ڪتاب جو نالو: گُلن سان تعزيت
مصنف: عبدالسلام ٿهيم
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 10 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 638 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 102 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مھاڳ : مجنون مٽ، چنبيلي ول
  • سماجي روڳ جو عڪاس ڪھاڻيڪار
  • ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهو مِٽ ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم
  • سلام ٿهيم: عجب جي نشانيءَ جهڙو ماڻهو!
  • سماج جي اوڻاين جون چِٽيون تصويرون
  • درد جي مس سان لکيل اکين جا افسانا
  • پنھنجي پاران : منھنجي ڪھاڻي
  • ڪهاڻيون

  • خوشبوءَ جهڙي ڇوڪري
  • گار
  • ڏار
  • سوا سيرِ
  • ڊوڙ
  • ڏنڊ
  • گلن سان تعزيت
  • ويلنٽائن وِش
  • ٻه قبرون
  • ڀونڊو
  • اڇو منھن
  • ذميوار
  • ڪُرسي
  • پرَ ڪٽيل پکيئڙو
  • سبجي ويل چَپَ
  • ايج ڊفرنس
  • نَرَ جو پٽ
  • سرپرائيز
  • دير

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: گلن سان تعزيت
    (ڪهاڻيون )
    ليکڪ : عبدالسلام ٿهيم
    ٽائيٽل : رضوان گُل
    ڇاپو پهريون : ڊسمبر2017ع
    ڪمپوزنگ: عبدالرئوف ٿهيم
    ڪنول پبليڪيشن، قنبر.

    قيمت: 200 روپيا


    Ghulan San Taziyat
    (Short Stories)
    By: Abdul Salam Thaheem
    First Edition@2017
    All Rights Reserved with
    © KANWAL, Publication Kamber


    ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد.
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
    سمباره پبليڪيشن هائوس، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو حيدرآباد.
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو - مهراڻ ڪتاب گھر، سانگهڙ
    مدني بڪ شاپ، دادو - سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر
    ٿرڪتاب گهر، مٺي - ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس - سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    اُن گُــــــل جــــــي نـــــــــــــانءُ
    جنهــن جــــي مختصر ســـاٿ
    مُـــــنهـــــــــنجــــــــــــــــــو روح
    خوشبو خوشبو ڪري ڇڏيـو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گُلن سان تعزيت“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي.
    ”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون عبدالسلام ٿهيم صاحب جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    عبدالسلام ٿهيم، سنڌي جديد ڪهاڻي جي قافلي ۾ اڳيان اڳيان هلندڙ ڪهاڻي نويسن ۾ شماريو وڃي ٿو. سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”اوسئيڙيءَ ۾ جُڙيل آس“ (2013ع) ۾ شامل 14 ڪهاڻين کان پوءِ، سندس ٻئي ڪهاڻي ــ ڪتاب ”گُلن سان تعزيت“ جي ترت اشاعت مان سندس نئين ڪهاڻيءَ سان عميق دلچسپي ۽ لڳاءُ پڌري پٽ آهي.
    ”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. عبدالسلام ٿهيم جون رومانوي ڪهاڻيون ”خوشبوءَ جهڙي ڇوڪري“ ۽ ’’گُلن سان تعزيت’’ تمام عالمي ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ جهڙيون ڪهاڻيون آهن. انهن ۾ اهڙن جذبن جي عڪاسي ٿيل آهي، جيڪي هر خطي ۾ پيار ڪندڙ روحن جي ترجماني ڪندڙ آهن. ‘ڊوڙ’ ۽ ‘ڪرسي’ جهڙيون ڪهاڻيون پڻ سماج جو حصو رهندڙ فردن جون ڪٿائون آهن. ‘نر جو پٽ’، ‘گار’، ‘سُبجي ويل چپ ’ معاشري جي مُنهن جون ابتيون ريکائون آهن. اهڙيون شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون.
    عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمائيندي نظر اچي ٿو. اها اميد رهي ئي رهي ٿي ته هُو اڳتي به سنڌي ڪهاڻي ۽ نثر جي ميدان تي، پنهنجي ڀرپور رنگينيءَ سان رونما رهندو.


    سعيد سومرو
    ڪنول پـبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    مھاڳ : مجنون مٽ، چنبيلي ول

    نئين ٽهي جو نمائندا ۽ منفرد ليکڪ عبدالسلام ٿهيم، ھر حال، خفي نفعي ۾ قلم ڪاڳر سنڀاليندڙ بنيادي طرح پرائمري استاد پر سندس مٺو ڳالهائڻ جهونگار يا ڏاھپ واريون ڳالهيون ڄڻ ڪاليج يونيورسٽي جو استاد. عبدالسلام ڪجهه سال ڪنهن NGO ۾ ڪم ڪندو ھو. پگهار سُٺي پر رَت کائيندڙ ڪم، سا ڇڏي، ٽيسٽ پاس ڪري استاد ٿيو. ماستر ماڻهو گهر سنڀالي يا سير سفر ڪري، کيسي ۾ جُون، ليک نه ھوندي به مٿي ۾ سير سفر ڪرڻ جي جون، لِيک ضرور ھوندي اٿس. الله سائين پناھه ۾ رکيس. اسڪوٽر تي ڀونئر وانگر ڪِٿي پري نه وڃي سگهندو ته اباڻي تر راڄ ۾ سنڌ جي مشهور تاريخي درگاھه حضرت شيخ سائين سلامترح مگرڀـين جي اڱڻ تي وڃي آسائتو ٿيندو، ۽ مجني مَٽ مان ھڪ بجاءِ ٻه گلاس، وٽا اندر ۾ اوتيندو. ھُجائتو مجاور ڀوڳ ڪري پڇندس “ٻيا مَٽ ۽ ناديون ڇڏي مجني مَٽ مان اُڃ ٿو اُجهائين!؟”
    ٻه ٽي قدم کڻي چنبيلي ول وٽ بيهي وراڻيندو ؟
    “مجني مَٽ جو پنهنجو رنگ، سَحر چنبيلي روح تي واسو ٿي ڪري!’’
    نه رڳو مجاوَر پر درگاھه جي نيلن ۽ گُنبذ تي ويٺل ڪبوتر ۽ پارھيل حيرت وچان ڏسندس ۽ عبدالسلام پنهنجي داخلي احساسن واري رومانٽڪ ڪهاڻي، خوشبوء جهڙي ڇوڪري، جي پرين کي مجني مَٽ جي ڀريل گلاس، وٽي مان پسندو، جيتوڻيڪ اُھا ڪهاڻي ڪينجهر ڍنڍ جي آس پاس آڙي پکي نيرڳ ۽ تلور وانگر پر سوئي ٿي. پر ڪينجهر جا ھٽ آھن رڳو جديد دؤر جي ڄام تماچين ۽ نورين لاءِ .
    “مون ۾ ته ڪُجهه ڳولهي نه سگهيا، ڪينجهر ۾ وري ڇا ڳولهيندا!؟”
    مون ھلڪي مرڪ مرڪندي وراڻيو “حِنا مون ته گهڻا ڏينهن اڳ سڀ ڪُجهه حاصل ڪري ورتو ھو”. (ڪهاڻي خوشبو جهڙي ڇوڪري )
    ليکڪ چترڪار جي حساسيت ‘پيان نه ڍاپان’ واري ٿيندي آھي، عبدالسلام ته گهڻو اڳ ڳولهي لهڻ جي دعويٰ ٿو ڪري، پر اھا ڳالهه پنهنجي پاڻ کي دولاب ڏيڻ برابر آهي. ڪا به لکڻي ڪو به چتر رُڃ پويان ڊوڙ، رُولاڪي برابر ھوندي آھي. حساس ليکڪ کي جڏھن روڳ مِلندو آھي، تڏھن ھو ڪهاڻي، نظم جي فريم جي شيشي مان پنهنجي پاڻ سان گُذريل وقت جا ساٿي ۽ موسمون پسندو آھي. اسان ليکڪ رُڃ سُڃ جا بيچين لاڏائو مسافر ھوندا آھيون. مون ٺٽي نگر ۾ ٽيهارو سال اڳ نوڪري ڪئي، ڪوٽڙي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سڙڪ تي جڏھن سِج جي تِک ڏامر جي رُڃ جي تِلڪ سَجائي ڇڏيندو ھو، ته سب ڊوبزن ٺٽي جا اسڪول وزٽ ڪرڻ جو وقت من تي اڻ ڏٺا آرا ۽ سفر ناتمام اکين جي ڇپرن ۾ ڍڪجي ويندا ھئا. ۽ روح جي ماندڪائي پنهنجي ڪهاڻي “ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون”سگريٽ مان سگريٽ دُکائيندي لکي ورتي هئي. پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي ارڏي، دلبر ڪهاڻيڪار رحمت الله ماڃوٺي سگريٽ مان دُونهان ڪڍندي پُر اسرار مُرڪ مُرڪندي پُڇيو هو “ڇا هڪ ڪهاڻي ۽ ناول ۾ عمر جو ويراڳ روڳ اُوتي سگهجي ٿو؟” ٺٽي سب ڊو يزن ۾ جيڪي ليکڪ ويجها ھئا انهن ۾ رحمت الله ماڃوٺي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، مظفر شاھه بخاري، امير محمد شاھه، امير شاھه ليکڪ ته نه ھو، پر ادبي ذوق رکندڙ ھو.
    عبدالسلام جي خوبصورت ڪهاڻي “خوشبو جهڙي ڇوڪِري’’جو “مڪالمو” توکي گهڻو اڳ ڳولهي ورتو، ھڪ گهڙي ھڪ موسم جو رنگ آھي. پر پنهنجي پاڻ سان دولاب آھي، ڪهاڻي جي اڻت مڪالما خوبصورت احساسن سان سڱيل ۽ رڱيل آھن. ڪهاڻي لکڻ وقت ڪهاڻي جو نالو “حنا رنگ واري ڇوڪري”، “چنبيلي رنگ واري ڇوڪري” رکڻ لاءِ سوچيو ھو پر پوءِ سوچيائين “ڀلا خوشبوءِ جو به ڪو نالو ٿيندو آھي؟”
    اڄ به ھو ڪهاڻي جي نائڪا کي ڳولهيندي مائوزي تنگ جي ديس ۾ وڃي نِڪرندو آھي، ڀلا خيالن آڏو ڪهڙا پنڌ!؟
    ڪهاڻي ڊوڙ ۾ ڏيکاري ٿو. ھرڪو ڊوڙي پيو، ڄڻ ڪنهن شهر ڳوٺ جي چِٽي تصوير ته ھر ڪو روزگار جي ڳولها ۾ ڊُڪي ڊوڙي ٿو، جيتوڻيڪ ڪهاڻي اڄ جي اھم مسئلي بيروزگاري تي آھي. اھو ھڪ اھم مسئلو آھي، بيروزگاري جي ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڊگريون هوندي به پريشان ۽ پريشاني جي ڪري نفسياتي مريض ٿي پيا. ڪيترن نوجوانن زندگيون ختم ڪري ڇڏيون.
    1982ع واري ڏھاڪي جو سُٺو ليکڪ ۽ فطرت شناس مشتاق ڪاملاڻي بيروزگار ھو ھڪ مثال جو سجاول شهر ۾ نه جيئرن سان نه مئلن سان. عبدالسلام سنجيده مسئلي کي ڪنهن حد تائين چٿر ۽ طنز جو رنگ ڏِنو آهي. سنڌ جي ھڪ وڏي محبوب ليکڪ سائين شوڪت حسين شوري، ھيءَ ڪهاڻي پڙھي ته عبدالسلام کي داد ڏنو ھو ۽ ھن جي سنجيده مُرڪ ڄڻ واکاڻ ڪئي ھئي. عبدالسلام سنڌ جي ھڪ وڏي ڪهاڻيڪار شاعر نورالدين نفيس جو ڀاڻيجو آھي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته عبدالسلام ٿهيم کي ڏات ورثي ۾ مِلي آھي. ٿي سگهي ٿو ھُن ننڍي عمر ۾ بي سمجهي وچان نورالدين نفيس جي ڪتابن کي اُٿلايو پُٿلايو هجي، ۽ نفيس صاحب چيو هجي ته منهنجو اڌ ۾ رھيل پنڌ ‘سلام’ پورو ڪندو.
    عبدالسلام پنهنجي ٽهيءَ ۾ انهيءَ ڪري منفرد آھي جو وٽس لِکڻ جي وشالتا ۽ ڪئين موضوع آھن، ۽ ھن سنڌ جي ھر مسئلي تي خوب لکيو آھي.
    ڪهاڻي ‘گار’ غريب، بي پُهچ گهرڀاتين جي اَڻ ھُوند دُکي حالتن جو چِٽو بلڪِ سَچو اُولڙو آھي. غريبن وَٽ ھڪ ويلو آھي ته ٻي ويلي لاءِ اُڀ ۾ اکيون ڪهاڻي ۾ ھڪ لوھه جي پيتي علامت طور ڏيکاريل آهي. گهر جا وڏڙا بي سمجهه ٻارڙن کي آسرو ٿا ڏين ته جڏھن اُھا کُلندي ته پاڻ سُکيا ٿينداسين پر پوءِ گهر جو ھڪ نوجوان معاشري جا مِهڻا تُنڪا نه سهي ٽوڙ يندي چئي ٿو، “منهنجين ٻانهن ۽ ھٿن ۾ ايتري سگهه آھي جو ڪمائي ڀينرُن کي کارائي سگهان ٿو” اھا ڪهاڻي اُميد آسري جو پيغام آھي.
    ‘ڏار’ ڪهاڻي سنڌ جي ھڪ سُٺي پنهنجائپ ماکي لار واري وقت جي تصوير آھي، جنهن ۾ رس چس ۾ ڳوٺاڻان ڪچهرين ۾ راتيون گذاري ڏينهن ڪندا ھئا، ۽ وڃي پورھيي ڌنڌي سان لڳندا ھئا. ھر ڪو مڇي ماني وارو، جي ڪو ٻيو ڌنڌو نه ھوندو ھوئن ته پڃاري واھه، گونگڙي واھه يا ڍنڍن ڍورن تان مَڇيون ماري روزگار ڪندا ھئا. پر پوءِ جڏھن پيئڻ بلا سنڌؤ جي جرکي راتاھو ھنيو ڪوٽڙي پُل تان پاڻي سُڏڪي تلاء ۽ ڍنڍ جو ڏِيک ڏيڻ لڳو. ٺٽو سجاول جون زرخير ٻنيون سُڪي ٺوٺ ٿي پيون ته نه رڳو زمينون پر قُرب ڪهاڻيون به ويران ٿي ويون! راڄن جا چڱا لِڱا غريبن جي ايڪي ۾ ڏار، ڦوٽ ٿا وجهن ھڪ پڙھيل نوجوان سارنگ اٻوجهن کي سمجهائي ٿو، راڄ وارا پهرين ته مٿس ٺٺول ٿا ڪن، پر پوءِ چوَن ٿا اسانجا اجها ٽرڙو وڏيرن جي غلط سياست ڪري ختم ٿيا آھن. وڏيري لفظ جي معنيٰ ته نهايت سُٺي ۽ معتبر آھي، پر اڄ جاوڏيرا سنڌ وارن جي سامهون آهن. نڀاڳن وانگر ٽوپي نراڙ تي ھوندي اٿن. ۽ ھو سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي ساک کي لوئيندا آھن، ۽ پنهنجي گند جهڙو سمجهندا آھن، ڪهاڻي ‘ڏار’ ھڪ سنيهو آھي ته ھڪ ھٿ ٿيڻ سان وڏيري جو پَٽڪو لاهي سگهجي ٿو، ڪهاڻي ٺيڪ آھي، پر ڪي لفظ اوپرا آھن.
    عبدالسلام حقيقت ۽ مجاز جو ليکڪ آھي، ڪهاڻي ‘گُلن سان تعزيت’ ۽ ‘خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري’، پڙھندڙن جي حساسيت کي جهوريندڙ آھن، ٻنهين ڪهاڻين جا مڪالما ‘توکي ڳولهي لهڻ’ ۽ ‘جيترو به ھن جي پويان ڊوڙ يس اوترو اڪيلو رھجي ويس’ (گُلن سان تعزيت) اصل ۾ گُلن سان نه پر عبدالسلام پنهنجي اڻپورن ارمان سان تعزيت ڪري ٿو، ڪهاڻي جي شروعات سمونڊ جي ھَلڪي خاموش لهر جيان ڪنهن خوبصورت شاعر جي نظم جيان آھي، جيئن ته عبدالسلام ڪڏھن ڪڏھن شاعري به ڪندو آھي ھن ڪهاڻي جو نثر شاعراڻي رنگ ۾ آھي. عبدالسلام وٽ لکڻ لاءِ گهڻو ڪُجهه آھي، پر ڪهاڻي جي ڪردار وانگر آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍائي پين پَنو ڇڏي اکين سان پنڌ ڪري ٿو. سچ ته ھُن پيرن بجاءِ اکين سان گهڻا پنڌ ۽ اورڻ ڪيا آھن. آڱرين جا ٺڪاءُ بيزاريت ۽ ٿڪ ظاھر ڪن ٿا، پر سندس اکڙين جو آرس ڪنهن پراچين پنڌ جو ساکي آھي.
    ڪهاڻي ويلنٽائين وِش جو موضوع سبجيڪٽ انهيءَ ڪري ڇرڪائيندڙ آهي جو هڪ وئشياء کي احساس ڏياري ٿو ته تون نه رڳو ويڪائو مال گهڙي جو سُک آھين، پر تو وٽ عام عورت وانگر ڌڙڪندڙ دِل ۽ روح آھي، انهيءَ موضوع تي گهڻو اڳ سدابهار محبوب ليکڪ غلام نبي مغل لِکيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان گم ٿيل ليکڪ زاهد گوتم “پٿرن جو شهر” ۾ لکيو، پر عبدالسلام ڪوٺي جي ماحول کي هڪ جُدا الڳ رنگ ۾ کنيو آهي. ڪوٺي جي وئشيا کي عام ماڻهو وقت ضرورت جو وکر سمجهندا آهن، پر عبدالسلام هڪ نوجوان کي هڪ وئشياء سان مڪالمو ڪندي ڏيکاريو آهي جو چئي ٿو، تون زماني ۾ پئسي ڌنڌي جي ڪري بدنام آهين، پر سفيد پوشي ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي پيو.
    هن ڪهاڻي ۾ ويلنٽائن ڊي جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي ۽ نوجوان وئشياء کي گفٽ ڪندي چئي ٿو جسم کان وڌ روح جا رشتا ٿيندا آهن، اهڙي عورت وٽ به احساس جذبا هوندا آهن. ڪهاڻيءَ جو انت Climax انتهائي گنڀير ڏکوئيندڙ آهي.
    عبدالسلام ڪنهن حد تائين روحانيت جو قائل آهي، روحانيت به سنڌ جي صوفي ماڻهو جهڙي. هن سان ملاقات بي مندائتي مينهن وانگر اتفاقي ٿيندي آهي. ڪنهن اهڙي وڏ ڦڙي ۾ اسين حيدرآباد جي ڪيفي خانه بدوش جي پارڪ ۾ ئي ويٺل هئاسين. ڪتابن جون ڳالهيون، دوستن جي رسامن تي ڳالهائيندي پڇيوهومانس “مگرڀين جي تاريخي درگاهه جا مٽ ڇڏي چنبيليءَ جي ڇانؤ ۾ مجني مٽ مان وٽا، گلاس اندر ۾ اوتيندو ٿو وڃي پر اڄ اسُاٽ لهڻ جو نالو نه ٿي وٺيئه!؟
    هن خاموش سان ڪيفي جي سرپرست گريسفل ڪامريڊ امر سنڌو ۽ ٻين بيچين رولاڪ ليکڪن کي ڏِٺو. هُن جي خاموشي ڄڻ خاموش وسندڙ مينهن جي ڦوٽڙن جهڙي، ڦوٽڙن ڄڻ چيو ٿي ڪيفي خانه بدوش کولڻ جو خيال ڏاڍو سُٺو سڀاويڪ پر ڏاڍي دير سان کولي اٿن.
    عبدالسلام خاموشيءَ سان ڪنهن خيال ۾ مئه رقصم هو، هُن حيدرآباد جي تاريخي رات کي ڏِٺو، ستارا عيدگاهه واري مسجد جي کجور جهڙن ڊگهن نيلن ۽ گنبذن مٿي محو سجدي ۾ هئا، کيس هوريان چيم “تنهنجي انتظار وقت عيد گاهه جي نيلن ۽ گنبذ تي ويٺل ۽ اُڏاڻل پکي هئا.’’ ڇرڪ ڀري وراڻيائين، “پکي ته وڃي ڪنهن وڻ جي لام تي ويٺا پر ليکڪ سدائين رولاڪي جي اُڀ ۾، جڏهن اُڃ ۽ سِڪ لهڻ جو نالو وٺندي آهي تڏهن لکڻ وِسري ويندو آهي!’’ هو خاموش هو، آسمان تي ستارا ٽم ٽم هئا، نه ستارا ٿڪبا آهن نه وري حساس ليکڪ..’’ اوڪي آئون هلان ٿو، جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ” موڪلائڻ جي ڪيائين.
    “ڇو ڇا ٿيو”؟ “دير ٿي وئي آهي، ٺٽو، سجاول ۽ جاتي ڊگهو پنڌ؟” پنهنجي پُڇا ۾ اُلڪو محسوس ٿيم، “سُڀاڻ اسڪول جي ڊيوٽي تي وڃڻو آهي” لهجو ڪنهن سُٺي آدرشي اُستاد جهڙو هئس. سوچيم ته چوانس چنبيلي ول نه خانه بدوش ڪيفي ۾ نه وري ميوزم جي آڳر ۾ گهر جي آڳر ۾ به نه اٿس، اڪيلو وڃي کٽ تي ڪِرندو، رات جا پاڇولا ڊگها ٿي ويا هئا، هو پُٺيرو ويو پي، سندس قدآوار پاڇولو عمارتن کان ڊگهو ڄڻ آسمان سان ڪلها ملائي بيٺو هو. هڪ وار سوچيم استاد ماڻهو آهي، ڀلي استادن جا پاڇولا ڇانوَ نِم ٽالهي جهڙا هُجن، جيئن هنن جي فڪر پالوٽ مان سنڌ جو ٻالڪ وڏو ٿي انجنيئر ڊاڪٽر يا سُٺو اُستاد ٿيئي، ڪوٽڙي ٺٽي سجاول جي پُراسرار رستن تي چنڊ سِتارن جي روشني سامهون ٿيندس يا ٻي ڏينهن جو سج اُجاڙ روڊ تي روشني جي تِلڪ نڇاوَر ڪندو، ۽ اُنهن ۾ پنهنجي يا منهنجي اُٻاڻڪائي محسوس ڪري ۽ پنهنجن احساسن کي ڪنهن ڪاڳر تي اوتي.

    - پير عبيد راشدي
    2017/11/02


    سماجي روڳ جو عڪاس ڪھاڻيڪار

    سنڌي سماج پنھنجي سرشت ۾ ڪئين لاھا چاڙھا ڏٺا. اڄ به اھو سماج ٽانڊن تي ٽھڪي رھيو آھي. سماج جڏھن به جبر ۽ ظلم جي ڀوائتي صورتن سان منھن مقابل ٿيندو آھي، جڏھن انسانيت ردي ۾ اڇلائي ويندي آھي، يا جڏھن معصوم جذبا ظلم جي ڌار تي رتو رت ٿيندا آھن ته تاريخ اھو به لازمي قرار ڏيندي آھي ته ان سماج جي ڪُک مان ان درد جو آواز ورنائڻ جي لاءِ ميدان تي ايندڙ ۾ ھڪ حلقو تخليقڪارن جو به ھوندو آھي.
    جيڪي انسانيت جي زخم تي تخليق جا پھا رکندا آھن ۽ پنھنجي پورھئي جي ذريعي شعور جي لاٽ روشن ڪندا آھن.
    ان ئي پس منظر ۾ تخليق جي حوالي سان سنڌي ڪھاڻي جو ھڪ ڀرپور ڪردار رھيو آھي.
    خاص طور تي ورھاڱي کانپوءِ ٿيل سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل جنھن سنڌي سماجي تاڃي پيٽي تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا، ان سموري عرصي ۾ سنڌي ڪھاڻي پنھنجي سماجي ۽ قومي ذميواري جو دامن پڪڙي بيٺل رھي. ھن سموري عقوبتن جو عڪس چئبو، قومي، سماجي ۽ سياسي مفادن جو تحفظ ڪيو.
    اڄ به سنڌي ڪھاڻي پنھنجو سفر جاري رکيو اچي. وقتي لاھا چاڙھا ايندا آھن، پر اڄ جي نوجوان اھيو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته سنڌي ڪھاڻي نه رڳو زنده آھي، پر پنھنجو معيار به قائم رکيو اچي.
    عبدالسلام ٿھيم جو ھي ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ آئون پنھنجي راءِ کي اڃان به وزندار محسوس ڪريان ٿو.
    ھو سمنڊ جو پاڙيسري آھي، شايد ان ڪري ئي سندس تخليق ۾ اھا گھرائي به آھي ته اھا موج به آھي.
    سندس ڪھاڻيون دل کي ڇھندڙ آھن. وٽس ھر سماجي روڳ جو عڪس ملي ٿو ۽ ان کي ھن تمام گھڻي ڪاريگري سان چِٽيو آھي.
    سندس اسلوب، ٻولي ۽ ادائگي من موھيندڙ آھي.
    سندس ‘‘گار’’ مختصر ته آھي پر، دل تي تمام گھرو تاثر ڇڏي وڃي ٿي. “خوشبوءُ جھڙي ڇوڪري’’ ۾ سندس رومانوي ڊائلاگ ۽ پڄاڻي بھترين آھي.
    عبدالسلام ٿھيم جي ڪھاڻي ‘‘ڏار’’ اڄ جي سنڌ جي سياسي منافقين جي عڪاس آھي. جنھن ۾ عام ورڪر کي رڳو ڪاٺين جيئن ٻاريو وڃي ٿو ۽ شاطر وڏيرا اسان جي ماڻھن جي سادگيءَ جو ڪيئن نه فائدو وٺن ٿا.
    سندس ڪھاڻي‘‘ڊوڙ’’ اڄ جي قابل نوجوان سان ٿيندڙ ويڌن جي عڪاس آھي. “اڇو منھن’’ تمام مختصر ڪھاڻي آھي، پر اڄ جي ھن ٽيڪنالاجي واري دؤر جي انسان جي ٻھروپيت تان پردو کڻي ٿي.
    سندس ڪھاڻي “ذميوار” اسان جي اڄوڪي اھم سياسي ڪمزوري جي عڪاس ھئڻ سان گڏ اجتماعي شعور جي ڏيوالپڻي جو ڏس ڏي ٿي. جتي ماڻھن ۾ لاتعلقي، غير جانبداري ۽ غير ذميواري واري روش گھر ڪري ويھي رھي آھي.
    مجموعي طور تي سندس ڪھاڻين مون کي ته تمام گھڻو متاثر ڪيو. منھنجي کيس دعا سان گڏ گذارش به آھي ته ان ئي تسلسل سان پنھنجي محنت جاري رکي، ته ڪاميابي جي منزل کانئس دور نه آھي.
    سنڌي ڪھاڻي جي ھينئر جيڪا صورتحال آھي، ان ۾ ڪھاڻيڪار تي تمام وڏي ذميواري آھي، ته ھو معروضي مسئلن کي اجاگر ڪري، پر ان جي اڻت ۾ جمالياتي حسن برقرار ھجڻ کپي.


    رسول بخش درس
    جھمپير، ضلعو ٺٽو.
    5-11-2017


    ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهو مِٽ ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم

    جاتيءَ جو جوان ڪهاڻيڪار، عبدالسلام ٿهيم مون کي ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهڙو مِٽ لڳو جو سندس ڪهاڻين ۽ ڪٿي ڪٿي اُها نڇ نظر اچي ٿي.
    هُن جون ڪهاڻيون جيڪي سامونڊي هوائن واري گِهم کڻي چوماسا بڻجي رهيون آهن، تن کي جيڪڏهن ڪو گهٽ يا گهيڙ ملي ويو ته ضرور پنهنجي کيتر ۾ ملهائبيون.
    لاڙ جي پاڇاٽي پاسي واري شهر جاتي جو رهواسي عبدالسلام پنهنجي سيبتي ڪَلا ۾ ساحلي رنگ رکندو اچي. سندس موضوع ۽ اُڻٽ جيتوڻيڪ اڃان پاڇاهي (بادشاهي) کي نه رسيا آهن پوءِ به هو ڄاپي ڄاڻڻ واري ايڪسرسائيز ۾ سُئي جي پاکڙي مان پنهنجي ڏات جو اُٺ اُڪارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ شاهه يقيق جي اوڀرائين ڪڙ وارين هوائن ۾ عبدالسلام پنهنجي ڪهاڻين کي جنهن رنگ سان ڏسي ۽ لِکي پيو، سو نج ۽ نئون آهي، جنهن سان پنهنجون روايتون به ڳنڍيل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سادگيءَ جا ڪيئي رنگ آهن جيڪي لاڙ جي رواج جيان سِٽن ۽ جملن ۾ جڙيا پيا آهن. هو جنهن نِهار ۽ اک سان نِهاري ٿو سان هڪ حساس ماڻهوءَ جي نگاهه آهي جنهن ۾ ڪيئي آدرش به سمايل آهن، هڪٻئي پُٺيان لکيل سندس ڪهاڻيون اُنهي ساڳئي آدرشي هٻڪار سان ڀريل آهن.
    لاڙ جو ٺٽي سجاول کان ويندي کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ جاتي وارو سمورو تر، سنڌوءَ جي ڇاڙن جيان سونهن سان سَٿيو پيو آهي جنهن ۾ ڀانت ڀانت جون ڀاونائون به آهن. اُهي ڀاونائون هتان جي سماج جي رهڻي ڪهڻي کان ويندي تهذيب جي توازن کي هڪ تسلسل ۾ جوڙيو اچن جنهن کانپوءِ ئي هڪ شاندار ڪلچر جُڙندي نظر اچي ٿو. عبدالسلام جيڪو اُنهي سموري منڊل ۽ ماحول ۾ وڌي ٻوٽو ٿيو آهي تنهن کي هڪ ڏينهن وڌي وڻ به ضرور ٿيڻو آهي، کوڙ سارين شاخن ۽ پتن وارو وڻ، پنهنجي ڀرپور سايي وارو وڻ جنهن جي اولڙي ۾ ڪهاڻيءَ جا سچا پچا احساس ۽ آڌيڪار لهڻا آهن. کيس آس پاس جي اُن اُساٽ کي به ساڳئي ترنگ سان پنهنجي سايي دار سرحد جي دائرن سان به همڪنار ڪرڻو آهي جيڪي سندس ڪلا ۾ ڪٿي لِڪيل آهن پر اُن لاءِ کيس تمام گهري مُشاهدي سان گڏوگڏ تمام گهڻي مطالعي جي به ضرورت پوندي ۽ هاڻوڪي دؤر واري اشتهار بازي واري شوشي کان پاسو ڪرڻو پوندو اهو سڀڪجهه ان لاءِ چوڻو ٿو پويم ته اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جي دؤر ۾ هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته اسان جا گهڻي قدر لکندڙ سوشل ميڊيا کي مڃتا جو پليٽ فارم سمجهي رهيا آهن، اهو ايئن آهي جيئن ماضيءَ ۾ ڊائجسٽ ڪلچرل هو. اڳ ۾ جيئن، ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان کان سُٺا لکندڙ کَسي گم ڪري ڇڏيا ائين هاڻي سوشل ميڊيا به تخليقي ماڻهو ڳڙڪائي رهي آهي، مان ڪنهن جو نالو نٿو کڻان پر مون کوڙ سُٺا تخليقي لکندڙ سوشل ميڊيا تي فضوليت ۾ غرق ڏٺا آهن، مختصر ڪهاڻي، ننڍي ڪهاڻي، يا وري ڪنهن ٽوٽڪي لکي اُڇلائڻ کي ئي سڀڪجهه سمجهن ٿا ۽ بدلي ۾ تماشائين جا ڪجهه ڪمينٽ پڙهي خوش ٿين ٿا ۽ بس اُهائي پنهنجي مڃتا سمجهن ٿا. پر مڃتا جو سفر تمام ڏکيو ۽ طويل آهي، اُن کي ڪڏهن به شارٽ ڪٽ يا سستي شهرت جي ضرورت نه پوندي آهي، اُن کي منزل وقت سان ملندي آهي ۽ اُها عارضي ناهي هوندي.
    ڪهاڻي جنهن کي دريافت ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي، ڇو جو منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي کي ڪنهن اينگل، ٽرينگل يا ٽياڪڙي ۾ ڦاسائي نٿو سگهجي، نه وري ڪهاڻيءَ کي ڪنهن ٽرمنالاجيءَ ۾ ٻُڌائي بيان ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي هڪ “يم” ويم مثل آهي. هڪ جنم آهي. جنهن جا سور ۽ خوشيون بنهه فطري آهن. اُهي سمورا سور يا خوشيون ڪنهن به ماپي ۾ توري نٿيون سگهجن نه وري ڪنهن معيار مقدار ۾ مڙهي سگهجن ٿيون.
    ڪهاڻي جيڪا هڪ ڊليوري (يم) جي بنهه سادي صورت آهي، سا بلڪل جيوگهرڙي جيان پيچيدا هُجڻ سان گڏ بنهه هلڪڙي ۽ ننڍڙي آهي. باوجود اُن جي فڪشن يا ادب جي عمارت، باڊي يا جسم اُن معمولي شيءِ جي، بي معنيٰ ۽ خالي آهي.
    بگ بينگ (Big Bang) کان ويندي ڪائنات جو جُڙڻ ۽ ڌرتيءَ جو وجود ۾ اچڻ ۽ زندگيءَ جي ارتقا، هر ڪهاڻيءَ جو بنيادي جُز آهي. جنهن کي سمجهڻ دريافت ڪرڻ ۽ سياحي (مَس) واري ناڙيءَ ۾ اوتي ڇَٽڻ يا هاري ڇڏڻ ئي ڪهاڻي آهي. ها پر اوتي ڇٽڻ يا هاري ڇڏڻ وارو ڍنگ آرٽ آهي هُنر آهي. اُهو هُنر يا آرٽ ڪهڙي به صورت ۾ هُجي فطرت سان هم آهنگ ضرور هوندو آهي، نئين ۽ جديد دنيا جي جديد علمن ۾ آرٽ جون کڻي ڪهڙيون به معنائون هُجن ۽ آرٽسٽ جو ڀل ڪهڙيون به تشريحون ٿيل هُجن پر منهنجي نظر ۾ آرٽسٽ فطرت جو هڪ عڪس آهي، جيڪو پنهنجي رنگن ۽ احساسن سان اُڀري ٿو ۽ نکري ٿو.
    وڻ تي ويهي چيهاٽ ڪندڙ چيهو به هڪ آرٽسٽ آهي ۽ سندس چيهاٽ سادو ۽ سهڻو آرٽ آهن، جيڪي حواسن تي سُريلا احساس ۽ سهڻيون تصويرون گهڙين ٿا.
    ائين ئي ٻنڌڻن ۾ سُتل ٻار به هڪ آرٽسٽ آهي، جيڪو ننڊ ۾ هڪ مٺڙي مُرڪ مُرڪي ٿو، جيڪا مصنوعيت کان پاڪ ۽ فطرت سان هم آهنگ آهي. مطلب ته آرٽ هڪ فطري رنگ ئي آهي جيڪو آرٽسٽ جي ادا يا پيشڪش (Presentation) جي سادگي سان ظاهر ٿيئي ٿو.
    عبدالسلام جي ڪهاڻين ۾ ڪيئي فطري رنگ آهن، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ فطرت سان هم آهنگ ٿي به هلي ٿو، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ روايتن سان گڏ نواڻ به جوڙيو اچي، پر ڪٿي ڪٿي هو مصنوعيت جي گهٽيءَ مان به گذر ڪريو وڃي، جنهن کان بهرحال پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو جو جيڪڏهن اهڙيون شيون ڪلا يا لکڻين ۾ ڇاپ بڻجي ويون ته پوءِ آرٽ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندو. عبدالسلام پنهنجي ڪهاڻين جي جنهن سادگي سان شروعات ڪري ٿو سا پنهنجي ڍنگ ۾ سندس انفراديت کي ظاهر ڪري ٿي جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪنهن ٻهراڙي جي ماڻهوءَ وانگي گُم به ٿي وڃي ٿو جيڪا فطري ڳالهه آهي پر ڪٿي ڪٿي ڄاڻي واڻي راهه وڃائي ويهڻ يا ڀٽڪي وڃڻ صفا سمجهه ۾ نٿو اچي، الائي ڇو هو ڪهاڻيءَ جي سادگيءَ ۾ چالاڪي جو اجايو فِليور ملائڻ جي ڪوشش ۾ ڪهاڻيءَ جو ذائقو ڦٽايو وڃايو ڇڏي ۽ پوءِ ڪهاڻي ڪهاڻيءَ جي دائري مان نڪري ڪنهن ڊرامي جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي.
    ڪهاڻي پنهنجي ٿيم جي بڻاوت جوڙجڪ يا ايئن کڻي چئجي ته پلاٽ پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي، ڪهاڻي جيڪا هر تخليقڪار جي تصور ۾ ڏينهَن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا پچندي رهندي آهي سا پنهنجا گهاڙيٽا يا مرچ مصالا به پاڻ سان کڻي ايندي آهي تنهن کي اجايا رندا هڻڻ نه گهرجن نه وري منجهس بازاري مصالا ملائڻ گهرجن.
    وري به شروعاتي ڳالهه ڏانهن موٽندي ته عبدالسلام ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهڙو مِٽ لڳڻ ڪري گهڻو اڳتي نڪري سگهي ٿو ۽ سندس ڪهاڻيون ايندڙ کيتر يا ٽهي ۾ سرواڻيءَ واري واڳ به سنڀالي سگهن ٿيون جنهن لاءِ نيڪ نيتيءَ سان کيس دعائون ڏيڻ سان گڏ اُتساهجي ٿو.


    ضراب حيدر
    حيدرآباد
    16 نومبر 2017


    سلام ٿهيم: عجب جي نشانيءَ جهڙو ماڻهو!

    اوطاق جو اڱڻ آهي، وڻن ۾ واءُ پيو لڳي ۽ منهنجي ٽيبل تي سلام ٿهيم جون جيءُ ۾ جھوري وجهي ڇڏيندڙ ڪهاڻيون کليون پيون آهن!
    آئون سوچيان ٿو: هي ڪهاڻيون آهن يا ٽيبل تي پکڙيل خوبصورت عورتون؟ هي ڪهاڻيون آهن يا غير ملڪي پکي آهن جيڪي منهنجي ٽيبل جي ڍنڍ تي تري رهيا آهن؟ سر سبز ميداني علائقا، جهنگلي گلن جون ڦُلواڙيون، جابلو ڇوڪريون ۽ سامونڊي پکي! ڄڻ ته سڀ اچي منهنجي ٽيبل تي گڏ ٿيا هجن.
    سندس ڪهاڻين جو ڪتاب هڪڙو شهر آهي جنهن ۾ وئشيائون خريدي سگهجن ٿيون، جنهن شهر ۾ فاسٽ ڊرائيونگ ڪندڙ آمريڪي عورتون آهن، جنهن شهر ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ پيار جو اظهار ڪندڙ هندستاني عورتون آهن! جنهن شهر ۾ اڄ صبح جي اخبار ڪافي دير سان آئي آهي، هن شهر ۾ مئخانا آهن، جنهن شهر ۾ ناشتي تان جهيڙو ٿي پيو آهي. ڪتاب جي هن شهر ۾ هڪ ماڻهو ڪُتي کي ڏاڙهي وڌو آهي......... جنهن شهر ۾ مئل ماڻهو مون هلندي ڏٺو! جنهن شهر ۾ جواني آزاد آهي، جنهن شھر ۾ پلنگ ننڊ مان جاڳي چڪا آهن، جنهن شهر ۾ درياھ ماڻهن کان هڪ ٻي سهڻيءَ جو ڏس پڇڻ آيو آهي. سو هي ڪهاڻين جو ڪتاب هڪ شهر آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪا به لڪير ناهي.
    عبدالسلام ٿهيم پنهنجي سامونڊي قلم مان نڪتل سدائين اسان کي هڪ تيز طوفاني ڇوليون ڇوليون ڪهاڻي ڏيندو رهيو آهي. بيشڪ هن جي ڪهاڻي ميچوئر ڪهاڻي آهي!
    مولانا ابوالڪلام آزاد چوندو هو: “خوبصورت عورت اک لاءِ جنت ۽ کيسي لاءِ دوزخ هوندي آهي.’’
    عبدالسلام جي ڪهاڻي به اک لاءِ جنت ۽ دل لاءِ دوزخ هوندي آهي. ادب ۾ ڪجهه نئون دريافت ڪرڻ ئي تخليق آهي باقي ته رڳو تقليد آهي : ماڃوٺي! ۽ سلام ٿهيم تخليق ته ڪري ٿو پر اسان جي سماج ۽ زندگيءَ مان چُونڊي چڙي اتان ڪهاڻيءَ کي کوٽي وڃي ٿو کڻي جو اها صرف سجاول يا سنڌ جي نه پر سڄي دنيا جي ڳالهه ٿي لڳي....... ۽ اهڙي ئي ڪهاڻيءَ کي جاوداني نصيب ٿيندي آهي جيڪا هر ماڻهوءَ کي پنهنجي دل جي ڳالهه لڳي ___ شين کي سماج مان کڻجي ته لطيف وانگي کڻجي:
    نئون نينهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
    ارٽ ڦيريندي اوچتو، سڄڻ ياد پيوس،
    پهو پٽ پيوس، ھُو هٿ هُتي ئي رهيو!
    اها آهي هڪ ڪهاڻي، هڪ شاعري ۽ هڪ ننڍڙو ناول! دنيا ۾ ڪٿي به هليا وڃو، نئين نئين نينهن لڳڻ جي ڪيفيت توهان کي سرعام ائين ئي ساڳي ملندي ۽ سڄي دنيا ۾ نئون نئون نينهن ائين ئي سڀنيءَ جا چار ئي چئونڪ هڪ ئي انداز ۾ لڳائيندو رهيو آهي.
    نزار قاباني چيو هو:
    “شايد منهنجي اهم ترين ڪارنامن ۾ اهم ترين ڪارنامو اهو ئي آهي ته مون عورت جو نالو طعامن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ مون ان کي گلن جي فهرست ۾ لکي ڇڏيو آهي. عورت کي چاليهه سالن کان ڪلهي تي کڻي پيادل هلندو رهيس. واريءَ جي هر دڙي تي جتي هوءَ ننڊاکڙي هئي، اتي کجيءَ جو وڻ ڦٽي نڪتو ۽ هڪ پاڻيءَ جو چشمو جاري ٿي ويو.
    آئون عورت جي طرفان شيطان جو وڪيل بڻيل رهيس. چاليهه سالن کان عدالتن ۾ لڏو لاهي ويٺل آهيان. ڏوھ جو شڪار ٿيندڙ عورتن جا ڪپڙا پيش ڪري رهيو آهيان. عورت پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين حسين ۽ لطيف احساسن ۽ خوبصورت لفظن جي سامهون ڳرندي رهندي آهي. مرد نظم کي پنهنجي ڏندن سان چٻاڙي ڇڏيندو آهي جڏهن ته عورت ان مان پوري ريت سيراب ٿيندي رهندي آهي ۽ انهن کي پنهنجي ڪنن ۾ زمرد جي جهُومڪن وانگر پائي ڇڏيندي آهي.’’
    سو شاعري ۽ عورت سان ائين ئي عشق ڪجي، ڪهاڻي به هڪڙي شاعري آهي. سلام ٿهيم جي سيني ۾ به هڪ عورت جي دل ڌڙڪي ٿي. تڏهن ئي ته هن جي ڪهاڻين ۽ نزار قابانيءَ جي مزاج ۾ ايڏي مماثلت آهي.
    سلام جون دلدوز ڪهاڻيون به ائين ئي درخشان دل سان درد جي هيٺان ويٺل هن جهان مان کنيون ويون آهن جو روح مان ريهه نڪري ويندي آهي ۽ ماڻهو مانيءَ تان اٿي ويندو آهي.
    حرف آخر ته سلام کي جهرجهنگ ۽ شهر شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ جي لاءِ اڃا به مزورن وانگي محنت ڪرڻي پوندي.
    مطالعي جو ڏُڪار اگر ختم ٿي وڃي ۽ ڪهاڻيءَ سان ليکڪ جو عشق اڃا ٿورو وڌي وڃي ته جمال ابڙو، نسيم کرل، امرجليل ۽ نورالهدي شاھ وري به پئدا ٿي سگهن ٿا، ڪجهه به ناممڪن ناهي.
    هن ڪائنات ۾ ڪيڏي مهل به ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.

    خطري واري زندگي گذاريو،
    ٻرندڙ جبلن جي ڀر ۾ پنهنجا شهر ٺاهيو،
    پنهنجي جهازن کي اڻ ڏٺل سمونڊن طرف موڪليو،
    هميشه جنگ جي حالت ۾ رهو،
    ڇو ته مقابلو زندگي جو نالو آهي.
    (فيريڊڪ نٽشي)

    عزيز گل
    سانجھيءَ جو سمو/ پراڻ جو ڪپ
    جُهڏو شهر
    12 نومبر، 2017.


    سماج جي اوڻاين جون چِٽيون تصويرون

    ھر شخص پنهنجي وجود ۾ لاتعداد ڪهاڻيون سانڍي جيئي ٿو، پنهنجي اندر جي اظھار کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ تمام مشڪل ترين ڪم آهي.
    اهو مشڪل ترين ڪم معاشري جاحساس دل ,نفيس مزاج رکندڙ ماڻھو ڪندا آھن، اسان وٽ شاعري جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي گھٽ سرجي ٿي، ان جي باوجود به ان جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ڪهاڻين جا ڪردار پڙھندڙ کي پنهنجي زندگي جو حصو محسوس ٿيندا آهن. ڪڏھن ڪڏهن انسان انهن ڪردارن ۾ ايترو گم ٿي ويندو آھي، جو ڪهاڻين جي ڪردارن جي روئڻ سان گڏ پاڻ به روئڻ لڳندو آھي ۽ کلڻ تي پاڻ به خوش ٿي کلندو آھي. يعني ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڪهاڻي اسان جي زندگي جو چٽو آئينو آھي. اها هڪ اميد افزاء ڳالهه آھي جو اسان جي نوجوانن جو لاڙو ڪهاڻي ڏانهن انتهائي سنجيده ۽ تعميري آھي.
    رشيد ڀٽي، نسيم کرل، علي بابا،آغا سليم ، طارق اشرف، حميد سنڌي، جمال ابڙو، مهتاب محبوب سميت ٻيا به ڪيترائي نالا جيڪي ڪهاڻي جا جرڪندڙ ھيرا ليکيا ويندا آھن.
    موجوده نئين ٽھيءَ ۾ ڪهاڻي جي حوالي سان عبدالسلام ٿهيم پنهنجي جدا سڃاڻپ ٺاھڻ جو سفر طئه ڪري رهيو آھي عبدالسلام جون ڪهاڻيون معاشري جي اوڻائين جي چٽي تصوير پيش ڪن ٿيون، ڪھاڻين جي ڪردارن جي نفسيات کي سمجهڻ ۽ انهن کي انهن جي فطرت مطابق پيش ڪرڻ جو ڏانءُ کيس بخوبي اچي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته سلام جي رسائي پنهنجي پڙھندڙن جي دلين تائين ٿئي ٿي. ان سا گڏوگڏ ھو معاشري جي اوڻائين کي وائکو ڪرڻ جي ذميواري کان به باخبر آهي.
    سلام جي ڪهاڻي “گار” انسان جي مجبورين ۽ پريشانين جي چٽي تصوير آھي، خاص طور تي سلام جي ڪهاڻي گار پڙھندي مون کي مظھرالسلام جون ڪهاڻيون ذهن تي تري آيون. مظھرالسلام جي ڪهاڻين جي انفراديت اها آھي جو ان جون ڪهاڻيون ڇرڪائيندڙ ۽ ڪافي حد تائين حيران ڪندڙ ھونديون آهن. سلام جي ڪهاڻي گار انهن جو ئي هڪ تسلسل محسوس پئي ٿئي ،غازي جو ڪردار هڪ غيرتمند ۽ حساسيت جو شديد تاثر پيش ڪري ٿو.
    اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آھي جو فڪري محرڪ صرف اهي چند نالا سمجهيا ويندا آھن. جيڪي پنهنجي معاشي خوشحالي يا اثر رسوخ جي ڪري نالو ڪمائي وٺندا آھن. پر حقيقت ۾ خدا جي طرفان ڏنل ڏات پنهنجي لاء ڪاميابي جا رستا پاڻ ٺاهيندي ويندي آھي.
    عبدالسلام جي لکڻين ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهي صلاحيتون موجود آهن. ھن انسان جي اندر جي حساسيت کي پنهنجو موضوع بنايو آھي، سندس گهڻي قدر ڪهاڻيون ڳوٺاڻي زندگي تي لکيل آھن، جن ۾ لب و لهجي ۽ ٻوليءَ جي سادگي تي خاص توجھ ڏني وئي آھي، جيڪا سلام جي ڪهاڻين ۾ وڌيڪ خوبصورتي پيدا ڪري ٿي. معاشري جي اوڻائين کي پنھنجي ڪاريگري سان پيش ڪرڻ تي کيس دسترس حاصل آھي.
    اسان جي بدقسمتي اها هئي جو ورهاڱي کان پوء اسان جا بهترين ليکڪ سرحد پار جي هليا ويا، انهن جي لکڻين جي تشنگي هميشه رهي آھي. پر عبدالسلام جون ڪهاڻيون پڙهي دل کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو ته سلام ڪهاڻين کي نئون موڙ عطا ڪيو آھي، خاص طور تي مختصر ڪهاڻي کي سلام نئون موڙ ۽ ڪنهن حد تائين افراديت ڏني آھي. تخليقڪار به هن سماج جو حصو آھن هنن ۾ سماج ۾ رهندڙ ماڻھن جي نفسيات کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي سگھ ۽ صلاحيت هوندي آھي.
    عبدلسلام ٿھيم جي ڪهاڻي “ خوشبو جهڙي ڇوڪري” ۾ لکيل هي مڪالما روح کي جهنجهوڙي وجهن ٿا
    “ عقيدت تيستائين هوندي آھي، جيستائين ڇوڪري سندن ڄار ۾ نه ڦاسندي آھي..’’ يا وري هي جملو ته
    “هر پڄاڻي انتها لاءِ نه هوندي آهي، ڪا ڪا انتھا ابتدا لاءِ ٿيندي آھي، ۽ اھا ابتدا انسان کي پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن وٺي ويندي آھي.’’ منهنجو ذاتي خيال هي آھي ته ڪهاڻي ۾ مقصديت جو هجڻ تمام لازمي آھي، جيڪڏھن ڪنهن ڪهاڻي ۾ ڪو مقصد يا معاشري لاء ڪو اصلاحي پيغام ناهي ته پوء اها ڪهاڻي ناهي، بلڪه اھا اجائي لفاظي ھوندي آھي.
    عبدالسلام جي ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو مقصد ضرور آھي. ڪابه اجائي ڳالهه نه ڪئي وئي آھي. ڪهاڻيڪار جي اصل خوبي اها هوندي آھي، ته ھو پنهنجي هر ڪردار جي نفسيات کي گهرائي سان پرکي ۽ پوء ڪردارنگاري کي خوش اسلوبي سان نڀائي، نه ته ٻي صورت ۾ ڪهاڻي منجهه جهول اچي وڃي ٿو ۽ پوء اهو پنهنجو اثر ۽ تاثر وڃائي ويهي ٿي عبدالسلام وٽ ڪهاڻي لکڻ جي سهڻي صلاحيت موجود آهي، سندس ڪهاڻي تي گرفت مضبوط تر ٿيندي رهي ٿي.
    مونکي چاچا صادق گهمري جا لفظ ياد پيا اچن ته “تخليقڪار جي ڪابه تخليق پهريان بانبڙا پائيندي آھي، پوءِ وک وک ڪري هلڻ سکندي آهي ۽ ڪو وقت اهڙو به ايندو آھي جو اها ڊوڙڻ لڳندي آھي”
    جيڪڏھن ايمانداري سان ڳالهه ڪجي ته عبدالسلام جي لکڻين هلڻ ته ڪڏھوڪو سکي ورتو آهي، بس هاڻي ڊوڙڻ لاء بي چين آهن. عبدالسلام ٿهيم هڪ سگهارو قلمڪار آھي سندس صلاحيتن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي منهنجي دعا آھي سندس قلم لکڻ کان ڪڏھن به نه ٿڪجي، ۽ مولا سندس ڏات کي ڏھوڻو ڪري ۽ خوب کان خوب تر لکندو رهي. آمين

    فهميده شرف بلوچ
    ڪراچي، سنڌ
    15-11-2017


    درد جي مس سان لکيل اکين جا افسانا

    تنھنجا نيڻ حياءَ جا حوالا آھن.
    گل ته روحن جا اصل وارث ھوندا آھن.
    (ڪھاڻين جا ٻه جملا)

    ھن جي ڳالھين ۾ لاڙ جي ليارن جي خوشبوءَ آھي، ھڪ الڳ ۽ اُداس خوشبو . الائجي ڇو پر مون ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، لاڙ جا اڪثر ماڻھو پنھنجي فطرت ۾ وڏا قصا گو آھن.
    جھمپير جي ھوائن ۾ ھندوري جھڙي ھانءُ سان ڳالھائيندڙ رسول بخش درس کان کورواھ جي اڻپڙھيل قصا گو منھنجي چاچي جمعي سولنگي تائين جھڙن پراسرار روح رکندڙن جا ٻهه ٻهه ٻول ٻڌي ماڻھو جو من مھڪي پوي ٿو ۽ جيءَ ۾ انيڪ افسانا جاڳي پون ٿا.
    عبدالسلام ٿھيم جي سٺي ڪھاڻيڪار ھجڻ تي حيرت نه ٿيڻ گھرجي، جو ھو فطري ڪھاڻيڪار آھي.
    ھو آھي ئي افسانوي دنيا جي آغوش ۾ پليل ماڻھو.
    ڪينجھر جي ھوائن کان قديم قصا ۽ زيرو پوائنٽ وٽان سمنڊ جي بي چين لھرن جو رڌم ٻڌي ھن جي دل ۾ افسانن جو ڪر موڙي جاڳڻ سڀاويڪ آھي، جيئن بارش جا امڪان ڏسي مور جو رقص ڪرڻ.
    “توھان مونکي درد جي مس سان لکيل جيئرا جاڳندا ڪردار ٿا لڳو.’’ (ڪھاڻي ويلنٽائن وش جو جملو)
    درد جي مس سان لکيل افسانا ڪڏھن به فنا نٿا ٿي سگھن.
    عبدالسلام ٿھيم جون ڪھاڻيون پڙھي مان پڪ سان چئي سگھان ٿو.


    منور سراج
    نوابشاھ
    23-10-2017


    پنھنجي پاران : منھنجي ڪھاڻي

    مون چار سال اڳ جڏھن ڪھاڻين جي پھرين مجموعي “اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس” کي ڇپائڻ لاءِ تياري شروع ڪئي ھئي،
    تڏھن وڏي ڪوشش کانپوءِ ماما نور الدين ‘‘نفيس’’ کي چيو ھيم: “ماما منھنجي ڪتاب تي ڪجهه لک .’’
    ڪوشش انھيءَ لاءِ ته جڏھن به آئون لکندو ھيس، ته ھن کان لِڪي لِڪي لکندو ھيس. ھڪ حجاب ھوندو ھو، جيڪو مونکي پنھنجا خيال ھن سان ونڊڻ کان روڪيندو ھو.
    اُھا ٻي ڳالهه ھئي، ته مون ھن کي ڏسي ڏسي سندس نقشِ قدم تي ھلي لکڻ شروع ڪيو ھو.
    منھجي اھڙيءَ ئي ڀورائي تي ھُن ھڪ ڀيرو تڏھن پردو وڌو ھو، جڏھن مون انٽرميڊيٽ پڙھڻ دوران 1997 ۾ جاتيءَ جا نوجوان ميڙي سرھاڻ آرٽ سرڪل جو بنياد وجھي اسٽيج ناٽڪ “راز” پي ڪيو.
    تڏھن جاتيءَ ۾ ھر پنجين ڇھين مھيني اسٽيج ڊرامو ٿيندو ھو، ان ۾ ھن جو مرڪزي ڪردار ھوندو ھو.
    مون به سندس واٽ وٺندي اھڙو قدم کنيو ھو، ھونئن به چوندا آھن ته ڀيڻج مامن جي واٽ وٺندا آھن.
    سو گرائونڊ ريھرسل کان ھڪ رات اڳ ھو پاڻمرادو ريھرسل ۾ ھليو آيو، آئون ته کيس ڏسي پريشان ٿي ويو ھيس. پر ھن تڏھن وڏي جو ڪردار ادا ڪندي، منھنجي ٻاراڻي وھيءَ ۾ لکيل ڪھاڻي کي ترتيب ڏئي منھنجي پت بچائي ۽ ڊرامي کي سٺي پذيرائي ملي.
    ڪتاب ڇپائڻ جي حوالي سان به مون ماما نور الدين ‘‘نفيس’’ سان ذڪر نه ڪيو ھو، شايد ھن کي ڪٿان خبر پئجي وئي ھئي، تنھن انھيءَ تي لکڻ لاءِ ذھن به ٺاھي ڇڏيو ھو.
    ورندي ڏني ھئائين
    “آئون سوچيان پيو، ته تنھنجي ڄمڻ کان وٺي ھيستائين جي پوري ڪھاڻي لکان. انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ تنھنجي ٻاروتڻ وارين شرارتن کان ويندي تنھنجي ادبي سفر جو احوال ھجي. “
    ھن جي اھڙي ذڪر تي آئون خوش ٿي ويو ھيس، ڇاڪاڻ سندس چيچ پڪڙي مون ھلڻ سکيو ھو، کيس لکندي ڏسي مون لکڻ شروع ڪيو ھو. وري جيڪڏھن منھنجي ڪتاب ۾ ان پاران لکيل منھنجو پروفائل شامل ھجي، ته ان کان وڏو مون لاءِ ٻيو ڪھڙو اعزاز ٿي سگھي ٿو.
    پر پوءِ ھو ذاتي زندگيءَ جي خفن ۾ ڪجهه اھڙي طرح وڃائجي ويو، جو اھا ڳالهه اتي ئي رھي.
    مون کيس ڪجهه ڀيرا يادگيري به ڏياري، پر شايد ھن کي لکڻ لاءِ مناسب وقت ۽ ماحول نه پئي مليو، نيٺ منھنجو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. جنھن کي ڏسي ھو تمام گھڻو خوش ٿيو ھو. پر مون کيس ڏوراپو ڏنو ھو، جنھن تي ھن ورندي ڏني ھئي
    “اڙي بابا! تنھنجو ھيءُ ڪتاب آخري ته ناھي، ٻي ڪتاب ۾ آئون ڀرپور لکندس.’’
    پر مونکي اھا ڄاڻ نه ھئي، ته ھن جي زندگي ڪا ٻه ٽي سال رھي ھئي، ۽ آئون سندس لفظن کان محروم ٿي ويندس.
    اڄ جڏھن آئون پنھنجي ٻي ڪتاب “گلن سان تعزيت” لاءِ ڪجهه لکي رھيو آھيان، ته ھن جي ڪمي محسوس ڪري رھيو آھيان.
    منھنجي سامھون ڪيترائي ھٿ آھن، پر انھن ۾ انھيءَ شخص جو ھٿ نظر نه پيو اچي، جيڪو شخص افسانن جھڙو ھو. جنھن جي شخصيت جي خوشبو ئي جدا ھئي. جنھن جي ذات جو سحر ئي پنھنجو ھو، تڏھن ته اڄ آئون پنھنجي ڪھاڻين تي ڪجهه لکڻ بدران ھن جي ڪھاڻي بيان ڪري رھيو آھيان. ڇاڪاڻ ھن جي ڪھاڻي ئي منھنجي ڪھاڻي ئي آھي، ۽ منھنجي ڪھاڻي ھن جي ڪھاڻي آھي.
    ڪلهه جيان اڄ به ھو مون سان گڏ آھي، اڄ به منھنجي گھر جو پڌر ھن جي گھر جي پڌر سان گڏ آھي. ڪلھه جيان اڄ به منھنجي ڪنن تي ھن جي سڏن جا آواز پوندا آھن.
    “سلام! اچ ته اڄ توکي نئون غزل ٻڌايان…”
    ۽ آئون سندس تخيل جي اُڏام ۾ پاڻ کي اڏامندي محسوس ڪندو ھيس.
    منھنجي ھن ڪتاب ۾ به ڪافي منھنجي زندگيءَ سان جڙيل ڪٿائون شامل آھن، ھو به منھنجي زندگيءَ جو ساھ کڻندڙ افسانو آھي. منھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن جي سڃاڻپ ڀلي جدا ھجي، انھن جو درد ڀلي الڳ ھجي...پر روئڻ ساڳيو آھي، لڙڪ ساڳيا آھن...احساس ساڳيا آھن.
    جيڪڏھن منھنجون ڪھاڻيون ڪنھن کي پنھنجي سور روئڻ لاءِ پٿر لڳن ٿيون، ته اھو به مون لاءِ اعزاز آھي، ڇاڪاڻ منھنجو اصل موضوع سورَ ئي آھن.
    پوءِ اھي سور وينٽيليٽر تي آخري ساھ کڻندڙ رشتن جا ھجن، يا وري محبتن جي مُرجھايل گلن جا ھجن، اھڙا گل جيڪي صبح ٽڙي شام جو ڪومائجي ويا ھجن. مون پيار جي موضوع تي گھڻو لکيو. جنھن جو ھڪ سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته منھنجي وھيءَ ۾ ساٿ جي موسم ڪي پل مھربان رھي ھوندي. تنھنڪري ئي مون حقيقي زندگيءَ کان وڌيڪ ڪھاڻين ۾ گذاريو آھي. ڪھاڻي جو ھڪ الڳ سنسار ٿئي ٿو، جنھن ۾ ھڪ ليکڪ ڄڻ ھڪ دؤر مان گذريو اچي. عام ماڻھو جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻيڪار ھڪ نه پر ڪيترن ئي دؤرن مان گذريل ماڻھو لڳندو آھي.
    ھڪ حوالي سان آئون پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿو ته مونکي سينئرز توڙي جونيئرز ليکڪن وٽان ھڪ جيترو مانُ ملندو رھيو آھي. اصل ڳالهه روين ۽ ڳالھين کي مثبت وٺڻ جي آھي.
    مونکي ياد پيو اچي “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ منھنجي ڪھاڻي “سوا سير” جيڪا “چماٽ” جي نالي سان ھزار داستان ۾ ڇپي ھئي، تنھن تي مشھور ڪھاڻيڪار محمد صديق منڱيو رايو ڏنو ھو ته :
    “ڪھاڻي بھترين آھي، پر اھا فرينچ ادب مان کنيل لڳي ٿي.’’
    مون جڏھن اھو پڙھيو ته مونکي چڙ بدران خوشي ٿي، ساٿي ڪهاڻيڪار اختر حفيظ کان سائين محمد صديق منڱيو جو نمبر وٺي سندس شڪريو ادا ڪندي چيم:
    “سائين اوھان جا وڙ، جو توھان کي مون سکندڙ جي ڪھاڻي فرينچ ادب مان کنيل لڳي.’’
    چيائين:
    “ڇو راءِ قبول ناھي؟”
    چيومانس:
    “سائين توھان جي راءِ مون کي اھو حوصلو ڏنو آھي، ته اسان جا خيال به ٻاھر سرجندڙ ادب سان ڀيٽڻ جھڙا آھن. رھي ڳالهه فرينچ ادب جي.....مون ته سنڌي ادب به پورو ناھي پڙھيو.’’
    ۽ منھنجي گھٽ مطالعي جي عادت تي منھنجا دوست به ناراض ٿيندا آھن، ته ساڳي جڳهه تي مون کي به ان جو احساس آھي.
    پر ڇا ڪجي
    منھنجي زندگي جا معاملا بي ترتيب رھيا آھن، ھميشه مونجھارن جو شڪار رھيو آھيان. يا کڻي ائين چئجي مون ننڍي وھيءَ ۾ گھڻو ڀوڳيو آھي، تنھنڪري منھنجي لکڻين ۾ خارجي احساسن جي ڀيٽ ۾ داخلي احساس وڌيڪ آھن.
    جڏھن به مون مطالعي جي حوالي سان سوچيو ھوندو، ڪي ڪتاب اٿلايا ھوندا،
    ته امان جي وات مان رت جو ريلو ايندو ڏسي ڪتابن کي بند ڪري ڇڏيو ھوندم، جنھن وقت تي ھوءَ مونکي پلوءَ ڏئي سيڄ تي ڪنوار سان لانئون ڏيارڻ لاءِ وٺي وڃي ھا، تنھن وقت ۾ اڀاڳ مون کي ھن جي ڪلھي ڪانڌي بڻائي کيس لحد جو سينگار بڻايو.
    اڃا ان جا زخم ھريا ھوندا، ته مون پنھنجي ساڄي ٻانھن جوان ڀاءُ کي برين ٽيومر سبب جناح ھاسپيٽل جي آنڪولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ بيڊ تي تڙپندو ڏٺو ھوندو، نه رڳو ايترو پر اتي ڪيتريون ئي ٻيون ڀوڳنائون، بيوسيون، سڏڪا ٻڌا ڏٺا ھوندم، جن ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي درد جي موضوع تي لکيل لٽريچر کان وڌيڪ اثر ھو.
    اھڙين حالتن ۾ انسان جون ڪيفيتون ڇا ٿينديون آھن، اھو ھر اھلِ دل ماڻھو سمجھي سگھي ٿو، منھنجون تحريرون ڀوڳنائن جون پيداوار آھن.
    باقي مون پنھنجي ڪھاڻين جي حوالي نه ڪڏھن وڏي حام ھنئي آھي، نه ئي ھڻندس، ڇاڪاڻ سکڻ جي مرحلي جي پڄاڻي ٿيڻي ناھي.
    هن ڪتاب جي سلسلي ۾ جن به ساٿين پنهنجي ساٿ جي ونڊ ڪئي، تن جو آئون دليان مشڪور آهيان.


    عبدالسلام ٿھيم
    جاتي ٽائون، ضلعو سجاول
    03332565570,03152565570
    abdulsalamthaheem@yahoo.com
    20-11-2017


    ڪهاڻيون

    خوشبوءَ جهڙي ڇوڪري

    آئون ۽ حنا نوري ريسٽورنٽ جي ٻاهرين گيلري وٽ بيهي، لڳاتار ڪينجھر جي اُجرائپ ۽ حُسناڪين سان نيڻ ٺار ڪري رهيا هُئاسين. ريسٽورنٽ جي آسپاس بيٺل وڻن مان پکين جي تنوار اندر ۾ لهي من سرهو ڪري رهي هُئي، ساڳي جڳهه تي من ۾ لُڇ پُڇ به هُئي. ڇاڪاڻ ته اڄ وڇوڙي جو ڏينھن هو.
    پروجيڪٽ جي ختم ٿيڻ سبب فيئرويل لاءِ ڪينجھر ڪناري ڪٺا ٿيا هُئاسين. زندگيءَ ۾ آيل نئين احساس منجھان اڃان ڪو ٻيو احساس ڦُٽي نڪري رهيو هو. اڃا ميلاپ جو سفر پنهنجي ڌڳ تي رسيو نه هو ته جيءُ کي وڇوڙي جا ورلاپ وڪوڙڻ لڳا هُئا. حنا پنهنجي نالي جيان سدا ملوڪ هُئي. هن جي مزاج ۾ ڪو به مصنوعي رنگ چٽيل ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته فطرت کيس پنهنجو اصل رنگ ڏنو هو. جنهن سب هوءَ جھڙي هُئي من مُهڻي تهڙي هُئي سيرت سُهڻي. سندس زُلفن ۾ ڄمارون گُذارڻ لاءِ من آتو رھندو هو. سندس نيڻ نئين صبح جھڙي جوت رکندا هُئا، سندس آواز ۾ ڪنهن به نراسائي جي ٻُڙڪ ڪانه ٻُرندي هُئي. سندس مُرڪ موناليزا جي مُرڪ کان به وڌيڪ پُرڪشش هُئي.
    هوءَ جوائنگ کانپوءِ اڪثر خاموش رهي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هُئي. اسان سان گڏ نوڪري ڪندڙ جمشيد ۽ وقار هن جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، پر هن کين “ادا” چئي دين جو ڀاءُ ڪوٺي وڌيڪ موقعو ئي نه ڏنو.
    آئون روز هن کي اکين ۾ جھلي تڪيندو رهندو هوس، منهنجي گھور هن نوٽ نه ڪئي هُئي. ھڪ ڀيرو هُوءَ آفيس جي ڪچن مان چانهه جو ڪپ کڻي ٻاهر نڪتي ته آئون هن جي منهن ۾ پئجي ويس، ھن شايد منھنجون اکيون پڙھي ورتيون ھيون. پڇيائين
    “ ڇا ڳالهه آهي جليل.........مون ۾ اوهان ڪجهه........!؟”
    آءٌ ڄڻ چور جيان پڪڙجي پيو هوس، پر مليل موقعو وڃائڻ نٿي چاهيم. ٺڙڪ چئي ڏنم
    “بس توهان ۾ ڪجهه ڳولهيان پيو......!!’’
    هن جي چهري تي شرارتي مرڪ ظاھر ٿي، هلڪو مُرڪندي وراڻيائين: “ڇا جي ڳولا اٿوَ......؟ نه مان آمريڪا آهيان نه ئي توهان ڪولمبس، جو مون کي .........!!’’
    مون حنا جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    “ڪولمبس ان دؤر ۾ آمريڪا ڳولي لڌي هُئي جنهن دؤر ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين رَسائي آسان نه هُئي. پر هن کي ڳولا سان عشق هو ۽ عشق پاڻ ۾ هر نامُمڪن کي مُمڪن بنائڻ جو دم رکندو آھي. بس دُعا ڪجو.’’
    هن وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو
    “ھا ھا ھا، سائين انھيءَ ڳولا ۾ توھان جي عمر کٽي ويندي، پر حاصل ڪجهه به نه ڪندا.’’
    مون هن سان اتفاق ڪندي وراڻيو:
    ‘‘توهان صحيح ٿا چئو، واقعي ڳولا جي رڻ ۾ ڄمارون کُٽي وينديون آهن. گھربل منزل ماڻڻ مشڪل ضرور هوندي آھي، پر ناممڪن ناھي ھوندي. بس ارادا اٽل ھجن....جيتري قدر مون کي پاڻ تي ڀروسو آھي ته منهنجا عزم هميشه پڪا رهيا آهن.’’
    هن جي چهري تي خوشي جا تاثرات واضح ٿي پيا، چيائين “واھ..! ڏاڍو پاڻ تي ڀروسو اٿئو. مون کي به پُر عَزم ماڻهو وڻندا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن جي خوابن ۾ به مقصد جا اولڙا هوندا آهن. جيڪو سوچيندا آهن، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ويل ويهڻ به پسند ناهن ڪندا.’’
    مون کي دلي سڪون مليو، چيم
    “قُرب حــــنا..’’
    اڄ ته دل ۾ خوشيءَ جا دهل وڄڻ لڳا هُئا، هن ڄڻ منهنجي ڳولا آسان ڪري ڇڏي ھئي. تنهن کان پوءِ آفيس ۾ اسان جي وچ ۾ ڊگھين ڪچهرين جو سلسلو جڙي ويو. حنا سان جڙيل انهن حسين سلسلن آفيس جي ڪجهه ورڪر ساٿين کي ساڙي ڇڏيو هو، هو رُڪاوٽون وجھڻ لڳا. پر حنا جو چهرو ڪڏھن به هنن جي عملن سبب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو نه ٿيو. آءٌ اڪثر جذباتي ٿيندو هوس، پر هوءَ مون کي اکين جي اشارن سان سھپ تي گرفت مضبوط رکڻ لاءِ چوندي هُئي. هوءَ واقعي وڏي صابر هُئي، چوندي هُئي ته
    “جيڪڏهن رقيبَ پنهنجي لڳايل باھ ۾ پاڻ سڙي مرن ته اُن کان وڏي ٻي هنن لاءِ سزا ڪھڙي ٿيندي. اسان ڇو انهن جو اثر وٺون..!؟”
    هڪ دفعو ٽريننگ سيشن ۾ سڀ آفيس ميمبر گڏ شرڪت ڪري رهيا هُئاسين. انهيءَ دوران جڏهن حنا پنهنجو پرزنٽيشن ڏني ٿي، يا ڪو سوال ڪيو ٿي ته هنن وچ ۾ ڳالهائي ھن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. پر حنا اعتماد جي بنياد تي پنهنجي پرزنٽيشن پوري ڪري وئي ، لنچ مهل مون هن کان پُڇيو
    “آخر هو ڇا ٿا چاهين، ايئن به ڪبو آهي ڇا؟”
    هن ڳالهه کي درگُذر ڪندي وراڻيو
    ‘‘جليل! پليز مون سان انھن جي پچار نه ڪر، اھو ته ٻُڌاءِ تو هن ٽريننگ مان هيستائين ڇا سکيو آھي. ڪميونيڪيشن ۽ موبلائيزيشن جا ڪھڙا ٽول آھن، ھڪ سٺي موبلائيزر ۾ ڪھڙا موٽيويشن اسڪلز ھئڻ گھرجن ...!’’
    مون هنن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حنا سان وراڻيو
    “حنا مون فقط ۽ فقط اهو سمجھيو ته هنن پوري سيشن ۾ تنهنجي ڳالهه جو اثر ختم ڪرڻ جي هڙان وڙان ڪوشش ڪئي. مون کي ڏاڍي چڙ ٿي آئي هنن تي........!!’’
    حنا جي چهري تي ڏُک ۽ ڪاوڙ جون لڪيرون جھاتيون پائڻ لڳيون، چڙ مان چيائين
    “جليل تون به .......! ٽريننگ جو وڏو حصو ختم ٿي ويو ۽ تو ڪجهه سمجھڻ ۽ سکڻ بدران هنن تي فوڪس ڪيو. ماڻهو کي رستن تان ڪنڊا هٽائي اڳيان نڪرڻ گھرجي، هنن ته منهنجي پيرن کي پٿون ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي. پر مون انهيءَ جو ڪو به اثر نه ورتو ۽ تون ......!!’’
    مون کي حنا تي ڪاوڙ آئي
    “ تون به ڏاڍي عجيب ڇوڪري آهين حنا! ماڻهو ايترو به مٺو نه ٿئي جو کيس ٻيو کائي وڃي. جيئن تون سوچين ٿي، هي مُعاشرو تيئين ناهي. هتي جيڪو جيتري عزت ڏي، تنھن کي اوترو ئي مانُ ڏيڻ گھرجي. تون ھروڀرو ھنن کي مٿي تي چاڙھين پئي.’’
    هوءَ ڏُکاري ٿي وئي سواليه انداز ۾ پڇيائين
    “جليل! ڀلا تنهنجي انهيءَ رَوَيي کي آئون ڇا سمجھان؟ ڀيٽ ڪيئن ڪجي ته توهان ۽ هوءَ مختلف آهيو. ڇا ڀونڪڻ وارن سان اسان کي به ڀونڪڻ گھرجي.!؟ مون هنن کي سمجھي ڇڏيو آهي، ته هو ڪيترو پاڻ ۾ ماڻهپو رکن ٿا. آئون ته اهو چوان ٿي ته هو پنهنجي عادت کان مجبور آهن. ۽ مان پنهنجي فطرت کان....هتي سڀ ڪو پنهنجي فطرت ظاهر ڪندو آهي.’’
    ڳالهه منهنجي سمجهه کان چڙهي وئي ته آخر حنا ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي جو منجھس ايتري سھپ، ساڃاھ، هوش، عقل و فهم ...... ايتري صاف گو.’’
    دل ۾ هن لاءِ پيار ۽ احترام اڳ کان به سوايو ٿي ويو. بس آئون دنگ رهجي ويو ھوس ۽ چُپ ٿي ويس. ساڳئي جڳهه تي خيال آيو هو ته ساڻس اظهار ڪري ڇڏيان، ڇاڪاڻ اسان ٻئي جذباتي ڪيفيتن ۾ هُئاسين ۽ جذباتي ڪيفيت ۾ چيل لفظ پاڻ ۾ روح رکندا آهن. پر وري به ماٺ، نه چئي سگھيس. دل کي ته پڪ ٿي وئي ته اسان هڪ ٻئي سان دليان جُڙي ويا آهيون. بس چوڻ جي دير هُئي.
    رهيل ٽرينينگ مڪمل ڪري موٽي آياسين مون جيڪو هن ۾ ڳوليو پئي، سو مون ڏسي ورتو هو. هُن جي چاهت مون تي ڪجهه اهڙي طرح حاوي ٿي هُئي، جو مُنهنجي ذهن جي ڪُنڊ پاسن مان ماضي جي سمورين اڌورين محبتن جا نقش مٽجي رھيا هُئا. بس هاڻي منهنجي پيار جي هوءَ مڪملتا هُئي.ٽريننگ کان پوءِ ٻيھر جڏھن آفيس آيس ته مون ڪجهه اوپرائپ محسوس ڪئي هُئي. اسان ڪافي دير کان خاموشيءَ سان هڪٻئي جي سامهون ويهي فائل اُٿلائي رهيا هُئاسين. جڏهن ته جمشيد ۽ وقار جي گھور اسان جي طرف هُئي. نيٺ وقار اُٿي آيو
    ‘‘ جليل موسم ته ٺيڪ آهي، اڄ ڪجهه توهان ..…!؟”
    حنا اُٿي ٻاهر هلي وئي. مون رُکائپ مان وراڻيو
    ‘‘ها، ڀلا موسم کي ڇا ٿيو آهي ؟ سڀ ٺيڪ آهي.’’
    هن وراڻيو
    “موسم ته ٺيڪ نه ٿي لڳي، ڪافي پريشاني ۽ خاموشي!’’
    مون هن جي ڳالهه سمجھي ورتي، ۽ اُٿي ٻاهر هليو ويس. حنا ڪچن جي در وٽ رکيل ڪرسيءَ تي سوچن ۾ گم ويٺل هُئي. لاشعوري ۾ مٿي تان رئو لهي ويو هيس. زلفن جي چڳ نراڙ کان هيٺ هوا تي ليئا پائي رهي هُيس. جيئن مون کي ڏٺائين ته رئو مٿي تي سنڀالي رکيائين، مون ويجھو وڃي وٽائنس پُڇيو
    “توهان چُپ ڇو آهيو...؟ آفيس ۾ ڪجهه سمجھيو پيو وڃي.’’
    هن ڳالهه درگُذر ڪندي وراڻيو
    “مون کي ان جي پرواھ ناهي، آئون اهڙن ماڻهن تي سوچي پنهنجو وقت وڃائڻ نٿي چاهيان ۽ توهان هڪ ڳالهه ٻُڌايو...؟”
    هن جھيڻي لهجي ۾ وراڻيو
    “ڪالهه مون اوهان تي چڙَ ڪئي، انهيءَ لاءِ معذرت ڪريان ٿي. بس جليل جيڪا ڳالهه مون کان هضم نه ٿيندي آهي، سا مُنهن تي چئي ڇڏيندي آهيان. مصنوعي رکاءُ مون کان ڪانه ٿئي.’’
    مون وراڻيو
    “نه حنا، مون تي ان جو ڪو اثر نه پيو. توهان وڌيڪ سمجھدار آهيو، شين کي وڌيڪ سمجھو ٿا. تڏهن ته....’’
    هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    “حجاب کان ڪم نه وٺو، توهان جي چهري جو رنگ اُن وقت ڦڪو ٿي ويو هو. ڏسو جي اوهان مُعاف نه ڪندا ته مان سمجھنديس توهان کي مُنهنجي ڳالهه بُري لڳي هُئي. اڃا به ان جو اثر توهان جي ذهن ۾ آهي.’’
    مون کيس يقين ڏياريندي وراڻيو
    “نه حنا آئون ناراض نه ٿيو هوس، بس شرمنده ٿيو هيس. توهان بلڪل سَچا آهيو. فضول ماڻهن تي سوچڻ پنهنجو نقصان آهي. بهتر اهو آهي ته ماڻهو پنهنجون سوچون ڪنهن تعميري ڪم تي صرف ڪري.’’
    هن مُرڪندي وراڻيو
    “شڪر آهي اوهان سمجھي ته ويا، مون کي ته صفا وڏيرا پئي لڳا.’’
    هن جي ڳالهه مونکي چيڙائي وڌو، احتجاجن وراڻيم
    “حنا هڪ ڳالهه مڃو، آئنده ڪڏهن به مونکي وڏيرو نه چئجو. مون کي سماج جي ان ڪردار سان سخت نفرت آهي.’’
    هن مُرڪندي ڌيرج مان وراڻيو
    ‘‘وڏيرا نفرت ڪردار سان نه ڪرڻ گھرجي، ڪو به ڪردار خراب ناهي هوندو. سڄو دارومدار ڪردار ادا ڪرڻ واري تي هوندو آهي. وڏيرو وڏي کي چئبو آهي، اهو وڏو جنهن کي پنهنجي ننگ ۽ دنگ جو ڀرم رکڻ اچي. توهان مُعاشري جي جن ماڻهن کي وڏيرو سمجھو پيا. اهي پنهنجي ذات ۾ تمام پتڪڙا ماڻهو آهن. اهي ڪنهن به طرح ان ڪردار جي پيمائش ۾ نٿا اچن....... !’’
    حنا مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، کيس هر موضوع تي ڳالھائڻ ايندو ھو. مون آڻ مڃيندي وراڻيو
    ‘‘ٺيڪ آهي وڏيري.’’
    هوءَ مُرڪي پئي ۽ دير تائين مُرڪندي رهي. منهنجي چهري تي به خوشي رقصان ٿي. ايتري ۾ وقار ٻاهر نڪتو. هن اسان کي جيئن ئي مرڪندي ڏٺو ته سندس مُنهن جو رنگ ئي بدلجي ويو ۽ آئون دل ۾ حنا کي دُعا ڏيڻ لڳس
    ‘‘ڪائنات جا ڌڻي مُنهنجي حنا جي مُرڪ تي ڪڏهن به خزان نه آڻجان..... هن جي سينڌ سنڌو جيان پوتر رهي، تون ئي سندس لوئي ۽ لڄ جو ضامن رهجان!’’
    حنا مون لاءِ مُقدس ٿي وئي هُئي. هوءَ اڪثر مونکي وڏيرو ڪري سڏيندي هُئي. آئون ڪجهه گھڙيون منهن ڦيريندو هوس، ته هوءَ مُرڪي منهنجو رعب ٽوڙي ڇڏيندي هُئي ۽ آئون چوندو هوس ته ‘‘وڏيري تون وڏيري کان زور...’’
    ايئن ئي کل ڀوڳ ۾ پروجيڪٽ جا 14 مهينا گذري ويا ھئا. پر اسان جي وچ ۾ اظهار نه ڪرڻ واري شرم ٻوٽي اڃا سائي ھئي. مون هن سان مضبوط رشتو جوڙڻ پي چاهيو، جنهن جي بنياد ۾ دير جو ٿيڻ فطري هو.
    اڄ جڏهن ملاقات جو آخري ڏينھن هو، ته دل جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي هُئي. ڪافي دير کان ڪينجھر ۾ ڏسي رهيا هُئاسين، نيٺ هن خاموشي ٽوڙيندي چيو
    “ڪينجھر ۾ ڇا پيا ڏسو ايڏي دير کان، ڇا ان ۾ به ڳولا...!؟”
    مون اڃان ڪجهه به نه وراڻيو ته هن ٻيهر چيو
    “مون ۾ ته ڪجهه به ڳولھي نه سگھيا، ڪينجھر ۾ وري ڇا ڳولھي لھندا؟”
    مون هلڪي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
    “حـــــنا! مون ته تو ۾ گھڻا ڏينھن اڳ سڀ ڳولهي ورتو هو...!’’
    هن ڳالهه ۾ دلچسپي وٺندي حيرت مان پڇيو
    ‘‘اڙي واھ! مون کي به نه ٻُڌايو اوهان، ٻُڌايو نه سائين آخر اهو ڇا هو جو اوهان مون ۾ ڳولهي ورتو..... ۽ ان جو مونکي به پتو نه پيو..؟”
    مون وراڻيو
    “حـــــــنا سمجھڻ يا محسوس ڪرڻ به ڪجهه هوندو آهي. خير توهان ڪينجھر ۾ ڏسو، ڪجهه ڏسڻ ۾ پيو اچي!’’
    هن ٺڙڪ وراڻيو
    “ ها، پاڻي.’’
    مون کي کل ڇڏائي وئي، ۽ بعد ۾ هن به مُرڪي ڏنو، مون ٻيهر وراڻيو
    “توهان ڪينجھر ۾ غور سان ڏسو، ڪجهه نظر پيو اچي!’’
    هن سنجيدگي مان پُڇيو
    “ڪينجھر ۾، پر ڇا.......!؟”
    مون وراڻيو:
    “ آهي ڪا خاص! جنهن جي تصوير مُنهنجي اکين ۾ آهي.’’
    مون هن ڏانهن ڏٺو، ڪجهه گھڙيون هن جي چهري تان مُرڪ غائب ٿي.
    “اڄ ته وڏيري جو مزاج شاعراڻو پيو لڳي، آخر ڪير آهي اها جنهن جا عڪس توهان کي ڪينجھر ۾ نظر اچن پيا.؟”
    مون ھن جي اکين سان اکيون ملائي وراڻيو
    “بس آهي ڪا ڪونج! جنهن جي ڪرڪ ڏور شفق منجھان گونجي اچي منهنجي ڪنن ۾ سرگوشي ڏئي من کي سرهو ڪندي آهي .’’
    هن ڳالهه ۾ تجسس محسوس ڪيو، وراڻيائين
    “اڙي واھ! ھاڻي ٻُڌاءِ سائين...ڪير آهي اِها..مون کان لڪايو پيا’’
    مون اڃا به ڳالهه تان پردو کڻڻ نٿي چاهيو
    “ آهي ڪا اپسرا، جنهن جا جلوا چنڊ کي به مُنور ڪري سگھن ٿا. مون لاءِ ھوءَ تمام خاص ۽ مُقدس آهي، جنهن کي مان ڪڏهن به ڇُهي عام ڪرڻ نه چاهيندس. هن سان آئون مُحبت ۾ به عقيدت رکان ٿو!’’
    هن وراڻيو :
    ‘‘ پر جــــــليل اِهي خوابن جون ڳالهيون آهن، اڄ جي د‍‍ؤر ۾ اهڙي چاهت جو ڏُڪار آهي. جيڪي مُحبت عبادت جيان ڪن... سي ماڻهو ڪٿي آهن هتي؟”
    مون کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
    “حــــــنا آئون مڃان ٿو ته بي حيائي عروج تي آهي، مُنافقت جي پيهه ۾ سچائي جي پرک ڪرڻ ڏُکي آهي. پر وري به اهڙا ماڻهو ملي وڃن ٿا، جن کي نينهن جو ڀرم رکڻ اچي ٿو.’’
    هن بي اعتباريءَ مان وراڻيو
    “نه جـــــــليل! گھٽ ۾ گھٽ آئون هن مُعاشري مان اهڙي اُميد نه ٿي رکي سگهان. هتي ماڻھو پيار جسمن جي بک مٽائڻ لاءِ ڪن ٿا. هنن ۾ عقيدت تيستائين هوندي آهي، جيستائين ڇوڪري سندن ڄار ۾ ڦاسندي نه آهي. هتي سڀ جا سڀ هڪ جھڙا آهن.’’
    هن ڳالهه ڪري اڃا مس بس ڪئي ته مون چيو
    “ ته پوءِ حنا! اوهان جو مون لاءِ ڇا خيال آهي ؟”
    “ڇا مطلب........!!؟”
    هوءَ مُنجھي پئي، ۽ مون هن تي پنهنجي نفسياتي برتري محسوس ڪئي هُئي. پهريون ڀيرو مُنهنجي زُبان دل جو ساٿ ڏئي چئي ڏنو
    “ مون ته اوهان کي ڇُهڻ بنا چاهيو آهي، مون ته ڪڏهن به اوهان آڏو پنهنجي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. مون ته پنهنجي چاهت جو هميشه تقدس قائم رکيو آهي، ۽ مون سوير کان ڪينجھر ۾ اوهان جو ئي عڪس ڏٺو پي... ۽ مون توهان ۾ چاهت ڳولھي هُئي جيڪا.....’’ اوچتو ريسٽورنٽ هال مان سڏ ٿيو، هوءَ بنا ڪڇڻ پُڇڻ جي اندر هلي وئي. سندس چهري جا تاثرات مون ڪجهه گھڙيون ڳالهائيندي منجھيل محسوس ڪيا، دل ۾ خوف پيدا ٿي ويو. ڪٿي هن مُنهنجي اظهار جو بُرو اثر ته نه ورتو. هونئن به انهيءَ خوف سبب ئي ايترا ڏينهن چاهيندي به اظهار نه ڪري سگھيو هُيس، ڳڻتي منجهه سينو ڄڻ ڳڀا ٿي ويو ھو. تقريب شروع ٿي وئي هُئي. پر اندر وڃڻ لاءِ مُنهنجا پير نه ٿي رهيا هُئا، ڇاڪاڻ ته وڇوڙي جو ڀوائتو چهرو ڏسڻ جو مون ۾ حوصلو نه رهيو هو. وڏي ڳالهه ته مُنهنجي چهري جي به حالت ڏُکاري هُئي، جنهن کي مون جمشيد ۽ وقار وارن جي اڳيان ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيو. پر هو اڄ ڪافي خوش هُئا، وري مُنهنجو اداس هُجڻ هنن لاءِ وڏي سرھائي جو سبب بنجي ها. ڪجهه گھڙين کانپوءِ پنهنجي چهري تي مُرڪ سجائي هال ۾ هليو آيس. سڀ پنهنجا پنهنجا تاثرات ڏئي رهيا هُئا. مون رکي رکي حـــــــنا ڏانهن چتايو پئي، پر هن مون ڏانهن نه ڏسي مون کي وڌيڪ اُڻ تُڻ ۾ وجھي ڇڏيو ھو، اها بيچيني اڃا تڏهن سوائي ٿي وئي جڏهن حــــــــنا اُٿي بيٺي ۽ پنهنجا الوداعي تاثرات ڏيڻ لڳي.
    ‘‘اها حقيقت آهي ته ڪجهه عرصو اڳ جيڪو اسان جو ساٿ جڙيو هو، تنهن جي اڄ پُڄاڻي ٿي رهي آهي. اڄ کانپوءِ سڀن جون واٽون جُدا هونديون.’’
    مونکي پگھر وٺي ويو، پنهنجي پاڻ تي سخت ڪاوڙ اچي رهي هُئي. حـــــــنا جي ڳالهه جاري هُئي
    “ پر هتي آئون اهو به چوڻ چاهينديس ته هر پُڄاڻي انتها لاءِ نه ٿيندي آهي، پر ڪا ڪا پڄاڻي شروع ئي ابتدا لاءِ ٿيندي آهي. اها ابتدا انسان کي پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ مُنهنجي زندگي جي هڪ اهم موڙ جي ابتدا ئي اڄ ٿي آهي.’’
    هن مون ڏانهن نهاري مُسڪُرايو، سندس مرڪ سان منھنجي بي چين روح کي سڪون ملي ويو.
    ***


    گار

    اڄ جڏھن غازيءَ بيزار ٿي ٽڻڪ (لوھ جي پيتي) جو تالو ٽوڙيو ته ڄڻ سڄي گھر جي اُميد ٽٽي پئي ھئي. سندس آسرو ته پھرين ڌڪ سان ئي ختم ٿي ويو ھو، پر گھر ۾ ويٺل ٻن ڀينرن جي خوابن تي به ڄڻ ھن پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ٽڻڪ نه ھئي ڄڻ ھنن لاءِ آٿت ھئي ۽ ھن ان آٿت کي ختم ڪري ڄڻ پاڻ کي به امتحان ۾ وجھي ڇڏيو ھو. سندن والد ھاڻي جڏھن عمر جا ڇهه ڏھاڪا ٽُپيا ھئا، تڏھن سندس ٻه نياڻيون مس سامائيون ھيون. جڏھن ته سندس ھيءُ اڪيلو پٽ سورھن سالن جو ٿيو ھو. اولاد جي گھٽ عمري جو سبب ھن جي دير سان شادي جو ٿيڻ ھو. ھو جوانيءَ ۾ سريلو مڙس ھيو، مٿس ڪيئي ناريون اڪن ڇڪن ٿينديون ھيون. ملهه پھلوان ھئڻ سبب ميلن جي سونھن ھوندو ھو. ھن کي جنھن قرب ۾ قابو ڪيو ھو، تنھن کي سندس خاندان ۽ راڄ ڪونه قبوليو ھو ۽ ھي شھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اچي رھيو ھو. ملهه ڇڏيندي ڪي ورھين ٿيا ھيس. ھاڻي وٽانئس ڪم ڌنڌو به ڇڏائي ويو ھو ۽ بک سندن گھرڀاتي ساڻن گڏ رھڻ لڳي ھئي. زالينس به مسلسل بيمار رھندي ھئي، جنھن سبب گھر جون حالتون انتھائي ڏکيي دؤر مان گذري رھيون ھيون. ھڪ بيماري مٿان وري قرض به مرض بڻجي ڳچيءَ ۾ پيو ھوس. ھفتي ۾ ٽي چار ڀيرا ھن کي قرضين جو ٻڌڻيون پونديون ھيون. ھاڻي جڏھن ھر ھر قرضيءَ سندس ڪڙو کڙڪائيندا ھئا ته ھو ٻاھر ڪونه نڪرندو ھو. ٻارن مان ڪنھن کي چوندو ھو ته قرضين کي سندس گھر ۾ نه ھئڻ جو ٻڌائي ٽاري ڇڏين. پر قرضيءَ ويندي ويندي ٻارن کي به ست سُريون ٻڌائي ويندا ھئا. جن کي ھو ٻڌي نه سگھندو ھو. اڪثر ڪنن ۾ آڱريون وجھي ڇڏيندو ھو. سندس ٻچن ته اھو سڀ ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏڻ کي معمول بڻائي ڇڏيو ھيو. پر سندن ذھنن تي انھيءَ ذلت جا عڪس پنھنجي جڳهه تي چٽجي رھيا ھئا. بيزار ٿي ماءُ کي چوندا ھئا
    “امان ڪيسين اسان ھي بيعزتيون سھي بک مرنداسين، ڇا اسان جو ڀاڳ ڪڏھن به ڀلو ڪونه ٿيندو. ڇا اسان ھميشه سڪندا رھنداسين، ۽ تون ائين ئي اڌوري علاج سبب تڙپندي رھندينءَ. بابا ويچارو ڪُل وھي انھيءَ ئي وٺ وٺان ۾ ھوندو...!؟”
    ھن دنيا ۾ غريب ماڻھو پيدا ئي ھڻ ھڻان وٺ وٺان لاءِ ٿيندا آھن. ھنن جون ڄمارون کٽي وينديون آھن، پر ضرورتون پوريون ناھن ٿينديون. ھڪ مسئلي مان جان ڇڏائيندا آھن ته وري ٻي ۾ اٽڪندا آھن. ھنن لاءِ زندگي گھاڻو ھوندي آھي ۽ ھو انھيءَ ۾ پيا پيڙھجندا آھن. ھو به ڄڻ گھاڻي ۾ پنھنجي گھرڀاتين سميت پيڙھجي رھيو ھو. ھن جا ٻار جڏھن گھڻو نراس ٿيندا ھئا ته کين سندن ماءُ بند ٽڻڪ ڏانھن اشارو ڪري چوندي ھئي
    ‘‘اوھان فڪر نه ڪريو ٻچا، جڏھن پاڻي مٿي تان ورڻ لڳندو ته اسان ھُن ٽڻڪ جو تالو کولينداسين ۽ انھيءَ ۾ موجود سامان مان پنھنجي گھر جون ضرورتون پوريون ڪنداسين.’’
    پوءِ ھي اميدن تي ٻيھر تڳڻ لڳندا ھئا. کين اھا پڪ ٿي ويندي ھئي ته اسان ھن ٽڻڪ جو تالو کولي رات وچ ۾ امير ٿي وينداسين. اميد جو قائم ھجڻ واقعي زندگيءَ جي قائم ھجڻ جيان آھي. ماڻھو آسري ۾ اڙانگا سفر به طئه ڪري ويندا آھن، ڇاڪاڻ سندن من ۾ اميد ھوندي آھي. اميد راھن ۾ ڏيئن جيان ٻرندي آھي. انھيءَ جي روشنيءَ ۾ ئي ماڻھو محرومين جا رڻ ٽُپي ايندا آھن. جيڪڏھن من ۾ ڪا اميد ناھي ته پوءِ سڌن رستن تي به ھلڻ اُھنجو لڳندو آھي. پنڌ وڌندو پيو آھي پر سفر کٽندو ئي ناھي. ھي به ڪافي وقت ٽڻڪ ۾ موجود سامان جي آسري ۾ زندگي گذاري آيا ھئا. ڪجهه عرصو پھريان ھن جي وڏي ڌيءَ کي سائي ٿي پئي ته ھن وياج تي رقم کڻي ھن جو علاج ڪرايو. جڏھن ھن وقت تي رقم واپس نه ڪئي ته وياجيءَ جو ماڻھو سندس در تي صبح سانجھيءَ بيٺو ھوندو ھو. ڪنھن ويل ڌڙڪا ڌاٻا ته ڪنھن مھل گار توار ڪري روانو ٿي ويندو ھو. اڄ جڏھن وياجيءَ پاڻ ھنن جي گھر جو دروازو کڙڪايو ته ھن جي پٽ غازيءَ دروازو کوليو. دروازي مان وياجيءَ جي نظر سندس وڏي ڌيءُ تي پئي ته وياجيءَ جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو تنھن غازي کي چيو
    “پڻين جڏھن گھر اچي ته چئجانس سامھون ويٺل ڀيڻين جو سڱ مونکي ڏي. وياج واري رقم معاف ڪرڻ سان گڏ ٻيا به ڏوڪڙ ڏيندس.’’
    غازي توڙ کان جذباتي ھو. تنھن جوتو لاھي وياجيءَ کي منھن وارو ھڻي کيس گاريون ۽ ڀونڊا ڏنا. پوءِ ته گھٽيءَ ۾ تماشو ٿي ويو. وياجيءَ کان جيتري پھتي اوتري ڪيائين. پڻس جي نالي ھڪ گار لاھي ته ٻي چاڙھي. نيٺ پڻس ٻاھر نڪري وياجيءَ جي پيرن تي ٽوپي لاھي رکي معافيون ورتيون. ڪجهه پاڙي جا ماڻھو ھن ۾ ضامن پيا تڏھن وڃي معاملو ٺريو. تنھن کانپوءِ ھن گھر وڃي غازيءَ کي ڇنڊ پٽي، پر ھن وراڻيو
    ‘‘بابا انھن وياج خورن کي غريب بيغرت لڳندا آھن. ھن منھنجي ڀيڻ ۾ اکيون وڌيون ۽ آءٌ ڀلا اھو ڪيئن برداشت ڪريان.....!؟’’ ھڪ ڳالهه تي پيءُ ٻي تي پٽ ھو. ڳالھائڻ ۾ ھو پٽ سان پڄي نه پئي سگھيو، مجبورين سندس وات تي ماٺ جو تالو ته اڳ ئي ھڻي ڇڏيو ھيو. غازي جي من ۾ ذلت جا کورا دُکي رھيا ھئا. نيٺ ھن ھٿوڙو کنيو، ۽ ٽڻڪ ڏانھن وڌندي چيائين
    ‘‘امان اسان تي اڃا ھن کان وڌيڪ ٻيا ڪھڙا ڏکيا ڏينھن ايندا، جو ھن ٽڻڪ جو تالو کلندو. ھاڻي ھن ٽڻڪ جو تالو ٽٽڻ گھرجي.’’
    سندس ماءُ جي بيچيني وڌي وئي، غازي کي ايلاز ڪرڻ لڳي
    ‘‘غازي پٽ ڏاھو ٿي، ٽڻڪ جو نالو نه وٺ. اڃا اھو وقت نه آيو آھي.... پٽ ٽڻڪ جو تالو نه ٽوڙ....رھڻ ڏي.’’
    پر غازيءَ ھٿوڙي سان تالو ٽوڙي وڌو، جيئن تالو ڀڳو تيئن ئي ماڻس جون رڙيون چپ جي پاتال ۾ ھليون ويون. گھر ۾ سڪتو طاري ٿي ويو. غازي جي جيئن پيتي ۾ نظر پئي ته سندس ھٿن مان ھٿوڙو ڇڏائجي وڃي پيرن ۾ ڪريو. کيس اھي مھڻا ياد اچڻ لڳا، جيڪي کيس اڪثر ٻار ڏيندي چوندا ھئا
    ‘‘ھل....ھل ناچڻيءَ جا پٽ....! ماڻين نچي ٽُپي شاديون ڪمايون تون وري ٺِڳ ٿو ڪرين.’’
    غازيءَ تي ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. سندس رت ٽھڪي پيو ھو ھن ٽڻڪ مان ڇيرون ڪڍي زور سان ٻاھر اڇلائيندي چيو ‘‘منھنجي ٻانھن ۾ ايترو زور آھي امان! جن سان آئون ڪم ڪري پنھنجي ڀيڻن کي ڪمائي کارائي سگھان ٿو. منهنجون ھي ٻانھون ڪٽيل ناھن، جو منھنجون ڀيڻون ناچڻييون بڻجي پيرن ۾ ڇيرون ٻڌنديون.’’
    غازي کي ماڻس زور سان سيني ۾ ڀري ڇڏيو، سندس ڀيڻون به کيس چنبڙي ويون. سڄو گھر سڏڪا سڏڪا ٿي پيو ھو، پر اڄ جا سڏڪا ڪلهه جي سڏڪن کان مختلف ھئا. ماڻس روئندي روئندي چيو
    ‘‘پٽ غازي! ڪاش تون منھنجو پٽ نه پر ڀاءُ ھجين ھا ته منھنجي ڀاڳ ۾ اھا گار نه اچي ھا.’’
    ***


    ڏار

    عارب ڪُلهي تي ڪوڏر رکي پگھر اُگھندي گھر ڏانهن وڃي رهيو هو. ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي وڏيري مُراد خان جي جاگير ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ جي ڀر ۾، چوڪڙي زمين جي کڻت ۾ اٿس. باقي گُذر سفر مڇي مارڻ تي اٿن. ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ سبب نالين مان اڪثر واري اُڏامندي نظر اچي ٿي. جنهن سبب مڇين جا ته نسل ختم ٿي ويا. اڳ جڏھن شاخن ۾ رڇ، ڄاريون، گھائيون ۽ نڙو هڻندا هُئا، ته پوپري، مُنڊي، بوهڻ، موراکا، ڪرڙي ۽ ٿيري مڇيءَ جا پاڻيءَ مان جھول نڪرندا هُئا. سانوڻ جيئن وسندو هو، ته مڇي آني ڇڏيندي هُئي. بڊي ۾ ته ڄڻ شاخن مان مڇي نه ناڻو نڪرندو هو، پوءِ هنن جا ڀاڳ ڀلا ٿي پوندا هُئا. هي پنهنجي حال مان ايترا ته خوش ھوندا هُئا جو سندن ڳوٺ مان سلوڪ، ميٺ محبت جي ٿڌڙي هير گُلندي پئي هُئي. سُکَ ته هونئن به مٿانئن سانوڻ جي مينهن جيان وسندا هُئا. پر جڏهن کان پاڻي جي اڻاٺ ٿي، ته ڏکن ڄڻ هنن جي سُکن جا گس سراپڻ شروع ڪيا. بُک ۾ کين ڪلفتون ورائڻ لڳيون. ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا، نه ته اڳ چيڪي مٽيءَ سان راڳيل سندن ڪُشادا ۽ اُجرا ٿلا رات جي وقت دير تائين مُڙسن مان ڀريا پيا هوندا هُئا. ڀوڳ، چرچا، خبرون چارون ڪندي ويهائو تاري جيان رات ويهائيندا هُئا. غريب هُئڻ باوجود به اهڙي سلوڪ سبب هنن ڪڏهن به پاڻ کي ننڌڻڪو نه سمجھيو هو. ڪڏھن ڪنھن سان ڪو مسئلو ٿيندو ھو، ته آڌي ساڌي رات سات مِڙي مُٺ ٿي ويندا هُئا. پوءِ جيئن جيئن مٿن مُصيبتون وريون، تيئن تيئن ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. وسندل ٿلن تي اچي سُڃ واسو ڪيو. هرڪو پنهنجن جي حال کان بي خبر رهڻ لڳو. ڪنهن کي ڪنهن جي ڪل نه رهي، ڪو مري يا ڪو بچي.........! رهيل ڪسرون ننڍي ڇات ڪڍي ڇڏيون، ڳالهه ڳالهه تي مُنهن اٽڪاءُ. صدين کان قائم ڳوٺ جو ڪلفتن نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، هڪ ڳوٺ مان ڦري ٿيا چار ڳوٺ. چئني چڱن مڙسن روڊ تي پنهنجي نالي ڳوٺ جو بورڊ لڳائي واٽ ئي نئين ٺاهي ڇڏي. سڄي ڳوٺ ۾ ھڪڙو سارنگ ئي سلجھيل ھو، جيڪو پنھنجي شوق سبب ڪجهه پڙھي اڳتي نڪتو ھو. شھر ۾ سندس علمي ادبي دوست به ھئا، سندن صحبت سبب ھو شعور رکندو ھو. ڳوٺ جون موجوده حالتون ڏسي سندس من ٻرڻ لڳو، نيٺ ھو ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن سڀني کي منٿ ميڙ ڪئي، هڪ دفعو سڀني ڳوٺاڻن کي هڪ جڳهه تي ويهاري کين سمجھائڻ لڳو.
    ‘‘اسانجي ڇڙوڇڙ رهڻ جو فائدو موقعي پرست ماڻھن کي ملي رھيو آھي. توهان سڀ گڏجو، اسان سڀن جو گڏجڻ اسان جي وجود ۽ بقا جو ضامن آهي. جڏهن ماڻهو اندران ڪمزور ٿي ويندو آهي ته ٻاهريون طاقتون ان تي آسانيءَ سان حملو ڪنديون آهن. اسان مُسلسل استعمال ٿي رهيا آهيون.’’
    عارب کي هُن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هو ضدي ڳاٺاڻو هو، سندس قول هوندو هو ته
    ‘‘مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.’’
    تنهن طنزيه لهجي ۾ وراڻيو
    ‘‘ڇورا ! چار درجا ڇا پڙهي پيو آهين، ھليو آھين ڪيا بولتا ڪرڻ....... مونکي تنهنجون اهي ڪمزوريون ٻمزوريون نٿيون سمجهه ۾ اچن. اهي حڪيمن وارا ڏس وڃي ڪنهن مريض کي ڏي.’’
    سارنگ هنن جو مرض سمجھي ورتو ھو، تنھن سندن دارون دوا ڪرڻ پئي گھري. پر هو ته اُبتو مٿس ڏمرجي سينا تاڻي هليا ويا. هي سندن حال تي بيوسي جو ماتم ڪرڻ لڳو، پنهنجي ڳوٺ جو بگڙيل چهرو ڏسي پنهنجن جي حال تي پشيمان ٿيڻ لڳو. هن نٿي چاهيو، ته سندن پنهنجا اڃا به وڌيڪ استعمال ٿي نفرت جي پاتال ڀيڙا ٿين. هڪ ته اڳ ئي سندن ڳوٺ مان تپندڙ روين جا اُلا اُٿي رهيا هُئا. مٿان آئي اليڪشن، تنهن سياسي لحاظ سان به ڳوٺ کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. عارب وارا وڏيري دودل جي حمايت ڪري رھيا ھئا، جڏهن ته حيات ۽ باقي ڳوٺاڻا وڏيري مُراد خان سان گڏ هُئا. حيات جي ڀيٽ ۾ عارب وارن سان گھٽ ماڻھو گڏ هُئا، پر ضد ۽ انا ۾ هنن کان چڙھيل هُئا. اڃا به مُعاملو تڏهن خراب ٿيو، جڏهن عارب وارن دودل خان جي پارٽي جا جھنڊا حيات جي زمين ۾ بيٺل وڻن ۾ لڳائي ڇڏيا. مُراد خان جي ڀڇ تي جڏهن حيات جن جھنڊا لاٿا، ته عارب وارا لٺين ۽ ڪُهاڙين سان پُڄي ويا هُئا. پوءِ مُڙسن ۾ مارو ٿي ويو. ڳوٺ ۾ عورتن ۽ ٻارن جون ريهون ۽ راڙ ٻُري اُٿيا هُئا. نيٺ پوليس آئي، هڪڙا ويا جيل ۾ ٻيا ويا اسپتال ۾. جيل وارن کي پوليس ڪافي هٿ جو پاڻي ڏنو، ٻئي ڏينهن کين وڏيرن ڇڏائي ورتو. هاڻي جڏهن ڪاٺ ڪمائي نڪتا ته مُڙسن جو جوش اڃا به سوايو ٿي ويو. نچندي ٽُپندي نعرا هڻندي پٽ کيڙي رهيا هُئا. بس رُڳو جيئي دودل خان...... جيئي مُراد خان. باقي برادري ۾ ته جيئري مُئي جا ڌنگ اچي ويا هُئا، سارنگ ويچارو بيوسيءَ جا لُڙڪ وهائيندو رهيو. سندن ڳوٺ ۾ جيڪي سياست ۽ بُک ڏار وڌا هُئا، سي هي ڏسي گھٻرائيندو رهيو. منجھن باقي جيڪي پنھنجائپ ڪڻا بچيا هُئا، سي به هن ڏچي کانپوءِ پورا ٿي ويا. هاڻي سارنگ سوچيو ته هن تماشي کي ڏسڻ کان ڀلو آهي، ته هو ڪنهن ٻي پار هليو وڃي. پر سندس دل ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه هُئي. هن جي دل ۾ اها اُميد به پيدا ٿي رهي هُئي، ته هو هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي ماڳ تان رُسي ويل سلوڪ کي پرچائي واپس وٺي ايندو. ٻيهر ڀائپي جي فتح جا جمالا گونجندا، هي اهڙي اُميد سان حيات وٽ ويو ۽ کيس منٿ ڪيائين
    ‘‘چاچا آئون مڃان ٿو ته زماني جي لاهن ۽ چاڙهن جا تجربا اوهان جا منهنجي عمر کان به وڌيڪ آهن. پر اڄ جيڪا منافقيءَ جي هوا گھُلي آهي، تنھن توھان سڀني مان سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏي آھي. توھانجون اکيون ٻوٽجي ويون آھن، خدارا اکيون کوليو.’’
    حيات کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، هونئن به حيات سوڀر قسم جو ماڻهو هو. تنهن وراڻيو
    ‘‘ پُٽ آءٌ توکي سمجھان ٿو، اسان کي پنهنجي رت کان وڌيڪ ٻيو ڪير به ناهي. جيڪڏهن عارب وارا هوڏ تان لهن ته اسان جا هو ڀائر آهن. اسان کي ڪابه ويڙھ جي ريس ناھي، اڳيون پويون سڀ وساري ڇڏينداسين. پر شرط اھو آھي ته ھو به مڃين.’’
    حيات جي موٽ تي سارنگ پُر اعتماد ٿي ويو. سندس نيڻ تارن جيان چمڪي پيا. وري اهڙي ئي آس کڻي عارب وٽ آيو، ھن کي ڏسندي عارب وراڻيو.
    ‘‘حڪيم، اڄ وري ڪو نئون ٽوٽڪو کڻي آيو آهين ڇا؟ ٻيلي ڪامريڊ خُدا جو اٿئي واسطو جان ڇڏ.’’
    هن کي عارب جي لهجي مان طنز محسوس ٿي، هٿ ٻڌي عاجزي مان چيائين : ‘‘چاچا عارب، خُدا کي مڃو دلين ۾ نفرتون نه پاليو. اسان جا وڏا صدين کان هتي ڪٺا رهي گُذاري ويا، ڪڏهن به هنن جي سلوڪ ۾ ڪنهن به لوڪ جي طوفان ڏار نه وڌا. هاڻي به سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگھي ٿو، بس اوهان رُڳو ضد تان لهو. اسان جو جيئڻ مرڻ گڏ آهي. اسان ڇو پاڻ ۾ وڙهون؟ آءٌ چاچا حيات سان به مليو آهيان، هو به صلح چاهي ٿو.’’
    عارب حيات جو نالو ٻُڌندي ئي تپي رک ٿي ويو. پنھنجي مزاج جو سمورو زهر لهجي ۾ سموئي وراڻيائين.
    ‘‘اڙي چُپ ڪر حيات جا چمچا، کڻي هليو آهي پڻس جي وڪالت! حيات کي وڃي چئو ته جنگ اڃا هاڻي شروع ٿي آهي. مُڙسئي جا ڪي منجھس ڌاڻا باقي هُجن ته مقابلو ڪري. ھا اھو به چئجانس پير سنڀالي کڻي، بس رڳو دودل خان چونڊ کٽي وٺي. پوءِ ته...!’’
    سارنگ جي چهري جو رنگ بدلجي ويو، عارب جي ٽهڪندڙ لهجي هن جي معصوم چهري جو پاڻي وٺي ڇڏيو. ھن جذباتي ٿيندي وراڻيو
    ‘‘ هميشه ڀولڙن جيان وڏيرن جي ڍولڪي تي ٽاپيون پيا هڻجو، ۽ هو ھميشه مداري بنجي اوهان کي نچائيندا رهندا. رهجو سدائين انهن افعالن ۾......!’’
    عارب مڇرجي پيو، کٽ تان اُٿي ڳوٺاڻن کي ھُشي ڏيندي چيائين
    ‘‘اڙي! اسين ٿياسين ڀولڙا ۽ هي مڙس.. ڇورا ڪيڏانهن ويا، وٺوس، اھڙا پادر ھڻوس جو.’’
    پوءِ سارنگ لٺيون برداشت ڪيون هُيون، تنهن بعد پاڻي مٿي کان چڙهيل ڏسي چُپ ڪري ويهي رهيو هو. عارب جي مٿي مان گرمائش تڏهن نڪتي، جڏهن دودل اليڪشن هارائي ويو. هنن فقط عزازت ۾ ڏار ئي وڌا، هونئن ته اڃا واٽ تان ايندي ويندي اليڪ سليڪ ڪندا هُئا. پر هاڻي ته هڪ ٻئي جي شڪل به ڏٺي ڪانه وڻندي هُين. جڏهن به هڪ ٻئي جي سامهان ايندا هُئا، ته منهن ڦيرائي هليا ويندا هُئا. ڪُلفتن سبب منجھائن احساس جو پاڻي نڪري ويو هو. دلين ۾ ديوارون اچي ويون هُين. اڄ جڏهن عارب ڪوڏر ڪلهي تي رکي پگھر اُگھندي زمين کان ڳوٺ جي ويجھو پهتو، ته پويان گاڏي جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. رستو ڇڏي پُٺ ڏانهن مُڙي ڏٺائين، ته وڏيري دودل خان جي پيجارو لَٽ اُڏائيندي مُراد خان جي فارم هائوس ڏانهن هلي وئي. دل ۾ هڪ خوف پيدا ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ دودل خان تازو مُراد خان کان چونڊ ۾ شڪست کاڌي هُئي. . سوچيائين ڪٿي دودل ڪو قدم کڻي، ڪافي گُمان سندس دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳا. جھڙپ ڏئي گھر آيو، ۽ ماڻهن کي هُشي ڏنائين ته
    ‘‘سگھو لٺيون، ڪُهاڙيون، هٿيار کڻو، ۽ هلو مُراد ڏانهن...ان جيڏا ٿيون ٿا. دودل اڪيلو ويو آهي اوڏانهن....... کيس ان مُصيبت جي گھڙيءَ ۾ آءٌ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهان.’’
    ڪن ڪُهاڙا کنيا، ڪن لٺيون ۽ ڪن هٿيار. گاڏي مُڙسن مان ڀرجي وئي، هنن جي جڏهن اهڙي ڪاوڙ سارنگ ڏٺي ته هو به ٽپ ڏئي گاڏي ۾ چڙهيو. کين سمجھائڻ لڳو
    ‘‘اڙي چاچا عارب! ٻار نه ٿي. ڪا سُڌ ڪر. اليڪشن هُئي ختم ٿي وئي...... ڇو ٿو ماڻهو مارائين، ڪٿي هو باز ۽ ڪٿي توهان جھرڪيون........’’
    عارب ڪاوڙ مان وراڻيو
    ‘‘هاڻي گھڻي بڪ ڪري منهنجو ميٽر نه گھمائي، ھڪڙي گوليءَ جو خرچ آھين.’’
    سارنگ سينو تاڻي وراڻيو
    ‘‘ها هڻ مونکي گولي، گھٽ ۾ گھٽ وڌيڪ تماشو ته نه ڏسي سگھندس. اڙي هو وڏيرا وڏيرن جا يار.....اوهان ڇو ٿا ڪاراٺ کڻو.؟’’
    هن سارنگ کي ٻُڌي اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو. جڏهن مُراد خان جي فارم هائوس تي پهتا ته اُتي جشن جو سماءُ لڳو پيو هو. ماڻهو مُراد خان کي مُبارڪون ڏئي اجرڪون اوڍائي رهيا هُئا، دودل به سندس ڀر ۾ ويٺل ھو، ھو ٽنگون ٽنگن تي چاڙهي رکي رکي مراد خان سان ڳالهائي ٽهڪ ڏئي رھيو ھو. سڳا ڀائر لڳي رهيا هُئا. عارب جيئن اهو لقاءُ ڏٺو ته ھن سندس ماڻهن کي گاڏي ۾ ئي رهڻ جو چيو. پاڻ ڪجهه اڳتي آيو، سارنگ سندس ڪڍ هو. هُن جي نظر ڪمدار تي پئي، ته وڌي وڃي وٽائنس پُڇيائين
    ‘‘ڪمدار هي ڪهڙو لقاءُ پيو ڏسان.!؟’’
    ڪمدار حيرت منجھان پُڇيس
    ‘‘لقاءُ! ڇا مطلب، ڇا جو لقاءُ؟’’
    ڪمدار مُڪمل اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪئي، عارب ڪجهه ڳالهه تان پردو کنيو.
    ‘‘وڏيرو دودل خان، وري مُراد خان جي ڀر ۾...اڃا ڪالهه ته.’’
    ڪمدار حيرت مان وراڻيو
    ‘‘ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اڌ مغزي، اهو ته…’‘ عارب سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘حيرت جي ڳالهه بروبر ڪونهي ڪمدار، پر هي ته هڪٻئي جا دشمن..... ۽.........۽ .......!!.’’
    عارب چوندي چوندي رُڪجي ويو، ڪمدار پُڇيس
    ‘‘توکي ڪنهن چيو ته هي دشمن آهن؟’’
    عارب سڄي ڳالهه کولي ٻُڌائي
    ‘‘ڪمدار، اڃا ته ڪالهه اليڪشن ۾ هڪ ٻئي تي الزام ھڻندي نه پئي ٿڪا.... ھڪ ٻي جا عيب ڳڻائڻ ۾ به بس نه پئي ڪيائون.’’
    ڪمدار کي عارب جي ڳالهه تي ٽهڪ ڇڏائي ويو، ٺڙڪ وراڻيائين
    ‘‘ھا ھا ....اڙي بيوقوف هاڻي آءٌ توکي ڇا چوان....... ھا ھا ھا ھا !؟
    سياست جي خبر هُجي ها توکي، ته اهو سوال ئي نه ڪرين ها.’’
    عارب حيرت ۾ پئجي ويو .
    ‘‘سياست........!؟’’
    ڪمدار کيس سمجھايو .
    ‘‘ها بابا سياست ۾ سڀ جائز آهي. هي وڏيرا راڄن ڀاڳن جا ڌڻي، سو ٿوري سياستڙي جي ڪري پنهنجا واسطا خراب ڪندا.’’
    عارب ڄڻ ڀت ٿي ويو، ڪمدار هليو ويو. هن سارنگ سان اکيون ملائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو
    ‘‘پُٽ! تون صحيح هُئين، هنن وڏيرن جا ته واسطا اسان جي رت جي رشتن کان به وڌيڪ سگھارا آهن. اسان جي ته رشتن ۾ به ڏارَ...!’’ هن پنهنجي مٿي تان پٽڪو لاهي، سارنگ جي مٿي تي رکي کيس ڀاڪُرن ۾ ڀري ڇڏيو.

    ***


    سوا سيرِ

    طبيعت ۾ چڙ رت جيان ڊوڙي رهي هُئي، ڄڻ سڀ ڪجهه لُٽائي دشمن جي فتح جو جشن اکين سان ڏسي لُڇندو هُجان. ذهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏُک وارن خيالن ڍيرو اچي ڄمايو هيو. دل جو سڪون ڄڻ بندوق جي ٺڪاءَ تي پکين جيان اُڏري ويو هو. طبيعت ۾ ايتري لُڇ پُڇ اڳ ڪڏهن به محسوس نه ٿي هُئي. هوءَ جا رات رُٺي ڄڻ قسمت ئي رُسي وئي. ڪائنات جو هر رنگ ۽ سمان شامِ غريبان جيان اداس ۽ ماتمي ٿي لڳو. گذريل ٻن ڪلاڪن کان مسلسل هن جو نمبر ڊائل ڪري رهيو هيس، پر آف هيس. هاڻي هن سان رابطي جو قائم ٿيڻ مون لاءِ ڄڻ موت سان جھيڙيندڙ مريض لاءِ “بلڊ ڊرپ” ٿي ويو هو. منهنجي اهڙي حالت ڏسي دوست ته مون کان هٿ ڇڏائي ويا، باقي گھر وارن مونکي برداشت پئي ڪيو. منهنجي طبيعت ۾ اها تبديلي اوچتو تڏهن آئي جڏهن منهنجو اتفاق سان رابطو شائسته سان ٿيو ھو. پهريان ته هوءَ فقط مون لاءِ رانگ نمبر هُئي،
    پر هاڻي منهنجي نڙيءَ مان آواز فقط هن جي ڳالهائڻ سان ئي ٿي نڪتو، نه ته آئون “سائيلينس پرسن” ٿي ويو هوس. هن جي رابطي مونکي ڪچهرين ۽ محفلن مان ڪڍي هڪ اهڙي سوڙهي گهٽيءِ ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو هو، جتي هن جو آواز ئي مون لاءِ آڪسيجن هو. هن سان ڳالهائيندي ڪلاڪ پلن جيان گُذري ويندا هُئا. ڪجهه ڏينهن کان هن جو نمبر ٻي لائن سان به جڙيو هيو، اُن لائن ئي مون کي هن کان آف لائن ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هُيو.
    ڪلهه رات جڏھن مون ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ وھمن کي ختم ڪرڻ لاءِ هُن کان پڇيو هو
    “شائسته! مون کي ڪجهه ڏينهن کان توهان جي رويي ۾ اوپرائپ محسوس ٿي رهي آهي. جڏهن مون سان ڳالهائيندا آهيو، ته مون کي ائين لڳندو آهي ته توهان جو ذهن ڪنهن ٻئي طرف هوندو آهي. توهانجون مون مان پهرين واريون دلچسپيون به گھٽ ٿينديون وڃن...... ڇا اڄ ڪلهه توهان...؟”
    هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘چوڻ ڇا ٿو چاهين؟”
    مون وراڻيو
    ‘‘آئون چوان ٿو مونکي ڪلهه ۽ اڄ جي شائسته ۾ فرق نظر اچي ٿو. جيڪا شائسته ڪلهه منهنجي پيار جي حصار ۾ هُئي، سا اڄ ڪنهن ٻئي جي .......’’
    هوءَ ڄڻ وڄ بنجي مون تي وري هُئي
    ‘‘ شرم اچڻ گھرجي توکي، مون تي شڪ ٿو ڪرين. تنهنجو دماغ ته جاءِ آهي، بڪين ڇا پيو؟ ايتري ڪريل آهيان نه مان، نه ڳالهائج مون سان ھاڻي.......’’
    “شائسته.........شائسته .........شائسته.........!!شا.......’’
    هُن ڪال ڪٽي نمبر ئي آف ڪري ڇڏيو.
    هوءَ پهرين به رُسندي هئي، هونئن به رُسڻ پرچڻ پيار جو مَرڪ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ رُسڻ کانپوءِ ٿيندڙ پرچاءُ ماڻهو کي وڌيڪ هڪٻئي جي ويجھو آڻي ٿو. پر هن جي هن ڀيري واري رُسڻ ۾ ڌاريائپ محسوس ٿي ھئي. ڄڻ هن ۽ منھنجي وچ ۾ ڪنهن ڪوٽ جي ديوار اچي وئي هُئي، آئون ٽٽي وکرڻ لڳو هُوس. اکين جا بند ٽٽڻ وارا هُئا ته مونکي سائيڪالاجسٽ ميڊم سوميه جو مشورو ذهن تي هُري آيو.
    ‘‘جڏهن توهان پاڻ کي مايوس ڀانيو يا زندگي خفا لڳي، ته پنهنجو گذريل اهو وقت يا لمحا ياد ڪندا ڪريو. جيڪي توهان لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻيا هُجن. انهن کي بار بار ياد ڪريو، ته توھان اھڙي عمل سان پاڻ کي مطمئن ڀائيندا.’’
    آئون به هن سان گھاريل سُٺا پل ياد ڪرڻ لڳس. اهي سڀ ڳالهيون ڀوڳ، موج مستيون ذھن تي هُري آيون، جيڪي مون لاءِ هن وقت ڪيلشيم ثابت پئي ٿيا. هڪ وقت هن چيو هو
    ‘‘سُڪار! جي مان توهان سان نه ڳالهايان ها ته شايد مونکي زندگي جي تلخ حقيقتن ۽ شوخ حسناڪين جو ڪڏهن به شعور نه ٿئي ها. توهان جي ذات ئي مونکي عام ڇوڪري مان باشعور بڻايو آهي، ريئلي ٿينڪس ڊيئر.’’
    ڪنهن ڇوڪري جي زباني پنهنجي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هوس، من مست ٿي ويو هو.
    مون وراڻيو ھو
    ‘‘شائسته اهو ڪارنامو فقط منهنجو نه پر توهان جو به آهي. ٻي ڳالهه اهو تڏهن ممڪن ٿيو. جڏهن توهان منھنجو ساٿ ڏنو. سچ پُڇين ته جانان تون مون کي بڙ جي ڇانوَ جيان پيار جو احساس ڏياريو آهي، جنهن جي ٽاڪ منجھند ۾ ٿڪل مسافر کي تلاش هوندي آهي، قسم سان آئون به زندگي جي رِڻ ۾ رُلي ٿڪجي پيو هُوس.’’
    هُن پُڇيو ھو
    ‘‘توهان کي خوف نٿو ٿئي، جيڪڏھن مون توهان کي ڇڏي ڏنو ته.........؟’’
    مون پنهنجي عشق جي پُختگي واضح ڪندي وراڻيو ھو
    ‘‘ايئن نه ٿيندو شائسته! هونئن به انساني فطرت رهي آهي. هن کي جنهن شيءَ جو خوف هوندو آهي، يا ان کي ڪنهن طرف وڃڻ کان روڪبو آهي. هو اُن طرف هليو ويندو آهي. هن جي اندر ۾ ان چيلينج جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿي پوندو آهي تون ته وري به...’’
    هن بوريت محسوس ڪندي وراڻيو ھو
    ‘‘اڙي بابا ڪا نارمل ڳالهه به ڪر، وري کڻي فلسفو ويهي رهين.’’
    آئون اهو سڀ سوچي رهيو هُوس ته ڀيڻ سڏ ڪيو
    ‘‘سُڪار ادا....امان سڏي پئي اچي ماني کاءُ.’’
    آئون ڄڻ گھري ننڊ مان ڇرڪ ڀري سُجاڳ ٿيس
    ‘‘ها آئون اچان ٿو.’’
    رات کانپوءِ منهنجي زبان مان اهو پهريون جملو نڪتو هو. اکيون مھٽي ٻاهر آيس ته امان مون کي ڏسي پڇيو
    ‘‘پُٽ ڇا ڳالهه آهي؟ صفا مجنون ٿي ويو آهين، بس هاڻي ان جو حل تنهنجي شادي ۾ آهي.’’
    امان جي اُن ڳالهه سان سندس ڀر ۾ ويٺل منهنجي منڱيتي شازيه لڄي ٿيندي ڪمري ۾ ھلي ويئي. شازيه خوبصورتيءَ ۾ ڪنهن پري کان گھٽ نه هُئي. پر نه ڄاڻ ڇو منهنجي مت کُٽي وئي هُئي، جو مون نانگن جي ٻرن ۾ آڱريون وجھڻ جي ڀُل ڪئي هُئي. هن جو فطرتي حُسن مون کي نظر نه پئي آيو،
    جڏهن ته شائسته سان ڳالهيون مون کي توانائي ڏينديون هُيون. شازيه کي نظرانداز ڪري ڄڻ آئون پنهنجي ڀاڳ کي پُٺي ڏئي رهيو هُوس، هن کي اهو پتو هيو ته مان شائسته جي چاهه ۾ چريو آهيان. پر شازيه ايتري ته سادي هُئي جو هن انهيءَ جو اثر ئي نه قبوليو. هن جون نظرون هميشه مون تي مهربان رھنديون هُيون. اڄ ته کاڌو به رت ٿي لڳو ھو.
    آئون کٽ تي ويٺس ڀيڻ ماني کڻي اچي مون کي ڏني. مون مانيءَ جو هڪڙو گرهه وات تي رکيو ته موبائل ٽون وڄڻ لڳي. مون اهو گرهه وات ۾ وجھڻ بدران واپس رکي موبائل ڏٺي ته شائسته جي ڪال هُئي. سڄي جسم ۾ ڄڻ توانائي موٽي آئي، ماني اُتي ڇڏي چريي وانگي منهن وات ڪري گھر مان نڪري آيس.
    پويان امان ۽ ادي سَڏَ ڪيا، پر انهن جا سڏ ڄڻ مون کي قبر جي ڪوٺ محسوس ٿيا. ڪال رسيو ڪري هن اڃا ڪجهه وراڻيو ئي نه، تيستائين مون ڪنهن بزدل سپاهيءَ جيان آڻ مڃي وراڻيو
    ‘‘شائسته، آئي ايم سوري....ويري سوري، مون توهان کي هرٽ ڪيو. مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو، توهان ته پاڪ.’’
    اڄ ته پيار ۾ مُڇ جو وار ٿي پيوهُوس، هن جون اڳيون پويون غلطيون وساري کيس مسجد جو ڪک سمجھڻ لڳو هُوس. هن رکو جواب ڏنو
    ‘‘ اٽز اوڪي، پليز آئيندا خيال ڪجو.’’
    هن اڃا ايترو چيو، نه ڄاڻ اندر ۾ ڪهڙي لُڇ هُيم، جو هن جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ئي چيم
    ‘‘نه شائسته ھاڻي ايئن نه ٿيندو، تون ٻُڌاءِ ڪيئن آهين. گھر وارا ڪيئن آهن، وقت ڪيئن گُذريو. مان ياد آيس؟ سچ پُڇين ته منهنجو جيءُ تو بن جُھري پيو ھو، ايئن ٿي لڳو ڄڻ مون کان ڪائنات رُسي وئي هُجي. پليز مان ته سچ ۾ چريو آهيان، بيوقوف آهيان. تنهنڪري توهان منهنجي ڳالهين کي درگُذر ڪندا ڪريو. باقي مان توهان کي.......’’
    مون اهو سڀ چئي ڇڏيو، اڃا ڳالهه جاري هُئي، ته هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘هاڻي بس به ڪريو، مونکي به ڳالهائڻ ڏيندا يا فقط توهان.’’
    ‘‘ جي....جي.... توهان ٻڌايو، آئون ته سڄي عمر توهان کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.’’
    هن منهنجي ڳالهه تي ڀوڳ ڪندي وراڻيو
    ‘‘سڀ مرد ايئن چوندا آهن، پر جڏهن مستي لهندي اٿن ته ڍنڍ جي پکين جيان اڏري وري چهنب وڃي ٻي ڌاڻي ۾ ھڻندا آهن. هڪ جام مان ڍاپجڻ مرد ذات جي فطرت ۾ ئي ناهي. ڇاڪاڻ کين گھٽ موقعن تي موکيءَ جا هٿ لڳندا آهن.’’
    سندس ڳالهه تي منھنجو وات پٽجي ويو
    ‘‘ڏاڍي چالاڪ ۽ بولڊ ٿي وئي آهين!’’
    هن وراڻيو
    ‘‘انھيءَ ۾ چالاڪي جي ڪابه ڳالهه ناهي، عام ڳالهه ڪئي اٿم. ٻي ڳالهه ته هڪ بيڊ نيوز آهي........’’
    هن جي ڳالهه ڄڻ مون کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، مون خوف ۽ تجسس مان پُڇيو
    ‘‘ڇه...ڇه .....ڇا ٿيو شائسته! خير ته آهي؟”
    لفظ نڙيءَ کي رهڙي نڪتا، هن وراڻيو
    ‘‘ها خير آهي، مائٽ هميشه اولاد جي ڀلي لاءِ سوچيندا آهن. منهنجي مائٽن جو خيال آهي ته منهجي عمر چڙهي رهي آهي، تنهنڪري منهنجي شادي.’’
    هن ته دهلن ۽ شرناين جي ڳالهه ڪئي، پر مونکي خوف وٺڻ لڳو. دل تي ضبط ڪندي مون وٽانئس پُڇيو
    ‘‘ ته....ته پوءِ تنهنجي مرضي ڇا آهي شائسته ........؟’’
    ‘‘هن اطمينان مان وراڻيو
    ‘‘مون اڃا ان تي غور نه ڪيو آهي، توهان ٻُڌايو مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟’’
    هن ڄڻ مونکي امتحان ۾ وجھي ڇڏيو، پر مون وري به پنهنجي دل جو حال رکيو
    ‘‘شائسته مون توکي دل جي گھرائين سان چاهيو آهي، آئون ته ڪڏهن به نه چاهيندس ته منهنجي محبت ڪنهن ڌاريي جي سيڄ تي لانئون لهي. ان لاءِ آئون توکي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وڃائي سگھان ٿو جانان.’’ هن آٿت ڏيندي وراڻيو
    ‘‘مونکي توهان تي ڀروسو آهي. پر پيار ۾ ايڏو جذباتي نه ٿيو، جو سڀاڻي وڇوڙي جي سٽ سهي نه سگھين. ٻي ڳالهه ته مون کي نه ڏٺو اٿئي نه پرکيو اٿئي، پوءِ به.’’
    مون روايتي پيار جو پتو ڇڏيندي وراڻيو
    ‘‘ شائسته! عشق ذات پات، اوچ نيچ، شڪل و صورت کان مٿانهون ٿي ڪبو آهي. مون اکيون بند ڪري توکي چاهيو آهي. تون ڪهڙي به هُجين....ڪيئن به هُجين.... مونکي قبول هوندينءَ. .’’
    هن وراڻيو
    ‘‘مونکي تنهنجي انڌي عشق تي خوف ٿو ٿئي سُڪار’’
    مون هن کي حوصلو ڏيندي وراڻيو
    ‘‘خوف نه ڪر چري، مونکي پاڻ تي ۽ توتي پورو ڀروسو آهي. پنهنجو پيار ضرور بهارون ماڻيندو.’’
    هن وراڻيو
    ‘‘اوڪي بابا، مون وٽ اڄ توهان لاءِ هڪ سرپرائيز آهي.’’
    منهنجو ذهن حيرت جي درياھ ۾ ٽوٻا ڏيڻ لڳو،پڇيم: “سرپرائيز! ڪھڙو سرپرائيز شائسته...مونکي ٻڌايو پليز ؟ “
    ‘‘اُهو اِهو ته مان توهان سان ملڻ لاءِ تيار آهيان. پر هڪ شرط آهي ته ملڻ کانپوءِ توکي پويان موٽڻو نه پوندو. جيئن چاهين ٿو تيئن ئي مونکي چاهيندو رهندين. ايئن نه ٿئي ته مون کي ڏسڻ کان پوءِ تنهنجو پيار هوائي ڦوڪڻو ثابت ٿئي، ۽ اُن مان عشق جي هَوا نڪري وڃي. تنهن ڪري مون سان پليز سوچي سمجھي ملجانءِ.’’
    هن ڄڻ مون کي خبردار ڪندي مون کان وچن وٺي ڇڏيو، پر آئون عشق جي جھاز ۾ يرغمال هُيس. مون تي ڪابه خبرداري اثر نه ڪري رهي هُئي. مون وراڻيو
    ‘‘شائسته چري آهين ڇا؟ منهنجي پيار تي شڪ ٿي ڪرين. شاباس اٿئي .... اھو سوچ جيڪو ماڻهو تنهنجي اڻ ڏٺي توتي ايترو فدا آهي، ۽ هو ڏسڻ کان پوءِ......’’
    هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي ناز مان وراڻيو
    ‘‘ الائي ! مون سوچيو ڪٿي توتان عشق جو نشو لهي نه وڃي. ڇا ڪاڻ هن دؤر جي عاشقن جي سرڪشي نشي تائين هوندي آهي، جيستائين خمار هوندا اٿن تيستائين آسمان تان چنڊ لاهڻ جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن. جڏهن نشو لهندو اٿن ته ذميوارين جي ڄار ۾ ڦاسي يا ته چريا ٿي ويندا آهن، يا وري موالي ٿي ويندا آهن. ان لاءِ ئي مان چوندي آهيان حقيقتن تي ويساھ ڪري انسان کي حقيقت پسند ٿيڻ گھرجي، ته جيئن ھو مُعاشري جي اُهنجن پيچرن تي زندگي جي گاڏي صحيح ڊرائيوِ ڪري سگھي.’’
    هوءَ جيتري منهنجي خيالن ۾ حسين هُئي اوتري ذهين به هُئي. جڏهن به ڳالهائيندي هُئي ته گُل ورکيندي هُئي. ڪڏهن ڪڏهن مان هن اڳيان پاڻ کي ٻار محسوس ڪندو هوس.
    اسان ۾ ٻي ڏيھاڙي 4 بجي Sea view تي ملاقات طئه ٿي. ملڻ جي خوشي ۾ منهنجو من ڪارونجھر جو مور بنجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته منھنجي ٿر جهڙي ڏڪاريل سيني تي پهرين ملاقات جي برسات وسڻ جي اُميد ٿي هُئي.
    اهو اسان جي 7 مهينن جي پيار ۾ پهريون موقعو هو. ان کان اڳ مون هن تي ملڻ لاءِ ڪيترا ئي زور ڀريا پر اُهي سڀ بي اثر ثابت ٿيا هُئا. هن چئي ڇڏيو هو ته
    ‘‘ اسان فقط ڳالهائڻ جي حد تائين رهنداسين، مون ۾ وڌيڪ ڪا به اُميد نه رکجو.’’
    پر تنهن کانپوءِ ڪجهه عرصي کان شروع ٿيل منهنجي ديوانگيءَ هن جو من ميڻ جيان پگھاري ڇڏيو هو. نيٺ هوءَ ملڻ لاءِ راضي ٿي وئي.آئون هن کي بي بيحد ۽ بي عقل ٿي چاهي رهيو هُوس. اهڙي چاهڻ ۾ هن جي ديد مون لاءِ عيد کان گھٽ نه هُئي.
    اڄوڪي رات ته انتظار ۾ 21 ڊسمبر واري رات کان به ڊگھي ٿي وئي ھئي. هن سان ملڻ جي مُسرت ۾ نيڻن بند نه ٿيڻ جو وچن ڪري ڇڏيو هيو. جيئن فجر جي اذان ٿي، ته آئون تياري ۾ لڳي ويس. تيار ٿي 7 بجي اهو چئي گھران نڪتس ته منهنجو اڄ ڪراچي ۾ انٽرويو آهي. دُعا ڪجو ڪامياب ٿي اچان.
    سفر ۽ انتظار جي بيچيني سهندي آخر 3 بجي ڪراچي پهتس، سمُنڊ جو فطري رنگ ڏسي آئون اکين جو نور وڌائڻ لڳس. تيستائين هن جي ڪال آئي
    ‘‘توهان ڪٿي پهتا آهيو؟”
    مون خوشيءَ خوشيءَ مان وراڻيو
    ‘‘شائسته آئون ڪلاڪ کان سمنڊ ڪناري تي آهيان سمُنڊ جون لهرون ڏسي........’’
    هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘اوڪي آئون به پهچي وئي آهيان، توهان هيئن ڪريو درگاه عبدالله شاھ غازي جي سامهون Play Place مان انٽر ٿي سڌو پارڪ ۾ اچو. پارڪ جي گيٽ مان داخل ٿي ساڄي پاسي موڙ کائيندي سڌو هليا اچو.’’
    مون پُڇيو
    ‘‘ پر شائسته توهانکي آئون ڪيئن سُڃاڻيندس؟”
    هن چيو
    ‘‘اهو توهان مون تي ڇڏي ڏيو، توهان جلد اندر اچو.’’
    آئون سي ويو تان موٽي درگاه عبدالله شاه غازي جي سامهون پارڪ ۾ آيس ، پارڪ ۾ داخل ٿي سڌي طرف وڃي رهيو هُيس. هن کي منهنجا نيڻ ڳولي رهيا هُئا، هتي ڪيئي حسينَ جلوه افروز ٿيا هُئا. پر منهنجي نظر صرف شائسته کي ڏسڻ لاءِ آتي هُئي. ٻي ڪا به گھور مون کي گھائي نه پي سگھي. ڪجهه قدم اڳيان وڌيس ته مونکي پويان سڏ ٿيو
    ‘‘سُڪار......سُڪار.’’
    جيئن ئي پويان ڪنڌ ڦيريم ته منهنجا ڪن ئي کڙا ٿي ويا. هن تي هڪ نگاھ وجھڻ سان ئي منهنجي سوچن ۽ احساسن تان وير وري وئي، ڄڻ پيار جا سڀ ليڪا لهرن جي تک سان مٽجي ويا. ڇاڪاڻ منهنجي دل ۾ جيڪو پيار جو خاڪو ٺهيل هو، ھيءَ ان جي بلڪل ابتڙ هُئي. سانورو رنگ، بي ڍولو جسم، ۽ بي معنيٰ اکيون هُيس. ھوءَ مون کي منهنجي دل جي ڪينواس تي چٽيل شائسته جي تصوير سان مسخري ٿي لڳي.
    منهنجي دل ۾ اتفاق سان اهو تاثر پيدا ٿيڻ لڳو ته واقعي انسان ٻي جي معرفت پاڻ سان ئي پيار ڪندو آهي. انتظار، اقرار، ناز سڀ ماڻهو جا پنهنجو پاڻ سان ئي هوندا آهن، نه ته هن کي ڏسي منهنجي سوچ جو لاڙو نه بدلجي ها. جڏهن هوءَ منهنجي دل ۾ ويٺل شائسته کان مونکي مختلف لڳي ته آئون هن کي قبولڻ کان انڪار ڪرڻ لڳس. ڇا ڪاڻ اِهي احساس ۽ پيار سڀ مون هن جو تصور رکي پاڻ سان ڪيا هُئا. آئون سوچن جي ڪشمڪش ۾ هُيس ته هن ٻيهر سڏ ڪيو “سُڪار، ڇا پيا سوچيو....هيڏانهن اچو.؟”
    مون پاڻ کي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو، پاڻ کي شڪار ٿيندو ڏسي پچي، لُڇي، کامي رهيو هُوس. دل و دماغ ۾ ڇڪتاڻ هُئي. هن سان گڏ پارڪ جي لان ۾ ويهي رهيس.
    هن پُڇيو
    ‘‘ توهان پريشان ڇو پيا لڳو، ھاڻي پنهنجي زباني ٻُڌايو ته اڄ جي ھن مُلاقات ۾ ڇا پيا محسوس ڪريو؟”
    مون ڪوڙ جو سهارو ورتو
    “زبردست! تمام سُٺو.... ۽ توهان به ڪافي سُٺا آهيو.’’
    هن جي چهري تي مُرڪ وري آئي.
    ‘‘شڪريه جناب’’
    ڳالهه اڳتي وڌَي، تنهن کان اڳ آئون پير پويان ڪرڻ جو سايو ڪرڻ لڳس
    ‘‘شائسته! ھتي ھرڪو اسان کي چتائي رھيو آھي. هاڻي پاڻ کي هلڻ گھرجي، مونکي به ڳوٺ وڃڻو آهي.’’
    هن وراڻيو
    “ڇو سُڪار؟ ايترو جلدي، تو ته چيو هو ته گڏجي ڊنر ڪنداسين.. گھمنداسين .’’
    مون وراڻيو
    ‘‘ها....... ها شائسته پر.......!’’
    هن منهنجي بيزاري محسوس ڪري ورتي. چيائين
    ‘‘پر ڇا.....؟ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته مان توهان کي پسند نه آيس. توهان تان عشق جو نشو لهي ويو.’’
    مون صفائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ‘‘نه ..... نه شائسته! اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، توهان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو. عشق ٿوري ايترو آسان.’’
    هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘ڇا....ڇا ... مان ڇا پئي ٻُڌان! توهان جو عشق نه هو، پوءِ توهان جون وڏيون وڏيون ڳالهيون.’’
    آئون پنھنجي ڪيل ڳالھين ۾ ڦاسي پيو ھوس، پريشان ٿيڻ لڳس. هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي وراڻيم
    ‘‘ڏس شائسته ! اسان ساٿي آهيون، هڪ ٻئي مان ڪافي سکيو اٿئون. پر يار عشق ٻي چيز آهي، منهنجون ڳالهيون جذباتي هُيون. مڃان ٿو ته آئون تو سان قول ۾ ڪوڙو رهيو آهيان، پر جي اعتبار ڪريو ته منهنجو مڱڻو به ٿيل آهي. پاڻ سُٺا دوست آهيون.’’
    مون هن کي قائل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، لهجو رُکو ٿيندي ويوم. هن جي چهري تي احتجاج جون لڪيرون صاف صاف نظر اچي رهيون هُيون، هن وراڻيو
    ‘‘تون وڏو مڪار آهين....ٻهروپيو آهين.... انسانيت تي داغ آهين.’’
    آئون پاڻ کي ڪريل محسوس ڪرڻ لڳس
    ‘‘سوري شائسته، اوهان کي جيڪو وڻي چئو. آئون ڪجهه به نٿو چئي سگھان. بس...بس آئون هلان ٿو.’’
    هن کان اڳ مون پاڻ کي ڪڏهن به ايڏو ڪٺور محسوس نه ڪيو هو، اصل ۾ مون پاڻ کي هن تي مڙهڻ نه ٿي چاهيو. هونئن به اُهي رشتا بي مقصد هوندا آهن جن ۾ روحن جو پاڻ ۾ جوڙ نه هُجي. مون هن سان ڪال تي ڪيل ڳالهين تي پاڻ کي شرمندو محسوس ڪيو. آئون هن کان ڪجهه قدم اڳتي وڌيس ته مونکي پويان کان سڏ ٿيو
    “سُڪار’’
    پر هي ته آواز شائسته جو هو، پوءِ آئون ڪنهن سان ملي رهيو هُيس. منهنجو دماغ ڦرڻ لڳو ته ڪٿي خواب ۾ ته ناهيان. ڪنڌ ڦيريم ته دنگ رهجي ويس. ناز و حُسن سان سرشار ڪا اپسرا پنهنجن نفيس هٿڙن سان تاڙيون وڄائي رهي هُئي. افسوس ظاهر ڪندي چوڻ لڳي “ويري سيڊ! مسٽر سُڪار......، ويري سيڊ... مونکي ڏاڍو افسوس آهي، ته توهان هارائي چُڪا آهيو، ڇي ....ڇي آئون منجھي پيس
    ‘‘آئون هارائي ويس، اهو ڇا.. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي هي سڀ ڇا..!؟”
    هن وراڻيو
    ‘‘ توهان مرد آهيو ئي اھڙا ...پنهنجو مُنهن آئيني ۾ ڏسڻ بدران ڳاڙهي ڪنوار حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو. اهو ته سُٺو ٿيو مون پنهنجي نوڪرياڻي کي ڍال بنائي تنهنجي دل جي ڪاراٺ ڏٺي، ته ڪيترو تنهنجي اندر ۾ چاھ آهي. تو دل جي خوبصورتي ڏسڻ بدران ظاھري حُسن کي اھميت ڏني. اڄ جيڪڏھن منهنجي نوڪرياڻي جي جڳهه تي مان هُجان ها، ته هڪ مرد جي سطحي سوچ جي سبب ڪيڏو نه برو ٿئي ھا مون سان.... تون نالي جو مرد آهين. جيڪڏھن تو ۾ ٿورا به مردانگي جا ڪڻا موجود هُجن ها ته تون هر حال ۾ پنهنجي پيار کي تسليم ڪرين ها. پُٺي نه ڏين ها، نه ڄاڻ هن مُعاشري ۾ تو جھڙا ڪيترا احساسن جا قاتل پلجندا هوندا. جيڪي پنهنجي پيار کي سبز باغن جا خواب ڏيکاري سندن عصمتن جا گُل لُٽيندا هوندا. توکي ياد آهي نه، ته مون تو سان ملڻ کان اڳ واعدو ورتو هُوته توهان مون سان ملڻ کان پوءِ پويان نه ڏسجو........ پنهنجي چاهت ختم نه ڪجو. مونکي پڪ آهي اڄ جيڪا توکي لَپاٽَ لڳي آهي. سا توکي پُٺ تي مڙهڻ به نه ڏيندي...... پر مان وڃان ٿي ....... ۽ ٻُڌ آئينده ڪنهن سان ايئن نه ڪجان... باءِ.’’
    آئون ڀت ٿي ويو ھيس، هوءَ وڃي رهي هُئي. ڪيڏي نه اوچائي تان ڪريو هوس. هن مونکي آئينو ڏيکاري ڇڏيو. ھوءَ واقعي سوا سير هُئي.


    ڊوڙ

    اڪرم جيئن ئي صبح سوير اکيون ڇنڀيون، تيئن ئي گھڙيال جي ٽڪ ٽڪ ٻڌي اوڏانھن ڏٺائين. صبح جا ست ٿيا ھئا، اکيون مھٽي برش تي پيسٽ لاھي ڏند صاف ڪندي در مان ٻاھر نڪري آيو.
    گھٽيءَ ۾ ھلڻ لڳو ته سندس پويان نظام تيزيءَ سان ڊوڙندي آيو. ۽ ھن جي ڀرمان لنگھي ويو. ھي ھراسجي ويو، بنا سوچڻ جي ھن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. ڊوڙ سان گڏ گھٻرائي رھيو ھو.
    ‘‘پتو ناھي پويان ڪھڙي مصيبت آھي، جو ھو ڀڄي رھيو آھي..ھا ھا سر بچائڻ گھرجي.’’
    نظام جون وکون وقت گذرڻ سان تکيون ٿي رھيون ھيون، جڏھن ته اڪرم جا قدم سست ھئا. وقت سان گڏ اڪرم جي ڳڻتي پڻ وڌي رھي ھئي. پوءِ به ھن بيھڻ مناسب نه سمجھيو، اڳيان ڊوڙندڙ نظام کي سڏ ڪيائين. پر ھُن جي ڪنن تي ايئر فون لڳل ھو، تنھن تائين ھن جا سڏ نه پھتا. بس ھي ھن کي پڄڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رھيو ھو.
    ھي شھر جون گھٽيون ڇڏي مين روڊ تي نڪري آيا، نظام ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو. روڊ تي ھڪ نوجوان فون تي ڳالھائي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو، ته اوچتو اڪرم سامھون تيز ايندڙ سوزوڪي ڏٺي. ھو پاڻ بچائيندي اچي فون تي ڳالھائيندڙ نوجوان سان ٽڪريو، ھن جا ڇرڪ نڪري ويا، اڪرم تي اکيون ڪڍندي چيائين
    ‘‘انڌو آھين ڇا؟”
    اڪرم وڏو ساھ کڻندي چيو
    ‘‘اڙي انڌي کي ڇڏ......ڀڄ، ۽ ڀڄي جان ڇڏائي!’’
    اڪرم ھن کي ڇڏي ڀڄڻ لڳو
    ‘‘ڀڄان، پر ڇو ڀڄان... مون ڇا ڪيو آھي؟”
    نوجوان به ھراسجي ويو ھو، ھي به اڪرم جي پويان ڊوڙڻ لڳو، نظام ھنن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو، نوجوان جڏھن ھنن ٻنھي کي ڊوڙندو ڏٺو، ته سندس سمجهه موڪلائڻ لڳي ھئي. پنھنجي منھن ڀڻڪڻ لڳو :
    ‘‘آخر ھي ڇو پيا ڀڄن، پر ھاڻي آئون به ته ڊوڙان پيو...آخر ھن ڊوڙ جو ڪو مقصد.؟”
    ھن جيستائين سوچيو، تيستائين وٽانئس اڪرم به ڪافي اڳڀرو ٿي ويو ھو.
    اڪرم ۽ ھن جي ڊوڙ ۾ فقط اھا ھڪجهڙائي ھئي، ڇو جو ھي خوف ۽ عدم اعتماد ۾ ڊوڙي رھيا ھئا. ڊوڙ سان گڏ منجھن بيچيني به وڌي رھي ھئي. ھنن ٽنھي جي وچ ۾ ڪافي فاصلو ھو، نظام ھنن ٻنھي کان بنھي بي خبر ھو. پر ھي ضرور ھڪ ٻئي کي ڏسي ڊوڙي رھيا ھئا. نوجوان وڏي واڪي اڪرم کي چيو
    ‘‘اڙي بيهه! ڪا شامت اسان جي ڳچيءَ ۾ نه پوي......!’’
    اڪرم وٽ ھن جي اڌوري ڳالهه پھتي
    ‘‘اڙي شامت کي ڇڏ، قيامت اچي وئي آھي ......ڀڄي جان ڇڏائي.’’
    نوجوان دل ھاري ويٺو، روئڻھارڪي لھجي ۾ وراڻيائين
    ‘‘اڙي نڀاڳا! تو مون مسڪين کي ڦاسايو آھي، قيامت جي ڏينھن ابتو ٽنگائيندس ني. آھ آھ آھ.....مري ويس ابا.’’
    نوجوان ساھ مان ڀرجي پيو ھو، ۽ وڌيڪ روئڻھارڪو ٿي پيو ھو. پر بيٺو ڪونه، سندس ذھن ۾ ھڪ لالچ جنم وٺڻ لڳي.
    ‘‘پڪ سان ھي ڪنھن دولت جي پويان پيا ڊوڙن، نه ته ائين چريا ٿوري آھن جو مفت ۾ ڀڄن.’’
    ھي مين روڊ تي ڪافي اڳيان نڪري آيا ھئا. روڊ جي ٻنھي پاسن ساوڪ ئي ساوڪ ھئي، ٻنين ۾ ھاري پنھنجي ڪرت ۾ لڳل ھئا. روڊ تان ھڪ اڌوڙت عمر جو ھمراھ واڪ ڪندي آيو. ھُن جڏھن ھنن کي ھڪ ٻئي جو پويان ڊوڙندي ڏٺو ته پريشان ٿي ويو. نظام ۽ اڪرم کان سبب پڇيائين، پر ھو ھن کي نظر انداز ڪري اڳيان نڪري ويا. نيٺ ھو نوجوان آڏو ڀت ٿي بيهه رھيو
    ‘‘ڪيڏانھن منھن واھ ڪري ڀڳا آھيو.’’
    نوجوان پگھر اگھندي وڏا وڏا ساھ کڻندي چيو
    ‘‘ڪيڏانھن کي ڇڏ، ڀڄ.’’
    ھن نوجون سان گڏ گڏ ڊوڙندي چيو
    ‘‘اڙي ڊوڙي ڊوڙي ته آيو آھيان.’’
    نوجوان حيرت مان پڇيس
    ‘‘ڪيڏانھن وئين ھئين..!؟”
    چيائين
    ‘‘ڊائبٽيز ۽ دل جو مريض آھيان، روزانو ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪندو آھيان. تڏھن شگر ۽ بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾رھندو آھي.’’
    ‘‘اڇا ته تون بيماريءَ کان ڀڄي جان پيو ڇڏائين.’’
    ‘‘ھا ابا، نه ته چريو ٿوري آھيان. جو صبح صبح ائين رڻ ۾ رُلان.’’
    ھن اڪرم ۽ نظام کي پاڻ کان پري ٿيندو ڏسي جھوني جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو
    ‘‘خير آ، تکو ڊوڙ. ھو ٻئي اسان کي ڇڏي ويا آھن.’’
    ‘‘پر آئون ڇو ڊوڙان؟’’
    ‘‘اڙي سون جي ديڳ جي پويان گڏجي ڊوڙون پيا.’’
    ‘‘مون وٽ مولا جو ڏنو گنج آھي، آئون ڇو ڀڄان.؟”
    نوجوان ھڪ نظر ھن تي وجھي طنزيه لھجي ۾ چيو
    ‘‘ھا ھا، اھو پيٽ مان نظر اچي پيو.’’
    ‘‘ڇو؟ ’’
    ‘‘ڇو کي ڇڏ، بس تکو ڊوڙ.’’
    نوجوان ھن کي نظرانداز ڪري تيز ڀڄڻ لڳو، ھو ٻئي ھن کان ڪافي اڳيان نڪري ويا ھئا. ھي پوءِ به ڊوڙي رھيو ھو. ھاڻي اڪرم صفا ٿڪي پيو ھو. سندس پير ھلڻ کان نابري واري رھيا ھئا، پوءِ به ھن رُڪڻ مناسب نه پي ڀانيو. مسلسل اڻ ڏٺي ماڳ تي رسڻ لاءِ ڊوڙي رھيو ھو. ھونئن به زندگي ھڪ ڊوڙ آھي، ماڻھو سڄي عمر ڊوڙي ٿو. ھر ڊوڙ پنھنجي ڪنھن نه ڪنھن دڳ تي پھچڻ لاءِ ھوندي آھي. انھيءَ ۾ اڪثر ماڻھو پير پٺون ڪري پوئتي موٽي ويندا آھن. ڇاڪاڻ کين اھو پتو نه ھوندو آھي، ته اڃا دڳ تي رسڻ لاءِ ڪيترو ڊوڙڻو پوندو. اڪرم جي ذھن ۾ به اھڙن احساسن جي اُڻ تڻ ھئي.
    ڪنھن مھل واپسي جو سوچي رھيو ھو، پر وري سندس ذھن ۾ اھو خيال پيدا ٿي رھيو ھو
    ‘‘ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو منزل جي بلڪل ويجھو پھچي واپس ٿيندا آھن، ڪٿي مون سان به ائين نه ٿئي. ڪھڙي خبر منزل اڳين چوٿين قدم تي ھجي.’’
    اھو سوچي وکون وڌائڻ لڳو. پر ساڻ گڏ سندس اکين جي اڳيان ڪيترائي سوال ڊوڙي رھيا ھئا،
    ‘‘آخر ھن ڊوڙ جو دڳ ڪھڙو آھي، ۽ اسان ڇو پيا ڊوڙون. ڇا دنيا ۾ سڀ ماڻھو اسان جيان ئي ٻين جي پويان ڊوڙندا آھن، جيئن آئون ھن اڳين ھمراھ جي پويان ڊوڙي رھيو آھيان ۽ ھو ڇو ڀڄي رھيو آھي اھا به مونکي ڄاڻ ناھي.!’’
    نظام ۽ اڪرم جي وچ ۾ وڏو فاصلو ھو، جڏھن ته نوجوان ڪجهه ڦڙتي سان ڊوڙي اڪرم جي ويجھو اچي ويو ھو. تنھن ٻيھر اڪرم کان پڇيو
    ‘‘يار ٻڌاءِ ته صحيح، اسان ڇو پيا ڊوڙون.......؟’’
    اڪرم بيزارگيءَ مان نظام ڏانھن اشارو ڪندي چيو، جيڪو ھنن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو ھو
    ‘‘ڇاڪاڻ ھو ڊوڙي رھيو آھي!’’
    ھن اڪرم کي حيرت سان ڏسندي چيو
    ‘‘ڇا مطلب، ھو ڊوڙي رھيو آھي.....پر ڇاجي لاءِ ڊوڙي رھيو آھي.؟’’
    نوجوان جي سوال اڪرم کي وڌيڪ چيڙائي ڇڏيو، تنھن ھن تي تڪڙ ڪندي چيو.
    ‘‘تيز ڊوڙ، ھُن کي پڄون ته وٽانئس پُڇون.’’
    نوجوان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وراڻيو
    ‘‘ڇا پيو بڪين.......؟ ھن کي ڏسي ائين ئي اٿي ڀڳو آھين، ڪمال جو ڀوڪ آھين!’’
    اڪرم کي ڄڻ ھو ويچارو ويچارو محسوس ٿيو، تنھن وري فلسفي انداز ۾ وراڻيو.
    ‘‘اڙي ھتي سڀ اسان جيان ھڪٻئي کي ڏسي ھڪ ٻئي جي پويان ڊوڙي رھيا آھن، سندن ڪابه منزل مقرر ڪونھي. شاباس تکو ڊوڙ ھاڻي ھو اکين کان پري ٿي رھيو آھي.’’
    نوجوان مايوس ٿي بيھي رھيو، ڪاوڙ مان وراڻيائين
    ‘‘وڃي ڌوڙ پائي، آئون وڃان ٿو.’’
    ھن کيس نظرانداز ڪندي چيو
    ‘‘ھا ھا وڃ! دنيا تو جھڙن بيوقوفن مان ڀري پئي آھي. جيڪي محنت ڪري جڏھن ڪاميابيءَ جي ويجھو ايندا آھن، ته ھمت ھاري ويھي رھندا آھن. تون به بي ھمت ۽ بيڪار آھين، تون زندگيءَ جي ڪابه ڊوڙ کٽڻ جي قابل ناھين.’’
    نوجوان تي ھن جي تبليغ ڪوبه اثر نه ڪيو، تنھن ھيڪاندي مٿس چٿر ڪندي وراڻيو
    ‘‘ اڙي فيضو فلاسفر جا پٽ، اھو ته ٻڌاءِ ھن ڊوڙ جو ڪھڙو مقصد آھي. تون ته ھن کي ڏسي ائين ئي ڇتي ڪتي جيان گگون واھيندو ڀڳو آھين. اھا به خبر نه اٿئي وڃان ڪيڏانھن پيو. ڪھڙي خبر اڳيون ھمراھ ڪو ڏوهه ڪري ڀڳو ھجي، ۽ اسان ھن سان گڏ لوڙي وڃون.......!’’
    اڪرم کي ھن تي کل آئي
    ‘‘اڙي گدڙ ھاڻي ڏوھ ڪري ڀڄڻ واري روايت ختم ٿي وئي آھي. تنھنجي ھٿن تي ڪيترا به داغ ڇونه ھجن، اسان وٽ انھن جي صاف ڪرڻ جو جوڳو بندوبست آھي.’’
    ھن اڪرم جي ڳالهه تي ڪو به خاص تاثر نه ڇڏيو، ھاڻي نظام ھنن جي اکين کان اوجھل ٿي ويو ھو. ھي پوءِ به نڪ جي سڌائي تي ڊوڙي رھيا ھئا. ٿورو فاصلو ھلي جڏھن اڳيان آيا ته ڏٺائون، نظام رستي جي پاسي ۾ ڪنھن وڻ وٽ بيھي رھيو ھو. ڪجهه گھڙيون بيھڻ کانپوءِ پٽ تي ويھي ٿڪ ڀڃڻ لڳو. ھنن جڏھن ھن کي ويٺل ڏٺو ته ڄڻ سندن پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو. ھي ڊوڙي ڊوڙي جڏھن سندس ويجھو پھتا، ته نظام نراڙ تان پگھر اگھندي ھنن ڏانھن حيرت مان ڏٺو، ۽ سندس منھن تي ھلڪي مرڪ وري آئي. جڏھن ته ھنن جي چھرن تي ڪو خاص تاثر نه ھو، نظام ھنن کي خاموش ڏسندي پڇيو
    ‘‘ڏيو خبر ادا، اوھان به پوليس ۾ اپلائي ڪيو آھي ڇا.؟”
    ھنن حيرت مان وراڻيو
    “نه نه، ڇا مطلب؟ ’’
    ‘‘پوء ھيڏي ڊوڙ، اڇا اڇا شايد فٽنيس جي لاءِ...سٺي ڳالهه آھي.’’
    ھنن ٻنھي ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي. نظام ڳالهه جاري رکي “يار آئون ته مسلسل ٽي ڀيرا پوليس جي فزيڪلي ٽيسٽ ۾ فيل ٿيو آھيان. ھن ڀيري پڪوپهه ڪيو اٿم. ھاڻي ڊوڙ ۾ ھر حال ۾ پاس ٿيڻو آھي، تنھن لاءِ روز ڊوڙ جي پريڪٽس ڪندو آھيان.’’
    ھُنن ٻنھي جو حيرت مان ھڪٻئي ۾ وات ڦاٽي ويو

    ***


    ڏنڊ

    ‘‘جي........جي بيگم! توهان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، هن عيد تي پاڻ پارٽي نه ٿا ڏئي سگھون. او شبانه.........شبانه منھنجي شبي ڊارلنگ ڇا توھانکي مون تي به اعتبار ناهي. يار گاڏي جي قسط، ٻارن جون فيون ۽ ٻيا خرچ. پگھار ته پورو ئي نٿو پوي........ڪاوڙ نه ڪر شبو.... مڃ ته سهي شبو.’’
    جيئن ئي سندس زال شبانه ڪال ڪٽي، ته ھن ڪاوڙ ۾ زور سان موبائل ٽيبل تي ڦٽي ڪئي، فائيل اچي پٽ تي ڪريا.
    ٻاهر ماڻهن جو گوڙ شور لڳو پيو ھو، گوڙ ته ڄڻ سندس ميڃالي مان تير جيان گُذري رھيو ھو. ڪال تي زال جي ردِ عمل، ٻاهر ماڻهن جو گوڙ ۽ گرميءَ سبب هي سخت دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳو هو. روينيو ۾ جونيئر ڪلرڪ طور جوائننگ کانپوءِ جلد ڪجهه سالن ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار ٿي ويو هو، تعلقي جي اقتداري ڌُر جي مھر سبب سڄي تعلقي جو ڪاروهنوار وٽس هو.
    اڄڪلهه ته مختيارڪار جي اضافي چارج به وٽس هُئي. جيئن ئي ترقي ٿيس ته اباڻو شھر ڇڏي فيملي ڊفينس ڪراچي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيائين. شادي به شوق مان اُتان ئي ڪئي هُئائين. پگھار ۽ نذرانن جي رقم ملائي به پوري نه ٿيندي هُيس.
    مٿان وري هن ڀيري سندس زال فرمائش ڪئي، ته ھن عيد تي سڀني ڄاڻ سڃاڻ وارن کي پنهنجي گھر ۾ شاندار پارٽي ڏئي ساڻن قد بُت ۾ برابر ٿينداسين.
    زاليس کي ته خوشيءَ کنيو هو. پر هن جڏهن خرچن جو ڪاٿو ٻڌو ته جون جو پگھر وٺي ويس. کُتو جواب ڏئي ڇڏيائينس. گھران ته مُنهن ڦٽائي نڪري آيو هو، پر جڏهن ورڻ جو سوچيائين ته واهون بند نظر آيون ھيس. سوچيائين ته زال سان فون تي ڳالهائي ماحول ٿڌو ڪري وٺندس، پر بيگم مٿس ڪو به ترس نه ڪيو.
    هن سگريٽ دُکائي ڪش هنيو ته نائب قاصد پيراڻي در کولي کيس آگاهي ڏني.
    ‘‘سائين ٻاهر ماڻهن جي رش ٿي وئي آهي، توهان سان ملڻ چاهين ٿا.’’
    هن کي پيراڻي جي ڳالهه ٺپ ڪونه وڻي، رُکائپ سان وراڻيائين
    ‘‘کين جواب ڏي، ته صاحب ضروري ميٽينگ ۾ آهي. هونئن به ماڻهن کي ڪو ڌنڌو ڌاڙي آهي ئي ڪونه........ ٿوري ٿوري تي ڀڳا بيٺا آهن.’’
    هن مُظاهرين کي صاحب جو نياپو ڏنو، ته هو تپي ٽانڊو ٿي پيا. ڇتي نعريبازي ڪرڻ لڳا: ‘‘ڪرپٽ ڪامورو هٽايو ...... مهنگائي گھٽايو .... راشي مختيارڪار هٽايو .... مهنگائي گھٽايو.’’
    نائب قاصد پيراڻي پاڻي مٿي کان چڙهندي ڏٺو ته سڌو ٻيهر صاحب وٽ آيو.
    ‘‘سائين هو صفا ڏمريو بيٺا آهن، توهان ساڻن ملو نه ته ڪو نقصان ڪندا. هاڻي ته توهان جي نالي به گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.’’
    اسٽنٽ مختيارڪار تپي رک ٿي ويو. هُنن جي ڪاوڙ پيراڻي مان ڪڍڻ لڳو
    ‘‘گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سندن اها جُرئت ...تون به سڀ ٻُڌي ھليو آئين.’’
    پيراڻي ڊڄندي وراڻيو
    ‘‘پوءِ سائين آءٌ ڇا چوان، اُنهن باھ لڳن کي......؟”
    پيراڻي ڪجهه گھڙيون چُپ رهي سوچي وراڻيو
    ‘‘ پر صاحب هڪ ڳالهه ٻُڌ، روزي هلي آئي آهي. هلي آيل روزي ورائڻ سُٺو سئنون ڪونهي.’’
    پيراڻو تجربي وارو ماڻهو هو. وڻ وڻ تان ماکي ڇاڻيل هُيس، پر صاحب کي سندس ڳالهه ٽول ۾ ڪونه ويٺي. سوچيائين
    ‘‘شهر جا سڀ سڃا ماڻهو گڏجي پيا دانهين انهن ۾ ڪهڙي اُميد؟”
    سوچي رهيو هو ته ٻيهر نائب قاصد پيراڻي چيو
    ‘‘صاحب هميشه ٿڌي دماغ سان سوچيندا ڪريو، ڪاوڙ ۾ ماڻهو پنهنجا ئي پير ڪڍندو آهي.’’
    اسسٽنٽ مُختيارڪار ٻيهر ذهن تي زور ڏنو،
    تيستائين ٻاهران ٽوڙ ڦوڙ جا آواز آيا، پيراڻو جھڙپ ڏئي ٻاهر نڪري آيو ، مظاھرين جي اڳيان ھٿ ٻڌندي وراڻيائين
    ‘‘اڙي بابا! ٿڌا ٿيو، صاحب اچي ٿو. اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.’’
    مظاهرين مان هڪ نوجوان جوشيلي لهجي ۾ وراڻيو
    ‘‘ڪڏهن ايندو صاحب؟.......اسان لُٽجون پيا، ھتي ڪوبه اسان جو ڌڻي سائين ڪونهي. سڀ ڌاڙيل، لُٽيرا، ڦُورو........’’
    ايتري ۾ اسٽنٽ مختيارڪار ٻاهر آيو، ته مُظاهرين مان وچولي عمر جي همراھ اسسٽنٽ مُختيارڪار جي اڳيان هٿ ٻڌندي چيو
    ‘‘سائين توهان اسانجي واهر ڪريو، جيئن رمضان آيو آهي. واپارين ته رات ڪري ڇڏي آهي، سندن مھانگن اگھن جي اڏي تي اسان روز پيا ڪُسجون. توهان انصاف ڪريو.’’
    صاحب جي ذهن ۾ ڳالهه ويٺي، پيراڻي ۾ نهاري مُرڪيو. پيراڻو اڳيان آيو ۽ مظاھرين سان مخاطب ٿيو
    ‘‘توهان صبر کان ڪم وٺو.
    وقار صاحب تمام سخت آفيسر آهي، اڄ ئي واپارين کي ٽانڊو ڏيندو. ڀينسان مانگر مانگرن جا ٻچا ...’’
    اسسٽنٽ مُختيارڪار وقار همدرديءَ سان ڳالهه اڳيان وڌائي
    ‘‘توهان سان مان پورو پورو انصاف ڪندم. جيستائين آءٌ آهيان، تيستائين واپارين کي جُرئت به نه ٿيندي جو اوهانجو رت چوسين.’’
    مظاھرين ڪجهه تسلي محسوس ڪئي، ھن پيراڻي کي چيو “چاچا پيراڻا! تپيدار يعقوب کي چئو، ته ٿاڻي تي فون ڪري صوبيدار کي چوي ته اجھو عملو موڪلي. اڄ ڏسون ٿا قارون جي خزاني جي وارثن کي.’’
    مُظاهرين تي ڄڻ ماڪ پئجي وئي. وقار کي دُعائون ڏيندي ‘‘سائين الله توهان کي واڌائيندو.’’
    گھرن ۽ شهر ڏانھن موٽي ويا.
    ڪجهه دير ۾ ننڍي صوبيدار سميت ڪجهه پوليس جو عملو مختيارڪار آفيس پهچي ويو. هو پوليس ۽ ڪجهه آفيس عملي سان گڏ شهر ۾ ڪاهي پيو.
    دوڪانن تي هن پاران ڇاپن واري خبر سڄي شهر ۾ باھ جيان ڦهلجي وئي. واپارين ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي. واپاري تڪڙ تڪڙ ۾ شين جي اگھن واري لسٽ ڪنهن برڪتن واري دُعا جيان ڇنڊي ڦوڪي دوڪانن جي مھاڙ ۾ ٽنگڻ لڳا.
    اسسٽنٽ مختيارڪار وقار شھر ۾ فلمي هيرو جيان اسٽائل هڻندي، ڄڻ ولين جي تلاش ۾ هو. ڪيترن ئي لُٽيرن ۽ وياجي واپارين تي ڇاپا هڻي مٿن ڏنڊ وڌائين.
    سڄي شهر جي غريب ماڻهن لاءِ ته صاحب ڀرجھلو ثابت ٿيو. ماڻهن جي مُنهن مان ته صاحب جي لاءِ واھ واھ جا ٻول ته بنا روڪ ٺوڪ جي نڪري رهيا هُئا.
    باقي واپارين جا تاثرات وقار صاحب لاءِ ڪي چڱا ڪونه هُئا. سي هُن به دليان سمجھيا پي ته واپارين جي من مان هن لاءِ ڪهڙا نيڪي جا گُل ڇڻي رھيا هُئا.
    وقار واپارين مان ڪافي ماڻهن جي رت چوسڻ جي ڏوھ ۾ ڏنڊ اوڳاڙي آفيس موٽي آيو. شام جو سندس ڪراچي واپسي ٿي، ڇاڪاڻ اڄوڪو ڏينهن هفتي جو آخري ورڪنگ ڊي هو.
    جيئن ئي گھر موٽيو ته زال مُنهن ۾ پئجي وئيس. هوءَ مُنهن ڦٽائي ڪمري ۾ هلي وئي، نه ته هونئن وقار جي واپسيءَ تي ھن جا ناز انداز مختلف ھوندا ھئا.
    پر ھن جي اڄ واري اوپري رويي کان وقار بخوبي واقف هو، تنھنڪري ھو مطمئن ھو.
    زال جي نخرن تي ھن کي وڌيڪ پيار اچڻ لڳو، سوچيائين چڙهندڙ عمر جي نازن جي سونهن جوانيءَ جي نخرن ۾ ڪٿي لڀي...... ڪمري جو دروازو کولي اندر آيو، زالينس ٻي طرف منھن ڦيري ڇڏيو. هي وڌي وڃي بيڊ تي سندس ڀر ۾ ويٺو. هوءَ جھڙپ پائي اُٿي، هن کيس ٻانهن ۾ جھلي ڇڪ ڏني، ته بيگم سٽ سان اچي سندس هنج ۾ ڪري. شبانه ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وقار ويتر کيس چيلهه جي مٿان ڀاڪر وجھي مضبوطي سان جھليو.
    ‘‘ڇڏيو مونکي، مان توهان سان ھاڻي ھڪ گھڙي به نه رھنديس.’’
    وقار ٻانهون ڍريون ڪري ڇڏيون، هوءَ اُٿي وڃڻ لڳي. وقار اڳ ڪري دروازي جي مُهاڙ جھلي ورتي، ۽ منٿ ڪيائين
    ‘‘بيگم آئي ايم سوري، مان.’’
    هوءَ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهي هُئي، تنهن چيو
    ‘‘مون کي تو سان اُف به ناهي ڳالهائڻو، توکي ته اسان جي Social Status کان مٿي ناڻو آهي. دنيا کي چوان ته منهنجو مُڙس تعلقي جو بادشاھ آهي، اسسٽنٽ مُختيارڪار آهي. ۽ مڙس پارٽيءَ جو ٻُڌي ڪنگال ٿي پيو.’’
    بيگم جي لهجي ۾ وڌيڪ تلخي محسوس ڪندي وقار پيار مان وراڻيو : ‘‘مُنهنجي شبو راڻي! پارٽي ته پاڻ ڏيون پيا، تون ته صفا ٻارن وارا انگل پئي ڪرين، مون ته تنهنجي دل پئي ڏٺي.’’
    پارٽي جو ٻُڌي شبانه جي ڪاوڙ جو پارو ڪجهه گھٽيو، هن وقار تي پاڻ کي حاوي ٿيندو ڏسي چيو
    ‘‘ٺيڪ آهي، پر هاڻي پارٽي پهرين جيان گھر ۾ ناهي ڏيڻي.’’
    وقار جي هانءُ ۾ نوان هورا کورا اُٿڻ لڳا، جھٽ ۾ چيائين
    ‘‘ته .... ته پوءِ پارٽي؟”
    شبانه وقار ۾ پوري شوخيءَ سان ڏسندي وراڻيو
    ‘‘تو پھرين پارٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو، انھيءَ انڪار جي سزا ۾ ھاڻي توکي ڏنڊ ڏيڻو پوندو.’’
    ڏنڊ جو ٻُڌڻ سان ئي وقار جي اکين آڏو شهر جي واپارين جا تپيل ۽ بيوس چهرا تروا ڏيڻ لڳا، ۽ِ هاڻي سندس منھن زال جي آڏو انهن جھڙو ٿي پيو هو. اڃا سوچن ۾ هو ته شبانه ٻيهر وراڻيو
    ‘‘ڇو وري بُخار ٿي پيو اٿئي ڇا، ٻُڌاءِ نه ڏنڊ ڏيندين يا نه؟”
    هن ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي
    ‘‘جي ها بيگم صاحبه! مان هر قسم جو ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. تون ٻڌاء توکيِ ڏنڊ ۾ ڇا گھرجي؟”
    بيگم شبانه جون خوشيءَ ۾ واڇون ٽڙي پيو
    ‘‘ڏنڊ اهو آهي ته هيءَ پارٽي هاڻي گھر بدران ڪنهن سُٺي هوٽل ۾ ٿيندي. ته جيئن سڀن کي پتو پوي ته بيگم شبانه وقار جو ڇا سوشل اسٽيٽس آھي.’’
    وقار وراڻيو
    ‘‘جي.......جي بيگم صاحبه، بندو غلام آھي.’’
    شبانه جي من ۾ ڄڻ خوشي جا ڪنول ٽڙي پيا، وڌي وڃي وقار کي ڳراٽي پاتائين.
    ***


    گلن سان تعزيت

    ‘‘جيترو به ھن جي پويان ڊوڙيس، اوترو ئي اڪيلو ٿي ويس. اڄ جڏھن ھن کان پري اڪيلو ويٺو آھيان، ته سانت محسوس ڪري رھيو آھيان. اڪيلائي به آئيني جيان ھوندي آھي، جنھن ۾ ماڻھو جي گھٽ ۾ گھٽ پنھنجو پاڻ سان ملاقات ٿيو وڃي!’’
    منصور ڪافي دير کان سمنڊ جي ڪناري تي ويھي سوچي رھيو ھو. سمنڊ تي گرميءَ سبب شھر اُٿليل ھو، پر اُتي ھي سمنڊ جيان اڪيلو ھو. سندس اندر ۾ ھڪ وڏي اُٿل ھئي.
    واريءَ تي آڱرين سان پريت گل لکيائين، لھرون آيون ۽ سڀ مٽائي ھليون ويون. پنھنجي منھن ڀڻڪيو
    ‘‘اڪيلائي ته سمنڊ آھي، جنھن جي لھر لھر واريءَ تي ليڪن جھڙن ناتن کي پل ۾ ناس ڪيو ڇڏي!’’
    لھرن سان ھن جي من مان به ڪا لھر اُٿي، جنھن ڄڻ پريت کي مٽائي ڇڏيو. پريت جي ڪري ئي سندس ملاقات اڪيلائيءَ سان ٿي ھئي. ھوءَ ۽ ھي ھڪ سماجي اداري ۾ ڪم ڪندا ھئا. وقت گذرڻ سان گڏ پريت ھن جو مزاج پرکي، ھن ڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌايو ھيو. پر آخر تائين ھو پريت جو مزاج سمجھي نه سگھيو ھو.
    ھميشه ھن جي حوالي سان منصور ٻڏتر جو شڪار رھيو. ھڪ دفعو آفيس ۾ ويٺل ھئا، ته پريت پنھنجي آڱرين مان ٺڪاءَ پي ڪڍيا. ھن وراڻيو
    ‘‘واھ! پريت تون ته ان ۾ ماھر پئي لڳين....پر مون کان اھو ڪونه ٿئي.’’
    پريت ھن ڏانھن شوخيءَ سان ڏسي مرڪي ڏنو. کيس پيلي رنگ جو وڳو پھريل ھيو، جنھن جي گلي تي گج جي ڊزائين وارو ڀرت ڀريل ھيو. چپڙن تي ھلڪي گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل ھيس. پريت جي ھن ۾ گھور ھئي، پر ھو ھن سان گھڻي دير اکيون ملائي نه سگھيو.
    پريت سامھون ويٺل ڪمپيوٽر آپريٽر ڏانھن نھاريندي وراڻيو ‘‘جيڪڏھن ھتي ڪو ٻيو ويٺل نه ھجي ھا، ته تنھنجي آڱرين مان ٺڪا آئون ڪڍي ڇڏيان ھان.’’
    پوءِ ھن پريت ڏانھن ھٿ وڌايو ھو. پر ھوءَ جلدي ۾ اُٿي ھلي ويئي، ۽ ھي خوش فھمين جو رڻ جھاڳڻ لڳو ھو.
    ھن سان محبت جي حوالي شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ ڀٽڪندو رھيو، کيس ڪجهه به سمجھه ۾ نه اچي رھيو ھو. فقط من ۾ خدشن اچي گھر ڪيو ھئس.
    ڪڏھن ڪڏھن اسان تي قسمت وڌيڪ مھربان ٿي پوندي آھي، ۽ اسان غير يقيني واري صورت الحال جو شڪار ٿي ويندا آھيون. اھا صورت الحال وڏي ظالم ٿيندي آھي. جنھن ۾ اسان گھڻو ڪجهه وڃائي ويھندا آھيون. جنھن جو وڏو سبب احساس محرمي ھوندي آھي، محروميون سمجهه ۽ اعتماد جون دشمن ٿين ٿيون. ھي به گھڻو ڪجهه وڃائي وڃائي ھُن تائين پڳو ھو، سو سندس ذھن ۾ ھن کي حاصل ڪرڻ کان اڳ وڃائڻ جو خوف ھيو.
    تنھنڪري ئي ھن جي رويي ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي ھئي، اھو کل مذاق چپ جي چادر ۾ ويڙھجي ويو ھيو. بس ھن کي ھن کان لڪي تڪيندو ھو ۽ اڪثر ھوءَ ھن جي اھڙي چوري پڪڙي وٺندي ھئي. ھن جو ڪنڌ ھيٺ ۽ ھن جي چپڙن تي مرڪ رقصان ٿي ويندي ھئي. نيٺ ھن ھڪ ڏينھن چيو ھئس
    ‘‘پنھنجا پير سنڀالي کڻ منصور، جيڪڏھن ڪري پوندين ته تو کي ڪير به سھارو ڪونه ڏيندو.’’
    ھن روايتي انداز ۾ وراڻيو ھيو
    ‘‘تون آھين نه پريت! مون کي ٻي ڪنھن جي سھاري جي ضرورت ناهي.’’
    پريت چيو ھيس
    ‘‘منھنجي حوالي سان ڪنھن به خوش فھمي ۾ نه رھجانءَ، اسان فقط دوست آھيون. ھاڻي اھو توتي آھي ته ان جو ڪيئن ٿو ڀرم رکين.’’
    ھن کي پوءِ به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ھئي،اچي به ڪيئن.!
    ھوءَ ڪا عام روايتي ڇوڪري نه ھئي. رياضيءَ جو ڪو منجھيل درجو لڳندي ھئي، جنھن جو حل ھن جي وس ۾ نه ھيو.
    ھو جڏھن گڏ ويھندا ھئا، ته ائين لڳندو ھو ته ھي ٻئي صدين جا ڪي ڀٽڪيل روح ھجن. جن ھتي ملي ڄڻ سڪون ماڻيو هُجي. پھرين ڳالھين ۾ ويجھڙائي، پوءِ سوچن ۾ ويجھڙائي، ۽ پوءِ احساسن ۾ ويجھڙائي...... ۽ آخر ھنن ۾ ويجھڙائي. ويجھڙائي به ايتري جو روايتي دوستيءَ جون حدون اڪري آيا ھئا.
    پوءِ به جڏھن ھوءَ ھن جي ڀر مان اٿندي ھئي ته کيس پاڻ سنڀالڻ لاءِ ھوشيار ڪندي ھئي
    ‘‘مون وٽ احساسن جي ڪابه اهميت ناهي، مون لاءِ اھو سڀ ڪجهه راند آھي. جيستائين کيڏندين آءٌ کيڏنديس. باقي جنھن وقت مون کي تو ۾ عاشق نظر آيو، پوءِ جوڳيءَ نه ڪنھن جا مٽ. ....!’’
    ھو ھميشه جيان پريت جي ڳالهه کي کلي ٽاري ڇڏيندو ھو. ٻيو ته ھي جنھن منزل تي پهتو ھو، تنھن جي موٽ ۾ ديوانگي ئي نصيب ٿيندي آهي.
    ساڳي جڳهه تي ھوءَ ڇوڪري ڳجھارت کان گھٽ نه ھئي، گڏ ھوندي به ڄڻ ھن سان گڏ نه هوندي ھئي. ھن ھن جي ويجھو وڃي به پريت جي دل جو دڙڪو محسوس نه ڪيو ھو.
    جڏھن ته منصور هن جي سحر ۾ گم ھو. ھڪ ڏينھن ھن کي ھن ۾ ڪجهه نظر آيو، ۽ پوءِ ھوءَ ڏور ٿي ويئي.
    ھي ھن آڏو مڇيءَ جيان پڻ تڙپيو، پر ھن وٽ ھن جي جيئندان جو پاڻي باقي نه بچيو ھو. تر جيترو به ھن ڇوڪريءَ ھن تي ترس نه کاڌو. ڄڻ ھوءَ پنھنجي قول سان سچي ھئي، ۽ ھن ڄڻ پنھنجو پاڻ سان جٺ ڪئي. اڪيلائي منصور جو مقدر بڻي، ۽ ھي تنھائين جو رولاڪ مسافر ٿي ويو ھو.
    اڄ جڏھن سمنڊ تي اڪيلو اچي ويٺو ھو، ڄڻ ھن کي وسارڻ ۾ ڪامياب ويو ھو. اھڙي نموني ھو اڳ به ڪافي ڀيرا ڪامياب ٿيو ھو. وري جي ھن جي ياد جي ھير گھلندي ھئي، ته ھن جو روح تڙپي پوندو ھو.
    اهڙين ڪيفيتن ۾ هن جي زندگي جا ڇهه مهينا گذري چڪا هُئا، پر هي پريت گُل جي ياد کان غافل نه رهيو.
    سمنڊ جو منظر....جنھن تي ٻار ٻچا، وڏا ننڍا ۽ جوڙا....ھر پاسي گوڙ... موج مستي.... پر ھي سمنڊ جيان تنھا تنھا.. سمنڊ جي سيني جيان ھن جي ذھن ۾ سوچن جون لھرون لھرون.
    گھر موٽي آيو، سڀني کان لاتعلق. من ۾ جڏھن ڇڪتاڻ ھوندي آھي، تڏھن ماڻھو بظاھر چپ نظر ايندو آھي. ھن جي وجود تي ھڪ اھڙي موسم ڇانيل ھوندي آھي، جنھن کي لاتعلقي جي موسم چئبو آھي، سڀني کان لاتعلق، پاڻ کان به لاتعلق. ڪمري ۾ آيو.
    ليپ ٽاپ آن ڪيائين. ھن جون تصويرون، ۽ ھي تصويرن ۾ گم. تصويرن ۽ تصويرن مان ھن جي تصور ۾ گم... ڪجهه گھڙيون پھريان جيڪو واريءَ تي ناتو سمجھي مِٽائي آيو ھو. تنھن ٻيھر من ۾ آس موڙي ھيس، ۽ ھي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائي نه سگھيو.
    آفيس جي ڪاريڊور ۾ ھن جو انتظار پي ڪيائين، خوبصورت آفيس، جديد طرز سان ٺھيل فرش تي اعليٰ معيار جو لائيٽ پنڪ ڪلر جو ٽائلز، ڪاريڊور ۾ ديوارن جي ٻنھي پاسي ڪونڊين ۾ خوبصورت گلن ڄڻ ھر آئي وئي جي آجيان پئي ڪئي.
    ھن اُتي بيھي پريت جي انتظار ۾ بار بار ٽائيم پي ڏٺو، ٻه ڀيرا کيس ٽيڪسٽ ميسيج به فارورڊ ڪري چڪو ھو.
    نيٺ ھوءَ آئي.
    ‘‘سوري منصور، سر واجد ڪجهه ڪم سمجھائڻ لاءِ روڪي ڇڏيو، انھيءَ لاءِ دير ٿي ويئي. ’’
    ‘‘اٽ از اوڪي، اھي سر ته ھوندا ئي.... ’’
    ڪجهه چوڻ ٿي چاھين، پر درگذر ڪيائين.
    چاھت جي سفر ۾ معمولي رڪاوٽ به پھاڙن جيان محسوس ٿيندي آھي. ڪاريڊور مان ٻاھر نڪري آيا. سامھون گل ڏٺائين، پاڻ کي روڪي نه سگھيو. انھن ڏانھن ھليو ويو، پريت ھن کي روڪيندي چيو.
    ‘‘اڙي بابا ھيڏانھن اچ، مون کان بک برداشت ڪونه پئي ٿئي.’’ پريت جي وڏي ڪمزوري بک ھوندي ھئي. جڏھن لڳندي ھيس، ته ڪنھن جي به ڪونه ٻڌندي ھئي. صفا مٽجي پوندي ھئي، وري کائيندي تمام گھٽ ھئي. پر ھو نه مڙيو، ھيءَ به منصور ڏانھن وڌي ويئي
    ‘‘پريت! ھي ڏس...... گُلَ.’’
    ‘‘ھا ڏسان ته پئي، انھن ۾ ڪا نئين ڳالهه ته ناھي.’’
    پريت جي لھجي ۾ رکائپ ھئي، منصور نفاست سان وراڻيو
    ‘‘گلن سان منھنجو فطري عشق آھي، جنھن جو ھڪ خاص سبب آھي.’’
    پريت تجسس محسوس ڪندي دلچسپي ورتي.
    ‘‘ڪھڙو سبب منصور....!؟’’
    منصور جي چھري تي ھلڪي مرڪ رقصان ٿي پئي.
    پريت جو ھن کي منصور چوڻ کيس پسند ھوندو ھو. ڇاڪاڻ مخدوم بلاول، سرمد، شاھ عنايت ۽ منصور ھن جا آئيڊيل ھئا. ھي چاھيندو ھو، آئيڊيلز جا نالا روايتي انداز ۾ نه وٺڻ گھرجن. ھنن جا نالا نزاڪت ۽ شائستگيءَ سان وٺڻ گھرجن، ۽ اھي نالا يا ته پريت وٺي سگھي ٿي. يا وري جنھن جي من ۾ پريت ھجي. ڇاڪاڻ ھو سڀ پريت جي پنڌن تي ھلڻ سبب قتل ٿيا ھئا، حق سان پريت، سچ سان پريت، انسانيت سان پريت.
    ‘‘ته بابا ٻڌاءِ، گلن سان فطري عشق جو سبب...گم ڪيڏانھن ٿي ويو آھين.؟’’
    ‘‘او سوري، انھيءَ جو وڏو سبب تون آھين پريت گل....!’’
    پريت جو چھرو ھڪ پل ٽڙيو ۽ ٻي پل منھن جو رنگ بدلجي ويس. وراڻيائين
    ‘‘ اڙي بابا ٿورو خيال سان، ڪٿي سڀاڻي روئڻو نه پوي اوھان کي.’’
    ھميشه جيان ھن وري به منصور کي خبردار ڪيو ۽ منصور ڳالهه کلي ٽاريندي چيو
    ‘‘منصور روئندا ناھن پريت.......!’’
    پريت ھاڻي بک ۾ صفا ساڻي ٿي پئي ھئي، جسم ۾ ڪمزوري ڀانيائين. پر منصور پريت جي پريم ۾ گم ھو،
    ڪافي دير کان آفيس جي گيٽ جي ڀرسان پارڪ وٽ بيٺل ھئا. ھنن کي ته ھر آيو ويو ڏسي رھيو ھو، پر ھي سڀن کان بي خبر پنھنجي دنيا ۾ ھئا. منصور چيو
    ‘‘ٻيو پتو اٿئي پريت ، مون پنھنجي گھر جي پڌر تي به ڪيترائي گل پوکيا آھن. ھي ڏس..”
    پريت کي ھن پنھنجي موبائل جي فوٽو گيلري مان پنھنجي گھر جي اڳيان بيٺل مختلف گلن جا ٻوٽا ڏيکاريا، ھوءَ گل ڏسي ٽڙي پئي.
    ‘‘واھ منصور! ھي ته تمام ڀلا گل آھن. پر پليز منھنجي ڪڏھن به انھن سان ڀيٽ نه ڪجان.’’
    ھڪ ڀيرو وري به پريت ھن کي خبردار ڪيو، پر ھن پنھنجي ڳالهه ڪئي.
    ‘‘پريت مونکي پڪ آھي، جنھن مٽي مان تون ٺھي آھين، تنھن ۾ ٺاھڻ واري گلابن جو پاڻي ملايو ھوندو. ڇاڪاڻ تنھنجي ڳالھائڻ ۾ خوشبوءَ ۽ کلڻ ۾ گلابن جو ٽڙڻ محسوس ٿيندو آھي.’’
    پريت سوچن جي گھرائي ۾ ھلي ويئي. سمجھه ۾ نه آيس ته منصور کي ڪھڙي ورندي ڏيان. منصور ڳالهه اڳيان وڌائي
    ‘‘پريت مونکي ڏاڍو برو لڳندو آھي،جڏھن گل قبرن تي وڌا ويندا آھن، گل ته روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن! انھن کي پٽڻ نه گھرجي، پتو اٿئي گلَ روح واسيندا آھن، من معطر ڪندا آھن. انھن کي ڇنڻ نه گھرجي...اھي جڏھن ڇنيا ويندا آھن، ته فقط ٻوٽي جي ٽاري اُداس ۽ خالي ناھي ٿيندي. پر انھن سان گڏ روح به روڙبا آھن پريت.’’ پريت آھستگيءَ ۽ شائستگيءَ مان وراڻيو
    ‘‘منصور! تون ته گلن جو سچو عاشق آھين، ايڏو قدر ته مالھيءَ کي به گلن جو ڪونه ھوندو، جيتري توکي فڪر آھي.’’
    منصور وراڻيو
    ‘‘واقعي انھن مالھين کي قدر نه ھوندو، جيڪي گل وڪڻڻ لاءِ پوکيندا ۽ سنڀاليندا آھن. ھاڻي ھلو ته ھلي پيٽ جي ڪريون، وري چوندينءَ مان ميل نيوٽريشن پيشنٽ...مون تي رحم ڪريو.’’
    ٻنھي جا ٽھڪ ھوا ۾ وکري ويا، فضائون معطر ٿي ويون. ڪينٽين تي آيا، منصور چيو
    ‘‘پريت توکي ھڪ وصيعت ڪريان ٿو.’’
    ‘‘وصيعت! ڇاجي وصيعت...!؟”
    پريت تعجب مان پڇيو، منصور وراڻيو.
    ‘‘اتفاق سان جيڪڏھن منھنجو موت ٿي وڃي، ته تون تعزيت جي لاءِ منھنجي گھر نه وڃجانءِ. گلن سان ئي تعزيت ڪري وٺجان، مونکي حقيقي سڪون ملندو....’’
    پريت جي منھن جو رنگ ڳاڙھو ٿي ويو، بيگ کنيائين. جذباتي ٿيندي وراڻيائين
    ‘‘اھو تون ڇا چئي وئين منصور!؟ مون توکي ڇا چيو ھو، ته مون کي جذباتي ڳالھيون ۽ جذباتي ماڻھو ناھن وڻندا. مون توکي اھو به چيو ھو، ته منھنجي دل جو در بند آھي. ان ڏانھن ڪڏھن به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجان، نه ته توکي تڪليف ٿيندي. تنھنجو اھو ھڪ جملو گھڻو ڪجهه چوي پيو، آءٌ انھيءَ ماڻھو کان پري ٿي ويندي آھيان. جيڪو منھنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندو آھي......!’’
    ۽ ھوءَ وڃڻ لڳي، روڪڻ جي منصور ۾ ھمت نه ھئي. ھن کي ائين لڳو ھو، ته ڄڻ ھن پريت جي تڙپندڙ رڳ تي ھٿ رکي، ھن کي وڌيڪ تڙپائي ڇڏيو ھو.
    ٻي ڏينھن کانپوءِ پريت آفيس نه آئي، سڀ رابطا ختم. پڇا تي ڪنھن موٽ ئي نٿي ڏني...۽ منصور جو پيار تان اعتبار کڄي ويو. ماضي جي گھٽين مان موٽي آيو، ليپ ٽاپ بند ڪيائين. من ۾ ڀڻڪيو “ھاڻي تون ڪيڏو به پريت! منھنجي ويجھو ايندينءَ، پر آئون توکي ڏور ڏور تائين نظر نه ايندس. ٿي سگھي ته منھنجي گلن سان تعزيت ڪري ڇڏجانءِ.’’
    ڄڻ دل جو بار ھلڪو ٿيو ھُيس.
    ايتري ۾ موبائل فون تي واٽس ايپ ڪال جي ٽون وڳي، اٽينڊ ڪيائين
    ‘‘توھان منصورآھيو؟’’
    عورتاڻو آواز ھو
    ‘‘جي..جي...مان منصور...توھان......؟’’
    ‘‘مان سوڀ سنڌو، واشنگٽن مان پئي ڳالھايان’’
    منصور کي ياد آيو. ھڪ ڀيرو، کيس پريت ٻڌايو ھو، ته سندس ھڪ سھيلي سوڀ سنڌو آمريڪا ۾ رھي ٿي، ھو سوڀ سنڌو جي نالي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ھو
    ‘‘جي سوڀ ٻڌايو.’’
    ‘‘منصور مون کي توھان جو نمبر پريت ڏنو ھيو، ھن توھان سان ناراضگي جو سبب به مون کي ٻڌايو ھو. توھان سان ھڪ ڳالهه ونڊيان ٿي، ته پريت يونيورسٽي جي زماني ۾ سارنگ سان محبت ڪئي ھئي. سارنگ ڏاڍو جذباتي ڇوڪرو ھو. ھڪڙي ڏينھن سارنگ معمولي ڳالهه تان پريت سان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي. ان ڏينھن کانپوءِ پريت کي پيار کان نفرت ٿي ويئي ھئي، وري محبت ۾ جيڪڏھن ڪو موت جي ڳالهه ڪري ته ھوءَ صفا مٽجي پوندي ھئي. توھان سان به ھن جي رسامي جو سبب اهو بڻيو ھو. ھونئن ھوءَ توھان سان بي پناھ پيار ڪندي ھئي، پر پيار ۾ جذباتي ٿيڻ ھن کي پسند نه ھو. مون سان پريت ھر ڳالهه ونڊيندي ھئي. پر منھنجو توھان کي ڪال ڪرڻ جو مقصد!’’
    منصور جو اکيون ڀرجي ويون ھيون، پريت جي پيار مان کيس پوترتا محسوس ٿي رھي ھئي
    ‘‘جي سوڀ ٻڌايو، ھوءَ ڪٿي آھي؟’’
    سوڀ ڳالهه جاري رکي
    ‘‘پريت ھڪ ٻي ڳالهه به سڀني کان لڪائي ھئي، ھوءَ برين ٽيومر جي پيشنٽ ھئي. جنھن جي خبر فقط ھن ۽ روبينه کي ھئي. توھان کي ڪيئن ٻڌايان منھنجو حوصلو اھو سڀ ٻڌائڻ لاءِ منھنجو ساٿ ڪيئن پيو ڏي. ھوءَ ھفتو اڳ وفات ڪري ويئي آھي.’’
    منصور ھوش وڃائي ويٺو. ھن تي اھڙو سڪتو طاري ٿي ويو ھو، جو سندس اکين مان ايندڙ ڳوڙھا بند ٿي ويا. سيني تي ايڏو بار ڀانئي رھيو ھو. ڄڻ ڪنھن لتاڙيو ھجيس، سوڀ جي ڳالهه جاري هُئي
    ‘‘آءٌ توھان جو ڏک سمجھي سگھان ٿي، توھان تان جيڪو ڪجهه گذري پيو. تنھن کان آءٌ بخوبي آگاھ آھيان، پر پنھنجي سھيلي جي آخري وصيت توھان کي ٻڌائڻ مون لاءِ اھم آھي. منصور پليز ٻڌو پيا......؟’’
    دل تي وڏي سهپ جو پٿر رکي ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ وراڻيائين
    ‘‘جه جه جي جي......ٻ ٻڌايو.’’
    سوڀ وراڻيو:
    ‘‘پريت ساھ جي سڳن جي ٽٽڻ کان اڳ ھڪ وصيعت ڪئي ھئي، ته منصور کي چئجو منھنجي مغفرت ڪرڻ لاءِ منھنجي گھر يا منھنجي قبر تي نه وڃي. منھنجي تعزيت گلن سان ئي ڪري ڇڏي. ان سان ئي مونکي سڪون ملندو. گل ئي روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن....’’


    ***


    ويلنٽائن وِش

    ”هڪ هو گُلدستو، هڪ هو لورز ڪپل وارو شوپيس ۽ ها هڪ سٺو ڪو پرفيوم پيڪ ڪر.’’
    ڪاشان زيب شاپنگ مال ۾ گفٽ سينٽر تي شاپ ڪيپر کي مختلف گفٽس ڏانهن اشارا ڪري وٺي، ۽ پيڪ ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو. زين حيرت ۾ پوڻ لڳو، پڇيائين
    ‘‘ڪاشان يار! ايترا سارا گفٽ؟”
    ڪاشان هن تي طنزيه مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
    ‘‘ھا ھا ھا ھا ھا! زين تون اڃان ٻار آهين. انهن ڳالهين کي نه سمجھندين، ماٺ ڪري بيهه...’’
    زين چُپ ٿي ويو،هو شرميلي طبيعت جو نوجوان هو. کيس زماني جو اڃا واءُ ڪونه لڳو هو. جڏهن ته هن جا دوست سوا سير هُئا. هو جڏهن هن جي اڳيان ڇوڪرين جا قصا ڇيڙيندا هُئا، ته هن جي اکين جا پلڪَ شرم ٻوٽي جي پنن جيان جھُڪي ويندا هُئا.
    اڄ جڏهن هن جي دوست ڪاشان ويلنٽائن جي مُناسبت سان هڪ کان وڌيڪ گفٽ خريد پي ڪيا ته هن کي حيرت وٺڻ لڳي. ٻيهر پُڇيائين
    ‘‘يار ڪاشان! وش ڪرڻ لاءِ هڪ گفٽ ڪافي آهي. ڇو وڌيڪ خريد ڪري فضول خرچ پيو ڪرين؟”
    هن کي سندس ٻئي دوست وسيم ورندي ڏني
    ‘‘اڙي ڀوڪ، جيترا گفٽ اوتريون محبوبائون...... ڪاشان ايترو سخي ڪٿي آهي، جو ڪنهن هڪ تي پاڻ کي ائين مفت ۾ لُٽائيندو.’’
    ڪاشان ۽ وسيم ٽهڪ ڏيڻ لڳا، شاپ ڪيپر به کلڻ لڳو. هن ڄڻ پاڻ کي هنن آڏو ويچارو پئي محسوس ڪيو. ڪاشان چيو:
    ‘‘زين يار! ليليٰ مجنون وارو وقت گُذري ويو. وقت ۽ حالتن سان سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي ۽ ھاڻي جھڙو زمانو تھڙو پيار .’’
    زين جذباتي ٿيندي وراڻيو
    ‘‘ پوءِ اِهو پيار نه چئبو، ان کي وقتي ضرورت ئي چئي سگھجي ٿو.’’
    وسيم وراڻيو؛
    ‘‘ مِٺا اسان ڪڏهن چيو آهي، ته ھڪ ڇوڪريءَ جي پويان سڀ ڪجهه وساري ڇڏجي..... ڇوڪريون فقط اسان جون ضرورتون آهن، ۽ اُن کان وڌيڪ ڪجهه به نه....... ضرورت ختم سڀ ڪجهه ختم......!’’
    هو اڃا به وڌيڪ جذباتي ٿي ويو
    ‘‘ڌوڙ آهي اوهان جي مُنهن تي، ڪي اخلاقي قدر به ٿيندا آهن. پر اوھان ته مونکي صفا جانور لڳو پيا.....’’
    ڪاشان چيو ؛
    ‘‘ها ٺيڪ آهي اسان جانور ئي صحيح، اسان کي خبر آهي ته وقتي تقاضائن کي ڏسي ڪيئن جيئڻ گھرجي. هونئن به جواني آهي چار ڏينهن جي... پوڙهو ٿي گگون ئي واهڻيون آهن. تون به پيو سڪ....... اسان کي ڇا آهي؟”
    هو گفٽ سينٽر تان گفٽ کڻي شاپينگ سينٽر مان ٻاهر نڪري آيا. گاڏي ۾ ويٺا ۽ گھر ڏانهن موٽڻ لڳا.وسيم گاڏي ڊرائيو پئي ڪئي، ڪاشان ۽ زين پوئين سيٽ تي ويٺل هُئا.
    زين جي ذھن تي ھڪڙي خيال کڙڪو ڏنو، هِنَ هنن کي ٻُڌائڻ پي گھريو. پر طبيعت ۾ شرمساري جي سبب چئي نه پي سگھيو. نيٺ رکي رکي چيائين
    ‘‘ وسيم هڪ ڳالهه ته ٻُڌ.’’
    وسيم پڇيو؛
    ‘‘جي جي ٻُڌاءِ.’’
    ‘‘سڀ کان پهرين آءِ ايم سوري....’’
    ‘‘زين شرمائيندي وراڻيو
    ‘‘ يار جي غلط نه سمجھو ته اڄ رات مونکي شمع بيگم.’’ وڌيڪ ڪڇي نه سگھيو، ڪاشان طنزيه لهجي ۾ وراڻيو
    ‘‘ھا ھا ھا ھا! عجيب قسم جو ڀوڪ آهين. چڪلي تي هلڻ چاهين ٿو، ۽ غلط نه سمجھڻ لاءِ.........’’
    وسيم ڪاشان جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘اڙي ڪاشان چُپ ڪر، مس مس واري ۾ آيو آهي. يار زين حڪم ڪر رُڳو شمع بيگم نه، پر آءٌ تو کي تڙ تڙ جو پاڻي پياريندس.’’ زين لڄي ٿيندي وراڻيو
    ‘‘نه مونکي فقط اڄ رات.’’
    ڪاشان ٻيھر طنزيه انداز ۾ چيو
    ‘‘ٺيڪ آهي پُٽ! پڪي سمجھه. باقي کڙائون تکيون ڪري ھلجانءِ، متان ھلي ماڻھو کلائين.’’
    هنن زين کي گھر جي گھٽيءَ ۾ ڇڏي پنهنجو سفر جاري رکيو. ڪاشان پُڇيو؛ ‘‘ وسيم! زين کي ڀلا اڄ ڇا ٿي ويو؟”
    وسيم وراڻيو
    ‘‘يار آءٌ پاڻ اهو پيو سوچيان، ته هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڪيئن آئي. هو ته صفا چڙي پوندو آهي.’’
    ڪاشان چيو
    ‘‘ها نه، هُت ڏس..... گفٽ سينٽر تي صفا مَٽجي پيو ھو. خير اڄ رات ڏسون ڪٿي ٿو پھچي. آهي ته صفا چَر.’’
    وسيم ڪاشان کي گھر وٽ ڇڏي، ۽ پاڻ پنھنجي گھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي تيار ٿي پنهنجي محبوبائن سان ملي کين ويلنٽائن وش ڪرڻ لڳا، ۽ زين رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    جڏهن شهر ۾ رات ٿي، تڏهن شمع بيگم جي پاڙي ۾ ڄڻ سج اُڀري پيو هو. سڀ ڪجهه جاڳي پيو هو. هي ٽئي به اهڙي ڏينهن ۾ رات ڪرڻ لاءِ شمع جي بزم ۾ داخل ٿيا.
    زين جي هٿ ۾ ھڪ ڪاري رنگ جي ٿيلهي هُئي. شمع هنن کي ڏسي ٺري پئي، ڇاڪاڻ هنن سان هن جي خاص واقفيت هُئي. ھي هڪ ٻئي جو خاص خيال رکندا هُئا. دُعا سلام کان پوءِ شمع کانئن پُڇيو
    ‘‘ اڄ هي نئون چهرو........!؟’’
    هن جو زين ڏانهن اشارو هو. ڪاشان وراڻيو
    ‘‘هي اسان جو يار زين آهي. نئون آهي.’’
    زين شرمائي رهيو هو. شمع سندس اکين ۾ حجاب محسوس ڪندي وراڻيو؛
    ‘‘جناب هتي اچڻ کان پهرين ماڻھو حجاب ۽ شرم ٻاهر ڦٽو ڪري ايندا آهن. هتي انهيءَ جي ڪا به گُنجائش ناھي.’’
    ڪوٺي ۾ وسيم سُڃ محسوس ڪندي شمع کان پُڇيو
    ‘‘شمع بيگم! زين هوريان هوريان سڀ ڪجهه سمجھي ويندو. پر اڄ ڇو توهان جي بزم سُڃي سُڃي لڳي پئي آھي، نه ته هتي اڳ اسان اهڙو ڪجهه.؟ ’’
    وسيم جي ڳالهه ڪٽيندي شمع وراڻيو
    ‘‘ها! چون پيا ته اڄ ماڻهو ويلنٽائن ڊي ملهائين پيا، اڄ هنن کي کائڻ ڪندي ڪابه بُک ڪونهي. ڇو جو اڄ سڀ ڪجهه جائز ٿي پيو آهي، پارڪ ۽ هوٽلون وسڻ لڳا آهن. تڏهن ته هتي سُڃ لڳي پئي آھي. هونئن به جيڪڏهن کاڌو مفت ۾ ملي پوي ته پوءِ پئسن ڀرڻ جي ڪهڙي ضرورت!؟’’
    شمع ڄڻ پيٽ جي باھ ٻاهر ڪڍي ٿڌو ساھ کنيو، ۽ هنن کان پُڇيو
    ‘‘ڇا توهان کي مفت ۾ گوشت نه مليو، جو هتي؟”
    وسيم وراڻيو
    ‘‘نه شمع اهڙي ڳالهه ڪونهي، بس زين چيو تڏهن.’’
    شمع خوش ٿيندي وراڻيو
    ‘‘ انهيءَ جي معنيٰ ته اها عنايت زين جي آهي. ’’
    ڪاشان وراڻيو
    ‘‘جي ها شمع، ھاڻي هن کي هتان خوش ڪري روانو ڪرڻ تنھنجو ڪم آهي.’’
    شمع نيڻن سان تسلي ڏيندي وراڻيو
    ‘‘انھيءَ جو توهان فڪر ئي نه ڪريو. بس حڪم ڪريو.’’
    هنن پاڻ ۾ ڪجهه پل صلاح ڪئي، وسيم چيو
    ‘‘ شمع بيگم! اسان جي مزاج کان ته تون باخبر آهين، باقي هن دوست لاءِ......’’
    شمع جانو کي سڏيندي وراڻيو
    ‘‘ٺيڪ آهي، جانو او جانو.’’
    ‘‘جي جي بيگم صاحبه. “
    جانو کي هن ڪجهه ڪن ۾ چيو، هو اندر ويو. ڪجهه دير کانپوءِ چار ڇوڪريون وٺي آيو. ٽي اڳيان هليون آيون، هڪ پويان بيهي رهي. شمع چيو
    ‘‘اوهان جو جانو ڪمرن ۾ انتظام ڪري ڇڏيو آهي. باقي زين ھنن مان جيڪا پسند ڪري.’’
    زين هنن تي نظر وڌي، پر ڪنهن به سندس من نه موهيو. هن پريان بيٺل ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو
    ‘‘هي نه، او هوءَ جيڪا.......’’
    شمع حيرت ۾ پئجي وئي
    ‘‘ اوهان جو دوست ته وڏو خفتي آهي، بابره هيڏانهن اچ ۽ هن سان وڃ.’’
    پريان بيٺل بابره ويجھو آئي، سندس چهري تي پريشاني پريشاني هُئي. هُن شمع کي ڪن ۾ ڪجهه ٻُڌايو ۽ شمع زين کي چيو
    ‘‘زين تون هنن مان ڪا پسند ڪر، بابرا سان مسئلو آهي. نٿي هلي سگھي.....’’
    زين انڪار ڪندي چيو
    ‘‘نه مون سان گڏ بابره هلي، ٻي نه.’’
    شمع وراڻيو
    ‘‘اڙي چريا سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. ڪجهه پيچيدگيون ٿينديون آهن، جن ۾.......’’
    زين شمع جي ڳالهه تي ڪوبه توجهه نه ڏنو، پير ٻڌي بيهي رهيو. ڪاشان ۽ وسيم شمع تي زور ڀريو، ۽ هن بابره کي زين سان گڏ ڪمري ۾ روانو ڪيو. هو به ڪمرن ۾ هليا ويا.
    ڪمري ۾ ڪافي دير کان بابره ۽ زين خاموش ويٺل هيا، زين خاموشي ٽوڙيندي وراڻيو
    ‘‘توهان شايد مون کي غلط سمجھي رهيا آهيو......’’
    بابره طنزيه انداز ۾ مُرڪندي وراڻيو
    ‘‘صحيح يا غلط جو تصور توهان جھڙن شريف ماڻهن جي مُعاشري ۾ هوندو آھي. اسان وٽ جيڪو به آهي، جيئن به آهي، سڀني جي سامھون آهي. ها ٻي ڳالهه هتي اچڻ کانپوءِ به توکي شرافت بابت صفائي پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي پئي، ته پوءِ آءٌ ايترو ئي چونديس ته تون عجيب قسم جو ماڻهو آهين.......!’’
    زين جو ڄڻ اعتماد وڌيو. ورڻيائين
    ‘‘ توهان بلڪل مون بابت صحيح اندازو لڳايو آهي، آءٌ عجيب ئي آهيان.’’
    بابره وراڻيو
    ‘‘ته پوءِ عجيب عجوبن ۾ هُئڻ گھرجن، انهن جو ھتي ڇا؟ ھتي ته راتين کي جاڳائڻ وارن مردن جو ڪم هوندو آهي. عجيبن جو نه...!’’
    زين وراڻيو
    ‘‘آءُ ڄاڻان ٿو، هيءُ دنيا آهي. هتي ڪن لاءِ ڏينهن راتين جھڙا ۽ ڪن لاءِ راتيون.’’
    بابره هن جي ڳالهه بيزاريءَ مان ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘ اوهان هي ڇا پيا چئو، مون کي اوهان جي ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي.’’
    زين وراڻيو
    ‘‘ اوهان ئي ته چيو پئي ته آءٌ عجيب آهيان. عجيب ماڻهو جي ڳالهه سمجھڻ لاءِ عجيب ذهن هئڻ گھرجي.’’
    بابرا هن جو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ پنهنجي ڇاتي جي اُڀار واضح ڪندي وراڻيو
    ‘‘ڪهڙي قسم جا خريدار آهيو، ڇو پاڻ کي ٻين ڳالهين ۾ اُلجھائي پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو. ڳالهيون ئي ڪندا رهندا يا.......؟’’
    زين وراڻيو
    ‘‘مون زندگي ۾ ڪجهه به ضايع نه ڪيو آهي، نه ئي هاڻي ڪجهه ضايع ڪري رهيو آهيان. منهنجو پل پل سجايو ٿي رهيو آهي. منهنجي خريد ڪيل پلن جو اوهان فڪر نه ڪريو. مونکي ڇا ڪرڻو آهي، سو آءٌ ڀلي ڀت ڄاڻان ٿو’’
    بابره کي زين جي ڳالهين مان خوداري محسوس ٿي. ڪجهه گھڙيون اطمينان محسوس ڪيائين. ڇاڪاڻ ته هن کي زين جڳ کان الڳ لڳو هو، نه ته هن وٽ جيڪي ماڻهو ايندا رهيا هُئا، سي پل به ويهڻ پسند نه ڪندا هُئا. اڄ هيءَ تيار به نه هُئي. شمع کي ڪن ۾ مجبوري به ٻُڌائي هُئائين. پر زين جي ضد سبب پاڻ تي ٿيڻ واري متوقع جبر ۾ پنهنجي ڀلائي سمجھي هُئائين. اهو سڀ سوچي رهي هُئي ته زين وراڻيو
    ‘‘ڪهڙن خيالن ۾ گُم ٿي ويا آهيو......؟’’
    بابره خيالن مان موٽندي وراڻيو
    ‘‘ڪجهه به نه، اوهان ٻُڌايو.’’
    هن زين ڏانهن گھور ڪئي، ته زين هن ۾ اکيون کپائي ڇڏيون. بابره هن ۾ گھڻي دير نهاري نه سگھي، ۽ نيڻ جھڪائي ڇڏيائين. ڪجهه الڳ الڳ محسوس ڪري رهي هُئي. زيــــن ۾ نهاريندي سندس جسم ڪانڊارجي ٿي ويو. نيٺ چيائين
    ‘‘مون کي ايئن ڇو پيا ڏسو، مونکي ڪجهه ٿئي پيو.’’
    زين هن جي ڳورين ٻانهن ۾ پنهنجا هٿ وجھندي وراڻيو
    ‘‘ڪجهه ته آهي تو ۾، جيڪو آءٌ ڏسڻ چاهيان ٿو.’’
    بــــــابره پنهنجون ٻانھون ڇڏائيندي چيو
    ‘‘سچ پُڇو ته مون ۾ ڪجهه به ناهي. وڏي ڳالهه ته آءٌ پاڻِ به پاڻَ ۾ ناهيان. منهنجي ذات منهنجا احساس منهنجا جذبات لتاڙجي چُڪا آهن. وقت مون کي ڀيلي ڇڏيو آهي. آءٌ مري چُڪي آهيان. مري ويل ماڻهو ۾ ڇا ڏسي حاصل ڪندا....!؟”
    هن جي اندازِ بَيان زيـــــن کي موهي وڌو، وات مان واھ ڇڏائي ويس
    ‘‘واھ! ايترو گھرو ڳالهائڻ ڪنهن کان سکيا آهيو، توهان ته مون کي درد جي مَس سان لکيل ڪنهن ناول جا جيئرا جاڳندا ڪردار ٿا لڳو......’’
    بــــــــابره ٽهڪ ڏيندي وراڻيو
    ‘‘ھا ھا ھا ھا، چئبو ته هاڻي ماڻهو طوائفن کي به مکڻ هڻندا. مونکي گھڻو نه وٺو. متان وڃائجي نه وڃو.’’
    زين هن ۾ وڌيڪ گھوريندي وراڻيو
    ‘‘نه آءٌ ڪونه وڃائبس، نه ئي ڀٽڪندس. ڀٽڪندا اُهي آهن جيڪي اکيون بند ڪري نڪرندا آهن، مون کي منهنجي هر احساس جو شعور آهي.’’
    هو لاڳيتو بابره کي چتائي رهيو هو. بابرا منجھي پئي هُئي، ته آخر کيس ڇا ٿي رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن ويل هُن پاڻ کي وڃائيندي ٿي ڀانيو. بـابره وراڻيو
    ‘‘مونکي ايئن نه ڏسو، سچ ۾ مونکي ڪجهه ٿئي پيو.’’
    زيـن پُڇيو
    ‘‘ڇا پيو ٿئي اوهان کي؟”
    بــــابرا وراڻيو
    ‘‘جي ڪجهه ٿئي پيو ...... پتو ناهي ڇا آهي!؟”
    بــابره ڪجهه چوندي چوندي رُڪجي وئي. احساسن کي لفظن ۾ سميٽي نه سگھي، ٻيهر چيائين
    ‘‘مون سان پهريون ڀيرو ايئن پيو ٿئي، مون کي اڳ ڪڏهن به ڪنهن ائين نه ڏٺو آھي’’
    زيــن وراڻيو
    ‘‘جيڪو ٿئي پيو، تنهن کي ٿيڻ ڏيو، ڪجهه بُرو ته نه پيو ٿئي نه؟”
    بـابره کي پگھر وٺي ويو هو،
    ‘‘ نه نه، بُرو ته ڪجهه به نه پيو ٿئي. توهان پهريان ماڻهو آهيو، جنهن جون اکيون منهنجي اکين ۾ آهن. نه ته هتي.’’
    زيـــن وراڻيو
    ‘‘ڇڏيو انهن کي، هُنن کي نيڻن جي مَڌ جي ڪهڙي ڪَلَ؟”
    بـــــــابره هن تي طنز ڪندي چيو
    ‘‘ ڇو جناب سڄي ڄمار اکيون ئي تاڙيندا رھندا ڇا؟ جيڪڏھن اوھان هڪ ڀيرو چوکو چکي ورتو، ته پوءِ اوهان تان نيڻن جا سڀ نشا لهي ويندا.’’
    ‘‘زيـن وراڻيو
    ‘‘ ان جو صحيح حل موجود آهي. ضروري ته ناهي ماڻهو جانورن جيان جنهن تنهن ۾ وات وجھي.’’
    بـابره هن جا احساس سمجھي ورتا هُئا، تنهن ڳالهه جو رُخ موڙيو:
    ‘‘ ٻُڌو آءٌ هڪ پيشاور ڇوڪري آهيان، مونکي انهن ڳالهين ۾ نه وٺي وڃو. مونکي هاڻي انهن ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. توهان جا خريد ڪيل پل هاڻي ختم ٿي رهيا آهن، جي ختم ٿي ويا ته پوءِ توهان هتي هڪ پل به نه.’’
    زين هن جي ڳالهين ۾ آيل اوچتو تبديلي سمجھي ورتي، ۽ چيائين
    ‘‘توهان جي مزاج ۾ اوچتو آيل تبديلي آءٌ سمجھان پيو، توهان منهنجي پلن جو فڪر نه ڪريو. آءٌ هت اهڙو ڪجهه به نه ڪرڻ آيو آهيان، جيڪو توسان ٿيندو رهيو آهي.’’
    بــابره جيڪا ڳالهه ڪجهه دير پهرين سمجھي رهي هُئي، اُن جو اعتراف زيــن جي زُباني ٻُڌي خوشي محسوس ڪيائين. پُڇيائين
    ‘‘ته پوءِ توھان جو ارادو ڇا آھي؟
    هتي ڪجهه به لڪل ناهي، جنهن جي توھان کي تلاش آھي. لڪل ڳالهيون سُفيد پوش ماڻهن جي مُعاشري ۾ هونديون آهن. اسين عام آهيون، تڏهن ئي ته بدنام آهيون.’’
    بابره ٻه ٽي قدم اڃان به پويان هٽي وئي، زيـــــن وراڻيو ‘‘توهان صحيح جڳهه تي پهچي موٽ کاڌي آهي. مان توهان آڏو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ته منهنجو هتي اچڻ جو مقصد اهو هو ته توهانکي پنهنجو پاڻ سان مِلهايان.’’
    بــابره منجھي پئي
    ‘‘ڇا مطلب؟”
    زيــن وراڻيو ؛
    ‘‘ توهان چيو پئي ته آءٌ پاڻ ۾ نه رهي آهيان، منهنجي ذات منهنجا جذبات لتاڙجي چُڪا آهن. آءُ توهان کي توهان جي ذات سان ملائڻ آيو هوس، ۽ آءٌ اُن ۾ ڪافي ڪامياب ويو آهيان. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو، ته ڪجهه گھڙيون ئي سهي پر توهان احساسن جو نج ذائقو محسوس ڪيو هوندو. ڪجهه پل ئي سهي پنهنجي وجود کي لتاڙ کان آجو ڀانيو هوندو. بس منهنجو اِهو ارادو هو ۽ مقصد به!’’
    بـابره جي من ۾ ڄڻ گُلاب ٽڙي پيا، هن پنهنجي پاڻ کي انهيءَ ماحول کان جُدا محسوس ڪيو پئي. بگھڙن سان ملي ملي اوچتو انسان جو چهرو ڏٺو هُئائين. سوچي رهي هُئي، انهيءَ اتفاق کي ڪهڙو نانءُ ڏجي. تيستائين زين ڪاري ٿيلهي مان گُلدستو ڪڍيو ۽ بابره ڏانھن وڌائيندي چيو
    ‘‘ هيپي ويلنٽائن ڊي.’’
    هوءَ حيرت ۾ پئجي وئي. دل ڀرجڻ لڳيس، اکين جا بند ٽُٽي رهيا هيس. پاڻ کي سنڀاليندي پُڇيائين؛
    ‘‘ پر..... پر هي سڀ ڇا...... مون جھڙي ڇوڪريءَ کي ويلنٽائن وش، توهان ته سچ ۾ عجيب آھيو!؟“
    زيــن جي اکين ۾ به لُڙڪ ڀرجي آيا، تنھن چيو
    ‘‘ها اُهو ته آءٌ آهيان. بس خواهش هُيم ته آءٌ ويلنٽائن وش ڪنهن اهڙي ڇوڪري کي ڪريان، جنهن کي وقت جي ستم ظريفيءَ پيار کان پاسيرو رکيو هُجي.’’
    ايتري ۾ دروازي تي ٺُڪ ٺُڪ ٿي. زيـن بابره جي هٿن ۾ گلدستو ڏنو ۽ چيو
    ‘‘ لڳي ٿو ته منهنجا پل ختم ٿي چُڪا آهن، چڱو آءٌ هلان ٿو. ڪجهه بُرو لڳو هُجي ته پليز مُعاف ڪري ڇڏجو.’’
    زيـــــن هن کي پُٺ ڏئي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، بـــــابره جون اکيون پاڻي ٿي چُڪيون هيون، تنھن سڏ ڪيو
    ‘‘ ٻُڌو.’’
    زيـــــن هن ڏانهن مُڙيو، بــــــابره وراڻيو
    ‘‘توهان واقعي عجيب آهيو.’’
    زيـــــن ڪنڌ سان هاڪار ڪئي، سندس اندر ڀرجي چُڪو هو. ڪُڇي نه سگھيو. بــــــابره وڌي وڃي زيــــــــن کي ڀاڪُر ۾ ڀريو ۽ زور زور سان روئندي وراڻيو
    ‘‘توهان سچ ۾ اڄ مون کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو. مون ته ڪافي وقت پهريان پاڻ کي وڃائي ڇڏيو هو.... توهان ته...’’
    دروازي تي ٻيھر ٺُڪ ٺُڪ ٿي. زيــــــن بــــــابرا کي پيشاني تي مِٺي ڏئي ٻاهر نڪري آيو.
    ***


    ٻه قبرون

    پارس کي گھر جي در جي چانئٺ اورانگھڻ کي ھفتو گذري ويو ھو. سندس واپسيءَ جو آسرو پري کان به نظر نه اچي رھيو ھو. پارس جو والد لوڪ جي مھڻن کان بچڻ لاءِ گھر کان ٻاھر نه نڪري رھيو ھو، کاڌو پيتو وھ ٿي پيو ھيس. گھڙي گھڙي ڏانئڻ بڻجي سندس رت چوسي رھي ھئي، ساھ سوڙھو ٿيندي ٿي ڀانيائين.
    باقي جيڪو عزيز قريب سندس گھر آيو ٿي، سو آڏيون ابتيون خبرون ڪري سندس جيءُ جھوري ٿي ويو، اھو سڀ ٻڌي ٻڌي ھاڻي ھي ٿڪي پيو ھو.
    جڏھن ھن ھر طنز جي تير جو رُخ پنھنجي پاسي ايندو ڏٺو، ته روح صفا ڇڄي پيو ھيس.جنھن ڌُر سندس ٻانھن ڦٻائي ھئي، تن ڄڻ ڪو وڏو تير ھنيو ھو.جھالت جي اھڙن ساٿارين خوشيءَ ۾ جھمريون پي ھنيون، انھن کي انھيءَ ڳالهه جو ڪوبه فڪر نه ھو ته ڪو گھر رسوائيءَ جي باھ ۾ ٻري رھيو آھي، ۽ ان گھر جا ڀاتي قيامت جھڙي ذلت مان گذري رھيا آھن.
    آخر ھو تر جي ڀوتار وٽ داد رسائيءَ لاءِ ويو، ڀوتار آڏو ڌيءَ ورائڻ لاءِ کڻي جھولي وڌائين، تنھن چيس
    ‘‘منٺار توکي مون پھريان به چيو ھو، ته تنهنجي ڇوري ڇتي ٿيو بيٺي آھي....گھاٽي واڌي رات جي پيٽ ۾ لاھينس، پر تو نه مڃيو......’’
    وڏيري ڄڻ منٺار کي ڊسٽ بن سمجھي ڪچرو ڦٽو ڪيو ھو، ھن ھيڻائي مان وراڻيو
    ‘‘سائين ھوءَ منھنجي نياڻي ھئي، ڍڳو ڍور ٿورئي ھو، جو ائين لاھيانس...!!؟”
    وڏيرو ڄڻ وڄ ٿي پيو ھو، تنھن مٿس وراڪو ڪري وار ڪيو
    ‘‘اھڙي ڇوري مئي ڀلي...جيڪا پٽ جي ڌوڙ منھن ۾ وجھي...نه مڃيئي ھاڻي ٿي خوار...راڄ به کلايو اٿئي.....’’
    وڏيري جي ڳالهه ھن جي زخمن تي پاھ رکڻ بدران لوڻ ٻرڪڻ ۾ ڪامياب وئي ھئي، منٺار بي عزتيءَ جو بار مشڪل سان سھندي وراڻيو؛ ‘‘سائين جمعون توکان ڏاڍو ڪونھي، منھنجي عزت بچايو.’’
    وڏيري ھن کي ٻيءَ ٺوڪر ھڻندي وراڻيو
    ‘‘مڃان ٿو! جمعون مونکان ڏاڍو ڪونھي، پر منٺار آڱر تنھنجي ڪني آھي، جمعون...! ٽڪي جھڙو جمعون.... کاڄي ڇا سان....!؟ ڇا ڪجي ھو تنھنجي ڇوريءَ جي ڏڍ تي پيو کيڏي.....’’
    منٺار وڏيري جو زھر ڀريل لھجو مشڪل سان ھضم ڪيو.
    مسڪين ماڻھو جي زندگي ڄڻ فوٽ بال جيان ھوندي آھي، دنيا جا سڀ رانديگر پنھنجي فتح لاءِ ھن کي ٿُڏا پيا ھڻندا آھن، ۽ ھڪ ڏينھن ھو ختم ٿي ويندو آھي، منٺار کي به ھنڌان ھنڌان اھڙا ٿُڏا لڳي رھيا ھئا. ھن شڪ ظاھر ڪندي وراڻيو
    ‘‘سائين....راڄ ۾ اھا ڳالهه پئي ھلي ته جمعي جا وڏيرو پٺا پيو ٺپري..!’’
    ھن انھيءَ ھڪ جملي سان ڄڻ وڏيري جي چوري پڪڙي ورتي ھئي، تنھن اُنھيءَ تي چادر چاڙھيندي منٺار کي ھيسائيندي چيو
    ‘‘راڄ ۾ ته اھا به ڳالهه آھي، ته منٺار جي زال ھٿ سان ڌيءَ ڀڄائي آھي...! پوءِ ائين آھي ڇا.....!؟”
    ھن جو ڪنڌ پھريان ئي رسوائي سبب ھيٺ ھو، وڏيري مٿس ٻيو الزام ھڻي سندس منھن جو پاڻي وٺي ڇڏيو.
    منٺار جي ڌيءَ پارس وڏيري جي خاص ماڻھو جمعي جي پٽ کنئي ھئي، منٺار تمام شريف ماڻھو ھو، پر جمعي جن جا لڇڻ سڄي راڄ کان ساريا پيا ھئا، پارس جو جمعي جي پٽ سان ڪيئن ۽ ڪٿي پيچ پيو، ان جي منٺار کي لکا ڪانه ھئي.
    منٺار ٿڪل قدمن سان گھر موٽي آيو، سوچيائين زال کي آٿت ڏئي وقتي طور تي سندس پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ڪوڙ ھڻندس. زالينس وڌي اچي وٽانئس حال ورتو، ھن چيس
    ‘‘رحيمان وڏيري خاطري ڪرائي آھي، تون پريشان نه ٿي.’’
    ھُن ڄڻ رحيمان جي ھانءَ تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو ھڻي ڇڏيو ھو، تنھن خوش خوش ٿيندي چيو
    ‘‘اي مرشد ڀلائي ڪجان.’’
    زال کي خوش فھميءَ ۾ ڏسي منٺار جو ارادو بدلجي ويو، شڪسته لھجي ۾ چيائين؛ ‘‘ڀلائي لاءِ بچيو ڇا آھي رحيمان، وڏيري ته سڌو جمعي جن جو پاسو کنيو آھي، ھو چون ٿا ته پارس جي وڃڻ ۾ تنھنجي زال شامل آھي.’’
    رحيمان ڄڻ ڀت ٿي وئي، گھڙيءَ لاءِ ھن پنھنجو ساھ ويندي ڀانيو ھو، منٺار جي ڳالهه جاري ھئي
    ‘‘پر ڪا به ماءُ پنھنجي اولاد کي چور دروازي مان ڀڄڻ نه ڏيندي آھي، ھا ڪافي عورتون اھڙا قدم کڻنديون به آھن، پر انھن جون زميني حقيقتون کين ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪنديون آھن.’’
    رحيمان جي ذھن ۾ اڃا به وڏيري واري تھمت جي ولوڙ ھئي، تنھن چيو؛ ‘‘پر منٺار مون نه’’
    ايترو ئي ڪُڇي سگھي، منٺار کيس آٿت ڏيندي چيو
    ‘‘مون ته توکي ڏوھ ڪونه ڏنو سڄڻ، ماڻھو ته ھميشه پنھنجن ڪيل ڏوھن جا ھٿ پراون ڪپڙن سان اگھندا آھن، تون فڪر نه ڪر.’’
    منٺار اٿيو، ڪمري مان پلاسٽڪ جو ڪٽو ۽ ڪوڏر کنيائين، جنھن ۾ ھن رات جي وقت ڪجهه بند ڪري رکيو ھو. ٻاھر وڃڻ لڳو ته رحيمان چيس
    ‘‘ڪوڏر کڻي ڪيڏانھن پيو وڃين.......جا ڏس آرام ڪر’’
    درد سان ٻڏل لھجي ۾ منٺار وراڻيو
    ‘‘پارس جو درد وڌيڪ مون کان سَٺو نٿو ٿئي رحيمان، مونکي انھيءَ سور کي ٺڪاڻي لڳائڻو آھي!’’
    رحيمان کي خوف ورائي ويو، سوچڻ لڳي،
    منٺار، جيڪو اڪثر پارس کي ڌڙڪي ڏيڻ تان مون سان وڙھندو ھو ڀلا اھو ڪيئن ڌيءَ کي ماريندو. پر ڌيءَ به سندس ڪھڙو ڀرم رکيو آھي، جو ھو ھن سان رعايت ڪري...ھن ڊوڙي وڃي دروازو بند ڪيو، ۽ در جي آڏو ديوار ٿي بيھي رھي
    ‘‘رحيمان ڏس منھنجو گس نه بند، مون جيڪو فيصلو ڪيو آھي سو ئي ٿيندو!’’
    کيس روڪڻ لاءِ ھُن ڪيئي سندس مانڌان جھول وڌا، پر ھو نه رُڪيو. گھر مان نڪري گھٽين مان گذرندي سڌو قبرستان تي آيو.کيس اھڙي حالت ۾ ڏسي سندس اوڙي پاڙي جا ماڻھو سندس پويان پويان اچڻ لڳا، ھي مقام ۾ قبر کوٽڻ لڳو، پھريان ھڪ قبر پوءِ ٻي قبر.... سندس اھڙي حالت ڏسي بيٺل ماڻھن مختلف ڳالھيون پي ڪيون، ڪنھن چيو
    ‘‘لڳي ٿو ته خواريءَ کيس چريو ڪري ڇڏيو آھي.’’
    وري ٻي سوال ڪيو؛
    ‘‘ڪٿي ائين ته ناھي ڇوري کي مارائي ڇڏيو اٿس.....۽ ھاڻي....!؟’’
    ‘‘اڙي نه نه.....اھڙي جي غيرت ھجيس ھا ته ڇوريءَ جي ڀڄڻ کان اڳ ئي کيس ڪھاڙو ھڻي ميڄالو ڪڍي وٺيس ھا.......ھون.’’
    جيترا وات، اوتريون ڳالھيون، جھڙا ذھن تھڙيون سوچون.....
    پر منٺار جو ڪنھن ڏانھن به ڌيان نه ھو، زور زور سان قبر کوٽي رھيو ھو.جڏھن قبرون کوٽي بس ڪيائين، ته ھڪ قبر تي ڪاٺ جا ڏڪ رک خالي بند ڪري ڇڏيائين ۽ ٻي قبر ۾ ڪٽو ڇنڊڻ لڳو، جنھن مان رانديڪا ۽ ڪپڙا قبر ۾ ڪِري رھيا ھئا.
    اھو ڏسي سڀني کي حيرت وٺڻ لڳي، کين ھن جي چريي ھئڻ جو ڄڻ سرٽيفڪيٽ ملي ويو.
    ھن ٻي قبر تي به ڏڪ رکي قبر بند ڪري ڇڏي، ڪوڏر ڪلھي تي رکي واپس وڃڻ لڳو ته بيٺلن مان ڪنھن طنز ڪندي ٽھڪ ڏنو
    ‘‘ھا ھا ھا ھا....چريو ڪنھن جاءِ جو!’’
    منٺار جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هُئا. ھن بيٺل ماڻھن ڏانھن مڙندي چيو؛
    ‘‘آئون چريو ناھيان، ھيءَ قبر منھنجي ڌيءَ پارس جي آھي، جيڪا گھر جي در جي چانئٺ اورانگھي مون لاءِ مري وئي، ۽ ٻي اُن جي پيءُ منٺار جي آھي جيڪو پڻ ان سان گڏ مري ويو........!’’

    ***


    ڀونڊو

    ‘‘ماڻهو خواهشن جو غلام هوندو آهي. هو خواهشن پُٺيان ڊوڙي ڊوڙي حياتي کپائي ويهندو آهي، پر خواهشون کُٽنديون ئي ناهن. ماڻهو جي اندر ۾ خواهشن جو گھرو ساگر هوندو آهي.’’
    ڪلاس ۾ پروفيسر جميل ساگر پنهنجي ليڪچر کانپوءِ خواهشن تي ڳالهائيندي اها راءِ ڏني. سڀني جي واتان واھ واھ نڪري وئي، پر آءٌ انهيءَ سان سهمت ڪونه ٿيس. اهو ضروري ته ڪونهي ته ماڻهو خواهشن جي ڪڍ پوي، اهو خيال پروفيسر ساگر جو ذاتي ته ٿي سگھي ٿو، پر ھر ڪنھن جو نٿو ٿي سگھي.
    ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن آءٌ ڳوٺ واپس آيو هوس، ته مون سان به عجيب اتفاق ٿيڻ لڳو هو، عيد جون موڪلون هُيون. عيد جي ڏينھن شام جي وقت چاچا عارب جي گھر ويو هُيس، هن جو گھر اسانجي گھر کان ٿورو پرڀرو آهي.
    سندس ٻني ٻارو بابا کان جدا آهي. ڏاڏا جي حال حيات ۾ ئي هو ملڪيتون ورهائي الڳ ٿي ويا هُئا.
    چاچا عارب جي گھر ۾ منهنجي نظر اوچتو سندس ڌيءَ صدوري تي پئي هُئي. صدوريءَ ۾ مون سندس شادي کان پهرين اهڙي ڇڪ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هُئي. هن کي ڏسڻ سان ئي منهنجو انگ انگ ڀڙڪي اُٿيو هو. لڱن مان ڪانڊار اندر رهڙي ٻاهر نڪتي هُئي، اڳ ڪڏهن به مون تي ايئن جبلتن جا بند ڪونه ٽُٽا هُئا. جھڙي طرح هاڻي بيچينيءَ ۾ منهنجو من ويچارو ويچارو ٿي پيو هو.
    هوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ هُئي. سند وَر جوان جماڻ هو. هو به ساڻن گڏ گھر ناٺي ٿي رهندو هو. پوءِ به آءٌ حوس جي هٿان مات کائي هن جي طرف پاڻ کي ڇڪي ورتو هوس. اُن وقت مون تي پروفيسر جميل ساگر جون ڳالهيون اثر انداز ٿيڻ لڳيون هُيون، مون ۾ اخلاقي قدرن جي بلڪل اُبتڙ ھڪ خواهشن جاڳي پئي ھئي. جنهن جي پورائي لاءِ مون مان رشتن جو تقدس قائم رکڻ وارو پاڻي سُڪڻ لڳو هو.
    اڄڪلهه مون به چاچا جن جي گھر اچڻ وڃڻ تي گھڻو زور ڏنو هو. هوءَ جڏهن به پنهنجين ڪجلين ڪارين اکين سان مون ڏانھن ڏسندي هُئي ته پوءِ آءٌ هوش مان نڪري ويندو هوس. من چوندو هو ته آئون باز جيان هُن جھرڪي کي جھٽي وٺان. ھن جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف بھانا ڳولڻ لڳس. خانگي ڏسن ۽ ٽوٽڪن ۾ هونئن به ٻهراڙيءَ جون عورتون ڀڙ هونديون آهن. آءٌ به هن کي ويجھو ٿيڻ لاءِ مختلف ترڪ تال ڪرڻ لڳو ھوس.
    ‘‘صدوري اک ۾ ڪٽر پيو آهي ڪڍي ڇڏ.’’
    يا وري
    ‘‘صدوري پيٽ ۾ سور پيو ٿئي، پيٽ تي هٿ ھڻي ڇڏ.’’
    مطلب ته اهڙيون حرڪتون پيو ڪندو هوس. ته جيئن هوءَ مون کي ڇُهي سگھي، ۽ آئون کيس پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وڃان.
    چاچا جي گھر گھڻو اچڻ وڃڻ تي امان کي شڪ وٺي ويو ھو. تنھن چيو
    ‘‘پٽ خادم! اڄڪلهه چاچين عارب جي گھر مان نڪرين ئي نٿو. خير ته آهي پُٽ؟”
    امان جي ڳالهه تي مونکي چڙ آئي
    ‘‘ڇو امان، ان ۾ ڪو هرج آهي ڇا...چاچا جو ته گھر آهي. تنهنجو مطلب نه وڃان ڇا؟”
    مونکي جذباتي ٿيندو ڏسي امان مرڪي پئي، چالاڪي سان وراڻيائين
    ‘‘نه پُٽ، اھڙي ڪا ڳالهه ناھي. ڪنوارين نياڻين وارو گھر آهي. تنھنڪري اتي اکيون سنڀالي ويندو ڪر.’’
    مون کي پڪ ٿي وئي، ته امان کي شايد ذهن ۾ اهو آهي ته آئون چاچا عارب جي ڪنوارين ڇوڪرين مان ڪنهن جي ڪڍ آهيان. هن کي يقين ڏيارڻ لاءِ چيم
    ‘‘ امان اهڙي ڪابه ڳالهه ناھي، چاچا جون ڪنواريون ڌيئون مون کي ڀيڻن جيان آهن. آئون ته خالي صدوريءَ جا ٻار کيڏائڻ ويندو آهيان، هو مون سان ٺهي ويا آهن. تون ئي ته چوندي آهين، ته ٻار قُرب جا مِٽ هوندا آهن.’’
    ‘‘صدوريءَ جا ٻار! هوندو ابا....!’’
    امان چپ ڀيڪوڙي هلي وئي، شايد منهنجي ڳالهه تي هُن ويساھ نه ڪيو. پر مون سندس ڳالهه جو ڪو خاص اثر نه ورتو. منهنجو ته صبح سانجھيءَ هنن جي گھر چڪر ٻڌو پيو هو.
    جڏهن هنن جي گھر ويندو هوس ته سڀني کي اکين ۾ جھلي صدوريءَ جي ويجھو ويجھو ٿيڻ جي پوري ڪوشش پيو ڪندو هوس. جڏهن هوءَ پنهنجي ننڍڙي کي ٿڃ ڏيندي هُئي، ته پوءِ آئون هن جو پاسو ئي ڪونه ڇڏيندو هوس. ٻار جي بهاني هن سان پيو کينچل ڪندو هوس.
    منهنجي اندر ۾ هڪ اهڙو احساس جاڳي پيو هو، جنهن جي اظهارڻ لاءِ منهنجي زبان منهنجو ساٿ نه پئي ڏنو. جڏهن به دل تي وڏو پٿر رکي هن کي ڪجهه چوڻ چاهيندو هوس، ته لفظ زبان ۾ اٽڪي پوندا هُئا. آئون ٻئي موضوع جو سهارو وٺي چالاڪي سان ڳالهه بدلائي وٺندو هوس.
    اڄ جڏھن ھن جي ننڍڙي کي گھمائي واپس سندن گھر ڇڏڻ آيس، ته ڏٺم صدوري نم جي گھاٽي وڻ هيٺان چولي تي ٽڪون ٽانڪي رهي هُئي. باقي گھر ڀاتي نظر نه پئي آيا، هن کي اڪيلو ڏسي ڄڻ مان شينهن ٿي پيو ھوس. مون اڳيان وڌي وڃي کيس ننڍڙو ڏنو، جيئن هن ٻانهون وڌائي منھنجي ھٿن مان ننڍڙو ورتو ته منھنجا ھٿ ھن جي ڇاتي تي لڳي ويا. پھريان ته مونکي تمام گھڻو خوف ٿيو، پر پوءِ محسوس ڪيم ته هن تي ان عمل جو ڪو به اثر نه ٿيو ھو. ڄڻ لاشعوري ۾ اهو ٿيو هُجي، پر منھنجي پياسي روح کي ڄڻ سڪون ملي پيو ھو. ھن چيو
    ‘‘ سئوٽ ويهه.’’
    آئون سندس سامهون پيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. من ۾ خيال آيو ته هن جھڙو شايد ٻيو موقعو نه ملي، تنهنڪري ڪوشش ڪري ھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪريان. پڇيومانس
    ‘‘ صدوري تنهنجو گھر وارو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ؟”
    هن وراڻيو
    ‘‘ توکي وريام جي خبر ناهي ڇا سوٽ؟”
    مون حيرت مان انڪار ڪندي پڇيو
    ‘‘نه نه، ڇا ٿيو هن کي!؟”
    صدوريءَ وراڻيو
    ‘‘نه، هن کي ته ڪجهه به ناهي ٿيو. بس ڪمائڻ لاءِ عربن جي مُلڪ ِ ويو آهي.’’
    مون وراڻيو
    ‘‘ اڇا......اڇا ته سعودي ۾ ڌنڌو ڪرڻ ويو آهي’’
    ھن ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي، مون وراڻيو
    ‘‘صدوري جيڪڏھن دل ۾ نه ڪرين ته هڪڙي ڳالهه چوانءِ؟”
    صدوري چيو
    ‘‘ھا سئوٽ ٻُڌاءِ. ’’
    ‘‘تون سدا ملوڪ آهين، تنهن ڪري توکي به تو جھڙو شهزادو ملڻ کپي ها. ڪو پڙهيل لکيل.’’
    صدوريءَ وراڻيو
    ‘‘بس سئوٽ لکيي جو ليک! لکيو ائين ھو، وريام به صحيح آهي مون لاءِ.’’
    ‘‘مون ڳالهه اڳيان وڌائي
    ‘‘ صدوري آءٌ توکي ڪيئن ٿو لڳان...؟’’
    هوءِ شرمائي وئي، مون چيس ؛
    ‘‘ اڙي چري ڪنڌ ته مٿي کڻ’’
    هن چيو
    ‘‘سُٺو آهين، اخلاق وارو آهين سئوٽ.’’
    رکي رکي چيو مانس
    ‘‘ صدوري هڪ ڳالهه چوان، جي تون.’’
    هن پڇيو
    ‘‘ جي جي، چئو سئوٽ ڪهڙي ڳالهه.؟”
    هن ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري، مون سڀ وهم وساري چيو ‘‘صدوري ڳالهه اها آھي ته........آءُ چاھيان ٿو ته ته’’
    اهي لفظ اُچارڻ سان ئي منهنجي دل جي دڙڪو وڌي ويو. اندر ۾ باھ ٻري اُٿي، چوڻ جو حوصلو باقي نه رهيو. منهنجي مُنهن تي شايد هُن ڳڻتيءَ جون لڪيرون ڏسي ورتيون. سنجيدگيءَ سان وراڻيائين ‘‘سئوٽ، تنھنجو منھن ڇو ائين ٿي ويو آھي. اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي چئو نه.....چُپ ڇو آهين.؟”
    مون هڪ ڀيرو ٻيھر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زُبان مان اُف به نه نڪتو. ٿوري دير پهريان جيڪو شينهن ٿي هن جي آڏو آيو هُوس، سا منھنجي بهادري پوري ٿي وئي هُئي. جھڙپ ڏئي اُٿيس، پُٺ ڏنم ته ڏٺم چاچا عارب اسان ڏانهن اچي رهيو هو. گھٻراٽ گھٽجڻ بدران ويتر وڌي وئي هُئي. هُن وراڻيو
    ‘‘ سئوٽ، ڪيڏانهن.... ڳالهه ته پوري ڪر.’’
    مون اڃان هن کي مُڙي جواب نه ڏنو، ته چاچا اچي مونکي ڀاڪُرَ وڌا
    ‘‘ خادم پُٽ ڀلي ڪري آئين.’’
    مون به ڀليڪار جو جواب ڏئي وراڻيو
    ‘‘ڀلائي چاچا، صدوريءَ جي ننڍڙي کي گھر وٺي ويو ھُوس، تنھنکي ڇڏڻ آيو آھيان.’’
    چاچا جي پُڇڻ بنا پنهنجي صفائي پيش ڪيم
    ‘‘ چڱو چاچا هاڻي آءٌ هلان ٿو.’’
    کن پل لاءِ ته پاڻ کي چور جيان سمجھڻ لڳس.
    چاچا وراڻيو
    ‘‘ٺيڪ آهي پُٽ، پر شام جو ياد سان اچج. پاڻ واري مُرشد ولايت شاھ جو ميلو آهي، يڪي گاڏي ڀاڙي اٿم. تون به اسان سان گڏ زيارت لاءِ ھلجان.’’
    چاچا ڳالهه ته منهنجي مَن جي ڪئي ھئي، پڪائي ڪندي وراڻيم؛
    ‘‘ چاچا، نه مهرباني. توهان ٿي اچو، اسان لاءِ به دُعا گھرجو.... آءٌ نٿو هلي سگھان.’’
    صدوري پنهنجو ننڍڙو کٽ ۾ ٻڌل رئي جي لوڏ ۾ وجھندي وراڻيو
    ‘‘ اهو وري ڇا... توکي هر حالت ۾ هلڻو پوندو. جيڪڏھن تون نه هلندين ته پوءِ آءٌ به ڪونه وينديس.’’
    چاچا ٽھڪ ڏيندي وراڻيو
    ‘‘ھا ھا ھا ھا، ڏاڍو سئوٽن جو پاڻ ۾ رسِ آهي، هاڻي ته پُٽ ضرور هلڻو پوندوني.’’
    منهنجي انڪاري فيصلي تي هن جي انڪار ڄڻ منهنجي من ۾ هن بابت پيدا ٿيل خواهش کي پاڻي ڏئي سائو ڪري ڇڏيو. آءٌ هنن سان گڏ ميلي تي هلڻ جو واعدو ڪري گھر موٽي آيس.
    مُنهنجي ذهن ۾ ھن جو تصور گھر ڪري ويھي رھيو ھو، هن جو جملو، ‘‘جي تون نه هلندين، ته آءٌ به ڪونه وينديس.’’ هر هر ڪنن ۾ گونجي رھيو ھو.
    دل ۾ اهو گُمان پڪ جي دڳ تي رُسڻ لڳو، ته شايد هُن جي من ۾ به مون جيان ڇِڪ آهي. پر عورت هُئڻ ڪري هوءَ پهل ڪرڻ بدران منهنجو اوسيئڙو ڪري پئي. سوچيندي سوچيندي شام ٿي وئي. آءٌ تيار ٿي پرفيوم لڳائي رهيو هوس، تيستائين صدوريءَ جي ڌيءَ آئي. مون کي ڏسي چيائين
    ‘‘چاچا چاچا هل، گاڏي بيٺي آهي. دير پئي ٿئي، امان توکي گھرائي پئي.’’
    امان سوير کان منهنجي لُڇ پُڇ سمجھي ورتي هُئي. بس چئي نه پي سگھي. وڃڻ وقت چيومانس
    ‘‘ امان آءٌ چاچا جن سان گڏ سائين ولايت شاھ جي ميلي تي وڃان ٿو، گھر اچڻ ۾ دير ٿي سگھي ٿي.’’
    امان جواب ۾ وراڻيو
    ‘‘ٺيڪ آهي پُٽ، سُٺي مُهاڙ ڏانهن وڃين پيو. من ۾ ڪا کوٽ هُجي ته ختم ڪري وڃجانءِ، نه ته خطا کائيندين.’’
    امان جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري صدوريءَ جي ننڍڙيءَ سان گڏ سندس گھر ڏانهن آيس.
    گھر ۾ چاچا عارب جي تڪڙ لڳي پئي ھئي. گھر جي ٻاهران به سندس آواز هڪ جھڙو ٻُڌڻ ۾ پئي آيو
    ‘‘ هلو ڌيئڙيون هلو....سج لهي ويندو، دير پئي ٿئي. وکاري اچو.’’
    گھر اندران کيس ورندي ملي
    ‘‘ها بابا ها تون هلي گاڏي ۾ ويهه. اسان اچون پيون’’
    آءٌ هنن جي گھر جي دروازي وٽ پھتس، ته صدوريءَ جو آواز ڪنن تي پيو
    ‘‘بابا اڃا هو ڪونه آيو آهي.’’
    مونکي جيڪا خوشي ٿي، تنهن جي حد نه هُئي. هن کي منهنجي ايتري فڪر هُئي، جو منهنجي پر پُٺ منهنجو پُڇي رهي هُئي. من ۾ اهو تاثر اُڀري رهيو هو، ته هن ميلي کان پوءِ منهنجو ۽ صدوريءَ جو روز ميلو ٿيندو. چاچا پُڇيس
    ‘‘صدوري هو ڪير.....اڃا ڪير رهجي ويو آهي.؟”
    صدوريءَ وراڻيو
    ‘‘ بابا هو ادا خادم....ڇا سمجھندو ته ڀيڻ ۽ چاچا مون کي سکڻي صلاح هنئي ھئي.’’
    هن جي زُبان مان ادا ڄڻ ڀونڊو ٿي نڪتو، جنھن جو رُخ سڌو منهنجي منهن ڏانھن هو.
    ***


    اڇو منھن

    گھڻن ڏينھن کان ريشم پاران ھن کي ‘‘سر... سر...’’ چوڻ چڀي رھيو ھو.
    ھو دل ئي دل ۾ مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيو ھو.
    جڏھن ته ريشم عمر ۾ سندس ڌيءَ صائمه کان به ڪافي ننڍي ھئي. پوءِ به ھن کي ريشم کي ڏسندي، صائمه جون اکيون سامھون نه آيون ھيون. ھن کي ڏسي سندس شودو روح کيس چنبڙڻ لاءِ آتو ٿي ويندو ھو.
    ساڳي جاءِ تي کيس اھو خوف به ھو، ڪٿي ريشم ھنگامو مچائي کيس خوار نه ڪري وجھي. ريشم وٽس فيس بوڪ تي ايڊ ھئي، ريشم جي ھن سان مختلف موضوعن تي چيٽنگ ٿيندي ھئي.
    نيٺ ھڪ ڏينھن پروفيسر وجاهت صبر جا سڀ پيمانا لبريز ڪندي ھن کي فيس بوڪ تي چيٽ ڪندي چئي ڏنو
    ‘‘اڙي ريشم جان....ھاڻي ڇڏ ‘سر... سر’ کي....ڪا رنگين ڳالهه ڪر يار!’’
    ريشم ھيسجي وئي.
    ‘‘ھي سر اوھان کي ڇا ٿي ويو، مان ته اوھان کي ڊيڊي جيان سمجھندي آھيان. آئي ڊونٽ بليو’’
    پروفيسر کي پگھر وٺي ويو. ڪجهه گھڙيون سوچيندي، ھن اسٽيٽمينٽ ۾ پنھنجي اڇي منھن جو ثبوت پوسٽ ڪيو
    ‘‘سوري فرينڊس! منھنجي آئي ڊي جو ڪو فراڊي ماڻھو مس يوز ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن توھان کي منھنجي اڪائونٽ پاران ڪا تڪليف پيش آئي ھجي ته ان لاءِ مان شرمندو آھيان.’’
    ***


    ذميوار

    شھر ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول ھو. ڪنھن مسئلي تي سياسي ڪارڪنن شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو ھو. پر واپاري لڏي انھيءَ کي رد ڪري ڪاروبار بند رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ به سياسي ڪارڪن داٻي دڙڪي سان جزوي ھڙتال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ھئا. شھر جي مختلف چوڪن تي ھو ٽولن جي صورت ۾ ڏنڊا ۽ جھنڊا کڻي نعريبازي ڪري رھيا ھئا.
    شھر جي جنھن به حصي مان ھي گشت ڪري روانا ٿي ٿيا، ته دوڪاندارن شٽر مٿي ٿي ڪري ڇڏيا. وري جڏھن واپارين کي مظاھرين جي اچڻ جو پتو ٿي پيو، ته ھو تڪڙ تڪڙ ۾ شٽر ھيٺ ڪري مظاھرين سان گڏ ھئڻ جو شاندار مثال ڏيئي رھيا ھئا.
    اھڙي ڇڪ ڇڪان ۾ قاصر ۽ وقاص شھر ۾ داخل ٿيا. قاصر بيروزگار ۽ شاعر آھي، جڏھن ته وقاص انٿروپولاجي جو شاگرد آھي. پنھنجي جڳهه تي ٻئي سلجھيل نوجوان آھن. ھي ٻئي شاھي بازار ڇڏي جڏھن چوڪ تي آيا، ته اتي دوڪان بند نه ڪرڻ تي دوڪاندار ۽ سياسي ڪارڪنن جي وچ ۾ منھن ماري لڳي پئي ھئي. جڏھن دوڪاندار تي شھرين زور وڌو، تڏھن ھن ٻري سور مان دوڪان بند ڪيو. ھنن جڏھن اھا حالت ڏٺي، ته کين سخت افسوس ٿيو. قاصر افسوس ڪندي چيو
    ‘‘يار حالت آھي، ھنن ماڻھن کي انفرادي مفاد عزيز آھن. کين پتو ناھي جيڪڏھن ھنن اجتماعي مفادن لاءِ گڏجي ويڙھ نه ڪئي ته تڏو سڄو تيل ٿي ويندو.’’
    وقاص ھن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي وراڻيو
    ‘‘يار تون به ڪو درويش ماڻھو آھين، ھي واپاري پيٽ جا پوڄاري تن کي ڪھڙي ڪل...ھنن کي ته بس پنھنجو پيٽ ئي عزيز آھي. پر يار مونکي انھيءَ سڀ جو ھڪ ڪارڻ نظر اچي پيو .’’
    ‘‘ڪھڙو ڪارڻ .......؟’’
    قاصر حيرت مان پڇيو.
    روڊ تي ٽائر سڙي رھيا ھئا، ڪارڪنن پاران نعريبازي جاري ھئي. ھي ٿورو اڳيان ويا ته وقاص وراڻيو
    ‘‘يار منھنجي خيال ۾ موبلائيزيشن جي ڪمي آھي، رڳو روڊ بلاڪ ڪرڻ دوڪان بند ڪرائڻ مسئلي جو حل ناھي. شايد واپاري مسئلن جي نوعيت کان آگاھ ناھن، تڏھن ته ھو موٽ نه پيا ڏين.’’
    قاصر ڪجهه گھڙيون وقاص جي ڳالهه تي سوچڻ کان پوءِ وراڻيو.
    ‘‘يار تنھنجي ڳالهه ۾ پنھنجي جڳهه تي وزن ته آھي، پر ھي دور تيز آھي. چوويهه ڪلاڪ ٽي وي تي ويٺا طوطا ٻولين...اسان ٻڌون ٿا، واپاري ڇونه ٻڌندا ھوندا؟”
    ھي ٿورو اڳيان وڌيا اتان ڪارڪن نعرا ھڻي لنگھي ويا ھئا، ۽ اُتي دوڪاندارن ڪاروبار کولي ڇڏيو ھو. ھنن وڌي وڃي ھڪ دوڪاندار کي چيو
    ‘‘سيٺ سڄو شھر بند آھي، پوءِ به تو دوڪان کولي ڇڏيو آھي’’
    دوڪاندار جذباتي ٿيندي وراڻيو
    ‘‘اڙي ابا شھر جي انھن چئن ڀتي خور لوفرن مان اچي ڦاٿا آھيون. ڳالهه ڳالهه تي دوڪان بند، اھي سڀ بيروزگار انھن کي ڪھڙي خبر ته ھڪ ڪلاڪ دوڪان بند رکڻ سان ڪيترو نقصان ٿئي ٿو.’’
    ھنن دوڪاندار سان وڌيڪ ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيو. ھيٺ لھي آيا، وقاص چيو
    ‘‘ٻڌئي ھن قوم جا شاعر! اھا آھي سوچ…تون ئي ٻڌاءِ ھن ھڙتال جو ڪارج ڇا ٿيندو. جيڪي ماڻھو ذاتي مفاد جي ڪلاڪ ڪلاڪ جو حساب ڪتاب رکن ٿا، سي ڇا ديس جي اجتماعي مسئلن تي اٿندا؟”
    وقاص مايوس ٿي ويو، ٿورو اڳيان آيا ته ھڪ جھوپڙا ھوٽل کليل ھئي. جنھن تي ماڻھن جا ھجوم ويٺا ھئا، ائين لڳو پي ته ھنن جو ھڙتال جي طرف ڪوبه ڪن نه ھو، ٽھڪ ۽ ھوڪرا لڳا پيا ھئا. وقاص ھوٽل جي ناد مان پاڻي جو گلاس اوتيندي ھوٽل جي مالڪ کان پڇيو
    ‘‘چاچا اها خبر اٿئو، اڄ شھر ۾ ڪھڙي مسئلي تي ھڙتال ٿي آھي.؟”
    ھوٽل جي مالڪ لاتعلقي واري انداز ۾ چيو
    ‘‘ابا ڪھڙي خبر! ڪلهه آيا ھئا، چيائون پي سڀاڻي ڪاروبار بند رکجو.’’
    قاصر اچرج مان پڇيو
    ‘‘ڇو چاچا ھنن ٻڌايو ڪونه ته دوڪان ڇاجي ڪري بند رکجو!؟’’
    ھوٽل واري بيزارگيءَ مان وراڻيو
    ‘‘ھا ابا ڪجهه چيائون ته پي، پر مون ڪن ڪونه ڏنو. ھڙتالن مان ملي ڇا ٿو، عام ماڻھو جو نقصان.....مٿي سڀ گڏيا ويٺا آھن.؟”
    ھوٽل جو مالڪ اھو چئي گراھڪ کان پئسا وٺڻ لڳو، ھي ٻاھر نڪري آيا.
    وقاص چيو
    ‘‘يار ھنن ماڻھن مان واقع ھاڻي مزاحمتي روح موڪلائي ويو آھي. ٻي ڳالهه ته ھي عدم اعتماد جو به شڪار آھن، جنھن جون ذميوار سياسي ڌريون آھن. جيڪڏھن ماڻھن جي درست طريقي سان سياسي ۽ سماجي تربيت ٿئي، ته ھو ھر شيءَ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندا ٻي صورت ۾ ھي حال.’’
    وقاص پراعتماد لھجي مان وراڻيو
    ‘‘قاصر ڳالهه تنھنجي صحيح آھي، ماڻھو جيستائين پنھنجي مسئلن جي بنياد کان آگاھ نه ھوندا. تيستائين ھو ان جي حل لاءِ سنجيده ڪيئن ٿيندا.؟ ھن نوعيت جو احتجاج ڀلي ميڊيا تي ھاءِ لائيٽ ٿئي، ذميوار ڌر تي پريشر به پوي....پر ان عمل سان اسان پنھنجا ماڻھو پنھنجي خلاف ڪري رھيا آھيون. ان جي باقائدي پلاننگ ٿئي، سڀني اسٽيڪ ھولڊرز کي پوري ڄاڻ ڏئي کين اعتماد ۾ وٺجي. پوءِ ڏس ته نتيجا ڇا ٿا ملن.’’
    قاصر سندس ڳالهه تي حام ڀريندي وراڻيو
    ‘‘بلڪل صحيح يار، ھنن کي ته ڪارڪنن ڪلهه ٻڌايو ته سڀاڻي دوڪان بند رکجو. سبب به واضح ناھي، پوءِ نتيجي ۾ اھي منھن ماريون.....جھيڙا جھٽا.’’
    ھي شھر جو گشت ڪندي مين روڊ تي آيا، جتي مظاھرين ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ھئا. ڪجهه صحافي ۽ شھري پڻ ويٺل ھئا، روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي رھي ھئي. ڪنھن ڪنھن گاڏي واري سان ھنن جي منھن ماري به ٿي رھي ھئي. گرميءَ سبب گاڏين ۾ موجود ماڻھن جا چھرا خراب ٿي رھيا ھئا، پر ھو ھنن جي اڳيان بيوس نظر اچي رھيا ھئا. نفسانفسي ڦھلجي رھي ھئي، پنھنجي منھن ماڻھو ھنن جي حوالي سان گھڻو ڪجهه چئي رھيا ھئا. اھو سڀ ڏسي وقاص افسوس ۽ ڪاوڙ مان چيو
    ‘‘جڏھن به بنا رٿابندي جي ڪم ٿيندا آھن، ته انھن جا نتيجا ھھڙا نڪرندا آھن. اڄ جنھن جڳهه ٿي ھمدرديون ملڻ گھرجن ھا، تنھن جڳهه تي مخالفت پيدا ٿي رھي آھي.’’
    قاصر ڌيرج مان وراڻيو
    ‘‘يار مون کي ته ھن سڄي صورت الحال جا ذميوار پاڻ ئي نظر پيا اچون .’’
    وقاص حيرت مان اکيون ڦاڙيندي پڇيو
    ‘‘پاڻ ڇا ڪيو آھي!؟
    ‘‘ قاصر جي چھري تي مايوسي جا آثار چٽا نظر پي آيا، ڏکارو ڏکارو محسوس ٿي رھيو ھو. شڪسته لھجي ۾ وراڻيائين
    ‘‘اھو ئي ته ڏوھ آھي، اسان ڪجهه نه ڪري رھيا آھيون. ھي ويچارا عام ڪارڪن جيڪي سياسي تربيت کان به محروم آھن. سي ڇا ماڻھن جا ذھن تبديل ڪندا !؟ آئون ادب جو شاگرد، ۽ تون انٿروپولاجسٽ. پر اسان مصلحت پسنديءَ جو شڪار آھيون. سڀ ڪجهه خراب ڏسي به مخالفت جي خوف کان ان کي “سڀ ڪجهه ٺيڪ آھي....’’ تسليم ڪري وڏو قومي ڏوھ ڪري رھيا آھيون. اسان عام ماڻھن جيان ھِن ھُن جا تبصرا ٻڌي تنقيد ته ڪري رھيا آھيون، پر پنھنجو ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري رھيا آھيون. جيڪڏھن اسان تبديليءَ جي آس رکون ٿا، ته اسان کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ھن قسم جون حالتون ڏسڻيون پونديون، جن ۾ عام ماڻھو پنھنجن مسئلن کان ئي بي خبر نظر اچي رھيا آھن’’
    ھو ڳالھائڻ وقت ڪنھن به ڪامريڊ کان گھٽ نظر نه اچي رھيو ھو. وقاص کي سندس ڳالهه دل سان لڳي.
    ايتري ۾ ھڙتال ڪرائيندڙن جي اڳواڻ کي ڪا ڪال آئي. فون تي ڳالھائڻ کانپوءِ ھن مظاھرن کي آگاھي ڏني
    ‘‘ڌرڻو ختم ڪريو، سرڪار اسان جا مطالبا مڃي ورتا آھن.’’ مظاھرين نعريبازي ڪندي جيت جو جشن ملھائڻ لڳا. وقاص وراڻيو ‘‘خير ھي ته ڪامياب ويا’’
    قاصر افسوس ڪندي وراڻيو
    ‘‘ھيءَ ڪاميابي ناھي يار، ھي ڪنھن به وڏي بيماري جو وقتي علاج سمجھه. علاج بند ٿيندو ته ٻيھر بيماري ظاھر ٿيندي.ائين سمجھه ان سان مرض اڃا به خطرناڪ حالت اختيار ڪري رھيو آھي. حل اھو آھي ته ان جو صحيح ۽ مڪمل علاج ڪجي، ۽ اھو آھي ماڻھن کي جاڳائڻ. منجھن مسئلن بابت احساسِ ذميواري پيدا ڪرڻ.....ھي سڀ تماشا آھن، ۽ اسين تماشائي’’
    مظاھرين خوشيءَ ۾ جھومندي روانا ٿي ويا، ماڻھو به پنھنجي پنھنجي ڪمن ۾ لڳي ويا. وقاص ۽ قاصر صورت الحال جو اصل ذميوار پاڻ کي سمجھي رھيا ھئا..
    ***


    ڪُرسي

    اڄ ننڍڙي ياسر ھڪ سوال ڪري مون کي منجھائي ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ ھن جي اڃا ايڏي عمر ئي نه ھئي، جو وڏيون ڳالھيون ڪري، نه ته ھتي اڪثر وڏن جي واتن مان ننڍيون ڳالھيون نڪرنديون آھن. پر ڪنھن ننڍي جي وات مان وڏي ڳالهه نڪري، اھا منھنجي لاءِ واقعي وڏي ڳالهه ھئي. آءٌ ڀيڻ جي گھر ڀيرو ڀڃڻ آيو ھوس، سندس پٽ ياسر اسان سڀني جو لاڏلو آھي.
    ڀيڻ چانهه تيار ڪرڻ وئي ھئي، تيستائين مون فيس بوڪ استعمال پي ڪيو. ايتري ۾ ياسر اسڪول مان موٽيو، بيگ رکي سڌو مون وٽ آيو. سنجيدگيءَ مان چيائين
    ‘‘ماما ماما ڪرسيون ڳالھائينديون آھن!’’
    آءٌ سوچ ۾ ٻڏي ويس، ته ھن کي ڪھڙي ورندي ڏيان. اڃا سوچي رھيو ھوس، تيستائين ھن ٻيھر ڳالهه اڳيان وڌائي
    ‘‘ماما ماما اڄ سائينءَ ٻڌايو، ته ڪرسيون به ڳالھائينديون آھن!’’
    مونکي ڪٿا سمجھه ۾ اچي وئي، ھن اھڙو ذڪر اسڪول مان ٻڌو ھو.
    ‘‘ھا ياسر! سائين ته برابر صحيح چيو آھي.’’
    پر ھو مطمئن نه ٿيو، ڪجهه ته ھو جيڪو ھن پڇڻ ٿي چاھيو. پر اڃا سندس ذھن ۾ سوال نه جڙي رھيو ھو. مون فيس بوڪ جي جھان ۾ جھاتي پاتي، تيستائين ھن سوچي پڇيو
    ‘‘ماما، سائينءَ چيو ڪي ڪرسيون خراب به ڳالھائينديون آھن.’’
    مون ھڪ دوست سان فيس بوڪ تي چيٽ شروع ڪري ڇڏي ھئي. سوچيم ته ياسر کي مٿي ۾ ڪا اھڙي ڳالهه ھڻان جو ھو اُن ۾ لڳي وڃي. کيس چيم
    ‘‘ياسر ھڪ ڳالهه ٻڌ، ڪرسين ويچارين کي نه وات نه زبان. ڀلا اُھي ڪيئن ڳالھائينديون. سائينءَ مڙئي اوھان کي سمجھاڻي ڏني ھوندي.’’
    ھن ٺڙڪ ورندي ڏيندي مون واري ارادي تي پاڻي وجھي ڇڏيو
    ‘‘نه نه ماما! ائين نه، سائينءَ ٻڌايو ھو ته اصل ۾ ڪرسيون ماڻھن جي زباني ڳالھائينديون آھن. پر ماما مون ته ڪڏھن اھڙي ڪرسي نه ڏٺي آھي، جيڪا خراب ڳالھائيندي ھجي.’’
    ياسر اڃا پنجين ڪلاس ۾ پڙھي ٿو، پر ھو غير معمولي ٻار آھي. ڪافي ڀيرا مون ھن ۾ ھڪ خاص ڳالهه ڏٺي آھي. ھو جيڪو به ٻڌندو آھي، کيس ياد ٿي ويندو آھي. ٽي وي تي “طارق مھتا ڪا اُلٽا چشما” سندس پسنديده ڊرامو آھي. پر جڏھن گھر ۾ پڻس چئنل بدلائي خبرون لڳائيندو آھي، ته ھو پھرين چپ ڪري ويھي پڻس سان گڏ خبرون ٻڌندو آھي. ٻين ٻارن جيان گوڙ شور ڪونه ڪندو آھي. پر بعد ۾ سڄو ڏينھن پڻس جي منھن تي ٻڌل خبرون پيو ورجائيندو آھي. اھو ئي ھن جي ڪاوڙ جي اظھار جو نرالو نمونو آھي، پوءِ پڻس کيس پرچائڻ جو سايو ڪندو آھي.
    اڄ به ھن جيڪو ڪجهه اسڪول ۾ ٻڌو ھو، سو کيس ياد ٿي ويو ھو. ھن ڳالهه اڳيان وڌائي وري پڇيو
    ‘‘ماما پوءِ اُھي ڪھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جن جي زباني ڪرسيون خراب ڳالھائينديون آھن.؟”
    مونکي ته ھن ڄڻ امتحان ۾ وجھي ڇڏيو ھو. بنا سوچڻ جي ئي چئي ڏنومانس
    ‘‘ياسر پٽ اھي ڪرسيون وڏن ماڻھن جون ھونديون آھن.’’ ڪجهه گھڙيون چپ رھيو، سمجھيم ھاڻي منھنجي جان ڇٽي. پر وري پڇيائين
    ‘‘وڏن ماڻھن جون ڪرسيون، پوءِ ماما نانا جي ڪرسيءَ ڪڏھن خراب ناھي ڳالھايو، ڀلا اُن کان به ڪو وڏو ٻيو ھوندو. ھو ته ايڏو وڏو آھي، جو لٺ تي ٿو ھلي. پوءِ انھيءَ جي ڪرسيءَ ڇو ڪڏھن خراب ناھي ڳالھايو.؟”
    ‘‘ياسر! نانين واري ڪرسي ڀڳل آھي، اُھي ڪرسيون ٻيون ھونديون آھن’’
    ھو وري به مطمئن نه ٿيو، پڇيائين
    ‘‘ٻيون ڪھڙيون ڪرسيون! سائين به ڪرسي تي ويھي اسان کي سٺيون سٺيون ڳالھيون ٻڌائيندو آھي. ھن کان به ڪڏھن ڪرسيءَ غلط ناھي ڳالھارايو.’’
    ‘‘ياسر سائين به اسان جيان شريف ماڻھو آھي، ٻيون ڪرسيون پاور رکن ٿيون...!’’
    ‘‘اڙي واھ پاور! يعني بجلي، ماما اڄ پاڻ به نانا جي ڪرسيءَ ۾ بجلي جو وائر لڳائينداسين. پاڻ کي به خبر پوي نانا ڪيئن ٿو پاور ۾ ڳالھائي.’’
    مونکي کل ڇڏائي وئي، اڄ ته آءٌ به ھن سان ٻار ٿي بيهي رھيو ھئس. ھاڻي آءٌ ھن کي ڪيئن سمجھايان ته پٽ اھو پاور جيڪو ماڻھو کان غلط ڪرائيندو ۽ غلط ڳالھرائيندو آھي. سو بجليءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آھي. بجلي کان ته ماڻھو احتياط ڪري بچي سگھي ٿو، پر ان پاور کان بچڻ ڏکيو ھوندو آھي.
    ھو اڃا به منھنجي سامھون ويٺو ھيو، ڪجهه پڇڻ ٿي چاھيائين. پر کيس ھاڻي ڪجهه سمجھه ۾ نه پي آھيو، ۽ آءٌ سندس مونجھارو ختم ڪرڻ ۾ ناڪام پئي ويس. ھو وڌيڪ سوالن ۾ الجھندو ويو، موبائل تي فيس بوڪ آن ھيو. رفريش ڪيم ته عاصم جو لکيل اسٽيٽس سامھون آيو، عاصم جنھن ڪيترو ئي وقت مون سان گڏ مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو. ھو منھنجو ويجھو ساٿي ھو، تنھن لکيو ھو
    ‘‘سڀني دوستن ۽ مائٽن جي دعا سان مون کي ميرٽ تي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جو آرڊر ملي ويو.’’
    مون جيئن ھن جو اسٽيٽس پڙھيو، خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳس. ڄڻ ھو نه پر آءٌ مختيارڪار ٿيو ھجان. فيس بوڪ تي کيس مبارڪ ڏيڻ کانپوءِ مون گرم جوشيءَ مان موبائل تي ھن جو نمبر ڊائل ڪيو، ھن ڪال اٽينڊ ڪئي
    ‘‘ھيلو السلام عليڪم.’’
    ‘‘ يار عاصم توکي لک لک وڌايون’’
    ‘‘جي وعليڪم السلام. مھرباني.’’
    ھن جي آواز ۾ ڪابه ڪشش يا گرم جوشي محسوس نه ٿي،جيتري منھنجي آواز ۾ ھئي. اھو پھريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ھو، نه ته ھو منھنجو ھُجاتي يار ھو. اسان ھڪٻئي سان مذاق ۾ گھٽ نه ڪندا ھئاسين. ھاڻي مون پاڻ سنڀالي ڳالھايو
    ‘‘ڇا توھان منھنجو آواز ڪونه سڃاتو.؟”
    منھنجي ڳالھائڻ ۾ به تون جي بدران توھان اچي ويو ھو، ھن وراڻيو
    ‘‘نه’’
    ۽ وڌيڪ ھڪ سيڪنڊ به ڪال تي رھي ھن سان ڳالھائڻ مون لاءِ ممڪن نه رھيو ھو. عاصم جنھن سان ڪافي ڀيرا مون مختلف نمبرز تان ڳالھايو ھو، پر ھو مونکي آواز مان سڃاڻي وٺندو ھو. آواز ته پري جي ڳالهه، ھو ته منھنجا ٽھڪ به سڃاڻي وٺندو ھو. سو اڄ ائين اوپرو ٿي ويو
    ‘‘ماما! وريءَ ڪنھن ڪرسيءَ ڳالھايو ڇا.’’
    ياسر منھنجي چھري جي پريشاني پڙھي ورتي ھئي، سندس سوال سان منھنجي خيالن مان موٽ ٿي
    ‘‘ھا پٽ ڪرسيءَ ڳالھايو...حيثيت ڳالھايو، عھدي ڳالھايو، اسان وٽ ماڻھو گھٽ ڪرسيون وڌيڪ ڳالھائينديون آھن...’’

    ***


    پرَ ڪٽيل پکيئڙو

    ھن پڇيو
    ‘‘تنھنجو ۽ منھنجو ناتو ڪھڙو آھي.؟”
    مون چيس
    ‘‘جيڪو اُڃ جو پاڻيءَ سان ھوندو آھي.’’
    چيائين
    ‘‘ھل ڪوڙ، اڃا به ٻُڌاءِ.’’
    مون وڌيڪ چيو
    ‘‘جيڪو ٻج جو ڌرتيءَ سان ھوندو آھي.’’
    ھن پڇيو
    ‘‘اڃا به ٻڌاءِ.’’
    مون وراڻيو
    ‘‘جيڪو پکين جو وڻن سان ھوندو آھي’’
    ھن پڇيو
    ‘‘اُهو وري ڪيئن..؟”
    مون پنھنجو ڪنڌ ھن جي گوڏي تي رکي وراڻيو
    ‘‘جيئن پکين جي وڻ پناھ گاھ ھوندا آھن، تيئن ئي تنھنجا زلف مون لاءِ تتيءَ ۾ ڇانورو ھوندا آھن.’’
    ھن پنھنجن وارن ۾ منھنجو منھن لڪائي ڇڏيو، سندس چپڙا منھنجي منھن تي ڪجهه ڳولي رھيا ھئا. ڪجهه گھڙين کانپوءِ ھن وار ھٽايا، ائين لڳو ڄڻ منھنجي چپن تان ڪنھن آب حيات جو پيالو ورايو ھيو. پڇيائين
    ‘‘تنھنجا جواب ايترا غير روايتي ڇو ھوندا آھن.؟’’
    چيومانس
    ‘‘جڏھن تنھنجي ڀر ۾ ھوندو آھيان، تڏھن منھنجي ڏات جي پکيئڙي جا ڪٽيل پرَ، کيس واپس لڳي ويندا آھن. پوءِ جيڪو ڪجهه ڳالھائيندو آھيان. سو مونکان ڪا ٻي طاقت ڳالھرائيندي پئي آھي.’’ ھن مرڪندي چيو
    ‘‘منھنجي تعريف ڪر’’
    مون انڪار ڪندي وراڻيو
    ‘‘مون کان ڪو نه ٿيندي’’
    ھن جي چھري تي وڌيڪ ناز رقصان ٿيڻ لڳو، ھوڏ مان چيائين
    ”پوءِ تنھنجي اھا ڏات ڪھڙي ڪم جي، جنھن ۾ توکان منھنجي تعريف نه ٿئي.’’
    مون ڌيرج مان وراڻيو
    ‘‘منھنجو ھر ٻول تنھنجي خوبصورتي جو گواھ آھي، منھنجي روحاني قوت جي ڏيئي جو تون تيل آھين. تون ئي منھنجي سوجھرن جي سفر جو بنياد آھين. منھنجي خيال ۾ اھڙي سچ کي تعريف جي ڪابه ضرورت ناھي.’’
    ھن چيو
    ‘‘تڏھن به.’’
    مون چيس
    ‘‘تنھنجا نيڻ حيا جا حوالا آھن، تنھنجي مرڪ ۾ نئين ڄاول ٻار جي معصوميت آھي’’
    ھن مونکي روڪيندي چيو
    ‘‘بس بس’’
    مون پڇيو
    ‘‘ڇو ڇا ٿيو، تعريف نه وڻين ڇا.؟
    ھن وراڻيو
    ‘‘وڻين ۽ منھنجي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به ايتري تعريف نه ڪئي آھي’’
    چيومانس
    ‘‘ته پوءِ پڪ سمجھه، اڄ تائين توکي مونکان سواءِ ڪنھن چاھيو ئي ناھي’’
    ھن وراڻيو
    ‘‘ھا شايد، پر ھاڻي.’’
    ھوءَ ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي، مون عاجزي سان چيو
    ‘‘ھڪ گذارش آھي.’’
    ھن ٺهه پهه وراڻيو
    ‘‘مونکي ڇڏي نه وڃجانءِ....جھڙي روايتي ڳالهه نه ڪجانءِ.’’
    خبر ناھي ڪيئن ھن منھنجي التجا ٻڌڻ کان اڳ ۾ سمجھي ورتي ھئي. مون چيو
    ‘‘نه نه! گذارش اھا آھي ته تنھنجي ڪري منھنجي ڏات جي پکيئڙي کي اڄ جيڪي پر مليا آھن، تن جي توکي پارت آھي’’
    ھن ڪجهه سوچي پڇيو
    ‘‘ڪٿي اھو پکيئڙو توکي مون کان پري ته نه کڻي ويندو.؟” چيومانس
    ‘‘نه...جي کڻي به ويو، ته انھيءَ جو سبب غير روايتي ھوندو.’’
    ھن چيو
    ‘‘مطلب ته ائين ٿي سگھي ٿو، منھنجي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ اھڙا امڪان رھيا آھن. جيڪي نه ٿيا ھجن. ھي پکي منھنجو دشمن آھي، مان ھن کي پر نٿي ڏئي سگھان.’’
    ھن شايد مستقبل جو چھرو ڏسي ورتو ھو، ۽ موٽي وئي. مون وٽ مون جيان ڏات جو پر ڪٽيل پکيئڙو جي رھيو آھي.

    ***


    سبجي ويل چَپَ

    سيما وڏي ڀاءُ جواد جي اڳيان چانهه جو ڪپ رکي، سامھون واري ڪرسيءَ تي ويھندي چھري تي اطمينان واري مرڪ مرڪندي چيو
    ‘‘ادا مون کي ھڪ نوڪريءَ جي آفر ٿي آھي، جيڪڏھن توھان اجازت ڏيو ته ڪريان.’’
    جواد اخبار مان اکيون ڪڍي ڀيڻس ڏانھن نھاريندي پڇيو ‘‘نوڪري، پر ڪٿي.؟ ڏسجان سيما ٽيچنگ کانسواءِ ٻي ڪنھن به نوڪري جي آئون اجازت نه ڏيندس’’
    سيما جي چھري تان مرڪ اُڏي وئي، ڀاڻس سندس پريشان چھرو پڙھندي ڌيرج سان وراڻيو
    ‘‘ڏس ادي! ماحول خراب لڳو پيو آھي، ادارن ۾ اھي اکين وارا ماڻھو ڪونه رھيا آھن.....اسڪول وري به ٺيڪ آھي’’
    سيما جي چھري تان اميد جون لڪيرون گم ٿي ويون ھيون. بيزارگيءَ ۽ مايوسي جا تاثر ڇڏي رھي ھئي، ٻي ڳالهه ته سندس اظھار کان پھريان ئي جواد ڄڻ چپن تي ماٺ جو تالو ھڻي ڇڏيو ھو. ھن ائين پي محسوس ڪيو، ته ڄڻ ھن اڳ ڪيترائي ڀيرا جواد جو اعتماد ٽوڙيو ھجي. جو ھو کيس اڳواٽ خبردار ڪري رھيو ھو. جواد ٻيھر پڇيس ‘‘ادي ٻڌاءِ ته سھي، ڪٿي جاب آھي....؟ ’’
    ‘‘بس ادا رھڻ ڏيو، مون چاھيو پي ته منھنجي نوڪري ڪرڻ سان توھان تان ڪجهه بوجهه گھٽجي پوندو. مھوش جو ڏاج به ڪري وٺنديس، ڇاڪاڻ توھان جي آمدني ته گھر جي خرچ ۾ پوري ٿيو وڃي.’’ ھن اھو سڀ ڀروسي سان چئي ڏنو. ڀاڻس وراڻيو
    ‘‘اھو ته ٺيڪ آھي. پر جاب ڪٿي آھي.؟”
    سيما رکي رکي آھستگيءَ سان چيو
    ‘‘ادا...ادا...ھڪ اين جي او آھي، ان ۾ ھڪ سھيلي به ڪم ڪري ٿي.’’
    جواد جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو، لھجي ۾ شعلا لھي آيس. جذباتي ٿيندي چيائين
    ‘‘چپ ڪر ادي! چري ته ناھين، مونکي ايترو بي عزت سمجھيو اٿئي ڇا...جو اين جي او ۾ ڪم ڪندينءَ.؟”
    سيما جي جي اکين جا بند ٽٽي پيا، احتجاجي لھجي ۾ چيائين
    “ادا ھي تون ڇا پيو چوين....!؟ ڇا آئون ايتري ڪِريل آھيان جو توھانجي عزت خراب’’
    سيما کان اڳيان ڳالھائڻ نه ٿيو، سندس اکڙيون پاڻي ٿي ويون ھيون. لڙڪ موتين جيان سندس گلابي رنگت واري چھري تان ھيٺ ڪرڻ لڳا. جواد ڳالھائڻ ۾ نرمي آڻيندي چيو
    ‘‘ادي ڏس، ڀائرن جي لڄ ڀيڻن جي پوتي ۾ ھوندي آھي، مونکي توتي يقين آھي پر.!؟”
    سيما شڪي نظرن سان جواد جي ڳالهه ڪٽيندي روئڻھارڪي لھجي ۾ پڇيو
    “پر ڇا ادا .؟”
    جواد ڌيرج مان وراڻيو
    ‘‘ڀيڻ اين جي اوز جو ماحول ڏاڍو خراب ھوندو آھي، انھيءَ ۾ شريف ڇوڪري جي عزت جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. خبر اٿئي ھڪ عام ڇوڪري پنھنجي سپروائيزر کان ويندي پروجيڪٽ آفيسر تائين بليڪ ميل ٿيندي آھي. آئون نٿو چاھيان....’’
    ھو ڪجهه اھڙي انداز سان سيما کي خبردار ڪري رھيو ھيو، ڄڻ ھوءَ ڪن خوني جانورن کي پاڻ سونپي رھي ھئي. ھن دل جو دل ۾ نوڪري ڪرڻ وارو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. جواد گھر ۾ ٻن ڀينرن جو اڪيلو ۽ ننڍو ڀاءُ ھو، سندن ماءُ ھنن جي ٻاروتڻ واري وھيءَ ۾ انتقال ڪري ويئي ھئي. باقي سندن پيءُ ھنن کي سنڀالڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، ٽنھي ٻارڙن کي پڙھائڻ لاءِ به وڏا ڪشالا ڪاٽيائين. اھو به ٻه سال پھريان وفات ڪري ويو.
    ھاڻي گھر جو ڪاروھنوار جواد جي ذمي ھو. پاڻ شھر ۾ سگريٽ ڪمپنيءَ جو سيلزمين ھو، سندس ڪمائيءَ مان مشڪل سان گھر جو خرچ پورو ٿيندو ھو. انھيءَ ۾ سندس مدد جو سوچي سيما سھيلين تي نوڪري جو بار رکيو ھو. ھاڻي جڏھن آفر ٿيس ته سندس اندر ۾ ھڪ اميد پيدا ٿي ھئي. تنھن تي جواد جي سوچ پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو.
    جواد چانهه پي رھيو ھو ته کيس ڪال آئي. اٽينڊ ڪيائين “ھيلو جواد، ھڪ گُڊ نيوز آھي.’’
    فون تي سندس پريميڪا سحر ھئي، سحر سان ھن جي ملاقات مڪليءَ تي ٿي ھئي. ھنن اتي پھرين اکين کي اکين سان چاھت جا سنيها ارپيا ھئا، پوءِ سحر اڳڀرائي ڪري اچي ھن سان اتي ڪنھن ڪنڊ ۾ حال احوال ڪيا ھئا. ائين ئي ھنن جو رشتو جڙي پيو ھو، جواد جي ڳالھائڻ جي انداز تي ھوءَ وڌيڪ موھت ٿي پئي ھئي، ۽ ھوءَ جواد کي روشن خيال سمجھي ڏينھن و ڏينھن ھن جي ويجھو ايندي رھي. ڇاڪاڻ سحر جو تعلق پڙھيل لکيل گھر سان ھو، سندس ڀاءُ وڪيل ۽ پيءَ ڪاروباري ماڻھو ھو.
    جواد ڪپ رکندي پڇيو
    ‘‘ڇو خير ته آھي سحر، ڪھڙي گڊ نيوز.؟”
    سحر وراڻيو
    ‘‘ھا سڀ خير آھي، اصل ۾ ادا منھنجي جاب لڳرائي آھي. سندس دوست جي ڪا اين جي او آھي.’’
    جواد جو مٿو ڦرڻ لڳو
    ‘‘تون اين جي او ۾ جاب’’
    سيما کي سامھون ويٺل ڏسي رڪجي ويو.
    ‘‘ھا يار! مون ته ادا کي جام منع ڪئي، ڪير ٿو ان جھنجٽ ۾ پوي. بس ابو به ادا جي پاسي سو.........ھو چون ٿا گھر ۾ ويھي پنھنجا اسڪلز ضايع نه ڪر ....’’
    جواد جا چپ سُبجي ويا ھئا، پر سحر ڳالھائي رھي ھئي. ھو سامھون ويٺل پنھنجي ڀيڻ سان اکيون ملائي نه پئي سگھيو.

    ***


    ايج ڊفرنس

    “بابا بابا مون کي اسڪول ڇڏي اچ.’’
    جمال جي ڇاتيءَ تي ڄڻ عديل جي ڳالهه ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھنيا. جنھن جو سبب اھو ھو ته عديل جنھن جي اسڪول نه وڃڻ واري ضد تي ھن جو ڪوبه وس نه ھليو ھو، ۽ عديل مارڪٽ، دڙڪا ۽ گاريون سهسائي ڏاڍو ٿي ويو ھو. آخر جمال کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. پر عديل جو استاد اسلم جتي به جمال کي ملندو ھو، ته کيس سختيءَ سان عديل کي اسڪول موڪلڻ لاءِ چوندو ھو. جمال ھا ۾ ھا ملائي ھليو ايندو ھو. عديل جيڪو ستين ڪلاس تائين پڙھائيءَ ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان ھو، ۽ اٺين ڪلاس ۾ سندس پير اسڪول وڃڻ کان ڇو سست ٿي ويا۔؟انھيءَ جو سبب نه کلي طرح عديل ٻڌايو، نه ئي انھيءَ جي گھرائيءَ ۾ وڃي سوچڻ جي صلاحيت جمال ۾ ھئي. بس عديل گسائيندو ھو، جمال کيس بي عزتو ڪري ڍورن جيان ڪٽيندو ھو، ۽ سائين اسلم کيس اسڪول موڪلڻ لاءِ جمال تي زور ڀريندو ھو. بظاھر ڪھاڻي ايتري ئي ھئي. پر عديل نه ويو سو نه ويو، ۽ انھيءَ ڳالهه کي چار سال گذري ويا.
    ھاڻي جڏھن ھو ڪجهه وڌيڪ سمجھه ڀريو ٿيو، ۽ سندس خوبصورت چھري تي مُڇيون ظاھر ٿيڻ لڳيون، تڏھن اڄ ھن پڻس کي اسڪول ڇڏي اچڻ لاء چيو.
    ٻي ڏينھن جمال ھن کي سوير اسڪول ڇڏڻ ويو. ھيڊماستر سان انھيءَ معاملي تي ڳالھايائين، پھريان ته ھيڊ ماستر عديل جي مسلسل اسڪول کان غير حاضر رھڻ جو جواز ڏئي کيس ٻيھر اٺين ڪلاس ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر پوءِ کيس ترس آيو ۽ ھن اٺين ڪلاس جي استاد سائين اسلم کي گھرايو، اسلم جڏھن آفيس ۾ آيو ته جمال ھن ۾ اميد ۽ پنھنجائپ سان نھاريو. پر ھو کيس اوپري نگاھ سان نظر انداز ڪري ھيڊماستر وٽ وڃي ويھي رھيو.
    ھيڊ ماستر اسلم سان مخاطب ٿيندي چيو
    ‘‘سائين اسلمَ! عديل کي ڪلاس ۾ ويھار.’’
    اسلم لاپرواھيءَ مان وراڻيو
    ‘‘ھيڊ ماستر صاحب! درويش ته ناھيو، ھي لوفر پڙھندو ڇا جو ھن کي.؟’’
    عديل ڄڻ پنھنجي منھن تي لپاٽ لڳندي ڀانئي، سندس ڳورو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو. جمال منٿ ڪئي
    ‘‘سائين مھرباني ڪريو. توھان ئي ته چوندا ھئا ته ھن کي اسڪول موڪليو ۽ ھاڻي’’
    اسلم عديل ڏانھن ڪاوڙ ۾ ڏسندي ڪڙڪو ڪندي وراڻيو “ھا ھا چوندو ھوس، پر چار سال اڳ....تڏھن ھن نه سمجھيو. ھاڻي ھي وقت وڃائي چڪو آھي..! ھيڊ ماستر صاحب ايج ڊفرنس جو مسئلو آھي، ھاڻي ھي پاڻ کان چار سال ننڍن ٻارن سان گڏ ويھندو ته ھو خوف محسوس ڪندا.’’
    ھيڊ ماستر جي اسلم سان گھڻي ڪانه لڳندي ھئي، ھنن جو ھميشه تڪرار رھندو ھو. سياسي اثر سبب اسلم جو ھنن تي رعب ھو، ھيڊ ماستر ٻيھر چيو
    ‘‘ڏس اسلم صاحب! اھڙو ڪجهه به نه ٿيندو، ھي ڇوڪرو پڇتاءُ جو شڪار ٿي آيو آھي. مونکي اميد آھي ته ھي پڙھندو’’
    اسلم مغروريءَ مان وراڻيو
    ‘‘ته پوءِ توھان ئي کيس ھتي ويھي آفيس ۾ پڙھايو.’’
    عديل جيڪو ڪيتري ئي دير کان ذلت برداشت ڪري رھيو ھو. تنھن چيو
    “سائين اسلم! ڪلهه به ايج ڊفرنس جو ئي مسئلو ھو. جو مون توھان جي دوستيءَ واري آڇ رد ڪندي پنھنجا چار سال ضايع ڪيا. اچ بابا.......!’’
    عديل پڻس سان گڏ روانو ٿي ويو، ھيڊماستر نفرت جي نگاھ سان اسلم کي ڏسڻ لڳو.
    اسلم کي ڏھين ڪلاس ۾ ھڪ ڪلاس فيلو سان ڪيل بدتميزيءَ تي لڳل لپاٽون ڄڻ ٻيھر منھن تي لڳي رھيون ھيون.

    ***


    نَرَ جو پٽ

    ﻣﻴﻠﻲ ﺟﻲ موج ڏسڻ وٽان هئي، ميلي بازار ۾ ماڻهن جي پيهه هئي. ميلي ۾ موجود دڪان سينگاريل نظر اچي رھيا ھئا. ﮬﻮٽلن ۽ منڊلين مان به انڊلٺي رنگ پيئي جرڪيا. موت جي کوهه جي ٻاهران نچڻين پنهنجي ناچ ۽ ناز جي دم سان بيٺلن جا پگهر پي ڪڍيا. ھنن پنھنجي اُڀريل ڇاتين کي جيئن ڇڪي تاڻيو ٿي، ته تيئن ڳوٺاڻن ٿڌا ساھ کڻي پنھنجي سيني جي ٻاڦ ٻاھر ٿي ڪڍي. ھو ايترا ته ھنن ۾ موھ ھئا ، جو کين جڳ جھان ٻار ٻچا وسري ويا ھئا. ھڪڙي ھمراھ ناچڻي ۾ گھوريندي ڀر ۾ بيٺل ھمراھ کي چيو
    ‘‘ابو زائفائون ته ھي، پاڻ جي ته عمر مفت ۾ کري وئي’’
    ڀر ۾ بيٺل ھمراھ پگھر اگھندي وراڻيو
    ‘‘سچو آھين ابا، ھنن کي ته ڏٺي ئي......ڪھڙيون ٿو خبرون پڇين، ميان ماٺ ڀلي آھي.! ’’
    ‘‘ڪيڏي مھل جو بيٺل آھين.؟”
    ‘‘لٿي کان بيٺو آھيان.’’
    ھمراھ ڏانھن ھڪ ناچڻيءَ گھور ڪئي، ھي اڳيان وڌي ويو. کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍي کيس ڏيندي رھيو، ۽ ھوءَ ھڪ ھٿ گلي تي رکي جھڪي وٽانئس مرڪي پئسا وٺندي رھي. ھمراھ پئسا ڏيندي ڪوشش پي ڪئي ته ناچڻيءَ جو ھٿ سندس ھٿ کي ڇُھي، ۽ ان ۾ ڪامياب به پئي ٿيو. جڏھن ته ناچڻيءَ جي جُھڪڻ سان بيٺل سڀ ماڻھو ساڻا ساڻا ٿئي ٿي ويا. ناچڻيءَ ضرور گلي تي ھٿ رکيو ٿي، پر سندس چولي جو گلو ويڪرو ۽ ڇاتي ڀريل ھئي. تنھنڪري ھن لاءِ سڀ ڪجهه روڪڻ ممڪن نه ھو. بيٺلن ته اھو سڀ چاھيو ٿي.
    ھونئن به ميلو ھڪ اھڙو جنگ ھوندو آھي، جتي شڪار ڪندڙ شڪار ٿيندڙ جي مزاج کان واقف ھوندو آھي. ھو پئسا ڏيندو رھيو، ۽ ھوءَ وٺندي رھي. جڏھن کيسو خالي محسوس ڪيائين، ته طريقي سان موٽي اچي پنھنجي ساڳي جڳهه تي بيٺو. ھمراھ پڇيس
    ‘‘ڪيترو مال لُٽايو اٿئي.؟”
    ‘‘ٻه ھزار.’’
    ھارايل لھجي مان وراڻيائين
    ‘‘وڏو خفتي آھين، ڪجهه وريو سريو، يا سڀ ويو پاڻيءَ ۾. ’’
    ‘‘ڇوري ھاڻي پاڻ جي ڌاڳي ۾ آھي، ٻاھر نه ويندي.’’
    ڄڻ پاڻ کي دلاسو ڏنائين، ھُن چيس
    ‘‘اڙي ميان فقير، بازار جي مٺائي آھي. انھيءَ تي گھڻو نه ڀاڙ ... متان گھر تي ڪانگ نه ويھاري ڇڏيني.’’
    ھن منھن ڦيرائي ڇڏيو، ائين ئي موت جي کوھ جي ٻاھران ھر ٻيو ماڻھو پاڻ کي لُٽائي رھيو ھو. رڳو موت جو کوھ نه پر ماڻھن کي ڪُھڻ جون ٻيون به ڪافي اڏيون لڳل ھيون. جتي تقريبن ھر ماڻھو پنھنجي رضا خوشي سان پاڻ کي ذبح ڪرائڻ لاءِ آيو ٿي، ۽ کيسو خالي ڪري روانو ٿي ويو ٿي.
    ميلي جي اهڙيءَ موج ۾، وڏيرو موجن به سنگت سان لٿل هو، ساڻس سندس 14 سالن جو شهزادو پُٽ دلاور به گڏ هو. وڏيراڻو ٻار هو، پڙهائي سان ڪو نه لڳندي هيس. پڻهس جيان ميلن ملاکڙن، رڇ ڪُتي جي ويڙهه، ڪڪڙن جي آکاڙن ۾ گهڻو من لڳندو هيس. وڏيرو به سندس اهڙي مزاج ۾ پنهنجي وڏائي محسوس ڪري چوندو هو:
    ‘‘ ﻧﺮ ﺟﻮ پٽ ﺁﮬﻲ ، ﻧﺮ ئي ٿيندو.’’
    ميلو گهمي ڦري ﮬڪ ﮬﻮٽل ﺗﻲ ﺍﭼﻲ ويٺا، هوٽل جي محفل جاري هئي، محفل ۾ ڇوڪرا نچي رهيا هئا. هوٽل ۾ موجود شوقين ڇوڪرن تي پئسا گهوري رهيا هئا. ناچو ڇوڪرن جي پيرن ۾ ڇيرون ٻڌل هيون، جن جي ڪري هنن جي ناچ سان ڇن ڇن پئي ٿي. وڏيرو موجن به ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو. هو به خوبصورت ڇوڪرن کي پاڻ ڏانهن سڏي کين پئسا ڏئي ساڻن ريجهي رهيو هيو. انهن جي سحر ۾ کيس پنهنجي ڀر ۾ ويٺل پٽ ئي وسري ويوهو.
    ڪمدار جي نظر سامهون نچندڙ ڇوڪرن جي ٽولي تي پئي، ته سندس ڪن ئي کڙا ٿي ويا. وڏيري کي چيائين:
    ‘‘بابل دلاور ته ڏس...!’’
    وڏيري ڪمدار جي ڳالهه تي پوري طرح توجهه نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته هو ٻن خوبصورت ڇوڪرن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري سندس ڳٽا پٽيندي مٿن نوٽن جي ورکا ڪرڻ ۾ رڌل هو. جڏهن ڪمدار ٻيهر چيس:
    ‘‘بابل انهن کي ڇڏيو، دلاور ته ڏسو ...’’
    هن بي خياليءَ منجهان وراڻيو
    ‘‘ڪمدار! دلاور نر جو پُٽ آهي، نر ئي ٿيندو ڇڏينس ته ڀل موجون ڪري ...’’
    ڪمدار گهٻرائيندي وراڻيو:
    ‘‘سائين معاف ڪجو، پاڻ وارو شهزادو ته ....’’
    ڪجهه چوندي چوندي رُڪجي ويو.
    وڏيري سامهون ڏٺو ته کيس پگهر وٺي ويو. ڇاڪاڻ ته دلاور ناچو ڇوڪرن جي ٽولي جي وچ ۾ جهمريون هڻي رهيو هو. ويٺل شوقين کيس ٻين ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تڪي اشارا ڪري رهيا هئا. ڪمدار وراڻيو:
    ‘‘سائين پريشان نه ٿيو ... نر جو پُٽ آ.. نر ئي ٿيندو..!’’
    ***


    سرپرائيز

    مير صاحب رٽائرڊ پروفيسر ھو، درس و تدريس دوران ھو ڪالم به لکندو ھو. تنھنڪري سندس علمي توڙي ادبي فيلڊ ۾ چڱي موچاري سڃاڻپ ھئي.
    اڄ اڃا ننڊ مان سندس اک نه کُلي ھئي. تيستائين سندس موبائل جي ٽون وڳي ۽ ھي سجاڳ ٿي ويو. اکيون مھٽيندي ڪال اٽينڊ ڪيائين ته آواز آيو
    ‘‘سر توھانکي مبارڪون.’’
    ھي خير مبارڪ ڪري سوچڻ لڳو
    ‘‘ھي واڌايون ڇا جون ھيون.!؟ اڄ نه عيد نه ھولي... ڀليو ھوندو پڪ سان.’’
    ھي اٿيو، تيار ٿيڻ لڳو ته ٻيھر کيس ڪال آئي. آواز ٻيو، ڳالهه ساڳئي.
    ‘‘آخر ھي سڀ ڇا پيو ٿئي.اڄ تاريخ.....پھرين اپريل. مطلب ته مون سان پيا اپريل فول ملھائين. ھون سڀ بيوقوف ۽ واندا......’’
    ھن سان ائين ٿيندو رھيو، ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا ته ڪي اڻڄاڻ ھن کي واڌايون ڏيندا رھيا. ھي خوش اسلوبيءَ سان کين جواب ڏئي پنھنجي پرِ ۾ ھنن کي بنائي رھيو ھو.
    منجھند تائين ھن کي پنج ڪالز اچي چڪيون ھيون. مارڪيٽ کان گھر وڃي رھيو ھو، ته کيس ٻيھر فون ڪال آئي. گرميءَ سبب سندس مزاج ۾ ڪجهه چڙ پيدا ٿي ھئي، ڪال اٽينڊ ڪيائين
    ‘‘واڌايون سر، توھانجي وڏي حياتي لاءِ دعاگو آھيان’’
    ھن وراڻيو
    ‘‘مھرباني پٽ، پر توکي حياء ڪرڻ گھرجي.’’
    ڪال تي نوجوان پريشان ٿي ويو
    ‘‘حياء، ڇو سر مون ڇا ڪيو.!؟”
    ھن جذباتي ٿيندي وراڻيو
    ‘‘پنھنجي پيءُ جيڏي سان مذاق ڪرڻ توکي زيب ڏي ٿو ته ڀلي ڪر. باقي پٽ تون اپريل فول مون سان ڇا ملھائيندين، مون تو جھڙا ڪيئي اُٺ پڙھائي ڇڏيا.’’
    وش ڪرڻ واري نوجوان کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي، تنھن چيو
    ‘‘سر آئون اکين وارو آھيان، توھان منھنجا بزرگ آھيو.. مون کي شرم نه ٿيندو جو توھان سان’’
    پروفيسر سندس ڳالهه ڪٽيندي طنزيه لھجي ۾ وراڻيو
    ‘‘پوءِ ڇا پڻين جو پيريءَ ۾ پٽ ڄائو آھي، جو واڌايون پيو ڏين” نوجوان مسڪرائيندي وراڻيو
    ‘‘او نو سر، اڄ توھان جو برٿ ڊي. فيس بوڪ تي ’’
    منھنجو ڀرٿ ڊي، فيس بوڪ.! او او سوري ينگ مين. ٿينڪ يو.’’ پروفيسر کي ڪجهه افسوس ٿيو، سوچڻ لڳو
    ‘‘پر آئون ته فيس بوڪ تي ناھيان، پوءِ ھي سڀ! پڪ سان مون واري پوٽي خرم جي شرارت آھي. بس گھر پھچان ته ڪن پٽيانس.’’
    پروفيسر کي ڪالز تي واڌاين جو سبب ملي ويو، تڪڙو تڪڙو گھر ڏانھن ويو. ھن دروازي تي بيل جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو. نوڪر آيو،جيئن دروازو کليو، ته اندران خوشيءَ مان آواز آيا
    ‘‘ھيپي ڀرٿ ڊي ڊيئر گرانڊ فادر، ھيپي برٿ ڊي بيلوڊ ابو’’
    ھن کان سرپرائيز جي خوشيءَ ۾ شڪايت وسري وئي.
    ***


    دير

    اھو منھنجي خيال ۾ به نه ھو، ته ھوءَ ائين اوچتو منھنجي دل تي ديرو ڄمائي اندر ۾ گھر ٺاھي ويھندي. ساڻس ملڻ، کلڻ ۽ ھلڻ جو تصور روح مان آرس موڙي اٿندو، ۽ منھنجي سوچ مان فقط ھن جي تصوير اُڀري نڪرندي. اڄ جيڪا منھنجي حالت ھئي، تنھن بابت منھنجي ذھن ۾ ڪڏھن تصور به ڪونه اڀريو ھو.
    ڪٿي دل سندو پکي ھن جي نيڻن سندي ڄار ۾ ڦاسي ته نه پيو آھي، نه نه ائين ڀلا ڪيئن ھوندو....مون ته ھن کي ڪڏھن پنھنجو مٽ ڀانيو ئي ڪونه ھو. ھن کي ڏسندي منھنجي دل مان ڌڪار جو احساس نڪرندو ھو، ھوءَ مونکي ڏٺي ڪونه وڻندي ھئي....پر اڄ ھي مون سان ڪھڙو لقاءَ ٿي رھيو ھو، ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه اچي رھي ھئي. من جو سُٽ منجھي پيو ھو، جنھن کي ٺاھڻ منھنجي وس مان نڪري رھيو ھو. مسلسل سوچي سوچي منھنجو ذھن سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي رھيو ھو. ڪجهه وقت پھريان جڏھن ٻنيءَ تان ڦيرو ڏئي گھر ڏانھن اچي رھيو ھوس، ته ھوءَ ڳوٺ جي ڀرسان وھندڙ واٽر تان پاڻي ڀري رھي ھئي. آئون ھن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري اڳيان وڃڻ لڳس ته ھُن مونکي پويان سڏ ڪيو ‘‘اياز.....اياز.’’
    مون ھن ڏانھن ڪوبه ڌيان ڪونه ڌريو، ته ھن ٻيھر سڏ ڪيو “اياز! مونکي گھڙو ته کڻائي ڇڏ“
    نه چاھيندي به جڏھن ھن جي ويجھو وڃي، ھن کي گھڙو کڻائڻ لڳس، ته ھن پنھنجون ڪجليون ڪاريون اکيون مون ۾ کُپائي ڇڏيون. دعائيه انداز ۾ چيائين
    ‘‘مولا وقت کي ڪو نيئر ھڻ، ته آئون پنھنجو. ...’’
    مون چڙ مان گھڙي مان ھٿ ڇڏائي ورتو، منھن اٿلائي ھليو آيس. ھن پويان ڪيئي سڏ ڪيا، پر مون کيس ڪنھن به سڏ جو جواب نه ڏنو. ھن کي ھميشه ائين نظرانداز ڪندو رھندو ھئس، منجھس مونکي تر جيتري به تمنا نه ھئي. ڇاڪاڻ مونکي ڳوٺاڻين ڇوڪرين ۾ ڪابه دلچسپي نه ھئي.
    ھونئن ته ھوءَ ڪا ايتري بي ڍولي به نه ھئي، پورو پنو قد، گول مھانڊو، ڪاريون اکيون، مٿين چپ جي ساڄي ڇيڙي مٿان تر، اڀريل ڇاتي ۽ رنگ ۾ نه گھڻي ڳوري ۽ نه ئي گھڻي ڪاري ھئي. مطلب ته ھوءَ پاڻ ۾ ڪنھن کي به بيتاب ڪرڻ جو پورو پورو تاب رکندي ھئي، پر منھنجو من ھن تي موھت ٿيڻ کان نابري واريو بيٺو ھو. پر اڄ مون سان سڀ ڪجهه الڳ الڳ ٿي رھيو ھو.
    ڪجهه مھينا شھر ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڪلهه جڏھن ڳوٺ آيس ته ھوءَ مون کي ڪٿي به نظر نه آئي، ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ ڳوٺ ۾ مونکي ڪجهه به نظر نه پيو اچي. ڳوٺ جي ٻاڙي ٻاڙي مونکي کائڻ لڳي رھي ھئي.جڏھن ھن جي ڪمي ائين محسوس ٿيڻ لڳي، ته منھنجي اکين جي آڏو ھن کي گھڙو کڻائڻ وارو منظر ترورا ڏيڻ لڳو.
    ڪجهه وقت اڳ ھن جيڪي مون ۾ اکيون کُپايون ھيون، تن جو اثر اڄ محسوس ڪري رھيو ھوس، ساڳي جڳهه تي ھن سان ڪيل بدسلوڪي تي منھنجو من ندامت جا ڳوڙھا ڳارڻ لڳو ھو. پر اڄ ھن کي ڏسڻ جي تانگ روح روڙي رھي ھئي، ۽ ھوءَ لڳاتار گم ھئي. فقط ھوءَ گم نه ھئي، پر ھن سان گڏ آئون به گم ھيس. جيڪڏھن آئون بابا کي چوان ھا ته ھو مون کي زينت جو سڱ ڪاڪا گُلڻ کان وٺي ڏي ھا. پر آئون انا جو شڪار ھوس، شھر ۾ رھڻ سبب آئون ڳوٺاڻو مزاج وڃائي ويٺو ھوس. ھڪ ڀيرو بابا کي چيو ھيم
    ‘‘بابا اسان ڪيترو وقت رڻ ۾ زندگي گذارينداسين، ھلو ته لڏي ھلي شھر ۾ رھون.’’
    پر ھو ڪاوڙ ۾ صفا رت ٿي پيو، چيائين
    ‘‘ھي اسانجا اباڻا ڪک آھن، اسان جو راڄ ھتي آھي، اسان جا ابا ڏاڏا ھتي دفن آھن. تن کي ڇڏي اسان ٻي وطن ڇو وڃون.؟”
    تڏھن مونکي بابا تي ڏاڍو افسوس ٿيو ھو، اھا سوچ رُڳو منھنجو بابا نٿو رکي. پر اسان جي تر ۾ رھندڙ اڪثر ڳوٺاڻا اھا ئي سوچ رکن ٿا. ھنن کي پنھنجي ڳوٺ کان سواءِ باقي جڳ پرديس لڳندو آھي، اھو ئي سبب آھي جو اسان اڄ پنھنجي ئي ديس ۾ ڄڻ پرديسي ھجون. پنھنجن ئي شھرن ۾ اسان سان گڏ اوپرائپ سفر ڪندي آھي.رُڳو ايترو نه پر اسانجي ڳوٺ جي ڀر ۾ مھاڻن جو قديم ڳوٺ آھي، سندن گذر سفر مڇيءَ مارڻ تي آھي. جڏھن انگريزن جو راڄ ھو، تڏھن تن کين چيو ھو ته
    ‘‘ اوھان اچو ته اوھان کي اسان سرڪاري زمينون الاٽ ڪريون، اھي آباد ڪري گذر سفر ڪريو.’’
    تن ھمراھن اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو
    ‘‘نه نه اسان ھن حال ۾ خوش آھيون ، زمينن سان اسان جي ٽنگ ٻڌجي ويندي.’’
    جڏھن مونکي شھر ۾ نوڪري جي آڇ ٿي ھئي، تڏھن مون سان به ڪا گھٽ جٺ نه ٿي ھئي. امان ڪو مون مان ھٿ ڪڍي، چوي ته ‘‘رُکو سُڪو ٽُڪر تڏي جو ڀلو.’’
    پوءِ کيس منٿون ڪري سندس مرشد جو قسم ڏئي اجازت ورتم، تنھن کانپوءِ به ھُن مونکي روئي رڙي روانو ڪيو. ڄڻ نياڻيءَ کي رخصت ڪري رھي ھئي. اھي ئي سبب ھئا جو منھنجي ڳوٺ ۾ دل ڪونه لڳندي ھئي. ڪجهه مھينا اڳ امان چيو ھيو
    ‘‘ھڪڙو پُٽ آھين، توکي سڪي پني مرشد کان ورتم. ھاڻي تيار ٿي ته تنھنجي شادي ڪرايان، اميد ڏسان’’
    امان مونکي راضي ڪرڻ لاءِ گھڻي جذباتي ٿي وئي ھئي، پر مون ڪنٽار ڪري ڇڏي ھئي. ھن شايد ڳوٺ ۾ ڪا ڇوڪري پسند ڪئي ھئي، پر کيس منھنجي ناپسندگيءَ جو علم نه ھو.
    پر اڄ زينت جي ڪميءَ منھنجي سوچ بدلائي ڇڏي ھئي، منھنجي خوابن تي پاڻي وري ويو ھو. منھنجي ھر احساس تي ھوءَ حاوي ٿي وئي ھئي. ٻيھر سوچڻ لڳس
    آخر ھُن وٽ اھڙو ڇا ھو، جو ھن جي ڳوٺ ۾ غيرموجودگي مون کي چريو ڪري رھي آھي. ھوءَ ته ھڪ اھڙي عام رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪري ھئي، جنھن جي خوابن جي دنيا محدود ھوندي آھي. جنھن جي سوچ جي دائري ۾ بيوٽي پارلر، ٻاھر ڊنر، ٻاھرين طرز جي شاپنگ مال مان خريداري ڪرڻ نه ھوندو آھي. پر ھن جي دنياُ گھر ٻار جي سنڀال ۽ ٻني ٻاري جي ڪمن تائين محدود ھوندي آھي.اھا حقيقت آھي ته ٻھراڙي جون عورتون مردن سان گڏ ھر ڪم ۾ پيو وھنديون آھن، پر اڪثر جاين تي ته سڀ ڪم عورتن کي ئي ڪرڻا پوندا آھن. مڙس ته مڇن کي تيل مَکي پيا ھوٽلن جا بينچ جھوريندا آھن. ھوءَ به ھڪ اھڙي ذميوار ڇوڪري ھئي. پر اڄ کان پھرين مون تي شھري شارٽ لباس پھرڻ وارين ڇوڪرين جو ڀوت سوار ھو، جن کي ھرشيءِ ھٿ تري تي کپي. تڏھن ته ھن کي نظرانداز ڪندو رھيس. آخري ڀيرو مون ھن کي تڏھن ڏٺو ھو.
    جڏھن آءٌ ڳوٺان بيگ کڻي شھر واپس وڃي رھيو ھوس، ته ھن ڊوڙي اچي منھنجي ٻانھن جھلي وراڻيو
    ‘‘ايتري بي پرواھي سٺي ڪونھي اياز، وڃڻ کان اڳ موڪلائين ته ھا.’’
    مونکي ھن تي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي ھئي، زور سان پنھنجي ٻانھن ڇڏائي کيس چيو ھيم
    ‘‘جيڪڏھن توکي پنھنجي عزت جو ٿورو به خيال ناھي، ته گھٽ ۾ گھٽ ڪاڪا گلڻ جي لڄ جو احساس ڌار. وڏي ڪا بي حياءَ آھين.’’
    مون ھن کي ڄڻ لفظن ۽ لھجي سان ڏاڙهيو هو ، ھن جي نيڻن جا بند ٽٽي پيا ھئا. اکين مان لڙڪن لار شروع ٿي ويس ۽ آئون نڪري آيس.
    تڏھن ته مونکي ھن جو تر جيترو به احساس نه ٿيو ھو، پر اڄ مونکي پنھنجي رويي تي شرمندگي ٿي رھي آھي. سوچيان پيو ته اڄ منھنجو روح ڪيترو نه بي چين ٿي پيو آھي، ۽ ھن جي منھنجي بنا ڇا حالت ٿي ھوندي.؟ ھن پتو ناھي ڪيئن منھنجي ياد جا ڏيئا ٻاري اجھايا ھوندا، جيئن اڄ ھن جي لاءِ آئون بيوس ٿي پيو آھيان. ھن جي ياد جا سلسلا اڻ کٽ ٿي پيا آھن، تيئن ئي ھن منھنجي غيرموجودگيءَ ۾ خبر ناھي ڪيئن پاڻ پليو ھوندو.؟ھاڻي ائين لڳي رھيو ھو، ڄڻ زينت سان منھنجو جنم جنم جو ناتو ھُجي. آءٌ به عشق جي اڙانگن پيچرن تي پنڌ پوڻ لڳو ھيس.
    نيٺ مون اھو طئه ڪيو، ته اجايي سوچڻ کان سٺو آھي ته آئون امان سان ڳالهه ڪريان. کيس چوان ته مون کي زينت جو سڱ وٺي ڏي. ڇاڪاڻ منھنجو من ھن لاءِ ماندو ٿي پيو ھو، منھنجي دل ھن کي چاھي ويٺي آھي. سڀ سوچون ترڪ ڪري گھر موٽي آيس. امان رلي ٺاھي رھي ھئي، آءٌ خاموشي سان اچي سندس ڀر ۾ ويھي رھيس. ھن شايد منھنجي ماٺ مان منھنجي من جي آنڌ مانڌ محسوس ڪري ورتي ھئي، تنھن رلي کي ويڙھي ھڪ پاسي رکندي مون کان پڇيو
    ‘‘پُٽ خير ته آھي، اٻاڻڪو اٻاڻڪو پيو لڳين. ڪنھن ڪجهه چيو آھي ڇا.؟”
    مون ڌيرج سان وراڻيو
    ‘‘امان اھڙو ڪجهه ڪونھي....بس مون ھڪ فيصلو ڪيو آھي’’
    امان شڪي نظرن سان مون ۾ نھاريندي پڇيو
    ‘‘فيصلو، ڪھڙو فيصلو پُٽ.؟”
    مون ڳالهه اڳيان وڌائي
    ‘‘امان مون اھو فيصلو ڪيو آھي ته ھاڻي اوھان کي اُميد ڏيکاريان.’’
    امان جو چھرو خوشيءَ ۾ ٻھڪي پيو. تنھن جھومندي پڇيو “اڙي واھ پٽ، ڇا تو ڪنوار ڳولي ورتي يا آءٌ ڪوشش ڪريان ’’
    ‘‘ھا امان، ھوءَ آھي نه چاچا گلڻ جي ڌيءَ...’’
    ‘‘ھا ھا پٽ ھوءَ زينت.’’
    امان ھن جو نالو کڻندي ئي خيالن ۾ گم ٿي وئي، سندس منھن تي پريشاني جون لڪيرون واضح ٿيڻ لڳيون. آئون اھو سڀ ڏسي پريشان ٿيڻ لڳس
    ‘‘امان خير ته آھي، ھن جو نالو وٺندي تون ڪيڏانھن گم ٿي وئينءَ. ڇا ھوءَ توکي پسند ڪونھي.!؟”
    امان وراڻيو
    ‘‘نه ابا اُھا ڳالهه ڪونھي. اصل ۾ زينت جو مڱڻو ٿي ويو آھي، ڪجهه ڏينھن کان پنھنجي ٿيڻ واري گھوٽ جي ڳوٺ مائٽن سان گڏ دعوت کائڻ وئي آھي’’
    پتو ناھي امان اھو سڀ ايترو آساني سان ڪيئن چئي وئي، سندس انھيءَ ڳالهه ڄڻ مون تي تيزاب ھاري وڌو ھو. مون تڙپندي وراڻيو
    ‘‘زينت جو گھوٽ! امان زينت جو گھوٽ مونکان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگھي....تون اھو ڇا چئي وئينءَ.؟”
    امان وراڻيو
    ‘‘پُٽ تون ھاڻي انھيءَ خوشفھميءَ ۾ نه رھو، زينت ھاڻي ڪنھن ٻي جي امانت...’’
    مون امان جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
    ‘‘ٻي ڪنھن جي امانت! امان ھوءَ فقط ۽ فقط منھنجي امانت آھي. زينت جو ته مڱڻو ئي ٿيو آھي نه.....مڱڻي کي ڪير ٿو پُڇي. ماڻھو ته نڪاح ڪريو ڦريو وڃن.’’
    امان ڌيرج سان مونکي سمجھائڻ لڳي
    ‘‘پٽ جذباتي نه ٿي....ھيءُ ڳوٺ آھي. ھتي جيڪا ڇوڪري جنھن جي نالي ٿي وئي، سا تنھن جي ئي رھندي....شھر ۾ انھن ڳالھين جي واقعي اھميت نه ھوندي. پر ھتي انھن ڳالھين جي ڪري ماڻھو ھڪٻئي جي سسي لاھيندي به ڪونه گُسن...’’
    مون امان جي ڳالهه رد ڪندي وراڻيو
    ‘‘امان تون شايد مونکي ڊيڄاري رھي آھين، توکي شايد خبر ڪونھي زينت به مونکان سواءِ مري ويندي .... ھوءَ به مون سان پيار ڪري ٿي.’’
    امان وراڻيو
    ‘‘پٽ زينت جي دل تي ھاڻي پٿر اچي ويو ھوندو. مونکي خبر ھئي ھن جو توتي راز ھو. پر تو ھن کي ڪڏھن ماڻھو ڪري به نه ليکيو. توکي ياد آھي مون ڪجهه عرصو اڳ توتي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ھو. اھا ڇوڪري ٻي نه پر زينت ھئي. پٽ تنھنجي ھٿن مان وقت نڪري ويو آھي. تو ڏاڍي دير ڪري ڇڏي ابا....ڏاڍي دير ڪري ڇڏي.’’
    امان جي وضاحت کانپوءِ آئون ھاءِ جا ھٿ ھڻڻ لڳس، اکيون اشڪبار ٿي ويون، امان پنھنجي پوتيءَ سان منھنجا لڙڪ اگھندي وراڻيو
    ‘‘پٽ دلجاءِ ڪر، آئون توکي زينت کان به سھڻي ڇوڪريءَ سان پرڻائينديس.’’
    مون امان جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي وراڻيو
    ‘‘نه امان مونکي فقط ۽ فقط زينت گھرجي. آئون يقين سان چوان ٿو ھوءَ جڏھن به مونکي ڏسندي ته تڙپي اٿندي. سڀني کي ڇڏي مون ڏانھن ھلي ايندي’’
    امان وراڻيو
    ‘‘نه پُٽ اھڙو ڪجهه به نه ٿيندو. جيڪڏھن ھوءَ اتفاق سان تنھنجي سامھون به آئي، تڏھن به ھوءَ توکي ڌارين جيان ڏسي ھلي ويندي. ھن جي ذھن ۾ ھاڻي فقط سندس ٿيڻ واري ور جو ئي خيال ھوندو.’’
    آئون امان سان ڪجهه گھڙيون بحث ڪري گھر کان ٻاھر ڳوٺ جي کُلي پوٺي تي نڪري آيس، اڄ مونکي ڳوٺ پاڻ ڏانھن وڌيڪ ڇڪي رھيو ھو. ڳوٺ جا اھي سڀ گس گام گھٽيون جتان جتان ھوءَ لنگھي ھئي، اھي سڀ مون کي دنيا جي ڪل خوبصورتي لڳي رھيا ھئا. دل چيو پي ته اتان ڪو ٻيو نه لنگھي، ڳوٺ جي پوٺو صاف صاف لڳو پيو ھو. جنھن تي ڳوٺ جا ٻار مختلف رانديون کيڏي رھيا ھئا، سندن ٻاتا ٻول ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ ڄڻ ڳوٺ جي چھري کي به ٻھڪائي رھيا ھئا.
    جڏھن ته ڳوٺاڻا گھرن ڏانھن موٽي رھيا ھئا، ڪن جي ھٿ ۾ ڪوڏر، ته وري ڪن جي ھٿ ۾ سيڌو سامان، ته وري ڪي رڍون ٻڪريون ڪاھي ڳوٺ ڏانھن لڙي رھيا ھئا. ڪجهه گھڙيون ته آئون انھن منظرن ۾ گم ٿي ويو ھوس.
    تيستائين مين رستي تان ڳوٺ جي پٽڙيءَ تي ھڪ رڪشو لٿو، رڪشي جي اڳين سيٽ تي مونکي چاچا گُلڻ نظر آيو. اڄ ته گلڻ به ڄڻ مونکي گلي جو ھار پي لڳو، نه ته انھيءَ شخص سان منھنجون اکيون وڙھنديون ھيون. ھي سڀ نينھن جو ڪمال ھو. نينھن ڄڻ منھنجي اندر مان رات ختم ڪري ڏينھن ڪري ڇڏيو ھو.
    چاچا گلڻ کي ڏسندي ئي منھنجي جسم ۾ ساھ پئجي ويو، دل ۾ ڄڻ جمالي تي جھوم ٿي وئي. ڪجهه ئي پلن ۾ رڪشا منھنجي ڀر مان گذريو، ڪاڪا گلڻ وڏي واڪي منھنجي نالو کڻندي مونکي کلي کيڪاري اڳيان گذريو. پوئين سيٽ تي زينت پنھنجي ماءُ سان گڏ ويٺل ھئي. زينت جيئن مونکي ڏٺو، ته مون ائين محسوس ڪيو...ڄڻ ھن جي اڳيان ڪو غيرمحرم شخص اچي ويو ھجي. ھن تڪڙ تڪڙ ۾ پنھنجو منھن ٻي پاسي ڪري ڄڻ منھنجي منھن تي لپاٽ واھي ڪڍي، منھنجو من منھنجي انا جي سبب ڪيل دير تي ملامت ڪرڻ لڳو ڪجهه ڏينھن کان مون ۾ جيڪو ھُن جو چاھ اٿيو ھيو، تنھن ڄڻ منھنجو ساھ ٿي ڪڍيو. مون سامھون ڏٺو ته ھوءَ وڃي رھي ھئي، آسمان تان پکيءَ به واپس آکيرن ڏانھن موٽي رھيا ھئا، سامھون سج به اُلھي رھيو ھو، ھر شيءَ جي موٽ ٿي رھي ھئي پر مون ۾ ھن جي چاھت گھڙيءَ گھڙيءَ جي گذرڻ سان وڌي رھي ھئي.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259819
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386720
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ