ڪتاب جو نالو: پريان سندي پار ڏي
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 04 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 290 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 65 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب مڪي، مديني ۽ يورپ جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.
هن سفرنامي ۾ سعودي عرب جي مقدس شهرن مڪي ۽ مديني ڏانهن عمري لاءِ ڪيل سفر جو حال احوال ۽ عربستان جي تاريخ تي لکيل سندس ڪهاڻي شامل آهي. اتان کان ئي وري يورپ روانا ٿين ٿا ۽ يورپ خاص ڪري لنڊن رهي اتان جون سڀ خاص جايون ۽ ماڳ گهم ٿا. هو لنڊن کي مختلف رخن سان ڏسي ان تي تفصيل سان لکن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • ارپنا

    پنهنجي ٻن مائرن
    خديجته الڪبره ۽ زينب
    جي نانءُ
    هڪ مونکي جنم ڏنو
    ٻيءَ منهنجي پالنا ڪئي.


    عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پريان سندي پار ڏي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مڪي، مديني ۽ يورپ جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.
    هن سفرنامي ۾ سعودي عرب جي مقدس شهرن مڪي ۽ مديني ڏانهن عمري لاءِ ڪيل سفر جو حال احوال ۽ عربستان جي تاريخ تي لکيل سندس ڪهاڻي شامل آهي. اتان کان ئي وري يورپ روانا ٿين ٿا ۽ يورپ خاص ڪري لنڊن رهي اتان جون سڀ خاص جايون ۽ ماڳ گهم ٿا. هو لنڊن کي مختلف رخن سان ڏسي ان تي تفصيل سان لکن ٿا.
    هي سفرنامو 2004ع ۾ مومل سنڌو پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلآهن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    هي پهريون موقعو هو جو گهر ڀاتين کانسواءِ ٻيو ڪوبه ائيرپورٽ تي ڇڏڻ نه آيو، ڇو ته اڳ ڪنهن دوست سان گڏ يا اڪيلو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جهن ڪري ڪافي دوست قرب ڪري ايئرپورٽ تي ڇڏڻ ايندا هئا.
    پر اڄ مونسان منهنجي گهر واري ۽ منهنجوپٽ نور هلي رهيا هئا. جنهن ڪري اسان کي صرف منهنجا ٻار ۽ قادر ايئرپورٽ تائين (See Off) ڪرڻ آيا.
    ٻارن کان موڪلائي اسان انٽرنيشنل ڊپارچر لائونچ ۾ آياسين. جتي ڪسٽم ۽ اميگريشن کان واندا ٿي، جيستائين جهاز وڃي تيسائين اميگريشن شفٽ انچارج جي آفيس ۾ اچي ويٺاسين. جتي اميگريشن آفيسر ممتاز ميرجت چانهه پياري ۽ پڻ نئون ايئرپورٽ ڏيکاريو ۽ جهاز جي گيٽ تائين اسان سان گڏ هليو. نئون ايئرپورٽ اڳوڻي ايئرپورٽ کان تمام سٺو ۽ وڏو آهي. شل اهڙي نموني سان سنڀال به ٿئيس. ڪراچي ۾ آغا خان اسپتال کي ٺهي ڪيترائي سال ٿيا آهن، پر سٺي سارسنڀال ڪري نئين لڳي پئي آهي. پر حڪومي ادارن جو ته حال ئي ڪونهي. جڳهه اڃا ٺهي مس تيار ٿيندي ته مرمت پئي گهرندي، سو جناح ٽرمينل ٺاهيو ته سهڻو اٿن پر شل اهڙي سنڀال به ٿيئس. اسان ايئرپورٽ بلڊنگ مان ئي جهاز ۾ چڙهياسين. پي آئي اي جو جهاز اسان کي کڻي ڀلي ولايت ڏانهن روانو ٿيو. جهاز ۾ اسٽيورٽ سنڌي هو. جنهن اسان جي سٺي خدمت ڪئي. هوائي جهاز ۾ سج لهڻ کان پوءِ ۽ رات اچڻ کان اڳ آسمان ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته سهڻي روشني ڏسڻ ۾ ايندي جو دل مست ٿي پوندي آهي. اڄ به آسمان ۾ اهڙو ئي خوبصورت منظر هو. جيڪوڪافي وقت ڏسندا رهياسين. جهاز ۾ (James Bond) جي فلم ڏيکاريائون ۽ ماني کارايائون. ڪراچي کان جدو چئن ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي. جدو رات جو روشنيءَ ڪري تمام خوبصورت لڳي رهيو هو. جيڪو ڄڻ ته ڪو يورپ جي شهر جو ڏيک ڏيئي رهيو هجي. هونئن عمري ۽ حج تي وڃڻ وارا جدي ايئرپورٽ تي لهڻ شرط مڪي هليا ويندا آهن. جدو هڪ تمام سهڻو شهر آهي. جنهن کي موجوده حڪومت وڏي چاهه سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي، جتي ميلن ۾ پکڙيل بيچ سمنڊ اندر تمام سهڻو ڦهارو جيڪو ميلن ۾ ڏسڻ ۾ اچي، جده ۾ بهترين قسم جون يورپين رسٽورينٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽلون، وڏيون وڏيون سپر مارڪيٽون جتي عورتون ۽ مرد گڏ پيا خريداري ڪن ۽ پڻ (Mcdonold) ۽ K.F.C جي هوٽلن ۾ عورتون توهان کي ٻاهر بئنچن تي برقعن ۾ برگر کائيندي ملنديون.
    جدي شهر جي بازارن جي رونق ڪنهن به يورپ جي شهر کان گهٽ نه آهي، هڪ ڳالهه جيڪا مقامي ماڻهن لاءِ ڪا اهميت ڪانه ٿي رکي، پر سيآهن لاءِ وڏي اهميت جي ڳالهه آهي. سا آهي سخت گرمي جنهن ڪري ماڻهو شام ٿيڻ کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪٿي به نڪريو نه ٿي سگهيو. خاص ڪري جيڪو ماڻهو آمريڪا ۽ يورپ کان پيو اچي ۽ عمرو ڪريو واپس ملڪ پيو وڃي تنهن کي گرمي اڌ مئو ڪري ڇڏي. ايشيا جا ٻيا سهڻا شهر جهڙوڪ ٽوڪيو، سينگارپور، هانگ ڪانگ به گرم آهن. پر جدو ۽ دبئي انهن کان به وڌيڪ گرم آهن.
    جدي شهر جي سهڻين کي روشنين کي ڏسندي دل پئي چاهيو ته جهاز ڀلي آسمان ۾ پيو ڦري ۽ اسين اهو منظر صبح تائين ڏسندا رهون. پر جهاز Runaway تي لٿو ۽ هڪ عجيب قسم جي بس جيڪا هيٺ مٿي پئي ٿئي. جنهن ۾ پنجهاهه کن مسافر چڙهيا ته سندس گيٽ بند ٿي ويو. اها بس مٿان کان هيٺ ٿي وئي ۽ عام بسن وانگر هلڻ لڳي نه ته اڳ ۾ مٿي هئڻ ڪري بس نه پر الاهي ڇا پئي لڳي. اسان غير ملڪي هوائي ڪمپنين لاءِ ٺهيل ايئرپورٽ ڏانهن هلڻ لڳاسين، جدي ايئرپورٽ تي ٻه ٽرمينل آهن. هڪ سعودي ايئرلائين لاءِ جيڪو تمام وڏو ۽ سهڻو آهي. ٻيو ٻين ملڪن جي.
    هتي آيل هوائي جهاز لاءِ جيڪو نه ته ايڏو سهڻو ۽ نه وڏو آهي. اسان ايئرپورٽ تي لٿاسين ته اسان کي جهاز وارن لائين ۾ بيهاريو. جتي اميگريشن هلندي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه جنهن اميگريشن ٿي ڪئي. سو اٿي هليوويو. ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به ڪونه آيو. مون هڪ خالي ڪائونٽر تي ويٺل اميگريشن آفيسر کي چيو ته اسان ان ڪائونٽر تي اچئون ته ڏٺم همراهه کي ڳالهه نه وڻي. ڇو ته هن ايئرپورٽ تي ايندڙ گهڻو ڪري اهي ماڻهو هوندا آهن. جيڪي ملازمت لاءِ هن ملڪ ۾ ايندا آهن. سي ويچارا حڪم جي بندا هڪ لفظ به نه ڪڇندا آهن. ايئرپورٽ جو اسٽاف به سمجهندو آهي ته هن ايئرپورٽ تي هر ايندڙ شايد نوڪريءَ سانگي آيو آهي. تنهن کي هو ليکيندا ئي ڪونه آهن ۽ نه وري مسافر خود ڪو لفظ به وات مان ڪڍندا. واقعي مون ڏٺو ته وڏي تعداد ۾ فلپائن، ٿائيلينڊ، سلون، انڊونيشيا جا اهڙا ماڻهو، جنکي هڪ بئگ سامان جو ٿيلهو جيڪي هتي روزگار سانگي پهتا هئا انهن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ۾ گهڻو وقت ٿي لڳو. سڀ مسافر هنن کي ائين ٿي لڳا. نيٺ تنگ ٿي P.I.A جي هڪ ملازم کي چيم ته ٻيلي هن جٺ مان جند چڏا ۽ مون اردو ۾ ڳالهايو پر هن همراهه مونسان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، هن ڪائونٽر تي اميگريشن وارن سان ڳالهائي مون کي هلڻ لاءِ چيو. هن سمجهيو ته اسان ٻه ڄڻا آهيون. يعني آءُ ۽ منهنجي گهرواري، پر جو نور کي اسان سان هلندي ڏٺائين ته مونکي چيائين ته مون هنن کي ٻڻ لاءِ چيو هو سو هو وري ٽئين کي ڏسندا ته ناراض ٿيندا. مون کيس چيو ته اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ته ڪانه آهي، کلي چيائين ته سائين وڏا مٿي ڦريل آهن. اسان ساڻن گڏ ڪم ڪريون، اسان کي خبر آهي، پر اچو. اسان ڪائونٽر تي وياسين. اسان جا پاسپورٽ P.I.A جي آفيسر جي هٿ ۾ هئا پاسپورٽ ڪائونٽر تي ويٺل عرب وٺي ڪمپيوٽر تي اسان جي عمري جي ويزا چيڪ ڪري پاسپورٽ واپس ڪيا.
    مون سڄي دنيا ڏٺي آهي. يورپ، آمريڪا، جاپان جتي نشي جي شين آڻڻ جيڪري ايئرپوٽن تي تمام گهڻي سختي آهي. پر ايئرپورٽ تي قائم سڀني ڊپاٽيمينٽن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته مسافرن کي جلد از جلد فارغ ڪريون. آمريڪا ۾ ته واپسيءَ ۾ ڪابه چيڪنگ نه آهي. نه ڪسٽم نه اميگريشن، پنهنجي ملڪ جي ڊوميسٽڪ فلائيٽن وانگر ڇو ته جيڪو ماڻهو ملڪ مان وڃي ٿو تنهنجي پاڻ مهرباني، اسان کيس روڪي وري پاڻ وٽ ويهارينداسين ته ڪونه، پوءِ وڃڻ مهل هي هيترو سارو اسانجو ۽ هنن جو وقت ڇو ضايع ڪريون. پر غريب ملڪن ۾ ايئرپورٽ جو عملو ڀائيندو ته مسافرن جو سامان نه اسانجو آهي. پر ڪپڙا به لاهي وٺئونس ۽ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندو ته پوليس، ٽئڪسي وارا ۽ بشني اصل ڦري ڏول ڪري ڇڏيندس.
    پر شاهه لطيف وانگر:
    ڏکئي ڏمر نه آهي بکي کل نه اڄهي،
    اگهاڙي وهانءُ ويو ويچاري وسري.
    سو اهي ماڻهو ويچارا جيڪي روزگار سانگي پنهنجو ديس ڇڏي پرديس ٿا وڃن سي اهڙين ويڌنن تي هري ويا آهن.
    ايئرپورٽ تي ٿوري ڪرنسي مٽائي ٻاهر نڪتاسين ته رات جو به گرمي پئي محسوس ٿي. اسان سمجهيو ته ٻاهر صفا عربي لڳي پئي هوندي، پر لنڊن ۽ دبئي ايئرپورٽ وانگري هت به پنجابي. ٽئڪسي ڊرائيور جام ڏٺم. جدو هجي يا مڪو يا مدينو هجي، مطلب ته هر هنڌ توهان کي پنجابي ملندو.
    بقول اسان جي لنڊن جي يار پهلراج ڀوراڻي جي ته سائين پنجابي هڪ مينهن وڪڻي ته هتي پهچيو وڃي ۽ پوءِ وڃي ڪروڙن کي پهچن. هر هنڌ سندن گرائين اڳ ۾ سندن خدمت لاءِ ويٺا آهن. سعودي
    عرب ۾ سنڌي به ڪافي تعداد ۾ آباد آهن، جن ۾ ڪي ته تمام گهڻي وقت کان آباد آهن. جيڪي تمام وڏي طاقت جا مالڪ آهن. جن ۾ ڪامل سنڌي به شامل آهن، جيڪو پهريان سعودي حڪومت جو ڊفينس منسٽر هو. پوءِ سعودي ايئرلائين جو مئنيجگ ڊائريڪٽر به هو. تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ هاڻي اچڻ تي سختي ٿي آهي نه ته اڳ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ ماڻهن جي خود همت افزائي ڪندا هئا.
    اسان به وڏي ڪشادي ڪارجنهن کي هت ليموزين چون سا جدي لاءِ هائر ڪئي. جنهن تقريبن ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ اچي اسان کي مڪي ۾ پهچايو، ٽئڪسي 150 ريال ورتا. جدي ۽ مڪي جي وچ وارو 45 ميل رستو روشنين سان جهومر لڳو پيو هو. جهڙو سٺو رستو هو اهڙي سٺي لائٽنگ هئي. جيڪا يورپ جي ڪنهن به Motor way کان گهٽ نه هئي. پر برساتن نه پوڻ ڪري ساوڪ جو بلڪل نه هئڻ ۽ گهڻي گرميءَ جي ڪري ٽوئرسٽ اهڙن ملڪن ۾ ڪونه اچن. پر حج، زيارتين، غير ملڪي تيل ڪمپنين ۽ ٻين غير ملڪي فرمن ڪري ٻاهريان ماڻهو هت اچن. مڪي شهر ۽ زيارتن وارين ڪجهه جڳهين ۽ جدي روڊ تي حڪومت سنڌ مان نم خاص ڪري اسان جي ڳوٺ ٻني ۽ پراڻن هالن مان نم جون چڪيون ۽ نموريون گهرائي هتي وڏي تعداد ۾ نم لڳايا آهن. جن ڪجه ساوڪ ڪئي آهي ۽ ان مان هاڻ وڃن نمن کي وڌائيندا. ڪجهه عرب ملڪن ۾ ايڏي دولت اچي پئي آهي. جو جيڪر هنن ملڪن ۾ ايڏي گرمي نه هجي ته ڏاڍا ٽوئرسٽ اچن ۽ انهن مان ڏاڍي دولت ڪمائين.
    مغربي يورپ جي ملڪن جي ايڏي وڏي ترقيءَ جو راز اصل سيآهن جو وڏي تعداد ۾ هتي اچڻ ۽ سڄي دنيا جي شاگردن جو هتي تعليم لاءِ اچڻ آهي. جنهن مان هنن کي تمام گهڻي آمدني ٿي ٿئي. باقي هٿيار ته رشيا ۽ چين به مغربي ملڪن وانگر پيا وڪرو ڪن. پر انهن ملڪن ۾ ٽوئرسٽ نه جي برابر وڃن ۽ يورپين ملڪن ۾ سياري کانسواءِ سڄو سال ٽوئرسٽن سان ڀريا پيا هوندا آهن. صرف اٽليءَ جي هڪ شهر وينس Vience جو مثال وٺو جنهن جي آدمشماري ٽي لک آهي. پر صرف هڪ سال ۾ ٻه ڪروڙ ٽوئرسٽ اچن. ٻه ڪروڙن ماڻهن مان هي ڇا ته دولت ڪمائيندا هوندا. اهو ته ٿيو هڪ شهر جو مثال، سڄي يورپ ۾ ڇا ته دوولت ايندي هوندي، سڄي دنيا جي دولت خود به خود کِسڪيو هتي پهچي. يورپ کانسواءِ ايشيا ۾ پڻ فارايسٽ ۾ تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن.
    عمري تي وڃڻ کان اڳ ڪافي دوستن کان عربستان بابت ڄاڻ ورتم ۽ پڻ معلوم ڪيم ته ڪٿ رهجي. ڪافي دوستن ٻڌايو ته مڪي ۾ هوٽل نسيم يا نسيم فندق (عربي ۾ هوٽل کي چون فندق) سو اسان ٽئڪسي واري کي چيو ته اسان کي مڪي ۾ هوٽل نسيم وٽ لاهج.
    قدرت جون مونتي لک مهربانيون آهن، جو مونکي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏسڻ جو موقعلو مليو.
    منهنجو ٻارپڻ پنهنجي ڳوٺ ۽ ٻني ۽ حيدارآباد ۾ گذريو. پاڪستان کي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين يعني منوڙي کان تورخم تائين ڏٺم.
    نوجواني ممبئي، ڪولمبو، ڪئينڊي، بئنڪاڪ، پتايا، مڪائو، هانگ ڪانگ، فلپائين، مليشيا، جاپان جي مئي خانن، مساج هائوسن، نائيٽ ڪلبن، بيچز ۽ سڄي مغربي يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا جي حسين شهرن ۾ گذري. هاڻي الله سائين جا لک ٿورا جو پيريءَ ۾ دنيا جي هن پاڪ ۽ مقدس شهر کي ڏسڻ ۽ هت عبادت ڪرڻ جا ڪيئي موقعا ڏنا، هي دنياجو اهو خوشنصيب شهر آهي، جنهن کي الله سائين خود شانائتن لقبن سان نوازيو آهي. قرآن شريف ۾ هن مقدس شهر کي ڪيترن ئي نالن سان پڪاريو آهي. مثال:
    1-ببکته المبارڪا
    2-ام القريٰ
    3- بلد الامين
    الله سائين هن پاڪ شهر کي قرآن شريف ۾ پنهنجو شهر ڪري ياد ڪيو آهي.
    پاره عم جي سورته ”التين“ ۾ ارشاد فرمايو آهي :
    ترجمو: ”قسم آهي انجير ۽ زيتون جو ۽ طورسينا ۽ هن پر امن شهر (مڪته المڪرم) جو، يعني الله سائين هن مقدس شهر جو قسم کڻي ياد فرمايو آهي.
    ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو ته (آل عمران 94) جنهن جو ترجمو آهي: ”بيشڪ سڀ کان اول گهر جيڪو انسان جي عبادت لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، اهو مبارڪ شهر مڪو آهي. ان سڄي عالم لاءِ هدايت جو رستو آهي، حضرت عبدالله بن عدي کان روايت آهي ته حضرت محمد صلعم جن فرمايو آهي ته : ”خدا جو قسم الله وٽ تون (مڪه مڪرم) سڄي ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ محبوب ۽ بهتر آهين.“ مڪي ۾ حضور صعلم جن پيدا ٿيا ۽ هت خانه ڪعبه، حجر اسود، مسجد الحرام جنهن ڏانهن سڄي دنيا جاڪروڙين مسلمان منهن ڪري عبادت ڪن ۽ سڄي دنيا جا مسلمان هن شهر ۾ حج ۽ عمره جي سعادت لاءِ اچن ٿا. ان پاڪ شهر جي زيارت جو نصيب ٿيڻ هڪ وڏي سعادت آهي. مڪي شريف کي هڪ شرف پڻ حاصل آهي ته مسلمان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو هن شهر ۾ داخل ٿي نٿو سگهي.
    جيڪا رب پاڪ جي مهربانين سان اسان کي به سعادت نصيب ٿي. اسان جي ڪار اچي هوٽل نسيم وٽ بيٺي، جنهن مان لهي اسان هوٽل ڏسڻ وياسين. پر اسان کي نه وڻي، تهن ڪري ٽئڪسي واري کي چيو ته ڪا ٻي هوٽل ڏيکار، جنهن ڀر ۾ ئي ٻي هوٽل احجاز نالي هڪ هوٽل ڏيکاري. اسان سڀني کي پسند آئي. چوويهه ڪلاڪن مسواڙِ هڪ سو ريال هئي. اسان چانهن پي مسجد عمرا يا عائيد ڏانهن ٽئڪسيءَ ۾ روانا ٿياسين. ڇو ته اسان احرام گهر کان نه ٻڌي روانا ٿيا هئاسين. پوءِ جيڪو گهر کان احرام ٻڌي نه نڪري، سو انهيءَ مسجد ۾ احرام ٻڌي ٻه نفل پڙهي عمري جي نيت ڪري پوءِ عمري لاءِ بيت الله ۾ اچي عمرو ڪري، احرام ڪپڙي جي ٻن اڻ سبيل ٽڪرن کي چئبو آهي. جن مان هڪ ٽڪرو گوڏ لاءِ ته ٻيو ٽڪرو مٿئين حصي لاءِ، احرام جي گوڏ وارو حصو ڍرو ٿئي ته احرام مٿان ڪا شيءَ ڇڪي ٻڌي سگهجي ٿي.
    احرام ۾ مٿو اگهاڙو هوندو آهي، احرام ٻڌڻ واري کي محرم چئبو آهي، ۽ هو ڪن خاص پابندين هيٺ اچي ٿو. جيڪو عام حالتن ۾ صباح ٿيل آهن. پر هاڻ عمري جي نيت: ترجمو : ”اي الله پاڪ آءُ عمرو ڪرڻ جو ارادو ٿو رکا، منهنجي لاءِ آسان ڪج ۽ قبول فرمائج.“
    عمري جي معنيٰ آهي. ”زيارت “ شرعي طريقي ۾ ميقات (مڪه پاڪ جي حرم جون مقرر ڪيل حدون) احرام ٻڌي خانه ڪعبه جو طواف، صفا ۽ مروه پهاڙين جي وچ ۾ سعي ڪري وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ کي عمرو چئبو آهي. حج فرض آهي پر عمرو فرض نه آهي ۽ عمرو ادا ڪرڻ سخت موده آهي. حج لاءِ وقت مقرر آهي، پر عمري لاءِ ڪوبه وقت مقرر نه آهي. يعني ٻارنهن ئي مهينا عمرو ڪري سگهجي ٿو.
    خانه ڪعبه، بيت الله، ڪعبته الله يا الله پاڪ جو گهر اهو مسجدا الحرام جي وچ ۾ 50 فوٽ ڊگهي مستطيل عمارت آهي. جنهن جي ويڪر 35 فوٽ ۽ ڊيگهه 45 فوٽ آهي. اڀرندي ۽ اترين ڪنڊ تي ڀت ۾ ”حجر اسود“ لڳل آهي.
    بيت الله جي تعمير ۾ ڀوري سليٽي رنگ جي وڏن پٿرن کي استعمال ڪيو ويو آهي، پاڪ عمارت جي مٿان ڪاري رنگ جو ريشمي غلاف چڙهيل آهي. جنهن تي سونهري اکرن سان قرآني آيتون لکيل آهن.
    آئون منهنجي گهر واري مومل سنڌو ۽ پٽ نور محمد بيت الله جي اڳيان بيهي اکين کي ڇنڀڻ کان روڪي ڪعبته الله ڏانهن نهاري دعا گهري (چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان جيڪا به دعا گهربي سان قبول پوندي) دعا ڪهڙي يعني مرشد سائين جو هي بيت:
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏي گهران،
    ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءُ،
    ڪڄاڙو، ڪهانءُ، توکي معلوم سڀڪا.

    سائينم، سائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. شاهه

    مون منا ۽ نور کان پڇيو (آئون پنهنجي گهرواري کي منا ۽ پٽ نور محمد کي نور چوان) جنهن مان معلوم ٿيو ته پهرين اک منهنجي پوءِ منا جي آخر ۾ نور جي بند ٿي اسان طواف جي نيت پڙهي طواف شروع ڪيو، نيت جو ترجمو: ”اي الله آئون تنهنجي هن مقدس گهر جو طواف صرف تنهنجي اطاعت ۽ رضامنديءَ لاءِ شروع ڪريان، تون ان کي قبول فرماءِ ۽ منهنجي لاءِ آساني ڪرڻ فرماءِ.“ طواف حجر اسود کان شروع ٿئي ٿو، وري واپس حجر اسود وٽ پهچڻ تي هڪ ڦيرو پورو ٿئي ٿو. اهڙن ٽن ڦيرن کي (دمل) چئبو اهي. جنهن ۾ ٿورو تيزيءَ سان پٻن تي هلڻو پوندو اهي. باقي چار ڦيرا معمولي رفتار سان طواف ڪجي.” حضور پاڪ صعلم جن پڻ حج ۽ عمره ۾ ائين طواف ڪندا هئا. (بخاري و مسلم)
    طواف وقت ايتري رش نه هئي نه گرمي هئي. اسان بيت الله جو طواف ڪري صفا ۽ مروه سعي جي ڪئنچيءَ سان ٿورا وار ڪٽرائي پوءِ اچي بيت الله ۾ نفل پڙهيا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي.
    طواف صرف فرض نمازن جي دوران نه ٿئي، نه ته سڄو سال جاري آهي. سڄي دنيا جا مسلمان ماڻهو بيت الله جو چئوگرد طواف ڪندا رهندا آهن. اسان سڄي رات عبادت ڪئي ۽ فجر جي نماز پڻ بيت الله ۾ پڙهي، پوءِ ناشتو ڪري پنهنجي هوٽل جي ڪمري جي ايئرڪنڊيشن هلائي سمهي رهياسين. منهنجي اک ان وقت کلي جڏهن منا ۽ نور اڳئين نماز پڙهي واپس ڪمري تي پهتا، اسان هوٽل کان ٻاهر مانيءَ لاءَ روانا ٿياسين، پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون گهڻو ڪري سڀ پنجابين جون هيون، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽلون بنگالين جون هيون، کاڌي ۾ سڻڀ تمام گهڻو استعمال ڪن، انهن هوٽل جو اگهه گهڻو ڪري هڪ جهڙو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
    ڪڪڙ جو ٻوڙ 6 ريال
    ڪڪڙ جو تڪو 5 ريال
    ڪوبه ٻيو ٻوڙ 5 ريال
    چانور سادا 3 ريال
    ڌورو ڏهي 1 ريال
    ڪوڪوڪولا، پيپسي يا سيون اپ بوتل 2 ريال پاڻيءَ جي وڏي بوتل 2 ريال.
    باقي نان يا مٺا زردي جهڙا چانور ننڍي پليٽ ۾ مفت ڏين، تمام گهڻو سڻڀ هجڻ جي باوجود کاڌا ڏاڍا مزيدار هئا. کائڻ کانپوءِ هضم به جلد ٿي ويندا هئا، نه ته پاڪستان ۾ گهڻي سڻڀ وارو کاڌو اصل هضم ئي نه ٿئي، ٻنپهرن جي ماني کائي واپس هوٽل تي آياسين، هوٽل تي پهچي ڪراچي فون ڪري ٻارڙن سان ڳالهايوسين ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي سين. هت عربستان ۾ هڪ روزاني اردو اخبار به نڪري جنهن ۾ گهڻو ڪري پاڪستان جون خبرون يا پاڪستاني جيڪي سعودي عرب ۾ رهڻ وارن جي مسئلن سان ڀري پئي آهي. باقي سعودي عربستان جي خبر ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ، اها اخبار مڪي، مديني ۽ جده ۾ هر وڏي بڪ اسٽال تان ملي، جيڪا اسان هتان جي انگريزي اخبار سان گڏ هي اردو اخبار به روزانه باقائدگي سان وٺندا ۽ پڙهندا هئاسين، ته جيئن ملڪ جي حال احوال کان باخبر رهون.
    ٻاهر تمام گهڻي گرمي هئي تنهن ڪري ٻاهر نماز کانسواءِ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿيو جيسين وڃي گرميءَ تي هرون، سو مجبورن ڪمري ۾ ويهي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لڳاسين.شام جو شهر جي بازارن جو چڪر لڳايوسين، بازارن ۾ ڪوريا ۽ جاپان جو مال آمريڪا ۽ يورپ کان زياده نظر آيو. هونئن به دنيا جي مارڪيٽن ۾ توهان کي هر عام استعمال جي شيءَ آمريڪا ۽ يورپ جي ڏسڻ ۾ ايندي، نڪي ٻئي ڪنهن ملڪ جون مثال مشروبات جنهن ۾ ڪوڪاڪولا، پيپسي، جوس ۽ دوائن جون ڪمپنيون، ڪافي چانهن جون ڪمپنيون، مثال لپٽن، بروڪباند ۽ بيشمار سگريٽن جون ڪمپنيون، صابڻ، سرف، پئنسلون، پينون، جوراب، ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ يعني عام استعمال جون سڀ جون سڀ ڪمپنيون آمريڪا ۽ يورپ جون آهن. انهن تي مغربي سرمائيدار ڪنهن کي هٿ به رکڻ نه ٿو ڏئي. باقي ڪمپيوٽر ، سي ڊي ايس (موٽر سائيڪلون) ۽ ڪارون اهي ڪي عام استعمال جون شيون نه آهن، پر هت مڪي ۾ ڪجهه عام استعمال جون شيون به ڪورين ۽ جاپاني ڏسڻ ۾ آيون، جن ۾ پرس، شرٽس ۽ ٽارچون شامل هيون، مون ۽ منا ڪجهه پرفيوم ورتا، نور ڪجهه شرٽون ورتيون. ڪافي دير شهر مان چڪر هڻي وري واپس ڪعبته الله ۾ حاضر ٿياسين. جتي سڄي رات عبادت ڪئي سين. ”بيت الله“ جي چوڌاري واري مسجد کي ”مسجد الحرام “ چيو وڃي، جنهن کي حضرت ابراهيم بيت الله سان گڏوگڏ قائم ڪيو.
    حضرت ابو ذر رضه کان روايت آهي ته ”مون رسول الله صلعم کان پڇيو ته هن ڪائنات تي پهرين ڪهڙي مسجد قائم ٿي، ته پاڻ فرمايائون ته ”مسجد الحرام“.“
    مسجد الحرام 45 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنج لک ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجدا الحرام ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک نمازن جي برابر آهي. اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جوڪيتريون ساريون راتيون اسان کي مسجد الحرام ۾ عبادت ڪرڻ جو موقعو مليو.
    صبح فجر نماز پڙهي ناشتو ڪري واپس پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين، ننڊ ته ڄڻ اسان جو رستو جهليو ويٺي هئي، شام ڌاري ننڊ مان اٿيس ته نور ۽ منا ٻئي ڪونه هئا، جيڪي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ آيا ۽ پاڻ بيت الله ۾ عبادت لاءِ ويا هئا.
    ٻئي ڏهاڙي صبح سوير اسان کي مديني شريف وڃڻو هو، سو اسان اڄ رات پڻ سڄي رات عبادت ڪئي ۽ ان کان اڳ مڪي شهر جو ڪار ۾ چڪر لڳايو، مڪي جو شهر ”الحجار“ صوبي جو مکيه شهر آهي. جيڪو سعودي عرب جي مغرب ۾ آهي ۽ سندس پکيڙ 10 ميل 26 ڪلوميٽر آهي، مڪي جي آدمشماري 15 پندرنهن لک آهي. مڪو پهرين دمشق پوءِ بغداد ۽ مصرين جي ماتحت رهيو. آخر ۾ مڪي جا حاڪم ترڪ رهيا جن کي 1916ع ۾ شريف حسين ابن علي نيڪالي ڏني ۽ بادشاهه ٿيو.
    1924ع ۾ مڪي تي عبدالعزيز ابن سعود قبضو ڪري حاڪم ٿيو. جيڪو خاندان اڃا تائين حاڪميت ڪندو اچي. مڪي جي گورنر کي امير به چون. جيڪو مڪي، جده ۽ طائف جو پڻ گورنر آهي. جنهن کي سعودي عربستان جو بادشاهه مقرر ڪري، جيڪو جده، مڪي ۽ طائف جو حاڪم آهي. سڄي امن امان جو ذميوار آهي. جيڪو سڌي طرح سان وزارت داخلا جي ماتحت آهي، مڪي ۾ 14 چوڏنهن ميمبرن تي چونڊيل ميونسپالٽي پڻ آهي، مڪي ۾ 1979ع کان هڪ بهترين يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن جي ماتحت ڪيئي ڪاليج آهن.
    يونيورسٽيءَ جو نالو The Ummal - Gura University آهي. انهيءَ کانسواءِ مڪي ۾ سعودي عربين انسٽيٽيوٽ فار هائير ايڊيوڪيشن پڻ آهي. سڄي سعودي عربستان وانگر هت پڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مفت تعليم آهي. تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ رستن جي صفائي ۽ سيڪيورٽيءَ جو سڄي عربستان وانگر مڪي ۾ پڻ بهترين بندوبست ٿيل آهي.


    2

    اسان صبح سوير وڏي ڪار ٽئڪسي ڪري مديني لاءِ روانا ٿي وياسين. جيڪو سڄو رستو جبل ئي جبل لڳو پيو آهي. پنجن ڪلاڪن جي رستي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽل آهي، نه ته سڄو رستو سنسان لڳو پيو آهي. رستن روڊن تي ڊپ ڊاءُ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، مڪي مديني ۾ ڪار ۾ اچڻ وڃڻ ڪري تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن بسن ۾ اچجي ته ڪار کان به وڌيڪ سهولت واريون بسون سڄو ڏينهن پيون مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هلن. جيڪي هلٽن هوٽل جي پويان بيهن، انهن بسن ۾ مفت ۾ سڄي واٽ ٿڌو پاڻي به پيارين، جيئن ته بس ڪار کان مٿي آهي. ان ڪري ماڻهو وڌيڪ علائقو اکين سان ڏسي سگهي ٿو. ڪار ۾ صرف ٻه ٽي ماڻهو هجن، پر بس ۾ ڪافي ماڻهو ٿين، تنهن ڪري ماڻهو بور به گهٽ ٿئي ٿو. مڪي ۽ مديني وچ ۾ ڪافي بسلون هلن پر (ايس اي بي ٽي) ڪمپنيءَ جون بسون وڌيڪ آرامده ٿين. مڪي، مديني نه پر جده مديني وچ ۾ ايئر سروس پڻ هلي، جيڪا جلدي پهچائي نه ته مڪي کان مديني ويندي سڄو ملڪ سنسان لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍو بور ٿو ٿئي.
    سعودي عربستان ۾ جمعي جي ڏينهن موڪل ٿئي، آفيس ٽائم 2-30 کان 7-30 آهي. گهڻو ڪري سڀ عرب ملڪن وانگر سعودي ڪرنسي پڻ بين الا اقوامي طرح ڊالر سان لاڳاپيل آهي. سعودي ڪرنسي کي سعودري عربين ريال چئبو اهي. 1968ع کان سعودي ڪرنسيءَ جو 3.75 سعودي ريال برابر آهي. هڪ آمريڪن ڊالر جي سعودي هڪ ريال ۾ وري هڪ سو حلالا ٿين. سعودي عربستان 83000 هزار اسڪوائر ميلن تي قائم آهي، سعودي عربستان جو بادشاهه شاهه فهد بن عبدالعزيز آهي. ۽ ولي عهد شهزادو عبدالله بن عبدالعزيز آهي، جيڪو ملڪ جو نائب وزيراعظم ۽ ملڪ جي نيشنل گارڊ جو سربراهه پڻ آهي. حڪومت وازارت ڪائونسل هلائيندي آهي. جنهن جو اجلاس موڪلن کانسواءِ هر سومار تي باقائدگي سان ٿيندو آهي.
    1992ع ۾ شاهه فهد بادشاهه ۽ شهرين جي وچ ۾ تعلقات بابت لکت ۾ پهريون دفعو پڌرنامو ملڪ کي ڏنو. 1993ع ۾ ملڪ ۾ اڳ قائم ڪيل مجلس شورا جي جوڙ جڪ ۾ تبديلي آڻي ان کي وڌيڪ فعال بڻايو ۽ ان جي ميمبرن جو تعداد سٺ مان وڌائي نوي ڪيو.
    ان جا ميمبر گهڻو ڪري سياستدان، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن مان ئي مقرر ڪيا ويند اآهن. مجلس شورا بادشاهه ۽ وزارتي ڪائونسل کي پنهنجي راءِ وقت به وقت موڪليندي رهندي آهي. شاهه فهد 1993ع ۾ هڪ حڪم تحت سڄي سعودي عربستان کي 13 تيرنهن صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جيڪي مقامي طرح سان حڪومت هلائين هر صوبي جو سربراهه گورنر ٿئي. جنهن کي سعودي عربستان ۾ ”امير“ چون. گورنر يا امير سان گڏ نائب گورنر امير پڻ ٿئي. جن کي بادشاهه پاڻ مقرر ڪري، هر گورنر پنهنجو صوبو صوبائي ڪائونسل جي صلاح مشوري سان هلائي، صوبائي ڪائونسل جو مدو چار سان هوندو آهي. موجوده سعودي بادشاهت جو بنياد 23 سيپٽمبر 1921ع ۾ بادشاهه عبدالعزيز السعود قائم ڪيو. هن جي بادشاهت قائم ٿيڻ جي ٿوري ئي وقت ۾ ملڪ ۾ تيل لڌو، پر باقائده واپاري بنياد تي تيل جو ڪاروبار 1938ع کان شروع ٿيو. جنهن هن ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏي.نه صرف سعودي عربستان پر سڀ عرب ملڪ جن ۾ پئٽرول لڌو، انهن ملڪن جي حاڪمن پنهنجي پنهنجي ملڪ کي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي برابر آڻي ڇڏيو آهي.
    عرب بنيادي طرح سان واپاري آهن ۽ هنن کي پيسو هٿ آئي ٿورو وقت ٿيو آهي. يعني ته ٽيهه يا چاليهه سال ۽ وري جنهن جنريشن کي پيسو مليو، اهي صفا اڻ پڙهيل هئا ۽ ان کانپوءِ واري جنريشن هي سڀ ڪجهه ڪيو آهي، جنهن ۾ تعليم، فوجي قوت، صحت، رستا، فيڪٽريون ۽ پراڻن شهرن کي نئين انداز ۾ مغربي شهرن جي برابر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ عربن وٽ دنيا جا وڏا واپار، بئنڪون، انشورنس، ڪمپنيون، هوائي ڪمپنيون ۽ پنهنجي نئين نسل کي تمام ٿوري وقت ۾ بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ يورپين کي ائين ترقي ڪرڻ ۾ صديون لڳي ويون پر عربن اهو ڪم سالن ۾ ڪري ڏيکاريو، آمريڪا ۽ انگلينڊ کي اها خبر هئي ته ائين ٿيندو، جن پنهنجو ڪتو اسرائيل جي روپ ۾ هنن جي مٿان ٻڌي ڇڏيو آهي، نه ته جيڪر عرب اڃا به گهڻي ترقي ڪن.
    ها، پر آمريڪا ۽ انگلينڊ جو هي حرامي ٻار هنن مٿان اصل موچڙو کنيو بيٺو آهي. مرحوم جمال ناصر ڏاڍي مڙسي ڪري عرب دنيا کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دنيا جي شهه رڳ سوئيز ڪئينال پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، چئوطرف کان اسرائيل تي حملو ڪيو. پر آمريڪا جي مدد ۽ هٿيارن جي اڳيان عرب وڙهي نه سگهيا ۽ بريءَ طرح سان شڪست کاڌائون ۽ سڄي عرب دنيا ٽٽي ڦٽي ويئي، مرحوم جمال ناصر جي وفات کانپوءِ انور سادات آمريڪا جي اڳيان پيش پيو.آمريڪي صدر جي موڪلن واري محل ڪئمپ ڊيوڊ ( ڊيوڊ آئزن هاور جي پٽ جو نالو هو، ان پٺيان هن کي ڪئمپ ڊيوڊ چيو ٿو وڃي) ۾ آمريڪا کي هر پني تي صحيح ڪري ڏني ۽ پنهنجا علائقا واپس ورتا. پر شام کي اڃان تائين سندس علائقا ۽ گولان جون پهاڙيون ڪونه ٿيون ملن.
    انور سادات کي ان معاهدي تي صحي ڪرڻ ڪري سندس هڪ فوجي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو. انور سادات جي مرڻ کانپوءِ جاءِ نشين حسني مبارڪ ٿيو، جيڪو پڻ فلسطيني رهنما ياسر عرفات کي ساڳوڻي جڳهه ڪئمپ ڊيوڊ وٺي ويو ته توکي به ٿو آزاد فلسطيني رياست وٺي ڏيان، پر اڃا تائين آزاد رياست ته ٺهيو، پر روز ٿو ڪيترائي فلسطيني شهيد ڪري ۽ فلسطين جي آمريڪا کي ڪا پرواهه ئي ڪانهي، سعودي عربستان ۾ هڪ کان ٻئي شهر ۾ ٻئي کان ٽئين شهر ۾ ويندي سخت چيڪنگ ٿيندي آهي. سو اسان اچي مديني کي ويجها ٿياسين ته هڪ پوليس چوڪي تي اسان جي گاڏي روڪي اسانجا پاسپورٽ اسانجو ٽئڪسي ڊرائيور کڻي ويو ۽ ڪافي دير کانپوءِ آيو. اسان سعودي عربستان جي ٻئي ڀلاري شهر ڏانهن روانا ٿياسين. ٽئڪسي ڊرائيور اسان کي چيو سائين ڪو دوست آهي يا سڌو هوٽل هلبو، مون کيس هوٽل معزن لا چيو جيڪا مسجد نبوي جي بلڪل ويجهو هئي، پر ڪمرو خالي نه هئڻ ڪري اسان ڀر واري ٻي هوٽل ۾ رهياسين.
    اڄ ٻارنهن ربيع الاول آهي، جيڪا ”حضرت محمد صعلم“ جن جي ولادت جي رات اهي، اسان پنهنجي ملڪ پاڪستان مان روانو ٿيڻ جو پروگرام اهڙي طرح ٺاهيو جو اسان چاهيو ٿي ته اسان کي ٻارنهن ربيع الاول جي رات مسجد نبوي ۾ گذري ته جيئن اسان رات جو عبادت ڪيون، پوءِ وري ٻيو دفعو به پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي پٽ فرخ سان به ٻارنهن ربيع الاول مسجد نبوي ۾ گذارڻ جو موقعو مليو، جنهن لاءِ پنهنجي رب پاڪ جا شڪر گذار آهيون جو اسان جهڙن بندن کي رب پاڪ اهڙا موقعا ڏنا.
    اسان پنهنجو سامان هوٽل ۾ رکي سڌا مسجد نبوي ڏانهن روانا ٿياسين. جتي حضور پاڪ صلعم جن جو روضو مبارڪ آهي، اسان پهريان ئي حضور پاڪ صلعم جن جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪئي ۽ نفل پڙهيا.
    مسجد نبوي بيت الله وانگر سڄي رات عبادت لاءِ کليل ڪانه هوندي آهي. پر رات جو ڏهين بجي کان بند ٿي ويندي آهي. اسان ڪوشش ڪري مسجد نبوي بند ٿيڻ تائين عبادت ڪئي. آئون ۽ نور مردن واري حصي ۾ ۽ منا عورتن واري حصي ۾ هئي هت ”بيت الله“ وانگر مرد ۽ عورتون گڏ عبادت ڪونه ڪن، پر مرد ۽ عورتون جدا جدا عبادت ڪن.
    مسجد نبوي اها مسجد آهي جنهن جي تعمير ۾ حضور پاڪ صلعم جن ٻه دفعا حصو ورتو. حضرت ابوبڪر هريره رضه کان روايت آهي ته :
    (حضرت محمد صلعم جن فرمايو ته ٽن مسجدن کانسواءِ ٻين مسجدن ڏانهن سفر نه ڪريو.)
    1-مسجد الحرام (مڪو)
    2-مسجد نبوي (مدينه منوره)
    3-مسجد اقصيٰ (يروشلم)
    قرآن پاڪ ۾ پڻ مسجد نبوي جي باري ۾ فرمايل آهي ته ”هي اها مسجد آهي جنهن جو بنياد پهرين ڏينهن کان وٺي تقويٰ تي رکيو ويو. اوهان تي لازم آهي ته ان ۾ بيهو (نماز پڙهو) هن ۾ اهي ئي وڃن ٿا جيڪي پاڪائيءَ کي پسند ڪن ٿا. الله تعاليٰ پڻ پاڪائي وارن کي پسند ڪري ٿو.“(التوبه 108)
    حضور پاڪ صلعم جي قبر مبارڪ جي سامهون وچ واري حصي کي ”رياض الجنته“ چئبو آهي. جنهن لاءِ حضور پاڪ صلعم جن فرمايو آهي ته ”منهنجي گهر ۽ منبر جي وچ واري جاءِ ڄڻ ته جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي.“
    مسجد نبوي سڄي خير و برڪت جو خزانو آهي، جنهن ۾ ”رياض الجنته“ هڪ بي بها ماڻڪ مثل آهي. هن جاءِ تي ڪيل عبادت جي به تمام وڏي فضيلت آهي.
    هيمشه هن جڳهه تي نماز پڙهندڙن جي تمام گهڻي رش لڳي پئي هوندي آهي، هڪڙا پيا نماز پڙهندا ته ٻيا انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن. جي تمام گهڻي رش ڏسو ته ڪوشش ڪري گهٽ نماز پڙهجي ۽ ٻين کي به اتي نماز پڙهڻ جو موقعو ڏجي. پر جي رش گهٽ هجي ته بهتر آهي ته ات ”قرآن شريف“ جي تلاوت ڪجي.
    اسان مسجد نبوي جي بند ٿيڻ کان ٿورو اڳ مسجد نبوي مان روانا ٿياسين. مديني شريف جي موسم مڪي کان وڌيڪ خوشگوار آهي. هت مڪي کان گهٽ گرمي آهي ۽ رش پڻ گهٽ آهي. هت رات جي وقت بازارن ۾ دير تائين رونق لڳي پئي آهي. مڪي ۾ شام جو پنجين بجي کانپوءِ مني ايڪسچينچ وارا دڪان بند ڪريو ڇڏين، پر مديني ۾ رات جو ٻارنهين وڳي به توهان کي کليل ملندا.
    مدينو شاپنگ جي لحاظ سان مڪي کان وڌيڪ سستو آهي، ۽ هت ورائٽي به ڪافي آهي، منا پنهنجي لاءِ ۽ ڊاڪٽر پارس لاءِ خوبصورت ٻه پرس خريد ڪيا، اسان دير سان ماني کائي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. صبح سوير منا کي شديد بخار ۽ مٿي جو سور ٿي پيو. ڪراچي روانو ٿيڻ کان اڳ به بخار هئس. پر مديني ۾ بخار وڌي ويو. اسان کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، ڊاڪٽر مڪمل چڪ ڪيو ۽ دوائون ڏنائين. ڪابه في ۽ دوائن جا پئسا ڪونه ورتائين. پهرين چيائين مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪريو پر اسان کيس چيو ته جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ته اسپتال ۾ داخل ڪرائبو. دوائو کائڻ سان ڪافي فرق پيو. هونئن به منا کي سفر ۾ پهريان ٻه ڏينهن تڪليف ٿيندي آهي.
    پهرين دفعي ڪوهه مري ۾ به پهرين ڏينهن رستي تي هلندي هلندي بازار وچ ۾ بيهوش ٿي ڪري پئي. اتي به ڪجهه وقت اسپتال ۾ داخل ٿي پرپوءِ دوائون کائڻ شرط ٺيڪ ٿي وئي. ڊاڪٽر چيو ته ڪوهه مريءَ ۾ ڪيترن ماڻهن کي پهرئين دفعي پهاڙن تي هلڻ ڪري ائين ٿيندو آهي. جنهن کي (Travel Sickness) به چئبو آهي، ۽ اهو خاص ڪري عورتن کي زياده ٿيندو آهي. پر هتي مديني ۾ منا جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي. اسان ڊاڪٽر کان ٿي واپس هوٽل تي آياسين. جت ڪافي وقت آرام کانپوءِ سندس طبيعت ٺيڪ ٿي ۽ پاڻ ٿورو جوس پيتائين.
    اسان شام جو مسجد نبوي ۾ وياسين، جت اسان رات تائين حضور پاڪ صلعم جن جي روضي مبارڪ ۾ عبادت ڪئي. مڪي ۾ بيت الله اندر يا مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪابه چيڪنگ ڪانه هئي. پر مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيڻ وقت خاص ڪري عورتن واري پاسي، عورتن جا پرس سيڪيورٽيءَ وارن چيڪ ڪري ڏٺا ٿي ته پرس اند رڇا آهي.
    مسجد نبوي جت مذهبي طرح سان هڪ قابل احترام جڳهه آهي. اهڙي طرح سان وري سونهن ۾ به دنيا جي چند سهڻين عمارتن ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن جي ٺهڻ جي به هڪ وڏي تاريخ آهي. جيڪا اڃا تائين هلندڙ آهي. رسول پاڪ صلعم مقبول جيڪا ننڍڙي مسجد پنهنجي گهر جي ڀر ۾ قائم ڪئي انهي ۾ مختلف دورن ۾ مختلف مسلمان حاڪمن طرفان گهربل توسيع ٿيندي رهي ٿي، ۽ اها مسجد مسلمانن لاءِ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ پاڪ جڳهه جي حيثيت ۾ پوري دنيا مان مسمانن کي زيارت لاءِ پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهي ٿي.
    ڪجهه ويجهين صدي دوران عرب جزيري ۾ عدم استحڪام ۾ فسادن سبب مڪي شريف ۾ حج ۽ مديني جي زيارتن لاءِ سفر ڪرڻ نهايت خطرناڪ ٿي پيو. جنهن سبب هو ويهين صديءَ جي شروعات تائين، پاڪ جڳهه جي زيارت ۽ حج لاءِ ماڻهن جو انگ 40000 چاليهه هزار في سال کان مٿي نه چڙهيو.
    سن 1926ع ۾ هڪ فيصلي ڪن واقعو پيش آهيو، جنهن نبي سڳوري صلعم واري شهر کي مسلمانن لاءِ وڌيڪ موزن ڪري وڌو ۽ شهر جي باشندن جي قسمت پڻ بدلائي ڇڏي. انهيءَ سال شاهه عبدالعزيز ابن عبدالرحمان السعود عرب جزيري وارن قبيلن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ مڪي شريف ۽ مديني پاڪ جي حفاظت ۾ توسيع ڪئي.
    1932ع ۾ هن پنهنجو مقصد پورو ڪيو. سعودي عربيه جي جديد بادشاهت قائم ڪئي. شاهه عبدالعزيز جي حڪومت عرب جزيري ۾ موجود عدم استحڪام ۽ فسادن کي ترت ختم ڪري ڇڏيو. اهڙِي طرح تيرنهن صديءَ ۾ پهريون ڀيرو حاجي ۽ سوداگر پاڪ جڳهين لاءِ سفر خير سلامتيءَ سان ڪرڻ لڳا. جان ۽ مال جي ڳڻتيءَ کانسواءِ پوري بادشاهيءَ ۾ گهمي ڦري سگهيا.
    جيئن ئي بادشاهت ترقيءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي، جيڪو ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ شروع ٿيو، ته پوري ملڪ ۾ رستا، بحري ۽ هوائي بندر ٺاهڻ شروع ڪيا، ته جيئن مڪي شريف ۽ مديني پاڪ لاءِ سفر جون وڌيڪ سهولتون پيدا ٿين.
    شاهه عبدالعزيز ۽ سندس جاءِ نشين مقدس شهرن تي ڌيان ڏيڻ سبب مدينو پاڪ حقيقي تبديليءَ سان ترقي ڪرڻ لڳو جيڪو سفر اڳ فقط مهمجو مزاج ماڻهو ئي ڪرڻ جي جرئت ڪندا هئا. اهو هاڻي خير سلامتي سان ڳڻتي کانسواءِ ئي ڪري پيو سگهجي. ملڪ ۽ پوري دنيا مان گهڻن حاجين جي اچڻ ڪري شاهه عبدالعزيز مسجد نبوي ۾ توسيع جي شديد ضروت محسوس ڪئي. اصل مسجد جيڪا سرن ۽ ڪاٺ جي ڪامن جي ٺهيل هئي، 8661 چورس فوٽ ايراضيءَ تي مشتمل هئي، خليفي حضرت عمر ۽ خليفي حضرت عثمان ترتيبوار 638ع ۽ 650ع ۾ مسجد ۾ توسيع ڪئي. وڌيڪ توسيع اٺين عيسوي صديءَ جي شروعات ۽ پڇاڙي ۾ واقع ٿي. انهيءَ وقت اهي ڪمرا، جن ۾ نبي سڳورو صلعم ۽ سندس يار انهن مٿان سبز گمبذ (قبو) جوڙيو ويو. جيڪوپهرين ڪونه هو. پر هاڻي هن شهر مديني جي سڃاڻپ آهي ۽ مسلمانن جي پيار جو اهڃاڻ آهي. 678ع هجري سال ۾ پهريائين اهو ڪاٺ جو گمبذ لڳايو ويو. پوءِ وري 893ع هجري سال ۾ ترڪ بادشاهه ڪبتيءَ (Kubtai) هن گمبذ کي تبديل ڪيو ۽ پهريون ڀيرو هن تي سائو رنگ لڳايو ويو. جيڪو اڄ اسان روض پاڪ صلعم تي گمبذ ڏسي رهيا آهيون. اهو گمبذ 1333هجري سال ۾ ترڪ بادشاهه محمد بن عبدالمجيد عثمانيءَ ٺهرايو. جيتوڻيڪ ٻين مسلم حاڪمن پڻ انهيءَ جي شان شوڪت لاءِ ڪجهه رقم فراهم ڪئي، پر حقيقت ۾ وري يارهن صدي تائين مسجد شريف ۾ ڪي خاص واڌارا ڪونه ڪيا ويا.
    هاڻوڪي سعودي حڪومت مسجد جي توسيع بابت تاريخ ۾ سڀ کان وڏو منصوبو هٿ ۾ کنيو. جنهن سان مسجد جي سائيز ٻيڻ کان به وڌيڪ وڌائي وئي ڇو ته هاڻي سال به سال حاجين جو تعداد وڌندو ويو. 1955ع ۾ وڃي هڪ لک تي پهتو. حاجين ۽ مسافرن جي رهائش سير سفر ۽ زيارت لاءِ جديد گهڻين سهوليت جي پيدا ٿيڻ سان مڪي شريف ۽ مديني پاڪ ايندڙ حاجين جي تعداد ۾ 1960ع کان وٺي اضافو تيزيءَ سان ٿيڻ لڳو. سن 1970ع ۾ ڏهه لک حاجي حج تي آيا، سن 1973ع ۾ شاهه فيصل بن عبدالعزيز مسجد جي اولهه واري پاسي کي اس کان بچائڻ واسطي ڇٽيون ۽ شاميانه لڳائڻ جو حڪم ڏنو. هن ڪم ڪرڻ سان مسجد ۾ ايندڙ ماڻهو هاڻي انهيءَ هنڌ به نماز پڙهڻ لڳا پر اهو حل عارضي هو، مسجد لاءِ هاڻي هڪ وسيع ۽ دائمي بندوبست گهربل هو، خادم الحرمين شاهه فهد جي سربراهيءَ ۾ ماهرن جي هڪ ٽولي مسجد ۾ گهڻي توسيع ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ واسطي ٽن سالن تائين اڀياس ڪندي رهي. سن 1985ع ۾ جيئن ئي منصوبو تصديق ٿيو ۽ گهربل تياريون شروع مڪمل ٿيون ته ڪم جي زور سان شروعات ٿي، ڪم ساڍن ستن سالن تائين هلڻو هو ۽ اهو 1992ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان مسجد جي ايراضيءَ ۾ تقريبن پندرنهوڻو وڌيڪ توسيع ٿي ۽ اها 1.78 ملين ۽ 178000 چورس فوٽ هئي، ۽ هاڻي مسجد ۾ هڪ ئي وقت تي ست لک ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. مسجد نبوي وانگر مسجد الحرام جيڪا ڪعبي شريف جي چوڌاري اڏيل آهي. تنهن ۾ پڻ ٻيڻ تي توسيع ڪئي وئي. ۽ هاڻي اتي ڏهه لک ماڻهو هڪ ئي وقت تي نماز پڙهي سگهيا ٿي.
    هنن منصوبن تي عمل ڪرڻ لاءِ ستر بلين سعودي ريال درڪار هئا. يعني 18.66 بلين آمريڪي ڊالر.
    مسجد نبويءَ جي توسيع واري منصوبي موجب انهيءَ جي ٽن طرفن کان نيون تعمير ٿيندڙ جڳهيون به شامل هيون ۽ تنهن کانسواءِ سموري صحن ۽ اسلامي عمارت سازيءَ جي فن موجب جاميٽريءَ واري سنگ مرمر جي فرش بندي به شامل هئي.نين عمارتن نماز واسطي ڇت ٻڌل ايراضي ميسر ڪئي. نئين تعمير ۾ 27 کليل صحن به شامل َآهن، خراب موسم دوران انهن کي شاهي شاميانن سان ڇانيو وڃي ٿو، انهن صحن ۾ ٻن وڏن صحن تي مشيني ڇٽيون لڳل آهن.جيڪي موسم آهر کولي يا بند ڪري سگهجن ٿيون. انهن ڇٽين ۽ شاميانن، بجليءَ جي نظام توڙي ٻين مشيني نظامن جو ڪنٽرول زير زمين ڪمپيوٽرائيزڊ آٽوميٽڪ ڪنٽرول سينٽر ۾ قائم ڪيل آهي. هتي پنهنجي نوعيت جي تمام وڏي ايئرڪنڊيشن سسٽم تي ضابطو قائم آهي.4.3 ملين پري پاڻيءَ جي سپلائي جو هڪڙو نظام قائم ڪيل آهي. جتان پائيپن وسيلي زير زمين سينٽر ۾ هڪ منٽ ۾ 17000 گلين تمام ٿڌو پاڻي پهچي ٿو. جيڪو مسجد ڪامپليڪس ۾ ڦرندڙ هوا کي ٿڌو ڪري ٿو. هن منصوبي مطابق مسجد جي اڳوڻي چئن مينارن ۾ وڌيڪ ڇهن نون مينارن جو اضافو ڪيو ويو آهي. انهن ڇهن نون مينارن مان هر هڪ 360 فوٽ اوچو آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي تي 23 فوٽ وڏو هلال نصب ٿيل آهي، اهي چنڊ براس ڌاتوءَ جا ٺهيل ۽ اٽڪل پنج ٽن وزني آهن، سنگمرمر ۽ گرينائيٽ پٿر جا ڪئين قسم سموري نئين تعميرات جي چوڌاري ٺهيل اڱڻ جي فرش ۾ لڳايا ويا آهن. سنگمرمر ۽ براس ڌاتوءَ تي پوندڙ روشنيون رات جي وقت هن سموري ايراضيءَ کي چمڪائين ٿيون.
    هن توسيعي منصوبي جي تڪميل سان مسجد نبويءَ ۾ ويهه لک حاجين ۽ زيارتين جي عبادت لاءِ مناسب گنجائش ٿي پئي آهي.
    مذڪوره ويجهن ڏهاڪن دوران جيئن مسجد ۾ توسيع ٿيندي رهي آهي، ته ان سان گڏ انهيءَ مسجد جي چوڌاري قائم شهر ۾ پڻ توسيع ٿيندي رهي آهي.


    3

    نبي سڳوري صلعم وارو شهر پڻ صديءَ جي اختتام وقت ڀتين ۽ ڪوٽ اندر محدود ننڍي ڳوٺ واري حيثيت ۾ برقرار ڪونهي، هن وقت اهو مدينو پاڪ هڪ زبردست شهر آهي. جتي پنج لک انسان آباد آهن. ۽ قديم توڙي جديد لوڪ هڪٻئي سان امن ۽ ڀائيچاري سان هلن ٿا.
    شهر ۽ ان جي چوڌاري مذهبي ۽ تاريخي ماڳن جي گهربل حفاظت ڪري کين اجايو ڪيو ويو آهي. جيئن زيارتي اسلامي ۽ بادشاهت جي تاريخ ۾ خدا حرمين جي ڪردار جي واکاڻ ڪن ساڳئي وقت شهر جي مادي ۽ سماجي سڌاري واسطي جديد آسائشون ۽ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. مديني جو شهر آهستي آهستي مگر چوڌاري وڌڻ ۽ پکڙجڻ لڳو. انهيءَ ڳالهه جي پيش نظر شهر ۾ پاڻيءَ جي سپلائي لاءِ پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو، هن مسئلي کي سرڪار صرف چشمن تائين محدود نه رکيو جتان اڳي رواجي طرح پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو، پر ڳاڙهي سمنڊ وٽ مٺو پاڻي ٺاهيندڙ ڪارخانن کان شاهي پائيپن وسيلي پاڻي مديني پهچايو وڃي ٿو. هي منصوبو شهر ۾ پاڻي جون مڪمل ضرورتون پوريون ڪري ٿو. تنهن کانسواءِ ساڳئي پاڻيءَ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ڪرڻ واري اصول موجب گهرن ۾ استعمال ٿي نيڪال ٿيندڙ پاڻيءَ کي وري استعمال ڪري شهر ۾ سٺ شاهي پارڪ لڳايا ويا آهن ۽ راندين جا ميدان ٺاهيا ويا آهن، جتي شهرين جي وندر جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي.جتي اڳي فقط صحرائي رندن وسيلي جتان فقط قافلن جي صورت ۾ لنگهي سگهبو هو، مديني ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي سگهبو هو. اهو مديني جو شهر رستن ۽ روڊن جي انهيءَ جديد ڄار جو هڪ حصو آهي. جنهن وسيلي سڄي ملڪ جا شهر هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، شهر جي اتر اوڀر طرف ستن ميلن جي مفاصلي تي هڪ عاليشان هوائي بندر اڏيو ويو آهي، مديني کي ملڪ ۽ دنيا جي مکيه شهرن سان ملائي ٿو.
    گذريل چوڏهن صدين کان وٺي مدينوشريف اسلامي تعليمات جو مرڪز ٿي رهيو آهي. جتي پوري دنيا کان شاگرد توڙي عالم علم جي حصول لاءِ ايندا آهن رهن ٿا، هن وقت تعليم جي جديد نظام موجب شهر ۾ سوين پرائمبري، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جا ادارا موجود آهن. جتي ٻار توڙي نوجوان پڙهن پيا، انهيءَ کان به وڌيڪ اها ڳالهه ته سن 1966ع ۾ هتي هڪڙي اسلامي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ مديني توڙي ملڪ جي ٻين هنڌن کان ۽ دنيا جي هڪ سو کان وڌيڪ ملڪن مان آيل شاگرد پڙهي رهيا آهن.
    سن 1985ع ۾ شاهه فهد مديني پاڪ جي ويجهو هڪ نرالي ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو، جنهن جو نالو شاهه فهد هولي قرآن پرنٽنگ ڪامپليڪس آهي. هيءَ بلڊنگ 37 ايڪڙ ايراضيءَ تي محيطه آهي، جتي قرآن شريف جا لکين جلد بهترين ڇپائي سان تيار ٿين ٿا، پندرنهن سو عالم ڪاريگر ۽ فنڪار هن اداري ۾ مقرر آهن، هتي هر سال قرآن شريف جا چوڏهن ملين جلد عربي ۽ ڇهن ٻين مکيه ٻولين ۾ ڇپجن ٿا ۽ قرآن شريف جي آڊيو ڪيسٽن جا ٻه لک سيٽ تيار ٿين ٿا، اهي قرآني جلد ۽ ڪيسٽون حرمين جي زيارتين ۾ ٻين مذهبي ادارن، اسڪولن ۽ يونيورسٽن ۾ مفت ورهائجن ٿيون. تنهن کان سواءِ قرآن شريف جا نسخا دنيا جي ٻين ملڪن جي اسلامي ادارن، مسجدن ۽ اسڪولن وغيره کي عطيي طور ڏجن ٿا.
    مديني شريف ۾ پڻ جديد نظام قائم ڪيو ويو آهي. جنهن تحت نو وڏيون اسپتالون ۽ 76 صحت مرڪز قائم ڪيل آهن.جتي مديني جي شهرين توڙي زيارتين جي صحت لاءِ بهترين بندوبست ٿيل آهي، حج وارن ڏينهن دوران اضافي طور ڪيترائي عارضي صحت مرڪز کوليا وڃن ٿا، ته جيئن صحت واري دائمي نظام تي وڌيڪ بار نه ٿئي، علاج جو اعليٰ معيار برقرار رهي ۽ سڀني ضرورتمندن جو علاج ٿي سگهي.
    مديني شريف ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن نظام پوسٽن، ٽيليگرافس ۽ ٽيليفونس وزارت جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندڙ آهي، هتي شهرين توڙي حاجين ۽ ٻين زيارتين جون ٽيلي ڪميونيڪيشن واريون ضرورتون ڪمپيوٽرن، فيڪسمائيل ۽ ٽيليڪس مشينن ذريعي پوريون ڪجن ٿيون. جنهن سان ٽرنڪ توڙي موبائيل فون نظام عمل پيرا آهي. مديني شريف سان گڏ اتي کجين جي باغن ۽ ڀاڄن جي فارمن پڻ ترقي ڪئي آهي. کجين جي پنج سو ملڪي قسمن مان 120 قسم صرف مديني جي کجين جي باغات ۾ پيدا ٿين ٿا.
    اجوا سميت کجين جا سمورا بهترين قسم شهرين جي چوڌاري قائم کجين جي نخلستانن ۾ پيدا ٿين ٿا.
    مديني جي شهرين جي زندگيءَ جو چرخو مسجد نبوي ۽ حاجين جي خدمت ڪندي ڦري ٿو، تنهن جي پيش نظر اهي تجارتي ميدان ۾ به نمايان حصو وٺن ٿا.
    ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي مديني شريف جي حيثيت هڪڙي جديد شهر واري ٿي پئي آهي. مگر شهر پنهنجي مذهبي ۽ ثقافتي ورثي کي برقرار رکندو اچي.
    عجيب منظر آهي، حضور پاڪ صلعم الله جي حڪم سان پنهنجي اٺڻ ”قصويٰ“ مهرن مان آهستي آهستي هٿ ڍلا ڪندو وڃي ته جيئن خدا جي حڪم سان (قصويٰ جنهن تي حضور پاڪ صلعم جي سوار ٿي مديني داخل ٿي رهيا هئا) جتي وڃي ويهي اتي حضور پاڪ صلعم جن پنهنجو گهر ٺاهين، ڇو ته جڏهن حضور پاڪ صلعم جن مديني شريف (جنهن کي اڳ ۾ يثرب چيو ويندو هو.) اندر داخل ٿي رهيا هئا، تڏهن هر مرد ۽ عورت، امير ۽ غريب، ننڍي ۽ وڏي جي اها آرزو هئي ته حضور پاڪ صلعم جن منهنجي گهر ۾ رهن. پوءِ حضورپاڪ صلعم جن نٿي چاهيو ته ڪنهن هڪ ئي کي اهو اعزاز ڏئي ٻين سڀني مديني وارن جي دل آزاري ڪريان، تنهنڪري حضورپاڪ صلعم جن الله پاڪ جي حڪم سان ائين ڪيو ۽ ”قصويٰ“ جي مهرن مان هٿ نڪرڻ کانپوءِ هلندي هلندي نيٺ انهيءَ جڳهه تي وڃي ويٺي جت اڄ مسجد نبوي جو مک دروازو ”باب اسلام“ آهي، ان وقت اها جڳهه ٻن يتيم ۽ معصوم ٻارڙن سهل ۽ سهيل جي مليڪت هئي، جن کي پوءِ ان جو معاوضو ڏنو ويو. ان وقت ان جڳهه کي ويجهي ۾ ويجهو گهر حضرت ايوب انصاريءَ جو هو، جنهن ڪري فيصلو اهو ٿيو ته جيستائين مسجد نبوي ۽ حجره مبارڪ ٺهي راس ٿئي، تيستائين حضورپاڪ صلعم جن اتي رهن، مسلمانن جو هجري سال پڻ حضور پاڪ صلعم جن جي مديني ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيو.
    حضور پاڪ صلعم جن جي حڪم سان مسجد نبوي جي تعمير شروع ٿي، پهريان جهنگ صفا ڪيو ويو پوءِ مسجد شريف جو بنياد رکي، تعمير شروع ڪئي وئي، حضور پاڪ صلعم جن پاڻ باقائدي تعمير ۾ حصو وٺندا هئا، کجيءَ جي ٿڙن جا ٿنڀا پنن ۽ ٽارين جي ڇت سان ٺهيل هن مسجد ڊيگهه هڪ سو پنج فوٽ، ويڪر نوي فوٽ ۽ اوچائي ڏهه فوٽ هئي.
    ان جو قبلو ”بيت المقدس“ طرف ڪيو ويو، وري جڏهن قبلي جو حڪم ”بيت الله“ ڏانهن ٿيو ته منبر ۽ قبلي جو رخ اوڏانهن ڪيو ويو.
    ڪلهه جو يثرب اڄ حضورپاڪ صلعم جن جي هن شهر ۾ اچڻ سان مدينه الرسول صلعم جن جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
    مدينو معنيٰ شهر يعني نبي سڳوري صلعم جو شهر، يا رسول پاڪ جي رهائش وارو شهر.
    حضور پاڪ صلعم جن مڪي مان هجرت ڪرڻ کان پوءِ مديني ۾ ڏهن سالن تائين رهيا، سندن آخري آرام گاهه به مدينو رهيو، جت سڄي دنيا جا مسلمان حج يا عمري کان پهريان يا بعد ۾ مديني شريف ضرور اچن ۽ مسجد نبوي ۾ عبادت جي سعادت حاصل ڪن ۽ روضي پاڪ جي زيارت ڪن، حضورپاڪ صلعم جن جي مديني ۾ اچڻ کان وٺي 661ع سال تائين مدينو منور مسلمانن جو مرڪز گاديءَ جو هنڌ يا هيڊ ڪوارٽر ٿي رهيوآهي، حضورپاڪ صلعم جن ٽن خلفاءِ راشدين يعني:
    1- حضرت ابوبڪر صديق رضه الله تعاليٰ
    2-حضرت عمر فاروق رضه الله تعاليٰ
    3-حضرت عثمان غني رضه الله تعاليٰ
    جي دور۾ به مدينو منور مسلمانن جو مرڪز، گاديءَ جوهنڌ ۽ فوج جو هيڊڪوارٽر رهيو. پر پوءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي دور کان پوءِ مديني جي اها سياسي حيثيت ختم ٿي وئي.
    اڄ جي ترقي يافتا مديني منوره کي يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو. جت سهڻا فلاءِ اورس روشنين ۾ جڳمڳ، سهڻا زير زمين ۽ ٻاهر رستا، ترتيب سان پوکيل وڻ، چوڪن تي خوبصورت ڦوهارا جن ۾ سهڻيون روشنيون، وڏيون وڏيون عمارتون، انٽرنيشنل اسيٽينڊرڊ جون هوٽلون، سهڻا ايئرپورٽ، خوش پوش مرد ۽ عورتون، سهڻيون ڪارون مطلب ته چئوطرف توهان کي خوشحالي ۽ رونق نظر ايندي.
    اسان رات جو حضورپاڪ صلعم جي روضي مبارڪ ۾ عبادت کانپوءِ مديني منوره جي گهٽين ۽ بازارن مان ٿيندا اچي پنهنجي هوٽل پهتاسين، صبح جو سوير اسان هڪ ڪار ڪرائي تي ڪئي. جنهن ۾ اسان زيارتون ڪري مڪي ڏانهن روانو ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. پهريان ئي اسان ”جنت البقيع” وياسين. هتي مسلمانن جو هڪ اهم قبرستان آهي، جيڪو حضور پاڪ صلعم جن جي روضي ۽ مسجد نبوي جي بلڪل ويجهو آهي. روايت آهي ته حضور پاڪ صلعم جن هر جمعي جي ڏينهن فجر نماز کانپوءِ دعا لاءِ هتي ايندا هئا.
    هي قبرستان مسلمانن جي اهم شخصيتن جو آخري آرام گاهه آهي، جت حضور پاڪ صلعم جن جون سڀ پاڪ بيبيون (سواءِ بيبي خديجته الڪبريٰ ۽ بيبي ميمونه) جي، حضور پاڪ صلعم جن جون ٽئي پاڪ نياڻيون، پڦيون، چاچو حضرت عباس، حضرت عثمان(ٽيون خليفو) حضرت امام حسين، حضرت عقيل بن ابو طالب، حضرت حليمان، حضرت امام مالڪ، حضرت امام باقر، حضرت امام جعفر، حضرت امام زين العابدين، حضرت عبدالله بن مسعود (ڪاتب وحي جنهن وحي لکيا)، حضرت سعد بن ابي وقاص، حضرت عبدالرحمان بن عوف، حضرت اسد بن زرا، حضرت ذڪي الدين ۽ ٻيا پڻ ڪيترا جنگ احد جا شهيد اچي وڃن ٿا.
    انهيءَ کانپوءِ اسان جبل احد وياسين. جتي حضرت حمزه بن عبدالمطلب جي قبر مبارڪ آهي. جيڪو حضور پاڪ صلعم جن جو پيارو چاچو هو ۽ جنگ احد ۾ ابو سفيان جي زال هنده جي حبشي غلام جي هٿن سان شهيد ٿيو. جنگ احد اها جنگ آهي، جنهن ۾ حضور پاڪ صلعم جن جا چار ڏند مبارڪ پڻ شهيد ٿيا.
    اسان هاڻ مسجد قبا ڏانهن روانا ٿياسين. قبا اها جڳهه آهي جتي حضور پاڪ صلعم جن جڏهن مڪي کان هجرت ڪري مديني اچي رهيا هئا ته پاڻ مديني پهچڻ کان اڳ چار ڏينهن هت عمرو بن عوف وٽ ترسيا، پوءِ جڏهن حضرت علي، حضور پاڪ صلعم جن جون رهيل امانتون ماڻهن کي ڏئي واپس پهتا ته پوءِ پاڻ مدينه منوره ڏانهن روانا ٿيا. اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ رستي ۾ حضور پاڪ صلعم جن جمعي جي نماز مسلمانن کي پڙهائي. اها پهرئين جمعي جي نماز هئي، جيڪا حضور پاڪ صلعم جن جي پيش اماميءَ ۾ مسلمانن مديني منوره ۾ پڙهي. انهيءَ جڳهه تي ٺهيل مسجد کي مسجد جمع جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. حضورپاڪ صلعم جن جمعي نماز جي موقعي تي خطبو پڻ ڏنو. جيڪو اسلام جو پهريون خطبو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
    ”سڀ تعريفون الله جل جلاله لاءِ آهن، آئون ان جي ئي تعريف ٿو ڪريان ۽ ان کان مدد جو طلبگار آهيان. هن کان نگاهن جي معافي ٿو گهران، هن تي ئي ايمان ٿو آڻيان، ان جي وجود جو انڪار نٿو ڪريان، بلڪي جيڪو ان جو منڪر آهي، تنهن سان دشمنيءَ جو اعلان ٿو ڪريان ۽ شاهدي ٿو ڏيان ته هن کانسواءِ ڪو ٻيو معبود ڪونهي. هو هڪ آهي، هن جو ڪو ثاني يا شريڪ ڪونهي ۽ مان محمد صلعم هن جو ٻانهو ۽ رسول آهيان ۽ جنهن کي هن هدايت، روشني ۽ نصيحت ڏئي بندن ڏانهن اماڻيو آهي. ڪافي ڏينهن کان نبين جو اچڻ بند ٿي ويو هو. جنهن ڪري جهالت ۽ گمراهي عام ٿي وئي هئي.
    هاڻي اهو زمانو ختم ٿي رهيو آهي ۽ آخرت ويجهي آهي، جنهن الله پاڪ ۽ ان جي رسول صلعم جي اطاعت ڪئي. اهو ڪامياب ٿيو، جنهن انهن جي نافرماني ڪئي، اهو راهه راست کان ڀٽڪي ويو ۽ حد کان لنگهي غلط رستي تي گهڻو پري هليو ويو.
    مان اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان ته الله کان ڊڄندا رهو، بهترين صلاح جيڪا هڪ مسلمان پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ کي ڏئي ٿو سگهي، اُها اها آهي ته آخرت لاءِ نيڪ عمل ڪيا وڃن ۽ الله جو خوف هر وقت رکيو وڃي.
    بس جنهن ڳالهه کان خدا اوهان کي روڪيو آهي، ان کان بچو. ان کان بهتر ڪا ٻي صلاح نه آهي. نڪو ٻيو بهتر ذڪر. حيقيقي تقويٰ انهن جي آهي، جيڪي دل ۾ پنهنجي رب جو خوف رکن، آخرت ۾ صداقت جو جذبو رکي نيڪ عمل ڪن. جيڪو شخص پنهنجي ۽ خدا جي درميان معاملي کي ظاهر ۽ باطن ۾ ٺيڪ رکي ان سان صرف الله پاڪ جي خوشنوديءَ جي نيت رکي ته اهو عمل هن لاءِ دنياوي خير جو باعث ۽ آخرت جي سٺي ثمر جو ضامن ٿيندو.
    آخرت جي ڏينهن، انسان پنهنجي پوين علمائن جو محتاج ٿيندو ۽ خواهش ڪندو ته ڪاش ڪجهه نيڪ عملن لاءِ وڏو عرصو مهلت ملي ها! الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجي عذاب کان به ڊيڄاري ٿو. ان سان گڏ هو پنهنجي ٻانهن تي ڏاڍو مهربان آهي.“
    حق تعاليٰ پنهنجي قول ۾ سچو ۽ واعدو پورو ڪرڻ وارو آهي، ان ڪري ارشاد ٿو فرمائي:
    ”منهنجي سامهون ڪنهن قول ۾ تبدلي نه ٿي سگهندي، مان پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهيان.“
    بس اي ڀائرو: ظاهر ۾، باطن ۾ ۽ سڀني ڪمن ۾ الله کان ڊڄندا رهو، ڇاڪاڻ ته جيڪو الله کان ڊڄي ٿو خدا ان کان برائين کي دور ڪري ٿو. ان جو اجر وڌائي ٿو ۽ عظيم عاليشان ڪاميابي حاصل ڪري ٿو، خدا جي رستي ۾ تقويٰ انسان کي خدا جي غضب ۽ ناراضگيءَ کان محفوظ رکي ٿي. تقويٰ متقين جي منهن کي اڇو اجرو ۽ منور ٿي رکي ۽ ان جو مرتبو بلند ٿي ڪري.
    ڀائرو: پنهنجو پنهنجو حصو حاصل ڪيو ۽ الله پاڪ جي معاملي ۾ زيادتيءَ کان ڪم نه وٺو.
    حق تعاليٰ اوهان کي پنهنجي ڪتاب جي تعليم ڏني ۽ توهان جي نجات لاءِ هڪ طريقو مقرر ڪرڻ فرمايو ته جيئن ان کي مڃڻ ۽ ان کان منهن موڙڻ وارن کي ڄاڻي ڇڏي. بس جهڙي طرح خدا اوهان سان ڀلائي ڪئي آهي. توهان به ڀلائي ڪريو. خدا جي دشمن سان اوهان به دشمني رکو. هن جي راهه ۾ جهاد جو حق پوريءَ طرح ادا ڪيو. هن اوهان لاءِ اسلام کي منتخب ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جو نالو مسلمان رکيو آهي. (يعني سلامتيءَ وارو) ته جنهن کي رب هلاڪ ڪري، ان جي ڪابه هجت نه رهي ۽ جنهن کي زنده رکي، بنا ڪنهن جي هجت جي زنده رکي.
    خدا کانسواءِ ٻي ڪابه طاقت نه آهي. بس توهان الله پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪيو ۽ آخرت لاءِ نيڪ عمل ڪندا رهو. ڇاڪاڻ ته جنهن پنهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ معاملو ٺيڪ ڪيو ته خدا ان جي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ مامعلن لاءِ ڪافي آهي.
    ان لاءِ جو الله پاڪ ماڻهن تي حڪم هلائيندو آهي. ماڻهو هن تي حڪم ڪونه هلائيندا آهن. الله پاڪ جي ماڻهن جي معاملات جو مالڪ ۽ مختيار اهي. ماڻهو هن جي معاملات جا مختيار ڪونهن. الله پاڪ تمام وڏو آهي. سندن عظيم طاقت کانسواءِ ڪائنات ۾ ٻي ڪابه طاقت ڪانهي.
    مسجد قبا اها مسجد آهي، جنهن جو بنياد مسجد نبوي کان به اڳ پيو.جنهن جي تعمير ۾ حضورپاڪ صلعم جن پاڻ حصو ورتو ۽ ان جو بنياد رکيو. حضور پاڪ صلعم جن گهڻو ڪري ڇنڇر جي ڏينهن هن مسجد ۾ ايندا هئا، مسجد قبا ۾ حضور پاڪ صلعم جن جو هي ارشاد نمايان طور لکيل آهي ته جيڪو مسلمان هن مسجد ۾ نماز پڙهندو، تنهن کي حج اصغر (عمره) جو ثواب ملندو.
    مسجد قبا جي ٻاهران هوٽلون ۽ گاڏن وار اجام نظر آيا، جن تي جوس، بسڪيٽ ۽ ٻيو ضروري سامان جام رکيو هو. تمام سهڻي نموني سان مسجد ٺهيل هئي.جت مڪي کان ايندڙ ويندڙ زيارتين وڏي تعداد ۾ نفل ٿي ادا ڪيا. اسان به هت نفل پڙهي دعا گهري مڪي ڏانهن روانا ٿياسين.
    مڪي کان مديني منوره ايندي ڏينهن هو، جنهن ۾ هر شيءَ ڏسڻ ۾ پئي آئي، پر هينئر ڏينهن به هو ته رات به هئي، رات جو سفر ڪندي معلوم ٿيو ته هت هر گهر لائيٽ سان روشن آهي. بلڪل ائين جيئن آمريڪا جي رياست نوويڊا (Naveda) ۾ باءِ روڊ سفر ڪندي توهان کي ڏينهن جو ته جبل ئي نظر ايندا، پر رات جو هر هنڌ پري پري روشني نظر ايندي.
    هت به ڪافي تعداد ۾ رات جو لائيٽون نظر آيون، خوشحاليءَ جو اهو به هڪ اهڃاڻ آهي، رستي ۾ اسان جي عرب ڊرائيور نماز پڙهي ۽ ماني کاڌي. رات اسان کي خالص عرب ڪلچر نظر آيو، ڇو ته وڏن شهرن ۾ مڪي مديني ۽ جده ۾ ته عربن سان ٻيا ماڻهو به توهان کي نظر ايندا پر هت صرف عرب ئي عرب عربي لباس ۽ عربي زبان، هت هڪ وڏو پئٽرول پمپ.، ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ڪجهه دڪان هئا، اسان به هڪ هوٽل تي عربي قسم جي ماني کاڌي، جنهن ۾ مصالحه گهٽ ۽ سڻڀ زياده هو. اسان ماني کائي مڪي شريف ڏانهن روانا ٿياسين. عربستان ۾ جڏهن پئٽرول ڪونه نڪتو هو. تڏهن هن ملڪ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ خوف کان خالي نه هو. پر هاڻ (Petro-Dollar) هن ملڪ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي آهي. ملڪ ۾ مڪمل سڪون اهي ۽ ڪوبه خوف خطر نه آهي. هونئن به دنيا جا امير ملڪ، جن ۾ جاپان، مغربي يورپ ۽ آمريڪا اچي وڃن ٿا. اتي انهن ملڪن ۾ ڊپ ۽ خوف جو ڪو تصور ئي نه رهيو اهي. توهان سڄي سڄي رات پيا شهرن ۾ هلو، يا سفر ڪريو. پر توهان کان ڪوبه ڪونه پڇندو ته ڪيڏانهن پيا وڃو يا ڊگي کوليو يا گاڏي مان هيٺ لهو اسان گاڏي چيڪ ڪندسين. ان جي مقابلي ۾ غريب ملڪن ۾ روڊ رستن تي ڇا پر توهان پنهنجي گهر ۾ به محفوظ نه آهيو. لوهي گرلون، اليڪٽرانڪ وائرنگ باڊي گارڊ ۽ آٽوميٽڪ جديد هٿيار، پر تڏهن به اغوا ڌاڙا، ڦرون، قتل و غارت روز جو معمول آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته خود مسلمان هڪٻئي جي خون جا پياسا آهن. يعني سني، شيعا، فساد هڪٻئي کي مسجدن جي اندر ڊزنن جي تعداد ۾ قتل ڪيو ڇڏين. مسلمان، مسلمان کي مسجد شريف ۾ قتل ڪري، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.
    اسان رات جو دير سان مڪي شريف ۾ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. جتي ڪجهه دير آرام ڪري فجر سان ”بيت الله“ ۾ وڃي عبادت ڪئي. ٽن ڪلاڪن جي عبادت کانپوءِ آب زم زم جي کوهه تي وياسين. بيت الله ۽ حرم پاڪ ۾ جيڪي پاڻيءَ جا ڪولر رکيل آهن. سي سڀ ئي آب زم زم جي پاڻيءَ سان ڀريل هوندا آهن، آب زم زم جو کوهه هاڻي پنهنجن کوهن وانگر نه پر هاڻ هن کي بند ڪري پائيپن وسيلي پاڻي ڪڍيو ٿو وڃي. ٻاهران ڄاري لڳائي ڇڏيائون، جنهن ڪري ماڻهو اندر نٿو وڃي سگهي.
    منهنجو وڏو پٽ نور جڏهن ڄائو هو ته منهنجي پوسٽنگ ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اميگريشن تي آفيسر طور هئي. ان دوران حاجي حج ڪري واپس اچي رهيا هئا. ان ڪري مونکي دوستن يارن کان ايترا ته آب زم زم جا ڪين مليا جو نور ڪيترا سال صرف آب زم زم جو پاڻي پيئندو هو.
    آب زم زم جي پاڻيءَ جي رحمت ڪجهه هن ريت آهي.
    جنهن وقت بيبي حاجره صاحبه جن پنهنجي جگر جي ٽڪر حضرت اسماعيل عليه اسلام کي اڃ ۾ بيتاب تڙپندو ۽ ڦٿڪندو ڏسي رب سائين کي ستائي پاڻ به پريشان حال صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙون پائي رهي هئي، ان وقت رب العزت پنهنجي پيارن جي مشڪل کي آسان ڪرڻ خاطر سندن دعائون مستجاب ڪيون ۽ ڪعبه جي ڀرسان عين ان جاءِ تي جتي حضرت اسماعيل عليه اسلام اڃ جي شدت ۾ روئي رهيو هو، اتي پاڻيءَ جو چشمو جاري ڪيو.
    بيبي صاحبه جن اهو پاڻي ڏسي باغ و بهار ٿي وئي، الله سائين جا شڪرانا بجا آندائين ته پاڻي زور ۽ شور سان زمين جو سينو چيري نڪري رهيو آهي. تڏهن هتان، هتان ريت گڏ ڪري پاڻي کي روڪ ڏيندي چوندي وئي. ”زم زم“ زم زم اکر جي معنيٰ آهي ”بيهه بيهه“ اهو رحمت جو چشمو اڄ ڏينهن تائين جاري و ساري آهي، هر سال لکين پانڌيئڙا پنهنجي روحاني اڃ کي اجهائڻ خاطر ان برڪت ڀرئي پاڻيءَ مان پيٽ ڀري، الله جا شڪر ادا ڪرڻ ايندا آهن.
    جڏهن حضرت ابراهيم عليه اسلام کي رب العزت جي طرفان نبوت عطا ٿي، تڏهن پاڻ بابل (موجوده عراق) ۾ سڪونت پذير هئا. هوڏانهن حضرت ابراهيم عليه اسلام دين اسلام جو آواز بلند ڪيو. الله پاڪ جي وحدت جو سبق ڏئي انسان کي هدايت ۽ نجات جي راهه ڏانهن سڏيو ته هوڏانهن سندس مائٽ عزيز، خود سندس پيءُ آذر (جيڪو وڏو بت ٺاهيندڙ هو)سندن دشمن ٿي پيا.
    ان زماني جو بابل بادشاهه ته غرور ۽ تڪبر ۾ پاڻ کي خدا سڏائي ماڻهن کي سندس سوني بت آڏو سجدو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري چڪوهو، ڪفر، بت پرستي ۽ جهالت جو ايڏو ته زور هيو جو الله پاڪ جي پيغمبر جي ڪنهن به ڪانه ٻُڌي، جيستائين کين هجرت ڪرڻ جو حڪم الاهي پهتو.
    پاڻ هجرت ڪري مصر پهتا، ساڻن گڏ سندس بيبي حضرت ساره جن به شريڪ هجرت هئا، مصر جو بادشاهه ”اخيون“ ڪجهه سٺي سڀاءُ وارو هو، ان حضرت ابراهيم عليه اسلام کي بيحد عزت ۽ احترام ڏنو ۽ سندس راءِ مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام جن جو نڪاح بيبي حاجره سان ٿيو. ان وقت تائين بيبي ساراه مان به اولاد ڪونه ٿيو هو، ۽ بيبي صاحبه جن به ان نڪاح مان رضامندي ڏيکاري.
    حضرت ابراهيم عليه اسلام رب پاڪ کان دعا گهري. ”ان الله جي تعريف ڪريان، جنهن ٻڍاپي ۾ مونکي اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيا، بيشڪ منهنجو رب دعائون ٻڌي ٿو.“ (ابراهيم 39)
    جڏهن حضرت اسماعيل 3/2 سالن جا ٿيا ۽ حضرت اسحاق اڃا نه ڄاوا هئا، ته رب تعاليٰ جي مطابق حضرت ابراهيم عليه اسلام بيبي حاجره ۽ حضرت اسماعيل کي مڪي شريف ۾ وٺي آيو، ۽ ڪعبته الله جي ڀرسان کين ڪجهه کجورون ۽ مشڪيزه پاڻيءَ جا ڏئي واپس روانا ٿيڻ لڳا. بيبي حاجره جن سندن پويان ڊوڙيون ۽ چيائون ته اي خليل الله اسان کي هت رڻ پٽ ۾ اڪيلو ڇڏي ڪيڏانهن ٿا وڃو؟
    هن برپٽ ۾ نڪو ماڻهو نه ڪا واهر نه وسندي آهي، اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ٿا وڃو؟ بيبي صاحبه جن ٻه ٽي ڀيرا ائين چيو ته حضرت ابراهيم عليه اسلام جن ڪوبه جواب نه ڏنو، وري عرض ڪيائون ”يا خليل الله ، ڇا الله، ڇا الله تعاليٰ توهان کي اهو حڪم ڪيو آهي؟ فرمايائون ها! مونکي اهو حڪم الله پاڪ جي طرفان ٿيو آهي. بيبي صاحبه جن فرمايو ”ته پوءِ اوهان ڀلي هليا وڃو، پڪ هو مهربان موليٰ اسان کي برباد ڪونه ڪندو ۽ ضرور پنهنجي حفاظت ۾ رکندو.“
    حضرت ابراهيم عليه اسلام جن جي رواني ٿيڻ کان پوءِ ڪعبته الله جي ڀر ۾ جتي زم زم جي کوهه جا نشان آهن. اتي ننڍڙي حضرت اسماعيل کي هنج ۾ کڻي بيبي صاحبه جن اڪيليون ويهي رهيون. هوڏانهن حضرت ابراهيم عليه اسلام جن تيستائين مڙي ڪونه ڏٺو، جيستائين کين خدشو هو ته بيبي صاحبه جن جي نظر پوندي هوندي، جڏهن کين يقين ٿي ويو ته هاڻي آئون بيبي صاحبه جي نظرن کان غائب ٿي ويو آهيان، تڏهن پوئتي مڙي ڪعبته الله شريف ڏانهن مهاڙ ڪري ٻئي هٿ مٿي کڻي هي دعا گهريائون.
    ”اي منهنجا رب! مان پنهنجي ٻارن ٻچن کي هن بيابان ۾ تنهنجي مقدس ۽ محترم گهر جي ڀرسان ڇڏيو پيو وڃان، تون هنن جي حفاظت ۽ رکوالي ڪج، تون هنن کي هدايت نصيب ڪج، جيئن هو نماز جي پابندي رکن، تون ماڻهن جي دلين کي هنن ڏانهن مائل ڪري ڇڏج، اي الله پاڪ هنن کي کاڌي خوراڪ لاءِ ميوا عطا ڪج، جيئن هو تنهنجو شڪر ڪندا رهن. ” (ابراهيم 37)
    ان وقت اهو سڄو علائقو ويران ۽ برپٽ هو پري پري تائين ڪابه وسندي ڪانه هئي.
    ٿوري ئي وقت ۾ سندن کجورون ختم ٿي ويون، پاڻيءَ جي مشڪ سڪي وئي، ٻئي ماءُ پٽ اڃ بک جو شڪار ٿيڻ لڳا، معصوم اسماعيل عليه اسلام اڃ جي سختيءَ کان روئڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو مهربان ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ائين تڙپندو ڏسي بيحال ٿي وئي ۽ پريشانيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڪنهن واهڻ وسندي يا پاڻي لپ لڀڻ لاءِ ڊوڙون پائڻ لڳي.
    ڪعبه جي ڀرسان هڪ ٽڪري (جبل صفا) تي چڙهي هيڏي هوڏي ڏٺائين، جڏهن ڪجهه نظر نه آيس ته وري ٻئي جبل مروه ڏي وڃڻ لڳي، وچ رستي ۾ زمين ايتري هيٺائين هئي جو ننڍڙو به نظر نه ٿي اچي سگهيس، اتي وري درد وند ماءُ جي ماءُ جي دل کي ٻيا وسوسا ٿي پيا، ته متان روئندڙ اسماعيل کي ڪو جهنگلي جانور نه ايذاءُ رسائي. ان خيال ايندي ئي هو بي تحاشا ڊوڙندي هيٺاهين زمين کان جبل جي مٿاهين ڏانهن ٿي وئي، جڏهن ڪوهه مروه تي به ڪجهه نظر نه آيس ته هٿ کڻي امداد ۽ آسانيءَ لاءِ رب العزت کي ٻاڏايائين ٿي.
    ان حالت ۾ بيبي صاحبه جن انهن صفا ۽ مروه جي پهاڙين جي وچ ۾ ست دفعا چڪر لڳايا، هر پهاڙي جي چوٽ تي چڙهندي، ڪعبه شريف ڏي مهاڙ ڪري ڌڻي در ٿي ٻاڏايائين ته مٿن رحم جي نظر فرمائي پاڻي ميسر ڪري ڏي. رب العزت کي بيبي حاجره جو اهو فعل کيس ٻاڏائڻ، نيازمندي، تڙپ ۽ چاهت سان پڪارڻ جو اهو طريقو ته پسند آيو جو کن پل ۾ انعام ملي ويو، الله پاڪ جي ڪرم ۽ فضل جا چشما جاري ٿي ويا.
    ننڍڙو اسماعيل جنهن جاءِ تي بيتابيءَ کان پيرن جون کڙيون کرڙي رهيو هو ته اتان پاڻيءَ جو چشمو جاري ٿي ويو، ۽ بيبي صاحبه جو ائين چڪر لڳائڻ ڊوڙون ۽ دعائون گهرڻ، رهندي دنيا تائين حج جهڙي اهم اسلامي فرضن جو لازم رڪن بنجي ويو.
    ساندهه پنج ڏينهن بيبي حاجره ۽ حضرت اسماعيل عليه اسلام جن اتي اڪيلا رهيا، پنجين ڏينهن پنوجرهم قبيلي جو هڪ قافلو يمن جو رستو ڀلجي اتان اچي لنگهيو، انهن کي به اچي اڃ ستايو، ان ويرانيءَ ۾ پاڻي ملڻ جو ڪو آسرو اميد ڪونه هئن. جو ڳولها به ڪن، پر ڪن پکين کي هڪ طرف اڏامندو ۽ لهندو ڏٺائون، ڪنهن وسنديءَ جي گمان ۾ هڪڙو ماڻهو ان طرف موڪليائون، ان ماڻهوءَ موٽي اچي حقيقت ڪئي ته هڪ زوردار چشمو آهي، جنهن جو پاڻي روان دوان آهي. ان جي ڀرسان هڪ عورت ۽ ننڍڙو ٻار ويٺل آهي.
    قافلي وارا بيبي حاجره صاحبه جن کان اجازت وٺي اتي رهي پيا، ۽ اهڙي طرح مڪه ۾ وسندي ٿيڻ شروع ٿي، رفته رفته ٻيا قبيلا به اچي رهيا، ۽ ڪعبه جي ڀرسان هڪڙو ڳوٺڙو ٺهي پيو.
    جيستائين رب العزت جي مهر و رضا سان ملڪه پاڪ ۾ سڪونت نصيب ٿئي، دل کولي برڪت ڀرئي آب زم زم جي پاڻيءَ مان شڪم پر ڪريو، حجته الوداع جي موقعي تي حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن خوب زم زم پيتو هو۽ فرمايائون ته، ”آب زم زم ۾ شفا آهي، جنهن نيت سان پيتو ويندو، اهو ئي فائدو حاصل ٿيندو.“


    4

    هڪ حديث آهي ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن آب زم زم پاڻ سان رکندا هئا. حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين جڏهن ڄاوا هئا ته سڀ کان اول آب زم زم سندن وات ۾ وڌو ويو هو.
    حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه زم زم پيئندي چيو:
    ”يا الله! آءُ قيامت جي ڏينهن واري اڃ اجهائڻ لاءِ هي پاڻي ٿو پيان.“
    هڪ حديث مطابق حضور پاڪ صلعم جن فرمايو ته نيڪ ماڻهن جي مصلي تي نماز پڙهندا ڪريو، ۽ نيڪ ماڻهوءَ جو پاڻي پيئندا ڪريو، اصحابي سڳورن پڇيو ته نيڪ ماڻهن جو مصلو ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ميزاب رحمت.
    (ڪعبته الله شريف هي ڇت تان لهندڙ پاڻيءَ جي نيساري هيٺان حطيم جي جاءِ)
    عرض ڪيائون نيڪ ماڻهن جو پاڻي ڪهڙو آهي؟
    فرمايائون ”آب زم زم “ اهڙو پاڪ ۽ برڪت ڀريو پاڻي، عزت احترام ۽ نيڪ نيت سان خوب پيو، مٽن مائٽن ۽ عزيزن اقاربن لاءِ سوکڙي طور سانڍي کڻو. پر اهڙي پاڻيءَ جي اجائي هار وير يا بي ادبيءَ کان پرهيز ڪريو. آب زم زم سان وضوع ڪرڻ سنت نبوي آهي. جو حضور پاڪ صلعم جن پاڻ ان مان وضوع ڪرڻ فرمايو آهي، باقي ڪپڙا ڌوئڻ پليتي مٽائڻ خاطر استعمال ڪرڻ صحيح ڪونهي.
    آب زم زم افضل آهي، ڪعبته الله شريف ڏي مهاڙ ڪري پيو ۽ آب زم زم پيئڻ وقت هي دعا گهرو:
    ”اي الله! مونکي (دين ۽ دنيا جي)نفع بخش علم سان نواز،(وسيع ۽ ڪشادو حلال جي روزي عطا فرماءِ، هر درد ۽ مرض کان ڪامل شفاءِ ڏي.“ آمين)
    عرب جزيري جي وڏي حصي تي مشتمل سعودي عربيه جي رياست ايشيا کنڊ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي واقع آهي. سندس پکيڙ اٽڪل 2150000 چورس ڪلوميٽر اٽڪل 830000 چورس ميل آهي. جيڪا ايراضي آمريڪا جي پکيڙ جي ٽئين حصي جيتري ٿئي ٿي. ڳاڙهو سمنڊ ۽ عقابه نار ملڪ جي الهندي سرحد ٺاهين ٿا، يمن ۽ عمان جا ملڪ هن جي ڏاکڻي سرحد ٺاهين ٿا، عربي نار، عرب امارات ۽ قطر اڀرندي سرحد جي آهن، ۽ اردن، عراق ۽ ڪويت ملڪ جي اترين سرحد ٺاهين ٿا، سعودي عرب جي ڳاڙهي سمنڊ وارو ڪنارو، 1760 ڪلوميٽر يعني 1100 ميل ڊگهو ۽ عربي نار واروڪنارو 560 ڪلوميٽر يعني 350 ميل ڊگهو آهي.
    سعودي عرب جي ڪل ايراضيءَ جي اڌ کان به وڌيڪ حصو پڻ پٽ آهي. الهندي سامونڊي ڪناري سان لڳندڙ بنهه سوڙهو ميداني پٽو آهي، جنهن جي ويڪر 15 کان65 ڪلوميٽر يعني 9 کان 41 ميل مس ٿيندي، هن ميداني پٽي جي پوروڇوٽ جبلن جي قطار آهي. اها اتر کان ڏکڻ طرف اوچائيءَ ۾ وڌندي رهي ٿي، ۽ ايثر جي هنڌ وٽ سڀ کان وڌيڪ يعني 3000 ميٽر، يعني 10000 فوٽ اوچا پهاڙ آهن، نجد وارو سنئون پٽ اتر اوڀر ڏانهن وڌندڙ آهي، جنهن جي ترتيب وار اوچائي اڀرندي صحرا ۾ اوچتو 600 ميٽرن تائين گهٽجي ٿي، ۽ عربي نار تائين سمنڊ جي سطح تائين گهٽجيو وڃي انهيءَ سنئين پٽيءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ زبردست رڻ پٽ ”رب ال خالي“ سڏجي ٿو.
    عربي نار سان لڳندڙ اڀرندو هيٺائون علائقو ”آل حسا“ نالي سڏجي ٿو، ملڪ جي الهندي طرف موجود جبل معدنيات سال مالا مال آهن. جنهن ۾ چن جو پٿر، جپسم ۽ ريگ واري شامل آهي، ملڪ جو اڀرندو ڀاڱو دنيا ۾ تيل جي سڀ کان وڏي ذخيري وارو علائقو آهي.
    سعودي عرب ۾ آبهوا مختلف علائقن موجب جدا جدا ٿئي ٿي. ملڪ جي اولهندي ساحلي علائقي جي آبهوا نيم خط استوائي آهي، جتي اونهارو گرم ۽ گهميل ٿئي ۽ سيارو پورو پنو ٿڌو ٿئي. هتي نومبر ۽ فيبروريءَ جي وچ ۾ هلڪي برسات ٿئي.
    ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ اونهاري ۾ 45 ڊگريون سينٽي گريڊ 113 ڊگريون فاهرينهائيٽ ٿيندي آهي، ۽ سياري ۾ سخت سيءُ ۽ خشڪي ٿئي ٿي. ملڪ جي اوڀرندي ڀاڱي ۾ گهم گهڻي ٿيندي آهي، اونهاري ۾ گرمي 43 سينٽي گريڊ کي پهچي وڃي ۽ سيارو پورو پنو ٿئي. برسات ٿوري ۽ بنيادي طور سياري ۾ ٿئي.
    موجود سعودي عربيه ملڪ شاهه عبدالعزيز السعود طرفان 23 سيپٽمبر سن 1932ع ۾ وجود ۾ آيو، انهيءَ کان جلد پوءِ ملڪ ۾ تيل لڌو ويو، ۽ 1938ع ۾ ان جي تجارتي پيدوار شروع ٿي.
    تيل جي ڪمائي جديد صنعتي رياست طور ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شاهه عبدالعزيز جي وفات 1953ع ۾ ٿي ۽ سندس پٽ مسعود گاديءَ تي ويٺو، جنهن يارنهن سال حڪومت ڪئي، اقتصادي ۽ سماجي سڌارن جو هڪ جامع پروگرام مرتب ڏنو، سن 1964ع ۾ سعود جو ننڍو ڀاءُ فيصل گاديءَ تي ويٺو، هن باصلاحيت ليڊر کي گاديءَ تي ويهڻ کان اڳ ئي سفارتي ۽ ٻين سرڪاري ڪمن ڪارين جو سٺو تجربو حاصل هو، شاهه فيصل جي بادشاهي دوران ملڪ اقتصادي ترقي ڪئي ۽ تيل مان حاصل ڪيل دولت قومي ترقيءَ واري شاهي پروگرام لاءِ مخصوص ڪئي وئي. اهو پروگرام پهرئين پنج سالا رٿا جي صورت ۾ سن 1970ع ۾ شروع ٿيو، قومي آمدنيءَ ۾ هر سال اٽڪل 45 سيڪڙو اضافي سان، ڄاڻايل منصوبي تحت اقتصاديات تيزيءَ سان سڌرڻ لڳي.
    سن 1975ع ۾ شاهه فيصل جي وفات کانپوءِ شاهه خالد گادي نشين ٿيو، هن جي دور ۾ ڳري صنعت ۾ زبردست توسيع ٿي. ڪئين صنعتون ڪارخانا، روڊ، رستا، يونيورسٽيون ۽ نوان شهر به تعمير ٿيا، شاهه خالد جي دور جي آخر ۾ سعودي اقتصادي بنيادن ۾ گهڻي پکيڙ ٿي.1982ع ۾ شاهه خالد جي وفات کان پوءِ ولي عهد شهزادو فهد گاديءَ تي ويٺو، شاهه فهد جو ڀاءُ عبدالله بن عبدالعزيز ولي عهد ڊپٽي پرميئر مقرر ٿيو. هنن ٻن ڀائرن ملڪ جي مسلسل اقتصادي ترقيءَ جو عهد ڪيو آهي، جنهن ۾ زرعي، صنعتي ۽ تعليمي پروگرامن جي همت افزائي شامل آهي.
    شاهه فهد جو دور حڪومت، زبردست ڪاميابين وارو دور ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ اعليٰ صنعت ۾ واڌارو، وڌندڙ منافع بخش صنعتي بنياد ۽ گهڻين بنيادي ضروري شين جي پيدائش وارين صعنتن ۽ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ خود ڪفالت آهي.
    سعودي عربيه ۾ بادشاهت وارو نظام قائم آهي، جنهن جي سرواڻي شاهه فهد بن عبدالعزيز ڪري رهيو آهي. سندس مدگارن ۾ ولي عهد شهزادو عبدالله بن عبدالعزيز ڊپٽي پريميئر ۽ نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر آهي، شهزادو سلطان بن عبدالعزيز نائب ڊپٽي پريميئر، وزير دفاع هوا بازي ۽ انسپيڪٽر جنرل آهي، تنهن کان سواءِ وزيرن جي ڪائونسل جا ميمبر به شامل آهن.
    ملڪ ۾ اسلامي سن رائج آهي. جيڪو چنڊ وارن ٻارنهن مهينن ۽ 354 ڏينهن تي مشتمل آهي، هي سن حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي طرفان مڪي کان مديني ڏانهن لڏي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ شروع ڪيو ويو، تنهن ڪري انهيءَ کي هجري سن سڏيو ويو. رسول پاڪ صلعم جن 622ع ۾ هجرت ڪئي هئي. سعودي عرب ۾ سرڪاري طور هر سال ٻه موڪلون ٿين. 1-عيدالفطر واريون موڪلون 2-عيدالاضحيٰ واريون موڪلون، عيدالفطر واريون موڪلون رمضان شريف جي پڇاڙي ۽ شوال جي شروعات جي وچ وارن ڏهن ڏينهن تي مشتمل آهن.
    عيدالاضحيٰ واريون موڪلون 5 ذوالحج کان 15 ذوالحج تائين ڏهه ڏينهن آهن.
    سعودي عربيه ملڪ جو قومي ڏينهن 23 سيپٽمبر آهي، ملڪ جي عدالتي نظام، اسلامي قانون، شريعت ۽ وزيرن واري ڪائونسل طرفان جاري ڪيل فتوائن تي مشتمل آهي، شريعت قرآني تعليمات، نبوي احاديث، علماءِ جي تفاسير، تشريح ۽ قانون مشابهت موجب مرتب ڪيل آهي.
    سعودي عرب جي سرڪاري ٻولي عربي آهي، تقريبن سموري سرڪاري لکپڙهه عربيءَ ۾ ٿئي. انگريزي ٻولي به تاجر طبقي ۾ محدود پيماني تي ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي. سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ رياض شهر آهي، جيڪو ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ آهي، تيل جي گهڻي واپار شهر واڌاري ۽ ترقيءَ جو هڪڙو دور پيدا ڪيو، جيڪا اڃا تائين هلندڙ آهي. رياض شهر سعودي عرب جو اعليٰ ٽيڪنيڪي صنعتي مرڪز ليکيو وڃي ٿو، هن سموري عرب علائقي ۾ سعودي عرب جي وڌندڙ اهميت جي پيش نظر هڪ علائقائي تنظيم گلف ڪو آپريشن ڪائونسل جو هيڊ ڪوارٽر پڻ رياض شهر ۾ قائم آهي، رياض، جده ۽ دهران شهر ۾ هوائي اڏا آهن، جده، دمام، ينبو، جبائل ۽ جزان شهرن ۾ بحري بندر ٺهيل آهن، تيل جي ٽرانسپورٽ لاءِ تنورا ۽ ينبو ۾ تيل وارا بندر ٺهيل آهن.
    ملڪ ۽ مکيه علائقن جا ٽيلي فون ڪوڊ هيٺيان آهن.
    سعودي عرب جو ملڪي ڪوڊ (966) آهي.
    رياض جو ڪوڊ نمبر (2) آهي.
    يانبو، تبرڪ ۽ مدينه جو ڪوڊ نمبر (4) آهي.
    دمام، دهران، جبائل ۽ هوفون جو ڪوڊ نمبر (3) آهي.
    حج القسيم المجماه جو ڪوڊ نمبر (6) آهي.
    ابها ۽ ناجران جوڪوڊ نمبر (7) آهي.
    سن 1992ع واري آدمشماريءَ موجب 16.9 ملين يعني هڪ ڪروڙ اوڻهتر لک هئي. عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب 1995ع ۾ اها وڌي هڪ ڪروڙ نوي لکن تائين پهتي. يعني اوڻويهه ملين ٿي ويئي. آدمشماريءَ بابت قومي طور اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته اها هر سال 3-2 سيڪڙو وڌڻ سان سن 2000ع ۾ 23.1 ملين يعني ٻه ڪروڙ ايڪٽيهه لکن کي رسندي.
    سعودي عرب جو ملڪي سڪو سعودي ريال آهي. ٻيو مجاز سڪو آمريڪي ڊالر آهي. تنهن جي ريالن ۾ قيمت سعودي مالياتي ايجنسي مقرر ڪندي آهي.
    سعودي عرب جو معياري وقت اوڀر آمريڪا جي معياري وقت کان اٺ ڪلاڪ اڳتي آهي.
    سعودي عرب ۾ ڪم جو هفتو ڇنڇر جي ڏينهن کان شروع ٿئي. ۽ اربع جي ڏينهن ختم ٿئي، يعني هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ٿئي، خميس ۽ جمع جو ڏينهن موڪل ٿئي، جمع اسلام موجب سڳورو ڏينهن آهي.

    تيل، سون ۽ ٻي دولت:
    سعودي معاشي ترقيءَ ۾ ڪئين ڏهاڪن کان ٿيندڙ اضافو سندس تيل واري صنعت ۾ ڪاميابيءَ سبب ٿي رهيو آهي، دنيا ۾ تيل جي سمورن ذخيرن جي چوٿين حصي کان به وڌيڪ فقط سعودي عرب ۾ موجود سمجهيو وڃي ٿو، سرڪاري تخميني موجب آڪٽوبر 1997ع ۾ ملڪ ۾ 265 ملين بيرل ڪروڊ آئل جو ذخيرو موجود هو، تيل سعودي آمدنيءَ جو اهم ذريعو رهندو اچي. ان جو قومي آمدنيءَ ۾ 35 اوپيڪ Opec ۽ او آپيڪ Oapec تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيمن جي اهم رڪن جي حيثيت سان تيل جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ٿيندڙ ڳالهين واري ماڊريٽر طور اهم ڪردار ادا ڪيو، قيمتن ۾ يڪسانيت ۽ پيداواري ڪوٽا بابت يڪجهتي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ چست رهيو آهي. تيل جي ڳولا وارين سمورين ڪارروائين، پيداوار، ورهاست، تيل مان پيدا ٿيندڙ تقريبن سمورين شين جي اندروني توڙي ٻاهرين مارڪيٽنگ ۽ تيل صاف ڪرڻ جو سمورو ڪم سعودي آرامڪو تيل ڪمپنيءَ جي ذميوارين ۾ شامل آهي، هن ڪمپنيءَ جو ارادو آهي ته ڇهين ترقياتي منصوبي دوران 3.6 بلين ڊالرن جي ماليت جا هن مد ۾ منصوبا عمل ۾ آڻجن، ڇهين پنج سالا ترقياتي منصوبي جو مدو 1995ع کان 2000ع آهي.
    هن ڪمپنيءَ نار جي مٿئين پاسي شيباه آئل فليڊ واري شاهي منصوبي، جنهن ۾ ٻه بلين ڊالر سيڙپ ٿي، انهيءَ صورت ۾ ترقيءَ واري رفتار وڌائي آهي، جنهن کي ملڪ جي آڳاٽن ذخيرن ۾ تيل کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو. هن آئل فيلڊ مان 1998ع جي وچ کان روزانه پنج لک بيرل پريمئم گريڊ ايڪسٽرا لائيٽ ڪروڊ تيل جي پيداوار شروع ٿي، هن شيباه آئل فيلڊ مان روزانه 10 ملين بيرل پيداواري ملڪ تقاضا جي پورائي جو امڪان آهن.
    جنهن وسيلي هن هنڌ واري ذخيري ۾ موجود اعليٰ قسم جو لائيٽ ڪروڊ جي وڏي قيمت سبب ملڪي روينيو آمدنيءَ ۾ زبردست اضافو ٿئي ٿو. وچ سعودي عرب ۾ موجود برماه آئل فيلڊ ۾ سپر لائيٽ ڪروڊ جا نوان ذخيرا پڻ دريافت ٿياآهن.
    غاور واري شاهي آئل فيلڊ ۾ توسيع ۽ ترقيءَ جا وڌيڪ منصوبا زير عمل آهن، ٻه اسڪيمون منصوبابنديءَ واري مرحلي ۾ آهن، انهن مان هڪڙو غاور فيلڊ ۾ هراد 2 نالي روزانه ٽي لک بيرل تيل ۽ گئس جدا ڪرڻ وارو ڪارخانو آهي، ۽ ٻئي اسڪيم هر ملياه هنڌ وٽ 1970ع ۾ قائم ڪيل گئس ۽ تيل جدا ڪرڻ واري ڪارخاني ۾ واڌارو ۽ ترقي ڏيڻ واري آهي، مٿئين اسڪيمن تي عمل سبب عرب لائيٽ تيل جو مقدار روزانه سٺ، ستر هزار بيرلن مان وڌي پوڻا ٻه لک بيرل روزانه ٿي ويندو، مستقبل ۾ توانائيءَ جي ٻين منصوبن ۾ غاور فيلڊ جي فرضان ماڳ وٽ روزانه هڪ لک بيرل تيل ۽ گئس جدا ڪرڻ وارو منصوبو ۽ ٻيو 1990ع ۾ دريافت ٿيل ملڪ جي اتر اولهه ڪنڊ تي مديان ماڳ وٽ گئس فيلڊ کي ترقي ڏيارڻ شامل آهي.
    گئس جي پيداوار 1980ع ۾ قائم ڪيل ماسٽر گئس سسٽم جي ڪنٽرول ۾ آهي. سعودي حڪومت بجلي ٺاهڻ لاءِ ٻارڻ مهيا ڪرڻ ۽ پيٽروڪيميڪل فيلڊ اسٽاڪ لاءِ وڌندڙ علائقائي ضرورت جي پورائي واسطي قدرتي گئس واري ميدان ۾ وڏي پيماني تي توسيع ڪرڻ وارو منصوبو جوڙي رهي آهي. ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا 204 ٽراءِ لين ڪعب فوٽن جي برابر آهي، جنهن ۾ 70 ٽراءِ لين ڪعب فوٽ نان ايسوسيئيٽڊ گئس آهي، ۽ انهيءَ انگ ۾ رڪوريبل گئس جي پنج ٽراءِ لين ڪعب فوٽن جو هر سال اضافي ٿيڻ جو انومان آهي، گئس جي شعبي ۾ موجود منصوبن ۾ هوائيا، هنڌ وٽ گئس پروسيسنگ پلائٽ جي تعمير شامل آهي. جنهن تي ٻه بلين ڊالر خرچ ٿيندو، اهو پلانٽ 2001ع ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو، ۽ روزانه نان ايسوسيئيٽڊ گئس جا 1.5 بلين ڪعب فوٽ پروسيس ڪندو، انهيءَ منصوبي تحت عثمانيه واري گئس پروسيسنگ ڪارخاني ۾ پڻ توسيع ٿيندي.
    سعودي آرامڪو پنهنجي برآمد وارين شاخن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ خليج جي هيٺين طرف وارن ڪنارن تي قائم ٿيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن ۾ سيڙپ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جيئن ته قيمتن ۾ به ساڳئي وقت استحڪام رهي، هن وقت ڪل پيداوار جو ويهه سيڪڙو يعني 1.5 ملين بيرل روزانو تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن کي صفائيءَ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، روزانه هڪ ملين بيرل صاف تيل جي وڪري جو تخمينو آهي.
    سعودي آرامڪو ڪمپنيءَ جي خليج جي هيٺين پاسن وارن ڪارخانن ۽ منصوبن ۾ آمريڪي ڀائيواري ڪمپنين جي به سيڙپ ٿيل آهي. انهيءَ منصوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ معروف سعودي آرامڪو ۽ آمريڪي ٽيڪسا ڪو ڪمپنيءَ جو گڏيل ڀائيواريءَ وارو منصوبو آهي، جيڪو 1988ع ۾ جوڙيو ويو، هن معاهدي تحت سعودي آرامڪو ڪمپنيءَ کي آمريڪا جي اوڀر ۽ نار وارن علائقن ۾ ٽيڪساڪو ڪمپنيءَ جي تيل صاف ڪرڻ واررن ڪارخانن ۽ ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ جون پنجاهه سيڪڙو خدمتون حاصل ٿيون، اسٽار اينٽر پرائيز نالي گڏيل ڪمپني نار جي هيٺين طرف هڪڙو کوهه تعمير ڪيو، جنهن مان گهڻي عرصي تائين اعليٰ قسم جو ڪروڊ ملندو رهيو.
    سن 1997ع جي وچ ڌاري سعودي آرامڪو، ٽيڪساڪو ۽ شيل آئل ڪمپنين جي وچ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن تحت اسٽار اينٽر پرائيز ڪمپنيءَ کي ختم ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي شاهي ڪمپني ٺاهيائون ۽ پنهنجون سرگرميون آمريڪا جي نار وارن ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ قائم تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن کي ڪم آڻڻ ۽ اتي واپار ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏيون، اهڙي ريت اها آمريڪا جي وڏين ڪمپنين مان هڪڙي ٿي پئي.
    نار جي هيٺين طرف وارن شاهي منصوبن ۾ رابغ (Rabigh) رفائينريءَ جي لاءِ 1.79 بلين ڊالرن جو مقاطعو ۽ راس تنوار رفائينري جي واڌري وارو منصوبو جنهن تي 1.5 بلين ڊلر خرچ ٿيندو شامل آهي، تيل مان ٺهندڙ ڪيميائي شيون Petro chemicals سعودي عرب جي پيٽروڪيميڪل صنعت 1970ع جي پڇاڙي ۾ چالو ٿي ۽ انهيءَ وقت کان مسلسل وڌندي ويجهندي رهي آهي.
    جنهن نظريي هن صنعت جي رهبري ڪئي، اهو اڃا تائين لاڳو آهي، انهيءَ جو مقصد هڪ ته ڪروڊ تيل تي انحصار گهٽائڻ ۽ ٻيو جنهن هنڌ چٽا ڀيٽيءَ ۾ ملڪ کي فائدو ٿي سگهي، اتي هائيڊرو ڪاربان وارين مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. سعودي بنيادي صنعتن واري ڪارپوريشن SABIC سعبڪ سن 1976ع ۾ مٿئين مقصد خاطر عمل پيرا ٿيڻ لاءِ وجود ۾ آئي، سعبڪ هن وقت هائيڊرو ڪاروبان واريون صنعتي مصنوعات ٺاهيندڙ دنيا جي تمام وڏين ڪمپنين مان هڪڙي آهي،جيڪا پوري دنيا ۾ تيل سان وابسطا ڪل پيداوار جو ست سيڪڙو پاڻ اڪيلي پيدا ڪري ٿي، ملڪ ۾ پنهنجي سر ۽ ٻين سان ڀائيواري کانسواءِ سڄي وچ اوڀر ۾ پڻ ڪيترائي ڀائيوار اٿس. ملڪ ۾ ئي سترنهن ڪمپنين ۾ ڪئين واپاري مرڪزن جي نگراني ڪندڙ آهي.
    آمريڪي ڪمپنين جهڙوڪ موبل آئل ڪارپوريشن، شيل آئل، هوڪسٽ، سيلينيز، پان انرجي (اڳوڻي پان هينڊل ايسٽرن) ۽ ايڪزن ڪيميڪل ڪمپنين جهڙين، گهڻوڪري سڀني ڪمپنين سان ڀائيوار آهي.
    سعبڪ SABIC سن 1997ع ۾ ڪيميائي مصنوعات، ڀاڻ، پلاسٽڪ جي شين، ڌاتن ۽ گئس سان وابستا مصنوعات جا 23.7 ملين ٽن پيدا ڪيا، شين جو اهو مقدار گذريل سال واري ڪل پيداوار 23 ملين ٽن کان گهڻو هو، گذريل سال جي ڪل پيداوار 23 ملين ٽن هئي. انهيءَ مقدار مان 18.4 ملين ٽن وچين درجي وارين پيداواري صنعتن جي پورائي کانپوءِ عالمي پيماني تي وڪيا ويا، انهن صنعتن جو ڄار خليج جي هيٺين حصي تي وڇايل آهي، هن ڪمپنيءَ پنهنجي پيداواري صلاحيت ۾ واڌارو ڪري سال 2000ع ۾ 28 ملين ٽن يعني اڳي کان وڌيڪ پيدا ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو آهي.
    تيل وارين صنعتي شين جو نون ڪارخانن لڳائڻ ۾ ڪئين بلين ڊالرن جي سيڙپ ڪئي وئي آهي.جيئن ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ هي صنعتي مال پرڏيهه اماڻي چڱو ناڻو ڪمائجي، انهن نين صنعتن ۾ نو سو ملين ڊالرن وارو مٿائيل ٽرشري بيوٽل ايٿر M.T.B.E ڪارخانو اٺ سو ملين ڊالر ماليت سان ينبو YANBU وٽ لڳندڙ عالمي پيماني واري ڪيميائي ڪپڙي جو ڪارخانو هڪ عالمي حيثيت وارو ڊايو ڪٽل ڦٿيليٽ ٺاهڻ وارو ڪارخانو ۽ ٻيا ساڍا ڇهه سو ملين ڊالر خرچڻ سان ترقي ڪندڙ ڪئين ڪارخانا شامل آهن، سعودي منصوبا بنديءَ واري وزارت کي ڇهين پنج سالا قومي منصوبي دوران پئٽرو ڪيميڪل شين جي پيداوار ۾ ساليانه 8.3 سيڪڙو اضافو ۽ ٽئيل گئس جي ميدان ۾ ساليانو 3.8 سيڪڙو واڌاري جو اندازو آهي. پيداوار جي شاهي حدف کي پورو ڪرڻ لاءِ هيءَ صنعت نجي شعبي کي زور شور سان همٿائي رهي آهي. سعودي سرڪار کي اميد آهي ته خانگي سرمايو سستي مال تي ڇڪجي ايندو ۽ پيٽرو ڪيميڪل شين جي عالمي ليول تي گهرج ۾ واڌاري سبب وڏي مقدار ۾ حاصل ٿيندو. پيٽرو ڪيميڪل صنعت ۾ آمريڪي ڪمپنيون بيحد دلچسپي رکندڙ آهن.
    شيوران CHEVRON ڪمپنيءَ تازو ئي سعودي مشترڪ، پڪارن جي گروپ سان شامل ٿي آهي، جنهن سبب جبائيل وٽ 650 ملين ڊالرن جي لاڳت سان اروميٿڪ ڪامپليڪس تعمير ٿيڻو آهي، پوري ملڪ ۾ مڪمل طور نجي ڪارخانو فقط اهو ئي هڪڙو آهي، هي پلاٽ سن 1999ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ هڪ سال ۾ چار لک ٻياسي هزار ٽن بينزين ٺاهيندو. بس 1997ع جي اوائل ۾ موبل ڪمپني ينپت واري منصوبي ۾ 2.5 بلين ڊالرن جي خرچ سان توسيع ڪرڻ لاءِ سعبڪ ڪمپنيءَ سان هڪ سال ۾ اٺ لک ٽن ايٿيلين پيدا ڪندڙ فيڪٽري آمريڪا ۾ قائم ABB LUMMUS GLOBAL ايب ليمس ڪمپني لڳائي پئي وڃي، جيڪو اندازن 1999ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ اهو دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ لاڳت سان تيار ٿيندڙ پيٽرو ڪيميڪل مصنوعات ٺاهيندڙ تمام وڏن ڪارخانن مان هڪ آهي، هتي ايٿلين جي پيداوار وڌائي هڪ سال ۾ 1.6 ملين ٽن تائين پهچائڻ ۽ ٻين شين جهڙوڪ، پولي پروپلين وغيره جي پيداوار وڌائي هڪ سال ۾ ٻه ملين ٽن حاصل ڪرڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي. پيٽرو ڪيميڪل صنعت وڌيڪ قيمتي مصنوعات جهڙوڪ گيسولين آڪسيجنٽ، اروميٽڪسل، ايسڊس، پلاسٽڪ ۽ فائرس وغيره تيار ڪرڻ وارن ڪارخانن ڏانهن به توجهه ڏئي رهيو آهي. پلاسٽڪ جي صنعت ۾ زبردست ترقي ٿي آهي، سن 1996 ۾ سعبڪ ڪمپنيءَ پلاسٽڪ جا 2308 ميٽرڪ ٽن تيار ڪيا ۽ انهيءَ سال 2268 ميٽرڪ ٽن وڪيا.


    5

    ” کاڻيون کوٽڻ“ Mining
    پنهنجي اقتصايات جي ترقي ۽ تيل کانسواءِ ٻين صنعتن جي توسيع واري پروگرام جي هڪ حصي طور سعودي حڪومت کاڻين واري شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي همٿائي پئي، کيس اميد آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ هي شعبو سرڪاري آمدنيءَ جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏ ذريعو هوندو، سعودي عرب ۾ دنيا جا،معدني شين جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا موجود آهن، اندازو لڳايو ويو آهي ته هتي ڪچي سون جا اٽڪل ويهه ملين ٽن، ٽامو 60 ملين ٽن، فاسفيٽ اٽڪل 10 بلين ٽن، ۽ ٻين معدني شين جا پڻ ڪئين ملين ٽن تي مشتمل ذخيرا موجود آهن.
    هن شعبي جي ڪارڪردگي ۽ سرگرميءَ سان ڏيهي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن، لاءِ نوان نفعي بخش موقعا ميسر ٿيندا ۽ سعودي شهرين کي روزگار به حاصل ٿيندو.
    تيل ۽ معدنيات واري وزارت موجب هن شعبي ۾ ڪل 6.7 بلين ڊالر سيڙايل آهن، گذريل پنج سالا منصوبي دوران معدنيات واري شعبي ۾ ساليانا 9.9 سيڪڙو ترقيءَ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
    کاڻين واري شعبي ۾ سڌاري ۽ انهن پروجيڪٽن ۾ رابطي کي گھرو ڪرڻ لاِءِ بلين ڊالرن موڙي سان سن 1997ع جي اپريل ۾ سعودي اربين مائيٽنگ ڪمپني قائم ڪئي وئي. هي معدني شعبي تي ضابطو رکندي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جي نظرداري ڪندي، کاڻين جي سرڪاري توڙي ڀائيواري پروجيڪٽن مستحڪم ڪبو ۽ انهن کي تجارتي بنيادن موجب نئين سر تعمير ڪبو. هيءَ ڪمپني گهڻو پري موجود کاڻين وارن پروجيڪٽن کي بنيادي ضروري شيون، جهڙوڪ: پاڻي، بجلي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن يعني، مواصلاتي شين جو بندوبست ڪري ڏيندي، جيئن ته مٿن ٿيل ڪم سجايو ٿئي.

    سون:
    مهد اده ذهب Mahd Adh Dhahab وٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي سون جي کاڻ سميت هن ڪمپنيءَ جا ڪيترائي پروجيڪٽ زير تعمير آهن. جده جي اتر اوڀر طرف 280 ڪلوميٽر پري هڪ هنڌ وٽ اٽڪل ٻه ملين ٽن اعليٰ ڪچي سون جو ذخيرو تازو ئي دريافت ٿيو آهي. جنهن سبب کاڻ مان ٻيا به وڌيڪ 4 سال سون حاصل ٿيندو، هن ذخيري وار ي پروجيڪٽ جي ڪم ۾ ٽئين حصي جي برابر اضافو ڪري انهيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ سن 2006ع تائين ڪم ڪرڻ جي لائق بنائڻ واسطي پروگرام ٺاهيو ويو آهي. هتان سن 1996ع ۾ هڪ لک ستونجاهه هزار 157000 آئونس سون مليو.1999ع ۾ هڪ لک اسي هزار 180،000 آئونس سون ملڻ جي اميد آهي. ملڪ ۾ ٻيو نمبر سون جي وڏي کاڻ جده ۾ آهي. اتر اوڀر طرف 750 ڪلوميٽر پري سخي ڀرت ماڳ وٽ آهي. سن 1996ع ۾ هتان ٽياسي هزار پنج سو ايڪانوي 83591 آئونس سون مليو، هيءَ سعودي مائيننگ ڪمپني مائدن ma,adin ٻين هنڌن ال امر ۽ الهجر وٽ سون جي ذخيرن جي ترقي لاءِ پيش قدمي ڪري پئي. هن وٽ ال امر جو ٽيهن سالن جو مقاطعو آهي،جنهن تي اسي نوي ملين ڊالر سيڙپ ٿيندي. ال امر رياض شهر جي اولهه ۽ ڏکڻ اولهه طرف 220 ڪلوميٽر پري آهي. هتي وري ابتدائي ڪوششون هن کاڻ ۾ موجود اٽڪل 3.5 ملين ٽن ڪچي سون تي مرڪوز رهنديون. هتي ابتدائي ڪم جو مدو 10 سال رٿيو ويو آهي. جده جي ڏکڻ اوڀر ۾ 350 ڪلوميٽر پري الهجر واري کاڻين جي ترقيءَ لاءِ هن ڪمپنيءَ سرڪار کي ڪجهه مراعات حاصل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي آهي. هتي 4 ملين ٽنن کان به وڌيڪ ذخيرو لڌو ويو آهي ۽ ان جي کوٽائيءَ ۾ به اٽڪل پنج سال لڳي ويندا. هتي هر سال ساڍا ست لک ٽن پيداوار ٿيندي، هن منصوبي تي 20 ملين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي. هنن کانسواءِ هن ڪمپنيءَ وٽ کاڻين جا ٻيا 2 پروجيڪٽ به زير غور آهن. انهن مان هڪڙي سون جي کاڻ جده جي اتر اوڀر ۾ 400 ڪلوميٽر پري ال سوق Alsouq آهي، ٻي ميگنيز جي کاڻ ينبو YAMBU شهر جي اتر اوڀر ۾ 400 ڪلوميٽر پري زعت Zaghat ماڳ وٽ آهي، پنهنجا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ هيءَ خانگائي ويندي.
    هڪڙو ٻيو شاهي پروجيڪٽ جنهن ۾ آمريڪي ڪمپني شامل آهي، عربين شيلڊ ڊيولپمينٽ ڪمپني آهي، هن پروجيڪٽ ۾ مقامي خانگي فرق ال مشرق ڪمپني آمريڪي فرم سان اڌو اڌ ڀائيوار آهي. ال مشرق ڪمپني ملڪ جي ڏکڻ اولهه ۾ ال مسانيه Al Masannea ۾ موجود عريبن شيلڊ مائيننگ انڊسٽري کي سونپڻ لاءِ شرطن ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سرڪار وٽ هڪڙي درخواست داخل ڪئي آهي.
    هن وقت هي فرم محدود ڀائيواري آهي، پر عربين شيلڊ مائيننگ انڊسٽريز کاڻين جي پيداوار جي شروع ٿيڻ سان جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ۾ تبديل ٿي ويندي. سعودي سرڪار کاڻين واري صنعت ۾ خانگي شعبي جي شموليت کي همٿائڻ لاءِ مسلسل ڪئين جتن ڪندي اچي. انهي سلسلي ۾ سرڪار ڪارپوريٽ ٽيڪس جا اگهه گهٽائڻ ۽ نون پروجيڪٽن ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ جو مدو 5 مان وڌائي 10 سال مقرر ڪرڻ واري تجويز تي غور ڪري رهي آهي. تيل ۽ معدني وسيلن واري وزارت سيڙپڪاري لاءِ هڪ ڊيٽابيس جو بندوبست ڪيو آهي، جيڪو کين خام مال جي حصول لاءِ ڄاڻ، ذخيرن جي جاءِ وقوع ۽ خانگي شعبي لاءِ عريضي مهيا ڪري ڏيندو، اها ماهرانه مشاورت ۽ گهربل معلومات فراهم ڪري ٿي، ۽ نون پروجيڪٽن جي ڪمن ۾ سهولت لاءِ انتظامي طور طريقا سمجهائي ٿي.
    سعودي سرڪار پڻ ملڪ ۾ چئن وڏن معدني پروجيڪٽن ۾ 2.5 بلين ڊالرن جي سيڙپ ڪري پئي، انهن مان هڪڙو ملڪ جي اتر ۾ آهي، جتي 213 ملين ميٽرڪ ٽن فاسفيٽ جو ذخيرو آهي، ٻيو پروجيڪٽ جدي جي اتر ۾ جتي 390ملين ميٽرڪ ٽن خام لوهه موجود آهي، ٽيون جست ۽ ٽامي واري پروجيڪٽ ال خنيقا وٽ آهي، هتي 2 ملين ميٽرڪ خام مال آهي، چوٿون بائيڪسائيٽ Bauxite وارو پروجيڪٽ زبيره ۽ القسيم وٽ آهي، هتي هڪ سو ٽيهتر 173 ملين ميٽرڪ ٽن خام مال آهي.

    بجلي ۽ توانائي (Power and Energy):
    سعودي عرب بجليءَ ۽ گئس جي في ڪس استعمال ۾ دنيا جي اڳواڻ ملڪن مان هڪڙو آهي ۽ انهن شين جي گهرج ۾ مسلسل اضافو پيو ٿئي. سن 1975ع کان 1996ع تائين بجليءَ جي پيداوار ۾ اضافو سورهوڻ تي ٿيو، يعني 1173 ميگاواٽ مان وڌي 18780 ميگاواٽ ٿي وئي.
    هنن انگن ۾ پاڻي صاف ڪندڙ ڪارخانن ۾ ٺهندڙ بجلي شامل ڪونهي. سن 1976ع ۾ انهن ڪارخانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2330 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي، ساڳئي وقت بجليءَ جي استعمال جي گهرج تيزيءَ سان وڌي آهي. هن عرصي دوران ڪارخانن ۾ بجليءَ جي کپت ڏهوڻ تي وڌي وئي. 1975ع ۾ ڪارخانن ۾ بجلي جو ڪل کاپو 2.172 ملين ميگاواٽ ڪلاڪ هو، 1976ع ۾ اهو وڌي 22.5 ميگاواٽ ڪلاڪ ٿي ويو. انهيءَ عرصي دوران بجلي کپائيندڙ ماڻهن جو تعداد پڻ ڊرامائي انداز سان وڌي ويو، اهو ٽي لک ايڪونجاهه هزار پنج سو ايڪٽيهه 351531 مان وڌي 3.034 ملين ٿيو، وڌندڙ گهرج جي پورائي لاءِ سعودي حڪومت پنهنجي 25 سالا منصوبي ۾ تعاون لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي همت افزائي ڪري پئي. جيئن ته بجلي جي پيداوار سپلائي ۽ ورهاست ۾ اضافو ڪري سگهجي. بجليءَ جي هن 25 سالا منصوبي تي 117 بلين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي،جنهن سان ستر هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. هن منصوبي جي تڪميل تائين بجلي صارفين جو تعداد پڻ 3 ملين مان وڌي 7 ملين ٿيڻ جو امڪان آهي.
    ڇهين ترقياتي منصوبي دوران بجليءَ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ 7.2 بلين ڊالرن سان گڏ 5.6 بلين ڊالرن جي رقم مختص ڪئي وئي آهي.
    مذڪوره حالتن جي نتيجي طور آگسٽ 1997ع ۾ هڪڙو وزارتي فرمان جاري ٿيو. جنهن موجب بجليءَ جي پيدائش کي صنعتي عمل قرار ڏنو ويو ۽ ان کي موجود پرڏيهي سيڙپ واري گروپ ڪوڊ جي اختتام ۾ رکيو ويو آهي. هن فيصلي جي مقامي توڙي ٻاهرين سيڙپڪارن طرفان آجيان ڪئي وئي. اهي قومون آزاديءَ سان بجلي ٺاهڻ جي لاءِ سيڙپ ڪنديون، ۽ سرڪار طرفان مهيا ڪيل سهوليتون جهڙوڪ، نون ڪارخانن لڳائڻ تي 10 سال ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ ڇوٽ ۽ ٻين مالياتي سهولتن مان فائدو حاصل ڪندا. هن ڏس ۾ صلاحيت ۾ واڌارو ۽ لاڳت يا خرچ گهٽائڻ لاءِ گهربل سڌارن جو نفاذ زير غور آهي. سرڪار ملڪ جي چئن بجلي ڪمپنين کي ضم ڪري هڪ سعودي اليڪٽرسٽي ڪمپني ٺاهڻ تي غور ڪري رهي آهي، ۽ بجلي ٽيڪس مقرر ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي.
    جيئن ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سيڙپڪاري کي هن ڏس ۾ سيڙپ مان فائدو محسوس ٿئي.
    دستور مطابق سڄي رات بيت الله ۾ عبادت ڪري فجر جي نماز پڙهي، ناشتو ڪري پنهنجي هوٽل ۾ آرامي ٿياسين. آئون ڪافي دير سان اٿيس. جيئن ته اڄ رات جو دير سان لنڊن وڃڻ لاءِ اسان جي فلائيٽ هئي، تنهن ڪري اسان چاهيو ٿي ته ڪجهه زيارتون ڪري پوءِ اچي سامان پيڪ ڪريون، سو اسان انهيءَ ارادي سان روانا ٿياسين.
    جيتوڻيڪ مڪي شريف ۾ز يارت جي لاءِ ٻيون به ڪافي جايون موجود آهن. اهو مقدس شهر جنهن ۾ حضرت ابراهيم عليه اسلام کان وٺي سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم تائين نبين جون عبادت گاهون رهيون هجن، جتي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پيدائش ٿي هجي، ٻالڪپڻو گذرريو هجي ۽ جواني آئي هجي.
    جتي نبي ڪريم صلعم جن تي قرآن شريف نازل ٿيو هجي، نبوت ملي هجي، اسلام جي تبليغ جو آغاز ۽ هجرت جو سفر شروع ٿيو هجي، ان شهر جو چپو چپو زيارتن ۽ تاريخ جي کليل ورقن وانگر ڏسڻ ۽ پسڻ وٽان آهي، پر ڪعبته الله شريف، مسجد الحرام ۽ ان سان ملحقه مقام ابراهيم ، سعي، آب زم زم، وغيره جي نشانين جي عظمت جي موجودگيءَ ۾ ٻين زيارتن جي گهڻي پرچار ٿيندي ڪانه ٻڌبي آهي. ڪي ٿورا ماڻهو ٻين زيارتن ڏانهن ويندي ڏسبا آهن ۽ گهڻن ماڻهن کي ته انهن زيارتن جي چڱي ريت ڄاڻ به ڪانه هوندي آهي، نڪي ڪي معلم يا مطوف اوهان کي انهن جاين ڏانهن وٺي ويندا ۽ نه ڪي ڪي ماڻهو عرب باشندا اوهان کي صحيح ڏس پتو به ڏسي سگهندا.
    وري حڪومت طرفان به انهن تاريخي جاين تي نشانن جي حفاظت يا نشاندهي ٿيل نه آهي، بهرحال هڪ مسمان زائر جي دل ۾ ضرور اهڙين متبرڪ جاين جي ديدار جو شوق جاڳندو.

    ”زيارتون“
    هتي انهن جو مختصر بيان عرض ڪجي ٿو.
    سعي ختم ڪري، جيئن مروه جي پهاڙي وٽان، دروازي مان ٻاهر نڪربو ته سامهون هڪ رستي جي مٿان پل نظر ايندي، ان پل هيٺ به ڪار پارڪ آهي ۽ اتي بسون به بيهنديون آهن، اتان ساڄي طرف اڳتي هلبو ته هڪ چار پنج ماڙ ڪارن بيهارڻ جي بلڊنگ آهي،. ان جي ڇيڙي تي شارع جي ساڄي پاسي کان هڪ ننڍڙي عمارت نظر ايندي، جنهن تي وزارت الاوقاف، مڪتب الحرام لکيل هوندو، اتي هڪ لائبريري به آهي. اها، اها ڀيڻي آهي، جتي حضور پاڪ صلعم جن جي ولادت باسعادت ٿي.
    صفا ۽ مروه جي پاسي کان ٻاهر نڪربو ته ٽين جي ڇت سان ڍڪيل بازار نظر ايندي، ساڄي پاسي سونارن جي بازار آهي، ان بازار جي شروع واري حصي ۾ اهو مبارڪ گهر آهي. ڪنهن دڪاندار کان پڇا ڳاڇا ڪجي ته شايد ٻڌائي سگهندو. باقي ڪو خاص نشان يا پتو ڪونهي.
    هي اهو مبارڪ گهر آهي، جتي نبي پاڪ صلعم جن بيبي خديجته جي رفاقت ۾ نبوت کان اڳ نبوت کان پوءِ ۽ هجرت کان اڳ تائين مقيم رهيا.
    بيبي فاطمته الزهريٰ رضي الله عنه جن به هن گهر ۾ پيدا ٿيون. حضور پاڪ صلعم جن جي فرزند حضرت ابراهيم کانسواءِ ٻيو سمور اولاد هن گهر ۾ ئي ولادت پذير ٿيو.
    بيت ابوبڪر، هن کي دارالهجرت به چئبو آهي، جو اتان هجرت جي شروعات ٿي. هن گهر ۾ حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه حضرت طلحه رضي ۽ حضرت زبير رضِي جن مشرف به مسلمان ٿيا.
    محله مسفله ۾ سونارن جي گليءَ ۾ حرم جي طرف اچبو ته هڪ گهر آهي، جنهن تي مٿان مسجد ٺهيل آهي، پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو.
    هي مڪه معظمه جو قديم قبرستان آهي، عزه روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس کان اڳتي وڃبو ته روڊ جي کاٻي پاسي هڪ مشهور قبرستان واقع آهي، قبرستان جي مٿان هڪ وڏي پل ٺهيل آهي، جتان حجون کا منيٰ ڏانهن رستو لنگهي ٿو.
    هن قبرستان ۾ ام المومنين حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ، حضرت اسماءَ رضي بنت ابوبڪر رضي، حضرت عبدالرحمان بن ابوبڪر رضي، حضور پاڪ صلعم جن جا چاچا ابو طالب ۽ ڏاڏا عبدالمطلب مدفون آهن. حضرت عبدالله بن زبير رضي، حضرت عبدالله بن عمر رضي، آن حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جا فرزند قاسم رضي، طيب رضي، طاهر رضي، ۽ بي شمار تابعين، اوليا ۽ حجاج ڪرام به هن مقدس قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.
    جنت المعليٰ کان منيٰ جي رستي تي الڳ وڃبوته اٽڪل ٽي ميل پري هڪ اتاهون جبل جيڪو جبل نور سان مشهور آهي، ڏسڻ ۾ ايندو.
    هتي آن حضرت محمد صلعم جن نبوت ملڻ کان اڳ ۾ وڃي اڪيلائيءَ ۾ عبادتون ڪندا هئا، اهي سندن عبادتون ۽ اعتڪاف مذهب ابراهيميءَ جي طرز تي مبني هوندا هئا.
    ان جبل جي چوٽيءَ تي هڪ غار آهي، انهيءَ غار ۾ ئي حضور پاڪ صلعم جن تي وحي نازل ٿيو ۽ پهرين قرآني آيت ”اقراءَ باسم ربڪ“ لاٿي وئي، ۽ نبوت سان نبي صلعم کي سرفراز ڪيو ويو، انهيءَ غار جو نالو غار حِرا آهي. هي جبل جده کان عرفات ويندي رستي (جيڪو مڪه شريف جي ٻاهران ڏکڻ طرف کان لنهگي ٿو.) تي آهي.
    هجرت ڪرڻ وقت حضور پاڪ صلعم جن ”يار غار“ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي رفاقت تي ٽي ڏينهن هتي ترسيا هئا. حضرت اسماءَ بنت ابوبڪر رضي الله عنه روز سندن ماني کڻي ايندي هئي. حضرت عامر بن فهير جيڪو حضرت ابوبڪر صديق جون ٻڪريون چاريندو هو، سو اتي اچي کين کير پياريندو هو. حضرت عبدالله بن ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه وري مڪه وارن جون سازشون ۽ ترڪيبون معلوم ڪري رات جو اچي حضور پاڪ صلعم جن کي اطلاع ڏيندا هئا.
    هن جبل جي چڙهائي اٽڪل ميل ڏيڍ ٿيندي ۽ ڪافي دشوار ۽ ڏکئي آهي.
    مڪي جون سڀ زيارتون ڪرڻ ۽ تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ ڪئين ڏينهن گهرجن، پر جيڪي مختصر وقت ۾ ڏسي سگهياسين سو ڏسي واپس هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين.
    اڄ رات اسان کي وڌيڪ يورپ جي سفر لاءِ لنڊن وڃڻو هو.
    رات جو دير سان هوٽل جو بل ڏيئي بنگالي بابو بيري کي ٽپ ڏيئي، جنهن اسان جون بئگون ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيون، اسان مڪي کان جده ڏانهن روانا ٿياسين. جت اسان کي اڄ رات لنڊن ڏانهن وڃڻو هو. جده ڏانهن ويندي روڊ تي خوبصورت روشنين مان ٿيندا ايئرپورٽ پهتاسين، ٽراليءَ ۾ سامان رکي ايئرپورٽ اندر روانا ٿياسين، هي دنيا جو واحد ايئرپورٽ آهي، جتي ٽراليءَ جا پئسا ورتائون. جده ايئرپورٽ تي اميگريشن ڪسٽم مان واندا ٿي پنهنجي سوئيز ايئرلائين جي ڪائونٽر تي پهتاسين، جت لنڊن وڃڻ لاءِ بورڊنگ شروع هئي. اسان به لائين ۾ بيهي رهياسين ۽ پنهنجي واري تي سامان ڪنويئر بليٽ تي رکي بورڊنگ ڪارڊ وٺي لائونج ڀيڙا ٿياسين. مني ۾ نور ڊيوٽي فري شاپ جو چڪر لڳايو، ڪا ننڍي شاپنگ ڪئي. ٿوري ئي دير ۾ اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ۽ بس ۾ چڙهي جهاز ڀيڙا ٿياسين. جهاز جي دروازي تي سئز ايئر جي سهڻي ايئر هوسٽس اسان کي خوش آمديد ڪيو، پائليٽ به بيٺل هو.
    اسان جهاز اندر گهڙياسين ته نه وسرندڙ خوشبوءِ اسان جي دماغ ۾ داخل ٿي وئي. اندر ٻي بيٺل ائير هوسٽس اسان کي آڻي پنهنجي سيٽ ڀيڙو ڪيو. ويهڻ شرط مون ايئر هوسٽس کي چيو ته ون بئگ آف بليڪ ليبل آن راڪس، پاڻ مشڪي پئي ۽ سندس ڳاڙهن ڳٽول ڳلن ۾ Dimple پئجي ويا، کلڻ يا مشڪڻ سان جن ماڻهن جي ڳلن ۾ اندر طرف نشان ٿين تنهن کي انگريزيءَ ۾ Dimple چئبو آهي، ۽ انگلينڊ جي هڪ بهترين اسڪاچ وسڪيءَ جو نالو پڻ Dimple آهي، سو کيس چيم ته:
    Oh, no not black lable but dimple ڏاڍو کلي، سندس موتين جهڙا سهڻا ڏند، جاڙا ڀرون، مخروطي آڱريون، ٿورا گهنڊ برابر وار ڏسي خدا جي قدرت ياد اچي وئي. پاڻ کلندي ۽ مشڪندي رهي، ڄڻ ڪا پرين جي راڻي آسمان تان لهي زمين تي آئي هجي. آئون کيس وڌيڪ ڪجهه به نه چئي سگهيس. هڪ فرمانبردار مڙس وانگر پنهنجي گهرواريءَ جي هٿن مان سامان وٺي مٿي سامان رکڻ واري جاءِ ڀيڙو ڪري ساڻس هروڀرو ڳالهائي، ٿورو مشڪي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيس. پاڻ چيائين ته جهاز فلاءِ ڪري ته پوءِ ، سعودي عربستان ۾ لئنڊ دوران وسڪي سرو (Serve) نه ڪبي آهي.
    جهاز پنهنجي صحيح وقت تي Take off ڪيو. ڪئپٽن ۽ جهاز جي عملي روايتي طور سندن جهاز ۾ سفر تي اسان کي خوش آمديد چيو ۽ سعودي عربستان ۾ پنج راتيون ننڊ جي گورين گذارڻ کانپوءِ جڏهن ڊمپل جو هڪڙو پئگ سهڻن هٿن ۾ ڇلڪندي مليو ته سڄو پئگ هڪ ئي ڍڪ سان پورو ڪري پي ڇڏيم ۽ ٻئي پئگ جو آرڊر ڏنم، اهو سلسلو تيستائين هلندو رهيو جيستائين وڃي ننڊ ڀيڙو ٿيس ۽ اک وڃي انهيءَ مٺڙي آواز تي کلي ته توهانجي مهرباني جو توهان اسانجي ايئرلائين ۽ جهاز ۾ چڙهيا. هاڻ پاڻ سوئيزرلينڊ جي هڪ حسين شهر زيورچ (Zurich) ۾ پهچڻ وارا آهيون ۽ مون کي هڪ هندستاني فلم چانديءَ جو هڪ سهڻو گانو ياد اچي ويو، فلم ۾ اهو گانو رشي ڪپور ۽ سري ديويءَ تي فلمايل آهي، رشي ڪپور هيليڪاپٽر ۾ چڙهي، گلاب جا گل اڇلائي ٿو، ۽ هيروئن کي جهاز ۾ چاڙهي ٿو، اهو گانو نه رڳو سوئيز لينڊ پر دنيا جي هن حسين ترين شهر زيورچ ۾ فلمايل آهي. زيورچ، پئرس، نيس، وينس ۽ سنئفرانسڪو نه وسرندڙ دنيا جا حسين ترين شهر آهن. اسان کي هت سوئيز لينڊ ۾ لهڻو ڪونه هو، پر تڏهن به هت اميگريشن ۽ ڪسٽم ٿيو ۽ ٻي جهاز ۾ چڙهي، لنڊن روانو ٿهڻو هو، سو اميگريشن ۽ ڪسٽم مان واندا ٿي لائونج ڀيڙا ٿياسين جتان ڪي قدر ننڍي جهاز ۾ چڙهي لنڊن ڏانهن روانا ٿياسين. جهاز ۾ ناشتو ڪيوسين ۽ هڪ اڌ سينٽ ورتم. جهاز پوڻن ٻن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ دنيا جي نمبر ون مصروف ترين ايئرپورٽ هيٿرو تي لينڊ ڪيو، جتان بسن ۾ نه پر سڌي طرح سان لنڊن ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. اميگريشن وارن بنا ڪنهن پڇ پڇان جي اسٽيمپ هڻي ڏني ۽ ڪسٽم آفيسر پري کان ئي اشارو ڪيو ته هليا وڃو.
    لنڊن شهر ۾ ٻه ايئرپورٽ آهن، هڪ گيٽ وڪ (Gate Wick) ۽ ٻيو هيٿرو (Heathrow) ائير پورٽ آهي، جت سڄي دنيا جي نوي ايئر لائينز جا جهاز اچن ٿا. هيٿرو ايئرپورٽ جو ڪل اسٽاف 240000 ٻه لک چاليهه هزار آهي. جنهن ۾ صرف ائيرپورٽ تي 108000 هڪ لک اٺ هزار ماڻهوڪم ڪن. هيٿرو ايئرپورٽ جا چار ٽرمينل (Terminal) ٻه رن وي، يعني ڇهه ڪروڙ ويهه لک مسافر اچن، هڪ ڏينهن ۾ زياده ۾ زياده مسافرن جو رڪارڊ اچڻ وڃڻ 224000 ٻه لک چوويهه هزار آهي، جيڪو آرتوار 31 جولاءِ سن 2000ع ۾ ٿيو.
    هيٿرو ايئرپورٽ جو بنياد پنهنجي ڪراچيءَ جي پهرين ماڙي پور ايئرپورٽ کان به پوءِ پيو، يعني 1946ع ۾ پهرين ڪجهه تنبو هڻي هن ايئرپورٽ جي شروعات ڪئي وئي، ۽ صرف 18 منزل Destinations ڏانهن ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پروازون وينديون هيون، جڏهن ته هاڻ اهڙيون منزلون (Destinations) ٻه سو کان به زياده آهن. هتي سڄي دنيا لاءِ هڪ ڏينهن ۾ سوا سو اڏامون پرواز ڪن ٿيون.
    پهرين پرواز 31 جنوري 1946ع ۾ بيونس آئرس (Buenos-Aires) لاءِ اڏام ڪئي. هاڻ ته هن ايئرپورٽ تان فقط پئرس لاءِ روزانو 33 فلائيٽسن ۽ نيويارڪ لاءِ 23 فلائيٽس وڃن. هيٿرو ايئرپورٽ تان هڪ ملڪ لاءِ زياده ۾ زياده فلائيٽس آمريڪا لاءِ وڃن.
    هن ايئرپورٽ جا آمريڪا کانپوءِ مصروف روٽس پئرس، ائمسٽرڊئم ۽ ڊبلن آهن. هيٿرو ايئرپورٽ تي ستن سيڪنڊن ۾ هڪ بوتل شراب جي وڪرو ٿئي ٿي، جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 26000 ڪوپ چانهن، 6500 پيپسي بوتلون ۽ 6500 سئنڊ وچ وڪرو ٿين ٿا.
    هت مسافرن جي سهولت لاءِ ايئرپورٽ جي اندر ئي اندر Basement هيٺين منزل ۾ توهان کي شهر وڃڻ لاءِ ٽيوب ۽ ريل هر 15 منٽن ۾ ملندي، جتان کان Victoria وڪٽوريا پهچي توهان انگلينڊ اندر ۽ يورپ جي ڪنهن به شهر ڏانهن وڃي سگهو ٿا.
    ايئرپورٽ کان پيلو ڪيب ڪاري ٽئڪسي ۽ بسون توهانکي لنڊن جي هر ڪنڊ تي پهچائينديون.
    اسان ٻاهر نڪري ڏٺو ته ڪابه ييلو ڪيب نه هئي ۽ ڪاري ٽئڪسي واري اسانجي منزل لاءِ 60 پائونڊ گهريا، جيڪي تمام گهڻا هئا، نور واپس ايئرپورٽ اندر ويو ۽ لفٿنسا جي ڪائونٽر پڇا ڪئي، جن کيس ڪن پرائيويٽ ڪارن وارن جا فون نمبر ڏنا، جن کي پاڻ فون ڪيائين، ائين چند گهڙين ۾ ٻڌايل نمبر واري ڪار اچي ٻاهر اسان جي اڳيان بيٺي، جنهن اسان کي 30 پائونڊن ۾ اچي ڀوراڻي جي گهر ڀيڙو ڪيو، جيڪو بالم اينڊلشم(Balham Endlsham) روڊ تي آهي، اسان ايئرپورٽ کان ساڻس فون تي ڳالهايو هو.
    آئون اڳ به لنڊن ۾ سندس ٻه دفعا مهمان ٿي چڪو هوس، سو پاڻ اسانجي انتظار ۾ ويٺوهو.
    پاڻ مٿي واري حصي ۾ ٻن ڪمرن وارو سوٽ اسان جي حوالي ڪيو، جهن ۾ ٻن ڪمرن سان گڏ هڪ باٿ روم ۽ ڪچن پڻ هو.
    اسان جي ڪمري ۾ ڪيترن قسمن جا بسڪيٽ، ڪيڪ، پيسٽريون تازا فروٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس اسانجو انتظار ڪري رهيا هئا. پاڻ اسان کي چيائين ته شاور وٺي اچو ته ماني گڏجي کائون،جيڪا اسان توهان لاءِ خاص ٺاهي آهي، اسان تازا توانا ٿي هيٺ آياسين ته پاڻ ڪچن سان گڏ هڪ ننڍي ڪمري ۾ ماني لڳائي، جيڪا اسان کاڌي پر پاڻ نه کاڌائين.
    ڀوراڻي صاحب صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط وسڪي شروع ڪندو آهي، جنهن کي وڃي رات جا ٽي چار ٿيندا آهن، ۽ ڪڏهن به اهو محسوس ڪونه ٿيندو آهي ته ڪو هن وسڪي به پيتي آهي، پر ائين ضرور ٿيندو آهي جو وسڪي پيئڻ کانپوءِ جڏهن ڪنهن ڪمري ۾ گلاس رکندو آهي ته کائنس اهو گلاس وسري ويندو آهي، اهو سلسلو سڄو ڏينهن هلندو رهندو آهي، جيستائين وڃي پاڻ سمهي، تيستائين هر ڪمري ٽي وي لائونچ ۽ باٿ رومن ۾ هڪ اڌ گلاس وسڪي ڀريل يا اڌ توهان کي صبح جو ضرور نظر ايندو، اهو سلسلو سڄي رات هلندو اچي.
    سو پاڻ اسان سان ماني نه کاڌائين، پر مون، منا ۽ نور سندس هٿن سان ٺاهيل ماني کاڌي، جيڪا بيحدلذيذ هئي.
    اڄ ڇنڇر جي شام آهي، تنهنڪري اڄ رات سڄي لينڊنرس (Londoners) جاڳي گذاريندا، سو اسان به ٽئڪسي ڪري لنڊن جي گهٽين ۾ نڪري پياسين، هر نائيٽ ڪلب اڳيان تمام گهڻي رش لڳي پئي هئي، اسان به هڪ نائيٽ ڪلب اندر گهڙي پياسين، صبح جو به ڪافي دير سان ننڊ مان اٿياسين.
    اسان جو چوٿون ساٿي ڪيلا جو پٽ ونود به ڪراچي کان سوئيز اميگريشن وارن کي منهن ڏئي لنڊن پهچي چڪو هو، اسان کي اڄ برائيٽن بيچ تي وڃڻو هو، ونود سان زيورچ (Zurich) ايئرپورٽ تي ڏاڍو ڊرامو ٿيو.
    ونود اڪيلو نوجوان ماڻهو، هٿ ۾ صرف ٿيلهو، ٻيوڪوبه سامان نه،جيتوڻيڪ اڳ ۾ آمريڪا ۾ پڙهي آيو آهي۽ يورپ به ڏسي آيو آهي، پر سندن والدين جي پاسپورٽ تي ۽ هينئر سندس پاسپورٽ تي ويزا ته سڀني مغربي يورپ جي ملڪن جي لڳل هئي پر اڳ جي انٽري اسٽيمپ ڪانه هئي. سوئيز اميگريشن وارن کي شڪ ٿي پيو ته ويزا ۾ ڪا گڙ ٻڙ نه هجي، سو هنن برٽش اميگريشن وارن کان ڪنفرم ڪري پوءِ هن کي لنڊن روانو ڪرڻ ٿي چاهيو. ان پروسيس ۾ ڪافي وقت ٿو لڳي، سڄي رات ونود کي روڪي رکيو ۽ صبح جو ڪليئرنس اچڻ کانپوءِ هڪ لفظ (Sorry) جو چئي کيس لنڊن روانو ڪري ڇڏيو ۽ لنڊن ۾ اسان سان اچي گڏيو.
    هاڻ يورپ ۾ سفر ڪندي توهان جيڪر سڌي فلائيٽ ذريعي لنڊن پهتا ته بهتر، نه ته يورپ جي ڪنهن به شهر مان ٿيندا پوءِ لنڊن ويندا ته اهو ملڪ توهانجي لنڊن جي ويزا چيڪ ڪري پوءِ اڳتي لاءِ توهان کي اجازت ڏيندو، اهو قانون هان شروع ٿيو آهي نه ته اڳ ۾ هر ملڪ صرف پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ ويزا چيڪ ڪندو هو، پر هاڻي اڳتي واري جي ملڪ لاءِ وڃڻ وقت به يورپين ملڪ ويزا چيڪ ڪن ٿا، سو ونود به مشڪل سان جان ڇڏائي اچي لنڊن ڀيڙو ٿيو.
    اڄ آچر آهي، ڀوراڻي جو پٽ آصف اسڪول کان فري آهي، تنهنڪري هو به اسان سان برائيٽن بيچ تي هلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ اسان ريلوي ذريعي برائيٽن وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. ريلوي اسٽيشن ڀوراڻي جي گهر کان ٻه ٽي سو قدمن تي آهي، اسان پنڌ ئي پنڌ ريلوي اسٽيشن تي پهتا سين. ۽ ٻاهران اخبارون به ورتيوسين. اردو اخبار جنگ به ورتيسين، جنهن ۾ انگلينڊ جون خبرون گهٽ پر پاڪستان جون خبرون گهڻيون هونديون آهن، جنهن ڪري ماڻهو پاڪستان کان باخبر رهندو هو، ان وقت جنگ اخبار ۾ رسول بخش پليجي جو هفتيوار ڪالم پڻ هلي رهيو هو. جنگ اخبار ڪيترين ئي جڳهين تان شايع ٿئي. اندر ڇپجندڙ مضمون سڀ هڪ جهڙا ئي هوندا آهن.
    اسان برائيٽن لاءِ ٽڪيٽ ورتي. ريل ٽيوب ۽ بس لاءِ هڪ ئي ٽڪيٽ ٿئي. توهان هڪ ڏينهن واري ٽڪيٽ ۾ سڄو ڏينهن پيا ريل، ٽيوب ۽ بسن ۾ سفر ڪريو، جيسين وڃي رات جا ٻارنهن ٿين، ۽ ٽيوب انسٽيٽيوٽ بند ٿين. لنڊن ۽ پئرس ۾ ٻارنهن بجي کانپوءِ ٽيوب اسٽيشنون بند ٿيو وڃن، پوءِ ڪم ٽئڪسي وسيلي هلي. هت بالم (Balham) ريل اسٽيشن ۽ ٽيوب اسٽيشن هڪ ئي بلڊنگ ۾ آهن.
    هت ريلوي يا ٽيوب پنج پنج منٽن ۾ پنهنجي صحيح وقت تي اچي ۽ وڃي، جي هڪ منٽ به دير ڪندو ته انگريز شوڪارو ڀري چوندو (Oh my one mintute) سو سائين اسان به لنڊن کان برائيٽن ڏانهن ريل ۾ روانا ٿياسين.
    هنن ملڪن کي الله تعاليٰ سونهن ۽ ساوڪ ايتري ته ڏني آهي جو انسان جون اکيون پيون ٺرن، سڄا سڄا ملڪ وڻن ٽڻن، گل گلزار ۾ ڍڪيا پيا آهن، وري سهڻا رستا، سهڻا گهر جيڪي سڀ جا سڀ هڪ جهڙا يعني ڪاٺ جا گهر، جن جو ڳاڙهو رنگ در ۽ دريون سڀ سفيد رنگ جا، ايڪڙ ٻيڪڙ سائو رنگ درين تي سفيد سهڻا نفيس پردا، گهر جي ٻاهران هڪ ننڍڙو پارڪ، هر گهر اڳيان ڪار بيٺل، گهر ٻه ماڙ ٽيپر ٽائيپ، جي برف پوي ته گهر تي بار نه ٿئي ۽ ڪري پوي، هر گهر مٿان وڏو خوبصورت بخارو، هر گهر مٿان اهڙو بندوبست، جي چاهين ته روشني مٿان گهر ۾ اچي.
    يورپ ۾ گهر ۾ رهندڙ گهڻو ڪري چار نه ته پنج يعني مڙس زال ۽ ٻه ٻار ڇيهه ٿي ويو. گهر اهڙو سهڻو سينگاريل جهڙو فلمي سيٽ. زياده ۾ زياده گهر اندر سيگاريل وڻندڙ جڳهه ڪاڪوس، جنهن کي هاڻ باٿ روم ، ٽوائليٽ يا پائوڊر روم جي نالي سان ياد ٿو ڪيو وڃي. گهر ۾ رهندڙ سڀ گهر جا ڪم پاڻ ڪن. يعني نوڪري به ڪن ۽ گهر به سنڀالين. يورپ جو ماڻهو جهڙي سهڻي زندگي گذاري ٿو، ان کان وڌيڪ هو محنت ٿوڪري. پنهنجي ملڪ وانگر نه ته ”ڪمائي گي دنيا اور کائين گي هم“ يورپ ۽ جپان جي ترقيءَ جو راز هنن جو دماغ ۽ محنت آهي، يورپ جو ماڻهو توهان کي پنهنجي گهر ۾ ڪڏهن به دعوت نه ڏيندو، پر جي ڪا گرل فرينڊ آهي ته پوءِ انهيءَ ڪري انگريزي گهر ڏسڻ جو موقعو پيدا ٿيو پوي، ۽ منهنجو هر ملڪ ۾ اهو شوق هوندو آهي ته ان ملڪ کي گهمڻ سان گڏ ان ملڪ جي شهريءَ جو گهر به ڏسان، پر اهو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو ته توهان پنهنجي ڪنهن دوست جي گرل فرينڊ يا خود توهان جي گرل فرينڊ هجي. اهو ڪم اڄ ڪلهه انٽر نيٽ ذريعي به ٿيو وڃي. سو ڪوشش ڪري هر ٽوئرسٽ کي انهيءَ ملڪ جي رهواسيءَ جو گهر ضرور ڏسڻ گهرجي. پاڻ وٽ جيئن گهر نئون ته انهيءَ جي قيمت وڌيڪ، پر يورپ ۾ جيترو گهر پراڻو. اوترو مهانگو، نه رڳو گهر هر شيءِ پوءِ اها نوادرات ۾ اچيو وڃي. پهرين ڀيرو توهان لنڊن کان ٻاهر ويندا، اهڙا سهڻا هڪ جهڙا گهر ڏسي انسان کي عجب ٿئي. سو اسان به سڄي واٽ اهڙا سهڻا گهر ۽ نظارا ڏسندي اچي برائيٽن ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين.
    لنڊن کان برائيٽن وڃڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ بهتر ريل آهي، آرتوار تي روڊ رستي اچڻ ڪري ڪيترو وقت روڊ بلاڪ ٿيا پيا هونداآهن ۽ ٻيو ته آرتوار ڪري برائيٽن ۾ ڪار پارڪنگ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي.
    آرتوار جي ڏينهن برائيٽن بيچ لاءِ عام برٽش ٽرين کانسواءِ اسپيشل ٽرينون پڻ هلن، جيڪي لنڊن کان سڌو برائيٽن سواءِ ڪٿي بيهڻ جي پهچن. انهن ۾ مانيءَ ۽ فون جو بندوبست پڻ هوندو آهي. اصل سڄو ڏينهن پيون هلن. جيڪي توهان کي صرف وڪٽوريا تان ملنديون. لنڊن کان برائيٽن 52 ميل پري آهي. يعني حيدرآباد کان ڪينجهر، ٻنون يا سن.
    برائيٽن ڪئين صديون اڳ ڪراچيءَ وانگر هتي به مڇي ماريندڙن جا گهر هئا. پر هاڻ هي ٻاويهه اسڪوائر ميلن ۾ ڦهليل شهر ڏسڻ وٽان آهي. جت سيآهن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. سٽي ٽوئر لاءِ بهترين مٿان کليل بسون بيچ تي گهمڻ لاءِ خاص قسم جون ٽرينون جيڪي صرف بيچ تي هلن. رهڻ لاءِ شاندار هوٽلون ۽ نائيٽ ڪلب. بهترين ميوزم رائل پويلين جي شاندار عمارت برائيٽن سي لائيف سينٽر Brighton sea Life centre جنهن اندر قسمين قسمين مڇيون. جت توهان شارڪ Shark مڇي به ڏسندا. سمنڊ جي مٿان اندر هڪ بهترين ٽوئرسٽ سنٽر جت هوٽلون، بار، پب، (Pub) پب مخفف آهي. (Public Bar) پبلڪ بار، جيڪو انگريز جي هڪ سڃاڻپ آهي، تنهن کانسواءِ وڏن ۽ ٻارڙن لاءِ سوين قسمن جون رانديون ڪرتب، ڪي ٽڪيٽ تي ته ڪي مفت ۾، جتي آتوار تي ايڏي ته رش ٿئي جو ڪا شيءَ وٺڻ لاءِ وڏيون وڏيون لائينون. ٻاهر بيچ تي هزارن جي تعداد ۾ سياح ڪاڙهي ۾ سمهندي، ڪتاب پڙهندي ، کائيندي پيئندي، ڊوڙندي ڏاڍا پيا وڻندا.
    آرتوار جي هڪ خاص قسم جي راند پڻ ٿئي، ٿئي ائين جو تقريبن 200 فوٽ مٿي ڪاٺ جي وڏي ٿنڀ مان، مرد يا عورت سڄي بدن تي رسو ٻڌي جيڪو چوٽيءَ ۾ پڻ مضبوطيءَ سان ٻڌل هجي ٿو، ان چوٽيءَ تي رسو ٻڌل مرد يا عورت پاڻ کي کڻي هيٺ ڇڏي، ۽ اهو همراهه تقريبن وچ تي ٽنگيو پيو هجي ۽ هيٺ بيٺل ماڻهو کي سلام ڪري، هيٺ بيٺل سوين ماڻهو سڪا اڇلائين، جيڪي پوءِ هيٺ لهي اچي کڻي.


    6

    ڪافي مرد،، عورتون هيٺ ڪرڻ مهل خوامخواهه وڏيون رڙيون ڪري ماڻهن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائين، اها راند ڏاڍي مزيدار ۽ ڏسڻ وٽان آهي، اسان هڪ ريسٽورانٽ تان مڇي فراءِ ۽ پيپسي ورتي جيڪا ڏاڍي مزيدار هئي.
    اسان گهمندا کائيندا اچي هڪ ننڍي پويلين ۾ ويٺاسين، برائيٽن بيچ ستن ميلن ۾ آهي، جت روزانو هزارن جي تعداد ۾ سياح اچن، ۽ هر آرتوار تي لکن جي تعداد ۾ سياح اچن، برائيٽن ۾ هڪ بهترين قسم جو ايئرپورٽ پڻ آهي. 1961ع کان هت Sussex نالي سان يونيورسٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. برائيٽن هاڻ هڪ چڱو خاصو صنعتي مرڪز پڻ بنجي ويو آهي. ٽوئرسٽن لاءِ هڪ پراڻو جارج چوٿين جو ٺهرايل محل، جنهن کي هت چون رائيل پويلين پڻ ڏسڻ جي جڳهه آهي. جيڪو برائيٽن ريلوي اسٽيشن کان 15 منٽن جي پنڌ تي آهي، چار پائونڊ داخلا في اٿس، وري ان جي ڀرسان Sussex رانديڪڙن جو ماڊل ميوزم به ٻار ساڻ هجن ته ڏسجي.
    برائيٽن جي نائيٽ لائيف ڏينهن کان به زياده رنگين آهي، لنڊن کان به رات جو توهان کي هت مزو ايندو، جت مهانگائيءَ سان مڊل ڪلاس جون پڻ ڪيئي هوٽلون آهن. اسان کي رات جي مانيءَ جي دعوت هئي، تنهن ڪري لنڊن ڏانهن واپس ٽرين ذريعي روانا ٿياسين ۽ دير سان لنڊن پهتاسين. ريلوي اسٽيشن اسان جي گهر جي ويجهو هئي، تنهن ڪري واڪ ڪندي اچي گهر پهتاسين. رات جو مجيب ميتلو اسان جي ماني ڪئي، مجيب ڪيترن سالن کان هت لنڊن ۾ رهندو ۽ بزنس ڪندو آهي، سندس ٻيو ڀاءُ به هت ماسٽرس ڪندو آهي. ٻيو دفعو جڏهن هت آيا هئاسين ته سندس شادي هئي، انهيءَ تي سندس ماءُ ۽ پيءُ به آيل هئا. اسان هفتي جي ٽوئر تي لنڊن کان اسڪاٽلينڊ وياسين ته سندس امڙ کي به اسان سان گڏ ڇڏي چيائين ته امان جڏهن کان هت مون وٽ لنڊن آئي آهي، ته ڪيڏانهن به گهمڻ نه وئي آهي، ڇو ته آءُ سڄو ڏينهن ڌنڌي سان ۽ ننڍو ڀاءُ پڙهڻ سان ۽ هت لنڊن ۾ ماڻهن واندو ته ٿئي ئي ڪونه. سو امان لنڊن ۾ رهي رهي بور ٿي پئي آهي، سو توهان پاڻ سان گڏ وٺي وڃوس ته سندس بوريت به ختم ٿي ويندي، ۽ پاڻ اسڪاٽلينڊ ڏسي به ايندي. رات جو مجيب اسانجي مانيءَ جي دعوت ڪئي، جنهن ۾ اسان جي فئملي، مجيب جا دوست ۽ ڀوراڻي شامل هئاسين، رات جو دير تائين پيئڻ سان گڏ سنڌ جا حال احوال پڻ هلندا رهيا.
    مجيب هڪ سنئون سڌو ۽ ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي. مونکي پاڻ ٻڌايائين ته الله پاڪ جي مهربانيءَ سان ڪيترن سالن کان لنڊن ۾ رهندو آيو آهيان، پر ڪڏهن به ڪنهن اڳيان هٿ نه کولڻو پيو آهي. رات جو دير تائين ويٺا هياسين سو صبح جو به دير سان اٿياسين. اٿڻ شرط لنڊن ڏسڻ جا پروگرام ٺاهڻ لڳاسين، لنڊن ايڏو وڏو شهر آهي، جنهن کي لنڊن وارا به اڄ تائين سڄو نه ڏسي سگهيا آهن، سو اسين ڪٿي ٿا سڄو لنڊن هن مختصر وقت ۾ ڏسي سگهون.
    لنڊن جنهن ۾ سوين تعليمي ادارا، سوين ميوزم، سوين پارڪ، سوين گارڊن ۽ هزارين ٻيا ڏسڻ جا ماڳ جنهن ۾:
    1-انسٽيٽيوٽ آف ڪانٽيمپورري (Institute of Contemporary)
    2-لنڊن ڪوليزم (London Colisem)
    3- لنڊن سيمفوني آرڪيسٽرا (London Symphony Orchestra)
    4-ڪين ووڊ هائوس (Ken Wood House)
    5-رينبو ٿيٽر (Rainbow theater)
    6- رور سائيڊ اسٽوڊيو (River Side Studio)
    7-رائونڊ هائوس (Round House)
    8-رائل ڪاليج آف ميوزڪ (Royal Albert Hall)
    9- رائل اوپير هائوس (Royal Opera House)

    پارڪ Park
    1-جيمس پارڪ James park
    2-هائيڊ پارڪ Hyde park
    3-ريجنٽس پارڪ Regents park
    4-ڪرسٽل پئليس Crycstal park
    5-گرين وچ Green Wich
    6-بئٽر سي پارڪ Bateer Sea park
    7- وڪٽوريا گارڊنس Victoria Gardens
    8-پارليامينٽ هل parliament Hill
    9- سينٽ پال ڪئٿيڊول St: Palu,s Cathedral
    10-ٽاور آف لنڊن Tower of London


    ميوزيم ۽ گئلريز (Museum and Galleries)
    1- بيٿنل گرين ميوزم Bethnal Green Museum
    2-برٽش ميوزم British Museum
    3-ڪورٽالڊ انسٽيٽِيوٽ گئلريز Courtould Institute Galleries
    4-هورني مين ميوزم Horni Man Museum
    5-مادام توساد Madam Tussaud,s
    6-ميوزم آف لنڊن Museum of London
    7-ميوزم آف مينڪائينڊ Museum of Mankind
    8-نيشنل گئلري National Galleray
    9-نيچرل هسٽري ميوزم Natural History Museum
    10-ڪوئينس گئلري Queen’s Galleray
    11- سائنس ميوزم Science Museum
    بلڊينگون مانومينٽش ۽ چرچ
    1-ائڊ مائر لٽي آرچ Admiralty Arch
    2-البرٽ ميموربل Albert memorial
    3-بيڪهينگام پئليس Buckingham Palace
    بادشاهه جي مستقل رهائشگاهه جيڪا 1703ع ۾ ٺهي.
    4-سينوٽاف Burlington House
    5-چئرنگ ڪراس Chearing Cross
    6-ڪلوپيٽرا نيڊل Cleopetra Needle
    7-هائوس آف پارليامينٽ House of parliament
    8-هائيڊ پارڪ ڪارنر Hyde park Corner
    9-ڪين سنگٽن پئليس Ken Sington palace
    10-مينشن هائوس Mansion House
    11-مارلبرو هائوس Marlbrouh House
    12-رومن باٿ Romon Both
    13-ٽاور آف لنڊن Tower of London

    چرچ- Church
    1- براميٽن اوريٽري
    2- چئپل رائل آف سينٽ جان
    3- سينٽ اينڊريو هالبورن
    4- سينٽ جيمس پڪيڊلي
    5- سينٽ پال ڪانونيٽ گارڊن

    ڪئيٿڊرل- Cathedral
    1-سينٽ پال ڪئيٿڊرل
    2-سائوٿ وارڪ ڪيئٿڊول
    3-ويسٽ منسٽر ابي
    4-ميسٽ منسٽر رومن ميٿولڪ ڪئيٿڊرل

    لنڊن ۾ سير و تفريح لاءِ ننڍيون وڏيون ڪمپنيون آهن، جيڪي توهان کي سڄو لنڊن ڏيکارڻ لاءِ چوويهه ڪلاڪ آفيسون کوليو ويٺا آهن، جنهن ۾ مکيه ٽوئرسٽ ڪمپنيون هي آهن:

    1-آمريڪن ايڪسپريس
    2-ٿامس ڪوڪو
    3-ايوان ايوانس ٽوئرس
    4-فريمس ٽوئرس
    5-رائونڊ لنڊن سائيٽ سينگ ٽوئرس
    6-يونيورسل سائيٽ سينگ ٽوئرس
    7-دي لنڊن ايڪسپريس

    انهن جڳهين ۽ ڪمپنين کانسواءِ به توهان ٻيون هزارين بازايون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور-سپر مارڪيٽون ڇا ڏسي ڇا ڏسجي.
    سو اسان به ٽيوب ۾ چڙهي نڪري پياسين.
    لنڊن ڏسڻ اسان جي پهرين منزل هائيڊ پارڪ هو. سڀ ڪو پنهنجي ڌنڌي سان لڳو پيو هو. ڪار ۾ اچو ڀل اڪيلا هجو، ننڍڙو اسٽول ۽ ٻه ٽي پمفليٽ هٿ ۾ اسٽول رکي، پمفليٽ ورهائي، اسٽول تي چڙهي ٻئي اکيون پوري شروع ٿي وڃ تقرير ڪرڻ، جي ماڻهو آيا ته ٺيڪ، نه ته اڪيلا بيٺا تقريرون ڪريو. ان انتظار ۾ ته توهان کي به نيٺ هي هزارين ماڻهو ٻڌندا ، ڪئي موضوع، ڪابه جهل پل نه آهي، مذهب، سياست، ادب، معاشيات، ثقافت، اخلاقيات، سائنس، جنسيات، دوزخ، بهشت نڪا جهل نڪا پل.
    اسان پاڪستاني ماڻهو سي به سنڌي جيڪي هزارين سالن کان خود غلاميءَ جي طوق ۾ ڦاٿل، غلامي دنيا ۾ ڌارين جي ٿئي، پر اسان وٽ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن جي غلامي چوويهه ڪلاڪ اذيت ناڪ ماحول، دشمنيون، سياستون، ٺڳيون، فريب، ڌاڙيل آفيسر، ڌاڙيل ليڊر، ڌاڙيل صحافي، ماڻهن جي روپ ۾ شڪاري ڪتا، سو سائين الله جي قدرت سان انهيءَ ملڪ جو ماڻهو آمريڪا، يورپ، لنڊن ۽ هائيڊ پارڪ ڏسي سڀ تقريرون سڻي ٻڌي، ڇا ته برداشت آهي.
    انهن قومن ۽ ماڻهن ۾ نه ته اسانجي طالبان کي هاڻ خبر پئي ته افغانستان ۾ ٻه گوتم جا پٿر سان ٺهيل مجسما آهن، تن کي بمن سان اڏائڻو آهي، سڄي دنيا ۾ مسلمان سڀني قومن ۽ مذهبن ۾ اهڙو مذهب يا قوم آهي، جنهن کي مسلمانن کان نفرت بلڪل نه اهي، يا هاڻ لکجي ته نه هئي.
    سو هاڻ هروڀرو انهن کي به پاڻ پنهنجو بنائي ڇڏيو، ڇا ٻي مسلم دنيا ۾ مجسما نه آهن، مسلمان هڪ ته ڇڏيو پر سڄي عرب دنيا انهن مسجمن سان ڀري پئي آهي، مجسما ته پٿر جا ٿين، پرممي ته انسان جو مئل وجود جيڪي ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ ڏاڍي حفاظت سان کين محفوظ ڪري رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ايران، پاڪستان ۽ مصر به شامل آهن.
    اسلامي دور ۾ ڪيترا ڀيرا اهڙا مسئلا ٿيا آهن، پر انهن کي ڏاڍي سهڻي نموني سان حل ڪيو ويو آهي.
    هندستان ۾ جڏهن اورنگزيب جي بادشاهت هئي، تڏهن به اهڙا مسئلا اٿيا هئا ته اجنتا، الورا، کجرائو ۾ نه رڳو بت يا مجسما آهن، پر اهي اگهاڙا ۽ همبستري ڪندي به ٺاهيل آهن، سي هڪ ٻه نه پر هزارن جي تعداد ۾، پر اورنگزيب هڪ بت به نه ڀڃرايو، پر پاڻ حڪم ڏنائين ته انهن ۾ سارين جو پلال ۽ ٽوهه وجهي انهن کي راڳي ڇڏيو، ۽ اهي ائين بند رهيا، پوءِ جڏهن انگريز هندستان جا حاڪم ٿيا ته انهن اجنتا، الورا ۽ کجوائو کي صاف ڪري عام ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيو، پر مذهبي جنوني ماڻهن ۾ برداشت نالي جي ته ڪا شيءَ ٿئي ئي ڪانه، سو اسان جهڙا ماڻهو جنهن کي آزادي ته پري پر آزاديءَ جي اڃا هوا به ڪانه لڳي.
    سو جڏهن هائيڊ پارڪ ۾ وڃي نه صرف ٻڌي پوءِ ڏسي ته حيران ٿيو وڃي، ته ڇا نه ماڻهن کي آزادي آهي. آزادي به صرف انگريزن لاءِ نه پر هت جيڪي به اچن سي آزادي ماڻين ۽ سڄي دنيا کي ست سريون ٻڌائي، موضوع اهڙا جو هت اسان ڪتاب ۾ لکي به نٿا سگهون.
    چي God مرد نه پر Goddess يعني عورت آهي.
    خليفي مامون رشيد جي وقت ۾ هڪ ماڻهو دعويٰ ڪئي ته آئون خدا آهيان، انهيءَ ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري مامون رشيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن مامون رشيد جي سامهون آيو ته مامون رشيد ان کي چيو ته توهان خدا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پر بابا خليفي هارون رشيد جي وقت ۾ هڪ ماڻهوءَ نبوت جي دعويٰ ڪئي ته بابا ان کي قتل ڪرائي ڇڏيو، تو ته خدا جي دعويٰ ڪئي آهي. انهيءَ ماڻهوءَ يڪدم اهو جواب ڏنو ته پڻهين بلڪل صحيح فيصلو ڪيو جو ان کي قتل ڪرايو، ڇو ته مان (يعني آئون ته صحيح آهيان) انهيءَ ماڻهوءَ کي نبوت ڏئي موڪليو ڪونه هو، سڄي درٻار ٽهڪڙائي وئي پوءِ ان ماڻهوءَ جوڪهڙو حشر ٿيو، سو خبر خدا کي، سو هت يعني هائيڊ پارڪ ۾ به ڳالهه گوڙ کان چڙهيل هئي. 1800ع ۾ جڏهن ملڪ ۾ هنگاما ٿيا، انهيءَ وقت کان هائيڊ پارڪ ۾ اهو سلسلو هلندو اچي.
    انهيءَ کانسواءِ ٻن قسمن جون تقريبون به هت ٿين، ليڊي ڊيانا جي تدفين جي تقريب ته پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي پر عام ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ اها هائيڊ پارڪ ۾ ٿي، جنهن ۾ لکن ماڻهن ٽي وي اسڪرين تي اها تقريب هائيڊ پارڪ ۾ ڏٺي.
    30-31 مئي 1979ع ۾ شاهي خاندان هڪ دعوت ڪئي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ٻارن شرڪت ڪئي ۽ انهيءَ تقريب ۾ شاهي خاندان کانسواءِ 160000 هڪ لک سٺ هزار ٻار شريڪ ٿيا، انهيءَ کانسواءِ وڏا وڏا Concert يعني راڳ رنگ جا پروگرام به هائيڊ پارڪ ۾ ٿين، جنهن ۾ پنج جولاءِ 1998ع ۾ پڻ روبي وليم (Robbie Williams) گروپ هڪ Concert ڪيو جنهن پڻ ڪيئي رڪارڊ ٽوڙيا. ٻه ٽي ڪلاڪ تقريرون ٻڌي، ٽيوب ۾ چڙهي (هائيڊ پارڪ لاءِ ٻه ٽيوب اسٽيشن آهن، هڪ توهان کي پارڪ اندر اچي ڇڏيندو.) آڪسفورڊ اسٽريٽ ڏانهن روانا ٿياسين، اسان ٽيوب مان لهي آڪسفورڊ اسٽريٽ ڀيڙا ٿياسين.
    آڪسفورڊ اسٽريٽ لنڊن جو تمام وڏو تجارتي مرڪز آهي، جت هر شيءَ توهان کي ملندي، لنڊن ۾ آڪسفورڊ اسٽريٽ ئي اهڙي بازا آهي، جت ماڻهوءِ جو جيءُ چاهيندو ته وري وري گهمان. جت مهانگي شاپنگ سان گڏ سستي شاپنگ جي پڻ گنجائش آهي. مئي، جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ ته سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ جام اچن. لنڊن ۾ هونئن به سڄي يورپ ۾ پئرس کانپوءِ سياح لنڊن ڏانهن اچن، جنهن ڪري اهي مهينا ته توهان کي هر طرف رش ملندي پوءَ اهي گهمڻ جون جڳهيون هجن يا خريداريءَ جا مرڪز، توهان کي هر هنڌ رش ۽ گھما گھمي نظر ايندي.
    منا سندس لاءِ مارڪ اسپينسر مان ڪاسميٽس خريد ڪيا، بوبي ۽ ونود ڪارڊ ۽ جينس ورتا، ونود ڪيلا لاِءِ ۽ مون شرٽون ورتيون، مون ٻارن لاءِ ڪجهه خريداري ڪئي، مارڪ اسپينسر Mark spencer جي سڀني فلورن تي ڏاڍي رش هئي، اسان هت ڊاڪٽر پارس لاءِ گائون ۽ ميڊيڪل جا ڪتاب خريد ڪرڻ ٿي چاهيا، پر هت ڪونه مليا، پوءِ اهي اسان کي ٻئي هنڌ مليا. لنڊن شام جو پنجين بجي بند ٿيو وڃي، تقريبن پنج ٿيڻ وارا هئا.
    اسان پنهنجا سامان سهيڙي ٽيوب ۾ چڙهي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿياسين، جت اڄ رات ڀوراڻيءَ جا ڪافي يار آيا، جن سان گهڻي دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي، جنهن ۾ انگلينڊ جي سياست، بيوروڪريسي ۽ يهودين جي باري ۾ تفصيلي ليڪچر ٿيو. جيڪو ڏاڍو دلچسپ هو، منهنجو ات موقف هو ته دنيا ۾ پهريون ملڪ انگلينڊ هو، جنهن يهودين کي سپورٽ ڪئي، ۽ يهودي رياست جو قيام به انگريزن جي ڪري ممڪن ٿيو، انهيءَ جي شروعاتي پلاننگ انگريزن ويهين صديءَ جي اوائل کان ڪري ڇڏي هئي، ۽ نيٺ انگريزن عربن جي ڪک ۾ اسرائيل نالي رياست ٺاهي ۽ سڄي عرب دنيا جو هيمشه لاءِ سڪون تباهه ڪري ڇڏيو، جيئن هندستان پاڪستان ورهاڱي وقت فيروزپور ۽ گورداسپور زوري هندستان سان ملائي ۽ ڪشمير پهچڻ لاءِ رستو مهيا ڪري پوءِ ڪشمير اڻ سڌيءَ طرح هندستان کي ڏئي ڇڏيو، پر جي اهي ٻئي ضلعا هندستان کي نه ملن ها، ته اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته هندستان ڪشمير تي قابض ٿي سگهي ها. سو سڄي رات بحث ڪندي گذري وئي ۽ صبح جو سڄي زندگيءَ جو معمول مطابق منهنجي (شاديءَ کانپوءِ ) گهرواريءَ جي قرآن پاڪ جي تلاوت تي اک کلي، قرآن پاڪ جي تلاوت ختم ٿيڻ بعد آءُ ۽ پاڻ ٻئي واڪ تي وياسين، صبح جو سوير واڪ تي وڃڻ ڪري برائيٽن ايڊنبرو، لنڊن برسلز، لوسرين، لوگانو، وينس، روم، فلورينس، نيس، پئرس، ائمسٽرڊم، بون، لگزمبرگ، فلوريڊا ۽ پڻ ٻين ڪيترن ننڍن وڏن شهرن ۾ صبح سوير واڪ ڪرڻ ڪري يورپ جي ماڻهن کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن مان ڪافي ڪجهه پرايم. اسان واڪ کانپوءِ مڪ ڊونلڊس جي هڪ هوٽل تي اچي بريڪ فاسٽ ڪيو. هي هوٽلون توهان کي دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ ملنديون ۽ ٽوئرسٽن لاءِ سوليون، سستيون، ويهي ماني کائو يا وٺي کائيندا وڃو، سواءِ ٽائيم وڃائڻ جي اڄ ڪلهه پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ به اهي هوٽلون ڪافي تعداد ۾ کلي ويون آهن.
    ڇنڇر شام ۽ آرتوار شام تي ڪلفٽن بيچ ۽ پارڪ ٽاور وارين انهن هوٽلن ۾ توهان کي پنهنجي آڊر لاءِ به ڪافي وقت انتظار ڪرڻو پوي ٿو. اسان ناشتو ڪري اخبارون وٺي گهر پهتاسين، ته به سڀ همراهه يعني ڀوراڻي، ونود ۽ نور اڃا تائين ستا پيا هئا. ونود کي اٿاريم ته بابا لنڊن هلي گهمو، ننڊون هلي پاڪستان ۾ ڪجو. تيار ٿيو ته ٻاهر گهمڻ ڦرڻ هلون. جيستائين همراهه تيار ٿين تيستائين اسان اخبارون پڙهڻ ۾ لڳي وياسين. اڄ اسان کي گهمڻ ڦرڻ سان گڏ پنهنجي باقي يورپ جي ٽوئر لاءِ ٽوئر ڪمپنيءَ وارن سان پڻ ملي وڌيڪ پروگرام ترتيب ڪرڻوهو ۽ پاڪستان مان مليل ڪاغذ هنن جي حوالي ڪرڻا هئا.
    هنن جي آفيس ڪاسموس پليس ۾ اولڊ گلوڪسٽر اسٽريٽ تي هئي. اسان تيار ٿي پهريائين هنن جي آفيس پهتاسين ۽ سڀ ڪاغذ پٽ هنن جي حوالي ڪياسين. پاڻ وري انهن جي عيوضي وڌيڪ يورپ جي ٽوئر لاءِ سمجهايائون، ۽ ٻيا ڪاغذ ڏنائون ته ٽُوئر شروع ٿيڻ وقت هي ڪاغذ ٻڌايل هوٽل تي توهان جي انتظار ۾ ويٺل اسٽاف کي ڏيندا، پو ءِ توهان کي ٽوئر لاءِ هر معلومات ڏيندا ۽ توهان جو ٽوئر اتان شروع ٿيندو.
    انهيءَ کانپوءِ سڌو نه صرف انگلينڊ پر دنيا جي مشهور عجائب گهر يعني برٽش ميوزم گهمڻ لاءِ ٽئڪسي ۾ چڙهي روانا ٿياسين. اڄ معمول کان وڌيڪ رش آهي ۽ اندر گهمڻ لاءِ وڏي لائين لڳل آهي، پر اسان ته اڃا لائين کان به پري ٻاهر لائين جي انتظار ۾ بيٺل پبلڪ ۾ بيٺا آهيون. برٽش ميوزم مون اڳ به گل سهتي سان گڏ ڏٺوهو، پر اڄ آئون ڪوشش ڪندس ته توهان کي گهڻي ۾ گهڻو برٽش ميوزم گهمايان، يا لنڊن جي سير دوران گهڻو بور ڪريان، ڇو ته هت صرف نوادرات آهن. ظاهر آهي ته هر ڪنهن کي ڪونه وڻندا، پر آئون چاهيان ٿو ته آئون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي سفرنامي ۾ شامل ڪري پنهنجي رڪارڊ تي آڻي ڇڏيان. جيڪو شايد اڳتي ڪن دوستن کي وڻي يا ڪم اچي ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪن. برٽش ميوزم ۾ داخلا لاءِ ڪابه في نه آهي، هر ماڻهو مفت ۾ ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، نه ته روم ۽ پئرس جي عجائب گهرن ۾ داخلا لاءِ تمام ڳريون فيون ڏيڻيون ٿيون پون. پر هت ٻاهران صرف هڪ اپيل بورڊ تي لکيل آهي، جنهن۾ چيل آهي ته جيڪر هر سياح هڪ پائونڊ امداد طور تي ڏي ته اسان برٽش ميوزم جي مرمت ڪرائي سگهون ٿا.
    اندر لائين ۾ بيهڻ لاءِ اسان کي وارو مليو ۽ هلندا هلندا نيٺ وڃي برٽش ميوزم ۾ اندر داخل ٿياسين. اسان تمام گهڻو وقت اندر گذاريو، اسان برٽش ميوزم بابت ڪتابچو خريد ڪري پڙهيو ۽ ان جي رهبريءَ هيٺ هر گئلري کي ڌيان سان ڏسندا ۽ نوٽس وٺندا وياسين. برٽش ميوزم، ڪرسمس، نيو ييئر ۽ پهرين مئي کان سواءِ سڄو سال کليو پيو آهي، آرتوار جي ڏينهن ڏهين کان اڍائي بجي تائين باقي ڏينهن تي ڏهين بجي کان شام پنجين بجي تائين کليل رهندو آهي. ٻاهر چانهن ۽ ٿڌي جي ريسٽورانٽ سان گڏ مانيءَ لاءِ هوٽل پڻ آهي.
    توهان فوٽو گرافيءَ سان گڏ فلم به ڀري سگهو ٿا، توهان جي چاهيو ته پاڻ لاءِ انفارميشن ڊيسڪ تان گائيڊ به وٺي سگهو ٿا، جنهن لاءِ توهان کي ڪجهه رقم ڏيڻي پوندي. اندر سگريٽ ڇڪڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ جي به بندش آهي.
    عالمي نوادرات جي نمائش لاءِ قائم ڪيل هي ميوزم هڪ شاهي عمارت تي مشتمل آهي، جنهن کي چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ لاءِ گهڻا ڏينهن درڪار آهن، جيڪا ڳالهه هن دور ۾ تقريبن ناممڪن آهي. البته هڪ سياح درشن وندر واسطي ڪجهه وقت هتي صرف ڪم ڪري تمام گهڻي ڄاڻ ۽ خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو.


    7

    هن عجائب گهر جي سير کي مختصر نموني ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڀاڱي پهرين ۾ قديم دنيا، جنهن ۾ مصر، اسيريا، يونان ۽ روم شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ مغربي دنيا جنهن ۾ تاريخ کان اڳ وارو يورپ سلٽ، رومي حڪومت وارو برطانيه وچون دور وغيره شامل آهن. مکيه دروازي مان لنگهي، ڪتب خاني کان اڳتي کاٻي طرف اسيريا جي نوادرات رکيل آهي، انهيءَ کان اڳتي مصروف عجائب گهر آهن، مصري گئلريءَ جي مهاڙيءَ وٽ ڪاري پٿر جا ٻه شاهي مجسما رکيل آهن، جن ۾ هڪڙو بادشاهه امينوفس ٽئين جو آهي، جنهن 1417ع کان 1379 قبل مسيح مصر ۾ حڪومت ڪئي، انجي ڪجهه اڳتي مصري شهر روسنا مان 1799ع نيپولين جي سپاهين طرفان لڌل پٿر جي هڪ ڇپ رکيل آهي، جنهن تي قديم مصري ۽ يوناني زبانن جي ٽن ۾ مختلف قسمن جون لکڻيون اڪريل آهن. سائيڊ گئلريءِ ۾ بادشاهه مينتوهو تپ ٻئي جو سر رکيل اهي، جنهن کي ڊگهو تاج پهريل آهي. هن بادشاهه وچ مصر ۾ 2060ق-م کان 2010 ق-م تائين حڪوم قائم ڪئي. هن سريءِ جي ڀر ۾ هڪ ٻي سري به رکيل آهي، 1490ق-م ۾ حڪومت ڪندڙ 18 نمبر خاندان جي ڄاڻايل آهي. ڪن محققن جو چوڻ آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها سري مهاراڻي متشيپست جي (1503کان 1482ق-م) يا سندس جاءِ نشين بادشاهه تٿموس ٽئين جي آهي، جنهن 1504 کان 1450ق-م تائين حڪومت ڪئي.
    گئلري جي دنگ وٽ ڀت ٺهيل پينٽنگ ۾مصري شهر ٿيبس جو هڪ امير شڪار ڪندي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ سندس زال ۽ ڌيءَ به گڏ آهن. هيءَ تصوير تقريبن 1400ق-م جي آهي، هي هيٺ ڀر واري گئلريءَ ۾ اوهان جي سامهون بادشاهه سيسو ترس (43-1878ق-م جا ٽي آدم قد مجسما رکيل آهن، جن ۾ ساڄي طرف وارو مجسمو بلڪل نرانو آهي. ٿورو اڳتي بادشاهه امينوفس ٽئين جو شاهي مجسمو رکيل آهي، ان جي ڀر ۾ هينوت ميهت جو سوني جڙاءُ وارو تابوت رکيل آهي ۽ انهيءَ جي ڀر ۾ زال ۽ مڙس جو ٻٽو مجسمو رکيل آهي، جنهن ۾ زال ۽ مڙس هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺل ڏيکاريا ويا آهن.
    وڏن مجسمن اڳيان شوڪيسن ۾ ننڍا مجسما رکيل آهن، انهن ۾ هڪڙي برانز ڌاتوءَ جي ٺهيل ٻلي رکيل آهي، جنهن کي نڪ ۽ ڪنن ۾ سونيون واليون ۽ ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو تعويذ ٻڌل آهي. ٻئي ڪيس ۾ 30 ق-م جي ٻليءَ جي ممي آهي، ان کانسواءِ هڪ ٻئي ڪيس ۾ قديم گهوڙي جو ننڍو مجسمو آبي رنگن سان پينٽ ٿيل آهي. گئلريءَ تي اتر طرف بادشاهه راميسس ثانيءَ جي شاهي سري رکيل آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ايڪسوڊس وارو فرعون هو، جنهن 1304 کان 1237ق-م حڪومت ڪئي ۽ کيس 150ٻار هئا. ڀت ۾ لڳل ڪٻٽن ۾ ستين صدي قبل مسيح جي هڪ سرڪاري ملازم جي تصوير رکيل آهي، پاسي ۾ هڪڙي پروهت نالي نيسسيت جو پٿر ٺهيل آهي، تابوت آهي، اتي اسس ديويءَ جي مورت پڻ رکيل آهي. دنگ واري ڀت وٽ رکيل ڪيس ۾ رومي شهنشاهه هورس جو مجسمو رکيل آهي، جنهن جي سري با ز جي شڪل وانگر آهي.
    قديم اسيريا-مصري گئلريءَ سان پورو ڇوٽي تي اسيرپائي تهذيب جي نوادرات تي مشتمل گئلري آهي. ستين صدي ق-م دوران اسيريا جي شاهي سلطنت مصر کان ايران ۽ ايشيا ڪوچڪ کان عربستان وسيع علائقن تي مشتمل هئي، ٽن مکيه شهرن جي کوٽائي سان نينوا، نمرود ۽ خورساباد ۾ ڪيترائي شاهي مهل ظاهر ڪيا ويا آهن. هي سمورا شهر دجلا نديءَ جي ڪناري تي آباد هئا. روم (Room) نمبر 21 ۾ بادشاهه آشور بنيپال ۽ سندس ڏاڏي سينا چيرب جي دور جا لڌل نوادرات رکيل آهن، انهن ۾ ڏکڻ عراق ۾ هڪ مهم وارو نظارو نهايت متاثر ڪندڙ آهي.
    روم (Room) نمبر 89 جي ڀتين تي ڪيترائي نقش آهن. جن ۾ اسيريا جي فوجن جو عرب قبيلي وارن سان مقابلو ڏيکاريل آهي. عرب اُٺن تي سوار ڏيکاريل آهن. هڪ نقش ۾ گهوڙي کي کرکرو لڳايو پيو وڃي، هڪ ٻئي نقش ۾ نينوا ۾ 660 ۽ 650 ق-م جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ جو نظارو وڏي ڪاريگريءِ سان نقش ڪيل آهي، گهوڙي سوار ۽ پيادا سپاهين وٽ تير ڪمان ۽ نيزا آهن.
    روم (Room) نمبر 19 ۾ بادشاهه آشور بنيپال کي نذرانه پيش ڪيا پيا وڃن. هي بادشاهه 883 ق-م کان 859 ق-م ۾ نمرود شهر ۾ حڪومت ڪندو هو. روم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ لنگهه وٽ به انساني سرين وارا جانور محافظ طور ڏيکاريل آهن، کاٻي طرف بادشاهه پنهنجي حاضريءَ وارن غلامن سان گڏ ڏيکاريل آهي. ساڄي طرف شڪار ڪرڻ جو نظارو چٽيل آهي، ٻئي طرف سپاهي فرار ٿيندي ندي اڪرندي ڏيکاريل آهن. هڪ ٿنڀ تي چٽيل نظاري ۾ غير ملڪن جا حاڪم نذرانو پيش ڪندي ڏيکاريل آهن، جن ۾اسرائيل جو بادشاهه ياهو به شامل آهي. (اسرائيل جي هينئر وزيراعظم جو نالو) (Room) رو م نمبر 17 ۾ بادشاهه آشور بنيپال شينهن کي ماريندي ڏيکاريو ويو آهي، هڪ ٻئي نظاري ۾ 701 ق-م ۾ بادشاهه سينا چيرب هڪ بابلي شهر تي قبضو ڪندي ڏيکاريل آهي.

    يونان ۽ روم:
    روم (Room) نمبر 3 ۾ يونان جا نوادرات آرڪائڪ پيرڊ يعني 550 ق-م کان اڳ واري دور جا نوادرات رکيل آهن. ٻن ڪڙن واري مٽڪي تي ڪاري رنگ سان تصوير چٽيل آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته بادشاهه اڪيليس راڻي پينٿيسيليا کي قتل ڪري رهيو آهي. هيءَ ڪاريگري پينٽر ايگزيڪياس سان منسوب ڪيل آهي، جيڪو اٿينس شهر جو رهاڪو هو. پنجين صدي ق-م جي هڪڙي ڪوپ تي ٿيل پينٽنگ به هڪڙو عجيب شاهڪار آهي، هن تصوير ۾ پيار جي ديوي ايفروڊائيٽ هڪ هنج پکي تي سوار آهي، ۽ هيءَ پينٽنگ پسٽا ڪسناس مصور سان منصوب آهي. هتي هڪ براتر ڌاتو جو ٺهيل هڪ ٽوپ Helmet رکيل آهي، روم نمبر 6 ۾ اپولو، ديوتا جي مندر مان هٿ آيل پشم جي ڪپڙي تي ٿيل مصوري ۽ ماربل جا مجسما رکيل آهن. روم نبر 7 ۾ ايگزيٿوس جا بادشاهن جي مقبري جي مهاڙي کي نئين سر مرمت ڪري رکيو ويو آهي، ان کي جل پريءَ جو مندر سڏجي ٿو، ته ان جي ٿنڀن جي وچ ۾ رکيل جل پريون تصور ڪيو ويندو هو، ۽ انهن جي ڪپڙن جي ڊزائين جنهن ۾ اهي هوا لڳڻ ڪري ڦڙڪي رهيا آهن، سامونڊي هوا جو تماثر ورتو ويندو آهي. انهن مجسمن جي سونهن حقيقت نگاري حيران ڪندڙ آهي. جل پرين جي يادگار کان اڳتي روم نمبر 8 ۾ ڪنواري ديوي هيلينا جي مندر واري مهاڙي تي ماربل جا مجسما رکيل آهن، عجائب گهر ۾ هنن مجسمن کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي.
    روم(Room) نمبر 9 ۾ رکيل مجسمن ۾ وڌيڪ اهميت وارو هڪ عورت جو مجسمو آهي، جيڪو ٿنڀ جي بدران ڪم ايندڙ آهي. ان جي ساڄي ٽنگ وارو ڪپڙو اهڙي طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڄڻ ته ڪنهن کانچي ۾ ڦاٿل آهي، ۽ منهن تي ٿنڀي ۾ ڦاسڻ جو خوف محسوس ٿئي ٿو.
    روم(Room) نمبر 10 ۾ ڪيترا ڪوزا ۽ مٽڪا رکيل آهن ۽ برانز جي ٺهيل هڪ سري جنهن کي آفريڪي سري سڏجي ٿو، رکيل آهي. روم (Room) نمبر 12 ۾ رکيل مجمسا دنيا جي مکيه عجوبن بادشاهه موسولوس جو مقبرو ۽ آرٽيمس جي مندر مان آندل آهن. ميزوئلم مان هٿ آيل شين ۾ گهوڙي جي سسي ۽ اڳيون ڌڙ ۽ انساني مجمسا آهن، جيڪي بادشاهه ۽ سندس زال جا آهن، عورت جو چهرو زبون ٿي ويو آهي، البته مرد جو مجسمو چڱي حالت ۾ آهي. ٻيا مجسما آرٽيمس جي مندر جي اڏيل ڇٽيهه ڪالمن واري مجسمن واري محل مان آندل آهن.356 ق-م ۾ بادشاهه هيروس ٽريٽس پنهنجي نالي کي يادگار بنائڻ جي لاءِ آرٽيمس جي مندر کي ڊهرائي ساڙائي پٽ ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ترت وري هڪ نئون ۽ شاندار محل جوڙايو ويو.
    روم (Room) نمبر 13 ۾ سوفوڪلر جي سري جيڪا براتر ڌاتوءَ جي ٺهيل آهي، پيار جي ديويءَ جي براتر جي ٺهيل سري ۽ ٻين ٻن عورتن جي تصوير پينٽ ٿيل رکيل آهن، عورتون پاڻ ۾ گفتگو ڪندي ڏيکاريل آهن.
    روم (Room) نمبر 5 ۾ پيار جي ديوي افروڊائيٽ ۽ پيار جي ديوتا ايروس جون تصويرون رکيل آهن، افروڊائيٽ ڪا شيءَ ڪوپ مان پي ۽ ايروس هنس تي سوار ڏيکاريو ويو آهي.
    روم (Room) نمبر 14 ۾ ننڊ جي ديوي هپناس جي سري جنهن ۾ کنڀ لڳل آهن، ۽ اپولو ديوتا جو ماربل جو ٺهيل مجسمو رکيل آهي، روم (Room) نمبر 15 ۾ براتر ۽ ماربل جا قديم يوناني مجسما رکيل آهن، برٽش ميوزم جي اندر ڪنڊن پاسن ۾ بئنچون پڻ پيل آهن، جيڪو ماڻهو ٿڪجي ته ڪجهه گهڙيون ساهه پٽي وري ڏسڻ شروع ٿئي، سو اسان به ڪجهه گهڙيون آرام ڪري مٿئين ماڙ ڏانهن روانا ٿياسين، اسان ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه ڏسڻ ٿي چاهيو، پر افسوس صرف هڪ ڳالهه جو ٿيو جو ڪئين گيلريون مرمت ڪري بند هيون. مٿئين ماڙ روم (Room) نمبر 70 روم ۽ رومي سلطنت جي دور جا نوادرات رکيل آهن، ڪڙن اورو مٽڪو، جيڪو بلو ۽ سفيد شيشي جو ٺهيل آهي.
    انهيءَ تي بلوري ڪاريگريءَ سان دلڪش نظارا ٺهيل آهن، بليڪس ڪيمبو شهنشاهه آگسٽس جو بلوري مجسمو ٺهيل آهي، جنهن ۾ بادشاهه کي بچاءُ جي ديوي مائيزوا واري زره پهريل آهي، مٿي کي سوني زنجير ٻڌل آهي، ۽ وٽس هڪ نيزو ڏيکاريو ويو آهي، هي مجسمو سن 14 عيسويءَ ڌاري بادشاهه جي وفات کان ترت پوءِ جوڙيو ويو.
    روم (Room) نمبر 84 ۾ هلڪي ناسي رنگ واري سنگ مرمر مان ٺاهيل ڪتن جي نهايت دلڪش جوڙي رکيل آهي، اهي ڪتن جا مجسما ٻين شين سميت روم شهر جي ويجهو هڪ ٽڪري مونٽ ڪيگنولو (ڪتن جو ٽڪر) وٽان هٿ آيا.
    اسان وٽ سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي جڳهين تي ڪتن جون قبرون ۽ قبرستان آهن، جنهن ۾ ماتلي کان اڳتي روڊ تي ڪتن جو قبرستان مون پڻ ڏٺو آهي.

    مغربي دنيا:
    عجائب گهر جي ڀاڱي ۾ يونان کانسواءِ باقي يورپ مان لڀندڙ نوادرات کي نمائش لاءِ رکيو ويو آهي.
    سيڙهيءَ ذريعي پهرين ماڙ تي پهچڻ شرط موسئڪ سنگ مرمر ۽ شيشي جي جڙاءُ وارو فرش ڏسڻ ۾ ايندو، هي فرش اٽڪل 50 چورس ميٽرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي شبيهه جڙاءُ جي هنر سان جوڙيل آهي، سندس سريءَ جي پويان هڪ مونوگرام ٺهيل آهي، جيڪو يسوع مسيح جي نالي ۾ ڪم ايندڙ يوناني ٻوليءَ جي اکرن مان ٺاهيل آهي، قديم عيسائي گروهه انهيءَ علامت کي مڃيندا هئا.
    هي جڙاءُ وارو مسيح جي تشبيهه وارو فرش انگريزي شهر ڊاريسٽ جي هڪ عاليشان محل اندر جوڙيل هو. جيڪو چوٿين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيل ڀائنجي ٿو، انهيءَ وقت ۾ انگلينڊ سميت برطانيه رومي شهنشاهت جو حصو هو، تاريخ کان اڳ واري يورپ مان لڌل شيون به عجيب ۽ حيرت انگيز آهن، روم (Room) نمبر 36 ۾ اهڙيون شيون شوڪيس ۾ رکيل آهن، انهن مان هڪڙي ڪاٺ جي تختن ۽ پٽين سان ٺهيل پل (Sweet Track) به رکيل آهي، جيڪا ڪنهن ڌٻڻ وار ي هنڌ تي 6000 سال اڳ جوڙ ي وئي هئي، اتي ڪجهه پر اسرار ڊومسل (دهل يا نغارا) به رکيل آهن، جيڪي برانز ڌاتوءَ وار ي اوائلي دور ۾ يارڪ شائر شهر جي اوڀر ۾ واقع هڪ مقبري مان لڌا آهن. جنهن مان پنج سالن جي هڪ ٻار جو هڏائون پڃرو هٿ آيو هو، اتان چن جي پٿر مان ٺاهيل ڪجهه گول بلاڪ مليا هئا، جن تي عجيب قسم جي چٽسالي ٿيل آهي، انهن مان ٻه اهڙا بلاڪ آهن، جن تي انساني شبيهه اڪريل اهي.
    Room نمبر 37 ۾ هڪ شوڪيس ۾ اٺ سينٽي ميٽر سائيز جو هڪڙو سونو ڪوپ رکيل آهي، جنهن کي جهلڻ يا کڻڻ لاءِ ڪڙو پڻ ٺهيل آهي، هي ڪوپ يورپ جي پوري پني ڪمر بند مان لڌل فقط ٽن ڪوپن مان هڪ آهي، جيڪي شايد پندرنهن صدي ق-م ۾ جوڙيل ڀائنجن ٿا، اهو ڪوپ ڪئين سال گم ٿيڻ کانپوءِ بادشاهه جارج پنجين جي وفات بعد سندس ڪمري مان مليو، هڪڙي ٻئي شو ڪيس ۾ هڪ ماڻهوءَ جو اڻپورو جسم رکيل آهي، جنهن بابت گمان آهي ته تقريبن ٽئين صدي ق-م ڌٻڻين ۾ پيدا ٿيندڙ گاهه ڪٽيندڙ مشين سان جڏو ڪري ماريو ويو. ٻيو خيال آهي ته اهو ڪنهن مذهبي رسم دوران موت جو شڪار ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته کيس پهريائين مٿي ۾ ڌڪ هڻي ساڻو ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ کيس رسي سان گهٽو ڏنو ويو ۽ آخر ۾ سندس ڳچي ڪٽي وئي. هن کي لنڊ وومين (Lind Woman) نالو ڏنو ويو. روم (Room) نمبر 38 ۾ برانز ڌاتو دور واري ۽ برطانيه ۽ اوائلي لوهه واري دور واري يورپ جا نوادرات گڏ ڪيل آهن. هتي شراب جي سراهين جو جوڙو رکيل آهي، جيڪي ڪاريگريءَ جو بهترين نمونو پيش ڪن ٿيون. اهي پتل ڌاتوءَ جون ٺهيل آهن. سندن جهلا جا ڪڙا ڪتن جي شڪل وانگر ٺهيل آهن، جنجا اڳيان چنبا ڪوزن جي ڪناري تي فٽ ٿيل آهن، سو انهن جي نلڪين تي ننڍڙيون بدڪون ٺاهي لڳايون ويون آهن. سراهين تي اڇي رنگ جي ميناڪاريءَ جو ڪم بهترين ڪاريگريءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. انهن جي گهاڙيٽي جو وقت چوٿين ق-م ٻڌايو وڃي ٿو. هتي اوائلي دور جي لوهه جا هٿيار پڻ رکيل آهن. لوهه جي هڪ تلوار جنهن تي ڳاڙهي رنگ جي ميناڪاريءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي، اها 1087ع ۾ اوڀر پارڪ جي ڪرڪ برن ماڳ وٽان لڌي آهي. هي تلوار 200 ق-م ۾ ٺهيل معلوم ٿئي ٿي. پتل جو ٺهيل سنڱن جوهڪڙو جهنگي ٽوپ پهرين صدي ق-م جو ٺاهيل ڄاڻايو ويو آهي. اهو ٽوپ ٿيمس نديءَ تي ٺهيل واٿر لو پل وٽان لڌو ويو هو. ٻه ڍالون به اتي رکيل آهن، جيڪي پتل جون ٺهيل آهن. انهن مان هڪڙي ٿيمس ندي جي ڪپ تان لڌي وئي، اها 300 ق-م جي ٺهيل ڄاڻائي وئي آهي، ٻي ڍال جنهن تي جڙاءُ جو بهترين ڪم ٿيل آهي، سا وٽهام ندي (River Witham) مان لڌي وئي. تنهن بابت ڄاڻايل آهي ته ٿي سگهي ٿو ته اها هڪ هزار ق-م جي وچ ۾ ٺهيل هجي. روم (Room) نمبر 39 ۾ مختلف ماڳن تان لڌل زيور، سينگار جو سامان ۽ رانديڪا وغيره رکيل آهن. انهن ۾ چانديءَ ، سون ۽ ٽامي کي ملائي ٺاهيل ڌاتوءَ مان ٺهيل ڪڇيءَ جا هس ۽ ڪنگڻ نمايان حيثيت جا حامل آهن. انهن تي ٿيل ڪم ڏسي وقت جي ڪاريگرن جي ڪمال جو احساس ٿئي ٿو. مذڪوره زيورن جي بناوت جو سال پهرين صدي ق-م ڄاڻايل آهي.1908ع ۾ نار ٿيمپشائر شهر جتي ڀرسان لوهي پٿر جي کوٽائيءَ دوران پتل جو ٺهل هڪ آئينو لڌو، جنهن جو هڪڙُو پاسو پالش ٿيل هو. جيئن ته ان ۾ عڪس پيدا ٿئي ۽ ٻئي طرف تي وڏي ڪاريگري سان ٺاهيل گلڪاري آهي. جيڪا شايد پلڪارن جي مدد سان ٺاهي وئي هئي. انهي بناوت جو سن پهرين عيسوي صديءَ جي شروعات ڄاڻايل آهي.
    برطانيه رومي قبضي دوران رو نمبر 40 نمائش لاءِ اهي شيون رکيل آهن، جيڪي برطانيه تي روسي قبضي دوران برطانيه ۾ مقامي ڪاريگرن جون ٺهيل آهن. برطانيه تي رومين 43 عيسوي ۾ قبضو ڪيو، ۽ 400 سالن تائين حڪومت ڪيائون. ڪمري ۾ ڀت جي دنگ تي هڪ تصوير نظر ايندي، جنهن ۾ ماڻهو عبادت ۾ مشغول ڏيکاريل آهن. اها تصوير ڪينٽ ۾ هڪ رومي محل واري عبادت گهر مان اخذ ڪيل آهي، جيڪا تقريبن چوٿين صدي عيسويءَ ۾ پينٽ ٿيل نظر اچي رهي آهي. ڀتين تي ٺهيل هن تصوير ۾ مسيح ۾ ڪم آيل حرفت واري علامت سان گڏ الفا ۽ اوميگا جيڪي يوناني الف بي جا پهريون ۽ آخري اکر آهن، پينٽنگ ۾ ڪم آيل آهن، ڇو ته انهيءَ وقت ۾ عيسائي قبيلا مسيح کي اول توڙي آخر، يعني هميشه موجود تصور ڪندا هئا.
    اتي هڪ شوڪيس ۾ اهي تختيون يا پٽيون رکيل آهن، جيڪي نارٿ امبريا ۾ هڪ قلعي جي کنڊرات مان هٿ آيل آهن. غورسان ڏسبو ته انهن تي ڪيترن ئي ماڻهن ڪئين قسمن جا اکر لکيا، ڀائنجن ٿا. انهن تختين تي ونڊ ولينڊا ۾ رهندڙ رومي فوج بابت احوال ڄاڻايل آهي. هن ڪمري ۾ رومي شيشي جون شيون گلاس، چمچا جن تي پکين جون شڪليون ٺهيل آهن، اهي ٿيٽ فورڊ مان آندل آهن. تنهن کانسواءِ 38 سونا زيور پڻ رکيل آهن، جيڪي ڪنهن واپاريءَ جا ڀائنجن ٿا. اهي چوٿين صدي عيسويءَ ڌاري نامعلوم سبب زمين ۾ دٻجي ويا هئا. انهيءَ سان گڏ چانديءَ جا پڻ 28 اسم موجود آهن.
    اهي پڻ چوٿين صدي عيسوي جا ڀانئجن ٿا. جيئن ڄاڻايو ويو آهي، انهن چانديءَ جي نوادرات ۾ چانديءَ جو هڪ شامي ٿالهه، اٺ ڪلو وزني وڏي اهميت جو حامل آهي. انهيءَ تي قديم زماني جي ديوتائن، ديوين، جل پرين، آبي گهوڙن وغيره کي شراب جي ديوتا جي چوڌاري نشي ۾ ڌت ٿي ڏيکاريو ويو آهي.
    وچئين دور جا نوادرات هن دور جي نوادرات ۾ سفوڪ شهر وٽ ڊيبن نديءَ کان اٽڪل 600 وال پري زمين دوز بجري جهاز مان لڌل شيون روم نمبر 41 ۾ رکيل آهن. اندازو آهي ته اهو جهاز ڪنهن بادشاهه جو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جهاز مان هٿ آيل شيون سموري يورپ ۽ بازنيٽين مان آندل ڀائنجن ٿيون. مثال طور ڪيس نمبر 46 ۾ رکيل چانديءَ جا پيالا ۽ ڪيس 56 ۾ رکيل سونا زيور جن تي هيرن، جواهرن ۽ شيشي جي جڙاءُ جو ڪم ڪمال ڪاريگريءَ جو نمونو آهي. اتان هٿ آيل هيلميٽ به پنهنجي عظمت جو ثبوت آهي ۽ ساڳئي طرح اتان مليل ڍال به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    هن ڪمري ۾ ( FRANKS CASKET) نالي وهيل مڇ جي هڏيءَ مان گهڙيل هڪ صندوقچي به رکيل آهي. انهيءَ ڪاسڪيٽ تي رومي، جرمن ۽ عيسائي روايتن پٽاندڙ نقش ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ اڪريل آهن، ماهرن جي خيال موجب اها سن 750ع ڌاري نارٿ امبريا ۾ جوڙي وئي هوندي.
    روم (ROOM) نمبر 49 ۾ هڪ پٿر جو تابوت رکيل آهي، جنهن کي سارڪوفيگس SARRCOPHAGUS نالو ڏنو ويو آهي. انهيءَ تي هڪ بدقسمت شخص ۽ هڪ وهيل مڇ جي شڪل چٽيل آهي. لائڪر گئس ڪپ LYCUR GAS CUP نالي هڪڙو شيشي جو رنگين ڪوپ پڻ عجيب بناوٽ جو حامل آهي، اهو چوٿين صدي عيسويءَ جو ٺهيل تصور ڪيو وڃي ٿو. اتي چانديءَ جا ٺهيل ٻٽون پڻ رکيل آهن، ۽ انهيءَ سان گڏ سون جا ٺهيل ڪلب پٽا به رکيل آهن، انهن تي شيشي ۽ رنگين پٿر سان شاندار قسم جو جڙاءُ ۽ مٿن بهترين قسم جي مينا ڪاري ٿيل آهي.
    انهن شين جي مذڪوره اسم سان گڏ لنڪا شائر شهر جي ڀر واري ريل نديءَ مان 1840ع ۾ لڌل خزانو، جنهن ۾ چانديءَ جا7000 سڪا ۽ زيور شامل آهن، اهي شوڪيس ۾ رکيل آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهو خزانو ڊبلن مان نيڪالي ملڻ کانپوءِ سامونڊي ڌاڙيلن مذڪوره نديءَ ۾ اٽڪل 903ع ۾ دفن ڪيو هو، جيڪو 1840ع ۾ لڌو.
    روم (ROOM) نمبر 42 ۾ شطرنج راند واريون ڪوڏيون، جن ۾ بادشاهه، راڻيون، وزير، پيادا، اٺ ۽ گهوڙا وغيره شامل آهن، اهي رانديڪا عاج جا ٺهيل آهن. ۽ منجهائن ڪجهه رانديڪن تي ڳاڙهو رنگ لڳل ڀائنجي ٿو، انهن جو تعداد 82 آهي. تنهن موجب گمان آهي ته اهي گهٽ ۾ گهٽ راند جي چئن سيٽن جا رانديڪا هوندا، ڇو ته انهن ۾ اٺ بادشاهه ۽ راڻيون آهن. اهي لوئس LEWIS جزيري جي وارياسي ڪناري تان 1831ع ۾ لڌا هئا، سندن ڳاڙهيٽو اسڪينڊيٽوين آهي، تنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اهي ٻارهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري ٺهيل آهن.
    بازنطيني ڪليسائن ۾ پينٽ تصويرون به رکيل آهن، جن کي Byzatime icons چئجي ٿو، چيو وڃي ٿو ته باز نتيجي رياست يورپ ۾ تاريخي طور تي سياهه دور ۾ به مغربي ۽ مسيحي تهذيب کي قائم ۽ برقرار رکيو. بازينٽائين ۾ عيسائيت عروج تي هئڻ جي باوجود ان تي مصري ڪاريگريءَ جو اثر نمايان آهي. مثال طور سينٽ پٽر جي تاريخي تصوير جيڪا 1320ع ۾ ٺاهيل آهي. ڪاٺ جي پينل يعني تختيءَ تي جان دي بيپٽسٽ جي تصوير پينٽنگ جو عظيم نمونو آهي، جنهن ۾ سنٽ کي بادشاهه جاهه ۽ جمال جو حامل ڏيکاريو ويو آهي.
    گوٿڪ آرٽ تي مشتمل نوادرات به هت رکيل آهن. انهن ۾ زيورات ۽ سينگار جو سامان به شامل آهي. ڪجهه زيورن تي پيار ۽ محبت جا قصا اڪريل آهن، ته ڪن ۾ بيماريءَ ۽ موت کان بچاءَ واريون خاصيتون ڄاڻايل آهن. هڪ سون جو ٺهيل هنس، جنهن کي سفيد پالش سان وڌيڪ سهڻو ۽ نرالو بنايو ويو آهي، ڳچيءَ ۾ سوني زنجير لينڪيسٽر محل ۾ علامت طور پيل اٿس. هي پندرنهين صديءَ ۾ ٺاهيل ڀائنجي ٿو. هڪ ساز گيٽار GITTERN به هتي رکيل آهي، انهيءَ تي وري شڪار ڪرڻ وارا نظارا، وڏي ڪاريگريءَ سان اڪريل. هتي هڪڙي ڍال به رکيل آهي، ان تي هڪ جانباز شخص جي تصوير سندس زال سان گڏ اڪريل آهي، اها ڍال شايد جنگ ۾ استعمال نه ڪرڻ ۽ فقط نمائش لاءِ ٺاهيل ڀائنجي ٿي. هن ڪمري ۾ سڀ کان مکيه اسم سون جو ٺهيل شاهي ڪپ آهي، ڪپ جيڪو اول فرينچ بادشاهه ۽ پوءِ انگريز بادشاهن جي ملڪيت ۾ شامل ٿيو. سن 1380ع ڌاري هڪ ايراني سوناري گهڙيو هيو. هن ڪپ تي سينٽ ايگنس جي حياتيءَ تي مشتمل نظارا ڪشيد ٿيل آهن، ۽ ان جي هيٺئين ڀاڱي تي پڻ نظارا ۽ تصويرون ٺاهيل َآهن، جن جو تعلق ايوانجلسٽ مڪتب فڪر سان آهي.
    روم (ROOM) نمبر 43 ۾ هن دور جا ٿانو، باسڻ ۽ فرشن ۽ ڀتين جي سينگار لاءِ ڪم ايندڙ ٽائيل مختلف قسمن ۾ موجود آهن. هن کان اڳتي وقت سڃاڻڻ وارن اوزارن، مشينن، گهڙيالن ۽ واچن جي نمائش لاءِ گيلري آهي، جتي وقت ماپڻ جون عجيب ڪلون ماڻهو کي حيران ڪرڻ لاءِ موجود آهن.
    سڀ کان اڳيان CARILLON CLOCK گهنڊ رکيل آهي، جنهن کي هر ڪلاڪ ۾ هڪ ڀيرو وڄائي وقت ٻڌايو وڃي ٿو. اهو گذريل چئن صدين کان استعمال ۾ آندو وڃي ٿو. هڪ کان اڳ عجيب آهي. NEF يعني هڪڙو بحري جهاز يا غوراب جيڪو سورنهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ پراگ جي بادشاهه روڊولف ثاني جي درٻار سان وابسطه رهيو. هي غوراب هوا جي لوڏي سان منجهس لڳل توبن جي فائر سان، گهنڊ وڄڻ ۽ توتارا وڄڻ ۽ ان جي ستن اليڪٽرس جي اشارن ۽ هدايتن موجب وقت جي سڃاڻپ غوراب جي مکيه کوهيءَ هي هيٺئين دنگ وٽ ٺاهيل ڊائيل تي ڪئي ويندي آهي.
    گهڙيال ۽ واچون مذڪور شين جي ڀيٽ ۾ بلڪل نراليون آهن. مختلف ڊيزائين جون گهڙيو صليبن ۾ لڳل آهن. انهن مان هڪ جي شڪل کوپري جهڙي ته ٻي جي شڪل سنائيل ڪوڏ جهڙي آهي، هڪ گهڙي چرندڙ ڦرندڙ شڪلين واري به آهي، جن شڪلين جو واسطو ڪن ڏند ڪٿائن سان آهي.
    روم (ROOM) 45 مان سڀ کان وڌيڪ ڪاوش ۽ ناياب شين جو مجموعو ملندو، جيڪو ٻين شين جي ڀيٽ ۾ فقط هڪ ماڻهوءَ جي طرفان مليل تحفو آهي. اهو شخص بڪنگهام شائر جي واڊيسڊن علائقي ۾ رهندڙ مشهور بيرن فرڊيننڊر ٿسچائلڊ پارليامينٽ جو ميمبر هو. هن ٻين شين سان گڏ بهترين ڪاٺ جو ٺهيل هڪ ڪٻٽ ڏنو، جنهن جي ٻاهر توڙي اندر مسيح عليه اسلام جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي چٽساليءَ ۾ اهڙي بيمثال خوبصورتيءَ ۽ فن جي حيرت انگيز ڪمال سان پيش ڪيو ويو آهي. تنهن جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي. تنهن کانسواءِ سون ۽ رنگين اينامل مصالحي ۽ سفيد سورن يعني پلاٽينيم جو ٺهيل ٻن پنن سان ناڙي ول جو هڪ گل رکيل آهي، انهيءَ ۾ هيرا پڻ جڙيل آهن. اهو گل پندرنهين صديءَ جي اوائل ۾ پئرس ۾ گهڙايو ويو هو.
    روم (ROOM) نمبر 47 ۾ هڪ گرنڊيءَ جا زيور رکيل آهن، جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن، مشرقي نوادرات ۾ به ڪيتريون ئي شيون شامل آهن، جيڪي ڪاريگريءَ جو بيمثال نمونو پيش ڪن ٿيون.
    روم (ROOM) نمبر 34 ۾ اسلامي فنون جي نمائش قائم آهي.
    روم (ROOM) نمبر 91 ۾ چيني ۽ هندستاني مصوريءَ ۽ ڇپائيءَ جي نمائش ڪئي ويندي آهي.
    روم نمبر 92 ۽ 94 ۾ جپاني شين جي نمائش ڪجي ٿي.
    چين جي شانگ گهراڻي جي حڪومت دوران 1722ق-م کان 1111ق-م پتل جو گهڙيل شراب جو مٽڪو ٻن دنبن جي شڪل تي آهي. سفيد چيني مٽيءَ جو يارنهين عيسوي صديءَ ۾ ٺهيل هڪ ڪوزو (گهگي) رکيل آهي، تنهنجي ڳچيءَ تي فوئيڪس جي سري ٺهيل آهي.
    هندو ديوتا سو جو پتل ڌاتوءَ مان ٺهيل مجسمو، هندستاني رياست تامل ناڊور جي تنجور ضلعي مان آندل آهي. اهو 1107 ۾ ٺهيل آهي. هڪڙو ڪڇون جيڪو پٿر جو ٺهيل آهي، هندستان ۾ سترنهين عيسوي صدي ڌاري گهڙيو ويو هو.


    8

    دنيا ۾ پراڻي تهذيب يعني اسان جي پنهنجي تهذيب
    (GUINNESS WORLD RECORD 2000) PAGE 13 موهن جي دڙي جي تهذيب جنهن کي سڄي دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي تهذيب طور مڃيو ويو آهي، پر انهيءَ تهذيب جي ڪابه گئلري مونکي هت نظر نه آئي. شايد اسان برٽش ميوزم وارن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي نه سگهيا آهيون، انهيءَ سلسلي ۾ اسانجي دانشورن کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.
    هڪ وڏو ٿالهه، جنهن ۾ فلڪياتي عناصر سج جي شينهن واري برج سان ڏيکاريو ويو آهي، اهو ترڪيءَ جي ٿانون تي چٽساليءَ جو سهڻو نمونو آهي، ٿالهه تي ٻيا به گهڻا گل ۽ چٽ آهن.
    ڪاٺ جو گهڙيل شينهن ۽ ان تي سوار هڪ ٻڌ ڌرم جو جپاني پيشوا مونجو MONJU سونو پاڻي ڏئي پوءِ وارنش سان پينٽ ڪيل آهي. اهو 630ع ۾ گهڙيل آهي، جنهن تي ڪويو KOYU نالي شخص جي دستخط ٿيل آهي.
    اوڻويهين صديءَ جو ٺهيل چيتي جي شڪل جو رانديڪو نيٽسوڪ عاج مان ٺهيل آهي.
    ڪاغذ تي ٿيل ڪم جنهن ۾ ڇپائيءَ جو ڪم تمام گهڻو آهي. تنهن کانسواءِ خوشخطي پينٽنگ، ڊرائينگ ۽ اسڪيچنگ جا شاهڪار پڻ موجود آهن. اهو ويهه لک کان به زياده اسمن تي مشتمل آهي. انهيءَ سموري ذخيري جي نمائش دائمي طور تي ناممڪن آهي، البت ڪڏهن ڪڏهن پٽاندڙ اهڙو اهتمام ڪبو آهي.
    شاگردن جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پرنٽس اينڊ ڊرائينگس ڊپارٽمينٽ کي درخواست ڏبي، جنهن جي منظوريءَ بعد داخلا ٽڪيٽ جي في ادا ڪرڻ اوڏانهن وڃي سگهبو.
    مکيه دروازي مٿان فيسيڊ تي به مجسما ڪمال ڪاريگريءَ جو مثال پيش ڪن ٿا. هي فنپاري جي ڊيزائين مهاراڻي وڪٽوريا جي عهد جي مشهور عمار سازي جي ماهر رابوٽ اسمرڪ جو ڪارنامو آهي. مهاڙي وارو شاندار ٽڪنڊو، جنهن ۾ مجسما فٽ ٿيل آهن، رابرٽ ويسٽ ميڪاٽ جو ڪارنامو آهي.
    برٽش ميوزم آرتوار کانسواءَ شام جو پنجين بجي بند ٿيندو آهي. بند ٿيڻ کان ڏهه منٽ اڳ گهنٽي هڻي خبردار ڪيو ويندو آهي ته هاڻ ٻاهر نڪرو. اسان به گهنٽيءَ جي آواز تي واپس ورڻ واري ڪئي. مٿئين فلور تي رش گهٽ هئي، پر هيٺ تمام گهڻي رش سبب آئون، منا ، نور ۽ ونود چاڙهين تي ويهي رهياسين. برٽش ميوزم جو ئي هڪ حصو برٽش لئبريري آهي، جنهن اندر ڪتاب ۽ انگريز جي دنيا اندر حڪومت واري دور جو هڪ وڏو خزانو موجود آهي. جيڪو هنن عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ کولي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هندستان، پاڪستان ۽ سنڌ بابت پڻ هڪ وڏو رڪارڊ موجود آهي. جنهن حصي کي چون انڊيا آفيس لائبريري (INDIA OFFICE LIBERARY) جنهن جو ذڪر ولي خان صاحب پنهنجي ڪتاب (FACTS ARE FACTS) ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ات ڪيئي مهينا ويهي انهيءَ ساري رڪارڊ جو مطالعو ڪيو، جنهن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. مونکي به برٽش لائبريري جي انڊيا آفيس سيڪشن ۾ ڪافي وقت اهڙي دلچسپ معلومات کي پڙهڻ ۽ سهيڙڻ جو وڏو شوق آهي، ٻارن ۽ ٻني ٻاري جي ذميواري کان ٽائيم مليو ته ڪجهه مهينا انهيءَ ڪم کي وقت ضرور ڏبو.
    لنڊن ۾ منهنجا دوست ڊاڪٽر خشڪ، گل سهتو، مجيب ميتلو، ڀوراڻي ۽ سندس پٽ آصف آهن. اميد ته انهيءَ ڪم ۾ منهنجي ضرور مدد ڪندا. هاڻ ته ماشاءَ الله اسان جي پنهنجي غلام قادر پليجي جي نياڻي سسئي پليجو به لنڊن ۾ پڙهندي آهي، ۽ کيس لکڻ پڙهڻ جو ڪافي شوق آهي. سو اميد ته پاڻ لنڊن ۾ ضرور اسان جي انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪندي. برٽش ميوزم مان نڪرندي اسانجي منزل سڌو ڀوراڻي جو گهر هو، جت اسان آرام ڪرڻ ٿي چاهيو. سو ٽيوب ۾ چڙهي سڌو ڀوراڻي جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين، جت ڀوراڻي اڄ رات کاڌي جو سندس پارڪ ۾ بهترين بار بي ڪيو جو بندوبست ڪيو هو. ڀوراڻي جي هٿ جو ٺهيل کاڌو ڏاڍو لذيذ هوندو آهي، ۽ تنهن ۾ به وري اڄ ٽانڊن تي پڪل چڪن تڪا، سيخ ڪباب، بهاري ڪباب ۽ ٻوٽيون، جنهن تي وري سنڌي ميوزڪ ۽ سنڌي گپ شپ خبرنه آهي ته ڇو يورپ ۾ کائڻ پيئڻ جو مزو ئي ٻيو آهي.
    سڀ نعمتون ته رب پاڪ هنن ملڪن کي ڏنيون آهن، پر کائڻ جو مزو به اسانجي ملڪن کان هت وڌيڪ آهي. اها هڪ عجيب ڳالهه آهي، يا ائين چئجي ته اسان وٽ ملاوٽ آهي. يورپ جي ملڪن ۾ بلڪل نه آهي، يا وري اسان پاروٿيون ۽ مضر صحت شيون به کايو وڃون، ۽ هت ائين نه ٿئي. ڪو ته سبب آهي هن مزي جو؟ ڪافي دير تائين محفل هلندي رهي، پر افسوس جو ونود اسان سان هنن لذيذ کاڌن ۾ شريڪ نه ٿيو. ڇو ته پاڻ اڄ ڪلهه پڪو وشنو آهي، پر ڪيلا هجي ها ته اسان کي ضرور ڪمپني ڏي ها. رات جو دير سان ستاسين ۽ صبح جو سوير اٿياسين. صبح جو سوير آءُ ۽ مينا ٻاهر واڪ تي هليا وياسين. آمريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ واڪ ڪن ٿا. پاڻ ته واڪ ڪن پر پنهنجي ڪتن کي به پاڻ سان گڏ واڪ ڪرائين. ڏاڍو وڻندڙ ماحول هوندو آهي، ۽ مزو پيو ايندو آهي. ننڍڙا ڳاڙها ڳٽول ٻارڙا تڪڙا تڪڙا اسڪول ڏانهن پيا ويندا، مرد توڙي عورتون تمام تيزيءَ سان هلندا ويندا، تقريبن سڀني جو منهن ۽ مهاڙ ٽيوب اسٽيشن يا ريلوي اسٽيشنن ڏانهن، هٿ ۾ هر ڪنهن کي اخبار ڪو ڪنهن سان ڪونه ڳالهائيندو.
    ٽيوب اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ شرط هر ڪو اخبار هٿ ۾ نه پر اها اخبار ٽيوب ۾ ئي ڇڏي ويندا، ڇو ته منهنجوڪڏهن ڪڏهن شام جو ٽيوب ۾ چڙهڻ جو اتفاق ٿيو، ڏٺم ته ڪيترين ئي سيٽن تي اخبارون پيون هونديون آهن، پر کڻي ڪير به ڪونه. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو تمام گهڻو ٿا پڙهن. پر پاڻ وٽ هاڻ پڙهڻ جو رجحان تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. ماڻهو صرف اخبار پڙهڻ تائين محدود ٿي ويا آهن. نه تي اڳ ۾ سنڌي نوجوان تمام گهڻا ڪتاب وٺندو هو، پر هاڻ ائين نظر نٿو اچي. ان جا ڪيئي سبب آهن. نه ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڀيٽ ۾ اسانجي ماڻهوءَ وٽ پڙهڻ لاءِ وقت تمام گهڻو آهي، شايد اسان پڙهڻ لکڻ کي صرف روزگار ڪرڻ جو طريقو سمجهيو آهي، ۽ انهيءَ وسيلي ئي اسان کي نوڪري ملي ٿي. جيڪا هاڻ ناممڪن ٿي وئي آهي، ۽ اسان پڙهڻ کي به خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي. اسان صبح جو واڪ کانپوءِ گهڻوڪري ناشتو مڪڊونلڊس جي ريسٽورانٽ تي ڪندا هئاسين، پر اڄ اسان ناشتو هڪ بنگاليءَ جي هوٽل تي ڪيو. گرماگرم دال، پوريون ۽ کاڌو ڏاڍو مزو آيو. بنگالين جي هيءَ هوٽل پنهنجي آهي. زال ۽ مڙس ٻنهي گڏ ٿي ڪم ڪيو، ۽ پڻ پوريون پاڻ ٺاهي گرماگرم اسانجي اڳيان رکندا ويا، ۽ اسان کائيندا وياسين. هڪ هڪ پوري ختم ٿيڻ کانپوءِ ور ور ڪري پڇن ته اڃا کپي، ۽ اسان چئون ته ها. نيٺ شرم وچان کڻي چيوسين ته هاڻ بس. نه ته اسانجو وڏو پروگرام هو. هونئن به منا ۽ سپي دال پوريءَ جا ڏاڍا شوقين آهن. سڄي ڪراچيءَ جي پورين جي خبر اٿن، ته ڪٿ ڪٿ سٺيون دال پوريون آهن، ۽ ڪٿ ڪٿ خراب آهن. صبح جو ناشتي ۾ هر آرتوار تي منا پاڻ به گهر ۾ دال پوري، سيرو يا پاپڙيون ٺاهي، جيڪي اسان سڀ شوق سان کائون. آئون سمجهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه پوريون کاڌيون هونديونسين. بل ڏيڻ مهل پڇيائون ته ڪيئن مزو آهي، مون چيو ته واهه واهه هڪ دفعو ڍاڪا ۾ سٺيون پوريون کاڌيون آهن ۽ ٻيو دفعو وري هت ته ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پاڻ پڇيائين ته توهان ڍاڪا ڏٺي آهي؟ مون چيو ته بنگال جي گاديءَ جو شهر، جنهن شهر ۾ دنيا جي شهرن مان زياده ۾ زياده مسجدون آهن ته صفا ٽڙي پيو ۽ مونکي شيخ اياز جو هي شعر، جنهن کي علڻ فقير ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي:
    ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل،
    الوميان! تڏهن ملنداسين، هو تڏهن ملنداسين
    جڏهن ورنديون ڪونجڙيون هر هر ڪر ي هل
    الوميان! تڏهن ملنداسين هو تڏهن ملنداسين
    ڳلن ڳوڙها ٽمندا، ڀورائي جي ڀل
    الوميان! تڏهن ملنداسين هو تڏهن ملنداسين.
    پاڻ گهڻي ڪچهري ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر اسان وٽ وقت گهٽ هو، سو بل ڏئي اسان هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين ته منا چيو ته ڪوڙ اتوهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو ته مون ڍاڪا ڏٺي آهي، مون کيس چيو ته توکي خبر آهي ته منهنجي هن ڪوڙ سان هو ڪيڏو نه خوش ٿيو هوندو.
    لنڊن جو هي جديد شهر جيڪو اڄ ڪلهه پارڪن، گارڊن ۽ لنڊن جي روايتي گلن پرم روز جنهن جو رنگ پيلو ۽ هلڪي هلڪي خوشبو ٿئي. جنهن جون پنج پنکڙيون پنهنجا پک کولي بهار جي مند جي اچڻ جو اعلان ڪنديون آهن. پرم روز کان پوءِ انگلينڊ جو ٻيو حسين گل ٿئي ڪائوزلپ COWSLIP جنهن کان پوءِ بلو بيل BLUE BELL جو گل هن ملڪ جي رهواسين جو هڪ وڻندڙ گل آهي. هونئن ته سڄو انگلستان گل ئي گل ٿيو پيو آهي، شهر کانسواءِ جنگلن ۽ ٻنين ٻارن ۾ وري ٽيلگون، فاڪس گلوز (FOX GLOVES) سفيد پينسري، ڳاڙهو، ڪوڪنار، آئي برائيٽ، ويرونيڪا ۽ ايگس ائنڊ بئڪن EGG AND BACON جيڪي سڄي انگلينڊ جي سونهن کي سينگاريو بيٺا آهن. جت گلن لنڊن ۽ انگلينڊ جي سونهن کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن. ات وري بهار جي موسم ۾ ڪڪو، سڪائي لارڪ، سرشور، بلبل ۽ روبن پهاڙ جي مند ۾ مٺڙا مٺڙا آواز ڪڍي ماڻهوءَ جو من موهيو ڇڏين.
    هيترن گلن جي سرهاڻ مان محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڌرتيءَ اندران خوشبو ڦٽي نڪري رهي آهي. پکين جي سهڻي آواز مان معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ آسمان مان سهڻا آواز اچي رهيا آهن.
    خاص ڪري ڪڪو ته سهڻا ٻول ٻولي پنهنجو گلو ئي خراب ڪري ڇڏيندي آهي، هن ملڪ کي خوبصورت ۽ سهڻو ڪرڻ ۾ هن ملڪ جي ماڻهن جو وڏو هٿ آهي، ڇو ته هي ماڻهو پنهنجي ملڪ سان ڏاڍي محبت ڪن ٿا.
    جڏهن سنڌين کي به پنهنجي سنڌ سان اهڙي محبت ٿيندي ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جا پاڻ ڌڻي ٿيندا ته اميد ته سنڌ جي سينڌ به سرهي ٿيندي. صدين کان ڌارين جو هي ستايل ڏيهه ضرور هڪ ڏينهن سکيو ستابو ٿيندو ۽ دنيا ۾ پنهنجو وجود تسليم ڪرائيندو. اڄ جو هي سهڻو لنڊن ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان گذري هت پهتو آهي، انهيءَ جو احوال ڪجهه هن ريت آهي.
    لنڊن جو هي عظيم شهر رومي حملا آورن سن 43ع ۾ اڏيو. اهو پوءِ ايندڙ ساڍا ٽي سو سالن دوران وڌي ويجهي وڏو واپاري مرڪز ٿي پيو. شهر کي انهيءَ دور جو مليل ورثو شهر جا سنوان ۽ سڌا رستا آهن، جيڪي اڄ به شهر جا مکيه رستا آهن. مثلا آڪسفورڊ اسٽريٽ ، ايجويئر روڊ، ڪنگس لينڊ روڊ وغيره. لنڊن شهر جو قديم نالو لنڊنيئم هو. لنڊن جي ميوزم ۾ رومي دور جون شيون رکيل آهن، ۽ ميوزم وٽ رومي دور جي ديوار جوڪجهه بچي ويل حصو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    سن 410ع ۾ رومي حملا آور شهر ڇڏي ويا. تنهن کانپوءِ شهر زوال جو شڪار ٿي ويو. هن عرصي دوران ٽيوثاني جرمن نسل جا ماڻهو اچي هت رهڻ لڳا، اهي ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ ننڍن ننڍن قبيلن ۽ ڳوٺن ۾ رهندا هئا.
    لنڊن جي شهر سن اٺ عيسوي ڌاري وري ٻيهر زبردست واري مرڪز جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. شهر جي تجارتي ۽ عسڪري اهميت وڌڻ سبب سامونڊي ڌاڙيلن ۽ جرمن نسل وارن سيڪسن قبيلن درميان اڪثر جنگون ۽ جهيڙا ٿيندا رهيا. نيٺ سن 1066ع ۾ ولئيم دي ڪانڪرر شهر تي قبضو ڪري بادشاهت جو اعلان ڪيو. هن دور جي حڪومت ۾ شهر جي حفاظت لاءِ ٽاور آف لنڊن نالي جهان پناهه ۽ قلعو تعمير ٿيو. تنهن کانپوءِ وارين پنجن صدين جي عرصي ۾ جنهن کي تاريخي طور وچون دور سڏجي ٿو، لنڊن جي شهر گهڻي ترقي ڪئي ۽ وڌي ويجهي تمام وڏو شهر ٿي پيو. انهيءَ دور جي عمارتن ۾ ڪاٺ جو استعمال ڪثرت سان ٿيندو هو. عيسائي مذهب جي عبادتگاهن ڪئٿيڊرلن، چرچن ۽ ڪليسائن ۾ گوٿڪ طرز جي تعمير اختيار ڪئي وئي هئي.
    ترقيءَ سان گڏ شهر ۾ گندگي ۽ بيمارين ۾ آدمشماريءَ جي واڌاري سان اضافو ٿيو. 1348ع ۾ ڪاري وبا سبب شهر جي آباديءَ جو اٽڪل پنجاهه سيڪڙو ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا. تنهن کانپوءِ سن 1665ع ۾ وڏي پليگ جي بيماريءَ ۾ هڪ لک ماڻهو مري ويا. هن مها بيمارين کانسواءِ ٻيون وبائي بيماريون سدائين شهر جي ماڻهن کي مارينديون رهيون. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر شهر جي سرنديءَ وارو خوشحال طبقو شهر کان ٻاهر اولهه طرف سرسبز هنڌ تي وڃي رهڻ لڳو، ۽ ائين شهر جي اولهه طرف آبادڪاري ٿي.
    راڻي ايلزبيت پهرئين جنهن سن 1558ع کان 1603ع تائين ڪل پنجيتاليهه سال حڪومت ڪئي، تنهن جي دور حڪومت ۾ مختلف هنري ۽ فنون ۾ ترقي ٿي. ٿيمس نديءَ جي ڪناري وارو علائقو ناٽڪ گهرن سان ڀرجي ويو. هتي جڳ مشهور انگريز شاعر ۽ ناٽڪ نويس خود پاڻ ”گهلوب ٿيٽر“ جي نالي سان هڪڙو زبردست ناٽڪ گهر قائم ڪيو. جتي هو سندس لکيل ناٽڪ پيش ڪندو هو. هن علائقي ۾ اڪثر غريب ماڻهو رهندا هئا، جيڪي مجرا ۽ عشرت گاهون هلائيندا هئا، پر بادشاهه جي مخالفت جن کي پيورٽن سڏبو آهي، انهن جي طرفان گهرو ويڙهه جي ڪري بادشاهه شڪست سبب اهي مجرا ۽ ناٽڪ گهر بند ٿي ويا.
    سن 1660ع ۾ بادشاهت جي وري بحاليءَ ساڻ ناٽڪ گهر ٻيهر چالوٿيا. شهر جي اولهه طرف ٿيٽر رائل ۾ ڪووينٽ گارڊن جي تعمير هن علائقي ۾ تفريح جي شروعات جي علامت سمجهي وئي. سن 1666ع ۾ شهر ۾ تمام خطرناڪ باهه لڳي. اها پڊنگ لين کان لڳي ۽ سڄي شهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندائين. شهر جا پورا ٽي حصا صفا سڙي رک ٿي ويا، باقي فقط چوٿون حصو مس بچي سگهيو. شهر جي نئين اڏاوت لاءِ پٿر استعمال ڪرڻ جو اصولي فيصلو ٿيو، ۽ نتيجي ۾ عمارت سازيءَ جي قسم توڙي طريقي ۾ مڪمل تبديلي رونما ٿي. تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي پراڻو طرز اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    باهه کان بچي ويل ڪجهه قديم يادگار جايون اڃا به موجود آهن، جهڙوڪ اسٽيپل ان، جيڪا هالبورن WCI علائقي ۾ واقع آهي، هن هوٽل جون مٿيون ماڙيون نرالي بناوٽ واريون آهن.
    پرنس هينريز روم ROOM 17 فليٽ ئي سي 4 علائقي ۾ واقع آهي، تنهن کانسواءِ مڊل ٽيمپل هال جنهن جي ڇت آڪ ڪاٺ جي شهتيرن سان ٺهيل آهي، ۽ ٽيمپل چرچ جون عمارتون خطرناڪ باهه جي گهيري ۾ هوندي به گلڊ هال جيڪو آف گريسها ۾ اسٽريٽ اي، سي، ٽو وٽ هو، جزوي طور تي پٿر جو ٺهيل هئڻ سبب سڙي رک ٿيڻ کان بچي ويو. ٽاور آف لنڊن جي مورچن وارين ديوارن اندر پٿر جي ٺهيل ٽاور گرين ٽيوڊور گهرن واريون عمارتون پڻ رک ٿيڻ کان بچي ويون.
    شهر ۾ ٺهيل نئين عمارت جي بناوٽ ۾ اڳوڻي بناوٽ جي ڀيٽ ۾ نمايان تبديلي ٿي. خاص ڪري سينٽ پال واري ڪئيٿڊرل جي نئين جوڙيل عمارت گهمي جا نچڻ سان محسوس ٿئي ٿي. اڳي انهيءَ هنڌ موجود ڪئيٿڊرل جي عمارت گوٿڪ فن تعمير موجب اڏيل هئي، جيڪا انهيءَ باهه جي نظر ٿي وئي.
    موجوده عمارت جي تهه ۾ قائم ميوزم ۾ سڙي ويل عمارت جو ماڊل نمائش لاءِ رکيل آهي. ارڙهين ۽ اوڻويهين صديءَ دوران لنڊن جوعالمي واپاري مرڪز جي حيثيت ۾ تمام گهڻو وڌيو.
    منجهس ڪيتريون ئي پليون، ڪئنال ۽ گوديون تعمير ٿيون. سن 1836ع ۾ انگلينڊ ۾ بنيادي صنعت جي قيام سان صنعتي انقلاب جي نقيب طور لنڊن ۾ پهرين ريلوي لائين جو افتتاح ٿيو ۽ ريل گاڏي چالو ٿي. وقت جي معمارن صنعتي انقلاب جي برعڪس پنهنجو نفعو انگلينڊ جي پراڻي فن تعمير ۾ خيال ڪندي ڪافي سرڪاري عمارتون گوٿڪ فن تعمير موجب اڏيون جهڙوڪ پارليامينٽ جون نيون عمارتون. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لنڊن جوعظيم شهر ٿيمس نديءَ جي ڏاکڻي ڪناري واري علائقي ۾ هنر، فن ۽ موسيقيءَ جا ڪيترائي ادارا قائم هئا. هن علائقي ۾ ڪئين ٿيٽر، ناچ گهر، هوٽلون، ريسٽورانٽ، ڪيفيز ۽ شاپنگ سينٽر وغيره موجوده هئا. هتي ڪافي گھما گھمي هوندي هئي، پر جنگ جي عرصي ۾ لنڊن جي ترقي رڪجي وئي. وري به شهر ۾ ريل جي ڇوٽي پٽڙيءَ واريون ريلوي اسٽيشنون جيڪي ڊاڪس تي قائم آهن، شهر جي واڌاري ۽ ترقيءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ شهر وري به هڪ ڀيرو پنهنجي شڪل تبديل ڪري پيو. مگر سياح ۽ سيلاني ماڻهو مسلسل ۽ گهڻي تعدادا ۾ ايندا ۽ ويندا آهن.
    مسٽر مور چواڻي:
    GO WHERE WE MAY, REST WHERE WE WILL, ETERNAL LONDON HAUNTS US STILL.
    ڪيڏانهن به وڃي ۽ اتي رهي سگهجي ٿو، مگر لنڊن جو هي شهر اسان کي وٽس چڪر لڳائڻ لاءِ هرهر پيو چوري.
    اسان ناشتو ڪري گهر پهچي تيار ٿي ”مادام تساءُ عجائب خانو“ کي ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. واٽ تان اخبارون به ورتيوسين. اسان بالم Balham ٽيوب تان ٽڪيٽون وٺي پنهنجي منزل جيڪا لنڊن جي بيڪر اسٽريٽ تي آهي ۽ اتي ٽيوب اسٽيشن پڻ آهي، اسان ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ صحيح انداز ۾ گيٽ تي لڳل مشين ۾ وڌو ۽ گيٽ جا ننڍڙا دروازا خود به خود چند سيڪنڊن لاءِ کُلي ويا، ۽ هر هڪ جدا جدا ۽ جلدي جلدي اندر طرف روانو ٿي ويو، پر جي هڪ سيڪنڊ به دير ٿئي ته دروازو بند ۽ توهان اتي ئي بيٺل رهجي ويندا، ۽ ٽڪيٽ تي ڪمپيوٽر پنهنجو ٺپو هڻي ڇڏيو ته ٽڪيٽ هڪ طرف استعمال ٿي چڪو آهي، پوءِ اها ڀرسان بيٺل گهڻو ڪري ڪاري سپروائيز جي مهربانيءَ تي ٻئي گيٽ مان تالو کولي توهان کي روانو ڪري يا ته ٻيو ٽڪيٽ وٺو پر سمجهو ته سو سيڪڙو مسڪرائي ته توهانکي دروازو کولي ڏيندو. تنهن ڪري گيٽ ۾ ٽڪيٽ وجهڻ مهل هوشياري ۽ چستي ٻنهي جي ضرورت آهي. ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿي پنهنجي ٽيوب اسٽيشن جي بورڊ تي چيڪ ڪريو ته ڪهڙي پليٽ فارم ۽ ڪهڙي وقت تي توهان جو ٽيوب اچي ٿو. اهڙا بورڊ ڳاڙهي لائيٽ تي هر هنڌ لڳا پيا آهن. رڳو ٿورو سوچي سمجهي ۽ پڙهي پوءِ اڳتي وڌجي، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته ٽيوب اندر بيٺل ملازمن کان پڇجي. ڪن ڪن ٽيوب اسٽيشنن تي تمام گهڻي رش ٿئي، جيڪڏهن ٽيوب اسٽيشن تي جنرل چينج ٿئي ته پوءِ نئين ماڻهو کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿيندي. دنيا جي وڏن شهر ۾ ماڻهوءَ جي انهيءَ شهر جي ٽيوب سسٽم کي سمجهي ورتو ، ته پوءِ اهو شهر انهيءَ جو پنهنجو ٿي ويو. جيڏانهن پيو اچي وڃي، ڪابه تڪليف محسوس ڪانه ٿيندس. منٽن ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه سوبه ٿوري وقت ۾ ۽ ٿورن پئسن ۾. ٽيوب اسٽيشن تي هلندي ڏاڪڻيون چڙهندي، خودڪار ڏاڪڻين تي لهندي چڙهندي، ٽيوب اچڻ جو انتظار ڪندي ماڻهن کي تڪڙو تڪڙو ملندي مزو پيو ايندو آهي. وري ٽيوب چند سيڪنڊ بيهي جنهن ۾ پڻ چڙهڻ ۽ لهڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ٽيوب اندر جهڙو ڳالهائڻ جو ڪرفيو لڳو پيو آهي. اندر هيڏي رش، ڪي ويٺا آهن ته ڪي هلندڙ ٽيوب ۾ بئلنس ٺاهيو، اهڙي نموني بيٺا آهن، جو ماڻهو ڪري نه پوي، ته ڪي وري مٿي جهلڻ لاءِ ڪڙن ۾ هٿ وجهيون بيٺا آهن، پر ڪوبه ڳالهائڻ ڪونهي، صفا چپ، صرف اخبار جي پنن اٿلائڻ جو آواز يا ڪنهن جو سڪو هيٺ ڪريو ته ان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي.
    صبح جو هر ماڻهو هشاش، هر ماڻهو ۾ ڌيمي ڌيمي خوشبو هٿ ۾ هڪ ننڍڙو بريف ڪيس. چڙهڻ لهڻ تمام تيزيءَ سان چهري تي وڻندڙ مسڪراهٽ، پر شام جو گهر موٽندي ٽاءِ جي ناٽ ٿوري ڍري، چهري تي ڦڪي مرڪ، چهري تي سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار جي ٿڪاوٽ جا آثار، گهر پهچڻ جي ته جلدي پر هلڻ چلڻ، ٽيوب مان لهڻ چڙهڻ واري صبح واري چستيءَ ۾ گهٽتائي. صبح جو اخبارن جي پنن واري سرسراهٽ بلڪل غائب. صبح جو صرف هٿ ۾ بريف ڪيس پر شام جو ان سان گڏ ٻيو پاڪيٽ پڻ جنهن ۾ گهر جي ضرورت مطابق ڪانه ڪا شيءَ جنهن ۾ ٻن ٽن گلن وارو هڪ گلدستو ضرور هوندو، جيڪو گهر ۾ گهڙڻ مهل يا رات جو بيڊروم ۾ سمهڻ مهل جڏهن گهر واري سمهڻ جا ڪپڙا بدلائي، سليپنگ گائون سينٽ هڻي بيڊ ڀيڙي ٿئي ته مڙس مرڪي کيس بستري تي اچڻ جو تحفو ڏئي، پوءِ پنهنجي ڪڇ ڀيڙو ڪري ۽ روح رچنديون ٿين.
    دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٽيوب انڊر گرائونڊ ان شهر جي ماڻهن لاءِ هڪ نعمت هوندي آهي. ماڻهو چند منٽن ۾ شهر جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سواءِ ڪنهن تڪليف جي پهچيو وڃي. نه ٽريفڪ جي رش هئڻ ڪري ڪٿ بيهڻ، نه وقت جو ذيان. ماڻهو بلڪل صحيح وقت آفيس، اسپتال، اسڪول، ايئرپورٽ، دڪان يا اسٽيشن تي پهچيو وڃي.
    نه ته پنهنجن وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي يا لاهور ۾ روڊ رستن تي ايڏي رش جو وقت تي پهچڻ جو ماڻهو ته سوچي به نٿو سگهي،۽ خاص ڪري آفيس ٽائيم تي به ايڏي رش ٿئي جو روڊ رستن تي بيٺي بيٺي ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿيو وڃن. ٽيوب ريل کان ٿورا ننڍا جنهن جا دٻا به ريل جي دٻن کان ننڍا ۽ دروازا خود به خود کلن ۽ بندٿين. اندر ۽ ٻاهر دٻا ايڏا سهڻا ۽ صاف سٿرا، جنهن ۾ ويٺل وري انهن کان به سهڻا. دل پئي چوندي ته منزل ختم ئي نه ٿئي. ماڻهو ٽڪ ٻڌيو ويٺو انهن سهڻن چهرن کي ڏسي. سو سائين لنڊن يا دنيا جي ڪنهن ٻي سير تي نڪرو ته ٽيوب جو سير ضرور ڪجو.
    اسان جي منزل بيڪر ٽيوب اسٽيشن اچي وئي ۽ اسان هيٺ ٽيوب اسٽيشن تي لهي، ٻاهر پنهنجي منزل مادام تساءُ طرف روانا ٿياسين. مادام تساءُ تي ڪافي رش هئي، اسان جيسين ٽڪيٽ وٺون، تييسن هڪ پاڪستاني پنجابي پهچي ويو، چي مادام تساءُ اڌ پئسن ۾ توهانکي اندر ٿو روانو ڪريان، باقي اندر گهڙڻ کانپوءِ ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانهي، ان جو به منهنجو زمون آهي.
    ونود کيس چيو ته توکي خود ٿا پوليس حوالي ڪريون پوءِ وري همراهه نظر ڪونه آيو. اسان ٽڪيٽون وٺي اندر روانا ٿياسين ته اندر ئي گيٽ تي هڪ همراهه بيٺو هو، جنهن کي مون ٽڪيٽون ڏنيون ته همراهه جهڙي ڀت، ٽڪيٽون ئي نه وٺي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته همراهه صفا واندو بيٺو آهي، پر خوامخواه پيو اسانجو وقت ذيان ڪري ۽ ٽڪيٽ نٿو وٺي،جيئن ٽڪيٽون ڏئي اسان اندر وڃون. سو خارن مان ڪنڌ موڙي ونود ۽ نور ڏانهن نهاريو ته هو کيس سٺي انگريزيءَ ۾ رڙ ڪڍن، ڇو ته هنن ٻنهي جي انگريزي مونکان سٺي آهي. ونود اسڪولنگ سوئيڊن ۽ آمريڪا ۾ ڪئي آهي ۽ ونود پڻ پيٽارين آهي، ۽ اتان جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو آهي ۽ SZABIST ۾ پڙهندو آهي، جنهن جو پڻ هڪ مقام آهي. سو مون ونود ۽ نور کي ڏٺو ته کل ۾ ٻڏا پيا آهن، ٻيو ته ٺهيو پر منا به کلي پئي،ٽنهي تي ڏاڍي ڪاڙو آيم. مادام تساءُ جي گيٽ ڪيپر کان به وڌيڪ پنهنجن تي ڪاوڙ آيم، ته ڌارئين ملڪ ۾ بزرگن تي به کلون، تيستائين نور کلندي کلندي چيو ته ”بابا هي ميڻ جوٺهيل مجسموآهي، جنهن کي توهان ٽڪيٽ ڏئي رهيا آهيو“، پوءِ ته آءُ ڏاڍو ڦڪو ٿيس ۽ کل ۾ وري سڀني کي ماري ويس. دل ئي دل ۾ سوچيم ته اندر وري اهڙي غلطي ڪانه ڪبي ۽ هر قدم سوچي سمجهي کڻبو. اندر ٿي ڪنڊ ۾ ڏٺم ته هڪ سهڻو مجسمو نظر آيو، ڏاڍو ويڻو، بيهي رهيس مجسمي کي اڃا هٿ لڳائڻ وارو هوس ته مجسمي ڳالهايو ته سائين هي ڇا پيا ڪريو.
    اڙي! هي ته سچ پچ ماڻهو آهي، سو سائين اهڙي ريت اسان جي هن ”مادام تساءُ“ جي هن ميڻ جي ٺهيل عجائب خاني ۾ داخل ٿي. هت دنيا جي مشهور ائڪٽرن، ڊائريڪٽرن، رانديگرن، سياستدانن، سائنسدانن، جرنيلن، ڊڪٽيٽرن، عالمن، شاعرن، ليکڪن، مدبرن، بادشاهن، شهزادن ۽ اميرزادن جا ميڻ سان ٺهيل مجسما رکيل آهن. ائين مجسمو ٿيندو آهي ڄڻ ته سچ پچ جيئرا جاڳندا ماڻهو هن، ۽ کين ڪپڙا به اهي پهريل هونداآهن، جيڪي زياده تر اهي ماڻهو پائيندا هئا. جيئن توهان ڏٺو هوندو ته لبيا جوڪرنل قذافي فرانس جو ڊيگال، ڪيوبا جو فيڊرل ڪاسترو، هندستان جو راجيو گانڌي يا اندرا گانڌي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ مخصوص لباس پائيندا آهن، اهڙي ئي نموني سان سڄي دنيا جي ليڊرن ۽ ٻين مشهور ماڻهن کي سندن مشهور معروف ڊريسن ۽ اسٽائل ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
    يعني چرچل کي سگار پيئندي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪنهن جرنيل کي اهڙي ريت ڏيکاريو ويو آهي، ڄڻ ته هي هاڻ ٿو گهوڙي تي چڙهي جنگ جي ميدان ڏانهن روانو ٿي وڃي. يا ڪنهن ليڊر کي تقرير ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. چارلي چيپلن کي مزاحيه انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته مائيڪل جيڪسن ڄڻ ته ڳائي رهيو آهي. مطلب ته ڪوشش ڪري هر مجسمي کي انهيءَ انداز ۽ لباس ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته جيئن هو بهو اصلي نظر اچي. اصل ته اصل آهي، پر نقل هنن به واهه جو ڪيو آهي. چوندا آهن ته ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي، ٿوري دير لاءِ الله سائين جي هنن سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي ته ڪر وڏا ڦاٽ ڦاٽن يا هي هڻي هڪ ٻئي کي ماري رکن.


    9

    بينظير جو مجسمو سفيد شلوار سفيد رئو ۽ سائي قميص ۾ ڏاڍو پروقار ٿي لڳو. هڪ سنڌياڻيءَ جو مجسمو ڏسي خوش ٿياسين، پر مون ڏٺو ته پاڪستاني پنجابين ۽ مهاجرن کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي.
    سچ پچ ته هر مجسمو پنهنجي پنهنجي جڳهه تي هڪ شاهڪار آهي، پر سڀني مجسمن جي وچ ۾ اڇي ڊريس ۾ کلندڙ شڪل ۾ هڪ سهڻي عورت سڀني مجسمن کي ڦڪو ڪريو بيٺي آهي، ڇا ته سونهن خدا تعاليٰ هن عورت کي ڏني هئي. ماڻهو ڀانئي ته سڄو وقت هن مجسمي کي ڏسندو رهي ۽ واقعي رش به هميشه هن سهڻي عورت جي مجسمي اڳيان هوندي آهي.
    اهو مجسمو آهي مارلن منرو جو جيڪا 36 سالن جي ننڍي عمر ۾ آمريڪا CIA جي گولين جو کاڄ ٿي وئي، چي آمريڪي صدر ڪئينڊي هن جي دوستي جي ڪري سڄي دنيا ۾ بدنام ٿيندو ۽ اها آمريڪا جي بدنامي آهي، پر روس جي هڪ صدر گرميڪو پنهنجي ڪتاب سرد جنگ جا پنجاهه سال (Fifty years of cold war) ۾ واضح طرح سان لکيو آهي ته مارلن منرو کي انهيءَ ڪري ماريو ويو جو CIA کي شڪ هو ته هن جا ڪميونسٽن سان تعلقات هئا، خاص ڪري هن جي ٿيڻ واري مڙس آرٿرميلر تي به CIA جو شڪ هو ته هن جا پڻ ڪميونسٽن سان گهرا تعلقات آهن.
    اهو ئي حشر هنن ليڊي ڊائنا سان ڪيو، ته دودي الفائيد مان هي اميد سان آهي، ڪاري ڪري ماريوس نه ته انگلينڊ جو تخت بدنام ٿيندو ته آئينده جو بادشاهه وليم جو ڀاءُ يعني (دودي مان ڊائنا جو پٽ) مسلمان آهي. سائين بادشاهه ۽ حاڪم ڪٿي جا به هجن پرانهن جي ذهنيت هڪ جهڙي هوندي آهي.
    ميڻ جي ٺهيل هنن مجسمن ۽ سندن ٺاهيندڙن جي به هڪ وڏي رام ڪهاڻي آهي. هن عجائب خانن جي روح روان يعني مادام تساءُ اصل ۾ سوئيزرلينڊ ۾ ڄائي آهي. هن جو چاچو هن فن جووڏو ماهر هو. جنهن هي مجسما ٺاهيا. جيڪو سوئيزرلينڊ ڇڏي پنهنجن مجسمن سميت فرانس جي راڻيءَ وٽ نوڪري ڪيائين پر انقلاب فرانس وقت ملڪ جون بدلجندڙ حالتون ڏسي پنهنجا سڀ مجسما ۽ سندس ڀائٽي، جنهن فرانس ۾ تساءُ نالي مرد سان شادي ڪئي، سي فرانس کي هميشه لاءِ خير آباد چئي انگلينڊ هليا آيا، جت پهرين هنن لنڊن ۾ پوءِ دنيا جي ٻين مشهور شهرن ۾ اهڙا عجائب خانا قائم ڪري خوب مشهوري ۽ پئسا ڪمايا. عجائب خاني ۾ فوٽن ڪڍڻ جي اجازت آهي. ماڻهن ڏاڍا ٿي فوٽو ڪڍيا، نور ۽ ونود به خوب فوٽا ڪڍيا، ذري ذري اچيو مونکي ۽ منا کي ڪئميرا ڏين ته اسان جا فوٽا ڪڍو. هن عجائب خاني جي هيٺئين طبق ۾ هڪ (Chamber of Horrore) چئمبر آف هارر آهي، يعني سولي سنڌيءَ ۾ ته ”ايوانِ دهشت“ جيڪو هڪ کليل ننڍي ٽرام ۾ ويهاري پوءِ گهماين. جت وڏن مشهور ظالمن ۽ قاتلن جون سسيون ۽ جسم ڏيکاريل آهن. جنهن ۾ انقلاب فرانس جي وقت جنهن بادشاهه ۽ راڻيءَ کي موت جي سزا ڏني وئي هئي، انهيءَ جي منڍيءَ جو پتلو پڻ ات رکيل ڏيکاريو ويو آهي.
    نيپولين جڏهن روس تي حملو ڪيو ۽ واپس ايندي سندس چار لک فوج برف باريءَ ۾ تباهه ٿي مري وئي ۽ پاڻ واپس جنهن گاڏيءَ ۾ فرانس پهتو، انهيءَ گاڏيءَ جا ڪجهه ٽڪرا، جن کي مرمت ڪري هت رکيو ويو آهي. هت انهن سڀني کي خطرناڪ ڪري ڏيکارڻ لا گهٽ روشنيءَ جو بندوبست ٿيل آهي، ۽ پاڻ رڙين ۽ رانڀاٽن جا آواز اچي رهيا هئا. انهن مري ويل مجسمن کي وڌيڪ ڀوائتا ڏيکارڻ لاءِ توهان جڏهن ٽرين ۾ انهن کي ويجهڙائي سان ڏسندا ته ڪو اکيون کولي توهان کي ڏسندو، ڪنهن جا چپ پيا چرندا ته ڪنهن جي هٿڪڙين ۾ ٻڌل ٻانهن پئي چرندي.
    ننڍن ٻارن، دل ۽ ڊپريشن جي مريضن کي هت نه وٺي وڃجي. اسان تقريبن 3 ڪلاڪ هت هئاسين، انهيءَ ننڍڙي ٽرين اسان کي آڻي ٻاهرين گيٽ تي پهچايو. اسان ٽرين مان لهي ٻاهر نڪتاسين ته ڪجهه وقت لاءِ اسان کي سڀ ماڻهو عجائب خاني وارا مجسما نظر اچڻ لڳا. اتان سڌو اسان هئرڊس (Harrods) پهتاسين.
    لنڊن اچجي ۽ هئرڊس نه ڏسجي، اهو ته ٿي ڪونه ٿي سگهي. اندر داخل ٿيڻ شرط حسين عورتون ڪهن هڪ ملڪ نه پر ملڪ ملڪ مان چونڊي پوءِ هت ڊيوٽي لاءِ رکن. سي هٿن ۾ عطر عنبير کنيو هر ايندڙ لاءِ ٻانهون کولي بيٺيون آهن. اندر گهڙن شرط چيلهه ۾ ور وجهي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ توهانجو آڌرڀاءُ ڪنديون جو وڃي ٿيا خير. اندر گهڙڻ واري ماڻهوءَ جو سر ئي ويو. آمريڪا ۾ هن سپر مارڪيٽ کان تمام وڏيون سپرمارڪيٽون آهن، جن ۾ بسون ۽ ٽرالر به رکيا آهن، پر هئرڊس جي عرب مالڪ دودي الفائيڊ جهڙي سهڻي نموني سان هن سپر اسٽور کي سينگاريو آهي، انهيءَ جو ڪو ٻيو سپر اسٽور مٽ ئي ڪونهي. ورڪرن جي چونڊ انهن جون ڊريسون مٿي ڇتين تي نفيس ڪم، وري انهن ۾ سهڻا جهڙ (Shandler) مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ هڪ ڏاڪڻ اهڙي خوبصورت جو ماڻهو ڏسندو ئي رهجيو وڃي. اندر هلڪي هلڪي خوشبو، رڳوڪلاڪ ٻه هئرڊس ۾ رهي ته ٿڪ ئي لهيو وڃن. هت اسان کي محمد عثمان چانهيو گڏيو، جيڪو پاڻ به فيمليءَ سان گڏ هو، پاڻ ٻڌايائين ته سڄو هفتو اسڪاٽ هالينڊ هئاسين، رات لنڊن پهتا آهيون. هئرڊس ۾ مون هنن جي مونوگرام روجڪ، هڪ شرٽ بوٽ ورتو. نور ڪافي تعداد ۾ پنهنجي دوستن لاءِ پرفيوم ورتا. ونود به ٻه جينز جون پينٽون ۽ مون منا ٻارن لاءِ ڪجهه هلڪي ڦلڪي خريداري ڪئي، ٻاهر واڪ ڪندا ڪجهه کاڌي پيتي جون شيون وٺندا کائيندا پيئندا، هلندا گهمندا وياسين. ڪافي رش هئي، اسان دير جو گهر پهتاسين. ڪراچي گهر تي ڊاڪٽر پارس سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڳوٺ جو حال احوال معلوم ٿيو، سڀ خير هو. رات جي ماني ٻاهر هوٽل تي کاڌيسين. گهر اندر اخبارون پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي ويئي. اڄ بڪنگهم محل، ان جي ٿورو اوريان باغيچو ٻيون ڪجهه يادگار عمارتون گهمڻيون هيون. ناشتو ڪري پهريائين ڍنڍ ۽ ان جي ويجهو واريون شاهي محلاتون ڏٺيوسين، جت پڻ بڪنگهم محل وارا گارڊ ڊيوٽي ڏئي رهيا هئا ۽ اتي هڪ ننڍڙي ڍنڍ پڻ آهي، جيڪا ڏاڍي خوبصورت آهي. جنهن ۾ سوين قسمن جا پکي تري ۽ اڏامي رهيا آهن. اتي اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍيا. هتي پڻ ڪئين سياح نظر آيا، جيڪي شاهي گارڊن (Guards) سان گڏ فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا. يورپي ملڪن ۾ مئي، جون جولاءِ ۾ سڄا ملڪ سياحن سان ڀريا پيا آهن. هڪ ملڪ ۾ ڪروڙين سياح اچن. اٽليءَ جو شهر وينس جنهن جي صرف ستر هزار آدمشماري آهي، جنهن کي هڪ سال ۾، هڪ هڪ سال ته ڇا ڇهن، ستن مهينن ۾ ڇو ته سرديءَ جي موسم ۾ يورپ ۾ سخت سردي ٿئي ۽ هڪ سياح نه اچي، سو صرف ڇهن، ستن مهينن ۾ وينس جي شهر ۾ ٻه ڪروڙ سياح اچن. لنڊن، پئرس، سوئيزرلينڊ، روم ، ايمسٽرڊئم، فرئنڪفورٽ سڀ جا سڀ سياحن ۾ ڀريا پيا آهن. مصر ۽ انڊيا جا ملڪ صرف پرئمڊس ۽ تاج محل جي ڪري ڪروڙين ڊلر سياحن مان ڪمائين. سياحت جيڪا هڪ وڏي انڊسٽري ٿي چڪي آهي. جيڪي ملڪ دنيا جي سياحت جو مرڪز آهن، سي ملڪ وڃن ٿيندا ڏينهون ڏينهن امير، پر جن ملڪن ۾ سياح نه اچن انهن جي معيشت سان گڏ ٻي اهميت به وڃي روز بروز گهٽبي. اسان هاڻي بڪنگهم محل ڏانهن روانا ٿياسين، جت انگلينڊ جي راڻي رهي يا راڻي جي سرڪاري رهائشگاهه. انگلينڊ جي بادشاهت دنيا جي پراڻين بادشاهتن مان هڪ آهي. موجوده راڻي ايلزبيٿ جو بادشاهه ٿيڻ به هڪ معجزي کان گهٽ نه آهي. راڻي جو پيءُ بادشاهه جو ٻيو نمبر پٽ هو، سو ظاهر آهي ته وڏو پٽ بادشاهه ٿيندو ۽ سو ٿيو به ائين، يعني ايڊورڊ 1936ع تي ويٺو ۽ ٻارنهن مهينا بادشاهت ڪيائين. انهيءَ دوران هن مسز والس نيمسن نالي هڪ طلاق يافتا آمريڪن عورت سان شادي ڪئي، جنهن تي هن کي پارليامينٽ چيو ته يا هن عورت کي ڇڏ يا بادشاهت کي ڇڏ. هن بادشاهت ڇڏي ڏني، سا به انگلينڊ 1936ع واري دور جي. جڏهن اڃا اهو پهاڪو مشهور هو ته ”انگلينڊ جي بادشاهت تان سج لهي ئي ڪونه“ ۽ بادشاهه به اڄ وارو بي اختيار نه پر بلڪل بااختيار بادشاهه هو، پر ان هيڏي ساري بادشاهت ڇڏي ڏني. پر پنهنجي پيار سان بيوفائي نه ڪئي. ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڇڏي ويو. اهڙي طرح سان پوءِ راڻي ايلزبيٿ جو پيءُ بيوڪ آف يراڪ جارج 6 جي لقب سان تخت تي ويٺو ۽ انهيءَ کانپوءِ هن جي وڏي ڌيءَ يعني هن وقت جي راڻي ايلزبيٿ تخت تي ويٺي. راڻي ايلزبيٿ ثاني دنيا جي جهونين بادشاهين مان هڪڙي تي راڄ پئي ڪري، جتي بادشاهن ۽ راڻين جو نه ٽٽندڙ سلسلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. هن راڻيءَ جونسلي تعلق سيڪسن يعني اتر جرمنيءَ جي نسل واري بادشاهن، جن نائين عيسوي صديءَ ۾ انگلينڊ کي متحد ڪيو ۽ نار منڊيءَ جي نسل واري بادشاهه وليم دي ڪانگڪرر جي نسل سان آهي. راڻيءَ جي مائٽن ۾ انگلينڊ جو بادشاهه هو، ۽ جيمس ڇهين جي نالي سان سڏبو هو، تنهن سترهين صديءَ جي شروعات ۾ انگلينڊ تي قبضو ڪري اسڪاٽ ليند ۽ انگلينڊ کي گڏي برطانيه سڏيو. 1649ع ۾ ڪرامويل جي اڳواڻيءَ ۾ جيمس اول جي پٽ چارلس اول جي پاليامينٽري فوج هٿان هار ۽ موت جي سزا سبب برطانوي بادشاهت ختم ٿي ۽ برطانيه جمهوري رياست ٿي پئي.
    برطانوي ريپبلڪ ٻارنهن سالن کانپوءِ وري به بادشاهي نظام ۾ تبديلي ٿي وئي.1660ع ۾ چارلس اول جو پٽ چارلس ثاني بادشاهه جي حيثيت ۾ تخت نشين ٿيو ۽ اها بادشاهت اڃا تائين قائم آهي. راڻي وڪٽوريا 65 سالن جي ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ سبب برطانوي تاريخ ۾ انهيءَ دور کي وڪٽورين ايرا يعني وڪٽوريا جو دور سڏجي ٿو. راڻي وڪٽوريا جي اولاد جون شاديون ٻين يورپي ملڪن جي شاهي خاندانن سان ٿيون. هن وقت به يورپ جي گهڻن شاهي گهراڻن سان راڻي ايلزبيٿ جي مائٽي آهي. راڻي وڪٽوريا جي پٽ شهنشاهه ايڊورڊ ستين عالمي سطح تي زبردست شهريت ماڻي ۽ پهرين عالمي جنگ کان اڳي دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو.کائنس پوءِ سن 1919ع ۾ سندس جارج پنجون تخت نشين ٿيو، جنهن شاهي خاندان لاءِ ونڊسر (Windsor) جو نالو اختيار ڪيو. پنجين جي پٽ ايڊورڊ اٺين پنهنجي ڀاءُ جارج ڇهين جي حق ۾ بادشاهي ڇڏڻ کان اڳي چند مهينن جوعرصو حڪومت ڪئي. شهنشاهه جارج ڇهون موجوده راڻي ايلزبيٿ جو پٽ هو. جارج ڇهين جي بيوه موجوده راڻي ايلزبيٿ جي ماءُ جنهن کي ڪئين مدر سڏين ٿا، اها ليڊي ايلزبيٿ يووزليون جي نالي سان ڄائي هئي، سندس تعلق اسڪاٽ لينڊ واري خاندا سان هو، هيءَ ڪئين مدر اڃا تائين عوامي زندگيءَ ۾ حصو وٺندي آهي.
    موجوده (راڻي ايلزبيٿ Queen Mother) ثاني سندس پيءُ جارج ڇهين جي 1952ع ۾ وفات سبب شاهي خاندان جي سربراهه ۽ ملڪ جي راڻي ٿي. سندس شادي انهيءَ وقت رائل نيوي جي هڪ آفيسر ليفٽيننٽ فلپ مائونٽين سان سن 1947ع ۾ ٿي. هو هن وقت پرنس فلپ سڏجي، کيس ڊيوڪ آف ايڊن برگ جو خطاب پڻ مليل آهي. شهزادي فلپ جو تعلق ڊينش ۽ يوناني شاهي گهراڻي سان آهي.
    برطانيه ۾ ڪئين صدين کان موجوده بادشاهن جو آئيني ڪردار تبديل ٿي ويو، ان جي جاءِ تي پارليامينٽ جي اختيارن ۾ اضافو ٿيو آهي. حڪومت پارليامينٽ ڏانهن جوابده هجڻ وارو اصول اجاڳر ۽ مستحڪم ٿيو آهي. نتيجي طور راڻي برطانوي رياست جي آئيني سربراهه ته برقرار اهي، پر سندس شاهي اختيار بلڪل محدود آهن. اها هاڻ بهترين روايتن موجب حڪومت جي وزيرن جي صلاحن موافق عمل ڪندي آهي، جڏهن ته برطانيا جي راڻي عوامي معاملن ۾ پنهنجو عاليشان ڪردار مسلسل ادا ڪندي اچي. اهو چوڻ ۾ اچي ٿو ته راڻيءَ کي اهو حق حاصل آهي ته مختلف معاملن ۽ مسئلن بابت ساڻس مشورا ڪيا وڃن، کين واسطيدار ڌرين کي ٺيڪ صلاح ڏيڻ، هدايت ۽ نصيحت ڪرڻ آهي، ۽ انهن جي همت افزائي. ٿوري ڪنهن غلطيءَ کان خبردار ڪرڻ جو حق پڻ حاصل آهي.
    پارليامينٽ جي دارالعلوم ۾ اڪثريت واري ڌر جي اڳواڻ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ چونڊ ڪرڻ جو فرض راڻيءَ تي عائد ٿئي ٿو. راڻيءَ کي ضروري سرڪاري ڪاغذ ۽ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ڪارروائي ۽ مباحثن جو اختيار پڻ پيش ڪيو وڃي ٿو. راڻيءَ جي غير حاضريءَ دوران شاهي خاندان جا فرد جيڪي ڪائونسلرس آف اسٽيٽ مقرر ٿيل هوندا آهن، پارليامينٽ ۾ راڻي جا فرائض انجام ڏيندا آهن. هن وقت راڻيءَ جي فرائض ۾ مختلف رياستي تقريبات ۾ سندس شرڪت ئي شامل آهي. انهيءَ جو مکيه مثال هي آهي ته پارليامينٽ جي هر سال ٿيندڙ اجلاس جي شروعات ئي راڻي افتتاحي تقرير سان ڪندي آهي. جنهن ۾ ايندڙ سال لاءِ سرڪاري منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو آهي. ساڳئي طرح رياست طرفان گڏجاڻيون ۽ دعوتون پڻ راڻيءَ جي نالي ۾ ٿينديون آهن. پارليامينٽ جي طرفان پاس ٿيل بلن، قانونن ۽ ائڪٽن جي تصديق پڻ راڻي ڪندي.
    قومي ۽ سماجي خدمت ڪندڙ نيڪ ماڻهن کي راڻي مختلف انعامن، القابن ۽ خطابن جي تمغن سان نوازيندي آهي. مذڪوره انعامن ۽ خطابن جو تعداد هر سال ٽن هزارن کان به وڌيڪ هوندو آهي. انعامن جي واضح اڪثريت وزيراعظم جي خواهش موجب عطا ٿيندي آهي.
    راڻيءَ جو شاهاڻو اعزاز ۽ سرڪاري عهدو هن ريت آهي:
    Elizabeth the second, By the grace of God of the United Kingdom of great Bertian and Northern Ireland and of her other Realms and Territories Queen, Head of the common wealth, Defender of the faith.
    ايلزبيٿ ثاني، الله تعاليٰ جي ڪرم سان شاهي برطانيه ۽ اتر آئرلينڊ ۽ ٻين علائقن جي متحده بادشاهت جي مهاراڻي دولت مشترڪ جي سربراهه ۽ ايمان جي پاسبان. مذڪوره نالي مان ئي ظاهر آهي ته راڻي برطانيه ۽ اتر آئرلينڊ کانسواءِ دولت مشترڪ تنظيم جي سربراهه پڻ آهي، جنهن ۾ دنيا جا ڪيترائي آزاد ملڪ پڻ شامل آهن. جڏهن راڻي تخت نشين ٿي هئي، تنهن وقت دولت مشترڪ جي ميمبر ملڪن جي اڪثريت برطانيه جي قبضي هيٺ هئي. هر ڪرسمس جي ڏهاڙي تي راڻي دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي خطاب ڪندي آهي.
    دولت مشترڪه جي ملڪن جي سربراهن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت پڻ ڪندي آهي. برطانيه کانسواءِ هي دولت مشترڪه جي هيٺين ميمبر ملڪن جي راڻي ۽ رياست جي سربراهه پڻ آهي:
    آسٽريليا، بارباڊوس، ڪيناڊا، جمائيڪا، نيوزيلينڊ ۽ پاپئانيوگنيا.
    مذڪوره ملڪن ۾ ملڪ جي نمائندگي گورنر جنرل ڪندو آهي، جنهن کي ملڪه انهن ملڪن جي سفارش تي مقرر ڪندي آهي. گورنر جنرل انهيءَ ملڪ جو شهري ۽ برطانوي حڪومت کان مڪمل طور آزاد هوندو آهي. راڻي ۽ شاهي خاندان جا ٻيا فرد دولت مشترڪه جي ملڪن جي خيرسگاليءَ وارن دورن تي اڪثر ڪري ويندا آهن.


    10

    ملڪ جي رسمي ڪردار ۾ اضافي اها ڳالهه به شامل آهي ته قومي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ شاهي خاندان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. شاهي خاندان جا افراد ڪيترن ئي خيراتي ۽ فلاحي ادارن جا سربراهه آهن، ۽ انهن جي ڪارگذاريءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. شاهي خاندان جا فرد سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندا رهيا آهن. ۽ برطانيه توڙي دولت مشترڪ جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ عسڪري خدمات سرانجام ڏيندا رهندا آهن. انهيءَ کانسواءِ ڊيوڪ آف ايڊن برگ يعني راڻي جو مڙس، جنهن سندس نالي هڪڙي انعامي اسڪيم شروع ڪئي آهي. انهيءَ موجب نوجوان طبقي کي سندس واندڪائيءَ واري وقت ۾ ڪيترائي چٽاڀيٽيءَ وارا ڪم سونپجن ٿا. هن اسڪيم جي قيام کان وٺي اڄ تائين انهيءَ ۾ ويهه لک کان به وڌيڪ نوجوانن حصو ورتو آهي.
    ڊيوڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۾ پڻ دلچسپي رکي ٿو. هي انڊسٽريل سوسائٽيءَ جو سرپرست ۽ ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر اداري جو عالمي صدر پڻ آهي ۽ انهيءَ پاران گهڻو سفر ڪيو اٿس. ويلس جو شهزادو چارلس به ٻه سئو کان گهڻن فلاحي ادارن جو سرپست آهي. هڪ سال دوران چار سئو کان به وڌيڪ عوامي ميڙن ۾ شامل ٿيندو آهي. ولي عهد کي برطانوي عمارت سازي ۽ ماحوليات جو پڻ گهڻو فڪر رهي ٿو. سن 1988ع ۾ هن (A Vision of Britain) يعني برطانيه تي هڪ طائرانه نظر نالي هڪڙو ٽيليويين پروگرام لکي پيش ڪيو، جنهن ۾ عمارت سازي بابت تفصيل ڄاڻايل هئا. انهيءَ پروگرام تي مشتمل هڪ ڪتاب پڻ سن 1989ع ۾ شايع ڪرايائين.
    هي برطانيه ۾ صنعتڪاري ۽ ملڪ کان ٻاهر صنعت توڙي تجارت ۾ گھري دلچسپي رکي ٿو. ويلس جي شهزادي خصوصي طور تي معذورن ۽ ٻارن جتي مسئلن تي گهڻي دلچسپي رکي ٿي، هوءَ رائل اسڪول فار دي بلائينڊ ۽ خيراتي اداري هيلپ دي ايجڊ سان وابستا آهي. هن جي مصوري ۽ موسيقي ۾ پڻ گھري دلچسپي آهي. ڪيترن ئي فلاحي ادارن جو صدر يا سرپرست هئڻ سان گڏ ڊيوڪ آف يارڪ فوٽو گرافيءَ جي خفت کان به مشهور آهي.
    پرنسيز رائل بهترين گهوڙي سواريءَ جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. هن گهوڙي سواريءَ لاءِ 1976ع ۾ مانٽريال شهر ۾ ٿيل اولمپڪس راندين ۾ برطانيه جي نمائندگي ڪئي هئي. هن سيو دي چلڊرين فنڊ جي صدر جي حيثيت ۾ آفريڪا، وچ اوڀر، نيپال، پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جو دورو ڪيو هو.
    شهزادو ايڊورڊ نيشنل يوٿ ٿيٽر جو سرپرست آهي. هن کي نوجوان طبقي کي ٿيٽر جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ گهربل موقعا ۽ مراعات فراهم ڪرڻ جو شوق آهي.
    شاهي خاندان قديم رسمن ۽ ريتن تي مبني عوامي تقريبن ۾ پڻ حصو وٺندو آهي. مثلا نئين بادشاهه يا راڻيءَ جي تاجپوشي، شاهي خاندان جون شاديون ۽ قضيي لاءِ منعقد ٿيندڙ تقريبون وغيره. انهن تقريبن ۾ شاهي محلات لاءِ مقرر ٿيل فوج، گهوڙي سوار پلٽڻ ۽ پيدل محافظن واريون ريجمينٽون مکيه ۽ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. ملڪ جي حڪومت جي 1977ع ۾ ملهايل سلور جوبليءَ جو جشن ۽ سندس ٻارن جي شادين جي تقريبن کي سڄي دنيا جي سوين ملين ماڻهن ٽيليويزن تي ڏٺو.
    سڄي دنيا دوران گهڻن ڏينهن تي بڪنگهم محل جي محافظ دستن جي بدلي واري تقريب ۾ محافظ ريجمينٽون وڌي چڙهي حصو وٺنديون آهن. هر جون مهيني ۾ ملڪ جي سرڪاري طور تي ملهائي ويندڙ سالگراهه جي هڪڙي تقريب ٽروپنگ ڊي ڪلر سيريمني دوران شاهي محل جو گهوڙي سوار دستو ۽ پيدل محافظن جا دستا ملڪ جي اڳيان پريڊ سان پريڊ سلامي ڏيندا آهن. شاهي توپخاني طرفان ملڪه کي توپن جي سلامي ڏني ويندي آهي، رائل هوائي فوج جا جيٽ جهاز بڪنگهام محل مٿان اڏامي سلامي ڏيندا آهن.
    پارليامينٽ جي افتتاحي تقريب کي راڻي خطاب ڪندي آهي، پر پرڏيهي بادشاهن يا غير ملڪي سربراهن، صدر وغيره جي سرڪاري دورن ۾ سندس آجيان يا الوداع راڻي ڪندي آهي.

    برطانيه جو قومي ترانو:
    برطانيه جو قومي ترانو سڀ کان پهريان سن 1945ع ۾ لنڊن شهر ۾ ڳايو ويو. انهيءَ جا پهريان ٻول هئا. God save the king يعني الله تعاليٰ بادشاهه کي سلامت رکي ۽ هاڻي انهن ۾ بادشاهه جي بدران ”راڻي“ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. هن تراني ۾ بند گهڻا آهن مگر عام طور تي انهيءَ جو فقط پهريون بند يا بيت ڳائبو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
    God save our gracious Queen!
    Long live our noble Queen!
    God save the Queen!
    Send her victorious,
    Happy and glorious,
    Long to regin over us,
    God save the Queen.
    ترجمو:
    الله اسانجي مهربان ملڪه کي بچائي،
    اسانجي عظيم ملڪه سدائين جيئي،
    الله ملڪه کي بچائي،
    کيس خوشي ۽ عظمت نصيب ڪري،
    کيس اسان تي راڄ لاءِ سدائين جيئاري،
    الله راڻيءَ کي سلامت رکي.
    شام جو ونود ۽ نور گهر روانا ٿيا ۽ آءُ منا کي وٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ويس. ڊاڪٽر کي منا ٻڌايو ته سالن کان وٺي مون کي مٿي ۾ سور آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته انهيءَ مٿي جي سور ڪري منهنجي حالت ڏاڍي خراب ٿي ويندي آهي، سور برداشت کان ٻاهر هوندو آهي. منا کيس پاڪستان ۾ اکين E-N-T دماغ ۽ جنرل فزيشن جون دوائن جون پرچون، ايڪسري ۽ ٻيون مختلف رپورٽون ڏيکاريون، جيڪو سڀ ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ پاڻ چيائين ته آئون توهان کي دوائون ته لکي ٿو ڏيان پر ان کان وڌيڪ توهان کي خود احتياط ڪرڻو آهي. مثلا ٿورو سور ٿئي ته سڀ ڪم ڇڏي، ڪمرو بند ڪري انهيءَ ۾ آرام ڪجي، جي بک هجي ته يڪدم ماني کائڻ کپي، ڪنڌ وٽ ۽ مٿي تي زياده پاڻي وجهڻ کپي، هڪ ڪيلو کائڻ کپي ۽ ٻيا به ڪيترا مشورا ڏنائين ۽ چيائين ته ٿي سگهي ٿو ته45 سالن جي عمر کانپوءِ توهان کي هي سور بلڪل ڇڏي وڃي، پر گهٽ ته ضرور ٿيندو، اسان سندس پرچي هٿ ۾ کڻي واپس گهر پهتاسين. سعودي عربستان ۽ دبئي ۾ ته رات جو به تمام گهڻي گرمي ٿئي، ماڻهو ٿورو ٻاهر نڪري وري واپس هوٽل ڀيڙو ٿئي ته ڪپڙا پگهر ۾ شل، ماڻهو اڌ مئو ٿي اچي ڪمري ڀيڙو ٿئي، وري ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي نه چوي. هاڻ ته ماشاءَ الله پنهنجو پاڪستان به گرميءَ ۾ گهٽ ڪونهي، روز پيا اخبارن ۾ پڙهون ته اڄ هيترا ماڻهو گرمي وگهي مري ويا. ٻار اسڪولن کان موٽن ته شڪل ئي بدلي پئي آهي، عورتون جمع بازار مان ٿي اچن ته ڄڻ اسپتال ۾ داخل هيون، سي اتان واپس گهر اچي رهيون آهن. جي ماڻهو پاڻ ڪنهن ڪم ڪار سانگي شهر وڃي يا ٻنين تان چڪر هڻي واپس گهر پهچي ته زال به نه سڃاڻيس ۽ دل ئي ڪانه چاهيندي آهي ته ڪو ڪم کانسواءِ گهر کان ٻاهر نڪرجي.
    پر اٽلي کانسواءِ ٻين مغربي يورپ جي ملڪن ۾ ڪيترو به گهمي ڦري اچو پر نه گرمي جو احساس نه وري ٿڪ. هونئن به ٽوئرسٽ جيڪو صرف هيترا پئسا خرچ ڪري گهمڻ آيو آهي، تنهن کي ته هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گهرجي، جيترو ٿي سگهي اوترو ڏسي وائسي، تفريح واريون جايون، تاريخي، ماڳ ۽ بندر بازاريون عيش آرام جون جايون مطلب ته ڪوشش ڪري هر شيءَ ڏسي، نوٽس وٺي، ان ملڪ بابت ڪتاب اخبارون، رسالا هر طرح سان هر ملڪ بابت مڪمل ۽ ڀرپور نموني سان پنهنجو ٽوئر ڪمپليٽ ڪري واپس وڃي ته ڪا ڪسر نه ڇڏي، ته يا فلاڻي جڳهه ياڪو تفريح جو ماڳ رهجي ويو. ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري سفارتخانن ۽ ٽريول ايجنسيءَ جا چڪر لڳائي پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ ستو پيو هجي، سو ڪهڙي ڪم جو. ٻي به هڪ ڳالهه هڪ ٽوئرسٽ لاءِ تمام اهم آهي، هڪ ته پنهنجو پاسپورٽ ٽڪيٽ ۽ ٽريولرس چيڪ ۽ ٻين ضروري ڪاغذن کي فوٽو ڪاپي ڪرائي ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکي ڇڏي، جي هوٽل ۾ رهي ته يورپ جي هر هوٽل ۾ توهان کي لاڪرس جي سهولت آهي. توهان پنهنجا سڀ ڪاعذ پٽ لاڪر ۾ رکو ۽ ٻيو ته پهرين ڏهاڙن ۾ گهڻو خرچ نه ڪرڻ کپي، جي پيسا جام آهن، تڏهن به واپسيءَ ۾ شاپنگ يا عيش عشرت ڪري. ان کانسواءَ ٽوئرسٽ کي بس، ٽيوب، ٽرين يا ٽئڪسي کان وڌيڪ پنڌ ڪري گهمڻ ڦرڻ گهرجي، انهيءَ ۾ مزو ۽ معلومات زياده ٿي ملي. چئو طرف جو ماحول ماڻهو گهڻو ويجهڙائي سان ۽ گهڻو وقت ڏسي ٿو.
    آئون ۽ منا وهنجي سهنجي ٻاهر نڪري پياسين. ڪڏهن ڪڏهن ونود ۽ نور جدا ٻاهر گهمڻ ويندا هئا ته آئون ۽ منا جدا گهمڻ ويندا هئاسين. ڪافي پنڌ ڪري پوءِ ٽوٽين براڊوي واري علائقي ۾ پهتاسين. هت بالم کان وڌيڪ هندستانين، پاڪستانين جا گهر ۽ دڪان آهن، هت پانن جا دڪان پڻ هئا، پر رستن تي پانن جون ٿڪون يا پچڪارون نظر نه آيون. لنڊن ۾ هڪ دوست ڏاڍو مزيدار لطيفو ٻڌايو ته هڪ پاڪستاني پان کائي، ٿڪ کڻي رستي تي اڇلائي. ات بيٺل انگريز سپاهي هن کي ڏسي ورتو. انگريز سمجهيو ته هن کي وات مان رت جي گرڙي نڪتي آهي، سو سپاهي سواءِ وقت ضايع ڪرڻ جي همراهه کي ٽئڪسيءَ ۾ چاڙهي اچي اسپتال ڀيڙو ڪيو. ڊاڪٽر کي سڄي ماجره ٻڌايائين ته هن جي وات مان سخت قسم جي بليڊنگ ٿي رهي آهي، جلد آپريشن ڪيوس يا جيئن توهان مناسب سمجهو. سو سائين ڊاڪٽر جي چڪاس ۽ سڄي ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ همراهه جي جند ڇٽي، ۽ همراهه به اسپتال مان نڪري سڌو ايئرپورٽ جو رخ ڪيو، ۽ جهاز ۾ چڙهي وڃي گهر ڀيڙو ٿيو، پوءِ ڪيترن دوستن صلاحون هنيس ته لنڊن هلون، پر همراهه کي انگريزن تان اڃا تائين ڪاوڙ لهي ڪونه متان ڀل ۾ وات مان پچڪاري نڪري وڃي، ۽ اسان اسپتال ڀيڙا ٿيون. ٽيوٽين برڊوي جو علائقو بالم کان وڌيڪ وڏو آهي. اسان هت ڪجهه هندستاني مٺايون پڻ ورتيون جنهن ۾ چمچم ته ڏاڍي مزيدار هئي. منا هندستاني دڪان تان ٻه ساڙهيون ورتيون ۽ مونکي بل ڏيڻ الائي ڇو هي گانو ياد اچي ويو.
    آب خريدينگي بنگلا گاڙي
    نوڪر هونگي چاڪر هونگي، بينڪون مين اپني لاڪر هونگي
    مين تو پهنونگي لنڊن ڪي ساڙهي
    يار ايسا ملا.........
    اسان ڪافي دير کانپوءِ گهر آياسين، صرف ٽماٽو سوپ پي سمهي رهياسين. صبح جو سوير تيار ٿي روانا ٿياسين. اڄ اسانجي گهمڻ جي پهرين منزل ٽرافلگر اسڪوائر هئي. هن علائقي ۾ هر وقت گهڻي رش ۽ ٽريفڪ هوندي آهي. هت انگلينڊ جي بحريه جي سربراهه ايڊمرل هو، ريٽيو نيلسن جو هڪ وڏو مجسمو لڳل آهي، ۽ چئن تمام وڏن شينهن جا مجسما ۽ سهڻا ڦوهارا. هت هر وقت سياحن جي پيهه لڳي پئي هوندي آهي. هت ڪبوتر به تمام گهڻي تعداد ۾ ٿين، جن کي ماڻهو اتان خوراڪ وٺي کارائين، انهن سان رانديون ڪن. ڪي ماڻهو ڏسو ته شينهن تي چڙهيا ويٺا آهن، ڪي وري شينهن سان گڏ فوٽا ڪڍرائين. عورتون ۽ ٻار پيا ڦوهاري جي پاڻيءَ سان رانديون ڪن. ڏينهن جو هر وقت رش نظر ايندي آهي. آرتوار ۽ ٻين موڪلن جي ڏينهن تي وڏي رش ٿئي، شام جي ٽائيم کان ئي روشنين جي جهرمر شروع ٿي وڃي.توهان گهڻو ڪري هندستاني پاڪستاني فلمن جيڪي فلمون لنڊن ۾ ڀريون آهن، انهن سڀني فلمن ۾ ٽرافلگر اسڪوائر ضرور ڏيکارين. اسان هتان کان سڌا هڪ اٽلين هوٽل ۾ اٽلين لنچ ڪئي. کاڌو ڏاڍو مزيدار هو، پر بل به ڏاڍو مزيدار هو. جنهن کانپوءِ اسان ٽئڪسي ڪري ٽاور آف لنڊن ڏسڻ لاءِ هت پهتاسين. پر خبر پئي ته اندر داخلا جو وقت ختم ٿي ويو آهي، پر هتي ٿيمس نديءَ جي ڪپ تي هوٽل ۾ ڪافي دير ويهي نديءَ جي نظاري مان لطف اندوز ٿياسين. جت سياح بوٽس ۾ هزارن جي تعداد ۾ پئي لٿا ۽ چڙهيا.
    اسان نديءَ جي ڪپ تي ٺهيل دڪانن تان چڪر هڻندا لنڊن برج جي مٿان پنڌ ئي پنڌ گهمندا وڃي ٻئي طرف پهتاسين. جتان ٻه ماڙ بس ۾ چڙهي، جنهن ۾ مٿيون ماڙ کليل هو، شهر جو چڪر هڻندا وڃي هائيڊ پارڪ پهتاسين، جتي پارڪ ۾ ڪافي دير چهل قدمي ڪري پوءِ ٽيوب ۾ چڙهي اچي گهر پهتاسين.
    جيئن ته ٻئي ڏهاڙي اسان کي يورپ جي پنجن ملڪن يعني بيلجم، سوئيزرلينڊ، اٽلي، لگزمبرگ ۽ فرانس جي ٻاهرئين ٽوئر تي وڃڻو هو، تنهنڪري پهرين پنهنجا ڪاغذ پٽ چيڪ ڪري ، جيڪي ٽوئر ۾ ٽوئرسٽ لاءِ هڪ اهم شيءَ آهي، انهيءَ کانپوءَ اڳتي وڃڻ وارو سامان پيڪ ڪيوسين. باقي سامان هتي ئي رکي ڇڏيوسين. سوير ماني کائي سمهي رهياسين. صبح سوير اٿي ٽئڪسي واري کي فون ڪيوسين، جيڪو 10 منٽن ۾ پهچي ويو. اسين ٽئڪسي ۾ چڙهي ڪاسموس وارن جي ڄاڻايل جڳهه لاءِ روانا ٿياسين. ٻاهر هلڪي برسات پئجي رهي هئي. پاڻ وٽ يا ته يڪي پئي برسات پوندي يا بلڪل ڪونه پوندي، پر هت گهر کان ٻاهر نڪر ته برسات پئجي رهي آهي، سو ماڻهن جي هٿ ۾ ڇٽي. برسات جي موڊ ۾ ٻاهر نڪري پيو ٿوري دير ۾ برسات، برسات ختم ٿي ۽ ڇٽي ماڻهو جي هٿ ۾ ماڻهو پيو بور ٿيندو. وري ٿوري دير ۾ خبر ئي نه ته برسات دهل ۽ شرنائين سان. ٻهراڙين ۾ ته ٻار به ڪڪر آسمان ۾ ڏسن ته سڄي ڳوٺ جا ٻار ڪارڙو ڪنڀارڙو ان پاڻي ڏي ته مينهڙو وسي، ۽ سڄي ڳوٺ ۾ وتن ٻار هي گيت ۽ گهر گهر مان وڃن ان داڻا وٺندا. بابا سائين جن جي ماءُ اسان جي جيجي جيستائين جيئري هئي تيستائين برسات ۾ ڳڙ جو ڀت ضرور ٺهندو هو. جنهن ۾ ڪاريون ڊاکون چونڊي چونڊي کائيندا هئاسين. سو سائين لنڊن جي رستي تي پاڪستاني ڊرائيور جي ييلو ڪيب ۾ وڃي رهيا آهيون، ٻاهر هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي آهي، رستي تي رش تمام ٿوري آهي، ڊرائيور فلم ميجر صاحب جي ڪيسٽ لڳائي آهي، جهن ۾ گانو هلي رهيو آهي:
    کهتا هي پل پل تم سي
    هوکي دل يي ديوانا
    ايڪ پل بهي جاني جانا
    مجهه سي دور نهين جانا.
    ٻاهر وڻن مان برسات جي پاڻي ۽ هوا جي ڪري وڻ لڏي رهيا آهن ۽ پاڻي ڇرڇر ڪري سگهڙن وانگر لار ڪري هيٺ ڪري رهيو آهي. رستن تي پاڻيءَ ۾ هنن وڻن جا اولڙا ڏاڍا وڻندڙ نظر اچي رهيا آهن، دل پئي چوي ته گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا هجون. پاڻ اسان جي منزل يعني انهيءَ هوٽل اڳيان اچي پهتاسين، جتان کان اسان کي ڪاسموس وارن جون بسون کڻي اڳتي پهچائينديون. ان هوٽل ۾ نه صرف ڪاسموس پر ٻين ٽوئر ڪمپنين جون آفيسون هيون ۽ سندن بسون به بيٺيون هيون. اسان هوٽل تي چانهن تي چانهن پيتي. اڃا ٿورا ٽوئرسٽ هئا، پر آهستي آهستي رش وئي وڌندي. اسان پنهنجا ڪاغذ ڪاسموس وارن کي ڏنا، جن اسان کي ٻڌايو ته جيئن پاڻ هتان روانا ٿينداسين، تيئن اسان لائوڊ اسپيڪر تي توهان کي اطلاع ڏينداسين. پر توهان هت رهو، پري نه وڃجو ، ٽوئر شروع ٿيڻ ۾ صرف ٿوري دير آهي. ٿيندو ائين آهي ته هي اڳتي روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ٻي منزل لاءِ مڪمل طرح سان اوڪي وٺي پوءِ اڳتي نڪرندا آهن، جيئن ٽوئرسٽن کي اڳئين منزل تي ڪنهن به قسم جو انتظار يا تڪليف محسوس نه ٿئي ۽ سڄو ٽوئر خير خوبيءَ سان پورو ٿئي، ۽ ٿئي به ائين. مثال اسان کي هوٽل پهچڻ کان اڳ بس ۾ ئي سڄي سمجهاڻي ڏئي ٻڌائيندا هئا ته توهان جا ڪمرا فلاڻي فلور تي هي آهن، چاٻيون يا ڪمپيوٽر ڪارڊ ڪيئن استعمال ڪجي، يا توهان جي انتظار ۾ بيٺل بوٿ ۾ توهان کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي، يا پاڻ کي ڪٿي ڪٿي لهڻو آهي، ۽ ڪيتري دير کانپوءِ وري پاڻ کي اڳتي هلڻو آهي. انهيءَ وقت دوران هو بسن جي سروس ڪرائين ۽ پيٽرول ڊيزل وجهرائين يا بسن کي صاف ڪرائي، انهن ۾ خوشبو هڻائين. مطلب ته سڄي ٽوئر ۾ توهان کي ڪنهن به هنڌ پنج منٽ به دير ۽ انتظار ڪونه ڪرائيندا. ڪنهن هوٽل يا نائيٽ ڪلب ۾ ٽوئر وارن سان گڏ ويندا ته هوٽل وارا اڳ ئي توهان جي انتظار ۾ بيٺا هوندا. گهڻو ڪري توهان جي ٽوئر جي خوش آمديد لاءِ بورڊ به لڳو پيو هوندو. مطلب ته وڏين ٽوئر ڪمپنين جا سڄي دنيا ۾ ٽوئر پروگرام ٿين. آسٽريليا، نيوزيلينڊ، سڄو يورپ، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ اپيتا آفريڪا ۾ اسرائيل ، ترڪي، مصر، ڪينيا يا سفاري پارڪ اچي وڃن ۽ ڪاسموس پڻ دنيا جي وڏين ٽوئر ڪمپنين مان هڪ آهي، جيڪا توهان کي سڄي دنيا جو ٽوئر ڪرائي. هنن ٽوئر ڪمپنين جون سڄي آفيسرن، هزارن جي تعداد ۾ اسٽاف، بسون، ڪوچون دنيا جي وڏن وڏن شهرن ۾ پنهنجون فرسٽ ڪلاس هوٽلون جي پنهنجون نه آهن ته وري مسواڙ تي وٺن، ڇو ته ائين ڪرڻ سان هنن کي وڏي بچت ٿي ٿئي.
    سو سائين اسان کي ٽوئر جي هلڻ جو اعلان ٿيو ته ٽوئر نمبر پندرنهن ٻارنهن جنهن جي بس تي به اڳيان پٺيان اهو نمبر لڳل آهي، توهان جي انتظار ۾ بيٺي آهي، توهان مهرباني ڪري انهيءَ بس جي اڳيان پنهنجو پنهنجو سامان رکي بيهي رهو. اسان ائين ڪيو بس جي ڊرائيور سڀني جي اڳيان سامان کڻي بس ۾ رکيو، اسان کي چيائون ته هاڻ توهان هلي بس ۾ ويهو. بس شهر کان ٻاهر هلڻ لڳي. لنڊن شهر تمام وڏو شهر آهي، جنهن کي ٽوئر ڪري مون کي ٻيو دفعو ۽ منا، نور ۽ ونود کي پهريون دفعو تفصلي ڏسڻ جو موقعو مليو. بس صرف لنڊن موٽر وي کان ٿيندي اچي (English chenal) ويجهو Tunnel سرنگهه تي پهتاسين. جتان کان اسان انهيءَ بس ۾ ويٺي ويٺي سرنگهه ۾ بيٺل وڏي ٽرين بس سوڌو وڃي پهتاسين. انهيءَ ٽرين ۾ هڪ نه پر ڪيتريون ئي بسون اندر بٺيون هيون، ماڻهو بس مان لهي لهي ٽرين ۾ هلي چلي رهيا هئا. اها ٽرين تقريبن 30 ڪلوميٽر سمنڊ اندر ئي سفر ڪري وڃي هن پار فرانس جي ملڪ ڀيڙو ٿي. ڪمال آهي، سمنڊ اندر ڪيئن نه هيڏو وڏو مفاصلو خشڪيءَ رستي تيار ڪري ڇڏيائيون نه ته آئون جڏهن اڳ لنڊن کان بيجليم ۽ فرانس کان انگلينڊ ويو هوس تڏهن سامونڊي جهاز رستي آيو ۽ ويو هوس. پر هن دفعي وياسين (Tunnel) ذريعي ۽ واپس کان انگلينڊ ايندي وري به شپ ۾ آياسين. پر جڏهن چوٿون دفعو آئون، منا ۽ فرخ اسان سان گڏ، تڏهن اسان ٻئي دفعا سرنگهه ذريعي آيا وياسين. اسان وري بس ۾ چڙهياسين ته بس سرنگهه ۾ بيٺل ٽرين مان ٻاهر نڪتي ۽ ٿورو اڳتي بس ۾ بيٺي بيٺي اسانجي اميگريشن ٿي، ۽ اسان فرانس جي هڪ وڏي ڊيوٽي شاپ وٽ لٿاسين، جت اسان کي سڄي ٽوئر لاءِ پنهنجي بس ۾ ويهڻو هو. اسانجي بس جو ڊرائيور اٽالين ڪارلو ۽ گائيڊ آمريڪن ٽوڊ هئا، جيڪي سڄا سارا ٻارنهن ڏينهن اسان سان هر هنڌ گڏ هئا. اسان کي اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته هي فرانس جي ڊيوٽي فري جڳهه آهي، جت توهان ڊيوٽي فري شاپنگ ڪري سگهو ٿا، ۽ پڻ هت هوٽل آهي،جت توهان لنچ ڪريو ته پوءِ پاڻ وڌيڪ ٽوئر لاءِ اڳتي هلنداسين. مون ڊيوٽي فري شام تان هڪ پرفيوم ورتو ۽ ٻه بليڪ ليبل جون وڏيون باٽليون ورتيون. ونود سندس ڀيڻ لاءِ هڪ عاليشان گڏي خريد ڪئي. منا چئنل فائيو جوهڪ شاندار ميڪ اپ جوسيٽ ورتو، جيڪو تمام سٺو ۽ مهانگو هو، جيڪو ٽن سالن کانپوءِ وٽس محفوظ آهي. اسان ماني به هت کاڌي، ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو. ڪيئي بسون سياحن جون بيٺل هيون، پوءِ هڪڙا سياح بسن ۾ چڙهي رهيا هئا ته ٻيا لهي رهيا هئا. اسان به بس ۾ چڙهي برسلز ڏانهن روانا ٿياسين. چار چار هڪ طرفي رستن مٿان خوبصورت وڏيون ڪشاديون پليون هيون، جن جي پاسن کان وڻندڙ گل برسات ۽ هوائن ۾ ڄڻ ته رقص ڪري رهيا هئا. رستن کي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ٻيون مختلف قسمن جون شيون، پنجن ڇهن ميلن جي مفاصلي رکي ٿي ڇڏيائون، هونئن جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ شون چوڪ وٽ رکيل آهن. اسان سنهري ڦوهار ۾ هلڪي هلڪي ميوزڪ ٻڌندي فرانس کان پري ۽ برسلز جي ويجهو وڃي رهيا هئاسين، پٺيان مڙي ڏٺم ته ڪا عورت سنڌي انداز ۾ هندي ڳالهائي رهي آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258259
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386392
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ