ڪتاب جو نالو: سنڌ جي مزاحمتي شاعري
مصنف: پاويل جوڻيجو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 13 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 1022 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 334 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي. پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • ڪتاب نمبر 40
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • شيخ اياز

  • انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
  • اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
  • سچ وڏو ڏوهاري آ
  • جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،
  • رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي!
  • جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳي،
  • جي هانءُ نه هارين ڪو هيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
  • اڙي چنڊ، اڙي چنڊ،پرين تو ته ڏٺو ناهه،
  • ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کانپوءِ،
  • ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت،
  • سهندو ڪير ميار او يار!
  • ٽڙي پوندا ٽارئين،
  • سنڌ ديسَ جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيسُ نمايان،
  • سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
  • پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،
  • بي مُوت مُئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو،
  • هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو
  • ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
  • ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
  • ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پوڀي ڀلي
  • آنءُ ڪنول جو ڦول ڏسان،
  • باک ڦٽيءَ جو ڪويل ڪوڪي
  • تون آڌيءَ رات اُٿارين ٿي، ۽ منهنجي ننڊ ڦٽائين ٿي
  • تاجل بيوس

  • سمجهي پير وڌاءِ، او يار!
  • ڪارونجهر تي مور نچي ٿو
  • ڪانگ! ڏج هي قربتون دل سان وڃي دلگير کي
  • دنيا کي ٽئين جنگ جي تباهيءَ کان بچايون
  • هن جسم جو آويءَ ۾ پڪل ٿانءُ ڀڃان ٿو
  • ڪنهن ٻارڙي جي ماءُ، ڪا ڪاري نه ٿي پوي!
  • هن سنڌ جي نجات جو هڪ خواب ڏٺو ٿم
  • ڪڻڪن جي کيت ڀرسان، ٽڙي پيو گلاب آ
  • اٿو عظمتن جا ڦريرا اڏايو
  • ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو
  • سنڌ جي نجات کي ڳولهي وٺون
  • ابراهيم منشي

  • اسان انقلابي اسان انقلابي
  • ڪيسين سهندين سور، او ساٿي! ڪيسين سهندين سور
  • متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
  • تنهنجو مرون پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس
  • اٿ دلير مسافر دير نه ڪر، سڏ سوريءَ جو سينگار وري
  • وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا
  • اٿو ڪو خوني انقلاب، انقلاب آڻيو
  • اسان چنگ ٻيجل ٿي چوري سگهون ٿا
  • درياءَ سان سوال
  • درياءِ جو جواب
  • هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏو سارو هاڃون هيل
  • سنڌ نه سهندي سور او ساٿي، سنڌ نه سهندي سور
  • نوان مقتل نيون سوريون، نوان منصور ميدان ۾
  • ڪن رولن سمجهي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان
  • سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾
  • مرڪز
  • هڪ دفعو هاري اُٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو
  • محنت سان جي لاهي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان
  • رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾
  • سرويچ سجاولي

  • عذابن ۾ ڌرتي
  • حسن وشباب ۽ انقلاب
  • غزل
  • جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي
  • سراپا احتجاج آهيان
  • انقلاب آيو کپي
  • عورت
  • قوم پرستي زنده باد
  • معمار هاري مرحبا
  • واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا
  • ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
  • بيشڪ بهادر عورتون
  • آڪاش انصاري

  • تون پُڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟
  • اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
  • بند اکڙين منجهان
  • شل انهيءَ کان اڳي
  • رڳو ٿر جي صحراتي...
  • جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا
  • اسين بس رهياسين اڌورا،اڌورا
  • وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو
  • جڏهن به توکي وسار چاهيم
  • جلا وطن
  • جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون
  • تون ته بي درد بي قدر آهين
  • جنهن نه مٽيءَجي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي
  • تون ايندين! تون ايندين!
  • اڙي دل!!
  • آزاد انور ڪانڌڙو

  • جاکوڙي اديب ،محقق ۽ شاعر
  • سنڌ منهنجي امان
  • چار ڊسمبر واري ڏهاڙي
  • اچي درياهه ۾ پاڻي
  • عيد گڏجي سڀن ملهائي آ
  • سنڌي ٻولي قومي ٻولي
  • جيءَ جيارا ماڻهو
  • لهي ڪو سانگيئڙن جي سار
  • ساجن توکي ڪيئن سمجهايان
  • ٻه سٽا
  • جمن دربدر

  • هي دنيا هلچل جي بستي
  • ‫وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
  • هجن مهراڻ ۾ موجون وو وو وو
  • حليم باغي

  • هل ته هلون هيءَ شهر ڇڏي
  • هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾
  • انسان اٿيو
  • اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين! ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
  • رت ديس تنهنجي راه ۾ ڦرو ڦڙو ٿي وهي وڃي
  • ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گهر جي بهارن کي
  • ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گهر جي بهارن کي
  • سنڌو ساهه سنڌ ۾ سمائي ڇڏي سين
  • نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو
  • استاد بخاري

  • اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا
  •  ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون
  • مان ڪيئن سيج سمهان
  • گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان
  • تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان
  • جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي
  • مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گذري
  • ڪجهه ته اڳتي وَڌو
  • سرڪش سنڌي

  • هن ڌرتي، ڌرتيءَ وارن جي
  • تو بن ڪنهن سان نينهن هجي
  • ڪا به نه تنهنجي هستيءَ جهڙي
  • روز هٿ ۾ گلاب رکندي آن،
  • حق وارن کي حق مليو، مان ڪيئن مڃان
  • منهنجي رت جو ڦينگون آخر
  • ³ اُمنگ دل جي ڏري پئي آ
  • ڪاوڙ ڇڏ
  • راشد مورائي

  • مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
  • مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
  • جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
  • دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي
  • ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون
  • امتياز عادل سومرو

  • تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!!
  • نظم
  • مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن
  • تهذيب ڇا تاريخ ٿي براباد ٿئي!!
  • مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر
  • تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ
  • هر ڪو آ حيران ڀٽائي!!
  • تنهنجو جلوو ئي جام جهڙو آ،
  • الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!!
  • ذوالفقار گاڏهي

  • کنجري ٿي نچي، ڊڦلي ٿي نچي، چپڙي ٿي نچي،
  • اکيون ڪن اکر ڀور ٿيون،
  • اسان کي ڏي خبر ڏيئا، اڙي ڏيئا
  • ياد جا سارا پنڇي اڏامي ويا
  • سمورا ٽين کڙڪائي ڇڏن ٿيون
  • نيڻن جي آهرن ۾ آهو چرن پيا
  • سُٿڻ ڪورڪي ۽ رئو جهار جهٽ جو
  • رستا، رستن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا
  • آءُ مون ساڻ هڪ سفر ۾ رل
  • هر قدم آءٌ توسان گڏ آهيان
  • پر ڀڳل مان پکي جان پئي اڏندو رهيس
  • اها سنڌ آ، جيءَ جياري اسان جي
  • احمد شاڪر گائنچو

  • روز! انساني وجود تي حملا ٿي ٿا...
  • تانيا نالي نظم...!!
  • خودڪشي...!
  • سڄي جان پنهنجي جلائي ڇڏي مون
  • اڪبر ڪانڌڙو

  • روز اچن ٿا لاشا چچريل
  • هت هلي ٻٽو نظام ٿو
  • بئڪ ٽائيٽل

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي مزاحمتي شاعري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب جي ترتيب پاويل جوڻيجو“ ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي 15 شاعرن جي مزاحمتي شاعري شامل آهي.
    پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي.. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي.
    هي ڪتاب باک ڦٽي پبليڪيشن پاران سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد وٽان 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب نمبر 40

    ڪتاب نمبر 40
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سنڌ جي مزاحمتي شاعري
    موضوع: شاعري
    مرتب: پاويل جوڻيجو
    ڇاپو پهريون: جنوري 2017ع
    ڪمپوزنگ/ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپائيندڙ: باک ڦٽي پبليڪيشن سنڌ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 300 روپيا

    SINDH JI MAZAHMATI SHAERI
    (Poetry)
    Muratib: Pawel Jonejo
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    ارپنا

    پنهنجي انقلابي رهبر ڪامريڊ
    ڄام ساقي کي هي ڪتاب ارپيا ٿو جنهن اسان کي دنيا جي سماج کي سمجهڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جو علم ڏنو.


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    دنيا اندر جتي معاشرتي اصلاح ۽ شعوري آگاهي لاءِ پنهنجي خطي ۾ انقلاب ۽ تبديلي لاءِ قلم ڌڻي پاڻ پتوڙڻ واري ڪرت کي اپنائڻ ۾ مصروف عمل آهن، اتي خاص طور منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ، ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر خلاف قلم جي هٿيار سان ڪنهن به ليکڪ جو مزاحمتي ڪردار هميشه انقلاب جا نوان رستا هموار ڪري ٿو ۽ سنڌي شاعري ۾ ان حوالي سان نهايت ئي جاندار رچنائون نه فقط ماضيءَ جو حصو رهيون آهن، شاعرن موجوده دور ۽ ان کان اڳ به تخليقي پرواز جا اهڙا ته لفظي مينار جوڙيا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي ذهنن کي بيقراري ۽ بيداريءَ طرف گامزن ڪن ٿا. توڙي جو موجوده دور جي شاعرن ۾ گهڻو تڻو لاڙو رومانوي رنگن ڏانهن نظر اچي ٿو پر اتي مزاحمتي شاعريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندي نوجوان ليکڪ، قومي ڪارڪن ۽ سينيئر صحافي پاويل جوڻيجو جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي اهو يقينن سندس ڪردار ۽ شخصصيت کي ممتاز بڻائيندو.
    پاويل جوڻيجو جي هن ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ اهڙن شاعرن جي به شاعري شامل آهي، جن کي پڙهندي يا ٻڌندي ازخود ڪنهن ستل ضمير ۾ چهنڊڙيون محسوس ٿينديون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي اٿڻ جي آس کي جنم ڏيندي. دنيا ۾ انقلاب آڻيندڙ شاعرن ۾ سنڌ جي شاعرن به وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ سنڌ جي باشعور طبقي تائين ان ثبوت کي رسائڻ ۾ سچ ته پاويل جوڻيجو جي ڪاوش داد لائق آهي ۽ سمبارا پبليڪيشن پاران سندس اهڙي ڪوشش کي ڪتابي شڪل جو روپ ڏيڻ تي پڻ سرهائي حق بجانب بڻجي ٿي، اميد ته اڳ جيان هن ڪتاب کي به ڀرپور موٽ ملندي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    سنڌ جي مزاحمتي انقلابي شاعرن جي چونڊ شاعري تي مرتب ڪيل سنڌ جي انقلابي شاعري جو هي ڪتاب ادب دوستن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏنو آهي انکان اڳ پنهنجا مختلف اخبارن ۾ لکيل سياسي سماجي صورتحال تي مضمونن ۽ مختلف سياسي شخصيتن جي سوانحه حيات تي لکيل ڪتاب مرتب ڪري ڇپايا آهن ۽ ڪيترا ئي ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن، اسان شعور جي ابتدا کان وٺي ڪميونزم ۽ سوشلزم سان عشق ڪرڻ وارا ماڻهو هاڻي جڏهن سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ۽ ڪميونسٽ تحريڪ سميت موتيءَ جي ڇنل هار جي موتين جيئان وکري ويا آهيون ۽ سماج ۾ سياسي لاوارث بڻجي ڪڏهن ساڃي ڌرجي سياسي وڏيرن جي هن ڪنڌي ته ڪڏهن هن ڪنڌي ڪنهن سياسي وڏيري سان گڏ هلون ٿا يا صحافتي دڳ ۾ ڪنهن سياسي ڀوتار جي بيان رپورٽ ڪندا ورتون ٿا. اسين پورهيت انقلاب جا گيت ڳائيندڙ واقعي اڄڪلهه وڏيرڪي سماج ۽ وڏيرن جي وڏين لينڊ ڪروزر گاڏين جي پٺيان اٿندڙ دز ۾ گم ٿي ويا آهيون اهو سچ آهي.
    سياست، ادب، اخبارن سان وابسته هجڻ ڪري ادبي ڪتاب ڇپائڻ جو عشق پر پاڻ هروڀرو ڪتاب ڇپائڻ ۽ نالو لکرائڻ بجاءِ سنڌ جي بهترين ۽ عظيم انقلابي شاعرن جي شاعري جا ڪتاب ڇپائڻ جي چونڊ ڪئي آهي. هي مزاحمتي انقلابي شاعرن جي شاعري تي مشتمل سنڌ جي انقلابي شاعري ڪتاب مرتب ڪري ڇپايو آهي بس ان جذبي ۽ محنت سان جيئن دنيا جي عظيم ڏاهي ڪارل مارڪس چيو آهي ته رازا جايون ٺاهيندا آهن. حڪمران حڪومتون ٺاهيندا آهن پر ڪتاب ڇپائيندڙ تاريخ اڏيندا آهن ۽ جنهن ٻولي ۾ ڪتاب ڇپائيندا آهن ان ٻولي جي ديوار جي پيڙهه کي مضبوط ڪندا آهن.

    پاويل جوڻيجو
    2017-01-01


    شيخ اياز

    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

    جيئن زمين آسمان،
    جي کلي پئي زبان،
    ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ، چونڪ،
    شهر شهر، ڳوٺ، ڳوٺ،
    جيئن ڏئي اُٿي جواب انقلاب!
    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

    هي به ڪو نياءُ آ،
    جو مزدور ڀاءُ آ،
    سولهَو پيئي پيو،
    جنهن سبب جيئي پيو،
    سو پيئي پيو شراب!انقلاب،
    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.



    ڌوڏهن سماج کي،
    لوڏ سامراج کي،
    ٺاهه سو نئون نظام،
    جو چڱو چئي عوام،
    هي نظام آ خراب، انقلاب!
    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

    ڳاءِ ڳاءِ نوجوان!
    جيئن زمين آسمان،
    جي زبان کُلي پئي،
    زندگي اُٿي چئي،
    انقلاب انقلاب انقلاب،
    انقلاب! انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

    ³


    اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!

    اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
    سُتي ساهه جاڳي،
    وڃي دور دور،
    ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
    سوين چنڊ ساٿي،
    ڪتين جا سوين قافلا رهه گذر ۾،
    سفر ۾،
    سوين ڪائناتون،
    نه آغاز جن جو، نه انجام جن جو،
    زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
    ازل کان ابد تائين سُک جون براتون،
    جڏهن موٽ کائون،
    سوين راز آڻيون،
    سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
    سوين چنڊ چايون،
    ستارا تڳايون،
    انهن سان اچي جڳ سڄو جڳ مڳايون،
    اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين.

    ³


    سچ وڏو ڏوهاري آ

    سچ وڏو ڏوهاري آ

    روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
    زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
    ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
    ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
    ڪڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو آ،
    تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو آ،
    گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
    چُوٽي تان اڇلايو ويو آ،
    ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي،
    رهندي آئي ريت اڀاڳي،
    جنهن جي مَن ۾ کاٽ هڻي ٿو،
    تنهنجو سارو چين کڻي ٿو!
    اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
    پر تو ڪڏهن هي سوچيو آ،
    ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي،
    سچ وڏو ڏوهاري آهي.


    جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،

    جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽُو،
    مون ائين سمجهيو،
    ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
    اي دنيا ڀرجا محڪومو!
    اي مظلومو!
    جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇُٽو،
    مون ائين سمجهيو،
    ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
    ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،
    جي هٿُ لڏيا،
    ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گُهٽو،
    مون ائين سمجهيو،
    ڄڻ منهنجي گردن هَلڪي ٿي.


    رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي!

    رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي!
    ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.

    مينهن موٽي ويا، ڏينهن اُڀري لٿا،
    تون نه آئين پرين، وهه لڳي ٿي وَهي.

    سانورا! تو سوا ڇانورا ڇا ڪبا!
    لوءِ تنهنجي لڳي، لوءِ لڳندي رهي.

    او وڃان مان وڃان ڪيئن ڀيرو ڀڃان!
    سج ويندو لهي، پير ويندا ڊهي.

    ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين،
    تون نه ميهار آهين، نه تو وٽ مهي.

    سِرُ ”اياز“ اڄ ڏنو، ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو؟
    رَت اڏيءَ تان اَڏيو، سنڌ ڏسندي رهي.

    ³


    جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳي،

    جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳي،
    پير ڪنهن جا هُيا؟ ڪير مون کان ڀڳي.

    سُون جهڙي جواني اسان کان وٺي،
    وَار چاندي ڪيئي عمر ايڏي ٺڳي.

    ڪير هيءَ سڃ ۾ ٿي وڃي اُڃَ ۾،
    ٿي نه پُٺ تي ڏسي، لار ڪنهن جي لڳي.

    سُور تو لاءِ سٺا، سَار تنهنجي رهي،
    زندگاني پرين، تار تنهنجي تڳي.

    ³


    جي هانءُ نه هارين ڪو هيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،

    جي هانءُ نه هارين ڪو هيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

    ڪنهن لاءِ تڪين ٿو ڪنڌيءَ تان ٻي پيڙي ڪا به نه اچڻي آ،
    جي تون به اچين او وڻجارا، تو کي به اُڪاري وينداسين.

    درياهه اندر جا دهشت آ ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
    تون مان ته رڳو هن سنڌو تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين.

    ڪا جهرمر جهرمر جگنو جي، ڪا ٽم ٽم ٽم ٽم ٽاري جي،
    گنگهور گهٽا جو گهيرو آ، ڪنهن جي نه سهاري وينداسين.

    آمرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر هينئن نه مرنداسين ساٿي،
    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.


    اڙي چنڊ، اڙي چنڊ،پرين تو ته ڏٺو ناهه،

    اڙي چنڊ، اڙي چنڊ،پرين تو ته ڏٺو ناهه،
    سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون.

    اڙي رات اڙي رات پرين تو ته ڏٺو ناهي،
    سندس وار، سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون.

    اڙي ڦول اڙي ڦول پرين تو ته ڏٺو ناهه،
    سندس رنگ سندس انگ ائين آهه جيئن تون.

    اڙي هير اڙي هير پرين تو ته ڏٺو ناهه،
    سندس ساٿ سندس سنگ ائين آهه جيئن تون.

    اڙي نانگ، اڙي نانگ پرين تو ته ڏٺو ناهه،
    سندس ڏاهه، سندس ڏنگ ائين آهه جيئن تون


    ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کانپوءِ،

    ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کانپوءِ،
    تو سان گڏ جڻ جون حسرتون رهنديون.

    جام وَ مينا رهي، رهي نه رهي،
    منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون.

    زندگي تلخ آ، هجي ته هجي،
    روح ۾ سئو ملاحتون رهنديون.

    سرحد غم قريب آ اي دوست!
    ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.

    تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين اي دوست،
    ابن آدم جون جنتون رهنديون.

    شاهه کان پوءِ اي ”اياز“ ٻڌاءِ،
    سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون.


    ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت،

    ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت،
    منهنجي من کي چين ناهي!

    هاءِ ڪهڙي رات آهي،
    چنڊ منهنجو ناهي ميت،
    منهنجي من کي چين ناهي!

    هيءَگلابي رُت ڇڏي،
    مون کان رسي ويا ڪيئي گيت،
    منهنجي من کي چين ناهي!

    هار ڪائي هار ناهي،
    جيت ڪائي ناهي جيت،
    منهنجي من کي چين ناهي!

    تون ڪٿي آهين پرين،
    آهي ڪٿي اڄ تنهنجي پريت،
    منهنجي من کي چين ناهي!

    ڪيئن ڪريان مان،
    ڪنهن به ريت،
    منهنجي من کي چين ناهي!


    سهندو ڪير ميار او يار!

    سهندو ڪير ميار او يار!
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

    جهول جَهلي جنهن وقت ڀٽائي،
    ڪرندا ڪنڌ هزار، او يار!
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

    نيٺ وڍيندڙ وڍ جي ويندا،
    ڪنڊي نيٺ ڪٽار او يار!
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

    نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي،
    دوکي جي ديوار، او يار!
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

    گهڙا کڻي گهڙنديون سَوَ سُهڻيون،
    مَرندا سَوميهار او يار،
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

    سير جي سئن هڻي ڏس چارڻ،
    ٻيجل ٿي ٻيهاراو يار!
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!


    ٽڙي پوندا ٽارئين،

    ٽڙي پوندا ٽارئين،
    جڏهن ڳاڙها گُل،
    تڏهن ملنداسين.

    جڏهن ورنديون ڪونجڙيون،
    هَر هَر ڪري هُلَ،
    تڏهن ملنداسين.

    ڳلن ڳوڙها ٽمندا،
    جڏهن موتين ٽل،
    تڏهن ملنداسين.

    وڇوڙي جا ڏينهڙا،
    ڀورائيءَ جي ڀُل،
    تڏهن ملنداسين.

    ³


    سنڌ ديسَ جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيسُ نمايان،

    سنڌ ديسَ جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيسُ نمايان،
    مٽي ماٽي لايان.

    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن چايان،
    گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
    جيءَ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل تو کي ڪيئن لنوايان،
    سارا سڏ پڙاڏا تنهنجا وائيءَ ۾ ورنايان.

    سُر سُر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو لهر لهر لڪايان،
    رم جهم رم جهم راڳ انهن سان ٿر بر باهه لڳايان،

    ڪالهه مَليران مهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
    ڏٿ به پنهنجو ڏيهه به پنهنجو مارو شال مِلايان.

    تنهنجيءَ مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان،
    سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان.
    مٽي ماٽي لايان.


    سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،

    سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
    اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ايندي.

    ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا، تون ڀلي هلي آ،
    ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي.

    نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شال جرڪي،
    پرهه پري آ پتو نه آهي رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.

    پکي پروڪا اڃان نه آيا، اُڪيرتن جي هُري رهي آ،
    اُداس سر تي هوا اُٺي جي، چئي پئي ڪا اُڏار ايندي.

    پرار تي ڪا پڪار آهي، مگر اڳيان تک تار آهي،
    ڪٿي اسان جي اُڪار آهي، اياز ڪيڏانهن ناوَ نيندي.


    پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،

    پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.

    رَت جو بدلو رَتُ ئي آهي، هر ڪو بدلو ڏيندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.

    آر تي رات نه رهندي اوڳا! روح نه ڪو روئيندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.

    ڪائي آ رهي اک نه هوندي، لُڙڪ نه ڪو لاڙيندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.

    ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو، ڪو تو کان نه کسيندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.

    اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي! اهڙو ڏينهن به ايندو،
    اهڙو ڏينهن به ايندو.


    بي مُوت مُئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو،

    بي مُوت مُئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو،
    هن دنيا ۾ اي ديس هيا نادان هزارين مان نه رڳو.

    جي راه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀون ۽ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
    هي ڌر تي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.

    اک ساري رات نه جهپڪي آ ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،
    جي باک گُهري ٿي بُک، ته اي زندان هزارين مان نه رڳو.

    ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري،
    آ ڪيڏو پويون پَهر پري! حيران هزارين مان نه رُڳو.

    تون چئه نه ڪڇان تون چئه نه لڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو.

    هي دور ”اياز“ گذرڻو آ ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
    ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه رڳو.

    ³


    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو

    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو

    پنڌ پري هو،
    ڪير ڪري هو،
    واٽ اَواٽي،
    ڏيل ڏري هو،
    پوءِ به پرينءَ جو پنڌ ڀَلو هو،
    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو.

    پار نه پيرو،
    دڳ نه ديرو،
    رات گهٽائين،
    دور سويرو،
    ڪَر هَلڙو ڙي، جيءُ جَهلو هو،
    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو.

    سانولڙيءَ جو،
    ڳيچ چئو ڪو،
    سانت بُري آ،
    سانت ڪيو ڇو،
    گونج اُڀاري، ڪا ته گلو هو!
    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو.


    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،

    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
    سَائو نه سَلڙو،
    ڇانگون نه ڇيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!

    پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وَهُه وات ويلا،
    مُنهڙا به ڀيلا،
    ڳوڙها ڳهيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!

    سَارو سَيارو ٿي ماٺ مَاري،
    سومر اڱاري،
    ماڻهو نه ميلڙا!
    مارو اڪيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!

    ٿا جيءُ جهورن ۽ روهه رولن،
    جنهن وقت ٻولن،
    ڪڻڇي ڪويلڙا!
    مارو اڪيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!


    ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

    ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
    نِمن جهليو آ ٻور، ڪيسين رهندين دور!

    پريت اسان جي نه رهي، نه رهي،
    سونهن سَرنهن جي سَرهي سَرهي،
    من کي ڪيو مجبور، ڪيسين رهندين دور!

    بوند اکين مان نه ڪري نه ڪري،
    اُولهه کان آئي جو ڪڪري،
    برسيا سي ڀرپور، ڪيسين رهندين دور!

    تو لاءِ ساهه ائين سيڏائي،
    جهونجهڪڙي جو جيئن واجهائي،
    ڄانڀي لاءِ تلوُر، ڪيسين رهندين دور!

    منهنجي آس، ڏکن جو ڏيئڙو،
    منهنجو هر سانجهڙي او سيئڙو،
    مَري نه سگهندو مور، ڪيسين رهندين دور!

    ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،
    نمڻ جهليو آ ٻور، ڪيسين رهندين دور!


    ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پوڀي ڀلي

    ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پوڀي ڀلي،
    ڀاڳ واري سدا، ڀونءِ تي ڀرجهلي.

    تو چيو سنڌڙي، مون چيو جندڙي،
    مون پرولي سلي! مون پرولي سلي!

    پريت ليلا به آ، پريت ڪؤنرو به آ،
    پريت پرکي ته ڪا، مون جيان دل جَلي!

    وک وتري ڪيو ٿي اچي، ٿي اچي،
    هو جهڙالي هوا، هو گلابي گلي!

    سنڌ مرڻي نه آ، اي ”اياز، آ اڃا،
    اڃ جو آسرو، ڪا ته پاڻي کلي.


    آنءُ ڪنول جو ڦول ڏسان،

    آنءُ ڪنول جو ڦول ڏسان،
    تون ياد اچين!

    آنءُ ڀنور، گنجار سُڻان،
    تون ياد اچين!

    رات جڏهن گهنگهور هجي،
    جيئن هوا گهوگهاٽ ٻڌان،
    تون ياد اچين!

    ڀرجن منهنجا نيڻ، ڪڪر،
    ورکا ٿي تو لاءِ وسان،
    تون ياد اچين!

    دڙ لاٿا درياه گهڻا،
    تون لهرن ۾ چنڊ جيان،
    تون ياد اچين!

    آنءُ ڏياٽي روز جهلي،
    ڪيسين چائنٺ تي ترسان،
    تون ياد اچين!

    هر ڪو واٽهڙو آهه ڄَڻ،
    مان ڪنهن ڪنهن لئه واجهه وجهان،
    تون ياد اچين!

    نيٺ ته اچڻي آهين تون،
    ها، پر جي مان ئي نه هجان،
    تون ياد اچين!
    تون ياد اچين!
    تون ياد اچين!


    باک ڦٽيءَ جو ڪويل ڪوڪي

    باک ڦٽيءَ جو ڪويل ڪوڪي،
    منهنجي ننڊ ڦٽي!

    جيئن هوا ڪمري ۾ ڌوڪي،
    منهنجي ننڊ ڦٽي!

    ٻير جڏهن ٽارين کي ٻوڪي،
    منهنجي ننڊ ڦٽي!

    پردا جرڪن سج، ڀڀوڪي،
    منهنجي ننڊ ڦٽي!


    تون آڌيءَ رات اُٿارين ٿي، ۽ منهنجي ننڊ ڦٽائين ٿي

    تون آڌيءَ رات اُٿارين ٿي، ۽ منهنجي ننڊ ڦٽائين ٿي،
    جي رهجي ويا ها گيت اڳي، سي مون کان گيت لکائين ٿي.

    اڌ رات اچي جاڳائين ٿي، ۽ ڇم ڇم ڇيرون پائين ٿي،
    ٿاپير پُڄن آڪاش مٿان، هي ڪهڙا ناچ نچائين ٿي.

    مان تنهنجا چنڊ ستارا هان، ڪيڏيءَ نه تجلي وارا هان،
    ڪيڏا نه گلن جا کارا هان، سنسار سڄو مهڪائين ٿي.

    سڀ سَاز سُرندا تنهنجا ها، آواز نه ٻُرندا منهنجا ها،
    هر چَؤنرو ڪوئي ڀونرو آ، گنجار ائين ڦهلائين ٿي.

    هر ڏات به تون برسات به تون، ۽ ساري ذات صفات به تون،
    ۽ سانوڻ جي برسات به تون، ٿي مور سوين پر ڀائين ٿي.

    تون مندر جو دَرُ کولين ٿي، پر دير ڏسي جا بولين ٿي،
    ٿي گُهنڊ هزارين ٻولين ٿي، تون سڀ جي ننڊ ڦٽائين ٿي.

    سنسان ڊگر، ويران نگر، ڪنهن وقت هيو آباد مگر،
    ٿي منهنجا پير ڇڪين اُن ڏي، ۽ منهنجو پنڌ پُڇائين ٿي.

    هر وقت هوا جون هيرون ٿي، اڌرات سڳنڌن، سيرون ٿي،
    رابيل ڦٽائين ٿي ڪيڏا، ۽ هَار هزارين پائين ٿي.


    تاجل بيوس

    سمجهي پير وڌاءِ، او يار!

    سمجهي پير وڌاءِ، او يار!
    سمجهي پير وڌاءِ.
    هن ڌرتيءَ جي دودن سان تون،
    ڳورو ڪين ڳالهاءِ
    سمجهي پير وڌاءِ.

    ڀونگا ڊاهي، لاهي پاهي، ڀل پيو ڪوٽ آڏاءِ،
    منهنجون ڳالهيون،م انب ۽ ٽالهيون مونکان ڪين کساءِ.
    سمجهي پير وڌاءِ

    هرڪا ڇولي، لولي بڻبي، وارو ونجهه هلاءِ،
    او وڻجارا! ٻيڙيءَ وارا، هڪڙو گيت ته ڳاءِ،
    سمجهي پير وڌاءِ

    باهه ٻري آ، مند چري آ، ٻيجل تند تپاءِ،
    سر جي سئن هڻڻ کان اڳ ۾، پنهنجو ڪنڌ ڪپاءِ،
    سمجهي پير وڌاءِ.

    جهمريون پائي، پير ملائي، ڇير وري ڇمڪاءِ،
    ٿر جي ڄائي، ٻاگهل ٻائي! “بيوس” ڪين بڻاءِ،
    سمجهي پير وڌاءِ.


    ڪارونجهر تي مور نچي ٿو

    ڪارونجهر تي مور نچي ٿو،
    صبح ٿئي ٿو.
    موتين وارو مينهن وسي ٿو،
    صبح ٿئي ٿو.

    ڄاڻ بتيون ۽ بلبل اجهاڻا،
    آکيرن مان ڪانگ آڏاڻا،
    ماري وڻ تي دام وجهي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.

    سڪا آڇي ڪو وڻجارو،
    هر ماڻهوءَ کان نيارو نيارو،
    مون کان منهنجا گيت کسي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.

    ڪنهن وٽ داڻو پاڻي ناهي،
    بک جي آڳ اجهاڻي ناهي،
    تڏهن ته ماڻهو ماس چڪي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.

    هو ڏس، ڪيڏو پيارو آهي،
    ڄڻ ته صبح جو تارو آهي،
    سر تي جيڪو هنج لهي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.

    ڪنهن چهري مان چنڊ کڙي ٿو،
    ڪو ڪو سڏڪو سڏ لڳي ٿو،
    اک مان جيڪو لڙڪ وهي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.

    آءٌ مسافر مرڻو ناهيان،
    ٿر تي ٻيهر ٻرڻو آهيان،
    ويندي ويندي چنڊ چوي ٿو.
    صبح ٿئي ٿو.


    ڪانگ! ڏج هي قربتون دل سان وڃي دلگير کي

    غزل

    ڪانگ! ڏج هي قربتون دل سان وڃي دلگير کي
    لک سنيها، صحبتون، هن لوڪ کي لکمير کي

    هائو، هر ڪنهن ماڳ جي مٽي اسانجي ماءُ آ
    رهڻ ڏيو هيءَ رات ڀي هڪ ٿانو ۾ کنڊ کير کي

    ڪين ٿي سگهندو ڪڏهن ميٺاڄ، ماکيءَ کان الڳ
    هل ته سمجهائي اچون، بي ترس ۽ بي پير کي

    ڪلهه به ساميءَ، شاهه، بيدل ۽ نارائڻ هو چيو:
    آءُ ته گڏجي ٽوڙيون، هر ظلم جي زنجير کي

    ياد ڪندي يارڙن جي سنگت، ساروڻيون وري
    سن وڃائي سونهن آ، جهوري لڳي جهمپير کي

    ڪالهه “بيوس” حد ۽ سرحد جي محافظ کي چيو:
    روڪ جي روڪي سگهين، الهاس واريءَ هير کي


    دنيا کي ٽئين جنگ جي تباهيءَ کان بچايون

    غزل

    دنيا کي ٽئين جنگ جي تباهيءَ کان بچايون
    اچ جيئن جي مقصد تي کليءَ دل سان ڳالهايون

    ماڻهو آهي ماڻهو، ۽ ماڻهو، ماڻهو ئي رهندو
    ماڻهوءَ جي ڇو عظمت کي “انا الحق” ۾ لڪايون

    اکڇنڀ ۾ نفرتن سان پئي جهول ڀرياسين
    الفت جي خزانن کي ڀلا ڪيئن کٽايون!

    ها، پاڻ به ماضيءَ کي سنوارڻ ئي گهرون ٿا
    اسان تڏهن ته گهڙيال جا ڪانٽا ٿا مٽايون

    ريشم جهڙي ماڻهوءَ کي گلن وانگي ڇنڻ کان
    بهتر آ ته نو ٽڻ ۾ پنهنجو وقت وڃايون

    اطلاع بنا پاڻ به ڪنهن دل جي ڦرڻ ۾
    “استاد” آهيون پوءِ به “بيوس” ٿا سڏايون!


    هن جسم جو آويءَ ۾ پڪل ٿانءُ ڀڃان ٿو

    غزل

    هن جسم جو آويءَ ۾ پڪل ٿانءُ ڀڃان ٿو
    اڄ مان به تحفو سنڌ کي ناياب ڏيان ٿو

    جيئن برف مان پاڻي ٿئي، پاڻيءَ منجهان بادل
    ان طرح مران ٿو مان ۽، ان طرح جيان ٿو

    اڄ مان به سڀاڻي جي دلاسن کي وساري
    ڪڻڪن جي پڪل کيت کي پيو سجدا ڪيان ٿو

    هر عشق عبادت آهي، مان اهڙو لکت ۾
    کڻي حسن جي درٻار مان فرمان اچان ٿو

    جيون جي هن اڻٿڪ، مان گوءِ ۾ “بيوس”
    سنڌوءَ جي روانيءَ سان کاري ڇاڻ پڄان ٿو


    ڪنهن ٻارڙي جي ماءُ، ڪا ڪاري نه ٿي پوي!

    غزل

    ڪنهن ٻارڙي جي ماءُ، ڪا ڪاري نه ٿي پوي!
    پوري هيءَ ڪائنات، مياري نه ٿي پوي!

    اک مان ڪري نه لڙڪ، ڀلي ڪربلا هجي
    ڪر هيءَ دعا ته: سنڌ اُڄاري نه ٿي پوي!

    پنهنجن حقن کي وٺندي، منهنجي به هيءَ بندوق
    ڊڄ ٿو ٿئي گلاب جي ٽاري نه ٿي پوي!

    سنڌ جي مٽيءَ مان سنڌ جا خاڪا ٺهيل ڏسي
    زاهد ڪو واٽ ويندي، پوڄاري نه ٿي پوي!

    تنوير جي وڃڻ سان، چيو ڪنهن ته ڪالهه ٿي
    هيءَ ڀونءِ ڪنهن تي “بيوس” ڀاري نه پوي!


    هن سنڌ جي نجات جو هڪ خواب ڏٺو ٿم

    غزل
    هن سنڌ جي نجات جو هڪ خواب ڏٺو ٿم
    هر جسم جو زنجير مڪن ساڻ ڀڳو ٿم

    هٿ ڪنهن جي اچن ڪم ته عبادت جو آ رتبو
    ماڻهو ٿا چون هي به ڀٽائيءَ کان سکيو ٿم

    وڏڙن جي ڏنل سبقن کي ياد ڪندي، مون
    ڦوروءَ کان کسي گرهه، مسافر کي ڏنو ٿم

    ماڻهوءَ جي هٿان ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه مارايو
    خط اهڙو انيراءِ ڏي هڪ ٻيو به لکيو ٿم

    مان شاهه، توڙي شيام جي رشتن تي پيو لکندس
    اهو سنڌ توڙي هند سان اقرار ڪيو ٿم


    ڪڻڪن جي کيت ڀرسان، ٽڙي پيو گلاب آ

    غزل

    ڪڻڪن جي کيت ڀرسان، ٽڙي پيو گلاب آ
    هيءَ سنڌ آسماني ڄڻ ڪو ڪتاب آ

    محبوب واٽ ويندي، ٿيو ڄاڻ بي نقاب
    مکڙين رکيو سنڀالي جنهن جو حجاب آ

    پهتس پيرين اگهاڙو، مظلوم جو سڏيو
    هي منهنجي آهي مسلڪ، منهنجو نصاب آ

    منهجي قلم جي ڀرسان، اوندهه جي راڄ ۾
    هر هڪ ڏيئو لڳي ٿو ڄڻ آفتاب آ

    سنڌوءَ جي پيٽ مان ٿي، واري پئي اُڏي
    ڀر ۾ وهي ٿو جهلم هت، هت چناب آ

    ٿڄ ماءُ جي پياريل، ۽ رت ڦڙن سان گڏ
    منهنجي رڳن ۾ جاري، سنڌوءَ جو آب آ

    ڪيئن قبر ان ٿي ڪانڌي ڪتبو پيا هڻون!
    هڪ روح جنهن قبر ۾ “بيوس” بيتاب آ


    اٿو عظمتن جا ڦريرا اڏايو

    غزل

    اٿو عظمتن جا ڦريرا اڏايو
    چڱا ايئن چون ٿا، ڦريرا اڏايو

    سڄي لاڙ سان ٿو سمنڊ ويڙهه جوٽي
    مٺي، کاري ناکئا! ڦريرا اڏايو

    اتر اوت ڪئي آ، اٿو جر سان جهيڙيو
    ڏنا وڄ وراڪا، ڦريرا اڏايو

    مڙيا مڇ ۽ مانگر، اچو سڏ سڃاڻو
    ڪياڪنن ڪڙڪا، ڦريرا اڏايو

    ڪلاچيءَ جي ڪن ۽ گهاتو گهڻ گهرن سان
    جوڙي سنگ سياڪا، ڦريرا اڏايو

    مائٽ مورڙن جا، صبح شام “بيوس”
    ڏين ٿا ڏوراپا، ڦريرا اڏايو


    ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو

    غزل

    ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو
    سنڌ جا سون سريکا ماڻهو

    نيٺ ڦڳڻ جيئن اونداهين ۾
    مشعل بڻجي ٻرندا ماڻهو

    ماڻهن وانگي ڳالهائن ٿا
    پوءِ به لڳن ٿا گونگا ماڻهو

    ڪيئن چوين ٿو ڍورن وانگي
    ڪنهن ته بهاني ڪسندا ماڻهو

    بازارين ۾ مڙدن جهڙا
    کوڙ لڳن ٿا جيئرا ماڻهو

    ويهين صديءَ کان پوءِ به “بيوس”
    مئلن جهڙا هوندا ماڻهو


    سنڌ جي نجات کي ڳولهي وٺون

    غزل

    سنڌ جي نجات کي ڳولهي وٺون
    رات مان پرڀات کي ڳولهي وٺون

    دل مان ويندڙ، دل جي راهن کي وري
    پنهنجي، پنهنجي ذات مان ڳولهي وٺون

    بيت، دوهو، غزل، ڪافي گيت چئي
    ڏيهه سارو ڏات مان ڳولهي وٺون

    آ ته همت جي هٿيارن سان وري
    جيت، ڪلهه جي مات مان ڳولهي وٺون

    ڪالهه جي سچ، سونهن ۽ سرهاڻ کي
    طور جي تجلات مان ڳولهي وٺون

    ضيا، فرانڪو، هٽل، نواز کي
    اچ ته ڪنهن ڪم ذات مان ڳولهي وٺون


    ابراهيم منشي

    اسان انقلابي اسان انقلابي

    نظم

    اسان انقلابي اسان انقلابي،
    ٿي مجبور حملا ڪنداسون جوابي.

    سٺا سون سوين سر تي قانون ڪارا،
    اچي تنگ، ڪرڻ جنگ، سکي ويا هي سارا،
    ٿيا جڏهن ظالم جا مظلوم مارا،
    رهي ڪٿ نه سگهيا پوءِ رهزن ربابي.

    ٻڌي ڇڏ ڪروڙن ٻاٻاڻن جي ٻولي،
    ڀلي چاڙهه سوري، ڀلي مار گولي،
    نه رهندي هتي سامراجين جي ٽولي،
    آهي ختم ڪرڻي هي ساري خرابي.

    نه سهندا هي سانگي ستم سامراجي،
    پراڻا فريب ۽ هي رسمون رواجي،
    گهرون ٿا گهرون ٿا صحيح حق سماجي،
    نه گهرجن مهاجر، پٺاڻ ۽ پنجابي.

    وڏيرو هي ظالم، وڏيرو نه گهرجي،
    ڪامورو هي ظالم، ڪامورو نه گهرجي،
    غلط انتظام هي سمورو نه گهرجي،
    نه هلندي ڪنهن زوردار جي هت نوابي.

    ڪنداسون نه برداشت بد انتظامي،
    اٿي آگ ڀڙڪي، آ اڄ انتقامي،
    حڪومت ڪبي هت حقيقي عوامي،
    ڇڏينداسون ٽوڙي غلط حد حسابي.

    سڄو ملڪ پاپين کان پاڪ ٿيندو،
    نه مومل جي طلسم وارو ڪاڪ رهندو.
    هتي هر بشر هاڻ بي باڪ هوندو.
    آهي ڪرڻي ظلمت منجهان ماهتابي.

    سياحيءَ جي راتين جو چيري ته سينو،
    آهي ٻارڻي لاٽ ڏيئي رت پسينو،
    آهي تار مان تارڻو هي سفينو،
    نه ڪر فڪر “منشي” ٿيندي فتحيابي.


    ڪيسين سهندين سور، او ساٿي! ڪيسين سهندين سور

    نظم

    ڪيسين سهندين سور، او ساٿي! ڪيسين سهندين سور،
    گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهاءُ نئون، ۽ وک وک تي وهلور.

    ڏيهه سڄي ۾ ڇيڙيل ڏينڀو، ڏيهه ڌڻين کي ڏنگ هڻن،
    وک وک تي ويڙهيچن کي، واريو ڦيريو ونگ وجهن،
    سورن ماريل سانگيئڙن جا، چئوڏس ٻڌ پيا چنگ چرن،
    پنهنجي گهر ۾ مرضن ماريل ماروئڙا مجبور او ساٿي!

    خون اسان جو پيئندي پيئندي، پاپين ڪيئڙا پيٽ وڏا،
    ڳڙڪائي ويا ظالم ڪيئي، مظلومن جا ماس هڏا،
    زر زمين جا مالڪ بڻجي، ويٺا ٺاهي عيش آڏا،
    مهر زبان تي ماروئڙن جي، ناهي ڪڇڻ دستور او ساٿي. !

    هتي هلن پيا ڪئين هزارين ون يونٽ جا واپاري،
    آڙ وٺي اسلام سندي، غدار ڪندا هي غداري،
    وري ڪندا نيلام نئون، هي پئسي جا آحن پوڄاري،
    متان ڙي وانگي وڃين نه وڪجي، دوکي کان رههُ دور او ساٿي!

    جاڳي پيا پٽ جيجل جا، اڄ جاڳي پيا جنباز ڪئين،
    پرمارن جا پير نه کپندا، شاهي وريا شهباز ڪئين،
    سوريءَ کي سي سيج ٿا سمجهن، اچن ڪريو نٽ ناز ڪئين،
    ڪهڙا چاڙهي چاڙهيندي تون، ملڪ سڄو منصور او ساٿي!

    اچو ته “منشي” متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
    ظلم سندا زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي ٻاريون ڙي،
    سر رکي سانڌاڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي،
    وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دور او ساٿي!


    متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،

    نظم

    متفق ٿي مسڪين اچو اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي ۽ وير ٻراڻا واريون ڙي.

    وک وک تي جن ڪيا وڏيرن ويڙهيچين سان واويلا،
    شام صبوح ڪوڏار هڻي، ته به سير آٽي لئه سو ٿيلا،
    ڪئين ڪٺا تن پيٽ بکيا ۽ آنگ اُگهاڙا البيلا،
    اهڙا موذي ملڪ سڄي مان چونڊي ماريون ڙي!

    قاتل قوم فرنگ جو چمچو، جاچ اهو جاگير ڌڻي،
    مير هجي يا پير هجي يا جان بهادر هجي کڻي،
    پڇا ڪري ڏس پيڙهياتن کان، ڪٿان تو هيءَ جاگير ڄڻي،
    پورهيتن جي پگهر منجهان ٿو، ننگيون نچائي ناريون ڙي!

    مزدور جي ماس منجهان ٿو، مالڪ مل ڏس موج ڪري
    وال ڪروڙين رو زبڻائي، پوءِ به تنهن کي سور سري،
    سردي گرمي گوڏ گنجيءَ ۾ بنا ڪفن مزدوري مري
    مرون ۽ ماريون ماروئڙن تان ظلم ستم هي ٽاريون ڙي!

    زردارن جا ظلم هتي جي، کاهڙ ۾ ويهي کولي ڪو،
    آٽي لٽي ۽ ادا اجهي لئه، ٻڙڪ هتي جي ٻولي ڪو،
    پنهنجي هٿ سان پنهنجي ڳچيءَ لئه سوري ڄڻ ٿو ڳولي سو،
    سانگيئڙن لئه، ستم هزارين ڪهڙا ساري ساريون ڙي!

    خون ڪرائي وڏو وڏيرو، سيٺ، چوڌري، رئيس هتي،
    جهوپن وارن جهانگيئڙن لئه، پاپي پوءِ پوليس هتي،
    ڪنگالن لئه ڪيس هتي ۽ پورهيتن سان پيس هتي،
    چور ڇٽا، چالان چڱا ۽ گگدامن تي گاريون ڙي!

    ويل هزارين وانگيئڙن تي اڳي وڏيرو ڪري هزار،
    مسڪينن جي ماس مٿان ٻيا ڌارين ٻولي وارا ڌار،
    “همين ملي هي زمين نڪل جا تيرا نهين ڪڇ اِڌر وقار،”
    ڪيئن ڪريون ڪاڏي وڃون ۽ ڪهڙي در پڪاريون ڙي!

    انڌير نگري ادا ڙي! هن ۾ ماءُ نه سهڻي ڌيءُ ڄڻي،
    ظالم ڏس زردار وڏيري کي جي ڪنهن ڀي وقت وڻي،
    زوريءَ سان ٿو ظالم تنهن کي کوهه مٿان ڏس کڻي کڻي،
    اهڙا ڳولهي ڳولي ماريون، سيني کي ڪجهه ٺاريون ڙي!

    ساحل کان هي دور جي ٻيڙيون، لهواريون ڪي اوڀاريون،
    سڙهه سنواري تن جا ساٿي، ماڳ پهچايون موچاريون،
    پهچو تن کي پري نه ڇڏيون، ناکئا ڏيئي ناتاريون،
    اچو ته “منشي” گڏجي تن کي، طوفانن مان تاريون ڙي!


    تنهنجو مرون پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس

    نظم

    تنهنجو مرون پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس،
    ڌوڙ وجهي پئي ڌرتي توتي، کلي پيو آڪاس.

    سهي سيارا پٺن تي پارا، تو جي ورايا پاڻيءَ وارا،
    کيٽ کرا سڀ ٻنيون ٻارا، سوئر کائي ويا ستي تو سارا،
    اڃان جئين پيو جڳ ۾ پيارا، تنهنجو باغ ٿيو بنواس.

    لوڌ لڳايون ٻڌي مهاڙوين اچو ته گڏجي پير اهاڙيون،
    ڪتا بڇيون ڪن تاڙو به تاڙيون کڻي ڪاهي پئون ڏڦا ڪهاڙيون،
    وانگين جون جن ڀيليون واڙيون، سي ڪريون نهاري ناس.

    اڃان ته ٿورا آهن اٺوري، ٻلر ٻيهاڻا چرن ٿا چوري،
    اهي به ان تي کل ڪندا کهري، پوءِ ته چرندا توکان زوري،
    ڳالهه اها ڪا ناهي ٿوري ڪڍ رهزن اهي راڪاس.

    ٻڌي پنجوڙون پئون سڀ پهري، کڻي هٿن ۾ ڀالا زهري،
    آڏيون آڏن ڪوڙ ڪيون قهري، شام صبح تن تڙيون ٻپهري،
    جهلي بيهون لنگهه بري ۽ بحري “منشي” عام ۽ خاص.


    اٿ دلير مسافر دير نه ڪر، سڏ سوريءَ جو سينگار وري

    غزل

    اُٿ دلير مسافر دير نه ڪر، سڏ سوريءَ جو سينگار وري،
    سڏ سوريءَ جو سينگار وري، توکي آهي پوڪاريو ڌار وري.

    لڳي ڇانڀ اُتر توکي سيءَ سٽي، هتي ڏينهن تپي تنهنجو ماس پچي،
    توکي جڳ اهو ڪيئن راس اچي، اُٿي ٻارڻ نئون ڪو ٻار وري.

    ظلمات جي رات هي ناهي وڏي، اڄ ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ڪڏي،
    هو ڪات اڳيان، هوءَ آهي اڏي، هتي آهي ڪسڻ جي ڪار وري.

    هتي خون هزارين خان ڪئين، جانباز اچيو ڏين جان ڪئين،
    ويا مرد پرائي مان ڪئين، تون به وارو پنهنجو وار وري.

    ڇڏي بلبل گل جا افسانا، کڻ ڪات ڪهاڙا نيشانا،
    پوءِ پڇتائيندين پروانا، جي شمع ٿي ويئي گل يار وري.

    ڇڏ “منشي” غفلت ننڊ گهڻي، اُٿ تيغ تکي تلوار کڻي،
    وڙهه ويرين سان تون هوڪا هڻي، ۽ ڏونگر ڏاڍ جا ڏار وري.


    وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا

    نظم

    وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،
    هزارين ظلم هت آهن، ڪي ميرن جا ڪي پيرن جا.

    نئون نت روز هت نارو، نئين نت روز غداري.
    نئون دولاب نئون دوکو، نئين نت مڪر مڪاري،
    فريبي چال نت نئين ۽ اٻوجهن ساڻ عياري،
    صبوح ۽ شام سانگين تي، ستم سرمائيدارن جا.

    چڙهي هن ملڪ جون ويبيون، وري واڳڻ جي ور واڳون،
    ملي هن قوم کي هڪ ڪوڙ جو لقمون جڏهن جاڳون،
    وري ساڳيا پراڻاس سي، ٻڌي پاپي ويهڻن پاڳون،
    رچن ٿا سانگ نت نت ڏس، غريبن تي غدارن جا.

    جي پنهنجي ٻولي هت ٻوليون، لڳن ٿا گرز ۽ گوليون،
    ڪريون جي ڳالهه حق جي هت، ڀريون جيلن سنديون کوليون،
    اُٿو اي سنڌ جا سانگي، ٺاهي ٽانڊن جهڙيون ٽوليون،
    ڪريون قوت سان پنهنجي، منهن ڪارا هت مڪارن جا!

    نه مٽ دنيا ۾ تنهن ثاني، ڏني جنهن قوم قرباني،
    گهري ٿي گهوٽ آزادي، مٿن جي يار مهماني،
    ڪفن سر سان ٻڌي لاهيو، جڪڙ جيجل مٿان جاني،
    گذارين ٻار ڪين ڪڏهين، غلاميءَ ۾ غيورن جا.

    وري اڄ قوم کي نئينءَ جنگ لئه جاڳو ۽ جاڳايو،
    اٽل رک عزم اندر ۾، پٽنگ ٿي پير پڙ پايو،
    جيئون آزاد ٿي جڳ ۾، يا “منسي” موت سرمايو،
    لڙي سڀ لوڪ تان لاهيون، هيڏا هاڃان هچارن جا.


    اٿو ڪو خوني انقلاب، انقلاب آڻيو

    انقلاب

    اي هاريو اي ساٿيو، اي سنڌ واسيو،
    اٿو ڪو خوني انقلاب، انقلاب آڻيو.

    نه هاڻي ڌاريو دل نرم، نه ڪريو ڪنهن مٿي ڪرم،
    نه جن جو دين ڪو ڌرم، وڏا وڏا سي بي شرم،
    نيون تنين جون سازشون، مٽيءَ ۾ ملائيو.

    هي حامين اصلئون هند جا، نه ٿي سگهيا سي سنڌ جا،
    هي لکنوي ۽ دهلوي، سگهن سڏائي نا سنڌي،
    ڪڍو انهن کي ڪڙم مان، ڌڪا ڏيو ڌڪاريو.

    نه آس مير پير ۾، نه ڪنهن وڏيري وير ۾،
    نه چوڌري نواب ڪنهن، نه آندو انقلاب ڪنهن،
    اٿو اگهاڙي پير سان، مرو ۽ حق لئه ماريو.

    هنن اچي زبان ڪٽي، چون پيا ڪا ٻي چٽي،
    بهارين جي پي اچي، نئين ڪا گهل سنڌ تي،
    کڻو ڪهاڙا ڪات سڀ، اي سنڌ جا ته سانگيو.

    جا ول بنا آ پاڙ جي، سا سرجندي ئي ساڙجي،
    جو وڻ وڪوڙجي ويو، سڪي سوڀينگ ڀانگ ٿيو.
    ڪهاڙين سان ٿي ڪٺي، زمين کي ريج رت ڏيو.

    جو تو ڏٺو سو ڪوڙ هو، فريب دوکو ڌوڙ هو،
    رڳو هنيا ٿي تن رمل، نه هو انهيءَ ۾ ڪو عمل،
    ڇڏي پرايو آسرو، ڪا پنهنجي ڦوڪي ٻاريو.

    ڏسو هي “منشي اوپرا، لڏيو اسان کي چون پيا،
    نباهُ ڪهڙو نانگ سان، هي نانگ مرندا ڏانگ سان،
    انهن سندي اڊي بنا، گهڙي نه هڪڙي گهاريو.


    اسان چنگ ٻيجل ٿي چوري سگهون ٿا

    نظم

    اسان چنگ ٻيجل ٿي چوري سگهون ٿا،
    ته ٿي ڏياچ ڀي ڪنڌ ڪوري سگهون ٿا،
    غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي سگهون ٿا،
    ويل ڀاڳ پنهنجو ورائي سگهون ٿا.

    اڏيل ڪاڪ تنهنجا اهي طلسماتي،
    جنهن جي راهه سوڍن صحيح آ سڃاتي،
    هتي زهر تنهنجي ڪنداسون حياتي،
    تنهنجي ڪاڪ ڪوڙي اڏائي سگهون ٿا.

    ڏيها ڏيهه سڄو ملڪ منصور آهي.
    اچي تنگ ڪرڻ جنگ دستور آهي،
    نه “منشي” ڪا منزل تڏهن دور آهي،
    جڏهن سر سوريءَ تي چڙهائي سگهون ٿا.

    اسان نينهن لائي نڀائي سگهون ٿا،
    سوين سنڌ لئه سر ڪٽائي سگهون ٿا.

    تون ڇا پر هزارين ويا هار کائي،
    ٿيا عرب ارغون ترخان توائي،
    مغل ۽ فرنگي ڪياسون تباهي،
    انهيءَ ريت توکي مٽائي سگهون ٿا.

    جڏهن مرد مانجهي مهاڙيون کڻن ٿا،
    ڪهوءَ جي ڳنن سان ڪهاڙيون کڻن ٿا،
    تڏهن رت ريلا ٿي واهڙ وهن ٿا،
    مڪارن کي ماري مڃائي سگهون ٿا.

    سوين توکان سورهيه سياڻا هليا ويا،
    طرف ڪهڙي ڪهڙي نه ڄاڻا هليا ويا،
    ڪڍائي ڪئين ڌڱ ڌاڻا هليا ويا،
    ته توکي به هڪ ڏينهن ڀڄائي سگهون ٿا.

    گهڻا ڏينهن چورن هتي چاڳ ڪيا ٿي،
    سوين اڄ سنڌي ڀاڳيا جاڳيا سي،
    “دريا خان” “هوشو” “هيمون” ساڳيان سي،
    زنده لاش تنهنجا جلائي سگهون ٿا.


    درياءَ سان سوال

    درد وندا هي دانهون توتي، ڏيندا درياءِ شاهه دلير،
    ورهن جا اڄ وانگيئڙن کان، ويساهه ڏيئي تو ورتا وير،

    سارا سورهن سال سڪي تو، پيت ۾ پاليا پرت پنوهار،
    ريلن ۾ تو رائو ڏيئي، ڄايا لاڻا لوت ليار،
    پاسا تو ته پسائڻ ڇڏيا، پيريءَ وارا تنهنجا پار،
    ملاح پٽي ويا مڏيون توتان، ٻيڙيون ٻاري ٿيا ٻڪرار،
    ڀرم ڏيئي ڀاڳين کي پوءِ، ڀنڀٽ بڻجي ڀريئه پير.

    گهيرا ڏيئي تو گهارا پائي، راڄ روئاريا راتو رات،
    سانگيئڙن جي ساهه ۾ سونڪو، سڀ ڪنهن سر تي ٿي سڪرات،
    ڪاري رات ۽ ڪلهن ڪلها، ووءِ ووءِ واتو وات،
    ڪلهن ڪيهون راڻن ريهون، ڪو نه رهيو ات ڪنهن جو ڪير.

    پڃرا ٽوڙي پر پکيڙي، پهرين ڀريئه پنهنجو پيٽ،
    چوڌاري تو چٽ ڪيا پوءِ، چڱڙا چانديءَ هاڻا چيٽ،
    ساين ٻنين سيرون ڏيئي، مارو ڪيا تو مليا ميٽ،
    لکين لڙهائي لهوارا تو، لونيارن کي ڪيئڙو ليٽ،
    ڍار ڍنگر جي ڍول رهيا ٿي، تن جو ڪيو تو ڍينگو ڍير.

    موج ڪري مهراڻ ميان تو، ماري مارن مال ڇڏيا،
    آٽا لٽا ۽ آجها به پنهنجا، اڄ ڇڏيا، ڪن ڪالهه ڇڏيا،
    گوتا کيندي گونگن جيئن ڪن، لڇندي پنهنجا لال ڇڏيا،
    جوءِ سڄيءَ ۾ جهانگين لئه تو، جاڳائي جنجال ڇڏيا،
    ٽنگ ڀڄي ته به ڪين رهي ٿي، هي به هريڻي واري هير.

    ڀاڳين ڀنگا ڀنگ ڪيئي پر، وڌءِ ماڙين ۾ ماتام،
    دهشت دڙڪا جهولن جهڙڪا، ڪنن ڪڙڪا ڪاري قيام.
    بند ئي ٽوڙي ڇڏيئه ٻوڙي، سانڀيئڙا جي تنهنجي سام،
    شهرن بحرن شيل ڪيا تو، ڳاهي چڙهين ڳوٺ ۽ گام،
    سوشلزم تي ٺهندي آيو، پاتا جت تو پنهنجا پير

    اُڀ مان پاڻي ڌرتي پاڻي، پاڻي پاڻي پورو پٽ،
    ڪٿ ڪا ٽڪري تنهن تان چڪري نانگن جهڙيون ۽ ٻيا جهٽ،
    کاهڙ وارن کپرن کائي، ڪيا چرڻ چلڻ ڪنا چٽ،
    تنهنجا پڻ هي حاڪم وارا، ساڳيا نخرا ناز ۽ نٽ،
    جوڙڻ ۾ جن جڳ لڳا، تن ٻوڙڻ ۾ تو دم جي دير.

    ڪن جا پڌرا پورا ڏينهن ۽ ڪن کي سانڀاهي جا سور،
    ڪالهه ڄڻيا ڪن اڄ ڄڻيا، سي ماروئڙيون ٿيون مجبور،
    جيئڻ جهنم، مرڻ مصيبت، “منشي” ڪيڏا ڪيئي ڪلور،
    ڀاءُ رهيو نه ڀاءُ سان ڀيڙو، ڌيءَ ڪٿي، ڪٿ ماءُ مجبور،
    ڦوڪ ڏيئي تو ڦوڪي ڇڏيا، ڦيري ڦوڙائي جا ڦير.


    درياءِ جو جواب

    آزاديءَ جو مان متوالو، مون سان رکيئون من ۾ مير،
    مرڪز ٽوڙي موٽي آيس، سنڌ مٿان هو ڪرڻو سير.

    ٻڌڙي شاعر ڳالهه ٻئي جي، ڏنئي ڏمرجي ڏاڍا ڏوهه،
    سارا سورهن سال سڪائي، ڊوهين مون سان ڪيئڙا ڊوهه،
    زنجيرن ۾ زوريءَ جڪڙي، لڱ لڱ منهنجي لاتئون لوهه،
    ڇڙيون هڻندي نيٺ ڇنائي، پهرين تن تي ڇنڊيم ڇوهه،
    سالن کان سڪ، سنڌ گهمڻ جي، پوءِ تيڏانهن پاتم پير.

    ڀر ڇڏي ويا ڀاڳيا منهنجي ڀنگا جن جا ٿيا ڀڙڀانگ،
    پنوهر، پليجا، سهڻا سوڍا، ڳاڙهيون ڳئون ۽ چريا چانگ،
    ڪٽ ڪٽ ڪن جت ڪاموبن تي، ڪاموريون ات ڪارا نانگ،
    سرليون هڪڙِون چالن چڙيون، هونگر هون هون ڇڙيل ڇانگ،
    ڇٽي ڇماٽي ڇانگ ڇنل ڪا، ڇوٽ پريان ڇمڪائي ڇير،

    منهنجي حد جي هارين جا هت، هئي هئي ٿي ويا هيڻا حال،
    ريلن رائو آڪ ڦلهاريا، سال سڪي ٿي ويئڙا سال،
    ارهي ائنري ڪيا آٻالا، اهکا تن جا آل عيال،
    چيٽ ڪتيون سڀ چٽ ويا ٿي، ڀون ءِ سڄي تي پيو ڀونچال،
    ڌار ڪيو هو ڌارين “منشي” وانگيئڙن سان جن جو وير.

    چوراسي ۾ چالون ٺاهي، بندون ڏيئي ڪيائون بند،
    پنجاسي ۾ پاپين منهنجا، روڪي ڇڏيا سڀئي رند،
    تربيلا ۽ منگلا ٺاهي، صاف سڪائي ڇڏيئون سنڌ،
    ڀاءُ سڏائي ڀينگ پيا ڪن، هاڻو بڻجي سي هر هنڌ،
    چٽا پٽا ۽ ڌاريا پڌرا، ساڳيا سسئي وارا ڏير!

    هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏا سارا هاڃان هيل،
    اسان ڦڙيءَ لئه ڦٿڪون ويٺا، پاڻ پيئن پيا ريل ۽ ڇيل،
    ڪڇون پڇون اسلام کي خطرو، جاءِ اسان لئه آهي جيل،
    ڪيستائين رت هي روئندا، ڍٽ ڌڻي هي ڪيسين ڍيل،
    قربانيءَ ري ڪير نه ڪنهن کي، ڏيندو آهي بٽڙي ِٻير.

    گهوڙا هيڏي گهٽ ۽ ٻوسٽ ٻنين ونين ٻول ٻرن،
    سوڪهڙي ۾ ساهه منجهي پيو، ساري ڌرتي سپ سرن،
    پيئڻ بلائون پهري پيون، پنوهر ڪهڙي پار پرن،
    “منشي” مارن وات ۾ ٻچڙا، ڪهڙي در تان دان گهرن،
    چونڊيل گڏجي چرچا ڪن پيا، اسيمبلي ۾ آهي انڌير.


    هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏو سارو هاڃون هيل

    نظم

    هاڃان هونءَ ته هزارين آهن، هيڏو سارو هاڃون هيل،
    پاڻي بند پنوهارن جو ٿيو،هي به يزيد امام جو کيل.

    دردوندن جون دانهون تو تي، ديس منهنجي جا درياهه شاهه،
    ڪهڙي روڪ آ روڪيو توکي، پنوهر پياسا ٿي ويا پاهه،
    صدين کان تو سيرون ڏيئي، واهيا وانگين واهڙ واهه،
    منهنجي ڏٻري ڏيهه سڄي جو، سنڌوءَ تون ئي ساهه پساهه،
    تنهنجي سوڪ آ سنڌ سڄي تي، جهڙي تاتارين جي ڪاهه
    مانڊي ڪنهن تو منڊ وڌا، يا پاڻ کڻي وئين چت تان چاهه
    اسان ڦڙي لئه ڦٿڪون ويٺا، تنهنجي ڍولڻ هيڏي ڍيل!

    سهڻا سوڍا، درس ڇڏي ويا، پنوهر، پليجا تنهنجو پيٽ،
    وري ور ڏيو پئي واري اُڏامي، جت هئا چانديءَ هاڻا چيٽ،
    آبادي اس کڻي ويئي، جهوريو جهولن جي ته جهپيٽ،
    ملڪ مٿان ڄڻ موت ڦري ويو، مارو ٿي ويا ملياميت،
    تو نه جڳائي جڳ جا جاني، هيڏي ساري لالڻ ليٽ،
    گونگن ٻوڙن گگدامن جا، پاڻيءَ ريءَ ٿيا پلا پيٽ،
    رت روئاري راڄ ڇڏيا تو، هاڻ اچيڪر ريل ۽ ڇيل!

    بيجا ٻارا ٻنيون ونيون، ٻار ٻڌا سڀ جواڻ جماڻ،
    تاڙي واري تانگهه تنين کي، تن ۾ تولئه تاڻو تاڻ،
    توکي پرتل هي پرين کان، لاڙيچن جي هي لاڏاڻ،
    سوين هزارين سهڻيون ٻوڙيون، موجون ماري ٿو مهراڻ،
    ڇا اڄ کان تو ڇيهه ڪيو يا، ڏاڍن جا ڪي پيئڙا ڏاڻ،
    خشڪيءَ کان هٿ خالي ٿي ويا، ڀريل تريل اڳين ڀاڻ،
    جيئڻ جهنم جهانگيئڙن جو، جڳ ٿيو جت ڪٿ جهڙو جيل!


    سنڌ نه سهندي سور او ساٿي، سنڌ نه سهندي سور

    نظم
    سنڌ نه سهندي سور او ساٿي، سنڌ نه سهندي سور،
    جيجل جا پٽ جاڳي پيا اڄ، مانجهي ڪئين منصور، او ساٿي!

    راوت رت رتا هي روال، بختاور ۽ ٻاگهين ڄاول،
    سورين سنرا سانول سانول، ڪهڙ اڪهڙ اڪهندين قاتل،
    هر ڪنهن هٿ هٿ ۾ مشعل مشعل، هر ڪنهن تن تنور، او ساٿي!

    ڪيسين رهندا ڪوٽ قهر جا، ڪيسين رهندا ظلم زنجير،
    قيد ڪري تون ڪو نه ڪو سگهندين، ڪنهن جو ذهن ۽ ضمير،
    تنهنجو داءُ درياهه جي ڇولي، پتڻ وارو پور، او ساٿي!

    ڪوپا ڪنڌ ڪپائڻ ڪارڻ، ڪوڏئون ڪاهي آيا هي،
    آٽل عزم سان آزادي لئه، سينا ساهي آيا هي،
    ناس ڪري ظلمات هي ويندا، نئون نکيري نور او ساٿي!

    آزادي جي سين ٻڌي مون، وستي وستي وستيءَ ۾،
    بستي بستي سنڌ ڏٺم، هر ماڻهو مستي مستيءَ ۾،
    پنهنجي حق وٺڻ جي خاطر، هر ڪنهن اک انبور، او ساٿي!

    ووڙي ووڙي واٽ وندر جي، ٻاٽ منجهان اڄ لاٽ کڻي،
    “منشي” ڪئين مهمير اٿي پيا، ڌوتي جا ڌڱ ڌڻي،
    ظالم ڪنهن زور اور اڳيان، مور نه سي مجبور، او ساٿي!


    نوان مقتل نيون سوريون، نوان منصور ميدان ۾

    غزل

    نوان مقتل نيون سوريون، نوان منصور ميدان ۾،
    ڪنبن پيا ڪوٽ ڪانئر جا، ڏسي ڪي مرد زندان ۾.

    مٽن جا کول منهن موکي، متارا موج ۾ آهن،
    اڏيءَ تي سر رکي آيا، مڙي ميخوار ميخان ۾.

    قبولي ڪنڌ جي آيا، ڪندو ڇا تن ڪڙو قاتل،
    ڊيڄارين موت جنهن کان سو، اسانجي ناهه امڪان ۾.

    هنن ج هاڪ هر هنڌ آ، اهي سرواڻ سنڌوءَ جا،
    هنن رخ موڙيا ڪيئي، ته تقديرن جا طوفان ۾.

    تنهنجا زنجير، اي ظالم! ڀڄي سڀ ڀور ٿي ويندا،
    نه منشي رات هي رهندي، ٿا ڏسجن گهوٽ گهمسان ۾.


    ڪن رولن سمجهي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان

    ڪن رولن سمجهي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
    هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.

    اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
    نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
    هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ
    نه ته گهر به ويندءِ سر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مون کي سنهن،
    ڪر کڻي اڄ ڪونڌر اُٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو منهن،
    ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!

    منڍا کائي مورين جا هتي، متو آهين مانگر مڇ،
    ٿورا ڏينهن اهي ٿونا تنهنجا، راڻن ڦيريا تو تي رڇ،
    ڪنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڃندين ڀڄ ۽ ڪڇ،
    تو لوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
    هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي رئت کي،
    هي لٺين جون تان لوليون توکي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!

    هي دودي دريا خان دلاور، ڌوپارن جو ديس اٿئي،
    هي مانجهين مردن ٻاگهين ٻارن، جهونجهارن جو ديس اٿئي،
    هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگهارن جو ديس اٿئي،
    شينهن ستل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
    تو رت تپايو راڻن جو، هي هڏ به تو هضمات ڪندا،
    هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي، جي ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!

    هي ٻُلي سچل، سانوڻ، شاهه ڀٽائي گهوٽن جي،
    هي ٻُلي ڪل کان آهه قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
    هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽ ماساتن جي سوٽن جي،
    آڱر هن ڏانهن جيڪو اٿاري، تنهن جو ڌڙ سر ڌار ڪندا،
    هي “منشي” سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽڪرا چار ڪندا،
    هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!


    سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾

    نظم

    سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾،
    ڪڏهن ڪهڙي نام ۾، ۽ ڪڏهن ڪهڙي نام ۾.

    لاڙڪاڻي جا ليڊر، وات ڦاڙيو واڪ ڪن،
    ڌوڙ ڌوڪي ۾ ڌڻولي، ڌاريان هت ڌاڪ ڪن،
    چيريو سي چچريو، سانگين جا سپنا چاڪ ڪن،
    اوپرن آزاريون، آهون اباڻن عام ۾!

    ڪوڏيا ڪرسيءَ سندا ۽، قوم جا قاتل قريب،
    هر زمان رهبر مليا هن، قوم کي رهزن رقيب،
    جج ٿيا جلاد هت، رت رات ڏينهن روئي نصيب،
    ڪنهن وڌي ڪرسيءَ جي ڪارڻ قوم قتل عام ۾!

    پنهنجي ٻولي ٻوليون، تان گرز ڀالا گوليون،
    چپ چري ڄيرو ٻري، دل درد ڪنهن سان کوليون،
    خون مارن جي منجهان هت، کيڏجن ٿيون هوليون،
    قوم جا قاتل ٿا ڏسجن، عيش ۽ آرام ۾!


    مرڪز

    محافظ ملڪ جا ميڙي، رکيئون سڀ مال مرڪز ۾،
    اسان جو رت ٿيو نيلام، ڪيڏا سال مرڪز ۾.

    اڃان مضبوط مرڪز جو، نٿو ڀانڊو پيو ڀرجي،
    اُماڻياسون هتان ابدال، سي ابتال مرڪز ۾،

    اهو ميجر، اهو ڪرنل، اهو جرنل جگر کائي،
    سدائين سنڌ پئي ٿڏجي، مثل فٽ بال مرڪز ۾.

    وڏيرن کي ڏيئي ڪرسي، ڏسو پوءِ تن سندي مڙسي،
    هو وتندا پاڻ گهوريندا، عيال آل مرڪز ۾.

    پٺاڻن پنهنجي پت پاري، بلوچن باهه هت ٻاري،
    هيءَ باقي سنڌ ويچاري، ڪسي ڪنگال مرڪز ۾.

    اهو سر سنڌ وارا ڀي، صفا پيا سينڍ ۾ سمجهن،
    ڪڏهن چنچل ۽ ڪلواڙو، ڪڏهن تنتال مرڪز .

    يقينن ديس پيا تسليم، ٿيندا هر زماني ۾،
    ڪڏهن سنڌو، ڪڏهن سرحد، ڪڏهن بنگال مرڪز ۾.

    هميشه ڪو نه رهندا هي، وڏيرا قوم جا وارث،
    ڏيکاري معجزا مهدي، رهن دجال مرڪز ۾.

    هڻي نذرل ويو نعرو، ڀٽائيءَ جو وريو وارو،
    وڃي رهندو هو دل ڪارو، اڌڙ اقبال مرڪز ۾.

    مرڻ ڪارڻ لکين “منشي”، اچن پيا ڳاٽ اوچي سان،
    ڇڏيندا ڪو نه پنهنجي ديڳڙي ۽ دال مرڪز ۾.


    هڪ دفعو هاري اُٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو

    غزل

    هڪ دفعو هاري اُٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو،
    قوم جي قاتل جي ڪک ۾، ڪان ڪڙڪائي ڇڏيو.

    تو صدين کان سپ سانڍيا، ڏيل جن تنهنجو ڏنگيو،
    تن جا اڄ مڻڪا مروڙي، لاش لڙڪائي ڇڏيو.

    تنهنجي رت پورهئي پگهر مان، محل جي ماڙيو آڏيا،
    تن ٽماڙن ۾ ڀري، ٽانڊا ۽ ٽڙڪائي ڇڏيو.

    اڄ اٿو صدين ستل، انسان پرين جا پلاند،
    گڏجي دشمن کان وٺو سڀ ڌڱ ڌڙڪائي ڇڏيو.

    اڌ مئا “منشي” هي مانگر، پيا هڻن پڇ جي پڇاڙ،
    تيز ڪو تيزاب تن تان، ڇو نه ڇڙڪائي ڇڏيو.


    محنت سان جي لاهي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان

    غزل

    محنت سان جي لاهي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان،
    سا تو ڦري بندوق ڏيکاري، هٿڙن گورن ڪارن مان.

    هٿ هزارين ملي جلي جي، ڪڙي ڪڙي زنجير بنيا،
    ڏاڍ جبر کي پڪڙي جڪڙي، ٺارين هٿ هچارن مان.

    بمن بارودن سان تو ڪيئن، انسان بک جا بک ڪيا،
    اٿيا لوهي لنڱ ڪروڙين، غرق ڪرڻ تو غارون مان.

    ڌرتي چيري، آن اُپائي، ملون هلائي انگ ڍڪائي،
    تن مٿان تو بم وسائي، ٽهڪ ڏئين پيو خارن مان.

    تنهنجي شرارت شيڪو ڏسندي، شرمائي شيطان ويا،
    “منشي” وير وٺي مرنداسون، سامراجي ان سارن مان.


    رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾

    ڪونڌر

    رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾،
    باک جون راسون ويا راسي، رات ڪاري رات ۾.

    سر سهائي سنڌ ڪارڻ، ٿيا آ سونهن لئه سونهان،
    ڪين ڪسندي ڪسڪيا، ڏيئي ڪنڌ پنهنجا ڪات ۾.

    ٿي جبل جابر اڳيان، ڏيئي آڏ ويري واڏ کي،
    نور سان نجهرا نکيري، نامور ٿيا نيات ۾.

    ٿي وڏي واڪي چيائون، وانگين جا واهيرا،
    يڪن ڏينداسون ڪڏهن، ور ڏيئي واڳونءَ وات ۾.

    ٽهڪندي ٽانڊن مٿي ٿي، ٽحڪ تن جا ٽهڪيا،
    ڏات آهي ڏيل ڏوکو، ڏک سدائين ڏات ۾.

    ڏيهه ڏيا ڏيئي ڏيا سان، ڏاڍ کي ڏاري ويا،
    وڍ وڍڻ جي وير هئي، وونڪن کي وائي وات ۾.

    ڪلپتين جي ڪڙم جا، ڪانئر نه ٿين ڪوپا ڪڏهن،
    موت “منشي” مانجهين، مهندا سدائين مات ۾.


    سرويچ سجاولي

    عذابن ۾ ڌرتي

    اُٿي جاٽ جوڌا، هڻو جنگجي،
    عذابن ۾ ڌرتي، وئي انگجي.

    سمهو ڇو ٿا سوڍا، ڊگهيءَ ننڊ ۾،
    ٽياسن مٿي سنڌ، وئي ٽنگجي.

    ڪهوتن کي ڪوپا، ڪٺي سنڌ جن،
    وڃن رت ۾ گس، سڀ رنگجي.

    وڙهو ۽ وڙهو ۽ وڙهو وانگيو،
    وڃن جيئن ويري، سڀئي ونگجي.

    ٻڌو ڳالهه منهنجي، ٻڌيءَ ري نه ٻي،
    وجهي ٻک تنهن سان، وڃو ٻنگجي.

    لکو سچ ساٿي، متان ڪچ ۾،
    وڃن جيئن نه پنهنجا، قلم زنگجي.

    کٽي سک سوڀن سان لانئون لهو،
    پچڻ ڪاڻ پڙ ڏانهن، هلو پنگجي.

    گهري سنڌ سريون، اي “سرويچ” اڄ،
    انهيءَ لاءِ توڏا، بيهو تنگجي.


    حسن وشباب ۽ انقلاب

    هر ليک ۾ لازم هجي، حسن وشباب ۽ انقلاب،
    خستور جي خوشبو هجي، موتئي سان گڏ گڏ هوئي گلاب،

    اونداه ۽ اوجهڙ منجهان، جيڪو اڀاري انڊلٺون،
    واٽن منجهيل ماڻهن لا، ٿي پئي آفتاب و ماهتاب!

    آڻي زمين ۾ زلزلو، يا سڀ اکوڙي عرش اڀ،
    يا ظالمن زبرن کي ڏي ڪو، جان جهوريندڙ جواب!

    ڪوه ڪاف ڪُل ڪُڪرا ڪري ۽ ڪهڪشان ڪيهون ڪري
    مظلوم قومن جي ڪري، ڪل ڪوشش کي ڪامياب!

    محبوب ۽ معشوق هي، مسڪين موجن سان گهمن،
    هو منهن منجهان مهڪي ڦٽن، خوشحاليون شباب!

    کهنبن وڳن ويسن سان جيئن، وهسن ۽ وڙڪن جيڏڙيون،
    کوهن ۽ کيٽن جي ڀران، ڪن ڀوڳ چرچا بي حجاب!

    هن سيم پنهنجيءَ ۾ هجن، صدها صدين تڪ ساوڪون،
    محبتن جا مينهن وسن ۽ پيار جا پڙهجن ڪتاب!

    “سرويچ” تنهنجا سڀ سخن، سوڀن سجاڳين جا سبق،
    جيئن جيئن پيا پڙهبا هتي، تيئن سنڌ ٿيندي صحتياب!


    غزل

    سرويچ پنهنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر
    جيئن همٿون هيڻا وٺن سي حوصلا پيدا ڪر.

    قلمن ۾ اهڙيون قوتون ۽ قدرتون ڪڏڪار ڪن،
    جو سڀ سٽون سرڪش هجن، سي سلسلا پيدا ڪي ڪر.

    وک وک مٿي لک لک لڀن، ويڙهيون ڪندڙ ويڙهاڪ پٽ،
    سانگا نه جن کي ساهه جا، سي سي ڦريا پيدا ڪي ڪر.

    زوراورن جي زور کان، لڱ لڱ لٽيرن جا لبن،
    عرشن زمينن ۾ ته اهڙا، زلزلا پيدا ڪي ڪر.

    واين ۾ وائي وڍ وڍان، بيتن ۾ بو بارود جي،
    نظمن جي هر هڪ نقطي ۾، وڳ ولولا پيدا ڪي ڪر.

    ڀيلي نه جيئن هن ڀونءَ کي، ڪو ڀاڙ کيندڙ بد نظر،
    ڀاڻن ڀٽن ڀاڳين منجهان تون ڀرجهلا پيدا ڪي ڪر.

    سڀ مشڪلون ميسارجن ۽ منزلون مرڪي ملن،
    ماري مڙئي موڃاٽجن سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.


    جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي

    غزل

    جهونگار جن جي جستجو ۽ سوڀ جن جي ساهيڙي،
    ثابت ٻڌن جي سندرا، سي مرحلا پيدا ڪي ڪر.

    برپٽ بکون توڙي اڃون، ونگو نه جن جو وار ڪن،
    نيزن مٿي جيڪي نچن سي، نينگرا پيدا ڪي ڪر.

    ها اٿڪون جن جون اجهل، گهيڙان گهڙڻ جي گت نه جن،
    هر هنڌ تان ٿئي “هٽ پري” سي هوڪرا پيدا ڪي ڪر.

    هي موملون هي مينڌرا، پنهنجي مرڻ جيئڻ جي لئه،
    سڀ وڏڦڙا واچوڙ ويرون، وهڪرا پيدا ڪي ڪر.

    هر چوڪ تي چاري چغل، چار ئي طرف چورن جي هٿ،
    چنجور سان چيرڻ لئه تن کي، چلولا پيدا ڪي ڪر.

    جي جيجلن جوين ۽ توڙي، جو مٿان جهيڙاند ڪن،
    سي جنگ جوڌا جنگ لاءِ، جابچا پيدا ڪي ڪر.

    تون پنهنجي ڏاهيءَ ڏات سان، ڏوٿين مٿان سڀ ٽار ڏک،
    سانگين مٿان سک سهنج جا، سج سوجهرا پيدا ڪي ڪر.

    آزاديون آباديون، آسودگيون عيدون هجن،
    آسون ڪڏهن عرشن مٿي، سي آسرا پيدا ڪي ڪر.

    تون سنڌڙي ساري سان گڏ، سڏجين سجاول جو به سڏ،
    هر حال ۾ جي هڪ هجن، سي همنوا پيدا ڪي ڪر.


    سراپا احتجاج آهيان

    سراپا احتجاج آهيان، سراسر انقلاب آهيان
    مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي، حسابن جو ڪتاب آهيان.

    ڪڙهان ٿو قوم ساريءَ لئه، سڙان سانگين سٻاجهن لئه،
    وڙهڻ ۾ تنهنجي ويرين سان، نه ڏسندو ڏوهه ثواب آهيان.

    وجهن جي ونگ وانگين کي، هڻن سنگهرون سنگهارن کي،
    انهن لچن لٽرن لئه، وڏو جنگي جواب آهيان.

    پيو هر سنڌ واسيءَ جي، اکوڙيان ننڊ اکڙين جي،
    جو جاڳائي جڳن تائين، اهو چنگ و رباب آهيان.

    جڏهن جنگين جي پڙ اندر، لڳن ٿا گهاو گهوٽن کي،
    وهي تن جي جو بت مان رت، اهو گهرو گلاب آهيان.

    هي منهنجا ليک سڀ آهن، لٺيون لوڙهيون ۽ للڪارون،
    برن بد خواه ماڻهن لئه، بکايل ڄڻ عقاب آهيان.

    چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پڻ،
    عوامي شاعري اندر مان، اوچو آفتاب آهيان.

    گهڻا نقال نڪ نرجا، نسورو ڪن نقل مون تان،
    انهن ڪم چور ڪوڙن کي ته، ڪندو بي نقاب آهيان.

    سهاڳڻ سنڌ جو سوڍو، سگهو “سرويچ” سوڀارو،
    نه پيريءَ جو مٿم پاڇو، شباب ئي بس شباب آهيان.


    انقلاب آيو کپي

    ڇا ڪنڌ قاتل پيو ڪپي، ڇا لال لٽ ۾ پيو لپي،
    بس! انقلاب آيو کپي، هو انقلاب آيو کپي.

    جيئن جيئن جبر جورو ٿئي ۽ قهر نت ڪورو ٿئي،
    تيئن تيئن ٿي ڌرتي تپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    ڇا رت راڻن جو تتل، جهوري جبل آيا ڳپل،
    مڙسن ڇڏي منزل مپي، بس! انقلاب آيوکپي.

    هي جيئرا جذبا ته پس ڪاتن ڪهاڙن تي نه ڪس،
    يارن کنيا، ٺوڪي ٺپي، بس!انقلاب آيو کپي.

    هي جيئرا جذبا ته پس ڪاتن ڪهاڙن تي نه ڪس،
    يارنکنيا ٺوڪي ٺپي، بس! انقلاب آيوکپي.

    سوڍن جي سر سونهن جو قسم، بدڪار جا بارود بم،
    جوڌن پٽن ورتا جهپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    هر هڪ ٻچو سنڌ سان سچو، سينو ڪڍيو چئي پيو اچو،
    ٽينڪن اڳيان بيٺو ٽپي، بس! انقلاب آيو کپي.

    سوريءَ چڙهڻ سڀ پيا سکن “سرويچ” سوڀن لئه لکن،
    ۽ ڇاپڻي ڇاپئي ڇپي، بس! انقلاب آيو کپي.


    عورت

    تنهنجي ته سونهن سوڍي، پڙهيم پٽيءَ پٽيءَ ۾،
    توکان سواءِهجي ها، دوزخ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾.

    ڪيڏي حسين آهين، ڪيڏي حبيب آهين،
    هر پل ٻڌا مون اهڙا، هوڪا هٽيءَ هٽيءَ ۾.

    ڏاتي مون ٿڃ تنهنجي، سنهڙن چپن سان چسڪي،
    تنهنجو ئي پيار پياري، پيتم وٽيءَ وٽيءَ ۾.

    ماءُ ڀيڻ ڌيءَ آهين، محبوب دوست آهين،
    ميڙي رکين ٿي سڀ لئه مرڪون مٽيءَ مٽيءَ ۾.

    ان دم ته دم سندوءِ، ويندو سڄو هو دمجي،
    پوندو هئس جڏهن مان، اٽڙي آٽيءَ آٽيءَ ۾.

    ساري سماج لاءِ، هر پل سٻاجهه آهين،
    مغموم دل جي لاءِ، تون ڇانئون ڇٽيءَ ڇٽيءَ ۾.

    تنهنجي ته صحبتن سان، ناچاق چاق ٿيو پئي،
    شامل شفائون تنهنجي، مرهم پٽيءَ پٽيءَ ۾.

    سارو جهان تنهنجي، جلون سان جوتجي ٿو،
    شمس وقمر جا شعلا، سينڌ وپٽيءَ پٽيءَ ۾.

    صحبت ۾ تنهنجي سانئڻ، آهي سرور ڪيڏو،
    شاخون ڪي شهيد جون چڻ لئي لئي لٽيءَ لٽيءَ ۾.

    مسلم هجين يا هندو، مشرق رهين يا مغرب،
    ڪو ئي فرق نه آهي، ڪافر ڪٽيءَ ڪٽيءَ ۾،

    هيڏي عظيم هوندي، پل پل ۾ پيسجين پئي،
    ڦاٿي ڀلا تون آهين، ڪهڙي چٽيءَ چٽيءَ ۾.

    هر روز چيچڙي ۾، پيڙهي پيو پاپ توکي،
    پوءِ به سگهه ڪيڏي، سورن سٽيءَ سٽيءَ ۾.

    ڪوڙهئي سماج کي آ، توساڻ ساڙ ڪيڏو،
    ڄرڪن جي ڄاڙ آهي، پڙهيل پڄٽيءَ ڄٽيءَ ۾.

    “سرويچ” تنهنجي سونهن ۽ سيرت مٿي لکي ٿو.
    ناهيس نگهه ڪنهن تنهنجي، کاري کٽيءَ کٽيءَ ۾.


    قوم پرستي زنده باد

    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.
    سنڌي ماڻهو، سنڌو دريا، سنڌ جي ڌرتي زنده باد.

    سنڌ آ سجده گاهه اسانجو، سنڌ اسان جو مذهب دين،
    سنڌ ۽ سنڌو بدران سنڌين کي، ٻيو گهرجي ڪجهه به ڪين.
    پنهنجي مٽيءَ ساڻ اٿن بس، عشق الستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    پاڻ سڀيئي گڏجي سڏجي، پنهنجو جوڙيون پاڻ نظام،
    پنهنجي نجي هوئي حڪومت، شامل جنهن منجهه خاص ۽ عام،
    هر جا پنهنجي هاڪ هجي ۽ هستي مستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    لاڙ سرو ۽ ڪاڇو وچو، ڪچوپڪو مرڪي خوب،
    ڍنڍون ڍورا ٻيلا ٻنيون، جهنگل جبل جرڪي خوب،
    واهڻ واهڻ ويڙها رانڍيون، وستي وستي زنده باد،
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا، قوم پرستي زنده باد.

    جوڌا دودا سوڍا سگها، سوڀارا “سرويچ” جيئن،
    جيڪي دنگن ننگن مٿان گهوري گهوري ڳاٽ ڏيئن،
    جن جي قومي جذبي جي هر موج ۽ مستي زنده باد.
    ٻيا سڀ نظريا ڪوڙا کوٽا قوم پرستي زنده باد.


    معمار هاري مرحبا

    اي محافظ ملڪ جا، معمار هاري مرحبا،
    دل ٺري توکي ڏسي، دلدار هاري مرحبا.

    توکي جايون جيءَ ۾ ڏيون، جلد جوڙي اي جناب،
    توکي هيرن جا وجهون لک هار هاري مرحبا.

    تنهنجي ڪوشش سان ڪڻڪون، تر، ڪمند، ڪيلا ملن،
    تون ئي پوکين ٻاجهريون، مڱ، سار هاري مرحبا.

    هر گهڙي “هر” تنهنجو، هيرا ٿو اپائي اي! حبيب،
    ڪيميا جوڙي سندءِ ڪوڏار هاري مرحبا.

    اي مجاهد مرد مانجهي، تنهنجي محنتن تان نثار،
    ساهه سر “سرويچ” جو سئو بار هاري مرحبا.


    واهه ڙي ماڻهون موتي داڻا

    واهه ڙي ماڻهون موتيءَ داڻا، هي سڀ هيڏا تنهنجا ناڻا،
    توکان مهانگا ميڙن ۾ ها، اٺ وڪاڻا انڌا ڪاڻا.

    اوير سوير واري وسڪي، تي تون ويٺين وڪجي يار،
    يار وڪاڻين ڏاڍو سستو، ڪجهه ته ڪرين ها ماڻا ٽاڻا.

    سنڌ امڙ جي ڌرتي تي اڄ، سوئٽن جو آ وارو وار،
    توکي چوسيل هڏي گهرجي، گهوٽ قبولي هليا گهاڻا.

    جنرلن کي جي جي چئين ٿو، جهانگين سان ڪئي ڪيڏي جاڙ،
    ٻاگهي کي تو ٻاري ٻاريو، دودي جي دل داڻا داڻا.

    سنڌ جي نرمل نازڪ نياڻي، روپا ماڙيءَ واري راڻي،
    لوئرن مهندان لڇندي ٿي ويا، “شيرين” جا سنڌ ساڻا ساڻا.

    پو به تو ڪو غور ڪيو ۽ غيرن سان پيو گهارين گڏ،
    توکي سڻڀا کاڄ کپن، مان توکي خوب سڃاڻا ڄاڻا.

    توکي “پنهنجي” پورايو پئي، ڇاجي سنڌ ۽ قوم عوام،
    سنڌ ته اڄ ڀي سٽجي ڪٽجي، پو ڇو تنهنجا چپ سباڻا.

    سڀني واگهه وڏيرن جي تون، اوطاقن تي الجهين روز،
    هر هڪ ميجر ڪرنل وٽ ٿيا، تنهنجا ٿاڪ ٽڪاڻا ٿاڻا.

    مال پرايا ميڙي تن جو، منهن پڪي سان ٿي ويئن مالڪ،
    تو وٽ تنهنجون چيزون ٿوريون، شعر گهڻا چوراڻا راڻا.

    ڪاري دور ۾ ڪارا ماڻهو، ڪارو پنهنجو منهن ڪيوءِ،
    سارا قول قصيدا تنهنجا، ڪوڏين اگهه اگهاڻا راڻا.

    لوڀي لوسي لٽجي ويندا، “سرويچن” سان سونهندي سنڌ،
    ڪوپا پنهنجي قوت سان ئي، ٿيڙيندا سڀ ٿاڻا گهاڻا.


    ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

    وهواهه هي منهنجو وطن، چار ئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
    سو سو منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن،
    ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
    سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي،
    ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻ؟ي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جت جيڏڙيون جنسار ڪن، ست ست رنگا سينگار ڪن،
    هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
    جلوا ٿا پسجن جو به جو، سرهاڻيون پڻ سو به سو،
    درشن ٿين جي دربدو، ته ڄڻ ڪه حورون هوبهو،
    سبحانه سبحانه! سي سوڍيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    سرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻيءَ ڀرڻ لئه پد مڻيون،
    گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
    ڪن کي نٿون، ڪن وينڍڙا، سر تي سمورين سينهڙا،
    گجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪڇ تي، ڪن ٻيلهڙا،
    هو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جي ٻوليون تن جون ٻرن، ٿا چنگ ڪر چالن چرن،
    يا ساز ڪنهن تي هٿ سرن، يا روهه تان برفون ڀرن،
    يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
    يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
    يا چيٽ ۾ چڻ ڀڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    خوش ٿي کٿيريون کلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
    جي ٽول پائي ٿيون ٽلن، تان ساڙ ۾ ڊيلون جلن،
    هو سنڌ تان گهوريو گهمن، ۽ ملڪ جي مٽي چمن،
    هو سنڌ جي خاطر جيئن، ۽ سنڌ جي خاطر ڄمن،
    شل جيئنديون ٻئي جڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
    جنت الفدوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت، ڏوٿي اڀن ڏاٽن سان جت،
    گهوٽيا گهمن گهاٽن سان جت، ۽ گوُٽ گهوٻاٽن سان جت،
    اوڍيو گهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽڪون،
    ڇا بت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سڪون،
    اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر آميون مهگراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جن جا جري ۽ جواڻ پٽ، ڳاڙها جيها حلواڻ پٽ،
    رانديون ڪڏن رت ساڻ پٽ، “سرويچ” پٽ سرواڻ پٽ،
    هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽڪر،
    هڪ هڪ اٿيئي سيني سپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
    هڪ هڪ سنديءَ مستيءَ ۾، ڏس مستيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.


    بيشڪ بهادر عورتون

    هن سنڌ جون سورهيه سدا، بيشڪ بهادر عورتون،
    علم و ادب واريون اُهي، عاقل آڪابر عورتون.

    هر دور ۾ دودي جيئان، سي ديس سان ڪن دوستي،
    هي سيرت وصورت ڀريون، صالح ۽ صابر عورتون.

    تاريخ ۽ تهذيب ۾، آهي سندن ورثو وڏو،
    سونهن ۽ ثقافت کي ته سچ، ڪن ٿيون اجاگر عورتون.

    هر دم وطن جي حب ۾، مهراڻ جيئن مستان سي،
    ناموس نيڪي ننگ ۾، نت نت نشانبر عورتون،

    قومي ڪمن ۾ ڪامڻيون، قربان پنهنجا ڪنڌ ڪن،
    هر معرڪو مردن جيئان، سر ڪن سراسر عورتون.

    جت جان جي بازي لڳي، ات شان سان شينهن مثل،
    بي خوف ٿي ميدان ۾، بيهن برابر عورتون.

    هر هڪ ڏکئي ڏينهن تي اُهي، ڀائن سان ڀيچي ڀيچ ٿي،
    پنهنجون سسيون ساڻيهه مٿان، ڪن ٿيون نڇاور عورتون.

    جيڪو به ميري اک کڻي، ٿو ماڳ مارن جا تڪي،
    ان جا ڇڪي تارا ڪڍن، دم ۾ دلاور عورتون.

    ماضي ڪَ توڙي حال ۾، تن جي هڪل ۽ هاڪ ا،
    قيدن نه ڪوٽن کان ڪنبن، ڪنهن پر قد آورن عورتون.

    سي سڀ سندم جيڏيون جيئن ۽ “سرويچ” فاتح ٿين،
    جيڪي وطن ۽ قوم جون، آهن ثناگر عورتون.


    آڪاش انصاري

    تون پُڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

    تون پُڇين ٿو پرين!
    مان هليو ڇو ويس؟
    جڏهن شام جو جَام
    خالي نه هو،
    رات رم جهم هُئي،
    تنهنجي سَاهن جي،
    جهيڻن سُرن سان سُتل،
    منهنجي بستر تي،
    منڪر ڪا موسم هئي،
    تنهنجي ڪجلين اکين جي،
    ڪنارن مٿي،
    منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
    لڳي ئي لڳي،
    ها! انهيءَ کان اڳي،
    مان هليو ڇو ويس؟
    سچ پُڇين اوپرين!
    دل به چاهيوگهڻو،
    ڪا گهڙي تنهنجي،وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان،
    واس وٺندو رهان!
    ٻن گهڙين لئه سهي،
    تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
    ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
    مان پناهون وٺان،
    کن پل ئي سهي،
    ٿڪ ٿورو ڀڃان،

    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي نيڻن جون،
    نرمل هي چانڊوڪيون،
    سدا مست نينڍون نياپا کڻي،
    روح جي رڻ مٿان،
    ائين رقصان رهن،
    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
    ۽ ڪومل وليون،
    سُونهن سرهاڻ جا،
    سئو سنديسا کڻي،
    منهنجي تن تي سدا،
    ائين وکريل رهن،
    ها مگر ڇا ڪريون،
    تنهنجي ڪا ڪُل جي قيدي،
    ٿيڻ کان اڳي ،
    قيد خان ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
    جيڪا ويئي ڇڪي،
    دل ته ماڻڻ گهريون،
    تنهنجون سڀ دلبريون،
    ها مگر ڇا ڪريون،
    دار جي درد کي،
    پنهنجي لذت هئي،
    جيڪا ويئي ڇڪي،
    تون پُڇين ٿو پرين!
    مان هليو ڇو ويس؟


    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!

    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍَاٽي،

    اسان جو جڏهن خون خوشبو ٿي ايندو،
    ته ويڙها وطن جا به وَاسي ڇڏيندو،
    جڏهين ٻارڙي ڪنهن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

    اسان جون هي ٻانهون، اسان جون نگاهون،
    ازل کان لوچين ٿيون، اهڙيون راهون،
    انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

    جڏهن منهنجا جهانگي، نه جهوريءَ ۾ جُهرندا،
    ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا،
    سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

    جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
    مٿان پار ڪر جي پنو هارن تي وسندو،
    نه رهندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.


    بند اکڙين منجهان

    ياد گيرين جا سيلاب ايندا رهيا،
    بند اکڙين منجهان، بند ڀڄندا رهيا.
    چنڊ چٿرون ڪيون،
    دل جي تنهائي تي،
    تنهنجي آڪاش جي،
    هن اڪيلائي تي،
    طنز سان روز تا رات ڪيندا رهيا،
    ياد گيرين جا سيلاب ايندا رهيا.
    وقت! تنهنجو هي ورتاءُ،
    واجب نه هو،
    گهايلن تي نئون گهاءُ،
    واجب نه هو،
    وک وک تي وڇوڙا وڍيندا رهيا،
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا.
    نيڻ نينڍون هيا،
    ويڻ وڻندا هيا،
    تنهنجي ڇڙٻن منجهان،
    ڦول ڇڻندا هيا،
    ها! مگر اڄ اهي وقت ويندا رهيا،
    ياد گيرين جا سيلاب ايندا رهيا.


    شل انهيءَ کان اڳي

    ديس پنهنجي مان ڌاريا ٿي ڌڪجي وڃون،
    پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ لئه سڪجي وڃون،
    يا فلسطينين جيئن ڦر جي وڃون،
    شل انهيءِ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون،

    پنهنجي ڏاڏاڻي قبرن مٿان هٿ کڻون،
    پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن مٿان هٿ کڻون،
    يا ڀٽائي جي سڏڙن مٿان هٿ کڻون!
    پنهنجي تاريخ جي منهن تي ڪارنهن مَليون،
    شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون.

    ڪيئن ڪارونجهر ۽ ڪاڇي مٿان هٿ کڻون،
    ڪيئن ڪينجهر ڪراچيءَ مٿان هٿ کڻون،
    پنهنجي نوري تماچي مٿان هٿ کڻون.
    ۽ وڏيرن جيان سنڌ وڪڻي ڇڏيون!!؟
    شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مَرون.

    پنهنجا ايندڙ نسل دربدر ٿي رُلن،
    ذلتن ساڻ ڪيمپن ۾ پلبا رهن،
    پنهنجي وڏڙن تي لعنت ملامت وجهن،
    مارئي جي وطن جا مياري ٿيون؟!
    شل انهيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مرون.


    رڳو ٿر جي صحراتي...

    مڃون ٿا،
    اسان جون زبانون به پاڙان پٽائي سگهو ٿا،
    اسان جا سڀئي،
    درد، ورلاپ سڏڪا،
    گفتا ۽ ڳالهيون،
    رکي وات تي هٿ، دٻائي سگهون ٿا،
    مڃون ٿا او ماري!
    ڪارونجهر مٿان جي،
    ڪئي ڪُڻڪ ڪونجن،
    انهن جا پڙاڏا ۽ ڪڻڪاٽ ڪُوڪون،
    رڳو ٿر جي صحرا ۾،
    ٿورو به گونجن،
    ها مڃون ٿا،
    بڇي بازبحري انهن تي،
    انهن جو به پک پک پٽائي سگهو ٿا،
    مگر منهنجا سائين!
    ڀلاتن جي گونجن کي گهائي سگهو ٿا؟
    لڳايو ڀلي،
    جي پڙاڏن تي پهرا لڳائي سگهو ٿا...؟


    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا

    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا،
    هن ڀونءِ سڄيءَ جا ڀاڳيا،
    پوءِ سور نه رهندا ساڳيا،
    ڪندا جي مست قلندر،
    دما دم مست قلندر،

    بيراڳين جي ڀونءِ مٿي ڪا، باهه ڀلي پئي ڀڙڪي،
    هن ننگريءَ سان نينهن اسان جو، ننگري ناهه نڌڻڪي،
    سرمد جي سُنت پارڻ لئه مارو ايندا مُرڪي،
    ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر،

    منهنجا مست ملنگ هي مارو، ڏونگر کان ڀي ڏاڍا،
    نير نئين ڪا چيز نه آهي نه ڪي ڪڙول ۽ ڪنٺا،
    ڪفني پائي ڪلهن ۾ ايندا، اجرڪ جي سا اوڍا،
    ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر.

    تون ”آڪاش“ اياڻو آهين دَر در تي ٿو دانهين،
    ڇو نه اڃان تائين تون پنهنجي ٻانهن ۾ ٻَل ڀائين.
    نيٺ پڄاڻي ٿيڻي آهي، سُورن جي او سائين!
    ڪندا جي مست قلندر، دمادم مست قلندر.


    اسين بس رهياسين اڌورا،اڌورا

    اسين بس رهياسين اڌورا، اڌورا،
    نڪي عشق، آتش، فشان ٿي اُڀاميو،
    نه ئي ديپ دل مان، اوهان جو اُجهاميو،
    نه سورن جي شدت کان، شعلو بڻياسين،
    نه سگريٽ جو ڪو، ڦُلو ٿي ڇڻياسين،
    دُکياسين، جلياسين، اڌورا، اڌورا،
    اسين بس رهياسين، اڌورا، اڌورا.

    دُکن سان به دل، پنهنجو رشتو نه ٺاهيو،
    سُکن ۾ به من کي، سڪون ڪين آيو،
    کلياسين ته خلقت جي، دردن ٿي روڪيو،
    رُناسين ته دنيا جي، نظرن تي ٽوڪيو،
    نه خوش ٿي کلياسين، نه رڄ ٿي رناسين،
    رُناسين، کلياسين، اڌورا، اڌورا،
    اسين بس رهياسين اڌورا، اڌورا.

    ڦاهي جا ڦندا، چُمڻ کان به وياسين،
    ۽ دنيا جا ڌنڌا، ڪرڻ کان به وياسين،
    نه تون ئي ملين ۽ نه ڪنهن جا ٿياسين،
    هِتان کان به وياسين، هُتان کان به وياسين،
    مَرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين،
    ۽ جيئندا رهياسين، آڌورا، آڌورا،
    اسين بس رهياسين اُڌورا، آڌورا.

    ٿي تارِڪ هي دنيا، نه تياڳي سگهياسين،
    جهان جو به جهنجٽ، نه جهاڳي سگهياسين،
    عمر اڌ، اڻ کٽ، عبادت ۾ ويئي،
    ۽ باقي، بُتن کان، بغاوت ۾ ويئي،
    خدا ڀي نه مليو، نه ان جي خدائي،
    او آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،
    ۽ ڳولا جي رڻ م رُلياسين اڌورا،
    اسين بس رهياسين، اڌورا، اڌورا.


    وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو

    وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇَلو،
    پيو ٿئي گهر گهلو، يار جلدي ملو.

    جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،
    ساهه، ساميئڙو مڙيئي مهمان آ،
    ترسندو ڪيسيتائين ڀلا قافلو؟
    يار جلدي ملو!

    توسان چاهت ۽ چرپڻ به گهٽبا وڃن،
    دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن.
    ۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلوِلو،
    يار جلدي ملو!

    تنهنجي آڪاش سان، وَرهه وَر چيو وڃي،
    ۽ ڪڏهن پَل اندر، پاڻ پرچيو وڃي،
    دل هي سمجهي نه ٿي درد آ داد لو،
    يار جلدي ملو!
    يار جلدي ملو!


    جڏهن به توکي وسار چاهيم

    جڏهين به،
    توکي وسارڻ چاهيم!
    تنهنجي هر ياد،
    سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
    ذهن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پئي آ،
    منهنجي دل،
    مون سان وڙهي پيئي آ،
    جڏهن، به، توکي وسارڻ چاهيم،
    تنهنجي هر ياد،
    ڪنهن ڏاج جي جوڙي ۾ رچيل،
    سدا ملوڪ، شوخ شرميلي،
    خمار گاڏهين خوشبوءِ وانگر،
    چوطرف من ٽڙي پيئي آ،
    منهنجي دل،
    مون سان وڙهي پيئي آ،
    جڏهن به
    توکي وسارڻ چاهيم،
    تنهنجي هر ياد
    ڪينسر جي وارڊ ۾
    لادوا مريض جيان،
    دلا سڙن جي دوائن تي ڌتاريل دلڙي،
    پنهنجي ويڄن سان وڙهي پيئي آ،
    منهنجي دل
    مون سان وڙهي پيئي آ،
    جڏهن به توکي وسارڻ چاهيم


    جلا وطن

    ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجهه گگن،
    نه جنهن جو ڪوئي آهيرو، نه آشيانو ۽ چَمن،
    مان به پنهنجي ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،
    جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

    روز ٿو زهر پيان، مَران جيان، جيان مَران،
    ڄڻ ڪلاچيءَ ڪن ۾، ٻُڏان تران، ٻُڏان تران،
    ياديول جي ديپ جيئن، اُجهان ٻران، اُجهان ٻران،
    ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد هجان مان بدن،
    جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

    نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه ڄڻ منهنجو مڪان آ،
    نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ، نه منهنجو آستان آ،
    نه منهنجي ڄڻ هي ڌرتي آ، نه منهنجو آسمان آ،
    ڄڻ هجان تاريخ جي، مان لاش جو ميرو ڪفن،
    جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

    جا مرڪ مون کان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
    مان رَت رُنس جو ظالمو! تنهن لڙڪ جو اهي قسم،
    جيجل جي مٺڙيءَ تڇ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
    پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن،
    مان ڪيئن رهان جلا وطن، مان ڪيئن رهان جلا وطن.


    جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون

    جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون،
    الئه ڇو اوهان جو، اکيون ياد آيون،
    جڏهين چنڊ چئوڏس ڪيون چلو لايون،
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

    جڏهن ڪنهن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
    تڏهن ولهه ويتر وڇوڙو وڌايو،
    جڏهن ماڪ مکڙيون ڀنيءَ جو ڀڄايون،
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

    جڏهين کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا،
    جڏهين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦلاريا،
    جڏهين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

    جڏهين تو سان نيڻن جو ناتو ڇنو هو،
    تڏهين ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو،
    جڏهين جيءُ جهورڻ هي آيون جُدايون،
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.


    تون ته بي درد بي قدر آهين

    تون ته بي درد، بيقدر آهين!
    جيءَ ۾ پوءِ به، جلوه گر آهين.

    زندگيءَ جي ذليل گهڙين ۾،
    ضياءَ جي موت جي خبر آهين.

    منهنجي هوندي به تون منهنجو ناهين،
    تون به ڄڻ سنڌ جو شهر آهين.

    ٿو پُڇين حال! ”ڪيئن پئي گذري“؟
    ڪيڏو سادو، ۽ بي خبر آهين.


    جنهن نه مٽيءَجي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي

    جنهن نه مٽيءَجي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي،
    جنهن نه سانگين جي سڱ کي سُڃاتو هتي،
    تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي؟
    تنهن کي چئو! منهنجي نگري مان نڪري وڃي.

    جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل هجي،
    منهنجي ٻولي ڏي جيڪو نه مائل هجي،
    ذهن جنهن جو اڃان ڀي ورهايل هجي،
    تنهن کي چئو! منهنجي نگري مان نڪري وڃي،
    جنهن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
    ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
    عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
    تنهن کي چئو! منهنجي نگري مان نڪري وڃي.

    جنهن جي اک مارو ئڙن ڏانهن ميري هجي،
    جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري هجي،
    جيڪو جلاد، قاتل ۽ قهري هجي،
    تنهن کي چئو، منهنجي نگري مان نڪري وڃي.
    جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
    منهنجي پورهيت پنهوارن سان نفرت ڪري،
    درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
    تنهن کي چئو! منهنجي نگري مان نڪري وڃي.


    تون ايندين! تون ايندين!

    چنڊ چئي ويو لهي
    تون ايندين! تون ايندين!
    ايندين ايندين، تون ايندين ضرور.
    تون ئي چئو او پرين!
    ڪيسين رهندين ڀلا دور دور!
    چنڊ چئي ويو لهي،
    هو نه ايندو ڪڏهين ڀي ڪهي،
    مان به سمجهان پيو،
    چنڊ مون کي چيو آ صحيح،
    پر، چري! دل چري!
    سامڃي ڪين ٿي مون کي مور.
    جنهن وساري ڇڏيو،
    ساهه تنهن کي ٿا سارين گهڻو.
    جو نهاري نه ٿو،
    نيڻ تنهن ڏي نهارين گهڻو،
    جو وڻيو! تنهن نه وڻون!
    دل جو ڪهڙو آهي دستور؟
    وئي حياتي هلي،
    آس آڪاش، پر نه پلي،
    توريءَ گذري گهڙي،
    سا گهڙي مون گذاري جَلي،
    هڪ دفعو اچ هلي،
    پوءِ مون کي مَرڻ منظور،
    تون ايندين،
    تون ايندين
    ايندين ايندين
    تون ايندين ضرور.


    اڙي دل!!

    اڙي دل!
    اڙي دل!
    ايڏي به پاڳل؟
    رڳو ناهي تنهنجي
    وفائن جفائن جي
    ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل
    ڏسين ڇو نه ٿي سارو ساڻيهه صدين کان
    آهي سُتل،
    ڪسابن کان،
    ساري ڪڙم جي ڪنن ۾ ڪپهه آ پيل
    اچ انهن ڏي هلون!
    جن جو ناهي ڪڏهين ڏور، ڇلڙو، جمالو،
    همرچو ٻڌل،
    جن جا سڀ گهيٽڙا،
    گهنڊنين لئه سڪيل،
    اچ انهن ڏي هلون!
    جن جو ناهي ڪڏهين،
    چيٽ جي چنڊ جو گيت پهريون چيل،
    جن جا سڀ کيٽ ۽ چيٽ
    وڪجي ويل،
    اچ انهن ڏي هلون،
    جن جي پکڙن پهين تي،
    وٿاڻن وهين تي،
    ڌريان ئي ڌڌڙ ڌوڙ آهي ڄميل،
    پنهنجي تاريخ کان پڻ اوناها ڍڪيل،
    جن جي لاڻن لين تي،
    ۽ کٻڙن کهين تي،
    ڌارين اُٺن جا، سوين ڌڻ پليل،
    جن تي ناهي بهارن جو پاڇو پيل،
    هل انهن ڏي به هل!
    جيڪي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌاريان ٿيل،
    ضميرن تي پڻ جن جي ڌاڙا لڳل
    رڳو بهشت جي آسرن تي پليل،
    اڙي دل، اڙي دل!
    انهن ڏي به هل!
    جن جي نيڻن ۾ ناهي ڪو سپنو سجيل،
    جن لئه ميگها جي رت کي منع آ ٿيل،
    جن جا سڀ ڀاڳ،
    ڪاهوءَ جيان اُجڙيل
    جن جو هر ماڳ،
    رڻ ڪڇ جو صحرا تتل،
    هل انهن ڏي به هل،
    جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾،
    رڳو چند آسن جا لاشا ڍڪيل
    جن تي
    دردن ۽ سورن جا ڪتاب لکيل
    اچ انهن ڏي هلون،
    جن جا ”چُپ“ سان چپڙا به آهن سبيل،
    جن جي واتن مٿي
    ماٺ مهرون لڳل
    جن جا سڀ قافلا
    رهنما جي ڦريل، رهبرن جا لُٽيل،
    جن لاءِ منزلون مام بنجي ويل
    اڙي دل!
    اڙي دل!
    انهن ڏي به هل!
    وقت ويريءَ هٿان
    جن جا چهرا چَماٽن سان آهن چٿيل،
    جن تي آهن اڃان
    جن تي آهن اڃان
    سونهن سچ جي شهادت جا منظر چٽيل،
    اڙي دل!
    اڙي دل!
    ايڏي به پاڳل!
    ڏسين ڇو نه ٿي؟
    لوڪ سارو اٿئي،
    وک وک تي وڍيل!
    ڪو آ قربن ڪٺو،
    ڪو آ ڪاتيءَ ڪُٺل،
    رڳو ناهي تنهنجي،
    وفائن جفائن جي
    ماتم ڪدن ۾ هي محشر متل.


    آزاد انور ڪانڌڙو

    جاکوڙي اديب ،محقق ۽ شاعر

    ميهڙ جي مٽي علمي ، ادبي حوالي سان هڪ زرخيز خطي طور مشهور آهي . ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌ جي ادبي ، علمي ،صحافتي ، سياسي تاريخ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي.آزاد انور ڪانڌڙي سنڌ جو نوجوان باصلاحيت،جاکوڙي اديب ،محقق ،شاعر ۽ صحافي آهي . آزاد انور ڪانڌڙو جو جنم ميهڙ ڀرسان ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو ۾ معزز شخصيت محمد هاشم ڪانڌڙي جي گهر ۾ 6 مارچ 1980 ۾ ٿيو . بي اي ، ايم اي پاس آزاد انور ڪانڌڙو لکڻ جي شروعات پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪئي ۽ ٻارڙن جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ٻارڙن جي صفحن ۾ لکڻ سان ڪئي . سندس تحقيقي ، تنقيدي ،مختلف شخصتن جي ادبي خدمتن بابت اٽڪل 200 مضمون ،مقالا مختلف رسالن مهراڻ ،نئين زندگي، عبرت مئگزين ڪينجهر،سوجهرو، امرتا، ڪاوش دنيا ۽ ٻين ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي مضمون ڪالم ۽ تاثر سنڌ جي سمورين اخبارن ۾ مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهن ٿا.هن ڪيترائي مضمون ۽ شعر ترجمو پڻ ڪيا آهن.
    آزاد انور ڪانڌڙو نه صرف نوجوان اديب ، ليکڪ، محقق ۽ شاعر آهي پر هو جاکوڙي ۽ متحرڪ ادبي ورڪر به آهي . سنڌي ادبي سنگت سان گذريل ڪيترن سالن کان وابسته آهي . سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو باني ، سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر رهيو آهي ۽ پاڻ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو 1994 کان 1996 تائين مرڪزي آڊيٽر ، 2001 کان 2004 تائين مرڪزي خزانچي رهيو آهي. نامياري شاعر مختار ملڪ جي سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ 1999 کان 2001 ۽ نامياري اديب تاج جويي جي سيڪريٽري جنرل شپ ۾ 2004 کان 2006 دوران مرڪزي پريس ترجمان به رهيو آهي.
    نامياري شاعر ،اديب ڊاڪٽر ادل سومري هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ آزاد انور ڪانڌڙو،سنڌ جي انهن ٿورن نوجوانن مان آهي جن ننڍي عمر ۾ وڏين ذميوارين کي نڀايو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جي هڪ ڪارڪن جي روپ ۾ متعارف ٿيو ۽ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ تنظيمي صلاحيتن سبب سنگت جو مرڪزي اڳواڻ چونڊجي ويو . اهڙي طرح سنگت جي سڀ کان ننڍي عمر جي مرڪزي اڳواڻ وارو اعزاز سندس حصي ۾ آيو. هن وقت سندس سڃاڻپ جا ٽي حوالا آهن ، سنڌي ادبي سنگت جو جاکوڙي ڪارڪن، برجستو ليکڪ ۽ سڄاڻ صحافي. سندس انهيءَ سڃاڻپ ، جتي هن جي دوستن کي سرهائي ڏني آهي، اتي هن سان حسد ڪرڻ وارن کي توائيون به ڏنيون آهن.حاسدن کي اعتراض آهي ته هو ايترو تيزيءَ سان اڳتي ڇو وڌي آيو آهي.بحرحال انور ڪانڌڙي کي اهڙن حاسدن جي ڪا به پرواهه ناهي .ڇو ته هو بردبار ۽ آزاد آهي.”
    آزاد انور ڪانڌڙي جي ترتيب ڏنل ۽ ڇپيل ڪتابن ۾
    • ڌرتيءَ جو شهيد سميع الله ڪلهوڙو (2005ع)
    • اعجاز علي جتوئي محبِ وطن سياستدان (2006ع)
    • سمي صحرا سمي دريا (استاد بخاريءَ جو نثر 2007ع)
    • سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون ( ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا مضمون 2008ع)
    • مولانا گراميءَ جون تحريرون (2009ع)
    • استاد بخاري فن ۽ شخصيت (2010ع)
    • مگر تون مان نه هونداسين (سائين اسحاق راهيءَ جي شاعري 2011ع)
    • شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي (2012ع)
    • سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر (2012ع)
    • ايڪتا شاعري (2013ع)
    • هو سڙيا سنڌ جي سلسلي ۾ هيا (شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو بابت) (2014ع)
    • سڄڻ سفر هليا ( عبدالڪبير “اختر” بروهي بابت) ( 2015ع) شامل آهن.
    نامياري اديب ،دانشور تاج جويي هڪ هنڌ لکيو آهي ته “اسان جي پياري دوست آزاد انور ڪانڌري تازو ٻه اهڙا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي سندس سنڌ دوستيءَ ، سچائيءَ ۽ ڌرتيءَ سان سچي نسبت جو ثبوت آهن.هڪ ڌرتيءَ جو شهيد (شهيد سميع الله ڪلهوڙي بابت)۽ ٻيو اعجاز جتوئي محب وطن سياستدان” .
    سنڌ جي قومي ۽ عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي فرزند ڊاڪٽر الطاف بخاري ڪتاب سمي صحرا سمي دريا ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ هي ڪتاب سمي صحرا سمي دريا اسان جي پياري ادبي، علمي جاکوڙي دوست محترم آزاد انور ڪانڌڙي جي اڻٿڪ محنتن جو ثمر آهي،جنهن محنت ڪري محبت سان استاد جون هي نثري لکتون هڪ هنڌ سهيڙي ،ڪتابي صورت ۾ آڻي ،تمام بهتر ۽ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. اسين آزاد انور جي هن ڪاوشن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون اسين سندس علمي جذبي جو قدر ڪريون ٿا ۽ سندس لاءِ هميشه دعاگو آهيون.”
    سنڌ جي برک محقق ، اديب ڊاڪٽر محمد لائق زرداري تازو 16 جنوري 2013ع تي دادو ۾ استاد بخاري جي سالگرهه تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته “آزاد انور ڪانڌڙي استاد بخاريءَ بابت ٻه ڪتاب استاد بخاري فن ۽ شخصيت ۽ سمي صحرا سمي دريا ترتيب ڏئي وڏو ڪم ڪيو آهي اسان کيس بلاول انسٽيوٽ پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏينداسين” .
    آزاد انور ڪانڌڙي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس ترتيب ڏنل ڪتابن سمي صحرا سمي دريا (استاد بخاريءَ جو نثر) ، ڌرتيءَ جو شهيد سميع الله ڪلهوڙو، اعجاز علي جتوئي محبِ وطن سياستدان جا مهاڳ سنڌ جي برک دانشورن ،اديبن سائين محمد ابراهيم جويي ، عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي لکيا آهن ۽ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون ( ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا مضمون ) ، مولانا گراميءَ جون تحريرون ، استاد بخاري فن ۽ شخصيت ، سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر ڪتاب سنڌي لئنگويج اٿارٽي ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ثقافت کاتي جهڙن مشهور ادارن ڇپرايا آهن.
    جڏهن ته سندس 4 ڪتاب .(1) سنڌ جون تاريخ ساز شخصيتون ( تحقيق۽ تاريخ ) (2) ميهڙ مڻيادار( تحقيق۽ تاريخ ) (3) مولانا گراميءَ جون تحريرون (حصو ٻيو ) (4) شيخ اياز __ سنڌ جو آواز ( تخليق ،تحقيق۽ تاريخ ) ڇپائيءَ هيٺ آهن .
    آزاد انور ڪانڌڙو سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جي پليٽ فارم تان ميهڙ ڄائي نامياري شاعر گورڌن شرما گهايل جو ڪتاب .....۽ مان سنڌ پهچي ويس ،نامياري شاعر ورند واڻيو جو سائين جوهر بروهيءَ پاران ترتيب ڏنل ڪتاب ورند جو ڪلام ، نامياري شاعر جوهر بروهيءَ جو پهريون شعري مجموعو ڪاڇي پئي ڪوڪ ، مرد قلندر ، گل ڦل گيت ۽ ٻيا ڪتاب به ڇپرايا آهن، جيڪو به سندس مثالي ڪم آهي.
    هو مختلف اشاعتي ادارن سان به وابسته رهيو آهي.سنگت پبليڪيشن جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر طور 2001 کان 2003 ۽ 2004 کان 2006 ، ترقي پسند رسالي ماهوار ساڃاهه جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ 1994 کان 1998 ، سنڌ جو آواز پبليڪيشن جو 1997 کان 2007 تائين اعزازي ايڊيٽر ، ميهڙ جو آواز جو 2000 کان 2012 تائين اعزازي ايڊيٽر به رهيو آهي.
    جڏهن ته کيس ادبي خدمتن ، تحقيقي ،تخليقي ۽ قلمي پورهيي تي ڪيترا ئي ايوارڊ مليل آهن ، جن ۾
    • ڪينجهر ترجمو ايوارڊ 1994.
    • سنڌي ادبي سنگت مرڪز سرٽيفڪيٽ 1997
    • سنڌي ادبي سنگت مرڪز شيلڊ 1997
    • سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي ايوارڊ 1998.
    • سنڌي ادبي سنگت شيلڊ 2000.
    • صوفي شاهه عنايت شهيد سنگت فريدآباد ايوارڊ 2002.
    • جشن ميهڙ ايوارڊ 2004.
    • خان محمد پنهور ايوارڊ 2004ع.
    • سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو ايوارڊ 2005- 2004.
    • سنڌ براهوئي ويلفيئر ايوارڊ 2005.
    • آثار قديمه تحقيق ايوارڊ 2007.
    • ميان نصير محمد ڪلهوڙو ايوارڊ 2006.
    • سنڌ جرنلسٽ فائونڊيشن ايوارڊ 2010.
    • قلندر لعل شهباز شيلڊ 2012.
    • شهيد سنڌ بشير خان قريشي ايوارڊ 2012.
    • سنگت ميهڙ شاعر ايوارڊ 2014 .
    • مولانا محمد فاضل درخاني براهوئي ايوارڊ 2014ع.
    • استاد بخاري ايوارڊ 2015ع.
    • شهيد نظير عباسي ايوارڊ 2015.
    • جمال ابڙو تحقيق ۽ تصنيف ايوارڊ 2015 .
    • دادن فقير ايوارڊ 2016 .
    • جشن لطيف قمبر شاعري ۽ نثر ايوارڊ 2016 .


    سنڌ منهنجي امان

    ساهه صدقي ڪيان سنڌ ڌرتيءَ مٿان.
    وک اڳتي وجهان پنڌ ڪهڙا پڇان.

    وقت آيو آ ويهي نه رهبو ڪٿي،
    ڇا به ٿئي سنڌ خاطر مران يا جيان.

    ماٺ ڪرڻي نه آ سنڌ مرڻي نه آ،
    سنڌ کان ڪيئن ڀلا ساهه سانڍي رکان.

    دل چوي ٿي ته او سنڌ منهنجي امڙ،
    نڪري نروار ٿي تنهنجو نعرو هڻان.

    اي ڀٽائي ، سچل ۽ عنايت جي ڌرتي،
    نه جهڪبو ڪڏهن تنهنجي دشمن اڳيان.

    هتي هرڪو تولئه مرڻ ٿو گهري،
    ڀلا ڪنهن جا ڪنهن جا مان نالا کڻان.

    قسم موج مهراڻ جيءَ جو اٿم،
    آهيان تنهنجو ٻچو سنڌ منهنجي امان.

    دودي ، هوشو ۽ هيمونءَ جي صورت وٺي،
    توکي “آزاد” جيجل ڪرڻ ٿو گهران.


    چار ڊسمبر واري ڏهاڙي

    “ علي قاضي ” جو سڏ ٿيو
    سنڌي سڀئي گڏ ٿيو
    ڪاوش ، ڪي ٽي اين سڏي
    ايڪتا قومي ڏينهن اڏي
    ٽوپي اجرڪ سونهن به پنهنجي
    سنڌي ٻولي ورونهن به پنهنجي
    پنهنجي ثقافت ساڻ محبت
    وطن پرستي آهي عبادت

    ايڪتا ڏهاڙي گڏجو سڀئي
    روشن رستو وٺجو سڀئي
    ديس جي امن ۽ خوشحالي لئه
    چار ڊسمبر واري ڏهاڙي
    قومي ڪاڄ ۾ اچجو سڀئي
    ايڪتا ڏهاڙي گڏجو سڀئي.


    اچي درياهه ۾ پاڻي

    جڏهن موج سان وهندو
    وڏي گجگوڙ سان درياهه
    اسان جي ديس ايندو هو
    پتڻ هن پار واري تان
    مکڻ ، ميوو ، مٽر ، جوئر
    ۽ سڳداسي سرنهن ڪڻڪون
    وڏو واپار ٿيندو هو
    مگر ڪجهه سال گذريا هن
    سڪي ۽ ٺوٺ ٿيو سنڌو
    زمينون سڀ بنا پاڻي
    پتڻ ويران ٿي ويا هن
    ويو واپار پڻ وسري
    جو سنڌ ۾ نه آ پاڻي
    ڪرم مولا ڪري اهڙو
    اچي درياهه ۾ پاڻي
    ٿين آباد ويرانا
    اچي هن ديس ۾ پنهنجي
    ترقي ساڻ خوشحالي
    وري مرڪون اچن موٽي
    اچي درياهه ۾ پاڻي!!!!


    عيد گڏجي سڀن ملهائي آ

    عيد گڏجي سڀن ملهائي آ.
    مون نه گهر ۾ شمع جلائي آ.

    نه غم سان نه خوشيءَ سان خوش،
    مون طبيعت عجيب پائي آ.

    جو گلن ۾ رهيو سدا وسريل،
    سرء ۾ تنهنجي ياد آئي آ.

    مون نه آ انتظار ختم ڪيو،
    رات تارن بتي اجهائي آ .

    هوهتان مان هتان اڏاريان ٿو،
    سڪ ، هڪ ساڻ چنڊ ملائي آ .

    توکي“ انور ” وهم اجايو آ ،
    سار تنهنجي نه هن ڀلائي آ .


    سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي.
    ٻارو ڳايو گڏجي لولي.

    پيارا سهڻا ٻار ٻولين ٿا،
    سوکي سولي سنڌي ٻولي.

    سچل ، سامي ، شيخ ، بخاري،
    سهڻن شاعرن واري ٻولي.

    جيجل ۽ بابي جي ٻولي،
    سنڌي ٻولي پياري ٻولي.

    سهڻي ، مٺڙي ، پياري ، نياري،
    تنهنجي ٻولي منهنجي ٻولي.

    صاحب طرح : استاد بخاري،
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    ( هي گيت گلابي ٻارن جا 96 )


    جيءَ جيارا ماڻهو

    منهنجي ديس جا پيارا ماڻهو.
    ساهه کان پيارا سارا ماڻهو.

    ديس جي خاطر ساهه ڏين ٿا،
    سي ئي هن سوڀارا ماڻهو.

    جيءَ ۾ جاءِ ڏيون ٿا جن کي،
    سي آهن دل وارا ماڻهو.

    ڪي ته چڀن ٿا ڪنڊن وانگر،
    ڪي اکڙين جا تارا ماڻهو.

    ڪي ٿا جيءَ ۾ جاءِ ڏين پر،
    ڪي هن دل جا ڪارا ماڻهو.

    ڪي ڪي پيار جي پوڄا ڪن ٿا،
    ۽ ڪي پيار جا مارا ماڻهو.

    ڪي ٿا ساهه سڪائن منهنجو،
    ڪي هن جيءَ جيارا ماڻهو.

    قسمت سانگي ڪاٿي ڪاٿي،
    ملندا “ انور” پارا ماڻهو.


    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    سانگيئڙن جي سار لهي ڪو ، سانگيئڙن جي سار
    منهنجي مٺڙي ملڪ جا مارو سرها ٿين سنگهار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    هٿ وڌائي ڀاڪر پائي کلندي ڪن کيڪار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    پنهنجن کي ٿا پنهنجو سمجهن ڪنهن تي ڏين ميار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    ڇرڪيل ڇرڪيل ڇاتيون جن جون ڌڻ کان ٿي ويا ڌار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    ظلم ستم جي گهاڻي ۾ هن ويچارا ولهار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    کنوڻيون کڪجن ، بادل برسن ، ٿر بر ٿئي ٿڌڪار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    مينڍا ڌوئي ڌورائڻ ۾ سرتيون ڪن سينگار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    جيءَ پئي ٿي جهوري منهنجو ، جهانگين جي جهونگار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    ڏيهه ڏڪاريل ۾ ڏوٿين جا ٻاڪارن ٿا ٻار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    ٿرتي شال ٿين ڪي هاڻي مينهن جا وسڪار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار

    ڪيسيتائين جڳ ۾ سهندا “ انور” پيا آزار
    لهي ڪو سانگيئڙن جي سار


    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    توکي ڪيئن سمجهايان ساجن توکي ڪيئن سمجهايان
    تنهنجو آهيان تنهنجو رهندس مور نه ٻئي کي ڀانيان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    دلڙي هڪڙي درد هزارين ڪهڙا سور سڻايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    مان تنهنجو تون منهنجو آهين ٻئي جو ڪيئن سڏايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    تنهنجي يادن سان مان ويٺو پنهنجي دل سرچايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    پنهنجي منهن سان پيار محبت جا ٿو محل اڏايان
    ساجن تو کي ڪيئن سمجهايان

    تنهنجي خاطر فالون پائي پيو ٿو ڪانگ اڏايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان


    مچ محبت جي ۾ ويٺو پنهنجو نينهن نچايان
    ساجن تو کي ڪيئن سمجهايان

    ترس گهڙي پل توسان ويهي تنهنجو قرب ڪمايان
    ساجن تو کي ڪئين سمجهايان

    ورهيلن کان ويڳاڻو بڻجي وڻ وڻ ٿو واجهايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    تنهنجي راهن ۾ ويهي مان تولئه نيڻ وڇايان
    ساجن توکي ڪيئن سمجهايان

    “ انور” کي “ آزاد” ڪري ڇڏ تنهنجا ڳڻ پيو ڳايان
    ساجن تو کي ڪيئن سمجهايان


    ٻه سٽا

    ميت نه آيو رات کٽي وئي
    ننڊ نه آئي باک ڦٽي وئي

    منهنجا دلبر آءُ تون اوري
    ساهه ڇڏيان مان توتان گهوري

    پنهنجو نينهن نرالو آهي
    ڄڻ ڪي جُهڙ جُهڙالو آهي

    اڄ ڀي منهنجا نيڻ وسن ٿا
    لوڪ ڏسي ٿو پاند پسن ٿا

    ڇم ڇم ڇمڪي پايل منهنجي
    ننڊ اُڏاڻي آيل منهنجي

    ڪير نه آيو ڪوبه نه ايندو
    آٿٿ دل کي ڪيئن ڪو ڏيندو

    ساڳي سرنهن ڦلاري آهي
    ساوڪ ٿي چوڌاري آهي


    جمن دربدر

    هي دنيا هلچل جي بستي

    هي دنيا هلچل جي بستي
    هت ماڻهو ايندا ويندا آهن
    چـار گهڙيون مهـمان رهـي
    پر لوڪ پـڌاري وينداـ آهن
    " " "
    اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي
    ياد نہ ڪنهن کي ايندا آهن
    ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾
    نقـش اڀـاري ويندا آهـن
    " " "
    اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان
    هـرهـر مـرنـدا جـيئـنداـ آهـن
    ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي
    موت کـي ماري ويندا آهـن
    " " "
    اڪـثر ماڻهـو پاڻ جـيئڻ لاءُ
    قـوم کـي مـاري ويـندا آهـن
    ڪي ڪي ماڻهومرندي مرندي
    قـوم جيئـاري وينـدا آهــن
    " " "
    اڪثر ماڻهو مت جا موڙهـا
    پاڻ نہ پنهنجاٿيندا آهن
    ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي
    تقدير سنواري ويندا آهن
    " " "
    اڪـثر ماڻـهو مستانن تي
    ڪوڙي فتواي ڏيندا آهن
    ڪي ڪي ماڻهو انا الحق جي
    تـند تنواري وينـدا آهـن


    ‫وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو

    ‫وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
    ختم اونداه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو

    ‫پنهنجي جا جنگ آ جاري سا ٿيندي نيٺ سوڀاري
    مري ويندا مڙيئي ماري سچيءَ سرهاڻ ۾ ملبو

    ‫هجي يورپ يا لبنان جتي ماريو ويو انسان
    انهي ماڻهو سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو

    ‫ٿيا جي قوم تان قربان انهن جا آهن لکين احسان
    شهيدن جي ريٽي رت سان رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو

    ‫وري ورندا ته وسڪارا وسي پوندا هي پٽ سارا
    مارو ٿيندا ته موچارا مينهن مانڊاڻ ۾ ملبو


    هجن مهراڻ ۾ موجون وو وو وو

    هجن مهراڻ ۾ موجون وو وو وو
    اسانکي بس اهو گهرجي

    سڀئي مسڪين ڪن موجون
    اسانکي بس اهو گهرجي

    صدائون سڻ تون سختيون
    سکن ڀر سنڌ جا سانئين

    هجن بس سنڌ تي اوجون
    اسانکي بس اهو گهرجي


    حليم باغي

    هل ته هلون هيءَ شهر ڇڏي

    نظم

    هل ته هلون هيءَ شهر ڇڏي
    هن ڌرتيءَ جو دستور الٽ
    هن ملڪ سندو منشور الٽ
    هت چهرو چور ڏٺم
    هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
    ۽ گندگلين ۾ سڏڪا ڪن
    هت سيني سيني دونهن دکن
    هت دل دل ۾ ناسور چسڪن
    هن ٿر مان هليا ٿاڪ ٿڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي

    هت عصمت ڪاروبار بڻي
    هت مجبوري واپار بڻي
    هيءَ نگري سڀ بازار بڻي
    هت غربت ڄڻ ڪاگار بڻي
    هن ٿڪن جهڙيءَ دنيا ۾
    هن ههڙيءَ تهڙيءَ دنيا ۾
    ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي
    ۽ ڍڪ ڍڪ وهه پيئڻو ٿو پوي
    ڪجهه سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي
    تون هل ته هلون هيءَ شهر ڇڏي

    هي پٽڪا پٺڙن سانن تي
    هي پٽڪا پٺڙن سانن تي
    هي ماڻهو ميڙا ٿاڻن تي
    ڪي زندان ۾ ڪي ڦاهن تي
    ڪي بندوقن جي ناهن تي
    هي اوچيون ٻانگون چاڙهيءَ تي
    هي رت جا دڳ دڳ ڏاڙهيءَ تي
    هي چنبا ڪنهن جي چوليءَ تي
    هي ٽڪا ڪنهن جيءَ پوتيءَ ٿي
    هت جت ڪٿ جوکو جيءَ جڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي

    هي بستي آ ڀوتارن جي
    يا پيرن يا پاڳارن جي
    هي ڏيهه سڄو زردارن جو
    ڇا حق آ تو مون پارن جو
    ڪوئي نه سهارو ٿي سگهندو
    پنهنجو نه گذارو ٿي سگهندو
    هن ناڻي واريءَ دنيا ۾
    هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾
    ڪوجيءُ اسان کي جاءَ نه ڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي

    ڪو تارا تاڻي رات ڪٽي
    ڪو سالم سالم مرغ چٽي
    ڪولٽي اٽي جي اڍڪي ۾
    ڪو ٿولهه گهٽڻ جي کٽڪي ۾
    ڪو رت جيون گرڙيون ٿوڪاري
    ڪو ڪتارڇ تي ڪوڪاري
    ڪو لج بچائي پاڻ لڪي
    هوءَ ڪنهن جي چادر چور ڇڪي
    ٿو مڇ وٽي ۽ پاڻ پڏي
    هل ته هلون هي شهر ڇڏي


    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾

    نظم

    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾
    هو چتون پنکيءَ چنريءَ ۾
    هر روز اچي ٿي ڪنريءَ ۾
    آ بڙتي ڪوڪل پپيهي جي
    ۽ ڌڙ ڌڙ گاڏي بيهي ٿي
    گاڏيءَ جي ڏٻي مان ڄاڻ لٿي
    هوءَ جوڀن جي سپنن جي سٿي
    گهونگهٽ جهلي پايل ٿي ڇلي
    اکڙيون جي کڻي ته به ڀيد کلي
    ڪن ڪچ ڪچ پن سفيدي جا
    ۽ توسان گڏ به ڪهاڻي آ
    هان مان نه ڪهاڻي جو نائڪ
    پر تنهنجي سوڀيا جو گائڪ
    هي ٿورا بند ڪويتا جا
    هڪ شاعر وٽ ٻيو هوندو ڇا؟
    جي چاهين تو کي ڀيٽ ڏيان
    جي سرجيا مون بي هنريءَ ۾
    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾،
    هر روز مان ايندس ڪنريءَ ۾.
    ³


    انسان اٿيو

    نظم

    ڪارونجهر جيءَ ڪور مٿي
    ڪو سائو پيلو مور نچي
    هو ڀورو ڀورو بادلڙو
    بي راهه مسافر جيان ڀٽڪي
    ڏس سر ۾ آهي ساهه پيو
    ٿي گوڙ گجي ٿو مينهن وسي
    لهندڙ سج جي لامن ۾
    ڪا شام هئي شمشام هيو
    هن رات جي ڪاري روپ اندر
    ڪو پرهه سندو پيغام هيو
    منهن مير مهل جا ماڪ اٺي
    ايءُ رات سندو انجام هيو
    ڪرڻو ڍنڍ جي جهرڻي ۾
    ائين آهي چڀيو ڄڻ تير کپيو
    هوءَ ناسي رنگ جي نئن هلي
    ڪو گور هاڙو آ گل اڳيو
    ولهار سڄو آ واسي پيو
    انسان اٿيو انسان اٿيو


    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين! ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ

    غزل

    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين! ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
    چپن جي رڦڻي هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.

    اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
    رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

    اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجهي هنيان نه هاريو.
    سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گهرڻ سان گهٽبي نه ڪا لهر آ.

    لڦن جي لالي ڀري ترين ۾، گسن جي مٽي ڌري اکين ۾،
    هلي هلي بس ٿڪي پياسين گهڻو ٻڌايو اڃان سفر آ.

    ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
    والله! عضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

    ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڃاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇاجا؟
    گهڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

    اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
    اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.

    اسان ته سنڌ سنڌ زخم سٺا سين، اسان لٽاسين اسان ڪٺاسين،
    طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.

    تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي ؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
    اڃان ته ڪوڙين ڪليون به کلنديون سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ.


    ³


    رت ديس تنهنجي راه ۾ ڦرو ڦڙو ٿي وهي وڃي

    غزل

    رت ديس تنهنجي راه ۾ ڦرو ڦڙو ٿي وهي وڃي
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي.

    اداس رات جو مان چنڊ گهور گهور پيو پيئان
    اونداهين جا چرٻٽو! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

    کلس جاسر ڪٽي ڇڏيو وڻن جا ٿڙ سٽي ڇڏيو
    ڪلي ڪلي لتاڙيو متان، ڪسر ڪا رهي وڃي.

    سوهن مٽيءَ جي مر به آ، جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
    اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ڌري، اجوڳا ويڻ سهي وڃي

    مبارڪون وڍيندڙو! ڪهڻ جي رت اجي ئي
    هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو ڪهي وڃي.

    اڏائي ڌوڙ راهه جي، جي اڄ هلون ته هيئن هلون
    اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي ڊهي وڃي.


    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گهر جي بهارن کي

    غزل

    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گهر جي بهارن کي
    ڪو نانگ سراپي ويو نت نيهن نظارن کي.

    هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجهن ٿا
    ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي.

    نت نيري سانجهي جو اڄ روهه ۾ رڻ جهڻ آ
    ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي.

    هوءَ ڇولي ڇولي ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
    چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجهر جي ڪنارن کي.

    ڪنهن چڳ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چپ تي مشڪ مڙندي
    ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.

    بادل به هي ويندا پڻ باک ڦٽي پوندي
    تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي.

    جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي.
    مئاسين ته ڏيئي ڇڏبا هي روڳ هزارن کي


    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گهر جي بهارن کي

    غزل

    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
    هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ.

    هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
    اس کان ته اجهو ٿو گهرجي ئي سنسار ته تپندڙ کوري آ.

    هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم تٽو سڀ سانگ رچاءَ به سمجهون ٿا
    تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه حا ڍونڍي ٻوري آ

    ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇالاءِ ڊڄان مان سمجهان پيو
    جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

    قاتل جي هٿن ۾ لرزش آ خجر به سنڀالي ڪير ڀلا
    هي منهنجو خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ.

    اڄ سنڌوءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
    مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾ منظوري آ منظوري آ.

    *


    سنڌو ساهه سنڌ ۾ سمائي ڇڏي سين

    غزل

    سنڌو ساهه سنڌ ۾ سمائي ڇڏي سين
    حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين

    جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي پيا
    پرين! گهور توڏي گهٽائي ڇڏي سين

    رتي رات تي ڇو هينانءُ لاٿ ٿيو آن؟
    ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين.

    اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ
    تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين.

    گهڻو تپ گهڻو تپ گنجي جا او سورج!
    جڏي جند واريءَ وڇاڻي ڇڏي سين.

    رناسون ته هر پل “ڀنڻ” “ڀانءُ” ائي
    کلياسين ته هر رت کلائي ڇڏي سين.


    نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو

    غزل

    نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو
    ڪيف ئي رهيو نه آهي ندوريءَ ڄمار جو

    ڏينهن رات جا چڪر! ، اسان تي به قرب ڪر
    ڪڏهن چورائي آڻ ته ڪو پل قرار جو.

    هئي زندگي ڪٽجڻي، سا ڪٽجندي وئي
    ڪو ساه اڌاري جو، ڪو گراهه اڌار جو.

    دودن جي دلين تي هئا، اندوه ڪي ٻيا
    نه تنهنجو ڀئه چنيسر! نه تنهنجيءَ ڪٽار جو.

    منڊيءَ ۾ پئي جڙاءُ جيئن، جڳ مڳ ٿي جوت ڏئي
    اهڙو ئي ڏيک سپني ۾ آ، تنهنجيءَ به سار جو.

    گڏ هئين ته نه ڪڇئين، اکيون جهڪيون رکيئي
    ڪارڻ هو ڪهڙو موڙ تي پوئتي نهار جو.


    استاد بخاري

    اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا

    اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا
    اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا

    ڪٿ پينگھي پاليل اَنگ اَٻل
    ڪٿ تڙڪي تاتيل جُنگ جبل
    اسين باهه ـــــــ بَٺا، اوهين نازڪڙا
    اسين تڙپون ٿا، اوهين تپجو ٿا

    اسين رِيءَ سنڀال ڪروڙن ۾
    اوهين پهرن هيٺ به خطرن ۾
    اسين ٽوهه ڪڙا، اوهين گسَ ـــــــــــ گدرا
    اسين پکڙون ٿا، اوهين پٽجو ٿا

    اسين بيٺا آهيون لوهه لڳا
    اوهان ڪوهه پري ته به ڇرڪو ٿا
    اسين سَچ ـــــ عصا، اوهين ڪَچَ ـــــــ ڪاوا
    اسين ٽڪرون ٿا، اوهين ٽِڙڪو ٿا


     ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون

    ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون
    جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون

    هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو، هيمون آجو هوش ڏئي ويو
    دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو
    بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    سورهن آنا سچ ته آهيون، شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون
    طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    ماضي جا مهمان نه آهيون، آئيندي جا اعلان آهيون
    تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾
    ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون
    جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

    دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري
    بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون


    مان ڪيئن سيج سمهان

    مان ڪيئن سيج سمهان
    منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن

    تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
    کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن

    مان ڪيئن لوڻ چکان
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن

    تو وٽ خوب خوشيون، عيدون، عيش، وهان
    ريشم، ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان

    مان ڪيئن سينڌ ڍڪيان
    منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا- ننگي پيٽ گهمن


    گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان

    گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان
    دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان

    اٿ ڀونچال، جوالا نچ تون، باغي ڀونءِ جمالو چوندي
    اوٿر ٿو اَلاپ اٿاريان، ڇوليون ڇيرون پايان ٿو مان

    دهشت گردي دَور سکي آ، حڪمت عملي مون به مٽي آ
    دانهن ڀلي ڏي دور کي ڦٿڪي، گھنگھر توکي گھايان ٿو مان

    جيئو، جيئڻ ڏيو، ڏاڍو سو گابو، جھيڙو جوٽي بيٺا آهن
    وچ ۾ آءُ رتوڇاڻ آهيان، ڇاجي لاءِ ڇڏايان ٿو مان

    صديون ڪنڌ ڪٽايا اٿئون، سهسين سنَڌ وڍايا اٿئون
    هڪڙو ڀيرو گڏجو لوڪو، قهري ڪات ڪٽايان ٿو مان

    ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا
    سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان

    خير ته راڳي، ظلم ته باغي، قرب ته ٻڪرو، قهر ته ڪات
    جرڪي جيئڻ ڪاڻ بخاري، ڪيڏا روپ مٽايان ٿو مان


    تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان

    تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان

    ٻن ڪروڙن ڪونڌرن جي ماءُ آن جيئين سدا
    تنهنجا هوشو حُر هزارين، تنهنجو هوشو هڪ نه مان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان

    هي ته ڏس وک وک تي چوڪيدار ڏهه ڏهه نوجوان
    سومرا، چانڊيا سپاهي، سورما کوسا، سمان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان

    تنهنجي پورب ڇا سڄي پڇم لکي تاريخ آ
    تنهنجي ڌرتيءَ کان وٺي آ، آسمان تائين ڌمان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان

    عرش جي پاڇي کان جيڪي تنهنجو پاسو آ مِٺو
    تنهنجي پاڻيءَ تي نه مٽبو توڙي ملندو زمزمان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان

    هي دعا، دعوى، عقيدو، فيصلو استاد آ
    سج زندهه، سچ زندهه، سنڌ زندهه دائمان
    ڇو ٿي گھٻرائين امان


    جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي

    جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي
    او لوءِ لوئان لولي
    آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
    منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر
    گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي
    او لوءِ لوئان لولي
    آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
    پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي
    ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي
    او لوءِ لوئان لولي
    آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
    شهر وارن سيني سانڍي
    ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي
    او لوءِ لوئان لولي
    آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
    پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري
    سُهڻي سُرهي سچي سولي
    او لوءِ لوئان لولي


    مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گذري

    مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گذري
    قيامت هئي نسوري، اڌ صدي، پر سا به ٿي گذري

    زمانو هو بيابان، مُنهنجي وِک وِک پر خيابان هئي
    لڳو ٿي دوزخي دڳ تان سواري جنتي گذري

    گهڙي محفل ۾ مچڻو هو، گهڙي مقتل ۾ ملهڻو هو
    دما دم ڪشمڪش ۾ پنهنجي پُوري زندگي گذري

    گواهه آهن ٻِٽا ڀاڪر، ڊگها بوسا جوان وِڄ جا
    وَهي منهنجي ڇهي شعلا، شرارن کي چُمي گذري

    الائي دلڪشي ڪهڙي آ، آئيندي جي ديدن ۾
    تڪيندي، سهڪندي، ڊڪندي ٿي ايڏهن هر گهڙي گذري

    مِٺو هو يا ڪڙو پر عشق جو آواز پئي گونجيو
    لَنگهيو ٿي چيٽ ڳائيندي، ڪندي ڪوڪون ڪتي گذري

    جڏهن تنهنجون ملاقاتون به ٿي ڪاتيون کتيون اک ۾
    تڏهن عيدن جي ڏينهن تي به ٿي ويڌن وڏي گذري

    اڪيلائيءَ جي موسم ۾، اداسائيءَ جي واديءَ ۾
    تصور جي اُٺي برسات، يادن جي ندي گذري

    بخاري، زندگي محبوب آ، هڪ هڪ ادا هنجي
    ڪڏهن سهڻي سُکي گذري، ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گزري


    ڪجهه ته اڳتي وَڌو

    پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو
    جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    زندگي، جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه
    پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهن کي ڦاڙيو، اڌو اڌ ڪريو
    هڪڙو سِر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    سنڌ جي رات آ، وَر وَڪڙ واٽ ۾، قهر جي ڪاٽ آ
    پاڻ وٽ جوت آ، جُنگ جوڌو جَٿو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    سِرُ تَريءَ تي رکڻ کان اڳي سورمؤ، هوڏي سامهون ڏسو
    سوڀ سهڻيءَ جي سيني تي نظرون رکو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    پلصراطن کان پوءِ جنتون، مقتلن جي پٺيان منزلون
    ٽهڪ ڦٽندا پريان، پهريان هي ڌڪ ٽپو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    مان ڏسان ٿو ڌُٻڻ ٿي وئي آهي ڌرتي سڄي ڏيهه جي
    ڪو غربت ۾ گم ٿيو ڪو ڌَن ۾ گتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    هائو، آڙاهه آڏو آ، درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو
    ڪئين به ڪهڙو به، پر ڪو طريقو ڪڍو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    قطرو قطرو ملي مست درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو
    انقلابي بنايو ڪچو ۽ پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    لوڪ بنگلو نه ٽي وي نه وِسڪي نه زردو نه زر ٿو ڦُري
    هو گھُري ٿو اَجھو ۽ لٽو ۽ ڳڀو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    هو کنڀيو ٿا وڃن ٽي سڌر سنڌ جا، ڀنگ، ٽي لک چيو
    ڌاڙ ڌرتيءَ تي ماڻهو ٿيو جھڙو ڍڳو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    حيدرآباد برباد، سنڌي نسل، باهه ــــــــــ بيداد ۾
    گھر ٻري آڳ ۾، روڊ رت ۾ رَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    جاڳ اک ۾ اَٿَو، پنهنجون کوليو اکيون، ڀاڳ هَٿ ۾ اَٿَو
    سوڀ سگھ ۾ اَٿَو، ساٿ جوڙيو سگھو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    چنڊ سجدا ڪندو آ، عظيم آدميءَ جي قدم تي جھڪي
    پاپ پُرزا ڪندو عزم پنهنجو پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

    عار، استاد ، شاگرد، مزدور، ڪڙمي، سمورا ـــــــــــــــ ٻڌو
    گھنڊ پيو ٿو گُڙي اِرتقا جو يڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو


    سرڪش سنڌي

    هن ڌرتي، ڌرتيءَ وارن جي

    هن ڌرتي، ڌرتيءَ وارن جي،
    پُٽ پَارت ٿئي، هر پارت ٿئي،
    پُٽ پيار جي پالڻهارن جي،
    هر پارت ٿئي، هر پارت ٿئي.

    هٿ ويل وڏيرن مارين جا، هٿ ڌوڪا ۽ ڌڪ ڌارين جا،
    هت کوڙ پٽيلا پيدا ٿيا، ترخان جا تاتارين جا،
    مخدوم بلاول پارن جي،
    پٽ پارت ٿئي، هر پارت ٿئي.

    ڪا اوکي ويل اچين کڻي، تون ڊوڙي ٻئي هٿ ڏين کڻي،
    جي گهرج پوي سَر گهورڻ جي، ٿي گهورو سر گهورين!
    هن ويڙهيچن ويچارن جي،
    پٽ پارت ٿئي، هر پارت ٿئي.

    او دودا منهنجي ڌرتيءَ جا، ڪشمور ڪراچي ڪيٽيءَ جا،
    او اجرڪ ٽوپ جا رکوالا، او ساٿي سنڌو ساٿي جا،
    هن موهن جي آثارن جي،
    پٽ پارت ٿئي، هر پارت ٿئي.

    تون ساٿ ڏجان مزدورن سان، مسڪين سان مجبورن سان،
    بيڏوهه وڃن جي لڙڪايا، گڏ مرجان تون منصورن سان،
    هن سُوريءَ جي سينگارن جي،
    پُٽ پارت ٿئي هر پارت ٿئي.

    مان ڌرتيءَ خاطر لکندو هان، تون ڌرتيءَ خاطر وڙهندو آن،
    او ساهه کان پيارا ويجهو ٿي، رک ڏاڙهيءَ تي هٿ آءُ ڏسان،
    هن سرڪش سان اقرارن جي،
    پٽ پارت ٿئي پٽ پارت ٿئي.

    ³


    تو بن ڪنهن سان نينهن هجي

    تو بن ڪنهن سان نينهن هجي،
    جيون پويون ڏينهن هجي.

    تون منهنجي ڀاڪر ۾ جيڪر،
    ٻاهر وسندو مينهن هجي.

    توڏي ايندين ائين ڊوڙان،
    پويان ڄڻ پيو شينهن هجي.

    تون مون سان گڏ، مون وانگر،
    رات هجي يا ڏينهن هجي.

    جنهن جي ڇَانو ۾ ويهندا هون،
    سائو شال! سَرينهن هجي.

    ”سرڪش“ آئون هجان نه هجان،
    زندهه جيڪر نينهن هجي.

    ³


    ڪا به نه تنهنجي هستيءَ جهڙي

    ڪا به نه تنهنجي هستيءَ جهڙي،
    پياري سنڌو ڌرتي جهڙي.

    مان ڪو ٻار غريب جي گهر جو،
    تون آن مون لئه خرچيءَ جهڙي.

    دل جو در هر هر ٿو کڙڪي،
    تنهنجي ياد به قرضيءَ جهڙي.

    ايڏو موت تمنائن جو،
    عمر لڳي ٿي مڪليءَ جهڙي.

    چانڊوڪيءَ ۾ گيت نه ڳايو،
    اک اک ڏسي، ڇوليءَ جهڙي.

    سڀ ڪو اهڙي ڪاٿي ڏيندئي،
    محبت سرڪش سنڌيءَ جهڙي.

    ³


    روز هٿ ۾ گلاب رکندي آن،

    روز هٿ ۾ گلاب رکندي آن،
    دل ته ڪا لاجواب رکندي آن.

    ڪيئن گنهگار کي ڏئين ٿي گناهه،
    تون ته هر دم ثواب رکندي آن.

    جي نهارين ته بي حجاب نهار،
    مُنهن ٿي ڇا لئه ڪتاب رکندي آن.

    نيڻ ڪنهن ڍنڍ ۾ ڪنول جا گل،
    گهور ۾ هر عذاب رکندي آن.

    تنهنجي ڀاڪر ۾ شل شهيد ٿيان،
    ڇا ته حُسن ۽ شباب رکندي آن.

    ڪو نه حق هو مگر پُڇي ويٺس،
    ڪهڙو اکڙين ۾ خواب رکندي آن.

    اڳ ته سرڪش ڏٺو ٻڌو ئي نه هو،
    پيار ۾ تون حساب رکندي آن.

    ³


    حق وارن کي حق مليو، مان ڪيئن مڃان

    حق وارن کي حق مليو، مان ڪيئن مڃان،
    انڌي سُئي ۾ سڳو وڌو، مان ڪيئن مڃان.

    ڳنڍين گوليون ڦاٽل دل ۽ پيار ٽٽل،
    ساگر ۾ ڪو پنڌ هليو، مان ڪيئن مڃان.

    ڪالهه به رئيس ننڍي جي هٿ ۾ تسبي هئي،
    نڪري پيو آ ٽوهه مٺو، مان ڪيئن مڃان.

    شهر سڄي ۾ مظلومن جا ٽهڪ اُٿيا،
    ڌڪ لڳا پر درد نه ٿيو، مان ڪيئن مڃان.

    ڳيرو باز رهن پيا گڏ هڪ ٽاريءَ تي،
    پاپي آهي پيار ڪيو، مان ڪيئن مڃان.

    ڪالا باغ ٺهڻ سان ياري گهاٽي ٿئي،
    لوڻ وجهڻ سان زخم ڇٽو، مان ڪيئن مڃان.

    پير ۽ مير چميا هٿ چائون پورهيت جا،
    ماڻهو ويڇن مان نڪتو، مان ڪيئن مڃان.

    باهه ۽ درد سان باغ بهاريا گل مرڪيا،
    امن سوا انسان بچيو، مان ڪيئن مڃان.

    تڙپيون دلڙيون بيدردن جون دانهن تي،
    اولهه کان سج اڀري پيو، مان ڪيئن مڃان.

    سڏ ٿيو، سڏ تي سرڪردا سڀ ڊوڙي پيا،
    سرڪش ڏاڍي ننڊ هيو، مان ڪيئن مڃان.

    ³


    منهنجي رت جو ڦينگون آخر

    منهنجي رت جو ڦينگون آخر،
    تنهنجي منهن تي ٿينديون ظاهر،
    توکي قاتل ٺهرائينديون،
    تنهنجو ڳاٽ به لهرائينديون.

    چيريندڙ هي چنبا تنهنجا،
    ريٽا ريٽا ڳاڙها ڳاڙها،
    منهنجي گهر ۾ منهنجي سر تي،
    اُڀري اسري الري آيا،
    منهنجي مارن جون هي اکڙيون،
    ڇوليون ڏيئي ٻوڏون آڻي،
    تنهنجون ماڙيون ڊهرائينديون.

    تڙپندڙ هي لاشو منهنجو،
    ڌرتيءَ کي رنگ لائيندو پيو،
    ويرم ٿوري آهي باقي،
    توکي ڀي تڙپائيندو پيو،
    تربت جون هي ٻئي ڪپرون،
    توکي پيون ڌونڌاڙينديون،
    مون کي پيو سرچائينديون.

    تنهنجي رت ٿي بانس اُٿاري،
    ڳلي ڳلي ۾ بدبو ٿيندي،
    منهنجي رتڙي گل اڀاري،
    واس جو ڏيندي خوشبو ٿيندي،
    ٻوٽو ٻوٽو ٻهڪي پوندو،
    مکڙيون ديس کي مُرڪائينديون.

    تنهنجو ڌڙ ڀي منهنجو ڌڙ ڀي،
    ٿوري ڌرتي والاريندا،
    توکي ماڻهو ٿو ڪاريندا،
    مون لئه ويٺا ٻاڪاريندا،
    اينديون جيڪي ديس ڌياڻيون،
    نيڻ نماڻا اکڙيون آليون،
    مون کي گلڙا پارائينديون.

    سونهري اکرن سان هونديس،
    تاريخن م آءُ سدائين،
    تنهنجو نانءُ به نيٺ ته هوندو،
    ڇو جو تون هڪ ظالم آهين،
    صديون جيڪي اينديون وينديون،
    توکي لعنت ڏينديون وينديون،
    مون کي پيون ساراهينديون.


    ³ اُمنگ دل جي ڏري پئي آ

    اُمنگ دل جي ڏري پئي آ،
    چپن جي چٻجي نري پئي آ،
    ڪڇون پڇون ڪيئن لڇون ڇڄون ٿا،
    زبان رت سان ڀري پئي آ.

    جهڳي اسان جي ڪکن پنن جي،
    نظر انهيءَ ۾ به دشمنن جي،
    لڪي لڪي ويا وڪوڙي ويري،
    ڪکن تي ڪوسي رکيائون ڪيري،
    دُکي دُکي سار ٻري پئي آ،
    زبان رت سان ڀري پئي آ.

    اسان جي نس نس وڍي وئي آ،
    اسان جي رڳ رڳ رڌي وئي آ،
    ڳڀا ڳڀا ٿي چُرون پُرون ٿا،
    ڀڳل ٽٽل کي ڳنڍڻ گهرون ٿا،
    جگر جليو دل ڳري پئي آ،
    زبان رت سان ڀري پئي آ.

    اسان جي دنيا ۾ ويل آهي،
    اسان جي جذبن کي نيل آهي،
    ڳلي ڳلي ۾ اڀو آ قاتل،
    اٿي تمنا پڳي نه منزل،
    ڪُسي ٿڏي تي مري پئي آ،
    زبان رت سان ڀري پئي آ.

    هجي ڪو لمحو ٿئي نه غم ڪو،
    هجي مهينو سڙي نه سينو،
    نه سال جو ڪو سوال آهي،
    سمورو جيون وبال آهي،
    گهڙي گهڙي ئي کري پئي آ،
    زبان رت سان ڀري پئي آ.

    ³


    ڪاوڙ ڇڏ

    تون ڪاوڙ ڇڏ، تون ڪاوڙ ڇڏ!
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي،

    موهن جو قسم، مڪليءَ جو قسم،
    هوشو جو قسم، هيموءَ جو قسم،
    دولهه جو قسم، دودي جو قسم،
    سچل جو قسم، ساميءَ جو قسم،
    مخدوم شهيد جي، سر جو قسم،
    آ توکي پنهنجي گهر جو قسم،
    ۽ ڀٽ ڌني سائين جو قسم،
    سڀني جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ!
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

    هر باک جي ويلا ميڙ اٿئي،
    چنڊ تارن ميلا ميڙ اٿئي،
    هي روح رونهن به ميڙ اٿئي،
    انداز ۽ ناز به ميڙ اٿئي،
    هيءَ ادبي سنگت ميڙ اٿئي،
    هو شيخ اياز به ميڙ اٿئي،
    هو نجم عباسي به ميڙ اٿئي،
    هر سنڌو واسي ميڙ اٿئي،
    هر پيار جي لڳ پڳ ميڙ اٿئي،
    هي جوڀن جڳ مڳ ميڙ اٿئي،
    هن پنهنجي پياري پياري من،
    مرضيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مُرڪ جياريندي.

    جنهن پاڻ پئي قربان ڪيئه،
    ۽ پالي تاتي جوان ڪيئه،
    جنهن ڇا ڇا پئي احسان ڪيئه،
    ڄڻ پو ڄڻ لئه ڀڳوان ڪيئه،
    جنهن علم عقل ۽ هوش ڏنئه،
    جنهن جذبو جواني جوش ڏنئه،
    جنهن ممتا موهه ڀريءَ دل سان،
    هر ويل اٿي آغوش ڏنئه،
    جنهن گيتا ۽ قرآن جيان،
    پئي ور ور نئون نئون پوش ڏنئه،
    ڪيڏيون نه ڪيون مون منٿون پر،
    ڪوئي نه انهن ڏي گوش ڏنئه،
    جنهن شهر ۾ تنهنجو گهر، تنهن هر،
    شهريءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

    جنهن وقت تي لهندي چڙهندي آن،
    جيڪو ڀي لکندي پڙهندي آن،
    تنهن لهڻ چڙهڻ جو قسم اٿئي،
    ۽ لکڻ پڙهڻ جو قسم اٿئي،
    هو سونيون چوڙيون ٻانهن ۾،
    ٺاهو ڪيون ٺهڻ جو قسم اٿئي،
    ڪاليج ڏي ايندي ويندي آن،
    ان اچڻ وڃڻ جو قسم اٿئي،
    جو سمجهي سگهندي ناهين ڪڏهن،
    سو سر کان پڇڻ جو قسم اٿئي،
    دروازي تان موٽائي ڇڏيئي،
    ڄَڻ مور پَکي ڪُهرائي ڇڏيئه،
    ٻي دل ته پرائي دل آ پر،
    پنهنجيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

    جي ويس مري رُئجانءِ نه تون،
    تربت جي طرف اچجانءِ نه تون،
    گل تازا ڪي رکجانءِ نه تون،
    قُل ڪلما ڀي پڙهجانءِ نه تون،
    ۽ سُڏڪي سَڏ ڪجانءِ نه تون،
    تون سَڏ ڪندين ته اُٿي پوندس،
    ۽ محشر سمجهي جي پوندس،
    پوءِ ماڻهو پير سڏيندا پيا،
    پر مون کي پير کان نفرت آ،
    هر داد گير کان نفرت آ،
    هن سنڌ جا سادا ماڻهو ٿئي،
    ويچارا موڳا ماڻهو ٿئي،
    او ٻاجهاري هر ٻاجهاري،
    سنڌي جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

    هن گل گلزاري ڏي ڏس تون،
    هر سائي ٽاريءَ ڏي ڏس تون،
    دل دردن ماريءَ ڏي ڏس تون،
    اک لُڙڪن واريءَ ڏي ڏس تون،
    پوشن ۾ پهريل ڇا پيا هن،
    هن گهر جي جاريءَ ڏي ڏس تون،
    اُستاد بخاريءَ ڏي ڏس تون،
    سرڪش جي زاريءَ ڏي ڏس تون،
    هن ساري جڳ ۾ جيڪا ٿي،
    تهن چيز پياريءَ ڏي ڏس تون،
    ڏس ڪنهن کي ڪنهن کي ميڙ ڪيان،
    سرتيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    ڌرتيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    ٻوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    لوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    ه تنهنجي آڏو ڦهلايل،
    جهوليءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ،
    هيءَ ڪاوڙ تنهنجي ماريندي،
    پر هڪڙي مرڪ جياريندي.

    ³


    راشد مورائي

    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
    پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
    ۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
    مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    مون ڇانه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
    سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
    جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
    هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
    ۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
    ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
    ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
    ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
    ڪو اهڙو اوڀر اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
    هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    آ سچ ننڍو، ويهه ڳنڍو آ، هو بربت جيڏو ڪوڙو آ
    هو ٽٽندو ٿوڙي ٽوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪئي چوڙو آ
    هر واوَ اڳان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
    پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

    ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
    ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
    سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
    مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
    مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان


    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي

    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
    ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
    انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
    جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
    ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
    جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
    ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
    سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر


    جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟

    جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
    ۽ باهه ۾ ٻين جي پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان؟
    رڳو نه مون تي بار آ،جي سچ چوان ته ڇو چوان؟
    جڏهن به سوچيم،مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
    ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون
    ______________
    جڏهن به سوچيم ته آئون ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان؟
    جي قوم آهه بيوفا ، ته مان به ڇو وفا ڪيان؟
    غريب پاڻ لئه پاڻهي ، پيدا نه ڪربلا ڪيان؟
    چيم ته ڪُنڊ ۾ رهي ، رڳو خدا خدا ڪيان
    ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون
    ______________
    ۽ جڏهن سوچيم ، ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان
    ڀلي ته مان سڙان، پچان ، ٻين کي سک ڏئي سگهان
    ڀلي ته سر وڃي سندم ، ڀلي ته آئون دم ڏيان
    ٻيو اچي اچي نه ڪونه ، مان ئي ”راشدا“ اچان
    ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو ، ضمير واهه واهه ڪئي


    دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي

    دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي
    هن برباديءَ جي بستي ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي

    ماڻهن جي ڏسان ٿو نِيت بُري،هَٿ ۾ قرآن،زبان ڇُري
    جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي،ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي

    تون ناهين مسيحا، جو جيارين،لقمان نه آن جو چاق ڪرين
    بيمار ۾ چاڪ چڱي جهڙي،جذبات هجي ته وڻي توکي

    ڪي معنٰي جا موتي نه هوا، تو شعرن تي واهوا ه نه ڪئي
    هيءُ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي

    گُم آهين تون ته نظارن ۾،ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾
    ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان! برسات هجي ته وڻي توکي

    ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان
    ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گهات هجي ته وڻي توکي

    هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو،هِت رودن راشد غربت جو
    هي ماتامين جي مجلس آ ، بارات هجي ته وڻي توکي


    ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون

    ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون
    ڪيئن ڇڏيان پنهنجي هٿان زلفن جي پاڇي جو سڪون

    مان به چاهيان ٿو گهمڻ ۽ خرچ جي پڻ کوٽ ناهه
    پر ملي پرديس ۾ ڪيئن تنهنجي پاڙي جو سڪون

    هي به گهر آهي خدا جو ڪا گهڙي کن ترس يار
    دل اندر ملندئي مٺا محبوب ڪعبي جو سڪون

    سم ڪلر وارن گهرن کي ڀو ٿئي برسات مان به
    مينهن سان واڳيل مگر آ ٿر ۽ ڪاڇي جو سڪون

    دل کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ شايد مزو ايندو هجيس
    ڪاٺ کي ڏارڻ ۾ جيئن هوندو آ واڍي جو سڪون

    اڄ وري بيچئن آ نازڪ بدن هو نازنين
    ياخدا، ڏئي ڇڏ پرينءَ کي منهنجي ڀاڱي جو سڪون

    ’راشد‘ دل لائي رکبي هر طرح ڦهلاءَ ساڻ
    آ گل و گلزار بنجڻ ۾ ئي داڻي جو سڪون


    امتياز عادل سومرو

    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!!

    منهنجي گردن ۾ اڄ پنهنجون ٻانهون نه وجهه،
    منهنجي نظرن ۾ نوڙي نگاهون نه وجهه،
    منهنجي عيبن تي ايڏيون پناهون نه وجهه،
    منهنجون روڪي ادائن سان راهون نه وجهه،
    مون کي مرڪن جا تحفا ڀلي تون نه ڏي،
    مون کي دامن ۾ ڳوڙها ۽ آهون نه ڏي،
    پر جي ڏين ٿي ته ڏي لڙڪ برسات جيان،
    داغ ڌرتيءَ تان ڌوڪن جا ڌوئي ڇڏيان،
    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان.

    تون جا وک ٿي کڻين سا به تحريڪ آ،
    ۽ جي بيهين ته تحريڪ کي ليڪ آ،
    ٿورو ٿڙڪين ته تهذيب تاريڪ آ،
    ۽ سنڀالين ته تاريخ ڄڻ ٺيڪ آ،
    سونهن تنهنجي جي سنڌو ندي ٿي لڳي،
    پياس منهنجي به ويهين صدي ٿي لڳي،
    مان ته پياسو صدين جو ٿو پياسو رهان،
    ڄڻ ته ڪا ڇو ڪُلهن تي کنيون ٿو وتان،
    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!

    توسان اهڙي ملاقات ٿي اوچتو،
    جيئن ٿر تان ڪو گذري ڪڪر قسمتي،
    تون جي وڇڙين ته ڄڻ زندگي ڌرتتي،
    تو سان جيون جهنم به ڄڻ جنتي،

    تون جي مرڪين ته مهراڻ ۾ موج آ.
    تنهنجي ڪاوڙ ڪچي ۾ ڪا ڄڻ فوج آ،
    وهم ۽ وسوسا هن خوشين جي پٺيان،
    دل کي دردن جي گهيري مان پيو ٿو ڪڍان،
    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!

    مون کي ڀاڪر جي بدلي ۾ ڀالو نه هڻ،
    مون سان ڀلجي وڇوڙي جو نالو نه کڻ،
    تو سان اڳ ۾ ته ڪيڏو ڏکيو هو ملڻ،
    ڄڻ ته سادي سنڌيءَ جو ڪراچي اچڻ،
    ڄام شوري جي اڄ تون هوا ٿي لڳين،
    سنڌ جي سونهن جي ڄڻ بقا ٿي لڳين،
    هاڻي جيڪا به پنهنجي حياتي جيان،
    تو کي ويهي ڏسڻ جي عبادت ڪيان،
    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!

    پيار هاڻي ٿي عادل پيو ڏوهه آ،
    ڏوهه ننڍڙو نه پر ڄڻ وڏو ڏوهه آ،
    ڏوهه ٿيندو نه آ پر ڪبو ڏوهه آ،
    مون ته هڪ ٻئي پٺيان پئي ڪيو ڏوهه آ،
    پيار جي مون کي پڪڙي سزا ڀل ته ڏيو،
    هڪڙو ڀيرو نه سئو سئو دفعا ڀل ته ڏيو،
    ڏوهه سارا ننڍا ۽ وڏا ٿو مڃان،
    ڏوهه اهڙا برابر ڪندو ٿو رهان،
    تو کان ڪهڙي جنم جي مبارڪ وٺان!


    نظم

    باهه ٿو فردوس ۾ ٻاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.

    پيار جا پاپي ائين پسٽل کڻي،
    گام تان گهوري ٻه ٽي گوليون هڻي،
    جهنگ جي قانون ڪاري جا ڌڻي،
    ڇو گلابي جسم ٿو ٺاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.

    وهشتن جا ڏيهه ۾ ڏئي واڪ تون،
    ۽ ارادا خود کڻي ناپاڪ تون،
    پيار جي پرزا ڪري پوشاڪ تون،
    نينهن کي ننگو ٿو بيهاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪرين ماري ڇڏين.

    نفرتون بندوق ۾ پيو ٿو ڀرين،
    سونهن سڪ تي روز ٿو حملا ڪرين،
    شل ٻڏي پنهنجي پگهر ۾ تون مرين،
    خون سان ڇو ٿو خوشيون ڌئاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.

    شاهديون مهراڻ جون ڇوليون ڀري،
    جي ڏين توتي ته منهنجي دل ٺري،
    عشق جي الزام ۾ قابو ڪري،
    تون سنڌوءَ ۾ لاش ٿو ٺاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.

    تو محبت جي سمجهي نه ماجرا،
    دل جي دنيا کان صفا ڄڻ اوپرا،
    او اڙي آدم جا ارڏا ڇوڪرا،
    تون هوا کي رت ٿورئاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين.

    شڪ جا شيطان سڀ سمهندا وري،
    سونهن سڪ آزاد ٿي گهمندا وري،
    ڪي ته ڪنهن جا هٿ وٺي چمندا وري،
    حوصلو ”عادل“ متان هاري ڇڏين،
    سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!


    مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن

    مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن
    مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن،
    مون کي سنڌ جيان پر پياري آن،
    تنهنجي ذات جُدا، هر بات جدا،
    جذبات جدا، فڪرات جدا،
    سر ساهه مان تو تان صدقو ڪيان،
    اڄ مون کان پڇين ٿي پردو ڪيان!؟
    تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان،
    تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان،
    منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
    ۽ دل جو صحن انڌارو آ،
    مون کي پڪ نه هئي امڪان هيو،
    تنهنجو جلدي ٿي امتحان ويو!
    تو هاڻي جو ڪاليج ڇڏيو،
    مان سمجهان ٿو نڪرڻ به ڇڏيو،

    ۽ صبح جو ساڳي رستي تان،
    گذرڻ به ڇڏيو مرڪڻ به ڇڏيو،
    ڏس! تو سان هاڻي ڪيئن ملان،
    ڪٿ بيهان تو کي ڪيئن ڏسان،
    خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان،
    ائين وهم دل کي ڦري وياهن،
    ڄڻ ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا،
    ،مون تي نظرن جو ڪرفيو آ لڳل،
    هر راهه رڪيل، گهٽ گهير جهليل،
    تنهنجو گهر به ڏٺل، رستو به ڏٺل،
    پر ظالم قاتل رسمن جا هر پاسي آهن نانگ لڪل،
    ان لاءِ نه ٿو تو ڏانهن اچان،
    ٿو ايندي ايندي واپس ٿيان،
    ۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان.
    مان توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
    جي هاڻي نه ٿي ڪاليج وڃين،
    ڇو سرتين کان ٿي دور رهين؟
    تن ساڻ ته مل تن ساڻ ته کل،
    هل ٿورو هل، هل ٿورو هل،
    منهنجي روح جي راهه تان ٿورو هل،
    منهنجي اکڙين کان به نه ٿي اوجهل،
    پنهنجي پرس کي ٿورو کولي ڏس،
    ۽ منهنجي دل کي ڳولي ڏس،
    جا تو وٽ هاڻ امانت آ،

    منهنجي پيار جي تو کي پارت آ،
    مون کي اڳ ۾ اهڙي ڄاڻ نه هئي،
    تون مون کان ويندينءَ ائين کسي،
    جيئن حق سمورا ڌرتيءَ کان،
    جيئن دشتگرد ڪراچيءَ کي ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گهرن،
    هي رتين جا رکوالا سڀئي ٿا تو کي مون کان ائين ڇنن،
    تون مون کان پنهنجا خط ته وٺ،
    ڏس جن تي تنهنجو نانءُ نه آ،
    ڄڻ مون وٽ منهنجو هانءُ نه آ،
    هن پيار جي دشمن دنيا ۾،
    سڀ عادل ٿيا انصاف نه ٿيو،
    هڪ پيار جو ڏوهه به معاف نه ٿيو،
    ويو توکي مون کان ڌار ڪيو،
    چڻ ٽاريءَ مان ڪنهن گل چنو،
    پر تو سان جيڪو رشتو آ، سورشتو ئي اڻ ٽٽڻو آ،
    تون مون کان ڌار نه ٿيڻي آن، تون منهنجي آن،
    تون منهنجي آن،
    تون منهنجي آن.


    تهذيب ڇا تاريخ ٿي براباد ٿئي!!

    تهذيب ڇا تاريخ ٿي براباد ٿئي!!
    ۽ جڏهن!
    درسگاهون
    قتل گاهون ٿي وڃن
    ٿي وڇي تعليم خود تاريڪ ٿي
    قوم جي تقدير ڪهڙي ٺيڪ ٿي؟
    خون! کلندي خوش طبع استاد ٿئي
    يان حسي! ٿو ظلم ٿئي بغداد ٿئي
    شعور جي گهر وڃي تالو لڳي
    علم جو نڪري ٿو ڏيوالو وڃي
    علم جي گهر خوف جي پوندو ٽڪي
    هر خوشي ويندي ڪتابن ۾ لڪي
    ڪهڙي پهري ۾ پڙهائي ٿي ڀلا!؟
    ڄڻ محاذن تي ٿيون نمازون ادا

    علم ڏيندڙ خود وڏي ويچار ۾!
    ۽ پرائيندڙ اڳي ئي آزار ۾
    ڪيڏو دنيا آ وڌي اڳتي وئي
    ۽ اسان پٺتي وڃون ٿا پيا سڀئي
    وقت ڪيڏو تيز ٿو ڊڪندو وڃي
    ۽ اسان کان اڳ ڪڍندو ٿو وڃي
    پر ڪيون بس ڄڻ ته اڏندو ٿو وڇي
    وقت ويندو
    ڀربا شوڪارا رڳو
    علم جو گهر ٿي ويندو ڄارا رڳو
    ۽ ازالو علم جي نقصان جو
    ڇا ڪري سگهندا ڀلا نعرا رڳو
    ان کان اڳ
    عادل ٿي پوندا ڳولڻا
    علم سان سڀ بدخواهي جا سبب!
    خود پنهنجي قومي تباهي جا سبب!


    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر

    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر
    دهشتن ۾ جيڪڏهن تن من هجي،
    منهنجي دل جو آڳ ۾ دامن هجي،
    باهه ۽ بارود ۾ جيون هجي،
    ۽ تنهنجو ورتاءُ واشنگٽن هجي،
    کل خوشي منهنجي کڻي بغداد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!

    هر وفا منهنجي وساري ڇڏ ته ڇڏ،
    ۽ جفا پنهنجي جياري ڇڏ ته ڇڏ،
    دل تان منهنجو نانءُ واري ڇڏ ته ڇڏ،
    پنهنجي پر ۾ مون کي ماري ڇڏ ته ڇڏ،
    ۽ ڪڏهن ڀلجي نه مون کي ياد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!

    سوچ ۾ سڪ ۾ سچل داخل ڪري،
    دل لطيفي لطف ۾ شامل ڪري،
    تانگهه ڪجهه تنوير کان صاحل ڪري،
    عشق ڪجهه اياز ڏي مائل ڪري،
    حسن کي ڀل هو بهو استاد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزادڪر!

    آڳ ۾ هر آس اڇلائي ڀلي،
    خواهشن جا ڪنڌ ڪپرائي ڀلي،
    منهنجي هر هڪ مرڪ مارائي ڀلي،
    منهنجي دل جي دنيا بدلا ئي ڀلي،
    سنگدل تون شوق پنهنجو شاد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!

    التجا منهنجي عوامي هوڪر!
    بي رخي تنهنجي حڪومت جا مزا،
    رعب تنهنجو اهلڪارن جا جٿا،
    عشق منهنجو احتجاجن جي ڪٿا،
    سونهن جي سرڪار منهنجو داد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!

    ڳلن تي ڳوڙهن جون قطارون ئي سهي،
    منهنجي هستي ڏارون ڏارون ئي سهي،
    دل جي دنيا غارون غارون ئي سهي،
    من ۾ مڪليءَ جون مزارون ئي سهي،
    تون ئي پنهنجو هانءُ هير آبادڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزادڪر!

    تنهنجي نفرت جي رڳو هڪڙي نظر،
    باهمي الفت تي ڪيا ڪيڏا اثر،
    تو ڪري آ دل ڇڏي پنهنجي پٿر،
    منهنجو ٿي احساس ويو آ کير ٿر،
    تون ڀلي جذبا کڻي فولاد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!

    مان ”ڇو عادل“ پيار مرده آباد ڪيان،
    جي ڪيان انڪار مرده آباد ڪيان،
    سئو ته ڇا لک وار، مرده آباد ڪيان،
    عشق سان آزار، مرده آباد ڪيان،
    تون ڀلي پئي ظلم زنده آباد ڪر!
    مون کي پنهنجي ياد مان آزاد ڪر!


    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ

    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ
    تون پاپ کي او پاپي ڪيڏو ٿو پڏائين،
    ۽ پيار کي هزار ٿو پرزا ڪري ورهائين،
    تون لالچي لٽيرو من ۾ ٿو ڌن وسائين،
    مان پيار کي ٿو پوڄا سمجهان پيو سدائين.
    تنهنجو الڳ عقيدو منهنجو به پير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.

    جنهن ڳالهه ۾ منجهو ٿا سا ٺيڪ ٿي سگهي ٿي،
    نزديڪ کان اڃان ڀي نزديڪ ٿي سگهي ٿي،
    هن ڀونءِ جي ڀتين کان تحقيق ٿي سگهي ٿي،
    ۽ ڳوٺ جي ڳلين مان تصديق ٿي سگهي ٿي،
    ڪنهن چيو ڪُتا نه ڀونڪيا ڪنهن چيو فقير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.

    هي ظلم آ سراسر بيدادگي نسوري،
    ڪنهن جي حصي جو ڪنهن کان پاڻي جي کسجي زوري،
    موجن جي مند ۾ ٿي مهراڻ مان ٿئي چوري،
    او عالمي ادارا! ڀل ساک ڏيو سدوري،
    هڪڙو ڪچو آ شاهد ٻيلو مشير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.

    تو شان ٿي کپايو گهر گهاٽ تي ڏئي هوڪو،
    مون مان ٿي بچايو شاهد ملير مورو،
    سنڌ سونهن سان سچو مان تنهنجو ڌرم ئي ڌوڪو،
    منهنجو ته ڏوهه ناهي تنهنجو به ناهي ڇو جو،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.

    تو آبرو امن جا بيهي ڪڍيا جنازا،
    مان پاڻ ٿو ڏسان پيو پنهنجي اکين سان لاشا،
    ڪنهن ڀيڻ جي ڳلن تان ڳوڙها اگهيئي نه تازا،
    مظلوم مائرن جا بيهي ڏٺئي تماشا،
    تو ٿڄ ناهي پيتي پيتو ڪو کير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.

    هٿ هٿ ۾ ڏي چيو مون، دوريون نه تو گهٽايون،
    ديدن جي ڳالهه ڪئي مون، تو ٿي ڏسيون دو ناليون،
    ڳل تي نه چپ ڀلي رک، ٽانڊا نه وڃ تون وڇايون،
    منهنجون ته ڪوششون ڄڻ عادل ويون اجايون،
    زلفن جو مون گهريو، تو آندو زنجير ٻيو آ،
    تنهنجو ضمير ٻيو آ، منهنجو ضمير ٻيو آ.


    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!!

    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!!
    هن کي هن کي ڌار لڳن ٿا،
    مون کي پڻ هر بار لڳن ٿا،
    اهڙا ڪي آثار لڳن ٿا،
    ايندو ڪو طوفان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    مون جا سمجهي پاڻ پرائي،
    هٿ سان ان کي آڳ لڳائي،
    دشمن کي ڪا لهس نه آئي،
    ڪنهن جو ٿيو نقصان ڀٽائي!
    هرڪو آ حيران ڀٽائي!

    من مان محرم ويو ئي ناهي،
    مون بند ماتم ڪيو ئي ناهي،
    سنڌ ۾ نئون چنڊ ٿيو ئي ناهي،
    آيو ڪيئن رمضان ڀٽائي؟
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    ڪنهن آ اغوا امن ڪرايو،
    ڪنهن به ڪچي مان ڪونه ٻڌايو،
    هيڏي مون خود پاڻ گهمايو،
    ڪاڇي ۾ قرآن ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    مارائي مظلوم هٿن سان،
    قهر ڪري ڪنهن جي به ننگن سان،
    ويٺو آ ڏس ڌاڙيلن سان،
    کٽ تي گڏجي خان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    ائٽم بم هت عام نه گهرجي،
    يا مون کي نيپام نه گهرجي،
    مون کي بلڪه نام نه گهرجي،
    مون کي گهرجي نان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    بي شرميءَ جي روپ رنگن کان،
    وحشت دهشت جي هر فن کان،
    گوءِ کڻي ويو حيوانن کان،
    اڄڪلهه جو انسان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    وعدا ۽ ويساهه کپائي،
    ديس ڌڻين جا چاهه کپائي،
    تنهنجي خود درگاهه کپائي،
    ايندءِ سياستدان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!

    عادل سان گڏ هاري ناري،
    ٻيلو ڇا پر ٻاري ٻاري،
    ٿي ويو آهي واري واري،
    سنڌوءَ جو ارمان ڀٽائي!
    هر ڪو آ حيران ڀٽائي!


    تنهنجو جلوو ئي جام جهڙو آ،

    غزل

    تنهنجو جلوو ئي جام جهڙو آ،
    ڄام شوري جي شام جهڙو آ.

    پيار تنهنجو به ڄڻ سياست آ،
    منهنجو جيون عوام جهڙو آ.

    تنهنجي وعدي جو لاش ٿو پوريان،
    دل جو منظر مقام جهڙو آ.

    تنهنجي ڌوڪي کان بعد ۾ جيون،
    ڄڻ ته زخمي اڏام جهڙو آ.

    عشق جنهن وٽ نه آ اهو ماڻهو،
    ڄڻ ته خالي گدام جهڙو آ.

    منهنجو گهورڻ به راز آ عادل،
    تنهنجو مرڪڻ به مام جهڙو آ.


    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!!

    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!!
    لبن تي جڏهن ڪنهن به سرخي سجائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!
    جڏهن ڪنهن به هٿڙن تي ميندي لڳائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي يادآئي!

    جڏهن راند ڪنهن جي رئي سان هوا ڪئي،
    ڳلن ساڻ زلفن جڏهن ڳالهه ڪا ڪئي،
    جڏهن واءُ ڪنهن جي چمي چڳ اڏائي،
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    جڏهن ڪاٿي ڪنهن جون جيان تيز تن تي،
    ۽ بيتاب ٿر جهڙي پياسي بدن تي،
    ڪنهن بوسن جي برسات ويهي وسائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    جڏهن ڪا به سهڻي نه سنڌو ونديءَ ۾،
    نه ڪي ڪنهن به ميهار سان نيئين صديءَ ۾،
    نه لهرن جدا ڪئي نه لهرن ملائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    جڏهن ڳاله منهنجي نه اکڙين مڃي هئي،
    الائي ته اٽڪي ڪٿي دل وڃي هئي،
    جڏهن چيز پنهنجي به ٿي وئي پرائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    جڏهن پيار تي ڪنهن به پهرا لڳايا،
    پريمين جا پڪڙي ويا خط جلايا،
    ڪئي ٻن دلين ۾ جڏهن وئي جدائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    جڏهن ڪنهن به ڇيڙيون تنبوري جون تارون،
    سڻايون سرن ۾ سسئي جون پڪارون،
    ڳلين ۾ جڏهن ڪنهن به ڳايو ڀٽائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي!

    گهڙي کن زماني جو هر غم ڀلائي،
    جڏهن ڪنهن دلاسو ڏئي عادل کلائي،
    کلي ٻانهن منهنجي ڳچيءَ ۾ ورائي!
    الائي ڇو مون کي تنهنجي ياد آئي.


    ذوالفقار گاڏهي

    کنجري ٿي نچي، ڊڦلي ٿي نچي، چپڙي ٿي نچي،

    کنجري ٿي نچي، ڊڦلي ٿي نچي، چپڙي ٿي نچي،
    چمٽا ٿا نچن، چوڙيون ٿيون نچن، چمڙي ٿي نچي.

    گهنگهرو ٿا نچن، اکڙيون ٿيون نچن، ڇاتي ٿي نچي،
    ائن پير کڄن، جئن باه مٿي ڊڳڙي ٿي نچي.

    هر بت بت مان اڳڙي ٿي لهي، باڊي ٿي ٽپي،
    يڪتاري سان، دهلاري جي پڳڙي ٿي نچي.

    ڇا محفل آ، مدهوشي آ، موسيقي آ،
    چپٽي ٿي نچي، تاڙي ٿي نچي، سڳڙي ٿي نچي.

    لپ اسٽڪ آ، ننهن رڱڻي آ، مسڪارو آ،
    واليون آهن، ڦلڙي آهي، هسڙي ٿي نچي.

    ٿا لونگ سڏن، ايرينگ سڏن، دهري ٿي ڏسي،
    بازو بند سان، چوٽي ڦل سان، پنڙي ٿي نچي.


    اکيون ڪن اکر ڀور ٿيون،

    اکيون ڪن اکر ڀور ٿيون،
    اسان من ڪڏهن مور ٿيون.

    اهو ڪهڙو انصاف آ،
    سدائين اسان چور ٿيون.

    اسان کي اجازت ڏيو،
    اوهان جي مٿان گهور ٿيون.

    نٿي پنهنجي قسمت کلي،
    اوهان سان ملي اور ٿيون.

    ڏکن جون گڊيون لاهيون،
    سکن جا نوان دور ٿيون.


    اسان کي ڏي خبر ڏيئا، اڙي ڏيئا

    اسان کي ڏي خبر ڏيئا، اڙي ڏيئا،
    هيا ڇو رات ڀر ليئا،اڙي ڏيئا.

    ڪيو جيتا مڙن جو باهه تي ماتم،
    ته ڇا پروانا ها شيڪا، اڙي ڏيئا.

    سدائين نيڻ تنهنجا تر رهن ٿا ڇو؟
    ڇڏي توکي به ڪي ويئا، اڙي ڏيئا.

    ڦٽي پرڀات جاڳڻ جو سبب هوندو،
    يا لوڙيو پيا ٻئي ڪيئا، اڙي ڏيئا.

    جي نڪتا منهن انڌاري ها سڄڻ پنهنجا،
    اسان جا ڪٿ اُهي پيئا، اڙي ڏيئا.


    ياد جا سارا پنڇي اڏامي ويا

    ياد جا سارا پنڇي اڏامي ويا،
    خواب ٿي ڪارا ڪڻڇي اڏامي ويا.

    کڙ کٻيتن کي قابو ڪرڻ چاهيو،
    ٿورو ترسي ۽ مرڪي اڏامي ويا.

    هڪڙا پروانا مچ جي ڦريا گول ٿي،
    ۽ پو رک سان رک ٿي اڏامي ويا.

    دل، ڏکڻهار، گهر ۾ ئي دٻجي وئي،
    لڙڪ مٽي ۾ گڏجي اڏامي ويا.

    مور، ڊيلن کي ساري، مئا پار ڪر!
    تو ڏٺو؟ کنڀ کنڀ تي اڏامي ويا.

    هر پکيڙي جو هو ساه مٺ ۾ لڳو،
    هڪڙي تاڙي تي دُٻڪي اڏامي ويا.


    سمورا ٽين کڙڪائي ڇڏن ٿيون

    سمورا ٽين کڙڪائي ڇڏن ٿيون،
    ڳلي ۾ نانگ لڙڪائي ڇڏن ٿيون.

    عمر جو روڳ اوڌر تي کڻون ٿا،
    اکين ۾ ٿورو وڙڪائي ڇڏن ٿيون.

    اههو آ لطف اندوزي جو عالم،
    اندر ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏن ٿيون.

    گهٽين کي ڇرڪ پارائي ڇڏن ٿيون،
    ڪڪڙ جان نيڻ ڦڙڪائي ڇڏن ٿيون.

    مکڻ جو ليپ چاهن ٿيون نگاهون،
    مگر هي تير ٻڙڪائي ڇڏن ٿيون.


    نيڻن جي آهرن ۾ آهو چرن پيا

    نيڻن جي آهرن ۾ آهو چرن پيا،
    آهن جي آسرن ۾ سينا ڦرن پيا.

    ڳاٽن ۾ ڍول پائي، لاتون جيان ٻريا،
    پيرن ۾ گهنگهروئن سان بلهارون پيا.

    اڀ تان اچن ٿا نچندا، ٽانڊا وسائيندا،
    ماهي جيان اسان کي راهو ترن پيا.

    ڇورين جي دل جو ڊهڪو آهي وڌي ويو،
    وک وک انهن جي سرجا سائين مرن پيا.

    شهرن کي سائرن آ سرتي کني ڏنو،
    شهرين تي آهه سڪتو رستا ٻرن پيا.


    سُٿڻ ڪورڪي ۽ رئو جهار جهٽ جو

    سُٿڻ ڪورڪي ۽ رئو جهار جهٽ جو،
    گگهي تي ستارون، مٿس ڀرت پٽ جو.

    ڪٿي پير پٽ تي، ڪٿي پير پٽ جا،
    ملي ڪونه پيرو، ڪٿي اهڙي ڪٽ جو.

    گهٽيون گلفروشن جون حيرت ۾ آهن،
    سڄو شهر واسي وئي ڪاري لٽ جو.

    پلنگ تي اچي ويٺا هو ڌام ڌڄ سان،
    رليون پيون ٿيون مرڪن ڏسو ڀاڳ کٽ جو.

    اها جا اکين کي طراوت ٿي بخشي،
    سُجهي ڪونه اهڙو، هجي هن جي مٽ جو.


    رستا، رستن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا

    رستا، رستن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا،
    ماڻهو: شهرن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    سونا ٻنڊي جا سڀ ون چوري ٿي ويا،
    ٻيلا: لوڙهن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    ڇورا: روڳ ڏئي ويا پنهنجي ڳوٺن کي،
    پوڙها: ڳوٺن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    ڇوريون پنهنجون پيار پلي ويهي رهيون،
    ڳوڙها: ڪوٽن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    راهو جن ۾ رات، اسان کي پئجيوئي،
    تارا: تارن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    آئي جو برسات اسان کي لوڙهي وئي،
    رشتا: ٻوڏن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    چمڪا، ڪئميرائن جا هي محفل ۾،
    چهرا: فوٽن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.

    آڏو ٿان کليا پيا آهن ريسم جا،
    ڳوٽا: ٽوپن منجهه وڃن ٿا گم ٿيندا.


    آءُ مون ساڻ هڪ سفر ۾ رل

    آءُ مون ساڻ هڪ سفر ۾ رل،
    منهنجي اندر جي اجري گهر۾ رل.

    توکيپنبڙين تي مان کڻي هلندس،
    منهنجي اکڙين جي اڇڙي ٿر ۾ رل،

    زندگي قيد آ، مشقت آ،
    صبح جي آس جي سهر ۾ رل.

    عشق جي آڳ ويڙهي کڻ سرتي،
    هسن جي موهه جي اثر ۾ رل.

    هڪ ڪنو ٿي اسان جون ٻڌ ڳالهيون،
    هڪ منو ٿي شهر شهر ۾ رل.


    هر قدم آءٌ توسان گڏ آهيان

    هر قدم آءٌ توسان گڏ آهيان،
    تنهنجو سڏ ڪو، مان تنهنجو سڏ آهيان.

    آءُ تون حال خال ڀر مون کي،
    مان سڪل ڪا صدين جي کڏ آهيان.

    ماس جو لوٿرو نه چئه مونکي،
    جسم تنهنجو مان تنهنجو هڏ آهيان.

    دل پکاليءَ جي آهه ڀاڪر ۾،
    مان کليءَ جان انهيءَ سان گڏ آهيان.

    راهه جون تر ڪتاليون سمجهان ٿو،
    مان لاڏائڙن جي لڏ آهيان.


    پر ڀڳل مان پکي جان پئي اڏندو رهيس

    پر ڀڳل مان پکي جان پئي اڏندو رهيس،
    تو ۾ ترندو رهيس، تو ۾ ٻڏندو رهيس.

    تو ڏسي مون کي دڳ ئي مٽائي ڇڏيو،
    آءٌ تو تي مگر پو به ڪڏندو رهيس.

    واءُ بُج بُج ڪري مون کي اڇلي ڇڏيو،
    هن جي هن جي مان پيرن ۾ ٿڏندو رهيس.

    وقت بي وقت منهنجون اکيون ويون ٻڙيون،
    وقت بي وقت پينگهن جان لڏندو رهيس.

    منهنجي دل جي زمين هئي ۽ ٻيو مان هئس،
    زلزلا آيا ۽ مان به ڌڏندو رهيس.


    اها سنڌ آ، جيءَ جياري اسان جي

    اها سنڌ آ، جيءَ جياري اسان جي،
    ڪلفٽن اسان جو، لياري اسان جي.

    اسان جي ثقافت پياري اسان کي،
    جُڳن کان سڀيتا نياري اسان جي.

    اسان جي خوشين جا سڀئي ڏينهن سهڻا،
    دسهڙو ۽ هولي ڏياري اسانجي.

    اسان نفرتن کان گهنا ڪوهه اڳتي،
    محبت ڪئي آبياري اسان جي.

    اهي آريا ۽ دراوڙ اسان مان،
    اهي گل، انهن سان ڪياري اسان جي.

    ڏسي سونيون واليون ٻنيءَ جي ڪنن ۾،
    ٽڙي پئي ٽڙي لاهياري اسان جي.


    احمد شاڪر گائنچو

    روز! انساني وجود تي حملا ٿي ٿا...

    روز! انساني وجود تي حملا ٿي ٿا...
    روزانو، نوان شروع سلسلا ٿين ٿا!
    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا.

    وئي نينگر سنگ چٽيءَ ۾ آهي،
    هيءَ اندهيري ناهي ته ٻيو ڇا آهي،
    مير، پير کي ڪاڪل ناهي،
    هيڙا هاڃا، هيڙا فيصلا ٿين ٿا،
    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا.

    پنهنجو پاڻ ۾ ڪيڏو چاهه هيو،
    هر هڪ ٻئي جو همراهه هيو،
    سچ لئه ڏيندو هر ڪو ساهه هيو،
    ڪاٽي اڳ جهڙا هاڻي ڀرجهلا ٿين ٿا،

    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا،
    ڪٿي آصف، سرويچ ماريو ويو،
    ڪٿي خالد به گولين جو بک بڻيو،
    پشاور ۾ معصومن جو رت رهيو،
    ۽ ٿر جا نيڻ اڃان به پيا آلا ٿين ٿا!
    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا!

    دهشت جي دائري ۾ دين نه آڻيو،
    ڇا جو مسلم ڇا جو واڻيو،
    سچ جي سرحد صاف سڃاڻيو،
    ڇو سڃاڻپ ۾ انسان ڌنڌلا ٿين ٿا،
    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا.

    روزانو نوان شروع سلسلا ٿين ٿا،
    روز انساني وجود تي حملا ٿين ٿا.


    تانيا نالي نظم...!!

    تيز ايڏي تِکي،
    واءُ وانگي گُهلڻي،
    دا5 دِل جو هُن سان،
    ڪهڙو رکون!؟

    پيار جي پينگهه تي،
    ڪي گهڙيون گڏبي،
    جُهولي ته ها.
    ڪي گهڙيون گڏجي،
    پيار جي پيچرن تي،
    هلي ته ها.
    پنهنجي دُنيا کي،
    منهنجي دل ۾ دريافت،
    ڪري ته ها.
    ڀَرتِ ڀاڪرن جو،
    منهنجي ڳلي تي،
    ڀري ته ها.

    مُون تي،
    مري ته ها!
    مون تي،
    جيئي ته ها!
    هِڪ لنڱاهُوءَ،
    هُرٻي جي هُڳاءُ جيئن،
    هُري ته ها.
    اِنهيءَ عيوض اَول
    پيار پنهنجي حصي جو ڀلي،
    گُهري ته ها!

    اِنهن اِرادن تي هُوءَ،
    پُورو لهي ته ها.
    مُنهنجي مَن مُلڪَ ۾،
    اچي ته ها.
    پر،
    انهن خُواهشن ۽ خيالن کان اڳي
    واءُ وانگي هوءَ،
    وَئون وئي!
    پيار اظهار تي،
    پاڻي ڦيري وئي...!!


    خودڪشي...!

    جيون جو ڏيئو،
    اُجهامڻ کان اڳ ۾،
    خُواهشن جي پُورائي لئه،
    ڊوڪ، ڊوڙ ڊُڪندي رهي.
    ڪي رُڪاوتون راهُن ۾،
    پٿر بڻايو ڇڏين.
    مايوسيءَ جو سمونڊ،
    جڏهن ڇوليون هڻڻ شروع ٿو ڪري،
    ته سوچ جون ساريون قوتون،
    جواب ڏئي ڇڏين ٿيون!
    ته اُن وقت انسان،
    هِراسيل هرڻيءَ جين
    پاڻ کي بَنَ ۾،
    ڀٽڪيل محسوس ڪندو آهي،
    غمن جو گهيرو،
    جڏهن ٿيندو آهي،
    ته اُن وقت،
    خوشين جي برکا بجاءِ،
    سڏڪا سونها بڻجندا آهن!
    ۽ ماڻهو جڏهن مايوسيءَ سان،
    مُکا ميل ٿيندو آهي،
    ته اُن وقت ئي،
    خودڪشي جنم وٺندي آهي..!!!


    سڄي جان پنهنجي جلائي ڇڏي مون

    غزل

    سڄي جان پنهنجي جلائي ڇڏي مون،
    خُدي عشق ۾ آ مٽائي ڇڏي مون.

    سفر درِ، سفر مان اڪيلو، اڪيلو،
    سُڃاڻپ ئي پنهنجي وڃائي ڇڏي مون.

    ڪَٿا پيار واري سهيڙي، سهيڙي،
    نظرِ پنهنجي آهي کپائي ڇڏي مون.

    سهارن جي پويان ڊڪائي ڊڪائي،
    عمر پنهنجي آهي ٿڪائي ڇڏي مون.

    اڪيلائي آهي ٽِڪي پئي اڱڻ تي،
    انهي ساڻ آ دل لڳائي ڇڏي مون.


    اڪبر ڪانڌڙو

    روز اچن ٿا لاشا چچريل

    روز اچن ٿا لاشا چچريل، بي دردي سان هن ڳڀرو ماريل،
    سڄي بدن تي گهاءُ اٿن، ڪن کي گوليون ڪي هن ساڙيل،
    هر ڪو رڳو هيئن چوي ٿو، ڪير ٿو هنن کي آخر ماري،
    کنڀي کڻي گم ڪري پوءِ، تشدد ڪري ماري اڇلايل،
    حق گهرڻ ڪو ڏوهه ته ناهي، سچ جي آخر ايڏي سزا،
    ڪنهن ۾ همت اها ناهي، جو ظاهر ڪري ڏئي قاتل،
    مائن جون ٿيون جهوليون خالي، ڀينرن کان ويا ڀائر کسجي،
    ونيون ويٺيون روئن ساري، ڪونڌر ڏسي پنهنجا ماريل،
    ڳاڙها ڳڀرو جوان وڃن ٿا، ديس تان ڏيندا جان وڃن ٿا،
    پوئتي نه ٿن هٽڻ جي ڪا ٻولي، مائن جي ٿن اهڙي ٿڃ پياريل،
    اڪبر دانهون ڪجن ڪنهن وٽ، ناهي ڪنهن وٽ داد اسان جو،
    سڀ لڳن ٿا گونگا ٻوڙا، ڄڻ حاڪم آهن بوتا بڻايل.


    هت هلي ٻٽو نظام ٿو

    غريبن لاءِ هڪرو اميرن لاءِ ٻيو، هت هلي ٻٽو نظام ٿو،
    ڪرپشن ڪن ٿا آفيسر شاهي، پر ڦاسي ملازم عام ٿو،
    جنهن بنگلا، بينڪ بيلنس ٺاهي، ان کان ته پڇاڻو ئي ناهي،
    ٿيو ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي، ڪري ان کي هر ڪو سلام ٿو،
    ملڪ جو پيسو جن آهي لٽيو، چورن مان جي چوڪيدار بڻيا،
    آزاد گهمن ٿا قاتل ڦورو، بي ڏوهي جيل ڪٽي سرعام ٿو،
    غريبن کي نه ٿو حق ملي ڪو، ناهي رهيو انصاف ڪاٿي،
    هت وڏن ماڻهن جي ٿي هلي، غريب جو ته ٿئي قتلام ٿو،
    ملڪ جا ڏسو کاتا سڀئي، ڪيئن ٿي رشوت عام هلي،
    ڪوڙا سچا ڪم ٿين پيا، ٺاهي پيو ڪم تمام ٿو،
    اڪثريت تي آ اقليت قابض، بادشاهي آ ڀوتارن جي،
    امير ته ڪن ٿا عياشيون، پر بکيو سمهي عوام ٿو،
    اڪبر آخر وڃجي ڪاڏي، هٿ ڏاڍو سو آ گابو،
    امير وڃي پيو امير ٿيندو، غريب ته بڻجي غلام ٿو.


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258289
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386408
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ