منٽن ۾ ڇهن پائونڊن جون توبون ۽ ٻه نون پائونڊن جو توبون پهچي ويون. سيڪنڊ يورپين فوج جون چار ڪمپنيون بگل جي آواز کان سواءِ اچي موجود ٿيون. خزاني تي محافظ دستي رکڻ کان پوءِ، توبن کي قطار ۾ رکيو ويو. 14 نيٽوانفٽري جي آفيسر ڪيپٽن ليٿ پنهنجي ديسي فوج کي پريڊ گرائونڊ تي وٺي آيو، جتي 21 يورپين فوج جا سپاهي سندن قطار ۾ گهڙي آيا. جن جي هٿن ۾ ڀريل بندوقون هيون، ديسي فوج کي پوءِ جلدي هٿيار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، جن کي هنن بنا ڪنهن چون چران جي قبول ڪري، هٿيارن کي زمين تي رکڻ شروع ڪيو جن جو وڏو ڍير بڻجي پيو، ان بعد سندن حاضري ڀري ويئي ته ڏٺو ويو ته فوج مان 21 سپاهي گم هئا. گولڊ سمڊ سپاهين جي وچ ۾ هڪ موثر تقرير ڪئي ۽ کين وفادار رهڻ جي تلقين ڪئي. ديسي فوج کي پوءِ واپس پنهنجن بئنڪن ۾ موڪليو ويو ۽ اهڙي طرح هي خطرو ختم ٿي ويو. انقلابين جي پروگرام کي اهڙي طرح ناڪام بنايو ويو جو ڪراچي جي رهندڙن کي به خبر نه پئجي سگهي ته ڪهڙي ريت آزادي جي تحريڪ وجود ۾ اچڻ واري هئي ۽ ڪهڙي نموني ان کي ختم ڪيو ويو. ( سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – احسان بدوي – نئين زندگي نومبر 1957ع) .
    ڀڄي ويل سپاهين جي ڳولا ۾، ان وقت ئي پوليس کي روانو ڪيو ويو. درياهه جي پتڻن ۽ گهيرن تي چوڪسي جا حڪم موڪليا ويا ۽ گهوڙي سوارن کي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جي جدا جدا ٽولن ۾ ڳوٺن ۽ ٻهراڙي ۾ موڪليو ويوته هو ماڻهن کي انهن جي ڀڄي وڃڻ کان آگاهه ڪن ۽ جيڪڏهن سندن ڪو سراغ ملي ته سرڪاري چوڪي تي انجو اطلاع ڏنو وڃي. هن ڳولا جو نتيجو اهو نڪتو جو ٿوري وقت ۾ خبر ملي ويئي ته انهن مان ڪيترن کي ڏٺو ويو آهي. نون ماڻهن جو هڪ ٽولو لس ٻيلي جي رستي تي نظر آيو هو، جن پنهنجي رات جبلن جي وچ ۾ گذاري هئي. انهن جي پويان ماڻهو موڪليا ويا هئا، پر هو اتان نڪري چڪا هئا پيرو کنيو ويو ۽ هڪ گهاٽي جهنگ ۾ کين سوگهو ڪري، گهيري ۾ ورتو ويو. آزادي جي هنن پروانن کي آخرڪار گرفتار ڪيو ويو. سندن ٻيا اٺ ساٿي ڪراچي جي اولهه ۾ ڪن ٽڪرين ۾ پنجاهه ميلن جي فاصلي تي وڃي پهتا. کين بچاءُ جي چڱي جاءِ هٿ آئي هئي. هو وڏي همت سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويٺا هئا. انگريزي جاسوسن هي خبر فوج ۾ پهچائي ڏني ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ فوج ۽ پوليس کي موڪليو ويو. سرڪاري طرف کان يقين هو ته هو به پنهنجن اڳين نون ساٿين وانگر پيش پوندا، پر هنن سرويچن ذلت جي زندگي تي عزت جي موت کي وڌيڪ ترجيح ڏني. سڄي ڏينهن جي مقابلي ۾ هو آهسته آهسته هڪٻئي پٺيان مرندا رهيا. غروب آفتاب جي وقت، سندن تنها ساٿي، سيني تي زخم کائي ڪريو. آزادي جي امنگ رکڻ وارن جو اهڙي ريت خاتم باالخير ٿيو.
    بهرحال ايڪٽيهن فرار ٿيل ماڻهن مان اٺ شهيد ٿي چڪا هئا، اوڻيهه قيد ۾ هئا ۽ چئن جو سراغ ملي نه سگهيو. ديسي ماڻهن فوج ۽ پوليس سان پورو پورو تعاون ڪيو. جيڪڏهن هنن جي سرڪاري ماڻهن سان مدد نه هجي ها ته هي ايڪٽيهه سپاهي ملڪ ۾ وڏو رڻ ٻاري ڏين ها. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي مهراڻ 1967ع/ 1). سنڌ قاصد لکي ٿو ته ” ٻن يورپين جي پهري هيٺ ڏهه باغي ” رات جو فوج مان هٿيارن سميت بنا اطلاع غائب رهڻ ۽ ٻئي ڏينهن پوليس جي حڪم تي واپس نه اچڻ“ جو الزام بلند آواز ۾ پڙهي ٻڌايو ۽ ان بعد ڪورٽ مارشل جي فتوى ڏني، جنهن موجب ستن ڄڻن کي ڦاهي ۽ ٽن ڄڻن کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. حڪم ملڻ تي يورپي سپاهي ملزمن ڏانهن وڌيا ۽ ملزمن کي سوري جي سامهون آندائون ۽ کين تختن تي بيهاريائون سندن هٿ ٻيئي طرف ٻڌا ويا ۽ سندن اکيون بند ڪرڻ کان سواءِ حڪم ملڻ تي ڦاسي جي تختن کي ٿڏو هنيو ويو ۽ بدنصيب باغين جا جسم سورين تي لٽڪڻ لڳا. باغين ڦاسي وقت ڪابه چرن چران ڪونه ڪئي هو سمورو وقت چپ چاپ رهيا، جڏهن سندن دم نڪري وڃڻ جي خاطري ٿي، تڏهن يورپي سپاهين کين سوري تان هيٺ لاهي، زمين تي ڍڳ ڪري، ترارين سان ٻڪري جي گوشت وانگر ٽڪر ٽڪر ڪري، بعد ۾ کين پري کڻي وڃي، هڪ وهندڙ نالي ۾ ڦٽو ڪيو. ان بعد ٽي بچيل ملزم توب جي اڳيان آندا ويا. هو بلڪل بي ڊپا ٿي لڳا ۽ رئڻ بجاءِ مرڪي رهيا هئا. ميجر هڪ هٿ جو اشارو ڏنو . توبچين جي منهن اڳيان اماڙِ آندي، باغين آسمان ڏانهن نيڻ کڻي نهاريو ۽ ڌڌڪو ٿيو. باغين جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا فضا ۾ اڏامڻ لڳا. سڄي زمين تي، سندن رت جو ڇڻڪار ٿي ويو. بچيل باغين کي يورپي سپاهين جي نگراني هيٺ ڪاري پاڻي موڪليو ويو. ( ماهوار نئين زندگي – مئي 1957ع).جناب عبدالڪريم گدائي لکي ٿو ته ” فرار ٿيل سپاهين جي ڳولا ۾ فوج سان گڏ ڪئپٽن پيئري ۽ خانصاحب غلام حسين به شامل هئا. ڏهه باغي سپاهي انهيءَ ڏينهن گرفتار ڪيا ويا ۽ وڌيڪ يارهن باغي ٽن ڏينهن جي اندر هٿ ڪيا ويا. رامدين پانڊي ۽ ان جا ٻه ساٿي 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي گرفتار ڪيا ويا. 20 سيپٽمبر تي سندن ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ انهن مان ڇهن ڄڻن کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو ۽ ٽن کي گولين سان اڏايو ويو ۽ وڌيڪ پنجن ڄڻن کي ڦاسي جي سزا ڏني ويئي سڀني جي لاشن ۽ هڏين کي گڏ ڪري هڪ کڏ ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙي ريت انهن جا نفروشن وطن دوستن کي هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو. ( ماهوار نئين زندگي ‌- مارچ 1968ع).

    (4) سکر ۽ شڪارپور؛ -
    هي شهر اتر سنڌ ۾ تحريڪ جا ڳڙهه هئا. مارٽينو لکي ٿو ته ”هت ڪراچي ۽ حيدرآباد کان به حالتون وڌيڪ خراب هنيون“ . ان جا ڪارڻ هيئن هئا. پهريون ته شڪارپور جي چوڌاري ٻن سون ميلن ۾ ڪوبه انگريز سولجر موجود نه هو. ميريويدروٽ ”سنڌ هارس“ جو هڪ مختصر دستو موجود هو. اهو سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد تي قبضي رکڻ لاءِ ڪافي هو. خودنمبر 6 بنگال گهوڙيسوار فوج تي به نظر رکڻ وارو هي دستو هو. ٻيو سبب هي هو ته جان جيڪب مذهبي رسومات ۾ دست اندازي ڪندي، عشره محرم جي ڪاروائين مثال طور تابوتن جي کڻڻ، دهلن جي وڄائڻ ۽ مرثين جي پڙهڻ تي پابنديون وجهي ڇڏيون هيون ۽ ٻن سالن کان اهي مقامي بندش پنهنجي جاءِ تي قائم هئي. ان ڪري 6 بنگال گهوڙي سوار فوج هن پابندي بابت شهر جي ڪوٽوال وٽ پنهنجي شڪايت ڪئي. هوڏانهن ميريويد بنگالي فوج کي مشڪوڪ نگاهن سان ٿي ڏٺو. بنگالي فوج جي ڪن اڳواڻن، سنڌ فورس جي هڪ پرائي رسالدارن وٽ هي شڪايت پيش ڪئي، پر ان پوڙهي رسالدار کين جواب ڏنو ته ” هي هڪ حڪم آهي ۽ چڱو حڪم آهي. پر هي برو هجي ها ته به حڪم هو ۽ ان جي پوئواري ضرور ڪرڻي آهي.“
    پوڙهي رسالدار جي جواب کان بنگالي فوجين ۾ نه فقط بددلي پئدا ٿي پر ناراضپو به سندن مخفي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن کا ميريويدر به غافل نه هو. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي مهراڻ 1967ع / 1).اوچتو 11 نمبر پلٽڻ جي سپاهين هٿيارن تي قبضو ڪيو ۽ هڪ چورس مورچو ٺاهي يورپي فوجن جي پلٽڻ ڏانهن وڌيو ٻنهي طرفن کان رات جو 16 بجه دوبدو گوليبازي ٿي، جنهن ۾ ٽي يورپي عملدار موت جو شڪار ٿي ويا ۽ باغين مان هڪ جمعدار ٻه سپاهي مئا.“ جان ماريٽنو لکي ٿو ته” 20 سيپٽمبر شام جو، پوليس جي سپاهين کان اطلاع مليو . شڪارپور ۾ 16 ديسي فوج ۽ ديسي توبخاني جي سپاهين مان ڪن جون صوبيدار ۽ هڪ حوالدار جي سرڪردگي مخفي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن. ظاهر ظهور باغي جملا به ڳالهايا وياآهن. اهڙن ماڻهن مان ٽن چئن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. پر 24 سيپٽمبر جي اڌ رات جو توبن جي اوچتي ٺڪائن کان سڄو شهر جاڳي پيو. ڪن گولا اندازن بغاوت ڪئي هئي. سندن هٿن ۾ چار توبون اچي ويون هيون، جن سان هو فوجي بئرڪن ۽ توبن جي جاين کي برباد ڪري رهيا هئا. رات ايڏي ته اونداهي هئي جو توبن جي جاين گاڏن جي صحيح مقام کي دريافت ڪرڻ نهايت مشڪل هو. ان وقت شڪارپور جي فوجي ڪمانڊنٽ مانٽگو مري، 16 ديسي فوج جي رهيل سپاهين ۽ پوليس وارن سان گڏجي وطن پرستن تي بندوقبازي شروع ڪري ڏني. پر سخت اونداهي سبب ڪابه خبر نٿي پئجي سگهي ته مدافت وارن جو حملو ڪيتريقدر ڪامياب ٿيو آهي. ٻن ڪلاڪن جي سخت بندوقبازي کان پوءِ مخالف ڌر جا ٽي ماڻهو مري ويا ۽ ڪيپٽن مانٽگومري مٿن چڙهي ويوو ۽ سندن هٿن مان توبون کسي ورتائين، مخالف ڌر جا ماڻهو رات جي اونداهي ۾ ڀڄي نڪتا، بعد ۾ انگريز ڪمانڊنٽ کي معلوم ٿيو ته هي سڀ يارهن ماڻهو هئا. جيئن پوءِ معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن کي اميد هئي ته 16 ديسي فوج ساڻن شامل ٿي ويندي.“ سکر ۾ به ساڳي رات آڌي جو شڪارپور جي باغين جو هڪ قاصد پهتو، ڏيهي فوج ۾ ٿرٿلو مچي ويو. پر فوج جي ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ يورپي سپاهين، قاصد کي نديءَ جي ٻئي ڪناري تان گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس اتي جو اتي ڦاسي ڏني ويئي. 25 وڌيڪ حريت پسند باغين کي خيرپور جي رياستي پوليس گرفتار ڪرايو. تاريخ 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي ڪورٽ مارشل ڪري، چئن گولنڊيزي سپاهين کي گولين سان اڏايو ويو ۽ هڪ صوبيدار ۽ هڪ حوالدار کي ڦاسي ڏني ويئي. اهڙي طرح سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ هي تحريڪ ختم ٿي ويئي. شڪارپور ۾ جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن مير علي مراد جي پٽ ميرشاهنواز خان انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته ” خيرپور جي قائم مقام امير ابن الامير شاهنواز خان، انگريزي حڪومت جي مدد لاءِ، افغانن ۽ پنجابين جي فوج وٺِي شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ فسادين تي قبضو ڪري ورتائين، انگريزي حڪومت سندس قدر شناسي فرمائي کيس ٻه هزار ماهيانو مواجب انعام طور ڏنو، مگر مير چشم امير ان کي قبول نه ڪيو.“ ( حواله سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – نئين زندگي نومبر 1957ع).

    (5) جيڪب آباد ؛ -
    جيڪب آباد، جنگ آزادي جو سنڌ ۾ خاص مرڪز هو. جتي هڪ طرف کان بلوچ قبائل رهندڙ هئا ۽ ٻئي طرف کان وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهو به رهندڙ هئا. تن سڀني ۾ يورپ کان آيل فرنگين جي خلاف بغاوت جو سلو اڀري چڪو هو. ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جون قائم ڪيل بمبئي انفٽري رجمنٽ، بلوچ بٽالين ۽ بنگال ڪئلولوي اهي ئي مکيه پلٽڻيون هيون، جيڪب آباد ۾ جدا جدا سنڌ هارس ريجمنٽ موجود هئي. هنن فوجين لاءِ انگريزن کي اميد هئي ته هنن ٽنهي ريجمنٽن ۾ جيڪي فوجي باقي وڃي بچيا هياسي هن علائقي ۾ بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڪافي آهن. ان هوندي به سنڌ جي انگريز ڪمشنر موقعي جي نزاڪت خواهه انگريزن لاءِ هڪ وڏي خطري کي محسوس ڪري ترت ئي ايران سان سرجيمس آئوٽرام ۽ جنرل جيڪب کي مدد لاءِ گهرائي ورتو ۽ سنڌ جي جدا جدا علائقن جي فوجي ڪمان سندن حوالي ڪيو ويو. ( برڪت علي آزاد- هفتيوار آزاد – 7 اپريل 1975ع).هن ايراضي ۾ جنگ آزادي جا روح روان دريا خان جکراڻي ۽ دل مراد خان کوسو هئا. درياخان جکراڻي قبيلي جو رئيس هو. هو جانبداري جي آسپاس جو ويٺل هو. خانڳڙهه کي هن پوءِ پنهنجو وطن بنايو. سن 1840 ع ۾ جڏهن مير بجارخان ڊومڪي انگريزن جي خلاف ڪچيءَ ۾ بغاوت ڪئي تڏهن دريا خان ۽ سندس سوٽ ترڪلعي جکراڻي ان ۾ وڏو حصو ورتو. جنرل جيڪب لکي ٿو ته ” جکراڻي قوم جو مکيه سردار دريا خان آهي. هي قبيلو ڊومڪين کان نهايت پري آهي. پر جيئن ته هي ٻيئي قبيلا انگريزي حڪومت جي خلاف آهن. مير بجار جي سرڪردگيءَ ۾ وڙهي رهيا هئا. ان ڪري منجهن گهڻي هيڪڙائي اچي ويئي هئي.“ دريا خان 1840 ع تائين انگريزي فوج تي حملا ڪندو رهيو. سندس مقابلي ۾ هڪ انگريز ڪئپٽن ڪلارڪ نالي نفوسڪ لڪ وٽ، پنهنجي ساٿين سميت مارجي چڪو هو. سرجيمسن آئوٽرام هن کي پئسن جي لالچ ڏيئي سرڪاري نوڪري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن آڇ کي هن نهايت ئي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو. دلمراد خان کوسو به مير بجار خان جي آزاد فوج جي سپاهين مان هو. 1844ع ۾ جڏهن ميربجار خان دوباره بغاوت ڪئي. تڏهن دلمراد خان سندس ساٿي وڃي بڻيو هو. سر چارلس نيپئر کي مٿس بي حد ڪاوڙ هئي . 1854ع ۾ کيس انگريزن گرفتار ڪيو. پر پوءِ کيس معافي ڏيئي ڇڏيائون. هو پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي دلمراد ۾ رهڻ لڳو. (لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1967ع / 1). جڏهن جنگ آزادي جي شروعات ٿي تڏهن جيڪب آباد ۾ هنن ٻنهي شخصن ان کي منظم ڪيو. دريا خان پنجاب جي بلوچ سردارن کي به انقلاب آڻڻ لاءِ لکيو، پر هو هميشه وانگر خاموش رهيا. هي ٻئي مجاهد بلوچن جي جدا جدا قبيلن ۾ انگريزن جي خلاف پروپيگنڊا ڪري، تحريڪ کي منظم ڪندا رهيا. انگريز آفيسر ميريويدر کي هن هلچل جي خبر پئجي ويئي. انهيءَ کان اڳ جو هي محب وطن پنهنجي رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهريائين . انگريز حڪومت ٻنهي سوڍن کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح جيڪب آباد ۾ آزادي جي هي سڄي تحريڪ گويا ڊهي پئي. فريئر پنجاب جي گورنر جان لارنيس کي لکي ٿو ته ” 16 ديسي پيادي فوج جي صوبيدار جو هنن باغين جو رهنما هو. پنهنجي موت کان اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن کيس ٻن ڏينهن جي مهلت ملي وڃي ها ته هو دنيا وٽ پنهنجن رٿن کي چڱي طرح ڏيکاري سگهي ها. سندس شريڪ جرم، جکراڻين جي سردار ٻڌايو هو ته لاهور ۽ ملتان ۾ وڏي سازش هئي. هو ملتان جي ٽپال کان پوءِ ئي گرفتار ڪيو ويو هو. ڇو ته باغين جو به اهو ارادو هوته ملتان جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ئي بغاوت ڪئي ويندي. گوله انداز فوج کي به اهو ئي وقت ڏنو ويو. (لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1967ع / 1).بهرحال جيڪب آباد جي انهن وطن پرستن مان ڪن کي توب دم ڪيو ويو ته ڪن کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو. دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد خان کوسي کي ڪاري پاڻي جي سنگين سزا ڏيئي کين انڊ مان يٽين ڏانهن موڪليو ويو، جتي هنن مجاهدن پنهنجي زندگي جا آخري پساهه پورا ڪري آزادي جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو هميشه لاءِ روشن ڪري ڇڏيو. هن ايراضي جي ٻئي شخصيت جنهن انگريزن جو نڪ ۾ دم ڪيو سا هئي جاني پٽ قيصر جکراڻي. جاني جو قد ڊگهو جانٽو بدن، وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون سندس بهادرانه سرگرمين جو زندهه دليل هيون جاني جي تلوار هٿئي تائين رت سان رڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن هنڌن تي انگريزن جي مٿي ۽ اکين جا وار چنبڙيل هئا. هن کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو تڏهن پوسٽن لکي ٿو ته ”هن جا هٿ انگريزن جي خون سان رنڱيل هئا. پهريائين اهو فيصلو ڪيو ويو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي پر پوءِ مونکي حڪم ٿيو ته هن کي هٿڪڙيون هڻي رستي تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي، سدائين جاني خان ٻاهر مزدوري تي ويندو هو ۽ سدائين حوالدار مون وٽ هنجي شڪايت کڻي ايندو هو ته ”هو ڪم نه ٿو ڪري“ .مون هن کي چيو ته ” جيڪڏهن تون ڪم نه ڪندين ته تنهنجي سزا ۾ گهٽتائي نه ٿيندي“ . جاني جو جواب هوندو هو ته ” مون کي ڦاسي ڏي، قتل ڪر، جيئن توکي وڻي . پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڪم نه ڪندس.“ تاهم به جاني هميشه غير مطمئن رهندو هو. هميشه انگريزن کي نفرت سان ڏسندو هو ۽ هن آزادي لاءِ مخلص ٿي جنگ جاري رکي، جڏهن جاني جيل مان آزاد ٿيو ته ايسٽ وڪ جي چوڻ موجب ته هن ٽن ڏينهن ۾ اسان جا اٺ گهوڙيسوار قتل ڪيا. ( نئين مصر جا ورق – مترجم ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ).

    (6) شاهپور ؛-
    هي شهر جيڪب آباد کان چاليهن ميلن جي فاصلي تي قلات رياست جي حد تي هو. هت هن تحريڪ جو اڳواڻ سيد خاندان جو اعلى فرد سيد عنايت شاهه هو. شاهپور جي سيدن جي قلات، ڀاڳناڙي ۽ اپرسنڌ ۾ چڱي مڃتا هئي، خاص طرح غير بلوچ، ابڙن، سومرن، مرڪين، چاچڙن، ٻٻرن ۽ جتن وغيره قومن جي هنن سيدن سان وڏي عقيدتمندي ۽ روحاني رشتو قائم هو. لاشاري ۽ بگٽي قبيلي جا ماڻهو سيد عنايت شاهه جي جد امجد سيد حسن شاهه جا وڏي تعداد ۾ مريد هئا. مشهور ليکڪ محترم برڪت علي آزاد لکي ٿو ته ” جيڪب آباد جي مجاهدن کي، وقت به وقت، هن علائقي جي مکيه روحاني مرڪز شاهپور وارن سيدن کان اهي هدايتون ملنديون رهيون هيون ته ڪنهن به قيمت تي دين جي دشمن فرنگين کي هن سرزمين تي قدم رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. شاهپور جي سيدن کي هن جهاد آزادي سان جيڪا نسبت هئي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪب آباد ضلعي جي ٻنهي آزادي جي لڙائي جي اڳواڻن سردار دريا خان جکراڻي ۽ مير مراد خان کوسي جو فڪري ۽ روحاني پيشوا، شاهپور وارو سيد عنايت شاهه ئي هو. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو هنن سان هن مقدس جهاد ۾ اچي هم شريڪ ٿيو. پر هنن سان گڏ گرفتار به ڪيو ويو.“ ان وقت انگريزي فوج جنهن ۾ ديسي سپاهه پڻ چڱي تعداد ۾ شامل هئي، تن سڀني گڏجي شاهپور جي درگاهه ۽ ڳوٺ کي گهيرو ڪيو. سيد عنايت شاهه، نهايت مردانگي سان مقابلو ڪيو. هن لڙائي ۾ ڪافي تعداد ۾ فوجي ۽ سندن گهوڙا موت جو شڪار ٿيا. آخر گهڻِ مقابلي بعد سيد عنايت شاهه گرفتار ٿيو. کيس توب جي سامهون هڪ وڻ سان ٻڌو ويو، پر توب نه ڇٽي. ان ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. جيستائين هو مرد مجاهد جيات هوا اوستائين انگريزن جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندو آيو. هن سلسلي ۾ هو سدائين پنهنجي گهرکان ٻاهر مهينن جا مهينا جهنگ جهاڳيندو وتندو هو ۽ آخر هن مقدس جهاد ۾ ئي 78 16 ۾ بگٽين جي علائقي سوئي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ دم ڏنائين. هو پڇاڙي تائين پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ظالم ۽ جابر دشمن اڳيان جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيو. پنهنجي زندگي کي ڪنهن اعلى مقصد لاءِ وقف ڪرڻ خواهه ان تي ثابت قدم رهڻ سان ئي انسان پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح ايندڙ نسلن لاءِ سندس برڪت ڀريو نالو رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏي ٿو. ( برڪت علي آزاد – هفتيوار آزاد 21 اپريل 1975ع).
    هن آزادي جي جنگ ۾ سنڌ جي هڪ هندو سودي به وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس نالو گنگارام هو .ايلفنٽن لکي ٿو ته ”سنڌ جي هن بلوي سان هڪ هندو گنگارام جو گهڻو تعلق آهي. هو اصل دهلي جو ويٺل آهي، سندس عزيز روهڙي ۾ واپار سانگي اچي رهيا آهن. هن کي دهلي کان پوريون پوريون خبرون ملنديون رهن ٿيون ۽ اهوئي هن ملڪ ۾ شورش جو باعث آهي. مون کي يقين سان معلوم ٿيو آهي ته هو اسان جي مصيبتن لاءِ گهڻي قدر جوابدار آهي. گنگارام، آزار خان قلات جي هڪ امير جي خيالن ۾ انگريزن جي خلاف ايڏو ته نفرت جو جذبو پئدا ڪيو هو، جو هن سنڌ ۾ دلمراد خان ۽ دريا خان کي انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجي مدد جو يقين ڏياريو. بدنصيبي سان دلمراد ۽ دريا خان عين موقعي تي گرفتار ٿي پيا. جنهن ڪري سڄو پروگرام درهم برهم ٿي ويو. ( آزادي جي جدوجهد ۽ سنڌ – نئين زندگي ڊسمبر 1957ع) .


    سنڌي غدارن جون ڪارگذاريون

    1857ع جي هن تحريڪ ۾ سنڌ به هندستان جي ٻين صوبن کان جدوجهد ۾ پوئتي نه رهي. هتان جي سرزمين به شهيدن جي خوف سان لال زار بڻي. هاڻي اهو لال لهو ڇو رائگان ويو ۽ انگريزن جي گرفت وري ڇو مضبوط ٿي ان جو مکيه ڪارڻ صرف پنهنجن جي غداري آهي. سنڌ ۾ هر دور ۾ اهڙا ماڻهو ملندا رهن ٿا. جيڪي وانگيئڙن جي ويڙهي ۾ ويهي ويرين کي وٽ ڏيندا آهن. شير شاهه جا شڪرا بڻجي گهر جا ڪڪڙ ماريندا آهن. جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ سندن روز جي راند هوندي آهي. اچو ته مان اوهان کي انهن جو ڪارگذاريون سندس لفظن ۾ ٻڌايان.
    اهڙن ديس دروهين مان سيٺ نائون مل سر فهرست آهي. هو انگريزن جو دوست ۽ مداح خوان هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته”هن 1843ع کان اڳ، انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ وارين رٿائن ۾ سندن ساٿ ڏنوهو. پوءِ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ انگريزن جي پوري مدد ڪئي ۽ پڻ قبضي کان پوءِ سندن طاقت کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ انگريزن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. نائون مل سنڌ جو وڏو سيٺ هو ۽ سنڌ جي هندو واپاري طبقي تي سندس وڏو اثر هو. انگريزن جي قبضي کان اڳ به سنڌ جو سڄو واپار، هندن جي حوالي هو نه فقط ايترو ٽالپرن اميرن، سنڌ هي هر واپاري طبقي کي حڪومت طرفان همٿايو ۽ کين سندون ۽ شفارشون ڏنيون. جنهن ڪري افغانستان وچ ايشيا ۽ ايران ۾ پڻ هنن پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون. ميرن جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هي واپاري انگريزن جي وڏي مدد اها ڪئي جو واپارين ذريعي نه فقط سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پر افغانستان ۽ ايران مان سڀ خبرون انگريزن تائين پهچايو.سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هر شهر ۾ بلڪ فوجي ڇانوڻين ۾ جتي سيڌي پهچائڻ جا ۽ ٻيا ٺيڪا هنن واپارين جي هٿ ۾ هئا سي جا بجا انگريزن جا ڪن ۽ اکيون ٿي پيا ۽ هر وهيي واپري جي خبر پئي انگريزن تائين پهچايون. انهيءَ ڪري آزادي جي اڳواڻن ۽ فوجي دستن جي ڪارواين کان اڳ، انگريزن حفاظتي ڪاروايون ڪري سندن سڀني منصوبن کي ٽوڙي ڇڏيو ( 1857ع ۾ سنڌ طرفان آزادي جي جنگ – ماهوار نئين زندگي آگسٽ 1979ع). پنهنجي انهيءَ سوڀ، ڪارڪردگي ۽ دشمنن جي مدد ڪرڻ جو ذڪر ڪندي نائون مل فخريه انداز ۾ لکي ٿو ته ”مون کي هن ڳالهه جو خوف پئي ٿيو ته ڪراچي جي ڇانوڻي ۾ جي مسلمان سپاهي موجود آهن. اهي اعتبار جي لائق نه آهن، ڇاڪاڻ ته هندوستان ۾ بغاوت هڪ مذهبي جنگ جي صورت اختيار ڪئي هئي. مان هڪ ڏينهن سر بارٽل کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته مان زنجبار ۽ آفريڪا مان ڪي هزار ماڻهو وٺي اچان کين مذهب جي بابت گهڻو شوق آهي ۽ اعتبار جي لائق آهن. مان ساڻن تحرير ۾ اهو وعدو ڪيو ته ” ٽي چار هزار ماڻهو مان ٻن يا ٽن مهينن ۾ آڻي سگهندس، حڪومت مونکي انهن ماڻهن جي آڻڻ لاءِ فقط جهازن جي مدد ڏي ۽ بس“. بارٽل منهنجي هن درخواست تي بي حد خوش ٿيو ۽ مون ڏانهن لکي موڪليائين ته هو هن سڄي حقيقت گورمينٽ ڏانهن لکي رهيو آهي ۽ اتان حڪم ملڻ بعد ڪجهه ڪري سگهبو. “
    ” هن وچ ۾ ديسي پيادي فوج ڪراچي ڇانوڻي ۾ موجود هئي، جنهن ۾ آئوڌ ۽ دهلي جي ماڻهن جي اڪثريت هئي. تن سڀني گڏجي بغاوت لاءِ رٿ رٿي. پر برٽش سرڪار جو ستارو اوج تي هو. بارٽل فريئر کي سندن رٿن جي خبر پئجي ويئي. انهن کي پوري ريت تباهه ڪيو ويو ۽ فسادين کي گرفتار ڪيو ويو. انهن مان ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون ته ڪن کي توب دم ڪيو ويو. خدا جو شڪر آهي ته دهلي تي قبضو ٿيو آهي ۽ هندوستان جي ٻين هنڌن مدد موڪلي آهي. ان دهلي ۾ وڃي بغاوت جي باهه کي اجهايو آهي. ( يادگيريون – مترجم – محمد حنيف صديقي ص نمبر 225). انگريزن نائومل جي انهي غداري تي خوش ٿي کيس ” ستارهه هنڌ“ جو خطاب ۽ بارٽل سندس خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ” 1857ع جي مشڪل وقت ۾ توهان جيڪا اسان جي مدد ڪئي ان لاءِ اسان توهان جا ٿورائتا آهيون . تنهنجو پنهنجي ملڪ جي عوام ۾ تمام گهڻو اثر آهي ۽ توکي اتر ۽ اولهه هندستان جي هر هڪ حصي مان خبرون چارون ملنديون هيون. جي تون سڀ بنا جهجهڪ جي سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪندو هئين، ان وقت ۾ جڏهن تنهنجا ڪيترا هم وطني خطرو ڏسي دهلجي ويا هئا ۽ سمجهائون پئي ته هندستان ۾ انگريزسرڪار جو ڏيئو اجهو ٿو گل ٿئي، تڏهن تنهنجي وفاداري ۾ لرزش بلڪل ڪانه آئي، جيڪڏهن تون انهن مجاهدن مان هجي هاجن انگريزن جي حڪومت لاءِ جانيون قربان ڪيون آهن ته به تون انگريز جي فتح ۾ اهڙو يقين نه ڏيکاري سگهين ها. جيڪو تون ان وقت ڏيکاريو.
    (يادگيريون – مترجم – محمد حنيف صديقي ص نمبر 225).
    ساڳي طرح سنڌ جو عارضي ڪمشنر رابرٽسن چيو ته ”تنهنجون خدمتون 1839ع ۾ شروع ٿيون، جڏهن تون بمبئي جي فوجي دستي کي بنگال جي فوج سان گڏ، افغانستان ۾ شاهه شجاع جي مدد لاءِ موڪليو ويو هو. وهٽن ۽ ٻئي سامان مهيا ڪري ڏيڻ ۾ واهر ڪئي، ان کان پوءِ وري تو ڪابل جي قيدين کي رها ڪرڻ لاءِ جيڪا فوج سنڌ ۾ موڪلي ويئي هئي تنهن کي به ساڳئي قسم جي مدد ڪئي هئي. وري 1843ع ۾ جڏهن سنڌ جي ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿي تڏهن تون پنهنجي جان ۽ مال جوکي ۾ وجهي جانفشاني ڪري ميرن جي ارادن ۽ منصوبن جي صحيح معلومات حاصل ڪري اسان کي پهچائي. جنهن جي وسيلي اختياري وارا هنن جي منصوبن ۽ حرڪتن جو تدارڪ اڳواٽ ڪري سگهيا. تنهن کان پوءِ غدار جي اڍائي سالن واري خطرناڪ وقت ۾ تو انگريزن جي اهڙي حمايت ڪئي جهڙي تو اسٽوڪ ياٽنجر ۽ آئوٽرام جي ڏينهن ۾ ڪئي هئي ۽ انگريز سرڪار جي دوستي ۽ مدد جو پاڻ کي مستحق ثابت ڪيو. ان لاءِ توکي زمين ۽ ٻن پيڙهين لاءِ پينشن ڏني ويئي.
    (يادگيريون – مترجم – محمد حنيف صديقي ص نمبر 225).
    نائون مل مرڻ وقت پنهنجي اولاد کي هدايت ڪئي ته انگريز سرڪار هڪ مهاساگر ۽ روشن سورج وانگر آهي تنهنڪري سڀني انگريزن سان سچا ۽ وفادار رهو. سرڪار جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر دم تيار رهو، جڏهن به کين ضرورت پوي ته دل ۽ جان سان مدد ڪريو. (يادگيريون – مترجم – محمد حنيف صديقي ص نمبر 225).
    ٻي شخصيت جنهن انگريزن جي مدد ڪئي اها آهي الف خان ترين. هو نواب خان ترين جو فرزند هو ۽ زرخيل تعلقي شڪارپور جو ويٺل هو. ڪئپٽن پريڊي لکي ٿو ته ”الف خان ترين، برٽش گورنمينٽ جو وفادار ملازم آهي، جيڪو هيئنر سنڌ پوليس ۾ اجوئنٽ آهي. هندستان جي گورنر جنرل سندس حسن خدمتي سبب کيس 1847ع ۾ خانبهادر جو خطاب ڏنوويو. هن 1857ع جي جنگ ۾ انگريزن جي طرفداري ڪئي هئي. ان کان سواءِ خاببهادر خداداد خان به انگريزن جو مداح خوان هو. هو هن تحريڪ بابت لکي ٿو ته ” 1857ع ۾ هندوستان جي اڪثر حصن ۾، عظيم فساد ۽ غدر پئدا ٿيو، ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڪي علمدار ۽ ڪي پلٽڻ جا سپاهي، شورش ۽ فساد لاءِ تيار ٿي ويا ۽ نافرمان بنجي ويا. پر اعلى آفيسرن جي عقل مندي سان جن مان آنريبل گبس صاحب بهادر، جڊيشل ڪمشنر جي حسن انتظام سان هي سخت مهم ختم ٿي ويئي. فسادي بروقت گرفتار ڪيا ويا ۽کين سندن بُري اعمال جي سزا ملي ويئي. جيئن ته ڪن کي توب سان اڏايو ويو ۽ ڪن کي فاسيون ڏنيون ويون. جن ماڻهن سلامتي لاءِ مدد ڏني انهن کي خير خواهي جي عيوض لائق سمجهي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا. ( لب تاريخ سنڌ – ص 152) هي آهي 1857ع جي جنگ آزادي جو عظيم داستان جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سيني ۾ به هڪ ڌڙڪندڙ دل موجود هئي، ان جي ارادن ۾ به طوفاني جوش ۽ خروش موجود هو ۽ ڪڏهن ان به آزادي جي قربان گاهه تي پنهنجي غيور ۽ سرفروش فرزندن جي رت جي قرباني ڏيئي تاريخ ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪيو. اهي مجاهد ۽ سوڍا سپاهي جيتوڻيڪ هن دنيا مان هليا ويا، پر پنهنجو نالو قائم ڪري ويا، جن تي اسان جو نئون نسل جيترو فخر ڪري اوترو گهٽ آهي.

    جي ڪوڏيا ڪاڪ ڪوري ويا
    ۽ چنگ چاهه جو چوري ويا
    سي پيارا جيءَ جيارا ها
    سي سر ساڻيهه تان گهوري ويا
    قمر شهباز


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258275
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386400
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ