ڪتاب جو نالو: سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات
مصنف: چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1973
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 27 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 349 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 103 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پهاڪن جي سوغات“ اوهان اڳيان پيش آهي. پهاڪن کي گڏ ڪندڙ ”چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي“ آهي.
ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب کي موصول ٿي آھي، جنهن ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ پڻ موڪلي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات
  • ڀيٽا
  • ارپڻ پتر
  • سنڌ سلامت پاران
  • سادا اکر
  • مھاڳ
  • ڪنھن سياڻي جو قول
  • پھاڪا ۽ چوڻيون

  • 1 کان 100
  • 101 کان 200
  • 201 کان 300
  • 301 کان 400
  • 401 کان 453

  • سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات

    گڏ ڪندڙ:
    چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي





    المنعم لائبرري لاڙڪاڻو

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڀيٽا

    وڏن لاءِ سڪ ۽ شرڌا
    پريم سان پڙھو


    ارپڻ پتر

    دک ڀريا ٻه اکر

    افسوس! جو ھي ڪتاب ڇپيندي ڇپيندي اسان جو پيارو چيتنرام اوچتو ئي اوچتو تاريخ ۲۲ اپريل ۱۹۸۳ع، شڪروار ڏينھن وڃي سرڦڌام پڌاريو. شل ايشور کيس پنھنجي چرنن ۾ سکي رکي. اھا ئي اسان جي ايشور در ارداس آھي.



    شيوا ۾
    رامچند بولچند ٽھلراماڻي (ڀاءُ)
    دلپت چيتنرام ٽھلراماڻي (پٽ)
    ڪٽنب ۽ پريوار


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پهاڪن جي سوغات“ اوهان اڳيان پيش آهي. پهاڪن کي گڏ ڪندڙ ”چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي“ آهي.
    ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب کي موصول ٿي آھي، جنهن ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ پڻ موڪلي آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ اصل ڇاپي جي اسڪين ڪاپي جيئن جو تيئن شامل ڪئي وئي آهي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سادا اکر

    ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي راقم کي موصول ٿي آھي.
    ليکڪ جو واسطو، ساھتيءَ جي شھر ڀريا سان پڻ ھيو. جو سندس امڙ ۽ ناناڻا اتان جا ھيا. ان ڪري به ھن ڪتاب جي منظر عام تي آڻڻ جي اشد ضرورت ھئي جو اڳي ساھتيءَ سان وابسته چوڻين جو، ڪيرت مھرچنداڻيءَ جو لکيل چونڊ سنڌي چوڻيون ڪتاب، ڇاپي صورت ۾ عام آڏو آيو آھي. مرحوم غلام قادر سومرو جو واسطو ساھتيءَ جي شھر ٺاروشاھ سان ھيو، جنھن پڻ ساھتيءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو ھيو، جيڪو شايد ڇپجي نه سگھيو جو راقم جي نظر تي نه چڙھيو آھي.
    بھرحال، چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي جو ترتيب ڏنل ڪتاب، سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات، قارئين جي استفادي لاءِ، اي-ورشن جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو


    مھاڳ

    ھي ۴۵۰ کان مٿي پھاڪن ۽ سنڌي چوڻين جو ڪتاب، جو توھان اڳيان آھي، سو اڄ کان ۵۰ – ۶۰ سالن کان اڳ سنڌي گھرن ۾ عام طور رھڻي ڪھڻي ۽ ٻارن کي نصيحت طور ٿورڙن اکرن ۾ ھدايتن جو گڏيل سڏيل مجموعو آھي جو مون پنھنجي ماتا شريمتي پيرند ٻائي سپتري شري مدنداس نوتاڻي (ڀرين ساھتي) جنھن منھنجي پتا ديوان بولچند ڪيولرام ٽھلراماڻي (ٽلٽي، تعلق سيوھڻ) سان لائون لڌيون. ان جي مکاروند مان ٻڌل ننڍي ھوندي جي يادگيرين مان جيئن جيئن دل تي تري آيا، قلم بند ڪيا آھن. ماتا جي سشيل ڪفايت ۽ قنائت واري ھئي ۽ نام واري ھئي. چولي ڇڏڻ کان گھڻو اڳ پنھنجي ٻارن خواھ ٻين دنيوي ڳالھين مان موھ ڪڍي ڇڏيو ھوائين. نام ۾ جڙي رھڻ سبب اندر ۾ خوب سوجھي ھئس. ايتري قدر جو چولي ڇڏڻ جو سميه ويجھو ڄاڻي پنھنجي ننھن شاميءَ (منھنجي ڌرمپتنيءَ) کي ڪوٺي چيائين ته ھاڻي منھنجو ٽائيم اچي ويو آھي ۽ تون پاڙيسرين کي ڪوٺي پاڻ ڀيڙو ڪر. جنھن ڪرناڻين ۽ ڪرٽراڻين کي سڏي گھر آندو پوءِ ماتا جي اٿي پلٿي ماري انھن پاڙيوارن جي سامھون گنگا جل ۽ تلسيءَ جو ڏل ورتائي پنھنجو چرنو تياڳ ڪيو. اھڙيءَ ماتا کي مان وار وار نمسڪار ٿو ڪيان.
    ڀريا ۽ ٽلٽي، ٻئي علم جو مرڪز ھيا ۽ ٻنھي جي ڳوٺن جي ديوانن جو پاڻ ۾ عزازت جو ناتو ھيو ۽ ٻولي خواھ علم جي گھرائيءَ سبب ڄڻ ته تاڃي پيٽي ھڪ ٿي ويا ھوا.
    ھي پھاڪا ۽ عام چوڻيون، الف بي جي ڏنل فھرست سميت ۲۹-۱-۱۹۸۰ع تائين مڪمل ٿي ويا ھئا. پر ڇپائڻ جو امر اڃا ڪو نه ٿيو ھو.
    ھنن پھاڪن ۾ ڪجھ پھاڪا، اڄ ڪالھ جي زماني جا به آھن. انھن لاءِ مان پنھنجي ڪڪيءَ (ڀائٽيءَ) موھني سپتري سرڳواسي مربي ڀاءُ کيراجمل جي، جو آڀاري آھيان.
    ھي ڪتاب شايد اڃا اڻ ڇپيل رھجي وڃي ھا جو گذريل ۱۲ – ۱۵ مھينن ۾ چار دفعا موتمار بيمارين جو شڪار ٿي ٽي دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو آھيان ۽ ھر دفعي ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته نئين حياتي وٺي موٽيو آھيان.
    پوئين بيماري جنھن مان ۱۰-۱-۱۹۸۳ع کان ۹-۲-۱۹۸۳ع تائين اسپتال ۾ داخل ھوس ۽ پيٽ جو ۱۱ انچ ڊگھو چير ڏيئي، پيٽ جو آپريشن ٿيو.
    جيئرو موٽڻ محال ھو. منھنجي ڪڪي پشپا سمورو وقت ڏينھن ۽ رات اسپتال ۾ رھي، منھجي ماتا روپ بڻجي، آسيس ۽ پرارٿنائون ۽ شيراتن ڪري ايشور ڪرپا سان مونکي نئين زندگي ملي آھي. مان کيس ھاڻ پنھنجي ماتا جي روپ ۾ پسان ڀو.
    مان پنھنجي پٽ ۽ ننھن دليپ ۽ گوپيءَ جو ۽ گھر جي سڀني ڀاتين جو گھڻو شڪرگذار آھيان، جن وقت به وقت مون کي پورو سھڪار پئي ڏنو آھي.
    ھن ڪتاب جي ڇپائڻ جو شونق ۽ ھمٿ ڏيارڻ ۾ منھنجي ننڍي ڀرائا شري رامچند بولچند ٽھلراماڻيءَ جو تمام وڏو ھٿ آھي، جنھن جي تاڪيد ۽ ھمٿائڻ سبب ھي ڪتاب اڄ توھان جي ھٿن ۾ آھي. ھن ڪتاب جي ڇپائڻ جي تڪليف به ھن پاڻ تي ھموار ڪئي آھي، جنھن لاءِ جس جو ڀاڳي آھي.

    چيتن بولچند ٽھلراماڻي
    ۱۷ مارچ ۱۹۸۳ع


    ڪنھن سياڻي جو قول

    جو پاٺڪن کي ڪجھ نه ڪجھ نصيحت آميز لڳندو.
    اپني متر سي ڪوئي بات ڇپانا نا چاھيئي.
    اپني من ڪا ڀيد ڪڀي اپني دشمن ڪو بتانا نا چاھيئي.
    آمد ڪي پئسي سي زيادھ خرچ بڙھانا ناچاھيئي.
    پڃ ڪرم ڪر ڪي پيڇي من ۾ پڇتانا نا چاھيئي.
    پاپ ڪرم ڪرني ۾ ڪٿي من ڪو للچانا نا چاھيئي.
    جھان نه آدر ھووي ڪڀي، اس گھر ۾ جانا نا چاھيئي.
    اپني گھر ۾ آئي جن ڪو، نرادر ڪرنا نا چاھيئي.
    رڻ ڀوميءَ ۾ جا ڪر مرني سي ڪڀي ڊر پانا نا چاھيئي.
    وپت پڙي جو آڪر ڪڀي من گھبرانا نا چاھيئي.
    ايشور انس ۾ جيو ھئه ساري، اس جن ڪو اپجانا نا چاھيئي.
    اپني گرو ۽ مات پتا ڪو ڪڙوا شبد برتنا نا چاھيئي.


    پھاڪا ۽ چوڻيون

    1 کان 100



    1. اٽو کاڌو ڪوئي، مار پيئي گابي تي.
    2. انڌن به ملتان لڌو آھي. (ملتان، سنڌ جي اتر ۾ پنجاب جو شھر)
    3. ادو به ڍائو، اما به ڍائي، جھڙي ويئي، موٽي گھر آئي.
    4. آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.
    5. اھا ئي زبان کٽ تي وھاري، اھا ئي پٽ تي وھاري.
    6. اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.
    7. اڇا ڪارا پاڻيھي پڌرا ٿيندا.
    8. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    9. اڪ ٻوڙن سان، ٻوڙا اڪن لڳائڻ. (جھيڙا ڪرائڻ)
    10. اڪن کان انب گھرڻ.
    11. اگھ کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
    12. آلو نور، مٿي جو سور.
    13. انڌو گھري الله کان ھڪ اک، پر ھت ته ٻئي ٿيون ملن.
    14. اکين ٻوٽ آدمي آھي.
    15. آھِ غريبان قھر خدائي، دعا درويشان مھر الاھي.
    16. اھو ڪي ڪجي جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
    17. اما رڌي، اديءَ رڌي، مون نه رڌي، ڪنھن نه رڌي.
    18. اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
    19. آھي جو آسرو آھي.
    20. ان پرائو ته پيٽ پرائو نه ڪجي.
    21. اگھاڙي ڪني، ڪانون ھاب.
    22. آيا مير، ڀڳا پير. (پير+ سنڌ جا ڪلھوڙا بادشاھ. مير+ جن ڪلھوڙن کان بادشاھي کسي، جن کان انگريزن بادشاھي ھٿ ڪئي.)
    23. ان آھي ته ايمان آھي.
    24. اڄ جو ڪم سڀان تي نه رکجي.
    25. اڄ ڇوڏا به ٿاڳالھائين.
    26. آسري لڳا ٻه ڄڻا، عيد الائي ڪڏھن.
    27. آئي ته عيد، نه ته ڏٿ ڏھاڙي سومرا!
    28. آئي ته عيد، نه ته رمضان جو روزو.
    29. اڳيئي ويٺي ھئي رٺي، ويتر آيس پيڪو ماڻھو.
    30. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن جي ليکي ملڪ جو والي.
    31. انسان خطا جو گھر آھي.
    32. اکو ڦلو آرتي ڪرڻ. (پئسا اڏائڻ).
    33. اھي ئي لاٽون، اھي ئي چگھ. (ماڻھو نه سڌري، نه سڌري.)
    34. اڀ کي ٿو اڳڙيون ڏئي.
    35. اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لھي. (ننڍي عمر جا اٺ.)
    36. اٺ کي کڻي گھنڊڻي ٻڌي اٿن. (ٻڍي کي ننڍي ڪنوار وٺي ڏيڻ).
    37. اٺ پنھنجي مٽ ۾ ترڪندو آھي.
    38. اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
    39. اٺان مينھان دا ڪياھ ميلا، او کائن لاڻيون، او کائن ٻيلا.
    40. اھڙي مار کائيندين جھڙي اٺ کائي پتڻ تي. (ٻيڙيءَ تي چاڙھي، ندي پار ڪرڻ وقت).
    41. اٺين پيڙھي اٺ جي، ماڪوڙو ماسات. (تمام ڏورانھين مائٽي).
    42. جي اکرين ۾ منھن وجھندا، سي مھرين ڀر نه ڊڄندا.
    43. اوڌر ڏيئي وير وھاءِ.
    44. اٺ سکڻو به رنڀي، ته لڏيل به رنڀي. (ماڻھو ھر حالت ۾ ڪرڪي).
    45. ان جو منھن جنڊ ڏانھن.
    46. اٺ چري ارڙھن ته ٻڪري چري ٻٽيھ.
    47. استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
    48. اڻ ھيريا نه ھير، متان ھرني، ڀڃ نه ھير ھرين جي متان وڙھني.
    49. انڌي گھوڙي ڪل ۾. (ڪل؛ خراب گاھ جو دٻن ۾ ٿيندو آھي.)
    50. اسي ڏوھ انڌي ۾، سؤ سٺ ڪاڻو، گھران ڏيئي ناڻو، ته به مارائجي منڊي کي.
    51. بابا ڀلي، ڍڪي ڀلي. (ڪنھنجي اوگھڙ نه ڪجي).
    52. باري کڻندا بار، ناھين ڪم ڪچن جو.
    53. بيڪار کان بيگار ڀلي.
    54. بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
    55. بک بڇڙو ٽول، دانھ ديوانا ڪري.
    56. بڻي ته بڻي، نه ته دال ماني گھڻي.
    57. بيوقوف کي بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ حاج وٺائي ھمراھ جي.
    58. بکئي کي ڏئي ڪو نه، سائي کي سھي ڪو نه.
    59. بخاري جي کٽي، آٿر ٻوري جي چٽي. (بخارو؛ رشيا جو مشرقي شھر)
    60. ٻلي ست ڪوئا کائي حج چڙھي.
    61. ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، جي ٺوڙھو ساماڻو ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي.
    62. ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    63. ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.
    64. ٻاھران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    65. ٻن جي وچ ۾ جيڪو پوي اھو مار کائي.
    66. ٻار رڙھيو، گھر ڦريو.
    67. ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي ھڪ آچار.
    68. ٻار مڇ جو وار، جيڏانھن ورائيس تيڏانھن وري.
    69. ٻرو، ڪنجھڻ به نه ڏيندو ڇا؟
    70. ٻن زالن جو ور، تنھن جو مسڻ ۾ گھر.
    71. ٻيڙيءَ چاڙھي ڦڙھو ڪڍڻ. (آسرو ڏيئي پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ).
    72. ٻي ٻي ڪرڻ تنھنجو ڪم، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    73. ٻڪري کير ڏئي، ڦولھڙين گاڏڙ.
    74. ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان.
    75. ڀلائي ڪر ڄٽ سان، ته ڦيري ھڻيئي پٽ سان.
    76. ڀڳو ئي ڀير (جھونو ائٽ) ڀير (ھلاءِ)، جيسين رتو راس ٿئي.
    77. ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته ٿئي دال مان سيرو.
    78. ڀاڳ ڏئي دٻ، ته ٿئي دال مان رٻ.
    79. ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڙندڙن جي پٺ ۾.
    80. ڀڳت ڪري پاتال ۾ پرگھٽ ھوءِ آسمان.
    81. ڀائرن جو ھڪ ھٿ چوٽيءَ ۾ ٻيو ھٿ روٽيءَ ۾.
    82. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو. (بار گھڻي ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ، واڻئي کي سرن درياھ ڪرڻ).
    83. ڀؤ ڏکڻا ڪرڻ (اجايو سجايو پيسو خرچڻ)
    84. ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.
    85. ڀلئي واڻئي ڳڙ کاڌو.
    86. ٿڌو گھڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ وھاري.
    87. تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي. (گلر= ٻچا)
    88. تڪڙ ڪم شيطان جو.
    89. تپ دانگي ست ڏينھن، ترس مھمان ڏھ ڏينھن.
    90. تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.
    91. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي ھٿ نه لاءِ.
    92. تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ.
    93. پاڻ پني، گھوڙا ڳنھي.
    94. پرڻ چوي ڏونگھي کي، ھل ڙي ٽه-ٽونگا.
    95. پنھنجي گتيءَ پئه گڏھ کي پيري.
    96. پر-متڙيو پوڙھيو.
    97. پھريون ملھ، کٿوري.
    98. پاڻ نه پلي ڏوجاھ متيان ڏيوي.
    99. پئسو ڏنو، ٻرو ڇنو.
    100. پنھنجيءَ ۾ ھٿ، پرائيءَ ۾ اک.


    101 کان 200

    101. پئسو رتا (پنھنجا ويجھا مائٽ) وڇوڙؤ آھي.
    102. پٽ به ليکو، پيءُ به ليکو.
    103. پنھنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب.
    104. پن ٻوڙي پاتال ۾، پٿر به تاري پاڻ.
    105. پاڙو آھي، ابو اما.
    106. پرائي ڏسي، پنھنجي جھڳي نه ڊاھجي.
    107. پڙھڻ ترڻ تير ھڻڻ چوٿين سواري، ننڍي ھوندي نه سکئين، وڏي خواري.
    108. پڇ ٻڌي مھري ڪيو اٿس (لاڏو اٺ پچ کليل. مھري= سواريءَ جي اٺ جو پڇ ٻڌل ھوندو آھي.
    109. پئنچن ۾ پرميشور آھي.
    110. پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا اٿس.
    111. پئسو اڄ شينھن جي پيٽ ۾ آھي.
    112. پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ڪين آھي.
    113. پاڻُ ڪري پاسي پاڻَ کان، ڏس پرينءَ کي پاڻَ ۾.
    114. پنھنجي گھوٽ ته نشا ھووئي.
    115. پنھنجي ڏاڙھي ٻئي جي ھٿ ۾ نه ڏجي.
    116. پنھنجي پٺ ورائي ڪنھن ڪو نه ڏٺي آھي.
    117. پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
    118. پاڻ کان وڌيڪ جيڪو ٻئي کي گھري، سو به ڏائڻ.
    119. پرائي جھار پرائي جھرڪي.
    120. پئسي پلو مھانگو، رپئي پلو سھانگو.
    121. پنج ئي گيھ ۾ اٿس.
    122. پير جي پٺ، ناني جي مٺ.
    123. پئسو ويو ڪجھ ويو، عزت ويئي سڀ ڪڇ ويو.
    124. پيٽ اٿيئي ڪين ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ.
    125. پاڻي ھيٺانھينءَ تي وھندو آھي.
    126. پنھنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ.
    127. ڦڪيون تڏھن فرق ڪن، جڏھن امر ٿئي انھيءَ جو.
    128. ڦونڊ ۾ ڀريو ٿو وتي.
    129. ڦريو واڻيو ڪاڳر سوري.
    130. ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪھڙو.
    131. جنھن وڻ جي ڏار تي ويھجي، ان کي نه ڪپجي.
    132. جڳ رسي ته ڀل رسي، سائين تون نه رسجان.
    133. جو ھوڏ پنھنجي ھلندو سو سور وڏائي سھندو.
    134. جتي لوڀي ھجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
    135. جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
    136. جاڙي به جڳ سنئين.
    137. جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.
    138. جھڙ وديس، تھڙو ويس.
    139. جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لھندي ڇا ڪندو؟
    140. جھڙو ان، تھڙو من.
    141. جيءُ خوش، جھان خوش.
    142. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    143. جان بچي تو لاکون پايا.
    144. جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان، جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.
    145. جتي باھ لڳندي، اتيئي سيڪ ايندو.
    146. جڏھن عقل ٿي ورھايو، تڏھن اوھان جھليا پرڻ.
    147. جھڙي ڇالي تھڙي پني، ھن لاھي ھن کي ڏني.
    148. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
    149. جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
    150. جھڙو ٻج، تھڙو سلو.
    151. جڏھين ڪڏھين سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.
    152. جني تو ئي تات، تن پڻ آھي تنھنجي.
    153. جتي پاڻي، تتي پاڻ.
    154. جنڊ ۾ ٻڪي؛ گھوٽ-ماءُ ڍڪي.
    155. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.
    156. جڏھن ٻورا ٿي سبيا، تڏھن گڏھن ٿي رنو.
    157. جتي پڄڻ نه آھي ڪم، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    158. جھڙي ٻني تھڙو ٻج، ان جي سلي کان به ڊڄ.
    159. جيسين ساھ سرير ۾ تيسين ڪر ڀلو.
    160. جو سک گھر دواري، سو سک بلخ نه بخاري.
    161. جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
    162. جڙيءَ کي جس آھي.
    163. جيڏي سوڙ، تيڏو سيءُ.
    164. جواريءَ جي جوءِ؛ کن ۾ کلي، منٽ ۾ ميڪي، جي مڙسس اچي کٽي، ڏند ويٺي ڇيڪي، جي مڙسس اچي ھارائي، پار ڪڍي پٽي پيڪي.
    165. جنھن جو رب، تنھن جو سڀ. جسڪي لاٺي، اس ڪي ڀينس.
    166. ڄٽئون (سنڌ ۾ مسلمانن لاءِ اکر) نه وسھون (اعتبار ڪرڻ)، وسھون ته مسھون (نقصان پائڻ)
    167. ڄڀ لاھي کڻي ڪلھي تي رکي اٿس.
    168. ڄمندي ئي ڄام ھو (ھوشيار).
    169. ڄٽ (ھندن جو مسلمانڪو اکر)، ڦٽ، ٽٽ ٻڌا ڀلا آھن.
    170. ڄٽ پڙھيو، الله اڙيو.
    171. ڄٽن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا.
    172. چٽي چنيجن جي، وڃي پرڻ تي پيئي. (سنڌ جي ساھتيءَ جا ٻه ڳوٺ).
    173. چڱائيءَ کي چار، ڳڻي ھڻجن موچڙا.
    174. چمڙي وڃي پر دمڙي (اڌ پائيءَ کان به ننڍو سڪو) نه وڃي.
    175. چريءَ کي چوڙو، ڪڏھن ڄنگھ ۾ ڪڏھن ٻانھن ۾.
    176. چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چٽي ماري وڌائينس.
    177. چڱن مان چڱائي ٿيندي آھي.
    178. چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي ھڪڙي.
    179. چار دنون ڪي چاندني ڦير انڌيري رات.
    180. چرئي کي ڇيڙيو آ چئن گارين لاءِ.
    181. چرين ڪھڙا چت، مئن ڪھڙا معاملا.
    182. چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
    183. چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوھ تي ڳولھي لھندو آھي.
    184. خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪانھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونھي.
    185. خان جي گھوڙي وانگر وڃي ٿو ڳرندو. (خان پڇيو نوڪر کان؛ ابا گھوڙي کي گاھ ڏنئه؟ جواب مليس؛ ھا. ابا گھوڙي کي پاڻي ڏنو اٿيئي؟ ته به جواب مليس؛ ھا سائين. ھوڏانھن ملندس ڪجھ ڪو نه ۽ خان جو گھوڙو ويندو ڏٻرو ٿيندو.)
    186. خون ۽ کستوري، ڳجھا ڪين رھن. (کستوري= اوچي خوشبوءِ).
    187. خالي گھڙو، وڄي گھڻو.
    188. دان ڪجي ساڄي ھٿ سان جيئن کاٻي ھٿ کي به خبر نه پوي.)
    189. ديس چوري، پرديس بکيا.
    190. دوڌ ڪا دوڌ، پاني ڪا پاني. (سچ ظاھر ٿي بيھڻ)
    191. دعا، سڪا وڻ ساوا ڪري.
    192. دنيا؛ ھڪ مسافرخانو آ.
    193. دنيا، جنھن کي چئجي ٿو، سا پاڻ مسافرخانو آھي.
    194. دنيا دو رنگي آھي.
    195. دل کوٽي، عذر گھڻا.
    196. دال آھي ٻچن پال.
    197. دير پيا درست ٿيا.
    198. ڏاھو ڪانءُ ٻه-ٽنگو ڦاسي.
    199. ڏيڻ ۽ ڏيھ ڇڏڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي.
    200. ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ريءَ.


    201 کان 300

    201. ڏي ڪڻو ته مليئي گھڻو.
    202. ڏئي مٿان، پر ڪنھن جي ھٿان.
    203. ڏئي ڏاتار، چور ڦاٽي ڀانڊار ڪي.
    204. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    205. ڏائڻ به ھڪ گھر ٽاريندي آھي.
    206. ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي.
    207. ڏيراڻي توڙ جي ويرياڻي.
    208. ڏندين آڱريون اچي وڃڻ. (اچرج ۾ پئجي وڃڻ).
    209. ڏيڏري به چوي ٿي؛ ھل مئا! راڻي ٿو ڳالھائين. (سڀ ڪو پاڻ کي سھڻو ٿو سمجھي. ڏيڏري به).
    210. ڏندين ڏاند آھي (مڙس ماڻھو آھي).
    211. ڏڌو کير ٿڻن ۾ واپس نه ويندو آھي. (جيڪي به ڪجي سوچي سمجھي ڪجي.)
    212. ڏاڍو سو گابو. (زور واري ماڻھوءَ جي سرسي آھي).
    213. ڏڌ-ڦُٽيءَ وارا آھن. (مڇيءَ مانيءَ وارا آھن).
    214. ڏينھن جا تارا ڏيکاريندوسانءِ. (سخت سزا ڏيندوسانءِ)
    215. ڏاچي لھي ڏھ ته توڏو لھي تيرھن. (ڏاچي= مادي اٺ جي. توڏو؛ اٺ جو ننڍي عمر وارو ٻار).
    216. ڏيھ چوي ڏيرياڻي نه چوي. (گھر جي ماڻھن جو چوڻ نه وڻندو آھي).
    217. ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
    218. ڏٻري ڍور تي مڇر به گھڻا. (تڪليفون گھڻيون)
    219. ڏنو ٻنو آھي. (دان ڪرڻ مان پاڻ کي فائدو آھي).
    220. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. (جيڪي ڪري سو بحال).
    221. رڍن (ٻوڙن، نه ٻڌندڙن) اڳيان رباب (ساز) وڄائيندي ورھيه ٿيا (ڪو به اثر ڪو نه).
    222. بن ڪمائيءَ نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر.
    223. رکي سڪي ماني کائي، ٺنڊا پاني پي. (سنتوش ۾ رھ).
    224. رن به ويئي ته رلھي به کڻي ويئي. (گھر جو سامان).
    225. راجا جي گھر موتين جو ڪال؟
    226. روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم، پر اُو ڪو ٻيو فھم (راز)، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
    227. راز ۾ آھي ته مکڻ ماکي، نه ته آھي تکي پاڪي.
    228. رلينگا پنيگا ھوئينگا خراب، پڙھينگا لکينگا ھوئينگا نواب.
    229. ري ڪوٺيا احمق، سڙڪ کڻي ڊوڙ. (بنا ڪوٺئي ڪنھن مجلس تي وڃڻ).
    230. رت ڪٽورو ڏيئي (محنت ڪري) ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي.
    231. زبان ٻه-ڌاري ترار آھي.
    232. زالون ڀولن کي به پياريون آھن.
    233. ڍءُ جھليندي آ ھڪ مينھن، ٻيو ڀاڀڙو.
    234. سوريءَ مان ڪنڊو ٿيو آھي.
    235. سوٽي ھجي ساڻ گڏھ گوھي نه ڪري.
    236. سڪن گڏ آلا به سڙي وڃن.
    237. سيوھاڻي چريا ڀتر ڍوئن گھر ڏي.
    238. سؤ ڪري سينگار ته به کودڙيءَ (گڏھ) پٽ کودڙو.
    239. ستنام جانڪا بل ھئه تانڪو ڏر ناھين.
    240. سائي کي سھي ڪو نه بکئي کي ڏئي ڪو نه.
    241. سڃو سائينءَ کان ڏاڍو.
    242. سڃي کان سائو ڀلو، سائي مان سؤ سک.
    243. سھڻا ٽوھ (گدرن وانگر پر زھر جھڙا ڪؤڙا) پٽن تي پيا آھن.
    244. سونھن سڪي، سنت کائي، سنت جھڙو ڪو ئي ناھي.
    245. سائي کي سون (خوشامندڙيا) سلامي.
    246. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوري.
    247. سکڻي ڪني، گھڻو اڀامي.
    248. سکڻي دعا، پٽ برابر.
    249. سڃ پيئي واڪا ڪري.
    250. سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، پر ڪين ڪڏھن سا ٻڏي.
    251. سچ ته بيٺو نچ.
    252. سدورا پٽ پينگھي ۾ پڌرا.
    253. ستيون به فرق تڏھين ڪن جڏھين امر ٿئي ان جو.
    254. سونارو ماءُ جي نٿ مان به ڪو نه ٽري.
    255. سالا شينھن کي به پيارا آھن.
    256. سوناري جا سؤ ڌڪ، لوھار جو ھڪ ئي بس آ.
    257. سڀ ڏينھن ڍڪيل، عيد ڏينھن اگھاڙو.
    258. سڀيئي رڍون ٻوٿ ڪاريون.
    259. ساڌن ڪھڙا سواد، موئن ڪھڙا معاملا.
    260. ساڌو، ٻه ھٿ واڌو.
    261. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسو، زال گر.
    262. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا ڄمن.
    263. سڀ ڳالھ ۾ ٻوڪ ڏيئي ويٺي آھي.
    264. سوڙ آھر پير ڊگھيرڻ.
    265. سؤ ڏيئي پاڙو وٺجي، سؤ ڏيئي پاڙو ڇڏجي.
    266. سج، ٻه پاڇا آھي.
    267. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    268. سج تريءَ ھيٺان ڪو نه لڪندو آھي.
    269. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي لنگھائي رکجي.
    270. سدائين سھندن مار آھي.
    271. سپ نه ماري، سپ جو سيئاندو ماري.
    272. صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو.
    273. صدقي (قرباني) جي ٻڪري آھي.
    274. ٽٽونءَ (رول گھوڙو) کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    275. ٽانءِ ۾ ٿو ڇڄي. (وڏائيءَ ۾ ڀريل)
    276. ٽھلراماڻين جي ٽيب وڏي، ڏين وٽي، وٺن ٿالھ، ته به چون؛ اسان جي وٽي وڏي.
    277. ٽڪريءَ کي ٿيا سور، ڄائي ھڪڙي ڪئي. (ڏيکاءُ وڏو، نتيجو ڪجھ به نه).
    278. ٽڪي ٿو ٽانڊو کڻائي. (وڏائي شاھوڪاريءَ جو ڏيکاءُ ڪرڻ).
    279. ٿوري کٽئي، گھڻي برڪت.
    280. شينھن ڪلھي چڙھي آھي.
    281. شال مٽرن مت اچيس.
    282. شخيءَ کان شوم ڀلا جو ترت ڏئي جواب.
    283. شاھوڪار جو سالو سڏائڻ ۾ به فخر، غريب جو ڀيڻيويو ڪوٺائڻ ۾ به شرم ٿو اچين.
    284. شادي ڪري ڏس، جاءِ جوڙائي ڏس.
    285. شاباس لاءِ پيئي مٿو ڪوڙائي (ساھيڙين کي کارائي پياري)
    286. ڪامورو، مئو به نه اورانگھجي. (ان کان ڊڄي ھلجي).
    287. ڪس کائبي ته رس رھندي. (پريم رھندو).
    288. ڪسيري (اڌ پئسو) جي ڪتي، ٽڪي جا کائي ٽڪر. (ٽڪو= ٻه پئسا)
    289. ڪنو گدرو پترن (شراڌ، ڌرمائو)حوالي.
    290. ڪڇي جو ڦاڙي، سو نه کاڄاري.
    291. ڪارو وھي ڪٻري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي.
    292. ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا.
    293. ڪاري واري ٿي وسائي (تمام گھڻو پٽڻ).
    294. ڪک ڀڃي ٻه به ڪو نه ڪري. (تمام سست).
    295. ڪُکِ ئي کرجي پيم. (اولاد ڪنن لڇڻن وارو).
    296. ڪٿي ھڪ، ڪٿي ٻه، ھتي ته کبڙ ئي (پيرن جو وڻ) کرجي پيو آھي (يعني گھر جا سڀ ٻار).
    297. ڪو ڌڪ رحماني (پيار جو)، ڪو ڌڪ شيطاني.
    298. ڪانوَ وانگر پيو ٽان ٽان ڪري (بڪ بڪيو).
    299. ڪن جو روئڻ به راحت، ڪن جو کلڻ به خواري.
    300. ڪک به نه نندجي، ڪک وڏي وٿ، اڏي پويئي جي اک ۾، ته گھڻو ڏيئي ڏک!؟


    301 کان 400

    301. ڪک جو چور سو لک جو چور.
    302. ڪي مون نه وڻن، ڪن مان نه وڻان.
    303. ڪانوَ کي آنورا ھجن ھا ته اڏامندي ڏسجن ھا.
    304. ڪپاتر پٽ کان سپاتر ڌيءَ ڀلي.
    305. ڪنڀر جي گھر ۾ ٻٽا (ڪنن ڀڳل) ڪُنان.
    306. ڪن سان ڪن ڪو نه مئبو.
    307. ڪني آڱر وڍي ڀلي آ.
    308. ڪوڙي جي پاڙ ٺڪريءَ تي.
    309. ڪوڙي جي ڊوڙ، کڏ تاءِ.
    310. ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟
    311. ڪرسيءَ کي سلام آ.
    312. ڪاوڙ ٻه-منھين ترار آ.
    313. ڪرامت؛ قھر جو گھر آ.
    314. ڪني سارو (ديڳڙي ۾ رڌل) پاٽ ۾ پوندو.
    315. ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو.
    316. ڪم نه ھجي ته وڃ رائي (ننڍي راجا جي) گھر.
    317. ڪنو ديڳڙي کي لڳي ته به ڪنو مٺو، ديڳڙو ڪني کي لڳي ته به ڪنو مٺو. (ضعيف پارٽي ٻنھي پاسي مٺي)
    318. ڪاٽجي نه، پر نانگ واري ڦوڪ نه ڇڏجي.
    319. ڪر ڀلائي ڄٽ سان ته فيري ھڻيئي پٽ سان.
    320. ڪنھن پٽي پاراتو ڏنو اٿس.
    321. ڪنھن سان به پير ڀرجي، اجايو ڪو نه ويندو.
    322. ڪمائي نه ڪوڏي، خرچڻ لاءِ کڙي آ.
    323. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    324. ڪتو به ڪڙم ۾ سونھندو آ.
    325. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
    326. گند سان گند ڪو نه مئبو آ.
    327. گپ ۾ گھڙبو ته ڦينگن ڀر ڪو نه ڊڄبو.
    328. گھپي ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي ڇڏيندي آھي.
    329. ليٽي پيٽي پنھنجي ذات ڏيکاريائين.
    330. لھڻي وارو موٽي وڃي، ساعت وارو کائي وڃي.
    331. لالچ بري بلا آ.
    332. لڳو واءُ، ويو ساھ.
    333. لھڻي-خور جو کائجي، مھڻي-خور جو نه کائجي.
    334. ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    335. ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولھي شڪارين جا گھر.
    336. ڳڻ-چور نه ٿجي.
    337. ڳڙ ڳڙڌاڻيون، پٽنس نياڻيون.
    338. گھر ٻاري ڏياري ڪو نه ڪبي آ.
    339. گھر جي ڪل ڪل ساوا وڻ به سڪا ڪري.
    340. گھڻين زالين گھر نه ھلي، گھڻين مڙسين ھر نه ھلي.
    341. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
    342. گھوٽ ڪنوار راضي، ته ڪيا ڪرينگا قاضي.
    343. گھڙيءَ جي سک لاءِ به ماڻھن مکڻ جي ماڙي جوڙائي آ.
    344. ھئي اڳيئي نچڻي، ويتر پاتائين گھنگھرو.
    345. ھڪ پٽي، سؤ لٽي. (ھڪ لٽي، سؤ پٽي).
    346. ھڙون ڏيئي ھڻاءِ (ڪارج ڪر) ته مالڪ ڏيئي مجرا.
    347. ھٽ کٽائي، ٿيو حلوو کائڻو.
    348. ھٿ لائينس ته ھٿ ڪارو، پير لائينس ته پير ڪارو.
    349. ھندو آھي ھوند سان.
    350. ھڙ به گاشو، لوڪ تماشو.
    351. ھنگڻ ٿورو ڦڙ ڦڙ گھڻي (ڪم ٿورو پر ڳالھائڻ گھڻو)
    352. ھي به جو ڪو ٻوٽو ٻاري. (جي پيرن ڀر بيھي).
    353. ھنر واري جو ھنر، بي ھنرئي جي جند.
    354. ھڪ اڻ ھوند، ٻيو افعال بڇڙا.
    355. ھن گھر جا ڀاتي جوئارو اٽو آھن. (ٻڌيءَ ۾ نه آھن).
    356. ھي منھنجو لنگوٽيو يار آھي.
    357. ھوند مان نه ڪري ان کي به لعنت، جيڪو اڻ ھوند مان به ڪري ان کي به لک لعنت.
    358. ھمٿي مڙدان، مددي خدا.
    359. ھي ھر ديگي چمچو آھي. (سڀ سان پورو).
    360. ھٺ نه ڪجي ھيترو، ھٺ وڃايا وير.
    361. ھيءَ دنيا جنھن کي چئجي ٿو سا پاڻ مسافرخانو آ.
    362. ھٿ ۾ ڇري ڪڇ ۾ قران.
    363. ھٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪھڙي ضرورت.
    364. ھي ڪنھن جي وڍيءَ تي به مٽڻ وارو ڪو نه آھي. (ڪنھن جي ڪم نه اچڻ وارو).
    365. ھڙ حرام، بجڪو حلال.
    366. ھو مَ-ڏيئو، ھي مَ-ڇڏو.
    367. ھل چريا، مست ٿا اچني.
    368. ھر ڪو ھلندو پوءِ ڪو اڳي ڪو پوءِ.
    369. ھوائي قلعا پيو بڻائين.
    370. قرض آھي مرض.
    371. مالڪ وتن ٻيڙيءَ چڙھندا شاھد پيا غوطا کانئين.
    372. مولى مينھن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.
    373. مستن تي ناھ ميار يار، مستن جي آ دنيا ڌار.
    374. ماڻھو بکيو آ مان جو، نه نان جو.
    375. مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
    376. مال پراڻو ڊرا (زور) شاھي.
    377. منھن ڪؤنئري ڳٽا پٽائي.
    378. مينھن چوي ٿي گانءِ کي ھل ڙي پڇ ڪاري.
    379. مولا! مت جو موڙھو، ڳنڍ جو ڳوڙھو گراھڪ ملائج.
    380. مروان موت، ملوڪان شڪار.
    381. ماڻھو مڙيئي نه سھڻا، پکي مڙيئي نه ھنج، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.
    382. ماڻھو ڪڏھن ڀريءَ ۾ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
    383. منھنجو ڇا وڃي، ڊول يا چمٽو.
    384. مون ڪو ڄڻيو ھو، اڀ مان جھٽيو ھو.
    385. مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ.
    386. مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو آھي.
    387. ملان چور، ٻانگو شاھد.
    388. مکڻ مان وار ڪڍڻ.
    389. مٺڙا! گھر ته گھرانءِ.
    390. ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    391. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.
    392. مان نه مان، مئن تيرا مھمان.
    393. منڊن جي ملڪ ۾ وڃجي ته ھڪ ٽنگ کڻي لڪائجي.
    394. مڙد جي کٽي ته زال جي کپي سھيڙ.
    395. مٺ ڀيڙيائي ڀلي، کلي ٿئي واءُ.
    396. مھانگو روئي ايڪ بار، سستو روئي بار بار.
    397. مڙد مري ايڪ بار، ڪانئر مري بار بار.
    398. نه ڪنھنجي کٿي کي ھٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي.
    399. نيم نان، صحت جان.
    400. نيم طبيب خطري جان، نيم ملان خطري ايمان.


    401 کان 453

    401. نيت بد، روٽي رد.
    402. نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
    403. نئين ڪنوار نو ڏينھن، لٿي پٿي ڏھ ڏينھن.
    404. نڌڻڪا گھوڙا، غئباڻا ھسوار.
    405. نيت صاف، مراد حاصل.
    406. نانوَ چڙھيو واپاري کٽي کائي، نانوَ چڙھيو چور ڦاھي چڙھي.
    407. ناڻو نانگي جو، ھٿ جي شاباس.
    408. ناني رڌڻ واري، ڏوھٽا کائڻ وارا.
    409. نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ.
    410. نام بڙا، ديھ بيران. (زمين وئران).
    411. نام بڙا، درشن ڇوٽي.
    412. ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ.
    413. ننھن سان ڇڄي ته ڪاتي نه وجھجي.
    414. نڪ کي مر ڪير لائيندو.
    415. نام جي گھر ۾ آءُ ته نام مليئي.
    416. نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ ڪو نه وجھبا آھن.
    417. نينگر به ننڍي جمعا به گھڻا.
    418. وھندڙ ڍڳي کي مارڻ.
    419. واندامل چي پالھومل ٿو سڏيئي.
    420. واڻيو سؤ سھي، سوائي نه سھي.
    421. ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
    422. وھندڙ پاڻي تاري، بيٺل پاڻي ٻوڙي.
    423. ونڊ کاءِ، سک پاءِ.
    424. وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
    425. ويئي آھي ٺونگڙو ھڻائڻ. (جؤن ڪڍائڻ).
    426. ويٺو اجائي خاڪ ڇاڻي.
    427. وٺ ڪجي ھيٺئين کي، ڪري اچي مٿيون.
    428. ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي ته سکي ننھن.
    429. ڌوٻي ڪا ڪتا، نه گھر ڪا نه گھاٽ ڪا.
    430. ڌوڙ مان ڌن ٿي پيو اٿس.
    431. ڌوٻي ڌوئي مالڪ روئي.
    432. ٺن ٺن گوپال لڳو پيو آھي. (ڪجھ به نه آھي).
    433. ٺونٺ لڳي ساھيڙي ڀڳي.
    434. ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺبو آھي.
    435. کاڌي کوھ به کٽي ويندا آھن.
    436. کڻ کلو (جُوتو) ته ٿيئي ڀلو.
    437. کوھن جا وات بند ڪري سگھبا آھن پر ماڻھن جا وات بند ڪري نه سگھبا آھن.
    438. کٽ تان لھي اچي پٽ تي پيو آھي.
    439. کوٽو ڏوڪڙ انڌو ڇوڪر ھڻ ٽڪاڻي جي حوالي.
    440. کيتي سر سيتي.
    441. کوھ جي ڏيڏر جيان ڇوٽي دنيا ۾ آھي.
    442. کوھ جي مٽي کوھ جي حوالي.
    443. ڊاڪٽر جو يار، سدا بيمار.
    444. ظلم قائم آھي پر ظالم قائم نه آھي.
    445. ڇڏي ڏينس ته ڀل منھن ڀت سان لڳيس.
    446. ڇورا ڇتيءَ ذات جا، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾.
    447. ڇورن اٺ مسيت تي چاڙھيو ھو.
    448. غريبي گلزار، موچاري مينگھو چوي.
    449. عقل ريءَ عذاب، گھڻا پسندينءَ جندڙي.
    450. عشق ناھي راند جو کيلنس ڳڀرو.
    451. ياران موت، عيد برابر.
    452. يار، ڪلجڳ ناھي، ڪرجڳ آھي، اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.
    453. ڄڃ پرائي، احمق نچي.



    ڇپيندڙ: شري ماڌوداس جئرامداس ڇٽاڻي (اڇڙا) شري گپتا پرنٽنگ پريس، الھاس نگر-۳.
    ڇپائيندڙ: دليپ چيتنراءِ ٽھلراماڻي، ۱۱۱/۳۳۲۲، پنت نگر، گھاٽڪوپر (ايسٽ)، بمبئي-۴۰۰۰۷۵


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258274
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386400
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ