ڪتاب جو نالو: مُنهن موڙي ڇڏيئي
مصنف: گوهر گل ڳورڙ
ڇپائيندڙ: جنسار پبليڪيشن - ميهڙ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 06 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 759 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 137 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مُنهن موڙي ڇڏيئي“ اهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم گوهر گُل ڳورڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب جنسار پبليڪيشن، ميهڙ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نماڻي صديق مهيسر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 04
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پھريون پنو
  • اداري پاران
  • مُھاڳ
  • ماڻھپو قائم رھي
  • مرحوم و مغفور مرحوم گوهر گل ڳورڙ کي منظوم ڀيٽا
  • غزل

  • زبان شرين سُخن شرين نرالو دلنشين آهي.
  • تون مون کي مٺي آھين، ھن سنڌ وطن وانگي
  • سھي نه جيڪي سگھان مان اھڙا نه درد ڏي تون
  • منھنجي نيڻن ۾، ڄامشورو آ
  • اکين دوزخ اکين جنت، سڃاتي
  • تِترَ جون ٻوليون وڻندڙ پرن جا،رنگ موھين ٿا
  • فڪر ۽ فلسفي ۾،تون سمايل
  • تو کي پاتل ڦولاريل سرنھن جيان وڳو
  • نظم

  • پنھنجي صوفي نگاھن جي وطن ۾
  • دل ڀٽائي جو دمبورو
  • کيرٿر جي ڇوٽيءَ کي
  • دوست آھيون دوست ناھيون
  • اجازت ڇا ملي سگھندي؟
  • ڍنڍ تي جيئن پڳا نيرڳ
  • روشني ڇا لئه ڳھو ٿا
  • سانيٽ

  • منھنجو جيون گگھ اوندھ
  • اڃان غلاميءَ جي گَپ چمبڙيل،
  • اي چنڊ بسنتي چيٽن جا،
  • گلابن جي وطن ۾ تون رھين ٿي،
  • ڀنل ٿس ماڪ سان چھرو،
  • بائيبل جي نغمي جھڙا ٽھڪ ٿئي،
  • ويس تنھنجو رات جي تارن جيان،
  • نه آھي درد منھنجي جي ڪا سرحد،
  • تون وڃين ٿو پيو ڄامشوري پڙھڻ،
  • تو پنھنجي زھريلن روين،
  • گيت

  • تنھنجي ڪنوارن چپن جون ادائون
  • تون جو وئين آمريڪا ساجن
  • چيٽ چانڊوڪيون،
  • تون سنڌ پري منھنجي آھين،تون ماڪ کان وڌ اُجري آھين،
  • سک کسي شل ڏک نه ڏين،
  • تنھنجي آڳر ۾ مُنڊي،
  • اک اڙائي
  • ساجن جنھن سان ڪو نه نڀائي،
  • ھُئي ھُئي تنھنجي مرڪ پياري،
  • ھوءَ مھاڻي ڄار ڇنڊي پئي،
  • ساھ کان پياري،
  • مُرڪ تنھنجي آ باک جو منظر،
  • پريت جي نگريءَ منجھان،
  • تون انڊلٺ جي رنگن جھڙي،
  • عِشق اکين ۾، عِشق رَڳن ۾،
  • ٽاڪ منجھند جو لُڪ لڳي پئي،
  • اکيون سھڻيون ڊگھو چوٽو،
  • وايون

  • ککيءَ کاري
  • نفرت اُڇلائي،
  • ڇا تون جي سگھندين؟
  • جذبا روڪيندي،
  • تنھنجي لفظن مان
  • الا ھي انسان
  • منھنجي جيجلڙي
  • منھنجي دردن کي،
  • مرڪ نه ماروئڙن،
  • ھاڻي ڇا ٿيندو؟
  • ڪنھن جي نيڻ کي ،
  • چانديءَ جو ڪڱڻ،
  • خوشبوءَ کي پوکي،
  • مُرڪ تنھنجي مٺي،
  • پنجڪڙا

  • عزيزو منھنجا چاڪ چوليو متان،
  • ويو جو وقت گذري ڇڏ انھي ءَ کي،
  • مڃتائن جا رستا روڪين ٿا،
  • ادبي داداگيرن پنھنجا دنگ ڪڍيا،
  • ڇا تو سان پيار جو اظھار ڪريان؟
  • ھي خماريل چيرويون تنھنجون اکيون،
  • اڪثر سياستدان وڪائو مال جيان،
  • ساون کيتن جيئن سونھري ويس ڍڪيو
  • ڌرتي سونھن، پريت ۽ طبقاتي پيڙا،
  • اکين ۾ زندگيءَ جا رنگ وڻندڙ،
  • حجر اسود جيئن ڪعبي سان جُڙيل،
  • گگھ اوندھ مثل آءُ تون روشني،
  • ڦوھ جوڀن ۾ ڪُسي وئي سونھن آ
  • تو ڏني جا خواب ۾ مون کي چُمي،
  • طورسينا جبل وانگي جلي مون،
  • ڇو نه منھنجون التجائون تو ٻڌيون،
  • تو سدا کلندي ڏٺو آھي مون کي،
  • تنھنجي ويجھو آيس تو ويساھ ڏنو،
  • ڪاري ڪامڻ جي وائرس جيان آ ضدي،
  • بند اکين ۾ تنھنجو تصّور ئي آھي
  • منھنجي رت ۾ بغاوت ڊڪي ٿي پئي،
  • جنگي قيدي جھڙو جياپو منھنجو آ،
  • ھڏڪي تنھنجي نانءُ وٺڻ سان مرڪي پئي،
  • چنڊ مٺيءَ جي گج جي ٽاڪيل ڪاون ۾،
  • ھاءِ وڇوڙا ٽٽندا جوڙا آءُ نه تون
  • تون ڇا ڄاڻين باک ڦٽيءَ جي منظر کي،
  • چوڙيون تنھنجي ٻانھن چمڻ سا ن مرڪي پيون،
  • سڀ لئه گھاٽي ڇانوَ ۽ مون لئه نٽھڻ آن،
  • ڪارا تر ٻئين تنھنجي ڪنڌ ۽ کاڏيءَ جا،
  • منھنجي ذھن ۽ سوچ تصّور ۾ تون ئي،
  • وار تو جڏھن ڇوڙيا،
  • زندگي پئي گذري،
  • تون جڏھن ڇڏي ويندينءَ،
  • تون منھنجي خوشي آھين،
  • سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن لئه جنھن نه لکيو،
  • ھاءِ سوزڪي ڪار اڇي رنگ جي تنھنجي،
  • ھونءَ ته اسان جو ميل بظاھر نا ممڪن،
  • منھنجي دل پنجاپ جيان خوشحال نه آ،
  • حُسين تنھنجي صبر تان صدقي حُسين تون بي مثال آھين،
  • چڱي جنگ ناھي امن لئه اٿو،
  • سونھن پريءَ جي پوتي ڀرٿ ڀريل موھيو،
  • عزيزو ڇڏي ويڇا ويجھو اچو
  • چوي لوڪ ڇا ڀي نه پرواھ ڪا
  • منھنجي ڪوجھي مستقبل کي سھڻو ڪر،
  • ٽيڙو

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • بيت

  • سنڌ آ ٽاڪيل ساھ ۾ سنڌ نه مون کان ڏور
  • ميان تو وٽ ماڻھپو مانگھو ڇا لاءِ،
  • ھي جا مند بھار جي، خوشين کان خالي،
  • سدا رھين مصروف تون انٽر نيٽ تي جيئن،
  • حق جي حقيقت ، حق حقدارن کان پري،
  • بڻجي ويٺا ھن جيڪي راکا عوامي،
  • ڀرٿ ڀريندي آر سان،ٽاڪيئي گل رومال،
  • ھي جي تنھنجا نيڻ ھن،فطرت جو احساس،
  • تون جي ڪمپيوٽر مٿان ، سڄو ڏينھن جھُڪيل،
  • ڏکڻ ايشا ڇا سڄي دنيا ۾ بارود،
  • ھي جا تنھنجي سونھن آ اونداھيءَ ۾ لاٽ،
  • چنڊ پرينءَ جي باغ جي، چمبيلي وَل تي،
  • ھوءَ ڪيڏي پاٻوھ مان گل پئي ٽاڪي،
  • چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ گھُلي ڏکڻ ھير،
  • چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ ننڊ نه آئي آ،
  • مورپکيءَ جي کنڀ جيان،تنھنجو ويس حَسين،
  • رڳو اي ميلون، ڪرين انٽرنيٽ تي،
  • ھي سياري جي شام ۽،لھندڙ سج منظر،
  • شال ھي ڄاڻين تون مٺي، ڪيڏو توسان چاھ،
  • ھي جي موڪل ،ڏينھڙا،توبن گُذرن ٿا،
  • ڏيڍوڻا

  • تون نور لڳين ٿي پئي،
  • او سونھن جي شھزادي
  • ھي ذھن زنگيل ماڻھو،
  • لالچ ۾ انڌا ٿي پيا،
  • ھي وار، ڪٽيل تنھنجا،
  • تون آءُ دعا بڻجي،
  • انجام پتو ناھي،
  • خوشبوءَ سان ڀريل چوٽو،
  • ھي رات کٽي ويندي،
  • ڪاراڻ ھلي ويندي،
  • توڙي پيا گھلن جھولا،
  • ڳاري نه وجھي مون کي،
  • ھڏڪي ٿي اچي مون کي،
  • معصوم اَدا تنھنجي،
  • رڪشي تي چڙھي پُھتينءَ،

  • جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 04

    جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 04
    سمورا حق ۽ واسطا گوھر جي ڀاءُ ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ان جي فرزند محمد بخش ڳورڙ وٽ آھن

    ڪتاب جو نالو : مُنهن موڙي ڇڏيئي
    موضوع : شاعري
    شاعر : گوهر گل ڳورڙ
    ڇاپو پهريون ؛ اپريل 2018ع
    لي آئوٽ : شمس الدين جوڻيجو
    ڪمپوزنگ : نماڻو صديق مهيسر
    ڇپائيندڙ : جنسار پبليڪيشن - ميهڙ
    ڇپيندڙ :جنسار پبليڪيشڻ __ ميھڙ

    تعداد : 500












    MOONH MORE CHADAI (Poetry) – By: Gohar Gul Gorar
    Published by: Jinsar Publication - Mehar Sindh
    Edition, Frist March-2018.
    Composed By: Nimano Siddique Mahesar
    Jinsar publication
    Email,nimanosiddiquemahesar@gmail.com


    ارپنا

    ارپنا

    سائين جي ايم سيد
    جي نالي
    محترم
    بشير خان
    قريشي
    جي نالي
    ۽ ڌرتي جي
    سمورن
    شھيدن
    جي نالي
    (گوھرگل ڳورڙ)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مُنهن موڙي ڇڏيئي“ اهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم گوهر گُل ڳورڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    گوھر گل جي شاعريءَ ۾ محبوبه جو ۽ ڌرتيءَ جو چٽيل عڪس ان ڳالھ کي ثابت ٿو ڪري ته گوھر ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر ھو. ھن جي من ۾ نفرت جو ٻج ئي نه ھو. ھن سدائين ماڻھپي ۽ پيار جو ٻج ڇٽيو، مرڪندي گذاريو. ايتري قدر جو تڪليف ھوندي به ڪنھن کي به تڪليف محسوس نه ڪرائي سگھيو.
    هي ڪتاب جنسار پبليڪيشن، ميهڙ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نماڻي صديق مهيسر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com





    پھريون پنو

    پھريون پنو
    مُنهن موڙِي ڇڏيئي جيئري، توکي سمجهه نه ڪا آئي.
    ڏکيو وقت پيو گذري، توکي سمجهه نه ڪا آئي.

    هِتي هيڪل ڇڏي مون کي وڃي الڳ دنيا جوڙيئي،
    رَهين مون کان سدائين پري، توکي سمجهه نه ڪا آئي.

    تنهنجي ”گوهر“ کي ڳڻتيون، لهه سار اچي تنهن جي،
    نه ٿو ٽهڪ تنهن کان نڪري، توکي سمجهه نه ڪا آئي.

    (گوھرگل ڳورڙ)


    اداري پاران

    اداري پاران

    گوھر(گل) واقعي اھو گل ھو جنھن جي خوشبو اسان جي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي آھي گوھر جون يادون اسان جي من ۾ اھڙي طرح ڄمي ويون آھن جن جو پگهرجڻ ناممڪن آھي گوھر گل جي شاعري ۾ محبوبه جو ۽ ڌرتيءَ جو چٽيل عڪس ان ڳالھ کي ثابت ٿو ڪري ته گوھر ڌرتي ۽ سرتيءَ جو شاعر ھو ھن جي من ۾ نفرت جو ٻج ئي نه ھو ھن سدائين ماڻھپي ۽ پيار جو ٻج ڇٽيو مرڪندي گذاريو ايتري قدر جو تڪليف ھوندي به ڪنھن کي به تڪليف محسوس نه ڪرائي سگھيو، گوھر گل جا مخالف گوھر گل جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ گوھر گل جا گيتا چوڻ لڳا، اھا گوھر گل جي ڪاميابي آھي پر گوھر جي زندھ ھجڻ سان ھنن کي ڀئُو ھو ته ڪاٿي اسان گوھر گل کان پوئتي نه رھجي وڃون پوءِ ھُنَنِ يارن نئين ٽھيءَ جي شاعرن کي مختلف لقبن سان مخاطب ٿيندا رھيا پر پوءِ به گوھر گل کي ادبي ميدان کان الڳ نه ڪري سگھيا، اڄ گوھر گل اسان جي درميان جسماني طور تي ناھي پر ھو پنھنجي فڪري ۽ روحاني طور اسان سان گڏ آھي جيڪو اسان اڄ ڀي وڇڙيو ناھي جنھن جو ھي ڪتاب سندس جو نالو متخب ٿيل آڻيندي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رھي آھي ان کان اڳ ۾ جنسار پبليڪيشن_ ميھڙ جا ٽي ڪتاب، منظرِ عام تي اچي ويا آھن جنھن ۾ (سونھن جي بارگاھ) شاعري، نماڻو صديق مھيسر ۽ (استاد بخاريءَ جي چونڊ شاعري) مرتب فاروق سومرو ۽ (بي رخي ٽانڊا ڏنا) شاعري، مانجھي زرداري ۽ ھاڻي جنسار پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب آھي
    جيڪو اسان پنھنجو استاد گوھر گل ڳورڙ جو مُنھن موڙي ڇڏيئي شاعري جو اوھان جي ھٿن ۾ آھي جنھن جو مھاڳ نالواري سُھڻي شاعر علي دوست عاجز لکيو آھي ۽ ٻيو مضمون ذوالفقار گاڏھي ۽ بيئڪ ٽائيٽل انتھائي سھڻي شاعر استاد گوھر گل جي شاگرد احسان زنگيجي لکيو آھي جن جو مان پنھنجي استاد گوھر گل جي پاران ۽ پنھنجي پاران شڪر گذار آھيان،
    شال الله سائين ھن ڪتاب کي به ڪاميابي نصيب ڪندو آمين.

    سنڌ سلامت_______ساٿ سلامت،

    جنسار پبليڪيشن
    ميھڙ
    jinsarpublication786@gmail.com


    مُھاڳ

    مُھاڳ
    گوهر گُل ۽ خوشبو شعر!

    گوهر گُل جو جنم ميهڙ ويجهو، هڪ ڳوٺ، اڃان به ايئن چوان ته، هڪ کيت ۾ ٿيو، جيئن کيتن ۾ گُلَ ٿيندا آهن، سرنهن جا پِيلا پِيلا، مَٽرن جا، بَرسِيم جا نِيلا نِيلا گُلَ!
    گُلن جِي عُمر، مُندَ جو هڪ چُٽڪو ٿيندي آهي- ۽ هو پنهنجي مخصوص رنگن ۽ واسَن سان، اکين کي تراوت بخشيندا، ساهَن کي سُرهاڻيون ڏيندا، واءَ ۾ وکرِي ويندا آهن!
    گوهر، سُهڻي چهري ۽ سُهڻي سَڀاءَ وارو سُلڇڻو سپوت هو. گُلن جي عُمر، ٿوري ته ٿيندي آهي ئي، پر هي ته، اهڙو گُل هو، جنهن کي ڄڻ ڪنهن، ٽاريءَ تان پٽي، گُلدانَ ۾ رکِي ڇڏيو هُجي، جنهن پنهنجِي مُندَ جو چُٽڪو به پُورو ڪونه ماڻيو! هن جي ننڊاکين اکين مان لڳندو هو، ته ڄڻ اهي ڪچڙِي ننڊ مان جاڳي پيون هِن، انهن خواب به اڃان پُورا ناهن ڏِٺا!
    هن جي اکين جا اوجاڳا، عشق جا نه هئا، هي گُل، عشق جو نه، پاري جو ساڙيل هو- ارمان آ ته، هي پنهنجِي ٻيڙي ڪُنَ مان ڪڍي نه سگهيو، جو هن کي ڪو مانجِهي نه ملي سگهيو. هي پُورن کي پاڏي جِي پُٺيءَ لائي نه سگهيو- کيس، ڏُکَ کي پنهنجي مُنهن وٺِي وڃڻ نه گُهربو هو. ڏُکَ کي ايڏي ڍَرَ نه ڏيڻ کپندي هئي کيس. ڏُکَ کي هوا ملندي ته، اَنَ جي تُهن وانگر اُڏائي کڻي ويندو- پر اهو سمجهڻ کان اڳ ئي ماڻهو وهڪري ۾ وَهيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود به ماڻهو لُڙهي ويندو آهي. ڇو ته ڳالهه وَسَ کان چڙِهي ويندي آهي.

    پرين! جي پيار جا درياههَ ٿو کڻي پلِٽين،
    جئين نه ڪانهنَ جِي تِيلي لُڙهي، لڙهي ٿو وڃان!
    (استاد بخاري)

    سُٺا ماڻهو, ڀلا ماڻهو، پنهنجي سُٺائي، پنهنجي وضعداريءَ جي ڪري مارَ کائي ويندا هِن. پَچِي، پَڄري ويندا هِن. ڪُڇندا ناهن- ڪاشَ اهڙي طبيعت جو ڪَنڌُ ڀڄي ها!

    ڇا توسان پيار جو اظهار ڪريان!؟
    بنا اظهار جي سمجهين نه ٿِي تون!؟

    ڏسونه، هي ڪا ڳالهه آ!؟ اظهار نه ڪجي!؟ يا اڄ نه ڪجي!؟ اڄ نه ڪجي، ته پو ڪڏهن ڪجي!؟ رڳو پيار جي اظهار لاءِ به نيٺ ڪيترا جنم گُهرجن!؟
    هن جا لکيل پنج سِٽا، نه ٿو لڳي ته ڪو گهڻو اڳي جا لکيل آهن. جن ۾ هن کوڙ سارين ڳالهين جو اظهار، بلڪل چِٽي ۽ اثرائتي انداز ۾ ڪيو آهي. ائين ناهي، ته هن ۾ چَوڻ جِي جُرات نه هئي. هي پنهنجي طبيعت ۾ مَست اَلست هو- آرٽسٽ ته، بنا چوڻ جي به چئِي ويندو آهي- شاعر کي ساڳي ڳالهه چوڻ جا کوڙ سارا طريقا آهن- اهائي ته کيس ڏات هوندِي آهي- ڇا هُو اها ڳالهه، نه چوندي به، چئي ناهي ويو؟

    ڇا تو سان پيار جو اظهار ڪريان!؟
    بنا اظهار جي سمجهين نه ٿي تون!؟
    منهنجِي اکين کي ڇو پرکين نه ٿِي تون!؟
    فقط تو لاءِ پيو سينگار ڪريان...!

    هن جي پنج سِٽن جِي، ويجهڙائيءَ ۾ لکڻ جي ڳالهه، ان ڪري ٿو ڪريان، جو انهن کي ترتيب ڏيڻ وقت، هن جيڪو پهريون پنج سِٽو ڏنو آهي، اهو ڪنهن وصيت جو نمونو آهي- ۽ وصيت لکڻ جي ضرورت ڪهڙي ٽائيم تي پوندي آهي، اهو پڙهندڙ ضرور ڄاڻندا هوندا!


    عزيزو! منهنجا چاڪَ چوليو متان!
    ڏِنوَ ڪين ڀُلجِي ڪڏهن چاهتون!
    ٻَچن جون اوهان کي هُجن پارتون!
    وڃڻ بعد پو تن کي روليو متان!
    عزيزو! منهنجا چاڪَ چوليو متان!

    چوليو، چولڻ، سِرائڪي. مقصد چورڻ، ڇيڙڻ. ڇو ته سندن گهر ۾ سِرائڪي ڳالهائي ويندي آهي-
    هُونءَ به هن جي شاعريءَ ۾، مونکي ته ڪا مامَ نظر ڪانه ٿِي اچِي. نه ڪِي ڳوڙهيون ڳالهيون هن، نه ئي ڪا مصنوعي ٺاهه ٺُوهه آهي. خوشي توڙي ڏُک هٿرادو ناهن. خيال جو اظهار، سادو، سهڻو، سِڌو ۽ وڻندڙ آهي، اهڙو جهڙو ڪڻڪ جو فصل هوندو آهي، سرنهن جو کيت هوندو آهي. ۽ انهن مان وَهندڙ موڪَ هوندي آهي. هن جون سِٽُون گهڻيون تڻيون اهڙيون آهن، جن ۾ وهڪرو آهي، جوت آهي، سُرت آهي. سُرت ڪهڙي ته!؟

    ويو جو وقت گُذري، ڇڏ انهيءَ کي،
    شروع نئِين پيار جي تحريڪ ڪرتون!
    --
    ادبِي داداگيرن، پنهنجا دنگَ ڪڍيا،
    مَڃتا ڏيڻي آ، مخصوص اديبن کي!

    دنگَ، مقصد سَنڌا، حدون، هتي ٽولا، گرُوپس. يعني مڃتا، جئه جئه انهن کي ڪبِي جيڪي انهن جي ٽولي جا هوندا!

    ساوَن کيتن، جيئن سونهري ويس ڍڪيو،
    هِيرَ هِنيي لئه، سُرها واسَ کڻي آئي!
    ماضيءَ جو حُسناڪ تصور، تنهائي،
    اوسيئڙي ۾ لُڇندي، دردُ رنگين چکيو!
    ساوَن کيتن، جيئن سونهري ويس ڍڪيو!

    گُل جو هي پنج سِٽو، هن جي طبيعت ۽ شوق جي غمازي ٿو ڪري- ۽ ٻن متضاد ريتن، رويّن کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جِي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو- پهرين سِٽَ جو وَرجاءُ، هن جي طنز کي هاءِ لائيٽ ٿو ڪري- ايئن جيئن ڀُوري بُت تي نيريُون نسُون چِٽيون نظر اينديون آهن!


    تون ڇا ڄاڻين، باکَ ڦُٽيءَ جي منظر کي!
    تنهنجا نيڻ، اَسُر جي ويلي خواب ڏِسن!
    ڪُوڪَ نه ڪي ڪويل جِي، تنهنجا ڪَن سُڻن،
    تو نه ڏٺِي آ ماڪَ اَسُر جو آڳُرَ تي!
    تون ڇا ڄاڻين، باکَ ڦُٽيءَ جي منظر کي!

    ڪيئن نه هن ٽائيم، منظر، احساس، ۽ آواز جي مهل ۽ انهن ڏانهن رويّي کي چِٽيو آهي! ۽ پوءِ هُن کي هِن سندس ئي عمل ۽ رَويي سان ناڪ آئوٽ ڪري فطرت کان پري ڪري ڇڏيو آهي!
    ايئن هن جا ڏيڍ سِٽا، بيت، گيت کوڙ سارَن موضوعن ۽ منظرن کي پنهنجن ٻانهُن ۾ ڀريو بِيٺا آهن- هر شعر جي ديوار تي، ڪا نه ڪا تصوير- لڳي پئي آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن احِساس، اَلميي يا ارمانَ ۽ معاشري جي مُنهن تي آيل ڪنهن داغ جي عَڪس کي اُڀاريو بيٺي آهي!


    وَنواهَه ۾ آ ويٺي،
    ساڀيا نه ٿيس سپنا، ڄڻ باهه ۾ آ ويٺي!
    ----
    تون وڃين ٿو پيو، ڄامشوري پڙهڻ،
    منهنجي دل ۾ سوين وِسوسا ٿا اُٿن!
    گُم نه ٿِي ڪِٿ وڃين، سُهڻي شامُن ۾ تون،
    نيڻ تو کي ڏسڻ لئه متان پو سِڪن!

    اهي سِٽُون هن، پنهنجي پُٽَ سان مخاطب ٿِي لکيون آهن، جيڪو ناتجربيڪار آهي، نئون آهي- ان لاءِ هن جو اونو ۽ پيار، سِٽ سِٽ مان جهلڪِي رهيو آهي- ۽ هُو کيس جادُو نگر (ڄامشوري) جي جادُوئي اَثرن کان بچڻ لاءِ چِتائي به ٿو ته، (پيار ۾) کڄِي وڃڻ جي کُٽڪي جو به اظهار ڪري ٿو- ۽ ان کي اِنجُواءِ به ڪري ٿو.
    ڪو ڪو شعر، شاعر کان، ڪنهن تي ايف. آءِ. آر وانگر ڪَٽجِي ويندو آهي-

    نه آهي درد منهنجي جِي ڪا سرحد،
    گُذاريو تو نه مون سان وقت پنهنجو!

    اهڙو ئي نظم / سانيٽ آهي!

    خوشين ۾، سڀني وٽ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي هوندِي آهي، پر ڏکَ سڀني جا الڳ الڳ ۽ پنهنجا هوندا آهن، جن کي ماڻهو پنهنجي مُنهن پيو ڀوڳيندو آهي- گوهر به ان درد ۽ پِيڙا کي پُورو پُورو ڀوڳيو-

    پَلِي جا بادشاهيءَ ۾ سدائين،
    اکين، اُن جِي نه هئي غربت سُڃاتي!

    اکين جون اِلتجائون، شالَ پرکين،
    ڪٿي تو شوق جِي شدت سُڃاتي!
    ---
    ڇا تون جِي سگهندين؟
    خوشبُو کي گِرويِ رکِي!
    چنبيليءَ وَلِ کي وڍي،
    واسَ ونڊي سگهندين؟
    خوشبُو کي گِروي رکي!

    ڪلام پاڪ ۾ آهي ته، هر ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ ڳهه رکيل آهي! جڏهن چنبيليءَ وَلِ کي وڍي ڦِٽو ڪبو، ته پو خوشبُو ڪٿان ايندي! هن جي هِڪ ٻِي وائي-

    کِکيءَ کارِي، تماچيءَ کي ڏسي مُرڪِي!

    پنهنجي ڪلاسِڪس جو تسلسل آهي!
    هن مجموعي ۾ گوهر جا سَت غزل شامل آهن- خبر ناهي، ته هن ايترا ئي غزل لکيا آهن، يا صرف اهي ئي شامل ڪيا ويا آهن! هُونءَ به هن جو رُجحان نظم جي پاسي وڌيڪ ٿو نظر اچي، جن تي تصوف جو رنگ چڙهندو نظر اچي رهيو آهي.
    گوهر، جيئن، پنهنجي طبيعت ۾ منفرد هو، تيئن هن شاعريءَ ۾ به پنهنجو پنڌ ۽ گس پئي جوڙيو- افسوس! هن ڏانهن ڪنهن جو پُورو توجهه نه ويو، ۽ هو بي حَسي ۽ رُکائِي جي وَرِ چڙهي ويو.
    هن جي نظمن مان ڪجهه سِٽون باڪس ڪجن ٿيون، ان لاءِ ته ٿوري دير لاءِ رڳو ايترو سوچي سگهجي ته، اسان پنهنجو ڪهڙو، سٺو نوجوان شاعر وِڃايو آهي!

    پنهنجِي صوفي نگاهن جي وطن ۾،
    اَجهو ڏئِي، ڪر کڻي آباد مونکي!
    ----
    سڄِي دنيا جِي خوشبُو هڪ طرف تي،
    نه مٽُ تَنهن جو، اٿئي جيڪا چڳُن ۾!
    ----
    پاڪ پَتن جا هي گُنبذ،
    ڪوٽ مِٺڻ جا مُنارا،
    بانگ سان گڏ بانسري جو،
    هيءُ جو آواز آهي،
    ڪو ته ان ۾ راز آهي!

    هن جو نظم، “دوست آهيون، دوست ناهيون-” هڪ لاجواب نظم آهي- جنهن ۾ هن جِي فِڪري نظر ڪافي وسيع ٿي نظر اچي. ان نظم جي کڻت ئي، هڪ ڪاريگر شاعر جهڙي آهي. اُن جي اُڻت ڏاڍي سنجيدگيءَ سان ڪئي وئي آهي- جنهن ۾هُو دوست يا ڪنهن جي ڌُر هُئڻ واري ڳالهه کي هڪ پاسي رکي، اِنسان هجڻ واري ناتي، ماڻهپي واري ڳالهه کي بحث جو موضوع بنائي، ان ڳالهه تي ڳالهائڻ جِي دعوت ڏئي ٿو- ۽ ڪيترائي سوال اُٿاري ٿو ڇڏي، جيڪي ڪنهن هڪ ڌُرِ آڏو نه، پر پُوري اِنسان ذات آڏو رکيا ويا آهن- جن ۾ آرٽ، فنونِ لطيفيات کي نظر انداز ڪري، شاهه لطيف جي تنبُور ۽ فِڪر کي ڦِٽو ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي. ۽ اهو به ته، اسان مان هر هڪَ ان ڪم کي وساري ڇڏيو آهي. جنهن کي ياد ڏيارڻ جِي ڪوشش ڪئي وئي آهي- هُو بک کي قدرت طرفان نه، پر ان کي عالمي ۽ انسان دشمن طاقتن جو تحفو ٿو سمجهي، گڏيل بي حسي ٿو قرار ڏئي ۽ اهو احساس ٿو ڏياري ته، نيٺ به:

    ڇو جِيون حيوان وانگي!؟
    ڇا اسان اِنسان ناهيون!؟
    ڇو اسان مظلوم جي ڪنهن-

    درد جو درمان ناهيون!؟
    آٿتن ۾،
    محبتن ۾،
    ڇو انهن سان گڏ نه آهيون!؟
    ڇو انهن جو سَڏُ نه آهيون!؟
    ويهه ڳالهايون انهيءَ تي!!




    اچو ته، گوهر گل جي ڪتاب جِي دريءَ مان، سايُن ڪڻڪُن پِيلين سرنهُنِ ۽ نيري آسمان ڏانهن نهاريون ۽ چيٽ جي رُت جا سُرها واسَ وَٺون!!

    علي دوست عاجز
    12.02.2018


    ماڻھپو قائم رھي

    ماڻھپو قائم رھي

    مون تي پنھنجي لکڻ جي ھڪ دور ۾ اِھو جنون سوار ٿي ويو ته مون کي پنھنجي تر، جُوءِ جي شاعرن کي سھيڙڻو آھي ۽ مون ڪوشش ڪري اُھي شاعر، جيڪي ميڊيا جي دنيا کان پري ھُيا انھن کي سھيڙڻ شروع ڪيو.
    انھن جون لکڻيون ڪڻو ڪڻو ڪري ڪَٺي ڪيون، ظاھر آھي مون اُن ميڙا چونڊيءَ ۾ انھن کي مڪمل ته ڪو نه چونڊيو ھوندو پر مون کان جيترو ٿي سگھيو مون انھن کي گڏ ڪيو ۽ پوءِ انھن جا تعارف ۽ اڀياسي پيپر لکيا، منھنجي اُن شوق جي ٻي ڪڙي منھنجا يار، دوست ۽ ھم عصر ساٿي رھيا آھن، منھنجي انھن يارن دوستن ۽ ھم عصر ساٿين مان ميھڙ جا چار يار منھنجي ان ڪم جي اوليت ۾ شامل رھيا آھن، منھنجا اِھي چار يار آھن، احسان زنگيجو،گوھر گل ڳورڙ ،صابر سيدپوري. نماڻوصديق مھيسر، صابر سيدپوريءَ ۽ نماڻي صديق مھيسر تي ھن کان اڳ مان پنھنجو ڪم مڪمل ڪري چڪو آھيان، احسان زنگيجي کي به مون کي اوھان سان ملائڻو آھي پر اڄ گوھر گل ڳورڙ جي شاعري اوھان جي آڏو کڻي آيو آھيان،
    گوھر گل ڳورڙ جنھن جي غزل کان وٺي نثري نظم تائين، ھونئين پراڻي صنف کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻايو آھي ڏسِڻو اِھو آھي ته ھن جنھن به صنف کي پنھنجي اظھار لاءِ استعمال ڪيو آھي، ھُو ان ۾ پنھنجي ڳالھ صحيح نموني سان چئي سگھيو آھي به يا نه سو پھريان گوھر جا غزل کڻون ٿا، جو غزل ھر دور جي وڻندڙ صنف رھي آھي ۽ گوھر به ھن صنف ۾ گوھرگل پنھنجي دل چيري رکي آھي
    ڏي پريت، نه ڪر دل تي نفرت جي تون بمباري،
    برباد نه ڪر مون کي؛ ڪابل جي گھٽين وانگر.
    ھي اظھار جو نئون پيرائيو آھي،
    چاھي جو ھن غزل جي پھرين سٽ عام فھم ۽ سادي آھي پر ھن غزل جي ٻي سٽ ، ان جيڪو حُسن پيدا ڪيو آھي اُن مٿين سٽ جي سادگيءَ کي لڪائي ڇڏيو آھي،
    ”برباد نه ڪر مون کي ڪابل جي گھٽين وانگر.“
    ھتي ڪابل جون گھٽيون چئي درد جي ھڪ نئين ڪيفيت سان ملايو ويو آھي ۽ اِھو اظھار جو نئون پيرائيو به آھي Newpaira۽ ان ئي پيرائي جو ھڪ ٻيو غزل،
    ڪڪر کير ٿر جي مٿان پيا نچن،
    تڏھن ڪاڇي واسي پيا ٿا ٺرن
    نئن گاج مستي منجھان پئي وھي،
    منجھس،ٿُوڻيون؛ ڪانا پيا ٿا ترن.
    اديون ختم ٿينديون/ منڇر/ مٿان.
    مھاڻا، بتيلا پيا تيار ڪن،
    اجھو ڄاڻ خوشحالي آئي ھتي،
    کنيون ھر، پنجاريون ٿا ھاري اچن.
    ھڪ ئي غزل ۾ ھيترا سارا سُھڻا شعر، شاعر جي ڪاميابي آھي جنھن ۾ ڪا نه محا ڪا ڪات کڻي ان کي سھڻي نموني نڀايو ويو آھي جنھن ۾ کير ٿر، ڪاڇي، نئن گاج، منڇر، اھي سڀ محاڪاتون آھن، ايئن پنھنجي شين کي، پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻڻ سان انھن سان جذباتي لڳاءُ ۽ محبت جو عنصر به ظاھر ٿئي ٿو ۽ پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي شين سان محبت، ھڪ فطري گھُڻ آھي
    سنڌ وانگي سڙي رھيو آھيان،
    وقت سان گڏ ھلي رھيو آھيان.
    مٿي به ھڪ محاڪات ئي آھي، جنھن ۾ شاعر پنھنجي درد کي، سنڌ جي درد سان گڏائي ظاھر ڪيو آھي، جنھن ۾ اسان سنڌ کي سڙندو به ڏسي رھيا آھيون ۽ شاعر جي ذاتي پيڙاءُ کي به محسوس ڪري رھيا آھيون، ايئن ھن نه رڳو پنھنجي ذاتي ڪرب جي ڳالھ ڪئي آھي، پر پنھنجي سنڌ جي به ڳالھ ڪئي آھي اھا به سڙي رھي آھي اھا جڏھن سڙي رھي آھي ته ھاڻ ان کي ڪو وسائڻ وارو به آھي! ڳالھ جو ٽوڙ اُتي آھي! جيڪڏھن ڪو وسائڻ وارو ڪونھي ته پوءِ اسان سڀ ان جو ٻارڻ بڻجڻا آھيو! سُئيءَ جا ڪانٽا ! اُتي اچي بيھي رھيا آھن، پر تڏھن به اسان جي شاعر وٽ جيڪو پيغام آھي اُھو ھي آھي.
    امن، سڪ، پيار جو پيغام ڏيون ٿا،
    اسان کي تون ٿڪائي ڪو نه سگھندين.
    اتي ھڪ سوال منھنجي ذھنَ ۾ ڪروٽ کائي ٿو، جيڪڏھن شاعر پيدا ڪو نه ٿين ھا ته ھي دنيا رھڻ جي قابل ھجي ھا؟ - ۽ منھنجو جواب آھي نه،
    جيڪڏھن شاعر پيدا نه ٿين ھا ته ھي دنيا رھڻ جي قابل ئي نه ھجي ھان اِِھو شاعرن جو ئي ڪمال آھي جن ھن ڪاري ڪوجھي ڪٺور دنيا کي رھڻ جي قابل بڻايو آھي
    وھ جھڙي ھي ڪوڙي دنيا،
    تنھنجي دم سان امرت آھي،
    ھي آھي انھن شاعرن جو ڪمال جن وِھ جھڙي ڪوڙي دنيا کي امرت جيان پيتو آھي ۽ ھي؛ جنھن جي دم سان ھي دنيا امرت آھي، ان سان گوھر گل، پنھنجي گيت ۾ ڪيئن مخاطب آھي،
    ھئه ھئه تنھنجي مرڪ پياري،
    ھئه ھئه تنھنجا ٽھڪ رسيلا.
    ڇير وڄي ٿي ڇم ڇم ڇم.
    سڄو گيت سھڻو آھي،- ان جي ھر بند ۾ ”ھئه ھئه“ جو ورجاءُ موسيقيءَ کي شھ ڏئي ٿو! جيڪو گيت لاءِ انتھائي ضروري آھي، ۽ ھي گل جي وائي آھي
    ھير گھلي پئي،
    ڳوڙھن وڻن مان،
    موسيقي ٻڌجي پئي.
    ڏاند جٽيل ھر ۾،
    جن جي ٽلين مان،
    موسيقي ٻڌجي پئي.
    وينگس ٻڪري ٿي ڏُھي،
    انُ جي ٿڻن مان،
    موسيقي ٻڌجي پئي.
    امڙ جنڊ تي اسر جو،
    اَنَ جي داڻن مان،
    موسيقي ٻڌجي پئي.
    ڀرٿ ڀري پئي ڇوڪري،
    ڳاڙھن چپڙن مان،
    موسيقي ٻڌجي پئي.
    گوھر گل ڳورڙ جي ھي وائي تمام وڻندڙ ٽچ رکي ٿي پاڻ ۾ ۽ اھڙيون وايون گھٽ لکيون ويون آھن،- ايئن ھن جا بيت، ٽيڙو ۽ پنج ڪڙا به ڪوٽ ڪرڻ جھڙا آھن جن مان ھن جا اُھي ٻه بيت ته بلڪل نوان آھن، ۽ بيتن ۾ اِھا نواڻ، مون کي مارو جماليءَ کان پوءِ گوھر گل وٽ ڏسڻ ۾ آئي آھي،
    ڪيفي انٽرنيٽ ۾، ايڏو وقت نه گھار،
    مون لئه به ڪجهه وقت ڪڍ پيار منجھان ويچار،
    اوسيئڙو آزار، روزانو ڀوڳيان پيو.
    ٻيو بيت
    ڪمپيوٽر جي دور ۾ انڌن مثل آنءُ،
    مون کي ناھي ڏانءُ، منھنجي انگريزي ڪچي.
    ھن بيت جو بلڪل نئون لھجو آھي، نه ته ھن کان اڳ جن به بيت لکيا آھن، انھن سڀن پنھنجي بزرگن کي ئي سونھون بڻايو آھي،جنھن ڪري اسان وٽ ھڪ ئي زمين تي، ھڪ ئي موضوع وارن بيتن جا ڍڳ لڳي ويا آھن جن مان اسان کي اھا سڌ نه ٿي پوي ته ڪھڙو بيت ڪنھن جو آھي،
    ھي ٽيڙو آھي،
    واھ نه آھي ڪا،
    قرض پنڻ لئه ھلجي،
    ڇو نه پو امريڪا؟
    ٿوري ترشيءَ جي ڪري ٽيڙو مان شعريت نڪري وئي آھي، پر تڏھن به پنھنجي سياست ۽ پنھنجي سياستدان تي سُٺي چوٽ ٿيل آھي، جن آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف وٽ اسان کي گروي رکي ڇڏيو آھي ۽ ھاڻ اھي ئي اسان کي پنھنجي پچ تي کيڏائي رھيا آھن، جنھن ڪري اسان جو ملڪ ٻرندڙ بٺيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آھي، ۽ ھاڻ پنج ڪڙو،
    منھنجي دل پنجاب جيان خوشحال نه آ،
    پيار جي اڻ کٽ پيڙا؛ بک بدحالي آ،
    پل به نه ھڪڙو، ڳوڙھن کان اک خالي آ،
    خوشيون اڻ لڀ؛ دردن جو ھت ڪال نه آ،
    منھنجي دل پنجاب جيان خوشحال نه آ.
    ھن پنج ڪڙي ۾ جيڪو پيغام آھي ۽ اھو اسان جو وڏو ڀاءُ جيڪڏھن ڪنائي ٿو ۽ اسان جي ڏکن جو جيڪڏھن تدارڪ ٿئي ٿو ته پوءِ اسان کي ڇا گھُرجي ۽ ھي اھا ئي ساڳي ڳالھ آھي؛
    سنڌ وانگي سڙي رھيو آھيان،
    *
    منھنجي دل پنجاب جيان خوشحال نه آ.
    پنھنجي ذاتي ۽ شخصي درد کي، پنھنجي قومي ۽ طبقاتي درد سان گڏائي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ؛ تمام گھٽ شاعرن جي حصي ۾ آيو آھي،
    ۽ ھاڻ نظم __نظمن مان جو مون نظم چونڊيو آھي اھو نثري نظم جي ذمري ۾ اچي ٿو ڏاڍو سھڻو نثري نظم آھي ۽ اھو پڙھو ۽ مون کي موڪل ڏيو.

    اجتماعي بي حسيون وڌنديون وڃن ٿيون،
    ماڻھپي جي کوٽ ڏاڍي ٿي وئي آ،
    عالمي منڊين ۾ ھاڻي؛ ماڻھپو
    ڀڳڙن جي مٺ ۾ پيو وڪامي،
    اجتماعي بي رخين ڪارڻ،
    سڄي دنيا جا ماڻھو،
    ھاڻي ڊپريشن جي گھيري ۾،
    وڃن پيا قيد ٿيندا،
    ماڻھو
    ايڪويھين صديءَ جا،
    ھاڻي؛ انٽرنيٽ،
    ڪمپيوٽر جي سامھون،
    ٿا رھن مصروف ڏاڍو،
    پنھنجي رشتن کان؛
    ھي ڏينھون ڏينھن ھاڻي،
    ڏور ٿيندا ٿا وڃن،
    تيزيءَ سان ڏاڍو،
    بي رخين ۽ بي حسين جا وائرس،
    ويا آھن پکڙجي
    ھن سڄي دنيا جي اندر،
    پنھنجي موجوده
    سماجي ڍانچي اندر،
    ماڻھپي جو رت ٺھڻ گھٽجي ويو آ،
    اجتمائي بي حَسِين جا ھن دنيا ۾،
    ماڻھپا، احساس ۽ ھي پيار پنھنجا،
    شل رھن قائم سدا........................
    ۽ پاڻ به اِن دعا سان _ ماڻھپا، احساس پنھنجا، شل رھن قائم
    سدائين موڪلايان ٿو .

    ذوالفقار گاڏھي
    03063250132









    مرحوم و مغفور مرحوم گوهر گل ڳورڙ کي منظوم ڀيٽا

    مرحوم و مغفور مرحوم گوهر گل ڳورڙ کي منظوم ڀيٽا

    عاجز سرگاڻي

    هو ته سگهارو ڏاهو ماڻهو گوهر گل ڳورڙ،
    نالي وارو ڏاهو ماڻهو گوهر گل ڳورڙ.

    ميهڙ جي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ لکائي ويو،
    هيڏو سارو ڏاهو ماڻهو گوهر گل ڳورڙ.

    بزم شعراءَ منجھ ھميشه رھندو پئي آيو،
    سو، سوڀارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.

    رھندي ياد ھميشه ھِن جي ادبي حلقن ۾،
    ھو، ھاڪارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.

    نَوَنِ پُراڻن نالي وارن شعراءَ ۾ شامل،
    پيارو پيارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.

    ڌرتي، سرتي پنج ڪڙن ۾ پوچون ويو پوئي،
    سو، سونارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.

    سور سھيڙي مُٺ مُٺ ميڙي کيتر ويو کيڙي،
    ھو ويچارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.

    ”عاجز“ سرگاڻي ڇا ڀيٽي ڏاھپ ڏات سندس،
    سو ن ھو سارو ڏاھو ماڻھو گوھر گل ڳورڙ.
    *


    غزل

    زبان شرين سُخن شرين نرالو دلنشين آهي.

    زبان شرين سُخن شرين نرالو دلنشين آهي.
    دين اسلام جو راکو نبيعه جو همنشين آهي.

    پنهنجو سڀ ڪجهه ڪري قربان اتل بيٺا رهيا حق تي،
    سُڃاتو جن خدا پنهنجو اُنهن کي آفرين آهي.

    نفس ماري جنهين ماڻي حقيقي معرفت آهي،
    عطا مالڪ ڪئي تِن کي سڄي روءِ زمين آهي.

    جهانن ۽ ڪفر جي گگهه اوندهه ٿي فنا وئي آ،
    پکيڙي پنهنجي کي ڪئي جن روشني آهي.

    شرم ڪريو، پٿر اُڇليو، صدائون مان آيون،
    اِها ؟؟؟؟ جي ملڪه وڏي پرده نشين آهي.

    اسان جي آل ۾ تون آن نبيعه جنهن لاءِ فرمايو،
    عقيدي ۽ سچائي ۾ سڀن کان بهترين آهي.

    اُمِ ليليٰ سِڪي آهي ڪيڏو اڪبرعه جي ڀاڪُر لئه،
    نبيعه جو همشڪل ڳڀرو ڪِريو پَٽ تي حَسين آهي.

    وڪي بهلول پئي سَستي، جنت هوڪا ڏئي هَرهَر،
    خدا جي نيڪ آ بڻي جنت مڪين آهي.

    اچي ڏاڙهي ۾ جنهن ڪلمو، پڙهيو اسلام جو ڪئين سو،
    نبي کان بعد ڪئين بڻيو نبيعه جو جانشين آهي.

    ”گوهر“ کي ڀي ملي ويندي محمّد آل جي در تان،
    سَخا ٿيندي، شفا ملندي، مونکي پورو يقين آهي.




    تون مون کي مٺي آھين، ھن سنڌ وطن وانگي

    تون مون کي مٺي آھين، ھن سنڌ وطن وانگي
    تون شل نه ڇڄين مون کان،ايشا جي امن وانگي

    تنھنجي سونھن اڳيان ڪُل ھي تشبيھون بي معٰني
    سينگار تنھنجو سُھڻو فطرت جي رنگن وانگي

    ميلاپ کان روڪين ٿا ھي ويڇا طبقاتي
    خوشين کي ڪٿي ڳوليان قسمت جي ڪُڻن وانگي

    ھي روح تتل پياسو ڪر پيار جو وسڪارو
    اوسيئڙو پيو ڀوڳيان ھِت ٿر جي ڀِٽن وانگي

    اُتساھ ڏنئي تڏھين رسمن کي لتاڙيون مون
    تو ساڻ نڀائيندس سسُئي جي وچن وانگي

    فطرت کي ڪيان ڪاڏي فطرت ۾ وفا ڳوھيل
    ڀل لوڪ کڻي ڪَرُ پيو نانگن جي ڦڻن وانگي

    ”گوھر“به جيئي ٿو پيو ويساھ ڀُريو ناھي
    شل ساٿ رھين ھرپل خوشبو ٿي گلن وانگي


    سھي نه جيڪي سگھان مان اھڙا نه درد ڏي تون

    سھي نه جيڪي سگھان مان اھڙا نه درد ڏي تون
    غلام قومن جي درد جھڙا ، نه درد ڏي تون

    حَسين سپنا ڏسڻ ڀلا ڇا گناھ آھي
    اِھو نه کس حق چڪور جھڙا، نه درد ڏي تون

    اڃان به بغداد جي گھِٽين مان اچي پئي ڌَپّ
    جيئن سڪي پئي سُڳند اھڙا، نه درد ڏي تون

    آ منھنجي دلڙي حَساس بيحد ۽ سوچجانءِ تون
    ھي سنڌي مائن جي درد جھڙا، نه درد ڏي تون

    نه بڻج ظالم سماج جھڙي ، ڏي پيار جو حق
    جيئن چڪي پئي ٿي سنڌ اھڙا، نه درد ڏي تون

    حُسين جھڙو صبر ڪٿي ٿي سگھي ٿو مون کان
    ”گوھر“ بشر آ يزيد جھڙا، نه درد ڏي تون


    منھنجي نيڻن ۾، ڄامشورو آ

    منھنجي نيڻن ۾، ڄامشورو آ
    دل جي ڌڙڪن ۾،ڄامشورو آ

    ياد ھن جي نٿي ڇڏي پيڇو
    منھنجي سوچن ۾،ڄامشورو آ

    درد ڀاڪر وڌو ڇڳي جڏھين
    منھنجي لڙڪن ۾، ڄامشورو آ

    ڊيلٽا جيئن اُجاڙ ٿيئي سنڌو
    تنھنجي صدمن۾، ڄامشورو آ

    سُھڻيون شامون حَسين ماضيءَجون
    منھنجي خوابن ۾ ڄامشورو آ

    علم ساڃاھ جِت ملي ”گوھر“
    منھنجي لکڻين ۾، ڄامشورو آ


    اکين دوزخ اکين جنت، سڃاتي

    اکين دوزخ اکين جنت، سڃاتي
    اکين معراج ۽ محبت، سڃاتي

    پلي جا بادشاھيءَ ۾ سدائين
    اکين ان جي نه ھئي غربت ، سڃاتي

    وفا جي ماڪ سان وھنتل بدن تي
    اکين آ روح جي راحت ، سڃاتي

    فنا کان اڳ چمي ڏي ٿيا امر ھت
    اکين فطري پنھنجي حسرت سڃاتي

    اکين جون التجائون شال پرکين
    اکين جي تو نڪي شِدت ، سڃاتي

    خطائون اڻ ڳڻيون،”گوھر“ جون آھن
    اکين بخشش عطا رحمت سُڃاتي


    تِترَ جون ٻوليون وڻندڙ پرن جا،رنگ موھين ٿا

    تِترَ جون ٻوليون وڻندڙ پرن جا،رنگ موھين ٿا
    نچي پيومور مستيءَ مان کنڀن جا،رنگ موھين ٿا

    وسيو ڀرپور ٿر آھي ترايون ۽ تلاءُ پُر ھن
    ٿرياڻين کي ڪورا ڪڇ تي ،دلن جا رنگ موھين ٿا

    ڦُٽا ھن گاھ گولاڙا ڪڍيو پنھنجو حسن فطرت
    جوانين ڦوھ تي اجرڪ ڇُرن جا،رنگ موھين ٿا

    ڦُٽيون کُنڀيون اُٿي خوشبو ڏنو پيغام خوشحالي
    ٻنيون ڪُڙمي پيا کيڙين وڻڻ ،جا رنگ موھين ٿا

    ڦِٽل آباد ٿيا چنئورا وريا ھن ماڳ تي مارو
    ٻُھارين پيا اَجھا پنھنجا،گھرن جا رنگ موھين پيا

    ھمرچي ۽ ڪجليئي جا گيت گونجن سدا ”گوھر“
    حجابي ڇانوَ ۾ رھندڙ ،ڳٽن جا رنگ موھين ٿا


    فڪر ۽ فلسفي ۾،تون سمايل

    فڪر ۽ فلسفي ۾،تون سمايل
    منھنجي ھن حوصلي ۾ ،تون سمايل

    منھنجا جذبا رليءَ جي ٽُڪ جھڙا
    جوش ۽ ولولي ۾ ،تون سمايل

    ابتدا تون، انتھا تون ئي آھين
    منھنجي ڪُل سلسلي ۾، تون سمايل

    خواب ڇا ساڀيا تنھنجو تصّور
    سدا ھر مرحلي ۾،تون سمايل

    تنھنجي “گوھر“ کي تنھنجي عشق رڱيو
    شوخ رنگ چلولي ۾،تون سمايل


    تو کي پاتل ڦولاريل سرنھن جيان وڳو

    تو کي پاتل ڦولاريل سرنھن جيان وڳو
    ناز تنھنجو پرھ جي رنگن جيان پڳو

    پُرڪشش تنھنجي صورت جو آھي قسم
    پيار منھجو اچي انتھا تي پڳو

    او مٺي مون کان تون ايئن نه ڇڄجانءِ ڪڏھن
    جيئن دادوءَ کان آ ڄامشورو ڇڳو

    پنھنجي طبقي جا ويڇا ٿُڏي ٿو سگھان
    ٻي نه پرواھ ڪا ساڻ تون ھُج رڳو

    سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جو آھي اثر
    تنھنجو”گوھر “ ڏِنگن کان نه آھي ڊِڳو


    نظم

    پنھنجي صوفي نگاھن جي وطن ۾

    پنھنجي صوفي نگاھن جي وطن ۾
    اَجھو ڏئي ڪر کڻي آباد مون کي
    آھي دردن جو گھيرو چئوطرف کان
    سگھو لھ سار ٽڪرا ٿي ويندوسانءِ
    سنڌ وانگي سڙان پيو جان منھنجي
    لوڪ وڇونءَ جيان پل پل ڏنگي ٿو
    جھڙو ڀي آھيان تنھنجو تنھنجو آھيان
    منھنجو خانه بدوشي روح مٺڙي
    تو لئه آتو ازل کان ڪاش ! ڄاڻين
    مون تنھنجي پيار جي پرچار ڪئي آ
    سدا ڪئي آ سچائيءَ سان ڪئي آ
    شال پيغام چاھت جو سڃاڻين
    عشق جي واٽ ڪاوا ھن دڳن ۾
    اڃان رت آ رھيل منھنجي رڳُن ۾
    سڄي دنيا جي خوشبو ھڪ طرف تي
    نه مٽ آھي! جيڪا تنھنجي چڳُن ۾!
    ھي جيڪو عشق توسان ڪيو آ
    پَتو ناھي ته ڇا انجام ٿيندو
    توجه ڏي توکان ٿيون ڌيان طلبين
    منھنجي سِڪڻين اکين جو سوال آھي
    پيار سڪ سان ڏئي ڪر شاد مون کي
    نه ڪر ڪابل جيان برباد مون کي
    امن جي ديس جي او سونھن راڻي
    پنھنجي صوفي نگاھن جي وطن جون
    کول تون سرحدون مون لاءِ ھاڻي............


    دل ڀٽائي جو دمبورو

    دل ڀٽائي جو دمبورو
    ٻانھون يڪتارو سچل جو
    ذھن تي رومي آ ڇانيل
    ڳاڙھي کُھنڀي ۾ قلندر
    وجد ۾ ڌم ڌم ڌمالون
    عشق بلي شاھ وانگر
    پيو نچائي ٿو گھٽين ۾
    جنھن تڪبر کي مِٽايو
    عشق نفرت کي ڊُڪايو
    عشق ئي ماڻھو بڻايو
    عشق قرباني سيکاري
    صوفيت جا مڌ پيالا
    خيال تي سرمست پھتا
    جن چين مان ڪجھ چوايو
    نيٺ نُڪتو سمجھ ۾ آيو
    حق ان پاسي تي آھي
    حق جاق راکا جتي ھن
    حق اُتي موجود بيشڪ
    ڳالھ ان جا ساکي آھي
    شاھ،سچل جا رسالا
    راڳ راڻي ۾ ھي ريھون
    جنھن ڪيو بيچين تن من
    ھير وارث شاھ جو سُر
    درد جا آلاپ جنھن ۾
    پاڪ پتڻ جا ھي ڱُنبذ
    ڪوٽ مٺن جا منارا
    بانگ سان گڏ بانسري جو
    ھي جيڪو راز آھي
    ابتدا آدم ڪئي آ
    انتھا جو انت ڇاھي
    دل جي دمبوري جون تارون
    جنھن مان نڪتيون ھي تنوارون
    ماڻھپي جي واٽ تي شل
    آدمي قائم رھن سڀ
    عالم انسانيت ۾
    صوفيت جون صدائون
    نفرتن کي ڌوِڙ پايو
    محبتون سيني سمايو.....


    کيرٿر جي ڇوٽيءَ کي

    کيرٿر جي ڇوٽيءَ کي
    چاندني چمي پئي ٿي
    رقص ۾ سڄو ڪاڇو
    گاج جو اڇو پاڻي
    نور جي نديءَ وانگر
    ڄار وڻ پيرون لامون
    ڪنھن جي سجدي ۾ آھن
    حسڻ شاھ کان منڇر
    جي نظاري من موھيو
    واءُ پئي گھُلي ٿڌڙي
    ننڊ وئي اُڏامي آ
    ڪنھن چڪور سان چنڊ تي
    ياد ھو اچي پئي ٿي
    جيڪا روح تي ڇانيل
    آ سدائين ڏک وانگي
    جيڪا منھنجو سڀ ڪجھ آ
    سونھ ن سوڀيا ۾ ھو
    سنڌ جي پريءَ جھڙي
    جنھن سان پيارآ بيحد
    روح جي ھو راڻي آ
    منھنجي ڪل جياپي جي
    سا ئي مالڪياڻي آ
    ڪھڪِشان ڪتيون تارا
    ھن جي سونھن جو صدقو
    واھي پانڌي کان گورک
    ور وڪڙ ڏنل رستو
    مون کي پيو وڻي بيحد
    رات جو پھر پويون
    باک پئي ڀڃي آرس
    وھائو فجر تارو
    منھنجا نيڻ اوجاڳيل
    ھن جي ئي تصّور۾
    مون سڄي گذاري آ
    رات سُھڻي ڪاڇي جي
    کير ٿر جي دامن ۾......
    کيرٿر جي دامن ۾......


    دوست آھيون دوست ناھيون

    دوست آھيون دوست ناھيون
    ڇڏ انھيءَ کي
    ڇا سٺا انسان آھيون
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    چاندنيءَ جي نورکي ڇو
    شاھ جي تمبور کي ڇو
    اُڀ جي ھن ڪھڪشان تي
    جوڦٽل تنھن ٻور کي ڇو
    من ۾
    ناھي سمايو
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    ڪم ڪرڻو ڇا ھُيو ۽
    ڇا ڪيو آھي اسان ھِت
    خدمتن کان اوپرا ٿي
    بي پھچ
    مسڪين ماڻھن
    کي ڪھڙي دڳ تي رسايو
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    بک قدرت کان وراثت
    ۾ مليل ماڻھن کي آھي
    بک بڇڙائي تي لاھي
    ماڻھپي کي پئي وِڃائي
    ھي ڏکايل
    ۽بکايل
    ڪاڇي ۽ ٿر ۾ رَڙن پيا
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    ڇو ڏکڻ ايشا سمورو
    باھ جي گھيري ۾ آھي
    طالبان داعش وٽ
    ڇو امن پھري ۾ آھي
    شعور ۽
    تعليم ھوندي
    فيس بڪ تي ڇا ڏيکاريون
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    ڇو جيئون حيوان وانگي
    ڇا اسان انسان ناھيون
    ڇو اسان مظلوم جي ڪنھن
    درد جو درمان ناھيون
    آٿتن ۾
    محبتن ۾
    ڇو انھن سان گڏ ناھيون
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    اجتمائي بي حَسِيَن جي
    پيچرن تي پنڌ ۾ ڇو
    ڪھڙي منزل ڏي وڌون پيا
    ڇو حقيقت کان ھٽون پيا
    نفس خواھش
    آزمائش
    ۾ رليا ڪِٿ ڪِٿ آھيون
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    ويھ ڳالھايون انھيءَ تي
    ڇونه ڳالھايون انھيءَ تي


    اجازت ڇا ملي سگھندي؟

    اجازت ڇا ملي سگھندي؟

    وڄايان گھنڊ مسجد ۾
    ڏيان آزان مندر ۾
    مٽائي فرق مذھب جا
    وريان پيار ھڪجھڙو
    سڄي دنيا جي ماڻھن ۾
    اجازت ڇا ملي سگھندي؟
    ڀڳي جا مورتي گوتم
    طانبانن ھئي گڏجي
    انھن کي آڻي ڪورٽ ۾
    ڪيس داخل ڪري تن کي
    سزا ڳئوري ڏجي تن کي
    ڪجي انصاف کي قائم
    اجازت ڇا ملي سگھندي؟
    دين جي اوٽ ۾ ٿا ڪن
    قھر جيڪي اُھي مفتي
    ڏاڍ جي زور تي مذھب
    مٽائين ٿا نياڻين جا
    ڪڌا ڪرتوت ھي تن جا
    نندڻ گھرجن عمل تن جا
    اجازت ڇا ملي سگھندي؟
    اڇوتن ۽ برھمڻ جا
    فرق سڀ ميٽجن ٻيھر
    ڌرم جي اوٽ حق تلفيون
    فرق سڀ ڀيٽجن ٻيھر
    برھمڻ ،ڀيل،ڪولھيءَ جي
    رت جو رنگ ساڳيو آ
    ڌرم ڀڳوان ساڳيو آ
    پوءِ ھي فرق ڇا جو آ
    بغاوت ڪَرَ کنيا آھن
    ڇڏيان سماج کي لوڏي
    برھمڻ ۽اڇوتن کي
    ويھاريان ھڪڙي صندل تي
    سمھاريان ھڪڙي فرش تي
    اجازت ڇا ملي سگھندي
    ڏين ھوڪا ٿا جنت جا
    پنھنجي خطبن ۽ جلسن ۾
    ھي ڪوڙا پير ۽ ٺوڳي
    پنن جيڪي مريدن کان
    بلٽ پروف گاڏين ۾
    کڻن ٿا گارڊن کي گڏ
    کائين اڌ رات جو ڇيلا
    بند ڪمرن ۾ ٻيو ڇاڇا
    اھي ڪن ٿا پتو ناھي
    انھن سادن مريدن کي
    انھن جا ھي اصل چھرا
    ڏسيان دنيا جي ماڻھن کي
    جنوني خلق ھي ساري
    انھن جي چرچ تي اُٿندي
    حقيقت کي نڪي ڏسندي
    نڪي ڪُڇندي نڪي پُڇندي
    کڻي ڏنڊا پنيا ڊڪندي
    چوڻ بيباڪ ٿو چاھيان
    لکڻ آزاد ٿو چاھيان
    جيئڻ آزاد ٿو چاھيان
    اجازت ڇا ملي سگھندي؟
    اجازت ڇا ملي سگھندي؟


    ڍنڍ تي جيئن پڳا نيرڳ

    ڍنڍ تي جيئن پڳا نيرڳ
    ڍنڍ آھي پئي مرڪي
    چٽن جي گرمين جو آ
    پيا ھن لاب سارين ۾
    خوشيءَ مان ھاري ھارياڻيون
    پيا ڪن پيٽ جو پورھيو
    ڦٽا ھن چيٽ ڌرتيءَ تي
    پکڙيو رنگ ساوڪ آ
    وڌو ڀاڪر سياري آ
    نديءَ تي شام سونھري
    اُڀ نيرو ولر اڏندڙ
    اھي اجرا پکي لھندڙ
    انھن جي سونھن نوراني
    ڪروڌين جي دلين اندر
    ڪڏھن ڀلجي نه رھڻي آ
    ڍنڍ تي چنڊ چيٽن جو
    سھاني رات جو منظر
    ھي فطري سونھن جو ورثو
    جيڪو مليل ازل کان آ
    اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي
    امن جي گيت جي بدران
    بندوقون بم جا گولا
    پيا برسن سدا اڻ کٽ
    ڍنڍ جون رونقون اجڙيون
    بتيلا ھن ڪنڌيءَ بيٺل
    نڪي آڙيون نڪي رتبا
    نڪي ڪرڙا نڪي نيرڳ
    ڍنڍ جو پاڻي زھريلو
    ويو بڻجي آھي ھاڻي
    ڪٿا گدلاڻ آئي آ
    اھا ڪنھن ڌوڙ پائي آ
    ڍنڍ ۾ پيا لڙھن ڪُرڙا
    ۽ موراکا پيا ڦٿڪن
    انھي انياءُ ايڏي تي
    فريادڻ ڍنڍ ٿي آھي
    ڍنڍ جي آس مُئي ناھي
    سڏي ٿي وارثن کي پئي
    اسان کي چين ڪٿي آيو
    اسان کي چين ڪٿي آيو



    روشني ڇا لئه ڳھو ٿا

    روشني ڇا لئه ڳھو ٿا
    ڇونه اونداھ کي ڳھو ٿا
    ڇو تپي تندور وانگي
    پنھنجا ئي ماڻھو ڏنڀيو ٿا
    پيار ڏئي ويندڙ دڳن کي
    ريشمي اڏندڙ چڳن کي
    قھري نظرن سان ڏسو ٿا
    اوپرا ڇا لئه ٿيا ھو
    ماڻھپي کان ۽ رحم کان
    خوبصورت ھن دنيا کي
    ڇو اوھان بدذوق نظرن
    سان نھاريو ساڙ مان پيا
    ديس جا فطري نظارا
    شام سھڻي ويس گيڙو
    جي مثل پئي ٿي لڳي ڪيئن
    ۽ سڄو آڪاش نيرو
    -صوفيت جي ڇانوري جيان
    پيو ٿئي محسوس مون کي
    ڇونه ٿا سمجھو اوھان ھي
    ڳالھ جيڪا سچ آھي
    جنھن ۾ ڪوئي ڪچ ناھي
    جيڪا خلقي آھي قدرت
    ھي سموري ان جي فطرت
    ڇواوھان ان سان ڪريو ٿا
    ھٿ چراندون سوچ ڪريو
    روشني سان ساڙ ڇڏيو
    زندگيءَ سان پيارڪريو
    چيٽ جي چانڊوڪي خوشبو
    پد ميڻن سان پيار ڪريو
    پيار جا پيغام بڻجي
    *


    سانيٽ

    منھنجو جيون گگھ اوندھ

    منھنجو جيون گگھ اوندھ
    روشنيءَ جھڙي چٽي تون
    سوجھرو بڻجي ھلي آ
    آءُ ويجھو او مٺي تون.

    پريت مون تو سان لڳائي،
    منھنجي آ پڌري سچائي،
    وقت اھڙو نيٺ ايندو،
    تو کي بي ويساھ ٿيندو.

    زندگيءَ جو دڳ ڏسيندڙ،
    ڪاش! منھنجو ٿي سگھين تون،
    او منھنجي سپنن ۾ رھندڙ
    ساڀيا شل ٿي سگھين تون.

    تون فجر جي نور جھڙي،
    سنڌ جي منشور جھڙي.
    *


    اڃان غلاميءَ جي گَپ چمبڙيل،

    اڃان غلاميءَ جي گَپ چمبڙيل،
    اسان نه ڌوتا ضمير پنھنجا،
    مُني صديءَ جا عذاب ساکي،
    اسان نه بدليا ضمير پنھنجا.

    شھادتون، رت سوال بڻجي،
    پيا ٿا گونجن چَپي چَپي تي،
    اسان انائن جي دَلدَلن ۾،
    اڃان به ڦاٿل آھيون ڏَٽي تي

    سماج سارو سڙي رھيو آ،
    امن کي اغوا ڪيو ويو آ،
    سجاڳي ڏيندڙ خمار ننڊ ۾،
    غريب ھٿ سان چِٿيو ويو آ.

    اڃان نه بدلي اسان جي قسمت،
    سدا ملي آ ڌڪار نفرت......
    *


    اي چنڊ بسنتي چيٽن جا،

    اي چنڊ بسنتي چيٽن جا،
    تون منھنجي پيڙا ڄاڻين ٿو،
    جذبا لڇن ٿا اندر ۾،
    تون چانڊوڪيءَ کي اماڻين ٿو.

    بي داغ ھي تو ۾ چانڊوڪي،
    جنھن وقت چمي ٿي ڌرتيءَ کي،
    تنھن وقت شدت سان ياد مون کي،
    ھو سنڌ پري ڏاڍو ٿي اچي.

    مون پيار انھيءَ جي ساک ڀري،
    سن سيد جي تربت جي مٿان،
    ھي فرق سماجي ۽ رنڊڪ،
    ڄڻ بيٺل ڪارونجھر اڳيان.

    دردن جو سمنڊ آ نيڻن ۾،
    پَر ننڊ نڪي آ نيڻن ۾.
    *


    گلابن جي وطن ۾ تون رھين ٿي،

    گلابن جي وطن ۾ تون رھين ٿي،
    اَجھو آھي منھنجو گندرف جبل تي،
    جياپو تنھنجو منھنجو فرق پڌرو،
    پيار جو خواب منزل مقتلن ڏي.

    مٺي مان ڪيئن حقيقت کان لنوايان،
    عذابن جي عدالت ۾ ٽنگيل ھان،
    اُجاڙي عشق جي پئي باھ جذبا،
    زماني کان گھڻو اي دل ھان.

    سرحدون ريت جون سڪ ۾ لتاڙي،
    پڳس تنھنجي گلابن جي وطن ۾،
    ٻڌايو آھي خوشبو ماڳ تنھنجو،
    لڀي تو کي وتم اجري چمن ۾.

    قبولين ڪاش! منھنجي پيار کي تون،
    نه رولين منھنجي شل سنسار کي تون.
    *


    ڀنل ٿس ماڪ سان چھرو،

    ڀنل ٿس ماڪ سان چھرو،
    سُتل آ ننڊ گھري ۾،
    چنڊ ھن ڏي تڪي ٿو پيو،
    کلي ٿو يا لُڇي ٿو پيو.

    ستارا سوچ گھريءَ ۾،
    ڪتيون ڇو وائڙيون آھن،
    ڪنواري سونھن جوڀن ۾،
    اکيون اِن سان اڙيون آھن.

    ڏسان جنھن لاءِ پيو سپنا،
    ملي شل ساڀيا ۾ ھُو،
    آ جنھن جي سونھن لاثاني،
    آ دل ان لاءِ مستاني......

    ھي دل سڪڻي نه آ غافل،
    انھيءَ جي ياد ۾ ھرپل.....
    *


    بائيبل جي نغمي جھڙا ٽھڪ ٿئي،

    بائيبل جي نغمي جھڙا ٽھڪ ٿئي،
    سونھن تنھنجي آ ڪرامت ڪا وڏي،
    آسماني ووئڻ جي اجري ڦٽي،
    توکي ساري چيٽ چانڊوڪي ڪتي.

    ھير ٿڌڙي ڄامشورو ۽ جبل،
    باک جي لالاڻ گيڙو ويس ڄڻ،
    تنھنجي ھت سھڻن چپن جو عڪس آ،
    توبنا جيئڻ به ٽانڊن تي نچڻ.

    منھنجي سڪ ۽ پيار کي مڃتا ڏئي،
    مون کي تون پنھنجو بڻائي جي ڇڏين،
    منھنجي بي رونق حياتيءَ ۾ اچي،
    رنگ پنھنجي پيار جا شل تون ڀرين.

    تون خدا جي نعمتن جھڙي حَسيِن،
    روح تي ڇانيل سدا تون مھجبين....
    *


    ويس تنھنجو رات جي تارن جيان،

    ويس تنھنجو رات جي تارن جيان،
    سونھن تنھنجي آسماني روشني،
    ڏند اجرا جيئن ڦڙا ھي شبنمي،
    مرڪ تنھنجي باک ارپي دلنشين.

    تون اَسُر جي ھير وڻندڙ آن،
    سُک جي واديءَ توکي ورثو آ مليل،
    تنھنجي کاڏيءَ جي مقدس تر جيان،
    روح جون اکيون انھيءَ تر ۾ کُتل.

    ڪر سخا تون ٻاجھ جي شيرين زبان،
    عاشقي منھنجي وسيع ڪاٿو نه ڪر،
    نور جي جھرڻي ۾ وھنتل آ وفا،
    سڪ لامحدود جو ماپو نه ڪر.

    منھنجي جذبن کي اجھو ۽ ڇانوءَ ڏي،
    آٿتون ڏي منھنجي اُڊيل ھيانءَ کي.
    *


    نه آھي درد منھنجي جي ڪا سرحد،

    نه آھي درد منھنجي جي ڪا سرحد،
    گھاريو تو نه مون سان وقت پنھنجو،
    رھيئين مھمان وانگر تون سدائين،
    نه آيئي ياد چھرو بي نه منھنجو.

    انھي پيڙا سدائين روح رھڙيو،
    رھيئين ڇو بي خبر مون کان مسلسل،
    آھي تو سان ڇڄڻ جھڙو نه رشتو،
    آ مون ۾ رت تنھنجو ئي سمايل.

    سڪيو ھان تنھنجي شفقت لئه سدائين،
    جنم جي ڏينھن تي آندئي نه تحفو،
    نڪي تو ڪيڪ کارايو ھٿن سان،
    ڊسمبر ٻارنھين ھو ڄڻ ڪو سسڏڪو.

    نظر انداز مون کي تو ڪيو ڇو؟
    زخم دل منھنجي کي ڇالئه ڏنو تو؟......
    *


    تون وڃين ٿو پيو ڄامشوري پڙھڻ،

    تون وڃين ٿو پيو ڄامشوري پڙھڻ،
    منھنجي دل ۾ سوين وسوسا ٿا اُٿن،
    گم نه ٿي ڪٿي وڃين سھڻي شامن ۾ تون،
    نيڻ توکي ڏسڻ لئه متان پوءِ سڪن.

    ڪنھن الھڙ ڇوڪريءَ کي ڏئي پنھنجي دل،
    تون نه منھنجي محبت ڌڪاري ڇڏين،
    شھر جي رونقن ۾ متان قيد ٿي،
    ڳوٺ پنھنجو نه ڪٿ تون وساري ڇڏين.

    ڄامشوري جي جادوءَ کان پئي ڊڄان،
    جنھن گھڻين ڇوڪرين جي محبت کسي،
    ڳوٺ جي ڇوڪرين کي روئاري ڇڏيو،
    منھنجي دل پئي لڇي توکي ويندو ڏسي.

    وڃ ڀلي ڄامشوري پڙھي موٽجانءِ
    پنھنجي ننڍ پڻ جي چاھت نڪي رولجانءِ.
    *


    تو پنھنجي زھريلن روين،

    تو پنھنجي زھريلن روين،
    تي ويچاريو ڇو نه اڃان آ،
    نفرت جا ھي ڍير اندر ۾،
    ڇو پاليا ٿئي وير اندر ۾.

    پيار کان ڪوھين ڏور تون ڇالئه،
    ڇو انساني واٽ وساري،
    ٻاجھ ،رحم کان پاسيرو آن،
    چڱي ڪم کان پاسيرو آن.

    پاڻ کي ڪر تبديل تون ھاڻي،
    پيار جي ھن رنگين چمن ۾،
    پوک محبت جا گل سھڻا،
    ڏينھن نه ھر دم ساڳيا رھڻا.

    نفرت بدبو، سوچ الا ڪجھ،
    محبت خوشبو ، سوچ الا ڪجھ.
    *


    گيت

    تنھنجي ڪنوارن چپن جون ادائون

    تنھنجي ڪنوارن چپن جون ادائون
    تنھنجي سُھڻين اکين جون ادائون
    روح مھڪي پيو
    منڙو ٻھڪي پيو
    شل سُڻي دل چريءَ جون صدائون....

    لوڏ تنھنجي ردم جھُمر وانگي
    سڪ تنھنجي حدون وئي اورانگھي
    پئي ٿي تولئه لُڇي
    راھ تنھنجي تڪي
    شل سُڃاڻين تون منھنجون وفائون

    روح ريشمي تند تو سان
    منھنجي آھي جڙيل جند توسان
    ناتو ھي نيھن جو
    آھي توسان سچو
    مند وسڪارو ساکي گھٽائون.....

    درد، دمبورو تنھنجون تنوارون
    رات جي سانت تنھنجون سنڀارون
    پاند” گوھر“ ڀڄي
    عشق ۾ پيو جھڄي
    اڻ ميو پيار ڏي ڪَر سخائون.....
    *


    تون جو وئين آمريڪا ساجن

    تون جو وئين آمريڪا ساجن
    منھنجو پيار ٿُڏي
    پئي ٿي توکي دلڙي سڏي

    ڄامشوري ۾ پڙھندي تو ھو وچن ڪيومون سان
    ڏک سک ۾ گڏ ھونداسين مان رھندس توسان
    توکي ملي ويزا جيئن او من
    مون کي وئين تون ڇڏي
    پئي ٿي توکي دلڙي سڏي

    توسان گھاريل ماضيءَ جو ھو وقت نٿو وسري
    تڙپي تڙپي وقت الا وو منھنجو پيو گذري
    اڻپوري آھيان مان توبن
    واپس آءُ تڏي
    پئي ٿي توکي دلڙي سڏي

    ڇا توکي پرديس وڻي ويو گوھر“ ايڏو آ
    توکان پنھنجي ڌرتي ڇالئه وسري آھي ڀلا
    اڄ ڀي تون دل جي آن ڌڙڪڻ
    مون کي درد نه ڏي تون
    پئي ٿي توکي دلڙي سڏي.........
    پئي ٿي توکي دلڙي سڏي.........
    *


    چيٽ چانڊوڪيون،

    چيٽ چانڊوڪيون،
    ڦول ڦولار،
    سار تنھنجي وڌي،
    پريت تولئه لُڇي،
    تون ڪٿي او پرين تون ڪٿي او پرين!

    سيءَ جون راتيون،
    توسوا ڪاتيون،
    ھيءَ وڇوٽي زھر،
    او مٺا سوچ ڪر،
    ڪاڏي ويو آن لڪي.
    پريت تولئه لُڇي،
    تون ڪٿي او پرين تون ڪٿي او پرين!

    ھيڪلو ھيڪلو،
    توسوا ھيڪلو،
    لڙڪ سنڌوءَ جيان،
    ٿا وھن اک منجھان،
    پيو گذاريان سڪي،
    پريت تولئه لُڇي،
    تون ڪٿي اوپرين تون ڪٿي اوپرين!

    چاھ توسان ڳنڍيل،
    ساھ ۾ تون سبيل،
    سڱ ڇنڻو نه آ،
    ڏور وڃڻو نه آ،
    سڪ توسان سچي،
    پريت تولئه لڇي،
    تون ڪٿي او پرين تون ڪٿي اوپرين!
    * 


    تون سنڌ پري منھنجي آھين،تون ماڪ کان وڌ اُجري آھين،

    تون سنڌ پري منھنجي آھين،تون ماڪ کان وڌ اُجري آھين،
    من موھين ٿي تون باک جيان،
    تنھنجي سونھن جي سيوا جاري آ................

    نعمت بڻجي ربّ کان ملي آن، اومٺڙي تون منھنجي خوشي آن،
    منھنجي دل جي ڌڙڪن ٻوليو،تون پاڪيزه پريت منھنجي آن،
    وڇڙڻ جو تصور ماري ٿو،
    درشن اتساھ ڏياري ٿو.
    جيئري نه توکان ڌار ٿيان،
    تنھنجي سونھن جي سيوا جاري آ............

    ويس اڇو تو کي ٺھندو آ، حُور جنت جي لڳندي آھين،
    تنھنجي اَدا دل جھومائي ٿي، مرڪي جڏھن تون ڏسندي آھين،
    ان ويل ٺري ٿا نيڻ پون،
    ڪُڏي خوشيون منھنجا پير چُمن،
    جھومي پو جمالا ڇو نه چوان،
    تنھنجي سونھن جي سيوا جاري آ..........







    زھر جياپو اڳ منھنجو ھو،پيار ڏنئي ماکي بڻجي پيو،
    چانڊوڪيءَ جي ڀاڪر ۾ ھان،تنھنجي نيڻن آڳر ۾ ھان،
    پئي منھنجي قبول ٿي آھي دعا،
    ھن دل جا لٿا سڀئي اُلڪا،
    تنھنجو ساٿ ڇڏي ڪيڏانھن وڃان؟
    تنھنجي سونھن جي سيوا جاري آ........
    *


    سک کسي شل ڏک نه ڏين،

    سک کسي شل ڏک نه ڏين،
    ڌار نه ڪي پل مون کان رھين
    اوسھڻي دل تولئه سڪي........

    سيءَ پڇاٽا ٻير پَڪا،
    ڦَريون ڦوٽا جام لٿا،
    شال اھي گڏجي کائين،
    او سھڻي دل تولئه سڪي.........

    سرنھن ڦولار وڃڻ واري،
    مُند بھار وڃڻ واري،
    مست نظارن منجھ ملين،
    او سھڻي دل تولئه سڪي.........

    اوجاڳو ساٿاري آ،
    تنھن سان گھاٽي ياري آ،
    پنھنجي اکڙين ساڻ ڏسين،
    او سھڻي دل تولئه سڪي........

    توسان گڏ خوشحالي آ،
    مون سان گڏ بد حالي آ،
    ”گوھر“ لئه ويچارين،
    او سھڻي دل تولئه سڪي.............
    او سھڻي دل تولئه سڪي............
    *


    تنھنجي آڳر ۾ مُنڊي،

    تنھنجي آڳر ۾ مُنڊي،
    جنھن ۾ ھيرو جرڪي ٿو،
    تنھن جو ڀاڳ نرالو آ.......

    تنھنجي ڪنھن سان ڀيٽ ڪيان،
    سونھن ڪبوتر اُجري جيان،
    منھنجو پيار اُجالو آ.......

    روھيڙي جي گل جھڙو،
    پاتل آھي تو کي وڳو،
    ڦوھ جواني ڀالو آ......
    ڦلڙيون تنھنجي اجرڪ جون،
    دل سڪڻيءَ کي موھين ٿيون،
    چپ تي تنھنجو نالو آ....
    اُڀ نيراڻ لڪائي آ،
    وڻندڙ موسم آئي آ،
    ڪجھ ويچار جھڙالو آ.....

    مڃتا مون کي محبت جي،
    سڪ سان ڏين جي پاڻ اچي،
    پوءِ ھي گيت جمالو آ....
    * 


    اک اڙائي

    اک اڙائي
    دل تڙپائي،
    لڙڪ لِڪائي نچندي پُھتي......

    جنھن سان بيحد پيار ڪيو ھُن،
    جنھن کي پنھنجو ارپيو تن من،
    درد لِڪائي،
    نيھن نڀائي،
    لڙڪ لڪائي نچندي پُھتي....

    عشق اندر ۾ اڻ تڻ لاتس،
    اڻ کٽ يادن چين نه پاتس،
    ننڊ ڦٽائي،
    سڪ سمائي،
    لڙڪ لڪائي نچندي پھتي...


    ساجن جنھن سان ڪو نه نڀائي،

    ساجن جنھن سان ڪو نه نڀائي،
    وچن وساري ٿيو ھرجائي،
    چوٽ پچائي،
    روح ريجھائي،
    لڙڪ لڪائي نچندي پھتي....

    ھمت ھارڻ ڪا نه سِکي آ،
    نوريءَ نوڙت جا نه ڪُڇي آ،
    گھاءُ ڀلائي،
    مرڪ سجائي،
    لڙڪ لڪائي نچندي پھتي.......
    لڙڪ لڪائي نچندي پھتي.......
    * 


    ھُئي ھُئي تنھنجي مرڪ پياري،

    ھُئي ھُئي تنھنجي مرڪ پياري،
    ھُئي ھُئي تنھنجا ٽھڪ رسيلا.
    ڄڻ ڇيرن ڇَم ڇَم.

    ھُئي ھُئي تنھنجي سونھن نياري،
    ھُئي ھُئي منھنجي پريت اُڃاري،
    ھُئي ھُئي تنھنجا نيڻ نشيلا.
    دل تنھن ۾ گُم سُم.

    ھُئي ھُئي تنھنجي ڊيل جيان وک،
    ھُئي ھُئي تون نه ڏسين ڪوئي ڏک،
    ھُئي ھُئي تنھنجا ويس نويلا،
    شرمايو موسم.

    ھُئي ھُئي لمحا شام لڙيءَ جا،
    ھُئي ھُئي لمحا چانڊوڪيءَ جا،
    ھُئي ھُئي لمحا باک جا ويلا.
    بڻجي ماڪ رُنم.

    ھُئي ھُئي تنھنجو پيار اکين ۾،
    ھُئي ھُئي مست نھار اکين ۾،
    ھُئي ھُئي تنھنجا پور اويلا.
    تڙپايو پريتم.
    * 


    ھوءَ مھاڻي ڄار ڇنڊي پئي،

    ھوءَ مھاڻي ڄار ڇنڊي پئي،
    موراکا کاريءَ ۾ رکي پئي.

    تنھن جي اکين ۾ چمڪ نياري،
    سانوري رنگت بيحد پياري،
    خوشحاليءَ جا خواب ڏسي پئي.

    بيٺل ترندا نيٺ بتيلا،
    سنڌوءَ ڪپ تي مچندا ميلا،
    پيءُ جو اُڊڙيل رڇ ڳنڍي پئي.

    پھتو سنڌوءَ ۾ پاڻي پھتو،
    پَلو اڄ يا سڀاڻي پھتو،
    ويندا ختم ٿي ڏک چئي پئي.

    شام جي ويلي ڪُرڙو ڇِليندي،
    گھر ڀاتين لئه ٻوڙ رنڍيندي،
    پنھنجو ساجن ياد ڪري پئي.
    * 


    ساھ کان پياري،

    ساھ کان پياري،
    او دل واري،
    روز ملين شل مور نه وِڇڙين.

    توکي ڏسڻ سان ٽھڪ لھن ٿا،
    دل جھومي ٿي نيڻ ٺرن ٿا،
    ساٿ رھين تون،
    ڏک نه ڏين تون،
    روز ملين شل مور نه وڇڙين
    تُنھنجي سونھن جياپو مون لئه،
    منھنجي دل ڌڙڪي ٿي تولئه،
    او سُھڻي ٻڌ،
    او کلِڻي ٻڌ،
    روز ملين شل مور نه وِڇڙين.


    مُرڪ تنھنجي آ باک جو منظر،

    مُرڪ تنھنجي آ باک جو منظر،
    ٽھڪ تنھنجا موسيقيءَ جا سُرَ،
    او البيلي،
    سونھن نويلي،
    روز ملين شل مور نه وڇڙين.

    ”گوھر“ جو وڻندڙ سپنو تون،
    توکي آ سڪ مان پوڄيو مون،
    آس نچي ٿي،
    پريت ڪُڇي ٿي،
    روز ملين شل مور نه وڇڙين،
    *


    پريت جي نگريءَ منجھان،

    پريت جي نگريءَ منجھان،
    جيءَ کي جلاوطن ڇو ٿي ڪرين.

    سونھن جي پوڄا ڪندڙ ھِن
    پيار جي پورھيئي ڪندڙ ھِن
    جيءَ کي جلاوطن ڇو ٿي ڪرين.

    ھي تپيل سنسار سارو،
    ڪو به ناھي ٻيو سھارو،
    جيءَ کي جلاوطن ڇوٿي ڪرين.

    ڇو ڌِڪين اوڙاھ ڏي ٿي،
    ڇو تَڪين ٻي راھ ڏي ٿي،
    جيءَ کي جلاوطن ڇو ٿي ڪرين.

    پيار جو ڇَپر اُکيڙي،
    نفرتن کي تون سيھڙي،
    جيءَ کي جلاوطن ڇو ٿي ڪرين.

    توسان چاھت جو ڳانڍاپو،
    ڏي تون ”گوھر“کي جياپو،
    جيءَ کي جلاوطن ڇو ٿي ڪرين.
    * 


    تون انڊلٺ جي رنگن جھڙي،

    تون انڊلٺ جي رنگن جھڙي،
    تون مَڪَئي جي سنگن جھڙي،
    تون منھنجي سپني جي ساڀيان.

    تون گڏ لمحا مند بھارون،
    چئوڏس موتيئي جون مھڪارون،
    توسان پريت پتنگن جھڙي،
    تون منھنجي سپني جي ساڀيان.

    تنھنجي مرڪ وِرونھن نرالي،
    تنھنجي رَئي جي سونھن نرالي،
    مور پکيءَ جي کنڀن جھڙي،
    تون منھنجي سپني جي ساڀيان.

    نٽھڻ اُس جيان آھي حياتي،
    تو نه منھنجي سڪ آھي سُڃاتي،
    چاھ مان وڄندڙ چنگن جھڙي،
    تون منھنجي سپني جي ساڀيان.
    * 


    عِشق اکين ۾، عِشق رَڳن ۾،

    عِشق اکين ۾، عِشق رَڳن ۾،
    عِشق چپن تي،
    عِشق دَڳن تي،

    عِشق اُجالو،عِشق جمالو،
    عِشق ازل کان آھي حوالو،
    عِشق مھانگو،
    عِشق اَڻانگو،
    عِشق چَڳُن ۾،عِشق بدن ۾.

    عِشق علامت آھي دليري،
    عِشق علامت آھي فقيري،
    عِشق غريبي،
    عِشق اميري،
    عِشق ڏکن ۾ عِشق بُکن ۾.



    عِشق تصّور ۽ سوچن ۾،
    عِشق مصّور جي رنگن ۾،
    عِشق حقيقت،
    عِشق فضيلت،
    عِشق گلن ۾، عِشق ڪنڊن ۾.

    عِشق فقير جي ڪَشتي ۾ آ،
    عِشق ڪولابي ڪَنٺي ۾ آ،
    عِشق صدا ۾،
    عِشق دعا ۾،
    عِسق سَڳَن ۾ ،عِشق مَڻين ۾.

    عشق”گوھر“ کي مڃتا ڏيندو،
    عشق سچي جو وارو ايندو،
    عشق الستي،
    عشق جي مَستي،
    عشق وطن ۾ عشق ڪفن ۾.
    *


    ٽاڪ منجھند جو لُڪ لڳي پئي،

    ٽاڪ منجھند جو لُڪ لڳي پئي،
    لوٽو لَسيءَ جو آڻي مون کي،
    پنھنجي ھَٿڙن ساڻ پيئاريو،
    جيءُ جياريو جيءُ جياريو

    ڪوسا جھولا مند ڏُکيري،
    ساٿ نڪي آ ھير ٿڌڙي،
    ٿڪ لٿا کلندي کيڪاريو،
    جيءُ جياريو جيءُ جياريو.

    ماکيءَ ۽ مَکڻ مانيءَ ۾،
    تو کارايو مھمانيءَ ۾،
    ٻاجھاري نظرن سان نھاريو،
    جيءُ جياريو جيءُ جياريو.

    تنھنجي سڪ پريت سگھاري،
    ڦوھ جواني سونھن نياري،
    پاڻ کي تو سھڻو سينگاريو.
    جيءُ جياريو جيءُ جياريو.

    ”گوھر“ ڪئي دل تنھنجي حوالي،
    شال رکين تون پاڻ سنڀالي،
    عشق تنھنجي آ روح اُجاريو.
    جيءُ جياريو جيءُ جياريو.


    اکيون سھڻيون ڊگھو چوٽو،

    اکيون سھڻيون ڊگھو چوٽو،
    وار ڪارا ،بدن ٺھندڙ،
    ڇڏيو موھي منھنجي دل کي.

    ڇليل بادام جا گورا،
    سونھن اُجري سِڪا ڪورا
    ھلڻ تنھنجي،
    کِلڻ تنھنجي.
    ڇڏيو موھي منھنجي دل کي.

    کڻي نظرون ڏسين ٿي تون،
    اَدا معصوم ۽ مرڪون،
    عطا تنھنجي ،
    سخا تنھنجي.
    ڇڏيو موھي منھنجي دل کي.

    وسين ٿي ڄامشوري ۾،
    ھوائن جي ھِندوري ۾،
    وڻن پيا ٿا،
    ٽھڪ تنھنجا.
    ڇڏيو موھي منھنجي دل کي.

    ”گوھر“ توکي پڪاريو آ،
    سڪي تڙپي گذاريو آ،
    اچڻ تنھنجي،
    ملڻ تنھنجي.
    ڇڏيو موھي منھنجي دل کي.
    *


    وايون

    ککيءَ کاري

    ککيءَ کاري
    تماچيءَ کي ڏسي مُرڪي

    مھاڻي جي ڪھُلن تي ھئي
    ڊگھي ڄاري
    تماچيءَ کي ڏسي مُرڪي

    سونھن ۽ سادگي نوڙت
    اَدا پياري
    تماچيءَ کي ڏسي مُرڪي

    سَمي دل دان ڪئي سڪ سان
    وفا ساري
    تماچيءَ کي ڏسي مُرڪي

    حجابن جي ھندوري ۾
    لڏڻ واري
    تماچيءَ کي ڏسي مُرڪي
    *


    نفرت اُڇلائي،

    نفرت اُڇلائي،
    آءُ اسان جي ساٿ ۾.
    سنڌڙي تنھنجو ديس آ،
    محبت اُٿلائي،
    آءُ اسان جي ساٿ ۾.
    بُغضي ڪاريھر ڪڍي،
    تِن کي ڪچلائي،
    آءُ اسان جي ساٿ ۾.
    من ۾ پوک گلاب تون،
    ڀئنورا ڀنڀلائي،
    آءُ اسان جي ساٿ ۾.
    ”گوھر“ جيان احساس کي،
    گيڙو رنگ لائي،
    آءُ اسان جي ساٿ ۾.
    *


    ڇا تون جي سگھندين؟

    ڇا تون جي سگھندين؟
    خوشبوءَ کي گروي رکي!

    چمبيليءَ وَل کي وڍي،
    واس وٺي سگھندين،
    خوشبوءَ کي گروي رکي!

    گندرف سڙيل باغ ۾،
    ڀئور! ڀِري سگھندين،
    خوشبوءَ کي گروي رکي!

    فطرت کان ٿي اوپرو،
    خوش رھي سگھندين،
    خوشبوءَ کي گروي رکي!

    ”گل“ کي ٽاريءَ مان پٽي،
    سُور سھي سگھندين،
    خوشبوءَ کي گروي رکي!
    *


    جذبا روڪيندي،

    جذبا روڪيندي،
    وڇوڙو ڀوڳيو سدا.

    ميلاپو ٿيندو ڪڏھن، تولئه سوچندي،
    وڇوڙو ڀوڳيو سدا.

    محبت ناھي مشڪري، پل پل لوچيندي،
    وڇوڙو ڀوڳيو سدا.

    دل تي ھَرُ سڪ جو ڏئي، وفا پوکيندي،
    وڇوڙو ڀوڳيو سدا.

    ”گل“ جي فطرت آ، اھا خوشبو اوتيندي،
    وڇوڙو ڀوڳيو سدا.
    *


    تنھنجي لفظن مان

    تنھنجي لفظن مان
    گندرف جي ڌپ ٿي اچي.

    انٽريو جيڪو ڏنئي،
    تنھنجي جملن مان،
    گندرف جي ڌپ ٿي اچي.

    واءُ اُتر چغلي کنئي،
    تنھنجي توبن مان،
    گندرف جي ڌپ ٿي اچي.

    ماڻھو ويا سمجھي اٿئي،
    تنھنجي روين مان،
    گندرف جي ڌپ ٿي اچي.

    جام لَھوءَ لب تي جشن،
    تنھنجي ٽھڪن مان
    گندرف جي ڌپ ٿي اچي،.
    * 


    الا ھي انسان

    الا ھي انسان
    ڪيڏو ظالم ٿو لڳي.

    سونھن نگر جي ديس ۾،
    بارودي سامان،
    ڪيڏو ظالم ٿو لڳي.

    پيار تي پابنديون ھڻي،
    جَرڳي اندر خانُ،
    ڪيڏو ظالم ٿو لڳي.

    لڪي مذھب اوٽ ۾،
    مفتيءَ جو فرمانُ،
    ڪيڏو ظالم ٿو لڳي.
    *


    منھنجي جيجلڙي

    منھنجي جيجلڙي
    مون کان وسري ئي نٿي،

    ساٿ ڇڏي ھو اوچتو، وئي آھي وڇڙي،
    منھنجي جيجلڙي مون کان وسري ئي نٿي،

    ھن سھڻي سنسار کان، ڏاڍو ڏور وئي،
    منھنجي جيجلڙي ، مون کان وسري ئي نٿي،

    مون وٽ سارڻيون ڇڏي،آھي وئي امڙي،
    منھنجي جيجلڙي، مون کان وسري ئي نٿي،

    درد رانڀوٽو روح ۾، گھاءُ پيو اُکڙي،
    منھنجي جيجلڙي، مون کان وسري ئي نه ٿي.
    منھنجي جيلڙي، مون کان وسري ئي نه ٿي.
    *


    منھنجي دردن کي،

    منھنجي دردن کي،
    تو نه سڃاتو آ اڃان.

    پيڙائون ڀوڳيان پيو،
    منھنجي زخمن کي،
    تونه سڃاتو آ اڃان.

    آءٌ اڪيلو ڳوٺ ۾،
    منھنجي جذبن کي،
    تونه سڃاتو آ اڃان.

    گونجن پيا جھرجھنگ ۾،
    منھنجي گيتن کي،
    تونه سڃاتو آ اڃان.

    آليون ”گوھر“ جون اکيون،
    منھنجي ڳوڙھن کي،
    تونه سڃاتو آ اڃان.
    *


    مرڪ نه ماروئڙن،

    مرڪ نه ماروئڙن،
    سنڌوء َ ۾ پاڻي جھڪو.

    ڦڙو ناھي موڪ ۾،
    پوکيل ٻج سُڪن،
    سنڌوءَ ۾ پا ڻي جھڪو.

    وارا بنديءَ جي ڪري،
    ماڻھو روز وڙھن،
    سنڌوءَ ۾ پاڻي جھڪو.

    ڦريم لڳل مانڊول ۾،
    واھ به گھٽ وَھن،
    سنڌوءَ ۾ پاڻي جھڪو.

    کوٽ نه آ پنجاپ جا،
    واھ سڀئي ڇلڪن،
    سنڌوءَ ۾ پاڻي جھڪو.

    ڄامشوري ماڳ تان،
    واريءَ ڀِٽ اُڏن،
    سنڌوء َ ۾ پاڻي جھڪو.

    ليڊر پنھنجي ديس جا،
    پوءِ ڀي ماٺ رھن،
    سنڌوءَ ۾ پاڻي جھڪو.
    *


    ھاڻي ڇا ٿيندو؟

    ھاڻي ڇا ٿيندو؟
    پورھيت سوچي ٿو.

    سارين اگھ لھي ويا،
    قرض نه لاھيندو،
    پورھيت سوچي ٿو.

    پَر جي کائڻ لئه کٽي،
    ڪير اٽو ڏيندو؟
    پورھيت سوچي ٿو.

    ڪٿان رکان ڏن لئه،
    مرشد ڀي ايندو،
    پورھيت سوچي ٿو.

    وياج پروڪو آ رھيل،
    ھيل وڌي ويندو،
    پورھيت سوچي ٿو.

    چيٽ فصل چٽ قرض ۾،
    ڇا مون لئه بچندو،
    پورھيت سوچي ٿو.
    *


    ڪنھن جي نيڻ کي ،

    ڪنھن جي نيڻ کي ،
    ننڊ نه آئي رات جو،

    ڀائر ٿاڻي تي ٽنگيل، گھر ۾ ڀيڻن کي،
    ننڊ نه آئي رات جو.

    بک جي ڀاڪر ۾ ٻکيل،ھيسيل ھيڻن کي،
    ننڊ نه آئي رات جو.

    روئندي ٻار سمھي پيا، ٻرندڙ ڏيئن کي،
    ننڊ نه آئي رات جو.

    ڳوٺ کُليو اسڪول جيئن،پيرن،ميرن کي،
    ننڊ نه آئي رات جو...
    ننڊ نه آئي رات جو...
    *


    چانديءَ جو ڪڱڻ،

    چانديءَ جو ڪڱڻ،
    مشڪي ٻانھن ۾،
    ڪيڏو سھڻو ٿو لڳي.

    سرمون جو پاتل اٿس،
    مست نگاھن ۾،
    ڪيڏو سھڻو ٿو لڳي.

    پيلو ڦول سرنھن جو،
    ساون گاھن ۾،
    ڪيڏو سھڻو ٿو لڳي.

    اوسيئڙو جو مون ڪٽيو،
    تنھنجي راھن ۾ ،
    ڪيڏو سھڻو ٿو لڳي.

    سورج سرتيءَ گج تي،
    ٽاڪيل ڪاون ۾،
    ڪيڏو سھڻ ٿولڳي.
    *


    خوشبوءَ کي پوکي،

    خوشبوءَ کي پوکي،
    تولئه آڻيندس خوشيون.
    .

    ھير ٿڌيري مُند ۾،
    لڙڪن کي روڪي،
    تولئه آڻيندس خوشيون.

    زخمي ھينئڙي جي اندر،
    روح نئون ڦوڪي،
    تولئه آڻيندس خوشيون.

    ھن درديلي ديس ۾،
    اتساھي توکي،
    تولئه آڻيندس خوشيون.
    *


    مُرڪ تنھنجي مٺي،

    مُرڪ تنھنجي مٺي،
    سونھن تنھنجي چٽي،
    تون منھنجي زندگي......

    چنڊ پيو ٿو تڪي،
    توڏي مون ڏي يڪي،
    تون منھنجي زندگي.....

    ناھي بدبو ھتي،
    ساٿ خوشبورُڳي،
    تون منھنجي زندگي.....

    پيار جي سمنڊ ۾،
    آھڻون گڏ ٽٻي،
    تون منھنجي زندگي....

    تولئه بيچين آ،
    تنھنجو”گوھر“ سچي،
    تون منھنجي زندگي....
    *


    پنجڪڙا

    عزيزو منھنجا چاڪ چوليو متان،

    عزيزو منھنجا چاڪ چوليو متان،
    ڏِنَوَ ڪينَ ڀُلجي ڪڏھن چاھتون،
    ٻچن جون اوھان کي اَٿَوَ پارتون،
    وڃڻ بعد پوءِ تن کي روليو متان،
    عزيزو منھنجا چاڪ چو ليو متان.
    *


    ويو جو وقت گذري ڇڏ انھي ءَ کي،

    ويو جو وقت گذري ڇڏ انھي ءَ کي،
    شروع نئين پيار جي تحريڪ ڪر تون،
    ٺيڪ ناھن رويا ٺيڪ ڪر تون،
    تولئه تڙپي پيو جو سڏ انھيءَ کي،
    ويو جو وقت گذري ڇڏ انھيءَ کي.
    *


    مڃتائن جا رستا روڪين ٿا،

    مڃتائن جا رستا روڪين ٿا،
    واس ھوا تي، تن جو ڪو اختيار نه آ،
    روشني اوندھ ۾ ڪيئن ٿيندي قيد ڀلا،
    بغض، حَسد ۽ ساڙ انائون ڀوڳين ٿا،
    ھي جي مڃتائن جا رستا روڪين ٿا.
    *


    ادبي داداگيرن پنھنجا دنگ ڪڍيا،

    ادبي داداگيرن پنھنجا دنگ ڪڍيا،
    مڃتا ڏيڻي آ مخصوص اديبن کي،
    دعوت ناھي ڏيڻي چئي ۾ ناھن جي،
    وقت جي گردش تن کان ھوش حواص کسيا،
    ادبي داداگيرن پنھنجا دنگ ڪڍيا.
    *


    ڇا تو سان پيار جو اظھار ڪريان؟

    ڇا تو سان پيار جو اظھار ڪريان؟
    بنا اظھار جي سمجھين نه ٿي تون!
    منھنجي اکين کي ڇو پرکين نه ٿي تون!
    فقط تولاءِ پيو سينگار ڪريان !
    ڇا تو سان پيار جو اظھار ڪريان؟
    *


    ھي خماريل چيرويون تنھنجون اکيون،

    ھي خماريل چيرويون تنھنجون اکيون،
    جن ۾ سانڍيل ڪائناتي ڪل حُسن،
    امن جي اُجري پکيءَ جھڙو بدن،
    جيءَ کي ڏئي جھير ويون تنھنجون اکيون
    ھي خماريل چيرويون تنھنجون اکيون.
    *


    اڪثر سياستدان وڪائو مال جيان،

    اڪثر سياستدان وڪائو مال جيان،
    جيڪي ڪو نه وڪاڻا قومي ھيرا ھن،
    ڌرتي ھت غدار رڳو ڄڻيا ناھن،
    سچا ليڊر جيل سزائون ڀوڳين ٿا،
    اڪثر سياستدان وڪائو مال جيان.
    *


    ساون کيتن جيئن سونھري ويس ڍڪيو

    ساون کيتن جيئن سونھري ويس ڍڪيو
    ھير ڏکڻ جي سُرھا واس کڻي آئي،
    ماضيءَ جا حُسناڪ تصور تنھائي،
    اوسيئڙي ۾ لڇندي درد رنگين چکيو،
    ساون کيتن جيئن سونھري ويس ڍڪيو.
    *


    ڌرتي سونھن، پريت ۽ طبقاتي پيڙا،

    ڌرتي سونھن، پريت ۽ طبقاتي پيڙا،
    منھنجي ڪُل ڪوتا ۾ تن جا رنگ چٽا،
    دنيا جي مظلوم دلين جي درد ڪٿا،
    لفظ لفظ ۾ سچ حقيقت پڌري آ،
    ڌرتي سونھن پريت ۽ طبقاتي پيڙا.

    *


    اکين ۾ زندگيءَ جا رنگ وڻندڙ،

    اکين ۾ زندگيءَ جا رنگ وڻندڙ،
    ڪٿان آندا اٿئي ھي خوبصورت،
    ڏسي تن کي ڪيم توسان محبت،
    بدن بخمل سُريلا انگ وڻندڙ،
    اکين ۾ زندگيءَ جا رنگ وڻندڙ.
    *


    حجر اسود جيئن ڪعبي سان جُڙيل،

    حجر اسود جيئن ڪعبي سان جُڙيل،
    شال مون سان تون ايئن جڙيل رھين،
    پل به ھڪڙو تون نه مون کان ڌار ٿيئين،
    سونھن تنھنجيءَ ۾ اکيون منھنجون اڙيل
    حجر اسود جيئن ڪعبي سان جڙيل.

    *


    گگھ اوندھ مثل آءُ تون روشني،

    گگھ اوندھ مثل آءُ تون روشني،
    جھالت جي سمنڊ ۾ غرق جيون،
    ماڻھپي تي رسايو تنھنجي جلون،
    ٻاجھ ڪئي تو، وساري دشمني مون،
    گگھ اوندھ مثل آءُ روشني تون.
    *


    ڦوھ جوڀن ۾ ڪُسي وئي سونھن آ

    ڦوھ جوڀن ۾ ڪُسي وئي سونھن آ
    چنڊ پھريو سوڳ ۾ ڪارو جبو
    ٿرٿلي ۾ آ ڀٽائيءَ جو قبو
    ڇو رٺل ھن ديس کان ورونھن آ
    ڦوھ جوڀن ۾ ڪُسي وئي سونھن آ

    *


    تو ڏني جا خواب ۾ مون کي چُمي،

    تو ڏني جا خواب ۾ مون کي چُمي،
    شل اھا ڏين ساڀيا ۾ تون مون کي
    ياد آن ھر پل دعا ۾ تون مون کي،
    نقش ٿيل من ۾ تصّور ريشمي،
    تو ڏني جا خواب ۾ مون کي چمي.
    *


    طورسينا جبل وانگي جلي مون،

    طورسينا جبل وانگي جلي مون،
    مِٽائي پنھنجي ھستي کي ڇڏيو آ،
    تو کي ماڻڻ جو سپنو ئي رکيو آ،
    ڀوڳيا درد ھن تنھنجا کلي مون،
    طورسينا جبل وانگي جلي مون.

    *


    ڇو نه منھنجون التجائون تو ٻڌيون،

    ڇو نه منھنجون التجائون تو ٻڌيون،
    تون سدا پنھنجي دنيا ۾ رھيئين
    پنھنجو ھوندي ڀي نه تون منھنجو ٿيئين
    غير جي منھن مان گلائون تو ٻڌيون
    ڇو نه منھنجون التجائون تو ٻڌيون
    *


    تو سدا کلندي ڏٺو آھي مون کي،

    تو سدا کلندي ڏٺو آھي مون کي،
    منھنجي نيڻن ۾ لڪل آ ڪربلا،
    منھنجي پيڙا تو نه سمجھي ڇو ڀلا،
    تنھا روئندي تو ڏٺو ناھي مون کي،
    توسدا کلندي ڏٺو آھي مون کي.

    *


    تنھنجي ويجھو آيس تو ويساھ ڏنو،

    تنھنجي ويجھو آيس تو ويساھ ڏنو،
    تو تبديلي منھنجي جيون ۾ آندي،
    تو تبديلي دل جي ڌڙڪڻ ۾ آندي،
    تنھنجي گفتن ڏات کي نئون اتساھ ڏنو،
    تنھنجي ويجھو آيس تو ويساھ ڏنو.
    *


    ڪاري ڪامڻ جي وائرس جيان آ ضدي،

    ڪاري ڪامڻ جي وائرس جيان آ ضدي،
    درد منھنجي پچر ھت ڇڏي ئي نه ٿو،
    چين توبن مون کي ھت اچي ئي نه ٿو،
    سارَ منھنجي مسيحا نه ٿئي ڇو لڌي،
    ڪاري ڪامڻ جي وائرس جيان آ ضدي.

    *


    بند اکين ۾ تنھنجو تصّور ئي آھي

    بند اکين ۾ تنھنجو تصّور ئي آھي
    ريشم جھڙن خوابن کي ساڀيائون ڏي
    منھنجي اُجري چاھت کي مڃتائون ڏي،
    توکان سواءِ ٻئي ڪنھن لئه سوچيو ئي ناھي،
    بند اکين ۾ تنھنجو تصّور ئي آھي.

    *


    منھنجي رت ۾ بغاوت ڊڪي ٿي پئي،

    منھنجي رت ۾ بغاوت ڊڪي ٿي پئي،
    سنڌ تنھنجي محبت جو آھي اثر،
    منھنجي مارن جو آھت جياپو زھر،
    سامراجي عداوت اُٿي ٿي پئي،
    منھنجي رت ۾ بغاوت ڊُڪي ٿي پئي.
    *


    جنگي قيدي جھڙو جياپو منھنجو آ،

    جنگي قيدي جھڙو جياپو منھنجو آ،
    پيار، خوشين ۽ شفقت کان محروم آھيان،
    اُجرا امن جا خواب رٺل ھن نيڻن کان،
    ڏک ۽ لڙڪن سان لاڳاپو منھنجو آ،
    جنگي قيدي جھڙو جياپو منھنجو آ.
    *


    ھڏڪي تنھنجي نانءُ وٺڻ سان مرڪي پئي،

    ھڏڪي تنھنجي نانءُ وٺڻ سان مرڪي پئي،
    تو جو مون کي ساريو تنھنجا قرب لکين،
    شال مون کي تون پنھنجي ٻانھن منجھ ٻکين،
    ماڪ اَسُر جي سونھن چمڻ سان مرڪي پئي،
    ھڏڪي تنھنجي نانءُ وٺڻ سان مرڪي پئي.

    *


    چنڊ مٺيءَ جي گج جي ٽاڪيل ڪاون ۾،

    چنڊ مٺيءَ جي گج جي ٽاڪيل ڪاون ۾،
    من موھيندڙ منظر نيڻ ٺري پيا ھن،
    خوشين جو ڀاڪر آ ڏک ڀڄي پيا ھن،
    ھاڻ نه ڪوئي درد اندر جي گھاوَن ۾،
    چنڊ مٺيءَ جي گج جي ٽاڪيل ڪاون ۾.
    *


    ھاءِ وڇوڙا ٽٽندا جوڙا آءُ نه تون

    ھاءِ وڇوڙا ٽٽندا جوڙا آءُ نه تون
    سڪ نه لاٿي سونھن پريمين پريت منجھان،
    درد جي موسم جا پيو ٿو آثار ڏسان،
    پيار ڪندڙ دلين کان کس نه الا خوشيون،
    ھاءِ وڇوڙا ٽٽندا جوڙا آءُ نه تون.

    *


    تون ڇا ڄاڻين باک ڦٽيءَ جي منظر کي،

    تون ڇا ڄاڻين باک ڦٽيءَ جي منظر کي،
    تنھنجا نيڻ اَسُر جي ويلي خواب ڏسن،
    ڪوڪ نڪي ڪويل جي تنھنجا ڪَنَ سُڻن،
    تو نه ڏٺي آ ماڪ اَسُر جي آڳُرَ تي،
    تون ڇا ڄاڻين باک ڦٽيءَ جي منظر کي.

    *


    چوڙيون تنھنجي ٻانھن چمڻ سا ن مرڪي پيون،

    چوڙيون تنھنجي ٻانھن چمڻ سا ن مرڪي پيون،
    خوشبو تنھنجي وارن ۾ ٿي رقص ڪري،
    اونداھيءَ ۾ سونھن تنھنجي ڄڻ چنڊ ٻري،
    سوچون تنھنجي ياد اچڻ سان مرڪي پيون،
    چوڙيون تنھنجي ٻانھن چمڻ سان مرڪي پيون.
    *


    سڀ لئه گھاٽي ڇانوَ ۽ مون لئه نٽھڻ آن،

    سڀ لئه گھاٽي ڇانوَ ۽ مون لئه نٽھڻ آن،
    تنھنجي خود غرضين ھيءُ روح رنجايو آ،
    ڇا تو وٽ احساس نه ڀلجي آيو آ،
    ڪيڏيون خوشيون مون لئه روئڻ آن،
    سڀ لئه گھاٽي ڇانوَ ۽ مون لئه نٽھڻ آن.

    *


    ڪارا تر ٻئين تنھنجي ڪنڌ ۽ کاڏيءَ جا،

    ڪارا تر ٻئين تنھنجي ڪنڌ ۽ کاڏيءَ جا،
    تنھنجي بدن تي امن علامت ھن بڻيل،
    حسرت ساڻ تڪي پئي تن ڏي منھنجي دل،
    سونھن تنھنجيءَ کي سجدا ڪن پيا نيڻ سدا،
    ڪارا تر ٻئين تنھنجي ڪنڌ ۽ کاڏيءَ جا

    *


    منھنجي ذھن ۽ سوچ تصّور ۾ تون ئي،

    منھنجي ذھن ۽ سوچ تصّور ۾ تون ئي،
    ڇانيل آھين توکي وسارڻ وس ۾ نه آ،
    تون ڪنھن کي ٿي چاھين خبر نه مون کي ڪا
    تو کي چاھيو حد کان وڌ چاھيو مون ئي،
    منھنجي ذھن ۽ سوچ تصّور ۾ تون ئي.
    *


    وار تو جڏھن ڇوڙيا،

    وار تو جڏھن ڇوڙيا،
    تنھنجو ويو لڪي چھرو،
    روشنيءَ تي پيو پھرو،
    ٻاٽ پنھنجا ڪر موڙيا،
    وار تو جڏھن ڇوڙيا.

    *


    زندگي پئي گذري،

    زندگي پئي گذري،
    پڇ نه تون اھو مون کان،
    ڇا لڪايو آ توکان،
    باھ ۾ پئي پڄري،
    زندگي پئي گذري.

    *


    تون جڏھن ڇڏي ويندينءَ،

    تون جڏھن ڇڏي ويندينءَ،
    پنھنجي ڄامشوري کي،
    روح جي ھندوري کي،
    تون نڪي وري ايندينءَ،
    تون جڏھن ڇڏي ويندينءَ.

    *


    تون منھنجي خوشي آھين،

    تون منھنجي خوشي آھين،
    ساھ جي رڳن جھڙي،
    چيٽ جي حُسن جھڙي،
    ووڻن جي ڦٽي جھڙي آھين،
    تون منھنجي خوشي آھين.

    *


    سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن لئه جنھن نه لکيو،

    سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن لئه جنھن نه لکيو،
    تنھن ليکڪ جي منھن ۾ ڪاري ڌوڙ وجھو،
    جنھن به ڪئي غداري تنھن کي اک ۾ رکو،
    ڌرتيءَ جي تاريخ منافق تنھن کي سڏيو،
    سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن لئه جنھن نه لکيو.
    *


    ھاءِ سوزڪي ڪار اڇي رنگ جي تنھنجي،

    ھاءِ سوزڪي ڪار اڇي رنگ جي تنھنجي،
    جنھن ۾ گھمين ٿي ڪارو چشمو تون پائي،
    دل سڪڻيءَ کي ڪير ڀلا پوءِ سمجھائي،
    تلخ حقيقت فرق سماجي پيس تڙپي،
    ھاءِ سوزڪي ڪار اڇي رنگ جي تنھنجي.
    *


    ھونءَ ته اسان جو ميل بظاھر نا ممڪن،

    ھونءَ ته اسان جو ميل بظاھر نا ممڪن،
    پر جي تون چاھيندينءَ واٽ ٺھي پوندي،
    طبقاتي ويڇن جي ڀِت ڊھي پوندي،
    سڪ سان جي ويچارين پو سڀ ڪجھ ممڪن،
    ھونءَ ته اسان جو ميل بظاھر نا ممڪن.
    *


    منھنجي دل پنجاپ جيان خوشحال نه آ،

    منھنجي دل پنجاپ جيان خوشحال نه آ،
    مون وٽ اڻ کٽ پيڙا ۽ بک بد حالي،
    پل به نه ھڪڙو ڳوڙھن کان اکڙيون خالي،
    خوشيون اڻ لڀ دردن جو ھت ڪال نه آ،
    منھنجي دل پنجاپ جيان خوشحال نه آ.
    *


    حُسين تنھنجي صبر تان صدقي حُسين تون بي مثال آھين،

    حُسين تنھنجي صبر تان صدقي حُسين تون بي مثال آھين،
    ڪھائي ڪربل ۾ دادلا سڀ تو دين اسلام کي بچايو،
    يزيديت کي فنا ڪري تو حُسينيت جو فڪر ٻڌايو،
    حُسين تنھنجي عظيم ھستي حُسين تون لازوال آھين،
    حُسين تنھنجي صبر تان صدقي حُسين تون بي مثال آھين.

    *


    چڱي جنگ ناھي امن لئه اٿو،

    چڱي جنگ ناھي امن لئه اٿو،
    بمن جي نه ورکا ڪريو ڀونءِ تي
    نڪي گيت جي ڪا صدا ٿي اچي
    دنيا جا او رھبر اوھان ماٺ ڇو،
    چڱي جنگ ناھي امن لئه اٿو.

    *


    سونھن پريءَ جي پوتي ڀرٿ ڀريل موھيو،

    سونھن پريءَ جي پوتي ڀرٿ ڀريل موھيو،
    تنھن جا وڻندڙ رنگ سرنھن ڦولار جيان،
    شال نه ھڪڙو پل ڀي ھن کان ڌار ٿيان،
    منھنجي دل کي ھن جي نيڻ ڪجل موھيو،
    سونھن پريءَ جي پوتي ڀرٿ ڀريل موھيو.

    *


    عزيزو ڇڏي ويڇا ويجھو اچو

    عزيزو ڇڏي ويڇا ويجھو اچو
    ڪڍي دل مان ويريون ونڊيو پيارکي
    وڇايو گلن کي ڪڍو خار کي
    چڱي ناھي نفرت انھيءَ کان بچو
    عزيزو ڇڏي ويڇا ويجھو اچو.

    *


    چوي لوڪ ڇا ڀي نه پرواھ ڪا

    چوي لوڪ ڇا ڀي نه پرواھ ڪا
    اسان سچ سان نيھن لائي ڇڏيو
    اسان ڪوڙ ڌوڪو ڀڄائي ڇڏيو
    وفا ۾ اسان ماڻي اڻ کٽ سزا
    چوي لوڪ ڇا ڀي نه پرواھ ڪا.

    *


    منھنجي ڪوجھي مستقبل کي سھڻو ڪر،

    منھنجي ڪوجھي مستقبل کي سھڻو ڪر،
    حال آ گدلو پيار جو سخت ڏڪار ھتي،
    بغض ، حسد ۾ ماڻھو ھن بيمار ھتي،
    ڌوڙ ڌوئي دردن جي دل کي سھڻو ڪر،
    منھنجي ڪوجھي مستقبل کي سھڻو ڪر.

    *


    ٽيڙو

    1

    1
    پنھنجي ڀاڪُر ۾،
    قيد ڪري ڇڏ او مٺي،
    نيڻن آڳر ۾
    *

    .ٿر،ڪاڇو ساکي،
    لاڙ ،وچولو ۽ اُتَر،
    تون مٺڙي ماکي.
    *

    آزادي ملندي،
    ھاريو ناھي حوصلو،
    خوشحالي نچندي.
    *

    وقت جي قيمت ڄاڻ،
    وارث جيجل سنڌ جا،
    ماٺ ۾ آن ڇا ڪاڻ.
    *


    بازَر ۾ پندي،
    جوڳياڻيءَ کي پيا ڏسن،
    ڪي ماڻھو کِلندي.
    *

    پيار نه بَدَبوُ،
    پيار سمورو او پرين،
    خوشبو ئي خوشبو.
    *

    آخر ٿيندي جيت،
    دَٻجي وينديون نفرتون،
    مرڪي پوندي پريت
    *

    عورت جي تاريخ ،
    پيڙائن سان آ ڀريل،
    ڄڻ ڪا تپيل سيخ.
    * 

    سرنھن جي ڦولار،
    ساڳ پٽيو سُھڻين پئي،
    چئوڌاري ھٻڪار.
    *

    سرنھن جي ڦولار،
    ھاري ڳاھي ڳاھ پيو،
    مُک تي گھنج ھزار.
    *

    سرنھن جي ڦولار،
    مينھون لوسڻ پوک ۾،
    پورھيت جي ڪوڪار.
    *

    آس اِھا آھي،
    مون وٽ ھلي تون اچين،
    ويڇن کي ڊاھي .
    * 








    سورج مرڪي ٿو،
    وينگس گج تي ٽاڪيل،
    ڪائو چمڪي ٿو.

    ٽانڊا ٽمڪن ٿا،
    سرد اُماس راتيون،
    جذبا تڙپن ٿا.

    جوھي ۽ ڪاڇو،
    من ۾ ساري سنڌڙي،
    کير ٿر پاڇو.

    سرنھن جي ڦولار،
    رنگا رنگي ويس ۾،
    ڪونجن جي قطار.
    * 


    2

    2
    گھورن پيا ھر ھر،
    مارئي ھاسٽل سامھون،
    لوسي ۽ لوفر.

    چَرس جا سوٽا،
    بوائيز ھاسٽل جي اندر،
    ڀنگ،ڏنڊا ،ڪونڊا.

    پھتا ڪو نه ڪلاس ۾،
    آرٽ فيڪيلٽيءَ لان ۾،
    چرچن جا اُڀياس.

    اک ويس اٽڪي،
    سنڌ ورسٽيءَ ۾ ويو،
    آھي ھُو ڀٽڪي.
    * 


    3

    3

    فڪر سيد جو،
    ذھن ۾ ٽاڪيل،
    ڪير اُڊيڙيندو.

    لھي ويون ساريون،
    قرض نه لاٿو پورھيت،
    ويا جيءَ جون گاريون.

    واھ نه ھُيس ڪا ٻي،
    وياج نگر ۾ ويو رکي،
    غيرت کي گروي.

    سيّد جو فرمان،
    سنڌ سپوتن لئه مثل،
    گيتا ۽ قرآن.
    * 


    4

    4




    جَلسي ۾ تقرير،
    ڳاڙيا پئي واڳونءَ جيان،
    ليڊر اکڙين نير.

    جَلسي ۾ تقرير،
    وچن ورجائي پيو،
    بدليندُس تقدير.

    جَلسي ۾ تقرير،
    سدا جيئي سنڌڙي،
    مان ھوشوءَ شَمير.

    ڪنھن کي ڳولي ٿي،
    گھاٽي وڻ جي لام،
    جھرڪي ٻولي ٿي.
    * 


    5

    5

    پير، وڏيرا، خان،
    ڊالر تي وڪڻي چُڪا،
    ڌرتي ۽ ايمان.

    وڙھي پيا ايجنٽ،
    پولنگ اسٽيشن اندر،
    ڏندي ڄُنڊا پَٽ.

    واھ نه ھين ڪا،
    آفيسن ۾ زوري ھَيئون،
    ٺپن تي ٺپا.

    مظلومن نعرو،
    ڪيسين رھندو ڏاڍ ھي،
    ورڻو آ وارو.
    *


    بيت

    سنڌ آ ٽاڪيل ساھ ۾ سنڌ نه مون کان ڏور

    سنڌ آ ٽاڪيل ساھ ۾ سنڌ نه مون کان ڏور
    سنڌ اکين جو نور ،سنڌ جياپي جو سبب

    امن ڪٿي آھين ،موٽ اسان جي سنڌ ڏي
    ڀلجي ويو آھين ، ڇا رستو ھن ڀونءِ جو

    تون انٽر نيٽ تي ھر پل آن گُم سُم
    ٻاھر ڏس موسم ڪيڏي پياري ٿي لڳي

    ڪروڙين وجود ، ڪاري ڪامڻ قيد ۾
    توڙي لامحدود، وسيلا ھن ديس جا
    *


    ميان تو وٽ ماڻھپو مانگھو ڇا لاءِ،

    ميان تو وٽ ماڻھپو مانگھو ڇا لاءِ،
    مون کي اِھو سمجھاءِ، تون بيٺو آھين ڪٿي.

    چانڊوڪيءَ جي ڪُنب مان وھنجي نڪتيءَ تون،
    نوراني ڦھنگون، تنھنجي وارن مان ٽميون

    لاب لاھيندي تون جڏھن ويٺيئن ٽالھي ڇانوَ
    ۽ مانيءَ جا ٿانوَ ويڙھيئي پئي رول ۾

    ھي جا مند بھار جي امن پئي ڳولي،
    ڪويل پئي ٻولي، ڪيڏارا ھن ديس جا.
    *


    ھي جا مند بھار جي، خوشين کان خالي،

    ھي جا مند بھار جي، خوشين کان خالي،
    پنھنجي ڌرتي تي ٽڪيل بک ۽ بد حالي،
    ”گوھر“ اک آلي، موج نه آ مھراڻ ۾.

    ھي جا منھنجي زندگي، توبن اڻپوري،
    شال نه ٿئي دوري، تنھنجي منھنجي ڪڏھن.

    آءُ اسان جي سٿ ۾ ڀٽڪي ويل ڀاءُ،
    سنڌ ازل کان ھن سٺا صدين جيڏا گھاءُ
    پنھنجو نيھن نڀاءُ، قومي غيرت سان اچي.

    مون کان ڏينھون ڏينھن، پري ٿيندي پئي وڃين،
    توسان ناتو نيھن،ڇڙٻين يا ڀاڪر وجھين.


    سدا رھين مصروف تون انٽر نيٽ تي جيئن،

    سدا رھين مصروف تون انٽر نيٽ تي جيئن،
    مون کي ڏس مان ڪيئن ، تنھنجواوسيئڙو ڪٽيان.

    ڪويل ڪوڪي ڪيترو ، ڪنايو تو ڪو نه،
    اکيون اَسُر ڇو نه، کلندي کوليئي خواب مان.

    محبت سان مرڪي مٺي ،منھنجو من موھُيئي،
    مون ۾ سمو ھِيُئي ،خوشبو واسيل ماڻھپو.

    روح اچي ريجھاءِ تون، روڪ نه رولاڪيون،
    وڻندڙ چانڊوڪيون، چپ چمڻ ڏي چاھ مان.


    حق جي حقيقت ، حق حقدارن کان پري،

    حق جي حقيقت ، حق حقدارن کان پري،
    ھيڻا ھيسائي ڪئي ڪنھن آ ورھاست،
    اھڙي طريقت، آندي ڪنھن انسان ۾.

    منھنجي من ۾ تون ايئن سپ ۾ موتي جيئن،
    الا توبن ڪيئن، جيئندس جڳ ۾ ھيڪلو.

    بم ڌماڪا باھ ھي ،ڀڙڪائين پيا ڪير؟
    چئوڌاري رت ڍير ،ماڻھن جا عضوا سڙيل.

    نلڪي کي گيڙا ڏئي ،دِلو ڀريو تو،
    وارن جو چوٽو،لڏيو ٿڌڙي واءُ تي.


    بڻجي ويٺا ھن جيڪي راکا عوامي،

    بڻجي ويٺا ھن جيڪي راکا عوامي،
    بين الاقوامي، دشمن سي مظلوم جا.

    ولھ ۾ پيل کٽ تي، ستل گھري ننڊ
    اُڀ تي چئوڏس چنڊ ،مرڪي پيو ھن کي ڏسي.

    دوکيبازن منڊي، دوکو وڪامي،
    اندر اڀامي، پيو ان انياءُ تي.

    چاڏيءَ ۾ ڌونئرو ڄميل، جنھن کي ولوڙيئي،
    مکڻ نچوڙيئي، گھاٽي لسي کان جدا،


    ڀرٿ ڀريندي آر سان،ٽاڪيئي گل رومال،

    ڀرٿ ڀريندي آر سان،ٽاڪيئي گل رومال،
    صفائي جو خيال، خاص رکيو تو خوب آ،

    المنظر جي ماڳ تان ڏسون ٿا درياھ،
    ڪنڌ شرم سان ٿا جھڪن ذھنن ۾ آڙاھ،
    شال ستت ساڃاھ، اسان سڀني ۾ اچي.

    ھي جي تنھنجي چئوطرف، ڀئورن جا ڦيرا،
    خوشبو تنھنجي جان ۾ ڄمايا ديرا،
    خوشبو جا پيرا، سھڻي تنھنجي سيج تي.

    ھي جا گندرف ڌپ، اچي پئي مسجدن منجھان،
    رت فراسيون ۽ نکون، لاش نمازي چُپ،
    دھشتگردي ڌپ، شھر سڄو ڏھڪاءُ ۾.


    ھي جي تنھنجا نيڻ ھن،فطرت جو احساس،

    ھي جي تنھنجا نيڻ ھن،فطرت جو احساس،
    چاھت جو اتھاس،سانڍيل دل سڪڻي اندر.

    ھي جي تنھنجا نيڻن ھن،مورپکيءَ جيئَن کنڀ،
    اوسيئڙي جا ڏنڀ،شال نه ارپين تون ڪڏھن.

    ھي جي تنھنجا نيڻ ھن،مڃتائن جو ماڳ،
    تنھنجي ھٿ واڳ، منھنجي جيون جي مٺي.

    وسڪاري جي مند ۽ ڪاڇي ۾ عيدون،
    شال سدا خوشيون ،ھُجن ساري سنڌ ۾.


    تون جي ڪمپيوٽر مٿان ، سڄو ڏينھن جھُڪيل،

    تون جي ڪمپيوٽر مٿان ، سڄو ڏينھن جھُڪيل،
    جذبن ۾ ھلچل، ڪيڏا ھِن ويڇا وڌيا.

    اِبن يزيدي پيا اَڏين، روز ٿل ڪئنال،
    سڄي دنيا ۾ نه ٻيو ملندو اھڙو مثال،
    ڌارين جا دَلال ،ڀٽڪائين پيا قوم کي.

    ڪاش اِھو ڄاڻي سگھين، توسان ڪيڏو پيارُ،
    ھيءُ سڄو سنسار، ڀيٽا تنھنجي مُرڪ تي.

    ڪلھ ياسر عرفات ھو، اڄ ان جاءِ ٻيو،
    رستو آ ساڳيو، فرق فقط سرواڻ جو.


    ڏکڻ ايشا ڇا سڄي دنيا ۾ بارود،

    ڏکڻ ايشا ڇا سڄي دنيا ۾ بارود،
    ناھي مئو مردود، افراتفري آ متل.

    سيّد تنھنجي سنڌڙي ڀوڳي پئي پيڙا،
    صدين کان سڏڪا، گونجن پيا سنسار۾.

    پلجن پيا ٿا سنڌ ۾ وحشي ماڻھو کوڙ،
    اُٿ محافظ سنڌ جا خاموشيءَ کي ٽوڙ،
    قوم جي لئه جاکوڙ،وقت ڏکيوڌرتيءَ مٿان.

    او من شل سمجھي سگھين، منھنجون پيڙائون،
    چاھت مالھائون ،پاتل تنھنجي نانءُ جون.


    ھي جا تنھنجي سونھن آ اونداھيءَ ۾ لاٽ،

    ھي جا تنھنجي سونھن آ اونداھيءَ ۾ لاٽ،
    ايندي مورُ نه ٻاٽ ،جيسين تون سنسار ۾.

    چنڊ اسان جي ديس ۾ پيار ڪرڻ آ پاپ،
    پرينءَ سان ميلاپ ،موت خريدڻ جي مثل.

    چنڊ پکيڙي چاندني سينٽرل جيل تي جيئن،
    ۽ قيدين کي تيئن ،ڳوٺ پنھنجا ھا ياد پيا.

    ڳوٺ وليوکوسو مٿان ،چنڊ جڏھن اڀريو،
    سونھن پوڄارين کي چٽي چانڊوڪي موھيو،
    ”گوھر“ پئي لکيو،گيت پرينءَ جي ياد ۾.


    چنڊ پرينءَ جي باغ جي، چمبيلي وَل تي،

    چنڊ پرينءَ جي باغ جي، چمبيلي وَل تي،
    جنھن جي خوشبوءَ کي، چانڊوڪي چميون ڏنيون.

    ڇڳُس ڄامشورو، سيوھڻ، سن ۽ ڪوٽڙي،
    دادو ضلعو ڇورو، ھاڻي آ بڻجي ويو.

    ھي جا ڏات آ، ماڻھن لئه اتساھُ،
    تو۾ علم، شعور جو“ سمايل درياھ،
    توتي پڪو ويساھُ، ھن طبقي مظلوم جو.

    ڪاري ڪامڻ جا اِھي وائرس خطرناڪ،
    انساني رت ۽ جگر تن جي آ خوراڪ،
    بي حَس مسيحا بڻيل انسانيت غمناڪ،
    فنڊ سڀئي کائي ويا رشوت جا ھيراڪ،
    ھي ڀٽڪيل رولاڪ،جن روڪيوتحقيق کان.


    ھوءَ ڪيڏي پاٻوھ مان گل پئي ٽاڪي،

    ھوءَ ڪيڏي پاٻوھ مان گل پئي ٽاڪي،
    اُجري چادر تي ، سڪ سان اوتي سونھن پئي.

    اچي ڇاتيءَ لاءِ، مومل تنھنجون جھوريون،
    مينڌرا مھڪاءِ ، خوشبوءَ سان تون ڪاڪ کي.

    آس رکي آ مون ڪيو، پنھل تولئه پنڌ،
    ٿڪا مور نه سَنڌ، ڪھي اچان پئي ڪيچ ڏي.

    تنھنجي مُشڪي ٻانھن ۾ چانديءَ جون چوڙيون،
    توکي ٺھن ٿيون،سڀ کان سُھڻيون سانوري.


    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ گھُلي ڏکڻ ھير،

    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ گھُلي ڏکڻ ھير،
    تنھنجي يادن جھير، ڏنا منھنجي روح کي.

    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾، مُھين جا آثارَ،
    سڏڪي سڏين پيا سنڌي اسان لئه ويچار،
    ڌارين جي يلغار، سونھن کسي آھي الا.

    چانڊوڪيءَ ٻک ۾، مٺڙو مٺڙو ٻول،
    منھنجو روح نه رول، ٻاڙو ٻولي او پرين.

    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ درديلو آلاپ،
    سُڻا ٿو چُپ چاپ، پرديسيءَ جي بانسري.


    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ ننڊ نه آئي آ،

    چانڊوڪيءَ جي ٻک ۾ ننڊ نه آئي آ،
    سڪ نه سُمھڻ آ ڏنو تنھنجي وائي آ،
    رات نڀائي آ، توکي ساريندي يڪو.

    ويھي ٽالھيءَ ڇانوَ ۾،سوچان ٿو آئُون،
    سُھڻيءَ سان لائون، ڇا نه لھي سگھندس ڪڏھن.

    ويھي ٽالھيءَ ڇانوَ ۾، پٽيان ٿو ساھي،
    پيڙائن ڊاھي، وقت کان اڳ منھنجي وھي.

    جيئندي رھين شال، خوشين جي واديءَ اندر،
    شال نه ڪو زوال، تنھنجي ٽھڪن تي اچي.


    مورپکيءَ جي کنڀ جيان،تنھنجو ويس حَسين،

    مورپکيءَ جي کنڀ جيان،تنھنجو ويس حَسين،
    ڀرٿ ڀريل رنگين،سونھين تنھنجي گج تي.

    جھموريت بدران، مليا لاشا تحفي ۾،
    ڳوڙھا ورثي ۾، ڌرتيءَ دشمن کان مليا.

    ڏھاڪو ناھي، سٺِ، سَترِ جو ھي الا،
    ايڪيھين صديءَ اندر پڌرو سڀ آھي،
    ڪجھ به لڪو ناھي،پابندين ھوندي ھتي.

    ڪمپيوٽر جي دور۾، انڌن مِثل آءُ،
    مون کي مور نه ڏانءُ، منھنجي انگريزي ڪچي.


    رڳو اي ميلون، ڪرين انٽرنيٽ تي،

    رڳو اي ميلون، ڪرين انٽرنيٽ تي،
    مُند بھار جي رونق،کان اڄ پري تون،
    ڪمرو بند ڪيون،ويٺو آن ڪجھ سوچ ڪر.

    او منھنجي جيجل امان، تنھنجون دعائون،
    نٽھڻ اُس ۾ سي مون لئه ڇپر ۽ ڇائون،
    امڙ اڄ آئون ، تن کان ٿيو محروم ھان.

    او منھنجي جيجل امان،توبن ھيءُ جھان،
    ڀانيان ٿو ويران،اڄ تون ناھين ساٿ ۾.

    ٻاجھاريون نظرون کڻي،مون ڏي نھاريئي،
    جيون سنواريئي،مون کي ڏئي اتساھ تو.


    ھي سياري جي شام ۽،لھندڙ سج منظر،

    ھي سياري جي شام ۽،لھندڙ سج منظر،
    سونھري تصّور،ذھن اندر تنھنجو سدا.

    ڇالئه ايڏو ٿي وڻين،مون کي مٺڙي تون،
    سونھن ڀريل ھن ميڙ ۾ توکي ڏسن ٿيون،
    اڻ جھل ھي اکيون،سُک نه جن کي توسوا.

    سونھن سلامت شل ھجئي،او ڀاڳن واري،
    لڄ،عزت پياري،تنھنجي آ بيحد مون کي.

    چيٽ فٽا ھن ڀونءِ تي، مند سيارو آءُ،
    دلڙي ڏتڙيل ديس جيان،تنھن کي اچ ريجھاءُ،
    آندي اُتر واءُ، خوشبو تنھنجي ياد جي.


    شال ھي ڄاڻين تون مٺي، ڪيڏو توسان چاھ،

    شال ھي ڄاڻين تون مٺي، ڪيڏو توسان چاھ،
    دل ڌرتيءَ تي پوکيل تنھنجي سڪ اٿاھ،
    نيڻ نڪي گمراھ،ٻيو درتن لئه اوپرو.

    روز ڏسان توکي سدا،سجدي ۾ سِرُ ھيءُ،
    تولئه پيو دعائون گھُران،تون خوشين ۾ جيءُ،
    پرت پيالو پيءُ ،دل جي جھرڻي مان ڀري.

    ظلم سَٺا ھن دل پرين،آھن ھت ڏاڍا،
    پيار نڪي پنھنجن ڏنا روح اندر سڏڪا،
    سدا اوجاڳا، مون کي بخشا زندگي.

    ٻول مٺي تون ٻول،ماٺ نه رھ مڪلي جيان،
    تون پنھنجي آواز سان روح اندر رس گھول،
    ڏک ۾ آ ماحول ،کل ته ٿئي خوشين ڀريو.


    ھي جي موڪل ،ڏينھڙا،توبن گُذرن ٿا،

    ھي جي موڪل ،ڏينھڙا،توبن گُذرن ٿا،
    مور نه نبرن ٿا، پھر به صديون ٿا لڳن.

    ڪڻڪن جا ساوا سلا، لوسڻ سرنھن ڦولار،
    ساوڪ سُھڻي چئوطرف ،منظر اکين ٺار،
    ڌاڻن جي ھُٻڪار ،ڳوٺ سڄو واسي ڇڏيو.

    ٺاھيو ايٽم بَمُ،ڇالئه ٿا دنيا اندر،
    ڪاري ڪامڻ مرض تي ڪيو مور نه ڪم،
    ماڻھن لئه مَرھم،ڪونه آھيو بڻجي سگھيا.

    خودڪش حملا ديس ۾ ڪندا ڇو آھيو،
    يا ماڻھو ناھيو،يا دل پٿر جي اَٿَوَ.


    ڏيڍوڻا

    تون نور لڳين ٿي پئي،

    تون نور لڳين ٿي پئي،
    ٿئي ويس اڇو پاتو، ڄڻ حور لڳين ٿي پئي.

    تون ڪونج پکيءَ وانگي
    شل تون نه ڪڏھن تڙپين، ھن سنڌ ڏکي وانگي.

    نيرڳ جي پرن جھڙا،
    تون ويس جڏھن پاتا، فطرت جي رنگن جھڙا.

    صوفيءَ جو وجّد ڀيٽا،
    سڀ گھور ڪيم توتان، ڏس پير رَتل ريٽا.

    اجرڪ جي ڇُرن جھڙا،
    ا حساس نه ڪر زخمي، خوشبو جي وصلن جھِڙا.

    پيپر ڀي ختم ٿيندا،
    ۽ ڏينھن وڇوڙي جا ،ھاڻي ته وري ايندا.
    *


    او سونھن جي شھزادي

    او سونھن جي شھزادي
    تون مون کي پياري آن، جيئن سنڌ جي آزادي

    او امن پکيءَ جھڙي،
    شل تون نه ٿين زخمي، ھن جند ڏکيءَ جھڙي..

    طبقي کي ڪيان ڪاڏي،
    فطرت ۾ مليو آھي، ورثي کي ڪيان ڪاڏي.

    اي سنڌ تنھنجا ٿورا،
    تون منھنجي سُڃاڻپ آن، ھن قرض تنھنجا ڳئورا.

    تون ننڊ جي واديءَ ۾،
    پئي خواب ڏسين سھڻا، سک ساڻ آزديءَ ۾.
    *


    ھي ذھن زنگيل ماڻھو،

    ھي ذھن زنگيل ماڻھو،
    گڏجڻ نه توسان ڏيندا، سَئين واٽ ڀليل ماڻھو.

    مون کي به دوا گھرجي،
    مون ڏانھن مسيحا اچ، تنھنجي ٿي شفا گھرجي.

    دنيا لئه ڇپر ڇانءَ تون،
    مون کي نه سڃاتئي بس، ڇا ڪو نه اٿئي اکيون!

    آزاد رھڻ ڏي تون،
    ڪر قيد نه سوچن کي، پرواز ڪرڻ ڏي تون.

    خوشحال ٿيڻ کان پو،
    ڪم ظرف بدلجي ويا، ڪرسيءَ جي ملڻ کان پو.
    *


    لالچ ۾ انڌا ٿي پيا،

    لالچ ۾ انڌا ٿي پيا،
    احساس نه ٿيو ڪنھن کي، ارمان، لُٽيا تنھنجا.

    پيغام تنھنجو پھتو،
    ٿي تيار خوشيءَ ۾ اڄ، توڏانھن پڳس تڪڙو.

    دردن کي گھٽو ڏيئي،
    ڪئي جنگ جياپي جي، مھڻن کي گھٽو ڏيئي.

    بد ذوق ڇٽي ٿو پيو،
    گلڙن جي مٿان گندرف، خوشبوءَ کي ٿُڏي ٿو پيو.

    راتيون ھي ڊسمبر جون،
    وسرن ھي نه ٿيون مون کان، يادون ھي ڊسمبر جون.
    * 


    ھي وار، ڪٽيل تنھنجا،

    ھي وار، ڪٽيل تنھنجا،
    ھي روپ، تنھنجو وڻندڙ، پيا نيڻ ٺري منھنجا.

    اکين ۾، سمايو آ،
    سيلاب،ھي ڳوڙھن جو،پنمبڙين ۾ ،لڪايوآ.

    حيران ڪري ڇڏيئي،
    تحفو تو ڏئي مون کي، ڌنوان ڪري ڇڏيئي.

    تو رقص ڪيو پئي ٿي،
    وجداني حالت ۾، مون توکي ڏٺو پئي ٿي.

    ڪجھ سوچ روين تي،
    مون لاءِ نرم ٿي تون، ايئن ڀور نه جذبن کي.
    * 


    تون آءُ دعا بڻجي،

    تون آءُ دعا بڻجي،
    زخمن جو مَلَم بڻجي، تون آءُ شفا بڻجي.

    وک مور جيان تنھنجي،
    ھر تنھنجي ادا وڻندڙ، جند گھور وڃئي منھنجي.

    تو وٽ ته رڳو خوشيون،
    ڏک منھنجي حصي سارا، تو وٽ ته سدا عيدون.

    وارن جي لڏي چڳ پئي،
    ٿي ڳل چُمي تنھنجا، واھواھ ڏنو دل چئي.

    توکي ٿا ٺھن والا،
    ٻانھن ۾ ڪگڻ چوڙيون، گج ڀرٿ ڀريل ڪاوا.
    * 


    انجام پتو ناھي،

    انجام پتو ناھي،
    ٿيو جو به ڏٺو ويندو، ھي چاھ سچو ناھي.

    اکڙين کي ملي آٿت،
    توکي جو ڏٺم کلندي،جذبن کي رَسي راحت.

    روئندي نه ڏسان توکي،
    تولئه ھي دعا ھر پل، کلندي پيو ڏسان توکي.

    مڃتا به ملي ويندي،
    جي تون نه ملينءَ مون کي، اڻپوري خوشي ھوندي.

    سَسُئي جي وفا بڻجي،
    تون آءُ ،رَسي راحت، مومن جي دعا بڻجي.
    * 


    خوشبوءَ سان ڀريل چوٽو،

    خوشبوءَ سان ڀريل چوٽو،
    جنھن روح کي مھڪايو، مينديءَ ۾ ڳُتيل چوٽو.

    گھرندو ھان دعا تولئه،
    محفوظ رھئي لڄ ھي، چَپَ تي آ صدا تولئه،

    ھيراڪ منھنجون اکيون،
    توکي ئي پيون ڳولين، رولاڪ منھنجون اکيون.

    ھن دل کي ڪيان ڪاڏي،
    تنھنجو ٿي ذڪر ٻولي، اڻ جھل کي ڪيان ڪاڏي.

    خوشبو ئي چڱي آھي،
    گل پوک،محبت جا، بدبو ته چڱي ناھي.
    *


    ھي رات کٽي ويندي،

    ھي رات کٽي ويندي،
    پر سور نه ھي کٽندا، ۽ باک ڦٽي پوندي.

    اک ٻوٽ ڪندي لمحا،
    گذريا ھي مٺي توسان، سي ڪيڏا ھئا پيارا.

    عادت نه مَٽي اکڙين،
    جنھن وقت ڏسن تو کي،سجدا ۽ سلامي ڪن.

    ڇا ٿي ھي ڪرين سُھڻي،
    پنجاپ جيان ڇالئه ٿي پيار ڦرين سُھڻي.

    تون ساھ جي رڳ وانگي،
    مون لاءِ اھم آھُين، آزاديءَ دڳ وانگي.
    * 


    ڪاراڻ ھلي ويندي،

    ڪاراڻ ھلي ويندي،
    اوندھ نڪي رھندي، چانڊاڻ سگھو ايندي.

    شل ساٿ ھُجئي خوشبو،
    توکي نه ڇُھي گندرف، ويجھو نه اچئي بَدَبوُ.

    تولاءِ سڪان ٿو مان،
    ميھڙ جون گھٽيون ساکي، ڪيئن روز اچان ٿو مان.

    ٿر، ڪاڇو ڏڪر آھي،
    ماڻھن کان رُٺل خوشيون، وِک وِک تي قھر آھي.

    تون ياد ايندينءَ ڏاڍو،
    اکڙيون ھي ڀنل رھنديون، آرام نڪي ايندو.
    *


    توڙي پيا گھلن جھولا،

    توڙي پيا گھلن جھولا،
    پرواھ نه گرميءَ جي، نيڻن کي تنھنجي ڳولا.

    آ سنڌ گھُمي وڃ تون،
    ھي تنھنجي جنم ڀومي،مِٽيءَ کي چُمي وڃ تون.

    افغان لُٽيرن جو،
    قبضو آ ڪراچيءَ تي، بي رحم ڏڦيرن جو.

    ھي بغض رکو ڇو ٿا،
    اسلام چوي ڇا ٿو، ماڻھوءَ کي ڪُھو ڇوٿا.

    ھي باک سياري جي،
    ڏِس ! ماڪ ڀنل ڌرتي، ڇا سونھن نکاري ٿي.
    *


    ڳاري نه وجھي مون کي،

    ڳاري نه وجھي مون کي،
    تنھنجي ھي ڪٿي ڪاوڙ، ماري نه وجھي مون کي.

    مون ڏانھن ڏٺئي مُرڪي،
    ڀٽڪيل کي مليو رستو،ايمان پيوجَرڪي.

    ڇالاءِ پيو روئين،
    ڀُلجي نه پڇئي مون کان،ڪنھن لاءِ پيو روئين.

    ھي باک گُلن ماڪون،
    پئي ڏيک ڏئي جنت،تون ڌار اندرڦاڪون.

    ونواھ ۾ آ ويھٺي،
    ساڀيان نه ٿيا سپنا،ڄڻ باھ ۾ آ ويھٺي.


    ھڏڪي ٿي اچي مون کي،

    ھڏڪي ٿي اچي مون کي،
    جيئن نانءُ کنيم ھن جو، ھڏڪي وئي ڇڏي مون کي.

    اي امن ڪٿي آھين؟
    ڌرتيءَ تي نه ٿو لڀجين، ڪر موٽ ، جتي آھين.


    اجرڪ سان ٺھين ٿي پئي،
    وڻندڙ ھي ڦليون جنھن تي، تون سڀ کان وڻين ٿي پئي.

    اجرڪ جو پَلوَ موڙي،
    مون ڏانھن ڏٺئي مُرڪي، خوشيون جا محل جوڙي.
    * 


    معصوم اَدا تنھنجي،

    معصوم اَدا تنھنجي،
    آ جھوري وڌو دل کي، توکي ھي صدا منھنجي.

    ڇو رحم نه ٿي ڌارين،
    چاھت جي سزا ايڏي، ڇو ھيانءُ پئي ڳارين.

    نفرت کي ڇڏي آ تون،
    اچ پريت،ونڊيون گڏجي، ويڇن کي ٿُڏي آ تون.

    مٽ تنھنجو نه آھي ڪو،
    ھي سارو شھر جانا، تون آھين ته سونھين ٿو.

    چنڊ ساڻ ڪيئن ڀيٽيان،
    آ داغ اُنھيءَ ۾ ڀي، تون سُھڻي باک جيان.
    * 


    رڪشي تي چڙھي پُھتينءَ،

    رڪشي تي چڙھي پُھتينءَ،
    ڪاليج جي در اڳيان، مون ڏانھن ڏسي مُرڪي.

    ميھڙ جو شھر سھڻو،
    ماڻھو ڀي مٺا ماکي، محبوب جو گھر سھڻو.

    آچر نه اچي ڪڏھين،
    پيو روز ڏسان توکي، موڪل نه ٿئي ڪڏھين.

    ڪا سونھن ڪُٺي آھي،
    قانون بڻيل بيوس، ڪا ماءُ مُٺي آھي.

    ڇو ياد اچي ٿي پئي،
    وسري نه سگھي مون کان، دل منجھ وَسي ٿي پئي.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259795
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386717
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ