ڪتاب جو نالو: ابن بطوطه جو سفر
مصنف: محمد ابراهيم عباسي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 1976
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 07 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 464 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 128 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ديباچو
  • ابن بطوطه جي سوانح حيات
  • ابن بطوطه جي سفر جو اختصار
  • باب پهريون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيون
  • فصل ٽيون
  • فصل چوٿون
  • باب ٻيون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • فصل چوٿون
  • باب ٽيون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • فصل چوٿون
  • باب چوٿون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • باب پنجون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • باب ڇھون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • باب ستون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو الف
  • فصل ٻيو – ب
  • فصل ٽيون
  • فصل چوٿون
  • باب اٺون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  • فصل ٽيون
  • باب نائون

  • فصل پھريون
  • فصل ٻيو
  •   فصل ٽيون
  •   فصل چوٿون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ابن بطوطه جو سفر“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب عمر حسين الخشاب جو مرتب ڪيل آهي جنهن جو سنڌيڪار محمد إبراهيم عباسي آهي.
    ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
    زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. 1995ع ۾ ٻيو ايڊيشن ڇپيو جنهن جي ڪمپوز ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان سهيڙي پي ڊي ايف ڪتابي صورت ۾ اسان جي دوست محمد امين ڀٽيءَ سنڌ سلامت لاءِ موڪلي آهي. سندس مهربانيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلآهن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ديباچو

    خداوند ڪريم جا لک شڪرانا، جو اڄ منهنجي دل جي ھڪ مراد پوري ٿي آھي، جنهن لاءِ مون کي عرصي دراز کان انتظار ھو. اصل ۾ مون کي ائڊوينچر (Adventure) يا حقيقت تي بنياد رکندڙ پُرخطر ڪھاڻيون، قصا يا آپ بيتيون ننڍي عمر کان وڻنديون آھن. مون کي ياد آھي ته مان جڏھن پڙھڻ لائق ٿيو ھوس، تڏھن مون کي الف ليليٰ جي قصن مان قصو، چار درويش، حاتم طائي ۽ ان جا ڏاکڙا، سنڌ باد سيلانيءَ جا جڙيل سنڌي قصا ڏاڍا پسند ايندا ھئا ۽ انهن جي سفرن ۽ ان ۾ ڏنل ڳالھيون ڏاڍيءَ دلچسپيءِ سان رات جو دير تائين پڙھندو رھندو ھوس، ۽ ائين محسوس ٿيندو ھوم، ڄڻ ته مان خود به ھنن سان گڏ خيالي دنيا ۾ گڏ ھلندو ٿي رھيس، جيتوڻيڪ مٿيان سڀ قصا فرضي ھئا ۽ جلد پڙھي ختم ڪيم، تڏھن به انهن جي ڀيٽ ۾ مون کي ٻيا ديوَن ۽ پرين جا قصا اصل ڪين وڻندا ھئا. ان کانپوءِ ھڪ اھڙو به دور آيو، جو انگريزي جاسوسي ناولن تان ترجمون ٿيل، سنڌي جاسوسي ناول پڙھڻ شروع ڪيم، ۽ پنجين يا چوٿين درجي تائين پڙھي ختم ڪري ڇڏيم. پوءِ وري ٻئي قسم جي ادب ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويم، تان جو جڏھن بي اي جو امتحان، عربي سبجيڪٽ سان، پاس ڪيم، تڏھن ھڪ استاد کان مصر ۾ ڇپيل ”ابن بطوطه ۽ ان جا سفر“ رنگين با تصوير رسالو وٺي پڙھيم، ان مون کي ايترو ته لطف ڏنو، جو اڳيون سڀ يادون تازيون ٿيڻ لڳيون ۽ ھڪ دفعو وري ائڊوينچر (Adventure) قسم جي ناولن پڙهڻ تي شوق جاڳيو. ائين ابن بطوطه جا ٻيئي قصا ڏاڍي شوق سان پڙھي پورا ڪيم، ۽ خيال ڪيم ته ھن عربي ڪتاب تان سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري ڇپرائجي، پر ان وقت ڪنهن خاص سبب جي ڪري ڪجھه به لکي ڪين سگھيس، ۽ وقت گذرندو رھيو، آخر اھو وقت اچي ويو، جو سنڌي ۾ ايم اي پريويس پاس ڪرڻ کانپوءِ ايم اي فائينل لاءِ ڪو ائڊوينچر (Adventure) قسم جي ڪتابن سان خاص انس ھو، تنهن ڪري ڪتاب پڻ اھي ئي يونيورسٽيءَ اختياريءَ وارن صاحبن کي پيش ڪيم، اھي ڪل ٽي ڪتاب ھئا، جن ۾ ٻه انگريزيءَ ۾ ۽ ٽيون ابن بطوطه جو سفر، سنڌ ۽ ھندستان متعلق، (عربي ۾) ھو. خوش قسمتيءَ سان يونيورسٽي اختياريءَ وارن جي قابل داد چونڊ سبب مون کي ابن بطوطا جا سفر حصو ٻيو (جنهن ۾ سندس سنڌ ۽ ھندستان جو مڪمل سفر اچي ٿي ويو) ترجمي لاءِ مليو. مان ھن ڪم کي شوق سان لڳي ويس، پر ھيءُ ڪم مون جھڙو سمجھيو ھو، تهڙو ئي مون لاءِ مشڪل ثابت ٿيو. بهرحال ٻن سالن جي مسلسل محنت کانپوءِ آخر ان ڏکئي ڪم کي ختم ڪيم. ھن ڪم ۾ پنهنجي محترم استاد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي مشفقانه رھبريءَ ۽ ھمت افزائيءَ جو به گھڻي قدر ھٿ آھي، ڇاڪاڻ ته سندن ئي صلاح سان مان ڪراچي يونيورسٽي جي عريبڪ ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ ماسٽر عبدالعزيز ميمڻ سان ملڻ ويس، جنهن صاحب ڪمال مھربانيءَ فرمائي، مون کي ابن بطوطه جي سفرن متعلق مناسب ڇاپي حاصل ڪرڻ ۽ ان مان ترجمي ڪرڻ لاءِ صحيح رھبري ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي، ۽ پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڪم کي لڳس.
    ترجمي جي دوران مون کي جيڪي مشڪلاتون پيش آيون، تن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:

    -1 ڇاڪاڻ ته ابن بطوطه، تقريبن سڄيءَ دنيا جو سفر ڪيو آھي، تنهن ڪري ھن ھر ملڪ جا لفظ ھر ھنڌ استعمال پئي ڪيا آھن، نتيجو اھو ٿو نڪري، جو پڙھڻ وارو انهن جي ڳولا عربي ڊڪشنرين ۾ ڪندو ٿو رھي، پر اھي لفظ ملي ڪين ٿا سگھن. انهيءَ خاص تڪليف لاءِ مون کي جناب مولانا عبدالعزيز عرب جي مدد وٺڻي پيئي، جنهن ھر وقت مون کي مفيد مشورو ڏيئي، منهنجي ھن ڪم ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي.
    -2 ڪيترن شھرن جا نالا ھن وقت گھڻو ڪري بدلجي ويا آھن ۽ ڪي شھر اصل بلڪ نابود ٿي ويا آھن، جن جو ڪٿي نشان به نٿو ملي سگھي. پر تنهن ھوندي به انڊين امپيريل گزيٽيئر، ابو الفضل جو آئين اڪبري، تاريخ معصومي، چچ نامو، تاريخ رشته ۽ تحفة الڪرام جھڙين تاريخن ۾ڪننگھام جي رپورٽن، جيڪي ھن آثار قديم متعلق لکيون آھن ۽ ٻين ڪن سندس ھمعصر مورخن ۽ سياحن جا ڪتاب ھٿ ڪري، انهن مان انهن شھرن جا نشان ۽ پتا ھٿ ڪيم، پر جيڪڏھن اڃا به ڪجھه رھجي ويا ھجن ته پڙھندڙ حضرات انهن بابت مون کي ڪا معلومات ڏيندا ته سندن نوازش ۽ پنهنجي ھمت افزائي سمجھندس.
    -3 ابن بطوطه جو اصل لکيل سفر جو احوال ته سندس بيان مطابق کانئس دريائي ڊاڪن ڦري ورتو، تنهنڪري جيڪي ڪجھه به لکيو اٿم، سو رڳو پنهنجي يادگيريءَ ۽ ذھن مان لکيو اٿس، ان لاءِ به ڪوشش ڪري، ھن جي ڪن ڳالھين کي فوٽ نوٽن وسيلي ڪجھه درست ڪيو ويو آھي.
    -4 ابن بطوطا ڪيترن ھندستاني لفظن کي عربي جيءَ اچارن موجب لکي ويو آھي ۽ وري عربي ڪاتبن ته اصل انهن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي آھي، مثلن گواليار کي ڪاليور (ڪيالير)، گجرات کي الجورات ڪري لکيو ويو آھي، تنهن لاءِ پڻ ڪٿي ڪٿي اصل متن وارو لفظ لکي، اتي ئي ڏنگين ۾ صحيح لفظ لکيو ويو آھي.
    مطلب ته ھن ڪتاب جي دقيق محاورن کي سلجھائڻ ۽ سوليءَ ۽ با محاوره سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ٻه سال ڪافي نه ھئا، پر مون محنت ڪري، سنڌيءَ جي علم ادب جي خدمت ڪرڻ خاطر، ھن ڪتاب ۾ پنهنجي حتي المقدور ڪوشش صرف ڪئي آھي. اميد ته ھيءُ ڪتاب تاريخي ذوق رکندڙ حضرات ۽ سنڌي علم ادب جي شائق سڄڻن لاءِ ڪافي دلچسپ ثابت ٿيندو.

    و آخر دعوانا ان الحمدالله رب العالمين.

    محمد ابراھيم عباسي
    بي اي، بي ٽي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ
    19 اپريل 1959ع


    ابن بطوطه جي سوانح حيات

    ابن بطوطه جي حياتيءَ متعلق وڌيڪ ڄاڻ ڪا نه آھي، پر رڳو ايترو ئي معلوم آھي، جيڪو ھو خود پنهنجي زباني، پنهنجي سفرن جي دوران ٻڌائي ٿو.
    ابن جزي، جيڪو سندس سفرن جو اصل موقف ۽ مدير آھي، تنهن جي لکڻ موجب ھو طنجير(Tangier) جي شھر ۾ ٢٤ فيبروري سن ١٣٠٤ع ۾ ڄائو ھو، ۽ سندس سفرن جي تفصيل وار بيان موجب، معلوم ٿو ٿئي ته ھن جي موراڪو موٽڻ کان پوءِ ھن کي اتي موراڪي جي ھڪ شھر ۾ قاضيءَ جو عھدو ڏنو ويو ھو، جتي ھو سن ١٣٦٨ع يا ١٣٦٩ع ۾ وفات ڪري ويو، ھن جو اصل نالو محمد بن عبدالله ھو، ابن بطوطه سندس خانداني لقب ھو، اھو خاندان اڃا به موراڪو ۾ موجود آھي. سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال سندس سفرن مان خود سندس زباني ھن ڪتاب ۾ موجود آھي، پر تنهن ھوندي به اسان سندس سڀني سفرن جو مختصر بيان ھيٺ ڏيون ٿا، ته ڪيئن ھن کي پھريائين سفر جو شوق ٿيو ۽ ڪيئن ھو ھندستان ۾ آيو.
    زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انهيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.


    ابن بطوطه جي سفر جو اختصار

    ابن بطوطه جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو ته ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪه ھن وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي گھڻي خبر ڪا نه ٿي پئجي سگھي، ڇو ته ھنن ”ابن بطوطه“ وانگر ڪو به ڪتاب ڪو نه لکيو ھو.
    ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ابن بطوطه سفر تي نڪتو ھو، جنهن جي شروعات ھن ھيئن ڪئي، جو ھو پنهنجي ملڪ طنجير مان حج ڪرڻ جي ارادي سان روانو ٿيو ھو، ۽ آفريقا جي سڀني خاص خاص شھرن جو سير ڪندو، مصر ۾ پھتو، اتان عيداب جي بندر تائين اچي پھتو، جتان سندس ارادو مڪي معظمه ڏانهن وڃڻ جو ھو، اھو بندر عدن کان ٿورو ئي پري آھي پر انهن ڏينهن اتي جو بادشاھه منگولن سان لڙائي ڪري رھيو ھو، تنهن ڪري جھاز ملي ڪين نه سگھيس ۽ ابن بطوطه واپس مصر ھليو ويو، جتان سنه ٧٢٦ ھجريءَ جي شعبان مھيني ۾ شام ڏانهن ھليو ويو، جتي دمشق وڃي، وقت جي ڪن مشھور عالمن کان علم حديث ۽ فيض حاصل ڪيائين، اتان ساڳئي سال شوال جي مھيني ۾ حاجين جي ھڪ قافلي سان مديني شريف ۽ اتان مڪي معظمه ۾ پھتو. اتي حج ڪرڻ کانپوءِ عجمين جي ھڪ قافلي سان گڏجي، ھو عراق ۾ پھتو، جتان نجف اشرف جي زيارت ڪري، ھو بغداد ھليو ويو، اتان واسطه ۽ اتان وري رواق ۾ پھچي، سيد احمد رفاعيءَ جي قبر جي زيارت ڪري، اتان بصري ۾ پھتو، جتان اچي ايران کان نڪتو، ڪجھه ڏينهن وشوستر ۾ رھي، اصفھان کان ٿيندو، ھو وڃي شيراز کان نڪتو، جتي قاضي مجيد الدين شيرازي سان ملاقات ۽ شيخ ابو عبدالله خفيف ۽ شيخ سعدي عليھ الرحمت جي قبرن جي زيارت ڪيائين، اتان وري گازرون جي بندر تي پھتو، جتان وري عراق ويو ۽ ڪوفي کان ٿيندو وڃي بغداد پھتو، ان وقت بغداد ويران ٿي ويو ھو، پر تڏھن به ڪافي وڏو شھر ھو، ھو اتان موصل ۽ ماروين کان ٿيندو، وري ٻئي حج لاءِ سنه ٧٢٨ ھجريءَ ۾ مڪي معظمه ڏانهن ھليو ويو. ھڪ سال اتي ترسي، پوءِ جدي ويو، جتان جھاز ۾ چڙھي، آفريقا جو سير ڪندو، وڃي يمن ۾ پھتو، وري عدن مان ھڪ جھاز رستي ھو مقدشو ڏانهن ھليو ويو، جيڪو آفريقا جي اڀرندي ڪناري تي آھي. اتن زڻزيبار ۽ ممباسا جي ٻيٽن مان گھمندو، جھاز ۾ چڙھي، عربستان جي ڏاکڻين ڪناري تي حضرموت جي ظفار شھر ۾ پھتو، اتان وري عمان کان ٿيندو، ھرموز جي شھر ۾ پھتو، جتان ھو اتي جي سخي بادشاھه تهمتن سان ملاقات ڪري اناطول ڏانهن ويو، اتي ھر ھنڌ فساد لڳا پيا ھئا ۽ اڃا تازو اتي عثمانيه خاندان جو بنياد پيو ھو، اتان جي بروصه شھر کان ڪاري سمنڊ جي ڪناري وارا شھر گھمندو، وڃي قبچاچ کان نڪتو، جتان ڇھن مھينن جو رستو لتاڙي ڪريميا ۾ پھتو، جتي ان وقت سلطان ازبق، ھڪ مسلمان بادشاھه حڪمران ھو، ھو چنگيز خان جي اولاد مان ھو ۽ روس جو ڳچ ملڪ سندس حڪومت ۾ داخل ھو ۽ رولگا ندي تي سراءِ نالي شھر سندس تخت گاھه ھو. اتان ھو بلغار ڏانهن ھليو ويو. اھو رمضان جو مھينو ھو ۽ وڏن ڏينهن ٿيڻ جي موسم پڻ ھئي، تنهن ڪري مغرب ۽ عشا جي نماز ئي پڙھجي مس پوري ٿيندي ھئي ته صبح ٿي ويندو ھو، اتان ھن جو ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو ارادو ھو، پر عيد جي ڏينهن اتفاق سان ھو بادشاھه وٽ آيو، تڏھن ان وقت بادشاھه جي ھڪ ملڪه جيڪا ڪنهن نصراني بادشاھه جي ڌيءُ ھئي، قسطنطنيه وڃڻ جي بادشاھه کان اجازت گھري، پوءِ ابن بطوطه ھن ملڪه سان گڏجي قسطنطنيه ويو، جتان واپس سراءِ جي شھر ۾ ويو، اتان ھو دشت جي رستي خوارزم ويو، جتان بخارا ڏانهن ھليو ويو، اتي ڪجھه وقت ھو سلطان علاو الدين طرم شيرين، ترڪستان جي بادشاھه جي درٻار ۾ رھيو، اھو بادشاھه چنگيز خان جي اولاد مان ھو، اتان ھو سمرقند ويو، جتان بلخ ۽ ھرات مان ٿيندو جام، مشھد شريف، نيشاپور ڏسندو، قندار جي رستي ھندوڪش کان ٿيندو، الوراب ۽ پنج سين جي رستي پشائي ۽ پروان مان گھمندو، عزنيءَ، تنهن کان پوءِ وري ڪابل کان ھلي اچي سنڌ ۾ پھتو، ان کان پوءِ سندس ھيءُ سفر شروع ٿئي ٿو، جنهن جا سڀ احوال ھن ڪتاب ۾ سڌا سنوان تفصيل وار ڏنل آھن.


    باب پهريون

    فصل پھريون

    دريا سنڌ
    سنه ٧٢٤ ھجري جي ماھ محرم الحرام جي پھرين تاريخ اسين سنڌو دريا تي اچي پھتاسين، ان درياءَ کي پنج آب (پنجاب) به ڪري چوندا آھن. ھيءُ درياءَ دنيا جي تمام وڏن دريائن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. گرمي جي مند ۾ ھن کي چاڙھه ٿيندو آھي ۽ جھڙيءَ طرح مصر جي باشندن جي زراعت جو مدار نيل نديءَ جي چاڙھه تي آھي، اھڙي طرح ھن ملڪ جي رھاڪن جي زندگي به ھن درياءَ جي چاڙھه تي منتصر آھي. ھتان کان وٺي سلطان محمد شاھه (1) ھندستان ۽ سنڌ جي مسلمان بادشاھه جي حڪومت شروع ٿئي ٿي.
    جڏھن اسين ھن درياءَ تي پھتاسين، تڏھن بادشاھه جا اخبار نويس اسان وٽ آيا ۽ اسان جي اچڻ جي خبر يڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏياري موڪليائين . بادشاھه جي طرفان انهن ڏينهن سنڌ جو امير سرتيز(1) ھو. ھي شخص بادشاھه جو غلام ۽ فوج جو سپھه سالار ھو، جڏھن اسين سنڌ ۾ پھتاسين، تڏھن شھر جو امير سيوستان(1) ۾ ترسيل ھو.
    سيوستان کان ملتان تائين ڏھن ڏينهن جو رستو آھي ۽ ملتان کان دارلخلافه دھلي تائين پنجاھه ڏينهن جو رستو آھي. اخبار نويس جيڪا خبر بادشاھه کي لکندا آھن، اھا ھن وٽ ٽپال جي ذريعي پنجن ڏينهن ۾ پھچي ويندي آھي.
    ٽپال کي ھن ملڪ ۾ بريد(2) چوندا آھن جيڪا ٻن قسمن جي ٿيندي آھي، ھڪ گھوڙي واري ۽ ٻي پيادي. گھوڙي واري ٽپال کي ”اولاق“ چوندا آھن ۽ ھر چئن ڪوھن کانپوءِ گھوڙو بدلايو ويندو آھي، ھي گھوڙا بادشاھه جي طرفان مليل ھوندا آھن، پيادي ٽپال جو انتظام وري ھيئن ٿيندو آھي، جو ھڪ ميل ۾، جنهن کي ھتي جا ماڻھو ”ڪروهه“(3) چوندا آھن، ٽي چونڪيون پيادن جون ھونديون آھن، ان چونڪي کي ”داوھه“(4) ڪري سڏيندا آھن وري ھر ھڪ ميل جي ٽئين حصي جيتري فاصلي تي ھڪ ڳوٺ ٻڌل ھوندو آھي ۽ اھڙي ھر ڳوٺ جي ٻاھران پيادن لاءِ ھڪ حاطو (چونڪي) ٺھيل ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ پيادي وٽ ھڪڙي ٻه گز ڊگھي لٺ ھوندي آھي، جنهن جي ھڪ مٺئي تي ٽامي جا گھنگھرا ٻڌل ھوندا آھن.
    جڏھن شھر مان ٽپال نڪرندي آھي، تڏھن مقرر ٿيل پيادو ھڪ ھٿ ۾ لفافو جھليندو آھي ۽ ٻئي ھٿ ۾ لٺ کڻي وٺي پنهنجي پوري طاقت سان ڊوڙندو آھي، ٻيو پيادو وري ھن جي گھنگھرن جو آواز پري کان ٻڌي، تيار ٿي بيھندو آھي، ۽ ھن کان لفافو وٺندي ئي يڪدم اڳتي ڊوڙندو آھي، اھڙي طرح سان جنهن طرح خط وغيرھ پھچائڻو ھوندو آھي، پھچايو ويندو آھي ھن قسم جي ٽپال گھوڙن کان به جلد پھچي ويندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن ٽپال جي ذريعي خراسان جا تازا ميوا پڻ رڪابين ۾ رکي، خاص بادشاھه لاءِ پھچايا ويندا آھن ۽ ڪڏھن ته ڪي سنگين مجرم کٽ تي (سھاري چوکنڀو ٻڌي)، اھڙي طرح چونڪي به چونڪي پيادا کڻي وڃي پھچائيندا آھن. بادشاھه جڏھن دولت آباد ۾ ھو، تڏھن ان لاءِ گنگاندي (جيڪا ھندن جو حج يعني ياترا جي جڳھه آھي،) جو پاڻي پڻ ٽپال ۾ موڪليو ويندو ھو، دولت آباد گنگا ندي کان چاليھن ڏينهن جي مفاصلي تي آھي.
    اخبار نويس ھر ڪنهن مسافر جا احوال تفصيل وار لکندا آھن، مثلن ھن جي شڪل (حليو) ھيءَ آھي، لباس ھي پھريل اٿس، نوڪر، رفيق ۽ جانور ھن قسم جا ساڻ اٿس، اٿڻي ويھڻي ھن نموني جي اٿس، وغيرھ، مطلب ته ڪا به ڳالھه باقي ڪين ڇڏيندا آھن، جڏھن ڪو به مسافر ملتان جي شھر ۾ (جيڪو سنڌ جو دارالخلافه آھي) پھچندو آھي، تڏھن جيستائين بادشاھه جي طرف کان، ھن جي روانگيءَ، مھمان نوازي جي انتظام ٿيڻ ۽ اخراجات مقرر ٿيڻ جو حڪم نه اچي، تيستائين ھن کي اتي ئي (ملتان ۾) ترسڻو پوندو آھي، ھر ڪنهن مسافر جي آجيان، ھن جي ساز و سامان ۽ اٿڻي ويھڻي مطابق ٿيندي آھي، ڇو ته ان وقت تائين سندس حسب ۽ نسب جي خبر پئجي ڪين سگھندي آھي.
    ھندستان جو بادشاھه محمد شاھه تغلق پرديسين جي عزت ۽ آبرو تمام گھڻي رکندو آھي ۽ انهن سان ڏاڍي محبت ڪندو آھي، ايتري قدر جو کين وڏا وڏا عھدا پڻ بخشيندو آھي، سندس خاص درٻاري، حاجب (خط رکندڙ) وزير، قاضي ۽ نائي گھڻو ڪري غير ملڪي ماڻھو ھوندا آھن ھن جو حڪم آھي ته ”پرديسيءَ کي ھميشه عزيز ڪري سڏيو وڃي، انهي ڪري ٻاھڙيان ماڻھو سڀ عزيز جي لقب سان سڏيا ويندا آھن.
    جيڪو شخص بادشاھه جي سلام تي ويندو آھي، سو ھن لاءِ ڪو نه ڪو تحفو ضرور وٺي ويندو آھي، ڇو ته اھو سڀني کي معلوم آھي ته بادشاھه انهن تحفن جي عيوض ٻيڻو يا ٽيڻو انعام ضرور ڏيندو آھي، انهي ڪري سنڌ جي ڪن سوداگرن جو اھو پيشو ٿي ويو آھي ته ھو اھڙي شخص کي ھزارھا دينار قرض ڏيندا آھن، ان لاءِ تحفا تيار ڪندا آھن، کيس نوڪرن گھوڙن ۽ (شانائتي) سواري جو انتظام ڪري ڏيندا آھن، ۽ نه رڳو ايترو بلڪه پاڻ به نوڪرن وانگر ان جي اڳيان ھٿ ٻڌيو بيٺا ھوندا آھن، پوءِ جڏھن اھو شخص بادشاھه جي سلام کان شرفياب ٿيندو آھي ۽ کيس انعام ملندو آھي تڏھن ھو انهن سوداگرن جو سمورو قرض ادا ڪري ڇڏيندا آھن، اھڙي طرح ھي سوداگر تمام گھڻو نفعو حاصل ڪندا رھندا آھن.
    مان به جڏھن سنڌ ۾ پھتس تڏھن اھو ئي طريقو اختيار ڪيم ۽ اھڙن سوداگرن کان گھوڙا، اٺ ۽ غلام خريد ڪيم، ھڪ عراق جو سوداگر جنهن جو نالو محمد دوري ھو ۽ تڪريت(1) جو رھواسي ھو، تنهن کان شھر غزنيءَ ۾ ٽيھه گھوڙا ۽ ھڪ اٺ، جنهن تي تير ۽ ڪمان لڏيل ھئا، خريد ڪيم، ڇو ته اھڙيون ئي شيون بادشاھه کي تحفي طور ڏنيون وينديون ھيون، جڏھن اھو سوداگر خراسان کان واپس آيو، تڏھن اچي مون کان پنهنجو قرض گھريائين ۽ تمام گھڻو فائدو حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو ھو فقط منهنجي ڪري ئي ھڪ وڏو واپاري بنجي ويو. اھو ئي شخص ڪيترن سالن کانپوءِ وري مون ساڻ حلب جي شھر ۾ مليو. اتي جي ڪافرن(2) مون کان منهنجي تن جا ڪپڙا به ڦري ورتا ھئا، پر ھن شخص منهنجي ڪا به مدد ڪا نه ڪئي.


    _________

    (1) ھيءُ، غياث الدين تغلق، جيڪو تغلق گھراڻي جو پھريون حاڪم ھو، تنهن جو پٽ ھو، سندس اصل نالو جونا خان ھو، ۽ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ محمد شاھه تغلق جي لقب سان تخت تي ويٺو.
    (1) سرتيز (عمادالملڪ) ، پنهنجي قوم جو سردار ۽ بادشاھه محمد شاھه تغلق جو ناٺي ۽فوج جو سپھه سالار ھو، سنه ٧٤٨ ھجري ۾، ھو جڏھن دکن ۾ حسن ڪاڪوئي بهمنيءَ جي بغاوت بند ڪرڻ ۾ مصروف ھو، تڏھن ھڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. (1) شھر سيوستان مان بطوطا جو مطلب سيوھڻ (ضلعو دادو) آھي.
    (2) عربي ۾ قاصد يا ٻارنهن ميلن جي مفاصلي کي بريد چوندا آھن. گب صاحب لکي ٿو ته ھن قسم جي پوسٽل سروس رڳو سرڪاري ڪمن لاءِ مقرر ھوندي ھئي ۽ اھا عام ماڻھو خانگي طرح سان انهن وقتن ۾ ڪڏھن به استعمال ڪري ڪين سگھندا ھئا.
    (3) ڪروهه ۽ ڪوھ ھڪ ئي لفظ. سنڌ ۾ ھن وقت ٻن ميلن جي مفاصلي کي ڪرھ چوندا آھن.
    (4) داوھه دابه = ڊاٻه (من جانب مڪرمي جناب مھربان استاد صاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
    (1) ) عراق ۾ بغداد ۽ موصل جي وچ تي ھڪ وڏو شھر آھي.
    (2) حلب جي ڪافرن مان ابن بطوطه جو مطلب دريائي ڊاڪو ٿي سگھي ٿو، جيڪي ان وقت ڪٿي ڪٿي قابض ھئا.


    فصل ٻيون

    خوفناڪ گينڊو
    جڏھن اسين سنڌو درياءَ، جيڪو پنج آب مشھور آھي، پار ڪري ھڪڙي گھاٽي جھنگل ۾ گھڙياسين، جتان رستو ٿي لنگھيو، ته اتي اوچتو اسان گينڊو ڏٺو، ھيءُ حيران رنگ جو ڪارو ۽ وڏي جسم وارو ٿيندو آھي، ھن جو مٿو تمام وڏو ٿيندو آھي، ڪن جو مٿو وڏو ۽ ڪن جو ننڍو پڻ ٿيندو آھي. انهي لاءِ ھڪ مثال مشھور آھي ته ” ڪر ڪردن(1) سربي بدن“، ھيءُ جانور ھاٿي کان ننڍو ٿيندو آھي، پر ان جو مٿو ھاٿي جي مٿي کان گھڻو وڏو ٿيندو آھي ۽ ٻنهي اکين جي ٺيڪ وچ تي، پيشاني جي مٿان ھڪ سڱ ٿيندو اٿس، جنهن جي ڊگھائي ٽي ھٿ ۽ ويڪرائي ھڪ گرانٽ کن ٿيندي، جڏھن اھو گينڊو جھنگل مان نڪتو، تڏھن ان جي سامھون ھڪ سوار اچي ويو، گينڊي گھوڙي تي (حملو ڪيو) ۽ پنهنجو سڱ اھڙو ته زور سان ھنيائين، جو سوار جي سڄي ران چيرجي پئي ۽ ھو ڌو وڃي زمين تي ڪريو، ان بعد اھو گينڊو جھنگل ۾ ائين گم ٿي ويو، جو وري ان جو ڪٿي پتو به ڪين پيو.
    انهيءَ رستي سان ھڪ ڏينهن عصر جي نماز کانپوءِ وري ٻئي دفعي مون گينڊو ڏٺو، جو ان وقت گاھه چري رھيو ھو. اسان ان کي مارڻ جو اردو ڪيو پر ھو ڀڄي ويو، ان بعد ھڪ دفعي اسان بادشاھه جي سواري سان گڏ ھئاسين ۽ جھنگل مان وڃي رھيا ھئاسين، ته وري به مون گينڊو ڏٺو، بادشاھه ھاٿيءَ تي سوار ھو ۽ مان پڻ ٻئي ھاٿيءَ تي ويٺل ھوس، سوار ۽ پيادا گينڊي کي يڪدم گھيري ۾ وٺي آيا ۽ ان کي ماري وڌائون، پوءِ سندس سر ڪپي ڪئمپ ۾ کڻي آيا.
    پوءِ اسان سنڌو نديءَ نديءَ کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري اچي جناليءَ(2) جي شھر ۾ پھتاسين، ھيءُ سنڌو ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو ۽ سھڻو شھر آھي ۽ منجھس وڻندڙ بازاريون آھن ھن شھر ۾ سومرا قوم جا ماڻھو آباد آھن، جيڪي قديم زماني کان ھتي رھندڙآھن، جيئن ”سنڌ جي فتح“ ۾ مورخ لکن ٿا ته ”حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، ته ھنن جا وڏا ھن شھر ۾ رھندا ھئا.“
    شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاؤالحق ذڪريا ملتاني(رح) مون کي ٻڌايو ته سندس پڙ ڏاڏو، محمد ابن قاسم قريشي فاتح سنڌ جي ان لشڪر ۾ موجود ھو، جيڪو حجاج بن يوسف عراق کان موڪليو ھو، پوءِ ھو ھن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ ھن جو اولاد وڌي ويو، ھيءَ شيخ رڪن الدين اھو آھي، جنهن جي باري ۾ مون کي شيخ برھان الدين اعراج(1) اسڪندريا جي شھر ۾ چيو ھو ته تون ان سان ملندين.
    ھي سومرا قوم جا ماڻھو ڪنهن سان به گڏ ڪين کائيندا آھن ۽ جڏھن به ھو کائيندا آھن تڏھن ڪو به شخص ھنن جي طرف ڏسڻ جي جرئت ڪري ڪين سگھندو آھي. ھو پنهنجي قوم وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به مائٽي ڪين ڳنڍيندا آھن، ان زماني ۾ سندس سردار ”ونار“(2)نالي ھڪ شخص ھو جنهن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس، ان بعد شھر جناليءَ کان ڪوچ ڪري اسين شھر سيوستان ۾ اچي پھتاسين، ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي ۽ اھڙي ھڪ ريگستان ۾ آباد آھي، جتي ڪرڙ کانسواءِ ٻيو ڪو به وڻ ڪو نه آھي.
    ھن جي واهه(1) جي ڪناري تي، سواءِ گدرن جي پوک جي ٻي ڪا به شي پوکي نٿي سگھجي، ھن شھر جا ماڻھو جوئر ۽ جلبان(1) جنهن کي مشنڪ به چوندا آھن جي ماني ٺاھي کائيندا آھن، ھتي مڇي ۽ مينهن جو کير جام ملندا آھن. ھتي جا ماڻھو اسقنقور(2) پڻ کائيندا آھن، ھيءَ جانور پيرن تي ھلندو آھي ۽ ڳوھه جھڙو ٿيندو آھي پر ان کي پڇ ڪين ٿئي، ھتان جا ماڻھو ان کي واري مان کوٽي ڪڍندا آھن ۽ ان جوپيٽ چيري گندگي صاف ڪري ان ۾ زعفران جي بدران ڪرڪم يعني زردچو (ھيڊ) ڀري پوءِ کائيندا آھن. مون ان جانور کي اصل ڪين کاڌو، ڇو ته ٻين کي کائيندو ڏسي مون کي ڏاڍي نفرت ايندي ھئي.
    جڏھن اسين شھر ۾ پھتاسين تڏھن گرمي تمام گھڻي ھئي، ان ڪري منهنجا دوست گھڻو ڪري ننگا رھندا ھئا ۽ ھڪ وڏو رومال پاڻي ۾ ڀڄائي لنگوٽ ڪري ٻڌندا ھئا، اھڙي طرح ٻيو رومال وري ڪلھن تي رکندا ھئا، پوءِ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ جڏھن اھي رومال خشڪ ٿي ويندا ھئا تڏھن انهن کي وري اڳئين وانگر ڀڄائي ڍڪيندا رھندا ھئا، ھن شھر جو خطيب (جامع مسجدجو امام ) شيباني آھي جنهن مون کي امير المومنين عمر بن عبدالعزيز رضي الله تعاليٰ عنه جو اھو پروانو ڏيکاريو، جو سندس ڏاڏي کي خطيب ٿيڻ وقت مليو ھو. ھيءُ پروانو ان جي خاندان ۾ پشت به پشت ھليو ٿو اچي ۽ ان تي ھي عبارت لکيل آھي ” ھاذا مان امربه، عبدالله امير المومنين عمر بن عبدالعزيز بن فلان“ ان تي تاريخ تحرير سنه ٩٩ ھجري لکيل آھي، ھن خطيب جو چوڻ ھو ته اھي اکر خود خليفي جي ھٿ جا لکيل آھن، ھن شھر ۾ مون کي ھڪ عمر رسيده شخص، شيخ محمد بغدادي نالي مليو، جيڪو عثمان مرو ندي جي خانقاھه ۾ رھندو ھو ۽ ڪنهن شخص مون کي ٻڌايو ته ھن شيخ جي عمر ھڪ سئو چاليھه ورھين کان به مٿي آھي، ۽ ھو خليفي معتصم باالله(1) عباسين جي آخري خليفي جي قتل ٿيڻ وقت، جڏھن ھن کي ھلاڪو خان بن چنگيز خان مارايو ھو، بغداد ۾ موجود ھو، ھي شخص ھيتري عمر ھوندي به جسم ۾ ڪافي مضبوط ھو ۽ چڱي طرح سان گھمي ڦري ٿي سگھيو.
    ھن شھر ۾ سومرا قوم جو سردار(2) (٢٩ امير ونار يا انڙ) ۽ امير قيصر رومي رھندا ھئا. اھي ٻئي سلطان جا تابعدار ھوندا ھئا(1) ۽ انهن وٽ اٽڪل ١٨٠٠ سوار ھئا، ھن ئي شھر ۾ ”رتن“ نالي ھڪ ھندو(ڪافر) پڻ رھندو ھو، جو حسابن ۽ لکپڙھه ۾ ماھر ھو، پوءِ ھو ڪن اميرن سان گڏجي ھندستان جي بادشاھه(سلطان محمد شاھه تغلق) وٽ ويو، بادشاھه کيس پسند ڪري سندس نالو ” سنڌ سردار“ رکيو ۽ کيس انهي ملڪ جو حاڪم بڻائي، سيوھڻ ۽ ان جا پرڳڻا جاگير طور عطا ڪرڻ سان گڏ کيس سڀئي مرتبا جھڙوڪ لقارا، جھنڊو ۽ ٻيون سڀ اھي نشانيون جيڪي وڏن اميرن کي ڏنيون وينديون آھن، عطا ڪيون، ھن جي ھتي پھچڻ تي ”ونار“ (انڙ) ۽ قيصر کي ھڪ ھندوءَ جي اطاعت ڪرڻ مشڪل معلوم ٿي، سو سندس قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيائون، سندس اچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ کيس حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ شھر جي آس پاس ۾ نڪرڻ جي صلاح ڏنائون، جنهن تي ھو ساڻن گڏ نڪتو.
    رات جي اونداھي ٿيڻ تي، وٺي محل ۾ شور کڙو ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ته انهيءَ تي ڪنهن شينهن حملو ڪيو آھي، پوءِ ان ھندوءَ جي تنبوءَ تي ڪاھي ويا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون، ۽ شھر ۾ موٽي اچي، اتي جيڪو سلطان جو مال ھو، تنهن تي قبضو ڪيائون، جو ٻارنهن لک دينار ھو ۽ مٿائين ونار(انڙ) کي پنهنجو سردار بڻائي، کيس ملڪ فيروز جو لقب ڏنائون.
    ھن سمورو مال لشڪر کي ورھائي ڏنو، پوءِ پنهنجي قبيلي کان پري ھجڻ ڪري اچي کيس ڊپ ورايو، سو جيڪي ساڻس مٽ مائٽ ھئا تن سوڌو نڪري پنهنجي قبيلي ڏانهن ھليو ويو، باقي بچيل لشڪر قيصر روميءَ کي پنهنجو سردار بڻايو، اھا خبر وڃي سلطان جي غلام عماد الملڪ سرتيز کي پھتي، جو انهن ڏينهن سنڌ جو اميرالامراءِ ھو ۽ ملتان ۾ رھندو ھو، ھو لشڪر گڏ ڪري، خشڪيءَ ۽ سنڌو ندي رستي تيار ٿيو، ملتان ۽ سيوھڻ جي وچ ۾ ڏھن ڏينهن جو پنڌ ھو.
    قيصر ھن جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ لڙائي لڳي، جنهن ۾ قيصر ۽ سندس لشڪر بري طرح شڪست کائي وڃي شھر ۾ قلع بند ٿيا، ھن (عماد الملڪ) ھنن جو گھيرو ڪيو ۽ منجنيقون استعمال ڪيائون، جنهن ڪري گھيرو وڌيڪ سخت ٿيو، آخر چاليھن ڏينهن کان پوءِ انهن امان گھريو، جنهن تي ھن کين امان ڏنو، پر جڏھن وٽس حاضر ٿيا تڏھن ساڻن واعدي خلافي ڪري، سندن مال ضبط ڪري، انهن جي قتل جو حڪم ڏنائين، پوءِ ھر روز انهن مان چونڊ ڪري ڪن کي قتل ڪرائيندو ھو ۽ ڪن جون کلون لھرائي،اھي کلون بهه سان ڀرائي، قلعي جي ديوار تي لٽڪائيندوھو، جنهن ڪري قلعي جي اڪثر حصي تي اھي کلون لڙڪنديون ھيون، جن کان ڏسندڙ دھلجي ويندا ھئا، انهن جون سسيون وري وچ شھر ۾ گڏ ڪرايون ھئائين، جيڪي ھڪ ٽڪريءَ وانگر پئي لڳيون، آئون ھن شھر ۾ ھن واقعي کان پوءِ وڃي، اتي جي ھڪ وڏي مدرسي ۾ رھيو ھوس ۽ ان جي ڇت تي سمھندو ھوس، جڏھن رات جو جاڳندو ھوس تڏھن رات جو اھي لڙڪايل کلون ڏسندو ھوس، جن کان دل پريشان ٿيندي ھئي ۽ مدرسي ۾ ٽڪڻ دل کي نه وڻيو، تنهن ڪري اتان (ٻئي ھنڌ) ھليو ويس.
    علاؤ الملڪ فصيح الدين خراساني قاضي، رات جو ھڪ فاضل فقيه(مولوي) ھو، ٿورو عرصو اڳ ھو بادشاھه جي ملازمت لاءِ پنهنجي وطن مان ھلي آيو ھو، بادشاھه ھن کي لاھڙي(1) (سنڌ ۾) ان جي علائقي سميت جاگير ۾ ڏيئي ڇڏي ھئي، ھو پڻ سرتيز جي مدد لاءِ پنهنجو لشڪر وٺي آيو ھو، ھو پنهنجو ساز سامان سنڌو نديءَ رستي پندرھن جھازن ۾ کڻي آيو ھو، اتي مون پڻ ھن سان لاھڙي وڃڻ جو ارادو ڪيو.
    ________________________________________
    (1) ڪرڪردن عربي لفظ آھي، جنهن جي معنيٰ آھي گينڊو، ھيءُ ٻن قسمن جو ٿيندو آھي، (١) ھڪ سڱ وارو(٢) ٻن سڱن وارو، ٻن سڱن وارو سوماترا ۽ جاوا ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آھي ۽ ڪڏھن چٽگانگ ۽ برما ۾ پڻ ٿيندو آھي، ھڪ سڱ وارو گھڻو ڪري آفريقا ۾ ٿيندو آھي، پر ڪڏھن بر ھمپترا (ندي) جي ڪناري تي به ڏسڻ ۾ ايندو آھي، گھڻو ڪري ھي جانور گب ۽ ڌٻڻ وارن ھنڌن تي رھندو آھي، وڏي مٿي ۽ سڱ جي ڊگھائي ۽ ويڪرائي بيان ڪرڻ ۾ ابن بطوطه مبالغو ڪيو آھي، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ان جي جسم جي مناسبت کان ان جو مٿو وڏو ٿو ٿئي، پر ان جو مٿو ھاٿي جي مٿي کان ڪڏھن وڏو ڪين ٿيندو آھي، ان جي کل جيڪا ڪاري ۽ ٿلھي ٿيندي آھي، تنهن مان تکو خنجر يا چاقو لنگھي ڪين سگھندو آھي، انهي ڪري ان جي کل مان ڍالون ٺاھيون وينديون ھيون. _ مترجم
    (2) ھن شھر جو ھن وقت پتو نه آھي ته ڪٿي آھي پر گب صاحب جي تحقيقات موجب اھو شھر ضرور سکر، روھڙيءَ جي وچ تي ٻڌل ھوندو، جو ھن وقت ختم ٿي، زبون حالت تي پھچي ويو آھي، _ مترجم.
    (1) شيخ برھان الدين اعرج ان بطوطه کي اسڪندريھ (مصر) ۾ مليو ھو ۽ کيس ٻڌايو ھئائين ته سنڌ ۾ ھو شيخ رڪن الدين سان ملندو، ھن پيشنگوئي جو سچو بيان ” ابن بطوطه جو سفر“ حصي پھرين ۾ آيل آھي. مترجم
    (2) ابن بطوطه جو مطلب”ڄام انڙ “آھي، عربي ۾ انڙ کي”ونار“ڪري لکيو ويو آھي. – مترجم
    (1) سيوھڻ جي ڀرسان اڙل واهه آھي، جنهن جي ڪناري تي گدرا ۽ ڇانهيون پوکيون وينديون آھن، ابن بطوطه به شايد سيوھڻ جا گدرا ۽ ڇانهيون ڏاڍا پسند ڪيا ھئا، جو انهن جو بيان خاص طرح سان ڪيو اٿائين. ھن وقت ته سيوھڻ چڱو آباد آھي ۽ ڪافي وڻ به اتي موجود آھن، باقي شايد انهي وقت ائين ھجي، جيئن ابن بطوطه ٻڌائي ٿو ته ريگستان آھي، وڻن جو نالو ئي ڪونهيس، باقي جابلو پاسو ھجڻ ڪري واري ھن وقت به ھتي جام آھي، ۽ گرمي به اھا ئي بدستور ھتي موجود آھي. مترجم
    (1) جلبان A certaion plant or a certaion grain
    (2) اسقنقور ريگ ماھي (گلوئي) – مترجم
    (1) معتصم با الله عباسي خليفن ۾ آخري خليفو ٿي گذريو آھي سنه ٦٥٦ ھجري م ھلاڪو خان، چنگيز خان جي پٽ، ھن کي کٿي ۾ ويڙھائي، ڌڪن سان مارائي ڇڏيو ھو، تاريخ الخلفا ۾ ”قتل الخليفة رفا“ لکيل آھي، يعني ھن کي لتون ھڻائي مارائين، ھن خليفي تي بغداد جي خليفن جي حڪومت، جا ٥٢٠ سالن کان ھلي ٿي آئي، ختم ٿي. مترجم
    (2) ڊاڪٽر صاحب عمر بن محمد مرحوم جي تحقيقات موجب، ابن بطوطه ھت ڀل ڪئي آھي ۽ ونار يا انڙ سمن جي خاندان مان ھو پر انهن وقت کيس سامره يعني سومرن جو سردار مقرر ڪيو ھئائون.
    (1) ھتان معلوم ٿو ٿئي ته انهي زماني ۾ سومرا توڙي سما دھليءَ جي بادشاھن جي ھٿ ھيٺ ھئا، سلطان جو لفظ ھتي ”سلطان محمد شاھه تغلق“ ڏانهن اشارو آھي. – مترجم
    (1) لاھڙي (بندر) ھي ٺٽي ضلعي ۾ ڳوٺ آھي، جنهن کي ھاڻي شاھه بندر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ابن بطوطه جي وقت ۾ ھي ءُ بندر سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو بندر ڪري ليکيو ويندو ھو، ابو المقتل ان بندر جي آمدني ھڪ لک اٺٽيھه ھزار لکي آھي ۽ ارڙھين صديءَ جي آخري تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھڪ تجارتي ڪوٺي به اتي موجود ھئي،مٿين ڳالھين مان ثابت آھي ته ھيءُ بندر ڪنهن وقت تمام مشھور ھوندو ھو. –مترجم


    فصل ٽيون

    سنڌو ندي جو سفر
    قاضي علاؤ الملڪ وٽ ھڪڙو جھاز ھو، جنهن کي ”اھورة“ پئي سڏيائون جيئن اسان جي ملڪ ۾ ”طريرة“ ٿيندو آھي، اھڙي ئي نموني جو ھي جھاز ھو، پر ان کان ”طريرة“ ڪجھه وڌيڪ ڊگھو ۽ ڪشادو ھو، ان جھاز جي اڌ کي ڏاڪڻ وانگر ٺاھي ڪجھه مٿانهون ڪيو ويو ھو، جنهن تي وري تختا لڳائي ويھڻ جي جڳھه ٺاھي وئي ھئي، ان جا ءِ تي قاضي ويھندو ھو ۽ سندس نوڪر وري ساڄي کاٻي ۽ سامھون ويھندا ھئا، ھن جھاز کي چاليھه ملاح ھلائيندا ھئا ۽ ان سان گڏ چار ننڍيون ٻيڙيون پڻ ان تي موجود ھيون، جيڪي ٻه ان جي کاٻي طرف ۽ ٻه ساڄي طرف رک : ل ھيون، انهن مان ٻن ٻيڙين تي ڳائڻ وارا ويھندا ھئا ۽ باقي ٻن تي نقارا، شرنايون ۽ جھنڊو وغيره ھئا، جڏھن ھي ٻيڙي ھلندي ھئي تڏھن ڪنهن وقت رڳو وڄت ٿيندي ھئي ۽ ڪنهن وقت ڳائيندڙ راڳ شروع ڪندا ھئا، اھڙيءَ طرح صبح کان وٺي ناشتي جي وقت تائين ڳائيندا وڄائيندا ھلندا ھئا، جڏھن کاڌي جو وقت ٿيندو ھو، تڏھن سڀ جھاز تي پھچي ويندا ھئا، ان بعد دستر خوان وڇايو ويندو ھو ۽ جيستائين امير علاؤ الملڪ ماني کائيندو ھو تيستائين راڳيندڙ ڳائيندا رھندا ھئا ۽ سڀ کان پوءِ ھو کائي پي وري پنهنجي پنهنجي ٻيڙين ۾ ھليا ويندا ھئا.
    جڏھن رات ٿيندي ھئي تڏھن جھاز کي درياءَ جي ڪناري تي بيھاري زمين تي طنبو لڳايا ويندا ھئا، جن مان ھڪ ۾ امير علاؤ الملڪ رات بسر ڪندو ھو، جڏھن سڄو لشڪر رات جي ماني کائي پوري ڪندو ھو ۽ سڀ عشا جي نماز کان فارغ ٿيندا ھئا تڏھن سڀ آرام ڪندا ھئا ۽ چوڪيدار واري واري سان پھرو ڏيندا ھئا، جڏھن ھڪڙو چوڪيدار پنهنجو وارو ختم ڪندو ھو، تڏھن وڏي آواز سان پڪاري چوندو ھو ته يا آخوند ملڪ ھيتري رات گزري چڪي آھي، صبح جي وقت نقارا ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿينديون ھيون، پوءِ صبح جي نماز پڙھي، ماني کائي، وري اٿي ھلندا ھئا، جڏھن امير درياءَ جي رستي ھلڻ چاھيندو ھو ته وڃي جھاز ۾ ويھندو ھو پر جيڪڏھن خشڪي جي رستي ھلڻ تي دل ٿيندي ھيس ته سڀ کان اڳ ۾ لقارن وارا ھلندا ھئا، ان کانپوءِ حاجب (پوليس جا عملدار) ھوندا ھئا، جن جي اڳيان ڇھه عدد گھوڙا ھوندا ھئا، انهن مان ٽن گھوڙن تي نقارا ۽ ٽن تي شرناين وارا ھوندا ھئا.
    سواريءَ جي ڪنهن ڳوٺ يا شھر وٽان گذرڻ وقت خاص طرح سان نقارا وڄايا ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ھلندي ھلندي، منجھند جي مانيءَ مھل منزل انداز ٿيندا ھئا، مان پڻ امير علاؤ الملڪ سان پنج ڏينهن رھيس، آخر پنجين ڏينهن اسين اچي لاھڙي شھر ۾ پھتاسين، ھيءُ نهايت خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي ۽ دريا سنڌ (سنڌو ندي) پڻ ان جي ئي ڀرسان اچي ٿو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، اصل ۾ ھيءُ شھر ھڪ وڏو بندرگاھه آھي، جتي يمن ۽ فارس جا جھاز ۽ واپاري تمام گھڻا ٿا اچن، انهيءَ ڪري ئي ھيءُ شھر تمام مالدار آھي، ھتي محصول تمام گھڻو وصول ڪيو ويندو آھي.
    علاؤ الملڪ مون کي ٻڌايو ته ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي ۽ کيس ان جو ويھون حصو ملندو آھي، يعني ڏھين حصي جو اڌ، انهي حساب سان بادشاھه (محمد شاھه تغلق) پنهنجي ڪاردارن کي جدا جدا علائقا سپرد ڪندو آھي.

    عجيب کنڊر
    ھڪ ڏينهن مان امير علاؤ الملڪ سان گڏجي سير تي نڪتس، شھر کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ڪشادو ميدان آھي، جنهن کي ”نازنه“ چوندا آھن، اتي بيشمار انسانن ۽ حيوانن جون پٿر مان تراشيل ڀڳل ٽٽل ۽ ڪي سالم مورتيون پکڙيون پيون ھيون، انهن ۾ اناج جي قسم جون شيون جھڙوڪ ڪڻڪ، چڻا، مھري ۽ اھڙي قسم جون ٻيون شيون پڻ پٿر مان تراشيل موجود ھيون، ازانسواءِ شھر پناھه ۽ گھرن جي چوديواري جا سامان پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيا.
    انهن کنڊرن(1) ۾ پٿر اندر ھڪ جاءِ ھئي، جنهن جي پوري وچ تي ھڪ ٿَلھو ٺھيل ھو، جو ھڪ ئي پٿر مان ٺاھيو ويو ھو، ھن ٿَلھي تي پٿر جو تراشيل، ھڪ ماڻھو جو بت رکيل ھو، جنهن جو گردن ڪجھه ڊگھو، وات ھڪ طرف ڦريل ۽ ٻئي ھٿ ڪمر جي پٺيان ٻڌل ھئا، انهي ھنڌ تمام بدبودار بيٺل پاڻي پڻ موجود ھو، اتي ڪيترين ئي ديوارين تي سنڌي زبان ۾ ڪي اکر لکيل ھئا، امير علاوءُ الملڪ مون کي ٻڌايو ته ھن ملڪ جي تاريخ دانن جو خيال آھي ته ھي شھر برباد ٿي ويو ھو ۽ ٿلھي تي جيڪو بت آھي سو انهي وقت جو بادشاھه ھو، اھو ئي سبب آھي جو ھاڻي به ھن جاءِ کي ”نرجا جو محل“ ڪري چوندا آھن، ۽ ڪن ديوارين تي لکيل اکرن مان معلوم ٿو ٿئي ته اھا بربادي تقريبن ھڪ ھزار سال اڳ ۾ ٿي گذري ھوندي. مان ھن امير وٽ پورا پنج ڏينهن ٽڪيس، ھن حد کان وڌيڪ منهنجي خاطرداري ڪئي، پوءِ اتان بکر(1) ويس، ھيءُ ھڪ چڱو ۽ خوشنما شھر آھي، درياءَ سنڌ جي ھڪ شاخ ھن شھر جي بلڪل وچ مان لنگھي ٿي، جنهن جو وڌيڪ بيان مان اڳتي ھلي ڪندس، مذڪور شاخ جي وچ ۾ ھڪ خانقاھه آھي، جتان مسافرن کي کاڌو ملندو آھي، ھيءَ خانقاھه، ڪشلو خان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) پنهنجي دور حڪومت ۾ ٺھرائي ھئي، ھن شھر ۾ منهنجي ملاقات فقيه (مولوي) امام الدين حنفي، شھر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شيخ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي ھئي، جن مان شيخ شمس الدين جي عمر سندس بيان مطابق ھڪ سئو ويھه سال ھئي،
    پوءِ اسان بکر کان ھلي اچي اُچ(1) جي شھر ۾ پھتاسين، ھيءَ سنڌو ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ منجھس تمام عمدي بازار ۽ مضبوط عمارتون آھن، انهن ڏينهن ھن شھر جو حاڪم جلال الدين ڪيجي ھو، جو بهادريءَ ۽ سخا جي ڪري مشھور ھو.


    __________________
    (1) جنرل ڪننگھام جي تحقيقات موجب اھي کنڍرن جا نشان ديبل بندر جا ھئا ۽ لاھڙي بندر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي ھئا، ابن بطوطه ستن ميلن جو مفاصلو لکيو آھي، سوالاجي ڪئين.
    (1) ھن وقت بکر فقط ان قلعي کي چوندا آھن جو سنڌو ندي جي وچ ۾ سکر ۽ روھڙي جي وچ تي آھي. مترجم
    (1) ھيءُ ھن وقت اچ بهاول پور رياست ۾ آھي ۽ ملتان کان ستر ميل پري آھي، ڪنهن زماني ۾ پنجاب جون پنج ئي نديون سنڌو نديءَ سان اچ وٽ اچي ملنديون ھيون، پر ھاڻي چاليھه ميل ھيٺ مٺن ڪوٽ وٽ اچي ٿيون گڏجن، ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ ھيءُ شھر سنڌ جو دارالخلافه ھو، سادات بخاري ۽ جيلاني ھن شھر ۾ رھندا آھن، سيد جلال الدين بخاري ۽ مخدوم جھانيان جا مزار پڻ ھن شھر ۾ آھن.- مترجم


    فصل چوٿون

    بادشاھه جي سخاوت
    ھن امير (جلال الدين) سان منهنجي دوستي ٿي وئي، تنهن ڪري منهنجو ھن سان گھڻو ميل جول رھندو ھو، ان بعد اسان دھلي ۾ پڻ ملياسين، جڏھن بادشاھه (محمد شاھه تغلق) دولت آباد ويو ھو، تڏھن سيد جلال پڻ ھن سان گڏجي ويو ۽ ويندي وقت مون کي اجازت ڏئي ويو ھو ته جيڪڏھن مون کي ڪا ضرورت پوي ته سندس ڳوٺ جو محصول وصول ڪري ان مان پنهنجو خرچ ھلائيندو رھان، تنهن ڪري مون ان (وصولي) مان پنج ھزار خرچ ڪري ڇڏيا ھئا.
    ھن شھر ۾ منهنجي ملاقات شيخ قطب الدين حيدري علوي سان ٿي، جيڪو ھڪ وڏو عابد، زاھد، متقي ۽ بزرگ شخص ھو، ھن مون کي پنهنجو چوغو پڻ عنايت ڪيو ھو، جيڪو ان ڏينهن تائين مون سانڍي رکيو، جنهن ڏينهن مون کي ڪافر سامونڊي ڊاڪن سمنڊ ۾ ڦريو ھو، ان بعد اُچ مان ڪوچ ڪري اچي ملتان(1) پھتاسين. اھو شھر سنڌ جي ملڪ جو دارالخلافه آھي ۽ اتي جو امير الامراءُ به انهي ئي شھر ۾ رھندو آھي.
    ھن شھر ۾ پھچڻ کان اڳ ڏهه ميل اورتي ھڪ وادي مان لنگھڻو پوي ٿو، ھي وادي تمام وڏي آھي، تنهن ڪري ٻيڙين کان سواءِ ان جي پار وڃڻ مشڪل آھي، ھن ھنڌ پار وڃڻ وارن جي حال احوال جي پڇا ڳاڇا ٿيندي آھي ۽ سندن سامان جي تلاشي ورتي ويندي آھي، ان زماني ۾، ھن جاءِ تي ھر ھڪ سوداگر کان سندس مال اسباب جو چوٿون حصو بطور محصول ورتو ويندو ھو ۽ ھر ھڪ گھوڙي جا ست دينار محصول لڳندو ھو، پر منهنجي ھندستان پھچڻ کان ٻه سال پوءِ بادشاھه اھي سڀ محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ جڏھن بادشاھه عباسي خليفي جي بيعت ڪئي، تڏھن ھن جي حڪم موجب عشر ۽ زڪوات کانسواءِ ٻيو ڪو به محصول ڪو نه ورتو ويندو ھو.
    مون کي تلاشيءَ جو تمام گھڻو فڪر ھو، ڇو ته بظاھر منهنجو ساز و سامان تمام گھڻو ٿي معلوم ٿيو، پر اندر ڪجھه به ڪين ھو، جنهن ڪري مون کي ڊپ لڳو ته متان ڪٿي سڄو راز نه کلي پوي، پر قطب الملڪ ملتان مان ھڪ فوجي آفيسر موڪلي ڇڏيو ھو، جنهن کي ھدايت ڪئي ھئائين ته ڪو به شخص منهنجي تلاشي نه وٺي، تنهن ڪري ائين ئي ٿيو ۽ مون خداوند تعاليٰ جو شڪر ڪيو، اھا رات اسان وادي جي ڪناري تي ترسي پياسين، صبح جو مون وٽ دھقان سمر قنڊيءَ نالي ھڪ ٽپال جو آفيسر، جو بادشاھه جو اخبار نويس پڻ ھو، آيو، جنهن سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ پوءِ ساڻس گڏجي ملتان جي حاڪم وٽ ويس.

    ملتان جو حاڪم
    انهن ڏينهن ملتان جو حاڪم قطب الملڪ ھو، ھيءُ شخص وڏو امير ۽ فاضل ھو ۽ جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن ھو منهنجي تعظيم خاطر اٿي بيٺو ۽ مون سان ھٿ ملائي مون کي پنهنجي ڀرسان ويھاريائين. مون کيس ھڪ غلام، ھڪ گھوڙو ۽ ڪشمش ۽ بادام تحفي طور پيش ڪيا، ڪشمش ۽ بادام سنڌ ملڪ ۾ ڪين ٿين، تنهن ڪري اھي تحفي طور ڏنا ويندا آھن ۽ خراسان کان ايندا آھن، ھي امير (قطب الملڪ) به ھڪ ڪشادي ٿلھي تي ويٺو ھو، جنهن تي ھڪ عمدو غاليچو وڇايل ھو، ھن وٽ ھالار نالي شھر جو قاضي، ۽ شھر جو خطيب (پيش امام) جنهن جو نالو مون کي ياد نه آھي، ويٺا ھئا، سندس ساڄي ۽ کاٻي فوج جا آفيسر ۽ سيراندي کان مسلح سپاھي بيٺا ھئا. سامھون لشڪر مارچ ڪري رھيو ھو، اتي تمام گھڻيون ڪمانون رکيل ھيون، لشڪر جي جنهن ماڻھوءَ تير اندازي جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي چاھيو، تنهن انهن مان ڪا ڪمان کڻي پنهنجي طاقت آھر ان کي استعمال ٿي ڪيو.
    جيڪڏھن ڪنهن (فوجي) گھوڙي سواري جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي چاھيو ته ھو پنهنجو گھوڙو ڊوڙائي سامھون ديوار سان اٽڪايل نقاري تي پنهنجي نيزي کي اڇلائي، ان تي نشان چٽيندو ٿي ويو، ھڪ ننڍي ديوار تي وري ھڪ مُنڍي رکيل ھئي، جنهن مان گھوڙي سوار پنهنجو گھوڙو ڊوڙائي، نيزي جي نوڪ ان مان لنگھائي. ان کي کڻي ٿي ويو. اتي ھڪ کينهون پڻ موجود ھو، جنهن کي گھوڙي سوار گھوڙي تان چوگان ھڻي پنهنجو ڪمال ڏيکاري رھيو ھو، ھنن راندين ۾ ڪو به (فوجي) جيترو ڪمال ڏيکاريندو ھو اوتروئي ان کي عھدي ۾ ترقي ملندي ھئي.
    جڏھن اسان قطب الملڪ وٽ وڃي سندس سلامي ڀري، تڏھن اسان کي حڪم ڏنائين ته وڃي شيخ رڪن الدين وارن سان گڏجي رھو، ھنن(شيخ رڪن الدين ۽ ان جي ماڻھن) جو اھو دستور ھوندو ھو ته حاڪم جي اجازت کان سواءِ ھو ڪنهن کي به پاڻ وٽ مھمان ڪري ڪين ٽڪائيندا ھئا.

    ھندستان جي بادشاھه جي درٻار ۾ اسان جو ٻين مسافرن سان گڏجي وڃڻ ان شھر ۾ ٻيا به گھڻائي بزرگ شخص آيل ھئا، جيڪي بادشاھه جي نوڪريءَ لاءِ دھلي وڃي رھيا ھئا، انهن مان خدا وند زاده(1) قوام الدين ترمذ جو قاضي (پنهنجي خاندان ۽ پٽن سان گڏ)، سندس ڀائر عمادالدين، ضياءُالدين، برھان الدين سمرقند جو ھڪ رئيس مبارڪ شاھه، بخارا جو ھڪ رئيس ارن بغا، ملڪ زاده، جو خدا وند زادھ قوام الدين جو ڀاڻيجو ھو ۽ بدرالدين فصال قابل ذڪر ھئا، انهن مان ھر ھڪ سان گڏ سندس دوست خادم ۽ ٻيا متعلقين پڻ شامل ھئا.
    ملتان ۾ پھچڻ کان ٻه مھينا پوءِ بادشاھه جو پوشنجي نالي ھڪ حاجب ۽ ملڪ محمد ھروي ڪوٽوال، خدا وند زادھ قوام الدين جي استقبال لاءِ آيا، انهن سان ٽي غلام به ھئا، جن کي بادشاھه جي والده مخدومه جھان، خدا وند زاده ۽ سندس بيگم جي استقبال لاءِ روانو ڪيو ويو، اھي پاڻ سان خداوند زاده ۽ ان جي اولاد لاءِ خلعتون پڻ کڻي آيا ھئا، مون چيو ته منهنجو ارادو آخوند عالم يعني بادشاھه وٽ نوڪري ڪرڻ جو آھي، بادشاھن کي ھتي جا ماڻھو آخوند عالم چوندا آھن، بادشاھه جو حڪم ھو ته جيڪو شخص خراسان جي طرف کان اچي ۽ سندس ارادو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو نه ھجي ته ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو وڃي. جڏھن مون چيو ته منهنجو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو ارادو آھي تڏھن ھڪدم قاضي ۽ گواه گھرايا ويا ۽ ھڪڙي عھد نامي تي مون کان صحيح ورتي وئي، منهنجي ساٿين مان ڪن صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون سفر جي تياري ڪئي، ملتان کان اڳتي چاليھن ڏينهن جو رستو آھي ۽ سڄي رستي سان آبادي ھلندي ٿي اچي.
    حاجب ۽ ان جي ساٿين خدا وند زاده قوام الدين جي مھماني جو انتظام ملتان کان ئي ڪري ڇڏيو ۽ ويھه بورچي پاڻ سان کنيا ھئائون. ھيءُ حاجب ھڪ ھڪ منزل اڳ ۾ روانو ٿيندو ھو ۽ خدا وند زاده جي منزل تي پھچڻ کان اڳ سڄو انتظام ڪري ڇڏيندو ھو، جن ماڻھن جو مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آھي، سي جدا جدا تنبن ۾ رھندا ھئا پر کاڌو ھڪ ئي دستر خوان تي خداوند زاده سان گڏجي کائيندا ھئا، مان فقط ھڪ دفعو انهن سان کاڌي ۾ شريڪ ٿيو ھوس، کاڌو ھن ترتيب سان آڻيندا ھئا؛ پھريائين مانيون آڻيندا ھئا، جيڪي سنهيون چپاتيون ھونديون ھيون، ٻڪري کي ڀڃي، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ھر ھڪ ماڻھوءَ جي سامھون رکندا ويندا ھئا، پوءِ گيھه ۾ تريل مانيون آڻيندا ھئا، جن جي پيٽ ۾ حلوه صابونيه ڀريل ھوندو ھو ۽ ھر ھڪ ٽڪي تي ھڪ مٺي ماني رکندا ويندا ھئا، جنهن کي نشاستي چوندا ھئا ۽ ان کي اٽي کنڊ ۽ گيھه سان تيار ڪندا ھئا، پوءِ ھڪ شي آڻيندا ھئا، جنهن کي سمبوسا ڪري چوندا ھئا، جيڪي قيمي ڪيل گوشت ۾ پستا، بادام، جائفل، بصر ۽ گرم مصالحا ملائي، ان جي مٿان تمام سنهي ماني ويڙھي، گيھه ۾ ترڻ سان ٺاھيندا ھئا، ھر ھڪ شخص جي اڳيان چار يا پنج سمبوسا رکندا ھئا، ان بعد گيھه ۾ رڌل چانور آڻيندا ھئا، جنهن جي مٿان ھڪ پڪل ڪڪڙ ھوندو ھو، پوءِ لقيمات القاضي آڻيندا ھئا، جنهن کي ھاشمي به چوندا ھئا، آخر ۾ قاھڙيه آڻيندا ھئا، کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ حاجب دسترخوان تي اٿي بيھندو ھو ۽ سڀني حاضرين سان گڏجي بادشاھه جي تعظيم ڪندو ھو.
    تعظيم ھن ملڪ ۾ ھيءَ آھي جو مٿو رڪوع وانگر ھيٺ جھڪائيندا آھن، جڏھن ھي سڀ ڪري رھندا آھن تڏھن دسترخوان تي ويھي رھندا آھن ۽ کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ چاندي، سون ۽ شيشي جي پيالين ۾ مصريءَ ۽ گلاب جو شربت پي پورو ڪندا آھن. ان کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي ۽ ان وقت سڀئي کاڌو کائڻ شروع ڪندا آھن، کاڌي ختم ٿيڻ تي فقاع(1) جا پيالا ايندا آھن، جڏھن فقاع پي پورو ڪندا آھن، تڏھن پان سوپاري آڻيندا آھن ۽ پان سوپاري کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي ته سڀ وري اٿي بيھندا آھن ۽ جيئن کاڌي کان اڳ تعظيم ڪئي ھئائون اھڙي طرح پوءِ به ساڳي طرح ڪري، دسترخوان تان اٿي ھليا ويندا آھن.
    پھريون شھر جنهن ۾ ملتان کان ھلي اچي لٿاسين، اھو ھو ابوھز(2) جيڪو ھندستان جي شھرن مان پھريون شھر آھي، ھيءُ ھڪ ننڍو ۽ خوبصورت شھر آھي، جنهن ۾ عمديون عمارتون آھن، منجھس نهرون ۽ وڻ به جام آھن. اسان جي ملڪ جي وڻن مان سواءِ ٻير جي وڻ جي ٻيو ڪو به وڻ ھتي ڪين ٿئي، ٻير اسان جي ملڪ جي ٻير کان وڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي ۽ حبة العفص(3) داڻي جي برابر ٿيندو آھي.


    _______________
    (1) ملتان تمام قديم شھر آھي ۽ اڳئين زماني کان وٺي اڄ تائين مشھور آھي، چچ نامي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنه ٧١٤ھھ ۾ جڏھن محمد بن قاسم ثقفيءَ ھي شھر فتح ڪيو ھو، تڏھن ان وقت بياس ندي ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ اوڀر تائين وھندي ھئي ۽ راوي ندي قلعي ۽ شھر جي وچ مان لنگھندي ھئي، انهي وقت ھن شھر ۾ مندر ۽ گھڻائي بت موجود ھئا، ڪن تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنه ٨٧٥ع تائين ھتي ھڪ وڏو بت ھوندو ھو، جنهن لاءِ سڄي سنڌ ملڪ مان ياتري ايندا ھئا ۽ ڏاڙھي ۽ مٿو ڪوڙائي، ھن بت واري مندر جو طواف ڪندا ھئا. – مترجم
    (1) خدا وند زاھد، فرشته لکيو آھي ته ان وقت جي اصطلاح موجب خداوند زاده ان کي چوندا ھئا جو سلاطين غور جي اولاد مان ھوندو ھو ۽ مخدوم زاده ان کي چوندا ھئا جيڪو خلفاءِ عربيھ جو اولاد ھوندو ھو. ائين ٿو معلوم ٿئي ته خدا ونده قوام الدين سيد ھو ۽ شايد والده جي طرف کان سندس نسب سلاطين غور سان ملندو ھوندو، تنهن ڪري ھن کي انهي لقب سان سڏيو ٿي ويو.
    (1) فقاع لغت ۾ پيلي رنگ واري شيءِ ڪري لکيل آھي، تنهن ڪري ھيءَ ضرور ڪا پيڻ جي شيءِ ھوندي جيڪا ھن وقت استعمال نٿي ڪئي وڃي. –مترجم
    (2) اولهه پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پاڪ پٽن ۽ سرسه واري رستي سان، پاڪ پٽن کان اٽڪل سٺ ميل کن پري دھليءَ جي طرف سائوٿ پنجاب ريلوي تي موجود آھي.
    (3) حبة العفص؛ ماوا (پسار جي دوائن مان ھڪ دوا، جنهن جا ٻير جيڏا داڻا ٿيندا آھن ۽ انهن کي دلي تي گھي، اکين ۾ ڦلي پوڻ ڪري وجھندا آھن) مترجم


    باب ٻيون

    فصل پھريون

    ھندستان جي وڻن ۽ ميون جو بيان
    ھندستان جو ھڪ ميوو انب ٿيندو آھي، ان جو وڻ نارنگي جي وڻ جھڙو آھي پر ان کان گھڻو وڏو ۽ وڌيڪ پنن وارو ٿيندو آھي، ڇانو به گھاٽي ٿيندي اٿس پر جو به ماڻھو ان جي ڇانو ۾ ننڊ ڪندو آھي سو سست ٿي پوندو آھي. ان جو ميوو آلو بخاري کان وڏو ۽ پچڻ کان اڳ سائي رنگ جو ٿيندو آھي، اھڙي حالت ۾ جڏھن وڻ مان ڪري پوندو آھي ته ان ۾ لوڻ وغيره وجھي آچار ٺاھيندا آھن جيئن اسان جي ملڪ ۾ کٽائي ۽ ليمي جو آچار ٺاھيندا آھن، اھڙيءَ طرح سان ھتي ادرڪ ۽ مرچ جو آچار پڻ ٺاھيندا آھن ۽ ھر ھڪ لقمي سان گڏ ٿورو آچار کائيندا رھندا آھن.
    جڏھن خريف جي موسم ۾ انب پچندو آھي تڏھن پيلي رنگ جو ٿي ويندو آھي ۽ ان کي صوف وانگي کائيندا آھن، ڪي ماڻھو ان کي ڇلي کائيندا آھن ۽ ڪي ان کي چوسيندا آھن، ان ۾ مٺاڻ سان گڏ ڪجھه ترشي به ٿيندي آھي، ککڙي وڏي نڪرندي اٿس ۽ ان کي پوکڻ سان وڻ ڄمي پوندو آھي، جيئن نارنگي جو ٻج پوکيندا آھن.
    ٻيو وڻ شڪي ۽ برڪي(1) جو ٿيندو آھي. ھي وڻ ڪافي وڏوٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن جھڙا ٿيندا اٿس. ھن جو ميوو وڻ جي پاڙ ۾ لڳندو آھي، جيڪو ميوو زمين تي ٿيندو آھي ان کي برقي چوندا آھن ۽ مٺاڻ ۾ وڌيڪ چڱيءَ ذائقي وارو ٿيندو آھي، ۽ جيڪو مٿي وڻ ۾ لڳندو آھي، تنهن کي شڪي چوندا آھن. ان جو ميوو وڏي ڪدوءَ جيڏو ٿيندو آھي ۽ کل ڳئون جي کل جھڙي ٿيندي اٿس، جڏھن خريف جي مند ۾ تمام پيلو ٿي ويندو آھي، تڏھن ان کي پٽي ڪپيندا آھن ته منجھانئس سو يا ٻه سئو داڻا ٻجن جي صورت ۾ نڪرندا آھن. انهن داڻن جي وچ ۾ ھڪ پيلي رنگ جو پردو ٿيندو آھي، ھر ھڪ داڻي ۾ ککڙي ٿيندي آھي، انهن ککڙين کي پچائي يا ڀڃي کائيندا آھن انهن ککڙين کي ڳاڙھي مٽي ۾ پوري ڇڏيندا آھن ته ٻئي سال تائين خراب ٿيڻ کان سواءِ رھي سگھنديون آھن. ھيءُ ميوو ھندستان جي تمام عمدن ميون مان ھڪ آھي.
    تندو؛ آبنوس جي وڻ جو ميوو آھي ھي ذردالو جيڏو ٿيندو آھي ۽ رنگ به اھڙوئي ٿيندو اٿس، ھي تمام گھڻو مٺو ٿيندو آھي.
    ڄمون؛ ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، ھي ميوو زيتون جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، پر رنگ ڪارو ٿيندو اٿس، ۽ زيتون وانگر ھن ۾ به ٻج ٿيندو آھي.
    مٺي نارنگي: ھن ملڪ ۾ تمام گھڻي ٿيندي آھي پر کٽي نارنگي تمام گھٽ ٿي ٿئي، ھن مان ھڪ قسم کٽمٺو به ٿيندو آھي، جيڪو مون کي تمام خوش ذائقو معلوم ٿيندو ھو. مان ان کي ڏاڍي مزي سان کائيندو ھيس.
    مھوا: ھي وڻ تمام وڏو ٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن جھڙا پر ڳاڙھاڻ ۽ پيلاڻ ڏانهن مائل ٿيندا اٿس، ان جو ميوو ننڍي آلو بخاري جيڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي. ھر ھڪ داڻي جي مٿان انب جي ڦونڊ وانگر ھڪ ننڍو داڻو ٿيندو اٿس ۽ سندس وچ خالي ھوندو آھي. ھن ميوي جي گھڻي کائڻ ڪري مٿي ۾ سور ٿي پوندو آھي. اس تي سڪائڻ سان ھيءُ انجير جھڙو ٿي پوندو آھي. مان ان کي انجير جي بجاءِ استعمال ڪندو ھئس، ڇاڪاڻ ته انجير ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي.
    انگور: ھي به انب جھڙو خوش ذائقه ميوو ٿيندو آھي. ھي ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي ۽ صرف دھلي يا ڪن ٻين ٿورن ھنڌن تي ٿيندو آھي. ھي ميوو سال ۾ ٻه دفعا لھندو آھي ۽ ان جي ککڙين مان تيل ڪڍي ڏِيَن ۾ ٻاريندا آھن. ھتي جي ميون مان ھڪ ٻيو ميوو به آھي جنهن کي ڪسيرا(1) ڪري چوندا آھن. ھن کي زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي، جو تمام مٺو ۽ قسطل(1) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي.
    اسان جي ملڪ جي ميون مان، ڏاڙھون به ھندستان ۾ ٿيندو آھي، ۽ سال ۾ ٻه دفعا ميوو جھليندو آھي، جزائر ذيبة المھل(2) ۾ ڏٺو ھئم ته اتي ھي ميوو ٻارھين مھيني لھندو ھو. ان کي انار سڏيندا آھن.

    ________________________________________

    (1) شڪي و برڪي - ھن ميوي جي معلومات لاءِ ڪافي وقت صرف ڪيو ويو ۽ ڪافي معلومات جي صاحبن کي تڪليف ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته ھي ھندستان جو ميوو آھي ۽ ٻيو ابن بطوطه جي طرز بيان ڪجھه منجھائيندڙ به آھي، تنهن ڪري گھڻن صاحبن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو؛ پر جيڪي ڪجھه ھٿ آيو سو عرض رکجي ٿو، شڪي چڪي جو معرب آھي ۽ چڪي ڪٺل ميوو کي چوندا آھن صاحب مخزن الاويه لکيو آھي؛
    ”چکي ثمر درختي جھ ست کھ بهندي و بنگالي کڻھل نامند و در بنگالھ به ست بلاد ديگر وفوردارد و خوب مي شودو درخت آن عظيم و بزرگ تر از گردگان(اخروٽ).... کڻھل مشابه بشکنه (اوجھري) حيوانيست کھ اندرون آنرا بالا کرده او را از چيزي پر کنند، تخم آن را در جوف کرده باشند وباتش برپان کرده مي خورند“
    صاحب مخزن الادوبه جو مٿيون بيان ابن بطوطه جي بيان سان ٺھي اچي ٿو؛ جيئن مٿي ظاھر آھي مصنف سيد المتاخرين لکيو آھي ته بنگال ۽ بيار ۾ ڪٺل ميوو ايڏو ته وڏو ٿيندو آھي جو ھڪ ماڻھو به ان کي مشڪل سان کڻي سگھندو.
    (1) ڪسيرا: اسان جي خيال موجب ابن بطوطه گجر، گوگڙو يا بيھه جو بيان ٿو ڪري، ڇو ته زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي؛ مترجم
    (1) قسطل: ھڪ قسم جو عربي ميوو.
    (2) مالديپ جا ٻيٽ: ذيبة – ديپ، مھل –مال.


    فصل ٻيو

    ھندستان ۾ اناج جي پوک
    ھندستان ۾ سال ۾ ٻه دفعا فصل لھندو آھي، جڏھن گرميءَ ۾ مينهن پوندو آھي تڏھن خريف جو فصل پوکيندا آھن ۽ سٺ ڏينهن کان پوءِ ان کي کڻي ڇڏيندا آھن، خريف جي اناج جي قسمن مان ڪذرو(1) ۽ شاماخ (سانئون) به ٿيندا آھن، سانئون گھڻو ڪري عابد، زاھد، فقير ۽ مسڪين ماڻھو کائيندا آھن. ھڪ ھٿ ۾ ڇڄ کڻي ٻئي ھٿ سان ھڪ ننڍيءَ لٺ سان وڻ کي ڌوڻيندا آھن ته سانئون اچي ڇڄ ۾ ڪرندو آھي، ھن جا داڻا تمام ننڍا ٿيندا آھن. اس ۾ انهن کي سڪائي، ڪاٺ جي اکرين ۾ انهن کي ڪٽي، سندن کلون الڳ ڪندا آھن ته اندران سفيد داڻا نڪري پوندا آھن. مينهن جي کير ۾ ان جي کيرڻي ٺاھيندا آھن، جيڪا ان جي پڪل ماني کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي آھي.
    ماش: ھيءُ مٽر جو ھڪ قسم آھي مڱ وري ماش جو ھڪ قسم آھي، پر شڪل ۾ ڊگھو ۽ رنگ جو سائو ٿيندو آھي. مڱ ۽ چانور ملائي، ھڪ کاڌو تيار ڪندا آھن، جنهن کي ڪشري(2) ڪري سڏيندا آھن ۽ ان کي گيھه سان گڏي کائيندا آھن. ڪشري، صبح جو نيرن تي کائيندا آھن، جيئن اسان جي ملڪ ۾ حريره استعمال ٿيندو آھي.
    لوبيا(1) به ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، موٺ به اناج جو قسم آھي، جيڪو ڪذرو وانگر ٿيندو آھي، پر داڻا ان جا ”ڪذرو“ کان ڪجھه ننڍا ٿيندا آھن. گھوڙن ۽ ڍڳن کي داڻو ڪري ڏنو ويندو آھي چڻا به ساڳي طرح داڻو ڪري کارايا ويندا آھن. ماڻھن جو خيال آھي ته جَوَن ۾ طاقت گھٽ آھي، تنهن ڪري چڻا ۽ موٺ ڏَري، پاڻي ۾ ڀِڄائي، گھوڙن کي کارائيندا آھن ۽ گھوڙن کي ڪڻڪ جو سائو گاھه به لڻي کارائيندا آھن، جنهنڪري ھو ٿلھا متارا ٿي پوندا آھن. پھريائين ڏهه ڏينهن انهن کي صرف گيھه پياريندا آھن، ڪي ٽي رتل(2) ۽ ڪي چار رتل، ۽ انهن ڏينهن ۾ انهن تي سواري ڪين ڪندا آھن. ان بعد ھڪ مھينو سائي ماش کارئيندا اٿن.
    اھي سڀ خريف جا اناج ھئا، خريف جي فصل پوکڻ کان سٺ ڏينهن پوءِ زمين ۾ ربيع جو اناج پوکڻ شروع ڪندا آھن. جيئن ته ڪڻڪ، چڻا، مسور ۽ جَوَ وغيرھ زمين سڀ سٺي ۽ آباد آھي. اھڙي طرح سان چانور سال ۾ ٽي دفعا پوکيندا آھن، تنهن ڪري چانورن جي پيدائش سڀني اناجن جي قسمن کان وڌيڪ ٿيندي آھي تِرَ ۽ ڪمند به خريف جي فصل سان گڏ پوکيندا آھن.
    ھاڻي اسين سفر جو بيان ٿا ڪريون، ابوھر جي شھر مان نڪري، اسان ھڪ بيابان مان لنگھياسين، جنهن جو سفر ھڪ ڏينهن جو ھو، ان بيابان جي پاسن کان وڏا وڏا جبل ھئا ۽ انهن ڏکين ڏونگرن ۾ ڪافر رھندا آھن، جن مان گھڻا رھزن ۽ لٽيرا آھن، ڪافرن مان ڪي بادشاھه جي رعيت آھن، جيڪي سندس مدد لاءِ ٻهراڙين ۾ رھندا آھن ۽ انهن جو حاڪم مسلمان ھوندو آھي، جن جو آفيسر وري اھو عامل يا جاگيردار ھوندو آھي، جنهن جي جاگير ۾ اھو ڳوٺ يا شھر ھوندو آھي، ڪي ڪافر نافرمان ھوندا آھن، جي بادشاھه سان وڙھندا آھن ۽ ڪي وري جبلن ۾ رھي رستن تي ڦريون ڪندا رھندا آھن.

    ڪافر لٽيرن سان اسان جو پھريون مقابلو
    جڏھن اسين ابوھر مان ٿي ھلياسين، تڏھن ٻيا ماڻھو صبح جو سوير اُٿي ھليا، پر مان ۽ ڪي ٿورا ماڻھو ٻپھرن تائين اتي رھياسين ۽ ٻپھرن کان پوءِ ھلياسين، اسان تي اسي ڪافرن حملو ڪيو، جن مان ٻه سوار ھئا، منهنجا ھمراھه سڀئي چڱا جوان ۽ بهادر ھئا، تمام زبردست لڙائي لڳي، اسان انهن مان ٻارنهن ماڻھن ۽ ھڪ سوار کي ماري وڌو ۽ سندن گھوڙن تي قبضو ڪيوسون، مون کي ۽ منهنجي گھوڙي کي تير جو زخم ھو، پر ڇاڪاڻ ته ھنن جا تير تمام ڪمزور ٿا ٿين، تنهن ڪري اھي زخم به معمولي ھئا، اسان مان ھڪڙي ساٿي جو گھوڙو سخت زخمي ٿي پيو، تنهن کي اسان مئل ڪافر جو گھوڙو ڏنو ۽ زخمي گھوڙي کي کڻي ڪُٺوسين، جنهن کي ترڪ سوار، جيڪي اسان سان گڏ ھئا، کائي ويا، پوءِ مئل ڪافرن جا سِرَ ڪپي، اسان ابي بکر(1) جي قلعي ۾ کڻي وياسين، جتي شھر جي ديوار تي ٽنگي ڇڏياسين، ابي بکر اسان اڌ رات مھل پھتاسين ۽ اتان کان ٻن ڏينهن جي سفر بعد اجوڌن(2) ۾ پھتاسين، ھي ھڪ ننڍو شھر آھي. جو شيخ فريدالدين”بدايوني“ جي ملڪيت آھي، مون کي برھان الدين اسڪندريءَ ھلندي وقت چيو ھو ته تنهن جي ملاقات شيخ فريدالدين سان ٿيندي ۽ خدا جو شڪر آھي جو مان ان سان اچي مليس، ھو ھندستان جي بادشاھه جو مرشد آھي ۽ ان کيس ھي شھر انعام طور ڏنو آھي، شيخ انتها درجي جو وھمي آھي، ايتري قدر جو نه ڪنهن سان ھٿ ٿو ملائي ۽ نه وري ڪنهن ٻئي جي ڪپڙي سان لڳي وڃي ته يڪدم ان ڪپڙي کي ڌوئي ٿو ڇڏي.
    مان سندس خانقاه ۾ ويس ۽ ساڻس ملاقات ڪندي شيخ برھان الدين جا سلام پھچايامانس، جنهن تي کين گھڻو عجيب لڳو ۽ فرمايائون ته ڪنهن ٻئي لاءِ سلام ڏنا ھوندائين، پوءِ سندس ٻنهي عالم ۽ فاضل پٽن سان ملاقات ڪيم، ھڪڙي جو نالو معزالدين ۽ ٻئي جو علم الدين ھو، معزالدين وڏو ھو ۽ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو.
    مون سندن ڏاڏي شيخ فريدالدين بدايوني جي قبر جي به زيارت ڪئي، بدايون سنڀل جي علائقي ۾ ھڪ شھر آھي، جتان جڏھن مان وڃي رھيو ھيس، تڏھن اتي علم الدين مون سان مليو ۽ خواھش ڏيکاريائين ته منهنجي والد بزرگوار سان ضرور ملندا وڃو، سندس والد انهيءَ وقت تمام مٿاھينءَ ڇت تي بيٺو ھو، کيس سفيد ڪپڙا پھريل ھئا ۽ مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل ھيس، جنهن جو طُرو ھڪ طرف لڙڪيل ھو، اتي ئي مون سان ڳالھايائين ۽ پوءِ مون ڏانهن مصري ۽ نباتون ڏياري موڪليائين.

    ________________
    (1) ڪذرو: ”آئين اڪبري“ ۾ ھن اناج جو نالو ڪدرون ۽ ڪدرم لکيل آھي.”آئين اڪبري“ ۾ لکيل آھي ته ڪدرون سانئين جھڙو ٿيندو آھي. پر سندس مٿين کل ڪاراڻ ڏانهن مائل ڳاڙھي ٿيندي آھي.
    (2) ڪشري؛ ابن بطوطه کچڻي کي سڏي ٿو، جيڪا گھڻو ڪري بيمار ماڻھن کي پرھيزي ۾ کارائبي آھي، عربيءَ ۾ ک، چ ۽ ڻ ڪو نه ٿين، جن جي بجاءِ ڪ، ش ۽ ر استعمال ڪئي وئي آھي، عرب رڳو اھڙا ئي اچار ڪري سگھندا آھن.
    (1) لوبيا: ”لغات ڪشوري“ ۾ ھن جي معنيٰ ھيئن لکي وئي آھي- ھڪ قسم جي ڦري، جنهن جي ڀاڄي ٺاھي کائيندا آھن، ھت شايد لوبيا، ابن بطوطا چئنرن کي ٿو سڏي، ۽ ”غات ڪشوري“ به ساڳي معنيٰ ٿو لکي، ڇو ته چئنرن جون به ڦريون ٿينديون آھن.
    (2) رتل؛اڌ سير جي برابر وزن.
    (1) ابي بکر؛ پاڪ پٽن کان اٽڪل ھڪ منزل جي مفاصلي تي ھيءُ شھر ملتان، ضلعي (مغربي پنجاب) ۾ موجود آھي، ھتي ھڪ قديمي بزرگ ابوبڪر دقاق جي نالي سان ھڪ خانقاه موجود آھي، جتي ھر سال چيٽ جي مھيني ۾، چڱي پيماني تي ميلو لڳندو آھي.
    (2) اجوڌن؛پاڪ پٽن جو قديمي نالو اجوڌن ھوندو ھو، شيخ فريدالدين گنج شڪر جي خانقاھه جي ڪري، اڪبر بادشاھه جي حڪم سان ھن کي پاڪ پٽن سڏيو ويو، تنهن کان ڪجھه اڳ ھن کي ”پٽن فريد“ پڻ ڪري چوندا ھئا. ھتي شيخ فريد گنج شڪر جي مزار تي ھڪ ميلو پڻ لڳندو آھي. جنهن ۾ ھزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن، ۽ بهشتي دريءَ مان لنگھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر کي فقط پٽن ڪري لکيو ويو آھي، ۽ ”تاريخ فرشته“ ۾ پٽن باوا فريد ڪري سڏيو ويو آھي.


    فصل ٽيون

    ھندستان ۾ ستي لڪڙيءَ جو رواج
    مان شيخ صاحب جي زيارت کان واپس پئي آيس، ته مون ڏٺو ته ڪيترائي ماڻھو، جن مان ڪي اسان جا ماڻھو پڻ ھئا، اسان جي تنبن جي طرف کان ڀڄندا پئي آيا. مون پڇيو مان ته ڪھڙي ماجرا آھي؟ جواب ڏنائون ته ھڪ ھندو مري ويو آھي، ۽ ان جي ساڙڻ لاءِ جيڪا چکيا تيار ڪئي وئي آھي، انهيءَ ۾ سندس زال به ساڻس گڏ سڙندي، جڏھن اھي ٻئي سڙي ويا، تڏھن اسان جا ھمراھه واپس آيا ۽ ٻڌايائون ته عورت ڪيئن ميت سان چنبڙي، سڙي مري وئي، ٻئي دفعي مون ڏٺو ته ھڪ ھندو عورت، ٺھي ٺھڪي، سينگار ڪري، گھوڙي تي سوار ٿي وڃي رھي ھئي، ھندو ۽ مسلمان، سندس پٺيان ھئا، اڳيان دھل دماما وڄندا پئي ويا، برھمڻ جيڪي ھنن جا مذھبي اڳواڻ ھوندا آھن، سي ھن سان گڏ ھئا، اھو علائقو بادشاھه جو ھو، تنهن ڪري بادشاھه جي اجازت کانسواءِ، ھو کيس جلائي نٿي سگھيا، جڏھن بادشاھه جي طرفان اجازت ملين، تڏھن کيس وڃي ساڙيائون، ڪجھه عرصي کان پوءِ ھڪ ٻيو اتفاق ٿيو، جو مان ھڪڙي اھڙي شھر ۾ ھيس، جنهن جا گھڻا رھاڪو ھندو ھئا، انهن کي ابرجي به ڪري ڪوٺيندا ھئا، ھڪ دفعي انهن رستي تي ڦر ڪئي، تنهن ڪري اھو امير، ھندن ۽ مسلمانن جو گڏيل لشڪر وٺي انهن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ ويو، تمام سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ست ھندو رعيتي ماڻھو مارجي ويا، جن مان ٽن کي زالون ھيون، انهن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ستي ٿيڻ ھندن ۾ ڪو واجب ڪونهي، پر جيڪي رنون زالون پنهنجن مڙسن سان گڏ سڙنديون آھن، انهن جو خاندان عزت وارو ليکيو ويندو آھي، ۽ عورتون وفادار سمجھيون وينديون آھن، جيڪي زالون ستيون نه ٿينديون آھن، انهن کي ٿلھا ڪپڙا پائڻ ۽ طرح طرح جي خواري سان زندگي بسر ڪرڻي پوندي آھي. از انسواءِ انهن کي بي وفا پڻ سمجھيو ويندو آھي، پر ڪنهن کي ستي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪو نه ڪيو ويندو آھي.
    جن ٽن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو ھو، اھي ٽي ڏينهن اڳ ڳائن وڄائڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويون. ڇو ته ھو ھن دنيا مان وڃي رھيون ھيون، انهن وٽ ھر طرف کان زالون پئي آيون، چوٿين ڏينهن انهن وٽ ھڪ ھڪ گھوڙو آندو ويو ۽ ھر ھڪ بيواھ، سينگار ڪري، خوشبوءِ لڳائي، ان تي سوار ٿي، انهن جي ساڄي ھٿ ۾ ناريل ھئا، جن کي اڇلائي ۽ جھٽي رھيون ھيون ۽ کاٻي ھٿ ۾ آئينو ھو، جنهن ۾ ھر ھڪ منهن پئي ڏٺو، برھمڻ انهن جي چوڌاري جمع ھئا، سندن مائٽ مٽ به ساڻن گڏ ھئا، اڳيان دھل دمان وڄندا پئي ويا ۽ ھندن مان ھر ھڪ انهن کي چئي رھيو ھو ته منهنجي فلاڻي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا دوست کي سلام چئجان، ۽ جنهن تي ھو کلنديون، ھائو ڪنديون پئي ويون، مان به پنهنجي دوستن کي وٺي سندن سڙڻ جو منظر ڏسڻ ويس، اسان انهن سان ٽي ميل کن گڏ وياسين ۽ ھڪ اھڙي جڳھه تي پھتاسين، جتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ گھاٽي وڻراھ ھجڻ ڪري انڌيرو ٿي رھيو ھو، اھڙيءَ جڳھه جي ٺيڪ وچ تي چار گنبذ ٺھيل ھئا، جن مان ھر ھڪ گنبذ ۾ ھڪ بت رکيل ھو ۽ وچ تي ھڪ حوض ٺھيل ھو، جنهن تي وڻن جي ڇانو ھجڻ سبب ۽ اس جي نه پوڻ ڪري اھو اونداھو ائين پئي معلوم ٿيو، جو ڄڻ ته جھنم جو ٽڪرو ھو، جڏھن ھي عورتون انهن گنبذن وٽ پھتيون، تڏھن انهيءَ حوض ۾ لھي غسل ڪيائون، پوءِ پنهنجا ڪپڙا ۽ زيور لاھي، انهن جي جاءِ تي ھڪ ٿلھي ساڙھي ٻڌائون، حوض جي ڀرسان ھڪ ھيٺاھين زمين تي باھ ٻاري وئي، جنهن ۾ سرنهن جي تيل وجھڻ سان باھ ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي، پندرھن کن ماڻھن جي ھٿن ۾ ٻڌل ھلڪين ڪاٺين جون ڀريون ھيون ۽ ڏھاڪو کن ماڻھو وڏا وڏا بُنڊ کنيون بيٺا ھئا، دھلن ۽ شرناين وارا، عورتن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا، باھ جي اڳيان ڪپڙي جي اوٽ ڪئي وئي ھئي، ته جيئن عورتن جي نظر ان تي نه پوي، انهن مان ھڪ عورت زبردستي انهن ماڻھن کان اھو ڪپڙو ڦري ورتو ۽ چيائين ته ”ڇا، مون کي خبر نه آھي ته اھا باھ آھي؟ مون کي ڊيڄاريو ٿا؟“ پوءِ جلھ ڪري باھ ڏانهن وڌي ۽ پاڻ کي باھ ۾ اڇلائي وڌائين، انهي وقت دھل ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿيون، جيڪي ماڻھو سنهيون ڪاٺيون کنيون بيٺا ھئا، تن اھي باھ ۾ وجھڻ شروع ڪيون ۽ انهن جي مٿان وڏا بنڊ وجھي ڇڏيائون، جيئن اھا عورت چري پري به نه سگھي، اتي بيٺل ماڻھن وٺي گوڙ ڪيو، مان ھي سڀ ڏسي، بيھوش ٿي ويس ۽ گھوڙي تان ڪرڻ تي ھوس ته منهنجي دوستن مون کي سنڀالي ورتو ۽ پاڻيءَ سان منهنجو منهن ڌوئاريائون، پوءِ مان اتان موٽي آيس، اھڙيءَ طرح ھندو پاڻ کي درياءَ ۾ به ٻوڙي ڇڏيندا آھن، گھڻو ڪري اھي گنگا نديءَ ۾ ٻڏندا آھن، گنگا ڏانهن ھندو حج لاءِ ويندا آھن ۽ پنهنجي مردن جي خاڪ به انهيءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن، ڇو ته ھنن جو گمان آھي ته اھا ندي بهشت مان ٿي نڪري، جيڪڏھن ڪو شخص انهيءَ درياءَ ۾ ٻڏڻ چاھيندو آھي ته حاضرين کي چوندو آھي ته مان ڪنهن به دنياوي تڪليف يا مفسليءَ کان تنگ اچي، ائين نٿو ڪريان، پر پنهنجي ڪسائيءَ (گوسائين) جي رضامندي لاءِ ائين ڪري رھيو آھيان.”ڪسائي“ انهن جي زبان ۾ خدا جو نالو آھي. جڏھن اھو شخص ٻڏي مري ويندو آھي، تڏھن کيس ڪڍي ساڙي، سندس خاڪ گنگا نديءَ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن.
    ان بعد اجوڌن کان ھلي اسان سرستي(1) پھتاسين. جيڪو ھڪ وڏو شھر آھي ۽ منجھس چانور تمام گھڻا ۽ سٺي قسم جا ٿيندا آھن، جيڪي اتان دھليءَ ڏانهن پڻ موڪليا ويندا آھن، ھن شھر مان آمدني به گھڻي ٿيندي آھي. حاجب شيخ شمس الدين بوشنجيءَ مون کي آمدني جو حساب ٻڌايو ھو، پر اھو مون کي ياد نه رھيو آھي.
    اتان کان پوءِ اسان حانسي(1) جي شھر ۾ وياسين، ھيءُ ھڪ خوبصورت ۽ مضبوط شھر آھي ۽ منجھس وڏيون وڏيون عمارتون آھن. ھن شھر جي پناھه جي ديوار به ڪافي وڏي آھي، چون ٿا ته ھيءُ شھر ھڪ ھندو راجا ”تور“ ٻڌايو ھو ۽ ان راجا جي متعلق اتي جا ماڻھو، ڪيتريون ئي حقيقتون بيان ڪري رھيا ھئا، قاضي ڪمال الدين صدر جھان قاضي القضات، ھندستان، ۽ ان جا ڀائر قطلو خان، بادشاھه جو استاد، ۽ شمس الدين، جو ھجرت ڪري مڪي ھليو ويو ھو، اتي ئي وفات ڪئي ھئائين، ھن ئي شھر جا رھاڪو ھئا، پوءِ اتان ٻن ڏينهن جي سفر بعد مسعود آباد(2) پھتاسين، ھي شھر دھلي کان ١٠ ميل اوري آھي. اتي اسان ٽي ڏينهن ترسياسين، حانسي ۽ مسعود آباد ملڪ ھوشنگ ابن ملڪ ڪمال گزگ جي جاگير ۾ آھن، جڏھن اسان اتي پھتاسين، تڏھن بادشاھه دارالخلافه ۾ ڪو نه ھو ۽ قنوج جي طرف ويل ھو. قنوج دھلي کان ١٠ ميل پري آھي، دھلي ۾ بادشاھه جي والدھ مخدومه جھان ۽ وزير احمد بن غياث رومي موجود ھئا. وزير اسان مان ھر ھڪ لاءِ سندس شان ۽ مرتبي مطابق ماڻھو استقبال لاءِ موڪليا، منهنجي استقبال لاءِ شيخ بسطامي شريف مارندراني، جو پرديسي مسافرن جو حاجب ھو ۽ فقيه مولوي علاؤ الدين فند ملتاني آيا ھئا. وزير اسان جي اچڻ جي خبر بادشاھه کي ٽپال ذريعي موڪلي ۽ ٽئين ڏينهن کيس جواب اچي ويو، انهي سبب ڪري اسان کي ٽي ڏينهن مسعودآباد ۾ ترسڻو پيو، ٽن ڏينهن کان پوءِ اسان جي استقبال لاءِ قاضي، فقيه، مشائخ ۽ امراءُ آيا. مصر ۾ جن ماڻھن کي امير چوندا آھن، تن کي ھتي ملوڪ ڪري سڏيندا آھن. شيخ ظھيرالدين رنجاني به استقبال لاءِ آيو، جيڪو سلطان جي معزز مقربن مان ھڪ ھو، پوءِ اسان مسعود آباد کان ھلي، ھڪ ڳوٺ جي ڀرسان اچي لٿاسين، جنهن کي پالم (1) ڪري چوندا آھن، ھي ڳوٺ سيد شريف ناظر الدين مطھر اوھريءَ جي جاگير آھي. ھي سيد صاحب بادشاھه جي مصاحبن مان آھي ۽ بادشاھه جي سخاوت مان تمام گھڻو فائدو ڪيو اٿائين، اتان ھلي، ٻپھرن جي وقت اچي دار الخلافه دھلي ۾ پھتاسين جيڪو ھڪ عظيم الشان شھر آھي، ھتي عمارتن ۾ خوبصورتي ۽ مضبوطي، ٻئي موجود آھن، ھن جي شھر پناه اھڙي مضبوط آھي، جو دنيا ڀر ۾ سندس نظير ملي ڪين سگھندو، مشرق ۾ ڪوبه شھر، اسلامي خواه غير اسلامي، ھن شھر جي عظمت جي مقابلي جو نه آھي.


    ____________
    (1) سرستي:قديم تاريخن ۾ سرستي جو نالو”سرسھ“ لکيل آھي. تاريخ فرشته ۾ به ”سرسھ“ لکيل آھي، ممڪن آھي ته سرسوتي درياءَ جي ڪناري تي ھجڻ ڪري سندس اصلي نالو”سرستي“ ھجي. مترجم
    (1) حانسي؛ ھي ھندستان ۾ ھڪ چڱو شھر آھي، ھتي ابن بطوطه جو اشارو شايد اننگ پال تور ڏي آھي، جنهن ھيءُ شھر ٻڌايو ھو، آئين اڪبري ۾ ھن شھر لاءِ فقط ھيترو لکيل آھي. قلع دارد از خشت پخة- مترجم
    (2) مسعود آباد؛ اڪبر بادشاھه جي وقت تائين ھي شھر آباد ھو، ۽ ائين اڪبري ۾ لکيل آھي ته ھي ھڪ پراڻو قلعو آھي، شايد ھيءُ اھو ئي ڦٽل شھر آھي، جنهن جا کنڊر اڃا تائين نجف ڳڙھھ جي ويجھو، دھلي کان ١٢ ملي پري موجود آھن.---مترجم
    (1) پالم : ھي شھر دھلي کان ٿورو ئي پري، اٽڪل ڏھاڪو ميلن جي مفاصلي تي، دھلي کان ريواڙي طرف ويندڙ ريلوي لائين تي، پھرين اسٽيشن آھي.


    فصل چوٿون

    دھليءَ جو شھر
    ھيءُ شھر تمام ڪشادو آھي ۽ منجھس گھڻيون عمارتون آھن. اصل ۾ ھي چار شھر آھن، جيڪي ھڪٻئي سان لڳو لڳ آھن. انهن مان پھريون دھلي(1) آھي، جو ھندن جي وقت جو قديم شھر آھي، ۽ سنه ٥٤٨ع ۾ فتح ٿيو ھو. ٻيو شھر سيري آھي، جنهن کي داراخلافه به چوندا آھن. ھي شھر بادشاھه غياث الدين، خليفي مستنصر عباسيءَ جي پوٽي کي، جڏھن ھو دھليءَ ۾ رھندو ھو، ڏنو ھو. سلطان علاؤالدين ۽ قطب الدين پڻ ھن شھر ۾ رھندا ھئا. ٽيون شھر تغلق آباد آھي، جنهن کي بادشاھه جي پيءُ غياث الدين تغلق شاھه آباد ڪيو ھو. غياث الدين ھڪ ڏينهن سلطان قطب الدين خلجيءَ جي خدمت ۾ بيٺو ھو، ۽ سلطان سان ڳالھيون ڪندي عرض ڪيو ھئائين ته ”اي آخوند عالم، ھن جاءِ تي ھڪ نئون شھر ٻڌائڻ گھرجي. جنهن تي سلطان طنز سان چيو جڏھن تون بادشاھه ٿين، تڏھن اتي شھر آباد ڪجان. پوءِ جڏھن ھو قدرت الاھيءَ سان بادشاھه ٿيو، تڏھن ھيءُ شھر آباد ڪيائين ۽ پنهنجي نالي تي ھن جو نالو رکيائين تغلق آباد. چوٿون شھر جھان پناه آھي، جنهن ۾ سلطان محمد بن شاھه تغلق وقت جو بادشاھه رھندو آھي ۽ ھن ئي ھي شھر آباد ڪيو. بادشاھه جو ارادو ھو ته چارئي شھر ملائي، انهن جي چوڌاري ھڪ شھر پناھ ٺھرائجي، جيڪا پوءِ ٺھرائڻ شروع به ڪئي ھئائين پر تمام گھڻو خرچ ايندي ڏسي، اتي ڇڏي ڏنائين.

    دھليءَ جي شھر پناه ۽ ان جا دروزا
    ھن شھر پناه جو مثال سڄيءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھن ديوار جي ويڪرائي ٻارنهن ھٿ آھي، جنهن ۾ ننڍيون ڪوٺڙيون ۽ جايون ٺھيل آھن. جن ۾ چوڪيدار ۽ دروازن جا محافظ رھندا آھن. منجنيق(1)، لڙائيءَ جا سامان ۽ رعادات(2) به ھنن ئي گدامن ۾ رکيا ويندا آھن. ھر قسم جو اناج ھنن گدامن ۾ گڏ ڪندا آھن. ھيءُ اناج ھر ڪنهن آفت کان محفوظ رھندو آھي، ۽ اڪثر رنگ به ڪين ڦيريندو آھي. منهنجي سامھون ھنن گدامن مان چانور ڪڍي ويا ھئا، جن جو رنگ مٿان ڪجھه ڪارو ٿي ويل ھو، پر مزي ۾ ڪجھه به فرق ڪونه ھون. مڪئي ۽ جُوار به ان گدام مان ڪڍيا ھئائون. چون ٿا ته شاه بلبن جي وقت ۾، جنهن کي نوي سال گذري چڪا آھن، ھيءُ اناج ڀريو ويو ھو. ديوار جي مٿان ڪيترائي گھوڙي سوار ۽ پيادا، سڄي شھر جي چوڌاري گھمي سگھن ٿا. شھر جي اندرئين پاسي گدامن سان لڳل روشندان آھن، جن مان روشني ملي ٿي، ھن شھر پناھه جو ھيٺيون حصو پٿر جو، مٿيون پاسو پڪين سرن جو ٺھيل آھي ۽ مٿائنس برج تمام گھڻا آھن، جيڪي ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٺھيل آھن، ھن شھر جا اٺاويھه دروازا آھن، جن مان ڪن جو بيان ڪريون ٿا، بدايون دروازو، جو ھڪ وڏو دروازو آھي ۽ شھر بدايون جي نالي مشھور آھي، مندوي دروازو، جنهن جي ٻاھران پوکون آھن، گل دروازو، جنهن جي ٻاھران باغ آھن، نجيب دروازو ۽ ڪمال دروازو، جيڪي ڪن شخصيتن جي نالن تي آھن، غزني دروازو، جنهن جي ٻاھران عيدگاھه ۽ قبرستان آھن، ھي قبرستان گھڻو ڪري سڀ خوبصورت آھن، ھر ھڪ قبر تي جيڪڏھن گنبذ نه ته محراب ضرور ھوندو آھي، ۽ وچ تي وڻ ۽ خوشبودار گلن جا ٻوٽا پوکيل اٿس، جن مان قل شبة (گل شنبو)(1) ريبول (رابيل) گل نسرين ۽ ٻيا قسمين قسمين گل ٻوٽا موجود آھن.

    دھلي جي جامع مسجد
    ھي جامع مسجد(2) تمام وڏي ۽ ڪشادي آھي، سندس ديوارون، ڇتيون(گنبذ) ۽ فرش ھر ھڪ شي تراشيل سفيد پٿر جي ٺھيل آھي، ھن ۾ ڪاٺ ته بلڪل ڪم آندل ڪين آھي، منجھس تيرھن گنبذ آھن، جي پٿر جا آھن ۽ منبر به پٿر جو (ھن کي) چار اڱڻ آھن، جن جي وچ ۾ ھڪ ٿنڀو لڳل آھي. خبر نه آھي ته ھي ٿنڀو ڪھڙي ڌاتوءَ مان ٺھيل آھي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته ھن کي ”ھفت جوش“ ڪري ٿا چون، يعني ستن ڌاتن کي پگھاري ھيءُ ٿنڀو تيار ڪيو ويو آھي، ڪنهن شخص ھن ٿنڀي مان آڱر جيترو ٽڪرو ويھي ڪپيو آھي ۽ اھو ھنڌ بلڪل لسو پئي لڳو، لوھ ھن تي ڪو به اثر نٿو ڪري، ھن جي اوچائي ٽيھه ھٿ آھي، جيڪا مون پنهنجي پٽڪي سان ماپي ھئي.
    مسجد جي اڀرندي پاسي واري دروازي جي ٻاھران ٻه وڏا وڏا پٿر جا بت گتا پيا آھن ۽ مسجد ۾ ايندڙ ويندڙ انهن کي لتاڙيندا رھندا آھن، ھن مسجد جي جاءِ تي اڳ ۾ ھڪ بتخانو ھوندو ھو، جڏھن دھلي فتح ٿي، تڏھن انهي بتخاني جي جاءِ تي ھي مسجد تعمير ڪئي وئي، مسجد جي اتر واري اڱڻ ۾ ھڪ صومعته(1)(مينار) ٺھيل آھي، جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه ھوندو. ھي مينار ڳاڙھي پٿر مان تيار ڪيو ويو آھي، پر مسجد سڄي سفيد پٿر مان ٺھيل آھي، مينار تي سھڻا نقش اڪريل آھن، ان جي مٿان جيڪو ڇٽ آھي، سو خالص سنگ مرمر جو ٺھيل آھي، ھن جي اندر جيڪا ڏاڪڻ ٺھيل آھي، سا ايتري قدر ويڪري آھي جو انهيءَ تي ھڪ ھاٿي خلاصائي سان چڙھي سگھي ٿو، ھڪ عمر رسيده، شخص مون کي ٻڌايو ته جڏھن ھيءُ مينار پئي ٺھيو، تڏھن مون ھاٿين کي ھن جي مٿان پٿر کڻي چڙھندو ڏٺو ھو.
    ھيءُ مينار معزالدين بن ناصرالدين ابن سلطان غياث الدين بلبن ٺھرايو ھو ۽ وري قطب الدين خلجي الھندي اڱڻ ۾ ھڪ ٻئي مينار ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، جيڪو ھن مينار کان تمام ڪشادو ۽ اوچو ھجي ھا، پر اڃا ان جو ٽيون حصو مس ٺھرايائين ته مارجي ويو، پوءِ سلطان محمد تغلق ان کي مڪمل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر فال بد سمجھي، پنهنجو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين، ور نه اھو مينار دنيا جي عجائبن مان ھڪ ھجي ھا، ھي نامڪمل مينار اندران ايتري قدر ڪشادو آھي، جو ٽي ھاٿي گڏ ھڪٻئي جي برابر ٿي، ھن جي ڏاڪڻ تي چڙھي سگھن ٿا، ھي فقط ٽيون حصو ٺھيل مينار به اوتروئي اوچو آھي جيترو اتر واري اڱڻ جو سڄو مينار، مون ھڪ دفعي انهي تي چڙھي ڏٺو ته شھر جا اوچا اوچا گھر ۽ شھر پناھه باوجود گھڻي اوچائي جي تمام ننڍا پئي معلوم ٿيا ۽ انهي ھيٺان بيٺل ماڻھو جھڙا ننڍڙا ٻار پئي ڏسڻ ۾ آيا، ھيٺان بيھي ڏسڻ سان ھي مينارو وڏي ۽ ڪشادي ھئڻ سبب گھٽ اوچو ٿو لڳي.
    سلطان قطب الدين خلجي سيري ۾ ھن(1) جھڙي ٻي مسجد ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر فقط ھڪ ديوار ۽ محراب کانسواءِ وڌيڪ ٺھرائي نه سگھيو، جنهن ۾ اڇو ۽ ڳاڙھو، سائو ۽ ڪارو پٿر استعمال ڪيو ويو، جو جيڪڏھن ھي مسجد ٺھي وڃي ھا ته ھن جھڙي مسجد ڪنهن به شھر ۾ نه ملي سگھي ھا، وري سلطان محمد تغلق ان کي ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو، ڪاريگرن ۽ رازن کان خرچ جو اندازو ڪرايائين ته پنجٽيھه لک رپيا خرچ اچي ٿي ويو، گھڻو خرچ ايندي ڏسي ھن اھو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، پر بادشاھه جي ھڪ مصاحب کان خبر پئي ته فال بد جي سبب اھو ارادو ترڪ ڪيل ھو، ڇاڪاڻ ته قطب الدين تعمير ڪرائيندي ئي مارجي ويو ھو.

    دھلي شھر جا وڏا حوض
    شھر دھليءَ جي ٻاھران ھڪ حوض (1) آھي، جو سلطان شمس الدين التش ڏانهن منسوب ٿيل آھي، شھر واسي ھن حوض جو پاڻي پيئندا آھن، ۽ عيد گاھه به ويجھو اٿس، ھن ۾ بارش جو پاڻي گڏ ٿيندو آھي، سندس ڊيگھه ٻه ميل ۽ ويڪر ھڪ ميل آھي، سندس الھندي ۾ عيدگاھه طرف پٿر جا ٻه منزلا ٿلھا ٺھيل آھن، انهن ٿلھن کان پاڻي تائين ڏاڪڻيون ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ ٿلھي جي ڪنڊ تي گنبذ ٺھيل آھي، جنهن ۾ ويھي، تماشائي نظارو ڏسندا آھن. حوض جي ٺيڪ وچ ۾ وري منقش پٿرن مان ھڪ ٻه منزلو گنبذ ٺھيل آھي، جڏھن تلاءَ ۾ پاڻي گھڻو ھوندو آھي، تڏھن ماڻھو ٻيڙين ۾ وچواري گنبذ ڏانهن ويندا آھن ۽ جڏھن پاڻي گھٽ ٿيندو آھي تڏھن ماڻھو اتي ائين ئي ھليا ويندا آھن، اتي ھڪ مسجد به ٺھيل آھي ۽ اڪثر ڪري پرھيزگار ۽ متوڪل شخص اتي وڃي رھندا آھن، جڏھن حوض جا ڪنارا سڪي ويندا آھن، تڏھن انهن ۾ ڪمند، رسنگاڙا، ھنداڻا ۽ گدرا پوکي ڇڏيندا آھن، ھتي جا گدرا ننڍا، پر تمام مٺا ٿيندا آھن.
    دھلي ۽ دارالخلافه جي وچ تي وري ھڪ ٻيو حوض آھي، جنهن کي حوض خاص(2) ڪري سڏيندا آھن، ھي حوض پھرئين حوض (شمسي) کان به وڏو آھي، جنهن جي ڪنارن تي چاليھه گنبذ ٺھيل آھن، ھن حوض جي چوڌاري گھڻي ئي راڳ ڳائيندڙ رھندا آھن، تنهن ڪري انهيءَ آبادي کي طرب آباد (راڳيندڙن جي بستي) ڪري چوندا آھن، ھت ڳائيندڙن جي ھڪ تمام وڏي بازار آھي، جنهن ۾ ھڪ جامع مسجد پڻ آھي، ۽ انهيءَ کان سواءِ اتي ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون آھن، چون ٿا ته جيڪي گاني بجاني واريون عورتون ھت رھنديون آھن، سي رمضان شريف ۾ تراويح جي نماز جماعت سان پڙھنديون آھن ۽ انهن جا امام پڻ مقرر ھوندا آھن، عورتون تعداد ۾ گھڻيون آھن ۽ ڳائڻ وارا مرد به ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، مون امير سيف الدين ابن معنيٰ جي شاديءَ ۾ ڏٺو ته اذان ٻڌڻ سان ھر ھڪ گوَيو وضو ڪري، مسلو وڇائي، نماز ۾ بيھندو ٿي ويو.

    دھلي شھر جون مزارون
    مزارن ۾ مشھور قبر شيخ الصالح قطب الدين بختيار ڪعڪي(1) (ڪاڪيءَ) جي آھي، ھن جي قبر جي برڪت مشھور آھي ۽ ماڻھو ان جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن، شيخ صاحب جو نالو ڪعڪي ھن سبب جي ڪري مشھور ٿيو آھي، جو ائين مشھور آھي ته ھن وٽ جيڪو به غريب يا مقروض شخص ايندو ھو ۽ غريبي يا قرض جي شڪايت ڪندو ھو، يا ڪو اھڙو شخص ايندو ھوس، جنهن کي جوان ڌيءَ گھر ۾ ھوندي ھئي ۽ ان جي شادي جو سامان نه ھوندو ھوس، ته شيخ صاحب اھڙي شخص کي ھڪ ڪعڪ(ٽڪي) سون يا چاندي جي ڏيندو ھو، ٻي مزار فقيه نور الدين ڪرلانيءَ جي آھي، ٽي فقيه علاؤ الدين ڪرمانيءَ جي، جيڪا گھڻي برڪت واري سمجھي ويندي آھي ۽ ان تي نور وسندو آھي، ھيءَ جڳھه عيد گاھه جي پٺئين طرف آھي، ھت ٻين به ڪيترن اوليائن جون مزارون آھن.

    دھلي جي ڪن زندھه عالمن ۽ صالحن جو بيان
    زندھه عالمن مان شيخ محمود ڪبا وڏو بزرگ شخص آھي. ھن لاءِ مشھور آھي ته کيس دستِ غيب حاصل آھي، ڇو ته ھو خرچ تمام گھڻو ڪندو آھي ۽ بظاھر سندس آمدنيءَ جو ڪو به ذريعو معلوم نه آھي. ھو صاحب ھر مسافر کي ماني کارائي ٿو، ازانسواءِ رپيا، اشرفيون ۽ ڪپڙا پڻ غريبن ۾ تقسيم ڪندو آھي، سندس ٻيون به ڪيتريون ڪرامتون مشھور آھن، مون ڪيترائي دفعا سندس زيارت ڪري فيض حاصل ڪيو.
    ٻيو بزرگ شخص شيخ علاؤ الدين نيلي آھي، جيڪو مصر جي نيل ندي سان منسوب ٿو ڀانئجي، ھي صاحب شيخ نظام الدين بدايونيءَ جو خليفو آھي، ۽ ھر جمعي جي ڏينهن واعظ ڪندو آھي. ڪيترائي ”واعظ“ ٻڌندڙ سندس ھٿ تي توبهه ڪندا آھن ۽ مٿو ڪوڙائي صاحب وجد ٿي پوندا آھن.
    ھڪ دفعي واعظ پئي ڪيائين ته اتي مان به موجود ھوس، قاري ھي آيت پڙھي؛ يا ايھا الناس الفور بکم ان زلزلته الساعته شي عظيم، يوم تر ونها تدھل کل مر صعته عما ارصعت يوم تر ونها تدھل کل مر صعته عما ارضعت و تضع کل ذات ھمل حملھا و ترالناس سکارا و ما ھم بس کارا واکين عذاب الله.(1) شديد شيخ صاحب اھا آيت دوباره پڙھائي، ته ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ھڪ فقير کان چيخ نڪري وئي، شيخ صاحب وري به ساڳي آيت دھرائي، فقير وري ٻي دانهن ڪئي، ۽ بي جان ٿي ڪري پيو، مون به انهي فقير جي جنازي نماز پڙھي.
    ٽيون بزرگ عالم، شيخ صدرالدين آھي، جيڪو ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ مشغول رھندو آھي. ھن دنيا بلڪل ترڪ ڪري ڇڏي آھي ۽ سندس لباس فقط ھڪ ڪمبل آھي. بادشاھه ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا آھن، مگر ھو انهن کان لڪندو رھندو آھي. ھڪ دفعي بادشاھه کيس درخواست ڪئي ته لنگر جي خرچ لاءِ ڪجھه جاگير قبول ڪري، پر شيخ صاحب بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو، ھڪ دفعي بادشاھه زيارت لاءِ آيو ۽ ڏهه ھزار دينار نذرانو رکيائين، جيڪي شيخ قبول نه ڪيا. ھي شيخ صاحب ٽن ڏينهن کان روزو نه کوليندو آھي، ڪنهن شخص عرض ڪيو ته انهيءَ جو ڪھڙو سبب؟ تنهن تي فرمايائين ته جيستائين مضطر نه ٿيندو آھيان، تيستائين روزو نه کوليندو آھيان ۽ مضطر کي مردار به حلال آھي.
    چوٿون وقت جو امام الصالح ڪمال الدين عبدالله غازي آھي، ھي بزرگ نظام الدين بدايوني جي خانقاه جي ڀرسان ھڪ غار ۾ رھندو آھي، مون انهي غار ۾ ٽي دفعا سندس زيارت ڪئي.

    سندس ڪرامت
    ھڪ دفعي منهنجو ھڪ غلام ڀڄي ويو ھو، مون انهي غلام کي ھڪ ترڪ وٽ وڃي سڃاتو ۽ کيس واپس ورائڻ گھريم، شيخ صاحب منع ڪئي ته اھو شخص تنهنجي لائق نه آھي، تنهن ڪري ڇڏي ڏينس، ترڪ جيڪو مون سان اڳيئي صلح ڪرڻ پيو گھري، تنهن کان ھڪ سئو دينار وٺي مون پنهنجو غلام ھن وٽ ڇڏي ڏنو، ڇھن مھينن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته ھن پنهنجي آقا کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ان کي پڪڙي، بادشاھه وٽ وٺي آيا، بادشاھه کيس انهي ترڪ جي پٽن جي حوالي ڪيو ته وڃي پنهنجو قصاص وٺنس، ھنن کيس اتي جو اتي ماري وڌو.
    مان شيخ صاحب جي ھيءَ ڪرامت ڏسي، سندس معتقد ٿي پيس، ۽ دنيا کي ترڪ ڪري، سندس ملازمت اختيار ڪيم، مون ڏٺو ته ھو ڏهه ڏهه ۽ ويھه ويھه ڏينهن جو روزو رکندو ھو ۽ رات جو گھڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو ھو، مون انهيءَ وقت تائين، جيستائين بادشاھه مون کي گھرايو ۽ وري دنيا کي وڃي چنبڙيس، تيستائين سندس خدمت ۾ گذاريو، ھن وقت ھيءُ ڳالھه ھت ختم ڪري، سندس بيان اڳتي ڪندس.

    ________________________________________
    (1) دھلي: ابن بطوطه جي وقت ۾ ھي شھر چئن جاين تي آباد ھو. (١) دھلي (٢) سيري (٣) تغلق آباد (٤) جھان پناه، جھان پناه، جن مان دھلي ۽ تغلق آباد موجود آھن. باقي سيري ۽ جھان پناه ڃٽي ويا آھن، جن جا نشان ۽ کنڊر دھليءَ جي ويجھو موجود آھن. جھان پناه، جنهن ۾ سلطان محمد بن تغلق رھندو ھو، سو دھلي ۽ سيريءَ جي وچ تي آباد ھو، جتي بادشاه جي ھزار ٿنڀن واري محلات جا کنڊر آڃا به موجود آھن. سيريءَ جو قلعو سلطان علاؤ الدين خلجيءَ پنهنجي وقت ۾ ٺھرايو ھو ۽ اڃا تائين دھليءَ جي ويجھو سندس نشانات موجود آھن. ھن قلعي کي علاول به ڪري سڏيندا ھئا. – مترجم.
    (1) منجنيق: ڪي مورخ لکن ٿا ته محمد بن قاسم سنه ٩٤ ھجري، ديبل جي قلعي تي اھڙي ھڪڙي منجنيق استعمال ڪئي ھئي، جنهن تي پنج سؤ ماڻھو ڪم ڪندا ھئا ۽ ان جو نالو العروس يعني ڪنوار ھو. – مترجم.
    (2) رعادات: ھن لفظ ۾ ابن بطوطه، غلطي ڪئي ٿي ڏسجي. اصل ۾ ھيءُ لفظ غزده يعني ننڍي منجنيق آھي. تاريخ معصومي جي مترجم جناب حضرت مولانا امير احمد صاحب ھيٺين معنيٰ، Staingass نالي انگريزي فارسي ڊڪشنريءَ مان ڳولي ڪڍي آھي، "A kind of hastila or engine for hurling missiles, a cart, a truck, a gun carriage." – مترجم.
    (1) قل شبته ۽ ريبول؛ابن بطوطه عرب ھو، تنهن ڪري سنڌي اچار پورا پورا لکي نه سگھيو، ازنسواءِ قل انهي لاءِ ٿو چوي، جو ”گ“ عربي ٻولي ۾ حرف آھي ئي ڪونه، تنهن ڪري”گ“ جي جاءِ تي ”ق“ ٿو استعمال ڪري، وري رابيل جو اچار جيڪو ٻڌو ھوندائين، اھو دل تان لھي ويو ھوندس، تنهن ڪري رابيل کي ريبول ڪري ٿو، استعمال ڪري.
    (2) ھي جامع مسجد اھا ئي قوت السلام جي نالي آھي، جيڪا اڄ به پراڻي دھلي ۾ قطب مينار جي ڀرسان موجود آھي، مٿي بيان ڪيل قلعي جا نشان پڻ اڄ تائين اتي موجود آھن.
    (1) ”صومعته“ جي معنيٰ آھي مينار، جيڪا مٿي ڏنگين ۾ ڏنل آھي. مترجم
    (1) ”جامع مسجد“: ھن مسجد جو اصل نالو قوت السلام ھو، ھندن جي دور ۾ ھي ھڪ بتخانو ھو، جڏھن شھاب الدين غوري سنه 989 هجري ۾ دهلي فتح ڪئي تڏهن هن پنهنجي غلام ۽ سپهه سالار قطب الدين ايبڪ جي معرفت هن مسجد جو بنياد وجھرايو، بت، جيڪي مسجد جي ٻاھر پيل ھئا، سي وڪرماجيت جا ھئا، جيڪي اجين جي فتح ڪرڻ وقت التش اتان کڻارائي دھليءَ آيو ھو. مترجم
    (1) ھي ”حوض شمسي“ جي نالي سان مشھور آھي، حوض جي ڪناري تي شيخ عبدالحق محدث دھلوي جي مزار آھي، جنهن جو سنه ولادت ٩٥٨ھھ ۽ سن وفات ١٠٢٥ ھھ آھي. ھن حوض جا رسنگاڙا اڃا تائين مشھور آھن.
    (2) ھي حوض اصل ۾ سلطان علاؤ الدين خلجي ٺھرايو ھو، جنهن جي ڪناري تي فيروز شاھه تغلق جو مقبرو اڃا به موجود آھي.-مترجم
    (1) ڪعڪ: ھن لفظ لاءِ گھڻي محنت ڪئي وئي، آخر ھڪ اردو ڊڪشنري اٿلائيندي(کاک) لفظ تي وڃي نظر پئي، جنهن جي معنيٰ ھئي(ڻکيھ). ھونئن به ڪعڪ ھڪ ھندستاني لفظ آھي، ڇو ته ڪنهن به عربي ڊڪشنري ۾ اھڙو لفظ نٿو ملي، ابن بطوطه به”کاکي“ ٻڌو ھوندو، پر عربي ۾ انهي لفظ کي (کعکي) ٿو لکي، سو کاک معني ”ايک قسم کي روغني ڻکيھ“. ڏسو فيروز الفات اردو جديد، صفحو ٩٣٨. مترجم
    (1) معنيٰ؛ اي انسانو! الله کان دڄو، تحقيق زمين جو لوڏو کائڻ (ھڪ) وڏي شيءِ آھي، ان ڏينهن(قيامت) ۾ تون ڏسندين ته کير پياريندڙ (ماءُ) پنهنجي کير پيئندڙ(ٻچي) کان بيزار ھوندي ۽ پيٽ واري، جو ڪجھه پيٽ ۾ ھوندس (ڪچو ٻار يا ڦر) سو ڪيرائي ڇڏيندي، انسانن کي نشي جي حالت ۾ ڏسندين، جيتوڻيڪ ھو نشي وارا نه ھوندا، پر (اھو) الله جو سخت عذاب ھوندو. مترجم


    باب ٽيون

    فصل پھريون

    دھليءَ جي فتح ۽ مختلف بادشاھه
    قاضي القضاة علامه ڪمال الدين محمد بن برھان الدين المقلب به ”صدر جھان“ مون کي ٻڌايو ته دھلي جي فتح سنه ٥٨٤ ھ ۾ ٿي ھئي ۽ جامع مسجد جي محراب ۾ به اھو ئي سنه ھجري لکيل ھو، جيڪو مون خود پڙھيو، دھلي قطب الدين ايبڪ فتح ڪئي ھئي، ھيءُ شخص سلطان شھاب الدين محمد بن سام غوري، غزني ۽ خراسان جي بادشاھه، جو غلام ۽ سندس طرفان سپھ سالاريءَ جو عھديدار ھو، محمد بن غوري، سلطان ابراھيم بن سلطان محمود غازي سبڪتگين جنهن ھندستان جي فتح شروع ڪئي ھئي، تنهن جي ملڪ تي زبردستيءَ قابض ٿي ويو ھو، سلطان شھاب الدين، قطب الدين ايبڪ کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي، ھندستان تي چاڙھي موڪليو، جنهن پھريائين اچي لاھور فتح ڪيو ۽ اتي ئي رھائش اختيار ڪري، ھڪ عظيم الشان بادشاھه بڻجي ويو.
    بادشاھه جي مصاحبن مان، ڪن ھن تي چغلي ھنئين ته ھو ھندستان ۾ ھڪ الڳ بادشاھت قائم ڪري، اطاعت کان ٻاھر نڪرڻ ٿو چاھي، ھيءَ خبر قطب الدين کي به پھچي وئي، جنهن تي ھو تن تنها غزني ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي رات جو پھچڻ شرط سڌو وڃي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، سندس اچڻ جي ڪنهن کي به خبر نه پئي، ٻئي ڏينهن جڏھن بادشاھه اچي درٻار ۾ ويٺو، تڏھن قطب الدين تخت جي ھيٺان لڪو ويٺو ھو.
    جڏھن سڀ درٻاري ويھي ويا، تڏھن بادشاھه قطب الدين ايبڪ جو حال پڇيو، جن مصاحبن چغلي ھنئين ھئي، تن وري به ساڳيو بيان ڪيو ته اسان کي پڪي خبر آھي ته ھو خود سر بادشاھه بڻجي ويٺو آھي، بادشاھه تخت تي پير ھنيو ۽ تاڙي وڄائي پڪاريائين، ”ايبڪ“ . قطب الدين”جيءُ حضور“ چئي، ٻاھر نڪري آيو، ۽ دربار ۾ سڀني جي سامھون بيھي رھيو، چغلخور ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ ڊپ کان زمين چمڻ لڳا، بادشاھه فرمايو ته مون ھن دفعي توھان جو قصور معاف ڪيو، پر آئينده ڪجھه به ايبڪ جي خلاف مون کي نه چئجو، ۽ قطب الدين کي حڪم ڏنائين ته تون واپس ھندستان وڃ، جنهن تي ھو واپس ھليو ويو ۽ وڃي دھلي ۽ ٻيا شھر فتح ڪيائين، تڏھن کان دھلي اسلام جو داراخلافه ھليو ٿو اچي، قطب الدين دھليءَ ۾ ئي وفات ڪئي.

    سلطان شمس الدين نلمش (التمش)
    سلطان شمس الدين نلمش(1) دھليءَ جو پھريون مستقل بادشاھه ٿي گذريو آھي. پھريائين ھيءُ قطب الدين جو غلام، سپھه سالار ۽ نائب ھو، پوءِ قطب الدين جي مرڻ کان پوءِ مستقل(2)بادشاھه ٿيو، بادشاھه ٿيڻ وقت ماڻھن کان بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، سڀ عالم ۽ فقيه وجيھ الدين ڪاشانيءَ سان گڏجي آيا ۽ بادشاھه جي سامھون ويھي رھيا، قاضي حسب عادت، بادشاھه سان گڏ وڃي ويٺو، بادشاھه سڀ ڪجھه سمجھي ويو ته سڀ ڇا ٿا چوڻ گھرن، پوءِ پنهنجي گاديلي جي ھڪ ڪنڊ مٿي ڪري، ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڪڍي، قاضي کي ڏنائين، جنهن مان معلوم ٿيو ته قطب الدين کيس آزاد ڪري ڇڏيو ھو. قاضيءِ ۽ فقيهن انهيءَ ڪاغذ کي پڙھي، پوءِ سندس بيعت ڪئي.
    ويھن ورھين تائين ھن حڪومت ڪئي، ھو نيڪ چال، انصاف پرور، عالم ۽ فاضل بادشاھه ھو، انصاف جي طرف سندس توجھ حد کان وڌيڪ ھوندو ھو، سندس حڪم ھو ته جنهن تي به ڪو ظلم ٿيل ھجي، سو رنڱيل ڪپڙا پائي گھمي، جيئن بادشاھه کيس ھڪدم سڃاڻي وٺي، ڇو ته ھندستان ۾ گھڻو ڪري سفيد ڪپڙا پھريندا آھن، رات جو وري ھيءَ تجويز ڪئي ھئائين، جو پنهنجي دروازي جي برجن تي ٻه سنگ مرمر جا ٺھيل شينهن رکائي، انهن جي گلي ۾ زنجير وجھائي، انهن جي ڇيڙن تي گھنڊ ٻڌائي ڇڏيا ھئائين، جڏھن به ڪو مظلوم اچي زنجير ڇڪيندو ھو، ته بادشاھه کي ھڪدم خبر پوندي ھئي ۽ ھڪدم سندس فرياد رسي ڪندو ھو، ايتري ھوندي به ھو راضي نه رھندو ھو ۽ چوندو ھو ته رات جو ماڻھن تي ظلم ٿيندا ھوندا، تنهن ڪري ھڪدم فريقين کي گھرائي فيصلو ڪيو وڃي.

    سلطان رڪن الدين
    سلطان شمس الدين(التمش) کي ٽي پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ ھئي، سندس پٽ رڪن الدين(1) ھن کان پوءِ تخت تي ويٺو.
    تخت تي ويھڻ سان ھن پنهنجي ڀاءُ معز الدين، جيڪو رضيه سلطانه جو حقيقي ڀاءُ ۽ رڪن الدين جي ماٽيجي ماءُ جي پيٽ مان ھو، تنهن کي قتل(1) ڪرائي ڇڏيائين، رضيه انهيءَ تي ناراض ٿي، ته ان کي به مارائڻ چاھيائين، بادشاھه ھڪ ڏينهن جمعي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ۾ ويل ھو، رضيه، مظلومن جي پوشاڪ پھري، پراڻي بادشاھي محل يعني دولت خاني جي ڇت تي چڙھي بيھي رھي، اھو محل جامع مسجد سان بلڪل گڏ ھو، اتان بيھي، رضيه ماڻھن کي پنهنجي پيءُ جا عدل ۽ انصاف ياد ڏياري، پڪاريو ته رڪن الدين منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، ۽ ھاڻ مون کي به مارائڻ ٿو چاھي، ھيءُ ٻڌي، ماڻھو تمام ناراض ٿيا ۽ رڪن الدين تي ھلان ڪري آيا، کيس مسجد مان پڪڙي رضيه وٽ وٺي آيا، جنهن پنهنجي ڀاءُ جي قصاص ۾ کيس مارائي ڇڏيو، ناصر الدين(٢) سندس ٽيون ڀاءُ اڃا ننڍو ھو، تنهن ڪري لشڪر ۽ اميرن کيس تخت تي ويھاريو.

    رضيه سلطانه
    ھن ڪل چار سال بادشاھي ڪئي، ھي عورت ٿي ڪري، مردن وانگر ھٿيار ٻڌي، گھوڙي تي سوار ٿيندي ھئي ۽ پردو اصل ڪانه ڪندي ھئي، جڏھن ھن تي تهمت لڳائي وئي ته سندس تعلق حبشي غلام(1) سان آھي، تڏھن ماڻھن اتفاق راءِ سان کيس تخت تان لاھي، سندس نڪاح ھڪ ويجھي عزيز سان ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀاءُ ناصر الدين کي تخت تي ويھاريائون.

    سلطان ناصر الدين
    ڏھن رضيه سلطانه کي تخت تان لاٿو ويو، تڏھن سندس ننڍو ڀاءُ(2) تخت تي ويٺو ۽ ڪافي وقت تائين حڪومت ڪندو رھيو، ھن بادشاھه جي دوران حڪومت ۾ رضيه سلطانه ۽ سندس مڙس گڏجي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪئي، ھو پنهنجا غلام ۽ ساٿي وٺي مقابلي لاءِ آئي، ناصر الدين ۽ بلبن، جيڪو کانئس پوءِ بادشاھه ٿيو، ٻنهي گڏجي سندس مقابلو ڪيو، رضيه جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ رضيه ميدان مان ڀڄي نڪتي.
    ھوءَ جڏھن ٿڪجي پئي ۽ بک اڃ اچي ماندو ڪيس، تڏھن ھڪ فريبي ھاري کان، جنهن انهي وقت ھر پئي ڪاھيو، کائڻ لاءِ ڪجھه گھريائين، ھن ھڪ ماني جو ٽڪرو ڏنس، جيڪو کائي سمھي رھي، ان وقت ھوءَ مرداني لباس ۾ ھئي، ننڊ ۾ سندس اندريان ڪپڙا جن ۾ جواھرات جڙيل ھئا، ڪجھه ظاھر ٿي پيا، اچانڪ ھاري جي نظر پئجي وئي ۽ تاڙي ورتائين ته ھي اصل ۾ عورت آھي.
    پوءِ ان ھاري کيس ننڊ ۾ ئي قتل ڪري، سندس ڪپڙا ۽ ٻيو سامان لاھي، گھوڙي کي جھنگ ڏانهن ڀڄائي، لاش کي انهي ئي ٻني ۾ دفن ڪري، انهن لاٿل ڪپڙن مان ھڪ ڪپڙو بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ ويو، بازار وارا ھن تي شڪ ڪري، کيس شھر جي ڪوٽوال وٽ پڪڙي وٺي ويا، ڪوٽوال جي مار موچڙي تي ھاريءَ سچي ڪئي ۽ سربستو احوال کولي ٻڌايائين، پوءِ سندس پورڻ واري جاءِ به وڃي ڏيکاريائين، جتان ھنن لاش کي ڪڍي غسل ۽ ڪفن وغيره ڏيئي، انهي جاءِ تي وري کيس دفنائي ڇڏيو، ۽ قبر تي ھڪ گنبذ ٺھرائي ڇڏيائون، ھاڻي ھن جي قبر ھڪ زيارت گاھه آھي ۽ جمنا ندي جي ڪناري تي شھر کان ھڪ فرسخ پري آھي.
    ان کان پوءِ ناصر الدين اطمينان سان 20 سال حڪومت ڪئي، ھي بادشاھه نهايت نيڪ ۽ پرھيز گار ھو ۽ پنهنجي ھٿ سان قرآن شريف لکي، ان جي قيمت تي گذارو ڪندو ھو، قاضي ڪمال الدين مون کي سندس ھٿ سان لکيل قرآن شريف پڻ ڏيکاريو ھو، جنهن ۾ نهايت صاف ۽ سٺا اکر لکيل ھئا، آخر سندس نائب غياث الدين بلبن کيس قتل(1) ڪري، پاڻ بادشاھه بڻجي ويٺو.

    ______________
    (1) نلمش: ھي لفظ جي حرڪات ۽ اشتقاق ۾ جيتوڻيڪ ڪيترن مصنفن اختلاف ڪيا آھن، ڪن التش ته ڪن ايتمش وغيرھ لکيو اھي، پر نلمس ڪنهن به نه لکيو آھي، قطب مينار جي ٻي منزل تي ھي ڪتبو لکيل آھي، ”امر با تمام ھذه العمارت... من السماع شمس الحق والدين ايلتمش السلطاني ناصر امير المومنين“. وري سلطان شمس الدين جي پٽ ناصر الدين جي تخت نشيني وقت شاعر ھڪ قصيدو پيش ڪيو ھو، جنهن جو پھريون شعر ھو؛ آن خدا وندي کھ حاتم بذل و رستم کوشش است، ناصر دنيا ودين محمود الدين التمش است“. مٿين مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ آل ت م ش، اي ل ت م ش ۽ ا ل ت ي م ش ٽنهي طرح سان نالا لکيا ويندا ھئا، پر نلمش ابن بطوطه جي نسخي تان ڪاتب غلطي ڪري لکي ويو آھي. التمش اصل ۾ ڇويھه سال حڪومت ڪئي ھئي، ابن بطوطه ويھه سال لکي، غلطي ڪئي آھي. مترجم
    (2) وچ ۾ ڪجھه مھينا آرام شاھه قطب الدين جي پٽ حڪومت ڪئي ھئي، جنهن جو ذڪر ابن بطوطه ڪو نه ڪيو آھي، آرام شاھه جا ڪجھه سڪا مليا آھن، تنهن مان ثابت آھي ته ھو تخت تي ڪجھه وقت ضرور رھيو آھي ۽ انهيءَ وقت التمش بدايون جا حاڪم ھو.—مترجم
    (1) رڪن الدين؛ ھي شعبان سن ٦٣٣ ھھ ۾ پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ تخت تي ويٺو، ھن کي التش پنهنجي زندگي ۾ ئي ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھو خود گھڻو عيش پسند ھو، تنهن ڪري ڪل اختيارات سندس ڀاءُ شاءُ ترخان جي ھٿ ۾ ھوندا ھئا.
    (1) ابن بطوطه، رڪن الدين جي پنهنجي ڀاءُ معزالدين کي مارائڻ بابت، جيڪو واقعو لکيو آھي، تنهن ۾ غلطي ڪئي اٿائين، ڇو ته رضيھ جي مرڻ کانپوءِ معزالدين بهرام شاھ التمش جي ٻئي پٽ حڪومت ڪئي آھي.-مترجم
    (1) ھيءَ حبشي غلام جمال الدين ياقوت ھو، جنهن تي رضيھ مھربان ھئي.- مترجم
    (2) ھت وري ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، اصل ۾ رضيھ کان پوءِ معزالدين بهرام شاھه گادي تي ويٺو، انهيءَ کان پوءِ سلطان علاؤ الدين مسعود شاھه، جيڪو رڪن الدين جو پٽ ھو، سو گاديءَ تي ويٺو ۽ انهي کان پوءِ ناصر الدين حڪومت ڪئي آھي.-مترجم
    (1) ھت به ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، ڇو ته ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونهي ته ڪو بلبن، ناصر الدين کي ماري، پاڻ بادشاھه ٿيو، ناصر الدين پنهنجو قدرتي موت مئو ھو. مترجم


    فصل ٻيو

    سلطان غياث الدين بلبن
    بلبن پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري، پاڻ بادشاھه بڻجي ويٺو ۽ ويھن سالن تائين حڪومت ڪندو رھيو، ان کان اڳ ويھه سال نائب ٿي رھندي به سلطنت جا سڀ اختيارات سندس ھٿ ۾ رھندا ھئا، ھي بادشاھه منصف مزاج، بردبار ۽ نهايت نيڪ بخت ھو ۽ عالم ۽ فاضل پڻ ھو، ھن ھڪ جاءِ ٺھرائي ھئي، جنهن جو نالو دارالامن (ڇوٽڪاري جو گھر) رکيو ھئائين جيڪو به مقروض ان گھر ۾ ايندو ھو، تنهن جو قرض بادشاھه ادا ڪري ڇڏيندو ھو ۽ جيڪو ماڻھو خون ڪري يا ڪو ٻيو سنگين ڏوھ ڪري ان ۾ گھڙي ايندو ھو، ته مقتول يا مظلوم جي وارثن کي ان جو عيوض ڏيئي راضي ڪري ڇڏيندو ھو، ھن بادشاھه جي قبر به انهي جاءِ (دارالامن) ۾ ٺھيل آھي، مون به اھا قبر وڃي ڏٺي ھئي، ھن بادشاھه لاءِ ھڪ عجيب ڪھاڻي بيان ڪندا آھن.

    بادشاھه جي ڪھاڻي
    چون ٿا ته بخارا جي بازار ۾ کيس ھڪ فقير مليو، بلبن قد جو بندرو، ڪجھه قدر ڪٻڙو ۽ بدصورت ھوندو ھو، فقير چيس ته ”اي ترڪڪه“ (ترڪڙا)! ڄڻ ته نفرت سان سندس نالو ورتائين، جنهن جي جواب ۾ ھن چيو ”حاضر منهنجا سائين“ فقير جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته ”مون کي ڏاڙھون وٺي ڏي“ ھن چيو ته چڱو، ۽ کيسي مان، جيڪي ھن وٽ پئسا ھئا سي ڪڍيائين، جيتوڻيڪ انهن پئسن کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ڪو نه ھئس، تڏھن به ھڪدم ڏاڙھون خريد ڪري فقير کي ڏنائين، فقير اھو ڏاڙھون وٺي چيو ته ”اسان توکي ھندستان جو ملڪ بخشش ۾ ڏنو“ بلبن پنهنجو ھٿ چمندي، چيو ته مون کي قبول آھي ۽ اھا ڳالھه ھن جي دل تي ويھي وئي.
    اتفاق سان سلطان شمس الدين التمش ھڪ سوداگر موڪليو ته بخارا، ترمز ۽ سمرقند مان وڃي ھن لاءِ غلام خريد ڪري اچي. ھن ھڪ سئو غلام خريد ڪيا ۽ انهن ۾ بلبن به ھڪڙو ھو. جڏھن اھي غلام بادشاھه جي سامھون حاضر ڪيا ويا، تڏھن ٻيا سڀ غلام کيس پسند آيا پر فقط بلبن کي ناپسند ڪيائين ۽ چيائين ته ھي مون کي نه گھرجي، بلبن تنهن تي عرض ڪيو ته ”اي آخوند عالم، ھي سڀ غلام حضور جن ڪنهن جي واسطي خريد ڪيا آھن؟“ التمش انهي مذاق تي کلي ڏنو ۽ ھن کي به کڻي خريد ڪيائين، ڇاڪاڻ ته ھو ڪٻڙو ھو، تنهن ڪري کيس پاڻي ڍوئڻ جي ڪم تي لڳايو ويو، جلدي نجومين بادشاھه کي اطلاع ڏنو ته تنهنجي اولاد کان تنهنجو ھڪ غلام سلطنت وٺندو ۽ ان تي قابض ٿي ويندو، نجومي ھميشه پيا اھا ڳالھه ڪندا ھئا پر بادشاھه پنهنجي نيڪ بختي ۽ انصاف پروريءَ جي ڪري انهن جي ڳالھين تي توجھ ئي ڪو نه ڏيندو ھو.
    آخر ھنن بادشاھه جي بيگم سان اھا ڳالھه ڪئي، جنهن جڏھن بادشاھه کي چيو، تڏھن وڃي بادشاھه جي دل تي ڪجھه اثر ٿيو، ۽ نجومين کي گھرائي چيائين ته ”توھان انهي شخص کي سڃاڻي سگھندا؟“ انهن چيو ته ”سندس ڪي نشانيون آھن جن تي اسان کيس سڃاڻي سگھنداسين.“ بادشاھه حڪم ڪيو ته سڀ غلام منهنجي سامھون لنگھن، بادشاھه ويھي رھيو، غلام ٽوليون ٽوليون ڪري سامھون لنگھندا ويا ۽ نجومي ڏسندا چوندا رھيا ته ھنن ۾ اھو شخص ڪونهي، ظھر جو وقت ٿي ويو، پاڻي ڀرڻ وارن غلامن جو اڃا وارو نه آيو ھو.
    ھو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسان ته بک مري وياسين ۽ پئسا جمع ڪري بلبن کي مانيون وٺڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪلي ڏنائون، ھن کي ويجھي بازار ۾ مانيون ملي نه سگھيون تنهن ڪري ٻي بازار ڏانهن ھليو ويو، جيڪا ڪجھه پرڀرو ھئي، جڏھن پاڻي وارن جو وارو آيو ۽ بلبن واپس نه آيو، تڏھن ھنن ھڪ ڇوڪر کي ڪجھه ڏيئي بلبن جي مشڪ ۽ ھن جو ٻيو سامان سندس ڪلھي تي رکي، کيس بلبن جي بجاءِ پيش ڪيو، جڏھن بلبن جو نالو پڪاريو ويو تڏھن اھو ڇوڪرو سندس جاءِ تي اٿي بيھي رھيو، ھي سڀ ڪجھه ٿي چڪو، پر نجومين کي اھو شخص ملي نه سگھيو، جنهن جي کين تلاش ھئي، بلبن انهي وقت آيو جڏھن سڀ پيش ٿي چڪا ھئا.
    ڇو ته تقدير الاھي پوري ٿيڻي ھئي، بلبن پنهنجي لياقت سان ترقي ڪندي، پاڻي وارن جو امير مقرر ٿيو، پوءِ لشڪر ۾ داخل ٿيو ۽ آھستي آھستي سردار ٿي ويو، سلطان ناصر الدين بادشاھه ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح ھن سان ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن کيس پنهنجو نائب مقرر ڪيائين ويھه ورھيه ھو نائب رھيو ۽ پوءِ سلطان ناصر الدين کي قتل ڪري خود بادشاھه بڻجي ويو، بلبن کي ٻه پٽ ھئا.
    سندس وڏو پٽ خان شھيد ھو، جو سندس ولي عھد پڻ ھو، ھو پيءُ جي طرفان سنڌ جو حاڪم ھو ۽ ملتان ۾ رھندو ھو، ھڪ دفعي ھو ”تاتارين“ (منگولين) سان لڙندي ھڪ لڙائي ۾ شھيد ٿي ويو، ھن جا ٻه پٽ ھئا، ھڪ ڪيقبان ۽ ٻيو ڪيخسرو، بلبن جي ٻئي پٽ جو نالو ناصر الدين ھو، جو پنهنجي پيءُ جي وقت ۾ لڪنوتي(لکنوتي) ۽ بنجال(بنگال) جو حاڪم ھو، جڏھن خان شھيد مارجي ويو تڏھن بلبن سندس پٽ ڪيخسرو کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پٽ ناصرالدين کي ولي عھد نه ڪيائين ۽ ان ناصرالدين جو معزالدين نالي ھڪ پٽ ھو، جو ان وقت بادشاھه وٽ رھندو ھو.

    سلطان معزالدين بن ناصر الدين بن سلطان ۽ غياث الدين بلبن
    جنهن رات سلطان غياث الدين بلبن وفات ڪئي، تنهن رات سندس پٽ ناصر الدين(بغرا خان) بنگال ۾ ھو، بادشاھه پنهنجي پوٽي ڪيخسرو کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪري ڇڏيو، پر بادشاھه جو نائب ڪيخسرو سان عداوت رکندو ھو، بادشاھه جي مرڻ کان پوءِ ھو ھڪدم ھڪ تجويز سوچي ڪيخسرو وٽ لنگھي ويو، ۽ ساڻس ھمدردي ۽ غمگيني ظاھر ڪندي، ھڪ جعلي دستاويز ڏيکاريائين، جنهن ۾ سڀني اميرن اتفاق راءِ سان معزالدين جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس پنهنجو بادشاھه تسليم ڪيو ھو ۽ ائين به چيائين ته مون کي ته تنهنجي سر جو به خير ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جنهن تي ڪيخسرو ڊڄي ويو ۽ پڇيائينس ته ”ھاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ نائب صلاح ڏنيس ته توھان ھن ئي وقت سنڌ ڏانهن ھليا وڃو، ڪيخسرو چيو ته ”ھينئر ته دروازو به بند ھوندو“ جنهن تي نائب چيو ته ”ڪُنجون مون وٽ آھن ۽ توھان کي دروازي مان لنگھائي وري دروازو بند ڪري ڇڏيندس.“ ڪيخسرو سندس احسان مڃيو ۽ راتو واه ملتان ڏانهن ڀڄي ويو. جڏھن ڪيخسرو شھر کان ٻاھر نڪري ويو، تڏھن نائب معزالدين وٽ ويو ۽ کيس جاڳائي چيائين ته سڀ امير توھان جي بيعت لاءِ تيار آھن، معزالدين جواب ڏنو ته ”منهنجو سوٽ، جو ولي عھد آھي، تنهن جو ڇا ٿيو؟ ۽ منهنجي بيعت جو مطلب آخر ڇا آھي؟“ تنهن تي نائب سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايس، معزالدين سندس شڪريو ادا ڪيو. پوءِ سڀني اميرن ۽ خاص ماڻھن کان راتو واه بيعت ورتي وئي ۽ ٻئي صبح جو اعلان ڪيو ويو، ان بعد سڀ عام و خاص بادشاھه جي بيعت ۾ داخل ٿي ويا، معزالدين جي پيءُ کي جڏھن تخت نشيني جي خبر پئي، تڏھن چيائين ته اھو حق منهنجو آھي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو پٽ بادشاھه ٿي نٿو سگھي، يڪدم ھن پنهنجو لشڪر جمع ڪيو ۽ وڏي ڪٽڪ سان ھندستان ڏانهن روانو ٿيو، ھوڏانهن نائب، بادشاھه کي ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ نڪتو، ٻيئي لشڪر گنگا ندي جي ٻنهي ڪنارن تي ھڪٻئي جي سامھون ڪڙا(1) شھر جي ڀرسان اچي خيمه زن ٿيا، لڙائي شروع ٿيڻ تي ھئي ته خدا تعاليٰ ناصرالدين جي دل ۾ خيال وڌو ته آخر معزالدين تنهنجو پٽ آھي، توکان پوءِ ھو ئي بادشاھه ٿيندو، تنهن ڪري ماڻھن جي خونريزيءَ مان ڪھڙو فائدو، ھوڏانهن پٽ جي دل ۾ به محبت جوش ۾ آئي ۽ آخر ٻئي بادشاھه پنهنجي ٻيڙين ۾ ويھي، درياءُ جي وچ ۾ اچي پاڻ ۾ مليا، بادشاھه پنهنجي پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو، ناصر الدين کيس اٿاري، گلي لڳائيندي چيو ته ”جيڪو منهنجو حق ھو، سو مون توکي بخشيو، ۽ سندس ھٿ تي بيعت ڪيائين، ھن ملاقات لاءِ شاعرن گھڻيئي قصيدا(2) لکيا آھن، ھن ملاقات جو نالو لقاءُ السعدين(3) رکيو ويو، پوءِ بادشاھه پنهنجي پيءَ کي دھلي وٺي ويو، سندس پيءَ کيس تخت(1) تي ويھاري، سندس سامھون بيھي رھيو.
    پوءِ ناصر الدين واپس بنگال ھليو ويو ۽ ڪجھه عرصو حڪومت ڪري مري ويو، اتي سندس اولاد به ھو، انهيءَ مان سندس ھڪ پٽ(اھو ئي) غياث الدين بهادر”ڀورو“ ھو، جنهن کي سلطان غياث الدين تغلق قيد ۾ رکيو ھو، پر سلطان محمد تغلق پنهنجي پيءَ جي مرڻ کانپوءِ کيس ڇڏي ڏنو ھو، معزالدين چئن سالن تائين حڪومت ڪئي، اھو عرصو ھن بادشاھه لاءِ ھر روز عيد ۽ ھر رات شب بارات ھئي، ھيءُ بادشاھه تمام سخي ۽ رحمدل ھو، جن ماڻھن کيس ڏٺو ھو، تن مان ڪن سان منهنجي ملاقات ٿي، جي سندس نهٺائيءَ، انسانيت ۽ سخاوت جي گھڻي تعريف ڪري رھيا ھئا، ھن جامع مسجد دھليءَ جو ھڪ مينار(2) ٺھرايو آھي، جنهن جو مثال سڄي دنيا ۾ مشڪل آھي، عياشيءَ ۽ ڪثرت شراب خوري جي ڪري کيس اڌرنگ جي بيماري ٿي پئي، طبيبن گھڻيئي علاج ڪيا، پر ڪجھه فرق نه ٿيو.

    ________________________________________
    (1) ڪڙا شھر؛ ھيءُ ھندستان ۾ الھھ آباد جي ضلعي ۾ گنگا نديءَ جي ڪناري تي آھي.
    (2) خاص طرح سان امير خسرو جا فارسي شعر، ان موقعي جي خاصيت متعلق قابل ذڪر آھن. (وڌيڪ ڏسو سندس شعر، جون ڪي جھلڪيون هيٺ صفحي تي.)
    (3) لقاءُ السعدبن جي باري ۾ امير خسرو طوطيءَ ھند جو ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ھن ئي موقعي تي ڏنو ھئائين؛
    بافت خبر خسرو مشرق پناھه-ناصر حق وارث اين تخت گاھه
    کھ افراد را پسر انبار گشت- دين شرف ازوئي به پسر باز گشت
    خشم بسر کرد و علم برکشيد-ساخته کين شد و لشکر کشيد
    تند چوباد آمد ازان خار خار- از پئي گلگشت بسوئي بهار
    (1) اليٽ صاحب”اسڊيز ان انڊين ھسٽري“صفحي ٣٣١ تي امير خسرو جي ھڪ شعر جي انگريزي ترجمي ۾ لکي ٿو؛
    “He then seized his sons hand and seated him on the throne, and when he had descended again from it, he stood with his hands, joined, and all were astonished at the scene the son sat but a short time on the throne when he descended and approached his father. The officers of the state stood on each side, holding trays of jwels in their hands, which they poured upon the heads of two kings, and the ground before them was strawed with rubies, pearls, silver and gold.
    (2) ھتي ابن بطوطه غلطي ڪئي آھي، جنهن جو سبب آھي: سندس معزالدين مال (محمد غوريءَ) ۽ مٿئين معزالدين کي (جيڪو ڪيقباد ڪري سڏيو ويندو ھو) ھڪ ئي ڪري سمجھڻ اصل ۾ اھو مينار محمد غوريءَ ٺھرايو ھو.


    فصل ٽيون

    جلال الدين فيروز خلجي
    ائين جڏھن بادشاھه بلڪل بيڪار ٿي پيو، تڏھن سندس نائب جلال الدين فيروز خلجي بغاوت ڪئي، ۽ شھر کان ٻاھر نڪري، قبي حبيشانيءَ جي ڀرسان جيڪو دڙو آھي، تنهن تي وڃي خيما کوڙي ويھي رھيو، معزالدين پنهنجن اميرن کي لڙائي لاءِ موڪليو، جيڪو به امير لڙائي لاءِ ويو ٿي، سو جلال الدين فيروز جي ھٿ تي بيعت ڪري، ساڻس ملي ٿي ويو، پوءِ جلال الدين شھر ۾ داخل ٿي، محل کي گھيرو ڪري ويھي رھيو، بادشاھه بک کان مرڻ لڳو، ھڪ شخص مون سان ڳالھه ڪئي ته سندس پاڙي ۾ ھڪ شريف ماڻھو جو گھر ھو، جيڪو کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.
    آخر لشڪر محل ۾ داخل ٿي، کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين، ان کانپوءِ جلال الدين بادشاھه ٿيو، ھيءُ بادشاھه وڏو بردبار ۽ عقلمند ھوندو ھو، ليڪن ھن جي بردباري ئي سندس موت جو سبب ٿي پئي، جڏھن ھيءُ مستقل طرح سان بادشاھه ٿي ويو، تڏھن ھن پنهنجي نالي تي ھڪ محل ٺھرايو، جيڪو بعد ۾ سلطان محمد تغلق پنهنجي ناٺيءَ عذابن مھنيٰ کي ڏيئي ڇڏيو ھو، ھن بادشاھه کي ھڪ پٽ ھو، جنهن جو نالو ھو رڪن الدين، ۽ علاؤ الدين نالي ھڪ ڀائٽيو پڻ ھئس، جيڪو سندس ناٺي به ھو، جنهن کي بادشاھه ڪڙا ۽ ماڻڪ پور جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ھيءُ علائقو ھندستان ۾ تمام گھڻو آباد ۽ زرخيز ليکيو ويندو آھي، ھتي ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي پيداوار جام ٿيندي آھي، اتي ڪپڙو به تمام قيمتي ٺھندو آھي، ۽ دھليءَ ۾ وڪامڻ لاءِ ايندو آھي، شھر ڪڙا دھلي کان ارڙھن منزلون دور آھي.
    علاؤ الدين جي زال کيس ھميشه ستائيندي رھندي ھئي، تنهن جي شڪايت ھو پنهنجي چاچي سان ڪندو رھندو ھو، جنهن ڪري ٻنهي زال ۽ مڙس جي دلين ۾ ھڪٻئي کان نفرت پيدا ٿي پئي، علاؤ الدين ھڪ بهادر، دانشمند ۽ خود حڪومت قائم ڪرڻ جي طاقت رکندڙ جوان ھو، پر ھن جي مالي حالت تمام خراب ھئي، ھڪ دفعي ھن ديوڳڙھه تي حملو ڪيو، ھيءُ شھر مالوا جي مرھٽن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، اتي جو راجا انهن ڏينهن ۾ ھندستان جي سڀني راجائن کان وڏو سمجھيو ويندو ھو، رستي تان ھلندي، علاؤ الدين جي گھوڙي جو پير ھڪ ھنڌ زمين ۾ گھڙي ويو، ته اتان ٺڙڪي جو آواز نڪتو، انهيءَ ھنڌ کوٽائي ڪرائي، ته اتان بيشمار مال ھٿ لڳس، جيڪو سڄو پنهنجي فوج ۾ ورھائي ڇڏيائين.
    پوءِ اتان ديوڳڙھه ڏانهن روانو ٿيو، اتي جي راجا بنان لڙائي جي آڻ مڃي ۽ گھڻو ئي مال ڏيئي کيس واپس ڪيائين، علاؤ الدين واپس ڪڙا ۾ آيو، پر بادشاھه ڏانهن انهي مال مان ڪجھه به نه موڪليائين، درٻارين بادشاھه کي گھڻو ڀڙڪايو، جنهن تي بادشاھه کيس پاڻ وٽ سڏايو، پر ھو سڏ تي به نه ويو، جنهن تي بادشاھه خود وڃي کيس وٺي اچڻ جو ارادو ڪيو، جو کيس پنهنجي اولاد وانگر ڪري ڀائيندو ھو، بادشاھه لشڪر ۽ سفر جو سامان تيار ڪري، ڪڙا ڏانهن روانو ٿيو، ھو درياءَ جي ڪناري تي، جتي اڳي معزالدين لٿو ھو، ترسي پيو، ٻيڙي ۾ ويھي، ڀائٽي ڏانهن وڃڻ لڳو، ٻئي طرف کان علاؤ الدين پڻ ٻيڙي ۾ ويھي، کيس ملڻ لاءِ ويو، ھن پنهنجي نوڪرن کي سمجھائي ڇڏيو ھو ته، جنهن وقت مان بادشاھه سان ڀاڪر پائي ملان، تنهن وقت توھان ھڪدم کيس ختم ڪري ڇڏجو، ۽ ھنن واعدي مطابق ائين ئي ڪيو.

    سلطان علاؤ الدين محمد شاھه خلجي
    بادشاھه جي اوچتي قتل ٿيڻ تي سندس لشڪر جو ڪجھه حصو ته علاؤ الدين سان ملي ويو ۽ ڪجھه دھليءَ ڏانهن واپس ڀڄي ويو، اتي اچي ھنن بادشاھه جي پٽ رڪن الدين کي پنهنجو بادشاھه ڪيو، جڏھن رڪن الدين انهن کي پاڻ سان وٺي علاؤ الدين سان لڙائي ڪرڻ لاءِ وڌيو، تڏھن اھي به علاؤ الدين جي لشڪر سان وڃي مليا، رڪن الدين جان بچائي سنڌ ڏانهن ڀڄي ويو، تنهن کانپوءِ علاءٌ الدين دارلخلافه ۾ داخل ٿيو ۽ ويھن سالن تائين بادشاھي ڪيائين.
    علاؤ الدين بهترين بادشاھن مان ھڪ ڳڻيو ويندو آھي ۽ ھندستان جا باشندا اڃا تائين به سندس تعريف ڪندا آھن، حڪومت جي ڪمن ۾ ھو گھڻي دلچسپي وٺندو ھو ۽ ڪيترائي ڪم پنهنجي سر ڪندو ھو، ھر روز شين جي اگھن جي پڇا ڪندو ھو ۽ محتسب کان اھڙي رپورٽ وٺندو ھو، محتسب کي ھن ملڪ ۾ ”رئيس“ چوندا آھن، ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ ڀيري محتسب کان پڇيائين ته گوشت جي مھانگي ٿيڻ جو سبب ڇا آھي؟ ھن ٻڌايس ته ڳئن ۽ ٻڪرين تي زڪوات (محصول) ورتي ٿي وڃي، بادشاھه انهي ئي ڏينهن کان اھڙي قسم جا محصول معاف ڪري ڇڏيا، نه رڳو ايترو، پر واپارين کي گھرائي پنهنجي خزاني مان کين رپيا ڏنائين ته انهن جون ڳئون ۽ ٻڪريون خريد ڪري، انهن جو گوشت وڪڻي، قيمت خزاني ۾ جمع ڪن ۽ سندن ڪجھه ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح سان جيڪو ڪپڙو دولت آباد کان ايندو ھو، تنهن جو به مناسب انتظام ڪيائين.
    ھڪ دفعي اناج سخت مھانگو ٿي ويو ھو ۽ بادشاھه يڪدم سرڪاري گدام کولائي ڇڏيا، نتيجو اھو ٿيو جو اگھ سستو ٿي ويو، بادشاھه اناج جو ھڪ واجبي اگھه مقرر ڪري ڇڏيو ھو، ته انهي مطابق خريد و فروخت ڪئي وڃي، اناج جي واپارين انهي اگھه تي اناج وڪڻڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھه جواب ۾ پنهنجو گدام کولائي ڇڏيو ۽ کين وڪڻڻ کان بلڪل منع ڪري ڇڏيائين، اھڙي طرح پاڻ ڇھه مھينا وڪرو ڪندو رھيو، جڏھن ذخيره اندوزن ڏٺو ته سندن اناج ڪيڙي لڳڻ ڪري خراب ٿو ٿئي، تڏھن اھو بادشاھه کي وڃي پيش ڪيائون، بادشاھه وري کين اھڙو اگھه مقرر ڪري ڏنو، جيڪو اڳي کان به سستو ھو، جو لاچار کين قبول ڪرڻو پيو.
    ھيءُ بادشاھه نه ته جمعي ڏينهن سواريءَ تي ٻاھر نڪرندو ھو، نه عيد جي ڏينهن، ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي اھڙي ڏينهن. ان جو سبب اھو بيان ڪيو ٿو وڃي ته ھن کي ھڪ سليمان نالي ڀائٽيو ھوندو ھو، جنهن سان ھن (علاؤ الدين) کي تمام گھڻي محبت ھوندي ھئي، ھڪ ڏينهن بادشاھه شڪار تي ويو ته ھن کي به ساڻ وٺي ويو، سليمان ارادو ڪيو ته مان به بادشاھه سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريان، جھڙو ھن پنهنجي چاچي جلال الدين سان ڪيو ھو، جڏھن ناشتي ڪرڻ لاءِ ھڪ جاءِ تي لٿا، تڏھن سليمان بادشاھه کي اھڙو تير ڪسي ھنيو، جو لڳڻ سان بادشاھه اونڌو ٿي وڃي ڪريو، سندس غلامن مان ڪنهن ھن تي ڍال رکي ڇڏي، سليمان ڀرسان آيو ته بادشاھه کي صفا ختم ڪري ڇڏي، پر غلامن ٻُڌايس ته ھو مري چڪو آھي، سندن ڳالھه سچي سمجھي، سليمان دارلخلافه ڏانهن راھي ٿيو ۽ حرم ۾ ھليو ويو.
    ھوڏانهن بادشاھه ھوش ۾ اچي ويو، سڄو لشڪر اچي اتي گڏ ٿيو، آخر سندس ڀائيٽيو جيڪو ڀڄي ويو ھو، تنهن کي گرفتار ڪري ھن وٽ وٺي آيا، علاؤ الدين کيس اتي ئي قتل ڪرائي ڇڏيو، انهيءَ واقعي کانپوءِ ھو ڪڏھن به سوار ٿي ٻاھر نه نڪتو، بادشاھه جا پنج پٽ ھئا، خضر خان، شادي خان، ابوبڪر خان، مبارڪ خان (جنهن جو ٻيو نالو قطب الدين خان ھو) ۽ شھاب الدين، انهن مان قطب الدين کي بادشاھه ڪم عقل، بدنصيب ۽ بيڪار ڪري سمجھندو ھو، ھن جي ٻين ڀائرن کي وڏا وڏا عھدا، علم ۽ طبل عطا ٿيل ھئا، پر ھن (قطب الدين) کي ڪجھه به نه ڏنو ويو ھو. ھڪ ڏينهن بادشاھه کيس چيو ته مون کي اھا تعظيم ۽ اھي مرتبا توکي به ڏيڻا پيا، جيڪي تنهنجي ٻين ڀائرن کي ڏنا اٿم، تنهن تي قطب الدين جواب ڏنس ته مون کي منهنجو خدا ڏيندو، ھن جواب تي بادشاھه خوفزده ٿي ويو ۽ کانئس وڌيڪ ناراض ٿي پيو.
    ھن واقعي کانپوءِ بادشاھه بيمار ٿي پيو، سندس وڏي راڻي خضر خان جي ماءُ ھئي، جنهن جو نالو ھو ماھڪ، ان راڻيءَ جو سنجر(١) نالي ھڪ ڀاءُ ھو، جنهن کان قسم ورتو ھئائين ته بادشاھه جي مرڻ کانپوءِ ھو سندس پٽ خضر خان کي حڪومت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو، اھا خبر بادشاھه جي ھڪ نائب کي پھتي، جنهن کي الفي ڪري چوندا ھئا، ڇو ته بادشاھه کيس ھڪ ھزار دينار ڏيئي خريد ڪيو ھو، ھن اھا خبر وڃي بادشاھه کي پھچائي، ته ھن قسم جو واعدو ٿيو آھي، بادشاھه يڪدم پنهنجن خاص ماڻھن کي حڪم ڏنو ته جڏھن سنجر مون وٽ اچي ۽ مان کيس خلعت ڏيان، جيڪا اڃا ھو پھرڻ شروع ڪري، ته توھان سندس مشڪون ٻڌي، کيس زمين تي ڪيرائي، ساڙي ڇڏجو، حڪم جي بجا آوري ڪئي وئي.
    ان ڏينهن خضر خان سندپت(2) ڏانهن شھيد جي زيارت لاءِ ويو ھو، ھي جڳھه دھليءَ کان ھڪ منزل پري آھي، خضر خان اھا باس باسي ھئي ته پيرين اگھاڙو وڃي زيارت ڪندو ۽ پنهنجي پيءُ جي صحتيابي لاءِ وڃي دعا گھرندو، جڏھن ھن کي اھا خبر پھتي ته سندس پيءَ ھن جي مامي کي قتل ڪرائي ڇڏيو آھي، تڏھن پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيائين، ھندستانين ۾ اھا رسم آھي ته جڏھن ڪو سندن عزيز مرندو آھي، ته پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندا آھن، بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس. خضر خان جڏھن ھن وٽ ويو، تڏھن مٿس ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ کيس لعنت ملامت ڪري حڪم ڪيائين ته ھن جا ھٿ پير ٻڌي، کيس ملڪ نائب (ملڪ ڪافور يعني الفي خان) جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن کي حڪم ڪيائين ته ھن کي گاليور(گواليار) جي قلعي ۾ وڃي قيد ۾ رکي.
    ھيءُ قلعو ھندن جي رياستن جي وچ ۾ آھي ۽ دھليءَ کان ڏهه منزلون پري آھي، ھيءُ ھڪ نهايت مضبوط قلعو ڪري سمجھيو ويندو آھي، مان به ھن قلعي ۾ ڪجھه عرصو رھيو آھيان خضر خان کي ھت آڻي، ڪوٽوال ۽ قلعي جي محافظين جي سپرد ڪيو ويو ۽ قلعي جي عملدارن کي چيو ويو ته توھان ھن کي بادشاھه جو پٽ ڪري نه سمجھجو، بلڪه ھن جي اھڙي طرح چوڪسي ڪجو، جھڙي بادشاھه جي سخت دشمن جي ڪئي ويندي آھي، ان کانپوءِ بادشاھه جي بيماري وڌندي وئي، آخر بادشاھه حڪم ڪيو ته خضر خان کي گھرائي وٺو ته کيس ولي عھد مقرر ڪريان، نائب چيو ته حاضر، کيس جلد گھرائي ٿا وٺون، پر ڄاڻي واڻي گھرائڻ ۾ دير ڪيائين، بادشاھه جي وري پڇا ڪرڻ تي کيس چيو ويو ته اجھو آيو ڪي آيو، پر ايتري ۾ بادشاھه مري ويو.

    سلطان شھاب الدين
    جڏھن علاؤ الدين مري ويو، تڏھن ملڪ نائب (الفي) سندس سڀ کان ننڍي پٽ شھاب الدين کي تخت تي ويھاريو ۽ ماڻھن کان ان جي بيعت ڪرائي ڇڏيائين، ھينئر ملڪ جو سڄو ڪاروبار ملڪ نائب جي ھٿ ۾ رھيو، ھن شادي خان ۽ ابوبڪر خان جون اکيون ڪڍرائي کين گواليار جي قلعي ۾ موڪلي ڏنو، خضر خان لاءِ حڪم ڪيائين ته ھن کي به انڌو ڪيووڃي، قطب الدين کي به قيد ڪيائين پر سندس اکيون ڪو نه ڪڍايائين، سلطان علاؤ الدين جي خاص غلامن مان بشير ۽ مبشر نالي ٻه غلام ھوندا ھئا، انهن کي بادشاھه بيگم، جيڪا سلطان معزالدين جي ڌيءُ ھئي، ھيءُ پيغام موڪليو ته ملڪ نائب الفي جيڪو سلوڪ منهنجي پٽن سان ڪيو آھي، سو توھان ڄاڻو ٿا، ھينئر ھو قطب الدين کي به قتل ڪرڻ ٿو چاھي، غلامن جواب ۾ چوائي موڪليس ته اسان جيڪي ڪرڻ وارا آھيون، سو توکي سگھوئي معلوم ٿيندو.
    ھنن جي عادت ھئي ته ھو رات جو نائب وٽ رھندا ھئا ۽ کين نائب وٽ ھٿيارن سان اچڻ جي پڻ اجازت مليل ھوندي ھئي، ان رات به ھو اھڙي طرح سان آيا، نائب ان رات ڪاٺ جي بالاخاني ۾ ويٺو ھو، ھيءُ بالاخانو سڀ کان مٿينءَ ڇت تي ھو، جنهن کي ھن ملڪ ۾ خرمقه ڪري چوندا آھن، نائب ھڪ غلام کان تلوار وٺي اھا اونڌي پاسيري ڪري، ڏسي، وري کيس موٽائي ڏني، ان وقت يڪدم انهن مان ھڪ تلوار جو وار ڪيو ۽ پوءِ ٻئي به تلوار ھلائي، ٿوري دير بعد ٻئي ھن جو سر قطب الدين وٽ قيدخاني ۾ کڻي آيا ۽ اچي اڳيان ڦٽي ڪيائونس، پوءِ قطب الدين کي ٻاھر ڪڍي آيا، قطب الدين ڪجھه ڏينهن تائين پنهنجي ڀاءُ شھاب الدين جو نائب ٿي ڪم ڪندو رھيو، پر آخر کيس تخت تان لاھي پاڻ بادشاھه ٿي ويٺو.

    سلطان قطب الدين
    قطب الدين تخت تي ويھڻ سان شھاب الدين جون آڱريون وڍائي ھن کي به ٻين ڀائرن ڏانهن گواليار جي قلعي ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ پاڻ دولت آباد ڏانهن ھليو ويو، دولت آباد دھلي کان چاليھن ڏينهن جي پنڌ تي آھي ۽ سڄي رستي جي ٻنهي پاسي قسم قسم جا ڊگھا وڻ سڌين قطارن ۾ اھڙي طرح لڳل آھن جو اتان لنگھندي ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته ڪنهن باغ جي وچ مان پيو لنگھجي، ھر ھڪ ميل تي ٽپال جي ھر ڪارن جون ٽي چونڪيون آھن جنهن جو اسين مٿي بيان ڪر ي آيا آھيون. ھر چونڪي تي مسافرن جي ضرورت جي ھر شيءِ موجود ملي سگھي ٿي، ڄڻ ته ھو بازار مان پيا ويندا آھن اھڙي طرح سان ھي رستو تلنگانا ۽ معبر جي ملڪ تائين ھليو ٿو وڃي، جو دھلي کان ڇھن مھينن جو پنڌ آھي، ھر ھڪ منزل تي بادشاھي محل ۽ مسافرن لاءِ سراءِ آھي، مسافرن کي رستي لاءِ سيڌي وغيره کڻڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه ٿي پوي.
    سلطان قطب الدين رستي ۾ ئي ھو، ته ڪن اميرن سندس خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سندس ڏھن سالن جي عمر جي ڀائٽي کي ”جيڪو خضر خان جو پٽ ھو“ تخت تي ويھارڻ چاھيائون، قطب الدين پنهنجي ڀائٽي کي پيرن کان جھلي سندس مٿو زور سان پٿر تي ھڻي، سندس مغز ڀڃي کيس ماري وڌو ۽ پنهنجي ھڪ امير کي، ”جنهن جو نالو ملڪ شاھه ھو“ گواليار ڏانهن موڪليائين ۽ کيس حڪم ڏنائين ته ڇوڪري جي پيءُ ۽ سندس سڀني چاچن کي قتل ڪري ڇڏي، قاضي زين الدين مبارڪ، گواليار جي قاضي مون کي ٻڌايو ھو ته جنهن ڏينهن ملڪ شاھه قلعي ۾ پھتو، ان وقت مان خضر خان وٽ ويٺو ھوس، ملڪ شاھه جي اچڻ جي خبر ٻڌي، سندس رنگ اڏامي ويو، ملڪ شاھه جڏھن خضر خان وٽ آيو، تڏھن پڇائينس ته ڪيئن آيو آھين؟ جنهن تي امير جواب ڏنس ته آخوند عالم، ڪنهن ضروري ڪم سان آيو آھيان، جنهن تي خضر خان وري به پڇيس ته منهنجي جان جو خير ته آھي؟ امير چيو ته ھائو. پوءِ ھن ڪوٽوال کي گھرايو ۽ قلعي جي عملدارن”جيڪي ٽي سئو شخص ھئا“ مون کي ۽ ٻين شاھدن کي گھرائي، سڀني جي روبرو بادشاھه جو حڪم پڙھايائين.
    ھو پھريائين شھاب الدين وٽ آيا ۽ ھن کي اچي ماريائون، ھن ڪنهن قسم جو ڊپ يا بي قراري ظاھر نه ڪئي، پوءِ ابو بڪر ۽ شادي خان جا سر جدا ڪيا ويا، پر جڏھن خضرخان جو وارو آيو، تڏھن ھو وٺي رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو، ھن جي ماءُ به ھن سان گڏ ھئي، جنهن کي گھر ۾ بند ڪيو ويو، پوءِ خضر خان کي ماري، انهن سڀني جا لاش بنان ڪنهن ڪفن دفن جي ھڪ کڏ کوٽي ان ۾ پوري ڇڏيائون، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ کين اتان ڪڍي سندن خانداني مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، خضر خان جي ماءُ دير تائين زندھ رھي، جو مون کيس ٧٢٨ ھ ۾ مڪي معظم ۾ ڏٺو ھو.
    گواليار جو قلعو ھڪ جبل جي چوٽي تي اھڙي طرح ٺھيل آھي جو ڄڻ ته پٿر کي تراشي ٺاھيو ويو آھي، ان جي آس پاس ايڏو بلند جبل ٻيو ڪو به ڪونهي، قلعي جي اندر پاڻي جو ھڪ تلاءُ ۽ ويھارو کن کوھه آھن، ھر ھڪ کوھه تي پناھه جي ديوار آھي، جنهن تي منجنيق ۽ عراده رکيل آھن، قلعي جي چاڙھي جو رستو ايترو ته ڪشادو آھي جو ھڪ ھاٿي آساني سان اچي وڃي سگھي ٿو. قلعي جي دروازي تي پٿر جي تراشيل ھاٿي جو ھڪ مجسمو فيلبان سميت ٺھيل موجود آھي، جيڪو پري کان جنسي ھاٿي پيو لڳي، قلعي جي ھيٺان وري شھر آباد آھي، جيڪو تمام خوبصورتي سان اڏيل آھي، سڀ عمارتون ۽ مسجدون سفيد پٿر جون ٺھيل آھن، دروازن کان سواءِ ڪاٺ ڪٿي به استعمال ڪيل نه آھي، رعيت گھڻو ڪري ھندو آھي، اتي بادشاھه جي طرفان ڇھه سئو سوار رھندا آھن جيڪي گھڻو ڪري لڙائي ۾ مشغول رھندا آھن، ڇو ته ھي قلعو ھندن جي رياستن جي بلڪل وچ ۾ آھي.
    جڏھن قطب الدين پنهنجي سڀني ڀائرن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس حريفن مان ڪو به باقي نه رھيو، تڏھن خدا تعاليٰ وري ھن تي ھڪ قاتل مقرر ڪري ڇڏيو، جو سندس نهايت دادلو امير ڪبير ھو، آخر انهيءَ امير قطب الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي وري خدا تعاليٰ سلطان تغلق جي ھٿان قتل ڪري ڇڏايو، ھينئر تفصيل سان ان قاتل امير ڪبير جو بيان ٿا ڪريون.

    سلطان خسرو خان ناصر الدين جو بيان
    خسرو خان(1) قطب الدين جي اميرن مان ھڪ وڏو بهادر ۽ خوبصورت جوان ھوندو ھو، چندبري ۽ معبر وارو ملڪ ھن ئي فتح ڪيو ھو، ھي ملڪ ھندستان ۾ نهايت سرسبز ۽ آباد ليکيو ويندو آھي ۽ دھليءَ کان ڇھن مھينن جي پنڌ تي آھي، قطب الدين خسرو ملڪ سان تمام گھڻي محبت رکندو ھو.
    قطب الدين جو استاد قاضي خان(2) صدر جھان امراءُ عظيم الشان مان ھڪ ھوندو ھو، جنهن کي ڪليد داري جو عھدو به مليو ھو، يعني ته بادشاھي محل جي ڪنجي ھن وٽ رھندي ھئي، ھن جي ڊيوٽي ھوندي ھئي ته ھو رات جو بادشاھي محل جي دروازي تي رھندو ھو ۽ ھڪ ھزار ماڻھو سندس زيردستي ۾ ڪم ڪندا ھئا، ھر رات اڍائي اڍائي سئو ماڻھو پھري تي رھندا ھئا، ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين اھي پھريدار رستي جي ٻنهي پاسي قطار ٻڌي، ھٿيارن سان بيٺا ھوندا ھئا، تنهن ڪري جڏھن ڪو به ماڻھو محل جي اندر ايندو ھو، ته ھن کي انهن قطارن جي وچ مان لنگھڻو پوندو ھو، انهن پھريدارن کي ”نوبت وارا“ به ڪري چوندا ھئا، انهن جي مٿان آفيسر ۽ منشي ھوندا ھئا، جيڪي گشت ڪندا رھندا ھئا، ۽ سندن حاضري به وٺندا ھئا ته ڪو غير حاضر نه ھجي، رات وارا جڏھن پھرو ڏيئي بس ڪندا ھئا، تڏھن ڏينهن وارا سندن جاءِ تي پھري لاءِ اچي بيھي ويندا ھئا.
    قاضي خان خسرو ملڪ کان تمام گھڻي نفرت ڪندو ھو، ڇو ته ھو اصل ۾ ھڪ ھندو ھو ۽ ھندن جي تمام گھڻي پاسخاطري ڪندو ھو، تنهن ڪري قاضي خان ھن کان ناراض رھندو ھو. ھر موقعي تي قاضي خان بادشاھه کي عرض ڪندو رھيو ته ھن کان خبردار رھڻ گھرجي، پر بادشاھه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو ھوس، ڪڏھن ھيئن چئي ٽاري ڇڏيندو ھوس ته اھڙي ڳالھين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ ھن لاءِ اھا قضا مقرر ڪري ڇڏي ھئي ته ھن جي ھٿان قتل ڪيو وڃي، تنهن ڪري ئي بادشاھه اھڙي بي رخي اختيار ڪندو رھيو.
    ھڪ ڏينهن خسرو خان بادشاھه کي چيو ته ڪي ھندو مسلمان ٿيڻ ٿا چاھين، ان وقت اھو دستور ھوندو ھو ته جيڪڏھن ڪو ھندو(1) مسلمان ٿيڻ چاھيندو ھو ته ھو پھريائين بادشاھه کي سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندو ھو ۽ بادشاھه جي طرفان کيس خلعت ۽ سونا ڪنگڻ انعام ۾ ملندا ھئا، بادشاھه خسرو خان کي چيو ته ”انهن ھندن کي اندر وٺي اچ“ جنهن تي خسرو ملڪ عرض ڪيو ته ”ھو رات جو اچڻ ٿا گھرن، ڇو ته ڏينهن جو پنهنجي عزيزن ۽ مذھب وارن کان کين شرم ٿو اچي“ بادشاھه چيو ته ”چڱو رات جوئي کين وٺي اچج“ خسرو ملڪ سٺا سٺا بهادر ھندو چونڊي ھن ڪم لاءِ کنيا ھئا، جن ۾ سندس ڀاءُ خان خانان پڻ ھو.
    گرميءَ جي موسم ھئي، بادشاھه سڀ کان مٿيئن ڇت تي ھو، ان وقت بادشاھه وٽ سواءِ ڪن ٿورن غلامن جي ٻيو ڪوبه موجود ڪو نه ھو، اھي ھندو جڏھن چئن دروازن کان لنگھي پنجين دروازي تي پھتا ته انهن کي ھٿيارن سان ڏسي، قاضي خان کي شڪ پيدا ٿيو، ھن کين روڪيندي چيو ته ”ترسو، جيستائين مان آخوند عالم (بادشاھه) کان اجازت وٺي اچان،“ جنهن تي يڪدم انهن حملو ڪري قاضي خان کي ماري وڌو، گوڙ گھمسان تي بادشاھه پڇيو ته ”اھو سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟“ ايتري ۾ خسرو خان بادشاھه تائين پھچندي چيو، ته ھو ھندو اچي رھيا آھن ۽ قاضي خان کين روڪيو، تنهن ڪري ڪجھه تڪرار ٿي پيو آھي“ ھي ٻڌي بادشاھه خوفزده ٿي محل ڏانهن ڀڳو پر دروازو بند ھو، ھن دروازو کڙڪايو پر اوچتو پٺيان خسرو ملڪ اچي جھليس، بادشاھه زبردست ھو، تنهن کڻي کيس دسيو ۽ مٿان چڙھي ويٺس، ايتري ۾ ھندو اچي ويا، خسرو خان رڙ ڪري ٻڌاين ته بادشاھه مون کي ھيٺان دسيو ويٺو آھي، ڪا واھر ڪريو، ھنن يڪدم بادشاھه کي قتل ڪري وڌو، ۽ سندس سر ڪپي کڻي اڱڻ ۾ ڦٽو ڪيو.
    ھن ڪم کان پوءِ خسرو خان يڪدم اميرن ۽ آفيسرن کي گھرايو، انهن کي ھن واقعي جي ڪا به خبر ڪا نه ھئي، تنهن ڪري ھو جيئن اندر آيا تيئن خسرو خان کي تخت تي ويٺل ڏٺائون، انهن سڀني سندس بيعت ڪئي ۽ صبح تائين اتي ئي ترسيا، صبح ٿيڻ سان ھن پڙھو ڏياريو ۽ دارالخلافه کان ٻاھر جيڪي به امير ھئا تن جي نالي پروانا ۽ قيمتي خلعتون روانيو ڪيائين سڀني سندس اطاعت مڃي، پر ديال پور(1) جي حاڪم تغلق شاھه سندس خلعت کي ڦاڙي پٽ تي ڦٽي ڪري ان جي مٿان چڙھي ويھي رھيو، خسرو خان پنهنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن تي چاڙھي موڪليو؛ جنهن کي تغلق شاھه شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو.
    خسرو ملڪ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن ھندن کي وڏا وڏا عھدا ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته سڄي ملڪ ۾ ڪو به ڳئون نه ڪھي، ھندو ڳئون کي مارڻ ناجائز سمجھندا ھئا ۽ جيڪڏھن ڪو ڳئون ڪھندو ھوته ان کي سزا طور انهي ڳئون جي کل ۾ سبارائي، ساڙي ڇڏيندا ھئا، ھي ماڻھو ڳئون جي تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا ۽ ان جو پيشاب ثواب لاءِ يا دوا طور استعمال ڪندا ھئا ازانسواءِ ان جي پائخاني سان پنهنجي گھرن کي ليپو پڻ ڏيندا آھن، خسرو خان چاھيو ٿي ته مسلمان به ائين ڪن، تنهن ڪري اھي کانئس نفرت ڪرڻ لڳا ۽ سڀني گڏجي تغلق جي طرفداري ڪئي، اھڙي طرح سندس دور حڪومت وڌيڪ ھلي نه سگھيو، جنهن جو ھيٺ بيان ٿا ڪريون.

    ___________________
    (2) سندپت اسان جي خيال موجب ابن بطوطه جو اشارو سوني پت ڏانهن آھي، جيڪو موجودھ شھر دھلي کان اٺاويھه ميل پري لاھور جي پراڻي رستي تي آھي، ڪنهن زماني ۾ جمنا ندي شھر جي ڪوٽ ھيٺان وھندي ھئي، ھن وقت ان جي پيٽ کي ٻيو نالو ڪري سڏيندا آھن، ھيءُ شھر تمام پراڻو آھي ۽ چون ٿا ته يڌشٽڙ راجا دريوڌن کان جيڪي پنج پٽ گھريا ھئا تن ۾ ھي به ھڪ پٽ ھو“ ۽ ائين به چيو وڃي ٿو ته ھيءُ شھر راجا سوني، ”جيڪو ارجن جي تيرھين پيڙھي مان ھو“، تنهن ٻڌايو ھيو، موجوده شھر جي ايراضي ھڪ ميل کن ٿيندي، جنهن ۾ اٽڪل چوڏھن يا پندرھن ھزار کن ماڻھو رھن ٿا. –مترجم
    (1) خسرو خان؛ ھي اصل گجرات جو باشندو ھو، ڪن تاريخ نويسن سندس ذات پروار لکي آھي ۽ ائين به لکيو آھي ته ھي ھڪ گھٽ ذات ٿيندي آھي، بداوني ھن کي برائو ٿو لکي، پوءِ ھو مسلمان ٿيو ھو ۽ سندس نالو حسن ھو. مترجم
    (2) قاضي خان صدر جھان؛ مولانا ضياءُ الدين بن مولانا شھاب الدين خطاط جو اھو لقب ھوندو ھو، ھن بادشاھه کي خوش نوبسي سيکاري ھئي ۽ ڪليد داريءَ جي عھدي تي مامور ھو. –مترجم
    (1) بادشاھه جي ھن طرح قتل جي واقعي جو بيان سواءِ ابن بطوطه جي ٻئي ڪنهن به مورخ ڪو نه لکيو آھي، بلڪه اصل حقيقت ھن ريت ھئي ته خسرو خان کي بادشاھه نائب مقرر ڪري، چنديري ۽ معبر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏھن اميرن کي سندس سرداري ناگوار لڳي، تنهن ڪري ھن کي ھميشه منجھائن ڊپ رھندو ھو، ھڪ دفعي بادشاھه کي عرض ڪيائين ته ”مون کي اجازت ملي ته پنهنجي قوم جا ڪجھه ماڻھو گھرائي وٺان“ ان بهاني سان ھن چاليھه ھزار گجراتي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا، ھڪ ڏينهن بادشاھه کي عرض ڪيائين ته مان گھڻو ڪري رات جو توھان جي خدمت ۾ ٿو رھان ۽ ڏينهن جو گھڻئي ڪم ڪاريون آھن، تنهن ڪري منهن جا وطني ماڻھو شڪايت ٿا ڪن ته کين ملي نٿو سگھان، بادشاھه چيس ته پنهنجي دوستن کي ڀلي رات جو ھتي ئي گھرائيندو ڪر، اھڙي طرح محل جي ننڍي دروازي جي ڪنجي به ھن کي ڏيئي ڇڏيائين اھو ئي سبب ھو، جو ھو ڪن بدمعاش ۽ آواره قسم جي ماڻھن کي گھرائي، بادشاھه ۽ پاڻ کي وندرائيندو رھندو ھو ۽ آخر بادشاھه جو ڪم ختم ڪرائي ڇڏيائين. مترجم
    (1) دبال پور؛ پاڪستان ۾ مانٽگمري جي ضلعي ۾ پاڪ پٽن کان ٢٨ ميل اوڀر طرف، اوکاڙا جي اسٽيشن کان ١٧ ميل ڏکڻ طرف ھي شھر موجود آھي، ۽ چڱو مشھور آھي جنرل ڪننگھام جي تحقيقات موجب ھي شھر اصل ۾ راجا ديپال آباد ڪيو ھو، پر اھو معلوم ٿي نٿو سگھي ته اھو راجا ڪھڙي وقت جو حڪمران ھو.


    فصل چوٿون

    سلطان غياث الدين تغلق شاھه
    شيخ امام صالح عالم عامل عابد رڪن الدين بن شيخ صالح شمس الدين ابي عبدالله ابن ولي امام عالم عابد بهاءُ الدين زڪريا قرشي(قريشي) ملتاني مون کي ٻڌايو ته تغلق اصل قرونه(1) ترڪن جي قوم مان ھو، ھن قوم جا ماڻھو ترڪستان ۽ سنڌ جي وچ وارن جبلن ۾ رھندا آھن. تغلق ھڪ تمام مفلس ماڻھو ھو، ۽ پھريائين جڏھن سنڌ ۾ آيو، تڏھن ھڪ سوداگر وٽ مال چاريندو ھو، ھي ءَ سلطان علاؤ الدين جي وقت جي ڳالھه آھي ته انهن ڏينهن بادشاھه جو ڀاءُ اولو خان (الف خان) سنڌ جو حاڪم ھو، تغلق آخر اچي سندس نوڪري ۾ داخل ٿيو، پھريائين پيادل جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو، پر پوءِ جڏھن الغ خان کي سندس بهادريءَ ۽ شرافت جي خبر پئي، تڏھن کيس ترقي ڏيئي سوارن ۾ داخل ڪيائين. ترقي ڪندي، ھو آفيسر ٿيو. ان کان پوءِ ھن کي ميرآخور (طبيلن جو داروغو) ڪيو ويو ۽ آخر ڪار وڃي امراءِ عظيم الشان مان ھڪ ٿيو.
    مون ملتان ۾ تغلق جي ٺھرايل مسجد ۾ ھڪ ڪتبو لکيل پڙھيو آھي، جنهن ۾ لکيل آھي ته ”ھن اٺٽيھه دفعا تاتارين (منگولي) سان وڙھي، کين شڪست ڏيئي، ”ملڪ غازي“ جو خطاب حاصل ڪيو ھو.“ آخر سلطان قطب الدين ھن کي دبال پور جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ سندس پٽ جونا خان کي ميرآخور جو عھدو ڏنائين، خسرو خان به سندن اھيئي عھدا قائم رکيا، جڏھن تغلق خسرو خان جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو ارادو ڪيو تنهن وقت ھن وٽ رڳو ٽي سو کن سپاھي ھئا، جن تي ھن کي پورو ڀروسو ھوندو ھو. ھن ڪشلو خان کي لکيو، جو ان وقت ملتان جو حاڪم ھو، ته منهنجي ھن ڪم ۾ ضرور مدد ڪر ۽ پنهنجي پياري بادشاھه جي خون جو بدلو وٺ، ڪشلو خان جواب موڪليس ته جيڪڏھن منهنجو پٽ خسرو خان وٽ نه ھجي ھا ته مان ھر صورت ۾ تنهنجي مدد ڪريان ھا. ملڪ غازي غياث الدين تغلق تنهن تي يڪدم پنهنجي پٽ جونا خان کي لکيو ته منهنجو ارادو ھي آھي، تنهن ڪري ڪيئن به ڪري تون ڪشلو خان جي پٽ کي ساڻ ڪري نڪري، مون وٽ ھليو اچ.
    جونا خان سوچيندو رھيو ته ڪھڙي تجويز ڪجي، آخر کيس موقعو ملي ويو. ھڪ ڏينهن خسرو خان کيس چيو ته گھوڙا تمام ٿلھا ٿي پيا آھن ۽ وڃن ٿا بدن تي گوشت چاڙھيندا، تنهن ڪري ھنن کان ڪم وٺ. اھڙيءَ طرح سان جونا خان ھر روز انهن کي گھمائڻ وٺي ويندو ھو، ھو ڪڏھن ڪلاڪ ۾ واپس موٽندو ھو ته ڪڏھن ٻه يا ٽي ڪلاڪ به لڳي ويندا ھئس. ھڪ ڏينهن ظھر جي وقت تائين ڪو نه موٽيو. مانيءَ جو وقت ٿي ويو. بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن جي خبر ورتي وڃي. ماڻھو ھن جي تلاش ڪري موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته اسان کي معلوم ٿيو آھي ته ڪشلو خان جي پٽ سوڌو پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڄي ويو آھي.
    ھوڏانهن تغلق پٽ جي پھچندي ئي بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪشلو خان جو لشڪر گھرائڻ شروع ڪري ڏنائين. خسرو خان پنهنجي ڀاءُ خان خانان کي ھن سان لڙائيءَ لاءِ چاڙھي موڪليو، پر ھو شڪست کائي موٽي آيو ۽ سندس سڀ ساٿي مارجي ويا، ھن لڙائي مان تغلق کي تمام گھڻو خزانو ۽ ٻيو مال ھٿ لڳو. تغلق دھلي انهن ڏي وڌڻ لڳو. ھوڏانهن خسرو خان پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري مقابلي لاءِ شھر کان ٻاھر نڪتو ۽ اچي(1) آصيا آباد(آسيا آباد) جي جاءِ تي خيمه زن ٿيو. ھن دل کولي خزانو لٽايو، لشڪر کي ڳوڻين جون ڳوڻيون رپين سان ڀريل بخشش طور ڏنائين. ھندو جيڪي خسرو خان جي لشڪر ۾ ھئا تن اھڙي ته بهادري ۽ ھمت سان مقابلو ڪيو جو تغلق جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندن سڄو سامان لٽجي ويو، تغلق ڇا ڪيو، جو انهن پنهنجن ٽن سو جانباز سپاھين کي گڏ ڪري چيائين ته ھينئر اسان جي ڀڄڻ جي ڪا به جاءِ ڪا نه آھي، تنهن ڪري وارو ڪريو، ان وقت خسرو خان لٽ مار ۾ مشغول ھو ۽ ان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا ھئا، تغلق پنهنجي ماڻھن کي وٺي يڪدم اچي ھن تي حملو ڪيو.
    ھندستان جي بادشاھه جي جاءِ سندس ڇٽ جي وسيلي سڃاڻي سگھبي. مصر ۾ ڇٽ کي طريا قبه چوندا آھن ۽ بادشاھه رڳو عيد جي ڏينهن مٿي تي رکندا آھن. پر چين ۽ ھندستان ۾ بادشاھه سفر ۾ ھجن يا وطن، ڇٽ ضرور ھوندو اٿن. جڏھن تغلق بادشاھه تي حملو ڪيو، تڏھن تمام سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ بادشاھه جو لشڪر ڀڄي ويو ۽ سندس ھڪ ساٿي به ھن سان نه رھيو. بادشاھه پنهنجي گھوڙي تان لھي پيو ۽ ھٿيار ۽ ڪپڙا ڦٽا ڪيائين، پوءِ ڇا ڪيائين، جو پنهنجي مٿي جا وار کولي کڻي پوئتي ڇڏيائين، جيئن ھندستان جا فقير ڪندا آھن ۽ ڀڄي وڃي ھڪ باغ ۾ لڪو.
    سڀ ماڻھو اچي تغلق وٽ گڏ ٿيا، جن سان گڏجي ھو شھر ۾ آيو. ڪوٽوال شھر جون ڪُنجيون اچي سندس حوالي ڪيون. پوءِ ھو محل ۾ ويو ۽ انجي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. تنهن کانپوءِ تغلق ڪشلو خان کي چيو ته بادشاھه ٿي، جنهن تي ڪشلو خان چيو ته تون بادشاھ ٿي. ھن ڳالھه تي ٻنهي جو پاڻ ۾ جڏھن تڪرار ٿيو، تڏھن ڪشلو خان آخر ۾ چيو ته جيڪڏھن تون بادشاھ نٿو ٿين، ته اسين تنهنجي پٽ کي ٿا بادشاھ ڪريون. ھي ڳالھه تغلق منظور نه ڪئي ۽ پاڻ بادشاھ ٿيڻ قبول ڪيائين. سڀني عام خاص ماڻھن سندن بيعت ڪئي . خسرو خان ٽن ڏينهن تائين باغ ۾ لڪو ويٺو ھو، ٽئين ڏينهن جڏھن بک ڇتو ڪيس تڏھن ٻاھر نڪتو، ته مالھيءَ ڏسي ورتس. ھن مالھيءَ کان ڪجھه کائڻ لاءِ گھريو، پر مالھيءَ وٽ ڪجھه به ڪونه ھو، جو ڏئيس. آخر مالھيءَ کي پنهنجي منڊي ڏيئي چيائين ته ھيءَ ڪٿي گروي رکي، منهنجي لاءِ کاڌو وٺي اچ. مالھي بازار ۾ ويو ۽ منڊي وڃي ماڻھن کي ڏيکاريائين، جن ھن تي شڪ ڪيو ته اھڙي قيمتي منڊي ھن وٽ ڪٿان آئي، سو پڪڙي کيس ڪوٽوال وٽ وٺي آيا. ڪوٽوال وري ھن کي تغلق وٽ وٺي آيو. تغلق ھن سان گڏ پنهنجي پٽ جونا خان کي موڪليو ته وڃي خسرو خان کي گرفتار ڪري اچي. جونا خان اچي خسرو ملڪ کي پڪڙيو ۽ ھن کي زچر تي چاڙھي، بادشاھ جي سامھون وٺي آيو. جڏھن ھو بادشاھ جي روبرو آيو، تڏھن دانهن ڪري چيائين ته مان ڏاڍو بکايل آھيان. جنهن تي بادشاھ حڪم ڪيو ته کاڌو ۽ شربت آندو وڃي. پوءِ بادشاھ ھن کي کارائي پياري کائڻ لاءِ پان ڏنو .جڏھن کائي بس ڪيائين، تڏھن تغلق بادشاھ کي چيائين ته ” او تغلق مون کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار نه ڪر، ٿي سگھئي ته مون سان شانائتو سلوڪ ڪر“ تغلق چيس ته اکين سان پوءِ حڪم ڪيائين ته ھن کي انهيءَ جاءِ تي وٺي وڃو جتي ھن قطب الدين کي قتل ڪيو ھو ۽ سندس سر لاھي، انهيءَ سر ۽ ڌڙ کي ھيٺ ڦٽي ڪريو، جيئن ھن قطب الدين سان ڪيو ھو! ان کانپوءِ حڪم ڏنائين ته ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي، قطب الدين جي مقبري ۾ دفن ڪريو. ھن واقعي کان پوءِ تغلق چار سال حڪومت ڪئي، ھيءُ نهايت انصاف وارو، عالم ۽ فاضل بادشاھه ھو.

    سندس پٽ جي ناڪام بغاوت
    جڏھن تغلق مڪمل طرح سان بادشاھه ٿيو، تڏھن پنهنجي پٽ کي تلنڪ (تلنگانه) نالي ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين. ھيءُ ملڪ دھليءَ کان ٽن مھينن جي پنڌ تي آھي، تغلق پنهنجي پٽ کي وڏو لشڪر ڏنو، جنهن ۾ وڏا وڏا امير، ۽ ملڪ تيمور، ملڪ تگين ۽ ملڪ ڪافور مھردار جھڙا پڻ ھن سان گڏ موڪليائين، جڏھن ھو تلنگ جي ملڪ ۾ پھتو، تڏھن ھن بغاوت جو ارادو ڪيو، ھن سان گڏ ھڪ مصاحب عبيد نالي ھو، جيڪو وڏو شاعر ۽ فقيه ھوندو ھو، تنهن کي چيائين ته تون ماڻھن کي وڃي ٻڌاءِ ته بادشاھه (تغلق شاھه) مري ويو. ھن جو خيال ھو ته اھا خبر ٻڌي، لشڪر جا ماڻھو ھڪدم اچي منهنجي بعيت ڪندا. پر ھن خبر کي ڪنهن به سچ نه سمجھيو ۽ ھر ھڪ امير سندس مخالفت ڪئي ۽ ويا ھن کان ڇڄندا. انهيءَ حد تائين جو جونا خان سان ڪو به ماڻھو نه بچيو، ماڻھن ھن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ملڪ تيمور کين منع ڪئي.
    جونا خان پنهنجي ڏھن ھمراھن سان (جن کي ھو پنهنجو رازداري سمجھندو ھو ) دھليءَ ڏانهن ڀڄي نڪتو. بادشاھه ھن کي رپيا ۽ لشڪر ڏيئي، وري تلنگانه ڏانهن واپس موڪليو. پوءِ جڏھن بادشاھه کي ھن حقيقت جي خبر پيئي، تڏھن ھن عبيد کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ملڪ ڪافور مھردار لاءِ ھڪ نوڪدار سڌي ڪاٺي زمين ۾ کوڙائي، ھن جو منهن زمين جي طرف ڪرائي، ان ڪاٺيءَ جي نوڪ سندس گردن ۾ چُڀائي، پاسرين مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين، باقي رھيل باغي امير خوف کان سلطان ناصرالدين جي پٽ سلطان شمس الدين وٽ، جو غياث الدين بلبن جو پوٽو ھو ڀڄي ويا.

    تغلق جو لکنو تي ڪاھڻ ۽ موٽندي سندس اچانڪ موت
    اھي ڀڳل امير اتي رھجي ويا، تان جو سلطان شمس الدين وفات ڪري ويو ۽ سندس ولي عھد سلطان شھاب الدين لکنوتيءَ جو بادشاھه ٿيو. پر سندس ننڍو ڀاءُ غياث الدين بهادر (ڀورو)، کيس تخت تان لاھي، پاڻ بادشاھه ٿي ويٺو ۽ پنهنجي ٻئي ڀاءُ قطلو خان کي مارائي ڇڏيائين. سندس باقي ڀائر شھاب الدين ۽ ناصرالدين تغلق شاھه ڏانهن ڀڄي ويا. تغلق سندن مدد لاءِ ھنن سان گڏجي لکنو تي ڪاھي ويو ۽ پنهنجي پٽ کي پنهنجو نائب مقرر ڪري، دھليءَ ۾ ڇڏي ويو. تغلق، غياث الدين بهادر (ڀوري) کي قيد ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي واپس موٽيو.
    دھليءَ ۾ ھڪ ولي، نظام الدين براؤني نالي، رھندو ھو. جونا خان ھميشه سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو رھندو ھو ۽ ھن ۾ تمام گھڻو عقيدو رکندو ھو. ھڪ ڏينهن پنهنجن خادمن کي چئي ڇڏيائين ته جنهن وقت شيخ جذبي ۽ وجد جي حالت ۾ اچي ته ھڪدم مون کي خبر ڏجو، اھڙي طرح سان جڏھن اھو موقعو آيو تڏھن ھنن وڃي جونا خان کي ٻڌايو، جو يڪدم اچي حاضر ٿيو، شيخ کيس ڏسي چيو ته اسان توکي سلطنت بخشي ۽ پوءِ انهيءَ ئي وجد واريءَ حالت ۾ دم ڏنائين، پوءِ جونا خان سندس جنازي کي ڪلھو ڏنو.
    ھيءَ خبر جڏھن بادشاھه کي پيئي، تڏھن گھڻو ناراض ٿيو. انهي کان سواءِ جونا خان جي ماڻھن جي دلين جي خبر رکڻ (علم قانيھ) بيجا سخاوت، غلامن جي گھڻي انداز ۾ خريداري ۽ ٻين اھڙي قسم جي ڪمن سبب بادشاھه اڳ ۾ ھن کان ناراض رھندو ھو. ھينئر ھن خبر تي ويتر سندس ناراضگي وڌي، کيس اھا به خبر ملي ته جونا خان کي ڪنهن نجوميءَ اھو به ٻڌايو آھي ته ھن سفر تان بادشاھه زندھ واپس ڪين موٽندو. بادشاھه جڏھن دارالخلافه جي ويجھو پھتو، تڏھين پنهنجي پٽ کي چوائي موڪليائين ته ھن جي لاءِ ھڪ نئون محل ”جنهن کي ڪشڪ ڪري چوندا آھن“ افغان پور ۾ تيار ڪرائي ڇڏي. جونا خان ٽن ڏينهن ۾ اھو محل تيار ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو بنياد ڪاٺ جي ٿنڀن تي زمين کان مٿي رکايائين، جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪاٺ جو ڪم ٿيل ھو، احمد بن اباس، جيڪو پوءِ خواجه جھان جي لقب سان مشھور ٿيو ۽ محمد تغلق جي وڏن وزيرن مان ٿيو، سو انهن ڏينهن بادشاھه جو مير عمارت (انجنيئر) ھوندو ھو، تنهن ھن محل جو بنياد اھڙي ته ڪاريگريءَ سان رکيو ھو، جو جيڪڏھن ھڪ ھاٿي ان جي اندر ھڪ خاص طرف بيھاريو وڃي ته محل اچي پٽ تي ڪري.
    بادشاھه به ان محل ۾ اچي ترسيو ۽ ماڻھن جي مھماني ڪيائين، جڏھن ماڻھو کائي پي ھليا ويا، تڏھن جونا خان بادشاھه کان اجازت گھري ته مان خدمت ۾ ھڪ ھاٿي پيش ڪندس. ٿوري دير بعد ھڪ ساز ۽ سامان سان سينگاريل ھاٿي آندو ويو، شيخ رڪن الدين ملتانيءَ مون کي ٻڌايو ته ان وقت مان بادشاھه وٽ ويٺو ھئس ۽ بادشاھه جو لاڏلو پٽ محمود به اتي موجود ھو، جونا خان مون کي ٻڌايو ته آخوند عالم وچينءَ جي نماز جو اچي وقت ٿيوآھي، اچ ته نماز پڙھڻ ھلون، اسان جنهن وقت محل کان ٻاھر نڪتاسون، تنهن وقت ھاٿي (ان مقرر جاءِ تي) آندو ويو، ھاٿي اڃا محل جي (ان طرف) پھتو مس ته سڄو محل اچي بادشاھه ۽ شھزادي مٿان ڪريو.
    شيخ رڪن الدين قصو جاري رکندي چيو ته جڏھن مون گوڙ ۽ آواز ٻڌا تڏھن نماز پڙھڻ کان سواءِ واپس موٽي آيس ۽ اچي ڏٺم ته محل ڪريو پيو ھو، جونا خان حڪم ڪيوته ڪوڏريون ۽ بيلچا کڻي اچي بادشاھه کي کوٽي ڪڍو، ۽ اھو به اشارو ڪري ڇڏيائين ته ڪجھه دير سان اچن، آخر انهيءَ وقت کوٽڻ شروع ڪيائون، جڏھن سج لھي چڪو ھو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڏٺو ويو ته بادشاھه پنهنجي ننڍڙي پٽ جي مٿان جھڪيو پيو ھو، ڄڻ ته ھن کي موت جي چنبي مان ڇڏائي ٻاھر ڪڍي اچڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. ڪي ماڻھو چون ٿا ته بادشاھه انهي وقت تائين به زندھ ھو پر پوءِ سندس ڪم ختم ڪيو ويو. پوءِ راتو واهه کيس انهي مقبري ڏانهن جيڪو بادشاھه پنهنجي لاءِ تغلق آباد ۾ ٺھرايو ھو، کڻائي ويا ۽ اتيئي کيس دفن ڪيائون.
    تغلق آباد شھر ٻڌائڻ جو سبب مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان ته ان ۾ بادشاھه جو محل ۽ خزانو ھوندو ھو. ھن قلعي ۾ بادشاھه ھڪ وڏو شاندار محل تيار ڪرايو ھو، جنهن جي سرن تي سون جا پٽ چاڙھيا ويا ھئا، جو جڏھن سج اڀرندو ھو، تڏھن سندس چمڪ جي تيزي اھڙي ته ھوندي ھئي، جو ڪو به ماڻھو ان ڏانهن نظر ڄمائي ڏسي ڪين سگھندو ھو، ھن محل ۾ بادشاھه جو تمام گھڻو قيمتي سامان گڏ ڪيل ھو. چون ٿا ته ان ۾ ھڪ حوض ٺھرائي، سون پگھاري ان جي اندر وڌو ويو ھو، جو اتي ڄمي ھڪ چڪو ٿي پيو ھو. آخر سندس پٽ (جونا خان) اھو سڄو سون کپائي چٽ ڪري ڇڏيو.
    خواجه جھان انهيءَ ڪشڪ محل ٺاھڻ ۾، جيڪو بادشاھه جي مٿان ڪريو ھو، ڏاڍي ڪاريگري ڏيکاري ھئي؛ تنهن ڪري بادشاھه جي دل ۾ جھڙي ھن لاءِ جڳھه ھئي، تهڙي ٻئي ڪنهن به ماڻھو لاءِ ڪا نه ھئي، ۽ ھو سڀني وزيرن ۽ اميرن کان بلند مرتبي وارو ليکيو ويندو ھو.

    ________________________________________
    (1) قرونه: مارڪوپولو جي لکڻ موجب قرونه انهن ماڻھن کي چيو وڃي ٿو، جن جا پيءُ تاتاري ۽ مائرون ھندستاني ھجن. انهن ماڻھن جو گذران، ڦرمار ۽ راه زنيءَ تي آھي.
    (1) آسيا باد – ھن جڳھه جو پورو پتو پئجي نٿو سگھي، پر ھيءَ جڳھه اسان جي گمان موجب ضرور ڪٿي دھليءَ جي ويجھو ھوندي.- مترجم
    آسيا – چڪي، باد – ھو.


    باب چوٿون

    فصل پھريون

    سلطان ابي المجاھد محمد شاھه ابن سلطان غياث الدين تغلق
    جڏھن سلطان تغلق مري ويو تڏھن سندس پٽ بنا مقابلي ۽ مخالفت جي تخت تي ويٺو. مان اڳ ۾ به بيان ڪري آيو آھيان ته سندس نالو جونا خان ھو. بادشاھه ٿيڻ کان پوءِ ھن پنهنجو نالو ”المجاھد محمد شاھه“ رکيو. مان ھن کان اڳ اڳين بادشاھن جو جيڪو احوال لکي آيو آھيان، تنهن جو ڳچ حصو شيخ بابت جيڪي ڪجھه مون لکيو آھي سو منهنجو اکين ڏٺو واقعو آھي.

    بادشاھه جون خصلتون
    ھيءُ بادشاھه تمام گھڻيءَ سخاوت ۽ خونريزي جي ڪري مشھور آھي، ڪو به ڏينهن اھڙو ڪو نه ٿو گذري، جنهن ۾ ڪو فقير امير نٿو بڻجي ۽ ڪو زندھ انسان قتل نٿو ڪيو وڃي، ھن جي سخاوت، بهادري، سختي ۽ خونريزي جون ڪيتريون ئي ڳالھيون عام ماڻھن جي زبان تي آھن، تنهن ھوندي به ڪو به شخص ھن بادشاھه کان وڌيڪ بردبار ۽ انصاف پسند مون ڪٿي ڪو نه ڏٺو ھو شريعت جو سخت پابند آھي ۽ نماز جو تاڪيد تمام گھڻو ڪندو رھندو آھي ۽ جو شخص نماز نٿو پڙھي تنهن کي سزا ڏيندو آھي. ٻين سڀني نيڪ بخت ۽ ايماندار بادشاھن جي مقابلي ۾ جيڪي به ڳالھيون مان ھن بادشاھه جي باري ۾ بيان ڪندس سي بلڪل عجيب ۽ سمجھه کان ٻاھر آھن، پر مان خدا تعاليٰ، ان جي رسول ۽ ملائڪن کي شاھد ڪري ٿو چوان ته جيڪي ڪجھه به سندس سخاوت ۽ ڪرم بابت لکندس، سو حرف به حرف صحيح ھوندو. ھيءُ پڻ لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيڪي مون لکيو آھي سو ڪيترن ئي ماڻھن کي سمجھه ۾ نٿو اچي ۽ ھو ان کي(1) مبالغو ڪري ٿا سمجھن، پر جيڪي به مون بيان ڪيو آھي، سو بلڪل منهنجي اکين جي اڳيان ٿي گذريو آھي ۽ ھر طرح سان ان جي صحيح ھجڻ جي پڪ ڪئي اٿم.

    شاھي محل جا دروازا ۽ ديوان خانو
    شاھي محل، جيڪو دھلي ۾ آھي، ان کي دارالسرا چوندا آھن، ھن محل ۾ اندر وڃڻ لاءِ ڪيترن ئي دروازن مان لنگھڻو ٿو پوي. پھرئين دروازي تي پھريدار سپاھي موجود رھندا آھن. تنهن کان سواءِ نفيرين، نقارن ۽ شرناين وارا به انهي دروازي تي ويٺا ھوندا آھن، جنهن وقت ڪو امير يا وڏو ماڻھو ايندو آھي ته ھو نقارا ۽ نفيريون وڄائڻ شروع ڪندا آھن. ھو وڄائڻ ۾ اھو پڻ آواز ڪڍندا آھن ته فلاڻو يا فلاڻو شخص آيو آھي. اھڙي طرح ٻئي ۽ ٽئي دروازي تي پڻ ائين ٿيندو آھي. پھرئين دروازي جي ٻاھران ھڪ چبوترو ٺھيل آھي، جنهن تي جلاد ويٺا ھوندا آھن، جڏھن بادشاھه ڪنهن کي مارڻ جو حڪم ڏيندو آھي، تڏھن ان کي ”محل ھزار ستون“ (ھزار ٿنڀن واري محل) جي سامھون ماريو ويندو آھي ۽ ان جو سِر ٽن ڏينهن تائين پھرئين دروازي جي ٻاھران لٽڪندو رھندو آھي.
    پھرئين ۽ ٻئي دروازي جي وچ ۾ ھڪ دھليز (ڏيڍي) آھي، جنهن جي ٻنهي طرفن چبوترا ٺھيل آھن، جن ۾ نوبت ۽ نقارن وارا ويٺا ھوندا آھن، ۽ ٻئي دروازي تي ان دورازي جا پھريدار ھوندا آھن. ٻئي ۽ ٽئي دروازي جي وچ تي وري ھڪ وڏو چبوترو ٺھيل آھي جنهن تي نقيب النقبا ويٺو ھوندو آھي. ان کي ھڪ چمڪندڙ سونيءَ زريءَ لڳل ڪلاه جنهن جي مٿان مور جا کنڀ لڳل ھوندا آھن، پھريل ھوندو آھي، ٻين نقيبن جي چيلھ ۾ ھڪ چمڪندڙ پٽو ٻڌل، مٿي تي سون جو پٽ لڳل شاشيو (ٽوپ جو قسم) ۽ ھٿ ۾ چانديءَ يا سون جي مٺئي سان چھبڪ ھوندو اٿن.
    ٻئي دروازي سان لڳ ھڪ وڏو ديوان خانو ٺھيل آھي، جنهن ۾ عام ماڻھو ويٺا ھوندا آھن، ٽئين دروازي تي وري منشي ويٺا ھوندا آھن، جن وٽ ھڪ ڪتاب رکيل ھوندو آھي ۽ ھنن جو ڪم آھي ته ڪنهن به ماڻهو کي، سندس نالو انهي ڪتاب ۾ درج ڪرڻ کان سواءِ، اندر نه ڇڏين. ھر ھڪ امير جي ساٿين جي الڳ الڳ داخلا ڪئي ويندي آھي ۽ منشي پنهنجي روزنامچي ۾ لکندا ويندا آھن ته فلاڻي امير سان گڏ ھيترا ماڻھو فلاڻي وقت آيا، بادشاھه اھو روزنامچو عشا جي نماز کانپوءِ ڏسندو ھو. ان روزنامچي ۾ دروازن تي جيڪي وھيو واپريو، تنهن جو مفصل احوال لکيو ويندو ھو، بادشاھه جي پٽن مان ھڪ جو اھو فرض ھوندو ھو ته اھو روزنامچو بادشاھه جي سامھون پڙھڻ لاءِ پيش ڪري.
    ھيءُ به دستور ھوندو ھو ته ڪو به امير ٽن ڏينهن يا وڌيڪ عرصي تائين ڪنهن سبب جي ڪري يا بنان ڪنهن سبب جي غير حاضر رھندو ھو، ته وري بادشاھه جي خاص اجازت نئين طرح حاصل ڪرڻ کان سواءِ دروازي جي اندر وڃي نه سگھندو ھو. جيڪڏھن اھو امير بيماري يا ٻئي ڪنهن خاص سبب ڪري اچي نه سگھندو ھو، ته ھو جنهن ڏينهن به ايندو ھو ته پنهنجي حيثيت مطابق ڪجھه نه ڪجھه تحفو ضرور پاڻ سان آڻي بادشاھه جي اڳيان پيش ڪندو ھو، اھڙي طرح سان اھو به دستور ھوندو ھو ته ڪو به شخص پھريون دفعو جڏھن بادشاھه جي سلامي لاءِ ايندو ھو ته به ڪجھه نه ڪجھه تحفي طور ضرور پيش ڪندو ھو. جيڪڏھن مولوي ھوندو ھو ته قرآن شريف يا ٻيو ڪو ڪتاب، فقير ته تسبيح يامصلو يا ڏندڻ، امير وري گروڙا يا اٺ يا ھٿيار، مطلب ته حيثيت آھر سڀئي نذرانا پيش ڪندا ھئا.
    ھن ٽئين دروازي جي اندرئين پاسي ھڪ وڏو ميدان آھي، جنهن ۾ ھڪ ديوان خانو ٺھيل آھي، ان ديوان خاني جو نالو ھزار ستون آھي، ڇو ته ان جي ڇت جيڪا سڄي ڪاٺ جي آھي، سا ڪاٺ جي ھڪ ھزار ٿنڀن تي بيٺل آھي. انهن ٿنڀن ۽ ڇت تي روغن ڪيل آھي ۽ طرح طرح جا نظارا ۽ چٽ انهن تي چٽيل آھن. سڀ ماڻھو ھن جي ھيٺان اچي ويھندا آھن ۽ عام جلسي وقت بادشاھه به اچي اتي ويھندو آھي.

    بادشاھه جو مجلس عام ۾ ويھڻ جو طريقو
    گھڻو ڪري ھيءَ مجلس عصر جي نماز کان پوءِ ٿيندي آھي، پر ڪڏھن ڏينهن جي پھرئين وقت ۾ پڻ ٿيندي آھي. بادشاھه جي ويھڻ جي جاءِ خاص مقرر ٿيل آھي، جيڪا ڪجھه بلندي تي ٺھيل آھي ۽ ان تي عمدي قسم جو غاليچو وڇايل ھوندو آھي. بادشاھه جي پٺيان ھڪ وڏو طول ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٻه ننڍا طول ھوندا آھن، اھا بيٺڪ اھڙي ھوندي آھي، جھڙو ڪو ماڻهو قعده جي حالت ۾ ويھندو آھي ۽ گھڻو ڪري ھندستان ۾ اھڙي ئي بيٺڪ استعمال ڪئي ويندي آھي.
    جڏھن بادشاھه ويھي رھندو آھي تڏھن سندس سامھون وزير اچي بيھندو آھي ۽ ڪاتب وري وزير جي پٺيان ھوندا آھن. انهن جي پٺيان وري حاجب ۽ نائب حاجب ھوندا آھن، اڄ ڪلھ حاجبن جو سردار بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز آھي، ان جي پٺيان سندس نائب ھوندو آھي، ان کان پوءِ خاص حاجب، تنهن کان پوءِ نائب، خاص حاجب ڪليدار ۽ ان جو نائب شريف الحجاب، سيد الحجاب ۽ انهن سڀني کان پوءِ نقيب، جيڪي تعداد ۾ ھڪ سئو ھوندا آھن، بيھي ويندا آھن، جنهن وقت بادشاھه ويھي رھندو آھي، تنهن وقت نقيب بسم الله چوندا آھن. باڊشاھه ويھي رھندو آھي ته پٺيان ملڪ قبولو بيھندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ ھڪ مورڇل ھوندو آھي، جنهن سان ھو مکيون ھڪليندو آھي.
    بادشاھه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ھڪ ھڪ سئو مسلح سپاھي ھٿن ۾ڍالون، تلوارن ۽ تير ڪمان جھليو بيٺا ھوندا آھن، ديوان خاني جي ويڪر ۾ کاٻي ۽ ساڄي طرف قاضي القضات، ان کانپوءِ خطيب الخطباءَ پوءِ ٻيا وڏا وڏا فقيه، پوءِ سيد، پوءِ ٻيا مشائخ، پوءِ بادشاھه جا ڀائر ۽ ناٺي، انهن کان پوءِ وڏا وڏا امير، پوءِ پرديسي ۽ ڌارين ملڪن جا سفير ۽ پوءِ فوج جا آفيسر بيھي ويندا آھن. ان کان پوءِ سٺ گھوڙا زينن ۽ لغامن سميت ايندا آھن. ڪن جا لغام ۽ پٽا ڪاري پشم جا ته ڪن جا سفيد ريشم جا ھوندا آھن. انهن تي بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به سواري نه ڪندو آھي. اھي گھوڙا اڌ ساڄي ۽ اڌ کابي طرف اھڙي طرح بيھاريا ويندا آھن، جو جيئن انهن سڀني تي بادشاھه جي نظر پئجي سگھي.
    ان بعد پنجاھ ھاٿي ايندا آھن، جن تي سونيءَ زري سان ريشم جا ڪپڙا پيل ھوندا آھن، انهن جي ڏندن تي لوھي پٽ چڙھيل ھوندا آھن گھڻو ڪري ھنن ھاٿين کان ڏوھه دار (مجرم) ماڻهن کي مارڻ جو ڪم ورتو ويندو آھي. ھر ھڪ ھاٿي جي مٿان فيلبان ھوندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ لوھه مان ٺھيل تبرزين نالي اوزار ھوندو آھي، جنهن سان ھو ھاٿي کي ھڪليندا آھن. انهن ھاٿين جي مٿان ھڪ ڍڪ سان پيتي ٻڌل ھوندي آھي، جنهن ۾ ويھه يا انهن کان ڪجھه گھٽ وڌ ھاٿي جي ويڪر آھر، جنگي سپاھي ويھي سگھندا آھن. ھي ھاٿي اھڙا ته سيکاريل آھن، جو جنهن وقت حاجب بسم الله چوندو آھي، تنهن وقت ھو سر جھڪائي سلام ڪندا آھن. ھي ھاٿي به اڌ ھڪ طرف ۽ اڌ ٻئي طرف قطار ۾ بيھاريا ويندا آھن.
    ھر ھڪ شخص پھريائين بادشاھه وٽ اچي، سلام ڪري، پوءِ وڃي پنهنجي مقرر جڳھه تي بيھي رھندو آھي. جڏھن ڪو ھندو سلامي تي ايندو آھي ته حاجب ۽ نقيب بسم الله چوڻ جي بدران ھداڪ الله (خدا توکي ھدايت ڏئي) چوندا آھن بادشاھه جا غلام ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي، ماڻھن جي پٺيان اھڙي طرح بيٺا ھوندا آھن، جو ڪو به ماڻھو ھنن وٽان لنگھي اندر وڃي ڪين سگھندوآھي، بلڪه جيڪو به شخص ايندو آھي، سو نقيبن ۽ حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تان لنگھي پوءِ اندر ايندو آھي.

    ___________
    (1) مٿيون بيان ابن بطوط انهي لاءِ ڏنو آھي، جو مشرقي ملڪن ۾ جڏھن سندس سفر جي واقعن جون خبرون پھتيون، تڏھن ڪيترائي ماڻھو ان کي سچ نه پيا سمجھن يا مبالغو پيا خيال ڪن؛ تن کي پڪ ڏيڻ لاءِ ھن ائين لکيو آھي، ته خود ابن خلدون جيڪو سندس ھمعصر ھو تنهن کي پڻ سندس بيان ۾ شڪ محسوس ٿيو ھو، ڏسو”مقدمھ ابن خلدون“- مترجم


    فصل ٻيو

    ٻاھڙين ملڪن جي مسافرن جي نذراني رکڻ جو طريقو
    جيڪڏھن ڪو ٻاھرئين ملڪ جو ماڻھو بادشاھه جي سلاميءَ لاءِ ايندو آھي ته پھريائين دروازي تي اطلاع ڪندو آھي، پوءِ سڀ کان اڳ ۾ امير صاحب، انهي جي پٺيان ان جو نائب پوءِ سيد الحجاب، شرف الحجاب ھڪ ٻئي جي پٺيان ھلندا اچي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا آھن ۽ ٽي دفعا جھڪي سلام ڪري، عرض ڪندا آھن، جيئن بادشاھه جي انهن تي نظر پئجي سگھي. پوءِ حڪم ٿيندو آھي ته تحفا آڻيندڙ کي گھرايو وڃي. پوءِ اھو شخص بادشاھه جي ويجھو پھچڻ کان اڳ ئي ٽي دفعا اتي ئي جھڪي سلام ڪندو آھي، پوءِ اتان ھلي، حاجبن جي بيھڻ واري جاءِ تي پھچي وري به اھڙي طرح سلام ڪري، با ادب بيھي رھندو آھي.
    جيڪڏھن ڪو وڏو ماڻھو ھوندو آھي ته مير حاجب واري صف ۾ اچي بيھندو آھي، نه ته ان جي پٺيان ئي بيھندو آھي. بادشاھه ھن سان تمام نرمائي ۽ گھڻي مھرباني سان گفتگو ڪندو آھي ۽ سندس مرحبا ڪندو آھي، جيڪڏھن وڏي عزت جو لائق ھوندو آھي ته بادشاھه ساڻس ھٿ ملائيندو آھي يا ڀاڪر پائي ساڻس ملندو آھي ۽ ھن جي نذراني رکيل شين مان ڪي گھرائي ڏسندو آھي، جيڪڏھن ڪو ڪپڙو يا ھٿيار ھوندو آھي ته ان کي ڦيرائي گھيرائي ڏسندو آھي ۽ ان ماڻھو جي دل وٺڻ لاءِ ان شيءَ جي تعريف ڪندو آھي، پوءِ ھن کي مناسب خلعت ڏني ويندي آھي ۽ ان بعد سندس لياقت آھر کيس دستور موجب مٿي ڌوڻارڻ جي رقم جو حڪم ڏنو ويندو آھي.

    سرڪاري ماڻھن جي نذراني پيش ڪرڻ جو طريقو
    جڏھن سرڪاري ماڻھو نذرانو پيش ڪندا آھن يا ڪنهن ملڪ جي ڍل آڻيندا آھن ته ڪي سون جا برتن جھڙوڪ تشتريون يا ڪونئرا يا اھڙي قسم جون ٻيون شيون ۽ سون جون سرون، جن کي خشت به ڪري چوندا آھن، ٺھرائي کڻي ايندا آھن. فراش جيڪي بادشاھه جا غلام ھوندا آھن، انهن مان ھڪ ھڪ شي يا سر ھٿ ۾ کڻي، بادشاھه جي سامھون اچي بيھندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھاٿي نذراني لاءِ آڻيندا آھن، ته اھو ھاٿي به اتي پيش ٿيندو آھي، ان کان پوءِ ساز ۽ سامان سان گھوڙا، خچر ۽ اٺ جن تي مال متاع لڏيل ھوندو آھي، پيش ڪيا ويندا آھن. جڏھن بادشاھه دولت آباد مان موٽي آيو ھو، تڏھن وزير خواجه جھان شھر بيانه مان ٻاھر نڪري، اھڙي ترتيب سان پيش ڪيو ھو جھڙي طرح ھينئر مٿي بيان ڪيو اٿم. انهي نذراني ۾ ھن ھڪ ٿالھي ياقوتن جي ھڪ ٿالھي زمردن جي ۽ ھڪ ٿالھي موتين سان ڀريل پيش ڪيون ھيون، ان موقعي تي عراق جي بادشاھه سلطان ابو سيده جي سوٽ حاجي ڪائون به موجود ھو. بادشاھه ان نذراني جو ڳچ حصو ھن کي بخشي ڇڏيو ھو، جنهن جو بيان اڳتي ڪنهن موقعي تي ڪندس.

    عيد نماز لاءِ جلوس ڪڍڻ جي رسم
    عيد واري رات بادشاھه پنهنجي طرفان اميرن، وزيرن مصاحبن، مسافرن، منشين، حاجبن، نقيبن، آفيسرن، غلامن ۽ اخبار نويسن ڏانهن سندن مرتبي آھر ھڪ ھڪ خلعت موڪليندو آھي. جڏھن صبح ٿيندو آھي تڏھن ھاٿي سينگاريا ويندا آھن، جن تي سون ۽ ھيرا جواھر لڳل ريشمي جھاڀا ۽ جھولڻا وڌا ويندا آھن، انهن مان ھڪ سئو ھاٿي خاص بادشاھه جي سواري جا ھوندا آھن انهن سڀني تي ھيرن ۽ جواھرن سان جڙيل ريشمي ڇٽ لڳل ھوندا آھن. ھر ھڪ ڇٽ جي وچين ڏنڊي خاص سون جي ھوندي آھي.
    ھر ھڪ ھاٿي تي ھڪ جواھرات سان جڙيل ريشمي گدي رکي ويندي آھي. ھڪ ھاٿيءَ تي بادشاھ سواري ڪندو آھي. سندس اڳيان ھڪ سينگاريل زين، جنهن تي به ھيرا ۽ جواھر مڙھيا ويندا آھن، ھوندي آھي، جنهن تي ھڪ چنڊ تاري وارو پرچم لھرايو ويندو آھي. بادشاھه جي ھاٿيءَ جي اڳيان، غلام ۽ ٻيا نوڪر چاڪر پيرن پيادا ھوندا آھن، جن مان ھر ھڪ کي مٿي تي ٽوپ ۽ سوني زرعي لڳل ڪمر پٽا، جن مان ڪن تي جواھرات به لڳل ھوندا آھن. پھريل ھوندا آھن. بادشاھه جي اڳيان ٽي سئو کن جي تعداد ۾ نقيب پڻ ھوندا آھن، جن جي مٿي تي مخملي ڪلاه، سون لڳل ڪمر پٽا ۽ ھٿن ۾ سوني مٺئي سان چھبڪ ھوندا آھن. صدر جھان قاضي القضات ڪمال الدين غزنوي، صدر جھان قاضي القضات ناصر الدين خوارزمي ۽ ٻيا سڀ قاضي ۽ بلند مرتبي جا غير ملڪي ماڻھو جيئن ته عراقي، خراساني، شامي، مصري، مغربي وغيره سڀ ھاٿين تي سوار ٿيندا آھن.
    ھت سڀني غير ملڪي ماڻھن کي گھڻو ڪري خراساني ڪري سڏيندا آھن موذن پڻ ھاٿين تي چڙھندا آھن ۽ تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن، بادشاھه جي سواري مٿئين نموني سان شاھي محل جي دروازي مان ٻاھر ايندي آھي، لشڪر ٻاھر منتظر بيٺو ھوندو آھي ۽ ھر ھڪ امير پنهنجو لشڪر وٺي الڳ الڳ بيٺو ھوندو آھي. ھر ھڪ لشڪر وٽ پنهنجي پنهنجي بئنڊ (نغارن ۽ شرناين سان) ھوندي آھي. سڀ کان پھريائين بادشاھه جي سواري اڳتي وڌندي آھي. بادشاھه جي اڳيان اھي ئي ماڻھو ھوندا آھن جن جو مٿي بيان ڪيو اٿم، ۽ قاضي موذن تڪبيرون ھڻندا ھلندا آھن. بادشاھه جي پٺيان وري بئنڊ باجي وارا ھوندا آھن ۽ انهن جي پٺيان سندس خدمتگار ھلندا آھن. پوءِ بادشاھه جي ڀاءُ مبارڪ خان جي سواري، سندس لشڪر ۽ بئنڊ باجي وارن سميت، اھڙيءَ طرح سان ان کان پوءِ بادشاھه جي ڀائٽئي بهرام خان جي سواري، ان کان پوءِ بادشاھه جي سوٽ ملڪ فيروز جي سواري، پوءِ وزير جي سواري، پوءِ ملڪ مجير بن ذرالرجا جي سواري، ۽ پوءِ ملڪ قبوله جي سواري.
    ھي امير (ملڪ قبوله) بادشاھه جو تمام گھڻو پيارو ۽ دادلو آھي ۽ بادشاھه تي گھڻي حجت رکندو آھي ۽ تمام وڏو دولتمند پڻ آھي. سندس ديوان، ماڪ علاؤ الدين مصري، جيڪو ابن سرشي جي نالي سان مشھور آھي، مون سان ڳالھيون ڪندو ھو ته رڳو سندس لشڪر ۽ نوڪرن چاڪرن جو ساليانو خرچ ڇٽيھه لک رپيا اچي ويندو آھي. ان کان پوءِ ملڪ لڪبه جي سواري، پوءِ ملڪ بغرا جي سواري، پوءِ ملڪ مخلص جي سواري، پوءِ قطب الملڪ جي سواري، جن مان ھر ھڪ سان گڏ سندن لشڪر ۽ بئنڊ باجا وڄائيندڙ ھوندا آھن. ھي ماڻھو، جن جي سواريءَ جو مون بيان ڪيو آھي، سي وڏا امير ليکيا ويندا آھن ۽ ھميشه بادشاھه جي خدمت ۾ رھندا آھن. عيد جي ڏينهن ھو سڀ بادشاھه سان گڏ بئنڊ باجن سميت گڏجي ويندا آھن، ۽ باقي ٻيا امير ائين ئي بنان ڪنهن بئنڊ باجي ۽ لشڪر جي، گڏجي ويندا آھن، ڇاڪاڻ ته اھي درجي ۾ گھٽ ھوندا آھن. عيد جي ڏينهن ھر ھڪ شخص پنهنجي گھوڙي تي زره پوش سوار ٿي، جلوس ۾ شامل ٿيندو آھي.
    جڏھن بادشاھه عيد گاھه جي دروازي تي پھچندو آھي، تڏھن اتي ترسي، حڪم ڪندو آھي ته قاضي، مؤذن، وڏا وڏا امير ۽ وڏي مرتبي وارا غير ملڪي ماڻھو پھريائين اندر داخل ٿين. تنهن کان پوءِ بادشاھه لھي اندر ويندو آھي. پوءِ امام نماز شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ خطبو پڙھندو آھي. جيڪڏھن بقر عيد ھوندي آھي ته ھڪ اٺ آڻيندا آھن، جنهن کي بادشاھه رمح سان، جنهن کي نيزو ڪري چوندا آھن، نحر (قرباني) ڪندو آھي. ھن قرباني ڪرڻ کان اڳ بادشاھه پنهنجي ڪپڙن جي مٿان ھڪ ريشمي ڪپڙو ڍڪيندو آھي، جيئن رت لڳڻ ڪري ڪپڙا خراب نه ٿين. ھن قربانيءَ کان پوءِ ھو ھاٿيءَ تي سوار ٿي محل ڏانهن واپس ايندو آھي.

    عيد جي مجلس ۽ تخت وغيره جو بيان
    عيد جي ڏينهن سڄي ديوان خاني ۾ گلم ۽ غاليچا وڇائي، ان کي طرح طرح جي نمونن سان سينگاريو ويندو آھي. ۽ ديوان خاني جي ڪشادي اڱڻ ۾ بارڪة (بارگاه)(1) لڳائي ويندي آھي. اھا بارڪة اصل ۾ ھڪ وڏو تنبو ٿيندو آھي، جنهن کي تمام مضبوط ٿنڀن تي بيھاريو ويندو آھي ۽ ان جي چئني طرفن کان ننڍا ننڍا تنبو لڳايا ويندا آھن. ازانسواءِ اتي ريشم مان تيار ڪيل ننڍڙا وڻ پڻ لڳايا ويندا آھن، جن ۾ رنگا رنگي ريشمي ننڍڙا گل ھوندا آھن. سڄي ديوان خاني ۾ انهن وڻن جون ٽي قطارون لڳاويون وينديون آھن. ٻن ٻن وڻن جي وچ تي ھڪ سون جي ڪرسي رکيل ھوندي آھي، جنهن جي مٿان رومال سان ڍڪيل ھڪ گدي رکي ويندي آھي. ديوان خاني جي وچ تي وري ھڪ وڏو تخت رکيو ويندو آھي.
    ھيءُ تخت خاص سون جو ٺھيل آھي، جنهن ۾ جواھرات لڳل ھوندا آھن. ان جي ڊيگھه ٣٢ ھٿ ۽ ويڪر ان جي اڌ جيتري. ان جا ٽڪرا الڳ الڳ ھوندا آھن. جڏھن ان کي ديوان خاني ۾ لڳائڻو ھوندو آھي، تڏھن جدا جدا ٽڪرا ڳنڍي اھو تخت ٺاھيو ويندو آھي. انهن ٽڪرن کي ڪيترائي ماڻھو کڻندا آھن. ان جي مٿان وري ھڪ ڪرسي رکي ويندي آھي، جنهن جي مٿان ڇٽ ھوندو آھي. بادشاه جڏھن تخت تي ويھندو آھي، تڏھن نقيب ۽ حاجب بسم الله چوندا آھن. پوءِ ھڪ ھڪ ماڻھو سلام لاءِ اڳتي وڌندو رھندو آھي. سڀ کان پھريائين قاضي، خطيب، عالم، سيد، مشائخ ۽ بادشاه جا عزيز قريب اڳتي وڌندا آھن. انهن کان پوءِ غير ملڪي ماڻھو، پوءِ وزير، پوءِ فوج جا وڏا وڏا آفيسر، پوءِ جھونا جھونا غلام ۽ پوءِ فوج جا سردار وغيره وڌندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان (واري واري سان ايندي،) ھر ھڪ ماڻھو سھوليت سان سلام ڪري واپس اچي پنهنجي جاءِ وٺندو آھي. ھيءُ به دستور آھي ته عيد جي ڏينهن، اھي ماڻھو جن کي جاگيرون ۽ ڳوٺ وغيره مليل آھن، سي ڪجھه اشرفيون ھڪ رومال ۾ ٻڌي، جنهن تي پيش ڪرڻ واري جو نالو لکيل ھوندو آھي، سون جي وڏن ٿالھن ۾، جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ٺھرايا ويا آھن، وجھندا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سان تمام گھڻو مال گڏ ٿي ويندو آھي، جنهن مان بادشاه جنهن کي چاھي، تنهن کي انعام ڏيندو ويندو آھي. جڏھن سلام ختم ٿيندو آھي، تڏھن کاڌو آڻيندا آھن.
    عيد جي ڏينهن، برج جي شڪل جھڙي، خالص سون مان ٺھيل ھڪ وڏي چلھه آڻي رکندا آھن. ان جا ٻه الڳ الڳ ٽڪرا ھوندا آھن، جيڪي ٻاھران آڻي، انهن کي ڳنڍي، اھا ٺاھي رکندا آھن. ان ۾ ٽي عدد خانا ٿيندا آھن، جن ۾ فراش (غلام) اندر وڃي، عود، الائچي ۽ مشڪ عنبر جلائي ڇڏيندا آھن. انهن جي خوشبوء سان سڄو ديوان خانو واسجي ويندو آھي. غلامن جي ھٿن ۾ وري گلابدانيون ھونديون آھن، جن مان ھو حاضرين مجلس تي گلاب ۽ ٻين گلن جا عرق ڇڙڪائيندا رھندا آھن. ھيءُ وڏو تخت ۽ چلھه (مجنرة العظميٰ) فقط عيد جي ڏينهن ئي ٻاھر ڪڍيا ويندا آھن.
    عيد کان پوءِ بادشاھه ھڪ ٻئي تخت تي ويھندو آھي، جو پڻ سون مان ٺھيل ھوندو آھي. اھا مجلس بارگاه ۾ ٿيندي آھي. بارگاه جا ٽي دروازا ٿيندا آھن، جن جي اندر بادشاه ويھندو آھي. پھرئين دروازي تي سرتير عماد الملڪ، ٻئي دروازي تي ملڪ نڪبه ۽ ٽئين دروازي تي يوسف بغرا بيھندا آھن. بادشاه جي ساڄي ۽ کاٻي طرف وري ٻيا امير بيٺا ھوندا آھن. بارگاه جو ڪوٽوال ملڪ طعني آھي، جنهن جي ھٿ ۾ سون جو لڪڻ ۽ ان جي نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. ھي ٻيئي دربارين کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويھاريندا ۽ سندن صفون سڌيون ڪندا رھندا آھن. وزير ۽ ڪاتب انهن جي پٺيان بيٺا ھوندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان حاجب ۽ نقيب به پنهنجي مقرر جاين تي ھوندا آھن.
    ان کان پوءِ راڳ ۽ ناچ وارا ايندا آھن. سڀ کان اول ھندو راجائن جون ڌيون، جيڪي لڙائيءَ يا جنگ کان پوءِ قيد ڪري آنديون وينديون آھن، اچي ننديون ۽ راڳ ڳائينديون آھن. انهن کي بادشاه پنهنجي ويجھن عزيزن، ناٺين ۽ شھزادن ۾ اتي ئي ورھائي ڇڏيندو آھي. ھيءَ مجلس عصر جي وقت کان پوءِ ٿيندي آھي. عيد جي ٽئين ڏينهن، بادشاه جي عزيزن خويشن جا نڪاح وغيره ٿيندا آھن ۽ کين جاگيرون انعام ۾ ملنديون آھن. چوٿين ڏينهن غلامن کي آزاد ڪيو ويندو آھي، پنجين ڏينهن ٻانهيون آزاد ڪيون وينديون آھن. ڇھين ڏينهن ٻانهن ۽ ٻانهين جون شاديون ۽ نڪاح ٿيندا آھن ۽ ستين ڏينهن عام طرح سان خير خيرات ڪئي ويندي آھي.


    ________________________________________

    (1) بارڪة:”آئين اڪبري“جي پھرئين جلد ۾ صفحي ٣٣ تي ھڪ بارڪ جي شڪل ڏيکاري ويئي آھي. ابوالفضل لکي ٿو ته وڏي بارگاه جي ھيٺان اٽڪل ڏهه ھزار کن ماڻھو ويھي سگھن ٿا ۽ ان کي ھڪ ھزار فراش (غلام) ستن ڏينهن جي عرصي ۾ کڙو ڪري سگھن ٿا. ساري بارگاه جي ٺاھڻ تي گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ھزار رپيا خرچ اچي ٿو، پر جيڪڏھن زري، زربفت ۽ مخمل جو ڪم ھجيس ته ان کان گھڻو وڌيڪ خرچ اچيس ٿو. – مترجم.


    فصل ٽيون

    بادشاه جي سفر تان واپسيءَ جو جلوس
    بادشاه جڏھن سفر تان واپس ايندو آھي، تڏھن ھاٿين کي سينگاريو ويندو آھي ۽ سورنهن ھاٿين تي سورنهن زريءَ ۽ جواھرات سان جڙيل ڇٽ لڳايا ويندا آھن، ۽ غلام سندس اڳيان جواھر ۽ موتين سان جڙيل ڪپڙو کڻي ھلندا آھن. ازانسواءِ ڪاٺ جا ڪيترين ئي منزلن جا برج ٺاھيندا آھن، جن کي ريشمي ڪپڙا ويڙھي ڇڏيندا آھن، جن ۾ ھرھڪ منزل تي ٻانهيون Slave girls ھار سينگار ڪري، موجود رھنديون آھن. ھر ھڪ برج جي وچ ۾ ھڪ چمڙي جو حوض ٺھيل ھوندو آھي، جنهن ۾ ٿڌو شربت ڀريل ھوندو آھي. ھي غلام زاديون ھرھڪ ماڻھوءَ، شھري توڙي پرديسي مسافر، کي انهيءَ حوض مان پاڻي پيارينديون رھنديون آھن، جڏھن اھي پاڻي پي بس ڪندا آھن، تڏھن انهن کي يڪدم پان ۽ سوپاريون کائڻ لاءِ ڏينديون آھن.
    شھر کان شاھي محل تائين رستي جي ٻنهي طرفن ديوارين کي ريشمي ڪپڙن سان سينگاري ڇڏيندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح انهيءَ رستي تي به ريشمي ڪپڙي جو فرش وڇايو ويندو آھي، جنهن تان بادشاه جو گھوڙو ھلندو آھي. بادشاه جي اڳيان ھزارين غلام ھلندا آھن ۽ پٺيان فوج ھلندي ايندي آھي. ڪن وقتن تي مون اھو به ڏٺو آھي ته ھاٿين تي ٽي يا چار ننڍيون منجنيقون چاڙھي ڇڏيندا آھن، جن جي وسيلي دينار ۽ درھم ماڻھن ڏانهن اڇلائيندا رھندا آھن. اھا دينارن ۽ درھمن جي ورکا (وس) شھر جي دروازي کان شاھي محل تائين جاري رھندي آھي.

    بادشاه جو خاص دسترخوان
    بادشاه جي محل ۾ ٻن قسمن جا دسترخوان ٿيندا آھن، ھڪ خاص ٻيو عام. خاص اھو آھي، جنهن مان بادشاه خود نوش فرمائيندو آھي ۽ جنهن ۾ رڳو خاص خاص امير، بادشاه جو سوٽ فيروز، عمادالملڪ سر تيز ۽ مير مجلس يا غير ملڪي ماڻھن مان ڪو جنهن تي بادشاه کي خاص نوازش ڪرڻ منظور ھوندي آھي، شرڪت ڪندا آھن. ڪنهن وقت، جيڪڏھن بادشاه کي حاضرين مجلس مان ڪنهن تي خاص مھرباني ڪرڻي ھوندي آھي، ته پاڻ ھڪ پليٽ کڻي، ان تي ھڪ ماني رکي، پنهنجي ھٿن سان ان شخص کي ڏيندو آھي. اھو شخص وري اِھا پليٽ کاٻي ھٿ سان وٺي، ساڄي ھٿ سان ڊگھو سلام ڪندو آھي.
    ڪڏھين انهيءَ خاص دسترخوان مان ڪنهن غير حاضر شخص لاءِ پڻ کاڌو موڪليو ويندو آھي، ته ھو به اھڙي طريقي سان اھو کاٻي ھٿ ۾ وٺي ساڄي سان سلام ڪندو آھي، جيئن حاضر ماڻھو ڪندا آھن، ۽ پوءِ جيڪي به ٻيا ماڻھو اتي موجود ھوندا آھن انهن سان گڏجي اھو کاڌو کائيندو آھي. مان پاڻ به انهيءَ خاص دسترخوان ۾ ڪيترائي ڀيرا شريڪ ٿيو آھيان. ھن خاص دسترخوان ۾ ڏھاڪو کن ماڻھو شامل ٿيندا آھن.

    بادشاه جو عام دسترخوان
    ھن دسترخوان جو کاڌو شاھي باورچي خاني مان آندو ويندو آھي. ان جي اڳيان نقيب ھلندا آھن جيڪي بسم الله چوندا آھن ۽ انهن سڀني جي اڳيان وري نقيب النقباءِ ھوندو آھي، جنهن جي ھٿ ۾ سونو لڪڻ ۽ سندس نائب جي ھٿ ۾ چانديءَ جو لڪڻ ھوندو آھي. جڏھن اھي چوٿين دروازي تائين ايندا آھن تڏھن جيڪي به ماڻھو اتي حاضر ھوندا آھن سي سندن آواز ٻڌي، اٿي بيھندا آھن. رڳو بادشاه ويٺو ھوندو آھي. باقي ٻيا سڀ اٿندا آھن. پوءِ کاڌو زمين تي رکي، سڀ نقيب قطار ٻڌي، ھڪ طرف بيھي ويندا آھن. بادشاه جي تعريف سندن سردار ڪندو آھي ۽ ھيٺ نمي زمين چمندو آھي. اھڙيءَ طرح سڀ نقيب ۽ سڀ حاضرين نمي زمين چمندا آھن.
    اھو به دستور آھي ته ھن موقعي تي جيئن ئي نقيب جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، تيئن جيڪو ماڻھو ھلندڙ ھوندو آھي سو اتي جو اتي بيھي ويندو آھي ۽ جيڪو بيٺل ھوندو آھي سو اتي ئي ڄمي ويندو آھي. نقيب ۽ سندس نائب جي تعريف ختم ٿيڻ کان اڳ ڪوبه شخص نه ئي چري پري سگھندو آھي نه وري ڪو آواز وات مان ڪڍي سگھندو آھي. پوءِ سڀ ويھي ويندا آھن ۽ سڀ بادشاه جي اڳيان نمي زمين چمندا آھن. منشي وري سڀني حاضرين جا نالا لکي ڇڏيندو آھي. نالا سڀني جا لکيا ويندا، توڙي بادشاه کي انهن ماڻھن جي ھجڻ جي خبر به ھجي. پوءِ بادشاه جي ڇوڪرن مان ھڪ، اھا نالن جي لسٽ بادشاده وٽ کڻي ويندو آھي، جنهن کي ڏسي بادشاه حڪم ڏيندو آھي ته اڄ فلاڻو امير ماني کارائي.
    سندن کاڌي ۾ ڪڻڪ جون مانيون، ڀڳل گوشت، چانور، مرغ ۽ سنبوسا وغيره ھوندا آھن، جن جو مان اڳئي تفصيل سان بيان ڪري آيو آھيان. دسترخوان جي وچ تي قاضي، خطيب، فقيه، سيد ۽ مشائخ ھوندا آھن. انهن کان پوءِ بادشاه جا عزيز ۽ وڏا وڏا امير حيثيت آھر ويھندا آھن. ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ويھڻ جي جاءِ مقرر ھوندي آھي، جيڪا کيس معلوم ھوندي آھي، ۽ ان ۾ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪانه ٿيندي آھي. جڏھن سڀ ماڻھو ويھي ويندا آھن تڏھن شربتدار ايندا آھن، جن جي ھٿن ۾ سون، چاندي، ٽامي ۽ شيشي جا پيالا شربت سان ڀريل ھوندا آھن. جڏھن سڀ شربت پي بس ڪندا آھن، تڏھن حاجب بسم الله چوندا آھن. ان وقت سڀ کائڻ شروع ڪندا آھن.
    ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان قسم قسم جا طعام ۽ ھڪ وڏي پليٽ رکيل ھوندي آھي. ھڪ پليٽ ۾ ٻه ماڻھو ڪڏھن به نه کائيندا آھن، بلڪ سڀ الڳ الڳ کائيندا آھن. کاڌي کان پوءِ فقاع، قلعي جي پيالن ۾، آڻيندا آھن، جنهن کي حاجب جي بسم الله چوڻ تي پيئڻ شروع ڪندا آھن. ان کان پوءِ پان ۽ سوپاريءَ جون ٿالھيون آڻيندا آھن جن مان ھر ھڪ ماڻھوءَ کي مٺ کن سوپاريون ۽ پندرھن پان ريشمي ڌاڳي سان ويڙھيل ڏيندا ويندا آھن. پانن وغيره جي ورھاست ختم ٿيڻ تي حاجب وري بسم الله چوندا آھن، ته يڪدم سڀ اٿي بيھي رھندا آھن. امير جيڪو کاڌو کارائڻ تي مقرر ڪيو ويندو آھي، سو نمي زمين چمندو آھي، ۽ پوءِ سڀ حاضرين به اھڙيءَ طرح زمين چمي، ھليا ويندا آھن. ھيءَ کاڌو ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٿيندو آھي، ھڪ ظھر جي وقت کان اڳ ۽ ٻيو عصر جي وقت کان پوءِ.


    باب پنجون

    فصل پھريون

    بادشاھه جي سخاوت ۽ نيڪي
    مان ھن بادشاھه جي سخاوت جي باري ۾ صرف اھو بيان ڪندس، جو مون پاڻ ڏٺو آھي، ۽ خدا وند ڪريم ٿو ڄاڻي ته جيڪي به مان بيان ٿو ڪريان سو يمن، خراسان ۽ فارس جا سڀ ماڻھو ڄاڻن ٿا ۽ انهن جو شاھدو ئي منهنجي سچيءَ حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. مسافرن ۽ پرديسين تي ھن جيڪي مھربانيون ڪيون، تن جي باري ۾ ھنن ملڪن جي گھر گھر کي ڄاڻ آھي. ھو غيرملڪين جو تمام گھڻو قدر ڪندو آھي ۽ انهن کي ھندستانين تي ترجيح ڏيندو آھي، کين جاگيرون، انعام ۽ وڏا وڏا عھدا عطا ڪندو آھي. ان کان سواءِ ھن جو حڪم آھي ته ڪنهن به غيرملڪيءَ کي ڌاريو نه سمجھيو وڃي، بلڪ ان کي عزيز ڪري مخاطب ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ھن جي خيال موجب غيرملڪي ماڻھوءَ کي ڌاريو سڏڻ ھن جي دل شڪني ڪرڻي آھي.

    بادشاھه جو شھاب الدين گازرونيءَ کي بخشش ڏيڻ جو قصو
    گارزون شيراز جي ڀرسان ھڪ شھر آھي، تنهن جو ھڪ وڏو واپاري پرويز نالي ھوندو ھو، جنهن کي ملڪ التجار به ڪري چوندا ھئا، شھاب الدين ھن جو گھرو دوست ھوندو ھو. ملڪ پرويز کي بادشاھه جي طرفان کنڀات جو شھر جاگير ۾ مليل ھو ۽ بادشاھه ھن سان وعدو ڪيو ھو ته ھو کيس وزارت جو عھدو پڻ ڏيندو.ھن پنهنجي دوست شھاب الدين کي گھرائي ورتو ۽ ھن جي پھچڻ تي کيس چيائين ته بادشاھه جي لاءِ نذر تيار ڪر. ھو ريشمي ۽ ڪيمخواب مان گلن ۽ ٻوٽن جي زرين سان ڀرت ڀريل تنبو ۽ تولان، ٻيو سامان ۽ خچر وغيره ۽ ٻيون تمام قيمتي ۽ اعليٰ قسم جون شيون تيار ڪرائي، پنهنجي دوست ملڪ التجار وٽ کڻي آيو، جو اڳئي پنهنجي ملڪ جي ڍل ۽ نذر تيار ڪيو ويٺو ھو.
    ھوڏانهن بادشاھه جي وزير خواجه جھان کي اھا خبر ھئي ته بادشاھه پرويز کي وزارت جي عھدي ڏيڻ جو ساڻس وعدو ڪيو آھي. ھيءَ ڳالھه کيس تمام ناگوار لڳي، ۽ ڇاڪاڻ ته ھن کان اڳ کنڀات ۽ گجرات کيس جاگير ۾ مليل ھئا ۽ اتي جي ماڻھن سان ھن جو دلي تعلق رھندو ھو، جن مان گھڻا اھڙا ھندو ھوندا ھئا، جن جو بادشاھه سان تڪرار ھلندو ھو. انهن مان ڪن کي ھن، يعني خواجه جھان، اشارو ڪري ڇڏيو ته ملڪ التجار کي رستي ۾ ئي ختم ڪيو وڃي. تنهن ڪري جڏھن ملڪ التجار نذر ۽ ڍل وغيره کڻي دارالخلافه ڏانهن راھي ٿيو ۽ ھڪ ڏينهن، پھر کن ڏينهن چڙھئي جو نيرن جي وقت ھڪ منزل تي لھي سڀ پنهنجي ضرورت کان فارغ ٿيڻ ۾ مشغول ھئا ۽ ڪي ته سمھي پيا، تڏھن اوچتو ھندن جو ھڪ وڏو ڪٽڪ اچي ھنن تي ڪڙڪيو.
    ملڪ التجار قتل ٿي ويو ۽ ھن جو سڀ مال لٽيو ويو، پر ڍل ۽ سرڪاري نذر جو خزانو به اھي ھندو کڻي ويندا رھيا. شھاب الدين جو به سڀ سامان لٽجي ويو. مگر سندس جان بچي ويئي، بادشاھه جي اخبار نويس سچي حقيقت بادشاھه کي لکي،جنهن جو حڪم آيو ته نهروال جي خزاني مان ھن (شھاب الدين) کي ٽي ھزار دينار ڏنا وڃن، جيئن ھو پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگھي. شھاب الدين کي جڏھن ھيءُ حڪم ٻڌايو ويو تڏھن ھن چيو ته مان بادشاھه جي زيارت لاءِ نڪتو آھيان، تنهن ڪري ضرور وڃي ھن جي چانئٺ چمندس. بادشاھه ڏانهن ھن جو اھو جواب لکيو ويو، جنهن تي بادشاھه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اجازت ڏنائين ته شھاب الدين ڀلي دارالخلافه ڏانهن ھليو اچي. جنهن ڏينهن ھو دارالخلافه ۾ پھتو، تنهن ڏينهن اسان کي به بادشاھه جي سامھون پيش ٿيڻو ھو، تنهن ڪري ھو به اسان سان گڏجي ھليو ھو. بادشاھه اسان کي خلعتون ڏنيون ۽ ترسڻ لاءِ چيائين ۽ شھاب الدين کي به گھڻو ئي ڪجھه ڏنائين. ان کان پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته مون (ابن بطوطه) کي ڇھه ھزار تنڪها ڏنا وڃن. ۽ انهيءَ ئي ڏينهن شھاب الدين جي باري ۾ دريافت ڪيائين ته ھو ڪٿي آھي. جنهن تي بهاءَ الدين ابن فلڪي چيو ته ” آخوند عالم تميدانم“ معنيٰ خبر ڪا نه اٿم، پر پوءِ چيائين ته ”شنيدم زحمت دارد“ معنيٰ ٻڌو اٿم ته ھو بيمار ٿي پيو آھي. تنهن تي بادشاھه فرمايو ته ”برو ھمين زمان در خزانت بک لک تنکھ“ز ربگيري و پيش او ببري – تا دل او خش (خوش) يعني ته ھن ئي وقت خزاني ۾ وڃي، ھن کي ھڪ ھزار تنڪها سون جا ڏيئي، ھن کي خوش ڪيو وڃي.
    اھو به حڪم ڏنائين ته ھندستان ۾ تيار ٿيل جيڪو به سامان ھن کي وڻي سو خريد ڪري ۽ جيستائين ھن جي خريداري جاري رھي، ان وقت تائين ڪو به شخص خريداري نه ڪري، ازانسوءِ بادشاھه جي حڪومت موجب ٽي جھاز سامان سان ڀريل ۽ راھ خرچ لاءِ پيسا پڻ کيس ڏنا ويا.
    جڏھن شھاب الدين ھرمز پھتو، تڏھن اتي پنهنجي لاءِ ھڪ وڏو عاليشان گھر تيار ڪرايائين، انهيءَ شھاب الدين کي مون وري شيراز ۾ ڏٺو، ته اتي ھو سلطان ابو اسحاق جي بخشش جو طلبگار لڳو ويٺو ھو، ڇو ته ان وقت ھو پنهنجو سڀ ڪجھه خرچ ڪري بلڪل صفائيءَ تي ويٺو ھو. ھندستان جي دولت(1) جو حال ھي آھي، جو پھريائين ته اھا دولت ھن ملڪ مان ٻاھر وڃي نٿي سگھي. پر جي کڻي اھا وڃي به ته خدا تعاليٰ وري انهي کڻي ويندڙ تي اھڙي ڪا آفت نازل ٿو ڪري، جو اھا ھن وٽ اصل نٿي رھي سگھي. اھڙيءَ طرح سان شھاب الدين جي بيشمار دولت به سندس ڀائٽين ۽ ھرمز جي بادشاھه جي وچ ۾ ھلندڙ تنازعي ۾ بلڪل ختم ٿي ويئي.

    شيخ الشيوخ رڪن الدين کي بخشش
    ھڪ دفعي بادشاھه، مصر جي خليفي ابو العباس ڏانهن تحفا وغيره موڪلي، درخواست ڪئي ته کيس سنڌ ۽ ھندستان تي حڪومت ڪرڻ جو اجازت نامو موڪليو وڃي. اصل ۾ ھيءَ درخواست فقط اعتقاد جي ڪري موڪلي ويئي ھئي. جنهن تي خليفي ابو العباس ھڪ اجازت نامو شيخ الشيوخ رڪن الدين جي ھٿان ڏياري موڪليس. جڏھن شيخ رڪن الدين دارالخلافه ۾ پھتو، تڏھن بادشاھه سندس استقبال تمام شاندار نموني سان ڪيو ۽ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين، ازانسواءِ ھو جڏھن به بادشاھه وٽ سلاميءَ لاءِ ايندو ھو ته بادشاھه اٿي بيھي کيس ادب سان ملندو ھو. تنهن کان سواءِ ھن کي جيڪي ڪجھه بخشش ۾ ڏنائين تنهن جو ته حساب ئي ڪونهي. رڳو گھوڙا جيڪي کيس ڏنائين، سي به سونن سنجن ۽ سامانن سوڌا ھئا. نه رڳو ايترو پر بادشاھه کيس اھو پڻ حڪم ڏنو ھو ته موٽندي جڏھن ھو جھاز تان لھي خشڪيءَ تي ھلڻ شروع ڪري، تڏھن گھوڙي کي نعل به سون جا ھڻائي.
    پوءِ شيخ صاحب کنڀات ڏانهن راھي ٿيو، جتان جھاز ۾ چڙھي کيس پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻو ھو. رستي تي قاضي جلال الدين بغاوت ڪري ابن الڪرمي ۽ شيخ رڪن الدين کي ڦري ھليو ويو. شيخ صاحب جان بچائي اچي بادشاھه جي دربار ۾ نڪتو. بادشاھه ھن کي ڏسي مذاق ۾ چيو؛ آمد کھ زر بري باد کري دلربائي) صنم خوري زر نه بري سرنهي“ پوءِ چيائين ته تون خاطري ڪر، مان دشمنن تي چڙھائي ڪري، سندن اھڙو ئي حال ڪندس جھڙو ھنن تنهنجو ڪيو آھي، بلڪه انهي کان به وڌيڪ. جڏھن مان ھندستان مان وڃي رھيو ھوس، تڏھن مون ٻڌو ته بادشاھه پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ شيخ کي اڳئين کان به وڌيڪ انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيائين.

    واعظ ترمذي ناصرالدين کي بخشش
    ھيءُ فقيه واعظ ترمذي بادشاھه جي خدمت ۾ سلام عرض ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ مان آيو ھو ۽ گھڻي وقت تائين سندس نوڪريءَ ۾ رھندو آيو. آخر ھن کي پنهنجي وطن ورڻ جو شوق ٿيو. جنهن تي بادشاھه کيس اجازت ڏني، اڃا تائين بادشاھه سندس تقرير ۽ نصيحت ڪا نه ٻڌي ھئي، تنهن ڪري ھن جي وڃڻ کان اڳ ۾ ھڪ دفعو سندس تقرير ٻڌڻ جو ارادو ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته سفيد صندل مقاشيري(1) مان ھڪ منبر تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪوڪا ۽ ڪليون سون جا ھنيا وڃن ۽ ان جي مٿان ھڪ وڏو ياقوت رکيو وڃي، ازانسواءِ ناصرالدين کي ھڪ خلعت عباسيه ڪاري رنگ جي، جنهن تي زري ۽ ھيرا ۽ موتي لڳل ھئا ۽ ھڪ عمامو (پڳ) پھرڻ لاءِ ڏنائين.
    انهيءَ جلسي جو انتظام ھڪ قيمتي خيمي ۾ ڪيو ويو، جتي بادشاھه اچي تخت تي ويٺو ۽ سندس ساڄي ۽ کاٻي خاص خاص امير، قاضي ۽ مولوي پنهنجي جاين تي ويھي ويا. پوءِ واعظ ترمذيءَ ھڪ خطبو نهايت فصاحت ۽ بلاغت واريءَ عبارت ۾ پڙھيو ۽ ان کان پوءِ تقرير ڪيائين. جيڪا ڪا خاص نصيحت آموز ڪا نه ھئي. پر تقرير نهايت سٺي ڪيائين. جڏھن واعظ (ترمذي) منبر تان لٿو، تڏھن بادشاھه ھن ڏانهن وڌي آيو ۽ ڀاڪر پائي کيس ڇاتيءَ سان لڳايائين ۽ پاڻ سان گڏ ھاٿيءَ تي سوار ڪرايائينس، سڀني ماڻھن کي حڪم ٿيو ته ھن جي اڳيان پنڌ ھلن، جن ۾ مان پاڻ شامل ھوس. پوءِ ھن کي ھڪ سراجھ (خيمي) ۾ وٺي آيا جيڪو خاص ھن لاءِ کڙو ڪيو ويو ھو ۽ بادشاھه جي خيمي جي سامھون ھو. ھي خيمو رنگ برنگي ريشمي ڪپڙي مان تيار ڪيل ھو ۽ ان جي قنات ۽ رسيون پڻ ريشم مان تيار ڪيون ويون ھيون.
    خيمي جي ھڪ طرف سون جا برتن رکيل ھئا جيڪي بادشاھه ھن کي انعام ۾ ڏنا ھئا. انهن برتنن ۾ ھڪ تنور، جنهن ۾ ھڪ ماڻھو آسانيءَ سان ويھي سگھي، ٻه وڏيون ديڳيون، ٿالھيون جن جو تعداد مون کي ياد نه رھيو آھي، ڪيترائي جگ، ھڪ ڪونرو، ھڪ تمسينه نالي چئن پيرن سان خوانچو ۽ ھڪ ڪتابن جي پيتي وغيرھ ھئا. ھيءُ سڀ سامان سون جو ھو. عماد الدين سمنانيءَ انهيءَ خيمي جون ٻه ڪليون کڻي جاچي ڏٺيون ته ھڪ پتل ۽ ٻي قلعي ڪيل ٽامي جون ھيون، جي ائين پئي معلوم ٿيون ڄڻ ته سون ۽ چانديءَ جون ٺھيل آھن، مگر اصل ۾ سون ۽ چانديءَ جون نه ھيون، ازانسواءِ ھن کي ھڪ لک دنيار ۽ ٻه سئو غلام پڻ بادشاھه جي طرفان مليا، جو انهن غلامن مان ڪن کي ھن آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪي پاڻ وٽ رکيائين.

    عبدالعزيز اردويليءَ کي بخشش
    عبدالعزيز ھڪ فقيه ۽ محدث ھوندو ھو، جنهن دمشق ۾، تقي الدين ابن تميھ برھان الدين البرڪح، جمال الدين المزي ۽ شمس الدين ذھبي جھڙن عالمن وٽان علم حاصل ڪيو ھو. ھو جڏھن بادشاھه وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو تڏھين سندس تمام گھڻو قدر ڪيو ويو، ھڪ ڏينهن اتفاق سان ھن حضرت عباس ۽ سندس اولاد جي تعريف ۾ ڪي حديثون تمام سٺي نموني سان پيش ڪيون ۽ ڪن عباسي خليفن جو به بيان ڪيائين، بادشاھه بني عباس سان تمام گھڻي محبت ۽ عقيدت رکندو ھو، سو ھي ڳالھيون کيس ڏاڍيون وڻيون ۽ يڪدم وڃي عبدالعزيز اردويليءَ جا قدم چميائين. پوءِ حڪم ڏنائين ته ھڪ سون جي ٿالھيءَ ۾ ٻه ھزار مھرون کڻي اچو، جيڪي سڀ ھن کي بخشش ۾ ڏنائين.

    شمس الدين اندڪائيءَ کي بخشش
    فقيه اندڪائي ھڪ حڪيم ۽ شاعر ھوندو ھو. ھڪ دفعي ھن بادشاھه جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو پڙھيو، جنهن ۾ ستاويھه شعر ھئا، بادشاھه ھن کي ھر ھڪ بيت جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا. مون جيڪو وڌ ۾ وڌ انعام بابت ٻڌو ھيو، سو ھو ته ڪنهن کي، ھر شعر جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا ويا ھئا، پر اھو بادشاھه جي ھن انعام جي ڏھين پتيءَ جيترو مس ھو.

    قاضي مجد الدين کي بخشش
    بادشاھه جڏھين شيراز جي قاضي مجد الدين جي، جيڪو عالم صالح ۽ ڪرامت وارو ھوندو ھو، تعريف ٻڌي، تڏھين ھن ڏانهن شيراز جي شھر ۾ شيخ زاده دمشقيءَ جي معرفت ڏهه ھزار دينار موڪلي ڏنائين.

    برھان الدين ساغر کي بخشش
    برھان الدين ھڪ وڏو واعظي ھوندو ھو. ھو اھڙو ته سخي ھو، جو جيڪي ڪجھه به وٽس ھوندو ھو، سو غريبن ۽ بکايلن کي ڏيئي ڇڏيندو ھو، بلڪ قرض کڻي به سخاوت جاري رکندو ھو. جڏھين بادشاھه کي ھن جي خبر پھتي تڏھين ھن ڏانهن چاليھه ھزار دينار موڪلي ڏنائين ۽ ھندستان اچڻ لاءِ به عرض ڪيائينس. برھان الدين اھي چاليھه ھزار دينار وٺي، پنهنجو قرض وغيره لاھي، بادشاھه ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھيئن چئي خطا جي ملڪ ڏانهن ھليو ويو ته ”بادشاھه عالمن کي پنهنجي سامھون بيھاري ٿو ڇڏي، تنهن ڪري مان اھڙي ماڻھوءَ جي نوڪري نه ڪندس.“

    حاجي ڪاون کي بخشش ۽ سندس ڳالھه
    حاجي ڪاون، شاھه عراق جو سوٽ ھو. سندس موسيٰ نالي ڀاءُ عراق جي ڪنهن علائقي جو حاڪم ھو، جنهن حاجي ڪاون کي بادشاھه وٽ سفير ڪري موڪليو. بادشاھه ھن کي تمام گھڻي عزت ڏني ۽ ڪافي مال به ڏنائينس. ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي ته وزير خواجه جھان بادشاھه ڏانهن تحفو موڪليو جنهن ۾ ٽي ٿالھيون به ھيون، جن مان ھڪ ۾ ياقوت، ٻيءَ ۾ زمرد ۽ ٽينءَ ۾ موتي ڀريل ھئا، ان وقت حاجي ڪاون پڻ موجود ھو، بادشاھه ھن مال مان گھڻو ئي کيس ڏنو ۽ موڪلاڻي وقت به تمام گھڻو خزانو کيس ڏنائين، حاجي ڪاون جڏھين عراق پھتو تڏھين سندس ڀاءُ مري ويو ھو ۽ ان جي جاءِ تي سليمان حاڪم بنجي ويٺو. ھن پنهنجي ڀاءُ جو ورثو گھريو ۽ ملڪ جي دعويٰ پڻ ڪيائين. ماڻھن ۽ لشڪر سندس ھٿ تي بيعت ڪئي، جن سان گڏ ھو فارس ھليو ويو.
    جڏھن ھو شونڪارھ جي شھر ۾ پھتو (ھن شھر جي امام عضدالدين جو بيان پھرئين حصي ۾ ڪري آيا آھيون)، تڏھين اتي جي چڱن ماڻھن ھن وٽ اچڻ ۾ ڪجھه دير ڪئي ۽ پوءِ جڏھين آيا تڏھن ھنن کان دير ڪرڻ جو سبب پڇيائين. ھنن جيڪو سبب ڏنو سو ھن کي پسند نه آيو ۽ يڪدم پنهنجن سپاھين کي حڪم ڏنائين ته قلج (جڪار) يعني تلوارون ڪڍو. ھنن تلوارون ڪڍي. چڱن مڙسن جا سر لاھي کڻي ڦٽا ڪيا. ان وقت ھن وٽ تمام گھڻو لشڪر ھو.
    مٿئين واقعي جي خبر جڏھن اتي جي اميرن ۽ ماڻھن کي پئي تڏھن ھنن کي گھڻي مٺيان لڳي ۽ سڀني گڏجي شمس الدين سمنانيءَ کي جيڪو وڏو فقيه ۽ امير ھو، مدد لاءِ لکيو . ھو پنهنجو لشڪر وٺي اٿي کڙو ٿيو ۽ وڃي اتي جي ماڻھن سان مليو، جيڪي پنهنجن چڱن ماڻھن جي انتقام وٺڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ھنن حاجي ڪاون جي لشڪر تي رات جو حملو ڪيو ۽ انهن کي ڀڄائي ڪڍيائون. پوءِ حاجي ڪاون، جيڪو شھر ۾ محل جي اندر ھو، جو اچي گھيرو ڪيائون، ھو وڃي بيت الطھارت (غسل خاني) ۾ لڪو. آخر ھن کي پڪڙي، سندس سر وڍي، سليمان ڏانهن ڏياري موڪليائون ۽ باقي عضوا سڄي ملڪ ۾ ورھائي، پنهنجي انتقام جي باھه وسايائون.


    ______________________
    (1) ابن بطوطه جو اھو خيال بڪل غلط آھي، ٿي سگھي ٿو ته کيس پنهنجو ڪو تجربو ھجي، جو جڏھن ھندستان مان پنهنجي ملڪ موٽيو ٿي ويو، تڏھن ھن کي ڦري بلڪل ڪنگال ڪري ڇڏيو ويو ھو. جنهن جو تفصيل سان ذڪر ديباچي ۾ ڪيل آھي. شايد پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ به اھو خيال آڻي پنهنجي دل ٺاري اٿس، ۽ شھاب الدين جو مثال به کيس دل سان لڳو ٿو ڀانئجي، تنهن ته ھيڪاري سندس خيال کي وڌيڪ پختو ڪيو آھي ۽ دل جو ارمان نڪري ويو اٿس. ورنه انگريز جو ھينئر ايترا شاھوڪار آھن، سي ڪيئن ٿيا؟ ھنن پنهنجي ھندستان جي ٢٠٠ سالن جي دوران حڪومت ۾ جيڪو ھندستان جو خزانو لٽيو سا سڀني کي خبر آھي، ابن بطوطه ۽ ٻين مورخن جي روايت موجب ھندستان ڪيڏو نه شاھوڪار ملڪ ھو، جنهن ۾ ڪيترا ھيرا، جواھر، قيمتي پٿر ۽ سون چاندي ھئا. اھي سڀ مال ھو پنهنجي ملڪن ۾ کڻي ويا، ۽ اھو سڄو مال ۽ سامان کين ڦٻي ويو ۽ ھو دنيا جا وڏي ۾ وڏا تاجر بنجي ويا – مترجم
    (1) جاوا ۽ پورليو جي ويجھو ھڪ ٻيٽ مڪاسر نالي آھي، اتي سفيد صندل پيدا ٿيندو آھي، جو تمام قيمتي ليکيو ويندو آھي.


    فصل ٻيو

    ابن الخليفه جو بادشاھه وٽ اچڻ
    امير غياث الدين محمد بن عبدالقادر بن يوسف بن عبدالعزيز بن خليفه المستنصر باالله عباسي بغدادي، النهر ماوراءِ جي بادشاھه سلطان علاؤ الدين طرمشيرين وٽ آيو. سلطان کيس حضرت قثم بن عباس رضه جي خانقاه جو متولي ڪري رکيو جتي ھو ڪيترائي سال رھيو. ھڪ دفعي ھن ٻڌو ته ھندستان جو بادشاھه بني عباس جو شيدائي آھي. تنهن ڪري ھن پنهنجي طرفان محمد بن ابي شرفي حرياوي کي جيڪو سندس قديمي دوست ھو، ۽ محمد ھمداني صوفيءَ کي قاصد ڪري موڪليو. ھو ٻيئي اچي بادشاھه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ناصرالدين ترمذي، جنهن جو مٿي بيان ڪري آيا آھيون، سو به امير غياث الدين کي سڃاڻندو ھو، ڇاڪاڻ ته بغداد ۾ ھن جي حسب نسب جي ڪافي جاچ ڪئي ھئائين ته اتي جي مشائخن به ھن جي خاندان جي تصديق ڪئي ھئي، تنهن ڪري ھن به بادشاھه سان اھو ئي احوال ڪيو، جو قاصدن ڪيو ھو.
    بادشاھه قاصدن کي پنج ھزار دينار عنايت ڪيا ۽ امير غياث الدين ڏانهن ٽي ھزار دينار راھه خرچ لاءِ موڪلي، ھڪ خط ۾ کيس ھندستان اچڻ لاءِ دعوت ڏياري موڪليائين. ھن خط پھچڻ شرط غياث الدين اٿي ھليو، جڏھن سنڌ ۾ پھتو تڏھن اخبار نويسن بادشاھه کي خبر موڪلي ڏني، بادشاھه دستور موجب سندس استقبال لاءِ ماڻھو موڪليا. جڏھن ھو مرسمھ ۾ پھتو ته قاضي ڪمال الدين صدر جھان کي حڪم ڏنائين ته ڪجھه فقيه پاڻ وٺي وڃي ھن جي سواريءَ سان شامل ٿئي پوءِ وري اميرن کي موڪيائين.
    جڏھين ھو مسعود آباد پھتو تڏھين بادشاھه پاڻ پنهنجن خاص اميرن سان گڏجي سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيو. جڏھين ملاقات ٿي، تڏھين غياث الدين گھوڙي تان لھي پنڌ ھلڻ لڳو، ته بادشاھه به پنهنجي سواريءَ تان ھيٺ لھي آيو. پوءِ دستور موجب غياث الدين بادشاھه جي سامھون نوڙي کيس فرشي سلامي ڪيو ته بادشاھه پڻ سندس اڳيان اھڙي طرح سان نمي سلامي ڪيو. امير غياث الدين پاڻ سان ڪجھه نذر به آندو ھو، جنهن ۾ ڪي ڪپڙي جا ٿان به ھئا. بادشاھه انهن ٿانن مان ھڪ ٿان پنهنجي ڪلھي تي رکي، اھڙيءَ طرح کيس سلام ڪيو جھڙيءَ طرح کيس ٻيا ماڻھو سلام ڪندا ھئا. پوءِ گھوڙا آندا ويا ھڪ گھوڙي کي وٺي بادشاھه غياث الدين کي قسم ڏيندي چيو ته توھان ھن تي سواري ڪريو، ۽ پاڻ رڪاب جھلي بيھي رھيو.
    غياث الدين جي سوار ٿيڻ کان پوءِ بادشاھه به سوار ٿيو ۽ ساڻس گڏ ھلڻ لڳو. ھنن ٻنهي جي مٿان ڇانو لاءِ شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو ھو . پوءِ بادشاھه پنهنجي ھٿ سان امير کي پان پيش ڪيو. ھيءَ سڀ کان وڏي خاطر تواضح ھئي، ڇو ته بادشاھه ڪڏھن به ڪنهن کي پنهنجي ھٿ سان پان نه ڏيندو ھو. بادشاھه ھيئن به چيس ته جيڪڏھين مون خليفي ابو العباس جي بعيت نه ڪئي ھجي ھا ته ھينئر توھان جي بيعت ڪريان ھا. جنهن جي جواب ۾ ھن چيو ته مون خود ابو العباس جي بيعت ڪئي آھي ۽ نهٺائيءَ سان فرمايائين ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي حديث آھي ته جنهن ڪلراٺي زمين کي آباد ڪيو، اھا زمين ان جي ملڪيت آھي، سندس مطلب ھو ته بادشاھه جي احسانن ڄڻ ته اسان کي نئين زندگي بخشي آھي. جنهن تي بادشاھه گھڻي ادب سان ان جو جواب ڏنو.
    جڏھين ھو خيمي ۾ پھتا جيڪو بادشاھه جي لاءِ لڳايو ويو ھو، تڏھين بادشاھه غياث الدين کي ان ۾ ٽڪايو ويو ۽ پنهنجي لاءِ وري ٻيو تنبو کوڙايو. اھا رات دارالخلافه کان ٻاھر ترسيا ۽ ٻئي ڏينهن شھر ۾ داخل ٿيا. بادشاھه سيريءَ وارو مھل جيڪو سلطان علاؤ الدين خلجي ۽ سلطان قطب الدين ٺھرايو ھو، سو ھن جي رھائش لاءِ مقرر ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجي امير سان گڏ وڃي ان محل ۾ سڀ سامان موجود ڪيائين. ان سامان ۾ سون ۽ چانديءَ جي برتنن کان سواءِ ھڪ سون مان ٺھيل حمام غسل لاءِ پڻ موجود ڪيو ويو. پوءِ چار لک دينار انهيءَ ئي وقت سندس مٿي ڌوئارڻ لاءِ موڪليائين. ازانسواءِ ٻانهيون ۽ غلام ڇوڪرا به سندس خدمت لاءِ موڪليائين ۽ روزاني خرچ لاءِ ٽي سئو دينار مقرر ڪري ڏنائينس. ان کان علاوه ھر وقت پنهنجي خاص دستر خوان مان کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.
    ان کان پوءِ سيريءَ جو سڄو شھر گھرن، باغن، زمينن ۽ گودامن سميت کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. ان کان سواءِ سئو ڳوٺ ٻيا به کيس جاگير ۾ ڏنا ويا ۽ دھليءَ جي اڀرندي پاسي وارن علائقن جي حڪومت به کيس عطا ڪئي ويئي. آخر ۾ ٽيھه خچر زري لڳل زينن سان به کيس ڏنا ويا، جن جو داڻو سرڪاري گودامن مان ايندو ھو. ھن لاءِ بادشاھه جو حڪم ھو ته جڏھين شاھي محل ۾ اچي تڏھن گھوڙي تان اصل نه لھي ۽ جيستائين بادشاھه جي سواري ويندي آھي، ان جاءِ تائين اھڙيءَ طرح ھليو اچي. ٻيءَ صورت ۾ ڪنهن شخص کي سوار ٿي، شاھي محل ۾ داخل ٿيڻ جي اصل اجازت ڪا نه ھوندي ھئي، ماڻھن کي بادشاھه جو حڪم ھو ته جھڙيءَ طرح مون کي نمي فرشي سلام ڪندا آھيو، تهڙيءَ طرح ھن جي پڻ تعظيم ڪندا ڪريو.
    جڏھن به ھو بادشاھه جي خدمت ۾ ايندو ھو ته بادشاھه تخت (ڪرسي) تان ھيٺ لھي ايندو ھو ۽ جيڪڏھن تخت جي چوڪي اندر ھوندو ھو ته اٿي بيھندو ھو. پوءِ ٻيئي ھڪ ٻئي کي سلام ڪندا ھئا ۽ بادشاھه کيس پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندو ھو ۽ جڏھين ھو موڪلائيندو ھو تڏھن وري به اٿي بيھندو ھو، پوءِ بادشاھه ھن کي سلام ڪندو ھو ۽ ھو بادشاھه کي. جڏھن ھو مجلس مان اٿي ٻاھر ويندو ھو ته ٻاھر ھڪ مسند، جيڪا خاص ھن لاءِ وڇارائي ڇڏيندوھو، ان تي جيترو وقت کيس وڻندو ھو، وڃي ويھندو ھو. اھڙيءَ طرح ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٿيندو رھندو ھو.

    حڪايت
    امير غياث الدين دھليءَ ۾ مقيم ھو ته بنگالي جو وزير آيو. بادشاھه حڪم ڏنو ته وڏا وڏا امير سندس استقبال لاءِ وڃن. پوءِ پاڻ به سندس استقبال لاءِ نڪتو ۽ ھن جي تمام گھڻي عزت ڪيائين. شھر کي به اھڙيءَ طرح سان سينگاريو ويو جيئن بادشاھه جي اچڻ وقت ان کي سينگاريندا آھن. ابن الخليفو، امير غياث الدين، قاضي، فقيه ۽ مشائخ به ھن سان ملڻ لاءِ آيا. جڏھن بادشاھه واپس آيو تڏھن وزير کي چيائين ته تون مخدوم زاده جي گھر وڃ. وزير اتي ويو ۽ وڃي ٻه ھزار اشرفيون ۽ ڪپڙن جا ٿان پيش ڪيائين. ھن سان گڏ امير قبولو ۽ مان به گڏجي ويا ھئاسين.

    حڪايت
    ھڪ دفعي بهرام نالي غزنيءَ جو حاڪم بادشاھه وٽ آيو، ابن الخليفي ۽ ھن جي وچ ۾ قديمي دشمني ھوندي ھئي، بادشاھه جو حڪم ٿيو ته شاھه غزنيءَ کي سيريءَ جي ھڪ گھر ۾ رھائش ڏني وڃي ۽ ھي به بادشاھه جي طرفان حڪم ٿيو ته ھن جي لاءِ اتي ھڪ نئون گھر ٺھرايو وڃي. ھيءَ خبر جڏھين ابن الخليفي کي پھتي تڏھن ڏاڍو غصو لڳس. ھو يڪدم بادشاھي محل ۾ وڃي پنهنجي مسند تي ويھي رھيو ۽ وزير کي گھرائي چيائين ته آخوند عالم (بادشاھه) کي وڃي چئو ته جيڪي ڪجھه توھان مون کي عطا ڪيو آھي سو سڀ ڪجھه منهنجي گھر پيوآھي، مون ان مان ڪجھه به خرچ نه ڪيوآھي. پاڻ مون ڪيترو سامان وڌايو آھي ۽ ھاڻي مان ھتي وڌيڪ رھي ڪو نه سگھندس. ائين چئي ھو محل مان ھليو ويو.
    وزير سندس دوستن کان سبب معلوم ڪيو، جن ٻڌايس ته بادشاھه غزنيءَ جي شاھه لاءِ سيريءَ ۾ محل تعمير ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي، تنهن ڪري ابن الخليفو ڪاوڙيو آھي. وزير سڄي حقيقت وڃي بادشاھه سان ڪئي. بادشاھه ٻڌڻ شرط پنهنجي ماڻھن کي ساڻ ڪري گھوڙي تي سوار ٿي ابن الخليفي جي جاءِ تي آيو. اتي پھچي، گھوڙي تان لھي، ٻاھر بيھي، اندر وڃڻ جي اجازت گھريائين. پوءِ ابن الخليفي سان ملي، پنهنجي غلطي مڃي، پنهنجي حڪم جو مناسب سبب ڏنائين، جنهن تي ابن الخليفو راضي ٿيو. پر بادشاھه چيو ته اڃا به مون کي اطمينان ڪو نه ٿيو آھي ته توھان راضي ٿيا آھيو. ھاڻي جيستائين توھان منهنجي ڪنڌ تي پنهنجو پير نه رکندو، تيستائين مان مطمئن ڪو نه ٿيندس. جنهن تي ابن الخليفي چيو ته چاھي بادشاھه مون کي قتل به ڪري ڇڏي مگر مون کان اھڙي ڳالھه ٿي نه سگھندي. بادشاھه کيس پنهنجي سر جو قسم ڏيندي چيو ته توھان کي ائين ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجو مٿو زمين تي کڻي رکيائين. ملڪ قبولي ڇا ڪيو جو ابن الخليفي جو پير وٺي بادشاھه جي ڪنڌ تي کڻي رکيو. انهيءَ کان پوءِ بادشاھه اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين ته ھاڻ مون کي پڪ ٿي ته توھان مون مان راضي آھيو. اھڙي عجيب و غريب ڳالھه مون اڄ تائين ڪنهن به ملڪ جي بادشاھه بنسبت ڪانه ٻڌي آھي.
    عيد جي ڏينهن مان مخدوم زاد، وٽ ويس ته ملڪ ڪبير بادشاھه جي طرفان ھن لاءِ ٽي خلعتون کڻي آيو، جن مان چوغن تي ريشمي ڦندڻن جي بجاءِ ٻير جيڏا وڏا وڏا موتي لڳل ھئا. ملڪ ڪبير اھي خلعتون کنيون دروازي تي بيٺو ھو ۽ جيئن ابن الخليفو ھيٺ لٿو تيئن کيس خلعت پھريائين. بادشاھه ھن کي بي انداز مال ۽ خزانو ڏنو ھو، پر تنهن ھوندي به ھو انتها درجي جو ڪنجوس انسان نڪتو ۽ جيتري قدر بادشاھه سخي ھو اوتري قدر وري ھو بخيل ثابت ٿيو. جن مان ڪي ڳالھيون ھيٺ ڏجن ٿيون.

    ابن الخليفي جي ڪنجوسپائيءَ جون ڪي ڳالھيون
    منهنجي ۽ ابن الخليفي جي وچ ۾ تمام گھري دوستي ٿي ويئي ھئي، تنهن ڪري مان ھن وٽ گھڻو ايندو ويندو ھوس. مان جڏھن سفر لاءِ نڪتس، تڏھين پنهنجي پٽ کي به ھن وٽ ڇڏي آيو ھوس، جنهن جي مون کي ھينئر تائين خبر نه آھي ته سندس الاجي ڪھڙو حال ٿيو. مون ھڪ ڏينهن کانئس پڇيو ته توھان اڪيلا ڇو ٿا کائو ۽ پنهنجن دوستن کي دسترخوان ۾ ڇو نٿا شامل ڪيو؟ تنهن تي جواب ڏنائين ته مان گھڻن ماڻھن کي پنهنجو کاڌو کائيندي ڏسي، سھي نه ٿو سگھان. اھو سبب آھي جو مان اڪيلو کائيندو آھيان.
    ھو فقط پنهنجي ھڪ خاص دوست محمد بن ابي شرفيءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھه ڏيندو ھو. باقي سڀ پاڻ کائيندو ھو، جڏھن مان سندس گھر ويندو ھوس ته ٻاھڙينءَ ڏيڍيءَ ۾ اوندھه لڳي پيئي ھوندي ھئي، ڇو ته ڏيو ڪو نه ٻاريو ويندو ھو، مون ڪيترائي ڀيرا ھن کي پنهنجي باغ ۾ ڪاٺيون ۽ ڪک گڏ ڪندي ڏٺو. ھن انهن ڪکن ۽ پنن سان پنهنجا گودام ڀرائي ڇڏيا ھئا، مون ھن کان پڇيو ته جناب مخدوم زادا ھي ڇا ٿا ڪريو! تنهن تي جواب ڏنائين ته ڪاٺين جي ڪڏھن ضرورت ٿي پوي، تنهن ڪري گڏ ڪندو ٿو وڃان. اھڙي طرح سان پنهنجن غلامن، نوڪرين ۽ دوستن کان باغ ۾ ڪم ڪرائيندو ھو ۽ چوندو ھو ته مان نٿو چاھيان ته ھي سڀ ماڻھو مفت ۾ منهنجو کائي وڃن. ھڪ دفعي مون تي ڪجھه قرض چڙھي ويو تنهن ڪري مون ان جي ادائگي لاءِ کانئس قرض گھريو. ھڪ ڏينهن چيائين ته منهنجي دل گھڻيئي ٿي گھري ته تنهنجو قرض ادا ڪري ڇڏيان، پر ڇا ڪريان ايتري ھمت ئي نٿي ٿئي. آخر مون کي ڪجھه به نه ڏنائين.

    حڪايت
    ھڪ ڏينهن ڳالھين ڪندي مون کي ٻڌايائين ته ھڪ دفعي چار ڄڻا جن مان ھڪ سندس دوست محمد بن ابي شرفي به ھو، بغداد کان ٻاھر ٿي وياسين. اسان پنڌ وڃي رھيا ھئاسين ۽ کائڻ لاءِ ڪجھه به نه ڪو نه ھئوسين. ھڪ چشمي وٽان لنگھندي ھڪ درھم لڌوسين. اسان سوچيو ته ھڪ درھم کي ڇا ڪيون. آخر سڀني اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ته انهيءَ درھم جي ماني گھرائي کائجي. اسان مان ھڪ ماڻھو ماني وٺڻ لاءِ شھر ۾ ويو، نانبائيءَ چيس ته مان ماني ۽ ان جو ڇاڻ گڏ وڪڻندو آھيان، جدا جدا مان ڪو نه ڏيئي سگھندس. آخر ھن ھڪ قيراط (اڌ درھم) جي ماني خريد ڪئي ۽ ٻئي قيراط جو ڇاڻ وٺي اچي نڪتو، ڇاڻ جي ته اسان کي ضرورت ڪا نه ھئي (جو گھوڙو يا خچر ھوئي ڪونه) سو کڻي ڦٽو ڪيوسين. باقي ماني مان ٽڪر ٽڪر ڪري کاڌوسين.
    ٿورو ترسي وري چيائين ته ھاڻي خدا تعاليٰ مون کي ڪيتري قدر نه مال ڏنو آھي! تنهن تي مون چيس ته خدا تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيو ۽ غريبن ۽ مسڪينن کي خير خيرات ڪريو. چوڻ لڳو ته ائين مون کان ٿي ڪو نه سگھندو، مون ڪڏھين به ھن کي خيرات ڏيندو ڪو نه ڏٺو، نه ئي وري ڪنهن سان ڪا چڱائي ڪندي ڏٺومانس، خدا شال اھڙيءَ ڪنجوسپائيءَ کان پناھه ڏئي.

    حڪايت
    ھندستان مان وڃڻ کان پوءِ مان بغداد ھليو ويو ھوس. ھڪ ڏينهن مستنصريه مدرسي جي دروازي تي ويٺو ھوس، جيڪو سندس ڏاڏي المستنصر بالله ٺھرايو ھو، ته مون ھڪ مفلوڪ الحال نوجوان کي ڏاڍو، جو ھڪ شخص جيڪو مدرسي کان نڪري رھيو ھو، تنهن جي پٺيان وڃي رھيو ھو، ھڪ طالب العلم مون کي ٻڌايو ته اھو جوان امير غياث الدين جيڪو ھندستان ۾ آھي تنهن جو پٽ آھي. ھي ٻڌي، يڪدم مون ان نوجوان کي سڏ ڪري چيو ته مان ھندوستان کان پيو اچان ۽ تنهنجي پيءُ جي خبر کان تو کي واقف ڪري ٿو سگھان، تنهن تي ھو چوڻ لڳو ته تازو سندس احوال مون کي پھتو آھي، ائين چئي وري به ان شخص جي پٺيان ڊوڙندو ھليو ويو.
    مون پڇا ڪئي ته اھو شخص جنهن جي پٺيان اھو عباسي نوجوان وڃي رھيو ھو سو ڪير آھي، جنهن تي ڪنهن ماڻھوءَ مون کي ٻڌايو ته اھو شخص جيلخاني جو ناظر آھي ۽ نوجوان اتان جي مسجد جو امام آھي، جتان کيس ھڪ درھم روز ملندو آھي، ۽ ان شخص کان پنهنجو روز وٺڻ لاءِ سندس پٺيان ڊوڙي رھيو ھو. ھي ٻڌي مون کي تمام گھڻو عجب لڳو ۽ سوچڻ لڳس ته ابن الخليفو پنهنجي خلعت مان جيڪڏھين رڳو ھڪ موتي ڪڍي کڻي ھن ڏانهن موڪلي ڏئي، ته جيڪر ھن نوجوان کي عمر ڀر ڪمائڻ جي ڪا ضرورت ئي نه ٿئي.


    فصل ٽيون

    امير سيف الدين غرا بن ھبته الله بن مھني، امير عرب الشام، تي بادشاھه جي نظر عنايت
    جڏھين امير سيف الدين بادشاھه وٽ آيو تڏھن بادشاھه سندس تمام گھڻي آجيان ڪئي ۽ کيس بيحد عزت ڏنائين، کيس سلطان جلال الدين فيروز (خلجي) وارو محل، جيڪو ڪشڪ لعل (ڳاڙھو محل) جي نالي سان مشھور آھي ۽ دھليءَ ۾ آھي، رھائش لاءِ ڏنائين، ھيءُ محل تمام وڏو آھي جنهن ۾ اڱڻ تمام وڏو آھي ۽ ڏيڍي به تمام وڏي اٿس. انهيءَ ڏيڍيءَ جي مٿان ھڪ برج ٺھيل آھي جنهن ۾ اندر ويھي، اندرئين ۽ ٻاھرئين اڱڻ کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھجي ٿو، سلطان جلال الدين ھن برج ۾ ويھي، اندرئين پاسي کينهونءَ راند ڏسندو ھو.
    جڏھين امير سيف الدين کي ھن محل ۾ ترسايو ويو تڏھن مان به اھو محل ڏسڻ ويس، جو سڄو نهايت قيمتي سامان سان آراسته ٿيل ھو، پر سڀني شين تي مٽي چڙھي ويئي ھئي، ڇو ته ھندستان ۾ اھو دستور آھي ته جيڪڏھن ڪو بادشاھه مري ويندو آھي ته ان جي محل کي ڇڏي، نئون بادشاھه پنهنجي لاءِ ھڪ ٻيو محل ٺھرائي ان ۾ رھندو آھي، ۽ اڳئين بادشاھه جي محل جي ڪنهن به سٺي شيءَ کي اتان ھٽايو نه ويندو آھي. مون انهيءَ محل کي چڱي طرح سان گھمي ڏٺو ان جي ڇت تي به ويس، ھر شيءِ عجيب ھئي، منهنجي ته اکين مان ڳوڙھا ڪري پيا.
    فقيه جلال الدين مغربي، جيڪو ننڍي ھوندي پنهنجي پيءُ سان گڏ ھندستان آيو ھو، ان وقت مون سان گڏ ھو ۽ ھي شعر پڙھيائين.

    و سلاطينهم سل الطين عنهم
    فالرئوس الغطام صارت عظاما
    ترجمو - ۽ انهن بادشاھن جي خبر مٽيءَ کان پڇ – جن ۾ وڏن وڏن سرن جا به ھڏا ٿي ويا.

    انهي محل ۾ امير سيف الدين جي شاديءَ جي دعوت ٿي ھئي. بادشاھه عرب جي ماڻھن کي گھڻو ڀائيندو ھو ۽ انهن جو گھڻو قدر ڪندو ھو، جڏھن ھيءُ امير آيو تڏھين ھن سان به سٺو سلوڪ ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا ھن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏنائين، ھڪ دفعي ملڪ اعظم با يزيدي، ماڻڪپور جي حاڪم، جو نذر آيو ته ان مان به يارنهن اصيل گھوڙا کيس ڏنائين. ٻئي دفعي ڏهه گھوڙا جن تي زريدار زينون ۽ سون جا لغام ھئا، کيس ڏيئي ڇڏيائين . ازانسواءِ پنهنجي ڀيڻ فيروز خوندة (فيروزه) ھن کي پرڻائي ڏنائين.

    بادشاھه جي ڀيڻ جي امير سيف الدين سان شاديءَ جو بيان
    جڏھن بادشاھه جو حڪم ٿيو ته سندس ڀيڻ جي شادي امير سيف الدين سان ڪئي وڃي، تڏھن دعوت وليمه ۽ ٻين اخراجات جو بندوبست ملڪ فتح الله شونويس جي حوالي ڪيو ويو، ۽ مون کي حڪم مليو ته مان اھي ڏينهن امير سيف الدين سان گڏ رھان. ملڪ فتح الله وڏا وڏا شاميانا آندا جيڪي ھن انهيءَ ڳاڙھي محل جي ٻنهي اڱڻن ۾ لڳرايا ۽ ھر ھڪ اڱڻ ۾ ھڪ وڏو خيمو لڳرايائين، جن جي اندر قسمين قسمين عمدا گلم ۽ غاليچا لڳرائي، امير المطربين شمس الدين تبريزي، ان جا ڳائڻا ۽ ڳائڻ نچڻ واريون عورتون جيڪي سڀ بادشاھه جا نوڪر ۽ نوڪرياڻيون ھيون، وٺي آيو، ازانسواءِ بورچي، مانيون پچائڻ وارا، حلوائي، پخالي ۽ تنبول دار به حاضر ٿيا.
    پوءِ پکي ۽ جانور حلال ڪيا ويا ۽ پندرھن ڏينهن تائين سڀني ماڻھن کي کاڌو کارايو ويو. ان کاڌي ۾ وڏا وڏا امير ۽ غيرملڪي ماڻھو به ٻيئي وقت شرڪت ڪندا رھيا. نڪاح جي رات کان ٻه راتيون اڳ شاھي محل مان خواتين (بيگمون) آيون جن اچي سٺا سٺا غاليچا وغيره وڇائي، ان محل کي سينگاريو، پوءِ امير سيف الدين کي، جيڪو غيرملڪي ماڻھو ھو ۽ ڪو به مٽ مائٽ ڪو نه ھوس، گھرائي ھڪ ھنڌ ويھاريائون، بادشاھه جي حڪم موجب بادشاھه جي ماٽيجي ماءُ جيڪا مبارڪ خان جي ماءُ ھئي، سا سيف الدين جي ماءُ ٿي. ۽ ٻين بيگمن مان ڪا سندس ڀيڻ ٿي، ڪا سندس ڦڦي ته ڪا سندس ماسي بني جيئن ھو ائين سمجھي ته سندس سڄو خاندان ھتي موجود آھي.
    ھنن کيس ھڪ مسند تي ويھاري، سندس ھٿن ۽ پيرن تي ميندي لڳائي ۽ ٻيون زالون وري سندس مٿن کان بيھي ڳائڻ ۽ نچڻ لڳيون. بيگمون ھي سڀ ڪجھه تيار ڪري قصرالزفاف(1) ڏانهن ھليون ويون ۽ ھو پنهنجن دوستن سان گڏ محل کان ٻاھر رھيو. بادشاھه حڪم ڪيو ته ڪجھه امير ھن جي طرف ٿين ۽ ڪجھه ڪنوار جي طرف ٿين، ڇو ته ھن ملڪ ۾ اھو دستور آھي ته جڏھن گھوٽ ڪنوار کي پنهنجي گھر وٺي اچڻ لاءِ ڪنوار جي گھر جي دروازي تي ويندو آھي ته اتي ڪنوار جي طرف جا ماڻھو بيٺا ھوندا آھن. جنهن وقت گھوٽ پنهنجي طرف جي ماڻھن سان اتي ويندو آھي ته ڪنواريتا گھوٽيتن کي اندر اچڻ کان روڪيندا آھن. پوءِ جيڪڏھن گھوٽيتا ھنن تي غالب ايندا آھن ته اندر ھليا ويندا آھن، پر جي اتفاق سان مغلوب ٿي ويندا آھن ته ڪنوار جي طرفدارن کي ھزارين روپيه ڏنڊ طور ڏيڻا پوندا اٿن.
    مغرب جي نماز کان پوءِ امير سيف الدين وٽ ھڪ نيري ريشم جي خلعت، جنهن تي جواھر ايتري انداز ۾ لڳل ھئا جو ان ڪپڙي جو رنگ به مشڪل نظر ٿي آيو، ۽ اھڙي ئي نموني جي دستار کڻي آيا، مون اھڙي پوشاڪ اڳ ۾ ڪڏھن به ڪا نه ڏٺي ھئي. بادشاھه جيڪي پوشاڪون پنهنجن ناٺين جيئن ته عمادالدين سمنانيءَ کي، ملڪ العلما جي پٽ کي، شيخ الاسلام جي پٽ کي ۽ صدر جھان بخاريءَ جي پٽ کي ڏنيون ھيون، سي ھن جي اڳيان ڪجھه به نه ھيون. پوءِ سيف الدين پنهنجن دوستن ۽ غلام سان گڏ گھوڙي تي سوار ٿي، ھنن سڀني پنهنجن پنهنجن ھٿن ۾ ھڪ ھڪ لڪڻ کنيو.
    پوءِ ھڪ تاج وانگر ٺھيل شيءِ (1) جيڪا ياسيمن، نسرين ۽ رابيل جي گلن سان تيار ڪئي ويئي ھئي، جنهن جون جھالرون منهن ۽ سيني تي لٽڪيون ٿي، کڻي آيا ۽ امير کي چيو ويو ته اھا مٿي تي رکي، پر ھن انڪار ڪيو، ڇو ته ھو ھڪ بدوي عرب ھو، سو بادشاھي معاملن مان ڇا ڄاڻي، ۽ پھرڻ کان صفا نابري واري ويٺو، تنهن تي مون قسم وجھي، مس مس مٿي تي رکايومانس. پوءِ ھن جي جماعت حرم جي دروازي تي پھتي جتي ڪنوار جي طرف جي جماعت اڳئي مقابلي لاءِ تيار بيٺي ھئي. امير پنهنجي ساٿين سان ھنن تي عربي نموني جو حملو ڪيو ۽ ھنن کي دسي دسي ڀڄائي ڪڍيائون، بادشاھه کي جڏھن ھيءُ خبر پيئي تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھو اڱڻ ۾ داخل ٿيو جتي ھڪ منبر تي جيڪو ديباج (ڪپڙي) سان سينگاريل ھو ۽ ان تي جواھرات جڙيل ھئا، ڪنوار کي آڻي ويھاريو ھئائون. اتي ڳائڻ وڄائڻ واريون زالون به ويٺيون ھيون، جي ھن کي ڏسي سڀ اٿي بيٺيون. امير جو گھوڙو جڏھن منبر تائين پھتو، تڏھن اتي اچي، گھوڙي تان لھي، منبر جي پھرئين ڏاڪي تي بيھي زمين چميائين، ان وقت ڪنوار اٿي بيٺي ۽ امير کي پنهنجي ھٿن سان پان ڏنائين، جيڪو ھن ورتو.
    ان کان پوءِ امير ڪنوار کان ھڪ ڏاڪو ھيٺ ويھي رھيو. پوءِ سندس ساٿين تي سونا ورق نثار ڪيا ويا. عورتون ڳائيندي، تڪبيرون ھڻنديون پئي ويون. ٻاھر دھل ۽ شرنايون وڄي رھيون ھيون. پوءِ امير اٿي، پنهنجي ڪنوار کي ھٿ کان وٺي، ھيٺ لھڻ لڳو ته عورتون به سندن پٺيان ھلڻ لڳيون، پوءِ امير گھوڙي تي سوار ٿيو ۽ ڪنوار وري ڏوليءَ ۾ وڃي ويٺي، ان وقت وري ٻنهي تي درھم ڇٽيا ويا. ڏوليءَ کي غلامن پنهنجي ڪلھن تي کنيو، بيگمون گھوڙن تي چڙھيون ۽ ٻيون عورتون وري سڀني جي اڳيان پنڌ ھلڻ لڳيون. اھڙي طرح سان ھيءَ سواري جنهن به امير جي دروازي وٽان ٿي لنگھي، تنهن امير ٻاھر نڪري، انهن جي مٿان پنهنجي پڄندي آھر دينار ٿي ڇٽيا، تان جو اچي پنهنجي محل ۾ لٿا.
    ٻئي ڏينهن ڪنوار، پنهنجي گھوٽ جي دوستن جي گھر ڪپڙا، دينار ۽ درھم موڪليا. بادشاھه به انهن مان ھر ھڪ کي ساز ۽ سامان سوڌو گھوڙو ۽ ھڪ ڳوٿري، جن ۾ ٻن سون کان وٺي ھڪ ھزار تائين دينار ھئا، پنهنجي طرفان موڪليا، ملڪ فتح الله بيگمن کي قسمين قسمين ڪپڙا ۽ رپين جون ڳوٿريون موڪليون ۽ اھڙيءَ طرح ڳائڻ وارن کي به موڪليائين. ھتي ھندستان ۾ اھو رواج آھي ته ڳائڻ وارن کي گھوٽيتن کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻھو ڪجھه نه ڏيندو آھي.
    انهيءَ ڏينهن وري سڀني جي دعوت ڪئي ويئي، ۽ ائين شادي ختم ٿي، بادشاھه حڪم ڏنو ته امير کي مالوھ الجزات(1) کنڀات ۽ نهروالھ وارا پرڳڻا جاگير ۾ ڏنا وڃن ۽ مذڪوره ملڪ تي فتح الله کي سندس نائب مقرر ڪيو وڃي، مطلب ته سندس عزت افزائي ۾ ڪا به ڪمي ڪا نه ڪئي ويئي پر آخر ھو ھڪ بدوي عرب ھو سو قدر سڃاڻي نه سگھيو ۽ آخر سندس اھا بدويت جي جھالت ھن تي غالب آئي، جنهن کيس شاديءَ جي پورن ويھن ڏينهن کان پوءِ بڇڙو ڪرايو.

    امير الغرا جو قيد ٿيڻ
    شاديءَ جي ويھن ڏينهن کان پوءِ ھو شاھي محل ڏانهن ويو ۽ بنا اجازت اندر وڃڻ چاھيائين. تنهن تي امير برددارية (پرده دار) کيس منع ڪئي. امير غرا ھن جي ڪا پرواه ڪا نه ڪئي ۽ زبردستيءَ اندر وڃڻ لڳو. انهيءَ دربان کيس وارن کان جھلي کڻي پوئتي ڌڪو ڏنو. امير غرا کي جو لڳي ڪاوڙ، سو لڪڻ جيڪو سندس ھٿ ۾ ھو سو اھڙو ته زور سان وھائي ڪڍيانئينس، جو رت نڪري آيس. ھيءُ دربان به ھڪ وڏو امير ھو، جنهن جو پيءُ غزنيءَ جو قاضي ھو، جيڪو سلطان محمود بن سبڪتگين جي اولاد مان ھو ۽ بادشاھه کيس پيءُ جي بجاءِ ڪري سمجھندو ھو ۽ سندس پٽ کي جنهن کي امير غرا مار ڏني، ھن ڀاءُ ڪري سڏيو ھو. ھو پنهنجا رت سان ڀريل ڪپڙا کڻي سڌو بادشاھه وٽ وڃي دانهين ٿيو ته امير غرا مون کي ماريو آھي، بادشاھه ڪجھه وقت سوچيندو رھيو، آخر چيائينس ته قاضيءَ وٽ وڃي فرياد ڪر.
    بادشاھه جي محل ۾ زبردستي گھڙڻ اھڙو ڏوھه آھي، جو بادشاھه ڪڏھن به معاف نه ڪندو آھي ۽ ان ماڻھوءَ جي يقيني سزا موت ھوندي آھي. پر ڇاڪاڻ ته ھو غيرملڪي ماڻھو ھو تنهن ڪري ھن سان رعايت ڪئي ويئي. قاضي ڪامل الدين ان وقت ديوان خاني ۾ ويٺو ھو. بادشاھه ملڪ تتر کي چيو ته ھنن ٻنهي کي قاضي وٽ وٺي وڃ. ملڪ تتر حاجي ھو ۽ عربي تمام سٺي ڳالھائيندو ھو. جڏھن ٻنهي کي قاضيءَ وٽ حاضر ڪيائين، تڏھن امير غرا کي ڳالھيون ڪندي چيائين ته تو ھن شخص کي ماريو آھي؟ جيڪڏھين نه ماريو اٿئي ته چئو ته مون نه ماريو آھي. يعني سندس مطلب ھو ته چوي ته نه. پر ھو جو اصل جاھل ھو ۽ ڪجھه مغرور به ٿي پيو ھو، سو زور ٻڌي بيھي رھيو ته ھائو مون برابر ماريو اٿس.
    ايتري ۾ زخمي جو پيءُ به اچي نڪتو، تنهن به ڪوشش ڪئي ته ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿئي ته چڱو. پر سيف الدين اصل اٽ ھڻي بيھي رھيو. قاضيءَ فيصلو ڪيو ته ھو سڄي رات جيل ۾ رھي. سندس زال بادشاھه جي خوف کان نه ھن ڏانهن سمھڻ لاءِ بستر موڪليو ۽ نه وري ڪا خبر لڌائينس. سندس دوستن کي به اچي خوف ورتو، سو سڀني پنهنجا مال وڃي ماڻھن وٽ امانت رکيا. مون ارادو ڪيو ته قيد خاني ۾ وڃي ساڻس ملاقات ڪريان، ھڪ امير مون کي مليو جنهن پنهنجو مطلب سمجھي چيو ته تو کي وسري ويو آھي ڇا ته تو شيخ شھاب الدين بن شيخ احمد جام سان ملاقات جو ارادو ڪيو ھو ۽ ڪيئن بادشاھه تنهنجي قتل جو حڪم ڏنو ھو. ھن واقعي جو بيان اڳتي ڪندس.
    اھو ٻڌي مان واپس موٽي آيس، ٻئي ڏينهن ظھر جي وقت امير غرا کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ بادشاھه ھن کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ سندس جاگير جو حڪم به رد ڪري ڇڏيائين نه رڳو ايترو پر جلاوطن ڪرڻ جو به ارادو ڪيائينس.
    بادشاھه جو ھڪ ٻيو ڀيڻيويو مغيث الدين ابن الملڪ الملوڪ سنالي ھوندو ھو. بادشاھه جي ڀيڻ ھميشه ان جي شڪايت ڪندي ڪندي، آخر مري ويئي. ان وقت سندس ٻانهين بادشاھه کي ياد ڏياريو ته ھوءَ ويچاري به ھن جي ظلم جي سبب ڪري مئي آھي، ۽ ھو اصل خاندان به ڪو نه آھي. جنهن تي بادشاھه پنهنجي ھٿ سان حڪم لکيو ته قيط (حرامي) ۽ موش خوار کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. حراميءَ مان سندس اشارو مغيث الدين ڏانهن ھو ۽ موش خوار مان سندس مطلب امير سيف الدين ھو. ڇو ته بدوي عرب يربوع نالي ھڪ جانور کائيندا آھن، جيڪو جھنگلي ڪئي جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. يڪدم نقيب آيا ته ھن کي ملڪ مان ٻاھر ڪڍن. ھن چاھيو ٿي ته پنهنجي گھر وڃي پنهنجي زال کان موڪلائي اچي، پر نقيب ھر ھر کيس سڏڻ لاءِ اچي رھيا ھئا، تنهن ڪري روئندو انهن سان ھليو ويو.
    مان ان وقت محل ۾ ويس ۽ سڄي رات اتي ترسي پيس. ھڪ امير مون کان پڇيو ته رات ھتي ڇو ترسيو آھين. مون چيو ته امير سيف الدين جي باري ۾ بادشاھه کي چوڻو اٿم ته ھن کي ملڪ نيڪالي نه ڏئي ۽ ھن کي واپس گھرائي وٺي. ھن جواب ڏنو ته ائين بلڪل ناممڪن آھي، تنهن تي مون چيو ته جيڪڏھن مون کي ھڪ سؤ راتيون به ھتي رھڻيون پيون ته به رھندس، پر پنهنجو مطلب ضرور حاصل ڪندس.
    بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پھتي ته تڏھن حڪم ڏنائين ته امير سيف الدين کي واپس گھرايو وڃي ۽ پوءِ حڪم ڏنائين ته ھو ملڪ قبولي لاھوريءَ جي خدمت ۾ رھي. آخر چار سال جڏھن ھن سان سوارين ۽ سفرن ۾ گڏ رھي، ھو تهذيب ۽ ادب چڱيءَ طرح سکي ويو، تڏھن وري ھن کي پنهنجي مرتبي تي واپس ڪيو ويو ۽ کيس ساڳيون جاگيرون ۽ لشڪر ڏيئي سندس عزت افزائي ڪئي ويئي.

    سلطنت جي وزير جي ڌين جي شادي خداوند زاده قوام الدين جي پٽن سان ٿيڻ
    خداوند زاده قوام الدين جڏھن بادشاھه وٽ آيو، تڏھن سندس تمام گھڻي خاطر داري ڪرڻ کان سواءِ ساڻس نهايت سٺو سلوڪ ڪيو ويو، پوءِ بادشاھه سندس پنهنجي پٽن جي شادي وزير خواجه جھان جي ٻن ڌين سان ڪئي. وزير جي گھر آيو ۽ اچي سندس ڌين جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيو. ھو جيستائين قاضيءَ نڪاح ٿي پڙھيو تيستائين بادشاھه بيٺو رھيو ۽ ٻيا امير ۽ حاضرين ويٺا رھيا، پوءِ بادشاھه پنهنجي ھٿن سان ڪپڙا ۽ رپين جون ڳوٿريون کڻي قاضيءَ ۽ خداوند زاده جي پٽن کي ڏنيون، ھي ڏسي امير اٿي عرض ڪرڻ لڳا ته بادشاھه سلامت ايتري تڪليف نه وٺن، تنهن تي بادشاھه کين ويھي رھڻ جو حڪم ڏيئي، پنهنجيءَ جاءِ تي ھڪ وڏي امير کي بيھاري پاڻ ھليو ويو.

    بادشاھه جي تواضع ۽ انصاف جي متعلق ڳالھه
    ھڪ دفعي ھڪ وڏي ھندن جي امير بادشاھه تي ڪيس داخل ڪيو ته بادشاھه سندس ڀاءُ کي بي خطا مارائي ڇڏيو آھي. قاضيءَ جي سڏ تي بادشاھه بنا ھٿيارن جي پيرين پنڌ وڃي قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. اتي وڃي سلام ڪري آداب بجا آندائين. قاضيءَ کي اڳيئي چوائي موڪليو ھئائين ته جڏھن مان اچان تڏھن ھرگز اٿي نه بيھجانءِ، نه ئي وري منهنجي ٻي ڪا خوشامد ڪجانءِ، جڏھن ھو قاضيءَ جي سامھون آيو تڏھن قاضيءَ حڪم ڪيو ته ھن جي ڀاءُ جي خون لاءِ ھن کي راضي ڪر . پوءِ بادشاھه وڃي ھن کي راضي ڪيو.

    اھڙي ھڪ ٻي ڳالھه
    ھڪ دفعي ڪنهن مسلمان شخص بادشاھه تي ڪجھه مال جي دعوي ٰ داخل ڪئي. قاضيءَ حڪم ڏنو ته بادشاھه ھڪدم سندس مال موٽائي ڏئي، ۽ بادشاھه ھن کي سندس مال موٽائي ڏنو.

    ھڪ ٻي ڳالھه
    ھڪ دفعي ڪنهن بادشاھه جي عھديدار جي پٽ بادشاھه تي ڪيس ڪيو ته بادشاھه بنان ڪنهن سبب جي ھن کي مار ڏني آھي. قاضيءَ حڪم ڏنو ته بادشاھه ڇوڪري کي راضي ڪري يا ان جو قصاص(1) ڏئي. مون ڏٺو ته بادشاھه پنهنجي مجلس ۾ ان ڇوڪري کي گھرائي، سندس ھٿ ۾ ھڪ لڪڻ ڏيئي، ھن کي پنهنجو قسم وجھي چيو ته پنهنجو بدلو مون کان وٺ ۽ جھڙيءَ طرح مون تو کي ماريو آھي اھڙيءَ طرح تون به مون کي مار. ڇوڪري بادشاھه کان لڪڻ وٺي ايڪويھه دفعا کيس ھنيو، ايتري قدر جو ھڪ دفعي ڌڪ لڳڻ سان بادشاھه جو (ڪلاءُ) ڪلاه به سندس مٿي تان ڪري پيو.

    نماز لاءِ سختي
    ھيءُ بادشاھه نماز لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪندو ھو، سندس حڪم ھو ته جيڪو به شخص جماعت سان نماز نه پڙھي، تنهن کي سزا ڏني وڃي. ھڪ دفعي انهيءَ ڳالھه تان نو ماڻھو قتل ڪرائي ڇڏيائين، جن مان ھڪ ڳائيندڙ به ھو، ھن ڪم لاءِ بادشاھه ڪيترائي ماڻھو مقرر ڪري ڇڏيا ھئا جن جو فرض ھوندو ھو ته جماعت جي وقت جيڪو به ماڻھو بازار ۾ ڏسندا ھئا، تنهن کي پڪڙي ايندا ھئا، ايتري قدر جو سئس جيڪي ديواخاني جي در تي گھوڙا جھليو بيٺا ھوندا ھئا تن کي به پڪڙڻ شروع ڪري ڏنائون. شاھي فرمان ھو ته ھر شخص، وضو ۽ نماز جا فرض ۽ اسلام جا شرائط سکي، ۽ ماڻھن کان انهيءَ متعلق سوال به ڪيا ويندا ھئا پوءِ جيڪڏھن ڪو چڱيءَ طرح سان جواب ڏيئي نه سگھندو ھو، ته ھڪدم کيس سزا ملندي ھئي، تنهن ڪري سڀ ماڻھو بازارين ۾ ڪاغذن تي نماز وغيره جا مسئلا لکارايو، ياد ڪندا وتندا ھئا.

    شرعي حڪمن لاءِ سختي
    شرعي حڪمن لاءِ به ھيءُ بادشاھه تمام گھڻي سختي ڪندو ھو. پنهنجي ڀاءُ مبارڪ خان کي ھن جو حڪم ھو ته ھو ديوانخاني ۾ قاضي القضاه ڪمال الدين سان گڏ ويھي انصاف ڪرائي، ھن کي اھو به حڪم ھو ته ھڪ بلند برج ۾ ٿي ويھي. قاضيءَ لاءِ انهيءَ ئي برج ۾ بادشاھه جي بيٺڪ وانگر ھڪ مسند لڳائي ويئي ھئي. بادشاھه جو ڀاءُ قاضيءَ جي ساڄي پاسي کان ويھندو ھو، پوءِ جيڪڏھن ڪنهن ماڻھوءَ جي ڪنهن وڏي امير تي دعويٰ ھوندي ھئي ته بادشاھه جي ڀاءُ جا ماڻھو کيس وٺي، اچي قاضيءَ جي سامھون پيش ڪندا ھئا، اھو قاضي ان ماڻھوءَ کي سندس حق ڏياريندو ھو.

    مظلومن جي فرياد رسي ۽ انصاف
    سنه ٧٤١ ھجريءَ ۾ بادشاھه حڪم ڪڍيو ته سڄي ملڪ ۾ زڪوات ۽ عشر کان سواءِ ماڻھن کان ٻيو ڪو به ٽئڪس وغيره نه ورتو وڃي. پاڻ ھفتي ۾ ٻه دفعا سومر ۽ خميس جي ڏينهن تي انصاف ڪرڻ لاءِ اچي ديوانخاني جي سامھون ميدان تي ويھندو ھو. انهن ڏينهن تي، ھن جي سامھون صرف چار ماڻھو موجود ھوندا ھئا، جي ھئا امير حاجب، خاص حاجب، سيد الحجاب ۽ شرف الحجاب، سڀني ماڻھن کي عام اجازت ھوندي ھئي ته اچي پنهنجون تڪليفون ۽ فرياد پيش ڪن. چئن اميرن کي وري چئن ئي دروازن تي مقرر ڪيو ويو ته فريادين جو بيان لکندا رھن. انهن چئن اميرن مان چوٿون بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز ھوندو ھو.
    اھڙيءَ طرح سان جيڪڏھن پھرئين دروازي وارو فرياديءَ جي شڪايت لکي بادشاھه کي موڪليندو ھو ته واھ، نه ته فريادي وري ٻئي دروازي تي ويندو ھو، جي اھو به نه لکندو ھو ته فريادي وري ٽئين ۽ چوٿين دروازي تي ويندو ھو. جيڪڏھن انهن مان ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو ته فريادي صدرجھان سرڪاري قاضيءَ وٽ ويندو ھو. اتفاق سان جيڪڏھن انهي به سندس فرياد رسي نه ڪئي، ته پوءِ ھو سڌو بادشاھه وٽ لنگھي ويندو ھو، جنهن جي عام اجازت ھوندي ھئي. پوءِ بادشاھه کي جيڪڏھن بلڪل يقين ٿي ويندو ھو ته انهن اميرن ۽ قاضيءَ وٽ فريادي ويو ھو ۽ ھنن مان ڪنهن به شڪايت نه لکي موڪلي، ته ھنن کي تمام گھڻو ڳالھائيندو ھو. اھڙيءَ طرح فريادين جا سڀ لکيل بيان بادشاھه، عشا کان پوءِ، خود پڙھندو ھو.

    ڏڪار ۾ ماڻھن کي کاڌو رسائڻ
    جڏھين ھندستان ۽ سنڌ جي ملڪن ۾ ڏڪار پيو، تڏھن مھانگائي ايتري ته وڌي ويئي جو، ڪڻڪ ڇھه دينار في مڻ ٿي ويئي. ان وقت بادشاھه حڪم ڏنو ته دھليءَ جي سڀني رھواسين، ننڍي، وڏي غلام خواهه آزاد کي ڏيڍ رطل مغربي في ماڻھوءَ جي حساب سان ڇھن مھينن جو راشن (سرڪاري) گودامن مان، ھڪدم ڏنو وڃي. پوءِ فقيه ۽ قاضي شھر جي ھر ھڪ محلي وارن جون لسٽون ٺاھي حاضر ڪندا پئي ويا ۽ ھر ماڻھوءَ کي ڇھن مھينن جو راشن ملندو ٿي رھيو.

    ________________________________________

    (1) قصر الزفاف – زفافھ جي معنيٰ آھي، گھوٽ ۽ ڪنوار جي پھريون دفعو ھمبستر ٿيڻ واري جاءِ (ڏسو لغات ڪشوري صفحو ٢٢١)
    (1) ھتي ابن بطوطه انهيءَ سھري جي ڳالھه ٿو ڪري جيڪو شاديءَ وقت گھوٽن کي ٻڌندا آھن. سنڌيءَ ۾ ان سھري کي موڙ ڪري چوندا آھن. موڙ ھندستان جي قديمي رسم آھي – مترجم
    (1) الجزات – ھتي ابن بطوطه شايد گجرات جو ذڪر ٿو ڪري، ڇو ته الجزات جو ڪوبه ملڪ ھندستان ۾ ڪونهي. مترجم.
    (1) قصاص – خون جو بدلو خون، خون جو قصاص ائين ٿيندو آھي، جو خونيءَ کي خون ٿيل جي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو آھي، جيڪي قصاص ۾ ان کي ماري ڇڏيندا آھن؛ يا وري جي خوني انهن کي رپيا ڏيئي راضي ڪري ته به ٿي سگھي ٿو بادشاھه به ھندوءَ کي مال ڏيئي راضي ڪيو ھو، نه ته قصاص ۾ مارجي وڃي ھا. مترجم


    باب ڇھون

    فصل پھريون

    ھن وقت تائين بادشاھه جي تواضع، انصاف ۽ سخاوت جون ڳالھيون جيڪي غيرمعمولي ھيون، ٻئي بيان ڪيون اٿم. انهن سڀني چڱين عادتن کان سواءِ ھو خونخوار به انتها درجي جو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪو اتفاق ھوندو ھو، جو سندس دروازي تي ڪنهن کي قتل نه ڪيو ويندو ھو. گھڻو ڪري دروازي تي ماڻھن جا لاش پيا ھوندا ھئا. ھڪ ڏينهن جي ڳالھه آھي ته مان محل ڏانهن ويس ته اتي ڪنهن سفيد شيءِ کي ڏسي منهنجي گھوڙي وٺي ٽاهه کاڌو. مون سان گڏ ھڪ ماڻھو ھو، جنهن ٻڌايو ته اھو ھڪ شخص جو ڌڙ آھي، جنهن مان ٽي ٽڪرا ڪيا ويا آھن.
    ھي بادشاھه ننڍي خواه وڏي ڏوھه جي ھڪجھڙي سزا ڏيندو ھو، جنهن ۾ علم وارن، شريفن يا صالحين سان به ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ھئي. ديوان خاني ۾ ھر روز سوين ماڻهو ھٿڪڙين ۽ زنجير پيل حاضر ڪيا ويندا ھئا، جن مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو ھو، ڪن کي عذاب ڏنا ويندا ھئا ته ڪن کي وري مارون ڏنيون وينديون ھيون. ھن جو دستور ھوندو ھو ته جمعي جي ڏينهن کان سواءِ ٻين ڏينهن تي سڀني قيدين کي ديوان خاني ۾ گھرائيندو ھو. جمعي جي ڏينهن ھو (قيدي) ٻاھر ڪو نه نڪرندا ھئا، ڇو ته ان ڏينهن ھو حجامت وغيره ڪرائي آرام ڪندا ھئا. خدا انهيءَ مصيبت کان پناھه ڏئي.

    پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائڻ جو بيان
    ھن جو ڀاءُ ھوندو ھو جنهن جو نالو ھو مسعود خان ھن جي ماءُ سلطان علاؤ الدين (خلجي) جي ڌيءَ ھئي. ھيءُ شھزادو اھڙو ته سھڻو ھوندو ھو، جو سندس مٽ مون اڄ تائين ڪو نه ڏٺو آھي. ھن ويچاري تي الزام لڳايو ويو ھو ته ھو بغاوت ٿو ڪري. جڏھن ھن کان انهيءَ بابت پڇيو ويو تڏھن عذابن جي خوف کان کڻي مڃيائين. ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته اھڙي ڏوھه جي ملزمن جي انڪار تي کين ڪيترائي عذاب ڏنا ويندا ھئا، تنهن کان ھڪ دفعو مرڻ بلڪل آسان ھو. بادشاھه حڪم ڏنو ته مارڪيٽ جي وچ تي سندس سر جدا ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان قتل ٿيڻ کان پوءِ حسب دستور ٽي ڏينهن سندس لاش اتي ئي پيو ھو. ھن واقعي کان ٻه سال اڳ ھن مسعود خان جي ماءُ انهيءَ ساڳئي جاءِ تي سنگسار ڪئي ويئي ھئي. ھن زنا جو اعتراف ڪيو ھو، تنهن ڪري قاضي ڪمال الدين ھن کي سنگسار ڪرايو ھو.

    بادشاھه جو ھڪ ئي وقت ساڍا ٽي سئو ماڻھو مارائڻ
    ھڪ دفعي بادشاھه، جابلو ڪافرن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ، ملڪ يوسف بغرا جي سپھه سالاريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر موڪليو، يوسف جڏھن انهيءَ وڏي لشڪر سان ٻاھر نڪتو تڏھن واٽ تي انهن مان ڪيترا اختلاف ڪري لشڪر مان ڀڄي ويا ۽ اچي شھر ۾ پنهنجن گھرن ۾ ويھي رھيا. ھيءُ سڄو واقعو يوسف بادشاھه کي لکي موڪليو، جنهن حڪم ڪيو ته سڄي شھر جي حصن ۾ سپاھي ڦري وڃن ۽ ڀڄندڙن مان جيڪو به ملي سگھي، تنهن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان ٽي سو پنجاھه اھڙا ماڻھو پڪڙيا ويا جن کي ھڪ ئي ھنڌ مارايو ويو.

    شيخ شھاب الدين کي عذاب ڏيئي قتل ڪرائڻ
    ھيءُ شيخ شھاب الدين بن شيخ احمد جام خراساني، شھر جي وڏن مشائخن، صالحن ۽ فاضلن مان ھڪ ھوندو ھو ۽ چوڏھن ڏينهن جو روزو رکندڙ ھو. ھن جي زيارت لاءِ اڳين بادشاھن مان، سلطان قطب الدين ۽ تغلق شاھه پڻ ويندا ھئا، سندس دعا جا خواھشمند رھندا ھئا ۽ کيس تمام گھڻي عزت ڏيندا ھئا.
    جڏھن سلطان محمد شاھه بادشاھه ٿيو تڏھن ارادو ڪيائين ته شيخ شھاب الدين کي به پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکان. ڇو ته ھو عادت موجب سڀني مشائخن ۽ عالمن کي نوڪريءَ ۾ رکندو ويندو ھو ۽ اھا حجب اٿاريندو ھو ته صدر الاول رضه الله عنه (خلفاءِ راشدين) اھل علم ۽ اھل صلاح کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪا نوڪري ڪو نه ڏيندا ھئا. شيخ شھاب الدين ھن جي آڇ تي انڪار ڪيو. جڏھن بادشاھه ڀريءَ عام درٻار ۾ عرض ڪيس تڏھن به صاف جواب ڏيئي ڇڏيائينس. بادشاھه کي تنهن تي ڏاڍا خار لڳا ۽ شيخ ضياءُ الدين سمناميءَ کي حڪم ڏنائين ته شيخ شھاب الدين جي ڏاڙھي پٽ ضياءُ الدين تنهن تي انڪار ڪندي چيو ته اھڙو ڪم مون کان نه ٿيندو. تنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن ٻنهي جي ڏاڙھي پٽي وڃي. جڏھن ٻنهي جي ڏاڙھي پٽي ويئي، تڏھن ضياءُ الدين کي تلنڪ (تلنگانه) ڏانهن ڪڍي ڇڏيائين. جتان ڪجھه وقت کان پوءِ کيس (وزو کل) وارنگل جو قاضي مقرر ڪري موڪليائين،جتي ئي ھو آخري دم تائين رھيو ۽ شھاب الدين کي وري دولت آباد موڪلي ڇڏيائين، جتي ھو ست سال کن رھيو، پوءِ ھن کي واپس گھرايو ويو ۽ گھڻي عزت ۽ آبروءَ سان ھن کي عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ جي ڪم تي مقرر ڪيائين. پوءِ وري ھن کي اتان به گھرائي تمام گھڻي عزت ڏيئي کيس عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ وارن جي شعبي تي، ديوان مقرر ڪري، وري به کيس عزت ۽ مال ڏنائين ۽ اميرن کي حڪم ڪيائين ته ھن جي سلاميءَ لاءِ ھن وٽ ويندا ڪن، ۽ جيئن ھو چوي تيئن ڪن. ايتري قدر، جو بادشاھه جي گھر ۾ ھن کان وڌيڪ عھديدار ٻيو ڪو نه ھو.
    جڏھن بادشاھه پنهنجي لاءِ گنگا نديءَ جي ڪناري تي ھڪ محل ٺھرايو جنهن جونالو رکيائين سرنڪ دوار (سرگ دوار) معنيٰ بهشت جو ٽڪرو (شبته الجنت) ۽ ٻين ماڻھن کي به حڪم ڏنائين ته پنهنجا پنهنجا گھر اتي ٺاھيو، تڏھن شيخ شھاب الدين کي به اھڙو حڪم ڏنائين، پر ھن پنهنجيءَ جاءِ تي رھڻ جي اجازت گھري، جنهن تي بادشاھ کيس اجازت ڏني ۽ دھليءَ کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ غيرآباد زمين جي ايراضي به ھن کي ڏيئي ڇڏي. شيخ شھاب الدين انهيءَ زمين ۾ ھڪ وڏو غار کوٽايو، جنهن ۾ گھر، گودام، تنور، حمام ۽ ٻيون ضروري جايون ٺھرايائين، ۽ جمنا نديءَ مان ھڪ واهه ڪڍائي پنهنجي زمين آباد ڪرايائين.
    انهن ڏينهن ملڪ ۾ ڏڪار ھو، تنهن ڪري ھن کي اناج جي واپار مان تمام گھڻو فائدو ٿيو. اڍائي سالن تائين، جيسين بادشاھه دھلي کان ٻاھر رھيو، تيسين شھاب الدين اطمينان سان پنهنجي غار ۾ ويٺو رھيو. سندس نوڪر ڏينهن جو زمين تي ڪم ڪار ڪري، پنهنجن ڍورن ڍڳن سميت رات جو غار ۾ وڃي دروازو بند ڪري ڇڏيندا ھئا، ڇو ته آسپاس جي جبلن ۾ چور ۽ ڊاڪو رھندا ھئا، جن مان ھر وقت کين خطرو ھوندو ھو.
    بادشاھه جڏھن دارالخلافه ڏانهن واپس اچي رھيو ھو، تڏھن شيخ شھاب الدين ستن ميلن جي مفاصلي تي وڃي سندس استقبال ڪيو. بادشاھه سندس تمام گھڻي عزت ڪئي. ساڻس ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو، ان کان پوءِ شيخ پنهنجي غار ڏانهن ھليو آيو، ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاھه شيخ کي گھرايو، جنهن تي شيخ وڃڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھه وري مخلص الملڪ الندر باريءِ کي جيڪو وڏن اميرن مان ھو، ھن وٽ موڪليو. جنهن اچي شيخ سان تمام نهٺائيءَ ۽ نرمي سان گفتگو ڪئي ۽ کيس سمجھائيندي بادشاھه جي غصي کان به ڊيڄاريائينس. شيخ جواب ڏنس ته مان ھن ظالم بادشاھه جي نوڪري وغيره اصل نه ڪندس.
    مخلص الملڪ واپس بادشاھه وٽ آيو ۽ جيڪو شيخ چيو ھو، سو اچي ٻڌايائينس، جنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته شيخ کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. شيخ کي جڏھن پڪڙي آندو ويو، تڏھن بادشاھه پڇيس ته ڇا تون مون کي ظالم ٿو چوين؟ شيخ ترڪي بترڪي جواب ڏنس ته ھائو تون وڏو ظالم آھين ۽ تو فلاڻا فلاڻا ظلم ڪيا آھن. شيخ دھليءَ جو شھر ڦٽائڻ ۽ اتي جي رھواسين کي دولت آباد وٺي وڃڻ جو به بيان ڪري ٻڌايس. بادشاھه يڪدم پنهنجي تلوار ڪڍي صدرالجھان قاضيءَ جي ھٿ ۾ ڏني ته مون کي ظالم ثابت ڪري ھن تلوار سان منهنجي سسي لاھي ڇڏ. تڏھن شھاب الدين چيس ته جيڪو شخص توتي ظالم ھجڻ جي گواھي ڏيندو سو خود قتل ڪيو ويندو، تنهن ڪري تون ڪيئن ظالم ثابت ٿيندين، پر تون پاڻ ڄاڻين ٿو ته تون ظالم آھين. ھي ٻڌي بادشاھه کيس دويدارية (دوادار) جي سردار ملڪ نڪبه جي حوالي ڪيو، جيڪو ھن کي سندس ھٿ ٻڌي، پيرن ۾ چار زنجيرون وجھي، وٺي ويو.
    چوڏھن ڏينهن تائين شيخ نه ڪجھه کاڌو نه پيتو، بلڪ ائين ئي رھيو، ھر روز کيس ديوان خاني ۾ وٺي ايندا ھئا، جتي نقيھھ ۽ مشائخ گڏ ٿي کيس چوندا ھئا ته پنهنجا لفظ واپس وٺي. پر ھو ھر وقت چوندو رھيو ته مان پنهنجا لفظ واپس ڪڏھن ڪو نه وٺندس ۽ مان شھيدن ۾ شامل ٿيڻ ٿو گھران. آخر چوڏھين ڏينهن بادشاھه ھن کي مخلص الملڪ جي ھٿان کاڌو ڏياري موڪليو. پر شيخ کائڻ کان جواب ڏيندي چيس ته اھو کاڌو بادشاھه ڏانهن واپس کڻي وڃ، جو منهنجو رزق ھينئر ھن زمين تان کڄي ويو آھي.
    بادشاھه ھن خبر پھچڻ سان حڪم ڪيو ته شيخ کي پنج استار پائخاني جا جيڪو اڍائي رطل مغربي جيترو ٿيندو – کارايو وڃي. ھن حڪم تي جي ڪافر مقرر ٿيل ھوندا ھئا سي يڪدم اٿيا. ڇا ڪيائون، جو شيخ کي زمين تي سنئون سمھاري، سندس وات لوھه جي ڪلين سان کولي، پائخانو پاڻيءَ ۾ ملائي، پياري ڇڏيائونس! ٻئي ڏينهن شيخ کي صدر جھان قاضيءَ وٽ وٺي ويا، جتي فقيهن ۽ مشائخن گھڻو ئي سمجھايس ۽ ھيٺيون مٿيون ڏنائونس ته پنهنجا لفظ واپس وٺ پر ھن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ۾ سندس سر ڪپو ويو، خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

    مدرسي جي فقيه عغيف الدين ڪاشانيءَ کي ۽ ٻن فقيهن کي ھن سان گڏ قتل ڪرائڻ
    ڏڪار جي زماني ۾ بادشاھه حڪم ڪيو ھو ته دارالملڪ (دارالخلافه) کان ٻاھر کوھه کوٽائي ان تي آبادي ڪرائي وڇي ۽ ماڻھن کان ان لاءِ ٻج ۽ پوک لاءِ ضرورت آھر مدد ورتي وڃي. ھي سڀ زبردستيءَ سان، سرڪاري گودامن کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ٿي ويو. فقيه عفيف الدين کي جڏھن اھا خبر پيئي تڏھن ھو چوڻ لڳو ته اھڙيءَ پوک مان عوام کي ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو، وغيره.
    ڪنهن بادشاھه کي به ھيءَ خبر وڃي ڪئي، جنهن تي بادشاھه ھن کي سلطنت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ کڻي جيل ۾ رکيو، ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڇڏي ڏنائينس. آزاديءَ ملڻ کان پوءِ جڏھن ھو گھر وڃي رھيو ھو، تڏھن واٽ تي ٻه دوست، جي به فقيه ھئا مليس. انهن چيس ته خدا جا لک شڪرانا جو تون آزاد ٿئين! تنهن تي فقيه (عفيف الدين) وراڻي ڏني ته ھائو خدا جو شڪر آھي، جنهن مون کي ظالمن جي قوم کان بچايو. اڃا ھو ٽيئي ٽڙي پکڙي پنهنجي گھرن ۾ مس پھتا، ته اھا خبر بادشاھه تائين پھچي ويئي، جنهن ٽنهي کي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيو.
    جڏھن ٽيئي ڄڻا حاضر ڪيا ويا تڏھن بادشاھه جي حڪم موجب عفيف الدين جو سر ڌڙ سوڌو وڍي کيس ٻه ٽڪر ڪيو ويو ۽ ٻن فقيهن لاءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته ھنن جا سر وڍي ڦٽي ڪيا وڃن. ھنن ٻنهي التجا ڪئي ته عفيف الدين کي سندس بدڪلاميءَ سبب اھا سزا ڏني وئي، پر اسان ته نه ڪجھه چيو نه آکيو، اسان کي آخري ڪھڙي گناھھ جي سزا ڏني ٿي وڃي! تنهن تي بادشاھه چيو ته توھان ھن جي ڳالھه ٻڌي ان جي مخالفت نه ڪئي ۽ کڻي ماٺ ڪيو، ڄڻ ته توھان به ھن سان شامل راءِ ھئا. آخر ٽنهي کي اھڙي طرح قتل ڪيو ويو، خدا شل ھنن سڀني تي رحم ڪري.

    بادشاھه جو ٻن سنڌي فقيهن کي، جيڪي سندس نوڪري ۾ ھئا، قتل ڪرائڻ
    ھنن ٻن سنڌي فقيهن کي بادشاھه حڪم ڏنو ته توھان فلاڻي امير سان، جنهن کي فلاڻي ملڪ جو والي مقرر ڪيو اٿم، گڏجي اتي وڃو. ۽ ائين به چيائين ته مون ان ملڪ جي رعيت توھان جي سپرد ڪئي آھي، تنهن ڪري ھيءُ امير به جيئن توھان چوندا تيئن ڪندو رھندو. تنهن تي ھنن ٻنهي عرض ڪيو ته اسان ھن امير تي شاھدن وانگر رھنداسين ۽ جيڪي ڪجھه سچ ھوندو، ھن کي چوندا رھنداسين. بادشاھه ھي ٻڌي چيو ته توھان جي نيت ٺيڪ نه آھي ۽توھان جو خيال آھي ته توھان منهنجو مال کائيندا رھو ۽ ھن بيوقوف ترڪي امير تي ان جو الزام لڳائيندا رھو! ھي ٻڌي ٻنهي سنڌي فقيهن ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته اي اخوند عالم! خدا جو قسم، اسان جي اھا نيت نه آھي. بادشاھه فرمايو ته انهيءَ کان سواءِ توھان جي ٻي ڪا به نيت ڪا نه آھي ۽ حڪم ڏنائين ته ھنن ٻنهي کي شيخ زادھ نهاونديءَ وٽ وٺي وڃو.
    ھيءُ شيخ زادو ماڻھن کي عذاب ڏيڻ تي مقرر ٿيل ھوندو ھو. جڏھن ھنن فقيهن کي ان وٽ آندو ويو تڏھن ھن کين سمجھائيندي چيو ته بادشاھه توھان ٻنهي کي قتل ڪرڻ ٿو چاھي، تنهن ڪري خيريت انهيءَ ۾ اٿو ته کڻي پنهنجو ڏوھه قبول ڪريو ۽ پاڻ کي عذابن کان بچايو. ھنن جواب ڏنو ته اسان جي جيڪا نيت ھئي تنهن جو عرض بادشاھه کي ڪري ڇڏيو اٿئون.ھي ٻڌي شيخ زاده نهاونديءَ پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڪيو ته ھنن کي عذاب جو مزو چکايو وڃي. جنهن تي ھنن ٻنهي فقيهن کي زمين تي سنئون سمھاري، سندن سينن تي تتل لوھه جون سرون کڻي رکيون. ٿوري وقت کان پوءِ جڏھن گوشت انهن سرن سان گڏ ھليو آيو، پوءِ سندن انهن زخمن تي پيشاب سان مليل خاڪ رکي ويئي.
    ھن عذاب کان پوءِ ھنن ڏوھه قبول ڪندي چيو ته اسان جي برابر اھائي نيت ھئي جيڪا بادشاھه سمجھي ھئي ۽ اسان برابر قتل جا حقدار آھيون، ڇو ته سچا پچا ڏوھاري آھيون ۽ اسان پنهنجي قتل لاءِ ٻنهي جھانن ۾ دعويٰ نه ڪنداسين. ھيءَ سڄي خبر خط ذريعي بادشاھه کي پھچائي ويئي. بادشاھه سڄو ئي ڪيس وري قاضيءَ کي فتوا لاءِ موڪلي ڏنو، جنهن ان تي مھر ھڻي پنهنجي ھٿ سان نوٽ لکيو ته ھي ٻيئي فقيه بنا ڪنهن عذاب ۽ سختيءَ جي پنهنجو ڏوھه قبول ٿا ڪن. – جيڪڏھن ھو کڻي ائين به لکائين ھا ته اسان پنهنجو ڏوھه عذابن جي تڪليفن کان پوءِ قبول ڪيو آھي ته وري به کين نموني نموني جا عذاب ڏنا وڃن ھا، تنهن ڪري ھنن انهيءَ ڳالھه کي سمجھي، ھڪ دفعي سر لھڻ انهن عذابن کان وڌيڪ آسان ٿي ڄاتو. آخر سندن سر لاٿا ويا. خدا ھنن ٻنهي تي شل رحمت ڪري.

    شيخ ھود کي قتل ڪرائڻ
    ھن جو اصل نالو شيخ زادھ ھود ھو ۽ الشيخ الصالح الولي رڪن الدين بن بهاءَ الدين بن ابي ذڪريا ملتانيءَ جو پوٽو ھو. بادشاھه سندس ڏاڏي رڪن الدين ۽ ان جي ڀاءُ عمادالدين جي تمام گھڻي عزت ڪندو ھو. عماد الدين شڪل ۾ ھوبهو بادشاھه جي شڪل جھڙو ھوندو ھو، تنهن ڪري ھن کي ڪشلو خان واريءَ لڙائي جي ڏينهن دشمنن خود بادشاھه سمجھي ماري ڇڏيو ھو. ان جي بدلي ۾ بادشاھه شيخ رڪن الدين کي ھڪ سئو ڳوٺ جاگير ۾ ڏنا ھئا ته انهن جي آمدنيءَ مان خانقاھ جي لنگر جو خرچ ھلائيندو رھي.
    شيخ رڪن الدين جي وفات کان پوءِ شيخ ھود پنهنجي ڏاڏي جي وصيت موجب انهيءَ خانقاه جو سجاده نشين ٿيو، پر شيخ رڪن الدين جو ھڪ ڀائٽيو ھو جنهن پنهنجي چاچي جي ورثي لاءِ حقدار ھجڻ جي دعويٰ ڪئي . ٻيئي نبيري لاءِ بادشاھه وٽ دولت آباد آيا. دولت آباد ملتان کان اسي منزلون پري آھي. بادشاھه شيخ رڪن الدين جي وصيت موجب شيخ ھود کي سجاده نشين مقرر ڪيو. شيخ ھود عمر ۾ وڏو ۽ شيخ رڪن الدين جو ڀائيٽيو اڃا نوجوان ھو. بادشاھه حڪم ڏنو ته شيخ ھود جي گھڻي عزت ۽ آبرو ڪئي وڃي ۽ جنهن به منزل تي لھي ته اتي بادشاھه جي طرفان سندس دعوت جو انتظام ڪيو وڃي. تنهن کان سواءِ شھر جي سڀني عملدارن کي حڪم ٿيو ته ھن جي استقبال ڪرڻ لاءِ وڃن. تنهن ڪري ھو جڏھن دارالخلافه ۾ پھتو تڏھن شھر جا سڀ فقيه، قاضي ۽ مشائخ سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيا، جن ۾ مان پڻ شامل ھوس.
    شيخ ھڪ پالڪيءَ ۾ ويٺو ھو، جنهن کي ماڻھو کڻي ھلي رھيا ھئا ۽ سندس گھوڙا ڊڙڪي ھلي رھيا ھئا. اسان ھن کي ظاھڙي سلام ڪيو پر اسان کي سندس پالڪيءَ ۾ سواري ڪرڻ بلڪل ڪا نه وڻي. مون ڪنهن شخص سان ڳالھه پئي ڪئي ته ھن کي گھوڙي تي سوار ٿي، قاضي ۽ مشائخ وغيره جيڪي سندس استقبال لاءِ آيا آھن، تن سان گڏ ھلڻ گھرجي. ھن کي به ڪنهن اھا ڳالھه وڃي ٻڌائي؛ تنهن تي ھو گھوڙي تي سوار ٿي ھلڻ لڳو، ۽ پالڪيءَ جي سواري ڪرڻ جو سبب پئي ڏنائين ته ڪنهن سور(درد) جي ڪري گھوڙي تي چڙھي نٿي سگھيو.
    جڏھن ھو دارالخلافه ۾ پھتو، تڏھن بادشاھه جي خرچ سان ھڪ دعوت جو انتظام يڪو ويو جنهن م قاضي، فقيه ۽ غير ملڪي ماڻھن کي به شامل ڪيو ويو. کاڌي کان پوءِ ھر ھڪ کي سندس درجي آھر انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا. جيئن ته قاضي القضات کي پنج سو دينار مليا ۽ مون کي اڍائي سو دينار، وغيره. ھي ھن ملڪ جو رواج آھي ته ھر ھڪ شاھي دعوت جي موقعي تي ھن قسم جا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا آھن. ھن کان پوءِ شيخ ھود پنهنجي شھر ڏانهن روانو ٿيو. بادشاھه ھن سان گڏ شيخ نورالدين شيرازيءَ کي به موڪليو ته ھو اتي وڃي کيس پنهنجي ڏاڏي جو سجاده نشين بنائي. اتي پڻ بادشاھه جي خرچ سان ھڪ وڏي دعوت ڪئي ويئي ھئي.
    شيخ ھود ڪيترن ئي سالن تائين سجاده نشين رھيو. ھڪ دفعي سنڌ جي حاڪم عماد الملڪ بادشاھه کي لکي موڪليو ته شيخ ھود ۽ سندس عزيز دولت ۽ مال گڏ ڪندا ٿا وڃن ۽ اجاين ڪمن تي خرچ ڪندا ٿا رھن. باقي خالنقاه ۾ ڪنهن کي به ماني نٿا کارائين. جنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته سندس مال ضبط ڪيو وڃي. عماد الملڪ ھنن سڀني کي گھرايو ۽ ڪن کي ته جيل ۾ وجھي ڇڏيائين ۽ ڪن کي مار موچڙو ڪري، ھنن کان ويھه ھزار دينار روزانا وصول ڪندو رھيو. ايتري قدر، جو ھنن وٽ آخر ڪجھه نه رھيو. ھنن جي گھرن مان تمام گھڻي دولت ۽ قيمتي سامان نڪتو، جن مان ھڪ جتيءَ جو جوڙو اھڙو ته عمدو ھو، جو ان تي ياقوت ۽ جواھرن جو ڪم ٿيل ھو ۽ انهن جي قيمت ست ھزار دينار چئي ٿي ويئي، ڪنهن ٿي چيو ته اھو جتيءَ جو جوڙو شيخ ھود جي ڌيءَ جو ھو ۽ ڪنهن ٿي چيو ته اھو سندس دلپسند ٻانهيءَ جو ھو.
    جڏھن شيخ تي تمام گھڻي سختي ڪئي ويئي، تڏھن ھن ترڪستان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر ھي پڪڙجي پيو. عبدالملڪ بادشاھه کي سمورو احوال لکي موڪليو، جنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته شيخ ھود ۽ جنهن شخص کيس پڪڙيو آھي، ٻنهي کي مون ڏانهن موڪلي ڏي. ھو ٻيئي جڏھن دارالخلافه ۾ پھتا، تڏھن جنهن شخص شيخ ھود کي پڪڙيو ھو، تنهن کي آزاد ڪيو ويو، باقي شيخ ھود کان بادشاھه پڇيو ته تون ڪيڏانهن ٿي ڀڄي وئين؟ تنهن تي شيخ لڳو عذر ۽ بهانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ بادشاھه آخر چيس ته تو ارادو ڪيو ھو ته ترڪستان ڀڄي وڃي اتي چئين ته مان شيخ بهاءَ الدين ذڪريا جو پٽ آھيان ۽ اتي جي بادشاھه مون سان ھيءُ سلوڪ ڪيو آھي ۽ پوءِ تون انهن کي پنهنجي مدد لاءِ وٺي اچي اسان کي قتل ڪرائين ھا. بادشاھه ائين چئي، سندس سر لاھڻ جو حڪم ڏنو ۽ اھڙي طرح سان ھو قتل ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

    ابن تاج العارفين ۽ ان جي اولاد کي قيد ڪرائڻ ۽ مارائڻ
    شيخ شمس الدين ابن تاج العارفين، ڪول جي شھر ۾ رھندو ھو، ۽ ھڪ وڏو تارڪ الدنيا عابد شخص ھوندو ھو. جڏھن بادشاھه ڪول جي شھر ۾ ويو ھو، تڏھن شيخ شمس الدين کي پاڻ وٽ گھرايو ھئائين. پر ھو بادشاھه جي سڏ تي نه ويو. تنهن ڪري بادشاھه پاڻ ھلي ھن جي ملاقات لاءِ ويو. بادشاھه جڏھن ھن جي گھر جي ويجھو پھتو، تڏھن ھو ڪيڏانهن کسڪي نڪري ويو ۽ بادشاھه سان ملاقات نه ڪيائين.
    ان واقعي کان پوءِ ڇا ٿيو، جو ھڪ امير بادشاھه جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن وڃي سندس بيعت ڪئي. بادشاھه کي ڪن ھن وڃي خبر ڪئي ته ھڪ دفعي جڏھن شيخ شمس الدين جي مجلس ۾، انهيءَ امير جي ڳالھه نڪتي ھئي، تڏھن شيخ صاحب سندس گھڻي تعريف ڪندي چيو ھو ته واقعي ھو بادشاھه ٿيڻ جي لائق آھي. اھو ٻڌي بادشاھه يڪدم ھڪ امير کي حڪم ڏنو ته وڃي شيخ شمس الدين کي گرفتار ڪري اسان وٽ وٺي اچ. جنهن تي ھو وڃي شيخ، سندس پٽن، ڪول جي قاضيءَ ۽ محتسب کي ٻڌي وٺي آيو، ڇو ته اھي سڀيئي انهيءَ مجلس ۾ شريڪ ھئا، جنهن ۾ شيخ صاھب انهيءَ باغي امير جي تعريف ڪئي ھئي. بادشاھه حڪم ڏنو ته انهن کي قيد ۾ رکيو وڃي.پوءِ محتسب ۽ ڪول جي قاضيءَ کي انڌو ڪيو ويو ۽ شيخ شمس الدين قيد ۾ ئي وفات ڪئي، ان بعد قاضيءَ ۾ محتسب کي قيد خاني وارا ھر روز ماڻھن کان خيرات پنڻ لاءِ ٻاھر وٺي ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح وري کين وڃي قيد ۾ وجھندا ھئا.
    بادشاھه کي اھا به خبر پھتي ھئي ته شيخ صاحب جي پٽن جو ھندن سان تمام گھڻو رستو ھوندو ھو ۽ ڪيترائي باغي ھندو ھنن وٽ ايندا ويندا رھندا ھئا. جڏھن شيخ صاحب وفات ڪري ويو، تڏھن سندس پٽن کي قيد خاني مان ڪڍي بادشاھه جي سامھون وٺي آيا. بادشاھه کين چيو ته جيڪي ڪجھه به توھان ڪيو سو ڪيو، پر ھن کان پوءِ وري ڪڏھن به نه ڪجو. تنهن تي جواب ڏنائون ته اسان اڳ ۾ به ڪجھه نه ڪيو آھي، بادشاھه ھنن جي جواب تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ حڪم ڏنائين ته ھنن سڀني کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي. ان بعد بادشاھه قاضيءَ مذڪور کي گھرائي چيو ته ھنن قتل ٿيل جوانن جي پوئلڳن ۽ دوستن جا نالا ٻڌاءِ، جنهن تي ھن ڪيترن ئي ماڻھن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا. جڏھن باشاھه انهن ڏنل نالن جي فھرست ڏٺي تڏھن (غصي ۾ ڀرجي) چيائين ته ھيءُ شخص سڄي شھر کي برباد ڪرڻ ٿو گھري، تنهن ڪري ھن جو سر ڪپيو وڃي، پوءِ ان جو به سر لاٿو ويو، خدا ھن تي رحمت ڪري.

    شيخ علي حيدريءَ کي قتل ڪرائڻ
    شيخ علي حيدريءَ نالي ھڪ بزرگ شخص کنڀات جي شھر، جيڪو ھندستان جو ھڪ بندرگاھه آھي، رھندو ھو. ھو ھڪ وڏو مشھور ۽ معروف درويش ڪري مڃيو ويندو ھو. ايتري قدر جو سمنڊ ۾ ڏکين وقتن تي، سوداگر ھن جي نالي جون باسون باسيندا ھئا ۽ جڏھن (صحيح سلامت) ھن بزرگ جي سلام لاءِ ايندا ھئا تڏھن ھيءُ ڪشف جي زور تي کين سندن سڀ احوال ٻڌائي ڇڏيندو ھو. ڪنهن وقت جيڪڏھن ڪو سوداگر وڏي باس باسيندو ھو ۽ نيت ڦيرائي ڇڏيندو ھو ته شيخ وٽ اچڻ وقت، شيخ کيس چوندو ھو ته تو ھيتري باس باسي ھئي، تنهن ڪري ھاڻي پنهنجي ڳالھه پوري ڪر. ڪيترا ئي دفعا جو اھڙا اتفاق ٿيا، سو شيخ پاڻ اڳي کان به وڌيڪ مشھور ٿيڻ لڳو.
    جڏھن قاضي جلال الدين افغانيءَ ۽ ان جي قبيلي ھن ملڪ ۾ بغاوت ڪئي، تڏھن بادشاھه کي معلوم ٿيو ته شيخ حيدريءَ قاضي جلال الدين لاءِ دعا گھري آھي ۽ پنهنجي مٿي جي ٽوپي پڻ ھن کي ڏني اٿس، نه رڳو ايترو پر ھن جي ھٿ تي بيعت به ڪري ڇڏي اٿس. جڏھن بادشاھه پاڻ پنهنجي سر ان بغاوت کي بند ڪرڻ لاءِ آيو ۽ قاضي جلال الدين کي شڪست نصيب ٿي، تڏھن شرف الملڪ امير بخت کي کنڀات ۾ ڇڏي، پاڻ واپس موٽي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏيئي ويو ته باغين کي ڳولي ھٿ ڪري، کين مناسب سزائون ڏيئي ڇڏي. ھن سان گڏ بادشاھه ڪي فقيه به ڇڏي ويو، جن لاءِ کيس حڪم ڏنو ھئائين ته ھنن جي صلاح موجب ھلندو رھي. شرف الملڪ، شيخ علي حيدريءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ جڏھن اھو ثابت ٿيو ته ھن قاضي جلال الدين کي پنهنجي ٽوپي ڏني ھئي ۽ ھن جي لاءِ دعا به گھري ھنائين، تڏھين فقيهن(يڪراءِ) ھن جي قتل جو حڪم ڏنو. پر جڏھن جلاد ھن تي تلوار ھلائي، تڏھن تلوار پنهنجو ڪم ڪري نه سگھي. ان تي ماڻھن کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ سمجھيائون ته ھاڻي ھن کي معاف ڪيو ويندو، پر شرف الملڪ وري ھڪ ٻئي جلاد کي حڪم ڪيو، جنهن ھن جو سر لاھي ڇڏيو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

    طوغان ۽ ان جي ڀاءَ کي قتل ڪرائڻ
    طوغان فرغاني ۽ ان جو ڀاءُ، فرغانه جي وڏن ماڻھن مان ليکيا ويندا ھئا. ھو جڏھن بادشاھه وٽ لنگھي آيا ھئا، تڏھن ھنن جي تمام شاندار مرحبا ڪئي ويئي ھئي ۽ گھڻو ئي ڪجھه کين عطا ڪيو ويو ھو. پوءِ ھو ڪيترو وقت بادشاھه وٽ رھيا ۽ جڏھن کين ڪافي عرصو گذري ويو، تڏھن ھنن پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھنن ڀڄڻ جو سڄو انتظام ڪري ڇڏيو ھو. پر سندن ڪنهن دوست وڃي بادشاھه کي سڄي حقيقت ٻڌائي، جنهن تي بادشاھه حڪم ڏنو ته (ھنن کي پڪڙي) کين وچان وڍي، اڌو اڌ ڪيو وڃي. پوءِ ھنن جو سمورو مال انهيءَ ماڻھوءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن سندن خلاف بادشاھه کي خبر ڏني ھئي. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي ته جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنهن ٻئي ماڻھوءَ جي خبر پھچائي ۽ اھا سچ ھجي ته ان ماڻھوءَ کي قتل ڪري سندس سمورو مال خبر ڏيندڙ کي ڏنو ويندو آھي.

    ملڪ التجار جي پٽ کي قتل ڪرائڻ
    ملڪ التجار جو ھڪ پٽ، جيڪو اڃا ننڍڙو جوان ھو ۽ مڇن جي ساوڪ به ڪا نه لٿي ھئس، سو عين الملڪ جي بعاوت وقت، (جنهن جو سڄو احوال اڳتي ايندو، ) ساڻس شامل ھو. جڏھن عين الملڪ کي شڪست آئي، تڏھن کيس ۽ ھن جي سڀني ھمراھن کي پڪڙي وٺي آيا، جن ۾ ملڪ التجار جو پٽ ۽ سندس ڀيڻيوئي قطب الملڪ جو پٽ به ھئا. بادشاھه ھنن ٻنهي لاءِ حڪم ڏنو ته سندن ھٿ ڪاٺ جي ٿنڀي سان ٻڌي کين مٿي ٽنگيو وڃي ۽ ان بعد اميرن جي پٽن کي حڪم ڏنو ويو ته انهن تي تيرن جا ”نشان“ چٽين. اھڙيءَ طرح ٻنهي کي قتل ڪيو ويو.
    جڏھن ھو ٻيئي مري ويا، تڏھن خواجه امير علي تبريزيءَ نالي ھڪ حاجب، قاضيءَ ڪمال الدين کي چيو ته ھن ننڍڙي جوان تي قتل واجبي نه ھو. بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن کيس گھرائي چيائين ته ھنن جي مرڻ کان اڳ ۾ تو اھا ڳالھه ڇو نٿي ڪئي، ۽ حڪم ڏنائين ته ھن کي به سو درا ھنيا وڃن. ان کان پوءِ کيس قيد ۾ رکيو ويو ۽ سندس سمورو مال جلادن جي سردار کي ڏنو ويو. ٻئي ڏينهن مون ان (جلاد) کي ڏٺو ته ھو امير علي تبريزيءَ جا ڪپڙا ۽ پڳ پھريو، ھن جي گھوڙي تي چڙھيو پئي ويو، ۽ پري کان مون ڀانئيو ته امير علي تبريزي آھي.
    ان بعد امير علي تبريزي ڪيترائي مھينا جيل ۾ رھيو ۽ ڪجھه عرصي گذرڻ بعد ھن کي آزاد ڪري وري کيس ساڳيو عھدو موٽائي ڏنو ويو. ان کان پوءِ وري ٻئي دفعي بادشاھه ھن تي ڪاوڙجي، ھن کي خراسان جي طرف ڪڍي ڇڏيو. تنهن ڪري ھو وڃي ھرات ۾ رھيو. اتان ھن بادشاھه ڏانهن ھڪ درخواست لکي موڪلي، جنهن ۾ رحم ۽ نظر عنايت جي تمام گھڻي عاجزيءَ سان گھر ڪيائين. بادشاھه سندس انهيءَ ئي درخواست جي پٺيان لکي موڪليس ته ”اگر بار آسدي بار (آ)“ يعني جيڪڏھن توبهه ٿو ڪرين ته ڀلي موٽي اچ، جنهن تي ھو موٽي آيو.

    خطيب الخطباءِ کي موت جي مار ڏيارڻ
    ھڪ دفعي سفر ۾ دھليءَ جي خطيب الخطباءِ کي بادشاھه حڪم ڏنو ته ”جواھرات واري خزاني جي تون سنڀال ڪر.“ اتفاق سان ھڪ رات ڪي ھندو ڊاڪو آيا ۽ اچي خزاني کي ڌاڙو ھڻي، ان مان ڪجھه مال کڻي ويندا رھيا. (ٻئي صبح جو) بادشاھه (غصي مان) حڪم ڏنو ته خطيب کي ڏاڍي مار ڏني وڃي، جنهن تي ھن کي ايترو ماريو ويو، جو آخر ھو مري ويو. خدا ھن تي رحمت ڪري.

    دھليءَ جي شھر کي برباد ڪرڻ ۽ انڌي ۽ منڊي کي مارائڻ جو عجيب واقعو
    بادشاھه سڀ کان وڏي ڳالھه اھا ڪئي ھئي، جنهن لاءِ اڪثر کيس ذميدار ٺھرايو ويندو آھي، ته ھن دھليءَ جي سڀني رھواسين کي شھر نيڪالي ڏيئي شھر کي برباد ڪري ڇڏيو ھو. انهيءَ جو خاص سبب ھيءُ ھو، جو ڪو ماڻھو بادشاھه جي لاءِ خط لکي، سيل مھر ڪري، مٿان لکندا ته ”بادشاھه جي شر جو قسم، ھيءُ خط خود بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص نه کولي.“ پوءِ ھو اھي خط رات جو وڃي، ديوان خاني ۾ رکي ايندا ھئا، بادشاھه وري جڏھن اھي خط کولي پڙھندو ھو تڏھن انهن ۾ سواءِ گارين جي ٻيو ڪجھه به لکيل ڪين ھوندو ھو.
    تنهن تي بادشاھه غصي ۾ ڀرجي دھلي جي سڄي شھر کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو. تنهن ڪري ڇا ڪيائين جو اتي جي رھواسين کي سندن رھڻ جي جاين جي اصل قيمت ادا ڪري، شھر جون سڀ جايون خريد ڪري، ماڻھن کي حڪم ڏنائين ته وڃي دولت آباد ۾ رھن. ماڻھن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته ھڪدم ڍنڍورو گمھارايائين ته پورن ٽن ڏينهن کان پوءِ شھر ۾ ڪو به ماڻھو ڏسڻ ۾ اچڻ نه گھرجي! جنهن تي ڪيترا ئي ماڻھو ھليا ويا، پر اڃا به ڪي ماڻھو اتي لڪي ويھي رھيا. بادشاھه پنهنجن غلامن کي حڪم ڏنو ته وڃي ڏسو ته شھر ۾ ڪو ماڻھو اڃا به رھيو ته ڪو نه پيوآھي. ھو ويا ٻن ماڻھن کي، جيڪي ھڪ گھٽيءَ ۾ لڪا ويٺا ھئا، پڪڙي بادشاھه وٽ وٺي آيا. انهن مان ھڪ انڌو ھو، ٻيو منڊو.
    بادشاھه انهيءَ منڊي کي ته منجنيق ۾ ويھاري کيس ھوا ڪري ڇڏيو، باقي انڌي لاءِ حڪم ڏنائين ته ھن کي دھليءَ کان دولت آباد تائين(جيڪو چاليھن ڏينهن جو پنڌ آھي،) گھلي پھچايو ويو، تڏھن ھن جو صرف ھڪ عدد پير سلامت پھتو، باقي ٻيو سڄو جسم واٽ تي ئي گسي ويس. شھر ۾ باقي ترسيل ماڻھن، جواھو واقعو ٻڌو، سو ڊپ ۾ پنهنجا مال ۽ متاع اتي ئي ڇڏي وٺي ڀڳا، اھڙيءَ طرح سڄو شھر بلڪل ويران ٿي ويو. ھڪ معتبر شخص مون سان ڳالھه ڪئي ته ھڪ رات بادشاھه پنهنجي محل جي ڇت تي چڙھي، شھر جي طرف ڏٺو ته اتي ھن کي نه ڪو دونهون نظر آيو ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪو ڏيو ٻرندو ڏسڻ ۾ آيس اھو حال ڏسي، بادشاھه چوڻ لڳو ته ھاڻي منهنجي دل تي ڇنڊو پيو آھي. ان بعد بادشاھه ٻين شھرن جي ماڻھن کي حڪم ڏنو ته اچي دھلي ۾ رھن. اھڙي طرح سان وري ٻيا شھر به برباد ٿي ويا، ۽ دھلي اڳئين وانگر آباد ٿي نه سگھي. جنهن وقت اسان دھلي جي شھر ۾ داخل ٿيا ھئاسين ان وقت تائين ھيءُ شھر بلڪل غيرآباد لڳو پيو ھو ۽ رڳو ڪٿي ڪٿي ڪنهن گھر ۾ ڪي ماڻھو پئي رھيا، باقي پوءِ جا واقعا ۽ حادثا جيڪي انهيءَ وقت ۾ ٿيا ھئا، (جن جو تعلق بادشاھه سان آھي،) تن جو بيان اڳتي ھلي ڪنداسين.

    غيات الدين بهادر (ڀوري ) جو قتل
    جڏھن ھيءُ بادشاھه ( محمد شاھه تغلق ) پنهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ تخت تي ويٺو ۽ ماڻھن سندس بيعت ڪئي، تڏھن غياث الدين بهادر* (ڀوري) کي سندس اڳيان حاضر ڪيو ويو، سلطان تغلق ھن کي ان وقت تائين قيد ۾ رکيو ھو، بادشاھه ھن تي احسان ڪري، قيد مان ڪڍي، کيس ھاٿي، گھوڙا ۽ ٻيو سامان ڏيئي، پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني، ھن سان گڏ بادشاھه پنهنجي ڀائيٽي ابراھيم خان کي به موڪليو ۽ کانئس انجام ورتائين ته ٻيئي گڏجي حڪومت ڪندا، ٻنهي جا نالا سڪن تي لکارايا ويندا ۽ ٻنهي جي نالي جو خطبو پڙھايو ويندو. ازانسواءِ بادشاھه، غياث الدين کان اھو به وعدو ورتو ته ھو پنهنجو پٽ محمد، جيڪو برباط جي نالي سان مشھور ھوندو ھو، بادشاھه ڏانهن ضمانت طور موڪلي ڏيندو.
    غياث الدين پنهنجي ملڪ ۾ پھچي، ٻيا سڀ شرط پورا ڪيا، باقي پنهنجي پٽ کي بادشاھه ڏانهن ڪين موڪليائين ۽ بهانو ڪيائين ته ھو منهنجو چيو نٿو مڃي ۽ ڳالھائڻ ۾ به گستاخيءَ سان ٿو پيش اچي . بادشاھه يڪدم ابراھيم خان ڏانهن دلجلي تتريءَ جي سرداريءَ ھيٺ ھڪ لشڪر ڏياري موڪليو، جنهن وڃي غياث الدين جو مقابلو ڪيو ۽ ان کي قتل ڪري، سندس (لاش جي) کل لھرائي، ان ۾ بهه ڀرائي، ساري ملڪ گھمارايو.

    ________________________________________
    * ھيءُ اھو ئي غياث الدين آھي، جنهن جي باري ۾ ابن بطوطه اڳ ۾ سلطان تغلق شاھه واري دور حڪومت ۾ لکي آيو آھي ته ڪيئن ھو پنهنجو ھڪ ڀاءُ کي ماري، پاڻ تخت تي ويٺو ھو، ۽ سندس ٻيا ڀائر ڪيئن سلطان تغليق شاھه وٽ مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا، ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه وٽ مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھه لکنوتيءَ تي ڪاھي ويو ھو ۽ ھن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي اچي . دھلي جو قيدخاني ۾ رکيو ھئائين. مترجم


    فصل ٻيو

    بادشاھه جي ڦڦاٽ جي بغاوت
    سلطان تغلق کي ڀاڻيجو بهاءَ الدين گشت اسپ نالي ھوندو ھو، جنهن کي ھن ڪنهن علائقي جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو ھو. جڏھن ھن جو مامون وفات ڪري ويو تڏھن ھن بادشاھه (محمد شاھه تغلق) جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھو ھڪ وڏو بهادر انسان ھوندو ھو، (تنهن ڪري) بادشاھه ھڪ لشڪر جنهن ۾ ملڪ مجير ۽ خواجه جھان امير عليءَ جھڙا وڏا وڏا امير شامل ھئا، ھن تي چاڙھي موڪليو. زبردست لڙائيءَ ۾ بهاءُ الدين شڪست کائي، راءِ ڪنبيلھ جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. راءِ جو لفظ ھت ائين آھي جيئن روم ۾ بادشاھه لاءِ استعمال ڪندا آھن ۽ ڪنبيلھ ان ملڪ جو نالو ھو جنهن تي ھن بادشاھي ٿي ڪئي، ھن راجا جو ملڪ تمام ڏکين جبلن ۾ ھو ۽ اھو راجا سڀني ھندو راجائن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪري ليکيو ويندو ھو.
    جڏھن بهاءُ الدين انهيءَ راجا وٽ ڀڄي ويو، تڏھن شاھي لشڪر به ھن جي پٺيان وڃي شھر کي گھيرو ڪيو. جڏھن راجا جو اناج اچي کٽو تڏھن اچي خوف ٿيس ته ڄاڻ ته ھاڻي قيد ٿيو. ان وقت راجا بهاءُ الدين کي گھرائي چيو ته ”اسان جو حال توکي معلوم آھي، جو تون خود ڏسي رھيو آھين. مون پنهنجي ۽ پنهنجي سڄي خاندان جي موت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، تنهن ڪري ھاڻي تون فلاڻي راجا وٽ ھليو وڃ“.ان بعد ھن کي انهيءَ راجا وٽ (سلامتيءَ سان) پھچائي ڇڏيائين. آخر راءِ ڪنبيلھ ھڪ وڏي باھه ٻارائي، پنهنجو سڀ مال ۽ متاع ان ۾ وجھائي، ساڙائي ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجين زالن ۽ ڌيئرن کي سڏائي چيائين ته ”مون مرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آھي، توھان مان جنهن کي به مون وانگر ڪرڻو ھجي سو (بيشڪ) ڪري.“ ان بعد ھر ھڪ عورت وھنجي، مقاصري صندل بدن تي ملي، سندس اڳيان اچي زمين چمي، پنهنجو پاڻ باھه ۾ آڻيو ٿي اڇلايو ۽ موت ٿي حاصل ڪيو. پوءِ ھن جي اميرن، وزيرن ۽ عوام به جن چاھيو تن پاڻ کي باھه ۾ اڇلائي ماريو. ان بعد راجا غسل ڪري، بدن تي صندل لائي، زرھ کان سواءِ ٻيا سڀ ھٿيار ٻڌي پنهنجي ماڻھن کي وٺي، اچي شاھي لشڪر جي سامھون ٿيو ۽ وڙھندي وڙھندي سڀني سان گڏ مارجي ويو.
    پوءِ بادشاھه جي لشڪر شھر ۾ داخل ٿي، اتي جي سڀني رھواسين کي گرفتار ڪيو . انهن ۾ راجا جا يارنهن پٽ به پڪڙيا، جن کي بادشاھه وٽ وٺي آيا. بادشاھه سندن خاندان ۽ پيءُ جي بهادريءَ جو لحاظ ڪيو، ۽ ھنن اسلام به قبول ڪيو، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالھين کي خيال ۾ رکي، کين وڏا عھدا عطا ڪيا ويا. مون به انهن مان ٽن ڄڻن کي ڏٺو ھو، جن مان ھڪ جو نالو ناصر ھو، ٻئي جو بختيار ۽ ٽئين کي مھردار پئي سڏيائون. ھن (مھردار) عھديدار وٽ بادشاھه جي مھر(منڊي) رھندي ھئي، جيڪا بادشاھه جي انهيءَ پاڻيءَ تي لڳائي ويندي ھئي، جيڪو پاڻ بادشاھه استعمال ڪندو ھو. ھن جي ڪنيت ابو مسلم ھئي ۽ منهنجي ھن سان خاصي دوستي به ٿي ويئي ھئي.
    جڏھن ڪنبيلھ جو راجا مارجي ويو، تڏھن شاھي لشڪر وري انهيءَ راجا جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو، جتي بهاءُ الدين ڀڄي وڃي پناھه ورتي ھئي ۽ وڃي اتي جو گھيرو ڪيائون. اھو حال ڏسي، اتي جي راجا بهاءُ الدين کي چيو ته ”مان راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪري ڪين سگھندس.“ تنهن ڪري ھن ڇا ڪيو، جو بهاءُ الدين کي ٻڌي، اچي شاھي لشڪر جي حوالي ڪيائين. لشڪر وارن ھڪدم ھن کي زنجير ۽ ھٿڪڙيون وجھي بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو. جڏھن ھو بادشاھه جي سامھون پيش ٿيو تڏھن بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن کي (حرم ۾) سندس عزيز عورتن ڏانهن موڪليو وڃي. اتي انهن عورتن کيس گھڻو ئي گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ڪن ته کيس ٿڪون به ھنيون . ان بعد بادشاھه حڪم ڪيو ته ھن جي جيئري کل لاٿي وڃي. ان کان پوءِ ھن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجھه ھن جي اھل ۽ اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالھيءَ ۾ وجھي، ھڪ ھاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو ھن نه کاڌو. ازانسواءِ سندس لٿل کل ۾ بهه ڀرائي، بهادر ڀوري جي کل سان گڏ ساري ملڪ ۾ ان کي گھمايو ويو.
    جڏھن ھي ٻيئي کلون سنڌ جي ملڪ ۾ پھتيون، تڏھن ان وقت سلطان تغلق جو دوست”ڪشلو خان“ سنڌ جو حاڪم ھو. بادشاھه انهيءَ ڪري سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ کيس چاچا ڪري سڏيندو ھو ۽ جڏھن ھو دارالخلافه ڏانهن ايندو ھو تڏھن خود ھن جي استقبال لاءِ ويندو ھو. ڪشلو خان انهن کلن کي (ھڪدم) دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏھن اھا خبر بادشاھه کي پھتي تڏھن ھن کي ان تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪشلو خان کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيائين.

    ڪشلو خان جي بغاوت ۽ سندس قتل
    جڏھن کلن کي دفن ڪرائڻ جي واقعي جي خبر بادشاھه کي ملي تڏھن بادشاھه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ھڪدم ڪشلو خان کي گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائين، جنهن تي ڪشلو خان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته کيس خبر ھئي ته بادشاھه جو ارادو کيس سزا ڏيڻ جو آھي. ان بعد بادشاھه جي خلاف کلي عام بغات جو جھنڊو بلند ڪري، گھڻا رپيا خرچ ڪري، وڏو لشڪر گڏ ڪيائين. نه رڳو ايترو پر ترڪن، افغانن ۽ خراسان جي رھواسين کان پڻ مدد ورتائين. جڏھن کيس انهن جي مدد پھتي تڏھن سندس لشڪر بادشاھه جي لشڪر جيترو بلڪ اڃا به وڌيڪ ٿي ويو.
    بادشاھه خود ھن لڙائيءَ لاءِ ويو ۽ ابوھر جي صحرا ۾ ملتان کان ٻه منزلون اوري، ٻنهي جو مقابلو ٿيو، ان ڏينهن بادشاھه ھڪ چالاڪي ڪئي، ڇا ڪيائين جو شاھي ڇٽ جي ھيٺان، پنهنجي بدران شيخ عماد الدين کي، جيڪو شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جو ڀاءُ ھو ۽ بادشاھه جي شڪل جھڙو ھو، کڻي بيھاريائين، ۽ جڏھن لڙائي زور شور سان ھلي رھي ھئي، تڏھن پاڻ پنهنجا چار ھزار ماڻھو وٺي، ھڪ پاسي ھليو ويو. ھوڏانهن ڪشلو خان جي لشڪر شاھي ڇٽ تائين پھچي، عماد الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ سڄي لشڪر ۾ مشھور ٿي ويو ته بادشاھه مارجي ويو. ھيءُ ٻڌي ڪشلو خان جو لشڪر وڃي لٽ مار ۽ مال گڏ ڪرڻ کي لڳو ۽ ڪشلو خان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا. بادشاھه ھن موقعي جو فائدو وٺي يڪدم پنهنجن ماڻھن سان اچي ھن تي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ڪشلو خان جي لشڪر ھيءَ خبر ٻڌي وٺي ڀاڄ کاڌي.
    پوءِ بادشاھه ملتان جي شھر ۾ وڃي، اتي جي قاضي ڪريم الدين کي پڪڙائي، سندس کل لھرائي، ۽ ڪشلو خان جو سر وڍائي شھر جي دروازي تي ٽنگائي ڇڏيو، جو مان جڏھن ملتان ۾ پھتس تڏھن ھن جو سر اتي لٽڪيل ڏٺو ھوم. بادشاھه پوءِ عماد الدين جي ڀاءُ شيخ رڪن الدين ۽ سندس پٽ شيخ صدرالدين کي ھڪ سئو ڳوٺ انعام طور جاگير ۾ ڏنا ته پنهنجو گذران ڪندا رھن ۽ پنهنجي ڏاڏي شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خانقاه جو خرچ ھلائيندا رھن. ان بعد بادشاھه پنهنجي وزير خواجه جھان کي حڪم ڏنو ته ڪمال پور(1)جي شھر ڏانهن وڃي،جتي جي رھواسين به بغاوت مچائي ڏني ھئي.
    ھيءُ شھر تمام وڏو آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھڪ فقيه مون سان ڳالھه ڪئي ته ان وقت ھو ڪمال پور جي شھر ۾ ھو. جڏھن وزير خواجه جھان اتي پھتو ۽ شھر جو قاضي ۽ خطيب وزير جي سامھون پيش ڪيا ويا تڏھن ھن حڪم ڪيو ته ھنن جي کل لاٿي وڃي . ھنن وزير کي چيو ته اسان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان ڇو نٿو ماريو وڃي. وزير جواب ڏنو ته ڀلا توھان کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي. تنهن تي ھنن چيو ته بادشاھه جي نافرمانيءَ ڪرڻ ڪري. ھيءُ ٻڌي وزير جواب ڏنو ته پوءِ مان ڪيئن بادشاھه جي حڪم جي نافرماني ڪريان، بادشاھه جو حڪم آھي ته توھان کي اھڙيءَ طرح سان بي جان ڪيو وڃي. پوءِ وزير کل لاھڻ وارن کي حڪم ڏنو ته ھنن جون کلون لاھين ۽ سندن منهن جي ھيٺان به کڏون کوٽين جيئن ھو ساھھ کڻي سگھن، ڇو ته کل لاھڻ وقت ڏوھين کي منهن ڀر ليٽائي پيرن کان کل لاھڻ شروع ڪندا آھن. ان کانپوءِ سنڌ ۾ بلڪل صلح سانت ٿي ويئي، ۽ بادشاھه پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويو.

    قراجيل(2) جي جبل ۾ بادشاھه جي لشڪر سان ھڪ واقعو
    قراجيل جبل ھڪ وڏو جبل آھي، جنهن جي ڊيگھه اٽڪل ٽن مھينن جي پنڌ جيتري ٿيندي ۽ دھليءَ کان ڏھن منزلن جي مفاصلي تي آھي. اتي جو ھندو راجا تمام وڏن راجائن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. بادشاھه ملڪ نڪبه جي سرداريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر ان جبل تي لڙائيءَ لاءِ ڏياري موڪليو. ان لشڪر ۾ ھڪ لک گھوڙي سوار ۽ ٻيا ڪيترائي پيادا ماڻھو شامل ھئا. ھنن وڃي جريھ جي شھر تي جيڪو جبل جي ھيٺان آھي. قبضو ڪيو ۽ ملڪ کي ساڙي برباد ڪري ڇڏيائون. ازانسواءِ ڪيترن ھندن کي به گرفتار ڪيائون. ھيءُ ڏسي، ڪافر پنهنجي ملڪيت، مال ۽ خزانا ٻڌي مٿي جبل تي چڙھي ڀڄي ويا.
    ھن جبل ۾ صرف ھڪ لڪ ھو، ھيٺ ھڪ ندي وھندي ھئي ۽ مٿي رڳا جبل ئي جبل لڳا پيا ھئا ۽ ھڪ دفعي سان ھڪ ماڻھوءَ کان وڌيڪ مٿي چڙھي نٿي سگھيو. بادشاھه جي لشڪر اتان چڙھي وڃي شھر درلڪل(دارنگل) تي، جيڪو جبل جي مٿان آھي، قبضو ڪيو ۽ بادشاھه کي فتح جي مبارڪ لکي موڪلي. بادشاھه وري ھڪ قاضيءَ ۽ ھڪ خطيب کي اتي ڏياري موڪليو ۽ انهن کي حڪم ڏنائين ته انهن سان وڃي شامل ٿيو. ان کان پوءِ جڏھن برسات جي موسم شروع ٿي تڏھن لشڪر ۾ اچي بيماري پيئي، جنهن سپاھين کي ھيڻو ڪري ڇڏيو، گھوڙا مرڻ لڳا ۽ تيرن جون ڪمانون گھم جي ڪري بيڪار ٿي پيون، اتي اميرن بادشاھه کي درخواست ڪئي ته جيستائين برسات جي موسم آھي تيستائين اسان کي جبل تان ھيٺ لھي ترسڻ ۽ ان موسم جي ختم ٿيڻ تي وري مٿي چڙھي وڃڻ جي اجازت ملي.
    بادشاھه جي اجازت ملڻ تي ملڪ اڪبر سڄو خزانو جواھرات سميت ھيٺ کڻائڻ لاءِ ماڻھن کي ورھائي ڏنو. ھندن کي جو ھيءَ خبر پئي سو ڇا ڪيائون جو غارن ۽ سوڙھن لنگھن ۾ سندن گھٽ جھلي ويھي رھيا. تنهن کان سواءِ وڏا وڏا وڻ ڪپي جبل جي ھر طرف پکيڙي ڇڏيائون. نتيجو اھو نڪتو، جو جيڪو به ماڻھو انهيءَ ڪنهن وڻ جي لپيٽ ۾ ٿي آيو سو وڃي ٿي ھيٺ کڏن ۾ ڪريو، ۽ اھڙيءَ طرح سان ڪيترائي ماڻھو ائين مري ويا ۽ ٻيا وري انهن جي ھٿان گرفتار ٿيا. آخر سڄو خزانو، ھٿيار ۽ گھوڙا انهن جي ھٿ لڳا ۽ سڄي لشڪر مان فقط ٽي ماڻھو وڃي بچيا، جن مان ھڪ ھو ملڪ نڪبه، ٻيو ھو بدرالدين ملڪ دولت شاھه باقي ٽئين جو نالو ھينئر ياد نه اٿم.
    ھن واقعي جو شاھي لشڪر تي تمام گھڻو اثر پيو ۽ اھو تمام گھڻو ڪمزور ٿي ويو. آخر بادشاھه انهن جبلن جي اڙانگائي خيال ۾ آڻي، اتي جي ماڻھن کان ڪجھه ڏنڊ طور وٺي، ساڻن صلح ڪري، اتان ٽريو ۽ ھنن ماڻھن به ان کي غنيمت ڄاتو، ڇو ته سندن زمينون وغيره به جبل جي ھيٺان ھيون، جن کي ھو بادشاھه جي اجازت کان سواءِ آباد ڪري نٿي سگھيا.
    شريف جلال الدين جي معبر جي ملڪ ۾ بغاوت ۽ وزير جو پنهنجي ڀاڻيجي کي جيڪو انهيءَ سان شامل ھو، قتل ڪرڻ جو بيان
    ھڪ دفعي بادشاھه معبر جي ملڪ تي جيڪو دھليءَ کان ڇھن مھينن جو پنڌ تي آھي، شريف جلال الدين احسن شاھه کي حاڪم ڪري موڪليو. ھو اتي وڃي، بادشاھه کان باغي ٿي، بادشاھه جي نائب ۽ ٻين عملدارن کي قتل ڪري خودمختيار حاڪم ٿي ويٺو ۽ ھن پنهنجا سڪا ۽ درھم جاري ڪيا، جن جي ھڪ پاسي ”سلالته طه و ياسر ابو الفقراءَ والمساڪين جلال الدين والدين“ ۽ ٻئي طرف ”الوائق بتائيد الرحمان احسن شاھه السطان“ ڇپارايو. بادشاھه ھن جي بغاوت جي خبر ٻڌي، ھن جي قتل جو ارادو ڪري، پاڻ ھن تي سون جو محل، اٺن ڏينهن تائين سامان ۽ ٻين ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ ترسي پيو. انهن ڏينهن وزير خواجه جھان جي ڀاڻيجي ۽ ٻين چئن ڀائن اميرن کي گرفتار ڪري، بادشاھه جي سامھون آندو ويو. بادشاھه وزير کي پاڻ کان ڪجھه اڳ ۾ روانو ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن ھو طھار (ڏار) جي شھر ۾ پھتو، جيڪو دھليءَ کان ڇويھن منزلن جي مفاصلي تي آھي، تڏھن اتي ڪجھه وقت لاءِ ترسي پيو. اتي سندس ڀاڻيجي، جيڪو تمام ھمت ڀريو ۽ بهادر ھوندو ھو، ڪن اميرن سان سازش ڪئي ته وزير کي قتل ڪري، سڀ خزانو ۽ مال کڻي، شريف جلال الدين ڏانهن معبر جي ملڪ ۾ ڀڄي ھلجي. ان صلاح ۾ ھڪ ماڻھو ملڪ نصرت نالي حاجب پڻ شريڪ ھو، جنهن اچي سڄي حقيقت وزير کي ٻڌائي ۽ ثابتيءَ لاءِ ٻڌايائين ته ھينئر به ڪپڙن جي ھيٺان فولادي زرھون پھريل اٿن، جيڪا سندن ارادي جي پوري پوري ثابتي آھي. وزير يڪدم ھنن کي گھرايو ۽ جيئن ملڪ نصرت ٻڌايو ھئس تيئن سندن ڪپڙن جي اندران فولادي زرھون نڪري پيون، وزير پوءِ ھنن کي گرفتار ڪري بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو.
    ان وقت مان به بادشاھه وٽ ويٺو ھئس. جڏھن ھو سڀ اتي پھتا تڏھن انهن مان ھڪ امير کي مون ڏٺو ته ھن جي ڏاڙھي وڏي رکيل ھئي ۽ ڊپ ۾ڏڪندي سورة ياسين پڙھي رھيو ھو، بادشاھه وزير جي ڀاڻيجي کي موٽائي وزير ڏانهن موڪليو ته ھن کي قتل ڪرائي، باقي ٻين اميرن لاءِ حڪم ڪيائين ته ھنن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو وڃي، انهن ھاٿين، جن کان ماڻھن جي مارائڻ جوڪم ورتو ويندو آھي، تن جي ڏندن تي ڏندا لڳل پٽ چڙھيل ھوندا آھن. اھي ڏندا وري ھر جي چونيءَ وانگر ٻنهي پاسي تيز ھوندا آھن، ھاٿين جي مٿان وري فيل بان چڙھيل ھوندا آھن ۽ جنهن ماڻھو کي ھاٿيءَ جي ھيڍان ڦٽو ڪيو ويندو آھي، تنهن کي ھاٿي پنهنجيءَ سونڍ ۾ ويڙھي وٺي مٿي اڇلائيندو آھي ۽ پوءِ اتي جو اتي وري ان کي ڏندن تي جھٽي وٺندو آھي، پوءِ کيس زمين تي پنهنجي سامھون رکي، اڳيون پير ان جي سيني تي رکي وٺي زور ڏيندو آھي، اتي فيلبان جيڪڏھن کيس چوندو آھي ته ھن جا ٻه اڌ ڪر، ته ھڪدم پنهنجن تيز ڏندن سان ھن جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندو آھي، پر جي فيلبان چوندو اٿس ته ان کي اتي ڇڏي ڏي ته ڇڏي ڏيندو اٿس. جنهن کي ٻه اڌ نه ڪرائيندا آھن، ان جي وري جيئري کل لھرائي ويندي آھي.
    ھنن اميرن جي به کل لھرائي ويئي ۽ مغرب کان پوءِ بادشاھه جڏھن محل مان نڪتو ٿي ته ان وقت ھنن جو گوشت ڪتن پئي کاڌو ۽ سندن کلن ۾ مٽي پئي ڀريائون، توبه، خدا پناھه ڏئي. ان کان پوءِ بادشاھه معبر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کي دارالخلافه ۾ رھڻ جو حڪم ڏنائين. اڃا بادشاھه دولت آباد مس پھتو ته وري امير حلاجون پنهنجي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ۽ وزير خواجه جھان دارالخلافه ۾ لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ ترسي پيو.

    امير حلاجون جي بغاوت
    جڏھن بادشاھه دولت آباد ۾ پھتو ۽ پنهنجي ملڪ کان ڪافي پري نڪري ويو، تڏھن لاھور ۾ امير ھلاجون بغاوت ڪئي ۽ خودمختيار بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين، امير قلجند، (ڪلچند) به ھن جي مدد ڪئي، تنهن ڪري حلاجون کڻي کيس پنهنجو وزير ڪيو. ھيءَ خبر خواجه جھان کي پئجي ويئي جيڪو ان وقت دھليءَ ۾ ھو. ھن ماڻھو گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ جيڪي خراساني اتي ھئا تن کان سواءِ ٻيو به جيڪو لشڪر دھليءَ ۾ موجود ھو، سو وٺي لاھور روانو ٿيو. منهنجا ساٿي به ھن سان گڏجي ويا ھئا. بادشاھه وري ھن جي مدد لاءِ ٻه امير، ھڪ قيران ملڪ صفدار يعني لشڪر جون صفون درست ڪندڙ ۽ ٻيو ملڪ تحور شربدار يعني ساقي روانا ڪيا.
    ھوڏانهن حلاجون به مقابلي لاءِ سنبري آيو ۽ ٻنهي جو مقابلو ھڪ وڏي درياءَ جي ڪناري تي ٿيو، جنهن ۾ حلاجون شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ ھن جو ڪيترو ئي لشڪر درياءَ ۾ غرق ٿي ويو، وزير شھر ۾ اتي جي ڪن رھواسين جون جيئري کلون لھرايون، ۽ ڪن کي ٻيءَ طرح سان قتل ڪرايو، ۽ باقي رھيل ڪم محمد بن نجيب، نائب وزير جي حوالي ڪيائين، ھن شخص کي اجر ملڪ به ڪري سڏيندا ھئا ۽ سندس خطاب ھو صڪ (سگ) السلطان ۽ صڪ(سگ) ھن ملڪ ۾ ڪتي کي چوندا آھن. ھو تمام ظالم ۽ سخت دل انسان ھوندو ھو. بادشاھه ھن کي بازارين جو شينهن پڻ ڪري سڏيندو ھو، ھو ڇا ڪندو ھو، جو ڇتو ٿي، ڏوھين کي پنهنجن ڏندن سان چڪ پائي، زخمي ڪري ڇڏيندو ھو.
    پوءِ وزير باغين جي اٽڪل ٽي سئو کن عورتن کي ڪاليور(گواليار) جي قلعي ڏانهن قيد ڪري موڪليو. انهن زالن ۾ ھڪ فقيه جي زال پڻ ھئي، جيڪو ھن زال وٽ ايندو ويندو ھو، ايتري قدر جو ھن کي انهيءَ جيل خاني ۾ ٻار به ڄائو ھو.

    بادشاھه جي لشڪر ۾ وبا پوڻ
    جڏھن بادشاھه ملڪ تلنڪ(تلنگانه) ۾ پھتو، جيڪو معبر جي رستي تي آھي، تڏھن بدر ڪوٽ جي شھر ۾ ترسي پيو. بادشاھه معبر ڏانهن شريف جلال الدين جي بغاوت بند ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. ھن شھر کان معبر جو ملڪ اڃان به ٽن مھينن جي پنڌ جيترو پري آھي. اوچتو اتي بادشاھه جي لشڪر ۾ اچي وبا جو مرض پکڙيو، جنهن ۾ لشڪر جا ماڻھو، غلام ۽ امير جن مان ملڪ دولت شاھ جنهن کي بادشاھه چاچا ڪري چوندو ھو، ۽ امير عبدالله ھروي جھڙا وڏا وڏا امير به ھئا، مري ويا. ھي امير عبدالله ھروي اھو آھي، جنهن جو بيان مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان ته ڪيئن بادشاھه چيو ھو ته خزاني مان جيترو مال کڻي سگھين سو کڻي وڃ. ۽ ھو تيرنهن ناڻي جون ٿيلھيون پاڻ سان ٻڌي کڻي ويو ھو. ھيءُ حال ڏسي بادشاھه دولت آباد ڏانهن موٽي ويو. ھن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ بغاوت ۽ بدانتظامي پکڙجي ويئي، ايتري قدر جو جيڪڏھن بادشاھه جي قسمت چڱي نه ھجي ھا ته ھوند حڪومت سندس ھٿان ھميشه لاءِ ھلي وڃي ھا.

    بادشاھه جي موت جو افواهه ۽ ملڪ ھوشنج (ھوشنگ) جو ڀڄي وڃڻ
    بادشاھه جڏھن دولت آباد واپس اچي رھيو ھو تڏھن رستي تي بيمار ٿي پيو ۽ ماڻھن وٺي افواهه اٿاريو ته بادشاھه مري ويو. ھيءَ خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي ۽ ھر ھنڌ فتنو، فساد شروع ٿي ويو. ان وقت ملڪ ڪمال الدين کرلڪ(گرگ) جو پٽ ملڪ ھوشنگ دولت آباد ۾ ھو . ھن کان بادشاھه انجام وٺي ڇڏيو ھو ته بادشاھه جي زندگيءَ ۾ يا موت کان پوءِ، ٻنهي صورتن ۾، ھو ڪنهن جي بيعت نه ڪندو. ھن، جو بادشاھه جي موت جي خبر ٻڌي، سو ھڪ بربرڌ نالي ھندو بادشاھه وٽ جبلن ۾ ڀڄي ويو. ھن ھندو بادشاھه جو ملڪ، دولت آباد ۽ ڪوڪن تانه (ڪوڪن ٿاڻي) جي وچ ۾ ھو.
    بادشاھه ملڪ ھوشنگ جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي، انهيءَ خيال کان ته ڪٿي فتنو وڌي نه وڃي، تڪڙو تڪڙو ھلي اچي دولت آباد پھتو، جتان يڪدم ملڪ ھوشنگ جي پٺيان ويو ۽ وڃي ان ھنڌ راجا جي شھر کي گھيرو ڪيائين ۽ ان کي چوائي موڪليائين ته ملڪ ھوشنگ کي منهنجي حوالي ڪيو وڃي. ھن جواب ڏنو ته ”مان پنهنجي پناھه ۾ آيل ماڻھوءَ کي ھرگز تنهنجي حوالي نه ڪندس، چاھي مون کي به راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪرڻو پوي. ھنن ڳالھين ھلندي، ملڪ ھوشنگ کي جو اچي خوف کنيو سو بادشاھه سان خط و ڪتابت شروع ڪري ڏنائين، جنهن ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ته بادشاھه دولت آباد ڏانهن ھليو وڃي ۽ پٺيان پنهنجي استاد قطلو خان کي ڇڏي وڃي، جنهن وٽ ملڪ ھوشنگ وڃي حاضر ٿئي، جنهن تي بادشاھه روانو ٿي ويو ۽ ملڪ ھوشنگ قطلو خان وٽ اچي پيش پيو.
    قطلو خان ھن سان واعدو ڪيو ته بادشاھه ھن کي قتل ڪرائيندو، نه ئي ھن جي مال ۽ مرتبي مان ڪجھه گھٽائيندو. ان کان پوءِ ملڪ ھوشنگ پنهنجو مال، اھل و عيال ۽ ساٿي وغيرھ وٺي بادشاھه وٽ ھليو آيو. بادشاھه ھن جي واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خلعت ڏيئي کيس راضي ڪري ڇڏيائين. ھيءُ قطلو خان وعدي جو ڏاڍو پڪو ھوندو ھو، تنهن ڪري ماڻھو ھن ۾ گھڻو ويساھھ رکندا ھئا. بادشاھه به ڏاڍي عزت ڪندو ھوس ۽ جڏھن به ھو بادشاھه وٽ ويندو ھو تڏھن بادشاھه اٿي بيھي سندس آجيان ڪندو ھو. ھو انهيءَ سبب جي ڪري به بادشاھه وٽ گھڻو ڪو نه ويندو ھو ته متان بار بار اٿڻ جي تڪليف وٺي. ھو صدقو ۽ خيرات به تمام گھڻي ڪندو ھو ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻو ئي ڪجھه ڏيندو ھو.

    شريف ابراھيم جي بغاوت
    ھيءُ شريف ابراھيم خريطھ دار جي لقب سان مشھور ھوندو ھو، يعني بادشاھه جي لکڻ جو سامان ھن وٽ رھندو ھو. ازانسواءِ ھو سرستيءَ ھانسيءَ جو والي به بادشاھه جي طرفان مقرر ٿيل ھو. ھن شريف ابراھيم جي پيءُ (شريف جلال الدين) جڏھن معبر ۾ بغاوت ڪئي، ۽ بادشاھه معبر تي ڪاھي ويو ۽ جتي ان وقت بادشاھه جي موت جي افواهه جو ٻڌي شريف ابراھيم کي به اچي بادشاھت جو حرص لڳو. ھو ڏاڍو بهادر، سخي ۽ شڪل جو سھڻو ھوندو ھو. منهنجو نڪاح به ھن جي ڀيڻ حورنسب سان ٿيو ھو، جا ڏاڍي نيڪ ۽ پرھيزگار ھوندي ھئي. ھوءَ رات جو اٿي تهجد پڙھندي ھئي ۽ گھڻو ڪري خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رھندي ھئي. ھن جي پيٽ مان مون کي ھڪ نياڻي به ٿي ھئي. پر ھاڻي خبر نه آھي اتي ھنن ٻنهي جو ڪھڙو حال ٿيو! ھوءَ پڙھي سگھندي ھئي، باقي لکي ڪا نه ڄاڻندي ھئي.
    جڏھن ابراھيم بغاوت جو ارادو ڪيو تڏھن ھڪ امير، جيڪو سنڌ مان بادشاھه جو خزانو کنيو، ھن جي علائقي مان ٿي لنگھيو، تنهن کي ھن پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو ۽ چيائينس ته”ھينئر رستي تي تمام گھڻو خوف ۽ خطرو آھي، تنهن ڪري ڪجھه وقت ھتي ترس ته امن امان قائم ٿئي، پوءِ ڀلي وڃجانءِ.“ اصل ۾ ھن جو ارادو ھو ته ايتري ۾ ڀلي بادشاھه جي موت جي حقيقت معلوم ٿئي، ته پوءِ خزانو مان ڦٻائي وڃان. پر جلدي خبر پيس ته بادشاھه اڃا زندھ آھي، تنهن ڪري ان امير کي ڇڏي ڏنائين. ان امير جو نالو ضياءُ الملڪ بن شمس الملڪ ھو.ھن واقعي کان اڍائي سال پوءِ بادشاھه جڏھن دارالخلافه ۾ موٽي آيو تڏھن شريف ابراھيم سندس سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيو. ھن جي ھڪ غلام وڃي بادشاھه وٽ جوڻي کنئين ۽ سندس ارادي بابت بادشاھه کي سڄي ڳالھه ٻڌائي ڇڏيائين. جنهن تي بادشاھه کيس مارائڻ چاھيو، پر ھن سان ڪجھه پيار ھوندو ھئس تنهن ڪري پنهنجي ارادي کي في الحال درگذر ڪري ڇڏيائين.
    ھڪ دفعي ڇا ٿيو، جو بادشاھه وٽ ھڪ ڪٺل ھرڻ آندو ويو، جنهن کي بادشاھه خود ڪسندي ڏٺو ھو. بادشاھه چيو ته ھيءُ پوريءَ طرح سان ذبح نه ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري ھن کي ڦٽو ڪيو وڃي. ابراھيم جڏھن انهيءَ ذبح ٿيل ھرڻ کي ڏٺو تڏھن چيائين ته ھي صحيح طريقي سان ذبح ڪيو ويو آھي، ۽ مان ھن کي کائڻ لاءِ تيار آھيان. ھيءَ خبر جڏھن بادشاھه کي پيئي تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس ۽ ھن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ھن تي الزام لڳايو ويو ته ھن اھو شاھي خزانو جيڪو ضياءُ الملڪ سنڌ مان آڻي رھيو ھو، ڦٻائڻ ٿي چاھيو. اتي ابراھيم کي پتو پئجي ويو ته منهنجي پيءُ جي بغاوت جي عيوض بادشاھه مون کي قتل ڪرائڻ ٿو گھري. تنهن ڪري ڪو به حيلو بهانو ڪرڻ بيڪار آھي ۽ ناحق عذاب ۽ سختيون سھڻيون پونديون.
    پوءِ ھن موت کي عذابن جي سختين کان آسان سمجھي کڻي پنهنجو ڏوھه قبول ڪيو. بادشاھه پوءِ ھن کي ٻه اڌ ڪري مارڻ جو حڪم ڏنو. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي ته جنهن ماڻھوءَ کي بادشاھه قتل ڪرائيندو آھي، ان جو لاش ٽن ڏينهن تائين انهيءَ جاءِ تي پيو ھوندو آھي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪافر جيڪي انهي ڪم تي مقرر ٿيل ھوندا آھن، سي انهيءَ لاش کي کڻي وڃي شھر جي ٻاھر خندق ۾ ڦٽو ڪندا آھن. اھي ماڻھو رات جو خندق جي نگھياني ڪندا رھندا آھن، جيئن مقتولن جا وارث انهن جا لاش کڻي نه وڃن. پوءِ مقتولن جا وارث ڇا ڪندا آھن، جو انهن ماڻھن کي ڪجھه رقم ڏيئي اھي لاش سڃاڻي کڻي ويندا آھن ۽ وڃي دفن ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ طرح سان شريف ابراھيم جو لاش به حاصل ڪيو ويو ۽ ان کي دفن ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

    تلنگانا ۾ بادشاھه جي نائب جي بغاوت
    جنهن وقت بادشاھه تلنگانا کان واپس ٿي آيو ته پٺيان تاج الملڪ نصرت خان ترڪ کي، جيڪو سندس ديرنيو خاص دوست به ھو، پنهنجو نائب مقرر ڪندو آيو. اڃا ھو واٽ تي ھو ته سندس موت جو افواهه اٿاريو ويو. نصرت خان کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن رسم موجب بادشاھه جو پٿر ڪيو ۽ پوءِ بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. ماڻھن اتي جي (تلنگانا جي) دارالخلافه بدر ڪوٽ(بيدر جي قلعي) ۾ ھن جي بيعت ڪئي. بادشاھه کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن پنهنجي استاد قطلو خان کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي ھن تي چاڙھي موڪليو.
    قطلو خان سخت لڙائيءَ کان پوءِ(جنهن ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا) اچي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو. ھي تمام مضبوط قلعو ھوندو ھو؛ تنهن ڪري وڃي ان جي پٺيان سرنگ کوٽائڻ شروع ڪيائين. ھيءُ حال ڏسي نصرت خان اچي امان گھريو، جنهن تي قطلو خان کيس امان ڏنو. پوءِ ھن کي بادشاھه وٽ موڪليو ويو. اھڙي طرح سڀئي شھر واسي ۽ لشڪر جا ماڻھو بچي ويا.

    ________________________________________
    (1) ڪمال پور – انگريز مورخ ھنٽر موجب ھي شايد اھو ڪمال پور شھر آھي، جيڪو ڪاٺياواڙ ۾ پائو ننگر ۽ ڪولڊن جي لمري ريلوي اسٽيشن کان سترھن ميل پري اڀرندي پاسي ھڪ ڳوٺ آھي. انهيءَ وقت ھي سڄو سنڌ جو ملڪ ڪري ليکيو ويندو ھو.
    (2) قراجيل جبل”ابن بطوطه“ھن ھماليه جبل جو بيان ٿو ڪري ڇو ته ايترو ڊگھو جبل سواءِ ھماليه جي ٻيو نٿو ٿي سگھي.


    فصل ٽيون

    بادشاھه جو گنگا نديءَ جي ڪناري تي شھر ٻڌائڻ ۽ عين الملڪ جي بغاوت:
    جڏھن ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو تڏھن بادشاھه پنهنجو لشڪر وٺي گنگا نديءَ جي ڪناري ڏانهن ھليو ويو. ھن نديءَ کي ھندو تمام پاڪ (پوتر) ڪري سمجھندا آھن ۽ ھر سال اتي حج(ياترا) ڪرڻ لاءِ ويندا آھن. ھيءَ جڳھه، جتي بادشاھه وڃي رھيو ھو، سا دھليءَ کان ڏھن منزلن تي ھئي. بادشاھه ماڻھن کي حڪم ڏنو ته اتي اچي پنهنجا گھر ٺاھين. تنهن ڪري پھريائين ھو گاھه ۽ ڪاٺ جون ڀنگيون اڏي انهن ۾ رھڻ لڳا، جن ۾ گھڻو ڪري باھيون پيون لڳنديون ھيون. ماڻھن باھين کان بچڻ لاءِ ڇا ڪيو، جو زمين جي اندران تهھ خانا به ٺاھي ڇڏيائون، پوءِ جڏھين باھه لڳندي ھين ته سمورو سامان انهن تهھ خانن ۾ وجھي، مٿان مٽيءَ سان ان جو منهن بند ڪري ڇڏيندا ھئا.
    مان به انهن ڏينهن بادشاھه جي ڪئمپ ۾ آيل ھوس. گنگا نديءَ جي الھندي ڪناري سخت ڏڪار ھو، پر اڀرندي پاسي بلڪل سڪار ھو ۽ اتي بادشاھه جي طرفان عوض(اؤ) ظفر آباد ۽ لکنو وغيره شھرن تي امير عين الملڪ حاڪم مقرر ٿيل ھو. ھيءُ امير بادشاھه جي ڪئمپ ۾ پنجاھه ھزار مڻ ڪڻڪ، چانور، ۽ چڻا چوپائي مال جي لاءِ موڪليندو رھندو ھو. پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته ھاٿي، گھوڙا ۽ خچر وغيره اڀرندي ڪناري ڏانهن چارڻ لاءِ موڪليا وڃن ۽ عين الملڪ کي انهن جي نظرداريءَ تي مقرر ڪيائين.
    عين الملڪ کي چار ٻيا به ڀائر ھوندا ھئا، جن مان ٽن جا نالا ھئا؛ شھر الله، نصرالله، فضل الله، باقي چوٿين جو نالو مون کي ياد نه آھي. انهن پنهنجي ڀاءُ (عين الملڪ) سان صلاح ڪئي ته بادشاھه جا ھاٿي ۽ ٻيو چوپايو مال ڀجائي وڃجي، ۽ پوءِ عين الملڪ جي ھٿ تي بيعت ڪري کيس بادشاھه بنائجي. نيٺ ھڪ رات عين الملڪ اوچتو غائب ٿي ويو ۽ شايد ھنن جي اھا رٿ ڪامياب ٿي وڃي ھا ۽ بادشاھه کي ان جي ڪا به خبر نه رھي ھا. پر ھندستان جي بادشاھن جو اھو طريقو آھي ته ھو ھڪ ننڍي خواهه وڏي امير وٽ بادشاھه جو ھڪ غلام ضرور رھندو آھي، جيڪو انهيءَ امير جي ھر معاملي جي خبر بادشاھه تائين پھچائيندو رھندو آھي. اھڙيءَ طرح سان انهن اميرن جي گھرن ۾ جيڪي وھي واپري، تنهن جي خبر رکڻ لاءِ وري بادشاھه جي طرفان ٻانهيون مقرر ٿيل ھونديون آھن جيڪي انهن اميرن جي گھرن ۾ رھنديون آھن. اھي ٻانهيون وري ڀنگياڻين کي، جيڪي صفائي وغيره لاءِ اينديون آھن، خبرون ڏينديون آھن، جي اھي خبرون کڻي سڌو وڃي ملڪ المخبرين کي پھچائينديون آھن، جو وري بادشاھه کي موڪلي ڏيندو آھي.
    ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ دفعي ڪو امير پنهنجي زال سان گڏ سمھيو پيو ھو ته امير کي ھن سان گڏ ٿيڻ جو خيال ٿيو، جنهن تي سندس زال کيس بادشاھه جي سر جو قسم وجھي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. پر امير ھن جي ھڪ به نه ٻڌي ۽ آخر ڪين مڙيو. صبح جو انهيءَ امير کي بادشاھه سڏايو ۽ پڇيائين ته تو ھيئن ڪيو آھي؟ ۽ انهيءَ ئي سبب جي ڪري ھن کي قتل ڪيو ويو.
    بادشاھه جو ھڪ غلام، ابن ملڪ شاھه، نالي عين الملڪ وٽ رھندو ھو؛ تنهن بادشاھه کي ھن جي ڀڄي وڃڻ جي خبر موڪلي ڏني. ھيءَ خبر ٻڌندي ئي بادشاھه جا حواس باخته ٿي ويا ۽ ائين ڄاتائين ته موت آيو ڪي آيو. ڇو ته ھن جا گھوڙا، ھاٿي ۽ اناج،سڀ شيون عين الملڪ جي قبضي ۾ ھيون. ازانسواءِ سندس لشڪر به ھيڏي ھوڏي پکڙيو پيو ھو. آخر بادشاھه دارالخلافه ڏانهن واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو، جيئن اتان لشڪر گڏ ڪري عين الملڪ جي مقابلي لاءِ تيار ٿي اچي، سڀئي امير اچي گڏ ٿيا ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. خاص ڪري خراسانين ۽ غيرملڪي ماڻھن کي ته عين الملڪ مان تمام گھڻو خطرو ھو، ڇو ته انهن تي بادشاھه ڏاڍو مھربان ھوندو ھو، جنهن سبب کان ھندستاني ھنن کي حسد جي نگاھه سان ڏسندا ھئا، ۽ عين الملڪ به ھندستاني ھو.
    ماڻھن بادشاھه جي صلاح صحيح نه سمجھي عرض ڪيو ته اي آخوند عالم! جيڪڏھن توھان دارالخلافه ھليا ويندا ۽ عين الملڪ کي اھا خبر پوندي، ته ھو انهيءَ عرصي ۾ گھڻائي لشڪر گڏ ڪري وٺندو ۽ گھڻائي باغي ۽ فتنه انگيز ماڻھو ھر ھنڌ پکڙيل آھن، تن کي ھو گڏ ڪري پنهنجي طاقت وڌائيندو، بهتر ائين ٿيندو ته ھن تي ھڪدم حملو ڪرڻ گھرجي. ھيءَ ڳالھه شروع ناصر الدين مطھر اوھريءَ ڪئي ۽ باقي ماڻھن ان جي تائيد ڪئي. بادشاھه سڀني جي صلاح کي بهتر ڄاڻي ان تي عمل ڪيو. ويجھو ويجھو جيڪي به امير ۽ لشڪر ھئا، تان کي انهيءَ وقت خط لکي گھرائي موڪليائين. ھو خط پھچندي ئي اچڻ شروع ٿيا، بادشاھه ھي تجويز ڪئي، جو جيڪڏھن انهن مان ھڪ سئو ماڻھو ٿي آيا ته سندن استقبال لاءِ وري ھڪ ھزار ماڻھو ٿي موڪليائين جي ڪل يارھن سئو ماڻھو ٿي، گڏجي ڪئمپ ۾ ٿي گھڙيا، انهيءَ لاءِ ته جيئن دشمنن کي سندن تعداد وڌيڪ معلوم ٿئي.
    پوءِ بادشاھه درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي اڳتي وڌيو، ھن جو ارادو ھو ته قنوج جو شھر پنهنجي پٺيان پٺيان رکي، اڳتي وڌندو رھي، جيئن وقت تي انهي ۾ قلعي بند ٿي سگھجي، ڇو ته قنوج جو قلعو تمام مضبوط ڪري ليکيو ويندو ھو. پر اھو اڃا ٽن منزلن جي پنڌ جيترو پري ھو. بادشاھه جڏھن پھرين منزل ڪري آيو، تڏھن پنهنجي لشڪر کي لڙائيءَ لاءِ تيار ڪندي، انهن کي ھڪ قطار ۾ بيھاري ڇڏيائين، ھر ھڪ سپاھيءَ جي بدن تي سڀ ھٿيار ٻڌل ھئا، ۽ ڀرسان ان جو گھوڙو ھو.
    بادشاھه سان گڏ ھڪ ننڍڙو تنبو ھو، جنهن ۾ ھو ماني کائيندو ۽ غسل ڪندو ھو. وڏي ڪئمپ اڃان ڪجھه پري ھئي. ٽن ڏينهن تائين بادشاھه تنبوءَ ۾ نه آرام ڪيو ۽ نه ئي ڇانو جي ھيٺان ويٺو. ھڪ ڏينهن مان پنهنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس ۽ مون سان گڏ ٻانهيون به ھيون ته منهنجي ھڪ نوڪر، سنبل نالي، مون کي سڏ ڪيو ۽ چيائين ته جلدي ٻاھر اچو. منهنجي ٻاھر اچڻ تي ھن ٻڌايو ته بادشاھه اڃا ھينئر حڪم ڏنو آھي ته جنهن به ماڻھوءَ سان ان جي زال يا ڪا ٻانهي ھجي ته ان کي قتل ڪيو وڃي.
    اميرن به اھو حڪم ٻڌو. سو بادشاھه کي وڃي انهن لاءِ عرض ڪيائون، تنهن تي بادشاھه وري حڪم ڏنو ته ڪيئن به ڪري ڪئمپ ۾ ڪا به عورت رھڻ نه گھرجي، آخر سڀني زالن کي ڪنبيل نالي قلعي ۾ موڪليو ويو، جيڪو اتان ٽي ميل پري ھو. اھڙيءَ طرح سان ڪا به عورت پٺتي نه بچي، ايتري قدر جو خود بادشاھه سان به ڪا عورت ڪا نه ھئي. اھا رات اسان تياريءَ ۾ گذاري، ڏينهن ٿيڻ تي بادشاھه سڄي لشڪر کي فوجن ۾ ورھايو ۽ ھر ھڪ فوج سان گڏ زره سان ڍڪيل پالڪين سان ھاٿي ھئا جن جي مٿان جنگي جوان ويٺا ھئا.
    سڄي لشڪر کي زره پوش رھڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ پوءِ سڀئي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا، ٻي رات به تياريءَ ۾ ئي گذري، ۽ جڏھن صبح ٿيو تڏھن خبر پھتي ته عين الملڪ درياءُ پار ڪري آيو آھي. ھيءُ ٻڌي بادشاھه کي ڪجھه خوف پيدا ٿيو ته ھو متان درياءَ پار ٻين رھيل اميرن سان مدد لاءِ لکپڙھه نه ڪري آيو ھجي. پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته منهنجي سڀني دوستن ۾ ڀلا گھوڙا ورھايا وڃن. ان ڪري مون ڏانهن به ڪجھه گھوڙا موڪليا ويا. منهنجو ھڪ ساٿي امير اميران ڪرماني نالي ھوندو ھو، جو وڏو پھلوان ۽ بهادر سمجھيو ويندو ھو. ان کي مون ھڪ ڪميت (شھبه الاول)گھوڙو ڏنو، ھو ان تي اڃا سوار مس ٿيو ته گھوڙو وٺي ڀڳو. ھن گھڻيئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھوڙو ھن کان ر وڪيو نه ٿيو ۽ آخر ھن کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيائين، جنهن ڪري ھو اتي جو اتي مري ويو.
    بادشاھه انهيءَ ڏينهن ڏاڍو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ عصر جي وقت کان پوءِ اچي قنوج جي شھر ۾ پھتو، بادشاھه کي ڏاڍو ڊپ ھو ته متان ھن جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي عين الملڪ ھن شھر تي قبضو ڪري وڃي، ان رات بادشاھه خود لشڪر کي ڍاھي رکيو ۽ اسان وٽ اچي بيٺو، ان وقت اسان لشڪر جي اڳئين حصي ۾ ھئاسين ۽ اسان سان گڏ بادشاھه جو سوٽ ملڪ فيروز جو ساٿي، امير عرا بن مزا، سيد ناصرالدين ۽ ڪي خراسان جا امير به ھئا، ۽ اسان کي چيائين ته توھان منهنجي خاص ماڻھن مان آھيو، تنهن ڪري توھان مون سان گڏ رھو.
    انهي ءَ ۾ به ڪا ڀلائي ھئي، جو رات جي پوئين پھر عين الملڪ لشڪر جي اڳئين حصي تي حملو ڪيو ھو. وزير خواجه جھان به لشڪر جي انهيءَ حصي ۾ ھو. ڏاڍو ھل ھنگامو برپا ٿيو، بادشاھه حڪم ڏنو ته ڪو به پنهنجي جاءِ تان نه چري ۽ صرف تلوارن سان لڙائي ڪئي وڃي، سڄي لشڪر پنهنجون تلوارن سنڀاليون ۽ دشمنن ڏانهن وڌيا. ڏاڍي زور شور سان لڙائي ھلي، ان رات بادشاھه پنهنجي سڃاڻپ جي نشاني ”دھلي“ ۽ ”غزني“ مقرر ڪئي، يعني جڏھن اسان جي لشڪر مان ڪو ڪنهن سان ملي ته دھلي جو لفظ چوي، پوءِ ٻيو جيڪڏھن غزنيءَ جو جواب ڏئي ته چئبو ته ھو نهنجي لشڪر مان آھي، ٻيءَ صورت ۾ حڪم ھو ته ھن کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي.
    عين الملڪ جو ارادو ھو ته انهيءَ حصي تي حملو ڪري جتي بادشاھه موجود ھو. پر ھن جي رھنما ھن کي غلط ٻڌايو، تنهن ڪري ھو اچي وزير واري حصي تي ڪڙڪيو، عين الملڪ ان رھنما کي قتل ڪري ڇڏيو. وزير واري لشڪر جي حصي ۾ عجمي، ترڪ ۽ خراساني گھڻي انداز ۾ ھئا ۽ ڇو ته ھو ھندستانين جا دشمن ھئا، تنهن ڪري ھو سر جي بازي لڳائي وڙھيا، عين الملڪ جي لشڪر ۾ پنجاھه ھزار جي قريب ماڻھو ھئا، جيڪي صبح ٿيڻ تائين سڀئي شڪست کائي ڀڄي ويا.
    ملڪ ابراھيم تتري (تاتاري) جيڪو ”ڀنگي“ جي قلب سان مشھور ھو، تنهن کي بادشاھه عين الملڪ جي شھر مان ھڪ سندريلھ نالي ھڪ ڳوٺ جدا ڪري ڏنو ھو، ھن به بغاوت ۾ عين الملڪ سان اتفاق ڪيو، تنهن ڪري ھن کي کڻي کيس پنهنجو نائب مقرر ڪيو ھو. قطب الملڪ جو پٽ دائود ۽ ملڪ التجار جو پٽ پڻ، جيڪو گھوڙن ۽ ھاٿين جو آفيسر مقرر ٿيل ھو، اچي ھن سان شامل ٿيا ھئا ۽ ھن دائود کي عين الملڪ پنهنجو حاجب مقررڪيو ھو. جڏھن عين الملڪ اچي وزير واري لشڪر تي حملو ڪيو ھو، تڏھن دائود بادشاھه کي وڏي سڏ ڏاڍيون گنديون گاريون بڪي رھيو ھو، جيڪي بادشاھه ٻڌيون پئي ۽ دائود جي آواز کي به سڃاتائين پئي.
    جڏھن عين الملڪ جي لشڪر کي شڪست آئي تڏھن ھن پنهنجي نائب ابراھيم کي چيو ته ”او ابراھيم! ھاڻي تنهنجو ڇا خيال آھي. گھڻو لشڪر ۽ وڏا وڏا سردار ته ڀڄي ويا آھن، ھاڻي جيڪڏھن تنهنجي به اھا صلاح ھجي ته اسان به ڀڄي پنهنجو سر بچايون“ جنهن تي ابراھيم يڪدم پنهنجن ساٿين کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيو ته جيڪڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جي ڪندو ته ان وقت مان کيس وارن کان کڻي جھليندس ۽ توھان چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي کيس ھيٺ ڪيرائي ڇڏجو؛ پوءِ ھن کي ٻڌي بادشاھه وٽ وٺي ھلنداسين، شايد منهنجي ھن خدمت جي بدلي ۾ بادشاھه اسان کي معاف ڪري ڇڏي.
    جڏھن عين الملڪ ڀڄڻ جو ارادو ڪيو تڏھن ابراھيم چيو ته سلطان علاؤ الدين ڪيڏانهن ٿو وڃين، عين الملڪ پنهنجو لقب سلطان علاؤ الدين رکيو ھو. ائين چئي کڻي وارن کان جھليائينس، ھن جي ساٿين وري چھبڪ ھڻي سندس گھوڙي کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ھو اچي زمين تي ڪريو. ابراھيم ھن کي کڻي پاڻ وٽ قابو ڪيو ۽ جڏھن وزير جا ماڻھو ھن کي گرفتار ڪرڻ آيا تڏھن انهن کي روڪيندي چيائين ته ”ھن کي مان پاڻ وزير وٽ وٺي ويندس، مان وڙھندي وڙھندي مارجي وڃان پر ھن کي ڪنهن ٻئي ماڻھو ھٿان ڇھڻ نه ڏيندس“ تنهن تي ھن کي ڇڏي ڏنائون، پوءِ ابراھيم عين الملڪ کي وزير وٽ وٺي ويو.
    ان وقت صبح ٿي ويو ھو ۽ مان بادشاھه وٽ، جيڪي ھاٿي جھنڊا پيش ٿي رھيا ھئا، ڏسي رھيو ھوس، ته ڪنهن عراقيءَ اچي مون کي ٻڌايو ته عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي، ۽ ھن کي وزير وٽ وٺي آيا آھن. مون کي اعتبار ئي نٿي آيو، مان ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته ملڪ تمور(تيمور) شربدار اچي مون کي ھٿ کان جھليو ۽ مبارڪ ڏيندي چائين ته ”عين الملڪ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ وزير جي حوالي ٿيو آھي.“ ھيءُ ٻڌي بادشاھه به اسان سان گڏجي عين الملڪ جي ڪئمپ ڏانهن ھليو، جيڪا گنگا نديءَ جي ڪپ تي ھئي، لشڪر ھن جي سڄي ڪئمپ کي ڦري ماري اجاڙي ڇڏيو ھو ۽ عين الملڪ جا ڪيترائي ماڻھو درياءَ ۾ گھڙي پيا ۽ ٻڏي مئا.
    قطب الملڪ جو پٽ ۽ ملڪ التجار جو پٽ به پڪڙجي پيا ھئا. بادشاھه انهيءَ ڏينهن ڪناري تي ئي ڪئمپ ڪئي ۽ جڏھن وزير عين الملڪ کي بادشاھه جي سامھون آندو، تڏھن ھو ھڪ ڏاند تي سوار ھو ۽ سڄو بدن اگھاڙو ھوس، صرف ھڪ پراڻي ڦاٽل ڪپڙي جي لنگوٽ اوگھڙ واريءَ جاءِ تي ٻڌل ھئس جنهن کي ورائي سندس ڪنڌ ٻڌي ڇڏيو ھئائون، وزير عين الملڪ کي شاھي خيمي جي دروازي تي بيھاري پاڻ بادشاھه وٽ ويو، بادشاھه کيس پيئڻ لاءِ شربت ڏنو، ھوڏانهن اميرن جا ڇوڪرا عين الملڪ وٽ اچي کيس گاريون ڏيڻ، سندس منهن ۾ ٿڪون ھڻڻ ۽ سندس ساٿين تي مار موچڙو ڪرڻ لڳا.
    بادشاھه ھن کي ھڪ وڏي امير ھٿان چوائي موڪليو ته ”تو ھي سڀ ڪيو“ جنهن تي ھو ماٺ ۾ رھيو ۽ ڪو به جواب ڪو نه ڏنائين. پوءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته ھن کي غريبن جھڙا ڪپڙا پھرائي، پيرن ۾ چار زنجير وجھي ۽ سندس ھٿ ڪنڌ سان ٻڌي، وزير جي حوالي ڪيو وڃي ته ھن کي پنهنجي حفاظت ۾ قابو رکي؛ عين الملڪ جا ڀائر درياءُ پار ڪري اؤڌ ڏانهن ڀڄي ويا جتان پنهنجا ٻار ٻچا، مال متاع جيڪي کڻي سگھيا سو کڻي ڪنهن طرف ڀڄي ويا.
    ھنن ويندي، پنهنجي ڀاءُ عين الملڪ جي زال کي به چيو ته تون به پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اسان سان گڏ ڀڄي ھل. پر ھن وڃڻ کان انڪار ڪندي، جواب ڏنن ته ”مان ھڪ ھندو عورت کان به گھٽ آھيان ڇا، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ سڙي مرندي آھي. جيڪڏھن منهنجو سرتاج مرندو ته مان به مرنديس، پر جي ھو زندھ رھندو ته مان به ھن لاءِ زندھه رھنديس.“ پوءِ ھو ھن کي ڇڏي ھليا ويا. بادشاھه کي جڏھن ھن جواب جي خبر پيئي، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان زال تي ڏاڍو رحم آيس.
    سھيرا نالي ھڪ جوان عين الملڪ جي ڀائرن مان ھڪ، نصرالله کي پڪڙي وڌو ۽ کيس قتل ڪري ان جو سر بادشاھه وٽ کڻي آيو؛ ۽ ان سان گڏ عين الملڪ جي زال، ماءُ ۽ ان جي ڀيڻ کي به پاڻ سان وٺيو آيو. بادشاھه انهن کي به وزير جي حوالي ڪيو، ھنن لاءِ عين الملڪ جي خيمي جي ڀرسان ھڪ خيمو لڳايو ويو، جتي عين الملڪ اچي ويھي ساڻن ڳالھيون ڪري وري قيد خاني ڏانهن ھليو ويندو ھو. فتح واري ڏينهن عصر جي وقت کان پوءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته اھي بيڪار ماڻھو جيڪي ذليل، بازاري ۽ غلام قسم جا آھن ۽ ھنن سان گڏ پڪڙيا ويا آھن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي.
    ملڪ ابراھيم تتريءَ (ڀنگي) کي به بادشاھه جي سامھون پيش ڪيو ويو، جنهن لاءِ سپھه سالار ملڪ بغرا رٿ ڏني ته ”اي آخوند عالم ھن کي به قتل ڪرڻ گھرجي ڇو ته ھن به بغاوت ۾ حصو ورتو ھو.، تنهن تي وزير جواب ڏنس نه ”عين الملڪ کي گرفتار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن جو قصور معاف ڪيو ويو آھي،۽ بادشاھه به کيس معافي ڏني آھي“ پوءِ ھن کي حڪم ڏنو ويو ته ھو پنهنجي جاگير ڏانهن ھليو وڃي، بادشاھه مغرب کان پوءِ ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ اچي ويٺو، جتي عين الملڪ جي ساٿين مان ٻاھٺ وڏا وڏا امير سندس سامھون پيش ڪيا ويا، پوءِ انهن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو ويو، انهن امن مان ڪن کي ھاٿين پنهنجي فولاد جي پٽ چڙھيل ڏندن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو۽ ڪن کي مٿي ھوا ۾ اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيو. ان وقت نغارا ۽ واڄا وڄي رھيا ھئا، عين الملڪ ھيءُ سڀ ڪجھه خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھو، ۽ انهن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ھن ڏانهن اڇلايا پئي ويا.
    پوءِ ھن کي قيد ۾ وٺي ويا، ماڻھن جي گھڻائيءَ ۽ ٻيڙين جي ٿورائيءَ سبب بادشاھه دريا جي ڪناري تي ترسي پيو، شاھي سامان خزانو وري ھاٿين ذريعي درياءَ جي ھن پار پھچايو ويو، بادشاھه ڪجھه ھاٿي پنهنجي خاص اميرن ۾ ورھائي ڏنا ته ھو پنهنجو سامان درياءَ جي پار پھچائين. تنهن ڪري مون کي به ھڪ ھاٿي مليو، جنهن تي مون پنهنجو سامان لڏي ھن ڀر پھچايو.
    ان کان پوءِ بادشاھه (ڀرائچ) وڃڻ جو ارادو ڪيو، ان وقت اسان به ھن سان گڏ ھئاسين، ھيءُ ھڪ تمام خوبصورت شھر آھي ۽ سرو نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ھيءَ ندي تمام وڏي آھي ۽ اڪثر ڪناري کي کائيندي رھندي آھي. ھتي رسم موجب بادشاھه، شيخ (الصالح البطل) سالار جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ درياءُ پار ڪري آيو ھو. شيخ سالار ھن طرح جا گھڻائي ملڪ فتح ڪيا ھئا ۽ ماڻھن ۾ ھن لاءِ ڪيتريون ئي عجيب و غريب ڳالھيون مشھور ھونديون ھيون، ماڻھن جي درياءَ پار ڪرڻ وقت ڏاڍي ڀيڙ اچي لڳي، ايتري قدر جو ھڪ ٻيڙي جنهن ۾ ٽي سئو ماڻھو چڙھيل ھئا، سا ٻڏي ويئي ۽ صرف ھڪ عرب جيڪو امير غوار جي ساٿين مان ھڪ ھو، بچي سگھيو.
    اسان ھڪ ننڍيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيل ھئاسين جنهن ڪري الله سائينءَ اسان کي بچايو، عرب جيڪو ٻڏڻ کان بچي ويو ھو تنهن جو نالو سلام ھو، اتي عجيب اتفاق اھڙو ٿيو جو ھن عرب جي پھريائين ارادو ھو ته اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھي؛ پراسان جي ٻيڙي ڪجھه اڳتي نڪري ويئي تنهن ڪري ھو وڃي وڏي ٻيڙي ۾ چڙھيو ھو، جيڪا ٻڏي ويئي جڏھن ھو بچي درياءَ اڪري آيو، تڏھن ماڻھن خيال ڪيو ته ھو اسان واري ٻيڙي ۾ چڙھيل ھو ان تي اسان جي ساٿين ۾ اچي ٿرٿلو پيو جو سمجھيائون ته شايد اسان ٻڏي وياسين، پر جڏھن اسان کي صحيح سلامت ڏٺائون تڏھن اسان کي اچي مبارڪ ڏنائون.
    پوءِ اسان شيخ سالار جي قبر، جيڪا ھڪ گنبذ ۾ آھي، جي زيارت ته ڪئي، باقي ان تائين پھچائڻ جي واٽ، گھڻيءَ ڀيڙ سبب، ھٿ نه آئي پوءِ اسان ھن طرف جي ھڪ ڪانهن جي ٻيلي مان ٿي لنگھياسين ته اسان گينڊو ڏٺو، ماڻھن ان کي ماري وڌو ۽ ان جي سسي وڍي کڻي آيا، جو ھاٿيءَ کان ننڍو پر سندس سسي ھاٿيءَ جي سسيءَ کان ڪافي وڏي ھئي.

    بادشاھه جو دارالخلافه ۾ واپس اچڻ ۽ علي شاھڪر (ٻوڙي) جي بغاوت:
    جڏھن بادشاھه عين الملڪ کي شڪست ڏني، تڏھن اڍائي سالن کان پوءِ ھو دارالخلافه ۾ آيو. عين الملڪ جو گناھھ کيس بخش ڪيو ويو؛ تنهن سان گڏنصرت خان جنهن تلنگانه جي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ھئي، تنهن کي به معاف ڪيو ويو، بادشاھه ھنن ٻنهي کي پنهنجي باغن ۾ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ کين خلعت ۾ سواري به عطا ڪيائين ازانسواءِ اٽو ۽ گوشت به ھنن لاءِ روزانو بادشاھه جي طرفان مقرر ڪيو ويو ھو.
    ھن کان پوءِ خبر آئي ته قطلو خان جو ھڪ ساٿي علي شاھڪر بادشاھه کان باغي ٿي ويو آھي. ھي شخص ڏاڍو بهادر، چڱين عادتن وارو ۽ شڪل جو به سھڻو ھوندو ھو، ھن بدر ڪوٽ (بيدر جو قلعو) فتح ڪري ان کي پنهنجي ملڪ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، بادشاھه پنهنجي استاد کي ھن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ چاڙھي موڪليو، جنهن وڃي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو ۽ قلعي جي برجن جي ھيٺان سرنگ لڳائڻ شروع ڪيائين، آخر علي شاھڪر جڏھن ڏاڍو پريشان ٿيو، جڏھن امان گھريائين، قطلو خان کي امان ڏيئي، قيد ڪري بادشاھه ڏانهن ڏياري موڪليو.
    بادشاھه ھن جو ڏوھه معاف ڪري کيس خراسان وقت غزنيءَ جي شھر ڏانهن ڪڍي ڇڏيو، اتي ھو ڪجھه وقت رھيو، آخر ھن کي جو کٽيءَ اچي کنيو، سو وطن جي اڪير اچي لڳيس، جنهن ڪري ھو واپس ھليو آيو. سنڌ ۾ پھچڻ تي ھو پڪڙجي پيو ۽ بادشاھه وٽ پيش ڪيو ويو، بادشاھه کيس چيو ته تون وري منهنجي ملڪ ۾ فساد ڪرڻ آيو آھين ۽ حڪم ڪيائين ته ھن کي قتل ڪيو وڃي، پوءِ ھن جو سر ڪپيو ويو.

    امير بخت جو ڀڄي وڃڻ ۽ قيد ٿيڻ
    بادشاھه جڏھن امير بخت تي ڪاوڙيو، جنهن جو لقب ملڪ ھوندو ھو، تڏھن ھن جو عھدو چار ھزاريءَ مان گھٽائي ھڪ ھزاري ڪري کيس دھليءَ ۾ وزير ڏانهن ڏياري موڪليائين. ھيءُ شخص انهن ماڻھن مان ھو،جيڪي اسان سان گڏجي بادشاھه وٽ آيا ھئا. اتفاق سان امير عبدالله ھروي تلنگانه واريءَ وبا ۾ مري ويو. ھن جو سڀ سامان سندس ساٿين وٽ دھليءَ ۾ رکيل ھو، سو انهن به امير بخت سان گڏ ڀڄڻ جي صلاح ڪئي. ۽ جڏھن وزير، بادشاھه جي استقبال لاءِ، دھليءَ کان نڪتو تڏھن ھو وجھھ وٺي امير بخت سان گڏ ڀڄي نڪتا.
    ھو چاليھن ڏينهن جو رستو ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري اچي سنڌ ۾ پھتا، ھنن وٽ ڏاڍا عمدا تيز رفتار گھوڙا ھئا ھنن چيو ته سنڌو ندي تري پار ھليو وڃجي. پر امير بخت ۽ سندس پٽ تري ڪو نه ٿي سگھيا، تنهن ڪري ڪانن جو ترھو ٺاھي، ان ۾ ريشمي رسيون ٻڌي، پار اڪرڻ چاھيائون، پر ھو نديءَ جي ڪناري تي پھچي، انهي ءَ ۾ گھڙڻ کان ڊڄي بيھي رھيا.
    پوءِ ھنن اوجته (اچ) جي حاڪم جلال الدين ڏانهن ٻه ماڻھو موڪليا، جن وڃي جلال الدين کي چيو ته ڪجھه سوداگر درياءُ پار ڪرڻ ٿا چاھين ۽ ھيءَ زين توڏانهن تحفي طور موڪلي اٿن ته ھنن کي درياءَ پار اڪرڻ جي اجازت ۽ ان ۾ مدد ملي. جلال الدين ھڪدم سمجھي ويو ته اھڙي قسم جي زين سوداگرن وٽ ڪا نه ھوندي آھي ۽ ضرور ڪو گھوٽالو آھي. تنهن ڪري حڪم ڏنائين ته ھنن ٻنهي ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي.
    انهن مان ھڪ ڪنهن طرح سان ڇڏائي، ڀڄي وڃي شرف ملڪ وٽ نڪتو، جي مسلسل پنڌ جي ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي سبب ننڊ پيا ھئا. ايندڙ شخص ھڪدم شرف الملڪ کي سڄي روئداد ٻڌائي، جنهن تي ھو سڀ گھوڙن تي سوار ٿي اٿي ڀڳا، جلال الدين حڪم ڪيو ته جيڪو ماڻھو پڪڙيو ويو آھي تنهن کي خوب موچڙا ھڻي سچي ڪرائي وڃي، جنهن آخر شرف الملڪ جو سمورو احوال ٻڌائي ڇڏين. پوءِ جلال الدين پنهنجي نائب کي حڪم ڪيو ته ھو لشڪر پاڻ سان وٺي يڪدم شرف الملڪ ۽ سندس ساٿين ڏانهن وڃي.
    ھو ڏس واري جاءِ تي پھتو ته ھو اڳيئي ڊپ ۾ ڀڄي ويا ھئا، پر نائب سندن پيڇو ڪيو ۽ آخر وڃي رسين، لشڪر وارن ھنن تي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ نائب جو تير اتفاق سان شرف الملڪ جي پٽ طاھر جي ھڪ ٻانهن ۾ وڃي لڳو، جنهن تي ھو ڪري پيو. نائب ھن کي سڃاڻي کڻي قابو ڪيو. آخر ٻيا به سڀ پڪڙجي پيا ۽ سڀني کي جلال الدين جي سامھون آندو ويو، جنهن کين پيرن ۾ زنجير وجھي، سندن مشڪون ٻڌي، کڻي پاڻ وٽ قيد ۾ رکيو. پوءِ وزير کي لکيائين ته ھنن کي ڇا ڪيو وڃي، وزير حڪم ڏنس ته ھنن کي دارالخلافه ڏانهن موڪليو وڃي.
    پوءِ جلال الدين ھنن کي دارالخلافه ڏانهن موڪليو، جتي کين قيد ۾ رکيو ويو، پوءِ بادشاھه حڪم ڪيو ته شرف الملڪ کي ھڪ سو چھبڪ زور سان ھنيا وڃن، ھو ھر روز اھڙي مار کائيندو رھيو ۽ آخر تائين زندھ رھي سگھيو. تنهن تي بادشاھه کي ھن تي رحم اچي ويو ۽ سندس ڏوھه معاف ڪري کيس چنديريءَ ڏانهن امير نظام الدين وٽ ڏياري موڪليائين. ھن کان پوءِ شرف الملڪ جي حالت تمام خراب ٿي پيئي ۽ تنگدستيءَ اچي ورايس، ايتري قدر جو ھن وٽ سواريءَ لاءِ ڪو گھوڙو ڪو نه رھيو، تنهن ڪري ھو ڏاند تي سواري ڪندو ھو.
    ڪيترو ئي وقت ھو ھن حال ۾ رھيو، پوءِ امير نظام الدين جڏھن بادشاھه ڏانهن ڪجھه ماڻھو موڪلي ڏنا، انهن ۾ ھيءُ به شامل ھو. بادشاھه ھن کي کڻي پنهنجو (جاشنکير)چاشگير مقررڪيو. ھن عھديدار جو ڪم اھو ھوندو ھو ته ھو گوشت ٽڪرا ٽڪرا ڪري، دستر خواني تي رکندو ويندو ھو ۽ کاڌو کڻي بادشاھه وٽ حاضر ٿيندو ھو.
    پوءِ بادشاھه ھن تي تمام گھڻو مھربان ٿيو ۽ سندس مرتبو ايترو ته وڌائي ڇڏيائين جو جڏھن ھو بيمار ٿيندو ھو ته بادشاھه خود سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ھن وٽ ويندو ھو، ۽ ھن کي سون ۾ توري اھو سون به ھن کي عنايت ڪيو ھئائين. اھا سموري ڳالھه مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ کيس پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرائي، چندريءَ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليائين. ھيءَ اھا جاءِ ھئي جتي ھو پھريائين امير نظام الدين جي نوڪري ڪندو ھو ۽ ڍڳي تي سواري ڪندو ھو، خدا جا شان آھن، ھو دلين جو مالڪ آھي جيئن وڻيس تيئن ڪري.

    شاھه افغان جي سنڌ ۾ بغاوت:
    شاھه افغان سنڌ جي ملڪ، ملتان ۾ بغاوت ڪئي ۽ اتي جي امير بهزاد کي قتل ڪري بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. بادشاھه ھن کي مارائڻ جو ارادو ڪيو، پر ھو پنهنجي قوم جي پٺاڻن جيڪي ڏکين جبلن ۾ رھندا ھئا، ڏانهن ڀڄي ويو. بادشاھه کي ڏاڍو غصو آيو ۽ پنهنجي نائبن کي لکي موڪلائين ته جنهن ھنڌ به ڪو پٺاڻ موجود ھجي ان کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي ۽ اھو ئي قاضي جلال الدين جي بغاوت جو سبب بڻيو.

    قاضي جلال جي بغاوت:
    قاضي جلال ۽ پٺاڻن جي ھڪ قوم شھر کنڀات ۽ بلوذره جي ڀرسان رھندي ھئي. جڏھن بادشاھه پنهنجي نائبن کي پٺاڻن جي پڪڙڻ جو حڪم ڏنو تڏھن ملڪ مقبل کي، جو انهيءَ وقت وزير جي طرفان الجزرات(گجرات) ۽ نهروالھ ۾ نائب ھو، ھي حڪم ڏنائين ته ڪنهن طريقي سان قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري، بلوذره جو علائقو ملڪ الحڪما جي جاگير ۾ ھوندو ھو، جنهن جي شادي بادشاھه جي ماٽيجي ماءُ جي ڌيءَ سان، جنهن کي بادشاھه پاليو ھو، ٿي ھئي. انهيءَ ئي ماءُ مان وري بادشاھه کي ٻي به ڀيڻ ھئي جنهن جو نڪاح امير غرا سان ڪيو ھئائين.
    اھو ملڪ الحڪما انهيءَ وقت ملڪ مقبل وٽ ھو، ڇاڪاڻ ته سندس جاگير ملڪ مقبل جي علائقي ۾ ھئي. جڏھن ھو گجرات ۾ پھتا تڏھن ملڪ مقبل، ملڪ الحڪما کي حڪم ڏنو ته قاضي جلال ۽ ان جي ساٿين کي مون وٽ وٺي اچ. جڏھن ملڪ الحڪما انهن جي علائقي ۾ پھتو، تڏھن ھنن کي ڳجھيءَ طرح سان نياپو ڏياري موڪليائين ته ملڪ مقبل توھان کي گرفتار ٿو ڪرڻ چاھي، تنهن ڪري توھان کي پاڻ وٽ گھرايو اٿس، سو توھان ھٿيار ٻڌي تيار ٿي ھن وٽ وڃجو.
    نتيجي ۾ قاضي جلال ٽي سو زره پوش تيار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ اچي چيائين ته اسان سڀئي اندر وينداسين. ملڪ مقبل سمجھي ويو ته ھنن کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ انهن کان ڊڄي حڪم ڏنائين ته واپس ھليا وڃو ۽ ھن کي امان ڏيڻ جو خيال ظاھر ڪيائين. پر ھنن بغاوت ڪئي،کنڀات جي شھر ۾ داخل ٿي، شاھي خزانو ۽ ماڻھن جو مال ڦريائون. انهيءَ ڦر مار ۾ ابن الڪومي نالي واپاريءَ جو سمورو مال ڦرجي ويو. ھي اھو شخص ھو جنهن اسڪندريھ جي شھر ۾ ھڪ عاليشان مدرسو ٺھرايو آھي، جنهن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس.
    پوءِ ملڪ مقبل، قاضي جلال جي مقابلي لاءِ آيو، پر شڪست کاڌائين. تنهن کان پوءِ ملڪ عزيز خمار به ھنن کان شڪست کاڌي. اھڙيءَ طرح ملڪ جھان بنبل به ست ھزار ماڻھو جو لشڪر وٺي ھن سان لڙائي ڪئي، پر انهيءَ به شڪست کاڌي، ھن ٻڌي، ملڪ ۾ جيڪي فسادي ۽ جرائم پيشي ماڻھو ھئاسي به اچي قاضي جلال سان مليا، جنهن ڪري ھن بادشاھيءَ جي دعويٰ ڪري، پنهنجن ساٿين کان بيعت وٺي ڇڏي. بادشاھه ھن ڏانهن ڪيترائي لشڪر موڪليا پر سڀني کي شڪست نصيب ٿي. انهن ڏينهن دولت آباد ۾ ھڪ پٺاڻن جو گروھ رھندو ھو، جن به بغاوت ڪئي.

    ابن ملڪ مل جي بغاوت:
    دولت آباد ۾ جيڪا پٺاڻن جي جماعت رھندي ھئي ان ۾ ابن ملڪ مل به رھندو ھو. بادشاھه پنهنجي نائب نظام الدين کي، جيڪو سندس استاد قطلو خان جو ڀاءُ ھو، موڪليو ته انهن پٺاڻن کي گرفتار ڪري ۽ گڏوگڏ ھٿڪڙيون، زنجير ۽ سياري جون خلعتون به موڪلي ڏنائينس. ھندستان ۾ اھو رواج آھي ته ھر ھڪ شھر جي حاڪم ڏانهن ۽ فوج جي عملدارن ڏانهن سال ۾ ٻه ڀيرا خلعتون موڪليندا آھن، يعني ھڪ خلعت اونهاري جي ۽ ٻي سياري جي. جڏھن خلعتون آنديون وينديون آھن، تڏھن اھو حاڪم ۽ سڄو لشڪر انهن جي استقبال لاءِ شھر کان ٻاھر ايندو آھي ۽ جڏھن خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھچندا آھن، تڏھن پنهنجي سوارين تان لھي پوندا آھن. پوءِ انهن مان ھر ھڪ پنهنجي پنهنجي خلعت وٺي، ڪلھي تي رکي، بادشاھه جي طرف منهن ڪري، دستوري سلام ڪندو آھي.
    بادشاھه نظام الدين کي لکي موڪليو ھو ته جڏھن اھي پٺاڻ شھر کان ٻاھر اچن ۽ خلعتون وٺڻ لاءِ گھوڙن تان لھن تڏھن انهن کي گرفتار ڪري وٺي، خلعت آڻيندڙن مان ھڪ سوار اھا خبر پٺاڻن کي اڳواٽ موڪلي ڏني، جنهن ڪري نظام الدين جي ڪوشش ناڪام ٿي پيئي. جڏھن ھو(نظام الدين) ۽ پٺاڻ سوار ٿي شھر کان ٻاھر آيا ۽ خلعت آڻيندڙ جي ڀرسان پھتا، تڏھن نظام الدين پنهنجي گھوڙ: تان لھي پيو. يڪدم پٺاڻن ھن تي حملو ڪري ھن کي کڻي قيد ڪيو ۽ سندس ساٿين مان ڪيترن کي قتل ڪري، وڃي شھر جي خزانن تي قبضو ڪيائون ۽ ناصرالدين ملڪ مل جي پٽ کي کڻي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيائون. ھن واقعي کانپوءِ ڪيترائي فسادي ماڻھو به اچي ھنن سان شامل ٿيا، تنهن ڪري پاڻ ھنن وڌيڪ زور ورتو.
    جڏھن بادشاھه کي کنڀات ۽ دولت آباد ۾ پٺاڻن جي بغاوت جي خبر پھتي، تڏھن بذات خود کنڀات جي طرف وڃڻ جو ارادو ڪيائين، ۽ پوءِ دولت آباد ڏانهن موٽي، پنهنجي ناٺي اعظم ملڪ بايزيديءَ کي چار ھزار لشڪر ڏيئي، پاڻ کان اڳ ۾ موڪلي ڏنائين، جو وڃي قاضي جلال جي لشڪر سان سامھون ٿيو ۽ کين شڪست ڏنائين. پوءِ ھو ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا ۽ اتي ئي لڙائي جاري رکيائون. قاضي جلال جي لشڪر ۾ ھڪ شيخ جلول نالي ھوندو ھو، جو اھڙو ته زبردست ھوندو ھو، جو دشمن جي لشڪر ۾ زبردستي گھڙي پوندو ھو ۽ ڪيترائي ماڻھو ماري وجھندو ھو، ھو اعلان ڪري چوندو ھو ته مون سان مقابلي لاءِ ڪو ماڻھو ٻاھر اچي، پر ڪنهن کي به ھن سان وڙھڻ جي ھمت نه ٿيندي ھئي.
    ھڪ ڏينهن اھڙو اتفاق ٿيو؛ جو ھن وٺي پنهنجي گھوڙي کي تيز ڊوڙايو، جو ھن کي کڻي ھڪ غار ۾ وڃي ڪريو، جلول گھوڙي تانڪري پيو ھو، تنهن کي اتي ھڪ لڪل شخص ڪرندي ئي يڪدم قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ معلوم ٿيو ته ھن جي بدن تي ٻه زرھون چڙھيل ھيون، پوءِھن جو سر بادشاھه ڏانهن موڪليو ويو ۽ سندس بدن بلوزره(1) جي شھر جي ديوار تي لٽڪائي، سندس ٽنگون ۽ ٻانهون ٻين شھرن ڏانهن نموني طور موڪليون ويون.
    پوءِ بادشاھه به لشڪر وٺي اچي پھتو، قاضي جلال، بادشاھه جي اچڻ جو ٻڌي، ثابت قدم رھي نه سگھيو، سو پنهنجن ساٿين کي وٺي، پنهنجي مال اولاد کي ڇڏي ڀڄي ويو، لشڪر انهن سڀني کي ڦري شھر ۾ داخل ٿيو. بادشاھه اتي ڪيترائي ڏينهن ترسي پيو. پوءِ اتان اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي ناٺي شرف الملڪ امير بخت کي، جنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، پٺيان ڇڏي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏنائين ته جن ماڻھن قاضي جلال جي بيعت ڪئي ھئي، انهن کي ڳولي ھٿ ڪري. ان کان سواءِ ڪيترائي فقيه به ھن وٽ ڇڏي ويو ته انهنجي فيصلي جي مطابق عمل ڪندو رھي، شيخ علي حيدري جو قتل به، جنهن جو بيان اڳ ۾ ڪري آيا آھيون، ھن موقعي تي ڪرايو ويو ھو.
    قاضي جلال ھتان سڌو ملڪ جي پٽ ناصر الدين وٽ دولت آباد ۾ ڀڄي آيو ۽ ان جي ساٿين ۾ اچي شامل ٿيو، بادشاھه خود انهن سان مقابلي لاءِ آيو. باغين جو لشڪر ڪل چاليھه ھزار کن گڏ ٿي ويو ھو، جنهن ۾ افغان، ترڪ، ھندو ۽ غلام به شامل ھئا. انهن سڀني قسم کنيو ھو ته ڪنهن به لڙائيءَ جي ميدان مان ڪو نه ڀڄنداسين ۽ بادشاھه سان مقابلو ڪنداسين. جڏھن بادشاھه ھنن سان مقابلي لاءِ آيو تڏھن شاھي ڇٽ ڪو نه لڳارايائين. ھنن سمجھيو ته بادشاھه لڙائي ۾ موجود ڪونهي. جڏھن لڙائي زور شور سان جاري ٿي، تڏھن اوچتو ئي اوچتو شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو. دشمن جا ماڻھو ڇٽ ڏسي عجب ۾ پئجي ويا ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڄي ويا.
    ابن ملڪ مل، قاضي جلال ۽ انهن چئن سون خاص ماڻھن (دويتر) ديوگير جي قلعي ۾ وڃي پناھه ورتي. ھيءُ قلعو سڄيءَ دنيا ۾ نهايت مضبوط ڪري ليکيو ويندو آھي. پوءِ بادشاھه دولت آباد جي شھر ۾ ترسي پيو. ديوگير ان شھر جو قلعو آھي، بادشاھه ھنن کي قلعي تان لھي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو، پر ھنن جواب ڏنو ته جيستائين اسان کي امان نه ڏنو ويندو، تيستائين نه لھنداسين، پر بادشاھه امان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي دل وٺڻ لاءِ کين کاڌو ڏياري موڪليائين، ايستائين پنهنجو اکين ڏٺو احوال آھي، اڳتي الاجي ڇا ٿيو.

    ملڪ مقبل ۽ ابن الڪوميءَ جي لڙائي
    ھيءَ لڙائي قاضي جلال الدين جي خروج ۽ بغاوت کان اڳ ۾ لڳي ھئي. تاج الدين ابن الڪومي ھڪ وڏو سوداگر ھوندو ھو. ھن بادشاھه جي لاءِ تمام قيمتي تحفا، جن ۾ غلام، اٺ، ڪپڙا ۽ ھٿيار وغيره به ھئا، ترڪستان مان کڻي آيو ھو. بادشاھه ھن تي ڏاڍو راضي ٿيو ۽ انهن تحفن جي عيوض کيس ٻارھن لک رپيا ڏنائين چون ٿا ته انهن تحفن جي قيمت ھڪ لک رپين کان زياده ڪا نه ھئي، پوءِ بادشاھه ھن کي کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو، اھو علائقو وزير جي نائب مقبل جي ھٿ ھيٺ ھوندو ھو.
    ابن الڪومي کنڀات پھچي اتان ملبار ۽ سيلان جي ٻيٽن ڏانهن جھاز موڪلڻ شروع ڪيا، جتان کيس قسم قسم جا تحفا ۽ ھديا ايندا رھندا ھئا، جنهن ڪري ھو تمام وڏو شاھوڪار ٿي ويو، جڏھن ھن دارالخلافه ڏانهن پنهنجي ملڪ جو سرڪاري مال ڪو نه موڪليو، تڏھن ملڪ مقبل ھن کي چوائي موڪليو ته دستور موجب تحفا ۽ سرڪاري مال داراخلافه ڏانهن موڪلي ڏي. جنهن تي ابن الڪوميءَ جواب ۾ چوائي موڪليس ته مان پاڻھي سڀ ڪجھه اوڏانهن کڻي ويندس يا نوڪرن جي ھٿان ڏياري موڪليندس. ۽ ايترو به چيائنس ته مان ڪو نائب وزير يا وزير جو زيردست نه آھيان، اصل ھو بادشاھه جي مھربانيءَ جي ڪري ڪجھه مغرور ٿي ويو ھو. نائب وزير سڄي حقيقت وزير کي لکي موڪلي، جنهن سندس خط جي پٺيان لکي موڪليس ته جيڪڏھن منهنجي علائقي جو انتظام تون نٿو رکي سگھين ته ھڪدم واپس ھليو اچ.
    ھن جواب پھچڻ شرط ھن لڙائيءَ جو سامان تيار ڪيو ۽ پنهنجا غلام ۽ لشڪر گڏ ڪري وڃي ابن الڪوميءَ سان مقابلو ڪيائين. ابن الڪوميءَ کي شڪست آئي، پر ٻنهي طرف ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا، پوءِ ھن ابن الڪوميءَ جي لشڪر جي سڀني اميرن کي مارائي ڇڏيو ۽ کيس چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن بادشاھه جو مال ۽ تحفا وغيره موڪلين ته تو کي امان ڏيان. ھي شرط ابن الڪوميءَ منظور ڪيو. پوءِ ملڪ مقبل ھن کان سڀ مال وٺي بادشاھه ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ انهيءَ سان گڏ بادشاھه ڏانهن ابن الڪوميءَ جي شڪايت به لکي موڪليائين.
    ھوڏانهن ابن الڪوميءَ به بادشاھه ڏانهن ھن جي شڪايت جو خط ڏياري موڪليو، جنهن تي بادشاھه ملڪ الحڪما کي ٻنهي جي جھڳڙي جي فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ کان سگھو ئي پوءِ قاضي جلال بغاوت ڪئي، جنهن ۾ ابن الڪوميءَ جو مال ڦرجي ويو ۽ ھو جان بچائي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان بادشاھه وٽ ھليو ويو.

    ________________________________________
    (1) بڙودو.


    باب ستون

    فصل پھريون

    ھندستان ۾ ڏڪار پوڻ
    جڏھن بادشاھه دارالخلافه کان معبر ڏانهن ھليو ويو، تڏھن ھندستان ۾ اچي سخت ڏڪار پيو ۽ اگھه ايترا ته چڙھي ويا، جو اناج جو اگھه وڌي وڃي ڇھه درھم في مڻ ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ اگھه چڙھي ويا ۽ مھانگائيءَ سبب ماڻھن جا حال ڏاڍا خراب ٿي ويا. ھڪ دفعي مان وزير سان ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھوس، رستي تي ٽي عورتون ھڪ مئل گھوڙي جي کل لاھي ان کي کائي رھيون ھيون، ۽ ھيءُ گھوڙ ڪن مھينن کان اتي مئو پيو ھو. ماڻھو ته جانورن جا چمڙا لاھي، ان کي رڌي، بازار ۾ وڪڻندا ھئا.
    ڪن خراساني طالب علمن مون سان ڳالھه ڪئي ته ھو (اکروھھ)اگروه جي شھر ۾، جيڪو ھانسي ۽ سرستي جي وچ ۾ آھي، ويا ته ڏٺائون ته سڄو شھر سڃو لڳو پيو ھو، پوءِ ھو ھڪ گھر ۾ رات بسر ڪرڻ لاءِ گھڙي ويا. گھر جي ھڪ ڀاڱي ۾ ھنن ھڪ ماڻھوءَ کي ڏٺو، جنهن جي اڳيان باھه پئي ٻري ۽ ھو ھڪ انساني ٽنگ پچائي کائي رھيو ھو، جڏھن ماڻھن کي ڏاڍي تڪليف پھتي، تڏھن بادشاھه حڪم ڪيو ته دھليءَ جي سڀني رھواسين کي ڇھن مھينن جو راشن ڏنو وڃي، پوءِ قاضي، منشي ۽ امير شھر جي ھر ھڪ گھٽيءَ ۽ محلي ۾ گھمندا، ماڻھن جا نالا لکندا پئي ويا ۽ انهن مان ھر ھڪ کي ڇھن مھينن جو راشن، ڏيڍ رطل روزاني جي حساب سان ڏيندا پئي ويا. مون به ان وقت ۾ سلطان قطب الدين جي مقبري جي لنگر مان ماڻھن ۾ کاڌو پئي ورھايو. پوءِ آھستي آھستي ماڻھن جي حالت درست ٿيندي ويئي. خداوند ڪريم مون کي به منهنجي انهيءَ خدمت لاءِ جزاءِ خير ڏيندو.
    ھن وقت تائين مون رڳو بادشاھه جي زماني جي واقعن جو بيان پئي ڪيو، پر ھاڻي مان صرف پنهنجي بابت بيان ڪندس. جنهن ۾ اسان جو دارالخلافه ۾ پھچڻ جو احوال، بادشاھه جي نوڪري ڪرڻ ۽ ڇڏي ڏيڻ، پوءِ بادشاھه جي طرفان چين جو سفير ٿي وڃڻ ۽ آخر چين کان واپس پنهنجي ملڪ موٽڻ وغيره جو بيان ھوندو.
    انشاءَ الله تعاليٰ.

    اسان جو بادشاھه جي غيرحاضريءَ ۾شاھي محل ڏانهن وڃڻ:
    جڏھن اسين دارالخلافه دھليءَ ۾ پھتاسين، تڏھن سڌو شاھي محل ڏانهن ھليا وياسين. اسين اتي پھچي پھرئين دروازي مان لنگھياسين، پوءِ ٻئي دروازي مان، ٽئين دروازي تي نقيب موجود ھئا، جن جو اڳي ئي تفصيل سان بيان ڪري آيو آھيان. جڏھن اسان نقيبن وٽ پھتاسين، تڏھن انهن مان ھڪ نقيب اسان کي ھڪ ڪشادي اڱڻ ۾ وٺي آيو، جتي وزيرخو اجھ جھان، اسان جو انتظار ڪري رھيو ھو. اسان مان سڀني کان اڳيان خداوند زادو ضياءُ الدين ھو. ان جي پٺيان سندس ڀاءُ قوام الدين، ان کان پوءِ انهن جي ڀاءُ عماد الدين، پوءِ مان ۽ منهنجي پٺيان ھنن جو ڀاءُ برھان الدين، پوءِ امير مبارڪ سمرقندي، ان جي پٺيان ارن بغا ترڪي، پوءِ خداوندزادي جو ڀاڻيجو ملڪ زادو ۽ ان جي پٺيان بدرالدين فصال.
    اھڙي طرح نمبر وار جڏھن اسان ٽئين دروازي سان لنگھياسين تڏھن اسان کي ھڪ وڏو ديوان خانو نظر آيو جنهن کي ھزار سطون (ھزار ٿنبن وارو ) ڪري سڏيندا آھن ھن ۾ بادشاھ عام مجلس ڪندو آھي .ھت پھچي وزير جھڪي سلام ڪيو . ھو ايتري قدر ته جھڪيو، جو ھن جو مٿو زمين جي بلڪل ويجھو ٿي ويو . پو۽ اسان به جھڪي سلام ڪيو،پر اسان رڳو رڪوع جيترو جھڪياسين، تنهن ھوندي به اسان جون آڱريون زمين کي ڇھي ٿي سگھيون . ھيءَ سلامي بادشاھ جي تخت جي ھئي . پو۽ ٻيا ماڻھو جيڪي اسان سان گڏ ھئا،تن به اھڙيءَ طرح جھڪي سلام ڪيو . جڏھن اسان ھن طرح خدمت بجا آئڻ کان فارغ ٿياسين، تڏھن ٻاھر ھليا آياسين .

    بادشاھ جي والدا جي گھر پھچڻ ۽ سندس خصلتن جو بيان:
    بادشاه جي والده کي مخدوم جهان ڪري سڏيندا آهن . هيءَ تمام نيڪ ۽ پرهيز گار زال آهي ۽ خير خيرات تمام گهڻو ڪندي رهندي آهي . هن ڪيتريون ئي خانقاهون ٺهرايون آهن. جتان مسافرن کي باقائدي کاڌو ملندو آهي . هوءِ اکين کان نابينا آهي، جنهن جو سبب اهو بيان ٿو وڃي ته جڏهن سندس پٽ بادشاهه ٿيو ، تڏهن سڀ بيگميون ۽ امير زاديون چمڪ دمڪ وارا ڪپڙا پهري هن وٽ آيون هيون ، ان وقت هوءَ هڪ سون جي تخت تي، جنهن تي هيرن ۽ جواهرنجو ڪم ٿيل هو، ويٺي هئي . هيترين چڪڪندڙ شين جي تيزي ۽ چمڪاٽ اهڙو ته ٿيو، جو انهيءَ ئي وقت سندس نظر هلي ويئي . پوءِ ڏاڊا علاج ۽ حيلا ڪيا ويا ، پر ڪجهه فائدو ڪون ٿيس.
    بادشاھه ھن جي ڏاڍي عزت ڪندو آھي ۽ سندس فرمانبرداري پنهنجو فرض اولين سمجھندو آھي. چون ٿا ته ھوءَ ھڪ دفعي بادشاھه سان گڏ سفر تي ويئي، جتان بادشاھه ھن کان ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ ھليو آيو پوءِ جڏھن ھوءَ دارالخلافه ڏانهن آئي، تڏھن بادشاھه ھن جي استقبال لاءِ آيو ۽ گھوڙي تان لھي پيو ۽ جنهن وقت ھوءَ پالڪيءَ ۾ سوار ٿي تنهن وقت ھن جا پير چميائين، جو ان وقت سڀ ماڻھو ڏسي رھيا ھئا. ھاڻي مان پنهنجي اصل مقصد تي ٿواچان.
    جڏھن اسان شاھي محل مان نڪتاسين تڏھن وزير ۽ اسان سڀ حرم سرا جي دروازي ڏانهن وياسين. مخدوم جھان به اتي ئي گھر ۾ رھندي آھي.اسان سندس دروازي تي پھچي سوارين تان لھي پياسين. اسان مان ھر ھڪ پنهنجي پڄنديءَ آھر مخدوم جھان جي لاءِ تحفو کڻي آيو ھو. اسان سان قاضي القضاة ڪمال الدين ابن برھان الدين به گڏجي آيو ھو. وزير ۽ قاضيءَ مخدوم جھان جي دروازي جي اڳيان اچي دستوري سلام ڪيو. پوءِ اسان به اھڙيءَ طرح سلام ڪيو. ھڪ منشي جيڪو دروازي تي موجود ھو تنهن اسان جا سڀ تحفا لکي ڇڏيا. پوءِ ڪي نوجوان ڇوڪرا آيا، جن مان جيڪو وڏو ھو، سو وزير ڏانهن وڌي آيو ۽ اچي آھستي سان ساڻس ڪجھه ڳالھه ٻولھه ڪري محل ڏانهن ھليو ويو. اھڙيءَ طرح ھو وري آيا ۽ ساڳيءَ طرح ھليا ويا. ايترو وقت اسين اتي ئي بيٺا رھياسين.
    پوءِ اسان کي ھڪ ڇت واريءَ جاءِ ھيٺان ويھڻ جو حڪم ٿيو. انهيءَ کان پوءِ کاڌو کڻي آيا، جنهن سان گڏ سون جا مٽ، جن کي ”سين“ چوندا آھن ۽ ديڳين جھڙا ٿيندا آھن، آندائون. انهن جون گھڙامنجيون به سون جون ٺھيل ھيون. ازانسواءِ پيالا، رڪابيون ۽ ڪونئرا، جيڪي پڻ سون جا ھئا، آندا ويا. دستر خوان وڇائجي ويا ۽ ھر ھڪ دستر خوان تي ٻه ٻه صفون ھيون. صف ۾ سڀ کان اڳ اھو ماڻھو ويھندو آھي جيڪو ٻين سڀني کان مرتبي ۾ وڏو ھوندو آھي.
    جڏھن اسان کاڌي ڏانهن وڌياسين، تڏھن حاجين ۽ نقيبن جھڪي آداب بجا آندا ۽ اسان به ائين ڪيو. شروع ۾ شربت آندو ويو، جنهن جي ختم ٿيڻ تي حاجين بسم الله چيو ۽ ان وقت اسان کائڻ شروع ڪيو. کاڌي کان پوءِ فقاع (مشروبات جو قسم) آندو ويو ۽ آخر ۾ پان ڏنا ويا. پوءِ حاجين بسم الله چيو، جنهن تي اسان وري آداب بجا آندا. ۽ پوءِ اسان کي ھڪ جاءِ ڏانهن وٺي ويا، جتي اسان کي ريشمي خلعتون، جن تي سوني زريءَ جو ڪم ٿيل ھو، ڏنيون ويون. ان بعد اسان سڀني محل جي دروازي تي پھچي، وري جھڪي، اڳئين وانگر سلام ڪيو.
    حاجين وري بسم الله چيو ته وزير اتي ترسي پيو. جنهن سان گڏ اسان به ترسياسين. ٿوري وقت کان پوءِ محل مان ريشمي، اوني ۽ سوتي ڪپڙي جا اڻ سبيل ٿان کڻي آيا، جن مان اسان مان ھر ھڪ کي ان جو حصو ڏنو ويو. ان کان پوءِ سون جا ٿالھھ آندائون، جن مان ھڪ ۾ سڪو ميوو ھو ۽ اھڙيءَ طرح سان ٻئي ۾ گلاب ۽ ٽئي ۾ پان ھئا. ھي سڀ شيون انهيءَ لاءِ آنديون ويون، جو ھن ملڪ ۾ اھو ئي دستور آھي. ھنن شين وٺڻ جو اھو طريقو آھي ته ٿالھھ ھڪ ھٿ تي رکي، ٻئي ھٿ سان زمين ڇھي آداب بجا آڻبا آھن. وزير به اھو ٿالھھ ھٿ ۾ کڻي، پھريائين ائين ڪري مون کي ڏيکاريو، جيئن مان به ائين ڪريان. پو٣ مون به ساڳيءَ طرح ڪيو. پوءِ اسان ان گھر ڏانهن وياسين جيڪو دھلي شھر ۾ اسان لاءِ مخصوص ڪيو ويو ھو. ھيءُ گھر پالم دروازي جي ويجھو ھو، جتي اسان جي مھمانيءَ جو سڀ بندوبست ڪيو ويو ھو.

    مھمانيءَ جو بيان
    جڏھن مان انهيءَ گھر ۾ پھتس تڏھن اتي ضرورت جي ھر ڪا شيءِ مثلا گلم غاليچا، ٿانو، کٽون ۽ ھنڌ وغيره موجود ڏٺم. ھندستان ۾ کٽون اھڙيون ته ھلڪيون ٿينديون آھن، جو ھڪ ماڻھو ھڪ کٽ ڏاڍيءَ سولائي سان کڻي سگھندو آھي. تنهن ڪري سفر ۾ ھر ڪو ماڻھو کٽ پاڻ سان کڻندو آھي جيڪا سندس غلام مٿي تي کڻي ھلندو اھي. ھن کي مخروطي قسم جا چار پاوا ھوندا آھن، جن جي ڊيگھه ويڪر ۾ چار ڪاٺيون (ايسون ۽ اوپرا) ٺوڪيلون ھونديون اھن. ان کي ريشمي يا سوٽي واڻ سان واڻيندا آھن. جڏھن ان تي ڪو ماڻھو سمھندو آھي، تڏھن ان کي پسائڻو ڪونه پوندو آھي، ڇو ته اھا اڳ ئي ٿڌي ٿيندي آھي.
    انهيءَ کٽ سان گڏ به پٿراڻيون، ٻه وھاڻا ۽ ھڪ سوڙ به موجود ڪيون ويون ھيون. ھي سڀ ريشم جا ٺھيل ھئا ۽ ھن ملڪ جو رواج آھي ته پٿراڻين ۽ سوڙين تي سوٽي يا اوني غلاف چاڙھي ڇڏيندا آھن، ۽ جڏھن اھي ميرا ٿيندا آھن، تڏھن انهن کي ڌوئي، وري انهن تي چاڙھي ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ طرح انهن جي اندران سوڙيون ۽ پٿراڻيون گھڻو وقت ھلي سگھنديون آھن.
    انهيءَ رات اسان وٽ ٻن ماڻھن کي آندو ويو، جن مان ھڪ اٽي وارو ھو جنهن کي خراص چوندا اھن ۽ ٻيو گوشت وارو جنهن کي قصاب ڪري چوندا آھن. اسان کي چيو ويو ته انهن کان ھيتري انداز ۾ اٽو ۽ گوشت وٺندا رھو. اھو انداز مون کي ياد نه آھي. ھن ملڪ ۾ اھو به رواج آھي ته اٽو ۽ گوشت ھڪ جيترو ڏيندا آھن. ھيءَ مھمان نوازي بادشاھه جي والده جي طرفان ٿي رھي ھئي ۽ ان کان پوءِ بادشاھه جي طرفان ضيافت اچڻ شروع ٿي. جنهن جو بيان اڳتي ھلي ڪندس.
    انهيءَ کان پوءِ ٻئي ڏينهن اسان شاھي محل ڏانهن وياسين ۽ وڃي وزير کي سلام ڪيوسين. وزير مون کي ھزار ھزار دينارن جون ٻه ڳوٿريون ڏنيون ۽ چيائين ته اھا رقم تنهنجي سرسشي (يعني مٿي ڌئارڻ) لاءِ آھي. ۽ ان کان پوءِ مون کي ھڪ ريشمي خلعت ڏنائين. پوءِ وزير منهنجي ساٿين، غلامن ۽ نوڪرن جا نالا لکي، انهن جا چار درجا مقرر ڪيا، ۽ پھرئين درجي وارن مان ھر ھڪ کي ٻه سو دينار، ٻئي درجي وارن کي ڏيڍ سو، ٽئين درجي وارن کي ھڪ ھڪ سو ۽ چوٿين درجي وارن کي منو سو دينار ڏنائين.
    مون سان گڏ ڪل چاليھه ماڻھو ھئا، جن کي اھڙيءَ طرح سان اٽڪل ٤ ھزار دينار مليا. ان کان پوءِ بادشاھه جي طرفان ضيافت جو حڪم ٿيو ۽ ھڪ ھزار رطل اٽو ۽ ھڪ ھزار رطل گوشت اسان کي ڏنو ويو. اٽي جو ٽيون حصو ميدو ھو ۽ باقي ٻه حصا اڻ ڇڻيل اٽو ھو. ازانسواءِ ڪيترا ئي رطل (سڪر) کنڊ، گيھه، سوپاريون ۽ ھڪ ھزار پنا پان جا اسان کي ڏنا ويا. ھيءُ ھندستاني رطل مغرب جي ويھن رطلن ۽ مصر جي پنجويھن رطلن جي برابر ٿيندو آھي. اھڙيءَ طرح خداوند زادي جي ضيافت ۾ به ھن کي چار ھزار رطل اٽو ۽ چار ھزار رطل گوشت ٻين ضروري شين سميت ڏنو ويو.

    منهنجي ڌيءَ جي وفات ۾ منهنجي ھمدردي
    منهنجي ھت اچڻ کان ڏيڍ مھينو پوءِ منهنجي ھڪ ڌيءَ جنهن جي عمر سال کن ھئي، وفات ڪئي. ھن جي فوت ٿيڻ جي خبر وزير کي پيئي. ھن حڪم ڏنو ته ھن کي پالم دروازي ٻاھران، شيخ ابراھيم قولوي جي مقبري ڀرسان ھڪ خانقاھه ۾، جيڪا پاڻ ٺھرائي ھئائين، دفن ڪيو وڃي. وزير بادشاھه کي لکيو، ۽ جيتوڻيڪ بادشاھه ڏهه منزلون پري ھو، تڏھن به ٻئي ڏينهن شام جو اچي ويو. ھن ملڪ ۾ رواج آھي ته ٽئين ڏينهن صبح جو سوير ميت جي قبر تي ويندا آھن ۽ ان جي چوڌاري ريشمي ڪپڙا ۽ گديلا وڇائي قبر تي گل وغيره رکندا آھن.
    ھي گل ھر موسم ۾ ملي سگھندا آھن. مثلا ياسمين، گل شنيو، (ھي زرد رنگ جا گل ٿيندا آھن)، رابيل جيڪي سفيد ٿيندا اھن ۽ نسرين (ھي ٻن قسمن جا ٿيندا آھن – ھڪڙا سسفيد ۽ ٻيا زرد). ازانسواءِ نارنگي ۽ ليمي جون ٽاريون به ميون سميت قبر تي رکندا آھن. پوءِ جيڪڏھن انهن ۾ ميوا نه ھوندا آھن ته ڌاڳي سان انهن ميون جا داڻا سبي، اٽڪائي ڇڏيندا آھن؛ ۽ پاڻ سان گڏ ڪلام الله کڻي اچي اتي پڙھندا آھن. ختمو پورو ڪري، پوءِ ماڻھن کي گلاب آڻي پياريندا آھن ۽ ٻيو گلاب انهن جي مٿان ڇٽڪاريندا آھن، پان ۽ سوپاريون ورھائيندا آھن، تنهن کان پوءِ سڀڪو ھليو ويندو آھي.
    جڏھن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تڏھن دستور موجب مان قبر تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ۽ جيڪي ڪجھه مون وٽ موجود ھو سو به کنيم، پر اتي وڃي ڏٺم ته وزير اڳيئي موجود ھو، جنهن سڀڪجھه تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪ تنبو لڳائڻ جو به حڪم ڏنائين، جيڪو انهيءَ قبر تي لڳايو ويو. اتي حاجب شمس الدين فوشنجي، جيڪو اسان کي سنڌ ۾ مليو ھو، قاضي نظام الدين ڪرواني ۽ ٻيا شھر جا وڏا وڏا ماڻھو به آيا. ھي سڀ ماڻھو منهنجي اچڻ کان اڳ اتي آيل ھئا ۽ انهن جي سامھون حاجب بيٺو ھو. ھو سڀ قرآن شريف پڙھي رھيا ھئا.
    مان به پنهنجن ساٿين سميت اچي قبر تي ويٺس. جڏھن ختمو پورو ڪيائون تڏھن قارين نهايت سٺي آواز ۾ ڪلام الله پڙھڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ قاضي اٿي منهنجي ڌيءَ لاءِ مرثيوپڙھيو ۽ بادشاھه جي ثنا ڪيائين. جڏھن بادشاھه جو نالو ورتائين تڏھن سڀ اٿي بيٺا ۽ آداب بجا آندائون. پوءِ سڀ حاضرين ويھي رھيا ۽ قاضيءَ دعا گھري. ان کان حاجب ۽سندس مددگرن گلاب جو پاڻي ماڻھن تي ڇٽڪارڻ، نباتن جو شربت پيارڻ ۽ ان کان پوءِ پان ورھائڻ شروع ڪيا.
    جڏھن ھي سڀ ختم ٿيو تڏھن مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي ٻارھن خلعتون ڏنيون ويون. پوءِ حاجب سوار ٿي بادشاھه جي محل ڏانهن روانو ٿيو ۽ اسان به ان سان گڏ وياسين. شاھي تخت وٽ پھچي، دستوري آداب بجا آڻي، مان پنهنجي گھر ھليو آيس. اتي اچي معلوم ٿيو ته انهيءَ ڏينهن جو کاڌو بادشاھه جي والده وٽان آيل ھو. اسان سڀني اھو کاڌو ۽ غريبن، مسڪينن ۾ به ورھايو ويو، تنهن کان پوءِ به ڪيتريون ئي مانيون، حلوو۽ نباتون بچي پيون، جيڪي ڪيترن ڏينهن تائين پيون ھيون. ھي سڀ ڪجھه بادشاھه جي حڪم سان ڪيو ويو ھو، ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مخدوم جھان، بادشاھه جي والده، جي گھران ھڪ دولت (ڏولي) ڪي جوان کڻي آيا. ھيءُ ھڪ قسم جو محفو ٿيندو آھي، جنهن ۾ عورتون چڙھنديون آھن، پر ڪڏھن انهن ئي مرد به چڙھندا آھن. ھيءَ کٽ جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي ۽ ريشمي يا سوٽي واڻ ساڻ واڻيل ھوندي آھي. ھن جي مٿان ھڪ مضبوط بانس جي لڪڙيءَ کي ڏنگو ڪري، ڇٽيءَ وانگر ٺاھي ڇڏيندا آھن، جنهن کي اٺ ماڻھو واري واري سان کڻندا آھن، يعني چار ماڻھو ان کي کڻي ھلندا آھن ته چار وري ساھي کڻندا ھلندا آھن. ھي ڏوليون ھندستان ۾ اھڙوئي ڪم ڏينديون آھن جھڙو مصر ۾ گڏهه.
    ڪيترن ئي ماڻھن جو روزگار ھنن ڏولين تي منحصر آھي، جيڪڏھن ڪنهن ماڻھوءَ وٽ غلام ھوندا آھن، ته اھي ڏولي کڻي ھلندا آھن، پر جيڪڏھن غلام نه ھوندا اٿس ته ماڻھو مزدوري تي ھلي سگھندا آھن. اھڙي قسم جا مزدور شھر م تمام گھڻا ملي سگھندا آھن، جيڪي بازارين ۾، شاھي محل جي دروازي وٽ يا ماڻھن جي دروازن تي بيٺل نظر ايندا آھن، ته ڪو انهن کي ڏولي کڻائڻ لاءِ مزدوري تي وٺي وڃي، عورتن جي ڏولين تي ريشمي پردا لڳل ھوندا آھن. انهيءَ ڏوليءَ ۾ جيڪا بادشاھه جي والده جي گھران سندس غلام کڻي آيا ھئا، پڻ ريشمي پردو لڳل ھو، جنهن ۾ منهنجي انهيءَ ٻانهيءَ کي، جيڪا منهنجي فوتي ڌيءَ جي ماءُ ھئي، ويھاريو ويو، مون ان سان گڏ ھڪ ترڪي ٻانهي به تحفي طور موڪلي ڏني ھئي.
    اھا رات منهنجي ٻانهي (فوتي ڌيءَ جي ماءُ) ھنن وٽ رھي، ٻئي ڏينهن واپس مون وٽ آئي، ھن کي بادشاھه جي ماءُ جي طرفان ھڪ ھزار دينار، سون جا جڙادار ڪنگڻ، اھڙوئي سونو جڙادار ھار، سوني زريءَ جو ڀرت ڀريل ڪڙتو، زري دار ريشمي خلعت ۽ ڪيترن ئي قسمن جي ڪپڙن جا ٿان مليا، جڏھن ھوءَ اھي سڀ مون وٽ کڻي آئي تڏھن مون پنهنجي وقار ۽ عزت قائم رکڻ لاءِ، اھي پنهنجن دوستن ۽ سوداگرن، جن جو مون تي قرض ھو، ڏيئي ڇڏيا. پوءِ اھا خبر بادشاھه کي پئجي ويئي، ڇو ته مخبر منهنجي سموري احوال کان کيس واقف ڪندا رھندا ھئا.

    بادشاھه ۽ وزير جا مون تي احسان
    جڏھن منهنجي ھن خبر کان بادشاھه واقف ٿيو، تڏھن حڪم موڪليائين ته منهنجي لاءِ جاگير ۾ ايترا ڳوٺ مقرر ڪيا وڃن، جن جي آمدني پنج ھزار دينار کن سالياني ھجي، پوءِ وزير ۽ اھل ديوان منهنجي لاءِ ڳوٺ ”بدلي“، ڳوٺ ”سھي“ ۽ اڌ ڳوٺ ” بالره“ جاگير طور مقرر ڪيا. اھي ڳوٺ داراخلافه کان سورنهن ڪوھن جي مفاصلي تي ھئا ۽ ھند پت جي صديءَ ۾ شامل ھئا. صدي ھن ملڪ ۾ ھڪ سئو ڳوٺن جي مجموعي کي چوندا آھن ھر ھڪ صديءَ تي ھڪ چوطري (اڄڪلھه جو چوڌري) ھوندو آھي، جيڪو ھندن ۾ وڏي مرتبي وارو ڪري ليکيو ويندو آھي، اتي ھڪ متصرف پڻ ھوندو آھي، جيڪو ڍل گڏ ڪندو آھي.
    انهن ڏينهن ڪيتريون ئي ھندو عورتون لٽ جي مال ۾ آيون، انهن مان ڏهه وزير مون کيڏياري موڪليون ھيون، جن مان ھڪ مون آڻيندڙ کي ڏني پر ھو ان تي به راضي ڪين ٿيو. انهن مان ننڍيون ننڍيون ٽي ڇوڪريون ته منهنجن ساٿين کنيون، باقي خبر نه آھي ته ڪيئن ٿيون، اصل ۾ لٽ جي مال ۾ جيڪي به عورتون اينديون ھيون، سي ھن ملڪ ۾ ڏاڍيون سستيون وڪامنديون ھيو، ڇو ته ھو سڀ تهذيب کان غير واقف ۽ نهايت گنديون ھيون. ھت سڌاريل ۽ سيکاريل ٻانهيون تمام سستيون ھونديون آھن، تنهن ڪري لٽ وارين عورتن کي ڪو به خريد ڪرڻ پسند نه ڪندو آھي.
    ھندستان ۾ ھندو ملڪ جي مسلمانن سان ملي جلي رھندا آھن ۽ مسلمان انهن تي ھر طرح غالب آھن. ڪيترائي ھندو تمام اڻانگن جبلن، غارن ۽ بانس جي ٻيلن ۾ لڪا رھندا آھن. ھت بانس پورو ڪو نه ٿيندو آھي ۽ تمام ڊگھو ٿيندو آھي. ان جون ٽاريون ھڪ ٻئي کان ايتريون ته پري ھونديون آھن، جو باھه به انهن تي اثر نه ڪندي آھي. ھي ھندو بانس جي جھنگلن ۾ گھڙي وڃي اتي رھائش اختيار ڪندا آھن، ھنن کي بانس ديوار جو ڪم ڏيندا آھن، جن جي اندر سندن چوپايو مال ۽ آباديون ھونديون آھن ۽ ڪھڙو به لشڪر انهيءَ بانس جي ديوار کي ضروري اوزارن سان ڪپڻ کان سواءِ انهن تي غالب اچي نه سگھندو آھي.

    بادشاھه جي غيرحاضريءَ ۾ عيد
    عيدالفظر به اچي ويئي پر بادشاھه اڃا داراخلافه ۾ ڪو نه پھتو، جڏھن عيد جو ڏينهن ٿيو، تڏھن خطيب ھاٿيءَ تي سوار ٿيو ۽ ھاٿيءَ جي پٺيءَ تي ھڪ چوڪنڊيارو صندل تخت وانگر وڇايو ويو ۽ چار جھڊا انهيءَ جي چئني ڪنڊن ۾ لڳايا ويا. خطيب کي ڪارا ڪپڙا پھريل ھئا ۽ موذن سندس اڳيان ھاٿين تي سوار، تڪبيرون ھڻندا ٿي ھليا. شھر جا فقيه ۽ قاضي به اھڙيءَ طرح سوار ھئا ۽ انهن سان گڏ صدقا به آيا ھئا، جيڪي ھو عيد گاھه جي رستي تي ورھائيندا پئي ھليا.
    عيد گاھه تي سوٽي ڪپڙي جو شاميانو لڳايو ويو ھو، جنهن ۾ گلم ۽ غاليچا وڇايل ھئا، جڏھن سڀ نمازي گڏ ٿيا، تڏھن خطيب نماز پڙھائي خطبو پڙھيو، ان کان پوءِ سڀڪو پنهنجي گھر ڏانهن ھليو ويو، پر اسان شاھي محل ڏانهن وياسين، جتي سڀني اميرن ۽ غيرملڪين گڏجي کاڌو تناول ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي گھر ھليا وياسين.

    اسان جو بادشاھه جي استقبال لاءِ ٻاھر وڃڻ
    شوال جي چوٿين تاريخ بادشاھه، دارالخلافه کان ست ميل دور، تلپت نالي مھل ۾ اچي لٿو، وزير اسان کي حڪم ڏنو ھو ته بادشاھ جي استقبال لاءِ اوڏانهن وڃو، تنهن ڪري اسان شھر کان ٻاھر نڪتاسين ۽ اسان سان ھر ھڪ کي تحفي طور پيش ڪرڻ لاءِ گھوڙا، اٺ، خراساني ميوا، مصري، تلوارون، غلام ۽ ترڪستان جي ملڪ جا دنبا ھئا، جڏھن اسان انهي محل جي دروازي تي پھتاسين، تڏھن اچڻ وارن ماڻھن جي سخت ڀيڙ لڳي ويئي، پوءِ سڀڪو پنهنجي مرتبي آھر اندر داخل ٿيندو ويو، جتي ھر ھڪ کي نفيس ڪپڙي جي زريدار خلعت پئي ملي.
    جڏھن منهنجي اندر وڃڻ جو وارو آيو، تڏھن مون اندر وڃي ڏٺو ته بادشاھه ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺو آھي، پھريائين مون سمجھيو ته ڪو حاجب آھي، پر جڏھن ھن جي ڀرسان ملڪ النسا ناصر الدين ڪافي ھرويءَ کي بيٺل ڏٺم، جنهن کي مان چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھوس، تڏھن پڪ ٿيم ته اھو ئي بادشاھه آھي. ھاجب نمي سلام ڪيو ۽ مون به اھڙيءَ طرح سلام ڪيو. تنهن تي امير حاجب جيڪو بادشاھه جو سئوٽ فيروز ھو، سو اٿي منهنجي استقبال لاءِ آيو. مون وري ٻيو دفعو نمي سلام ڪيو، پوءِ ملڪ النسا چيو ته بسم الله مولانا بدرالدين مون کي ھندستان ۾ بدرالدين چوندا ھئا ۽ اتي ھر ھڪ عالم عرب کي مولانا چوندا آھن.
    مان بادشاھه جي ويجھو ٿيس ته بادشاھه مون سان ھٿ ملايو ۽ منهنجو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ جھلي، تمام نرمائيءَ سان پارسي زبان ۾ مون کي چوڻ لڳو ته ”تون ڀلي ڪري آئين! يقين ڄاڻ ته مان تو تي تمام گھڻي نوازش ڪندس، توکي ايترو ته انعام ڏيندس، جو تنهنجا وطني اھو ٻڌي مون وٽ اچڻ شروع ڪندا“ تنهن کان پوءِ مون کان پڇيائين ته ”تنهنجو ملڪ ڪھڙو آھي؟“ مون جواب ڏنو ته ”مغرب“ تنهن تي چيائين ته ”امير المومنين جو ملڪ!“ مون چيو ته ”ھائو“.
    ھو ڪا به ڳالھه ڪري بس پيو ڪري، ته مان سندس ھٿ پيو چمان، ايتري قدر جو گفتگو جي دوران ۾ مون سندس ست دفعا ھٿ چميو. آخر خلعت ملڻ کان پوءِ مان واپس وريس. جڏھن سڀ نوان ملاقاتي اچي گڏ ٿيا، تڏھن انهن جي لاءِ دستر خوان وڇايو ويو، جنهن جي مٿن کان قاضي القضات صدر جھان ناصرالدين خورازمي، جيڪو ھڪ وڏو فقيه ھو، قاضي القضات صدر جھان ڪمال الدين غزنوي، عماد الملڪ عرض الملڪ (آزاد) جلال الدين ڪبجي ۽ ٻيا ڪيترائي حاجب ۽ امير بيٺا ھئا.
    ان دستر خوان تي خدا وند زادو غياث الدين به موجود ھو، جيڪو خدا وند زادي قوام الدين ترفر جي قاضيءَ جو سئوٽ ھو، جنهن جي بادشاھه تمام گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ کيس ڀاءُ ڪري سڏيندو ھو ۽ ھو پنهنجي ملڪ مان ڪيترائي دفعا بادشاھه وٽ آيو ۽ ويو ھو. ان ڏينهن مسافرن مان ھيٺين مصاحبن کي خلعتون مليون. خداوند زادي قوام الدين ۽ ان جي ڀائرن، ضياءُ الدين، عماد الدين ۽ برھان الدين کي ۽ انهن جي ڀاڻيجي امير بخت بن سيد تاج الدين کي، جنهن جوڏاڏو وجيھ الدين خراسان ۾ وزير ھو ۽ سندس مامون علاؤ الدين ھندستان ۾ امير وزير ھو، ۽ امير ھبته الله ابن الفلڪي تبريزيءَ کي، جنهن جو پيءُ عراق ۾ نائب وزير ھو، جنهن تبريز ۾ مدرسھ فلڪيھ ٺھرايو ھو ۽ ملڪ ڪسريٰ کي جيڪو بهرام جور (چوبين) صاحب ڪسريٰ جي اولاد مان ھو ۽ بدخشان جي جبل جو رھاڪو ھو، جتان ياقوت بلخش (لعل بدخشاني) ۽ لازورد(لاجورو) آڻيندا آھن، ۽ امير مبارڪ شاھه سمرقنديءَ کي، جيڪو ھڪ سوداگر ھو ۽ تبريز مان بادشاھه جي لاءِ تحفو کڻي آيو ھو، پر رستي تي ڦرجي ويو ھو.


    فصل ٻيو الف

    بادشاھه جو دارالخلافه ۾ اچڻ ۽ اسان کي سواريءَ لاءِ پنهنجي گھوڙن مان گھوڙا عطا ڪرڻ:
    ٻئي ڏينهن اسان مان ھر ھڪ کي بادشاھه پنهنجي خاص گھوڙن مان ھڪ گھوڙو عطا ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏ زين ۽ لغام به ڏنائين، جن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل ھو. دارالخلافه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بادشاھه سوار ٿي ھليو ۽ اسان به اڳيان اڳيان صدر جھان سان گڏ گھوڙن تي سوار ٿي ھلياسين. اڳيان ھاٿي ھئا، جن مان سورنهن ھاٿين کي تمام گھڻو سينگاريو ويو ھو ۽ انهن جي مٿان جھنڊا چاڙھيا ويا ھئا. ھر ھڪ ھاٿيءَ تي ھڪ ڇٽ لڳل ھو انهن ڇٽن مان ڪي ھيرن ۽ جواھرن سان مرصع ھئا ته ڪن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل ھو. انهن مان ھڪ ڇٽ بادشاھه جي مٿان جھليو ويو ھو.
    ڪن ھاٿين تي وري ننڍيون ننڍيون رعادات(منجنقون) رکيون ويون ھيون، جڏھن بادشاھه شھر ۾ قدم رکيو، تڏھن انهن منجنيقن وسيلي دينار ۽ درھم ملائي، اڇلائيندا پئي ويا، ۽ بادشاھه جي اڳيان جيڪي ھزارھا پيادا، سپاھي ۽ عام ماڻھو ھئا، تن اھي پئي چونڊيا، محل ۾ پھچڻ تائين اھي درھم ۽ دينار وسائيندا پئي ھليا، رستي ۾ چپي چپي تي ڪاٺ جا برج ٺاھيا ويا ھئا، جن تي ريشمي ڪپڙا لڳل ھئا ۽ انهن ۾ وري ڳائڻ وڄائڻ واريون عورتون ويٺيون ھيون، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان.

    بادشاھه جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ ۽ اسان کي جاگيرون ۽ عھدا ملڻ:
    ٻئي ڏينهن جمعي جو ڏينهن ھو. اسان ديوان خاني جي دروازي ۾ داخل ٿي، ٽئين دروازي جي ڇت جي ھيٺان وڃي ويھي رھياسين. اسان جي اندر وڃڻ جي اجازت اڃا ڪا نه آئي ھئي، ڪجھه وقت کان پوءِ شمس الدين فوشنجي حاجب آيو ۽ اچي متصدين کي اسان جي نالن لکڻ جو حڪم ڏنائين ۽ ائين به چيائين ته ھنن سڀني کي اندر اچڻ جي اجازت آھي، پوءِ اسان مان ھر ھڪ سان سندس انهن ساٿين جو تعداد مقرر ڪيو ويو، جن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي ھئي. مون کي به اجازت ڏني ويئي ته پنهنجن اٺن ماڻھن کي اندر وٺي وڃان.
    پوءِ اسان سڀ پنهنجي پنهنجي ساٿين سان اندر وڃڻ لڳاسين، جتي اڳي ئي دينارن جون ڳوٿريون ۽ تارازي کڻي آيا ھئا. قاضي القضات ۽ متصدي اتي ويٺا ھئا ۽ دروازي تان غيرملڪين کي سڏيندا، ھر ھڪ کي جيڪو سندس حصو مقرر ڪيو ويو ھو، سو انهن کي پڪاري ڏيندا ٿي ويا. منهنجي حصي ۾ پنج ھزار دنيار آيا، ۽ ھنن وٽ ان وقت ڪل ھڪ لک دينار ھئا. ھي سڀ مال بادشاھه جي والده پنهنجي پٽ جي خير و عافيت سان واپس اچڻ تي صدقي طور ورھائڻ جي لاءِ ڏنو ھو. ان ڏينهن پوءِ اسين واپس ھليا وياسين. تنهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا اسان کي پنهنجي دستر خوان تي کاڌو کارائڻ لاءِ بادشاھه اسان کي سڏايو ۽ تمام نرمائيءَ سان اسان کان حال احوال پڇيو.
    بادشاھه اسان کي چوڻ لڳو ته ”توھان منهنجي ملڪ ۾ اچي، مون تي تمام گھڻي مھرباني ڪئي آھي. توھان جي تڪليفن جو عيوضو وڌيڪ توھان کي ڏيئي نٿو سگھان. باقي توھان مان جيڪو وڏيءَ عمر وارو ماڻھو آھي، سو منهنجي پيءُ جي برابر آھي، منهنجي ھم عمر منهنجو ڀاءُ آھي ۽ مون کان ننڍو مون کي پنهنجي اولاد وانگر آھي. منهنجي سڄي ملڪ ۾ ھن شھر کان ٻيو ڪو به وڏو شھر ڪو نه آھي ۽ اھو شھر توھان جي ملڪيت آھي.“ اھو ٻڌي اسان سندس شڪرانا بجا آندا ۽ سندس حق ۾ دعا گھري.
    ان کان پوءِ اسان جون پگھارون ۽ عھدا مقرر ڪيا ويا، ٽي ڳوٺ اڳي ئي مون کي جاگير ۾ ڏنا ويا ھئا ۽ ھينئر منهنجي پگھار ٻارھن ھزار دينار سالياني مقرر ڪئي وئي، ۽ ٻه ڳوٺ وڌيڪ جاگير طور ڏنا ويا، جن مان ھڪ ڳوٺ جو نالو جوره ۽ ٻئي جو ملڪپور ھو.
    ھڪ ڏينهن بادشاھه اسان ڏانهن خداوندزادي غياث الدين ۽ سنڌ جي حاڪم قطب الملڪ کي موڪليو، جن اچي چيو ته آخوند عالم جن فرمائين ٿا ته وزارت يا منشگيري يا اميري يا قضا يا تدريس يا مشيخت جي عھدي مان جھڙو عھدو توھان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو، سو توھان کي ڏنو وڃي.ھي ٻڌي سڀ في الحال خاموش رھيا. ڇو ته اسان سڀني جو خيال ھو ته جيڪي ڪجھه اسان کي انعام ملندو سو وٺي پنهنجي وطن ھليا وينداسين، پر آخر امير بخت بن تاج الدين، جنهن جو بيان مان اڳ ڪري آيو آھيان، چيو ته منهنجا وڏا وزير ٿي رھيا ھئا ۽ مان پاڻ ڪاتب آھيان ۽ انهن ٻن ڪمن کان سواءِ ٽيون ڪم مان ڪري ڪو نه سگھندس.
    پوءِ ھبته الله فلڪي به ڪجھه اھڙيءَ طرح چيو. آخر ۾ خداوند زادي مون کي عربي زبان ۾ چيو ته ”سيدنا! توھان جو ڇا ارادو آھي؟“ ھن ملڪ جا ماڻھو عربن کي سيد ڪري سڏيندا آھن، ڇو ته بادشاھه کين عزت ڏيڻ جي خاطر کين ھن لفظ سان مخاطب ڪندو آھي. مون جواب ڏنو ته ”وزارت يا ڪتابت ته منهنجو ڌنڌو ڪونهي، باقي قضا ۽ مشيخته منهنجو ڌنڌو آھي، ۽ اھو ئي منهنجي ابن ڏاڏن جو ڌنڌو ھو. ازانسواءِ فوج جي آفيسريءَ بابت توھان خود ڄاڻو ٿا ته عربن جي تلوار جي ئي زور سان سڄو عجم مسلمان ٿيو آھي، مطلب ته سپھ گيري ۽ تلوار بازي اسان جو آبائي ڌنڌو آھي.“
    بادشاھه جڏھن منهنجو ھي جواب ٻڌو، تڏھن ڏاڍو خودش ٿيو. ان وقت بادشاھه، ھزار سطون ۾ کاڌو نوش فرمائي رھيو ھو، جتي اسان سڀني کي گھرائي ورتائين. پوءِ اسان بادشاھه سان گڏجي کاڌو، ان بعد اسان ھزار سطون مان ٻاھر اڪري آياسين ۽ منهنجا سڀ ساٿي اڃا اتي ويٺا رھيا، ڇو ته مون کي ھڪ ڦرڙي نڪري پيئي ھئي، جنهن سبب جي ڪري ويھي نٿي سگھيس. تنهن ڪري پنهنجي گھر ھليو آيس. ھوڏانهن بادشاھه وري به سڀني کي سڏايو. ٻيا سڀ ويا پر منهنجي باري ۾ معذرت ڪيائون، پر مان عصر جي نماز کان پوءِ اوڏانهن ھليو ويس ۽ ديوانخاني ۾ وڃي، مغرب ۽ عشا جون نمازون پڙھيم ته حاجب ٻاھر آيو ۽ اچي چيائين ته توھان سڀني کي بادشاھه ياد فرمايو آھي.
    پھريائين خدا وند زادو ضياءَ الدين جيڪو سڀني ڀائرن ۾ وڏو ھو، سو اندر ويو. بادشاھه کيس مير داد مقرر ڪيو، ھن عھدي تي تمام وڏي ماڻھوءَ کي مقرر ڪيو ويندو آھي، جنهن جو ڪم ھوندو آھي، قاضيءَ سان گڏ ويھڻ ۽ جيڪڏھن ڪو شخص ڪنهن امير يا وڏي ماڻھوءَ تي فرياد داخل ڪري ته ھن کي قاضيءَ جي روبرو آڻي حاضر ڪرڻ. ھن جي پگھار پنجاھه ھزار دينار سالياني مقرر ڪئي ويئي، جنهن لاءِ ھن کي اھا جاگير ڏني ويئي، جنهن جو فائدو ايتريءَ آمدنيءَ جي برابر ھو ۽ پنجاھه ھزار پيشگي ڏيڻ جو به حڪم ڪيو ويو، ازاسواءِ کيس زريدار ريشمي خلعت پھرائي ويئي، جنهن کي شير صورت ڪري سڏيندا آھن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خلعت جي پٺ ۽ سيني تي شينهن جي شڪل ٺھيل ھوندي آھي ۽ ان خلعت جي اندر ھڪ ڪاغذ ويڙھي سبي ڇڏيندا آھن، جنهن ۾ لکيل ھوندو آھي ته ھن خلعت ۾ ھيتري مقدار ۾ سون آھي. پوءِ کيس ھڪ پھرئين درجي وارو گھوڙو به عطا ڪيو ويو. ھن ملڪ ۾ گھوڙن جا چار درجا مقرر ھوندا آھن، گھوڙن جون زينون مصري زينن جھڙيون ٿينديون آھن، جن جي گھڻي حصي تي سون جي پاڻيءَ چڙھيل چاندي لڳل ھوندي آھي.
    ان کان پوءِ امير بخت اندر ويو، جنهن جي لاءِ حڪم ٿيو ته وزير سان گڏ مسند تي ويھي، ۽ ديوانن جي حساب جي جانچ به ھن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ سندس پگھار چاليھه ھزار دينار ساليانو مقرر ڪيو ويو. جنهن ڪري کيس ايتري جاگير ڏني ويئي جنهن جو فائدو چاليھه دينارن جي برابر ٿئي ۽ چاليھه ھزار نقد کيس انهيءَ وقت ڏنا ويا، ازانسواءِ گھوڙو ۽ خلعت جيئن اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، تيئن کيس به مليا ۽ شرف الملڪ جو خطاب مليس. ان کان پوءِ ھبت الله بن فلڪي اندر ويو، جنهن کي رسولدار جو عھدو ڏنو ويو، جنهن جي معنيٰ آھي حاجب الارسال(پوسٽ جو بالا عملدار) ۽ سندس پگھار ٢٤ ھزار پيشگي مليس ۽ بهاءَ الملڪ خطاب مليس. ان کان پوءِ مان اندر ويس.
    بادشاھه محل جي ڇت مٿان تخت تي آرام سان ويٺو ھو ۽ وزير خواجه جھان ڀرسان ويٺو ھوس. ملڪ قبولو سامھون بيٺو ھوس. جڏھن مون وڃي سلام ڪيو، تڏھن ملڪ ڪبير مون کي چيو ته شڪرانا بجا آڻ، جو آخوند عالم توکي دارالخلافه دھليءَ جو قاضي مقرر ڪيو آھي ۽ تنهنجو پگھار ١٢ ھزار دينار ساليانو مقرر فرمايو اٿس، جنهن جيتري توکي جاگير ملندي ۽ اھو به حڪم ڪيو اٿس ته سڀاڻي خزاني مان توکي ١٢ ھزار دينار پيشگي ڏنا وڃن، ازانسواءِ ھڪ گھوڙو، زين ۽ لغام سميت ۽ ھڪ محرابي خلعت به توکي ملندي. ھن خلعت جي پٺ ۽ سيني تي محراب جي شڪل ٿيندي آھي. مون آداب بجاءِ آندا ۽ پوءِ ملڪ ڪبير مون کي ھٿ کان وٺي بادشاھه جي سامھون وٺي ويو، بادشاھه چيو ته دھليءَ جي قضاءَجو عھدو ڪو معمولي عھدو ڪونهي ۽ اسان ان کي تمام وڏو عھدو ڪري سمجھندا آھيون.
    مان پارسي سمجھندو ھوس، پر ان ۾ جواب ڏيئي ڪو نه سگھندو ھوس ۽ بادشاھه وري عربي سمجھندو ھو، پر ان ۾ جواب ڏيئي ڪو نه سگھندو ھو، مون عرض ڪيو”يا مولانا! مان ته امام مالڪ جي مذھب تي آھيان ۽ شھر جا سڀ رھواسي حنفي آھن. ازانسواءِ مان ھتي جي زبان مان به غيرواقف آھيان“ تنهن تي بادشاھه فرمايو ته مون بهاءُ الدين ملتاني ۽ ڪمال الدين بجنوريءَ کي اڳي ئي تنهنجي مدد لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي تو کان ھر معاملي ۾ صلاح وٺندا رھندا ۽ سڀني ڪاغذن تي تنهنجي مھر لڳندي، پوءِ بادشاھه ايتري قدر به چيو ته تون مون کي پنهنجي اولاد وانگر آھين، جنهن تي مون عرض ڪيو ته مان حضور جو ادنيٰ غلام ۽ نوڪر آھيان، ان جي جواب ۾ بادشاھه مون کي مان ڏيندي چيو ته ”انت سيدنا مخدومنا“
    ن کان پوءِ بادشاھه، شرف الملڪ ڏي منهن ڪري، چيو ته ھن شخص جي ھن پگھار مان پوري ڪا نه ٿيندي، ڇو ته ھي تمام گھڻو خرچائو آھي؛ تنهن ڪري منهنجي مرضي آھي ته ھڪ خانقاه به کڻي ٿو ھن جي حوالي ڪريان، جيئن ھو فقيرن جي سنڀال لھي سگھي. پوءِ شرف الملڪ کي چيائين ته اھا ڳالھه ھن کي عربيءَ ۾ ٻڌاءِ، بادشاھه جو گمان ھو ته ھو عربي تمام سٺي ڳالھائيندو آھي، جيڪو بلڪل صحيح ھو. بادشاھه ھن کي سمجھيو ۽ چيائين ته ”برو يکجا بحشپي آن حکايت براو بگوئي و تفھيم کن تافردا انشاءِ الله پيش من بيائي و جواب او بگوئي“ يعني ”وڃو ۽ ٻئي ڄڻا رات ھڪ ھنڌ بسر ڪريو ۽ تون کيس سموري ڳالھه سمجھائي، سڀاڻي اچي مون وٽ حاضر ٿجانءِ ۽ مون کي ٻڌائجانءِ ته ھو ڇا ٿو چوي“
    اسان اتان واپس آياسين ته ٽيون حصو رات گذري چڪي ھئي، نوبت وڄي چڪي ھئي، نوبت وڄڻ کان پوءِ ڪو به شخص ٻاھر نه نڪرندو ھو، انهيءَ ڪري اسان وزيرن جي اچڻ تائين ترسي پياسين ۽ ھنن سان گڏجي ٻاھر آياسين. شھر جا دروازا بند ٿي چڪا ھئا، تنهن ڪري اسان اھا رات سيد ابوالحسن عباديءَ جي گھر سمھي پياسين. ھيءُ شخص بادشاھه جي طرفان واپار ڪندو ھو ۽ عراق ۽ خراسان مان بادشاھه جي لاءِ ھٿيار ۽ ٻيو سامان خريد ڪري ايندو ھو.
    ٻئي ڏينهن اسان کي گھرائي، روڪ پئسا، گھوڙا ۽ خلعتون ڏنيون ويون. اسان مان ھر ھڪ، ھن ملڪ جي دستور موجب خلعت ڪلھي تي رکي، بادشاھه جي سامھون وڃي آداب بجا آندا، اسان گھوڙن کي، جن تي ڪپڙا وڌا ويا ھئا، لغام کان جھلي خود شاھي محل جي دروازي تائين وٺي وياسين، جتان انهن تي سوار ٿي پنهنجي گھر ھليا وياسين. بادشاھه منهنجي ماڻھن کي ٻه ھزار دينار ۽ ڏهه خلعتون ڏنيون، باقي ٻئي ڪنهن جي به ساٿين کي ڪجھه به ڪين ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته منهنجا ساٿي اڇا اجرا ۽ ڏيک ويک وارا ھئا. جن کي ڏسي بادشاھه خوش ٿيو ھو، ھو به بادشاھه جي اڳيان جھڪي نياز ۽ نئڙت سان پيش آيا“ جنهن تي بادشاھه شڪريو به ادا ڪيو“

    بادشاھه جو ٻيو عطيو ۽ ان ۾ دير ٿيڻ
    قاضي مقرر ٿيڻ کان ڪيترا ڏينهن پوءِ ھڪ ڏينهن مان ديوانخاني جي ٻاھران ھڪ وڻ جي ھيٺان ويٺو ھوس ۽ منهنجي ڀرسان مولانا ناصرالدين ترمذي عالم ۽ واعظ ويٺو ھو ته ھڪ حاجب آيو ۽ مولانا ناصرالدين کي سڏي وٺي ويو، جڏھن ھو. بادشاھه جي سامھون وڃي حاضر ٿيو تڏھن بادشاھه ھن کي ھڪ خلعت ڏني ۽ ھڪ ڪلام الله شريف، جنهن تي موتي جڙيل ھئا عنايت ڪائين. ايتري ۾ ھڪ حاجب ڊوڙندو مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته بادشاھ تنهنجي لاءِ ١٢ ھزار دينار انعام ڏيڻ جو حڪم ڪيو آھي؛ جيڪڏھن مون کي به ڪجھه ڏين ته ”خط خورد“ پاڻ سان کڻي اچان. مون سمجھيو ته ھو مذاق ٿو ڪري يا انهيءَ بهاني سان مون کان ڪجھه ڇڏائڻ ٿو چاھي، پر حقيقت ۾ ھن ٺيڪ ٿي چيو. اتي منهنجي ھڪ دوست ھن کي چيو ته چڱو مان ٿو توکي ٻه ٽي دينار ڏيان، تون وڃي خط خورد کڻي اچ، پوءِ ھو وڃي اھو کڻي آيو.
    خط خورد جي معنيٰ آھي، ننڍي چٺي جنهن تي لکيل ھوندو آھي ته”آخوند عالم جو حڪم آھي ته فلاڻي شخص کي فلاڻي حاجب جي معرفت ھيترا رپيا فورن خزاني مان ڏنا وڃن، پوءِ انهيءَ چٺيءَ تي ان چٺيءَ جو آڻيندڙ، جنهن جي سڃاڻپ تي رپيا ڏنا ويندا آھن، پنهنجي صحيح وجھندو آھي. جنهن کان پوءِ ٽن ٻين اميرن جون به صحيحون پونديون آھن. اھي امير آھن؛ خان اعظم قطلو خان، بادشاھه جو استاد، امير حريطھ دار جنهن وٽ بادشاھه جو قلمدان رھندو آھي ۽ امير نڪبه دوات دار، جنهن وٽ بادشاھه جي مس ڪپڙي رھندي آھي. ھي سڀ جڏھن صحيحون ڪري ختم ڪندا آھن، تڏھن ان کي وري ديوان وزارت ڏانهن کڻي ويندا آھن. جتي متصدي ان جو نقل ڪري پاڻ وٽ رکندا آھن، پوءِ وري ان جا نقل ديوان اشرف ۾ ڪندا آھن، ۽ تنهن کان پوءِ ديوان النظر ۾ ان کان پوءِ پروانو لکيو ويندو آھي، جنهن ۾ وزير، خزانچيءَ کي حڪم ڏيندو آھي ته مقرر رپيا ڏئي، خزانچي وري پنهنجي حساب ۾ داخل ڪري، ان ڏينهن جي سڀني پروانن جو ھڪ چٺو ٺاھي، بادشاھه جي سامھون وڃي پيش ڪندو آھي.
    جنهن لاءِ بادشاھه جو حڪم ھوندو آھي ته يڪدم پئسا ڏنا وڃن. ان کي انهيءَ وقت ادائگي ڪئي ويندي آھي، ۽ جنهن جي لاءِ حڪم ھوندو آھي ته ڪجھه دير ٿئي ته پرواهه نه آھي، ان کي ادائگي دير سان ٿيندي آھي، پر ٿيندي ضرور آھي، پوءِ کڻي ڪيترا به ڏينهن لڳي وڃن! اھڙيءَ طرح اھو انعام مون کي ڇھن مھينن کان پوءِ ٻئي انعام سان گڏ مليو، جنهن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس. ھندستان ۾ اھو رواج آھي ته ڪيتري به انعام جو حڪم ملي ته ان جو ڏھون حصو ڪاٽجي ملندو آھي، يعني جيڪڏھن ڏھن ھزارن جو انعام ملي ته ٩ ھزار ملندا آھن.

    لھڻيدارن جو مون کي تنگ ڪرڻ، منهنجو بادشاھه جي مداح ۾ قصيدو لکڻ، بادشاھه جو قرضن جي ادائگي لاءِ حڪم ڏيڻ، ۽ دير پوڻ:
    مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان ته رستي ۾ ايندي، جيڪو منهنجو خرچ ٿيندو رھيو، بادشاھه جي نذر ۽ تحفن تي خرچ ڪيم، ۽ ازانسواءِ ان کان پوءِ به جيڪي ڪجھه خرچ ڪيم، سو سڀ مون سوداگرن کان قرض کڻي ڪيو ھو. جڏھن اھي سوداگر پنهنجي وطن ورڻ لڳا تڏھن اچي قرض جي ادائگيءَ لاءِ مون کي سوڙھو ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري مون بادشاھه جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو لکيو، جنهن جو مطلعو ۽ متن ھو:

    -1اليلڪ امير المومنين المبجلا - اتينا نجدا السير مخولڪ في الفلا
    -2نجئت محلامن علائڪ زائرا - و مغنالڪ ڪھف للزيارت اھلا
    -3فلوان فوق الشمس المجد رتبت - لڪنت لا علاھا امام موھلا
    -4فانت الاما الماجدالاوحد الذي - سجاياھ حتما ان بقول و يفعلا
    -5ولي حاجت من فيض جو ولڪ ارتي - قضاھا و قصدي عند مجدلڪ سھلا
    -6١١ ذکر ھا ام قد کفاني حياؤ کم - فان حيا کم ذڪرھ کان اجملا
    -7فجعل لمن وافي محللڪ زائرا - قضا دينه ان الغريم تعجلا

    ھڪ ڏينهن بادشاھه ڪرسيءَ تي ويٺو ھو ته مان به قصيدي سان وڃي سندس اڳيان پيش ٿيس، جنهن کي بادشاھه گوڏن تي رکي، ھڪڇيڙي کان جھلي ويٺو، ٻيو ڇيڙو منهنجي ھٿ ۾ رھيو، پوءِ مان ھڪ ھڪ شعر پڙھندو ٿي ويس ۽ قاضي القضات ڪمال الدين غزنوي ان جو ترجمو ڪندو ٿي ويو، جو ٻڌي بادشاھه ڏاڍو خوش ٿي ٿيو. ھندستان جا ماڻھو عربي شعر تمام گھڻو پسند ڪندا آھن، جڏھن مون ستون شعر پڙھيو،تڏھن بادشاھه چيو ”مرحمت“ جنهن جو مطلب ھي ٿيندو آھي ته ”مون توتي رحم ڪيو“ ان وقت حاجب اچي مون کي ھٿ کان وٺي منهنجي بيھڻ واري مقرر جاءِ تي وٺي ويو ته مان آداب بجا آڻيان. تنهن تي بادشاھه حاجب کي چيو ته ڇڏي ڏينس ته پنهنجو قصيدو پورو ڪري وٺي. پوءِ مون سڄو قصيدو پورو ڪري وري به آداب بجا آندا. ماڻھن مون کي مبارڪون پئي ڏنيون. پر ڪيترو وقت گذري ويو، ڪابه خبر پئجي ڪانه سگھي (ته انعام جو ڇا ٿيو).
    آخر ۾ ھڪ درخواست لکي سنڌ جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏني، جيڪا ان وڃي بادشاھه جي اڳيان پيش ڪئي، بادشاھه ھن کي چيو ته خواجه جھان وٽ وڃي ھن کي چيو، پر تڏھن به ڪو نتيجو ڪو نه نڪتو، ڇاڪاڻ ته انهن ئي ڏينهن بادشاھه دولت آباد ڏانهن سفر جو حڪم ڏنو ھو. ڪجھه ڏينهن لاءِ وري شڪار لاءِ ٻاھر ھليو ويو ھو، ته وزير به ھن سان گڏ ويو ھو. اھو ئي سبب ھو جو انعام مون کي ڪيترن ڏينهن کانپوءِ مليو ۽ دير جو سبب مان ھيٺ تفصيل سان بيان ٿو ڪريان.
    جڏھن منهنجن قرض خواھن سفر تي وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏھن مون انهن کي چيو ته ”مان جڏھن بادشاھه جي دروازي تي پھچان، تڏھن توھان ھن ملڪ جي رواج موجب اچي اتي ڌرڻو ھڻي ويھجو، ته بادشاھه کي اھا خبر پوي ۽ قرض جي ادائگي ڪري ڇڏي، ھن ملڪ ۾ اھو رواج ھوندو اھي ته جڏھن ڪنهن ماڻھوءَ جو قرض ڪنهن وڏي ماڻھو تي ھوندو آھي ۽ ھو ادا ڪري نه سگھندو آھي ته ان جا قرض خواهه وڃي بادشاھه جي دروازي تي ويھي رھندا آھن، پوءِ جڏھن اھو مقروض شخص شاھي محل ۾ وڃڻ لاءِ دروازي مان لنگھندو آھي، ته اھي وٺي زور زور سان کيس قرض جي ادائگي لاءِ وڏي سڏ چوندا آھن، ۽ بادشاھه جي سر جو قسم وجھي چوندا اٿس ته جيستائين اسان جو قرض ادا نه ڪندين تيستائين اندر نه ويندين. ان وقت مقروض شخص لاءِ پنهنجي قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه ھوندو آھي يا ھنن کان منٿ ميڙ ڪري ڪجھه وقت لاءِ ھو مھلت وٺندو آھي.
    ھڪ ڏينهن اھڙو اتفاق ٿيو، جو بادشاھه پنهنجي پيءُ جي قبر جي زيارت لاءِ ويل ھو ۽ اتي ھڪ محل ۾ ترسيل ھو، مون به پنهنجي قرض خواھن کي چيو ته ”ھن وقت موقعو اٿو“ سو جڏھن مان محل ۾ اندر وڃڻ لڳس ته انهن اچي ڌرڻو ھنيو ۽ بادشاھه جو قسم وڌائون ته اسان جي قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ اندر نه وڃ. متصدين اھا خبر يڪدم وڃي بادشاھه تائين پھچائي، جنهن تي شمس الدين حاجب، جيڪو ھڪ وڏو فقيه ھو، ٻاھر نڪتو ۽ اچي انهن ماڻھن کان پڇيائين ته توھان ڇو اچي ڌرڻو ھنيو آھي، ھنن جواب ڏنو ته ھن شخص تي اسان جو قرض آھي، اھو ٻڌي ھو اندر ھليو ويو ۽ وڃي بادشاھه کي خبر ڏنائين، بادشاھه پڇائي موڪليو ته ڪيترو قرض آھي، جنهن تي ھنن ٻڌايو ته پنجويھه ھزار دينار، فقيه اھو سڀ ڪجھه وڃي بادشاھه کي ٻڌايو ۽ پوءِ ٻاھر اچي ھنن کي چيائين ته بادشاھه سلامت فرمائي ٿو ته اسان قرض جا ذميدار آھيون، ۽ اسان جي طرفان اھو قرض ادا ڪيو ويندو ۽ ھن ماڻھوءَ کان قرض جي گھر نه ڪريو.
    پوءِ بادشاھه عماد الدين سمناني ۽ خدا وند زادي غياث الدين کي حڪم ڏنو ته ھزار سطون ۾ ويھي، ھنن قرض خواھن جا دستاويز ۽ رسيدون وغيره جانچي ڏسو ۽ تحقيقات ڪريو ته اھي درست آھن يا نه. ھو ٻيئي حڪم موجب وڃي اتي ويٺا، جتي قرض خواھن مان ھر ھڪ پنهنجا دستاويز آڻي، ھنن کي ڏيکاريندو ٿي ويو. آخر ھنن وڃي بادشاھه کي عرض ڪيو ته رسيدون وغيرھ بلڪل صحيح آھن. اھو ٻڌي بادشاھه کلي ڏنو کلندي چيائين ته مان ڄاڻان ٿو ته ھو قاضي آھي ۽ پنهنجي ڪم کان چڱيءَ طرح سان واقف آھي. پوءِ خدا وند زادي کي حڪم ڏنائين ته ھن جو قرض ادا ڪري ڇڏ. پر ھن رشوت جي لالچڪئي ۽ ”خط خورد“ لکڻ ۾ دير ڪيائين. مون ھن ڏانهن ٻه سئو تنڪها موڪليا پر ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سندس ھڪ نوڪر اچي مون کي ٻڌايو ته ٥٠٠ تنڪها ٿو گھري، جي مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
    اھا ڳالھه مون عماد الدين سمنانيءَ جي پٽ عبدالملڪ سان ڪئي. جنهن وڃي پيءُ کي ٻڌايو؛ ھن وري وڃي وزير کي ٻڌايو، وزير ۽ خدا وند زادي جي وچ ۾ ڪجھه اڻبڻت ھئي تنهن ڪري ھن وڃي بادشاھه کي اھا ڳالھه ٻڌائي ۽ تنهن سان گڏ ٻيون به سندس ڪيتريون شڪايتون ڪيون، جنهن ڪري بادشاھه خدا وند زادي تي ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ ھن کي شھر ۾ نظربند ڪري رکيائين. پوءِ بادشاھه چيو ته فلاڻو شخص ھن کي رشوت ڇو پيو ڏيئي؟ ۽ حڪم ڏنائين ته ھن ڳالھه جي تحقيقات ڪئي وڃي، ته ھن رشوت ٿي ڏني ۽ خدا وند زادي نه ورتي يا خدا وند زادي رشوت پئي گھري ۽ ھن ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪيو بس اھو ئي سبب ھو جو منهنجي قرض جي ادائگيءَ ۾ دير ٿي ويئي.

    ________________________________________
    -1 اي عزت وارا اميرالمومنين، مان جھنگل مان تو ڏانهن ھلي آيس.
    -2 پوءِ توھان جي محل ۾ ان جي زيارت ڪرڻ آيس جيڪو زيارت ڪرڻ جي لائق آھي.
    -3 جيڪڏھن سج کان مٿي ڪو درجو ھجي ھا ته تون ضرور ان کان به مٿي ھجين ھا.
    -4 تون امام آھين، عزت وارو آھين، اڪيلو آھين ۽ جيڪي چوندو آھين سو ڪندو آھين.
    -5 منهنجو به ھڪڙو ڪم آھي، جو تنهنجي فيض، سخاوت ۽ ادائگيءَ جو اميدوار آھيان، ڇو ته منهنجو توھان جي حضور ۾ اچڻ آسان آھي.
    -6 مان ڪجھه بيان ڪرڻ ٿو چاھيان، پر توھان جي مھرباني ڪافي آھي. پوءِ بيشڪ توھان جي احسان جي يادگيري چڱي آھي.
    -7 پوءِ ان لاءِ جلدي ڪريو، جيڪو توھان جي گھر ۾ توھان جي زيارت لاءِ آيو آھي، ان جو قرض ادا ڪريو، جو قرض وارا جلدي ڪري رھيا آھن.


    فصل ٻيو – ب

    بادشاھه جو شڪار لاءِ ٻاھر وڃڻ ۽ اسان جو ھن سان گڏ وڃڻ:
    جڏھن بادشاھه شڪار لاءِ دارالخلافه کان ٻاھر نڪتو، تڏھن مان ساڻس گڏ ويس. مون ھن سفر لاءِ سڀ شيون خريد ڪيون ھيون، جن ۾ ھڪ تنبو به خريد ڪيو ھوم. ھن ملڪ ۾ تنبو ھر ڪو شخص رکي سگھندو آھي ۽ اميرن لاءِ ته بلڪل ھڪ ضروري شيءِ آھي. فرق رڳو ايترو ھوندو آھي، جو شاھي تنبو رنگ جو ڳاڙھو ٿيندو آھي ۽اميرن جا تنبو سفيد ٿيندا آھن، جن تي نيري رنگ جا چٽ نڪتل ھوندا آھن. مون ھڪ شاميانو به خريد ڪيو ھو، جيڪو تنبوءَ تي ڇانو ڪرڻ لاءِ لڳايو ويندو آھي ۽ ٻن ڊگھن ٿنڀن (لڪڙن) تي بيھاريو ويندو آھي. اھي لڪڙا ماڻھو (جن کي ڪيواني ڪري چوندا آھن) ڪلھن تي کڻي ھلندا آھن. ھندستان ۾ رواج آھي ته مسافر ھنن ڪيوانن کي پگھار تي رکندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان اھي ماڻھو، جيڪي چوپائي مال لاءِ گاھ ڪندا آھن، پڻ پگھار تي رکيا ويندا آھن، ڇو ته ھن ملڪ ۾ گھوڙن کي بهه ڪو نه کارائيندا آھن. اھڙيءَ طرح ڪلھا به رکيا ويندا آھن، جيڪي بورچيخاني جا ٿانو کڻي ھلندا آھن؛ ۽ ڏولي کڻڻ وارا به رکيا ويندا آھن، جن جو ڪم ھوندو آھي تنبو لڳائڻ؛ ان ۾ گلم غاليچن وغيره وڇائڻ ۽ سامان اٺن تي لڏڻ لاءِ دوا دوي به رکيا ويندا آھن، جيڪي اڳيان اڳيان ڊوڙندا ھلندا آھن ۽ رات جو مشعلون کڻي روشني ڪندا ھلندا آھن.
    مون به انهن قسمن جي سڀني ماڻھن کي روزانيءَ مزدوري تي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍي ٺٺ سان اٿي ھليس. مان ته انهي ڏينهن شھر کان ٻاھر نڪتو ھوس، جنهن ڏينهن بادشاھي سواري ٻاھر نڪرڻي ھئي. مون کان سواءِ ٻيا ماڻھو ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن پوءِ آيا. بادشاھه، سواريءَ نڪرڻ واري ڏينهن عصر کان پوءِ، ارادو ڪيو ته ھاٿيءَ تي سوار ٿي ڏسڻ وڃي ته ڪير ڪير تيار آھي ۽ ڪنهن ڪنهن تياريءَ ۾ جلدي يا دير ڪئي آھي. ان وقت بادشاھه پنهنجي تنبوءَ جي ٻاھران ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺو ھو. مون وڌي وڃي سلام ڪيو ۽ ساڄي پاسي پنهنجي مقرر جڳھه تي وڃي بيھي رھيس.
    بادشاھه ملڪ قبولي سرجامدار کي مون وٽ موڪليو. ھن جو ڪم آھي ته بادشاھه جي مٿان مکيون ھڪليندو آھي، ھن اچي مون کي چيو ته بادشاھه جو حڪم آھي ته ويھي رھو. ھي بادشاھه جي خاص مھرباني ھئي. ورنه انهيءَ ڏينهن ڪنهن کي به ويھڻ جي اجازت ڪا نه ھئي. ايتري ۾ ھاٿي اچي پھتو، جنهن تي ڏاڪڻ لڳائي ويئي، بادشاھه سوار ٿيو، مٿانئس ڇٽ لڳايو ويو، ۽ پوءِ بادشاھه جا خاص ماڻھو به سوار ٿيا، ٿوري دير گھمي، وري بادشاھه پنهنجي تنبوءَ ڏانهن واپس آيو. ھتي اھو رواج آھي ته جڏھن بادشاھه سوار ٿيندو آھي تڏھن ھر ھڪ امير پنهنجي فوجي جھنڊي، طبل، نفيري ۽ شرناين جن سڀني کي گڏي مراتب چيو ويندو آھي، ساڻ ڪري سوار ٿيندو آھي.
    بادشاھه جي اڳيان فقط پرديدار يعني حاجب ۽ گاني بجاني وارا ھوندا آھن، جن مان ڪي دھلن وارا دھل ڳچيءَ ۾ وجھي وڄائيندا ھلندا آھن ۽ شرنائن وارا وري شرنايون وڄائيندا ھلندا آھن. بادشاھه جي ساڄي پاسي پندرھن ماڻھو ھوندا آھن ۽ کاٻي پاسي به ايترائي ماڻھو ھوندا آھن، ھنن ماڻھن ۾ فقط وڏا وڏا امير، وزير ۽ ڪي غيرملڪي شرفا شامل ھوندا آھن. مان به ساڄي پاسي وارن اميرن ۾ شامل ھوس. بادشاھه جي اڳيان پيادا ۽ رھنما ھوندا آھن ۽ پٺيان ريشمي ۽ زريدار جھنڊا ۽ اٺن تي وڏا طبل رکيل ھوندا آھن، انهن جي پٺيان بادشاھه جا غلام ۽ ٻيا خادم، انهن کان پوءِ ٻيا امير ۽ پوءِ عام ماڻھو ھوندا آھن. ڪنهن کي به اھا خبر نه ھوندي آھي ته ڪھڙي ھنڌ منزل ٿيندي. پر جڏھن ڪو نديءَ جو ڪنارو يا وڻن جو ڪو جھڳٽو بادشاھه کي وڻندو آھي ته بادشاھه جو انهيءَ جاءِ تي ترسڻ جو حڪم ٿيندو آھي. جيستائين بادشاھه جو تنبو لڳي پورو نه ٿئي، تيستائين ڪو به شخص تنبو نٿو لڳائي سگھي. پوءِ موڪل ڏيندا آھن، ۽ ھر ھڪ شخص کي سندس جڳھه ٻڌائيندا ويندا آھن. بادشاھه جو تنبو وچ ۾ لڳندو آھي. ٻڪري جو گوشت، ٿلھيون متاريون ڪڪڙيون، تتر ۽ بدڪون وغيره اڳ ۾ ئي موجود ھونديون آھن.
    پوءِ يڪدم اميرن جا ڇوڪرا اچي حاضر ٿيندا آھن، جن مان ھر ھڪ سيخ ھٿ ۾ کڻي، باھه ٻاري، گوشت پچائيندو ويندو آھي، ھڪ ننڍو تنبو به لڳايو ويندو آھي جنهن م بادشاھه پنهنجي خاص خاص اميرن سان اچي ويھندو آھي. پوءِ دستر خوان وڇايو ويندو آھي ۽ بادشاھه جنهن کي چاھي تنهن کي پاڻ سان گڏ کائڻ لاءِ سڏيندو آھي.
    ھڪ ڏينهن بادشاھه تنبوءَ ۾ ويٺو ھو ۽ پڇا ڪيائين ته ٻاھر ڪير ڪير ويٺا آھن. جنهن تي سيد ناصر الدين مطھر اوھريءَ جيڪو بادشاھه جو نديم ھو، چيو ته فلاڻو مغربي شخص بيٺو آھي ۽ ڏاڍو پريشان حال آھي. بادشاھه پڇيو ته ”ڇو؟“ سيد ناصرالدين جواب ڏنو ته ھن جا قرض خواهه ساڻس وصوليءَ لاءِ سختي ڪري رھيا آھن، آخوند عالم وزير کي سندس قرض جي ادائگي لاءِ حڪم ڏنو ھو، پر وزير ان کان اڳي ئي سفر تي ھليو ويو، تنهن ڪري حصور جن قرض خواھن کي حڪم ڏين ته وزير جي اچڻ تائين ھن سان سختي نه ڪن يا سائينءَ جن سندس قرض ادا ڪري ڇڏين.
    ان وقت ملڪ دولت شاھه به موجود ھو، جنهن کي بادشاھه چاچا ڪري سڏيندو ھو، جنهن چيو ته ”آخوند عالم! ھي شخص ھر روز عربيءَ ۾ مون کي ڪجھه چوندا آھن، پر مان سمجھي ڪو سگھندو آھيان، شايد سيد ناصرالدين ھن کي سمجھندو ھوندو ته ڇا ٿو چوي“ اصل ۾ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ھو ته سيد ناصرالدين وري به منهنجي قرض جي ادائگي جو ذڪر ڇيڙي. تنهن تي سيد ناصرالدين چيو ته ”ھو انهي قرض جي باري ۾ چوندو رھندو آھي،“ بادشاھه جي ٻڌي فرمايو ته ” چاچا، اسين جڏھن دارالخلافه ڏانهن واپس ھلون تڏھن توھان ھن کي خزاني ۾ وڃي اھا پئسا ڏياري ڇڏجو“ اتي خداوند زادو به حاضر ھو، تنهن چيو ته اخوند عالم! ھي شخص ڏاڍو خرچائو آھي، سندس اھو ئي حال ماورالنهر جي سلطان طرمشيرين جي درٻار ۾ به ھو، جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ھئي.
    اھي ڳالھيون ختم ٿيون ته بادشاھه مون کي دسترخوان تي سڏايو. مون کي خبر ڪا نه ھئي ته منهنجي باري ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ھليون آھن. جڏھن ٻاھر آياسين تڏھن سيد ناصرالدين مون کي چيو ته ”ملڪ دولت شاھه جا ٿورا مڃ“ ۽ ملڪ دولت شاھه وري چيو ته ”خداوند زادي جا ٿورا مڃ“ انهيءَ ئي ڏينهن اسان شڪار تي بادشاھه سان گڏ ھئاسين ۽ بادشاھه ڪئمپ مان سوار ٿي پئي لنگھيو، ته سندس گذر منهنجي تنبوءَ وٽان ٿيو، مان به سندس ساڄي طرف ساڻس گڏ ھوس. منهنجا ساٿي تنبوءَ ۾ ھئا. جڏھن بادشاھه اتان اچي لنگھيو ته ھنن اٿي بيھي سلام ڪيو. بادشاھه عماد الملڪ ۽ ملڪ دولت شاھه کي موڪليو ته انهن ماڻھن کان پڇن ته اھو ڪنهن جو تنبو آھي، ھنن موٽي اچي جواب ڏنو ته فلاڻي شخص جو (يعني منهنجو) آھي. بادشاھه ھي ٻڌي مشڪيو ۽ ٻئي ڏينهن مون کي، سيد ناصر الدين بن قاضي مصر ۽ ملڪ صبيح کي حڪم ٿيو ته شھر ڏانهن موٽي وڃو. پوءِ اسان کي خلعتون ڏنيون ويون ۽ اسين موٽي شھر ھليا آياسين.

    بادشاھه کي مون ھڪ اٺ تحفي طور ڏنو
    مون کان ھڪ دفعي انهن ڏينهن بادشاھه پڇيو ته”ملڪ ناصر اٺ تي سواري ڪندو آھي يا نه؟“ مون عرض ڪيو ته حضور! حج جي ڏينهن ھو ڏاچيءَ تي سوار ٿي، مصر کان مڪي شريف تائين ڏھن ڏينهن ۾ پھچي ويندو آھي. مون ائين به عرض ڪيومانس ته ”اھي اٺ اھڙا ڪين آھن جھڙا ھن ملڪ ۾ آھن، ۽ مون وٽ به ان ملڪ جو ھڪ اٺ موجود آھي“ جڏھن مان دارالخلافه ۾ آيس تڏھن ھڪ مصري عرب کي سڏايم جنهن منهنجي لاءِ ڏايءَ جي پاکڙي جو نمونو تيار ڪرائي، مون کي ڏنو، جو مون ھڪ لوھار کان ٺھرائي ورتو. مون ان تي عمدو پلاڻ وجھائي، ان جي خوبصورتيءَ ۾ ڪا ئي ڪسر ڪا نه ڇڏيم ۽ ان جي مھار به ريشم جي تيار ڪرايم. مون وٽ ھڪ يمن جو ماڻھو ھو، جيڪو حلوي ٺاھڻ ۾ ھوشيار ڪاريگر ھو. ان کان مون قسم قسم جو حلوو تيار ڪرايو، جن مان ھڪ قسم جو حلوو کجور جي شڪل جھڙو ھو ۽ ٻيا به ڪي قسم ھئا.
    پوءِ مون اھا ڏاچي ۽ حلوو بادشاھه جي خدمت ۾ ڏياري موڪليا ۽ کڻي ويندڙ کي سمجھائي ڇڏيم ته ھي سڀ شيون ملڪ دولت شاھ جي حوالي ڪجانءِ، جنهن جي لاءِ به مون ھڪ گھوڙو ۽ ٻه اٺ ڏياري موڪليا ھئا. ملڪ دولت شاھه اھي شيون بادشاھه جي حضور ۾ کڻي ويو ۽ اندر وڃي عرض ڪيائين ته ”آخوند عالم! مون ھڪ عجيب شيءِ ڏٺي آھي.“ بادشاھه پڇيو ته”اھا ڪھڙي شيءِ آھي؟“ تنهن تي ھن جواب ڏنو ته ”سائين ! اٺ تي زين“ بادشاھه فرمايو ته”جلد اسان جي سماھون پيش ٿئي.“ اٺ کي تنبوءَ ۾ اندر پھچايو ويو. بادشاھه ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منهنجي ھڪ ماڻھوءَ کي چيائين ته ھن تي سوار ٿي ڏيکار، ھو يڪدم اٺ تي سوار ٿيو ۽ ان کي بادشاھه سامھون ڊوڙائي ڏيکاريائين. بادشاھه ھن کي ھڪ سئو درھم ۽ خلعت انعام ۾ ڏني. ھو ماڻھو مون وٽ آيو ۽ اچي سڄو احوال مون کي ٻڌايائين، جو ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ھن کي به اٺ تحفي طور ڏنم. تنهن کان پوءِ موٽي دارالخلافه ۾ آيس.

    بادشاھه کي منهنجا ٻه اٺ ٻيا ۽ حلو و پيش ڪرڻ ۽ منهنجي قرض جي ادائگي:
    جڏھن منهنجو ماڻھو اٺ جو نذرانو ڏيئي واپس آيو ۽ مون کي اچي سڄيءَ حقيقت کان آگاھه ڪيائين، تڏھن مون وري ٻيا ٻه پلاڻ تيار ڪرايا، جن جي اڳئين ۽ پٺئين حصي تي سون جو پاڻي چڙھيل ھو، مٿن چانديءَ جا پتر چاڙھيم ۽ ويھڻ واري جاءِ جا استر ڪيمخواب جي ڪپڙي جا لڳارايم، ازانسواءِ پاڻي چڙھيل چانديءَ جا گھنگھرو انهن ٻنهي اٺن جي گوڏن تي ٻڌايم. ان کان سواءِ يارھن ڍاڪون حلوي جا تيار ڪرايم. ۽ ھر ھڪ ڍاڪونءَ جي مٿان ريشمي رومال رکيم. جڏھن بادشاھه شڪار تان واپس آيو ۽ ٻئي ڏينهن عام دربار ۾ اچي ويٺو تڏھين مون اھي اٺ وڃي سندس اڳيان پيش ڪيا. بادشاھه حڪم ڏنو ته ھن جو پنڌ ڏيکار. مون يڪدم سوار ٿي، انهن کي ڊوڙائي ڏيکاريو، ته انهن مان ھڪ جو (خلخال)پائيل ڪري پيو. بادشاھه بهاءُ الدين فلڪيءَ کي حڪم ڏنو ته ”پائيل برداري“ يعني پائيل وڃي کڻ، جيڪو ھن وڃي کنيو.
    پوءِ بادشاھه ڍاڪن ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيائين”چھ داري؟ دو آن طقھا حلوه است! “ يعني تو وٽ ٻيو ڇا آھي؟ ھنن ڍاڪن ۾ حلوو آھي ڇا؟ مون چيو ته ”ھائو حضور“ بادشاھه فقيه ناصرالدين ترمذي واعظ کي چيو ته ”مون اھڙو حلوو، جيڪو فلاڻي شخص (يعني مون) لشڪر ۾ اسان ڏانهن موڪليو ھو، ڪڏھن به ڪو نه کاڌو آھي.“ ۽ حڪم ڏنائين ھي ڍاڪون اسان جي خاص مجلس ۾ موڪليا وڃن. بادشاھه پوءِ عام درٻار مان اٿي ھليو ويو ۽ مون کي اندر گھرائي. کاڌي آڻڻ جو حڪم ڏنائين. مون به اتيئي کاڌو بادشاھه مون کان پڇيو ته ”جيڪو حلوو تو اسان ڏانهن موڪليو ھو ان جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! ان حلوي جا ڪيترائي قسم ھئا، خبر نه آھي حضور جن ڪھڙي قسم جي حلوي جو نالو پڇي رھيا آھن“ بادشاھه چيو ته ”ھي طباخ کڻي وٺو.“ ھن ملڪ ۾ طيفور کي طباق چوندا آھن. طباق پيش ڪري پڇيو ته ”ھن جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو ته ھن کي لقيمات القاضي(قاضيءَ جا لقما) ڪري سڏيندا آھن. ان وقت ھڪ بغداد جو شيخ، جنهن کي سامري ڪري سڏيندا ھئا، پاڻ کي آل عباس ڏانهن منسوب ڪندوھو، ھڪ وڏو شاھوڪار ھو ۽ بادشاھه کيس پيءُ ڪري سڏيندو ھو، سو حسد جي ڪري، مون کي بادشاھه جي اڳيان شرمندو ڪرڻ خاطر چوڻ لڳو ته ”اھو لقيمات القاضي نه آھي.“ پر ھڪ ٻيو قسم کڻي، جنهن جو نالو جلد الفرس(گھوڙي جي کل) ھو، چيائين ته ”ھي لقيمات القاضي آھي.“
    سندس سامھون وري ناصر الدين ڪافي ھروي، جيڪو بادشاھه جو نديم ھو ۽ ھن شيخ سان اڪثر بادشاھه جي روبرو کل مسخري ڪندو ھو، ويٺو ھو، تنهن چيس ته ”خواجه صاحب توھان ڪوڙ ٿا ڳالھايو ۽ قاضي سچو آھي.“ بادشاھه پڇيو ته سو وري ڪيئن؟“ ھن عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! ھي شخص قاضي آھي ۽ پنهنجي لقمن کي ٻين جي بنسبت وڌيڪ سمجھي ٿو سگھي“ تنهن تي بادشاھه کلي چيو ته ”بلڪل صحيح آھي.“ جڏھين اسان کائي چڪاسين تڏھن فقاع پي ۽ پان وٺي گھر ھليا وياسين. تنهن کان ٿورو اڳ ۾ خزانچيءَ اچي چيو ته پنهنجا ماڻھو موڪليو ته پئسا کڻي اچن. مون پنهنجا ماڻھو ھن سان گڏ موڪلي ڏنا، شام جو جڏھين گھر آيس ته ڏٺم ته اتي ٽي ڳوٿريون پيون ھيون، جن ۾ ڇھه ھزار ٻه سئو ٽيٽيھه تنڪها رکيا ھئا، جن مان پنجونجاھھ ھزار دينار ته مون کي قرض ۾ ڏيڻا ھئا، باقي ٻارھن ھزار دينارن جو انعام مليو ھوم ۽ مٿين ڪل رقم عشر(ڏھون حصو) دستور موجب ڪاٽڻ کان پوءِ ڏني ويئي ھئي. تنڪها مغرب جي اڍائي سون دينارن جي برابر ٿيندو آھي.

    بادشاھه جو ٻاھر وڃڻ ۽ مون کي داراخلافه ۾ رھڻ جو ڏيڻ:
    جمادالاول جي نائين تاريخ بادشاھه معبر جي ملڪ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪري اوڏانهن روانو ٿيو، ڇو ته اتي سندس ھڪ نائب (سيد حسن شاھه)باغي ٿي ويو ھو، جنهن کي منهن ڏيڻو ھوس. مون پنهنجو سڀ قرض ادا ڪري ڇڏيو ھو ۽ سفر جو پڪو ارادو ڪيو ويٺو ھوس. ڪيوانين، فراشن، ڪھارن ۽ اڳيان ڊوڙندڙن کي نون مھينن جو پگھار به اڳواٽ ڏيئي ڇڏيو ھوم، پر مون کي حڪم مليو ته مان دارالخلافه ۾ رھان ۽ حاجب مون کان ان حڪم نامي تي صحيح به وٺي ڇڏي، جنهن جو مطلب ھو ته مون کي حڪم نامو ملي ويو ھو. اھو ھن ملڪ جو رواج آھي ته متان جنهن کي حڪم نامو پھچايو وڃي، سو ان جي پھچ کان انڪار ڪري ڇڏي.
    بادشاھه منهنجي لاءِ ڇھن ھزارن درھمي دينارن ڏيڻ جو حڪم ڪيو ۽ ابن قاضي مصر لاءِ ڏھن ھزارن جو ۽ اھڙي طرح جنهن به غيرملڪيءَ کي ترسڻ جو حڪم مليو ھو، تنهن کي انعام ڏنو ويو. پر اتي جي ماڻھن کي ڪجھه به ڪو نه ڏنو ويو. بادشاھه مون کي اھو به حڪم ڏنو ته ”توکي سلطان قطب الدين جي مقبري جو متولي مقرر ڪيو ويو آھي، تنهن ڪري ان جو سڄو بندوبست تنهنجي ذمي آھي“ بادشاھه ان مقبري جي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، تمام گھڻي تعظيم ڪندو ھو، ڇو ته ڪنهن زماني ۾ ھو سلطان قطب الدين جي نوڪريءَ ۾ رھي چڪو ھو. مون ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ھو ته بادشاھه ان مقبري ۾ اچي سلطان قطب الدين جا جوتا کڻي، چمي، پنهنجي مٿي تي رکندو ھو، ھن ملڪ ۾ اھو به رواج آھي ته ميت جا جوتا سندس قبر جي ڀرسان ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي رکندا آھن.
    بادشاھه جڏھين به مقبري ۾ ايندو ھو تڏھين اھڙيءَ طرح سان نمي سلام ڪندو ھو، جھڙيءَ طرح ھو بادشاھه جي زندگيءَ ۾ ڪندو ھو، ھن جي بيواه زال جي به ڏاڍي عزت ڪندو ھو، کيس ڀيڻ ڪري سڏيندو ھو ۽ ھن کي پنهنجي حرم ۾ رھڻ لاءِ ھڪ خاص جڳھه ڏني ھئائين، پوءِ ھن جو نڪاح ابن قاضي مصر سان ڪري ڇڏيو ھئائين، جنهن سبب ڪري ھن کي به گھڻو نوازيندو رھندو ھو ۽ ھر جمعي تي بادشاھه ھن عورت سان ملڻ ويندو ھو.
    جڏھن بادشاھه رواني ٿيڻ وقت اسان کان موڪلائڻ لاءِ اسان کي گھرايو، تڏھن ابن قاضي مصر اٿي بيھي عرض ڪيو ته ”مان حضور جن کان جدا رھڻ نٿو چاھيان“ تنهن تي بادشاھه چيس ته ”چڱو ڀلا تون وڃي پنهنجي سفر جو سامان تيار ڪر“ اھو ھن جي لاءِ ڏاڍو سٺو ٿيو. ھن کان پوءِ مان اڳتي وڌيس ۽ شھر ۾ رھڻ ٿي چاھيم، سو وري منهنجي لاءِ مصيبت جو باعث ٿيو.
    بادشاھه مون کان پڇيو ته ”توکي ڪجھه عرض ڪرڻو آھي؟” مون يڪدم پنهنجي يادداشت وارو ڪاغذ ڪڍيو، پر بادشاھه فرمايو ته ”پنهنجي زبان سان چئو“ مون عرض ڪيو ته ”آخوند عالم! توھان مون کي قاضي مقرر ڪيو آھي، پر مان اڃا پنهنجي عھدي تي قائم نه ٿيو آھيان، حالانڪ منهنجو مطلب انهي عھدي جي بزرگي قائم رکڻ به آھي. تنهن تي بادشاھه منهنجي مقرري ۽ ٻه نائب مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وري پڇيائين ته ”ٻيو ڪجھه؟“ مون عرض ڪيو ته ”سلطان قطب الدين جي مقبري جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو آھي، جنهن لاءِ مون چار سئو سٺ ماڻھو مقرر ڪيا آھن، پر ان جي سڀني وقفن جي آمدني انهن کي کاڌي ۽ خرچ لاءِ پوري ڪا نه پوندي.“ جنهن تي بادشاھه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو ته ”آمدني پنجاھه ھزار آھي“. ۽ حڪم ڏنائينس ته ”لک من غلھ بده“ يعني ھڪ لک مڻ اناج ڏينس، ۽ مون کي چيائين ته ”جيستائين مقبري جو اناج اچي تيستائين اھو اناج ھلاءِ“ غلھ جو مطلب ڪڻڪ ۽ چانور آھي.
    ھن ملڪ جو مڻ مغربي ويھن رطلن جي برابر ٿيندو آھي. تنهن کان پوءِ بادشاھه پڇيو ته”ٻيو ڇا عرض ڪرڻو اٿيئي؟“ مون عرض ڪيو ته”منهنجا ڪي ساٿي ھن ڪري قيد ڪيا ويا آھن ته ھنن ڳوٺن، جن جي عيوض مون کي ٻيا ڳوٺ مليا آھن، جي ڪجھه وصولي ڪئي آھي. ھاڻي ديوان وارا ٿا چون ته توکي اتان جيڪا به آمدني ٿي آھي، سا خزاني ۾ جمع ڪراءِ يا بادشاھه جو حڪم آڻ ته اھا تقاضا معاف ڪئي وڃي“ بادشاھه پڇيو ته اتان توکي ڪيتري آمدني ٿي آھي؟ مون عرض ڪيو ته ”پنج ھزار دينار“ تنهن تي بادشاھه فرمايو ته ”چڱو اھا رقم اسان توکي انعام طور ڏني“ پوءِ مون ٻيو عرض ڪيو ته ”جيڪو گھر بادشاھه سلامت مون کي رھڻ لاءِ ڏنو آھي، سو بالڪل جھونو ٿي ويو آھي ۽ مرمت جوڳو آھي“. تنهن تي وزير کي حڪم ڪيائين ته ”عمارت کنيد“ يعني جڳھه ٺھرائي وڃي. پوءِ مون کي چيائين ته ”ٻيو به ڪجھه باقي رھيو اٿيئي ڇا.“ مان عرض ڪرڻ تي ھوس ته يڪدم چيائين ته ”وصيت ديگر است......“ يعني مان توکي وصيت ٿو ڪريان ته تون قرض نه کڻندو ڪر، ممڪن آھي ته توکي قرضخواه ڪا تڪليف ڏين ۽ اسان کي خبر ئي نه پھچي سگھي؛ بلڪه مان جيڪي ڪجھه توکي ڏيان ٿو ان کان وڌيڪ خرچ نه ڪر، ڇو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”فلاتجعھ يد لڪ مغلولته ولا تبسطھا کل البسط و کلوا و اشر بوا ولا تسر فوا و الدين اذا انفقوالم يسر فواو کان بين ذالڪ قواما. “ ھي ٻڌي مون ارادو ڪيو ته بادشاھه جا پير چمان، سو جيئن ھيٺ نميس ته بادشاھه کڻي مون کي مٿي کان جھليو ۽ ائين ڪرڻ کان منع ڪيائين.
    پوءِ بادشاھه جا ھٿ کڻي، چمي، مان ٻاھر نڪتس ۽ شھر ۾ اچي مون پنهنجي جاءِ ٺھرائڻ شروع ڪئي، جنهن تي منهنجا چار ھزار دينار خرچ ٿيا، جن مان ڇھه سو دينار مون کي خزاني مان مليا، باقي ٻيا مون پنهنجي ھڙان خرچ ڪيا ھئا، مون پنهنجي گھر جي سامھون ھڪ مسجد به ٺھرائي ڇڏي. ان کان پوءِ سلطان قطب الدين جي مقبري جي انتظام ۾ لڳي ويس، بادشاھه حڪم ڏنو ھو ته ان تي ھڪ سو گز ڊگھو قبو ٺھرايو وڃي، يعني عراق جي بادشاھه قاران جي ٺھيل قبي کان ويھه گز زياده اوچو، ۽ اھو به حڪم ڏنائين ته ويھه ڳوٺ خريد ڪري مقبري لاءِ وقف ڪيا وڃن ۽ خريد ڪرڻ جو حڪم به مون کي ڏنو ويو، جيئن عشر (ڏھون حصو) جو فائدو به دستور موجب مون کي ملي.

    مقبري جو انتظام
    ھندستانين جو اھو به دستور آھي ته مردن جي قبرن تي سڀ شيون جيڪي انهن جي زندگيءَ ۾ ضروري ھونديون آھن، موجود رکندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھاٿي ۽ گھوڙا به اتي اچي ٻڌي ڇڏيندا آھن ۽ قبر کي تمام گھڻو سينگاريندا آھن. مون به ائين ڪيو ۽ ڏيڍ سو قرآن پڙھڻ وارا، جن کي ھن ملڪ ۾ ختمين ڪري چوندا آھن، نوڪريءَ ۾ رکيا ۽ اسي طالب علمن جو انتظام ڪيم؛ اٺ مڪررين(1) ۽ مدرس به پگھار تي رکيم، ۽ اسي صوفين جو انتظام ڪيم. ازانسواءِ ھڪ امام، ڪيترائي سريلا موذن، قاري، مولودن وارا، حاضري نوٽيس ۽ معترف به پگھار تي رکيم. انهن سڀني کي گڏي ھن ملڪ ۾ ارباب ڪري چوندا آھن، سي به رکيم، جي ھئا، فراش، طباخ (پچائڻ ۽ رڌڻ وارا) روشني ڪرڻ وارا، آبدار (بهشتي يا سقھ) شربت دار يعني شربت پيارڻ وارا، تنبول دار يعني پان وارا، سلحدار، نيزه دار، ڇٽ دار، طشت دار، حاجب ۽ نقيب. اھي ڪل چار سو سٺ ماڻھو ھئا.
    بادشاھه جو حڪم ھو ته ھر روز ٻارھن مڻ اٽو ۽ ٻارھن مڻ گوشت استعمال ڪيو وڃي، پر مون ڏٺو ته اھو ڪافي نه ھو، ۽ زمين جنهن لاءِ حڪم مليو ھو سا گھڻي ھئي، تنهن ڪري مون حڪم ڏنو ته پنجٽيھه مڻ اٽو ۽ پنجٽيھه مڻ گوشت ھر روز استعمال ڪيو وڃي، ۽ انهيءَ حساب سان کنڊ، نباتون، گيھه ۽ پان به استعمال ٿيندا ھئا جنهن مان مقبري وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو ھو. ڏڪار جي زماني ۾ ماڻھن کي ھن لنگر مان تمام گھڻي مدد ملي. تنهن سبب مان تمام گھڻو مشھور ٿي ويس، ايتري قدر جو جڏھن ملڪ صبيح دولت آباد ويو ۽ بادشاھه پنهنجي دھليءَ جي نوڪرن بابت ھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي تڏھن ھن عرض ڪيو ته دھليءَ ۾ فلاڻي شخص(يعني مون) جھڙا جيڪڏھن ٻه ٽي ٻيا به ماڻھو ھجن ته ھوند غريبن کي ڪا به تڪليف ڪا نه پھچي. ھي ٻڌي بادشاھه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي خاص لباسن مان مون کي ھڪ خلعت موڪلي ڏنائين.
    شب برات، ٻنهي عيدن تي، عيد ميلادالنبي، عاشوري جي ڏينهن ۽ سلطان قطب الدين جي وفات جي ڏينهن، ھڪ سئو مڻ اٽو ۽ ھڪ سئو مڻ گوشت پچارائي، غريبن ۽ مسڪينن کي کارائيندو ھوس. ۽ جن خاص ماڻھن جي گھر کاڌو موڪليو ويندو ھو، اھو ان کان سواءِ ھو – ھن رواج جو بيان مان کولي ٿو لکان .

    ماڻھن کي وليمي مان کاڌي ڏيڻ جو رواج
    ھندستان ۽ سراءِ جي ملڪن جو اھو دستور آھي ته جڏھن وليمي جو کاڌو کائي بس ڪندا آھن، تڏھن ھر ھڪ شرفا، فقيه، مشائخ ۽ قاضيءَ جي اڳيان پينگھي جي شڪل جھڙو ھڪ خوان، جنهن جي ھيٺان چار پاوا ھوندا آھن ۽ سڄو کجيءَ جي پتن جو ٺھيل ھوندو آھي، آڻي رکندا آھن. پھريائين ان تي مانيون رکي، انهن جي مٿان ٻڪري جي پڪل منڍي ۽ گيھه ۾ تريل چار ٽڪيون، جن ۾ حلوا صابونيھ ڀريل ھوندو آھي، رکندا آھن ۽ انهن جي مٿان حلوي جا چار ٽڪرا ۽ ھڪ چمڙي جي ننڍي طبق ۾ سموسا ۽ حلوا وجھي رکندا آھن . ۽ جيئن جيئن ماڻھو مرتبي ۾ گھٽ ھوندا آھن ته ٻڪري جي منڍيءَ جو اڌ ۽ ٻيون شيون به انهيءَ حساب سان؛ ۽ اڃا به گھٽ درجي وارن ڏي چوٿون حصو وغيره موڪلي ڏيندا آھن. پوءِ ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان جڏھن اھو خوان رکيو ويندو آھي، تڏھن ھو اھو پنهنجي پنهنجي گھر کڻي ويندو آھي. اھو رواج پھريائين مون سلطان ازبوڪ جي دارالخلافه شھر سراءِ ۾ ڏٺو ھو. مون پنهنجن ماڻھن کي منع ڪري ڇڏي ھئي ته ھو اھو کاڌو نه کڻن، ڇو ته اھو اسان جي اصول جي خلاف ھو. اھڙيءَ طرح سان وڏن وڏن ماڻھن جي گھر اھڙي طريقي سان وليمي جي ماني موڪلي ويندي ھئي._

    _______________________________________
    (1) شايد ھي ماڻھو اھي آھن، جيڪي قرآن شريف جي ڪا به ھڪ سورت بار بار پڙھندا آھن – مترجم


    فصل ٽيون

    ھزار امروهه ڏانهن سفر
    بادشاھه جي حڪم موجب وزير مون کي فقط ڏهه ھزار مڻ اناج ڏنو ۽ باقيءَ لاءِ حڪم نامو لکي ڏنائين(1) ته ھزار امروهه مان ڏنو وڃي. ان وقت اتي جو والي عزيز خمار ھو ۽ اتي جو امير شمس الدين بدخشاني ھو. مون پنهنجا ماڻھو اوڏانهن موڪليا، جن وڃي ان مذڪوره اناج مان ڪجھه وصول ڪيو ۽ موٽي اچي عزيز خمار جي سخت رويي جي شڪايت ڪيائون. پوءِ رھيل اناج وٺڻ لاءِ مان خود اوڏانهن روانو ٿيس. ھي علائقو دھليءَ کان ٽن ڏينهن جي سفر تي آھي، برسات جي موسم ھئي، مان ٽيٽيھه ماڻھو پاڻ سان وٺي ويو ھوس، ۽ ٻه تمام سٺا ڳائيندڙ، جيڪي ٻئي ڀائر ھئا، به ساڻ کنيا ھئم.
    اسان جڏھن بجنور(2) ۾ پھتاسين، تڏھن اتان مون ٽي ڳائڻا ٻيا به پاڻ سان کنيا، ھو به ٽيئي ڀائر ھئا. مان ڪڏھين ٻن ڀائرن جو راڳ ٻڌندو ھوس ته ڪڏھن ھنن ٽن ڀائرن جو. آخر اچي امروهه ۾ پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو مگر خوبصورت شھر آھي. اتي جا رھواسي اسان جي استقبال لاءِ شھر کان ٻاھر آيا، انهن ۾ شھر جو قاضي شريف علي ۽ خانقاه جو شيخ به ھئا. جن ٻنهي گڏجي منهنجي چڱيءَ طرح سان خاطر تواضع ڪئي . عزيز خمار ان وقت افغان پور ۾ ھو، جيڪو سرو درياءُ تي ٻڌل آھي. ھي درياءُ اسان جي ۽ افغان پور جي وچ ۾ ھو، ان تي ھڪ ننڍي ٻڙي، تيار ڪري سامان ان تي رکي، پار پھچايو ۽ اسان وري ٻئي ڏينهن درياءُ پار ڪري وياسين.
    عزيز خمار جو ڀاءُ نجيب پنهنجا ڪي ماڻھو وٺي اسان جي استقبال لاءِ آيو ۽ اسان جي لاءِ انهن ھڪ ڪئمپ ٺاھي. پوءِ ھن جو ڀاءُ جيڪو والي ھو، سو آيو. ھي ظلم جي ڪري مشھور ھو. سندس ماتحت ڏيڍ ھزار ڳوٺ ھئا، جن جي آمدني سٺ لک سالاني ھئي ۽ ھن کي ھن آمدنيءَ جو ويھون حصو ملندو ھو. ھن درياءَ جي وري ھڪ عجيب خاصيت آھي جا ھيءَ آھي ته برسات جي موسم ۾ ڪو به ماڻھو ھن جو پاڻي استعمال نه ڪندو آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جانور کي پياريو ويندو آھي.
    اسان ٽي ڏينهن ان جي ڪناري تي ترسيل ھئاسين، پر اسان مان ڪنهن به ان جو پاڻي نه پيتو ۽ نه ئي ڪوئي ان جي ويجھو ويو. ھي درياءُ ھماليه جبل مان نڪرندو آھي، جنهن ۾ سون جي کاڻ آھي. ھيءُ درياءُ زھريلين ٻوٽين جي مٿان وھي ايندو آھي، تنهن ڪري جيڪو به ان جو پاڻي پيئندو آھي، سو مري ويندو آھي. ھيءُ جبل ٽن مھينن جي سفر جيترو ڊگھو، سڌو ئي سڌو ھليو ٿو وڃي ۽ ان جي ٻئي پاسي تبت جو ملڪ آھي جتي مشڪ وارا ھرڻ ٿيندا آھن. ھن جبل ۾ مسلمانن جي لشڪر جي جيڪا بري حالت ٿي ھئي، تنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيا آھيون.
    ھن شھر ۾ مون وٽ حيدري فقيرن جي ھڪ ٽولي آئي جن پھريائين ته سماع ڪيو، پوءِ ھڪ وڏي باھه ٻارائي سڀ ان ۾ گھڙي ويا ۽ انهن کي ڪجھه به نقصان نه رسيو، جنهن جو بيان اڳ به ڪري آيو آھيان، ھن علائقي جي امير شمس الدين بدخشانيءَ ۽ والي عزيز خمار جي وچ ۾ ڪجھه اڻبڻت ٿي پيئي ھئي تنهن ڪري شمس الدين ھن سان لڙائي ڪرڻ آيو، پر عزيز خمار گھر ۾ لڪي ويھي رھيو. پوءِ ٻنهي ھڪ ٻئي جي شڪايت وزير ڏانهن لکي موڪلي، جنهن مون کي، ملڪ شاھه امير اممالڪ، جنهن جي ھٿ ھيٺ چار ھزار شاھي غلام ھئا، ۽ شھاب الدين روميءَ کي چوائي موڪليو ته ھنن جي جھڳڙي جو فيصلو ڪري، جيڪو ڏوھي ھجي، تنهن کي ٻڌي، دارالخلافه ڏانهن موڪليو وڃي.
    سڀ اچي منهنجي گھر ۾ گڏ ٿيا. عزيز خمار، شمس الدين تي گھڻيون ئي دعوائون ڪيون جن مان ھڪ ھيءَ ھئي ته شمس الدين جو ھڪ ملازم رضي ملتاني نالي، سندس (عزيز خمار جي) خزانچيءَ جي گھر اچي لٿو ۽ شراب پي خزانچيءَ جي مال مان پنج ھزار دينار چورايائين. مون رضيءَ کان پڇيو ته جواب ڏنائين ته”مون کي اٺ سال ٿيا آھن، جڏھن ملتان کان آيو آھيان، شراب ڪو نه پيتو آھيم“. مون پڇيومانس ته ”ڀلا ملتان ۾ تو شراب پيتو ھو؟“ ته چيائين ته ”ھائو“ مون يڪدم ھن کي اسي درا ھڻايا ۽ عزيز خمار جي مقدمي ۾ ھن کي جيل ۾ وجھايم.
    مان امروهه ۾ ٻه مھينا رھي واپس موٽيس ۽ ھر روز پنهنجن ماڻھن لاءِ ھڪ ڳئون ذبح ڪرائيندو ھوس. مان پنهنجي ساٿين کي پوئتي ڇڏي آيو ھوس ته عزيز خمار کان اناج وٺي اچن. ھن ڳوٺ وارن کي لکي موڪليو ته ويھه ھزار مڻ اناج ٽن ھزارن ڏاندن تي ڍوئي پھچائي ڏين. ھندستان جا ماڻھو ڏاندن تي بار ڍوئيندا آھن ۽ سفر جو سامان به انهن تي ئي لڏيندا آھن. گڏهه تي سواري ڪرڻ عيب سمجھندا آھن. ھن ملڪ ۾ گڏهه ننڍي قد جا ٿيندا آھن ڪنهن به ماڻھوءَ کي جيڪڏھن خوار ڪرڻنو ھوندو اٿن ته ان کي موچڙا ھڻي گڏهه تي چاڙھي گھمائيندا آھن.

    ڪن دوستن جي مون سان مھرباني ڪرڻ
    سيد ناصرالدين اوھري جڏھن سفر تي ويو ھو تڏھن مون وٽ ٻه سو سٺ تنڪهه امانت طور ڇڏي ويو ھو، جيڪي مون خرچ ڪري ڇڏيا ھئا. مان جڏھن امروهه کان واپس آيس تڏھن خبر پيم ته ناصرالدين ان رقم وٺن لاءِ خداوند زادي قوام الدين کي چئي ڇڏيو آھي، جيڪو وزير جو نائب ٿي آيو ھو، مون کي ائين چوندي شرم ٿي آيو ته مان اھا رقم خرچ ڪري ڇڏي آھي، تنهن ڪري ان رقم جو ٽيون حصو ته مون ھن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ڪجھه ڏينهن گھر کان ٻاھر ڪو نه نڪتس ۽ جلد ئي مشھور ٿي ويو ته مان بيمار ٿي پيو آھيان.
    ناصرالدين خوار زمي صدر جھان مون سان ملاقات لاءِ آيو ۽ مون کي ڏسي چيائين ته ”تون بيمار ته ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچين“ مون جواب ڏنس ته ”باطني بيماري اٿم“. پڇيائين ته ”ڪھڙي؟“ تنهن تي مون چيومانس ته ”پنهنجي نائب شيخ السلام کي مون ڏانهن موڪلجو ته ان کي ٻڌائيدس“ . جڏھن ھو مون وٽ آيو تڏھن مون کيس سڄو ھال کولي ٻڌايو. پوءِ ھن (صدر جھان) مون ڏانهن ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنا، ھن جا ھڪ ھزار دينار اڳ ۾ به مون تي قرض ھئا. جڏھن خداوند زادي مون کان باقي رقم جي گھر ڪئي، تڏ٠ھن سوچيم ته صدر جھان شاھوڪار ماڻھو آھي، اھو ئي ھن موقعي تي منهنجي مدد ڪري سگھندو، سو مون ھن ڏانهن زين سوڌو گھوڙو، جنهن جي قيمت سورنهن سئو دينار ھئي، ٻه خچر جن جي قيمت ٻارنهن سئو دينار ھئي، ھڪ چانديءَ جو ترڪش ۽ ٻه تلوارن جن جي ميانن تي چاندي چڙھيل ھئي، موڪلي ڏنا ۽ چوائي موڪليومانس ته ھنن جي قيمت ڪٿي، جيڪا رقم ٿئي سا موڪلي ڏئي. ھن ڇا ڪيو جو ڪل ٽي ھزار دينار قيمت ٺھرائي، پنهنجا مون تي جيڪي ٻه ھزار دينار قرض ھئا سي ڪاٽي، باقي ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنائين.
    ھي (رنگ) ڏسي، مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ انهيءَ ڳڻتي سبب مون کي بخار چڙھي ويو ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن وزير سان ٿو اھا شڪايت ڪريان ته پاڻ ڳالھه وڌيڪ کلندي، تنهن ڪري کڻي چپ ڪيم. پوءِ پنج گھوڙا، ٻه ٻانهيون ۽ ٻه غلام مغيث الدين محمد بن عماد الدين سمنانيءَ ڏانهن موڪلي ڏنم. جنهن جوان اھي مون ڏانهن واپس موڪلي ڏنا ۽ ٻه سئو تنڪه به مون کي موڪلي. مون تي وڏي مھرباني ڪيائين ۽ مون اھا رقم خداوند زادي کي ادا ڪري پنهنجي جند آزاد ڪرائي.

    بادشاھه جو منزل ڏانهن وڃڻ
    جڏھن بادشاھه معبر جي ملڪ ڏانهن وڃي رھيو ھو ۽ تلنگانه جي ملڪ مان ٿي لنگھيو، ته اتي اچي لشڪر ۾ وبا پيئي، جنهن ڪري بادشاھه دولت آباد موٽي آيو ۽ اتان وري گنگا نديءَ جي ڪناري تي اچي ترسيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين ته اتي پنهنجا گھر ٺاھين. مان به انهن ڏينهن اتي ويس ۽ انهيءَ وقت ۾ عين الملڪ جي بغاوت جو واقعو ٿيو ھو. مان بادشاھه جي خدمت ۾ رھيس. بادشاھه پنهنجي خاص گھوڙن مان مون کي ھڪ گھوڙو عطا ڪيو ۽ پنهنجي خاص ماڻھن ۾ شامل ڪرڻ فرمايو. پوءِ بادشاھه سان عين الملڪ جي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ گنگا ندي پار ڪيم. ان کان سواءِ سرو ندي پار ڪري صالح البطل سالار مسعود جي قبر جي زيارت لاءِ ويس ۽ بادشاھه جڏھن دارالخلافه دھليءَ کان ٿي موٽيو ته مان ان سان گڏ ھوس.

    بادشاھه جي ناراضگي ۽ خدا جي فضل سان منهنجي جند آزاد ٿيڻ:
    ھڪ دفعي مان شيخ شھاب الدين ابن شيخ جام سان ملاقات لاءِ سندس غار ۾، جيڪو دھليءَ کان ٻاھر ھو، ويو ھوس. منهنجو مطلب فقط غار کي ڏسڻ جو ھو. پوءِ جڏھن بادشاھه ھن کي گرفتار ڪيو ۽ ھن جي پٽن کان پڇيائين ته توھان جي پيءُ سان ڪير ڪير ملڻ ايندا ھئا، ته ھنن ٻين سان گڏ منهنجو نالو به کنيو. بادشاھه يڪدم حڪم ڏنو ته منهنجي ديوان خاني تي چئن غلامن جو پھرو لڳايو وڃي، جڏھن به ائين ٿيندو آھي، تڏھن ان ماڻھوءَ جو، جنهن تي پھريو لڳايو ويندو آھي، بچڻ مشڪل ٿيندو آھي. مون تي جمعي جي ڏينهن کان پھرو بيھي ويو. مون” حسبنا الله و نعم الوڪيل“ پڙھڻ شروع ڪيو ۽ انهي ڏينهن مون ٽيٽيھه ھزار ڀيرا اھو پڙھيو، رات جو به ديوان خاني ۾ ئي رھندو ھوس ۽ پنجن ڏينهن جو ھڪ روزو رکيم ۽ ھر روز ڪلام پاڪ پورو ڪندو ھوس، اتي مان پاڻيءَ سان روزو کوليندو ھوس ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ روزو کولي وري چئن ڏينهن کان پوءِ روزو کولي وري چئن ڏينهن جو روزو رکيم. آخر شيخ جي قتل کان پوءِ مون کي آزادي ملي، والحمد الله تعاليٰ .

    منهنجو نوڪري ڇڏي تارڪ الدينا ٿيڻ
    پوءِ منهنجي دل نوڪريءَ مان کٽي ٿي پيئي، تنهن ڪي وڃي شيخ امام عالم عابد زاھد خاشع فريد الدھر و جيداعصر شيخ ڪمال الدين عبدالله غازيءَ جي خدمت ۾ رھيس. ھيءَ بزرگ وڏو ولي الله شخص ھو، جنهن جون ڪرامتون مشھور ھيون، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. مان دنيا ترڪ ڪري، پنهنجو سڀ مال فقيرن ۽ مسڪينن ۾ ورھائي ڏيئي، شيخ وٽ ھليو ويس. شيخ ڏھن ڏينهن جو روزو رکندو ھو ۽ ڪڏھن ته ويھن ڏينهن جا روزا به رکندو ھو. منهنجي دل به چاھيو ته مان به ائين ڪريان، پر شيخ منع ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته عبادت ۾ پنهنجي نفس تي سختي نه ڪر ۽ دل سان توبهه تائب ٿيڻ واري لاءِ سفر ڪرڻ وقت پيادي ھلڻ جي ڪا ضرورت نه آھي. مون وٽ اڃا به ڪجھه مال ھو، جنهن ڪري منهنجي دل ۾ اڃا کٽڪو رھندو ھو، تنهن ڪري جيڪي به مون وٽ ھو سو ڏيئي ڇڏيم، رڳو جان جا ڪپڙا به ھڪ گداگر کي ڏيئي، سندس ڪپڙا وٺي پاڻ پاتم، ۽ پنجن مھينن تائين ھن شيخ وٽ رھيس. انهن ڏينهن بادشاھه سنڌ جي ملڪ ۾ ويل ھو.

    بادشاھه جو مون کي واپس نوڪريءَ لاءِ سڏڻ ۽ منهنجو انڪارڪري عبادت ۾ جھد ڪرڻ:
    جڏھن بادشاھ کي خبر پھتي ته مان تارڪ الدنيا ٿي ويو آھيان، تڏھن مون کي پاڻ وٽ گھرائي ورتائين، ان وقت بادشاھ سيوستان ( سيوڻ ) ۾ ھو. مان فقيرن جي ڪپڙن ۾ بادشاھ جي سامھون حاضر ٿيس. مون سان بادشاھ تمام نرميءَ سان ٿي ڳالھايو ۽ وري سندس نوڪري ڪرڻ لاءِ مون کي زور ڪرڻ لڳو. پر مون صاف انڪار ڪيو ۽ کائنس حجاز جي سفر لاءِ اجازت گھريم، جيڪا ھن منظور ڪئي. پوءِ مان بادشاھ وٽان واپس ھليو آيس، ۽ ھڪ خانقاھه ۾ جيڪا ملڪ شير جي نالي سان منسوب ھئي، ترسي پيس، ھي جمادالثانيءَ جو آخري تاريخون ۽ سنه ٧٤٢ ھجري ھو. مان رجب وارو سڄو مھينو ۽ شعبان جي ڏھين تاريخ تائين اتي عبادت ڪندو رھيس. ھت مون پنجن پنجن ڏينهن جو روزو رکڻ شروع ڪيو ۽ پنجين ڏينهن ٿورا چانور بنا ٻوڙ جي کائيندو ھوس، جنهن ڪري پيٽ تي بار ٿي پوندو ھوم، ۽ جيستائين الٽي نه ڪندو ھوس، تيستائين آرام ڪين ايندو ھوم، اھڙيءَ طرح سان چاليھه ڏينهن پورا ڪيم.

    بادشاھه جو مون تي راضي ٿيڻ ۽ مون کي چين جو سفير ڪري موڪلڻ:
    جڏھن چاليھه ڏينهن پورا ٿيا، تڏھن بادشاھ مون ڏانهن ھڪ زين گھوڙو، ٻانهيون، غلام، خرچ ۽ ڪپڙا موڪلي ڏنا، پوءِ مون اھي ڪپڙا پھريا. مون وٽ ھڪ سوٽي نيري رنگ جو استر پيل جبو ھو، جيڪو مان عبادت جي وقت پھريندو ھوس؛ سو لاھي جڏھن شاھي ڪپڙا ڍڪيم تڏھن پاڻ کي سڃاڻي ئي نه پيو سگھان ۽ جڏھن ھن جبي ڏانهن پيو ڏسان ته پنهنجي اندر ۾ نور پيو ڏسان.
    اھو جبو مون وٽ ان وقت تائين رھيو، جنهن وقت سمنڊ ۾ ھندن اسان کي ڦريو ۽ ڪپڙا به لاھي ھليا ويا. جڏھن مان بادشاھه وٽ پھتس تڏھن ھن منهنجي اڳي کان به وڌيڪ عزت افزائي ڪئي ۽ فرمائين ته مان توکي چين جي بادشاھه وٽ پنهنجو سفير ڪري ٿو موڪليان، ڇو ته مون کي خبر آھي ته توکي سفر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو تمام گھڻو شوق آھي. پوءِ بادشاھه منهنجي سفر جو سامان تيار ڪرايو ۽ مون سان گڏ ھلڻ لاءِ ماڻھو مقرر ڪيائين، جن جو مان پوءِ بيان ڪندس.

    چين جي بادشاھه ڏانهن تحفا موڪلڻ
    چين جي بادشاھه، ھڪ سئو غلام ۽ ٻانهيون، پنج سئو ٿان ڪمخواب جا، جن مان ھڪ سئو ٿان زيتون جي شھر جا ٺھيل ۽ ھڪ سئو ٿان خنسان جي شھر جا ھئا، پنج مڻ مشڪ، پنج وڳا ڪپڙن جا جن تي جواھر لڳل ھئا، پنج طلاڪار ترڪش، ۽ پنج تلوارون بادشاھه ڏانهن، موڪلي ھيون، ۽ اھو به لکي موڪليو ھئائين ته کيس قراجيل جبل ۾ ھڪ جڳھه تي، جنهن کي سمھل چوندا ھئا، بتخاني ٺھرائڻ جي وري اجازت ڏني وڃي. اتي چين جا ماڻھو ياترا لاءِ ايندا آھن، ۽ جڏھن اتي اسلامي لشڪر حملو ڪيو ھو، تڏھن ان شھر جي بتخاني کي ڀڃي ڀوري تباھ ڪري ڇڏيو ھئائون.
    ھينئر، جو بادشاھ چين اجازت لاءِ لکيو تنهن جي جواب ۾ بادشاھ جواب موڪليس ته اسلامي ملڪ ۾ سواءِ ان ماڻھوءَ جي جيڪو جزيھ ڀرڻ قبول ڪري، ٻئي ڪنهن کي به بتخاني ٺاھڻ جي اجازت نٿي ملي سگھي، جيڪڏھن بادشاھه چين جزيھ ڏيڻ قبول ڪري ته پوءِ اجازت ٿي سگھي ٿي، ان سان گڏ بادشاھه، جيڪي تحفا ھن ڏانهن موڪليا، سي ھن جي تحفن کان تمام گھڻاھئا، جي ھئا: ھڪ سئو ھندو غلام ۽ ھڪ سئو ٻانهيون، جيڪي راڳ ۽ ناچ ڄاڻينديون ھيون، ھڪ سئو بيرميھ ڪپڙي جا ٿان، جيڪي ڪپھھ مان تيار ڪيل ھئا ۽ بينظير ھئا جو ھڪ ھڪ ٿان جي قيمت سئو، سئو دينار آھي، ھڪ سئو ٿان ريشمي ڪپڙي جا، جنهن کي جز ڪري چوندا آھن، ۽ پنجن رنگن جو ريشم انهن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، ھڪ سئو چار ٿان صلاحيھ ڪپڙي جا، ھڪ سئو ٿان شبيرين باف جا، پنج سئو ٿان مرغر ڪپڙي جا، جن مان ھڪ سئو ٿان ڪاري رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سفيد رنگ جا، ھڪ سئو ٿان ڳاڙھي رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سائي رنگ جا، ۽ ھڪ سئو ٿان نيري رنگ جا ھئا، ھڪ سئو ٿان ڪتاني رومي جا، ھڪ سئو صدربون نهايت قيمتي ڪپڙي جون، ھڪ وڏو تنبو ۽ ڇھه ننڍا تنبو، چار شمعدان سون جا، ۽ ڇھه شمعدان چانديءَ جا، ۽ چار طشتريون سون جون، اھڙي قسم جي ڪونئر سميت، ڇھه طشتريون چانديءِ جون، ڏهه بادشاھه جي لباس مان خلعتون جن تي زريءَ جو ڪم ٿيل ھو، ڏهه بادشاھه جي پھرڻ جون شاشيھ ٽوپيون جن مان ھڪ تي جواھر لڳل ھئا، ڏهه طلاڪار ترڪش جن مان ھڪ تي جواھر ات جو ڪم ٿيل ھو، ڏهه تلوارون جن مان ھڪ جي مياڻ تي جواھر لڳل ھئا، دست بان (دستانه)جن تي جواھر لڳل ھئا ۽ پندرنهن نوجوان غلام.
    بادشاھه اھي سب تحفا مون سان گڏ روانا ڪيا ۽ امير ظھيرالدين زنجانيءَ کي مون سان گڏ سفر تي ھلڻ جو حڪم ڪيائين. ھيءُ شخص ھڪ وڏو عالم ۽ فاضل ھوندو ھو. ھن ھڪ جوان ڪافور شربدار نالي جي نگرانيءَ ۾ اھي تحفا روانا ڪيا ۽ اسان کي سمنڊ تائين پھچائڻ لاءِ اسان سان گڏ امير محمد ھرويءَ کي ھڪ ھزار سوارن سان موڪليائين. ازانسواءِ بادشاھه چين جي سفارت جا پندرھن ماڻھو ھئا ۽ سندس وڏي عملدار (سفير) جو نالو ”ترسي“ ھو ۽ ھن سان گڏ ھڪ وڏي جماعت ٿي پيئي. بادشاھه جو حڪم ھو ته سفر ۾ سڄي رستي تي اسان جي ضيافت جو انتظام ملڪ جي طرفان ڪيو وڃي.
    اسان سنه ٧٤٣ ھجري ۾ سفر مھيني جي سترھين تاريخ روانا ٿياسين، ھن ملڪ ۾ گھڻو ڪري مھيني جي ٻي، ستين، ٻارھين، سترھين، ٻاويھين يا ستاويھين تاريخ تي سفر ڪندا آھن، اسان پھريائين ھڪ جاءِ تلپٽ(1) نالي تي منزل ڪئي. ھي شھر داراخلافه دھليءَ کان ٻه يا ٽي فرسخ پري آھي. اتان ھلي وري شھر آؤ(2) ۾ منزل ڪئيسين.
    ھتان ھلي شھر ھيلو(3) ۾ منزل ڪري اتان روانا ٿي. اچي بيانا(1) ۾ منزل انداز ٿياسين.ھي شھر(بيانا) تمام وڏو ۽ سھڻو شھر آھي. ھن جي بازار ڏاڍي رونق واري آھي ۽ جامع مسجد به بي مثال ٺھيل اٿس، جنهن جون ديواريون ۽ ڇتيون پٿر جون ٺھيل آھن.
    ھتي جو حاڪم بادشاھه جي دايي جو پٽ مظفر نالي آھي، ھن کان اڳي ھتي جو حاڪم ملڪ مجيد ابن ابي الرجاءِ ھو، جيڪو وڏن اميرن مان ھڪ ھوندو ھو، جنهن جو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آھيان ته ھو پاڻ کي قريشي سڏائيندو ھو، پر اول درجي جو بي رحم ۽ ظالم ھوندو ھو. ھن شھر جي ڪيترن ماڻھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ھو ۽ گھڻن ئي ماڻھن جا ھٿ پير ڪپائي ڇڏيا ھئائين.
    مون ھن شھر ۾ ھڪ ماڻھو ڏٺو جيڪو ڏاڍو سھڻو ٿي لڳو ۽ پنهنجي گھر جي ڏيڍيءَ ۾ ويٺو ھو، پر سندس ھٿ ۽ پير ڪپيل ھئا. ھڪ دفعي بادشاھه ھن شھر وٽان اچي لنگھيو ھو ته ھتي جي پاشندن ملڪ مجيد جي اچي شڪايت ڪئي. بادشاھه يڪدم ھن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ ھن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجھائي ڇڏيائين. پوءِ ھو ديوان (ڪورٽ ) ۾ قاضيءَ جي سامھون اچي ويٺو، ۽ شھر جا ماڻھو اچي سندس ظلم ۽ جبر، جيڪي ھن ماڻھن سان ڪيا ھئا، سي ھڪ ھڪ ڪري لکائيندا ويا، بادشاھه تنهن تي حڪم ڪيس ته انهن سڀني کي راضي ڪر. جڏھن ھن پنهنجو سمورو مال ڏيئي، ماڻھن کي راضي ڪيو، تڏھن بادشاھه کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
    شھر جي وڏن عالمن مان ھڪ عالم امام غزالدين زبيري ھو ۽ زبير بن التوام رضه صحابيءَ جي اولاد مان ھو، ھن سان منهنجي ملاقات گواليار ۾ ملڪ عزالدين بنتاني عرف باعظم ملڪ وٽ ٿي ھئي.
    پوءِ اسان بيانا مان ڪوچ ڪري اچي شھر ڪول ۾ لٿاسين. ھيءُ ھڪ سھڻو شھر آھي ۽ منجھس باغ تمام گھڻا آھن. جن ۾ انبن جا وڻ زيادھ آھن. اسان ٻاھر ھڪ ميدان تي اچي ترسياسين، جتي مون شيخ صالح عابد شمس الدين، جو تاج العارفين جي لقب سان مشھور ھو، ان کان پوءِ بادشاھه ھن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو، جتي ھن وفات ڪئي ھئي، اھو سڄو قصو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان.

    ڪول جي ڀرسان اسان جي ڪافرن سان لڙائي
    جڏھن اسين ڪول(1) جي شھر ۾ پھتاسين تڏھن خبر آئي ته ھندن جلالي(٢) جي شھر کي اچي گھيرو ڪيو آھي. ھي شھر ڪول کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ھو. پوءِ اسان اوڏانهن وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو. ان شھر جا باشندا ھندن سان لڙي رھيا ھئا، ۽ ھندو ھنن کي قتل ڪري انهن جي شھر کي ڦري برباد ڪري ڇڏين ھا. پر ھنن کي اسان جي اچڻ جي خبر نه ھئي، اسان ھنن تي وڃي حملو ڪيو. ھو ڪل ھڪ ھزار سوار ۽ ٽي ھزار پيادا ھئا.جي سڀ اسان جي ھٿان مارجي ويا، ۽ اسان ھنن جي گھرن ۽ ھٿيارن تي وڃي قبضو ڪيو، اسان جا ٽيٽيھه سوار ۽ پنجاھه پيادا مارجي ويا ۽ ڪافور ساقي يعني شربدار، جنهن جي نگرانيءَ ھيٺ چين جا تحفا ھئا، به ھن لڙائيءَ ۾ شھيد ٿي ويو. اسان ھن جي شھادت جي خبر بادشاھه کي ڏياري موڪلي ۽ جواب جي انتظار ۾ انهيءَ شھر ۾ ترسي پياسين. ھندو جبلن مان نڪري اچي جلالي شھر تي حملا ڪندا ھئا، تنهن ڪري اسان جو امير ھر روز اسان کي انهن جي مقابلي لاءِ وٺي ويندو ھو.


    ________________________________________
    (1) ھندستان ۾ ھيءُ شھر مراد آباد جي ضلعي ۾ آھي ۽ مراد آباد کان ٣٣ ميل ڏکڻ اولهه طرف آھي – مترجم
    (2) بجنور پڻ ھندستان ۾ ھڪ قديم شھر آھي- مترجم
    (1) تاپٽ:- ھي مٿرا واري رستي سان لڳ، دھليءَ جي ڀرسان ھڪ پراڻي ڳوٺ جو نالو آھي، ھت ھڪ سرڪاري اسڪول به آھي، تاريخن ۾ ھن ڳوٺ جو نالو ٿو اچي، ڇو ته دھليءَ ڏانهن ايندي، ھر مسافر کي ھتان ضرور لنگھڻو پوندو ھو، ھي شايد مھا ڀارت واري زماني جي پنجن پٽن اندر پٽ، تلپٽ، سوني پٽ، باغپٽ ۽ پاني پٽ، مان شايد ھڪ آھي،
    (2) آؤ:- ھي ھڪ پراڻو ڳوٺ مٿرا جي رستي تي آھي، جنهن جو ذڪر” آئينه اڪبري“ ۾ به آيل آھي – مترجم
    (3) ھيلو:- ھن جو پتو نه ٿو پوي ته ڪٿي آھي، پر ڪنهن زماني ۾ ضرور ھوندو، ۽ مٿرا جي رستي تي ئي ھوندو.- مترجم
    (1) بيانا:- ھي شھر دھليءَ کان ١٠٠ ميل پري ڏکڻ طرف آھي، ۽ ڀرتپور جي ڏکڻ اولهه طرف آھي، تمام قديمي شھر آھي. موجودھ حالت ۾ به چڱو آباد آھي، ۽ ڪافي آدمشاري اٿس. ھن وقت اھو شھر آگري ۽ بمبئي واري رستي تي ڀرتپور جي رياست ۾ آھي. مترجم
    (1) ۽ (٢) شھر ڪول ۽ جلالي:-جنهن صورت ۾ ابن بطوطه بيانا کان پوءِ ڪول جو بيان ڪيو آھي. تنهن مان شڪ ٿو پوي ته اھو شھر ضرور بيانا ٧ گواليار جي وچ تي ھوندو. پر ان ۾ به ڪجھه شڪ ڪونهي ته ڪول جو مطلب اھا ئي ڪوئل آھي، جنهن کي ھن وقت علي ڳڙھھ سڏيو ٿو وڃي، ڇو ته جلالي نالي ھڪ قديمي شھر اڃا تائين به علي ڳڙھھ جي اڀرندي طرف تمام ويجھو موجود آھي.- مترجم


    فصل چوٿون

    منهنجو مصيبت ۾ پوڻ ۽ ھڪ ولي الله جي مدد سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ:
    ھڪ ڏينهن مان پنهنجي ھڪ جماعت سان سوار ٿي ٻاھر ويس. اسان ھڪ باغ ۾ لنگھي وياسين. گرميءَ جي موسم ھئي. اسان اتي گوڙ ۽ شور جو آواز ٻڌي، ان جي ٽوھھ ۾ سوار ٿي، ھڪ ڳوٺ ڏانهن وياسين، جنهن تي ھندو ڪاھي آيا ھئا، اسان اچي انهن جي پٺيان پياسين. ھو ٽڙي پکڙي ويا. تنهن ڪري منهنجا ساٿي انهن جي پٺ وٺندي، جدا جدا طرفن ڏانهن ھليا ويا ۽ مون وٽ وڃي باقي پنج ماڻھو بچيا، اوچتو اوچتو ھڪ جھڳٽي مان، ڪجھه سوار ۽ پيادا نڪري ظاھر ٿيا، ۽ اچي اسان تي حملو ڪيائون، اسان تعداد ۾ ھنن کان ٿورا ھئاسين، تنهن ڪري وٺي ڀڳاسين.
    انهن مان ڏهه ڄڻا اسان جي پٺيان آيا، اسان باقي وڃي ٽي ماڻھو بچيا ھئاسين. زمين ھئي پٿريلي، تنهن ڪري ڪو به چارو نظر نٿي آيو. منهنجي گھوڙي جا اڳيان پير پٿرن ۾گھڙي ڦاسي پيا ھئا، تنهن ڪري ھيٺ لھي، مون ھن جا پير ڇڏايا ۽ وري ان تي سوار ٿيس، ان ملڪ ۾ ٻه تلوارون رکندا آھن، جن مان ھڪ زين ۾ لٽڪندي رھندي آھي، جنهن کي رڪابي ڪري چوندا آھن، ٻي ترڪش ۾ پيل ھوندي آھي. منهنجي رڪابي تلوار مياڻ مان نڪري ھيٺ ڪري پئي. ان جو مٺيو سونو ھو. مان ان کي کڻڻ لاءِ وري گھوڙي تان لٿس ۽ ان کي کڻي زين ۾ لڙڪائي سوار ٿي اڳتي وڌيس، دشمن به منهنجي پٺيان اچي رھيا ھئا. مان ھڪ خندق جي ڪپر تي اچي پھتس ۽ ان ۾ گھڙي ھنن جي نظر کان غائب ٿي ويس.
    انهيءَ خندق ۾ پاڻيءَ جو ھڪ رستو ھو، جنهن جي ٻنهي ڪپرن تي گھاٽا وڻ ھئا، جنهن جي وچان اھو رستو ٿي ھليو. مان به اھو رستو وٺي ھلندو رھيس پر خبر ڪا نه ھيم ته ڪٿي پھچندس. اوچتو چاليھارو کن ماڻھو نظر آيا، جن وٽ تير ھئا ۽ اچي مون کي گھيرو ڪيائون. مون سوچيو ته جيڪڏھن ڀڄندس، ته انهن مان ڪو تير ھڻي ماري نه وجھيم، ڇو ته ان وقت منهنجي بدن تي زرھ ڪان ھئي؛ تنهن ڪري زمين تي ليٽي پيس ۽ اشاري ۾ چيومان ته مان توھان جو قيدي آھيان. جڏھن ڪو ماڻھو ائين ئي ڪندو آھي ته ان کي ھي ماڻھو قتل نه ڪندا آھن. پوءِ انهن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ منهنجا ڪپڙا لاھي، باقي بدن تي فقط ھڪ جبو، پاجامو ۽ قميص ڇڏي ڏنائون.
    ھو مون کي ھڪ جھڳٽي ۾ وٺي ويا، جتي ھو ھڪ حوض جي ڪناري تي لٿل ھئا. اھو حوض وڻن جي وچ ۾ ھو. اتي پھچي ھنن مون کي ماش جي ماني کائڻ لاءِ ڏني، جيڪا کائي مون پاڻي پيتو. انهن سان گڏ ٻه مسلمان به ھئا، جن مون کان پارسيءَ ۾ پڇيو ته مان ڪير آھيان؟ مون ھنن کي پنهنجو حال ٻڌايو. پر اھو ڪو نه ٻڌايومان ته ڪو مان بادشاھه جو طرفدار آھيان. ھنن مون کي ٻڌايو ته اھي ماڻھو ضرور مون کي ماري ڇڏيندا ۽ ھڪ شخص ڏانهن اشارو ڪري چيائون ته ھي شخص ھنن جو سردار آھي. مون انهن ٻنهي مسلمانن جي معرفت ھن سان گفتگو ڪئي ۽ تمام نرمائيءَ سان خوشامد جون ڳالھيون ڪيونمانس.
    آخر ھن مون کي ٽن ماڻھن جي حوالي ڪيو، جن مان ھڪ پير مرد ھو ۽ ٻيو ان جو پٽ ھو. باقي ٽيون ھڪ ڪارو خبيث پئي لڳو، جنهن ھنن سان ڪجھه ڳالھايو، جو مان سمجھي نه سگھيس، پر ھن ھنن کي منهنجي مارڻ جو حڪم ڏنو ھو. پوءِ ھو مون کي ھڪ غار ڏانهن وٺي ويا، جتي ھن ڪاري ماڻھوءَ تي خدا ڏڪڻيءَ وارو بخار نازل ڪيو ۽ ھن پنهنجا ٻئي پير کڻي منهنجي مٿان رکيا. ھو پيرمرد ۽ سندس پٽ به ننڊ ۾ غافل ٿي ويا.
    جڏھن صبح ٿيو تڏھن پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۽ اشاري سان مون کي چيائون ته حوض ڏانهن ھل. مان سمجھي ويس ته ھو مون کي اتي قتل ڪرڻ ٿا گھرن، تنهن ڪري مون ھن پيرمرد کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ خوشامد ڪئيمانس، ھن کي به مون تي رحم اچي ويو. مون ڇا ڪيو جو پنهنجي قميص جون ٻيئي ٻانهون ڦاري کڻي ھن کي ڏنيم، ته جيئن ھو پنهنجي ساٿين کي ڏيکاري چئي سگھي ته قيدي زبردستيءَ ڀڄي ويو آھي.
    ظھر جو وقت ٿيو ته حوض تي اسان ڪن ماڻھن جي ڳالھائڻ جو آواز ٻڌو. پير مرد سمجھي ويو ته سندس ساٿي اچي ويا آھن، سو مون کي اشارو ڪيائين ته مون سان ھليو آءُ. جڏھن اسان حوض تي آياسين تڏھن اتي ڪيترن ئي ماڻھن کي موجود ڏٺوسين. انهن پيرمرد کي چيو ته اسان سان گڏجي ھل. پر پير مرد ۽ ان جي ساٿين، ھنن سان وڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ ٽيئي ڄڻا منهنجي سامھون ويھي رھيا. پوءِ ھنن قنب جي ھڪ رسي، جا ھنن جي ھٿ ۾ ھئي، کڻي زمين تي رکي، مان ھنن کي ڏسي رھيو ھوس ۽ دل ۾ پئي چيم ته شايد انهيءَ ئي رسيءَ سان مون کي لڙڪائي ماريندا. پوءِ انهن مان ٽي ماڻھو، جن مون کي گرفتار ڪيو ھو، ھن وٽ آيا ۽ مون اندازو لڳايو ته ھنن کانئن پڇيو ته توھان ھن شخص(مون) کي ڇو اڃا تائين ڪين ماريو آھي؟ تڏھن پيرمرد ھن ڪاري ماڻھوءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌاين ته ھي بيمار ٿي پيو ھو، تنهن ڪري اڃا تائين ھن کي نه ماريو اٿئون. انهن ٽن ماڻھن مان ھڪ نوجوان شڪل ۾ سھڻو ٿي لڳو، تنهن مون ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”تون چاھين ته مان توکي ڇڏي ڏيان“ مون چيو ته توھان جي وڏي نوازش ٿيندي. ھن مون کي چيو ته ھليو وڃ! مون ھن کي پنهنجو جبو، جيڪو مون کي ڍڪيل ھو، لاھي ڏنو ۽ ھن وري مون کي ڪا شيءِ جيڪا ھن وٽ ھئي، ڏني. ھن مون کي اھو به ٻڌايو ته ھو رستو اٿئي، ان رستي تان ھليو وڃ.
    مان اٿي ھليس ۽ ڊڄندو پئي ويس ته مٿان ڪي ٻيا ماڻھو نه مون کي ڏسي وٺن. آخر اچي ھڪ بانس جي جھنگل ۾ داخل ٿيس، جتي سج لھڻ تائين لڪو رھيس، ان کان پوءِ اتان نڪري اچي، اھو رستو ورتم، جيڪو ھن نوجوان مون کي ڏسيو ھو ۽ اچي ھڪ پاڻيءَ تي ھتس، جتان پاڻي پي وري اٿي ھليس، ۽ رات جو ٽيون حصو گذاري، اچي ھڪ جبل تي پھتس، مان اتي سمھي پيس. صبح ٿيڻ سان وري اٿي پنڌ پيس، ٻير جا وڻ ھئا، اتي مون ٻير کاڌا پر منهنجا پير ڪنڊن ھڻي زخمي ڪري ڇڏيا، جنهن جا نشان اڃا تائين بيٺا اٿم.
    پوءِ مان ان ٽڪريءَ تان لھي، ھڪ گاھه واريءَ زمين ۾ داخل ٿيس، اتي ھيرڻ جا وڻ ھئا ۽ ويجھو ھڪ بائين(ٻانهين؟) ھئي. بائين ھڪ وڏي کوھه کي چوندا آھن، جنهن ھيٺ لھڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل ھوندي آھي. ان ڏاڪڻ جا ڪي ڏاڪا پاڻيءَ جي اندر ٿيندا آھن. انهن جي چئني پاسن کان قبا، ڇتين وارا گھر ۽ ويھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. ھن ملڪ جا امير ماڻھو، اھڙي قسم جون جايون ۽ کوھه ٺھرائڻ ۾ پنهنجو فخر سمجھندا آھن. ھي کوھه گھڻو ڪري اھڙن ملڪن ۾ ھوندا آھن، جتي پاڻي ناياب ھوندو آھي.
    جڏھن مان پاڻيءَ تي پھتس، تڏھن مون پاڻي پيتو، اتي سرنهن جا پن ۽ ٽاريون پيون ھيون ۽ ائين ئي معلوم ٿيو، ڄڻ اتي ڪنهن ويھي سرنهن ڌوتي آھي. مون انهن مان ڪجھه کاڌو ۽ ڪجھه پاڻ وٽ ٻڌي رکي ڇڏيم ۽ ھيرڻ جي وڻ ھيٺان وڃي سمھي رھيس، ايتري ۾ چاليھه سوار اچي، انهي بائينءَ تي لٿا، جيڪي سڀ زره پوش ھئا، انهن مان ڪي ته پوک ڏانهن به آيا، پر خدا تعاليٰ ھنن کي انڌو ڪري ڇڏيو، جو ڪنهن به مون کي ڪو نه ڏٺو، ان کان پوءِ ٻيا پنجاھه ماڻھو بائين تي اچي لٿا، جن مان ھڪ ته مون واري وڻ جي بلڪل سامھون اچي لٿو، پر ھن به مون کي ڪو نه ڏٺو. مان گاھه واري زمين ۾ گھڙي پيس ۽ شام تائين اتي لڪو رھيس.
    اھي ماڻھو بائين تي لٿا پيا ھئا ۽ ان ۾ گھڙي، ڪپڙا ڌوئندا، وھنجندا، رانديون رونديون ڪندا رھيا. رات پوڻ تي ھنن جو آواز اچڻ بند ٿي ويو، تنهن مان مون سمجھيو ته ھو ھليا ويا يا ننڊ ۾ پئجي ويا ھئا. ان وقت مان ٻاھر آيس ۽ گھوڙن جي تلاش ۾ نڪري پيس. چانڊوڪي رات ھئي، مان ھلندي ھلندي ھڪڙيءَ ٻيءَ بائينءَ وٽ، جنهن تي ھڪ قبو ٺھيل ھو، اچي پھتس، پوءِ مان اتي ترسي پيس ۽ پاڻي پيتم ۽ سرنهن جا پن، جيڪي مون وٽ ھئا، سي کائي، انهيءَ قبي ۾ ھليو ويس، اتي گاھه جو ڍير لڳو پيو ھو، جيڪو شايد پکين آڻي اتي گڏ ڪيو ھو، مان به ان تي سمھي پيس. رات جي ڪنهن حصي ۾ ا ئين ئي محسوس ڪيم ته ڪو ساھوارو انهيءَ گاھه ۾ سري رھيو ھو، شايد نانگ ھو، پر مون کي ٿڪ ايترو ته گھڻو ھو، جو ان جي ڪا به پرواهه ڪا نه ڪيم ۽ آخر اچي صبح ٿيو.
    مان به ھڪ ڪشادي رستي تان اٿي ھليس، ٿورو اڳتي وڌيس ته ھڪ ويران ڳوٺ آيو. پوءِ مان ٻئي ڳوٺ ڏانهن ھليس، اھو به سنسان لڳو پيو ھو. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن گذري ويم، ھڪ ڏينهن مان ھڪ وڻن جي جھڳٽي ڏانهن ويس، جنهن جي وچ تي ھڪ پاڻيءَ جو حوض ھو، جنهن ۾ اندر ھڪ گھر ٺھيل ھو ۽ سندس پاسن کان کجيءَ جا وڻ ھئا. مون ارادو ڪيو ته اتي ويھي رھان ته من ڪو خدا ڪنهن انسان کي ھتي موڪلي، جنهن کان آباديءَ جو رستو پڇي سگھان.
    منهنجي بدن ۾ ڪجھه طاقت اچي ويئي ھئي، تنهن ڪري وري اٿي پنڌ پيس، رستي تي مون کي ڏاندن جي کرن جا نشان ڏسڻ ۾ آيا ۽ ھڪ ڏاند به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي مٿان ھڪ ڪمبل ۽ لوھه جو ڪو اوزار رکيل ھو، ڇاڪاڻ ته اھو رستو ڪافرن جي علائقي ڏانهن ٿي ويو. تنهن ڪري مون وري ٻيو رستو ورتو ۽ ھڪ ويران ڳوٺ ۾ اچي نڪتس، اتي مون ٻه ڪاري رنگ جا بلڪل اگھاڙا ماڻھو ڏٺا، مان ڊڄي ويس ۽ ھڪ وڻ جي ھيٺان وڃي ويھي رھيس.
    جڏھن رات ٿي تڏھن انهيءَ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس، جتي ھڪ ويران جاءِ ۾ ھڪ مٽيءَ جي وڏي گندي ڏٺيم، جيڪا اناج ڀرڻ جي ڪم ايندي آھي، ان جي ھيٺان ھڪ ايترو ته ويڪرو سوراخ ھو، جنهن مان ھڪ ماڻھو آساني سان اندر لنهگي وڃي، مان ان ۾ اندر گھڙي ويس. ان جي فرش تي مٽيءَ جو ليپو ڏنل ھو ۽ ھڪ پٿر به اتي پيو ھو، جنهن کي سيراندي ڪري اتي سمھي رھيس. ان جي مٿان سڄي رات ڪنهن پکيءَ جي ڦڙ ڦڙاھٽ جو آواز پئي آيو ۽ ائين ئي ڀانيم ته ھو مون کان ڊڄي رھيو ھو، ھيڏانهن وري مان ھن کان ڊڄي رھيو ھوس.
    ان ڏينهن مون کي پورا ست ڏينهن گذري ويا ھئا ۽ اھو ڇنڇر جو ڏينهن ھو. ستين ڏينهن، مان ھندن جي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتس، اتي پاڻيءَ جو ھڪ حوض ھو ۽ ڪجھه ساوڪ به نظر پئي آئي. مون اتان جي ماڻھن کان کائڻ لاءِ ڪجھه گھريو، پر ھنن مون کي ڪجھه به نه ڏنو. اتي کوھه جي ڀرسان، ھيڏانهن ھوڏانهن ڪجھه موريءَ جا پن پيل ڏٺم، جي کڻي کاڌم ۽ ڳوٺ ۾ گھڙي ويس. اتي ھندن جو ھڪ مجموعو ڏٺم جن ۾ ھڪ انهن جو سردار به ھو، ھن مون کان پڇيو ته تون ڪير آھين؟ مون ڪو به جواب ڪو نه ڏنومانس ۽ ھيٺ پٽ تي ويھي رھيس. انهن مان ھڪ تلوار ڪڍي مون ڏانهن وريو، ھن مون کي مارڻ لاءِ تلوار ڪڍي ھئي، پر مون ھن ڏانهن ڏٺو به ڪين، جو ته مان ڏاڍو ٿڪل ھوس.
    پوءِ ھن منهنجي تلاشي ورتي ۽ جڏھن مون وٽان ڪجھه به نه مليس، تڏھن مون ھن کي پنهنجي اھا قميص لاھي ڏني، جنهن جون ٻانهون مان ھن پير مرد کي ڏيئي آيو ھوس، ٻيو ڏينهن ٿيو ته مون کي اچي اڃ ستايو، پر مون کي پاڻي نه ملي سگھيو. پوءِ ھڪ ويران ڳوٺ ڏانهن ويس، پر اتي ڪو به پاڻي جو تلاءُ ڪو نه ھو، ھن ملڪ ۾ مينهن جو پاڻي، تلائن ۾ گڏ ڪري، اتان پيئندا رھندا آھن.
    پوءِ مان رستو وٺي، اٿي ھليس، ته ٿورو اڳيان ھڪ ڪچو کوھه ڏٺم، جنهن تي ھڪ کجيءَ جي رسي پيئي ھئي، پر ڏول ڪو نه ھوس. مون ان رسيءَ ۾ پنهنجو پٽڪو اٽڪائي، کوھه ۾ اندر ڪيو ۽ جيڪو پاڻي ان ۾ لڳو، سو چوسڻ لڳس، پر تنهن ھوندي به منهنجي اڃ ڪانه لٿي. پوءِ پنهنجو موزو لاھي، رسيءَ ۾ ٻڌي، ٻيو دفعو کوھه مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم، پر رسي ڇڄي پيئي ۽ موزو وڃي کوھه ۾ ڪريو، پوءِ مون ٻيو موزو ٻڌي، پاڻي ڪڍيو ۽ خوب پيٽ ڀري، پاڻي پيتم ان کان پوءِ انهيءَ موزي کي ڪپي، ان جو مٿيون حصو انهي رسيءَ ۽ ھڪڙي ليڙ جي وسيلي، پير تي ٻڌي ڇڏيم، مان اھو پير تي ٻڌي رھيو ھوس ته ھڪ ماڻھو نظر آيم. مون ان ڏانهن غور سان ڏٺو ته اھو ماڻھو ڪاري رنگ جو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ھڪ لٺ ۽ لوٽو ھو ۽ ڪلھي تي جھولي ھيس.
    ھن اچڻ سان مون کي اسلام عليڪم چيو، مون ان جو جواب وعليڪم السلام ورحمت الله و برڪاته ڏنومانس، پوءِ ھن مون کان پارسيءَ ۾ پڇيو”چھ کسي“ يعني ڪير آھين؟ مون جواب ڏنو ته مان رستو ڀلجي آيو آھيان. پوءِ ھن لوٽو، رسيءَ ۾، جيڪا ھن وٽ ھئي، ٻڌو ۽ پاڻي ڪڍيائين، مون ارادو ڪيو ته پاڻي پيئان پر ھن چيو ته ٿوڙو ترس ۽ پنهنجي جھوليءَ مان ڀڳڙا ۽ ڀڳل چانور ڪڍي، مون کي ڏنائين، جي مون کائي پاڻي پيتو، ھن وضو ڪري ٻه رڪعت نماز پڙھي. مون به وضو ڪري نماز پڙھي.
    پوءِ ھن مون کان منهنجو نالو پڇيو، مون چيو ته منهنجو نالو محمد آھي، پوءِ وري مون ھن جو نالو پڇيو، جنهن تي ھن پنهنجو نالو ”قلب قارخ“ ٻڌايو مون چيو ته فال ته نيڪ ٿي ڏسجي، ۽ اٿي پنڌ لاءِ سنبريس، ھن مون کي چيو ته مون سان گڏجي ھل، مون چيو ته چڱو، اڃان ھن سان ٿورو ئي اڳڀرو ويس ته منهنجا عضوا جواب ڏيڻ لڳا ۽ بيھڻ جي به ھمت نه رھيم، تنهنڪري ويھي رھيس. ھن پڇيو ته ڪھرو حال اٿئي؟ مون جواب ڏنو ته تنهنجي ملڻ کان اڳ مان ھلي ٿي سگھيس، پر ھاڻي ھليو نه ٿو ٿئيم، ھن چيو ته سبحان الله! اچي منهنجي ڪلھي تي چڙھي ويھه! مون چيو مانس ته تون خود ضعيف ماڻھو آھين ۽ مون کي ڪٿي ٿو کڻين سگھين ! پر ھن چيو ته تو کي ضرور چڙھڻو پوندو ۽ خدا پاڻھي مون کي طاقت بخشيندو.
    پوءِ مان ھن جي ڪلھي تي چڙھي ويٺس. ھن مون کي چيو ته حسبناالله و نعم الوڪيل پڙھندو ھل، مون اھو ذڪر شروع ڪيو ته مون کي ننڊ کڻي ويئي ۽ ان وقت اک کلي، جڏھن ھن مون کي زمين تي لاٿو. مان جاڳيس ته ھن ماڻھوءَ جو پتوئي نه پيو ته الاجي ڪيڏانهن ويو! ۽ مون پاڻ کي ھڪ آباد ڳوٺ جي پاسي ۾ ڏٺو. مان ان ڳوٺ ۾ لنگھي ويس، جنهن ۾ ھندو ھئا، پر اھي سڀ بادشاھه جي رعيت ھئا ۽ انهن جو حاڪم مسلمان ھو، ماڻھن وڃي ان کي خبر ڪئي، ته يڪدم ھو مون ڏانهن ھليو آيو، مون ھن کان پڇيو ته ھن ڳوٺ جو نالو ڇاآھي؟ ھن چيو ته تاج پور، ۽ ڪول ھتان به فرسخ پري آھي،
    پوءِ اھو حاڪم مون کي پنهنجي گھر وٺي ويو ۽ مون کي وھنجاري، گرم گرم کاڌو کارايائين ۽ چيائين ته مون وٽ ھڪ گھوڙو، ڪپڙا ۽ ھڪ پٽڪو آھي، جيڪو ھڪ مصري ماڻھو، مون وٽ ڪول واري ڪئمپ مان اچي، رکي ويو آھي، مون چيومانس ته کڻي اچ ته ڪئمپ ۾ پھچڻ تائين اھي پھريان جڏھن ھو کڻي آيو تڏھن معلوم ٿيو ته اھي منهنجا ئي ڪپڙا ھئا، جيڪي جڏھن مان ڪئمپ ۾ ھوس، تڏھن ان مصري ماڻھوءَ کي ڏنا ھئم.
    مون کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ اتي سوچڻ لڳس ته اھو ماڻھو، جيڪو مون کي ڪلھي تي چاڙھي آيو ھو، سو ڪير ھو؟ مون کي ڪجھه ياد آيو ته ولي الله ابو عبدالله مرشديءَ، جنهن جو پھرين سفر ۾ بيان ڪري آيو آھيان، مون کي ھن کان اڳ ۾ ٻڌايو ھو ته تون ھندستان ويندين، ته اتي توکي منهنجو ڀاءُ ملندو، جيڪو توکي ھڪ مصيبت مان ڇڏائيندو. ھينئر مون کي ياد آيو ته مون ھن جو نالو به پڇيو ھو ته ھن (ولي الله) سندس نالو”دلشاد“ ٻڌايو ھو ۽ ”قلب قارح“ جي به اھا ئي معنيٰ آھي. ھاڻي مون کي پڪ ٿي ته ھي اھو شخص ھو جنهن جي باري ۾ ھن (ابو عبدالله مرشدي) مون کي ٻڌايو ھو ۽ ھو ضرور ولي الله ھو. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ته مون کي سندس صحبت ڪرڻ جو وڌيڪ وقت نصيب ٿي نه سگھيو.
    مان ان ئي رات دوستن وٽ ھلي آيس ۽ اچي انهن کي پنهنجي سلامتيءَ سان موٽڻ جي خبر ٻڌايم. ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ منهنجو گھوڙو ۽ ڪپڙا آندائون. ان عرصي ۾ بادشاھه جو جواب به اچي ويو، جنهن ۾ ھڪ ٻئي جوان سنبل جامدار نالي کي ڪافور شھيد جي جاءِ تي موڪليو ويو ھو ۽ اسان لاءِ حڪم ھو ته اڳتي وڌي پنهنجو سفر جاري رکون. اھو به معلوم ٿيو ته ھنن منهنجي سڄي خبر بادشاھه کي لکي موڪلي ھئي، جنهن ۾ ڪافور جي مارجڻ ۽ منهنجي قيد ٿيڻ جي فال بد سمجھي بادشاھه کي منهنجي واپس گھرائڻ جي به درخواست ڪئي ھئائون.
    جڏھن بادشاھه سفر جاري رکڻ جي تاڪيد ڪري موڪليو، تڏھن مون به ان جي تائيد ڪري، پنهنجي ارادي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ھنن مون کي چيو ھو ته سفر جي شروعات ۾ ئي اسان سان اھڙيون مصيبتون پيش آيون آھن، سو يا اسان کي واپس وڃڻ گھرجي يا گھٽ ۾ گھٽ بادشاھه جي جواب تائين ته ترسڻ گھرجي، پر مون چيو مان ته ترسڻ مناسب نه آھي. رھيو جواب، سو اسان کي رستي ۾ ئي پھچي ويندو.
    پوءِ اسان ڪول مان ڪوچ ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن اچي برجپور ۾ منزل ڪئيسين. اتي ھڪ خانقاھه ھو، جنهن ۾ اسان ھڪ شيخ سان، جيڪو صورت ۽ سيرت ٻنهي م سٺو ھو ۽ سندس نالو” محمد عريان“ ھو، ملاقات ڪئي. ھي شيخ رڳو ھڪ گوڏ ٻڌندو ھو ۽ ٻيو سڄو بدن اگھاڙو رکندو ھو. ھو شيخ صالح ولي الله محمد عريان قاطن قرانه مصر جو شاگرد ھو.

    ان شيخ جي ڳالھه
    ھيءُ شيخ ھڪ وڏو ولي الله ۽ بزرگ ھوندو ھو ۽ مجرد(غيرشادي شدھ) رھندو ھو. ھو فقط ھڪ گوڏ ۾ گذاريندو ھو، جيڪا سندس دن کان وٺي پيرن تائين بدن جو حصو ڍڪيندي ھئي. چون ٿا ته عشاءِ جي نماز کان پوءِ ھن جي خانقاھه ۾ جيڪو به کاڌو يا ان پاڻي ھوندو ھو، سو ھو غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. رڳو ڏئي جي وٽ به ڦٽي ڪري ڇڏيندو ھو ۽ صبح جو توڪل تي ويٺل ھوندو ھو. ھن جي اھا به عادت ھوندي ھئي ته ھر صبح جو سوير ماني ۽ دال وڪڻڻ وارا خانقاھه ۾ اچي ويھي رھندا ھئا، پوءِ جيتري ضرورت ھوندي ھئي، شيخ انهن کان خريد ڪندو ھو ۽ کين چوندو ھو ته توھان اڃا ويٺا رھو، ته پھريائين ڪو به شخص، جو ڪجھه به تحفي طور آڻيندو، پوءِ ٿورو ھجي يا گھڻو، توھان کي ڏنو ويندو.
    ڳالھه مشھور آھي ته جڏھن بادشاھه قازان تاتاري، پنهنجي لشڪر سميت، شام جي ملڪ ۾ پھتو ۽ دمشق تي قبضو ڪيائين، پر قلعو اڃا ھٿ ڪري نه سگھيو ھو، تڏھن ملڪ ناصر ھن جي مقابلي لاءِ ٻاھر نڪتو. انهن جي لڙائي، دمشق کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي، ھڪ جاءِ تي، جنهن کي قشحب ڪري چوندا آھن، لڳي. ملڪ ناصر، ان وقت اڃا نوجوان ھو ۽ اڃا تائين ھن جو لڙائيءَ سان ڪو به واسطو ڪو نه پيو ھو. شيخ عريان به ھن سان گڏ ھو، تنهن ڇا ڪيو، جو ملڪ ناصر جي گھوڙي جي پيرن ۾ زنجير وجھي ڇڏيائين ته جيئن ھو ڀڄي نه سگھي، متان ھن جي ڀڄڻ سان مسلمانن جي لشڪر ۾ ڀاڄ نه پوي! پوءِ ڇاڪاڻ ته ملڪ ناصر پنهنجي جاءِ تي مضبوط بيٺو رھيو، تنهن ڪري تاتارين جي لشڪر کي سخت شڪست آئي ۽ انهن مان ڪيترا مارجي ويا ۽ باقي درياءَ ۾ ٻڏي مئا. ان کان پوءِ تاتارين ڪڏھن به اسلامي ملڪن تي ڪو نه ڪاھيو، ۽ مذڪوره شيخ محمد عريان مون کي ٻڌايو ته ھو ان شيخ جو شاگرد ھو ۽ ان لڙائيءَ م به موجود ھو پر عمر ۾ ان وقت ننڍو ھو.
    پوءِ اسان برج پور مان ڪوچ ڪري، اچي ھڪ پاڻيءَ جي ڍنڍ تي پھتاسين، جيڪا آب سياهه(ڪاري پاڻي) جي نالي سان ڏسبي آھي، ۽ اتان ھلي اچي قنوج جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو ۽ خوبصورت عمارتن وارو شھر آھي ۽ ھڪ مضبوط قلعو پڻ اٿس ھت کنڊ جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، جيڪا ھتان دھليءَ ڏانهن کڻي ويندا آھن. ھن جي شھر پناھه به تمام اوچي آھي. ھن شھر جو بيان اسان اڳي به ڪري آيا آھيون. ھن شھر ۾ شيخ معين الدين باخرزي به رھندو ھو، جنهن اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھن شھر جو حاڪم فيروز بدخشاني، بهرام گور، صاحب ڪسريٰ، جي اولاد مان آھي. ھت ڪيترائي صالح ۽ عالم، فاضل شخص، جيڪي حسن اخلاق جي ڪري مشھور آھن ۽ شرف جھان جو اولاد ڪري سڏيا ويندا آھن، رھندا آھن. ھنن جو ڏاڏو دولت آباد ۾ قاضي القضات ھوندو ھو، جيڪو ڏاڍو نيڪو ڪار ۽ سچار ھوندو ھو. ھتي ھندستان جي بادشاھي اچي ٿي ختم ٿئي.

    ھن قاضيءَ جي ڳالھه
    ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ دفعي ھو پنهنجي عھدي تان معزول ڪيو ويو. ھن جا دشمن تمام گھڻا ھوندا ھئا، انهن مان ھڪ ان قاضيءَ وٽ، جيڪو ھن جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو ھو، اچي دعويٰ ڪئي ته اڳئين قاضيءَ وٽ منهنجا ڏهه ھزار دينار آھن، پر منهنجو ڪو به شاھد وغيره ڪونهي. ھن جو مطلب ته قاضي قسم کڻي. نئين قاضيءَ ھن کي گھرايو. ھن سڏيندڙ کان پڇيو ته ھن شخص جي ڪھڙي دعويٰ آھي؟ تنهن تي ھن ٻڌايس ته ھي شخص توتي ڏهه ھزار دينار جي دعويٰ ٿو ڪري. پوءِ قاضيءَ يڪدم ڏهه ھزار دينار ڏياري موڪليا ته مدعيءَ کي ڏنا وڃن.
    سلطان علاؤ الدين کي به اھا خبر پئجي ويئي ته ھيءَ دعويٰ ڪوڙي ھئي، تنهن ڪري وري ھن کي سندس عھدي تي رکيائين ۽ ڏهه ھزار دينار به موڪلي ڏنائينس. اسان ھن شھر ۾ ٽي ڏينهن ترسياسين. اتي اسان کي بادشاھه جو جواب به پھچي ويو، جنهن ۾ لکيل ھو ته جيڪڏھن فلاڻو(مان) اڃا تائين پيدا نه ٿيو ھجي، ته سندس جاءِ تي دولت آباد جي قاضي وجيھ الدين کي مقرر ڪيو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري اچي ھنول(1) ۾ پھتاسين، جتان وزير پور، بجالصا شھرن ۾ منزلون ڪندا اچي شھر موري ۾ پھتاسين، ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، پر بازارون تمام سٺيون اٿس.
    ھتي مون شيخ صالح المعمر قطب الدين سان، جنهن کي ”خيبر فرغاني“ ڪري سڏيندا ھئا، ملاقات ڪئي. ھو بيمار ھو ۽ مون کي ھڪ جون جي ماني عنايت ڪيائين. ان ٻڌايو ته سندس عمر ڏيڍ سو سال آھي ۽ سندس دوست چوندا ھئا ته ھو ھميشه روزو رکندوآھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ روزو کوليندو آھي، يا گھڻو ڪري اعتڪاف ۽ خلوت ۾ رھندو آھي ۽ چاليھن ڏينهن ۾ چاليھه ڇوھارا، ھڪ ڇوھارو روز، کائيندو آھي. دھليءَ ۾ مون ھڪ شيخ رجب برقعي کي ڏٺو ته ھو چاليھه ڇوھارا کڻي خلوت ۾ ويٺو ھو ۽ چاليھن ڏينهن کان پوءِ ھو اٿيو، تڏھن تيرھن ڇوھار اڃا به ھن وٽ بچيا ھئا.
    ھن شھر مان ڪوچ ڪري، اسان شھر مره (مالوه) ۾ اچي پھتاسين، جو ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ذمي ھندو رھندا آھن. ھت ڪڻڪ تمام اعليٰ قسم جي ٿيندي آھي، جيڪا دھليءَ ڏانهن کڻي ويندا آھن، ھن جو داڻو ڊگھو، زوردار ۽ ٿلھو ٿيندو آھي، ۽ مون ھن جھڙي ڪڻڪ، چين جي ملڪ کان سواءِ، ٻئي ھنڌ ڪٿي ڪا نه ڏٺي، ھي شھر مالوه قوم ڏانهن منسوب ٿيل آھي. ھي (مالوه) ھڪ ھندن جو قبيلو آھي، جيڪي جسم جا مضبوط ۽ ڏيک ويک ۾ تمام سھڻا ٿيندا آھن. ھنن جون عورتون به حسن واريون، وندرائيندڙ ۽ جماع ۾ لذت واريون ٿينديون آھن، جيئن مرھٽن ۽ جزيره ذيبته المھل(مالديپ) جون عورتون.
    پوءِ اسان اتان علاپور جي شھر ڏانهن روانا ٿياسين. ھيءُ ھڪ ننڍو شھر آھي ۽ گھڻو ڪري ھن ۾ ھندو رھندا آھن، جيڪي بادشاھه جي رعيت آھن. ھن شھر کان ھڪ ڏينهن جي پنڌ تي ھڪ ھندو راجا جو علائقو آھي، جنهن جو نالو قشم آھي، جنهن (ڪياليھ) گواليار جي شھر کي گھيرو ڪيو ھو ۽ ان بعد قتل ڪيو ويو ھو.

    ڳالھه
    ان (قشم) ھندو راجا رامريءَ جي شھر تي به حملو ڪيو ھو. ھي شھھ (نهرالجون) جمنا نديءَ جي ڪپ تي آھي. ان نديءَ تي تمام گھڻا ڳوٺ ۽ آباديون آھن. اتي جو حاڪم خطاب افغان ھو، جيڪو وڏن بهادرن مان ليکيو ويندو ھو. ان ھندو راجا سندس وانگر ھڪ ٻئي رجو نالو ھندو راجا کان، جنهن جي ملڪ کي سلطان پور چوندا ھئا، مدد ورتي ۽ اچي رامريءَ جي شھر کي گھيرو ڪيائين. ھوڏانهن خطاب وري بادشاھه کان مدد گھري، پر ان مدد پھچڻ ۾ دير لڳي، ڇو ته ھي شھر دارالخلافه کان چاليھه منزلون پري ھو. ھو ڊڄي ويو ته متان ھندو اسان تي غالب نه ٿي وڃن. سو ڇا ڪيائين، جو پنهنجي قبيلي جا ٽي سو پٺاڻ، ٽي سو غلام ۽ چار سو ٻيا ماڻھو گڏ ڪري، سڀني جا پٽڪا، سندن گھوڙن جي ڪنڌن ۾ ٻڌايائين، ھن ملڪ جو دستور آھي ته جڏھن مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار ٿيندا آھن، تڏھن ائين ڪندا آھن.
    پوءِ صبح جو سوير خطاب، پنهنجن ماڻھن کي وٺي، دروازو کولائي، اچي ھندن جي لشڪر تي پيو ۽ ھنن جي پندرھن ھزار ماڻھن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين. ٻئي راجا مارجي ويا، پوءِ سندن سر لاھي، بادشاھه ڏانهن دھليءَ موڪليا ويا. ڪافرن جي لشڪر مان فقط اھي ماڻھو بچي سگھيا، جيڪي ڀڄي ويا.

    علاپور جي حاڪم جي شھادت
    علاپور(2) جو حاڪم، بدر حبشي ھوندو ھو، جيڪو بادشاھه جي غلامن مان ھو ۽ بهادريءَ ۾ بي مثال ھوندو ھو. ھو ھميشه اڪيلي سر وڃي، ھندن جي علائقن تي پوندو ھو ۽ وڃي انهن کي تاخت و تاراج ڪري، سندن ڪيترائي ماڻھو ماري ۽ قيد ڪري ايندو ھو. ايتري قدر ته سندس نالو مشھور ٿي ويو، جو ھندو ھن جي نالي کان پيا ڇرڪندا ھئا. ھو قد جو ڊگھو ۽ ٿلھو متارو ھوندو ھو ۽ ھڪ ھنڌ ويھي سڄي ٻڪري کائي اٿي کڙو ٿيندو ھو. ائين به ٻڌوسين ته ھو حبشين جي رواج موجب ڏيڍ رطل (ٽي پاءُ) گيھه پي ويندو ھو. ھن جو پٽ به اھڙو ئي بهادر ھوندو ھو.
    ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو. جو ھن ھندن جي ھڪ ڳوٺ تي وڃي حملو ڪيو. ھن جا غلام به ھن سان گڏ ھئا. اوچتو سندس گھوڙي جو پير ھڪ کڏي ۾ ڦاسي پيو، ته مٿان اچي اھي ڳوٺاڻا پيس. انهن مان ھڪ ھن تي قتارة (ڪٽاري) سان حملو ڪري، کيس ماري وڌو. پوءِ ھن جي غلامن، ڳوٺاڻن سان ڏاڍي لڙائي ڪئي ۽ ھنن کي قتل ڪري، سندن زالن کي قيد ڪري، سندن گھوڙي کي صحيح سلامت، سندس پٽ وٽ وٺي آيا. ان کان پوءِ ھڪ عجيب اتفاق ٿيو، جو ھن جو پٽ به انهيءَ ئي گھوڙي تي سوار ٿي، دھليءَ ڏانهن ٿي ويو، ته رستي ۾ ڪافرن ھن تي حملو ڪيو ۽ ھو ھنن سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو ۽ سندس گھوڙو موٽي وري به پنهنجي ماڻھن وٽ آيو ھو ھن کي وري گھر وٺي آيا، ۽ پوءِ ھن (بدر حبشيءَ) جو ناٺي به انهيءَ ساڳي گھوڙي تي سوار ھو ته ڪافرن جي ھٿان قتل ٿي ويو.
    پوءِ اسان گالپور(گواليار) ڏانهن روانا ٿياسين. ھن کي گيالر به ڪري چوندا آھن. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جو قلعو ھڪ ٽڪريءَ جي مٿان نهايت مضبوط ٺھيل آھي، ان جي دروازي تي ھاٿي ۽ ان تي فيلبان جا پٿر جا بت رکيل آھن. سلطان قطب الدين واري بيان ۾ ان جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ھن شھر جو حاڪم احمد بن شير خان فاضل آھي، ھن سفر کان اڳ مان ان وٽ اچي ترسيو ھوس ۽ منهنجي ڏاڍي خاطر ڪئي ھئائين. ھڪ ڏينهن مان ھن وٽ ويس ته ھن ھڪ مجرم ھندو کي ٻه ٽڪر ڪري مارائڻ ٿي چاھيو؛ مون ھن کي خدا جو قسم وجھي چيو ته ائين نه ڪر، ڇو ته مون اڄ تائين پنهنجي سامھون ڪو به ماڻھو قتل ٿيندي ڪو نه ڏٺو آھي.
    پوءِ ھن ان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهيءَ سبب (پوءِ) ھن کي ڇڏيو ويو. ان کان پوءِ اسان گواليار مان ڪوچ ڪري برون(2) جي شھر ڏانهن ورانا ٿياسين. ھي ھڪ مسلمانن جو ننڍڙو شھر آھي، جو ھندن جي ملڪن جي وچ ۾ آھي ۽ ھتي جو حاڪم محمد بن بيرم ترڪي الاصل آھي. ھن شھر ۾ وحشي جانور تمام گھڻا ٿيندا آھن. ھتي جي ھڪ رھاڪوءَ مون کي ٻڌايو ته رات جو دروازن بند ٿيڻ کان پوءِ به ھڪ وحشي جانور شھر ۾ گھڙي ايندو ھو ۽ ڪيترن ئي ماڻھن کي ماري ھليو ويندو ھو ۽ ڪنهن کي به پتو پئجي نه سگھيو ھو ته اھو جانور ڪھڙيءَ طرح ان شھر ۾ گھڙي ٿو اچي.
    محمد توفيري نالي ھن شھر جي باشندي مون کي ٻڌايو ته اھو جانور منهنجي ھڪ پاڙيسريءَ جي گھر ۾ گھڙي آيو ۽ سندس ٻار کي ماري کٽ تان کڻي ھليو ويو. ٻئي ھڪ ماڻھوءَ ڳالھه ڪئي ته ھو ھڪ شاديءَ ۾ گڏ ٿيا ھئا ته انهن مان ھڪ ماڻھو ڪنهن ڪم سان ٻاھر ويو ته شينهن ھن کي ماري وڌو؛ ھن جا ساٿي ھن جي ڳولا ۾ ويا ۽ لاش کي وڃي بازار ۾ ڏٺائون، ته شينهن ھن جو سڄو رت پي ويو ھو ۽ سندس گوشت کي چکيو به ڪو نه ھئائين.
    چون ٿا ته ماڻھن سان ھو ھميشه اھا ڪار ڪندو ھو. ڪن ماڻھن پئي چيو ته اصل ۾ اھو ڪو به وحشي جانور ڪو نه آھي پر اھو ھڪ جادوگر انسان آھي، جنهن کي جوکيھ(جوڳي) ڪري چوندا آھن، جيڪو وحشي جانور جي صورت بدلائي ايندو آھي. مون کي يقين نٿي آيو پر مون کي ٻڌايو ويو ته انهن جي ھڪ جماعت آھي، جن جي جادوءَ جون ڪي ڳالھيون ڪجن ٿيون.

    جوڳين جي جادوءَ جو بيان
    ھي جوڳي عجيب عجيب ڪم ڪندا آھن. انهن مان ڪي ته مھينن تائين نه ڪجھه کائيندا آھن ۽ نه پيئندا آھن، ۽ ڪي زمين ۾ کڏ کوٽي، ان جو منهن مٿان بند ڪري فقط ھوا لاءِ ھڪ سوراخ ڇڏي، ان ۾ رھندا آھن. ھو انهن جي اندر مھينن جا مھينا رھندا آھن ۽ ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته اھي ھڪ سال به اتي رھي سگھندا آھن. منجرور(مينگور) جي شھر ۾ مون ھڪ مسلمان کي ڏٺو ھو، جيڪو ھنن جوڳين جي شاگردي ڪندو ھو ۽ ھڪ اوچي پيچي ۾ بنا کائڻ پيئڻ جي ويٺو ھوندو ھو. مون ھن کي پنجويھن ڏينهن تائين ته اھڙيءَ حالت ۾ ڏٺو ھو، پوءِ مان اتان ھليو آيو ھوس. خبر نه آھي ته ھو اھڙيءَ حالت ۾ ڪيترو وقت رھيو ھوندو.
    ماڻھو چون ٿا ته ھي جوڳي ھڪ قسم جون گوليون تيار ٿا ڪن، جن مان ھڪ گولي روز کائي ٿا ڇڏين، ته ھنن کي کاڌي پيتي جي ڪا به ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ھي ماڻھو غيب جون ڳالھيون به ٻڌائيندا آھن، بادشاھه ھنن جي گھڻي عزت ڪندو آھي ۽ کين پنهنجي صحبت ۾ رکندو آھي. انهن مان ڪي ڀاڄيون کائيندا آھن ۽ ڪي گوشت، پر ھنن مان گھڻا گوشت نه کائيندا آھن. انهيءَ جو به ظاھڙي مطلب اھو ھوندو آھي ته رياضت ڪري، ھو پنهنجي نفس کي انهن ڳالھين جو عادي ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ دنيا جي زيب ۽ زينت سان ھنن جو ڪو به واسطو نه رھندو آھي.
    انهن مان ڪي اھڙا به ھوندا آھن، جي رڳو ڪنهن ماڻھوءَ تي نظر وجھن ته يڪدم اھو ماڻھو مري ويندو آھي. عام ماڻھن جي راءِ آھي ته جڏھين ڪو ماڻھو نظر سان مري ٿو وڃي، ته جيڪڏھن ان جي سيني کي چاڪ ڪري ڏٺو وڃي، ته ان جي اندر سندس دل ڪا نه ھوندي آھي، ڇاڪاڻ ته نظر ھڻڻ وارو ماڻھو، ھن جي دل کائي ڇڏيندو آھي. ھي ڪم گھڻو ڪري عورتون ڪنديون آھن. ۽ اھڙي قسم جي عورتن کي ڪفتار ڪري چوندا آھن.

    ڳالھه
    جڏھين ھندستان ۾ وڏو ڏڪار پيو ھو تڏھين بادشاھه تلنگانا ۾ ھو ۽ سندس حڪم ٿيو ھو ته دھليءَ جي ھر ھڪ باشندي کي ڏيڍ رتل روزانا جي حساب سان کاڌي لاءِ ڏنو وڃي. وزيرن ماڻھن جي آدمشماري ڪري، اميرن ۽ قاضين کي ماڻھن جي ھڪ جماعت سپرد ڪئي ته انهن ۾ کاڌو ورھائين. منهنجي حوالي پنج سئو ماڻھن جي جماعت ھئي، جن جي لاءِ مون پنهنجي گھر ۾ صفحا ٺھرائي ڇڏيا ھئا جن ۾ ھو رھندا ھئا ۽ پنجن پنجن ڏينهن جو اناج ھنن کي ڀيري ڀيري سان ورھائي ڏيندو ھوس.
    ھڪ ڏينهن ھو مون وٽ ھڪ عورت کي وٺي آيا، ۽ مون کي ٻڌايائون ته ھيءَ ڏائڻ آھي ۽ پنهنجي پاڙي واري گھر جي ماڻھوءَ جي ٻار جي دل ڪڍي کاڌي اٿس ۽ ٻار مري ويو آھي. مون کيس حڪم ڏنو ته ھن کي نائب سلطان وٽ وٺي وڃو، جنهن سندس آزمائش جو حڪم ڏنو. اھا آزمائش ھيئن وٺندا آھن، جو چار دلا پاڻيءَ جا ڀري ھن جي چئني ھٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌي کڻي کيس جمنا نديءَ ۾ وجھندا آھن، ته پوءِ جيڪڏھن ھوءَ نه ٻڏي، ته سمجھندا ته ڏائڻ آھي، پر جي ٻڏي ويئي ته ڏائڻ نه آھي. آزمائش کان پوءِ نائب حڪم ڏنو ته ھن کي باھه ۾ ساڙيو وڃي، پوءِ شھر جا مرد ۽ زالون ھن جي سڀ خاڪ ميڙي کڻي ويا، ڇو ته ھنن جو خيال آھي ته جيڪو ماڻھو انهيءَ خاڪ کي لڳائيندو آھي، اھو ھڪ سال تائين ڏائڻ جي نظر کان محفوظ رھي سگھندو.

    ڳالھه
    مان داراخلافه ۾ ھوس ته ھڪ ڏينهن بادشاھه مون کي گھرايو. مان وڃي حاضر ٿيس ته بادشاھه خلوت ۾ ويٺو ھو. خاص خاص امير اتي موجود ھئا، ۽ اھي ٻه جوڳي به ويٺا ھئا جيڪي رليءَ ۾ پاڻ کي ڍڪي ويھندا آھن. ھو پنهنجن مٿن کي ڍڪي ڇڏيندا آھن، ڇو ته ھو مٿي جا وار خاڪ لڳائي پٽي ڇڏيندا آھن. بادشاھه مون کي ويھڻ جي اجازت ڏني. مان ويھي رھيس ته بادشاھه ھنن کي چيو ته ھي شخص(مان) تمام ڏورانهين ملڪ کان آيو آھي، تنهن ڪري ھن کي ڪا اھڙي نئين شيءَ ڏيکاريو، جيڪا ھن اڳ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺي ھجي. ھنن چيو ته چڱو. پوءِ ھنن مان ھڪ جوڳي پلٿي ماري ويھي رھيو ۽ آھستي آھستي ويو زمين کان مٿي ھوا ۾ بلند ٿيندو، تان جو ھو اسان جي مٿان ھوا ۾ بيھي ويو، مون کي ڏاڍو عجب لڳو، مٿو ڦرڻ لڳم ۽ زمين تي ڪري پيس، جنهن تي بادشاھه مون کي دوا پياري ته ڪجھه فرحت ٿيم، ۽ ويھي رھيس، پر ھو شخص ائين ئي ھوا تي ويٺو رھيو، پوءِ ٻئي جوڳيءَ پنهنجون چاکڙيون کڻي ھٿن ۾ کنيون ۽ غصي ۾ اچي گھڻيئي دفعا انهن کي زمين تي سٽ سٽ ڪري ھنيائين. پوءِ اھي چاکڙيون به ھوا تي مٿي چڙھي وييون ۽ جيڪو جوڳي مٿي ھوا تي ويٺو ھو، تنهن جي ڪنن تي اھي وسڻ لڳيون جنهن تي ھو ٿورو ٿورو ھيٺ ٿيندو ويو ۽ اچي اسان جي ڀرسان ويٺو.
    بادشاھه مون کي ٻڌايو ته چاکڙيون موڪلڻ وارو استاد ھو ۽ ھوا ۾ اڏامڻ وارو سندس شاگرد، ۽ ائين به چئي ڏنائين ته جيڪڏھن تنهنجي عقل چرخ ٿي وڃڻ جو انديشو نه ھجي ھا، ته جيڪر اسان تو کي ان کان وڌيڪ تماشو ڏيکاريون ھا، تنهن ھوندي به مون کي سوداءُ ٿي پيو ۽ بيمار ٿي پيس، بادشاھه مون ڏانهن ھڪ شربت موڪليو، جنهن جي پيئڻ سان ڪجھه ٺيڪ ٿيس. شھر برون کان پوءِ اسان امواري(1) وياسين جتان ھلي اچي ڪچراد (ڪجراويته)* جي شھر ۾ پھتاسين. ھت ھڪ وڏو حوض آھي، جنهن جي ڊيگھه ھڪ ميل آھي ۽ ان جي ڪناري تي ھڪ مندر آھي، جنهن ۾ بت رکيل آھن ۽ مسلمانن انهن بتن جو اکيون، نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيا آھن، ھن حوض جي وچ ۾ ڳاڙھي پٿر جا ٽي قبا ٺھيل آھن، ان جي چئن ڪنڊن تي چار ٻيا قبا بيٺل آھن، جن ۾ جوڳي رھندا آھن، انهن جي وارن ۾ ڌوڙ پيل آھي ۽ پيرن تائين ڊگھا وار رکيل اٿن، رياضت جي ڪري ھنن جو رنگ زردو ٿي ويو آھي. ڪيترا مسلمان به انهن جي پٺيان ڦرندا وتندا آھن ته من انهن کان ھي فن سکي سگھن.
    ماڻھون ڳالھه ٿا ڪن ته ڪوڙھھ جي بيماڙيءَ وارا ماڻھو ھنن جوڳين وٽ اچي ترسندا آھن، ته خدا جي حڪم سان چڱا ڀلا ٿي ويندا آھن، پھريون دفعو مون جوڳي ماوراءَ النهر جي بادشاھه طرمشرين جي ڪئمپ ۾ ڏٺا ھئا، جيڪي تعداد ۾ پنجاھه ھئا ۽ انهن جي لاءِ زمين جي ھيٺان ھڪ غار کوٽايو ويو ھو. ھو رات ڏينهن ان ۾ رھندا ھئا ۽ رڳو ضروري حاجت لاءِ ٻاھر نڪرندا ھئا. ھنن وٽ سڱ جي شڪل جھڙي ھڪ شيءَ ھوندي ھئي، جيڪا ھو صبح ۽ شام وڄائيندا رھندا ھئا.
    ھنن جا عجيب عجيب طريقا ھوندا ھئا، انهن مان ھڪڙي معبر جي بادشاھه، سلطان غياث الدين دمغانيءَ جي لاءِ جماع ۽ قوت باھه واسطي ھڪڙا حب ٺاھيا ھئا، جنهن ۾ فولاد جو جزو به ھو. جڏھن انهن جو اثر سٺو ظاھر ٿيو، تڏھن معبر جو بادشاھه ان مان وزن کان ڪجھه وڌيڪ کائي ويو ۽ مري ويو، ان کان پوءِ ھن جو بادشاھه ناصرالدين ٿيو، جو انهيءَ جوڳيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو، ان کان پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪيو ۽ اچي جنديري (چنديري)* ۾ پھتاسين. ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ سندس بازارين ۾ ڏاڍي رونق لڳي پئي ھئي.
    ھنن ملڪن جو امير الامراءَ، عزالدين بنتاني (ملتاني)، جيڪو اعظم ملڪ جي لقب سان مشھور آھي، پڻ ھن شھر ۾ آھي، ھو ڏاڍو نيڪ ۽ فاضل شخص آھي ۽ عالمن سان صحبت رکندڙ آھي، فقيه عزالدين زبيري، وجيھ الدين بيانوي جيڪو بيانا جو آھي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آھيان، فقيه قاضي جيڪو قاضي خاصھ ڪري سڏبو آھي، ۽ امام شمس الدين ھن جي مجلس جا خاص رڪن آھن، ھن جو نائب خزانه قمرالدين نالي آھي ۽ سندس نائب فوج سعادت تلنگي آھي،جيڪو ھڪ وڏو مشھور بهادر آھي، اھو ئي لشڪر جي ڪمن ڪارين جي خبر لھندو آھي، ملڪ اعظم رڳو جمعي جي ڏينهن ٻاھر نڪرندو آھي يا ڪنهن ڏينهن اتفاقن ظاھر ٿيندو آھي.
    پوءِ اسان چنديريءَ مان ھلي اچي ظھار (ڌار) جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر مالوه جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن ملڪ ۾ زراعت جام ٿيندي آھي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گھڻي ٿيندي آھي، ھتان دھليءَ، جيڪا چوويھه منزلون پري آھي، تائين پان موڪليا ويندا آھن، سڄي رستي تي پٿر جا ٿنڀ بيٺل آھن، جن تي مفاصلو به لکيل آھي، جيئن ڪو مسافر اھو معلوم ڪري سگھي ته ھو اڄ ڪيترو پنڌ ڪري آيو آھي يا منزل تائين ڪيترو پنڌ باقي آھي يا جنهن شھر ڏانهن وڃي رھيو آھي سو ڪيترو پري آھي.
    ھي شھر شيخ ابراھيم (زيتالمه جي رھاڪو) سالديپي جي جاگير ۾ آھي. ھي شيخ ابراھيم پھريائين شھر جي ٻاھران اچي ويٺو ھو ۽ اتي گدراپور جي غيرآباد زمين کي آباد ڪيو ھئائين. ھن جا گدرا تمام مٺا ھوندا ھئا، پر ھن جي آسپاس ٻيا ماڻھو جيڪي گدرا پوکيندا ھئا سي اھڙا مٺا ڪيئن ٿيندا ھئا، ۽ ھو فقيرن ۽ غريبن کي کاڌو به کارائيندو ھو. جڏھن بادشاھه معبر ڏانهن ٿي ويو ته ھن ھڪ گدرو اچي بادشاھه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ھو، جيڪو بادشاھه کائي ڏاڍو خوش ٿيو ھو. ھي شھر ظھار(1) ھن کي ان ڪري جاگير ۾ ڏيئي ڇڏيو ھئائين. کيس حڪم ڏنو ھئائين ته ھڪ دڙو، جيڪو شھر کان ڪجھه مٿيرو ھو، تنهن تي ھڪ خانقاه ٺھرائي. پوءِ ھن اتي ھڪ نهايت سٺو خانقاه ٺھرايو، جنهن ۾ ھو غريبن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائيندو ھو ۽ ڪن سالن تائين ائين ڪندو رھيو.
    ھڪ دفعي ھن بادشاھه وٽ اچي، تيرھن لک دينار کيس نذرانو ڏنو، ۽ چيائين ته غريبن کي کاڌي کارائڻ کان پوءِ به ھيءُ مال بچيو آھي، جيڪو شاھي خزاني جي ملڪيت آھي، بادشاھه کانئس اھو مال ته ورتو، پر سندس انهيءَ ڪم کي ته ھن سڀ ڪجھه غريبن کي ڇو نه کارايو، پسند نه ڪيائين. ھن شھر ۾ وزير جي ڀاڻيجي (حسن شاھه) پنهنجي مامي ”خواجه جھان“ کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو، ته جيئن سندس سڄو خزانو ھٿ ڪري، باغي معبر ڏانهن ڀڄي وڃي، پر ھن جي مامي کي بر وقت خبر پئجي ويئي، جنهن يڪدم ھن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ھن ۽ ھن جي رازدار اميرن کي بادشاھه ڏانهن موڪلي ڏنو، بادشاھه انهن اميرن کي ته مارائي ڇڏيو، باقي وزير جي ڀاڻيجي کي وزير ڏانهن واپس موڪلي ڏنائين، جنهن ھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

    ڳالھه
    جڏھن وزير جي ڀاڻيجي کي واپس وزير وٽ آندو ويو، ته ھن کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھن وٽ (وزيرجي ڀاڻيجي وٽ) ھڪ ٻانهي ھوندي آھي، جنهن تي ھو عاشق ھوندو ھو، ۽ درخواست ڪيائين ته انهيءَ کي سندس سامھون گھرايو وڃي. پوءِ ان ٻانهيءَ جي ھٿان ھڪ پان وٺي کاڌائين، ۽ پاڻ ھڪ پان ٺاھي ھن کي ڏنائين، ۽ کيس گلي سان لڳائي، کانئس موڪلاڻي ڪيائين، ان کان پوءِ ھن کي ھاٿيءَ جي اڳيان اڇلايو ويو، ۽ سندس کل لھرائي، ان ۾ بهه ڀريو ويو. جڏھن رات پئي، تڏھن اھا ٻانهي ٻاھر ۽ سندس قتل ٿيڻ واريءَ جڳھه جي ڀرسان، ھڪ کوھه ۾ ٽپو ڏيئي مري ويئي، ٻئي ڏينهن ھن کي مرده ڏٺو ويو، ۽ ھن کي اتان ڪڍي، ٻنهي کي ھڪڙيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ان قبر کي گور عاشقان ( عاشقن جي قبر ) ڪري سڏيندا آھن.
    ان کان پوءِ اسان ظھار جي شھر مان ڪوچ ڪري اچي اجين(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ سھڻو شھر آھي جنهن ۾ وڏيون وڏيون عمارتون آھن، ۽ ملڪ ناصرالدين بن عين المالڪ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل، عالم ۽ شريف النفس انسان ھوندو ھو، به ھن شھر ۾ رھندو ھو، ھو سنداپور جي ٻيٽ (گوا) جي فتح وقت شھيد ٿي ويو، مون سندس قبر جي زيارت ڪئي ھئي، جنهن جو بيان ڪري آيو آھيان، فقيه ۽ طبيب جماالدين مغربي غرناطي به ھن شھر ۾ رھندو ھو.
    پوءِ اسان اجين مان ھلي اچي، دولت آباد ۾ پھتاسين، جو تمام وڏو شھر آھي ۽ دھليءَ جو مقابلو ٿو ڪري، ھن جا ٽي حصا آھن؛ ھڪ حصي کي دولت آباد ٿاچون، جنهن ۾ بادشاھه ۽ ان جو لشڪر موجود آھي، ٻئي حصي کي ڪتڪھ چوندا آھن، ۽ ٽئين حصي کي، جيڪو ھڪ قلعو آھي، ديوگير چوندا آھن. ھي قلعو تمام مضبوط آھي، ايتري قدر جو سندس جھڙو ٻيو مضبوط قلعو سڄي ملڪ ۾ ڪونه آھي. بادشاھه جو استاد خان اعظم قتلو خان به ھن ئي قلعي ۾ رھندو آھي. ساگر ۽ تلنگانا به ھن جي ماتحت آھن ۽ سندس علائقو ٽن مھينن جي پنڌ تائين پکڙيل آھي. ھن جي طرفان ھر جڳھه نائب ۽ حاڪم رھندا آھن. ديوگير جو قلعو، زمين جي سطح کان مٿي ھڪ ٽڪر تي ٺھيل آھي، جنهن جي کوٽائي ڪرائي، ان جي چوٽيءَ تي ھي قلعو ٺھرايو ويو آھي.
    ھن قلعي تي چمڙي جي ڏاڪڻين جي ذريعي چڙھي ويندا آھن ۽ رات جو اھي ڏاڪڻيون مٿي ڇڪي وٺندا آھن. ھن قلعي جا محافظ پنهنجي اھل اولاد سميت ان ۾ رھندا آھن. ھن قلعي ۾ ھڪڙا غفار ٺھيل آھن، جن ۾ وڏن وڏن ڏوھارين کي قيد ڪندا آھن. ھنن غارن ۾ وري ايڏا ته وڏا ڪئا رھندا آھن، جن کان ٻلي به ڊڄندي آھي ۽ اٽڪل ۽ چلاڪيءَ کانسواءِ انهن کي ڦاسائي نه سگھندي آھي.
    ”ملڪ خطاب“ افغان مون کي ٻڌايو ته ھڪ دفعي ھن قلعي جي ھڪ غار ۾ ھو قيد ڪيو ويو ھو، جنهن کي ڪئن جو غار ڪري چوندا آھن؛ ”پوءِ رات جو اھي ڪئا گڏجي، اچي مون تي حملو ڪندا ھئا ۽ مان سڄي رات انهن سان لڙائي ڪندي گذاريندو ھوس. ھڪ رات مان سمھيو پيو ھوس ته ڪنهن خواب ۾ مون کي چيو ته سورت اخلاص ھڪ لک دفعا پڙھھ ته الله تعاليٰ توکي ھتان ڇڏائيندو. پوءِ مون ايترا ڀيرا سورت اخلاص پڙھي، ته منهنجي آزاديءَ جو حڪم اچي پھتو. منهنجي آزاديءَ جو سبب ھي ھو، جو منهنجي ڀر واري غار ۾ ملڪ مل قيد ھو، ته سندس آڱريون ۽ اکيون اھي ڪئا کائي ويا ھئا، جنهن ڪري ھو مري ويو ھو، بادشاھه کي جڏھن اھا خبر پھتي، تڏھن چيائين خطاب کي ته وڃي ڪڍو متان ھن کي به ڪئا کائي وڃن!“
    ھن ئي قلعي ۾ ناصرالدين بن ملڪ مل ۽ قاضي جلال الدين جڏھن بادشاھه کين شڪست ڏني ھئي، اچي پناھه ورتي ھئي. دولت آباد جا اصل باشندا مرھٽا آھن، جن جون عورتون تمام سھڻيون ٿينديون آھن ۽ سندن نڪ ۽ ڀرون خاص طرح سان بي مثال ٿيندا آھن. اھي محبت ڪندڙ ۽ جماع ۾ لذت ڏيندڙ به مشھور آھن. ھن شھر ۾ گھڻو ڪري ھندو واپار ڪندا آھن ۽ جواھرات جي سوداگري به ڪندا آھن، تنهن ڪري ڏاڍا مالدار آھن. انهن کي شاھه(شاھوڪار) ڪري چوندا آھن، جيئن مصر ۾ واپارين کي ”مڪارم“ چوندا آھن. دولت آباد ۾ انب ۽ انار جام ٿيندا آھن ۽ سال ۾ ٻه دفعا ڦر جھليندا آھن. ھن ملڪ جي آمدني به سندس آباديءَ ۽ ڪشادگيءَ سبب ٻين علائقن کان وڌيڪ آھي. ھڪ ھندوءَ مون کي ٻڌايو ته ھن سڄي علائقي جو ٺيڪو ھڪ ھندو واپاريءَ تيرھن ڪروڙ دينارن ۾ کنيو ھو، پر ھو اھو پورو ڪري نه سگھيو ۽ ان ڏانهن بقايائون رھجي ويون، تنهن ڪري ھن جو سڄو مال ضبط ڪيو ويو ۽ سندس کل لھرائي ويئي.

    گاني بجاني جي بازار
    دولت آباد ۾ ڳائڻ ۽ وڄائڻ وارن جي ھڪ بازار آھي، جنهن کي طرف آباد ڪري سڏيندا آھن. ھيءَ بازار تمام ڪشادي ۽ خوبصورت آھي، جنهن ۾ ڪيترائي دڪان آھن. ھر ھڪ دڪان جو ھڪ دروازو سندس مالڪ جي گھر ڏانهن کلندو آھي، ۽ ٻئي طرف، انهيءَ دروازي کان سواءِ، انهيءَ گھر کي ٻيو به دروازو ٿيندو آھي. دڪانن ۾ ڏاڍا عمدا فرش ھوندا آھن، ۽ ٺيڪ وچ تي ھڪ ھندوري جھڙي پينگهه ٽنگيل ھوندي آھي، جنهن ۾ گاني واري عورت ويٺل يا ليٽيل ھوندي آھي ۽ سندس ٻانهيون انهيءَ پينگهه کي پيون لوڏينديون آھن ۽ اھي پينگھون به تمام سينگاريل ھونديون آھن.
    بازار جي وچ ۾ ھڪ وڏو گنبذ ٺھيل آھي، جيڪو فرش فروش سان تمام گھڻو سينگاريل رھندو آھي ۽ ان ۾ ھنن ڳائيندڙن جو چوڌري ھر خميس جي ڏينهن عصر جي نماز کان پوءِ اچي وھندو آھي. ھن جا غلام ۽ خادم به اتي حاضر ھوندا آھن. پوءِ ھر ھڪ گاني واري ھن جي سامھون اچي، واري واري سان ڳائيندي وڄائيندي آھي. اھا محفل مغرب تائين ھلندي آھي، جنهن کان پوءِ ھو اٿي، پنهنجي گھر ھليو ويندو آھي. ھن بازار ۾ مسجدون به آھن ۽ اتي رمضان شريف ۾ تراويح جي جماعت به ٿيندي آھي، گھڻو ڪري ھندو راجا، جيڪي ھيءَ بازار گھمڻ ايندا آھن، سي ان گنبذ ۾ اچي ترسندا آھن ۽ گاني واريون اچي، انهن جي سامھون ڳائينديون آھن. ڪي مسلمان بادشاھه به ائين ڪندا آھن.
    پوءِ اسان دولت آباد جي شھرن مان ڪوچ ڪري اچي نذر بار(1) پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن ۾ گھڻو ڪري مرھٽا رھندا آھن. ھو دستڪاريءَ ۾ مشھور آھن ۽ انهن مان ڪي سٺا طبيب ۽ منجم به آھن. شريف خاندان جا مرھٽا، برھمڻ ۽ کتري آھن. ھنن جي غذا سايون ڀاڄيون ۽ سرنهن جو تيل آھي، ۽ ھو گوشت کي ته اصل ويجھو به ڪين وڃن. ھو ڪنهن به جانور کي ايذاءُ نه پھچائيندا آھن ۽ نه وري انهن کي ذبح ڪندا آھن. جيئن جنابت کان پوءِ غسل ضروري ٿيندو آھي، تيئن ھو کاڌي کائڻ کان اڳ ۾ غسل ضروري ڪندا آھن ۽ پنهنجي ويجھن عزيزن مان اصل مائٽي نه ڪندا آھن، بلڪ شادين ۾ ستن پيڙھين جي مائٽيءَ جو ضرور فرق ڪندا آھن. ھو شراب به ڪو نه پين ۽ شراب پيئڻ کي عيب ڪري سمجھندا آھن.
    ھندستان ۾ مسلمان به شراب پيئڻ کي سخت عيب سمجھندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪو مسلمان شراب پيئندو آھي ته ھن کي اسي درا لڳائي، ٽن مھينن تائين تهھ خاني ۾ قيد ڪندا آھن ۽ کاڌي جي وقت کان سواءِ ھن کي ڪڏھن به ڪو نه کوليندا آھن.
    ان کانپوءِ اسان اتان ھلي اچي ساغر(ساگر)* ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ان نالي واري درياءَ ساگر تي ٻڌل آھي. ھن درياءَ جي ڪناري تي نار چڙھيل آھي، جن تي انب، ڪيلي ۽ ڪمند جا ڪيترائي باغ آھن. ھن شھر جا رھاڪو ڏاڍا ديندار ۽ نيڪ آھن. ھنن باغن ۾ خانقاھه ۽ اوطاقون ٺھرائي ڇڏيون آھن، جن ۾ مسافر اچي رھندا آھن. جيڪو به شخص خانقاھ ٺھرائيندو آھي ته ان سان گڏ باغ ضرور پوکائيندو آھي ۽ پنهنجي اولاد کي ان جو متولي ڪري ويندو آھي، پر جيڪڏھن اولاد نه ھجيس ته ان جو متولي قاضي ٿيندو آھي.
    ھن شھر ۾ عمارتون تمام گھڻيون آھن، ۽ ڪيترائي ماڻھو ھتان جي ماڻھن سان ملڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ايندا آھن، ڇو ته ھت ڪنهن به قسم جو خرچ يا محصول ڪو نه ورتو ويندو آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھت تمام گھڻا مسافر ايندا آھن. پوءِ اسان ساگر مان ھلي، اچي کنڀات ۾ پھتاسين، ھي شھر سمنڊ جي ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي، جيڪا ھڪ واديءَ جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي ۽ ان ۾ جھاز اندر اچي سگھندا آھن. ھن ۾ مدو جزر(چنڊ جي ڪشش جي ڪري، پاڻيءَ جو لھڻ ۽ چڙھڻ، جنهن کي ھنديءَ ۾ جوار ڀاٽا چوندا آھن) به ٿيندو رھندو آھي.
    پاڻيءَ جي لھڻ وقت، مون ڪيترائي ننڍا جھاز گپ ۾ گپيل ڏٺا،۽ جڏھن سمنڊ جو پاڻي چڙھيو، تڏھن اھي وري تري رھيا ھا. ھيءُ شھر، ٻين سڀني شھرن کان مضبوط ۽ خوبصورت ٻڌل آھي، ھن ۾ تمام سٺيون عمارتون ۽ مسجدون آھن، ۽ گھڻو ڪري، ھتان جا رھاڪو پرڏيھي سوداگر آھن، جيڪي گھڻو ڪري عاليشان گھر ۽ وڏيون وڏيون مسجدون ٺھرائڻ ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
    سڀني کان وڏو عاليشان گھر انهيءَ شري سامريءَ جو آھي، جنهن مون کي حلوي جي نالي ٻڌائن وقت بادشاھه جي اڳيان شرمندو ڪرڻ ٿي گھريو. ان گھر ۾ جيڪو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي، تنهن کان وڌيڪ مضبوط ۽ ٿلھو ڪاٺ مون ٻئي ڪنهن به گھر ۾ استعمال ٿيل ڪو نه ڏٺو. ھن گھر جو دروازو به ايترو وڏو آھي، جيترا شھر جا ٻيا دروازا آھن ۽ ان جي ڀرسان ھڪ وڏي مسجد آھي، جنهن کي سامريءَ جي مسجد ڪري چوندا آھن. ملڪ التجار گارزونيءَ جو گھر به تمام عاليشان آھي ۽ ان جي ڀرسان به مسجد ٺھيل آھي. ازانسواءِ شمس الدين ڪلاھ دوز، يعني ٽوپيون ٺاھيندڙ، جوگھر به تمام وڏو آھي.
    جڏھن قاضي جلال جي بغاوت ٿي ھئي، تڏھن شمس الدين، ناخدا الياس، جيڪو پھريائين ھن ملڪ جو ھندو ھو ۽ ملڪ الحڪماءُ ھن شھر ۾ اچي پناھه ورتي ھئي، ۽ شھرجي چوڌاري خندق کوٽائڻ شروع ڪئي ھئائون، ھت شھر پنها ڪار ھئي .جڏھن ناڪامياب ٿيا ۽ بادشاھه جو لشڪر اچي شھر ۾ داخل ٿيو، تڏھن ٽيئي ڄڻا وڃي ھڪ گھر ۾ لڪا ۽ گرفتار يءَ جي ڊپ کان ارادو ڪيائون ته ھڪٻئ کي ڪٽار سان پورو ڪري ڇڏين ۽ اھڙيءَ طرح سان انهن مان ٻه ڄڻا ته مري ويا، پر ملڪ الحڪماءَ ڪو نه مئو .
    ھن ئي شھر ۾ نجم الدين جيلاني ھڪ وڏو واپاري ھوندو ھو،جيڪو شڪل ۾ سوچارو ۽ وڏو مالدار ھو. ھن به ھڪ وڏو گھر ۽ مسجد ٺھرائي ھئي. بادشاھه ھن کي پان وٽ گھرائي،کيس کنڀات جو حاڪم مقرر ڪري، طبل ۽ علم به بخشيو ھو، ۽ اھو ئي سبب ھو، جو ملڪ الحڪماءُ باغي ٿيو ھو ۽ آخر پنهنجي جان ۽ مال تان ھٿ ڌوئڻاپيس . جڏھن اسان کنڀات ۾ پھتاسين، تڏھن اتي جو حاڪم مقبل تلگي ھو. بادشاھه ھن جو ڏاڍو قدر ڪندو ھو . شيخ زادو اصفحاني ھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ ھن جي ملڪ جا معاملا شيخ جي سپرد ھوندا ھئا. ھي شيخ امور سلطنت مان تمام گھڻو واقف ھوندو ھو، تنهنڪري ھو ڏاڍو مالدار ٿي ويو ھو ۽ پنهنجي دولت آھستي آھستي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪليندو رھندو ھو . آخر ھو ڀڄي وڃڻ لاءِ ڪا ترڪيب سوچڻ لڳو، ته بادشاھه کي خبر پئجي ويئي . ڪنهن وڃي بادشاھ کي وڃي ٻڌايو ته ھو ڀڄي وڃڻ ٿو چاھي، تنهن ڪري بادشاھ مقبل کي لکيو ته ھن کي ٽپال(1) جي ذريعي دار ا خلافھ ڏانهن موڪلي ڏيو . مقبل ھن موڪلي ڏنو . جڏھن ھي بادشاھ جي روبرو وڃي حاضر ٿيو، تڏھن ھن تي پھرو مقرر ڪيو ويو ھن ملڪ جو دستور آھي ته جڏھن ڪنهن تي پھرو مقرر ڪيو ويندو آھي ته ان جو بچڻ محال آھي، ھن پھريدار سان سازش ڪري ھن کي تمام گھڻو سامان ڏيڻو ڪيو . پو۽ ٻيئي ڄڻا ڀڄي نڪتا . ھڪ معتبر ماڻھوءَ مون کي ٻڌايو ته مون ھن کي شھر قلھت (قلات) جي مسجد ۾ ڏٺو ھو، ۽ پو۽ ھو اتان پنهنجي وطن ھليو ويو ۽ وڃي پنهنجو سمورو مال ھٿ ڪيائين ۽ جان به بچايائين.

    ڳالھه
    جڏھن ملڪ مقبل اسان جي دعوت پنهنجي گھر ۾ ڪئي، تڏھن اتي ھڪ مزي جي ڳالھه ٿي، ڇا ٿيو جو شھر جو قاضي، جيڪو ھڪ اک کان ڪاڻو ھو، تنهن جي سامھون شريف بغدادي ويٺو ھو، ھو شڪل ۾ ھوبهو قاضيءَ جھڙو پئي لڳو، پر کاٻيءَ اک کان ڪاڻو ھو. شريف، قاضيءَ ڏانهن ڏسي، پئي ھن تي کليو، قاضي تنهن تي ھن کي ڇڙپ ڏيڻ لڳو. شريف به ترڪي به ترڪي جواب ڏنس ته ”ان ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي؟ مان توکان وڌيڪ خوبصورت آھيان“ قاضيءَ پڇيس ته سو وري ڪيئن؟ تنهن تي جواب ڏنائينس ته منهنجي کاٻي اک ڪاڻي، پر تنهنجي ساڄي اک ڪاڻي آھي. ھي ٻڌي امير ۽ سڀ حاضرين اچي کل ۾ پيا ۽ قاضي ڏاڍو شرمندو ٿيو، پر ھن کي ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو، ڇو ته ھندستان ۾ شريفن (سيدن) جي تمام گھڻي تعظيم ۽ عزت ڪندا آھن.
    ھن شھر ۾ ھڪ بزرگ الحاج ناصر باربڪر جو رھاڪو جامع مسجد جي ھڪ قبي (حجري) ۾ رھندو آھي.اسان ھن جي زيارت لاءِ ھن وٽ ويا ھئاسين، ۽ ماني به ھن سان گڏجي کاڌي ھئيسين. جڏھن قاضي جلال کنڀات ۾ داخل ٿي، اچي بغاوت ڪئي ھئي، تڏھن ھن بزرگ وٽ اچي حاضر ٿيو ھو، بادشاھه کي ڪنهن وڃي ٻڌايو ته ھن بزرگ، قاضي جلال لاءِ دعا گھري آھي، تنهنڪري ھي ويچارو بزرگ، بادشاھه جو ٻڌي، ڀڄي ويو ھو ته ڪٿي ھن جو حال به شيخ حيدريءَ جھڙو نه ٿئي!
    ھن شھر ۾ ٻيو به بزرگ خواجه اسحاق نالي ھڪ تاجر آھي، جنهن جي خانقاه ۾ ھر مسافر کي کاڌو ملندو آھي ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي روڪ پئسا به ڏنا ويندا آھن ۽ چون ٿا ته ھن جي ايتري خرچ ھوندي به ھن جي مال ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو ٿو وڃي. پوءِ اسان ھن شھر مان ڪوچ ڪري ڪاويءَ(1) ۾ پھتاسين، جيڪو سمنڊ جي ھڪ کاريءَ جي ڪناري تي آھي ۽ ھت به پاڻيءَ جو لاھھ ۽ چاڙه ٿيندو آھي ۽ راءِ جالينسي، ھندو راجا جي علائقي ۾ آھي، جنهن جو بيان اڳتي ڪنداسين. پوءِ اسان اتان ڪوچ ڪري اچي، ” قندار“ جي شھر ۾ پھتاسين، جو ھندن جو ھڪ تمام وڏو شھر آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي.

    اتي جي راجا جو بيان
    قندار جي ھندو راجا جو نالو جالينسي آھي. ھي اسلامي حڪومت جي ماتحت آھي ۽ ھر سال ھندستان جي بادشاھه جي ڍل ڀريندو آھي. اسان جڏھن قندار ۾ پھتاسين تڏھن ھي اسان جي استقبال لاءِ ٻاھر آيو ۽ اسان جي ڏاڍي عزت ڪيائين. ھن پنهنجو محل اسان لاءِ خالي ڪري ڇڏيو ھو، جنهن ۾ اسان وڃي لٿاسين پوءِ وڏا وڏا مسلمانن امير ھن جي طرفان اسان جي استقبال لاءِ آيا، جن ۾ خواجه بهراه جا ٻه پٽ ۽ ناخدا ابراھيم به ھو ؛ ھن شخص جا ڇھه جھاز خاص سندس ملڪيت آھن، پوءِ اسان ھن شھر مان سمنڊ ۾ سفر شروع ڪيو.

    ________________________________________
    (1) ھنول، وزيرپور، بجالصه ۽ موري - ھنن شھرن جو پتو نٿو پئجي سگھي ته ڪٿي ھئا. ھي شھر تمام قديمي آھن، جن جو نالو ۽ نشان به نه رھيو آھي. رڳو بجالصه جي نالي سان، دھليءَ جو ھڪ دروازو ڪري سڏيو ويندو ھو، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته اھو ھڪ وڏو شھر ھوندو. ٻيا به ان وقت چڱا شھر ھوندا، پر ھن وقت اھي موجود ڪو نه آھن يا ڪي نامعلوم ڳوٺڙا وڃي رھيا ھوندا، جن جا نالا به ڦيرائي ڇڏيا ھوندائون. (مترجم)
    (2) علاپور؛ ھي شھر گواليار جي ويجھو ئي ڪٿي آباد ھو- مترجم
    (2) برون – ھن نالي سان ھن وقت ڪو به شھر ھندستان ۾ مشھور ڪونهي، پر گواليار جي قريب ڪنهن رستي تي ضرور ڪو ڳوٺ ھوندو، جنهن جو نالو به مٽجي ويو ھوندو.مترجم
    (1) مري:- ھن نالي سان ھن وقت ھندستان ۾ ڪو به اھڙو مشھور شھر ڪونهي، پر ابن بطوطه جي زماني ۾ ضرور ڪو شھر ھوندو جيڪو ھينئر ميٽجي ويو ھوندو يا ڪو ننڊڙو ٻوٺڙو رھيو ھوندو. مترجم
    * ڪجراويته يا ڪچراد:- ھي ھندستان ۾ ھڪ شھر آھي، جيڪو ڇتر پور کان ٢٧ ميل پري اڀرندي طرف آھي، ۽ شھر پنا کان ٢٥ ميل پري ڏکڻ اولهه ۾ آھي. مترجم
    * چنديري:- ھي شھر ھينئر ننڍڙو ڳوٺرو وڃي رھيو آھي، جو دھليءَ کان ٢٨٠ ميل پري آھي. ان جي ڀرسان ٽڪريءَ تي اڃا ھڪ شڪسته قلعو بيٺو آھي، جو تنهن زماني ۾ ھڪ مضبوط قلعو ھوندو ھو.
    (1) شھر ظھار يا ڌار – ”آئين اڪبري“ ۾ ھن شھر جو بيان آيل آھي ته ھي شھر راجا ڀوڄ جي راڄ ڌاني ھوندو ھو، ھن وقت ڌار ھڪ ننڍڙي رياست آھي ۽ چڱي آمدشماري اٿس، مسلمانن جي وقت ۾ ھيءُ ھڪ وڏو شھر ھوندو ھو، ۽ اڃا تائين به ھن ۾ ھڪڙي ڳاڙھي پٿر جون مسجدون مرمت جي قابل موجود آھن.
    (1) اجين- ھي ھندستان ۾ ھڪ قديمي شھر آھي، جيڪو سپيئرا نديءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھيءَ مالوه جو قديم داراخلافه ھوندو ھو، پر ھاڻي گراليار جي رياست ۾ آھي، پراڻي شھر جا کنڊ رات اڃا تائين به نئين اجين جي ڀرسان اٽڪل ھڪ ميل جي ايراضيءَ ۾ موجود آھن، جنهن مان ثابت آھي ته ھي تمام وڏو شھر ھوندو ھو. سنه ١٤٥٨ع ۾ اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي لڙائي به ھن شھر جي ويجھو لڳي ھئي. سنه ١٧٩٢ع ۾ ”ھولڪر“ ھن شھر کي ساڙيو ھو ۽ سنه ١٨١٠ع تائين ھيءُ شھر سنڌ يا جو پايھ تخت ڪيو ويو، پر پوءِ “گواليار“ دارالحڪومت رھيو. مترجم
    (1) نذر بار – ھن وقت ھن شھر کي نندو بار ڪري سڏيندا آھن، ۽ خانديش جي ڀرسان تاپتي نديءَ جي ڀرسان ڏاکڻي ڪناري تي آھي، تاريخ فرشته موجب جڏھن ملڪ ڪافور ديول ديويءَ جي وٺڻ لاءِ ويو ھو، ته ان وقت ھن سلطان پور ۽ نذر بار ٻه شھر آباد ڪيا ھئا. موجوده وقت ۾ ھيءُ ڪو اھڙو وڏو شھر ڪونهي، پر ڪنهن زماني ۾ ضرور ھي ھڪ وڏو شھر ۽ تجارت گاھه ھوندو ھو، سنه ١٦٦٦ع ۾ ھت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ھڪ ڪوٺي کولي ھئي، جيڪا پوءِ احمد آباد ۾ کڻي ويا. باجي راءِ جي وقت ۾ ئي ھيءُ شھر غيرآباد ٿي ويو، ھن ۾ اڃا تائين به ڪي جھونيون مسجدون ۽ عمارتون موجود آھن. مترجم
    * ساگر – ھن نالي وارو ھن وقت ڪو به اھڙو مشھور شھر ھندستان ۾ ڪو نه رھيو آھي. مترجم
    (1) شيخ کي “ٽپال “ ۾ موڪلڻ، ھن کان اڳ ھندستان ۾ ٽپال جي عنوان ۾ اين بطوط لکي آيو آھي ته رستي تي اھڙيون چونڪيون ٺھيل ھونديون ھيون، جتي ٽپال پھچائيندڙ ماڻھو، تيار بيٺا ھوندا ھئا . ان ۾ جلد گھربل ماڻھو ءَ کي ٻه کٽ تي کڻي، ڀڄندا ويندا ھئا، وغيرا . مترجم
    (1) ڪاوي (گادي) ۽ قندار- ھي ٻيئي بندر ھن وقت ڦٽي ويا آھن. قنڌار، ھي افغانستان وارو قندار ڪونهي، پر ھندستان ۾ ھڪ بندر جو نالو ھو، جيڪو نربداءَ ندي جي منهن وٽ ھوندو ھو. مترجم


    باب اٺون

    فصل پھريون

    اسان جي سمنڊ رستي سفر جو بيان
    اسان ناخدا ابراھيم جي جھاز ” جاگير“(1)نالي تي چڙھياسين ۽ تحفي جي گھوڙن مان ستر گھوڙا به اسان ان تي چاڙھيا. تحفي جا ٻيا رھيل گھوڙا ۽ نوڪر چاڪر، ابراھيم جي ڀاءُ جي جھاز تي، جنهن جو نالو ”منورت“ ھو، سوار ٿيا. راءِ جالينسي اسان کي ھڪ ٻيو جھاز ڏنو، جنهن ۾ ظھير الدين جا گھوڙا، سنبل ۽ ان جا نوڪر چاڪر چڙھيا، جالينسي اسان جي لاءِ پاڻي، زاد راھه ۽ گھوڙن جي چاري جو پڻ بندوبست ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي ”عڪيري“ نالي جھاز ۾ چاڙھي اسان سان گڏ موڪليائين. اھو جھاز غوراب جي شڪل جھڙو ھو، پر ان کان گھڻو ڪشادو ھو. ان ۾ مضبوط ٿنڀا ھئا. لڙائيءَ جي وقت ان تي ڇت چاڙھي ڇڏيندا ھئا ته انهيءَ ٿنڀائينءَ ڇت کي تير يا پٿر لڳي نه سگھندا ھئا.
    جھاز جاگير جنهن ۾ اسان چڙھيا ھئاسين، تنهن ۾ پنجاھه تير انداز ۽ پنجاھه جنگي حبشي ھئا، جيڪي ھن سمنڊ جا امير ليکيا ويندا آھن، ۽ جيڪڏھن انهن مان رڳو ھڪ به ڪنهن جھاز تي سوار ھوندو آھي، ته ھندو چور ۽ باغي ان کي ڪجھه به نه چوندا آھن. ان سان ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ ھڪ بيرم(1) نالي ٻيٽ تي اچي لٿاسين. ھيءُ ٻيٽ بلڪل خالي لڳو پيو ھو، ۽ خشڪيءَ کان پوءِ صرف چار ميل پري ھو. اسان اتي ترسي حوض مان پاڻي کنيو.
    ان جي غيرآباد ھجڻ جو سبب اھو ٿو چيو وڃي ته مسلمانن ھتي جي ھندن تي حملو ڪيو ھو. ان وقت کان پوءِ وري ھندن وڃي ان کي آباد نه ڪيو. ملڪ التجار، جنهن جو بيان ڪري آيا آھيون، ھن کي آباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو ھو ۽ ان کي شھر پناھه ڏياري، ان جي مٿان منجينقون رکائي، مسلمانن کي ان ۾ آباد ڪيو ھئائين. پوءِ اسان اتان ھلي، ٻئي ڏينهن اچي قوقھ(1) (گھوگھا)۾ پھتاسين، ھيءُ ھڪ وڏو عاليشان شھر آھي، جنهن ۾ تمام وڏيون بازاريون آھن.اسان شھر کان چار ميل پري اچي لنگر انداز ٿيا ھئاسين، ڇو ته اھو جزر جو وقت ھو؛ تنهنڪري، پاڻي لھي ويو ھو.
    پوءِ اسان نڍين ٻيڙين ۾ چڙھي شھر ڏانهن وياسين، جڏھن شھر کان اڃا ھڪ ميل پري ھئاسين ته ٻيڙيون پاڻيءَ جي نه ھئڻ سبب گپ ۾ گپي پيون. مان پنهنجي ٻن ماڻھن جي مدد سان شھر ڏانهن روانو ٿيس. ماڻھو ڊپ ڏياري رھيا ھئا ته جيڪڏھن پاڻي چڙھي ويو ته ڌاڍا مشڪل ۾ پوندو ۽ مان ته تري به ڪو نه ڄاڻندو ھوس. آخر اچي شھر ۾ پھتس ۽ بازاريون گھمي، ھڪ مسجد ۾، جيڪا حضرت خضر ۽ حضرت الياس ڏانهن منسوب ھئي، وڃي مغرب جي نماز پڙھيم. ان مسجد ۾ مون حيدري فقيرن جي ھڪ جماعت ڏٺي، جن جو شيخ به ھنن سان گڏ ھو. پوءِ مان جھاز ڏانهن واپس ھليو آيس.

    ھتي جو راجا
    ھتي جو راجا جو نالو دنڪول آھي، ۽ رڳو نالي ۾ بادشاھه جو مطيع آھي، پر حقيقت ۾ ھو نافرمان آھي. پوءِ به اسان ھن شھر مان ھلي، ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي سنداپور(1) جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھن ٻيٽ ۾ ڇٽيھه ڳوٺ آھن، ھن جي ارد گرد سمنڊ جي ھڪ کاري آھي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي لاھھ وقت ته پاڻي مٺو ھوندو آھي، پر چاڙھه وقت لوڻ جھڙو کارو ھوندو آھي. ھن ٻيٽ جي وچ ۾ ٻه شھر آھن،جن مان ھڪ تمام پراڻو ھندن جو آباد ڪيل آھي، ۽ ٻيو مسلمانن انهيءَ وقت آباد ڪيو ھو، جڏھن ھنن ھن ٻيٽ کي پھريون دفعو فتح ڪيو ھو. ان ۾ ھڪ جامع مسجد، بغداد جي مسجدن جي نموني تي، ٺھيل آھي، جيڪا ناخذا حسن سلطان جمال الدين محمد ھنوريءَ جي والد ٺھرائي ھئي. ھن ٻيٽ کي ٻئي دفعي فتح ڪرڻ جي موقعي تي مان به موجود ھوس، جنهن جو اڳتي بيان ڪندس. ھن ٻيٽ مان ھلي، اسان ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿاسين، جيڪو خشڪيءَ جي بلڪل ويجھو ھو. ان ۾ ھڪ مندر، ھڪ باغ ۽ ھڪ حوض ھو، اتي مون ھڪ جوڳي ڏٺو ھو.

    ان جوڳيءَ جي ڳالھه
    جڏھن اسن ھيٺ ٻيٽ تي اچي لٿاسين، تڏھن اسان ھڪ جوڳيءَ کي ڏٺو، جيڪو ھڪ بتخاني ۾ ٻن بتن جي وچ ۾ پنهنجي آسڻ تي ويٺو ھو. ان جي منهن مان معلوم پئي ٿيو ته ھن ڏاڍي رياضت ۽ جفا ڪشي ڪئي آھي. اسان ھن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن ڪوبه جواب ڪو نه ڏنو. اسان جاچ ڪئي ته ھن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪجھه آھي يا نه، پر اسان کي ڪجھه به نظر نه آيو. ان وقت ھن يڪدم وٺي دانهن ڪئي، ته ھڪدم ھڪ ناريل وڻ مان ڇڄي اچي ھن جي سامھون ڪريو. ھن اھو ناريل کڻي اسان کي ڏنو، اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ ھن کي دينار ۽ درھم ڏيڻ لڳاسين، جي ھن نه ورتا. پوءِ ھن کاڌي جون شيون آڇيوسين، پر ھن اھي به نه ورتيون.
    ھن جي سامھون ھڪ اٺ جي ڏاس جو چوغو پيو ھو، جيڪو مون کڻي اٿلائي ڏٺو، ته ھن اھو مون کي ڏيئي ڇڏيو، مون وٽ زيلع جي ھڪ تسبيح ھئي، جيڪا ھن غور سان پئي ڏٺي. مون اھا تسبيح ھن کي ڏيئي ڇڏي، جنهن کي ھن ھٿ ۾ وٺي سنگھيو، ۽ پوءِ پاڻ وٽ رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪيائين. پوءِ وري قبلي ڏانهن اشارو ڪيائين. منهنجا ساٿي ڪجھه به سمجھي نه سگھيا ته ھن ڇا ٿي چاھيو، پر مان سمجھي ويس ته ھو مسلمان آھي ۽ ھن ٻيٽ جي رھاڪن جي سبب کان پنهنجي مذھب کي مخفي رکيو ٿو اچي ۽ ناريل کائي پنهنجو گذران ڪندو ٿو رھي.
    جڏھن اسان ھن کان موڪلايو ٿي، تڏھن مون سندس ھٿ تي چمي ڏني، جنهن ڪري منهنجا دوست ناراض ٿيڻ لڳا. يڪدم ھو سمجھي ويو ۽ منهنجو به ھٿ وٺي چميائين. پوءِ مشڪي اسان کي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. ويندي وقت مان سڀني جي پٺيان ھوس. ھن منهنجي ڪپڙي کان جھلي ٿورو ڇڪيو. مون مڙي پٺيان ڏٺو، ته ھن مون کي ڏهه دينار ڏنا.
    جڏھن اسان ٻاھر آياسين، تڏھن منهنجي ساٿين مون کان پڇيو ته ھن جوڳيءَ تنهنجي ڪپڙن کان ڇو پئي ڇڪيو! تنهن تي مون ٻڌايو مان ته ھن مون کي ڏهه دينار ڏنا آھن. انهن دينارن مان ٽي دينار مون ظھير الدين کي ڏنا ۽ ٽي دينار سنبل کي ڏنم. ۽ ان قت ٻڌايو مان ته اھوشخص (جوڳي) مسلمان آھي ڇو ته جڏھن ھن آسمان ڏانهن آڱر کنئي، تنهن مان سندس مطلب ھو ته مان خدا تعاليٰ تي ايمان رکان ٿو ۽ جڏھن قبلي ڏانهن اشارو ڪيائين ته ان مان سندس پيغمبر تي ايمان رکڻ جو مطلب ھو. ازنسواءِ ھن جو مون کان تسبيح وٺڻ ھن ڳالھه جي تصديق آھي. جڏھن مون ھنن کي اھو ٻڌايو، تڏھن ھو ٻيئي واپس موٽي ويا ته اتي جوڳيءَ کي ڪو نه ڏٺائون.
    پوءِ اسان انهيءَ وقت اٿي روانا ٿياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اچي ھنور(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر سمنڊ جي ھڪ وڏيءَ کاريءَ تي، جنهن ۾ جھاز وڃي سگھن ٿا، ٻڌل آھي، ۽ سمنڊ ڏاڍو چڙھندو آھي، ۽ ان ۾ طوفان ايندو آھي. ان وقت چئن مھينن تائين مڇيءَ جي شڪار ڪندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص سمنڊ ڏانهن ڪو نه ويندو آھي.
    جڏھن اسان ھنور ۾ پھتاسين، تڏھن ھڪ جوڳي اسان وٽ آيو ۽ اچي مون کي ڇھه دينار ڏيئي چيائين ته” جنهن برھمڻ کي تو تسبيح ڏني ھئي، تنهن ھي ڇھه دينار موڪليا اٿئي“ مون ھن کان اھي دينار ورتا ۽ انهن مان ھن کي ھڪ دينار ڏيڻ لڳس، پر ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھليو ويو. مون پنهنجي سائين سان اھا ڳالھه ڪئي ۽ چيو مان ته جي چاھيو ته پنهنجو حصو وٺي سگھو ٿا، پر ھنن چيو ته ”نه“ ۽ ان وقت مون کي ٻڌايائون ته جيڪي ڇھه دينار تو اسان کي ڏنا ھئا، انهن ۾ ڇھه دينار پنهنجي کيسي مان ملائي، جنهن جاءِ تي جوڳي ويٺو ھو، اتي رکي آيا ھئاسين. اھو ٻڌي مون کي اڃا به وڌيڪ حيرت ٿي ۽ اھي دينار مون پاڻ وٽ احتياط سان رکي ڇڏيا.
    ھنور شھر جا باشندا شافعي مذھب جا آھن ۽ ديندار، نيڪبخت ۽ بحري طاقت کان مشھور آھن، پر سنداپور. (گوا) جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، زماني ھنن کي پست ڪري ڇڏيو، ان جو اڳتي بيان ڪندس.
    شيخ محمد ناگوري ھن شھر جي عابدن مان ھڪ آھي، جنهن پنهنجي خانقاھه ۾ اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھو پنهنجي ماني پاڻ پچائيندو ھو، جيئن غلامن ۽ ٻانهين جا ناپاڪ ھٿ ان کي نه لڳن. فقير اسماعيل جيڪو پڙھائيندو آھي ۽ ھن شھر جو رھاڪو آھي، سو ڏاڍو پرھيز، خوش خلق ۽ فياض آھي. ھن شھر جي قاضي نورالدين علي آھي، ۽ خطيب جو نالو مون کي ھينئر ياد نه رھيو آھيو آھي.
    ھن شھر ۽ سڄي ساحل جون عورتون سبيل ڪپڙو ڪو نه ڍڪينديون آھن، بلڪ اڻ سبيل ڪپڙو پھرينديون آھن. ڇاڪنديون آھن جو چادر جي ھڪ پلاند سان سڄو بدن ڍڪي، ٻئي پلاند سان ڇاتي ۽ مٿو ڍڪي ڇڏينديون آھن. ھي عورتون سھڻيون ۽ پارسا ٿينديون آھن ۽ نڪ ۾ سون جون نٿون پائينديون آھن.
    انهن جي خاصيت اھا آھي، جو انهن مان ھر ھڪ عورت حافظ قرآن آھي. ھن شھرن ۾ تيرھن ڇوڪرين جا ۽ تيرھن ڇوڪرن جا مڪتب آھن. ھن شھر کانسواءِ اھا ڳالھه مون ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪا نه ڏٺي. ھتئي جا ماڻھو رڳو سمنڊ جي واپار تي گذران ڪندا آھن ۽ کيتي ڪو نه ڪندا آھن. مليار (مليار) جا ماڻھو ھتي جي بادشاھه جمال الدين کي سال ۾ ڪجھه مقرر ڍل ڏيندا آھن، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ زبردست بحري طاقت ۽ ڇھه ھزار پيادل ۽ سوارن جو لشڪر آھي، جنهن کان ھو ڊڄندا آھن.

    ھنور جي بادشاھه جو بيان
    ھتي جي بادشاھه جو نالو جمال الدين محمد بن حسن آھي، ۽ ڏاڍو نيڪ بخت انسان ۽ طاقتور آھي. ھو ھڪ ھندو راجا جي ماتحت آھي، جنهن جو نالو آھي ھريب، ان جو بيان مان انشاالله تعاليٰ اڳتي ڪندس. ھي سلطان جمال الدين ھميشه جماعت سان نماز پڙھندو ھو. ھن جي عادت ھئي ته صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ مسجد ڏانهن ھليو ويندو ھو، پوءِ فجر جي نماز پڙھي، شھر کان نڪري ويندو ھو ۽ نيرن مھل واپس مسجد ۾ اچي ٻه رڪعتون نماز پڙھي، پوءِ پنهنجي محل ڏانهن ھليو ويندو ھو. ھو ايام بيض ۾ روزانو به رکندو ھو.
    جڏھن مان ھن وٽ وڃي رھيو ھوس، تڏھن ھو مون کي افطار جي وقت گھرائيندو ھو، فقيه علي ۽ فقيه اسماعيل اڳيئي اتي موجود ھوندا ھئا، پوءِ زمين تي چار ننڍيون ڪرسيون رکيون وينديون ھيون، جن مان ھڪ تي ھو ويھندو ھو ۽ باقي ڪرسين تي اسان مان ھر ھڪ ويھندو.

    هن جي کاڌي جو نمونو
    ھن جي کاڌي جو طريقو ھي ھو ته پھريائين ٽامي جو ھڪ دستر خوان جنهن کي خومچو چوندا آھن، آڻيندا آھن، جنهن تي ھڪ ٽامي جي طباق آڻي رکندا آھن. ان طباق کي ”طالم“ ڪري چوندا آھن، ان کان پوءِ خوبصورت ٻانهي ريشمي ڪپڙا پھري، پاڻ سان کاڌي جون ديڳڙيون ۽ ٽامي جا وڏا وڏا چمچا آڻيندي آھي ۽ چانور جو ھڪ ھڪ چمچو ڪري طباق ۾ وجھندي ويندي آھي. پوءِ ان جي مٿان گيھه وجھي، انهيءَ طباق ۾ ٻئي پاسي کان مرچن، ادرڪ، ليمي ۽ انب جا آچار رکندي آھي، جن کي ھر ھڪ لقمي کان پوءِ کائيندا آھن. جڏھن اھي چانور ختم ٿي ويندا آھن، تڏھن وري ٻيو چمچو چانورن مان ڀري طباق ۾ وجھي، ان جي مٿان سرڪي ۾ رڌل مرغيءَ جو گوشت رکندي آھي، جنهن سان چانور کاڌا ويندا آھن.
    ھنن چانورن جي ختم ٿيڻ تي وري ٽيون چمچو ڀري وجھندي آھي، ۽ ان جي مٿان وري ٻيءَ طرح رڌل مرغيءَ جو گوشت رکندي آھي، ۽ ان کان پوءِ ھر ھڪ چمچي سان گڏ نموني نموني جي رڌل مڇي وجھندي ويندي آھي، پوءِ گيھه ۾ رڌل سائي ڀاڄي آڻيندي آھي، جا به چانور سان کاڌي ويندي آھي.
    جڏھن اھي سڀ کاڌا پورا ٿي ويندا آھن، تڏھن ڪوشان(1) ايندو آھي، جنهن تي کاڌو ختم ٿيندو آھي. جڏھن ھيءَ لسي ايندي آھي، تڏھن سمجھبو آھي ته ھاڻي سڀ طعام ختم ٿي ويا. ان کان پوءِ گرم پاڻي پيئندا آھن، ڇو ته برسات جي موسم ۾ ٿڌو پاڻي نقصانڪار ٿيندو آھي.
    ھن بادشاھه وٽ مان ٻيو دفعو يارھن مھينا وڃي رھيو ھوس ته ايترن ڏينهن ۾ ڪڏھن به مون ڪڻڪ جي ماني ڪا نه کاڌي، ڇو ته ھتي جي ماڻھن جو کاڌو رڳو چانور آھن، اھڙيءَ طرح سان جڏھن مان مالديپ، سيلان، ملبار ۽ معبر جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ٽن سالن تائين وڃي رھيو ھوس، ته اتي به چانور کان سواءِ ٻيو مون ڪجھه به ڪونه کاڌو، ايتري قدر جو اھي چانور مون کي نڙيءَ ۾ ڦاسي پوندا ھئا، ۽ پاڻيءَ سان انهن کي ڳھندو رھندو ھوس.
    ھي بادشاھه ريشمي باريڪ ڪنان جا ڪپڙا پائيندو آھي. ۽ چيلهه تي چادر ڍڪي، ٻه لحاف ھڪ ٻئي جي مٿان ڪري ڍڪيندو آھي. ھو وارن کي ويڙھي، مٿان پٽڪو ٻڌي ڇڏيندو آھي ۽ جڏھن سوار ٿي نڪرندو آھي. تڏھن قباءُ (وڏي دستار) پھري، ان جي مٿان لحاف به وجھي ڇڏيندو آھي. ان جي اڳيان ماڻھو نغارا ۽ طبل وڄائيندا ھلندا آھن. ھن دفعي اسان ھنور ۾ ٽي ڏينهن ترسياسين ۽ ويندي وقت ھن اسان جي سفر جو سامان وغيره به ڏنو، اتان ھلي ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي مليبار (مليار) جي حد ۾ پھتاسين. ھيءُ اھو ملڪ آھي جتي ڪارا مرچ پيدا ٿيندا آھن. ان جي ڊيگھه ٻن مھينن جو رستو آھي، جيڪو درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي سنداپور (گوا) کان ڪولم تائين ھليو ٿو وڃي.
    ھن رستي جي ٻنهي طرف وڻ آھن ۽ ھر ھڪ اڌ ميل کان پوءِ ھڪ ڪاٺ جي ٺھيل جاءِ آھي، جنهن ۾ دڪان ۽ چبوترا ٺھيل آھن، جتي ھر ڪو ھندو يا مسلمان مسافر آرام ڪندو آھي. ھر ڪنهن جاءِ جي ڀرسان وري ھڪ کوھه ھوندو آھي، جتي ھڪ ھندو پاڻي پياريندو رھندو آھي. ھو ھندن کي برتن ۾ پاڻي پياريندو آھي ۽ مسلمانن کي ٻڪ ۾، جيڪو ھو پنهنجي ٻنهي ھٿن سان وات تي جھلي بيھندا آھن ۽ اھو ھندو ان ۾ پاڻي وجھندو رھندو آھي، جڏھن بند ڪرڻ جو ارشاد ملندو اٿس، تڏھن پاڻي وجھڻ بند ڪندو آھي.
    ملبار ۾ اھو رواج آھي ته مسلمانن کي گھر ۾ اچڻ ڪو نه ڏيندا آھن ۽ نه ئي وري انهن کي پنهنجي ڪنهن برتن ۾ کاڌو ڏيندا آھن. پر اتفاق سان جيڪڏھن ڪنهن کي کاڌو ڏين به کڻي، ته پوءِ ان کي ڀڃي ڇڏيندا آھن، يا ڪنهن مسلمان کي ڏيئي ڇڏيندا آھن، ۽ جنهن جاءِ تي ڪو مسلمان ڪو نه رھندو آھي، اتي ھو مسلمان لاءِ کاڌو تيار ڪري، اھو ڪيوڙي جي پن تي رکي، ٻوڙ به ان ۾ وجھي، کيس ڏيندا آھن ۽ جيڪي بچندو آھي، سو ڪتن ۽ پکين کي وجھي ڇڏيندا آھن.
    ھن رستي جي سڀني منزلن تي مسلمانن جا گھر آھن، جن وٽ مسلمان مسافر وڃي ترسندا آھن، ۽ ھر ھڪ شي خريد ڪري انهن لاءِ کاڌو تيار ڪندا آھن. جيڪڏھن مسلمانن جا گھر نه ھجن ھا ته جيڪر مسلمانن لاءِ ھن ملڪ ۾ سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ھا. ھن ٻن مھينن جي رستي ۾ ھڪ چپي جيتري زمين به اھڙي ڪا نه آھي، جيڪا آباد نه آھي، ھت ھر ھڪ ماڻھو جو گھر الڳ الڳ آھي، جنهن جي چوڌاري باغ رکيل ھوندو آھي ۽ ان جي چوطرف ڪاٺ جي ڀت ڏنل ھوندي آھي، اھڙي طرح سان اھو سڄو رستو ھنن باغن جي وچ مان لنگھي ٿو، جڏھن ھڪ باغ پورو ٿيندو آھي، تڏھن ان جي ڀت تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل ھوندي آھي، جنهن تان چڙھي ٻئي باغ ۾ پھچبو آھي. اھڙيءَ طرح سان ٻن مھينن جو سفر آھي.
    ھن ملڪ ۾ بادشاھه کان ٻيو ڪو به ماڻھو گھوڙي يا ڪنهن ٻئي جانور تي سواري ڪو نه ڪندو آھي. گھڻو ڪري ماڻھو ڏوليءَ تي چڙھندا آھن، جنهن کي مزدور يا غلام کڻي ھلندا آھن، نه ته ھر شخص پنڌ سفر ڪندو آھي، جيڪڏھن ڪنهن ماڻھوءَ وٽ واپار جو سامان وغيره يا ٻيو ڪو مال متاع وڌيڪ ھوندو آھي، ته ان کي مزدور ڀاڙي تي ڪرڻا پوندا آھن، جيڪي اھو سامان پٺيءَ تي کڻي ھلندا آھن، ڪي سوداگر اھڙا به ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جن سان سامان کڻن وارا سو سو ماڻھو به ھوندا آھن، ھر ھڪ مزدور کي ھٿ ۾ ھڪ ٿلھي لٺ ٿيندي آھي، جنهن جي ھيٺئين پاسي لوھه جي ھڪ ڪلي ۽ مٿئين پاسي ھڪ لوھه جو انگڙو ٿيندو آھي. جڏھن ھو ٿڪجي پوندو آھي ۽ ترسڻ لاءِ ويجھو ڪو به دڪان وغيره ڪو نه ھوندو اٿس، تڏھن اھا لٺ زمين ۾ کوڙي، ان تي سامان جي ڀري لڙڪائي ڇڏيندو آھي ۽ ساھي پٽي، اھو سامان کڻي وري اٿي پنڌ پوندو آھي.
    مون ھن رستي جھڙو امن ۽ امان ٻئي ڪنهن به رستي تي ڪو نه ڏٺو. ھن ملڪ ۾ رڳو ھڪ ناريل جي چوريءَ تي انهيءَ چور کي ماري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو به ميوو زمين تي ڪري پوندو آھي ته ان کي ڪو به ھٿ ڪو نه لڳائيندو آھي. ۽ آخر ان جو مالڪ اچي اھو کڻي ويندو آھي. چون ٿا ته ھڪ ھندوءَ ھڪ ناريل کڻي ورتو ھو، ته حاڪم کي خبر پئجي وئي، جنهن ھڪ ڪاٺ جي ٿنڀي کي زمين ۾ کوڙائي، ان جي مٿان جيڪا لوھه جي چھنبدار سيخ ھئي، تنهن مان ھڪ تختو لنگھائي، ان تي کڻي ھن کي اونڌو ليٽايائين، ته اھا شيخ ھن جي پيٽ مان آر پار لنگھي، وڃي سندس پٺيءَ کان نڪتي، پوءِ ٻين ماڻھن کي سبق سيکارڻ لاءِ ھن کي اتي ئي اھڙي طرح ٽنگيل ڇڏي ڏنائين.
    اھڙي قسم جا ٿنڀا رستي ۾ گھڻن ئي ھنڌن تي کتل آھن. جيئن مسافرن کي ان جو مطلب سمجھه م اچي سگھي. رات جي وقت اسان کي ڪيترائي ھندو رستي تي ملندا ھئا ۽ اسان جي لنگھي وڃڻ کان پوءِ ھلڻ شروع ڪندا ھئا، ھن ملڪ ۾ مسلمانن جي تمام گھڻي عزت ڪئي ويندي آھي، پر ايترو ضرور ٿيندو آھي، جو نه ھنن سان گڏ کاڌو ويندو آھي ۽ نه ھنن کي گھر ۾ اچڻ ڏنو ويندو آھي.
    ملبار جي ملڪ ۾ ڪل ٻارھن راجا آھن، جن مان سڀني کان وڏي راجا جو لشڪر پندرھن ھزار آھي ۽ سڀ کان ننڍي راجا وٽ ٽي ھزار لشڪر آھي. انهن جي وچ ۾ ڪڏھن به تڪرار ڪو نه ٿيندو آھي ۽ نه وري ڪو ڏاڍو راجا پاڻ کي ضعيف راجا جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ چاھيندو آھي. جڏھن ھڪ راجا جو علائقو پورو ٿيندو آھي ۽ ٻئي راجا جو علائقو شروع ٿيندو آھي، تڏھن انهيءَ جاءِ تي ھڪ ڪاٺ جو دروازو ٺھيل ھوندو آھي، جنهن تي اڳيان ايندڙ علائقي جي راجا جو نالو لکيل ھوندو آھي، جنهن جو جو مطلب آھي ته اھو فلاڻي راجا جي امان يا پناھه جو دروازو آھي. جيڪڏھن ڪو به ھندو يا مسلمان ڪنهن علائقي ۾ ڪو ڏوھه ڪري ٻئي راجا جي دروازي ۾ داخل ٿي ويندو آھي، ته ان کي ڪنهن به قسم جو ڊپ نه رھندو آھي. پوءِ جيتوڻيڪ اھو راجا کڻي ڏاڍو يا وڏي لشڪر وارو سلطان ھجي. ته به ان ضعيف راجا کي اچي مجبور ڪري نٿو سگھي ته ڏوھي سندس حوالي ڪيو وڃي.
    ھنن راجائن جي تخت جا وارث پٽ ڪو نه ٿي سگھندا آھن، پر سندن ڀاڻيجا تخت جا وارث ٿيندا آھن، ھن ملڪ جو دستور، الثلم سوڊان ملڪ جي مسوفه قوم کان سواءِ، ٻئي ھنڌ مون ڪٿي به ڪو نه ڏٺو. ھن جو بيان مان اڳتي ڪندس. جيڪڏھن ملبار جي ڪنهن راجا کي ڪنهن به دڪاندار جي خريد و فروخت بند ڪرڻي ھوندي آھي، ته سندس غلام وڻن جون ٽاريون آڻي ان دڪان تي ٽنگي ڇڏيندا آھن، پوءِ جيستائين اھي ٽاريون اتي ھونديون آھن، ان وقت تائين ڪو به ان دڪان تي خريد فروخت ڪري نه سگھندو آھي.

    ڪارن مرچن جو بيان
    ڪارن مرچن جو ٻوٽو انگور جي ول جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنهن کي ناريل جي وڻ جي ڀرسان پوکي ڇڏيندا آھن، پوءِ اھو ٻوٽو ناريل جي وڻ تي ول وانگر چڙھي ويندو آھي، ان کي شاخون ڪو نه ٿينديون آھن، جيئن انگور کي ٿينديون آھن ۽ ان جا پن گھوڙي جي ڪنن جي شڪل جھڙا ٿيندا آھن، ڪن جا پن عليق(ھڪ قسم جي گاھه) جي پنن جھڙا ٿيندا آھن. ان جو ميوو ننڍن ننڍن ڇڳن ۾ لڳندو آھي. جنهن کي خريف جي موسم ۾ ڇني، زمين تي ڳوڻين ۾ اس تي سڪائيندا آھن، جيئن ڪشمش ٺاھڻ لاءِ انگورن کي سڪايو ويندو آھي. ان کي وقت به وقت اٿلائيندا پٿلائيندا رھندا آھن ۽ جڏھن صفا خشڪ ٿي ويندا آھن ۽ رنگ ڪارو ٿي ويندو اٿن، تڏھن سوداگرن کي وڪڻي ڇڏيندا آھن.
    اسان جي ملڪ جي ماڻھن جو خيال آھي ته انهن کي باھه تي پچائيندا آھن، تڏھن انهن ۾ سختي پيدا ٿيندي آھي، پر اھو غلط آھي. ان ۾ سختي اس ۾ سڪڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آھي. قالقوط (ڪئليڪٽ) جي شھر ۾ مون ڏٺو ته انهن کي ماپي سان مئي رھيا ھئا، جيئن اسان جي ملڪ ۾ جوئر مئيندا آھن، ملبار جو سڀ کان پھريون شھر جنهن ۾ اسين داخل ٿياسين سو ھو ابي سرور(1) ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جيڪو ھڪ وڏي سمنڊ جي کاريءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھت ناريل جا وڻ تمام گھڻا آھن، ھت مسلمانن ۾ سڀ کان وڏو ماڻھو شيخ جمعو ڏاڍو سخي آھي ۽ پنهنجو سڀ ڪجھه فقيرن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري ڇڏيو اٿائين.
    اتان ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي فاڪنور(2) جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر به ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھت ڪمند جي پوک تمام گھڻي عمدي ٿيندي آھي. جنهن جو مثال ھن ملڪ جي ڪنهن به ٻئي ھنڌ ملي نٿو سگھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي مسلمان موجود آھن، جن مان سڀني کان وڏو حسين سلاط ليکيو ويندو آھي، جنهن ھتي ھڪ جامع مسجد به ٺھرائي آھي. ھت قاضي ۽ خطيب به رھندا آھن.

    ھتي جي راجا جو بيان
    ھن شھر جي ھندو راجا جو نالو باسديو آھي، جنهن وٽ ٽيھه جنگي جھاز آھن ۽ انهن سڀني جو وڏو عملدار بولا نالي ھڪ مسلمان آھي. ھو پھريائين سامونڊي لٽيرو ھوندو ھو، ۽ سوداگرن کي ڦريندو رھندو ھو، جڏھن اسان ھن شھر جي ڀرسان اچي لنگر انداز ٿياسين، تڏھن راجا اسان ڏانهن پنهنجي پٽ کي موڪليو، جيڪو اسان وٽ جھاز ۾ بطور رھينه(1) گروي اچي رھيو ھو. ان کان پوءِ اسين شھر ۾ وياسين جتي راجا ٽن ڏينهن تائين اسان جي مھماني ڪئي، ھي مھماني ھندستان جي بادشاھه جي عزت افزائي، پنهنجي مھمانوازي ۽ اسان جي جھازن سان خريد فروخت جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي ھئي.
    ھن شھر جو دستور آھي ته جيڪو به جھاز ھتي پھچندو آھي، تنهن کي اتي ترسي، راجا کي ڪجھه تحفي طور ڏيڻو پوندو آھي، جنهن کي حق بندر چوندا آھن، پر جيڪڏھن ڪو جھاز ائين نه ڪندو آھي، تنهن کي راجا جا جھاز بردستيءَ بندر تي وٺي ايندا آھن ۽ جيستائين ھو اھو حق ادا نه ڪندا آھن، تيستائين ان کي وڃڻ نه ڏيندا آھن. پوءِ اتان ٽن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي، مجرور(1) (منگلور) جي شھر ۾ پھتاسين. ھي شھر تمام وڏو آھي ۽ ھڪ کاريءَ تي، جنهن کي دنب ڪري چوندا آھن. ٻڌل آھي. ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ کاري وڏي ۾ وڏي آھي. ھن شھر ۾ ”فارس“ ۽ ”يمن“ جا وڏا وڏا واپاري ايندا آھن. ھتي سنڍ ۽ ڪارا مرچ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿيندا آھن.

    ھتي جي بادشاھه جو بيان
    ھتي جو راجا ھن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو راجا آھي، ۽ سندس نالو رامديو آھي. ھن شھر ۾ اٽڪل چار ھزار کن مسلمان رھندا ، جيڪي شھر کان ٻاھر رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن انهن مسلمانن ۽ شھر وارن جي وچ ۾ لڙائي لڳندي آھي، ته راجا وچ۾ پيئي صلح ڪرائي ڇڏيندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھو واپارين جو ھميشه محتاج رھندو آھي. ھن شھر ۾ ھڪ شافعي قاضي رھندوآھي، جنهن جو نالو بدرالدين معبري آھي،جيڪو تعليم به ڏيندو آھي.
    اھو قاضي اسان جي جھاز ۾ آيو ۽ اسان کي اچي چيائين ته اسان جي شھر ۾ ھلي رھو. اسان چيس ته جيستائين راجا پنهنجو پٽ بطور ضمانت اسان وٽ نه موڪليندو، جيئن فاڪنور جي راجا موڪليو ھو، تيستئاين اسان جھاز تان نه لھنداسون. تنهن تي ھن جواب ڏنو ته فاڪنور ۾ مسلمان تمام ٿورا آھن، ۽ اتي جي مسلمانن جو ايترو زور به ڪونهي، پر ھن شھر جو راجا خود اسان کان ڊڄندو آھي، تنهنڪري ضمانت جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اسان سندس ڳالھه نه مڃي، پوءِ آخر راجا پنهنجي پٽ کي اسان جي جھاز تي موڪلي ڏنو، تڏھن اسان جھاز تان لھي شھر ڏي وياسين. ھنن اسان جي تمام گھڻي عزت ڪئي ۽ اسان ٽي ڏينهن ان شھر ۾ ترسي پياسين.
    ان کان پوءِ اسان ”ھيلي“(1)ڏانهن وياسين. ۽ ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اتي پھتاسين. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن ۾ عمديون عمارتون ٺھيل آھن. ھيءُ شھر ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي، جنهن ۾ وڏا وڏا جھاز اچي سگھن ٿا. ھن شھر تائين چين جا جھاز ايندا آھن، جيڪي قالقوط (ڪئليڪٽ)، ”ڪولم“ ۽ ”ھيلي“ کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪو نه ترسندا آھن. ھن شھر کي ھندو توڙي مسلمان متبرڪ ڪري سمجھندا آھن، ڇو ته ھتي ھڪ جامع مسجد آھي، جيڪا ڏاڍي برڪت واري آھي. جھازن تي چڙھڻ وارا خير و عافيت سان واپس ورڻ لاءِ ھن جامع مسجد جون باسون باسيندا آھن ۽ وڏيون وڏيون رقمون نذر ڪندا آھن. خطيب حسين جي، جيڪو ھتي جي سڀني مسلمانن کان وڏو آھي، نگرانيءَ ۾ ھن مسجد جو خزانو رھندو آھي. ھن مسجد ۾ طالب عالمن کي تعليم به ڏني ويندي آھي، ۽ انهن کي خرچ به مسجد جي مال مان ڏنو ويندو آھي، ازانسواءِ ھن مسجد ۾ ھڪ بورچيخانو به آھي، جنهن مان مسافرن، مسڪينن ۽ مسلمانن فقيرن کي کاڌو ڏنو ويندو آھي.
    ھن مسجد ۾ منهنجي ملاقات ھڪ نيڪ انسان فقيه سان ٿي، جنهن جو نالو سعيد ھو ۽ ”مقدشو“ جو رھاڪو ھو. ھو ڏاڍو نيڪ سيرت ۽ خوش خلق ماڻھو ھو، ۽ ھميشه روزا رکندو ھو. ھو چوندو ھو ته مان چوڏھن سال مڪي معظم ۽ ايترا ئي سال مديني منور ۾ رھيو آھيان، ۽ مڪي معظم ۾ امير بانمي ۽ مديني منور ۾ منصور بن جماز سان مليو آھيان، ان کان سواءِ ھندستان ۽ چين جو سفر پن ڪري آيو آھيان، پوءِ اسان ”ھيلي“ مان ھلي اچي ”جرفتن“(1)۾ پھتاسين، جيڪو ھيلي کان صرف ٽي فرسخ پري آھي. اتي ھڪ فقيه سان مليس، جيڪو بغداد جو رھاڪو ھو. ۽ ”صرصري“ ڪري سڏبو ھو. صرصري بغداد ۽ ڪوفي جي رستي تي، بغداد کان ڏھن ملين جي مفاصلي تي ھڪ شھر آھي. ھن شھر ۾ ھن جو ھڪ ڀاءُ رھندو ھو، جو ڏاڍو مالدار ھو، ۽ صغير اولاد ڇڏي مري ويو ھو، جڏھن مان اتان روانو ٿيس، تڏھن ھو به انهن کي وٺي بغداد وڃي رھيو ھو.
    ھندستان جي ماڻھن جو به سوڊان جي ملڪ وارو ساڳيو دستور آھي، ته جڏھن ڪو مسافر مري ويندو آھي، تڏھن چاھي سندس ھزارن جو مال ھجي، اھو ڪنهن مسلمان وٽ امانت طور ھوندو آھي ۽ جيستائين ڪو شرعي وارث نه اچي، تيستائين ڪو به ان مان ڪجھه صرف ڪري نه سگھندو آھي.

    ھتي جي بادشاھه جو بيان
    ھن شھر جي راجا جو نالو ڪويل آھي، جو ملبار جي وڏن راجائن مان ھڪ ليکيو ويندو آھي. ھن وٽ ڪيترائي جھاز آھن، جيڪي عمان، فارس ۽ يمن جي ملڪن ڏانهن (واپار لاءِ) ويندا آھن. دھھ فتن(2) ۽ بدفتن جن جو اسان ھينئر بيان ٿا ڪريون، پڻ ھن جا شھر آھن. ان کان پوءِ جرفتن کان دھھ فتن پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن ۾ باغ تمام گھڻا آھن، جن ۾ ناريل، ڪارا مرچ، سوپاريون ۽ پان پيدا ٿيندا آھن.
    ھتي قلقاص(1) به گھڻي پيدا ٿيندي آھي، جنهن کي گوشٽ سان گڏ پچائيندا آھن. ڪيلو ته ھتي ايترو گھڻو پيدا ٿيندو آھي جيترو مون ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ نه ڏٺو. ھن شھر ۾ ھڪ وڏي بائين(حوض) آھي، جنهن جي ڊيگھه پنج سئو قدم ۽ ويڪر ٽي سو قدم ٿيندي. اھا سڄي ڳاڙھي پٿر کي تراشي ٺاھي وئي آھي. ان جي ڪنارن تي اٺاويھه وڏا وڏا قبا ٺھيل آھن ۽ ھر ھڪ قبي ۾ پٿر جون چار ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن. ھر ھڪ قبي تي بائين(حوض) جي ھيٺان ڏاڪڻيون ٿيون چڙھن ۽ ان جي وچ تي ھڪ وڏو قبو ٺھيل آھي، جنهن کي ٽي طبقا آھن. ھر ھڪ طبقي ۾ چار ويھڻ جون جايون آھن، چون ٿا ته راجا ڪويل جي پيءُ ھيءَ بائين ٺھرائي ھئي.
    انهيءَ بائين جي سامھون وري ھڪ جامع مسجد آھي، جنهن مان ھيٺ بائين ۾ ڏاڪڻيون ٿيون وڃن. ماڻھو انهن ڏاڪڻين تان لھي ھيٺ بائين ۾ وڃي وضو ۽ غسل ڪندا آھن. فقيه حسين مون کي ٻڌايو ته ھيءَ بائين ۽ جامع مسجد،ر اجا ڪويل جي ھڪ ڏاڏي ٺھرائي ھئي، جيڪو مسلمان ٿيو ھو. ھن جي اسلام ۾ اچڻ جي متعلق به ھڪ عجيب قصو مشھور آھي، جيڪو بيان ھيٺ ٿا ڪريون.

    جامع مسجد جي سامھون، عيجب شان وارو وڻ
    مون به ڏٺو آھي ته جامع مسجد جي سامھون ھڪ وڏو وڻ بيٺل آھي، جنهن جا پن انجير جي پتن جھڙا آھن، پر انهن کان ڪجھه قدر وڌيڪ نرم آھن. ھن وڻ جي چوڌاري ڀت ڏنل آھي. اتي ھڪ محراب به ٺھيل آھي، جنهن ۾ مون ٻه رڪعتون نفل پڙھيو ھو. ھن وڻ کي ”درخت شھادت“ سڏيندا آھن. ۽ ڳالھه ڪندا آھن ته خريف جي موسم ۾ ھن وڻ جو ھڪ پن پھريائين زرد ٿي، پوءِ ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. ان کان پوءِ اھو پن ھيٺ ڪري پوندو آھي، جنهن تي قدرت جي قلم سان ”لاالله الاالله محمد الرسول الله“ لکيل ھوندو آھي.
    فقيه حسين ۽ معتبر ماڻھن جي ھڪ جماعت کان مون ٻڌو ته ھنن اھو پن ڏٺو آھي، ۽ ان تي لکل ڪلمو به پڙھيو آھي. جڏھن اھو پن ھيٺ ڪري پوندو اھي، تڏھن ان جو اڌ مسلمان کڻي ويندا آھن ۽ باقي اڌ راجا جي خزاني ۾ رکيو ويندو آھي، ۽ ان مان ڪيترن مريضن کي شفا حاصل ٿيندي آھي. ھن ئي پن جي ذريعي سان اھو ڪويل راجا مسلمان ٿيو ھو،جنهن مسجد ۽ بائين ٺھرايون ھيون. ھو عربي اکر پڙھي سگھندو ھو، تنهن ڪري جڏھن ھن پن تي لکيل ڪلمو پڙھيو، تڏھن مسلمان ٿي ويو ۽ وري مسلمان به پڪو ٿيو. ھيءَ روايت سلسليوار ھلندي ٿي اچي. فقيه حسين وڌيڪ ٻڌايو ته ان راجا کان پوءِ سندس ھڪ پٽ مرتد ٿي ويو ھو، جنهن ھن وڻ کي پاڙان پٽائي، ان جو نشان به ڪو نه ڇڏيو ھو، پر ھي وڻ وري ڄمي پيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ سرسبز ٿيو ۽ وڌيو. پر اھو راجا جلدي مري ويو.
    ان کان پوءِ اسان بدفتن(1) جي شھر ۾ وياسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جيڪو پڻ ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي. ھن شھر کان ٻاھر سمنڊ جي ڀرسان ھڪ مسجد ٺھيل آھي، جنهن ۾ مسلمان مسافر اچي ترسندا آھن. ھن شھر جو بندرگاھه ڏاڍو سھڻو ۽ پاڻي به تمام مٺو اٿس. ھتي سوپاريون تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿينديون آھن، جيڪي ھندستان ۽ چين ڏانهن موڪليون وينديون آھن، ھت جا باشندا اڪثر ڪري برھمڻ آھن، جن جي ھندو تمام گھڻي عزت ڪندا آھن، پر ھو مسلمان جا سخت دشمن آھن. ٻيو ھي سبب آھي، جو ھن شھر ۾ ڪو به مسلمان ڪو نه ٿو رھي.

    ڳالھه
    چون ٿا ته ھنن ھن مسجد کي انهيءَ لاءِ برباد ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو آھي، جو اتي جي ھڪ برھمڻ ھن مسجد جي ڇت ڪيرائي، کڻي وڃي ان مان پنهنجي گھر جي ڇت ٺاھي ھئائين، ته ھن جي گھر ۾ اھڙي ته باھه لڳي، جو ان ۾ پاڻ، سندس اھل اولاد ۽ مال متاع سڀ ڪجھه سڙي خاڪ ٿي ويو، ان حادثي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو انهي مسجد جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ڪنهن به ان جي بي ادبي نه ڪئي، بلڪ ان جي ٻاھران مسافرن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ھڪ حوض به ٺھرائي ڇڏيائون ۽ ان جي درين تي ڄاريون ھڻائي ڇڏيائون، جيئن پکي ان جي اندر نه وڃي سگھن.
    پوءِ اتان ھلي، اسان اچي فندرينا جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، منجھس بازارون ۽ باغ تمام گھڻا آھن. ھن ۾ مسلمانن جا ٽي محلا آھن ۽ ھر ھڪ محلي ۾ مسجد ٺھيل آھي، سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ جامع مسجد ٺھيل آھي،جنهن ۾ سمنڊ جي طرف کان ويھڻ جون جايون ٺھيل آھن، اتي عجيب نظارو لڳو پيو آھي، ان جو قاضي ۽ خطيب عمان جو رھاڪو آھي، جنهن جو ڀاءُ، جيڪو ھڪ وڏو فاضل شخص آھي، پڻ ھتي ئي رھندو آھي. ھت گرميءَ ۾ چين جا جھاز اچي ترسندا آھن. ان کان پوءِ اسان قالقوط* (ڪئليڪٽ) ڏانهن روانا ٿياسين. ھي ملبار جي ملڪ ۾ تمام وڏو بندر آھي، جتي چين، جاوا، ميلان، مھل(مالديپ) يمن ۽ فارس جا سوداگر بلڪ سڄيءَ دنيا جا واپاري اچي گڏ ٿيندا آھن. ھيءُ بندرگاھه دنيا جي وڏن بندرگاھن مان ھڪ آھي.

    ھتي جو راجا
    ھتي جو راجا ھندو آھي، جنهن کي سامري ڪري چوندا آھن. ھو عمر ۾ گھڻو وڏو آھي ۽ اھڙي طرح ڏاڙھي ڪوڙائيندو آھي، جھڙيءَ طرح سان ھتي رھندڙ روم جي ملڪ جي ھڪ جماعت جا ماڻھو ڪوڙائيندا آھن. ھتي جا امير التجار جو نالو ابراھيم شاھه بندر آھي، جيڪو بحرين جو رھاڪو آھي ۽ ھڪ وڏو عالم ۽ سخي مرد آھي. ھن وٽ ھر طرف جا سوداگر اچي گڏ ٿي سندس دستر خوان تي ماني کائيندا آھن، ھتي جو قاضي فخرالدين عثمان پڻ ھڪ وڏو سخي مرد آھي ۽ خانقاھه جو شيخ، شھاب الدين گازرونيءَ جي باس باسيندا آھن، سي ھن کي اچي اھو نذر ڏيندا آھن.
    ناخدا ”مثقال“ پڻ ھن شھر ۾ رھندو آھي، جيڪو ھڪ وڏو مالدار ۽ مشھوريءَ وارو ماڻھو آھي، جنهن جا جھاز ھندستان، چين، يمن ۽ فارس ۾ واپار ڪندا آھن. جڏھن اسان ھن شھر کي ويجھو پھتاسين، تڏھن شيخ شھاب الدين، ابراھيم شاھه بندر، وڏا وڏا سوداگر ۽ بادشاھه جو نائب جنهن کي ”قلاج“ ڪري سڏيندا ھئا، اسان جي استقبال لاءِ آيا، ۽ ھنن سان گڏ جھازن ۾ نوبت، نغارا ۽ علم پڻ ھئا. ان ڪري اسان ھڪ وڏي جلوس سان بندرگاھه ۾ داخل ٿياسين.
    ھيءُ بندر تمام تمام وڏو ۽ ڪشادو آھي ۽ ھن جھڙو بندر مون ھن ملڪ ۾ ٻئي ھنڌ ڪٿي به ڪو نه ڏٺو. اسان اچي اتي لنگر انداز ٿياسين. ان وقت چين جي ملڪ جا تيرھن جھاز اتي ترسيل ھئا. اسان جھاز تان لھي، شھر ۾ ھڪ ھڪ گھر مسواڙ تي وٺي رھياسين ۽ ٽن مھينن تائين چين ڏانهن وڃڻ لاءِ مناسب موسم جو انتظار ڪندا رھياسين، ايتري وقت تائين اسان جي مھماني راجا جي طرفان ايندي رھندي ھئي. چين جي سفر ۾ جيستائين چين جا جھاز ساڻ نه ھجن. تيستائين سفر ڪري نٿو سگھجي، جنهن جو اڳتي بيان ٿا ڪريون.


    ________________________________________
    (1) ھت اصل مٿن ۾ جاڪر لکيل آھي، اصل ھنديءَ ۾ جاگير صحيح آھي.
    (1) بيرم- ھڪ ميل کن ڊگھو ٻيٽ آھي، ھت انگريزن سنه ١٨٦٥ع کان ھڪ لائيٽ ھائوس ٺھرائي ڇڏيو آھي، جنهن تي سمنڊ جي سطح کان ھڪ سوءَ فوٽ مٿي بتيون ٻرنديون ھونديون آھن- ڏسو نقشو ھندستان ابن بطوط جو سير.
    (1) ڪاٺياواڙ ۾ بمبئي کان ٩٣ ميل پري ھڪ ٻيٽ آھي، ھتي جا ماڻھو جھازن تي خلاصي يا لشڪر ۾ ڀرتي ٿيل آھن، ۽ گھڻو ڪري جھاز رانيءَ جا شوقين آھن.
    (1) سنداپور – ھن کي ھاڻي گوا ڪري ٿا سڏين.
    (1) ھنور- ھي شھر بمبئي جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ ٻه ميل اندر ھڪ کاريءَ تي ٻڌل آھي، ۽ چڱو بندر آھي، سورھين صديءَ جي شروع ۾ پورچو گيزن ھت ھڪ قلعو ٺھرايو ھو. پر بيجانگر جي راجا سان لڙائيءَ وقت ان کي ساڙي ڇڏيو ھئائون. ان کان پوءِ ھن تي بيڊتور جي راجا قبضو ڪيو، جنهن کان حيدر عليءَ جي قبضي ۾ آيو ۽ ٽيپو سلطان جي آخري شڪست کان پوءِ، ھي شھر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي آيو. مترجم
    (1) ڪوشان- ڄميل کير يا ڌونئري مان ٺھيل لسي.
    (1) ابي سرور – ھن شھر جو ھن وقت پتو نٿو پوي ته ڪٿي آھي. – مترجم
    (2) فاڪنور – ھن وقت ھن شھر کي بدڪور ڪري سڏيندا آھن، جيڪو مدراس ۾ آھي، جڏھن ابن بطوطه اتي ويو ھو، تڏھن ھن شھر کي بيجانگر جي راجائن فتح ڪيو ھو، ۽ جڏھن دکن جي مسلمانن بيجانگر جي راجا کي سن ١٥٦٥ع ۾ مغلوب ڪيو، تڏھن ھي علائقو بيدنور جي راجا جي قبضي ۾ اچي ويو، ھن نئين شھر کي جيڪو پراڻي بدڪور يا فاڪنور کان ٥ ميلن جي مفاصلي تي آھي، ھنگوڪٽھ ڪري چوندا آھن. ھي شھر سيلا نديءَ جي منهن وٽ آھي، ھت اڃا به چانور، ڪپڙي، ناريل ۽ لوڻ جو واپار ھلندو آھي. – مترجم
    (1) رھينه - اڳئين وقت ۾ ھن ملڪ ۾ امن امان ڪجھه گھٽ ھو، ڇاڪاڻ ته بادشاھه به ڪڏھن شاھوڪار واپارين کي پنهنجي پالتو ڊاڪن ھٿان ڦرائيندا رھندا ھئا، تنهن ڪري واپاري ڊڄندا ھئا، ۽ انهن وٽ نه ويندا ھئا. انهن کي پڪ ڏيارڻ لاءِ راجا پنهنجن پٽن کي ھنن وٽ ڏياري موڪليندا ھئا، جيڪي وڃي ھنن جي ماڻھن وٽ ھنن جي جھازن ۾ ضامن طور رھندا ھئا ۽ ھنن جي صحيح سلامت موٽڻ تي واپس ويندا ھئا. – مترجم
    (1) مجرور – ھن کي ھاڻي منگلور ڪري چوندا آھن. ھن شھر تي اھو نالو شايد، منگل ديوي جي نالي تي، جنهن جو مندر ھن شھر جي ويجھو آھي، رکيو ويو آھي. ھي شھر به مدراس ۾ آھي، ۽ تمام آباد، خوبصورت ۽ صفائيءَ وارو آھي. ”گرگ“ ۽ ميسور جي قھوه به ھن بندر تان ٻاھر ويندو آھي.- مترجم
    (1) ھيلي – ھن وقت ھن نالي سان ڪو به شھر ڪو نه آھن.مترجم
    (1) جرفتن – ھن وقت ملبار جي ضلعي ۾ ھي ھڪ ننڍو آھي، - مترجم
    (2) دھھ دفتن – ھنٽر صاحب جي لکڻ موجب ھيءُ بندر، ”ٿيلي چري“ بندر جي ويجھو موجود ھو. ٿيلي چري ملبار جي اتر ۾ ھڪ وڏو بندر آھي. مترجم
    (1) قلقاص – ھيءَ ھڪ قسم جي سائي ڀاڄي آھي. – مترجم
    (1) ھن شھر جو پتو نٿو پوي ته ھاڻي ڪٿي آھي. – مترجم
    * قالقوط – جو مطلب ڪئليڪٽ آھي، جيڪو مدراس ۾ ملبار ضلعي جو ھڪ شھر آھي. – مترجم


    فصل ٻيو

    چين جا جھاز
    چين جي جھازن جا ٽي قسم ٿيندا آھن، وڏن جھازن کي ”جنوڪ“ جنهن جو واحد ٿيندو ”جنڪ“(2) وچولي درجي واري کي ”زو“ ۽ ننڍي جھاز کي ”ڪڪم“ ڪري سڏيندا آھن. وڏن جھازن کي ٻارھن قلعا مستول ٿيندا آھن ۽ ننڍن کي فقط ٽي، انهن جا قلعا (مستول)خيرزان (بيد) جي ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن. انهن جا باد بان وري ڳوڻين وانگر اڻيل ٿيندا آھن، جن کي ڪڏھن به ھيٺ نه لاھيندا آھن ۽ انهن کي رڳو ھوا جي رخ تي ڦيرائيندا آھن، جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ وقت پڻ اھي باد بان اتيئي بيٺا، ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رھندا آھن. ھر ھڪ جھاز ۾ ھڪ ھزار ماڻھو ھوندا آھن، جن مان ڇھه سئو ته جھاز کي ھلائيندا رھندا آھن ۽ باقي چار سئو سپاھي ھوندا آھن. انهن سپاھين مان ڪي تيرانداز ۽ جر خيا ھوندا آھن، جيڪي نفط(2) ڀري ھڻندا آھن. ھر ھڪ وڏي جھاز جي ھيٺان ٽي ننڍا جھاز ٿيندا آھن، جن مان ھڪ وڏي جھاز جي اڌ جيترو ٻيو ان جي ٽئين حصي جيترو ۽ ٽيون ان جي چوٿين حصي جيترو. ھي جھاز چين جي ھڪ شھر زيتون ۾ يا چين ڪلان ۾ ٺاھيا ويندا آھن، ۽ انهن جي ٺاھڻ جو ھي طريقو آھي؛ پھريائين ڪاٺ جون ٻه ڀتيون ٺاھي، انهن کي ڪاٺ جي ٿلھن ٿلھن بنڊن سان ملائيندا آھن؛ انهن ڪاٺ جي بنڊن ۾ ٽي ٽي گز ڊگھيون ڪليون ھڻندا آھن، جڏھن اھي ڀتيون تيار ڪري، اھڙي طرح سان ڳنڍيون وينديون آھن، تڏھن انهن ڀتين جي مٿان وري فرش ٺاھي ڇڏيندا آھن، جيڪو جھاز جو سڀ کان ھيٺيون فرش ٿيندو آھي، پوءِ ان کي کڻي سمنڊ ۾ وجھندا آھن؛ ۽ ھڪ پڃرو پاڻيءَ ۾ پاسي تي پيو ھوندو آھي، جتي ھو اچي غسل ۽ رفع حاجات وغيره ڪندا آھن؛ ۽ انهيءَ ڪاٺ جي پاسن تي انهيءَ جا ونجھھ ٿيندا آھن. جي ٿنڀن وانگر ڊگھا ھوندا آھن، انهن مان ھر ھڪ کي ڏهه يا پندرھن ماڻھو پيرن تي بيھي ھلائيندا آھن.
    ھر ھڪ جھاز کي چار ڇتيون ٿينديون آھن، جن ۾ گھر، مصاري(1) (ڪمرا) ۽ سوداگرن لاءِ دريون ٺھيل آھن، ھي مصاري به رھڻ لاءِ ڄڻ گھر ھوندا آھن، جن ۾ پائخانو پڻ ھوندو آھي، ان کي دروازو پڻ ٿيندو آھي، جنهن ۾ تالو به لڳي سگھندو آھي. جو ماڻھو مصريو وٺندو آھي، سو اھو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پاڻ سان عورتون به رکي سگھندو آھي. بعضي مصري جي رھڻ واري کي جھاز وارا يا ٻيا ماڻھو سڃاڻي به ڪو نه سگھندا آھن، جيستائين انهن جي ملاقات ڪنهن شھر ۾ جتي جھاز لنگر ھڻي، نه ٿئي. ھي بحري ماڻھو(ملاح) پنهنجي اھل اولاد سميت جھاز ۾ رھندا آھن ۽ ڪاٺ جا حوض ٺاھي انهن ۾ ڀاڄيون ۽ ادرڪ وغيره پوکي ڇڏيندا آھن.
    جھاز جو وڪيل (ڪپتان) ھڪ وڏي امير جھڙو شان رکندو آھي. جڏھن ھو خشڪيءَ تي ويندو آھي، تڏھين تيرانداز ۽ حبشي ماڻھو ھٿيار کڻي ھن جي اڳيان ھلندا آھن ۽ نوبت نفيرين ۽ نقارن وارا به وڄت ڪندا ساڻس گڏ ھلندا اھن. جڏھن ھو ڪنهن منزل تي پھچندا آھن ۽ اتي ترسڻ ھوندو اٿن ته پنهنجا نيزا ان جاءِ جي ٻنهي طرف کوڙي ڇڏيندا آھن، ۽ جيستائين اتي ترسيل ھوندا آھن، اھي اتي کتل ھوندا آھن. چين جا ڪي ماڻھو ڪيترن ئي جھازن جا مالڪ ھوندا آھن ۽ پنهنجا وڪيل (ڪپتان) انهن تي رکندا آھن. چين جي ماڻھن کان وڌيڪ شاھوڪار سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه آھن.

    اسان جو چين جي سفر تي سنبرڻ ۽ تباھيءَ جو اچڻ
    جڏھن چين ڏانهن سفر شروع ڪرڻ جو وقت آيو، تڏھن راجا سامري اسان جي لاءِ انهن تيرھن جنڪ جھازن مان ھڪ جھاز تيار ڪرايو، جنهن جو وڪيل(ڪپتان) سليمان صفوي شامي ھو. منهنجي ساڻس واقفيت ھئي، تنهن ڪري چيومانس ته ”مون کي ھڪ الڳ مصريي جي ضرورت آھي، جنهن ۾ ٻيو ڪو به شامل نه ھجي، ڇو ته مون وٽ ڪجھ ٻانهيون آھن، جن کان سواءِ مان سفر ڪري ڪين سگھندس.“ ھن جواب ڏنو ته ”چين جي واپارين سڀئي مصريا اڳواٽ بڪ ڪرائي ڇڏيا آھن، جن جو ھنن اوٽ موٽ جو ڀاڙو به ڏيئي ڇڏيو آھي، پر منهنجي ناٺيءَ وٽ ھڪ مصريو آھي، جيڪو مان توکي ڏيئي سگھندس، پر ان ۾ پائخانو ڪو نه آھي، جنهن جو به مان توکي ڪجھه بندوبست ڪري ڏيندس. “
    پوءِ مون پنهنجي ماڻھن کي حڪم ڏنو ته منهنجو سامان کڻي ھلن، جي منهنجي غلامن ۽ ٻانهين سميت وڃي جھاز ۾ چڙھيا. اھو خميس جو ڏينهن ھو. مون ارادو ڪيو ھو ته ٻئي ڏينهن جمعي جي نماز پڙھي، پوءِ وڃي جھاز ۾ چڙھندس. ظھيرالدين ۽ سنبل به وڃي جھاز ۾ چڙھيا ھئا، جن وٽ سفارت جو سڀ سامان ۽ جانور (گھوڙا وغيره) به ساڻ ھئا. جمعي جي صبح جو منهنجو غلام ھلال اچي مون کي چوڻ لڳو ته ”جيڪو مصريو اسان ڀاڙي ڪيو آھي، سو تمام تنگ آھي، تنهن ڪري اسان جي ڪم جو نه آھي.“
    مون ناخدا کي سڄي ماجرا ٻڌائي، جنهن جواب ڏنو نه ”مجبوري آھي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ انتظام ٿي نه سگھندو، پر جيڪڏھن ڪڪم يعني سڀ کان ننڍي جھاز ۾ مصريو گھرجيو، ته بهترين کان بهترين توھان کي ملي سگھندو“ مون سندس ڳالھه منظور ڪندي، پنهنجي ساٿين کي چيو ته منهنجي سامان ۽ ٻانهين کي جنڪ جھاز مان لاھي، انهيءَ ڪڪم جھاز ۾ وٺي وڃن ۽ تاڪيد ڪيومان ته جمعي جي نماز کان اڳ وڃي اتي پنهنجي جاءِ وٺجو. ھن سمنڊ جو قاعدو آھي ته عصر جي وقت کان پوءِ ھن ۾ تلاطم ٿيندو آھي، جنهن ڪري ان وقت ڪو به جھاز تي چڙھي ڪين سگھندو آھي.
    سڀ جنڪ جھاز اٿي ھليا ھئا، باقي اھو جنڪ جھاز، جنهن ۾ سفارت جا تحفا ھئا، ترسيل ھو. ھڪ ٻيو جنڪ جھاز، جنهن جو فندرين ۾ ترسڻ جو ارادو ھو ۽ ھڪ اھو ڪڪم جنهن ۾ مون گھر ورتو ھو، پڻ پوئتي رھجي ويا ھئا، ڇنڇر جي رات اسان سمنڊ جي ڪناري تي ترسي پياسين، ڇو ته ڪڪم مان لھي ڪو ڪناري تي اچي نٿي سگھيو ۽ نه وري اسان ان تي چڙھي ٿي سگھياسين. مون وٽ بستري کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ڪو نه ھو.
    صبح جو جنڪ جھاز ۽ ڪڪم جھاز ٻيئي بندرگاھه کان ڌڪجي، وڃي پري پيا ھئا، ۽ اھو جنڪ جھاز جيڪو فندرينا ۾ ترسڻو ھو، سو موج سان ٽڪر کائي ڀڄي پيو ھو. ان جون ڪي سواريون ٻڏي ويون، ته ڪي بچيون. ھڪ سوداگر جي ٻانهي به انهن ۾ شامل ھئي، جنهن سان ھن کي ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. ھن اعلان ڪيو ته جيڪو انهيءَ ٻانهيءَ کي زنده ڪڍي ايندو، تنهن کي ھو ڏهه ھزار دينار انعام ڏيندو. اھا ٻانهي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ھڪ تختي کي چنبڙي پيئي ھئي، جتان ھن کي ھڪ ھرمز جو خلاصي ڪڍي آيو. ھن ڏهه ھزار دينار وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”مون ھيءُ ڪم خدا واسطي ڪيو آھي.“
    رات جو سمنڊ جي موج انهيءَ جنڪ جھاز سان به ٽڪر کاڌو، جنهن ۾ سفارت جا تحفا ھئا. نتيجو اھو نڪتو، جو جھاز ڀڄي پيو ۽ ان جا سڀ ماڻھو مري ويا. صبح جو اسان سڀني کي ڪناري ستي پيل ڏٺو، ظھيرالدين جو مٿو ڦاٽي پيو ھو ۽ سندس مغز به نڪري آيو ھو. سنبل جي وري ڪن ۾ اھڙي ته سيخ چڀي ويئي ھئي، جو ٻئي پاسي کان آر پار نڪري آئي ھيس. اسان سندن جنازي نماز پڙھي، کين اتي ئي دفنائي ڇڏيو.
    ڪئليڪٽ جو راجا به ڌوتي ٻڌي، ھڪڙي ننڍي پڳڙي مٿي تي پائي، پيرن اگھاڙو اچي رھيو ھو ۽ ھڪ غلام سندس مٿان ڇٽ کنيو ٿي آيو . سندس اڳيان باھه ٻرندي پئي آئي ۽ سندس سپاھي ماڻھن تي مارڪٽ ڪري رھيا ھئا،ته متان سمنڊ جي ڪناري تي پيل ڪا شيءَ کڻن. ملبار جي ملڪ جو رواج آھي ته اھڙو مال سرڪاري خزاني ۾ ويندو آھي. پر خاص ڪئليڪٽ جو اھو رواج آھي ته اھو سڀ مال جھاز وارن جي ملڪيت ٿيندو آھي. انهيءَ ڪري ھيءُ شھر ڏاڍو آباد آھي ۽ ھت جھازن جي آمدرفت تمام گھڻي رھندي آھي.
    ڪڪم جي جھاز رانن جڏھن جنڪ جھاز جو اھو حال ڏٺو، تڏھن ھو جھاز جا بادبان چاڙھي اٿي راھي ٿيا، ان ۾ منهنجو سمورو سامان، ٻانهيون ۽ غلام به ھليا ويا ۽ مان اڪيلو ڪناري تي رھجي ويس. مون وٽ فقط اھي ڏهه دينار وڃي رھيا ھئا، جيڪي جوڳيءَ مون کي ڏنا ھئا ۽ ھڪ بسترو ھوم، ماڻھن مون کي چيو ته اھو ڪڪم ڪنهن به صورت ۾ ڪولم جي بندر تي ضرور وڃي بيھندو. تنهن ڪري مون خشڪيءَ جي رستي ڪولم وڃڻ جو ارادو ڪيو.
    خشڪيءَ يا پاڻيءَ جي رستي سان ڪولم ڏهه منزلون پري آھي، مون نهر جي رستي سفر ڪيو ۽ ھڪ مسلمان مزور پاڻ سان کنيم، جيڪو منهنجو بسترو کڻي ھلندو ھو. نهر ۾ سر ڪرڻ وارا رات جو خشڪيءَ جي ڪنهن ويجھو ڳوٺ ۾ وڃي ترسندا آھن ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو وري اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙھندا آھن اسان به اھڙي طرح ڪندا رھياسين. ٻيڙيءَ ۾ انهيءَ مزور کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان ڪو نه ھو. اھو مزور منزل تي پھچي، وڃي ھندن سان گڏ شراب پيئندو ھو ۽ اچي مون سان وڙھندو ھو، جنهن ڪري منهنجي طبيعت ڏاڍي خراب ٿيندي ھئي. پوءِ اسان اھڙيءَ طرح سفر ڪندي، پنجين ڏينهن اچي ڪنجيگريءَ(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر جبل جي چوٽيءَ تي آھي، جنهن ۾ يھودي رھندا آھن؛ ھنن کي پنهنجو الڳ امير آھي ۽ ڪولم جي راجا جي ڍل ڀريندا آھن.

    دارچيني ۽ بقم
    ھن نهر جي ڪناري تي دارچيني ۽ بقم(1) جا وڻ بيٺل آھن ۽ انهن وڻن جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اينديون آھن. پوءِ ڏھين ڏينهن اسان اچي ڪولم(2) ۾ پھتاسين.
    ملبار جي ملڪ ۾ ھيءُ شھر سڀ کان خوبصورت ليکيو ويندو آھي ۽ منجھس تمام سھڻيون بازاريون آھن. ھتي جي سوداگرن کي ”صولي“ ڪري چوندا آھن، جي ڏاڍا مالدار ٿيندا آھن، ڪي سوداگر ته جھازن جا جھاز (مال جا ڀريل) خريد ڪري، پنهنجي گھرن ۾ واپار لاءِ رکائي ڇڏيندا آھن. مسلمان سوداگر به ھن شھر ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود آھن، جن مان سڀ کان وڏو علاؤ الدين آوجي،عراق جي شھر اوڌ جو رھواسي آھي. ھو رافضي آھي ۽ سندس سڀ ساٿي پڻ انهيءَ طريقي جا آھن ۽ ان طريقي جي تبليغ به ڪندا رھندا آھن.
    ھن شھر جو قاضي قزوين جي شھر جو ھڪ فاضل شخص آھي. مسلمانن ۾ تمام وڏو ماڻھو محمد شاھه بندر آھي، جنهن جو ڀاءُ نقيءُ الدين ھڪ وڏو فاضل شخص آھي. ھن شھر جي جامع مسجد، جيڪا خواجه مھزب ٺھرائي ھئي، پڻ عجيب آھي. ملبار جي شھرن ۾ ھيءُ شھر چين کي سڀ کان ويجھو آھي، انهيءَ ڪري چين جا ڪيترائي ماڻھو سفر سانگي ھت ايندا رھندا آھن. ھن شھر ۾ مسلمان جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آھي.

    ھتي جو راجا
    ھتي جي ھندو راجا کي تيروري ڪري چوندا آھن، ھو مسلمانن جو گھڻو احترام ڪندو آھي ۽ چورن ۽ بدمعاشن سان تمام گھڻي سختي ڪندو آھي، ھڪ واقعو مون ڪولم ۾ ڏٺو ته عراقي تيراندازن مان ھڪڙي ٻئي کي ماري وڌو ۽ آوجيءَ جي گھر ۾ وڃي پناھه ورتائين. اھو قاتل تمام مالدار شخص ھو. مسلمانن ارادو ڪيو ته مقتول کي وڃي دفن ڪن، پر راجا جي نائب کين ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ چيائين ته جيستائين قاتل اسان جي حوالي نه ڪيو ويندو تيستائين مقتول دفن ڪري نٿو سگھجي.
    ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ ڏينهن ڪولم جو راجا شھر کان ٻاھر سواريءَ تي نڪتو، ته سندس گذر باغن جي وچمان ٿيو، ھن سان گڏ سندس ناٺي پڻ ھو، جيڪو خود ڪنهن راجا جو پٽ ھو. ھن ھڪ وڻ جي ھيٺان ھڪ پيل انب وڃي کنيو. راجا يڪدم ھن ڏانهن ڏسي حڪم ڏنو ته ”ھن جا ٻه ٽڪرا ڪري ھڪ ٽڪر رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو ٽڪر رستي جي ٻئي طرف رکيو وڃي ۽ اھڙيءَ طرح سان انب جا به ٻه اڌ ڪري، ھڪ رستي جي ھڪ طرف ۽ ٻيو وري ٻئي طرف رکائي ڇڏيائين، ته جيئن ڏسڻ وارا ھن مان سبق سکن.
    ھڪ ٻي ڳالھه مشھور آھي ته ھڪ دفعي ڪئليڪٽ ۾ راجا جينائب جي ڀائٽئي ھڪ مسلمان سوداگر کان سندس تلوار زبردستيءَ ڦري ورتي، جنهن تي انهيءَ سوداگر وڃي سندس چاچي سان ھن جي شڪايت ڪئي، جنهن واعدو ڪيس ته مان تنهنجو انصاف ضرور ڪندس. پوءِ ھو پنهنجي گھر جي دروازي تي وڃي ويھي رھيو. جڏھين سندس ڀائٽيو اھا تلوار ٻڌي اتي آيو، تڏھين پڇيائينس ته اھا فلاڻي مسلمان جي تلوار ته نه آھي؟ ھن جواب ڏنو ته ھائو، پر مون اھا ھن کان خريد ڪري ورتي آھي. نائب يڪدم حڪم ڏنو ته ھن کي گرفتار ڪري انهيءَ ئي تلوار سان سندس سر وڍيو وڃي.
    مان ڪولم جي شھر ۾ شيخ فخرالدين جي خانقاھه ۾ وڃي رھيو ھوس. ھيءُ بزرگ شخص شيخ شھاب الدين گازرونيءَ جو پٽ آھي، جنهن جو ڪئليڪٽ جي احوال ۾ بيان ڪري آيو آھيان. ڪڪم جھاز جي ڪا به خبر ملي نه سگھي، پر انهيءَ عرصي ۾چين جي بادشاھه جي سفارت جيڪا دھليءَ مان واپس آئي ھئي ۽ اسان سان گڏ ھئي، پر ٻئي جنڪ جھاز ۾ سوار ھئي، ڪولم پھچي ويئي. انهن جو جھاز پڻ ڀڄي پيو ھو. پوءِ چين جي واپارين ھنن کي مرد وغيره ڏيئي، اتان پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ انهن سان وري چين ۾ منهنجي ملاقات ٿي ھئي.
    آخر مون ارادو ڪيو ته ھتان دھليءَ واپس وڃي، جيڪو حال مون سان ٿي گذريو آھي، سو سمورو وڃي ٿو بادشاھه کي عرض ڪيان پر مان ان ڳالھه کان ڊڄي ويس ته متان بادشاھه مون کان ائين نه کڻي پڇي ته تون اسان جي موڪليل تحفن کان جدا ڇو ٿيو ھئين، تنهن ڪري مون پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين ڪڪم جھاز جي ڪا خبر پوي، تيستائين وڃي ٿو ھنوز جي شھر ۾ سلطان جلال الدين وٽ ترسان. جيئن ئي مان ڪليڪٽ ۾ پھتس ته اتي بادشاھه(محمد شاھه تغلق) جا ڪي جھاز بيٺل ڏٺم، جن ۾ ھن سيد ابو الحسن پرده دار کي گھڻو ئي مال ڏيئي موڪليو ھو. ته ھرمن(1) ۽ قطيف ۾ وڃي، اتان جيتري قدر به عرب ملي سگھن، (ھندستان ۾) وٺي اچي، ڇو ته بادشاھه عربن سان تمام گھڻي محبت ڪندو ھو.
    مان سيد ابو الحسن ڏانهن ويس ته معلوم ٿيو ته ھن جو ارادو ھو ته گرميءَ جي موسم ڪئليڪٽ ۾ گذاري، پوءِ عربستان ڏي سفر ڪري. مون کانئس صلاح ورتي ته بادشاھه ڏانهن واپس وڃان يا نه، جنهن تي ھن پڻ مون کي وڃڻ جي صلاح نه ڏني، ان کان پوءِ مان وڃي ڪئليڪٽ جي ھڪ جھاز ۾چڙھيس، ھي انهيءَ موسم جو سڀ کان آخري سفر ھو، جنهن ۾ اڌ ڏينهن اسان سفر ڪندا ھئاسين ۽ باقي اڌ ڏينهن لنگر ھڻي بيھي رھندا ھئاسين. رستي ۾ اسان کي ڊاڪن جون چار ٻيڙيون مليون، جن مان اسان کي ڏاڍو خوف ھو، پر ھنن اسان کي ڪا به تڪليف ڪا نه ڏني ۽ اسان سلامتيءَ سان ھنور جي شھر ۾ پھچي وياسين.
    پوءِ مان ھنور جي سلطان وٽ لنگھي ويس ۽ وڃي سلام ڪيومانس. ھن مون کي ھڪ شخص جي گھر ۾ ترسايو، ڇاڪاڻ ته مون وٽ ڪوبه نوڪر ڪو نه ھو، ۽ اتي مون کي چوائي موڪليائين ته مان ساڻس گڏجي نماز پڙھندو رھان. مان به گھڻو ڪري مسجد ۾ ويٺو ھوندو ھوس ۽ ھر روز ھڪ ڪلام الله ختم ڪندو ھوس. پوءِ ٻه ڪلام الله ختم ڪرڻ شروع ڪيم، جن مان ھڪ صبح کان شروع ڪري ظھر جي وقت تائين ختم ڪندو ھوس ۽ ٻيو ظھر کان مغرب تائين، اھڙيءَ طرح سان ٽن مھينن تائين ڪندو رھيس، ۽ انهيءَ عرصي ۾ چاليھه ڏينهن اعتڪاف ۾ به رھيس.

    اسان جو سنداپور تي ڪاھي وڃڻ ۽ فتحياب ٿيڻ
    سلطان جمال الدين ٻاونجاھھ جھاز تيارڪيا ھئا، ڇو ته ھن جو ارادو سنداپور تي چڙھائي ڪرڻ جو ھو. اتي جي راجا ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ ڪجھه اختلاف ھو، تنهن ڪري راجا جي پٽ سلطان ڏانهن لکي موڪليو ته جيڪڏھن سلطان سندا پور کي فتح ڪندو ته ھو مسلمان ٿيندو ۽ پنهنجي ڀيڻ کيس پرڻائي ڏيندو. جڏھن جھاز تيار ٿي ويا، تڏھن منهنجي دل ۾ به آيو ته مان به جھاد جي ثواب ۾ ڇو نه شامل ٿيا، مون ڪلام الله کي کولي، فال(1) ڏٺي، ته ھيءُ آيت نڪتي ته ”يذڪر فيھا اسم الله کثيرا ولينصرن الله من ينصره“ جنهن ۾ فتح جي بشارت ھئي.
    جڏھن سلطان عصر جي نماز لاءِ مسجد ۾ آيو، ته مون کيس چيو ته ”مان به ھن سفر ۾ شامل ٿيڻ ٿو چاھيان“ تنهن تي ھن جواب ڏنو ته ”ڏاڍو چڱو، ۽ مان توکي ھن جھاد جو امير مقرر ٿو ڪريان“ تنهن تي مون ٻڌايو مانس ته ڪلام الله مان به ھيءَ فال نڪتي آھي، ھي ٻڌي، ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خود به ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر پھريائين ھن جو اھڙو ارادو بلڪل ڪو نه ھو. مان ۽ ھو ھڪڙي ئي جھاز ۾ سوار ھئاسين.
    اسان ڇنڇر جي ڏينهن روانا ٿياسين ۽ منگل جي ڏينهن سندا پور پھتاسين. کاريءَ ۾ داخل ٿيندي معلوم ٿيو ته سندا پور جا باشندا لڙائيءَ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آھن ۽ منجنيقون به لڳائي ڇڏيون اٿن. رات جو اسان ترسي پياسين، صبح ٿيڻ شرط نوبت ۽ نقارا وڄڻ شروع ٿيا ۽ جھاز لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيا، دشمن جھازن تي منجنيقن جي ذريعي پٿرا اڇلائڻ شروع ڪيا، ھڪ پٿر ته سلطان جي ڀرسان بيٺل ھڪ ماڻھوءَ کي اچي لڳو، جھاز وارا ھٿن ۾ تلوارن ۽ ڍالون کڻي پاڻيءَ ۾ ٽپي پيا ۽ بادشاھ پڻ ان ۾ ڏاڍي بهادري سان ٽپي پيو. مون به پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايو.
    اسان وٽ اھڙا جھاز به ھئا، جن جا پٺيان حصا کليل ھئا ۽ انهن ۾ گھوڙي سوار بيٺل ھئا. اھي جھاز اھڙي طرح ٺھيل ھئا جو انهن ۾ اندران ئي اندران ماڻھو گھوڙي تي سوار ٿي، زرھ پھري، گھوڙي تي چڙھيل ئي ٻاھر نڪري ايندو. اسان به اھڙيءَ طرح ڪيو. خدا مسلمانن جي مدد ڪئي ۽ اسان تلوارون کڻي شھر ۾ گھڙي پياسين. ڪيترن ئي ھندن وڃي راجا جي محل ۾ پناھه ورتي، اسان ھنن تي باھه وسائي، آخر ھنن کي گرفتار ڪري ورتو. پوءِ سلطان ھنن کي امان ڏنو ۽ سندس عورتن به کين واپس ورائي ڏنيون. ھي ماڻھو اٽڪل ڏهه ھزار کن ھئا، تن کي شھر جي ٻاھران رھڻ لاءِ جڳھه ڏني ويئي، سلطان محل ۾ وڃي رھيو ۽ ان جي آسپاس واريون جايون پنهنجن ملازمن ۽ اميرن کي ورھائي ڏنيون ۽ مون کي ھڪ مڪيءَ نالي ٻانهي ڏنائين. مون وري ھن جو نالو مٽائي کڻي مبارڪھ رکيو. ھن جومڙس مون کي فديو(عيوض) ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. سلطان مون کي ھڪ مصري فرجيھ* (چوغو) پڻ ڏنو، جيڪو راجا جي توشھ خاني مان مليو ھو، مان سندا پور ۾ سلطان وٽ ١٣ جمادي الاول کان وٺي شعبان جي اڌ مھيني تائين رھيس، ۽ پوءِ سفر ڪرڻ جي اجازت گھريم. سلطان مون کان وعدو ورتو ته مان وري ھن وٽ واپس ايندس. پوءِ مان جھاز ۾ سوار ٿي ھنور، فاڪنور، منجرور، ھيلي، جرفتن، دھھ فتن، بدفتن، فندرينا ۽ ڪئليڪٽ، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، کان ٿيندو اچي شاليات(1) جي شھر ۾ پھتس. ھي ھڪ خوبصورت شھر آھي. ۽ اھو ڪپڙو، جيڪو ان شھر ڏانهن منسوب آھي. ھتي ٺھندو آھي. مان ھن شھر ۾ ڪيترائي ڏينهن رھيس ۽ پوءِ ڪئليڪٽ ڏانهن موٽي آيس. اتي مون کي، منهنجا ٻه غلام جيڪي ھڪ ڪڪم جھاز تي ويٺا ھئا، انهن مون کي ٻڌايو ته منهنجي اھا ٻانهي جيڪا حامله ھئي ۽ جنهن جي لاءِ مون کي تمام گھڻو فڪر رھندو ھو، مري ويئي. ۽ جاوا جي راجا سڀ ٻانهيون ۽ مال اسباب اسان کان ڦري ورتو ۽ منهنجا ساٿي، ڪجھه جاوا ۾، ڪجھه چين ۾ ۽ ڪجھه بنگالھ ۾ ٽڙي پکڙي ويا.
    اھي خبرون ٻڌي مان ھنور ھليو ويس، جتان وري سندا پور واپس ھليو ويس. مان محرم جي آخري تاريخن ۾ اتي پھتس. ربيع الثاني جي ٻيءَ تاريخ تائين اتي رھيس. اتي جو راجا جنهن کان اسان ھي شھر فتح ڪيو ھو، ڪٿان اچي اتي نڪتو، سڀ ھندو وڃي ھن وٽ گڏ ٿيا. سلطان جو لشڪر ان وقت ڳوٺن جي طرف ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، سو ھنن اچي سلطان کي گھيرو ڪيو ۽ سڀ آمدو رفت بند ڪري ڇڏيائون، مان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اتان کسڪي ڪئليڪٽ ڏانهن ھليو ويس، جتان ذيبته المھد* (مالديپ) جي ٻيٽن جي سفر جو ارادو ڪيم.
    مان ھنن ٻيٽن جون خبرون ٻڌندو رھندو ھوس ۽ ڪئليڪٽ کان سمنڊ رستي ھلي، ڏھين ڏينهن اچي ھنن ٻيٽن ۾ لٿاسين. ھي ٻيٽ دنيا ڀر ۾ عجيب آھن ۽ تعداد ۾ اٽڪل ٻه ھزار کن ٿيندا، ھڪ ھڪ سئو يا انهن کان ڪجھه گھٽ ٻيٽن جي ھر ھڪ مجموعي کي گول جي صورت ھوندي آھي، جنهن کي فقط ھڪ دروازو ٿيندو آھي، جتان جھاز اندر وڃي سگھندا آھن. جھازن جي رھبريءَ لاءِ ھڪ سونهين جي ضرورت ٿيندي آھي، تنهن ڪري جيڪڏھن ھنن ٻيٽن جي باشندن مان ڪو ھجي ته سڀيئي ٻيٽ گھمائي سگھي ٿو. ھڪ ٻيٽن جو مجموعو ٻئي مجموعي کي ايترو ته نزديڪ آھي، جو جيڪڏھن ھڪ مان نڪري ته ٻئي جي کجين جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آھن. پر جيڪڏھن طرفن جي غلطي ٿي وڃي ته اتي پھچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇو ته ھوا جھاز کي کڻي وڃي سيلان يا معبر جي ملڪن ۾ ڇڏيندي.
    ھن ٻيٽ جا سڀ باشندا مسلمان آھن، جيڪي تمام نيڪ بخت ۽ ديانتدار آھن. ھنن ٻيٽن ۾ جدا جدا اقليمون آھن ۽ ھر ھڪ اقليم(ملڪ) تي جدا جدا والي آھي، جنهن کي ”ڪرودبي“ ڪري چوندا آھن. انهن اقليمن جا نالا ھي آھن : ”بالپور“(1)، ”ڪنلوس“، ”مھل“(مال)، جنهن جي نالي سان سڄو ٻيٽ مشھور آھي، ۽ ان ۾ اتي جو بادشاھه پڻ رهندو آهي. ”نلاديب“، ”ڪرايدو“، ”نيم“، ”تلدمتي“، ”ھلديتي“، ”بريدو“، ”ڪندڪل“، ”ملوڪ“ ۽ ”سويد“ اھي ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ڪجھه پري آھن. ھنن ٻيٽن ۾ سويد اقليم کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي به پوک ڪا نه ٿيندي آھي.
    سويد ۾ ھڪ قسم جو اناج ٿيندو آھي، جيڪو انلي (ڪنگڻي چانورن) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنهن کي اتان مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ کڻي ويندا آھن. ھتان جا باشندا ھڪ قسم جي مڇي کائيندا آھن، جيڪا ليرون (مڇيءَ جو قسم ) جي شڪل جھڙي ٿيندي آھي، ان کي اتي جا ماڻھو قلب الماس(1) ڪري چوندا آھن. ھن مڇيءَ جو گوشٽ ڳاڙھو ٿيندو آھي، جنهن جي بوءِ اھڙي آھي، جھڙي چوپائي مال جي گوشت جي، ان کي ڦاسائي، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ٿورو پچائي، پوءِ کجيءَ جي ڦرھن جي ٺھيل تختي تي رکي، ان کي ڌوئندا آھن. ان کان پوءِ ان کي ھلڪي باھه تي ٽنگي ڇڏيندا آھن. جڏھن بلڪل خشڪ ٿي ويندي، تڏھن ان کي کائيندا آھن. ان کي ھندستان، چين ۽ يمن ۾ به کڻي ويندا آھن.

    ________________________________________
    (2) جنڪ – اڄ به چين ۾ جھاز کي جنڪ ڪري چوندا آھن. – مترجم
    (2) نفط – ”بارود يا روغن سياه و سفيد، جيڪو شردان جي زمين مان نڪرندو آھي“ (لغات کشوري، صفحو ٥٤٠ ) ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي اھو تيل (روغن ) جيڪو گرم ٿيندو آھي، پچڪارين ۾ ڀري دشمن جي لشڪر تي ڦٽي ڪندا ھئا، محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ پڻ اھڙا ماڻھو موجود ھئا، جن راجا ڏاھر جي ھاٿيءَ تي نفط ڦٽي ڪيو ھو، جو پاNيءَ ڏانهن ڀڄي وڃي راجا ڏاھر کي گپ ۾ ڪيرايو ھئائين. (تاريخ سنڌ، مصنف مولانا عبدالحليم شرر لکنوي) – مترجم
    (1) مصريھ جو جمع آھي، جنهن جي معنيٰ آھي ڪئبن، جيڪي اڄڪلھه جي جھازن ۾ عام آھن. – مترجم
    (1) ملبار جي ملڪ ۾ ھن وقت ھن شھر کي ڊنگ لور ڪري چوندا آھن. – مترجم
    (1) ”مخزن الادويھ“ ۾ لکيل آھي ته ھيءُ ھڪ وڏو وڻ ٿيندو آھي، جيڪو ملبار، زنزيبار ۽ سيلان ۾ ٿيندو آھي، ان جا پن بادام جي پنن جھڙا، ۽ گل پيلي رنگ جا ۽ ميوو گول ۽ ڳاڙھو ٿيندو آھي. ان جي ميوي کي ڀڄائي، ان مان رنگ ڪڍندا آھن. – مترجم
    (2) ھيءُ شھر ھاڻي تراونڪور جي رياست ۾ آھي.
    (1) ھرمن ۽ قطين عربستان جا شھر آھن. – مترجم
    (1) ھن جا ڪيترائي نمونا آھن، ڪي ماڻھو ابجد جي حساب تي فالون وجھندا آھن ۽ ڪي وري پارسي شعرن ذريعي فال وجھندا آھن، گھڻو ڪري ملا ماڻھو فالنامن جا ڪتاب رکي، وقت بوقت انهن جي ذريعي فال وجھندا آھن، وضو ڪرڻ جي ڪونئري ۾ به شڪي چورن جا نالا وجھي پڙھندا آھن. پوءِ جنهن جي نالي تي ڪونئرو ڦري، اھو چور ٻڌائيندا آھن. اھڙي طرح سان قرآن شريف کولي، ان مان به فال نيڪ يا بد جنهن جو نڪتل آيت تي مدار آھي، ٻڌائيندا آھن. – مترجم
    * جرجيھ – ” آئين اڪبريءَ“ ۾ ھيئن لکئيل آھي ”فرجيھ به بندو کشاده پيش باشد و برخ لکمھ افزايند – پبشتر به افير ان جامھ پوشند“ جنهن جو مطلب چوغو يا لبادو ٿيو. – مترجم
    (1) ھن کي ھاڻي”شاليا“ ڪري سڏيندا آھن ۽ ڪئليڪٽ جي پرسان آھي. – مترجم
    * ديبته - ديپ جو واحد ۽ معرب آھي. ديب سنسڪرت ۾ ٻيٽ کي چوندا آھن ۽ مھل يا مال سڀني کان وڏي ٻيٽ جو نالو آھي، تنهن ڪري ھنن لفظن کي اڳي پوءِ ڪري، ان کي مال – ديپ ڪري ٿا چون – مترجم
    (1) اصل متن ۾”بالبور“ لکيل آھي. پر اصل ۾ ”ٻالپور“ ھوندو، جو عربيءَ ۾”پ“ جو حرف ڪو نه آھي، - مترجم
    (1) ھيءَ ھڪ قسم جي خاص مڇي آھي، جنهن کي ابن بطوطه ”ليرون“ جي مشابهه ٿو لکي ۽ ڇاڪاڻ ته ان جو گوشت ڳاڙھو آھي، تنهن قلب (دل) جي رنگ سان سندس ماس کي مشابهت ڏيئي، ھن تي اھو نالو کڻي رکيوھوندائون.- مترجم


    فصل ٽيون

    ھتي جا وڻ
    ھنن ٻيٽن ۾ ناريل جا وڻ گھڻي انداز ۾ ٿيندا آھن. تنهن ڪري ھتي ناريل جام ٿيندو آھي، جنهن کي ھتي جا ماڻھو مڇيءَ سان کائيندا آھن. ناريل جو وڻ به عجيب ٿيندو آھي. مال ۾ ٻارھن دفعا ڦر جھليندو آھي. يعني ھر مھيني سندس ڦر تيار ٿيندو رھندو آھي. ناريل مان وري کير، تيل ۽ ماکي ٺاھي ويندي آھي. جنهن جو بيان پھرئين حصي ۾ تفصيل سان ڪري آيو آھيان. ناريل جي ماکيءَ مان حلوو ٺاھي، ناريل جي گوري سان گڏ کاڌو ويندو آھي. ناريل جي مٿين سڀني شين ۽ انهيءَ مڇيءَ ۾ جنهن جو بيان مان مٿي ڪري آيو آھيان، عجيب قوت باھه ٿيندي آھي ۽ ھن ٻيٽ جا ماڻھو به ھن ڪم ۾ عجائبات ظاھر ڪندا آھن. خود منهنجي نڪاح ۾ اتي چار زالون ھيون ۽ ٻانهيون تنهن کان سواءِ ھيم، جن سان رات ڏينهن ھم بستري ٿيندو رھندو ھئس ۽ ڏيڍ سال تائين اتي رھندي، مون اھو دستور جاري رکيو.
    ھنن ٻيٽن ۾ ناسپاتيون، نارنگيون، ليمان ۽ قلقاس(سائي ڀاڄيءَ جو قسم) به ٿيندا آھن. قلقاس جي پاڙن کي ڪڍي، ان جو اٽو پيھي، ان مان اطريھ (سيون) ٺاھي، ناريل جي کير ۾ رڌيندا آھن، جيڪو ڏاڍو مزيدار کاڌو ٿيندو آھي. مون کي به ھي کاڌو ڏاڍو وڻندو ھو ۽ اھو گھڻو ڪري کائيندو ھوس.

    ھنن ٻيٽن جا باشندا ۽ انهن جي رھائش
    ھن ٻيٽ جا ماڻھو نيڪو ڪار، ديندار، پرھيزگار ۽ ايماندار ٿيندا آھن. ھو حلال جي روزي کائيندا آھن، تنهن ڪري ھنن جي دعا ھميشه قبول پوندي آھي. جيڪڏھن ڪو به ماڻھو ھنن ڏانهن ڏسندو آھي ته چوندا آھن، ”الله منهنجو رب آھي، محمد صھ منهنجو نبي آھي، ۽ مان ھڪ غريب جاھل آھيان.، ھو بدن ۾ ضعيف ۽ ھيٺان ٿيندا آھن. لڙائي جھڳڙي مان ھو ڪين ڄاڻن، ۽ سندن ھٿيار فقط سندن دعا آھي. ھڪ دفعي مون ھڪ چور جي ھٿ ڪپڻ جو حڪم ڏنو ته اتي ويٺلن مان ڪيترائي بيھوش ٿي ويا ھئا.
    ھندستان جا چور ۽ ڊاڪو، ھنن کي ڪو نقصان ڪو نه پھچائيندا آھن. ڇو ته ھنن کي تجربو ٿي ويو آھي ته جيڪو به ھنن جو مال ٿو چورائي يا زبردستيءَ ٿو ڦري، ته يڪدم ان تي مصيبت ٿي نازل ٿئي. جڏھن ھندن جا جھاز ھن طرف ايندا آھن، تڏھن ھنن کان سواءِ ٻيو جيڪو به ماڻھو ملندو اٿن، تنهن کي يڪدم پڪڙي ويندا آھن، باقي ھن ٻيٽ جي باشندن کي ڪجھه به ڪين چوندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھندو انهن جو رڳو ھڪ ليمون به چورائيندو آھي، ته سندن سردار عذاب الاھيءَ جي خوف کان ھن کي سخت سزا ڏيندو آھي. جيڪڏھن ھنن کي اھو خوف نه ھجي ھا ته پوءِ ھنن ويچارن جو خدا حافظ ھجي ھا، ڇو ته ھي ماڻھو بدن جا ضعيف ٿي ڪري، اصل سندن مقابل ڪري ڪين سگھن ھا.
    ھر ھڪ ٻيٽ ۾ مسجدون آھن، جيڪي گھڻو ڪري ڪاٺ جون ٺھيل آھن. ھي ماڻھو ھميشه پاڪ ۽ صاف رھندا آھن. ۽ ھر روز ٻه دفعا غسل ڪندا آھن، ڇو ته اتي گرمي تمام گھڻي ٿيندي آھي، تنهن ڪري پگھر گھڻو نڪرندو آھي. ھو خوشبوءِ ۽ عطرن جو استعمال تمام گھڻو ڪندا آھن. مقدشو(1) مان جيڪو غاليه (2) ايندو آھي، سو لڳائيندا آھن. ھنن ۾ رواج آھي ته صبح جو نماز کان پوءِ ھر ھڪ عورت پنهنجي مڙس يا پٽ وٽ سرمي داني، گلاب ۽ غاليو کڻي ايندي آھي ۽ ھن جي اکين ۾ سرمون پائي، گلاب ۽ غاليي سان ھن جو بدن ۽ منهن مھٽيندي آھي، جنهن ڪري ھن جي بگڙيل چھري تي رونق ۽ بدن ۾ سينگار اچي ويندو آھي.
    ھو فقط ھڪ چادر، سلوار جي بجاءِ، چيلهه تي ٻڌندا آھن ۽ پٺيءَ تي ھڪڙو ڪپڙو رکندا آھن، جيڪو احرام جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. انهن مان ڪي مٿي تي عماسو(پٽڪو) رکندا آھن ۽ ڪي انهيءَ جي بدران رڳو رومال ٻڌي ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن انهن مان ڪو ماڻھو، خطيب يا قاضيءَ سان رستي ۾ ملندو آھي، ته ڪلھن تان ڪپڙو لاھي، پٺي اگھاڙي ڪري، ھن کي گھر تائين پھچائي ايندو آھي.
    ھنن جو اھو به دستور آھي ته جيڪڏھن ڪنهن جو نڪاح ٿيندو آھي ۽ پنهنجي زال جي گھر ويندو آھي، تڏھن سندس زال جي گھر جي ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين ڪپڙو وڇايو ويندو آھي ۽ ھن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. سندس زال وري اندرئين دروازي وٽ سندس انتظار ڪندي آھي. پوءِ جڏھن اھو گھوٽ ھن وٽ پھچندو آھي، تڏھن ھو سندس پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي، جيڪو گھوٽ يا خادم کڻي وٺندا آھن. وري جڏھن ڪا زال پنهنجي گھوٽ جي گھر ۾ ايندي آھي ته به اھڙيءَ طرح فرش وڇائي، ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. ان وقت به زال پنهنجي مڙس جي پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي.
    ھنن جا گھر ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن،۽ سندن گھرن جا فرش زمين جي سطح کان ڪجھه اوچا رکيل ھوندا آھن . ڇاڪاڻ ته اتي جي زمين ھميشه سرطوب رھندي آھي، تنهنڪري سيمي وغيره کان بچڻ لاءِ ٽي گز ڊگھا پٿر تراشي، انهن جي قطار ٺاھي، انهن جي پٺيان ناريل جو ڪاٺ وڇائيندا آھن، جنهن تي وري ڪاٺ جون ڀتيون کڙيون ڪري بيھاريندا آھن. ھو پنهنجي گھرن ٺاھڻ وقت ڪمال درجي جي صنعت ڪندا آھن. ھو ڏيڍيءَ تي ھڪ ڪوٺو ٺاھيندا آھن، جنهن کي ”مالم“ چوندا آھن. ان جو ھڪ دروازو ڏيڍيءَ طرف ھوندو آھي، ته ٻيو گھر جي طرف . ھوندو آھي. ان ڏول کي ”ولنج “ ڪري چوندا آھن، جنهن سان کوھ مان پاڻي پڻ ڀريندا اھن – ڇو ته ھتي کوھ گھڻا اونها ڪونه ٿيندا آھن .
    ھتان جا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرن گھمندا آھن. ھو وڏ گھراڻا ھجن يا ڪم ذات، پر پنهنجاگھر ۽ گهٽيون بلڪل صاف رکندا آھن، جن ۾ ٻهاري ڏنل ۽ ٻنهي طرفن کان وڻ رکيل ھوندا آھن، جو ڇانو ۾ ھلڻ وارو ائين سمجھندو آھي ته ڄڻڪ ڪو باغ مان پيو وڃي. انهيءَ صفائيءَ کان پو۽ به گھر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ھر شخص انهيءَ رکيل مٽ مان پاڻي ڪڍي، پنهنجا پير ڌوئي، ناريل جي وارن مان ٺھيل ٿھليءَ ٻهاري سان، جيڪو اتي پيو ھوندو آھي، پنهنجي پيرن کي چڱيءَ طرح سان رڳڙيندو آھي . مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ائين ڪندا آھن.
    ھن ملڪ ۾ اھو به دستور آھي ته جڏھن ڪو جھازھتي ايندو آھي تڏھن ھتي جا ماڻھو نڍين ٻيرين، جن کي ڪندر. ڪري چوندا آھن، ويھي جھاز وارن جو استقبال ڪندا آھن. پو۽ پان ۽ ناريل جا گورا به ساڻ کڻي ويندا آھن ۽ جنهن شخص کي وڻين، تنهن کي ڏيندا آھن . پو۽ اھو شخص ان جو مھمان سمجھيو ويندو آھي . پو۽ ھنجو سامان پنهنجي گھر کڻي ويندا آھن،ڄڻ ته ھو ڪو سندن ويجھو عزيز آھي . جيڪڏھن اھو مسافر نڪاح ڪرڻ گھرندو آھي ته سندس نڪاح به ڪري ڇڏيندا آھن ۽ جڏھن ھو واپس ويندو آھي ته ان زال کي طلاق ڏيئي ويندو آھي، ڇو ته ھن ٻيٽ جون زالون پنهنجي ملڪ کان ٻاھر ڪونه وڃن. پر جيڪڏھن ڪو نڪاح ڪرڻ نه چاھيندو آھي ته سندس ميزبان جي زال ان مسافر لاءِ ماني ڪندي آھي ۽سندس خدمت به اھا ئي زال ڪندي آھي . جڏھن ھو سفر تي ويندو آھي ته اھا عورت رستي لاءِ ماني به ٻڌي ڏيندي اٿس ۽ ڏاڍي خوش ٿيندي آھي. جيڪڏھن ڪو ڪجھه به نه ڏيئي ته ان مان جيڪو فائدو خزاني کي ٿئي، تنهن کي ئي ڪافي سمجھندا آھن.
    خزاني کي ”بندر “ چوندا آھن، جھاز جي مال جو ڪجھه حصو ھڪ مقرر رقم جي عيوض خوا اھو مال جو حصو ان قيمت جو ھجي يا ان کان وڌيڪ، بندر جي لاءِ خريد ڪيو ويندو آھي ۽ ان کي،شروع بندر، ڪري چوندا آھن . سڀ ڪنهن ٻيٽ ۾ بندر جي لاءِ ڪاٺ جو ٺھيل گھر ٿيندو آھي جنهن کي ”بجھ قبا “ ڪري چوندا آھن. ان ۾ والي، جنهن کي ”ڪردوري “ چوندا آھن، سڀ سامان گڏ ڪري رکندو آھي، پو۽ اتي ئي ان جي خريد فروخت ٿيندي آھي.
    ھنن ٻيٽن جا باشنده مرغين جي عيوض مٽيءَ جا برتن خريد ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھڪ ڪنيءَ جي قيمت پنج، يا ڇھه مرغيون ھونديون آھن. جھاز ھنن ٻيٽن مان مڇيءَ جو گوشت، ناريل، چادرون، دليان(ڪپڙي جو قسم)، سٽ جا عماما(پٽڪا)، ٽامي جا برتن، ڪوڏيون ۽ ڪنبر يعني ناريل جون سپون ٻاھر کڻي ويندا آھن. ناريل جون مٿين کلون لاھي، سمنڊ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پسائي، پوءِ انهن کي سوٽن سان ڪٽيندا آھن، ان بعد عورتون ان کي ڪٽي ان مان جھازن جي لاءِ رسيون ٺاھينديون آھن، جيڪي ھندستان، چين ۽ يمن ۾ وڪامڻ لاءِ وينديون آھن. ھيءَ رسي قنب (ھڪ گاھه جو قسم) جي رسيءَ کان سٺي ٿي ٿئي، تنهن ڪري انهن ۾ لوھه جون ڪليون استعمال ڪو نه ڪندا آھن. ڇو ته لوھه جون ڪليون پٿر سان ٽڪرائجي ڀڄي پونديون آھن، پر رسين سان جڪڙيل تختن کي، خواهه جھاز کي ڪيترو به ٽڪر لڳي، نقصان پھچي نٿو سگھي.
    ھنن ٻيٽين ۾ ڪوڏيون (خريد فروخت لاءِ)ھلنديون آھن، ڪوڏي ھڪ جانور آھي، جنهن کي سمنڊ مان ڪڍي،ڪناري تي ھڪ غار ۾ گڏ ڪندا آھن، جڏھن اھو سڪي ويندو آھي، تڏھن ان جي سفيد ھڏي وڃي بچندي آھي. ھڪ سئو ڪوڏين کي ”سباه“، ست سئو ڪوچين کي ”قال“ ٻارھن ھزارن ڪوڏين کي “ڪي “ ۽ ھڪ لک ڪوڏين کي ”بستو“ ڪري چوندا آھن . اھڙا چار بستو ھڪ طلائي دينار جي عيوض وڪڻندا آھن، پر ڪڏھن ته اھڙيون سستيون ٿينديون آھن، جو ڏهه بستو به ڏيئي ڇڏيندا آھن، بنگالي جا ماڻھو وري انهن جي عيوض جانور ڏيندا آھن . بنگالي ملڪ ۾ به ڪوڏيون ھلنديون آھن . يمن جا ماڻھو پڻ ڪوڏيون خريد ڪندا آھن ۽ پنهنجن جھازن تي اھي ريتيءَ جي بجاءِ وڇائي ڇڏيندا آھن، سوڊان جي ملڪ ۾ به اھي ڪوڏيون ھلنديون آھن، ۽”مالي “ ۽ ”جوجو “ جي مڪ ۾ ته ھڪ طلائي دينار جي عيوض ٻارھن سئو پنجاھ ڪوڏيون وڪامنديون آھن.

    ھتي جون عورتون
    ھنن ٻيٽن جون عورتون پنهنجو مٿو ڪين ڍڪين، ايتري قدر جو سندن ملڪه پڻ مٿو ڪا نه ڍڪي. ھو وارن کي ڦڻي ڏينديون آھن، ۽ وارن جو جوڙو مٿي جي ھڪ پاسي ٻڌي ڇڏينديون آھن. انهن مان ڪيتريون فقط چادر ڍڪينديون آھن، جنهن سان دن کان وٺي ھيٺ پيرن تائين جسم ڍڪي ڇڏينديون آھن ۽ باقي سڄو بدين اگھاڙو رکنديون آھن. ھو بازارين ۽ گھٽين ۾ به اھڙيءَ طرح سان گھمنديون رھنديون آھن. جڏھن مان اتي جو قاضي مقرر ٿيو ھئس، تڏھن مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ھنن کان اھو رواج ڇڏايان ۽ ھنن کي لباس پھرڻ جو حڪم به ڏنم، پر مان ڪامياب ٿي نه سگھيس. آخر مون حڪم ڏنو ته مون وٽ ڪا به عورت مقدمي جي حاضريءَ وقت ننگي بدن نه اچي، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ مان ڪجھه ڪري نه سگھيس.
    ڪي عورتون ساڙھيءَ جي مٿان ننڍڙين ۽ سوڙھين ٻانهن سان ننڍڙي چولي به پائينديون آھن. منهنجين ٻانهين جو لباس دھليءَ جي باشندن جھڙو ھوندو ھو ۽ ھو پنهنجو مٿو به ڍڪينديون ھيون. پر اتي جون عورتون انهيءَ کي عيب ڪري سمجھنديون ھيون. انهن جو زيور ڪنگڻ آھي، جنهن سان ھو ٻيئي ٻانهون ڪرائيءَ کان وٺي ٺونٺ تائين ڀري ڇڏينديون آھن، اھي ڪنگڻ چانديءَ جا ٺھيل ھوندا آھن، ڇو ته بادشاھه ۽ ان جي عزيزن جي عورتن کان سواءِ ٻي ڪا به عورت سون جا ڪنگڻ پھري نٿي سگھي. ھو پيرن ۾ ڇيريون ٻڌنديون آھن، جنهن کي پايل ڪري چوندا آھن. ھن ٻيٽ ۾ ھڪ عجيب رسم آھي ته ھتي جون عورتون فقط پنج دينار يا اڃا به گھٽ رقم وٺي، کاڌي ۽ ڪپڙي تي گھرن ۾ پورھيو ڪنديون آھن؛ ۽ انهيءَ کي عيب ڪين سمجھنديون آھن ته ان جي قيمت پيشگي وٺي پاڻ گروي ڪري ڇڏين. جيڪڏھن ھو ھڪ گھر ڇڏي ٻئي گھر ۾ وڃڻ چاھينديون آھن ته جيڪو گھر انهن کي حاصل ڪرڻ گھرندو آھي، سو پھرئين گھر واري کي اھي دينار جن جي عيوض ھوءَ گروي ھوندي آھي، يعني(پيشگي رقم) ڀري ڏيندو آھي ۽ آئينده لاءِ اھا رقم ھن عورت تي قرض سمجھيو ويندو آھي. اھڙي قسم جون عورتون گھڻو ڪري ”ڪنبر“ يعني ناريل جون رسيون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون آھن.
    ھن ٻيٽ ۾ نڪاح تمام آسانيءَ سان ٿي سگھندو آھي، ڇو ته حق مھر تمام ٿورو آھي ۽ ھي عورتون حسن معاشرت جي ڪري مشھور آھن. گھڻو ڪري ماڻھو سندن مھر مقرر ڪندا آھن ۽ اھڙيءَ صورت ۾ کين واجبي مھر ڏياريو ويندو آھي. جڏھن ڪو جھاز ھتي ايندو آھي ته جھاز وارا ھتي جي عورتن سان نڪاح ڪندا آھن ۽ واپس وڃڻ وقت انهن عورتن کي طلاق ڏيئي ويندا آھن . ھي ھڪ قسم جو متعو ٿيندو آھي. ھي عورتون پنهنجي ملڪ کان ٻاھر بلڪل ڪو نه وڃن.
    ھتي جي عورت پنهنجي خاوند جي رڳو ھڪ ئي خدمت ڪا نه ڪندي آھي، بلڪه اھا ئي ھن لاءِ کاڌو آڻيندي ۽ (برتن) کڻي ويندي آھي، سندس ھٿ ڌئاريندي آھي، وضوءَ جي لاءِ پاڻي آڻيندي آھي ۽ سمھڻ وقت کيس زور به ڏيندي آھي. ھتي عورتون پنهنجي خاوند سان ڪڏھن به ڪين کائين. نه رڳو ايترو پر خاوند کي خبر به ڪين پوندي آھي ته ھوءَ ڇا ٿي کائي. مون به اتي ڪيترين عورتن سان نڪاح ڪيو ھو، جن مان ڪن تي زور بار آڻڻ کان پوءِ ھنن مون سان کائڻ منظور به ڪيو ھو، پر ڪن ته اصل نه کاڌو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ھنن کي کائيندي ڏسان پر ناڪام رھيس.

    ھنن ٻيٽن ۾ اسلام پکڙڻ جو سبب ۽ ھڪ خوفناڪ جن جي ڳالھه
    جنهن سڀني شھرن کي تباھه ڪيو ھو:
    ھنن ٻيٽن جي ڪن معتبر ماڻھن جھڙوڪ فقيه عيسيٰ يمني، فقيه معلم علي ۽ قاضي عبدالله وغيره مون کي ٻڌائيندا ھئا ته اصل ۾ ھن ٻيٽ جا ماڻھو بت پرست ھوندا ھئا ۽ ھر مھيني سمنڊ جي طرف کان ھڪ جن ايندو ھو، جنهن جي شڪل اھڙي ھوندي ھئي جو ڄڻ ڪو جھاز آھي ۽ ان ۾ بتيون پيون ٻرن. ھتي جي ماڻھن جو دستور ھو ته ھڪ ڪنواريءَ ڇوڪري کي بنائي سينگاري ھڪ بت خاني ۾ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ھوندو ھو، وڃي ڇڏي ايندا ھئا ۽ صبح جو ان ڇوڪري کي مئل ڏسندا ھئا. نه رڳو ايترو پر سندس عصمت به لٽيل ھوندي ھئي. ھو ھر مھيني پاڻ ۾ ڪڻان وجھندا ھئا ۽جنهن جو نالو نڪرندو ھو، تنهن کي پنهنجي ڌيءُ موڪلڻي پوندي ھئي.
    ھڪ دفعي ھنن ٻيٽن ۾ ھڪ مغربي البرڪات بربريءَ نالي مسافري ڪندي اچي نڪتو. ھيءُ شخص قرآن شيف جو حافظ ھو ۽ مھل(مال)جي ٻيٽ ۾ ھڪ پوڙھيءَ زال جي گھر ۾ اچي ترسيو. ھڪ ڏينهن جيئن ئي ھو گھر ۾ گھڙيو تيئن ڏٺائين ته اھا پوڙھي زال ۽ ان جا مائٽ روئي پٽي رھيا آھن، ڄڻ ته ڪو ماتم ٿي ڪيائون. ھن حال احوال پڇين، پر ھن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه آيو. آخر ترجمان گھرايو ويو، جنهن ھن کي سڄو حال ٻڌائيندي چيو ته ھن پوڙھيءَ زال جو نالو ڪڻي ۾ آيو آھي ۽ ھن کي رڳو اھا ھڪڙي ڌيءَ آھي، جنهن کي ھاڻي جن ماري ڇڏيندو. اتي ابوالبرڪات انهيءَ زال کي چيو ته تنهنجي ڌيءَ جي بدران مان ويندس.
    ھو ڪجھه ٻچي ھو، تنهن ڪري ڏاڙھي ۽ مڇون ڪو نه رکندو ھو ۽ حسب دستور ھن کي وٺي وڃي انهيءَ بت خاني ۾ڇڏي آيا. ھن اتي ڇا ڪيو، جو وضو ڪري، ڪلام الله کڻي ويھي، پڙھڻ لڳو. جڏھن جن ظاھر ٿيو ۽ ھن کي ڪلام الله پڙھندي ڏٺائين، تڏھن سمنڊ ڏانهن واپس ھليو ويو، صبح ٿيو ته به مغربي ساڳئي حال ۾ رھيو. جڏھن پوڙھي زال ۽ ان جا عزيز حسب معمول ھن جو لاش کڻڻ آيا، تڏھن مغربيءَ کي زنده ڏٺائون.
    پوءِ ھن کي پنهنجي بادشاھه وٽ، جنهن جو نالو ”شنوراز“ ھو، وٺي ويا، ۽ ھن کي سمورو حال وڃي ٻڌايائون. بادشاھه کي اھو ٻڌي ڏاڍو عجب لڳو. اتي مغربيءَ ھن کي مسلمان ٿيڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي ھن جواب ڏنس ته ايندڙ مھيني تائين ترس، ۽ جيڪڏھن ايندڙ مھيني به تون اھڙيءَ طرح سلامت رھئين ته پوءِ مان مسلمان ٿيندس. ان کان پوءِ مغربي اتي ترسي پيو ۽ اڃا مھينو به پورو ڪو نه ٿيو ھو، ته بادشاھه جي دل ۾ اسلام لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ ھو پاڻ، پنهنجي خاندان ۽ اميرن سميت مسلمان ٿيو.
    جڏھن مھينو پورو ٿيو، تڏھن مغربيءَ کي وري وڃي انهيءَ بتخاني ۾ ڇڏي آيا، ”جن“ ھن دفعي به سندس ويجھو ڪو نه آيو ۽ ھو صبح تائين ويٺو قرآن شريف پڙھندو رھيو. جڏھن بادشاھه ۽ عوام اتي آيا، تڏھن مغربيءَ کي تلاوت قرآن ۾ محو ڏٺائون. ھنن انهيءَ دم سڀ بتخانا ڀڃي ڇڏيا ۽ ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مسلمان ٿي ويا. انهن پوءِ ٻين ٻيٽن جي ماڻھن کي به مسلمان ڪري ڇڏيو. ھي ماڻھو مغربيءَ جي تمام گھڻي تعظيم ۽ تڪريم ڪندا ھئا ۽ ھن جي ڪري ھي سڀ ماڻھو به امام مالڪ جي مذھب جا پيروي ڪندڙ ٿي رھيا.
    ھي ماڻھو اڃا تائين به ”مغرب“ جي ماڻھن جي تمام گھڻي عزت ڪندا آھن. ھنن ان وقت ھڪ مسجد به تعمير ڪرائي ھئي، جيڪا اڃا به ان شخص جي نالي سان مشھور آھي ۽ انهيءَ مسجد جي محراب تي ھي ڪتبو اڪريل آھي؛”سلطان احمد شنورازه ابو البرڪات مغربيءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو.“ ان بادشاھه پوءِ ھنن ٻيٽن جي آمدنيءَ جو ٽيون حصو مسافرن جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ھن جي مسلمان ٿيڻ جو سبب به ھڪ مسافر ھو، ۽ اڃا تائين به اھو دستور ھليو ٿو اچي.
    انهيءَ ”جن“ جي سبب کان ڪيترائي ٻيٽ غيرآباد ٿي ويا ھئا ۽ جڏھن مان انهن ٻيٽن ۾ ويس ته ھڪ رات مون ڏٺو ته ماڻھو تڪبيرون ۽ ڪلما وڏي آواز سان پڙھي رھيا ھئا، ٻار مٿن تي ڪلام الله کنيو بيٺا ھئا ۽ زالون وري ٿالھيون ۽ ٽامي جا برتن وڄائي رھيون ھيون. مون کانئن انهيءَ جو سبب پڇيو، ته جواب ڏنائون ته ”سمنڊ ڏانهن نهار“ مون ڏٺو ته ھڪ وڏو جھاز جنهن ۾ چراغ ۽ مشعلون ٻري رھيون ھيون، اچي رھيو ھو. ھنن چيو ته اھو ”جن“ مھيني ۾ ھڪ دفعو ايندو آھي ۽ اسان اھڙيءَ طرح ڪندا آھيون ته واپس ھليو ويندو آھي ۽ ڪو به نقصان ڪو نه ڪندو آھي.

    ھنن ٻيٽن جي حڪمران ملڪه
    ھيءَ به ھڪ عجيب ڳالھه آھي ته ھنن ٻيٽن جي حڪمران خديجه نالي ھڪ عورت آھي. ھوءَ سلطان جلال الدين عمر بن سلطان صلاح الدين صالح بنگاليءَ جي ڌيءَ آھي. ھن جو ڏاڏو بادشاھه ھو. پوءِ سندس پيءُ بادشاھه ٿيو. جڏھن ھن جو پيءُ مري ويو، تڏھن سندس ڀاءُ شھاب الدين بادشاھه ٿيو، جيڪو اڃا صغير ھو، تنهن ڪري وزير عبدالله بن محمد خذريھ ھن جي ماءُ سان نڪاح ڪري، سلطنت جي سمورن ڪمن ڪارين ۾ خودمختيار ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ھن وزير جمال الدين جي مرڻ کان پوءِ ھن ملڪه خديجه سان پڻ نڪاح ڪيو ھو، جنهن جو اڳتي بيان ڪنداسين.
    جڏھن شھاب الدين بلوغت کي پھتو، تڏھن وزير عبدالله کي سندس عھدي تان ھٽائي، سويد جي ٻيٽ ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ مستقل بادشاھه ٿي، پنهنجي غلام ”ڪلڪي“ کي کڻي وزير ڪيائين، ٽن سالن کان پوءِ ان کي به جلاوطن ڪري ڇڏيائين.
    ڳالھه ڪندا آھن ته ھي شھاب الدين پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن جي گھرن ۾ رات جو گھڙي پوندو ھو، تنهن ڪري ھن کي معزول ڪري ھلرمتيءَ جي ٻيٽ ۾ موڪليو ويو، جتي ھڪ ماڻھوءَ کي موڪلي کيس قتل ڪرايو ويو.
    ھاڻي شاھي خاندان ۾ فقط ٽي ڀيڻون وڃي رھيون، جي ھيون؛ خديجه، مريم ۽ فاطمه ماڻھن خديجه کي پنهنجي ملڪه منتخب ڪيو. جيڪا سندن خطيب جمال الدين جي نڪاح ۾ ھئي، جنهن ڇا ڪيو جو پنهنجي پٽ محمد کي پنهنجي جاءِ تي خطيب مقرر ڪري، پاڻ بادشاھه بنجي، حڪومت جي سڄي ڪاروبار تي قابض ٿي ويو. پر تنهن ھوندي به سڀئي حڪم ملڪه خديجه جي نالي سان جاري ٿيندا ھئا. ھن ٻيٽ ۾ سڀ حڪمناما کجيءَ جي پترن تي، ھڪ لوھه جي ڏانگي ڪپ سان لکندا آھن ۽ ڪاغذ تي فقط ڪلام الله ۽ نوان ڪتاب لکندا آھن. خطيب اھي جمعي يا ٻئي ڪنهن ڏينهن پڙھي ٻڌائيندو آھي، جنهن جي شروعات ھن طرح ڪندو آھي؛ ”او خدا! پنهنجي بنديءَ جي مدد ڪر، جنهن کي تو سندس علم جي طفيل سڄي عالم جي ماڻھن کان بلند مرتبي ڪيو آھي ۽ ان کي سڀني مسلمانن جي لاءِ ذريعو رحمت جو بڻايو آھي. اھا ڪير آھي! سلطانه خديجه سلطان جلال الدين جي ڌيءُ، جيڪو سلطان صلاح الدين جو پٽ ھو.“
    ھن ملڪ ۾ اھو به دستور آھي ته جيڪڏھن ڪو مسافر ھتي ايندو آھي، تڏھن شاھي محل ۾ ٻه ڪپڙا ساڻ کڻي ايندو آھي. جن مان ھڪ ملڪه کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي ۽ ٻيو جمال الدين وزير کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي. ھن ملڪ جو لشڪر اٽڪل ھڪ ھزار کن سپاھين جو آھي، جيڪي گھڻو ڪري غيرملڪي آھن ۽ انهن ۾ ڪي ٿورا ھن ملڪ جا باشندا به آھن. ھو ھر روز شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام ڪري وري ھليا ويندا آھن. ھنن کي پگھار جي عيوض چانور ملندا آھن، جيڪي ھنن کي ھر مھيني سرڪاري خزاني مان ڏنا ويندا آھن. جڏھن مھينو پورو ٿيندو آھي تڏھن لشڪر وارا شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام کان پوءِ وزير کي چوندا آھن ته اسان جا سلام وڃي ملڪه کي پھچاءِ ۽ ٻڌائينس ته اسان پنهنجي پگھار گھرڻ آيا آھيون. پوءِ وزير حڪم ڏيندو ته ھنن جو مقرر ماھيانو کين ڏنو وڃي. اھڙيءَ طرح قاضي ۽ سڀ وزير به ھر روز ايندا ھئا، غلام انهن جا سلام ملڪه تائين پھچائيندا ھئا ۽ پوءِ ھو موٽي ويندا ھئا.

    وزير، ان جون خلعتون ۽ٻيا عھديدار
    ھتي جي وزيراعظم کي، جيڪو ملڪ جو نائب پڻ آھي، ”ڪلڪي“ ڪري چوندا آھن. قاضيءَ کي ”فند يار ڦالو!“ آھن، قاضيءَ جو عھدو سڀني کان به وڌيڪ ھلندو آھي،جو ھميشه شاھي محل ۾ ھڪ مسند تي ويھندو آھي. ۽ قاضيءَ جي ٽن ٻيٽن جي ڍل، سلطان احمد شنورازه جي وقت کان وٺي، معاف رھندي ٿي اچي. خطيب کي ”ھنديجري“، ديوان کي ”فاملداري“، صاحب اشغال(فوجدار) مافاڪلوا، حاڪم کي ”فيتايڪ“، ۽ اميرالبحر کي ”مانايڪ“ ڪري چوندا آھن، ۽ اھي سڀ عھديدار وزير سڏبا آھن. ھن ملڪ ۾ قيد خانا ڪو نه ٿين، پر جيڪڏھن گھڻا قيدي گڏ ٿي وڃن ته انهن کي ڪاٺ جي جاين ۾ جيڪي سوداگرن جي مال رکڻ لاءِ ٺھيل آھن، بند ڪري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھڪ قيدي ھوندو آھي ته ان کي اھڙيءَ طرح ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيندا آھن، جھڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ رومي قيدين کي بند ڪيو ويندو آھي.

    مان ھنن ٻيٽن ۾ ڪيئن آيس
    پھريان مان ڪنلوس جي ٻيٽ ۾ پھتو ھوس، جيڪو ڏاڍو سھڻو ٻيٽ آھي ۽ منجھس مسجدون تمام گھڻيون آھن، اتي مان ھڪ نيڪ انسان جي گھر ۾ وڃي ترسيو ھوس، جتي فقيه عليءَ جيڪو ھڪ وڏو فاضل ھو، منهنجي مھماني ڪئي. ھن جا پٽ طالب العلم آھن، ھن ٻيٽ ۾ مون کي ”طفار“ جو باشندو مليو، جنهن جو نالو محمد ھو. ھن پڻ منهنجي مھماني ڪئي ۽ مون کي ٻڌايائين ته جيڪڏھن تون مھل (مال) جي ٻيٽ وڃين ته وزير توکي اتي ضرور رکندو، ڇو ته اڄڪلھه ھن وٽ ڪو به قاضي ڪو نه آھي.
    منهنجو ارادو ھو ته ھيءُ ٻيٽ ڏسندو معبر، سرانديپ ۽ بنگالھ کان ٿيندو، چين ھليو وڃان ۽ ھتي ناخدا عمر ھنوريءَ جي جھاز ۾ آيو ھئس، جيڪو ھڪ حاجي ۽ فاضل شخص ھو. ھو ”ڪنلوس“ جي ٻيٽ ۾ ڏهه ڏينهن ترسيو، پوءِ ھن ھڪ ”ڪنوره“ ٻيڙي ڀاڙي ڪئي، جنهن ۾ ملڪه ۽ وزير لاءِ تحفا کڻي ٿي ويو. مون ھن سان گڏ وڃڻ جو ارادو ظاھر ڪيو، جنهن تي ھن چيو ته تنهنجي ساٿين جي لاءِ جڳھه جو انتظام ٿي ڪو نه سگھندو، باقي جيڪڏھن تون اڪيلو ھلڻ گھرين ته ھليو ھل. مون اڪيلو وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھو ھليو ويو. پر مخالف ھوا جي تڪليف جي ڪري، ھو چوٿين ڏينهن وري موٽي آيو ۽ اچي مون سان عذر ڪرڻ لڳو. آخر ھو مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي وٺي ھليو.
    اسان صبح کان ٻن پھرن تائين سفر ڪندا ھئاسين ۽ ٻپھر ڪنهن ٻيٽ تي لھي، سڄي رات اتي ترسندا ھئاسين. پوءِ ٻئي ڏينهن سفر ڪندا ھئاسين. اھڙي طرح ھلندي ھلندي، اسان چوٿين ڏينهن اچي”ليم“ جي ٻيٽ تي پھتاسين. اتي جو والي جلال نالي ھو، جنهن مون کي سلام ڪيو ۽ منهنجي مھماني ڪئي. جڏھن مون وٽ آيو، تڏھن ھن سان گڏ چار ماڻھو ھئا، جن مان ٻن جي ڪلھن تي ھڪ لٺ ھئي، جنهن ۾ چار مرغيون ٽنگيل ھيون. ٻين ٻن ماڻھن جي ڪلھن تي پڻ ھڪ لٺ ھئي، جنهن ۾ وري ڏهه ناريل ٽنگيل ھئا. مون کي ڏاڍو عجيب لڳو ته ھيءَ ڪھڙي نه خسيس شيءَ آندي اٿن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته ھيءَ ھن ملڪ ۾ تمام وڏي مان ۽ شان رکڻ جي نشاني سمجھي ٿي وڃي.
    ان کان پوءِ ڇھين ڏينهن اسان عثمان جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھيءُ شخص وڏو فاضل ۽ نيڪ بخت ھو، ھن اسان جي مھماني به ڪئي. اٺين ڏينهن اسين وزير جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جنهن کي ”تلمدي“ چوندا آھن ۽ ڏھين ڏينهن اچي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ملڪه ۽ ان جو وزير رھندا ھئا. اسان اتي اچي لنگر ھنيو. ھتي جو دستور آھي ته اجازت کان سواءِ ڪو به شخص جھاز تان لھي نٿو سگھي. جڏھن اجازت اچي ويئي تڏھن مون ڪنهن مسجد ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر خادمن چيو ته پھريائين توکي وزير وٽ وڃڻو پوندو.
    مون نا خدا کي اڳئي سمجھائي ڇڏيو ھو ته جيڪڏھن تو کان منهنجي باري ۾ ڪجھه پڇن، ته تون لاعلمي ظاھر ڪجانءِ، ڇو ته مون کي ڊپ ھو ته ڪٿي مون کي ھن ٻيٽ ۾ ترسائي نه ڇڏين. پر مون کي اھا خبر ئي نه رھي ته منهنجي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي، ڪنهن فضول شخص ھنن کي اھو لکي موڪليو ھو ته ھيءُ فلاڻو شخص آھي ۽ دھليءَ ۾ قاضي رھي چڪو آھي. جڏھن اسان شاھي محل ۾ پھتاسين، تڏھن ٽئين دروازي واري جاءِ ۾ ترسي پياسين.
    قاضي عيسيٰ يمني مون وٽ آيو ۽ اچي مون کي سلام ڪيائين. پوءِ مون وزير کي سلام ڪيو. نا خدا ابراھيم پاڻ سان ڏهه ڪپڙا کڻي آيو ھو، جن مان ھڪ ملڪه جي تعظيم ڪرڻ وقت سندس پيرن تي وڌائين، پوءِ وزير جي تعظيم ڪري، ان جي پيرن تي پڻ ڪپڙو رکيائين، اھڙيءَ طرح جڏھن واري واري سان ڪپڙا وجھي پورا ڪيائين، تڏھن کانئس مون بابت پڇيو ويو، جنهن تي ھن چيو ته ”مون کي ڪا به خبر ڪا نه آھي.“ پوءِ ھنن مون ڏانهن پان ۽ گلاب جو پاڻي موڪليو، جو ھن ملڪ ۾ وڏي تعظيم سمجھي ويندي آھي. پوءِ مان شاھي محل ۾ ئي ترسي پيس. ان کان پوءِ مون لاءِ کاڌو آيو. وڏي ٿالھيءَ جي وچ ۾ چانور پيل ھئا، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي پيالا ھئا، جن ۾ خليع گوشت(1) ڪڪڙ جو گوشت، گيھه ۽ مڇي وغيره ھئا.
    ٻئي ڏينهن مان نا خدا ۽ قاضي عيسيٰ يمنيءَ سان گڏ، ھڪ خانقاه جي زيارت لاءِ ٻيٽ جي ھڪ ھنڌ ويس، ھيءُ خانقاه شيخ نجيب جو ٺھرايل آھي. رات جو اسان اتان واپس آياسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير وزير مون ڏانهن خلعت ۽ مھماني موڪلي، جنهن ۾ چانور، گيھه، خليع گوشت ۽ ناريل جي ماکي خاص شيون ھيون. ناريل جي ماکيءَ کي ھتي جا ماڻھو”قوباني“ ڪري سڏيندا آھن، جنهن جي معنيٰ آھي کنڊ جو پاڻي. ان کان سواءِ خرچ لاءِ مون ڏانهن ھڪ لک ڪوڏيون به موڪليون ھئائين.
    ڏھين ڏينهن کان پوءِ سيلان جي ٻيٽ مان ھڪ جھاز آيو، جنهن ۾ عرب ۽ عجم جا فقير پڻ ھئا، جيڪي مون کي سڃاڻندا ھئا، ھنن وزير جي نوڪرن کي سڄي ڳالھه ٻڌائي ڇڏي. ان کان پوءِ ھو منهنجي عزت اڳي کان وڌيڪ ڪرڻ لڳو. رمضان جي چنڊ واريءَ رات وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو. مان ويس ته اتي سڀ امير ۽ وزير موجود ھئا. کاڌو آيو ته دستر خوان تي پڻ ڪيترائي ماڻھو موجود ھئا، وزير مون کي پنهنجي ڀر ۾ کڻي ويھاريو ۽ ھن وٽ قاضي عيسيٰ يمني، وزير ”فاملداري“ ۽ وزير ”ڪريھري“ يعني سپھه سالار به موجود ھئا. پوءِ چانور، ڪڪڙ، گيھه، مڇي، خليع گوشت ۽ ڪيلي جي ڀاڄي آڻي دستر خوان تي رکيون ويون، کاڌي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو ناريل جي ماکي، جنهن ۾ خوشبوءِ ملايل ھونديون آھن، پيئندا آھن، جيڪا کاڌي کي ھضم ڪندي آھي.
    رمضان جي نائين تاريخ وزير جو ناٺي مري ويو، ان ڇوڪريءَ جو پھريون مڙس سلطان شھاب الدين ھو ۽ ان کان پوءِ ھن شخص سان نڪاح ٿيو ھو، پر ھيءَ ڇوڪري اڃا تائين بلوغت کي نه پھتي ھئي. ھن جي پيءُ ھن کي پنهنجي گھر موڪلي ڏنو ۽ اھو گھر رھڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائين، ھيءُ گھر ڏاڍو سھڻو ھو، مون وزير کان اجازت گھري ته جيڪي فقير سيلان کان واپس آيا آھن، تن جي مان مھماني ڪرڻ ٿو گھران، وزير يڪدم اجازت ڏني ۽ پنج ٻڪريون، جيڪي ھن ملڪ ۾ ڳريءَ قيمت واريون ھوندي آھن، ڇو ته اھي معبر، ملبار ۽ مقدش مان آنديون وينديون آھن، موڪيائين. ازانسواءِ چانور، گيھه ۽ گرم مصالحا به مون کي موڪلي ڏنائين. اھي سڀ شيون مون امير البحر سليمان جي گھر موڪلي ڏنيون، جنهن تمام عمدو کاڌو تيار ڪرايو ۽ ڪجھه پنهنجي طرفان به ان ۾ وڌيڪ شامل ڪيو ھئائين. وزير مون کي گلم ۽ ٽامي جا برتن به موڪلي ڏنا ھئا.
    دستور موجب اسان شاھي محل ۾ وزير سان گڏ روزو افطار ڪيو. مون وزير کي عرض ڪيو ته ھو فقيرن کي ھن مھمانيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏئي. ھن اجازت ڏيندي چيو ته ”مان به ايندس،“ جنهن تي مون سندس شڪرانا ادا ڪيا ۽ پنهنجي گھر ھليو آيس، ڪجھه وقت کانپوءِ وزير، پنهنجي ٻين وزيرن سان گڏ، اچي نڪتو ۽ ڪاٺ جي ھڪ اوچي حجري ۾ اچي ويٺو، جيڪو به امير يا وزير آيو ٿي، سو وزيراعظم کي سلام ڪندو، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙو وجھندو ٿي ويو. اھڙيءَ طرح سان ھڪ سئو ڪپڙا گڏ ٿي ويا، جيڪي فقيرن کي ڏنا ويا، پوءِ کاڌو آيو ۽ سڀني گڏجي کاڌو، ان کان سواءِ قارين تمام سھڻي آواز ۾ ڪلام الله پڙھيو ۽ تنهن کان پوءِ سماع ۽ رقص شروع ٿيو، جنهن لاءِ باھه ٻاري ويئي. فقير ان باھه م ٽپي ٿي پيا ۽ پيرن سان ٽانڊن کي لتاڙيائون ٿي؛ ڪي وري اھي کڻي اھڙي طرح وات ۾ وجھڻ لڳا ته ڪو حلوو ھو، ايتري قدر جو اھي ٽانڊا وسامجي ٿي ويا.

    وزير جا مون تي ڪي احسان
    جڏھن رات ختم ٿي، تڏھن وزير پنهنجي گھر ڏانهن واپس ويو ۽ مان ھن سان گڏ ويس. اسان بيت المال جي ھڪڙي باغ وٽان ٿي لنگھياسين ته وزير مون کي چيو ته ھي باغ مون توکي ڏنو ۽ ھن ۾ تنهنجي لاءِ ھڪ گھر به ٺھرائيندس. مون ھن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ھن لاءِ دعا گھريم. ٻئي ڏينهن ھن منهنجي لاءِ ھڪ ٻانهي موڪلي ۽ چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن ھيءَ ٻانهي توکي پسند اچي ته رکجانءِ، نه ته ھڪ ٻي مرھٽي ٻانهي تو ڏانهن موڪلي ڏيندس. مون کي مرھٽي ٻانهيون تمام گھڻيون وڻنديون ھيون، تنهن ڪري مون چيو ته مون کي مرھٽي ٻانهي موڪلي ڏيو ۽ وزير مون کي اھا موڪلي ڏني، جنهن جو نالو ”گلبستان“ ھو ۽ پارسي پڻ ڳالھائي سگھندي ھئي. مان ھنن ٻيٽ وارن جي ٻولي سمجھي ڪو نه سگھندو ھوس. ٻئي ڏينهن وري مون کي معبري ٻانهي موڪليائين، جنهن جو نالو (عنبري) ھو.
    ٽينءَ رات عشا جي نماز کان پوءِ وزير پنهنجي چند مصاحبن سان گڏ منهنجي گھر آيو ۽ ھن سان گڏ ٻه ننڍي عمر وارا غلام ھئا. مون ھن کي سلام ڪيو. ھن مون کان حال احوال پڇيو، جنهن جي جواب ۾ مون کيس دعا ڪئي. ان کان پوءِ ھڪ غلام منهنجي اڳيان ھڪ ”بقشت“ جيڪا سنيت(ڳوٿري) جي شڪل جھڙي ھئي، آڻي رکي، ھن انهيءَ مان ريشمي ڪپڙن ۾ ڍڪيل ھڪ داٻلو ڪڍيو، جنهن ۾ موتي زيورات پيل ھئا، ھن اھو سمورو مال منهنجي حوالي ڪندي چيو ته ھي شيون جيڪڏھن توکي ٻانهين سان گڏ موڪلي ڏيان ھا، ته ھو (ٻانهيون) سمجھن ھا ته اھو مال ھنن جو آھي ۽ اسان جي آقا اھو اسان کي عطا ڪيو آھي. ھاڻي ھيءُ مال تنهنجو آھي ۽ تون پنهنجي طرفان ھنن کي ڏيئي ڇڏ. مون ھن جي حق ۾ دعا گھري ۽ سندس شڪرانا ادا ڪيا، ڇو ته ھو شڪريي جو مستحق ھو – خدا ھن تي رحمت ڪري.
    فصل چوٿون

    وزير جو رخ بدلجڻ ۽ منهنجو اتان ھليو وڃڻ جو ارادو ڪرڻ:
    وزير سليمان ”مانايڪ“ (امير البحر) مون ڏانهن پيغام موڪليو ته مان سندس ڌيءُ سان نڪاح ڪريان، مون وزير جمال الدين کان ان جي اجازت گھري، ته ھن ناراضگي ظاھر ڪئي ۽ چوائي موڪليائين ته مان خود پنهنجي ڌيءُ، جيڪا سلطان شھاب الدين جي بيواه آھي، توکي ڏيڻ ٿو گھران ۽ سندس عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ توسان ان جو نڪاح ڪرائيندس. مون ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته مان ھن کي منحوس سمجھندو ھوس. ھن جا ٻه مڙس ته اڳيئي مري چڪا ھئا ۽ ھن وقت مون کي به بخار اچڻ لڳو ھو.
    ھن ٻيٽ ۾ جيڪو به نئون مسافر ايندو آھي، تنهن کي بخار اچڻ ته ضروري آھي، تنهن ڪري مون سفر ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مون ڪي زيور ڪوڏين جي عيوض وڪڻي ڇڏيا ۽ بنگالھ وڃڻ لاءِ ھڪ جھاز به ڀاڙي ڪري ڇڏيم. جڏھن مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ويس، تڏھين قاضيءَ اچي مون کي وزير جو نياپو ڏنو ته جيڪڏھن تون سفر ڪرڻ ٿو گھرين ته جيڪي ڪجھه اسان توکي ڏنو آھي، سو واپس ڪر. مون جواب ڏنو ته ”ڪي زيور وڪڻي مون ڪوڏيون خريد ڪيون آھن، سي ڀلي کڻي وڃو“ قاضي وري مون وٽ موٽي آيو ۽ چيائين ته ”وزير ٿو چوي ته اسان توکي سون ڏنو ھو، تنهن ڪري ڪوڏيون اسان نه وٺنداسين“ تنهن تي مون جواب ڏنو ته ”مان ڪوڏيون وڪڻي وري توھان کي سون وٺي ٿو ڏيان“ پوءِ مان سوداگرن ڏانهن لنگھي ويس ته ڪوڏيون مون کان وٺو، وزير اڳيئي انهن کي چوائي موڪليو ھو ته ھن شخص کان ڪوڏيون ھرگز نه وٺجو، ھن مان وزير جو ارادو ھو ته مان نه وڃان پوءِ ھن مون ڏانهن پنهنجو ھڪ مصاحب موڪليو ۽ ان جي معرفت چوائي موڪليائين ته جيڪڏھن اسان وٽ ترسندين ته جيڪي به گھرندين سو تنهنجي لاءِ حاضر ڪنداسين.
    مون دل ۾ خيال ڪيو ته ھن وقت مان انهن جي حڪومت ۾ آھيان ۽ جيڪڏھن خوشيءَ سان رھڻ منظور ڪندس ته اھو انهيءَ کان بهتر آھي، جو رھڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃان. تنهن ڪري مون ان مصاحب کي چيو ته چڱو مان ترسي ٿو پوان، ھن وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم مون کي پاڻ وٽ گھرايائين. جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن منهنجي تعظيم لاءِ ھو اٿي بيٺو ۽ مون سان ڀاڪر پائي، ملندي چيائين ته ”اسان توکي پنهنجي قريب آڻڻ ٿا گھرون، پر تون ڇو اسان کان دور ٿيڻ ٿو چاھين؟“ تنهن تي مون ڪجھه عذر ڪيو، جو ھن منظور ڪيو.
    ان بعد مون ھن کي ته ”جيڪڏھن مون کي ھتي ترسائڻ ٿو گھرين ته منهنجا ڪي شرط آھن. “ وزير جواب ڏنو ته ”تنهنجا سڀ شرط منظور آھن، ٻڌاءِ اھي ڪھڙا آھن؟“ مون چيو ته ”مان پيدل ھلي نٿوس سگھان، ۽ ھن ملڪ جو دستور آھي ته وزير کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به شخص کي گھوڙي تي سوار ٿيڻ جي اجازت نه آھي.“ جنهن تي وزير مون کي ھڪ گھوڙي ڏياري، جڏھن مان ان گھوڙي تي سوار ٿيندو ھوس، تڏھن ماڻھن جا ٻار مون کي تمامشو بنائڻ لاءِ اچي منهنجي پٺيان پوندا ھئا. مان اھا شڪايت وڃي وزير سان ڪئي، جنهن ”دنقرت“ (ڍنڍورو) گھمارايو ته ڪو به شخص منهنجي پٺيان نه ھلي. ھي دنقرت ھڪ وڏو پتل يا ٽامي جو ٺھيل ٿالھھ آھي، جنهن تي ھڪ لوھه جي سيخ ھڻندا ته ان جو آواز تمام پري ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، جيڪڏھن ڪنهن شخص کي ڪو اعلان ڪرڻو ھوندو آھي ته ھواھڙيءَ طرح ڍنڍورو گھمارائيندو آھي.
    پوءِ وزير مون کي چيو ته ”جيڪڏھن تون ڏوليءَ ۾ سوار ٿيڻ چاھين ته اھا به موجود آھي، نه ته گھوڙو يا گھوڙي ٻنهي مان جيڪو تون پسند ڪرين، سو ڀلي رک“ مون ھڪ گھوڙي پسند ڪئي، جيڪا انهي وقت حاضر ڪئي ويئي ۽ ان سان گڏ خلعت به کڻي آيا، ان کان پوءِ مون وزير کي چيو ته ”ھي ڪوڏيون مان ڪيڏانهن ڪريان؟“ ھن جواب ڏنو ته ”پنهنجي ساٿين مان ڪنهن کي کڻي بنگالھ موڪل ته اتي وڃي اھي وڪڻي اچي.“ مون چيو ته ”چڱو“ پوءِ انهي ئي وقت مون پنهنجي ھڪ رفيق ابو محمد بن فرحان کي بنگالھ روانو ڪيو ۽ ان سان گڏ حاجي علي نالي ھڪ شخص کي پڻ موڪليو.
    اتفاق اھڙو ٿيو جو سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. تنهن ڪري جيڪي ڪجھه به ھنن وٽ ھو، سو سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو کاڌي پيتي جون شيون، پاڻي، مستول ۽ مشڪ وغيره به اڇلائي ڇڏيائون، ۽ سڄا سارا سورھن ڏينهن بغير بادبانن ۽ لنگر جي سمنڊ ۾ ھئا، ان کان پوءِ ٻيٽ تي وڃي پھتا. ھو اھو سمورو وقت بک ۽ اڃ جي سخت تڪليف سھندا رھيا، ھڪ سال کانپوءِ ابو محمد، حضرت آدم جي قدم جي زيارت ڪري واپس موٽي آيو ۽ پوءِ وري به مون سان گڏ ٻئي دفعي زيارت ڪيائين.

    منهنجي ھنن سان عيد ڪرڻ
    جڏھن رمضان جو مھينو پورو ٿيو، تڏھين وزير مون ڏانهن ھڪ خلعت موڪلي، ان بعد اسان عيد گاھه ڏانهن وياسين، وزير جي گھر کان عيد گاھه تائين سڄو رستو سينگاريو ويو ھو، ان تي ڪپڙا وڇائي ان جي ساڄي ۽ کاٻي ڪوڏين جا ڍير لڳاياويا ھئا، رستي ۾ جتي به ڪنهن امير جو گھر ھو، اتي ان جي دورازي تي ناريل، سوپاري ۽ ڪيلي جا وڻ لڳايا ويا ھئا ۽ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين رسيون ٻڌي انهن ۾ سبز ناريل ٽنگايا ويا ھئا، ۽ ھر ھڪ گھر جو مالڪ وري پنهنجي دروازي تي بيٺو ھو ۽ وزير جڏھين اتان لنگھيو ٿي، تڏھن ريشمي يا سوٽي ڪپڙو سندس پيرن تي وجھندو ٿي ويو.
    رستي تي جيڪي ڪپڙا ۽ ڪوڏيون پيل ھيون، سي سڀ غلامن پئي کنيون. وزير پيادو ٿي ھليو ۽ ھن کي ”مرڪز“ جو ٺھيل مصري چوغو ۽ مٿي تي وڏو پڪٽو پھريل ۽ حمائل جي بدران ھڪ ريشمي چادر پيل ھئس. ھن جي مٿان چار ڇٽ ھئا، ۽ پيرن ۾ جتي ھئس، ٻيا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرين پئي ھليا ھن جي اڳيان نوبت، نقارا ۽ نفيريون وڄنديون پئي ھليون ۽ لشڪر به اڳيان اڳيان پئي ھليس، سڀ ماڻھو تڪبيرون پڙھندا ٿي ھليا، عيد گاھه ۾ وزير جي پٽ نماز کان پوءِ خطبو پڙھيو، ان کانپوءِ وزير وڃي محفل ۾ ويٺو ۽ سڀيني وزيرن ۽ اميرن سندس تعظيم بجا آڻيندي، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙا وڌا، ھن کان اڳ ۾ ھي وزير ڪڏھين به محفي تي سوار ڪو نه ٿيو ھو، ڇو ته بادشاھه کان سواءِ ٻيو ڪو به محفي تي سوار ٿي نٿو سگھي.
    پوءِ اھو محفو کڻي ھليا ۽ مان وري گھوڙي تي سوار ٿي، محل ڏانهن ويس، اتي وزير ھڪ مٿانهين جاءِ تي وڃي ويٺو ۽ ان وٽ امير ۽ وزير به اچي ويٺا، پوءِ غلام تلوارون، ڍالون، ۽ لٺيون کڻي بيھي ويا، ان بعد کاڌو آيو، تنهن کان پوءِ پان ۽ سوپاريون آندائون، آخر ۾ ھڪ ٿالھيءَ ۾ مقاصري صندل پيل ھو، آڻي رکيائون ۽ جڏھن ڪا جماعت کاڌو کائي بس پئي ڪري ته انهن تي اھو صندل مليو ٿي ويو.
    ان ڏينهن مون ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ھڪ سرذين جي قسم جي لوڻيل مڇي ڏٺي، جيڪا ڪچي ھئي، ھيءَ مڇي ڪولم مان ڪنهن سوکڙيءَ طور موڪلي ھئي، ڇو ته ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ مڇي جام ٿيندي آھي، وزير اھا مڇي مون کي ڏيندي چيو ته ”ھي کاءُ“ مون جواب ڏنو ته ”ھيءُ ته ڪچي آھي، تنهن ڪري ڪيئن کائبي، پر وزير ضد ڪري چيو ته ”نه پڪل آھي.“ تنهن تي مون جواب ڏنومانس ته ”مون کي ھن جي سڄي خبر آھي، ڇاڪاڻ ته اھا منهنجي ملڪ ۾ به گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي.“

    منهنجي شادي ڪرڻ، ۽ منهنجو قاضي مقرر ٿيڻ
    شوال جي ٻي تاريخ وزير سليمان (امير البحر) سان سندس ڌيءُ جي سڱ جي باري ۾ منهنجي ڳالھه ٻولھه ٿي، جنهن چيو ته اڄ ئي نڪاح ٿي وڃڻ گھرجي. مون وزير کي چوائي موڪليو ته سندس محل ۾ ھن جي روبرو نڪاح پڙھيو وڃي، جيڪو وزير منظور ڪيو، اتي دستور موجب پان ۽ صندل آندو ويو ۽ ماڻھو به اچي گڏ ٿيا، پر وزير سليمان کي دير ٿي ويئي، ھن پنهنجي جلد اچڻ جو چوائي موڪليو، پر تڏھين به نه آيو. اسان ٻيو دفعو ھن ڏانهن ماڻھو موڪليو ته ھن چوائي موڪليو ته سندس ڌيءُ جي طبيعت ٺيڪ نه آھي، وزير مون کي ڪن ۾چيو ته ”اصل ۾ سندس ڌيءُ نڪاح ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته ھوءُ پنهنجي نفس جي مالڪياڻي آھي، پر جنهن صورت ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا آھن، تنهن ڪري جي تنهنجي مرضي ھجي ته ملڪه جي پيءُ جي بيواه سان جنهن جي ڌيءُ سان منهنجي پٽ جو نڪاح ٿيو آھي، کڻي ٿا تنهنجو نڪاح ڪريون. منهنجي ھائو ڪرڻ تي وزير انهيءَ وقت قاضي ۽ گواھن کي گھرايو ۽ نڪاح ٿي ويو، جنهن ۾ منهنجي طرفان وزير مھر جي ادائگي ڪري ڇڏي. ھو ڪجھه ڏينهن کان پوءِ منهنجي گھرآئي، ھو نهايت نيڪ بخت ۽ سليقي شعار زال ھئي ۽ پھرئين ئي ڏينهن ھن منهنجي بدن تي خوشبوءِ ملي، منهنجي ڪپڙن کي خوشبوءِ جو واس ڏنو، ھوءَ ھميشه کلمک رھندي ھئي ۽ ڪڏھن به ان جي منهن مان رنج معلوم نه ٿيو.
    ھن نڪاح کان پوءِ وزير مون کي قاضي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن جو سبب ھي ھو، جو اتي جو قاضي ترڪي جي ملڪيت جي ورھاست وقت ان ملڪيت جو ڏھون حصو پاڻ کڻندو ھو، مون ھن ڳالھه تي اعتراض ڪندي، کيس چيو ته تنهنجو اھو حق آھي، جيڪو وارث خوشيءَ سان توکي ڏين. ازانسواءِ ھو چڱيءَ طرح سان ڪم به ھلائي ڪين سگھندو ھو.
    جڏھن مان قاضي ٿيس تڏھن شرعي ڪمن جي لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪيم، ھن ٻيٽ ۾ اسان جي ملڪ وانگر گھڻا جھيڙا جھڳڙا ڪو نه ٿين. ھن ملڪ جو ھڪ دستور ھو ته طلاق کان پوءِ به عورتون ان وقت تائين پنهنجي اڳئين مڙس جي گھر ۾ رھنديون ھيون، جيستائين ڪو ٻيو ساڻن نڪاح نه ڪري، مون اھڙا پنجويھه ماڻھو پنهنجي روبرو گھرائي، انهن کي درا ھڻائي، سندن شھرت ڪرائي ۽ عورتن کي سندن گھرن مان ڪڍارائي ڇڏيو. نماز جي پابندي ۾ سختي ڪيم ۽ حڪم ڪيو ته جمعي جي نماز جي اذان کان پوءِ جيڪو به ماڻھو بازار يا گھٽيءَ ۾ ڏسو، تنهن کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي، پيش امامن ۽ ٻانگن جون پگھارون مقرر ڪيم ۽ سڀني ٻيٽن ۾ اھڙيءَ طرح حڪم جاري ڪيم. عورتن کي به ڪپڙن پھرڻ جو حڪم ڏنم پر ڪامياب ٿي نه سگھيس.

    وزير عبدالله بن محمد الحرضرميءَ، جنهن کي سلطان شھاب الدين ”سويد“ جي ٻيٽ ۾ جلاوطن ڪري موڪليو ھو، جو اچڻ، ۽ منهنجي ۽ ھن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ:
    ھن وزير عبدالله جي زال جي ڌيءُ منهنجي نڪاح ۾ ھئي، تنهن ڪري مان ساڻس تمام گھڻي محبت رکندو ھوس، جڏھن وزير جمال الدين ھن کي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ واپس گھرايو، تڏھن مون ھن ڏانهن تحفا موڪليا ھئا ۽ سندس استقبال لاءِ وڃي، محل تائين ساڻس گڏ ويو ھوس، وزير مون کي سلام ڪيو ۽ ھن کي ھڪڙي سھڻي گھر ۾ ترسايائين، جتي ھن وٽ مان ايندو ويندو ھوس. اتفاق سان رمضان شريف جي مھيني ۾ مان اعتڪاف ۾ ويس ته سڀ ماڻھو مون سان ملڻ لاءِ آيا . وزير عبدالله نه آيو ۽ پوءِ جڏھن وزير جمال الدين آيو، تڏھن ان سان گڏجي آيو. ان ڪري مون کي ڏاڍو رنج ٿيو، جڏھن مان اعتڪاف مان ٻاھر آيس، تڏھن منهنجي زال، جيڪا جمال الدين سنجريءَ جي ڌيءَ ھئي، جو مامو، جنهن جو سنڀاليندڙ وزير عبدالله ھو، مون وٽ شڪايت کڻي آيو ته اسان جي ڪجھه ملڪيت اڃا به ھن وٽ (وزير عبدالله وٽ) رھيل آھي ۽ ڇاڪاڻ ته ھاڻي اسين بالغ ٿي ويا آھيون، تنهن ڪري اھا اسان کي ڏياري وڃي.
    مون ھيءُ قاعدو مقرر ڪري ڇڏيو ھو ته ڪو به متولي گھرائڻ وقت، ھن کي ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر موڪليندو ھوس، جنهن ۾ لکيل ھوندو ھو ته “جنهن وقت اھو ڪاغذ توکي ملي، تنهن وقت ھڪدم اچي حاضر ٿي.“ پوءِ جيڪڏھن ھو ائين حاضر نه ٿيندو ھو ته ان کي سزا ڏيندو ھوس. اھڙيءَ طرح سان ھن ڏانهن پڻ مون اھڙو ڪاعذ موڪليو، جنهن تي ھو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ منهنجو دشمن ٿي پيو، پر ھن اھا ڳالھه دل ۾ رکي، ۽ پنهنجي طرفان ھڪ وڪيل ڏياري موڪليو، مون کي اھا به خبر پيئي ته ھو مون کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو ٿو رھي.
    ماڻھو به ھن جي اھڙي تعظيم ڪندا ھئا، جھڙي وزير جي ھن ٻيٽ ۾ تعظيم جو قاعدو آھي ته تعظيم ڪرڻ وارو پنهنجي ڏسڻي آڱر زمين تي رکي، اھاچمي کڻي مٿي تي رکندو آھي، پر مون پڙھو ڏياريو ھو ته ”ڪو به شخص وزير کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شخص جي اھڙي تعظيم نه ڪري، ۽ ڪو به شخص جيڪڏھن وزير عبدالله جي اھڙي تعظيم ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي.“ ھن کي به حڪم موڪليم ته پنهنجي سامھون اھڙي تعظيم ڪنهن کي به ڪرڻ نه ڏي. ان کان پوءِ دشمني اڳي کان به وڌي ويئي.
    ان بعد مون ٻئي ھڪ وڏي وزير جي ڌيءَ سان ٻي شادي ڪئي، ان وڏي وزير جو ڏاڏو سلطان داؤد، سلطان احمد شنورازه جو ڏوھٽو ھو ۽ ان کان پوءِ مون سلطان شھاب الدين جي بيواه سان به نڪاح ڪري ڇڏيو. مون ان باغ ۾ جيڪو وزير مون کي ڏنو ھو، ٽي گھر ٺھرايا ۽ منهنجي چوٿين زال، جيڪا وزير عبدالله جي زال جي ڌيءَ ھئي پنهنجي گھر ۾ الڳ رھندي ھئي، ھيءَ زال مون کي سڀني کان وڌيڪ پياري ھوندي ھئي، جڏھن مون اھي سڀ مائٽيون ڪيون، تڏھن وزير ۽ ان ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مون کان ڊڄڻ لڳا ۽ وزير سان منهنجون شڪايتون ڪرڻ ۽ مون تي چغليون ھڻڻ لڳا، ھن ڳالھه ۾ سڀ کان وڌيڪ بهرو وزير عبدالله ورتو ۽ آخر اسان جي وچ ۾ بغض پيدا ڪرائي ڇڏيائين.

    منهنجي ھنن کان جدائي ۽ ان جو سبب
    ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو، جو وزير جي زال ھن سان سلطان جلال الدين جي غلامن مان ھڪ غلام جي شڪايت ڪئي ته ھو سلطان جي ھڪ ٻانهيءَ وٽ ويندو آھي ۽ ھن سان زنا ڪندو آھي. وزير يڪدم شاھد موڪليا، جي وڃي ان ٻانهيءَ جي گھر ۾ گھڙيا ته ڏٺائون ته غلام ۽ ٻانهي ھڪ ئي بستري تي آرام ڪري رھيا ھئا. ھنن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏھن صبح ٿيو ۽ مون کي اھا خبر پيئي، تڏھن شاھي محل ۾ وڃي پنهنجي بيٺڪ تي ويھي رھيس.
    مون ان غلام ۽ ٻانهيءَ جي باري ۾ ڪا به ڳالھه ڪا نه پڇي. پوءِ مون وٽ ھڪ خاص ماڻھوآيو ۽ اچي مون کان پڇيائين ته وزير صاحب چوي ٿو ته توھان ڪنهن ڪم سان آيا آھيو؟ مون جواب ڏنومانس ته نه. اصل ۾ ھن جي پڇڻ جو مطلب ھو ته مان ان غلام ۽ ٻانهيءَ جي ڪيس جي باري ۾ ڪجھه چوان، ڇو ته منهنجو دستور ھو ته جيستائين مان حڪم نه ڏيان، تيستائين ڪنهن به ڪيس جو فيصلو ٿيڻ نه ڏيندو ھوس. پر ڇاڪاڻ ته مان ناراض ھوس، تنهن ڪري فقط ائين چئي پنهنجي گھر ڏانهن واپس آيس ۽ پنهنجي ڪچھريءَ ۾ وڃي ويٺس. پوءِ وزير مون ڏانهن ھڪ ٻئي وزير ھٿان چوائي موڪليو ته ڪالھھ رات ھيءُ واقعو ٿي گذريو آھي، ان ۾ جيڪو به شرعي حڪم ھجي، سو ٻڌايو. مون ھن کي چيو ته ھن ڪيس جو فيصلو شاھي محل ۾ ٿيڻ گھرجي. مان به اوڏانهن ويس. ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. مون حڪم ڏنو ته ٻنهي کي ھڪ پاسي وٺي وڃي درا ھڻو، ان بعد عورت کي ڇڏي ڏنم ۽ غلام کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي گھر ھليو آيس.
    وزير مون ڏانهن ڪي وڏا وڏا ماڻھو موڪليا جن اچي سفارش ڪئي ته ھن غلام کي به ڇڏيو وڃي. جنهن تي مون چيو مان ته وزير ھڪ انهيءَ بدڪار غلام جي سفارش ٿو ڪري، جنهن پنهنجي مالڪ جي عزت جو به خيال نه ڪيو ۽ اڃا ڪالھھ جي ڳالھه آھي، جو توھان سلطان شھاب الدين کي رڳو انهيءَ ڪري تخت تان لاھي قتل ڪري ڇڏيو ھوس، جو ھو پنهنجي غلام جي گھر ۾ گھڙي ويو ھو. مون يڪدم حڪم ڏنو ته غلام کي بيد ھنيا وڃن. جيڪي دري کان وڌيڪ سخت ٿيندا آھن، ۽ سندس ڪنڌ ۾ رسي وجھائي،سڄي ٻيٽ ۾ سندس تشھير ڪرايم. امير وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ٻڌي غصي کان ڪڏھن اٿيو ٿي ته ڪڏھن ويٺو ٿي ۽ انهيءَ وقت پنهنجي سڀني وزيرن ۽ فوج جي سردارن کي گڏ ڪري، مون کي به اتي گھرايائين.
    مان اوڏانهن ويس ۽ دستور موجب، ان جي تعظيم نه ڪري، فقط اسلام عليڪم چئي ويھي رھيس. پوءِ مون سڀني حاضرين کي چيو ته ”توھان سڀئي شاھد ھجو ته اڄ کان مون قاضيءَ جي عھدي تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجي پاڻ کي معزول ٿو ڪريان، ڇو ته منهنجو حڪم ھلي نٿو سگھي.“ تنهن تي وزير ڪجھه چيو، پر مان سندس مقابلي ۾ ھڪ مٿانهين جاءِ تي وڃي ويٺس ۽ سخت لفظن ۾ کيس ان جو جواب ڏنم، ايتري ۾ مغرب جي اذان آئي ۽ وزير ھيئن چوندي پنهنجي محلي ۾ ھليو ويو ته ”مان ھنن جو بادشاھه آھيان. مون ھن شخص کي انهيءَ لاءِ گھرايو ھو ته ھن تي مان پنهنجو غصو ظاھر ڪريان، پر اٽلو ھو مون تي غصو ڇنڊي ويو.“ ھتي جا ماڻھو منهنجي انهيءَ ڪري به گھڻي عزت ڪندا ھئا جو کين معلوم ھو ته مان ھندستان جي بادشاھه جو مقرب آھيان، جيتوڻيڪ ھنن جو ٻيٽ ھن کان گھڻو پري ھو، پر تڏھن به ھو ڊڄندا ھئا. وزير پنهنجي گھر وڃي مون ڏانهن اڳئين معزول ٿيل قاضي کي موڪليو، جيڪو ڏاڍو زبان دراز ھو، ھن اچي مون کي چيو ته وزير چيو آھي ته تو ڀريءَ درٻار ۾ منهنجي تعظيم ڇو نه ڪئي. مون جواب ڏنو مانس ته جيستائين منهنجي دل صاف ھئي، تيستائين تعظيم ڪندو رھيس؛ جڏھن اھا صفا ئي نه رھي، تڏھن تعظيم نه ڪيم ۽ فقط مسلمانن وارو معمولي سلام ڪيم.
    اھو قاضي وري ٻئي دفعي اچي مون کي چوڻ لڳو ته جيڪڏھن تنهنجو مطلب ھن ٻيٽ مان ھليو وڃڻ جو ھجي ته پنهنجو قرض ۽ عورتن جو مھر ادا ڪري ڀلي ھليو وڃ. مون چيو ته چڱو پوءِ مان گھر ڏانهن ويس ۽ وڃي سڀ قرض ادا ڪيم. انهن ئي ڏينهن وزير مون ڏانهن گھر لاءِ ڪي گلم غاليچا، برتن ۽ ٻيو سامان موڪليو ھو، ٻيو به جيڪي گھرندو ھوس، سو موڪلي ڏيندو ھو، ڇاڪاڻ ته مون سان محبت رکندو ھو، پر ھينئر ھن جي دل صاف نه ھئي. اصل ۾ ھو مون کان ڊڄڻ لڳو ھو، جڏھن ھن کي معلوم ٿيو ته مون پنهنجو سڀ قرض به ادا ڪري ڇڏيو آھي، تڏھن وري سفر جي اجازت ڏيڻ ۾ دير ڪيائين. مون گھڻا ئي قسم کنيا ته مان ھتي ھرگز ڪو نه ترسندس، ۽ پنهنجو سڀ سامان کڻي ھڪ مسجد ۾ ھليو ويس. مون ھڪ زال کي طلاق ڏني، ٻي حامله ھئي، تنهن ڪري نون مھينن ۾ ميعاد مقرر ڪيم ته جيڪڏھن انهيءَ عرصي ۾ مان نه آيس ته پوءِ ھوءَ آزاد آھي. سلطان شھاب الدين جي بيواه کي پاڻ سان کنيم ته ھن کي ھن جي پيءُ وٽ، جيڪو ملوڪ جي ٻيٽ ۾ رھندو ھو، ڇڏيندو ويندس ۽ پنهنجيءَ پھرين زال کي، جنهن جي ڌيءَ ملڪه جي ڀيڻ ھئي، پاڻ سان کنيم.
    وزير سپھه سالار ۽ وزير امير البحر سان مون انجام ۽ اقرار ڪيا ته مان معبر جي ملڪ ۾ وڃان ٿو، جتي جو بادشاھه منهنجو سنڍو آھي ۽ مان ان جو لشڪر ھنن ٻيٽن ۾ آڻي ھڪ دفعو وري ھيءُ ٻيٽ سندس زير حڪومت آڻيندس ۽ پوءِ مان سندس نائب ٿي رھندس. اسان پنهنجي نشاني مقرر ڪئي ته جنهن وقت اسان جھازن تي سفيد جھنڊا کڙا ڪريون، تنهن وقت ھو وٺي ٻيٽ ۾ بغاوت مچائين، اھا ڳالھه منهنجي دل ۾ ان وقت تائين ڪو نه ھئي، جنهن وقت تائين اسان جي کلم کلا مخالفت نه ٿي ھئي.
    وزير مون کان ڏاڍو ڊڄندو ھو ۽ چوندو رھندو ھو ته ھي شخص منهنجي زندگيءَ ۾ يا موت کان پوءِ ضرور وزير ٿيندو. ھو گھڻو ڪري منهنجي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو رھندو ھو ۽ چوندو ھو ته ”مون ٻڌو آھي ته ھتي بغاوت ڪرڻ لاءِ ھندستان جي بادشاھه ھن ڏانهن مال موڪليوآھي.“ ھو منهنجي ھتان ھليو وڃڻ کان به پئي ڊنو، ته ڪٿي معبر مان لشڪر وٺي، ھن ٻيٽ کي فتح ڪرڻ لاءِ وري نه واپس موٽي اچي.
    ھن مون ڏانهن نياپو موڪليو ته جيستائين تنهنجي لاءِ جھاز جو انتظام ٿي وڃي، تيستائين ترسي پئو ۽ ھوڏانهن ملڪه به شڪايت ڪئي، ته منهنجي ماءُ کي ٻيٽ کان ٻاھر وڃڻ نه گھرجي.،پر مون ترسڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري ھو ڪجھه به ڪري نٿي سگھيا، پر ھنن چوائي موڪليو ته ھن جا زيوارت بيت المال جو حق آھي، تنهن ڪري واپس ڪري، ورنه جيڪڏھن سندس شاھد ھجن ته سلطان جلال الدين اھي زيور کيس بخشش ڪري ڇڏيا ھئا، ته پوءِ ڀلي پاڻ سان کڻي وڃي. جيتوڻيڪ اھي زيور تمام بيش قيمت ھئا، تڏھن به ھن اھي واپس ڏيئي ڇڏيا. پوءِ مون وٽ وزير ۽ امير آيا. انوقت مان مسجد ۾ ھليو ويس.ھنن اچي مون کي درخواست ڪئي ته مان واپس ھلان. تنهن تي مون چيو مان ته ”مان قسم کڻي چڪو آھيان، تنهن ڪري لاچار آھيان.“ ھنن جواب ڏنو ته ”اھو قسم ته ھيئن به لھي سگھي ٿو ته تون ھڪ دفعو ھتان ھليو وڃ ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي ٻيٽ مان ٿي واپس ھليو اچ“ مون چيو ته ”چڱو ڀلا ائين منظور آھي.“
    سفر واريءَ رات مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ھن وٽ ويس ته ھو مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ روئڻ لڳو، ايتري قدر جو سندس ڳوڙھا منهنجي پيرن تي ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڏينهن ھو سڄي رات پنهنجي سر ٻيٽ جي حفاظت ڪندو رھيو ته ڪٿي منهنجا سھرا ۽ ساٿي مون سان ملي ڪري بغاوت نه مچائين. پوءِ مان اتان ھلي وزير، عليءَ جي ٻيٽ ۾ پھتس، جتي پھچندي ئي منهنجي زال کي اچي سخت سور پيو، تنهن ڪري ھن واپس وڃڻ جي خواھش ڏيکاري، مون ھن کي طلاق ڏيئي، اتي ڇڏي ڏنو ۽ وزير کي ھن مضمون جو ھڪ خط لکيم ته مون انهيءَ زال کي به طلاق ڏني، جنهن لاءِ معياد مقرر ڪري آيو ھوس. مون پاڻ سان فقط اھا ٻانهي کنئي جنهن سان مون کي ڏاڍو پيار ھوندو ھو. ان کان پوءِ اقليم مان ٿيندا سفر ڪندا رھياسين.

    ھڪ پستان واري عورت
    ھنن ٻيٽن مان ھڪ ٻيٽ ۾ مون ھڪ پستان واري عورت ڏٺي، جنهن کي ٻه ڌيئرون ھيون، انهن مان ھڪڙي ھڪ پستان واري ھئي ۽ ٻيءَ جا ٻه پستان ته ھئا پر ھڪ پستان ننڍو ھوس، مون کي ھيءُ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو. ھڪڙو ٻيٽ وري تمام ننڍو ڏٺوسين، جنهن ۾ فقط ھڪ گھر ھو، ان گھر جو مالڪ ڪم ڪار ڪندو ھو ۽ ھن کي زال ۽ ٻارڙا به ھئا. ھن اتي ناريل جا وڻ پوکيا ھئا ۽ ھڪ ننڍي ٻيڙي پڻ ھيس، جنهن تي چڙھي ھو مڇيون ڦاسائيندو ھو ۽ ڪيڏانهن وڃڻو ھوس ته ان ۾ سفر ڪندو ھو.
    ھن ٻيٽ ۾ ڪيلي جا وڻ به ھئا ۽ اتي خشڪيءَ جي پکين مان، سواءِ ٻن ڪانگن جي ٻيو ڪو به پکي ڪو نه ھو. اھي ٻئي ڪانگ اسان جي جھاز کي ڏسي، ان جي ڀرسان اچي چوڌاري ڦرڻ لڳا. مان ان شخص جي پرامن زندگي بسر ڪرڻ تي رشڪ ڪرڻ لڳس ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن ھيءُ ٻيٽ مون کي ملي وڃي ته جيڪر مان ان ۾ گوشھ نشين ٿي ويھي رھان ۽ اتي ئي مري وڃان.
    پوءِ اسان”ملوڪ“ جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ناخدا ابراھيم جو جھاز بيٺو ھو، جنهن ۾ چڙھي مون معبر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ناخدا سان گڏ منهنجا ساٿي پڻ ھئا، جن گڏجي منهنجي دعوت ڪئي. وزير ھن ٻيٽ ۾ اڳيئي لکي موڪليو ھو ته جڏھن مان ھن ٻيٽ ۾ پھچان، تڏھن مون کي ھڪ سئو ويھه بستو ڪوڏيون، ٽيھه پيالا ماکي، پان، سوپاري ۽ مڇي ھر روز ڏني وڃي. مان ھن ٻيٽ تي ستر ڏينهن رھيس ۽ اتي ٻن عورتن سان نڪاح ڪيم، ھيءُ ٻيٽ ايتري قدر ته سرسبز آھي، جو وڻ مان ٽاري پٽي کڻي زمين يا ڀت ۾ ھڻجي ته ان ۾ به پن نڪري ايندا ۽ ھڪ وڻ ٿي ويندو.
    ھتي ڏاڙھون ٻارھن ئي مھينا ڦر ڏيندو آھي، ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڊپ ھو ته ڪٿي نا خدا ابراھيم ھنن کي ڦري نه وڃي، تنهن ڪري ھنن چيو ته جھاز وارن جا سڀ ھٿيار ھنن وٽ رکيا وڃن ۽ ھو وڃڻ وقت واپس وٺي وڃن، ھن ڳالھه تي جھڳڙو ٿي پيو ۽ پوءِ وري اسان مھل(مال) جي ٻيٽ ڏانهن واپس وياسون، پر ٻيٽ ۾ د اخل ڪو نه ٿياسون. مون ھٿيارن جي باري ۾ وزير کي ھڪ خط لکي موڪليو. وزير جواب موڪليو ته ھٿيار ضرور رکيا ويندا، تنهن ڪري اسان ”ملوڪ“ جي ٻيٽ ڏانهن واپس ھليا آياسون. جتان پندرھين ربيع الثاني سن ٧٤٥ ھجري جي روانا ٿياسين.
    انهيءَ سال شعبان جي مھيني ۾ وزير جمال الدين مري ويو. خدا ان تي رھمت ڪري. ملڪه حامله ھئي، تنهن کي ھن جي مرڻ کانپوءِ ٻار ٿيو ۽ وزير عبدالله ھن سان شادي ڪئي.
    جڏھن اسان اتان روانا ٿياسين، تڏھن اسان سان ڪو به سولھون ڪو نه ھو، ھنن ٻيٽن کان معبر فقط ٽن ڏينهن جي مفاصلي تي آھي، پر اسان پورا نو ڏينهن سفر ڪندا س رھياسون ۽ نائين ڏينهن سيلان جي ٻيٽ ۾ وڃي نڪتاسين، سر انديپ جو جبل، جنهن جي چوٽي آسمان سان گسندي پئي نظر آئي، پري کان ائين ٿي ڏٺو ڄڻ ته ڪو دونهين جو ٿنڀو ھو، جڏھن اسان اتي پھتاسون، تڏھن جھاز وارن چيو ته ھيءُ بندرگاھه انهيءَ راجا جو ڪونهي، جتي واپاري ماڻھو بنا خوف يا خطري جي وڃي ٿا سگھن، پر ھيءُ شھر ھڪ ڊاڪن جي سردار جو آھي، جنهنجا جھاز سمنڊ ۾ ڦريون ڪندا آھن.
    اسان اتي لنگر ھڻن کان پئي ڊناسين، پر ھوا تيز ٿي ويئي ھئي، تنهنڪري ٻڏڻ جو خوف ھو. اتي مون نا خدا ابراھيم کي چيو ته مون کي ڪناري تي لاھي ڇڏيو، مان ڪافر راجا وٽ وڃي، توھان جي لاءِ امن گھري اچان، ھنن مون کي ڪناري ي لاھي ڇڏيو. مون . ڏانهن ڪيترائي ڪافر آيا ۽ پڇڻ لڳا ته ”تون ڪير آھين“ مون چيو مان ته ”مان معبر جي بادشاھه جو شريڪ آھيان ۽ راجا سان ملڻ آيو آھيان“ اھو به ٻڌايو مان ته ”ھن جھاز ۾ راجا جي لاءِ تحفا ڀري آيو آھيان“ ھنن وڃي بادشاھه کي اھا خبر ڪئي، جنهن مون کي گھرائي موڪليو ۽ مان بطالھ جي شھر ۾ ھن سان ملڻ لاءِ ويس ھيءُ شھر ھن راجا جو تخت گاھه آھي ۽ ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن جي چوڌاري ڪاٺ جي شھر پناھه آھي، جنهن جا برج به ڪاٺ جا ئي ٺھيل آھن. سمنڊ جي ڪناري تي فرقھ (دار چيني)، جي ڪاٺين جا ڍير لڳا پيا آھن. ھي ڪاٺيون سمنڊ رستي لڙھي، ھت اچي پونديون آھن، جن کي معبر ۽ ملبار جا ماڻھو قميت ادا ڪرڻ کان سواءِ کڻي ويندا آھن. پر ان جي عيوض راجا کي ڪپڙا وغيره نذراني طور ڏيندا رھندا آھن. معبر ۽ ھن ملڪ جي وچ ۾ فقط ھڪ ڏينهن ۽ ھڪ رات جو رستو آھي. ھن ملڪ ۾ فقم(1) جو ڪاٺ به گھڻي انداز ۾ ٿيندو آھي. ازانسواءِ عود ھندي، جنهن کي ڪلخي چوندا آھن، پڻ جھجھو ٿيندو آھي، پر اھو قافلھ ۽ قمار جي عود کان گھٽ درجي جو ٿيندو آھي.


    ________________________________________
    (1) مقدشو – عربستان ۾ عدن جي طرف ھڪ علائقي جو نالو – مترجم
    (2) غاليو –”مخزن“ ۾ لکيل آھي ته ھي ھڪ قسم جي عطر وانگر خوشبوءِ آھي، جيڪا عنبر، لوبان ۽ ٻيون ڪي خوشبوئدار گڏي ٺاھيندا آھن. – مترجم
    (1) خليع گوشت - پڪل گوشت جو قسم يا نمونو – مترجم


    باب نائون

    فصل پھريون

    سيلان جو راجا
    ھن راجا جو نالو ”ايري چڪر ورتي“ آھي. ھن راجا جي سامونڊي طاقت تمام مضبوط آھي. ھن دفعي مان معبر ۾ ھوس، ته ھن جا ھڪ سئو ننڍا ۽ وڏا جھاز اتي موجود ڏٺم. انهيءَ وقت معبر جي بادشاھه جا اٺ جھاز پڻ يمن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ھئا، بادشاھه حڪم ڏنو ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃو. يڪدم ٻيا ماڻھو به پنهنجي پنهنجي ٻيڙين جي مدد لاءِ گڏ ٿي ويا. جڏھن راجا جي جھازن ڏٺو ته کين وجھھ ملي نه سگھيو، تڏھن چوڻ لڳا ته ”اسان به يمن ڏانهن وڃي رھيا آھيون ۽ ھت انهيءَ لاءِ آيا ھئاسين ته سلطان جي جھازن جي حمايت سان اوڏانهن وڃون.“
    مان جڏھن ھن راجا وٽ ويس تڏھن منهنجي تعظيم ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويھاريائين. پوءِ مون سان نرمائيءَ ۽ مھربانيءَ سان گفتگو ڪرڻ لڳو ۽ ائين به چيائين ته ”تنهنجا ساٿي بنا ڪنهن ڊپ جي ڀلي جھاز تان لھن، ۽ جيستائين رھندا منهنجا مھمان ھوندا، ڇو ته معبر جي بادشاھه ۽ منهنجي گھاٽي دوستي آھي.“ مان ھن وٽ ٽي ڏينهن رھيس. ھو ھر روز منهنجي پھرئين ڏينهن کان وڌيڪ تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ لڳو، ھو پارسي زبان به سمجھي سگھندو ھو، مون جڏھن ھن کي سڀني ملڪن ۽ شھرن جون ڳالھيون ٻڌايون تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو.
    ھڪ ڏينهن مان ھن وٽ ويس ته ڏٺم ته سندس اڳيان سٺن سٺن موتين جو ڍير لڳو پيو ھو، ڇاڪاڻ ته ھن جي علائقي ۾ ٽوٻا سمنڊ مان موتي ڪڍندا آھن. اتي پرکڻ وارا به ويٺا ھئا، جيڪي سٺا موتي جدا ڪندا ٿي ويا، ھن چيو ته ”تو به ڪٿي موتي نڪرندي ڏٺا آھن؟“ مون جواب ڏنو ته ھائو، قيس ۽ ڪش جي ٻيٽن ۾، جتي حاڪم ابن السواملي آھي. ھن چيو ته” برابر مون به ائين ٻڌو آھي“ پوءِ ڪي داڻا کڻي چيائين ته ”ڇا! ھنن جيڏا وڏا وڏا موتي به اتي لڀندا آھن؟“ مون جواب ڏنو ته”نه، اھي ننڍا ننڍا آھن“ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ”ھي داڻا مان توکي ٿو ڏيان“ تنهن کان پوءِ مون کي چيائين ته ”تون ڪنهن به قسم جو حجاب نه ڪر ۽ جيڪي ڪجھه به توکي گھرجي سو ھڪدم مون کان گھري وٺ.“ مون جواب ڏنو ته”منهنجو ھتي اچڻ جو مطلب ھو ته قدم شريف جي زيارت ڪريان“ سيلان ۾ آدم کي باوا ۽ حوا کي ماما چوندا آھن. راجا چيو ته ”اھا ڪا مشڪل ڳالھه ڪا نه آھي ۽ مان توکي ماڻھو ڏيندس، جيڪي توکي اتي پھچائيندا. مون چيو مانس ته ”جنهن جھاز ۾ مان آيو آھيان، تنهن کي معبر ڏانهن وڃڻو آھي ۽ متان مون کي دير ٿي وڃي، تنهن ڪري تون مون کي پنهنجي جھازن ۾ اتي پھچائي ڇڏجانءِ“ تنهن تي چيائين ته ”چڱو.“
    مون جڏھن جھاز جي مالڪ سان اھا ڳالھه ڪئي، تڏھن ھن چيو ته ”مان تو کان سواءِ ڪو نه ويندس ۽ تون جيڪڏھين ھڪ سال جي عرصي ۾ به واپس ايندي، ته به مان ترسيو پيو ھوندس.“ مون اھو راجا کي ٻڌايو ته ھن جواب ڏنو ته”جيستائين تون موٽي اچين، تيستائين سڀ جھاز وارا منهنجا مھمان ٿي رھندا.“ پوءِ راجا مون کي ھڪ ڏولي ۽ ڪي غلام ڏنا، جيڪي مون کي کڻي اٿي ھليا، ازانسواءِ چار جوڳي، جيڪي ھن سال قدم شريف جي زيارت لاءِ وڃي رھيا ھئا، ٽي برھمڻ، ڏهه پنهنجا ڪم ڪار وارا ماڻھو ۽ منهنجي رستي جو راشن کڻي ھلڻ وارا پندرھن ماڻھو پڻ مون سان گڏ موڪليائين.
    ھن رستي تي پاڻي تمام گھڻو ملي سگھندو آھي. پھرئين ڏينهن اسان ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جتان بيد جي ڪاٺين مان ٺھيل ٻيڙيءَ جي وسيلي پار اڪرياسين. اتان ھلي اسان اچي ”منار منڊلي“ ۾ پھتاسين. ھي ھڪ چڱو سھڻو شھر آھي ۽ ھن راجا جي عملداري جي حد تي ٻڌل آھي. اتي راجا جي عملدارن اسان جي ڏاڍي سٺي دعوت ڪئي. دعوت ۾ ھو جھنگلي ڳئن جا گابا، جن کي ھو اتي جي جھنگلن مان شڪار ڪري زنده پڪڙي ايندا آھن، ۽ چانور، گيھه، مڇي، مرغيون ۽ کير موجود ڪري ڏيندا آھن.
    ھن شھر ۾ سواءِ ھڪ خراسانيءَ جي ٻيو ڪو به مسلمان ڪو نه ھو، جيڪو بيمار ٿي، رستي ۾ ئي ترسي پيو ھو. اھو پڻ اسان سان گڏجي اٿي ھليو. پوءِ اسان سلاوات جي بندر ۾ پھتاسين. جيڪو ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جتان ھلي ھڪ جھنگل ۾ پھتاسين. اتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ ھاٿي به رھندا ھئا. ھي ھاٿي پرديسين ۽ زيارت لاءِ ويندڙن کي ڪا به تڪليف نٿا رسائين. اھا سڀ شيخ عبدالله بن خفيف جي برڪت آھي، ھن ئي شخص شروع شروع ۾ اھو دستور ڳولي ڪڍيو ھو، نه ته اتي جا ڪافر مسلمانن کي ان رستي سان وڃڻ کان روڪيندا ھئا ۽ انهن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا ھئا.
    اھي ڪافر نه مسلمانن سان گڏ کائيندا ھئا، ۽ نه وري انهن کي ڪا شيءَ وڪڻندا ھئا. پوءِ جڏھن انهيءَ شيخ جا ساٿي ھڪ ھاٿيءَ جي ٻچي کي ماري کائڻ لڳا، ڏھن شيخ ان مان ڪجھه به نه کاڌو. نتيجي ۾ رات جو ھاٿي انهن سڀني کي ماري ويا، پر شيخ کي ڪجھه به تڪليف نه پھچايائون، اٽلندو ھڪ ھاٿي ھن کي پنهنجي پٺي تي چاڙھي، وڃي ھڪ آباديءَ ۾ ڇڏي آيو، ان وقت کان وٺي ڪافر مسلمان جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ ھنن کي پنهنجي گھر ۾ ترسائڻ ۽ ھنن سان گڏ کائڻ لڳا، نه رڳو ايترو پر ھنن کي پنهنجي اھل و عيال ۽ ٻارن ٻچن ۾ به اطمينان سان ڇڏي ڏيندا آھن ۽ پٺ جو ڪو به فڪر ڪو نه ٿيندو اٿن. ھو اڃا تائين به شيخ عبدالله خفيف جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن ۽ ھن کي شيخ ڪبير ڪري سڏيندا آھن.
    ان کان پوءِ اسان ڪنڪار جي شھر ۾ پھتاسين، ھي شھر ھن ملڪ (سيلان) ۾ سڀ کان وڏي راجا جو دارالخلافه آھي ۽ ٻن جبلن جي وچ تي ھڪ خندق ۾، درياءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ان درياءَ جو نالو درياءُ ياقوت آھي، ڇاڪاڻ ته ان مان ياقوت لڀندا آھن. شھر جي ٻاھران شيخ عثمان شيرازي (جيڪو شاوش جي نالي سان مشھور آھي) جي مسجد آھي. ھن شھر جو راجا ۽ ان جا باشندا ھن جي قبر تي زيارت لاءِ ايندا آھن ۽ ھن جي تعظيم ڪندا آھن ھو قدم ڏانهن وڃڻ وارن جو رھبر ھوندو آھي. آخر جڏھن سندس ھٿ ۽ پير ڪپيا ويا، تڏھن سندس پٽ، پوٽا ۽ غلام به اھوئي ڪم ڪندا رھيا، ھن جا ھٿ ۽ پير انهيءَ ڪري ڪپيا ويا ھئا، جو ھن ھڪ ڳئون ذبح ڪئي ھئي، جنهن لاءِ ھندن جو قاعدو ٺھرايل ھو ته يا ته ان شخص کي به ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا يا ان ڳئون جي کل ۾ وجھي، کيس زنده جلائي ڇڏيندا ھئا، پر شيخ عثمان سان رعايت سڀني کي منظور ھئي، تنهن ڪري ھن جو فقط ھڪ ھٿ ۽ ھير ڦير وڍي سندس گذاري لاءِ ڪن زمينن جي ڍل معاف ڪري ڇڏيائون.

    اتي جو بادشاھه
    ھن شھر جي راجا کي ”ڪنار“(ڪنور) ڪري چوندا آھن. ھن وٽ ھڪ اڇي رنگ جو ھاٿي آھي، جنهن جھڙو اڇو ھاٿي، ان کان سواءِ، دنيا ۾ مون ڪو نه ڏٺو، ھيءُ راجا ھر ڪنهن وڏي ڏينهن ان تي سوار ٿيندو آھي ۽ ان جي مٿي تي وڏن وڏن ياقوتن جو ھار پھرائيندو آھي. اتفاق سان ھن راجا جا عملدار ھن کان باغي ٿي بيھي رھيا، تنهن ڪري ھن جون اکيون ڪڍي، ھن جي پٽ کي کڻي پنهنجو راجا بنايائون ۽ ھاڻي اھو راجا انڌو آھي.

    يا قوت
    اھو ياقوت جنهن کي ”بهرمان“ ڪري چوندا آھن، ھن شھر ۾ لڀندو آھي. ڪي يا قوت پاڻيءَ مان نڪرندا آھن ته ڪي وري کوٽي ڪڍندا آھن، سيلان جي ٻيٽ ۾ گھڻو ڪري ھر ھنڌ ياقوت لڀندو آھي. جيڪي ماڻھو ياقوت ڪڍندا آھن، سي ھڪ زمين جو ٽڪر خريد ڪري، ان ۾ ياقتو ڳوليندا آھن ۽ جتي به اڇو شاندار پٿر ملندو اٿن سو گڏ ڪندا ويندا آھن، ڇاڪاڻ ته ان جي اندران ياقوت نڪرندو آھي. پوءِ ھو اھو پٿر سنگتراشن وٽ کڻي ويندا آھن، جو ان کي تراشي اندران ياقوت ڪڍي وٺندو آھي.
    ڪي ياقوت ڳاڙھا، ڪي پيلا ۽ ڪي وري نيري رنگ جا ٿيندا آھن، نيري رنگ واري ياقوت کي ”نيلم“ چوندا آھن. ھتي دستور آھي ته جيڪو ياقوت، ھڪ سئو ”فنم“ جي قيمت کان وڌيڪ ٿيندو آھي ته راجا ان جي قيمت ادا ڪري، اھو خريد ڪندو آھي، پر جيڪڏھن ان قيمت کان گھٽ وارو ٿيو ته اھو ياقوت جو مالڪ پاڻ وٽ رکندو آھي، ھڪ سو فنم ڇھن سونن دينارن جي برابر ٿيندا آھن.
    ميلان جون عورتون رنگ رنگ جي ياقوتن جا ھار پھرينديون آھن ۽ پيرن ۾ به ان جا ڪنگڻ ۽ پازيب پائينديون آھن. راجا جون ٻانهيون وري ياقتن جي ڄاري ٺاھي مٿي تي رکنديون آھن، اڇي ھاٿيءَ جي مٿي تي جيڪي يا قوت پھريل آھن تن مان ست ياقوت ته مرغيءَ جي بيضن کان به وڏا آھن. مان راجا پري چڪروتيءَ وٽ ھڪ ياقوت جي پيالي ڏٺي ھئي، جيڪا ھٿ جي تريءَ جيتري ھئي ۽ ان ۾ عود جو تيل رکيل ھو. مان ان تي عجب کائڻ لڳس ته ھن (راجا) چيو ته اسان وٽ انهيءَ کان به وڏا ياقوت آھن.
    پوءِ اسان ڪنڪار کان ھلي اچي ھڪ غار وٽ پھتاسين، جنهن کي استاد محمود لوريءَ جو غار ڪري سڏيندا آھن. ھو ھڪ ولي شخص ھوندو ھو، جنهن ھيءُ غار جبل تي ھڪ ننڍڙي چشمي جي ڀرسان ٺاھيو ھو. اتان ھلي اسان اچي ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جنهن کي ”خوربوزنه“ يعني باندرن جو درياءُ ڪري سڏيندا آھن.

    باندر
    ھن جبل تي باندر تمام گھڻي انداز ۾ آھن. ھنن جو رنگ سياھيءَ ڏي مائل آھي ۽ پڇ ڊگھا اٿن. نر باندر کي ڏاڙھي به ٿيندي آھي. شيخ عثمان، سندس پٽ ۽ ٻين ڪيترن ماڻھن کان ٻڌم ته ھڪ باندر انهن جو سردار ٿيندو آھي. جنهن کي ھو پنهنجو بادشاھه ڪري مڃيندا آھن. ان سردار جي مٿي تي وڻن جي پنن سان ٺھيل ھڪ ٽوپي پھريل ھوندي آھي. ھو ھٿ ۾ لٺ کڻي ھلندو آھي ۽ سندس ساڄي پاسي ۽ کاٻي ٻه ٻه باندر ھلندا آھن، جن جي ھٿن ۾ پڻ لٺيون ھونديون آھن، جڏھن باندر سردار ويھندو آھي، تڏھن اھي چار ئي اندر سندس پٺيان بيھي ويندا آھن. پوءِ ھن جي باندري ۽ ٻچا اچي سندس سامھون ويھي رھندا آھن، ٻيا باندر وري اچي ٿوري مفاصلي تي ويھي رھندا آھن، ان کانپوءِ چئن باندرن (باڊي گارڊن) مان ھڪ ڪجھه چوندو آھي، جو ٻڌي سڀ باندر ڪنهن پاسي ھليا ويندا آھن ۽ ھر ھڪ باندر پاڻ سان ليمون، ڪيلو يا ڪا ٻي شيءِ کڻي موٽندو آھي. اھي شيون باندر سردار، ان جي باندري ۽ ٻچا ۽ چار باندر کائيندا آھن.
    ھڪ جوڳيءَ مون سان ڳالھه ڪئي ته ھڪ دفعي مون انهن باندرن کي ڏٺو ته ھو ھڪ ٻئي باندر کي لٺين سان ماري رھيا ھئا ۽ ان مار بعد سندس وار پٽي رھيا ھئا.
    ھڪ معتبر ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو ته جيڪڏھن انهن باندرن مان ڪنهن کي جيڪڏھن ڪا ڇوڪري ملي وڃي ۽ ھوءَ پنهنجو بچاءُ ڪري نه سگھي ته اھو باندر ساڻس جماع ڪندو آھي. ھن ٻيٽ جي ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو ته سندس گھر ۾ ھڪ باندر ھوندو ھو. ھڪ دفعي سندس ڇوڪري ڪنهن ڪم سان ھڪ ڪوٺيءَ ۾ ويئي ته باندر به اندر گھڙي ويو، ڇوڪريءَ گھڻيون ئي دانهون ڪيون ۽ مدد لاءِ پڪاريائين، پر باندر اصل نه ڇڏيس. آخر جڏھن ھو اندر ويا ته ڏٺائون ته ويچاري ڇوڪري ھن جي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ پيئي ھئي.
    ان کان پوءِ اسان ھيزران درياءَ تي پھتاسين، ھيءُ اھو درياءُ آھي، جنهن مان شيخ عبدالله خفيف کي ٻه ياقوت مليا ھئا، جيڪي ھن ٻيٽ جي راجا جي حوالي ڪيا ھئا، اھو سمورو بيان مان پھرئين سفر واري جلد ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ اسان ھڪ ھنڌ پھتاسين، جنهن کي پوڙھيءَ جو گھر ڪري ٿي سڏيائون ۽ اھو آبادي جو آخري ھنڌ ھو، جتان ھلي اسان بابا طاھر جيڪو ولي الله ھو، جي غار وٽ پھتاسين، ان کان پوءِ اسان ”سبيڪ“ جي غار ڏانهن روانا ٿياسين. سبيڪ ھڪ ھندو راجا ھوندو ھو، جو دنيا ترڪ ڪري، عبادت جي لاءِ ھتي اچي رھيو ھو.

    اڏامندڙ ڄؤر
    ھن ھنڌ اسان اڏامندڙ ڄؤر ڏٺي، جنهن کي ”زلو“ ڪري ٿي سڏيائون. اھا ڄؤر پاڻيءَ جي ڀرسان، ڪنهن وڻ تي يا اتي جيڪو گاھه ٿيندو آھي، ان تي ويٺي ھوندي آھي. جڏھن ڪو انسان ان جي ڀرسان لنگھندو آھي، تڏھن يڪدم ٽپو ڏيئي ان کي چنبڙي ويندي آھي ۽ جنهن جاءِ تي چھٽندي آھي، تنهن جاءِ تان ڪيترو ئي رت پي ويندي آھي. اتي ماڻھو پاڻ سان ليمون تيار رکندا آھن ۽ يڪدم ان جي مٿان ليمي جي رس نچوڙي وجھندا آھن ته اھا ھيٺ ڪري پوندي آھي ۽ ڪاٺ جي ڇڙي جيڪا تيار ھوندي اٿن، تنهن سان ان جاءِ کي يڪدم صاف ڪري ڇڏيندا آھن.
    ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ زاھد شخص جيئن ئي انهيءَ ھنڌان پئي لنگھيو، تيئن ھن کي ھڪ ڄؤر چنبڙي ويئي ۽ ان جي سڄي چمڙي لاھي ڇڏيائين، ھن ويچاري وٽ ليمون ڪو نه ھو، تنهن ڪري اھا ڄؤر ھن جو سمورو رت پي ويئي ۽ اھو ويچارو مري ويو. ھن شخص جو نالو ”بابا خوزي“ ھو، جنهن جي نالي سان ھتي ھڪ غار مشھور آھي، ان کانپوءِ ”مبع غارات“ ڏانهن وياسين. جتان ”عقبه اسڪندر“ ۽ ”غار اصفھاني“ کان ٿيندا، ھڪ چشمي ڏانهن وياسين. اتي ھڪ غير آباد قلعو آھي جنهن جي ھيٺان ھڪ درياءُ ٿو وھي، جنهن کي ”غوط گاھ عرفان“ ڪري چوندا آھن. انهيءَ ھنڌ نارنج نالي ھڪ غار آھي ۽ اتي ئي ھڪ ٻيو غار پڻ آھي، جنهن کي راجا جو غار ڪري چوندا آھن، ان جي ڀرسان جبل سرانديپ جو دروازو آھي.


    فصل ٻيو

    سرانديپ جو جبل
    ھيءُ جبل دنيا جي بلند ترين جبلن مان ھڪ آھي. اسان سمنڊ مان ان کي ڏٺو ھو، حالانڪ اھو ڪناري کان نون منزلن جي مفاصلي تي ھو. جڏھن اسان جبل تي مٿي چڙھياسين، تڏھن ڪڪر اسان کي ھيٺ پئي نظر آيا ۽ جبل جي پاڙ ۽ اسان جي وچ ۾ پئي ھليا، ھن جبل ۾ ڪيترائي اھڙا وڻ موجود آھن، جن جا پن، جيڪي رنگ برنگي ٿيندا آھن، ڪڏھين به ڪو نه ڇڻندا آھن.ا تي سرخ گلاب جا گل ھٿ جي تريءَ جيترا آھن، جن لاءِ ماڻھن جو خيال آھي ته انهن تي قدرت جي قلم سان محمد جو نالو لکيل آھي.
    ھن جبل تان قدم شريف تائين وڃڻ لاءِ ٻه رستا آھن، جن مان ھڪ کي ”بابا جو رستو“ ۽ ٻئي کي ”ماما جو رستو“ ڪري سڏيندا آھن، يعني آدم ۽ حوا جا رستا. ماما جو رستو آسان آھي جتان بارتي موٽندا آھن . جيڪڏھين ڪو شخص ان رستي کان ويندو آھي ته سمجھيو ويندو آھي ته ڄڻ ھن زيارت ئي ڪو نه ڪئي. پر بابا جو رستو ڏاڍو اڻانگو آھي ۽ پيچيده آھي، جنهن تي چڙھڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آھي. جبل جي ھيٺان جتي ان جو دروازو آھي، اتي ھڪ غار آھي، جنهن کي سڪندر جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو آھي، ۽ اتي ھڪ پاڻيءَ جو چشمو به آھي.
    اڳئين زماني جي ماڻھن ھن جبل ۾ ڏاڪڻيون پڻ کوٽائي، ٺھرائي ڇڏيون آھن. انهن جي وسيلي مٿي چڙھي سگھبو آھي. انهن ڏاڪڻين ۾ وري لوھي ڪلا کوڙي، انهن سان زنجيرون ٻڌي ڇڏيون اٿن. جيئن چڙھڻ وارو انهن کي جھليندو مٿي وڃي سگھي. ھي ڪل ڏهه زنيجرون آھن، جن مان ٻه جبل جي ھيٺان دروازي وٽ موجود آھن، باقي ست انهن کان پوءِ واري واري سان اڳتي اينديون آھن. ڏھينءَ زنجير کي شھادت چوندا آھن، ڇاڪاڻ ته انسان اتي پھچي، کڻي جو ھيٺ نهاريندو آھي ته ان جا حواس باخته ٿي ويندا آھن ۽ ھيٺ ڪرڻ جي خوف کان ڪلمون شھادت پڙھڻ شروع ڪندو آھي.
    جڏھن ھيءَ زنجير پوري ٿيندي آھي تڏھن اڳتي رستو ملندو آھي. ڏھين زنجير کان وٺي غار خضر تائين ستن ميلن جو مفاصلو آھي، اھو غار ھڪ ڪشادي ميدان تي آھي، جنهن جي ڀرسان ھڪ چشمو پڻ آھي، اھو چشمو به حضرت خضر جي نالي سان سڏبو آھي. جنهن ۾ مڇيون تمام گھڻي انداز ۾ موجود آھن، پر ڪو به شخص انهن مڇين کي پڪڙي نٿو سگھي. ان جي ڀرسان جيڪو رستو آھي تنهن جي ٻنهي پاسي جبل ۾ ٻه حوض کوٽائي ڪرائي، ٺھرايا ويا آھن. سڀ زيارتي غار خضر ۾ جيڪي ڪجھه به ھنن وٽ ھوندو اھي سو ڇڏي ويندا آھن. ۽ پوءِ ٻه ميل مٿي، جتي قدم شريف آھي، چڙھندا آھن.

    قدم شريف
    ھي قدم ڏاڏي آدم جي پير جو نشان آھي، جيڪو زمين جي سطح کان مٿي رکيل ھڪ سخت ۽ڪاري رنگ واري پٿر ۾ آھي. اھو پٿر انهيءَ ميدان تي پيل آھي. قدم مبارڪ انهي پٿر تي اچي پيو ھو، جنهن جو ان تي نشان ڄمي ويو ھو. قدم جي ڊيگھه ٻارھن گرانٺ ٿيندي، جنهن مان چيني ماڻھن، جيڪي شروع ۾ ھتي ايندا ھئا، سي آڱوٺي واري جاءِ پٿر مان ڀڃي کڻي ويا ھئا ۽ وڃي زيتون جي شھر ۾ ھڪ مندر ۾ رکي ھئائون اتي به چين جا ماڻھو سڄي ملڪ مان زيارت لاءِ ويندا آھن.
    قدم جي ڀرسان پٿر ۾ نو ننڍا کڏا کوٽيل آھن، جن ۾ ھندو زيارتي سون، جواھرات ۽ ياقوت ڀري ويندا آھن، اھو ئي سبب آھي، جو فقير غار خضر تي پھچندي ئي جلدي جلدي سڀني کان اڳي اتي پھچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيئن جيڪي ڪجھه انهن کڏن ۾ ھجي سو کڻي سگھن. اسان جڏھن اتي پھتاسين تڏھن تمام ٿورو سون ۽ جواھرات اتي موجود ھئي، جيڪا اسان پنهنجي رھبر کي ڏيئي ڇڏي. ھتي دستور آھي ته عار خضر ۾ ٽي ڏينهن ترسڻو پوندو آھي، جتان ٽي ڏينهن برابر صبح ۽ شام قدم جي زيارت لاءِ وڃبو آھي. اسان به ائين ڪيو، جڏھين ٽي ڏينهن پورا ٿيا تڏھين اسان ماما حوا جي رستي مان واپس موٽياسين. اسان جي پھرين منزل”غار شيث“ ۾ ٿي، ۽ پوءِ ”درياءِ سمڪ“ تي پھتاسين، ان کان پوءِ”ڪرملھ“ جي ڳوٺ ۽ ”جبر گاوان“ مان ٿي، ”دل دينوت“ جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين، جتان ”ات قلنجھ“ ۾ پھتاسين، ھتي شيخ ابو عبدالله بن خفيف گرميءَ جا ڏينهن گذاريندو ھو، ھي سڀ ڳوٺ ۽ منزلون جبل ۾ آھن. جبل جي پاڙ وٽ ھن رستي ۾ ھڪ درخت روان نالي آھي. ھيءٌ ھڪ وڏو وڻ آھي، جنهن جا پن ڪڏھن ڪو نه ڇڻن ۽ نه ڪنهن شخص ڪڏھن ان جو پن ئي ڏٺو آھي، ھن کي روان ان لاءِ چوندا آھن، جو جيڪڏھن ان کي مٿان کان ڏسبو ته اھو اتان کان پري ۽ پاڙي وٽ ويجھو معلوم ٿيندو آھي.
    ھتي ڪيترائي جوڳي ترسيل آھن، جيڪي ھن وڻ جي پنن جي ڪرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن. پر ھنن جي اھا اميد پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. ھن وڻ جي پنن بنسبت اھي جوڳي ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڳالھيون ٺاھي ٻڌائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪو به شخص جيڪڏھين ھي پن کائي ته کڻي يف ڪراڙو ڇو نه ھجي، ھڪ وار وري جوان ٿي پوندو. ھن جبل جي ھيٺان اھو درياءُ آھي، جنهن مان ياقوت نڪرندا آھن ۽ ان جو پاڻي بلڪل نيرو نظر ايندو آھي.
    اتان ھلي اسان ٻن ڏينهن جي سفر بعد اچي دين ور(1) ۾ پھتاسين. ھيءُ سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي. جنهن ۾ سوداگر رھندا آھن“ ھتي ھڪ بت خاني ۾ ھڪ بت رکيل آھي، جنهن جو نالو دينور آھي. ان بت خاني ۾ ٽي ھزار کن برھمڻ ۽ جوڳي رھندا آھن. ازانسواءِ پنج سو ھندن جون ڌيئرون پڻ ھر روز بت جي سامھون نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ رھنديون آھن. ھن شھر جو سمورو محصول ھن بت خاني لاءِ وقف ٿيل آھي، جنهن مان بت خاني وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو آھي، ھيءُ بت سڄو سون جو ٺھيل آھي ۽ آدم قدم جيترو آھي، جنهن کي اکين جي جاءِ تي ٻه وڏا ياقوت لڳل آھن، جيڪي رات جو قنديلن وانگر روشني ڏيندا آھن.
    پوءِ اتان اسان ”ڪالي“ جي شھر ۾ پھتاسين. ھي ”دينپور“ کان ڇھن فرسخن جي مفاصلي تي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنهن ۾ ناخدا ابراھيم نالي ھڪ مسلمان رھندو آھي، جنهن اسان جي مھماني به ڪئي ھئي، ان کان پوءِ اسان ڪنبو(ڪولمبو) ڏانهن وياسين. سرانديپ ۾ ھي سڀ کان وڏو ۽ سھڻو شھر آھي. ھتي راجا جو وزير، جيڪو حاڪم بحر آھي ۽ جالستي سڏبو آھي، رھندو آھي. ھن سان گڏ پنج سو حبشي پڻ رھندا آھن. پوءِ اتان ھلي، ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ”بطالھ ۾ پھتاسين ۽ اتي جي راجا جنهن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، سان ملياسين. ناخدا ابراھيم کي اتي موجود ڏٺم جيڪو منهن جو انتظار ڪري رھيو ھو.
    پوءِ اسان معبر(1) روانا ٿياسين، واٽ تي ھوا تمام تيز ٿي ويئي ۽ پاڻي جھاز ۾ چڙھڻ لڳو، اسان جي جھاز ۾ ڪو به رئيس (ڪپتان) ڪو نه ھو، تنهن ڪري اسين پٿرن ۾ وڃي نڪتاسين ۽ قريب ھو ته جھاز انهن پٿرن سان ٽڪرائجي ڀڄي پوي، پر اسان ھڪ ننڍڙيءَ کاريءَ ۾ (لڙھي) وڃي پياسين. جھاز به آھستي آھستي ھيٺ ٿيندو ٿي ويو ۽ موت اسان جي اڳيان نچي رھيو ھو، پوءِ ماڻھن وٽ جيڪي ڪجھه ھو، سو ڦٽو ڪري ڇڏيائون ۽ لڳا وصيتون ڪرڻ.
    اسان جھاز جا ستول به ڪپي کڻي ڦٽا ڪيا. ھوڏانهن جھاز وارن ڪاٺ جي ھڪ ٻيڙي ٺاھي ورتي. خشڪي اتان کان به فرسخ پري ھئي. مون پڻ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر مون سان جيڪي ٻه ٻانهيون ۽ ساٿي ھئا تن مون کي چيو ته ”اسان کي ڪيڏانهن ٿو ڇڏي وڃين“ ھنن جي ڳالھه ٻڌي مون تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ چيو مان ته توھان ۽ ٻانهي (جنهن کي مان پسند ڪندو ھوس)ھليا وڃو ۽ مان ھتي جھاز ۾ ٿو ترسان. تنهن تي انهي ٻانهيءَ چيو ته ”مان چڱي تارو آھيان ۽ ٻيڙي سان ھڪ رسي ٻڌي ان کي جھلي ترندي وينديس.“ پوءِ محمد بن فرمان، ھڪ مصري شخص ۽ ھڪ بانهي ٻيڙي ۾ وڃي ويٺا ۽ ٻي ٻانهي ترندي ويئي. ٻيا جھاز وارا پڻ ٻيڙي ۾ رسيون ٻڌي ترندا ويا. مون پنهنجو سمورو قيمتي سامان جواھرات ۽ عنبر وغيره انهن سان گڏ موڪلي ڏنو.
    ھوا بلڪل موافق پئي لڳي، تنهن ڪري ھو سڀ صحيح ۽ سالم وڃي ڪناري تي ڀيڙا ٿيا. جھاز جو مالڪ به ڏاڍي تڪليف سان وڃي خشڪي تائين پھتو، پر مان خود جھاز ۾ رھيس. جھاز وارن ٻيون ٻيڙيون ٺاھڻ شروع ڪيون، پر سندن ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ئي رات پئجي ويئي، پاڻي جھاز ۾ چڙھندو رھيو. مان وڃي جھاز جي پٺئين حصي ۾ ويھي رھيس ۽ صبح تائين اتي ئي رھيس. صبح جي وقت ڪيترائي ھندو ھڪ ٻيڙي وٺي آيا، جن اسان کي کڻي وڃي ڪناري تي لاٿو. مون ھن کي ٻڌايو ته ”مان سندن بادشاھه جو عزيز آھيان“ ھو سڀ بادشاھه جي رعيت جا ماڻھو ھئا سو ھنن يڪدم بادشاھه کي لکي موڪيلو.
    بادشاھه اتان کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي غزو ۾ آيل ھو. مون پڻ ھن ڏانهن پنهنجو حال لکي موڪيلو. پوءِ اھي ماڻھو اسان کي ھڪ جھنگل ۾ وٺي آيا ۽ ھڪ گدري جھڙو ميوو کڻي آيا، جو(1) مقل جي وڻ ۾ لڳندو آھي.
    ان جي ميوي جي اندران ھڪ ڪپھھ جھڙي شيءَ نڪرندي آھي. ان پاڻيٺ کي ڪڍي ان مان کنڊ جھڙو (تل) نالي ھڪ حلوو ٺاھيندا آھن. ھو ھڪ عمدي قسم جي مڇي پڻ کڻي آيا ھئا.
    اتي اسان ٽي ڏينهن ترسياسين ۽ ٽن ڏينهن بعد بادشاھه جي طرفان قمرالدين نالي ھڪ امير چند سوارن ۽ پيادن کي ساڻ وٺي آيو. ھنن ڏهه گھوڙا ۽ ھڪ ڏولي به آندي ھئي. پوءِ مان ۽ منهنجا ساٿي، جھاز جو مالڪ ۽ ھڪ ٻانهي (گھوڙن) تي سوار ٿياسين ۽ پنهنجي ٻيءَ ٻانهيءَ کي ڏوليءَ ۾ سوار ڪيم. پوءِ اسان اچي ”ھر ڪاتوجي“ قلعي ۾ پھتاسين جتي رات گذاري، مون پنهنجون ٻانهيون، غلمان ۽ ساٿي اتي ڇڏيا ۽ ٻئي ڏينهن اچي بادشاھه جي ڪئمپ ۾ پھتس.

    ________________________________________
    (1) ھن ڪاٺ مان ڳاڙھو رنگ نڪرندو آھي – ”لغات ڪشوري“ صفحو ٧١ – مترجم
    (1) ھن شھر جو قديم نالو”ديوان ديره“لکيل آھي ۽ ھاڻي ھن کي”ڊونڊا“ڪري چوندا آھن، پر اڄڪلھه ھتي ڪو به شھر آباد ڪين آھي ۽ فقط سمنڊ ۾ نڪتل ھڪ لاس آھي، سر وليم ٽيننٽ پنهنجي ڪتاب سيلان جلد ١ صفحو ١١٣ تي لکي ٿو ته ڊونڊرا پھريائين ھڪ تمام وڏو مندر ھوندو ھو، جنهن جي ڪري ھيءُ شھر تمام متبرڪ ڪري ليکيو ويندو ھو، پر آخر سنه ٥٨٧ع ۾ پورچوگيزن ھن کي لٽي برباد ڪري ڇڏيو.
    (1) معبر؛ ھن کي ھاڻي ڪارو منڊل ۽ ڪرناٽڪ ڪري چوندا آھن. مترجم
    (1) مقل:- ھنديءَ ۾ ھن کي ”گوگل“ پارسيءَ ۾ ”بوئي يھودان“ ڪري چوندا آھن، ڇاڪاڻ ته يھودي قوم ھن جو گھڻو استعمال ڪندي آھي. ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، جو گھڻو ڪري عمان حضر موت ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ ٿيندو آھي، باھه ۾ وجھڻ سان خوشبوءِ ڏيندو آھي ۽ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آھي (مخزن الادويھ)- ترجمھ


      فصل ٽيون

    معبر ڪي ملڪ جو بادشاھه
    معبر جو بادشاھه غياث الدين دامغالي آھي، جيڪو پھريائين ملڪ مجيد بن ابي الرحمان جي سوارن ۾ نوڪر ھو ۽ ھي امير وري سلطان محمد تغلق جي خادمن مان ھڪ ھو، ان بعد ھي (غياث الدين دامغاني) سلطان سيد جلال الدين جي پٽ سيد حاجيءَ جي نوڪريءَ ۾ آيو ھو، جتان بادشاھه بنجي ويھي رھيو. ھن کي پھريائين سراج الدين ڪري چوندا ھئا، پر پوءِ جڏھن بادشاھه ٿيو تڏھن سلطان غياث الدين جو لقب اختيار ڪيائين. ھي ملڪ پھريائين دھليءَ جي بادشاھه جي ماتحت ھوندو ھو. جنهن کان منهنجي سھرو شريف جلال الدين احسن شاھه باغي ٿي ويو ھو ۽ پنج سال خود مختيار ٿي حڪومت ڪيائين، ان بعدکيس قتل ڪيو ويو ۽ سندس ھڪ امير علاؤ الدين ان جي نالي بادشاھه ٿيو.
    ھڪ سال کان پوءِ ھن ڪنهن ھندو راجا تي چڙھائي ڪئي، جتان ڪيترو ئي لٽ جو سامان ھٿ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي آيو، وري به ان تي ڪاھي ويو ۽ ڪيترن ئي ھندن کي ماري انهن کي شڪست ڏنائين. ان لڙائي ۾ ھڪ ڏينهن پاڻي پيئڻ لاءِ جيئن ئي ( فولادي) خول مٿي تان لاٿائين ته ھڪدم تير اچي لڳس ۽ مري ويو. ان کان پوءِ سندس ناٺي قطب الدين کي بادشاھه بنايائون، پر ھن جون عادتون چڱيون ڪين ھيون، تنهنڪري چاليھن ڏينهن کان پوءِ کيس ماري ڇڏيائون ان کان پوءِ سلطان غياث الدين بادشاھه ٿيو، جنهن سلطان شريف الدين جي ڌيءُ مان، جنهن جي ڀيڻ سان دھليءَ ۾ منهنجو نڪاح ٿيو ھو، شادي ڪئي ھئي.

    منهنجو سلطان غياث الدين وٽ پھچڻ
    جڏھن مان ڪئمپ جي ڀرسان پھتس، تڏھن ھن منهنجي استقبال لاءِ ھڪ حاجب موڪيلو ھو. (ان وقت) ھڪ ڪاٺ جي برج ۾ ويٺو ھو. اتي دستور آھي ته بادشاھه جي سامھون ڪو به شخص بنان موزن پھرڻ جي وڃي نٿو سگھي. مون وٽ موزا ڪو نه ھئا، تنهن ڪري ھڪ ھندوءَ مون کي پنهجا موزا ڏنا، جيتوڻيڪ اتي ڪيترائي مسلمان موجود ھئا ( پر ڪنهن کان به ڪين وريو). مون کي ان ھندوءَ جي مروت تي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ مان بادشاھه جي سامھون ويس، جنهن مون کي ويھي رھڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪدم قاضي حاجي صدر زمان بهاءُ الدين کي گھرائي، سندس ڀرسان رھائش لاءِ مون کي ٽي خيما ڏياريائين. ازانسواءِ فرش (گلم وغيره) ۽ کاڌو يعني چانور ۽ گوشت به موڪليائين. ھن ملڪ ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر کاڌي کان پوءِ کير جي لسي پيئندا آھن.
    پوءِ مان بادشاھه وٽ ويس ۽ ھن کي مالديپ ڏانهن لشڪر موڪلڻ جي صلاح ڏنيم. ھن ان جو پڪو ارادو ڪري، جھاز به مقرر ڪري ڇڏيا ۽ اتي جي ملڪ جي لاءِ تحفا ۽ اميرن ۽ وزيرن لاءِ خلعتون به تيار ڪرايائين، ۽ مون کي، ملڪ جي ڀيڻ سان نڪاح ڪرڻ لاءِ وڪيل مقرر ڪندي، حڪم ڏنائين، ته ان ٻيٽ جي محتاجن لاءِ ٽن جھازن ۾ صدقو روانو ڪيو وڃي، پوءِ مون کي چيائين ته تون پنجن ڏينهن کان پوءِ وري مون سان ملجانءِ، پر امير البحر خواجه سرلڪ چيو ته مالديپ ڏانهن ٽن مھينن تائين سفر ڪرڻ ناممڪن آھي، تنهن تي بادشاھه مون کي چيو ته تون بٽن ڏانهن ھليو وڃ ۽ جڏھن اھو عرصو ختم ٿئي تڏھن داراخلافه مترا ۾ اچي اتان روانو ٿي وڃجانءِ. مان ڪجھه وقت ھن وٽ ترسيس ۽ انهيءَ عرصي ۾ منهنجيون ٻانهيون ۽ ساٿي به اچي مون سان مليا.

    اسان جو سفر زالن ۽ ٻارن جي قتل جو وحشتناڪ نظارو ڏسڻ:
    جنهن زمين تي اسان سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنهن ۾ رڳو جھنگل پيو ھو ۽ منجھس وڻ ۽ بانس ايتري قدر گھاٽا ھئا، جو پيادو ھلڻ تمام ڏکيو ھو. تنهن لاءِ بادشاھه حڪم ڏنو ته لشڪر جو ھر ھڪ ماڻھو پاڻ سان ھڪ ھڪ تير کڻي، جنهن سان جنهگل کي ڪپيندو وڃي، اسان جتي به لھندا ھئاسين ته اتان ھو سڀيئي سوار ٿي جھنگل ھليا ويندا ھئا ۽ صبح کان شام تائين وڻ ڪپيندا رھندا ھئا. پوءِ ھر ھڪ جماعت ( واري واري سان) ماني کائي وري وڻن ڪپڻ جو ڪم شروع ڪندي ھئي ۽ شام تائين ائين ڪندا رھندا ھئا. جيڪڏھن جھنگل ۾ ڪو ھندو ملندو ھو ته ان کي گرفتار ڪري ھڪ ڪاٺيءَ جنهن جا ٻئي منهن تيز گھڙيل ھوندا ھئا، ھن جي ٻنهي ڪلھن مان لنگھائي کيس ڪئمپ ۾ کڻي ايندا ھئا ۽ ھن سان گڏ ھن جي زال ۽ ٻار به ھوندا ھئا.
    ھنن جو دستور ھوندو ھو ته ڪئمپ جي چوڌاري ڪاٺ جي ھڪ ڀت ٺاھي ڇڏيندا ھئا، جنهن کي چار دروازا ھوندا ھئا ۽ ان کي ” ڪٽ گھر“ ڪري چوندا ھئا، ان ۾ جيڪو بادشاھه جو تنبو ھوندو ھو، تنهن جي چوڌاري وري ٻيو ڪٽ گھر تيار ڪندا ھئا ۽ ان ڪٽ گھر جي ٻاھران انساني قد جي اڌ جيترا اوچا چبوترا ٺاھي، رات جو انهن تي باھه ٻاري روشني ڪندا ھئا. ازانسواءِ پيادا ۽ غلام جاڳندا رھندا ھئا، ۽ جڏھن رات جي وقت ھندو ڪئمپ تي حملو ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا، تڏھن ھر ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ بانس جي لڪڻ ھوندي ھئي سا کڻي ٻاريندو ھو ته انهن مان اھڙي ته روشني نڪرندي ھئي جو ڄڻ ته ڏينهن ٿي ويو آھي.
    پوءِ گھوڙي سوار يڪدم دشمن جي پٺيان نڪري پوندا ھئا ۽ شام تائين جيڪي قيدي پڪڙي ايندا ھئا، انهن کي چئن جماعتن ۾ ورھائيندا ھئا، ۽ ھر ھڪ جماعت کي ڪٽ گھر جي چئني دروازن تي وٺي ويندا ھئا. ھر ھڪ دروازي جي ڀرسان وري اھا ڪاٺي، جيڪا سڀيئي قيدي جھنگل مان پنهنجن ڪلھن تي کڻي ايندا ھئا،کوڙي ان ۾ ھر ھڪ قيدي کي پوئيندا ويندا ھئا، پوءِ ھنن جي زالن جا وار انهيءَ ڪاٺيءَ سان ٻڌي، سندن ڪڇن تي، جيڪي ٻار ھوندا ھئا تن کي اتي ئي ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا.
    ان بعد، انهن کي اتي ڇڏي، سڀ اچي ڪئمپ ۾ وڻن ڪپڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. ھي بي رحميءَ جي ۽ قابل نفرت ڪارروائي، مون ڪنهن به ٻئي بادشاھه کي ڪندي ڪانه ڏٺي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن ظلم جي ڪري، ھي بادشاھه جلد ئي مري ويو. ھڪ ڏينهن مان بادشاھه جي ھڪ طرف ويٺو ھوس ۽ ٻئي طرف قاضي ھو. اسان ماني کائي رھيا ھئاسين، ته ھڪ ھندو کي، زال ۽ پٽ سوڌو وٺي آيا. ھن جي پٽ جي عمر ست سال کن ھئي. ھن جلادن کي حڪم ڏنو ته ھن قيديءَ کي ماري ڇڏيو ۽ ائين به چيائين ته ھن جي زال ۽ پٽ کي به ماريو. پوءِ ھنن جون سسيون لاٿيون ويون. مون ان وقت پنهنجو منهن کڻي ٻئي طرف ڪيو ۽ جڏھن اٿيس تڏھن ڏٺم ته ھنن جا سر مٽي ۾ پيل ھئا. ٻئي ڏينهن پڻ مان ان وٽ موجود ھوس ته وري ھڪ ھندو کي وٺي آيا. بادشاھه ڪجھه چيو پر مون نه سمجھيو. يڪدم جلادن تلوارون کڻي ڪڍيون، مان جلدي جلدي اٿي ھلڻ لڳس. بادشاھه مون کان پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ مون جواب ڏنو ته اسر جي نماز پڙھڻ ٿو وڃان. ھو سمجھي ويو ۽ کلي ڏنائين. پوءِ ھنن جي ھٿن ۽ پيرن ڪپڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مان جڏھن واپس آيس تڏھن ڏٺم ته ھو مٽيءَ ۽ رت ۾ ڦٿڪي رھيو ھو.

    ڪافرن سان لڙائي ۽ اسلام جي شاندار فتح
    ھن بادشاھه جي آس پاس ۾، بلال ديو نالي ھڪ راجا ھوندو ھو. ھو ھڪ وڏي شان وارو راجا ھو ۽ اٽڪل ھڪ لک کن لشڪر ھوس. ھن وٽ ويھه ھزار کن مسلمان پڻ ھئا. جن مان گھڻو ڪري چور، ڊاڪو ۽ رو پوش غلام ھئا، ان راجا معبر تي حملو ڪيو. ان وقت بادشاھه وٽ فقط ڇھه ھزار کن ماڻھن جي فوج ھئي، جن جو اڌ تعداد ته تجربيڪار سپاھين جو ھو ۽ باقي سڀ فضول ۽ بي سامان ماڻھو ھئا، ڪيان، شھر جي ٻاھران مقابلو ٿيو، جنهن ۾ معبر جي لشڪر شڪست کاڌي ۽ سڀ ڀڄي اچي دارالخلافه مترا کان نڪتا.
    ھوڏانهن راجا ”ڪيان “ کي گھيرو ڪيو. ھي شھر تمام وڏو ۽ مضبوط ھو. تنهن ڪري ھن ڏھن مھينن تائين گھيرو جاري رکيو، تان جو قلعي وارن وٽ وڃي فقط چوڏھن ڏينهن جو کاڌو رھيو. راجا ھنن کي پيغام موڪليو ته ” جيڪڏھن توھان قلعو ڇڏي وڃو ته توھان کي امان آھي.” پر ھنن چيو ته اسان پنهنجي بادشاھه کان ان جي اجازت گھرائينداسين، پوءِ ائين ڪنداسين، تنهن تي راجا چيو ته ”چڱو“ انهن چوڏھن ڏينهن جي عرصي ۾ اجازت گھرائي وٺو. راجا به سلطان غياث الدين کي لکي موڪليو، جنهن جمعي جي ڏينهن اھو خط سڀني کي ٻڌايو. حاضرين ٻڌي روئڻ لڳا ۽ چيائون ته اسان پنهنجيون جانيون خدا جي راه ۾ وقف ٿاڪريون، ڇو ته جيڪڏھن راجا اھو شھر ورتو، ته پوءِ يڪدم اسان جي شھر تي چڙھي ايندو، تنهنڪري گرفتار ٿيڻ کان تلوارن جي ڇانو ۾ مرڻ بهتر آھي.
    پوءِ ھڪ ٻئي سان واعدو ڪيائون ته ڪو به نه ڀڄندو. ٻئي ڏينهن سڀ ٻاھر نڪتا ۽ پنهنجا پٽڪا گھوڙن جي ڪنڌن سان کڻي ٻڌائون، جنهن مان ظاھر ھو ته مرندا مگر پٺ تي نه ھٽندا. ھنن مان جيڪي ٽي سو کن دلير ۽ بهادر ھئا، سي سڀني کان اڳي اڳتي وڌيا. ميمنه (ساڄي) پاسي سيف الدين بهادر کي کڙو ڪيائون، جيڪو ھڪ وڏو عالم، پرھيز گار ۽ بهادر شخص ھو، جنهن سان ھن جي ٽي ھزار فوج ھئي، باقي ٽي ھزار ماڻھو پنهنجي پٺيان بيھاريائون جن تي اميرالدين ڪيخسرو کي سردار مقرر ڪيائون.
    شام جي مھل ھنن سفر شروع ڪيو، جنهن کان دشمن بلڪل غافل رھيو ۽ سندن گھوڙا پڻ چراگاھه ۾ چرڻ لاءِ ويا ھئا. اوچتو ئي اچتو اميرالدين ھنن تي حملو ڪيو. راجا سمجھيو ته ڪي چور آھن، تنهنڪري بنا ڪنهن تياريءَ جي ھنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتو. مقابلي ھلندي بادشاھه غياث الدين به اچي پھتو. راجا سخت شڪست کاڌي ۽ ارادو ڪيائين ته سوار ٿي ڀڄي وڃان، ان وقت ھن جي عمر اسي سال ھئي، ناصرالدين جيڪو غياث الدين جو ڀائيٽو ھو تنهن اچي ھن کي پڪڙيو ۽ کيس قتل ڪرڻ ٿي چاھيائين ته سندس ھڪ غلام ٻڌايو ته ھي راجا آھي، تنهنڪري ھن کي قيد ڪري پنهنجي چاچي وٽ وٺي آيو. بادشاھه ظاھر ۾ ته ھن جي ڏاڍي تعظيم ڪئي ۽ خراج ۾ ھن کان ھاٿي،گھوڙا ۽ ٻيو سامان ورتائين، ڇاڪاڻ ته ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو انجام ڏنو ھئائين، پر جڏھين ھن وٽ ڪجھه به ڪونه رھيو تڏھين کيس مارائي ڇڏيائين ۽ سندس کل لاھرائي، ان ۾ بهه ڀرائي، مترا جي فصيل تي لٽڪارائي ڇڏيائين، جتي مون به ھن کي اتي لٽڪيل ڏٺو ھو.
    ھاڻي مان پنهنجي اصل مطلب تي ٿو اچان. مون ڪئمپ مان ڪوچ ڪيو ۽ اچي پٽن(1) شھر ۾ پھتس. ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جو ھڪ عجيب بندرگاھه آھي. ان جي بندرگاھه ۾ ڪاٺ جو ھڪ وڏو برج ٺھيل آھي. جيڪو ٿلھن ۽ مضبوط ڪاٺ جي بنڊن تي ٺاھيو ويو آھي، ان جي مٿان ڇت آھي ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ پڻ رکيل آھي. جڏھين دشمن جو خوف ٿيندو اٿن ۽ جھاز بندر ۾ ھوندا آھن ته اھي ان جي ڀرسان آڻي پاڻ جھاز وارا، برج تي چڙھي، دشمن کان بي خوف ٿي وڃي ويھي رھندا آھن. ھن شھر ۾ ھڪ مسجد پٿر جي ٺھيل آھي، جنهن ۾ انگور ۽ ڏاڙھون جام ٿيندا آھن، اتي مان شيخ صالح محمد نشاپوريءَ سان مليس، جيڪو انهن مجذوب فقيرن مان آھي، جيڪي ڪلھن تائين وار رکائيندا آھن. ھن وٽ ست لومڙيون پڻ ھيون، جيڪي فقيرن سان گڏ کائينديون ھيون ۽ انهن سان گڏ ويٺيون ھونديون ھيون. ھن سان ويھارو کن ٻيا به فقير ھئا، جن مان ھڪ وٽ ھڪڙي ھرڻي ھئي جيڪا شينهن جي ڀر سان وڃي بيھندي ھئي، ته شينهن کيس ڪجھه به ڪو نه چوندو ھو.
    مان پتن جي شھر ۾ ترسيل ھوس ته سلطان غياث الدين جي لاءِ ھڪ جوڳيءَ قوت باھه جو گوليون تيار ڪيون ھيون، جنهن ۾ ھڪ جزو ڪشتو فولاد پڻ ھو، ان کي ھو وزن کان وڌيڪ کائي ويو، تنهن ڪري بيمار ٿي پيو؛۽ جڏھين پتن ۾ آيو تڏھين مان ساڻس ملڻ ويس ۽ ڪجھه تحفا نذراني طور به پيش ڪيامانس، پوءِ ھو پتن ۾ ڪجھه وقت ترسيو ۽ اميرالبحر (خواجا سرور) کي گھرائي چيائين ته جيڪي جھاز اسان مالديپ جي ٻيٽن ڏانهن موڪلڻ لاءِ مقرر ڪيا آھن تن کي ٻئي ڪنهن ڪم تي نه لڳائجانءِ ۽ ارادو ڪيائين ته مون کي منهنجن تحفن جي قيمت ادا ڪري ڇڏي، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو، مان پنهنجي ان انڪار تي پوءِ ڏاڍو پشيمان ٿيس، ڇاڪاڻ ته جلدي بادشاھه مري ويو ۽ مون کي ڪجھه به حاصل ڪو نه ٿيو.
    بادشاھه پتن ۾ اڌ مھينو ترسي، پنهنجي دارالخلافه ”مترا“(1)ڏانهن ھليو ويو، ان کان پوءِ مان پڻ اتي اڌ مينهو ترسي دارالخلافه ڏانهن ھليو ويس. ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جون گھٽيون ۽ رستا تمام ڪشادا آھن. شروع شروع ۾ ھن شھر کي منهنجي سھري سيد جلال الدين احسن شاھه پنهنجي گاديءَ جو ھنڌ ڪيو ھو ۽ دھليءَ جي نموني تي ھن جو بنياد رکائي منجھس سٺيون سٺيون عمارتون ٺھرايون ھئائين. جڏھن مان اتي ويو ھوس، تڏھن وبا جو مرض پکڙيل ھو، ايتري قدر جو جڏھن ڪو ھن مرض ۾ مبتلا ٿيندو ھو ته ٻئي يا ٽئين ڏينهن مري ويندو ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار ڏينهن دير لڳندي ھئي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪو به شخص بيماري ڪو نه ڪاٽيندو ھو.
    مان جڏھن ٻاھر نڪرندو ھوس، ته ڪو مريض يا جنازو ضرور نظر ايندو ھوم. مون ھڪ ٻانهي خريد ڪئي ھئي. جيڪا بلڪل صحيح ۽ سالم ھئي، پر ٻئي ڏينهن مري ويئي، ھڪ ڏينهن مون وٽ ھڪ عورت آئي جنهن جو مڙس سلطان احسن شاھه جو وزير ھو. ھن سان گڏ ھڪ ستن سالن جو ڇوڪرو پڻ ھو. جيڪو ڏاڍو ذھين ۽ ھوشيار پڻ معلوم پئي ٿيو. ھن عورت اچي پنهنجي غريبيءَ جو حال ٻڌايو، جنهن تي کيس مون ڪجھه ڏيئي روانو ڪيو. انهيءَ وقت ماءُ ۽ پٽ ٻئي بلڪل تندرست ھئا، ٻئي ڏينهن ھوءَ موٽي آئي ۽ پنهنجي پٽ جي ڪفن لاءِ ڪجھه گھريائين، جنهن مان معلوم ٿيو ته ھو موري ويو. مان ڏسندو ھوس ته ھر روز سلطان جي محل ۾ سوين عورتون مرنديون رھنديون ھيون، اھي عورتون انهن چانورن ڇڙڻ لاءِ آنديون وينديون ھيون، جيڪي بادشاھه جي کاڌي کان علاوه ٻين ماڻھن جي کاڌي ۾ به صرف ڪيا ويندا ھئا. ھو جڏھن مرض ۾ مبتلا ٿينديون ھيون تڏھن وڃي اس ۾ ليٽنديون ھيون ۽ مري وينديون ھيون.
    بادشاھه جڏھن مترا ۾ آيو، تڏھن سندس ماءُ، زال ۽ پٽ بيمار ھئا، تنهن ڪري فقط ٽي ڏينهن شھر ۾ ترسي، پوءِ ھڪ نهر ڏانهن جيڪا شھر کان ٽي ميل پري ھئي، ھليو ويو. اتي ھندن جو ھڪ مندر پڻ ھو. مان به خميس جي ڏينهن وڃي اتي پھتس. مون کي حڪم مليو ته تون وڃي قاضيءَ جي ڀر واري خيمي ۾ رھھ. ان وقت مون ماڻھن جي ڊڪڻ ۽ ڊوڙڻ جا آواز ٻڌا، جن مان ڪي چوندا ٿي ويا ته سندس پٽ مري ويو. آخر صحيح خبر اھا ملي ته بادشاھه جو پٽ مري ويو ۽ ان کان پوءِ بادشاھه جي ماءُ پڻ خميس جي ڏينهن مري ويئي.

    بادشاھه جو فوت ٿيڻ ۽ سندس ڀائٽئي جو تخت تي ويھڻ ۽ منهنجو اتان روانو ٿيڻ
    ٽئين خميس جي ڏينهن سلطان غياث الدين پڻ فوت ٿي ويو. مان اھا خبر ٻڌي فساد جي خوف کان شھر ۾ ھليو آيس، ته بادشاھه جو ڀائٽيو ناصرالدين شھر کان ٻاھر نڪري ڪئمپ ڏانهن ايندي مليم. بادشاھه ھن کي پنهنجو ولي عھد بنائي ويو ھو، ڇاڪاڻ ته بادشاھه کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪو نه ھو. ھن مون کي چيو ته ”مون سان گڏ واپس ھل“ جنهن تي پھرين مون انڪار ڪيو ۽ اھا ڳالھه ھن پنهنجي دل ۾ رکي ڇڏي. ھيءُ ناصرالدين دھليءَ ۾ بادشاھه جو ملازم ھوندو ھو. پوءِ جڏھن سندس چاچو معبر جو بادشاھه بڻجي ويٺو. تڏھن ھي دھليءَ مان فقيرن جو ويس بدلائي ھتي ڀڄي آيو ھو. ھن جي تقدير ۾ ڪو غياث الدين جي مرڻ پڄاڻان بادشاھه ٿيڻ لکيل ھو.
    جڏھن ھن جي بيعت ڪئي ويئي، تڏھن شاعرن ھن جي تعريف ۾ قصيدا پڙھيا، جن لاءِ ھن ھنن کي وڏا انعام ڏنا، سڀ کان اڳ قاضي صدرالدين ھن جي مبارڪ بادي جا شعر پڙھيا، جنهن کي پنج سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. پوءِ وزير، جنهن کي قاضي چوندا آھن، کي ٻه ھزار دينار ۽ مون کي ٽي سو دينار ۽ خلعت ڏنائين. ان بعد فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻي انداز ۾ خيرات ڏني ويئي، ۽ جڏھن خطيب سندس نالي جو خطبو پڙھيو تڏھن مٿس دينار ۽ درھم، جيڪي سون ۽ چانديءَ جي ٿاليھن ۾ پيل ھئا، نثار ڪياويا. ازانسواءِ سلطان غياث الدين جي قبر تي قاضي مقرر ڪيا ويا، جيڪي ھر روز قبر تي قرآن شريف ختم ڪندا ھئا. پوءِ عشر خوان اچي پڙھندا ھئا ۽ ان بعد کاڌو ايندو ھو، جيڪو سڀ ماڻھو کائيندا ھئا ۽ ان بعد ھر ھڪ شخص کي سندس مرتبي آھر درھم ڏنا ويندا ھئا. ۽ اھڙي طرح سان چاليھه ڏينهن ائين ڪندا رھيا. تنهن کان پوءِ ھر سال ھن جي وفات جي ڏينهن اھڙيءَ طرح ڪندا ھئا، جھڙيءَ طرح وفات واري ڏينهن ڪيو ھئائون.
    ناصر الدين تخت تي ويھڻ شرط پنهنجي چاچي جي وزير کي موقوف ڪري، ان جو سمورو مال ھن کان گھريو ۽ ملڪ بدرالدين کي پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. ھيءَ اھو شخص ھو جنهن کي سندس چاچي منهنجي استقبال لاءِ پتن ۾ موڪليو ھو؛ پر ھو جلدي مري ويو، تنهن ڪري(خواجه سرور) امير البحر کي وزير مقرر ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته ھن کي خواجه جھان سڏيو وڃي، جيئن ديوي جو وزير سڏيو ويندو آھي ۽ جيڪو وزير کي خواجه جھان نه چوندو، ان تي ھيترو ڏنڊ ڪيو ويندو، ان کان پوءِ ناصرالدين پنهنجي پڦيءَ جي پٽ کي جنهن سان سلطان غياث الدين جي ڌيءَ پرڻيل ھئي، قتل ڪرائي، ھن جي بيواه سان پاڻ شادي ڪئي. جڏھن ھن کي خبر ملي ته ملڪ مسعود جيل ۾ ھن جي پڦيءَ جي پٽ سان ملاقات ڪئي ھئي ته ان کي به مارائي ڇڏيائين. ملڪ بهادر جيڪو ھڪ وڏو سخي مرد، فاضل ۽ بهادر ھو، تنهن کي به قتل ڪرائي ڇڏيائين.
    ھن منهنجي لاءِ حڪم ڪيو ته جيڪي جھاز سندس چاچي مالديپ جي ٻيٽن لاءِ مقرر ڪيا ھئا، سي مون کي ساڻ ڏنا وڃن، انهي عرصي ۾ مون کي به اھو بخار ٿي پيو جيڪو خون خوار وبا جي ڪري پکڙيل ھو، مون سمجھيو ته بس ھاڻي منهنجو زنده رھڻ ڪونهي، پر خدا تعاليٰ منهنجي دل ۾ ھيءَ ڳالھه وڌي جو اڌ سير گدامڙي پائيءَ ۾ ڳاري، پي ڇڏيم، جنهن کان مون کي ٽي ڏينهن سانده دست ايندا رھيا ۽ پوءِ تندرست ٿيڻ لڳس، مون ھن شھر کي ڇڏڻ چاھيو ۽ سفر لاءِ بادشاھه کان اھڙي اجازت گھريم، جنهن جواب ڏنو ته ”تنهنجي مالديپ وڃڻ ۾ فقط ھڪ مھينو وڃي رھيو آھي، تنهن ڪري تون ھتي ترسي پئو ته جيئن مان آخوند عالم جي حڪم جي تعميل ڪري سگھان ۽ جيڪي تو ھان موڪلڻ جي لاءِ مقررڪري ويو آھي، سو تنهنجي سپرد ڪريان.“ پر مون چيو ته ”مان وڌيڪ ترسي نٿو سگھان.“ پر ھن پٽن ۾ پنهنجي عملدارن کي حڪم نامو لکي موڪليو ته جنهن به جھاز ۾ مان وڃڻ چاھيان، تنهن ۾ مون کي وٺي وڃن.
    مان پٽن ۾ آيس ته اتي يمن وڃڻ لاءِ اٺ جھاز تيار بيٺا ھئا، جنهن مان ھڪ جھاز ۾ مون سفر ڪيو. رستي ۾ اسان کي چار (ڊاڪن جا) جھاز مليا، جن سان ٿورو مقابلو ٿيو ۽ ھو واپس ھليا ويا، پوءِ اسان اچي ”ڪولم“ ۾ پھتاسين. اڃا تائين مون ۾ اھو مرض باقي ھو، تنهنڪري مان اتي ٽي مھينا ترسي پيس. پوءِ ھڪ جھاز ۾ چڙھي سلطان جمال الدين ھنوري ڏانهن روانو ٿيس، ته ھنور ۽ فاڪنور جي وچ تي ھندن اسان تي حملو ڪيو.

    ________________________________________
    (1) اصل متن ۾ فتن آھي پر اصل پتن آھي، ڇو ته عربيءَ ۾ پ حرف ڪونهي، تنهن جي بجاءِ ڪم آندل آھي. ھي ڪاويري نديءَ جي منهن وٽ ھڪ وڏو بندرگاھه ھوندو ھو، جنهن جي باري ۾ ٻڌجي ٿو ته سنه ١٣٠٠ جي لڳ ڀڳ درياءَ جي چاڙھه سبب بارباد ٿي ويو ھو، پر معلوم ٿو ٿئي ته ان جي بربادي ابن بطوطه جي زماني کان پوءِ ٿي، ڇاڪاڻ ته سنه ١٣٤٥ع يا سنه ١٣٤٦ع ڌاري اھو شھر موجود ھو.
    (1) مترا – ھن شھر کي ھاڻي متڊورا ڪري سڏيندا آھن، جو مدراس ۾ آھي ۽ اڃا تائين به ھڪ وڏو شھر آھي.-مترجم


      فصل چوٿون

    ھندو ڊاڪن جو اسان کي ڦرڻ
    جڏھن اسان ”ھنور ۽ فاڪنور“ جي وچ تي ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي پھتاسين، تڏھن ھندن اسان تي حملو ڪيو. ھندن وٽ ٻارھن جنگي جھاز ھئا، تنهن ڪري ھنن جي اسان سان سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ اسان ھارايو. جيڪي ڪجھه ھو، جو مون ڪنهن اوکيءَ ويل لاءِ لڪائي رکيو ھو، سو سڀ ڦري ويا. ايتري قدر جو جواھرات ۽ ياقوت جيڪي سيلان جي راجا مون کي ڏنا ھئا، منهنجا ڪپڙا ۽ ٻيا تبرڪات، جيڪي اولياءَ الله مون کي عطا ڪيا ھئا، وغيره مطلب ته ڪجھه به نه ڇڏيائيون ۽ منهنجي بدن تي فقط ھڪ پاجامو وڃي بچيو . اھڙيءَ طرح سان سڀني جھازن کي ڦري صاف ڪري، سڀني کي ڪناري تي لاھي ڇڏيائون.
    پوءِ مان ڪئليڪٽ ۾ واپس ھليو ويس ۽ ھڪ مسجد ۾ لنگھي ويس، جتي ھڪ فقيه منهنجي لاءِ ڪپڙو موڪليو. قاضيءَ پٽڪو موڪليو ۽ ھڪ سوداگر ڪو ٻيو ڪپڙو ڏياري موڪليم. ھتي اچي مون کي معلوم ٿيو ته وزير عبدالله جمال الدين جي وفات بعد ملڪه خديجه سان نڪاح ڪيو ھو ۽ جنهن زال کي مان حامله ڇڏي آيو ھوس، تنهن کي پٽ ڄائو ھو. منهنجي پڻ دل ۾ آيو ته مان به مالديپ جي ٻيٽن ڏانهن وڃان، پر انهيءَ سان گڏ عبدالله جي پراڻي دشمنيءَ جو به خيال ٿيم. آخر ڪلام الله کولي فال ڏٺيم ته ھيءَ آيت نڪتي -”تتنزل عليھم الملئکته ان لا اتخا فوو لا تعزنو!“ مان ان کي نيڪ فال سمجھي اوڏانهن روانو ٿيس. ڏھن ڏينهن کان پوءِ مان مالديپ جي ٻيٽن ۾ پھتس ۽ ڪنلوس جي ٻيٽ تي اچي لٿس.
    اتي جو حاڪم عبدالعزيز مقيدشلوي ھو، جنهن منهنجي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي ۽ مھماني به موڪليائين، ھڪ ٻيڙي پڻ ساڻ ڏنائين، جنهن جي ذريعي مان ھيلي جي ٻيٽ ۾ پھتس اتي ھن ٻيٽ جي ملڪه ۽ ان جون ڀينرون سير ڪرڻ لاءِ اينديون ھيون. ھن موقعي تي وزير ۽ امير ملڪه جي لاءِ تحفا پڻ موڪليندا ھئا، ھن ھنڌ ملڪه جي ڀيڻ ۽ ان جو مڙس محمد بن جمال الدين خطيب ۽ سندس (ملڪه جي) ماءُ، جيڪا منهنجي زال ھئي، سڀ موجود ھئا. خطيب مون سان ملڻ آيو ۽ کاڌو به کڻي آيو.
    ڪنهن شخص وڃي عبدالله کي منهنجي اچڻ جي خبر ڪئي، جنهن تي ھن پڇيو ته ”ھو اڪيلو آھي يا ھن سان گڏ ٻيو به ڪو آھي؟“ ھن شخص ٻڌايس ته ”ھو پنهنجي پٽ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو.“ اھو ان وقت ٻن سالن جي عمر جو ھو، تنهن ڪري سندس ماءُ اچي وزير سان شڪايت ڪئي، جنهن تي وزير جواب ڏنس ته ”مان ان کان کيس روڪي نٿوس گھان“ پوءِ ھن بيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مون تي سختي ڪئي ۽ پنهنجي محل جي سامھون ھڪ ننڍڙي برج ۾ مون کي ترسايائين، جيئن منهنجي ھر ڪنهن ڪم جي کيس خبر ملي سگھي. پوءِ ھن مون ڏانهن ھڪ مڪمل خلعت، پان ۽ عرق گلاب موڪليو. مان سلام وقت ھن مون کان گھرائي ورتا.
    پوءِ سارو ڏينهن وزير مون وٽ ڪو نه آيو، پر منهنجي پٽ کي مون ڏانهن موڪلي ڏنائين. ھن کي ڏسڻ کان پوءِ مون سندس اتي ھجڻ بهتر ڄاڻي، کيس وري پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو. مان اتي پنج ڏينهن ترسيس، تنهن کان پوءِ مون اتان جلدي ڪوچ ڪرڻ مناسب سمجھيو، جنهن لاءِ مون اجازت گھري، وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن تي مان ھن وٽ ويس ۽ اھي ٻه ڪپڙا جيڪي مان سندس پيرن تي رکڻ لاءِ کڻي آيو ھوس، سي ھن مون کي ڏنا، جي دستور موجب سلام ڪري مون سندس پيرن تي رکيا. ھن مون کي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ مون کان حال احوال پڇيائين. مون ھن سان گڏ ماني کاڌي ۽ ھڪ ئي طشت ۾ اسان ٻنهي ھٿ ڌوتا. نه ته ھي وزير ٻئي ڪنهن جي به تعظيم نه ڪندو ھو. پوءِ پان وٺي مان گھر واپس آيس پوءِ ھن مون ڏانهن ڪپڙن جا ٿان ۽ ڪوڏيون موڪليون ۽ مون سان ٻيا به ڪيترائي احسان ڪيائين، پوءِ مان اتان روانو ٿيس ۽ ٽيتاليهه راتيون سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ اچي بنگال ۾ پھتس.
    بنگال ھڪ تمام ڪشادو ملڪ آھي، جنهن ۾ چانور جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، ايتري قدر جو ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ مون ايتري پيداوار ڪا نه ڏٺي، ھي ملڪ اونداھي ھجڻ سبب سٺو نه آھي، تنهن ڪري خراسان وارا ھن کي دوزخست براو ”نعمت“ ڪري چوندا آھن، جنهن جي معنيٰ آھي ”دوزخ تي نعمت“ ھتي جي بازارين ۾ ھڪ چانديءَ جي دينار جي عيوض پنجويھه دھلوي رتل چانور پئي وڪاميا. چانديءَ جو دينار اٺن درھم جي برابر آھي ۽ درھم ساڳيا چانديءَ جي رتلن جي برابر ٿيندا آھن. وري دھليءَ جو رتل مغرب جي ويھن رتلن جي برابر ٿيندو آھي.
    چون پيا ته ان سال مھانگائي ھئي، محمد مصعودي مغربي جيڪو ھڪ ولي الله شخص ھو ۽ دھليءَ ۾ منهنجي گھر جي ڀرسان رھندو ھو، مون کي ٻڌائيندو ھو ته منهنجي ھڪ زال ۽ ھڪ نوڪر ھوندو ھو ۽ اسان ٽيئي ڄاڻ ھڪ سال جو کاڌو ھڪ ئي دفعي اٺن درھم ۾ خريد ڪري ڇڏيندا ھئاسين ۽ چوندو ھو ته انهن ڏينهن اٺن درھم ۾ اسي رتل دھلوي چانور ايندا ھئا. جن کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ان مان پنجاھه رتل چانور ملندا ھئا، جيڪي وڃي ٿيا ڏهه قنطار، کير واري مينهن ھتي ٽن چانديءَ جي دينارن ۾ وڪامندي آھي، ھن ملڪ ۾ ڳئون ڪا نه ٿئي. ازان سواءِ چڱيون متاريون مرغيون ھڪ درھم جون اٺ، ڪبوتر جا ٻچا ھڪ درھم جا پندرھن، ھڪ موٽو تازو دنبو ٻن درھمن ۾، کنڊ رطل(1) دھليو چئن درھمن ۾، عرق گلاب جو رطل اٺن درھمن ۾، گيھه رطل چئن درھمن ۾، مڍي تيل جو رطل ٻن درھمن ۾، سوٽي ڪپڙو ٽي وال ڊگھو ٻن درھمن ۾ ۽ ھڪ خوب صورت ٻانهي ھڪ سوني دينار، جيڪو مغرب جي اڍائي دينارن جي برابر ٿيندو آھي، پيئي وڪامي، انهيءَ ساڳيءَ قيمت ۾ مون پڻ ھڪ عاشوره نالي ٻانهي خريد ڪئي ھئي، جيڪا ڏاڍي سھڻي ھئي ۽ منهنجي ھڪڙي ساٿيءَ وري ھڪ ننڍيءَ عمر وارو ”لولو“ نالي ھڪ غلام صرف ٻن دينارن ۾ خريد ڪيو ھو.
    بنگالي جو پھريون شھر، جنهن ۾ اسين داخل ٿياسين، ”سدگاون“(2)ھو. ھي شھر سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھر آھي، جتي گنگا ندي ۽ جمنا ندي گڏجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، ھن شھر جي بندر ۾ ڪيترائي جھاز آھن جن جي ذريعي، ھتي جا ماڻھو لکنوتيءَ (3) جي باشندن سان مقابلو ڪندا رھندا آھن.

    بنگال جو بادشاھه
    بنگال جو بادشاھه فخر الدين آھي جيڪو فخره جي نالي سان وڌيڪ مشھور آھي. ھيءُ بادشاھه وڏو فاضل آھي ۽ غيرملڪين، فقيرن ۽ صوفين سان گھڻي محبت رکندو آھي. اصل ۾ ھتي جو بادشاھه سلطان ناصرالدين ھو، جنهن جو پٽ معزالدين دھلي ۾ بادشاھه ھو، جن جي مقابلي ۽ ملاقات جو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آھيان. جڏھن اھو (ناصرالدين) مري ويو، تڏھن سندس پٽ شمس الدين بادشاھه ٿيو ۽ ان کان پوءِ شھاب الدين، جنهن کي غياث الدين بهادر پورو مغلوب ڪري پاڻ بادشاھي ڪرڻ لڳو. شھاب الدين وري سلطان غياث الدين تغلق کان مدد گھري، جنهن ھن کي قيد ۾ آڻي قابو ڪيو ھو. پر سندس پٽ سلطان محمد تغلق وري ھن کي ڇڏي ڏنو. جڏھن ملڪ جي ورھاڱي ۾ ھن وعده خلافي ڪئي تڏھن بادشاھه ھن تي چڙھائي ڪئي، جنهن ۾ ھو مارجي ويو ۽ پوءِ سندس ناٺي بادشاھه ٿيو جنهن کي سندس لشڪر قتل ڪري ڇڏيو.
    انهن ڏينهن علي شاھه لکنوتيءَ ۾ بادشاھه بنجي ويھي رھيو. فخرالدين جڏھن ڏٺو ته سندس آقا ناصرالدين جي خاندان کان حڪومت ٿي وڃي، تڏھن ھن سدگاون ۽ بنگالي جي ملڪ ۾ وٺي بغاوت مچائي، پوءِ ھن جي ۽ علي شاھه جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. گرميءَ ۽ برسات جي موسم ۾ ناصرالدين جھازن جي ذريعي لکنوتيءَ تي حملو ڪيو، ڇو ته علي شاھه کان سندس بحري طاقت وڌيڪ ھئي ۽ جڏھن برسات ختم ٿي، تڏھن وري علي شاھه بنگالي تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ وري بري فوج وڌيڪ ھئي.

    ڳالھه
    فخرالدين فقيرن ۽ صوفين سان ايتري قدر محبت رکندو ھو، جو ھڪ دفعي ھن ”شيدا“ نالي ھڪ صوفيءَ کي سدگاون ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ ھڪ دشمن جي مقابلي ۾ لڳي ويو. شيدا وري سندس عدم موجودگي ۾ وٺي بغاوت ڪئي ۽ مستقل بادشاھه ٿيڻ جو ارادو ڪري، بادشاھه جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. فخرالدين به جلدي اچي داراخلافه ۾ پھتو، پر ”شيدا“ ۽ سندس ساٿي سنارگائون ڏانهن ڀڄي ويا، جيڪا ھڪ مضبوط جڳھه ھئي. بادشاھه اتي پنهنجي فوج موڪلي ته اتي جا باشندا ڊڄي ويا ۽ ”شيدا“ کي پڪڙي شاھه جي لشڪر ڏانهن ڏياري موڪليائون.
    لشڪر وارن بادشاھه کي لکي موڪليو ته ڇا ڪيو وڃي؟ تنهن تي بادشاھه حڪم ڪيو ته”سندس سر ڪپي موڪليو وڃي.“ اھڙي طرح سان سندس سر موڪليو ويو ۽ سندس ڪيترائي فقير قتل ڪيا ويا.
    جڏھن مان سدگاون پھتس تڏھن مون اتي جي بادشاھه سان ملاقات نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته ھن جي ۽ دھلي جي بادشاھه جي پاڻ ۾ اڻبڻت ھئي، جنهن لاءِ مون کي خوف ٿيو ته متان ملاقات جو نتيجو خراب نڪري، پوءِ سدگاون کان مان ”ڪامرو“ جي جبلن ڏانهن روانو ٿيس. ھيءُ ملڪ سدگاون کان ھڪ مھيني جي پنڌ تي آھي. ھڪ وڏو جابلو ملڪ آھي، جو چين ۽ تبت جي ملڪن سان وڃي ٿو ملي، جتي مشڪ وارا ھرڻ ٿيندا آھن، ھن جابلو ملڪ جا باشندا ترڪن جي شڪل جھڙا ٿيندا آھن ۽ اھڙا ته نوڪري ڪرڻ جا اورچ ٿيندا آھن، جو ھتي جو ھڪ غلام ٻئي ملڪ جي ڪيترن ئي غلامن کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھندو آھي. ھو جادوگري ۾ پڻ مشھور آھن، انهن جبلن ۾ مان انهي مقصد سان ويو ھوس ته اتي ھڪ مشھور اولياءُ الله شيخ جلال الدين تبريزي سان وڃي ملاقات ڪريان.

    شيخ جلال الدين جو بيان
    ھي شيخ وڏن اوليائن مان ھڪ آھي ۽ ماڻھن ۾ ھن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن. ھو عمر ۾ به تمام وڏو آھي، ۽ ڳالھه پئي ڪيائين ته ”مون خليفي مستعصم باالله عباسيءَ کي بغداد ۾ ڏٺو ھو ۽ جنهن وقت ھن کي قتل ڪيو ويو، تنهن وقت به مان اتي موجود ھوس. ھن جي دوستن پوءِ مون کي ٻڌايو ھو ته ھن ھڪ سو پنجاھه ورھين جي عمر پوري ڪري وفات ڪئي ھئي. ھو چاليھن سالن کان روزا رکندو ايندو ھو ۽ ڏھن ڏھن ڏينهن کانپوءِ روزو کوليندو ھو. ھن وٽ ھڪ ڳئون ھوندي ھئي، جنهن جي کير تي ھو گذران ڪندو ھو ۽ سڄي رات ويٺو ھوندو ھو، ھو بدن جو ھلڪو ۽ قدم جو ڊگھو ھوندو ھو ۽ ڳول ڪجھه اندر تي پيٺل ھوندا ھئس ھن ملڪ جي ڪيترن باشندن سندس ھٿ تي اسلام قبول ڪيو ھو، تنهن ڪري ھن جي تمام گھڻي عقيدتمندي ھوندي ھئي.

    سندس ڪرامت
    سندس ھڪ دوست مون سان ڳالھه ڪئي ته مرڻ کان ھڪ ڏينهن اڳي، ھن پنهنجي سڀني دوستن کي گھرائي وصيت ڪئي ته خداتعاليٰ کان ھميشه ڊڄندا رھجو ۽ انشاءَ الله سڀاڻي مان توھان کان موڪلائيندس ۽ مون کان پوءِ توھان جو سنڀاليندڙ الله آھي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪو نه آھي.
    پوءِ ٽئين ڏينهن ظھر جي نماز جي آخري سجدي ۾ ھن دم ڏنو. پوءِ جنهن غار ۾ ھو رھندو ھو، جنهن جي ڀرسان ھڪ کوٽيل قبر لڌائون، جنهن تي ڪفن ۽ خوشبوءِ وغيره به پيل ھئي. پوءِ ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي ان ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. رحمت الله تعاليٰ.

    سندس ٻي ڪرامت
    مان جڏھن شيخ جي زيارت لاءِ پئي ويس، تڏھن شيخ جي جاءِ رھائش کان ٻه منزلون اورتي، سندس چار ساٿي مون کي مليا، جن ڳالھه ڪئي ته ”شيخ ڪيترن فقيرن کي چيو ھو ته ھڪ مغربي سياح اسان وٽ اچي رھيو آھي، تنهن جو وڃي استقبال ڪريو“ تنهن ڪري اسان شيخ جي حڪم سان آيا آھيون. اصل ۾ ھن کي منهنجي باري ۾ ڪا به خبر ڪا نه ھئي ۽ اھو سڀ ڪجھه ھن کي ڪشف جي ذريعي معلوم ٿيو ھو. پوءِ مان ھنن سان گڏجي اچي شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مان سندس خانقاه ۾ پھتس، جيڪو سندس غار جي ٻاھران ھو ۽ ٻي اتي ڪا به آبادي ڪا نه ھئي، ھن ملڪ جا ھندو ۽ مسلمان سڀ ھن شيخ جي زيارت لاءِ ايندا ھئا ۽ ھن جي لاءِ تحفا ۽ نذرانو آڻيندا ھئا، جنهن جي آمدني مان فقير ۽ مسڪين کائيندا ھئا. پر شيخ فقط پنهنجي ھڪ ڳئون جي کير تي گذارو ڪندو ھو. مان جڏھن سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس، تڏھن ھو اٿي بيھي، مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ منهنجي وطن ۽ منهنجي سفرن بابت مون کان پڇڻ لڳو. جنهن تي مون کيس سمورو حال احوال ٻڌايو. پوءِ فرمايائين ته ”تون عرب جو مسافر آھين.“ اتي حاضرين مان ڪنهن چيو ته ”ھي عجم جو مسافر پڻ آھي“ تنهن تي شيخ به فرمايو ته ”ھائو ھي عجم جو مسافر به آھي، تنهن ڪري ھن جي خاطر تواضع ڪئي وڃي“ پوءِ مون کي خانقاه ۾ وٺي ويا ۽ ٽي ڏينهن منهنجي مھماني ڪيائون.

    شيخ جون ٻيون عجيب ڪرامتون
    پھريائين جڏھن مان شيخ جي زيارت لاءِ ويو ھوس تڏھن شيخ کي مرعز(اوني ڪپڙي جو نالو) جي ڪپڙي جو ھڪ چوغو پھريل ڏٺم، جو مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏھن شيخ اھو مون کي ڏيئي ڇڏي ته ڪھڙو نه چڱو ٿئي. جڏھن وري مان کانئس موڪلائڻ لڳس، تڏھن شيخ غار جي ڀرسان بيھي، اھو چوغو بدن تان لاھي، کڻي مون کي پھرايو ۽ پنهنجي مٿي تان طاقيھ(ٽوپ) لاھي اھو به کڻي منهنجي مٿي تي رکيائين. پوءِ فقيرن مون کي ٻڌايو ته شيخ ڪڏھن به چوغو ڪين ڍڪندو آھي، پر تنهنجي اچڻ جي خبر ٻڌڻ کانپ وءِ اھو چوغو ڍڪيو ھئائين ۽ چيائين ٿي ته مغربي اھو چوغو مون کان گھرندو، جيڪو وري ڪافر بادشاھه ھن کان کسي وٺندو ۽ اھو وري منهنجي ڀاءُ برھان الدين کي ڏيئي ڇڏيندو. مون جڏھن اھا ڳالھه فقيرن جي واتان ٻڌي، تڏھن پڪو ارادو ڪيم ته شيخ مون کي پنهنجو لباس عطا ڪيو آھي، سو منهنجي لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي ۽ اھو چوغو پائي مان ڪڏھن به ڪنهن مسلمان يا ڪافر بادشاھه جي سامھون ڪين ويندس.
    ان کان پوءِ مان شيخ کان موڪلائي ھليو ويس ۽ گھڻي عرصي کان پوءِ منهنجو چين وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي خنسا جي شھر ۾ پنهنجن ساٿين سان پئي گھميس، ته ھڪ ھنڌ ماڻھن جي ھجوم جي ڪري مان ھنن کان جدا ٿي ويس. ان وقت اھو چوغو مون کي پھريل ھو، رستي ۾ اوچتو مون کي وزير ملي ويو، جيڪو مون کي پاڻ وٽ سڏي، منهنجي ھٿ کان وٺي مون کان حال احوال پڇڻ لڳو ۽ ڳالھيون ڪندا بادشاھه جي محل تائين پھتاسين، مون ھن کان موڪل گھري، پر ھن اجازت نه ڏني ۽ مون کي بادشاھه وٽ وٺي ويو. جنهن مون کان مسلمان بادشاھن جون ڳالھيون پڇيون، جن جو مون مناسب جواب ڏنومانس، پر سندس نظر وڃي منهنجي چوغي تي پيئي ۽ ان جي ڏاڍي تعريف ڪيائين.
    وزير مون کي چيو ته اھو چوغو لاھي، ان وقت مجبورن اھو حڪم مڃڻو پيو. بادشاھه اھو چوغو وٺي رکيو ۽ ان جي عيوض مون کي ڏهه خلعتون، ھڪ سنجيل گھوڙو ۽ خرچ لاءِ روڪڙا پئسا عطا ڪيائين، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ شيخ جي ڳالھه ياد ايندي ئي مون کي ڏاڍو عجب لڳو، ٻئي سال مان چين جي دارالخلافه، خان بالق ۾ ويس ته شيخ برھان الدين ساغر جي خانقاه ۾ اتفاق سان منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي مون ڏٺو ته شيخ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھو ۽ اھو ئي چوغو پھريل ھوس. مان عجب ۾ پئجي ويس ۽ چوغي کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳس، تنهن تي شيخ چيو ته ”تون ھن کي ائين ڇو ڏسي رھيو آھين، سڃاتو اٿيئي ڇا؟ مون جواب ڏنو ته ”ھائو ھي چوغو”خنسا“ جي بادشاھه مون کان ورتو ھو.“
    شيخ فرمايو ته شيخ جلال الدين ھي چوغو منهنجي لاءِ تيار ڪيو ھو ۽ مون کي خط ۾ لکيو ھئائين ته ھي چوغو فلاني ماڻھو جي معرفت توکي ملندو، پوءِ شيخ اھو خط مون کي ڏيکاريو،جي ڪو پڙھي منهنجي عجب جي حد ئي نه رھي، ان کانپوءِ مون سمورو قصو شيخ برھان الدين جي اڳيان بيان ڪيو، تنهن تي شيخ چيو ته منهنجي ڀاءُ شيخ جلال الدين جو مرتبو انهيءَ لاءِ بلند ليکيو ٿو وڃي جو ان کي دنيا جي سڀني معاملات ۾ دخل آھي. پر ھاڻي ھو فوت ٿي ويو آھي، وري چوڻ لڳو ته ھو ھر روز صبح جي نماز مڪھ معظم ۾ پڙھندو ھو ۽ ھر سال حج ڪندو ھو، عرفھ ۽ عيد جي ڏينهن ته اھڙيءَ طرح غائب ٿي ويندو ھو جو ڪنهن کي خبر به نه پوندي ھئي، پوءِ شيخ جلال الدين کان موڪلائي مان شھر”جنق“(1)ڏانهن روانو ٿيس، ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنهن جي وچ مان ھڪ درياءُ ٿو وھي. اھو درياءُ ”ڪامرو“ جي جبلن مان نڪري ٿو ۽ ان کي درياءُ ارزق ڪري چوندا آھن. ھن جي رستي سان ماڻھو بنگال ۽ لکنوتي ويندا آھن . ھن درياءَ جي ٻنهي پاسي باغ بستان ۽ ڳوٺ نظر ايندا آھن. جھڙي طرح سان مصر جي درياءَ نيل تي ھوندا آھن. ھتي جا باشندا ڪافر آھن، پر سڀ بادشاھه جي رعيت آھن، تنهن ڪري سندن پيدائش جو اڌ ڍل طور ورتو ويندو آھي: ۽ تحفا وغيره تنهن کان سواءِ ھوندا آھن. اسان ان درياءَ ۾ پندرھن ڏينهن سفر ڪيو. رستي سان ڳوٺ ۽ باغ ايترا ته گھڻا ھئا جو ڄڻ ته ڪنهن بازار جي وچ ۾ پئي لنگھياسون.
    ھن درياءَ ۾ بي انداز جھازن جي آمدرفت جاري آھي. ھر ھڪ جھاز کي نقارو ھوندو آھي، جو جڏھن به ٻه جھاز ھڪ ٻئي جي سامھون ايندا آھن تڏھن وڍي اھي نقارا وڄائيندا آھن، ھي ھنن جو ھڪ ٻئي کي سلام جو نمونو آھي، سلطان فخرالدين جو وري حڪم آھي ته ھن درياءُ ۾ فقيرن کان ڪنهن به قسم جو محصول نه ورتو وڃي ۽ جنهن وٽ کاڌي لاءِ ڪجھه نه ھجي ان کي کاڌو ڏنو وڃي، جڏھن ته بڪو فقير ڪنهن شھر ۾ لھندو آھي ته بادشاھه جي طرفان ان کي اڌ دينار ملندو آھي. اھڙي طرح سان پندرھن ڏينهن جي سفر کان پوءِ اچي سترگاؤن(1) ۾ پھتاسين، ھن ئي شھر جي ماڻھن شيدا کي پڪي سلطان حوالي ڪيو ھو.

    خاتمو
    اڳتي ابن بطوطه جاوا ۽ سوماترا مان ٿيندو، چين ٿو وڃي، جتان وري واپس سوماترا ۾ اچي، چاليھن ڏينهن سفر کان پوءِ وري ڪولم ٿو پھچي، جتان سن ٧٤٨ ھجري محرم جي مھيني ۾ ھربستان جي ظفار شھر ۾ ٿو پھچي، جتان مسقط، شيراز، يزد ۽ اصفھان وغيره کان ٿيندو، بصره ۽ ڪوقھ جو سير ڪندي، شوال سنه ٧٤٨ ھجريءَ ۾ بغداد پھچي ٿو. اتان شام ڏانهن روانو ٿئي ٿو، جتان مصر، توينس، سارڊينه ۽ اسپين مان ٿيندو، سن ٧٥٠ ھجري ۾ فاس ۾ پھچي ٿو جيڪو انهن ڏينهن موراڪو جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، يعني اٽڪل پنجويھه سال کن سفر ڪري پنهنجي وطن واپس وريو. پر ھن سفر جي شوقين لاءِ اڃا سوڊان جي ملڪ رھجي ويو ھو،سو محرم سن ٧٥٤ ھجريءَ ۾ اتان ٿيندو، سن ٧٥٥ھجري جي آخر ۾ اچي پنهنجي وطن کان نڪتو، ان کان پوءِ ابن بطوطه بابت ڪجھه به معلوم ٿي نٿو سگھي، سواءِ ان جي جو ھن سن ٧٧٨ ھجريءَ ۾ وفات ڪئي..
    (وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ديباچو ۽ ٻه اکر – مترجم)

    _______________
    (1) ابن بطوطه جيڪو رطل دھلويءَ جو بيان ٿو ڪري سو ٿيو ھڪ مڻ، پر ”تاريخ فرشته“ موجب موجودھ وقت ۾ اھو مڻ موجودھ وزن ۾ ساڍا ٻارھن سير آھي ۽ ”مسالڪ الابصار“ جو مصنف وري ان جا ساڍا چوڏھن سير ٿو لکي ۽ چاندي جو دينار وري اڄڪلھه جي روپئي جي برابر ھوندو ھو، جنهن حساب سان مھانگائيءَ جي زماني ۾ اتي چانور ھڪ رپيھ جا ساڍا ست مڻ وڃي ٿيا ۽ سستائيءَ جي زماني ۾ ھڪ رپيھ جا وڃي پڪا پندرھن مڻ ٿيا، اھڙيءَ طرح سان ٻين شين جو به حساب ڪري سگھجي ٿو.
    (2) سد گاون مان ابن بطوطه جو مطلب ساتگام آھي ۽ نه چٽگانگ ھي شھر ھوگلي جي ڀرسان بندرگاھه ھوندو ھو. آئين اڪبري ۾ پڻ ھوگلي ۽ ساتگام جي وچ ۾ ھڪ ميل جو مفاصلو ڏنل آھي. – مترجم
    (3) لکنوتي- ھڪ شھر ھن وقت بلڪل اجڙ ٿي ويو آھي، پر ڪنهن زماني ۾ بنگال جي ھندو راجائن جو تخت گاھه ھوندو ھو. سنه ١٢٠٤ع ۾ جڏھن مسلمانن ھي شھر فتح ڪيو، تڏھن کان ھن شھر کي ئي پنهنجو تخت گاھه بنائيندا آيا ۽ ٽي سؤ سال کن ھن ئي شھر ۾ رھيا. ھي شھر اصل ۾ انهيءَ وقت برباد ٿيو، جنهن وقت شاھه شجاع راج محل کي بنگال جو تخت گاھه بنايو. ان کان پوءِ وري ھي شھر آباد ٿعي نه سگھيو. مترجم.
    (1) ھن نالي سان ھن وقت ڪو به شھر موجود ڪين آھي، ھيءُ فقط شايد خبنق (خ ب ن ق) ھوندو، جنهن جو مطلب ٿيندو ڪيمخيا (ڪ م خ ي ا) جتي ھن وقت تائين وڏو ميلو لڳندو آھي، ۽ نه فقط آسام مان پر ڀوٽان کان به ھتي ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن.- مترجم
    (1) ڪنهن زماني ۾ خاص طرح ھندن جي زماني ۾ ھيءُ شھر مشرقي بينگال جي گادي جو ھنڌ ھوندو ھو ۽ منجھس ڪپڙو تمام عمدو ٺھندو ھو، جنهن جي تعريف”آئين اڪبري“۾ پڻ آيل آھي. ھن وقت ھتي جا انب ۽ پان مشھور آھن. – مترجم


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259826
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386722
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ