ڪتاب جو نالو: مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما
مصنف: نور احمد ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 05 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 471 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 127 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سهيڙيندڙ پاران
  • امام عبيدالله سنڌي  عليه الرحمة : پير علي محمد راشدي
  • مولانا عيبدالله سنڌيءَ جي فڪر ۾..... رومانوي، مذهبي ۽ انقلابي تعبيرون
  • امام انقلاب عبيدالله سنڌي ۽ سيڪيولر ازم : محمد انس راڄپر
  • مولانا سنڌيءَ جي عظيم شخصيت تي هڪ نظر : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال
  • امام انقلاب حضرت علامه سنڌي : مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
  • ويٺي جنين وٽ- ڏکندو ڏور ٿئي : شاهه محمد عثماني
  • امام انقلاب جون الهامي ڳالهيون : مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي
  • امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي حاضري ۾ : مولانا حڪيم محمد معاذ
  • مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان چار ڏينهن گڏ : مولانا محمد منظور نعماني/سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي
  • حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شهيد الهه بخش سومري سان تاريخي ملاقات
  • تنهنجي ياد جي وري آ وير : مولانا عزيز الله جروار
  • مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ڪجهه گهڙيون : مولانا دين محمد وفائي
  • مولانا سنڌيءَ جو سياسي ۽ اقتصادي نظريو : نور احمد ميمڻ

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 404

    ڇپائيندڙ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2017ع
    ڪتاب جو نالو : مولانا عبيدالله سنڌي انقلابي شخصيت ۽
    انقلابي ڪارناما
    سهيڙيندڙ: نور احمد ميمڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: ذڪي سنز پرنٽرس ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

    قيمت : 150/= رپيا


    “Molana Ubaidullah Sindhi:
    Inqlabi Shakhsiat Aen Inqlabi Karnama”
    Compiled By: Noor Ahmed Memon
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037



    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مولانا سنڌي تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين نور احمد ميمڻ آهي.
    مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا جي سرواڻ سائين نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ ڪرڻ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلآهن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سهيڙيندڙ پاران

    مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هُن جو غير معمولي هئڻ 16 سالن ۾ هڪ آتش فشان بڻيو، جو هُن کي سچ جي تلاش ۾ پنهنجي ابي امان جو مذهب ڇڏڻو پيو. سک مذهب هندو مذهب جي بت پرستيءَ خلاف هڪ اُڀار هو پر نوجوان بوٽا سنگهه کي سک مذهب جي انهيءَ هڪڙي خدا واري تصور به مطمئن نه ڪيو، جنهن ۾ تقديس جا گهڻا مظهر هجن، ڇو ته اهي انساني شرف جي خلاف آهن. هُن انهن گهڻن مظهرن کي ڇڏي عبادتن، تقديس ۽ اطاعت جي هڪ ئي مظهر واري دين اسلام کي قبوليو. اهو هُن جو پڙهيل اسلام هو پر جڏهن هُن رواجيل اسلام ۾ ساڳي وبا ڦهليل ڏٺي ته هُن اتي به ان کي چئلينج ڪيو. هُن ملائيت کي چئلينج ڪيو، هن بغاوت ڪئي ۽ هُن غلاميءَ جي سڀني قسمن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. هُن واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته:
    ”هي گهرڙا جيڪي توهان ٺاهي رکيا آهن ۽ جن کي توهان آسمان کان به مٿي بلند سمجهو ٿا، اهي هاڻي زماني جي هٿن کان بچي نه ٿا سگهن. توهان جو تمدن، توهان جو سماج، توهان جو فڪر، توهان جي سياست ۽ توهان جي معاشرت سڀ کوکلا ٿي چڪا آهن. توهان ان کي اسلامي تمدن چئو ٿا، پر ان تمدن ۾ اسلام جو ڪٿي شبو به ناهي. توهان مذهب جو نالو وٺو ٿا. پر هي مذهب رڳو توهان جي ڌرمي دوڪانداري ٿي رهجي ويو آهي. مسلمان بڻجو ٿا ته اسلام کي سمجهو. هي اسلام جنهن کي توهان اسلام چئو ٿا، اهو ته ڪفر کان به بدتر آهي. توهان جا امير اقتدار جا بکيا آهن، حڪمران نفساني خواهشن ۾ ٻڏل آهن ۽ غريب طبقا وهمن جو شڪار ٿي رهيا آهن. بدلجو، نه ته زمانو توهان جو نشان به نه ڇڏيندو. سنڀاليو، نه ته ميساريا ويندؤ. “
    هُن ننڍي کنڊ جي ڌپ ورتل مسلم معاشري مان اها ڌپ ڪڍڻ لاءِ جتي علمي ڪوششون ورتيون اتي هُن ضروري ڄاتو ته غلام معاشرن جي ماڻهن ۾ زندگيءَ کي تڏهن موٽائي سگهجي ٿو جڏهن آزادي ميسر هجي، پوءِ هُن عملي طرح آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هُن ڀريا 19 سال جلاوطنيءَ جي درد ۾ پيڙيل گذاريا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني قومن جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ورتيون. هُن فردن، طبقن ۽ قومن ۾ زندگيءَ جي بهار کي قائم رکڻ لاءِ طريقا ٻڌايا، خاڪا جوڙيا ۽ تجويزون پيش ڪيون. هُن طبقاتي ۽ قومي تضاد جي خاتمي لاءِ قرآن جي طبقاتي ۽ قومي فڪر کي نروار ڪيو. هُن ننڍي کنڊ کي قومن جي يونين بنائڻ جي سياسي هلچل هلائي ۽ سماجوادي انصاف جي غلبي لاءِ سوشل پروگرام تي ايشياٽڪ فيڊريشن جي تجويز پيش ڪئي.
    هتي ڦهليل ملائيت هُن جي طبقاتي ۽ قومي فڪر کي عوام ۾ لهڻ نه ڏنو، سرمائيداريت ۽ جاگيرداريت غير ملڪي آقائن جي سرپرستيءَ ۾ هتي قومن جي يونين ٺهڻ نه ڏني ۽ عالمي سامراج ايشيا ۾ ٻه مذهبي رياستون جوڙي ايشياٽڪ فيڊريشن جي تجويز جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. نتيجي ۾ غلاميءَ جا ڪيئي قسم هتان جي ماڻهن جو هيستائين مقدر بڻيل آهن.

    هن ڪتاب ۾ ان عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي، اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.

    نور احمد ميمڻ
    03132707097


    امام عبيدالله سنڌي  عليه الرحمة : پير علي محمد راشدي

    چو فُقر اندر قبائے شاھی آمد
    بہ تدبیر عبیداللھّٰی آمد—جامی

    ازطرف: حڪومت موقته هند
    وزارت داخله

    بنام: هندستان جا بهادرو، ۽ باهمت هموطنو! هندستان جي عارضي حڪومت جي قائم ٿيڻ جي خبر اوهان پڙهي چڪا هوندا، هيءَ حڪومت ان مقصد سان ٺاهي ويئي آهي ته هندستان جي موجوده غاصب، غدار ۽ ظالم حڪومت جي جاءِ تي هڪ بهترين حڪومت (هندستان ۾) کڙي ڪئي وڃي. اوهان جي هيءَ عارضي حڪومت چئن سالن کان ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن وقت جڏهن اوهان فيصلو ڪيو آهي ته اوهان ظلمي قانون ڪو نه مڃيندؤ، عين اُن وقت هيءَ عارضي حڪومت به (ٻاهرين) امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي. هن حملي ڪندڙ فوجن سان عارضي حڪومت معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري اوهان حملي ڪندڙ فوج سان مقابلو ڪري پنهنجا فائدا نه وڃايو، بلڪه هرممڪن طريقي سان انگريزن کي قتل ڪيو. اُنهن (يعني انگريزن) کي نه ماڻهو ڏيو نه انهن جي مالي مدد ڪيو، انهن جون ريلون ۽ تارون خراب ڪندا وتو.
    حملي ڪندڙ فوج کان امن حاصل ڪري ۽ ان کي رسد ۽ ٻيو سامان پهچائي، کائنس اعزازي سندون حاصل ڪيو. حملي ڪندڙ فوج هر هندستانيءَ کي بلا تفريق نسل يا مذهب امن ڏئي ٿي، هر هندستانيءَ جي جان، مال ۽ عزت محفوظ آهي. فقط اهوئي ماريو ويندو يا بي عزت ٿيندو، جيڪو سندس مقابلي لاءِ کڙو ٿيندو.
    الله تعاليٰ اسانجن ڀائرن کي سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق ڏئي.
    صحيح
    عبيدالله (سنڌي)
    (وزير موقته هند)
    انگريز ”فيل مست“ خلاف اها للڪار ڪنهن جي هئي؟ ڪير اهڙي للڪار ڪري سگهيو ٿي؟
    .....صرف مولانا عبيدالله سنڌي رحمت الله عليه!
    ڄائو سيالڪوٽ ڀرسان هڪ ڳوٺڙي ۾، والد سک هئس، سندس ڄمڻ کان چار مهينا اڳ والد گذاري ويس.
    ٿورڙو ڏڀرانجو ٿيو ته يتيم بڻجي اچي پهتو سنڌ ۾. نپنو، پڙهيو، ڪڙهيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌي بڻجي چمڪيو، هت.
    تربيت ورتائين حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحمت الله عليه جهڙي انگريز دشمن انقلابيءَ وٽ.
    بيعت ڪيائين طريقه قادري راشدي ۾، حضرت حافظ محمد صديق صاحب رحمت الله عليه ڀرچونڊيءَ واري جي هٿ مبارڪ تي.
    ڪڙهيو حضرت پير سائين رشدالله شاههرحمت الله عليهه جهنڊي وارن جي صحبت ۾، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن فرنگيءَ جو منهن ڏسڻ به گوارا ڪو نه ڪيو هو.
    علم ۽ دانش جي ان ساز سامان سان آراسته ۽ پيراسته ٿي ۽ سنڌي وطنيت اختيار ڪري، بلڪه سنڌ کي پنهنجي نالي جو اٽوٽ حصو بڻائي، وڃي پهتو ديوبند ۾- شيخ الهند حضرت مولانا محمود حسن رحمت الله عليهه وٽ.
    مولانا محمود حسن کيس هڪ سچو انقلابي، انگريز دشمن، آزاديءَ جو ڪوڏيو، سنڌ جو سرويچ، سياست ۾ سالم دماغ ۽ ڏک سک برداشت ڪرڻ جهڙو نوجوان سمجهي، هن ملڪي خدمت لاءِ منتخب ڪيو ته جنهن صورت ۾ انگريز (1914ع واري) عالمي جنگ ۾ مبتلا ٿي پيو آهي. ، تنهن صورت ۾ هو (يعني عبيدالله) ڪابل پهچي، ڪنهن طرح پٺاڻن کي آماده ڪري ته هو ان موقعي جو فائدو وٺي، انگريزن خلاف هندستان تي چڙهائي ڪن، جيئن انگريز جي عذاب کان پاڻ به آزاد ٿين ۽ پاڙيچي هندستان کي به آزاد ڪرائين.
    مولانا عبيدالله، الله تي آسرو رکي، روانگيءَ جي تياري ڪئي. سندس ساٿي ۽ شاگرد، مولوي عبدالله لغاري مرحوم کان اهو قصو ٻڌو:
    ”هڪ سال کن اسان کي ضروري تياريءَ ۽ تدبير سوچڻ تي لڳو ته انگريزي حڪومت جي سخت چوڪسيءَ هوندي به ڪيئن ڪابل پڄون. غالباً آگسٽ 1915ع جي شروعات هئي. مولانا عبيدالله ڳوٺ پير جهنڊي (ضلعي حيدرآباد مان) خانپور (رياست بهاولپور) طرف روانو ٿيو. مون کي چيائين ته پاڻ اتي بزرگن (عارف غلام محمد صاحب دينپوري) کان اُٺ هٿ ڪري مون کي تيار ڪندو. جڏهن تار پهتي ته آءٌ به وڃي اُتي پهتس. مولانا عبيدالله چيو ته ”اُٺ گهراياسون سي آيا، پر بزرگن ڪين ڏنا، باقي ڪڻڪ جو هيءُ ستون ڏنائون، پئسو به ڪونهي، هاڻي ڪهڙي تدبير ڪجي؟“ اُتي مون وڃي بزرگن جي نالي مولانا عبدالقادر کان ٽي گينيون ورتيون، جن مان ٻه مولانا صاحب کي ڏنم ۽ هڪ پاڻ وٽ رکيم. ان بعد، اها صلاح بيٺي ته مولانا صاحب سنڌ جي سرحد کان سبيءَ تائين خُشڪي ذريعي پهچي، ڇاڪاڻ ته ريل ۾ سندس پڪڙجڻ جو امڪان آهي. باقي آءٌ اڳواٽ انتظار خاطر ريل ذريعي روانو ٿيس. مولوي احمد علي صاحب لاهوري جو ڀاءُ محمد علي (جو ان وقت ننڍو هو) به مون سان گڏ هليو ۽ اسين اچي سبيءَ ۾ پهتاسين. مولانا عبيدالله صاحب، امروٽ شريف مان ٿيندو، جيڪب آباد کان پيدل روانو ٿي، جهٽ پٽ اسٽيشن تان اچي گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ سڌو وڃي ڪوئيٽا پهتو. اُتان جڏهن سندس پيغام اسان کي پهتو، تڏهن اسين به وڃي ڪوئيٽا پهتاسون. اڃا اهو مهينو آگسٽ سن 1915ع هو. اسان وٽ سفر خرچ خيرڪو هو. سبيءَ ۾ مون چندو ڪيو، جنهن مان اَسي (80) رپيا ٿيا، جي ساڻ ڪري ڪوئيٽا پهتو هئس. ڪوئيٽا کان اڳتي پيدل وڃڻو هو. اختر نالي هڪ پٺاڻ نوجوان کي هڪ گيني ڏنيسون ۽ هن اسان کي عام رستن جي بدران مخفي رستن ذريعي سرحد تي پهچائڻ جو واعدو ڪيو، جنهن ڏينهن اسين روانا ٿيا هئاسين، انهيءَ ڏينهن شيخ عبدالرحيم صاحب حيدرآبادي  به اچي پهتو، جو پنهنجي ٻارڙن جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ست سؤ رپيا کڻي آيو هو، جي اسان کي ڏيئي پاڻ فوراً واپس هليو ويو، اسين پوءِ خشڪي رستن سان شو راوڪ، ڪَدلي (چمن، افغانستان) ۽ قنڌار مان ٿيندا ڪابل پهتاسين.
    (ڏسو مولانا عبيدالله مضمون رسالي مهراڻ حيدرآباد، نمبر 3-4 سال 1957ع ۾)
    اها تاريخ هئي 15 آڪٽوبر ۽ سال 1915ع، عالمي جنگ شروع ٿئي، هڪ سال گذري چڪو هو.
    ***
    مولانا جي قصي کي اڳتي وڌائڻ کان پهريان ضروري آهي ته ڪابل جي حالتن ۽ حڪومت جو مختصر حال ٻڌائجي.
    ڪابل جو حڪمران، ان زماني ۾ امير حبيب الله خان مرحوم هو جنهن ”سراج الملت و الدين“ جو لقب اختيار ڪيو هو.
    سندس والد، عبدالرحمان خان مرحوم، افغانستان ۾ خانه جنگيءَ جي هڪ طويل دور کانپوءِ جلاوطني ختم ڪري 1880ع ۾، انگريزن جي مدد سان ۽ سندس سرپرستيءَ هيٺ، اچي ڪابل جي تخت تي ويٺو هو.
    هيڏانهن هندستان تي انگريز جو قبضو مڪمل ٿي چڪو هو، انگريز لاءِ سرحدي ملڪ افغانستان، وڏيءَ اهميت ٿي رکي جنهن کي فوج جي ذريعي، ٻن چڙهائن کانپوءِ به هو سڌيءَ طرح پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪو نه سگهيو هو، تنهن ڪري هن آئينده لاءِ هيءَ پاليسي بڻائي هئي ته افغانستان جو مڪاني حاڪم ڀل هڪ افغان سردار ئي رهڻ ڏئي، پر ان کي ڪنهن حد تائين زيردستيءَ جي پوزيشن ۾ رکي جيئن هو ڪنهن به ٻئي ملڪ سان واسطو رکي نه سگهي، خارجه پاليسي انگريزن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، روس کي نه پنهنجي ويجهو اچڻ ڏئي، نه ان کي هندستان طرف حريصانه اک کڻڻ ڏئي. 
    انگريزن امير عبدالرحمان کان اهي شرط هڪ عهدنامي جي وسيلي، قبول ڪرائي کيس 1880ع ۾ افغانستان جو امير تسليم ڪيو هو ۽ ارڙهن لک وظيفو ڏيڻ به قبول ڪيوهو. شروع ۾ ئي انگريزن عبدالرحمان کي چتائي ڇڏيو هو ته کيس ڪنهن به ڌارئي ملڪ سان سڌي طرح تعلق ۽ رابطو ڪونه رکڻو آهي.
    امير عبدالرحمان خان جي وفات جا 1901ع ۾ واقعي ٿي، ان کانپوءِ جڏهن سندس فرزند امير حبيب الله خان تخت تي ويٺوته اُن به سال 1905ع ۾ ساڳئي عهدنامي جي تجديد ڪري ڏني ۽ هندستان جي انگريزي حڪومت جي زير سايه عملي طور بطور هڪ رياست راجا يا نواب جي رهڻ لڳو. دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به حڪومت سان سندس ملڪ جو رابطو ڪو نه هو، انگريز کان ارڙهن (18) لک رپيا سالانه وظيفو بدستور، وصول ڪندو رهيو. تان جو 1914ع واري عالمي جنگ جا نغارا وڳا. شروعات جنگ جي 28 جولاءِ (1914ع) جو ٿي، پر انگريز ان ۾ 4 آگسٽ جو داخل ٿيو. 8 آگسٽ جو هندستان جي وائسراءِامير حبيب الله خان کي هڪ خط ذريعي اطلاع ڏنو ته يورپ ۾ جنگ لڳي آهي، کيس پنهنجن عهدنامن مطابق، جيڪي سندس والد ۽ سندس پنهنجا انگريز سان ڪيل آهن، ان جنگ ۾ غيرجانبدار (نيوٽرل) رهڻو آهي.
    امير حبيب الله خان هڪدم وائسراءِ ڏانهن تحرير ۾، تسلي موڪلي ڏني ته هو حڪم موجب جنگ ۾ غيرجانبدار رهندو. اها آگسٽ مهيني جي ڳالهه هئي.
    پر ٻه مهينا پوءِ، آڪٽوبر ۾، ترڪي به انگريز جي خلاف ۽ جرمنيءَ جي حمايت ۾ جنگ ۾ گهڙي پئي. ترڪيءَ جو سلطان خليفته المسلمين به هو، جنهن ڪري ساريءَ دنيا جي مسلمانن جو قائد سمجهيو ٿي ويو، انگريز کي خوف لڳو ته ترڪيءَ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري هينئر افغانستان جي مسلمانن ۾ سندس (يعني انگريز جي) خلاف ضرور تاءُ پيدا ٿيندو ۽ ان جو اثر هندستان جي مسلمانن تي به پوندو جيڪي اڳ ۾ ئي طرابلس ۽ بلقان جي جنگين سببان ترڪيءَ جا همدرد ۽ انگريز کان نالان هئا.
    ان امڪان جي پيش نظر، وائسراءِ وري امير صاحب ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾ چتاءُ ڪيائينس ته ”ترڪيءَ جي جنگ ۾ ٽپي پوڻ ڪري امڪان آهي ته افغانستان جا ملان انگريز خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ افغانستان ۽ سرحد جي قبائلين ۾ بي اطميناني پيدا ڪن، تنهن ڪري اوهان هنن نين حالتن هيٺ پنهنجن مُلن تي ضابطو رکجو ۽ کين انگريز سرڪار خلاف ڪا به گڙٻڙ ڪرڻ نه ڏجو.“
    امير صاحب خبر نه آهي ڇو پر 5 نومبر (1914ع) جي خط جو جواب 23 مارچ 1915ع تي موڪليو جنهن ۾ وائسراءِ کي يقين ڏياريائون ته هو پنهنجي ملڪ کي مُلن هٿان ”مذهبي جنون ۾“ مبتلا ٿيڻ ڪو نه ڏيندو.
    امير صاحب طرفان اهڙي خاطريءَ ۾ اظهار وفاداريءَ کان متاثر ٿي، انگريزن جي بادشاهه جارج پنجين، 24 سيپٽمبر 1915ع تي، امير صاحب جي نالي پنهنجي قلم سان هڪ ذاتي خطشڪريي جو لکي موڪليو، جنهن ۾ کيس هيءَ خوشخبريءَ به ڏنائين ته کيس ملندڙ امداد ۾ ٻن لکن رپين جو اضافو منظور ڪيو ويو آهي.
    امير صاحب کي في الحقيقت ٻن لکن کان وڌيڪ اضافن ۽ انعامن ملڻ جي اميد هئي، پر اُها پوري ڪا نه ٿي هئس. تنهن ڪري ڏکوئجي، وائسراءِ ڏانهن شڪايت لکي موڪليائين ته ”ٻن لکن جي اضافي کي افغان پنهنجي بيعزتي سمجهن ٿا.“ وائسراءِ خط جي رسيد موڪليندي، رقم جي ڳالهه کي گول ڪري ويو، پاڻ هيءَ ڍڪيل دڙڪو ڏنائينس ته ”هينئر روس به انگريز سان، جرمن جي خلاف شامل ٿي ويو آهي.“ جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي نڪتي ته جيڪڏهن افانستان طرفان ڪا هيٺ مٿانهين ٿي ته مٿس سرحدن جي ٻنهي پاسن کان دٻاءُ پئجي سگهندو.
    سيپٽمبر (1915ع) خير سان گذريو.
    12 آڪٽوبر (1915ع) جو جرمنيءَ، آسٽريا ۽ ترڪي جو گڏيل سفارتي وفد ڪهي اچي ڪابل ۾ سهڙيو. ان وفد ۾ ٻه هندستاني انقلابي به شامل هئا: (1) راجا مهندر پرتاب جيڪو هندستان جو هڪ جاگيردار هو، پر انگريز کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ جلاوطني اختيار ڪري وڃي يورپ ۾ رهيو هو ۽ جنگ لڳڻ کانپوءِ جرمنيءَ سان شامل ٿي ويو هو. (2) ٻيو انقلابي ڀوپال جو مولانا برڪت الله هو، جيڪو گهڻي عرصي کان هندستان کان ٻاهر هليو ويو هو، پوءِ آمريڪا ۾ وڃي هندستان جي تاريخي”غدر پارٽي“ ۾ شامل ٿيو هو، يورپ ۾ جنگ جو ٻڌي جرمنيءَ ويو هو ۽ اتي انگريز جي خلاف ڪم ڪندو رهيو هو.
    راجا مهندر پرتاب هڪ عارضي حڪومت هندستان جي نالي ۾ ٺاهي هئي جنهن کي ”حڪومت موقته هند“ يعني هندستان جي عارضي حڪومت سڏيو پئي ويو. پاڻ کي ان حڪومت جو پڪو صدر ۽ مولانا برڪت الله کي وزيراعظم بڻائي ويٺو هو.
    اُهي ڏينهن هئا جڏهن مولانا عبيدالله به اچي ڪابل رسيو هو. جرمني وارن جو گڏيل وفد 2 آڪٽوبر (1915ع) تي پهتو هو، مولانا جو ورود 15 آڪٽوبر (1915ع) تي ٿيو. سندس اچڻ کان اڳ جي روئداد جو خلاصو هيءُ ٿيو:
    (1) افغانستان انگريزن سان معاهدن ۾ جڪڙيل هو.
    (2) امير صاحب انگريزن کان پئسا وصول ڪندو رهندو هو.
    (3) خارجه پاليسي انگريزن جي حوالي هئس.
    (4) جنگ ڇڙندي انگريزن سان نوان واعدا ڪري چڪو هو ته هو غيرجانبدار ۽ انگريزن سان وفادار رهندو، ترڪيءَ جي فائدي ۾ مُلن کي ڪو به شر پيدا ڪرڻ ڪو نه ڏيندو، انگريز سرحدي قبائلي علائقن ۾ به ”مذهبي جنون“ ڦهلجڻ ڪو نه ڏيندو.
    (5) بادشاهه جارج پنجين، امير صاحب ڏانهن براهه راست خط لکي سندس پُٺي ٺپي ۽ سندس امداد ۾ ٻن لکن جو اضافو ڪري چڪو هو.
    (6) امير صاحب ٻن لکن جي اضافي تي مطمئن ڪو نه هو، وائسراءِ ڏانهن دٻيل زبان ۾ شڪايت به لکي موڪلي هئائين، پر وائسراءِ ان تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو هو. امير صاحب پوءِ به ”راضي به رضا“ رهيو.
    (7) ٻئي طرف انگريزن جي مخالف ڌر يعني جرمني، آسٽريا ۽ ترڪي جو وفد ڪابل پهچي چڪو هو، جنهن سان گڏ ٻه هندستاني انقلابي (جن ”حڪومت موقته هند“ ٺاهي هئي) به آيل هئا.
    (8) امير صاحب عجيب غريب پاليسيءَ تي هلڻ شروع ڪيو هو: هڪ طرف انگريز سان وفاداري جا واعدا پئي ڪيائين، ٻئي طرف انگريز جي دشمنن جرمن، آسٽريا ۽ ترڪيءَ جو وفد گهرائي پاڻ وٽ ويهاريو هئائين ۽ انهن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندو پئي رهيو۽ ٽئين طرف هندستاني انقلابين، از قسم راجا مهندر پرتاب، مولانا برڪت الله (۽ هندستان مان ڀڄي ويل شاگرد) کي به گوڏي لايون ويٺو هو.
    هينئر ان ٽئين قسم جي گروپ ۾ مولانا عبيدالله جو اضافو به ٿي چڪو هو.
    هندستان مان جن بزرگن مولانا صاحب کي ڪابل موڪليو هو، تن کيس ڪو به تفصيلي پروگرام ڪو نه ڏنو هو، صرف هيترو چيو هئائونس ته ڪنهن طرح افغانستان کان هندستان تي حملو ڪرائي انگريزن کي هتان ڪڍرائي.
    ان ارشاد کانسواءِ مولانا جي هٿ تي فقط ٻه معمولي تعارفي خط رکيا هئائون: هڪ  نادر خان جي نالي، ٻيو محمود طرزي ڏانهن.
    پئسو پائي، حتاڪ سفر خرچ به مولانا کي ڪو نه ڏنو هئائون. هو اهڙيءَ زبون حالت ۾ ڪابل پهتو هو جو ڪجهه ڏينهن تائين پنهنجي جان جا ڪپڙا وڪڻي، پنهنجو ۽ پنهنجن ٻن ٽن رفيقن جو قوت گذران ڪندو رهيو. مولانا جي ان وقت جي هڪ رفيق لکيو آهي ته: ”مولانا ساري عمر خدا جي ڀروسي تي ڪم ڪندو رهيو هو ۽ خداوند ڪريم هميشه سندس لاءِ اسباب پيدا ڪندو رهندو هو.“
    عارضي طرح ڪابل ۾ اجهو به اڳ جي ويل هڪ هندستاني مهاجر شيخ ابراهيم ڏنو هوس.
    هڪ مغربي محقق لکيو آهي: ”امير حبيب الله خان جي حڪومت، پهريان پندرهن ڏينهن مولانا کي ”باقاعده“ جيل ۾ به رکيو هو. .“
    انگريزن کي مولانا جي ڪابل وڃڻ جي خبر پئجي ويئي هئي، تن”هاءِ گهوڙا“ جو خط هڪدم امير حبيب الله خان ڏانهن روانو ڪيو. جواب ۾ امير صاحب کين تسلي ڏني ته ”سرڪار خاطر جمع رکي. عبيدالله ۽ هندستان مان ڀڄي آيل ٻين ماڻهن جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.“
    انگريز سرڪار طرفان انهن ڏينهن ۾ هڪ هندستاني مسلمان بطور ريزيڊنٽ ايجنٽ جي ڪابل ۾ رهايل هو. اُهو بزرگ سفارتي ڪم هلائڻ سان گڏ جاسوسيءَ جو شغل به فرمائيندو رهندو هو. نالو هوس سيف الله (الله جي تلوار) الحمدلله! هندستاني هجڻ سان گڏ حاجي به هو ۽ حافظ به، انگريز محققن (مثلاً اسٽو ورٽ) لکيو آهي ته ”هر ڳالهه ۾ قرآن پاڪ جون بيشمار آيتون پيش ڪندو رهندو هو، سندس پيش ڪيل آيتن جي سيلاب اڳيان ڪو به افغان بيهي ڪو نه سگهندو هو، ڇو ته افغانستان ۾ سارو ڪاروبار قرآن مجيد جي آيتن جي آڌار تي هلندو ٿي رهيو.“
    قصو ڪوتاهه- حاجي حافظ سيف الله صاحب قبله خود انگريزن پاران ڪابل اندر مولانا تي ڪرڙي نظر رکڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ افغانن کي معلوم هو ته انگريز جون اهي اکيون ڪابل ۾ ٿيندڙ ساريون ڪارروايون ڏسي رهيون آهن.
    مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته مولانا 15 آڪٽوبر (1915ع) تي ڪابل پهتو هو.
    ڪابل پهچڻ بعد پاڻ سردار عنايت الله ۽ سردار نصر الله خان  جي ذريعي پنهنجي اچڻ جو مقصد امير حبيب الله جي ڪنن تائين پهچايائين.
    ان وچ ۾ مولانا هيءُ به محسوس ڪري ورتو ته امير صاحب ايتريقدر خود غرضيءَ ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي جو هو ذاتي فائدن وٺڻ خاطر ساڳئي وقت هر پاسي پيو هٿوراڙيون ڏئي، تنهن ڪري اهڙي ماڻهوءَ کي هندستان جي مقصدن ڏانهن پرڀائڻ لاءِ جيستائين ڪنهن وڏيءَ لالچ جو سبز باغ نه ڏيکاريو ويندو ۽ سندس پنهنجو وات مٺو نه ڪرايو ويندو، تيستائين هو محض ٺلهين ڳالهين تي لڳي يا مسلمانيءَ جي ننگ ۽ ترڪيءَ جي خليفته المسلميني کي بچائڻ خاطر انگريز خلاف هندستان تي چڙهائي ڪري انگريز کان غيرجانبداريءَ عيوض هن وقت ملندڙ مستقل امداد جي نقدي وڃائي ڪو نه ويهندو، (جيڪا شروع ۾ ارڙهن لک سالانه هئي ۽ تازو جنگ لڳڻ کانپوءِ امير صاحب جي حسن خدمتي ڏسي، اُن ۾ وڌيڪ ٻن لکن جو اضافو ڪيو ويو هو.)
    امير صاحب کي البته هيءَ انتظار دامنگير رهيو ته هو معلوم ڪري ته اهو سنڌي مولانا سندس لاءِ ڪهڙي سوغات کڻي آيو آهي. هڪ ڏينهن مولانا کي ”شرف بار يا بي“ بخشيائين. مولانا سندس اڳيان هيءُ سڻڀو لقمو لڙڪايو، چي:
    ”افغانستان هندستان تي حملو ڪري اتان انگريز کي ڀڄائي ڪڍي، ان کان پوءِ امير صاحب جو پنهنجو هڪ فرزند هندستان جو آئيني بادشاهه Constitutional Monarch بڻجي دهليءَ ۾ رهائش اختيار ڪري، سندس زيرسايه ۽ تابعداري هيٺ مقامي ماڻهو وزارت قائم ڪري ملڪي ڪاروبار هلائيندا رهندا.“
    اهو لقمو، جنهن مان بنهه سڻڀ ڳڙي رهيو هو، امير صاحب کي ڏاڍو وڻيو. مولانا کي چيائين ته ”اوهان ان باري ۾ جيڪو ڪم هلايو، تنهن ۾ هندستان جي هندن جي رضامندي ۽ شرڪت جو خاص خيال رکجو.“
    مولانا به ساهه پٽيو، دلاسو ملي ويس، ڪجهه چُرڻ پُرڻ جهڙو ٿيو. ”دوستن جو اهو دلاسو“ ”سِيءَ سڪائي کل“ واريءَ منزل تائين پهچي، تنهن ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳڻو هو.
    مٿي هڪ جاءِ تي ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا جي ڪابل پهچڻ کان تيرهن ڏينهن پوءِ يعني 2 آڪٽوبر (1915ع) تي جرمني، آسٽريا ۽ ترڪيءَ جو هڪ گڏيل وفد ڪابل پهتو هو، جنهن ۾ ٻه هندستاني انقلابي راجا مهندر پرتاب ۽ برڪت الله به شامل هئا.
    مهندر پرتاب وارا اڳ ۾ ئي ”حڪومت موقته هند“ ٺاهي چڪا هئا. تن ڪابل پهچڻ کانپوءِ افغانن جي صلاح مشوره سان مجبوراً مولانا عبيدالله کي به ان ”حڪومت موقته“ ۾ شامل ڪري ”وزارت داخله“ جو قلمدان ڏنو. ”موقته“ يا مولانا وارو ”قلمدان“ اڃا ته رڳو خيالي پُلاوَ هئا، پر ان صورتحال کي مولانا هن خيال سان قبول ڪيو جو جرمن وفد سان ڳالهين ڪندي معلوم ٿيو هوس ته مهندر پرتاب کين خواهه ٻاهرين ملڪن کي هن حقيقت کان بلڪل بيخبر رکيو هو ته هندستان اندر مسلمان قوم به ڪا هستي رکي ٿي يا هندستان جي مسئلن ۾ هوءَ به ڀاڱي ڀائيوار آهي.
    ان سان گڏ مولانا کي مهندر پرتاب جي نيت ۾ به شڪ نظر آيو هو. مهندر، هندستان کي انگريزن جي ڪڍڻ کانپوءِ مهاراجا نيپال جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهيو، جيئن مٿس هندو راڄ مسلط ٿئي.
    مولانا مهندر جي ”موقته“ ۾ شامل ٿي انهن ارادن ۽ منصوبن جو سدباب ڪرڻ ٿي گهريو. ان کانسواءِ مولانا هندستان جو تخت ۽ تاج اڳ ۾ ئي امير حبيب الله خان جي فرزند لاءِ ريزرو ڪري چڪو هو.
    بهرحال، انهن اندروني اختلافن جي باوجود حڪومت موقته ڪابل ۾ ويٺي فيصلو ڪيو ته ڪن ٻاهرين ملڪن سان تعلقات پيدا ڪرڻ ۽ کين ”موقته“ جي وجود کان واقف ڪرڻ لاءِ وفد موڪلجن.
    پهريون وفد روس لاءِ تيار ٿيو جنهن لاءِ مهندر پرتاب پنهنجي هڪ سک ساٿيءَ مٿرا سنگهه کي تيار ڪيو. مولانا جي سخت احتجاج تي هڪ مسلمان کي به وفد ۾ شامل ڪرڻ بادل ناخواسته منظور ڪيو ويو، پر مهندر ان جي خرچ ڀرڻ کان نابري واري ويهي رهيو. مجبور ٿي مولانا هڪ سئو پائونڊ پنهنجي هڪ مهاجر دوست مولوي محمد علي قصوريءَ وٽان قرض طور وٺي وفد جي ان مسلمان رڪن جي سفر خرچ جو بندوبست ڪيو. وفد کي روس جي بادشاهه (زار) جي نالي هڪ عريضو، سون جي ٿالهيءَ تي اُڪرائي ڏنو ويو. تاشقند پهچندي ئي اتان جي روسي گورنر سوفين ٿالهي کانئن کسي زار ڏانهن رواني ڪري ڇڏي ۽ وفد وارن کي زار جي جواب لاءِ ڪجهه ڏينهن پاڻ وٽ ترسائي آخر واپس ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڃڻ ڪو نه ڏنو. زار اها ٿالهي جنسي انگريزن ڏانهن موڪلي ڏني. ان ٿالهيءَ تي اُڪريل عريضي ۾ هيءُ لکيل هو ته جيڪڏهن روس هندستان کي آزاد ڪرائڻ ۾ افغانستان سان تعاون ڪندو ته هندستان ۾ کيس سياسي ۽ تجارتي فائدا ڏنا ويندا.
    انگريز، روس وٽان ٿالهي پهچندي، ان خبر کي ڏاڍو مشهور ڪيو، جيئن هندستان اندر کيس آزادي لاءِ ڪم ڪندڙن کي وڌيڪ نپوڙڻ واسطي جواز ملي. اڳتي هلي جن ثبوت جي بنياد تي رولٽايڪٽ پاس ڪيو ويو تن ۾ ان ٿالهيءَ جو قصو به شامل هو.
    روس ڏانهن موڪليل وفد جي ناڪاميءَ کان پوءِ به مولانا جي ”موقته“ همت ڪا نه هاري. ٻه ٻيا وفد تيار ڪيائين. هڪ جاپان لاءِ ٻيو ترڪيءَ لاءِ. مولانا جي زور ڀرڻ تي ٻنهي وفدن ۾ مسلمانن کي به نمائندگي ملي. سفر خرچ لاءِ جرمنيءَ کان آيل وفد وارن ٽي سئو پائونڊ مولانا جي هٿ تي رکيا. ان رقم مان هڪ سئو پائونڊ ته مهندر پرتاب ۽ برڪت الله وارا، وچ مان ئي مولانا وٽان تڳائي ويا. چي: اسان کي پنهنجي لاءِ لٽا ٺهرائڻا آهن. باقي ٻه سئو پائونڊ مولانا گهر آڻي پنهنجن ساٿين وٽ امانتي رکيا، پر اتان چوري ٿي ويا. وڏيءَ مشڪل سان مولانا نئون قرض وٺي رقم پوري ڪري ڏني. خير سان وفد ڪابل مان ته روانا ٿيا پر منزل مقصود تائين پهچي ڪو نه سگهيا.
    جاپان ڏانهن ويندڙ وفد کي روسين رستي مان جهلي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. انگريزن وفد جي اڳواڻ مٿرا سنگهه کي هندستان آڻي ڦاهيءَ تي چاڙهيو.
    ترڪيءَ جي ارادي سان نڪتل وفد به واٽ ويندي ايران ۾، مشهد وٽ گرفتار ٿيو. انگريز کين هندستان جي جيلن ۾ بند رکي سخت اذيتون ڏيندا رهيا.
    وفدن جي اهڙيءَ ناڪاميءَ کان پوءِ موقته جا ٻه ميمبر مهندر پرتاب ۽ برڪت الله به همت هاري ڪابل مان کسڪي واپس جرمنيءَ هليا ويا. اڪيلو مولانا رهجي ويو جنهن جي حوصلي ۾ البته ڪو فرق ڪو نه آيو.
    پاڻ هڪ نئين اسڪيم جوڙيائين ۽ جنهن تي نالو رکيائين ”جنود الله“. مقصد هيءُ هوس ته ڪرسچن سالويشن آرمي جهڙو هڪ نيم فوجي نظام ٺاهجي جنهن جي ذريعي عالم اسلام جي بهبود لاءِ، بنا پگهار والنٽيئر ڀرتي ڪري، ڪو وڏو ڪم ڪجي. ان نظام هيٺ جيڪي عهديدار بڻجڻا هئا تن کي جرنيل، ليفٽينٽ جرنيل، ميجر جرنيل، برگيڊيئر، ڪرنل سڏيو وڃڻو هو، هر هڪ والنٽيئر کي ڪم ڪرڻ لاءِ، ايتريقدر مخفي طرح هدايتون ڏيڻيون هيون، جو انهن جي خبر ڪنهن به ٻئي والنٽيئر کي پئجي ڪا نه سگهي.
    پروگرام جي شروعات حجاز مقدس کان ٿيڻي هئي. مدنظر هيءُ مقصد رهڻو هو ته حجاز، ايران ۽ ترڪيءَ جي اقتصاديات کي مضبوط ڪجي.
    طريقو هيءُ تجويز ٿيو ته مولانا جا ٻه ساٿي ڪابل مان نڪري لڪي ڇپي وڃي مڪه معظمه پهچن. اُتي حج جي موقعي تي ٿيندڙ قربانيءَ جون کلون گڏ ڪن، انهن کلن کي رنڱي منجهان اعليٰ درجي جي چمڙي جو سامان تيار ڪري، ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلين، ان صنعت ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي هڪ اسلامي بئنڪ ۽ هڪ جهازن جي ڪمپني به کولين.
    منصوبو ته اعليٰ ۽ عالمگير هو پر افغان حڪومت مولانا جي نمائندن کي مورڳو مڪه شريف وڃڻ جي اجازت ئي ڪا نه ڏني، جنهن ڪري ”جنود الله“ جنم وٺي ڪو نه سگهيو.
    مولانا عبيدالله کي ڪابل موڪلڻ کان پوءِ ستت ئي، مولانا محمود حسن پاڻ به (18 سيپٽمبر 1915ع جو) ديوبند مان هجرت ڪري وڃي حجاز ۾ ويٺو هو.
    اسان جي مولانا گهريو ته مولانا محمود حسن کي پنهنجي سرگذشت ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪري. تنهن ڪري هُن 6 جولاءِ 1916ع جو، هڪ مخفي، پر مفصل، خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي هڪ ملتاني مهاجر (شيخ عبدالحق نالي) کي ڏنو ته هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نو مسلم شيخ عبدالرحيمکي وڃي پهچائي. عبدالرحيم کي هيءُ حڪم موڪليو ويو ته هو اهو رومالي خط پنهنجي سر مڪي شريف کڻي وڃي، مولانا محمود حسن جي خدمت ۾ پيش ڪري.
    پر شيخ عبدالحق ملتاني، حيدرآباد ويندي، رستي ۾ پنهنجي ڳوٺ ملتان لهي پيو. اُتي امانت ۾ خيانت ڪندي، ”رومالي خط“ رب نواز نالي هڪ موقعي پرست کي ڏئي ڇڏيائين جنهن هڪدم اهو قيمتي ۽ موقعي جو تحفو انگريز حڪومت کي پهچائي پنهنجي لاءِ انعام طور زمين ٽڪر ۽ عبدالحق کي پوليس ۾ نوڪريءَ جي جاءِ هٿ ڪئي، خانبهادر پاڻ اڳ ۾ ئي هو!
    خط جو انگريز تائين پهچڻ ڇا هو، هڪ قيامت بپا ٿي ويئي، افغان حڪومت کي حڪم ڪيائين ته مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي، خود هندستان اندر جي مشڪوڪ ماڻهن جن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو هئائين تن کي هڪدم گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ رکيائين، خود خط کي ”ريشمي خط واريءَ سازش“ (Silken Letter Conspiracy) جو نالو ڏئي رولٽ ايڪٽ ٺاهڻ لاءِ فضا تيار ڪيائين.
    انگريز سرڪار وٽان حڪمن پهچندي ئي افغانستان جي حڪومت، مولانا جي خلاف سخت قدم کنيا ۽ ايندڙ ٻه سال صورتحال هيءَ بڻي رهي:
    (1) مولانا کي شهر جي هڪ سوڙهي ۽ گندي علائقي جي هڪ اڌ ڀڳل بدبودار گهرڙي ۾ بند ڪري مٿس پهريدار بيهاري ڇڏيا ويا.
    (2) جن هندستاني مهاجرن سان مولانا جو تعلق پيدا ٿي چڪو هو، تن کي نوڪرين ۽ مڪتبن مان ڪڍيو ويو.
    (3) نظربنديءَ ۽ نڀاڳ جي ان دور ۾ مولانا جا ڪي مهاجر ساٿي، مٿس انگريز طرفان جاسوسي ڪرڻ کان علاوه به اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳا هئا جن جي ڪري مولانا جي بروقت بيعزتي ٿيندي رهي. هڪ دفعي سندس ئي هڪ ساٿي درخواست ڪئي ته مولانا جو هڪ ڀائٽيو (محمد علي نالي) امير حبيب الله کي قتل ڪرڻ لاءِ سٽون سٽي رهيو آهي، شڪر آهي جو مقدمو نادر خان اڳيان پيش ٿيو جيڪو اندران اندر مولانا جو همدرد ۽ ڪنهن حد تائين حال ڀائي هو، مولانا کي ٻن چئن حاضرين تي رلائڻ کان پوءِ مقدمي مان آزاد ڪري ڇڏيائين.
    (4) افغان حڪومت جي مجموعي طرح، غير همدردانه بلڪه سخت پاليسيءَ ڪري مولانا جي ڪيترن مهاجرساٿين جي همٿ جواب ڏئي بيهي رهي. منجهان ڪي نظربنديءَ مان نڪري ڀڄي وڃڻ لڳا، محمد علي قصوري ۽ شيخ ابراهيم ياغستان هليا ويا، جتان جي سخت زندگي برداشت ڪرڻ سندن لاءِ ناممڪن ٿي پئي. محمد علي واپس لاهور هليو آيو ۽ انگريزن سان سندس صلح ٿي ويو، شيخ ابراهيم روس وڃڻ جي ارادي سان روانو ٿيو، پر رستي ۾ انگريزن جي ايجنٽن هٿان مارجي ويو. ٻه ٻيا مهاجر، عبدالرشيد ۽ محمد حسن يعقوب، سيد احمد شهيد بريلوي ؓجي باقيمانده جماعت جي مرڪزڏانهن، پناهه وٺڻ ۽ ڪابل جي سختين کان ڇٽڻ لاءِ روانا ٿيا. جماعت جو ان وقت جو امير نعمت الله صاحب هو. عبدالرشيد کي ڪنهن طرح سان معلوم ٿيو ته جناب نعمت الله صاحب في الحقيقت انگريزن جو جاسوس آهي- تنهن ڪري کيس، يعني نعمت الله صاحب کي ماري وڌائين. نعمت الله جي چوڪيدارن عبدالرشيد کي پهريان ڌڪ هڻي اڌ مئو ڪيو ۽ پوءِ جيئري کي تنور ۾ وجهي پچائي ڇڏيائون!
    (5) جيڪي هندستاني مهاجر ڪابل مان ڀڄڻ جي قابل ڪو نه رهيا سي هڪٻئي تي چغليون هڻندا ۽ هڪٻئي کي تڪليف ۾ آڻائڻ جون ڪوششون ڪندا وتيا. ٻه ٽي دفعا چورين جا واقعا به ٿيا، خود مولانا جا چار ڏوڪڙ به چورائي ٿي ويا.
    (6) سياري جي موسم ۾ مولانا کي شهر واري گندي گهرڙي ۾ بند رکندا هئا. سانوڻ ايندي شهر مان ڪڍي ”چڙيا گهر“ ۾ رهائي ڇڏيندا هئس، جتي سندس رهائش واسطي تنبوءَ جو انتظام ڪيو هئائون.
    (7) امير حبيب الله جي پوئين زماني ۾ مولانا کي وزير ماليات (مستفي الممالڪ محمد حسين) جي ذاتي حوالات ۾ ڏنو ويو. 1918ع جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن امير صاحب جلال آباد ۾ منزل انداز ٿي سرديون گذارڻ لڳو ته دستور موجب ٻين وزيرن سان گڏ وزير ماليات به شاهي ڪيمپ ۾ وڃي رهيو. هو پنهنجي قيديءَ مولانا عبيدالله کي به پاڻ سان کنڀيو کنيو ويو ۽ جلال آباد ۾ وڃي نظربند ڪري رکيائينس. جهڙي طرح مٿي حاشيي ۾ هڪ جاءِ تي بيان ڪيل آهي، اهو نامراد وزير درپرده انگريز جو ايجنٽ ۽ مسلمانن جو دشمن هو. 1918ع جي آخر ۾ ترڪيءَ کي شڪست آئي ته مولانا کي ذهني اذيت پهچائڻ خاطر، پاڻ وٽ سڏائي سندس اڳيان ترڪيءَ تي چٿرون ڪرڻ لڳو. چي: ”اينه ترڪي تمام شد“، يعني ”اها ترڪي ختم ٿي ويئي.“
    (8) اهڙي قيد ۽ ايترين ذهني ۽ جسماني اذيتن سهندي به مولانا جي دماغ مان هندستان جي مستقبل جو خيال ڪو نه ويو ۽ نه سندس سوچ ۾ افغانن خلاف ئي ڪا تلخي آئي (سياسي تحمل جو اهو بيمثال ثبوت هو.) پاڻ نظربندي جي دوران، دنيا جي آئينن جو مطالع ڪندو رهيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾، آخر هن نتيجي تي پهتو هو ته سندس پنهنجي وطن لاءِ برطانيا جو پارليماني آئين ئي موزون ٿيندو.
    (9) ترڪيءَ کي شڪست آڪٽوبر 1918ع ۾ آئي. اها خبر امير حبيب الله خان کي ملي ته هُن جمعي جي خطبن ۾ پاڻ کي ”اميرالمومنين، خليفة المسلمين“ ڪوٺائڻ شروع ڪري ڏنو. سندس اهڙي هٻڇ تي مولانا کي ڏاڍو ڏک محسوس ٿيو پر ڪري ڇا ٿي سگهيو؟
    امير حبيب الله خان جنگ ۾ نيوٽرل رهي انگريز کي هندستان جي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيو هو، امير صاحب جي اهڙيءَ مهرباني ڪري ئي انگريز لاءِ ممڪن ٿي پيو هو ته هو پنهنجون فوجون هندستان مان ڪڍي وڃي ٻاهرين محاذن تي استعمال ڪري. في الحقيقت ڏهه لکفوج هندستان مان وئي، جيڪا انگريز طرفان، زياده تر مسلمان ملڪن عراق، فلسطين ۽ ترڪي ۾ وڙهي مسلمانن جو رت وهائيندي رهي. جيڪڏهن اها فوج انگريز کي نه ملي ها ته هو اهي اسلامي ملڪ فتح ڪري ڪو نه سگهي ها ۽ ساري عالمي جنگ جو نقشو بدلجي وڃي ها.
    جيڪا فوج هندستان مان وئي تنهن جي تفصيل، ترڪي ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ اوهان کي ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ اشارا ملن ٿا. مثلاً:
    (1) ڏسو ڪتاب ”انڊين خلافت موومينٽ“، تاليف جناب ڪي-ڪي عزيز ۾: رائٽ آنريبل فشر (نائب سيڪريٽري هند) جي تقرير (صفحو 92) رائٽ آنريبل ايڊون مانٽيگو (سيڪريٽري هند) جي پارليامينٽ ۾ تقرير (صفحو 218)، گورنمينٽ برطانيا ڏانهن گورنمينٽ هند جي تار مورخه 20 فيبروري 1922ع (صفحو 206). (2) ڏسو ڪتاب ”فائر ان افغانستان“ مولفه آر-ٽي-اسٽيورٽ صفحو 20 ۽ 21. (3) ظفر حسن ايبڪ جي ”آپ بيتي“ جلد پهريون.
    عالمي جنگ متعلق سڄي لٽريچر پڙهڻ کان پوءِ ثابت پيو ٿئي ته جيڪڏهن امير حبيب الله خان، مولانا عبيدالله جي صلاح موجب، جنگ هلندي هندستان جي محاذ تي انگريزن خلاف ڪجهه خرخسو پيدا ڪري ها ته انگريز هندستان ۾ رُجهي پوي ها ۽ هو اها ڏهه لک فوج هندستان مان ڪڍي وڃي ٻاهرين مسلمان ملڪن ۾ ويڙهائي انهن کي شڪست ڏئي ڪو نه سگهي ها. بلڪه يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مورڳو انگريز ساري جنگ هارائي ويهي ها ۽ جنگ هارائڻ کانپوءِ هندستان مان خودبخود ڀڄي وڃي ها.
    تنهن ڪري اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته مولانا عبيدالله جي سوچ بلڪل صحيح هئي. پر اها مسلمانن ۽ هندستانين جي وڏي بدبختي ۽ انگريزن جي خوش نصيبي هئي، جو امير حبيب الله خان مولانا جي مشوري تي ڪو نه هليو، ۽ انگريزن وٽان ملندڙ مالي امداد خاطر، نيوٽرل رهي انگريز کي کٽايو ۽ ترڪيءَ ۽ خلافت اسلاميه کي تباهه ڪرائي ڇڏيو. آخر ۾ خود کي ته ”خليفة الملسمين“ به نصيب ڪا نه ٿيس. نه ڪي انگريز وٽان امداد واري رقم ئي پهچي سگهيس، جنهن جي پشاور مان کڻائي آڻڻ لاءِ گڏهن، گهوڙن ۽ خچرن جو قافلو روانو ڪيو هئائين. (ان قافلي جي واپس اچڻ کان اڳ ئي پاڻ وڃي ٻئي جهان پهتو هو.)
    امير حبيب الله خان، جلال آباد جي ڀر ۾ (لغمان ۾)، 19-1918ع جي سياري جي موسم شيل شڪار ۽ سير تفريح ۾ صرف ڪري رهيو هو. اوچتو رات وڳڙي ۾ ڪو شاهينگ سندس تنبوءَ ۾ گهڙي کيس مٿي ۾ گولي هڻي، ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ويو.  اهو واقعو 19 ۽ 20 فيبروري (1919ع) جي وچ واري رات ۾ ٿي گذريو.
    سندس ڀاءُ نصرالله خان (جيڪو ساڻس گڏ جلال آباد آيل هو) سندس جاءِ تي پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو. پٺيان ڪابل مان وري امير جي ٻئي نمبر پٽ، امان الله خان، پنهنجي بادشاهي جو ڍنڍورو ڦيرايو ۽ پڳ ٻڌي ويهي رهيو.
    نصر الله خان فوج جي پگهارن ۾ فقط ٻن رپين جو اضافو ڏنو، امان الله خان پنج رپيا اضافو ڪري، فوجين کي پاڻ سان ملائي، نصرالله خان کي گرفتار ڪرائي ڪابل ۾ آڻائي بند ڪيو، جلال آباد کان سندس هٿن ۽ پيرن ۾ زنجير وجهي ڪابل آندو هئائونس. 
    مولانا عبيدالله به وزير ماليات (مستفي الممالڪ) جي قيديءَ طور جلال آباد ۾ بند هو. تنهن کي به امان الله پاڻ وٽ گهرائي ساڻس آئينده لاءِ پروگرام طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا کي اشارتاً تسلي ڏنائين ته آءٌ اهو ساڳيو آهيان. يعني جنهن جي لاءِ توهان هندستان جو تخت تجويز ڪيو هو! تخت تي ويهندي امان الله اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ملڪ کي انگريز جي تسلط کان به آجو ڪرائيندو. اڳتي جو پروگرام هن طرح ٺهيو ته:
    (1) مولانا صاحب وزير داخله حڪومت موقته هند جي حيثيت ۾، هندستانين جي نالي هيءُ عام اعلان موڪليندو ته: عنقريب هندستان تي چڙهائي ٿي رهي آهي، هندستان جي ماڻهن کي چڙهائي ڪندڙ فوجن جو مقابلو ڪرڻ نه گهرجي، پاڻ انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، انگريزي نظام مواصلات کي درهم برهم ڪيو وڃي، انگريزن کي قتل ڪيو وڃي وغيره، وغيره. (مولانا رات جي پيٽ ۾، ڪابل جي سرڪاري پريس ۾ ويهي اهڙو اعلان اردو ۽ انگريزي ۾، هينڊ بلن جي صورت ۾ڇپرائي تيار ڪرائي ورتو.) اهو اُهوئي اعلان آهي جيڪو هن مضمون جي مُهڙ ۾ ڏنو ويو آهي.
    (2) افغانستان جون فوجون، هندستان جي سرحدن ڏانهن وڌي ٽن محاذن تي مورچا هڻي ويهنديون ۽ حملي ڪرڻ لاءِ آخري حڪم جو انتظار ڪنديون.
    (3) مولانا پنهنجا ڪڍيل اشتهار، پنهنجن مهاجر رفيقن هٿان هندستان موڪلي اُت تقسيم ڪرائيندو. اهو ڪم حملي ٿيڻ کان پهرين پورو ڪيوويندو.
    (4) هر محاذ تي فوجي ڪمانڊرن کي صلاح مشوره ڏيڻ لاءِ مولانا طرفان هڪ ماڻهو موجود رهندو.
    (5) خيبر- تورخم واري محاذ جي اهميت جي پيش نظر مولانا پاڻ اُن محاذ تي فوجي ڪمانڊر سان گڏ رهندو.
    (6) اهي سموريون ڪارروايون شروع ۾ مخفي طور ڪيون وينديون، جيئن انگريز کي بيخبريءَ جي عالم ۾ اوچتو وڪوڙي وٺجي.
    پوءِ جي واقعات جو سلسلو هن ريت رهيو:
    * مارچ ۽ اپريل (1919ع) ۾ امان الله ۽ مولانا جي رٿيل پروگرام تي عمل شروع ٿيو.
    * ساڳئي اپريل جي 13 تاريخ هندستان ۾ جليان والا باغوارو ڪوس ٿيو، جنهن ڪري هندستان ۾ انگريز خلاف ڪانگريس تحريڪ جو طوفان کڙو ٿي ويو. امان الله خان ۽ مولانا وارن ان موقعي کي هندستان تي چڙهائي لاءِ تمام موزون سمجهيو.
    * اپريل جو سارو مهينو افغان فوجون سرحد طرف، مورچا بنديءَ لاءِ مخفي طرح ٽن محاذن ڏانهن وڌنديون رهيون. خيبر تورخم واري محاذ ڏانهن جيڪا فوج وڌي تنهن کي مشورن ڏيڻ لاءِ مولانا صاحب خود کي موڪليو.
    * ساڳئي مهيني ۾ مولانا جا ٻه رفيق، سندس ڇپايل اعلان جا هينڊ بل، لڪي ڇپي وڃي هندستان ۾ ورهائي آيا. 
    * افغان فوجن کي اهو حڪم ڏنل هو ته هو محاذن تي پڄڻ کانپوءِ صرف مورچابند ٿي ويهي رهن ۽ اوستائين نه ٺڪا ٺوڪي ڪن، نه پاڻ کي ظاهر ڪن، جيستائين ڪابل مان کين ٻيو حڪم نه مليو آهي.
    * پر، تورخم واري محاذ ڏانهن ويل فوج وقت کان اڳ راز کولي وڌو. يعني مولانا کان ڪنهن به صلاح وٺڻ کانسواءِ هنن 20 تاريخ مئي تي تورخم وٽ دره خيبر جي ڀر ۾ هڪ تڪراري چشمي جي قبضي تي انگريزي سپاهين تي فائرنگ ڪري انگريز کي خبردار ڪري ڇڏيو، نه ته اوستائين انگريز کي افغان فوجن جي سرحد تي ڪٺي ٿيڻ جي خبر ڪا نه پئجي سگهي هئي. هينئر جو انگريز اک پٽي ته افغانن جي ساري ڪارگذاري سندس سامهون هئي.
    * عالمي جنگ مان، اڃا چند مهينا اڳ، فارغ ٿيڻ کانپوءِ انگريز گهڻو ٿڪل هو ۽ سندس فوجون چار سال مسلسل وڙهڻ کانپوءِ هينئر آرام ڪرڻ لاءِ آيون هيون، پر ان هوندي به منجهس ايتري طاقت ضرور هئي ته هو افغان فوجن جو مقابلو ڪري سگهي. افغانن وٽ نه ڪافي هٿيار هئا، نه جيڪي هٿيار هئن سي جديد قسم جا هئا، فوجين جو هيءُ حال هو جو سندن پگهارون بقايا ۾ حڪومت جي ذمي رهجي ويل هيون، سرحد جي جن ”قبائلي لشڪرن“ جي همدردي ۽ جنگ ۾ شرڪت تي ڀاڙيو هوائون، تن جي هيءَ هلت هئي ته جت به موقعو ٿي ملين ته اُتي ماڻهن جا گهر ۽ دڪان ڦري لُٽي، مڏي مٿي تي کڻي، راتو واهه محاذ ڇڏيو پنهنجي گهرن ڏانهن ڀڄيو ٿي ويا. عالمي جنگ ۾ هوائي جهاز ٺهي ۽ استعمال ٿي چڪا هئا، پر افغانن اڃا هوائي جهاز اکين سان به ڪو نه ڏٺو هو.
    * 8-تاريخ مئي تي انگريزن هوائي جهاز موڪلي تورخم واري محاذ تي افغان فوجن مٿان بم ڪيرايا. بم جو هڪ ٽڪرو افغان ڪمانڊر صالح محمد خان جي پير ۾ به لڳو، هو ”پائے ما شہید شد“ (منهنجو پير شهيدٿي ويو) جون دانهون ڪندو، پنهنجي فوجي دستي کي پاڻ سان گڏ ڀڄايو، وڃي پوئتي ڊڪي جي ڇانوڻيءَ ۾ ڇپي ويهي رهيو. محاذ ٽٽي تتر بتر ٿي ويو.
    وچان اسان جو مولانا روهه ۾ رُلي ويو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي کُڙي کڻي وڃي چمرڪند (ياغستان) ۾ دم پٽيائين. نه وطن وري سگهيو ٿي، نه ڪابل ۾ ڪنڌ کڻي سگهڻ جهڙو رهيو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان الله خود ضرورت محسوس ڪئي ته مولانا سان مزيد مشورو ٿيڻ گهرجي، چمرڪند مان ڪابل گهرائي ورتائين.
    * انگريزن جي هڪ هوائي جهاز 24 تاريخ مئي تي پشاور مان ڪهي اچي ڪابل مٿان هڪ اڌ گولو ڪيرايو. افغانن آسمان مان ڪرندڙ بمن جي بهاري پهريون ڀيرو ڏٺي، هراس ۾ پئجي ويا.
    * امان الله خان بنهه دل هاري بيهي رهيو. هندستان طرف وڌڻ ۽ مولانا صاحب جي خوابن ۽ اميدن کي پورو ڪرڻ ته درڪنار، نه ڪيائين هم نه تم- هڪدم جنگبندي جو اعلان ڪري، 27 مئي تي محاذن جي ڪمانڊرن ڏانهن حڪم موڪلي ڏنائين ته هو پنهنجون فوجون سرحد کان ويهه ميل پوئتي هٽائي ڇڏين. ويچاري مولانا کان ته پڇيائين به ڪو نه!
    * 8 آگسٽ (1919ع) تي امان الله خان جي نمائندن، راولپنڊي پهچي انگريزن سان (عارضي وقتي) صلح نامو ڪيو، انگريزن سالانه امداد واري رقم تان هٿ کڻائي، افغانستان کي في الحال خط ذريعي هڪ آزاد رياست تسليم ڪرڻ جو دلاسو ڏنو.
    * راولپنڊي ۾ انهن ڳالهين هلندي افغان نمائندن هڪ اکر به هندستان جي باري ۾ انگريزن کي ڪو نه چيو. 
    * ان عارضي صلح نامي جي تصديق ۽ مستقبل جي تعلقات جي نوعيت متعين ٿيڻ اڃا باقي هئي.
    * ورندڙ سال، يعني 1920ع ٻنهي طرفن حالتن چڪاسڻ ۾ صرف ڪيو. انگريزن خلاف جليان والا باغ ڪري هندستان اندر ڪانگريس هلچل زور سان اڀرندي ٿي ويئي، ترڪيءَ جي مسئلي تي مسلمانن ۾ به شديد اشتعال پيدا ٿي چڪو هو، انگريز انهن حالتن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ بندوبست ڪندو رهيو. ٻئي طرف امان الله خان وارا روس جي نئينڪميونسٽ حڪومت جا ٽپڙ جاچيندا رهيا ته انگريزن سان دوباره جهيڙي واريءَ حالت ۾ کين روس وٽان ڪهڙي ۽ ڪيتري مدد ملي سگهندي. ساڳئي وقت امان الله خان پنهنجا سفير ٻاهرين ملڪن ڏانهن به روانو ڪندو رهيو ته هو دنيا جي حڪومتن کي وڃي هيءَ خوشخبري ٻڌائين ته افغانستان هينئر انگريزن جي چنبي مان نڪري آزاد خودمختيار رياست بڻجي چڪو آهي، جنهن سان سڌيءَ طرح سفارتي رشتا قائم ڪرڻ سندن لاءِ مناسب قدم ٿيندو.
    * ٻئي سال، يعني 1921ع جي جنوري مهيني ۾ انگريزن سر هنري ڊابس جي سرڪردگيءَ هيٺ، امان الله سان پڪي عهدنامي بابت ڳالهين هلائڻ لاءِ، پنهنجو وفد ڪابل موڪليو. ڳالهيون ست-اٺ مهينا هلنديون رهيون ۽ گهڻو ڪري پوزيشن صاف ٿي ويئي.
    * ساڳئي سال (1921ع) جي آخر ۾، امان الله خان پنهنجن نمائندن جو وفد پنهنجي سهري محمود طرزي(2) جي سربراهي هيٺ انگريزن سان آخري عهدنامي طئي ڪرڻ لاءِ هندستان موڪليو. مسوريءَ ۾ شرطن تي گهڻو وقت ڪشمڪش هلندي رهي. نيٺ 22 نومبر تي پڪي صلح نامي ۽ عهدنامي تي صحيحون پئجي ويون ۽ امان الله ۽ انگريز جو جهيڙو ختم ٿيو، ٻيئي پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿي ويا. انگريزن کيس آزاد بادشاهه قبول ڪيو ۽ ”هزميجسٽي“ ڪوٺڻ قبول ڪيو.
    * محمود طرزي، جڏهن هندستان ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو هو ته هن مولانا عبيدالله کي ڏٽو ڏئي، کانئس ڪيترن هندستاني ليڊرن ۽ انقلابي ورڪرن نالي خط ورتا هئا، خطن وٺڻ جو مقصد، مولانا کي هيءُ ٻڌايو هئائين ته انگريز سان صلح ٿيڻ جو امڪان ڪو نه آهي، تنهن ڪري جنهن وقت انگريزن سان ڳالهيون ٽٽيون ته هو اهي خط هندستان وارن کي پهچائي کانئن بغاوت ڪرائيندو ۽ پاڻ واپس ڪابل پهچي هڪدم سندن مدد لاءِ افغان لشڪر روانو ڪرائيندو، اهو سڄو ٺلهو چقمو هو. پاڻ ڪيائين ڇا، جو مسوريءَ ۾انگريزن سان عهدنامي تي صحيحن ڪرڻ کانپوءِ اهي سمورا خط، ساڻن پنهنجيءَ خيرخواهي ڏيکارڻ لاءِ سندن (يعني انگريزن جي) حوالي ڪري ڇڏيائين!
    انگريزن جي سائين کڻي سُڻي، کين معلوم ٿي ويو ته هندستان اندر ڪهڙا ڪهڙا لڪل انقلابي آهن.
    اُنهن کي ٻڌڻ لاءِ هڪدم وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏنائون. جيڪي غريب اڄ تائين سي آءِ ڊي جي نظرن کان ٽريل هئا سي به هينئر نگهوسار ٿي ويا.
    انگريزن انهن خطن ڏسڻ کانپوءِ، اهڙو تشدد ڪيو جنهن جو مثال اڳ نظر ڪو نه آيو هو.
    اها هئي محمود طرزيءَ جي ڪارستاني، يا مولانا سان افغانن جي روش!
    * جنرل نادر خان مرحوم ته محمود طرزيءَ کان به وڌيڪ سِٽ سٽيو ويٺو هو. سندس ڪوشش هئي ته امان الله خان مسوريءَ واري وفد جي اڳواڻي سندس سپرد ڪري جيئن هو ان موقعي جو فائدو وٺي، انگريزن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ۽ ساڻن ڊپلوميسي هلائي کانئن سرحد جو سڄو علائقو، درياهه جي ساڄي ڪناري وارو اٽڪ جي پل تائين ڇڏائي افغانستان ۾ شامل ڪرائي ڇڏي. پر امان الله خان کيس مسوريءَ ڪو نه موڪليو، جنهن ڪري اهو منصوبو اُپڙي ڪو نه سگهيو....ولي بخير گذشت!
    1921ع ۾ جڏهن افغانن ۽ انگريزن جي وچ ۾ پڪي عهدنامي جي شرطن تي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي ته انگريزن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي کانئن پنهنجي آزادي وٺڻ لاءِ امان الله خان هڪ ٻيو حيلو به هلايو.
    هندستان ۾ هجرت جي چئوپچوءِ هلڻ لڳي هئي. فرنگي محل (لکنو) جي مولانا عبدالباري صاحب رحمت الله عليه فتويٰ جاري ڪئي هئي ته انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري هندستان مسلمانن لاءِ ”دارالحرب“بڻجي چڪو آهي، جتان هجرت ڪري ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ وڃي پناهه وٺڻ هينئر مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.
    امان الله اها خبر ٻڌي اعلان ڪيو ته ”افغانستان جو سارو ملڪ هندستان جي مهاجرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“ ان اعلان جا رڪارڊ ڀرائي هندستان موڪلي مسلمانن کي ٻڌرايا ويا.
    ان آسري تي لڳي، شروع 1921ع ۾ مهاجرن جاقافلا افغانستان ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا. ٿورن ڏينهن اندر پنجاهه هزار مهاجر افغانستان پهچي ويا. پٺيان قافلن کي رواني ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به جاچ ڪا نه لڌي هئي ته افغانستان ايترن ماڻهن کي رهائي ۽ پالي به سگهندو يا نه؟ انگريز کي البته حالتن جو صحيح اندازو هو. هن سمجهيو هو ته افغانستان ايترن مهاجرن لاءِ گنجائش پيدا ڪري ڪو نه سگهندو ۽ مهاجرن کي دربدر خاڪ بسر ٿي موٽي پنهنجي وطن اچڻو پوندو ۽ ان ڳالهه تان هندستان جي مسلمانن ۾ افغانن خلاف خاصي نفرت پيدا ٿيندي. ان يقين جي مدنظر انگريز سرحدون کولي ڇڏيون ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا مسلمان افغانستان وڃي پنهنجو مُنهن ڀت سان هڻي موٽي اچن.
    آخر ٿيو به ايئن. افغانستان ايترن مهمانن لاءِ بندوبست ڪري ڪو نه سگهيو. مهاجر ويچارا سڀ ڪجهه لٽائي، ملڪيتون وڪڻي، جيڪو پئسو ٽڪو ساڻ کڻي ويا هئا، سو سڀ اُتي ڦرائي (ڪن حالتن ۾ زالون ۽ ٻار به کسائي)، ڪنگال ۽ اڌ مُئا ٿي، واپس اچي ڳوٺ پهتا. کين ڪابل مان جلد ڀڄائڻ جي نيت سان، هڪ مهاجر ڪيمپ ڏانهن رات جي وقت پاڻي ڇڏي ٻوڙ ٻوڙان ڪرائي ڇڏيائون. ڪابل جي ٿڌ ۽ اڌ رات جو ٻوڏ! سائين ڏئي، بندو سهي!!
    مولانا ڪابل ۾ ويٺي ان حال تي ارمان ڪندو رهيو، قافلن کي موڪلڻ کاناڳ کانئس ڪنهن ڪو نه پڇرايو هو ته امان الله وارن جي نيت ڪهڙي آهي، ورنه مولانا ڪابل جي حالتن کان کين اڳواٽ خبردار ڪري ڇڏي ها.
    ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻه اڍائي سال ڏاڍا ڏکيا گذريا. حبيب الله خان خواهه امان الله خان وارن جون ڪارگذاريون ڏسي سندس اميدون مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون، ان هوندي به هو واندو ڪو نه ويهي رهيو.
    پهرين ته روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت جي ڪابل ۾ رهندڙ سفير سان تعلقات پيدا ڪري ورتائين، جيڪي اڳتي هلي سندس ڪم آيا.
    ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيائين جو هن پنهنجا ٻه چار ساٿي ڪٺا ڪري آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ڪابل شاخ ٺاهي ورتي، جنهن جو پاڻ صدر بڻيو ۽ حيدرآباد سنڌ مان ويل نوجوان مهاجر، ڊاڪٽر شيخنور محمد کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيائين. آل انڊيا ڪانگريس جي گيا واري سالانه اجلاس ان شاخ کي تسليم ڪري ان جو پاڻ سان الحاق منظور ڪري ڇڏيو.
    ان مان فائدو اهو رسيو جو ٻاهرين دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ مولانا کي سياسي حيثيت حاصل ٿي ويئي. ڪانگريس اڳ ۾ ئي بين الاقوامي دنيا ۾ مشهور ٿي چڪي هئي. مولانا کي هينئر هي حق حاصل ٿيو ته هو ڪانگريس جي نمائندي طور، هندستان جي آزادي ۽ سياست جي باري ۾، ٻاهرين دنيا سان ڳالهيون ڪري سگهي. ڪانگريس جي اها پهرين شاخ هئي جيڪا باقاعده ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ قائم ٿي. اُن کان اڳ ڪانگريس پاران صرف پروپيگندا ٿيندي رهي هئي.
    اُنهن ڏينهن ۾ يعني 1921ع ۾ مهاتما گانڌي عدم تعاون جي تحريڪ هلائڻ واسطي هڪ ڪروڙ چندي لاءِ اپيل ڪئي هئي، جنهن جي وصولي لاءِ آخري عرصو ڊسمبر 1921ع مقرر ڪيو هئائين. مولانا کي خبر پئي ته رقم ۾ اڃا ڪجهه ڪمي رهجي وئي آهي ۽اُن جي وقت اندر وصوليءَ ۾ گانڌي جيءَ کي ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي.
    مولانا هڪدم روس جي سفير سان رابطو قائم ڪري، سندس اڳيان هندستان جي آزاديءَ جو مسئلو اهڙي ڊپلوميٽڪ انداز ۾ پيش ڪيو، جو روسي حڪومت هِر کجي هڪ لک رپيا گانڌي جيءَ جي فنڊ ۾ ڏيڻو ڪيو. مولانا اهڙو اطلاع هندستان موڪليو، پر ان کان اڳ ۾ ئي ڪروڙ رپيو ڪَٺو ٿي ويو هو، جنهن ڪري مولانا روسين کي ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي سندن مالي مدد جي ضرورت ڪا نه رهي آهي.
    مولانا جي ان ڪوشش جو البته هيءُ نتيجو نڪتو ته روسين ۾ هندستان جي مسئلي جي باري ۾ دلچسپي پيدا ٿي ويئي ۽ هنن مسئلي جي سمجهڻ ۽ هندستان سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني.
    ٽيون ڪم مولانا هيءُ ڪيو ته هن ڪابل ۾ ”بين الاسلامي اردو يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ لاءِ امان الله جي حڪومت کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان مولانا سردست هڪ اردو اسڪول به کولي ڇڏيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن افغانن ۾ اردو زبان جو چرچو هليو ته ممڪن آهي ته هندستان سان سندن ڳوڙهو ۽ سڌو رابطو پيدا ٿي پوي.
    امان الله خان، مولانا کي اردو يونيورسٽي کولڻ لاءِ به اجازت جي چارٽر ڏيڻ کان گهڻي عرصي تائين رلائڻ کانپوءِ، انڪار ڪري ڇڏيو، نه صرف ايترو پر پٺاڻن گوڙ ڪري مولانا وارو اڳ کليل اردو اسڪول به بند ڪرائي ورتو.
    نعرو هيءُ هنيائون ته:
    ”مار را اَمان، ہندستانی را بِکُش“
    (يعني نانگ کي پناهه ڏيو، هندستانيءَ کي ڪُهو!)
    امان الله خان، انگريز کان پنهنجي آزاديءَ جي چٺي وٺڻ کانپوءِ موج ۾ اچي ويو هو، اتاترڪ مصطفيٰ ڪمال انهن ڏينهن ۾ اُڀري رهيو هو، امان الله خان سپنا لهڻ لڳو ته هو به اتاترڪ جي جُتيءَ ۾ پير وجهندو. اها ڳالهه به ياد ڪا نه رهيس ته کيس انهيءَ منزل تائين پهچائڻ، ۽ سندس ملڪ کي انگريز کان آزاد ڪرائڻ ۾ مولانا عبيدالله جو ڪيترو هٿ هو؟ يا هُن قلندر مڙس، پٺاڻن کي ان مقام معليٰ تائين پهچائڻ خاطر پاڻ ڪيترا سور سٺا هئا؟
    مولانا جي ڪابل پهچڻ کان اڳ افغانستان جو ڇا حال هو ۽ پوءِ ڪهڙو حال بڻيو؟ مولانا جي ڪابل پهچڻ تائين ته افغانستان وارا سُتل رهيا هئا يا خانه جنگيءَ ۾ مصروف. سندن امير پشت به پشت انگريز جا وظيفه خوار هوندا هئا، سالانه وظيفه وٺندا هئا ۽ انگريز سان وفاداريءَ جا دم پيا ڀريندا هئا. سندن ملڪ جي حيثيت هندستان جي هڪ معمولي رياست جهڙي هوندي هئي، امير صاحب جي پهچ سڌيءَ طرح انگريزن جي بادشاههتائين به ڪانه هوندي هئي، هو هندستان جي وائسراءِ ڏانهن واجهائيندو رهندو هو، جنهن جي هدايتن تي ئي کيس عمل ڪرڻو پوندو هو، خارجه پاليسي ۾ سندن پنهنجو ڪو درڪ ڪو نه هوندو هو، ڪنهن به ڌارئين ملڪ سان تعلقات رکي ڪو نه سگهندا هئا، سفارتي نمائندن مقرر ڪرڻ يا ٻاهر موڪلڻ جي آزادي ڪو نه هوندي هئن. محتاجيءَ، بيوسيءَ ۽ اندروني سالميت جي هيءَ ڪيفيت هئي جو امير صاحب کي پنهنجن عزيزن ۽ قريبن کان بچائڻ خاطر انگريز کي اهو بندوبست ڪرڻو پيو ته هو اهڙن ماڻهن کي مورڳو ملڪ مان ڪڍي هندستان ۾ آڻي پنهنجي نظر هيٺ رهائي ۽ سندن قوت گذران جو خرچ خود برداشت ڪري، جيئن امير صاحب پٺيان آرام سان ڪابل ۾ رهي انگريز پاران هندو ڪُش دره جي چوڪيداري ڪندو رهي! ان خدمت عيوض کيس ارڙهن لک رپيا سالانا پگهار ملندو رهندو هو.
    * پر مولانا جي ڪابل پهچڻ کان پوءِ ڪايا ڪيئن پلٽي؟
    * اهو نفسياتي ڦيرو ڪيئن آيو ۽ ڪنهن آندو؟
    * صدين کان سُتلن کي ڪنهن جاڳايو؟
    * آزاديءَ جو شعور ڪٿان آيو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جا روشن امڪانات ڪنهن کين ڏيکاريا؟
    * کين اهو نُڪتو ڪنهن ذهن نشين ڪرايو ته عالمي جنگ جو زمانو (جنهن ۾ انگريز ٻين هنڌن تي ڦاٿا پيا آهن) انگريز کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ موزون ترين زمانو آهي؟
    * امير حبيب الله مرحوم جي پنهنجي بخت ڪو نه ڀڙايو، پر کيس ڪنهن هرکائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو اٿي کڙو ٿيندو ته سندس هڪ پٽ (امان الله) کي هندستان جي آئيني بادشاهت ملي سگهي ٿي؟
    * ان امڪان جي ڳالهه امان الله خان جي ڪنن تائين ڪنهن پهچرائي؟
    * امير حبيب الله مان نااميد ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ”زير زمين“ رهي ۽ سختيون ۽ بي عزتيون سهي، افغان سردارن نادر خان، نصر الله خان ۽ ٻين سان تعلقات پيدا ڪري منجهن هيءُ احساس پيدا ڪيو ته حبيب الله خان جون انگريز نواز پاليسيون درست نه آهن ۽ آخر ۾ حبيب الله خان مارجي ويو؟
    * خود امان الله خان کي ڪنهن اهو مشورو ڏنو ۽ اٿاريو ته عالمي جنگ پوري ٿي وڃڻ جي باوجود اڃا به وقت نه ويو آهي ۽ انگريز خلاف چڙهائي ڪجي؟
    * انگريز کي ڊيڄارڻ ۽ افغانستان جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ ڪنهن پنهنجي ڪابل ۾ موجودگي ۽ سياسي ڪارگذارين جي ذريعي هيءُ تاثرپيدا ڪرايو ته هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۽ افغانن جي آزاديءَ جي تحريڪ جي وچ ۾ سڌو ۽ پختو ڳانڍاپو قائم ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري ٻئي تحريڪون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن ۽ هينئر افغانستان طرفان حملي شروع ٿيندي ئي هندستان جا عوام به انگريز جي خلاف اٿي کڙا ٿيندا ۽ هو (يعني انگريز) ان دوطرفيءَ باهه جو مقابلو ڪري ڪو نه سگهندو؟
    * ڪنهن جي ”ريشمي رومال“ واريءَ چال انگريزن جي دل تي ايڏي هيبت ويهاري ڇڏي ۽ کين ايتريقدر بدحواس بنائي وڌو جو هو رولٽ بل ڪميٽيءَ اڳيان روئڻ لڳا ۽ بالآخر رولٽ ايڪٽ پاس ڪري ۽ حواس باختگيءَ جي حالت ۾ جليان والا ۾ ماڻهو ڪُهي، هندستان مان پنهنجين پاڙن پٽائڻ جي شروعات ڪري ويٺا.
    * ڇا مولانا صاحب وارن جيڪو مراسلو، سون جي پليٽ تي اُڪرائي روس جي بادشاهه (زار) ڏانهن روانو ڪيو ۽ زار انگريزن کي ڏيکاريو، تنهن انگريزن جون وايون بتال نه ڪري ڇڏيون؟
    * ڇا، ڪابل ۾ رهندي، مولانا جي ”حڪومت موقته هند“، جيڪي وفد روس، جاپان ۽ ترڪي ڏانهن روانا ڪيا، تن جو انگريز تي اهو اثر نه پيو ته هندستان جا انقلابي، سندن خلاف ڪابل ۾ رهندي، ڪا موتمار بين الاقوامي سازش سٽي رهيا آهن؟
    * ڇا مولانا جي ڪابل ۾ رهندي هندستان جي عارضي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا ڪانگريس جي شاخ ڪابل ۾ کولڻ، انگريز جي ذهني پريشانين ۾ ڪو اضافو ڪو نه ڪيو هوندو؟
    * ڇا انگريز ان ڳالهه کان بي خبر هو ته امان الله جي فوجن جي سرحدن ڏانهن وڌڻ شرط، مولانا هندستان وارن ڏانهن هيءُ اعلان، اشتهار جي صورت ۾ موڪليو هو ته هو حملي ڪندڙ فوجن جي مدد ڪن، انگريزن کي صفا خون ڪن، ۽ سندن مواصلاتي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏين؟
    * ڇا مولانا ۽ سندس نمائندا بسر خود، افغان فوجن سان گڏ محاذن ڏانهن نه ويل هئا (سندن رهنمائي لاءِ؟) ڇا انگريز کي اهو پتو پئجي ڪو نه سگهيو هوندو؟
    * ڇا افغان فوج سان گڏ مولانا ۽ سندس نمائندن جي موجودگيءَ مان انگريز اهو نه سمجهيو ته مڪمل حملي ٿيڻ واريءَ حالت ۾، مولانا جي ساڻن گڏ اچڻ ڪري هندستان وارا به افغان حملي آورن سان شامل ٿي ويندا ۽ سندس ٿڪل ۽ عالمي جنگ جون پينڃاڙيل فوجون اندرئين انتشار ۽ ٻاهران جي حملن جو به يڪ وقت مقابلو ڪري ڪو نه سگهنديون؟
    * ڇا انگريز جي جاسوسن کين اها خبر ڪا نه پهچائي هوندي ته مولانا، ان وچ ۾ روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت سان به رابطو پيدا ڪري ورتو آهي ۽ اهو رابطو ايتريقدر وڌي چڪو آهي جو روس جي هندستان جي معاملن ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي آهي ۽ هن مولانا جي چوڻ تي مهاتما گانڌيءَ جي چندي ۾ هڪ لک جي رقم ڏيڻي ڪئي آهي.
    * ڇا ان زبردست ۽ مسلسل نفسياتيجنگ Psychological Warfare جو جيڪا مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريز خلاف لڙندو رهيو هو، مجموعي نتيجو اهو نه نڪتو ته:
    (1) انگريزن جو مورال Morale يا حوصلو هارجي ويو ۽ هو گهٻرائجي ويا؟
    (2) ان گهٻراهٽ ۾ هنن فيصلو ڪيو ته هندستان کي ان سازش جي چڪر مان ڪڍڻ لاءِ اهو بهتر آهي ته افغانستان جهڙي ننڍڙي ملڪ کي آزاديءَ جو لوڀ ڏئي پاڻ سان ملائي وٺجي جيئن هو ان وڏيءَ سازش مان پاڻ کي علحده ڪري، هندستان جي انقلابين جو تڏو ڪڍي وٺي ۽ هندستان تان دوطرفو خطرو ٽري وڃي (جتي جليان والا کان پوءِ اڳ ۾ ئي گهڻو اندروني انتشار ڦهلجي چڪو هو.)
    (3) تنهن ڪري انگريزن تورخم جي چشمي تي معمولي ٺڪاٺُڪي ٻڌڻ ۽ جواب ۾ نمائشي ٻن ٽن گولن اڇلائڻ کانپوءِ ڪَن ڇٻا ڪري، امان الله خان کي آزاد بادشاهه تسليم ڪرڻ قبول ڪري ڇڏيو.
    غور طلب نُڪتو هيءُ آهي ته انگريزن ساڳي شيءِ ڇو نه امان الله خان جي ڏاڏي مرحوم امير عبدالرحمان خان يا امان الله خان جي والد امير حبيب الله خان کي ڏيڻ قبولي هئي؟ حالانڪه امير عبدالرحمان ته نسبتاً زياده طاقتور ۽ بهادر امير هو.
    هٿيارن خواهه لڙائي جي سامان ۾ به امان الله خان کائن وڌ ڪو نه هو، امان الله خان وٽ به اُهي ئي پراڻيون بندوقون ۽ ٻه چار گِهِل گهلان ٽائپ جون توبون هيون جيڪي عبدالرحمان خان ۽ حبيب الله خان ڇڏي ويا هئا.
    پوءِ هنن جي ناڪامي ۽ امان الله خان جي ڪاميابيءَ جو ڇا سبب هو؟
    سبب هيءُ هو ته انهن مان هڪ جي زماني ۾ مولانا عبيدالله اڃا ڪو نه هو، ٻئي جي زماني ۾ عبيدالله پهچي چڪو هو، پر هن سندس مشورن تي عمل نه ڪيو.
    امان الله جي خوش قسمتي هئي جو هن وٽ عبيدالله به موجود هو ۽ ڪجهه وقت تائين هو سندس مشورن تي به هلندو رهيو.
    تنهن کانسواءِ اُن زبردست نفسياتي جنگ جو فائدو به مليو جيڪا مولانا عبيدالله خود انگريزن خلاف جوٽي رکي هئي ۽ جنهن انگريزن جا حوصلا پست ڪري رکيا هئا.
    ٻين اکرن ۾ هيئن چئجي ته مولانا عبيدالله افغانستان کي آزادي ۽ امان الله خان کي بادشاهي وٺي ڏني ۽ ان لحاظ سان گهٽ ۾ گهٽ، هو افغانستان جي آزاديءَ جو ذهني طرح معمار هو.
    ظاهر آهي ته امان الله وٽان هندستان لاءِ کيس ڪا به هڙ حاصل ٿي ڪا نه سگهي هئي، پر هو تنهن هوندي به دل ۾ خوش هو ته هُن گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن جي هڪ ملڪ کي ته انگريزن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ورتو.
    پاڻ پڇاڙيءَ تائين افغانن جي شڪايت ڪا نه ڪيائين، هڪ حرف به سندن خلاف زبان تي يا تحرير ۾ ڪو نه آندائين. حساب دوستان درد دل! يا تصوير جو ڪو ٻيو رخ به هو؟
    مون هن معلوم ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ته امان الله خان پنهنجي ڪم ڪڍڻ کانپوءِ هندستان جي مسئلي مان ڇو هٿ ڪڍي ويهي رهيو؟ ڪجهه سبب سمجهه ۾ اچي سگهن ٿا. مثلاً:
    (1) هن پاڻ ۾ ۽ پنهنجي فوج ۾، اهو ڀوتو نه ڀايون ته هو هندستان جيڏي وڏي ملڪ کي جيڪو هزارن ميلن ۾ مدراس ۽ بنگال تائين ڦهليل هو، فتح ڪري سگهندا. انگريز کي ڊيڄارڻ لاءِ ڏيکاءَ ڪرڻ ٻي ڳالهه هئي.
    (2) انگريز بيشڪ جنگ ڪري ٿڪل هو پر هو جنگ ۾ نمايان ڪاميابي به حاصل ڪري چڪو هو ۽ سندس ذرايع، افغانستان جي ڀيٽ ۾، اڃا به، گهڻو زياده هئا. سندس ايمپائر دنيا جي وڏي حصي ۾ پکڙيل هئي، ۽ هو پنهنجن سڀني دشمنن کي اڳ ۾ ئي شڪست ڏئي نيست و نابود ڪري چڪو هو. هينئر ڪو به ٻاهريون ملڪ ڪو نه بچيو هو، جيڪو انگريز خلاف افغانستان جي مدد ۾ ميدان ۾ نڪري اچڻ جي قابل رهيو هجي. ترڪي، ايران، جرمن، آسٽريا ختم ٿي چڪا هئا. روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت اڃا پنهنجن اندروني جهيڙن ۾ مبتلا هئا، کيس قائم ٿئي مشڪل سان ٻه سال ٿيا هئا. پوءِ امان الله خان ڪنهن جي آسري تي انگريزن سان ڇيهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها؟ مجبوريءَ جي حالت ۾ افغانستان جهڙي ننڍڙي، غير ترقي يافته ۽ جديد اسلحه جنگ کان محروم ملڪ سان وڙهڻ جي اڃا به منجهس (انگريز ۾) طاقت هئي. مُهري پراڻي ته به ڀانڊن ڀڃڻ جي قابل رهي ٿي.
    (3) امان الله خان هندستان جي هندو قوم جي همدرديءَ تي ڀاڙي ڪو نه ٿي سگهيو. هن محسوس ڪيو هوندو ته جنهن وقت به هن هندستان ۾ قدم رکيو ته هندن جي اکين اڳيان محمود غزنوي، غوري، ابدالي ۽ افغانستان جي رستي سان آيل ٻين مسلمان فاتحن جي تصوير ڦرڻ لڳندي ۽ هو انگريز کي مقابلتاً، پٺاڻن کان بهتر سمجهي ساڻس شريڪ ٿي بيهندا ۽ پنهنجا ڏک سک وساري ڇڏيندا. هندستان جي پنڊت مالويه، اڳ ۾ ئي، مولانا محمد علي مرحوم ۽ ٻين مسلمان انقلابي ليڊرن جي نيت تي کليءَ طرح حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا ته هو هندستان جي مستقبل جو سودو پنهنجن مسلمان ڀائرن افغانن سان ڪرڻ گهرن ٿا. راجا مهندر پرتاب جا ارادا هئا ته هندستان، نيپال جي هندو راجا جي حوالي ٿئي. لاله لاجپت رائي پنهنجي مٿي منهن مٿو پٽيندو ٿي وتيو ته ڪنهن طرح هندستان ۾ مسلمانن جو زور قائم نه ٿئي، گانڌي جيءَ خود تي جڏهن هندن ٿوٿرا ٿي ڪئي ته هن ”سوراج“ جي معنيٰ ”رام راڄ“ پئي ڪئي، اهي حالتون افغانن کان ڳجهيون ڪو نه هيون. غالباً امير حبيب الله خان کي به اهو خدشو نظر ٿي آيو، جڏهن هن مولانا عبيدالله سان ملاقات جي وقت کيس چتايو هو ته ”هو جيڪو به ڪم ڪن ان ۾ هندستان جي هندن جي شموليت جو خيال رکن.“
    مولانا عبيدالله جي پنهنجي گهر جا اهي ٽپڙ ڏسي، امان الله غالباً پاڻ کي حق بجانب ٿي سمجهيو ته هو سوَڙ ڏسي ان مطابق ئي پنهنجا پير ڊگها ڪري؟
    (4) موقعي جو سوال، انهن سڀني ڳالهين کان اڃا به وڌيڪ اهم هو، جنهن زماني ۾ مولانا امير حبيب الله کي چڙهائي ڪرڻ لاءِ چيو هو ان زماني ۾ انگريز عالمي جنگ ۾ ڦاٿل هو، جنگ جي اڃا هاڻ شروعات ٿي هئي، جنهن ۾ ان وقت انگريز جي ڪامياب ٿيڻ جو گهٽ امڪان هو، جيڪڏهن امير حبيب الله خان مولانا جي مشوري تي عمل ڪري ها ته اُن وقت انگريز جي ساري مستقبل جو نقشو ڦري سگهيو ٿي. مقابلتاً امان الله خان اهڙي وقت آيو جڏهن اُهي حالتون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ انگريز جي سر تان بَلا ٽري چڪي هئي.
    (5) مولانا جي اعلانن ۽ اشتهارن وراهجڻ کانپوءِ به هندستان اندر انگريزن جي خلاف ۽ افغانستان جي حملي جي حمايت ۾، ڪا هلچل پيدا ڪا نه ٿي سگهي هئي.
    (6) اهڙين حالتن هيٺ امان الله خان، هڪ مدبر وطن پرست وانگر پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ تي اڪتفا ڪرڻ تي مجبور هو.
    (7) انگريزن کي هو، ان کانپوءِ به هندستان جي ڪرومين جي باري ۾ ٽوڪيندو رهيو.
    (8) انگريز اُهي گستاخيون کيس معاف ڪو نه ڪيون ۽ 1929ع ۾ سندس خلاف بغاوت ڪرائي کيس ملڪ بدر ڪرايو.
    البته هيٺيون ڳالهيون پوءِ به امان الله خان جي خلاف وڃن ٿيون:
    (1) مولانا سان پڇاڙي جي زماني ۾ بي مروتي جو سلوڪ ڇو ڪيائين؟
    (2) کيس اردو يونيورسٽي کولڻ ڇو نه ڏنائين؟
    (3) روس وڃڻ لاءِ اهڙو رستو ڇو مقرر ڪيائين جتان گذرندي مولانا جي لڏي جو لٽجي وڃڻ ۽ سندس مارجڻ يقيني سمجهيو ٿي ويو؟
    (4) سندس وزير خارجه محمود طرزي مولانا سان خطن جي معاملي ۾ ڇو ٺڳي ڪئي ۽ اُهي خط انگريز کي ڏئي مولانا جي هندستاني ساٿين کي ڇو زير بار ڪرايائين؟
    افغانستان سان انگريزن جو پڪو معاهدو مسوريءَ ۾ نومبر 1921ع ۾ ٿي چڪو. مولانا سال کن پوءِ به ڪابل ۾ رهي امان الله جو در کڙڪائيندو رهيو، پر هندستان جي معاملي ۾ منجهانئس پڇاڙي تائين ڪو کڙتيل نه نڪرندو ڏسي، هو نااميد ٿي ٻئي ڪنهن طرف ڏانهن واجهائڻ لڳو، ڇو ته سندس اصلي مقصد هندستان جي آزاديءَ وارو اڃا پورو ڪو نه ٿي سگهيو هو.
    ارادو ڪيائين ته پهريائين روس ۽ پوءِ ترڪيءَ کي وڃي ٺاٺوڪي.
    ٻنهي ملڪن ۾ تازو انقلاب اچي چڪا هئا۽ انهن جي نئين سر تعمير ٿي رهي هئي. مولانا کي وهم هو ته انهن جي ذريعي شايد هندستان جي آزاديءَ لاءِ به ڪو جتن ڪري سگهجي. افغانستان مان ته ستن سالن جي ڪوشش جي باوجود کٿا ساڙائي ويٺو هو.
    امان الله خان کان روس وڃڻ لاءِ راهداري گهريائين. راهداري ته ڏنائينس، پر وڃڻ لاءِ شاهراهه بدران رستو اهڙو مقرر ڪري ڏنائينس جنهن تي مولانا جو مڙهه به رلي وڃڻو هو. جيڪي مسافر اڳ ۾ اتان گذريا هئا، تن جا لاش برف ۾ ڄمي پنڊ پاهڻ ٿي ويل ملندا هئا.
    سفر؟ ڪابل کان ماسڪو!
    پنڌ پري منزل ڏور- آڏا ڏونگر، سوڙها لڪ، اونهيون واديون، واٽ سڄي ويران، واهڻ وستي ڪا نه، هيٺان برف مٿان پارو، هلڻ لاءِ ڇڙو ”پير چارو“، وهٽ يا ماڻهو ترڪيو ته وڃڻ لاءِ ويو، هر گهٽ گهير تي ڦورن جي آڏو اچڻ جو انديشو، رات هجي يا ڏينهن هَل هلان، چل چلان- ڀڄ ڀڄان!
    سواري؟
    ڪابل جا ٿڪل، پُڇ پيل، بار برداري جا ماريل ڀاڙي جا ٽٽون. جبل جي چاڙهيءَ تي اڳيان ڇڪيندا ۽ پويان تڏ ڏيندا هلون، لاهيءَ ۾ پڇ سان چنبڙي پوئتي ڇڪيندا رهون، نه ته ترڪي پاڻ به گهات سواري به مات! انهن احتياطن جي باوجود به هڪ ڪري ختم ٿي ويو، مٿس لڏيل بار اڳتي لاءِ ماڻهن جي مٿن تي هليو!! خيال ۾ سواري هئي، حقيقت ۾ خالي خواري هئي!!!
    سفر جا ساٿي؟
    ڏهه هندستاني مهاجر، گهڻا ڪابل مان ڪَڪَ ٿي، مولانا سان سُر جهلائي، ساڻس چنبڙي پيا هئا. اڪثر اٽي تي چٽي، اڌ مٿي جو سُور! فقط ٻه ٽي مخلص ۽ سرويچ انهن ۾ هڪ شيخ نور محمد حيدرآبادي به. هڪ اڌ روس جو جاسوسڙو، هڪ اڌ انگريز جو چانجوسڙو به قافلي ۾ شامل ٿي ويل هو.
    اهو قافلو ستين ڏينهن مزار شريف پهتو، ٻئي ڏينهن افغانستان جي سرحد ٽپي روس جي علائقي ۾ داخل ٿي ترمذ رسيو. نقشي تي ڏٺو هئائون ته ترمذ کان تاشقند تائين ريل وڃي ٿي، پر اتي پهچڻ کانپوءِ معلوم ٿين ته ريل جون پٽڙيون ڪي شاهينگ پٽي پاڻ سان کڻي ويا آهن، تنهن ڪري ٻيڙيءَ تي چڙهي آمو درياهه Oxus مان ڪرشيءَڏانهن هليا جتان اڳتي لاءِ ريل گاڏي ملڻي هئن. ٻيڙيءَ جو سفر ست ڏينهن هلين. رستي ۾ ساڻ کنيل ٽن ڏينهن جي خوراڪ ختم ٿيڻ تي آين، ڇو ته ٻيڙيءَ ۾ چار ڏينهن وڌيڪ لڳي ويا هئن. پاروٿي ماني راشن ڪري هلايائون ۽ پاڻيءَ ۾ پسائي اڳرندا رهيا. درياهي سفر به خطري کان خالي ڪو نه هو. هيٺان واڳون، ڪنارن سان گهاٽو ٻيلو جنهن ۾ گوريلن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جا ٿم، روس جي نئين انقلابي حڪومت اڃا انهن علائقن ۾ امن امان آڻي ڪو نه سگهي هئي، رات جو ٻيڙي بيهارڻي پوندي هئن ته به وچ سير ۾!
    ستين ڏينهن ڪَرشيءَ پهچي ريل ۾ ويٺا. ٻن راتين ۽ هڪ ڏينهن جي سفر کانپوءِ بخارا پهتا. بخارا مان تاشقند ويا. وري ريل وٺي ماسڪو روانا ٿيا، جتي ٽوٽل ستاويهن ڏينهن جي مٿاڪُٽ کان پوءِ رسيا. لڪس Lux هوٽل ۾ روس جي سرڪار سندن رهائش لاءِ انتظام رکيو هو. تاريخ هئي 10 نومبر 1922ع.
    روس جي سرڪار کي خبر پيل هئي ته ڪابل ۾ مولانا سان بدسلوڪي ٿي هئي، تنهن ڪري هنن کيس ڏيکارڻ گهريو ته ڪميونسٽ سندس ديني ڀائرن کان وڌيڪ مهمان نواز ٿين ٿا. جنهن گهڙيءَ مولانا جي قافلي روس جي سرزمين تي قدم رکيو، ان گهڙيءَ کان روسي سرڪار جي مهمانداري شروع ٿي ويئي. ٽڪيٽون، کاڌا، رستي جون آسائشون، ماسڪو جو خرچ، سڀ بار حڪومت تي. توڪل جا ٻيڙا پار!
    پويان ڪابل ۾ امان الله کي غالباً يقين هو ته مولانا ماسڪو پڄي ڪو نه سگهندو، رستي ۾ ئي مري يا مارجي ويندو ۽ هندستان موٽي سُورن سلڻ جو موقعو ڪو نه ملندس، سڀ ڳالهيون ”شب“ ۾ رهجي وينديون، ڄڻ اهو باب ئي ختم ٿي ويو.
    ٻيو مقصد امان الله خان جو هيءُ به هو ته مولانا، ماسڪو ويندي رستي ۾ نادر خان سان ملي نه سگهي. نادر خان جي باري ۾ شڪ جاڳي پيا هئس، ان ڪري ئي کيس ڪابل کان پري بدخشان جي صوبي ۾ هڪ معمولي عهدي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين. جيڪڏهن مولانا روس ڏانهن عام شاهراهه سان وڃي ها ته واٽ تي لازماً نادر خانسان ملاقات ٿئيس ها ۽ هو ساڻس نين حالتن هيٺ ڪجهه حال به ضرور اوري ها، جيڪا ڳالهه امان الله خان ڪا نه ٿي گهري.
    بهرحال امان الله جي نيت جيڪا به هئي سا کيس ڦٻي، مولانا خير سان وڃي ماسڪو پهتو.
    ماسڪو ۾ پاڻ نومبر1922ع کان جولاءِ 1923ع تائين رهيو. ان دوران ۾ مولانا بين الاقوامي ڊپلوميسي جا اهڙا جوهر ڏيکاريا جيڪي پيشه ور سفارت ڪارن لاءِ به عبرت ۽ سبق جو باعث هئا.
    پهريان ته هن ڪميونسٽ حڪمرانن جو اُهو تعصب ۽ بغض ٽوڙيو جيڪو کين مسلمان مذهبي رهنمائن، مولوين ۽ مُلن ڏانهن هو ۽ کين تيار ڪيائين ته هو ساڻس گفتگو ڪن.
    ڪميونسٽ فلسفي جو لوازمو هو ته مذهب جي حوصله شڪني ڪجي ۽ مذهبي ماڻهن کي سياسي ڳالهين ۾ بنهه پير کوڙڻ نه ڏجي. روس جي ڪميونسٽ انقلاب کي پنج سال گذري چڪا هئا ان عرصي ۾ روسي هاءِ ڪمانڊ ڪنهن به مولانا کي پنهنجي قريب اچڻ ڪو نه ڏنو هو، هو مولانائن جي پاڇي کان به پري ڀڄندا هئا.
    پر مولانا سنڌيءَ جي معاملي ۾ کين اهو اصول ڇڏي ساڻس سياسي معاملات طئي ڪرڻا پيا ۽ عين مولانا جي مذهبي نظريه ۽ خواهشن جي مطابق.
    مولانا جي ٻي ڪاميابي هيءَ هئي ته هن روسي حڪمرانن کي مجبور ڪيو ته هو هندستان جي معاملي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي نطرين کي وچ ۾ نه آڻن، منجهن جيڪڏهن ڪو سمجهوتو ٿئي ته اُهو روس جي حڪومت ۽ هندستان جي سياسي قيادت جي وچ ۾ هجي، نه ڪميونسٽ پارٽي ۽ هندستان جي قيادت جي مابين.
    ان تدبير جي اهميت جو اندازو هن مان ٿيندو ته ان وقت تائين روس جن به ٻاهرين ملڪن يا پارٽين جي مدد ڪئي هئي ته اها روس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان ۽ ان جي نالي ۾ ڪئي ويندي هئي، جيئن ان طريقي سان مدد وٺندڙ ملڪن ۾ ڪميونسٽ نظرين کي مروج ٿيڻ جو موقعو ملي. انهن مقصدن جي حصول لاءِ هنن هڪ خاص تنظيم ”ڪميونسٽ انٽرنيشنل“ نالي سان قائم ڪري رکي هئي، جنهن جي معرفت ٻاهرين ملڪن جي پارٽين ۽ تحريڪن سان لاڳاپو پيدا ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي امداد ڪئي ويندي هئي.
    مولانا، ان ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، ڇو ته ان مان کيس اسلامي نظرين تي ضرب پوڻ جا امڪان صاف نظر اچڻ لڳا هئا.
    تعجب روس وارن تي ٿئي ٿو جن مولانا جي اها پوزيشن به قبول ڪئي.
    چار دفعا مولانا روس جي مشهور زمانه وزير خارجه، چيچرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ بحث مباحثا ڪيا. آخر ۾ روسين کي پنهنجين ڳالهين جو قائل بنائي ساڻن معاهده ڪيائين جنهن جو نچوڙ هيءُ هو:
    (1) روس جي حڪومت (نه ڪميونسٽ پارٽي يا ڪميونسٽ انٽرنيشنل) هندستان جي ڪانگريس پارٽيءَ جي امداد ڪندي (نه هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي.)
    (2) امداد غير مشروط هوندي ۽ ان جو مقصد صرف اهو هوندو ته ڪانگريس پارٽيءَ کي انگريز جي راڄ کي هندستان مان ڪڍڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي قابل بڻائجي.
    (3) روس جي حڪومت پهرينءَ سَٽ ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي امداد هندستان جي ڪانگريس پارٽيءَ ڏانهن موڪليندي. هندستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ، نئين حڪومت امداد جون رقمون واپس ادا ڪندي.
    (4) هندستان ڏانهن اها رقم افغانستان() جي معرفت موڪلي ويندي، جيئن آئينده هندستان سان روس جي لهه وچڙ افغانستان جي رستي قائم ٿئي.
    (5) افغانستان ۾ ان ڪم لاءِ جنرل نادر خان کي ذريعي طور استعمال ڪيو ويندو ۽ کيس افغانستان لاءِ علحده هڪ ڪروڙ رپين جي امداد ڏني ويندي، جيئن هو اُن جي مدد سان افغانستان جي حڪومت اندر پنهنجي پوزيشن به مضبوط ڪري سگهي ۽ هندستان ۽ روس جي ڪم اچڻ جي قابل به ٿئي.
    (6) في الحال هندستان لاءِ هٿيارن جي مدد نه گهرجي، ڇو ته ڪانگريس تحريڪ، گانڌي جيءَ جي عدم تشدد واري اصول تي عمل پيرا آهي.
    (7) مولانا ان عهدنامي جي باري ۾ هندستان جي ڪانگريس ۽ افغانستان جي نادر خان سان رابطاقائم ڪرڻ لاءِ ترڪيءَ ويندو، جتان افغانستان خواهه هندستان جا ماڻهو لنگهندا رهن ٿا.
    اهو عهدنامو هر لحاظ سان اهم هو: اُن جي وسيلي روس جي هندستان جي آزادي واري تحريڪ سان وابستگي پيدا ٿي، ان ڪم ۾ افغانستان جي مسلماني ملڪ کي Middleman طور وچ ۾ آندو ويو، روس طرفان هندستان تي براهه راست نظرياتي حملي جا امڪان گهٽجي ويا، مولانا جي پنهنجي اسلامي نظريات لاءِ به ڪو خطرو پيدا ڪو نه ٿيو، روس ۽ هندستان يا روس ۽ ڪانگريس جي باهمي تعلقات ۾ مولانا خود کي ڪليدي حيثيت حاصل ٿي وئي.
    مولانا ست-اٺ مهينا روس ۾ رهيو. اهو سارو وقت هو روس جي نئين سوشلسٽ انقلاب ۽ ڪميونزم جي معنيٰ، مطلب ۽ مستقبل جي امڪانات جو مطالعو به ڪندو رهيو. هو بي انتها ذهين سياستدان هو. هن شروع ۾ ئي محسوس ڪري ورتو ته هو روس جو انقلاب، جنهن جو بنياد نظرياتي آهي، انساني تاريخ جي عظيم ترين واقعن مان هڪ آهي، جنهن جو اثر ساري دنيا صدين تائين محسوس ڪندي رهندي، تنهن ڪري کيس اهو ڏسڻو ۽ سوچڻو پيو ته ان نظرياتي زلزلي مان اسلام کي ڪيترو خطرو ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو خطرو ٿي سگهي ٿو ته ان کان بچڻ يا ان مان رسندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون تدبيرون پيش بنديءَ طور ٿي سگهن ٿيون.
    مولانا کي پورو پورو احساس ٿي چڪو هو ته ويهين صديءَ جو انسان، پراڻي زماني جي انسانن کان مختلف ثابت ٿيندو، سائنس ۽ جديد تعليم ماڻهوءَ جي مزاج ۾ وڏو ڦيرو آڻي رهيون آهن، هُن جو شعور تيز ٿيندو پيو وڃي، اڳي پوءِ لازماً هو خود محسوس ڪندو يا کيس ٻڌايو ويندو ته ساڻس ماضيءَ ۾ انصاف ڪو نه ٿيندو رهيو آهي ۽ قديمي ۽ روايتي اقتصادي ۽ معاشي عدم توازن ۽ بي انصافين کي محفوظ رکڻ لاءِ انهن جي چوڌاري وَهمي، جنوني، خفقاني، دقيانوسي، غيرفطري، غير عقلي، ڏند ڪٿائن، من گهڙت، مستقبل جي نقشن، سزائن جزائن جي ڀلڪارن ۽ انعامن اڪرامن جي دم دلاسن جا حفاظتي لوها ڪوٽ ڪڍيا ويا آهن، جيئن ڀريا پيٽ، بدستور ڀريا رهن ۽ سڪا پيٽ، هميشه وانگر خالي سڪندا ۽ سُڪندا رهن.
    مولانا جي دوربين نگاهه تاڙي ويئي هئي ته اهڙي انداز فڪر کي خاص طرح سان نئين زماني ۾ جڏهن سائنس جي نون انڪشافات، مشنري ۽ اليڪٽرانڪ دؤر جي تعجب انگيز ايجادات، معلومات جي وسعتن ۽ نشر و اشاعت جي عالمگير غير مرئي ۽ لاسلڪي ذريعن جي پٺڀرائي حاصل ٿيندي ته هڪ وير، بُک ۽ محرومين جو ڏکويل انسان، انتهائي نفسياتي ڪشمڪش ۽ ذهني مونجهاري ۾ مبتلا ٿي پوندو ۽ ممڪن آهي ته ان اضطراري ڪيفيت ۾ هو ڪو اهڙو غلط رستو اختيار ڪري وجهي جنهن جو رخ هر قديمي فڪر ۽ مفروضي خلاف بغاوت بلڪه نپٽ لاديني طرف هجي.
    مولانا کي غور ڪرڻو پيو ته اهڙيءَ نئين دنيا ۽ اهڙين نين انقلابي حالتن اندر، اسلامي نظرين جي ابدي فعاليت کي ڪهڙيءَ طرح مسلم سنٽرل ايشيا وانگر ان ليٽ ۾ لڙهي وڃڻ کان محفوظ رکبو. هو ڊنو پئي ته پراڻا طريقا ۽ سوچ جا پراڻا انداز شايد ان مقصد لاءِ ڪارگر ٿابت ٿي نه سگهن. هو گهڻو ڪجهه ان ڏَس ۾ ڏسي چڪو هو.
    هندستان جون مکيه خانقاهون ۽ تعليمگاهون سندس اکين اڳيان رهيون هيون. افغانستان جي ديدار مان اڃا هاڻي ڍائجي هليو هو. واٽ تي مسلمانن جي قديم علمي، تهذيبي، مذهبي ۽ سياسي مرڪزن: ترمذ، بخارا، سمرقند، خوا، خوقند، تاشقند، (بلڪه ترڪستان جي ساري مسلم سوسائٽي) جو به معائنو ڪندو آيو هو، جتان جا مسلمان اڳ ۾ ئي ان چڪر ۾ ڦاسي چڪا هئا ۽ نظرياتي اعتبار سان سندن پراڻو معاشرو سڪرات جي حالت ۾ هو.
    ڪهڙي ڳالهه هينئر مولانا کان ڳجهي رهي هئي؟ پنهنجن جا حال (مستثنيات کان قطع نظر) بخوبي ڏٺل هوس. سندن تعليم جي سطح، علمي مبلغ ۽ معلومات جي وسعتن جا، جديد علوم ۽ سائنٽيفڪ موضوعات تي سندن عبور جا، سندن دماغي صلاحيت ۽ فڪر جي رسائي جا، سندن اشاعت ۽ تبليغ جي دل نشينين جا، سندن توضيحن، توجيهن ۽ استدلال جي دلپذيرين جا، انهن هيولائي هيئتن ۽ ڪرڀ ايندڙ عملي نمونن جا جيڪي هو ويهين صديءَ جي انسان اڳيان آڻيندا رهيا هئا. اُنهن فروعي مسئلن جي سوقيت جو جن جي خاطر پاڻ ۾ ڪفر، الحاد ۽ زنديقيت جي فتوائن جي ڏي وٺ ڪندا ٿي رهيا، انهن نيچ غرضن ۽ لالچن جا جن جي خاطر بلند ترين انساني اقدار ۽ بنيادي انساني حقوق کي به وقت پئي، خاطر ۾ ڪو نه آندو ٿي ويو، معاشيات ۾ سندن داڦوڙن ۽ سياست ۾ سندن مسخراپڻ جا، بحث جي دوران ۾ منطق، دليل، برهان ۽ حجت بدران هيءَ راهه فرار ته ”شعر عرض ڪيان ٿو، مطلع آهي، ملاحظه فرمايو“
    ٿي سگهڻو هو، انهن لڇڻن سان، سندس ملڪ ۽ ملت جو ڪو چاڙهو؟
    ٻه معاملا سندس اڳيان هئا: (1) هندستان آزاد ٿئي ۽ ان ۾ مسلمانن جي هستي قائم رهي ۽ (2) تازيءَ ختم ٿيل جنگ بعد جيڪي نيون انقلابي طاقتون، نظرياتي ۽ سياسي اُڀريون هيون اُنهن جي يورش کان اسلام ۽ مسلماني ملڪن کي ڪيئن بچائجي؟
    عمل کان اول سوچڻو پيس.
    ماسڪو ۾ رهڻ واري موقعي جو مولانا خوب فائدو ورتو. نه صرف ڪميونسٽ لٽريچر جو مطالعو ڪيائين، پر پنهنجن ٻن شاگردن کي ڪميونسٽ يونيورسٽي ۾ داخل ڪرائي انهن جي واتان ٻڌندو رهيو ته ڪميونسٽ مفڪر ڇا پيا سوچين ۽ باقي دنيا لاءِ سندن ڪهڙا منصوبا آهن. ساڳئي وقت پاڻ مدافعتي پروگرام جي باري ۾ پنهنجو فڪر ڊوڙائيندو رهيو. پاڻ لکي ٿو ته:
    ”مان ست مهينا ماسڪو ۾ رهيس. پنهنجي نوجوان رفيقن جي مدد سان سوشلزم جو مطالعو ڪندو رهيس.....منهنجي انهيءَ مطالعي جو نتيجو هيءُ آهي جو آءٌ پنهنجي مذهبي تحريڪ کي، جيڪا امام ولي الله جي فلسفي جي هڪ شاخ آهي، لادينيءَ جي حملن کان بچائڻ لاءِ تدبير سوچي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيس.“ (خطبات مولانا عبيدالله سنڌي صفحو 69)
    اتفاق سان لينن گراڊ ويو پر اُتي جي عجائبات ڏسڻ بدران ريل تان لهي سڌو وڃي علامه موسيٰ جار اللهوٽ رهيو ۽ ساڻس انهن مسئلن تي خيالات جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. ٻي ڪا شيءِ ڪا نه ڏٺائين. سندس نظرن ۾ ڄڻ لينن گراڊ ڪا شيءِ ئي ڪا نه هئي.
    جولاءِ 1923ع جي وچ ڌاري، مولانا ماسڪو مان مڏي پٽي، وڃي ترڪيءَ پهتو. سندس استقبال لاءِ اُتي به انقلاب موجود هو.
    انقلاب جي مولانا سان ڪا خاص ياراني هئي، جيڏانهن ويو ٿي ته انقلاب سندس اڳ ۾ هوندو هو يا پُٺ ۾:
    مثلاً افغانستان ويو ته اُتي انقلاب آيو، روس رسيو ته انقلاب جو چڪر چالو ٿي چڪو هو، هينئر ترڪي ۾ قدم رکيائين ته اُتي به انقلاب جو آڙاهه متل ڏٺائين.()
    غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا پراڻي ۽ جنگ مان تباهه حال ٿي نڪتل، ترڪي کي دوباره پيرن تي کڙي ڪرڻ ۽ دشمنن جي نرغي کان ڪڍڻ لاءِ مختلف محاذن تي لڙائيون لڙي رهيو هو.
    اڃا هاڻ استنبول مان انگريزي فوجن کي ڪڍيو هئائين، ترڪيءَ جي سلطان وحيدالدين، جيڪو خليفة المسلمين به هو، ڀڄي وڃي انگريزن جي جنگي جهاز ۾ پناهه ورتي هئي، جنهن ڪري مصطفيٰ ڪمال کي نئون نظام حڪومت ٺاهڻو پيو. ترڪي جي ايمپائر ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي هئي، ترڪيءَ وٽ باقي اهو ٽڪرو ملڪ جو وڃي بچيو هو جنهن ۾ زياده تر تُرڪ آبادي ويٺل هئي. خلافت جي ترڪيءَ وٽ رهڻ ڪري به، امتحان وقت، ترڪيءَ کي عالم اسلام وٽان ڪا اثرائتي مدد ڪا نه پهچي سگهي هئي، پاڻ جن ملڪن ان موقعي جو فائدو وٺي ترڪيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ سندس دشمنن جي مدد ڪئي هئي، سي سڀ مسلمان هئا، مثلاً حجاز، شام، لبنان، مصر، عراق، فلسطين. افغانستان جو امير صاحب به نفس نفيس ان انتظار ۾ رهيو هو ته ترڪي ختم ٿئي ته پاڻ خليفة المسلمين بڻجي. هندستان جي مسلمانن البته تحريڪ هلائي هئي پر هو پاڻ انگريزن جا غلام هئا ۽ سواءِ ٺهرائن پاس ڪرڻ يا انگريز کي منتن ڪرڻ لاءِ وفدن وٺي وڃڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيا ٿي ۽ نه ڪري سگهيا هئا. علاوه ان جي، ترڪيءَ ۾ خلافت جي هجڻ ڪري ترڪيءَ تي اهڙو بار پيو ٿي جنهن جي کڻڻ جي، نين حالتن هيٺ ۽ ذڪر ڪيل تجربن بعد، ترڪيءَ ۾ طاقت ڪا نه رهي هئي (يعني فائدو ڪجهه ڪو نه، اٽلندو دشمني ساريءَ غير مسلم دنيا جي، ترڪيءَ جو سلطان، بحيثيت خليفة المسلمين، ڄڻ باقي دنيا جي ڪُک ۾ ڪانَ وانگر رهيو هو.)
    مصطفيٰ ڪمال تنهن ڪري نئين ترڪيءَ جي تعمير، نون اصولن تي ڪرڻ شروع ڪئي هئي.
    سلطانيءَ کي ختم ڪري جمهوريت قائم ڪئي هئائين جنهن جو پاڻ صدر بڻيو هو ۽ عصمت پاشا، وزيراعظم. دارالحڪومت استنبول بدران انگورا (انقره) منتقل ڪري ڇڏيو هئائين.
    وحيدالدين جي ڀڄي وڃڻ کانپوءِ 6 آڪٽوبر 1923ع کان 3 مارچ 1924 تائين، عبدالمجيد خان کي ٺلهو خليفو رهڻ ڏنو هئائين، پر ان کانپوءِ ان کي به جلاوطن ڪري خلافت جو ادارو ئي ترڪيءَ مان ختم ڪري ڇڏيائين.
    پر انهن معاملن هلندي مولانا عبيدالله ترڪيءَ ۾ پهچي ويو هو. لازم هو ته هاڻي سندس دماغ ۾ ترڪي جا معاملا به اضافي پريشانيءَ جو باعث بڻجن: مثلاً (1) خلافت جي اداري جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ڇا مسلمانان عالم جي ڪا مرڪزي شخصيت يا قيادت ڪا نه رهندي؟ (2) نئين ترڪيءَ جو اسلام سان ڪيتريقدر رشتو رهندو؟ ۽ (3) چالو انقلابي نئين تعمير جي سانحي مان خود ترڪي ڪهڙي صورت اختيار ڪري نڪرندي؟
    جهاز مان لهي سڌو انقره پهتو، مصطفيٰ ڪمال سان ملڻ ذرا مشڪل هو، وزيراعظم عصمت پاشا سان ملاقات ڪيائين. بدقسمتيءَ سان ع-زبان يار من ترکي و من ترکي نميدانم. ٻئي هڪٻئي جون ڳالهيون سمجهي نه سگهيا. اشارن وسيلي منجهن صرف ايترو طئي ٿي سگهيو ته مولانا استنبول ۾ رهي سگهندو ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ محدود ڪم هلائڻ جي اجازت هوندس.
    مولانا جي استنبول ۾ منزل تقريباً ٽي سال رهي، هڪ طرف ته هو هندستان جي مسئلي جي باري ۾ ميدان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ٻئي طرف خود ترڪيءَ اندر ٿيندڙ اصلاحات جو مطالعو ڪندو رهيو. ترڪي به ساڳئي مونجهاري مان نڪرڻ لاءِ ڪوشان هئي جنهن مونجهاري ۾ مولانا پاڻ به مبتلا رهيو ٿي، يعني نون عالمي انقلابي رجحانن کي مسلمان سوسائٽي لاءِ ڪيئن متوازن بڻائجي ۽ انهن جي تباهه ڪن پهلوئن کان کيس محفوظ رکجي، جيئن نون دٻائن هيٺ بنهه پرلئي ٿي نه وڃي.
    مصطفيٰ ڪمال پاشا، پاڻ وچ جي رستي ڳولهڻ ۾ مشغول هو. هو جيڪي اصلاحات نافذ ڪندو ٿي ويو، تن کي مولانا همدرديءَ جي نظر سان چڪاسيندو رهيو. مختصراً اصلاحات هي هئا:
    (1) جمهوريت.
    (2) انتظاميا مغربي خطوط تي استوار ٿئي جيئن ويهين صديءَ جون انساني ۽ سوشل تقاضائون پوريون ڪري سگهي.
    (3) مذهب فرد جو ذاتي معاملو رهي. حڪومت محض سياسي جمهوريه هجي. مذهب کي سياست جي جهيڙن کان بالا رکجي، ساڳئي وقت ڪميونسٽ پارٽي به قانوناً ممنوع هوندي.
    (4) عورتن کي پردي ۽ برقعي مان ڪڍي ڪاروباري زندگيءَ ۾ مردن سان همسريءَ جو مقام ڏجي، جيئن ملڪ جي اڌ آبادي عضو معطل رهي ٻئي اڌ آباديءَ تي بار بڻجي نه پوي ۽ مجموعي طرح ملڪ ان پسمانده اڌ آباديءَ جي تخليقي قوتن جي فائدي وٺڻ کان محروم نه رهي.
    (5) رومن صورتخطي رائج ڪجي.
    (6) تعليم عام ڪجي، جيئن هڪ مقرر عرصي کان پوءِ ڪو به ماڻهو جاهل نه رهي.
    (7) پراڻا قسما قسم جا لباس ڇڏائي، هڪ مغربي لباس عام ڪجي جيئن جديد زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي ۾ سهولت رهي (فوجي زندگيءَ ۾ مغربي لباس ته روز مرهه جي زندگيءَ ۾ ڇو نه؟)
    (8) صدين کان هلندڙ پراڻي نظام جون نشانيون، لقب، خطاب، جاگيرون، منصب وغيره منسوخ.
    (9) ڪجهه عائلي قانون.
    مولانا ان پروگرام جي ڪا مخالفت ڪا نه ڪئي. جيڪڏهن مخالف هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ترڪي ته ڇڏي وڃي ها، پر هو اُتي ويٺو رهيو. پاڻ هندستان موٽي اچڻ کانپوءِ جيڪي پروگرام ملڪ اڳيان پيش ڪندو رهيو، تنهن مان پتو پيو ٿي ته هو ترڪيءَ جي اصلاحاتي سوچ جو مخالف ڪو نه هو.
    ان هوندي به مولانا هڪ ڀيرو هيءَ ڪوشش ضرور ڪئي ته ترڪيءَ جي اصلاحات کي اهڙين حدن اندر رکجي جيئن هو غيرمتوازن ٿي ترڪ قوم کي اسلامي نظريات کان هميشه لاءِ بيگانو بڻائي نه ڇڏين. ان نيت سان هن اسڪيم پيش ڪئي ته استنبول ۾ هڪ بين الاقوامي مسلم يونيورسٽي International Moslim Universtity قائم ڪئي وڃي، پر ترڪي جي ڪنهن به پارٽيءَ ان جي پٺڀرائي ڪا نه ڪئي.
    ان سلسلي ۾ هن روف بڪ سان به ملاقات ڪئي، جيڪو صاحب اپوزيشن (جمهوريت ترقي پرور پارٽيءَ) جو اڳواڻ هو. روف بڪ کيس صاف چيو ته جيڪڏهن سندس پارٽيءَ اهڙي ڪا ڳالهه کنئي ته مٿس الزام ايندو ته هوءَ وري اسلامي روايتن کي زندهه ڪرڻ گهري ٿي، جيڪا ڳالهه وقت جي حالتن سارو مناسب نه ٿيندي.
    مولانا پوءِ ترڪيءَ جي معاملات کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري پنهنجو سارو توجهه هندستان جي تحريڪ آزادي تي ڏيڻ شروع ڪيو.
    هندستان مان يورپ ويندي ڪي ماڻهو ترڪي ڏسڻ لاءِ استنبول مان به ٿيندا ويندا هئا. مولانا ڪوشش ڪئي ته اهڙن ڪن خاص ماڻهن سان ملي سندن ذريعي هندستان جي سياسي قيادت سان رابطو قائم ڪري، پر نتيجو هميشه الٽو نڪرندو رهيو.
    لاله لاجپت راءِ هندستان جي مشهور ڪانگريسي ليڊر سان ملاقات ٿيس. ساڻس روس سان ڪيل عهدنامي جي خبر ڪيائين ۽ مٿس بار رکيائين ته هو هندستان واپس پهچي ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ کي پيغام پهچائي ته هو ان عهدنامي تي عمل ڪندي، افغانستان جي رستي سان روسي امداد حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪري.
    لاجپت راءِ ڪانگريس سان گڏ هندو آريه سماج جو به اڳواڻ هو، آريه سماج جو اصول هيءُ هو ته هندستان مان مسلمانن جو نانءُ نشان مٽائي ڇڏجي. مولانا اهڙي ماڻهوءَ تي ڪيئن اعتماد ڪيو، سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ٿي اچي. شايد کيس انهيءَ ڦيري ۽ تغير جي خبر ڪا نه هئي جيڪو هندستان جي اندروني حالتن ۾ 1915ع کان 1924ع تائين سندس غيرحاضريءَ ۾ اچي ويو هو. هن سمجهيو پئي ته 1924ع ۾ به ڪانگريس جا هندو ليڊر انهن ئي نيشنلسٽ ۽ غير فرقيوارانه اصولن تي قائم هوندا جن تي هو 1915ع ۾ بيٺل هئا، پر مولانا جو اهو خيال صحيح نه هو.
    لاجپت راءِ هندستان پهچي، پاڻ جهڙي ذهنيت رکندڙ اڳواڻ پنڊت مدن موهن مالويه کي خبردار ڪيوته عبيدالله هندستان تي دوباره مسلمانن جي قبضي ڪرائڻ لاءِ افغانستان کي روس جي پٺڀرائي سان هندستان جي معاملن ۾ دخل ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو آهي، جيڪا صورتحال مستقبل جي باري ۾ هندن جي خيالن ۽ منصوبن لاءِ گهاتڪ ثابت ٿيڻي آهي.
    مالويه تنهن تي بلڪل اُٿي کڙو ٿيو، نه فقط ڪانگريس کي روس مان عبيدالله جي ڪيل عهدنامي مطابق فائدو وٺڻ ڪو نه ڏنائين، اٽلندو هندستان اندر هندن کي مسلمانن سان ويڙهائڻ لاءِ آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا جي پٺي ٺپي کليو کلايو خوني طوفان کڙو ڪرائي ڇڏيائين. اڄ به تاريخ کولي ڏسو، سال 1924ع فرقيوارانه ڪشمڪش ۽ خوني فسادن ۽ واقعن جو سال نظر ايندو. انهن ڏينهن جون جدا ٿيل قومون وري ڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي ڪو نه سگهيون.
    اهو نتيجو نڪتو لاجپت راءِ سان مولانا جي راز ونڊڻ جو.
    ٻي ڪوشش سندس طرفان هيءَ ٿي ته هو ڪنهن طرح سان عهدنامي جي خبر هندستان ۾ ڪانگريس جي مسلمان اڳواڻ ڊاڪٽر انصاري تائين پهچرائي. ان ڪم لاءِ سندن نظر هڪ ڏٺي وائٺي هندستان مسلمان قومي ڪارڪن تي پئي، جيڪو يورپ مان موٽندي استنبول مان گذري رهيوهو. مولانا کيس (هندستان پهچڻ کان پوءِ سفر خرچ لاءِ) هڪ سئو پائونڊ ڏئي مٿس اهو بار رکيو ته هو ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملي ساڻس روسي عهدنامي جي ڳالهه ڪري. سال کانپوءِ ڊاڪٽر انصاري خود استنبول آيو، مولانا کي ٻڌايائين ته اُن قاصد نه ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ نه اهو پيغام کيس پهچايو هو.
    وچان مولانا غريب جا سئو پائونڊ ئي حرام ٿي ويا!
    مولانا انهن ڪوششن سان گڏوگڏ آزاد هندستان لاءِ هڪ آئين جو مسودو به جوڙيو ۽ ان آئين جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ هڪ پارٽي جي تنظيم جو خاڪو به ٺاهيائين.
    ان وقت تائين آزاديءَ جي تحريڪن جو سارو زور آزاديءَ حاصل ڪرڻ تي هوندو هو، پر آزادي ملڻ کانپوءِ هندستان جو چرخو ڪيئن هلندو، تنهن جي تفصيل تائين اڃا ڪنهن جو خيال ڪو نه پهتو هو.
    مولانا ان گهٽتائي کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن مستقبل جي باري ۾ ڪو مونجهارو نه رهي ۽ پوءِ جهيڙا پيدا نه ٿين. هُن جو خيال هو ته جيڪڏهن اوچتو آزادي ملي وئي ۽ مستقبل جي باري ۾ ماڻهن جا ذهن اڳواٽ صاف نه هوندا ته لازماً خانه جنگي لڳندي جيڪا آزاديءَ خود عام ماڻهن لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ڪندي.
    مولانا جي تجويز ڪيل ان آئيني مسودي جو تفصيل پيش ڪجي ان پهريائين ضروري آهي ته ان سان واسطو رکندڙ ٻه ٽي ڳالهيون قلمبند ڪري ڇڏجن. مثلاً:
    (1) مولانا رٿيل پارٽيءَ جو نالو ”سروراجيه پارٽي “ رکيو. ”سرو“ جي معنيٰ هنديءَ ۾ ”سڀ جي“ آهي، يعني اها پارٽي سڀ جي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهدي ڪندي: ان پارٽي جي ٺاهيندڙ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪابل شاخ بڻي، پر پارٽي، عملاً انڊين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي نظام جي ذيلي تنظيم ٿي رهڻي هئي.
    (2) آئين جي مسودي جون ڪاپيون استنبول ۾ ڇپرائي هندستان موڪلڻ لاءِ تيار رکيون ويون، ارادو هئن ته ڪو خاص قاصد اهي ڪاپيون هندستان کڻي وڃي دستي وراهيندو. قاصد جي خرچ لاءِ هڪ سئو پائونڊ جو بندوبست به ڪيو ويو، پر جڏهن اهي پئسا موصول ٿيا ته ڪو گهر جو چور مولانا جي هڪ رفيق جي پيتيءَ جو ڪُنڊو ڀڃي رقم اڏائي ويو. مجبوراً ڪاپيون ٽپال رستي موڪلڻيون پيون، هندستان پهچندي ئي ڪسٽم وارن انهن جي تقسيم روڪي ڇڏي ۽ حڪومت هند 15 مئي 1925ع جو گزيٽ ڪڍي انهن کي ضبط ڪيو ۽ هندستان اندر انهن جي تقسيم ممنوع ڪري ڇڏي. ان هوندي به ڪجهه ڪاپيون صحيح ماڻهن تائين پهچي ويون پرانهن مٿن غور ڪو نه ڪيو ڇو ته الله تعاليٰ ڪانگريس قيادت کي مولانا جيتري ڊگهي نظر عطا ڪا نه ڪئي هئي. منجهائن هرڪو ”آزادي“ ”آزادي“ پڪارڻ ۾ ته مصروف هو، پر ڪنهن اهو خيال ڪو نه ٿي ڪيو ته: ”آزاديءَ کان پوءِ ڇا؟“ نتيجو اهو نڪتو جو مستقبل جي آئين جي باري ۾ مونجهاري باقي رهڻ ڪري آزادي ملندي شرط طوفان کڙا ٿي ويا، لکين بيگناهه انسان مارجي ويا ۽ ڪن علائقن ۾ بي اطميناني پوءِ به رهجي ويئي جنهن ڪري زير لب ڀُڻ ڀُڻ ۽ زير زمين جدائي جون تحريڪون وري به جاري رهيون (مثلاً ميزو، ناگا، مرهٽا، سِک وغيره.)
    مولانا جي سوچيل آئيني اسڪيم هن لحاظ کان به تاريخي اهميت ٿي رکي ته اها پهرين آئيني اسڪيم هئي جيڪا ٺهي شايع ٿي هئي. ان کان پهريائينآزاد هندستان جي آئيني مسئلن جي باري ۾ اهڙي تعميري انداز ۾، ۽ ايتري تفصيل سان ڪنهن به سياسي مفڪر ڪو نه سوچيو هو.
    پر آئين جي باري ۾ مولانا جي سوچ ۽ هندستان جي ليڊرن جي سوچ ۾ وڏو فرق هو.
    مولانا جي سوچ هڪ ڊگهي نظر رکندڙ فلاسفر جي سوچ هئي جنهن کي آئين جي اهميت، مستقبل ۾ پيش اندر امڪاني ضرورتن ۽ هندستان جي خاص حالتن جو صحيح اندازو هو. هن جو خيال هو ته آئين هڪ مقدس دستاويز ٿئي ٿو جنهن جو تقدس وري وري تنسيخ يا ترميمن سان پامال نه ٿيو آهي، تنهن ڪري پهريائين ئي اهڙي شيءِ ٺاهي ڇڏجي جيڪا آئينده جي مڙني ڦرندڙ حالتن ۽ پيدا ٿيندڙ ضرورتن جي ڪفالت بغير ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ يا خوني انقلاب جي ڪندي رهي. ٻيوهيءُ اصول مدنظر هوس ته هندستان اندر مذهبن کي تحفظ ڏجي جيئن دنيا اندر پکڙندڙ لاديني رجحان سنٽرل ايشيا وانگر، هن برصغير مان به مورڳو مذهبن کي نيڪالي نه ڏئي ڇڏي، ساڳئي وقت مذهبن کي به اهڙيءَ متوازن ۽ Rational پوزيشن ۾ رکجي جو هو جاهلن ۽ متعصب سياسي، سماجي طالع آزما ماڻهن جي قبضي ۾ اچي نه پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ باعث فساد ۽ خانه جنگي بنجن ۽ نه جنوني حد تائين پهچي عوام يا خود پنهنجن پيروڪارن لاءِ سبب آزار ۽ Nuisance ٿي پون- يا وري وٽجي، مروڙجي، مسخ ٿي، اهڙي بگڙيل صورت اختيار نه ڪن جيڪا ايندڙ نئين زماني جي انقلابي ۽ منطقي تمدني تصورات ۾ کُپي نه سگهي ۽ ايتريقدر رجاعيت ۽ وحشي پڻي تي دلالت ڪرڻ لڳي جو اُن کي مٽائي ڇڏڻ عالمي انساني برادري، پنهنجي تهذيبي ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن جي عين مطابق سمجهي (جيئن غلاميءَ Slavery يا سُتيءَ جي رسم) انهن خلاف انساني بنيادن تي عالمي تحريڪ هلي ان کي بنهه ختم ڪرائي ڇڏيو، حالانڪه غلامي ڪن مذهبن ۾ به جائز هئي.)
    ٽيون اصول هيءُ سامهون رکڻو پيو هوس ته پراڻو دقيانوسي اقتصادي ۽ معاشي نظام، هن کان پوءِ، گهڻي وقت تائين، قائم رهي ڪو نه سگهڻو آهي، روس اڳ ۾ ئي دنيا کي نئون رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي، نئين دنيا جو عوام جيڪو پنهنجي عظيم تعدادي قوت ڪري بي پناهه طاقت، بلڪ ساريءَ سياسي طاقت جو سرچشمو بڻجي چڪو آهي (۽ جنهن ۾ پهرينءَ عالمي جنگ کانپوءِ پنهنجي طاقت جو احساس پيدا ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي.) گهڻي وقت تائين روايتي ۽ پراڻو سرمائيداري ۽ لُٽ ڦر سان انفرادي تونگري ۽ باقي خلق خدا جي اجتماعي محرومي جو محرڪ، نظام() برداشت ڪري ڪو نه سگهندو ۽ جيڪڏهن وقت سر اُن جي اصلاح نه ڪئي ويئي ته ممڪن آهي ته جلد يا به دير، اهڙو شديد خوني تصادم ٿي پيو جيڪو، نُهن کان چوٽيءَ تائين جملي روايتي مذهبي ۽ نيم مذهبي معاشرتي نظامن کي ڪاملاً ساڙي ٻاري خاڪ ڪري ڇڏي. مولانا جيڪي روس ۾ ڏسي آيو هو تنهن مان ايندڙ زماني جي تصوير جا ڪجهه گوشا سندس اڳيان روشن ٿي چڪا هئا. مثلاً ساريءَ سنٽرل ايشيا جي مسلمان ملڪن مان روايتي نظام جون پاڙون پٽجي ويون هيون ۽ ان جو اثر مذهبي نظام تي به پيو هو، سنٽرل ايشيا جي مسلمان خواتين اجتماعي پيماني تي محض پردي جي پابنديءَ مان پاڻ ڇڏائڻ ۽ زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ مردن سان همسري حاصل ڪرڻ خاطر، ڪميونزم ۾ ٽپي ان نئين غير شرعي نظام جي پکيڙڻ لاءِ Surrogate Proletariatمزدور برادري جو نعم البدل طور ڪم ڪرڻ لڳيون، سفيد رشيا ۾ زميندار کي موروثي زمينن تان بي دخل ڪرائيندي ڪيترن لکن ڪُلڪن (روسي وڏيرن) کي قتلام ڪيو ويو هو ۽ باقي بچيلن ڪيترن لکن کي سائبيريا ڏانهن جلاوطن ڪري کين ٿڌ ۽ بُک وگهي بي موت مرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، ان انقلابي نظرياتي نظام جي روس جي ملڪ تائين محدود رهڻ جو به امڪان ڪو نه هو ڇو ته ان کي ساريءَ دنيا اندر ڦهلائڻ لاءِ روس پنهنجي هر قسم جي ذريعن استعمال ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي چڪو هو. (هاڻي ته سندس ”ذريعن“ ۾ نيو ڪليئر هٿيار به شامل ٿي چڪا آهن.)
    اصل ۾ مولانا صاحب ايندڙ زماني ۾ صدين تائين جيڪي ڪجهه اڳواٽ ٿيڻو هو تنهن تي اڳواٽ نظر رکي علاج جو نسخو تيار پئي ڪيو ۽ هندستان وارن صرف زمانه حال جي حالتن کي ڏسي سُتين پُڙين ۽ ساٺن سنوڻن جو پئي سوچيو.
    مولانا کي استنبول ۾ رهئي ٽي سال پورا ٿي چڪا هئا. سندس لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اُتي گنجائش به ڪانه رهي هئي. مولانا پاڻ لکيو آهي ته: ”() مان ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهيو آهيان. مان تحريڪ اتحاد اسلام جو تاريخي مطالعو ڪيو آهي. مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪو مرڪز نظر ڪو نه آيو. تنهن ڪري مون ترڪن وانگر پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ڪرڻ ضروري سمجهيو.“
    1926ع جي شروع ۾ اخباري خبر پڙهيائين ته ايندڙ حج جي موقعي تي مڪه معظمه ۾”موتمر عالم اسلام“ جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هندستان جا مسلمان ليڊر به اچڻا آهن.
    ان موقعي کي پنهنجن پراڻن ساٿين سان ملڻ ۽ ساڻن رازن ونڊڻ لاءِ غنيمت سمجهي، مولانا اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر استنبول مان ڪو به جهاز حجاز ڏانهن ڪو نه ويندو هو، تنهن ڪري مولانا پهريان اٽليءَ ويو۽ اتان جهاز ۾ سوار ٿي اريٽريا جي مساوا بندر تي وڃي لٿو. پندرهن ڏينهن کانپوءِ اتان جده لاءِ جهاز جو ڪنڪشن مليس. جده پهتو ته موتمر اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويئي هئي ۽ ڊيليگيٽ سڀ موٽي ويل هئا.
    پوءِ ته مولانا لاءِ نه اڳتي وڃڻ جو نه پوئتي ورڻ جو ڪو رستو رهيو. گوڏا کوڙي اُتڙي ئي ويهي رهيو ۽ تعليم ڏيندي ۽ مختلف معاملن تي غور ڪندي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ٻارهن سال گذاري ڇڏيائين. هر سال حج تي ويندڙن سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ ديار حبيب ﷺ جي لطيف ۽ جانفزا هوائن مان مستفيد ٿيندو رهيو. هونءَ به مڪو مڪرمه اسلامي دنيا جو مرڪز هو: اُتي ويٺي سندس آڱر ساري عالم اسلام جي نبض تي رهي ٿي سگهي. حجاز جي حڪومت البته کائنس هي واعدو ورتو ته هو اتان ويهي ڪا به سياسي پروپيگنڊا ڪا نه ڪندو!
    پاڻ پنهنجي خطبات (صفحه 72) ۾ لکي ٿو ته ”مان 13-14 سال قرآن عظيم ۽ (امام شاهه ولي الله جي) حجة الله البالغه جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. تفسير قرآن ۾ جيڪي مقام مشڪل هئا تن جي باري ۾ (مڪي واري زماني ۾) امام ولي الله دهلوي جي اصولن جي روشنيءَ ۾ اطمينان حاصل ڪري سگهيس.“
    مولانا امام موصوف جي ٻين ڪتابن سان گڏ مولانا اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم جي تصنيفات جو به مطالعو ڪندو رهيو هو. پاڻ دعويٰ ڪيائين ته: جيڪڏهن مون کي موقعو ڏنو وڃي ته آءٌ امام ولي الله کي حڪمت جو مجتهد مستقل ڪري مڃيان، امام عبدالعزيز دهلوي ۽ مولانا رفيع الدين دهلوي کي ان حڪمت جو منتسب ۽ مولانا اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي رتبي تي تسليم ڪريان ته مان ان حڪمت جو اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو، جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول اللهﷺ ۽ سنت خلفاءِ الراشدين ۽ (ج) تاريخ اسلام جي پوري عقلي تشريح ٿي سگهندي، ان کانپوءِ دنيا جي سڀني مذهبن ۽ انهن جي مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق آسان ٿي پوندي.(خطبات ص 73).
    جيتريقدر آءٌ ان جملي ۾ ڏنل اشارن جي معنيٰ سمجهي سگهيو آهيان، مولانا کي سمورن مذهبن ۾ ڪي هڪجهڙيون ڳالهيون، حقيقتون ۽ حڪمتون نظر اچي رهيون هيون جن جي هن تطبيقڪرڻ ٿي گهري.
    ان سلسلي ۾ هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته اسان مٿي سندس تحرير جو هيءُ جملو به نقل ڪري چڪا آهيون ته: ”مان ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهيو آهيان. مون تحريڪ اتحاد اسلام جو تاريخي مطالع ڪيو آهي. تنهن ڪري مون ترڪن وانگر پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ڪرڻ ضروري سمجهيو.“
    ٻنهي جملن کي گڏي پڙهڻ سان پڙهندڙ هن اثر قبول ڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو ته مولانا کي مختلف مذهبن ۾ ڪي شيون غير نزاعي ۽ مشترڪ نظر ٿي آيون ۽ انڪري کيس ”پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ“ کي نيشنل ڪانگريس ۾ (جنهن ۾ هندن جي اڪثريت هئي) داخل ڪندي پنهنجي ان ”اسلامي مذهبي تحريڪ“ لاءِ ڪو خطرو ڪو نه ٿي محسوس ٿيو.
    اهو هڪ اهم اصولي نُڪتو هو. (ممڪن آهي ته مون غلط سمجهيو هجي. پڙهندڙ پاڻ غور ڪن.)
    مولانا جي جلاوطني ٽيويهه سال هلي چڪي هئي. 1937ع ۾ هندستان ۾ نوان آئيني سڌارا آيا هئا. جن هيٺ هندستان جي اڪثر صوبن ۾ ڪانگريسي وزارتون قائم ٿيون هيون. سنڌ ۾ خانبهادر الله بخش مرحوم وزارت ٺاهي ويٺو هو، جنهن کان جي ايم سيد صاحب ۽ ڪانگريس اسيمبلي ميمبرن پيشگي هي شرط قبول ڪرايو هو ته هو مولانا کي وطن موٽائيندو ۽ سندس خلاف انگريز جون ڪيل ڪارروايون ختم ڪرائيندو.
    هوڏانهن مولانا پنهنجي مٿي به گهڻيءَ دنيا جو حال ڏسي چڪو هو. مسلمان ملڪن جي منو تي ۽ عالمي اسلامي اتحاد جي تصور جي حقيقت به خود انهن ملڪن ۾ رهي معلوم ڪري ورتي هئائين. ڪجهه وطن جي اُڪير ۽ ڪجهه مسلمان ملڪن جي سرد مهري پنهنجو پنهنجو اثر ڏيکاريو. هن مڪي مان سفارتي ذريعا استعمال ڪري حڪومت هند کي مطمئن ڪيو ته سندس سياست ۽ سوچ جو اصلوڪو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ حالتون ڦري ويل آهن، تنهنڪري هن کان پوءِ هو انگريز لاءِ هندستان اندر ڪنهن غير معمولي خطري جو باعث ڪو نه بڻبو.
    مولانا تان بندش ختم ٿي.
    شروع 1939ع ۾ موٽي اچي ڪراچي بندر تي لٿو. سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ خانبهادر الله بخش مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو.
    23 ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. خود فرمايائين:
    ع- يه جهاڙيان چمن کي يه ميرا آشيانه!
    مولانا ذاتي تجربن، علم ۽ معلومات جا وڏا خزانا کڻي موٽيو هو. اميد هوس ته ملڪي ڀائر انهن مان فائدو وٺندا، پر ڪنهن جي بخت ڪو نه ڀڙايو. سڀني کي چنڊائي کنيو بيٺي هئي. جنس موجود هئي، خريدار ڪو نه پيدا ٿيو.
    ملڪ جون حالتون ۽ سياسي جماعتن جون پاليسيون به ڦري ويل هيون. 1924ع ۾ جنهن هندو مسلم نفاق جي شروعات ٿي هئي، سو هينئر 1939ع ۾ وڌي ساري ملڪ کي وبا وانگر وچڙي ويو هو. مولانا جي ڪراچيءَ پهچڻ کان چار پنج مهينا اڳ ساڳيءَ ڪراچيءَ ۾ سندس پراڻي سنگتي شيخ عبدالمجيد مرحوم جي تحريڪ تي مسلم ليگ ٺهراءَ پاس ڪري چڪي هئي، جنهن جي معنيٰ هيءَ هئي ته هندستان اندر هندو ۽ مسلمان هڪ گڏيل نظام حڪومت هيٺ رهي ڪو نه ٿا سگهن، تنهن ڪري ملڪ کي ٽوڙي ٻه وفاق (فيڊريشن) بڻايا وڃن هڪ مسلمانن جو ٻيو هندن جو. خود سنڌ اندر اسيمبلي سياست تي هندن ۽ مسلمانن ۾ شديد وڳوڙ هلي رهيو هو، حالانڪه سنڌ کي بمبئي کان جدا ٿئي اڃا مس ٻه اڍائي سال گذريا هئا. هندستان جي ٻين صوبن ۾ جتي تازو صوبائي ڪانگريس وزارتون قائم ٿيون هيون، مسلمان شديد شڪايتون ڪرڻ لڳا هئا. مولانا کي سمجهڻ ۽ ساٿ ڏيڻ وارا گهڻو ڪري سڀ پراڻا رفيق فوت ٿي ويل هئا. مثلاً حضرت مولانا محمود حسن عليه الرحمة، حضرت مولانا عبدالباري عليه الرحمة، مولانا محمد علي مرحوم، مولانا شوڪت علي مرحوم، حڪيم اجمل خان مرحوم، ڊاڪٽر انصاري مرحوم، سرڳواسي، سي آر داس ۽ ٻيا ڪيترا هندستان مان ۽ سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي رحه، حضرت پير سائين رشد الله شاهه ؓجهنڊي وارا، پير محبوب شاهه رحه، پير سائين تراب علي شاهه رحه، رئيس ميان جان محمد جوڻيجو مرحوم.
    هندستان جي قيادت ڪوتاهه نظر هندن ۽ سنڌ جي قيادت وڏيرن جي ور چڙهي ويل هئي. مولانا جي ڳالهه ٻڌي ته ڪير، سمجهي ته ڪير؟
    گهورون ٿا گهورين پر پلو جهليندڙ ڪو نه آ. مولانا کي هتي آئي اڃا مشڪل سان پنج مهينا گذريا هئا ته ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي ويئي هئي، جنهن ڦرڪو ئي ڦيرائي ڇڏيو.
    پوءِ ته سياست ۾ هوش جي جاءِ جوش ورتي، ماڻهن دماغ جو ڪم زبان کان وٺڻ شروع ڪيو. اسان جي مولانا وٽ نه جوش هو ۽ نه اهڙي زبان هئي. ان جنوني ماحول ۾ مولانا سياسي معاملات جو رُخ موڙي ها سو ڪهڙيءَ طرح؟
    محسوس ڪيائين ته ”حال“ ته هنگامه آرائي جي حوالي ٿي چڪو آهي، ڪوشش ڪجي جيڪڏهن ”مستقبل“ لاءِ ڪجهه ڪري وڃجي.
    سندس روءِ سخن ان کانپوءِ نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن طرف رهيو.
    پنهنجي پهرئين ئي بيان جي شروعات هن فارسي شعر سان ڪيائين، جنهن مان سندس ارشادات جو رخ معلوم پئي ٿيو.
    نصیحت گوش کن جانان کہ از جان دوست تر دارند
    جوانانِِ سعادت مند پند-پیر دانا را۔
    ٻي عالمي لڙائي سيپـٽمبر 1939ع ۾ شروع ٿي. مولانا تاڙي ويو ته (1) لڙائي هلندي هر هنڌ تعطل رهندو (2) لڙائي ۾ ڪاميابي انگريز کي حاصل ٿيندي (3) لڙائي ختم ٿيندي هندستان جي مستقبل جو نقشو صاف ٿيڻ شروع ٿيندو.
    هينئر سڀ ڳالهه ختم ٿي چڪي آهي. صرف ان زماني جا ڪاغذ اسان جي سامهون رهجي ويا آهن. انهن کي چڪاسڻ مان پتو پوي ٿو ته ان دور جي مختلف سياسي ماڻهن جي فڪر ۾ ڪيتري قدر اونهائي هئي. انگريز جي ناڪامي جو تقريباً سڀ ڪنهن کي يقين هو. ڪن سمجهيو ٿي ته ان جي جاءِ تي جاپان ايندو، ڪن جو خيال هو ته هٽلر هتي پهچندو. انگريز جي بچڻ جو ڪنهن کي آسرو ڪو نه هو.
    مولانا عبيدالله ئي هڪ اهڙو بالغ نظر سياسي مفڪر هو جنهن جي تصور ۾ ئي اها ڳالهه ڪا نه آئي ته لڙائي ۾ انگريز ايتريقدر هارائيندو جو هندستان سان سندس ڪو واسطو ڪو نه رهندو. مثلاً جنگ لڳي اڃا چند هفتا مس گذريا هئا ته مولانا ٺٽي ضلعي ڪانگريس ڪميٽي جي ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته:
    ”توڙي جو يورپ جي جنگ لڳي اڃا هفتا گذريا آهن، پر مان ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي ان جي (پس منظر جي) باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌندو ۽ معلوم ڪندو رهيو آهيان. منهنجي مستحڪم راءِ آهي ته اسان کي هن وقت بغير ڪنهن به شرط وڌي انگريز جي مدد ڪرڻ گهرجي. جيڪي طاقتون هن وقت انگريز سان وڙهي رهيون آهن، مان انهن سان (اڳ ۾) شريڪ رهي چڪو آهيان، جو ان وقت ايئن ڪرڻ مون پنهنجو مذهبي فرض پئي سمجهيو.“
    ”پر اڄ حالتون مختلف آهن. انگريز جي هينئر مسلمانن سان مذهبي جنگ ڪا نه آهي. آءٌ پنهنجي سياسي مطالعي کي مدنظر رکندي پنهنجي ملڪ لاءِ غلط سمجهان ٿو ته هو انگريز سان پرخاش رکي.“
    ”اسان کي ترقيءَ جو جيڪو موقعو برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ سان ملڻو آهي، سو ٻي صورت ۾ نظر ڪو نه ٿو اچي.“ (خطبات صفحه 118)
    ان يقين جي بنا تي انگريز جنگ کٽندو. مولانا جيڪو پروگرام (40-1939ع ۾) ملڪ ۾ پيش ڪندو ٿي رهيو ان ۾ صريحاً صلاح ٿي ڏنائين ته ”برطانيا کان ڊومينين اسٽيٽس Dominion Status حاصل ڪجي ۽ ڪافي عرصي تائين برٽش ڪامن ويلٿ سان وابسته رهجي. حتاڪ دفاع کي منظم ڪرڻ لاءِ عاريتاً برطانيه کان آفيسر به وٺجن ۽ يورپ جي مختلف قومن جا جيڪي نيڪ انسان اسان جي ملڪ کي ترقي وٺائڻ لاءِ اسان وٽ اچڻ گهرن تن کي به اچڻ ڏجي.“ (خطبات، صفحا 139، 140، 141)
    اها هئي سوچ هڪ اهڙي بزرگ سياستدان ۽ عالم دين جي جيڪو 23 سال انگريزن سان وڙهندو رهيو هو ۽ هندستان جي گهڻن ليڊرن کان وڌيڪ دنيا جي انقلابن ۾ يا ته پنهنجي سر شريڪ رهي چڪو هو يا موقعي تي رهي انهن جو مطالعو ڪندو رهيو هو.
    آخر ۾ سندس سوچ ئي صحيح ثابت ٿي. انگريز جنگ ۾ شڪست ڪا نه کاڌي. هندستان جي جن ليڊرن ڪئٽ انڊيا تحريڪ هلائي يا نيشنل آرمي ٺاهي کين ڀڄائڻ ٿي گهريو سي ڪامياب ڪو نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ (مولانا جي اندازي موجب) جنگ ۾ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريز پاڻ راضي خوشي برصغير کي آزادي ڏئي، راند متل ڇڏي هليو ويو.
    رهيو سوال ته مولانا برصغير جي پنهنجي مفاد ۾ ايئن ٿي سمجهيو ته اهي ملڪ ”ڊومينين“ جو درجو حاصل ڪري ڪامن ويلٿ ۾ رهن سا ڳالهه ٿي ڪا نه سگهي. مولانا جي ٻولي ڪنهن ڪا نه سمجهي.
    مولانا جي نظر ساريءَ دنيا جي حالتن تي هئي، پر مستقبل جي امڪانن ۽ واقعن جي باري ۾ هو اڪثر اشارن کان ڪم وٺندو ٿي رهيو، ڇو ته هڪ داناءَ فلاسفر کي هڪ ناسازگار ماحول ۾ ڳالهائڻو پئي پيو. غالباً سندس خيال هو ته جيئن جيئن وقت هٿان حالتن تان پردا کڄندا ويندا تيئن تيئن ماڻهو خودبخود سندس اشارن جو مطلب سمجهندا ويندا. وقت کان اڳ ڳالهائڻ جو نتيجو سقراط ڏسي چڪو هو.
    مثال طور، اوهان پاڻ سندس خطباتجا صفحا 132 کان 135 تائين پڙهي ڏسندا، اُتي اوهان کي ڪن پاڙيجن ملڪن جي باري ۾ ڪي اهڙا اشارا نظر ايندا جيڪي هينئر 89-1978ع ۾ اوهان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهندا.
    جهڙي طرح مٿي عرض ڪري چڪو آهيان، بنيادي طور مولانا جي نظر حال کان زياده مستقبل تي ۽ پاڻ جهڙن پوڙهن کان زياده ايندڙ نسلن تي رهي ٿي. ساڳئي خطبي ۾ هڪ جاءِ تي اوهان کي هيءَ وارننگ نظر ايندي:
    ”اوهان جو نوجوان انقلابي يورپ سان آشنا ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي نوجوان کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري ان ايندڙ انقلاب کان بچڻ جو خيال نٿا ڪريو ته اوهان جو حشر به اهڙو ئي ٿيندو جيڪو بخارا جي مسلمانن جو ٿي چڪو آهي. اُن ڏانهن ڏسو ته ان کي (يعني بخارا جي مسلمان کي) لُٽڻ ۾ خود پنهنجن مسلمانن ڪيترو نه حصو ورتو آهي. انقلاب جڏهن ظاهر ٿيندو آهي ته هڪ مفلس عيسائي مالدار عيسائي تي، يا مفلس مسلمان مالدار مسلمان تي رحم ڪو نه ڪندو آهي.“ (خطبات صفحه 133)
    مولانا سنڌ ۾ موٽي اچڻ کانپوءِ پنج سال کن زندهه رهيو. اهو عرصو ساري هندستان جا چڪر ڪاٽيندو ۽ ماڻهن کي سمجهائيندو رهيو. ٻڌي سندس ڪنهن ڪا نه ۽ نه سندس مشورن جو برصغير جي حالات تي ڪو خاص اثر پيو، پر ٻڌائي ڪافي ويو. هينئر صدين تائين ماڻهو پيا سندس چيل ڳالهين تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيندا.
    طوالت جي خوف کان آءٌ سندس وڌيڪ ارشادات کي هتي پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان. وقت آئي ماڻهو پاڻ انهن جو مطالعو شروع ڪندا، سندس ملفوظات گڏ ٿيندا، سيمينار ٿيندا، بحث مباحثه هلندا، اڪيڊميون کلنديون، ڏينهن ملهايا ويندا، گفتن جا شرح لکيا ويندا، غرض جيڪا گهٽتائي اسان سندس هم وطنين کان سرزد ٿي آهي، تنهن جي پورائي وقت پنهنجي فولادي هٿن سان ڪرائيندو رهندو. اڄ نه ته سڀان، سڀان نه ته پرينءَ، پرينءَ نه ته تهن پرينءَ، پر ايئن ٿيندو ضرور. فلاسفر مري ويندا آهن، پر سندن فلسفو ڪو نه مرندو آهي. وقت سندن فرمانبردار غلام ٿئي ٿو. انسان کان ڪوتاهي ٿئي ٿي، وقت ڪوتاهي ڪا نه ڪري!
    سوال آهي ته ڪو وقت کي غلام بڻائي سگهي، اهو معجزو صرف فيلسوف ئي ڪري سگهي ٿو.
    ۽ مولانا نه صرف امام انقلاب هو، مجاهد هو، مجتهد هو، محنت ڪش ۽ مشقت ڪيش هو، عالم هو، عالم باعمل هو، مورخ هو، مفسر قرآن مجيد هو، شيخ الحديث هو- پر فيلسوف هو.


    مولانا عيبدالله سنڌيءَ جي فڪر ۾..... رومانوي، مذهبي ۽ انقلابي تعبيرون

    تحرير: قاضي جاويد/سنڌيڪار: عبدالستار ابڙو

    گذريل صدي جي انقلابي دور ۾ عالمن جون ڪيتريون جماعتون سرگرم رهيون. خاص ڪري اتر هندستان ۾ ديوبندي جماعت خاص اهميت حاصل ڪري ورتي هئي. عالمن جي هن جماعت جو مرڪز ديوبند جو مذهبي علمن جو ادارو هو، جنهن آزادي جي جنگ (1857ع) کانپوءِ جلدي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. مجاهدن جي تحريڪ ۽ آزادي جي تحريڪ سان واڳيل کوڙ سارن عالمن هن اداري جي ڇانوَ ۾ پناهه ورتي ۽ ان کي باقاعده هڪ تحريڪ جي صورت عطا ڪئي. هن تحريڪ جو مقصد، علي ڳڙهه تحريڪ کان قطعي مختلف هو. ديوبند مدرسي جو بنياد رکندڙ، نوآبادياتي حڪمرانن سان عملي طور تي جنگ ڪري چڪا هئا، جڏهن ته علي ڳڙهه ڪاليج کي وجود ۾ آڻڻ وارا انهن جي ڏينهن ۾ انگريزن جي حفاظت لاءِ مسلح هئا. فقط اهائي هڪ حقيقت ان ڏينهن ۾ تضادن جي اپٽار ڪري ٿي.
    ديوبند ۽ علي ڳڙهه جي تحريڪن ۾ بنيادي فرق هي هو ته ديوبند سان واسطو رکندڙ ماڻهو پنهنجي تاريخي، قومي ۽ ملي روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ نوآبادياتي حڪمرانن سان هڪ جهڙائي جي خاتمي کي نجات جو ذريعو تصور ڪن پيا، جڏهن ته ٻيو گروهه بدليل حالتن سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي راهه سمجهي پيو. انهن نظرياتي اختلافن جي ڪري ٻنهي تحريڪن جا اڳواڻ هڪ ٻئي کان گهڻو پري هئا، تنهن هوندي به هنن ۾ ڪي ڳالهيون هڪ جهڙيون به هيون. ٻئي هندستاني مسلمانن جي ڀلائي چاهيندڙ هئا. ان کانسواءِ شاهه ولي الله هڪ اهڙي شخصيت هو، جنهن کان ٻنهي تحريڪن جي بانين يعني مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ سر سيد احمد خان، تخليقي تحريڪ حاصل ڪئي هئي. ٻئي هڪ ئي چشمي مان سيراب ٿيڻ جا دعويدار هئا. ديوبندي شاهه ولي الله جي فڪري نظام جي الاهياتي ۽ مذهبي پهلوءَ کي واضح ڪن پيا، جڏهن ته علي ڳڙهه وارا حڪمت ولي اللهي جي فڪر مان تخليقي تحريڪ حاصل ڪري رهيا هئا. ان مشترڪه تعلق مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ سر سيد احمد خان جي وچ ۾ احترام ۽ شخصي واسطن جا بنياد فراهم ڪيا پر پوءِ به اهي تعلقات ٻنهي تحريڪن کي ويجهي آڻڻ ۾ ڪارگر ثابت نه ٿيا.
    ديوبند تحريڪ جي اهميت مذهبي حوالي کان وڌيڪ ان جي قومي ڪردار جي ڪري آهي. برصغير جي آزادي جي جدوجهد ۾ هن تحريڪ سان واسطو رکندڙ ماڻهن انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ هو هندستان جي ٻين مذهبي گروهن سان مسلمان جي اتحاد کي ضروري سمجهن پيا. هڪ درسگاهه جي حيثيت سان دارالعلوم ديوبند، هندستاني مسلمانن جي روايتي علمن جو محافظ هو. هن اداري جي فڪري قيادت سامراج دشمنيءَ جي ڪري، انهن جي جديد علمن ۽ فنن جو پڻ انڪار ڪيو. هن فيصلي جي پسمنظر ۾ فقط منفي سوچ نه هئي ۽ نه ئي اهو رڳو رجعت پرستي ۽ قدامت پسندي جو نتيجو هو. جديد علم محض جديد علم نه هو، پر اڻويهين صدي جي هندستان ۾ انهن کي قبول ڪرڻ ڄڻ نوآبادياتي صورت حال کي مڃڻ هو. تنهن ڪري جديد علمن جو انڪار حقيقت ۾ غير ملڪي حڪمرانن جي بالادستيءَ کي ذهني طور تسليم نه ڪرڻ جي برابر هو.
    هي حقيقت آهي ته علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جون سرگرميون هندستان تائين محدود هيون، جڏهن ته دارالعلوم ديوبند جلد ئي هڪ بين الاقوامي حيثيت ماڻي ورتي. تنهن ڪري افغانستان، ايران، وچ ايشيا، ملايا ۽ جنوبي آفريڪا جهڙن ڏورانهن علائقن کان نوجوان اسلامي علمن جي سکيا لاءِ هتي اچڻ لڳا. ان لحاظ کان هن اداري کي جامعة الازهر جي مقابلي ۾ بيهاري سگهجي ٿو.(1) ديوبند کي هيءَ عالمي شهرت گهڻو ڪري شيخ الهند مولانا محمود حسن جي دور ۾ حاصل ٿي، جيڪي مشهور عالم هئڻ سان گڏوگڏ هندستان جي آزاديءَ جا اڳواڻ به هئا. مولانا عبيدالله سنڌي سندن باري ۾ لکن ٿا ته:
    ”حضرت شيخ الهند تمام وڏا بزرگ هئا. پاڻ ظاهري طور پڙهڻ پڙهائڻ ۽ دعا وظيفي ۾ نظر ايندا هئا، پر سندن سياسي جدوجهد عروج تي هلندڙ هئي. حضرت شاهه ولي الله، شاهه عبدالعزيز، سيد احمد شهيد، سيد اسماعيل شهيد، شاهه اسحاق، حاجي امداد الله ۽ مولانا محمد قاسم جن جيڪا ملت اسلاميه جي جياپي ۽ هندستان ۾ مسلمانن جي اقتدار ۽ سربلنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي هئي، پاڻ ان کي زندهه ڪرڻ ۽ عملي جامو پهرائڻ وارا اڳواڻ هئا. شيخ الهند جو خيال هو ته جيڪڏهن ترڪ، افغانستان تائين پهچي وڃن ته هندستاني مسلمان ترڪن ۽ افغانين جي مدد سان پنهنجي وڃايل طاقت ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا. سندن خيال هو ته هندستان جي مسلمانن کي گڏ ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ”نون“ يعني علي ڳڙهه وارن ۽ ”پراڻن“ يعني ديوبند وارن جي وچ ۾ جيڪا خليج حائل آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي. ٻئي طرف افغانين ۽ ترڪن سان رابطو ڪيو وڃي.“(2)
    شيخ الهند جهڙي باعمل ۽ گهڻ پاسائين شخصيت جي اڳواڻيءَ ۾ ديوبند جي مدرسي ۽ تحريڪ ڪافي ترقي ڪئي. شيخ الهند جي محنتن جي ڪري ديوبند هندستان جي مسلم انقلابي تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو. جيتري تائين مذهبي پهلو جو تعلق آهي ته هن اداري سان ڳنڍيل عالم وچين دور جي ”الاهيات“ کان اڳتي وڌي نه سگهيا. اهي سختيءَ سان هن خيال جا رهيا ته اجتهاد جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري قياس جي حوالي سان نئين تشڪيل ڏيڻ جو جواز موجود نه آهي. تنهن ڪري نتيجو اهو نڪتو ته هو فڪر جي آزاديءَ کان محروم رهجي ويا. بنا شڪ شبهي جي انهن جي سوچ ۽ فڪر عقليت پسندانه هو، پر نين معروضي حالتن جي اعتبار کان انهن جي پهچ جامد ۽ غير تخليقي رهي. تنهن ڪري هنن جي تحريڪ گهٽبي رهي ۽ علي ڳڙهه کي ترقي حاصل ٿي. خاص ڪري جديد تعليم يافته مسلمانن جو طبقو هن تحريڪ کان پري رهيو.
    ديوبند جي ناڪاميءَ، هندي مسلمانن جي غلامانه ذهنيت کي جنم ڏنو، پوءِ به هي پنهنجي محدود ٽولي ۾ باغي قسم جي سياسي سوچن کي وڌائيندا رهيا. مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي ديوبند جي سياسي ڪردار جو تجزيو ڪندي لکي ٿو ته:
    ”سڀني ديوبندين لاءِ اسان نٿا چئي سگهون، پر ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته شروعات کان وٺي اڄ تائين ديوبند ۾ سدائين هڪ اهڙي جماعت رهي آهي، جنهن جو هٿ هميشه قوم جي نبض تي رهيو آهي ۽ ان قومي ضرورتن تي نظر رکي آهي. سچ هي آهي ته پوري هندستان ۾ ديوبند هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن کي اسان حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري ادارو چئي سگهون ٿا. بيشڪ ديوبند هڪ علمي ۽ تعليمي ادارو آهي. مجموعي طور هن اداري ڪڏهن زندگي کان پنهنجو تعلق نه ڪٽيو آهي ۽ ان ئي سبب جي ڪري هن هميشه قوم جي هر مرحلي ۾ رهنمائي ڪئي آهي. 1857ع کانپوءِ هر طرف مسلمانن ۾ بدنظمي ۽ دين کان پري رهڻ جو لاڙو پيدا ٿي رهيو هو ۽ ٻئي طرف آرين ۽ عيسائين اسلام تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. مولانا رشيد احمد گنگوهي فقهه ۽ حديث جي تعليم سان، مولانا محمد قاسم پنهنجي بي مثال تقريرن ۽ حڪمت ڀرين ڪتابن سان، ان وقت جي فتنن کي منهن ڏنو. ان کانپوءِ ترڪيءَ ۾ مسلمانن جي خلافت تي دشمن حملو ڪن ٿا ۽ اسلامي حڪومت جي آخري نشان کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ديوبند جو باني استاد مولانا محمود حسن ڪراڙپ جي باوجود به اٿي کڙو ٿئي ٿو، تنهن کانپوءِ 1914ع جي جنگ ۾ ترڪيءَ کي شڪست اچي ٿي ۽ مسلمانن تي دنيا تنگ ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ۽ هر طرف مايوسي ئي مايوسي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان دوران مولانا محمود حسن مالٽا جي جيل مان آزاد ٿي وطن واپس اچن ٿا ۽ پنهنجي قوم کي ٻڌائين ٿا ته هاڻي اسلام ۽ هندستان کي آزاد ڪرائڻ جو فقط هڪ ئي طريقو آهي. قوم جو غيرتمند ۽ باهمت طبقو شيخ الهند جي سڏ تي آمنا صدقنا چئي ٿو ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي هلي پئي ٿو.“(3)
    1905ع ۾ روس جي پهرين اشتراڪي انقلاب ٽئين دنيا جي آزاديءَ جي جدوجهد کي تيز ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان انقلاب آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن کي نئون حوصلو، نئون عزم ۽ نوان رستا عطا ڪيا. خاص ڪري هندستانين تي ان جا گهڻا اثر پيا، جنهن جو سبب تاريخي ۽ جاگرافيائي مناسبت هئي. ان کان ڪجهه سال پوءِ پهرين مهاڀاري لڙائي اشتراڪي انقلاب جي اثرن کي وڌيڪ مؤثر ڪيو هو. فطري طور سياسي لحاظ کان شعور رکندڙ ۽ ترقي پسند طبقن ۾ انهن اثرن کي وڌيڪ هٿي ملي. ديوبند سان لاڳاپيل شخصيتن جو ان کان متاثر نه ٿيڻ اڻ ٿيڻو هو. ديوبند ۾ انهن اثرن جو سڌو سنئون مثال مولانا عبيدالله سنڌي جي شخصيت آهي. پاڻ شيخ الهند جي چونڊ شاگردن مان هئا. سندن سوچ جو محور هي هو ته قرآن جي تعليم ۽ سياست ۾ وڏي گهرائپ ۽ فلاسافي موجود آهي.(4) اسلام هڪ انقلابي تحريڪ جو نالو آهي، جنهن جو مقصد سياسي غلبو حاصل ڪرڻ آهي. مولانا سنڌي جيڪا اسلام جي تشريح پيش ڪئي، اها سيد احمد خان، مولوي چراغ علي ۽ سيد امير علي جي تشريحن کان مختلف هئڻ کان علاوه مولانا شبلي نعماني کان به اڳئين مرحلي جي نشاندهي ڪري ٿي. ديوبندي فڪر جي حوالي سان اها سوچ انوکي نه هئي پر مولانا عبيدالله سنڌي محض ان تائين محدود نه رهيو. ٽئين دنيا مان بيٺڪيت جو نظام ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻ جديد يورپي علمن ۽ مغربي تهذيب جي ڪافي عنصرن کي جذب ڪرڻ لاءِ به زور ڏيندا رهيا. هن معاملي ۾ پاڻ سيد احمد خان کان به گهڻو اڳتي هئا، تنهن ڪري سندن پڪار برصغير جي ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو.
    شروع ۾ مولانا سنڌي ديوبند کان جڏهن تعليم مڪمل ڪئي ۽ واپس سنڌ ۾ آيا تنهن زماني ۾ پاڻ امروٽ شريف ۾ مستقل رهائش اختيار ڪري علمي ۽ سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي. سنڌ جو علائقو ان دور ۾ برصغير جو پٺتي پيل علائقو هو. غربت، بدحالي ۽ جهالت سنڌي عوام کي روحاني ۽ جسماني طور هيڻو ڪري ڇڏيو هو. ان صورتحال ۾ مولانا سنڌي، مولانا تاج محمود امروٽي سان گڏجي سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين درالعلوم ديوبند جي نموني تي هڪ ديني درسگاهه قائم ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو ويو. ان اداري جي نصاب ۾ شاهه ولي الله جي فلسفي کي خاص اهميت ڏني وئي. ويهين صدي جي منڍ ۾ سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ۾ هن مدرسي اهم ڪردار ادا ڪيو. مولانا سنڌي امروٽ شريف ۾ هڪ اشاعتي ادارو به قائم ڪيو ۽ ديني ڪتابن جي ڇپائي کانسواءِ سنڌي زبان ۾ هڪ ماهوار پرچو ”هدايت الاخوان“ شروع ڪيائون.
    هي سلسلو ستن سالن تائين جاري رهيو. ان دوران مولانا جي گهرواري ٻن ٻارن کي جنم ڏيڻ کانپوءِ وفات ڪري وئي. ان حادثي جو مولانا جي طبيعت تي ڪافي اثر پيو. ٻئي طرف امروٽ جي درسگاهه جي تعليمي نصاب جي باري ۾ مولانا سنڌي ۽ مولانا امروٽي جا اختلاف پيدا ٿي پيا. مولانا سنڌي ان ڪورس کي جديد تقاضائن جي مطابق ڪرڻ پيا چاهين، جڏهن ته مولانا امروٽيءَ کي اها ڳالهه پسند نه هئي. ان جو سبب هي هو ته هي مدرسو امروٽ جي درگاهه جي حدن ۾ ٺهيل هو، جتي مولانا امروٽي پنهنجي مريدن کي روحاني فيض سان نوازيندو هو. مريدن کي تصوف جي مشهور طريقن تحت بک، صبر ۽ قناعت جي هدايت ڪئي ويندي هئي. تنهن ڪري هڪ ئي هنڌ اهو ڪيئن ٿي سگهيو ٿي جو طريقت جا طالب ته سادگي ۽ بک ڏک تي زندگي گذارين ۽ ان وقت سندن سامهون ظاهري شريعت جا شاگرد ٺٺ ٺانگر سان رهن.(11) نتيجو هي نڪتو جو مولانا امروٽي ان سلسلي ۾ نه صرف مولانا سنڌيءَ جي مدد نه ڪري سگهيو پر سندن ان سوچ سان به سهمت نه ٿيو.
    مولانا سنڌي کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک پهتو ۽ پاڻ نيٺ امروٽ شريف کي خيرآباد چئي پير جهنڊي ۾ مولانا رشد الله جي مدرسي ۾ رهڻ لڳا، ان دوران سندن سياسي شعور ۾ به ترقي اچي رهي هئي. ديني مسئلن کانسواءِ هاڻي سياسي مسئلا به سندن توجهه جو مرڪز هئا. پاڻ ان باب ۾ شاهه ولي الله کان تخليقي تحريڪ حاصل ڪئي هئائون. انهن ڏينهن ۾ شيخ الهند مولانا محمود حسن کين ديوبند گهرايو. مولانا سنڌي اتي پهتا پر هاڻي ديوبند وارن سان هڪجهڙائي اختيار ڪرڻ سندن وس ۾ نه رهي هئي، مختلف مسئلن تي درالعلوم جي استادن ۽ شاگردن سان سندن اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا. ديوبند جي روايت پرست دانشورن لاءِ مولانا سنڌيءَ جا خيال ايتريقدر تعجب انگيز ۽ اجنبي هئا جو ڪجهه ماڻهن ته سندن خلاف ڪفر جي فتويٰ به جاري ڪئي. درالعلوم جي دنيا تنگ ٿي ته اسان جي فلاسفر دهليءَ جو رستو ورتو ۽ اتي ”نظارة المعارف“ جي نالي سان هڪ مدرسو قائم ڪيو. ان کان ٿورو عرصو پوءِ پهرين مهاڀاري جنگ شروع ٿي ۽ ملڪي حالتون مٽجي ويون. جنگ ۾ ترڪن جي شرڪت هندستان جي مسلمانن جي بي چيني جو باعث بڻي. غلامي جي ذلت جهڙي معروضي صورتحال کان ڇوٽڪاري جي واٽ خاطر انهن پاڻ کي ذهني طور عثمانيه خلافت سان ڳنڍي ڇڏيو هو ۽ هاڻي اها خلافت به خطري ۾ هئي. مسلمان ان صدمي کي سهي نه سگهيا ۽ انهن هن ”پناهه گاهه“ جي تحفظ جو فيصلو ڪيو.
    پهرين مهاڀاري جنگ ۾ شامل ٿيڻ واري، ترڪي جي سلطان جي فيصلي ۽ جهاد جي اعلان مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري وڌو.(12) بي چيني جي هن دور ۾ سياسي زندگي جي تجربي ۽ تنظيم کان محروم هجڻ جي باوجود، ديوبندي عالمن جا انگريز دشمن رجحان شديد ٿي ويا ۽ انهن هر ممڪن طريقي سان ترڪن جي مدد جو فيصلو ڪيو.(13) هن معاملي ۾ مولانا محمود حسن سڀني کان اڳرا هئا. جنگ کان پهريائين به سندن خيال هو ته ترڪي جي سلطان جي سهڪار سان هندستان کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. (14) پاڻ هڪ ”جمعيت الانصار“ جي نالي سان تنطيم ٺاهيائون ۽ ان کانسواءِ علي ڳڙهه ۽ ديوبند جي وچ ۾ اتحاد ۽ يگانگت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ته جيئن هندي مسلمانن ۾ اتفاق پيدا ڪري سگهجي. ترڪن سان رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ مولانا محمود حسن پنهنجي پياري شاگرد مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ڪابل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. هو چاهين پيا ته ڪابل ۾ ترڪ ۽ جرمن نمائندن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ انهن جي تعاون حاصل ڪرڻ کانپوءِ صوبي سرحد جي قبائلين کي آزادي جي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. (15) ان سلسلي ۾ انهن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي.
    شيخ الهند جي هدايت مطابق مولانا سنڌي 1915ع ۾ ڪابل پهتو. غور سان ڏٺو وڃي ته هي فيصلو ٺوس منصوبابنديءَ ۽ معروضي صورتحال جي تجزيي کان وڌيڪ رومان پرستيءَ جو نتيجو هو. مولانا سنڌي ڪنهن واضح لائحه عمل ۽ طريقيڪار کانسواءِ ڪابل پهتو. سندن هڪ ساٿي ظفر حسن ”آپ بيتي“ ۾ ان جي وضاحت هن ريت ڪئي آهي:
    ”ان وقت اسان ۽ ٻين هندستاني مسلمان ليڊرن جو هي خيال هو ته افغانستان هڪ قومي اسلامي ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن افغانستان جنگ ۾ شريڪ ٿي هندستان تي حملو ڪري ته انگريزن کي ضرور هندستان مان ڪڍي ڇڏيندو. مولانا عبيدالله سنڌي جو افغانستان ۾ اچڻ، ان سياسي مقصد سان هو ته افغانستان کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ ۽ هندستان تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي.“ (16)
    ارڙهين صديءَ ۾ شاهه ولي الله ۽ اڻويهين صديءَ ۾ سيد احمد شهيد ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد به اهڙي ئي رومان پرستيءَ جو شڪار ٿيا هئا. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هندستاني مسلمانن جو شعور ۽ فڪر جو انداز هن سوچ جي نشاندهي ڪري ٿو ته اڃا تائين به هو حقيقتن کي خواهشن جي حوالي سان ڏسڻ جا عادي هئا. ان ئي بنيادتي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي هي ڪوشش به بي ثمر رهي. زندگي جي پوئين پهر ۾، پاڻ ان جو ذڪر ڪندي چيو هئائون ته:
    ”ڪابل وڃي ڪري مونکي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند جنهن جماعت جا نمائندا هئا، ان جي پنجاهه سالن جي محنت جو نتيجو، منهنجي سامهون ڇڙوڇڙ صورت ۾، حڪم جي تعميل لاءِ تيار ڏسڻ ۾ آيو. ان ۾ مون جهڙي خادم جي شيخ الهند کي سخت ضرورت هئي. هاڻي مونکي هن هجرت ۽ شيخ الهند جي هن چونڊ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين ڪابل ۾ پنهنجو ڪم ڪندو رهيس. 1916ع ۾ امير حبيب الله هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان جو پورائو ڪرڻ منهنجي وس ۾ فقط هڪ ئي صورت ۾ ممڪن هو ته مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان، ان وقت کان مان ڪانگريس جو رڪن بڻيس.
    هي ڳالهه عجيب معلوم ٿيندي ته امير صاحب اسلامي اتحاد جي ڪم کان وڌيڪ هندستاني ڪم کي پسند ڪندو هو. 1922ع۾ امير امان الله خان جي دور ۾ مان ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ قائم ڪئي، جنهن جو الحاق ڊاڪٽر انصاري جي ڪوشش سان منظور ڪيو ويو. انگريز سلطنت کان ٻاهر هيءَ پهرين ڪانگريس ڪميٽي آهي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر محسوس ڪيان ٿو ته مان ان جو پهريون صدر آهيان.“ (17)
    ان وقت جو افغانستان ٻٽي حيثيت رکندڙ هو. انگريزن کي افغانستان جي امير تي ڪافي اختيار حاصل هئا. امير افغانستان کي هندستان کانسواءِ ترڪي ۽ جرمني مان به نمائندا، انگريزن جي خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ آيا هئا پر مجموعي طور انهن کي ناڪامي ٿي، تنهن هوندي به هو سياسي ڀڃ ڊاهه ۾ مصروف رهيا هئا ۽ کين انهن سرگرمين جي اجازت ڏني وئي هئي. ان حد تائين جو مولانا سنڌيءَ ته ڪابل ۾ هندستان جي عارضي حڪومت به قائم ڪئي هئي، ان جي ڪاررواين ۾ هڪ اشتهار جو ڇپجڻ ۽ ورهائجڻ، ذڪر جوڳو آهي، جنهن ۾ هندستاني عوام کي چيو ويو هو ته ”انگريزن جو هرممڪن طريقي سان قتل ڪيو وڃي. انهن جي ڪا به افرادي ۽ پئسي جي مدد نه ڪئي وڃي. تار جو نظام خراب ڪندو رهجي.“(18) هي اشتهار امير امان الله خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي وقت جاري ڪيو ويو هو، پر جلد ئي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو. آفريدي ۽ وزيرستان جا قبيلا افغانستان جي امير جي حمايت جي ڪري انگريزن جي غصي هيٺ اچي ويا. ان کانپوءِ انگريزن مختلف حوالن سان امير امان الله خان کي هن ڳالهه تي مجبور ڪيوته هندستان کان آيلن کي ديس نيڪالي ڏني وڃي. ان ڪري ستن سالن رهڻ کانپوءِ مولانا سنڌي کي ڪابل مان نڪرڻو پيو. هي سن 1922ع جو واقعو آهي.
    هن دفعي مولانا سنڌي سوويت يونين ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو لينن جي اڳواڻيءَ ۾ انقلاب پرستن ۽ جدوجهد ڪندڙن جي خوابن جو ديس بڻيل هو. سفر جون تڪليفون برداشت ڪرڻ کانپوءِ هي اسان جو اڳواڻ چند ساٿين سان گڏ ماسڪو پهتو ۽ اٽڪل هڪ سال تائين کيس اتي رهيو. روس ان دوران انقلاب جي شروعاتي ڏينهن مان گذري رهيو هو. انقلابي جوش هن ملڪ جي رهواسين کي نئين زندگي بخشي. جمود طاري ٿيل ڪابل کانپوءِ متحرڪ ماسڪو اسان جي دانشور جي فڪر ۽ نظريي کي نئين روشني بخشي. پاڻ ماسڪو ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ميمبر جي حيثيت سان ويا هئا ۽ ان حوالي سان سندن هر جڳهه تي احترام ڪيو ويو.
    ماسڪو ۾ رهڻ دوران مولانا سنڌي اشتراڪي فلسفي جو فهم حاصل ڪيو ۽ ان جي عملي تعبير کي وجود ۾ ايندي ڏٺو. سوشلسٽ فڪر کي سمجهڻ ۾ مولانا جي ساٿي ظفر حسن سندن مدد ڪئي جيڪو ايسٽرن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ويندو هو. هو هر روز مولانا کي پڙهي آيل سبق کان واقف ڪندو هو. مولانا جي تخليقي ذهن شاهه ولي الله جي فلسفي جي حوالي سان سماجوادي فلسفي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو شاهه ولي الله جي فلسفي جي ان انقلابي تعبير جي صورت ۾ سامهون آيو، جنهن کي پيش ڪري مولانا سنڌيءَ هندستان جي عالمن کي حيران ڪري وڌو.
    1923ع ۾ اشتراڪي انقلابي ملڪ کي الوداع چوندي مولانا سنڌي ترڪي پهتا. هي ملڪ انهن ڏينهن ۾ بورزوا سماجي انقلاب جي عمل مان گذري رهيو هو. اُها خلافت عثمانيه ختم ٿي چڪي هئي، جنهن جي تحفظ لاءِ اٺ سال اڳ مولانا پنهنجي وطن مان هجرت ڪئي هئي. هاڻي هڪ نئين ترڪي مصطفيٰ ڪمال پاشا جي اڳواڻيءَ ۾ جنم وٺي رهي هئي. مذهبي ادارا ۽ اوقاف جو نظام ختم ڪيو ويو هو. جديد علمن ۽ فنن کي وڌايو پئي ويو.
    مولانا ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين تبديلي جي هن عمل جو مشاهدو ڪندو رهيو. ان حد تائين جو 1926ع ۾ مڪي ۾ ٿيندڙ موتمر خلافت ۾ شرڪت جي ارادي سان اٽلي ۽ سوئٽزرلينڊ جي رستي سان مڪي پهتا ۽ ٻارنهن سال اتي رهيا. انهن ڏينهن ۾ حجاز ۾ ابن سعود جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. مولانا اتي به انڊين نيشنل ڪانگريس جي نمائندي جي حيثيت ۾ پهتا ۽ حڪومت کي اها پڪ ڏياري ته هو پنهنجي قيام دوران ڪا به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. مڪي ۾ رهندڙ هندستاني خاندان کين ڪافي سهوليتون مهيا ڪيون ۽ اسان جي هن دانشور پنهنجو اڪثر وقت مطالعي ۽ غور فڪر ۾ گذاريو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکن ٿا ته:
    ”مان تقريباً 13-14 سالن کان قرآن حڪيم ۽ حجة الله البالغه جو گهرائي سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن جي تفسير ۾ جيڪي ڳالهيون منهنجي لاءِ مشڪل هيون، ان دوران انهن سڀني کي امام شاهه ولي الله جي اصول مان اطمينان بخش نموني حل ڪري ورتم.
    جيڪي ماڻهو، مون وانگر (جيئن مان مڃان ٿو) امام شاهه ولي الله کي نٿا مڃي سگهن، انهن کي مطمئن ڪرڻ جي دعويٰ مان نٿو ڪري سگهان پر مونکي پنهنجي اصول سان قرآن حڪيم ۾ اُن زماني ۾ عمل جوڳي تعليم جو هڪ اعليٰ نصاب نظر آيو. ان ۾ تجلي واري مقدس مقام جو اثر ضرور مڃڻو پوي ٿو. مان شاهه ولي الله جي مشهور ڪتابن بدور بازغه، خيرالڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، لمعات ۽ الطاف القدس وغيره پڙهندو رهيس.
    شاهه صاحب جي ڪتابن لاءِ مان مولانا رفيع الدين دهلوي جو ”تڪميل الاذهان“ ۽ مولانا اسماعيل شهيد جو ”عبقات“ مولانا محمد قاسم جو ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ مان فائدو ورتم. مونکي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو به موقعو ملندو رهيو ۽ گڏوگڏ درس قرآن حڪيم به جاري رهيو. ان سان منهنجي نظرين کي ڪافي وسعت ملي. الحمدالله.(19)
    سياسي جهالت جي ان زماني ۾ به مولانا سنڌي هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي تبديلين کان بي خبر نه رهيو هو. ڪتابن، رسالن ۽ مختلف ماڻهن سان ذاتي ڳانڍاپن جي ذريعي پاڻ انهن تبديلين جو مطالعو ڪندا رهيا هئا. پروفيسر محمد سرور(20) جنهن سڀ کان پهريائين مڪي ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي معرفت مولانا سنڌيءَ سان رابطو ڪيو هو، پنهنجي يادگيرين ۾ انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي لکن ٿا ته ڪافي سارا عقيدتمند ۽ ٻيا ماڻهو اڪثر ڪري مولانا سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ هر قسم جي مسئلن تي گفتگو ٿيندي هئي. هندستاني سياست انهن جي پسند جو موضوع هوندو هو. جڏهن پاڻ ديني مسئلن تي ڳالهائيندا هئا ته فڪر ۽ فلسفي جو ڄڻ درياهه موجون هڻندو هو. پروفيسر محمد سرور انهن ساروڻين کي ياد ڪندي لکن ٿا ته:
    ”مون کي اها همت نه ٿيندي هئي ته جڏهن مولانا صاحب جن علمي گفتگو ڪندا هجن ته انهن جي سامهون زبان کولي سگهان. هڪ دماغ جنهن۾ اسلام جي علم جو سرمايو هجي ۽ ان ۾ سالن جا علمي ۽ ٺوس سياسي تجربا به شامل هجن، هڪ دل جيڪا ماضي ۽ حال جي شديد صدمن کان جهريل هجي. اکيون جيڪي مستقبل جي خطرن کي پروڙينديون هجن. هي احساس ته، ڪير ان ايندڙ طوفانن لاءِ فڪرمند نه آهي ۽ سڀ وقتي ۽ غيرضروري ڳالهين ۾ الجهيل آهن. هڪ عام مايوسي ۽ ان تي قدرتي طور انتهائي ڪاوڙ ۽ ان سان گڏ اهو جذبو ته جيڪڏهن منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ مونکي ڪم جو موقعو ملي ته مان ان ٻيڙيءَ کي ڪُن مان ڪڍي ڪناري ڀيڙو ڪري سگهان. هڪ طرف پنهنجو پاڻ تي اعتماد، ٻئي طرف چوڏس ڇانيل مايوسيون، جنهن ۾ اميد جو ڪو روشن ڪرڻو نظر نه اچي. مختصر ته مولانا جي اهائي ڪيفيت هوندي هئي، جڏهن پاڻ مونکي ڪلاڪن تائين سمجهائيندا هئا.“(21)
    گهڻي سير سفر، عالمي انقلابن جي مشاهدي ۽ زندگي جي تلخ تجربن مولانا سنڌيءَ کي اُن رومان پرستيءَ مان ڪڍي حقيقت پسند بنائي ڇڏيو، جنهن رومان پرستيءَ جي حوالي سان پاڻ 1915ع ۾ هجرت ڪئي هئائون. هاڻي ان نتيجي تي پهتا هئا ته ”پين اسلامزم“ محض هڪ فريب آهي. اصل مسئلو نوآبادياتي نظام جي زنجيرن مان آزاد ٿيڻو آهي ۽ اهو ڇوٽڪارو صرف قومي جدوجهد جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. انهن سوچن کي کڻي پاڻ مارچ 1939ع ۾ چوويهه سال جلاوطنيءَ کانپوءِ حڪومت برطانيا جي اجازت سان وطن واپس پهتا. دنيا گهميل هن دانشور جي هاڻي خواهش هئي ته زندگي جي جدوجهد جي تجربن جي صورت ۾ کين جيڪو ڪجهه مليو آهي، اهو ٻين تائين پهچائين. ان سلسلي جي شروعات پاڻ هنن لفظن سان ڪيائون ته دنيا بين الاقوامي انقلاب جي منهن ۾ آهي. هي انقلاب ايتريقدر عظيم آهي جو دنيا جو ڪو به حصو ان جي اثرن کان محفوظ رهي نه سگهندو، پر هندستاني خاص ڪري مسلمان اڃا تائين تقليد پرسيءَ جو شڪار آهي. انهن کي مٽجندڙ حالتن جو ڪو شعور ڪونهي. عالمن جو علم زندگيءَ جي سچاين کان محروم ٿي چڪو آهي. وچون طبقو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو آهي. ها، البته محنت ڪش عوام مان اها اميد آهي ته هو جلد ئي پنهنجي مقصد کي سمجهي سگهندا ۽ ان عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي اٿندا. 3 جون 1939ع ۾ جمعيت علماءِ هند جي ڪلڪتي ۾ سڏايل اجلاس ۾ پنهنجي مشهور صدارتي خطبي ۾ مولانا سنڌي اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي هندي قوم پرستي جي جذبي جي اڀار کي هندستاني عوام جي ڇوٽڪاري جي واٽ قرار ڏنو، پر ان سان گڏوگڏ پاڻ مهاتما گانڌي جي رومان پرستي جو انڪار ڪندي، اشتراڪي اصولن کي اختيار ڪرڻ لاءِ اصرار ڪندا رهيا. ان سلسلي ۾ پاڻ خاص طور تي شاهه ولي الله جي تعليم مان تخليقي تحريڪ حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڏنائون.
    مولانا سنڌي وطن واپس ورڻ کانپوءِ مدرسه مظهرالعلوم کڏي ڪراچي ۽ مدرسي دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊي ۾ پڙهائڻ ۾ مشغول رهيا. ان دوران پاڻ دارالعلوم ديوبند ۽ جامعه مليه دهليءَ سان به رابطو قائم ڪيائون. پاڻ ڪجهه ادارا به کوليائون. پنهنجي مقصد ۾ کين جنون جي حد تائين لڳاءُ هو. پنهنجي سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ ڪيئي تنظيمون به ٺاهيائون ۽ هميشه منصوبابندي ۾ رهندا هئا. هي صحيح آهي ته سندن منصوبا پايه تڪميل تائين پهچي نه سگهيا. بنيادي طور سندن تعلق عالمن سان هو، پر مولانا انهن کان ايترو ته اڳتي وڌي چڪا هئا جو ڌرين جو وچ ۾ گڏجڻ محال هو. انهن حالتن سندن ذهن کي بي چين ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙين ئي حالتن ۾ 22 آگسٽ 1944ع ۾ بهاولپور جي ڳوٺ دينپور ۾ پاڻ وفات ڪري ويا.
    وطن واپس ٿيڻ کانپوءِ مولانا سنڌي تمام ٿورو عرصو زندهه رهيا، پر هي سندن ذهني زندگي جو سڀ کان وڌيڪ ڀرپور دور هو. ان دوران پاڻ سڀ کان وڌيڪ توجهه قومي ۽ مذهبي مسئلن تي ڏنو. جڏهن ته سندن خيال ۾ هي ٻئي ڪم هڪ ٻئي کان مختلف نه هئا، بلڪه هڪ ٻئي جو پورائو ڪن پيا. اهڙي طرح پاڻ قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي هڪٻئي کان جدا يا متضاد تصور نه ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ سندن خيال هو ته پيغمبر جون ٻه حيثيتون آهن، انهن مان هڪ حيثيت قومي آهي ۽ ٻي حيثيت بين الاقوامي آهي. جيتري تائين سندن قومي حيثيت جو تعلق آهي ته پيغمبر جي تعليم مجموعي طور قومي هوندي آهي، جڏهن ته بين الاقوامي حوالي سان سندن فڪر پوري انسانيت جي لاءِ آهي.(22) اهڙي طرح اڄ جي ٽئين دنيا جو هي مڃيل ۽ صحيح خيال پهريون ڀيرو ٺوس صورت ۾ پيش ڪيو ويو ته وطن کان بغير بين الاقواميت محض هڪ غير حقيقي ۽ تجريدي تصور آهي. بنا شڪ شبهي جي، اسان جي هن ڏاهي هي تصور پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن مان سڌو سنئون حاصل ڪيو هو، اهڙي طرح جيئن اڄ جي ٽين دنيا جي دانشورن ان کي پنهنجي اجتماعي تجربن مان ورتو آهي.
    ان سوچ جي اثر ڪري بين الاسلاميت بلڪه بين الاقواميت جي علمبردار هئڻ جي باوجود مولانا سنڌي هن ڳالهه تي اصرار ڪندا هئا ته ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي پهرين ضرورت هي آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي ٻين طبقن سان گڏجي نوآبادياتي نظام جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن. عملي ۽ سياسي طور تي هن مان مراد اها هئي ته هندستان جو عوام گهڻين پارٽين کي ختم ڪري هڪ مرڪزي ۽ پوري هندستان تائين ڦهليل جماعت ۾ شامل ٿي وڃن. مولانا جي خيال ۾ صرف انڊين نيشنل ڪانگريس ئي هڪ مرڪزي هندستاني تنظيم هئي. 12 جولاءِ 1940ع ۾ ٺٽي ۾ ڪانگريس ڪميٽي جي افتتاحي خطبي ۾ پاڻ چيو هئائون: ”مان نيشنل ڪانگريس آهيان، نيشنل ڪانگريس منهنجي آهي.“(23) ڪانگريس سان ان ويجهي واسطي جي بنياد تي پاڻ سمجهندا هئا ته هندستان جي آزادي جي منظم تحريڪ هلائڻ لاءِ ڪانگريس جي برتري کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا هندستان ۾ گهڻن گروهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ وحدت جي علامت آهي. پاڻ جمعيت علماءِ هند جي اڳواڻن کان خاص طور تي اها اميد رکندا هئا ته هو پنهنجي تنظيم جي جدا حيثيت ختم ڪري ڪانگريس ۾ پوري طرح شامل ٿي وڃن.
    ان جو هي مطلب به نه هو ته مولانا عبيدالله سنڌي ڪانگريس جي حڪمت عملي ۽ ان جي ليڊر شپ جي نظريي سان پوري طرح متفق هو. حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ هئي. مولانا سنڌي مهاتما گانڌي جي عدم تشدد (اهنسا) جي فلسفي، رومان پرستي ۽ جديد زندگي جي تقاضائن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي رجحان جو سخت مخالف هو. جون 1939ع ۾ ڪلڪتي ۾ بنگالي عالمن جي اجلاس ۾ صدارتي تقرير ۾ مولانا سنڌيءَ کليل لفظن ۾ چيو هو ته:
    ”مان سفارش ڪيان ٿو ته نيشنل ڪانگريس جا اڳواڻ يورپي نيشنل ازم (قومپرستي) کي پنهنجو مقصد بنائين. هو فقط اقتصادي ترقي کي آزادي جو بنياد قرار ڏين. اسان جي ملڪ جي قابل احترام فلاسافر مهاتما گانڌي جي طبعي خاصيت ۽ ان جي رجعت پسندانه لاڙي کي قوم جو منشور بنائڻ جي ڪوشش نه ڪن. مان مهاتما جي اهنسا جي سياسي پروگرام جو اعليٰ درجي تائين احترام ڪيان ٿو، پر سندس ذهني لاڙن يا ان جي فلسفي سان پوري طرح متفق نه آهيان.“ (24)
    مولانا سنڌي هن حقيقت کان چڱي طرح واقف هو ته ڪانگريس جي مرڪزي قيادت تي اهڙن ماڻهن جو قبضو آهي، جيڪي ذهني طور رجعت پسند آهن. انهن جو آدرش، ويدڪ دور جو هندستان آهي نه ڪي جديد هندستان. ان بنياد تي مسلمانن ۾ شڪ شبهو پيدا ٿي پيو ۽ لاتعلقي جي سوچ جنم وٺڻ لڳي، پر مولانا جو خيال هو ته مسلمان گهڻي تعداد ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿي، ان جي حڪمت عملي کي تبديل ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
    هندستان جي ٻن (مذهبي) گروهن جي وچ ۾ اتحاد جو هي تصور وحدت الوجود جي فلسفي تي مبني هو، جنهن کي اسان جي مفڪر شاهه ولي الله جي فلسفي کي بنياد پئي بنايو. وحدت الوجود جي فلسفي کي قبول ڪرڻ سان نه صرف هندستاني مسلمان پنهنجي هندستاني هئڻ تي فخر ڪندا پر انهن کي هندن سان اتحاد ڪرڻ جا بنياد به ملي ويندا. ڇو ته هي فلسفو ”جهڙي طرح مسلمانن جي ٻن مشهور فلاسافرن شيخ اڪبر ابن عربي ۽ امام رباني مجدد سرهندي جي پيروڪارن کي مطمئن ڪري سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ هندو فلاسافي جي مختلف اسڪولن جي نظرين کي گيتا جي اصول تي جمع ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح اهل علم ولي اللهي فلسفي تي تجربو حاصل ڪندا، هو پنهنجي هم خيال هندستانين تي، هندو هجن يا مسلمان، هڪ جهڙو اعتماد ڪندا.“(25) هن فلسفي کي قبول ڪرڻ سان هندستان هڪ دفعو وري مجمع البحرين ٿي ڪري دنيا جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.(26) پنهنجي هن تصور جي وضاحت ڪندي، هڪ دفعي مولانا سنڌي چيو هو ته:
    ”اسان حجة الله البالغه ۾ ڏسون ٿا ته شاهه ولي الله قيصر ۽ ڪسريٰ جا اهي سڀئي عيب ڳڻايا آهن، جيڪي اسان ماسڪو ۾ موجوده سامراج جي باري ۾ ٻڌا. شاهه صاحب جو هي به چوڻ آهي ته نبي عليه الصلواة والسلام جي اچڻ جو هڪ مقصد هي به هو ته قيصريت ۽ ڪسرويت ختم ٿئي. انسانيت انهن جي ظلم ۽ ستم کان آزاد ٿئي، جنهن عوام کي معاشي، معاشرتي ۽ سياسي لحاظ کان ڦٽي وڌو آهي ۽ ان جي ئي ڪري انهن جي مذهبي ۽ اخلاقي حالت به بگڙيل هئي. هاڻي اسين جيڪڏهن اسلام کي انهن معنائن ۾ وٺون ۽ مڃون ته اسلام جي اچڻ جو اهم ۽ بنيادي مقصد هي آهي ته قيصر ۽ ڪسريٰ جي شهنشاهيت کي ختم ڪري، معاشي استحصال جو خاتمو ڪيو وڃي ته اسان جي ڪفر ۽ اسلام جا هن وقت رائج اصطلاح ڪافي بدلجي ويندا. جيڪي ماڻهو هن وقت جي سامراج جي خلاف اسان سان گڏ وڙهي رهيا آهن، ڀل اهي اسان جا هم مذهب نه به هجن، اسين انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين ۽ انهن جي خلاف ڪفر جو اصطلاح استعمال نه ڪنداسين. جيڪي سامراج جا پٺو هوندا، اهي ڀلي اسان جي مذهب وارا ڇو نه هجن، اسان انهن کي مسلمان چوڻ لاءِ تيار نه آهيون ۽ جيڪي به ماڻهو ڪنهن به مذهب کي نه مڃڻ وارا هوندا ۽ اهي سامراج جي خلاف جدوجهد ڪندا ته اسين انهن کي پنهنجو ساٿي سمجهنداسين شرط هي آهي ته اسين اهو مڃئون ته جهڙي طرح اسلام شروعاتي دور ۾ قيصر ۽ ڪسريٰ کي ختم ڪيو هو، اهڙي طرح هن دور ۾ اسلام کي اڄ جي قيصريت ۽ ڪسرويت يعني سامراج کي ختم ڪرڻو آهي.“ (27)
    هتي ان موضوع تي تفصيلي بحث جي ضرورت نه آهي ته آيا شاهه ولي الله وحدت الوجود جي مابعد الطبعيات (موت کانپوءِ جيئرو ٿيڻ) جو قائل هو ۽ هي ته ڇا ان جي فڪري نظام جي دائري اندر رهندي هندستان جي مختلف گروهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي جي جذبي کي اڀاري سگهجي ٿو. جيئن ته بلڪل واضح آهي ته شاهه ولي الله جو ٻنهي فڪرن يعني وحدت الوجود جي فلسفي ۽ وحدت الشهود جي فلسفي ڏانهن رجحان ملي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ اها ڪوشش ڪئي هئائون ته انهن ٻنهي مان اختلاف ختم ڪيا وڃن. پنهنجي هن ڪوشش ۾ انهن وچون رستو تلاش ڪيو ۽ انهن کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مختلف گروپن جي وچ ۾ اتحاد جو بنياد بنايو. شاهه ولي الله قطعي طور هندستان جي غير مسلمان گروپن جي اتحاد کي پسند نه ڪندو هو. هندستان جي غير مسلمانن لاءِ سندن سوچ شيخ احمد سرهندي جي فڪر کان مٽيل نه هئي. پنهنجي شاهڪار تصنيف ”حجة الله البالغه“ ۾ انهن غير مسلمانن کي ”ذليل ۽ خوار ڪرڻ“ ۽ ”صفحه هستي“ تان مٽائڻ جي تعليم ڏني هئي. شاهه ولي الله جي اعتدال پسندي جو مظاهرو هن باب ۾ نه ٿي سگهيو ۽ فڪري سطح تي ان جو سبب وحدت الشهود جي فلسفي جا اثر هئا، جنهن کان هو نجات حاصل ڪري نه سگهيو هو. ان کانسواءِ به سياسي طور تي سندن رويو مختلف هو. انگريزن جي مقابلي ۾ هو نواب سراج الدوله جو مخالف هو ۽ هن ارڙهين صديءَ جي هندستان ۾ اڀرندڙ قومي قوتن جي دٻاءَ کي روڪڻ لاءِ احمد شاهه ابداليءَ کي هندستان تي حملي جي رغبت ڏياري هئي، جنهن جي ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني کي هندستان تي ڇائنجي وڃڻ لاءِ رستو بلڪل صاف ٿي مليو هو.
    ان حقيقت جي پيش نظر مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه ولي الله جي بجاءِ شروعاتي دور جي چشتي دانشورن، شيخ عبدالقدوس گنگوهي، اڪبر، دارا شڪوه، ميان محمد مير ۽ ملا شاهه بدخشاني کان سٺي طريقي سان تخليقي تحريڪ حاصل ڪري سگهيو ٿي. تنهن هوندي به هي حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته مولانا سنڌي شاهه ولي الله جي فڪر کي مجهول انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪڏهن دعويٰ نه ڪئي. پاڻ ان جي تخليقي موضوعي توجيهه ڪندا هئا. ان ڪري شاهه ولي الله کي اڳواڻ تسليم ڪرڻ جي باوجود کين چوڻو پيو ته هو جنهن ولي اللهي حڪمت جي دعوت ڏئي ٿو، اها شاهه ولي الله جي تصنيفن ۾ سهيڙيل ۽ سموهيل شڪل ۾ موجود نه آهي. ”مونکي اهو مڃڻ ۾ ڏکيائي نٿي ٿئي ته شاهه صاحب جي ڪتابن ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي سندن زماني سان تعلق رکن ٿيون ۽ اهي ڄڻ اڄ جون معلوم ٿين ٿيون. توهان اڪثر ڪري ڏسندؤ ته شاهه صاحب صفحن جا صفحا لکي ويا آهن ۽ انهن ۾ توهان کي هڪ ٻه ڳالهيون ڪم جون ملي وينديون.“ (28)
    ان ڳالهه کان قطع نظر ته آيا مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي الله جي فڪر جا نمائنده آهن يا نه؟ اسان کي هي ياد رکڻ گهرجي ته انهن اسلام جي جيڪا تشريح پيش ڪئي آهي اها انقلابي ۽ جارحانه آهي. ان ۾ جديد مغربي علم، فن ۽ تهذيب کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته پاڻ اشتراڪي اصولن سان ويجهي مشابهت رکن ٿا. ان لحاظ کان سندن نقطه نظر اڻويهين صديءَ جي قلمڪارن کان بلڪل مختلف هو، جو گهڻو ڪري مطابقت پذيري لاءِ اصرار ڪندا هئا. مولانا سنڌي کي ان جو پڻ مڪمل احساس هو. ان جي وضاحت پاڻ هن ريت ڪندا هئا ته سيد احمد خان جي دعوت مٿئين طبقي لاءِ هئي، جڏهن ته هو پاڻ (مولانا سنڌي) هارين ۽ مزدورن سان مخاطب هئا.(29) هڪ دفعي پاڻ پنهنجي تصور جي وضاحت هنيئن ڪيائون:
    ”مادي ترقيءَ لاءِ اسان کي يورپ جي لبرل ازم ۽ مڪينيڪل ازم کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي، جيئن ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. مان ان مجموعي کي ”يورپين ازم“ چوان ٿو. جيئن ڪمال پاشا پنهنجي ڳوٺاڻن کي استنبولين جي برابر ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح مان پنهنجي هارين کي علي ڳڙهه سوسائٽي جي اعليٰ درجي تي آڻڻ گهران ٿو. جڏهن اميرن جي اولاد يورپين ازم سکيو ته گهر وڪڻي يورپ مان عياشيءَ جو سامان خريد ڪري آيا. نه انهن علم سکيو نه فن، جنهن مان قوم جي ترقيءَ جي راهه هموار ٿئي. هيٺيون طبقو جيڪڏهن يورپين معاشرت اختيار ڪندو ته وڌيڪ ڪمائيندو ۽ پنهنجي ڪمائي پاڻ کائيندو ۽ جيتوڻيڪ مٿئين طبقي کي هي عمل ناپسند هوندو پر ان انقلابي دور ۾ انهن کي سڀ ڪجهه مڃڻ گهرجي.“(30)
    اسلامي تعليمات ۾ ترقي پسند لاڙن جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ مولانا سنڌي پنهنجي فڪري امام شاهه ولي الله وانگر صورت ۽ مادي ۾ فرق ڪن ٿا. اسلامي تعليم جو جوهر، جيڪو مادي جي حيثيت رکي ٿو، جيتوڻيڪ اٽل آهي، پر ان جي اظهار جون صورتون زماني جي حالتن سان بدلبيون رهن ٿيون. زندگي جو جوهر، حرڪت، تبديلي ۽ انقلاب آهي. گذريل وقت واپس نٿو اچي سگهي.(31) اسلام جي بانيﷺ ان جي اصحابين اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ جنهن سماج کي جوڙيو هو، جيتوڻيڪ اهو قرآني سماج جو نمونو هو، پر هاڻي سماج کي ٻيهر اهڙي نموني سان ترتيب نٿو ڏيئي سگهجي. ان کانسواءِ هي تصور ڪرڻ به غلط آهي ته قرآن مجيد جون اهي ئي وضاحتون صحيح آهن، جيڪي شروعاتي دور ۾ ڪيون ويون. نبي جون ٻه حيثيتون، قومي ۽ بين الاقوامي هونديون آهن. هو جنهن سماج ۾ پيدا ٿيندو آهي، پنهنجي تعليم کي پهريائين، ان سماج جي ضرورتن تحت ترتيب ڏيندو آهي. عمومي حيثيت سان نبيءَ جي تعليم پوري انسان ذات لاءِ هوندي آهي ۽ سڀ قومون ان مان هڪ جيترو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري انهن لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو نبيءَ جي تعليم کي پنهنجي وقت ۽ حالتن جي حوالي سان واضح ڪن.
    ان حوالي سان مذهب ڪا جامد شيءِ نه آهي ۽ نه وري اجتهاد يا راءِ جي آزاديءَ جا دروازا ڪڏهن بند ڪري سگهجن ٿا. زندگي جيئن جيئن پنهنجي امڪانن جو پورائو ڪندي هلندي رهي ٿي، مذهبي تعليمات جا نوان نوان پهلو سامهون ايندا رهن ٿا. ارتقا ۽ تبديليءَ جو هي عمل مذهب کي هر زماني جي انسانن لاءِ رهنمائي ڪرڻ جي قابل بنائي ٿو. ارتقا جي هن صحتمند عمل جي راهه ۾ صورت پسندي ۽ تقليد پرستي سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جيڪا تقدس ۽ رسم و رواج جي نالي تي زندگي کي اڳتي وڌائڻ کان روڪي ٿي. اهڙيءَ طرح فڪر جي روشني صرف ظاهر پرستيءَ تائين محدود ٿي وڃي ٿي ۽ حقيقت کان اکيون بند ڪيون وڃن ٿيون. انهيءَ بنياد تي ترقي ۽ انقلاب جي قائل مولانا سنڌيءَ کي چوڻو پيو ته تقدس به هڪ مصيبت آهي. ”وهم ۽ بي بنياد روايتون، قدامت جو جامون پهري مقدس ٿي وڃن ٿيون. انهن جي آڏو نه ذهن ڪم ڪري ٿو ۽ نه اکيون اصل حقيقتن کي ڏسي سگهن ٿيون. قرآن مجيد کي ڏسو، اهو جيترو وڌيڪ ڇپجي رهيو آهي، ايترو ئي مسلمانن جي ذهنن ۾ انتشار ۽ ذهني پريشاني وڌي رهي آهي. ڇو؟ ان ڪري ته ان کي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي بجاءِ، ان جي تقدس تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو. تقدس، تقدس... هي هڪ عذاب ٿي ويو آهي.“(32)
    تقدس پرستيءَ اسلام کي هڪ جامد ۽ بي روح مذهب ڪري ڇڏيو آهي. حالانڪه شروعاتي دور ۾، ان جون جيڪي وضاحتون ڪيون ويون هيون، اهي ان وقت جي ٺوس مادي گهرجن مطابق هيون. اڄ جڏهن ته حالتون بدلجي چڪيون آهن، انهن تشريحن کي بلڪل ساڳئي طرح قبول ڪرڻ جو ڪو مناسب جواز موجود نه آهي. دين اسلام ڪنهن هڪ ملڪ، قوم يا زماني لاءِ مخصوص نه آهي. هي سموري انسان ذات جو دين آهي ۽ قرآن حڪيم ان دين جو ترجمان آهي. قرآن جي تعليم انسانيت وانگر عالمگير ۽ وسيع آهي. هن بين الاقوامي قانون کي پهريائين حجاز ۾ عملي جامو پهرايو ويو. اها عملي صورت هن عالمگير قانون جي محض هڪڙي تعبير هئي جا زماني، ماحول ۽ حجاز وارن جي نفسيات مطابق ڪئي وئي هئي. ان حوالي سان ان کي اصل قانون وانگر عام ۽ ابدي تصور ڪرڻ قطعي طور نامناسب آهي. تنهن هوندي به هن تعبير کي ان بين الاقوامي قانون جي خلاف يا ان تي اضافي سمجهڻ به ٺيڪ نه آهي. سنت ان عالمگير قانون جي حجازي تعبير مان ورتل آهي.(33) اسلام جي وسيع پکڙجڻ کانپوءِ غير حجازي قومن اسلام کي قبول ڪيو ته انهن پنهنجي حالتن جي تحت ان جي تشريح ڪئي ۽ اهڙي طرح هن عالمگير قانون جون نيون تعبيرون سامهون آيون. فطري طور تي هي نيون تعبيرون ايتريون ئي اهم هيون، جيتريون پهريون تعبيرون هيون.
    اها سوچ بغير ڪنهن شڪ شبهي جي ترقي پسندانه آهي. هي سوچ نون علمن، فنن ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي، بلڪه زندگي جي صحتمند نشو نما جي لاءِ ان کي ضروري قرار ڏئي ٿي. ان لاءِ مولانا سنڌي چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن اسين يورپ جي ٻن سئو سالن جي جدوجهد ۽ سائنس، سببن ڀري دنيا جي تسخير ڪرڻ ۾ جيڪي معجزا ڏيکاريا آهن، ان جي انڪار ڪرڻ جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته اسان ترقيءَ جي هن منزل کان تمام گهڻو پٺتي هليا وينداسين ۽ اسان کي ان جڳهه تائين پهچڻ لاءِ صديون کپنديون.“(34) ان جي باوجود اسان کي هيءَ حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته هن سلسلي ۾ اسان جي مفڪر جو رويو سيد احمد خان، مولوي چراغ علي ۽ سيد امير علي کان قطعي مختلف نه آهي. انهن جو انداز گهڻو ڪري دفاع ۽ معذرت وارو هو، جڏهن ته مولانا سنڌي اسلام جي جيڪا تعبير پيش ڪئي آهي، اها دفاعي هئڻ جي بجاءِ جارحانه آهي.
    قرآن حڪيم کي انقلابي تعليم جو سرچشمو سمجهندي، مولانا سنڌي چوي ٿو ته قرآن جي انقلاب جو مقصد انسان تي خدائي حڪومت قائم ڪرڻ آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته اسلام جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿو، جنهن جو محور قرآني قانون هجي. جيئن ته سڄي انسان ذات لاءِ گڏيل قانون صرف خدا تعاليٰ ئي ٺاهي سگهي ٿو، ”تنهن ڪري ان بين الاقوامي انقلاب جو سڀني انسانن لاءِ هجڻ ضروري آهي ته جيئن انسانذات پنهنجي رفتار سان ترقي ڪندي رهي.“(35) قرآن جي تعليم جيتوڻيڪ نسل انسانيءَ لاءِ آهي پر پهرين مرحلي ۾ قرآن جو انقلاب قومي هوندو. ان کانپوءِ ترقي ڪندي سڀني قومن کي پنهنجي دائري ۾ شامل ڪندو.
    انقلابي تعليم جي مجموعي هئڻ جي حيثيت سان اسلام ۾ جارحانه فڪر موجود آهي. قرآن حڪيم جي هيءَ آيت، ”وآخرون يقاتلون في سبيل الله“ جي تشريح ڪندي مولانا سنڌيءَ ان آيت کي قرآن حڪيم جي تعليم کي انقلابي ثابت ڪندڙ آيت قرار ڏنو. هي پهريون ڪرڻو آهي جنهن اڳتي هلي انفال ۽ توبهه ۾ جامعيت حاصل ڪئي آهي. انقلاب ۽ ويڙهه ۾ ويجهو لاڳاپو آهي. ويڙهه کانسواءِ انقلاب جو تصور اڌورو رهجي وڃي ٿو. انقلاب کي اهميت ڏيڻ جي حوالي سان، مولانا سنڌي تشدد کي اڻٽر ته نٿو سمجهي پر ان کي ناپسنديده به قرار نٿو ڏئي. عدم تشدد کي انقلاب جي تياري لاءِ بهترين ذريعو سمجهندي چوي ٿي ته، ”هي اسلامي تعليم جو بنيادي ۽ لازمي جزو نه آهي. عدم تشدد جو فلسفو انساني طبيعت جي مڪمل غير طبعي ترجماني آهي.“(36) انسان حيوانيت ۽ مَلَڪِيت جو مرڪب آهي، تنهن ڪري اجتماعي حيثيت سان ڪڏهن ارتقائي زندگي جي دوران حيوانيت کان الڳ نٿو ٿي سگهي.
    انقلاب ۽ ويڙهه ۾ قريبي تعلق هن ڳالهه جو جواز ناهي ته ٻنهي کي هڪ معنيٰ ۾ تصور ڪيو وڃي. هيءَ سوچ انقلاب کي محض هڪ منفي عمل بڻائي ڇڏيندي، مولانا سنڌي هن عدميت پسندي ۽ رجعت پسندي کي رد ڪندي چون ٿا ته هي سمجهڻ وڏي غلطي آهي ته انقلاب هڪ منفي عمل آهي ۽ ان جو مقصد ماضيءَ جي هر شيءِ کي فنا ڪري ڇڏڻ آهي، جيڪي ماڻهو انقلاب کي ان منفي مفهوم جي حوالي سان سمجهن ٿا اهي تجديد ۽ ارتقا کي انقلاب کان بهتر قرار ڏين ٿا. بنا شڪ شبهي جي جيڪڏهن انقلاب مان مراد اهائي آهي ته پوءِ تجديد ۽ ارتقا کي ان تي ترجيح ڏيڻي پوندي، پر انقلاب محض هڪ منفي عمل نه آهي. ”انقلاب حقيقت ۾ انهن شين کي مٽائي ٿو، جيڪي مٽائڻ جي قابل هونديون آهن. انقلاب ماضيءَ جو انڪار نٿو ڪري پر انساني تاريخ جي سموري ”باقيات صالحات“ کي برقرار رکي ٿو، جن جو باقي رکڻ ضروري آهي ۽ نئين نظام جي تعمير ۾ انهن کان سڄو ڪم وٺي ٿو.“ (37)
    انقلاب لاءِ هي نظريو اشتراڪي تصور جي ويجهو آهي، بنا شڪ شبهي جي مولانا سنڌيءَ جي هن تصور جي تشڪيل ۾، روسي نظام جي مشاهدي جو وڏو هٿ آهي. مولانا جي فڪر تي اشتراڪي نظريي جو گهرو اثر موجود آهي. هي پڻ چئي سگهجي ٿو ته مولانا سنڌيءَ شاهه ولي الله جي فڪر ۽ اشتراڪيت ۾ تعلق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ تسليم ڪن ٿا ته ”حجة الله البالغه“ جي تشريح ۾ سندن روس جي سفر جو وڏو حصو آهي. (38) شاهه ولي الله جي فڪر ۾ اهڙا عنصر موجود آهن، جن جو سماجوادي فلسفي سان ڳانڍاپو قائم ڪري سگهجي ٿو.“(39) پر مولانا سنڌي ان کان اڳتي وڌي وڃن ٿا. سندن خيال ۾ ”حجة الله البالغه“ جي مڪمل فهم لاءِ اشتراڪي تجزيو ضروري آهي، جيئن پاڻ لکن ٿا ته:
    ”مان پنجاهه سالن کان حجةالله البالغه جو مطالعو ڪندو رهيو آهيان. شروع شروع ۾ ان مان ڪجهه سمجهيو هيم ۽ ڪجهه نه سمجهي سگهيو هيم پر جيڪا شيءِ مون سمجهي اها مون لاءِ تحقيق ٿيل هئي. ان تي مان عمل ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪا شيءِ مان سمجهي نه سگهيم، ان کي مان ڇڏي ڏنو. پوءِ جيئن جيئن منهنجي علمي ڄاڻ ترقي ڪندي وئي ۽ منهنجي مطالعي جو دائرو وڌندو رهيو. حجةالله البالغه جا جيڪي مشڪل بحث هئا، اهي به هوريان هوريان صاف ٿيندا ويا. آخر ۾ جڏهن مان روس ويس ته پوءِ وڃي حجة الله البالغه کي پوري طرح سمجهي سگهيس.“(40)
    مولانا سنڌي جي فڪر ۽ عمل تي اشتراڪيت جا گهرا اثر هئا. هي ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڻ مذهب ۽ اشتراڪيت کي هڪ ٻئي جو ضد تصور نه ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ سندن خيال هي هو ته اشتراڪيت هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو روحانيت کان محروم آهي. ان ڪري اهو نامڪمل آهي. ان جي ارتقا جو ترقي يافته مرحلو مذهب آهي.“(41) مذهب مان سندن مراد واضح طور اسلام آهي. ان ڪري پاڻ هن ڳالهه تي زور ڏيندا هئا ته اسلام ۽ اشتراڪيت ۾ صرف مرتبي جو فرق آهي. ٻنهي جو مقصد انسانذات جي ڀلائي آهي، پر اسلام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو. هتي اسان کي علامه اقبال جي ان تصور جي اڳڪٿي ملي ٿي ته جيڪڏهن اشتراڪيت ۾ خدا جي لاءِ جاءِ پيدا ڪئي وڃي ته اهو اسلام ٿي ويندو. مولانا سنڌي، غلام محمد پرويز وانگر اميد رکي ٿو ته سوشلسٽن کي ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي هن ڪوتاهي جو احساس ٿيندو ۽ خدا جي وجود کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. جيئن پاڻ چون ٿا ته: ”مان روس ۾ انقلاب کي برسراقتدار ايندي ڏٺو ۽ اتي انقلاب آڻيندڙن جيڪو مذهب کان انڪار تي زور ڏنو آهي، ان جو به مشاهدو ڪيو. منهنجو يقين آهي ته هيءَ روسي انقلاب جي آخري منزل نه آهي. روسي ان منزل کان اڳتي ويندا. هن مرحلي ۾ خدا جي انڪار جي جيڪا صورت آهي، اها اڳئين منزل ۾ نه رهندي.“(42) ان خيال جي باوجود مولانا سنڌي روسي اشتراڪين کي بي دين تصور نه ڪندو هو. بي دين جي اها وصف ڪندي ته هن مان مراد اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪو نصب العين نه رکندا هجن، نه ئي ڪنهن مثبت اضافي قدر ۾ انهن جو ايمان هجي ۽ انهن جي زندگي محض مادي ۽ گهٽيا خواهش جي غلام هجي. اسان جو مفڪر چوي ٿو ته: ”روس ان معنائن ۾ ڪنهن لحاظ کان به بي دين نه آهي. انهن جو پنهنجو نصب العين آهي ۽ پنهنجا اخلاقي قدر آهن.“(43) هڪ اعليٰ مقصد جي ڪاڻ، هنن بي شمار قربانيون ڏيئي انقلاب آندو آهي ۽ هاڻي هي پنهنجي ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ۾ مصروف آهن. هو هڪ نئين مثالي دنيا تعمير ڪري رهيا آهن. تڪڙي يا دير سان سڀني قومن کي ان جي پيروي ڪرڻي پوندي. خاص ڪري پٺتي پيل ۽ بيٺڪيتي نظام جو شڪار ٿيل قومن لاءِ ڇوٽڪاري جي واٽ هن ۾ آهي.
    ان جو مطلب هي نه آهي ته ٽئين دنيا جون قومون هروڀرو به روسي انقلاب جو نقل ڪن. مولانا سنڌي کان وڌيڪ هن خيال جو ٻيو ڪو به مخالف نه هو، جنهن حقيقت کي اڄ جا اشتراڪي به نه سمجهي سگهيا آهن. مولانا ڪي ئي سال پهريائين ان کي واضح ڪيو هو. پاڻ هن ڳالهه تي اصرار ڪندا هئا ته: ”مقامي معروضي حالتن جي تحت اشتراڪيت جي نئين وضاحت ڪرڻ کانسواءِ عوام ان کي قبول نه ڪندو. فقط نظرين سان ته ڪم نه هلندو. جڏهن توهان کي ملڪ جي حقيقي مسئلن، اتي جي مخصوص حالتن ۽ ان ۾ رهڻ وارن ماڻهن سان واسطو پوندو ۽ سماجي ارتقا جي جنهن مرحلي مان هو گذري رهيا آهن، ان کي سامهون رکڻو پوندو ته لازمي طور تي توهان کي انهن جي ضرورتن ۽ حالتن جي مطابق اشتراڪيت جي پنهنجي فڪري تصورن کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. مان جيڪي چوان ٿو، ان حقيقت کي سامهون رکي چوان ٿو.“(44) مولانا سنڌيءَ جو خيال هو ته هندستان جي معروضي صورتحال ۾ جڏهن سوشلسٽ نظرين کي عملي جامون پهرايو ويندو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ”فڪري نظام“ ولي اللهي حڪمت سان مشابهت رکندڙ هوندو.
    مولانا سنڌي جي اشتراڪي تصور تي تبصرو ڪندي مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي لکي ٿو ته:
    ”مولانا ٻين شين وانگر اشتراڪيت جو جائزو به وڏي غور، فڪر ۽ کليل دل سان ڪيو آهي، پر هي ياد رهي ته هن سڄي سفر ۾ سندن رهنما اسلامي فڪر ئي رهيو آهي. مولانا وٽ سوشلزم جو سٺو پهلو هي آهي ته هي هڪ عالمگير ۽ بين الاقوامي تحريڪ آهي جيڪا ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جي فائدي لاءِ شروع نه ڪئي وئي آهي، پر ان جو بنياد عام انساني همدردي، مساوات ۽ برابري تي آهي. ان ڪري جيڪڏهن هن تحريڪ ۾ ڪو فائدو آهي ته اهو ڪنهن هڪ ملڪ يا قوم تائين محدود نه رهندو پر جتي جتي هي تحريڪ پهچندي ۽ ان جي ڪاميابي ٿيندي، اتي جا ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪندا. هاڻي هن مرحلي ۾ پهرين شيءِ جيڪا ڪشش جو باعث آهي، اها هن تحريڪ جو بين الاقوامي هجڻ آهي. ڇو ته اڄڪلهه جي خود غرض دنيا ۾ هر قوم جيڪا معاشي يا سياسي جدوجهد ڪري رهي آهي، اها صرف پنهنجو پاڻ کي فائدي پهچائڻ لاءِ ڪري رهي آهي ۽ ان ذاتي فائدي جي حوس ان حد کي پهتي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن قوم کي پنهنجي تعمير لاءِ ٻين ڪمزور ۽ هيڻين قومن جي بربادي جي ضرورت پيش اچي ٿي ته هوءَ ان کان به نٿي مڙي ۽ ان جي سائنس، سڀئي ايجادون ۽ ان جا سڀئي ملڪي وسيلا، علم ۽ فن، مرد ۽ عورتون، سازو سامان سڀ جو سڀ هڪ مسئلي جي لاءِ وقف ٿي وڃن ٿا ته ڪمزور قومن کي تباهه ڪيو وڃي ۽ انهن جي گوشت، ڀڳل ٽٽل هڏين ۽ ڏٻري ڏيل تي پنهنجي عظمت جي شاندار عمارت بيهاري وڃي. ملڪ گيري جي حوس ۽ شديد خود غرضي جي هن تباهه ڪندڙ دور ۾ جيڪڏهن ڪا تحريڪ عام انسانيت جو ڏک کڻي اٿي ٿي ته بغير ڪنهن شڪ شبهي جي ان کي ڀليڪار، هر ان شخص کي ڪرڻ گهرجي، جيڪو عام انسانيت جو خيرخواهه آهي، پر ڏسڻو هي آهي ته آيا هيءَ تحريڪ انسانيت جي پيڙائن ۽ درد جي دوا به ٿي سگهندي يا نه؟ مولانا ان موقعي تي اشتراڪيت جو تجزيو ڪندي ٻڌائن ٿا ته هن ۾ ڪجهه شيون سٺيون به آهن ۽ ڪجهه خراب به. هن جو روشن پهلو هي آهي ته هيءَ تحريڪ ان جابرانه سرمائيداري نظام کي ڪچلڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي جيڪو هن دنيا جي سڀ کان وڏي مصيبت بڻجي چڪو آهي.انساني برابري هن تحريڪ جو بنيادي اصول آهي ۽ جيتري تائين هن مقصد جو تعلق آهي ته ان کان ڪنهن به عقلمند انسان کي اختلاف نه هئڻ گهرجي. جيڪي قومون اڄ سرمائيداريءَ جو شڪار بڻيل آهن، انهن لاءِ هن تحريڪ جي ڪاميابي، حقيقي خوشي ۽ آزاديءَ جو پيغام آهي. بس هيءُ ئي اشتراڪيت جو اهو پهلو آهي جنهن کي مولانا سٺي نظر سان ڏسي ٿو ۽ پسند ڪري ٿو.“(45)
    جيئن شيخ محمد اڪرام لکي ٿو ته: ”مولانا عبيدالله سنڌي جي ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪرڻ سولو نه آهي. هو سڀني مذهبي ۽ سياسي معاملن ۾ شاهه ولي الله جي فلسفي کي پنهنجو بنياد بڻائي ٿو. سندن فڪر ۽ خيالن ۾ ڪن وقتن تي تڪلف نظر اچي ٿو ۽ انهن جي تصنيفن ۾ اهڙيون شيون به ملي وڃن ٿيون جن کي توهان ڪراڙن جون ڳالهيون چئي سگهو ٿا.“(46) پر اسان کي ان سلسلي ۾ مولانا جي ذهني ۽ حاوي ماحول کي به سامهون رکڻ گهرجي. انهن جي زندگي متضاد ماحول ۾ گذري هئي. اهڙي صورتحال ۾ انهن پنهنجي غيرمعمولي ذهانت تي اعتماد رکي انهن متضاد فڪرن ۽ خيالن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري رکيو ۽ پنهنجي فطري هوشيارپ سان انهن منجهيل نظرين ۽ راين کي باهمي رابطي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي ذهنيت جو حيرت انگيز ڪمال ڏيکاريو.(47) مولانا جي دور جا ماڻهو ان جي ڳالهه سمجهڻ ۾ ناڪامياب رهيا. بنا شڪ شبهي جي پرچار جو مناسب سلسلو قائم ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جو هڪ وڏو سبب خود مولانا جي اظهار جو انداز هو. زندگي جي پوئين پهر ۾ کين ان ناڪامي جو ڀرپور احساس هو. جيئن هڪ ڀيري پروفيسر محمد سرور سان گفتگو ڪندي پاڻ چيائون:
    ”پروفيسر ڏس! مان هڪ مولوي آهيان. سڄي عمر مولوين سان گڏ رهيو آهيان. انهن کان پڙهيو آهيان ۽ انهن کي اڪثر ڪري پڙهايو اٿم. منهنجي سوچ، منهنجي سوچ جي تعبير ۽ ان کي پيش ڪرڻ جو طريقو انهن جهڙو آهي، انهن لاءِ آهي ۽ ايئن ٿيڻ به گهرجي پر ان جي هيءَ معنيٰ نه آهي ته منهنجو جيڪو فڪر آهي، ان جي آخري حد هيءَ آهي. فڪر تسلسل چاهي ٿو، اهو اڳتي وڌي ٿو. اهو ڪٿي رڪجي نٿو. منهنجي فڪر جو بنياد هي آهي ته انسانيت جي معاشي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جو انڪار ضروري نه آهي ۽ سوشلزم جنهن مذهبي انصاف ۽ مساوات تي مبني معاشري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، اهو مذهب کي مڃڻ سان به ممڪن آهي. هي آهي منهنجو فڪر، منهنجون سڀئي ڪوششون پنهنجي نوجوانن کي هيءَ ڳالهه سمجهائڻ لاءِ رهيون آهن. هي ضروري نه آهي ته جهڙي طرح مان هيءَ ڳالهه چوان ٿو، اهڙي ئي نموني سان اها سدائين چئي وڃي. مان چاهيان ٿو ته ٻيو ڪو اچي منهنجي هن فڪر جي سلسلي کي اڃا به اڳتي وڌائي ۽ ان کي اڄ جي زبان ۽ انداز ۾ پيش ڪري. (48)

    حوالا:
    1) K.M. Pannikar. A Survcy of Indian History, Page-283.
    2) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-349-350
    3) مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي، ”مولانا عبيدالله سنڌي اور ان ڪي ناقد“ ص-13.
    4) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي ص-64.
    5) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-134.
    6) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 103
    7) مولانا ابوبڪر شبلي، ”امروٽ شريف سنڌ ۾ ولي اللهي تعليم“ الرحيم سيپٽمبر 1963ع ص- 30-31.
    8) يوسف علي، امام انقلاب عبيدالله سنڌيءَ تي مقالو لکيل، ايم اي اسلاميات لاءِ، پنجاب يونيورسٽي ص-7.
    9) محمد سرور ”تعليمات مولانا عبيدالله سنڌي، ص- 15.
    10) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 69
    11) مولانا ابوبڪر شبلي، ”امروٽ شريف سنڌ ۾ ولي اللهي تعليم“ الرحيم سيپٽمبر 1963ع ص- 36.
    12) Venitia, Montagu, In Indian Diary, P-45.
    13) Har Court Butler Papers, Indian Office Library, EUR F-116, No. 49.
    14) Hafeez Malik, Moslem Nationalism in India and Pakistan, P-230.
    15) P-Harday. The Muslims of British India P-45.
    16) ”الرحيم“ مارچ 1965ع ص-61.
    17) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 74
    18) ”الرحيم“ مارچ 1965ع ص-79.
    19) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 77-78
    20) مولانا سنڌي پنهنجي فڪر کي تمام گهٽ ڪتابي صورت ۾ آندو. سندن خيالن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ اسين پروفيسر محمد سرور جن جا ٿورائتا آهيون، جيڪو مولانا جي زندگي جي آخري سالن ۾ ساڻن گڏ رهيو هو.
    21) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-37.
    22) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 102.
    23) ساڳيو ص-102.
    24) ساڳيو ص-89.
    25) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-83.
    26) ساڳيو ص-92.
    27) ساڳيو ص- 230-231.
    28) ”الرحيم“ مارچ 1963ع ص-37.
    29) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-510.
    30) محمد سرور (مرتب) ”خطبات و مقالات“ مولانا سنڌي، ص- 111.
    31) محمد سرور (مرتب)، مولانا سنڌي: حالات زندگي، تعليمات اور سياسي افڪار ص-55.
    32) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-38.
    33) محمد سرور (مرتب)، مولانا سنڌي: حالات زندگي، تعليمات اور سياسي افڪار ص-269.
    34) محمد سرور ”تعليمات مولانا عبيدالله سنڌي“ ص-46.
    35) بشير احمد لڌيانوي ”قرآني دستور انقلاب“ ص-47.
    36) ساڳيو ص-113
    37) محمد سرور ”تعليمات مولانا عبيدالله سنڌي“ ص-45-46.
    38) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-189.
    39) حڪيم آزاد شيرازي جو مضمون هفتيوار ”چٽان“ 9 سيپٽمبر 1966ع ۽ محمد سرور جو مضمون ”شاهه ولي الله ۽ اسلامي سوشلزم“ ”چٽان“ 12 سيپٽمبر 1966ع.
    40) محمد سرور (مرتب) ”افادات و ملفوظات“ مولانا سنڌي، ص-191.
    41) ساڳيو ص-196.
    42) ساڳيو ص- 207.
    43) ساڳيو ص- 202.
    44) ساڳيو ص- 221.
    45) مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي ”مولانا عبيدالله سنڌي اور ان ڪي ناقد“ ص- 250-251.
    46) شيخ محمد اڪرم ”موج ڪوثر“ ص- 349.
    47) سيد رياست علي ندوي، مولانا مسعود عالم ندوي جي رسالي ”مولانا عبيدالله سنڌي اور ان ڪي افڪار و خيالت پر ايڪ نظر“ تي تبصرو، معارف جنوري 1945ع ص-18.
    48) محمد سرور (مرتب) ”افادات و مفلوظات“ مولانا سنڌي ص- 237.


    امام انقلاب عبيدالله سنڌي ۽ سيڪيولر ازم : محمد انس راڄپر

    هندستان جي فڪري تاريخ اوتري ئي قديم آهي جيتري هندستان جي تهذيب قديم آهي. پوئين دور جا هندستاني مفڪر هندستان جي فڪري تاريخ جي اثرن جي هيٺ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    هندستان ۾ پوئين دور جي فڪري تحريڪ جا ٻه مرڪز هئا، هڪ علي ڳڙهه يونيورسٽي، ٻيو دارالعلوم ديوبند. علي ڳڙهه سان واسطو رکندڙ ترقي يافته يورپ جي ڪلچر کي اپنائڻ جي حق ۾ هئا ۽ سندن خيال هو ته هندستان جا مسلمان يورپين ڪلچر اپنائڻ کانسواءِ هندستان ۾ سياسي برتري برقرار رکي نه سگهندا. جڏهن ته ديوبند سان واسطو رکندڙ يورپين ڪلچر جا سخت دشمن هئا ۽ هندستان جي تاريخي ڪلچر جا حامي هئا. هي ٻئي هڪ ڳالهه جنهن ۾ هو هڪ جهڙائي رکندڙ هئا اها هيءَ هئي ته شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي سان ٻئي واسطو رکندڙ هئا.
    هندستان ۾ پراڻي دور کان وحدت الوجود جي فلسفي جي مقبوليت رهي آهي، مجدد الف ثاني (شيخ احمد سرهندي) ان جي خلاف وحدت الشهود جو نظريو پيش ڪيو. شاهه ولي الله بنيادي طرح وحدت الوجود جو حامي هو، پر ان وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان خيال کان جڏهن هندستان جي مٿين ٻنهي فڪري مرڪزن جو جائزو وٺجي ٿو ته ٻئي مرڪز شاهه صاحب جي وحدت الوجود جي فڪر جا عملي طرح پوئلڳ گهٽ نظر اچن ٿا، جو ٻنهي جي سامهون صرف مسلمانن جي ترقي جو فڪر غور هيٺ هو جڏهن ته وحدت الوجود عملي طرح وحدت اديان کي ثابت ڪري ٿو. ان ڪري وحدت الوجود سان واسطو رکندڙ فڪري تحريڪ کي ڪنهن هڪ مذهبي ڌر لاءِ سوچڻ ان جي غلطيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري. البت هڪ ڳالهه ديوبندي مرڪز ۾ منفرد نظر اچي ٿي ته هو سياسي طرح ڪنهن حد تائين وحدت الوجود جي قريب هئا جو هو مذهبي فرق بنا هندستان جي سڀني قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ انساني ناطي طور شريڪ رهيا ۽ آزادي کان پوءِ به ان ئي سوچ تحت تقسيم جا قائل نه هئا.
    سر سيد احمد خان ۽ ان جي فڪري مرڪز سان واسطو رکندڙ سڀ ماڻهو ويندي پاڪستان ۾ هن وقت سندن فڪر سان واسطو رکندڙ گهڻي شهرت رکندڙ غلام احمد پرويز تائين، سڀ جو سڀ مذهبي لحاظ کان ترقي پسند سڏجڻ جي باوجود مسلمانن جي نسلي برتري جا خواهشمند آهن ۽ پوري دنيا تي مسلمانن جي سياسي حاڪميت سندن فڪر جو مرڪزي خيال آهي ۽ ٻيا سياسي طرح محڪوم رهي سندن ڏن ڀرو (ڍل ڏيندڙ) رهن. سر سيد جي فڪري ۽ علمي تحريڪ سندس فڪر جي تسلسل جي موجوده ڪڙي پرويز صاحب سوڌو، نالي ۾ ڪيترو به ترقي پسند ڇو نه بڻجي پر عملي سياسي نظرين جي حوالي سان تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. هونئن به عوامي مسلمات خلاف لکڻ ترقي پسندي ناهي بلڪه ترقي پسندي اها آهي ته اهڙو پروگرام پيش ڪجي جيڪو وڌ ۾ وڌ انسانيت کي فائدو ڏئي سگهي (اما ماينفع الناس فيمڪث في الارض) ۽ انسانيت ۾ تفريق جو سبب نه بڻجي، ڇاڪاڻ ته تفريق توحيد جو ضد آهي.
    ديوبندي مرڪز سان واسطو رکندڙ پوئين دور جي عظيم مفڪر امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي شاهه ولي الله جي فڪر جو سڀ کان وڏو شيدائي نه مڃڻ ان سان زيادتي ٿيندي. بقول علامه موسيٰ جار الله روسي جي ته ”امام شاهه ولي الله سان جيتري محبت ڪندي ڏٺو، اهڙي مون ڪنهن به پوئلڳ کي پنهنجي امام سان محبت ڪندي نه ڏٺو.“ امام انقلاب عبيدالله سنڌي شاهه صاحب جي فڪر جو وڏو شارح ۽ ان جي نظريي وحدت الوجود جي مطابق عملي سياست جو نمونو پيش ڪندڙ هڪ عظيم مفڪر هو. مولانا وحدت اديان جو قائل هو، سندس خيال هو ته هو سڀني دينن جو سرچشمو (جتان هو آيا آهن اهو) هڪ آهي. سڀئي دين خدا وٽان آيا آهن ۽ سڀئي انسانن جي هدايت لاءِ آهن، جنهن ڪري دينن جا بين الانساني قدر ساڳيا آهن، جيئن هڪڙو مثال وٺو ته قرآن ۾ آهي ”ولقد ڪرمنا بني آدم“ اسان اولاد آدم کي عزت احترام وارو بنايو آهي. سڀني مذهبن جو اهو تسليم ڪيل اصول آهي ته سڀ انسان رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق بنا احترام لائق آهن. هاڻي هي الڳ ڳالهه آهي ته انساني احترام جي ڪنهن خاص علائقي ۾ جڏهن عملي صورت تشڪيل وٺندي ته اتاهون جي علائقائي گهرجن ۽ انساني احترام کي پائمال ڪندڙ قوتن ۽ ان جي نوعيت کي نظر ۾ رکي هڪ خاص طريقي موجب ان جو عملي نفاذ ٿيندو جيڪو ٻئي علائقي ۽ قوم ۾ ٻئي طريقي جو ٿي سگهي ٿو، پر ان عملي طريقي (شريعت) ۾ انساني احترام وارو اصول ۽ قدر (Value) ته ساڳيو آهي نه؟ جيڪو سڀني دينن جو مڃيل اصول آهي. اهوئي سبب هو جو مولانا سنڌي قومن جي اندر جيڪي شرعي يا مذهبي فرق آهن، انهن کي بنياد بڻائي انهن جي بنياد تي انساني حقن ۾ فرق رکڻ کي جائز نه سمجهندا هئا.
    هندستان تي هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي مسلمان بادشاهن جي حڪومت رهي آهي. جيتوڻيڪ عوام ۾ مسلمان توڙي غير مسلم سڀني جي سماجي حالت هڪ جهڙي هئي پر تنهن هوندي به حڪومت بهرحال مسلمان اميرن ۽ حاڪمن جي هئي. مسلمان پهرين درجي جي شهريءَ جي حيثيت رکندڙ هئا ۽ هندو ٻئي درجي جي حيثيت جا هئا ۽ هندوءَ جي ”ذمي“ واري حيثيت هئي. ان پنهنجي حيثيت کي هندو يا ٻيا غير مسلم طبقا پنهنجي لاءِ ذلت سمجهندا هئا، جنهن ڪري هو هميشه احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهندا هئا ۽ انهن ۾ پاڻ کي ذلت مان ڪڍڻ جو هر وقت جذبو پلجندو رهندو هو ۽ جڏهن به سگهه ساري سگهندا هئا ته حڪومت خلاف بغاوتون پيا ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ جي ان دور جو جڏهن ذڪر ڪري ٿو ته هندستان جي تاريخ ۾ غير مسلمن سان ٻئي درجي جو سلوڪ ناپسنديدگيءَ واري نموني سان ذڪر ڪري ٿو ۽ هندستان جي تاريخ جي ان دور ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت اديان جي فلسفي جي ذريعي جن مفڪرن هندو مسلم ڀائيچاري کي فروغ ڏنو۽ انهن جي گڏيل انساني قدرن جي تبليغ ڪئي، مولانا سنڌي انهن مفڪرن کي ساراهي ٿو. پروفيسر محمد سرور مرحوم جنهن مولانا سنڌيءَ جا افڪار سندن چوڻ تي گڏ ڪيا اهو مولانا جي ان دور بابت خيالن جي ترجماني ڪندي لکي ٿو ته ”هندستان جو اهو تاريخي دور هڪ اهڙي نظام جو گهورو هو جيڪو هندن، هندستاني مسلمانن ۽ مغلن کي هڪ جهنڊي هيٺ جمع ڪري. ان وقت جهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن جي ميل جول سان هڪ گڏيل ڪلچر جڙي رهيو هو ۽ هڪ گڏيل زبان ٺهي رهي هئي ۽ هندن ۾ ڀڳت ڪبير ۽ گرو نانڪ جهڙا اصلاح پسند پيدا ٿي رهيا هئا، جيڪي ٻنهي قومن، ٻنهي تمدن ۽ ٻنهي مذهبن کي هڪ ٻئي سان ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا، اهڙيءَ طرح سلطنت ۽ سياست ۾ به هڪ اهڙي نظام جي ضرورت هئي جيڪو ٻنهي قومن ۾ مشترڪ هجي. اهو اسلامي به هجي، هندستاني به هجي ته آزاد به هجي.“
    مولانا سنڌي وحدت الوجود جي سياسي شڪل ۾ ان طرح نفاذ جا قائل هئا ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن شهريءَ کي ٻئي درجي جو شهري نه بنايو وڃي. ان ڪري مولانا سنڌي هندستان جي عوام مان هندن جي ذمي واري حيثيت کي انهن جي انساني احترام جي خلاف سمجهندا هئا.
    اسلامي حڪومت ۾ غير مسلمن جو ذمي جي حيثيت ۾ رهڻ جو قانون ته برابررهيو آهي پر ان سلسلي ۾ مولانا جو خيال آهي ته اهو ان دور جي مخصوص حالتن جو نتيجو هو. مولانا جو خيال آهي ته هڪ بين الاقوامي ديني نظام جا ٻن قسمن جا اصول ٿيندا آهن. هڪڙا جيڪي عام هوندا آهن جيڪي سڀني انسانن لاءِ برابر جي حيثيت رکندا آهن، اهي نه تبديل ٿيندڙ ۽ دائمي هوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي مخصوص حالتن پٽاندڙ، مخصوص علائقي ۽ قوم جي مزاج جي مطابق هوندا آهن، اهي اصول هر هنڌ ساڳي شڪل ۾ نافذ ڪرڻ ضروري نه هوندا آهن. ان خيال جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي مولانا فرمايو: قرآن ۾ آهي ته ”سڀ کاڌا بني اسرائيل لاءِ حلال هئا سواءِ انهن جي جيڪي انهن پاڻ پنهنجي مٿان حرام ڪيا“، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته کاڌن جي حلال يا حرام جو تعلق قومي مزاج يا پسند سان تعلق ٿو رکي، ان ڪري عالمگير مذهب جي تعليم جي لاءِ اهڙين شين (جيڪي ڪنهن خاص قوم جي مزاج سان تعلق رکنديون هجن) کي بنياد بنائڻ ٺيڪ ناهي ته اهڙي طرح هندستان ۾ هندن لاءِ ذمي جو قانون جيئن ته فساد جو سبب بڻجي رهيو هو، تنهن ڪري مولانا سنڌي اهڙي نظام کي پسند ڪن ٿا جيڪو هندن جي ان ٻئي درجي واري حيثيت کي ختم ڪري سلطنت ۽ حڪومت ۾ انهن کي برابر حيثيت ڏئي. هندستان ۾ اڪبر بادشاهه جيڪو وحدت الوجود جي بنياد تي نظام حڪومت قائم ڪيو هو، جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن کي برابر حيثيت ڏني وئي هئي، مولانا سنڌي انهيءَ نظام کي ساراهه واري نموني ۾ پيش ڪيو. لکي ٿو ته: ”اڪبر راجپوتن جي دل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، راجپوتن سان ناتو قائم ڪيائين. انهن جون ڪجهه رسمون قبول ڪري، انهن کي پنهنجي ويجهو ڪيائين، هندن کان جزيو وٺڻ ڇڏي ڏنائين ۽ وحدت الوجود جي عقيدي کي پنهنجي نئين فڪر جو بنياد قرار ڏئي هي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سچائيون سڀني مذهبن ۾ هڪ جهڙيون آهن ۽ هڪ ئي سرچشمي مان سڀني قومن کي هدايت جي نعمت ملندي رهي آهي. اڪبر جون اهي ڳالهيون رڳو سياسي مصلحت خاطر نه هيون. هو دل سان به انهن جو قائل هو.“ ٿورو اڳتي اڪبر جي سياسي پروگرام جي وضاحت ڪندي فرمائين ٿا ته ”هيءَ آهي وحدت الوجود جي عقيدي جي اصل حقيقت جنهن جي بنياد تي اڪبر جي نئين فڪري رجحان (جنهن کي دين الاهي جو نالو ڏنو ويو) جو بنياد پيو، ان حوالي سان اڪبر جيڪو سياسي رستو اختيار ڪيو، اهو به ڪجهه تفصيل طلب آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته اڪبر کان پهريائين هندستان ۾ (جيستائين اصولن جو تعلق آهي) مسلمانن جي هڪ مذهبي گروهه جي حيثيت ۾ حڪومت هئي جيڪو به شخص مسلمان هو اهو قانوني طور مذهبي حڪومت جو رڪن سمجهيو ويندو هو، غير مسلم جي حيثيت ان ۾ ذميءَ جي هوندي هئي يعني اهو جزيو ڏيئي ان حڪومت ۾ رهي سگهندو هو، بيشڪ انصاف پسند بادشاهه پنهنجي رعيت جي هر فرد سان برابر انصاف ڪندا هئا، پر جيستائين نظام حڪومت جو تعلق هو ته اهو مذهبي هو ۽ غير مسلم ان ۾ ٻئي درجي جي حيثيت رکندو هو، اڪبر جي ڪوشش اها هئي ته هو ان مذهبي حڪومت کي دنيوي حڪومت ۾ تبديل ڪري ڇڏي. ٻين لفظن ۾ اڪبر هڪ خاص مذهبي گروهه جي حڪومت جي جاءِ تي رياست کي ملڪ ۾ آباد سڀني شهرين جي نمائنده ۽ ترجمان بنائڻ واري تصور کي سورهين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان ۾ نافذ ڪيو، جنهن تي فرانس جي انقلاب کانپوءِ يورپ ۾ عمل ٿيو ۽ هاڻي اسلامي ملڪن ۾ ان کي دستوري حيثيت ڏني ٿي وڃي. اڪبر جو اهو قدم سٺو هو يا نه ان جو اندازو توهان ان زماني جي حالتن مان لڳايو. اڪبر جي همعصر عثماني بادشاهن جي ڳالهه آهي ته انهن جون ايران جي حڪمرانن سان سخت خوني جنگيون لڳل هونديون هيون. اتفاق سان عثماني ترڪ سني هئا ۽ ايراني حڪومت جو مذهب شيعت، جنهن ڪري ترڪيءَ ۽ ايران جي جنگ سنيءَ ۽ شيعي جي جنگ بڻجي پئي ۽ ان سان مسلمانن جي انهن ٻن فرقن ۾ ايتري نفرت پيدا ٿي پئي جو هڪ دفعي سلطان سليم عثمانيءَ پنهنجي رعيت جي هڪ وڏي ٽولي کي، جنهن جو هزارن ۾ انگ هو صرف ان ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو جو اهي شيعا هئا ۽ سني حڪومت کي انهن تي ڀروسو ڪو نه هو. صفوي شيعا فرمان روائن به ايران جي سرزمين کي سنين کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ان طرح ان زماني ۾ يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ جيڪڏهن حڪمران ڪيٿولڪ فرقي جو هوندو هو ته پروٽسٽنٽ جي لاءِ قيامت اچي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن پروٽسٽنٽ اقتدار ۾ ايندا هئا ته ڪيٿولڪ فرقي وارن تي بي پناهه ظلم ڪيا ويندا هئا. مطلب ته ان وقت يورپ ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ، مشرق وسطيٰ ۾ شيعا سني ۽ هتي هندستان ۾ شيعي سنيءَ کان سواءِ هندو مسلمانن جو جهڳڙو هو. اڪبر هي ٿي چاهيو ته ملڪ جي سڄي رعيت مذهب جي فرق بنا حڪومت کي پنهنجو سمجهي ۽ هڪ مذهبي فرقو ٻئي مذهبي فرقي تي ظلم ۽ زيادتي نه ڪري ۽ نه مذهب جي بنياد تي انهن تي حاڪميت ۽ برتري قائم ڪري.“
    يورپ عوام مان مذهبي جهڳڙا ختم ڪرڻ لاءِ سياست جو مذهب کان رشتو ۽ ڳانڍاپو ئي ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيو. ان جي ابتڙ اڪبر انهن جهڳڙن ختم ڪرڻ لاءِ مذهب جو انڪار نه ڪيو، بلڪه سياست جو بنياد مذهب تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو مذهب ڪنهن هڪ ٽولي، جماعت يا قوم جو مذهب نه هو بلڪه ان وٽ مذهب وسيع ترين معنائن ۾ ۽ پنهنجي عمومي حيثيت جي اعتبار وارو هو. ان مذهب مان مراد اهي انساني اخلاق هئا، جيڪي سڀني مذهبن ۾ موجود آهن.
    مولانا سنڌيءَ جي اڪبر جي حڪومتي نظريي جي باري ۾ مٿي ڄاڻايل خيالن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ عملي طرح به پنهنجي امام شاهه ولي الله جي نظرئي وحدت الوجود جو پوئلڳ آهي ۽ هو ان خيال جو آهي ته قرآن جو فڪر ڪنهن خاص قوم جو نسلي ورثو ناهي، بلڪه قرآن هڪ آفاقي ڪتاب آهي، ان جون هدايتون سڀني لاءِ برابر آهن، سڀني دينن جي هڪ جهڙين سچائين مان صرف سچ ڳالهائڻ، ڪوڙ نه هڻڻ يا ظلم نه ڪرڻ وغيره مراد ناهي، بلڪه سڀني دينن ۾ بلڪل اهڙيون ئي اقتصادي توڙي سياسي رهنمائيون موجود آهن، جهڙيون قرآن ۾ آهن. اڄڪلهه ڪي چوڻ وارا اهو ٿا چون ته بنيادي سچائين مان مراد سچ ڪوڙ وغيره آهي، پر قرآن انهن کان بالاتر هڪ نظام حيات پيش ٿو ڪري. انهن جي خدمت ۾ اسان طرفان عرض آهي ته قرآن به خدا وٽان لٿو آهي ته ٻيا مذهبي ڪتاب به اتاهون آيا آهن، قرآن به انسانن جي حالت سڌارڻ لاءِ لٿو آهي ته ٻيا ڪتاب به ان لاءِ لٿا آهن. قرآن ۾ به نظام حيات آهي، تيئن ٻين مذهبي ڪتابن ۾ به نظام حيات آهي. مولاناسنڌيءَ جو سڄو سياسي پروگرام اهڙيءَ طرح جڙيل آهي جو سندن پروگرام ۾ مذهبي فرق بنا موجود قومي، طبقاتي ۽ ٻين مسئلن لاءِ اهڙيون اعليٰ هدايتون آهن جن تي عمل ڪري اسين خوشحالي هڪ طرف آڻي سگهون ٿا ته مذهبي ۽ فرقيوارانه امتيازن ۽ فرقن کي ٻئي طرف ختم ڪري سگهون ٿا.
    مولانا سنڌي مذهبي فرقيواريت جي خلاف ڳالهائيندي فرمائين ٿا ته ”اسان هن وقت جنهن مذهبيت جو شڪار آهيون، اها مذهبيت روڳي ٿي چڪي آهي، اها سنيءَ کي شيعي سان ويڙهائي ٿي، اهل حديث جي حنفي کان دل خراب ٿي ڪري، احمديءَ ۽ غير احمديءَ ۾ نفرت ٿي وجهي ۽ هندن ۾ مسلمانن کي هڪ ٻئي جو جاني دشمن بڻائي ٿي. ان مذهبيت جي ڪري انسان انسان جي خون جو پياسو ٿي پيو آهي. آئون ان روڳي مذهبيت کي مٽائڻ چاهيان ٿو. منهنجو مقصد هي آهي ته اسين شاهه ولي الله جي ٻڌايل اصولن مطابق مسلمان بڻجون. ان سان نه صرف هي ته مسلمانن جي پاڻ ۾ فرقي پرستي ختم ٿي ويندي پر هڪ مسلمان جي دل ۾ ايڏي ڪشادگي ٿي سگهندي جو هو هندن سان سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ پورو تعاون ڪري سگهندو.“
    مولانا پنهنجي فڪري تحريڪ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”آئون ان تحريڪ جو بنياد وسيع تر الاهي تخيل تي رکڻ چاهيان ٿو جيڪو سڀني مذهبن، جنسن، قومن ۽ سڄيءَ جو سڄيءَ انسانيت کي پنهنجي پلوَ ۾ وٺي. ان سان مرتبن جو فرق، مذهبن جو فرق ۽ قومن جو غلط تعصب ۽ ناجائز هٺ ڌرمي، جنهن سڀني انسانن کي هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. سڀ جو سڀ مٽجي ختم ٿي ويندا ۽ انسانيت جو قافلو ترقيءَ جي رستن تي گامزن ٿي ويندو.“ مولانا سنڌي پنهنجي انهيءَ قسم جي فڪر ۽ نظريي جي آڌار تي هندستان لاءِ سياسي پروگرام تجويز ڪيو، جنهن ۾ نه اهو هو ته هندستان تي مسلمان حڪومت ڪري ۽ هندو ان جي ماتحت رهن ۽ نه اهو هو ته هڪ علائقي ۾ مسلمانن کي گڏ ڪري صرف انهن لاءِ ڀلايون ۽ برڪتون گڏ ڪجن ۽ پاڙي ۾ ٻئي بڻجندڙ ملڪ جا سدائين ويري رهون ڇاڪاڻ ته هو غير مسلم آهي. بلڪه مولانا چاهيو ٿي ته خالص سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي هندستان جي تعمير ڪجي ته جيئن سڄي هندستان جو عوام اهڙي پروگرام مان فائدو وٺي، ان باري ۾ مولانا فرمايو: ”مذهبي بنيادن تي سڀني هندستاني مسئلن ۽ خاص ڪري هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ ڪو نجات جو رستو پيدا نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري اسان پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن حل ڪرڻ جو بنياد قرار نه ٿا ڏيون، بلڪه قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن تي انهن مسئلن جو حل پيش ڪيون ٿا.“ مولانا سنڌي اهڙي سياسي ۽ ملڪي نظام جا قائل هئا جيڪو مذهب جي فرق جي بنياد تي پنهنجي عوام جا حق متعين نه ڪري، اهوئي سبب هو جو مولانا اڪبر جي نظام سلطنت جا ته قائل هئا پر فرانس جي انقلاب کان پوءِ آيل سيڪيولر ازم ۽ ان کان پوءِ روس ۾ اقتصادي انقلاب مان هتان مقامي حالتن پٽاندڙ لاڀ حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هئا. ڇاڪاڻ ته روڳي مذهبيت کان ڇوٽڪارو ۽ حقيقي ديني نظرين جي پروڙ سيڪيولرازم جي رواداري واري فڪري نظام هيٺ رهي ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو.


    مولانا سنڌيءَ جي عظيم شخصيت تي هڪ نظر : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال

    سنڌ سان نسبت رکڻ وارن اڪابرين، علماءَ مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست آهي. هڪ زبردست عالم دين، هڪ سياسي رهنما ۽ هڪ تمام وڏي انقلابي اڳواڻ جي حيثيت سان ان جي نالي ۽ ڪارنامن جي مشهوري پري پري تائين ٻڌي ٿي وڃي. جڏهن به ان جي شخصيت، ان جي ڪارنامن ۽ ان جي فڪرن جو اڀياس اسلامي دنيا، ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي اڻويهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙي ۽ ويهين صدي عيسوي جي منڍ (چوڏهين صدي هجري جي پهرين اڌ) جي تاريخ ۽ حالتن جي پسمنظر ۾ ڪيو وڃي ته سندس شخصيت جي عظمت ڏهوڻي ٿي وڃي ٿي ۽ ان دور جي نرالي ۽ پنهنجو مٽ پاڻ شخصيت جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.
    حقيقت ۾ انهيءَ دور جا جيترا اهي وڏا انسان هئا، ان حيثيت کان مولانا جن پاڻ کي گهڻو گهٽ ڪري رکندا ۽ پيش ڪندا هئا.
    پر اسلام جي نئين جنم جي تاريخ ۽ ايشيا جي برطانوي سامراج خلاف جدوجهد جي تاريخ ۽ مشرقي ملڪن ۾ سياسي ۽ سماجي انقلاب جي تحريڪن جي شروعات جي تاريخ، جڏهن به لکي ويندي ته مولانا عبيدالله سنڌي ؓجو نالو پري کان پڌرو ۽ پهرين صف ۾ نظر ايندو.
    مولانا جون نراليون خاصيتون:
    مولانا عبيدالله سنڌي کي ان دور جي اڪابرين علماءَ مان نرالي بنائڻ واري هڪ خاصيت ته هيءَ آهي جو انهن اسلام کي حق جي ڳولا جي نتيجي ۾ قبول ڪيو ۽ ان جو مڪمل ۽ گهرو مطالعو ڪرڻ ڪري پنهنجي دور جي ٿورن چونڊ وڏن عالمن جي صف ۾ اچي ويا، ٻي شيءِ جيڪا مولانا کي ٻين کان نرالو بنائي ٿي، اها هيءَ آهي ته اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ مولانا خالي ايتري تائين بس نه ڪئي جو هڪ بلند مرتبي جي عالم دين جي حيثيت سان زندگي گذاريندا رهن، بلڪه اسلام جي مخالف طاقتن سان جيڪي برطانوي سامراج جي صورت ۾ اسلام کي مسخ ڪري ۽ مسلمانن کي هڙپ ڪري رهيون هيون، انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ ٽپي پيا.
    ٽين شيءِ جيڪا مولانا کي اسلامي دنيا جي ٻين وڏن ۽ فاضلن کان يگانو بنائي ٿي اها هيءَ آهي ته مغرب جي جمهوري ۽ اشتراڪي نظامن جي ڀيٽا ۾ اسلام کي هڪ مڪمل انقلابي فلسفي ۽ مڪمل حياتياتي نظام جي طور تي ولي اللهي فڪر جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو.
    چوٿين شيءِ جنهن جو اعزاز کين ٻين کان زياده حاصل هيو اها مغربي سامراج جي غلام، مشرقي قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ خطي جي قومن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ ان لاءِ هڪ عالمگير انقلابي تحريڪ پيدا ڪرڻ آهي. انهيءَ ڪري سندن 26 سالا زندگي جلاوطنيءَ ۾ گذارڻ اُن انقلابي جدوجهد لاءِ هئي.
    پنجين شيءِ جيڪا انهن کي پنهنجي دور جي وڏن وڏن زهد ۽ فقيري جي دعويٰ ڪندڙن کان امتياز بخشيندي هئي، اها انهن جي اهڙي ته درويشانه زندگي آهي جنهن جو مثال رسالت جي زماني کانسواءِ ملڻ مشڪل آهي.
    کاڌو، رهائش، لباس مطلب ته زندگيءَ جي ضرورتن جي هر معاملي ۾ انهن امڪاني حدن تائين گهٽ ۾ گهٽ تي قناعت ڪئي ۽ بچت شيءِ ٻين کي ڏيئي ڇڏيائون.
    ڇهين شيءِ جيڪا اُنهن جي خصوصيت کي اڃا وڌيڪ نرالو بڻائي ٿي، اها آهي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سان انهن جي نسبت. انهيءَ نسبت ۾ يقينن ان جو نفسياتي محرڪ سنڌ جي مظلوميت آهي. برصغير ۾ سنڌ ئي هڪ اهڙو علائقو هيو ۽ ان جا مسلمان ۽ ٻيا رهواسي ئي هڪ اهڙي قوم هيا جيڪي صدين کان ڏاڍ ۽ استحصال جو نشانو بڻيا پيا هئا. انگريزن خاص ڪري سنڌ کي پٺتي رکڻ ۽ محتاج بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    1843ع جي مياڻي جي جنگ جي نتيجي ۾ انگريز سنڌ تي غالب آيا هئا. انگريز مؤرخن انهيءَ جنگ کي دنيا جي خطرناڪ جنگين مان ڳڻيو آهي ۽ انهن پاڻ مڃيو آهي ته هي هڪڙي خاص طبقي ۽ فرقي جي سازش کانسواءِ هو ڪامياب نٿي سگهن ها انهيءَ صلي ۾ انهيءَ فرقي جي سربراهه کي موروثي طور نسل در نسل لاءِ انگريزن هزهائينس جو لقب بخشيو ۽ خصوصي رعايتون ڏنيون.
    ۽ ان کانپوءِ سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي هميشه لاءِ پوئتي رکڻ جو پروگرام رٿيو ويو. ان ڪري سنڌ جي تاريخي عظمت ۽ ان جي مظلوميت ئي مولانا عبيدالله سنڌي کي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڏي متوجهه ڪيو، جنهن جي ڪري پنهنجي نسبت سنڌ سان ڳنڍيائون. پوءِ سنڌ ئي ننڍي کنڊ مان اهڙو علائقو هيو، جنهن جي رهاڪن جي هڪ وڏي ڳاڻاٽي رسالت جي زماني ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو ۽ سنڌ جو هڪ مسلمان گهراڻو مديني ۾ وڃي رهيو هو انهيءَ گهراڻي جي هڪ عورت سان حضرت حسين جي شادي ٿي هئي. سنڌ ۾ اسلام، پهرين صدي هجري جي پهرين اڌ ۾ ئي ايترو ته عام ٿي ويو هيو جو راجا ڏاهر جي پيءُ جي زماني حڪومت ۾ سکر جو حاڪم ”عين الدين ريحان“ نالي مسلمان هيو، جنهن کي راجا ڏاهر جي پيءُ مقرر ڪيو هو. ان ڪري اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سان مولانا جي نسبت دائمي آهي، جنهن جو سبب سنڌ جي اهڙي تاريخي عظمت ۽ اسلامي عظمت آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مولانا کي پنهنجي دور جي سياسي بزرگن کان امتياز بخشي ٿي اها آهي ان جو تيار ڪيل هندستان جي آزادي جو اهو خاڪو ۽ دستور جيڪو انهن جلاوطنيءَ جي دوران 1923ع ۾ ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هو ۽ شايع ڪرايو هو جنهن جي لحاظ سان هندستان کي چئن وفاقي حصن ۾ ورهائي هڪ آزاد علائقو بنائڻو هو.
    مون مولانا جي شخصيت جي تاريخي پسمنظر کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ سندن منفرد ۽ نراليون خاصيتون ان ڪري بيان ڪيون آهن جيئن سندن حقيقي شخصيت کي سمجهڻ آسان ٿي پوي جنهن کي ان جي شروعاتي دور جي تاريخي پس منظر جوڙيو آهي.
    بدقسمتيءَ سان ڪيترن ئي حلقن جن ۾زباني ۽ لکت سان سندس ڪي مدح خوان به شامل آهن مولانا سنڌي جي شخصيت کي ٻين شخصيتن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مولانا جي انهن مخصوص خاصيتن جي ڄاڻ کانپوءِ اهڙن مغالطن جو دفع ٿيڻ آسان ٿي ويندو.
    مولانا عبيدالله سنڌي هر نموني سان پنهنجي زماني جي هڪ جامع شخصيت هيو، بلڪ فڪر ۽ نظر جي خيال کان شاهه ولي الله کانپوءِ سندس ئي نمبر اچي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي جي زماني ۾ سندس پايي جا ان وقت پوري عالم اسلام ۾ ٻه ئي شخص هيا، مصر ۾ مفتي محمد عبده ۽ هندستان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، پر عملي اعتبار سان مولانا عبيدالله سنڌي انهن ٻنهي وڏن کان اڳڀرو هيو.
    مولانا جي پيدائش 1872ع جي آهي. (10 مارچ 1872ع) هو هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سندن والد سندن ڄمڻ کان اڳي فوت ٿي چڪو هو. مولانا ڄاوا ته سيالڪوٽ ۾ هئا پر جلدئي سندن والده مولانا ۽ سندس ڀينرن کي پنهنجي ڀاءُ وٽ ڄامپور ضلعي ڊيرا غازي خان ۾ وٺي آئي. هتي سندس اهو ڀاءُ يعني مولانا جو مامون سرڪاري نوڪري ۾ ڳوٺ جو پٽواري هيو. ڄام پور ڊيرا غازي خان سنڌ سان لڳ علائقو آهي، سنڌ جا اثر ان جاءِ تي وڏي پيماني موجود آهن.
    1872ع جو زمانو ننڍي کنڊ جي تاريخ جو اهو دور آهي جڏهن هتي فرنگي حڪومت جو غلبو مڪمل نموني قائم ٿي چڪو هو ۽ اڃا اهو نسل باقي هيو جنهن سکن جي حڪومت جو عروج، پوءِ سکن جي پاڻ ۾ گهرو جنگ، پوءِ سک حڪومت جو زوال ۽ گهوٽالو، پوءِ مڙني سک عملدارين تي انگريزن جو غلبو، وري 1857ع جي ملڪ گير آزاديءَ لاءِ جنگ ۽ انگريزن جي سموري هندستان تي بلوچستان ۽ افغان علائقن سميت مڪمل قبضي ٿي وڃڻ جا واقعا ڏٺا هيا ۽ اهو نسل ته اڃا جوان ئي هيو جنهن 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ انگريز حاڪمن جا هندستان جي عوام تي وحشت ناڪ ظلم ۽ ڏاڍ جا منظر ڏٺا هئا.
    ٻن صدين جي آپيشاهي، افراتفري، گهوٽالي ۽ زوال هڪ ٻئي پٺيان شاهينگن ۽ حاڪمن جي زيادتين ۽ ذليل ڪندڙ رويي ۽ اقتصادي بدحاليءَ قومي اخلاق ۽ ڪردار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مفادپرستيءَ ۽ خودغرضيءَ جي ذهنيت اڀري آئي هئي. حاڪمن جي خوشامدي ۽ چاپلوسي عام ٿي وئي هئي.
    انگريزن هڪ اهڙو سياسي ۽ معاشي جبري نظام جاري ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري مسلمان ڪا سياسي طاقت بڻجي ڪري نه اڀرن ۽ انگريز حاڪمن کي بنگال ۾ پلاسيءَ جهڙي جنگ، سنڌ ۾ مياڻيءَ جهڙي جنگ، بلوچن ۽ پختونن جي علائقن ۾ دره جي افغاني جنگن جهڙين حالتن سان ٻيهر منهن ڏيڻو نه پوي.
    پنجاب ۽ باقي هندستان جي مسلمانن جي اقليتن جي ڀيٽ ۾ انگريزن هندن جي مختلف ۽ ڇڙوڇڙ ذاتين کي هڪ فرقيوارانه قوم بنائي بيهاريو. هو ته جيئن فرقيوارانه فساد ۽ جهڳڙا جاري رهن ۽ 1857ع جهڙو گڏيل آزاديءَ جي لڙائيءَ جو ميدان ٻيهر گرم نه ٿئي.
    ننڍي کنڊ کان ٻاهر عالم اسلام جو حال به هن کان گهٽ دردناڪ نه هيو. ترڪيءَ جي عثماني خلافت جيڪا دنيا جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي طاقت هئي، انگريزن، فرانسين ۽ ٻين يورپي قومن جي چنبي ۾ اچي چڪيون هيون. انهن جو ڍانچو اندران ۽ ٻاهران زلزلي هيٺ اچي رهيو هو.
    ايران ۾ قاچرين جي حڪومت تباهيءَ جي ويجهو وڃي رهي هئي. افغانستان جي تخت لاءِ احمد شاهه ابداليءَ جي وارثن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ تمام چوٽ تي هئي. وچ ايشيا جا سمورا مسلم علائقا روس جي قبضي ۾ اچي چڪا هئا. عرب دنيا پستيءَ ۾ ٻڏي رهي هئي. نجد جي وهابي طاقت کي مصر جا حاڪم ذري ذري ڪرڻ تي سندرو ٻڌيون بيٺا هئا ۽ ٻئي طرف انگريزن ۽ فرانسين سان ڳٺجوڙ ڪري رهيا هئا. ترڪي يورپ جو مرد بيمار ضعيف بڻجي چڪو هو. حجاز جو گورنر شريف ترڪ خلافت جي خلاف انگريزن جو نمڪ خوار بڻجي چڪو هو. عالم اسلام ۽ هندستان جي ان زوال پذير ماحول ۽ معاشري ۾ سک گهراڻي جي هن نوعمر ڇوڪري پرورش لڌي، ان جو سمجهدار ذهن ننڍپڻ ۾ ئي پريشان ٿي ويو هيو ۽ ان لڪ ڇپ ۾ حق جي ڳولا جو سفر شروع ڪيو هو. هندستان ۽ اسلامي دنيا ۾ غلاميءَ ۽ پستيءَ جا اثر عقيدن جي ڪمزوريءَ ۽ عملن جي گمراهيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا هئا. ڊيرا غازي خان ۾ شروعاتي تعليم جي دوران ئي هن ڇوڪري پنهنجي اردگرد جو فڪري، اخلاقي ۽ معاشرتي جائزو وٺڻ ۽ تحقيق ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن هو اڃا سک گهراڻي جو هڪ فرد هو ٺيڪ اهڙي نموني حق جي ڳولا لاءِ سوچ ۽ ويچار شروع ڪئي هئي جهڙو سوچ ۽ ويچار بابل ۾ آذر جي گهراڻي جي هڪ نوجوان ابراهيم عليهه السلام شروع عمر ۾ ڪيو هو. مامي هڪ ڀيري ڏٺو ته ڀاڻيجو صفا اڪيلائي ۾ لڪي لڪي ڪنهن اسلامي ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيو هو ته چيائينس پٽ جيڪڏهن مطالع ۽ تحقيق سان اسلام سچو مذهب نظر اچئي ته قبول ڪجانءِ.
    مولانا عبيدالله سنڌي ٻه ڪتاب پڙهي ڪري اسلام ڏي لاڙو رکيو، هڪڙو ڪتاب (تحفة الهند) هو جنهن جو مصنف هڪ نو مسلمان هو ۽ ان جو نالو به عبيدالله هو ٻيو ڪتاب مولانا شاهه اسماعيل شهيد جو تقوية الايمان هو.
    مولانا عبيدالله سنڌي ذهني طور تي مسلمان ٿي ويو هو پر ان جو باقاعدي اعلان اچي سرزمين سنڌ ۾ پهچي ڪري ڪيائين.
    ڀرچونڊيءَ جي مشهور پير طريقت حافظ محمد صديق صاحب جي هٿ تي ڪلمون توحيد جو پڙهيائين ۽ مسلمان سنڌي بڻجي ويو يا جيڪڏهن چاهيو ته کيس سنڌي مسلمان به چئي سگهو ٿا.
    پوءِ پاڻ ديوبند ويا ۽ ان دور جي مشهور عالم ۽ محدث مولانا محمود حسن صاحب جي سامهون شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي 25 سالن جي عمر ۾ تعليم لاءِ ديوبند ويو. هتي هي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ايتري وڏي عمر ۾ هو ديوبند رڳو ڪتابي تعليم پرائڻ ويو هو. يا سنڌ جي ڪن مشائخن جي خانقاهن ۽ ديوبند جي مدرسه جي صدر مولانا محمود حسن جي وچ ۾ درسيات کان به بلند ڪنهن جدوجهد کي ڳنڍڻ لاءِ مخفي رابطي قائم ڪرڻ خاطر هڪ سفير جي حيثيت سان مولانا سنڌي ديوبند ويا هئا ۽ شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيا هئا.
    اصل ۾ هيءَ ٻي ڳالهه صحيح معلوم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته مولانا عبيدالله سنڌي ۽ شيخ الهند جي زندگيءَ جا پوءِ وارا واقعا ان ڳالهه جي شهادت ڏين ٿا. استاد (محمود حسن) زوال پذير ۽ ٻڏندڙ اسلامي دنيا کي بچائڻ جي جدوجهد جو مرڪزي نقطو هو ۽ شاگرد عبيدالله سنڌي، انهيءَ نقطي کي دائري کان وڌ ۾ وڌ ٻاهر ڦهلائڻ وارو ڪارڪن.
    شيخ الهند سان ميلاپ کان بعد مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جدوجهد مجلسي بحثن جو موضوع ۽ جهڳڙن جو سبب بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس ڪافر قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
    پر استاد پنهنجي شاگرد کي مشن جاري رکڻ لاءِ ديوبند جي بجاءِ دهليءَ ۾ مرڪز ٺاهي ڏئي ٿو.
    ۽ پوءِ ان مرڪز کان جيڪي رستا نڪرن پيا، اهي انقلاب جون لهرون هڪ طرف اتر ۾ سرحدي قبيلن، افغانستان، سمرقند ۽ بخارا تائين پهچن ٿيون ۽ ٻئي طرف ساحل هند کان ڏکڻ ايشيا، آفريڪا، حجاز ۽ ترڪيءَ تائين پهچي وڃن ٿيون ۽ پوءِ فرنگي اقتدار جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو.
    رولٽ ڪميٽيءَ جو ترتيب ڏيندڙ چوي ٿو ته سئو ملڪن تي ڇانيل برطانوي اقتدار جنهن جي حدن ۾ ڪڏهن سج نٿو غروب ٿئي، ان کي پاڙ کان اکيڙي اڇلائڻ ۽ ان جي جاءِ تي اسلامي اقتدار جنهن جا ساٿي ۽ مددگار گهڻا ئي غير مسلم به بڻجي ويا آهن. سموري ايشيا ۽ آفريڪا ۾ قائم ڪرڻ جي هن مخفي انقلابي مشن جو منصوبو هو ۽ هن جو مرڪزي ڪردار عبيدالله سنڌي آهي، جنهن پنهنجي استاد محمود حسن کي پنهنجي منصوبي جو جئاريندڙ ۽ سرپرست بنائي ورتو آهي.
    منصوبو استاد جو هو يا شاگرد جو؟ هي بحث رڳو عقيدتمندن وٽ آهي، باقي دشمن منصوبي جو باني عبيدالله سنڌي کي قرار ڏنو آهي. جڏهن ته عبيدالله سنڌي پاڻ کي پنهنجي استاد جو خادم ۽ نوڪر قرارڏئي ٿو. بهرحال شاگرد منصوبي جي پورائي لاءِ وطن ڇڏيو ۽ 24 سالن جي جلاوطنيءَ جي زندگي ڪاٽي.
    استاد منصوبي لاءِ فرنگين جو قيد قبول ڪيو ۽ ڪاري پاڻيءَ جي قيد ۽ جلاوطنيءَ جي تڪليف سٺائون.
    منصوبو ناڪام ٿي ويو. تاريخ ۾ اهڙا حادثا ٿيندا رهندا آهن، پر منصوبي جو هڪڙو جز مڪمل ٿي ويو ۽ برطانوي اقتدار جي عالمگيريت ختم ٿي ۽ اهو برطانيا جي جزيرن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويٺو.
    منصوبي جو ٻيو جز اسلامي انقلاب جي مشن هو. جلاوطني کان واپس اچي ڪري مولانا عبيدالله سنڌيءَ پيش ڪيو ۽ ان جو پڙاڏو اڄ اسان پوري اسلامي دنيا ۾ ٻڌي رهيا آهيون، توڙي کڻي انداز فڪر اهو ناهي جيڪو مولانا عبيدالله سنڌيءَ پيش ڪيو هو، تنهن هوندي به جڏهن منصوبي جو هي جز عملي شڪل اختيار ڪندو ته انهن ئي ليڪن تي وجود ۾ اچي ويندو جيڪي مولانا عبيدالله سنڌي لکي ويو آهي. سرمائيداري ۽ اشتراڪيت جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪوئي چارو ڪونهي ڪو.
    مولانا 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کان واپس آيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي بنائي ڪري سنڌ جي مسلمانن لاءِ جياپي جو هڪ نئون پيغام ڇڏي ويو.
    1944ع ۾ سنڌي اسلامي دنيا جو هو چمڪندڙ سج غروب ٿي ويو. آزاديءَ جي تاريخ، اسلام جي تاريخ، انقلاب جي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ مولانا جو نالو هميشه سونهري حرفن ۾ ياد رکيو ويندو.
    مولانا پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ هڪ مڪمل دور ۽ هڪ پوري اُمت هئا ۽ هڪ نئين انقلابي دور جا نقيب هئا، جنهن جو آواز سنڌ جي واديءَ ۾ هميشه گونجندو رهندو ۽ جنهن جو پيغام اسلامي دنيا کي سدائين جاڳائيندو رهندو.

    ہرگز نہ میرد آں کہ دلش زندہ شدبہ عشق
    ثبتِ است بر جریدۂ عالم دوام مآ


    امام انقلاب حضرت علامه سنڌي : مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

    امام المفسرين علامه سنڌيءَ جي انتقال پر ملال جو صدمو هندستان جي مسلمانن لاءِ ايڏو وڏو صدمو آهي، جنهن جي تلافي قريبي زماني ۾ مشڪل آهي. حڪمت ولي اللهيءَ جو شارح اسان کان جدا ٿي حظيرة القدس ۾ وڃي پهتو، پر سندن پروگرام ۽ مجاهدانه زندگيءَ جا روشن ڪارناما اسان وٽ موجود آهن.
    درد مابرمرگ حضرت کمتراز از یعقوب نیست
    اوبسر گم کردہ بودو ماپدرگم کردہ ایم
    حضرت ناظرين! اوهان کي بخوبي معلوم هوندو ته هن قحط الرجال جي دور ۾ حضرت امام عبيدالله جي انتقال جو صدمو هندستان جي مسلمانن لاءِ ايڏو وڏو سياسي، مذهبي ۽ علمي نقصان آهي جنهن جي تلافي ڪن صدين تائين مشڪل آهي. افسوس رڳو هن ڳالهه جو آهي جو تمام ٿورن ماڻهن کي هن ڳالهه جو احساس آهي ته حضرت امام سنڌي جي مشن ڇا هئي؟ ۽ ان مشن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابيءَ ۾ مسلمانن جي زندگي ۽ موت جو سوال مضمر آهي. حضرت علامه جي وفات تي هندستان ۾ تعزيتي جلسا ٿي رهيا آهن، مولانا مرحوم لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ پونين سان اظهار همدردي ڪئي وڃي ٿي. جيئن عام طرح هڪ سياسي ليڊر يا عالم جي انتقال تي ڪيو ويندو آهي. مگر ڪاش! هندستان جو مسلمان حضرت امام جي مشن کان پوريءَ طرح واقف هجي ها ته اڄڪلهه ٻيو درد و غم و رنج الم نظر اچي ها. حضرت علامه ؓسياست يا عربي علومن جي اندر محض هڪ عالم جي حيثيت رکندڙ نه هو مگر صحيح معنيٰ ۾ امام هو.
    شنيده ڪي بود مانند ديده
    حضرت امام سان پهرين ملاقات:
    علامه سنڌي جڏهن 25 ورهين جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مرحوم الهه بخش سومرو ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ٻين بزرگن جي ڪوششن سان سنه 939 هنديءَ (1944 عيسوي) ۾ ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيا. اخبارن ۾ مولانا جي تشريف ۽ شاندار استقبال جي خبر شايع ٿي. مرحوم الله بخش وزيراعظم سنڌ ارڪان وزارت سان گڏ بحري جهاز جي گوديءَ تي موجود هو. ان زماني ۾ آءُ درالعلوم ديوبند ۾ تعليم وٺي رهيو هوس. حضرت امام سنڌي جي حالات کي نهايت شوق سان اخبارن ۾ پڙهندو هوس. هڪ جلسي ۾ مرشدي مولانا حسين احمد صاحب مدنيءَ تقرير فرمائي ۽ جڏهن هي جمله ”ايڪ فضيلت تو علامه سنڌي ڪو الله تبارڪ و تعاليٰ ني وه عطا فرمائي هي جو همين آج تڪ نصيب نهين هوئي وه هي جهاد بالسيف“ فرمايائون، تڏهن مون مصمم اراده ڪيو ته حضرت مولانا سنڌيءَ جي خدمت ۾ رهي سندن فيوضات کان ضرور مستفيض ٿي ادنيٰ سپاهي بڻجي ڪم ڪندس. حضرت مولانا سنڌي هندستان جو دورو ڪندي دارالعلوم ديوبند پهتا. ان ڏينهن کي آءٌ پنهنجي لاءِ نعمت عظميٰ ڄاڻان ٿو جو هڪ سراپا انقلاب انسان جي زيارت حاصل ٿي.
    حضرت جي مجلس ۾ مون ڇا ڏٺو:
    ڪيترا متبحر بزرگ علماءَ علامه سنڌي جي خدمت ۾ گوڏا کوڙي ادب سان ويهندا ۽ حضرت جي افادات کان مستفيد ٿيندا رهيا، جيئن ڪو ادنيٰ شاگرد استاد آڏو ڪندو آهي. انهن مجلسن ۾ اهي اهي علمي تقريرون ٻڌندو رهيس جيڪي مون اڳ ۾ ڪڏهن نه ٻڌيون هيون. بهرحال ان کان پوءِ آءٌ حضرت علامه کي مجتهد ۽ انقلابين جي جماعت جو سالار اعظم ۽ قائداعظم اعتقاد ڪندو رهيس. حضرت مولانا جي ڪنهن خاص جڳهه تي سڪونت معلوم نه پئي ٿي ان ڪري درالعلوم کان فارغ ٿي جڏهن آءٌ دهليءَ جي اورينٽل ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته حضرت مولانا سنڌي جو سنه 1940ع هنديءَ ۾ يادگار شيخ الهند جي نالي سان هڪ پروگرام شايع ٿيو.

    جامع نگر دهليءَ ۾ بيت الحڪمة جو قيام:
    حضرت مولانا رمضان سنه 1359هه جي پوئين هفتي ۾ دهليءَ تشريف فرما ٿيا ۽ 16 شوال 1359هه بمطابق 940 هندي 17 نومبر جامعه مليه دهلي ۾ بيت الحڪمت يادگار شيخ الهند ۽ ولي الله اڪيڊميءَ جو قيام فرمايائون. آءٌ دهلي ۾ حضرت جي خدمت ۾ هر جمعي اداره شرقيه متصل جامع مسجد ويندو هوس. هڪ ڏينهن حضرت فرمايو ته اسان توکي سنڌ ۾ پڙهائينداسون ۽ ڪم سيکارينداسون. حصرت جي انهيءَ جملي تي آءٌ نهايت خوش ٿيس.

    شرف تلمذ:
    هڪ درد دل رکندڙ انسان جي آواز جو اثر ظاهر ٿيڻ لڳو. باوجود ڪافي مخالفت جي بيت الحڪمت جون شاخون هندستان ۾ قائم ٿيڻ لڳيون. عربي توڙي انگريزي دان نوجوانن جو طبقو مولانا ؓجي بيتاب سرگرمين ۽ باوجود ضعيف بدن ۽ پيرسنيءَ جي هندستان جي گوشي گوشي ۾ وڃي پنهنجي انقلابي تحريڪ کان سُتل مسلمانن کي بيدار ڪرڻ واري صور اسرافيلي جي آواز جي ڪري، قرآن شريف جي انقلابي پيغام ۽ سبق ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳو. سنڌ مان مولانا وفائي صاحب ۽ هندستان مان پروفيسر محمد سرور صاحب جهڙا اهل قلم مولانا جي جماعت ۾ داخل ٿي سرگرم نظر آيا. دارالرشاد (پير جهنڊو) ۾ مستقل مرڪز بيت الحڪمت کوليو ويو. مگر افسوس جو صوبي سنڌ (جنهن لاءِ مولانا مرحوم کي بيحد محبت هوندي هئي) مان سواءِ پنجن اٺن نوجوان مولوي صاحبن جي ٻين توجهه گهٽ ڏنو يا مورڳو حجرن ۾ ويهي مخالفت ڪندا رهيا. الله پاڪ جا لک شڪرانا جو مون جهڙي ڪم علم ناچيز کي حضرت علامه جو تلمذ حاصل ٿيو.

    عجيب واقعه:
    هڪ ڏينهن حضرت امام جي خدمت ۾ خيرڪثير پڙهي رهيو هوس. غالباً مولانا محمد نور صاحب مڪي به سامع هئا، دوران سبق ۾ فصوص الحڪم جو هڪ منطقي سوال جرئت ڪري عرض رکيم. مولانا مرحوم فرمائڻ لڳا ”منطق میں میرے ساتھ ادب سے بات کیجئے میں خیرآبادی جیسے استادوں سے منطق پڑھا ہوا ہوں۔“ درس ختم ٿيڻ کانپوءِ آءٌ صبر ڪري پنهنجي ڪمري رهائش ڏانهن هليو ويس، ايتري ۾ حضرت مرحوم پياده منهنجي پويان هليا آيا، ان وقت غالباً مولوي عزيز الله (جروار) منهنجو رفيق به ويٺو هو. حضرت مولانا نهايت مٺي لهجي سان فرمايو ته مولوي صاحب! اوهان جو اعتراض اسان سمجهيو، اصل اعتراض ابن عربيءَ جو آهي ان جو جواب ٻڌائينداسون. فرمايائون ته اسان هاڻي مولويا نه نمونه سوالن جوابن جي درپي نه هوندا آهيون. ان ۾ بي سود وقت ضايع ٿيندو، پوءِ مون سان گڏ بي تڪليفيءَ سان ويهي پنهنجي علم پرائڻ ۽ زمانه شاگرديءَ جو احوال بيان فرمايائون.

    مولانا جو خاندان:
    مولانا مرحوم جو تولد ڳوٺ چيانوالي ضلعي سيالڪوٽ ۾ 12 محرم 1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع ۾ ٿيو. مولانا جو والد مولانا جي پيدائش کان اڳ چار مهينا فوت ٿي ويو ۽ مولانا مرحوم جي پرورش ڏاڏي جي گود ۾ ٿي. مولانا جي خاندان جو اصلي پيشه زرگري هو، پر ڪنهن زماني کان ڪن وري سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ بعض شاهوڪاري ڌنڌو ڪيو. مولانا فرمايو ته 1774ع ۾ هڪ آريه سماجي ڇوڪري کان مون کي ڪتاب ”تحفة الهند“ هٿ آيو، ان جي مطالعي سان مون کي اسلام جي صداقت معلوم ٿي ۽ روز بروز وڌندي وئي. اسان جي قريب پرائمري اسڪول (ڪوٽله مغلان) جا چند هندو شاگرد مليا جيڪي مون وانگر تحفة الهند جا گرويده هئا انهن جي ذريعه مونکي مولانا اسماعيل شهيد جو ڪتاب تقوية الايمان هٿ آيو، ان جي مطالعي سان آءٌ مسئله توحيد کي سمجهي ويس.

    اظهار اسلام:
    حضرت فرمايو ته ان کانپوءِ آءٌ هڪ عربي شاگرد جي رفاقت سان نڪتس ۽ ڪوٽله رحم شاهه ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ پهتاسون. اتي منهنجي سنت ختنه ادا ٿي. ٿورن ڏينهن بعد پنهنجن عزيزن جي خوف کان ڀڄي سنڌ جو ارادو رکيم. صرف جا ڪتاب رستي ۾ رفيق شاگرد کان پڙهي ورتم. الله پاڪ جي خاص رحمت جو سنڌ ۾ ڀرچونڊي تعلقي اوٻاوڙي ۾ پهتس. سيد العارفين حافظ محمد صديق صاحب جي زيارت حاصل ٿي. حضرت حافظ صاحب منهنجي لاءِ پيءُ جي جاءِ تي هئا. هڪ مجلس ۾ اهڙو ارشاد به فرمايو هئائون. اظهار اسلام بعد مون پنهنجو نالو تحفة الهند جي مصنف جي نالي تي عبيدالله پاڻ منتخب ڪيو هو. حضرت حافظ صاحب جي مهربانين جو خاص اثر ٿيو جو آءٌ پنهنجو وطن سنڌ کي سمجهڻ لڳس.

    طالب علميءَ جو زمانو:
    ٽن چئن مهينن بعد ڀرچونڊيءَ مان علم پڙهڻ لاءِ پنجاب جو رخ رکيم. پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ بديع الميزان پڙهڻ شروع ڪيم. بديع الميزان جي 3 صفحي تي اقليدس جي هڪ تقرير آئي جنهن کي مولوي صاحب پوريءَ طرح حل نه پئي ڪري سگهيو. منهنجي ته اقليدس اردو مڊل ۾ چڱيءَ طرح پڙهيل هئي، اتان ڪن شاگردن جي مشوري سان درالعلوم ديوبند پهتس. اتي ٻه پنجابي غالباً ”سلم“ پڙهندا هئا ۽ بديع الميزان جو تڪرار مون کي ڪرائيندا هئا، ”ملا حسن“ پڙهڻ لاءِ مولانا احمد حسن ڪانپوريءَ (معقول خصوصاً ملاحسن ۾ شهره آفاق هو) ڏانهن روانا ٿي ويا. مولانا فرمايو ته درالعلوم ۾ منهنجو داخله 1306هه ۾ ٿيو، پنجن مهينن جي عرصي ۾ آءٌ قطبيءَ تائين ڪتاب پڙهي ويس. ملا حسن پڙهڻ لاءِ آءٌ به ڪانپور روانو ٿي ويس. انهن ٻن پنجابي شاگردن سان ملاحسن ۾ ڪلاس فيلو ٿيس. پهريون ملا حسن جو سمورو مطالعو ڪري ڇڏيم هيم. استاد جي اڳيان ملاحسن جي ڪيترين عبارتن ۾ تعارض ثابت ڪندو رهيس، جنهن تي ڪلاس فيلو شاگرد ۽ ٻيا حيران ٿيڻ لڳا، انهن ٻن شاگردن کي خاص طرح ملاحسن جو تڪرار ڪرائيندو رهيس. ”مير زاهد“ ۽ ”ميبذي“ شروع ٿيڻ وارا هئا پر مون اڳ ئي هڪ مسجد ۾ ويهي ”بحرالعلوم“ حاشيه مير زاهد ۽ ”سيد فخر“ حاشيه ميبذي ياد ڪري ورتم. ڪانپور ۾ ٿورن مهينن ۾ چند ڪتاب ختم ڪري مدرسه عاليه رامپور پهتس. اتي اشارات ۽ ٻيا فلسفه جا ڪتاب پڙهيم. اشارات جي هڪ مقام تي ٽي ڏينهن لڳي ويا ليڪن اسان ۽ استاد جو تصفيه نه پيو ٿئي. ان مقام تي مولانا فضل حق صاحب خيرآباديءَ جي هڪ قلمي تقرير هٿ آئي معامله ختم ٿيو.
    هڪ ڏينهن آءٌ شاهه شهيد جو ذڪر ڪري رهيو هوس ته استاد ٻڌي ورتو، سخت ناراض ٿيو. مون حيران ٿيس ته جنهن بزرگ جو ڪتاب پڙهندي آءٌ مسلمان ٿيو آهيان، ان کي آءٌ ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان. آخر الامر رامپور کي الوداع ڪري وري به صفر 1307هه ۾ درالعلوم ديوبند پهتس ۽ حضرت شيخ الهند جي درس ۾ داخل ٿيس. هداية، تلويح، مطلول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم ۽ نهايت امتيازي نمبر حاصل ڪيم. مولوي سيد احمد صاحب دهلويءَ منهنجن پرچن جي جوابن کي ڏسي تعريف ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن عبيدالله کي ڪتاب مليا ته ثاني شاهه عبدالعزيز ٿيندو. ڪن دوستن منهنجي لاءِ خواب ڏٺا، مون پاڻ به رسول اللهﷺ جي زيارت ڪئي ۽ امام ابو حنيفه ؓکي ڏٺو.

    دوره حديث:
    شوال 1307هه ۾ دوره حديث۾ تفسير بيضاويءَ ۾ شريڪ ٿيس. ترمذي شريف شيخ الهند کان پڙهيم ۽ ابو داؤد مولانا رشيد احمد کان گنگوهه مان پڙهي آيس. انهيءَ ئي سال سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن چئن ڏينهن ۾ ختم ڪيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهيم. مولانا سيد نذير حسين صاحب مشهور به ميان صاحب دهلويءَ کان بخاريءَ ۽ ترمذيءَ جا چند اسباق پڙهي شرف تلمذ حاصل ڪيم.

    سنڌ ڏانهن واپسي:
    هڪ صحبت ۾ امام سنڌي فرمايو ته اسان 1308هه جمادالثاني سنڌ ۾ پهتاسون ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مولانا تاج محمود شاهه صاحب امروٽيءَ جي خدمت ۾ وڃي رهيس. ان وقت سنڌ ۾ ٻه مشهور عالم هئا جن جو سلسله شاگردي ساري سنڌ ۾ پکڙيل هو.(١) مولانا غلام صديق صاحب شهدادپوري، (٢) مولانا عبدالغفور صاحب همايوني. احقر جي استفسار تي امام سنڌي فرمايو ته ميان صاحب سان اسان جي تحرير وغيره نه ٿي باقي مولوي همايوني صاحب سان اسان جو اختلاف ڪن جزوي مسئلن تي رهيو پر جڏهن اسان ڏٺوسون ته مولوي صاحب اسان جي قرآن و حديث جي دلائل جي جواب ۾ علم معانيءَ جي ڪن ڪتاب جا حوالا ڏيئي رهيو آهي، تڏهن اسان قصه کي ختم ڪري ڇڏيو. امروٽ ۾ اسان تعليم جو ڪم ست اٺ سال متواتر ڪيو. مولوي فيض الڪريم اهل حديث امروٽ ۾ ايندو هو. پهرين ملاقات ۾ فقه حنفيءَ تي اعتراض ڪرڻ لڳو، اسان الزاماً اهي اعتراض علامه شوڪانيءَ تي ثابت ڪيا. مولوي صاحب حيران ٿي ويو. احقر راقم جي استفسار تي فرمايائون ته مولوي عبدالوهاب ڪولاچي اسان وٽ تلويح ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيو آهي، هن ۾ چڱي سمجهه هئي، اسان جي تقرير کي سمجهي ويندو هو.
    امروٽ کان جدائي:
    حضرت امروٽيءَ سان اسان جو ڪن ڳالهين تي اختلاف ٿي پيو. اسان جڏهن وري استاد جي حڪم سان ديوبند پهتاسون ته مولانا امروٽي صاحب هڪ دعوت تي درالعلوم تشريف فرما ٿيا، مولانا شيخ الهند ؓکي فرمايائون ته اسان کي بخاري شريف جا ٻه ٽي سبق ڏيو. مولانا شيخ الهند مولانا انور شاهه کي آڏو بيهاري ڪتاب الجهاد بخاري شريف تي ڪجهه تقرير فرمايائون، ان کان پوءِ حضرت صاحب امروٽيءَ جو اختلاف اسان کان دورٿي ويو.

    هڪ خواب:
    امروٽ واري زندگيءَ ۾ مون هڪ خواب ڏٺو ته ٻه ڪرسيون آهن، هڪ تي آءٌ ويٺو آهيان، ٻيءَ تي هڪ حسين خوبصورت عورت حجة الله البالغه هٿ ۾ کنيو ويٺي آهي. پهريائين مون ان جو تعبير ڪيو ته شايد رفيقه حيات اهڙي ملندي جا حجة الله البالغه ڄاڻندي هوندي، پوءِ اڳتي هلي تعبير جي غلطي محسوس ڪري هيءَ تعبير معلوم ڪيم ته اها عورت حڪومت آهي جنهن جو پروگرام حجة الله البالغه هوندو ۽ اها حڪومت تحريڪ ولي اللهيءَ جي ذريعي حاصل ٿيندي.

    جمعية الانصار:
    حضرت شيخ الهند ٻئي دفعه مونکي دارالرشاد کان ديوبند گهرائي ورتو. هي واقعو 1327هه جو آهي. مون اتي رهي جمعية الانصار قائم ڪئي. چار سال ڪم ڪندو رهيس، ان بعد منهنجو اهو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. اتي 1331هه ۾ نظارة المعارف قائم ڪري حڪيم اجمل خان، نواب وقار الملڪ، ڊاڪٽر انصاري، مولانا ابوالڪلام ۽ ٻين بزرگن سان گڏ ڪم ڪندو رهيس.

    ڪابل جو سفر:
    حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان مونکي ڪابل وڃڻو پيو. سنڌ مان مولانا امروٽيءَ بلوچي لٽا مون کي پارايا. اهي پائي سنڌ جي سرحد کان ٻاهر نڪتس. افغانستان پهچڻ سان اسان کي ڇا مشڪلاتون پيش آيون؟ پهريائين اتان جي عالمن اسان کان امتحان وٺڻ شروع ڪري ڏنو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ بي مثنويءَ جو ”وحدت اندر وحدت اندر وحدت است الخ“ پڇڻ لڳا. ان جي حل ۾ به اسان کي شاهه صاحب جي ڪتابن مدد ڏني. اسان وحدات ثلاثه کي ثابت ڪري انهن کي ماٺ ڪرائي.

    امير حبيب الله سان شرف ملاقات:
    ان زماني ۾ افغانستان جو حاڪم امير حبيب الله هو. امير صاحب برطانيا کان گهڻو شاڪي هو. ليڪن کيس طاقت نه هئي، ان سان گڏ وڏو عياش هو. تقريباً هڪ سئو عورتون سندس قبضي ۾ هيون. ڪجهه وقت کان پوءِ امير صاحب جي ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. چڱو وقت گفتگو هلي، ان بعد اسان درٻار ۾ گهڻو رتبو حاصل ڪيو.

    سنڌ مان هڪ سازش:
    هڪ صحبت ۾ امام فرمايو ته جڏهن اسان پنهنجو اثر افغانستان جي حڪومت تي ويهاريو تڏهن سنڌ مان هڪ سازش حيدرآباد ضلعي مان شروع ٿي، اتان جو هڪ پير جنهن جو تعلق ڪابل سان به هو، اتي پهتو اسان جي خلاف امير صاحب آڏو هي شڪايت ڪئي وئي ته مولوي عبيدالله وهابي انگريزن جو جاسوس آهي. حڪومت افغانستان کي برباد ڪرڻ آيو آهي. وزير صاحب جي استفسار تي مون جواب ڏنو ته اوهان مون کي في الحال گرفتار ڪريو پوءِ پنهنجا جاسوس هندستان ڇڏيو. جيڪڏهن منهنجي لاءِ سموري زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن به انگريز دوستيءَ جو هجي ته منهنجي سزا قتل آهي، اهو جواب اسان هن ڪري منتخب ڪيو جو اهڙي شڪايت جي جواب ۾ حلف وغيره بيڪار هو.

    مولانا جي گرفتاري:
    نيٺ اسان جي راءِ موجب اسان کي نظربند ڪيو ويو، جاسوس موڪليا ويا جن پنجن ڇهن مهينن بعد رپورٽ پيش ڪئي ته مولانا عبيدالله لاءِ انگريزن جي ڊائريءَ ۾ هڪ به سفيد ٽبڪو نه آهي، رڳو سياهه ئي سياهه آهي. پوءِ مون کي آزاد ڪيو ويو. ان بعد انگريزن طرفان امير صاحب تي بار آندو ويو ته مولوي عبيدالله اسان جي حوالي ڪريو يا ان کي گرفتار ڪريو. منهنجي قتل لاءِ ڏهه هزار آڇيا ويا. امير صاحب اسان کان خوش هو، اسان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين ۽ نظربند رکيائين، ڇو ته کيس مستقل طاقت نه هئي. امير صاحب هڪ سازش جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. اسان ۽ اسان جي رفيقن جي ڪوشش سان امير امان الله اوسط فرزند امير حبيب الله تخت نشين ڪيو ويو.

    امير امان الله جو دور:
    امير صاحب جڏهن تخت نشين ٿيو ته اڳ ۾ حرم سراءِ جي عورتن کي اجازت ڏنائين. امير صاحب مون جهڙي درويش ۽ فقير تي ايڏو مهربان هو جو سندس حڪومت جوسارو ڪاروبار منهنجي حوالي هو. آخر الامر انگريزن سان جنگ لڳي، اسان موجود هئاسون. هندستان جي مسلمانن ۾ اسان کي اميد هئي پر انهن ڪجهه نه ڪيو. خد اجي فضل سان فتح حاصل ٿي. امير صاحب هزمئجسٽيءَ جي لقب سان نوازيو ويو. افغانستان آزاد ٿيو. هي سڀ اسان شيخ الهند جي برڪت ڄاڻون ٿا.

    قيام ماسڪو:
    ماسڪو (روس) ۾ ڇهه مهينا شاهي مهمان رهياسون، ماسڪو يونيورسٽيءَ جا شاگرد اسان کان هر روز پڇڻ لڳا ته مولانا اوهان پنهنجو خدا ڏيکاريو ۽ اسان کي سمجهايو. هڪ ڏينهن اسان انهن کي ويهاري سنجيدگيءَ سان پڇيو ته اوهان ماده کي مڃيو ٿا؟ جواب: ها مڃون ٿا. س: اوهان جي فلسفي ۾ وجود به هڪ شيءِ مافوق العادة آهي، جنهن کي مادو نه چوندا آهيو؟ ج: برابر، پوءِ اسان کين چيو ته اهو وجود اسان جو خدا آهي، اوهان دنيا کي ماده ۾ هضم ڪريو ٿا، اسان وري ماده کي به وجود ۾ هضم ڪريون ٿا. اهو ٻڌي شاگرد حيران ٿيا، جڏهن ماسڪو يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن اسان جو اهو جواب ٻڌو ته شاگردن کي چوڻ لڳا ته اهو هندستاني مولوي وڏو فيلسوف آهي، ان سان گفتگو نه ڪريو.

    قيام ترڪي:
    روس کان اسان 1923ع ۾ انقره (ترڪيءَ) پهتاسون. ترڪي حڪومت جو هي نئون دور هو. مصطفيٰ ڪمال برسر اقتدار ٿيو هو. پر هيستائين اسان جو مسئله خلافت تان مرحوم مصطفيٰ ڪمال سان اختلاف هو، پر پوءِ آهستي آهستي ڳالهين سمجهڻ سان اختلاف دور ٿيو.

    هڪ واقعو:
    مرحوم مصطفيٰ ڪمال پاشا سان هڪ وقت اسان جي ملاقات ٿي، مرحوم فرمايو ته اوهان کان اڳ ترڪ عالمن جو هڪ وفد اسان وٽ آيو. انهن کان اسان سورة العصر جو تفسير پڇيو پر ڪنهن به پورو جواب نه ڏنو. جڏهن اسان مرحوم کي تفسير ٻڌائيندي پنهنجي پروگرام کان به واقف ڪيوسون، تڏهن مرحوم خوش ٿي فرمائڻ لڳو ته ڪاش اوهان اڳ جيڪڏهن اسان وٽ اچو ها ته اسان اوهان جي پروگرام موجب حڪومت جو دستور العمل تيار ڪريون ها. مولانا فرمايو ته مصطفيٰ ڪمال پورو مسلمان هو، ان جو مرشد به هڪ باخدا شخص هو جنهن اسان کان ڪجهه پڙهيو به هو.

    قيام مڪه مڪرمه:
    مولانا فرمايو ته 1345هه ۾ اٽليءَ جي رستي موتمر اسلاميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آءٌ مڪه مڪرمه پهتس. موتمر اڳ ختم ٿي وئي، اها زندگي منهنجي محض علمي زندگي هئي ۽ سياسي ڪاروبار کان بندش هئي. دنيا جي وڏن عالمن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.

    واپسي وطن:
    جڏهن بعض دوستن جي ڪوشش سان ڪن شرطن جي بنياد تي وطن واپسيءَ جي اجازت ملي ته آءٌ انهن شرطن کي به قبول ڪري هن لاءِ واپس ٿيس ته جيئن مونکي هندستان ۾ امام ولي الله جي انقلابي نظريه جي اشاعت جو موقعو ملي. هتي پهچڻ سان اسان جي خلاف سازش شروع ٿي. ڪن منافقن کي اٿاري پروپيگنڊا ڪئي وئي ته هاڻي مولانا عبيدالله ديوانو آهي. ڪن وري هيءَ بدمعاشيءَ جي پروپيگنڊا شروع ڪئي ته مولانا يورپي بڻجي ويو آهي. هن جنگ جي زماني ۾ ان پروپيگنڊا جو اهو اثر ٿيو جو پراوا ته ڇڏي ويا پر پنهنجا به منهنجين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.
    مولانا فرمايو ته ان غم ۾ دارالرشاد جي ايوان تي سحر جي وقت ڦري رهيو هوس ته اوچتو هڪ مصرعه پيش ٿيو
    کیسے تیر انداز ہو سیدھا تو کرلو تیر کو۔
    پوءِ اسان خدا پاڪ تي توڪل رکي ڪم کي شروع ڪيو. نوجوان طبقي ۾ چڱو اثر پيدا ٿيو مسئله جهاد ۽ انقلاب کي سمجهڻ لڳا. بيت الحڪمة جون شاخون کوليون ويون.

    مولانا جو آخرين يادگار جمعية الطلبه:
    هڪ صحبت ۾ احقر کي مولانا فرمايو ته اوهان نوجوان طبقي ۾ انقلابي نظريي جي پروپيگنڊا ڪريو. مون ارشاد مطابق مدرسي درالسعادة گوري پهوڙ ۾ بيت الحڪمة قائم ڪري ڪم ڪندو رهيس. حيدرآباد جي اجلاس جمعية العلماءِ جو موقعو وٺي پنهنجن ٻن رفيقن هر هڪ قاضي عزيز الله ۽ ميان عبيدالله لاڙڪاڻويءَ کي برانگيخته ڪيم ته اوهان اسٽوڊنٽ فيڊريشن برپا ڪريو. جمعية الطلبه جي سموري ڪارروائي هڪ ٽريڪٽ جي شڪل ۾ شايع ٿيل آهي. مولانا مرحوم بيحد مسرور ٿيا. بيماريءَ جي حالت ۾ به مدرسه درالسعادت ۾ تشريف فرمائي برابر 8 ڏينهن اسان جو ڪم ڏسندا رهيا.

    انتقال کان ٿورو اڳ:
    15 شعبان جي، شهدادڪوٽ ۾ هڪ جلسو جمعية الطلبه جو رٿيو ويو. مولانا مرحوم کي صدارت لاءِ عرض ڪيو ويو. مولانا مرحوم جن ڪراچيءَ مدرسي مظهرالعلوم ۾ مقيم هئا ۽ سخت عليل هئا، تنهن هوندي به لکندا رهيا ته مون کي ٿوري صحت ٿي ته آءٌ ايندس. ٻيءَ صورت ۾ مولوي غلام مصطفيٰ ڪم هلائي، آخر ۾ تار پهتي ته اسان ڍرڪندا ٿا وڃون. جلسي لاءِ خطبه صدارت ڇپائي محمد يوسف سان موڪليون ٿا پر افسوس جو گاڏين جي ليٽ سبب عين موقعي تي خطبو پهچي نه سگهيو. جلسو ختم ٿيڻ شرط مولوي قاضي عزيز الله ونور چشمي بسبب مولانا جي خدمت لاءِ ڪراچيءَ روانو ٿي ويو، مولانا نهايت ضعيف هجڻ جي باوجود خبر ٻڌڻ شرط فوراً گهرائي ورتائون. آهستي ڳالهيون ڪرڻ لڳا، اتان حضرت مولانا کي دارالرشاد پير جهنڊه آندو ويو. اسان به خدمت ۾ دارالرشاد آياسون. مولوي عزيز الله ۽ مولانا وفائي صاحب هر وقت خدمت لاءِ بيتاب نظر پئي آيا، اهڙي وقت ۾ پنهنجن خادمن کي (مان به انهن مان هڪ هوس) ارشاد فرمايائون ته منهنجي حالت هيءَ آهي جو آءٌ بستري کان اٿي ڪم نه ڪري سگهندس. باقي ويٺي ويٺي اوهان کي مشورو ڏيندو رهندس ته اوهان کي هي ڪم ڪرڻو آهي.
    ان وچ ۾ مولانا جي ڪيترين ڪرامتن ۽ خرق عادات جو مشاهدو به حاصل ٿيو. دارالرشاد کان ٿوري صحت بعد مولانا ظهيرالحق دين پوري ۽ ٻين جي رفاقت سان دين پور شريف روانا ٿيا. احقر راقم ۽ مولوي عبدالمجيد خادم کي سڪرنڊ کان اجازت ڏنائون. مولوي عزيز الله خدمت ۾ هيو. اوچتو الم رسان خبر پهتي ته مولانا 2 رمضان تي درالفانيءَ کان رحلت فرمائي اسان خادمن کي يتيم ڪري دارجاوادانيءَ ۾ آرامي ٿيا. انا لله وانا اليه راجعون.

    (ماهوار ”توحيد“ ڪراچي آڪٽوبر 1944ع)


    ويٺي جنين وٽ- ڏکندو ڏور ٿئي : شاهه محمد عثماني

    جناب شاهه محمد عثماني صاحب (اڳوڻو ايڊيٽر روزانو الهلال پٽنه، روزانو استقلال ڪلڪتو، هفتيوار نقيب پهلواري شريف) جن جو ڪتاب ”ٽوٽي هوئي تاري“ پنجاهه کان وڌيڪ ممتاز شخصيتن جي يادگيرين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ موصوف امام انقلاب عبيدالله سنڌيءَ سان گذاريل چند گهڙين جو تذڪرو ڪيو آهي.
    اهي گهڙيون به ڪيڏيون نه عظيم آهن جن گهڙين ۾ دنيا جا عظيم انسان، ڌرتيءَ جا املهه ماڻڪ، ڪمزور ۽ بي سهارن انسانن جي تقدير ٺاهڻ جي جنگ ۾ پنهنجو رت ست ڏئي ان آڳ جي شعلن ۾ واڌارو ڪري رهيا هيا، جن شعلن سان سامراج جو طلسماتي اقتدار سڙي رک ٿيڻو هيو. اهي گهڙيون اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو سرمايو آهن. پڙهندڙن جي خدمت۾ انهن جو ترجمو پيش ڪجي ٿو. (سنڌيڪار: محمد انس)
    منهنجا ڪجهه دوست سياست سان تعلق رکندا هيا ۽ انهن علماءِ دين سان پڻ جيڪي سامراج دشمن سرگرمين ۾ مصروف هيا. انهن جي معرفت مون مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو ٻڌو هيو ۽ انهن کان ئي مون هي به معلوم ڪيو هيو ته پاڻ جلاوطن ڪيئن ٿيا. نهرو رپورٽ جي حمايت ۽ مخالفت جو زمانو هيو. جڏهن اسان جوهڪ بزرگ ٻيو ڀيرو حج تي ويو هيو. ان زماني ۾ مولانا سنڌيءَ جن مڪه معظمه ۾ رهندا هئا. اهو دوست مولانا سنڌيءَ سان مليو ۽ ان سان هندستان جي سياست تي گفتگو ٿي. مولانا چيو ته هندستان جي مسلمانن کي گهرجي ته اهي ڪانگريس کي ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏين. ڪانگريس جي طاقت جو اندازو هندستان ۾ رهي ايترو نه ٿو ٿئي جيترو ٻاهر رهي ڪري ٿئي ٿو. ٻيو هندستان ۾ مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته اهي ڪنهن مشترڪ پليٽ فارم تي به رهن، ايستائين جو هندستان آزاد ٿي وڃي. ان وقت پارليامينٽ کي ان مشترڪ پليٽ فارم جي گڏيل حيثيت حاصل هوندي.
    مولانا مشورو ڏنو ته مسلمانن ۾ خدمتي ادارا وڏي پيماني تي قائم ٿيڻ گهرجن، خدمت ڪرڻ سان ئي ايثار ۽ قرباني جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ هي احساس ٿيندو ته پنهنجو ملڪ پنهنجي هٿن ۾ هجي ته خدمت جا ڪيترا گهڻا موقعا حاصل ٿيندا. مولانا خواهش ظاهر ڪئي ته منهنجو پروگرام جمعيت العلماءُ جي ذميوارن تائين پهچايو وڃي. اسان جي ان بزرگ جنهن کي مولانا چيو ٿي جواب ڏنو ته جمعيت علماءِ جي ٻين ذميوارن سان ته منهنجو اهڙو تعلق ڪونهي جو اهي يقين ڪن ته هي پيغام واقعي اوهان جو آهي پر مان مولانا سجاد صاحب کي، چئي سگهان ٿو. ڪا لکت پهچائڻ جي ڳالهه ان ڪري نه ٿي جو مولانا سنڌي، ان وقت تائين جلاوطن هيا ۽ لکت کڻي وڃڻ ۾ قانوني خطرا پيدا ٿي سگهيا ٿي. ان ڪري اسان واري بزرگ حج کان واپس اچڻ کان پوءِ مولانا سنڌي جو اهو پيغام مولانا سجاد تائين پهچائي ڇڏيو. مولانا سجاد ڳالهين جي طور تي اهو واقعو اسان کي به ٻڌايو.
    جڏهن ڪانگريس جون وزارتون ٺهيون ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي 25 سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ دربدرائيءَ کان پوءِ هندستان اچڻ جي اجازت ملي. پاڻ ويا ته افغانستان هيا پر اتي انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪابل شاخ جو بنياد رکيو هيائون، جيڪا هندستان کان ٻاهر ڪانگريس جي پهرين شاخ هئي. انگريزن جي باغي هجڻ جي حيثيت سان کين افغانستان ۾ هٿون هٿ ورتو ويو. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ افغانستانين ۽ انگريزن جا تعلقات سٺا نه هيا.
    پر جڏهن امان الله خان انگريز حڪومت جي ويجهو ٿي ويو ۽ نادر خان جنهن ٺل جي ميدان ۾ ڪميونسٽ روس جي هٿيارن جي مدد سان انگريزن کي شڪست ڏني هئي، ان کي سفير بڻائي ٻاهر موڪليو ويو ته مولانا ڊنو ته شايد امان الله کين انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيندو. ان ڪري پاڻ هڪ بنگالي نوجوان شيب ناٿ بنرجيءَ سان گڏ پيادا روس روانا ٿيا ۽ خطرناڪ رستن تان گذري روس پهتا. بقول مولانا سنڌي انهن ڏينهن ۾ ايم اين راءِ، اتي لينن کان پوءِ سڀ کان وڏو ڪميونسٽ سمجهيو ويندو هيو. مولانا صاحب شيب ناٿ بنرجيءَ جي مدد سان ڪميونسٽ لٽريچر جو مطالعو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته ڪميونزم ۾ ڪا اهڙي نئين ڳالهه ڪانهي. دنيا جي جن مشڪلاتن جو حل ڪميونزم ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهو حل اسلام ۾ موجود آهي، پر شرط آهي ته ان کي شاهه ولي الله جي وضاحتن جي روشنيءَ ۾ سمجهيو وڃي. مولانا اتان ترڪيءَ پهتا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي نظرين کي پرکيو پوءِ مڪي مان ٿيندا هندستان پهتا. هندستان پهچي پاڻ يڪدم بيان ڏنائون ته مسلمان ڪانگريس ۾ شريڪ ٿين ۽ هي پڻ ته اسين شاهه ولي الله دهلويءَ جي تاويلن مطابق قرآن جي حڪومت چاهيون ٿا.
    مان انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي ۾ هيس. جمعيت علماءِ صوبي بنگال جي اجلاس جون تياريون ٿي رهيون هيون. انهن تيارين ۾ مان اڳيان اڳيان هئس. منهنجي چوڻ تي صدارت لاءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو منظور ڪيو ويو ۽ کين ان جو اطلاع به ڏنو ويو. مسلم ليگ طئي ڪيو هيو ته بنگال ۾ جمعيت علماءِ جو اجلاس ڪنهن طرح ٿيڻ نه ڏيندي. بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي، روز مسلم ليگ جا جلوس نڪرندا هيا.
    هڪ رات قاري رحمت الله جي دواخاني ۾ جتي جمعيت جو دفتر هيو، اسين ماني کائي رهيا هئاسين ۽ مشورو ڪري رهيا هياسين ته مولانا جو استقبال ڪيئن ڪجي ۽ مسلم ليگ جي مزاحمت جو مقابلو ڪيئن ڪيو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇوڪرو ٻاهران آيو ۽ چيائين ته هڪ پوڙهوماڻهو دهليءَ کان آيو آهي ۽ چئي ٿو ته دفتر مان ڪنهن کي سڏي وٺو. مان ماني ڇڏي اٿي ٻاهر آيس. اهو پوڙهو ماڻهو چادر بغل ۾ ڏئي بيٺو هيو. مون سلام ڪيو ۽ ان جواب ڏيندي مصافحي لاءِ هٿ وڌائيندي چيو، عبيدالله سنڌي. مان حيرت ۾ پئجي ويس ته بنا ٻڌائڻ جي ڪيئن اچي ويا سو به ٻه ڏينهن پهريائين. سبب پڇيوسين ته چيائون ته ڪيترن دوستن سان ملڻو هيو. ان ڪري پهريائين پهچي ويو آهيان. مون مولانا کي دفتر ۾ ويهاريو. ٽيڪسي ڪئي ان کانپوءِ کين وٺي طيب ڀائي ظريف جي رهائش گاهه تي پهچائي ڇڏيو ڇو ته اتي رهڻ جو انتظام ٿيل هيو. مولانا جن ٽيڪسيءَ ۾ مون کان پڇيو توهان ڪلڪتي جا رهندڙ آيو؟ مون ننهڪار ۾ جواب ڏنو ۽ چيو ته بهار جي هڪ شهر گيا جو رهندڙ آهيا. چيائون اتي منهنجو هڪ دوست رهندو آهي، توهان ان کي سڃاڻو ٿا. مولانا صاحب جن نالو ٻڌائي جواب جو انتظار ڪيو. مون جواب ڏنو ته اهو منهنجو پڦاٽ آهي ۽ مون جيڪو ڪجهه توهان جي باري ۾ ڄاتو آهي سو ان کان ئي معلوم ٿيو آهي. اهو ڄاڻي مولانا ڏاڍو خوش ٿيا ۽ جيتري تائين ڪلڪتي ۾ رهيا برابرمون کي پاڻ سان گڏ رکيائون. مان مولانا سان پورا ويهه ڏينهن گڏ رهيس. ان دوران مون کي نياپو مليو ته تنهنجو والد صاحب ڇت تان ڪري پيو آهي ۽ ان کي تنهنجي خدمت جي ضرورت آهي، جنهن ڪري مولانا کان اجازت وٺي وطن هليو آيس. وڃڻ وقت مولانا جن چيو ته ڪجهه اڃا به رهو ها ته مان به توهان سان گڏ هلان ها.
    طيب ڀائي ظريف وٽ پهچي مولانا پڇيو ته هتي منهنجو هڪ شاگرد شائق احمد عثماني رهندو آهي. توهان ان کي سڃاڻو ٿا؟ مون جواب ڏنو ته پورو ڪلڪتو کيس سڃاڻي ٿو ۽ اسين جمعيت علماءِ جا خدمت گذار، روز سندس گاريون ٻڌندا آهيون ۽ اڄ ڪلهه جمعيت علماءِ جي خلاف مسلمانن کي مشتعل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي. مولانا سمجهيو ته مان کين ان سان ملڻ کان منع ڪري رهيو آهيان. مون اهو اندازو ڪري کين چيو ته مان توهان کي روڪيان نه ٿو. توڙي جو ان وٽ نه ويندو آهيان تنهن هوندي به، جيڪڏهن توهان چئو ته مان توهان کي وٺي هلان. مولانا ٻئي ڏينهن مون سان گڏ شائق احمد عثمانيءَ وٽ هليا. شائق ”عصر جديد“ اخبار جو ايڊيٽر هيو. ديوبند جو فارغ هيو. اتي استاد به رهيو هيو. مولانا کان پڇيم رڪشي تي هلون؟ چيائون ته مان ته ان کي جائز نه ٿو سمجهان، خير هلو. ڇا پري آ؟ مون چيو پري ناهي، جلد پهچي وينداسون. اسين ٻئي عصر جديد اخبار جي دفتر پهتاسين. شائق صاحب موجود نه هيو. اسٽاف وارن مون کي حيرت مان ڏٺو. بهرحال مان هي چئي مولانا کي واپس وٺي آيس ته شائق صاحب اچن ته چئجون ته مولانا عبيدالله سنڌي آيا هيا. شائق صاحب دفتر آيو ۽ ان کي جيئن ئي خبر پئي تيئن هو طيب ڀائي ظريف وٽ اچي پهتو. مولانا سان مليو ۽ ادب سان ويهي رهيو. مولانا جن ان کي ڳلي لڳايو، ان کان پوءِ ٻئي هڪ ٻئي جي خيريت پڇندا رهيا. شائق صاحب ٻئي ڏينهن مولانا کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين مولانا عبدالرؤف داناپوري وٽ وٺي ويو. شائق صاحب ڏاڙهي ڪٽيندو هيو ۽ ڌوتي پائيندو هيو. مولوي واري شڪل شبيهه ڪا نه هيس. شايد اهو سمجهيائين ته مولانا عبدالرؤف جي مولوياڻي شڪل شباهت مولانا کي متاثر ڪندي ۽ هو هن کي سمجهائي سگهندو. ان مهل به مان مولانا سان گڏ هيس. مولانا عبدالرؤف صاحب چيو ته توهان 25 سالن کان پوءِ هندستان آيا آهيو. توهان جلدي پنهنجي ملڪي راءِ ظاهر ڪري ڇڏي. جڏهن ته توهان کي گهربو هيو ته پهريائين هندستان جي حالتن جو مطالعو ڪيو ها ۽ پوءِ بيان ڏيو ها، پر توهان، جلد بازيءَ کان ڪم ورتو آهي. مولانا چيو ته مون هندستان جي باري ۾ ڪو خاص بيان ڪو نه ڏنو آهي، مون اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جي باري ۾ ڪي ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن. هندستان ۾ مسلمانن کي مشترڪ پليٽ فارم جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪانگريس کانسواءِ ڪو ٻيو پليٽ فارم نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن توهان هي سمجهو ٿا ته مسلمانن کي مشترڪ پليٽ فارم جي ضرورت ناهي ته توهان انهن کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهيو. مون ٻي ڳالهه قرآن جي حڪومت جي باري ۾ ڪئي آهي. ڪو مسلمان آهي جيڪو ان کي غلط چوي؟
    مولانا عبدالرؤف دانا پوريءَ وٽان نڪتاسين ته مولانا صاحب جن پڇيو ته عبدالرحمان صديقي ڪٿي رهندو آهي. مون چيو ته پري آهي. پڇيائون ته تون کيس سڃاڻين ٿو. مون چيو ته ها مان سڃاڻانس ٿو. هڪ دفعو ويو به آهيان. عبدالرحمان صديقي، مولانا محمد علي جوهر مرحوم جي اخبار ڪامريڊ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. ڪلڪتي مان هڪ انگريزي اخبار ڪڍندو هيو. انهن ڏينهن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر هيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مشرقي پاڪستان جو گورنر ٿيو هيو. بي لغام قسم جو ماڻهو هيو. ان ڪري جناح صاحب کانئس ناخوش ٿي ويو هيو ۽ ان کانپوءِ مسلم ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ ان کي نه کنيو هئائين. مولانا ان وقت ئي هلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ان ڪري اوڏيءَ مهل عبدالرحمان صديقي صاحب وٽ پهتاسين. کيس خبر پئي ته ٻاهر اچي مولانا جو استقبال ڪيائين ۽ تمام گهڻي تعظيم سان اندر وٺي هليو. ٿوري دير رسمي گفتگوءَ کانپوءِ اسين چانهه پيئڻ ويٺاسين. ميز تي ويٺي عبدالرحمان صديقي صاحب پڇيو ته مولانا هن ڀيري هندستان ۾ توهان جو خرچ ڪير برداشت ڪري رهيو آهي؟ مولانا صاحب فرمايو ته في الحال خانبهار حافظ هدايت الله کان پئسا ورتا آهن. صديقي صاحب چيو ته اهو توهان جو پراڻو تعلق وارو آهي. جلاوطنيءَ کان پهريائين ته توهان کي خرچ ڏيندو هيو، ان کان پوءِ صديقي صاحب پڇيو هن وقت توهان جو پروگرام ڇا آهي؟ مولانا جواب ڏنو ته مان پنهنجي پارٽي ٺاهڻ جو ارادو رکان ٿو. صديقي صاحب پڇيو ته مقصد ڇا هوندو؟ مولانا جواب ڏنو قرآن جي حڪومت قائم ڪرڻ شاهه ولي الله جي اجتهاد مطابق. صديقي صاحب پڇيو ته شاهه ولي الله جا ڪتاب اردوءَ ۾ آهن؟ مولانا چيو ته نه، عربيءَ ۾ آهن. صديقي صاحب چيو ته مان ته عربي نٿو ڄاڻان. ان گفتگوءَ کان پوءِ اسان سڀني، صديقي صاحب وٽان موڪلايو. هلندي صديقي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ طيب ڀائي ظريف کي چيو جيڪو اسان سان گڏ هيو ته ”مولانا تمام قيمتي ماڻهو آهي کين ضايع نه ڪجو.“
    هاڻي مولانا وٽ ملندڙن جا هجوم اچڻ لڳا. سڀ کان پهريائين مولانا عبدالباقي ديناجپور جن حاضر ٿيا. هي بنگال جي اهل حديث جماعت جا امير هئا ۽ فضل حق صاحب کان پوءِ پرجا پارٽي جا صدر ٿيا. صاحب علم قسم جا ماڻهو هيا. ساڻن گڏ ڪافي ماڻهو آيا هيا. اسان جو دوست معزالدين احمد به آيو جيڪو اڄ ڪلهه تهذيب الاخلاق علي ڳڙهه جو ايڊيٽر آهي. روس جو جلاوطن عالم موسيٰ جار الله هندستان آيل هيو. اهو به پهچي ويو. معزالدين صاحب پچيو: مولانا: توهان چئو ٿا ته قرآن جي حڪومت قائم ڪندا. ٻڌايو ته ان ۾ مزدورن جي مشڪلات جو ڪهڙو حل هوندو؟ مولانا جواب ۾ شاهه ولي الله جي ڪتاب حجة الله البالغه جي حوالي سان تمهيدي طور ڪجهه اهڙيون ڳالهيون چيون جيڪي ڪميونزم سان ملندڙ جلندڙ هيون. مولانا عبدالباقيءَ يڪدم ترديد ڪئي ۽ چيو ته حجة الله ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، مولانا سنڌي، ناراض ٿي ويا. ان تي مولانا عبدالباقيءَ چيو ته مان توهان جو مخالف ڪو نه آهيان، مان توهان وٽ عقيدت سان آيو آهيان پر مون حجة الله بار بار پڙهيو آهي ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه مون نه ڏٺي آهي جيڪا توهان فرمائي رهيا آهيو. مولانا چيو حجة الله ڪٿي ملي وڃي ته کڻي اچو. طيب ڀائي ظريف وٽ ان جو هڪ ترجمو هيو، اهو کڻي آيو. مولانا چيو هي ترجمو ته ٺيڪ ناهي پر ڪم هلي ويندو، پوءِ مولانا ان حصي جو ترجمو پڙهيو ٻڌايو جنهن ۾ شاهه ولي الله صاحب لکيو آهي ته دولت سميٽجي جڏهن ٿورڙن ماڻهن وٽ اچي ويندي آهي ته ان سان ڪهڙيون خرابيون پيدا ٿينديون آهن. ان ۾ شاهه صاحب دهليءَ جي رئيسن ۽ سردارن جو مثال ڏنو. جيڪڏهن دهليءَ جي سردارن جي جاءِ تي قيصر جو نالو لکي ڇڏيو وڃي ها ته ڪارل مارڪس جي انهن تنقيدن سان هيءَ ملندڙ جلندڙ شيءِ هجي ها جيڪا هن سرمائيدارن تي ڪئي آهي. مولانا عبدالباقي جلد اعتراف ڪيو ۽ چيو ته ڪتاب جي ان حصي تي منهنجي نظر نه هئي. مولانا سنڌيءَ چيو ته جلاوطنيءَ کان پهريائين ڪتاب جي ان حصي تي منهنجي به نظر نه هوندي هئي. ان جي باوجود جو مان ان ڪتاب کي ديوبند ۾ پڙهائيندو هيس ۽ ان جو ماهر سمجهيو ويندو هيس. اصل ۾ مان ان کي سرسري طور پڙهي هليو ويندو هوس. جڏهن روس ويس ۽ ڪميونسٽ لٽريچر جو ترجمو ڪرائي پڙهيم، تڏهن مون کي خيال آيو ته شاهه صاحب ته ان موضوع تي لکي چڪو آهي. معزالدين صاحب ٻيو سوال ڪيوته ڀلا توهان جي حڪومت ۾، اپوزيشن پارٽيءَ کي ڪهڙا حق هوندا، مولانا چيو ته جيڪي حق دنيا، اپوزيشن پارٽيءَ کي ڏيندي آهي. هڪ همراهه چيو ته مثال طور روس ۾ اپوزيشن پارٽيءَ کي ڪافي حق آهن. مولانا جواب ۾ سواليه انداز ۾ چيو ته هي توهان کي ڪنهن چيو؟ پوءِ چيائون ته مان اتي رهي چڪو آهيان. اتي اپوزيشن پارٽي کي ڪو به حق ناهي ۽ هي موسيٰ جار الله ويٺو آهي ان کان پڇو. ان کي به پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. مولانا سان ملڻ لاءِ ڪجهه سک آيا. انهن پنهنجي گردواري ۾ مولانا کي دعوت ڏني. مولانا دعوت قبول ڪئي ۽ مقرر وقت تي گردواري ويا. مان ساڻس گڏ هيس. مان ان کان پهريائين ڪڏهن ڪنهن گردواري ۾ نه ويو هئس، ان ڪري دلچسپيءَ سان سڀ شيون ڏسي رهيو هيس. ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي به ڪرپان کنيو سک بيٺا هيا. اندر هال ۾ هڪ گرو مچان تي ويٺو هيو. وٽس گرنٿ رکيل هيو جنهن جي ڀرسان تلوار هئي. هيٺ تڏي تي به تلوار پئي هئي. سک ايندا ٿي ويا ۽ تڏي تي پئسا اڇلائيندا ٿي ويا. مولانا سان گڏ مڇان جي ٻئي پاسي ويهي رهيس. هڪ سک تقرير شروع ڪئي. ان چيو ته مولانا سک جو پٽ آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته هڪ سک جي پٽ ملڪ لاءِ قرباني ڏني آهي، جنهن جو مثال ٻي جاءِ تي نه ملي سگهندو. جيڪڏهن ملندو ته تمام گهٽ ملندو. ان کانپوءِ مولانا صاحب جن اٿيا فرمايائون ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته منهنجي رڳن ۾ سک خون ڊوڙي رهيو آهي. منهنجاماءُ پيءُ سک هيا، جڏهن مان مسلمان ٿيس ته پنهنجي ماءُ کي مون ڇڏي ڏنو هيو. ڇو ته هو ڪافرياڻي هئي. پوءِ منهنجي استاد مولانا محمود حسن مون کي ٻڌايو ته ماءُ جي خدمت ڪرڻ فرض آهي، ڀلي اهاڪافرياڻي هجي. ان کانپوءِ مان ان کي وٺي آيس ۽ کيس پاڻ وٽ رکيم. مولانا اڳتي ڳالهائيندي چيو ته مان مسلمان ان ڪري ٿيس ته منهنجي خيال ۾ اسلام منهنجي لاءِ ۽ سک قوم لاءِ فائديمند آهي. مان سک ڀائرن کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي اسلام جو مطالعو ڪن. جيڪڏهن اهي منهنجي راءِ سان اتفاق ڪن ته هي مذهب سک قوم لاءِ مفيد آهي ته ان کي قبول ڪن.“
    مولانا سکن کي دين جي دعوت ڏني. اصل شيءِ آهي دعوت جو جذبو، جيڪڏهن جذبو نه هجي ته انسان بهترين موقعن جي باوجود دعوتي ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ان کانپوءِ اسين واپس آياسين ۽ سکن تمام گرم جوشيءَ سان مولانا کي الوداع ڪيو. هڪڙي ڏينهن سڀاش چندر بوس مولانا سان ملڻ آيو. مون ٻڌو ته جلدي ۾ ٻاهر ويس ۽ سڀاش چندر بوس کي چيم مولانا جلدي ناراض ٿي ٿا وڃن، ان ڪري انهن سان ڪو به بحث نه ٿيڻ گهرجي. سڀاش چيو ته آءٌ صرف عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان. ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه آيو آهيان. مولانا جهڙيءَ طرح مصيبتون برداشت ڪيون آهن. جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته پاڳل ٿي وڃي ها. پاڻ ته صرف چيڙاڪ ٿي ويا آهن. ان کانپوءِ سڀاش مولانا وٽ آيو، پهريائين ٻئي هٿ ٻڌي سلام ڪيائين جيڪو برهمڻن ڇوت ڇات کان بچڻ لاءِ ايجاد ڪيو هيو ۽ هاڻي اهو سلام جو هڪ طريقو ٿي ويو آهي. ان کانپوءِ سڀاش مولانا جا پير چميا پوءِ هار پاتائين ۽ آخر ۾ گلن جو هڪ ٽوڪرو پيش ڪيائين. مولانا هار پهريندي چيو ته هار ته نوجوانن جي شيءِ آهي. مون کان وڌيڪ توهان کي سونهندو. ان کانپوءِ ٻئي ويهي رهيا. مولانا پڇيو اڄڪلهه توهان ڇا پيا ڪيو؟ سڀاش چيو فارورڊ بلاڪ جي نالي سان هڪ پارٽي ٺاهي رهيو آهيان. مولانا چيو مان به هڪ پارٽي ٺاهي رهيو آهيان. ان کانپوءِ مولانا ان جا اغراض ۽ مقاصد ٻڌائڻ لڳا. سڀاش خاموشيءَ سان ٻڌا ۽ آخر ۾ سلام ڪري واپس ٿي ويو. جمعيت جي اجلاس کانپوءِ سڀاش چندر بوس مولانا جي اعزاز ۾ پاڻ وٽ هڪ وڏي دعوت ڪئي. مان ان ۾ شريڪ ڪو نه هيس، وطن هليو ويو هيس.
    مولانا جمعيت علماءِ جي لاءِ پنهنجو خطبو لکيو هيو ۽ مولانا آزاد جي سيڪريٽري اجمل خان کان ان جو ترجمو به ڪرايو هيو پر ٻئي ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه هيا. ڇپائي لاءِ به نه ٿي ڏنائون. ٻئي ڏينهن اجلاس هيو. شام تائين پنهنجو خطبو نه ڏنائون. آخر مون چيومانس ته سائين ڇا خطبو ڇپائڻو ناهي؟ چيائون خطبو پڙهڻ کانپوءِ. مون چيو تڏهن ته اخبارن ۾ ڇپائڻ ۾ ڏاڍي دير لڳي ويندي. مولانا چيو مان پهريائين نه ڏيندس. جيڪڏهن پهريائين ڏنم ته توهان ماڻهو هي خطبو پڙهڻ نه ڏيندؤ. مون مولانا سان وري وري واعدو ڪيو ته اجلاس کان پهريائين هي خطبو ڪنهن کي به ڏسڻ لاءِ نه ڏيندس. بار بار واعدن ڪرڻ کانپوءِ مولانا پنهنجو خطبو ڏنو. هاڻي هڪ رات ۾ خطبي جي لکائي ۽ ڇپائي وڏو مسئلو هئي. ڏهين وڳي رات جو مولانا مسودو ڏنو هيو. ايترو جلد ڇاپڻ لاءِ ڪير به تيار نه هيو. ان ۾ ويتر دير ٿي وئي نيٺ هڪ همراهه مليو جنهن سڄي رات جاڳي هي فرض انجام ڏنو. لکائي ۽ ڇپائي ته ڏاڍي خراب ٿي پر خطبو ڇپجي ويو. ٻئي ڏينهن جلسي جو وقت ٿيو. مان مولانا کي وٺي اجلاس ڏانهن وڃي رهيو هيس جو ڪجهه ماڻهن اشاري سان روڪيو ۽ ٻڌايو ته مسلم ليگي اندر اجلاس ۾ گهڙي ويا آهن ۽ گوڙ ڪري رهيا آهن. ان ڪري مولانا کي وٺي وڃڻ مناسب ناهي. مون مولانا کي واپس گهر پهچائي ڇڏيو ۽ پاڻ اجلاس ۾ واري هنڌ پهتس، ڏٺم ته ڪجهه بدمعاش مٿي گيلريءَ ۾ گهڙي آيا آهن. گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ هيٺ اجلاس ۾ نه اچي سگهيا آهن. ايتري ۾ هڪ پوليس جو فورس اچي ويو. پهريائين ته ايس پيءَ سان منهنجي جهڙپ ٿي ۽ مون بنا ٽڪيٽ پوليس جي داخلا تي سخت اعتراض ڪيو. ان کانپوءِ اڳتي وڌيس. اسان جو دوست معزالدين صاحب اسان کان پهريائين اچي ويو هيو. ان پڇيو هاڻي ڇا ڪجي؟ مون چيو ته مخالف مٿي گيلريءَ ۾ آهن، هيٺ اسين آهيون. دروازو بند ڪيو وڃي ته جيئن هو نه اچي سگهن. مٿي پاڻي به ڪونهي گرميءَ جو وقت آهي، رڙيون ڪري جلدي ٿڪجي پوندا. بس هاڻي هنن کي بس نه ڪرڻ ڏجي. معزالدين صاحب کي اها راءِ پسند آئي. مان ۽ هو واري واري سان لائوڊ اسپيڪر تي اپيلون ڪري رهيا هياسين ته ايس پي اسان جي ان تدبير کي سمجهي ويو. تن ڏينهن بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي ۽ جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته ليگين طئي ڪيو هيو ته ڪنهن به طرح اجلاس ٿيڻ نه ڏيندا. ان ڪري پوليس، جيئن ان جي رويي مان پتو پيو ٿي ته هدايت ڏئي موڪلي هئي. ان دوران ايس پي لائوڊ اسپيڪر تي آيو ۽ اعلان ڪيائين ته اسين هن اجلاس کي خلاف قانون قرار ڏيون ٿا.
    هاڻي اسان جي سامهون سوال هيو ته اجلاس ڪرڻ تي زور ڀريون ۽ جيل وڃون يا اجلاس نه ڪرڻ جو اعلان ڪيون ۽ ناڪامي قبول ڪيون. اسان صلاح ڪئي ته شام جو ٻيءَ جڳهه تي ويهي ان معاملي کي طئي ڪنداسين. ان ڪري اسان اعلان ڪيو ته سڀ ڪارڪن حاجي الله بخش جي گهر تي اچي گڏ ٿين. هاڻي ايس پي جو زور هيو ته اسين فورن جلسي گاهه ڇڏيون. ان مهل مولانا حسين احمد ۽ جمعيت علماءِ جا سڀ اڳواڻ اچي ويا هيا. سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته جيستائين مخالف نه ٿا وڃن اسين جلسي گاهه نه ٿا ڇڏي سگهون. گرفتار ڪرڻو اٿو ته ڪيو. اسان جو ضد ڏسي ايس پي مسلم ليگين کي چيو ته هاڻي جلسو ته ختم ٿي ويو، ان ڪري توهان وڃو. تڏهن سڀ هليا ويا. ان کان پوءِ اسين حاجي الهه بخش جي جڳهه تي گڏ ٿياسين. مولانا منير الزمان صاحب ڏاڍو مايوس هيو، چوي پيو ته مسلم ليگ اجلاس ٿيڻ نه ڏيندي ان ڪري هاڻي ٻئي ڏينهن اجلاس جو ارادو نه ڪيو وڃي. مون چيو اجلاس ضرور ٿيڻ گهرجي. مولانا حفظ الرحمان صاحب کي منهنجي ڳالهه ٻڌي همٿ پيدا ٿي. پاڻ چيائون ته توهان کي ايترو آسانيءَ سان شڪست قبول ڪرڻي هئي ته اسان سڀني کي گهرايو نه ها. ايتري ۾ اشرف الدين چوڌري جيڪو بنگال ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هيواچي ويو. تنهن چيو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي ته ٻئي ڏينهن اجلاس ضرور ڪيو وڃي. نيٺ هي طئي ٿيو ته اجلاس ٿئي ضرور، پراڻيون ٽڪيٽون منسوخ ڪيو وڃن. نيون ٽڪيٽون تيار ڪري انهن کي تقسيم ڪرڻ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو. تنهن ڪري مون ڪجهه دوستن جي مدد سان ٽڪيٽون تيار ڪيون ۽ اهڙيءَ طرح سان تقسيم ڪيون جو هڪ مسلم ليگيءَ کي به جيڪو شور مچائڻ پيو گهري ٽڪيٽ نه ملي سگهي. جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته پروفيسر عبدالرحيم صاحب استقباليه خطبو پڙهيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ صدارتي خطبو پڙهيو. مولانا پنهنجي خطبي ۾ چيو هيو ته: (1) مسلمان ڀيڏين کان هيٺ تائين پائنچا رکن ۽ ٽوپي پائي نماز پڙهن، (2) جمعيت جا ٻه شعبا هجن هڪ عملي ۽ ٻيو علمي ۽ تحقيقي، (3) اسان کي گهرجي ته اسين يورپ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يورپ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون. ٽيون نمبر ڪنهن به طرح قابل اعتراض نه هيو پر اجمل خان پنهنجي ترجمي ۾ سمجهڻ جي لاءِ فولو (Follow) جو لفظ استعمال ڪيو هيو جنهن جي معنيٰ سمجهڻ به آهي پيروي ڪرڻ به آهي. انگريزي نسخو انگريزي اخبارن کي ڏنو ويو هيو ۽ اردو نسخو پهريائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويو هو. اردو اخبارن ان جو ترجمو پيروي ڪرڻ ڪيو هيو. ان طرح مذهبي حلقي ۾ مولانا تنقيد جو نشانو بڻيا. پهرئين نمبر ڳالهه تي مولانا حسين احمد اجلاس ۾ ئي مولانا سنڌيءَ کي ٽوڪيو هيو جڏهن مولانا خطبو پڙهي چڪا هيا.
    مولانا سنڌيءَ اجلاس کانپوءِ مولانا ابوالڪلام آزاد سان مليا ۽ ٽن ڏينهن تائين مسلسل ملندا رهيا. پهرئين ڏينهن اسين ٽي ماڻهو هياسين مان، ڊاڪٽر منظور احمد مرحوم سابق ايم ايل بي بهار ۽ طيب ڀائي ظريف، پر مولانا آزاد چاهيو ته اسين اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، ان ڪري پوءِ اسين گڏ نه رهياسين.
    مون هڪ ڏينهن مولانا عبيدالله سنڌي کان خواهش ڪئي ته برڪت خاطر مون کي قرآن جون ڪجهه آيتون پڙهائي ڇڏيو. غالباً ان مهل مولانا حامد عثماني ديوبندي به ويٺو هيو ۽ انهيءَ جي چوڻ تي مون اها گهر ڪئي هئي. مولانا سوره نون پڙهائي ۽ چيو ته ان ۾ معاشيات طرف اشارو آهي. مولانا چيو ته نون جا پنجاهه عدد هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته نبي عليه السلام جي نبوت کان وٺي پنجاهه سال پوءِ تائين جي مدت ڏانهن اشارو هجي. مولانا چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اسلام ۾ سياسيات ۽ معاشيات تي ڪجهه به ڪونهي ڪو. جڏهن نماز لاءِ ننڍي ۾ ننڍي وضاحت موجود آهي ته ڪيئن ممڪن آهي ته سياسياست ۽ معاشيات تي ڪجهه نه هجي. مولانا هڪ ڀيري چيو ته مون کي هاڻي جيڪو تجربو ٿيو آهي، جيڪڏهن اهو تجربو جلاوطنيءَ کان پهريائين هجي ها ته مان انگريزن سان لڙائيءَ ايتري جلدي نه ڪيان ها. ڇو ته هندستان ۾ اڃا ڪرڻ جا ايترا ڪم آهن جو انهن سان پهريائين نبري پوڻ تمام ضروري هيو. مولانا هي به چيو ته هندستان هندو عهد کان وٺي هن مهل تائين رڳو ترقي ڪئي آهي. انگريزن جي زماني ۾ به ترقي ٿي آهي پر جيئن ته انگريزن هندستان کي پنهنجو وطن نه بڻايو، ان ڪري اسين انهن کي هندستاني نه سمجهي سگهياسين ۽ نه وري انهن تي هندستان کي ترقي وٺرائڻ جي ذميواري آهي. ان کانپوءِ مسلمانن جو نمبر اچي ٿو، جن هندستان کي پنهنجو وطن بڻايو ۽ هندو عهد جي مقابلي ۾ مسلمانن جو عهد (دؤر) وڌيڪ جديد آهي. انهن ملڪ کي وڌيڪ وسيع به بڻايو، ان ڪري اهي ئي اعليٰ درجي جا هندستاني آهن ۽ انهن تي ملڪ کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ جي ذميواري آهي. افسوس جو نه مسلمانن ان ذميواريءَ کي محسوس ڪيو ۽ نه آزاديءَ کان پوءِ مسلم دشمن فرقي پرستن کين مهلت ڏني جو اهي پنهنجي ذميواري محسوس ڪن، اهي هر وقت فساد جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. هي به ٿيو جو جيڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيا اهي پنهنجي سُڪون ۾ خوش آهن ۽ جيڪي آزاديءَ لاءِ وڙهيا اهي مال غنيمت جي تلاش ۾ آهن. مولانا آزاد جي هن اپيل جو به هنن تي اثر نه ٿيو ته جديد هندستان جي تعمير جا نقشا توهان کان بغير اڻ پورا رهندا، مولانا حامد عثماني صاحب پڇيو ته مولانا جن قرآن جو ڪو تفسير لکيو آهي يا نه؟ مولانا چيو ته لکيو ته ڪونهي پر مون قرآن جو درس جيڪو مڪي ۾ ڏنو آهي اهو مڪمل طور موسيٰ جار الله قلم بند ڪيو آهي ۽ ان وٽ محفوظ آهي. مولانا جي وفات کانپوءِ موسيٰ جار الله جو هڪ مضمون رسالي ”جامعه“ ۾ شايع ٿيو هيو. ان ۾ موسيٰ جار الله لکيو هيو ته مولانا جو مڪمل تفسير مون وٽ موجود آهي. ڪير ڇپائڻ گهري ته ان کي ڏئي سگهجي ٿو.
    مولانا هڪ ڏينهن چيو ته مولانا حسين احمد اسان جو پارٽي ليڊر آهي، ان سان اسان جا اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر اسين ان جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون. پاڻ اهو چيائون ته ذهانت ۽ طبيعت ۾ دعويٰ نه ٿو ڪيان باقي تقويٰ، دينداري، عبادت ۽ استاد جي خدمت ۾ اسان مان ڪو به مولانا حسين احمد جي برابر ان وقت به ڪو نه هو جڏهن هو طالب علم هو.
    خان بهادر عبدالڪريم پاڻ وٽ مولانا جي دعوت ڪئي. هي نالي جو خان بهادر هيو. حڪومت نواز نه هيو. شايد بنگال جي ماحول کيس متاثر ڪري ڇڏيو هيو. جتي انگريزن جي خلاف گرم گرم هوا جا جهولا هلندا هيا. هو تمام ڪراڙو هيو. جڏهن راجندر پرشاد ٽي ڪي گهوش اسڪول پٽنه جو طالب علم هيو ته هو پوري بنگال جو انسپيڪٽر آف اسڪول هيو. شايد ان زماني ۾ کين خانبهادر جو خطاب مليو هوندو. رٽائرڊ ٿيڻ تان پوءِ نيشنلسٽ حلقي ۾ شامل ٿي ويو. ان ڪري بنگال ۾ ٻه مسلم ليگيون ٿي ويون هيون. هڪ جي قيادت هي ڪري رهيو هيو ۽ ٻيءَ جي نظام الدين. ان ٻيءَ مسلم ليگ کي جناح صاحب قبول ڪيو هيو. خانبهادر اسلام تي انگريزيءَ ۾ ڪئين ڪتاب لکيا هيا جيڪي مون کي ڏنا هيائين. پروفيسر عبدالرحيم انهن جو شهزادو هيو. خانبهادر وٽ مولانا ڪافي دير ويٺا، اسلامي نظريه سلطنت تي گهڻو وقت ڳالهائيندا رهيا. خان بهادر هاها ڪندو هيو. مولانا کي اها هاها ڪرڻ پسند نه آئي، ڪاوڙجي چيائون، اسلامي سلطنت ۾ توهان جو هي شان ۽ شوڪت نه رهندو، صوفا سيٽ نه رهندا، تڏي تي ويهي خلق خدا جي خدمت ڪرڻي پوندي.
    مولانا فقهه حنفي ۽ تصوف جا وڏا حامي هيا. چوندا هيا ته اهي عجمين جي مزاج ۽ ضرورت جي مطابق آهن. تصوف جي باري ۾ چوندا هيا ته ان سان پيدائشي مسلمان، اصلي مسلمان وانگر ٿي ويندو آهي. چوندا هيا ته مون کي ڏسو مان نئون مسلمان آهيان پوءِ ڪير چوندو ته مان نئون مسلم آهيان، مان اهڙي مسلمان وانگر معلوم ٿيندو آهيان جيڪو ڪنهن مسلم گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هجي. اها تصوف جي برڪت آهي. مولانا ڪلڪتي مان ويا ته وري منهنجي ساڻس ملاقات نه ٿي. مولانا جامعه مليه ۾ رهيا ۽ بيت الحڪمت جو بنياد رکيائون ته منهنجو وڏو ڀاءُ شاهه عيسيٰ مرحوم انهن ڏينهن ۾ جامعه مليه ۾ رهندو هو. ان کان حال احوال ٻڌندو هيس. مولانا سنڌ ساگر اڪيڊمي ٺاهي، جنما نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهي. مولانا تي ۽ سندس نظرين تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، اهي سڀ مون پڙهيا. ان جي مخالفت ۾ جيڪو ڪجهه ماڻهن لکيو ويو ان سان مان سهمت نه ٿي سگهيس؟؟
    نئون نسل منهنجو هي مضمون پڙهي سوچيندو ته مولانا سنڌي ڪيئن جلاوطن ٿيو، ان ڪري جلاوطنيءَ کان پهريائين جو ٿورو حال احوال لکي ٿو ڇڏيان. ديوبند جو فارغ ۽ اتي جو صدر مدرس مولانا محمود حسن ديوبندي انگريزن جي اقتدار جو هندستان ۾ سخت مخالف هيو. هو انگريزن کي اسلام جو پهريون نمبر دشمن سمجهندو هو. سندس خيال ۾ مسلمانن ۾ الحاد ۽ بيديني انگريزن جي ڪري هئي ۽ هندستان تي قبضو رکڻ لاءِ هو سموري اسلامي دنيا کي پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪري رهيا هئا. مولانا جي انهيءَ خيال جو اثر سندس شاگردن تي به ٿيو. مولانا جو هڪ شاگرد حسين احمد مدني، هجرت ڪري مديني هليو ويو. هندستان ۾ (سندس) جيڪي شاگرد هئا سي سڀ جو سڀ خدا جي مهربانيءَ سان علم ۽ فضل ۾ يڪتا هئا. انهن مان مولانا عبيدالله سنڌي سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ متحرڪ هيو.
    مولانا محمود حسن ؓجو خيال هيو ته هندستان جي جيڪا سياسي ۽ جاگرافيائي پوزيشن آهي ۽ مسلمانن جي آبادي جهڙيءَ طرح هندن سان گڏ پوري هندستان ۾ پکڙيل هئي. مسلمانن کي گهرجي ته انقلاب جي هر ڪوشش ۾ هندن کي گڏ کڻن ۽ ڪنهن به سياسي جدوجهد جي ذميواري اڪيلي سر پنهنجي ڪلهن تي نه رکن. مولانا جي ان نظريي جي مطابق، سندس شاگرد مولانا عبيدالله سنڌيءَ، هندستان ۾ انقلابي قومي حڪومت جو نقشو تيار ڪيو. راجا مهندر پرتاب کي ان حڪومت جو صدر، مولانا برڪت الله ڀوپاليءَ کي وزيراعظم، مولانا محمود حسن کي وزير دفاع ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد ميان منصور انصاريءَ کي وزير داخله ۽ خارجه جا عهدا ڏنا ويا.
    مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو خيال هو ته انقلاب لاءِ قيادت تيار ڪجي. ان لاءِ پاڻ هڪ مدرسو دهليءَ ۾ کولايائون پر مولانا محمودالحسن کين افغانستان موڪلي ڇڏيو ته جيئن مولانا اتي جي حڪومت جي حمايت حاصل ڪري. ان جي باري ۾ هڪ روايت ٻي به آهي. اسان جي هڪ عزيز جيڪو انهن ڏينهن ۾ مولانا آزاد جو تروسي جوڳو ماڻهو هيو، مون کي ٻڌايو ته هن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي دهليءَ ۾ مولانا آزاد جو هي پيغام پهچايو هو ته سندس گرفتاريءَ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري پاڻ نڪري وڃي. هيءَ ڳالهه وڌيڪ صحيح ان ڪري به معلوم ٿئي ٿي جو مولانا عبيدالله سنڌي دهليءَ مان ڀڄي، ڪجهه ڏينهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ روپوش هيو (ٻئي ڳالهيون صحيح آهن مولانا جي سرگرمين جي ڪري گرفتاريءَ جون سرگرميون هڪ پاسي هيون ته ٻئي پاسي مٿين مشن لاءِ سندس استاد افغانستان وڃڻ لاءِ کين حڪم ڪيو هو، جنهن جو ذڪر مولانا پاڻ ڪيو آهي. سنڌيڪار) بهرحال مولانا افغانستان پهچي ويو ۽ مولانا محمود حسن جي ٻڌايل نقشي تي ڪم ڪندو رهيو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر (مختيار احمد) انصاري مرحوم جيڪو تمام وڏو ڊاڪٽر هجڻ ڪري اهڙيون سهولتون رکندو هو جنهن جي ذريعي برطانوي حڪومت جي ڳجهن ادارن جي خبر وٺي سگهي، شيخ الهند مولانا محمود حسن کي چيو ته توهان هندستان مان جلد ٻاهر نه نڪري ويا ته گرفتار ٿي ويندؤ، تنهن ڪري شيخ الهند حجاز جي سفر جو ارادو ڪيو. سندس روانگيءَ جا انتظام به ڊاڪٽر انصاريءَ پاڻ ڪيا ۽ جڏهن حڪومت کي خبر پئي ته هو بمبئي کان روانو ٿي چڪو آهي ته حڪومت عدن هدايتون موڪليون ته کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو وڃي ۽ گرفتار ڪيو وڃي، پر ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش جي ڪري حڪومت هند جون هدايتون عدن دير سان پهتيون ۽ شيخ الهند مديني منوره پهچي ويو، پاڻ اتي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو رهيا.
    حڪومت جي تائيد حاصل ڪيائون، ڊاڪٽر انصاريءَ مديني ۾ رهائش جي خرچ لاءِ وڏي رقم پنهنجي هڪ مائٽ جي ذريعي شيخ الهند کي موڪلي. شيخ الهند چاهيو ٿي ته هو صوبي سرحد جي آزاد قبيلن تائين پهچي وڃي ۽ انهن جي فوج تيار ڪري هندستان تي حملو ڪري پر کين رستو نه مليو ۽ شريف حسين گرفتار ڪري سندس ساٿين سوڌو کين انگريزن جي حوالي ڪيو. راجا مهندر پرتاب، برڪت الله ڀوپالي جاپان، جرمني، افغانستان گهمندا رهيا ۽ انگريزن جي خلاف ڪم ڪندا رهيا، جيستائين آمريڪا جي مدد سان انگريزن، ترڪن ۽ جرمنن کي پوري شڪست نه ڏني. مولانا آزاد، ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان ٽيئي شيخ الهند جي انهن ڪوششن ۾ سندن معاون ۽ مددگار هيا. مولانا سنڌيءَ افغانستان ۾ نيشنل ڪانگريس جي (پرڏيهي) شاخ قائم ڪئي ته ان وقت ڊاڪٽر انصاري، انڊين نيشنل ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هيو ۽ انهن جي ڪوشش سان گيا، ڪانگريس ۾ افغانستان جي ڪانگريس جو الحاق منظور ڪيو ويو هو، هيءَ به هڪ روايت آهي ته آزاد قبيلن جي ٻن ٽولن کي شيخ الهند جي خواهش تي خان غفار خان ۽ حاجي ترنگ زئيءَ متحد ڪري ڇڏيو هو.(سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)


    امام انقلاب جون الهامي ڳالهيون : مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي

    ڪنهن قوم يا ملڪ جي معاملات ۽ مسائل تي جيڪي ماڻهو غور ڪن ٿا ۽ انهن جي منجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اُهي ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪ اهي جي مشڪلات ۽ معاملات جو حل سوسائٽي ماحول جي عام قانونن ۽ رواجي رسمن جي حدن اندر رهي ڪري سوچيندا آهن ۽ انهيءَ ڪري انهن جي زبان ۽ قلم سان ڪڏهن به اهڙي فڪر جو ظهور نٿو ٿئي جو ماڻهن جي عام مذهبي عقيدن ۽ قومي فڪرن جي دنيا ۾ ڪو انقلاب ۽ هنگامو پيدا ڪن. انهيءَ قسم جا حضرات سچ پچ غالب جي هن شعر جو مصداق هوندا آهن.
    ہیں اہل خرد کس روش خاص پہ نازاں
    پاستگی رسم ورہ عام بہت ہے
    انهن کانسواءِ مفڪرن جو هڪ ٽولو هوندو آهي، جو انقلابي ذهن سان انهن مسئلن جو حل سوچيندو آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ حل ۾ ڪن پراڻين رسمن ۽ رواجن جي ڪري ڪو صدمو به پهچندو اٿن ته انهيءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪندا آهن ۽ هر حال پنهنجي ماضيءَ جو قدرتي ۽ طبعي نتيجو هوندو آهي. انهيءَ ڪري هو مفڪر ماضيءَ جو مطالعو بي تعصبيءَ سان ڪندا آهن ۽ انهيءَ مطالعي جي ذريعي سان ڇنڊڇاڻ ڪري هڪڙا اصول متعين ڪندا آهن. وري انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ حال ۽ انهيءَ کان وڌيڪ مستقبل جي معاملات ۽ مسئلن تي نظر ڪندا آهن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهي مفڪر هي معلوم ڪندا آهن ته ماضيءَ جو اصل بنياد ڇا آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪي اهڙيون شيون آهن جي موسمي تغيرات وانگي ڪنهن خاص خارجي سببن ڪري پيدا ٿينديون آهن، وري اهڙي مفڪر ۾ اهڙي جرئت ۽ بهادري هوندي آهي جو وڻ جون بيڪار ٽاريون وڍي اڇلائي ڇڏيندو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي حقيقت شناسي ۽ خدا پرستيءَ جي چهري سان رسم پرستيءَ جا داغ ميٽي ڇڏيندو آهي. انهيءَ جي طبيعت جي هي رفتار ۽ انهيءَ جي فڪر جو هي طريقو هن کي اهڙو روشن دماغ، عالي حوصلي ۽ ڊگهي نظر وارو بڻائي ڇڏي ٿو، جو حالتن جي بدلجڻ سان هن جو فڪر به بدلبو رهي ٿو، هن جي طبيعت ۾ جمود پيدا نٿو ٿئي، هن جو ذهن رجعت پسندي جي عيب کان پاڪ هوندو آهي، هو پراڻي لڪير جو فقير نه ٿيندو آهي، بلڪه انهيءَ جو مثال حڪيم حاذق جو هوندو آهي جو مرض جي نوعيت ۽ موسم جي اثرن بدلجڻ سان نسخي جي جزئن ۾ به ترميم ۽ ڪمي بيشي ڪندو آهي ۽ هر مرض لاءِ هڪ ئي نسخو ۽ هڪ ئي دوا تجويز نه ڪندو آهي. انهيءَ ٻئي قسم جو مفڪر ئي حقيقت ۾ انقلابي مفڪر هوندو آهي ۽ پهرئين قسم جي مفڪر کي رجعت پسند چيو ويندو آهي. هندستان جي موجوده تاريخ ۾ انهيءَ ٻئي قسم جو انقلابي مفڪر ”مولانا عبيدالله سنڌي“ ئي انقلابي مفڪر هو. انهيءَ کانسواءِ انهيءَ دور ۾ جيترا مسلمان سمجهدار ۽ عاقل ٿيا اُهي پنهنجي علمي ۽ عملي ڪمالن ۽ وصفن ڪري خواهه ڪيترو ئي تعظيم ۽ احترام جا لائق هجن پر افسوس آهي جو انهن کي انقلابي مفڪر نٿو چئي سگهجي، جهڙي طرح هينئر عرض ڪيو ويو. جڏهن ته انقلابي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ جمود نه هوندو آهي، هو رسمن ۽ رواجن کان آزاد رهي ڪري معاملات ۽ مسئلن تي غور ۽ خوض ڪندو آهي ۽ انهن جو حل سوچيندو آهي، انهيءَ ڪري شروع ۾ ماحول سوسائٽي جي طبيعت ان جي فڪر کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي آهي ۽ رجعت پسند ۽ قدامت پسند طبيعتون انهيءَ تي گار ۽ گند جو ڌوڙيو لائي ڏينديون آهن. مذهب جي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ وارا انهيءَ کي ملحد ۽ زنديق چوڻ لڳندا آهن ۽ سماجي اصطلاح ۾ هن کي آزاد خيال چيو ويندو آهي ۽ جي ماڻهو انهيءَ جي عظمت کان انڪار ڪري نه سگهندا آهن، پر ذهني جمود جي ڪري هن سان ملي به نه سگهندا آهن، اُهي ڪڏهن دٻيل لفظن ۾ ڪڏهن کليل لفظن ۾ انهيءَ کي ”مجذوب“ ۽ ”چريو“ چوڻ لڳندا آهن. اهڙي طرح مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان به اهوئي معاملو ڪيو ويو، انهيءَ جي باري ۾ چوندڙن گهڻو ئي ڪجهه چيو، هن حد تائين جو جيڪي هن سان سالن جا سال رفيق هئا ۽ مولانا جي دماغي ۽ عملي عظمت جو انڪار به نٿي ڪري سگهيا، انهن به هن کي ڪڏهن مجذوب چيو، ڪڏهن ديوانو چيو. مولانا پنهنجي انقلابيت جي ڪري اسلام جي ماضي قريب جي سڀني اسلامي مفڪرن ۾ نه صرف هڪ قومي بلڪ بين الاقوامي مفڪر جي حيثيت رکندو هو، سندس فڪر جي بنياد تي اسلام جو ڪهڙي طرح هڪ ڪامياب بين الاقوامي دستور زندگي جي حيثيت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو ۽ انهيءَ جي اثر جي ماتحت ڪهڙي طرح هڪ سهڻو نظام زندگي برپا ڪري سگهجي ٿو. هن مختصر مقالي ۾ ٻڌائڻ گهرون ٿا ته جنهن کي ماڻهن مجذوب ۽ ديوانو چيو ٿي سندس ڪجهه پيشنگويون جي انهن ماڻهن جي اڳيان ”مجذوب جي بڙ بڙ“ کان وڌيڪ حيثيت نه رکنديون هيون سي ڪيئن حرف بحرف سچيون ۽ صحيح ثابت ٿي رهيون آهن. انهن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته جي ماڻهو رجعت پسندي سان قومي ۽ ملڪي معاملات تي سوچ ويچار ڪندا آهن، انهن پنهنجن غلط منصوبن ۾ ڪيئن ناڪامي ۽ نامرادي ڏٺي ۽ انهن جي ابتڙ وسيع النظر ۽ انقلابي ذهن جي مفڪرن حالات ۽ واقعات جي اندازي لڳائڻ کانپوءِ انهن جي رفتار جي بدلجڻ سان گڏ سندن فڪر جو طريقو به بدلجي ويو.

    ٻي جنگ عظيم:
    مولانا صديءَ جي چوٿين حصي کان به زياده جلاوطني جي زندگي بسر ڪرڻ کانپوءِ سنه 1939ع هندستان پهتا. ڪراچي لٿا ۽ اتان سڌا دهليءَ ۾ ”جامعه مليه اسلاميه“ جي مهمان خاني ۾ رهيا هئا. تعلقات جي ڪري ندوة المصنفين جي دفتر ۾ به ويندا هئا، مختلف قسمن جي گفتگو فرمائيندا رهيا. هڪ ڏينهن ارشاد فرمايائون ته مونکي يقين آهي ته هڪ جنگ عظيم ڇڙڻ واري آهي، جنهن ۾ روس به شامل هوندو، اگرچه جنگي اعتبار سان فتح روس جي مقابل کي ٿيندي پر انهيءَ جنگ کانپوءِ دنيا جو نظام بلڪل بدلجي ويندو ۽ ڪميونزم کي ايترو فروغ ۽ واڌارو ٿيندو جو آئون چئي سگهان ٿو ته سياسي ۽ اقتصادي اعتبار سان حقيقت ۾ سوڀ روس جي ئي ٿيندي. مون چيو، مولانا! جرمنيءَ جو ڇا ٿيندو؟ اُها به دنيا جي عظيم الشان طاقت آهي ۽ جيڪڏهن اٽلي ۽ جاپان، روس جا حليف ۽ مقابل ٿيا ته پوءِ سڀئي گڏجي ڪري فتح حاصل ڪندا؟ مولانا پنهنجي عادت مطابق جلال ۽ جوش ۾ اچي، ٽپائيءَ تي ڌڪ هڻي فرمايو ته: ”ها جرمني! انهيءَ جيڪڏهن روس جي مخالفت ڪئي ته ختم ٿي ويندو ۽ هٽلر ۽ مسولينيءَ جو نالو نشان به باقي نه رهندو.“
    وري پڇيو ويو: مگر مولانا! آمريڪا ۽ برطانيا جو انجام ڇا ٿيندو؟ ارشاد فرمائون: آئڊيالاجي (Idialogy) جي اعتبار سان آمريڪا، برطانيا ۽ روس هڪ ٻئي جا ضد آهن ۽ انهيءَ بنا تي هي چئي نٿو سگهجي ته هي ڪي هڪٻئي جا حليف ۽ دوست ٿين يا پاڻ ۾ معاهدو ڪن پر سياسي چالبازين مان سمجهجي ٿو ته آمريڪا ۽ برطانيا کي روس تي زيادتي آهي. انهيءَ ڪري هيءَ به ڳالهه پري ناهي جو اهي ٻئي روس کي پاڻ سان ملائي ڇڏين ۽ اهڙي طرح انهيءَ جي مدد سان جرمنيءَ جو خاتمو ڪن. انهيءَ سان گڏ فرمايائون ته هڪ ڳالهه ٻي به اوهان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. اها هيءَ ته اٽلي ۽ جرمنيءَ جو نظام زورآوري (ڊڪٽيٽر شپ) تي آهي ۽ آمريڪا ۽ برطانيا جو نظام جمهوريت تي آهي. جيڪڏهن اها جمهوريت سرمائيدارانه آهي، پر زورآوري جي مقابلي ۾ چڱي آهي، روس جو نظام ڪميونزم آهي جو آئيندي هلي ڪري تاريخ ۽ وقت جي طبعي خواهش جي ڪري ساري دنيا جو نظام بڻجڻ وارو آهي. انهيءَ ڪري هئڻ ته هي گهرجي ته پهرين زورآوريءَ جي نظام کي ختم ڪجي جو انهن ٽنهي ۾ خراب نظام آهي، انهيءَ کانپوءِ سرمائيدارانه جمهوريت ۽ ڪميونزم ۾ جنگ ٿيندي ۽ انهيءَ جو هي نتيجو نڪرندو ته جيڪو صلاحيت وارو ۽ سهڻو نظام هوندو اهوئي باقي رهندو ۽ انهيءَ جو مقابل ختم ٿي ويندو. هيءَ گفتگو عصر ۽ مغرب جي وچ ۾ چانهه کان پوءِ ٿي رهي هئي جو ٿوري دير ۾ سڀڪو روانو ٿي ويو. ان کانپوءِ ٻن ٽن مهينن ۾ جنگ شروع ٿي. جرمني جون فوجون طوفاني مينهن ۽ وڄن وانگي اڳتي وڌي رهيون هيون. مشرقي يورپ جي جنهن ملڪ ڏانهن رخ ٿي ڪيائون اهو ملڪ مقابلي جو تاب جهلي نه ٿي سگهيو ۽ جرمن فوجن جي قدمن تي ڪرندا ويا. صبح جو هڪ ملڪ جو وارو هو ته شام جو ٻئي جو وارو، دنيا جي ٻچي ٻچي جي دل تي هٽلر جي عظمت ۽ انهيءَ جي شڪست نه کائيندڙ طاقت جو سڪو ويٺل هو. سومر 22 جون 1941ع جي آچر ڏينهن صبح جو ٽي لڳي ڏهن منٽن تي پاڻ پنهنجي ۽ نازي فاشزم جي موت جي دستاويز تي دستخط ڪيو ۽ سويت روس جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري انهيءَ جي دل کي ڏڪائي ڇڏيو. دنيا جا وڏا وڏا سياسي مفڪر ۽ فوجي ماهر انهيءَ وقت جرمني جي طاقت کان ڪيتري قدر مرعوب ٿي چڪا هئا، انهيءَ جو اندازو هن مان ٿي سگهي ٿو جو 25 جون ”نيوزڪر ونيڪل“ اخبار آمريڪا جي مشهور فوجي ماهر فيلڊنگ ايسٽ جو هڪ بيان شايع ڪيو، جنهن ۾ هن وڏي ڀروسي سان چيو ته سوويت روس جي فوجي ۽ فضائي طاقت جيڪا آهي اها مونکي معلوم آهي، پر انهيءَ جي ڪري هي اُميد نٿي رکي سگهجي ته ڪو روس جو سرخ فوج جرمني فوجن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري سگهندي. وري انهيءَ اخبار ساڳئي صفحي تي هڪ ليڊنگ آرٽيڪل ڏنو آهي، انهيءَ ۾ لکيو ويو ته ”جرمنيءَ جي مقابلي ۾ روس جي شڪست يقيني آهي، هي جنگ گهڻي ۾ گهڻو سياري جي موسم ۾ هلندي“ ۽ فوجي ماهرن کانسواءِ انگلينڊ جي به عام راءِ اهائي هئي. ڊين آف ڪلينٽري پنهنجي مشهور ڪتاب ۾ لکي ٿو ته انگليند جي هر شخص خواهه گورنمينٽ جو آفيسر هجي يا ڪو رعيت جو ماڻهو هجي، انهيءَ جي خيال ۾ اهائي ڳالهه هئي ته سرخ فوج يقيني شڪست کائيندي ۽ سوويت يونين تباهه ۽ برباد ٿي ويندو. شروع شروع ۾ انهن ماڻهن جا اهي خيال هئا جي جرمنيءَ کان مرعوب هئا ۽ ٻئي طرف جنگ جي گهڻي مدت هلڻ ڪري روس جي طاقت ۾ جا غلط فهمي هئي سان صحيح ثابت ٿي. هن ڪري جو جرمني روس جي علائقن کي ختم ڪندو اڳتي تيزيءَ سان وڌندو رهيو تان جو 6 آڪٽوبر 1941ع ۾ جرمن فوجن اچي ماسڪو جي دروازي کي کڙڪايو ۽ ماسڪو جي گورنمينٽ کي اتان ڇڏڻو پيو.
    انهن ڏينهن جو ذڪر آهي ته مولانا سنڌي ”برهان“ رسالي جي دفتر ۾ آيا ۽ مون عرض ڪيو ته حضرت! توهان جو هي خيال صحيح نڪتو جو آمريڪا ۽ برطانيا جي چالبازي ڪامياب ٿي جو انهيءَ روس کي به آڻي جرمنيءَ جي مقابلي لاءِ کڙو ڪيو پرجيڪي روس جي طاقت جي باري ۾ توهان جو چڱو گمان هو، اهو ته واقعات جي روشنيءَ ۾ غلط ثابت ٿي رهيو آهي. سرخ فوجون هر مورچي تي هارائي رهيون آهن ۽ جرمني فوجون هنن جي علائقن کي لتاڙينديون اڳتي وڌنديون وڃن! مولانا کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي مشاهدي ۽ اکين ڏٺي حقيقت تي ڀروسو هو، تنهن هي ٻڌندي ئي شينهن وانگي جوش ۾ اچي فرمائڻ لڳو ته ”اوهين بڪواس ڪريو ٿا، پاڻهي ڏسندؤ ته روس جي شڪست هرگز نه ٿيندي ويچاري غريب هٽلر کي يا ڪنهن ٻئي کي به خبر نه آهي ته روس جي فوج ڪٿي آهي ۽ ڪيتري آهي؟ سائبيريا جي پهاڙن ۾ غارون آهن جن جي ڪنهن کي هوا به نه لڳي آهي، هي هار ته هڪ چال آهي ۽ هيءَ هڪ روس جو جنگي طريقو آهي. جرمني فوجون اسٽالن گراڊ تائين وڌنديون وينديون پروري اتان انهن کي تباهه ۽ برباد ٿي موٽڻو پوندو، جي سڌو برلن ۾ وڃي پگهر ٺارينديون ۽ اتي هٽلر ۽ انهيءَ جي حڪومت جي موت جي آخري رسم به ادا ٿي ويندي.“ مولانا هي لفظ اهڙي زور ۽ جوش خروش سان فرمايا، جو اسين سڀ ٻڌي ماٺ ٿي وياسون، پر دل ۾ چئي رهيا هئاسون ته مولانا کي خواهه مخواهه واقعات ۽ حقيقتن جي خلاف ضد آهي ۽ پنهنجي راءِ جي اڳيان ڪنهن جي راءِ ٻڌي ئي نٿو.
    معلوم هئڻ گهرجي ته مولانا جو هيءُ ارشاد جيڪو ڪنهن وحي يا الهام تي مبني نه هو بلڪه هن جو بنياد هڪ گهري مشاهدي جي قوت ۽ عميق بصيرت هئي، ڪهڙي طرح صحيح ۽ سچ ثابت ٿيو! جيڪڏهن مولانا انگلينڊ يا آمريڪا ۾ هجي ها ۽ اتي هي بيان شايع ٿئي ها ته هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سياسي مفڪر جي حيثيت ۾ مولانا جو رتبو لائڊ جارج ۽ ٻين کان مٿانهون تسليم ڪيو وڃي ها.


    امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي حاضري ۾ : مولانا حڪيم محمد معاذ

    هيءَ ڳالهه 1319 هجري جي آهي جڏهن آئون 7 سالن جو هوس ۽ مون کي چڱيءَ طرح يادگيري به نه آهي. جڏهن بابا مرحوم مون کي مولانا مرحوم جي حاضريءَ ۾ ڇڏي ويو هو. اهو زمانو هو جڏهن مولانا مرحوم مدرسه دارالرشاد پير جهنڊو تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد ۾ جاري ڪيو هو. اهو مدرسو حضرت پير صاحب خلافت ڌڻي مرحوم جي نوازش سان جاري ٿيو. جيئن ته پير صاحب مرحوم سنڌ ۾ سياسي تحريڪ خلافت ۾ زبردست حصو ورتو هو، ان ڪري جماعت ان مرد مجاهد کي خلافت ڌڻي جي نالي سان سڏيندي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي، مذهبي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ ۾ حضرت مولانا سنڌي جو هٿ آهي ته ان وقت اسان حضرت پير صاحب مرحوم خلافت ڌڻي کي وساري نٿا سگهون. 1919ع ۽ 1920ع ۾ جڏهن سنڌ جي مسلمانن ۾ جهالت جو دور دوره هو ۽ اهڙي وقت ۾ سنڌ جو هڪ وڏو پير سنڌ جي سياست ۾ پهچي هزارين مريدن سان حصو وٺي ان تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن اوترو ٿورو آهي، ان ڪري آءٌ سنڌ جي مسلمانن خاص ڪري حضرت پير صاحب مرحوم جي معتقدن کي عرض ڪندس ته حضرت پير صاحب مرحوم جي وفات جو ڏينهن به يادگيريءَ طور ملهايو وڃي. خير اهو ذڪر به ڏاڍو ضروري هو ان ڪري اچي ويو. آءٌ ننڍو هوس ابتدائي تعليم حاصل ڪندو هوس، پورو شعور به ڪو نه هو ٿوري عرصي ۾ ابتدائي تعليم ختم ڪري عربي جي ثانوي تعليم ۾ داخل ٿيس، اتي حضرت مولانا کي به ڏسڻ لڳس. مون کي مولانا سان ڪو تعلق نه هو. ابتدائي ڪتاب پڙهندو هوس پر اهو معلوم هو ته مولانا کي ”وڏو مولوي صاحب“ ڪري سڏيندا هئاسون. 7-8 مدرس هئا ان ۾ مهتمم صاحب حضرت مولانا هئا. تقريباً ننڍا وڏا 300 کن شاگرد هئا. حضرت مولانا گهڻو ڪري هر شاگرد ننڍي وڏي کي سڃاڻندا هئا. مولانا جي ان وقت ڦوهه جواني هئي. سفيد ۽ منور چهرو، ڪاري ڊگهي ڏاڙهي، وڏيون ۽ پررعب اکيون، بارعب چهرو. فقط هڪ وڏو ڪڙتو ۽ ننڍي شلوار، مٿي تي ٻه ٽي هٿ پٽڪو هميشه سوچيندڙ ۽ غور ڪندڙ معلوم ٿيندا هئا. سڄو ڏينهن تعليم جي خيال ۽ مدرسي جي نظام ۾ مشغول هوندا هئا. قرآن شريف جو ترجمو ۽ حديث شريف جا ڪتاب ۽ حجة الله البالغه جو پڙهائڻ سندن محبوب ترين مشغلو هوندو هو. سندن رهڻ جو ڪمرو بلڪل ننڍو ۽ سوڙهو هو. ڪمري ۾ هڪ تڏو ۽ چٽائي، کٽ ۽ وڪيل، پئسا اخبار ۽ وطن اخبارن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا. شاگردن جي تعليم تربيت اخلاق، آداب کائڻ ۽ پيئڻ جو وڏو خيال رکندا هئا. ايڏو مدرسو هڪ گهر معلوم ٿيندو هو ۽ ايئن پيو معلوم ٿيندو هو ته ان گهر جو ابو اهو ”وڏو مولوي صاحب“ آهي. مدرسي جي يتيمن تي خاص نظر ڪندا هئا، مدرسي جا يتيم ايئن سمجهندا هئا ته اسان جو ابو جيئرو آهي. مدرسي ۾ عربي تعليم لاءِ بهترين استاد مولانا پيدا ڪندو هو. انهن استادن جي هر طرح خاطري ڪندا هئا. سندن پگهار ان زماني ۾ پنجاهه رپيا هوندو هو. اهو سمورو پگهار انهن استادن ۽ يتيم شاگردن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. هفتي ۾ هڪ دفعي عربي جي شاگردن کي هڪ جاءِ تي گڏڪري قرآن شريف مان ڪنهن آيت تي تقرير ڪندا هئا ۽ اهو سلسلو سارو سال هلندو هو. مدرسي جي شاگردن کي کاڌو، ڪتاب مدرسي مان ملندا هئا. ڪيترن شاگردن کي ته ڪپڙا به ڏيندا هئا. شاگردن جي صحت ۽ صفائي جو وڏو خيال رکندا هئا. ڪڏهن تفريح لاءِ شاگردن کي سنڌو درياهه (جو هتان 3 يا 4 ميل هو) وٺي ويندا هئا. اتي پلا وغيره وٺي شاگردن کي کارائيندا هئا ۽ سڄو ڏينهن شاگرد سنڌو درياهه تي رهندا هئا. مولانا مدرسي ۾ عربي جي شاگردن لاءِ انگريزي جي تعليم شروع ڪرائي. عربي سان گڏ انگريزي جي تعليم لاءِ هڪ انگريزي ماستر مقرر ڪيل هو ۽ انگريزي کي لازمي ڪري ڇڏيائون، جنهن تي ڪيترا عربي جا طالب العلم ناراض ٿي مدرسو ڇڏي ويا پر مولانا جنهن کي هڪ دفعو جاري ڪندا هئا ته ان کي مضبوطيءَ سان هلائيندا هئا.

    حضرت مولانا جي والده:
    حضرت مولانا جي والده سک ڌرم جي هئي ۽ مذهب جي پابند هئي. سندن والده به ساڻن پير جهنڊي ۾ رهندي هئي. ان جو وڏو خيال ڪندا هئا ۽ هر طرح جي خدمت ڪندا هئا. پير جهنڊي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ هو جنهن ۾ سک گهڻا رهندا هئا. مولانا پنهنجي والده کي مهيني ۾ هفتو کن اتي ڇڏي ايندا هئا ۽ مائي اتي سکن جي ٺڪاڻي ۾ رهندي هئي. مولانا سمورو خرچ ڏئي ايندا هئا. والده جو ايڏو ته ادب رکندا هئا جو مائي ڪاوڙبي هئي ته مولانا مٿو جهڪائي ڏيندا هئا ۽ هوءَ پئي ماريندي هئي ۽ هي بندو خدا جو ماٺ ڪريو بيٺو هوندو هو. جڏهن ماري ٿڪندي هئي ته صبر سان هليو ويندو هو. ايڏو وڏو سياسي ۽ مذهبي مفڪر ۽ ايڏو وڏو ڪردار ۽ اخلاق جو مجسمو! شايد موجوده دنيا مثال پيش نه ڪري سگهي. 1916ع ڌاري حضرت مولانا مدرسي دارالرشاد مان هليا ويا ۽ دهلي ۾ وڃي ٽڪيا. اتي فتح پوري مسجد جي اترئين دروازي جي مٿان حضرت مولانا 5-6 ڪمرا ڪرائي تي ورتا. ان ۾ هڪ مدرسو نظارة المعارف قرآنيه کوليائون، ان ۾ ٻن قسمن جا طالب العلم مولانا رکيا. هڪ عالم عربي جا فاضل ۽ ٻيا گريجوئيٽ بي اي ۽ ايم اي هر هڪ طالب العلم کي پنجاهه رپيا ماهوار وظيفو ڏيندا هئا. آئون 3-4 مهينن کانپوءِ دهلي هليو ويس ۽ وڃي حضرت مولانا جي خدمت ۾ رهيس. مولانا صبح جو سوير اڃا رات پئي هوندي هئي ته سير لاءِ نڪري ويندا هئا. آئون ڊسمبر ۾ دهلي پهتو هوس. ان وقت سخت سردي هوندي هئي پر حضرت مولانا پنهنجي معمول تي سختيءَ سان پابند هوندا هئا. سير کان فارغ ٿي پوءِ درس قرآن شروع ٿيندو هو. علماءَ ۽ گريجوئيٽ پڻ شريڪ ٿيندا هئا. 4 ڪلاڪ حضرت مولانا درس ڏيندا رهندا هئا. حضرت مولانا مذهب جا سخت پابند هوندا هئا. جڏهن مدرسي دارالرشاد ۾ هوندا هئا ته ڪو به طالب العلم ٻيڙي يا حقي وغيره کي اصل ويجها نه ويندا هئا، پر ڏاڙهي به شرعي هوندي هئي. هتي نظارة المعارف قرآنيه ۾ سڀئي انگريزي خوان ڏاڙهي ڪوڙ ۽ سگريٽ پيئندڙ هوندا هئا.
    پر مولانا ڪنهن کي به سگريٽ پيئڻ کان يا ڏاڙهي ڪوڙائڻ کان منع نه ڪندا هئا. پر 15 ڏينهن کان پوءِ اهي ساڳيا ماڻهو پاڻ مرادو سگريٽ ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ڏاڙهي رکڻ لڳندا هئا. ايئن پيا ڏسڻ ۾ ايندا ته وڏا پرهيزگار ۽ مولانا آهن. مولانا جي درس قرآن ۾ شهر دهلي جا ڪيترا علماءَ ۽ اڪابر به شريڪ ٿيندا هئا. اهو وقت هو جو هندستان جي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيڻ لڳو هو. دهلي ۾ رئيس الاحرار مولانا محمد علي مرحوم همدرد ۽ ڪامريڊ اخبار ڪڍندا هئا. ڊاڪٽر انصاري مرحوم ۽ مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان مرحوم اهي مسلمانن جا رهنما پنهنجي نوع ۾ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪري رهيا هئا. اهي رهنما ته مولانا سان ملندا رهندا هئا. 1857ع کان پوءِ هي پهريون دور هو جو مسلمانن ۾ سياسي بيداري اچڻ لڳي هئي ۽ انگريزن جي برخلاف کلم کلا بغاوت جو سلسلو شروع ٿيو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد جي الهلال ۽ مولانا محمد علي مرحوم جي همدرد ۽ ڪامريڊ قلمي جهاد شروع ڪيو هو ۽ مسلمان غلام هئڻ کي محسوس ڪرڻ لڳا هئا ۽ چوڻ لڳا ته غلامي کان نجات ڪيئن حاصل ڪجي. هيڏانهن مولانا سنڌي مرحوم جو درس قرآن جنهن ۾ علماءِ ۽ انگريزي خواندن جو وڏو انگ جو شريڪ هو، اها مذهبي رنگ ۾ قرآني تعليم ۽ ان سان گڏ قرآني سياست اهي ٻئي طبقا حاصل ڪري رهيا هئا. گويا ڪه علي ڳڙهه ۽ ديوبند ٻئي گڏجي مسلمانن جي رهنمائي لاءِ حقيقي ماڻهو پيدا ڪري رهيا هئا. مولانا سنڌي مرحوم جي درس ۾ هاڻي ته تمام وسعت پيدا ٿي چڪي هئي ۽ گريجوئيٽ طبقو ڪثرت سان شريڪ ٿيڻ لڳو هو، ان سان سي آءِ ڊي جو به چڱو تعداد اچي شريڪ ٿيو هو ۽ ٿوري وقت ۾ مولانا معلوم ڪري ويندا هئا ته هي صاحب سي آءِ ڊي سان تعلق رکندڙ آهي، پر مولانا صاحب ان سان پاڻ محبت سان پيش ايندا هئا ۽ هنن کي به ساڳيو وظيفو ملندو پر هنن جي طبيعت ۾ ڪو به ڦيرو ڪو نه ايندو هو. نظارة المعارف قرآنيه دهلي جا خاص پراڻا حضرت مولانا جا شاگرد مولانا شائق احمد نعماني ايڊيٽر اخبار عصر جديد ۽ حڪيم مولوي فضل الرحمان صاحب هاڻي ڪراچيءَ ۾ موجود آهن، ان دور ۾ جڏهن انگريز سامراج جي برخلاف چپ چورڻ گناهه سمجهيو ويندو هو، اهڙي وقت حضرت مولانا سنڌي وائسراءِ جي تخت گاهه دهليءَ ۾ مسلمانن ۾ قرآني درس شروع ڪيو جو سراسر سياسي بيداري جي شروعات هئي ۽ انگريز سامراج اهو معلوم ڪري ڇڏيو هو ته اهو قرآني درس جنهن ۾ جهاد جو سبق مسلمانن کي ڏنو وڃي ٿو، جتي حجة الله البالغه حضرت شاهه ولي الله صاحب جو صحيح مفهوم مسلمانن کي سمجهايو وڃي ٿو. انگريز بخوبي معلوم ڪرڻ لڳو ته اهو قرآني درس انگريز سامراج جي حڪومت لاءِ ضرور خاتمو آڻيندو. ان ڪري انگريز جي نظر ان طرف زياده ٿيڻ لڳي پر مولانا صاحب به ان فرصت کي غنيمت سمجهي وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳا. صبح جو درس قرآن هوندو هو ته هفتي ۾ 2 ڀيرا ضرور ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن صاحب قبله جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ حضرت مولانا سنڌي فرمائيندا هئا ته دهلي ۾ سندس قيام حضرت شيخ الهند مرحوم جي ارشاد موجب آهي. حضرت مولانا جي ان محنت ۽ زعماء هند جي مسلمانن جي ڪوشش جو نتيجو اڳتي هلي تحريڪ خلافت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، پر حضرت مولانا ان خلافت هلچل کان اڳ ۾ افغانستان هجرت ڪري چڪا هئا. اها هجرت به حضرت شيخ الهند مرحوم جي حڪم موجب هئي. ڇو ته هڪ دفعي مڪي معظمه جي حرم شريف ۾ جتي مولانا هميشه عصر نماز کان پوءِ مالڪي مصلي وٽ ويهندا هئا ۽ هميشه سندن حلقي ۾ سوين ماڻهو موجود هوندا هئا، ان موقعي تي مولانا صاحب مدرسه عاليه ڪلڪته به موجود هئا جو حضرت مولانا سنڌي جو همعصر هو. مولانا سنڌي فرمائڻ لڳا ته حضرت شيخ الهند مرحوم ٻه دفعا فرمائي چڪا هئا ته ڪو ماڻهو هجي جو افغانستان هليو وڃي، مولانا صاحب ان مجلس ۾ فرمايو ته ٽئي دفعي مون سمجهيو ته جيڪڏهن حضرت شيخ الهند مرحوم جي حڪم جي تعميل نه ڪيم ته شايد ڪفر جي حد کي وڃي رسبو، ان ڪري اسان هندستان کي خيرباد چئي افغانستان هجرت ڪري وياسون. 1926ع جولاءِ ۾ حج گذرڻ بعد حضرت مولانا يورپ مان مڪي معظمه ۾ پهتا هئا. مولانا 12 سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪو به تعلق ڪو نه هو. نه وري مولانا صاحب ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي. مولانا اتي ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا ۽ هميشه جيئن متو ڪلانه زندگي بسر ڪندا هئا، اتي به ايئن رهندا هئا، ڪيترا دنيا اسلام جا علما ۽ هندستان جا انگريزي خوان قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪه معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماءَ ڪرام جي جامعه ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا، جيئن ته روس جو مولانا علامه موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيا ته مولانا جو قرآن حڪيم جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيا ۽ مولانا کان درس ورتائون تازو ان تفسير جو هڪ پاره به الهام الرحمان في تفسير القرآن اداره بيت الحڪمت ڪراچي پاران سنڌي زبان ۾ شايع ٿيو آهي.
    اهو تفسير قرآن علامه موسيٰ جار الله عربيءَ ۾ مولانا سنڌي مرحوم کان حاصل ڪيو هو. ان قسم جو هاڻي سنڌيءَ ۾ پهريون پاره سوره بقره جو شايع ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي مسلمانن بيت الحڪمت وارن جي مدد ڪئي ۽ سيپاره خريد ڪيائون ته آهستي آهستي سڄو تفسير القرآن حضرت علامه سنڌيءَ جو شايع ٿي ويندو، ان مان سنڌ جي مسلمانن ۾ سچو اسلامي ۽ سياسي شعور پيدا ٿي پوندو. ڪابل جي رهڻ جي وقت ۾ استقلال افغانستان مولانا مرحوم جي فڪر ۽ محنت جو نتيجو هو. اوهان ”سلڪ ليٽرس“ ٻڌا هوندا جنهن هندستان کان ٻاهر رهي هندستان جي آزاديءَ جو لاتعداد عمل هو اهي به مولانا جي فڪر جا نتيجا هئا. مطلب ته ملڪ کان ٻاهر رهي سمورو وقت حضرت علامه سنڌي هندستان ۽ مسلم دنيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ گذاريو ۽ ملڪ کان ٻاهر رهي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. مطلب ته دنياءِ اسلام جو هي وڏو مفڪر ۽ قرآن حڪيم جو وڏو عالم پنهنجي زندگي قوم ۽ وطن ۽ قرآن حڪيم جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئائون. هن وڏي انسان پنهنجي سڄي زندگي ۾ نه گهر ٺاهيو، نه در، نه وري ڪا ملڪيت. سندن ملڪيت فقط هڪ قميص ۽ سٿڻ هئي. اسان کين ڪڏهن بسترو به ڪو نه ڏٺو. الله اڪبر اهي وصفون اولياءَ الله ۽ نبين جون آهن. موجوده دور ۾ اوهان ڪنهن رهنما ۽ ليڊر ۾ اهي صفتون نه ڏسندا. اڄ به مسلمان سندن زندگيءَ مان سبق سکن ته دين ۽ دنيا جي ترقي ڪري سگهن ٿا.
    1939ع جي شروعات ۾ مولانا مرحوم سنڌ جي ليڊرن جي ڪوشش سان سنڌ ۾ اچي ويا. ان وقت مولانا پوڙها ٿي ويا هئا. مسلسل 30 سال سفر جي تڪليفن کين ضعيف ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به سندن فڪر جوان هو ۽ همت عالي هئي ۽ وطن جي خدمت جو جذبو ڀرپور هو. اهوئي سبب هو جو مولانا ان پيرانه سالي ۾ ڪڏهن ڪلڪتي ته ڪڏهن مدراس ته ڪڏهن احمد آباد ته ڪڏهن دهلي ته ڪڏهن لاهور گهر گهر آزادي جو پيغام پهچائيندا رهيا.
    ۽ اهوئي سبب هو جو ان پيرانه سالي ۾ سفر ۽ ان سان گڏ ڪا به سهوليت ڪا نه، نه کائڻ جو بندوبست نه رهڻ جو. روز بروز ضعف وڌندو ويو پر مولانا صبر ڪري نه ويٺا ۽ ايئن فرمائيندا هئا ته اسان جو وقت ختم ٿيڻ تي آهي، ان ڪري هي فرض آهي ته وقت کي غنيمت ڄاڻي آزادي جو پيغام گهر گهر پهچايو وڃي پر افسوس جو قوم اهڙن مخلصن کي تمام گهٽ ٻڌندي آهي. اڄ به قوم جيڪڏهن هن مخلص جي پيغام تي عمل ڪري ته ان ۾ قوم جي ترقي ۽ بهبودي جو راز سمايل آهي.


    مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان چار ڏينهن گڏ : مولانا محمد منظور نعماني/سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي

    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه پنهنجي استاد ۽ مربي حضرت شيخ الهند جي خفيه سياسي مشن تي ۽ سندن ئي حڪم تي 1915ع ۾ يعني پهرين عالمگير جنگ جي شروعاتي دور ۾ ڪابل هليو ويو هو. پوءِ ان وقت جي حڪومت هند کيس جلاوطن قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اٽڪل 25 سالن تائين هو هندستان واپس اچي نه سگهيو. مون کيس اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو پر پنهنجي استادن کان ان جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌندو رهندو هيس، ان ئي بنياد تي هڪ جليل القدر عالم ۽ وڏي مجاهد جي حيثيت سان دل ۾ ان جي وڏي عظمت ۽ عزت سبب زيارت جي وڏي تمنا هئي.
    1937ع ۾ جڏهن انڊيا ايڪٽ 1935ع جي تحت ملڪ جي سڀني صوبن ۾ قومي حڪومتون قائم ٿيون ته مولانا سنڌي کي هندستان موٽڻ جي اجازت ملي، پاڻ 1939ع ۾ آيو هو. اچڻ سان ان ڪجهه اخبارن ۾ بيان ڏنا، جيڪي اسان جهڙن کي هضم ٿي نه سگهيا ۽ اسان محسوس ڪيو ته مولانا تمام گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي. ان ئي زماني ۾ هڪ جلسي جي صدر جي حيثيت سان جيڪو ان خطبو ڏنو ۽ ان ۾ جيڪا رهنمائي ڪئي،خود جمعيت العلماءِ وارن ان کي قبول ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي معذور سمجهيو ۽ جيتريقدر مونکي ياد آهي ته ان کانپوءِ جمعيت جي ڪنهن به اجلاس ۾ مولانا صدارت نه ڪئي. انهن ڳالهين جي ڪري سندن اها علمي ۽ ديني عظمت منهنجي دل مان بلڪل نڪري ويئي، جيڪا 20 سالن کان قائم هئي پر اڃا به هڪ طرح جي دوري ۽ نفرت پيدا ٿي پئي. هي حال اڪيلي منهنجو نه هو. اسان جي عام ديني حلقي جو به اهوئي حال هو. ايتري تائين جو حضرت مولانا سيد حسين احمد مدني ؓکي دارالعلوم ديوبند جي صدر ۽ ديوبند جي جماعت جي اڳواڻ جي حيثيت سان هڪ وضاحتي بيان شايع ڪرائڻو پيو، جنهن ۾ مولانا سنڌي جي عزت ۽ ان جي قربانين جو اعتراف ڪندي ساڻس انهن ڳالهين ۾ پنهنجو هم خيال نه هئڻ ظاهر ڪيو ويو هو ۽ ٻڌايو ويو هو ته مولانا جي هيءَ ذهني ڪيفيت هنن سببن جي ڪري آهي.
    ان ئي زماني ۾ مون پنهنجي ماهوار رسالي ”الفرقان“ جو (جيڪو ان وقت بريلي مان نڪرندو هو.) ”شاهه ولي الله نمبر“ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حضرت مولانا عبيدالله سنڌي جيئن ته پنهنجي زندگيءَ جي احوال ۽ نظرين جي سلسلي ۾ حضرت شاهه ولي الله ؓجو نالو تمام گهڻو استعمال ڪندو هو ۽ پنهنجي فڪر جو ماخذ ان جي ئي فلسفي کي ٻڌائيندو هو، ان ڪري مون ساڻس مراد آباد جي هڪ ملاقات ۾ کيس حضرت شاهه ولي الله رحمت الله عليه تي هڪ مقالي لکڻ جي درخواست ڪئي، جا مولانا منظور ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نوي صفحن جو اهو مقالو موڪلي ڏنو، جيڪو شاهه ولي الله نمبر ۾ ۽ ان کانپوءِ ڪتابي شڪل ۾ به شايع ٿي چڪو آهي جيڪو بلاشڪ مولانا جو شاهڪار آهي. مولانا سيد سليمان ندوي ان مقالي کي شاهه ولي الله نمبر ۾ پڙهي ڪري ان ئي زماني ۾ لکيو هو ته هن مقالي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مولانا سنڌي جي نظر شاهه ولي الله رحمت الله عليهه جي علمن تي ڪيتري قدر گهري آهي ۽ حڪمت الاهي جي معرفت ۾ ان جو مقام ڪيترو بلند آهي.
    مولانا صاحب پنهنجي ان مقالي ۾ انهن ڳالهين کي بلڪل نه ڇهيو هو، جن کي پاڻ شاهه صاحب جو نالو کڻي ۽ ان جي فلسفي جو حوالو ڏئي نيشنل ازم ۽ وطنيت جي نظريي جي سلسلي ۾ ان زماني ۾ بيان ڪندو هو، جنهن کان اسان جهڙن کي سخت نفرت ٿيندي هئي.
    ان مقالي جي مطالعي جو ۽ ان سلسلي ۾ مولانا سان جيڪا خط و ڪتابت ڪرڻي پيئي ان جو نتيجو هي نڪتو جو مولانا جي باري ۾ ذهن هو ته اعتراف ڪري ورتو ته سندس علم گهڻو اونهو آهي ۽ هي به اندازو ٿيو ته اهو عوامي ۽ اخباري بيانن ۾ جديد طبقي کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان لاءِ لفظن ۽ تعبيرن ۾ تمام گهڻو اڳتي هليو ويندو آهي، پر ان سلسلي جي انهن ڳالهين ۽ بيانن جي ڪري جيڪا ڪاوڙ ۽ نفرت دل ۾ پيدا ٿي چڪي هئي، اها گهڻو گهٽجي وئي. 1941ع ۾ راندير ضلعي سورت ۾ هڪ ديني مدرسي جي دعوت تي جلسي ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي پهچڻ کانپوءِ خبر پيئي ته حضرت مولانا عبيدالله سنڌي به جلسي ۾ مدعو آهن ۽ ٿوريءَ ئي دير ۾ اچڻ وارا آهن. ٻه ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته مولانا پهچي ويو. اسان ٻنهي جي رهڻ جو انتظام هڪ ئي ڪمري ۾ هو. جلسو ته فقط هڪ ئي ڏينهن جو هو پر راندير جي عالمن ۽ معززن سان اسان جي جماعت ديوبند ۽ ان جي اڪابرن جا جيڪي پراڻا تعلقات آهن، ان جي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان ٻنهي کي اتي رهڻو پيو. پهرين ئي رات جو هي واقعو پيش آيو ته سومهڻيءَ جو ڪافي دير تائين هتي جي رهاڪن، پيارن ۽ مخلصن جون ڪچهريون هن ئي ڪمري ۾ ٿي رهيون هيون. انهن جي وڃڻ کانپوءِ اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي پلنگن ۽ پنهنجن پنهنجن بسترن تي سمهي پياسين. ڪنهن سبب جي ڪري ان رات ٿوري وقت کانپوءِ منهنجي اک کلي ته مون ڏٺو ته مولانا پنهنجي مصلي ۾ ويڙهيل هيٺ فرش تي سمهيا پيا آهن. مون خيال ڪيو ته شايد نفلن جي لاءِ سوير سوير اٿيا آهن ۽ انهن کان واندا ٿي اتي ئي سمهي پيا آهن پر مولانا رات جي آخري وقت ۾ اٿيو ۽ نفلن وغيره ۾ مشغول رهيو. ٻي رات به ساڳيو ئي واقعو پيش آيو. پوءِ ٽئين رات به ايئن ئي ٿيو. جيئن ته ڪيترا ڏينهن ۽ ڪيتريون راتيون گڏ رهڻ ڪري ڪجهه بي تڪلفي (گهرائپ) ٿي ويئي هئي ۽ سندن زندگيءَ جا ڪي پهلو سامهون اچي ويا هئا، جنهن جو انهن جي باري ۾ تصور به هئو، ان ڪري ٽئين رات جي ان تجربي ۽ مشاهدي کانپوءِ صبح جو فجر کانپوءِ مون اڪيلائي ۾ مولانا کان پڇيو ته توهان رات جو پلنگ تي سمهندا آهيو، پر انهن ٽن راتين ۾ جنهن وقت به منهنجي اک کلي مون توهان کي هيٺ فرش تي آرام ڪندي ڏٺو، اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مولانا پهريائين ته مونکي ٽارڻ چاهيو، پر جڏهن مون گهڻو زور ڀريو ته ٻڌايائين ته مون پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ڪجهه اهڙين سنگين غلطين جي ڪري، جيڪي ياد رکڻ جي لائق آهن، پنهنجي مٿان ڪجهه اهڙيون پابنديون وجهي ڇڏيون آهن، جيڪي مونکي اهي غلطيون ياد ڏيارينديون رهن. هي به فرمايائون ته انقلابين لاءِ هيءُ ضروري آهي ته اهي پنهنجي غلطين جي پنهنجو پاڻ کي سزا ڏين ۽ انهن کي ياد ڪن. انهن ئي پابندين مان هڪ هيءَ به آهي ته مان رات جو پلنگ تي نٿو سمهان. پوءِ منهنجي اصرار تي انهن غلطين ۽ پابندين جو ڪجهه تفصيل ٻڌايائون. فرمايائون ته هڪ زماني ۾ جورابن پائڻ جو مان ايترو گهڻو عادي هئس جو مئي، جون ۾ به جورابن کانسواءِ مون کي تڪليف ٿيندي هئي، پر جڏهن مون کان مشن ۾ هڪ غلطي ٿي ويئي ته مون جوراب پيرن تان لاهي ڇڏيا. وري هڪ ٻي غلطي مون کان ٿي ته مون رات جو پلنگ تي سمهڻ ڇڏي ڏنو. هتي رات جي شروعات ۾ مان ان ڪري پلنگ تي سمهي پوندو آهيان ته توهان کي پلنگ تي سمهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. جڏهن مان سمجهندو آهيان ته توهان کي ننڊ اچي ويئي آهي ته مان پنهنجي معمول مطابق هيٺ لهي سمهي پوندو آهيان.“ جيستائين مونکي ياد آهي ته انهن غلطين جو تفصيل مولانا مونکي نه ٻڌايو جنهن ڪري مولانا پنهنجي مٿان هي پابنديون وجهي ڇڏيون آهن. هائو ٽين غلطي مولانا وضاحت سان ٻڌائي. اها هيءَ ته ڪابل ۾ رهڻ دوران جڏهن افغانستان جو اقتدار امان الله خان جي هٿ ۾ هو ۽ اهو منهنجو چوڻ مڃيندو هو ته مون انگريزن جي خلاف جنگ لاءِ مٿس زور وڌو. ذاتي راءِ نه هئي. مون مٿس پنهنجي ڪوشش سان پورو پورو زور وجهي کيس مجبور ڪري ڇڏيو. آخرڪار ان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. جنگ ٿي ۽ ٽنهي محاذن تي ٿي. هڪ محاذ جي ڪمان جنرل نادر شاهه جي هٿ ۾ هئي، ٻئي محاذ تي ان جي هڪ ٻئي ڀاءُ جي هٿ ۾ ۽ ٽئين محاذ تي ان جو هڪ ننڍو ڀاءُ ولي خان ڪمانڊر هو، مان ان سان گڏ محاذ تي هئس. جنگ جو نتيجو اهو نڪتو جو جنهن محاذ تي جنرل نادر خان هو ان تي هن انگريزي فوجن کي شڪست ڏني ۽ کين تمام گهڻو نقصان پهچايو. باقي ٻنهي محاذن تي اسان کي شڪست ملي. خاص ڪري جنهن محاذ تي جنرل ولي خان سان گڏ مان هئس ان محاذ تي اسان جو وڏو نقصان ٿيو ۽ جنگ جي مجموعي نتيجي ۾ افغانستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ مان ان سڄي نقصان جو ذميوار پنهنجو پاڻ کي قرار ڏيان ٿو، ڇو ته مون جنگ ڪرڻ لاءِ زور ڀريوهو. پنهنجي ان غلطيءَ کي ياد رکڻ لاءِ ان ڏينهن کان مون ٽوپي مٿي تان لاهي ڇڏي. (مولانا هر وقت مٿي اگهاڙو هوندو هو. نماز به عام طور تي اهڙي طرح پڙهندو هو) هي جنرل ولي خان جنهن سان گڏ مولانا جنگ جي محاذ تي موجود هو شاهه افغانستان ظاهر شاهه جو چاچو آهي.
    جنهن ڏينهن مولانا منهنجي اصرار تي پنهنجا هي واقعا بيان فرمايا ان ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي. مولانا مونکي فرمايو مان هندستان ۾ هڪ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو (مولانا جو مقصد سياسي ڪم هو) ڇا منهنجو ساٿ ڏيندؤ؟ مون صفائي سان عرض ڪيو. مان شايد اوهان جو ساٿ نه ڏئي سگهندس. مولانا مون کان سبب نه پچيو. مون پاڻ عرض ڪيو ته اوهان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو جيڪي اسان جهڙن جي سمجهه کان مٿانهيون هونديون آهن ۽ اسان انهن سان اتفاق نه ٿا ڪري سگهون، ان ڪري مان اوهان سان گڏ هلڻ جو واعدو نٿو ڪري سگهان. مولانا ان تي ڪجهه به نه چيو ۽ ڪجهه منٽ خاموش رهڻ کانپوءِ فرمايو: ”منهنجو اندازو آهي ته توهان آرام سان نه ويهندؤ، ڪجهه نه ڪجهه ڪندؤ، ان ڪري مان توهان کي ٻه نصيحتون ڪريان ٿو، جيڪي منهنجي سياسي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهن.“
    هڪ هيءَ ته ڪنهن اهڙي ڳالهه کي ڪڏهن به راز نه سمجهه جيڪا توکانسواءِ ڪنهن به ٻئي جي علم ۾ اچي چڪي هجي، ڀلي اهو تنهنجو ڪيڏو به خاص دوست هجي. راز بس ان وقت تائين راز آهي جيستائين سيني ۾ رهي. اسان جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب اسان جي اهائي غلطي هئي جو اسان انهن ڳالهين کي راز سمجهندا هئاسين جيڪي اسان جي سينن کان ٻاهر نڪري چڪيون هيون. بلڪل انفرادي ڪم راز نٿو ٿي سگهي. ان ڪري جيڪو ڪجهه ڪرڻو هجي، ميدان ۾ اچي ڪريو ۽ ان جي نتيجي لاءِ پوريءَ طرح تيار ٿي ڪري ڪريو.
    ٻي نصيحت توکي هي ٿو ڪريان ته ڪڏهن به ان بنياد تي نه سوچجان ته هندستان کان ٻاهر فلاڻن فلاڻن ملڪن ۾ مسلمان رهن ٿا، اهي اسلامي رشتي جي ڪري توهان جي ڪا مدد ڪري سگهندا. مدد ته پري رهي پر اهي توهان تي ايترو به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته توهان کي آزاديءَ سان پنهنجي زمين تي رهڻ جي اجازت ڏين. توهان جيڪڏهن قرآن هٿ ۾ کڻي ڪري قسم کڻي چوندؤ ته مان مسجد ۾ نماز پڙهندس ۽ ويهي ڪري الله جي ٻانهن کي قرآن جو درس ڏيندس ته اهي ان ۾ به توهان تي اعتماد نه ڪندا ۽ توهان کي ان جي آزادي نه ڏيندا.
    مولانا جي انهن نصيحتن کي راقم جي دل اهڙو قبول ڪيو جو هي ٻئي ڳالهيون عقيدي وانگر ٺهي پيون آهن ۽ 20 سالن کان تجربوان جي بيشڪ تصديق ڪري رهيو آهي.
    راندير جي ان رهڻ جي آخري ڏينهن جو واقعو آهي، هڪ مائي خير جي لاءِ دعوت ڪئي، اسان سان گڏ راندير جا گهڻو ڪري علماءِ ۽ معزز به شريڪ هئا. کائڻ کان واندا ٿياسين ته ان مائي جي طرف کان هڪ بند ٿيل لفافي ۾ مولانا کي ڪجهه هديو (سوکڙي) پيش ڪيو ويو. مولانا ان کي قبول ڪري کيسي ۾ رکي ڇڏيو. هڪ ماڻهو جيڪو يو پي جي ڪنهن مدرسي جو شايد سفير هو، اهو به دعوت ۾ شريڪ هو. ان مولانا جي سامهون ان مائيءَ جي خاص طور تي سخاوت جي تعريف شروع ڪئي. مولانا نهايت غصي ۾ اچي ڪري ان کي ڳالهايو ۽ فرمايو تون اسان کي مشرڪ ڪرڻ ٿو چاهين. اسان هي سمجهي ڪري قبول ڪندا آهيون ته الله تعاليٰ پنهنجي هڪ بندي ذريعي عطا فرمائي رهيو آهي. ڇا تون چاهين ٿو ته اسان انهن ٻانهن کي عطا ڪرڻ وارو سمجهون ۽ هي به پاڻ کي عطا ڪرڻ وارو سمجهڻ لڳن.
    ان سفر ۾ مون مولانا کي عرض ڪيو ته حضرت شيخ الهند رحمت الله عليه جي ڳجهي سياسي تحريڪ جي باري ۾ اسان مختلف ماڻهن کان تضاد واريون ڳالهيون ٻڌيون آهن. ڪنهن مستند ذريعي سان اڃا تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي. جيڪڏهن اوهان جي اصولن ۽ مصلحتن جي خلاف نه هجي ته انهن کي مان اوهان کان ٻڌڻ چاهيان ٿو. مولانا فرمايو: هاڻي ته بس اها هڪ تاريخ آهي، انشاءَالله ڪنهن موقعي تي توکي ٻڌائيندس. واپسيءَ ۾ جڏهن اسان سورت اسٽيشن کان ريل تي سوار ٿياسين ۽ اطمينان ۽ اڪيلائي جو موقعو مليو ته مولانا حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي سفر ڪابل جي باري ۾ مونکي وضاحت سان ٻڌايائون.


    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شهيد الهه بخش سومري سان تاريخي ملاقات

    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي شهيد الهه بخش سومري سان تاريخي ملاقات

    محمد امين خان کوسو

    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓجي تعليمات ۽ سندن وجود مقدس بابت عملي طرح ڪجهه ڪري ڏيکارڻ کانسواءِ ڪجهه لکڻ ۽ چوڻ آهي ته ڪمال بي ادبي پر بچشم گريان سندن وصال بعد کانئن اجازت وٺي هي چند سٽون تحرير ڪري رهيو آهيان. هيءَ رسمي تحرير نه آهي پر سنڌ جي هاڻوڪي سياست جي ڪنجي هنن چند سٽن ۾ سمايل آهي.
    مان جن اوڙاهن ۾ ڪريل هوس، جن بيمارين ۾ مبتلا هوس تن مان هن مسيحا نفس اچي شفا بخشي. مان ٻڏڻ وارو هوس ته هن ناخدا منهنجي ٻيڙيءَ کي ساحل تي رسايو. مولانا ؓبابت مان ڇا لکي ڇا لکان! هو منهنجي لاءِ خدا ۽ خدا جو رسول نه هو باقي ٻيو سڀ ڪجهه هو. جن ڏينهن ۾ مولانا سنڌي جلاوطني جي زندگي ختم ڪري واپس آيو ان وقت جي سڀني سياسي شخصيتن سان منهنجو قريبي لاڳاپو هو. ان وقت سنڌ جي حڪومت جي واڳ منهنجي يار شهيد الهه بخش جي هٿن ۾ هئي.
    الهه بخش مرحوم محض منهنجي دوستيءَ جي ڪري ڪانگريس ڏانهن مائل ٿيو، نه ته هيءُ مرد مومن ڪنهن کان به مرعوب نه هو. اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا ته الهه بخش مرحوم عهدي جي لالچ جي ڪري ڪانگريس سان ناتا ڳنڍيا هئا، اهي سياسي...........آهن. ٻڌڻ وارن لاءِ مان اهو راز ظاهر ڪريان ٿو ته شهيد الهه بخش مرحوم کي مون زبردستي وزيراعظم بڻجڻ تي راضي ڪيو هو نه ته مرحوم اهڙو ته سير چشم، فقير منش ۽ درويش هو جو وزارت عظميٰ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ها. سنڌ اڃا کيس سڃاتو ئي نه آهي. پنجن پيرن جي مرقد شڪارپور ۾ ستل الهه بخش شهيد اڄ به منتظر نگاهن سان منهنجي طرف ڏسي رهيو آهي. انهيءَ زماني ۾ ڪانگريس ۽ جمعيت العلماء سان وابسته جيڪي به عالم سڳورا هئا، تن سڀني سان منهنجي شناسائي هئي پر انهن مان ڪنهن هڪ جو به مون تي تر جيترو به اثر نه هو پر منهنجي ۽ الهه بخش مرحوم جي ياري ان وقت به عيان ۽ برملا هئي.
    انهيءَ زماني ۾ مان پنهنجي صنم پرستين ۾ گم هوس پر الحمدلله جو اهڙي حالت ۾ به آزاد اخبار ۾ جيڪا قادر بخش نظاماڻيءَ سان گڏ ڪڍندو هوس، تنهن ۾ حضرت مولانا سنڌيءَ جي واپس اچڻ لاءِ مضمون لکندو ۽ مطالبا ڪندو رهندو هوس.
    خان بهادر الهه بخش شهيد جي وزارت کان اڳ شيخ عبدالمجيدسنڌيءَ جي ايماء تي سر غلام حسين مرحوم به حضرت مولانا جي وطن واپس اچڻ جو مطالبو گورنمينٽ هند کان ڪيو هو پر الله بخش جي حڪومت گورنمينٽ هند کي مولانا سنڌيءَ جي واپسي اچڻ بابت هڪ قسم جي ضمانت ڏني ته هوءَ سندس سرگرمين لاءِ ذميوار آهي. چنانچه حضرت مولانا کي وطن واپس اچڻ جي اجازت ملي ۽ پاڻ بحري جهاز رستي ڪراچي بندر تي تشريف فرما ٿيا، جتي سنڌ جي هن اولوالعزم ۽ زندهه جاويد وزيراعظم سندن استقبال ڪيو.
    گويا ڪه مان موجود نه هوس ته منهنجو يار ته استقبال لاءِ موجود هو.
    ”شادم از زندگي خويش ڪه ڪاري ڪردم“
    هاڻوڪيءَ سنڌ جي تاريخ جواهم ترين واقعو آهي ته جلاوطن انقلابيءَ جو استقبال حڪومت جو سربراهه ڪري.
    الغرض حضرت مولانا ڪراچيءَ ۾ ٻه چار مهينا ساندهه رهيا. ملڪي حالات جو پورو علم ٿين ۽ منهنجي ۽ الهه بخش جي لاڳاپي جون ڳالهيون مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ خود مولانا صادق کان دلچسپيءَ سان ٻڌائون.
    هڪ دفعي منجهند جو اڪيلا هوٽل زميندار بندر روڊ ڪراچيءَ ۾ آيا. خاص موقعن تي هميشه ايئن ئي ڪندا هئا، اڪيلا ايندا هئا. ماني مان وٽ تناول فرمايائون ۽ پوءِ فرمائڻ لڳا ته:
    ”خان! خانبهادر الهه بخش وٽ توکي وٺي هلڻ جو خيال آهي.“ اهو ٻڌي دل خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي. هيترو وقت ادب مانع هو جو مان مولانا کي خانبهار وٽ وٺي وڃان، چنانچه گڏجي پهتاسين. سنڌ جو سومرو سردار جنهن جي حڪومت ٺاهڻ ۾ منهنجو هٿ هو، سو حضرت مولانا جي اڳيان منهنجي روبرو عجز و نياز سان گردن جهڪائي بيهي! دل باغ و بهار ٿي ويئي. اهڙو عجيب منظر، اکيون ۽ دل ٺاريندڙ، تنهن جيڪي راحتون مون کي پهچايون،ان جو احساس ڪي صاحب دل ئي ڪري سگهندا.
    منهنجي آمد جو ٻڌي خانبهادر جا ٻه ننڍڙا ٻار سعيده ۽ عبدالصمد (الله کين ۽ ٻين کي وڏيون حياتيون بخشي ۽ صالح ڪري) جيڪي هميشه مون کي ڏسي وڏي واڪي چوندا هئا ته ”چاچا امين آيو! چاچا امين آيو!!“ سي هن دفعي به ڀڄندا آيا. سعيده جي عمر ان وقت پنجن سالن جي لڳ ڀڳ هئي ۽ صمد ان کان ننڍو هو. خانبهادر کيس چيو ته ”پٽ سعيده! وڃ وڃي چاچا واسطي چانهه آڻ!“ ان وقت خانبهادر الهه بخش ۽ حضرت مولانا هڪ ئي صوفي تي ويٺا. حضرت مولانا ڪا سياست جي پيچيده ڳالهه فرمائي ته مان عرض ڪيو ته ”مولانا! خانبهادر کي مراق ڪو نه آهي يعني سياسي پيچيده ڳالهه هن سان ڇو ٿا ڪريو، جيڪي چوڻو اٿوَ ظاهر هن کي چئو. استعارا ۽ تشبيهون ڇڏي هن کي خادم ڄاڻو، توهان جو حڪم مڃڻ هن لاءِ سعادت آهي جو منهنجو يار آهي.“ ان تي حضرت مولانا خوش ٿيا ۽ فرمائڻ لڳا:
    ”ها خان! اسان کي خبر آهي ته خانبهادر تنهنجو يار آهي. اسان توکي خانبهادر کي ڏيکارڻ وٺي آيا آهيون جو تون اسان کي به پيارو آهين ۽ اسان جو آهين.“
    حضرت مولانا جا الفاظ دهرايان ٿو ته اکين ۾ آب اچي ويو، دل درد سان ڀرجي آئي. آسمانن وارن کي منهنجي هن درجي تي رشڪ اچي ٿو. مان گناهه گار مولانا کي پيارو آهيان. اهو سندس لطف و ڪرم مان عاجز تي هاڻي قيامت تائين رهڻو آهي. آهيان سو مان اهو گناهه گار ۽ ناقص ناڪارو. هن گناهه پوش جو لطف مان تي عيان آهي. اهي لفظ حضرت مولانا جا ٻڌم ته دل ۽ دماغ تي حظ و لطف جو نشو غالب ٿي ويو. مان حضرت مولانا جي قدمن ۾ ئي غاليچه تي سندس چمپل تي ئي لب ۽ ڳل رکي سمهي رهيس. ايئن به ڪرڻو هو جو بحمدلله ڪيم. مولانا جي قدمن ۾ سندس چمپل تي منهنجو مٿو ۽ رخسار، مان محو استراحت! سبحان الله! معراج هو هي منهنجي سياست جو! الحمدلله!!
    وري لکان ٿو، الهه بخش ۽ مولانا گڏ ويٺل ۽ مان مولانا جي قدمن ۾ سندس ئي جتين تي سر بسجود ستل، سبحان الله! الله اڪبر! ساريءَ سنڌ جي اڳين ۽ آئينده اچڻ واري تاريخ جو اهو اهم ترين واقعو هو جو اڄ لکجي ويو. اها ملاقات تمام لنبي هئي جا سج لهڻ تائين هلي ۽ سج لهڻ تائين مان هن خوشيءَ جي ننڊ ۾ رهيس. سياسي هنگامه خيزين جي ٿڪاوٽ جو درد هو. اڃا به ننڊون نه ڪريان ها!؟ ان طرح مان الهه بخش اعلانيه طور مولانا جي هٿن ۾ پيش ڪري ڏنو. هيءُ ٻيو اهم ترين واقعو بڻيو سنڌ جي هاڻوڪيءَ تاريخ جو. دل ۽ ڪنن وري مولانا جو مٺو آواز ٻڌو. ”خان! اسان تنهنجي يار خانبهادر الهه بخش سان ملي ڪري خوش ٿيا آهيون، توکي مبارڪون ڏيون ٿا.“ انهن الفاظن ٻڌڻ تي مان اٿيس.
    هاڻي ٽانگي جي بجاءِ خانبهادر جو موٽر هو، جنهن ۾ حضرت مولانا کي وٺي کڏي شريف اچي پهچايم. اتي مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي حضرت مولانا جي انتظار ۾ ويٺل هئا. اهو ٻڌي ڪري ته حضرت مولانا خانبهادر سان مليا آهن، ٻئي ڏاڍو خوش ٿيا. دير تائين اتي ويهڻ ٿيو، موٽ تي حڪيم صاحب کي ساڻ ڪري سندس ڪچهري روڊ واري مطب ۾ ڇڏيم.
    هيءُ واقعو اڳ زبانيءَ طرح ته ڪيترا دفعا بيان ٿيو آهي پر تحرير ۾ ڪڏهن نه آيو هو. سنڌ جي هاڻوڪيءَ سياست جو اهو فيصله ڪن باب آهي. سنڌ جي آئينده قسمت به اتان ئي ٺهڻ واري آهي.
    جيڪو سنڌي يا ڪو ٻيو محب وطن سنڌ جي هن سياست کان آگاهه و آشنا نه آهي سو اڃا خام آهي. سنڌ جي آئينده ۽ نئين تاريخ ٺهندي ئي هن باب جي مڪمل ڄاڻ سان.
    مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد منهنجا ذاتي يار هئا ۽ حضرت مولانا منهنجو آقا ۽ مالڪ آهي.
    الهه بخش جي سياست جي بنا اها آهي جيڪا هتي بيان ٿي. اهڙو برگزيده ماڻهو ڪانگريس جي هندن جو هٿ ٺوڪيو ٿي سگهي ٿو جنهن کي منهنجي لازوال محبت نصيب هجي ۽ جنهن جي ملاقات حضرت مولانا منهنجي ذريعي طلب ڪئي هجي، جنهن جي مدد ۾ مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد منهنجي ياريءَ جي ذريعي هجن.
    هاڻي هي واقعو تاريخ آهي ۽ ان جو بيان نه ڪرڻ تاريخ سان ظلم ٿئي ها. مان کان علاوه نه هن قسم جي خبر ٻئي وٽ آهي ۽ نه اهو بيان به ڪري سگهي ها. تاريخ ڪنهن جي خوش ٿيڻ يا ناراض ٿيڻ جي تابع نه هوندي آهي. ڪو خوش ٿئي يا ناراض ٿئي تاريخ جي واقعات کي بدلي ۽ ڦيري نه سگهيو آهي.

    (ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد- آگسٽ 1971ع)


    تنهنجي ياد جي وري آ وير : مولانا عزيز الله جروار

    1941ع ۾ مان جڏهن مدرسي دارالسعادت گوري پهوڙ ضلعي شڪارپور ۾ پڙهندو هوس ته تڏهن اخبارن مان معلوم ٿيو ته جمعيت علماءِ هند پاران پني عاقل ۾ هڪ عام جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي پڻ تشريف فرما ٿيندا. ان سلسلي ۾ اسان شاگردن پنهنجي پياري استاد مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن کي عرضي ڪيوسون ته جلسي ۾ شرڪت ڪريون ۽ امام سنڌيءَ جي زيارت ڪريون ۽ سندن ارشادات کان مستفيض ٿيون. اسان کي استاد سڳوري همت ٻڌرائي ۽ جلسي ۾ هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو چيو. استاد قاسمي صاحب ڪجهه ٻين استادن ۽ شاگردن سان گڏجي شڪارپور، سکر کان ريل رستي پني عاقل پهتا ۽ اسان ڪجهه غريب شاگرد (محمد حسن بروهي، محمد صالح عاجز، شيخ امجد سنڌي، يار محمد تنيو ولد مولانا خوش محمد ميرو خاني، رشيد احمد لاشاري، محمد يوسف کوسو، عبدالعزيز مستوئي، مولوي عبدالمجيد ٽانوري، شاهه محمد بلوچ ۽ مان) وچان درياهه جو پتڻ ٽپي وڃي پني عاقل پهتاسين. جلسي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي ڪيترن ئي مشهور عالمن شرڪت ڪئي، جن ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حسين احمد مدني، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارو، مولانا حمادالله هاليجوي، مولوي نذير حسين جتوئي جلالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيائون. خاص طرح مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي (ناظم اعليٰ جمعيت علماءِ هند) جي تقرير هندستان جي حالتن ۽ آزادي بابت نهايت اثرائتي هئي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي به پنهنجي تقرير ۾ مولانا حفظ الرحمان جي تقرير جي تعريف ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اڄ مون کي پريس هجي ها ته آءٌ لکن جي تعداد ۾ مولانا حفظ الرحمان جي تقرير جا پمفليٽ ڪڍي سڄي ملڪ ۾ ورهايان ها. جلسي کان بعد ۾ مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪچهري ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيو. ڳالهين ڪندي مولوي نذير حسين جتوئي جلاليءَ کي چيائون ته ”تون اسان جو آهين“ پاڻ مولوي نذير حسين ڏانهن گهڻو متوجهه هئا.
    جلسي کان بعد ۾ معمول مطابق مدرسي ۾ پڙهائيءَ ۾ رڌل رهيس. رمضان جي موڪلن کان ٿورو اڳ ۾ مونکي اچي سوداءُ لڳو ته منطق، نحو، معاني ۽ ٻين علمن ۾ ايترو وقت وڃايوسين پر قرآن پاڪ سمجهڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي سون. تنهن ڪري خيال ٿيو ته مشهور مفسر قرآن مولانا حسين علي صاحب وانڀچران ضلعي ميانواليءَ واري کان قرآن پاڪ سمجهان. تنهن ڪري استاد علامه قاسمي صاحب کان اجازت وٺي اوڏانهن روانو ٿي ويس. ريل ۾ سفر دوران هڪ اهل علم ماڻهوءَ مون کان پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين. مون کيس جواب ڏنو ته طالب علم آهيان. قرآن سکڻ وانڀچران مولانا حسين عليءَ ڏانهن وڃان ٿو. هن مونکي چيو ته ڀائي سنڌي مون کي ته عجب ٿو لڳي (حضرت مولانا سنڌيءَ جو نالو وٺندي چيائين) ته تون قرآني علوم جي معرفت جي درياهه کي جيڪو سنڌ ۾ موجود آهي ان کي ڇڏي هڪ واهڙ جي ڳولا ۾ ٿو وڃين. (ساڻس گفتگو سرائيڪي زبان ۾ ٿي.) ان وقت منهنجو سمورو توجهه اوڏانهن ڇڪجي ويو پر جيئن ته ارادو ڪري نڪتو هوس تنهن ڪري هلندو رهيس ۽ وڃي وانڀچران ميانواليءَ پهتس. صبح جو وقت هيو. مسجد ۾ داخل ٿيس. ڏٺم ته مولانا حسين علي صاحب ڀت سان ٽيڪ ڏيون بيٺو آهي ۽ سندس هڪ عالم شاگرد کيس چمچي سان نرم کاڌو کارائي رهيو آهي. ان وقت مولوي صاحب کي هٿن ۽ پيرن ۾ رعشه جي بيماري هئي. مان سلام ڪري خدمت ۾ حاضر ٿيس. احوال پڇيائون ته مون کين حقيقت ڪئي. فرمايائون ته آءٌ بيمار آهيان، صحتياب ٿيان ته پوءِ توکي پڙهائيندس. باقي منهنجي شاگردن مولوي غلام الله ۽ مولانا طاهر ڏانهن وڃي پڙهو. انهيءَ جواب ملڻ تي مان واپس مدرسي دارالسعادت گوري پهوڙ ۾ اچي پهتس. پهچڻ سان پنهنجي دوست مولوي عبدالمجيد شيخ امجد سنڌيءَ سان مشورو ڪري امام عبيدالله سنڌيءَ کي پير جهنڊي خط لکيم ته مان اوهان وٽ قرآن شريف ۽ شاهه ولي الله جا ڪتاب پڙهڻ گهران ٿو. اجازت هجي ته آءٌ حاضر ٿيان. ورندڙ ٽپال ۾ خط مبارڪ مليو ته پهچي وڃو. مونکي ته اڳ ۾ ئي شوق هيو سو استاد قاسمي صاحب کان اجازت وٺي پير جهنڊي پهتس. جمعي جو ڏينهن هيو. امام انقلاب جماعت کي خطاب ڪري رهيا هئا. مان به ٻڌڻ ويهي رهيس. نماز بعد خدمت ۾ حاضر ٿيس. سندن پڇڻ تي پنهنجو نالو ۽ حقيقت ٻڌايم. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا. پاڻ تنهن وقت لاهور يا دهلي وڃڻ جي تياريءَ ۾ هئا. ڪجهه ڏينهن اتي هئا، مان سندن خدمت ۾ رهيس، سانجهيءَ جي نماز بعد کٽ تي سمهندا هئا. مان ويهي کين زور ڏيندو هوس. ان دوران ڪڏهن شاهه رفيع الدين جي ڪتاب ”تڪميل الاذهان“ جي ڪن ڳالهين جي تشريح ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن قرآن پاڪ جي آيت تي ارشاد فرمائيندا هئا. مان خدمت به ويٺو ڪندو هوس ۽ ويٺو ٻڌندو به هوس.
    انهيءَ عرصي ۾ سندن خيال هو ته شاهه ولي الله جو فڪر پڙهندڙ شاگردن ۽ پنهنجي تحريڪي ۽ تنظيمي ساٿين جي رهائش ۽ ٻين انتظامي ڪمن لاءِ زمين جو ٽڪرو حاصل ڪجي. ان سلسلي ۾ گهڻين ڪوششن بعد مولوي عبدالقادر لغاري سانگهڙ واري جي معرفت هڪ زمين جو ٽڪرو (سروي نمبر 52 ديهه مناهي تعلقو هالا) دارالرشاد مدرسي جي ڀرسان 17 جولاءِ 1943ع مطابق 14 رجب 1362هه تي سرڪاري روينيو جي دفتر کان منظور ٿي مليو. (حوالو: ماهوار ”توحيد“ ڪراچي آگسٽ 1943ع صفحو 12) امام سنڌيءَ جن ان جو نالو ”محمود نگر“ رکيو. هڪ ڏينهن مونکي فرمايائون ته عزيز الله! ڪجهه شاگرد وٺي هلو ته محمود نگر ۾ هلون. اسان امام سنڌي ۽ ڪجهه ٻين شاگردن سان گڏجي محمود نگر پهتاسين. اتي ڪولهي هارين جون ڪکايون جهوپڙيون ٺهيل هيون جيڪي خالي ڪري زمين ڇڏي ويا هئا. اتي پهچڻ کان پوءِ مون هڪ جهوپڙيءَ جي صفائي ڪري اتي چادر وڇايم. اسان شاگرد امام سنڌيءَ جي سامهون ٿي ويٺاسون. اتي ڪجهه سبق پڙهايائون جيڪي هن وقت ياد نه آهن. ان بعد ڪجهه ڏينهن ۾ دهلي يا لاهور روانا ٿي ويا. پاڻ جڏهن واپس آيا ته شعبان جو مهينو هو ۽ مدرسي کي ساليانو موڪلون ٿي چڪيون هيون. منهنجي خط لکڻ تي مولوي شيخ عبدالمجيد ”امجد“ صاحب به اچي پهتو. ان کانپوءِ استاد علامه قاسمي صاحب ۽ سندس سنگتي مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽو (جيڪو مشهور شاعر ڊاڪٽر اقبال جو استاد به رهيو هو.) مولوي عبدالحق رباني، مولوي خليل احمد ۽ مولوي نور محمد سجاولي جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم هئا به سندن خدمت ۾ پهچي ويا ۽ درس تدريس جي هڪ بهترين جماعت تيار ٿي وئي. ان وقت مولانا دين محمد وفائي، شيخ بشير احمد لوڌيانوي، ڪيپٽن خدا بخش لاهوري، مولانا عزيز احمد (جيڪو مولانا سنڌي سان ڪابل کان وٺي سنڌ واپسي تائين خدمت ۾ گڏ رهيو هو) مرشد محمد نور مڪي (جيڪو امام سنڌي جو مڪي ۾ شاگرد رهي چڪو هو ۽ عرب جي تڏهوڪن وڏن عالم مان هيو) ۽ ٻيا ڪافي سنڌي ۽ ٻيا شاگرد درس ۾ ويهندا هئا. هڪ عجيب روح پرور نظارو هو. امام سنڌي گهڻو وقت پنهنجي شاگردن کي تفسير قرآن جي خاص جاين ۽ شاهه ولي الله جي ڪتابن جي خاص ٽڪرن جي تشريح سائنسي انداز ۾ ۽ ولي اللهي انقلابي فلسفي مطابق ارشاد فرمائيندا هئا. گهڻو ڪري سندن مخاطب استاد قاسمي صاحب ۽ مولانا عبدالحق رباني هوندا هئا. هڪ دفعي مون ۽ استاد علامه قاسمي مدرسي جي ورانڊي ۾ مٿي بيٺا هئاسين ته امام سنڌي پنهنجي ڪمري مان پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيو ۽ مونکي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته عزيز الله! قاسمي صاحب جي آءٌ پاڻ خدمت ڪريان ها پر مان پوڙهو آهيان ۽ تون جيئن ته استادن جي خدمت ڪرڻ ڄاڻين ٿو تنهن ڪري قاسمي صاحب جي خدمت ڪندو رهه.
    درس تدريس جو اهو اجتماع رمضان جي آخر تائين جاري رهيو ۽ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ هر هڪ امام سنڌيءَ کان موڪلائي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيو. عيد خير سان گذاري اسان سمورا ساڳيا شاگرد (جيڪي اڳ ۾ مون سان گوري پهوڙ ۾ پڙهندا هئا.) درالسعادت گوري پهوڙ ۾ پڙهائيءَ ۾ لڳي وياسين.
    شايد مارچ جي پڇاڙيءَ ۾ 1944ع ۾ جمعيت علماءِ سنڌ جي اڳواڻن جو هڪ وفد مولانا عبدالحق ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ درالسعادت مدرسي ۾ پهتو، جنهن جو مقصد جمعيت علماءِ سنڌ طرفان 15، 16، 17 اپريل تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام جلسي کي سنڌ جي عربي مدرسن جي شاگردن جي ڀرپور شرڪت سان ڪامياب ڪرڻ هيو. اسان کين صلاح ڏني ته جلسي دوران هڪ ڏينهن شاگردن لاءِ به مخصوص ڪيو وڃي ۽ ان ڏينهن واري اجتماع جي صدارت لاءِ امام عبيدالله سنڌيءَ جن کي درخواست ڪئي وڃي. مولانا عبدالحق رباني ۽ ٻين اسان جي انهيءَ صلاح کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. اهو وفد اسان کان موڪلائي هليو ويو ۽ اسان پنهنجي اجتماع کي ڪامياب بنائڻ ۽ شاگردن جي تنظيم قائم ڪرڻ ۽ امام انقلاب کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف ٿي وياسين. مولانا شيخ ”امجد“ صاحب، مولوي عبدالڪريم ٻير واري، مولانا عبيدالله لاڙڪاڻوي ۽ مولوي محمد سليمان ٻگهئي ۽ مون انهن سرگرمين ۾ خصوصي حصو ورتو ۽ استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن اسان جي خاص رهنمائي ڪئي.
    امام عبيدالله سنڌي جن ان وقت لاهور ۾ ترسيل هئا. اسان پنهنجي استاد محترم کي گذارش ڪئي سون ته سنڌ جي عربي شاگردن جي تنظيم جمعيت الطلبه عربيه سنڌ پاران اوهان امام سنڌيءَ کي جلسي جي صدارت لاءِ درخواست موڪليو. استاد علامه قاسمي صاحب خوشيءَ سان اسان جي انهيءَ استدعا کي قبول ڪندي امام سنڌيءَ کي عريضو موڪلي ڏنو. ورندڙ ٽپال ۾ امام سنڌيءَ جو نوازش نامون آيو، جنهن ۾ ارشاد فرمايائون ته جيتوڻيڪ منهنجي طبيعت ضعيف آهي ۽ صحت ٺيڪ نه آهي، ان هوندي به اوهان جي جلسي ۾ شريڪ ٿيندس. سندن خط اچڻ کانپوءِ اسان جمعيت الطلبه جي جلسي جي امام سنڌيءَ جي صدارت بابت اخبارن ۾ اعلان شايع ڪرايو. اسان مقرر ڏينهن کان ٻه ڏينهن اڳ 13 اپريل تي حيدرآباد پڪي قلعي پهتاسون ۽ انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي وياسون. پهرين ٻن ڏينهن ۾ جمعيت علماءِ سنڌ طرفان جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت قاري محمد طيب ڪئي. جلسي ۾ سنڌ ۽ هند جي بلند پايه عالمن ۽ سنڌي عوام هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي دوران امام سنڌيءَ ڳالهين ڪندي قاري طيب جي تقرير کي ساراهيو.

    ٽئين ڏينهن جمعيت الطلبه پاران جلسو شروع ٿيو. امام عبيدالله سنڌي پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو، جنهن ۾ هي تاريخي اعلان ڪيائون ته ”اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان ڪو به مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان سنڌ جي سرزمين کي هڪ مستقل ملڪ مڃئون ٿا.“ کين تقرير دوران الٽيون به آيون. امام انقلاب کانسواءِ مولانا عبيدالله لاڙڪاڻوي، مولوي محمد چنڊ، مولوي محمد صالح عاجز ۽ ٻين تقريرون ڪيون. مولوي محمد صالح عاجز صاحب پنهنجي تقرير ۾ هارين جي حقن جي حمايت ۾ ۽ زميندارن جي خلاف جارحانه انداز ۾ تقرير ڪئي جنهن تي مولانا سنڌي، محمد صالح عاجز کي تقرير ڪرڻ کان روڪيو ۽ پاڻ اٿي تقرير ڪندي ارشاد فرمايائون. ”اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بڻجي ڪري اسيمبليءَ ۾ ويهي سگهن، اسان هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا، پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نه ٿا گهرون. اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائين ٿا، جڏهن اسان حڪومت سان ئي نه ٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون. اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبليءَ ۾ وڃي زميندارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن. اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا. اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي. انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان وڙهائڻ گهرن ٿا ۽ آءٌ به روس کان ٿي آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ جي دعوت ڏينداسون. سو اسان جي باري ۾ ايئن سمجهڻ ٺيڪ نه آهي. اسان جو پروگرام وقتي نه آهي. اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.“
    سڀني مقررن جي تقريرن کان بعد ۾ جمعيت الطلبه جي مرڪزي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ مونکي جوائنٽ سيڪريٽري (نائب ناظم) مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ جلسو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. بعد ۾ مون امام سنڌيءَ جو صدارتي خطبو، جلسي جي ڪارروائيءَ سميت شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. حضرت سنڌيءَ جن اصل مسودي جي اصلاح ڪرڻ وقت مون کي حڪم ڪيو هو ته پمفليٽ جي مٿان هي شعر ضرور لکجو:
    یا برو ہمچوں زنان رنگ بوئی خوبگیر،
    یاچہ مردان آبچو گان گوءِ در میدان بزن۔
    (معنيٰ: يا وڃي زالن وانگر هار سينگار ڪر يا مڙس ٿي ميدان ۾ نڪر)
    اسان حيدرآباد جي جلسي جي ڪم کان واندا ٿي وري اچي درالسعادت مدرسي گوري پهوڙ ۾ تعليم وٺڻ لڳاسون.
    امام عبيدالله سنڌيءَ جن سنڌي نوجوانن کي سجاڳ ڪرڻ خاطر اتر سنڌ جو دورو ڪندي شڪارپور ۾ (پنهنجي خاص خادم شيخ امجد سنڌي صاحب سان گڏ) خاڪسار تحريڪ جي ورڪر حڪيم غوث بخش پٺاڻ وٽ 16 مئي 1944ع تي پهتا. اتي مانجهاندي ۽ آرام ڪرڻ کانپوءِ شام جو ٽانگي تي مدرسي درالسعادت گوري پهوڙ تشريف فرما ٿيا.
    گوري پهوڙ ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن مونکي فرمايائون ته گهوڙيءَ جو بندوبست ڪر ته مان ان تي سوار ٿي گهمندس. مون گزي شهر جي هڪ امروٽي جماعت جي فقير کان گهوڙيءَ جي گهر ڪئي. هن گهوڙي آڻي ڏني جيڪا رنگ جي سرخي هئي. مون تيار ڪري اچي کين ڏني. پاڻ تمام ضعيف هئا. گهوڙي قداور هئي، مولانا ۾ ايتري طاقت نه هئي جو پاڻ چڙهي سگهن ۽ ٻئي ڪنهن جي مدد وٺڻ لاءِ به تير نه پيا ٿين. مون کين گهوڙيءَ جي ڀرسان هڪ کٽ رکي ڏني. گهوڙي غريب هئي. پاڻ سوار ٿيا. مان ميل کن گهوڙيءَ جي اڳيان ڊوڙندو رهيس. پاڻ پويان گهوڙيءَ تي سوار هئا. واپس جڏهن مدرسي پهتاسون ته گهوڙي ڊگهي هئڻ ڪري لهڻ ڏاڍو ڏکيو هو. امام سنڌيءَ جن کٽ به رکڻ نه ڏني ۽ يڪدم گهوڙي بيهاري پنهنجي قوت اراديءَ جي سهاري لهي پيا لهڻ وقت کين ٿوري تڪليف پهتي.
    مدرسي ۾ رهڻ دوران مون کين ٻڌايو ته محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي قيام خاطر شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه زمين جو پلاٽ خريد ڪيو اٿم. مدرسي مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اوهان جي رهنمائيءَ ۾ هن مدرسي کي هلائيندس، جنهن جو ذڪر امام سنڌيءَ مولانا دين محمد وفائيءَ ڏانهن لکيل خط ۽ هڪ مضمون ۾ ڪيو آهي.
    اتي هڪ دفعي امام سنڌيءَ سان ڪنهن ماڻهوءَ شڪايت ڪئي ته عبدالغني شاهه مدرسي جي چندي مان پئسا کائي ٿو وڃي، جنهن تي مولانا سنڌيءَ کيس ڪاوڙ مان چيو ته عبدالغني شاهه ٻه مدرسا (هڪ گوري پهوڙ جو ۽ ٻيو نور محمد شجراع وارو) هلائي رهيو آهي ۽ پني به پورت ڪري ٿو. ايڏي وڏي خدمت ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن ڪجهه پئسا پنهنجي خرچ ۾ آڻي ٿو ته ان جي گلا ڪرڻ ۾ اوهان کي شرم نه ٿو اچي؟
    درالسعادت گوري پهوڙ ۽ جامعه هاشميه نور محمد شجراع ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ دوران اسان شاگردن کي قرآن جي انقلابي تفسير ۽ سياسي ڄاڻ کان مستفيض ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ساڳئي خاص خادم شيخ امجد سنڌي صاحب سان گڏ شڪارپور کان امروٽ ۽ اتان ٿريچاڻيءَ کان ٿيندا ڀرچونڊي شريف پهتا. انهيءَ سفر۾ شيخ صاحب کانسواءِ ساڻن گڏ مولانا دين محمد وفائي به هيو. مان ان دوران مدرسي درالسعادت ۾ تعليم کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ رهي پيس. شعبان ۾ منهنجي دستاربندي جي تقريب ٿي جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي نامور عالمن شرڪت ڪئي.
    مون تاريخ 4 آگسٽ 1944ع تي شهدادڪوٽ ۾ محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي افتتاح جي سلسلي ۾ هڪ جلسي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي صدارت لاءِ مون پنهنجي دوست سائين شاهه محمد شاهه هنڱوري واري جي مشوري سان مير علي احمد ٽالپر مرحوم کي سڏيو ويو ۽ مهمان خصوصي مولانا سنڌي جن مدعو ڪيل هئا. مون کين خط لکي عرض ڪيو ته اوهان جلسي ۾ مهمان خصوصيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو جنهن جو جواب هن طرح موڪليائون:
    ”آءٌ بيمار آهيان پر تنهن هوندي به اوهان جي مبارڪ تقريب ۾ شامل ٿيڻ گهرون ٿا. اسان کي صاف طرح لکي موڪل ته ڪهڙي تاريخ آگسٽ جي اسان لاڙڪاڻي پهچون. اسان پنهنجي حال موافق تياري ڪنداسون. اسان سان گڏ عبدالمجيد ۽ مولانا وفائي صاحب به هوندا. عبيدالله سنڌي 944-1-24 هه سنڌ ساگر اڪاڊمي لياري ڪراچي مظهرالعلوم.“
    ان کانپوءِ مون پنهنجي دوست مولوي محمد يوسف کوسي کي ساڻن سفر ۾ گڏجي اچڻ لاءِ ڪراچيءَ موڪليو. جيئن کين ڪا تڪليف نه پهچي. جلسي ۾ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي واري، مولانا دين محمد وفائي، استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولانا خوش محمد ميروخاني ۽ ٻين گهڻن بزرگ عالمن کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو.
    مولوي محمد يوسف کوسي جي ڪراچيءَ سندن خدمت ۾ پهچڻ کانپوءِ امام سنڌي کي بيماريءَ جي تڪليف انتهائي وڌي وئي، تنهن ڪري پاڻ بيماريءَ جي تڪليف جي حالت ۾ جلسي لاءِ افتتاحي خطبو لکڻ شروع ڪيائون، سو پورو ڪري محمد مشتاق ڪاتب کي گهرائي چيائونس ته اسان کي هي خطبو ڇاپي ڏيو ۽ پاڻ اهو مولوي محمد يوسف کوسي جي هٿان ڏياري موڪليائون، جنهن ۾ مدرسي جي کولڻ ۽ تعليم جو مقصد بيان ڪيو هئائون ۽ ان سلسلي ۾ هڪ تار پڻ موڪليائون ته اسان جي طبيعت ڍر ڪندي پئي وڃي.
    جلسو مولانا محمد صادق صاحب جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن کي ڦٽائڻ ۽ ناڪام بنائڻ ۾ تر جي ليگي وڏيرن وسان ڪين گهٽايو. جلسي کانپوءِ اسان امام سنڌيءَ جي موڪليل تار جي بنياد تي ڪراچيءَ روانو ٿياسون. سندن تيمارداري ۽ خدمت ۾ سنڌ جو ڪانگريسي اڳواڻ ۽ شهيد الله بخش سومري جو خاص دوست محمد امين خان کوسو عاشقانه طور مصروف هيو.
    امام عبيدالله سنڌي جن ڪراچيءَ ۾ مدرسي مظهرالعلوم ۾ ترسيل هئا. اتي هڪ سنڌ مدرسي جو تڏهوڪو عربي استاد مولوي نواب الدين چانڊيو آيو ۽ مونکي چيائين ته مونکي امام سنڌيءَ کان جهاد جي بعيت ڪرايو. مون امام سنڌيءَ جن کي عرض ڪيو جنهن تي فرمايائون ته جهاد لفظ جي بدران انقلاب جو لفظ ڪم آندو وڃي ۽ بعيت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. مون کين ٻيهر مؤدبانه عرض ڪيو ته مولوي صاحب جي دلي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري سندس بعيت وٺو ۽ مون مولوي صاحب کي اڳڀرو ٿي امام سنڌيءَ جي اڳيان بعيت لاءِ هٿ وڌائڻ لاءِ چيو. مولوي صاحب ويجهو ٿي هٿ وڌايا ۽ امام سنڌيءَ سندس هٿ وٺي پوءِ دعا گهري.
    اسان جي پهچڻ کانپوءِ پاڻ پير جهنڊي هلڻ لاءِ تيار ٿيا. مولانا محمد صادق صاحب کان موڪلائي اسٽيشن تي پهتاسون. امام سنڌيءَ سان گڏ ريل جي سفر ۾ مان، مولانا قاسمي صاحب ۽ مولانا وفائي ساڻ هئاسون. محمد امين خان کوسو ۽ مولانا وفائي صاحب، مير غلام علي ٽالپر جي واسطي سان حيدرآباد اسٽيشن تي موٽر جو انتظار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيشن تي پير علي محمد راشدي ۽ قاضي عبدالمجيد عابد وارا به بيٺا هئا. پير علي محمد راشديءَ مولانا جا ڪجهه فوٽو ورتا. موٽر ۾ چڙهياسون، گاڏي قاضي عبدالمجيد عابد هلائي رهيو هو. مولانا وفائي صاحب جن اڳيان ويٺا هئا. مان حضرت امام سنڌيءَ سان گڏ پويان ويٺو هوس. پاڻ ان وقت ايترا ته ڪمزور هئا جو مون کين کڻي گاڏي ۾ ويهاريو هو. رستي ۾ امام سنڌي فرمايو ته جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ايندو هجي ته ٻڌايو. ڪجهه ڪلام عبدالمجيد عابد ٻڌايو. مون به کين ”ڇاکي وڃين ڇو ٻيلي رهين ٻين جو، وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو“ ۽ ڪجهه ٻيا بيت ٻڌايا.
    پير جهنڊي جي مدرسي پهچي امام سنڌيءَ کي بستري تي سمهاريو ويو. مون کي فرمايائون ته عزيز الله! وڃي جاچ ڪر ته جماعت جو فقير ڪو راڳ چوڻ وارو آهي ته ان کي وٺي اچ ته راڳ ٻڌائي. جيڪڏهن اهو نه هجي ته فونو هجي ته اهو کڻائي اچ. مون ٻاهر وڃي جاچ ڪئي ته هڪ ڳائڻ وارو فقير ملي ويو. ان کي وٺي آيس. هن ڪجهه ڪافيون ٻڌايون.
    پير ضياءَالدين شاهه صاحب وارا سڀ امام سنڌيءَ جي خدمت ۾ حاضر هئا. امام سنڌيءَ جو ڏهٽو ميان ظهيرالحق پنهنجي والده (امام سنڌيءَ جي نياڻي) جو پيغام کڻي اچي پنهنجي رفيق ميان سراج احمد، ميان بشير احمد ۽ شيخ خدا بخش سان گڏ اتي پهچي ويو. امام سنڌيءَ جي خدمت ۾ عرض رکيائين ته والده فرمايو آهي ته امام سنڌيءَ جن اسان کي اجازت ڏين ته اسان پير جهنڊي اچون يا پاڻ هيڏانهن دينپور اچن. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ جو پير جهنڊي اچڻ هن ڪري به گوارا نه ڪيو جو سندن مرشد مولانا غلام محمد دينپوريءَ جي اهليه پڻ هئي، تنهن ڪري دينپور هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
    پير جهنڊي ۾ تقريباً ٽي ڏينهن رهڻ ٿيو. ان دوران مان هر پل سندن خدمت ۾ حاضر هوندو هوس جيڪا مان پنهنجي لاءِ تمام وڏي سعادت ٿو سمجهان. امام سنڌيءَ کي ضعف سبب گهڻو ڪري رات جو آرام گهٽ ايندو هو. تنهن ڪري مان سڄي رات جاڳندي گذاريندو هوس. پاڻ ٻئي ڪنهن کان به خدمت نه وٺندا هئا، کين اسهالن جي تڪليف هئي تنهن ڪري رات ڏينهن ۾ ڏهه، پندرنهن دفعا قضا حاجت لاءِ اٿندا هئا.
    ان دوران هڪ دفعي اڌ رات جو مونکي فرمايائون ته عزيز الله اٿي! هن ڪمري ۾ لاش پيو آهي ان کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪر! مون ڏٺو ته ڪجهه به نه آهي، پاڻ وري ٻيهر چيائون، مان جيئن ته ڪافي عرصو سندن خدمت ۾ رهڻ ڪري ڄاڻندو هوس ته جيڪو ڪم چوندا هئا اهو ڪرڻو پوندو هو، سوال جواب ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. تنهن ڪري مان اٿيس ٿورو هيڏي هوڏي قدم کڻي دريءَ وٽ بيهي ايئن ڪيم جيئن ڪنهن شيءِ کي ڦٽو ڪبو آهي. موٽي اچي ٻڌايم ته حضرت! مون لاش کڻي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي فرمايائون ته ”عزيز الله مون تو مان مردگي ڪڍي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته تو منهنجي حڪم جي تعميل ڪئي. هاڻي سنڌ ۾ جيڪو انقلاب ايندو ان ۾ تنهنجو حصو هوندو.“
    ٻئي ڏينهن امام سنڌيءَ مون کي فرمايو ته پير صاحب ميان ضياءُالدين ڏانهن وٺي هل. مان امام سنڌيءَ کي وٺي پير صاحب جي خدمت ۾ پهتس. پاڻ پير صاحب کي چيائون ته مان دينپور وڃڻ لاءِ موڪل وٺڻ آيو آهيان. مون کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو. جڏهن منهنجي صحت ٺيڪ ٿي تڏهن واپس ايندس ۽ اچي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو ڪم شروع ڪندس. پير صاحب ضياءَالدين کين عرض ڪيو ته حضرت! اوهان پاڻ ايڏي تڪليف ڪري مون وٽ آيا، مونکي فقط اطلاع موڪليو ها ته خدمت ۾ اچي حاضر ٿيان ها. امام سنڌيءَ کين فرمايو ته مونکي ئي اوهان وٽ اچڻو هو.پير صاحب کين اجازت ڏني ۽ ٻئي ڏينهن هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳاسون. ٻئي ڏينهن مولانا دين محمد وفائي، مان ۽ دينپور کان آيل مهمان سڀ تيار ٿي اسٽيشن سعيد آباد ننڍي لائين جي ريل تي چڙهي روانا ٿياسون. پڊعيدن ۾ ان گاڏيءَ تان لهي مين لائين جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿياسون. مولانا وفائي مولانا سنڌي ۽ منهنجي سيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ تبديل ڪرائي اسان کي ويهاريو. مولانا وفائي ۽ دينپوري وفد وارا ٻئي گاڏي ۾ ويٺا. روهڙي اسٽيشن تان مولانا وفائي موڪلائي روانو ٿيو.
    ريل جي جنهن گاڏيءَ ۾ اسان ويٺا هئاسين ان ۾ انگريز به ويٺا هئا. مولانا سنڌيءَ مونکي فرمايو ته انگريزن کي هن گاڏي مان اٿاري ٻئي گاڏي ۾ موڪليو. مون امام سنڌيءَ کي عرض ڪيو ته هنن جون سيٽون بڪ ٿيل آهن، جنهن ڪري مون تي ناراض ٿيا ۽ چيائون ته تون انگريزن کي گاڏي مان نه ٿو ڪڍي سگهين. مون سندن ناراضگيءَ سبب انگريزن کي اڙدوءَ۾ چيو ”آپ مهرباني فرما ڪر دوسري گاڙي ۾ جا ڪر بيٺين.“ هو اڙدوسمجهي رهيا هئا. هنن مون کي چيو ته ”آپ بيوقوف هين ڪيا هم اپني سيٽين ڇوڙ ڪر چلي جائين.“
    افسوس جو مان امام سنڌيءَ جي حڪم جي تعميل نه ڪري سگهيس ۽ خدمت ۾ ويهي کين جهوليءَ ۾ جهليم. مولانا جن مون کي ڏسي منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪاوڙ کان هٿ وجهي چيائون ”منهنجي حڪم جي تعميل ڪري انگريزن کي نه ٿو ڪڍين!؟ مان سندن تڪليف دور نه ڪرڻ ڪري روئي رهيو هوس. ايتري ۾ مولانا کي ليٽرين ڏانهن وڃڻ جو خيال ٿيو. مون کين کڻي وڃي حاجت پوري ڪرائي صفائي ڪري کڻي اچي سيٽ تي پنهنجي جهولي ۾ويهاريو. امام سنڌيءَ مون کي فرمايو: ”عزيز الله تون ٻروچ آهين! مان تنهنجي ڏاڙهي مان ورتو آهي، مون کي معاف ڪر.“ مان شرم ۽ ڏک کان روئي رهيو هوس ته مان امام سنڌيءَ جي حڪم جي تعميل نه ڪري سگهيس. روهڙيءَ کان خانپور تائين سفر جي دوران ميان ظهيرالحق وارن مان ڪو نه ڪو ماڻهو اچي سڌ سماءُ لهندو رهيو.
    خير سان ٻين وڳي ڌاران خانپور ڪٽوري پهتاسين. لهي اسٽيشن جي ڀرسان مسجد ۾ ويٺاسين. مولانا کي کٽولي تي دينپور کڻي وڃڻ لاءِ ماڻهو گهرايا ويا. امام سنڌيءَ کي کڻي دينپور پهتاسون. اتي مسجد جي ڀرسان هڪ ڪمري ۾ رهڻ ٿيو. مان سندن خدمت ۾ رهيس. ٻيپهري، ٽيپهري ۽ سانجهيءَ جي نماز جماعت سان مسجد ۾ پڙهي سون. نماز دوران امام سنڌيءَ کي پهرين صف ۾ اتر طرف ويهاريندو هوس. پاڻ اشارن سان سجدو ۽ رڪوع ڪندا هئا. مان ساڻن گڏ ڀرسان نماز پڙهندو هوس.
    انهيءَ وچ ۾ مختلف ماڻهو مزاج پرسيءَ لاءِ ايندا ويندا رهيا. سانجهيءَ جي نماز کانپوءِ ميان ظهيرالحق امام سنڌيءَ کي عرض ڪيو ”سائين گهر هلو! امڙ پريشان آهي، اوهان سان ملڻ گهري ٿي.“ مون امام سنڌيءَ کي هٿن تي کڻي گهر پهچايو. کٽ تي آرامي ٿيڻ بعد مون کي فرمايائون ته عزيز الله تون ڳوٺ هليو وڃ. محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جو ڪم وڃي ڪر! مان کانئن موڪلائي ٻاهر نڪتس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ميان ظهيرالحق کان موڪلائي شهدادڪوٽ آيس. ٻئي ڏينهن تي ٽيليگرام مليو ته ايشيا جو عظيم انقلابي مفڪر، سنڌ جو سرويچ سپوت ۽ عظيم مفسر قرآن امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون.


    مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ڪجهه گهڙيون : مولانا دين محمد وفائي

    حيدرآباد ۾ جمعيت العلماءِ جي اجلاس (اپريل 1944ع) کانپوءِ آءٌ ڪراچيءَ هليو ويو هوس ۽ حضرت مولانا عبيدالله صاحب دارالرشاد روانا ٿي ويا هئا. مونکي ڪراچيءَ ۾ معلوم ٿيو ته مولانا صاحب بيماريءَ جي حالت ۾ درالسعادت گوري پهوڙ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ مونکي وري سکر اچڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مولانا صاحب سان ملاقات جو بيحد شوق هو. سکر ۾ معلوم ٿيو ته حضرت مولانا صاحب امروٽ ۾ تشريف فرما آهن.
    24 مئي تي آءٌ امروٽ روانو ٿي ويس، اتي پهچڻ تي سڀ کان پهريان جيڪا ڳالهه معلوم ٿي سا هيءَ هئي ته وڏيري هدايت الله خان دل مولانا کي ”محمد قاسم ولي الله اسڪول“ لاءِ ڇهه جريب زمين جا ڏنا آهن ۽ پاڻ نقشه کڻي زمين جو معائنو ڪرڻ ويا آهن.
    امروٽ شريف ۾ پهرئين ڏينهن آءٌ پنهنجي دوست حڪيم سيد امير علي شاهه وٽ مهمان هوس ۽ مون سان ان سفر ۾ حڪيم فتح محمد لکوي به ساڻ هو. ظهر جي نماز پڙهي درگاهه تي وياسين ته اتي معلوم ٿيو ته صبح جو 11 وڳي پهريون دفعو حضرت مولانا صاحب زمين جي معائني لاءِ ويل هئا. نقشه ساڻ هون پر اڻ واقفيت ڪري سرزمين تي پهچي نه سگهيا ۽ ان کانپوءِ وري ٻيهر سخت گرمي ۾ 2 وڳي روانا ٿي ويل آهن، پر اڃا تائين واپس ڪو نه آيا آهن. ايتري ۾ هڪ ماڻهوءَ اچي ٻڌايو ته مولانا صاحب جو خادم مولوي عبدالمجيد شيخ جو زمين ڏسڻ لاءِ ساڻن گڏ ويل هو سو برف ۽ پاڻي کڻڻ آيو آهي. مولانا صاحب شهر کان اڌ ميل ٻاهر بند وٽ هڪ کبڙ جي هيٺان ستل آهي.
    حڪيم امير علي شاهه ۽ اسان مولوي عبدالمجيد سان گڏجي سخت اتت ۽ گرميءَ ۾ ڳوٺ کان ٻاهران جهنگل ۾ انهيءَ کبڙ هيٺان پهتاسين جتي علم، فلسفي، حڪمت ۽ سياست جو درياهه بي پايان کڏن کوٻن واري زمين تي مٿي اگهاڙي ليٽيل هو. مونکي ڏسي حيرت لڳي ته هيڏي پيرانه ساليءَ ۽ بيماري جي حالت ۾ به هن بزرگ کي ڪم کانسواءِ آرام نٿو اچي. سندس زندگي سراپا عمل ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري هو قومي ۽ ملڪي محبت ۾ ايڏو بي آرام ٿيل آهي جنهن کي پنهنجي تن من جي سڌ ٻڌ رهيل نه آهي، فارسيءَ جي هڪ شاعر چيو آهي ته:
    محبتی ست کہ دل رامنی دہد آرام
    وگر نہ نيست کہ آسودگی نمی خواہد
    مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، برف جا ٽڪر سندن مٿي تي ۽ سيني تي رکيا ويا.
    1) فرمايائون ته ڏاڍو چڱو ٿيو جو اوهان هتي آيا آهيو، اوهان لاءِ شڪارپور ۽ سکر جي دوستن کي خط لکيا ويا هئا ته مون سان اچي ملو. ان کانپوءِ جهنگ مان اٿي درگاهه تي آياسون جتي مولانا صاحب جي رهڻ لاءِ جاءِ مقرر ٿيل هئي.
    2) فرمايائون ته شمالي سنڌ ۾ ولي الله فلاسفه جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪرڻ جي ڏاڍي ضرورت هئي جنهن لاءِ وڏيري مستي خان مرحوم جي اولاد مونکي زمين ٽڪر ڏنو آهي ۽ انشاءَالله تعاليٰ جلد کان جلد اتي اسڪول کوليو ويندو. مرحوم مستي خان بابت فرمايائون ته شهر جو حاڪم هو ۽ سندس ارادي ۽ اجازت کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿي سگهندو هو. هن جي مون سان اهڙي شفقت هئي جهڙي پنهنجي اولاد سان ٿيندي آهي. مونکي جنهن به شيءِ جي ضرورت هوندي هئي ۽ مرحوم مستي خان کي ان جو پتو پئجي ويندو هو ته سواءِ ڪنهن دير جي هڪدم اها ضرورت پوري ڪئي ويندي هئي. وڏيري لطف الله خان ولد مرحوم وڏيري مستي خان جون به مون سان تمام گهڻيون مخفي مهربانيون هيون. خصوصاً ان وقت جڏهن آءٌ سنڌ ڇڏي ڪابل روانو ٿي ويو هوس اهي ڳجهيون ڳالهيون سلڻ جهڙيون نه آهن. فرمايائون ته امروٽ جا نوجوان وڏيرا منهنجا آهن ۽ منهنجن دوستن جو اولاد آهن. هي منهنجو پنهنجو ڳوٺ آهي. هنن مونکي ڏاڍو خوش ڪيو آهي، آءٌ هنن لاءِ دعا ٿو ڪريان.
    3) فرمايائون ته آءٌ ميان نظام الدين شاهه سجاده نشين کان ڏاڍو خوش آهيان هو سخي آهي جماعت کي قائم رکندو ٿو اچي. مرشدن جو مڪان آباد آهي، اها هڪ تمام وڏي خوبي آهي جا ميان صاحب ۾ موجود آهي.
    4) گوري پهوڙ جي مدرسي جي تعريف ڪندي فرمايائون ته شاگردن جي تنطيم جو ڪم مولوي غلام مصطفيٰ صاحب جي حوالي ڪيو ويو آهي. حافظ عبدالغني شاهه مدرسه جو مهتمم شاگردن جي خوراڪ جو انتظام چڱي طريقي رکندو ٿو اچي، هو چڱو ماڻهو آهي. هن مدرسي جا ڪي شاگرد جي ستت فارغ ٿيڻ وارا آهن. شهدادڪوٽ ۾ جاءِ خريد ڪري هڪ مدرسي کولڻ جو ارادو ڪيو آهي، جتي ولي الاهي تصنيفات جي تعليم ڏني ويندي.
    5) مولانا صاحب فرمايو ته مان سنڌ کان ٻاهر هندستان، يورپ ۽ اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو آهي، پر سنڌ جهڙا مٺا ماڻهو ڪٿي به ڪو نه آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي صوفي بزرگ ۽ وڏا وڏا عالم ٿي گذريا آهن جن جي تربيت ۽ صحبت جو اثر اڄ تائين سنڌي مسلمانن جي نسل ۾ قائم رهندو ٿو اچي، ههڙا مهمان نواز ۽ چيو مڃيندڙ ماڻهو ڪٿي ملي سگهن ٿا؟
    6) هڪ دفعي فرمايائون ته سنڌ جي ساداتن کي گهرجي ته هو ملڪ جا خادم سڏائي ڪم ڪندا رهن، بلڪه پاڻ کي سيد ئي نه سڏائين ته بهتر آهي نه ته ٻي صورت ۾ ڪي مخفي طاقتون اهڙيون پيدا ٿينديون جيڪي ساداتن کي تڪليفون ڏئي هنن کي ٿڪائي وجهنديون. تنهن ڪري هنن کي سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي. فرمايائون ته مونکي جي ايم سيد مليو ته کيس ان بابت ڪجهه چئي ڇڏيندس.
    7) فرمايائون ته ڳوٺ پير جهنڊي ۾ تازو آءٌ سخت بيمار ٿي پيس. دوست احباب نااميد ٿي چڪا هئا، ان حالت نااميديءَ ۾ کين چيو ويو ته آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته مون ۾ اڃا ”حياتيءَ جو جوهر“ موجود آهي جنهن ڪري آءٌ هن وقت ڪونه مرندس، اوهان گهٻرايو ڇو ٿا؟ ان کانپوءِ صحت بحال ٿيندي وئي.
    8) سيد امير علي شاهه عرض ڪيو ته بيماري ڪهڙي آهي؟ فرمايائون ته اها طبيبن کي سڌ هوندي.
    مولانا صاحب ۾ قوت برداشت ايڏي آهي جو هو ڪنهن به بيماريءَ ۾ علاج ڪو نه ڪرائيندا آهن ۽ نه وري علاج لاءِ چوندا آهن. ازخود حڪيم اچي ويو ۽ ڪجهه علاج ڏسيائين ته کڻي ڪندا نه ته پنهنجيءَ عادت موجب هو ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندا آهن. اسان بار بار سخت تڪليف واري حالت ۾ کين ڏٺو آهي ته فقط الله الله جو لفظ اچاريندا آهن، باقي ٻيو ڪجهه به نه ڪڇندا آهن.
    هڪ دفعي مونکي فرمايائون ته تصوف جي طريقن ڪمائڻ سان انسان ۾ قوت برداشت، صبر ۽ استقلال جي ڏاڍي طاقت پيدا ٿيندي آهي. هڪ انقلابي ماڻهوءَ لاءِ تصوف جي منزل کان گذرڻ ضروري آهي.
    9) امروٽ جي وڏيرن واري جامع مسجد بابت فرمايائون ته اصل ۾ اها هڪ ننڍي مسجد هئي، پوءِ حضرت صاحب جن (قطب العارفين مولانا سيد تاج محمود صاحب قدس سره) جي مشوري سان وڏيري مستي خان مرحوم ان کي ڪشادو ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. هن مسجد جي آئري جي پهرين افتتاحي سر حضرت صاحب جن کي رکڻي هئي پر پاڻ ٻاهر ويل هئا جنهن ڪري وڏيري صاحب مون کان رکائي. مسجد جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ حضرت صاحب جن کان واعدو ورتو ويو هو ته جمعه هميشه انهيءَ مسجد ۾ پڙهندا رهندا ۽ آخر اهو واعدو هميشه لاءِ قائم رهيو. مستي خان مرحوم جي وفات کان پوءِ جمعه وڏيرن جي جامع ۾ پڙهندا رهيا.
    آءٌ پوئين رات امروٽ شريف ۾ پنهنجي دوست وڏيري هدايت الله خان دل وٽ رهيل هوس، انهيءَ رات 4 وڳي سحر جو مولانا سميت روانا ٿيڻو هو. وڏيرو صاحب به مهرباني فرمائي اها رات منهنجي خاطر اوطاق ۾ ٽڪيل هو. جڏهن پوئين رات جو آءٌ مولانا صاحب کي اٿارڻ ويس تڏهن پاڻ جاڳي رهيا هئا. فرمايائون ته مونکي هڪ وڳي جاڳ ٿي آهي، ان کانپوءِ ڪو نه ستو آهيان.
    بگيءَ ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ جدا جدا ڳالهيون هلنديون رهيون. فرمايائون ته: ”مولوي محمد انور شاهه صاحب ديوبندي مرحوم حنفي فقه جو وڏو عالم هو پر هن جي استدلال جو سمورومدار امام محمد طحاوي مصري متوفي 321هه جي ڪتاب تي هو. بعض واقعن ۾ حضرت شيخ الهند محمود حسن صاحب طحاويءَ جا دليل قبول نه فرمائيندو هو. جنهن ڪري اسان ماڻهن لاءِ ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هو، آخر فقه حنفيءَ جي حديثن سان مطابقت لاءِ شيخ الهند شاهه ولي الله جي تصنيفات ڏانهن اشارو ڪيو جنهن کانپوءِ مشڪلات حل ٿي وئي. مولانا فرمايو ته امام طحاويءَ جي ڪتاب ”معاني الاثار“ تي مان مفصل حاشيه لکيو هو ۽ ڪتاب جي تلخيص به ڪئي هئي ۽ ان باري ۾ مونکي ”نيل الاوطار“ قاضي محمد بن علي شوڪانيءَ جي ڪتاب مان تمام گهڻي مدد ملي. ”نيل الاوطار“ ڏاڍو مفيد ڪتاب آهي جنهن کي مان بار بار پڙهيو آهي. منهنجي سوال جي جواب ۾ فرمايائون ته طحاويءَ جي حاشيه جا مسودا امروٽ ۾ هئا شايد اهي ضايع ٿي ويا هوندا.
    فرمايائون ته فقه حنفيءَ کي حديث سان تطابق ڏيارڻ ۾ پورا 7 سال محنت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪاميابي ٿي. ان لاءِ حضرت صاحب امروٽ وارن مون لاءِ تمام گهڻا ڪتاب جمع ڪرايا، ان کان سواءِ پير جهنڊي واري جي ڪتب خاني مان ناياب ڪتاب مطالعي لاءِ مليا. امروٽ شريف ۾ رهڻ وارو زمانو ڪتابن جي مطالعي ۾ گذريو.
    فرمايائون ته حضرت صاحب امروٽ وارن شڪارپور مان حنفي فقه جي امام ابو زيد دبوسيءَ جو ڪتاب ”الاسرار“ جو قلمي نسخو مهيا ڪري ڏنو جنهن مان فقه حنفيءَ جي اصلي مسلڪ اسان جن استادن جي معلوم ٿي وئي. فقه ۾ بنيادي ڪتاب اهي ئي آهن، باقي جيڪي مدرسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا سي تمهيد طور آهن.

    رڪ اسٽيشن:
    صبح جي نماز رڪ اسٽيشن تي پڙهي سون، گاڏي ليٽ هئي جنهن ڪري گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پيو. شڪارپور جا ڪي افغان ٺيڪيدار ساڻن ملاقات لاءِ آيا جن کي وصيت ڪيائون ته قرآن شريف جو ترجمو سکو. فرمايائون ته هڪ مسلمان فقير مسافر سفر ڪندو مارواڙي ملڪ ۾ وڃي نڪتو. قرآن شريف ڳچيءَ ۾ حمائل ٿيل هوس، ڪن مارواڙي هندن جي ڳوٺڙي ۾ وڃي نڪتو، اتي پاڻي پيتائين ۽ مارواڙين پڇيس ته هي ڳچيءَ ۾ ڪهڙو ڪتاب اٿئي؟ فقير چيو ته خدا جو ڪلام آهي، مارواڙي هندن چيو ته پڙهي ٻڌاءِ! فقير چيو ته معنيٰ ته آءٌ ڪا نه ڄاڻان. هو افسوس ڪرڻ لڳا ته خدا جو ڪلام ته ٻڌوسين پر ان جو مطلب معلوم نه ٿيو. مولانا فرمايو ته جيڪڏهن فقير کي معنيٰ ايندي هجي ها ته هوند ڪيڏو نه فائدو پهچي ها.
    هڪ شخص مون کان سوال ڪيوته فلاڻو مولوي ويد ۽ قرآن کي هڪ جهڙو خدائي ڪلام ڪري مڃي ٿو، اهو ته ڪفر آهي. مولانا صاحب اهي لفظ ٻڌي ورتا، پاڻ غصي ۾ اچي فرمايائون ته هي هندستاني مسلمان جيڪڏهن هندستان کي پنهنجو وطن ڪري نٿا مڃن ته پوءِ نڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ڏانهن هليا، ڇو نه ٿا وڃن. حضرت ابراهيم جي دين حنيف کان اڳ ۾ هڪ ٻيو دور هو انهيءَ دور جي لحاظ سان جيڪڏهن ويد کي الهامي چيو وڃي ته ڪهڙو نقصان آهي. حضرت ابراهيم جي ذهني ترقيءَ واري دور ۾ اڳين سڀ شيءِ ختم ٿي وڃي ٿي. وڌيڪ فرمايائون ته ڪو به مذهب يا ڌرم انساني وحدت جو انڪار ڪو نه ٿو ڪري سگهي. خصوصاً قرآن شريف ته انسانيت جي وحدت تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي ته ان حالت ۾ انسانيت جو مذهب به يقيناً اصولي طرح ساڳيو هوندو. باقي جيڪي فروعي فرق ٿين ٿا سي زماني، قومن جي رواج جي لحاظ سان ٿين ٿا نه ته خدائي مذهب هر هنڌ ساڳي شيءِ آهي.
    فرمايائون ته آثار قديمه جي کوٽائي مان جيڪي ڪتبا يا لکيتون هٿ آيون آهن تن مان محققين ثابت ڪيو آهي ته حضرت نوح عليه السلام ۽ منو شاستر جا قانون قريب قريب هڪ جهڙا آهن.
    عرض ڪيم ته گذريل سال کان آءٌ هندستاني مذهبن ۽ انهن سان مسلمانن جي لاڳاپي تي ڪيترائي ڪتاب مطالعو ڪندو رهيو آهيان، پاڻ فرمايائون ته ان تي ڪجهه لکو ته سنڌ وارن کي فائدو حاصل ٿئي.

    سکر ۾:
    رڪ کانپوءِ آءٌسکر لهي پيس ۽ پاڻ مولوي خليفه عبدالعزيز صاحب ڏانهن ٿريچاڻيءَ هليا ويا، ٻن ڏينهن کان پوءِ وري سکر واپس اچي ڊاڪٽر محمد عمر صاحب وٽ مهمان ٿيا. بيماريءَ سبب طبع بلڪل عليل ۽ ڪمزور هئي، رات آرام ۾ گذاريائون. ڊاڪٽر صاحب اها خدمت بجا آڻيندو رهيو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ خدمت چئي سگهجي ٿو. پاڻ ڊاڪٽر کي ڏاڍيون دعائون ڪندا رهيا.
    فرمايائون ته ڊاڪٽر محمد عمر جو والد مولوي احمد صاحب مرحوم ۽ سندس چاچو مولوي عبدالعزيز صاحب (ان وقت ميانجي عبدالعزيز موجود هو) حضرت صاحب امروٽ وارن جا شروعاتي مصاحب ۽ سنگتي آهن. مولوي احمد صاحب جو مونسان تمام گهاٽو لاڳاپو هو. مون کان هڪ دم به جدا نه ٿيندو هو. هي منهنجي دوست جو اولاد آهي، الله تعاليٰ هنن ۾ برڪت ڪئي آهي. ڊاڪٽر جو وڏو ڀاءُ مولوي محمد عثمان نوابشاهه ۾ رهي ٿو، اهو به وقت بوقت خاموش خدمتون ڪندو رهي ٿو. آءٌ الله تعاليٰ جو شڪر ڪريان ٿو ته سنڌ ۾ منهنجا دوست ۽ سندن اولاد مون سان ڏاڍو ٻڌل آهن ۽ مونکي مڃن ٿا.
    صبح جي وقت اخبارون آيون. فرمايائون ته لاهور جومسئلو ڪيئن هلي رهيو آهي. عرض ڪيم ته وزيراعظم خضر حيات خان کي مسلم ليگ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي اٿن. پاڻ فرمايائون ته جيڪي ماڻهو لاهور جي مسئلي کي سمجهي نٿا سگهن. تن کي هندستان جي مسلمانن جي رهبريءَ جو ڪو به حق نه آهي. حقيقت ۾ انگريزن جي هندستان ۾ مرڪزي شهر دهلي نه آهي پر لاهور آهي. لاهور جي سياست براهه راست هو پنهنجن هٿن ۾ رکڻ گهرن ٿا، تنهن ڪري لاهور کي سمجهڻ لاءِ گهڻي غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي.
    فرمايائون ته انقلاب اخبار جي ايڊيٽرن مسٽر جينا جي برخلاف جدا جدا اخبارن جا فائل جمع ڪيا آهن. هو جڏهن به لاهور (پنجاب) جي مسئلي ۾ دست اندازي ڪندو تڏهن پنجاب جي مسلم پريس پوري طاقت سان مسٽر جينا جو مقابلو ڪندي.
    مسٽر جينا اڃا لاهور مان نااميد نه ٿيو آهي پر جڏهن پوريءَ طرح نااميد ٿي ويو، تڏهن انگريز هن ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا.
    عرض ڪيو ويو ته لاهور ويو ته پوءِ پاڪستان جو مرڪز ڪٿي ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته اها ته ڳالهه آهي. آخر پاڪستان ۾ جيڪا قرآني حڪومت قائم ڪندا سا ڪيئن هوندي؟ مسٽر جينا عالمن کي ته تڙي ڪڍيو آهي جيڪي قرآن جي رمزن ۽ رازن جا واقف آهن. عالمن کانسواءِ قرآني حڪومت جي تشڪيل ڪير ڪري ڏيندس؟
    عرض ڪيو ويو ته حڪومت الهيه جو جيڪو پروگرام هندستان ۾ رٿيو وڃي ٿو اهو ڇا آهي؟ فرمايائون ته ٻارن کي تسلي ڏيارڻ لاءِ رانديڪو آهي، برطانيا شهنشاهيت ۾ ڀلا حڪومت الاهيءَ جو امڪان ٿي سگهي ٿو؟ هرگز نه.
    هندستان جي نيشنل تحريڪن کان دماغن کي هٽائڻ لاءِ هي رانديڪا کڙا ڪيا ويندا آهن، باقي ان جي اندر ٻيو ڪجهه به نه آهي.

    حياتيءَ جا پويان چار مهينا:
    بيماري: حضرت مولانا عبيدالله قدس سره جڏهن به دهلي ويندا هئا، تڏهن اتان گهڻو ڪري طبع ۾ عليل ٿي واپس ايندا هئا، هن دفعي اپريل 1944ع جمعيت طلباءِ سنڌ جي جلسي جي صدارت ۽ جمعيت علماءِ جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ جڏهن حيدرآباد ۾ پهتا تڏهن سندن رهائڻ جو بندوبست تاج محل هوٽل ۾ ڪيو ويو هو. مولوي ظهيرالحق صاحب دين پور شريف مان حيدرآباد تائين سندن همراهه آيل هو. مولوي عبدالمجيد طالب علم حيدرآباد ۾ رات ڏينهن حاضريءَ ۾ موجود هو. بيماري اسهالن ۽ پيچش جي گهڻي حد کي پهتل هئي. مان خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان پوءِ سندن پڇڻ يا اجازت کانسواءِ مون پنهنجي محترم دوست حڪيم شمس الدين احمد کي گهرائي ورتو جنهن صاحب طبع ڏسي نسخو تجويز ڪري دوائون پنهنجي مطب مان موڪلي ڏنيون.
    حضرت امام صاحب جو علاج بابت هي رويو هوندو هو جو پاڻ ڪڏهن به حڪيم يا ڊاڪٽر گهرائڻ يا طبع ڏيکارڻ جي خواهش نه ڪندا هئا پر جيڪڏهن ڪو دوست حڪيم يا ڊاڪٽر وٺي ايندو هو ته ان کان انڪار به نه ڪندا هئا. علاج جا گهڻي حد تائين قائل نه هوندا هئا جنهن ڪري اسان ڏٺو ٿي ته ڪڏهن به باقاعده پرهيز جي پابندي هرگز ڪا نه ٿي ڪيائون. حيدرآباد جي چئن ڏينهن واري عرصي ۾ جناب شيخ عبدالمجيد صاحب پنهنجي هڪ دوست هوميوپيٿي ڊاڪٽر کان به علاج ڪرايو پر افاقه باقاعده نظر ڪو نه آيو ٿي. قريب قريب حالت ساڳي رهندي آئي ٿي، پر ان هوندي به هڪ ٻي شيءِ جو اسان کي تجربو ٿيندو رهيو، يعني ته جڏهن هوٽل جي ڪمري ۾ هوندا هئا ته لمحي لمحي کانپوءِ ڪاڪوس جو خيال ٿيندو هئن، پر جڏهن جمعيت جي اجلاسن ۾ هلي شريڪ ٿيندا هئا ته ان وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ڪنهن تڪليف جي ويٺا يا وهاڻي تي ليٽيا پيا هوندا هئا، يعني ته قوت ارادي سندن ايڏي قوي هئي جو ڪيڏي به وڏي تڪليف کي فقط توجهه هٽائڻ سان دفع ڪري سگهندا هئا.

    جمله معترضه:
    گذريل سال ۾ هڪ دفعي آءٌ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته تصوف جي لطائف ۽ طريقن جو شغل به ضروري آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته هڪ انقلابي ماڻهوءَ لاءِ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو ان ڪري قوت برداشت يا سهڻ جي وڏي طاقت پيدا ٿيندي آهي. سندن مطلب هو ته انقلاب جي راهه ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون پيش اچن ٿيون، جيڪڏهن سهڻ جي شڪتي نه هوندي ته ماڻهو گهٻرائجي هارائي ويهندو. تنهن ڪري مرشد طريقت يا صحبت يا سبق مان سڀ کان وڏي شيءِ جيڪا پرائجي ٿي سا اهائي قوت ارادي ۽ رضا ۽ تسليم جو مقام آهي، جتي پهچڻ کان پوءِ اف به ڪا نه ڪرڻي پوي ٿي.
    وڌيڪ فرمايائون ته سلوڪ جا سمورا رستا منهنجا ڪمايل آهن. پر آخرين حد تي پهچڻ کانپوءِ ڇڏيا ويا هئا، ڇاڪاڻ جو مرشد جو ارادو هو ته اشغال طريقت جي تڪميل کان پوءِ خلافت جو خرقه ڍڪايو وڃي. هوڏانهن مونکي دنيا ۾ ٻئي ڪم ڪرڻ جو حڪم هو.

    دارالرشاد ڏانهن روانگي:
    حيدرآباد جي اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ مولانا قاري محمد طيب مدظله صدر جلسه جمعيت علماءِ کي حضرت مولانا امام عبيدالله قدس سره جي مشوره سان دارالرشاد (ڳوٺ پير جهنڊي ۾) تشريف آوريءَ جي دعوت ڏنل هئي، پاڻ به انهيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ حيدرآباد کان موٽر جي ذريعي دارالرشاد پهتا. قاري صاحب ته اتان شڪارپور ڏانهن خان بهادر حاجي مولابخش خان جي دعوت تي هليو ويو ۽ پاڻ اتي رهجي پيا. آءٌ حيدرآباد مان ئي موڪلائي ڪراچي هليو آيس.
    ڪجهه وقت کانپوءِ مونکي دارالرشاد مان مولوي عزيز احمد صاحب جو خط پهتو ته پاڻ نهايت سخت بيماريءَ جي حالت ۾ شڪارپور ڏانهن مدرسي درالسعادت گوري پهوڙ جي معائني لاءِ ويل آهن. آءٌ ڪراچيءَ مان سندن خدمت ۾ رهڻ لاءِ سکر پهتس اتي معلوم ٿيو ته مونکي بار بار ياد ڪيو اٿن ته ساڻن اچي ملاقي ٿيان ۽ هي به معلوم ٿيو ته پاڻ امروٽ شريف ۾ آهن. امروٽ شريف ۽ سکر جي سفر جو احوال اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

    ڀرچونڊي شريف ڏانهن:
    سکر مان جون مهيني جو اوائلي تاريخن ۾ هڪ رات لاءِ شڪارپور هليا جتي خان بهادر حاجي مولابخش خان کي 15 منٽ ملاقات لاءِ ڏنائون. بيماريءَ جي برابر تڪليف هئي پر جڏهن ڪيڏانهن هلڻ جو ارادو ڪندا هئا تڏهن اها بلڪل نظر ڪا نه ايندي هئي. شڪارپور ۾ 9 جمادي الثاني خميس جي ڏينهن ٻن پهرن جو فرمايائون ته هتان سڌو ڀرچونڊي شريف هلڻو آهي. سخت گرمي ۽ ڪاڙهو هيو، چيو ويو ٿي ته سکر ڏانهن ويندڙ بس (لاري) به هلي وئي هوندي ۽ ريل گاڏي ٻئي ڏينهن صبح جو پهچندي. پاڻ فرمايائون ته جمعي 01 جمادي الثانيءَ حضرت مرشد سائين جو ٻارهو آهي، ان ۾ ضرور شريڪ ٿيڻو آهي. ۽ جيڪڏهن 6 وڳي شام جو روهڙي کان ريل تي هلبو ته رات جو ڀرچونڊي شريف پهچي وڃبو. آخر آءٌگهوڙي گاڏي شڪارپور کان سکر تائين ڪرائي تي ڪرائڻ لاءِ نڪتس ته هڪ ماڻهوءَ اچي چيو ته سکر واري لاري اڃا ڪا نه وئي آهي. جتان 2 وڳي روانا ٿي 4 وڳي سکر ۽ سکر مان ساڳئي وقت گهوڙي گاڏيءَ ۾ روهڙي اسٽيشن تي پهتاسين. گرميءَ جي تڪليف ۽ سفر جي ڪوفت سبب کين تڪيلف ته ڏاڍي پهتي پر ان جو اظهار ڪنهن به صورت ۾ ٿيندو ڏٺو ڪو نه ويو.
    روهڙيءَ جي اسٽيشن تي محترم مير هزار خان انسپيڪٽر ريلوي پوليس موجود هو. هو حضرت امام صاحب جي عاشق دوستن مان آهي، جنهن ريلوي سفر جي سڀني سهوليتن پهچائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان قريب مغرب جي وقت ڏهرڪي جي اسٽيشن تي پهتاسين.
    ضعف ۽ تڪليف جي وقت به پاڻ ريل يا گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت ڪنهن کان به مدد نه وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪو خادم ٻانهن ۾ مدد لاءِ هٿ وجهڻ لاءِ اڳتي وڌندو هو ته هن کي جهڻڪي پري ٿي وڃڻ لاءِ چوندا هئا. ڏهرڪي اسٽيشن تي پاڻ جيستائين لهي هيٺ ٿين تيستائين مان لهي هڪ بگي درگاهه تائين پهچائڻ لاءِ ڪرائي تي ڪئي. اتان روانا ٿي مغرب جي وقت درگاهه تي پهتاسين. پاڻ بگيءَ واري کي هڪ رپيو ٻول جي بجاءِ ٽي رپيا ڏنائون ۽ مونکي ڪرائي ڏيڻ کان منع ڪيائون. رستي ۾ آهستي آهستي مولود چوندا رهيا، جو مونکي سمجهه ۾ نه آيو. جيستائين رهڻ جو ڪو انتطام ٿئي تيستائين پاڻ زمين تي ويهي رهيا ۽ اتي ئي مغرب نماز ادا ڪيائون. مرشدن جي درگاهه تي اچڻ ڪري ڏٺو ويو ٿي ته چهري تي رونق آيل هئي ۽ فروتني ۽ نيازمندي ڪمال درجي تي پهتل هئي ۽ ان وقت عجيب ڪيفيت طاري ٿيل ڏسڻ ۾ آئي ٿي.
    ڀرچونڊي شريف ۾ برابر ٻه راتيون رهيا پر اتي بيماريءَ جو تمام سخت واڌارو ٿيو ۽ حضرت پير سائين سجاده نشين مدظله ٻه دفعا مولانا سائينءَ جي ملاقات لاءِ سندن بيٺڪ تي آيو. مون سان گڏ مولوي عبدالمجيد طالب علم خدمت لاءِ پهچي ويو هو. ان کي هڪ دفعي فرمايائون ته مراقبه جي وقت تون منهنجي سامهون نه ايندو ڪر ڇاڪاڻ ته ”تصور شيخ“ کان پوءِ اکين کولڻ وقت دل نه گهرندي آهي ته بروقت ڪنهن ڌاريي ماڻهو تي نظر پوي.
    صوفياءِ ڪرام وٽ ”شغل برزخ“ هڪ مقام آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري حضرت مولانا سائين جو آخري وقت ۾ استغراق رهندو هو (اسان اهل حديث مان گهڻا ان شيءِ جا قائل نه آهن پر هڪڙي حقيقت جي انڪار ڪرڻ جي گنجائش به ڪا نه آهي.)
    هڪ دفعي فرمايائون ته درگاهه ڀرچونڊيءَ واري مسجد جي عمارت جي تعمير وقت هڪ انتظام ڪيو ويو هو ته جن ماڻهن سرون وڌيون، جن پچايون ۽ جن ڍويون ۽ جن عمارت اوساري سي سمورا ماڻهو باوضو لااله الاالله جو ذڪر ڪندا رهيا ٿي. عرض ڪيم ته اهوئي سبب آهي جو هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ ڪري هڪ خاص لطف ۽ مزو اچي رهيو آهي.
    پاڻ هڪ دفعي مسجد ۾ هلي ڏاڍي غور سان جماعت کي ڏسي واپس آيا. مسجد جي ڏکڻ ۾ سندن مرشد ڪامل حضرت حافظ صاحب قدس سره جو مقبرو هڪ گنبذ هيٺان آهي، اتي ڪو نه ويا ان بابت جيتوڻيڪ پڇڻ جي جرئت نه ٿي پر جڏهن ”شغل برزخ“ جاري هو ته پوءِ باقي مقبرن تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
    ڇنڇر ڏينهن 11 جمادي الثاني ڏينهن لڙئي اسان ڀرچونڊي شريف مان روانا ٿياسين، حضرت سجاده نشين بگي عطا فرمائي. ڏهرڪي اسٽيشن تي پير صاحب جن جو بنگلو ۽ مسجد آهي، گاڏي جي اچڻ ۾ دير هئي تنهن ڪري اتي وڃي ترسياسين.
    فرمايائون ته آءٌ ديوبند کان فارغ التحصيل ٿي 7 جمادي الثاني 1308هه هن ڏهرڪيءَ جي اسٽيشن تي رات جو پهتس، اتي هڪ ماڻهوءَ چيو ته هتي جهنگ ۾ ڏيو ٻري رهيو هو، سو افسوس جو وسامي ويو يعني ته حضرت قطب العارفين قدس سره وفات ڪري ويو. فرمايائون ته سياري جي سرد رات هئي، ساري رات هڪ پورٽر جي ڪوٺڙيءَ ۾ روئندي گذري. صبح جو درگاهه تي پهتس مسجد جي ٻاهران هڪ وڻ جتان طلب علم جي روانگي وقت مرشد سائين گڏجي آيا هئا ان وڻ هيٺان بيهي روئڻ لڳس اها بي اختياري حالت هئي. برابر ٻه راتيون ٻه ڏينهن روڄ بند نه ٿيو. حضرت خليفه صاحب دين پوري (مولانا غلام محمد صاحب رحه) اتي موجود هئا سارو وقت دلداري ۽ دلجوئيءَ ۾ رهيا. آخر ٽن ڏينهن کانپوءِ اها ڪيفيت ختم ٿي وئي.
    پاڻ فرمايائون ته ڀرچونڊي شريف ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هو پر پوءِ ميان صاحب سجاده نشين (حضرت مولانا عبدالله صاحب رحه، حضرت حافظ صاحب قدس سره جي ڀائٽي) جو ارادو ٿيو ته گنبذ ٺهرائجي، ڪي جماعت جا علماءَ ان ۾ راضي نه هئا. اسان جو به رايو نه هو تنهن ڪري پري کان سڪ ۾ رهڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو ويو.
    فرمايائون ته حضرت ميان صاحب سجاده نشين وڏو منهنجو ڏاڍو خيرخواهه ۽ منهنجي هر هڪ ڳالهه مڃيندو هو ۽ مشورو وٺندو هو.
    فرمايائون ته آءٌ جڏهن ڀرچونڊي شريف مان طلب علم لاءِ نڪتس، تڏهن حضرت مرشد حافظ صاحب فرمايو ته شال ڪنهن پڪي پختي عالم سان پلئه ڳنڍجيس. فرمايائون ته منهنجو ارادو هو ته ڪانپور ۾ وڃي مولانا محمد حسن منطقيءَ وٽ وڃي علم پرايان مگر سهارن پور پهچڻ تي هڪ شخص چيو ته پڙهڻ وڃين ٿو ته هتي ڀرسان ديوبند جي قصبي ۾ به مدرسو آهي اتان به ٿيندو وڃ، پوءِ ڪانپور جو ارادو ترڪ ڪري ديوبند لهي پيس. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن جي شاگرديءَ ۽ صحبت جو شرف حاصل ٿيو ۽ اهو سڀ ڪجهه مرشد سائينءَ جي دعا جي برڪت محسوس ڪريان ٿو.
    ڏهرڪيءَ مان سکر ۽ اتان ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ روانا ٿي آياسين، ڪراچيءَ ۾ اسٽيشن تي لهڻ کانپوءِ مونکي رخصت ڪيائون ۽ پاڻ بگيءَ ۾ سوار ٿي مدرسي مظهرالعلوم کڏي ڏانهن روانا ٿي ويا.
    ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ سندن بيماريءَ جي حالت درست ٿيڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز خان کان علاج ڪرائيندا رهيا. پاڻ شام جو بگيءَ تي کڏي مان سوار ٿي ميمڻ گاڏي حاطه ۾ مون نيازمند جي جاءِ تي ايندا هئا ۽ اتان صدر ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن ويندا هئاسين. ڊاڪٽر سندن هڪ وڏو متعقد ۽ مخلص دوست هو ۽ هر طرح محنت سان علاج ڪرڻ ۽ دوا ڏيڻ ۾ ڪين گهٽائيندو هو. حضرت مولانا محمد صادق صاحب سمورو وقت خدمت ۾ مصروف رهندا هئا ۽ مسٽر محمد امين خان کوسو ايم ايل اي جون خدمتون ۽ مخلصانه عقيدتمنديون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ مسٽر محمد امين خان وٽ رائل هوٽل ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ کيس ”خان“ جي لفظ سان خطاب ڪندا هئا. مونکي هڪ دفعي فرمايائون ته سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مسٽر محمد امين خان ليڊر آهي هو سمجهدار آهي. هن جي سمجهي وڃڻ سان باقي ساڻس ڪم ڪندڙ ڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا.
    رجب مهيني ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي عظيم منتظمه مجلس حيدرآباد ۾ سڏايل هئي. پاڻ فرمايائون ته انهيءَ اجلاس ۾ ضرور شرڪت ڪرڻي آهي. شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ آئون مولانا جي خدمت ۾ حيدرآباد پهتاسين. پاڻ تاج محل هوٽل ۾ ترسيا. جمعيت جي ٻن ميٽنگن ۾ پاڻ لڳاتار شرڪت فرمايائون ۽ بعض موقعن تي مشورو به ڏيندا رهيا.
    مولوي عبدالڪريم روسي علامه موسي جار الله جي ساٿين مان ان موقعي تي حيدرآباد ۾ آيل هو ۽ حضرت امام وٽ مڪي شريف ۾ قرآن شريف جو ترجمو ٻڌو هئائون سندن خصوصي شاگردن مان هو. ان کي هڪ مجلس ۾ تنبيهه ڪندي فرمايائون ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو آهي ته پوءِ ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ماڻهن ۾ ڪم ڪري جن کي تعليم ۽ دين سکڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ڪنهن به جماعت سان گڏجي پاڻ کي ڦاسائي نه رکي جو ان سان ٻهراڙي کي ڪو به فائدو پهچڻ وارو نه آهي.
    حيدرآباد مان ميرپورخاص هلڻ جو ارادو ڏيکاريائون. فرمايائون ته اتي مولوي عبدالله صاحب لغاري جي والده آهي، جنهن کي مان به پنهنجي ماءُ ڪري سڏيو آهي ان سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو آهي. (اها مائي تازو گذريل ذوالقعد ۾ 12 سالن جي ڄمار کي پهچي وفات ڪري وئي هئي. هوءَ مائي قطب العارفين حضرت حافظ صاحب ڀرچونڊي واري کان بيعت ٿيل هئي ۽ ڪيترا سال سندس خدمت ۾ رهي ذڪر شغل حاصل ڪيا هئائين.) حضرت مولانا جن ميرپورخاص ۾ مولوي عبدالله صاحب جي مڪان تي برابر ٽي ڏينهن رهيا ۽ آءٌ اهو سمورو وقت پنهنجي دوست وڏيرو فقير محمد خان مڱريو جي اوطاق تي وڃي رهيس ۽ وٽن روزانو صبح شام حاضري ڏني ويندي هئي. حضرت امام کي مولوي عبدالقادر صاحب مهتمم مدرسي دارالرشاد جي اچڻ جو اوسيئڙو جو هو سانگهڙ مان اچڻ وارو هو. مولوي صاحب جي اچڻ کانپوءِ مولوي عبدالله ۽ مولوي عبدالقادر جي معيت ۾ کڏڙي واري لائين سان نوابشاهه روانا ٿياسين. جتان پير جهنڊي جي ڳوٺ لاءِ ارادو ڪري چڪا هئا. ميرپورخاص رهڻ وارن ڏينهن ۾ منهنجي دوست وڏيري فقير محمد خان خدمت جا پورا حق ادا ڪيا ۽ خان بهادر غلام محمد خان وساڻ به مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿي عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو. آخر ۾ نوابشاهه پهچڻ تائين سفر خرچ جو سمورو بار وڏيري فقير محمد خان ادا ڪيو. جزاه الله تعاليٰ.
    رات جو حڪيم محمد معاذ صاحب وٽ رهي صبح جو پير جهنڊي دارالرشاد ۾ پهتاسين، اتي سڀ کان پهريان سندن سامهون هي ڪم هو ته ”سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ“ لاءِ جيڪو زمين ٽڪرو جناب پير سيد ضياءَالدين صاحب عطيه طور کاتو بدلائي ڏنو هو ان بابت آخرين طرح صفائي ڪرڻي هئي. پير صاحب پهرين ئي ملاقات ۾ معاملو صاف ڪري ڇڏيو. يعني ته زمين جو اهو ٽڪرو هميشه لاءِ حضرت مولانا جي تحريڪ لاءِ ڏئي ڇڏيائون.
    دارالرشاد ۾ حضرت امام جو شاگرد مولوي بشير احمد بي اي لوڌيانوي به رهيل هو. حضرت امام کان هن صاحب”سورت المزمل“ ”سورت مدثر“ جو تفسير ٻڌو هو. ان کي ”ڪتاب الانقلاب“ نالي ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪري چڪو هو ۽ آخر ۾ حضرت امام کي پيش ڪري ان جي تصحيح ڪرائي ڇڏيائين. شايد اهو ڪتاب هن وقت لاهور ۾ ڇپجي شايع ٿي ويو هجي. ٻئي ڏينهن تي وري ڪراچيءَ هلڻ جي تياري ڪيائون ۽ صبح جو قرآن شريف جو درس ڏنائون. آيتون اهي هيون جن ۾ مڪي شريف کي حضرت ابراهيم پاران مرڪز بڻائڻ جو ذڪر آهي. قرآن شريف تي سندن اها آخري تقرير هئي ۽ ايڏي دلچسپ ۽ بلند درجه جي عالمانه تقرير هئي جنهن جي عظمت ٻڌڻ سان تعلق رکي ٿي. افسوس جو اها تقرير اسان ياد نه رکي سگهياسين، پر مان ڏٺو ٿي ته مولوي بشير احمد لڌيانوي ان کي قلمبند ڪندو ويو ٿي.
    اسان اهو سفر 12 ڏينهن اندر ختم ڪري وري ڪراچيءَ اچي پهتاسين. ڪراچيءَ ڇڏڻ وقت طبع گهڻي درست ٿي چڪي هئي، پر هن لڳولڳ سفر جي ڪيفيت ۽ بي آراميءَ سبب واري طبيعت گهڻو ڦيرو کاڌو ۽ ڪراچيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهه وقت ته ڊاڪٽر خان جو علاج هليو، پر پوءِ ڪراچي جي مشهور ڊاڪٽر احمد سعيد علاج لاءِ وٽن کڏي جي مدرسي مظهرالعلوم ۾ ايندو رهيو. حضرت مولانا امام بيماري جي حالت ۾ پرهيز تمام گهٽ ڪندا هئا. سندن کاڌي جو انتظام جيڪڏهن باقاعده رهندو هو پر ان هوندي به يورپين طرز جو هلڪو کاڌو مسٽر محمد امين خان کوسو تيار ڪرائي موڪليندو رهندو هو. بيماري وڌيڪ زور ورتو ته مسٽر محمد امين ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب آنريبل ڊاڪٽر هيمنداس وزير کي وٺي اچي طبع ڏيکاريائون ۽ هنن جو مشورو هيو ته حضرت مولانا کي ڪنهن يورپين نموني جي نرسنگ هائوس ۾ رهائجي پهريان ان بابت هائو فرمايائون پر پوءِ انڪار ڪيائون. ان وچ ۾ مسٽر جي ايم سيد به پنهنجي بنگلي ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو پر قبول نه فرمايائون. آخر شعبان مهيني جي پوئين هفتي ۾ مونکي گهرائي ارشاد فرمايائون ته تياري ڪري اچ ته ڳوٺ پير جهنڊي هلجي. گاڏي رات جو 11 وڳي هلڻي هئي، پاڻ انهيءَ ڏينهن صبح جو 10 وڳي تيار ٿي ويٺا ۽ آئون 4 وڳي خدمت ۾ حاضر ٿي ويس. مسٽر محمد امين خان کوسو فرسٽ ڪلاس ۾ سيٽ رزور ڪرائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو ۽ خان بهادر مير غلام علي خان ٽالپر مسٽر عبدالمجيد عباس چيف آفيسر حيدرآباد کي حيدرآباد اسٽيشن تي صبح جو موٽر تيار رکڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي مولانا غلام مصطفيٰ فاضل ديوبند ۽ مولوي عزيز الله شهدادڪوٽي ۽ مولوي عبدالواحد سنڌي (دهلوي) پروفيسر محمد سرور (جامعه دهلي) ڪراچيءَ ۾ مولانا قدس سره جي خدمت ۾ آيل هئا.
    مونکي ارشاد ڪندي فرمايائون ته هن سفر ۾ فقط اڪيلو توکي هلڻو آهي ۽ بس، مان سمجهي رهيو هوس ته بيمار ۽ ضعيف ماڻهوءَ کي ايڏي سفر تي پوري تيمارداري سان وٺي وڃڻ ڏاڍو مشڪل آهي. تنهن ڪري مولوي عزيز الله صاحب شهدادڪوٽيءَ کي گڏجي هلڻ لاءِ اشارو ڪري ڇڏيم. رات جو ڪراچي اسٽيشن تي حضرت مولانا محمد صادق صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ مسٽر محمد امين خان کوسوموجود هئا جن کان آخري موڪلاڻي ٿي رهي هئي. صبح جو حيدرآباد اسٽيشن تي مسٽر عبدالمجيد صاحب عابدموٽر سميت موجود هو ۽ جناب پير علي محمد شاهه راشدي به اسٽيشن تي آيل هو، جنهن حضرت امام جي آخري زندگي ۽ موٽر ۾ سواري جو فوٽو ورتو ۽ اتان موٽر رواني ٿي وئي. مسٽر عبدالمجيد کي به ساڻ کنيو ويو ته چيف آفيسر جي حيثيت ۾ رستي ۾ پيش ايندڙ ضرورت موافق مددگاري ڪندو رهي.
    حيدرآباد کان پير جهنڊي جو ڳوٺ پورو 50 ميل آهي، پر پراونشل روڊ هجڻ ڪري رستو بلڪل صاف هو، جنهن ڪري سعيد آباد پهچڻ تائين ڪا به تڪليف ڪا نه پهتي ۽ خدمت جو پورو پورو حق جيڪو مولوي عزيز الله صاحب ادا فرمايو سو هن بزرگ جو ئي حصو هو. الله تعاليٰ کيس ان عاشقانه محبت ۽ خدمت جو ضرور وڏو بهرو ڏيڻ فرمائيندو. رستي ۾ هڪ هنڌ فرمايائون ته مونکي شاهه جا بيت ٻڌايو، جنهن تي ڪجهه مسٽر عابد ۽ ڪجهه مولوي عزيز ا لله کين ڏوهيڙا ٻڌايا. ڳالهين هلندي دهلي ۽ اردو زبان جو ذڪر اچي ويو. پاڻ ان موقعي تي مرزا داغ دهلويءَ جو هڪ غزل پڙهيائون پر آواز جي ضعف ڪري پورو سمجهه ۾ نه آيو. فقط هڪ فقره ياد آهي ته:
    ‘‘تصویر یار کی ہم جبیں پر لگائیں گے’’
    اسان قريب 12 وڳي دارالرشاد جي دروازي تي پهتاسين. حضرت امام صاحب قدس سره جي رهڻ لاءِ مدرسي جي مٿئين طبقي ۾ هڪ خصوصي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي مٿي پهچايو ويو، جتي سندن تيمارداريءَ ۾ مولوي عزيز الله رات ڏينهن مصروف رهيو. حالت تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي. حڪيم ڊاڪٽر وغيره آيا پئي پر سڀ ڪو مايوس ٿيندو نظر آيو ٿي. ٻئي ڏينهن تي مولوي ميان ظهيرالحق صاحب حضرت امام جو نواسو (ڏوهٽو) پنهنجن ڪن رفيقن سميت به اچي پهتو. آءٌ برابر هفتو خدمت ۾ رهيل هوس. پاڻ هڪ ڏينهن گهرائي ارشاد ڪيائون ته تنهنجو عيال ڪراچيءَ ۾ آهي، رمضان شريف ويجهو آيل آهي تنهن ڪري توکي موڪل آهي جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ هليو آيس. حضرت امام صاحب 29 شعبان جي دارالرشاد مان دين پور شريف روانا ٿي ويا. جتي 2 رمضان شريف 1363هه جي ڳالهائيندي پوري هوش ۽ حواس سان صبح جي وقت پنهنجي جان حقيقي مالڪ جي سپرد ڪيائون. انا لله و انا اليه راجعون.

    (ماهوار ”توحيد“ ڪراچي جون، آڪٽوبر ۽ نومبر ڊسمبر 1944ع)


    مولانا سنڌيءَ جو سياسي ۽ اقتصادي نظريو : نور احمد ميمڻ

    مولانا عبيدالله سنڌي اڻويهين صديءَ ۾ اهڙو يگانو عالم، مفڪر ۽ انقلابي شخص هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جو ڪجهه چيو، لکيو ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ان تي پاڻ ڀرپور نموني عمل به ڪري ڏيکاريو. سندس فڪر ۾ انقلاب جي تعليم کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي،ان ڪري پاڻ سموري زندگي انقلاب جي لاءِ سرگرم رهيو. ننڍي کنڊ جي غلام قومن کي انقلاب جي عمل مان گذاري مڪمل اقتصادي، سياسي ۽ قومي آزادري ڏيارڻ لاءِ هُن جيڪي جتن ڪيا، ڏک ڏاکڙا ۽ مصيبتون برداشت ڪيون، حڪمت عمليون اختيار ڪيون ۽ ڪوششون ورتيون، اهڙو مثال سڄي ننڍي کنڊ ۾ ٻيو ڪوبه ڪونهي. مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي فڪر جو سرچشمو انسانن لاءِ خدا تعاليٰ جي آخري الهامي هدايت قرآن مجيد کي بڻايو. سندس فڪر جا ٽي بنيادي نڪتا آهن جيڪي هُن قرآن مان ئي دليل ڪري ورتا آهن. هڪ اقتصادي، ٻيو سياسي ۽ ٽيون سماجياتي، اهي ٽئي نڪتا هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم ۽ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن.
    قل اعوذبرب الناس، ملڪ الناس، الهٰ الناس
    برب الناس: الاهيات جو اقتصادي نڪتو
    ملڪ الناس: الاهيات جو سياسي نڪتو
    الهٰ الناس: الاهيات جو سماجياتي نڪتو
    اقتصادي نڪتو الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ کي مڃڻ جي تقاضا آهي، جنهن کي مرڪزي حيثيت هن حوالي سان به حاصل آهي ته الله تعاليٰ روحن کان سڀ کان پهريون اقرار به اهو ئي ورتو هو ته ڇا مان توهان جو پالڻهار نه آهيان. سڀني روحن چيو ته هائو سائين تون اسان جو پالڻهار آهين. انسان کان ڌرتيءَ جي مٿان ان عهد جو پهريون ورجاءُ به پالڻهاريءَ جي نالي سان ڪرايو ويو. الحمدلله رب العالمين. سڀ تعريفون ، سڀ نيابتون، سڀ نيازمنديون، سڀ ارپنائون، سڀ ستائشون الله تعاليٰ جي آهن، جيڪو سڀني جڳن جو پالڻهار آهي. قرآن مجيد جي ابتدا به پالڻهاريءَ جي صفت سان ته قرآن جي انتها به پالڻهاريءَ سان ۽ قرآن جو نزول به پالڻهاريءَ سان. اقرا باسم ربڪ الذي خلق. ان پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن توکي خلقيو. يعني خدا تنهنجي ڄمڻ کان به اڳ تنهنجي پرورش ۽ نشو نما جو سامان مهيا ڪندڙ هو، تنهنجي وجود کان به اڳ تنهنجو پالڻهار هو.
    قل اعوذ برب الناس-چؤ ته مان انسانن جي پالڻهار جي پناهه ۾ ٿو اچان. مولانا عبيدالله سنڌي چواڻي انسان جي اها پناهه جي تقاضا الله تعاليٰ جي ربوبيت جي دشمن اقتصادي فڪرن کان آهي. الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ پالڻهاري جا دشمن فڪر سرمائيداري ۽ جاگيرداري آهن، جيڪي دولت جي چند هٿن ۾ ڪٺي ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا. قرآن دولت جي چند هٿن ۾ ڪٺو ڪري ان جي بنياد تي خرابي ۽ سرڪشي ڪرڻ ۽ انسانيت دشمن سوچ پالڻ تي ان قسم جي سڀني ماڻهن کي ننديو آهي. قارون ۽ هامان، دولت پرستي جي علامت ۽ مڪي جي مستڪبرين ۽ مترفين يعني سرڪش سردارن ۽ دولتمندن تي قرآن بار بار ڦٽڪار ڪئي آهي ۽ ايمان وارن کي انهن کان بيزار رهڻ ۽ انهن سان ويڙهه ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. قرآن ان مسئلي کي ايڏي شدت سان انهيءَ ڪري ورتو جو اهي سرڪش ماڻهو الله تعاليٰ جي انهن بندن سان ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ جي سڀ کان اهم ۽ بنيادي تعلق ۽ رشتي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. انهي ڪري اوهان قرآن ۾ ڏسندؤ ته الله تعاليٰ ڪٿي به ايئن نه چيو آهي ته اي پيغمبر! هي سرڪش ۽ هٺيلا ماڻهو ڇاڪاڻ ته مون کي نٿا پوڄين انهيءَ ڪري انهن سان ويڙهه ڪر. بيشڪ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ بار بار پنهنجي توحيد ۽ عبادت جي تلقين ۽ تقاضا ڪئي آهي، ليڪن اها ان دليل جي بنياد تي ته هڪ خالق، پالڻهار ۽ مهربان جي طور تي انهيءَ جو ئي حق آهي. ان لاءِ الله تعاليٰ هزارين مثال ۽ دليل ڏئي انسان کي متوجهه ڪيو آهي ته جيئن هو پنهنجي فڪري ارتقا ۽ شعور جي روشنيءَ ۾ ان کي پنهنجو خالق ۽ پالڻهار مڃين. ليڪن جيڪا ويڙهه جي ڳالهه ڪيل آهي سا انهيءَ حوالي سان آهي ته اي پيغمبر! جيڪي ماڻهو پنهنجي سرڪشي ۽ هٺ جي ڪري ماڻهن کي الله جي فرمانبرداري ۽ قانون جي طرف اچڻ کان سختيءَ سان روڪين ٿا ۽ پنهنجي فتني باز چالن سان عدل ۽ انصاف تي مبني اهڙي معاشري جي قائم ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن ۾ الله جي پالڻهاري ۽ حاڪميت جو غالب اظهار هجي، سو تون تيستائين انهن سان ويڙهه جاري رک جيستائين انهيءَ فتني جي پاڙ نٿي پٽجي وڃي.
    انهيءَ ڪري اعوذ برب الناس جو فڪر انسان ذات جي لاءِ ربوبيت ۽ پالڻهاري دشمن طبقن کان الله جي سام ۽ الله جي پناهه ۾ اچڻ جو فڪر آهي. الله جي اها پناهه سڄي انسان ذات لاءِ عام آهي. ۽ ان ۾ معيشت جا سڀني لاءِ هڪ جهڙا حق آهن. انهيءَ ڳالهه جو هڪ پهلو هي آهي ته انسان ذات جي انهن ربوبيت دشمن طبقن ۽ طاقتن جي نفي ڪرڻ ۽ انهن جي طبقاتي ڪردار يا سرڪشيءَ تي انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ انسان ذات جي فطري تقاضا آهي، جنهن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ الله تعاليٰ پنهنجي پناهه ۽ سام کي پنهنجي ٻانهن لاءِ کولي ٿو بيهي. ان جي ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ جي عام نوازشن کي رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ لاءِ جيڪو به قارون يا فرعون بنجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته قدرت جي طرفان هڪ باقاعدي منصوبي ۽ تياريءَ سان پيغمبر کي انسان ذات جي نجات جو ڪم ذمي لڳايو وڃي ٿو، جيڪو انهن کي پهرين للڪار هي ٿو ڏئي ته ”محڪوم بني اسرائيل کي آزادي ڏي.“ اهڙي طرح ملڪ الناس اڪيلي الله جي حاڪميت ۽ بادشاهيءَ جو اعلان آهي. ان اڪيلي الله جي ذات کانسواءِ باقي اختيار امانت آهن، جيڪي الله جي مخلوق جي ڀلائي لاءِ انسان کي (هڪ خليفي يا نائب جي طور تي) سرانجام ڏيڻا آهن. جڏهن انسان ملڪ الناس جي پناهه ۾ اچي ٿو ته دراصل انسان جي لاءِ اها پناهه الله جي حاڪميت دشمن سياسي فڪرن کان آهي. الله تعاليٰ جي حاڪميت ۽ اختيار جي دشمن فڪرن ۾ انساني ملوڪيت (Imperialism)، طبقاتي حاڪميت (Capitalism) ۽ انساني آمريت جون اهي سڀ صورتون اچي وڃن ٿيون، جنهن سان الله جي مخلوق جي مٿان پنهنجي اقتدار ۽ طاقت جي بنياد تي ڏاڍايون روا رکيون وڃن ٿيون. قرآن اقتدار ۽ سگهه جي انسان ڪش استعمال کي نندي ٿو ۽ ان جي لاءِ فرعون، نمرود، شداد ۽ اهڙي قسم جي ٻين سڀني جابرن ۽ مستبد حڪمرانن لاءِ ويڙهه جو حڪم ٿو ڪري. هڪ طرف الله تعاليٰ انسان ذات جي مٿان انهن حاڪماڻن اختيارن جو انسانيت ڪش استعمال ڪندڙن جي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ جو حڪم ٿو ڪري ۽ ٻئي طرف ان ويڙهه ۾ پنهنجي پناهه ۽ سام کي پنهنجي ٻانهن لاءِ کولي ٿو بيهي.
    الله تعاليٰ جي پنهنجي ٻانهن لاءِ ٽين پناهه ۽ سام الهٰ الناس آهي. انساني سوسائٽي ۾ بت پرستيءَ کان علاوه جيڪي ننڍا ننڍا سوين خدا ماڻهن جي مٿان مسلط ٿيل آهن. ڪي پير جي صورت ۾، ڪي مذهبي پيشوائن جي صورت ۾، ڪي وڏيري جي صورت ۾، ڪي سردار جي صورت ۾، ڪي ڀوتار جي صورت ۾، ڪي حاڪم جي صورت ۾، ڪي ڏهڪاءَ جي صورت ۾، ۽ ڪي خوف جي صورت ۾. انهن سڀني کي ماڻهو انهن جي ئي مفادن جي تڪميل لاءِ يا وري پنهنجي مفادن جي تڪميل لاءِ سندن خدا واري درجي تي فرمانبرداري ڪن ٿا. پوءِ انهن کي يا ته فرمانبرداريءَ جي عقيدت ۽ جهالت ڪري خدا پوڄين ٿا يا وري خوف جي ڪري خدا طور پوڄين ٿا. انهن ٽنهي صورتن ۾ هو اڪيلي ۽ حقيقي خدا جي فرمانبرداري ۽ ان جو خوف پاسيرو رکي ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ سماج اندر اطاعتن جي انارڪي پيدا ٿئي ٿي. شرڪ ماڻهن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو ۽ خدا تان ڀروسو کڄي وڃي ٿو، جنهن ڪري مشرڪ ماڻهو حد درجي جو بزدل ٿيو پوي ۽ پوءِ ننڍڙين ڳالهين، ننڍڙن فائدن ۽ ننڍڙين مصلحتن تي وڪامي وڃي ٿو. مفاد پرستيءَ جي ڪري ڳيجهو بڻجي زندگي گذاري ٿو ۽ دلاليءَ جو ڪردار سندس مرڪ بڻجي پوي ٿو. زندگيءَ جي مسئلن کي اڪيلي الله جي آسري تي همت ۽ مردانگيءَ سان منهن ڏيڻ جي بجاءِ سيدن، پيرن، قبرن، مزارن ۽ واعظي فنڪارن جي ور چڙهي پنهنجي رهي سهي صلاحيت، موڙي ۽ وقت تباهه ڪري سماج جو ناڪاره انسان بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح مشرڪ مان انقلابيت نڪري وڃي ٿي ۽ منجهس رجعت پسندي گهر ڪري ويهي ٿي. انهيءَ نتيجي ۾ ماڻهو ڪوبه انسان دوست بين الاقوامي نظام قائم ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي ٿو. الله تعاليٰ انسان ذات کي جڏهن به ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏٺو آهي، پنهنجي رحمت ۽ ٻاجهه سان ماڻهن کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ارادو ڪيو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ جيئن انسان ذات جي ربوبيت ۽ حاڪميت جي حوالي سان پنهنجي سام ۽ پناهه کولي رکي آهي، ساڳي پناهه ۽ سام پنهنجي الاهيت جي صفت جي حوالي سان به کولي رکي آهي ته ان پناهه ۾ اچي اڪيلي خدا جا ٻانها بڻجي وڃو ۽ هزارين خدائن جي روز روز وارن عذابن کان بچي وڃو. جيڪڏهن اهي هزارين هٿ ٺوڪيا معبود اوهان جي هڪ خدا سان تعلق ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا ته پوءِ اوهان به انهن کي معاف نه ڪيو ۽ هڪ اهڙو نظام ۽ جهان اڏي وجهو جنهن ۾ انهن جا وجود پاش پاش ٿي ڪري پون.
    هي ٽي بنيادي نڪتا آهن، جيڪي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر ۾ هر هنڌ ڪارفرما آهن. انهن ئي نڪتن جي لازمي نتيجي طور جديد دؤر اجتماعي عنوانن جهڙوڪ آزادي ۽ انقلاب، مساوات، جمهوريت، سيڪيولرازم، نيشنلزم ۽ بين الاقواميت جي منزلن ماڻڻ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ سعادت جو سبب بڻجي ٿي بشرطيڪه اها خدا پرستي ۽ انسان دوستي جي عملي دائري اندر هجي. مطلب ته جيڪي به فڪري عنوان آهن سي مٿي ڄاڻايل انهن ٽنهي مرڪزي نڪتن جي تشريح يا ان جا عملي مظهر آهن. قرآن مجيد جي سڄي تفسير کي مولانا سنڌي هنن ٽن نڪتن جي تشريح ڪري لکيو آهي. سندس سڀ تحريرون ۽ تقريرون هن بنيادي فڪر جي چوڌاري ڦرن ٿيون ۽ مولانا پنهنجي انهن فڪري تشريحن جو مآخد امام شاهه ولي الله جي فڪر کي بڻايو آهي. مختصر لفظن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي توحيد کي آزادين جو اهڙو فڪر سمجهي ٿو، جنهن ۾ انسان سڀني انساني غلامين مان نڪري هڪ الله جي عبديت ۾ اچي وڃي ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي انهن نظرين جي بنياد تي سڄي زندگي پنهنجي ديس جي ماڻهن جي سماجي سياسي حالتن جي تبديلي ۽ آزادي جي لاءِ منصوبا ۽ عملي طريقا جوڙيندو رهيو ۽ مرڻ گهڙي تائين پنهنجي سڄي عملي زندگي به انهن نظرين لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گذاريائين.
    مولانا سنڌيءَ ننڍي کنڊ هندستان ۾ مٿي ڄاڻايل نڪتن جي بنياد تي اقتصادي ۽ سياسي نظام قائم ڪرڻ گهريو پئي ان سلسلي ۾ سندس جلاوطنيءَ واري دور ۾ پڌرو ڪيل منشور هڪ شاهڪار نمونو آهي جيڪو هُن مهاڀارت سرو راجيه پارٽي جي نالي سان1924ع ۾ ترڪي جي شهر استنبول مان پڌرو ڪيو هو. انهيءَ گهڻ قومي طبقاتي منشور ۾ ننڍي کنڊ جي قومن جي آزادي ۽ انهن لاءِ انصاف ڀرئي معاشري جي قيام لاءِ خاڪو برصغير جي سڀني قومن لاءِ آزادي، خودمختياري ۽ امن سلامتي لاءِ مثالي انقلابي منشور هو. اهو تاريخي دستاويز مرتب ڪري جيئن ئي هندستان موڪليو ويو ته برطانيا سرڪار ان جي عملي تشڪيل کان بيحد خائف ٿي ان تي پابندي وجهي ڇڏي. سڄي هندستان ۾ ايجنسين، فوج ۽ پوليس کي الرٽ ڪري حڪم ڏنو ويو ته انهيءَ منشور جي هڪ ڪاپي به هندستان ۾ تقسيم ٿيڻ نه ڏني وڃي. برطانوي سرڪار سمجهيو پئي ته هندستان جي لاءِ انهيءَ گهڻ قومي طبقاتي منشور کي جنهن نموني عملي تشڪيل ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، ان جي عوام تائين پهچڻ سان نه صرف برطانوي استعمار جي ايوانن ۾ زلزلو اچي ويندو بلڪ اهو ئي منشور برطانيا جي سڀني ايشيائي ۽ آفريڪي غلام قومن جي آزادي ۽ ترقيءَ جو آسيس ۽ اميد بڻبو.
    هتي اسان ان منشور جي ڪجهه حصن کي ورجايون ٿا، جنهن سان مولانا عبيدالله سنڌي جي اقتصادي ۽ سياسي فڪر جا اهم پهلو نروار ٿي اسان جي سامهون اچي ويندا:
    ”هندستان ۾ هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون پر انهن مان ڪابه ڪوشش ڦلدائڪ نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مسئلي جي اصليت ۽ ماهيت تي غور نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته نه صرف انهن ٻن فرقن ۾ پاڻ ۾ اختلاف آهي، پر هر فرقي اندر قومي ۽ معاشرتي ورڇون به موجود آهن.مسلمانن ۾ قومي سوال موجود آهن. جيڪڏهن پنجابي ۽ سنڌي، هندستاني ۽ پٺاڻ، ڪشميري ۽ بلوچي جو قومي سوال موجود آهي ته هندن ۾ بنگالي ۽ بهاري، مدراسي ۽ مرهٽي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو مسئلو ملي ٿو. انهن قومي اختلافن کي مذهبي هڪ جهڙائي نٿي مٽائي سگهي. ان کان پوءِ هر هڪ قوم ۾ طبقاتي تضاد موجود آهي: مالدار ۽ پورهيت، زميندار۽ هاري سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هر هندستاني قوم کي ٻن حريف ۽ مخالف طبقن ۾ آسانيءَ سان ورهائي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري صرف مذهبي بنيادن تي تمام هندستاني مسئلا ۽ خاص طور هندو – مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي راهه پيدا نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري اسين پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن جي حل لاءِ بنياد قرار نٿا ڏيون ٿا. بلڪ قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن سان انهن مشڪلن جو حل پيش ڪريون ٿا. انهيءَ اصول هيٺ مذهبي اختلاف به سهڻي نموني حل ٿي سگهن ٿا. اسين هندستان کي اهڙن ملڪن ۾ ورهايون ٿا، جتي هڪ قوم آباد هجي، جنهن جي ٻولي ۽ تهذيب ۾ هڪ جهڙائي لڌي وڃي. انهيءَ ورڇ کان پوءِ هر هڪ مذهب کي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ٿي ويندي، انهيءَ رستي مذهبي وڳوڙن جو چڱي ريت دروازو بند ٿي ويندو. انهن ملڪن جي جمهوريتن ۾ چونڊن لاءِ نمائندگيءَ جو حق مذهبي فرق جي بجاءِ طبقاتي اختلاف جي بنياد تي ڏنو ويندو، انهيءَ ڪري ننڍن مذهبي فرقن جو حق غضب نه ٿيندو. هاڻوڪي صنعتي دنيا سان هندستان جي موجوده ترقيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته هندستان سرمائيداري نظام جي مطابق ترقي ڪري يورپ ۽ آمريڪا جو پرامن مقابلو به نٿو ڪري سگهي، جيستائين جو انگريز سرمائيدار ۽ شهنشاهيت پسندن جو حريف نه بڻجي. پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ جي عام رهواسين جو ڀلو انهي نظام هيٺ رهي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو ترقي يافته نمونو يورپ جي صنعتي ملڪن ۾ موجود آهي. انهي ڪري اسين پنهنجي ملڪ جي سرمائيداري نظام کي ٽوڙي ڪري اهڙي نظام جو بنياد وجهون ٿا، جيڪو پورهيت طبقي يعني ملڪ جي گهڻائيءَ جي ڀلي جو ضامن هجي ۽ انهيءَ پورهيت طبقي جي اقتدار هيٺ هجي. انهيءَ سان اسان جي آزادي جي تحريڪ به پڪ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نظام جي حمايت ۾ جڏهن ملڪ جي عام رهواسين جي همدردي شروع ٿي ويئي ته اها آخر تائين قائم رهندي ۽ اها ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون، جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي 72 سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي ۽ عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزادي جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽي جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا، هيءُ شرط لاڳو ڪيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا، جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙيءَ ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. هندستان جهڙي ملڪ لاءِ دنيا کان الڳ رهڻ ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي هو دنيا کان ڪڏهن الڳ رهيو آهي. هن وقت هندستانين ۾ جيڪا ٻاهرين لاڳاپن کان هڪ قسم جي نفرت ملي ٿي، اها عارضي آهي. هو جيتري قدر سياسي طاقت پنهنجي هٿ ڪندا ويندا، اوتري قدر اهو جذبو گهٽبو ويندو. اسان جي پارٽي هندستان جي ٻاهرين لاڳاپن کي مرحلي وار ڳنڍڻ لاءِ سڀ کان سٺو طريقو ”ايشياٽڪ فيڊريشن تحريڪ“ کي سمجهي ٿي. انهيءَ ڪري اسان ان کي پنهنجي پروگرام جو حصو قرار ڏنو آهي....

    متا ۽ مقصد
    (٢)”مهارت ڀارت سرور راجيه پارٽي“ پنهنجي سروراجي اصول جي بنياد تي هيٺين مقصدن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.
    (الف) هندستان جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ، ملڪ ۾ جمهوري نظام قائم ڪرڻ، هندستان جي مختلف ملڪن کي هڪ ملڪ قرار ڏيئي نئين ”هڪ هندستاني قوميت“ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي آزاديءَ جو بنياد نه بنائڻ.
    (ب) آزاد هند کي بادشاهت ۽ سرمائيداريءَ کان هميشه لاءِ آجو ڪرڻ ۽ انساني سوسائٽيءَ لاءِ هڪ نمونو بنائڻ.
    (ج) سڀني هندستاني قومن کي وفاقي نظام ۾ گڏ ڪرڻ.
    (د) ايشيائي قومن ۾ بادشاهت ۽ سرمائيداري خلاف هڪ وفاق ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ پيدا ڪرڻ.
    (هه) دنيا جي قومن ۾ اوڀر وارن کي سندن حق ڏيارڻ
    (٧)”سروراجيه هند“ کي ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ اهڙن ملڪن ۾ ورهائي ٿي، جتي هڪ قوم آباد آهي، جيڪا هڪ ٻولي ڳالهائي ٿي، جنهن جي معاشرت ۾ عام طور هڪ جهڙائي ملي ٿي. انهن ملڪن مان هر هڪ ”سروراجي ملڪ“ سڏائيندو .
    (الف) هڪ ابتدائي تجويز جي طور تي ”مها ڀارت سروراجيه پارٽي“ سروراجي هند (اتر اولهندي ڀاڱي) کي ڏهن سروراجي ملڪن ۾ ورهائي ٿي:
    (١) ”ڀارت“ جنهن جي ٻولي هندستاني (اردو) آهي، ان ۾ ٻه درياهه گنگا جمنا ۽ لکنؤ شامل آهن. ان جا مرڪزي شهر دهلي ۽آگرو آهن.
    (٢) ڏکڻ اوڀر پنجاب، جنهن جو مرڪزي شهر امرتسر ٻولي پنجابي آهي.
    (٣) اتر اولهه پنجاب، جنهن جي ٻولي پوٺوهاري پنجابي آهي ۽ مرڪزي شهر راولپنڊي آهي.
    (٤) ڏکڻ اولهندو پنجاب، جنهن ۾ رياست بهاولپور شامل آهي، ان جو مرڪزي شهر ملتان ۽ ٻولي ملتاني پنجابي (سرائڪي) آهي.
    (٥) ڪشمير، جنهن جي ٻولي ڪشميري ۽ مرڪزي شهر سرينگر آهي.
    (٦) پشتانيه (يا پختونستان) يعني سرحد، جنهن جي ٻولي پشتو ۽ مرڪزي شهر پشاور آهي.
    (٧) بلوچستان، جنهن جي ٻولي بلوچي ۽ مرڪزي شهر ڪوئيٽا ۽ قلات آهن.
    (٨) سنڌ، جنهن جي ٻولي سنڌي ۽ مرڪزي شهر ڪراچي آهي.
    (٩) گجرات جنهن جي ٻولي گجراتي ۽ مرڪزي شهر احمدآباد آهي.
    (١٠) راجپوتانه جنهن جي ٻولي هندستاني (هندي) ۽ مرڪزي شهر اجمير آهي.
    (ب) هر هڪ سروراجي ملڪ مستقبل ۾ هڪ سروراجي جمهوريه هوندو جيڪو پنهنجي اقتصادي، تمدني ۽ سياسي آزادي محفوظ رکندي ”متوافق جمهوريات هند“ (هند جي جمهوريتن جو وفاق (Indian Federal Republics) لاءِ ايڪوبڻبو.

    ميمبر ۽ رضاڪار
    (٨) هر هڪ سروراجي ملڪ جو رهاڪو مرد ۽ عورت، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ پنهنجي ملڪ جي سروراجيه پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.
    جيڪڏهن هو:
    (الف) نيشنل ڪانگريس ڪيڊر مڃيندو هجي.
    (ب) سروراجيه پارٽيءَ جي متن، مقصدن ۽ پروگرام کي وفاداريءَ سان مڃيندو هجي.
    (ج) پارٽي جي ضابطن جي پابنديءَ جو يقين ڏياريندو هجي.
    (د) پنهنجي زندگي جي گهرجن کي پنهنجي ملڪ جي وچولي، زراعت ڪندڙ ماڻهن کان نه وڌائي.
    (هه) جيڪڏهن پنهنجي گهرج کان وڌيڪ جائداد اٿس ته پارٽيءَ جي نالي ڪري ڇڏي.
    تشريح: جيستائين پارٽي، ميمبرن جي جائداد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري تيستائين اها جائداد انهن ئي ميمبرن وٽ رهندي....
    (١٩) سروراجي جمهوريه جي پارليامينٽ کي سڀئي قانوني، مالي ۽ عدالتي اختيار حاصل هوندا. انهن جون چونڊون هيٺين طريقي تي عمل ۾ اينديون:
    (الف) هر عاقل ۽ بالغ مرد ۽ عورت کي جيڪو ڪنهن اخلاقي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽي نه چڪو آهي ان کي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ راءِ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو.
    (ج) معاشري جي ٻين طبقن يعني زميندارن، شاهوڪارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کي انهن جي ڳاڻاٽي مطابق نمائندگي جو حق ملندو. ڪنهن به صورت ۾ سندن اهميت جي بنياد تي کين سندن ڳاڻاٽي کان وڌيڪ نمائندگي جو حق نه ڏنو ويندو.
    (د) انهن مالدار جماعتن مان جيڪڏهن ڪو به طبقو (گروپ) سروراجي جمهوريه جي اقتصادي ۽ سياسي بنيادي اصولن جي مخالفت ڪندو ته هڪ محدود مدت تائين ان جي نمائندگي جو حق کسي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ الڳ قانون ٺاهيو ويندو.
    (٢٠) عام فائدي جا سڀئي وسيلا قومي ملڪيت قرار ڏنا ويندا.
    (٢١) انفرادي ملڪيت (نقل ٿيندڙ ۽ نقل نه ٿيندڙ) محدود ڪئي ويندي. مقرر حد کان وڌيڪ جائداد قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي.
    (الف) گهٽ ۾ گهٽ ملڪيت جي حد مقرر ڪرڻ سروراجيه ڪانفرنس جو ڪم آهي.
    (ب) مالدارن تي اضافي ٽيڪس هنئي ويندي، جنهن جي آخري حد پنجاهه سيڪڙو تائين هوندي.
    (٢٢) ملڪ جي ايراضي قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي ۽ زمينداري نظام منسوخ ڪيو ويندو. هاريءَ ۽ حڪومت کانسواءِ ڪنهن کي به ايراضيءَ سان تعلق نه هوندو.
    (الف) سروراجيه هند جي انهن جمهوريتن ۾ جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، مهاڀارت سروراجيه پارٽي فاروق اعظم رضه جي فيصلي مطابق زميندارن کي ايراضي جي ملڪيت ڇڏڻ ۽ امام اعظم ابو حنيفه جي فيصلي مطابق هاري کي مزارعت يعني هارپو ڇڏڻ تي مجبور ڪندي. زميندارن کي فقط گورنمينٽ ايجنٽ جي طور تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو (جنهن کي پگهار گورنمينٽ ادا ڪندي.)
    (ب) اهڙو ئي طرز عمل ”سروراجي هند“ جي انهن سڀني جمهوريتن ۾ اختيار ڪيو ويندو، جتي اڪثريت جو مذهب ان اصول جي تائيد ڪري ٿو يا سياسي بيداري عام ٿي چڪي آهي.
    (ج) جن جمهوريتن ۾ اڪثريت جو مذهب ان جي تائيد نه ٿو ڪري ۽ اتي سياسي بيداري به عام نه ٿي آهي ته انهن جمهوريتن ۾ پهريائين زمين جي ملڪيت محدود ڪئي ويندي ۽ سياسي بيداري عام ٿيڻ تي ايراضيءَ جي انفرادي ملڪيت منسوخ ڪئي ويندي.
    (د) هر هاري خاندان کي ايتري قدر زمين ضرور ڏني ويندي، جيتري قدر پاڻ کيڙي سگهي. ان زمين تي انهيءَ خاندان جو دائمي کيڙڻ جو حق اهڙي قانون هيٺ محفوظ ڪيو ويندو جيڪو ”هاري سنگتن“ جي ڪائونسل جي مشوري سان ٺاهيو ويندو.
    (هه) حڪومت هاري کان ڪل پيداوار جو پنجون حصو هاري سنگتن جي واسطي سان خراج طور وصول ڪندي.
    (و) قومي ملڪيت ۾ ڏنل زمين جو انتظام حڪومت هاري سنگتن جي ڪونسلن جي نگراني ۾ رکندي.
    (ز) هاري سنگتن کي سرڪاري امداد بنا وياج قرضن جي صورت ۾ ڏني ويندي ۽ انهن لاءِ زرعي مشينري ادائگيءَ جي نرم شرطن تي مهيا ڪئي ويندي.
    (٢٣) وياجي ڏي وٺ بلڪل بند ڪئي ويندي، پورهيت طبقي جا پراڻا قرض معاف ڪيا ويندا. ضرورتمندن لاءِ امداد يا قرض بنا وياج ڏيڻ جو مستقل انتظام هوندو.“
    مٿئين منشور جي روشني ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي ۽ اقتصادي فڪر جا هيٺان نڪتا چٽا ٿي سامهون اچن ٿا:
    ١- مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو پهريون مفڪر آهي، جنهن جديد قومي تصور جا بنياد (ٻولي، تهذيب، اقتصادي مفاد ۽ جاگرافي حدون) وجهندي هندستان کي گهڻ قومي ملڪ قرار ڏنو ۽ مذهبن جي بنياد تي ٻه قومي ملڪ هئڻ جي سختيءَ سان نفي ڪئي. جيڪي ماڻهو ان وقت انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ٻه قومي نظريي جي سائي ۾ هندستان جي تقسيم جي تحريڪن ۾ حصو وٺي رهيا هئا تن لاءِ مولانا صاحب ان وقت ئي شديد تنبيهون ڪيون. گڏوگڏ مولانا سنڌي جلاوطنيءَ کان واپسيءَ بعد سنڌ جي مستقل ملڪ هئڻ ۽ ان کي عالمي برادريءَ ۾ پنهنجو تشخص قائم ڪرڻ جو نه صرف فڪر ڏنو پر ان لاءِ ڀرپور ڪوششون به سرانجام ڏنيون.
    ٢- هندستان جي ماڻهن لاءِ سندن خوشحاليءَ واسطي اقتصادي برابري جو اهڙو معاشي نظام تجويز ڪيو، جيڪو عالمي اقتصادي نظرين سان سلهاڙيل ۽ سندن مقامي حالتن مان ئي جنم ورتل هجي. اهو ڪنهن به اقتصادي مفروضي جي اڻ مٽ اصولن جي ور چڙهي ڪنهن به اجنبي مرحلي تي مفلوج نه ٿي وڃي، بلڪه وقت، زماني ۽ حالتن جي مطابق ديس واسين لاءِ خوشحاليءَ جا نت نوان امڪان پيدا ڪرڻ جي گنجائش رکندو هجي.
    ٣- هندستان جي سڀني قومن ۽ مذهبن جي پاڻ ۾ رواداري، محبت ۽ انساني ايڪتا کي قائم رکڻ جا عملي خاڪا مرتب ڪري ڏنا.
    ٤- هندستان جي قومن جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي قائم رکڻ ۽ انهن جي خوشحاليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايشياٽڪ فيڊريشن جي قيام سان انهن جو عالمي ڪردار مؤثر ڪرڻ جون حڪمت عمليون جوڙيون.
    مختصر طور مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو فڪر قومن جي فڪري وجود کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي ۽ اقتصادي حيثيت کي برابريءَ جي بنياد تي قائم رکڻ واري نڪتي تحت بين الاقواميت جي تعمير ڪرڻ ذريعي سموري انسان ذات کي پنهنجي دامن ۾ کڻي وٺي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت سندس فڪري تعليم جي روشنيءَ ۾: ”خدا پرستي ۽ انسان دوستي“ انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان مٿاهون نصب العين، مقصد ۽ ڪارج بيهن ٿا. جڏهن ته ان فڪر جي عملي مظهر طور بيان ڪيل منشور جي روشني ۾ (١) قومي آزادي، (٢) اقتصادي برابري (٣) مذهبي رواداري ۽ (٤) عالمي ڀائيچارو، جدوجهد، انقلاب ۽ آزادي جا بنيادي اصول بيهن ٿا.
    مولانا عبيدالله سنڌي سڄي عمر انهن اصولن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. انگريزن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سندس سوچ ۽ فڪر جو عوام سان هرگز لاڳاپو نه ٿئي. 1924ع ۾ سروراجيه پارٽي جي پيش ڪيل منشور کان وٺي هندستان موٽي اچڻ تائين برطانوي سرڪار جي انهن پيدا ڪيل رڪاوٽن جو هڪ ڊگهو تفصيل آهي. اڻويهه سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي اچڻ تي برطانوي سرڪار پنهنجي مُهرن جا ڪٽڪ جانثارن جي صورت ۾ سندس پويان لڳائي ڇڏيا. جن نه صرف ان فڪر کي عوام تائين رسائڻ جا ڪي به اسباب پيدا ٿيڻ نه ڏنا بلڪ آهستي آهستي مولانا سنڌيءَ کي خوراڪ ۾ زهر (Slow Poison) ڏيندا رهيا ۽ آخرڪار ننڍي کنڊ جو هي انقلابي اڳواڻ زهر جي انهيءَ روڳ سبب بيمارين جي ور چڙهي ويو. ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انگريزن نئين اسلامي رياست جي فريب سان پنهنجي مقصد جا ماڻهو پيدا ڪري ورتا. ڇاڪاڻ ته قومي طبقاتي بنيادن تي عظيم تر هندستان يا يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف انڊيا جو قيام سڄي دنيا ۾ انگريزن جي مفادات لاءِ خطرناڪ هو. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ايشياٽڪ فيڊريشن جي تحريڪ هئي جيڪا دنيا تان مغرب جي غلبي ختم ڪرڻ جو منصوبو هو. انگريزن جي پيدا ڪيل مولوين، سيدن ۽ جاگيردارن بهرحال انگريزن کي هند جي مسلمانن جي تقسيم آسان ڪري ڏني. تقسيم کان پوءِ هن خطي ۾ جيڪا اٿل پٿل آئي، تنهن هتان جي جدوجهد، علم، سماج، تهذيب ۽ تمدن جي سڀني شاندار روايتن ۽ ورثي کي نهوڙي رکيو. مولانا عبيدالله سنڌي کي جيئن زندگي ۾ ئي انگريزن عوام جي ويجهو ٿيڻ نه ڏنو ۽ مرڻ کان پوءِ به ان جا پوئلڳ پڻ سندس فڪر کي عوام تائين رسائڻ ۾ ناڪام رهجي ويا. ان جي باوجود به اهو مٿير مڙس ۽ دنيا جو انقلابي اڳواڻ پنهنجي فڪر ۾ جيئن کرو ۽ کليل هو تيئن ان تي پاڻ عملي طرح ڪاربند رهڻ ۽ انقلابي جدوجهد جي ڪري نه صرف سنڌ جي عوام بلڪ ننڍي کنڊ جي سڀني غلام قومن جي ماڻهن وٽ بيحد عزت ۽ مڃتا جو مقام رکي ٿو.
    انگريزن جي دور ۾ جنهن غلامي، روڳ ۽ عذاب ۾ ننڍي کنڊ جون قومون ڦاٿل هيون، سي طوق اڃا خلاصا نه ٿيا آهن. بلڪ انهيءَ عرصي جي زيان ٿي وڃڻ ڪري ننڍي کنڊ جي قومن جيڪي عذاب ۽ سو ر سٺا آهن سي انساني ظلم جي تاريخ ۾ يورپ واري ڪاري دور کان گهڻا گهرا آهن. ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڏو نقصان اسان سنڌين جو ٿيو آهي. مولانا عبيدالله سنڌي اها صورتحال ان وقت ئي محسوس ڪري ورتي هئي ته ننڍي کنڊ ۾ سامراج جي سگهاري ٿيڻ سان ان جو سڀ کان وڏو نشانو سنڌ بڻبي. انهيءَ ڪري مولانا عبيدالله سنڌي جيئن ئي هندستان موٽيو هو ته هن سنڌ کي پنهنجي عمل جو مرڪز بڻايو هو. هُن جڏهن ڏٺو ته انگريز لازمي طرح هندستان کي تقسيم ڪرڻ جي هوڏ ۽ ضد تي قائم آهن، تڏهن هُن سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعليٰ شهيد سنڌ الله بخش سومري کي آماده ڪيو هو ته هو سنڌ انگريزن کان ائين الڳ ۽ آزاد ڪري وٺي جيئن انگريز برما ۽ سيلون کي هندستان کان الڳ آزادي ڏيڻ جو طئه ڪري چڪو آهي. پر ڇاڪاڻ جو انگريزن هندستان جي تقسيم ذريعي هتان جي قومن کي قيمون ڪباب بنائڻ جو جيڪو عهد ڪري ڇڏيو هو، انهن ان تي عملدرآمد کي وڏي مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان پورو ڪري ورتو. نتيجي ۾ گذريل پنجاهه سالن ۾ سنڌ جي مٿان جيڪو وهيو واپريو آهي ان جا تفصيل اسان سڀني کي معلوم آهن.
    اسلام آباد جي توسط سان پنجاب سامراج جي قومي غلامي، اسلام آباد جي ايجنسين، بيورو ڪريسي ۽ انهن جي مقامي دلالن، نالي ماتر حاڪم طبقي، وڏيرن، سرمائيدارن، مذهبي پيشوائن، پيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي سوين غلامين هتان جي عوام جي عضوي عضوي کي ڏنڀي رکيو آهي ۽ سنڌ سنڌ کي نهوڙي رکيو آهي. انهن سڀني استحصالي طبقن جي مکامکي هتان جي عوام جو آجپو ۽ وقار تباهه ڪري انهن کي اقتصادي بدحالي جي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، جتان ماڻهن کي نڪرڻ جو ڪوبه گس نه ملي سگهيو آهي.
    اهڙي طرح تعليم جي تباهي، اخلاقي ڏيوالپڻي۽ فرقيواريت جي زهر اسان جي اجتماعي سوچ۽ ڌارا جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي ۽ آخر ۾ وڏين چالاڪين ۽ عيارين سان اسان جي تشخص جا سڀ نشان مٽائي دنيا جي قومن ۾ اسان کي هيڪلو ڪري ڇڏيو ويو آهي.
    هيءَ سڄي صورتحال اسان کي وري هڪ اهڙي انقلاب مان گذارڻ جي گهرجائو آهي، جيڪو انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي قومن کي حقيقي آزاديءَ جي صورت ۾ ڏيارڻ چاهيو هو. اسان پنجاهه سال اوندهه ۾ هٿوراڙيون هنيون آهن ۽ هينئر اچو ته اسان مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر جي روشنيءَ ۾ انقلاب جي انهن امڪانن کي يقيني بڻائي وٺون.

    (سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊيارو جي پاران ١١ اپريل ١٩٩٨ع تي ڪنڊيارو شهر ۾ ڏنل ليڪچر)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258253
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386391
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ