ڪتاب جو نالو: تاريخ جو پڙاڏو
مصنف: واحد ڪانڌڙو
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 18 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 613 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 168 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪي ماڻهو شخصيتون ٺاهيندا آهن، ڪي ماڻهو تاريخ جوڙيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو نظرين جا فاتح هوندا آهن؛ پر سائين جي.ايم سيد، اُهو ماڻهو هو، جنهن ۾ اُهي سموريون خوبيون مِڙي مُٺ ٿيون هُيون. کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي ۽ نه ڪا تنقيد پنهنجيءَ راهه تان هٽائي سگهي. سيد جيڪي شخصيتون ٺاهيون، اُنهن به پاڻ ملهايو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اَلا شال سمجهون، مَقامِ سنائي،
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • انتساب
  • ڪنهن تولو ڏنو، ڪنهن ماسو ڏنو، ڪنهن ڪَڻو،
  • سنڌسلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • ٻه اکر
  • پوڙهو باغي
  • سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو

  • سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو
  • تعليم:
  • سماجي ۽ سياسي زندگي:
  • گانڌيءَ سان ملاقات:
  • انجمن سادات مٽياريءَ جو قيام:
  • لوڪلبورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اسڪولن جو قيام:
  • سنڌ جي ممبئي کان آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ:
  • ڪراچي ضلعي ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهڻ:
  • سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهڻ
  • ڪراچيءَ جي مختلف جماعتن جو ميمبر:
  • سنڌ جي بمبئي کان آزادي ۽ سيد جي مسلم ليگ ۾ شموليت:
  • وزارتون ملڻ کانپوءِ ادارن جو بنياد وجهڻ:
  • الهه بخش سومري جي شهادت:
  • پهريون ڀيرو نظربند ٿيڻ:
  • پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو قيام:
  • متحده محاذ جي پليٽ فارم تان چونڊجي اچڻ
  • ائنٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪرڻ
  • بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد:
  • مارچ 1967ع واقعو ۽ ايوبي آمريت
  • سنڌ متحده محاذ جو قيام:
  • ون يونٽ جو ٽٽڻ:
  • جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وجهڻ
  • لاڏاڻو:
  • اولاد:
  • سائين جي. ايم. سيد جا ڪتاب
  • اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:
  • انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:
  • سائين جي.ايم سيد کي منظوم ڀيٽا

  • مَقتِلَن جي ڀِتيَن تي پَڙهين ٿو ته پَڙهه،
  • مرد مهانُ بچائي ڏي
  • هڪ سن جو سيد وارث آ،
  • فڪر جيئينم سيدَ جو
  • ڇا ته شخص هو...
  • سائين جيئيم سيد جي نالي
  • ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو

  • اَلا شال سمجهون، مَقامِ سنائي،

    اَلا شال سمجهون، مَقامِ سنائي،
    اسان جي سُڃاڻپ جنهن آ ڪرائي،
    رکي ڪين ڪنهن لاءِ مَن ۾ مدائي،
    سدا جنهن جي سيني ۾ سڀ لاءِ سڻائي،
    سڄي عُمر اَرپيائين، سنڌ ۽ سنڌين کي،
    اِهو آهي ’آسي،‘ اسان جو سنائي.
    (آسي زميني)


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو: تاريخ جو پڙاڏو
    موضوع: تعارفي خاڪو
    ترتيب: واحد ڪانڌڙو
    ڇاپو: پهريون 2017ع
    ڳاڻيٽو: 1000
    ڪمپوزنگ: نظير چانڊيو
    ٽائيٽل: عرفان ميمڻ
    ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
    قيمت: /100


    انتساب

    انتساب
    سائين جي.ايم سيد جي پوٽي
    سيد ضياءُ شاهه جي نالي

    - واحد ڪانڌڙو


    ڪنهن تولو ڏنو، ڪنهن ماسو ڏنو، ڪنهن ڪَڻو،

    ڪنهن تولو ڏنو، ڪنهن ماسو ڏنو، ڪنهن ڪَڻو،
    گهڻن کان گهڻو، سيد ڏِنو سنڌ کي.
    - ڄام نظام ڌامراهو 


    سنڌسلامت پاران :

    سنڌسلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تارخ جو پڙاڏو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي محسن شخصيت، سياستدان، فلسفي ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جيون خاڪو آهي، جنهن تي تصحيح ۽ ترتيب واحد ڪانڌڙو صاحب ڪئي آهي.
    ڪي ماڻهو شخصيتون ٺاهيندا آهن، ڪي ماڻهو تاريخ جوڙيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو نظرين جا فاتح هوندا آهن؛ پر سائين جي.ايم سيد، اُهو ماڻهو هو، جنهن ۾ اُهي سموريون خوبيون مِڙي مُٺ ٿيون هُيون. کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي ۽ نه ڪا تنقيد پنهنجيءَ راهه تان هٽائي سگهي. سيد جيڪي شخصيتون ٺاهيون، اُنهن به پاڻ ملهايو.
    واحد ڪانڌڙي، سائين جي.ايم. سيد جي جيون خاڪي کي ترتيب ڏئي، ”تاريخ جو پڙاڏو“ جي نالي سان هيءُ ڪتابچو ڇپرايو آهي، اهو اسان جي عام ماڻهوءَ لاءِ سائينءَ جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
    هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري علينواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    او منهنجا سائين، منهنجا رهبر! توهان هي ڪهڙو خواب ڏٺو، بظاهر ته گُلاب جي گُلن جي خوشبوءِ هو، پر اُن جي ساڀيان لاءِ اهو ڪهڙو عذاب هو، جيڪو تو نه سَٺو! عشق جو امتحان شروع ٿي ويو، جيلن جا دَر کُلي ويا، نظربنديءَ جا حُڪمناما، تقرير ۽ تحرير تي بندش، ڪتابن تي پابنديون، هُنن جي طرف کان صرف ۽ صرف حُڪم هُئا، پر تو پنهنجا نيڻ بند ڪري، پنهنجي محبوب قوم جي آزاديءَ لاءِ سڀ ڪجهه سَٺو، ڪڏهن ڪنهن کان شڪايت نه ڪئي. تو پنهنجي خواب جي معصوم پکيءَ کي وقت جي بازن کان لڪايو. اهو سپنو، جيڪو مظلوم ماڻهن جي نيڻن جو تو وٽ امانت هو. جنهن جنهن ڏٺو، تنهن سَٽُ ۾ سِرُ ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
    او منهنجا سائين، سن جا سائين، سنڌو درياهه جي ڪناري وٽان، پاڻيءَ تو ٻُڪ ڀري، هن غلاميءَ جي اُڃاريءَ قوم جي اُڃ لاهڻ لاءِ، هر هر کڻي اچڻ جي ڪوشش ڪئي. لڪيءَ جا جبل توکي ڏسي رهيا هُئا، شاهدي ته رني ڪوٽ به ڏيندو، پر منهنجا سائين! تنهنجو خواب محڪوم ماڻهن جي نيڻن ۾ سمائجي چُڪو آهي، هن مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ تُنهنجي رُوح جو هُڳاءُ آهي. سن جا سائين! تُنهنجي معصوم عشق جو پڙاڏو، صدين پُڄاڻا تاريخ جي هر دَور ۾ سڏ کي سڏ ڏيندو رهندو. هي ’تاريخ جو پڙاڏو‘ تاريخ جي ورقن مان هڪ گُل جي صورت ۾ آندو اٿم، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان تُنهنجي عاشقن کي قبول پوي.

    تاريخ خادمِ سنڌ
    3 جنوري 2017ع واحد ڪانڌڙو


    ٻه اکر

    ٻه اکر

    انسان جي زندگيءَ جو فڪري محرڪ سوچ آهي، انسان جڏهن سوچڻ شروع ڪري ٿو ته اُن جي سامهون ڪيترائي مسئلا ڪر کڻي جاڳن ٿا، ۽ جڏهن انسان اُنهن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ته فيصلي ڪُن گهڙيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو.
    جڏهن انسان فيصلو ڪرڻ تي اچي ٿو ته هُو ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان بنيادي طور هڪ سوچيندڙ جِيو آهي؛ پوءِ اُها سوچ اجتماعي هُجي يا انفرادي؛ سماجي هُجي يا قومي. سوچ جو عمل جيئن هلندو رهي ٿو، تيئن اُن ۾ نوان خيال جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي نتيجا حاصل ٿين ٿا.
    )ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)
    ٻوهيي صاحب جي مٿين نُڪتن جي روشنيءَ ۾ سائين جي.ايم. سيد جي زندگيءَ جي سڀني پاسن کي ڏسجي ته، سائين جي.ايم. سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو. سندس سوچ انفرادي نه، پر اجتماعي هُئي؛ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن، پر سائين ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو، سندس سوچ ۽ لوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي، هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا؛ سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين، پر سوچ ۽ فيصلن ۾ تبديل نه ٿيا ته سندن مضبوط ارادا، تبديل نه ٿيو ته سندس نظريو. اهڙيءَ ريت سائين جي.ايم. سيد جي زندگي، عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين عوام جي هُجومن ۾ رهيو، ۽ عوام سان گڏ رهيو.
    هڪڙو وقت هو، جڏهن پير، مير، وڏيرا ڀُٽي جي سحر ۾ ورتل هُئا. اُن وقت سنڌ جو شعور سيد سان بيٺل هو، ڇاڪاڻ ته سيد اُنهن جي رُوح جي ڳالهه ڪئي هُئي. اُنهن جي احساسن کي زبان سيد ڏني هُئي. ورهاڱي وقت جڏهن سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي هڪڙي وڏي آبادي، سنڌ کان لڏي هند هلي وئي هُئي، اُن وقت سيد ئي اُهو ماڻهو هو، جنهن اُن کوٽ کي محسوس ڪندي ’ادب ڇو ۽ ڇالاءِ‘ جهڙو فڪري مضمون لکيو ۽ اُن ۾ ادب جي سڀني پاسن تي تفصيلي لکيو ۽ اديب جي ڪردار کي پڌرو ڪيو. نه فقط ايترو پر سيد اُهو پهريون ماڻهو هو، جنهن شاهه لطيف جي قومپرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ واري پاسي کي ’پيغامِ لطيف‘ جهڙو ڪتاب لکي نِروار ڪيو. اهڙيءَ طرح سائين جي.ايم. سيد ’قومي ڪلچر‘، ’سنڌ جا سُورما‘ ۽ ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ جهڙا فڪري ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن کي هڪڙو دڳ مُهيا ڪري ڏنو، اُن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي شعور کي اُڀارڻ ۽ اُن کي سنئين دڳ تي آڻڻ وارو پهريون ماڻهو سائين جي.ايم سيد آهي.
    اڪثر چيو ويندو آهي ته قومي تحريڪ نتيجا حاصل نه ڪري سگهي آهي؛ پر آءٌ فقط ايترو چوندس ته جي قومي تحريڪ نتيجا حاصل نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ ماڻهو حق گُهرڻ لاءِ روڊن تي ڪيئن آيا؟ پاڻيءَ جي کوٽ هُجي يا بجليءَ جي اکٻوٽ هُجي؛ هر وقت سنڌي ماڻهو احتجاج ڪري ٿو. نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ تي سنڌي ماڻهو اقتدار جي مسند تي ويٺلن جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ٿو. ايوانِ صدر ۾ ويٺل ماڻهو به اڄ اهو چوي ته مون کي اُن ڪري برداشت نه ٿو ڪيو وڃي، جو آءٌ سنڌي صدر آهيان. ڇا اِها جي.ايم سيد جي نظريي جي فتح ناهي؟ ڇا اِها قومي تحريڪ جي محنتن جو نتيجو ناهي؟ دنيا جو ڪهڙو اهڙو مُلڪ آهي، جنهن چند ڏينهن ۾ آزادي ورتي هُجي؟ ڪڏهن ڪڏهن جدوجهد جا مرحلا صدين تائين هلندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن آزاديءَ جي خوبصورت مومل ٻيو نسل ماڻيندو آهي. بنيادي ڳالهه هوندي آهي غلاميءَ کي سمجهڻ جي، غلاميءَ کي نندڻ جي، غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي؛ ۽ جدوجهد جا اُهي طريقا اسان کي جي.ايم سيد سيکاريا آهن. غلامي ۽ آزاديءَ جي فرق کان اسان کي جي.ايم سيد واقف ڪيو آهي. سيد ڪو سياستڪار نه هو، جو هُو صرف اليڪشن جي لاءِ سوچي، پر هُو رهبر هو، مفڪر هو، ۽ مفڪر ايندڙ نسلن جي لاءِ سوچيندا آهن. هُو اُنهن نسلن جي لاءِ اهڙو خوبصورت باغ پوکي ويندا آهن، جنهن جو ميوو کائيندي هُو سرهائي محسوس ڪري سگهن، لذت ماڻي سگهن. سيد ايندڙ نسلن جي سوچ پنهنجي ذهن ۾ رکي، اقتداري سوچ کان پاسيرو ٿيو ۽ ايندڙ نسل جو ڳاٽ فخر سان اُوچو ڪرڻ خاطر جيل جون صعوبتون سٺائين ۽ نظربنديون ڀوڳيائين.
    سائين جي.ايم سيد، جيتري سنڌ سان محبت ڪندو هو، سنڌي ماڻهو به ساڻس اوتري محبت ڪندا هُئا. ٻهراڙين جا عام ماڻهو کيس ’جيئينم‘ ڪوٺيندا هُئا، جنهن جي معنيٰ آهي ’سدائين جيئي‘ حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجو ’استاد‘ مڃيندڙ سيد کي بنگلاديش جي عظيم اڳواڻ شيخ مُجيب ’رهبر‘ جو خطاب ڏنو هو، ۽ پاڻ کي سيد جو سياسي شاگرد سڏائيندو هو. اُهو حشو، جنهن کان جڏهن سنڌ ڇڏائي وئي هُئي ته هُو ڄڻ بيگانو ٿي ويو هو، ڀارت جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندڙ حشو ماڻهن کي چوندو هو ته، سنڌ اهڙي ماڻهو کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اسان کي ٻيهر سنڌ وٺي ويندو. پر اُن حشوءَ جو هند ۾ اُهو قدر نه ٿي سگهيو ۽ هُو رولاڪين ۾ ڀٽڪندي اوچتو گُم ٿي ويو. اهڙيءَ ريت سيد کي پهريون ڀيرو ’سائين‘، جديد سنڌي شاعريءَ جي باني شيخ اياز ڪوٺيو هو، ۽ پوءِ واقعي هُو سڄي سنڌ جو سائين ۽ رهبر بڻجي ويو. محمد امين کوسو پنهنجي هر خط ۾ سيد کي ’مُحبيم‘ (مُنهنجا محب) لکندو هو ۽ سائين جي.ايم سيد هر قومي ڪارڪن کي خط جي جواب ۾ ’مُحبيم‘ لکندو هو.
    وقت ۽ حالتون انسان کي گهڻو ڪُجهه سيکاريندا آهن. سائين جي.ايم سيد به حالتن کان گهڻو ڪُجهه سِکيو هو ۽ هُن انهن مرحلن مان گُذرندي، سنڌ جي ڄڻ ته حقيقي تصوير جوڙي ورتي هُئي؛ جنهن لاءِ هن پنهنجي مجازي عشق جي به قُرباني ڏئي ڇڏي هُئي ۽ سڄي زندگي ’آزاد سنڌ‘ جا خواب اکين ۾ سانڍي رکيا هُئائين. کيس پُورو ويساهه هو ته سنڌ ضرور آزاد ٿيندي ۽ اُنهيءَ آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي، هُن تنقيدن جا تير به سَٺا، ڪوڙيون فتوائون به ٻُڌيون، دوستن جون دغابازيون به برداشت ڪيون، پر پنهنجي نظريي تان هڪ پَل لاءِ به نه ٿِڙيو. اهو سندس عشق جو ڪمال هو.
    ڪي ماڻهو شخصيتون ٺاهيندا آهن، ڪي ماڻهو تاريخ جوڙيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو نظرين جا فاتح هوندا آهن؛ پر سائين جي.ايم سيد، اُهو ماڻهو هو، جنهن ۾ اُهي سموريون خوبيون مِڙي مُٺ ٿيون هُيون. کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي ۽ نه ڪا تنقيد پنهنجيءَ راهه تان هٽائي سگهي. سيد جيڪي شخصيتون ٺاهيون، اُنهن به پاڻ ملهايو، آءٌ سمجهان ٿو، سنڌ جي اندر جيتري تنقيد سائينءَ تي ڪئي وئي، ايتري ٻئي ڪنهن تي شايد ئي ٿي هُجي! اڄ جڏهن شعور جون ڏياٽيون ٻرڻ لڳيون آهن ته اُهي سمورا نقاد کيس پنهنجو رهبر تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. سائين جيڪي به فيصلا ڪيا، سي وقتائتا ڪيا؛ جيتوڻيڪ چيو ويندو هو ته سيد وقت کان اڳ ۾ ’آزاديءَ جو نعرو‘ ڏنو. اُن حوالي سان واضح ڪندو هلان ته ون يونٽ جي دَور ۾ جڏهن سائينءَ ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘ جو بنياد وڌو هو ته، حيدر بخش جتوئي سميت سڀني اُن جي مخالفت ڪئي هُئي ته هن قهري دور ۾ اهڙي ڳالهه ڪرڻ، سواءِ نقصان جي ٻيو ڪُجهه به پلئه نه پوندو! پر اُتي موجود شيخ اياز چيو هو ته ’سيد جو وقتائتو فيصلو آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين فوجين کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، تيستائين هيءَ تحريڪ گهڻو اڳتي نڪري چُڪي هُوندي،‘ پوءِ وقت ثابت ڪيو ته ’بزمِ صوفياءِ سنڌ‘، سنڌ ۾ هڪڙي اهڙي شعور کي اُڀاريو، ۽ فڪر جي اهڙي لاٽ ٻاري، جو اُن کي وِسائڻ، فوجين جي وس ۾ ئي نه رهيو. ساڳئي طريقي سان سائينءَ جڏهن ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ لکيو هو، تڏهن به اڪثريت راءِ اها هُئي ته هي ڪتاب هن وقت نه لکڻ گُهربو هو. نتيجي طور اُهو ڪتاب ڇپيو ۽ بندش به پئي، پر تاريخ سيد جي اُونهيءَ سوچ جو اڀياس ڪري ڇڏيو آهي، جو اڄ اُهو ئي ڪتاب سنڌي، اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپجندو رهي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن ان ڪتاب جي اهميت وڌندي رهي ٿي. ڪالهه تائين ’جيئي سنڌ‘ جو نعرو، موت جو وارنٽ هو، پر اڄ اسيمبليءَ ۾ به ’جيئي سنڌ‘ جي نعري جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته جماعت اسلاميءَ جي جلسن ۾ به جيئي سنڌ جو نعرو ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. ان مان ثابت ٿيو ته سائين، هتان جي سسٽم کي سمجهي چُڪو هو، اُن ڪري هُن هر فيصلو سوچي سمجهي پئي ڪيو. هُن چاهيو ٿي ته اِهي سڀ ڳالهيون هُنن کان هضم ڪرائبيون ۽ پوءِ آهستي آهستي ماڻهو پاڻهي اصل مقصد ڏانهن موٽ کائيندا.
    ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جا اعلان اڄ کڻي ڪير به ڪري، پر ثقافت کي اُجاڳر ڪرڻ وارو سيد ئي آهي، اڄ جي سڄي سنڌ ٽوپي اجرڪ تي جُهمريون ٿي هڻي ته اِهو ٻج به سيد جو ڇٽيل آهي. اِها سيد جي سوچ ۽ نظريي جي ڪاميابي آهي. سيد لاءِ چيو ويندو هو ته هُو دهريو آهي، پر هُن جي زندگيءَ جو جائزو وٺجي ته سائينءَ جهڙو مُتقي ۽ پرهيزگار ٻيو ڪو ڪونه هُوندو، سائينءَ جا خطبا پڙهي ڏسجن، اُنهن ۾ ’قرآن پاڪ جون آيتون‘ موجود آهن، ۽ ٻين مذهبن جي تعليمات جا به عڪس موجود آهن، جن جي سائينءَ تشريح پڻ ڪئي آهي. سائين، ڪارڪنن سان اولاد کان به وڌيڪ پيار ڪندو هو. اڄ ڪو هڪڙو اهڙو ليڊر ڏيکاريو، جيڪو اهڙو عمل ڪندو هُجي!
    اُن ڪري سائين جي.ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته اُن جي جيون ۾ جهاتي پائڻي پوندي، سندس زندگيءَ ۽ عمل کي پرکڻو پوندو.
    اسان جي دوست واحد ڪانڌڙي، سائين جي.ايم. سيد جي جيون خاڪي کي ترتيب ڏئي، ”تاريخ جو پڙاڏو“ جي نالي سان هيءُ ڪتابچو ڇپرايو آهي، اهو اسان جي عام ماڻهوءَ لاءِ سائينءَ جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. جيتوڻيڪ هيءُ جيون خاڪو اڳ ۾ به انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ڇپيل آهي، [۽ اُن جي تياريءَ ۽ نظرثانيءَ جو ڪم ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي جو هو، بلڪ اُن جو %75حصو تاج جويي جو ئي لکيل آهي.] پر واحد ڪانڌڙي، اُن کي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهائي، هن ڪتابچي جي صورت ۾ آڻي آساني پيدا ڪئي آهي، ان لاءِ هُو جس لهڻي.

    تاريخ نواز آريسر
    22 ڊسمبر 2016ع حيدرآباد


    پوڙهو باغي

    پوڙهو باغي
    شيخ اياز

    هِي جو پوڙهو جُهورُ، وِڙهندي ٿِيو ويڙهه ۾،
    اَڃا ڏَمري ڏَاڍَ تي، آڻ نه مڃي مُورُ،
    سوچي ڏِسي ڏُور، اِيندڙ آرڻَ ڏِنهڙا.
    -
    اَڃا آهن مُڙسَ جا، ڏُونگر تي ڏيرا،
    سدا هُن جا سوچَ ۾، پيشانيءَ پيرا،
    سَانجهيءَ جِي ويرا، سِجُ لَهي ٿو لَڪ ۾.
    -
    لَڪَن مٿان سجَ جُون، پويُون پَرڇايُون،
    سُري آيَس سارَ ۾، ٻانهِيُن سان ٻايُون،
    جِن سَان سَجايُون، ڪيئي جوڀَن رَاتِڙيُون.
    -

    لَڪَن مَٿان سِجَ ۾، ڪنهن جِي، ڪنهن جِي سارَ!
    ڪيئي سَاٿِي سَچَ جا، ڪُلهي ڪوڏيا يارَ،
    وِڙهندي جن جا ويڙهه ۾، اَڇَا ٿِيا وارَ،
    اَڙي موتَ مَيارَ! جيڏو روزُ جُدا ڪَرِين!
    -
    سوچي ٿو بَارُود سان، روز ڀَري جهولِي،
    شال ڪڏهن بندوق مان، گُسي نه گولِي،
    اَنيائِي ٽولي، مَرڻِي آهي مُون هَٿان.
    -
    جِئن هُو جُهونو کير ٿَرُ، هي به اِيئن اسٿَرُ،
    پَڪِي پِيڙهه پَهاڙَ کي، ڌرتيءَ ۾ آڌَرُ،
    آهي ڄَڻُ ته اَمَرُ، بيٺو جهلي جَهڪَ ۾!


    سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو

    سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو

    سائين جي.ايم سيد جو جيون خاڪو

    سـنڌ جـي محـب وطـن قومپرست اڳواڻ، عالم ۽ اديب، سائين جي. ايم. سيد جو شمار، ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي اهم قومي سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌ جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي. هن سڄي ڄمار پنهنجي تحريرن، عمل ۽ جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ذهني رهبري ۽ قومي اڳواڻي ڪئي.
    جي. ايم. سيد جو پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد محمد شاهه آهي، سندس والد بزرگوار انگريز دَور جو هڪ ارڏو شخص ۽ زميندار ٿي گذريو آهي، جنهن تي سڄي عمر انگريزن جي ڪَڙي نظر رهي ۽ شهر ۾ هُن جي چُرپُر تي نظرداريءَ لاءِ چَٽِي پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. سندس خاندان، ڪاظمي سيدن جي قبيلي مان، سنڌ جي مشهور مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي جي سنائي شاخ سان تعلق رکندڙ آهي.
    مٽياري سيدن منجهان ٽن شخصيتن جا سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي وڏا اثر رهيا آهن: هڪ سيد حيدر شاهه سنائي، جنهن سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول جي رهبريءَ هيٺ ميران محمد جونپوريءَ سان درياهي جنگ ڪري، کيس ڪابل ڀَڄڻ تي مجبور ڪيو هو. ٻيو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ٽيون بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جي صدين جي ساڃاهه جو اهڃاڻ، سنڌ جي جديد قومي تشڪيل جي علامت ۽ سنڌ جو قومي شاعر آهي.
    سائين جي. ايم. سيد، سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو چوڏهون نمبر سجاده نشين هو، سندس جنم اڳوڻي دادو ضلعي ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي تاريخي شهر سن ۾، 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو. هي پنهنجي والد سيد محمد شاهه جو ٻيو نمبر فرزند هو، اڃا 16 مهينن جو مس ٿيو، ته سندس والد، خانداني جهيڙي جي ڪري، 1 نومبر 1905ع تي شهيد ٿيو، سندس وڏي ڀاءُ سيد احمد شاهه 11 مهينن کان پوءِ 29 نومبر 1906ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن ننڍڙي سيد کان سواءِ سڄي ڪُٽنب ۾ ڪو به مرد ماڻهو نه بچيو هو. جيڪو سندس سنڀال ڪري. اُن ڪري هن جي سنڀال سندس ٽن پُڦين، ٻن مائرن ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. خاندان ۾ ملڪيت جي سنڀال لاءِ ڪو به مرد نه هئڻ ڪري، سندس سڄي ملڪيت اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان ’ڪورٽ آف وارڊس‘ جي سنڀال هيٺ، 1905ع کان 1921ع تائين رهي، جتان گذر معاش لاءِ معمولي رقم ملڻ سبب اڪثر، ڪارا ڪمدار ۽ نوڪر (پگهار نه ملڻ ڪري) ڪم ڇڏي ويا.
    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي خانداني صورتحال ڏسندي، ننڍڙي هوندي ئي شادي عزيزن مان سيد ميرحسن شاهه ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ، بيبي مريم سان، 20 اپريل 1910ع تي، ڇهن سالن جي عمر ۾ ڪرائي وئي، ان وقت سندس بيبيءَ جي عمر 9 سال هئي.


    تعليم:

    تعليم:
    سائين جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهيو. ان کان پوءِ سن جي ملا مڪتب ۾ قاضي فقير محمد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، پر ٿوري وقت بعد جنوري 1913ع ۾ ٻيهر سنڌي اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان بعد ماستر ريواچند وٽ پڙهيو، جتان چار درجا پاس ڪرڻ بعد هيڊماستر وسڻ مل ٻالچند وٽ پنج درجا پاس ڪري ڇهين ۾ آيو. شهر ۾ وڌيڪ تعليم جو انتظام نه هئڻ ڪري آخوند ميان سمن ولد محبوب ميمڻ وٽ قرآن شريف ناظره پڙهڻ ويٺو. ان سان گڏ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد هاشم احمد ميمڻ سن واري وٽ ورتائين. ان دوران ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو ۽ ڪجهه وقت ماستر نارائڻ داس وٽ به انگريزي پڙهيو. ان بعد مولوي الهه بخش دادوءَ واري کي گهرائي، وٽس وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪيائين. ان ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جي. ايم. سيد ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو ته جيئن سندس ساٿي به ساڻس گڏجي پڙهي سگهن. مدرسي ۾ مولوي محمد سيال دادوءَ واري وٽ پڙهيو ۽ پوءِ ڪوشش ڪري سن ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪرايائين. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ ننڍپڻ کان وٺي سماجي خدمت ۽ تعليم لاءِ وڏو چاهه هو.


    سماجي ۽ سياسي زندگي:

    سماجي ۽ سياسي زندگي:
    سائين جي. ايم. سيد 15 سالن جي عمر ۾، 1919ع کان پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سڀ کان اڳ هن سن شهر ۾ هڪ سماجي انجمن ’المسلمين‘ نالي قائم ڪري، ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ سماجي سُڌارن جا ڪم شروع ڪيا، ماڻهن کي واپار ڏانهن مائل ڪيو ۽ پوليس بدران اوطاقن ۽ مسجدن ۾ سماجي فيصلن جو رواج وڌو.
    7، 8، 9 فبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي جي ڪوششن سان سنڌ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت پير رشدالله شاهه جهنڊي واري ڪئي، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا اڳواڻ آيا هئا. جي. ايم. سيد به ان اجلاس ۾ مخدوم معين الدين کنيارين واري ۽ سيد اسدالله شاهه ٽکڙائيءَ سان گڏجي شريڪ ٿيو. ڪانفرنس کان موٽڻ بعد سن شهر ۾ 17 مارچ 1920ع تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ نور محمد، شيخ عبدالعزيز سکر وارو، مولوي محمد سليمان ٿرڙي محبت وارو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس کان اڳ، انگريز ڪمشنر مسٽر ٽامس ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي کيس چوائي موڪليو ته هو هن ننڍيءَ عمر ۾ سياست ۾ نه گهڙي ۽ ڪانفرنس ملتوي ڪرائي، ٻيءَ صورت ۾ سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هئڻ ڪري کيس ملندڙ رقم بند ڪئي ويندي. پر جي. ايم. سيد انڪار ڪيو ۽ ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ ڪيترن مقامي زميندارن ڪمشنري درٻار جي ڪرسين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ ترڪن جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا. هن 19 مارچ تي ترڪن سان نـاانـصـافـيـن خـلاف سڄي سنڌ وانگر سن شهر ۾ به مڪمل هڙتال ڪرائـي. ان کان پوءِ هن 25 مارچ 1920ع تي مخدوم بلاول جي درگاهه تي سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ اڪثر ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو.


    گانڌيءَ سان ملاقات:

    گانڌيءَ سان ملاقات:
    سائين جي. ايم. سيد جي مهاتما گانڌيءَ سان، 27 اپريل 1921ع تي سن ريلوي اسٽيشن تي ملاقات ٿي، جڏهن گانڌيجِي، حيدرآباد کان دادو وڃي رهيو هو. 19 مئي 1921ع کان هن کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ۽ شهر ۾ کاڌِي تيار ڪرڻ جا آڏاڻا قائم ڪرايائين. سندس اباڻي زمين ڪورٽ آف وارڊس ۾ هئڻ سبب سرڪار ناراض ٿي، جي. ايم. سيد جي گذرمعاش لاءِ مقرر رقم بند ڪري ڇڏي ۽ کيس سياست ۾ حصي نه وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر هيءُ نه مُڙيو ۽ 1923ع تائين ان ۾ حصو وٺندو رهيو. کيس ان ڏس ۾ معاشي ۽ سماجي طرح ڪافي تڪليفون آيون.


    انجمن سادات مٽياريءَ جو قيام:

    انجمن سادات مٽياريءَ جو قيام:
    مارچ 1922ع ۾ هن مخدوم ظهيرالدين (هالا)، سيد حاجي اسدالله شاهه (ٽکڙ)، پير مولانا غلام مجدد سرهندي (مٽياري)، پير تراب علي شاهه راشدي ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ جي سيدن ۽ پيرن جي فيڊريشن ٺهرائڻ جي تجويز تيار ڪئي، ته جيئن انهن مان بد رسمن، فضول خرچين، جهالت، مريدن کان نذر نياز وٺڻ ۽ سرڪاري لقب وٺڻ واريون بدعتون ختم ڪري سگهجن. ان ڏس ۾ سنڌ جي مٽياري سيدن جي پهرين ڪانفرنس 16، 17، 18 مارچ 1924ع تي سن ۾ سڏائي، انجمن سادات مٽياري قائم ڪرايائين.
    سائين جي. ايم. سيد جي زمين 8 اپريل 1924ع تي ڪورٽ آف وارڊس مان آزاد ٿي.
    هن 18 ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت ۾ مرحوم نور محمد لاکير، سيد ميران محمد شاهه، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ ٻين جي مدد سان، سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي.


    لوڪلبورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اسڪولن جو قيام:

    لوڪلبورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اسڪولن جو قيام:
    پهرين جون 1925ع تي سائين جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو. هن خانبهادر ولي محمد حسن علي آفنديءَ کي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن ۽ شيخ عبدالحق کي جيڪب آباد مان گهرائي، ضلعي اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر ڪري رکايو ۽ ضلعي جي تعليم کي وڌايو. سن ۾ انگريزيءَ جا اي. وِي ڪلاس، ڇوڪرين جو اسڪول، نائيٽ اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرايائين ۽ اسٽيشن کان ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهرايائين.
    اهڙيءَ طرح ضلعي لوڪلبورڊ ۾ رهي، ٺٽي ۾ به تعليمي ۽ سماجي ڪم ڪرايائين. جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي (ان وقت ٺٽو ۽ دادو ضلعا اڃا نه ٺهيا هئا) جي آبادگار ۽ زميندار طبقي جي سُڌاري لاءِ ڪراچي ضلعي جي زميندار ۽ آبادگار ايسوسئيشن ٺهرائي، جنهن جو صدر سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول وارو، جنرل سيڪريٽري محمد جعفر خواجو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي. ايم. سيد ٿيو، جنهن جي مکيه مقصدن ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ لووَر سنڌ جي آبپاشي بهتر بنائڻ لاءِ الڳ لووَر سنڌ بئراج ٺهرائڻ ۽ اڳين واهن جو سُڌارو ڪرائڻ شامل هو.
    1926ع ۾ جي. ايم. سيد سيٺ حاجي عبدالله هارون کي هندستان جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌ مان ميمبر چونڊرائڻ ۾ مدد ڪئي.
    1927ع کان هن سن شهر ۾ شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي عام ماڻهن جي تعليم ۽ سماجي سُڌاري لاءِ ڪانفرنسن سڏائڻ جو رواج وڌو، جن ۾ وقت جا وڏا عالم شريڪ ٿيندا هئا. اهو سلسلو 1929ع تائين هليو، جنهن کان پوءِ ان کي ميران محمد شاهه جي مشوري سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي 1930ع کان تبديل ڪيو ويو، جنهن اڳتي هلي ڀِٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي صورت حاصل ڪئي.
    1928ع ۾ سائين جي. ايم. سيد شاهه حيدر سنائيءَ جي سالياني ميلي تي تعليمي ۽ سماجي ڪانفرنس سڏائي ۽ اُن موقعي تي سن پرائمري اسڪول لڳ ٺهرايل دروازي جو نالو ”باب قليچ“ رکرايو، جنهن جو افتتاح ميران محمد شاهه ڪيو. ان ئي سال ميران محمد شاهه کي بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊائڻ ۾ مدد ڪيائين. ساڳئي سال هن جمشيد نسروانجي مهتا ۽ خانبهادر عزيز خان، ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽوِ سوسائٽيز سان گڏجي ڪوآپريٽوِ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ اٺن سالن تائين سنڌ ڪوآپريٽوِ بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر، ڪانگريس ڪميٽي سنڌ جو صدر، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو ميمبر، مسلم جمخاني ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽيِءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. 1928ع ۾ لوڪلبورڊ جو ٽرم پورو ٿيو ته نومبر جي نين چونڊن ۾ راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل جهڙي با اثر ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمئن چونڊيو. هن هڪدم ضلعي ۾ ڳوٺ سڌار پروگرام تيار ڪري، ماڻهن جي سڌاري ۽ حالتن جي جائزي لاءِ گشت ڪيو. ڪراچي ڳوٺ سڌار هلچل جو بنياد رکي، ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سروي ڪرايائين. ان سان گڏ اڇوتن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪم ڪيائين.



    سنڌ جي ممبئي کان آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ:

    سنڌ جي ممبئي کان آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ:
    1928ع کان سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته سيد صاحب ان ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون:
     ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ
    حيدرآباد ۾ علامه يوسف علويءَ جي صدارت هيٺ
     ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي صدارت ۾ هيٺ
    جن ۾ نه رڳو حصو ورتائين، پر سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به ڪم ڪيائين. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۾ به ڪم ڪندو آيو. جڏهن انگريز سرڪار هندستان جي حالتن جي سڌاري لاءِ سر جان سائمن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميشن موڪلي ته جي. ايم. سيد ڪانگريس ۽ آزاد خيال سياسي ڪارڪنن سان گڏجي، ’گــو ســائمـن گــو‘ (Go Siman Go) تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو.


    ڪراچي ضلعي ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهڻ:

    ڪراچي ضلعي ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهڻ:
    10 جنوري 1929ع تي جي. ايم. سيد ڪراچي ضلعي ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهرايو. ان ئي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي ڳوٺ سڌار جماعت ٺهرايائين، ڪوآپريٽوِ انسٽيٽيوٽ ۽ ڳوٺ سڌار جماعت جو صدر جمشيد نسروانجي مهتا ۽ جنرل سيڪريٽري پاڻ ٿيو. ان جو مقصد ڳوٺاڻا رستا ٺهرائڻ، زناني ۽ مرداڻي تعليم کي زور وٺرائڻ، مڪاني هنرن جي ترقي، صفائي ۽ صحت جو انتظام، سماجي سڌارا آڻڻ هو. 1929ع ۾ ئي سيد صاحب ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ سماجي شعور، ٻارن جي سنڀال ۽ پرورش، داين کي ويم لاءِ تربيت ڏيڻ ۽ زالاڻن هنرن جي ترقيءَ وغيره لاءِ ’رورل وومين ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ ٺهرائي، جنهن جي صدر مسز هومي مهتا ۽ سيڪريٽري رڪمڻي آڏواڻي ٿي. هي عورتون ميجڪ لينٽرن، دوائون ۽ رانديڪا کڻي ڳوٺن جي زالن سان رابطي ۾ آيون.
    جون ‏1930ع ۾ ڪراچي ضلعي جي مالوندن جي ڪانفرنس ڪوٺائي سندن ائسوسيئيشن ٺهرايائين، جنهن جو جنرل سيڪريٽري جي. ايم. سيد ۽ صدر حاجي مير محمد بلوچ مقرر ٿيا. ان ئي عرصي ۾ ڪراچي ضلعي جي ميربحرن جي ايسوسيئيشن قائم ڪرائي، مڇي ۽ پَلي جا ٺِيڪا، ميربحرن کي ڏياريائين ۽ سمنڊ جي مڇيءَ کي نيڪال ڪرايائين. 1930ع ۾ مدرسي هاشميه سجاول جو ٽرسٽي ٿي ڪم ڪيائين.


    سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهڻ

    سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهڻ

    1930ع ۾ ئي ميرپورخاص ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد وجهرايائين، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال جي. ايم. گوڪلي چونڊيو ۽ اُن جو سيڪريٽري ڄيٺمل پرسرام ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد چونڊيا ويا. جي. ايم. سيد سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ 1954ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندو آيو. ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ کان وٺي هارين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترا ڪم ڪيائين. ان عرصي دوران هو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ به سرگرم رهيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست بابت پروگرام ڪرايائين.
    مئي 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي اهم قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ انگريزي اخبار ڪڍڻ جو سوچيو ويو ۽ هڪ وفد سان گڏ محمد علي جناح سان ملي کيس سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ گذارش ڪيائين. ان ڏس ۾ نومبر ۾ ٻي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي شرڪت ڪئي.
    1931ع ۾ خان عبدالغفار خان سان ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ خالق ڏني هال ۾ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ جي پليٽفارم تان سخت تقريرون ڪيائين. 1931ع ۾ ئي سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگهه جي يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو.
    سائين جي. ايم. سيد ڪمشنر گبسن جي سخت مخالفت جي باوجود ضلعي لوڪلبورڊ جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي، ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين رستو قائم ڪرايائين، ڪليڪٽر گبسن سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان تنگ ٿي، تعلقي ڪوٽڙيءَ کي 1 آڪٽوبر 1931ع تي ڪراچيءَ کان جدا ڪرائي، نئين ٺهرايل دادو ضلعي ۾ شامل ڪرايو، جنهن ۾ ڪوٽڙي تعلقو، محال مانجهندن جي ايراضي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ميهڙ ڊويزن جا تعلقا، ميهڙ، ڪڪڙ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ ملايا ويا. پر نين چونڊن ۾ نه رڳو جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، پر ضلعي دادوءَ جو به ميمبر چونڊجي آيو، جتي هن وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. جڏهن ضلعي لوڪلبورڊ جي انجنيئر لاءِ مسٽر گبسن جي هڪ واسطيدار ڪرسچن اميدوار جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد، محمد هاشم گزدر کي چونڊائي، چارج وٺرائي ته ان تي ڪليڪٽر گبسن ناراض ٿي، محمد هاشم گزدر کي ڪڍڻ لاءِ جي. ايم. سيد تي زور ڀريو، پر هن انڪار ڪيو، جنهن تي ڪمشنر سرڪاري دٻاءَ ۽ لالچ ذريعي ميمبرن جي اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جي. ايم. سيد جرئت جو مظاهرو ڪندي، رولنگ ڏئي، ٺهراءَ کي قانوني حجت تي رد ڪري ڇڏيو. جنهن تي ڪليڪٽر لوڪلبورڊ جي سرڪاري گرانٽ بند ڪري ڇڏي. جيڪا جي. ايم. سيد پنهنجي دوستن ميران محمد شاهه، خان بهادر کهڙي ۽ سر شاهنواز ڀُٽي جي مدد سان نه رڳو بحال ڪرائي، پر هاشم گزدر جي مقرري به حڪومت کان منظور ڪرائي ورتي. ٽڪراءُ وڌي ويو، ان بعد سيد کُلم کلا نه رڳو ڪانگريس جي حمايت جاري رکي، پر سماجي سرگرمين کي به جاري رکندو آيو.


    ڪراچيءَ جي مختلف جماعتن جو ميمبر:

    ڪراچيءَ جي مختلف جماعتن جو ميمبر:
    1932ع ۾ سائين جي. ايم. سيد ڪراچيءَ جي هيٺين جماعتن سان لاڳاپيل رهيو.
    1. ينگ مينس مسلم ايسوسيئيشن جو هڪ سال لاءِ صدر، ۽ وڏي عرصي لاءِ ميمبر
    2. فري ميسنس جو ميمبر
    3. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يــوٿ لاج جــو هــڪ سـال لاءِ صدر
    4. انجمن ترقيء اردو جو ميمبر
    5. ڪراچي ضلعي جي مالدار جماعت جو ميمبر
    6. ميربحرن جي جماعت جو ميمبر
    7. ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين جي مدد سان ٺهيل سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جو ميمبر
    8. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر
    9. ڪراچي گارڊن ڪميٽيءَ جو ميمبر
    10. نيچرل هسٽري سوسائٽيءَ جو ميمبر، (10) مسلم پراويڊنٽ فنڊ ۾ مسٽر حاتم علويءَ جي چيئرمئنيءَ هيٺ ڊائريڪٽر وغيره. ان کان سواءِ هن مختلف هنڌن تي صوفي سماگم جون ڪيتريون مجلسون به ڪوٺايون.
    هن ئي سال جي. ايم. سيد سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڪانفرنس ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. سيپٽمبر 1932ع ۾ سيد ميران محمد شاهه، سر شاهنواز خان ڀُٽي، جي. ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ گڏيل خط ذريعي سنڌين کي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي. ان ئي عرصي ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي وئي، جي. ايم. سيد خيال ڪيو ته جيئن سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿئي ته هڪ نئين منظم پارٽي ٺاهي چونڊون وڙهجن. ان لاءِ هن جون 1934ع ۾ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرائي، ان جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽي کي چونڊرايو ۽ جنرل سيڪريٽري حاتم علوي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پاڻ ٿيو. پر جيئن ته ڀُٽو صاحب ترت بمبئي ڪائونسل جو وزير مقرر ٿيو، ان ڪري هو پارٽيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي وٺي نه سگهيو، ۽ اها پارٽي هلي نه سگهي. پر سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ ’آزاد سنڌ ڪانفرنسون‘ ٿينديون رهيون، جن ۾ جي. ايم. سيد جو سرگرم ڪردار نظر اچي ٿو.
    1934ع ۾ ئي جي. ايم. سيد دادو ضلعي ۾ خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙي جي صدارت ۾ زميندارن ۽ آبادگارن جي جماعت ٺهرائي.
    1936ع ۾ جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ’اتحاد پارٽي‘ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين، سر شاهنواز ڀٽي، حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي ساٿين شرڪت ڪئي. پر جيئن ته وائيس پريزيڊنٽ ميران محمد شاهه چونڊجي ويو، ان ڪري سر غلام حسين پنهنجي ٽولي سميت ڌار ٿي، نئين جماعت ’مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ ٺاهي.


    سنڌ جي بمبئي کان آزادي ۽ سيد جي مسلم ليگ ۾ شموليت:

    سنڌ جي بمبئي کان آزادي ۽ سيد جي مسلم ليگ ۾ شموليت:
    اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، ته جي. ايم. سيد اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، جڏهن ته سر غلام حسين جي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جا صرف پنج ميمبر چونڊيا، پر اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر حاجي عبدالله هارون چونڊجي نه سگهيا. گورنر، دستور جي خلاف اتحاد پارٽيءَ جي نمائندي خان بهادر الهه بخش سومري کي وزارت ٺاهڻ جو سڏ ڏيڻ بدران پنجن ميمبرن واري سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڏيو. نتيجي طور سنڌ جا اڪثر مسلمان ميمبر حڪومت سان وڃي شامل ٿيا. ان ڪري اتحاد پارٽيءَ جي ليڊر الهه بخش سومري ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر ڪانگريس سان گڏجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار ادا ڪيو. ٻئي سال مارچ ۾ جي. ايم. سيد ڪانگريس سان مشورو ڪري، هڪ رپئي ڪَتر جي رٿ تي وزارت کي شڪست ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي وزارت خان بهادر الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ برپا ڪرائي. جنهن ۾ پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچل داس وزير چونڊيا ويا. الهه بخش سومري جي وزارت ۾ قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي گهٽتائيءَ جا قانون پاس نه ٿي سگهيا. گورنر ٽنهي پارٽين جي ٺهرائن جي خلاف زمين تي ڍلون وڌائي ڇڏيون، اُن تي اتحاد پارٽي اُن جي برخلاف ٿي. پر ڪانگريس مصلحت خــاطــر وزارت جـي طــرفــدار رهــي، جنهنڪري، مجبور ٿي حاجي عبدالله هارون ۽ اُن جا دوست اتحاد پارٽي ختم ڪري وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. مولانا ابوالڪلام آزاد مسلم اڪثريت واري صوبي سنڌ جي قومپرست سياستدانن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو، پر ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو. نتيجي طور جي. ايم. سيد ۽ ان جو قومپرست گروهه ڪانگريس کان ڌار ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جي ڪوٺائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ جي. ايم. سيد جو وڏو هٿ هو. هن اجلاس ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو ۽ جي. ايم. سيد جي سهڪار سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مسلمانن جي آزاد رياستن تي مشتمل ڌار وطن جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين ڪئي. ان ٺهراءُ اڳتي هلي مسلم ليگ جي 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ هندستان جي ورهاڱي واري ٺهراءُ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي پوءِ ’قرارداد پاڪستان‘ سڏيو ويو.
    1938ع واري اجلاس کان پوءِ الهه بخش سومري، وزيراعظم سنڌ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو، پر صلح نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر خانبهادر کهڙي کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊايو ۽ اسيـمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا. الهه بخش وزارت اقليت جو بچاءُ ڪري نه سگهي، ان ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، نئين وزارت مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر کهڙو وزير ٿيا.


    وزارتون ملڻ کانپوءِ ادارن جو بنياد وجهڻ:

    وزارتون ملڻ کانپوءِ ادارن جو بنياد وجهڻ:
    سائين جي. ايم. سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا. اٺن مهينن جي وزارت دوران جي. ايم. سيد هيٺيان ڪم ڪرايا:
    1. سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻين ميمبرن تي مشتمل ڪميشن ٺهرائي
    2. سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪرايو (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بنيو)
    3. سيڪنڊري تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرائي (جنهن اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي صورت اختيار ڪئي)
    4. سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي مضمون پڙهائڻ جو حڪم جاري ڪرايائين
    5. راڳ ۽ ڳوٺاڻي رقص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرايائين
    6. سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي هڪ ڪميٽي ٺاهرايائين، جن الف. ب جي ابتدائي ٽن اکرن تي ڪم ڪيو
    7. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن قـائـم ڪــرڻ لاءِ ڪـوشـش ڪـيائيـن
    8. ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پڪو رستو ٺهرايائين
    9. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين (جنهن اڳتي هلي قيام پاڪستان بعد پيرزادي عبدالستار جي دور ۾ عملي روپ ورتو)
    10. سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کي ڪاليج جي حيثيت ڏياريائين وغيره.
    وزيرن جون بدعنوانيون ڏسي، جي. ايم. سيد ڪجهه مهينن کان پوءِ وزارت تان استعفا ڏئي ڇڏي ۽ ماڻهن وٽ وڃي ظاهر ڪيائين ته عوام جي تقاضائن مطابق ڪم نه ڪرڻ ڪري، هن وزارت تان استعفا ڏني آهي.
    خانبهادر الهه بخش سومري کي راضي ڪري، جي. ايم. سيد پنهنجي سيٽ تان استعيفا ڏئي، کيس پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو ته ٽن مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ اها ڳالهه قبول نه ڪئي، نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو. اهڙيءَ طرح سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بنجي وئي.
    اُن کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد، مسلم ليگ کي، سنڌ ۾ منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، 1942ع ۾ حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايو ۽ هڪ يادگار تقرير ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان اندر سنڌ لاءِ هڪ خودمختيار رياست جو تصور ڏنو ويو. ساڳئي سال جي آخر ۾ هن آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ سڏائڻ جو انتظام ڪيو، جتي کيس آل انڊيا ڪميٽي آف ايڪشن جو ميمبر چونڊيو ويو.


    الهه بخش سومري جي شهادت:

    الهه بخش سومري جي شهادت:
    14 مئي 1943ع تي سنڌ جي محب وطن سياستدان الهه بخش سومري کي شڪارپور ۾ ڪنهن فرقيوار ذهنيت رکندڙ شخص ٽانگي تي ويندي فائر ڪري، شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳو.
    1944ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جا سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت سان اختلاف ٿي پيا، جنهن سلسلي ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي جي. ايم. سيد لاهور ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان هڪ وفد وٺي ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. پر سيد صاحب کي مثبت جواب نه مليو. آخر ۾ نين چونڊن لاءِ سيد صاحب مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ ۽ چونڊن ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽري بورڊ چونڊيو. مرڪزي مسلم ليگ مداخلت ڪري، وزارت جو طرف وٺي، صوبائي مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ان جي اميدوارن خلاف اميدوار بيهاريا. باوجود مخالفت جي جي. ايم. سيد جي حمايتي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪجهه اميدوار چونڊجي آيا، جن سيد صاحب کي ليڊر چونڊيو، جنهن ڪانگريس پارٽيءَ جي 22 ميمبرن سان ٺاهه ڪري، اڪثريت ڏيکاري گڏيل وزارت ٺاهڻ لاءِ گورنر کان گهر ڪئي، پر گورنر سر غلام حسين کي باوجود ٿورن ميمبرن جي وزارت ٺاهڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي طور
    جي. ايم. سيد پنهنجن ميمبرن سميت مخالفت ۾ رهيو.
    اُن وچ ۾ ڪئبنيٽ مشن دهلي آئي، جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ جي. ايم. سيد کي گهرايو، جتي هن پاڪستان جي مسئلي بابت آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان جي گهر ڪئي. آخر ۾ سر غلام حسين وزارت اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي، گورنر مسٽر موڊيءَ مخالف ڌر کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون، چونڊن ۾ گورنر جي حمايتي سر غلام حسين، جي. ايم. سيد ۽ سندس دوستن کي شڪست ڏياري، جن اليڪشن ٽربيونل اڳيان ڌانڌلين خلاف پٽيشن داخل ڪئي. اُن کان پوءِ جي. ايم. سيد مسلم جماعت جي نالي سان پارٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيو، ترت ئي پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو.


    پهريون ڀيرو نظربند ٿيڻ:

    پهريون ڀيرو نظربند ٿيڻ:
    قيام پاڪستان کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت کهڙو صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي کهڙي جي وزارت کي ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪراچي مرڪز جـي حــوالي ٿـي وئـي. جي. ايم. سيد ڪراچي مرڪز کي حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿـاريـو تـه ان کـي سـن ۾ ٽـن مهيـنـن لاءِ نـظـربـنـد ڪـيو ويـو. ان مرحـلي تي خان عبدالغفار خان ۽ ٻين کي به جيل ۾ موڪليو ويو.


    پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو قيام:

    پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو قيام:
    1948ع ۾ جي. ايم. سيد پاڪستان جي ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي ’پاڪستان نيشنل پارٽي‘ ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو.
    ٿوري ئي وقت کان پوءِ جڏهن سائين جي. ايم. سيد جي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي موجب پير الاهي بخش وزارت اعليٰ تان خارج ٿيو ۽ قاضي محمد اڪبر جي اليڪشن به رد ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڪيئي وزارتون ڊٺيون ۽ ٺهيون.


    متحده محاذ جي پليٽ فارم تان چونڊجي اچڻ

    متحده محاذ جي پليٽ فارم تان چونڊجي اچڻ

    1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ آزاد پاڪستان پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اشتراڪ سان متحده محاذ ٺهيو، جنهن جي پليٽفارم تان جي. ايم. سيد ستن ميمبرن سان چونڊجي آيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي واپس سنڌ کي ملڻ ۽ سنڌ لاءِ پاڪستان ۾ مستقل ۽ ناقابل ترديد حقن جي گهُر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، چوڌري غلام محمد گورنر جنرل، ونيونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، وزيراعليٰ سنڌ پيرزادي عبدالستار ميمبرن سميت ونيونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، نئين وزارت ٺاهي ۽ پيرزادي وزارت کي ڊسمس ڪري، خان بهادر ايوب کهڙي، علي محمد راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر کان ونيونٽ جي منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو واعدو وٺي، پيرزادي جي جاءِ تي کهڙي کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ونيونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. چئن ميمبرن: پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، رئيس عبدالحميد جتوئي ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان مخالفت ڪئي. جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي. ايم. سيد ڇهه مهينا جيل ۾ رهيو.
    اُن کان پوءِ ون يونٽ اسيمبليءَ لاءِ اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کان چونڊون ڪرايون ويون. انهن ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سيد صاحب ستن ميمبرن سان چونڊجي آيو، جتي متحده محاذ جي ليڊر جي حيثيت ۾ مخالف گروهه ۾ رهيو.


    ائنٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪرڻ

    ائنٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪرڻ
    آگسٽ 1955ع ۾ سائين جي. ايم. سيد مغربي پاڪستان جي قومي ڪارڪنن جي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ ”نئشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي خان عبدالغفار خان کي صدر چونڊرايائين.
    سـيـد صـاحـب مـغـربي پـاڪـسـتان اسـيـمـبـليءَ ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبليڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري، 310 ميمبرن جي اڪثريت سان ونيونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف چئن ميمبرن مخالفت ڪئي.
    اُن کان پوءِ، مولانا ڀاشانيءَ سان ٺاهه ڪري جي. ايم. سيد نئشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان ٿيو.
    اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ مغربي پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري وعدي تان ڦِري وئي. هن وعدي شڪنيءَ کان پوءِ جي. ايم. سيد ايندڙ چونڊن ۾ ونيونٽ کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن کي (ونيونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري ”ائنٽي ون يونٽ“ فرنٽ قائم ڪيو ۽ اهڙي طرح بلوچستان ۽ سرحد ۾ به اهڙا فرنٽ قائم ٿيا. جي. ايم. سيد ۽ ٻين صوبن ۾ (بنگال سميت) ونيونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، ونيونٽ جي حامي گروهه، 8 آڪٽوبر 1958ع تي پوري پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي. ايم. سيد ۽ نئشنل عوامي پارٽيءَ جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جي. ايم. سيد پوءِ 1960ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابيءَ جي ڪري کيس مارچ 1966ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، جي. ايم. سيد مطالعو جاري رکيو. برصغير، دنيا ۽ سنڌ جي سياست، شخصيتن، انگريز سامراج کان آزاديءَ، مختلف پارٽين جي قيام، سندن جدوجهد، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ، ون يونٽ ۽ قيام پاڪستان بعد سنڌ کي پهتل نقصانن ۽ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.


    بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد:

    بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد:
    نظربنديءَ مان آزاد ٿيڻ بعد جي. ايم. سيد جون 1966ع ۾ صحت جي خرابيءَ ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري، ”بزم صوفياء سنڌ“ جو بنياد وجهي، سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳيءَ ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جن جو لب لباب اهو هو ته: ”سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“


    4


    مارچ 1967ع واقعو ۽ ايوبي آمريت

    مارچ 1967ع واقعو ۽ ايوبي آمريت
    4 مارچ 1967ع جي قومي سانحي پيش اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي هڪ ڀيرو وڌندو ڏسي ۽ جي. ايم. سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، جي. ايم. سيد کي جولاءِ 1967ع جي شروعات کان 1968ع جي آخر تائين وري نظربند ڪيو. ان نظربنديءَ کي جي. ايم. سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان ڪناره ڪش آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي.


    سنڌ متحده محاذ جو قيام:

    سنڌ متحده محاذ جو قيام:
    پهرين مارچ 1969ع تي سائين جي. ايم. سيد کي آزاد ڪيو ويو. هن ون يونٽ مخالف دوستن ۽ ڪارڪنن سان رابطا ڪيا ۽ 9 مارچ 1969ع تي هڪ نئين سياسي جماعت ”سنڌ متحده محاذ“ قائم ڪيائين. 10 آگسٽ 1969ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچيءَ گهرائي آجياڻو ڏنائين ۽ سنڌ، بنگال ۽ ٻين قومن جي وطنن بابت تاريخي سپاسنامو پڙهيائين. ائين ون يونٽ جي تحريڪ زور پڪڙيو.


    ون يونٽ جو ٽٽڻ:

    ون يونٽ جو ٽٽڻ:
    ذوالفقار علي ڀُٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي. ايم. سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا، ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان سنڀاليون ۽ هن قومي دٻاءَ هيٺ 1 جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽوڙيو ۽ صوبن کي هڪ ڀيرو وري ون يونٽ کان اڳ واري حيثيت حاصل ٿي. جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب الرحمان 6 نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. جي. ايم. سيد عوامي ليگ جي 6 نقاطي پروگرام سان مطابقت رکندڙ پروگرام هيٺ چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪامياب نه ٿيو. مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان مڪمل اڪثريت حاصل ڪئي ۽ مغربي پاڪستان جي صوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کنيون. شيخ مجيب الرحمان کي باوجود اڪثريت جي اقتدار نه مليو، پر مغربي پاڪستان ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ڏنو ويو. 16 ڊسمبر 1971ع تي مشرقي پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بنجي ويو. ٻئي طرف 18 مئي 1971ع کان 31 ڊسمبر 1971ع تائين جي. ايم. سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو.


    جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وجهڻ

    جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وجهڻ

    18 جون 1972ع تي هم خيال سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي گهرائي، جي. ايم. سيد پارليامينٽري سياست کان بيزار ٿي، ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽي قائم ڪئي. ان دوران جولاءِ 1972ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ جو بل پاس ڪرايو، جنهن تي هڪ طبقي گوڙ ڪيو. سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد ٿيا، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو قتل ٿيا. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت تي دٻاءَ وجهي، هڪ آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنهي زبانن کي سنڌ جون سرڪاري زبانون قرار ڏنو. ان صورتحال ۾ جي. ايم. سيد، 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي، سنڌ جي گشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1 آگسٽ 1972ع تي پريس ڪانفرنس ڪري، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌ کي خوداختياري ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا مطالبا کڻي، ٺٽي ضلعي کان دورو شروع ڪيائين. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد واري جلسي ۾ شرپسندن مٿس بم اڇلايو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي دوست محمد پراچا شهيد ٿي ويو. نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شوري سميت 18 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا. جي. ايم.سيد گشت ڪري جيئن سن واپس پهتو ته 8 آگسٽ 1972ع تي سنڌ حڪومت کيس گهر ۾ نظربند ڪيو. اهڙيءَ طرح جي. ايم. سيد سواءِ ٿورن وقفن جي وڏو عرصو نظربند رهيو. ان وچ ۾ سندس پوئلڳن سندس رهبريءَ ۾ 1977ع ۾ ”جيئي سنڌ محاذ“ ۽ اڳتي هلي ڪجهه شاگردن ”جيئي سنڌ تحريڪ“ نالي پارٽيون ٺاهي، قومي جدوجهد شروع ڪئي (ڏسو: جيئي سنڌ هلچل). 17 جنوري 1986ع تي جي. ايم. سيد پنهنجي سالگرهه تي خان عبدالغفار خان کي سن ۾ گهرايو ۽ پنهنجا ”آزاد سنڌ“ بابت ويچار ونڊيا. خان عبدالغفار خان جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد جڏهن کيس دهليءَ علاج لاءِ موڪليو ويو ته جي. ايم. سيد سرڪار جي اجازت سان، 2 جولاءِ 1987ع تي پنهنجي ساٿيءَ جي مزاج پرستيءَ لاءِ هندستان ويو. اتان واپس موٽڻ بعد جي. ايم. سيد پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڊسمبر 1987ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. 12 ڊسمبر 1987ع تي کيس ميرپور ڀٽي مان ممتاز علي خان ڀُٽي جي بنگلي تان گرفتار ڪري، ڪراچيءَ ۾ آڻي نظربند ڪيو ويو، جتان آگسٽ 1988ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 1 مئي 1988ع تي نظربنديءَ دوران جي. ايم. سيد سن ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙايو، جنهن جو صدر رئيس عبدالحميد خان جتوئي مقرر ٿيو. ٽيون ڀيرو جي. ايم. سيد آڪٽوبر 1989ع تي سنڌ جي 5 ضلعن جي دوري تي نڪتو ۽ کيس 10 ڊسمبر 1989ع تي جيڪب آباد کان اڳتي بلوچستان بارڊر وٽ گرفتار ڪيو ويو. 1990ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.
    17 جنوري 1992ع تي سائين جي. ايم. سيد نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي نيو ورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ اقوام متحده کي دنيا جي ملڪن جي نئين سر جوڙجڪ جو مشورو ڏنو ۽ ان ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس به پيش ڪيو. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي. 17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. 18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو، ان دوران سندس خاندان توڙي تنظيم پاران علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جون ڪوششون ورتيون ويون، پر سرڪار طرفان اجازت نه ڏني وئي ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج پڻ ٿيا.


    لاڏاڻو:

    لاڏاڻو:
    سنڌ جي هن قومي رهبر، مفڪر سائين جي.ايم سيد 25 اپريل 1995ع جي رات جو دير سان پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. صبح تائين لکين ماڻهو سن پهچي ويا. 25 اپريل تي لکين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ سيد کي سن جي آبائي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تدفين وقت قرآن پاڪ، انجيل، توريت، گيتا ۽ شاهه جي رسالي جو ورد ٿيندو رهيو ۽ ان ورد دوران سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم شخصيت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اُن موقعي تي سنڌ جي قلمڪارن مٿس ڪيترائي ليک لکيا، ڪيترن شاعرن کيس شاعريءَ جي ڀيٽا پيش ڪئي، اُنهن شاعرن مان امرڪوٽ جي جهونڙي شاعر جمن دربدر هڪ وائي لکي ڀيٽا پيش ڪئي هُئي، جنهن ۾ هُن سائين جي.ايم سيد جي سڀني عاشقن کي هن دُعا ڏني آهي، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته جمن جي اها وائي سائين جي.ايم سيد جي جيون جو هڪ تسلسل آهي، جيڪا آءٌ هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:

    سن جو سائين هو اَلا!
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جُهڪيو.
    اهڙو عاشق سنڌ جو ڄمندو ڪين ٻيو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جُهڪيو.
    علم ادب تاريخ جو ويو ٻاري يار ڏيئو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جُهڪيو.
    پنهنجي هر ويريءَ کي جنهن مُرڪي معاف ڪيو
    وڻ وڻ واسي ويو-!!!
    ڪڏهن ڪين جُهڪيو.
    جمن منهنجي محبوب جا اوهين عاشق سڀ جيئو-
    وڻ وڻ واسي ويو!!!
    ڪڏهن ڪين جُهڪيو.


    اولاد:

    اولاد:
    سائين جي. ايم. سيد کي ٽن ڌيئرن ۽ ٻن پُٽن جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پُٽ امير حيدر شاهه قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر رهيو. سندس ٻئي فرزند سيد امداد محمد شاهه سياست ۽ سماجي خدمتن ۾ وڏو نالو ڪڍيو، صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. سندس وڏي ڌيءَ جو نالو جيجي زرين تاج هو، ۽ ٻي نياڻيءَ شمع ايمن ۽ آخري ڌيءَ ڊاڪٽر دُرشهوار سيد آهي، جن مان ڊاڪٽر
    دُر شهوار ”شاهه لطيف جي عالمي پيغام“ تي ايڊنبرا يونيورسٽيءَ مان
    پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ ڪيترا سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر رهي، ۽ سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهي، اُن کانسواءِ عورتن ۾ سجاڳيءَ آڻڻ لاءِ هن عورتن جي تنظيم (A.S.W.A) آل سنڌ وومين ائسوسيئيشن جو بنياد وڌو. تحقيق جي فن تي بهترين ڪتاب تيار ڪيائين ۽ شاهه جي رسالي کي ٽن زبانن ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين، شاهه سائينءَ تي ببليوگرافي تيار ڪيائين. سندس انهن ڪمن تي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي مٿس فخر آهي. سندس پوٽو سيد جلال محمود شاهه، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر رهيو آهي ۽ هن وقت ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺاهي سياست ۾ سرگرم آهي. سيد جلال محمود شاهه جو ڊپٽي اسپيڪر وارو دَور سُٺو رهيو.
     


    سائين جي. ايم. سيد جا ڪتاب

    سائين جي. ايم. سيد جا ڪتاب
    (1) محــال مـانجهـنـدن جـو تعليمي ۽ تنظيمي پـروگــرام (1928ع)
    (2) هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو: مئي 1941ع)
    (3) سنڌ جي عدالت جي انتظاميه کان جدائي (1946ع)
    (4) مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟
    (5) نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (2 ڀاڱا)
    (6) پيغام لطيف
    (7) پاڪستان ۾ قــوميـتـن جـو مسـئـلو
    (8) چونڊ ادبي مضمون
    (9) چونڊ سياسي مضمون
    (10) ســنـڌ جي بمبئــيءَ کـان آزادي
    (11) سنڌ متـحــده مـحــاذ ۽ ونـيـونٽ
    (12) جنب گذاريم جن سين: 2 ڀاڱا
    (13) جيئن ڏٺو آهه مون
    (14) موجوده سياسي مسئلا
    (15) جديد سياست جا نو رتن
    (16) رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)
    (17) ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا خط)
    (18) خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا خط)
    (19) بزم صوفياء سنڌ جو آئين ۽ خطبا
    (20) سنڌي ڪلچر
    (21) واڄــٽ ويـراڳيـن جا (محمد امين کوسي ۽ جي. ايم. سيد جا خط)، ٻه ڀاڱا
    (22) اڄ پڻ چڪيم چاڪ (اديبن جا خط)
    (23) ڪجهه خط (برصغير جي سياستدانن جا خط)
    (24) خطبات سيد
    (25) جديد عالمي سياست
    (26) سنڌ جي ڪهاڻي، سيد جي زباني (تقريرون)
    (27) پاڪستان جي ماضي ۽ حال تي طائرانه نظر
    (28) ديارِ دل ۽ داستانِ محبت
    (29) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ،
    (30) سنڌوءَ جي ساڃاهه: ٻه ڀاڱا
    (31) مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجربو
    (32) ههڙا هاڃا ٿين (پمـفـليـٽن جو مجموعو)
    (33) پنهـنجـي ڪهـاڻي پنهنجــي زبـانـي، جـلـد پهريون
    (34) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، جلد ٻيو
    (35) سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)
    (36) سڏ پڙاڏو (جي. ايم. سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)
    (37) پيام عمل
    (38) حاصل جنين حال (جي. ايم. سيد جا امين کوسي ڏانهن خط)
    (39) آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا خط)
    (41) جي. ايم. سيد جون تحريرون، ٽي ڀاڱا
    (42) سنڌ جا سُورما
    (43) رهبر


    اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:

    اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:
    (1) جيسا مين ني ديکا
    (2) پيغام لطيف
    (3) سنڌ ڪي آواز (مترجم: فهيم شناس ڪاظمي)
    (4) آوازِ سنڌ (مترجم: مجيب انقلابي)
    (4) سنڌ ڪي بمبئي سي علحدگي
    (5) اپني ڪهاني اپني زباني وغيره.


    انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:

    انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب:
    (1) Sindh & Seperation of Judicial from Executive (A Complete Scheme: 1946),
    (2) Struggle for New Sindh
    , (3) Six Point Formula,
    (4) A Case for Sindhu Desh
    , (5) Sindhu Desh: A Nation in Chains,
    (6) Religion & Reality or My Vision to Religion,
    (7) Sindhu Desh: A Study into Separate Identity Through the Ages,
    (8) Sindhu Desh: The Case Yet to Settle (Translated by: M. Ibrahim Joyo).
    اهڙيءَ طرح سائين جي. ايم. سيد جي تاريخي لائبرريءَ ۾ سندس انگريزي ڪتاب Letters of M. A. Jinnah & G. M. Sayed، آتم ڪٿا جو رهيل حصو، ڊائريون، مضمون، خط ۽ ٻيو ڪيترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي.


    سائين جي.ايم سيد کي منظوم ڀيٽا

    مَقتِلَن جي ڀِتيَن تي پَڙهين ٿو ته پَڙهه،

    مَقتِلَن جي ڀِتيَن تي پَڙهين ٿو ته پَڙهه،
    ٻِي شَهيدن جي رَت جِي ڪَهاڻي نَه آ،
    هِڪ بلاول هو جو گهاڻي ۾ ڪَٽجِي ويو،
    هڪڙو سيد آ جَنهن جِي پُڄَاڻِي نه آ.
    (حليم باغي)


    مرد مهانُ بچائي ڏي

    مرد مهانُ بچائي ڏي
    - سرڪش سنڌي

    مرد مَهانُ بچائي ڏي،
    سنڌوءَ مانُ بچائي ڏي.

    سيد هڪڙو شخص نه آ،
    هيءُ جهانُ بچائي ڏي.

    سنڌ جو ڀاڳُ بچي پوندو،
    تُون ڀڳوان! بچائي ڏي.

    ڀِٽَ تي ڀينگ نٿو چاهيان،
    شاهه جو شانُ بچائي ڏي.

    آزادي قومن جو شانُ،
    هي اعلان بچائي ڏي.

    ماڻهوءَ موت غلامي آ،
    هر انسان بچائي ڏي.

    سرڪش سنڌيءَ جو سائين،
    دين، ايمان بچائي ڏي.
     


    هڪ سن جو سيد وارث آ،

    هڪ سن جو سيد وارث آ،
    - زخمي چانڊيو

    سنڌ گدڙن کاڌي ناهه اڃان،
    جو گيدي تُنهنجي آڻ مڃان،
    تنهن کان ماءُ کي مان ها ڪونه ڄمان.

    تُنهنجا رُعب ۽ تاب به ڄاڻان ٿو،
    ۽ سن جا خواب به ڄاڻان ٿو.

    هن سِرَ ۾ جيسين ساهه اٿم،
    آزاديءَ تي ويساهه اٿم.
    هڪ سن جو سيد وارث آ،
    ٻيو وارث ڀِٽَ جو شاهه اٿم.

    ٿو جِيئان ’زخمي‘ شينهن جيان،
    ها جيسين سنڌ تي ساهه ڏيان.
     


    فڪر جيئينم سيدَ جو

    فڪر جيئينم سيدَ جو
    - مشڪور ڦلڪارو

    فڪر جيئينم سيدَ جو، آهه ’پيغامِ سنڌ‘،
    ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلومَن جي.

    فڪر جيئينم سيد جو، سَنئين سِڌي ڳالهه،
    سنڌي سمجهن شال، ڪڍي ڪپهه ڪنن مان!

    فڪر جيئينم سيد جو، سنڌوءَ جي ساڃاهَه،
    ڏَسيل جنهن ۾ ڏاهه، آهه اصل آزاديءَ جو.

    فڪر مخدوم بلال جو، محبت عزت ۽ آجپو،
    جهانگي هڻي جهپو، ڪڍو سنڌ سنگهرن مان.

    فڪر راجا اِندر جو، هِنيين ساڻ هنڊاءِ،
    ٻُڌي وري ٻُڌاءِ، رک وڏائي وجودَ جي.


    فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’ترقي بني آدم‘،
    ٿيندو امن- عالم، انساني اتحادَ سان.

    فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’پر امن بقاءِ باهم‘،
    ترقي بني آدم، ٿيندي انساني اتحاد سان.

    فڪر شاهه لطيفَ جو، سمجهي ٿيءُ انسان،
    بنا عشق ايمان، اڌورو آدميءَ جو.

    فڪر شاهه لطيف جو، آزاديءَ اهڃاڻ،
    سمجهي ٿيءُ سُڄاڻ، مَرڪين منهن مَٿانهين سان.

    فڪر جيجل سنڌ جو، سمجهي پوءِ سمجهاءَ،
    جهنڊو ڪو جهولاءَ، ماڻهپي جو مشڪور تون!


    ڇا ته شخص هو...

    ڇا ته شخص هو...
    - حاجي ساند

    موت جو به عشق هو ۽ زندگي ڇڏيو نَٿي،
    هُو شخصُ ڀي ته ڇا هُيو، جو عاشقيءَ ڇڏيو نَٿي.

    ٻَري ٿي نَڪَ جي ڦُلي، اُڏيُون ٿي يار جُون چَڳون،
    چَنڊ ڪَيُون ٿي کينچلُون ۽ چاندنيءَ ڇڏيو نَٿي.

    اسان جي زندگي اندر اِها به رات پَئي هُئي،
    وَڃَڻ ٿي چَاهيو اسان ۽ سَکيءَ ڇڏيو نَٿي.

    ڀَئونر ڪهڙي ڳالهڙِي هُنَ چَريءَ ساڻ ڪَيَئي،
    گُلَن عَجَبَ مان پُڇيو ڇو ڪَليءَ ڇڏيو نَٿي.

    چَيائُون سِجَ لَٿي کان پوِ قافلي جو ڇا ٿِيو،
    چَيو سين لاَٽَ ٿي ٻَري ۽ روشنيءَ ڇڏيو نَٿي.


    سائين جيئيم سيد جي نالي

    سائين جيئيم سيد جي نالي
    - وسيم سومرو

    تُنهنجي چهري جون جرڪندڙ مُرڪون،
    چمڪندڙ چنڊ جا ليئا آهن،
    تُنهنجون شاداب، سنڌ لئـ سوچون،
    رات ۾ ٽمڪندڙ ڏيئا آهن.

    خوابَ سنڌو نديءَ جيان تُنهنجا،
    جن ۾ لهرن جي لوچ جاڳي ٿي،
    جن ۾ جا آسَ تو سمهوئي آ،
    وقت جي وهڪرن کي جهاڳي ٿي.

    سن ۾ تو جنم وتو بيشڪ،
    تنهنجو سوڳنڌ اروڙ سان آهي،
    پيار تنهنجو زمين تي پکڙيلَ
    پوک جي اوڙ اوڙ سان آهي.


    تون ٻگھن سان نـ ٻيلهـ ٿئين ڪڏهين،
    تنهنجي ٻولي آ هنج جي ٻولي،
    هي ستارا نـ جهلملائن ڇو؟
    تو جهلي آ زمين جي جهولي.

    ڪونـ آهين ڊنو انڌيرن کان،
    سونهن جهڙو سُهاءُ آهين تون،
    گرجندي برسندين هوائن سان،
    ڪنهن ڪڪر جو اُهاءُ آهين تون.

    تُنهنجي تصوير کان بـ ڇِرڪن ٿا،
    قيد ۾ جن سدا رکيو توکي،
    تون هوائن جي ٿي وئين وائي،
    شاهـ جي پيار جيئن ٻکيو توکي.

    تُنهنجي دل جي دعا سڀن جي لئـ،
    شال مورن جيان نچي ڌرتي،
    سرءَ جي شل سڙي وڃي موسم،
    شال ڦولارجي رچي ڌرتي.

    ڪو رني ڪوٽ ٿو سڏي توکي،
    ڪا مياڻي پڇي پئي تنهنجو!
    ڪنهن بلاول جو روپ ٿي ارڏو،
    ڪا ڪهاڻي پُڇي پئي تنهنجو!

    هُو ڪراچي، هُو سمنڊ تي ٻيڙا،
    مورڙي جي مزار تي ميڙا،
    نيٺ آزاد سرحدون ٿينديون،
    ورسندا سنڌ جا سڀئي ڇيڙا.

    پنهنجي ڪردار ۾ سدا اوچو،
    کير ٿر جي جبل جيان آهين!
    ڪهڪشان جي ٽڙيل ولين وانگر،
    تون تـ مون ۾ ازل جيان آهين.


    ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو

    ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو
    - بخشل باغي

    پتڻ تي پُور هوندو هو،
    دريا ڀرپور هوندو هو.

    سنڌوءَ جي ويڪري ڇاتي،
    ڪنارو ڏُور هوندو هو.

    پکين ٻوليو پئي ٻولين مان،
    ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو.

    ڏنائين حوصلا هر پل،
    توڙي جو چُور هوندو هو.

    ٿڌيري ڇانو هو نِم جي،
    وڻن جو ٻُور هوندو هو.

    سُجاڳيءَ جي علامت هو،
    وطن لئه نُور هوندو هو.

    کنيائين تُهمتون سِر تي،
    ميان! منصُور هوندو هو.

    مرڻ جيئڻ آ ڌرتيءَ سان،
    سندس منشُور هوندو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258281
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386404
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ