ڪتاب جو نالو: اڌ وڍيل آواز
مصنف: اياز امر شيخ
ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن- سجاول
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 02 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 556 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ايازامر عالمي سطح جي شاعري ڪندڙ ۽ فطري ڪائناتي شعور جو مالڪ آهي، اياز محبتن جو امين آهي ۽ سندس لکيل لفظ لفظ ۾ سٽ سٽ منفرد حُسن جي مالڪ آهي، هو تاريخ جي ڪفن کي کولي حالتن جو حقيقي چھرو ظاهر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ اهڙي ته فطري حُسن سان سٽون سرجي ٿو جنھن جي ڀيٽ برنارڊ شا ۽ هاورڊ فاسٽ سان ڏجي. اياز امر شيخ نئين زماني جو شاعر آهي، پر هُن لاڙ جي انهيءَ روايت کي نه رڳو پنهنجايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي حصي جو يوگدان به ڏنو آهي. سندس شاعري تجنيس حرفي توڻي تجنيس ٻين قسمن سان ٽمٽار ڏٺي ويندي. انهيءَ ٻوليءَ جي هنر کي اياز امر پنهنجي ديس جي درد سان ڳنڍيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق شاعر وٽ مَحفوظُ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • ڏات نگر
  • نظم

  • مُڇ ۾ ماڻھو وٽيل آ
  • چنڊ جي بتي
  • اسان پاڻ ۾ توکي پوکي پرين!
  • فقيرو ميگهواڙ
  • نانگ ڪارو
  • مُحبت مورڇل جھڙي
  • مُھاڻو
  • ڪولھياڻي
  • عورت اُداس آهي
  • هزارين دؤر دودن کي
  • ابليس ۽ آدم
  • دل جا ڌاڳا
  • ننڊ جو ناڙو
  • پُراڻو پياڪ
  • اها عورت
  • ٻڌ ڇوڙ ۾
  • اڌ اگهاڙي تصوير
  • پنهنجو خُدا
  • پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
  • ڀورو ڀيل
  • پيار کي پنهنجو وطن آ
  • ڌڙ بنا ئي ديس
  • تنھنجي ٻانھن ٻک ۾
  • آئون پيو آهيان وساميو
  • سڏ نه پنهنجا سوڙها ٿيندا
  • مري اڄ ويو آهي موهن دڙو
  • وساريل واٽ تنھنجي تي
  • نثري نظم

  • اڌ چريو نظم
  • نئين صبح جي تاريخ
  • ماضيءَ جو ميوزم
  • آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...
  • سج لھڻ کان پھرين
  • رَت
  • ڏاهر جهڙو خواب
  • مونکان منهنجون اکيون وٺي وڃ
  • زندگيءَ جو گيت
  • ايف آئي آر
  • اُميد جي اک
  • غزل

  • ساهن جا سڳا ٽوڙي پوءِ سرد ٿي پون ٿا.
  • مٿان اُڀ آ هيٺان ڌرتي، پُڙن جي وچ ۾ آهيان.
  • پوڙهو ڪڇ ڪنڌيءَ تان پيو ميڙي ڇٻيءَ ۾.
  • مُند پڪل آ سارا ميوا ماڻي وڃ.
  • ڇا ته نديءَ مان وهنجي نڪتي نار هُئي.
  • پاڻ عيسيٰ جيان اڪيلا پيا صليبن تي چڙهون.
  • حيرت حدون اورانگهيون، امڪان پيو ڀڄي آ.
  • آئون ڦُٽس ۽ پئي ڦُلھاريس، سونھن ساڙهيءَ ۾ هُئي.
  • چنگ وانگر وڳيون ڄڻ ته چڙيون هُيون.
  • سار جو هڪڙو سڳو ۽ تند پيئي تاڻجي.
  • سائو ٿي پان سارين وانگي ٽُڳ اچي.
  • مون ڏٺو شام کي رنگ تنھنجا هُئا.
  • مان ٿو سمونڊ ٿيان تون درياهه ٿي وهي پئو.
  • ڪُنڀارن چٽيا چٽ ويٺي گهڙن تي.
  • مٽيءَ ساڻ راڳيل ڪکن جو هُئو.
  • وري ديس تنھنجا دراوڙ ڪُٺا.
  • وڃايل پُراڻن پٽن تي نه مليو.
  • مٿي هو ڳاٽ ڳوٺ جو سکين جون ڳالھيون هُئس.
  • ٺڪر جا ٿانوءِ ٺاهيندي ڪُنڀارڻ سوچيو ويٺي.
  • چنڊ اُگهاڙو ٿي پيو آهي.
  • رات رسن سان ڪو ته ٻڌَي ويو آهي هاڻي.
  • رلي هر رات جي ويڙهي سُمھڻ ايندي آهي مون ۾.
  • ٻھراڙيءَ جي ٻانھُن جو تون ڄڻ ته ڪنوارو ڪنگڻ آهين.
  • گيت منھنجا گج پائيو ٿا چُمن آکاڙ کي.
  • چنڊ چڙهيو ڏس ويٺو آهي گهاٽي جُهڙ تي.
  • پائي سانجهه سُرمون پڙن تي لٿي آ.
  • ڊنڍ ڪپر تان ڦڙڪو ڏيئي آڙيون اُڏريون.
  • جهول جوڀن جي جهلي تون پاڻ ۾ ئي ڇاڻ مونکي.
  • اُڀ جي هيٺان اُگهاڙو ڪيس تائين مان رهان.
  • تنھنجا نيڻ ڪجل ٿي ويندا آهن جو.
  • وهيءَ وهٽ ڪاهي تون خود ۾ ڇٽي وٺ.
  • وڃان پيسجي ٿو لڱن ڏي لڙي ٿي.
  • اڱڻ تان اڪيلي ٽڪي ٿي ڏسي.
  • هي هانوءُ هرڻ جھڙو ۽ شينھن اکيون تنھنجون.
  • کڻي ڪاتي ڪپي ڪوري حياتيءَ کي چکي ڏسجي.
  • هوءِ پاڻ ۾ پچي خود انگور ٿي پئي آ.
  • تري تاريخ جي ڪُن مان ڪنارن تي اچي نڪتا.
  • مٽيءَ جي ڳوٺ جي مومل ڏسڻ آيا ڪي راڻا ها.
  • روز ٿا ڀڄيو پون ڪي گهاٽ تي دل جا گهڙا.
  • آئون پنھنجي پاڻ جوئي ڪو اُگهاڙو عڪس آهيان.
  • وکون ٿي دل جي واهڻ جون پڳي آ پاڻ پنگهٽ تي.
  • تو نه مهٽيو چپن تي مُساڳن جيان.
  • وائي

  • اجهو اُٿي ڪڙ،
  • روپا بڻي رک،
  • آئون گهاٽو جهنگ پرين،
  • رات ڪارونجهر مٿان،
  • ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،
  • ڪالهه ڪنور جا گيت ڪُٺا،
  • روح منهنجي جو رئو،
  • تو بن منهنجي چاهه جو،
  • ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
  • سارو ڏيهه ڏياچ،
  • آخر ڳاڙهو سج،
  • اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
  • هوبھو سا ڊيل هُئي،
  • ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
  • هاءِ صليبن تي ٽنگيل،

  • ڪتاب جا حق شاعر وٽ مَحفوظُ

    ڪتاب جا حق شاعر وٽ مَحفوظُ
    ڪتاب جو نالو: اڌ وڍيل آواز
    موضوع: شاعري
    ليکڪ: اياز امر شيخ
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 2018ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: جهانزيب جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن - سجاول
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/300 روپيا


    ارپنا

    ارپنا

    پنهنجي بابا سائين
    محترم رئيس نظير احمد شيخ جي نانءُ
    جنهن جي تربيت مونکي هڪ نئين تاريخ جو رُخ ڏِنو.
    ۽ سنڌ جي اُن الست يگاني ليکڪ
    علي بابا جي نانءُ
    جنهن جي گُمنامي به ڪنهن ناول جي ڪردار کان گهٽ نه هئي...



    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڌ وڍيل آواز“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ اياز امر شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ سندس نظم، غزل ۽ وايون شامل آهن.
    ايازامر عالمي سطح جي شاعري ڪندڙ ۽ فطري ڪائناتي شعور جو مالڪ آهي، اياز محبتن جو امين آهي ۽ سندس لکيل لفظ لفظ ۾ سٽ سٽ منفرد حُسن جي مالڪ آهي، هو تاريخ جي ڪفن کي کولي حالتن جو حقيقي چھرو ظاهر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ اهڙي ته فطري حُسن سان سٽون سرجي ٿو جنھن جي ڀيٽ برنارڊ شا ۽ هاورڊ فاسٽ سان ڏجي. اياز امر شيخ نئين زماني جو شاعر آهي، پر هُن لاڙ جي انهيءَ روايت کي نه رڳو پنهنجايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي حصي جو يوگدان به ڏنو آهي. سندس شاعري تجنيس حرفي توڻي تجنيس ٻين قسمن سان ٽمٽار ڏٺي ويندي. انهيءَ ٻوليءَ جي هنر کي اياز امر پنهنجي ديس جي درد سان ڳنڍيو آهي.
    هي ڪتاب روپا پبليڪيشن سجاول پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون اياز امر شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، مهربانيون مور ساگر جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران
    اي اياز اينٿرا تو ته پايل ٻڌي

    جڏھن سندس نظم پھريون ڀيرو ٻڌو هئم ته محسوس ٿيو ته اهو نظم مسيح جي پڪار هئي ۽ آئون لازارس جيان غارن ۾ ٻيھر زندھ ٿي ٻاهر نڪري آيو هوس، ايازامرشيخ جڏھن نظم پڙهيو ته منھنجي وجود جي ستل ڌارائن ۾ وهڪرا جاري ٿي ويا هئا ۽ جيون جي ڦلواڙي مان ڄڻ ته گوتم ٻُڌ جو گذر ٿيو هو ۽ تن من جون سموريون شاخون بسنت جي ڇهاءَ جيان جرڪي پيون هيون آئون ڪٿ ئي نه ڪري پئي سگھيو هوس ته ايازامرشيخ جي شعري وهڪرن ۾ ايڏو ابدي پڙلاءُ ڪڏهن ۽ ڪيئن پيدا ٿي ويو هو، ايازامرشيخ جي شاعري منھنجي شاعراڻي اتساھ کي ايئن جاڳايو آهي جيئن منھنجي شعوري پاتال کي لائوتزو، ڊوڪوان، زرتشت، نٽشي ۽ آڌي ناٿ جي فلسفن جاڳايو، آئون ايازامرشيخ جي شاعري توڙي نثري احساسن کي ڪنھن ماپي ۾ آڻي نٿو سگھان ڇو ته ايازامر اهڙو منفرد ڏانءُ رکندڙ ڏات ڌڻي آهي جنھن جھڙو نه اڳم ڪو هو ۽ نه هن وقت ڪو آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪو ٿيندو ڇا ڪاڻ ته هر ڪنھن جي هستي پنھنجو مٽ پاڻ هجي ٿي، هر ڪنھن کي ھڪ الڳ انفراديت آهي، پر جيڪڏهن مونکي ايازامر جي شعوري ۽ شاعراڻي ڏات کي ڀيٽڻ يا ڀيٽا ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ته آئون ايترو چئي سگھندس ته ايازامر عالمي سطح جي شاعري ڪندڙ ۽ فطري ڪائناتي شعور جو مالڪ آهي، اياز محبتن جو امين آهي ۽ سندس لکيل لفظ لفظ ۾ سٽ سٽ منفرد حُسن جي مالڪ آهي، هو تاريخ جي ڪفن کي کولي حالتن جو حقيقي چھرو ظاهر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ اهڙي ته فطري حُسن سان سٽون سرجي ٿو جنھن جي ڀيٽ برنارڊ شا ۽ هاورڊ فاسٽ سان ڏجي ته به اياز مون لاءِ مٿانھين انفراديت رکي ٿو، اسان روپا پبليڪيشن پاران ايازامرشيخ جو هي ڇھون شعري سٽاءُ ڇپرائي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ ھن شعري مجموعي جو مقام وقت جا پارکو ۽ تاريخ جي تارازي ئي طئي ڪندي.
    مشتاق سعيد
    24,06,2018


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران
    اُس جو آکيرو

    سالن کان سُتل وقت صحرا ۾ مئل ماڻهوءَ جھڙو ٿي پيو آهي، لاوارثي لاتعلقيءَ جي ته ڳالهه ئي نٿي ڪري ماڻهو پنھنجي منھن تان مايوسيء جي مر لاهڻ جي لاءِ تيار ئي ناهن آئون پنھنجي اُميدن جا ٻار اُس جي آکيري ۾ اُگهاڙا ڇڏڻ نٿو چاهيان، ڇو ته مون تاريخ جي اکين تي ٻڌل پٽي کي کولي ڏٺو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي روح جون رڙيون سمايل آهن، وڍيل وجودن جي وارثي حراس جي هٿن ۾ سڏڪي ساھ کڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي اکين مان ٽيپا ٿي ڪريل رت به پنھنجو الڳ گس گھڙي ورتو آهي، دنيا دهل جي ڌڌڪي تي نچي هنبوڇين جي هُل ۾ وڃائجي وئي آهي، مائرون بُک کي ختم ڪرائڻ لاءِ ويلن جا ويلا خدا اڳيان بُک هڙتالي صورت ۾ ڪٽيندي پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿي پيون آهن، هر ماڻھو پنھنجو ماتم پاڻ ۾ ئي کڻي روئي رهيو آهي، خوف جو کاڄ ٿي ويل ماڻھو اڀرندڙ سج جي احساس کان به اڻ واقف ٿيو ويٺو آهي، روشني زندگي جي علامت جو راڳ آهي جيڪو هجومن جي هٿن ۾ اچي رات جي ختم ٿيئڻ کانپوءِ ضرور ڳائجڻو آهي، دنيا جي بند گولائيء مان ڪو به ٻاهر نڪرڻ نٿو چاهي، ڇو ته مئل معاشري جي منھن تي بغاوت جو بجو ڏيئڻ برداش کان ٻاهر آهي، پنھنجو پاڻ ۾ مري ويل ماڻھو کي ڪھڙي خبر ته وطن جو وڍ ڇا ٿيندو آهي. ساموئي جي سور مان موريل ڀڳل هڏ ڇا ٿيندو آهي، هي منھنجو ڇھون ادبي اولاد ( اڌ وڍيل آواز )جنھن کي پياري دوست محترم عمران سومرو جن ڇپائڻ جي حام هڻڻ سان گڏ ڪتاب کي عملي شڪل ۾ آڻڻ جو پڻ آغاز ڪيو آئون نھايت ئي شُڪر گُذار آهيان پياري دوست عمران سومرو جن جو ۽ نوري اڪبر ٽريول ۽ٽوئر ڪمپني جو جنھن منھنجي احساسن جي موڙي کي ميڙي مڪمل ڪتاب جي صورت بخشي، ۽ آئون پياري دوست عزيز سرواڻ ۽ شريف منڌرو جن جو پڻ شڪرگذار آهيان جن هن ڪتاب جي رهيل ڪم کي مڪملتا بخشي ۽ ساٿ نڀايو. ۽ آئون انھن سمورن دوستن اديبن جو شڪر گذار آهيان جن منھنجي ڪتاب تي رايا ڏنا، خاص طور تي روپا پبليڪيشن ۽ ساحل پرنٽينگ پريس جو پڻ ٿورائتو آهيان جن پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو.
    ايازامرشيخ
    0334 7091595


    ڏات نگر

    ڏات نگر

    سنڌ ڏات جو ڏيهه آهي ۽ اُن ۾ اڄ سوڌو ڪوبه ڏڪار ناهي آيو. ڏيئي مان ڏيئي ٻرڻ جو سڀاويڪ سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. هيءَ ڦلواڙي سدا جوان رهي آهي، ان ۾ ڀانت ڀانت گل کڙندا ۽ ٽڙندا رهيا آهن ۽ پنهنجي منفرد ۽ روح کي راحت ڏيندڙ سڳنڌ آڇيندا رهيا آهن. اهڙن گلن مان هڪ گل اياز امر شيخ به آهي، جيڪو لاڙ جي جهنجهيل ٽاريءَ تي نمايان انداز ۾ ٽڙيو آهي. لاڙ هونءَ به هِن ڏات نگر جو اهم ڀاڱو رهيو آهي، جتي اهڙا ڪوي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن تي سنڌ کي وڏائي آهي، حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، مريم مجيدي، ارشاد ساگر ۽ ٻيا انيڪ نانءَ لاڙ جي مُنڊيءَ جا نگينا آهن. اياز امر به پنهنجي ڪٽنب جي پاسي کان توڻي علائقي جي تسلسل جي حوالي کان هڪ نگينو آهي. لاڙ جي انهيءَ شاعراڻي لڙيءَ جي خاص خوبي ٻوليءَ جو حسن آهي. شاعريءَ ۾ موسيقي، لفظي سونهن، صوتي ميلاپ ۽ تڪرار، اهڙا گُر آهن، جيڪي لاڙ جي شاعريءَ جو گوناگون حصو رهيا آهن. تجنيس جي شاعراڻي ترڪيب جي جيئن انهيءَ علائقي ۾ آبياري ٿي آهي، تيئن ٻين علائقن ۾ گهٽ ئي ڏسڻ ۾ ايندي. حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي ۽ محمد خان مجيدي انهيءَ ڏس ۾ گهڻا اهم نالا آهن. اياز امر شيخ نئين زماني جو شاعر آهي، پر هُن لاڙ جي انهيءَ روايت کي نه رڳو پنهنجايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي حصي جو يوگدان به ڏنو آهي. سندس شاعري تجنيس حرفي توڻي تجنيس ٻين قسمن سان ٽمٽار ڏٺي ويندي. انهيءَ ٻوليءَ جي هنر کي اياز امر پنهنجي ديس جي درد سان ڳنڍيو آهي. اهڙيءَ ريت، هن سرويچ سجاوليءَ، ابراهيم منشيءَ ۽ محمد خان مجيديءَ جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اهي نامور شاعر به رڳو ٻوليءَ جا بادشاهه نه هئا، پر وطن جي حب سان پوريءَ طرح سرشار هئا. سندن شاعري ڏيهه جي سورن دردن توڻي ساڻيهه سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ارهه زوراين جو پيرائتو ۽ سربستو احوال پاڻ سموهي ٿي. اياز امر جي شاعري به اُن ئي رند تي پنڌ ڪندي اڳتي وڌي آهي. ان حساب سان اهو چئبو ته هُو اهڙو شاعر آهي، جنهن لاڙ جي مخصوص شاعراڻي لهجي ۾ پنهنجي ديس جي دردن ۽ سورن کي ترجيحي انداز ۾ سموهيو ۽ پرويو آهي. اياز امر نئين زماني جو شاعر آهي، تنهنڪري انهن ٻن خصوصيتن سان گڏ، سندس شاعراڻي لهجي ۾ جديد شاعريءَ جو اولڙو به ملي ٿو. لاڙ جي شاعراڻي ورثي سان گڏ، هُن سنڌ جي شاعريءَ جي مجموعي لاڙن تي به نظر رکي آهي، انهن کي پنهنجايو آهي، اِها اياز امر جي شاعريءَ جي اضافي خوبي آهي. ديس جي دانهن کي ورنائڻ، وقت جي پڪار کي موٽ ڏيڻ، ڏيهه واسين جي سورن کي سمجهڻ، ڪنهن نئين صبح جي آرزو رکڻ، ڪنهن وطن دوست تبديليءَ جي اميد رکڻ، سندس شاعريءَ جا خاص پاسا آهن، توڻي جو اياز امر شاعريءَ جي رومانوي پاسن به ڇهيو ۽ پاڻ موکيو آهي، پر وطن سندس شاعريءَ جو مرڪز آهي. هن اسان کي نثري توڻي پابند شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڏنا آهن، جيڪي پنهنجي جادو بياني، جذبي جي اجهل، رواني توڻي جاذبيت سان گڏ هڪ سگهارو نياپو به اسان تائين رسائڻ ۾ سوڀارا ٿين ٿا. منهنجي خواهش آهي ته هو ايئن پنهنجيءَ اسلوبياتي حسن ۽ وطن دوست نياپي سان هن ڏات سفر ۾ سوڀاريون وکون کڻندو رهي.
    بخشڻ مهراڻوي

    مونکي لاڙ پٽن جي ماڪ ڀنل راتين جي سينڌ ۾ سجاول سدائين ڪنهن جهومر جيئن جرڪندي محسوس ٿي آهي.
    سجاول جي مٽيءَ ۾ اهڙو ته الائي ڇا آهي جنهن مجيديءَ کان سرويچ ۽ مريم کان ارشاد تائين جهڙا ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا شاعر پيدا ڪيا آهن. بس ڳالهه صرف اتي ئي ڇيهه ناهي ڪيو هن شهر سنڌي شاعري جو هڪ دادلو شاعر اياز امر شيخ پڻ اسان کي ڏنو آهي.
    سندس شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورڙن شاعرن ۾ آهي جن جي شاعري پڙهندڙ جي سڌو سنئون دل تائين پهچي ٿي.
    سندس هن ڇهين خوبصورت ڪتاب ڇپجڻ تي منهنجي طرفان کيس کوڙ ساريون محبتون قبول هجن.
    ڪوي (جهمپير)


    نظم

    مُڇ ۾ ماڻھو وٽيل آ

    مُڇ ۾ ماڻھو وٽيل آ

    ڪير آهي جنھن کي پنھنجي
    ڪائنات ڪونه آهي
    ڪير آهي جنھن کي پنھنجو
    ڏينھن آهي رات ناهي
    هيءَ حياتي لٺ تي ليٽيل
    ڪنھن پوڙهي جو پُراڻو پنڌ آ
    ساز ۽ آواز اڳيان
    ڄڻ ڪو ڪپيل ڪنڌ آ
    هوڪرن جي هُل ۾ اڄ
    بڇ تي ميڙو متل آ
    رڇ ڪُتي جي ويڙهه سامھون
    مُڇ ۾ ماڻھو وٽيل آ
    وقت پنھنجي ويڙهه جا
    هارائي ويٺو آهي حربا
    ڪوڙهه جھڙا سڀ قصا ٿيا
    مرض ۾ هن مبتلا
    جنگ جيڪا آ جبل جي روپ ۾
    ڪير ماڻي ڪامڻيءَ کي
    اڄ ڪجل جي روپ ۾
    دائرن جي ديس ۾ جو
    پيا ورهائيبا وڃون
    خوف جو خلقيل خُدا
    آهي اجل جي روپ ۾
    ڪو نه ٿو ڪو ڀي وڍي
    پنھنجي سُڪل هن
    قلب جھڙي ڪاٺ کي
    پاڻ ۾ پوريو ويٺو آ
    پنھنجي پوڄا پاٺ کي
    سڀ خليفا خلق جھڙا
    آسڄو مطلب جو ماڻھو
    هٺ ۾ هڪڙو هجوم آ
    ٻيو رُڳو آ رب جو ماڻھو
    ڪو نه پنھنجو پاڻ کي
    ڪو ڦلھوري ٿو ڏسي
    ساهه جون سهڪيل نسون ڀي
    ڪونه سوري ٿو ڏسي
    مان ڇڻان ٿو ڇڪ سان
    ڪنھن پپر جي پن وانگر
    ۽ هوا جي هوڏ مونکي
    پئي ڇڪي ٿي ڇرَ وانگر
    پيو ٻُڏان مان ٻانھن تائين
    هر ڪنڌيءَ جي ڪانھه تائين
    اڄ وري ڏس مونکان منھنجون
    ڪائناتون سڀ وڃائجي هن ويون
    سج ٻاڪاري ٻُڏو ۽
    چنڊ راتيون سڀ وڃائجي هن ويون.
     


    چنڊ جي بتي

    چنڊ جي بتي

    اُڀ جي ڇت ۾ چنڊ بتيءَ جيان ٽنگيل آهي
    وقت سڙي پيو وٽ جيان
    تارا ٽڙڪيل ٽانڊن وانگي پکڙيل آهن
    دونھن جي لاٽن وانگي بادل
    روز رُلن ٿا ڪو نه ٿڪن ٿا
    باک به آليون اکيون مھٽي جاڳي پئي آ
    پٿر جي اکين جا ماڻھو
    خوابن جي ڇا خوشبوءَ ڄاڻن
    مُلھه مھانگو موتيءَ جو آ
    سياڻا سپين منجھه سُڃاڻن
    آئون سمنڊ جي سيرانديءَ کان
    ويھي پنھنجا درد ڌُوئان ٿو
    سج لھي ٿو ڏيئو ٻري ٿو
    دور منجيءَ تي ويٺل پوڙهو
    خيالن جا پيو کنڀ کولي ٿو
    ها پر هڪڙي ماٺ منجھيل آ
    جنھن جو ڇيڙو روز ٿو ڇڪجي
    ڪنھن به ڪنڌيءَ سان ڪو نه ٿو ڳنڍجي
    ديس اوجاڳيل اونداهيءَ ۾
    وار وڇايو ويٺو آهي
    ڪنھن رولاڪڙ رُت جيان
    پاڻ وڃايون ويٺو آهي
    هرڪو پنھنجي ڇنڊ ۽ ڦوڪ ۾
    کک جون کاريون ڪير کڻي ٿو
    روز ڇلر ٿا ڇلجن مون تان
    من مُھاڻو ٻار ڄڻي ٿو
    رات رڙي ٿي ڏينھن ڏُکي ٿو
    پَن جي ٻيڙي دونھن دُکي ٿو
    ساروڻين جو سارو اُٿلي سمنڊ وري ٿو
    اُڀ جي ڇت ۾ روز بتيءَ جيان چنڊ ٻَري ٿو.


    اسان پاڻ ۾ توکي پوکي پرين!

    اسان پاڻ ۾ توکي پوکي پرين!

    اسان پاڻ ۾ توکي پوکي پرين
    لُڻڻ لئه ڏئي لڱ آهن ڇڏيا
    تکو ڏيھه سارو هي ڏانٽي جھڙو
    ڪپڻ لئه رُڳو ڪنڌ پيو ٿو کڻي
    سوين سازشن جي سٿن ۾ رکي
    وڍي وقت سارين جيان آ سٽيو
    رُڳو ڳاهه پنھنجي ئي ڳالھين جي ٿي آ
    وڇوڙا کڻي ڪاهه والين تي ٿي آ
    ڇنڊيوسين گهڻو پاڻ مان پاڻ کي پر
    مگر ڪونه سوچن کي اُڌڻي سگهياسين
    وڏا وهڪرا دؤر جي هن درياهه جا
    هوائن کي مُٺ ۾ نه ميڙي سگهياسين
    سڪڻ جا سوَين سال سامھون رکي
    ڏسڻ لئه نوان ڏينھن ڏسندا رهياسين
    اِهو نينھن نانگن جي کاڌي جھڙو
    ذري مان ذرو زهر پيئندا رهياسين
    خُدا جي تصور جي تاريخ جا ڀي
    پنا پنھنجي هٿ ساڻ ڦاڙي ڇڏياسين
    مڃون ٿا وڃائجي وڃڻ کان اڳي
    ٻيا ٽوپبا نڪ نئين سر نٿن لئه
    اکيون ٻاٽ ۾ ڀي ٻلي وانگي ٻرنديون
    ڪي غيرت جون ڳالھيون ۽ دوناليون کڄنديون
    ڪبوتر جهڙا خيال خاموش ٿيندا
    جڏهن کونڌ خوشبوءَ جي هيڪاندي ٿيندي
    تڏهن پوپٽن جا روئڻ ياد ايندا
    ڀڄي ڀاڳ جون بيل گاڏيون به پونديون
    چپي چاڪ ويندا ڪي چاهت جا چرچا
    مرڻ جا مزا موت پيو ماڻيندو
    ڄميل ٻار جي رڙ جهڙي ئي رُت ۾
    وري ناڙا نئين سر وضاحت سان وڍبا
    وفا جا رُمالن تي پيا ڀرت ڀربا
    منڊيءَ ۾ ڪو آڱر جھڙو عشق لھندو
    ڇلن وانگي توڏي مان ڇڪجي پيو ايندس
    تکو تيز تڪڙو نه رُڪجي مان ايندس
    نه ضايع ڪبو هاڻ هڪ ڀي زمانو
    گهڻو ڌوتو دردن جي دوکي پرين
    اسان پاڻ ۾ توکي پوکي پرين
    لُڻڻ لئه ڏئي لڱ آهن ڇڏيا.


    فقيرو ميگهواڙ

    فقيرو ميگهواڙ

    هي فقيرو ميگهواڙ
    مُجسما ٺاهي مٽيءَ مان
    مندر ن ۾ ٿو سجائي
    ڪائناتن جا قصا ڄڻ
    اندرن ۾ ٿو سمائي
    جي مٽيءَ جي مُٺ مان
    هن گهڙيا ڀڳوان هن
    ڄڻ تصور جي تمنا
    ڪي ڄڻيا انسان هن
    سڀ وڃايل وقت کان
    اڄ اکين ڳولي لڌا ڏس
    ڪيترا آثار آهن
    رات جي چھري مٿان
    سِج هٽايا وار آهن
    هي هُنر اڄ هٿ جو
    ساڌ ٻيلي جي ته سر تي
    پيو ڪلا بڻجي ڪُڏي
    شاهڪاريءَ جي شفق جو
    چنڊ پيو اُن ۾ لُڏي
    ڪالھه تُرڪيءَ کي تراشي
    مورتين سان ماڻيئين
    فن پارن جي فِڪر کي
    حيرتن ۾ آڻيئين
    عڪس کي آواز ڏيئي
    پيو نچوئي نينھن کي
    برش مان بوندون ڪڍي
    پيو رنگ هاري مينھن تي
    هر سندس تخليق کي
    تھذيب ۽ تاريخ آ
    ماٺ جي موهن دڙي مان
    ڪا اُٿي پئي چيخ آ
    مون ڪيو محسوس اُن ۾
    سنڌ جھڙو ساهه آ
    سمنڊ وانگي آ سڌو ۽
    موڪرو درياهه آ
    فن فقيري جو وڏو
    ڪائناتن جي قصن تائين
    وڃي آهي پُڳو
    ۽ خيالن جو خُدا ڀي
    ڇرڪ کائي پيو رُڳو
    مفلسيءَ جي ماڳ جا
    مُک ۽ مُھانڊا چٽي
    پيو اڃان شھپر هٿن سان
    وقت جا خود ئي وٽي
    پيو جمودن کي جُھڪائي
    ساهه جي سنھڙي سڳي لئه
    مورتين جو من واجھائي
    ڇا رڱيو ٿس روح جي
    ڦاٽل رئي کي رنگ سان
    گهر ڀي ڪنھن گهاگهري جي
    ڇيٽ جيان ڇيتون ٿيل
    ڀت ڪانن جي ڪچي ۽
    ٽيڪ تي آ در رکيل
    پر ڪليسا ڪُنڊ مان
    ڇرڪ کائيندي ڏٺو ڪنھن
    ڪو نه تنهن کي ننڊ مان
    رات راما پير کي ڀي
    کير سان وهنجاريو ويو
    سنک ساڌو پئي وڄايو
    ۽ ڏيئو ڀي ٻاريو ويو
    پر انڌيرو اک جو
    هو سياهيءَ جيان ڊگهو
    ويو سڄو ماڻھو مري
    احساس کان ٿي اڳ اگهو
    ڪو نه آيو آ نظر
    ڪنھن کي فقيري جو به گهر
    جو اڃان ڀڳوان ٺاهي
    پيو مٽيءَ جي مُٺ مان
    ڳوهيو وريو انسان ٺاهي...!!!


    نانگ ڪارو

    نانگ ڪارو

    آئون تنھنجا ڳوٺ ڳوليان
    سڏ ٿي سُڏڪي جيان
    وارياسي تي پيل تون
    نانگ جي ليڪي جيان
    ڦڻ ڪڍي تون ڦوڪ مونتي
    وڃ ڏنگي هر ڏينھن منھنجو
    ٿي ننگو پئي نينھن منھنجو
    موهه جون مُرليون وڄائي
    لنگهه تنھنجا ليڪيان ٿو
    جهنگ تنھنجي جوءَ جا
    پيو وڄايان وڄت سان
    ڪوڙهه اڳيان ڪوڙڪي
    هر ڍنگر لئه ڍارو ٿي
    پاڻ لوڙهن ۾ لھان ٿو
    بند ڪو آهي ڀڄي پيو
    آئون ڳوڙهن ۾ لھان ٿو
    ڇانوءَ تون ڇانگي ويئينءَ
    وڻ پيو پنھنجا وڍيان
    مڻ محبت جي مٺي
    ڪيئن اچي توسان ڳنڍيان
    ڇال تو ۾ ڇرڪ تو ۾
    ڪٿ اُها ساڳي رهي آ
    ها اڳوڻي پرک تو ۾
    آئون جوڳي ويس گيڙو
    پيو فقيريءَ ۾ ڦران
    ٻوهه کي ٻاري وڃي ڪو
    ايئن پيو خود ۾ ٻران
    اڱڻ منھنجي ڪانگ ڪارو
    ها نسورو نانگ ڪارو
    ڪو نه آيو آ ڪڏهن
    پيو پُڇان تنھنجو تڏهن...


    مُحبت مورڇل جھڙي

    مُحبت مورڇل جھڙي

    وڄائي وقت کي کڻجي
    ڏيھاڙي ڏينھن جي ڏونڪن سان
    دُنيا ٿيئي دُهل جو ڌڌڪو
    نچائي نينھن کي نچجي
    طريقا سُر ۽ تالن جا
    لڱن جي لوڏ ۾ لاهي
    مٽيءَ مان پاڻ کي ميڙي
    سنبارا ٿي سڄو وڃجي
    رُتن کي راڳ ۾ رکجي
    ٻنھين ٻانھن سان ئي ٻکجي
    وڄائي وجد جون تارون
    تصور جون تندون توريون
    وصل جي وارياسي تي
    کنڀيون هِن خيال جون موريون
    بدن جي بوند مان ڀرجي
    وسايون وڏ ڦُڙا ڪيئي
    تري اڄ تار ٿي وڃجي
    ڇڄڻ جي ڇرڪ مان نڪري
    گلي جو هار ٿي وڃجي
    وڄن وانگر وڃون وٽجي
    ڪي ميڙيون ماٺ ۾ موتي
    پرين جي پيار جي پوتي
    هوائن کان وٺون هڪلي
    مُحبت مورڇل جھڙي
    هندورن جي ته هَل جھڙي
    سمورو عشق جو انڊلٺ
    رنگن جي روح تي هاريون
    بتيون سڀ بُت پنھنجي جون
    اُنداهين مان اُٿي ٻاريون
    ملياسين جنھن به ميلي ۾
    سڄڻ جو ساٿ ساڳيو هو
    مُنڊيءَ سان مُٺ ۾ ماڻھو
    وفائن ساڻ واڳيو هو
    هجومن ڏي هليو هلجي
    ڪائي ڪائنات ٿي وڃجي
    نپوڙي پاڻ کي نئين سر
    ڀنل برسات ٿي وڃجي.


    مُھاڻو

    مُھاڻو

    ڪنھن مُھاڻي جي اکين جي خواب وانگر
    وقت گوڏن ڀر اڃان گسڪي پيو
    ۽ مڇيءَ هاڻي ککايل خيال کي
    روز ٿو بازار سان ڀيٽيو وڃي
    ۽ اُنھيءَ جي گوڏ تي ڀي
    گپ جي ليپا لڳل هن
    جنھن کي ڌوئي آ نه سگهيو
    ديس جو ڪو ڀي درياهه
    روز آرهڙ ۾ احساسن جو سُڪائي ٻج ٿو
    اڌ سڙيل سگريٽ جيان پيو سڙي ٿو سج ٿيو
    هن جي راتين جي رليءَ ۾
    سگهه ناهي سيءَ جهلڻ جي
    زال هن جي ڏير ۾ ڏانٽو گُهمائي
    پن جا ٺاهي پکا ٿي
    پر نه ڀاڳل جي ٻُٽين ٻانھن ڪڏهن
    ساريا ڪي سونا ڪنگڻ
    اڄ به اُن جي نڪ ۾
    ڪاني جو آ ڪوڪو پيل
    ۽ سڄو چولو به چتين سان سٿيل
    ٻار تنھن جا اڌ اُگهاڙا
    روز جهولڻ سان اُپائين ٿا ڊاها
    هي پتڻ جو پاتڻي
    رڇ ۾ ڦاٿل رڙي جيان
    روز ٿو ڦٿڪي ڦنڌن ۾
    ٻانھون غربت جي رسي جون
    ڄمڻ سان پاتل ڪنڌن ۾
    ڌُٻڻ هڪڙي دل اندر
    روز ٿي گارو ڪري
    روز ٿو اُٿلو اچي هن مُھاڻي جي مٽيءَ کي
    پر نه اُڇلي ٿو خُدا
    هن مان ڪڍي بُک جي بٺيءَ کي
    هي مُھاڻو اڄ به ڳولي پيو نصيبن جي ڪا نوري
    ڄام جي ڄاري ۾ اٽڪائي اُميدن جي انگوري.


    ڪولھياڻي

    ڪولھياڻي

    تيز ڪاڙهي ۾ ڪولهياڻي
    سنگ ٻاجهر جا سٽي ٿي
    سال گُذريا سَر وڍيندي
    ويٺي نوڙيون ئي وٽي ٿي
    هن جي خوابن ۾ نه کيڙا
    مور هن جا سڀ مُئل هن
    وقت ٿيو واسينگ آهي
    دؤر هن جا سڀ مُئل هن
    هن جي چونئري جي مٿان اڄ
    چنڊ چوڪيدار آ
    ورهين گُذريا ور سندس
    سلھه جو بيمار آ
    هيءَ جبل جيڏي جوانيءَ
    ۾ رُلي ٿي رات ڀر
    ڀاڳ ڀي ڄڻ ڪو بڊي جو
    ٿي ويو آهي ڪڪر
    سج هن مان روز سھڪي
    ٿڪ ڀڃي ٿو سمنڊ ۾
    هيءَ ٻانھياري ٻُڪ سان
    ان وجهي ٿي جنڊ ۾
    پيڙهجن ٿا پھر ڪيئي
    سوچ جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
    ڄڻ ڇنڊيو ڇاڻيو رکي پئي
    ڏينھن پنھنجا ڪنھن ڏلھيءَ ۾
    سوڙ جھڙا سيءَ گُذاريو
    پئي لُڇي لڱ جي رليءَ ۾
    کيت هن جا ڪنھن نه کيڙيا
    اڄ ڏُڪر جا ڏينھن آهن
    ماٺ مندر ۾ اڪيلي
    ۽ پٿر جا ڏينھن آهن
    پر زمانو ضد جي
    ڪا تکي تلوار آ
    جسم ۾ جھاتيون وجهي ٿو
    ٿيو وڏي يلغار آ
    هيءَ هسيءَ جي حُسن سان
    ڪونج جھڙي ڪولھياڻي
    ڄڻ خُدا ڀي ويو تڪڙ ۾
    آ لکي ان جي ڪھاڻي
    روز ڦُلڙيون ٿيو ڇڻي ٿي
    ها اُداسين جي اَڪن ۾
    سانجهه ساڻي ٿي سُتي آ
    اڄ به ٿوهر جي ٿڪن ۾
    پر نه ڄانڀي جان ڦُلھاري
    پوهه جا پارا اٿس
    اُڀ پنھنجي ۾ رهي ٿي
    گڏ نه پر تارا اٿس
    پئي اڃان پيرين اُگهاڙي
    کوهه تان پاڻي ڀري ٿي
    ڏس ٽُٽل گج جي ٽڪن سان
    پوءِ به ڪيڏو پئي ٻري ٿي
    اڄ رئي کي رنگ ۾
    ڪونه آ ٻوڙي سگهي
    پر پُراڻي ئي پَڙي کي
    پئي سبي ٿي سُئيءَ سان
    ڏاج ۾ جيڪي مليو
    جانڪيو رکي پئي جيءَ سان
    هيءَ وني ور لئه اڃان ڀي
    ويڄ ڳوليندي رهي ٿي
    ڄڻ سبيل سُک جي سڳي سان
    سيڄ ڳوليندي رهي ٿي
    اڄ ڏهر ۾ ڏينھن پنھنجا
    پيئي ڪاتر جيئن ڪٽي ٿي
    تيز ڪاڙهي ۾ ڪولھياڻي
    سنگ ٻاجهر جا سٽي ٿي.


    عورت اُداس آهي

    عورت اُداس آهي

    هن معاشري جي مُنھن ۾
    جاڳيل هراس آهي
    پنھنجي پناهه ۾ پوريل
    عورت اُداس آهي
    ماکيءَ جي لار لاهي
    هرڪو چکڻ گُهري ٿو
    لڱ جي اُڀي لھر کي
    سڀ ڪو ٻکڻ گُهري ٿو
    آ ذائقو وڏو هي
    زندهه وري رهڻ جو
    ان مان ئي ساهه کڻجي
    ان ۾ مزو مرڻ جو
    ان کان سوا خُدا جي
    آهي خُدائي خالي
    پي ڀل چڪار ٿيجي
    اهڙي ڀريل پيالي
    تلوار جيان تکائي
    وڍجي وجود پوندا
    پل جو پتو نه ڪوئي
    هرکيو حواس پن ٿا
    پوپٽ اکين جا اُڏرن
    وچڙيو پوءِ واس پن ٿا
    آ قد ۾ڪُشادي
    ڪا ڪھڪشان لڳي ٿي
    دل جي اڱڻ تان ڏسجي
    ڪو آسمان لڳي ٿي
    جُهڙ جي جواني جھڙي
    پئي ٿي وسي وڄن جيان
    پل ۾ پُسي ٿو ماڻھو
    ساهه جي ڇڪيل سڳن جيان
    عورت اکين جي عادت
    فطرت منجهان ڦُٽي آ
    فرصت جي گهڙين سان گڏ
    قدرت وهي ڄڻي آ
    دُنيا سڄيءَ کي لوڏڻ
    جي لاءِ هڪ گهڻي آ
    عورت اُداسين ۾
    ڪو گيت گُنگنايل
    موهن دڙو نچيو پئي
    پائي جڏهن ٿي پايل
    هي ڪائنات جنھن جي
    ڪُک مان آهي ڪمايل
    سا هاڻ ديس ۾ ٿي
    ڏاڍي نراس آهي
    چونڊي چپن سان کڻجي
    ايڏي حساس آهي
    پنھنجي پناهه ۾ پوريل
    عورت اُداس آهي.


    هزارين دؤر دودن کي

    هزارين دؤر دودن کي

    هزارين دؤر دودن کي
    جيئڻ جي جاڳ سان آهن
    چنيسر چُپ جي چادر
    اڃان ويڙهيو سُتا پيا هن
    ڪُٻي تان ڪنڌ کڻي اڪثر
    اڪيلو چنڊ چوڏهين جو
    نھاري ٿو نريڙيءَ ۾
    مڇيرو رڇ پيو لاهي
    گُهمي سڀ گس ٻيڙيءَ ۾
    اُماهٽيل مَٽ جھڙي هوءَ
    مُھاڻي ڄڻ ڪا موکي آ
    اکيون اُڀ ڏي اُڀيون ڪريو
    تڏيءَ تي جا سُتي پئي آ
    محبت جي سڄي منڇر
    ڏسڻ سان ئي ٻُڏي وئي آ
    ڪئين خدشا خيالن ۾
    اچانڪ اُڀريا آهن
    ڪنڌيءَ تي ڪانھه وانگر سي
    سڄا نِسري پيا آهن
    ٺپي لوهار ڀي ويٺو
    ها چاڙهي رُڪ جو پاڻي
    اڃان ڪي گُرز ۽ ڀالا
    ڌمڻ سان گڏ ڌڳي پيو ٿو
    ڪنھن خوني د ؤر جو خنجر
    رڙي اڄ رڻ اُٿيو آهي
    دڳن تان ڌوڙ اُڏري آ
    دراوڙ نسل ساري جون
    نگاهون ڇرڪيون آهن
    طبل آهن اُٿي ٻُريا
    مٽيءَ جا ڪوٽ هن ڪريا
    سموري رات روپا جي
    ڪجل بڻجي ڪُٺي آهي
    رُتن مان رَت ٽميو آهي
    بُري بارش وٺي آهي
    ٽُٽا هن شور جا شيشا
    ڌڙن تي ڌڙ ڪريا آهن
    ڇڏي ڪئين ڍال جا ڍڪڻا
    ميدانن ڏي مڙيا آهن
    اُٿي لشڪر سان گڏ خلجي
    جڏهن تلوار تاڻي آ
    ته ٻاگهل جي به سنڌري مان
    ڪا جاڳي پئي مياڻي آ
    وڙهي پئي جا وکون بڻجي
    درياهه جون ڄڻ تکون بڻجي
    وطن جي وارثيءَ جي لئه
    اڃان ويساهه جيئرو آ
    سسيءَ ۾ ساهه جيئرو آ
    جيسين ڀونگر ڀُريا ناهن
    ۽ ڌرتيءَ تي ڪريا ناهن
    تيسين ڪيئي چنيسر پيا
    ڪفن ٿيندا دفن ٿيندا
    ٻُڌي ڇڏ وقت جا واعظ
    اهو وڦلڻ اجايو آ
    اسان هن ديس جي ڌُن تي
    رڳو هڪ گيت ڳايو آ
    غلاميءَ کي لڄايو آ
    روئڻ جا رنگ ڇا ڏيندين
    اسانجي تون رواجن کي
    هزارين دؤر دودن کي
    وڏي للڪار سان آهن
    تکي تلوار سان آهن.


    ابليس ۽ آدم

    ابليس ۽ آدم

    ڪائناتن جو اچي ويو
    ساهه ماڻھوءِ مُٺ ۾ آ
    ۽ خُدا خاموش آ
    هت حوس جي هٽ تي
    ڪاڪ جھڙيون ڪئين ڪليون
    قوس جي ڪاري قضا ۾
    رت سان رڱيل ڳليون
    ڪير ڌوئي درد کي
    عشق آ عورت جھڙو
    ماري ويو هر مرد کي
    پيو ڪنڀي ٿو ڪرڀ دل جو
    دهشتن جو دور آ
    ڪار ڪاسائيءَ واري
    شھر سارو شور آ
    ماٺ جا مڻيا وڏا ۽
    تور تسبيھه جي ڊگهي
    فرش تي پکڙيا پيا هن
    بس رُڳو سجدا ثواب
    ڪو نه ٿا پڙهيا وڃن
    انسانيت جا بند باب
    فڪر ۾ آهن فرشتا
    حُڪم ڪنھن جو پيو هلي!؟
    ٿي ويو ابليس آدم
    منھن تي مذهب ملي
    ضد جي تلوار تي ڏس
    وقت کي چاڙهيو ويو آ
    رت عيسيٰ جيان اسان جو
    بيگناهه ڳاڙيو ويو آ
    قلب جو ڪعبو ڀڄي پيو
    آهي مُرتب جي اڳيان
    ويو لنگهي تڪڙو تکو آ
    ماڻھو اڄ رب جي اڳيان...!!!


    دل جا ڌاڳا

    دل جا ڌاڳا

    روز ٽُٽن ٿا دل جا ڌاڳا
    روح به اُڊڙيل ڄڻ ڪا رلي آ
    روز ٿو سور جي سُئيءَ سان سبجان
    سڪ ۾ تنھنجي پاسي لڀجان
    آئون بدن تي تُنھنجا ڀاڪُر
    اڄ ڀي اوڍڻ لاءِ آتو
    منھنجا ڏينھن ڏُڪاريل آهن
    مون ۾ سانوڻ جيئن وسڻ اچ
    روز مان تنھنجي جوڀن جر ۾
    وهنجڻ لاءِ واجهايان ٿو
    ۽ تون ٽاهڙ هرڻيءَ وانگي
    مونکان ڇرڪي ڇال هڻين ٿي
    پل ۾ سارا پاند ڇنائي
    ورهين وڇائي سال هڻين ٿي
    تاڪ وڄن ٿا تاريخن جا
    ساز سُرن ڏي تڙپيو تاڻين
    لوڪ گيت جيان هر فنڪار جي
    ڌُن سان تنھنجي ڳالھه ڳنڍيل آ
    سانجهيءَ ويلي سينڍ سڏي ٿي
    ماڪ وسي ٿي دونھين دُکي ٿي
    روز اوطاق جي آڳر ۾ ڪي
    ماڻھو مڙن ٿا مچ ٻري ٿو
    ڪانڀ لڳي ٿي چلم ٺھي ٿي
    جام کُلن ٿا پيگ ٺھن ٿا
    چنگ چُري ٿو تانگهه تپي ٿي
    هاءِ سڳيءَ جي سيرانديءَ کان
    کٽ تان هڪڙو خيال اُٿي ٿو
    پيار پٿر جي پنڌ جو راهي
    پنھنجي منزل تان نه مُڙي ٿو
    مان به هوائن جي ته هٿن سان
    تنھنجي سيني تائين پُڄان ٿو
    پير گهٽيءَ ۾ ڪو ته کنگهي ٿو
    در کڙڪي ٿو دل دٻجي ٿي
    لذت جا سڀ لڱ لُڇن ٿا
    جسم جسم کان ڇرڪي ڇڄي ٿو
    شور وڌي ٿو چور ڀڄي ٿو
    روز هتي هڪ رات جي ڪُنڊ مان
    دل ڏانھن دل جو دؤر ڀڄي ٿو.


    ننڊ جو ناڙو

    ننڊ جو ناڙو


    ڏينهن جي ڏاڪڻ چڙهي
    چنڊ سان ملجي هلي
    اُڀ اونڌي منهن بيٺل!؟
    سمنڊ کان پُڇجي هلي
    بادلن جو، بار هلڪو
    ڪجھه هوائن تان ڪجي
    ننڊ جو ناڙو وڍي
    جاڳ کي جيئرو ڪجي
    خلق کي کوٽي ئي ڪڍجي
    ماٺ جي پوريل مٽيءَ مان
    ڳنڍ جهڙي ڳالھه کولي
    حال ڪو احوال وٺجي
    پنڌ کي پوکي پٽن تي
    ڇانوءَکي وٺجي ڇڪي
    رات ڪاري رابطن تي
    غم گُليل جيئن چٽي ٿو
    درد ڄڻ ڌاڙيل ڪو
    پيو فراقن سان ڦُري
    ڪار ڪسبياڻيءَ جهڙي
    وقت ورثي ۾ کنئين
    ديس دل جو ڌوئجي
    شڪ جي شاور هيٺان
    عشق جي اُضحي اندر
    پيار جون رکجن پتيون
    پاڻ پنهنجي ئي وجودن
    کي ورهايون وڍ ڏيئي
    وڏ ڦڙي سان گڏ وسڻ جي
    مند ۾ موريا جو آهيون
    واڪ تي وڪجي وڃڻ کان
    اڳ ئي ويا توريا جو آهيون
    روز نئين اسڪيچ جئيان
    تبديل شڪلون ٿيون ٿيئن
    ملڪ ميوزم ۾ سجايل
    مورتين جهڙو لڳو
    روز واڄٽ جيئن وڄي ٿو
    درد کي آ ڌُن پنهنجي
    مون نديءَ ۾ نيڻ اُڇلي
    آ درياھ جو دور ماڻيو
    تون مڇيءَ وانگي مليئنءَ ۽
    مون تريو تن جي تئي تي
    آس ۽ احساس کي
    جدتن سان ئي جيئڻ جي
    ٿي تمنا تار آهي
    دور گذريا دل اها ئي
    اڄ به ننڍڙي ٻار آهي


    پُراڻو پياڪ

    پُراڻو پياڪ

    پُراڻي پياڪ جي اک ۾
    خُمارن جي خُدائي آ
    مٽن مان مَڌ پيا ڇُلڪن
    اڃا سُرڪي سوائي آ
    دلين جي ڌرم شالا ۾
    مُحبت گهنڊ جيان گونجي
    ورهين کان ئي وڳي آهي
    تقدس تنھنجي جوڀن جو
    جيڻ لئه جاڳ ٿي پيو آ
    دريءَ جي روز دُنيا مان
    نگاهون نينھن ڳولين ٿيون
    شھر جي شور ۾ اڪثر
    نه سُڻيو سڏ ويندو آ
    هجومن ۾ تنھائين کي
    نه سمجهي ڪو به سگهندو آ
    تراشي ڪو نه سگهيس مان
    زماني جي ضعيفيءَ کي
    زخم جي زهر کي پيئندي
    زبانون زرد ٿيون آهن
    روئڻ لئه رات ڪافي آ
    تڳڻ لئه تات باقي آ
    وطن ۾ بيوطن بڻجي
    ورهائجي ويا آهيون
    نه ڳالھين جون ڳنڍيون کُليون
    ڇني ڌاڳا ڪي دورين جا
    وڇايل واٽ جي ِوک تي
    اوجاڳن جون اکيون آهن
    تمنا تاڪ واري ڏس
    نھاري ٿي سنجها ٽاڻي
    ٻٻر جي ٻور جيان من کي
    وڇوڙي آ ڇڏيو ڇاڻي
    پُراڻي بڙ جي هيٺان
    مُسافر ٿڪ ڀڳو آهي
    کڻي ڳالھيون ڪي ڳوٺاڻيون
    پرينءَ تائين پُڳو آهي
    مگر هر دؤر جي دڳ تي
    بيٺي جيئري جُدائي آ
    عمر ڍاري پُٺيان ڊوڙي
    وهي پنھنجي وڃائي آ
    پُراڻي پياڪ جي اک ۾
    خُمارن جي خُدائي آ.


    اها عورت

    اها عورت

    اها عورت اندر ۾ جا
    وسي ٿي وڏ ڦُڙي وانگي
    لھي ٿي دل جي درياهه ۾
    ڪو ٺاهي گس گهڙي وانگي
    ڇتين ڇولين جيان جڏهن
    به ڇاتيءَ کي ڇُلائي ٿي
    قُرب جي ڪائناتن جا
    ڪنارا سڀ پُسائي ٿي
    وڄن ٿا وجد ۾ سارا
    زمانا زيارتون ماڻي
    تمنا جي تکين ڪاتين
    وڍيو آهي ويجهو آڻي
    بدن نڪتي ڀڄائي آ
    وجهي سھڪو سمونڊن ۾
    سڪڻ لئه ساهه ٿيا ساڻا
    وئي ويڙهي وجودن کي
    ندين جا نيڻ ڀي اُٿيو
    وجهن جهاتيون جوانيءَ ۾
    جسم جون جنتون ساريون
    رنڱيل آهن روانيءَ ۾
    انھيءَ جي اک اڻين جو
    ڏنگڻ ڏاڍو ڏُکيو آهي
    دُکي ان درد ۾ دلبر
    ڌڳڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
    اها عورت جا درگاهه تي
    نچي ٿي ڪو نغارو ٿي
    پڙهي پو پيار جا ڪلما
    اُٿن عاشق ٿا نعرو ٿي
    اگر جي واس جون واٽون
    منجهائي ٿي مزارن ۾
    مُجاور چرس جي چلمن
    سان ڇڪجن ٿا اشارن ۾
    فڪر جا سڀ ڦنڌا ڦٿڪي
    ڪريا آهن قطارن ۾
    اها عورت اندر ۾ جيئن
    لٿي آ رقص ڪو بڻجي
    خُدائي جي تصورکي
    نچائي ڪئين ننگو آھي
    اها ڄڻ اُس ۾ عورت
    سھارو ست رنگو آھي
    فرشتا عرش مان اڪثر
    اکيون اُڀيون ڪريو تاڻين
    هزارين ڇوڪرا ڇڪجي
    جوانيون ٿا اچو ڇاڻين
    اها عورت ڪنھن آيت جيان
    مرد لئه وئي اُماڻي آ
    اها مُحبت جي ماڃر جي
    ساماڻيل ڪا مُھاڻي آ
    رڇن سان روح ٿي جڪڙي
    سنڌؤ ۾ ڄڻ ته پاڻي آ
    لڱن ۾ لاڙ جي خوشبو ءِ
    ۽ ڪينجهر جي ڪهاڻي آ.


    ٻڌ ڇوڙ ۾

    ٻڌ ڇوڙ ۾

    گند جي گاري اندر
    آ لتاڙيل لوڪ سارو
    مُنهن جي مر جي مٿان
    پيو اڃان آ ڌوپ هاريو
    اڄ ب چٻرن تي اها
    ساڳي چٿر جاري آهي
    روز آدم بو هٿان
    مرڪ وئي ماري آهي
    ڪانڀ مان خود کي ڪڍي
    اوچتو اورڙ تي
    سڏ ۽ سرڙاٽ سان
    لنگھه ليڪا ڪڙ تي
    روز ٿا پيرا کڄن
    ڪنهن ڀڳل هت رن جا
    ماٺ ۾ مُجرا لڳن
    دنگ ڌوپن دُن جا
    روز پنهنجي گهر گهٽيءَ ۾
    بلب بڻجي ڪو ٻري ٿو
    چنڊ چوڪيدار سان گڏ
    رات جو هر رنگ ڏسي ٿو
    سوچ جون سيٽيون وڄائي
    ماٺ جو مڻڪو ڀڃي
    هُل ھڪل سان گڏ هلي ٿو
    پاڙي جو پاليل ڪُتو
    ڀونڪ سان گڏ پيو بھي ٿو
    مُٽ مان ڀريل هي ماڻھو
    پيو سڄو بستر وهي ٿو
    نوکڙيءِ تي نئون نسل
    پيو ڀريئي پويان ڀڄي
    گهور جي گهڙيال ۾ ٿو
    قرب جو ڪانٽو وڄي
    ٻيڪڙيل ٿا در کُلن
    ۽ ڪڙا تن جا وڄن
    چُپ جي چادر اندر
    ٿو سناٽو ساھ کڻي
    نينھن جو هي نانگ ڪارو
    ٿو ڏيهاڙي ڏنگ هڻي
    کنگھه جو کُٽڪو کڻي
    سلھه ٿي سهڪيو پوي
    ۽ سرو سُرٻاٽ جو
    ڇرڪ سان ڇڪيو جھلي
    عشق اوڪارا ڪري
    ٿي حمل سان آ پيو
    واعدن جو وقت دوکن
    جي آ دوزخ ۾ ڌڳيو
    ڪجھه مُھانڊا معاشري جا
    ٿيا حرامي ٻار جھڙا
    ڀت تي ڇاپيل بُجي سان
    گڏ ٿي بيٺا گار جھڙا
    ۽ ٻليءَ جي ٻک ۾
    ٿيو ڪُئي جو ڪم ختم
    چرس مان ڀريل چلم ۽
    دونھن سان گڏ دم ختم
    ننڊ جي نمرود کي آ
    مغز ۾ ويٺل مڇر
    ۽ ٺرو پيتل موالي
    پيو وڃي ٿڙندو ٿو گھر
    هو وڏيرو ونجھه جھڙو
    ڦوڪ سان ڦڙڪن مُڇون
    ڪيس سان ڪاريون ڪيل
    ها هُيون جي اڳ اڇون
    تاڙ ۾ تاڙيل رهي ٿو
    ڪنھن بگھڙ جي بُک وانگر
    ڏيھه کي ڏاڙهي پيو
    ڪنھن ڏيهاڙي ڏُک وانگر
    ڪا ڀريل بوتل جيان
    وئي سڄي ڍُڪ ڍُڪ ٿي
    ۽ حصا سڀ حُسن جا
    ورهائيا ٻُڪ ٻُڪ ٿي
    ڪو ڦڪي گوريون سُتو آ
    ڀاڳ جھڙو ڀر ڇڏي
    بيقراري بُت پٽيو ۽
    ڪا هلي وئي گھر ڇڏي
    ڪو خيالن ۾ کڄي
    پاڙي جي عورت تي پُڳو
    ڪو هجومن جي حشر کان
    آ ڇڏائي جند ڀڳو
    ڪئين ڪٿائن جا ڪُھاڙا
    وقت کي ويٺا وڍين
    وحشتن جا وات ڦاٽل
    پيا سڄو ماڻھو پٽين
    پنھنجي اوبر تي اڃان ڀي
    زندگي گُذري پئي
    روز ڪنھن ٻڌ ڇوڙ جي
    ٻوسٽ اندر نبري پئي


    اڌ اگهاڙي تصوير

    اڌ اگهاڙي تصوير

    ڪينواس تي اڌ اُگهاڙي
    ٽنگي آ تصوير پئي
    جنھن جي بُت تي روز هوائون
    پنھنجا هٿ گهمائين ٿيون
    اُس اُرهن ۾ اکيون ٻوڙي
    سانجهيءَ تائين سھڪي ٿي
    ڪو ته مصور کي به تلاشي
    رنگ سُڪي ٿيا ساڻا آهن
    ٽيبل جي تنھائي تي
    دز ڄمي ٿي ڄارو آهي
    دلو ڀري پئي ڪا ته ڪنڌيءَ تان
    ڪانگ اُڏاڻو آهي ڪنڊيءَ تان
    ڳيرو ڪھڙي ڳالھه ڪري پيو
    آڙيءَ جي اک ۾ اونداهي
    بندوقن سان ڀرجي وئي آ
    رات جا رستا روڪڻ لاءِ
    چنڊ ڄڻي آ چانڊوڪي
    هارياڻيءَ جي هٿ ۾ ڏانٽو
    ڪانڀو گاهه جو چيلھه چُمي ٿو
    بار ڀريءَ جو لڱ لُڏن ٿا
    ڪو نه ڏسڻ سان نيڻ ٿڪن ٿا
    بيل گاڏيءَ جي چاڪن هيٺان
    چپجي ڪنھن جو چاهه ويو آ
    نيڻ وسن ٿا نار جيان
    ٻاڪاريندڙ ٻار جيان
    ڪو نه ڪتيو تو مونکي ڪڏهن
    سُٽ جيان ڪنھن هڪ سڳي ۾
    آئون اڪيلو ساڳئي وڳي ۾
    بيٺو آهيان ڀُرندڙ بُت جيان
    دُنيا دُن جي گولائي مان
    ٻانھون ٻاهر ڪو نه ڪڍي ٿي
    سڀ عياشيءَ جي اوگهڙ تي
    پنھنجا هٿ اچي سيڪين ٿا
    سالن کان ڪي ساڙ سڙيا
    اُڀ تي اُلرون اُڇلائين ٿا
    سج جون اکيون ڳاڙهيون آهن
    پنھنجي قد کي پاڻ وڍڻ لئه
    کوڙ اُڀيون ٿيون ڪُھاڙيون آهن
    آئون ڀت تي ڀونڊا ڇاپي
    رستن کي نئين رونق ڏيان ٿو
    سڀ اُگهاڙپ پاڻ تي اُوڍي
    نڪري شرافت کي ڳوليان ٿو.


    پنهنجو خُدا

    پنهنجو خُدا

    هن ديس ۾ رهن ٿا
    آخر گهڻا خُدا هت
    هل پاڻ هلي ڳوليون
    پنھنجو خُدا ڪٿي آ
    پنھنجي خُدا جو وصفون
    اُهڃاڻ هٿ ڪيون ڪي
    دل جي قصور ۾ اڄ
    ڪا ڪربلا لڳي آ
    معصوميت مئل ۽
    تڙپي صدا رهي آ
    اڄ ماءُ مُٺيءَ جو جيءَ
    جهولن جيان جليو آ
    مُھذب پڻي جي منھن تي
    زوري زنا جو ڀونڊو
    ٿيو زخم جيئن آ ظاهر
    ويو ماڻھپو مري آ
    ٿي پيو قصور ڪافر
    وحشت جو وڍ ساڳيو
    کڻيو وتي ٿو خنجر
    هوءِ ست قرآن جيڪا
    اُجرو اکين ۾ اوتيل
    هُئي آسمان جيڪا
    تنھن لئه رڙين جي رڻ
    ڪا ڀي پناهه نه پُھتي
    پنھنجو خُدا نه جاڳيو
    پنھنجي خُدا کي ڳولي
    زينب ذيان ٿي وئي
    مذهب جي مُنھن تي داغيل
    ڪارو نشان ٿي وئي.


    * 10 جنوري 2018ع تي قصور شھر ۾ 7 سالن جي معصوم نياڻي سان زنا ۽ قتل ٿيئڻ جي حالت ۾ لکيل.


    پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو

    پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو

    پاڻ پرينءَ جا پوکيل ماڻھو
    محبت ٻج ۽ ٻارين ۾
    نئين سر نسري اچڻا آهيون
    نينھن نگر جي نارين ۾
    چوٽن واري چيلھه اڳوڻي
    گهڙا گھڙن تي ٻيلھه اڳوڻي
    واٽن تي ڪو وجهه رُلي ٿو
    تاڻ به ڪيڏي تاڻيل آهي
    چاهه منجهان ڏس چھچ ڀريل آ
    ڪو نه ڪٿان ڪا ڇاڻيل آهي
    ڄڻ ته نمن جي هيٺان ويھي
    واهوندن ۾ واڻيل آهي
    ڇڪيل سارا ڇرڪ رهن ٿا
    حرس هوائن ساڻ هلي ٿو
    ڀتين مان ڀي ڀُڻڪا اچن ٿا
    عشق اُٿيو اُٿلائي پاسا
    وقت وکن ۾ آهي وڇايل
    وڄي اُٿي ٿي جڏهن به پايل
    سڪ سلي جيان ساهه کڻي ٿي
    ساوڪ بڻجي سارين ۾
    پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
    محبت ٻج ۽ ٻارين ۾

    گهاٽي مينھن جي مُند جيان
    ڏور ۾ لاٽونءَ ڪُنڊ جيان
    ڦيرين سان ٿي ڦيرائي
    جيءَ کي جانٺا ڏيئي جڪڙي
    سنڌرن سان ٿي سھڪائي
    پيار به پورهيئي جھڙو ٿي پيو
    لڱ لڱ کي پيو ٿو لوڙائي
    جوٽ اچي تون جوڙ ڪري
    جيئن گهٽا ٿي گوڙ ڪري
    ويڙهي رلين ۾ سڀئي راتيون
    سُمھي پئون ٻئي سوڙ ڪري
    هاڻ ندي ٿيو نير وهي پئي
    سُھڻي ٻوڙيو سير وهي پئي
    ساماڻيل هيءَ هاڻ وهي ڀي
    روز گوها ٿيو کير وهي پئي
    پنھنجين ڳالھين ڳيچ ڄڻيا هن
    هڻي هنبوڇيون هاڪارين ۾
    پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
    محبت ٻج ۽ ٻارين ۾
    تڙڪن جھڙا تنھنجا تجلا
    تاريخن جو تاج ٿيا هن
    کُنھبن جھڙي خوشبوءِ تو ۾
    ڏينھن ڏُڪن جا ڏاج ٿيا هن
    تو مان نئي ٿيو نانگ وهي ٿي
    مُرلين موهيو آهي من کي
    ڇورين جي پئي ڇانگ وهي ٿي
    منھنجا ٽار ٽُٽڻ تي آهن
    تنھنجي جواني جهڪ لڳي ٿي
    ڳوٺاڻن جي ڳھريل ڳل تي
    چانڊوڪين جو چڪ لڳي ٿي
    بينسر جھڙو ڀاڳ ڀليرو
    ويٺو نڪ لئه ناچ نچي ٿو
    آئون حُسن جا هند چُمان ٿو
    چوڙين جا ڪي چنگ وڄائي
    سڀ صبح سھڪايو ڇڏي ٿي
    پنھنجين اکين ڪارين ۾
    پاڻ پرين جا پوکيل ماڻھو
    محبت ٻج ۽ ٻارين ۾


    ڀورو ڀيل

    ڀورو ڀيل

    آئون موهن جي مٽيءَ آهيان
    مون ۾ ڀورو پوري وڃ تون
    مون ۾ ڪو ڀي ڪاڙهو ناهي
    مونکي ڪنھن ڀي مذهب جو
    ڪونه ڏنل ڪو واڙو آهي
    تنھنجي ڀيل ڏسي او ڀورا
    مون ۾ ڄڻ ته ڪُٺل ڪا هرڻي
    ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي آ
    ساهه گهٽن جي گهيري ۾ آ
    وقت وڏي ڪنھن ڦيري ۾ آ
    سومناٿ جي مندر تي اڄ
    غزنويءَ جي گهوڙن ڊوڙي
    ٻيھر ڪڙڪي قھر ڪيو آ
    سنڌ اڏيءَ تي سرمد وانگي
    سگهه وڃائي سھڪي پئي آ
    پر هت مُلان قوي جھڙا
    ڪارا ڪئين ڪردار اڃان
    ڪُتن وانگر نيش ڪڍي
    ماس پٽين پيا ماڻھن جو
    تن جي واڇن مان ڏس اڄ ڀي
    ڇتي واري گگ ڳڙي پئي
    هر دراوڙ جي در سان
    وحشت سان ڪا لھر لڙي پئي
    اڄ ڏس خوني چنبن سان هو
    کوٽي مٽيءَ مان لاش ڪڍن ٿا
    ڄڻ ته خُدا جي خيال کان زوري
    روهڙي ڪو آڪاش وٺن ٿا
    اُس جون اکيون اڄ به اُگهاڙيون
    ڌرتيءَ منجهه کُپيل ئي آهن
    دين ڌرم جي هن دُنيا مان
    ويڙهه اڃان ڪٿ آهي وسامي
    پر تو ماٺارن کي ماري
    شاهه عنايت جي ڌڙ وانگي
    تڙپي نئين تاريخ لکي آ
    ڄڻ ته بلاول جي گهاڻي مان
    پيڙهجي ڪائي چيخ اُٿي آ
    تپي تنبورا سڀ اُٿيا هن
    ڄڻ ڪيڏاري ڪنڌ کنيو آ
    ڀوري کي ڀاڪُر ۾ ڀرڻ لئه
    پاڻ ڀٽائي پنڌ ڪيو آ
    ڀل مان دهريو ڪافر سڏجان
    منھنجي ڀي هڪ ڳالھه ته مڃ تون
    مون ۾ ڀورو پوري وڃ تون...


    پيار کي پنهنجو وطن آ

    پيار کي پنهنجو وطن آ

    پيار کي پنھنجو وطن آ
    پيار کي پنھنجون اکيون هن
    سڪ کي هن سڏ پنھنجا
    سار کي پنھنجون سکيون هن
    وقت جي گهڙيال جا
    پيا رُڳو گهوڙا ڊُڪن
    ڀڄ ڀڄان ۾ آهي ماڻھو
    ڄڻ ته ڌوٻي گهاٽ تي
    سٽ سٽان ۾ آهي ماڻھو
    لڱ ٿيا ميرا لَٽن جيان
    ڌوپ ڪھڙا ڌوئجن
    پيا ڇڄي جي ڇڪ سان
    سي هار ڪھڙا پوئجن
    رڻ اڪيلو رات ۾
    اڄ رهي آهي پيو
    ڄڻ درياهه ڪو درد جو
    اڄ وهي آهي پيو
    مان وڃان ٿو سمنڊ تي
    ساهه سپين ۾ وجهڻ
    ڄڻ صدين جي سڏ جو
    ڪو ازالو ئي ڪرڻ
    جُهڙ اندر جهاتيون وجهي
    ٿو نھاريان نڀ ۾
    پوک کي پاڻي کپي ٿو
    سوک کي ساڻيھه کپي ٿو
    هو ڪُراڙو ڪالھه کان
    اوڙ ۾ اکيون رکي
    وهٽ کي واهي پيو
    بار پنھنجو پاڻ تان
    بُک جو لاهي پيو
    ٿو اچي اڄ ياد تنھن کي
    سو پُراڻو ديس پنھنجو
    ها گنجي ۽ گوڏ ۾
    سو اباڻو ويس پنھنجو
    پيو اُجهاڻيل اڌ ٻيڙيءَ
    کي دُکايو دونھن ڪڍي
    اُس جي اوگهڙ ڍڪڻ لئه
    ڇانوءِ پيو جت ڪٿ ڇٽي
    ڏس بُٺين جي ڀر ۾
    پيا نوان کوهه کوٽجن
    چاهه جي چرکي مٿان
    پيا رسا ڪئين رسڪجن
    پاڻياريون پنڌ ۾ هن
    ۽ دلا ٿا ڇُلڪجن
    منظرن کي مُرڪ تنھنجيءَ
    جو اڃان احساس آ
    ڪئين تصور تاڙ ۾ هن
    هڪ ڊگهو وشواس آ
    ڳوٺ تنھنجي جون ڳليون
    ياد جيئن جيئن ٿيون اچن
    حسرتون دل جي حُسن جون
    چنڊ کي چوڙو ڪريو
    ٻانھن ۾ وجهيو وتن
    سڀ اُميدون عشق جون
    توسان اچي ٻَکيون آهن
    پيار کي پنھنجو وطن آ
    پيار کي پنھنجون اکيون هن.


    ڌڙ بنا ئي ديس

    ڌڙ بنا ئي ديس

    سر وڍيل هر صبح پنھنجو
    ڌڙ بنا ئي ديس لڳي ٿو
    سينا سواء هي جيءَ جو جوڳي
    گيڙو پاتل ويس لڳي ٿو
    واڍوڙيل ڪا ويل وري ٿي
    ٻاڪاريندي ٻھل ٻري ٿي
    جڳ هڪ جهوپي منجهه جلي ٿو
    ڪُجهه نه پنھنجو پاڻ سلي ٿو
    ماضيءَ جا هٿ مھنديءَ هاڻا
    ڄڻ ته گهٽا ۾ گهوڙا اُڏاڻا
    حال اسان تي هاڻ کلي ٿو
    سورن ڀريل سال کلي ٿو
    ڪارائيءَ جيان ڪرٽ وڍي پئي
    سڪ سنڌو ۽ سُرت ڪڍي پئي
    دل جا دوڳ دُکيل هن اڄ ڀي
    ڪُجهه ته نغاري وانگي وڄ ڀي
    جهاڳيندي هر جاڳ جهلا ٿيون
    پنھنجي دنگ جا پاڻ ڪلا ٿيون
    خاموشين جا کيٽ اُجاڙي
    ڇو نه اُٿي اڄ پاڻ کڙا ٿيون
    چارن واري چيٽي رُت ۾
    چانڊوڪين جا چنڊ چڙا ٿيون
    پنھنجي مُند جا ميوا ماڻي
    پنھنجي مينھن جا پاڻ ڳڙا ٿيون
    ديوارن جو دؤر چوي ٿو
    پنھنجي در جا پاڻ ڪڙا ٿيون
    ڍٽ ۾ هڪڙي ڊيل مري وئي
    وقت نه وريو ويل مري وئي
    هاڃن هيڏو هانءُ پٽيو آ
    محبت موريل هيل مري وئي
    پيار جا پوپٽ پار ڪڍن ٿا
    خوشبوءِ جو ٿيو خون وطن آ
    واپارين جا مُلھه مھانگا
    بازارن لئه ڀاڳ ڪفن آ
    ٽاڪوڙن سان ٽار ٽُٽن ٿا
    ڳانن ڳالھيون هار ٽُٽن ٿا
    هڪڙي باهه وڪوڙيو آهي
    سارو ساهه وڪوڙيو آهي
    پاڻ ڌُٻڻ ۾ ڌڪيل ماڻھو
    سستي اگهه تي وڪيل ماڻھو
    مٽيءَ جو ڇا مان سُڃاڻو
    پنھنجي لاءِ سڀ ڪُجهه ناڻو
    هيلوڪو هي نسل به ننڊ ۾
    گهاٽي واڌي سڀ وڪاڻو
    غيرت کي ڪو گهيڙ نه آهي
    ڌرتيءَ جا دنگ ڌوئڻ لاءِ
    ورهين گُذريا ويڙهه نه آهي
    تاريخن جي تن تي اوڍيل
    ڪوئي پُراڻو کيس لڳي ٿو
    سر وڍيل هر صبح پنھنجو
    ڌڙ بنا ئي ديس لڳي ٿو.


    تنھنجي ٻانھن ٻک ۾

    تنھنجي ٻانھن ٻک ۾

    او خُدا جي خيال جھڙي
    خوبصورت ڇوڪري
    آئون تنھنجي آسمانن
    ۾ اُڏامڻ ٿو گهران
    ها ٻري تو مان اُٿان
    تو ۾ وسامڻ ٿو گهران
    گهور جا گهوڙا ڊُڪن
    سڪ جي اڻکُٽ سفر ۾
    در دلين جا ٿا وڄن
    پيار جي ڄڻ پوک لئه
    تون ندين جو وهڪرو
    نينهن نغما ٿيو اُٿي
    آس لئه تون آسرو
    سج ٻئي پاسا ورايو
    ٿو اچي تو ۾ لھي
    اُڃ عُريانيءَ منجهان
    وهنجي ڇنڊيا وار هن
    عشق ڀي آرس ڀڃي
    توتي ڪيا اڄ آر هن
    طلب جون تسبيھون پڙهي
    ماڻھو محبت ۾ مُئا
    ٿا ڪرڻ حاصل گُهرن
    ديد تنھنجي جي دُعا
    تون ته فاتح جنگ جھڙي
    هاڪ جو آهين حُسن
    ڪيئي ڪاتب ويٺا تنھنجي
    سونھن جا ليکا لکن
    تو ڇڏيو اوتي سڄي
    افلاڪ کي آ اک ۾
    سڀ خُدائي ساهه کڻي ٿي
    تنھنجي ٻانھن ٻک ۾.


    آئون پيو آهيان وساميو

    آئون پيو آهيان وساميو

    آئون پنھنجي عشق جي آخري آوارگي
    روز روليان پاڻ کي
    روز ڳوليان پاڻ کي
    هر جيئڻ جي جاٽ تي
    ۽ اڪيلي واٽ تي
    پيو وڍيو ڄڻ آهيان
    آئون پنھنجو پاڻ کي روز ميڙڻ ٿو وڃان
    ڏور پنھنجي ڏينھن جي روز ويڙهڻ ٿو وڃان
    رات جنھن کي آ ازل کان
    ئي مليل هي رنگ ڪارو
    رات جنھن جي اک ۾
    هي ڦُلي جھڙو اڇو چنڊ
    روز پيو ٿو ڦھلجي
    سال گُذريا پر اهو ماڻھو اڃان پيو
    هڪ رسيءَ ۾ گهلجي
    رات مون مان ايئن ٿي پيرا کڻي
    جيئن جهڙپ سان باز ڪو ڳيرا کڻي
    پرڪڏهن ڀُلجي نه تو
    پيار مان پاسا ورايا
    پھر جيڪي پاڻ ويھي پوکيا
    سي اڪيلا ٿي پيا هن پنڌ ۾
    وقت واڍي جيان هڻي ويو
    آهي ڪوڪا ڪنڌ ۾
    رت ٽيپا ٿي ڳڙيو آ
    ڪالھه واري ڏينھن مان
    پيو ڀِڄَي سارو بدن آ
    ٻن اکين جي مينھن مان
    گيت مونکان گُنگنايا ڪونه ٿيا
    نينھن توکان ڀي نڀايا ڪو نه ٿيا
    سڀ ڪنجھي جھڙا قصا
    اڄ وڄي هن ماٺ ٿيا
    وڻ وجودن جي وهيءَ جا
    ڏس سُڪي هن ڪاٺ ٿيا
    دل جيئڻ جي جهنگ لاءِ
    پئي روئي رولاڪيون
    سڏ ايڏا سمنڊ جيڏا
    پر وکون تن کان تکيون
    تون نه مون ۾ ڦول جيئن
    ڪٿ ڇڻي آهين ڪري
    آئون پيو آهيان وساميو
    تون ڪٿي آهين ٻري!؟
    پيو ڇڄي آهيان سڄو اچ اچي تون ڳنڍ مونکي
    ڌوڙ جھڙي درد مان ڌوڻ ڏيئي ڇنڊ مونکي.


    سڏ نه پنهنجا سوڙها ٿيندا

    سڏ نه پنهنجا سوڙها ٿيندا

    پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
    سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا
    هينئڙي مان هڻڪارون اُٿنديون
    گهايل ڪيئي گهوڙا ٿيندا
    ڏيڍيءَ اڳيان ڏينھن ڏکي پيو
    ڪاتب ويٺو ليک لکي ٿو
    جر تي جاڳ جوانيءَ جھڙي
    ٻيڙيءَ مان ڪا ٻانھن سڏي ٿي
    پاڻ ڪنڌيءَ جا آهيون قصا
    درياهه جي ڄڻ دانھن سڏي ٿي
    ڇولي ٻولي پنھنجي آهي
    پر هيءَ گولي ڪنھن جي آهي
    ٻنيون ونيون وڪجن ٿيون اڄ
    رتڙيا ڪھڙي رُت رُلي ويا
    ڪيڏا هاڃا هُل هُليل هن
    پوءِ ڀي ڳالھين ڳاٽ وڍيل هن
    ڪيسين ماڻھو ٻوڙا ٿيندا!؟
    پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
    سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا...

    ڳوهي پنھنجو پاڻ کي ٻيھر
    مٽيءَ کي اڄ مان ڏيون ڪو
    ڌرتيءَ جا جو دنگ ورائي
    اهڙو ئي انسان ڏيون ڪو
    مون ۾ هڪڙي جنگ متل آ
    خنجر سيني منجهه کُتل آ
    ساموئيءَ جي سانجهه منجهان
    تاريخن جا تھه تپن ٿا
    ورقن وانگي واريا وياسين
    ڪردارن جا ڪنڌ وڍي پو
    ٻيلن وانگي ٻاريا وياسين
    سالن کان هي سور سٽي ٿو
    پنھنجي پويان بڇ به ٿيندي
    بازان جا بُکيا ڪُتا
    پنھنجي پويان ڀونڪڻ ايندا
    پنھنجي لوئي لڄ به ويندي
    پنھنجا لتاڙيا لوڙها ويندا
    ڳل ڀڄي ٻئي ڳوڙها ٿيندا
    پوءِ ڀي ماڻھو ٻوڙا ٿيندا..!!؟؟
    پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
    سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا
    پٿر کي پاڻيءَ ۾ پوکي
    پنھنجا وڻ وڄايون ويٺا
    ڏند ڪٿائن جون ڀاشائون
    ڳايو ٻيھر ڳايون ويٺا
    ڪھڙا ويھي گوندر گهوريون
    پنھنجا ڦيرا پاڻ ۾ ڦيريون
    پنھنجي لڱ جا لاٽون بڻجي
    ويڙهيو ويٺا آهيون ڏوريون
    هيل هوائون تيز گُهليون هن
    گهرن جا ڇاڄا به ڇڄن ٿا
    طوفانن ۾ تک وڏي آ
    ڏڪندڙ وڻ مان ڏار ٽُٽن ٿا
    دل جو هڪڙو دؤر سڙي ٿو
    تنھن مان رَک اُڏاڻي آهي
    سالن کان پو سُھڻي ڇوري
    پاڙي ۾ ساماڻي آهي
    ڪونه سُمھن ٿا گهر جا ڀاتي
    روز وڍي ٿي تکڙي ڪاتي
    ڪاهه وڏي ڪا ٿيئڻي آهي
    نڪ مان نٿ به لھڻي آهي
    پوءِ ڀي سوچي ساهه کڻن ٿا
    اهڙا ماڻھو ڇو ته جيئن ٿا!؟
    پنھنجا حق وٺڻ جي لاءِ
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏارڻ لاءِ
    ڪڏهن اُٿي خود ڀيڙا ٿيندا !!!؟؟؟
    پاڻ پُڪارن جھڙا ماڻھو
    سڏ نه پنھنجا سوڙها ٿيندا.


    مري اڄ ويو آهي موهن دڙو

    مري اڄ ويو آهي موهن دڙو

    وسي پيو اکين مان آهي وڏ ڦُڙو
    مري اڄ ويو آهي موهن دڙو
    ڪنڀي ڪائناتون رڙيون رات ساري
    سنڌوءِ سڏ سھڪيا اُڏامي پئي واري
    گُلن مان ڇڻيو تازگيءَ جو تصور
    ڪھاڻيون رکي ڪنڌ ڪُلھن تي رُنيون
    صفت ۾ به سادو خليفو خُدا جو
    صفا مست الست ۽ بيگانو بلا جو
    سو صوفين ۽ ساڌُن کان هو ڪجھه سوايو
    اندر جهوڪ جا ڪيئي جهولا هُئس
    رڻن ساڻ رشتا ۽ رولا هُئس
    اڃان ڳالھه ڳولا کي ڳولي پئي
    ۽ ڇولي به ڇاڇر کي ڇولي پئي
    هو سنھڙو اکين ۾ ڪجل جھڙو هو
    حسن، شيخ جي ڄڻ غزل جهڙو هو
    هليو ٿي ته ڄڻ ڪي جبل ٿي لُڏيا
    خُدا حيرتن ۾ اجل ٿي لُڏيا
    هو ڇانگيل وڻن جي هو ڏارن جيان
    وندر ۾ وتايو ۽ ٻارن جيان
    سڄو لاڙ جنھن لئه مُھاڻو ٿيو هو
    سيرانديءَ جي هيٺان وهاڻو ٿيو هو
    سڄو سج جنھن ۾ لُڏيو ۽ ٻُڏيو ٿي
    ڪنڌيءَ تي سو ڪوڏين سان اڪثر ڪڏيو ٿي
    اُها مُرڪ ماڃر جي ماندي اڃان
    ڇڪي پاڻ ڏي مس تو آندي اڃان
    دراوڙ اُٿيو دنگ تنھنجا ڏسن
    ۽ جهمپير جا جهنگ تنهنجو پُڇن
    ٿيو ساڌ ٻيلو ۽ شامون اڪيليون
    نه مهٽي ڪنهن مهندي ۽ لامون اڪيليون
    ويو سلسلو سُڃ ٿي ھر سفرجو
    مري مُند ويئي ملڻ ۽ کلڻ جي
    پيا ننڊ ناول ۽ نئين سر لکڻ جي
    روايت رُلي رُڃ ٿي آ پئي
    ھُئو سنڌ ۾ ئي علي هڪڙو بابا
    اڏيل ماڻهپي جا هُئس ڪيئي ڪعبيٰ
    اُهو سير تکڙيءَ جي سامهون اچي ويو
    دُنگيءَ منجهه درياهه ٿي آهي وهي پيو
    چون ٿا خُدا وٽ وڃي آ رهي پيو.........
    ]علي بابا جي ياد ۾ لکيل[


    وساريل واٽ تنھنجي تي

    وساريل واٽ تنھنجي تي

    ٻڌل ڳالھين جي ڳنڍين ۾
    رُڳو بس فاصلا آهن
    ڀُلائڻ جي بھاني ۾
    هزارين حادثا آهن
    وڃايل واعدن آڏو
    جُهري من جي جُهڳي پئي آ
    قرب جي پر ڪِليءَ تي ڏس
    ٽنگي سڪ جي سڳي پئي آ
    وساريل واٽ تنھنجيءَ تي
    ٻٻر اڄ ٻور ڇاڻيو آ
    حياتيءَ جي ڇنل کٽ کي
    اچي تو ڪونه واڻيو آ
    سڄا آتڻ سُڃا آهن
    پتڻ تي ڪو پکي ناهي
    ڀرڻ دل جا دلا ٻيھر
    نه آئي ڪا سکي آهي
    ڌنارن سينڍ جي سُر ۾
    ملڻ جو گيت ڳايو آ
    ٿري ڄڻ شام ٿوهر تي
    اچي خود کي ڪرايو آ
    اُٿي چنڊ روز راتين جو
    نجوميءَ جيان نھاري ٿو
    هٿن جي لڱ تي ڪيئي
    لڪيرون ليٽيل آهن
    ڇٽيل آ رات رستن تي
    سُتو سالن کان آ سج پيو
    اسانجي ساهه جو صوفي
    صدين تائين رڙيو آهي
    طنبورن جي تاريخن مان
    اسانکي ويو تڙيو آهي
    پٿرجي دؤر ۾ آهيون
    اڃان جيئري جُدائي آ!؟
    ڳڙي پيو رت ڳالهين مان
    ڪٿي آخر خُدائي آ
    اسان پنھنجي ئي جنگ ۾ ڏس
    جيئڻ جهڙا رهيا ناهيون
    ٽُٽل تلوار جي تن جيان
    وڙهڻ جھڙا رهيا ناهيون
    ورهين گُذريا مليا ناهيون
    اڃا خود کي پيا ڳوليون
    اسان ۾ ماٺ مڪليءَ جيان
    سڌي ٿي ڏس سُمھي پئي آ
    چکڻ کان ويو چڙهي آهي
    تکو ذائقو زماني جو
    حجابن جون هڙون کولي
    هلي آ هاڻ ٻانھن ۾
    رلي روح جي وڇايل آ
    هميشه تنھنجي راهن ۾
    اسان تنھنجي نگاهن ۾
    نڪورا نينھن چاهيون ٿا
    ڀنل بارش ۾ ٻھراڙيءَ
    جھڙا ڪي ڏينھن چاهيون ٿا.


    نثري نظم

    اڌ چريو نظم

    اڌ چريو نظم

    منھنجو هڪ اڌ چريو نظم
    جيڪو اڍائي ڏينھن کان وٺي
    ڊائريءَ مان گُم ٿي ويو آهي
    جنھن جو قد
    ڪوئن هٿان قطريل پاسيري پني جيترو وڃي بچيو آهي
    سندس ذهني توازن ٺيڪ نه هوئڻ جي ڪري
    لفظن مان به گگون ڳڙنديون رهنس ٿيون
    سندس اکيون شھيدن جي رت جھڙيون ڳاڙهيون آهن
    پير هنگلاج تان موٽندڙ پانڌيئڙن جيان زخمي اٿس
    اڪثر پٽ تان ڀٽائيءَ جون وايون ميڙي
    ڪراڙ ڍنڍ ۾ اُڇلائڻ ويندو آهي
    ماڻھن کان وڌيڪ
    ڪُتن ۽ ڪانگن جي ٻُوليءَ تي عبور آهيس
    ڪڏهن ڪڏهن تازين قبرن تان گُلن جون چادرون لاهي
    شھرن کي پارائڻ لاءِ بازارن ڏانھن نڪري پوندو آهي
    ۽ ڪنھن به سُٺي معاشري ۾
    ان ڪري ئي رهڻ جي لائق ناهي رهيو
    جو سندس هٿن جون آڱريون
    هر وقت ڀونڊي جيان کُليل ئي رهنديون آهن
    سندس ٻولي موهن جي دڙي جي ديوارن تي
    اُڪريل اکرن جھڙي آهي
    جنھن کي صرف هن دؤر جو ڏاهو
    امر جليل ئي سمجهي سگهي ٿو
    سندس مزاج مذهبن جي اُبتڙ آهي
    مسجدن ۾ ڀڄن ڳائڻ لڳندو آهي
    ۽ مندرن ۾ وڃي اذانون ڏيئڻ لڳندو آهي
    منھنجي ڊائريءَ جي سمورن نظمن
    اڍائي ڏينھن کان وٺي ننڊ ئي ناهي ڪئي
    کين اهو خوف آهي ته
    متان ڪنھن تڪڙي فتويٰ جي هيٺان اچي مارجي نه وڃي
    تنھن ڪري جنھن به سُڄاڻ شخص کي
    جھڙي به حالت ۾
    منھنجو اڌ چريو نظم هٿ چڙهي
    ته کيس سنڌوءَ جي پاڻيءَ مان وهنجاري
    ڊائري جي صفعي نمبر 62 جي ايڊريس تي موڪلي ڏي
    ته جيئن ان اڌ چريءَ نظم کي
    ڊائريءَ مان گم ٿي ويل ساڳئي صفحي تي
    نئين سر محفوظ ڪري سگهجي.
    ۽ باقي نظمن جي خوف کي به
    احساسِ محروميءَ مان ٻاهر ڪڍي سگهجي


    نئين صبح جي تاريخ

    نئين صبح جي تاريخ

    اچ ته پاڻ نئين صبح جي تاريخ لکون
    تون پکين جي اکين جا وهي اوجاڳا ڳڻ
    آئون سمنڊ جي سيني کي ماپي ٿو اچان
    تون ٻارن جي ٻاتي ٻوليءَ مان لُغت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪر
    آئون رڻ ۾ مارجي ويل مُسافرن جي کُليل اکين تي هٿ رکي ٿو اچان
    تون بارش ۾ ڊهي ويل گهرن جون خبرون هٿ ڪر
    آئون ميوزم ۾ سجايل مورتين جا فوٽو ڪڍي ٿو اچان
    تون وڪامندڙ ضميرن تي لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪري وٺ
    آئون سڀني انسانن کي ٻيھر آدم جي احساس ۾ لاهي هڪ ئي مٽيءَ ۾ ڳوهي ٿو اچان
    تون ڌرتيءَ جي ڌُن تي ڪو لوڪ گيت لکي وٺ
    آئون ڏياچ جي ڏيھه مان ڪو چٽو چنگ جھڙو سُر سکي ٿو اچان
    جي اڃان به تو وٽ ڪجهه وقت آهي ته
    تون ڀلي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪر
    ۽ سنڌ جي وڃايل آثارن جون اکيون ڳولي پنھنجي ڳالھين جي ڳنڍ ۾ ٻڌي کڻي اچ
    آئون به اروڙ جا سمورا سڏ هوائن جي هٿن سان ميڙي کڻي ٿو اچان
    تيسين تون پاڻ کي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ پُسائي سمورا تڙ گهمي اچ
    ۽ آئون به ڪنھن سُهڻيءَ جي ڪڇ کي
    ڪو پيار جو پڪو گهڙو ڏئي ٿو اچان
    تون پنھنجي ننڊ کي نديءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ
    آئون به پنھنجي خوابن جا ڊگها ٽار ڇانگي ٿو ڇڏيان
    تون خودڪش بمبار هٿان بيگُناهه مارجي ويل ماڻھن جي جسمن جا ٽُڪرا هينئين جي هڙ ۾ ميڙي رک
    آئون رت سان ڀريل ڪالھوڪي ڏينھن کي وهنجاري ٿو اچان
    تون زمين ۽ آسمان جي فاصلي کي ڇاڙڪين سان ماپي وٺ
    آئون سج ۽ چنڊ کان ڄمڻ جي تاريخ پُڇي ٿو اچان
    تون معصوم پنندڙ نياڻين جي جهولين ۾ گُلاب ڀري مسيحائن جي هٿن ۾ ڪٽورا ڏئي اچ
    آئون به ڪائنات جي ڪُنڊن مان خُدا کي ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان
    تون ماڻھن جي خيالن مان خنجر کسڻ جي ڪوشش ڪر
    آئون محبت جي مذهب جا پرچا شھرن ۾ ورهائي ٿو اچان
    تون ڀلي ٻرندڙ ڏيئن جي مصوريءَ کي دل جي ديوارن تي لڳائي ڇڏ
    پر اُنھن چٻرن تي ڪڏهن به نه سوچ
    جيڪي پنھنجي روح ۾ هڪ ڊگهي رات وڇايو ويٺا آهن
    ڇو ته پاڻ کي صرف روشنيءَ جو ئي لباس سبڻو آهي
    ۽ نئين صبح جي تاريخ کي به خوشبوءَ جي رنگن سان ئي لکڻو آهي..


    ماضيءَ جو ميوزم

    ماضيءَ جو ميوزم

    تو جڏهن کان منھنجي ڳالھين تان
    کلون لاهڻ شروع ڪيون آهن
    آئون تڏهن کان ڇلجي ڇوڏا ٿي پيو آهيان
    مون جڏهن به تو ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
    ته تنھنجي روين مان
    خاردار تارون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن
    ۽ آئون ڪنھن مُلڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ باغيءَ جيان
    پاڻ ۾ ئي مارجي ويو آهيان
    اڄ پنھنجي مُحبت جي مزار تي
    تنھنجي نالي جي تختي به ڪيئن لڳايان!؟
    تون جيڪا مون اڳيان
    لاتعلقيءَ جو خط کولي هلي وئي آهين
    آئون لھجن جا لفظ پڙهي
    هڪ ڊگهي حادثي ۾ هليو ويو آهيان
    بي ترتيبيون مونکي ماڻڻ لاءِ ميڙ ڪريو بيٺيون آهن
    ۽ اُداسين جا اُٺ
    مون مان چاهه جو چندن چري ويا آهن
    تو جيڪي به ڏيئا مون ۾ ٻاريا هئا
    سي سڀ وسامي چُڪا آهن
    اڄ تون مون مان ڪو به وهڪرو ٿي وهڻ نٿي چاهين
    ۽ آئون به تو ۾ ڪو صحرا ٿي سُڪڻ نٿو چاهيان
    تون ڀلي مون مان پنھنجي حصي جا خواب چونڊي کڻي وڃ
    ته جيئن آئون به ڪجهه هلڪو ٿي پوان
    ۽ مونکي به اُهي سمورا منھنجا ٽھڪ
    ڳالھين جي ڳوٿري ۾ وجهي واپس ڏئي وڃ
    جيڪي تنھنجي ڳلن جي ڳوٺ جا سمورا گس ڄاڻن ٿا
    مونکي خوف آهي ته
    متان اهي تنھنجي بستري جي گهنجن ۾ گهٽجي نه پون
    تون ڀلي پنھنجا دنگ دُنيا جي ڇيڙي تائين ڇڪي وڃ
    پر آئون پنھنجي ماضيءَ کي ميوزم ۾ رکڻ ٿو چاهيان
    ۽ تون جڏهن به پاڻ ۾ ويڙهجي واپس موٽي ايندينءَ
    ته آئون توکي ماضيءَ جي ميوزم ۾ ئي زندهه ملندس...


    آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...

    آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...

    مون توکي پاڻ مان ٻاهر ڪڍيو ئي ڪٿي آهي
    پر ان ڳالھه جي ڳنڍ جي سڳي ۾ سوڙهو ٿي پوندو آهيان
    ته تون پوپٽن جي پرن جھڙي نفيس نينگري
    مون اُس جھڙي انسان ۾ رهي سگهندينءَ!؟
    تون جيڪا بدن جي بناوٽ ۾ به وادين جھڙا وهڪرا ٿي رکين
    سا مون ٿوهر جھڙي ماڻھو ۾ ٿڪ ڀڃي سگهندينءَ
    آئون جيڪو ڌُٻڻ جي دؤر ۾ ايترو ته دَٻجي ويو آهيان
    جو منھنجي کوٽائيءَ لاءِ به
    موهن جي دڙي کان اڳ واري تاريخ کي اُٿلائڻو پوندو
    ۽ رني ڪوٽ جي رڙين مان
    منھنجي سچ جي صبح کي ڳولھڻو پوندو
    آئون جيڪو پنھنجا تير پاڻ تي ئي تاڻي جيءَ رهيو آهيان
    منھنجي جنگ ۾ ڪو به مونسان گڏ ناهي
    مون جڏهن به آسمان جي تارن کي هٿ ڏئي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
    ته دُنيا پنھنجي گولائيءَ مان ٻاهر نڪري
    سج ۽ چنڊ جي توازن کي تورڻ لڳندي آهي
    آئون ڪو شمسي نظام جو ڄاڻو ته ناهيان
    ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو نجمومي
    جيڪو اڳ ڪٿيءَ جي اکين سان آئيندا پڙهي وٺي
    پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته
    سمنڊ جڏهن به منھنجا سڏ ٻُڌندو آهي
    ته لھرن ۾ هڪ ڊگهي لوڇ جاڳي پوندي آهي
    ۽ سپيون ڪنارن تي ڪنڌ رکي وڏا ساهه کڻڻ لڳنديون آهن
    مون جڏهن به پنھنجي ماضيءَ جي
    خوابن کي وڪڻڻ جي ڳالھه ڪئي آهي
    ته منھنجون رولاڪيون مونکي رڻ ۾ اڪيلو ڇڏي ويون آهن
    آئون جيڪو هاڻ درياهه تي به وڃڻ جھڙو ناهيان رهيو
    ڇو ته مون ۾ ٻيلا ٻاڪاري رهيا آهن.
    ۽ وڍيل وڻن جا ڪنڊا ڀڄي پيا آهن
    پر پوءِ به آئون ڪو گهاٽو جهنگ ٿي جيئڻ نٿو چاهيان
    تون مون مان ڪو اهڙو گس گهڙي وڃ
    ۽ ڪا اهڙي پوک پوکي وڃ
    جنھن سان آئون ٻيھر ڦُٽي ٻاهر نڪري اچان
    تون جيڪا پکين جي اکين جھڙي آهين
    آئون تو ۾ پر کولي اُڏرڻ ٿو چاهيان
    ۽ تنھنجي جسم جي جاگرافيءَ کي نئين سر ڄاڻڻ جي لاءِ
    آئون تو مان ڪا ندي ٿي وهڻ ٿو چاهيان...


    سج لھڻ کان پھرين

    سج لھڻ کان پھرين

    سج لھڻ کان پھرين
    مون کي هڪ ڏيئو ٻارڻو آهي
    ۽ اُن درياهه تي به وڃڻو آهي
    جتي هاڻ ڪا به سُھڻي ساهڙ کي نٿي سڏي
    نه ئي وري ڪي پاڻياريون پڙن کي پُسائي
    پيار جو پھريون ڌوپ ڌوئڻ ٿيون اچن
    جت هاڻ پکين به پنھنجي ننڊ نديءَ ۾ ٻوڙي
    چُھنب سان اوجاڳو چُڳي ورتو آهي

    مونکي ان مارجي ويل باغيءَ جي
    وارثن سان به تعزيت ڪرڻي آهي
    جنھن جي زال تازو هڪ ٻار ڄڻيو آهي
    کيس ڪن ۾ ديس جو قومي ترانو ٻُڌايو ويو آهي
    پاسي کان سندس پيءُ جي بندوق رکي
    ڳچيءَ ۾ وصيعت نامون ٻڌو ويو آهي

    مونکي موٽي اُن مندر ڏانھن به وڃڻو آهي
    جت گهنڊ وڄڻ جو آواز وڃائي ويٺا آهن
    ۽ مورتيءَ جي ڳچيءَ ۾ پيل
    سالن کان گُلن جا هار
    سُڪي سوڙها ٿي پيا آهن.

    مونکي اُن روڊ تان به گُذرڻو آهي
    جنھن مٿان ڪيترائي حادثا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن
    تون الوداع جو آخري هٿ لوڏي هلي وئي هنيئنءَ
    ۽ مونکي ماٺ ميڙي
    ڏُکن جي ڏينهن ڏانهن اُڇلي ڇڏيو هو

    مونکي اُن قيديءَ سان به ملاقات ڪرڻي آهي
    جنھن جي محبوبا کي زوري
    ڪنھن ٻي سان پرڻايو ويو آهي
    پر پوءِ به اُنھيءَ جي آسمان جھڙين اکين ۾
    انتظار جو چنڊ اڃان به اُڀرندو رهي ٿو

    مونکي اُن ڏينھن سان به ڏک جو اظھار ڪرڻو آهي
    جنھن ۾ پوپٽن کي ماريو ويو
    ۽ گُلن کي به ساڙيو ويو هو
    جنھن ۾ حاملا عورتن تي هلان ڪري
    سندن اکيون ته ڪڍيون ويون هُيون
    پر ڪچن ٻارن کي به ڪرايو ويو هو

    مونکي اڌ ۾ ڇڏيل اُهو نظم به پورو ڪرڻو آهي
    جيڪو ٽئگور جي هٿن مان ڇڏائجي ويو هو
    جنھن جو رڌم جوان نينگرين جي جسم جھڙو آهي
    جنھن جي شروعات ته تو جيان شاهڪار آهي
    پر پُڄاڻي ڄڻ ته وڃائجي ويل
    وطن جي ڳولا جھڙي ٿي لڳي.

    مونکي رات ٿيڻ کان پھرين پاڻ سان به ملڻو آهي
    ۽ سج لھڻ کان اڳ ۾
    اُن سمنڊ تي به وڃڻو آهي
    جتي تون مون مان ته ٻاهر نڪري هلي وئي هُئينءَ
    پر آئون تو ۾ ئي رهجي ويو هُئس...


    رَت

    رَت

    دريءَ مان نھاريندڙ ڇوڪريءَ
    روڊ تان لنگهندڙ ڇوڪري اڳيان
    عشق جو احساس اُڇلي ڇڏيو آ
    جيڪو گاڏين جي گوڙ ۾ وچڙي
    ٽائرن هيٺان چيڀاٽجي ويو آهي
    رَت جي ڇنڊن دريءَ کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آ
    شام ڏيئي جي اُجهامندڙ اک جھڙي ٿي پئي آ
    مزدوري تان موٽندڙ ڇوڪرو
    روڊ تي ماڻھن جو هجوم ڏسندي ئي
    حواس وڃائي ويٺو آ
    ۽ دريءَ ڏي ڏسندي ئي
    رَت جي ڇنڊن سان ڀرجي ويو آ
    صبح جون اخبارون حادثن جون خبرون کڻي
    رستن تي هوڪا ڏئي ڊوڙي رهيون آهن
    شھر جون ديوارون
    سوڳ ۾ گُهٽجي ساهه کڻڻ لڳيون آهن
    ۽ رات جي سيني تي سالن کان سفرڪندڙ ڪويءَ به
    پنھنجي نئين ڄاول نظم جو نالو ئي رَت رکي ڇڏيو آهي...


    ڏاهر جهڙو خواب

    ڏاهر جهڙو خواب

    روشنين جا کيت پوکڻ جو هُنر توکي ئي اچي ٿو
    تون جيڪو تاريڪ رات جي غارن ۾
    ڏيئو بڻجي ٻري پيو آهين
    خوف گوڏن ۾ منهن هڻي ويهي رهيو آهي
    وحشتن جي وات ۾ تنهنجو شينهن جهڙو هٿ،
    ضد جي زبان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو آهي
    تو پنهنجا جبل پوکي ڌرتي کي ڌُڏڻ کان بچايو آ
    تون روايتن جو اهڙو ته گهرو رنگ آهين
    جنهن کي پيار جي پاڻي سان پُسائي
    هينئين تي هارڻ لاءِ قرب قطارون ڪريو بيٺا آهن
    تو وڃايل ويساھ کي ساھ ڏئي سڌو ڪيو آهي
    سنڌ تنهنجي ضمير جي ذرخيز زمين آهي
    جتي تو صرف ڏاهر جهڙا خواب ڏٺا آهن
    مٽيءَ جو ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ
    توکي پنهنجو هڪ الڳ آسمان ملي ويو آهي
    چنڊ جو اڀرڻ ته فطري آهي
    پر چٻرن جي ننڊ ۾ خلل ضرور پيو آهي
    سج جون ٻانهون روشني جو راڳ کڻي توکي ارپڻ لاءِ آتيون آهن
    ڀٽائي پنهنجي ٻي جنم جي ڳالھه
    ان ڪري هوائن ۾ هڪلي ڇڏي هئي
    جو ڳولا جو پنڌ پاڻ واڪن سان وضاحتون ڪندو
    تنهنجي عمر جي اک جواني جي جاڳ کي ماڻي ورتو آهي
    تون اُهو سمنڊ آهين
    جنهن مٿان هوڙا هلندي حسين لڳن ٿا
    تو ڪيترا ئي مانگر مڇ اڄ پنهنجي قدمن جي آواز هيٺان لتاڙي لاش ڪري ڇڏيا آهن
    تون جيڪو سسئي لاءِ ڀاءُ جهڙو ڀاڪر آهين
    ۽ سنڌ تنهنجي پيشانيءَ جي چُمي ٿي پئي آهي

    (آزاد امير حسن پنهور کي ڀيٽا)


    مونکان منهنجون اکيون وٺي وڃ

    مونکان منهنجون اکيون وٺي وڃ

    آئون پنھنجون اکيون وڪڻي
    تنهنجا خواب خريد ڪرڻ چاهيان ٿو
    تون جيڪا آسمان جي اک ۾
    چنڊ جهڙي آهين
    ۽ موسمن جي مُٺ ۾ پوريل گلاب جهڙي آهين
    سموري ڪائنات تنهنجي قدمن جو آواز ٻڌڻ لاءِ
    ڪنڌ جهڪائيو ٿي ڇڏي
    تو ندين کي پاڻ ۾ اوتي
    سمنڊ کي ساھ ڏنون آهي
    هي دل جو سڄو غوراب تو ۾ ئي غرق ٿيڻ ٿو چاهي
    آئون تو مان چاهتون چونڊي کڻڻ نٿو چاهيان
    ڇو ته آئون تو ۾ وجود سميت ئي وڃائجي وڃڻ ٿو چاهيان
    منهنجا سمورا ڏينهن توکانسواءِ ڏکن جي ڀريل ڏلهين جهڙا ٿا لڳن
    آئون ڪو اداس گيت ٿي موت جهڙي موسيقيءَ سان ملڻ نٿو چاهيان
    آئون تو مان پنهنجي حصي جا خواب کڻي
    پنهنجي آئيندي جي اڏاوت ٿو ڪرڻ چاهيان
    اچ مونکان منهنجون اکيون وٺي وڃ
    ۽ مونکي پنهنجا خواب ڏئي وڃ


    زندگيءَ جو گيت

    زندگيءَ جو گيت

    جبل جي تپش مان تراشيل ماڻهو
    توکي پنهنجو الڳ صبح آهي
    تنهنجي سج ڪڏهن به سمهڻ جي ڳالهه نه ڪئي
    تو تاريخ جي تندن جا ڇيڙا ڇڪي
    سچ جي ساز سان ملايا آهن
    توکي پنهنجو سُر ۽ تال آهي
    تو ڌرتي جي ڌُن تي جيڪي به گيت ڳاتا آهن
    سي سوچ جي سمنڊ ۾ طوفان جهڙي تک بڻجي پيا آهن
    تنهنجي شعوري ڪعبي کي ڪو به ڊاهي نٿو سگهي
    ڇو ته تو وٽ پنهنجي عشق جا الڳ ابابيل آهن
    تنهنجي پکيڙ جا پر
    اڏامڻ وقت آسمان جي اکين ۾ ٿا لڳن
    تو پوريل ڪائنات کي ڪُنڊن مان ڪڍي
    عورت جي اکين ۾ اوتي ڇڏيو آهي
    تنهنجا پوکيل وڻ ڪڏهن به اُس ۾ اگهاڙا ناهن ٿيڻا
    تنهنجي ڇٽيل ڇانوءَ ۾
    صدين کي ساھ کڻڻو آهي
    ايشيا جي اداس اک
    اڄ تنهنجي ئي ڳالھه جي ڳوڙهي سان ڀري پئي آهي
    مارڪس جي پوريل مُٺ کي
    کولڻ جو هُنر صرف توکي ئي ٿي آيو
    ڀٽائي تنهنجي ڀر ۾ بيهي
    نوان سُر سرجڻ ٿي چاهيا
    تنهنجي ارڏائيءَ ۾ اوتيل ڪيڏو نه انقلاب آهي
    تنهنجي تحرير جي تاقن ۾ ويڙهيل زمانن جون زبانون آهن
    تو رات کي ڪڏهن به
    روح جي رليءَ تي ويهڻ جو وقت نه ڏنو
    تنهنجا آئيندا هميشه آواز جي اڇل سان اڳڀرا رهيا
    تو فرقن کي فنا ڪري
    تبصرن کي تلوار جيان تکو ڪيو
    تنهنجي هر خواب جي تعبير کي
    زندگيءَ جو گيت آهي
    تنهنجي رهيل رڙ
    ضرور ٻيهر مياڻيءَ جو ميدان مچائيندي
    تنهنجي جسم مان
    ساھ جو سڳو سورجڻ کانپوءِ به
    اڄ سنڌ توکي ڪلهن تي کڻي
    هڪ نئين انقلاب جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي


    (رسول بخش پليجي جي وفات تي لکيل)


    ايف آئي آر

    ايف آئي آر

    اُگھاڙين اکين جي خوابن کي
    اڃان تائين ساڀيان جي سُٿڻ نصيب ناهي ٿي سگهي
    ماڻهو عزت وڪڻي
    پئسو ۽ شهرت ڪمائڻ جي ڪاروبار ۾
    اڳتي نڪري چُڪا آهن
    ندي سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ واجھائي رهي آهي
    ۽ هڪ ڪنواري ڇوڪري
    پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار لاءِ
    هڪ نئون پيءُ نه ڳولي سگهڻ تي
    خودڪشي ڪري ڇڏي آ
    جنهن جي صدمي ۾
    چري ٿي ويل سندس پوڙهي ماءُ
    خدا تي ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ
    شهر جي چوراهي تي
    رڙيون ڪري ڪنڀي رهي آهي.......


    اُميد جي اک

    اُميد جي اک

    هڪ عورت پنهنجي پهرين رات وڪڻي
    باقي راتين تي سوچي رهي آهي
    بک جھوليءَ ۾ کڻڻ کان وڌي وڏي ٿي پئي آ
    اُگهاڙپ پنهنجو مذهب حوس جي هٿن تي قبولي ورتو آ
    ماڻهو مانيءَ جي اٽي جيترن پئسن تي وڪرو ٿا ٿين
    خلقڻ وقت به حصي ۾ ڏنل پيڙاھ جيڏي پريشاني؟!!!
    سخاوت جي احساس اڳيان اُميد جي اک آلي ٿي پئي آهي
    وقت پنهنجون وضاحتون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن
    ۽ آئون تنهنجي موجودگيءَ تي منجهي پيو آهيان !!!
    تنهنجي ئي خلقيل خلق کوٽ ۾ ڇو؟
    طبقن ۾ ورهايل ماڻهن کي ڪنهن تفرقي ۾ وڌو آهي؟!!!
    آئون ان خوف مان ماڻهن کي کوٽي ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهيان
    مفت جي مشوري ۾ ٻڏل ماڻهو
    آفيم جي نشي کان به وڌيڪ عادي ٿي چڪا آهن
    آئون پنهنجا انڌا خواب کڻي ٿڪجي پيو آهيان
    وقت جي مُنهن تي مُڇن جي ساوڪ
    ايندي ۽ ويندي رهي ٿي
    انڌ جو گهوڙو بنا لغام جي ڊوڙي رهيو آهي
    ڪٿي منهنجون اکيون چيڀاٽجي نه پون!!!
    آئون پنهنجي زندگيءَ جي ڪلهي تان بک جي هڙ لاهي
    پنهنجن ئي هٿن سان کولي
    کائي ڇڏڻ ٿو چاهيان
    ڇو ته مون وٽ هاڻ
    ڪا به رات وڪرو ڪرڻ جهڙي ناهي بچي.


    غزل

    ساهن جا سڳا ٽوڙي پوءِ سرد ٿي پون ٿا.

    ساهن جا سڳا ٽوڙي پوءِ سرد ٿي پون ٿا.
    عورت اڳيان اُگهاڙا سڀ مرد ٿي پون ٿا.

    تڪليف جي تقاضا ڳالھين جي ڳڻپ کان وَڌ،
    دل جا دليل مٽجي جو درد ٿي پون ٿا.

    تلوار جھڙا تجلا هڪ جنگ آ مٽيءَ جي،
    هر قوم لئه جياپو ڪي فرد ٿي پون ٿا.

    ڪافر مزاج منھنجا مُحبت ڇڏيا مٽائي،
    اڄ عشق آيتن جا ڪي ورد ٿي پون ٿا.

    هر ساٿ جي سوڙ ۾ آهن سيارا سيڪيل،
    هر مُرڪ جي مھل ۾ ڏک زرد ٿي پون ٿا.


    مٿان اُڀ آ هيٺان ڌرتي، پُڙن جي وچ ۾ آهيان.

    مٿان اُڀ آ هيٺان ڌرتي، پُڙن جي وچ ۾ آهيان.
    رُڳو کوڻيون تکا تجلا، جُهڙن جي وچ ۾ آهيان.

    ندي بڻجي نھارين ها وڃان ها وهڪرو بڻجي،
    سُڪايئي سوڪ ۾ اهڙو، دڙن جي وچ ۾ آهيان.

    هليس جو پيار کي پوکڻ لُڻائي پاڻ کي آيس،
    وڻن وانگر ويس وڍجي، ٿُڙن جي وچ ۾ آهيان.

    تکي تلوار جون نظرون، ڪپڻ لئه ڪنڌ ڳولين ٿيون،
    ڪُٺل تاريخ جون دانھون، ڌڙن جي وچ ۾ آهيان.

    ڇنڊيو تو پاڻ مان اهڙو نه سگهيس ميڙجي ٻيھر،
    اُٿي سُڏڪا اُڀا ٿيا هن، ڳڙن جي وچ ۾ آهيان.

    ڪپھه جھڙي تو ڳالھين تي ٻري تيليءَ جيان تاڻيو،
    سڙي هڪ ڏينھن سڄو ويندس، ٻُڙن جي وچ ۾ آهيان.


    پوڙهو ڪڇ ڪنڌيءَ تان پيو ميڙي ڇٻيءَ ۾.

    پوڙهو ڪڇ ڪنڌيءَ تان پيو ميڙي ڇٻيءَ ۾.
    ڇليو ڳان ڏي پئي مُھاڻي مڇيءَ ۾.

    ڇنڊي ڀُڏ سُپ ساڻ ساري کري جي،
    پيھي ان پيئي پرهه کان جنڊيءَ ۾.

    ورائي ڪيو کنگهه ساهن کي ساڻو،
    وري هيل هاري ٿيو قرضي ڪتيءَ ۾.

    سوين ڇوليون ڇڪجي اُڀيون ٿي پيون هن،
    ڌوئڻ پاڻ کي جو لٿي آ نديءَ ۾.

    چڙهيل چڪ تي هن دلا ڪئين دلين جا،
    پچي پيار پيو ڏس برهه جي بٺيءَ ۾.

    نئين سر اڏاوت ڪري وڃ ڪا مون ۾،
    ڀُري ڀور ٿيو آهيان پنھنجي مٽيءَ ۾.


    مُند پڪل آ سارا ميوا ماڻي وڃ.

    مُند پڪل آ سارا ميوا ماڻي وڃ.
    ڇانگي ڇوري ڏار ڏکيا اڄ ڇاڻي وڃ.

    تو ۾ ترڻ لئه درياهه دانھون روز ڪري،
    تون به پتڻ کان ٿورو پرتي مُهاڻي وڃ.

    گس سمورا گهور جي گهاٽو جهنگ اٿئي،
    تيز نظر سان پاڻ تڪي ۽ تاڻي وڃ.

    ماڻهو مرندا اُس اُگهاڙي ٿي پوندي،
    ايئن نه اڪيلي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي وڃ.

    آئون تنھنجي ڪاڪ اندر پيو روز ڪڙهان،
    مومل بڻجي روح جو راڻو ڄاڻي وڃ.

    ڇڪ ڇنو آ نوڙين جھڙو نينھن نئون،
    وجهه وٺي تون کٽ خوشين جي واڻي وڃ.


    ڇا ته نديءَ مان وهنجي نڪتي نار هُئي.

    ڇا ته نديءَ مان وهنجي نڪتي نار هُئي.
    مياڻ مان نڪتل ڄڻ ڪا تکي تلوار هُئي.

    پاڻ نپوڙي سج سُڪايو بُت هُئس،
    هوءِ هوائن جي ته حرص جو هار هُئي.

    منھنجي ڏينھن جي ڏاندن کيڙيا کيت بيٺي،
    تو به جوانيءَ تان ڪا هڪلي جهار هئي.

    بند ڀڃي سڀ ٻيلا ٻوڙي نڪتي آ،
    ٻوڏ جيان ڏس ٻانھن تائين تار هُئي.

    تاڻيو پنھنجا تنگ جڏهن ٿي سامھون ٿي،
    ڪيئن جهلجن پو گهوڙا، ٿي هڻڪار هئي.

    هُن ۾ منھنجون سڀ سُکائون ساهه کڻن،
    هوءِ جا تھذيبن جو ڪو تھوار هئي.


    پاڻ عيسيٰ جيان اڪيلا پيا صليبن تي چڙهون.

    پاڻ عيسيٰ جيان اڪيلا پيا صليبن تي چڙهون.
    جنگ هڪڙي دؤر جي هارائي ٻيھر پيا وڙهون.

    پيو خيالن جو خُدا ڪو روز مون ۾ ئي رُلي ٿو،
    اچ ته پنھنجي آسمانن ۾ گهٽائون ٿي گهڙون.

    اچ ته سرمد جي گهٽيءَ ۾ ڪي رُبائيون ٿي رُلون ٻئي،
    ڇو ته اورنگزيب جھڙي هن ڪڙاهيءَ ۾ ڪڙهون.

    سنت ساري رات جاڳي پيا پروهت کان پُڇن ٿا،
    ڪا سمبارا ساٿ ناهي پاڻ ٻيھر ٿا لُڙهون!؟

    تون پنھنجي تاريخ جو ڪو اڻڇپيل اظھار آهين،
    ڇو نه فرصت ۾ وهي پوءِ پاڻ خود کي ئي پڙهون!؟


    حيرت حدون اورانگهيون، امڪان پيو ڀڄي آ.

    حيرت حدون اورانگهيون، امڪان پيو ڀڄي آ.
    هن حُسن جي اڳيان اڄ، انسان پيو ڀڄي آ.

    دل جي دڳن تي ڪنھن جا، هي ڏينھن ڪُٺا پيا هن،
    وک وک وضاحتن ۾، هر جھان پيو ڀڄي آ.

    هن هاڪ جي هوا کي، عرشن جون اکيون آهن،
    ڳوهيل مٽيءَ جو ماڻھو، ڀڳوان پيو ڀڄي آ.

    گُل جو جسم جواني، پوپٽ اچي پُڳا هن،
    ماڻڻ ملڻ جو هاڻي، ارمان پيو ڀڄي آ.

    هوءِ ڪيف جو قلندر ٿي ڇوڪري ڇڪي ٿي،
    بندي خُدا جي وچ جو، ايمان پيو ڀڄي آ.

    مون ۾ سوايو سڀ کان تون ئي سٿيل هُئين هڪ
    توريم جو تاڻ پنھنجي، پئمان پيو ڀڄي آ.


    آئون ڦُٽس ۽ پئي ڦُلھاريس، سونھن ساڙهيءَ ۾ هُئي.

    آئون ڦُٽس ۽ پئي ڦُلھاريس، سونھن ساڙهيءَ ۾ هُئي.
    اک ڦڙڪڻ ساڻ ڦٿڪي، ميگهواڙيءَ ۾ هُئي.

    ڪاسبا تو ۾ رهن ٿيون، ڪئين قداور عورتون،
    کوهه کوٽي ويئي مون ۾، جا مُھاڙيءَ ۾ هُئي.

    پئي ڏنا ڏس ڇال ڪيڏا، هن هرڻ جھڙي هينئين،
    هوءِ چونئري جي چوڌاري، بند واڙيءَ ۾ هُئي.

    اڄ وري مونکي وڍي ويئي، وڻن جيان آهي ڏس،
    هوءِ سراڻن تان لٿل ڄڻ، ڪا ڪُھاڙيءَ ۾ هُئي.

    آئون اُڏاميس آسمانن جي حدن کان ڀي اڳيان،
    ڇا خُمارن جي خُدائي، يار تاڙيءَ ۾ هُئي.


    چنگ وانگر وڳيون ڄڻ ته چڙيون هُيون.

    چنگ وانگر وڳيون ڄڻ ته چڙيون هُيون.
    سي وهيءَ ۾ وڇيريون ڪي جڙيون هُيون.

    مان سڄو پاڻ ۾ ئي پُسي هو پيس،
    وڏ ڦُڙا ٿي وٺيون ڇا ته ڳڙيون هُيون.

    واس ڪيڏا هُئا هل هوا کان پُڇون،
    هو گُلن جيان جو ٽارين تي ٽڙيون هُيون.

    عشق مون ۾ اُڏاڻو اڳي کان گهڻون،
    سڀ مندون توڏي واپس جو مُڙيون هُيون.

    ڏينھن ڏاڙهونءَ جھڙا ها لٿا تن مٿان،
    هو جڏهن کان جوانيءَ تي چڙهيون هيون.

    ڪنھن نه سبيو هڻي چاهه جون ڪي چتيون،
    سڀ سُئيون ساٿ جون ڀي بي وڙيون هُيون.

    ڀاڳ پنھنجو به ڪانن جي ڀت جھڙو هو،
    ۽ نه جوڀن کي آيل ڪي لڙهيون هُيون.


    سار جو هڪڙو سڳو ۽ تند پيئي تاڻجي.

    سار جو هڪڙو سڳو ۽ تند پيئي تاڻجي.
    ڄڻ خيالن ۾ خوشيءَ جي کٽ پيئي واڻجي.

    هن درياهه جي ڌُن تي اچ ترون ٻئي تار ۾،
    ڪُن جي ڪڙڪاٽ مان ڪا ته سُھڻي ماڻجي.

    اڄ ڀري سڀ سُپ سڪ جا اُڌڻ ڪا اُڌجي نئين،
    ڇو نه پنھنجي ئي مٽيءَ مان پاڻ کي ئي ڇاڻجي.

    ڳوٺ ڳالھين جا کڻي تو وٽ اچي آهيان پُڳو،
    ڇڏ ته سارو وقت ويھي توکي ئي واکاڻجي.

    سج جي تئي تي پچايون چنڊ جي ماني هلي،
    ڪا خُدائيءَ جي صفت اڄ پاڻ ۾ ڀي آڻجي.

    پاڻ پنھنجي ڪُنڊ مان ئي پيو تڪيان تاريخ کي،
    ويڙهه جون واڳون جهلي تلوار نئين سر تاڻجي.


    سائو ٿي پان سارين وانگي ٽُڳ اچي.

    سائو ٿي پان سارين وانگي ٽُڳ اچي.
    دل کي داڻو داڻو ڪري پوءِ چُڳ اچي.

    مون ۾ اڻ مندائتا ٿا مينھن وسن،
    نيڻن مان ٿا ڇاٽن ڇُلڪن ڇُڳ اچي.

    آئون پنھنجا سڀ سيارا تو ۾ سيڪيان،
    تون ڀي مون ۾ دوزخ بڻجي ڌڳ اچي.

    نانگ جيان مان وٽجي تو ۾ ويھي رهان،
    ڇوڙ ڇتا تون مون تي پنھنجي چڳ اچي.

    ڦُول ڦُلاريو ويٺي آهي واهڻ ۾،
    ماڻھن ميڙا جهلي بيٺا هن اڳ اچي.

    پيار پلي کي ماڻڻ لاءِ روز مران،
    مون ۾ لُڙ جون لھرون ٿي تون لڳ اچي.


    مون ڏٺو شام کي رنگ تنھنجا هُئا.

    مون ڏٺو شام کي رنگ تنھنجا هُئا.
    ڪئين چپن جي مٿان چنگ تنھنجا هُئا.

    سمنڊ توکي ڏسي سانت ۾ ويو ٻُڏي،
    وقت کي ڀي پيل ونگ تنھنجا هُئا.

    اُس مون ۾ سُتي رڻ مون ۾ رُليا،
    وڻ تنھنجو وطن جهنگ تنھنجا هُئا.

    سونھن تومان ڀريو روز سرڪيون پيئي،
    حُسن کي ڀي ڏنل ڍنگ تنھنجا هُئا.

    ديد تنھنجيءَ جي درگاهه اڳيان او پرين،
    ميڙ توتي هُئا ملنگ تنھنجا هُئا.

    تو جو پاتو گُلن جي پتين جو وڳو،
    پوءِ ته پوپٽ بڻيا انگ تنھنجا هُئا.


    مان ٿو سمونڊ ٿيان تون درياهه ٿي وهي پئو.

    مان ٿو سمونڊ ٿيان تون درياهه ٿي وهي پئو.
    هن بُت مٽيءَ جي ۾ اڄ ساهه ٿي رهي پئو.

    مُحبت جي مجسمن جي تاريخ ٿي وڃون ٻئي،
    موهن دڙي جيان تون مون ۾ سڄو ڊهي پئو.

    پائي ڇڏيان مان توکي هر عمر لاءِ انگ تي،
    لڱ جو لباس بڻجي مون تي سڄي لھي پئو.

    ڪا ڪائنات تو مان نئين سر ڄمڻ گُهري ٿي،
    تون ٿي حوا جيان اڄ آدم منجهان ٺھي پئو.

    مون خيال جي خُدا کي توساڻ آهي ڀيٽيو،
    هرڪاهه جي ڪُفر کان مونڏانھن اڳي ڪھي پئو.


    ڪُنڀارن چٽيا چٽ ويٺي گهڙن تي.

    ڪُنڀارن چٽيا چٽ ويٺي گهڙن تي.
    پڙا پاڻيارين پئي ڌوتا تڙن تي.

    پروڪن پلن جا ڇلر ها ڇٻيءَ ۾،
    مڇيرا رڇن سان اُڀا ها سڙهن تي.

    پڙين تان اُٿي سينڍ ڪنھن کي سڏيو هو،
    ڌنارن ويٺي ڌُن ڳاتي نڙن تي.

    ها ياقوت مرجان ڀي موهجي پيا،
    ڪيو بحث تو جو منڊيءَ جي ٻُڙن تي.

    وٺي وسوسا توکي آيا ها در تي،
    هوا هٿ گُهمايو اچي جو ڪڙن تي.

    رڱيون هٿ پنھنجا هلي هاڻ تون آ،
    ڦُٽا ٽار مھندي جا آهن ٿُڙن تي.


    مٽيءَ ساڻ راڳيل ڪکن جو هُئو.

    مٽيءَ ساڻ راڳيل ڪکن جو هُئو.
    اڏيل گهر پرينءَ جو پکن جو هُئو.

    رکي مٽ منجڻ تي تو مُرڪيو جڏهن،
    اُهو پل سوايو سُکن جو هُئو.

    اسانجا ڀريل کيسا خواهش مان ها،
    مگر مُلھه تنھنجو لکن جو هُئو.

    جُهڪي چنڊ تو ۾ پئي جهاتيون وڌيون،
    اُهو پھر سارو ٻکن جو هُئو.

    لُڻيو لوڪ تو هو ڀريءَ بار سان،
    زمانو سو ڪاڙهن تکن جو هُئو.


    وري ديس تنھنجا دراوڙ ڪُٺا.

    وري ديس تنھنجا دراوڙ ڪُٺا.
    سُھڻيون سير ٻوڙيون ۽ ساهڙ ڪُٺا.

    پيل پوپٽن جا اُتي لاش ها،
    جتي گُل سڙيا ۽ وڏا بڙ ڪُٺا.

    ويو درد گهاڙوءَ جيان آ گهڙي،
    دلاسا دلين جا ڌڙاڌڙ ڪُٺا.

    طنبورن جي تاريخ روئي چيو،
    لُٽيا ساز سُرندا ۽ سُگهڙ ڪُٺا.

    سوين ڀاڳ جا ڀيل ڀنڀور ٿيا،
    ڪي مڪلي ڪي مياڻي ڪي سانگهڙ ڪُٺا.

    اڃان ميرانپور جي مٽي آ گواهه،
    سريون سنڌ ميڙيون صوفي هڙ ڪُٺا.

    نه ٻانھن جون ٻيڙيون لڱن سان لڳيون،
    هتي تانگھه جا ڀي ڪئين تڙ ڪُٺا.

    ٻُڌي ڳوٺ ۾ ڳالھه تنھنجي وڏي،
    جوانيون کڻي پو اچي جڙ ڪُٺا.


    وڃايل پُراڻن پٽن تي نه مليو.

    وڃايل پُراڻن پٽن تي نه مليو.
    پرين پيار تنھنجو هَٽن تي نه مليو.

    پني گودڙيءَ ۾ گهڻو گڏ ڪيم پر،
    اڇو عشق تنھنجو اٽن تي نه مليو.

    اڱڻ تي پيل پڻڇ تي جو ڏٺوسين،
    اُهو خواب ساڳيو کٽن تي نه مليو.

    وڍي تو مڇيءَ کي وڌو هو ڪُني ۾،
    اُهو ساڳ سونن وٽن تي نه مليو.

    اچي پاڻ تي ڀرت ويٺس ڀرڻ جو،
    مگر ساٿ تنھنجو سُٽن تي نه مليو.

    اڇا وار مونتي سوايا سٿيل ها،
    ڳاڙهو رنگ تنھنجن ڳٽن تي نه مليو.


    مٿي هو ڳاٽ ڳوٺ جو سکين جون ڳالھيون هُئس.

    مٿي هو ڳاٽ ڳوٺ جو سکين جون ڳالھيون هُئس.
    اُڏاڻا عشق پي رُڳو پکين جون ڳالھيون هُئس.

    پُسن ٿا پھر پاڻ ۾ رجايو روح ٿي ڇڏي،
    لٿا پي چنڊ چيٽ تان ڪتين جون ڳالھيون هُئس.

    صندوق ۾ رکيل پُراڻا سال جو ڇنڊي ڏٺم،
    هڙن ۾ حال ها ٻڌل ڳنڍين جون ڳالھيون هُئس.

    ڇنڊيو ڇڙيو وڃي کڻيو سموري خيال جو کرو،
    پيھائي پاڻ کي آيس جنڊين جون ڳالھيون هُئس.

    سمونڊ سوچ ۾ هُئا درياهه پي دربدر ٿيا،
    وڏن ئي وهڪرن سان گڏ ندين جون ڳالھيون هُئس.

    ملياسين مچ تي جڏهن ٻڌي ڪا ڪانڀ قُرب جي،
    سُگهڙ لڳي سا سنڌ جي صدين جون ڳالھيون هُئس.


    ٺڪر جا ٿانوءِ ٺاهيندي ڪُنڀارڻ سوچيو ويٺي.

    ٺڪر جا ٿانوءِ ٺاهيندي ڪُنڀارڻ سوچيو ويٺي.
    سٿي سينگهار کاريءَ ۾ گُوارڻ سوچيو ويٺي.

    اڃان دل درد جي پئي داٻڙي تي روز ئي سٽجي،
    لٽن جان لڱ ٿيا ميرا لاهيارڻ سوچيو ويٺي.

    وري تاريخ کي ڏياچن جي رت سان ريج نئون ڏيجي،
    سُرن سان سر ڪپڻ جي لاءِ چارڻ سوچيو ويٺي.

    جواني جهنگ ٿي گهاٽو نه ڇانگيو ڪنھن اچي ڇوري،
    سڏڻ لئه سينڍ ڪافي آ ڌنارڻ سوچيو ويٺي.

    ڀتين جي اوٽ ۾ بيٺل ڪو پاڇو پيار جھڙو آ،
    رليءَ مان منھن ڪڍي هر هر ريٻارڻ سوچيو ويٺي.

    گهٽين ۾ گهُٽ ڊوڙي ٿي سوين راکا رکيل آهن،
    اسان اڌ رات جو اڄ ڀي تو ڪارڻ سوچيو ويٺي.


    چنڊ اُگهاڙو ٿي پيو آهي.

    چنڊ اُگهاڙو ٿي پيو آهي.
    سج به ڳاڙهو ٿي پيو آهي.

    تو جو وهنجي وار ڇنڊيا،
    پاڳل پاڙو ٿي پيو آهي.

    هاڻ وسڻ جو ويس ڪري آ،
    تن ڀي تاڙو ٿي پيو آهي.

    تو جو ڌوئڻ ڌوپ ڇڏيا،
    درياهه ٻاڙو ٿي پيو آهي.

    پاڻ وڻن جيان وڍجي وياسين،
    درد ڪُھاڙو ٿي پيو آهي.

    سار سُتس ڏئي سيرانديءَ کان،
    ساهه ۾ ساڙو ٿي پيو آهي.


    رات رسن سان ڪو ته ٻڌَي ويو آهي هاڻي.

    رات رسن سان ڪو ته ٻڌَي ويو آهي هاڻي.
    سج صُبح سان گهليو وڃن پيا زوري گهاڻي.

    مونکي ٻوڙي لُڙ جون لھرون وينديون آهن،
    سڏ سنڌوءَ تان روز سَڏي ٿو سانجهيءَ ٽاڻي.

    تنھنجي ٻکجڻ کان پوءِ مون ۾ ٻير پڪا هن،
    ڀيل ٿيئڻ کان پھرين ڀوري وڃ تون ڇاڻي.

    مونکي ماٺ جي قبرن مان تون کوٽي کڻي وڃ،
    ديس نه سگهيو مونکي سالن کان آ سُڃاڻي.

    ساهه کڻڻ ڏيو مونکي ٿورو ساموئيءَ ۾،
    وقت ڀلي پوءِ مونتي ڪڍي تلوارون تاڻي.

    روز ٿا ڇانگيا ٽھڪن جا هت ٽار وڃن،
    ڪو نه سگهيو ڪو خوشين جي هت کٽ کي واڻي.


    رلي هر رات جي ويڙهي سُمھڻ ايندي آهي مون ۾.

    رلي هر رات جي ويڙهي سُمھڻ ايندي آهي مون ۾.
    نئون گهر عشق جو اڪثر اَڏڻ ايندي آهي مون ۾.

    نگاهن جي نريڙيءَ مان اُڏاري آس جون آڙيون،
    هزارين چنڊ چُمين جا چُڳڻ ايندي آهي مون ۾.

    اسوءُ جي اسُر ۾ جڏهن به ڀريو برف ٿي آهيان،
    ته سوري سوڙ سيني جي ٻرڻ ايندي آهي مون ۾.

    اڃان اک جي آڏاڻي تي چُري پيو چاهه جو چرخو،
    ڪئين سُٽ ساٿ جا ويھي ڪتڻ ايندي آهي مون ۾.

    ڀٽن وانگي ڀڄي پوندو مان آهيان اُڃ اُڇلائي،
    ٿڌا ڪي ساهه سانوڻ جا ڀرڻ ايندي آهي مون ۾.

    درياهه جي دؤر مان گُذري لُڏان ٿو لھر جي لڱ تي،
    کڻي دل جو دلو جڏهن ترڻ ايندي آهي مون ۾.


    ٻھراڙيءَ جي ٻانھُن جو تون ڄڻ ته ڪنوارو ڪنگڻ آهين.

    ٻھراڙيءَ جي ٻانھُن جو تون ڄڻ ته ڪنوارو ڪنگڻ آهين.
    گهور سان دل ۾ گهر اڏين ٿي عشق نگر جي اوڏڻ آهين.

    آئون بٺيءَ تي باهه جيان ئي پاڻ پچان پيو پنھنجي پُڙ ۾،
    تون به رهي وڃ رات ڪا مون ۾ منھنجي اُڀ جو اوڇڻ آهين.

    توکي ئي ماڻڻ جي لاءِ روز رُلي ٿو روح جو روپلو،
    تون جا راسوڙن جي رُت ۾ ڪارونجهر جي ڪولھڻ آهين.

    منھنجن صوفي نظمن ۾ تون ننڊ ڪرڻ جو ايندي آهين،
    گيڙو رتا ٿي گيت ويندا هن جيءَ جي جهنگ جي جوڳڻ آهين.

    مان به ڦُٽي ڪنھن سائي سلي جان تومان ئي اُڀرڻ ٿو چاهيان،
    تون ڀي مون ۾ مُند نئين ٿي پوک آئي جو پوکڻ آهين.


    گيت منھنجا گج پائيو ٿا چُمن آکاڙ کي.

    گيت منھنجا گج پائيو ٿا چُمن آکاڙ کي.
    تو سڳيءَ ۾ سنڌ ويڙهي لھجو مليو لاڙ کي.

    مان مُساڳن وانگي تنھنجي لاءِ پيو ٿو مھٽجان،
    تانگهه جا طوفان آهن اڄ به تنھنجي تاڙ کي.

    تون ادائن سان رڳو بس عشق پوکيندي رهو،
    سج اڳي کان ئي سڙي پيو ڇڏ انھيءَ جي ساڙ کي.

    ريج جا هن ڏينھن آيا چيٽ پوکڻ لئه چري،
    مند ماندي ٿيو مري پئي اُڇلي اچ تون آڙ کي.

    جي وڌي وڻ ٿي ويو هي ٿي ڪنڊا وينداسين ٻئي،
    اچ ته گڏجي پھرين پٽيون درد جي هن پاڙ کي.

    مون سبيو آ سڪ جي ڌاڳن سان دل جو هر زخم،
    تون به چُمين سان هڻ چتيون روح جي هن راڙ کي.


    چنڊ چڙهيو ڏس ويٺو آهي گهاٽي جُهڙ تي.

    چنڊ چڙهيو ڏس ويٺو آهي گهاٽي جُهڙ تي.
    رات رُني آ اڄ به وڍيل ڪنھن وڻ جي ٿُڙ تي.

    ميرانپور جي مٽيءَ ميڙيا لاش ويٺي،
    سنڌ پئي سُڏڪي شاهه عنايت جي ڌڙ تي.

    شاهبندر جي شام تڏهن کان رَت رُني آ،
    گولين گهايا جڏهن ڳاڙها ڳڀرو تڙ تي.

    ٺٽي جي بازارن کي ڄڻ باهه لڳل آ،
    زوري سرمد چاڙهين پيا فتويٰ جي پُڙ تي.

    وقت جون ٻانھون اڄ به پٺيريون ٻڌل آهن،
    ماريو ويو آ هر ماڻھوءَ کي روح جي رَڙ تي.


    پائي سانجهه سُرمون پڙن تي لٿي آ.

    پائي سانجهه سُرمون پڙن تي لٿي آ.
    پسي پاڻياريون تڙن تي لٿي آ.

    اهو گس دل جي گهرن ڏانھن اچي ٿو،
    جتان سڪ سڌي ٿي گهڙن تي لٿي آ.

    ڏسي ماٺ جا مقبرا ڀي ٽٽي پيا،
    هينئين ۾ هُري اڄ هڙن تي لٿي آ.

    سوين سڏ سينڍون ڌنارن جي ڌُن ۾
    چُمي چنگ بڻجي چڙن تي لٿي آ.

    سُتا ڏهر پيا هن اسُر جي اکين ۾،
    ڪَتي ڪر موڙي دڙن تي لٿي آ.

    اسان عشق جا اوليا ٿي وياسين،
    جڏهن باسون باسي پڙن تي لٿي آ.


    ڊنڍ ڪپر تان ڦڙڪو ڏيئي آڙيون اُڏريون.

    ڊنڍ ڪپر تان ڦڙڪو ڏيئي آڙيون اُڏريون.
    ساماڻيل ڄڻ سينن تان ڪي ساڙهيون اُڏريون.

    حسرتن جي هنج هينئين ۾ ڊوڙون پاتيون،
    چڳون پرينءَ جي چھري تان جو جاڙيون اُڏريون.

    نيڻ نديءَ جا پُسيل چولي ساڻ ها چُهٽيل،
    تڙ تان تڪڙيون ڄڻ ڪي ڀنڀوريون ڳاڙهيون اُڏريون.

    روجهه رڙيو پئي رڻ ۾ گولين گهر پئي اڏيا،
    ڇرڪيو اُڀ ڏانھن ڇال هڻيو پئي ڦاڙهيون اُڏريون.

    سج آ اُڀريو ڳاڙهي رت جي ڳالھه کڻي اڄ،
    رات به ڪيئي ڪنڌ ڪپڻ لئه ڪُھاڙيون اُڏريون.

    آثارن جي اکين مان تاريخ تڪيو پئي،
    راڻا رُليا مومل سان گڏ ماڙيون اُڏريو.


    جهول جوڀن جي جهلي تون پاڻ ۾ ئي ڇاڻ مونکي.

    جهول جوڀن جي جهلي تون پاڻ ۾ ئي ڇاڻ مونکي.
    مان پچي پَٽ تي ڪران ان کان اڳي ئي ماڻ مونکي.

    خيال جي کٽ مان وري اڄ آس جون ايسون ٽُٽيون هن،
    پيو سڄو ڇڪجي ڇڄي هان اچ اچي بس واڻ مونکي.

    سڪ سُهڻيءَ جان تري پئي دل جي درياهه ۾ گهڙو ٿي،
    تون به ڪو ميھار بڻجي تڪ پرين ۽ تاڻ مونکي.

    سج تپي ڳاڙهو ٿي پيو آ تنھنجي سيني ۾ نھاري،
    مان به سھڪان سمنڊ بڻجي پاڻ ۾ تون آڻ مونکي.

    آئون تو ۾ ئي رُلڻ لئه روز ڳوليان گس نوان ٿو،
    تون جسم جي ان جزيري ۾ رهڻ ڏي هاڻ مونکي.

    ڀل ڏسي ڀورا ٿئي هي ضد مان ڀريل زمانو،
    عشق جي اک ۾ رکي تون بس کڻي هل ساڻ مونکي.


    اُڀ جي هيٺان اُگهاڙو ڪيس تائين مان رهان.

    اُڀ جي هيٺان اُگهاڙو ڪيس تائين مان رهان.
    ڇو خُدا وانگر اڪيلو هيس تائين مان رهان.

    اچ جهلي گهوڙي هوا جي هل اُڏارن تي هلون،
    سج جي سامھون ٿيون ٻئي جيس تائين مان رهان.

    جي اُڻيا گنگا جتڻ ها سڪ مان سيبا ڏئي،
    سي ڀٽائي توکي اوڍيان کيس تائين مان رهان.

    ڪو نه مذهب جو مدينو ٿو ٿيئڻ مان چاهيان،
    بس مران پنھنجي مٽيءَ لئه ديس تائين مان رهان.

    پاڻ اوڍيون پاڻ کي ئي اچ وجودن جا وڳا،
    پئي هلي واکاڻ تنھنجي بحث تائين مان رهان.


    تنھنجا نيڻ ڪجل ٿي ويندا آهن جو.

    تنھنجا نيڻ ڪجل ٿي ويندا آهن جو.
    ماڻھو پاڻ قتل ٿي ويندا آهن پو.

    آئون ڌوپي اُجرو ٿي پوندو آهيان،
    منھنجا سمنڊ سڦل ٿي ويندا آهن پو.

    تنھنجي ساراهن جا سجدا ڏيندي ئي،
    سارا گيت غزل ٿي ويندا آهن پو.

    تنھنجي ٽارين جا سڀ ٽڙيل ٽار ڏسي،
    پوپٽ خود پاڳل ٿي ويندا آهن پو.

    سڀ خُدا خيالن جا تنھنجي اڳيان ئي،
    ايندي يار اجل ٿي ويندا آهن پو.


    وهيءَ وهٽ ڪاهي تون خود ۾ ڇٽي وٺ.

    وهيءَ وهٽ ڪاهي تون خود ۾ ڇٽي وٺ.
    سُڪل سنگ ٻاجهر جان مونکي سٽي وٺ.

    ڇليو صاف ڪريان کرا پيو خوشين جا،
    اچي وجهه لابارا لڱن کي لُٽي وٺ.

    ٽڙيو گُل جوانيءَ جي ٽاريءَ تي آهي،
    ڇڻي پٽ تي پوندو اڳي تون پٽي وٺ.

    ڏئي ڳان مونکي وڍيو وقت آهي،
    فنا کان اچي اڳ وري تون ڦٽي وٺ.

    ڀلي دوڳ دل جو دُکي ۽ ڌڳي پيو،
    تکي ڪرٽ سان ڪاٺ کي تون ڪٽي وٺ.

    عطر ٿي گهٽين منجهه گُهلندو رهان پو،
    اچي مون منجهان مُحبتن سان مٽي وٺ.


    وڃان پيسجي ٿو لڱن ڏي لڙي ٿي.

    وڃان پيسجي ٿو لڱن ڏي لڙي ٿي.
    اکين ساڻ اُڌڻيو ڇنڊيو ۽ ڇڙي ٿي.

    وڃي زهر جو ذائقو ڀي ٿو مٽجي،
    مٺي لار ماکي چپن تان ڳڙي ٿي.

    ها بڻجي وڃون ٿا پوءِ دوزخ نئين ڪا،
    جڏهن پنھنجي جنت منجهان ئي تڙي ٿي.

    فرشتي، خدا جو ٽُٽي خيال پئي ٿو،
    لوڏي ڪائناتون اُڀن مان کڙي ٿي.

    وڌن وهڪرا ٿا ندين جي نگاهه جا،
    ڀنل بُت مان ٿي جو ٽاريون ٽڙي ٿي.

    ٿيو نينھن نازل اچي عشق جھڙو،
    جواني جا پيرا پئي خود ۾ ڪڙي ٿي.


    اڱڻ تان اڪيلي ٽڪي ٿي ڏسي.

    اڱڻ تان اڪيلي ٽڪي ٿي ڏسي.
    پيل ڦوٽ در مان لڪي ٿي ڏسي.

    رُڳو بيقراري پئي ڊوڙي ڊُڪي،
    اُڀين پيرين اُٿلي ٿڪي ٿي ڏسي.

    اُٿيو ساٽ سيني مان سھڪيو پوَن،
    اکيئي مان ڪڍي اک ٻُڪي ٿي ڏسي.

    وڏا تانگهه جا تنگ تاڻيل اٿس،
    هجومن مان نڪريو شڪي ٿي ڏسي.

    سڄو ساٿ تنھنجو سيارو سوڙ ۾،
    اُتر عشق جھڙو ڏڪي ٿي ڏسي.


    هي هانوءُ هرڻ جھڙو ۽ شينھن اکيون تنھنجون.

    هي هانوءُ هرڻ جھڙو ۽ شينھن اکيون تنھنجون.
    نانگن جا ڦڻ ڦوڪيل پر نينھن اکيون تنھنجون.

    خود کي ڪُھاڙي ۾ ٿي لاهيو وڍين لڱن سان،
    واچون وراڪا وڄ جا هن مينھن اکيون تنھنجون.

    ڪارا گُلاب دل جي ٽارين مٿان ٽُٽن ٿا،
    هر رات کي روڪڻ لئه هن ڏينھن اکيون تنھنجون.

    راڳي، اڇو ڪيو مون آ روح جي اڱڻ کي،
    هر ٿاڪ جي ٿلھي لئه هن نينھن اکيون تنھنجون.

    هر بوند جي بدن مان ڪا اُڃ ٿي اُٿان ٿو،
    ٻاري وڃن ٿيون ٻوهه جان ٿي چينئن اکيون تنھنجون.


    کڻي ڪاتي ڪپي ڪوري حياتيءَ کي چکي ڏسجي.

    کڻي ڪاتي ڪپي ڪوري حياتيءَ کي چکي ڏسجي.
    قھر جي رات ڪاريءَ کي وجهي ٻانھون ٻکي ڏسجي.

    محبت جي مٺي مڻ کي هڻي ڪنھن کاٽ جيان کڻجي،
    نسورو نانگ هي نينھن جو ڀلي پھرين ڪکي ڏسجي.

    سمونڊن جيان سڌو هلجي لتاڙي سڪ صحرا کي،
    قرب جا قافلا ڪاهي پرين کي خود پکي ڏسجي.

    عشق جي آسمانن ۾ وڏي هلچل متل آهي،
    ڇڏيو ڌوڏي سڄي ڌرتي کڻي پيرا رکي ڏسجي.

    جُھڙن جون جھالرون لاهي کنوڻ جو خيال ٿي وڃجي.
    خُدا جي خوف مان نڪري خُدائي کي لکي ڏسجي.


    هوءِ پاڻ ۾ پچي خود انگور ٿي پئي آ.

    هوءِ پاڻ ۾ پچي خود انگور ٿي پئي آ.
    ڀرجي پيالا پُر ٿيا مخمور ٿي پئي آ.

    مان ٿو ٿيان وڇاڻو مون ۾ ڇڻي ڪري ڀل،
    ٻانھن ۾ ٻوڪجڻ سان ئي ٻور ٿي پئي آ.

    حملا ڪري ٿي دل جي دُنيا مٿان هزارين،
    هوءِ جنگ جي جھان جو تيمور ٿي پئي آ.

    اوڍي گُهمان ٿو اُن کي پنھنجي اُگهاڙي انگ تي،
    اجرڪ مٿان ڪو اُڪريل ڄڻ پور ٿي پئي آ.

    سارا لنگر لتاڙي تنھنجي پتڻ پناسين،
    هن ڏيھه جي ڏُڪاريل سڪ سور ٿي پئي آ.

    من جي مجاز جو تون خلقيل خُدا لڳين ٿو،
    تنھنجي تلاش مون لئه ڄڻ طور ٿي پئي آ.


    تري تاريخ جي ڪُن مان ڪنارن تي اچي نڪتا.

    تري تاريخ جي ڪُن مان ڪنارن تي اچي نڪتا.
    مياڻين کي نه مھڻا ڏي صُبح رت سان رچي نڪتا.

    صليبن تان اڃان عيسيٰ کي لاٿو ڪٿ ويو آهي،
    پيا گهاڻا گُهمن ڪيئي بلاول پر بچي نڪتا.

    اڃان گهوڙن جون ٽاپوليون پيون ميدان ماڻين ٿيون،
    هڪل سان ڪئين هتي هوشو هڻي نعرا نچي نڪتا.

    اڃان ڪلمي جي قصي تي ڌرم ۽ دين پيو ڌوپي،
    مُجاور ۽ مُلان پنڊت مرڻ کان اڳ مچي نڪتا.

    اڏين کي چئو اسانجو عشق مقتل کان مٿانھون آ،
    اوهانجي ان عذابن مان سوين سرمد پچي نڪتا.


    مٽيءَ جي ڳوٺ جي مومل ڏسڻ آيا ڪي راڻا ها.

    مٽيءَ جي ڳوٺ جي مومل ڏسڻ آيا ڪي راڻا ها.
    ٻُنڀيءَ تان ٻانھن کي واري اشارا جت اُڏاڻا ها.

    رليءَ ۾ رات کي ويڙهي اُٿي آ عشق کي اوڍڻ،
    ڏئيا سڀ ڏيهه جا جڏهن وٽون ساڙي وساڻا ها.

    سنڌوءَ تان سڏ ساهڙ جو ٻُڏيو ٻاڪاري سُهڻي کي،
    گهڙا اُن گهاٽ تي اڄ ڀي وضاحت لئه ويڳاڻا ها.

    ڀري اڄ ڀرت جان مونکي آ سيني تي سجائي وئي،
    گهُمان پيو گج سان گڏجي پڪا رشتا پُراڻا ها.

    اڪيلي کٽ تي آهلي پئي آ پيار جي مُند ٿي،
    ڏسڻ سان چنڊ ٿيو چريو ستارا ٿيا ته ساڻا ها.

    اڃا گهُنج بستري جا ڀي پيا گهوري گهڙيون سارين،
    جتي ٻئي پاڻ ٻانھن ۾ ۽ پاسي ۾ وهاڻا ها.


    روز ٿا ڀڄيو پون ڪي گهاٽ تي دل جا گهڙا.

    روز ٿا ڀڄيو پون ڪي گهاٽ تي دل جا گهڙا.
    ۽ پسايو پاند موٽن پيار ۾ ڪيئي پڙا.

    آئون تنھنجي عشق ۾ جو اوتجڻ آهيان لڳو.
    رات ڀر توکي پُڪارين ٿا پيا گهر جا ڪڙا.

    تو ڪلائيءَ ۾ ڪنگڻ جان مونکي پاتو آ جڏهن،
    ڪئين وڄڻ مون ۾ لڳا هن چاهتن جا ئي چڙا.

    وارياسي تي جڏهن ڀي وقت پيرا ٿو رکي،
    من اندر ڪيئي ڀُرڻ لڳندا آهن موهن دڙا.

    روز مقتل جون ديوارون درد سان ٿيون ڌوپجن،
    ۽ اڏين تان پيا ڪرن ٿا پٽ تي رت جا ڦُڙا.

    دوستي ڀي ڄڻ ته ڪاروبار آ ڪو وياج جو،
    ان کان بھتر آ ’امر‘ جيون گُذاريون ٻئي ڇڙا.


    آئون پنھنجي پاڻ جوئي ڪو اُگهاڙو عڪس آهيان.

    آئون پنھنجي پاڻ جوئي ڪو اُگهاڙو عڪس آهيان.
    ٿيو ڌمالن ساڻ درگاهه جي اڱڻ جو رقص آهيان.

    مون کجين جي خيال ۾ تاڙيون تنواريندي ڏٺيون هن،
    مان پياڪن ۽ پيالن جي رُتن جو رس آهيان.

    روز مون ۾ درد کوٽي ڪئين کڏا ويندو آهي،
    آئون اڄ جي حالتن جو ڄڻ ڪو هيڻو شخص آهيان.

    ويو رکي هي ڪير آهي وقت جي مُنھن تي بُجا اڄ،
    آئون گهٽيءَ مان تنھن کي ڏسندڙ روز جو ٿيو گس آهيان.

    آئون پنھنجي آسمانن ۾ اڪيلو آدمي هان،
    پيو خُدائيءَ ۾ کُلان ٿو پاڻ پنھنجي وس آهيان.


    وکون ٿي دل جي واهڻ جون پڳي آ پاڻ پنگهٽ تي.

    وکون ٿي دل جي واهڻ جون پڳي آ پاڻ پنگهٽ تي.
    رڱائڻ روح جي رئي کي لٿي آ هاڻ پنگهٽ تي.

    ميھارن سان ملڻ لاءِ سوين سڪ جا دلا ڌڙڪن،
    اُڀي آ عشق جي اڄ ڀي اچي ڏس تاڻ پنگهٽ تي.

    وري ڪي ڀاڪُرن جون ئي ڳنڍيون پائڻ جي لئه خود کي،
    پڳي پيرا لڪائي آ ڪا سانجهيءَ ساڻ پنگهٽ تي.

    پھيءَ تان پيار جون نظرون تڪين ۽ روز تاڻين ٿيون،
    ڌوئي پئي ڌوپ ڪا پھريون پُسائي پاڻ پنگهٽ تي.

    لُڏڻ چاهين جي تون مون ۾ هندورو ٿي هلان آئون،
    چڳن مان چنڊ ٿيو اُڀرين چُمان چانڊاڻ پنگهٽ تي.

    مڙهڻ جي لاءِ مُحبت کي حُسن جو هُنر ٿو گهرجي،
    ڇنل کٽ جان ڇڄي پيو هان اچي تون واڻ پنگهٽ تي.


    تو نه مهٽيو چپن تي مُساڳن جيان.

    تو نه مهٽيو چپن تي مُساڳن جيان.
    ساھ سيرون بڻيو گھر جي راڳن جيان.

    کوڙ کنياتا کڻيو خيال تنهنجا اچن،
    عشق بيٺل اُڀو آ اوجاڳن جيان.

    آئون خود ۾ وڍيو ۽ پيو وکريو آهيان،
    چونڊ مونکي اچي چاھ ڏئي چاڳن جيان.

    سور جون ٿيون سٽون سار سان گڏ کڄن،
    درد ويڙهيل آهي دل کي ڌاڳن جيان.

    مينهن مونڏي کڻي اچ مُندائتا ڪي تون،
    ڀٽ ڀاڪُر تي مورون ٿي ساڳن جيان.

    آس ايسُن جيان پئي ڀڄي هر هنڌان،
    پاڻ پوندس ڪري پٽ تي پاڳن جيان.


    وائي

    اجهو اُٿي ڪڙ،

    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    سري وڍيل سنڌ جو،
    تڙپي پيو ڌڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    اڃان ساڳي سج تي،
    راتين جي رومڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    سُهڻيون ٻوڙي سير ۾،
    تاڙين ويٺا تڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    رجائي خود رُڪ جيان،
    گهاڙيٽي ۾ گهڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    تاريخن جي تس کي،
    ڇنڊي ڇاڻي ڇڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.

    ٿڃ لڄائين ٿوڪ تي،
    اهو نه تنهنجو وڙ،
    اجهو اُٿي ڪڙ،
    دنگ پنهنجي ديس جا.


    روپا بڻي رک،

    روپا بڻي رک،
    تو جيئن پوري اک،
    دودا پنهنجي ديس مان.

    ڀيلجي ڀنڀور ويو،
    سارو ديرو دِکَ
    تو جيئن پوري اک،
    دودا پنهنجي ديس مان.

    مُند نه موري مُرڪ جي،
    وقت وهاٽيل وکُ،
    تو جيئن پوري اک،
    دودا پنهنجي ديس مان.

    ڌوڙ اُڏاڻي درد جي،
    مليو نه ڪک سين ڪک،
    تو جيئن پوري اک،
    دودا پنهنجي ديس مان.

    راڙو سڄي رُت ۾،
    ٻانهن نه ڪوئي ٻک،
    تو جيئن پوري اک،
    دودا پنهنجي ديس مان.


    آئون گهاٽو جهنگ پرين،

    آئون گهاٽو جهنگ پرين،
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.

    سارا لَڪ لڪي ويا هن،
    ٿي پيو آهيان تنگ پرين،
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.

    گُهٽ گهڻي آ ڇانگ اچي تون،
    اُجرو ٿي هر انگ پرين،
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.

    آئون ٻُران ٻيهار اُٿي،
    چوري ڪوئي چنگ پرين،
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.

    اوندهه ٺاهيا آکيرا هن،
    سج نه ڪوئي سنگ پرين،
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.

    مونکي ڏي آواز ازل جو،
    ڇيڙي راڳ تلنگ پرين.
    مون مان گَس گهڙي وڃ تون.


    رات ڪارونجهر مٿان،

    رات ڪارونجهر مٿان،
    چنڊ چوڪيدار هو.

    روپلو هو ننڊ ۾،
    ۽ سموري ٿر مٿان.
    چنڊ چوڪيدار هو.

    ماٺ ۾ مڪلي هُئي،
    پر ٺٽي ننگر مٿان،
    چنڊ چوڪيدار هو.

    مذهبن جي ويڙهه ۾،
    رات ڪنهن ڪافر مٿان،
    چنڊ چوڪيدار هو.

    مون لڪي لياڪا وڌا،
    پر پرين تو در مٿان،
    چنڊ چوڪيدار هو.


    ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،

    ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،
    چلڪندي چيلهار ۾.

    ڄڻ ته فرصت ۾ وهي،
    پاڻ قدرت هن ڄڻيون،
    ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،
    چلڪندي چيلهار ۾.

    لڱ تن جا ليار جهڙا،
    پئي پچو پٽ تي ڇڻيون،
    ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،
    چلڪندي چيلهار ۾.

    روجهه وانگي روح رڙيو،
    هاءِ ڏسندي هرڻيون،
    ڪلهه ڏٺيون مون ڪامڻيون،
    چلڪندي چيلهار ۾.


    ڪالهه ڪنور جا گيت ڪُٺا،

    ڪالهه ڪنور جا گيت ڪُٺا،
    رات لٿي رُڪ اسٽيشن تي

    رت ڳڙيو پئي ڳالهين مان،
    ڪيڏا سنڌڙيءَ سور سَٺا،
    رات لٿي رُڪ اسٽيشن تي

    سج، سچل ٻئي سوڳارا،
    ماتم جهڙا مينهن وٺا،
    رات لٿي رُڪ اسٽيشن تي

    ڀٽ منجهان آواز اُٿيو،
    اڄ به دڙا موهن جا ڊٺا،
    رات لٿي رُڪ اسٽيشن تي

    ڏاهر تنهنجي ڏيهه سدا،
    ڏينهن ڏُهاڳڻ جهڙا ڏٺا،
    رات لٿي رُڪ اسٽيشن تي


    روح منهنجي جو رئو،

    روح منهنجي جو رئو،
    رڱي وڃ رنگريز تون.

    وڳو ٿي وجود جو،
    مونکي اچي پئو،
    روح منهنجي جو رئو،
    رڱي وڃ رنگريز تون.

    چُمي پايان چولڙي،
    ڪري جوڀن ڍئو،
    روح منهنجي جو رئو،
    رڱي وڃ رنگريز تون.

    نپوڙيندي نير مان،
    جيڪو وڻئي چئو،
    روح منهنجي جو رئو،
    رڱي وڃ رنگريز تون.

    اوڍي ڇڏيان انگ تي،
    ڇڏي سڀئي ڀئو،
    روح منهنجي جو رئو،
    رڱي وڃ رنگريز تون.


    تو بن منهنجي چاهه جو،

    تو بن منهنجي چاهه جو،
    چولو چتيون ٿي پيو.

    ڪونه سگهيو سبجي ڪڏهن،
    سالن کان هن ساهه جو،
    چولو چتيون ٿي پيو.

    ڇڄي ڇيهون ٿي پيو،
    اڄ وري ويساهه جو،
    چولو چتيون ٿي پيو.

    ڪونه ملياسين مُرڪندي،
    ڳالهين جي ڀي ٺاهه جو،
    چولو چتيون ٿي پيو.

    وڍ جي ويا سڀ واعدا،
    پنهنجي نينهن نباهه جو،
    چولو چتيون ٿي پيو.


    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،

    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
    مٽيءَ هاڻو مولهيو.

    جنگ، طبل ۽ تلوارون،
    پر نه ٻُڌي ڪا ڪيڻ،
    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
    مٽيءَ هاڻو مولهيو.

    دودا تنهنجي ديس ۾،
    ابڙا ٿيئڙم سيڻ،
    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
    مٽيءَ هاڻو مولهيو.

    سارا لشڪر لال ٿيا،
    وقت سمورو ويڻ،
    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
    مٽيءَ هاڻو مولهيو.

    روپا رڙيون ٿي وئي،
    آلا ها سڀ نيڻ،
    ڌوتو ويٺي ڀيڻ،
    مٽيءَ هاڻو مولهيو.


    سارو ڏيهه ڏياچ،

    سارو ڏيهه ڏياچ،
    ڪنڌ ڪپيندين ڪيترا.

    ساهه وجهي تون سُرندي ۾،
    هليو اچ ڪُماچ،
    سارو ڏيهه ڏياچ،
    ڪنڌ ڪپيندين ڪيترا.

    ٻيجل تنهنجي ٻول تي،
    اچڻ نه ڏيبي آنچ،
    سارو ڏيهه ڏياچ،
    ڪنڌ ڪپيندين ڪيترا.

    ڌُڃي کڻجان ديس کي،
    داهيندا نه ڌماچ،
    سارو ڏيهه ڏياچ،
    ڪنڌ ڪپيندين ڪيترا.


    آخر ڳاڙهو سج،

    آخر ڳاڙهو سج،
    اُڀري اچڻو آ.

    موري هر هڪ مند ۾،
    پوکيون غيرت ٻج،
    آخر ڳاڙهو سج،
    اُڀري اچڻو آ.

    اوڙون ڀري آس جون،
    مون ۾ اچي رج،
    آخر ڳاڙهو سج،
    اُڀري اچڻو آ.

    ڀونءَ نه پوءِ ڀيلبي،
    نسورو ٿي نج،
    آخر ڳاڙهو سج،
    اُڀري اچڻو آ.


    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،

    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
    ٺٽي جي بازار ۾.

    اوچو اورنگزيب جي،
    تلوارن جو قد،
    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
    ٺٽي جي بازار ۾.

    ڪيئن پڙهان ٻيو ڪلمون،
    هڪ ئي اڀيچند،
    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
    ٺٽي جي بازار ۾.

    مڪلي تنهنجي ماٺ تي،
    سوچي روز لحد،
    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
    ٺٽي جي بازار ۾.

    مُلان جو منصب ڏسي،
    ماڻهو ٿيو مُلحد،
    اُگــــهـــاڙو ســــــرمـــــــد،
    ٺٽي جي بازار ۾.


    هوبھو سا ڊيل هُئي،

    هوبھو سا ڊيل هُئي،
    پارڪر جي پدمڻي.

    ڄڻ ته پيرُون جي مٿان،
    ڪا پچڻ جي ويل هُئي،
    پارڪر جي پدمڻي.

    پيار جي پٽڙيءَ مٿان،
    ڄڻ لنگهي ڪا ريل هئي،
    پارڪر جي پدمڻي.

    پاڻ ماڻهو پئي مُئا،
    گهور ۾ گُليل هُئي،
    پارڪر جي پدمڻي.


    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،

    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
    ڏاج جهڙا ڏينهن تنهنجا.

    تو سبيا ويٺي سيارا،
    رات ڀر هڪڙي رليءَ ۾،
    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
    ڏاج جهڙا ڏينهن تنهنجا.

    ڄڻ ڇڏيو راڳي رواجن،
    ان جيان توکي پليءَ ۾،
    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
    ڏاج جهڙا ڏينهن تنهنجا.

    ڀاڳ جي بينسر ڀڄي پئي،
    ڪيڏو ڦٿڪو هو ڦليءَ ۾،
    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
    ڏاج جهڙا ڏينهن تنهنجا.

    ويا اُميدن جا اُجهامي،
    چنڊ تنهنجي ئي ڳليءَ ۾،
    ڪونه پيا ڪنهن ڀي ڏلهيءَ ۾،
    ڏاج جهڙا ڏينهن تنهنجا.


    هاءِ صليبن تي ٽنگيل،

    هاءِ صليبن تي ٽنگيل،
    آئون عيسيٰ جيان اڪيلو.

    منهنجن سالن ۽ صدين ۾،
    ڪيڏا ڪوڪا هن ٺوڪيل،
    آئون عيسيٰ جيان اڪيلو.

    رت اُگهي وڃ او راحبا،
    اُڀ سڄو آ آگميل،
    آئون عيسيٰ جيان اڪيلو.

    موسيٰ کان هن مريم تائين،
    سَنڌَ سَنڌَ منهنجو آ سٽيل،
    آئون عيسيٰ جيان اڪيلو.

    ڪهڙي ڪليسا ڪنهنجو ڪعبو!؟
    آدم کان اڳ آهيان لُٽيل،
    آئون عيسيٰ جيان اڪيلو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258269
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386398
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ