ڪتاب جو نالو: ڪيڏي نه مختصر زندگي
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 29 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 234 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 60 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مُهاڳ : هَنجَ اُڏارُن جهڙي حياتي
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • ليکڪ جا ٻيا ڇپيل ڪِتابَ
  • اڻ ڇپيل ڪِتابَ

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڪيڏي نه مختصر زندگي
    ليکڪ: عبدالحئي پليجو
    ڇاپو: پهريون جولاءِ 2015ع
    ٽائيٽل ڊزائين: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: آصف رضا نظاماڻي
    ڇپائيندڙ: مومل پليجو پبليڪيشن ـــ ٻنون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد
    قيمت: 200 روپيا


    KEDI N’A MUKHTASIR ZINDAGI
    (Autobiography)

    By: Abdul Hai Palijo
    First Edition: 1st July 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Mor Sagar
    Composing: Asif Raza Nizamani
    Printed by: Sahil Printers & Publishers Hyderabad, Sindh.
    Published by: Moomal Palijo Publications Banoon.
    Price: Rs. 200


    ارپنا

    پنهنجي ٽوٽاڻن پوٽاڻن
    زينب
    عبدالحئي (جونيئر)
    عبدالصمد
    حسان
    ۽ رُوحَلَ
    جي نالي

    ــــــ عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
    عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
    هي ڪتاب مومل پليجو پبليڪيشن، ٻنون پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي جنهن کي پياري دوست آصف رضا نظاماڻيءَ ڪمپوز ڪيو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    هي منهنجي زندگي جي يادگيرين جو ٽيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ ”سنڌ شاگرد سياست“ نالي ڪتاب ڇپيل آهي. انهي ڪتاب ۾ مون منهنجي ڪاليج ۽ يونيورسٽي دور جي سياسي سرگرمين جو سربستو احوال ڏنو آهي.
    انهيءَ کانپوءِ ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ شايع ٿيو جنهن ۾ مون منهنجي ننڍپڻ کان وٺي ميٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آهي. هن ٽئين جلد ۾ مون مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو منهنجي شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ منهنجي معاشقن جو مون سربستو احوال بيان ڪيو آهي. منهنجي زندگي جي احوال جو چوٿون ڪتاب به آئون لکي رهيو آهيان، پر آئون سمجھان ٿو ته پنجون جلد به لکڻو پوندو. آخر ۾ ڪوشش ڪندس ته سڀني جلدن کي گڏي شايع ڪريان. آخر ۾ آئون شڪرگذار آهيان منهنجي ڀاءُ شمشير جو جنهن هن ڪتاب جي مسودي کي فيئر ڪيو ۽ هن ڪتاب جا ٻه پروف چيڪ ڪيا. سچي پچي جي شمشير ۽ منهنجي ڌيءَ پرهه ڪتاب ڇپائي جي هر مرحلي تي منهنجي رهنمائي نه ڪن ته آئون شايد ئي هيترا ڪتاب نه لکي سگهان ٿا.

    عبدالحئي پليجو


    مُهاڳ : هَنجَ اُڏارُن جهڙي حياتي

    زندگي هڪڙو گونا گون لقاءُ آهي. انهيءَ ۾ مور جي کنڀن جا رنگ آهن، بهار جي مند ۾ ٽڙيل گلن جا هُڳاءَ آهن، سامونڊي وشالتا، گهرائي ۽ عنبيرن جا هٻڪارا آهن، کنوڻين جا تجلا آهن، ميگهه ملهارن جو حسن آهي، اُس جون روپهريون گهڙيون آهن، ڇانءُ جي ٿڌاڻ آهي، ماکيءَ جي مٺاس آهي، مُرڪَ جو نور آهي، ڏکن جون گھنگھور گھٽائون آهن، ٽهڪن جا ٽانگر آهن، سونهن ۽ سَرهائين جون سانوڻيون آهن، عشقَ جون انڊلٺ ريکائون آهن. ان جا هزارين واسَ وَن ۽ ويسَ ورن آهن. اُها سڀني پرين حُسناڪ ۽ سڀني وصفين سهڻي آهي.
    انسان زندگي جي انهيءَ حسن ۽ سونهن مان مڌ وٽيون ڀري پنهنجي اندر ۾ اوتيندو رهي ٿو. گڏوگڏ هو انهن سونهن، حسن ۽ خوبصورتيءَ کي شعور، تخليق، ايجاد ۽ عمل جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي انداز مان هن دنيا ڏانهن موٽائي سندس حسناڪي ۽ سهنجائيءَ ۾ واڌارو ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت مور جي ناچ ۽ هنج جي اڏار وانگر هيءَ حياتي اڳتي وڌندي هلي ٿي. حياتي جو اهو سفر ڪٿي تيز ته ڪٿي ڍرو ضرور ٿئي ٿو، پر اهو بيهي ڪٿي به نه ٿو. اهو بيهي به نه ٿو سگهي. اُنهيءَ جي خوبي ئي هلڻ آهي، هلندو رهڻ آهي. اِنهيءَ ڪري هن دنيا ۾ جيڪي به مڻيادار مانجھي پيدا ٿيا آهن، اهي هلندا، هڪليندا ۽ ٻيلي ساريندا رهيا آهن. انهن هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ ۽ رُڪ ڀري راند ۾ فرق نه وجھڻ ئي سکيو آهي. اهو ئي مانجھين جو مَرڪُ آهي.
    پر جيڪي اهڙا مڻيادار مانجھي هوندا آهن، اُهي هڪڙي ٻي شيءِ پڻ ڪندا آهن. اُها شيءِ آهي زندگيءَ جي سفر تي گهري نِهارَ، پوئتي لنئوڻو، ڪيل سفر جي ڪٿ، حياتيءَ جو حساب ڪتاب. اُهي هڪ ڏاڪي تي پهچي تورَ تَڪَ ڪندا آهن ته اسان ڇا پاتو آهي، ڇا وڃايو آهي؛ ڇا ڪري سگهيا آهيون، ڇا نه ڪري سگهيا آهيون؛ جيون جو سفر ڪيڏو سجايو آهي، ڪيڏو وئرٿ آهي؟ اُهي جانچ پڙتال ڪندا آهن، اوک ڊوک ڪندا آهن، ڪنهن پئماني تي جيون جي پئمائش ڪندا آهن. جڏهن ڪازان زاڪس جهڙو لازوال اديب ۽ ناولنگار پنهنجي جيون جي حساب ڪتاب لاءِ قلم کڻندو آهي ته هو “Report to greeco” جهڙو شاندار ڪتاب لکندو آهي. البت جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر پنهنجي حياتيءَ تي تنقيد ۽ تڪ تور واري نظر وجھندو آهي ته بيساخته چئي ڏيندو آهي ته:
    تاڃي توريائون، ته عيب نڪتا اڳيان،
    اگلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.
    اهو به هڪڙو انداز آهي پنهنجي زندگيءَ تي نظر وجھڻ جو. پنهنجي حياتيءَ جي سفر ۽ جاکوڙ جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهيءَ کي لکت هيٺ آڻڻ واري عمل جو نالو آهي آتم ڪهاڻي. دنيا جي اڪثر ڏاهن انسانن پنهنجون آتم ڪهاڻيون يا آتم ڪٿائون لکيون آهن. جيڪي وري پاڻ پنهنجون آتم ڪهاڻيون نه لکي سگهيا، بعد ۾ ٻين ماڻهن انهن ڏاهن انسانن جون سوانح عمريون لکيون آهن.
    هيءَ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته دنيا ۾ جيڪو ادب سڀني کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو، اهو سوانحي ادب آهي، آتم ڪهاڻي، سوانح عمري، يادگيريون، خاڪا، ڊائري جا ورق، جيل ڊائريون، تاثر، تاريخي ۽ سوانحي ناول سڄي دنيا ۾ تمام وڏي دلچسپيءَ سان ۽ تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن. سوانحي ادب مان دنيا جي دلچسپي ڪڏهن به گهٽ نه ٿي ٿئي.
    سنڌي ادب ۾ پڻ سوانحي ادب کي هڪڙو خاص مقام ۽ مرتبو حاصل آهي. ويهين صديءَ جي شروعات کان سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻيون لکجڻ شروع ٿيون. هاڻي اهو عمل پنهنجي جواڻيءَ تي رسي چڪو آهي. سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون، خاڪا، تذڪرا، تاثرات يادگيريون ۽ جيل ڊائريون هاڻي وڏي پئماني تي سرجن ٿيون. جيتوڻيڪ تاريخي ۽ سوانحي ناول سنڌيءَ ۾ اڃا بانبڙا پائي رهيو آهي، پر سٺي ڳالهه آهي ته ان جو ڄَمُ ٿي چڪو آهي. آتم ڪهاڻين وانگر نيٺ اهو به پنهنجي جُواڻيءَ کي اچي رَسندو.
    سنڌيءَ ۾ جيڪي آتم ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا ويا آهن. انهن ۾ اهڙا ڪتاب بلاشڪ گهٽ آهن، جيڪي هر دؤر ۾ پڙهيا وڃن. پر اصل ڳالهه ڪنهن صنف جو مروج ٿيڻ، قبوليت ماڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ آهي. ڪا به صنف جيئن جيئن اڳتي وڌندي هلي ٿي، تيئن تيئن وڌيڪَ معياري ٿيندي ٿي وڃي. اها ئي ڳالهه سنڌي سوانحي ادب سان به لاڳو آهي. اهو جيترو اڳتي هلندو، معيار ۽ خوبصورتيءَ جون اوتريون ئي نيون دنيائون دريافت ڪندو.
    عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گھري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
    سنڌي ادب ۾ عبدالحئي پليجي جي بنيادي سڃاڻپ سفرنامه نگار طور آهي. پليجي صاحب جا سفرناما پڙهندي ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ ماڻهو ان سفر ۾ ساڻس گڏ هجي ۽ سمورا منظر ۽ ڏيک پَنهنجين اکين سان ڏسندو هجي. اهڙي خوبي تمام گهٽ ليکڪن منجهه هوندي آهي. ورلي ليکڪ آهن، جيڪي اهڙين خوبين سان سرشار هجن ٿا.
    عبدالحئي پليجو جيئن ته هڪڙي ڀرپور زندگي گذّاري چڪو آهي، ان ڪري هينئر جڏهن سندس حياتيءَ تي شام جا پاڇا لڙڻ لڳا آهن، تڏهن هو پنهنجي حياتيءَ جي جمع پونچي ڳڻڻ ويٺو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو حساب ڪتاب پيش ڪرڻ ۽ تجربا ونڊڻ شروع ڪيا آهن. مطلب ته سفرنامن جو هيءَ راجا راڄ ڌڻي هاڻي پنهنجي آتم ڪٿا تي ڪم ڪري رهيو آهي. ائون هي جيڪي مُهاڳيا ئي ورق لکي رهيو آهيان، اهي سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب تي ئي ته آهن. هيءُ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڀاڱو آهي. هن کان اڳ ۾ سندس آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو ڪتابي شڪل ۾ ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. آئون اهو ڪتاب پڙهي ان جي حُسناڪيءَ تي دنگ رهجي هيس. هن تمام شاندار انداز سان اهو ڪتاب لکيو آهي. پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي هن لاڙ پٽ جي اپٽار ايڏي ته سهڻي انداز سان ڪئي آهي، جو سنڌو درياهه جي سونهن، ڪچي جا رنگ، پتڻ تي ايندڙ ويندڙ ٻيڙيون، پاڻيءَ تي سونا روپهرا ڪرڻا، زندگي جو ڪار وهنوار، نچندڙ ڪڻڪن جا سونا سنگ، چانڊوڪيون ۽ چيٽ؛ ادبي، سياسي، سماجي ويهڪون، راڳ رنگ جون محفلون، ميلا ملهالا؛ مطلب ته هڪڙو سڄو سارو علائقو، ان جي فطري خوبصورتيءَ ۽ زندگيءَ جا انيڪ گوشا ماڻهو مٿان چٽا ۽ پڌرا ٿي بيهن ٿا. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ان دؤر جي چهل پهل کي پڻ ايڏو سهڻو اپٽاريو ويو آهي، جو ماڻهو موهجيو وڃي. وڏي ڳالهه ته ان ۾ سندس ڪچاٽ وَهيءَ جي پهرئين عشق جي روشني پڻ آهي.
    ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي. سندس هيءُ ڪتاب سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڀاڱو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ پڻ سوانحي ادب جو کي حصو آهي پر اهو هڪڙو سياسي ڪتاب آهي، جنهن ۾ يادگيرين جا رنگ آهن. ڪي ڪي سياسي ڪتاب ڪنهن خاص سياسي موضوع ۽ دؤر جو احاطو ڪندي به پنهنجي انداز ۾ يادگيرين ڀريو يا سوانحي طرز رکندڙ هوندا آهن. ان جي باوجود به اُهي آتم ڪٿا نه هوندا آهن. ”سنڌي شاگرد سياست“ پڻ هڪڙو اهڙو ڪتاب آهي. اهو آتم ڪٿا کان وڌيڪَ تاريخ آهي. جيڪي انهيءَ ڪري ئي ليکڪ ان کي پنهنجي آتم ڪٿا کان ٻاهر رکيو آهي. ان ڪري ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ کي پنهنجي آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو ڄاڻائيندي هن هيءَ ٻيو ڀاڱو لکيو آهي. پهرئين ڀاڱي وانگر سندس آتم ڪهاڻيءَ جو هيءُ ٻيو ڀاڱو پڻ پڙهندڙن وٽ جوڳي مڃتا ماڻيندو آئون ڀانيان ٿو ته پڙهندڙ ان جي خوبصورتيءَ جي ڀاڪرن ۾ گھيرجي ويندو.
    عبدالحئي پليجي جي آتم ڪهاڻي لکڻ جي انداز جي هڪڙي خوبصورتي هيءَ آهي ته هڪڙي ڳالهه لکندي لکندي وچ ۾ هن جو تصور ڪنهن پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائي ٿو ۽ هو پڙهندڙ کي ڪنهن نئين ڳالهه، ڪنهن نئين واقعي يا ڪنهن نئين خيال جي دنيا گهمائي اچي ٿو. نئين ڳالهه کي سهيڙي هو وري ساڳوڻي ان ڳالهه ڏانهن موٽي اچي ٿو، جتان سندس تصور جي پکيئڙي ڀڙڪو کاڌو هو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي پاسا ڏيکارڻ سان گڏوگڏ پڙهندڙ کي نين دنيائن سان به شناسا ڪندو هلي ٿو. هو اهڙي ته پياري تسلسل سان لکي ٿو، جو ڳالهيون ڳنڍير جي ڳنڍين وانگر پاڻ ۾ سمويل ڀاسنديون آهن. هو ڄڻڪ هڪڙي سنگھر ٺاهيندو ٿو هلي، جنهن جي ڪڙي ڪڙيءَ ۾ ائين ڀِچيل هوندي آهي، جو ائين لڳندو آهي ته اها ئي ان جي اصل جڳهه آهي.
    هن ڪتاب جي هڪڙي خوبي هيءَ به آهي ته اهو فقط عبدالحئي پليجي جي حياتيءَ جو داستان ڪونهي، پر اهو سنڌ جي سياست تي به هڪ تيز نگاهه وانگر آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي جيڪي وڍ مليا آهن، عبدالحئي صاحب انهن جو پڻ مذڪور ڪري ٿو. خاص طور تي ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ جي زرعي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي جيڪا ڀيل ڪئي وئي، هو ان جا انگ اکر پيش ڪري ٿو. انهيءَ زماني ۾ عبدالحئي شاگرد سياست ۾ سرگرم آهي، ان ڪري هو سنڌ جي مختلف ضلعن جي تنظيمين دؤرن تي پڻ نڪري ٿو. پوءِ هو جنهن جنهن شهر پهچي ٿو، ان تي پنهنجيءَ لکت ۾ طائرانا نظر وجھي ٿو. اها تمام اهم ڳالهه آهي. آئون ان راءِ جو آهيان ته نه فقط آتم ڪهاڻين ۾، پر هونئن به يا وري سفرنامي جي صورت ۾ اسان کي پنهنجن شهرن ۽ علائقن تي لکڻ کپي؛ جيئن هڪ دؤر لکت جي صورت ۾ محفوظ ٿي سگهي. لکيل لفظ جي هڪڙي حيثيت هيءَ به آهي ته اهو تاريخ ٿئي ٿو؛ پوءِ ڀل اهو تاريخ تي لکيل نه به هجي. ان ڪري پنهنجن شهرن ۽ علائقن تي لکڻ معنيٰ انهن جي انهيءَ دؤر کي تاريخ جي روشني هيٺ آڻڻ. ان نقطي نگاهه کان ڏسجي ته اها هن آتم ڪهاڻيءَ جي هڪڙي آتم نگاهه کان ڏسجي ته اها هن آتم ڪهاڻيءَ جي هڪڙي آتم خوبي آهي ته ان ۾ سياست به آهي، تاريخ به آهي، سفر به آهي، واقعا به آهن، دنيا جهان تي نظر به آهي ته هڪڙي پروقار گهڻ پاسائين ۽ متحرڪ زندگي جو تفصيلي وستار به آهي. اهڙيءَ ريت اڳتي وڌندي هيءَ آتم ڪهاڻي پنهنجي دؤر جو آئينو ٿي پوي ٿي. جيڪي انسان پنهنجي ديس کي پنهنجي دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪندا آهن ۽ جن جون دليون ڌڙڪڻون آزاديءَ جا گيت ٿي پونديون آهن، اهي انسان پنهنجي دؤر ۽ ديسَ جو آئينو هوندا آهن. ديس انهن جي مڌ ماتين، اوجاڳيل ۽ اداس اکڙين ۾ پنهنجا خواب رکي ڇڏيندا آهن. هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهندي بيشڪ عبدالحئي پليجو اهڙو ئي انسان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    هر غير معمولي ماڻهو پنهنجي دؤر کان گهڻو اڳتي وڌيل هوندو آهي. پنهنجي دؤر کان اڳڀرو هجڻ سبب دؤر ساڻس همقدم ٿي نه سگهندو آهي؛ بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته اهو سندس وکن ۾ ڏانوڻ ۽ ونگ وجھڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آهي. زماني جي انهيءَ رَوَشَ تي ڪن غير معمولي انسانن کان ڪڏهن ڪڏهن دانهن به نڪتي آهي. بَرصَغِيرَ جي تمام وڏي عالم، اديب، سياستدان ۽ مقرر مولانا ابوالڪلام آزاد جي اهڙيءَ روش جي شڪايت ڪندي ئي چيو هو ته: ”آئون جنهن دؤر ۾ ڄائو آهيان، انهيءَ دؤر جو ماڻهو ناهيان“. ساڳي ڳالهه عبدالحئي پليجي لاءِ پڻ چئي سگهجي ٿي ته هو پنهنجي دؤر جو ماڻهو ناهي. هو هن دؤر کان گهڻو اڳتي وڌيل انسان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هو پنهنجي دؤر کان شڪايت نه ٿو ڪري. البت هو پنهنجي دؤر جي مدي خارج، پٺتي پيل ۽ غلط ڳالهين تي وار ضرور ڪري ٿو. محبت انسان جي سڀ کان وڏي اؤوجرَ، سچائي ۽ حاصلات آهي. پر پٺتي پيل سماجن ۾ محبت کي ممنوع قرار ڏئي پابند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پٺتي پيل معاشرا، محبت، آزاديءَ ۽ چڱائين جا ويري ٿيندا آهن. اهڙن معاشرن ۾ بڇڙايون، بديون، بدعتون، بدعنوانيون ۽ ڪوڙ ته سرعام هلندا آهن، پر محبتون ۽ سچ پاڻ لڳائڻ ۽ پاڻُ بچائڻ جا جتن ڪندي ملندي آهن. اهڙي سماج جا ماڻهو پاڻ کي پوتيءَ پاڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ملندا آهن. ان جي ابتڙ عبدالحئي پليجو پنهنجين محبتن کي لڪائي نه ٿو. هو پنهنجين محبتن کي لکت جي سُهائي هيٺ آڻي ٿو. جتي ماڻهو محبتن لاءِ اونداهيون ڳوليندا هجن، اتي ڪير پنهنجين محبتن کي سوجهري هيٺ آڻي ٿو ته اها تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اسان کي عبدالحئيءَ جي آتم ڪهاڻيءَ جي پهرئين ڀاڱي ۾ به ملي ٿي ته ٻئي ڀاڱي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو بنان خوف خطري، بنان مصلحت جي بيباڪ ٿي لکي ٿو. هو مڌ جي خمارن کان وٺي جوڀن جي امنگن تائين زندگيءَ جي انيڪ زاوين جون جھلڪون پسائي ٿو.
    اڃا ته سندس آتم ڪهاڻي هلي ٿي، اها اڃا پوري ڪانه ٿي آهي. هيءَ ته فقط ان جو ٻيون ڀاڱو آهي. جنهن ۾ سندس جوانيءَ جو مذڪور ڄڻ ته ڇڙيو ئي مس آهي. اڃا ته تانُ مس کڄي آهي، راڳ ته اڳتي آهي. سو سندس حسناڪ لکڻي، ڪنهن چنچل وينگس جي اک ادا جهڙي بيباڪي، سنڌوءَ جي لهرين جهڙي ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻولي ۽ ڳالهه منجھان ڳالهه کڻڻ جي بانوري انداز کي ڏسندي آئون پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته سندس آتم ڪهاڻي جا ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ تمام اهم ۽ مٿڀري جڳهه والاريندا ۽ هيءُ ڪتاب پڻ انهن ڪتابن ۾ امتيازي حيثيت رکندڙ هوندو.
    اولهه جي هڪڙي اديب لکيو آهي ته: ”ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ٻار ڄڻڻ کپي، هڪ وڻ پوکڻ کپي ۽ هڪڙو ڪتاب لکڻ کپي.“ ان قول کي جي سامهون رکنداسين ته عبدالحئي پليجو اهو ماڻهو آهي، جنهن ٻار به گهڻيرا ڄڻيا آهن، وڻ به گهڻا ئي پوکيا آهن ۽ ڪتاب به گهڻا لکيا اٿس. اهو سندس ڀاڳوند هجڻ جو اهڃاڻ آهي. واقعي به هن هنجن جي اڏارن جهڙي حياتي گهاري آهي ۽ زندگيءَ جي پلئهُ مان مور جي کنڀن جهڙا رنگ ۽ انڊلٺ جهڙيون حسناڪيون ميڙيون اٿس. يقيناً اُهي سڀ خوبصورتيون سندس لکڻين ۾ به اوتجي ۽ پالوٽجي اچن ٿيون. اُهي رنگ روپ ۽ خوبصورتيون هن ڪتاب ۾ به ائن صاف شفاف، سهڻيون ۽ دلڪش نظر اچن ٿيون جيئن ڪينجهر جي صاف شفاف نيري پاڻيءَ ۾ گلابي بدن نظر ايندو آهي.


    نواز خان زئور
    11 فيبروري 2015ع
    ميرپور بٺورو


    1

    مون کان منهنجو ٻالڪپڻو ۽ اسڪولي زندگي ايئن کسجي ويا، جيئن ڪنهن غريب کان خدائي کسجي وڃي. اسان سڀ شاگرد پنهنجو پنهنجو سامان کڻي اتان ريلوي اسٽيشن کان ٿي ڪري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ۽ ڪي هاسٽل ڏانهن روانا ٿياسين ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هاسٽل پهچي وياسين. منهنجي فرسٽ ييئر ۽ انٽر جي پڙهائيءَ وارو دؤر گهڻو ڪري پڙهائيءَ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ ۾ گذري ويو. اُنهيءَ د‏ؤر ۾ مون ڪجهه شعر به لکيا، جيڪي اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهن. اهي سڀ عشقيه شعر آهن. هڪ افسانو به لکيم، جيڪو ڪاليج جي مئگزين ۾ شايع به ٿيو. منهنجي انٽر تائين پڙهائيءَ دوران منهنجو ڌيان صرف پڙهائيءَ تائين محدود هو. انهيءَ دوران جنرل ايوب طرفان لڳايل مارشل لا کانپوءِ ڪرايل ريفرينڊم، فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب جي اليڪشن دوران ڪراچيءَ ۾ گوڙ ۽ سن 1965ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لڳل جنگ وارا خاص واقعا ٿيا. انهن واقعن جو مختصر احوال پڙهندڙن جي ڄاڻ خاطر بيان ڪجي ٿو. فوجي آمر جنرل ايوب خان پاڻ کي صدر چونڊرائڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ نئون تجربو هو. ريفرينڊم معنيٰ ته صرف هڪ بيلٽ باڪس، جنهن ۾ صرف ان وقت يونين ڪائونسلن جا ميمبر يا ڪائونسلر ووٽ ڏيئي صدر جي چونڊ ڪرڻ لاءِ پابند ڪيا ويا. ريفرينڊم جي نگراني ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي پوليس آفيسر ايس پي ڪري رهيا هئا. ان وقت سڄي پاڪستان ۾ يونين ڪائونسلن جي ميمبرن جو ڪل تعداد اسي هزار هو. سرڪاري اعلان موجب جنرل ايوب خان کي 75283 ووٽ مليا ۽ 4717 ووٽ سندس خلاف پيا. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ڪو به ماڻهو اميدوار ڪونه هو. هن ريفرينڊم کان ٻه ڏينهن پوءِ يعني 17 فيبروري 1960ع تي پاڻ صدارتي قسم کڻي ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو. اهو واقعو منهنجي مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ جو آهي. يونين ڪائونسلن جوي ميمبرن کي انهيءَ وقت بيسڪ ڊيموڪريسي ميمبر ۽ ان جو مخفف بي ڊي ميمبر سڏيو ويندو هو. پهريون ڀيرو جنرل ايوب ريفرينڊم وسيلي صدر ٿيو، پر ٻيو ڀيرو صدارت اليڪشن وسيلي حاصل ڪرڻي هئي. ايوب خان ۽ سندن ساٿين جو خيال هو ته ايوب خان جي مخالفن وٽ صدارتي چونڊ لاءِ ڪو به موزون اميدوار موجود ڪونهي، تنهنڪري کين يقين ٿيو ته ايوب خان آسانيءَ سان صدر چونڊجي ويندو. پر مخالف ڌر عقلمنديءَ سان قائد اعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح، جنهن کي قوم ”مادر ملت“ جي لقب سان ياد ڪندي هئي، تنهن کي ايوب خان جي سامهون صدارتي اميدوار طور بيهاري سڄي قوم کي حيران ۽ ايوب خان ۽ سندس ساٿارين کي پريشان ڪري ڇڏيو. صدارتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق صرف بي ڊي ميمبرن کي حاصل هو، پر محترمه فاطمه جناح سڄي ملڪ ۾ وڏا وڏا عوامي جلسا ڪري ايوب خان کي چريو ڪري ڇڏيو. پهريائين ته ايوب خان جلسن ۾ شائستگيءَ سان ڳالهائيندو هو پر آخر ۾ سندس زبان تي ڏاڍو سخت لهجو اچي ويو ۽ محترمه فاطمه جناح کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. محترمه جناح به سندس پٽ گوهر ايوب ۽ مٿس ڪرپشن جو چٺو ظاهر ڪيو ته هنن ڪيئن گنڌارا انڊسٽريز ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ملون ٺاهيون ۽ سنڌ ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمين ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪئي. ايوب خان وري مُلَن کان فتويٰ جاري ڪرائي ته عورت صدر ٿي نٿي سگهي. انهيءَ وقت ايوب خان جي خلاف سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري اوڀر پاڪستان ۽ ڪراچيءَ ۾ اهڙي ته سخت نفرت پيدا ٿي جو ماڻهن جو سؤ سيڪڙو رايو هو ته ايوب خان چونڊن کان اڳ ئي جنرل اسڪندر مرزا وانگر ملڪ مان تڙيو ويندو جنهن کي خود جنرل ايوب آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا مڙهائي رات وچ ۾ ملڪ مان تڙي لنڊن روانو ڪري ڇڏيو هو. مزي جي ڳالهه اها هئي ته انهيءَ صدارتي اليڪشن ۾ جماعت اسلامي محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي، پر جڏهن بينظير مُلڪ جي وزير اعظم ٿي ته ساڳي جماعت اسلامي فتويٰ ڪڍي ته بينظير عورت آهي ۽ عورت ملڪ جي وزير اعظم ٿي نٿي سگهي. سن 1965ع واري ايوب خان ۽ فاطمه جناح صدارتي اليڪشن دوران شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا مخالف ڌر وارا ليڊر اسان جي ڳوٺ ٻنون ۾ پهرين اسان جي اوطاق تي آيا ۽ پوءِ شهر ۾ جلسه عام کي خطاب ڪيو. بابا سائين انهيءَ ڏينهن حيدرآباد ويل هو.اسان جي طرف وارن سمورن بي ڊي ميمبرن انهيءَ اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح کي ووٽ ڏنا هئا. اها اليڪشن ٻه جنوري سن 1965ع تي منعقد ٿي هئي. هر پولنگ اسٽيشن تي فوج بيٺي هئي. سمورا بي ڊي ميمبر ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي جي هدايتن موجب ووٽ ڪاشٽ ڪندا رهيا.
    سرڪاري اعلان موجب محترمه فاطمه جناح کي 38691 ووٽ مليا ۽ ايوب خان کي 49951 ووٽ مليا. اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب ڪراچي ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو جنهن تان جھيڙو ٿي پيو ڪيترائي ماڻهو مري ويا. شهيد ڀٽو ان وقت ايوب خان جي ڪابينا ۾ وزير هو، تنهن اندازو ڪري ورتو ته ايوب خان جا هاڻ پويان ڏينهن آهن. صدارتي اليڪشن کٽڻ کان ترت پوءِ هندستان پاڪستان جي سنڌ بارڊر رڻ ڪڇ وٽ فوجي جھڙپ ٿي. اهڙيون جھڙپون ڏهن سالن کان جاري هيون پر انهيءَ سال ڪجهه زياده جھڙپون ٿيڻ لڳيون ۽ هندستاني فوج جو ڪافي مقدار ۾ فوجي سامان پاڪستان جي قبضي هيٺ اچي ويو. هيٺ برطانيه ٻنهي ملڪن ۾ ٺاهه ڪرايو، جنهن تحت هندستان جو 350 چورس ميل ايراضي پاڪستان کي ڏيئڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن تان هندستاني وزير لال بهادر شاستريءَ تي ملڪ ۾ تمام گهڻي تنقيد ٿي ۽ انهيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ هندستان بغير ڪنهن اعلان جي لاهور بارڊر وٽ جنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ بي بي سي ريڊيو بنا ڪنهن تصديق جي هيءَ خبر نشر ڪري ڇڏي ته هندستاني فوج لاهور شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. اُنهيءَ خبر سڄي ملڪ جي عوام کي ڏاڍو مايوس ڪيو. البت دنيا جي ٻين ريڊيو اسٽيشنن لاهور تي هندستاني قبضي جي ترديد ڪئي. هن جنگ دؤران عوام کي بليڪ آئوٽ ڪرڻ جو پهريون تجربو ٿيو. آئون اُنهيءَ وقت ڳوٺ هئس. تڏهن اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ اڃا بجلي ڪا نه پهتي هئي. تنهن هوندي به ڳوٺ ۾ سج لٿي کانپوءِ ڪو به ماڻهو ٻاهر توڙي گهر ۾ باهه، بيتي ۽ پيٽروميڪس عرف گولو وغيره هرگز ڪونه ٻاريندو هو. ريڊيو تان هر هر پيو اعلان ٿيندو هو ته پنهنجي علائقي ۾ ڪو به مشڪوڪ ماڻهو ڏسو ته کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ريڊيو تان وري هي اعلان نشر ٿيڻ لڳو ته ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪريو، جنگ دؤران اسان جي سڄي علائقي ۾ ڪا به چوري يا ڪو به ڏوهه ڪونه ٿيو. والد صاحب اسان کي ٻڌايو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڏاڍي مهانگائي ٿي هئي، تنهنڪري هاڻي به جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ يقيناً مهانگائي ٿيندي ۽ ائين ئي ٿيو. هن 1965ع واري جنگ ۾ ايران ۽ ترڪيءَ پاڪستان جي مدد ڪئي پر انڊونيشيا صدر سوئيڪارنو جي اڳواڻيءَ هيٺ تمام گهڻي مدد ڪئي. هن پاڪستان کي ڪافي جنگي هوائي جهاز، ميزائيل بردار سامونڊي جهاز ۽ ٻه آبدوز ٻيڙيون موڪليون. چين به پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ پنهنجون فوجون هندستان جي سرحد تي گڏ ڪيون ۽ هندستان کي ڌمڪي به ڏني (ڏسو قدرت الله شهاب جو ڪتاب شهاب نامه، صفحو 934) انهي ڪتاب ۾ قدرت الله شهاب لکيو آهي ته ملڪ جو صدر جھنجھلاهٽ، ڪاوڙ ۽ ٻڏتر ۾ هٿيار يڪدم ڦٽا ڪرڻ جي موڊ ۾ هو، پر سندس وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽي اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ زبردست ۽ جوشيليون تقريرون ڪري هندستان سان هزار سال جنگ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. نيٺ 23 سيپٽمبر 1965ع تي صدر ايوب جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ ڀٽو نيو يارڪ کان ڪراچي وڃڻ بدران پهرين مون وٽ ايمسٽرڊيم شهر آيو، جتي آئن پاڪستان جو سفير هئس. هن ڳالهين ۾ صدر ايوب ۽ ڪن ٻين جنرلن جي بي همتي، جنگ ۾ سندن ناقص حڪمت عملي ۽ وقت کان اڳ جنگ بنديءَ جي اعلان تي سخت تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته هو هاڻ صدر ايوب سان گهڻو وقت هلي نه سگهندو ۽ پنهنجو رستو جلد جدا ڪندو. نيٺ تاشقند ۾ سندن اختلاف کُلي ظاهر ٿي پيا. قدرت الله شهاب لکي ٿو ته ڀٽي جو رايو هو ته تاشقند ۾ سواءِ ڪنهن به ٺاهه ڪرڻ جي پاڻ کي هتان واپس هليو وڃڻ گهرجي، پر جنرل ايوب ٺاهه جي حق ۾ هو ۽ اُتي ئي سندن اختلاف اڃا به وڌيا. مزي جي ڳالهه اها آهي ته صدر ايوب جنگ کانپوءِ Friends, Not Masters فرينڊس، ناٽ ماسٽرس نالي هڪ ڪتاب لکيو پر ان ۾ انهيءَ 1965ع واري جنگ جو ذڪر ڪونه ڪيو اٿس. اها خود هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. 1965ع واري مذڪوره جنگ کانپوءِ پاڪستان آرمي ۾ ڪميشنڊ آفيسرس جي ڀرتيءَ جو اعلان ٿيو ۽ آئون ان وقت انٽر جو امتحان پاس ڪري چڪو هئس، سو مون به انهيءَ لاءِ فارم ڀري جي ايڇ ڪيو موڪليو، ته ترت ئي مون کي انٽرويو ليٽر اچي مليو جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته توهان پنهنجا ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽيفڪيٽ کڻي ملير ڪينٽ ۾ اچي انٽرويو ڏيو. تنهن ڪري آئون پنهنجا گهربل سمورا ڪاغذ ساڻ ڪري انٽرويو کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ ڪراچي پهچي ويس، جتي هوٽل ۾ ڪمرو وڍي سلامتيءَ کي فون ڪيم پر ڪنهن به فون ڪانه کنئي. آئون تيار ٿي سندس هاسٽل ويس. هاسٽل جي گيٽ تي ماسيءَ مون کي ٻڌايو ته هاسٽل ۾ موڪلون آهن. ڪراچيءَ جي اسپتالن ۽ نرسن جي هاسٽلن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي انهيءَ وقت ماسي چئبو هو. ماسيءَ ٻڌايو ته موڪلون چند ڏينهن جون آهن، تنهن ڪري پري پري جون ڇوڪريون ڳوٺن ڏانهن ڪونه ويون آهن. آئون سلامتيءَ کي سڏي ٿي اچان. اها هتي ئي آهي، پر ساڻس ملاقات لاءِ توهان کي هاسٽل سپرنٽنڊنٽ کان اجازت وٺڻي پوندي، جنهن جي آفيس گيٽ جي ڀرسان آهي. آئون سپرنٽنڊنٽ سان ٻه ٽي دفعا اڳ به ملي چڪو هئس. سندس عمر چاليهه سال کن هئي پر پاڻ ٻاهران ڏاڍي سمارٽ لڳندي هئي، هميشه آفيس ۾ تيار ٿي ايندي هئي. سڄي هاسٽل ۾ بلڪل سانت لڳي پئي هئي. گيٽ وٽ ڪير به ويٺل ڪونه هو. آئون سڌو سندس آفيس اندر هليو ويس. آفيس اندر پاڻ اڪيلي ويٺي هئي. مون کيس چيو ته آئون سلامتيءَ سان ملڻ چاهيان ٿو. پاڻ مون کي اجازت ڏنائين ۽ پڇيائين ته تون ڇا پڙهندو آهين ۽ ڪٿي جو آهين؟ توهان جا والدين ڇا ڪندا آهن؟ اهڙيءَ طرح ويئي ڳالهه مان ڳالهه وڌائيندي، ڪجهه بي تڪلف ٿي هڪ البم کڻي اچي منهنجي اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته ڏس مون البم کولي ڏٺو ته منجھس سمورا سندس ئي فوٽو هئا جن مان لڳو ٿي ته جوانيءَ ۾ واقع ڏاڍي حسين هئي. هوءَ هينئر به ڏاڍي پُر ڪشش لڳي رهي هئي. مون فوٽا ڏسي پورا ڪيا ته مون کي چيائين ته هل اندر واري ڪمري ۾ توهان کي ٻيا به فوٽا ڏيکاريان اهو ڪمرو آفيس جي ڪمري سان گڏ آڏو ئي هو. منجھس صوفه سان گڏ هڪ ننڍو بيڊ به پيل هو ڪمري سان اٽيچ باٿ روم به هو. هوءَ هاڻ صوفه تي مون سان صفا ٽچ ٿي ويٺي ۽ ٻيو البم ڏيکارڻ مهل ايترو ته هيٺ ٿي جھڪي جو سندس ارهه قميص اندران ظاهر نظر اچي رهيا هئا. ان سان گڏ سندس جنسياتي انداز گفتگوءِ ۽ کلڻ منهنجي طبيعت کي خراب ڪرڻ جي حتيٰ الامڪان ڪوشش ڪئي پر مون پاڻ کي سنڀالي ۽ بچائي ورتو ۽ هن سيڪنڊ هينڊ حسينا کان جان ڇڏائي سلامتيءَ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيس، هوءَ مون کي شهوتي نگاهن سان ڏِسَندي رَهي. آئون تقريباً ٽيهه پنجٽيهه منٽ کن هن سان گڏ هئس. انهي دوران جهڙوڪر منهنجي جسم اندر هڪ جنگ هلي رهي هئي. سلامتيءَ کي ماسيءَ اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، سا منهنجو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهي هئي، سو هيتري ساري دير جو سبب پڇيائين. مون هاسٽل سپرنٽينڊنٽ سان ملاقات جو سربستو احوال کيس ٻڌايو ته پاڻ هڪ ڏاڍي ڪني گار ان کي ڏني ۽ چيائين ته موڪل وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي مون کي هتي هاڻي ڪافي سال ٿي ويا آهن ۽ آئون هاڻ نرسز يونين جي عهديدار آهيان. هو مون کي ڇا ڪندي؟ هاڻي تون بنا اجازت جي ئي هليو ايندو ڪر. کيس ٻڌايم ته مون کي موڪل وٺڻ لاءِ ماسيءَ چيو تنهن تي پاڻ چئين ته اها ته سندس ڀڙوي آهي. ڪاوڙ ۾ سندس ڳاڙها ڳل اڃا به وڌيڪَ ڳاڙها ٿي ويا ۽ چپن تي هلڪي ڏڪڻي ڏسڻ ۾ آئي. ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن ڪاوڙ ڍري ٿيس ته پُڇئين ته سواءِ خط لکڻ ۽ فون ڪرڻ جي اوچتو ڪيئن اچي وئين؟ کيس ٻُڌايم ته ايندڙ ڏينهن يعني سڀاڻي آرمي ڪميشن لاءِ منهنجو انٽرويو ٿيندو. منهنجي رهائش واري هوٽل تان توکي فون ڪيو هوم پر ڪنهن کنيو ڪونه. پاڻ چيائين ته هاسٽل ۾ موڪلون آهن. ٻن ٽن ڇوڪرين کان سواءِ باقي سڀ ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هليون ويون آهن. تنهن ڪري هينئر اسٽاف باقائده ڊيوٽي ڪونه ٿو ڪري، رڳو منهن ڏيکاريو هليو وڃي. اسان جون بورچياڻيون به موڪل تي آهن ۽ ماني اسان کي پاڻ ٺاهڻي پوي ٿي. مون کيس چيو ته پاڻ هاڻ هلون منهنجي رهائش واري هوٽل تي. انهيءَ تي کلي چيائين ته انهيءَ ڏائڻ مان پيٽ ڪونه ڀريو ڇا، جو مون کي هلڻ لاءِ چوين ٿو. مون به کيس چيو ته پوءِ اهڙي ڀَلَ ڪُلهيرِيءَ کي پنهنجي حفاظت لاءِ ويهاريو ڇو اَٿَوَ؟ پاڻ وراڻيائين ته سڄي هاسٽل خالي پئي آهي، هتي ئي رهي پئو. کيس چيم ته اهو ٺهي ڪونه ٿو. پاڻ هوٽل تي ٿا هلون. اتي ٻه ٽي ڏينهن رهنداسين. سڀاڻي منهنجو انٽرويو آهي. جيڪڏهن ان ۾ پاس ٿيس ته وري ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيندو. تنهنڪري توهان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ سامان سميت تيار ٿي هتان هلو. ائين هوءَ تيار ٿي ته مون سندس ٿيلهو کنيو ۽ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هاسٽل ۽ هوٽل جي وچ ۾ صرف بندر روڊ هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ ٽريفڪ بلڪل گهٽ هوندي هئي. ان کان اڳ اسان وٽ صرف هڪ رات هوندي هئي پر هينئر اسان وٽ گڏ گهارڻ لاءِ ڳچ راتيون ۽ ڏينهن ميسر هئا. اسان ٻئي ننڍپڻ جي عمر ڪري هميشه جنسي هَٻڇَ جو شڪار ٿيندا رهياسين. ماڻهن چواڻي ته زندگي نه مليگي دوباره پر آئون چوان ٿو ته جواني نه مليگي دوباره ! منهنجي سلامتيءَ سان گڏ گهاريل اها رات منهنجي زندگيءَ جي حسين راتين مان هڪ رات هئي. سلامتيءَ جي گلابي ڳلن، گول ٻانهن، تراشيل ٽنگن، گُهنڊيدار وارن، شوخ نگاهن، مڌمتي لبڙن، سڻڀن اُرَهن، سنگ مر مرين بدن، سَرِ و قد، چنڊ جهڙي حسين چهري چنچل جوانيءَ، پُر اعتماد ۽ محبت ڪندڙ شخصيت مون کي صفا مدهوش ڪري ڇڏيو. چوڻي آهي ته جواني ئي سُونهن آهي. واقع هن منهنجي من کي صفا موهي ڇڏيو هو. ڪيا رات ٿي ڪه اڪ ڪهاني مين ڪٽ گئي ! واقعي زندگي خدا تعاليٰ جو هڪ حسين تحفو آهي، جنهن ۾ بي پناهه حُسن لڪيو پيو آهي. اسان هن شعر تي عمل ڪندا ته ”تو خدا هي، نه ميرا عشق فرشتون جيسا، دونون انسان هين تو ڪيون اتني حِجابون مين ملين“؟ سڄي رات حِجابن جا پردا چاڪ ڪندا ۽ نتيجن کان بي پرواهه حرڪتون ڪندا رهياسين، هڪ ٻئي جي اکين جي ڪٽورن ۾ ٽٻيون ڏيندا رهياسين. غلطيون به زندگيءَ جو حصو آهن، پر هر ماڻهوءَ کي صرف ٻين جون غلطيون ئي نظر اينديون آهن. پاڻ جيڪڏهن حقيقت پسند ٿي سندس پنهنجين غلطين تي نظر وجھي ته اُهي کيس سڀني کان سرس نظر اينديون ! هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته ماڻهوءَ کي پُٽ پنهنجو ۽ زال پرائي وڻندي آهي. ڪير ٿو پاڻ کي پنهنجي گريبان ۾ جھانڪي ڏسي ! اسين هڪ بجي ڌاري تيار ٿي، رِڪشو ڪري صدر ڏانهن روانا ٿياسين. اُتي پهرين هڪ ايراني هوٽل ۾ ماني کاڌيسين انهيءَ زماني ۾ تمام وڏي پيماني تي ڪراچيءَ ۾ ايراني هوٽلون هونديون هيون، ج تي ماني توڙي چانهه ۽ ڪافي ڏاڍي سُٺي ملندي هئي. شهر جو پڙهيل لکيل طبقو وڏي تعداد ۾ انهن هوٽلن تي ماني کائڻ ۽ شامَ جي چانهه پيئڻ ايندو هو. اهي هوٽلون ڏاڍيون صاف ۽ سُٿريون هونديون هيون، انهن کي عموماً ريسٽورينٽ چئبو هو. انهن هوٽلن جا مالڪ گهڻو ڪري بهائي فرقي جا پارسي هوندا هئا.
    اسان ماني کائي، بل ڏيئي، بوري بازار وياسين، جتان مون مليٽريءَ ۾ داخلا لاءِ گهربل گائيڊ بوڪ، هڪ فائيل ۽ هڪ پين خريد ڪئي. سلامتيءَ به پنهنجي ضرورت جو ڪجهه سامان ورتو. انهيءَ وقت واري پُر سُڪون ڪراچيءَ ۾ فُٽ پاٿن تي هلندي هلندي آئيس ڪريم کائيندا، بوري بازار، ايلفنسٽن اسٽريٽ يعني زيب النساءِ اسٽريٽ گهمندا ڦرندا اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي پهتاسين ۽ هَلڪِي ڦُلڪي ماني کائي جلد سمهي رهياسين، ڇو ته مون کي صبح جو اٺين بجي ملير ڪينٽ پهچڻو هو. اتي پهرين پيپر، پوءِ انٽرويو رکيل هو. ٻئي ڏينهن تي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿيڻي هئي. اها ميڊيڪل ٽيسٽ فقط انٽرويو ۾ پاس ٿيندڙ ڇوڪرن جي ٿيندي. صبح سوير تيار ٿي ٽيڪسي ڪري اچي ملير ڪينٽ پهتس. انهيءَ وقت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تمام سستو هو، تنهن ڪري ٽيڪسين جا ڀاڙا تمام سستا هئا. ٿوري دير ۾ ئي سڀ اميدوار هڪ وڏي گرائونڊ تي اچي گڏ ٿيا هُئا. گرائونڊ تي لاجواب ڇٻر پوکيل هئي. سامهون آفيس هئي، جتي موجود فوجي اهلڪار اميدوار ڇوڪرن کي پوري نالي سان سڏي اندر گهرائڻ لڳا ۽ سندن ڪاغذ چيڪ ڪري پوءِ کين امتحان واري هال اندر موڪلڻ شروع ڪيائون، جتي پيپر ٿيڻو هو. پيپر ڪو خاص ڏکيو ڪونه هو. وڏي تعداد ۾ اميدوار انهيءَ پيپر ۾ پاس ٿيا. انهن ۾ آئون به شامل هئس. اسان کي ٻُڌايون ته لنچ کانپوءِ ٻه بجي ڌاري انٽرويو ٿيندو. مون اُتي فوجي ڪينٽين ۾ ٿوري ماني کاڌي. مانيءَ کانپوءِ اميدوار ڇوڪرا هڪٻئي سان صلاح مشورن ۾ لڳي ويا. اميدوارن ۾ گهڻا ڇوڪرا پنجابي هئا. ٻئي نمبر گهڻي تعداد ۾ مهاجر، بنگالي ۽ پٺاڻ هئا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ۽ بلوچ به هئا. سمجھان ٿو ته شايد آئون هڪڙو ئي سنڌي هئس. پوري ٻه بجي اميدوارن کي انٽرويو لاءِ هڪ هڪ ڪري اندر ڪمري ۾ روانو ڪرڻ لڳا، جتي ٽي آفيسر ويٺل هئا. انهن مان ٻن ڄڻن سوال پڇيا ٿي، باقي هڪ ڄڻو چپ چاپ ويٺو هو، پر هر اميدوار کي چڱيءَ طرح جانچي پي ڏٺئين ۽ اڳيان رکيل فائيل ۾ به لکندو ٿي ويو. مون کي به پنهنجي نمبر اچڻ تي سڏ ٿيو ۽ مون اندر داخل ٿي سلام ڪيو ته وچ ۾ ويٺل آفيسر مون کي نرم لهجي ۾ چيو ته Sit Down ۽ آئون اُتي پيل صرف هڪ خالي ڪُرسيءَ تي ويهي رهيس. آئون سن 1945ع ۾ پيدا ٿيس. منهنجو اُهو انٽرويو سن 1965ع ۾ ٿيو هو ۽ اڄ جڏهن هي سِٽون لِکي رهيو آهيان، اُهو سال 2013ع، يعني هيءَ تقريباً اٺيتاليهه سالَ اڳ جي ڳالهه آهي ۽ منهنجي حياتيءَ جو هي اوڻهترهون سالُ هلي رهيو آهي. تنهنڪري انهيءَ انٽرويو ۾ مون کان ڪهڙا سوال پڇئون ۽ اُهي ڪهڙي ڪهڙي رينڪ جا آفيسر هئا، اها ڳالهه بالڪل ياد ڪانهي. البت اها ڳالهه ياد آهي ته انهن انٽرويو وٺندڙ آفيسرن مون سان تمام سٺي نموني گفتگوءِ ڪئي هئي، ڇو ته ننڍي هوندي ڪنهن سٺي يا خراب نموني ڳالهايو ته اهو انسان کي ڪڏهن به ڪونه وسرندو آهي. انٽرويو وٺڻ کان پوءِ هر اميدوار کي چئون ٿي ته توهان ٻاهر رزلٽ جو انتظار ڪريو. ٻين ڇوڪرن سان گڏ ڇپر تي ويهي رزلٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس. شامَ جو تقريباً ساڍي ستين بجي نوٽيس بورڊ تي ڪامياب اميدوارن جي لسٽ لڳايائون، ان ۾ منهنجو نالو به هو. لسٽ جي هيٺان لکيل هو ته هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن تي ڪامياب اميدوارن جي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿيندي. شايد وچ واري ڏينهن به انٽرويو وٺڻو هئن. آئون ڏاڍو خوش ٿيندو واپس پنهنجي هوٽل پهتس. ڏسان ته سلامتي ڪمري ۾ ڪانه هئي ۽ سائيڊ ٽيبل تي چِٽ ڇڏي وئي هئي، جنهن ۾ لکيائين ته آئون اڪيلي بور ٿي پيس سو هاسٽل ٿي وڃان. توهان پهچي مون کي فون ڪندا ته هلي اينديس. خيال ڪيم ته آئون ئي کيس وٺي ٿو اچان ۽ ٻاهر ئي ڪنهن هوٽل تي ماني به کائي وٺنداسين. سو سواءِ ڪنهن آرام ڪرڻ جي سڌو هاسٽل وڃي پهتس ۽ هاسٽل جي ماسيءَ کي کيس سڏڻ لاءِ چيم ته پاڻ ٻن منٽن اندران اچي وئي. اسان اچي پهرين بندر روڊ واري دهلي هوٽل تي ماني کاڌي، پوءِ اچي هوٽل تي آرامي ٿياسين. منهنجي ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۾ پاس ٿيڻ جو ٻڌي پاڻ ڏاڍي خوش ٿي. گذريل رات ته انٽرويو ۽ ٽيسٽ لاءِ ٿورو گهڻو ڪتابن کي پڙهڻو پيو هو، پر هاڻي ته باقي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻي هئي، تنهن ڪري سواءِ ڪجهه پڙهڻ جي هڪٻئي سان روح رچنديون ڪندي سمهي رهياسين. صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري ٽيڪسيءَ ۾ سلامتيءَ کي سندن هاسٽل تي ڇڏي آئون ملير ڪينٽ روانو ٿي ويس. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جي روڊ رستن تي صبح جي پهر ۾ رش ته صفا ڪانه هوندي هئي، سو آئون اڄڪلهه واري ٽريفڪ جي اذيتن کان آزاد آرام سان اچي پنهنجي منزل تي پهتس. ڪلاهه جي ڀيٽ ۾ هتي اڄ رش گهٽ هئي. ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ هر اميدوار جي تپاس ۽ چڪاس بلڪل چڱيءَ طرح پي ڪيائون، تنهن ڪري ٽيسٽ ۾ ڪجهه دير لڳي ٿي. مون کي به واري سان سڏيو ٿيو. اندر هڪ فوجي ڊاڪٽر۽ هڪ سندس مددگار شايد ميل نرس هو. ٻنهي ڄڻن کي فوجي ڊريس پهريل هُئي. نُنهن کان وڍي چوٽيءَ تائين جسم جي هر هڪ عضوي ۽ حصي کي بالڪل مناسب طرح چيڪ ڪيائون. آخر ۾ هڪ ليٽر ڏنائون، جيڪو واپس اچي اسان انهيءَ افيس ۾ ڏنو جت اسان کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اهو ليٽر مليو هو. آرمي بورڊ مون کي ڪميشن لاءِ ميڊيڪل فِٽ قرار ڏنو. مون کي هڪ ليٽر ڪوهاٽ جي آرمي هيڊڪوارٽر لاءِ ۽ ڪراچي کان ڪوهاٽ وڃڻ ۽ اتان ڪراچي واپس موٽڻ واري ٻطرفي ريلوي پاس ڏنائون ۽ ٻُڌايائون ته ريلوي اسٽيشنن تي فوجي ۽ رِزرِوِڊ گاڏو بيٺل هوندو. ان ۾ آرمي اسٽاف به هوندو هي پاس ڏسي اهي فوجي توهان جي گهربل رهنمائي ڪندا. ڪافي دير ٿي چُڪي هئي، سو آئون ٽيڪسي ڪري سِڌو نرسنگ هاسٽل آئيس، جتي هاسٽل ۾ معمول کان ڪجهه وڌيڪَ گهما گهمي نظر آئي. ماسي منهنجي چوڻ کانسواءِ وڃي سلامتيءَ کي منهنجي اچڻ جو ٻڌايو، جنهن اچڻ شرط گهڻي دير لڳائي اچڻ جو سبب پڇيو ته مون کيس سربستو احوال ٻڌايو، اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ اسين سڌا هوٽل تي وياسين، اتي مون کانئس هاسٽل ۾ ڪجهه زياده رش بابت پڇيو. پاڻ ٻُڌايائين ته اڃا موڪلون ختم ڪونه ٿيون آهن، پر ڪي ڪي ڇوڪريون اڄ اچڻ شروع ٿي ويون آهن. ٽي ڏينهن اسين به شهر ۾ گهميا ڦرياسين ۽ ايندڙ ڏينهن صبح سوير آئون ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي سلامتيءَ سان آئيس، جيڪا مون کي اسٽيشن تي الوداع ڪرڻ لاءِ آئي هئي. مون کيس چيو هاڻ ڀلي واپس وڃو پر پاڻ ڪا نه وئي ۽ ايستائين اتي موجود هئي جيستائين اسان جي ريل گاڏي رواني ٿي وئي. گاڏي ۾ مون کي هڪ ٻه ڇوڪرا اهڙا نظر آيا جن سان انٽرويو ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ دوران ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. انهن ۾ هڪ ڇوڪرو بنگالي هو جنهن جو نالو ”مسعود“ هو. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. مسعود سان پوءِ ايتري دوستي ٿي، جو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ به اسان جو خطن ذريعي واسطو هلندو رهيو. ٻيو ڇوڪرو پنجابي هو. سندس نالو ياد ڪونهي، باقي ايتري يادگيري آهي ته پاڻ انهيءَ وقت PIA جي ڪنهن سروس ۾ هو. اسان ٽيهن پنجٽيهن ڪلاڪن جو سفر ڪري اچي راولپنڊيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين. اتان وري ٻي ٽرين ۾ ڪوهاٽ روانا ٿياسين. ساتي پهچڻ تي اسان کي پارڪ هوٽل ۾ رهايائون. اها هوٽل هلائيندڙ سڀ فوجي هُئا. شايد آرميءَ وارن اها پنهنجي مقصد لاءِ ورتي هئي. انهيءَ دؤر ۾ فوج جو سڄي ملڪ تي مڪمل قبضو هو. پاڪستان ۾ فوجي دؤرِ حڪومت کان گهڻو اڳ، پاڪستان جي قيام جي ٻئي سال قائد اعظم محمد علي جناح بيماريءَ جي آخري اسٽيج ۾ وڃي زيارت ۾ رهيو، تڏهن لياقت علي پڪ ڪرڻ لاءِ ته جناح هاڻي يقيناً مري ويندو، کيس خود پاڻ اکين سان ڏسي تسلي ڪرڻ لاءِ زيارت ويو، اهو ذڪر محترمه فاطمه جناح پنهنجي ڪتاب My Brother جي پهرئين ايڊيشن جي هيٺ ڏنل اقتباس ۾ ڪيو آهي.
    Towards the end of July, without prior notice Mr. Liaquat Ali Khan, Prime Minister, Arrived in Ziarat accompanied by Chaudhri Muhammad Ali. He asked Dr. Ilahi bux about his diagnosis of Quaid’s d health. The doctor said that as he had been invited by me to attend to the Quaid, he could only say what he thought of his patient to me. But, as Prime Minister, I am anxious to know about it. The doctor politely replied, “Yes sir, but I cannot do it without the patients’ permission”.
    As soon as I was told, as I was sitting with the Quaid, that the Prime Minister and the secretary General wanted to see him, I informed him. He smiled and said, “Fati, do you know why he has come?” I said I would not be able to guess the reason. He said “He wants to know how serious my sickness is. How long I will last “After a few minutes he said “Go down. Tell the Prime Minister I will see him”. “It is too late, Jin. Let them see you tomorrow morning”. “No, let him come now. Let him see for himself”.
    The two were together for about half an hour, and as soon as Liaquat Ali Khan came down, I went upstairs to my brother. I found him absolutely tired, and he more a sickly look. He asked me to give him some fruit juice, and then said “Send Mr. Mohammad Ali”. The secretary general of the cabinet was with him for about fifteen minutes, and when he was once again alone, I went into his room. I asked him if he would have juice or coffee, but his mind was too pre occupied to answer me. By now it was dinner time, and he said “you better go down. Have dinner with them.” “No” I said empathically, “I would rather be with you, and have dinner upstairs”.
    “No, that is not correct. They are our guests here. Go. Eat with them”.
    I found the Prime Minister on the dinner table in a jolly mood, cracking jokes and laughing, while I shivered with fright about his health, who was alone in his sick bed. Chaudhri Mohammad Ali was silent, thinking. Before the dinner was over, I rushed upstairs. He smiled at me as I entered and said “Fati, you must be brave”. I did my best to conceal the tears that came surging into my eyes.


    2

    نيٺ جناح صاحب جڏهن واپس ڪراچي ايئرپورٽ تي هوائي جهاز ذريعي پهتو ته اُتان کيس گهر پهچائڻ لاءِ هڪڙي ڀڳل ۽ خراب ايمبولينس گاڏي موڪلي وئي جيڪا رستي ۾ ئي خراب ٿي بيهي رهي ۽ جناح صاحب ڪيترائي ڪلاڪ ان خراب ايمبولينس ۾ پيو هو. جيستائين ٻي ايمبولينس پهتي تيستائين پاڻ شايد وفات ڪري چڪو هو. جناح صاحب سڄي زندگي شهزادن وانگر گذاري، جنهن جو مثال ڪراچيءَ ۾ سندس خريد ڪيل ماهوٽا پيليس آهي. ان محل ۾ پاڻ رهيو ته هڪ ڏينهن به ڪونه هو، ڇو ته ڪراچيءَ پهچڻ شرط پاڻ سڌو ان وقت جي گورنر هائوس هليو ويو ۽ باقي زندگي اتي رهيو. لاهور ۾ سندس گهر انڊيئن آرمي وٽ مسواڙ تي ڏنل هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻ اهو بنگلو پاڪستان آرميءَ کي تحفي طور ڏنو، سو اڄڪلهه ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائش گاهه آهي. (ڏسو جنرل شاهد عزيز جو ڪتاب ”يه خاموشي ڪهان تڪ“ صفحو نمبر 294). جناح صاحب جا دهليءَ ۽ ممبئيءَ وارا گهر ته بالڪل محل ٿا لڳن. انهيءَ کانسواءِ لنڊن ۾ به سندس هڪ لاجواب فليـٽ هو. انهيءَ عظيم شخصيت جي حامل لائق انسان جو لياقت ٽولي ڪو به قدر ڪو نه ڪيو، جنهن کي جناح صاحب خوشيءَ سان پاڪستان جو وزير اعظم مقرر ڪيو. پاڪستان جي سابق اعليٰ ڪاموري روئداد خان 14 مارچ 2006ع تي ARY ٽيليويزن چينل تي انٽرويو ڏيندي چيو ته جناح صاحب آخر ۾ لياقت علي جي رَوَيي جي ڪري ڏاڍو مايوس هو ۽ هڪ دفعو ائين چيائين ته آئون نهروء کي ٿو چوان ته ملڪ تي حملو ڪري. چون ٿا ته اهو ٻُڌي، لياقت علي چيو ته ”اب بُڍي ڪو عقل آئي هي.“ انهي انٽرويو ۾ روئداد خان لياقت علي جي زال رعنا لياقت علي جي باري ۾ کلم کلا چيو ته انهيءَ وقت آئون ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ هئس. مون پاڻ خود ڪيترين ئي دعوتن ۾ رعنا لياقت علي کي سرعام شراب پيئندي ڏٺو هو. سندس ڪردار به انتهائي خراب هو ۽ڪَئين ماڻهن سان سندس جنسي تعلقات هئا. خير، پاڻ پاڪستان جي اوائلي دور جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن د وران لياقت علي خان اچڻ شرط سنڌ ۽ ٻين صوبن جي چونڊيل وڏن وزيرن کي ڊسمس ڪري پنهنجي پسند جي ماڻهن کي وزير اعليٰ طور مقرر ڪندو ۽ انهن کان پنهنجا من پسند قائدا قانون پاس ڪرائيندو رهيو. سندس پهريون حڪم ڪراچيءَ شهر کي سنڌ صوبي کان کسي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪرڻ هو. اهو نهايت جابراڻو حڪم نه مڃڻ سبب، وزير اعليٰ سنڌ، ايوب کُهڙي جي حڪومت ختم ڪئي وئي. لياقت علي خان گڏيل هندستان جي مسلم نوڪر شاهيءَ کي تمام گهڻي تعداد ۾ آڻي پاڪستان جو خود سر حاڪم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ظالم نوڪر شاهيءَ نهايت جابر حاڪم طور ايستائين حڪومت ڪئي، جيستائين کيس بيدخل ڪري حڪومت تي فوج اچي قبضو ڪيو. پاڪستان جي سول ۽ فوجي نوڪر شاهيءَ جا مکيه مُهرا هيٺيان هُئا.
    1. غلام محمد، گورنر جنرل پاڪستان.
    2. جنرل اسڪندر مرزا، اول گورنر جنرل پوءِ صدر پاڪستان
    3. چوڌري محمد علي، وزير اعظم پاڪستان
    4. محمد علي بوگره، وزير اعظم پاڪستان
    5. غلام اسحاق خان، صدر پاڪستان
    6. شوڪت عزيز، ڊائريڪٽر ورلڊ بئنڪ، وزير اعظم پاڪستان
    7. جنرل ايوب خان، صدر پاڪستان
    8. جنرل يحيٰ خان، صدر پاڪستان
    9. جنرل ضياءُ الحق، صد رپاڪستان
    10. جنرل پرويز مشرف، صدر پاڪستان.
    جڏهن ڪي فوجي جنرل ۽ سول ڪامورا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجيون پنهنجيون سياسي پارٽيون ٺاهي سياست ڪرڻ لڳا ته کين عوام کنگهيو به ڪونه. مثلاً ايئر مارشل اصغر خان، جنهن تحريڪ استقلال ٺاهي، جنرل مرزا اسلم بيگ، جنهن پاڪستان قيادت پارٽي ٺاهي، قدير خان، جنهن پاڪستان استحقام پارٽي ٺاهي، ۽ جنرل پرويز مشرف، جنهن مسلم ليگ (ق) پارٽي ٺاهي. اوائلي سول حاڪمن به پنهجي پسند کانسواءِ ڪنهن به ٻي حڪومت کي هلڻ ئي ڪونه ڏنو. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا. لياقت علي خان ايوب کُهڙي جي حڪومت ختم ڪئي، غلام محمد پهرين وزير اعظم ناطم الدين خواجه ۽ پوءِ وزير اعظم محمد علي بوگره جي حڪومت ختم ڪئي. مطلب ته اهي سمورا حاڪم حڪومتون ختم ڪرڻ ۾ پورا هئا، جن 1956ع تائين نه آئين ٺاهيو ۽ نه ئي وري ڪا اليڪشن ڪرايائون. انهيءَ مقابلي ۾ هندستان ۾ ترت آئين ٺهيو ۽ پنهنجي مقرر وقت تي چونڊون به ٿينديون رهيون. اهو سلسلو اڄ به برقرار آهي. تنهنڪري هندستان ۾ سول سوسائٽي گهڻي مضبوط ۽ مؤثر ٿي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي، سو به ڪنهن کان ڳُجھو ڪونهي. جنرل ايوب پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ به فوج ۾ اهم عهدي تي فائز هو ۽ پاڪستان جي قيام کان ترت پوءِ آرميءَ جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو. انهيءَ عهدي تي کيس ٻه ڀيرا ايڪسٽينشن يعني نوڪريءَ جي مُدي ۾ واڌارو پڻ حاصل ٿيو. انهيءَ ڪري نوڪريءَ جي هوندي، ورديءَ ۾ به پاڻ مُلڪَ جو وزير دفاع هو، 1947ع کان 1958ع تائين پاڻ انهن حڪمرانن جو ڪَٽ پتليءَ وارو کيل ڏسندو رهيو ۽ پنهنجي حاڪم ٿيڻ جي موقعي جو صبر جميل ۽ قوي هوشياريءَ سان انتظار ڪندو رهيو. نيٺ جڏهن صدر اسڪندر مرزا مخالف سياستدانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ جنرل ايوب کي ملڪ ۾ مارشلا لڳائڻ جو حڪم ڏنو، ته خود حاڪم ٿيڻ لاءِ سالن کان انتظار ڪندڙ جنرل ايوب خوش ٿيندي آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ آڌي رات جو ٽي جنرل هٿيار بند جٿي سان پريزيڊنٽ هائوس ۾ داخل ٿيا ۽ صدر جي اردليءَ کي حڪم ڏنائون ته صدر کي سندس بيڊ روم مان هيٺ ڊرائنگ روم ۾ وٺي اچ. انهيءَ وقت صدر پنهنجي زال ناهيد خان سان گڏ پنهنجي بيڊ روم ۾ ستل هو. ناهيد خان پهرين هڪڙي ايراني سفارتڪار جي زال هئي، سا پوءِ جنرل اسڪندر مرزا جي زال ٿي. اطلاع ملڻ شرط صدر اسڪندر مرزا نائيٽ ڊريس ۾ ئي هيٺ لهي ڊرائنگ روم ۾ آيو ۽ اتي ويٺل ٽن جنرلن کي ڏسي، انهن کان اوچتو بيگاهه وقت ۾ هتي اچڻ جو سبب پڇيو ته انهن هڪ پنو کيس ڏئي حڪم ڪيائونس ته انهيءَ تي صحيح ڪر. چون ٿا ته جنرلن جا تيور ڏسي پاڻ سواءِ ڪنهن ڪُڇڻ پُڇڻ جي کين انهيءَ ڪاغذ تي صحيح ڪري ڏنائين. پوءِ هڪ برگيڊيئر کيس پاڻ سان وٺي وڃي ماڙيپور هوائي اڏي تان هڪ فوجي جهاز ۾ ڪوئيٽا روانو ڪيو ۽ ٻن هفتن کانپوءِ کيس B.O.A.C جي هڪ پيسينجر جهاز ۾ لنڊن روانو ڪيو ويو، جتي ڪجهه سالن کانپوءِ وفات ڪيائين. الطاف گوهر پنهنجي ڪتاب ”ايوب خان، فوجي راج ڪي دس سال“ جي صفحي 42 تي لکي ٿو ته صدر اسڪندر مرزا ۽ سياستدانن ۾ جڏهن اختلاف وڌي ويا هئا ته صدر، جنرل ايوب کي راولپنڊي مان ڪراچيءَ گهرائيندو هو ته ان کي ڏسي سمورا سياستدان ڊڄي ويندا هُئا ۽ اسڪندر مرزا جي چوڻ پٺيان هلڻ لڳندا هئا.“ هو لکي ٿو ته ايوب خان هميشه گورنر جنرلن جي چوڻ پٺيان هليو ۽ سياستدانن جي چوڻ تي ڪڏهن ڪونه هليو. صدر پاڪستان، اسڪندر مرزا سمجھيو ته ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري، فوج جي مدد سان سياستدانن کي ختم ڪري اڪيلو ئي ملڪ تي حڪومت ڪندو رهندس، پر مارشل جي نفاذ کان ويندي سندس جبري استعيفيٰ ڏيڻ تائين جيڪي وچ وارا چند ڏينهن هئا، اهي هن لاءِ ڏاڍا اذيتناڪ گذريا. مثلاً پاڻ صدر هوندي به جنرل ايوب چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان تان تقرير ڪئي، جنهن ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ سان گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ۽ حڪومتون ٽوڙڻ، آئين ۽ سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر ان تقرير ۾ ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا جو ڪو به ذڪر ڪونه ڪيو. ٻئي ڏينهن صدر اسڪندر مرزا ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب غير ملڪ صحافين کي خطاب ڪيو، جنهن دؤران جنرل ايوب صاف صاف اعلان ڪيو ته جيڪڏهن صدر مرزا پڻ سياستدانن سان ملي وڃي ٿو، تڏهن به هر فوجي ڪاروائي ڪرن جو اختيار صرف مون وٽ هوندو. ايوب خان جڏهن اوڀر پاڪستان جي دوري تي ويو ته مشرقي پاڪستان ۾ انهيءَ وقت واري گورنر ذاڪر حسين جنرل ايوب جي فوجي ڪارروائيءَ کي انقلاب جو نالو ڏنو ۽ انهيءَ نام نهاد انقلاب برپا ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ ايوب خان کي ڏنو. ذاڪر حسين طرفان جنرل ايوب جي مانَ ۾ منعقد ڪيل انهيءَ دعوت ۾ صدر پاڪستان وڃڻ کان اڳ جنرل ايوب چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ صدر پاڪستان کي گهرائي انهن کان وضاحت طلب ڪئي ته جيئن ته هاڻ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي چڪو آهي، تڏهن هاڻ صدر جا باقي اختيار ڪهڙا آهن؟ چيف جسٽس منير حسين ڪياني انهيءَ معاملي تي اڃان پنهنجي طرفان وضاحت سروع ڪري، انهيءَ کان اڳ ئي اُت موجود ڪرنل قاضيءَ چيو ته جيئن ته هاڻ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ آهي، تنهن ڪري چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کانسواءِ ڪنهن به سِول ماڻهو وٽ هاڻ ڪو به اختيار ڪونهي. جنرل ايوب ڪرنل قاضيءَ کي چُپ ڪرائي پر اها ڳالهه ٻڌي جسٽس منير ڏاڍو ڦِڪو ٿيو. ائين ميٽنگ جي ڪارروائي ته ختم ٿي پر نوجوان ڪرنل پنهنجو پيغام اسڪندر مرزا صدر کي ڏئي ڇڏيو. اصغر خان پنهنجي ڪتاب ”اسان تاريخ مان ڪجهه نه سکيو“ ۾ لکي ٿو ته آئون جڏهن ماڙيپور ايئرپورٽ تي پهتس ته اسڪندر مرزا ۽ ناهيد خان اڳيان پيل ٽيبل تي هڪ فوجي ٽنگون رکيو ويٺو هو. پوءِ مان اُنَ کي اُتان هٽائي ڇڏيو.
    جنرل ايوب جڏهن مشرقي پاڪستان جي دؤري کانپوءِ واپس ڪراچيءَ پهتو ته هت پهچڻ شرط صدر اسڪندر مرزا کي فوج ڪري زورائتي دٻ پٽي ته تو ايئر ڪموڊور رب کي فون ڪري ڇو حڪم ڏنو ته ٽن جنرل يحيٰ خان، شير بهادر ۽ حميد خان کي گرفتار ڪيو وڃي؟ صدر اسڪندر مرزا جنرل ايوب اڳيان ڏاڍيون وضاحتون ڪيون پر هُنَ صدر مرزا جي هڪ به ڪانه مڃي ۽ کيس چيو ته وري جيڪڏهن اهڙي حرڪت ڪئي اٿئي ته ته تنهنجو خير ڪونهي. هڪ ڏينهن اسڪندر مرزا جنرل ايوب کي گڏجي شڪار ڪرڻ جي دعوت ڏني پر ايوب ڪو بهانو ڪري انهيءَ دعوت ۾ ڪونه ويو. مطلب ته مارشل لا جي اعلان کانپوءِ اسڪندر مرزا جيڪي چند ڏينهن ملڪ ۾ رهيو، اهي هن لاءِ شخصي تذليل ۽ اذيت کان خالي ڪونه هئا. انهيءَ عقوبت جو هو لائق به هو، ڇو ته سندس ظلم ۽ ڪڙڪ طبيعت سبب انگريزن هن کي فوجي سروس مان ڪڍي سول سروس ۾ رکيو هو. انهيءَ سخت گير ظالم طبيعت سبب کيس چنگيز خان چوندا هئا ۽ کيس اوڀر پاڪستان ۾ گورنر ڪيو ويو ۽ پوءِ ملڪ جو صدر به ٿيو. جنرل ايوب کي هڪ آمريڪي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪي اشاري تي ملڪ جون واڳون سونپيون ويون هيون پر جڏهن جنرل ايوب آمريڪا مفاد جي خلاف روس جو دؤرو ڪيو ته آمريڪا جنرل ايوب طرفان آمريڪي جو رٿيل دؤرو ڪينسل ڪري کيس آمريڪا اچڻ کان روڪيو. سن 1955ع ۾ اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ پنهنجا ناجائز مفاد برقرار رکڻ لاءِ سياسي ڍونگ رچائي سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه (انهي وقت صوبه سرحد سڏجندڙ) ۽ پنجاب، چئني صوبن جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، انهن کي گڏ مغربي پاڪستان واري اسيمبلي 1958ع ۾ هڪ متفقه قرارداد پاس ڪري چڪي هئي پر اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ون يونٽ کي برقرار رکڻ لاءِ ئي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ سمورين سياسي پارٽين کي رد ڪيو ويو ۽ سمورين سياسي سرگرمين تي مڪمل بندش وڌي وئي. انهيءَ مارشل لا دوران سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ويڌن ٿيا تنهن بابت ڪَنئين ڪتاب، پمفليٽ ۽ مضمون شايع ٿيا. مون پڻ ون يونٽ جي سموري دؤر ۾ سنڌ اندر مختلف کاتن ۾ جيڪي ڪامورا مقرر ڪري حڪمرانن استحصال ڪيو، انهن جو سربستو احوال They Ruled Sindh for Fifteen Years نالي ڪتابچي ۾ ڪيو آهي. اهو ڪتابچو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ انهيءَ وقت جي ڪن اخبارن ۾ به قسطوار شايع ٿيو. پر هينئر به آئون چاهيندس ته توهان کي انهيءَ دؤر ۾ سنڌ تي ٿيل ظلمن جو مختصر احوال عرض ڪريان. پهريون ويڌن سنڌ جي زمين سان ڪيو ويو جن جو سربستو احوال سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو دلچسپ آهي. آئون چاهيان ٿو ته توهان به اهو احوال پڙهو. سائين لکي ٿو ته:
    ”بيراجي زمينون ۽ غير سنڌي آبادگار“ سکر بيراج جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٺهيل ٻه ٻيا بيراج يعني ڪوٽڙي بيراج ۽ غلام محمد بيراج) ۽ گڊو بيراج، هي ٻه بئراج پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٺهيا. انهن جي تعمير جي نتيجي ۾ سنڌ تي زمين جي بک ۾ مبتلا غير سنڌين هڪ دفعو وري يلغار شروع ڪري ڏني. هن دفعي ان يلغار ۾ سِول ۽ فوجي آفيسرن جو تعداد اڳ کان وڌيڪَ هو. اهي فوجي ۽ سِول آفيسر پنجابي، مهاجر يا پختون هُئا. شايد ئي ڪوئي جنرل هو، جنهن سنڌ جي مختلف بيراجن تي پنهنجي لاءِ زمين الاٽ نه ڪرائي هُجي. انهن ۾ ايوب خان ۽ موسيٰ خان کان وٺي اصغر خان ۽ ٽڪا خان تائين سياسي ۽ عير سياسي (جنرل) آبادگار شامل هئا. ان باري ۾ اسان وٽ جيڪي انگ اکر آهن، سي بالڪل نامڪمل آهن ۽ ڪيترا سال پراڻا آهن. حقيقت جي صحيح تصوير مستقبل جو ڪو اهڙو مصنف ئي پيش ڪري سگهندو، جنهن جي رسائي سموري سرڪاري رڪارڊ تائين هوندي.
    سکر بئراج مان تقريباً 29 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. هيءُ بئراج ان لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو بئراج آهي. سکر بئراج جي زمين جي ورهاست پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شروع ٿي چڪي هئي ۽ 1954ع جي آخر (14 آڪٽوبر 1954ع) ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو، تڏهن صرف ت6 لک ايڪڙ زمين باقي بچيل هئي. جڏهن ته ون يونٽ کان اڳ ورهايل 22 لک ايڪڙ زمين جا اسان وٽ انگ اکر موجود ڪونه آهن ته اها ڪنهن کي ڏني ويئي (نوٽ: اها زمين اڪثر پنجابين کي ڏني وئي. جي ايم سيد) ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ جي ٽن سالن ۾ الاٽ ٿيندڙ زمين جو گهڻو حصو غير سنڌين کي ڏنو ويو. 1955ع کان 1958ع تائين غير سنڌين 1,52,620 ايڪڙ زمين صاحب ڪئي. جيئن ته اسان اڳتي هلي ڏسنداسين ته زمين حاصل ڪندڙن ۾ سول ۽ فوجي آفيسر سڀ کان اڳرا هئا. اصلي ڦرلٽ 1958ع جي مارشل لا لڳڻ کانپوءِ شروع ٿي. آڪٽوبر 1958ع کان 1962ع جي عرصي دوران هر سؤ ماڻهن مان زمين حاصل ڪندڙ 75 ماڻهو غير سنڌي هئا. يعني سنڌين کي رڳو 54789 ايڪڙ زمين الاٽ ٿي. جڏهن ته غير سنڌين کي 2,12,679 ايڪڙ زمين ملي.... آمريت تي دؤر ۾ آفيسر شاهيءَ کي تمام سٺو موقعو مليو ۽ انهن ٻنهي هٿن سان ڦرمار ڪئي. 1962ع تائين سکر بئراج جي گهڻو تڻو زمين ڏجي چڪي هئي، ڪل 6 لک ايراضي، جيڪا رهيل هئي، ان مان 467000 ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ۽ ان جي اڌ کان به گهٽ زمين سنڌين کي ملي.
    پاڪستان ٺهڻ کان ڇهه سال اڳ 1941ع ۾ موجوده پير صاحب پاڳاري جي والد پير صبغت الله شاهه جي قيادت ۾ سنڌ ۾ حُرن انگريزن خلاف جهاد ڪيو. انهن هر هنڌ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، خاص طرح ريلوي لائينون سندن ڪارروائين جو نشانو بڻيون. انگريز دشمن سرگرمين سبب حُرَن کي برطانوي حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو نشانو بڻجڻو پيو. پير صاحب کي بغاوت جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ مکي ڍنڍ واري زمين، جتي هو آبادي ڪرائيندو هو، اُها سرڪار ضبط ڪري ورتي هئي. 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پير صاحب جي زمين حر مجاهدن کي واپس ڪئي وڃي ها ۽ وڌيڪَ زمين پڻ کين انعام طور ڏني وڃي ها. مگر انهن جي زمين سابق فوجين جي بحاليءَ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. هي اهي فوجي هئا، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ برطانوي سامراج جي مفادن لاءِ وڙهيا هُئا. مُکي ڍچنڍ واري اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙ زمين قريباً قريباً انهن سامراج دوست فوجين کي مفت ۾ ڏني وئي، ان مان ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ اهي ڪنهن وڏي خدمت جي صلي ۾ کين انعام طور ڏنيون پئي ويون. ملاحظه ڪريو اهي شرط، جن هيٺ کپين اهي زمينون الاٽ ڪيون ويون هيون.
    1. زمين پنجاهه روپيا في ايڪڙ مالڪاڻن حقن سان ڏني وڃي ٿي. قيمت جو چوٿون حصو اڳواٽ وصول ڪيو ويو ۽ باقي 0.75 حصي جي وصول پندرهن هڪ جيترين قسمن ۾ رکي وئي، جيڪي هر فصل تي وصول ڪيون وينديون (يعني پندرهن سالن جي مُدي ۾).
    2. زمين حاصل ڪندڙ فوجيءَ کي هڪ فصل مفت کڻڻ جي رعايت ڏني وئي.
    3. زمين جي درُستيءَ ۽ سڌاري جو ڪم وزارت دفاع جي ذمي هوندو.
    4. زمين کي سراب ڪندڙ اڏون يا ڪَسِيون خريدار پنهنجي خرچ تي ٺهرائيندو.
    5. وڏن ڳوٺن ۾ هڪ جڳهه رهائش وغيره لاءِ (چڪڻ جوڙڻ. جي ايم سيد) صوبائي حڪومت ٺهرائي ڏيندي ته جيئن الاٽين کي رهڻ ڪرڻ ۽ سامان وغيره جي سهولت ٿئي. مَٿِيَن شرطن موجب نه رڳو انگريزن خلاف وڙهندڙ (حُرن) جون زمينون کانئن کسي، غير سنڌي فوجين حوالي ڪيون ويون، پر اُٽلندو فوجين جي آبادي جو سمورو خرچ به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي سِرَ تي وڌو ويو.
    ان دوران حر جماعت مطالبو ڪيو ته مُکي ڍنڍ جي زمين اصلي مالڪن کي موٽائي ڏني وڃي. آخرڪار 1957ع ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته حُرن کي به آباد ڪيو وڃي۽ بجاءِ ان جي جو کين سندن “A” ڪلاس زمين واپس ڪئي وڃي، کين ٻئي هنڌ “C” (سي ڪلاس) زمين الاٽ ڪئي وئي، جيڪا بنهه خراب حالت ۾ هُئي. اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ 18 جنوري 1957ع تي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ، خزاني جي وزير کان پڇيو: ”ڇا، حڪومت انهيءَ “C” ٽائيپ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟“ ته نواب افتخار حسين ممدوٽ جواب ڏنو ته .حڪومت جو اهو ڪم ڪونهي ته غير آباد زمينون آباد ڪندي وتي“. ان تي سوال ڪيو ويو ته ”ڇا فوجين کي ڏنل زمين غير ملڪي امداد سان آباد نه ڪئي وئي آهي؟“ ته حڪومت جي طرفان جواب ڏنو ويو ته ”غير ملڪي امداد فوجين کي ملي هئي ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ جيڪا مشينري آئي هئي، اها به فوجين کي ڏني وئي هئي، ان جو سول انتظاميه سان ڪو به واسطو نه آهي“.
    انهيءَ طريقي سان سنڌ جي زمين جو زرخيز حصو صوبائي حڪومت جي خرچ تي يعني سنڌي عوام جي ٽيڪسن مان آباد ڪ يو ويو ۽ ان ۾ ڪجهه مرڪز طرفان غير ملڪي امداد به شامل هئي، جيڪا وياج سميت سڄي ملڪ کي واپس به ڪرڻي هئي. سنڌ جي تمام سٺي زمين آباديءَ جي لائق بنائي فوجين جي حوالي ڪئي وئي ۽ اصل وارثن کي غير آباد زمين مٿي ۾ هنئي وئي.
    فوج ۾ سدائين پنجاب جي واضح اڪثريت رهي آهي. مُکي ڍنڍ جي علائقي واري زمين يا سنڌ جي ٻين بيراجن واري زمين انهن ئي پنجابي فوجين حاصل ڪئي. مقامي آباديءَ کان زمين کسي وئي ۽ پنجاب کان اهڙا با اثر ماڻهو آڻي آباد ڪيا ويا، جن جو واسطو آفيسر شاهيءَ سان هو. اهي طاقت جي نشي ۾ مست هئا. پنجاب سان واسطو رکندڙ اهي ماڻهو، پنجاب ۾ پنهنجين ماڻهنس ان جيڪو رويو روا رکيو اچن ٿا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي سنڌي عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا. انهن ماڻهن نه رڳو ناجائز طريقن سان زمينون حاصل ڪيون، پر انهن کي سرڪاري خرچ تي آباد ڪيو. انهن ماڻهن جا چَڪَ (ڳوٺَ) بجليءَ سان روشن ٿيا ۽ پڪن رستن جو ڄار سندن زمين ۽ ڳوٺن تائين وِڇايو ويو. سندن زمينون سڄو سال نهري پاڻيءَ سان سيراب ٿينديون رهيون، سندن علائقن جي ويجھو کنڊ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا ته جيئن اهي آرام سان پنهنجو ڪمند پُڄائي سگهن. کين قرضن جون سهولتون ڏنيون ويون، جنهن مان هو ٽريڪٽر وغيره خريد ڪري ۽ ڀاڻ ۽ ٻج وقت سر وٺي پئي سگهيا. سندن ڍَڪَنِ ٻاهران سنڌي آباد هئا، پر سندن گهرن ۾ تيل جا ڏِيئا (گاسليٽ جون بتيون) پئي ٻريا. زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري مدد حاصل نه هُئن. رستا ڪچا هئا ۽ نهرن جو پاڻي ڇهه ماهي هو، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو هم قوم ماڻهو آفيسر شاهيءَ ۾ موجود نه هو. ان ڪري کين نه قرض جي سهولت حاصل هئي ۽ نه ئي اهي وقت تي ڀاڻ ۽ ٻج حاصل ڪري سگهيا ٿي. انهن سمورين تخليقي صلاحيتن جي باوجود، جيڪي سنڌين ۾ موجود هيون، خارجي حالتون ناسازگار هئڻ سبب اهي سنڌي گهڻي عرصي تائين ترقي ڪري نه سگهيا ۽ پوئتي پيل زندگي گذارڻ تي کين مجبور ڪيو ويو. سنڌين کي هر قدم تي پنجاب مان آيل اهڙن ماڻهن سان معاشي ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ٿي، جتي سندن (سنڌين جون) ڄنگھون اڳي ئي ٻڌل هيون. پوليس آفيسر پنجابي هو، اسسٽنٽ ڪمشنر پنجابي۽ ڊپٽي ڪمشنر پنجابي، مرڪزي حڪومت سان واسطو رکندڙ مختلف کاتن جا عملدار به پنجابي ۽ پنجابين کانسواءِ جيڪڏهن ٻيا ڪي عملدار هئا به ته اُهي مهاجر هُئا. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ هر شيءِ جو مرڪز پنجاب ٿي ويو. انتظامي معاملا، نوڪريون، انصاف، مطلب ته هر ڳالهه لاءِ سنڌ لاهور ۾ لڙڪيل هئي. انهن حالتن ڪري سنڌ ۾ پنجاب خلاف نفرت ۽ شديد ردِ عمل ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. حيرت ته انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انهيءَ رد عمل پيدا ٿيڻ ۾ ايتري دير ڪيئن لڳي!


    3

    ڪوٽڙي بئراج: هيءَ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو بئراج آهي. 1956ع ۾مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هن بيراج مان نڪرندر واهن رستي حيدراباد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساڍا 6 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. جون 1958ع ۾ زمين جي استعمال لاءِ هڪ ڪميٽي ”لينڊ يوٽيلائيزيشن ڪميٽي“ نالي جوڙي وئي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت جي نمائندن کانسواءِ فوج مان به نمائندا کنيا ويا. ان ڪميٽيءَ ۾ مقامي آباديءَ کي ڪا به نمائندگي نه ڏني وئي. رسمي طرح زمين جو وڪرو 1958ع ۾ شروع ڪيو ويو، پر حقيقت ۾ ان جي الاٽمينٽ ٻه سال اڳ جنرلن کي شروع ڪئي وئي هئي. ون يونٽ جي قيام کان هڪ سال پوءِ تائين اسيمبليءَ ۾ هارين کي زمين ڏيڻ جي باري ۾ سوال پڇبا رهيا، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زمين مخصوص ڪئي هُئي، ليڪن ڪافي وڏي عرصي تائين هارين کي زمين ڏيڻ جي پاليسي ٺاهي نه وئي هئي. ان مسئلي بابت ڪيترائي ڀيرا سوال ڪيا ويا. مثال طور جنوري 1967ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ جيڪي سوال جواب ٿيا، اهي هيٺين ريت هُئا:
    بيگم طاهره اعجاز حسين آغا (ميمبر اسيمبلي): ڇا وزير آبپاشي ۽ ڊيولپمينٽ صاحب مهرباني ڪري جواب ڏيندو ته:
    (1) غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراج آبپاشي اسڪيم ڪڏهن پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪندي؟
    (2) انهي بيراج تي ڪيترا ايڪڙ زمين آباد ٿيندي؟
    (3) حڪومت ان بيراج مان سيراب ٿيندڙ زمين ڪهڙي طريقي سان هارين کي ڏيندي؟
    (4) حڪومت اها زمين صرف بي زمين هارين کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي؟
    انهن سوالن جي جواب ۾ واسطيدار وزير قاضي فضل الله جيڪي تفصيل ٻڌايا، انهن مان هڪ جو تعلق الاٽمينٽ سان هو. ٻڌايو ويو ته هڪ لک ايڪڙ زمين فوج وارن لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، ان مان 25 هزار ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. وزير صاحب جن الاٽين جا نالا ڏنا، اهي هن ريت هئا.
    (1) جنرل محمد ايوب خان، 247 ايڪڙ.
    (2) ميجر جنرل موسيٰ، 250 ايڪڙ
    (3) ميجر جنرل محمد ا برار خان، 246 ايڪڙ
    (4) برگيڊيئر سيد غواث، 246 ايڪڙ
    (5) ڪرنل مظفر خان، 246 ايڪڙ
    (6) ڪرنل حيدر، 246 ايڪڙ
    وزير موصوف وڌيڪَ ٻڌايو ته فوجين کان اڍائي سؤ روپيا في ايڪڙ جي حساب سان قيمت وصول ڪئي وئي آهي ۽ پوئين حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زرعي زمين مخصوص ڪري چڪي هئي، ليڪن مغربي پاڪستان حڪومت اڃا تائين ان بابت ڪا به پاليسي جوڙي نه سگهي آهي ۽ اهڙي پاليسي ٺاهي جلد ئي ڪابينا جي آڏو پيش ڪئي ويندي. فوجين کي جيڪا زمين ڏني وئي، ان جي باري ۾ وڌيڪَ جيڪي سوال جواب اسيمبليءَ ۾ ٿيا، اهي به دلچسپيءَ کان خالي ڪونه هئا.
    جي ايم سيد وزير موصوف کان سوال ڪيو ته: ”ڇا وزير صاحب جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي وئي آهي ته انهن فوجي آفيسرن، جن کي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن اهي پنهنجا علائقو خالي ڪري وڃن؟
    قاضي فضل الله: ”اها ڳالهه منهنجي ڄاڻ ۾ نه آئي آهي. جيڪڏهن منهنجو دوست ڪنهن خاص واقعي جو حوالو ڏئي ته يقيناً ان جي جانچ ڪندس.!
    جي ايم سيد: ”ڇا اها حقيقت ڪانه آهي ته انهن ماڻهن جو هڪ وفد پهچي چڪو آهي ۽ معزز وزير سان ملاقات به ڪري چڪو آهي؟“
    قاضي فضل الله: جيڪڏهن منهنجي دوست جو اشارو انهيءَ وفد ڏانهن آهي، جيڪو غلام حيدر ڀرڳڙيءَ جي قيادت ۾ آيو آهي ته منهنجو جواب ”هائو“ آهي ۽ پنهنجي درخواست پيش ڪري چڪو آهي. ليڪن مان انهي واقعي جي جانچ ڪري ڪونه سگهيو آهيان“.
    جي ايم سيد: ”ڇا مان وزير موصوف کان پڇي سگهان ٿو ته فوجين کانسواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هڪ ايڪڙ به زمين نه ڏني وئي آهي؟“
    قاضي فضل الله: ”نه جناب“
    جي ايم سيد: ”صرف فوجي آفيسرن کي زمينون ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن کي زمين نه ڏيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟“
    قاضي فضل الله: ”منهنجو خيال آهي ته ايوان جي ٻئي پاسي ويٺل کهڙو صاحب ئي ان جو بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو“.
    م.ا. کهڙو: ”ڇا اها حقيت نه آهي ته سنڌ حڪومت صرف زمين مخصوص ڪئي هئي، مگر ان جي الاٽمينٽ مغربي پاڪستان جي وحدت (One Unit) قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪئي وئي آهي“.
    قاضي فضل الله: ”نه جناب، ائين نه آهي!“
    جي ايم سيد: ”ڇا مان وزير موصوف کان اهو پڇي سگهان ٿو ته مقامي هارين کي اڃان تائين زمين الاٽ نه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟“
    اسپيڪر: ”هن (وزير) جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسڪيم حڪومت وٽ ويچار هيٺ آهي“.
    جي ايم سيد: ”ان تي فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو؟“
    اسپيڪر: ”هن ٻڌايو آهي ته معاملو جلد ئي وزارت اڳيان اچڻ وارو آهي“.
    م. ا. کهڙو: ”ڇا اها حقيقت نه آهي ته ٽي لک ايڪڙ زمين مقامي هارين لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، پوءِ ان کي اڃا ڇو نه ورهايو ويو آهي؟“
    قاضي فضل الله: ”جناب، مان ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪابينه جي اڳين ميٽنگ ۾ ان بابت آخري فيصلو ڪنداسين“.
    خان قيوم خان: ”ڇا توهان ٻڌائيندئو ته هارين لاءِ زمين مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪڏهن ڪيو ويو هو؟“
    قاضي فضل الله: ”اهو فيصلو اڳوڻي سنڌ حڪومت، کهڙي صاحب جي هٿان ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪيو هو“.
    خان عبدالقيوم خان: مان معزز وزير کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اهي ڪهڙيون اڻٽر مجبوريون هيون، جن جي ڪري حڪومت 15 مهينن گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي؟“
    مٿين اسيمبلي گفتگو مان جيڪي حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون اهي هي آهن:
    (1) ڪوٽڙي بيراج جون زمينون سڀ کان اڳ فوجي آفيسرن کي جيڪي اڃا تائين ملامتن تان لٿا ئي ڪونه هئا، گهڻو ڪري مفت الاٽ ڪيون ويون.
    (2) انهن فوجي آفيسرن زمين تي قابض ٿيندي ئي پسگردائي ۾ آباد سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن رَوَيو مقامي ماڻهن سان ايڏو پريشان ڪندڙ هو، جو مقامي ماڻهن جو هڪ وفد شڪايت کڻي حڪومت وٽ پهچي ويو هو.
    (3) مقامي هارين لاءِ به زمين مخصوص ڪئي وئي هئي، پر ڪافي عرصو گذرڻ کانپوءِ به کين الاٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي.
    ڪوٽڙي بيراج ۽ ان کانپوءِ گُڊو بيراج تي جن فوجي توڙي سول آفيسرن زمينون حاصل ڪيون، انهن جو مقامي ماڻهن سان ٽڪراءَ اڻ ٽر هو. سول آفيسر وسيع اختيارن جا مالڪ هئا، جڏهن 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ فوجي آفيسرن کي زمين جي آبادڪاريءَ لاءِ هر طرح جون سهولتون مهيا ڪيون ويون. انهن سهولتن مان انهن جيڪي ناجائز فائدا ورتا، ان سان مقامي آباديءَ ۽ انهن آفيسرن جي وچ ۾ محاذ آرائي جي شروعات ٿي. ڪوٽڙي بيراج ۾ مقامي آباديءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪَ زمين ٻاهرين ماڻهن کي ملي، جڏهن ته ظاهريءَ طرح حڪومت اڌواڌ جي اصول تي زمين جي ورهاست جو فيصلو ڪيو هو. 1962ع تائين ڪوٽڙي بيراج جي زمين هيٺئين طرح ورهائي وئي. ٽوٽل ايراضي جيڪا ورهائي وئي، 11,24,250 ايڪڙ، مقامي ماڻهن کي قبضو ڏنو ويو، 2,45,285 ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن لاءِ مشيني هارپل لاءِ وڌيڪَ زمين 1,28,000 ايڪڙ ٻين لفظن ۾ سواءِ يارهن لک ايڪڙ ورهايل زمين مان مقامي آباديءَ کي پوڻا چار لک ايڪڙ زمين ڏني وئي.
    ڪوٽڙي بيراج جون زمينون، پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن ۾ ورهايون ويون، يعني مهاجرن کانسواءِ ان مان پنجابين، بنگالين، پٺاڻن ۽ بلو0چن سڀني کي حصو ڏنو ويو. بنگالي آبادگارن جي هڪ مختصر جماعت کي، انهيءَ لاءِ سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته سڄو ملڪ ورهاست ۾ حصيدار آهي. ڪوٽڙي بيراج جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين، ڪجهه ڪيٽيگريون مقرر ڪري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، جيڪي هيٺيون آهن:
    (1) سم ۽ ڪلر جا متاثرين، (2) جابلو علائقي جا ماڻهو (3) باراني علائقي جا ماڻهو (4) ڳُتيل آباديءَ جا ماڻهو، جن وٽ زمين گهٽ آهي (5) وچولي طبقي جا ماڻهو. انهيءَ طريقي سان جيڪي زمينون وڪرو ڪيون ويون، تن ۾ پنجاب کانپوءِ ٻئي نمبر تي پٺاڻن زمينون حاصل ڪيون. ڪل زمين جيڪا مخصوص ڪئي وئي.
    پنجاب: 1,70000
    فرنٽيئر لاءِ: 34000 ايڪڙ.
    زمين جو سڀ کان خراب حصو فطري طرح بلوچن جي حصي ۾ آيو، ڇاڪاڻ ته سندن سياسي اقتدار ۾ به حصو سڀني کان گهٽ هو. انهن مان به ڪن ته زمين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي بيراج جي زمين مٿين ڪيٽگرين کان سواءِ پهلوانن، رانديگرن ۽ گلوڪارن ۾ به عطيي طور ڏني وئي. ڪوٽڙي بيراج تي ٽريڪٽر اسڪيم تحت به زمين الاٽ ٿي. ان جو چڱو خاصو حصو به سول ۽ فوجي آفيسرن جي هٿ لڳو. دليل اهو ڏنو ويو ته انهن ماڻهن وٽ زمين جي درستيءَ لاءِ پيسا موجود آهن. اهڙيءَ طرح ٽريڪٽر اسڪيم مان سرڪاري آفيسرن دل کولي جاوا ڪيا، تن ۾ اعليٰ فوجي آفيسر، نيويءَ جا آفيسر، پوليس آفيسر، سيشن جج، انجنيئر، ريلوي جا ملازم ۽ ڪيترائي ٻيا شامل هئا. انهن نه رڳو پنهنجن نالن تي زمينون الاٽ ڪرايون، پر پنهنجن عزيزن جي نالي تي به زمينون الاٽ ڪرايون. اسان صرف اهڙن آفيسرن جا نالا عهدن سميت ڏيون ٿا، جن 1962ع تائين ٽن سؤ ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪرائي. سول ۽ فوجي آفيسرن جي انهيءَ لٽ مار کي ڏسندي، هڪ اسيمبلي ميمبر حسرت مان چيو ته: ”وزير (خزانه) صاحب! هروڀرو زمين جي جھڳڙي ۾ ڇو پيو آهين، اسان وٽ سنڌ ۾ ايتري زمين پئي آهي، جو جيڪڏهن توهان سرڪاري ڪامورن ۽ فوجين کي زمين نه ڏيو ته اسان پوري مغربي پاڪستان جي هارين کي اها زمين ڏئي سگهون ٿا.
    نالو ۽ عهدو ڪُل زمين جيڪا حاصل ڪئي وئي
    (1) ميجر ايوب احمد خان (پروفيسر KEMC) 500 ايڪڙ
    (2) ڪرنل ضياءُ الله 500 ايڪڙ
    (3) ڪرنل نور الاهي 497 ايڪڙ
    (4) ڪرنل اختر حفيظ (سيالڪوٽ ڇاوڻي) 397 ايڪڙ
    (5) ڪيپٽن فيروز خان 352 ايڪڙ
    (6) ميجر امير گلستان (پيءَ ۽ پٽ) 342 ايڪڙ
    (7) ليفٽنينٽ ڪرنل بشير 500 ايڪڙ
    (8) ميجر ظفر احمد 289 ايڪڙ
    (9) گروپ ڪيپٽن اي. ايم. مراد 496 ايڪڙ
    (10) ڪمانڊر ايم افضل خان 303 ايڪڙ
    (11) ڪرنل يعقوب 487 ايڪڙ
    (12) ميجر غلام فاروق (زال جي نالي) 458 ايڪڙ
    (13) ميجر محمد لطيف 500 ايڪڙ
    (14) عباد الله رحمان خان 484 ايڪڙ
    (ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڊسڪٽرڪٽ جيل ملتان)
    (15) ڊاڪٽر جي. اي اصغر 401 ايڪڙ
    (دماغي اسپتال حيدرآباد)
    (16) صبح صادق (سرڪاري ملازم جو پٽ) 401 ايڪڙ.

    ٽريڪٽر اسڪيم هيٺ جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي، ان تي پهرين مقامي آبادي هارپ ڪندي هئي، پر هن اسڪيم هيٺ چيو وڃي ٿو ته اٽڪل چئين لکن سنڌي هارين کي بيدخل ٿي بيروزگاريءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو. هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بي زمين هاري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڌڪا کائيندا وتن ۽ انهن جو ڪو حال ڀائي نه هُجي، اتي ٻاهرئين ڪنهن شخص کي زمين الاٽ ڪرائڻ جو ڪو اخلاقي جواز نٿو جُڙي. باقي رهيو فوج يا سول آفيسر شاهيءَ جي ماڻهن کي بيراج وارن علائقن ۾ زمين ڏيڻ، اها ڳالهه اڃا به وڌيڪَ نندڻ جوڳي آهي، جيئن هڪ اسيمبلي ميمبر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سوال ڪيو ته: ”جيئن ته فوج جي جرنل جو ڪل وقتي ڪم آهي ۽ زمينداري به ڪل وقتي ڪم آهي، مهرباني ڪري ٻڌايو وڃي ته اهي ٻئي ڪم سرڪاري ڪامورا ڪيئن ڪندا؟“ جنرلن ۽ سرڪاري آفيسرن کي ملازمن دوران پگهار ملندي آهي ۽ رٽائير ٿيڻ کانپوءِ پينشن به کڻندا آهن، پوءِ انهن کي زمين جي خيرات سان نوازڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟“
    دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ فوجي ۽ سِول آفيسر جهڙي ريت ملڪ جي ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي ويا، ان جو هڪ مثال سنڌ جي بيراجي زمينن تي قبضو پڻ آهي. انهن جهڙي نموني زمين حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مقامي ماڻهن سان جهڙو رويو رکيو ۽ نفرت جو ٻج پوکيو، ان جو فصل هاڻي پچي تيار ٿي چڪو آهي. پنجاب جي خلاف اڄ سنڌ ۾ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ موجود آهي، ان جي ذميواري سڀ کان وڌيڪَ فوجَ ۽ سول آفيسر شاهيءَ تي عائد ٿئي ٿي، جيڪي زمين جي زوال حرص ۾ مبتلا رهيا. ڪوٽڙي بيراج تي بهترين زمينون فوجين کي الاٽ ڪرڻ کانپوءِ 1959ع ۾ گهڻي خواريءَ کانپوءِ هارين کي به ڪجهه زمين الاٽ ڪئي وئي. جيڪا زمين انهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، ان جي ايراضي اڳ مخصوص ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ هئي. گهڻو ڪري آخر ۾ ڏنل اها زمين اڳ الاٽ ٿيل ايراضي کان بيڪار، اڻ سڌريل، ڀِٽن ۽ دڙن تي مشتمل هئي. واهن جي پڇڙيءَ تي هجڻ ڪري، اتي پاڻي دير سان پهتو ٿي ۽ گهٽ به هو. ڪوٽڙي بئراج تي جن هارين کي زمين الاٽ ڪئي وئي، تن جي مسئلن جو پڙاڏو 1986ع تائين ٻڌڻ ۾ آيو. انهيءَ سال ڏيڍ لک ايڪڙ هارين جي زمين رد ڪئي وئي. غير سنڌي آبادڪارن بلڊوزرن جي اسڪيم هيٺ جيڪو قرض ورتو هو، اهو هارين تي وڌو ويو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن زمين رد ڪئي وئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ڪوششن باوجود فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو. ڪوٽڙي بئراج تي 24 هزار ايڪڙ زمين نيلامن ذريعي وڪري لاءِ مخصوص ڪئي وئي. مقامي هاري يا غريب ماڻهو ان قابل ئي نه هو ته اها زمين خريد ڪري سگهي. پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سنڌ جي ڀِٽ ۾ هڪ ايڪڙ جا وڌيڪَ يونٽ مقرر ڪيا ويا، ان ڪري پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ماڻهن پنهنجون زمينون وڪڻي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ڀيرا وڌيڪَ زمينون سنڌ ۾ نيلامن رستي اچي خريد ڪيون. ڳوٺن جا ڳوٺ پنجاب مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ان ڪري فوجي ۽ سِول آفيسرن جيڪا زمين حاصل ڪئي، اها به گهڻو ڪري پنجابين جي حصي ۾ آئي ۽ نيلامن واري زمين پڻ. زمين وٺندڙن ضرورت آهر هاري به پنجاب مان گهرائي ورتا. ان ڪري سنڌ ۾ پنجابين جو ۽ (ڪنهن حد تائين پٺاڻن جو) تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. (ڪيا هم اڪٺي رهه سڪتي هين. پروفيسر عزيز الدين صفحو 88 کان 91).
    اهي حالتون ڏسي، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طريقي سان سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائجي، ته جيئن سنڌ جي وسيلن کي ڌارين جي ڦرلٽ کان بچائي، سنڌي ماڻهن لاءِ استعمال ڪري، کين جديد زندگيءَ ۽ سائنس جي نعمتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهجي. ان لاءِ اسان ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ اسيمبليءَ کان ٻاهر ڪا عوامي تحريڪ هلائڻ بدران اسيمبليءَ ۾ آئيني طريقي سان جدوجده ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ آئون (جي. ايم. سيد) ڪجهه ساٿين سميت مغربي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويس. ان وقت ريپبليڪن پارٽي مغربي پاڪستان جي اقتدار ۾ هئي ۽ مسلم ليگ مخالفت ۾ . اسان جي پوزيشن (Balance Power) واري هئي ۽ جنهن طرف به ووٽ ڪيوسين ٿي ته ٻي ڌُر اقليت ۾ تبديل ٿي وئي ٿي. مون ۽ منهنجن دوستن، اسان جي ان پوزيشن کي ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي، جنهن کي اڪثريت جي باوجود وزارت ۾ اچڻ کان محروم ڪيو ويو هو، ان اسان جي ڌُر کي اسيمبليءَ ۾ توازن جو حامل سمجھي، اسان سان وزارت ڌُر (اقتدار ۾ آيل حڪومت) خلاف ڳالهيون شروع ڪيون.
    سنڌ جي زمينن جيان سنڌ اندر نوڪرين ۾ به پٽيوالي کان ويندي سنڌ جي گورنر تائين سڀ غير سنڌي ملازم مقرر ڪيا ويا. اهي گهڻو ڪري سڀ پنجاب مان ڀرتي ڪيا ويا هئا. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ٻني ۾ به پوليس ٻيلي کاتي ۽ اسپتال ۾ سڀ ملازم غير سنڌي مقرر ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ پڻ ڊي سي، ايس پي، ڊي ايس پي، اي ڊي سي، ڊي ايف او، سيشن جج، سِول سرجن وغيره مطلب ته اسي سيڪڙو ملازم پنجابي پهچي ويا ۽ ائين 1947ع کانپوءِ هنن ڪارن انگريزن اچي حڪومت سنڀالي. ڪراچيءَ ۾ ڏسندي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ پٺاڻ اچي ويا، جيڪي اڄ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ وزير ٿي ويا آهن. جڏهن سنڌ جو وزير تعليم مروت پٺاڻ هو ته هو ڪيترا سال انهيءَ عهدي تي رهندي، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو. اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي! اهڙي سنگين صورتحال هوندي به سنڌ جو عوام انهن سڀني ڳالهين کان لا تعلق ۽ بي خبر ٿو لڳي. سواءِ چند سنڌي شاگردن، اديبن، ڪامورن ۽ سياستدانن جي ٻيو مڙئي ٿيو خير! جيڪڏهن اها صورتحال اڃان به ٻيا پنجاهه سال رهي ته پوءِ سنڌين کي سڄي سنڌ اندر ٻيو نمبر شهري ٿي رهڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. گهڻو ڪري هر سنڌيءَ کي سياست ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، پر اها صرف پنهنجي مفاد ۽ مطلب لاءِ.
    سياست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي لاءِ ۽ انهيءَ لاءِ واسطيدار نظريي سان محبت جي لاءِ، جنهن لاءِ اِنسانَ کي تمام وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ۽ سوين تڪليفون ڏسڻيون ۽ سَهڻيون پونديون آهن. ان لاءِ پنهنجي ذات کان سواءِ پنهنجي ملڪيت ۽ اولاد کي به قربان ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائبو آهي ۽ قدم قدم تي پنهنجن ۽ پراون کان هر وقت مخالفت، تڪليف ۽ مقابلي جو مُنهن ڏسڻو پوندو آهي. ان ۾ جيل، ڪوڙا، ڏنڊ وغيره جون سزائون سدائين سِرَ تي کڻڻيون پونديون آهن. روپوش ٿيڻ، گهرن جا جھاڙو، مال ملڪيت جون نيلاميون ۽ ٻيا ڪيترائي اذيتناڪ ڏک ڏسڻا پوندا اهن، جيڪي اسان جو سياستدان قطعن برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
    ٻي سياست خود مطلبي واري سياست، جيڪا پنهنجي ذات، پنهنجي پيٽ ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪجي ٿي. ان ۾ وزارتون اسيمبليءَ جون ميمبريون، چيئرمينيون، وڏن سرڪاري ادارن ۾ تمام گهڻي رشوت وارا وڏا وڏا عهدا، ڊائريڪٽريون وغيره ماڻڻ لاءِ ماڻهن کي موڳو ڪندڙ سرسبز باغ ڏيکاريندڙ سياست هوندي آهي. اهڙي سياست ڪرڻ سان هر طرف کان هر قسم جي مادي فائدن لاءِ دروازا کليل رهندا آهن. اهڙن سياست ڪارن جي زرعي فارمن تي سرڪاري ريسٽ هائوس، پڪا رستا، غير قانوني واٽر ڪورس ڏسڻ ۾ ايندا. کين سرڪار طرفان وڏيون عزتون، اعزاز ۽ تمغا عطا ٿيندا اهن. اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ديسَ جي مفادن ۽ خوشحاليءَ يا بامقصد نظريي ۽ مسڪين مارو ماڻهن جي ڇوٽڪاري ڀلائيءَ ۽ امن امان جي ڳالهه به ڪرڻي ناهي. پوئين قسم جي سياست جو وجود آڳاٽي زماني ۾ سڄي دنيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر اڄ اهو دنيا جي اڪثر ملڪن مان پنهنجي بڇڙائين ۽ مَڪارين سبب ختم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا تائين ان سياست جو وجود ٽئين دنيا جي غريب ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي اهو ڦرمار واري صورت ۾ پنهنجا آخري پساهه کني رهيو آهي. اسان جو ملڪ، خاص ڪري اسان جي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ انهيءَ مدي خارج ۽ پنهنجي پيٽ ڀرڻ واري سياست ۾ وڪوڙيل آهي. ان جو مرڪز ڪردار ويڪو ڪامورو ۽ ويڪو وڏيرو آهي. اسان جو ويڪو وڏيرو انهيءَ ڦرلٽ ۾ ڌارين سان هر دؤر ۾ گڏ نظر اچي ٿو. ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ ابراهيم منشي.
    ويڪو وڏيري کي سنڌ جي مفاد ۽ سنڌ غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ ذري برابر به عزت ۽ احساس نه آهي ۽ نه ئي مخصوص طبقي جي حيثيت ۾ پاڻ ۾ مُتحد آهي. پنهنجي مفادن لاءِ وڏيرن کي سدائين پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺو ويو آهي، جيئن ڪنهن ڍونڍ تي ڳجھون. سنڌ ۽ سنڌي غريب مسڪين ماڻهن جو پُٺ تي پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهي ئي وڏيرا آهن. اهي ماڻهو علم ۽ ادب کان پري رهڻ ڪري بالڪل اڻڄاڻ آهن. کين نه دنيا جي ڄاڻ، نه ملڪ جي خبر، نه سنڌ جي تاريخ جو پتو ۽ نه ئي ڪا جاگرافيءَ جي ڄاڻ آهي. هنن کي جيڪڏهن ڪا ڄاڻ آهي ته هيءُ ته ڪراچيءَ جي بنگلن جي مسواڙ ۽ قيمت، ڪارن موٽرن جي ماڊل جي ۽ انهن جي قيمت جي، ڪراچيءَ جي پلاٽن جي اگهن، ايئر ڪنڊيشن ۽ ولائتي وِسڪين جي نالن جي، سٺن هوٽلن ۽ سٺن درزين جي کين ڀلي ڀَتَ خبر آهي. پيرس ۽ بئنڪاڪ جو احوال ائين ٻڌائيندا، ڄڻ ته سندن ڳوٺ هجي، پر سندن اباڻي ڳوٺ جي پاڙن جا نالا به ڪونه ايندن. جيڪڏهن اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجي ويا ته آڱرين تي ڳڻن وارن کان سواءِ ٻين کي اسيمبليءَ جي لفظ جي هِجي به ڪانه ايندي. کين اسيمبلي جي ڪارگذاريءَ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب ان ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهي نه کين بجيٽ جي خبر نه G.N.P، I.M.F، ايشيئن بئنڪ، ورلڊ بئنڪ يا ملڪي اقتصاديات بابت ڄاڻ. کين صوبن ۾ فنڊن جي ورهاست انفليشن، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واپار جي به خبر ڪانهي، نه ڪسٽم ڊيوٽي جي ڄاڻ اٿن، نه ئي ان کي ڄاڻن جي ڪا سُڌَ اٿن. ويچارن انهن وڏيرن مان ٻن ٽن ميمبرن کان سواءِ کين اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ جي به خبر ڪانهي، پر وزارت لاءِ هر ڪو اميدوار ٿيندو، ڀلي ته انگريزيءَ جي ABC جي به واقفيت نه هجي! کين تڏهن اڻڄاڻائيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جڏهن هوائي اڏي تي ٻاهرين ملڪن جي وفدن ۽ اخباري نمائندن کي مُنهن ڏيڻُ ٿو پوين. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو، خاص ڪري سرڪاري سلسلي ۾ ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هنن صاحبن جون اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي مصروفيتون آهن، انهن کان هاڻي سنڌ جو هر ڪو ماڻهو واقف آهي. عيش عشرت آ۽ ذاتي مفادن کان سواءِ وٽن ٽائيم نه آهي. سندن تڪن جا ماڻهو، سوين هزارين روپيا خرچ ڪري جڏهن انهن شهرن ۾ پهچندا آهن، تڏهن ڪم ته ڪم جي ماڳ، پر ساڻن ملڻ لاءِ به تيار نه هوندا اگهن. انهيءَ وڏيرڪي طبقي جي وڏيرڪي سياست جي ڪري سنڌي عوام کي جيڪو نقصان رسيو آهي، ان جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. وطن سان ڪهڙا ويل وهيا. ڌرتيءَ تي ڪيئن ڪالونائيز ڪيو ويو، ٻوليءَ سان ڪيئن ٺٺوليون ڪيون ويون، اسان جي تهذيب کي گڏهن چارڻ وارن جي تهذيب ڪوٺيو ويو. اسان جي ئي شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جو رهڻ حرام ڪيو ويو. اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي شهرن ۾ پنهنجن اباڻن گهرن ۾ گهڙي بي عزت ڪيو ويو ۽ شَهرن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. هزارين سنڌي ماڻهو جيڪي سوين سالن کان اتي آباد هئي، سي پنهنجا اباڻا گهر ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻي شهر مجبوراً خالي ڪرڻ لڳا. سـَوَن جي تعداد ۾ شهرن اندر قائم سنڌي ڳوٺ نيست و نابود ڪيا ويا ۽ انهن مٿان هيليڪاپٽرن سان بمباريون ڪيون ويون. سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترائي ڳڀرو جوان، ڌارين جي هٿان گولين جو بَکُ ٿي شهيد ٿي ويا، جيل ڀرجي ويا ۽ سياسي قيدين کي جيلن ۾ جيڪي اذيتون ڏنيون ويون، تن جو ذڪر ڪندي اکيون رت ٿيون ڳاڙين.
    روئندي روئندي نير کُٽي ويو، لهو اچي ويو لڙڪن ۾
    آئون ڪيئن کِلندي کير پيان، مُنهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾

    مهينن جا مهينا بند وارڊن ۾ سوگھا، هٿن ۾ هٿڪڙيون، چيلهه ۽ پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون، صبح شامَ مٿن ڪوڙن جا وَسڪارا، سَڄو بدن زخم ۽ رت، نه ڌڻي نه سائين ۽ نه علاج جي سهولت جيڪڏهن انهن حالتن جي خلاف بک هڙتال ڪن ته ڳُجھن عضون ذريعي سُيون هڻي کين مفلوج ڪن.
    رسالا ۽ اخبارون اهڙيون خبرون شايع ڪرڻ کان مجبور. ايڏن ڏکن ۽ سورن کان پوءِ به انهن جا جذبا وڌيڪَ جوان آهن.

    هي ماڻهو وِههِ جو ڍُڪ ٿيا،
    جيئن لُڪَ لڳي، تيئن رُڪ ٿيا.


    4

    اهو سارو ظلم ۽ ستم ڏسندي وائسندي به اهي اشراف وڏيرا چُون به ڪونه ڪُڇيا. (اشراف کين آئون انهيءَ ڪري ٿو چوان، جو ڌارين حاڪمن هميشه هنن جي پٺتي ٺپري کين اشراف چئي خوب جاوا ڪيا) پر مُرڳو انهن ڌارين چورن ۽ ڦوروئن جا ساٿاري بنجي بيهي رهيا. جيڪڏهن ڪنهن شخص يا ڪنهن ڌُر هنن جي اڳيان قومي غيرت يا محبت جي ڳالهه ڪئي، ته هي غيرت کان وانجھيل يڪدم باهوڙجي کڻي کيس ڳِٿر مان جھليندا. هم زبان، هم قوم ۽ هم وطن هوندي به پنهجائيءَ جا سمورا ليڪا لتاڙي، حيا ۽ حقيقتون وساري ڌارين جا دلال ۽ جاسوس بنجي پيا ڪُتن وانگر نوس نوس ڪندا ! وتن اها ئي دقيانوسي ۽ مُدي خارج وڏيرڪي سياست ۽ وڏيرڪي قيادت آهي جيڪا مڪمل طرح سان انهيءَ قومي غلاميءَ لاءِ ذميوار آهي. اڄ جي سنڌ ۾ وڏيون نوڪريون ۽ ڪارخانا گهڻي تعداد ۾ غير سنڌين وٽ آهن. باقي زمين ڳچ مقدار ۾ سنڌين وٽ وڃي بچي آهي. پر انهي تي به ڌارين جي ساٿاري سنڌي وڏيرن جو قبصو آهي، جيڪي سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ ۽ جاهل رکڻ ۾ ئي پنهنجي وجود جو بچاءُ ۽ ڀلائي سمجھن ٿا. سنڌ جي سياسي بدحاليءَ کان گڏوگڏ هي سنڌ جي معاشي بدحاليءَ جا پڻ واحد طبقي ذميوار آهن. ان جو مثال هن ريت آهي ته هن وڏيري طبقي جيڪا دولت ناجائز طور زرعي بئنڪن، شُگر مِلن ۽ ٻين مالياتي ادارن مان قرض وٺي گڏ ڪئي آهي، اها به جاگيردار، زميندار، اسيمبلي ميمبر، ڌارين جو دلال، وطن دشمن ۽ عوام دشمن وڏيري جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. هي سڄي جي سڄي حياتي ۽ ملڪيت ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد ۽ لاهور جهڙن وڏن شهرن ۾ پنهنجي عيش عشرت ۾ ضايع ڪري ٿو. هڪ ڌاريون آباد ڪار جيڪا زمين سنڌ ۾ آباد ڪري ٿو، انهيءَ آباديءَ مان هٿ آيل دولت پنهنجي اباڻي وطن رواني ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي زميدار ڌارين جي قائم ڪيل عياشيءَ جي اڏن تي خرچ ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙي صورتحال برقرار رهندي ته اسان ڏينهون ڏينهن معاشي طور بدحاليءَ جي اوڙاهه ڏانهن ڌڪبا رهنداسين. اسان جي وڏن زميندارن ۽ وڏن ڪامورن جا گهر گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ آهن. سندن ٻار حيدرآباد، ڪراچيءَ ۾ پڙهن ٿا. پاڻ کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙو، ڪتاب، فرنيچر، سجاوٽ ۽ سينگار جو سامان، مطلب ته هر ڪا شيءِ ڌارين کان خريد ڪن. فضول خرچي ۽ عيش عشرت تي ڳاٽي ڀڳو خرچ به شهرن ۾ ئي ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻهراڙيءَ جو پيدا ڪيل ناڻو هي سدورو (وڏيرو) شهرن ڏانهن پيو منتقل ڪري. سوين سال زندهه ۽ خوشحال رهي سگهندڙ قوم به اهڙي اقتصادي عمل ڪرڻ چند سالن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي سگهي ٿي. اهو وڏيرو طبقو سياسي طور تي پٺتي رکڻ سان گڏوگڏ جنهن اقتصادي ڌٻڻ ۾ اسان کي ڦاسايو ويٺو آهي، تنهن کان اسين مجموعي طور بلڪل بيخبر آهيون.
    سنڌي وڏي توڙي ننڍي زميندار جو، سندس هاري ۽ ڪُڙمي طبقي سان ليکو چوکو بلڪل غلط ۽ ظالماڻو آهي. هي ڪو به حساب لکيت پڙهيت ۾ ڪونه ڪري. جيڪو رهيو کهيو زميدار ڪجهه ليکو ڪري ٿو ته اهو به هارپ جي قانون مطابق ڪونه ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو هاري حساب ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته زميندار کي اها ڳالهه بالڪل ڪانه ٿي وڻي. انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي هاريءَ تي واسطيدار زميندار جي هر وقت ڪرڙي نظر رهندي آهي ۽ وقت اچڻ تي کيس تنگ ڪندو آهي، جيئن ته هو ويچارو اڳتي ڪڏهن به اهڙي قسم جو مطالبو ته پنهنجي ماڳ، پر انهيءَ ظلم خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهي. وڏيرو ۽ ٿاڻي جو پوليس وارو جنم جنم جا ساٿي آهن. پنج ٻڌائڻ ۽ ڇوڙائڻ وڏيري جي شان ۽ شوق جي شيءِ آهي. پوليس ڪاموري جي عزت سندس نس نس ۾ سمايل آهي. پوليس واري جي عزت پنهنجي پيءُ کان به وڌيڪَ ڪندو آهي. انهيءَ ڪامياب نسخي سبب چور ۽ ڌاڙيل سندس طاقت جو سرچشمو آهي. ڪنهن غريب مسڪين کانئس ڪنهن حق جو مطالبو ڪيو ته راتو رات سندس ڪُنڍي مينهن غائب، جنهن جو کير سندس بيمار پيرسن پيءُ ۽ ٻار پيئندا هئا. مطلب ته تر جي پوليس ۽ چور، وڏيري جون ٻه مضبوط ٻانهون آهن. انهن تي ڪنٽرول ئي سندس شان ۽ دٻدٻي جي نشاني آهي. هن جي سياست جو دارو مدار پڻ انهن ٻن مضبوط ٿنڀن تي آهي. جيڪو به وڏيرو انهيءَ اصول تي عمل ڪري ٿو، اهو ڪامياب ۽ ڪامران آهي، باقي جيڪو غريب ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ساڻن هر غم ۾ ٻانهن ٻيلي آهي، اهو انهيءَ جي تر جي سياست ۾ گهڻو وقت هلي نه سگهندو. خود ننڍا وڏيرا ۽ ڪامورا سندس ويري ٿي ويندا. پوءِ کيس يا ته اهڙيون حرڪتون ڪرڻيون پونديون جيڪي وڏيرن کي پسند هجن، يا پنهنجي فيوڊل ڪلاس جي ماڻهن ۽ سندن ڇاڙتن جي سخت مخالفت برداشت ڪرڻي پوندي. سنڌ جي ميرَ، پِيرَ، مُرشدَ، وڏيري، ڪاموي، ٺيڪيدار ۽ وڏي زميندار تي اهو نفسياتي اثر ويٺل آهي ۽ آئون ٻين کي دٻائي ۽ هيسائي پنهنجو مانُ مٿانهون ڪريان ۽ پاور تي قابض رهان، نه ته منهنجو جيئن هن انڌي معاشري ۾ جنجال ٿي پوندو ۽ هر طرف کان اڪيلو ٿي پوندس. ڪنهن وٽ به منهنجي ڪا نه هلندي، تنهنڪري ننڍي وڏي جو آسانيءَ سان کاڄ ٿي ويندس. اها غلط سوچ کيس هزارين بُڇڙا ڪم ڪرائي ٿي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ديس ۽ ديسَ واسين تي ڌارين جا ڪَٽَڪَ آڻيو مڙهي. هي ڌارين جو پڇ لٽڪائو ٿي، پنهنجي قوم جي محبت وطن ماڻهن تي چغلخور بنيو بيٺو آهي. اها سوچ سندس ڪِريل ڪردار، بي همتيءَ ۽ جهالت جو کُليل ثبوت آهي. سندس اها سوچَ تڏهن تبديل ٿيندي، جڏهن هو نظرياتي تعليم کان واقف ٿيندو ۽ پنهنجي مِٽيءَ ۽ ماروئن سان مثبت رشتو قائم ڪندو. انهيءَ احساس سبب هُو هميشه چڙهندڙ سِجَ جو سلامي ۽ وقت جي حاڪم ۽ حڪومت جي حضوري ڪندو رهي ٿو. پاڻ کي وقت جي حڪومت کان ٻاهر ائين ٿو سمجھي، جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جو حالُ هوندو آهي. نه رات جي ننڊ هوندي اٿس، نه ڏينهن جو آرام، پنهنجي وجود کي ٽُٽندو، سُسَندو ۽ ڳَرندو محسوس ڪندو آهي. تنهن ڪري هو نه پاڻ سان سچو ۽ نه ٻئي ڪنهن سان. انهيءَ ئي طريقي تي عمل ڪندي، پارٽيون بدلائڻ ۽ حاڪم پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سندس شوقَ جو شغل آهي. ڪجهه وقت اقتدار کان ٻاهر به ڪنهن پارٽيءَ ۾ هوندو آهي، پر اها پڪ هوندي اٿس ته اها پارٽي جلدي پاور ۾ ايندي، پوءِ سڀ لُڙهه لهي ويندا. جنهن به پارٽيءَ جي سياست وطن ۽ وطن جي غريب عوام لاءِ هوندي، تنهن کي ويجھو به ڪونه ويندو. سڄو ڏينهن ان کي ويٺو گاريون ڏيندو. ديس سان محبت رکڻ وارين سياسي پارٽي، سندن ڪارڪُنن ۽ انهن جي جلسن ۽ جُلوسن کان کيس باهه هوندي آهي. اهو وڏيرڪو طبقو، جنهن ۾ مير، پير، مرشد، مخدوم مَلڪ، ڄام، ڄاموٽ، رئيس، خان، صاحب، ارباب، سيٺيون، زميندار، وڏا واپاري، ٺيڪيدار، وڪيل ۽ ڪامورا شامل آهن، انهيءَ طبقي ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ بيشُمار قربانيون ڏنيون، جيل، ڪوڙا، ڏنڊ ۽ پنهنجي سرن جون قربانيون به ڏنيون آهن. انهن مان شهيد الله بخش سومرو، شهيد فاضل راهو، ٽوڙيءَ جي سهيدن ۽ ٻين قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪُنن شهيدن جا نالا اسان لاءِ مٿال رهندا. ون يونٽ جي خلاف هلچل ۾ به وڏيري طبقي جا چند اهڙا شخصَ جيڪي ملڪ جا هڏ ڏوکي هُئا، شاگردن، هارين ۽ مزدورن ساڻ، ان جدوجهد ۾ شامل نظر اچن ٿا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهرين آڪٽوبر 1988ع جي واقعن ۾ پڻ اهڙآ چند ماڻهو نظر اچن ٿا. خود شهيد فاضل راهوءَ کي سندس تَرَ ۾ اڄ ائين ”وڏيرو فاصل“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر هو پاڻ پنهنجو سِر، پنهنجي وطن ۽ وطن جي مسڪين ۽ مجبور ماڻهن تان قربان ڪري، پنهنجي ساک رکي، سنڌ جي سينڌ کپي پنهنجي لال لهو سان سينگاري ويو!
    اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪَ ڦُڙا، ڪنهن لُڙڪَ ڦُڙا،
    جن توکي پنهنجون رَتُ ڏنو، سي سَڀُ کان پاڻ ملهائي ويا.

    شہیدوں کے مزاروں پر لگینگے ہر برس میلے،
    وطن پر مٹنے والوں کا یہی انجام ہوتا ہے!

    اختلاف، انهيءَ غنڊاگرديءَ واري ذهنيت سان هئڻ گهرجي ۽ انهن عوام دشمن سياسي قُوَتن سان هئڻ گهرجي، جيڪو ڪردار مجموعي طور مذڪور وڏيرو طبقو ادا ڪري ٿو، جيڪو وطن ۽ ويڙهيچن جو ويري ۽ ڌارين جو دلدل ۽ سندن سرخرو ساٿاري آهي. جيڪو به فرد پنهنجي انهيءَ ظالم طبقي جي عوام دشمن ۽ وطن دشمن سياست کي ڇڏي، سنڌ جي مظلوم عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ عوام دوست ۽ وطن دوست سياست کي پنهنجي سياست ڄاڻي ۽ قبول ڪري ٿو ته پوءِ هو هن سنڌي سماج جو ڪارگر حصو آهي، نه ڪي اڳوڻو ڪردار رکندڙ وڻ ويڙهي، هونئن به اڄ جي سنڌي سماج جي اها اشد ضرورت آهي ته سنڌ امڙ جا سڀئي ٻچا، پاڻ ۾ متحد ٿي، وطن جي دشمنن طرفان ٿيندڙ حملن ۽ هلائن کان، ان کي محفوظ رکن ۽ مضبوط بنائين. جيڪڏهن هن وقت ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ موجوده صورتحال جي پيش نظر، سنڌين جو مستقبل ڏاڍو ڏکيو ۽ تنگ پيو محسوس ٿئي، جنهن لاءِ ايندر نسل، اسان سمورن موجود سنڌين کي، انهيءَ هاڃي ٿيڻ جي معافي ڪڏهن به نه ڏيندا. سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ، جنهن ۾ راءِ گهراڻو، برهمڻ گهراڻو، عرب، ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا، ٽالپر، سمان، سومرا ۽ انگريز شامل آهن، انهيءَ سموري ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو، اڄوڪي تمام ڳنڀير، مُنجهيل ۽ مشڪل، موت ۽ زندگيءَ جي انتهائي ڀيانڪ ۽ ڪشمڪش واري صورتحال ۾ ڦاٿل نظر نٿا اچن، جهڙا اڄ ڏسڻ ۾ اچن پيا. انهيءَ سموري ماضيءَ واري دور ۾ سنڌ ۽ انهن ملڪن ۾ جتان سنڌوندي لنگهي ٿي، ائين نظر نٿو اچي ته سنڌو درياهه تي بند ٻڌي، سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي اسان کان کسي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هُجي. سنڌ جي خوشحاليءَ جو دارومدار زراعت تي ۽ زراعت جو سمورو دارومدار سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي آهي،
    ڪتاب، ”پاڻيءَ منجهه پساهه“ پڙهڻ گهرجي. پر جنهن رفتار سان پنجاب ان تي بند ٻڌي، مهراڻ جي سموري پاڻيءَ جو رُخ پنجاب جي زمين ڏانهن موڙي رهيو آهي، ان جو نتيجو اهو ٿيندو ته سڄي سنڌ جون سون ورنيون زمينون رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ سنڌ مڪمل طرح پنجاب وٽ هميشه هميشه لاءِ بليڪ ميل ٿيندي رهندي ۽ سندس حيثيت مڪمل طور غلام ملڪ جهڙي ٿي ويندي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڳ ۾ ئي کوٽ هئي، پر پنجاب حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ئي سنڌونديءَ تي چشما جهلم لنڪ ڪينال ٺاهي، سنڌوءَ جي بين الاقوامي پاڻيءَ جي ورهاست واري معاهدي جي کُلم کُلا خلاف ورزي ڪئي. مٿان وري هاڻ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ پنجاب حڪومت بيتاب آهي. پهرين ته اهو شوشو ڇوڙيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم فقط بجليءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، پر جڏهن خان غفار خان سڄي سرحد صوبي جو دورو ڪري اتي جي عوام کي ڊيم جي ٺهڻ کانپوءِ جي خطرناڪ صورتحال کان واقف ڪيو ۽ کين چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي بجليءَ جي ضرورتن سبب، ڪنهن ڊيم جي گُهرج آهي ته پوءِ اهو ڊيم ڀاشا وٽ ٺهڻ سان اها ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. ڀاشا جبلن جي وچ ۾ آهي، اهڙي هنڌ تي واقع آهي، جتان زراعت لاءِ ڪو به واهه کوٽي نٿو سگهجي. انهيءَ نئين راءِ عامه جي پيش نظر، پنجاب پنهنجي ٻولي ڦيرائي چيو ته اسان کي ڪالا باغ ڊيم ٺاهي، پنجاب جي زمين کي آباد ڪرڻو آهي. غفار خان جي هئڻ جي باوجود سموري سرحد صوبي جو دورو ڪري، اتي جي عوام کي، هن ڊيم کان ايتري ته نفرت ڏياري، جو پوري صوبي ۾ انهي منصوبي خلاف گهوڙا گهوڙا مچي وئي ۽ سرحد جي انهيءَ وقت جي وزير اعليٰ، ارباب جهانگير به انهيءَ سلسلي ۾ بيان جاري ڪيو ته: ”اسان وزارتون ڦٽيون ڪري ڇڏينداسين، پر ڪالا باغ ٺاهڻ ڪونه ڏينداسين“. پر افسوس! جو ان وقت بجليءَ ۽ پاڻيءَ واري وفاقي وزير، جيڪو سنڌي هو، تنهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيندي وضاحتي بيان ڏنو، جيڪو 16 جون 1987ع واري ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ شايع ٿيو سو هن ريت آهي ته: ”ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان، صوبي سرحد جي 38 هزار، ست سؤ ايڪڙ زمين جي ڀيٽ ۾ پنجاب صوبي جي اوڻهٺ هزار، اٺ سؤ ايڪڙ زمين پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندي.“ پر وزير موصوف اهو ڪونه ٻڌايو ته انهيءَ ڊيم ٺهڻ سان، پنجاب جي چاليهه لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، پر سرحد صوبي جو هڪڙو ايڪڙ زمين به آباد ڪونه ٿي سگهندو. اها ڳالهه وڌيڪَ افسوس جي آهي ته انهيءَ وزير صاحب پاڻ سنڌي هئڻ جي باوجود، سنڌ جي زمينن سان جيڪا قيامت ٿيڻ واري هئي، تنهنجو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجھيو. اهي آهن اسان جي وڏيرن وزيرن جا حال، جو اهڙن اهم مسئلن بابت ڪجهه به نٿا ڪُڇن، سي ٻين عام مسئلن تي ڇا ڳالهائيندا؟! منهنجي خيال ۾ مٿئين مسئلي کي به جيڪو مسئلو وڌيڪَ خطرناڪ آهي، سو آهي ڌارين ڪٽڪن جي يلغار ۽ آباد ڪاري. هئي به هڪڙي تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مادر وطن کي، ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيو، جيتي تعداد ۾ پاڪستان جي قيام ۽ هندستان جي ورهاڱي وقت وطن ترڪ ڪيو. انهيءَ وقت پندرهن لک سنڌي پنهنجي وطن مان مجبوراً بيدخل ٿي، خير باد چوندا ۽ روئندا پٽيندا وڃي هندستان جي مختلف رياستن ۾ آباد ٿيا،. اهي سمورا سنڌي هئا، جن ۾ شاهوڪار ۽ پڙهيل طبقي جو تمام وڏو تعداد هو. هينئر سنڌ کي آدمشماريءَ جي واڌ جو جيڪو حقيقي خطرو آهي، سو آهي ٻين صوبن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ٻين ملڪن جهڙوڪ هندستان، بنگلاديش، برما، ايران، افغانستان ۽ ٻيا غير مسلم غريب مُلڪَ، جن جي مسلمان آبادي، غير قانوني طرح پاڪستان ۾ ڌڙا ڌڙ اچي رهي آهي. انهن ۾ خاص ڪري برما، ڪوريا، ٿائيلينڊ، سري لنڪا، ڪمپيوچيا، لائوس، سائوٿ آفريڪا ۽ ڪي ٻيا ملڪ به اچي وڃن ٿا. مهاجرن کي مذڪور ڌارين ماڻهن جي سنڌ ۾ اچڻ تي ڪو به اعتراض نه پر بيحد خوشي پئي ٿئي، ڇو ته کين خبر آهي ته اهي ماڻهو، سنڌ ۾ آباد ٿيندا ۽ غير سنڌين جي آدمشماري وڌندي ۽ سنڌين جي اڪثريت گهٽبي، جنهن مان کين ئي فائدو ٿيندو. ڪنهن مهاجر ليڊر ڪڏهن به انهيءَ ڌارين جي يلغار خلاف ڪو بيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي ڏيندو ته ڪو هن غير قانوني آباديءَ جي واڌ کي هر حالت ۾ روڪڻو آهي. انهيءَ لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. انهيءَ کانسواءِ، اسان جي سنڌ جي پنهنجي قدرتي دولت: پيٽرول، گئس ۽ ڪوئلي تي پڻ مڪمل طرح سان ڌارين جو قبضو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ڪارپوريشنن، بئنڪن توڙي ٻين سرڪاري ادارن ۽ خانگي ڪارخانن ۽ ادارن جي نوڪرين ۾، اسان جي لاءِ دروازا مڪمل طور بند آهن. اسان جي زبان، تهذيب ۽ قديم آثارن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿيو ڪيو وڃي. مرڳو هر طرح سان انهن کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن کي مهينن جا مهينا لڳاتار بند رکيو ويندو آهي ۽ انهن کي ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ته جيئن اسان جو ايندر نسل هيسيل، ڊِنَل ۽ جاهل هُجي. مطلب ته هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت هر طرف کان، اسان کي ڪيل گھيرو وڌيڪَ تنگ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۽ سنڌي قوم شايد پنهنجي وجود جي آخري ويڙهه وڙهي رهيا آهن، جنهن کي ڪامياب ئي ، اسان جي ايندڙ نسلن کي سلامت رکي سگهي ٿي. ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو به چارو نظر نٿو اچي. تنهن ڪري قومي بچاءَ واري انهيءَ جنگ ۾ اسان کي نهايت عقلمنديءَ سان ۽ ڪاميابيءَ سان اُڪرِي پارِ ٿيڻو آهي. عقل ۽ طاقت کي زيان ڪرڻ کانسواءِ استعمال ڪرڻو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي هڪڙي پليٽفارم تي آڻڻو آهي. اهو نه صرف احساس ڏيارڻو آهي، پر ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته سنڌ ڪنهن هڪ فرد يا ڪلاس جي جاگير نه، پر هن پنهنجي ڪُکِ مان، سڀني ٻچن کي جنم ڏنو آهي. اهي سڀ سندس وارث آهن ۽ مڙني وسيلن جا هڪ جهڙا حقدار آهن. سڀني سياسي پارٽين، گروهن ۽ فردن کي گهٽ ۾ گهٽ سمورن مکيه قومي مسئلن جي حل واسطي ضرور هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿيڻو پوندو. سنڌ آهي ته اسان سڀ آهيون. انهيءَ کانسواءِ اسان جو پنهنجو وجود يا سڃاڻپ ئي ڪانهي. وقت گذّرڻ کانپوءِ، هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏيئي پيا ٺهنداسين، سي ڪهڙي ڪم جا ! شيخ اياز چواڻي ته:
    ”چئو وڃان مان وڃان، ڪيئن مان ڀيرو ڀڃان
    سج ويندو لهي، پير ويندا ڊهي“.

    اڄ اسان کي هي عهد ڪرڻو آهي ته هاڻي:
    1. اسان کي هڪٻئي سان، بيمقصد جنگ ختم ڪرڻي پوندي.
    2. اسان کي هڪٻئي تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻو پوندو.
    3. اسان کي هڪٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي.
    4. اسان کي هڪٻئي جي گريبان ۾ جھلڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻو پوندو.
    5. اسان کي ايماندار ٿيڻو پوندو.
    6. اسان کي آدمشماري وڌائڻي پوندي.
    7. اسان کي سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻو پوندو.
    8. اسان کي محنتي ۽ قابل شاگرد ۽ استاد ٿيڻو پوندو.
    9. اسان کي لائق مائٽ ۽ اولاد ٿيڻو پوندو.
    10. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ٿيڻو پوندو.
    11. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل ڪاريگر ۽ مزدور ٿيڻو پوندو.
    12. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل آبادگار ۽ هاري ٿيڻو پوندو.
    13. اسان کي محنت ۽ قابليت جو مثال ٿيڻو پوندو.
    14. اسان کي ٻه، ٽي، چار يا پنج نه پر سچو اتحادي ۽ ٻڌي ڪري هڪ ٿيڻو پوندو.
    15. اسان کي هڪ فرد تي بار نه وجھڻ، پر گڏجي بار کڻڻ جي اصول تي هلڻو پوندو.
    16. اسان کي سڀاڻي نه پر سڀ ڪم اڄ ڪرڻ جي اصول تي هلڻو پوندو.
    17. اسان کي اونداهيءَ کان ڊڄڻو نه پر ان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻو آهي.
    18. اسان کي هر قدم اُٻهرائيءَ سان نه پر بُردباريءَ سان کڻڻو پوندو.
    19. اسان کي سچو ۽ ايماندار تخليقڪار ٿيڻو پوندو.
    20. اسان کي سچو اديب ۽ سچو رهبر ٿيڻو پوندو.
    21. اسان کي بک، باهه ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جو عادي بنجڻو پوندو.
    22. اسان کي درياهن، جهنگن، جبلن، ٿرن ۽ بَرن ۾ رهڻ جو عادي ٿيڻو پوندو.
    23. اسان کي شخصي خود عرضي نيچ سمجھي ترڪ ڪرڻي پوندي.
    24. اسان کي انفرادي نه پر اجتماعي يعني گڏيل قومي جنگ وڙهڻي پوندي.
    25. اسانکي پنهنجي سنڌُ امڙ تان پنهنجي جان قُربان ڪرڻي پوندي.
    26. اسان کي سنڌ جو سپوت پٽ ٿي هن غلاميءَ واري رات کي نيٺ آزادي، پُر امن ۽ روشن صبح ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.

    سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هن ڀالا وڙهه ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارِ،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين!

    پاڻ هاڻي وري واپس ٿا موٽون ڪوهاٽ، جت اسان کي ڇهن ڇهن ڇوڪرن لاءِ هڪ ننڍو هال ڏِنئون، جنهن ۾ هر ڇوڪري لاءِ جدا پولنگ، ٽيبل، ڪرسي ۽ ننڍي الماري پيل هئي ۽ ننڍي پلنٿ تي بسترو به پيل هو. سڀني بسترن تي صاف سُٿريون سفيد چادرون پيل هيون. هر هڪ هال ۾ اچي ٻُڌائون. اسان شامَ جو ڪوهاٽ شهر گهمڻ وياسين. مون سان گڏ بنگالي ڇوڪرو مسعود به هو. اسان ٽانگو ڪري شهر روانا ٿياسين. شهر پارڪ هوٽل کان ٿورو پرڀرو هو. اسان شهر جي مُک بازار، جيڪا تحصيل گيٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪينٽ وٽ ختم ٿئي ٿي، ات اسان ٽانگي مان لٿاسين. هن بازار کان سواءِ ڪوهاٽ ۾ ميان خيل بازار چرسي بازار، تيره بازار، بنون بازار، صرافه بازار يا بازار زرگران، سيف الله مارڪيٽ، بانو بازار ۽ انارڪلي بازار شهر جون مشهور بازارون آهن. ڪوهاٽ صوبي خيبر پختون خواهه جو هڪ تمام قديم ۽ مشهور شهر آهي. جيئن اسان جي ڳوٺ ”ٻني“ کي چؤطرف مٽي جو ٻنون يا بند ٺهيل آهي تيئن ڪوهاٽ شهر کي وري چؤطرف جَبَلَ ئي جبلَ موجود آهن. تنهن ڪري ئي هن شهر تي ڪوهاٽ نالو پيو. ڪوهاٽ اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ پنجاب جي قبضي هيٺ هو. ان کانپوءِ هي سکن کان انگريزن جي قبضي هيٺ رهيو. آخر ۾ سن 1947ع ۾ انگريزن جو هتان نڪري وڃڻ کانپوءِ هي علائقو ريفرينڊم کانپوءِ پاڪستان ۾شامل ٿيو. ڪشمير جو سابق وزير اعليٰ شيخ عبدالله پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته سرحد صوبي جي عوام ريفرينڊم ۾ فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ڪيو، تنهن کانپوءِ ڪانگريسي ليڊر خان عبدالغفار خان کي ڪا به اهميت ڪانه ڏيندا هئا. هن علائقي جون ٻه مُک قومون آهن، هڪڙي بنگش، ٻي خٽڪ. خٽڪ ست سؤ سال اڳ ڪوهه سليمان مان لڏي اچي هت آباد ٿيا. اهي سڀ سُني آهن. بنگش اٺ سؤ سال اڳ افغانستان جي علائقي گرديز مان لڏي هت اچي آباد ٿيا. بنگش ۽ خٽڪن کان سواءِ هت گيلاني سيد، بنوري سيد، بخاري سيد ۽ پراچا قومون به رهنديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هتي جي مڪاني ٻولي هندڪو آهي. هتي جو هندڪو کي هت ”ڪوهاٽي هندو“ چوندا آهن. جيئن لاهور ۽ دهلي پنهنجن گيٽن يعني دروازن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا، تيئن ڪوهاٽ شهر به پنهنجي تحصيل گيٽ، لنگ گيٽ ۽ جنگل گيـٽ جي ڪري مشهرو آهي. هت ڪيلي، سارين ۽ کجيءَ کانسواءِ ٻيون سڀ سنڌ واريون پوکون ۽ هر قسم جو فروٽ ٿئي. جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ لاڙڪاڻي جا زيتون، ٽنڊي الهيار جا انب، ٽنڊي ڄام جا گلاب، ٺٽي جو ڪيلو ۽ خيرپور جون کجيون مشهور آهن، تيئن ڪوهاٽ جا زيتون مشهور ۽ مٺا آهن. جيڪي سڄي خيبر پختونخواهه صوبي جا سمورا ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. سڄي سرحد صوبي جيان هت به ڪڙهي گوشت ۽ ڀڳل گوشت ڪوهاٽ شهر جي خاص سوکڙي آهي، پر ڪوهاٽ جا ماڻهو پلاءَ ۽ زردو به ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. شامَ جي وقت هت ڏاڍي هلڪي هلڪي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ۽ سڄي جسم کي فرحت ڏئي رهي هئي. پهاڙن جي وادين جي شامن ۾ به دماغ ۾ هڪ نشيلي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ اها هڪ پيار ڪندڙ عورت وانگر وڻندڙ لڳندي آهي. هتي جي پهاڙن، وڻن ۽ گلن جي خوشبوءِ ۾ به هڪ عجيب خمار ۽ سرور هوندو آهي، جنهن جو پڻ پنهنجو نرالو سحر هوندو آهي. جبلن جي چوٽين جون شامون، ميدان علائقن کان صفا مختلف هونديون آهن پر وري هر پهاڙ جي چوٽيءَ جي شام ۽ خوشبوءِ به مختلف هوندي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي پهرئين پيار جهرو مزو هوندو آهي. اسان ڪوهاٽ جي هن مُک بازار ۾ ماني کائي گهمي ڦري واپس پنهنجي هوٽل پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته سڀ ڇوڪرا اسٽئڊيءَ ۾ مشغول هئا ۽ هڪٻئي کان سوال جواب ڪري رهيا هئا. اسان به بنا دير هن جوائنٽ اسٽئڊيءَ ۾ ساڻن شامل ٿي وياسين ۽ ڪافي دير کان پوءِ وڃي آرامي ٿياسين. صبح سوير تيار ٿي هڪ تمام وڏي هال ۾ آياسين، جتي اسان جو لِکت جو امتحان ٿيو. تنهن کانپوءِ هڪ گروپ ڊسڪشن، آخر ۾ اسان سڀني کي عليحده عليحده روسٽر تي آڻي ٿوري ٿوري دير لاءِ تقريرون ڪرايائون. ٻئي ڏينهن اسان جي انٽيليجنس ٽيسٽ ورتئون ۽ هڪ ميدان ۾ ڊوڙايائون. انهيءَ ڏينهن شامَ جو هر هڪ جي وري مختصر ميڊيڪل ٽيسٽ ورتائون. رات جو نوٽيس بورڊ تي رزلٽ لڳايائون. اسان ڪل سٺ شاگرد هئاسين، جن مان صرف ڇهه شاگرد پاس ٿيا، تن ۾ منهنجو نالو ڪونه هو، پر منهنجي بنگالي دوست مسعود جو انهي پاس شاگردن واري لسٽ ۾ نالو هو. اسان کي ٻڌايائون ته توهان هاڻ سڀاڻي صبح جو رواني ٿيندڙ ريل ۾ واپس وڃي سگهو ٿا. پاس ٿيندڙ ڇهن ڇوڪرن کي اتي رهائي ڇڏيائون. ناپاس شاگردن کي چيائون ته اوهان ۾ ڪو به شاگرد جيڪڏهن بيمار هجي ته هو ٺيڪ ٿيڻ تائين هت رهي سگهي ٿو. آئون ۽ مسعود وري به گڏجي ڪوهاٽ گهمڻ وياسين، شهر گهمي ڦري، ماني کائي واپس اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رات جو هوٽل ۾ آرام ڪري، صبح سوير ريل ۾ چڙهي پهرين راولپنڊي ۽ پوءِ وري شامَ جو حيدرآباد وڃڻ واري ٽرين ۾ چڙهي، سڄي رات ريل ۾ سفر ڪندو، ٻئي ڏينهن به شامَ ڌاري اچي حيدرآباد ۾ مسلم هاسٽل پهتس. ڏاڍو ٿڪ هو، تنهن ڪري سواءِ ماني کائڻ جي سوير ئي سمهي پيس. ٻئي ڏينهن شامَ جو تيار ٿي ڪاليج ويس. انهيءَ زماني ۾ مسلم ڪاليج ۾ شامَ جو ڪلاس ٿيندا هُئا. انهيءَ ڪري اسٽاف به گهٽ ۽ شاگرد به گهٽ هوندا هئا. حيدرآباد جي انهيءَ وقت جي ڪاليجن ۾ سچل ڪاليج، سٽي ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ڪافي مشهور هئا. ٻيا به ڪاليج هوندا هئا پر مونکي خبر ڪانه هئ. پبلڪ اسڪول حيدرآباد شايد اڃان چالو ڪونه ٿيو هو. ان جون بلڊنگون ۽ هاسٽلون ٺهي تيار ٿي ويون هيون. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو حيدرآباد ڪافي پري هوندو ۽ انهيءَ وقت ايتري ٽريفڪ ان طرف ڪانه هوندي هئي، جيتري اڄ اهي. شايد ان طرف وڃڻ وارو رستو جيڪو ڄامشورو، پيٽارو، سن کان ٿيندو سيوهڻ طرف ويندو هو سو شايد ڪچو هو. ان وقت سن اوڻيهه سؤ پنجهٺ ڇاهٺ ڌاري شامَ جو ڇَهين ستين ڌاري ٽنڊي محمد خان کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ مشڪل سان ٽِرَڪِ يا ڪا ٻي سواري ملندي هئي. ڪارون موٽرون به روڊن تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هلنديون هيون. انهيءَ صورتحال جو توهان کي صرف هڪ مثال ٿو ٻُڌايان ته مخدوم امين فهيم پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته هالا مٽياري روڊ تي هڪ بس کي هٿ ڏنو ته اها ڪا نه بيٺي ۽ وري ٻي بس ۾ چڙهي جڏهن اسين ٿورو اڳيان وياسين ته ڏٺم ته اها بس، جنهن اسان کي نه کنيو سان اڳيان ڏاڍي بري طرح ايڪسيڊنٽ ٿي پئي هئي. تڏهن مون الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ته سٺو ٿيو جو اها بس نه بيٺي ۽ اسان بچي وياسين. منهنجي انهيءَ مثال ڏيڻ مان اها مُراد آهي ته انهيءَ وقت سنڌ جا ايڏا وڏا ماڻهو به بسن ۾ سفر ڪندا هئا، جنهن جو اڄ تصور به نٿو ڪري سگهجي. ڪاليج ۾ شبير شيخ ۽ عبدالحميد هاليپوٽو گڏيا. اسان جو انگلش جو ليڪچرار شفيق احمد پراچا هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مقامي خبرون به پڙهندو هو. اهو پوءِ ڪمشنر ڪراچيءَ ۽ ڊيسي او ڪراچي به ٿيو. اسان شفيق پراچه وارو انگريزيءَ جو پيرڊ اٽينڊ ڪري، پوءِ تلڪ چاڙهيءَ کان هيٺ ايراني هوٽل تي وَڃِي چانهه پيتي. انهيءَ وقت حيدرآباد شهر ۾ جام ايراني هوٽل هوندا هئا، جنهن ۾ ڪيفي اي ون، ڪيفي شيزان، ڪيفي يونيٽي، ڪيفيت آستان، ڪيفي راڪسي، ڪيفي درٻار ۽ ڪيفي جارج مشهور هونديون هيون. انهيءَ کان سواءِ ڪراچي هوٽل، سلطان هوٽل ۽ شيشن محل هوٽل به ڏاڍيون مشهور هيون، پر پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ اورِئَنٽِ هوٽل کلي ته سڄي حيدرآباد جا مُک ماڻهو شامَ جو اُتي نظر ايندا هئا. شبير شيخ، عبدالحميد هاليپوٽو ۽ آئون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به گڏ پڙهندا هئاسين. عبدالحميد ميرپور بٺوري جو هوندو هو. ميرپور بٺورو ۽ ٻنون هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي هئا ۽ ميرپور بٺورو اسان جو تعلقي هيڊڪوارٽر به هو، تنهن ڪري اسان جي هڪٻئي سان اڳ ئي واقفيت هئي، جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ۽ اها سندس وفات تائين قائم رهي. اسان کيس حميد شاهين سڏيندا هئاسين. هو سٺو دوست ۽ سٺو ماڻهو هو. اسان اسڪول جي زماني ۾ مسلم هاسٽل ۾ ڪجهه وقت هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئاسين، پر پوءِ عبدالحميد هاسٽل ڇڏي وڃي ٻاهر رهيو، باقي شبير شيخ هوٽل شيش محل جي ڪٿ ويجھو رهندو هو. هو شهيد ڀٽي جي دؤر ۾ ڊي ايس پي ۽ پوءِ ايس پي ٿيو. هينئر هي ٻئي دوست وفات ڪري چڪا آهن. عبدالحميد تمام دير سان شادي ڪئي ۽ اولاد به ڪونه ٿيس. اسان ايراني هوٽل تي چانهه پيٽيز کائي، ڪجهه دير ات ويهي پوءِ آئون واپس هاسٽل روانو ٿيس. مون منهنجي پڙهائيءَ واري دؤر جو سربستو احوال منهنجي ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. تنهن ڪري آئون هت صرف منهنجي شاگرديءَ وارو دؤر اهو احوال بيان ڪندس، جنهن جو ذڪر انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل ڪونهي اهو ڪتاب مون منهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي لکيو هو، جيڪو مون پوءِ 1989ع ۾ سهڻي پريس ۾ ڇپرايو. انهي ڪتاب جو مُهاڳ مرحوم محترم فقير محمد لاشاريءَ لکيو. اهو ڪتاب 172 صفحن تي مشتمل آهي. آئون ڪوشش ڪندس ته انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين جو ورجاءُ نه ٿئي ته بهتر. اهو به هڪ قسم جي مُنهنجي اُنهيءَ دؤر جي لکيل آتم ڪٿا ئي ته آهي. انهيءَ حساب سان هي منهنجي آتم ڪٿا جو ٽيون ڪتاب جلد توهان جي هٿن ۾ آهي. بالڪل آخر ۾ ڪوشش ڪندس ته سڀ جلدي گڏي شايع ڪرايان. مون ڏٺو آهي ته سنڌي قوم هميشه جلد بازيءَ ۾ ڏاڍا جذباتي فيصلا ڪيا آهن، جن مان آئون توهان کي صرف ٽي فيصلا ٻڌايان ٿو. هڪ خلافت تحريڪ واري دؤر ۾ سنڌ جا هزارين ماڻهو انگريزن جي حڪومت دؤران پنهنجي فيملين سان گڏ سنڌ ڇڏي افغانستان هليا ويا پوءِ جڏهن افغان حڪومت ۽ انگريزن جو ٺاهه ٿيو ۽ پوءِ جيڪو انهن سنڌين جو حشر ٿيو، تنهن جي به سڄي قوم کي خبر آهي. ٻيو دفعو 1947ع ۾ سڄي هندستان ۾ واحد سنڌ اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي وئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان مان آيل مهاجرن کي ريلوي اسٽيشنن تي سنڌين پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڀت جون هزارين ديڳيون رڌي کارايون ۽ ٻي به انهن کي هت آباد ڪرڻ ۾ مهاجرن جي هر قسم جي مدد ڪئي. ٽيون دفعو سن 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران به سنڌين جي ڪيل قربانيءَ کي سڄي دنيا ۾ مشهوري ملي. سواءِ سانگھڙ ضلعي ۽ ڪراچيءَ شهر جي، سنڌ جو شايد ئي ڪو ڳوٺ هوندو، جت انهيءَ تحريڪ جو سِڌي يا اڻسڌيءَ طرح اثر نه پيو هوندو. انهن جذباتي فيصلن مان سنڌ کي جيڪو فائدو ٿيو، سو به اسان سڀني جي اڳيان آهي. دنيا ۾ جن به قومن جذباتي فيصلا ڪيا ۽ جن قومن عقلي بنيادن تي فيصلا ڪيا، تنهن بابت سڄي دنيا اندر ڪنئين ڪتاب ڀريا پيا آهن. پر وري به اڄ جڏهن پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري تاريخ جا ورق ٿا اٿلائجن ته سنڌ بمبئيءَ سان ملائڻ ۽ سنڌ پنجاب سان ملائڻ (يعني مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ڪرڻ) وقت سنڌي قوم ڏاڍا غلط فيصلا ڪيا.


    5

    جڏهن سنڌ کي پنجاب سان ون يونٽ جي نالي س۾ ملايو ٿي ويو، تڏهن سنڌ وارن کي سبز باغ ڏيکاريا ويا ته (1) سنڌ مان جيڪا به آمدني ٿيندي سان سنڌ تي خرچ ڪئي ويندي. (2) سنڌ صوبي ۾ سڀ نوڪريون سنڌين کي ڏنيون وينديون (3) سنڌ جون سڀ سرڪاري زمينون بي زمين سنڌي هارين کي ڏنيون وينديون، باقي بچيل زمينون سنڌ ۾ رهندڙ مهاجرن ۽ پنجابين ۾ ورهايون وينديون ته ڪو اعتراض نه هوندو. (4) مرڪز ۾ سنڌين کي نوڪرين جو سندن پورو پورو حصو ڏنو ويندو (5) سنڌو نديءَ جي پاڻي جي ورهاست 1945ع واري معاهدي موجب ٿيندي (6) سنڌي زبان ۽ ادب تي هينئر ٿيندڙ خرچ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانه ٿيندي (7) سنڌين کي آدمشماريءَ جي بنياد تي پنهنجي حصي موجب فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو. (8) سنڌ سان واسطو رکندڙ معاملن بابت ڪو به اهڙو قانون پاس نه ڪيو ويندو، جنهن جي فائدي ۾ سنڌي ميمبرن جي اڪثريت ووٽ نه ڏنو هوندو. (پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (صفحو 409 جلد ٻيو).
    سنڌ اسيمبليءَ جي 110 ميمبرن مان ون يونٽ ٺهڻ جي خلاف ووٽ ڏيندڙ هئا (1) جناب غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (بيريسٽر غلام ۾حمد خان ڀرڳڙيءَ جو پٽ، ضلعو عمر ڪوٽ). (2) جناب شيخ خورشيد احمد، ضلعو حيدرآباد (3) جناب عبدالحميد جتوئي، ضلعو دادو، ان جي پٽ لياقت علي جتوئي، جنهن جنرل مشرف جي دؤر حڪومت ۾ بحيثيت وفاقي وزير براءِ ايريگيشن ۽ پاور اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ آئون مهم هلائيندس. (4) جناب پير الاهي بخش ضلعو دادو، پير مظهر جو ڏاڏو ۽ (5) رهبر سنڌ، سائين جي ايم سيد، جنهن کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو هو. افسوس جي ڳالهه آهي ته سن 1970ع واري اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد جي سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار ملڪ سڪندر کٽيو، جنهن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر طور ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. جن ميمبرن سنڌ جو سودو ڪري ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنا، انهن جا نالا هيٺيان آهن.
    ضلعي ٺٽي جا اهي ميمبر جن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيئي، هميشه لاءِ سنڌ جو نالو ئي ختم ڪري ڇڏيو اهي هئا.
    (1) حاجي صادق علي ميمڻ، اڳوڻو صوبائي وزير، صادق علي ميمڻ جو ڏاڏو (2) عثمان ملڪاڻي، موجوده سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر، محمد علي ملڪاڻيءَ جو ڏاڏو (3) مامون خان ملڪاڻي، سابق صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻيءَ ۽ عثمان ملڪاڻيءَ جو پيءُ (4) محمد يوسف چانڊيو، اقبال چانڊئي جو ڏاڏو (5) علي اصغر شاهه شيرازي، اعجاز شاهه شيرازي ۽ شفقت شاهه شيرازيءَ جو چاچو (6) خان بهادر فضل محمد لغاري، ريحانه لغاريءَ جو ڏاڏو (7) سيد مهر علي شاهه، بابو شاهه ۽ شفيق شاهه جو نانو. ٺٽي ضلعي کان سواءِ باقي سنڌ جي انهن اسيمبلي ميمبرن جا نالا، جن سنڌ کي سابق سنڌ ڪرائي ۽ کيس باهه جي مچ ۾ اڇلائي، پاڻ به انهي مچ ۾ سرڻ لڳا. پوءِ سندن عزت ون يونٽ دؤر ۾ اها وڃي بيٺي، جو آغا شهاب الدين پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامو“ جي صفحي 52 تي لکي ٿو ته غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ک به، نواب شاهه جو ايس پي ڊسوزا ٻه ٽي ڪلاڪ ٻاهر انتظار ڪرائي پوءِ ملاقات لاءِ اندر گهرائيندو هو ۽ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته جڏهن محمد يوسف چانڊيو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مرڪز ۾ پارليامينٽري سيڪريِٽري هو، پر تڏهن به پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي سِلپ اماڻيندو هو، ۽ جڏهن ڊي سي گهرائيندو هو، تڏهن پاڻ ان جي آفيس ۾ داخل ٿيندو هو. ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبر جا نالا هيٺيان آهن. (1) مخدوم محمد زمان، طالب الموليٰ (2) پير علي محمد راشدي (3) حاجي مولا بخش سومرو (4) عبدالمجيد خان جتوئي (5) مير علي احمد ٽالپر (6) مير بنده علي خان ٽالپر (7) قاضي محمد اڪبر (8) رحيم بخش سومرو (9) ملڪ سڪندر خان (10) عبدالله خان مهيسر (11) عبدالفتاح ميمڻ (12) قاضي عبدالمنان (13) ڄام بشير احمد ڏهر (14) مير احمد خان ٽالپر (15) احمد خان راڄپر (16) احمد خان ڀٽو (17) مير احمد خان پٺاڻ (8) ٺاڪر آئيدان سنگهه (19) بيگم عائشه عزيز (20) علي بلاول خان ڊومڪي (21) سردار علي گوهر خان مهر (22) علي گوهر کهڙو (23) علي حسن منگي (24) علي نواز خان ڌاريجو (25) مير علي نواز خان ٽالپر (26) پير عالي شاهه جيلاني (27) ڄام امير الهه بچايو خان (28) علڻ خان لغاري (29) امير بخش مهر (30) ڄام امير علي خان (31) آغا بدر الدين دراني (32) ڌرم داس موٽومل (33) دوست محمد هڪڙو (34) فيض محمد صندل (35) فقير محمد اُنڙ (36) حاجي غلام علي ميمڻ (37) حاجي خان محمد مري (38) سيد غلام حيدر شاهه (39) سيد غلام حيدر شاهه ولد نواب شاهه (40) غلام قادر ناريجو (41) غلام نبي ڏهراج (42) غلام رسول خان جتوئي (43) غلام رسول شاهه جيلاني (44) غلام رسول ڪيهر (45) سيد گل محمد شاهه (46) حاجي گل محمد کيڙو (47) گل جي مينگهواڙ (48) حاجي حسين فاروقي (49) مير امام بخش ٽالپر (50) مير جعفر خان جمالي (51) جان محمد ڀائي خان (52) قادر بخش تنيو (53) سيد ڪرارو شاهه (54) سيد خير شاهه (55) خان محمد بوزدار (56) محبوب شاهه، پير رسول بخش شاهه (57) موسيٰ خان ٻگهيو (58) سيد مبارڪ علي شاهه (59) سردار محمد قمر علي شاهه (60) محمد اشفاق (61) محمد بخش سرڪي (62) حاجي پير محمد، حسين بخش (63) سيد محمد حسن شاهه (64) حاجي محمد حيات جوڻيجو (65) سردار جعفر خان بليدي (66) پير مهدي شاهه جهنڊي وارو (67) سيد محمد زمان شاهه بقادار شاهه (68) حاجي نجم الدين سريوال لغاري (69) نصير محمد مدواڻي (70) سردار نور محمد بجاراڻي (71) نور محمد راهمون (72) سيد نور محمد شاهه (73) رسول بخش جوڻيجو (74) روپ چند، چيلا رام (75) روپ چند لوهاڻو (76) ڊاڪٽر سعيد الدين صالح (77) سيف الله خان مگسي (78) پير صالح شاهه (79) مل لوهاڻو (80) سوائي سنگهه سوڍو (81) شاهنواز پيرزادو (82) نظر حسين شاهه (83) شاهل خان کوسو (84) سيرو مل ڪرپال داس (85) سلطان احمد چانڊيو (86) مير سندر خان سُندراڻي (87) بيگم طاهره آغا (88) سيٺ ٽيئون مل (89) توڳاچي جمير محمد نوهڙيو (90) نواب زاهد علي خان.
    هڪ تجربيڪار کڙپيل عورت کي ڪنهن نوخيز ڇوڪريءَ ٻڌايو ته منهنجو يار مون کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. مون کي چئين ته توکي شهر وٺي هلندس. اُت توکي جام زيور، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندس ۽ توکي تنهنجي پسند جي هر شيءِ وٺي ڏيندس. تڏهن انهيءَ عورت کانئس پڇيو ته اهي قول ۽ واعدا روح رچندين کان اڳ ڪئين يا پوءِ؟ تنهن تي ڇوڪريءَ چئيس ته سڀ قول ۽ وعدا اڳ ڪئين. تڏهن کڙپيل عورت کيس سمجهايو ته پوءِ هاڻ انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ. سو ون يونٽ ٺهڻ کان پهرين ته وڏا واعدا ڪيا ويا، پر ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ جيڪي ويڌن پنجابين سنڌين سان ڪيا، تن جو ڪو مثال ڪونهي، جيڪو اسان اڃا تائين پيا ڀوڳيون. اهڙا ئي واعدا سنڌين سان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪياويا هئا، جن جو مثال قرارداد پاڪستان جو اهو متن آهي، جيڪو لاهور اجلاس ۾ پاس ڪيو ويو هو. ان ۾ واضح طور ڄاڻايل آهي ته ملڪ جا سڀ صوبا انڊپينڊنٽ اسٽيٽس هوندا ۽ جڏهن به ڪا اسٽيٽ چاهيندي تڏهن اها فيڊريشن کان ڌار ٿي سگهندي، پر هاڻ ته نه بجي بانس نه بجي بانسري، سو هنن ته هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ تي قائم دائم سنڌ جو وجود ئي ختم ڪري کيس ”سابق سنڌ“ يا ”وادي مهراڻ“ ڪري ڇڏيو. ون يونٽ جو دؤر سنڌين لاءِ ڏاڍو ڏکيو دؤر هو، جنهن بابت سوين ڪتاب لکيل آهن، پر هاڻ اهو ماضيءَ جو داستان آهي. انهن ڪتابن کي هاڻ ڪير ٿو پڙهي! نئين نسل کي ته انهيءَ جي ڪا خبر ئي ڪانهي ته انهيءَ دؤر جي نسل، انهيءَ دؤر ۾ ڇا ڇا نه لوڙهيو. پاڻ هاڻ وري اچون ٿا انهن ڏکين ڏينهن جي ڪجهه يادن کي ورجائڻ. مغربي پاڪستان يا ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ (1) سنڌ جي اسي ڪروڙ روپين جي سرڪاري خرچ تي ٺهيل ڪوٽڙي بيريج جون سرسبز زمينون، جيڪي بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان ۾ هيون سي پنجابي مليٽري ۽ سول سرڪاري ملازمن کي مفت ۾ ڏنيون ويون. انهيءَ ڪري انهن ضلعن ۾ هاڻ وڏي تعداد ۾ پنجابي آهن. (2) سڄي سنڌ ۾ پنجابي سرڪاري ڪامورا ۽ ملازم مقرر ڪري پنجابين کي سنڌين مٿان حاڪم طور مقرر ڪيو ويو. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ تي مڙهيل ملازمن بابت مون “They Ruled Sindh for Fifteen Years” نالي هڪ ڪتابچو لکيو، جنهن ڪري مون کي گرفتار ڪيو ويو. (3) سنڌ صوبي جي بچت ۾ 33 ڪروڙ روپيا، جيڪي سنڌ جي مختلف منصوبن لاءِ رکيل هئا، اهي پيسا انهن منصوبن تي خرچ ڪرڻ بجاءِ پنجاب ۾ ۽ سنڌ ۾ آندل پنجابي آبادگارن تجي خرچ ڪيا ويا، ٻئي طرف پنجاب صوبي تي انهيءَ وقت هڪ ارب روپين جو قرض هو، اهو هاڻي ون يونٽ ۾ شامل ڪيل باقي ٽن صوبن کي به ڀرڻو هو. (4) ون يونٽ دوران اپر سنڌ ۾ گُڊو بيراج تعمير ڪيو ويو ۽ ان بيراج جون سموريون زمينون وينديون اُتي موجود ٻيلا وڍي تيار ڪيل زمينون به ڪوٽڙي بيراج جي زمينن وانگر پنجابي مليٽري ۽ سول ملازمن ۾ مفت ۾ ورهايون ويون. (5) انگريزن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ پنجاب جي پنجن درياهن تي پنجاب جو ۽ صرف هڪ يعني سنڌو درياهه تي سنڌ جو حق قائم رکيو ۽ انهن پنجاب حڪومت کي سنڌو نديءَ تي ڪو هڪ بيراج به ٺاهڻ نه ڏنو، پر ون يونٽ ۽ ان کانپوءِ پنجابين پنجاب اندر سنڌو نديءَ تي پنج بيراج قائم ڪري پنجاب جون هزارين سالن کان غير آباد رهندڙ زمينون آباد ڪيون، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽَ سبب سنڌ جون هزارين سالن کان آباد ٿيندڙ زمينون غير آباد ٿي ويون ۽ خاص ڪري پاڪستان ۽ سنڌ جي آخري يعني ڪوٽڙي بيراج جون آباد زمينون گهڻي ڀاڱي غير آباد ٿي ويون. انهيءَ ڪري ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي ماڻهن ڏاڍو لوڙيو، ۽ درياهه جو ڊيلٽا يعني ڇوڙ وارو ڀاڱو تباهه ٿي ويو ۽ اتي تمر وڻ جا ٻيلا بلڪل ختم ٿي ويا. (6) سنڌ ۾ انگريز دؤر کان وٺي سنڌي ٻولي صوبي جي سرڪاري ٻولي هئي، جيڪا سنڌ اندر هر سطح تي رائج هئي، انهيءَ ٻوليءَ کي صرف پرائمري اسڪولن تائين محدود ڪيو ويو. (7) سنڌ اندر ڪيترائي ڪارپوريشن ۽ ڪارخانا کولي اتي سڀ غير سنڌي مقرر ڪيا ويا. گهڻو اڳي جڏهن سنڌ کي هڪ ڪمشنريءَ طور بمبئيءَ سان مِلايو ويو هو، تڏهن به سنڌي مسلمانن ون يونٽ خلاف جدوجهد کان به وڌيڪَ جدوجهد ڪئي هئي. ون يونٽ يعني تخت لاهور سان سنڌ پندرهن سال گڏ هئي، پر اُها بمبئي سان اوڻانوي سالن جو طويل عرصو گڏ رهي. سنڌي مسلمانن کي انهن جي بمبئيءَ کان جدائيءَ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، جنهن جي هڪ وڏي تاريخ آهي. جي ايم سيد، جيئن سنڌ جي هر ڏک تي هڪ جدا ڪتاب لکيو آهي، تيئن سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ واري جدوجهد تي به هڪ هن ڪتاب لکيو آهي، اهو ايوب جي مارشل لا دؤران ڇپيو، ان جو نالو ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي“ هو. اهو ڪتاب منهنجي والد صاحب، ارباب نور محمد پليجي حيدري پرنٽنگ پريس لڄپت روڊ حيدرآباد مان ڇپائي جولاءِ 1968ع ۾ شايع ڪيو. بابا سائينءَ، سائين جي ايم سيد جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا هئا، اهي سمورا ڪتاب اڄ به مون وٽ محفوظ آهن. انهن ڪتابن ۾ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ نالي ڪتاب پڻ شامل آهن. موجوده دؤر ۾ جي ايم سيد جا ڪتاب ڇپرائڻ سَوَلا آهن، پر فوجي آمر ايوب خان جي مارشل لا واري دؤر ۾ اهي ڪتاب ڇپرائڻ تمام ڏکيو ڪم هو، جنهن جو هينئر ماڻهو تصور به نٿو ڪري سگهي. آئون چاهيان ٿو ته انهيءَ مسئلي بابت پڻ توهان کي مختصر طرح سان ڪجهه ٻڌايان ۽ خاص ڪري انهيءَ بابت مولانا عبدالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ”انڊيا وِنسِ فريڊم“ ۾ ڏاڍي دلچسپ معلومات ڏني آهي، اها به هتي پيش ڪرڻ بيجا نه ٿيندي.
    سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ لاءِ پهريائين غلام محمد ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جدوجهد جي شروعات ڪئي. غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي وفاتَ کانپوءِ ان تحريڪ کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڏاڍو زور وٺايو. انهيءَ موضوع تي هن هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو ان وقت جي اهم اخبار ”الوحيد“ ۾ قسطوار شايع ٿيو. ان وقت سنڌ جي هندن، خاص ڪري سندن سياسي پارٽي ”هندو مها سڀا“ پنهنجي آل انڊيا جي سطح تي ڪوٺايل اجلاس ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ واري مطالبي جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪئي. هي پهريون ڀيرو هو، جو آل انڊيا پليٽفارم تان سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ واري معاملي جي مخالفت ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ پڻ سڀني هندو اخبارن ۾ ان مسئلي تي لکڻ شروع ڪيو ويو. هندن جي اعليٰ سطح جي ليڊرن ۽ دانشورن به سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري معاملي تي پنهنجي شديد ردِ عمل جو اظهار ڪيو. انهن ۾ پروفيسر ڇٻلاڻي، ويرو مل بيگراج، ديوان بهادر هيرا سنگهه کيمسنگهه ۽ مکي گوبندرام انهيءَ وقت هندن جا نالي وارا اڳواڻ هئا. پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ته انهيءَ موضوع تي هڪ ڪتاب لکي ڇپرايو هو. اوائلي دؤر ۾ هندن جا جيڪي وڏا ليڊر سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جا حامي هئا، اهي به هندو قوم جو رويو ڏسي پنهنجي پهرين موقف تان ڦري ويا ۽ سنڌ جي بمبئي سان شامل رهڻ موافق بيان ڏيڻ لڳا، تن ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ جَئي رام داس دولت رام جهڙا مُک ليڊر به شامل هئا. سن 1931ع ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪميٽي، جڏهن انهيءَ معاملي تي سنڌ جي ماڻهن کان راءِ وٺڻ آئي، انهي وقت بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ جي حمايت ۾ مسلمان اڳواڻن (1) خان بهادر الله بخش سومري (2) سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ (3) پرنسپال گوڪلي بيان ۽ شاهديون ڏنيون ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي خلاف هندن طرفان (1) ديوان چند ٿڌاڻي (2) پروفيسر ڇٻلاڻي (3) ديوان ڀوڄ سنگهه (4) ڊاڪٽر هنڱورائي پنهنجون شاهديون ڏنيون. تنهن کانسواءِ سنڌ جي هندن طرفان ”اينٽي سنڌ سيپريشن ڪاميٽي“ ٺاهي، ان جي طرفان سڄي سنڌ ۾ پمفليٽ ڇپائي ورهايا ويا، جن ۾ هندن سان گڏ مسلمانن کي به اهو خوف جو تاثر ڏنو ويو ته جيڪڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ته سکر بيراج فقط سنڌ جي وسيلن مان ٺهي ڪونه سگهندو ۽ سنڌ جي مالي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڍلون وڌايون وينديون جنهن جون گهڻو بارُ سنڌي مسلمانن تي پوندو. مطلب ته سنڌي هندن طرفان سنڌ ليول ۽ آل انڊيا ليول تائين سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. انهيءَ ڏِس ۾ سنڌ جي، هِندُن پهريون اهو مطالعو ڪيو ته اسان سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي صرف ان شرط تي قبولينداسين ته سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جون گڏيل چونڊون ٿين. جڏهن سنڌي مسلمانن سندن اهو شرط قبوليو ته سنڌي هندن وري نئون مطالبو پيش ڪيو ته جيستائين سڄي هندستان جا سمورا مسلمان گڏيل چونڊ مطالبو تسليم نه ڪندا، تيستائين اسان سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ واري گُهرَ جي حمايت نه ڪنداسين. سن 1933ع ۾ بِرٽش پارليامينٽ هندستان جي سڌارن واري بِلَ جي مسودي تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ سنڌي سياست گروپ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ کي ٽيلي گرام ڪري لنڊن گُهرايو. سنڌ مان ايوب کهڙي کي برٽش پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان پنهنجو مؤقف بيان ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. لنڊن ۾ انهيءَ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ اڳيان هندن طرفان پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ۾ ديوان بهادر هيرانند سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. هندستان جي چوٽيءَ جي مسلم عالم ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جي صدر مولانا ابو الڪلام آزاد پاڪستان جي قيام جي باري ۾ گاني، نهرو، پٽيل ۽ ٻين ڪانگريسي ليڊرن جا حيران ڪندڙ رويا ۽ خيال پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”انڊيا وِنس فريڊم“ جي اردو ايڊيشن جي صفحن 293، 294 ۽ 295 تي بيان ڪيا آهن. انهن جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.
    14 جون 1947ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو جلسو ٿيو. آئون هن ڪميٽيءَ جي گهڻن ئي جلسن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهيان، پر اڃا تائين اهڙي عجيب ۽ غريب جلسي ۾ شرڪت جي نوبت ڪونه آئي هئي. اها ئي ڪانگريس (پارٽي) جنهن هميشه ملڪي آزادي ۽ اتحاد خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني هئي، هاڻي ملڪ جي ورهاڱي جي باري ۾ خود هڪڙي پنهنجيءَ تجويز تي غور ڪرڻ پئي وئي. پنڊت گوبند بلڀ پنت تجويز پيش ڪئي ۽ جڏهن سردار پٽيل ۽ جواهر لال تقرير ڪري چُڪا، تڏهن خود گانڌيءَ کي مداخلت ڪرڻي پئي. ڪانگريس پنهنجو پاڻ کي اهڙيءَ ريت ڪيرائي، هٿيار ڦٽا ڪري، اها ڳالهه منهنجي لاءِ برداشت ڪرڻ جي لائق ڪانه هئي. مون پنهنجي تقرير ۾ صاف صاف چيو ته ورڪنگ ڪميٽيءَ جو فيصلو، واعدن جي هڪ بيحد افسوسناڪ سلسلي جو نتيجو آهي، هندستان جو ورهاڱو ٿيڻ هڪڙو حياتي تباهه ڪندڙ حادثو آهي ۽ اسين پنهنجي معذرت جي لاءِ وڌ ۾ وڌ اهو چئي سگهون ٿا ته اسان انهيءَ (ورهاڱي) کان بچڻ لاءِ ممڪن ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهياسين. پوءِ به اسان کي اها ڳالهه وسارڻ نٿي جُڳائي ته قوم هڪ متحد قوم آهي ۽ ان جي تهذيب هڪڙي گڏيل تهذيب جو مثال آهي ۽ رهندو. جيئن ته اسين سياسي اعتبار کان ناڪام رهيا آهيون، تنهنڪري ملڪ ورهائي رهيا آهيون. اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي ته اسان شڪست کاڌي آهي پر ان سان گڏ اسان کي اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان جي سماجي بناوت ۽ تهذيب ورهائجي ته وڃي. پاڻيءَ تي ڇڙي رکڻ سان ائين ڀانئبو آهي ته پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، پر اها ڇڙي يا لڪڻ کڻڻ شرط اها ورهاست گم ٿي ويندي آهي. سردار پٽيل کي منهنجي تقرير ڪا نه وڻي ۽ پنهنجي تقرير ۾ منهنجي هر ڳالهه جي ترديد ڪندو رهيو. هن چيو ته هندستان کي ورهائڻ جي تجويز ڪنهن ڪمزوريءَ يا مجبوريءَ سبب پيش ڪانه پئي ڪئي وڃي، پر ملڪ جي موجود حالتن ۾ مسئلن جو فقط اهو ئي هڪڙو صحيح ۽ فائدي وارو حل آهي. هن عظيم الشان حادثي جي غمگين فضا به کل ۽ ڀوڳ کان بالڪل خالي ڪانه هئي. برابر، ڪانگريس ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به رهيا آهن، جن پاڻ کي قوم پرست ظاهر ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ سندن نقطه نظر خالص فرقيواراڻو آهي. انهن هميشه ائين چيو ته هندستان جي ڪا گڏيل تهذيب ڪانهي ۽ ڪانگريس ڇا به چوي پر هندن ۽ مسلمانن جي سماجي زندگي هڪ ٻئي کان بالڪل مختلف آهي. مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيراني ٿي ته اهي ساڳيا ميمبر جيڪي اهڙن خيالن جا حامل هئا، اهي هن ڀيري گڏيل هندستان جا سڀ کان وڏا علم بردار بنجي پليٽ فارم تي آيا. انهن انهيءَ تجويز جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سبب اهو ٻڌايو ته هندستان جي قومي ۽ تهذيبي زندگي ورهاست جوڳي ڪانهي. مون ساڻن (انهن سان) اتفاق ڪيو. مون کي انهيءَ ۾ ڪو ذري جيترو به شڪ ڪونه هو ته جيڪو ڪجه چئي رهيا هئا اهو سچ آهي، پر آئون اها ڳالهه ڪيئن وساريان ته هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن سموري حياتي هن نظريي جي مخالفت ڪئي هئي. تعجب جي ڳالهه هئي ته انهيءَ آخري وقت ۾ انهن ماڻهن ئي گڏيل ۽ ورهاڱي نه ٿيڻ جوڳي هندستان جو نعرو هنيو. پهرئين ڏينهن واري بحث مباحثي بعد شريڪ ماڻهن جو خيال ورڪنگ ڪميٽي واري تجويز جي سخت خلاف هو. پنڊت پنت جي دل نشين تقرير توڙي سردار پٽيل جو خطاب ماڻهن کي مذڪوره تجويز منظور ڪرڻ لاءِ راضي نه ڪري سگهيو. اهي ماڻهو راضي به ڪيئن ٿا ها، جڏهن ته تجويز ۾ هڪ طرح سان انهن سمورين ڳالهين جي ترديد هئي، جيڪي ڳالهيون ڪانگريس پنهنجي تاريخ جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪندي آئي. تنهن ڪري گانڌيءَ جو انهيءَ بحث ۾ شامل ٿيڻ ضروري ٿي پيو. هن ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ورڪنگ ڪميٽيءَ جي تائيد ڪن. هن چيو ته پاڻ هميشه ورهاڱي جي خلاف رهيو آهي، ان ڳالهه کان ته ڪير انڪار ڪري نٿو سگهي، پر سندس خيال ۾ هن وقت صورتحال اهڙي ٿي پئي آهي، جنهن ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي، سياسي حقيقت شناسيءَ جي تقاضا آهي ته مائونٽ بيٽن واري ورهاڱي واري منصوبي کي قبول ڪيو وڃي. گانڌيءَ ميمبرن کي اپيل ڪئي ته پنڊت پنت جي پيش ڪيل ورهاڱي واري تجويز منظور ڪئي وڃي. جڏهن تجويز تي راءِ ورتي وئي ته اوڻٽيهن ميمبرن تجويز جي حق ۾ ۽ پندرهن ميمبرن ان جي خلاف ووٽ ڏنو. گانڌيءَ جي اپيل به تجويز جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن جي تعداد کان وڌيڪَ ميمبرن کي راضي ڪري نه سگهي. تجويز ته منظور ٿي وئي، پر ميمبرن جي حالت اها هئي ته اهي ورهاڱي کي قبول ڪيو هو، خود انهن جا جذبات پڻ ورهاڱي جي تصور سان ئي ڏاڍا غمگين ۽ مايوس ٿي ويا. شايد ئي ڪو اهرو شخص اتي حاضر هو، جنهن ڪنهن به ڳڻتيءَ کانسواءِ انهيءَ تجويز کي قبوليو هجي. جن ماڻهن ورهاڱي کي قبول ڪيو هو، خود انهن جا جذبات پڻ ورهاڱي جي خلاف هئا. انهيءَ کان به وڌيڪَ خراب اهو فتني وارو ۽ فرقي واريت وارو پرچار هو، جنهن جو هر طرف ذڪر پئي ٿيو. مختلف هنڌن تي اها ڳالهه اعلان ڪري چئي پئي وئي ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندن کي ڊڄڻ جو ڪو به سبب ڪونهي، ڇو ته هندستان ۾ ساڍا چار ڪروڙ مسلمان آهن، جيڪڏهن پاڪساني هندن کي ڪنهن قسم جو نقصان ٿئي ٿو يا ظلم ٿئي ٿو ته ان جي سزا هندستاني مسلمانن کي ڀوڳڻي پوندي. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ ۾ سنڌ جي ميمبرن ورهاڱي جي تجويز جي مخالفت ڪئي هئي. انهن کي هر طريقي سان اطمينان ڏياريو ويو هو، جيتوڻيڪ اعلان ڪري اها ڳالهه ڪا نه ڪئي وئي هئي، پر ذاتي طور گفتگوءِ ۾ کين ايستائين به چيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ انهن لاءِ ڪنهن قسم جون رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون يا کين ذليل ڪيو ويو ته ان جو بدلو هندستاني مسلمانن کان ورتو ويندو. جڏهن اهي ڳالهيون پهرين پهرين ٻڌڻ ۾ آيون ته مون کي سخت صدمو رسيو. مون ترت محسوس ڪيو ته هي نهايت خطرناڪ جذبو آهي، جنهن جا نتيجا گهڻا نقصانڪار هوندا ۽ نقصان جو سلسلو پري تائين هلندو. انهي جذبي جي پويان اهو خيال هو ته ملڪ جو ورهاڱو انهي شرط تي قبول پيو ڪجي ته هندستان ۽ پاڪستان پنهنجي پنهنجي طرف اقليت کي يرغمال جي حيثيت ۾ پاڻ رکندو، ته جيئن هڪڙي اقليت ٻي اقليت جي ضامن قرار ڏني وڃي. مون کي اقليتن جي تحفظ کي بدلي تي دارومدار رکڻ وارو نظريو بيحد وحشياڻو محسوس ٿيو. پوءِ ٿيندڙ واقعن منهنجي انديشن کي حق بجانب ثابت ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ نئين سرحد جي ٻنهي پاسن جيڪي خون جون نديون وَهيون، اهي يرغمال ڪري رکڻ ۽ بدلو وٺڻ واري انهي جذبي جو نتيجو هيون.
    ڪانگريس جا ڪجهه ارڪان محسوس ڪندا هئا ته اهڙا نظريا ڪيترا خطرناڪ آهن. بنگال جي هڪ ڪانگريس ليڊر، ڪرن شنڪر راءِ پهريون ڀيرو منهنجو انهيءَ طرف ڌيان ڇڪايو. انهن ڏينهن ۾ اچاريه ڪِرپَلاڻي ڪانگريس جو صدر هو. ڪرن شنڪر راءِ ڪرپلاڻيءَ سان به ڳالهايو ۽ کيس ٻڌايو ته اهو نظريو خطرناڪ آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ جذبي کي وڌڻ ڏنو ويو ته ان جو نتيجو اهو ٿيندو ته پاڪستان ۾ هندن تي ۽ هندستان ۾ مسلمانن تي ڏاڍا ظلم ٿيندا. پر ڪرن شنڪر راءِ جي ڳالهه ڪنهن به ڪانه ٻُڌي. اٽلو گهڻن ماڻهن ته هن تي ٺٺولي ڪئي. انهن ماڻهن کيس اهو به چيو ته هندستان جي ورهاڱي سان گڏ ضمانت جو هي نظريو به قبول ڪرڻ ضروري آهي. انهن ماڻهن جو خيال هو ته پاڪساني هندن جو تحفظ فقط اهڙيءَ ريت ممڪن آهي. ڪرن شنڪر راءِ مطمئن ڪونه ٿيو ۽ مون وٽ آيو، سندس اکين ۾ لُڙڪ ڀريل هُئا. هن انهن ڪانگريسي ليڊرن جي دلدارين کي ڪا به اهميت ڪانه ڏني ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجن تمام خراب خدشن کي حقيقت بنجندي ڏسي ورتو.“
    توهان ڏٺو ته گانڌيءَ ڪيئن نه ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي هندستان جي ورهاڱي جي حق ۾ ووٽ ڏين ۽ ڪانگريس ۽ گانڌي ڪيڏو نه ڪِري پيا هُئا، پر توهان فلم ”گانڌي“ ڏسو ته انهيءَ ۾ گانڌيءَ ڪينئن نه جناح کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري ته تون پاڪستان ۽ ورهاڱي جي مطالبي تان هٿ کڻ ته آئون ۽ ڪانگريس توکي گڏيل هندستان جو وزير اعظم ٿا ڪريون. فلم ۾ اهو ڪيڏو نه ڪوڙ ڏيکاريو ويو آهي ! وري سنڌ جي ليڊرن کي ڪانگريسي ليڊر ڪيڏو نه يقين ٿا ڏيارين ته سنڌ جي مسلمانن جيڪڏهن توهان سان ڪا به ناجائزي ڪئي ته اسان ان جي عيوض سڄي هندستان جي مسلمانن کان ان جو بدلو وٺنداسين. سڄي سنڌ جي هندن کي سڄي هندستان جي هندن جي ڀرپور حمايت حاصل هئي ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪونه ڪيو ويندو، ڇو ته سنڌ بمبئيءَ سان گڏ هئڻ ڪري، هندن جي بمبئي صوبي ۾ اڪثريت هئي ۽جيڪڏهن سنڌ جدا ٿي ته سنڌ اندر سنڌي مسلمانن جي اڪثريت ٿيندي. اها ڳالهه هندن کي ڪنهن به حالت ۾ منظور ڪانه هئي. جيتوڻيڪ سنڌي مسلمانن جي نا اهليءَ ڪري سنڌ جا سڀ وڏا شهر، سنڌ اندر واپار، ڪارخانا، نوڪريون ۽ دولت مڪمل طرح هندن جي ڪنٽرول ۾ هئي. ۽ اڄ به آهي سنڌ جي زمينن جي اها حالت هئي، جو ميرن جي وقت تائين هندن کي زمين خريد ڪرڻ جو حق ڪونه هو، پر انگريزن جي دؤر ۾ پيسي جي زور تي گهرايائون سنڌ جو سٺ سيڪڙو زمينون خريد ڪري ويا ۽ ٽيههَ سيڪڙو زمينون وَٽن گِروي هيون. آئون جڏهن هندستان ويس ته مون کي اُتم چيو ته توهان ورهاڱي جي مخالفت صرف اُنَ ڪري ٿا ڪريو، جو هندن جون زمينون، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون توهان کي ڪونه مليون. ڊاڪٽر الانا مون کي ٻڌايو ته بمبئيءَ جي هڪ فنڪشن ۾ جڏهن مون کي تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايائون ته انائونسر سامعين کي ٻڌايو ته الانا صاحب علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهي چڪو آهي، ته اُت ويٺلن مان ڪيترن ئي ماڻهن خارن مان چيو ته ڄٽ هاڻ ايترو پڙهي ويا آهن، جو وڃي وائيس چانسلر ٿيا آهن. انسـٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ائنڊ ريسرچ وارن ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا مقالا“ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪرايو. انهيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صفحي 319 تي لکي ٿو ته: سنڌ اندر صرف سنڌي مسلمانن لاءِ حسن علي آفنديءَ وارو صرف هڪ سنڌ مدرسو ڪراچيءَ ۾ هو. ٻيو هاءِ اسڪول نوشهرو مدرسو هو جيڪو الهندي شاهه ٺهرايو هو. انهيءَ لاءِ پاڻ لکي ٿو ته نوشهرو جي ميونسپالٽي، جنهن ۾ هندن جي وڏي اڪثريت هئي، ٺهراءُ پاس ڪيو ته هت ڪو به اسڪول قائم ٿي نٿو سگهي، پر جيئن ته الهندو شاهه تر جو وڏو بااثر ماڻهو هو، تنهن رات وچ ۾ ميونسپالٽيءَ جي حدن کان ٻاهر ڀتيون ڏياري هاءِ اسڪول شروع ڪرائي ڇڏيو ۽ هندو رڳو ڏسندا رهيا. جيتوڻيڪ هندن لاءِ سنڌ اندر ڪنئين هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ هاسٽلون ٺهيل هيون، پر سندن دل ۾ سنڌي مسلمانن جي ٻارن جي پڙهائيءَ تي ڪيڏو نه تعصب ۽ حسد هو. نيٺ 1936ع ۾ يعني تقريباً اوڻانوي سالن کانپوءِ سنڌ بمبئي صوبي کان جدا ٿي هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت سان قائم ٿي. جڏهن ته ون يونٽ دؤران سنڌ صرف پندرهن سال پنجاب جي قبضي هيٺ رهي. سنڌ جو بمبئي کان جدا ٿي خود مختيار صوبو ٿيڻ کان پوءِ سر لانسيليٽ کي سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پهرين اپريل 1936ع تي ڪراچيءَ ۾ گورنر طور چارج سنڀالي. سنڌ صوبي جي بحاليءَ جي خوشيءَ ۾ سنڌي مسلمانن پوري سنڌ جي تقريباً سمورن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ جشن ملهايا ۽ الوحيد اخبار ”سنڌ آزاد نمبر“ شايع ڪيو. منهنجو مطلب ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ هرگز ڪونهي، پر نا پسنديده ڳالهين کي تاريخ جي صفحن مان ڦاڙي به ته نٿو سگهجي ۽ پنهنجن غلطين جي نشاندهي ڪرڻ سان شايد سندن اصلاح ٿئي ۽ آئنده وري اهڙو قدم نه کڻن. سو توهان ڏٺو ته ون يونـٽ ٺهڻ دؤران سنڌي مسلمانن ۽ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ سنڌي هندن جو عمل ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ ۽ اُگرو هو. نتيجن کان بي خبر ماڻهو هميشه پاڻ کي ۽ ٻين کي به اونداهي رستي ڏانهن ئي وٺي ويندا آهن. اسان جي سنڌي ليڊرن سدائين نتيجن کان بي پرواهه ٿي فيصلا ڪيا آهن، يا انهن لاءِ هينئن چئي سگهجي ٿو ته: Honestly is a big virtue, do not expect it from cheap people. سنڌي قوم تقريباً سدائين غلام رهندي اچي. غلام قومن جو ادب ته ڏاڍو سٺو هوندو آهي، پر سندن ڪريڪٽر ڪو قابل رشڪ ڪونه هوندو آهي. بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ آئون مسلم هاسٽل ڇڏي گڊس ناڪي وٽ شيزان هوٽل کان ٿورو اڳيان شوڪت منزل نالي بلڊنگ ۾ فليٽ وٺي رهڻ لڳس. بابا جو به ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو ته هو سيٺ ٽيون مل جي گهر يا قاضي غلام رسول پليءَ جي بنگلي تي رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ساڻس ٻيو به ماڻهو هوندو هو ته پاڻ ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهندو هو. سو به هاڻ جڏهن حيدرآباد ايندو هو ته مون وٽ ئي اچي رهندو هو يا ڪنهن سندس ڪو ٿورو ڪم ڪار هوندو هو ته پاڻ ڏينهن ڪو ئي واپس ڳوٺ هليو ويندو هو.


    6

    انهيءَ وقت بابا وٽ جيپ نه پر هڪ مورس ڪمپنيءَ جي ڪار هوندي هئي، جنهن تي ڊرائيور علي رند هوندو هو، جيڪو بلڙي شاهه ڪريم جو رهواسي هو. منهنجو اُت رهڻ ۽ بابا جو اُت اچڻ ڪري اسان جو فليٽ به ڄڻ ته حيدرآباد ۾ سياسي سرگرمين جو هڪ مرڪز ٿي پيو، جت سکر مان مجيب پيرزادو، ارشاد پارس، نبي بخش کوسو، مِٺيءَ مان گوتم راٺي، ڊاڪٽر گھنشام، اشوڪ ڪمار، نواب شاهه مان مرحوم عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اسماعيل وساڻ، ٽنڊي الهيار مان خليل بچاڻي سندس ڀاءُ قيوم بچاڻي، انور بچاڻي، امين درس، ظهير بابر، غلام علي سومرو، غلام نبي جوڻيجو، شاهه محمد شاهه، عبدالواحد آريسر، دادوءَ مان اعجاز قريشي، تنهن کانسواءِ بابا لاءِ قاضي غلام رسول، امداد محمد شاهه، مومن مليرائي، سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر غلام حسين، ٽنڊي ڄام کان محمد خان سمون (هاڻ پروفيسر) عمر ڪوٽ مان الله وسايو راڄڙ، جيڪب آباد مان غالب لطيف لاڙڪاڻي مان امان الله شيخ، ٺٽي مان عبدالحڪيم شاهه، سيف ٻنوي، بدين مان عيسيٰ ڏاهري، الهڏنو ڏاهري ۽ ٻيا دوست واقفڪار پيا ايندا هئا. هڪ دفعي فليٽ ۾ رکيل الهڏني ڏاهريءَ جي بريف ڪيس مان ڪير اسڪاچ وسڪيءَ جي بوتل چورائي ويو. اها ڪيڏي ننڍي ڳالهه آهي پر اڄ به مون کي اها شام ياد آهي جڏهن الهڏني چيو ته خوام خواهه بوتل چورائين، جي چئي ها ته سڀ گڏجي ڪونه پيون ها ! نيشنسلٽ گروپ ٺهڻ کان اڳ ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، هدايت حسين، مير ٿيٻو، نديم ۽ عنايت ڪشميريءَ وارا به ايندا هئا پر جڏهن کان مون، اقبال ميمڻ ۽ شاهه محمد شاهه هنن کان ڌار ٿي جدا نيشنسلٽ گروپ ٺاهي سڄي سنڌ ۾ دؤرا ڪري هن تنظيم کي مضبوط ڪيو، تنهن کانپوءِ هنن اسان وٽ اچڻ بند ڪيو. تنهن کان سواءِ گولاڙچيءَ مان ڊاڪٽر عارب راڄو، ميرپور بٺوري مان غلام حسين رنگريز، عبدالحميد شاهين، صالح ڪڇي، پٿر سنڌي ۽ انهن سان گڏ ٻيا به بٺوري جا ڪافي دوست پيا ايندا هئا. انهن مان شهر ۽ ڀرپاسي جا دوستَ حالي احوال ٿيڻَ کانپوءِ واپس هليا ويندا هئا، پر پري جا دوست گهڻو ڪري فليٽ تي رهي پوندا هئا. ڪجهه وقت لاءِ مون مانيءَ واسطي پنهنجو هڪ بورچي رکيو، پر اهو تجربو ناڪام ٿيو، ڇو ته اسان گهڻو وقت شاگرد سرگرمين ڪري ٻاهر هوندا هئاسين، انهيءَ جو فائدو وٺي بورچي سندس ڳوٺ هليو ويندو هو ۽ اسان جي واپس اچڻ کانپوءِ به ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ايندو هو. تنهنڪري اسان ٻن ٽن دوستن گڏجي هڪ ميس قائم ڪئي، اها منهنجي هتان شفٽ ٿي وڃي لطيف آباد ۾ گهر وٺي رهڻ کانپوءِ بند ٿي. انهيءَ دور جي ٻورن، چناورن، مينين ۽ مِٺَن طعامن جي خوشبوءِ ۽ سواد اڃان تائين منهنجي دماغ مان ڪونه نڪتو آهي. اهو ڪهڙو نه سٺو دؤر هو ! سڄيءَ سنڌ جا دؤرا ڪڏهن نواب شاهه، سڪرنڊ ، کڏڙو ته وري ڪڏهن ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽو. حيدرآباد ۾ اسان جي مستقل رهائش هئي، پر سن به ڏاڍو اچڻ وڇڻ ٿيندو هو، ڇو ته انهيءَ دؤر ۾ سڄي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ صوفياڻي علم ۽ ادب جو مرڪز سن هوندو هو، جت مومن مليرائيءَ کان وٺي، شهيد ڀٽي ۽ پير پاڳاري جهڙيون هستيون اينديون رهنديون هيون. سن ان وقت تمام ننڍو ڳوٺ هو پر سائين جي ايم سيد جي ڪري ان کي هڪ يونيورسٽي جهڙي حيثيت هوندي هئي. اتي ڪافي ڇوڪرا پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ سائين جي محبت ۽ لائبريريءَ مان هميشه مستفيض ٿيندا رهندا هئا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن مهينن جا مهينا اُت اُن مقصد لاءِ رهيا پيا هوندا هئا، انهن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ اهو سڄو پيرڊ سائينءَ جي ذمي هوندي هئي. هڪ ڏينهن شاهه محمد شاهه آيو ته اسان ٻنهي سائينءَ جي سالگرهه جيڪا سن ۾ هئي، ان ۾ شريڪ ٿي پوءِ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي تنظيم لاءِ سڄي سنڌ جي دؤري جو پروگرام ٺاهيو. ان رات حيدرآباد ۾ فلسطين اسٽوڊينٽس آرگنائيزيشن وارن جو فنڪشن هو، سو پهرين آئون ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوت ويس، جيڪو ان وقت حيدرآباد جي مشهور هوٽل اورينٽ ۾ ٿي رهيو هو. حيدرآباد شهر ۾ اورينٽ هوٽل به حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏي سوکڙي هئي‏، جت شامَ جي وقت ۾ توهان کي هر طبقي جو ماڻهو ملي ويندو هو. ان کان اڳ جو اسين سن ۽ سنڌ جي وڌيڪَ ٽوئر تي وڃون، اڄ رات حيدرآباد جي اورئينٽ هوٽل ۾ فلسطين جي آزاديءَ جي تحريڪ واري الفتح تنظيم جي مليٽري وِنگ العاصفه جي پنجين سالگرهه جي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آئون اوڏانهن ويس. ان دؤر ۾ عرب ملڪن جا سڄي پاڪستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهنديون هيون. حيدرآباد جي مختلف تعليمي ادارن ۾ به عرب شاگردَ سَوَن جي تعداد ۾ پڙهندا هُئا، انهن جو واسطو گهڻو ڪري سنڌي قومپرست شاگرد لڏي سان گهڻو هوندو هو. انهيءَ واسطي ڪري ڪجهه عرب ڇوڪرن سنڌي ڇوڪرين سان شاديون به ڪيون. جن ۾ يونيورسٽيز گرانٽس ڪميشن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن واري جاويد لغاريءَ جي ڀيڻ به شامل هئي، جيڪا اڄ اردن ۾ تمام عزت ۽ احترامَ سان رهي پئي. مون کي سندس ننڍي ڀاءُ طارق لغاريءَ ٻُڌايو ته هنن سنڌ مان ڪافي سنڌي هاري وٺي وڃي اُت آباد ڪيا آهن. سنڌ ۾ پڙهندڙ عرب ڇوڪرا وري سنڌي شاگردن سان سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ به گهمڻ ڦرڻ ويندا هئا. مون وٽ به عرب شاگرد منهنجو ڳوٺ ”ٻنون“ گهمڻ آيا هُئا. اُتي مون کين سنڌو درياهه جو سيرُ ڪرايو ۽ کين ٻني جي سوکڙي ڦاڙهي جو گوشت، تِتر، پلا ۽ گانگٽ کارايا. پاڻ ٽُٽل ڦٽل سنڌيءَ جا ڪي مخصوص جملا به ڳالهائي ويندا هئا ۽ گهڻو ڪري سمجهي هر ڳالهه ويندا هئا. ها سو ڳالهه پئي ٿي سندن فنڪشن جي ! فنڪشن ۾ پهرين حاجي سعيد ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪئي. تنهن کانپوءِ ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي. خاص مهمان شام ملڪ جي سفير، فوزي صفوات تقرير ڪري تقريب جو افتتاح ڪيو. تنهن کانپوءِ فلسطين جو قومي ترانو وڄايو ويو، پوءِ فنڪشن جي باقاعدي شروعات ٿي، جنهن ۾ پهرين عرب شاگرد، عمر ابراهيم فلسطين تحريڪ جي صدر، ياسر عرفات جو پيغام پڙهي ٻُڌايو، جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ هو، پوءِ ان جو ترجمو به ٻڌايو ويو. انهيءَ پيغام ۾ فلسطين جي آزاديءَ جو عزم ۽ سڄي دنيا جي غلام قومن لاءِ آزاديءَ جو پيغام، اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت ۽ پاڪستان طرفان فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ سبب پاڪستان جي شڪر گذاريءَ جو اظهارُ ڪيو ويو. انجنيئرنگ ڪاليج جي پرنسپال ۽ ان وقت شاگردن ۾ قوم پرست طور مقبول استاد ڊاڪٽر افغان تقرير ڪئي. سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ يوسف ٽالپر، مس خورشيد مهر، اختر بلوچ، نسرين انصاري ۽ ڪي ٻيا هن تقريب ۾ شريڪ هُئا. جنرل يونين آف پيلسٽين اسٽوڊينٽس جي صدر، رفيق اوداهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي جدوجهد اوستائين جاري رهندي جيستائين اسان جو وطن فلسطين وڃي آزاد ٿئي. ان کان پوءِ الفتح جي پاڪستان ۾ سفير نمائيندي خالد شيخ فلسطين جي جنگ آزادي ۽ گوريلا جنگ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي. آخر ۾ به فلسطين جي قومي تراني وڄڻ سان هي لاجواب فنڪشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ آئون رات دير سان وڃي پنهنجي فليٽ تي آرامي ٿيس. بابا به رات جو سن واري فنڪشن لاءِ فليٽ تي پهچي چڪو هو. سو آئون، بابا ۽ مرحوم عبدالحڪيم شاهه سونڊن وارو جيڪو اسان سان صبح جو اچي گڏيو، اسان جي ڪار ۾ سن روانا ٿي وياسين. ان وقت سن وڃڻ واري روڊ جي حالت اهڙي ڪانه هئي جهڙي اڄ آهي. تڏهن به روڊ رستا جيڪي ٺهندا هئا، سي ڪافي سال هلڻ جهڙا هئا، هينئر ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي يا ڪنهن غير ملڪي ڪمپنيءَ جي ٺهيل روڊن کان سواءِ سنڌ جي روڊن جي حالت اها آهي جو ڪو به روڊ ٺهڻ کانپوءِ ڇهن مهينن اندر ٽٽيو ذرا ذرا ٿيو ترت ختم ٿيو وڃي، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي! اسان جي ٺٽي ضلعي اندر ٺهيل لنڪ روڊن جي حالت اها آهي جو ماڻهو مجبوراً روڊ ڇڏي پاسي کان ڪچي رستي تي گاڏي هلائي ٿو ڇو ته اهي روڊ هاڻ رڳو اکڙيل پٿرن ۽ سروٽن سان سٿيا پيا آهن. اڳي روڊ رستن تي تمام ٿوريون گاڏيون هلنديون هيون، جيڪي سڀ آمريڪن يا يورپيئن هونديون هيون ۽ جپاني جيپن ۽ ڪارن جو اڃا پاڪستان توڙي سڄي دنيا ۾ نالو نشان به ڪونه هو. اسان ٻن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ سن پهتاسين ۽ پهرين سائين جي ايم سيد سان ملي پوءِ اچي فنڪشن ۾ ويٺاسين، جيڪو اڃا شروع ڪونه ٿيو هو. هي فنڪشن سن ۾ سائينءَ جي درياهه جي ڪپ تي اڏيل بنگلي ۾ ٿيو، جت آئون سمجھان ٿو ته بنگلي جي اڱڻ تي اتڪل ڏهه هزار ماڻهن جي هيٺ پٽ تي ويهڻ جي گنجائش هئي. سائين جي ايم سيد هڪ تمام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، تنهن ڪري سنڌ ۾ هو واحد شخص هو، جنهن سان هر طبقي جو ماڻهو گڏ هلي ٿي سگهيو، ج نهن ۾ سياسي، مذهبي، ادبي توڙي شاگرد لڏو مطلب ته سماج جي هر طبقي جا مردَ توڙي عورتون شامل هئا. پوءِ جڏهن جنهن کي ضرورت محسوس ٿي ته وقت بدلجڻ سان پنهنجو پنهنجو جدا رستو اختيار ڪيو. اهو سڄي دنيا جو دستور آهي، پر توهان ڏسندا ته سنڌ جي هر سنڌي اڳواڻ يا ڪارڪُن ٿورو يا گهڻو وقت سائينءَ جي صحبت ۽ قربت ۾ ضرور رهيو. اُنَ ڏينهن وارو اجلاس به انهيءَ حقيقت جو هڪ مثال آهي، جنهن ۾ سماج جي سڀني طبقن جا ماڻهو شريڪ هئا. بزم صوفياء سنڌ جو هي ثقافتي فنڪشن 18 نومبر 1966ع ۾ شروع ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن يعني 19 نومبر 1966ع تي پورو ٿيو. 18 تاريخ بزم صوفياء سنڌ جي آئيني ۽ ثقافتي ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ 19 تاريخ تي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاحي خطبو سائين جي ايم سيد پڙهيو. هن ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ جي ناميارن سياستدانن، دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪُنن شرڪت ڪئي، جن ۾ جناب حيدر بخش جتوئي، ارباب نور محمد پليجو، رسول بخش پليجو، شيخ استاد، استاد بخاري، نياز همايوني، رشيد ڀٽي، غلام رباني، آگرو، مولانا غلام محمد گرامي، سيد يار محمد شاهه، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حفيظ قريشي، صديق پکيئڙو ٺٽوي، اعجاز قريشي، شوڪت سنڌي، امان الله شيخ ۽ ٻيا هزارين ڪارڪُنَ شامل هُئا. رات جو راڳ رنگَ جي محفل کان اڳ ۾ مرحوم عبدالحڪيم شاهه مونکي ٻُڌايو ته عبدالحئي! ائون حيدرآباد مان شراب جي هڪڙي بوتل وٺي آيو آهيان. محفل شروع ٿيڻ کان اڳ هل ته هلي ڪٿي اها وسڪي پيون. مون کيس چيو ته سواءِ پنهنجي ڪار جي ٻي ڪا به اهڙي جڳهه ڪانهي، باقي هن ميڙي ۾ ڪِٿ ويهي شراب پيون. سو اسان ڪٿان پاڻيءَ جو جَڳُ ۽ ٻَه گلاس هٿ ڪري، اسان جي ڪار اندر ويهي شراب پيئڻ لڳاسين. ان وقت ۾ اڃا منرل واٽر ۽ ٽشو پيپر جي بيماري دنيا ۾ ڪانه پکڙي هئي. مون غلام حسين رنگريز کي به صلاح هنئي پر پاڻ ڪونه هليو. مون کي خبر هئي ته رنگريز شراب ڪونه پيئي، پر صلاح ته هڻڻي هئي. اسان کي تاريخ مان شراب جي شروعات هن ريت معلوم ٿي آهي، جيڪا آئون چاهيان ٿو ته توهان کي به ٻُڌايان، ڇو ته منهنجي خيال ۾ اها ڪافي دلچسپ آهي. هيءَ حقيقت قابل يقين آهي ته انسان ذات جي اوائلي زرعي سماج دؤران، جڏهن انهيءَ وقت جي هاري ماڻهن ميوي وارن وڻن جي قدرتي وادين اندر ڪن کڏن ۽ کوٻن ۾ قدرتي طور سڙيل ڳريل ميون جي رچيل رس جي نرالي بوءِ ۽ ذائقي مان لطف اندوز ٿيڻ کانپوءِ مختلف ميون کي سنڌي رچائڻ جا تجربا ڪري ڳَهَر آ۽ خُمار پيدا ڪندڙ هڪ عجيب مشروب تيار ڪري واپرائڻ لڳا، جنهن کي خُمر يعني خُمار پيدا ڪندڙ مشروب يعني شراب ڪوٺڻ لڳا. اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ ماکي ۽ جھنگلي ميون جي خمير مان شراب ڇڪائڻ جو عمل منظم انداز ۾ شروع ٿيو. ڇهه هزار سال قبه مسيح دوران ڪاري سمنڊ ۽ ڪَيسِپِئَن سمنڊ جي وچ وارين جابلو وادين ۾ فقط شراب چڪائڻ واسطي انگورن جا باغ پوکيا پئي ويا. ان کانپوءِ وارن ٻن هزار سالن دوران ميسو پوٽيميا يعني موجوده عراق ۾ شراب سازيءَ واري صنعت زور ورتو. ٽي هزار سال قبل مسيح دوران شراب سازيءَ ۽ سموري رومي سمنڊ ۾ بحري جهازرانيءَ وسيلي واپار اهلِ مصر کي اوج تي رسايو ۽ مصري رياست ۽ تهذيب ترقي ڪئي. انهيءَ کانپوءِ اهل روم پڻ انگورن ۽ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ خَمِيري وارين جنسن کي استعمال ڪري شراب تيار ڪرڻ لڳا. جيڪو اوگنرن جي ٻاغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ غلام خريد ڪرڻ ۽ ٻين ضروريات جي پورائي لاءِ ڏيساور جي واپار جو اهم وَڙِ هو. روم وارن ڪلاڙن سوڙهي چيلهه وارن پيپن يعني ڊِرَمن ۾ انگورن جي فصل جي عرصي جي برابر وقت تائين شراب سَنڌي رکڻ سان سٺي قسم، ذائقي ۽ وڌيڪَ نَسي وارو شراب تيار ڪرڻ شروع ڪيو. تنهن کانپوءِ يونانين به اهڙن پيپن يا ڊرمن ۾ شراب چڪائڻ شروع ڪيو. انهن پيپن يا ڊِرَمن کي کڻڻ لاءِ انهن جي ٻن پاسن کان ڪَڙا لڳل هوندا هئا. انهن پيپن ۾ اٽڪل ست گيلن شراب سمائجي سگهندو هو. شراب وجهي پوءِ انهن پيپن کي مڪمل ۽ چڱيءَ طرح بند ڪيو ويندو هو. ڏيڍ هزار سال قبل مسيح جي لڳ ڀڳ رومي ديو مالا مطابق انگورن جي فصل جي لاباري ۽ شراب چڪاسڻ واري ديوتا ڊائِيونِيسَسِ Dionysus جو رومي ادب ۾ ذڪر ٿيڻ لڳو. يوناني ديومالا موجب شراب جي ديوتا جو نالو Bacchus بَيڪِهَس يا بَيچَس آهي. انهيءَ وقت جي مُرَوِج مذهب ۾ هڪ رُجحانُ اُسريو ته مذهبي رسمن ۾ شراب نوشي انسان کي گُناهن کان آجو، وڌيڪَ معصوم ۽ سالم دماغ بنائي ٿي. اڃا تائين Bacchanal بَيچَنل لفظ شراب نوشيءَ جي تقريب طور استعمال ٿئي ٿو. جڏهن شراب نوشي مذهبي رسم طور اٽليءَ جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي بدڪاريءَ جو اُهڃاڻ ٿي پئي ته رومي سينِٽ انهيءَ شراب نوشيءَ کي غير قانوني عمل قرار ڏنو ۽ ان تي بندش وڌي. ممڪن آهي ته مغربي ملڪن کان به اڳ چين ۾ شراب چڪائڻ ۽ واپرائڻ جو عمل رواج ۾ هجي، پر اهڙا ڪي دستاويزي يا تاريخي ثبوت اڃا عدم موجود آهن. گمان غالب آهي ته چين ۾ ڪنهن سرڪاري عهدي جي حلف برداريءَ واري رسم، جنگ شروع ڪرڻ واري رسم، شاديءَ جي رسم ۽ مرتئي واري رسمن ۾ شراب نوشيءَ جو رواج هو. 1116 سال قبل مسيح ۾ جڏهن سرڪاري طرح اعتدال پسندي ۽ امن امان جي حاصله افزائي ڪئي وئي، انهيءَ دؤران شراب جي واپار سان چيني خزاني ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو. اٺ سؤ سال قبل مسيح ۾ ڀارت ۾ چانورن ۽ جَوَنِ جو هلڪو يعني گهٽ نشي وارو شراب ٺاهڻ شروع ڪيو ويو. ان کي مغرب ۾ بيئر چوندا آهن. چار سؤ سال قبل مسيح ۾ مشهور يوناني ڏاهي چيو ته شراب صحت ۽ خوشيءَ لاءِ فائدي مند آهي، پر فقط امن امان واري صورتحال آ۾! وقت گذرڻ سان، هڪ ٻئي پويان پيدا ٿيندڙ فيلسوفن شراب نوشيءَ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مان هڪڙي ڏاهي چيو ته هن علت کي وائکو ڪري نِندڻ گهرجي. ٻئي طرف سڪندر اعظم مقدوني شراب جو ڪوڏيو هو، ته ان سان گڏ غير ملڪن کي فتح ڪرڻ جي به مَنجهس زبردست صلاحيت هئي. پنج سؤ ۽ ٽي سؤ قبل مسيح سال جي وچ واري عرصي دؤران يهودين جي سمورن سماجي طبقن ۽ هر عمر جي ماڻهن ۾ شراب نوشيءَ جو رواج پيو ۽ اهو هڪ عام مشروب کان وٺي، مخصوص تقريبن ۾ استعمال ٿيندڙ اهم مشروب، هڪ دوا، جنگ دؤران خاص مشروب ۽ حياتيءَ لاءِ تمام ضروري عنصر طور ڪتب اچڻ لڳو ۽ پوءِ قليل عرصي اندر يهودين جي مذهبي ۽ ٻين سماجي رسمن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حياتيءَ ۾ عيسائي مذهبي لکڻين ۾ شراب نوشيءَ تي تنقيد ٿيل هئي، پر ان تي بندش ڪانه هئي ۽ دوا طور استعمال جو مشورو به ڏنل هو. روم جي ڪيترن ئي بادشاهن شراب نوشيءَ واري علت جا هڪٻئي پٺيان رڪارڊ توڙي ڇڏيا. پر سن 69 عيسوي کان پوءِ سڄي رومي سلطنت ۾ شراب نوشيءَ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿيڻ لڳي. سن 600ع ۾ رسول ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي امت کي شراب نوشيءَ کان مڪمل طور منع ڪئي ۽ ان کي حرام قرار ڏنو ٻُڌمت وارن ۽ هندو برهمڻن به شراب نوشيءَ کان پاڻ کي پري رکيو ۽ پاڻ کي بچايو.
    سن 1100ع ڌاري اِٽليءَ ۾ هڪڙي طبعي درسگاهه وارن وڌيڪَ خالص ۽ وڌيڪَ نشي وارو شراب چڪائڻ شروع ڪيو. يورپي تاريخ جي وچئين دور ۾ يورپ ۾ ڪنئين قسمن جو شراب، بيئر ۽ مِيڊ يعني ماکيءَ مان ٺهيل شراب جي تياري ۽ استعمال وافر مقدار ۾ ٿيندو رهيو. پوري يورپ ۾ اٽليءَ، اِسپين ۽ فرانس ۾ شراب جو واپرو گهڻو رهيو. عيسائي راهبن تمام سٺي قسم جو بيئر چِڪائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ شراب جا ڪيترائي قسم ملائي، ڪَلِيسائن ۾ ٿيندڙ مذهبي تقريبن دؤران استعمال ڪيو ويندو هو. بيئر چڪائڻ جو عمل جرمنيءَ ۾ به اسرڻ لڳو، جتي مختلف شهرن جا ڪلاڙ بهتر قسم جو بيئر ٺاهڻ لاءِ مقابلا ڪرڻ لڳا. يورپي تاريخ جي وچئين دور جي پڇاڙيءَ ۾ شراب ۽ بيئر جي پيداوار پنهنجو رُخ انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ڏانهن ڪيو ۽ جلد ئي شراب چِڪائڻ جا ڪارخانا، اتي جي اهم صنعت جي حيثيت اختيار ڪري ويا. سن 1600ع ۾ انگلينڊ ۾ شراب نوشيءَ هڪ ناگوار سماجي مسئلي جي صورت اختيار ڪئي ۽ شراب کي ڏوهن ۽ گناهن ڪرڻ لاءِ اُڪسائڻ وارو مشروب چوڻ لڳا. پوءِ نئين شروع ٿيل صديءَ ۾ يورپ جي مذهبي ٽولن، آمريڪا کنڊ ۾ وڃي، اتي شراب نوشيءَ کان پرهيز ڪرڻ ۽ پرهيز ڪرائڻ واريون جماعتون جوڙيون ۽ شراب نوشيءَ خلاف تبليغ شروع ڪئي. عيسائين جي پروٽيسٽنٽ يعني احتجاج ڪندڙ فرقي وارن شرابن کي يورپ ۾ الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل تحفو قرار ڏنو ۽ چيو ته شراب صحت، وِندر ورونهن ۽ خوشي حال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، پر ان جو حد کان وڌيڪَ استعمال ڏوهه ۽ گناهه قرار ڏنو ويو. اِنهيءَ ڏِسِ ۾ انسان زات طرفان توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش سان اِسپين ۽ پولينڊ جو هاري طبقو هڪ ڏينهن ۾ سراسري طور بيئر جا ٽي ليٽر واپرائيندو هو ۽ انگلينڊ جي ڪِن علائقن ۾ هڪ ماڻهو هڪ هفتي دوران بيئر ۽ شراب جون سترهن کن پِنٽون استعمال ڪندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ اڄڪلهه اُتي هڪ ماڻهو هڪ هفتي ۾ فقط ٽي پنٽون واپرائي ٿو. سُئيڊن ۽ ڊينمارڪ جي بحري جهان جا خلاصي ۽ مزدور، هڪ ماڻهو روزانو هڪ گيلن يعني نَوَ پنٽون بيئر جون واپرائيندو هو. آمريڪا ۾ شراب چِڪائڻ جو پهريون ڪارخانو اسٽيٽَن ٻيٽ تي قائم ڪيو ويو ۽ مساچُوسيٽس رياست ۾ بيئر ٺاهڻ ۾ ڪم ايندڙ هاپس Hopps نالي ٻوٽن جي پوک چالو ڪرائي وئي ته جيئن ڪارخاني کي ان پوک جو گهربل مقدار پهچائي سگهجي. مساچوسيٽس رياست جي بوسٽن شهر ۾ رَمِ Rum نالي شراب جو قسم ٺاهڻ لاءِ سن 1657ع ۾ هڪ ڪارخانو چالو ڪيو ويو ۽ ترت پوءِ شراب چِڪائڻ واري صنعت ترقي يافته صنعت ٿي اڀري ۽ رياستي ضرورت کان وڌيڪَ مقدار ۾ پيداوار ٿيڻ سبب شراب جي مخصوص مقدار تي مختلف رياست محصول مقرر ڪري وصول شروع ڪئي ته شراب جي ڪارخانيدارن ۽ واپارين ٽيڪس کان بچڻ خاطر شراب جي سمگلنگ شروع ڪئي. سن 1700ع جي شروعات ۾ انگلينڊ ۾ جِنِ ۽ ٻيصن قسمن جي شراب جي پيداوار لکين گيلنن کان به وَڌي وئي. سن 1733ع ۾ فقط لنڊن شهر جي پسگردائيءَ ۾ يارهن مِلِئين گيلن يعني هڪ ڪروڙ ڏوهه لک گيلن جن نالي وارو شراب تيار ٿيو، جنهن ڪري لنڊن شهر جو غريب ماڻهو به اهو شراب پيئڻ جهڙو ٿي پيو ۽ شراب نوشي عام ۽ هڪ سماجي بُرائيءَ جي صورت اختيار ڪئي. انهيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ شراب تي ڳرو محصول مڙهيو ويو.
    صنعت ڪاري وَڌڻ ۽ پکڻڻ سان گڏ سماج ۾ ڀَروَسي، اعتبار سنجيدگيءَ ۽ سِياڻپ وارو ماحول به پيدا ٿيڻ لڳو ۽ ڪارخانن ۾ ڪم لاءِ وڌيڪَ گهربل تعداد ۾ مزور ڀرتي ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت پيداواري عمل ۾ واڌارو ۽ سڌارو ٿيو. پهرين عالمي لڙائيءَ دوران آمريڪا مُلڪ، پنهنجي قانون سازي اداري ڪانگريس پاران ٺاهيل قانون تحت شراب تي مڪمل بندش وجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. نتيجي طور ماڻهن جي اڪثريت جي پسنديده مشروب جي حاصل ڪرڻ خاطر شراب جو ناجائز ڪاروبار شروع ٿيو ۽ اهو ڏوهه وارو عمل زور وٺي ويو، جيئن اڄڪلهه پاڪستان ۾ ٺرو عام آهي. سماجي تاريخ ۾ الڪوهل يعني شراب مختلف مقصدن لاءِ ڪم ايندو ۽ گهڻو ڪري مختلف نتيجا ڏيندو رهيو آهي. انساني تهذيب جي شروعات کان وڍي اڄ تائين شراب يهودي، عيسائي ۽ هندو مذهب ۽ مذهبي عبادت ۽ مختلف رسمن ۽ رواجن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شراب وندر ورونهن کان سواءِ انساني غِذات جو اهم عنصر، زخم ڇُٽائڻ جي دوا ۽ آڳاٽي زماني ۾ سُور ڇڏائڻ جي اهم دوا طور استعمال ٿيندو هو. شراب اڄ به انهيءَ مقصد لاءِ ڪم آندو پيو وڃي. ٻئي طرف انهيءَ جو غلط استعمال به ٿيندو رهيو آهي، پر مجموعي طور انسان ذات لاءِ اُهو ان جي دريافت، کان وٺي صحت، معيشت ۽ وِندر وِرُونهن واسطي سدائين استعمال ٿيندو رهيو آهي. اڄ به پاڪستان جي هر وڏي شهر اندر پوش سوسائٽيءَ ۾ زالين مُڙسين بنا ڪنهن به خوف ۽ حجاب جي استعمال ٿيندو رهندو آهي. الڪوهل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، پر شراب لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به اهو ئي عربي لفظ الڪوهل استعمال ٿئي ٿو.
    مولانا روميءَ جو چوڻ آهي ته جيڪي دوست توسان شراب پيئڻ ڪري گڏ آهن، اهي تنهنجا دوست توسان صرف تيستائين گڏ آهن، جيستائين تون شراب ٿو پيئين، جڏهن تون شراب پيئڻ ڇڏي ڏيندين، تڏهن هو به توکي ڇڏي ويندا! واقعي ! جيستائين آئون شراب پيئندو هوس، تيستائين ٻني يا ڪراچيءَ ۾ انهيءَ محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪنئين اديب، دانشور، سياستدان، اسيمبلي ميمبر، وڏا وڏا ڪامورا، درگاهه نشين الاجي ڪٿان ڪٿان اچي اويل سويل ڪڙڪندا هئا، پر جڏهن شراب ڇڏيم، ته پوءِ انهن به اچڻ ڇڏي ڏنو. مون شراب پيئڻ آڪٽوبر 1999ع ۾ ڇڏي ڏنو ته هاڻ بدن مان سور ۽ هيڻائي به ختم ٿي وئي آهي. اڳي ننڊ مان اُٿڻ مهل جهڙو بيمار لڳندو هئس، پر هاڻ بلڪل تازو توانو ٿي ننڊ مان اٿي، واڪ ڪري پوءِ چانهه پي تيار ٿيندو آهيان. سو عرض پي ڪيم ته جڏهن شراب ڇڏيم ته انهن ماڻهن وري ڪڏهن به مُڙي مون ڏانهن ڪونه نِهاريو. انهن وري پنهنجا ٻيا شرابي دوست ڳولهي لڌا، ڇو ته هو منهنجا نه پر شراب جا دوست هئا ! واقعي ! مولانا روميءَ واري ڳالهه صحيح ثابت ٿي، يعني رات گئي، بات گئي ! پر شاهه لطيف چئي ٿو: ”منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو“ شراب جي باري ۾ آمريڪن چون More Whiskey, more thinking انگريز چون: Whiskey in, truth out ۽ سڄي دنيا چوي One for road four to gather يورپ ۾ انگريز شراب جي واکاڻ ڪن، فرينچ، وائين جي، جرمن، بيئر جي ۽ رومن سندن ٺهيل ڳاڙهي شراب جي پر آمريڪن لاءِ سڀ اکين تي ! حقيقت ۾ اصل ڳالهه پي ٿي منهنجي ۽ عبدالحڪيم شاهه جي شراب پيئڻ واري ته اسان شراب پي ٽن ٿي اچي راڳ جي محفل ۾ شريڪ ٿياسين ته هنن هيڏي ساري محفل جي انائونسمينٽ کڻي منهنجي حوالي ڪئي، ڇو ته انهيءَ دور ۾ سنڌ متحده محاذ ۽ بزم صوفياء سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني جلسن ۽ محفلن جي انائونسمينٽ آئون ڪندو هئس. راڳ جي محفل ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان وڃي پنهنجي مخصوص اوطاق ۾ آرامي ٿياسين. سائينءَ جي اهڙي فنڪشن لاءِ هر ضلعي جي ماڻهن لاءِ جدا جدا اوطاقون مخصوص ڪيل هونديون هيون. ڪجهه خاص مهمان سائينءَ جي درياهه جي ڪپ تي اڏيل بنگلي تي رهندا هئا، نه ته ٻيا سڀ مهمان سڄي شهر جي ماڻهن جي اوطاق تي رهائبا هئا، جتي انهن لاءِ هنڌ بستري ۽ کاڌي پيتي جو مڪمل بندوبست ٿيل هوندو هو ۽ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانه محسوس ٿيندي هئي، ويندي هر ماڻهوءَ لاءِ رات جو کير پيئڻ جو به انتظام ٿيل هوندو هو. بابا ۽ آئون ڪڏهن ڪڏهن سن وارن پليجن وٽ به وڃي رهندا هئاسين صبح سوير تيار ٿي اسان جيپن ۾ چڙهي رني ڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين. سن ۽ رني ڪوٽ جي وچ ۾ هينئر پڪو رستو ٺهيل آهي، پر انهيءَ وقت اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪو مخصوص ڪچو رستو يا پيچرو به ڪونه هوندو هو. تنهنڪري رني ڪوٽ وڃڻ لاءِ ڪيترن ورن وڪڙن وارن رستن تان گذرندي، ڪافي وقت ۽ دشواريءَ کانپوءِ اُت پهچبو هو. سن ۽ رني ڪ وٽ جي وچ ۾ ڪنهن ڳوٺ يا آباديءَ جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. البت ڪٿي ڪٿي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گهر پري کان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. قلعي تي چڙهي چوڌاري نظر وجھڻ سان پري پري ڪجهه مال به چرندي ڏسڻ ۾ ايندو هو. اسان انهيءَ دشوار رستي تان هلندي هلندي اچي هن عظيم يادگار قلعي جي دروازي تي بيٺاسين. قلعي کي دروازو ته لڳل ڪونه هو، پر محسوس ٿيو ته هت ئي دروازو هوندو. اسان سڀ جيپن مان لهي هيٺ بيٺاسين ته، قلعي اندر وري اسان کي گهمائڻ لاءِ اٺ تيار بيٺا هئا، جن تي چڙهي قلعو اندر گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هن قافلي ۾ اسان سان گڏ گهڻو ڪري ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀ مک مندوبين هئا. هي قلعو ڏسڻ ماڻهوءَ کي عجيب ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ هي قلعو ڪنهن اڏايو ۽ ڇو ٺهرايو، سو به بالڪل هڪ سنسان هنڌ تي، سا ڳالهه اڃا ڪنهن کي به سمجهه ۾ ڪانه آئي آهي، باقي هر محقق جو پنهنجو ذاتي ۽ انفرادي رايو آهي. عموماً سڄي دنيا ۾ حاڪم پنهنجن ملڪن ۾ مناسب ماڳن تي قلعا اڏائي، انهن ۾ پاڻ، سندن ٻار، ويجھا مائٽ، خزانو، اسلح ۽ فوج کي رکي رهڻ لڳا. رني ڪوٽ نالي قلعي اندر سواءِ ٻن ننڍن قلعن جي، ٻي ڪا به اڏاوت نظر نٿي اچي. هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته سنڌي قوم سوين سالن جي تاريخ دؤران هميشه Defensive قوم طور نظر ٿي اچي، نه ڪا Offensive قوم ! ته پوءِ انهيءَ قوم کي اهڙي تمام وڏي قلعي جي هن سنسان جابلو علائقي ۾ اڏائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ حقيقت ۾ هن جيڏو وڏو قلعو سڄي هندستان ۾ ڪٿ به نظر نٿو اچي، جڏهن ته هندستان ۾ اشوڪا ۽ اڪبر اعظم جهڙا تمام وڏي ايراضيءَ تي حڪومت ڪندڙ حاڪم به ٿي گذريا آهن، تن به رني ڪوٽ جيڏا وڏا قلعا ڪونه ٺهرايا، جيتوڻيڪ سندن ملڪن جون سرحدون اولهه طرف ايران ته ٻي طرف اتر ۾ چين تائين پکڙيل هيون ۽ انهيءَ دؤر ۾ دنيا جون تمام وڏيون ۽ تمام سگهاريون بادشاهتون هيون. هندستان ۾ مون خود مغل دؤر جا وڏا قلعا جهڙوڪ: پشاور ۾ حصار قلعو، آگره ۽ فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل قلعو، دهليءَ جو لال قلعو ۽ لاهور جو بادشاهي قلعو ڏٺا آهن، اهي قلعا رني ڪوٽ کان تمام ننڍا قلعا آهن. اسان اٺن تان لهي ڪوٽ اندر ٺهيل ننڍن قلعن مان هڪ قلعي ”ميري“ کي ڏسڻ وياسين. تنهن کانپوءِ قلعي جي ڀتين تي چڙهي پري پري تائين هن علائقي جا منظر ڏٺا. اسان مان جن ماڻهن وٽ ڪيميرائون هيون، انهن جام فوٽو ڪڍيا. جن همراهن وٽ نوٽ بڪ هئا، اُنهن نوٽس پي لکيا ته ڪي همراهه وري اتان ننڍا ننڍا سهڻا ۽ وڻندڙ پٿر چونڊي پنهنجن ٿيلهن ۾ وجھي رهيا هئا ۽ هر هڪ پٿر بابت پنهنجي پنهنجي راءِ ڏئي رهيا هئا. مون ڏٺو ته ڪي پٿر اڌ ڪاٺ ته اڌ پٿر جي صورت ۾ هئا، جن کي ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي. اهڙي قسم جا پٿر مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هتي ئي ڏٺا، وري سڄي زندگيءَ ۾ سڄي دنيا اندر گهمندي، ڪٿ به نه ڏٺا، جيتوڻيڪ اڄ آئون دنيا جا چاليهه ملڪ ۽ سؤ کان به وڌيڪَ شهرن ۾ تقريباً سمورا عجائب گهر گهمي چڪو آهيان، پر سڄي دنيا اندر اهڙن نرالن پٿرن ڏسڻ جو اتفاق نه ٿيو. اسان ٻن پهرن جي ماني به قلعي اندر کاڌي، جنهن جو اڳئي بندوبست ٿيل هو. سج لهڻ کان ٿورو اڳ اسان واپس سن شهر لاءِ روانا ٿياسين. بابا ٻي جيپ ۾ هو تنهن انهيءَ جيپ مان لهي اچي ڏٺو ته آئون جيپ ۾ ويٺل آهيان يا نه، تنهنجي پڪ ڪري پوءِ پاڻ اطمينان سان مشڪندي وڃي پنهنجي جيپ ۾ ويٺو ته اسان جي سواريءَ واري جيپ ۾ ويٺلن سڀني همراهن مون کي چيو ته عبدالحئي، پڻهين توکي ڏاڍو ٿو ڀانئي! اسان جون جيپون واپسيءَ ۾ وڌيڪَ تيز هلنديون رستي جي دَزَ اُڏائينديون رات جو اچي سن پهتيون. جن وٽ گاڏيون پنهنجون هيون، سي سن پهچڻ شرط پنهنجي ٻين منزلن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر آئون ۽ شاهه محمد شاهه اتي ترسي پياسين، ڇو ته اسان کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي تنظيمي دؤرو ڪرڻو هو ۽ ان جي شروعات دادوءَ کان ڪرڻي هئي. سو رات سن ۾ گذاري، سواءِ سائينءَ جي ڪچهريءَ جي، ڇو ته سائينءَ کي ٻن ٽن راتين جو اوجاڳو هو تنهنڪري پاڻ ڪچهريءَ واري اوطاق تي اها رات ڪونه آيو ۽ اسين به ٿڪل هئاسين سي جلد وڃي آرامي ٿياسين.


    7

    صبح سوير سواءِ ڪنهن سان ملڻ جي بس ۾ چڙهي دادو روانا ٿياسين. دادو ضلعو سنڌ جو اهو ضلعو آهي جيڪو تقريباً سڄو جابلو علائقي تي مشتمل آهي، جنهن جو درياهه سان ٿورو حصو ڪچي جو ۽ ضلعي جي بالڪل آخر ۾ رائيس ڪئنال جي پاڻيءَ سان ساريون، گدرا، گاهه جا قسم ۽ چيٽ ٿيئي، نه ته باقي ٻيو سڄو ضلعو جابلو ۽ غير آباد لڳو پيو آهي، جتي وڻ به ڪو نالي ماتر نظر اچي ٿو. پر هن ضلعي اندر درگاهه قلندر لال شهباز، رني ڪوٽ، منڇر ڍنڍ، گورک جبل ۽ آمري جي قديم آثارن جي موجودگيءَ سبب، هن ضلعي جي حيثيت تاريخي ۽ سماجي طور سنڌ جي ٻين ضلعن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪانهي. اسان دادو وڃڻ کان اڳ ڪجهه دير لاءِ سيوهڻ ۾ لهي اچي قلندر شهباز جي درگاهه جو ديدار ڪيو ۽ فاتح پڙهي. درگاهه تي فقيرن ۽ ناچڻي فقيرياڻين جا ميلا ته متا پيا هئا. سڄي پاڪستان ۾ پشاور ۽ سيوهڻ قديم ترين شهر آهن، جيڪي اڄ به آباد آهن، نه ته قديم شهر هاڻ گهڻو ڪري رڳو کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن. دنيا جو عظيم سياح محمد ابن بطوطه جنهن کي عام طرح ابن بطوطه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سو جڏهن سيوهڻ شهر پهتو ته کيس شهر ته وڏو لڳو، پر پاڻ لکي ٿو ته: ”هتي گرمي گهڻي هوندي هئي، منهنجا ٻيا ساٿي بدن تي صرف لانگوٽا ٻڌندا هئا ۽ سڄو ڏينهن بدن تي پُسيل ڪپڙا رکندا رهندا هُئا ته جيئن بدن ٿڌو رهي. پاڻ لکي ٿو ته سيوهڻ ۾ سواءِ ڪِرِڙَ جي ٻيو ڪو به وڻ ڪونه هو ۽ هتي جا ماڻهو جوئر جي ماني کائيندا آهن. هتي کير ۽ مڇي تمام گهڻي ٿئي. پاڻ ٻي هڪ ڏاڍي مزيدار ڳالهه لِکيائين ته: هتي جا ماڻهو گِلوئي (جنهن کي پاڻ ”اسقنقور“ لکي ٿو) به کائيندا آهن. هو لکي ٿو ته گلوئيءَ کي ڪُهي ان جي پيٽ مان سمورو گند ڪچرو ڪڍي، صاف ڪري، پوءِ پيٽ اندر هيڊ وجھي اها پچائي کائيندا آهن. اها مون ڪانه کاڌي، ڇو ته مون کي گلوئي ڏسي ڪراهت ٿيندي هئي. پاڻ لکي ٿو ته: عثمان مرونديءَ (قلندر شهباز) جي خانگاهه ۾ مون کي هڪ ماڻهو شيخ محمد بغدادي مليو، جنهن جي عمر 140 سال هئي، پر پاڻ جسماني طرح مضبوط ۽ چڱيءَ طرح سان گهمي ڦري سگهندو هو. اڄ سيوهڻ شهر عثمان مَروندي ڪري سڄي ننڍي کنڊ هند پاڪ ۾ مشهور آهي ۽ سڄي ملڪ مان ماڻهو ان جي درگاهه جي زيارت ڪرڻ لاءِ هتي اچن. قلندر شهباز جي مقبري تي سوني نيل ۽ شهيد ڀُٽي انهيءَ درگاهه کي سون جو دروازو لڳرايو هو. رونا ليليٰ ”سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، سخي شهباز قلندر“ گيت ڳائي هن بزرگ کي سڄي جهان ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هن تازو انڊيا، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽِه ملڪي ٽورنامينٽ جيڪا ڍاڪا ۾ منعقد ٿي، تنهن جي آخري تقريب ۾ اسٽيڊيم جي وچ ۾ هي گيت ڳائي قلندر شهباز کي ڀيٽا ڏئي هزارين تماشائين کان داد حاصل ڪيو. اهو سڄو پروگرام مون به ٽي وي تي ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سٺو پروگرام هو. انهيءَ کي ڏسي مون محسوس ڪيو ته رونا ليليٰ سنڌ ۽ سنڌين کي اڃا وساريو ڪونهي. هوءِ هئي ته بنگالڻ، پر هن جو ننڍپڻ ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ ۾ گذريو. سندس ننڍي ڀيڻ، دينا ليليٰ جي شادي به سنڌين ۾ ٿي، يعني مخدوم امين فهيم سان، هوءَ 30-35 سال اڳ ڪينسر سبب وفات ڪري وئي. رونا ليليٰ، عابده پروين ۽ آشا ڀونسلي جو گڏيل پروگرام اڄ به هندستان جي سهارا ٽي وي چينل تي هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ٽي ڪلاڪار جج طور ويهنديون آهن. رونا ليليٰ ۽ عابده پروين جي خلاف هندستان جا ماڻهو ۽ پريس گهڻي واويلا به ڪري رهي آهي ته پاڪستان جي ڳائڻن ۽ ائڪٽرن کي هندستان ۾ ڪا به جڳهه نه هئڻ گهرجي. هندستان وارن هندستان جي I.P.L ڪرڪيٽ راندين ۾ به پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڪونه کيڏرايو. هندستان جا اڪثر ماڻهو ائين سمجھندا آهن ته پاڪستان جا ماڻهو موهن جي دڙي واري دؤر ۾ رهندا آهن، پر اهي جڏهن پاڪستان ۽ ان جا شهر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد گهمي ڦري ۽ ڏسي ويندا آهن ته پوءِ سندن وات ڦاٽي ويندا آهن ۽ اقرار ڪندا آهن ته پاڪستان جو شهر لاهور دهليءَ کان ۽ ڪراچي بمبئي کان وڌيڪَ خوبصورت شهر آهي. باقي اسلام آباد جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. هيلري ڪلنٽن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سڄي جنوبي ايشيا جي شهرن مان اسلام آباد کي هڪ حسين ۽ جاذب نظر شهر ڪري بيان ڪيو آهي. آئون جڏهن دهلي ويس ته اتي جي سنڌي اديبن مون کان پڇيو ته ڇا توهان وٽ ڪمپيوٽر استعمال ٿيندو آهي؟ ۽ منهنجي جوابن مان مطمئن ڪونه هئا، پر پوءِ جڏهن هو پاڪستان مان گهمي ڦري ويا ته گوبند خوشحالاڻي ڪاوش ۾ ڪالم لکيو، تنهن ۾ لکيائين ته پاڪستان جي گهرن ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال هندستان کان به وڌيڪَ ٿئي ٿو. اهڙي نموني سان، اسان سنڌ جا مسلمان، هوشو ۽ هيمونءَ جو نعرو گڏ هڻندا آهيون پر هندستان جي پارليامينٽ بلڊنگ اڳيان صرف هيمون ڪالاڻيءَ جو مجسمو ٺاهيو ويو آهي. چون ٿا ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي، پر جيئن پاڪستان ۾ اسلامي قانون کي پاڪستان جي آئين ۾ تحفظ مليل آهي. مثال هندستان ۾ ڳئون ڪُهڻ جي خلاف Cattle prevent act جوڙيل آهي، جنهن جي ڀڃڪڙيءَ جي سزا پنج سال سخت پورهئي سان جيل جي سزا ۽ ڏهه هزار روپيا ڏنڊ مقرر ٿيل آهي.
    پاڪستان غوري ميزائيل ٺاهيو، ته هنن پرٿوي راج چوهان ميزائيل ٺاهيو، ڇو ته ٻنهي جون هڪٻئي سان جنگيون ٿيون هيون. پاڪستان جي ريڊيو تان صبح سوير تلاوت ڪلام پاڪ ٿئي ته هندستان جي ريڊيو تان روزانو صبح سوير ڀڄن وڄن. مسلمانن، ٻُڌن ۽ عيسائين جي عبادت گاهن کي ساڙڻ ۽ ڊاهڻ ته هندستان ۾ روز جو معمول آهي. هندستان جي هڪڙي اڳوڻي وزير خارجه جناح تي ڪتاب لکيو ته کيس BJP مان ڪڍي ڇڏيئون. ڪتاب جو ليکڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته گانڌي پڪو هندو هو ۽ مقامي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، پر جناح لاءِ لکي ٿو ته هو قومي سوچ رکندڙ بااصول سيڪيولر سوچ رکندڙ ليڊر هو. خوشونت سنگهه جيو TV جي حامد مير کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪانگريسي، BJP وارن کان وڌيڪَ تعصبي هندو آهن. اهي ڪڏهن به سونيا گانڌيءَ کي هندستان جي وزير اعظم نه ڪندا ۽ ڪافي سالن کانپوءِ وري جڏهن ڪانگريس چونڊن ۾ کٽيو پر سونيا گانڌيءَ کي وزير اعظم نه بنايو. هندستان جي هڪ وڏي قومي ليڊر عورت سُشما سوراج ته هڪ جلسي ۾ تقرير ڪري هي اعلان ڪيو ته جي ڪڏهن نان هندو ۽ اٽليءَ ڄائي ملڪ جي وزير اعظم ٿي ته آئون پنهنجو مُنهن ڪارو ڪنديس ۽ سڄي زندگي مٿو ڪوڙائيندي رهنديس. نتيجاً سونيا گانڌي پاڻ وزير اعظم نه ٿي سگهي، پر هن به هندستان ۾ پهريون ڀيرو سِکَ کي وزير اعظم بنائي سڄي هندستان جي هندن کي ڇرڪائي ۽ چيڙائي ڇڏيو، پر اهي ڪجهه چئي نه سگهيا. ڇو ته آزاديءَ کان وٺي مسلسل فقط هندو ئي وزير اعظم ٿيندا آيا آهن ۽ هي پهريون دفعو هو جو اڌ صديءَ کان به وڌيڪَ عرصي کانپوءِ ڪو غير هندو وزير اعظم ٿي رهيو هو. شيخ عبدالله سندس آپ بيتيءَ ۾ لکيو آهي ته جناح ويهه سال ڪانگريس ۾ رهيو، پر پارٽيءَ جي هندو ليڊرن هن کي پارٽيءَ ۾ ڪڏهن به اڳيان اچڻ ڪونه ڏنو ۽ گهڻو ڪري کيس گهڻي اهميت ڪونه ڏيندا هئا. انهيءَ ڪري گهڻي عرصي کانپوءِ مجبور ٿي هن ڪانگريس ڇڏي. شيخ عبدالله لکي ٿو ته مولانا ابو الڪلام آزاد کي به ڪانگريس کيس اباڻي شهر ڪلڪتي مان چونڊجڻ لاءِ چونڊ ٽڪيٽ ڪانه ڏيندي هئي ۽ هو هميشه صوبي سرحد مان چونڊ وڙهندو هو. اڄ به هندستان ۾ ٽيهه ڪروڙ مسلمان رهن ٿا، پر ڪنهن به مسلمان ليڊر کي اڳيان نٿا آڻين ۽ ڪشمير کانسواءِ ڪنهن به رياست جو وزير اعليٰ ڪو مسلمان نه ٿي سگهندو آهي، سو هندستان ۾ وزير اعظم ٿيڻ جو ته مسلمان سوچي به نٿا سگهن. سنڌي مسلمانن جو هينئر هندستان ۾ آباد سنڌي هندن سان هاڻ صرف سنڌي ٻوليءَ جي ڪري واسطو آهي، تنهن کان هو هاڻ بالڪل پري ٿيندا وڃن. سندن نئين نسل کي ته اها به خبر ڪانهي ته سنڌ ۾ اسان جي وڏن جو ڳوٺ ڪهڙو يا ڪٿي هو ۽ اسان ڪٿ پيدا ٿياسين. پاڪستان ۾ به سنڌي مسلمانن کي ٽي ٻوليون ڳالهائڻيون ٿيون پون. هڪ گهر ۽ ڳوٺ ۾ سنڌي، شهرن ۾ اردو ۽ ڪورٽ، چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾، نوڪريءَ دوران سڄي لکپڙهه، ڪورٽ آفيس ۽ ٻاهرين دنيا ۾ وري انهن ٻولين سان گڏوگڏ انگريزي ٻوليءَ جي ضرورت ۽ اهميت زياده ٿي پوي. تنهنڪري سنڌ ۾ سنڌي هاريءَ کان سواءِ هر ماڻهو زياده تر مذڪور ٽي ٻوليون ڳالهائي ٿو. اهو قلم سنڌ ۾ رهندڙ سڀني هندن سان به لاڳو آهي، پر ٿر جو هندو ته چار ٻوليون ڳالهائي ٿو، يعني 1 ٿري 2 سنڌي 3 اردو ۽ 4 انگريزي. افسوس! جو هندستان ۾ لڏي ويل سنڌي هندو هندي ۽ انگريزي ته ڳالهائي ٿو، پر سنڌي ٻوليءَ کي هن بالڪل خدا حافظ ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هندو سنڌيءَ ۾ مسلمان سنڌيءَ وانگر، هندستان ۾ به هندو سنڌي جيڪڏهن چاهين ته پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي سگهن ٿا، جيڪا ڳالهه هنن لاءِ ڪا ڏکي ڪانهي، پر حقيقت ۾ هُنن سنڌ سان پنهنجا رشتا ناتا هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ پنهنجون راهون جدا ڪري ڇڏيون آهن. هاڻ ته حالت اُت وڃي پهتي آهي، جو هندستان ۾ ڪو سنڌي اديب وفات ڪري ته سندس وفات جي خبر هندستان جي ڪنهن به اخبار ۾ شايع ڪانه ٿئي، پر اها خبر سنڌ جي هر اخبار ۾ شايع ٿئي. هندستان جي ورهاڱي کان اڳ به سنڌي هندو سڄي دنيا اندر واپار سانگي پکڙيل ۽ رهندڙ هئا، پر هو پرڏيهه ۾ فقط هڪڙو گهر هوندي به پنهنجي گهر اندر ۽ پاڻ ۾ صرف سنڌي، پنهنجي مادري زبان ڳالهائيندا هئا، پر اڄ هندستان ۾ آباد چاليهه لک سنڌي هندو پنهنجي سڃاڻپ واري ٻوليءَ تان صفا هٿ کڻي ويهي رهيا. ڳالهه بالڪل سمجھه ۾ نٿي اچي ! قلندر کان ڇڄي ڪٿ پهتاسين ! واقع ! ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر تي ڪا به پابندي مڙهي نٿي سگهجي ! ڪِٿ سيوهڻ، ڪٿ سڄي هندستان ۾ پکڙيل سنڌي هندو !قلندر شهباز کي سڄي پاڪستان جا ماڻهو ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪن ٿا، مثلاً: (1) سيوهڻ جي سرڪار، (2) قلندر لعل شهباز (3) سنڌڙي دا شهباز وغيره. قلندر شهباز هڪ تمام وڏو عالم اديب ۽ شاعر هو. رچرڊ برٽن سندس (قلندر شهباز) فارسيءَ ۾ گرامر جي ٽن (3) لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هيٺيان آهن. (1) ميزان الصرف (2) قسم دويه (3) عقد. رچرڊ برٽن لکي ٿو ته قلندر شهباز جو لکيل گرامر جو ڪتاب ”ميزان الصرف“ اڄ به مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اهڙي طرح مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻيءَ قلندر شهباز کي فارسيءَ جو پهريون سنڌي شاعر ۽ تمام وڏو شاعر ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ قلندر شهباز کي بنيادي طرح هڪ ”سياح“ بيان ڪري ٿو، جيڪو سعودي عرب، عراق، ڪيچ مڪران کان ٿيندو سنڌ پهتو ۽ پڻ سڄو هندستان گهمي ڦري ڏٺئين. بکر شهر جي سيد بدر الدين پٽ سيد صدر الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ سنڌ اچي سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. اسان درگاهه جي ڀرسان ئي هڪ هوٽل تي ماني کاڌي. پوءِ بس ۾ چڙهي دادو روانا ٿياسين. انهيءَ دؤر ۾ روڊ رستن تي اڃا ايتري گهڻي ٽريفڪ ڪانه هوندي هئي، جيتري اڄ آهي، سو اسان کي دادو پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه لڳي. دادوءَ ۾ اسان اعجاز قريشيءَ جي گهر رهياسين. هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو. سندس والد صاحب، علي احمد قريشي صاحب بابا جو ويجهو دوست هو. انهن زندگيءَ جا ڪَنئين سالَ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي گذاريا، جنهن جو ذڪر چاچا علي احمد قريشيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ به ڪيو آهي. رات جو اسان شهر جو چڪر لڳايو، جنهن دوران اعجاز پنهنجن دوستن سان اسان کي مِلايو. صبح جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميٽنگ اعجاز جي گهر ۾ ٿي، جنهن ۾ فيڊريشن جي دادو ضلعي جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪافي نوان شاگرد به فيڊريشن ۾ شريڪ ٿيا. دادو ضلعو ، جنهن علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، استاد بُخاري ۽ ايم ايڇ پنهور جهڙا عظيم انسان پيدا ڪيا، دادوءَ جي مشهور ڳوٺ پاٽ ۾ همايون بادشاهه راڻي حميده سان شادي ڪئي، جنهن جي مان ئي کيس اڪبر اعظم جهڙو بادشاهه پيدا ٿيو. اهو ذڪر پير علي محمد راشدي سندس جڳ مشهور تصنيف ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ جي صفحي 15 تي لکيو آهي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبصو ڪرڻ کانپوءِ ترت سنڌ ۾ ٽي ڪليڪٽوريٽ يعني مکيه انتظامي ڀاڱا ٺاهيا، تڏهن انهن دادو ضلعي کي ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ شامل ڪيو. پوءِ جڏهن هُنن لاڙڪاڻي کي ضلعو ٺاهيو ته دادو کي وري ان ۾ شامل ڪيئون ۽ وري ڪيترن ئي سالن کانپوءِ دادو خود هڪ الڳ ضلعو قائم ڪيو ويو. مشرف جي دؤر حڪومت ۾ دادو ضلعي مان تعلقو سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان جدا ڪري، انهن ٽن تعلقن تي مشتمل هڪ ضلعو ”ڄامشورو“ ٺاهيو اٿن، جنهن جو ضلعي هيڊڪوارٽر به ڄام شورو کي ئي بنايو ويو آهي. ٻي ڏينهن صبح سوير اسان لاڙڪاڻي روانا ٿياسين. مون هن کان اڳ لاڙڪاڻو ڪونه ڏٺو هو، پر هيءَ چوڻي ننڍي هوندي کان ٻڌي هُيم ته: ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“ لاڙڪاڻي ۾ اسان شاهه محمد شاهه جي هڪڙي دوست جي گهر ٽڪياسين. ڏينهن جو شهر گهمي ڏٺوسين ۽ رات جو شاگردن سان تنظيمي گڏجاڻي ڪئيسين. اتي رات گذاري صبح سوير اسان موهن جو دڙو گهمڻ وياسين، جنهن کي آثارِ قديمه جي ماهر ”مجمدار“ جي هڪ ڇيڻيءَ جي ڌڪ سڄي دنيا جي تهذيبن ۾ وڌيڪَ قديم تهذيب طور ڄاڻائي، سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. وِلِ ڊيورينٽ سندس ڪتاب Story of Civilization ۾ لکي ٿو ته: سڄي دنيا ۾ قديم ترين تهذيب Indus Civilization يعني سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب آهي. وِل ڊيورينٽ مٿيون ڪتاب پنجاهه سالن ۾ لکيو. سرجان مارشل پنهنجي ڪتاب Mohan Jo Daro and It’s Civilization ۾ لکيو آهي ته: ”موهن جي دڙي مان لڌل زيورات ايڏا ته سهڻا آهن جو لنڊن جي زيورن جي مارڪيٽ، بانڊ اسٽريٽ ۾ اڄ به اهڙا خوبصورت ۽ نفيس زيور رکيل ڪونه آهن“. ڪنهن زماني ۾ سڄي دنيا مان سياح وڏي تعداد ۾ موهن جو دڙو گهمڻ ايندا هئا، پر اڄ حالتون اُت وڃي پهتيون آهن جو آئون سمجھان ٿو ته سڄي سال دوران ، موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ ڪو هڪ ٻه سياح به مَسَ ايندا هوندا. سياحن هاڻ پنهنجو رُخ ٽيڪسلا ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. ٽيڪسلا تهذيب پڻ سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جو هڪ حصو آهي. موهن جي دڙي جو تفصيلي ذڪر اڳ ۾ ئي سندم ڪتاب ”عجائبات عالم“ ۾ ڪرڻ سبب ان کي هتي دهرائڻ مناسب نٿو سمجھان. موهن جو دڙو گهمي، اسان واپس لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي آياسين ۽ اتي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ وياسين. هو ڏاڍي حب ۽ اُڪيرَ سان مليو، بابا جو پُڇئين ۽ گهڻو وقت صرف سياست تي ڳالهائين. سوڀو سڄي زندگي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهيو. اڄ جڏهن سڄي دنيا مان ڪميونزم ختم ٿي ويو آهي، تڏهن به پاڻ چئي ٿو ته آئون ڪالهه به ڪميونسٽ هئس، اڄ به ڪميونسٽ آهيان ۽ باقي زندگي به ڪميونسٽ ئي رهندس. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جمال ابڙو، ڪامريڊ بخاري لاڙڪاڻي وارو، ڪامريڊ غلام حسين سومرو، شمس الدين سکر وارو وڪيل، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، اهي سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ڪميونسٽ پارٽي ۽ هاري تحريڪ سان وابستا ۽ ان جا همدرد ٿي رهيا. ابا جو به سڄي زندگي، انهن ئي تحريڪن سان واسطو رهيو، تنهن ڪري اُهي سڀ مون کي پنهنجي اولاد وانگر سمجھندا هئا. ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پوءِ لنڊن هليو ويو ۽ اُتي آزاد بلوچستان تحريڪ قائم ڪئي باقي سڄي زندگي انهيءَ ڪاز لاءِ ڪم ڪيائين ۽ پاڻ وفات به لنڊن ۾ ڪيائين ۽ دفن به اُت ٿيو. مٿين سڀني بزرگن مان هاڻ صرف سوڀوگيانچنداڻي ۽ سائين ابراهيم جويو وڃي بچيا آهن، شل سدائين خوش رهن ! اسان هت لاڙڪاڻي ۾ هڪ لاهوريءَ جي گهر به وياسين، انهن سان شاگرد تحريڪ جي باري ۾ حالي احوالي ٿياسين ۽ کين سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏنيسين. لطف الله گجراتي ميرن جي دؤر ۾ انگريز فوجين سان گڏ سڄي دنيا گهميو آخر ۾ Autobiography of Lutufullah نالي سان ڪتاب لکيائين. ان ڪتاب ۾ سنڌ واري سير و سفر واري ڀاڱي کي سنڌي ادبي بورڊ وارن ٽي چار دفعا شايع ڪرايو آهي، اهو ڏاڍو دلچسپ ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي ڪيو آهي. ليکڪ لاڙڪاڻي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”اسين 4 مارچ 1839ع ۾ هڪ شاخ الهندو نارو پار ڪري ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کانپوءِ لاڙڪاڻي شهر پهتاسين. لاڙڪاڻي ڪچي مٽي سان ٺهيل چوديواري يا ڪوٽ اندر هڪ وڏو ۽ شاهي شهر هو“. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ لکي ٿو ته: لاڙڪاڻي تي هي نالو لاڙڪ قوم تان پيو، جيڪي هت آس پاس ۾ رهندا هئا. پر گهڻي تعداد ۾ هت چانڊيا رهندا هئا، جنهن ڪري هن سڄي علائقي کي وري ماڻهو چانڊڪا به چوندا هئا. چانڊين جو سردار ولي محمد، تنهن کي انگريزن وڏي جاگير ڏني هئي. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي هن پاسي ملڪ کي وڌايو تڏهن لاڙڪاڻو هڪ وڏو شهر شمار ٿيڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به لاڙڪاڻو هڪ مشهور شهر هو، ڇو ته ٽالپرن جو اسلحو لاڙڪاڻي ۾ رکيل هو، ج يڪو هڪ پراڻي قلعي ۾ محفوظ رکيل هو. هي قلعو ڪلهوڙن ٺهرايو هو.
    انگريزن هت هڪ اسپتال، جيل ۽ هڪڙي چرين جي اسپتال ٺهرائي. سن 1871 ۾ چرين جي اسپتال کي پوءِ حيدرآباد ويجھو گدو بندر ۾ منتقل ڪيو ويو. اها اسپتال اڄ تائين ڏاڍي سٺي حالت ۾ قائم آهي. لاڙڪاڻي کانپوءِ اسان جي منزل سلطان ڪوٽ هو، جيڪو آغا غلام نبي پٺاڻ جو ڳوٺ هو. آغا غلام نبي پٺاڻ ان وقت سنڌ متحده محاذ جو جنرل سيڪريٽري هو. پاڻ پوءِ متحده محاذ ڇڏي وڃي پي پي پي ۾ شامل ٿيو، پر پي پي جي ٽڪيٽ تي به مولا بخش سومري کان اليڪشن ۾ هارائي ويو. آغا غلام نبي پٺاڻ جي پي پي ۾ وڃڻ کانپوءِ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو پٽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سنڌ متحده محاذ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. سائين جي ايم سيد جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جي هير آباد واري بنگلي ۾ اچي رهندو هو ته اُت رئيس کي ڏسڻ جو ۽ ملڻ جو اسان کي به موقعو ملندو هو. پاڻ ڏاڍو سٺو ۽ نهايت خوش طبع ماڻهو هوندو هو. رئيس غلام مصطفيٰ جو پٽ به انهيءَ بنگلي ۾ رهندو هو، جيڪو CSS پاس ڪري انڪم ٽيڪس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو هو. پاڻ روزانو موٽر سائيڪل تي ڊيوٽي تي ويندو ۽ ايندو هو. ڪارون ان وقت به تمام ٿورن ماڻهن وٽ هونديون هيون.اسان لاڙڪاڻي کان بس ذريعي سلطان ڪوٽ پهتاسين ۽ سڌا آغا غلام نبيءَ جي بنگلي تي وياسين، جت پاڻ ۽ سندس پٽ آغا طارق اڳ ئي موجود هئا. اسان جي هتي سواءِ آغا غلام نبيءَ پٺاڻ سان ملڻ جي، ٻي ڪا به سرگرمي ڪانه هئي. بنگلو ڪافي وڏو هو پر پراڻو هو. ان ۾ ڪو خاص فرنيچر به پيل ڪونه هو، سواءِ پراڻين ڪرسين ۽ کٽن جي. آغا غلام نبيءَ جي شخصيت ڏاڍي شانائتي هئي. پاڻ هڪ دفعو سائين جي ايم سيد سان گڏجي ٻني آيو، پر بابا جي وفات کانپوءِ اسان هتي ماني کائي آغا غلام نبيءَ وارن کان موڪلائي شڪارپور روانا ٿياسين، جت مسرور مغل جي گهر وڃي ترسياسين. مسرور مغل پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم آفيسر مقرر ٿيو. مسرور اسان کي هت ڪافي شاگردن سان ملايو ۽ شاگردن جي گڏجاڻي پڻ ٿي. هن اسان کي ڪافي روڪيو ته اڃا ٻه ٽي ڏينهن هت رهو ته توهان کي هندن جون پراڻيون ۽ مشهور جڳهيون ڏيکاريان پر اسان کيس ٻڌايو ته اسانجو پروگرام ٺاهي دوستن کي اڳواٽ خط لکي پوءِ سن کان هن تنظيمي دؤري تي نڪتا آهيون. سڄي سنڌ جو دؤرو ڪري پوءِ متحده محاذ جي حيدرآباد واري آفيس ۾ رپورٽ ڏيڻي آهي ۽ سائين جي ايم سيد به اهي ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ هوندو. تنهنڪري هنن ٻن ڏينهن ۾ جيترو به شڪارپور جو شهر گهمائي سگهين ٿو اوترو گهماءِ. هن ڀاءُ به اسان کي گهمائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي. لطف الله گجراتي پنهنجي ڪتاب ۾ شڪارپور بابت لکي ٿو ته: ”اسان 15 مارچ 1839ع ۾ شڪارپور پهتاسين، شڪارپور سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر هو، جنهن ۾ پندرهن هزار کن گهر هئا. هتي ڪي جايون ٻماڙ به هيون. شهر کي چوگرد مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل هو. شهر جي ٻاهران هڪ ننڍو قلعو پڻ هو. شهر جي چئين ئي طرفن کان انبن ۽ کجين جا باغ هئا، تنهن ڪري چؤطرف چڱي وڻراهه ۽ خوبصورتي هئي. هتي جي زمين آباد ۽ تمام زرخيز هئي. شهر جا رهواسي اڌ هندو ۽ اڌ مسلمان هئا. شهر جي بازار ڏاڍي سٺي هئي، جيڪا سڄي ڍڪيل هئي. هتي جا واپاري سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ پشتو ڳالهائڻ ۾ نهايت قابل هئا.“ ۽ پڻ لکي ٿو ته: ”اپر سنڌ ۾ ايڏي ته گرمي آهي جو اسان کي يقين هو ته اسان هت ختم ٿي وينداسين. ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ ته دوزخ جي هڪ دري اسان ڏانهن کليل آهي. اسان جا تازا تڪڙا تنومند عملدار اسان کان هڪ ڏينهن اڳ نڪتا هئا، تن بابت ٻئي ڏينهن خبر پئي ته اهي گرمي ۽ جھولي سبب موت جو بک ٿي چڪا آهن.“
    مرزا قليچ بيگ ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ ل کي ٿو ته: ”شڪارپور شهر سن 1617ع ۾ لکيءَ جي ميرن کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ دائود پوٽن ٻڌرايو ۽ پوءِ به دائود پوٽن ۽ ڪلهوڙن جو هن شهر تان جھيڙو هلندو رهيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هي شهر پنهورن جي هٿ هيٺ هو. انهن هن شهر جو نالو خدا آباد رکيو. آخر ۾ احمد شاهه دراني هن شهر تي قبضو ڪري اتي هڪ افغان گورنر مقرر ڪري هن شهر کي سيوي پرڳڻي سان مِلائي ڇڏيو. ڀيرو مل آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ شڪارپور شهر جي ٺهڻ بابت ساڳيو بيان لکيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ وارن حبيب الله ڀٽي جي ڇهن مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”سهڻو شهر شڪارپور“ نالي سان شايع ڪرايو آهي. ان ڪتاب ۾ به ڪافي دلچسپ ڳالهيون بيان ٿيل آهن. سٺي ۽ سهڻي اڏاوت ۽ تمام سٺي صفائيءَ ڪري شڪارپور شهر کي ”سنڌ جو پيرس“، ”شهزاده سنڌ“ ۽ ”شڪارپور شهزادي“ سڏيو ويندو هو. هن شهر ۾ سنڌ جا مشهور ماڻهو جهڙوڪ: شيخ اياز، شهيد الله بخش سومرو، اي ڪي بروهي ۽ سر غلام حسين هدايت الله وغيره پيدا ٿيا. اي ڪي بروهيءَ جي حوالي سان، ايم ايڇ پنهور پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”آپ بيتي، جڳ بيتي“ هڪ ڏاڍو دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ احوال لکيو آهي. هو صفحي 315 تي لکي ٿو ته اها ڳڙهي ياسين واري علائقي جي ڌاڙيل جي هڪ مزيدار ڪهاڻي آهي، اهو ڌاڙيل نسورو شيطان هو، عورتن جو دلدار هو، ڪراچي، لاهور، پشاور پيو ايندو ويندو هو. ڌاڙو هڻي پيسا غريبن ۽ پنهنجي سنگتياڻين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سندس هڪ سنگتياڻيءَ کي پوليس ٻڌو ته هُنَ اُنَ سب انسپيڪٽر کي ماري، اُنَ جي سِسِي سکر جي ايس پي کي ڏياري موڪلي. پوليس پوءِ انهيءَ عورت کي يڪدم ڇڏي ڏنو. ان ڌاڙيل کي پوءِ هڪ غريب ڇوڪري ٻڌرايو، جيڪو ڪنهن پوليس جي سپاهيءَ جو پٽ هو. ڇوڪرو پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هو. کيس سندس بيواهه ماسي نپايو هو، جيڪا ان ڌاڙيل جي سريت هئي. هڪ رات وٽس ڌاڙيل آيو ته ماٺ ۾ ڇوڪري کي کڻي ٻئي هنڌ سمهاري ڇڏيائين، پر ڇوڪرو ننڍي وهيءَ ۾ به ڏاڍو چالاڪ هو. اهو سڌو پوليس ڏي ويو ۽ پوليس اچي ان ڌاڙيل کي گرفتار ڪيو. ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ۽ ڌاڙيل کي ڦاسيءَ جي سزا آئي. ان ڌاڙيل جي سِرَ تي رکيل انعام پوليس پاڻ کائڻ ٿي چاهيو، پر ڇوڪرو سڌو ڪليڪٽر ۽ ايس پي وٽ ويو، جيڪي ٻئي انگريز هئا، کيس سربستو احوال ڪيائين ته اهو ڌاڙيل مون ٻڌرايو آهي. ڪليڪـٽر ڇوڪري کي ۽ پاڻ کي به ڪو انعام ڏيارڻ ٿي چاهيو، سو هُنَ اُنَ ڇوڪري کي پهرين سنڌ مدرسي ۾ پوءِ ڊي جي ڪاليج ۾ سنڌ لا ڪاليج ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڏياري. اهو ڇوڪرو پوءِ پاڪستان جو لا منسٽر، 1953ع جي آئين جو ٺاهيندڙ، ملڪ جو سفير، مشهور قانوندان ۽ اگر تله سازش ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمان جو وڪيل ٿيو. ان ڇوڪري جو نالو هو اي. ڪي بروهي ! اها ڪهاڻي اي ڪي بروهي خود پاڻ بيان ڪئي جنهن جو ذڪر مسٽر ناصر احمد فاروقي 1960ع ۾ پنهنجي ڪتاب Faces of Love and death ۾ ڪيو آهي. سو ذڪر پيو هلي شڪارپور جو. دهلي ۽ پشاور وانگر شڪارپور شهر به پنهنجن دروازن ڪري مُلڪان ملڪ مشهور آهي. انهن دروازن جا نالا هيٺيان آهن: (1) لکي در، (2) هزاري در (3) نوشهرو در (4) هاٿي در (5) خانپور در (6) سيوي در (7) واڳڻو در (8) ڪرن در شڪارپور جون جڳ مشهور سوکڙيون آهن. مٺائي، آچار، ڪُٽ جا ٿانوَ ۽ قُلفيون. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ به انهن شڪارپورين ڪافي مٺائيءَ جا دُڪان کوليا آهن، جنهن ۾ طارق روڊ تي ”سن شائين سوئيٽس“ ۽ ”ڪلفٽن تي ”سني“ نالي دڪان به شامل آهي. شڪارپور جي مک بازار ڪنهن دور ۾ ايشيا جي مک بازارين مان هڪ هوندي هئي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي سياحن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي سونهن جو ذڪر ڪندي ليفٽننٽ هينري پاٽنجر سندس ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ جي صفحي 440 تي لکي ٿ ته: ”سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا، پر مجموعي طور تي انهن کي خوبصورت چئي سگهجي ٿو. قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين ايشيائي قومن جي وچولي قد کان مٿڀرا آهن، شڪل شبيه توڙي بدن جي عضون جي بناوت سٺي اٿن. سندن عورتن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي. ۽ اهي واقعي آهن به انهي تعريف لائق ! ٺٽي ۽ حيدرآباد جي قيام دوران جڏهن اسان گهوڙن تي سواريءَ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئاسين، تڏهن اسان کي ڏسڻ جو رواجي موقعو ملندو هو، جيڪي اسان کي ڏسڻ جي شوق کان اوڏانهن ڇڪجي اينديون هيون. پر ناچو ڇوڪرين جي مختلف ٽولين ۾ جيڪي اسان جي اڳيان پنهنجو فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن تي اينديون رهيون، تن ۾ مون ڪا هڪ به اهڙي ڪانه ڏٺي، جيڪا پنهنجي شڪل و صورت جي خوبصورتي يا پنهنجي بدن جي ڊول ڊيل کان نمايان نه هئي ۽ اڪثر حالتن ۾ هنن ۾ سونهن جون اهي ٻئي خوبيون، حيرت انگيز حد تائين گڏيل موجود هيون. شڪارپور شهر تي ڪنئين ڪتاب لکيل آهن، يا وري ڪيترن ئي ڪتابن ۾ شڪارپور جو ذڪر آهي، پر ”سنڌي واپاري“ جي نالي سان هڪ انگريزي ليکڪ ڪارڊو مارڪوئس هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي هندن جي واپار جو شروعات کان وٺي ذڪر ڪيو اٿس. اهو هڪ لاجواب ڪتاب آهي، جيڪو هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي. ڪتاب ۾ ڪي حيرت انگيز ڳالهيون بيان ٿيل آهن. صفحي اٺين تي پاڻ لکي ٿو ته واپار سانگي سنڌي هندو انهن ملڪن ۽ ماڳن تي وڃي پهتا آهن، جتي هن کان اڳ ڪنهن به هندستانيءَ اڃا پيرَ نه کوڙيا آهن. پاڻ صفحي 162 تي لکي ٿو ته رڳو حيدرآباد ضلعي جي واپارين سال 16-1915ع ۾ واپار سانگي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ جيڪي سرٽيفڪيٽ ٺهرايا، اهي هيٺين ملڪن ۽ شهرن لاءِ گهربل هئا. (1) ميڊيٽرينين سي ۽ ايٽلانٽڪ اوشن (2) جبرالٽر (3) نيپلز (4) سسلي ڪاٽانيا (5) مصر (6) ٽريپولي (7) تيونس (8) الجزائر (9) سيئوٽا، ملييا ٽيٽئان 01) ڪاسا بِلانڪا (11) ڪَينَرِي ٻيٽ (12) وگو (13) مالٽا (14) ڏور اوڀر جا ملڪ (15) ڊَچِ ايسٽ انڊيز (16) فلپائن (17) اسٽريٽ سيٽلمينٽ (18) جپان (19) چين (20) سائيگان (21) اتر ۽ ڏکڻ آفريڪي ملڪ (22) ايريٽيريا (23) جبوتي (24) ممباسا (25) پورچوگيز اوڀر آفريڪا (26) ڏکڻ آفريڪا (27) سالسبري (28) اولهه آفريڪا (29) سيراليون (30) لاگوس (31) وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا (32) پاناما (33) چلي (34) ترنيداد (35) ايراني نار (36) آسٽريليا. اهڙيءَ طرح ساڳوڻي ڪتاب جي صفحي 92 تي پاڻ لکي ٿو ته سن 1890ع ۾ صرف بخارا شهر ۾ سنڌي واپارين جو تعداد ٽن هزارن کي وڃي پهتو هو. توهان ان مان اندازو لڳايو ته سڄي دنيا ۾ سنڌي هندو واپاري ڪيترا هوندا. ساڳئي ڪتاب جي صفحي 370 تي لکيل آهي ته انهن واپاري ۾ اڪثر ٻاهر ڇڙها رهندا هئا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پنهنجن مينيجرن جي معرفت فيملين کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا. پوءِ پٺيان سندن غير موجودگيءَ ۾ شڪارپور جي واپارين جون عورتون يار به رکنديون هيون ۽ انهن يارن مان ٻار به ڄڻينديون هيون، جيڪا هڪ عام رواجي ڳالهه هوندي هئي، پر حيدرآباد جي عورتن تي خانداني ضابطو سختيءَ سان لاڳو هوندو هو. هن ڪتاب جو ليکڪ هڪ روسي تاريخدان گنگو فِسڪي جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته ”شڪارپور جي واپارين ۽ ڀلاوڻن، احمد شاهه ابداليءَ جي فوجي ڪاهن ۾ سندس مدد طور مالي سيڙپ ڪئي هئي“. هي مؤقف پڪ سان چارلس جي سفري يادگيرين تي آڌاريل ۽ 1842ع ۾ ڇپيل ڪتاب مان کنيل هوندو، يا جيڪڏهن هن ڳالهه کي مڃجي ته پوءِ ملتان جي زوال ۽ شڪارپور جي اُڀارَ جي وچ ۾ لاڳاپو ڳنڍڻ تي بحث ڪرڻ وڌيڪَ ڏکيو ٿيندو انهيءَ ڏس ۾ اسٽيفن ڊيل جي ڏنل مؤقف جي ابتڙ هڪڙو جزوي تائيدي دليل هي آهي ته اوڻيهين صديءَ جي پهرين اڌ تائين به ملتاني واپاري استراخان ۾ واپاري سرگرمين ۾ سرگرم رهيا ۽ پنجاب سان پنهنجو ناتو ۽ ڳانڍاپو برقرار رکيائون. هن ڳالهه جي برطانوي اختيارين جي ڄاڻَ ۾ ايندڙ ٻن وڏن جي شاهدين وسيلي تائيد ٿيل آهي.


    8

    اسان مسرور مغل ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي سکر، روانا ٿي وياسين. اسان اڳوڻي پروگرام موجب سڌا مجيب پيرزادي جي بنگلي تي پهتاسين، جيڪو اڳ ۾ ئي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. آئون هن کان اڳ ۾ به سکر آيو هئس. سکر، جت معصوم شاهه جو منارو ۽ سنڌو درياهه تي ٺهيل عاليشان پُليون، سکر بيراج، جيڪو ورهاڱي کان اڳ سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو جديد آبپاشي وارو نظام هو، اهو سن 1932ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ اڄ يعني سن 2013ع ۾ ايڪاسي سالن جي عمر ۾ ڪيترين ئي فني خرابين سبب زندگيءَ جا آخري سال گذاري رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ هڪ پراڻي انجنيئر ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ايريگيشن، ادريس راجپوت سکر بيراج بابت ڪاوش اخبار ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکيو هو جنهن ۾ سکر بيراج کي نئين سر ٺاهڻ يا ان جي مرمت ڪرڻ جي حوالي سان فني يا ٽيڪنيڪل تجزيو ڪري آخر ۾ سندس ذاتي موقف پيش ڪيائين ته اسان جي هن بيراج سان تمام پراڻي وابستگي آهي، تنهنڪري منهنجي راءِ آهي ته هن بيراج جي مرمت ڪجي، نه ڪي هن جي جڳهه تي ڪو نئون بيراج جوڙجي. بهرحال هيءَ هڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه آهي تنهنڪري آئون هن تي پنهنجو راءِ نٿو ڏيئي سگهان. سکر جت مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٿيو، سکر جا سينگاريل رڪشا سڄي سنڌ ۾ ائين مشهور آهن، جيئن سڄي سنڌ ۾ چوهڙ جمالي شهر جون پان ٻيڙيءَ جون ڪيبنون مشهور آهن. ان وقت درياهه جي ڪپ تي سکر ۾ لب مهراڻ نالي تفريحي مڪان به ڏسڻ وٽان هو. شهر ۾ پاڪ اِن نالي هڪ لاجواب هوٽل هئي، خبر ڪانهي ته اڄ به اها هوٽل موجود آهي يا ويئي ڪنهن واڳونءَ جي واٽَ ۾. سکر جي اهميت ان وقت تمام گهڻي وڌي ٿي وڃي، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”پورب ڄائي“ ۾ سکر شهر تي 57 صفحا ٿي لکي. سکر جي گرمي ۽ سردي جو احوال ۽ مٿس ٿيندڙ ظلمن جو احوال ڏاڍي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو اٿس. پاڻ هت لکي ٿي ته آئون هت ڇو آهيان ۽ مون کي ڪي به سمجهه ۾ نٿو اچي. وري قيد خانو سنڌ جي صحرا ۾ هڪ پراهون جيل، ڏاڍي ٿڌ، قيد خاني جي گهڙيال مان ٺڪاءَ ٿين ٿا، رات جو آئون هڪ منٽ به سمهي نٿي سگهان. منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چارئي ڀتيون سيخن جون آهن، جن جي وچ مان صحرا جي برفاني هوا اندر ڌوڪيندي پئي اچي. اها ڪوٺڙي هڪ وڏي پڃري مثل ۽ تمام گهڻي ڪشادي نه آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کٽ آهي. آئون کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي، منهنجي ڏند پيا کُڪن. مون وٽ نه سوئيٽر آهي نه بلينڪيٽ، ڪي به ڪونهي. مون کي رڳو اها شلوار قميص پيل آهي، جيڪا پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ مهل مونکي پاتل هئي. وري صفحي 338 تي سکر جي گرميءَ بابت لکي ٿي ته مئي مهيني ۾ سکر ۾ گرمي شروع ٿي. خشڪ ۽ ساڙيندڙ گرمي، جنهن ڪري منهنجي ڪوٺي کورو ٿي پئي. ان جي پاسن کان گرم هوا لاڳيتي اندر پي آئي. ريگستان جي ويجھو هئڻ ڪري اهي گرم هوائون 110 کان 120 ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجي ڪوٺيءَ ۾ مٽيءَ جا لاڳيتا واچوڙا پيا لڳندا هئا. پگهر نڪرڻ ڪري مون تي مٽيءَ جا ذرڙا ڄمي ويندا هئا. منهنجي چمڙي خشڪ ٿي ڦاٽي پئي ۽ هٿن تان ان جا تهه لهڻ لڳا هئا. منهنجي منهن تي وڌيڪَ داڻا نڪري آيا، انهن ۾ پگهر پوندو هو ته اهي تيزاب وانگر سڙندا هئا. منهنجا وار، جيڪي هميشه گھاٽا هوندا هئا، اهي هاڻ مُٺين جون مُٺيون ٿي ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي ڪونه هئي، پر آئون مٿي جي کل کي پنهنجين آڱرين سان محسوس ڪري پي سگهيس، گهميل، ميري ۽ اگهاڙي ! هر روز صبح جو مونکي منهنجي وهاڻي تي وارن جا ڇُڳا نظر ايندا هئا. ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت حملو ڪندڙ فوجي وانگر ڪاهي آيا هئا. تڏيون مڇر، زهريليون مکيون، ماکيءَ جون مکيون اهي هميشه منهنجي مُنهن تي ٻيون ڀون ڀون ڪنديون هيون، يا منهنجي ٽنگن تي پيون سُرنديون هيون. آئون هٿن سان انهن کي پري ڪندي هُيس، پر اُهي جيت ايترا ته گهڻا هوندا هئا جو اها ڪوشش اجائي ثابت ٿيندي هئي. اهي جيت فرش جي ڦاٽل حصن ۽ اڱڻ مان اندر ايندا هئا. وڏا ڪارا ماڪوڙا، تِڏا، ننڍڙيون ڳاڙهيون ڪيوليون ۽ ڪوريئڙا رات جو پاڻ کي انهن جي چڪن کان بچائڻ لاءِ آئون مٿي تائين چادر ويڙهي ڇڏيندي هُيس، پر جڏهن ٻوسٽ ٿيندي هئي ته لاهي ڦٽي ڪندي هيس. جيل ۾ منهنجو معمول هوندو هو ته آئون اتي هر روز 250 ڀيرا ڊوڙڻ، چاليهه ڀيرا جُهڪڻ، ٻاهون لوڏڻ، ويهه ڀيرا گهرا ساهه کڻڻ جي مشق ڪندي هيس. مجيب جي گهر واريءَ مونکي ڀرت ڀرڻ جو جيڪو سامان موڪليو، ان ۾ ڪپڙو، ڌاڳا ۽ خاڪن جو ڪتاب هو. مون هينئر ٽراليءَ جو ڪپڙو ۽ چار رومال ڀرت سان ڀري پورا ڪيا آهن. سُئي سڳي جي ڪم ۾ جنهن ڌيان جي ضرورت ٿئي ٿي، ان جي ڪري خيال ٻين ڳالهين ڏانهن ڪونه ٿو وڃي. ٻيو ته اڪيلائيءَ جي قيد جي ان پولار ۾ ان ڪم تي وڌيڪَ ڌيان ڏيڻو ٿو پوي. ڏکن پويان سُک! هنن تڪليفن جي پٺيان وڏي مان مرتبي، وقار ۽ عزت جي بي انتها ٿي وئي. سڄي دنيا جي حاڪم، امير ۽ طاقت جي ڌڻي مُلڪ آمريڪا جي خاتون اول، وزير خارجه ۽ سينيٽر هيلري ڪِلِنٽن پنهنجي آتم ڪٿا ”زندهه تاريخ“، جنهن جي رائلٽي کيس اسي لک آمريڪن ڊالر ملي، ان جي اردو ترجمي واري ڪتاب جي صفحي 121 تي لکيل آهي ته بينظير دنيا جي اها ممتاز شخصيت ۽ ليڊر آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مونکي قطار ۾ بيهي ڪافي انتظار ڪرڻو پيو. هيءَ 1989ع جي ڳالهه آهي، جڏهن بحيثيت وزير اعظم پاڪستان، هوءَ لنڊن جي دوري تي آيل هئي. آئون ۽ منهنجي ڌيءَ چيلسي لنڊن ۾ گهمي رهيون هيون سين ته اسان انٽر هوٽل جي اڳيان ماڻهن جا هجوم ڏٺا. اسان اتي هڪ شخص کان پڇيو ته هتي هيڏي رش ڇو ٿي آهي؟ ته هُنَ اسان کي ٻڌايو ته بينظير ڀُٽو هـِنَ هوٽل ۾ ٽڪيل آهي ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ هت پهچڻ واري آهي. اُهو ٻُڌي اسان به هڪ قطار ۾ بيهي رهيون سين. اسان هن کي تمام ويجهڙائيءَ کان هلندي ڏٺو. هوءَ ليموزين ڪار مان لٿي ۽ تمام وقار سان هلندي وڃي هوٽل جي لابيءَ ۾ داخل ٿي. هُنَ کي هيڊي رنگ جا ڪپڙا پاتل هُئا ۽ ڏاڍي سمارٽ لڳي رهي هئي.
    مجيب اسان کي سندس جيپ ۾ وٺي هليو ۽ شيخ اياز، نبي بخش کوسي، ارشاد پارس ۽ ٻين ڪافي وڪيلن سان ملايو ۽ پڻ سکر شهر، سکر بيراج، ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو ۽ اروڙ جا تاريخي کنڊرات ڏيکاريا. اروڙ ويندي رستي ۾ اسان ڏٺو ته فلم ايڪٽر محمد علي ۽ زيبا ڪنهن فلم جي شوٽنگ ڪري رهيا هُئا. اروڙ شهر جو اصل نالو الور آهي، پر خبر ناهي ته ڇو سنڌ ماڻهو ”لام“ جي جڳهه تي ”ري“ ٿا اُچارين؟ جيئن ڪلاچيءَ کي اسان ڪراچي ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ موضوع تي فاروق بجاراڻيءَ ڪاوش اخبار ۾ هڪ مضمون به لکيو هو. اسان گهمندا ڦرندا نيٺ اچي اروڙ جي کنڊرن ۾ پهتاسين. اسان جيپ مان لهي هن سڄي منظر جو جائزو ورتوسين ته هت ڀڳل سرن جي ڍير ۽ ڪجهه جڳهين جي اڻ لکن بنيادن کان سواءِ ڪنهن به ٺهيل عمارت جو نالو نشان به ڪونه هو. نه وري ڪنهن سرڪاري اداري جي نالي وارو بورڊ لڳل هو. اتي اسان ڪو ماڻهو به ڪونه ڏٺو . ڄارين جا پراڻا ويڙهه البت ڪافي تعداد ۾ موجود هئا. ظاهر آهي ته سڄيون ۽ صحيح سلامت سرون ته ماڻهو کڻي ويا هوندا، باقي ناڪاره سروٽا ڍيرن جي صورت ۾ پيل ڇڏي ويا هوندا ! ايڇ ٽي لئمبرڪ سندس ڪتاب ”سنڌ“ جي صفحي 309 تي لکي ٿو ته پنجاب ۾ اروڙا قوم شايد سنڌ جي اروڙ شهر مان لڏي وڃي اُت آباد ٿي آهي، جن تي ”اروڙا“ جو نالو اروڙ تان پيو. پاڻ لکي ٿو ته اُهي هن شهر جي ڦِٽڻ کانپوءِ هتان لڏي ويا هئا. پاڻ لکي ٿو ته ڪيترائي اروڙا سنڌ جي ديوتا اڏيرو لعل جا پوڄاري آهن. سنڌ تي عربن ج ا حملا ۽ فتح جو وڏو سبب اهو هو ته سنڌ، هندستان ايران ۽ عرب دنيا ۾ واپار جي رستي جي شهه رڳ هئي، جنهن تي عربن پنهنجو ڪنٽرول ٿي چاهيو. انهيءَ مقصد لاءِ اڄ به جنگيون ۽ ٺاهه ٿي رهيا آهن. ويهين عيسوي صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي دوران روس افغانستان ۾ نجيب الله کي اقتدار تي ويهاري ان معرفت بلوچستان ۾ سنڌ ذريعي گرم پاڻي جي سامونڊي بندرن تائين پهچڻ ٿي چاهيو، پر آمريڪا پاڪستان فوج ذريعي، سواءِ پاڻ ان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي روس جي اهڙي ته حالت ڪئي جو روس خود ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هاڻ وري چين انهي رستي کي ڪم آڻيندي پنهنجي واپار ۽ فوجي سگهه کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن هو عرب دنيا، آفريڪا ۽ يورپ جي ويجھو ٿئي. انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ هو ڪاشغر کان گوادر ۽ ڪراچيءَ تائين موٽر وي ۽ ريل وي ٺاهڻ چاهي ٿو، انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اهڙو ٺاهه به ٿي ويو آهي ته، ان جي خلاف آمريڪا به انهيءَ ٺاهه کي رد ڪرائڻ لاءِ پنهنجا سڀ حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هُو هندستان کي اڳيان آڻي رهيو آهي. جڏهن ته هندستان پنهنجي تُرپَ جا پتا تمام وڏي سوچ سمجهه ۽ عقلمنديءَ سان کيڏندو آهي، پر پاڪستان ۾ فوجي حاڪم پنهنجي کل بچائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي اڳيان سڀ هٿيار ڦِٽا ڪري ڇڏيندا آهن، ڇو ته هنن کي ۽ آمريڪا کي خبر هوندي آهي ته کين عوام جي ڪا به سپورٽ يا پٺڀرائي حاصل ڪانهي، تنهن ڪري آمريڪا پاڪستاني فوجين کي پوري طرح استعمال ڪري کانئن ڪيترائي معاهدا صحيح ڪرائي ڇڏيندو آهي، جنهن جو مثال جنرل ايوب، جنرل ضياء ۽ جنرل مشرف جي فوجي حڪومتن جا دؤر آهن. اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن ڏٺو ته ايوب، اسلم بيگ ۽ مشرف جي سياسي پارٽين ج و ۽ سندن ڪهڙو بڇڙو حشر ٿيو، پر وري به کين فوج ۽ آمريڪا بچايو وڃن !
    Secret, Confidential, desclassified papers of state department (USA) and public record office (UK).
    نالي ڪتاب جي صفحي 78 تي لکيل آهي ته جڏهن ايوب کي يحيٰ برطرف ڪري اقتدار تي پاڻ قابض هو، تڏهن انگلينڊ جو سفير ايوب سان ملڻ سوات ويو ته ايوب کيس چيو ته تون ڪڏهن به پاڪستان جي سياستدانن تي ڀروسو نه ڪج، ڇو ته هو تعاون جا اهل ڪونه آهن. انهيءَ جي برعڪس يحيٰ هڪ هوشمند ۽ محتاط شخص آهي، جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. آمريڪا ۽ برطانيه جا اهڙن خوفيه ڪاغذن وارا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. انهن ۾ ڏاڍا ڇرڪائيندڙ انڪشافات ۽ حقائق شايع ٿيل هوندا آهن، ته ڪيئن پاڪستان جا صدر، وزير اعظم، ٻيا وزير ۽ سرڪاري ڪامورا، اهي سمورا حڪومت ۾ هوندي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ هوندي به آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندا آهن. پر هاڻ ته وِڪي لِيڪس وارن هزارن جي تعداد ۾ آمريڪا ۽ سڄي دنيا جا راز فاش ڪري سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. وڪي ليڪس جو مالڪ ويچارو سالن کان مختلف سفارت خانن ۾ پناهه وٺندو رهيو آهي. هن پاڪستان جي سياستدانن ۽ فوجين جا به وڏا راز فاش ڪيا آهن. سعودي عرب بابت لکي ٿو ته سعودي بادشاهه آمريڪا کي چيو ته تون اسرائيل کي چئو ته هو ايران تي حملو ڪري. دنيا جي ڪنهن به ملڪ وڪي ليڪس جي ڪنهن به انڪشاف جي ترديد ڪانه ڪئي آهي. سنڌ جي پراڻي تاريخ جي ڪتابن ۾ اروڙ تي گهڻو مواد لکيل آهي، جنهن ۾ ڏاڍا دلچسپ تاريخي داستان ۽ احوال لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ چچ نامون سنڌ (عرب دؤر)، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۽ جنت السنڌ سرفهرست آهن. انهن کان سواءِ سنڌ جي تاريخ تي ٻيا به ڪيترائي ڪتب لکيل آهن.
    جڏهن پاڪستان ٺهيو، تڏهن رمضان جو مهينو هو ۽ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي، تڏهن به رمضان جو مهينو هو ۽ اڄ، جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن به رمضان جو مهينو آهي. هينئر اسان جي پاليل ٻِليءَ منهنجي پين کي ڌڪ هڻي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ مون ڏانهن نهاري رهي آهي ته آئون هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيان. جڏهن به هن کي بک لڳندي آهي، تڏهن هميشه ائين ڪندي آهي پوءِ جيسين آئون هن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيان، تيسين تائين پاڻ گوڙ ڪندي رهندي آهي ۽ مونکي لکڻ ڪانه ڏيندي آهي. جيڪڏهن آئون پين زمين تان کڻي وري لکڻ شروع ڪندس ته، پاڻ منهنجي لکڻ واري رجسٽر تي چڙهي ويهي رهندي، جيسين وڃي ڪا شيءِ کيس کائڻ لاءِ ملي.
    عربن طرفان سنڌ تي ڪاهن بابت ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ، آئون هن نتيجي تي پهتو آهيان ته پرائي سرزمين تي، پنهنجي سرزمين کان هزارين ميل پري، دشمن جي مقابلي ۾ ٿوري لشڪر سان عربن هيڏي وڏي فتح حاصل ڪئي، منهنجي نظر ۾ ان جا هيٺيان سبب آهن. هڪ ته سنڌ جي ان وقت اسي سيڪڙو آدمشُماري ٻُڌ هئا، جن کي برهمڻ (هندن) سان ڪا به همدردي ڪانه هئي. ان وقت حڪومت برهمڻن جي هئي، وڏي دغابازيءَ سان ٻُڌ حاڪمن جي جاءِ تي حڪومت تي پاڻ قابض ٿي ويا. انهيءَ وقت سنڌي ٻڌمت مڃيندڙ هئا، انهيءَ حقيقت جي تصديق مشهور چيني سياح هيون سانگ جي سفرنامي مان ٿئي ٿي، جيڪو هن 646ع جي سفر کانپوءِ لکيو هو. هيون سانگ انهيءَ سفرنامي ۾ سنڌ جي احوال ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ ملڪ جا ماڻهو ٻڌ مذهب مڃيندڙ آهن، هت ڪيترن سَوَن وِهارن ۾ (وهار ٻُڌَن جي عبادت گاهه کي چئبو آهي) ڏهه هزار ڀڪشو رهندا آهن (ٻڌمت جي مولويءَ کي ڀڪشو چئبو آهي). هو مڪتب جي نصاب جو مطالعو ڪندا آهن. جڏهن تٿاگت هن دنيا ۾ هو ته، ڪيترائي دفعا هتان لَنگِهيو.سندس لنگهڻ وارن هنڌن تي راجا اشوڪ ڪيترائي سٽوپ ٺهرايا ۽ مهارارهت اُپگپت ڪيترا دفعا هن ملڪ ۾ رهيو، مذهب جو پرچار ڪيو ۽ ماڻهن کي سنئين واٽ ڏيکاري. جت جت هو رهيو ۽ پنهنجا قدم ڇڏيا، انهن سڀني جڳهين تي آشرم ۽ سٽوپ ٺهرايا ويا. اهي عمارتون هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.“
    ٻيو ته: سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن جا حاڪم گهڻي ڀاڱي، انهيءَ وقت يعني برهمڻ راجا ڏاهر جي دور حڪومت دوران به ٻُڌ هئا، تن سواءِ ڪنهن مزاحمت ۽ مقابلي جي قلعا عربن جي حوالي ٿي ڪيا. ٽيو ته: اروڙ واري جنگ م راجا ڏاهر جي مرڻ کانپوءِ راجا ڏاهر جي زال لاڏي محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ آئي ۽ برهمڻ آباد واريءَ جنگ ۾ هن ڪاري اُٺ تي چڙهي قلعي اندر وڃي فوج ۽ ٻين ماڻهن کي ٻڌايو ته ڏاهر مري چڪو آهي ۽ جيڪڏهن هتي به جنگ ڪندا ته توهان به مرندا، سو هاڻ بهتر آهي ته توهان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري پيش پئو. راڻي لاڏيءَ جي انهن ڳالهين سبب برهمڻ آباد جنگ ۽ پوءِ ٿيندڙ ٻين لڙاين ۾ به عربن کي تمام گهڻو فائدو ٿيو. چوٿون ته: هر قلعي فتح ڪرڻ سان عربن کي تمام گهڻي دولت ٿي هٿ آئي، جنهن سان هو پاڻ کي وڌيڪَ مضبوط ۽ مستحڪم ڪندا ويا. ديبل بندر جي جنگ کان وٺي ويندي اروڙ جي جنگ تائين عربن کي صرف راوڙ جي جنگ ۾ ڪافي نقصان ٿيو ۽ جتي ڪافي عرب فوجي به مئا. انهيءَ جنگ ۾ محمد بن قاسم جا پڻ اهڙا ته حوصله خطا ٿيا جو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي خدمتگارن کي رڙ ڪري چيائين ته مون کي پاڻي کارايو ! ڇهون ته: عربن يونانين کان جنگ جون ڪافي نيون ترڪيبون سکيون هيون، جيڪي سڀ هنن سنڌ ۾ استعمال ڪيون، انهن ۾ منجقن جو استعمال به شامل هو. هر هڪ منجق کي پنج سؤ ماڻهن ٿي هلايو جنهن وسيلي تمام وڏا پٿر ۽ ٻرندڙ باهه جا گولا وڃيو قلعي اندر ڪِريا ته قلعي جا برج ۽ ديوارون ڪِري ٿي پيون ۽ قلعي اندر باهه لڳيو وئي. اهڙي حالت ۾ ماڻهو منهن ڪريو ٿي ڀڳا. ائين عربن کي سواءِ ڪنهن وڏي ويڙهه ۽ تڪليف جي قلعي اندر داخل ٿيڻ ۽ قبضو ڪرڻ ۾ آسان ٿي. ٻي حڪمت عملي، جنهن کي هنن نالو ٿي ڏنو، سا هئي هاٿين جي پالڪين کي باهه ڏيڻ، جنهن ڪري هاٿي هلندڙ جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃي درياهه ۾ ٿي ويهي رهيا. انهيءَ مان عربن پورو پورو فائدو ٿي ورتو.
    هن سموري جنگ ۾ جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪَ اهم رول ادا ڪيو ۽ مفت ۾ سڄي جنگ جي طاقت جو توازن چڪنا چور ڪري ڇڏيو، سو هو راجا ڏاهر جي سواريءَ واري سفيد هاٿيءَ جي پالڪيءَ کي باهه لڳڻ ۽ پوءِ انهيءَ هاٿيءَ جو درياهه ڏانهن ڀڄڻ، انهيءَ هاٿيءَ تي عربن طرفان تيرن جو مينهن وسائڻ، اتفاقاً هڪ تير راجا ڏاهر کي دل ۾ لڳڻ ۽ سندس بروقت فوت ٿيڻ. انهيءَ ڀيانڪ حادثي سڄو قصو ئي تمام ڪري ڇڏيو. راجا ڏاهر جي فوج ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ حقيقت جي ڪنهن کي به خبر نه پوي، تنهن ڪري هنن راجا کي پاڻي ۽ گپ ۾ ڍڪي ڇڏيو، پر نيٺ راجا جي ڪن فوجين ئي پنهنجي جان جي امان جي عيوض عربن اڳيان اهو راز فاش ڪيو ۽ انهن ئي لاش گپ مان ڪڍي ڏيکاريو ته عربن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي راجا ڏاهر جي سڄي فوج جنگ جي ميدان مان ڀڄي وئي، تڏهن عربن قلعي اندر داخل ٿي قبضو ڪري قلعي تي پنهنجو جھنڊو چاڙهي ڇڏيو.
    هن جنگ ۾ راجا ڏاهر مري ويو ۽ پوءِ جلدي هن جنگ جو ماسٽر مائينڊ حجاج بن يوسف به مري ويو ته، دمشق جو خليفو وليد بن عبدالملڪ پڻ مري ويو. انهيءَ جي مسند تي سليمان بن عبدالملڪ خليفو مقرر ٿيو، جيڪو حجاج بن يوسف جو سخت مخالف هو، ڇو ته حجاج بن يوسف خليفي وليد کي صلاح ڏني هئي ته تون پنهنجي پٽ عباس کي ولي عهد مقرر ڪر ته توکان پوءِ هو خليفو مقرر ٿئي، پر وليد جي وفات بعد سليمان بن عبدالملڪ خليفو ٿيو، جنهن خليفو بنجڻ شرط حجاج بن يوسف جو مڙهه قبر مان ڪڍائي سر عام ساڙايو ۽ حجاج جي سڀني مائٽن کي حڪومت مان برطرف ڪري ڇڏيو. هن محمد بن قاسم کي برطرف ڪري، عراق گُهرائي، ڪوفي جي عامل صالح بن عبدالرحمان وسط جي زندان ۾ قيد ڪرايو، جنهن کيس بدني ۽ ذهني ايذاءُ ڏئي، اڃيو، بُکيو رکي مارايو، ڇو جو حجاج صالح بن عبدالرحمان جي ڀاءُ آدم کي مارايو هو. يعني ته حجاج بن يوسف جي ڏوهن جي سزا محمد بن قاسم کي ملي. (ڪتاب، سنڌ، عرب دؤر صفحو 224-225) انهيءَ جي مقابلي ۾ راڻي لاڏي راجا ڏاهر جي دؤر ۾ به راڻي هئي ۽ محلن ۾ رهي ته وري محمد بن قاسم جي دؤر ۾ به سندس زال جي حيثيت ۾ راڻي ٿي محلن ۾ رهي. وري سندس بطن مان محمد بن قاسم جو پٽ عمرو ڄائو. اهو جڏهن وڏو ٿي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ته راڻي لاڏي وري گورنر جي ماءُ جي رشتي سان محلن ۾ ئي رهي ۽ سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڏک ڪونه ڏٺائين. (ڪتاب: سنڌ، عرب دؤر، صفحو 275 ڪتاب: تاريخ سنڌ، از علامه سيد سليمان ندوي، سنڌي ترجمو، صفحو 82) پر اڄ 1966ع ۾ نه محمد بن قاسم آهي نه حجاج بن يوسف، نه راجا ڏاهر آهي، نه خليفو سليمان بن عبدالملڪ، پر سنڌ ۽ سنڌي اڄ به هن ڌرتيءَ تي آباد آهن ۽ سڀاڻي به رهندا. ماڻهن جا مذهب ته تبديل ٿيندا رهن ٿا، پر قوميت ڪانه ٿي تبديل ٿئي. انگريز پنهنجو عيسائي مذهب بدلائي مسلمان ٿي سگهي ٿو، پر پنهنجي قوميت تبديل ڪري پنجابي نٿو ٿي سگهي. مرهٽو پنهنجو هندو مذهب تبديل ڪري مسلمان يا عيسائي ٿي سگهي ٿو، پر هو پٺاڻ يا پنجابي نٿو ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح سنڌي هندو پنهنجو مَذهب تبديل ڪري ڪرستان يا مسلمان ٿي سگهي ٿو پر هو ڪڏهن به بنگالي يا بلوچ نٿو ٿي سگهي. يوناني، رومي، عرب ۽ ايراني گذريل هزارين سالن جي عرصي دوران ڪيترائي مذهب تبديل ڪري چُڪا آهن، پر هو هزارين سال اڳ به يوناني، رومي، عرب ۽ ايراني هئا ته اهي اڄ به قومي طور ساڳيا يوناني، رومي، عرب ۽ ايراني آهن. انگريزن جي برصغير هند ـــ پاڪ ۾ اچڻ کان اڳ، هتي به هڪ ڪرستان ڪونه هو، پر اڄ هن ننڍي کنڊ ۾ تقريباً ساڍا ڇهه ڪروڙ ڪرستان يعني عيسائي مذهب مڃيندڙ آهن. ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي اولهه تيمور، انڊونيشيا ۽ سوڊان وانگر اسان واري ننڍي کنڊ ۾ به ڪو عيسائي ملڪ موجود ۾ اچي. اڄ به جو هي ڀڙڀانگ، ويران ۽ کنڊرات جو ڍير اروڙ، تنهن جي باري ۾ سن 95 هجري مطابق 713 عيسوي ۾ عربن طرفان سنڌ جي فتح بابت لکيل تاريخي ڪتاب فتح نامه سنڌ عرف چچ نامون ۾ صفحي نمبر 21 تي لکيل آهي ته: ”خبرن جي راوين ۽ تاريخ جي مصنفن هن طرح سان بيان ڪيو آهي ته اروڙ جو شهر، جو هن وقت سنڌ جو تخت گاهه آهي، سو (اڳئين زماني ۾) سيحُون نديءَ تي، جنهن کي مهراڻ چوندا اهن، قسمين قسمين ماڙين، چراگاهن، گُلن، باغَن، حوضن، نهرن، باغيچن ۽ گلڪارين سان سينگاريل، هڪ وڏو شهر هو. هن رونقدار شهر ۾ راءُ سيهرس بن ساهسي راءُ نالي هڪ راجا رهندو هو، جنهن وٽ گهڻا خزانا ۽ بيحد پوريل ناڻا هئا ۽ جنهن جو عدل دنيا ۾ شعور ۽ سخاوت جهان ۾ پکڙيل هئي. سندس حڪومت جون حدون اڀرندي کان ڪشمير تائين، الهندي کان مڪران تائين، ڏکڻ سمنڊ جي ڪناري ۽ ديبل تائين، اتر کان ڪُردَن جي جبل ۽ ڪيڪانان تائين پکڙيل هيون.“ اسان اروڙ گهمڻ کانپوءِ سِڌا سکر ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين، جتان اسان کي نواب شاهه وڃڻو هو. انهيءَ زماني ۾ شاهه محمد شاهه، امداد شاهه جي جڳهه تي نواب شاهه ۾ رهندو هو ۽ پڙهندو به اتي ئي هو. نواب شاهه ۾ سندس سنگت ساٿ سٺي هئي. اسان نواب شاهه جي ٽڪيٽ وٺي اوڏانهن روانا ٿياسين ۽ ريل گاڏيءَ ۾ سفر دوران رستي ۾ مختلف ريلوي اسٽيشنون ڏسندا اچي نواب شاهه ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين. اتان ٽانگو ڪري امداد محمد شاهه جي جڳهه تي آياسين. ڪافي دير ٿي وئي هئي، سو ماني کائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير اُٿياسين. جڳهه تي پروگرام موجب عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اقبال ميمڻ، اسماعيل وساڻ، نثار انصاري ۽ ٻيا به ڪافي دوست اچي گڏ ٿيا، جن سان اسان جي سموري تنظيمي دؤري بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪچهريءَ جي اختتام تي مون کي نثار انصاريءَ چيو ته هل ته پاڻ نواب شاهه شهر جو چڪر هڻي اچون، سو اسان پهرين سِڌا نواب شاهه شهر جي مني بازار گهمڻ وياسين. اتان گهمي ڦري ۽ پوءِ شعيب حميريءَ جي گهر ساڻس ملڻ وياسين. پوءِ اسان قاضي فيض محمد سان ملڻ، سندس گهر وياسين، جتي قاضي صاحب پاڻ ته ڪونه هو، پر سندس پٽ هو، جنهن اسان کي چانهه پياري ۽ ڪافي دير ڪچهري ڪئي. قاضي فيض محمد ان زماني ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽيءَ پاڪستان عوامي ليگ جو نائب صدر هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ سندس آتم ڪٿا هڪ نهايت دلچسپ ڪتاب آهي. پاڻ ڪِيئن ٿر مان هندستان پوءِ اتان بنگلاديش ويو، اهو سڄو احوال ڪنهن جاسوسي فلم کان گهٽ ڪونهي. پاڻ ڪيترو وقت بنگلاديش ۾ رهي ٿو، پوءِ پاڻ تنگ ٿي، اُتان لنڊن ٿو وڃي. پاڻ لکي ٿو ته مون بنگلاديش وڃي وڏي غلطي ڪئي هئي. انگلينڊ کان واپس پاڪستان اچڻ لاءِ لنڊن ۾ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ سان مليو، جيڪو سندس ضلعي نواب شاهه جو رهاڪو ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ هو. ان سلسلي ۾ هو ٻين به ڪافي ماڻهن سان مليو. پاڻ لکي ٿو ته نيٺ سواءِ ڪنهن اڳواٽ اجازت جي لنڊن مان هوائي جهاز ۾ چڙهي ڪراچيءَ پهچي ويس. اتي مون کان ڪا پڇ پڇان ڪانه ٿي. مون خوامخواهه پي ٻين ماڻهن جي پٺيان هلي کين منٿون ڪيون. ڪافي دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ اسان قاضي صاحب جي فرزند کان موڪلائي واپس امداد شاهه جي جڳهه تي آياسين. نثار انصاري پوءِ ڪافي وقت تائين مون وٽ حيدرآباد ايندو رهندو هو. اسان اڪثر ڪري گڏجي فلمون ڏسندا هئاسين. ان وقت يعني 1966ع کان پوءِ آئون وري ڪڏهن به نواب شاهه ڪونه ويو آهيان. اسان جي نواب شاهه ۾ انهيءَ ڏينهن مصروفيت ۾ اتي سنڌ متحده محاذ جي آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ شموليت ۽ شامَ جو سنڌ متحده محاذ، نواب شاهه طرفان منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ هو. سنڌ متحده محاذ جا تقريباً سڀئي مرڪزي اڳواڻ نواب شاهه ۾ سيد خير شاهه جي جڳهه تي پهچي چڪا هئا، جن ۾ سائين جي ايم سيد، آغا غلام نبي پٺاڻ، قاضي محمد اڪبر ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي سياسي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر وڏي تعداد ۾ موجود هئا. اسان به سمورا موجود شاگرد اتي وياسين، جتان پوءِ سڀ گڏجي محاذ جي نواب شاهه شهر ۾ قائم ڪيل آفيس جي افتتاح لاءِ ان آفيس آياسين، جتي سائين جي ايم سيد آفيس جي گيٽ تي ٻڌل ڳاڙهي پٽي ڪينچيءَ سان ڪٽي آفيس جو افتتاح ڪيو. اتي چانهه پارٽيءَ ۾ چڱي خاطر تواضع ڪئي وئي.
    انهيءَ دؤر ۾ پهرين بزم صُوفياءِ سنڌ جون سڄي سنڌ ۾ ڪانفرنسون، ٿيون، پوءِ سائين جي ايم سيد جا ڏاڍا سٺا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ان کانپوءِ سنڌ متحده محاذ جو قيام ٿيو، جنهن ۾ سياستدانن کان علاوه ڪيترن ئي نالي وارن دانشورن، اديبن ۽ شاعرن به شرڪت ڪئي. انهن مڙني سياستدانن، دانشورن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ شاگرد اڳواڻن جي ساٿ سان سائين جي ايم سيد جي سڄي سنڌ ۾، جلسن ۽ جلوسن دوران، انهن سڀني ڳالهين ۽ سرگرمين جي نتيجي طور سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ متحده محاذ به هڪ ڪافي سگهاري ڌُر ٿي سنڌ ۾ اڀري. پر سنڌ متحده محاذ ۾ ايوب کُهڙي، پير علي محمد راشدي، قاضي اڪبر، غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين جي محاذ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، سڄي سنڌ جو سمورو ترقي پسند سياسي لڏو ناراض ٿي ويو ۽ پڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت ۽ سنڌ اندر سندس طوفاني دؤرن سبب، پيپلز پارٽي تمام گهڻو اڳيان نڪري وئي. جنهن ڪري سنڌ متحده محاذ کي سندس اڳواڻ ۽ همدرد به ڪافي تعداد ۾ ڇڏي ويا. مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته سنڌ متحده محاذ جو جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ به محاذ ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ان هوندي به سائين جي ايم سيد جي پنهنجي شخصيت، انهيءَ دؤر ۾ سنڌ اندر ايتري ته گهڻي اڀري اڳيان آئي، جو اها اڄ به ڀُٽي جي ڀِيٽ ۾ سڄي سنڌ اندر برقرار آهي. جيتوڻيڪ سائينءَ جي جيئري ۽ سندس وفات کانپوءِ، جيئي سنڌ محاذ مان ٽُٽي ٻيون به ڏهاڪو کن پارٽيون ٺهي چُڪيون آهن، پر سواءِ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي ترقي پسند پارٽيءَ جي، اهي سموريون پارٽيون نعرو سائين جي ايم سيد جو ئي هڻن ٿيون ۽ سندن تعليمات جو سمورو ذخيرو سائينءَ جي ڪتابن تي مشتمل آهي، جن کي وري وري ڇپائي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي بڪ اسٽال تي پڙهندڙن لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي. سنڌ جو اڄوڪو نئون نسل، جنهن ڀٽي ۽ جي ايم سيد کي ڏٺو به ڪونه آهي، پر اهو به اڄ ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد جا نعرا هڻي ٿو ۽ سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو ننڍو وڏو ڳوٺ هجي، جِت جي ايم سيد ۽ ڀٽي جا فوٽو ۽ جھنڊا لڳل نه هجن. باقي اڄ جي قوم پرستن جو جوش جذبو، نئين پير پاڳاري واري قاسم آباد ۾ جلسي ۾ ۽ نواز شريف جي سنڌ ۾ اليڪشن وارن دورن ۾ ڏسڻ وٽان هو، جڏهن اسان کي سنڌ ۽ سنڌين جي نجات هڪ وڏي پير ۽ هڪ پنجابي قوم پرست ليڊر ۾ ڏسڻ آئي.


    9

    سنڌ متحده محاذ جي آفيس جي افتتاح ۽ چانهه پارٽيءَ کان پوءِ هيءَ سڄي خلق خير شاهه جي بنگلي ڏانهن رواني ٿي، جتي ان لاءِ مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو. نواب شاهه شهر ۽ اردگرد واري علائقي تي سدائين نواب شاهه شهر جي سيدن جو اثر رسوخ رهيو آهي، اهي هن علائقي مان هميشه اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊبا اچن. نواب شاهه شهر خود هنن سيدن جي پنهنجي زمين تي ٺهيل آهي. سيد خير شاهه جي بنگلي تي منعقد هن دعوت ۾ پي پي جي اڳواڻن کان سواءِ باقي سڄي نواب شاهه ضلعي جا مُک ماڻهو شريڪ هئا. اسان سڀ شاگرد ماني کائي شام واري متحده محاذ جي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل دعوت جي بندوبست لاءِ دعوت واري هنڌ هليا وياسين، سائين جي ايم سيد ۽ آغا غلام نبي اتي ئي رهيا هئا. حيدرآباد کان آيل ڪافي دوست موڪلائي واپس روانا ٿي ويا. شامَ جو مقامي هوٽل ۾ دعوت ٿي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد، آغا غلام نبي پٺاڻ، عزيز ڀنگوار، شاهه محمد شاهه، مون ۽ ٻين رهنمائن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن فنڪشن کانپوءِ اسان هت رات رهي صبح جو سوير سائينءَ سان گڏجي حيدرآباد روانا ٿياسين. حيدرآباد ۾ به جاويد منزل گاڏي کاتي ۾ سنڌ متحده محاذ ۽ ان جي شاگرد وِنگ جي آفيس جو افتتاح ٿيڻو هو. حيدرآباد پهچي سائين، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جي بنگلي تي رهي پيو، ٻيا سڀ دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ آئون به پنهنجي فليٽ ويس. سنڌ متحده محاذ جي آفيس جو افتتاح ته ٻي ڏهاڙي ٿيڻو هو پر سائين جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته حيدرآباد ۾ انهيءَ جي پسگردائيءَ جي شهرن جا شاگرد، اديب، شاعر، عالم، دانشور ۽ سياسي ڪارڪُنَ وڏي تعداد ۾ صبح شامَ اُت ضرور ايندا رهندا هئا، جِت سائين ترسيل هوندو هو. انهيءَ ڪري ڪافي دوستن سان ملاقات ٿي ويندي هئي. آئون ڏهن ٻارهن ڏينهن کانپوءِ جيئن سن مان روانو ٿيو هئس، سو ان ڏينهن واپس اچي حيدرآباد پهتو هئس. تنهنڪري آئون شامَ جو سائينءَ وٽ ڪونه ويس، پر ڪيڏانهن ٻاهر به ڪونه ويس، فليٽ ۾ ئي آرام ڪندو رهيس. ٻئي ڏينهن صبح سوير اٿي تيار ٿي سڌو سائينءَ وٽ ويس، جتان پوءِ سڀني موجود دوستن سان گڏجي متحده محاذ جي آفيس تي آياسين، جت شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، ابن حيات پنهور ۽ ڪجهه ٻيا همراهه اڳ ئي موجود هئا. آغا غلام نبي پٺاڻ، اعجاز قريشي، شاهه محمد شاهه، انور بچاڻي، مولا بخش لغاري، اقبال ميمڻ، مدد علي سنڌي، عمر شورو، ابراهيم ڇٽو، ابراهيم خشڪ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد سائينءَ سان گڏجي هت پهتاسين. سائينءَ رِبِنِ ڪَٽي متحده محاذ جي آفيس جو افتتاح ڪيو، جنهن کانپوءِ اتي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ سائين ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. ته باقي ٻيا به پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيا. مون ايل ايل بي پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائينس ۾ داخلا ورتي. ان وقت اسان جا استاد هئا: ميڊم چنا، محمد عمر ميمڻ، محمد حسين ڀٽو، ٻيا جن جا نالا في الوقت ياد ڪونه آهن. شاگردن ۾ مونکي پروفيسر لياقت عزيز، خليل بچاڻي، پير مظهر، لياقت جتوئي، ڇوڪرين ۾ صرف هڪڙي شميم جو نالو ياد ٿو اچي. تنهن وقت ۾ شاگردن ۾ قومپرستيءَ جو جذبو عروج تي هو ۽ اڃان ادارن جي اسٽاف ۽ استادن م معتبري، مغروري ۽ تڪبر جو رجحان موجود ڪونه هو، جو ڇوڪرين کي مارڪن لاءِ پنهنجي گهر، يا ڪوارٽر تي گهرائين ۽ پروفيسرس ايسوسيئيشن جا عهديدار، پيسا وٺي شاگردن کي اضافي مارڪون ڏيارين، اڃا شاگرد ليڊرن ۾ ڀتا خوري ۽ دادا گيري پيدا ڪانه ٿي هئي. مون پنهنجي ٻن سالن جي پڙهائيءَ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ڪيمپس ۾ ڪڏهن به گولي يا ڪارتوس ته ٺهيو پر هڪ ڦٽاڪي جو به آواز ڪونه ٻڏو هو. ڪيمپس جو ماحول ڏينهن توڙي رات جو نهايت پُر امن ۽ پُر سڪون هوندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به ملازم يا چوڪيدار وٽ ڏينهن يا رات جو ڪو به هٿيار ڪونه هوندو هو، نه وري سڄي ڪيمپس ۾ ڪو هڪ به فوجي، رينجرس يا پوليس جو سپاهي رهندو يا ڪٿ نظر ايندو هو. شاگرد استادن جو نهايت گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ استاد پڻ شاگردن لاءِ بيحد شفقت جو حقيقي مثال هوندا هئا. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به شاگرد استادن جو ساڳيو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. آئون يونيورسٽي هاسٽل ڄامشوري ۾ نه پر حيدرآباد ۾ پنهنجي فليٽ ۾ رهندو هئس. ان وقت يونيورسٽيءَ ۾ باقاعدگيءَ سان ڪلاس ٿيندا هئا. ڪو به ڇوڪرو بنا موڪل جي غير حاضر ڪونه رهندو هو. ڪلاس ۾ ليڪچر پورو ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر لان تي هڪ ڪنڊ ۾ به هڪڙو چانهه بسڪوٽ، پيٽيز ۽ ڪوڪ وارو هوندو هو، جت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون لان تي ويهي چانهه ڪوڪ پيئندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان گپ شپ ڪندا هئا. ڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون لان تي ويٺي به پيا پڙهندا هئا. ان ماحول ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڇوڪرو ڇوڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ٻين سمورن کان بالڪل الڳ ٿلڳ پري ويهي ڪنڌُ جُهڪائي هڪ ٻئي سان ائين پيا ڪچهري ڪندا هئا، ڄڻ ته هو ڪنهن وڏي خزاني کوٽڻ جي خفيه پلاننگ ڪري رهيا هجن، ته جيئن سندن هڪ لفظ به ڪو ٻيو نه ٻُڌي وٺي. اهي به گهڻو ڪري شهرن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون هيون. يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪريون وڏي تعداد ۾ پڙهنديون هيون، پر سڀني جي مَٿن تي پوتيون يا رَوا هوندا هئا، جن سان اهي پنهنجون ٻانهون به ڍڪيل رکنديون هيون. هي موجوده فيشن سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان واري وقت تائين ڪونه پهتو هو. اردو دان ان حقيقت کي سندن چوڻيءَ ۾ هيٺئين طرح بيان ڪرڻ لڳا: فيشن جون جون بڙهتا گيا، ڪپڙه تن سي گهٽتا گيا. يونيورسٽي ڪيمپس اندر اولهه طرف هڪ تمام سٺي ريسٽورينٽ هوندي هئي، جتي کائڻ ۽ پيئڻ جون سڀئي شيون اعليٰ معيار جون ۽ نهايت لذيذ هونديون هيون، پر ٿوريون مهانگيون به هونديون هيون. ان ڪينٽين جي چانهه ۽ پيٽيز جو مزو ۽ سواد مون کي اڄ به ياد آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”پورب ڄائي“ ۾ لکيو آهي ته مون خواب ڏٺو ته آئون آزاد آهيان ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ريسٽورينٽ ۾ گوشت جو ٽڪرو ۽ کُنڀيون پئي کاوان، نيو انگلينڊ ۾ تازن صوفن جو رس ۽ برمنگھام ۾ ڦودنو لڳل آئيس ڪريم پئي کاوان. (صفحو 349) وڌيڪَ لکي ٿي ته مونکي ڦودنو پيل جوس ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ جو به هڪ پنهنجو معيار ۽ شان هو، جت لکن جي تعداد ۾ ڪتاب رکيل هئا ۽ هڪ ئي وقت دؤران سَوَن جي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون مطالعي ۾ مَحو نظر ايندا هئا. مون هت هاسٽل ۾ ڪمرو ته ڪونه ورتو هو، پر اڪثري ڪري خليل بچاڻي يا الله وسائي راڄڙ جي ڪمري ۾ وڃي رهندو هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن اعجاز قريشي جي ڪمري ۾ به رهي پوندو هئس. مَٿين ٽنهي ڄڻن سان منهنجو اهڙو ئي واسطو ۽ دوستي اهي، جهڙي پڙهڻ دوران هوندي هئي. هنن مان خليل ته مون سان گڏ سياسيات ۾ ماسٽرس ڪندو هو، پر اعجاز قريشي ۽ الله وسايو راڄڙ، ٻئي اِڪانامِڪس ۾ ماسٽرس ڪندا هئا. خليل، الله وسائي ۽ مون بي اي مسلم ڪاليج مان پاس ڪئي. اسان ٽئي مسلم هاسٽل ۾ جدا جدا ڪمرن ۾ رهندا هئاسين، پر يونيورسٽيءَ ۾ به ساڳي دوستي حجت برقرار رهي. خليل ۽ آئون ته 2000ع تائين هم پياله به هوندا هئاسين، پر 2000ع کانپوءِ آئون انهيءَ نعمت کان محروم ٿي ويس، ڇو ته ڊاڪٽرن مون کي صلاح ڏني ته پنجاهه سالن جي عمر کانپوءِ توکي الڪوهل ۽ سيڪس مان ڪا به هڪڙي شيءِ چونڊڻي پوندي، ڇو ته ٻنهي کي گڏ برقرار رکڻ هاڻي ممڪن ئي ڪونهي، تنهنڪري پوءِ مون الڪوهل کي هميشه ل اءِ ترڪ ڪري ڇڏيو ته نتيجتاً ڄڻ ته جسماني ۽ ذهين طرح آئون وري جوان ٿي پيس اڄ ستر سالن جي عمر ۾ به منهنجي چپن تي هي گانو جهونگارجي رهيو آهي: ابهي تو مين جوان هون ! يعني انگريزي چوڻيءَ موجب “Old in year but young in spirit!” ڪارن ڪڪرن هيٺ، پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي هڪڙي بس هلندي هئي، جيڪا وسعين ملوڪ شاهه جي رهاڪو سيد قمبر علي شاهه جي هئي. ان بس جو ڪنڊيڪٽر، ڳوٺ بچل گگي جو جَکُو مينگھوار هوندو هو، اهو وڏي عمر وارن حال حيات ماڻهن کي اڄ به ياد آهي. انهيءَ زماني جي مشهور چوڻي ته: اڪ جي ٽاريءَ تي ۽ قمبر علي شاهه واري لاريءَ تي ڀروسو نه ڪجي. جھونن ماڻهن کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جيڪڏهن بس ٻيلي ۾ صادق ڇورئي پَليجي جي ڳوٺ جي ويجھي پنڌ تي خراب ٿي پوندي هئي ته صادق پليجو بس جي سمورن مسافرن کي ماني کارائيندو هو، پر افسوس ! جو مون اها دعوت واري ماني ڪڏهن به نه کاڌي !
    انسان ته مريو وڃي، پر سندس ڪيل چڱايون توڙي مدايون ، صدين تائين پيون ڳائجن. قديم عرب دنيا جي مثالي ڪردار جو حامل شخص، حاتم طائي سخاوت جي علامت طور ساري جهان ۾ مشهور آهي. اڄ به سخاوت جي حوالي سان، هر ننڍو وڏو مثال ڏيندي چوي ٿو فلاڻو حاتم طائيءَ جهڙو سخي آهي، يا: تون ته ڪو حاتم طائي ڪونه آهين جو هر سائل لاءِ مراد وند هجين. مسلمانن لاءِ وري ابو جهل هڪ اڻ وڻندڙ ۽ قابل نفرت شخصيت طور سُڃاتو وڃي ٿو. اڄ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ وٽان لنگھياسين ته ساڻس وابسته ڳالهيون ياد آيون. اسان بند مٿان هلندي آس پاس جا نظارا ڏسندي پسندي اچي انهيءَ هنڌ پهتاسين، جت ڪوريا جي ڪمپني سنڌو درياهه تي دروازن کان سواءِ پل تعمير ڪري رهي آهي. سنڌو نديءَ تي هن کان اڳ ۾ ٺهيل سمورو بيريجن وارين پلين توڙي غير بيريجي پلين جي ڀيٽَ ۾ هيءَ جهرڪن جي ويجھو ٺهندڙ پل ڊيگهه ۾ سڀني پُلين کان ننڍي آهي، يعني اها فقط 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي ٿيندي. هيءَ پل حيدرآباد ڪراچيءَ نيشنل هاءِ وي تي جهرڪ شهر کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولهه طرف پري جمارين جي ڳوٺ وٽان درياهه شاهه تي ٺهي پئي. پل جي حقيقي ڊيگهه ٻارهن سؤ ميٽرن ۾ ان جي ٻنهي ڇيڙنم وٽ هڪ هڪ سؤ ميٽر اضافي ڀرائي ڪري ان کي ڪل چوڏهن سؤ ميٽر ڊيگهه واري پل ڪري تيار ڪيو ويندو. هن پل کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ 2.5 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو محمد خان، سجاول روڊ سان ڳنڍڻ لاءِ 22.5 ڪلوميٽر ٻه طرفو عاليشان موٽروي جي تعمير ٿيندي. تعميرات جي ٻئي ڀاڱي موجب، جهرڪ پُل وارو موٽر وي، ماتلي ۽ پوءِ اتان کان چمبڙ تائين ٺهندو، يعني انصاري شگر ملز ماتليءَ کان چمبڙ شگر ملز تائين. چمبڙ شگر ملز جو پهرين بچاڻي شگر ملز نالو هو. اهي ٻئي کنڊ جا ڪارخانا هڪ ئي مالڪ جا آهن. انهيءَ رستي ٺهڻ کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀني لاڙ وارين شگر ملن ۽ ٺٽي جي سيمينٽ فيڪٽرين تان چڪر لڳائي سوير واپس گهر ڪراچي پهچي وڃبو. اسان گاڏين مان لهي هيٺ اڏامندڙ واريءَ تان پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي اُت بيٺاسين، جت درياهه جي پيٽ ۾ پل جا لوهي پِلَرَ لڳائي ڇڏيا هُئائون. ڏکڻ طرف کان اٺ پِلر لڳل هئا، جي ڪجهه سُڪي زمين ۾ ۽ ڪجهه پاڻيءَ ۾ لڳل هُئا. جهرڪن واري اترئين پاسي کان ڪيترا ٿنڀا لڳل هئا، اها خبر ڪانه ٿي پئي، ڇو ته پلر اڃا مڪمل تيار ٿي اُڀا ڪونه ٿيا هئا. درياهه جي بچاءَ بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جي وڏي ڪيمپ لڳل آهي، جنهن ۾ پل ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان پيل آهي، جنهن ۾ وڏي هيوي مشينري به شامل آهي. لوهه جا ٺهيل پلر ڪافي تعداد ۾ درياهه جي ڪپ تي، درياهه ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڪم بند هئڻ ڪري ائين ڇڙوڇڙ پيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو ۽ موسم به مڪمل جھڙالي هئي. شامَ جو پهر هو. هن طرف درياهه جي ساڄي ڪپ تي ”جهرڪ“ منهنجي پرينءَ جو شهر، مونکي ڪي پنهنجون ڳالهيون ياد ڏياري، پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. جهرڪن جا ڪجهه بجليءَ جا ٿنڀا ۽ موبائيل فون ڪمپنين جا چور بُوسٽر صاف نظر پي آيا. درياهه ۾ هلندڙ هُڙن ۽ بتيلن جا سِڙهه ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ماحول کي وڌيڪَ رومانوي ڪري رهيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تيزيءَ سان چڙهندي هيٺاهان پٽ ٻوڙي رهيو هو. ڪپ جي ويجھو پاڻيءَ جي وچ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڊُٻ تي چڙهي، ماحول مان لطف اندوز ٿيندي، اسان ڪافي فوٽو ڪڍيا. انهيءَ دٻ ۾ ٿوري دير ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڏار پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڊٻ جي وچ ۾ وڏا ڏار پوندي ڏٺوسين ته ڊٻ تان ڊوڙندا لٿاسين. ڊوڙن دوران هڪ هنڌ منهنجي سڄي ٽنگ گوڏي سوڌيءَ واري ۾ گهڙي وئي، پر ترت ڇڪي ڪڍيم ۽ اسين تڪڙا تڪڙا انهيءَ ڊٻ تان لهي جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٿوري ئي دير اندر ڏسندي ڏسندي اها ڊٻ مومل جي ماڙيءَ وانگر سڄي پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي، ڄڻ ته اُت اڳي ڪا شيءِ ڪانه هئي. اها سڄي ايراضي چؤطرف رڳو پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ شهر جي ڀرسان پڃاريءَ ۾ جڏهن به پاڻي ايندو آهي ته آئون انهيءَ ۾ ضرور وهنجندو آهيان. سو هينئر به دل ته ڏاڍو ٿي چاهيو ته وهنجي وٺان، پر ائين ٿي نه سگهيو ڇو ته اتي نه هُئا ڪَڇا ۽ گوڏيون ۽ نه وري ڪي لائيف جيڪيٽس هئا، تنهنڪري منهنجي اها خواهش دل ئي دل نٿي ٿي، پر اسان کي هتان ٿوري ئي پنڌ تي ٻڌڪا ٽڪر به ڏسڻو هو. تنهنڪري هتي فوٽو ڪڍي ۽ مووي ڀري واپس بند تي گاڏين ۾ چڙهي ٻڌڪا ٽڪر وياسين. آئون هت اڳ به ڪافي ڀيرا اچي چڪو آهيان، پر منيٰ، سِپي، فرخ، محبوب ۽ قادر هت پهريون دفعو آيا آهن. اسان ٽڪر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چوڌاري ديوين جا تمام گهڻا وڻ هئڻ سبب چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿي ۽ معمول کان وڌيڪَ وقت لڳو. اڳي هتي ديوين جا ايترا گھڻا وڻ ڪونه هوندا هئا، تنهن ڪري چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ گهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. خير نيٺ الله الله ڪري وڃي ٻڌڪا ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهتاسين. ٽڪر تي مٿي ٻه ٽي قبرون آهن ۽ ٻيو خير يعني اتي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. هتي رني ڪوٽ مان لڀندڙ اڌ ڪاٺ ۽ اڌ پٿر جهڙا ڪي پٿر به نٿا لڀن. ڪنهن زماني ۾ هت ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو. ماڻهن جو هِت اچڻ ته پري، پر پنهنجين ٻنين تي ويندي به ڊپ پيو ٿيندو هو. البت هاڻ اها صورتحال مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. هاڻ ماڻهو رات جو ٻارهين بجي به بنا خوف جي هت اچي سگهي ٿو. هتي فرخ، محبوب ۽ سپيءَ چؤطرف نظارن جون موويز ڀريون ۽ فوٽا ڪڍيا. موسم هت به تمام خوشگوار هئي. سنهي بوند ۽ وڻندڙ ڦوهاري وسي رهي هئي. ”ٻڌڪا“ يا ”ٻڌ جو“ ذڪر جو ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي، پر آئون ان جو احوال ٻٽن سِٽن ۾ ٻڌايان ٿو. هنن آثارن جي نالي مان ئي ظهار آهي ته اهي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم واري دؤر جا يادگار آهن. هنن آثارن تي تحقيق ڪندڙ مسٽر ڪارٽر هِتِ ٻه ننڍا دڙا ڳولي لڌا. هتان لڌل سرن جي مٿاڇري تي ڪم آيل رنگ، ڪاريگري ۽ لکت کي جانچيندي کيس ٻڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي راجا ڪنشڪ جي زماني ۾ ٿي گذريا آهن. موجوده وقت ۾ هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون، جن تي ٻڌ ديوتا جي تصوير چٽيل آهي. ڇمر ڪري سج ته سڄو ڏينهن ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو، پر اسان هاڻ واپس ورڻ واري ڪئي. بند جي ٻنهي طرفن سڄو ملڪ سرسبز ۽ آباد لڳو پيو هو. اسين انهن سهڻن نظارن مان لطف اندوز ٿيندي آهستي آهستي واپس ڳوٺ ورياسين. ائو ميل جي ڪتاب Dancing Shadow جي سنڌي ترجمي و اري ڪتاب جو نالو ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌو ڌرم جا يورپ ۾ قديم آثار“ آهي، تنهن جي صفحي نمبر 24 تي لکيل آهي ته: ”سنڌو تهذيب جا ماڻهو هاري هئا، جن پهريون ڀيرو آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪونه هو، جنهن کي اتر کان آرين ۾حمله آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رِگ ويد (500-1000 ق.م) ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو، جيڪو سلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته آريا لفظ جي معنيٰ آهي اوچي نسل جو ماڻهو سر مونيئر وليئمس 1893ع ۾ لکيو هو ته آريا لفظ جي معنيٰ کليل ۽ وسيع ايراضي آهي، جنهن جو اشارو ڌنارن ۽ هارين ڏانهن آهي. سنڌ جا دراوڙ سوٽي ڪپڙو پائيندا هئا. دنيا ۾ تڏهن ڪا ٻي اهڙي قوم موجود ڪانه هئي، جيڪا اهڙو لباس پائيندي هجي (رگ ويد ۾ لکيل آهي ته آريا سوٽي ڪپڙو پائيندا آهن. مترجم) هنن ماڻهن وٽ سون تمام گهڻو هوندو هو، جيڪو هو کاڻين مان کوٽي ڪڍندا هئا. ان کان سواءِ سنڌو درياهه جي واريءَ مان به سوجھيندا هئا. پوکيءَ ۾ هتي ڪڻڪ جَوَ، چڻا، مَٽر، تر، سرنهن، رائي ۽ گدرا به ٿيندا هئا. هن کان علاوه کارڪون به ٿينديون هيون. هتان جي ماڻهن ڪيترائي جھنگلي جانور پالي گهرو بنائي ڇڏيا هئا، جن ۾ ڳئون، سوئر، ڪتا، ٻليون، اُٺ ۽ هاٿي هئا. ان سان گڏ Porcelain جي ٿانون جا مهان ڪاريگر هئا. هيءُ دنيا جي پهرين قوم هئي جنهن وٽ ضرب ٿيل Minted سِڪا هئا. پر ڌاتو جي ڪاريگريءَ جا مثال مختصر آهن. قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڌاتُوءَ جا وڏا ڪاريگر ڪونه هئا. پر چَڪَ وسيلي ٺڪر جا ٿانوَ جوڙڻ ۾ ڏات ڌڻي هئا. کين اهڙو ڏانءُ هو جو ڏکيون ۽ منجھيل شيون سولائيءَ سان ۽ سادي نموني جوڙي سگهندا هئا. سنڌو تهذيب وارا علائقي ڏاڍا شاهوڪار هئا. ميسوپوٽيميا ۽ چين جي قديم تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون نهايت چٽيءَ ريت بيان ڪيون ويون آهن. اڄ جي سنڌ ۽ ماضيءَ جي سنڌو تهذيب جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پڙهيون اکيون آليون ٿيون پيون ۽ دل اُداس ٿيو وڃي. هيڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي نائکا ! پراڻين يادن سان گڏ مون چاهيو ٿي ته توهان کي ڪجهه فِريش ڪرڻ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ٻُڌايان، سو ذڪر پي هليو سنڌ يونيورسٽي ۽ منهنجو اُت پڙهڻ ۽ رهڻ جو. اسان دوست اڪثر شامَ جو يونيورسٽي ڪيمپس اندر روڊن تي گهمڻ لاءِ به ضرور ويندا هئاسين. انهيءَ وقت ڄامشورو ڦاٽڪ تي اهڙي گهما گهمي ڪانه هوندي هئي، جهڙي اڄ آهي. خود يونيورسٽي ڪيمپس به اڃان تمام ننڍي ايراضيءَ تي ٺهيل هو. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي اڃان ڪاليج هئا. سنڌالاجي، يونيورسٽي ٽائون شپ ۽ ٻيا ڪيترائي انسٽيٽيوٽ، جيڪي اڄ اُت قائم آهن، تن جو وجود ئي ڪونه هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ٽائون شِپِ وارو سڄو پاسو صفا رڻ پٽ لڳو پيو هوندو هو. ڪراچي ــ حيدرآباد سپر هاءِ وي اڃان شروع ڪونه ٿيو هو. سيوهڻ روڊ به صفا ننڍو هوندو هو. ماڻهن وٽ ايتريون ڪارون، موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون ڪونه هونديون هيون. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ اڃان ايڏي خوشحالي ڪانه آئي هئي، جيڪا اڄ آهي. فوجي آمر جنرل ايوب خان جي حڪومت هئي. ان جو سڄو زور اسلام آباد شهر ٺهرائڻ تي هو. اندرا، ٻاهران جيڪا به دولت هٿ ٿي آئي، سا صرف پنجاب ۽ اسلام آباد تائين محدود هئي، باقي سڄو ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جو ته حال صفا چٽ هو. جنرل ايوب گهڻو ڪري سنڌ ۾ سياري جي مند ۾ صرف ويڪون وڏيرن جي رکائيل شڪار تي ۽ ٽنڊي محمد خان جي ويجھو پنهنجي ”ايوب زرعي فارم“ تي ايندو هو، جنهن جو اڄ مالڪ عبدالرحيم ڪاتيار آهي. يا وري ڪراچيءَ ۾ سندس موٽر فيڪٽري، ”گنڌارا انڊسٽريز“ ڏسڻ لاءِ ايندو هو. جنرل ايوب پاڪستان جو پهريون سربراهه مملڪت هو، جنهن رشوت ۽ ناجائز دولت ڪمائڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانه ڪئي. اها صورتحال سنڌ سان سڀني مِلِيٽري ڊڪٽيٽرن جي دؤر حڪومت ۾ ٿي، پر ايوب خان سنڌ مٿان مڙهيل ون يونٽ کي تحفظ ڏيئي، سڄي سنڌ کي هر طرح سان تمام گهڻو نقصان رسايو، انهيءَ جو اڳ ئي تفصيلي ذڪر ڪيو اٿم. هاڻ پاڻ واپس ٿا اچون حيدرآباد. آئون شامَ جو سنڌ متحده محاذ جي آفيس واقع گاڏي کاتي پهتس، جت سچي سنگت اڳئي موجود هئي. ميٽنگ ۾ سڀني دوستن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ورهائي ڏنو ويو. مون ۽ شاهه محمد شاهه لاءِ اهو حڪم هو ته توهان ٻئي هتان کان جهرڪ، پوءِ سونڊا ۽ ٺٽي جو تنظيمي دؤرو ڪري ڪراچيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي بنگلي حيدرَ منزل تي اچي دؤري جي رپورٽ ڏيو. اسان ٻئي ڏينهن صبح سوير پنهنجي مِشن تي روانا ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جون بسون سڄي سنڌ ۾ هلنديون هيون ۽ هر وڏي شهر ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ جا وڏا وڏا بس اسٽينڊ هوندا هئا، جتي سندن آفيس کان سواءِ ملازمن جا رهائشي ڪوارٽر به هوندا هئا. اسان صبح سوير بيسنت هال جي پويان موجود سرڪاري بس اسٽينڊ تان گورنمينٽ بس ۾ چڙهي جهرڪ روانا ٿياسين. حيدرآباد کان ڪراچي وايا ٺٽو، نيشنل هاءِ وي ته ننڍو هو پر سٺو هو. اڳئين زماني ۾ روڊن رستن ۽ سرڪاري عمارتن جي تعمير جا ڪم تمام معياري ٿيندا هئا. جيڪر ڪو روڊ ٿورو به خراب ٿيو ته اُنهيءَ ٽُڪري کي هڪدم ٺهرائي ڇڏيندا هئا. هر دفعي مرمت وقت روڊ مٿان پٿر وجھڻ سان هڪ ته روڊ مٿي ٿيو وڃن، ٻيو ته شهرن ۽ ڳوٺن جا گهر روڊن کان هيٺ ٿيندا وڃن. جڏهن ته اڄ به حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ روڊن کي صرف ڏامر سان ڪارپيٽ ڪريو ڇڏين ۽ وري به جي ٻَٽن سالن کانپوءِ روڊ خراب ٿين ته، کين ٻيهر به صرف ڪارپيٽ ڪري ڇڏين. پر ٻهراڙين ۾ روڊن تي پٿرن مٿان پٿر وجھي هروڀرو خرچ کي وڌايو ڇڏين، چي ٿوري ڪم مان اسان جو هاڻ ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي ! ۽ ائين وري وري پٿر وجهڻ سان روڊن کي ٺهڻ ۾ به تمام گهڻو وقت ٿو لڳي. ڪلفٽن ۾ ته ڪرش ۽ مرمت جو ٻيو مٽيريل ڪنهن خلاصي هنڌ تي ٺاهين، پوءِ انهيءَ سان ڏس ته رات وچ ۾ روڊ يا گهٽيون تيار، نه ٽرئفڪ گهڻو وقت بند رهي ۽ نه وري ماڻهو سالن جا سال دربدر ٿي پکڙيل پٿرن مٿان گاڏيون هلائين. يورپ، جِت سڄو سال برساتون پيون پون، پر اُت روڊ اهڙا ته مضبوط ۽ معياري ٺاهين، جو اُهي سالن جا سال خراب ئي ڪونه ٿين. ٻيو ته جيڪڏهن ڪٿي ٿوري به خرابي يا نقص ٿي پيو ته اُهو تُرت ئي ٺاهي ڇڏين، نه ڪي پاڻ وانگر ته پهريون سڄو رستي ڀڄي، اُجڙي ذرا ذرزا ٿئي، تنهن کانپوءِ ئي اهو رستو نئين سر ٺهندو. ۽ وري انهيءَ کي ٺهڻ ۾ به ڪَنئين سالَ لڳيو وڃن. وري جيڪڏهن روڊس جي عملدار کي اها ڳالهه چئبي ته يڪدم وراڻيندا ته اوهان ته بادشاهه ماڻهو آهيو ! اوهان کي ڪهڙي خبر ٽيڪنيڪل ڳالهين جي. اسان ئي انهن معاملن کي سمجھي سگهون ٿا. پوءِ بابا ! هي ڪراچيءَ ۽ فارين جا روڊ رستا به ته توهان ڏسو پيا، ڇو ته توهان پاڻ به ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ ئي رهو ٿا ۽ هر سال ٻاهرين ملڪن جا چڪر به لڳايو ٿا، سو اهو هتي سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ پاڪستان ۾ گذريل 66 سالن ۾ جيڪا رشوت ۾ ترقي ۽ واڌ ويجهه ٿي آهي، ان جو سڄي دنيا ۾ مثال ڪو نه ٿو ملي! ائون سمجھان ٿو ته اهو وقت پري ڪونهي، جڏهن آفيسرن جي پوسٽنگ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ايندا ته فلاڻي فلاڻي جڳهه جي پوسٽنگ لاءِ رشوت جا هيٺان ريٽ آهن. اسان جي ڪو آرڊينيٽر کي پئسا ڏئي جلد آرڊر وٺو، ڇو ته هاڻي خالي جڳهيون تمام ٿوريون وڃي بچيون آهن، تنهنڪري اسان هاڻ هي فيصلو ڪيو ته: ”فرسٽ ڪم، فرسٽ وِن“ جي بنياد تي ئي آرڊر ڏنا ويندا. وڌيڪَ شرط روبرو طئه ڪيا ويندا. فون تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو! جنهن ملڪ جي پبلڪ سروس ڪميسن پاس شاگردن کي فيل ڪري، سندن جڳهين تي سفارشي ۽ پئسا ڏيندڙ شاگردن کي پاس ڪيو وڃي ۽ اهڙي ڌنڌي جي خلاف ٿيندڙ انڪوائريءَ کي ڏهه سال لڳيو وڃن، تنهن بابت انهن کان ڪو پڇڻ وارو به نه هجي ۽ اعليٰ عدالتون به مظلومن جي داخل ڪيل ڪيسن جي فائيلن کي بند ڪري، ٻين نان اِشُوز ۽ پبلسٽي ڏياريندڙ سياستدانن ۽ ڪامورن کي هيسائي، ڊيڄاري کين ڪورٽن ۾ گهلي ذليل ڪري، پوءِ پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ اسلام آباد ۾ پلاٽ ۽ ٻيون ناجائز رعايتون وٺڻ ته پوءِ غريب مسڪين ماڻهو انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ته سوچي به نٿو سگهي ! رڳو هڪڙو راڻا ڀڳوان داس ته سڄي ملڪ جون ڪورٽون ڪونه هلائيندو ! پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ دولت جي ڍِڳَ ڏانهن شرافت جو ته ڪو به رستو وڃي ئي ڪونه ٿو. اڳوڻي ايم اين اي سيد قربان شاهه هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪجهه رٽائرڊ جنرلن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اٽڪل سان اربين روپيا ڪمائي ٻي پبلڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، تنهن کي چوندا آهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ڪِرش ٿي ويئي ! انهيءَ گھوٽالي بابت انهن جنرلن خلاف حڪومت انڪوائري شروع ڪئي ته آرمي چيف آف اسٽاف جنرل ڪيانيءَ حڪومت کي چيو ته توهان ڇڏيو، اسان ٿا انهن خلاف انڪوائري ڪريون. بس پوءِ اهو معاملو ائين ختم ٿي ويو ۽ ڦريل ماڻهن جي ڪا به دادرسي ڪانه ٿي ۽ سندن ٻيڙو ئي ٻڏي ويو. شهيد ڀـٽي وارو ڪيس هلائيندڙ ججن ۾ هڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ، جسٽس صفدر شاهه به هو، تنهن کان جڏهن بي بي سي جي نمائندي مارڪ ٽيلي ڀٽي جي ڪيس بابت پڇيو ته پاڻ جواب ڏنئين ته ”يه قتل ڪا مقدمه نهين، مقدمي ڪا قتل هي !“ ۽ پوءِ پاڻ گڏهه تي چڙهي لڪندي لڪندي ملڪ ڇڏي وڃي افغانستان ڀيڙو ٿيو، نه ته سندس حشر به شهيد ڀٽي جهڙو ٿئي ها ! اسان به هاڻ اُت وڃي پهتا آهيون جو، اسان جي واپسي ممڪن ڪانهي. بقول فيض احمد فيض ته:
    میں کس کے ہاتھ پے اپنا لہو تلاش کروں،
    سارے شہر نے پہن رکھے ہیں دستانے۔
    بس حيدرآباد جي ٿڌي سرڪ جي وڏن وڻن هيٺان هلي رهي هئي سن 1965ع واري جنگ ۾ حيدرآباد ڇانوڻيءَ جون سڀ ٽينڪون آڻي انهن وڻن هيٺان بيهاريائون ته جيئن دشمن هوائي جهان کي اهي نظر نه اچن ۽ ٿيو به ائين جو حيدرآباد مٿان دشمن پائليٽ سواءِ ڇانوڻيءَ کي ڪو به نقصان پهچائڻ جي ٺلها چڪر هڻي هليا ويندا هئا. هڪ دفعو ته هڪ هندستاني هوائي جنگي جهاز کي توپ هڻي اڄوڪي گلشن سجاد واري پٽ تي ڪِرائي وِڌائون. انهيءَ ڪِريل جهاز جي پائليٽ جو پيءُ ۽ انهي جنگ دؤران پاڪستان جو صدر جنرل ايوب ورهاڱي کان اڳ لنڊن جي فوجي درسگاهه سئنڊرس ۾ گڏ پڙهيا هئا، تنهنڪري انهيءَ هندستاني پائليٽ کي هت ڪا به سزا ته ڪانه ملي، پر ڪا به تڪليف محسوس ٿيڻ به ڪونه ڏنائونس ! اسين بس ۾ سافر ڪندا ٿڌي سڙڪ وارن وڏن وڻن هيٺان لنگھندا، گدو بندر شهر ڪراس ڪندا، ڪوٽڙيءَ واري جھوني سڄي لوهي پل تان سنڌو درياهه اندر پاڻيءَ جون موجون ڏسندا ۽ درياهه ۾ هلندڙ بيشمار ٻيڙيون ڏسندا درياهه پار ڪري وڃي ڪوٽڙيءَ پهتاسين، جتان هڪ ٻه مسافر ٻيا به بس ۾ چڙهيا. ڪنهن زماني ۾ سيٺ موٽڻ داس جي شراب جي ڊسٽيلري فيڪٽري ڪوٽڙيءَ شهر جي ڏکڻ ۾ واقع هوندي هئي، سا هاڻ آهي يا نه، سا خبر ڪانهي. بس ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ ماڻهوءَ مون کي چيو ته بس جڏهن ٻولهاڙي پهچي ته مونکي ٻڌائج ته آئون اتي لهان. مون کانئس پڇيو ته توهان هن روٽ تي اڳ سفر ڪونه ڪيو آهي ڇا؟ جو مون کان ٿا پڇو؟ تنهن تي پاڻ چئين ته نه ! پوءِ پاڻ مونکي ٻُڌايائين ته آئون ميرپور خاص ۾ رهندو آهيان ۽ مختيارڪار آهيان. ٻولهاڙيءَ جي ڊاڪٽر جي تمام گهڻي تعريف ٻُڌي اٿم، سو انهيءَ کان علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. اها ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍو عجب ٿيو، ڇو ته هي منهنجو هميشه جو گس هو. اسان ٻني کان ٻيڙيءَ ۾ ڏاڏوري پتڻ يا جهرڪ ايندا هئاسين، پوءِ اتان کان بس يا ڪنهن ٻي سواريءَ ۾ حيدرآباد ويندا هئاسين. سو اسان کي هن ڊاڪٽر جي باري ۾ ڪافي ماڻهن جي معرفت خبر هئي هو ڊاڪٽر نه پر هڪ ڪُوئيڪ آهي، پر ڀلي درگاهه وانگر هت به ماڻهن جي ڏاڍي رش لڳل هوندي هئي، ۽ جڏهن به ٻولهاڙيءَ وٽ بس بيهندي هئي ته ان ڊاڪٽر ڏانهن ويندر ماڻهو ٿوري گهڻي تعداد ۾ ضرور لهندا هئا ۽ ڪي اتان موٽندڙ بس ۾ چڙهندا هئا. مون پنهنجي ڄاڻ مطابق انهيءَ شخص کي ٻڌايو ته حقيقت ۾ اهو ماڻهو ڊاڪٽر نه پر هڪڙو ڪوئيڪ آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ پڙهيل لکيل ماڻهن به اهڙن نقلي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ته پوءِ اڻپڙهيل ماڻهن تي ڪهڙي ميار! ٻيو ته ميرپورخاص ۾ ته سڄي سنڌ جو مشهور هڪ درويش صفت ڊاڪٽر ڊريگو رهندو آهي. انهيءَ جو شفا خانو ته سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. ايتري ۾ بس ٻولهاڙيءَ جي اسٽاپ تي بيٺي ۽ ڪنڊيڪٽر خود وڏي آواز ۾ چيو ته ٻولهاڙيءَ وارا مسافر لهن، ٻولهاڙي اچي ويئي آهي ۽ ڏٺم ته مختيار ڪار سواءِ مون ڏانهن نهارڻ جي تيزيءَ سان بس مان لهي ويو. خير اسان جي بس نئين بارڻ جي پل اڪري دادو ضلعو ڇڏي ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿي ويئي ۽ اسان بوتو مڪان، ٻٻرن جي ڳوٺن جا ڪيئي اسٽاپ لتاڙي اچي اونگر پهتاسين. اونگر، جهرڪ، سال، مڪان، ڏاڏوري پتڻ، سونڊا ۽ سن واري علائقي جو آئون ايترو ته واقف آهيان، جيترو پنهنجي ڳوٺ ٻني ۽ اتي جا ماڻهو به مون کي ائين سڃاڻن جيئن ٻني جا ! ان جو سبب سال مڪان ۾ پنهنجي مائيٽن، دل برادري ۾ ننڍي هوندي کان گهڻو اچڻ وڃڻ ڪري ۽ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪري پهرين بابا، پوءِ منهنجي اُت گهڻي اچڻ وڃڻ ڪري انهن شهرن ۽ علائقن سان تمام گهڻي ويجھڙائي رهي، جيڪا هاڻ عمر جي تقاضا ۽ سال مڪان ۾ وڏن بزرگن جي وفات ۽ سن ۾ سائينءَ جي وفات کانپوءِ گهٽجي ويئي ۽ هاڻ اهو تعلق نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. خدا ڪري شل اهي ڏيهه ۽ اُت رهندڙ ڏوٿي سدائين خوش ۽ آباد هجن، جت منهنجي نوجوانيءَ جا ڏينهن گذريا ! سن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سال مڪان ۾ چاچا ارباب جان محمد دل مونکي هميشه پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪيو. اڄ به منهنجي دل ۾ انهن بزرگن لاءِ ايتري عزت ۽ احترام آهي، جيترو پنهنجي پيءَ لاءِ آهي. هن موقعي تي چاچا قادر ڏني شاهه شيرازيءَ ۽ سيٺ ٽيون مل جو ذڪر نه ڪرڻ به آئون سمجھان ٿو ته وڏي بيواجبي ٿيندي. پڙهڻ دوران حيدرآباد هاسٽل کان ٻاهر آئون سيٺ ٽيون مل جي گهر ۽ ٺٽي ۾ نوڪريءَ دوران چاچي قادر ڏني شاهه جي اوطاق ۾ رهيس. انهن به مونکي هميشه پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪيو ۽ عزت ڪئي. منهنجي دل جي انهن بزرگن لاءِ به اها دعا آهي ته شل الله تعاليٰ کين پنهنجي امان ۽ رحمت ۾ رکي ! اسان جي بس اونگر کان اڳيان جهرڪ سائيڊ، عقيلي فارم کان ٿيندي هاڻ نيشنل هاءِ وي ڇڏي جهرڪ شهر پهچڻ لاءِ لنڪ روڊ تي روان دوان آهي. اسان جهرڪ پهچي سيد قاسم شاهه جي پڇا ڪئي ۽ ڪجهه شاگردن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه قاسم شاهه هو ۽ نه وري اسان کي ڪي شاگرد انهي وقت ملي سگهيا. تنهنڪري اسان هت سواءِ وقت شايع ڪرڻ جي ٻي بس ۾ چڙهي سونڊن روانا ٿياسين.


    10

    سونڊن پهچي اسان عبدالحڪيم شاهه سان ملياسين. کيس ٻڌايوسين ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن، نيشنلسٽ گروپ جي لاءِ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي دؤري تي نڪتل آهيون. اڄ حيدرآباد مان نڪتا آهيون. اسان جو هاڻ ٺٽو ۽ پوءِ ڪراچي وڃڻ جو پروگرام آهي. اسان جو هت اچڻ، توهان سان ملڻ ۽ مانيءَ کانپوءِ ٺٽي وڃڻ ۽ رات اتي رهي پوءِ سڀاڻي ڪراچي وينداسين. تنهن تي پاڻ چيائين ته توهان اڄ هت رهو ته توهان کي شامَ جو سونڊن جو تاريخي قبرستان ڏيکاريان ۽ اڄ رات چوڏهينءَ جي رات آهي، سو توهان کي ڪينجهر به گهمائجي. پوءِ توهان کي صبح سوير ڪار ۾ چاڙهي ٺٽي ڇڏي ايندس. اسان کيس ڪافي سمجهايو پر پاڻ اسان جي هڪ به ڪونه ٻڌي ۽ اسانکي ترسائي ڇڏيائين. اسان سندس اوطاق تي ٻن پهرن جي مانيءَ کانپوءِ ٿورو آرام ڪري، پوءِ شامَ ڌاري سونڊن جو تاريخي قبرستان ڏسڻ وياسين. جيڪو سونڊن شهرن سان گڏ نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍيل ٻه ٽي سؤ ايڪڙن جيتري ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سونڊن جو شهر به ٽڪر جي اولهه طرف، ٽڪر سان ڳنڍيل هڪ پُرفزا ٻُٺيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن منجهه هاڻ ٻه ٽي سؤ گھر هوندا. هي قديم تاريخي شهر ڪنهن زماني ۾ هڪ طرف کان جهرڪن سان ته ٻئي طرف کان ڪينجهر ۽ ٺٽي سان مليل هوندو هو ۽ اڄ به آهي. ماضيءَ ۾ سونڊن وٽان سنڌو درياهه تي هڪ زبردست ۽ مصروف پتڻ هوندو هو جنهن وسيلي سونڊا دڙي، لائقپور، اَٽَلِ شاهه ۽ ٻني سان ڳنڍيل هوندو هو، پر هاڻ سونڊن ۽ درياهه جي وچ ۾ آر ــ بي ــ او ڊي يعني پنجاب جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارو شاهي نالو ٺهيل هئڻ سبب، انهيءَ پتڻ جي اڳوڻي حيثيت ۽ اهميت ختم ٿي ويئي آهي. سونڊن بابت هڪ تاريخي واقعو دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي، جنهن جو ڪافي جڳهين تي ذڪر ٿيل آهي. بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ جي صفحي 438 تي انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي ته سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي تي ڪاهي آيو هو، تڏهن شهر تي حملي ڪرڻ کان اڳ پنهنجي لشڪر کي وٺي اچي سونڊن ۾ ڪيمپ قائم ڪيائين ۽ اُت هن پلو کاڌو ته انهيءَ جو ڪنڊو سندس نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو ۽ پاڻ انهيءَ ڪري مري ويو. انهيءَ واقعي سونڊن جي شهر کي تاريخ جي صفحن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. اسان هاڻ عبدالحڪيم شاهه سان گڏ سنڌ جي هن تمام جھوني ۽ تاريخي قبرستان ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪَنئين هزارن جي تعداد ۾ قبرون موجود آهن. هن قبرستان کي اڳي ”ڪافرن جو قبرستان“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، پر هاڻ هت مسلمانن جي مَيَتَن ڍڪڻ ڪري ان کي صرف ”قديم قبرستان“ سڏيندا آهن ۽ تمام جھونين قبرن کي ”ڪافرن جون قبرون“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. آڳاٽي زماني ۾ هتي وارين ڪافي قبرن مٿان عاليشان چوڪنڊيون ٺهيل هونديون هيون. دنيا ۾ ڪِٿِ به مسلمانن جي قبرستان ۾ قبرن مٿان ڪنهن به ساهه واري، پکي يا ٻين حيوانن جون تصويرون ٺهيل ڪونه آهن، پر هِت سڀني آڳاٽين قبرن تي چٽساليءَ سان گھوڙن ۽ انهن سان فوجين جون تصويرون نهايت ڪاريگري ۽ بيمثال هنر سان ٺهيل آهن، انهن جي هٿن ۾ تلوارون ڀالا ۽ ڍالون آهن. ڪافي قبرن تي ناچڻي عورتن جون تصويرون آهن، ڄڻ ته هو ناچ ڪري رهيون آهن. ڪن قبرن تي بالڪل اگھاڙين عورتون جون تصويرون به هيون، پر هاڻ اهي قبرون غائب آهن. عبدالحڪيم شاهه ٻڌايو ته اهڙين تصويرن وارا پٿر ماڻهن ڪڍي اڇلائي ڇڏيا، هي قبرستان انهن قبرن مٿان ٺهيل هن قسم جي تصويرن سبب اڄ تائين هڪ تاريخي راز ۽ ڳجھارت بڻيل آهي، پر عام طرح سان اسين سدائين ٻڌندا اچن ته جڏهن سڪندر جون فوجون واپس پنهنجي ملڪ يونان ڏانهن وڃي رهيون هيون ته هن ماڳ وٽ ترسڻ دوران منجھن ڪا خطرناڪ بيماري پکڙي جنهن ڪري سندس فوجي هزارن جي تعداد ۾ مري ويا، جن کي هت دفن ڪيو ويو. انهن جي قبرن تي ئي ساهه وارن جون تصويرون ٺهيل آهن. اسان سونڊن جون قبرستان ڏسي، عبدالحڪيم شاهه جي ڪن دوستن سان ملي اچي سندس اوطاق تي پهتاسين. انهيءَ وقت سج لهڻ ۾ اڃا ٿوري دير هئي، تنهن ڪري عبدالحڪيم شاهه ڪٻٽ مان اسڪاچ وسڪيءَ جي هڪ بوتل کڻي اچي اسان جي اڳيان رکئين. انهيءَ زماني ۾ شراب تي بندش ڪانه هئي ۽ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيلاني جام ايندا هئا. ڪراچيءَ جو شهر پنهنجي بارن ۽ نائيٽ ڪلبن ۽ رات جي رنگينين ڪري گهڻو مشهور هو. ڪراچيءَ جي سامونڊي بندر تي اسڪاچ وسڪيءَ جي سڄي بوتل ٽيهن چاليهن روپين ۾ ملندي هئي ۽ 1976ع تائين به اها هڪ سؤ يا سوا سؤ روپين ۾ عام جام وڪبي هئي. پر انهيءَ وقت جا ٽيهه چاليهه روپيا به ڪا گهٽ رقم ڪانه هئي. مون عبدالحڪيم شاهه کي چيو ته اڃا سج لهڻ ۾ ڪجهه دير آهي، سو عياشي بدمعاشي After Sun Set هئڻ گهرجي، پر منهنجي هڪ به نه هلي ۽ ائين هن رنگين محفل جي شروعات ٿي ويئي ته منهنجي چپن تي خود به خود هي شعر اچي ويو:
    یہ ہے تو ہینِ جوانهی کہ خدا یاد آئے !
    اسان سان هن محفل ۾ عبدالحڪيم شاهه جا ٻه ٽي ٻيا به مقامي دوست شريڪ هئا. هڪ ٻه جام چاڙهڻ کانپوءِ عبدالحڪيم شاهه اسان کي چيو ته باقي محفل ڪينجهر ڪناري ٻيڙين ۾ سير دوران ٿيندي ته اسان سندس ڪار ۾ سڀ مال پاڻي کڻي ڪينجهر روانا ٿياسين. پاڻ ”ڪينجهر “ هينئن لکون، پر شاهه سائين سر ڪاموڏ ۾ انهيءَ لفظ جي لکڻي هِجي ۾ ”ي“ جو حرف يا اکر شامل ڪونه ڪيو ۽ انهيءَ لفظَ کي ”ڪِنجهر“ لکيو آهي. خبر ناهي ته انهيءَ لفظ ۾ ”ي“ حرف ڪڏهن ۽ ڇو شامل ڪيو ويو؟ شاهه جي رسالي ۾ وڏي ۾ وڏو سر سهڻي آهي يعني ٽيهه صفحا ۽ ننڍي ۾ ننڍو سر گهاتو آهي، جنهن جي سڄي سُرَ ۾ صرف ٻارهن بيت ۽ هڪ وائي آهي. سر ڪاموڏ، جنهن ۾ نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو داستان بيان ٿيل آهي، اهو به صرف ڇهن صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ اٺاويهه بيت ۽ ٻه وايون آهن. رسالي ۾ ٻين عورتاڻن ڪردارن وانگر سر ڪاموڏ ۾ به شاهه سائينءَ نوريءَ جي واتان سندس ڪردار بيان ڪيو آهي. اسان ڪار مان لهي اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين. آسمان ۾ ننڍا ننڍا سفيد ڪڪر اولهه کان اوڀر طرف پئي ويا. چوڏهينءَ جي چنڊ جي سُهائيءَ سبب سڄي آسمان ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ تارو مس ٿي نظر آيو. پري پري تائين صفا سانت لڳي پيئي هئي. هن روح پرور ماحول ۽ ڪيف جي سرور ۾ مست ٿي ڪي دوست شعر ٻُڌائڻ لڳا ته منجھائن ڪي گانا ڳائي محفل کي وندرائي رهيا هئا. جڏهن رنگَ وڌيا تڏهن هر ڪو ٻين کان بي نياز ٿي پنهنجي پنهنجي نوريءَ جي يادِ ۾ پنهنجي دل جا داستان ۽ درمان جھونگاري رهيو هو ۽ پنهنجي ناٽڪ جو هيرو نظر اچي رهيو هو. هن موج مستيءَ جي ماحول ۾ ڪن دوستن چيو ته نوريءَ جي قبر تي ٿا هلون، تڏهن مون کين ٻڌايو ته ”مڪلي نامه“ ڪتاب جي صفحي 698 تي چٽيءَ طرح لکيل آهي ته ڪينجهر واري قبر نوريءَ جي ڪانهي، نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون مڪليءَ تي شيخ جماليءَ جي پيرانديءَ ۾ هڪ هُجري ۾ آهن. تڏهن همراهه ڍرا ٿيا ۽ قبر ڏانهن ڪونه وياسين. عبدالحڪيم شاهه مرحوم سر ڪاموڏ مان نوري ۽ ڄام تماچيءَ واري داستان متعلق ڏاڍا سٺا شعر ٻڌايا ۽ اسان جو ايمان تازو ڪري ڇڏيو. عبدالحڪيم شاهه تمام ٿورو پڙهيل هو، پر سٺا ۽ معياري ڪتابَ خريد ڪري پڙهڻ سندس محبوب مشغلو هو. پاڻ هڪ ننڍڙي لائبريري به قائم ڪئي هئائين. جنهن ۾ ٿورا پر ڏاڍا سٺا ۽ معياري ڪتابَ موجود هئا. پاڻ مطالعي پٽاندر ڪجهه نوٽس ۽ تاثرات به لکندو رهندو هو. سندس اٿي ويٺي هميشه پڙهيل لکيل ماڻهن سان هوندي هئي. کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو به ڏاڍو باذوق ماڻهو هوندو هو. مون سان ٻه دفعا گڏجي بينڪاڪ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، مڪائو، فلپائن ۽ جپان گهمڻ هليو. مون سان سندس وفات تائين سندس ساٿُ ۽ دوستي رهي. سندس پٽ به منهنجي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. هيءَ موجوده ڪينجهر ڍنڍ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وجود ۾ ئي ڪانه هئي، پر سندس موجوده پکيڙ اندر ٻه ننڍيون ڍنڍون، ترتيبوار هڪڙيءَ جو نالو ”سونهري“ جيڪا سونڊن جي اتر اولهه طرف موجود هئي ۽ ٻيءَ ڍنڍ جو نالو ”ڪنجهر“ جيڪا سونهري ڍنڍ کان وڏيرڙي، اُنَ جي اولهه طرف، جھمپير جي ڏکڻ طرف ۽ هيلايا ڳوٺ جي اتر طرف موجود هئي. پوءِ ڪراچي شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ گهربل دائمي وسيلي لاءِ جوڙيل منصوبي موجب ٻنهي ڍنڍن يعني سونهري ۽ ڪينجهر کي ملائي موجوده صورت ۾ هي شاهي ڍنڍ تيار ڪئي ويئي ۽ ڪوٽڙي بئراج مان ڄامشوري وٽان درياهه جي ساڄي ڪپ يعني اولهه طرف کان نڪرندڙ قديم بگهاڙ ڦاٽ ريماڊل ڪري، وهائي آڻي چلهه سائيڊ ڳوٺ وٽان هن وڏي ڪري ٺاهيل ڪينجهر ڍنڍ ۾ ان جي اوڀر طرف کان داخل ڪيو ويو . ان واهه جو سرڪاري نالو ڪلري بگاڙ فيڊر اپر آهي ۽ ماڻهو عموماً ”ڪراچي واهه“ چون. ڪراچيءَ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪينجهر جي اولهه طرف کان هڪڙو واهه کوٽي هاليجي ڍنڍ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ هاليجي ڍنڍ جي اولهه طرف کان ٻه چينل کوٽي فلٽر پلانٽ گهارو پهچايا ويا آهن، جتان پاڻي صاف ڪري وڏي پائيپ لائين وسيلي ڪراچيءَ موڪليو پيو وڃي. ڪينجهر ڍنڍ مان الهندي طرف کان نڪرندر ڪينال ”ڪلري بگھاڙ فيڊر لوئر“ جنهن کي اوڏيرو برانچ به چوندا آهن، ٺٽي، ساڪري، گھوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر تعلقن جي زراعت لائق زمين کي رجائي ٿو. يورپ ۾ ڍنڍون ۽ نديون ٿين، پر انهن کي سنواري سينگاري اهڙو ته حَسين ڪري ڇڏيو آهي، جو سڄي دنيا جا سياح خود به خود تفريح خاطر اتي وڃن ۽ خوشيءَ سان اربين ڊالر خرچ ڪن. انهيءَ دولت سان اهي ملڪ ڏسندي ڏسندي ٿوري ئي وقت ۾ ترقي ڪري خوشحالي ٿي ويا. آمريڪا ۽ يورپي ملڪ پنهنجن تعليمي ادارن ۽ سياحت مان ايتري ته دولت ڪمائين ٿا، جو اهي هاڻ ايڏا ته امير ٿي ويا آهن، جو معلوم ڪري، ماڻهو عجب ۾ پئجيو وڃي، جنهن جو صرف هڪ مثال ٿو ٻڌايان ته دنيا ۾ زياده ۾ زياده تيل پيدا ڪندڙ ملڪ سعودي عرب ۽ يورپ جي هڪ تمام ننڍي ملڪ آسٽريا جي جي.ڊي.پي برابر آهي. آسٽريا جي آمدنيءَ جو مکيه ذريعو صرف سياحت آهي. يورپ ۽ آمريڪا کان سواءِ هاڻ ايشيا ۾ انڊيا، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، مڪائو ۽ هاڻ چين ۾ به سياست ترقي ڪئي آهي، يعني جڏهن کان پاڻ آزاد معيشيت جي ملڪن واري گروپ ۾ شامل ٿيو آهي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ سڀني وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ آمريڪا ۽ يورپ وانگر نهايت سهڻا ۽ پرڪشش مرڪز قائم ڪري اتي مغربي ملڪن کان به وڌيڪَ سهولتون، مراعتون ۽ آسائشون ميسر ڪيون آهن. چين پنهنجي عظيم ديوار جي تعمير ڪري ته اڳئي سڄي دنيا ۾ مشهور هو ۽ هاڻ صنعت، تجارت، ثقافت ۽ سياحت جي بي پناهه ۽ حيرت انگيز ترقيءَ سبب دنيا جي افق ٿي خوشحاليءَ جي علامت بنجي ويو آهي. گذريل ڏهاڪن ۾ چين ۾ اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون ۽ عالمي تجارتي نمائش جو پڻ انعقاد ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر بش ۽ يورپ توڙي ٻئي سڄي دنيا جي گهڻن ئي ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيا هُئا، جنهن سبب چين کي عالمي سطح تي حقيقي طور زبردست ڪريڊٽ حاصل ٿيو. هندستان ۾ به سياحت ڪافي ترقي ڪئي آهي. تاج محل، اجنتا، ايلورا، مسلم ۽ هندو راجائن جا ڪوٽ قلعا، محل ماڙيون مندر گردوارا، مسجدون وغيره ۽ مختلف ندين ۽ پهاڙي وادين ۾ قائم نهايت خوبصورت هل اسٽيشنون سياحت جا مرڪز بنيل آهن. راجستان ۾ سياحن کي Royal Rajistani Train ۾ ڏينهن وار سير ڪرايو وڃي ٿو. ان جي هڪ ڏينهن واري سير جو ٽڪيٽ 1720 آمريڪي ڊالر يعني سترنهن هزار پاڪستان روپين کان به وڌيڪَ آهي. چانڊوڪيءَ سبب ڪينجهر جو پاڻي سڀ سنهري رنگ اختيار ڪري بيحد خوبصورتيءَ سان چلڪي، چمڪي ۽ جرڪي رهيو هو. عبدالحڪيم شاهه جڏهن اسان کي شاهه سائين جا بيت جھونگاري ٻڌايا ته محفل تي ڄڻ خمارن مٿان خمار چڙهي ويا ! اسان رات جي پوئين پهر، ڀيڄ ڀنيءَ مهل نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي هن عشق جي آستان کي الوداع چئي واپس سونڊا اچي آرامي ٿياسين، تنهن ڪري صبح جو دير سان اٿياسين. ناشتو ڪري، عبدالحڪيم شاهه جي ڪار ۾ چڙهي اچي ٺٽي ۾ چاچا قادر ڏني شاهه شيرازيءَ جي جڳهه تي لٿاسين، جتي ڪافي ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ساڻس ملاقات ٿي. پاڻ اسان کان خبرون ورتائين. کيس ٻڌايوسين ته اسان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، نيشنلسٽ گروپ کي سڄي سنڌ ۾ آرگنائيز ڪرڻ لاءِ تقريباً سڄي سنڌ جو دؤرو ڪندا، هت اچي پهتا آهيون. پاڻ اسان کي ڪافي شاگردن جا نالا ٻڌائين ته انهن سان ملو. سيد قادر ڏنو شاهه شيرازي به سنڌ متحده محاذ ۾ شامل هو. اسان هتان کانپوءِ ڪامريڊ محمد صديق پکيئڙي سان ملڻ لاءِ سندس جڳهه تي وياسين. ڪامريڊ صديق پکيئڙو سائين جي ايم سيد ۽ بابا سائينءَ جو يار هو ۽ مومن مليرائيءَ وانگر سياسي طرح سڄي زندگي سائينءَ سان گڏ رهيو. پاڻ هڪ نهايت درويش صفت، نيڪ انسان هو. سندس پوشاڪ، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان هڪ نيڪ، سادگي پسند، فقير منش ۽ خوش خصلت انسان لڳندو هو. سندس چهري تي هميشه هڪ وڻندڙ مسڪراهٽ پيئي جھلڪندي هئي. ٺٽي ضلعي ۾ مولوي نور محمد ڪڇي سجاول وارو، مولوي عبدالصمد ميرپور بٺوري وارو، محمد خان مجيدي، مولوي محمد ٻنوي، ساڪن راهوٺ، ماستر محمد صالح سمون، ميرپور بٺوري وارو، اهي سمورا دَرِويشِ صفت انسان هوندا هئا. ڪامريڊ صديق کي به اچڻ جو سبب ٻڌايو ۽ کانئس موڪلائي وڃي محبوب شاهه، حيدرشاهه ۽ ٻين ڪافي شاگرد سان تنظيمي گڏجاڻي ڪئي سين. اتان شام جو ڪراچي روانا ٿياسين ۽ رات جو دير سان حيدر منزل تي پهتاسين ۽ ماني کائي وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو 11:00 بجي ڌاري سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عبدالستار پيرزادو، محمد ايوب کهڙو، آغا غلام نبي پٺاڻ، پير علي محمد راشدي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ظفر شاهه، سيد خير شاهه ۽ سڄي سنڌ مان ڪيترائي ٻيا آيل اڳواڻ هن اجلاس ۾ شريڪ هئا، تن جا نالا في الوقت ذهن تي نٿا ترن. اجلاس دؤران ايوب کهڙي ۽ عبدالستار پيرزادي عبدالستار جا، هن کان اڳ به هڪ ٻئي سان سياسي اختلاف چوٽ تي هئا. آئون هن اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، غلام مصطفيٰ پليجي وٽ سنڌ اسٽار هوٽل تي ويس، هو جنهن جو ان وقت مئنيجر هو ۽ منهنجي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. سندس گهڻي ڀانئڻ چتائڻ ۽ منهنجي في الحال واندڪائيءَ سبب، آئون وٽس ٻه ٽي ڏينهن ٽڪي پيس ، جنهن دؤران اسان ڪراچيءَ ۾ ڪافي گهميا ڦرياسين ۽ هڪ فلم به ڏٺي سين. جڏهن پاڻ ڊيوٽيءَ ۾ مصروف هوندو هو ته آئون اڪيلو به گهمڻ هليو ويندو هئس. غلام مصطفيٰ پليجو اصل ۾ اسان جي ڳوٺ کان 9 ميل پري ۽ دڙي شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي قديم دُڦي ٻيلي ۾ موجود مَهِڙاڻي پليجن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد مان انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ پهريائين حيدرآباد ۾ سيٺ ٽيون مل جي ٻارين کي ٽيوشن ڏيڻ لڳو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسٽار هوٽل جو مئنيجر ٿي ڪم ڪيائين. چند سالن کان پوءِ اها خانگي نوڪري ڇڏي ٺٽي ضلعي ۾ انگريزي ماستريءَ جي نوڪريءَ کي اختيار ڪيائين ۽ پهرين چوهڙ جمالي ۽ ٻين اسڪولن تي رهڻ بعد نيٺ دڙي هاءِ اسڪول ۾ مُقرر ٿيو ۽ باقي سروس جو مدو اتي ئي پورو ڪيائين، جتي رهائش به مستقل هيس. هو هڪ محنتي، هوشيار ۽ قابل استاد هو. منهنجو فرزند نور محمد ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ستين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڇهون ڪلاس دڙي ۾ پڙهيو ۽ پاڻ ان وقت غلام مصطفيٰ پليجي جي گهر ۾ رهندو هو، جتي اسڪول ؟ٽائيم کانپوءِ کانئس ٽيوشن به وٺندو هو. ات پڙهائي ۽ ٽيوشن جي محنت سبب کيس ڪيڊٽ ڪاليج م داخلا ملڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪانه ٿي. انهيءَ کي ڏسي پوءِ منهنجي ٻيو نمبر فرزند فرخ کي به ساڳئي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخلا بنا ڪنهن دشواريءَ جي ملي وئي.
    غلام مصطفيٰ پليجو اڄ ڪلهه سندس وڏي فرزند اقبال احمد پليجي سان گڏ حيدرآباد ۾ رهندو آهي، جيڪو آبپاشي کاتي ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندس ٻيو نمبر پٽ طارق پليجو دڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ۽ ٽيون نمبر پٽ محمد امين. ڊاڪٽر آهي. 1960ع واري ڏهاڪي دوران ڪراچيءَ ۾ صدر وارو علائقو شهر جو سٺي ۾ سٺو علائقو هوندو هو. مون پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين جلد ۾ انهيءَ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري هينئر منهنجي ڪوشش هوندي ته انهن ڳالهين جو ورجاءُ نه ٿئي ۽ توهان کي ٻيون نمبر فرزند فرخ کي به ساڳئي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخلا بنا ڪنهن دشواريءَ جي ملي وئي.
    غلام مصطفيٰ پليجو اڄ ڪلهه سندس وڏي فرزند اقبال احمد پليجي سان گڏ حيدرآباد ۾ رهندو آهي، جيڪو آبپاشي کاتي ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندس ٻيو نمبر پٽ طارق پليجو دڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ۽ ٽيون نمبر پٽ محمد امين. ڊاڪٽر آهي. 1960ع واري ڏهاڪي دؤران ڪراچيءَ ۾ صدر وارو علائقو شهر جو سٺي ۾ سٺو علائقو هوندو هو. مون پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين جلد ۾ انهيءَ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، تنهن ڪري هينئر منهنجي ڪوشش هوندي ته انهن ڳالهين جو ورجاءُ نه ٿئي ۽ توهان کي ٻيون نيون ڳالهيون ٻڌايان. انهيءَ وقت صدر جو علائقو سُهڻين نائيٽ ڪلبن، بارن ۽ وڏن وڏن عاليشان شاپنگ مالن سان ڀريو پيو هو، جتي سدائين ماڻهن جا ڳاهٽ لڳا پيا هوندا هئا، تنهن ڪري رات جي پوئين پهر تائين به هي علائقو کليل رهندو هو. هن علائقي ۾ ان وقت هر قسم جا ماڻهو، جنهن ۾ بوري، پارسي ڪميونٽي ۽ ڪرسچن فليٽن ۾ وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻين غير مسلم ڪميونٽين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ يهودي برادري به پنهنجي ڳاڻ ڳڻئي تعداد ۾ موجود ه ئي، پر پوءِ اها ابهام جي صورت ۾ هتان گم ٿي ويئي آهي ۽ پويان پنهنجا ڪجهه نشان ڇڏي ويئي آهي، جيڪي ماضيءَ ۾ سندس ڪراچيءَ ۾ موجودگيءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا. ڪراچي شهر سان سندن لڳاءَ جي نشاني، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي اُڻويهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل ميري ويدر ٽاور آهي، جيڪو اڃا تائين موجود ۽ هاڻي گهڻ ماڙ عمارتن جي گهيري ۾ مقيد هئڻ جي باوجود به شهر جي اصلوڪي واپاري مرڪز ۾ پنهنجي نرالي بناوت سبب اڃان تائين نمايان حيثيت جو حامل آهي. ٽاور جي وچ تي نصب ڪيل هڪ پٿر تي حضرت دائود عليه السلام جي علامت وارو هڪڙو تارو اُڪريل آهي. هاڻ ڪنهن ٽاور تي اسپري پينٽ سان ”يهودي“ لفظ نمايان ڪري لکي ڇڏيو آهي، انگريز حڪومت جي دؤر دؤران ڪراچيءَ ۾ ٿوري تعداد ۾ پر نهايت خوشحال يهودي رهندا هئا. انهن مان هڪڙو شخص نالي اَبراهيم ريُوبِنِ Abraham Rubin ڪراچي سٽي ڪارپوريشن جو ڪائونسلر چونڊيو ويو هو، جيڪو 1919ع ۾ K.M.C جو ڍنڍورچي هوندو هو. ڪراچيءَ وارن يهودين مان گهڻا، اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اوڏانهن لڏي ويا. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته منجھائن پوڙها پڪا ته بيماريءَ سبب ۽ ڪي قدرتي طور هي جهان ڇڏي ويا، پر اڃان به ڪي چند جيئرا آهن، جيڪي گمناميءَ واري حالت ۾ پيا گھارين. معلوم ڪرڻ سان، هي شخص ميوا شاهه واري قبرستان ۾ موجود يهودين جو مقام ڏسڻ ويو، جتي هِڪڙي کٽ تي ويٺل ڪن ماڻهن کان پڇا ڪيائين ته، هي يهودين جو مُقامُ آهي ڇا؟ ويٺلن مان هڪ ڇوڪري جواب ڏنس ته: ”هي اسرائيلي مقام آهي“ ان ڇوڪري جي سمجهه ۾ ”يهودي“ ۽ ”اسرائيلي“ ٻنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي هئي. ٻاهٺ سالن جي ڄمار وارو محمد ابراهيم، جيڪو يهودين جي مقام جي سنڀال ڪندو آهي، اهو انهيءَ مقام اندر ٺهيل هڪ ننڍي ڪمري واري جاءِ ۾ پيدا ٿيو هو. هن ٻڌايو ته اسان جا مائٽ گهڻو وقت اڳي گذاري ويا. اسين پڻ پنهنجي حياتي هت ئي پيا گھاريون. مقام جي سار سنڀال لاءِ گهربل پئسن جي کوٽ آهي. ڪجهه ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو هتي ايندا آهن ۽ ڪجهه ڏوڪر ڏيئي واپس هليا ويندا اهن. هن ٻڌايو ته مقام جي چوديواري، اسان پنهنجي خرچ تي تعمير ڪرائي آهي. يهودين جي هن مقام ۾ اندازً پنج هزار قبرون ٺهيل آهن، انهن مان ڪافي قبرون ڀڳل نظر آيون ۽ مقام ۾ ڊڀ ۽ ٻيا جھنگلي ٻوڙا جام بيٺل هئا. ابراهيم ٻڌايو ته اڳي ”رچل“ نالي هڪڙي مائي هتي ايندي رهندي هئي، پر هاڻ اها ڪانه ٿي اچي،. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اها لنڊن لڏي ويئي آهي. هن مقام جي حد اندر رهندڙ ڇهن ڪٽنبن ۾ هڪڙي پوڙهي ڏاهي مائي آهي جنهن جو نالو مهر النساء آهي، تنهن هن مقام کي نظر انداز ڪرڻ تي سرڪار تي تنقيد ڪندي ٻڌايو ته زمينن تي ناجائز قبصو ڪندر ٽولن، مقام تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي، تنهن بابت اسان پوليس وٽ فرياد داخل ڪرايو آهي، پر سرڪار انهيءَ ڏِس ۾ ڪو به قدم ڇو نٿي کڻي؟ فقط اسان چند ماڻهو ئي آهيون، جيڪي اڃان تائين مقام کي نام نهاد لينـڊ مافيا جي قبضي کان بچائيندا اچون. ابراهيم مقام ۾ هڪ ڪمري اندر ”سليمان دائود“ نالي هڪ شخص جي تُربت ٺهيل ڏيکاري ۽ ٻڌايو ته سليمان دائود K.M.C ۾ عملدار هو ۽ هن ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾Magain Shalome Synogogue نالي يهودين جي هڪڙي ديني درسگاهه جوڙائي هئي. سليمان دائود جي قبر واري ڪمري ۾ ڀڳل ٽُٽَل شيون پيل نظر آيون. ابراهيم ٻڌايو ته هن مقام ۾ آخري ڀيرو تدفين سَن 1930ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي هئي. شهر ۾ چند يهودين جا ڪٽنب اڃان به آهن، پر انهن مسلمانن سان مٽي مائٽي ڪري ڇڏي ۽ اهي مسلمانن ۾ ضم ٿي ويا. يهودين جيو ديني درسگاهه 1980ع ۾ ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ ڀيڻيءَ تي اڄڪلهه هڪڙو وڏو شاپنگ پلازا تعمير ٿيل آهي. پارسي برادريءَ جي هڪ مشهور ماڻهوءَ، بيرام آواريءَ ٻڌايو ته هاڻ ڪراچيءَ ۾ يهودي ڪونه رهيا آهن، البت اڳي هتي هوندا هئا. انهن مان هڪڙو اسڪول ۾ گڏ پڙهڻ دؤران منهنجو سنگتي هو. ان جا مائٽ پاڻ کي عيسائي سڏائيندا هئا. اهي ڪيناڊا لڏي ويا، جتي مون وارو سنگتي ويچارو گذاري ويو ! آواري صاحب ٻڌايو ته منوڙي ٻيٽ تي به يهودين جو هڪڙو ديني درسگاهه ٺهيل هو. هتي يهودي عام طرح پاڻ کي يهودي نه پر عيسائي سڏائيندا هئا ۽ مقامي مسلمانن وانگر سلوار قميص پائيندا هئا. پاڪستان ۾ اڪثر ڪري آمريڪا يا برطانيه جو نه، پر اسرائيل جو ئي جھنڊو ساڙيو ويندو آهي ۽ يهودين خلاف سدائين سخت مآُتنفر نعريبازي ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ اسرائيل ۽ يهودي مخالف مهم چالو ٿيڻ کانپوءِ، هيءَ موسوي اُمت پاڻ کي مڪمل طور غير محفوظ ڏسندي، جياپي خاطر هتان مجبورن وڃڻ لڳي. منجھائن ڪامورا ماڻهو 1950ع واري ڏهاڪي دوران فنڪار، فنڪارائون ۽ مئه خانن ۾ ڪم ڪندڙ يهودي عورتن، اوڻيههَ سئو ستر واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ڇڏي ويون. مقام جي رکوال شڪايت ڪندي ٻڌايو ته هتي ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن ۽ حال احوال وٺي هِنَ هُنَ جا جام فوٽو ڪڍي، گُهمي ڦري واپس هليا ويندا اهن، پر هن مقام جي سار سنڀال جي لاءِ چندي طور ڪجهه به ڪونه ڏيندا آهن. بس ! اسين پنهنجي سِر محنت مزدوري ڪري ۽ ڪن سخي ماڻهن کان چندو گڏ ڪري مقام جي سار سنڀال پيا ڪريون، ڪراچيءَ ۾ هاڻي فقط اهو مقام ۽ ميري ويدر ٽاور، يهودين جي ماضيءَ ۾ هتي موجودگيءَ جي نشانين طور بچيل آهن. سندن سائناگاگ يعني ديني درسگاهه جي ته فقط تصويرَ ئي بچيل آهي، اها به ڪن انٽرنيٽ جي ويب سائيٽن تي ڏسي سگهجي ٿي. يهودين آمريڪا جي اشاري ۽ آمريڪا کان ملندڙ هٿيارن جي زور تي جيڪو فلسطين ۽ پاڙيسري عرب ملڪن سان ظلم ڪيو آهي انهيءَ جو تاريخ ۾ مثال ئي ڪونه ٿو ملي. غزه پٽيءَ ۾ جيڪي مسلمان رهن ٿا، ڄڻ ته هو ڪنهن وڏي جيل يا جهنم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هر مهيني ۾ انهن مٿان ٻه دفعا اسرائيلي جهاز بمباري ڪري سَوَن جي تعداد ۾ فلسطينين کي شهيد ڪن. عرب ملڪن جي همت ۽ غيرت هاڻ اتي وڃي پهتي آهي، جو تازو عرب ليگ پنهنجي اجلاس ۾، جنهن ۾ سڀ عرب ملڪ شامل هئا، آمريڪا کي اپيل ڪئي ته تون شام تي حملو ڪر، ۽ انهيءَ حملي جو سڄو خرچ اسان عرب ملڪ ڀرينداسين. سنڌي چواڻي ته پنهنجي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب ! پر ڪڏهن به عرب ليگ متفق فيصلو ڪري آمريڪا کان اهو مطالبو ڪونه ڪيو آهي ته اسرائيل تي حملو ڪيو وڃي. اهو مٿال هاڻ پاڪستان ۽ هندستان لاءِ پڻ آهي. 65ع واري جنگ ۾ انهيءَ وقت جي پاڪستاني فلمي انڊسٽريءَ جي ٽاپ جي پنجابي هيروئن اعلان ڪيو ته جيڪو به سپاهي جنگ کٽڻ بعد ڪشمير ۾ پاڪستان جو جھنڊو لهرائيندو، آئون انهيءَ سان شادي ڪنديس. آزادي کانپوءِ اڄ تائين ڪشمير جي نالي ۾ فوج تي جيڪو خرچ ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ فوج ڪشمير ته فتح ڪونه ڪيو پر پاڪستان جي عوام کي ضرور فتح ڪري انهيءَ مٿان 33 سال زوريءَ حڪومت ڪئي. انهيءَ غير جمهوري فوجي راڄ ڪري ۽ افغان جنگ ڪري اهڙا ته خراب اثرات مرتب ٿيا، جو اسان سدائين لوڙيندا رهنداسين ۽ هاڻ هر پاڪستانيءَ کي ملڪ کان ٻاهر شڪ جي نظرن سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ خود پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن وڃن حالتون خراب ٿينديون، سو هاڻ ڪشمير ملڻ ته پري، پري هاڻ هندستان پاڪستان کي اها اهميت به ڪونه ٿو ڏي، جيڪا ڏهه سال اڳ ڏيندو هو. سيپٽمبر 2013ع جي ڪاوش اخبار ۾ هندستان جي وزير خارجه سُشيل ڪمار شنڊي جو هڪ بيان ڇپيو ته اسان آمريڪا جي مدد سان بمبئي حملن جي مک جوابدار دائود ابراهيم کي پاڪستان اندر آپريشن ڪري گرفتار ڪنداسين ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان تازو هاڻ هندستان کي Most Favourite ملڪ جو درجو ڏيئي پنهنجي ملڪ جا سڀ دروازا هندستان جي سرمائيدارن لاءِ کولي ڇڏيا آهن. هاڻ پنجابي سرمائيدار کي ڪشمير نه پر پنهنجو تجارتي تحفظ گهرجي. دیکھتے ہیں آگے آگے، ہوتا ہے کیا؟ ٻه ٽي سال اڳ B.B.C انگريزي ٽي وي تي فلسطين جي وزير نبيل شاهه جو انٽرويو ٻڌم، جنهن ۾ هن ڏاڍا ڇرڪائيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ انڪشاف ڪيا. انهن مان آئون توهان کي صرف سندس انٽرويو جو هڪ جملو ٿو ٻُڌايان. هن ٻڌايو ته اسرائيل جي قيام کان اڳ جيڪي ات مسجدون قائم هيون، انهن جي اڌ تعداد کي اسرائيلي حڪومت، چڪلا ۽ نائيٽ ڪلب ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي اڌ مسجدن کي ڀڃي مسمار ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان وڌيڪَ ڪهڙي بيعزتي ۽ بي حرمتي ٿي سگهي ٿي. ديني مذهبي جڳهين جي. اسرائيل جي ارد گرد جيڪي به ملڪ آهن، انهن کي آمريڪا يا ته اسرائيل جو غلام ڪري ڇڏيو آهي، يا وري انهن کي صفا لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندو يهودي ۽ سک ملڪ ڇڏي ويا. سک هندستان ۽ يهودي اسرائيل هليا ويا ۽ وري پارسي برادريءَ جي ڇوڪرين جون شاديون مسلمان مردن سان وڏي تعداد ۾ ٿيڻ ڪري اها برداري به سڪڙجي ننڍي ٿيندي وڃي، پر انهيءَ جي مقابلي ۾ عيسائي برداريءَ جو انگ سڄي پاڪستان وانگر سنڌ ۾ به وڃي وڌندو. انهيءَ جو مٿال توهان ڏسو ته عيسائين جون عبادتگاهون اڳ ۾ به صرف شهرن تائين محدود هيون، پر هاڻ اهي ننڍن شهرن تائين به وڃن پکڙجنديون، جنهن جو اوهان کي صرف هڪ ننڍو مثال ٿو ٻڌايان ته ٽنڊي محمد خان کان ڏکڻ اولهه طرف بٺوري روڊ وٽ پانڌي واهه جي ڀرسان گذريل ڏهن سالن ۾ هڪ وڏو چرچ قائم ٿي ويو آهي، جنهن جو اڳ ۾ ڪو وجود ئي ڪونه هو ۽ هو هاڻ سندن اسڪولن جي هاسٽلن ۾ به مذهب بدلائيندڙ فردن کي اتي رهائين ٿا، جنهن جو مثال حيدرآباد ۾ ڇوڪرين لاءِ ٺهيل سينٽ ميري هاسٽل آهي، هو انهن نَون ڪرسچنن کي پهريائين ات رهائيندا آهن. مذهب بدلائي عيسائي ٿيڻ لاءِ هو هاڻ ڪولهين باگڙين، شڪارين ۽ ڀيلن ۾ وڏي پيماني تي پرچار ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ هندن کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو اقليتي گروهه عيسائي سڏجن ٿا. سن 2005ع جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ان وقت پنجواهه لک کن عيسائي ماڻهو هئا، جن ۾ تقريباً اڌ آباد رومن ڪيٿولڪ فرقي وارا ۽ باقي اڌ آبادي عيسوي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي ۾ شامل آهي. پاڪستاني عيسائين جي واضح اڪثريت هن ننڍي کنڊ هنڌ ـــ سنڌ تي انگريزن جي بيٺڪي يا سامراجي حڪومت دوران عيسائي مذهب قبول ڪندڙ ماڻهن جو اولاد آهي. پورچوگال، فرانس ۽ برطانيه جي سامراجي ٽولن سندن عيسائي مذهب پکيڙڻ واسطي تبليغ لاءِ سندن مبلغ ملن کي پاڻ سان گڏ هتي آندو، پر عيسوي مبلغ ملن جي واضح اڪثريت کي برطانوي سامراجين ارڙهين ۽ اوڻ هين صدي دؤران هتي آندو ۽ مکيه شهرن ۾ عيسوي مذهبي عبادتگاهه ۽ درسگاهه قائم ڪيا ويا. مثلاً ڪراچيءَ ۾ سينٽ پيٽرڪ ڪئٿيڊرل، لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ قائم ڪيل چرچ. انگريزن راولپنڊيءَ ۾ پنهنجي مکيه فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. هتي آيل يورپ جي عيسائي مبلغن کي تبليغ جي شروعاتي عرصي ۾ ئي ڪجهه مقامي ماڻهن کي عيسائي مزهب قبول ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي، ڇو ته انهن انگريز حڪومت جي مڪمل پٺ ڀرائي شامل هئي، ۽ ٻيو ته اهي عيسائي مبلغ پڻ عيسائيت جي ڪيترن ئي مختلف فرقن ۽ مختلف قومن ۽ ملڪن سان واسطو رکندڙ هئا ۽ هر مبلغ فقط سندس فرقي جي تبليغ پئي ڪئي، مثلاً اينجليڪن، ميٿڊسٽ، لوٿرن، رومن ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ وغيره. ان وقت پنجاب ۽ بلوچستان پختون خواهه صوبن ۾ اسلام تمام طاقتور دين هو، پر تنهن هوندي به اتي مقامي نون مَسِيحين جي ننڍين برادرين کي منظم ڪيو ويو، جنهن سبب برطانوي فوج ۽ حڪومت جي اهلڪارن مان گهڻن ماڻهن عيسوي دين قبول ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن يورپي عيسائين ۽ مقامي تونگرن عيسائين ڪراچي، لاهور، راول پنڊي ۽ پشاور جي شهرن ۾ ڪاليج، اسڪول، چرچ ۽ اسپتالون قائم ڪري ملڪ ۾ تعليم، صحت ۽ عيسوي دين جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي.


    11

    ٻي عالمي لڙائيءَ کان اڳ برطانوي حڪومت ڪراچيءَ جي بنيادي ڍانچي يعني روڊ رستن، پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام، صاف پاڻيءَ جي رسد واري نظام، بجليءَ جي فراهميءَ ۽ ٻين بنيادي نظامن کي جديد تقاضائن موافق ترقي ڏياري. انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ جي شهر ڪئٿولڪ عيسائي فرقي وارن ماڻهن کي مخصوص برادريءَ طور منظم ڪيو ويو، جنهن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جا حامل آئرلينڊ جا اهي باشندا هئا، جيڪي انگريزن جا هندستانين جهڙا غلام هئڻ سبب سامراجي فوج ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا. سن 1947ع ۾ ڏکڻ ايشيا جي عوام کي انگريز سامراج کان آزادي ملڻ کانپوءِ، هتي جي عيسائي برادريءَ جي تنظيم ۽ مختلف سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي عوامل توڙي سرگرمين ۾ زبردست تبديليون وجود ۾ آيون. سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود عيسائي برداري 1945ع کانپوءِ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس سياسي پارٽي مسلم ليگ جي آزاديءَ واري جدوجهد جي کلي طرح حمايت ڪئي ۽ هندستاني عيسائين جي سرگرم اڳواڻن، جهڙوڪ پوٿان جو جوذف وغيره مسلم ليگ جو پرچار سچار صحافين جي حيثيت سان ڪيو. آزاديءَ کانپوءِ سک ملڪ ڇڏي ويا، پر ڪرستان برادري هتي ئي رهي، جنهن کي انگريزن ۽ آمريڪن جي مڪمل سپورٽ هئي. انهيءَ ڪري ئي پاڪستان سپريم ڪورٽ جو پهريون غير مسلم چيف جسٽس اي آر ڪارنيليئس، هڪڙي پاڪستاني ڪرستان کي بنايو ويو هو. هوائي فوج ۾ ڪرستان برادريءَ پنهنجي عالي شان ڪارڪردگيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. مثال طور سيسِل چوڌري، پيٽر او رِيئلي، مَرِوِن اي مِڊل ڪوٽ وغيره، بهترين هوا باز هئا. عيسائي ڀائرن تعليمدانن، ڊاڪٽرن قانوندانن ۽ استادن طور قوم جي خدمت ڪئي، جن کي پنجابي هئڻ ڪري هت ڪا به ڏکيائي ڪانه ٿي آهي. راندين ۾ يوسف يوحنا جي صورت ۾ هنن پاڻ ملهايو آهي. برطانيه ۾ رهندڙ ۽ روچيسٽر چرچ جو اعزاز بشپ مائيڪل نظير علي پڻ پاڪستان ڪرستان آهي. 1998ع جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ڪرستانن جو صوبه وار تعداد ۽ سيڪڙو هن ريت آهي:
    صوبو آدمشماري سيڪڙو
    1. خيبر پختون خواهه 36,668 0.21
    2. فاٽا 2,306 0.07
    3. پنجاب 16,99,843 2.31
    4. سنڌ 2,92,885 0.97
    5. بلوچستان 3,12000 4.07

    پنجابي هئڻ ڪري پاڪستان جي عيسائين پاڪ فوج ۾ به نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، خصوصاً پاڪ هوائي فوج ۾ هيٺين جوانن نمايان ڪردار ادا ڪيو.
    1. ايئر وائيس مارشل، ايلن پيري ڪين 5 آگسٽ 1947ع کان 17 فيبروري 1949ع.
    2. ايئر وائيس مارشل، رچرڊ آچولي، 18 فيبروري 1949ع کان 6 مئي 1951ع
    3. ايئر وائيس مارشل، ليسلي وليئم ڪَنن، 7 مئي 1951ع کان 19 جون 1955ع.
    4. ايئر وائيس مارشل، ارٿر مڪڊونالڊ، 20 جون 1955ع کان 22 جولاءِ 1957ع.
    5. گروپ ڪيپٽن، سائيسِل چوڌري، 1965ع واري جنگ جو هيرو.
    6. گروپ ڪيپٽن، ايرڪ گورڊن هال.
    7. وِنگ ڪمانڊر، نظير لطيف.
    8. وِنگ ڪمانڊر، مَروِن ايل مِڊل ڪوٽ.
    9. اسڪواڊرن ليڊر، پيٽر ڪِرسِٽي.
    10. فلائيٽ ليفٽيننٽ، وِلِيئَم ڊي هارني.
    اها ڪِرسچَن مشينري سڄي دنيا جي امير ڪِرسچَنن جي دولت جي زور تي سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي تبليغ ڪري ماڻهن کي ڪرسچن بنائي رهي آهي.
    توهان ڏٺو ته پنجابي عيسائن کي به هو Accept ڪري بري ـــ هوائي فوج يا ڪرڪيٽ ۾ شامل ڪن ٿا، پر هنن سنڌين بلوچن ۽ اڳي بنگالين کي به فوج کان هميشه پري رکيو ۽ آزاديءَ کان وٺي اڄ تائين ڪو به سنڌي ٽيسٽ پليئر نه ٿي سگهيو آهي. صدر مشرف ته سنڌين جي خلاف کلي عام سست ۽ نا اهليءَ جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مشير عالم چيف جسٽس هڪ فنڪشن ۾ تقرير ڪندي چيو سنڌ جا سڀ ماڻهو غير مسلم آهن ٻيو ته ٺهيو پر پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم بينظير ڀٽو لاءِ به اسلم بيگ لابي اهو مشهور ڪيو ته بينظير ڀٽو ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي. سڄي ملڪ جي چونڊيل صدر آصف علي زرداريءَ کي هڪ دفعو به G.H.Q ملٽري هيڊڪوارٽر يا ائٽمي اثاثن گهمڻ يا ڏسڻ نه ڏنو ويو ڇو ته هو هڪ سنڌي صدر هو ۽ وري ائٽمي رازن کي ڪنهن وڪرو ڪيو اها به سڄي دنيا کي خبر آهي.
    آئون ۽ بابا سائين ڳوٺ ۽ حيدرآٻاد وڃڻ بدران، ڪراچيءَ کان سڌو نئون ڪوٽ ريل گاڏيءَ ذريعي وياسين. پوءِ اتان کيکڙي ۾ چڙهي مِٺي روانا ٿي وياسين. انهيءَ سال سڄي سنڌ ۽ ٿر ۾ ڏاڍيون برساتون پيون هيون، تنهن ڪري سڄو ٿر سرسبز ۽ گل و گلزار لڳو پيو هو. آئون ۽ بابا کيکڙي جي ڊرائيور سان گڏ واريءَ سيٽ تي ويٺاسين. اسان سان گڏ منهنجي عمر جو هڪ ٻيو نوجوان ويٺل هو. پهريائين ته سڀ سفر جي انتظار ۾ خاموش ويٺا هئاسين، پر جڏهن اهو انتظار ختم ٿيو، ته پوءِ هڪ ٻئي کان خبرون وٺڻ لڳاسين. انهيءَ نوجوان ٻڌايو ته منهنجو نالو گوتم پرڪاش راٺي آهي. آئون ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. مِٺي منهنجو اباڻو ڳوٺ آهي، هاڻي اوڏانهن پيو وڃان ۽ اسان کان پڇيائين ته توهان هيڏانهن ڪهڙي دوست ڏانهن وڃي رهيا آهيون، يا ڪنهن غميءَ يا خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو؟ اسان چئيس ته اسان جا واقف به مِٺيءَ ۾ آهن، پر جي ڪا سٺي هوٽل هوندي ته اُت رهي پئبو. اسان هت صرف ٿر گهمڻ آيا آهيون. هڪ ڏينهن مِٺي، پوءِ اڳيان ڪارونجھر جبل گهمڻ وينداسين، جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته ڪارونجھر جبل اوترو ئي قديم آهي، جيتري هيءَ ڌرتي! پاڻ اسان کي ٻڌائين ته مٺيءَ ۾ ڪا به هوٽل ڪانهي، باقي ڪنهن زماني ۾ مسافرخانا هوندا هئا، جن تي هاڻ ي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. پاڻ اسان کي وٽس رهڻ جي صلاح ڏني. جيسين وڃي کيکڙو مٺي پهچي، تيستائين ڳالهين ڳالهين ۾ اسان جي واقفيت وڃي ويجھڙائپ کي رسي ۽ آخر ۾ ڳالهه اُت وڃي پهتي، جو اسان کيس جواب نه ڏئي سگهياسين ۽ کيکڙي مان لهي سڌا وڃي سندس آستاني ڀيڙا ٿياسين. آئون سمجھان ٿو ته اهو سال 1969ع هو. ۽ اها دوستي ات وڃي پهتي، جو اسان جا پاڻ ۾ اڄ به اُهڙائي گهرا تعلقات آهن ۽ دوستي ۽ سنگت اهڙي ساڳي آهي جيڪا انهيءَ ڏينهن اتفاق سان شروع ٿي هئي. اڄ معنيٰ ! 2013ع ۾ گوتم جڏهن به ڪراچيءَ اچي ته اسين هڪ ٻئي سان ضرور ملون ! اسان پنهنجو سامان کڻي اچي گوتم جي گهر، مهمان خاني واري حصي ۾ ويٺاسين. گوتم رات جو مقامي فنڪارن ۽ سندس دوستن کي به دعوت ڏني. رات محفل ۾ نئين ماحول، ڍاٽڪي ۽ سنڌيءَ ۾ راڳ جي محفل جو به هڪ پنهنجو نرالو مزو ۽ لطف هو. مون کي راڳ، ڊانس ۽ مچ اڳيان محفل ڏاڍي وڻندي آهي، جنهن جي موج ۽ مستي ماڻهوءَ کي هيڻو مست ڪري ڇڏي. گوتم جا ويجھا دوست ڊاڪٽر گھنشام ۽ انوڌر جگرو به اُت هئا، جن سان پوءِ سڄي زندگي سنگت جو رستو رهيو آهي ماڻهو به ٻئي ڏاڍا لاجواب هئا. انوڌر پوءِ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پروفيسر ٿي رٽائر ڪيو ۽ ڊاڪٽر گھنشام ستر جي جنگ ۾ هندستان هليو ويو، جيڪو هاڻ جئيپور ۾ رهندو آيه ۽ گهر ۾ هندي ڳالهائيندو آهي. هت پاڻ وڏو قوم پرست شاگرد ليڊر هو. صبح سوير اٿي مڍي شهر جو چڪر لڳايوسين. مٺي انهيءَ وقت تمام ننڍو ڳوٺ هو، پر هاڻ اهو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ پڻ تمام وڏو شهرُ ٿي ويو آهي. انهيءَ ڏينهن شهر جون عورتون ٿري لباس پهريل ٽولن جي صورت ۾ مٿي ۽ چيلهه تي ٽامي جا دلا کڻي تلاءَ تان پاڻي ڀرڻ وڃي رهيون هيون. ان وقت مِٺي شهر جو ڏيک ۽ منظر سنڌ جي ڳوٺن کان بالڪل مختلف ۽ راجستان جي ڪلچر سان مشابهت رکندي راجستان جوئي هڪ ڳوٺ لڳي رهيو هو. هت مسجدن سان گڏوگڏ ڏاڍا سٺا مندر به ٺهيل هئا ۽ سڄي ٿر وانگر مٺيءَ ۾ به هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڏاڍي پيار ۽ محبت سان گڏ گذاري رهيا هئا. مٺي شهر جو نالو به ٿر جي سرسبز، حسين ۽ رومانوي منظرن وانگر پيار ۽ پيار ڪندڙن جي ه ڪ نشاني ٿو لڳي، ڇو ته ”چُميءَ“ (Kiss) کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مِٺي به چوندا آهن. سنڌ ۾ صرف ”مِٺي“ نه پر ڪيترن ئي ٻين شهرن جا نالا به اهڙا عجيب ۽ وڻندڙ آهن. مثلاً سنڌ ۾ هڪ اهڙو به شهر آهي، جيڪو هڪ پکيءَ جي نالي پٺيان آهي ته، هڪ شهر وري ڪِراڪِري جي نالي سان مشهرو آهي ته، هڪڙو شهر عورت جي وارن جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ هڪ شيءِ جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو. عورتن جي نالي سان ته سنڌ ۾ ڪافي شره آهن. مثلاً سيتا روڊ، مڪلي بيگنا، بلڙي، جاتي، ماتلي، ستياڻيون، وغيره. پکيءَ جي نالي وارو شهر جهرڪ، جانورن جي نالن وارا شهر بگھاڙ موري، گھوڙا ٻاري وغيره، ڪراڪري جي نالي واسرو شهر پاٽ، عورت جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ شيءِ جي نالي وارو شهر سڳيون ۽ مردن جي نالن سان ته بيشمار ڳوٺَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي نالي سان سڏجن ٿا. سڄي ٿر جي ڪل ايراضي ستهتر هزار چورس ميل آهي، جنهن مان پاڪستان اندر ٿر جي پکيڙ صرف پنج هزار چار سؤ چورس ميل آهي. (ٿر ۽ پارڪر ضلعو ـــ ليکڪ ـــ ص: 11).
    ٿر جي سوڍن جون عورتون مشرق جي تمام حَسين عورتن مان آهن، جن جي حسن جا ڪڏهن خوني مقابلا به ٿيندا آهن. ٿر جا ٻه وڏا قبيلا راهمان ۽ نهڙيا ٿر جي سوڍن کان سڱ وٺي انهن سان شاديون ڪندا آهن. (ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر ص 17-18).
    ٿر مان ورهاڱي کانپوءِ وڏي تعداد ۾ هندو لڏي هندستان هليا ويا، پر ٿر جي سوڍن جو بادشاهي گهر جن کي راڻا به سڏيو ويندو آهي، جن ۾ راڻا چندر سنگهه ۽ سندس پٽ راڻا همير سنگهه جو گهر هندستان لڏي نه ويو ۽ اڄ به هت وزير، سفير امير ٿي ڏاڍي شان مان سان زندگي گذاري رهيا آهن. ٿر ۾ مسلمانن جون هي ذاتيون آهن. نهڙيا، راهمان، راڄڙ‏ ، رونجھا، کوسا، ساند، دل، ميمڻ، جھنجھي، آريسر، جوڻيجا وغيره وڏي تعداد ۾ رهندا آهن، جيڪي زياده تر ملتان واري پير شاهه محمد قريشي، پير جي ڳوٺ واري پير پاڳاري ۽ هالن واري مخدوم جا مريد آهن. سڄي سنڌ وانگر ٿر ۾ برساتون تمام گهٽ پون. ڪيترن ئي سالن جي وقفي کانپوءِ جڏهن برساتون گهڻيون پون، ته ٿر سڄو سرسبز ٿيو پوي، جنهن کي ڏسندي اکيون ئي ٺريو پون. انهن سرسبز نظارن اندر ڪٿ ڪٿ پاڻيءَ جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون ٺهي پون، جن کي ٿر ۾ ترايون چون. ٿر جي سرسبز ڀٽن تي مال چرندي ايڏو ته سهڻو منظر پيش ڪري ٿو، جو انهن حسين منظرن کي ڏسڻ لاءِ سڄي سنڌ جا شوقين ماڻهو ڪَٿي ٿر اچن ٿا. جيئن اسين هت گهمڻ آياسين. ارباب رحيم ٿر جو رهاڪو آهي، جڏهن پاڻ جنرل مشرف جي دؤر ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو ته سڄي ٿر ۾ ڏاڍا ترقياتي ڪم ڪرائين، خاص ڪري سڀني وڏن سهرن ۾ ڏاڍا سٺا روڊ رستا ٺهرايائين. ساڳئي دؤر ۾ وزير خزانه شوڪت عزيز کي ٿر مان ايم اين اي چونڊرائين ۽ هو وزير اعظم ٿيو ته ٿر جي ترقي لاءِ ڪافي اسپيشل گرانٽون ڏنائين. ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي وانگر ٿر به نڌڻڪو ضلعو هو جنهن جي سياست جون واڳون به ٻين ماڻهن وٽ آهن ۽ مقامي ماڻهن کان اهو حق به ڦري ٻئي استحصال وانگيان هاڻ سياست جو حق به کانئن کسي ضلعي کان ٻاهر جا ماڻهو اهو حق ۽ ان مان ملندر مال ۽ پاور جا به پاڻ ڌڻي ٿي ويهي رهيا آهن.
    ٿر مان اليڪشن ۾ بيهندڙ غير ٿرين ۾ غلام محمد وساڻ، پير غلام رسول جيلاني، هالا وارا مخدوم، ملتان وارا شاهه محمد قريشي ۽ سندس پٽ، پير نور محمد شاهه، شرجيل ميمڻ وغيره. اهڙيءَ طرح سان بدين مان حسنين مرزا، ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، مير علي احمد ٽالپر، قمر الزمان شاهه، عبدالخالق سومرو. گولاڙچيءَ واري صوبائي تڪ تان 1977ع ۾ شهيد فاضل راهو جي سامهون وڏي ڌانڌليءَ طفيل چونڊيو هو. اهڙيءَ طرح سان ٺٽي ضلعي مان به سدائين ڌاريان ماڻهو اليڪشن ۾ حصو وٺي‏، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ٿيندا رهيا آهن. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، پر انهن ڌارين ۾ ڪي ڪامياب ۽ ڪي ناڪامياب ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ عمل جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي پوٽي کي ٺٽي مان چونڊرايو. تنهن کانپوءِ ٺٽي ۾ ڌارين ماڻهن جي لائين لڳي وئي، جنهن ۾ قاصي فضل الله ۽ يوسف هارون به هئا، جيڪي پوءِ سنڌ جا وزير اعليٰ ٿيا ۽ شهيد ڀٽو به ٺٽي مان چونڊجي پوءِ پاڪستان جو صدر ۽ وزير اعظم ٿيو، پر پوءِ پاڻ ٺٽي جي سيٽ خالي ڪري ڇڏي ته وري به ٻيو ڌاريون يعني مخدوم امين فهيم ساڳي سيٽ تي ميمبر چونڊيو ويو. سندس مخالف اميدوار به هڪڙو ٻاهريون ماڻهو قاضي امام علي هو. انهيءَ کان سواءِ اڪبر ڪلهوڙو، بشير احمد شاهه، پير رحماني ۽ هاڻي 2013ع ۾ اويس مظفر پڻ ٻاهريون ماڻهو آهي، جيڪو هتان چونڊيو ۽ وزير ٿي ويو. پر وري انهن ٻاهرين ماڻهن کي چونڊين به مقامي ماڻهو ٿا. اهي ڇو ٿا ڌارين کي چونڊين؟ نه چونڊين ته وري ڪڏهن به ٻاهريون اميدوار ڪونه چونڊبو. ٿر گهمندي، ٿر ضلعي سان گڏ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي سياست به ياد اچي ويئي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ”گزيٽيئر آف سنڌ“ ڪتاب جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو ته سڪندر يوناني جڏهن سنڌ آيو هو، تڏهن ٿر ۾ Inland Sea سمنڊ هو، يا ڪا وڏي ڍنڍ هُئي ۽ وري انهيءَ صفحي تي پاڻ لکي ٿو ته: 1762ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ٿر اڳيان هڪ وڏو بند ٻڌي، ٿر ڏانهن ويندر پاڻيءَ کي دشمن ڏانهن وڃڻ کان روڪي پنهنجون زمينون آباد ڪيائين. ۽ پڻ 1819ع واري زلزلي ڪري ٿر ۽ سمنڊ ۾ وڏي تبديلي آئي. ٿر ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ ڪري ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب، قدرتي طور ٿر جي اُٺ، گھوڙي ۽ ڳئون ۾ وڏي سهپ جي طاقت ٿئي ٿي. ٿر ۾ اُٺ مال برادري ۽ سواريءَ جي ڪم اچي. اٺ جي سواريءَ وقت ٿر ۾ جيڪر سواري سان گڏ جيڪا عورت سوار جي اڳيان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس ڀيڻ آهي ۽ جي سوار جي پٺيان ويٺل اهي ته معينٰ سندس زال آهي. ٿر جي گھوڙي جي اڳين ٽنگن ۾ قدرت ڏاڍي طاقت رکي آهي، جنهن طاقت سان هو واريءَ جي دڙن مٿان به تيزيءَ سان ڊوڙندو وڃي منزل تي پهچندو آهي. چون ٿا ته ٿر جي جانورن جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ، انهيءَ ٿر واري ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ اَن ۽ چاري جو وڌيڪَ طاقتور هئڻ آهي. ٿر جي ڳئون جي کير جو سڄي هندستان ۽ پاڪستان جي ڪا به ڳئون مقابلو ڪانه ٿي ڪري سگهي، پر جيئن ته اسانجي ملڪ ۾ سواءِ رشوت جي ج ديد طريقن کانسواءِ، ٻيو ڪو به عمل انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اڳيان نه وڌي سگهيو آهي. انهيءَ جو مُک ڪارڻ Rule of Law جو نه هئڻ ۽ هر ڪنهن کي لُٽَ مارجي مڪمل آزادي ۽ ڪنهن حد تائين سندن تحفظ ۽ سپورٽ به آهي، جنهن ڪري زراعت، صنعت، واپار ۽ تعليم ۾ اسان اڳيان جي بجاءِ پٺيان وڃي رهيا آهيون. سارين ۽ ڀاڄين ۾ چين جي هائبرڊ ٻجن ڪري ڪجهه واڌارو ٿيو آهي پر ڪمند ۾ ته B.L.4 جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪا به ڪمند جي نئين ورائٽي اڄ تائين ڪانه آئي آهي. اڳ جڏهن شگر مِلون ڇهه ست مهينا ڪرشنگ سيزن ڪري هلنديون هيون، سي هاڻ ٻه يا ٽي مهينا به مس ٿيون هلن. بدين ضلعو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪمند جو وڏو مرڪز هوندو هو ۽ جتي ڇهه شگر ملون قائم هيون، جن ۾ انصاري شگر مل، باواني شگر مل، کوسڪي شگر مل، پنگريو شگر مل، مرزا شگر مل ۽ فوجي ويلفيئر شگر مل شامل آهن. پر هاڻ بدين ضلعي ۾ ڪمند جي پوک نه هئڻ ڪري پنگريو، کوسڪي ۽ مرزا شگر ملون ته جهڙيون بند پيون آهن، باقي ٻيون ِلون به ٻاهرين ضلعن مان ڪمند خريد ڪري پيا ملن کي هلائين. پاڪستان جا جانور، ڦٽيون ۽ ڪمند مُک فصل آهن، پر ملڪ اندر ڪا به نئين تحقيق ڪري، ڪو نئون ٻج آڻجي جنهن ڪري ملڪ کي ڪو فائدو ٿئي، اهڙو ڪم ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اسان وٽ سنڌ ۾ چانور ۽ ڪمند لاءِ ڪَنئين تحقيقي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر ڪا به نئين جنس جنهن مان ملڪ کي ڪو فائدو ٿئيو، سو ڪم ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي. ٽيهن چاليهن سالن کان سجاول ڀرسان ڪمند تي تحقيق جي باري ۾ هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جت ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ آئون به ويو آهيان ۽ هڪ دفعو ته سنڌ جو گورنر تاباني به هن اداري ۾ آيو هو. پر ڪو به ڪم ٿئي، سو نظر نٿو اچي. باقي ميٽنگون ـــ ڊنر پارٽيون وڏيون وڏيون پُر اهتمام تقريبون، ٻاهرين ملڪن جا دؤرا، تن جي ڪا به کوٽ ڪانهي !
    اسان کي ٿر جي ڀِٽن تي چڙهي، پري پري جا نظارا ڏسي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. اُت ڪافي فوٽا ڪڍياسين. ٿر جون ڀِٽون سڄيون واريءَ سان ٺهيل آهن ۽ اُهي هوائن، طوفانن ۽ برساتن ڪري ننڍيون وڏيون ٿينديون رهنديون آهن. پر جبلن جون پٿرن سان ٺهيل ٽڪريون، ساڳئين هنڌ، هزارن لکن سالن کان اُت جو اُت قائم ۽ دائم آهن، سواءِ زلزلن جي باي ڪنهن به قدرتي اثر کان بالڪل بي نياز نظر ايندا آهن. جڏهن ته ٿر جون ڀِٽُون ٿر جي هوائن سان گڏوگڏ هيڏانهن هوڏانهن گهمنديون ڦرنديون رهنديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ گهمنديون ۽ وڌنديون به رهنديون آهن. ٿر ۽ جابلو علائقا ميداني علائقن کان پنهنجي ڀِٽُن ۽ جبلن ڪري مٿانهان ٿين، تنهن ڪري برساتن کانپوءِ اُت پيدا ٿيندڙ ساوڪ ۽ وڻڪار ڪري ڏاڍا حَسين، وڻندڙ ۽ رومانوي لڳندا آهن. ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ مينهن بعد ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه ڦٽن، جن کي قدرت بي پناهه طاقت بخشي آهي، جيڪي انسان ۽ چوپائي مال جي چاري کان سواءِ دوائن ۾ به ڪم اچن. ان چاري جي ڪري ئي ٿر جو گھوڙو، اٺ ۽ ٻيو مال ٻي دنيا جي جانورن کان مختلف ٿئي، يعني پنهنجي ڪانگ کان وڏو ٿلهو ۽ وڌيڪَ صحتمند ٿئي. انگلينڊ جو ڪانگ به بلڪل ٿر جي ڪانگ جهڙو ٿئي. ٿر ۾ جڏهن مينهن پوي، تڏهن سڄي ٿر جي زمين مان ڄڻ ته خوشبو ۽ سرهاڻ پيئي نڪرندي آهي ۽ سندس ڪُک مان ڦٽي نڪرندڙ ساوڪ مان ڄڻ ته عورت جي بدن جهڙي دلڪش ۽ رومانوي سرهاڻ پيئي ايندي آهي. انهيءَ ساوڪ مٿان جڏهن مور ۽ ڊيل ڪوڪون ڪري اڏامن ته ماڻهوءَ جو ڄڻ ته سڄو سرير مست ٿيو پوي. انهيءَ رُت دؤران سڄي وايو منڊل ۾ ڀيني ڀيني خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پئي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنهن ڀِٽَ مٿان ٿر جي شامن جا منظر ايڏا ته حسين هوندا آهن، جو ماڻهو چاهيندو آهي ته اهو منظر ڪڏهن ختم ئي نه ٿئي. اسان ٿر جي انهن سڀني منظرن مان لطف اندوز ٿي ۽ ٿر جا لوڪ گيت ٻڌي ۽ ٿر جا مخصوص کاڌا کائي پي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين.
    ٿر جي پس منظر ۾ انگريزي ۽ هندستان جي مقامي ٻولين ۽ اردوءَ ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن، جيڪي گهڻو ڪري سمگلنگ جي موضوع تي ٺهيل آهن. ٿر جي پس منظر ۾ هڪ هندستاني فلم ڏاڍي لاجواب فلم هئي. هينئر 2013ع ۾ هدايتڪار گيان گجراتي ۾ ٿر تي هڪ ڏاڍي لاجواب فلم ”دي گُڊ روڊ“ ٺاهي اهي، جنهن کي آسڪر ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ لنچ باڪس ۽ جھڙپون لاجواب فلمون به آسڪر ايوارڊ جي ريس ۾ هن سان گڏ شامل هيون، پر هيءَ فلم هنن سڀني کان گوءِ کڻي، آسڪر ايوارڊ جي ريس ۾ هن سان گڏ شامل هيون، پر هيءَ فلم هنن سڀني کان گوءِ کڻي، آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي ويئي. فلم ۾ ٿر جي سرسبز ۽ من موهيندڙ نظارن فلم کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. مون کي هونئن به هندستان جون آرٽ فلمون ڏاڍيون وڻنديون آهن. فلمن جو آئون ننڍي هوندي کان ئي شوقين آهيان، پر آرٽ فلمن جو شوق مرحوم طارق اشرف مون کي سندس گهر فلمون ڏيکاري پيدا ڪيو، جنهن ۾ هاڻ مون کي انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جي آرٽ فلمن جي نالن کان پرهه واقف ڪندي آهي يا ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون فلمون وٺي به ڏيندي آهي.
    پرهه هاڻ ڪافي وقت کان آئر لينڊ جي گاديءَ واري شهر ڊبلن ۾ رهي ، پر اسان جي سڀني ٻارن وانگر هر روز Skype يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ته پرهه سندس ڏٺل آرٽ فلمن جا نالا به ٻڌائي. سو احوال پيو هلي ٿر جي سير جو، پر هينئر دنيا ۾ سڀ کان وڏي رڻ پٽ بابت ٻُڌايان ته ان جو نالو صحارا جو رڻ پٽ آهي، جيڪو آفريڪا کنڊ جي اترئين ڀاڱي ۾ ٽيهه لک چورس ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. اتر آفريڪي کي پار ڪندي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان لبيا جي رڻ پٽ تائين هن جي سراسري ويڪر 1440 ڪلوميٽر آهي، جيڪا نيل درياهه تائين وڃي ٿي، ان کان اڳتي اهو ريگستان نوبين ريگستان کان ڳاڙهي سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ مراڪش، الجيريا، تيونس، لبيا، مصر، سوڊان، چاڊ نائيجر، مالي، ماريطانيه ۽ اولهه صحارا جي حصن کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ٿو، جنهن ۾ اولهه اتر پاسي اٽلس، اها گار ۽ تبستيءَ جا جابلو سلسلا به اچي وڃن ٿا. هن صحرا جي سطح گهڻي ڀاڱي مٽيءَ جي دڙن سان ڀريل هوندي آهي. هتي وسڪارو گهٽ ٿئي ٿو، جنهن ڪري هتي ٻوٽا وغيره پوکڻ ڏکيو ٿيو پوي. هتي اُهي ئي بوٽا پنهنجي حياتي ماڻين ٿا جن ۾ پاڻيءَ کي جذب ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. هتي اڪ جا ٻوٽا جام ٿين ٿا. صحرا ۾ جھنگلي جيوت به مشڪل سان رهي ٿي. جتي پاڻيءَ جا ذخيرا يا نخلستان آهي کجيءَ جا وڻ به جام ٿيندا آهن. هن عظيم ريگستان بابت چيو وڃي ٿو ته ڏهه هزار سال اڳ اهو ساوڪ سان ڀريل ميدان تي ٻڌل علائقو هو. اسڪالرن کي يقين آهي ته هن علائقي جا پهريان رهواسي نيگرو نسل جا هئا، جيڪي ڏکڻ پاسي کان هلان ڪري هتي آيا ۽ اچي نخلستان آباد ڪري، پوکي راهيءَ کي هٿي ڏنائون. آڳاٽين لکتن مان پروڙ ٿي پوي ته هنن لوڪن جا مصري، فونيقي، ڪارٿيجن ۽ ٻين ڀون وچ سمنڊ جي ماڻهن سان رابطا ۽ وهنوار هئا. ان کان پوءِ صحرا کي اوڀر کان ايندڙ مسلمان عربن فتح ڪيو، جيڪي پاڻ سان گڏ ٻه نيون جنسون، هڪڙي کجيءَ جي صورت ۾ ۽ ٻي سوريءَ لاءِ اُٺَ جي صورت ۾ کڻي آيا، جنهن هن علائقي جي زندگيءَ جي طرز کي تبديل ڪري ڇڏيو. کجيءَ جي پيداوار سان باغن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته اٺ جي استعمال ان ڳالهه کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ته سون ۽ ٻين معدنيات جي واپار کي ڀونءِ وچ سمنڊ جي ملڪن ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ هٿي ملي. مسلمانن جي باغن ۽ نخلستانن تي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو، سي قديم انداز ۾ ويڙهي جي صورت ۾ ئي رهندا هئا، واپاري قافلن جي رجحان جي حوصله افزائي ڪندي، هٿي ڏئي اڳتي وڌيا. اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ يورپي لوڪن هن علائقي تي پنهنجو اثر قائم ڪيو. يورپي لوڪن خاص طور فرانسيسي اثر رسوخ وڌڻ سان صحرا جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي. فرينچن پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊرمن جي شڪل مثل گول ۽ تمام وڏيون ٽانڪيون ٺاهيون. مقامي وڳوڙي قبيلن ضابطو رکڻ لاءِ هتي رهندڙ فرينچ فوجن جي حياتيءَ جو مدار گهني قدر هنن ٽانڪين تي رهيو. صحرا ۾ آباديءَ ۾ وسنديءَ جا مُک مرڪز اُهي نخلستان ئي آهن، جن ۾ جَرَ جو پاڻي به ملي ٿو. گهڻي ڀاڱي نخلستان، صحرا جي اترئين ۽ ڏاکڻي ڀاڱي ۽ وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ آهن جتي پاڻياٺ يا پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو آهي. ان پاڻيءَ کي جر مان ڪڍي ڪتب آڻجي ٿو. هن عظيم صحرا ۾ وڏا نسلي گروهه: توريگ، مورز ۽ تيبو آهن. توريگ گهڻي ڀاڱي وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ رهن ٿا. اهي مسلمان آهن. سندن ثقافت ۾ اسلام کان اڳ وارين ريتن ۽ رسمن جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. جڏهن ته مورز اولهه صحرا ۾ رهن ٿا. اهي عرب، بربر ۽ ڪجهه نيگرو نسلن جو گاڏڙ قبيلا آهن.
    تيبو نسلي گروهه فيضان، چاڊ ڍنڍ ۽ تبستي ماسف جي علائقن ۾ رهي ٿو. هن رڻ پٽ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ Dijanet ڊائجانيٽ نالي شهر جي اتر پ اسي پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي تاسلي ديس، اجر نالي ماڳ وٽ نرم وارياسي پٿر واري هڪڙي وڏي بُٺي يا ٽڪري آهي، سا اڪيچار صدي جي ڊگهي عرصي دؤران وارياسن تيز طوفانن جي ضِدَ ۾ رهندي، واريءَ جي ذّرڙن وسيلي گسندي، تراشجندي ۽ ڪٽجندي، اهڙين عجيب شڪل جي ڇِپن ۾ اهڙي انداز سان تبديل ٿي وئي آهي، ڄڻ ته اها هٿ سان تراشي تيار ڪئي وئي آهي ! صحرا جي ماڻهن جي زندگيءَ جو دارومدار گهني ڀاڱي پوکي راهي ۽ قديم طرز ۾ ڌڻ چارڻ تي آهي. پر هتي تجارتي بنيادن تي به ڪجهه پوکي ٿئي ٿي، سا هتي ڪالونيون قائم ڪندڙ يورپي لوڪن شروع ڪئي، جنهن جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. هتان جي سڀ کان وڌيڪَ اهم پيدوار کارڪون آهن. ان کانسواءِ اناج ۾ ڪڻڪ، ٻاجھري، چانور به ڪجهه مقدار ۾ ٿين ٿا. ڪجهه ڀاڄيون ۽ ٻيو ڪجهه ميوو به ٿئي ٿو. الجزائر ۾ تيل لڀڻ سان هن عظيم صحرا جي معيشيت ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي.
    اسان جي ٿر جي حَسين وادين کان موڪلائي کيکڙي ۾ چڙهي نئون ڪوٽ آياسين، اتان ريل ۾ چڙهي حيدرآباد پهتاسين. حيدرآباد مان ٽيڪسيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻني آياسين. ٻئي ڏينهن ”ميي عزيز هم وطنو“ وارا روايتي لفظ ڳالهائيندڙ جنرلن جي اردو ۾ تقرير جي برخلاف هن چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آغا محمد يحيٰ خان 25 مارچ 1969ع تي قوم کي انگريزيءَ ۾ خطاب ڪيو ۽ پاڻ هڪ ماڻهو هڪ و وٽ جي بنياد تي جلد اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءُ پهريون مارشل لا هو، جنهن ۾ ڪنن به سياستدان کي نه گرفتار ڪيو ويو، نه سياسي پارٽين تي بندش وڌي وئي، نه ئي ڪنهن سياسي چُرپُر تي ڪا پابندي لڳائي وئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون مارشل لا هو، جنهن ۾ اليڪشن دؤران سڀني سياسي پارٽين جي سربراهن کي ٽيلي ويزن تي قوم کي خطاب جو موقعو ڏنو ويو. اهو سلسلو 28 آڪٽوبر 1970ع کان 19 نومبر 1970ع تائين هليو. سڀ کان پهرين تقرير شيخ مجيب الرحمان ۽ آخر ۾ سائين جي ايم سيد تقرير ڪئي. ٽيلي ويزن تي تقرير ڪرڻ جي ايتري ته آزادي هئي، جو شيخ مجيب الرحمان پنهنجي تقرير ۾ مشرقي پاڪستان کي بنگلاديش ڪري سڏيو. (جنرل روئداد خان جو ڪتاب ”پاڪستان انقلاب ڪي دهاني پر“ صفحو 67).
    ننڍن صوبن جو مطالبو ته ”ون يونٽ ٽوڙيو“ ۽ بنگال جو مطالبو ته ”آدمشماري جي بنياد تي قومي اسيمبليءَ جون سيٽون مقرر ڪيون وڃن ۽ ملڪ ۾ آزادانه ۽ غير جانبدارانه چونڊون ڪرايون وڃن“ يحيٰ خان ون يونٽ ٽوڙي ننڍن صوبن جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو ۽ اهڙي طرح بنگالين جو مطالبو به پورو ڪندي قومي اسيمبلي ۾ آدمشماري موجب سيٽون مقرر ڪيون ۽ غير جانبدارانه چونڊون ڪرائي ملڪ کي حقيقي نمائندا ڏنا. جنرل يحيٰ يارن جو يار هو، دل صفا ۽ جنرل ايوب جي مقابلي ۾ ٺپ ايماندار ماڻهو، جنهن پوري نوڪريءَ دوران هڪ پيسو به رشوت ڪانه کاڌي. پنهنجي خاندان سان محبت ڪرڻ وارو، سخي دل ۽ هڪ سچو انسان هو. سچي نوڪريءَ دوران هن جو پنهنجي ماتحتن سان رَوَيو به ڏاڍو سو رهيو. هونئن به اها چوڻي مشهور آهي ته ماڻهوءَ جي حقيقي سڃاڻپ سندن ماتحتن سان سندس رَوَيَنِ مان ئي ٿئي ٿي.
    دنيا ۾ مُلڪن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ، هڪ ڏينهن جو عمل ڪونه هوندو آهي، انهيءَ جي پٺيان ڪيئن سالن جي ظلمن استحصال ۽ نا انصافين جو ڊگهو داستان هوندو آهي. مُلڪ نه هڪ ڏينهن ۾ ٺهندا آهن ۽ نه هڪ ڏينهن ۾ ٽُٽندا آهن. سو جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ٽُٽڻ جي ذميواري صرف جنرل يحيٰ تي وجهندا سين، ته اها وڏي نا انصافي ٿيندي. هُنَ کان سواءِ اڳ جنرل ايوب ۽ ٻيا به بنگال جي علحده ٿيڻ تي ايترا ئي ذميوار آهن جيترو جنرل يحيٰ. ٻيو ته ٺهيو پر ڍاڪا ۾ 1948ع ۾ جلسي کي خطاب ڪندي قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته هاڻ ملڪ جي صرف هڪڙي قومي ٻولي هوندي ۽ اها صرف اردو هوندي. تڏهن ئي هن بنگالين کي جدا ٿيڻ جو حقيقي ۽ قانوني حق فراهم ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت به بنگال جي آدمشماري پوري پاڪستان جي آدمشماريءَ جو ڇاونجاهون سيڪڙو هُئي ۽ بنگالي قوم آدمشماريءَ جي لحاظ کان پوري پاڪستان ۾ واضح اڪثريت جي حامل هئڻ جي ناتي قومي ٻوليءَ جو سڀ کان وڌيڪَ حق بنگالي ٻوليءَ کي حاصل هو. مغربي پاڪستان ۾ به اردو ڪنهن به قوم جي يا ڪنهن صوبي جي واحد ٻولي ڪانه هُئي، نڪي ڪي پاڪستان ٺهڻ کان ڇاهٺ سال پوءِ، اڄ به اردو ڪا حقيقي قومي ٻولي ڪانه ٿي پئي آهي. پاڪستان ڪورٽن، صوبائي، قومي ۽ مرڪزي وفاقي حڪومت، سڀني بينڪن، ڪارپوريشن، ملڪ ۾ سڀني مليٽري، سول ۽ نجي قومي ليول جي ادارن ۾ ڀرتيءَ لاءِ امتحان، لکت توڙي زباني، انگريزي ٻوليءَ ۾ٿين. ها البت اها به حقيقت آهي سنڌي، پٺاڻ سان ۽ بلوچ پنجابي سان اردو ٿو ڳالهائي، يعني اردو سڄي مُلڪ ۾ سڀني قومن جي وچ ۾ رابطي جي زبان آهي. انهيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي.
    30 جنوري 1968ع ۾ جڏهن جنرل ايوب کي دل جو دؤرو پيو ته جنرل يحيٰ، جنرل ايوب سان ملاقات ڪرڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي جنرل يحيٰ جي اجازت کانسواءِ ملاقات بند هُئي. صدر ايوب جي ڪيبينيٽ جو هڪڙو سينيئر وزير خواجه شهاب الدين جڏهن جنرل ايوب سان ملڻ ويو، ته ان کي ساڻس ملاقات ڪرڻ ڪانه ڏني وئي. صدر ايوب جي مشير اعليٰ فدا حسين کي جنرل يحيٰ گهرائي حڪم ڏنو ته صدر ايوب جي جيڪا به مُلڪ ۽ مُلڪَ کان ٻاهر جي ٽپال يا لکپڙهه آهي سا مون ڏانهن موڪلي وڃي. جنرل ايوب جڏهن صدارت جو عهدو ڇڏيو ۽ ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو لاءِ آخري تقرير ٽيپ ڪرائي ته جنرل ”يحيٰ ان کي ٽيلي ڪاسٽ ۽ نشر ٿيڻ ڪونه ڏنو ۽ تقرير جا ڪيسيٽ گهرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين. مطلب ته جنرل يحيٰ جنرل ايوب سان اهو حشر ڪيو، جيڪو جنرل ايوب، جنرل اسڪندر مرزا سان ڪيو. (مجاهد حُسين جو ڪتاب ”پاڪستان کي متنازعه سياستدان“ صفحو 418 کان 420).
    ليفٽنينٽ جنرل جهان داد خان، پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان قيادت ڪا بحران“ جي صفحي 109 تي لکي ٿو ته 14 آگسٽ 1966ع ۾ جنرل ايوب، ايوان صدر راولپنڊيءَ ۾ هڪ دعوت ڪئي. اتي جڏهن صدر ايوب پهتو ته سڀني مهمانن ساڻس هٿ ملايو، پر صدر ايوب طرفان تازو مقرر ڪيل چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل يحيٰ کيس کيڪارڻ ڪونه ويو ۽ هڪ جڳهه تي پنهنجي دوستن سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هو. جنرل ايوب اها ڳالهه محسوس ڪئي ۽ پاڻ خود اتي وڃي جنرل يحيٰ سان هٿ ملايو، ته جنرل يحيٰ کيس اهڙي رُکي نموني سان هٿ ڏنو، جهـڙوڪر جنرل يحيٰ هٿ مِلائي جنرل ايوب تي احسانُ ڪري رهيو هو. اها ڳالهه اُت حاضر سڀني مهمانن محسوس ڪئي. صدر ايوب جو ذاتي ڊاڪٽر، ميجر جنرل محي الدين، جنرل جهانداد کي ٻڌايو ته صدر ايوب کي جڏهن دل جو دؤرو پيو ته جنرل يحيٰ ساڻس مِلڻ آيو ۽ اهو ڏسي ته صدر ايوب جا هاڻ ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن سندس منهن تي تري آيل خوشي ڏسڻ وٽان هُئي.
    بالڪل اهڙي نموني مادر ملت، فاطمه جناح پنهنجي ڪتاب ”منهنجو ڀاءُ“ ۾ لکيو آهي ته زيارت ريزيڊنسي ۾ لياقت علي جناح کي پڇڻ آيو هو يا اهو ڏسڻ آيو ته جناح هاڻ ڪڏهن ٿو وفات ڪري. اهو ذڪر انهيءَ ڪتاب جي صرف پهرئين ايڊيشن ۾ لکيل هو ۽ پوءِ وارن ايـڊيشنن مان اهو ذڪر ڄاڻي ٻجھي ڪڍي ڇڏيو ويو.
    صدر جنرل ايوب جي استعيفيٰ کانپوءِ جڏهن جنرل يحيٰ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان ٿيو ته، جنرل ايوب کي چيائين ته توهان هاڻ اسلام آباد ۾ نه پر سوات ۾ وڃي رهه. جنرل جهانداد ۽ رائو رشيد پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته جنرل يحيٰ ون يونٽ ٽوڙي ۽ بنگالين کي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ تحت وڌيڪَ سيٽون ڏئي مُلڪ ٽٽڻ جو بنياد وِڌو. ون يونٽ ٽُٽڻ جو واسطو صرف مغربي پاڪستان سان هو ۽ وَنِ يونٽ جي ٽُٽڻ کي اڄ ٽيتاليههَ سالَ گذري چڪا آهن، پر پاڪستان ته اڄ به قائم آهي. پوءِ انهن ج اها راءِ ته ون يونٽ ٽٽڻ سان پاڪستان به ٽُٽي ويندو، سا راءِ ته بالڪل غلط ثابت ٿي. اهڙي بد نيتيءَ جي ڳالهه ڪرڻ، صرف پاڻهي پاڻ کي خوار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ته ڪجهه به ڪونهي !


    12

    پاڪستاني سياستدانن ۽ ملڪي سربراهن ۽ سندن مُعاشقن جي باري ۾ مُلڪَ ۽ ملڪ کان ٻاهر گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر انهن سڀني ۾ بيگم رعنا لياقت، اسڪندر مرزا، ناهيد اسڪندر مرزا ۽ جنرل يحيٰ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪَ ئي لکيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ، روئداد خان 14 مارچ 2006ع ۾ A.R.Y ٽيليويزن کي انٽرويو ڏيندي چيو ته رعنا لياقت جا اسڪينڊل جام هُئا. هوءَ کُلي عام شراب پيئندي هئي ۽ انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏاڍي خوار هُئي. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ جي صفحي 685 تي سابق صدر اسڪندر مرزا جي زال ناهيد مرزا جي باري ۾ لکي ٿو ته: هوءَ ان وقت ايراني سفارت خاني جي مليٽري اٽيچيءَ جي زال هئي. اسڪندر مرزا انهيءَ مُڙس کان کيس طلاق وٺرائي، پوءِ ساڻس شادي ڪئي ۽ صدر ٿيڻ شرط ايوان صدر ۾ شراب پارٽيون، ڊنر پارٽيون، ڊانس پارٽيون مون لائيٽ نائيٽ پارٽيون ۽ نَوَن نَوَن نالن سان رنگين محفلون منعقد ٿينديون رهنديون هيون. انهن پارٽين ۾ صنعتڪار ۽ اعليٰ اهلڪار پنهنجي بيگمات سان گڏ ايندا هئا. عورتن کي تمام مختصر ڪپڙا پهريل هوندا هئا ڄڻ ته اُهي عورتون پنهنجي جسم جي نمائش ڪرڻ لاءِ آيون هُجن ۽ مرد عورتن جي اگھاڙن ڪُلهن تي هٿ ڦيرائيندي کين دادُ ڏيندا هئا ته توهان هي ڏاڍا سُٺا ڪپڙا پاتا آهن. انهن دعوتن ۾ سڀني مردن جي نگاهن جو مرڪز صرف اتي موجود عورتون هونديون هيون. شراب پيئڻ کانپوءِ هنن جون بي حيائيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. اهـڙين محفلن ۾ مون انسانيت کي مَرندي ڏٺو. البت صدر اسڪندر مرزا ڪڏهن به شراب پي آئوٽ ڪونه ٿيندو هو، پر شراب جو گلاس هٿ ۾ ۽ عورتن سان ڪچهريون ڪندو رهندو هو. هڪ دفعو ڪنهن عورت سان ڪچهريءَ دؤران پاڻ سندس ساڙهيءَ جي تعريف ڪئي، ته سندس زال ناهيد انهيءَ عورت کي دٻ پٽي ته تون منهنجي مڙس سان هجاتي ڇو ٿِئين؟ انهيءَ عورت وراڻيس ته صدر صاحب صرف منهنجي ساڙهي جي تعريف ٿي ڪئي. تنهن تي ناهيد چئيس ته مون کي به پهريائين ائين ئي ڦاسايو هو. رعنا لياقت علي، اسڪندر مرزا ۽ سندس زال ناهيد اسڪندر جي ڀيٽ ۾ جنرل يحيٰ بابت سندس معاشقن ۽ عجيب حرڪتن بابت ته ڪتاب ڀريا پيا آهن. انهن ڪتابن مان چند هيٺ ڏجن ٿا:
    1۔ المیہ مشرقی پاکستان، 2۔ پاکستان کے متعنازع سیاستدان، 3۔ پاکستان، قیامت کان ہجران، 4۔ شہاب نانہ، 5۔ پاکستان انقلاب کے دہانے پر، 4۔ جو میں نے دیکھا۔
    تنهن کانسواءِ ٻيا پڻ ڪَئين ڪتاب سندس رنگين داستانن سان ڀريا پيا آهن، پر اهي سندس ذاتي زندگيءَ جا داستان آهن. اڄ جي دنيا ۾ عورتن توڙي مردن جي ذاتي زندگيءَ کي سندن عهدي ۽ ڪرسيءَ سان نٿا ڀيٽين. اڄڪلهه چيو وڃي ٿو ته ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ جي فعلن سان ٻئي ڪنهن جو ڇا وڃي؟ مثال طور جڏهن آمريڪي سابق صدر بل ڪلنٽن تي سندس اسٽاف جي هڪ ڇوڪري مونيڪا ليونسڪي الزام لڳايو ته صدر مون سان پنج دفعا Love Making يعني همبستري ڪئي آهي ته، پهرين ڪلنٽن اها ڳالهه لِڪائي، پر پوءِ تسليم ڪيو ته برابر منهنجا هن سان تعلقات هئا. تڏهن صدر خلاف سينيٽ مواخذي جي ڪارروائي صرف ان بنياد تي ڪئي ته توهان (صدر*) پهرين قوم سان ڪوڙ ڇو ڳالهايو؟ نه ڪي اُن بنياد تي ته صدر جا ليونسڪيءَ سان تعلقات ڇو هُئا؟ اهڙي طرح صدر ڪينيڊي ۽ مارلن منرو، جواهر لال نهرو ۽ ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ ليڊي ڊائنا ۽ دودي الفائد، راڻي وڪٽوريا ۽ عبدال جا معاشقا به سامهون آيا. سي. آءِ . اي جي سربراهه ڊيوڊ پيٽرياس ۽ فوجي تجزيه نگار پولابراڊ وِل جو معاشقو عام ٿيو ته پيٽرياس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف پنهنجي معاشري جي صورتحال انهيءَ کان صفا مختلف آهي. هتي ملڪ جي قومي دولت لُٽي ڦري ڀلي سو مِلون لڳائي، يا ڪروڙين ڊالر ڪميشن وٺي ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ جمع ڪري، اهو سڀ ڪجهه جائز آهي پر هت پيار محبت اهڙو ڏوهه آهي جيڪو ڪڏهن به معاف نٿو ٿي سگهي ! بهرحال پاڻ هاڻ اچون ٿا جنرل يحيٰ جي عشقيه داستانن تي. چون ٿا ته فلم ايڪٽريس ترانه جڏهن پهريون دفعو جنرل يحيٰ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ ايوان صدر پهچي سپاهين کي چيو ته آئون صدر يحيٰ سان ملڻ چاهيان ٿي ته سپاهين کيس اندر وڃڻ ڪونه ڏنو، پر گهڻي ڇڪ ڇڪان ۽ اندران اجازت ملڻ کانپوءِ کيس اندر روانو ڪيو ويو. ٻٽن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن هوءَ واپس موٽي گيٽ تي پهتي ته انهيءَ ساڳوڻي سپاهيءَ، جنهن پهرين کيس اندر وڃڻ ڪونه ٿي ڏنو، تنهن کيس سلوٽ ڪيو، تڏهن ترانه سپاهيءَ کان کِلي پڇيو ته تو ته پهرين مون کي اندر وڃڻ ڪونه ٿي ڏنو ۽ هاڻ سلوٽ پيو ڪرين، سو ڇو؟ تنهن تي سپاهيءَ کيس جواب ڏنو ته ميڊم پهرين تون صرف ترانه هُيين، پر هاڻ تون قومي ترانه آهين، تنهنڪري مون توکي سلوٽ ڪيو.
    اهڙيءَ طرح رائو رشيد پنهنجي ڪتاب ”جو مين ني ديکا“ جي صفحي 73 ۽ 74 تي لکي ٿو ته هڪ جرمن واپاريءَ جي حَسِين جميل زال جنرل يحيٰ جي هر محفل ۾ پهچي ويندي هئي. جنهن لاءِ عام طرح مشهور هو ته هوءَ سي. آءِ اي جي ايجنٽ هاءِ سان گڏ صدر يحيٰ جي هڪ تقريب ۾ آئي ته کيس، مدهوشيءَ واري حالت ۾ صدر يحيٰ کڻي سُوئمنگ پول ۾ اڇليو پر هو اتان نڪري واپس آئي ته صدر يحيٰ وري به کڻي کيس سوئمنگ پول ۾ اڇليو ۽ ات حاضر ماڻهو انهيءَ حرڪت تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ٻيو دفعو سندس بنگلي جي افتتاحي تقريب ۾ ٽين چئين بجي رات جو هو بنگلي جي هڪ ڪمري منجھان نڪتو ته کيس صرف قميص پيل هئي. پاڻ ٻاهر اچي ڊيوٽي آفيسر کي چيائين ته مون کي گاڏي گهرائي ڏيو ته آئون هينئر جو هينئر پنڊي ٿو وڃان. ڊيوٽي آفيسر ايس پي کي چيو، ايس پي ڊي آءِ جي کي چيو. انهن سندس هڪ منظور نظر عورت کي گهرايو. انهيءَ عورت اچي کيس ٿڌو ڪيو ۽ ائين سڀني شڪرانو ادا ڪيو. مزڪوره ڪتاب جي صفحي 74 تي لکيل آهي ته شهنشاهه ايران جڏهن ايران جي تخت جي اڍائي هزار ساله سالگرهه تقريب ملهائي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن سان گڏ صدر يحيٰ به انهي جشن ۾ شريڪ هو ۽ شراب جي نشي ۾ ايڏو ته مدهوش ٿي ويو جو فوجي ورديءَ ۾ به پيشاب ڪري ڇڏيو. اهو منظر سڀني مهمانن ڏٺو.
    رائو رشيد انهيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته صدر يحيٰ جڏهن نيپال جي دؤري تي ويو ته نيپال جي گاديءَ واري شهر کٽمنڊو جي مٿان جنرل يحيٰ وارو جهاز ڪلاڪ کن هروڀرو اڏامندو رهيو، ڇو ته يحيٰ گهڻو شراب پيئڻ ڪري بيهڻ ۽ هلڻ جي لائق ڪونه هو. پاڻ جيسين هوش ۾ نه آيو، تيسيتائين سندس جهاز ايئرپورٽ جي مٿان چڪر هڻندو رهيو ۽ نيٺ نيپال جو بادشاهه جيڪو يحيٰ خان جي استقبال لاءِ آيل هو، سو اهو سڄو تماشو ڏسندو رهيو. آمريڪا جي مشهور رسالي ”نيوز ويڪ“ جنرل يحيٰ جي معاشقن بابت هڪ خاص نمبر شايع ڪيو، جنهن ۾ هن جا ڪافي عورتن سان گڏ فوٽا به ڇاپيا. رسالي انهيءَ مضمون جو عنوان ”پاڪستان جون ٻارنهن نهايت طاقتور عورتون“ رکيو. انهيءَ مضمون ۾ ٻين عورتن سان گڏ راني اختر عرف جنرل راني، سندس ماءُ بلقيس خانم ۽ ان جون ٻه حسين ۽ جوان ڌيئون فلمي اداڪاره ترانه، مسز ڪي حُسين، پشاور جي بيگم سيف الله جو ذڪر به ٿيل آهي. جنرل يحيٰ جي دؤر ۾ پاڪستان جو هڪ صوبو بنگال پاڪستان کان جدا ٿي هڪ آزاد ۽ نئون ملڪ ٺهيو، جنهن جو نالو بنگلاديش رکيو ويو. بنگلاديش جي قيام واري عرصي دؤران اتي جا عوام جنهن ظلم ۽ وحشت مان گذري، انهيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. انهيءَ تحريڪ دؤران لکن جي تعداد ۾ بنگالي عوام مغربي پاڪستان جي فوج هٿان شهيد ٿيو. پاڪستاني فوج سان گڏ بنگال ۾ رهندڙ سندن بهاري ڇاڙتن لکين بنگالي عورتن جون عزتون لُٽيون. اهو ظُلم جو هڪڙو وڏو داستان آهي، جنهن تي بنگالين سان گڏ سڄي انصاف پسند دنيا رت جا ڳوڙها ڳاڙيا ! مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن جي عوام به بنگالين سان همدرديءَ طور پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ بنگال سان ٿيندڙ ظلمن خلاف جلوس مظاهره ۽ احتجاجي جلسا منعقد ڪيا ۽ پمفليٽ ۽ هينڊ بل لکي پوري مغربي پاڪستان ۾ ورهائي بنگالي عوام سان حقيقي طرح ڏک ونڊيو. انهيءَ واقعي کي اڄ ڀريا ٻائيتاليههَ سالَ گذري چڪا آهن، پر بنگالي نسل جا ماڻهو، جڏهن پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ ملندا آهن ته انهيءَ دؤر جي ظالمانه واقعن کي ياد ڪندي روئي وجهندا آهن. انهيءَ موضوع تي تنهن وقت هڪ بنگالي ليکڪا، جهان آرا امام، هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو اردو ترجمو ”اڪهتر ڪي وه دن“ عنوان هيٺ ڪيو ويو ۽ پوءِ پاڪستان ۾ به شايع ٿيو ۽ اهو ترجمو وري به شايع پنجابين ڪرايو ۽ جمهوري پبليڪيشن لاهور وارن اهو ڇپائي پڌرو ڪيو. انگريزن سوين سال ڏکڻ آفريڪا کي غلام رکي مٿس حڪومت ڪئي پر جڏهن ڏٺئون ته هاڻ هنن کي غلام رکي نٿو سگهجي، تڏهن اتي آباد ٿيل انگريزن کان ريفرينڊم وسيلي راءِ ورتي وئي، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندڙ انگريزن جي وڏي اڪثريت راءِ ڏني ته ڏکڻ افريڪا کي هاڻ آزاد ڪيو وڃي.
    پاڪستان ۾ ماڻهو سڄي زندگي رشوت خوري ڪري، نوڪري يا سياسي ميدان مان پئسا ڪمائي، ڪوڙا بل ٺهرائي، نقلي دوائون وڪرو ڪري هزارين ماڻهن جي زندگيءَ سان ويساهه گھاتي ڪري، اسڪولن جي ٺيڪن ۾ ناڪاره عمارتون ٺهرائي، جنهن سبب ڪيترائي اسڪول ڪريو پون، پوءِ ڀل اتي پڙهندڙ شاگرد ۽ استاد مري ڇونه پون ! يا پنهنجي سياست کي قائم رکڻ لاءِ ٿاڻن تان ڏوهارين کي ڇڏائي، انهن جي بدران بي گناهه مسڪين ماڻهن کي چالان ڪرائي، سرڪاري زمينن تي ناجائز قبضا ڪرائي انهيءَ مان حرام جي ڪمائي ڪن ۽ آخر ۾ انهن رشوت جي پيسن مان وڏو بنگلو ٺهرائي انهيءَ مٿان وڏن اکرن ۾ لکائيندا: ”هذا من فضل ربي“ ۽ هٿ ۾ تسبيح جهلي پيا شوڪارا هڻندا ! پر اهي جڏهن پاور ۾ هوندا ته رشوت ۽ ڪميشن کان سواءِ، مجال آهي جو ڪنهن جو جائز ڪم به ٿئي ! سرڪاري خزاني مان ڪنهن وڏيري جي ڳوٺ جو اسڪول يا روڊ ٺهرائي، سڄي زندگي پيا ماڻهن کي ٻڌائيندا ته هي روڊ يا اسڪول ته مون ئي ٺهرايو هو، ڄڻ ته اهو اسڪول ۽ روڊ سرڪاري خزاني مان نه پر سندس ذاتي پيسن مان ٺهيو. جڏهن ته حقيقت اها هوندي آهي ته انهيءَ روڊ ۽ بلڊنگ جي ٺيڪي تان هُو هستو مستو ڪري حرام جي ڪميشن به وٺي چڪو هوندو آهي.
    وري جڏهن به ساڻن ملڻ لاءِ وڃو ته سندس نوڪر ٻڌائيندا ته پاڻ خيرن سان عمري تي ويو آهي يا راءِ وِنڊ ويو آهي. اهڙن ماڻهن جو آخر ۾ رب پاڪ حشر به ڏاڍو بُرو ڪندو آهي، پر ڪو به انهيءَ مان سبق حاصل نٿو ڪري. چوندا آهن ته ظالم ته ختم ٿيو وڃي، پر ظلم ختم نٿو ٿئي. سو ذِڪر پئي ٿيو بنگلاديش ۾ ظلم جي داستان جو ”اڪهتر ڪي وه دن“ ڪتاب جي ليکڪا، جهان آرا امام، ڪتاب ۾ هڪ هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ ظلمن جو داستان ڊائري يعني روزنامچي وانگر لکيو آهي. پاڻ لکي ٿي ته: مغربي پاڪستان طرفان انهيءَ دؤر جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ گورنر، جنرل ٽڪا خان کي هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن به جج قسم ڪونه کڻايو، ته پوءِ هو گورنر نه پر صرف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. مائي لکي ٿي ته ڍاڪا ۾ جيڪي به غير ملڪي سفارت خانا هئا، انهن سندن آفيسن تان پاڪستان جو جهنڊو لاهي، بنگلاديش جو جهنڊو چاڙهي ڇڏيو هو.
    27 مارچ 1971ع خميس جي ڏينهن پاڪستاني فوج ڍاڪا يونيورسٽيءَ تي حملو ڪيو ۽ پروفيسرن کي ڳولهي ڳولهي ماريو ويو. انهيءَ رات شايد ئي ڪو ڍاڪا يونيورسٽيءَ جو پروفيسر زندهه بچيو هوندو! هن يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين، جتي شاگرد ۽ پروفيسر ويهي ڪجهه کائيندا پيئندا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا، انهيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ڍاڪا جي بازارن ۾ بنگالين کي مارڻ کانسواءِ اخبارن جي آفيسن ۽ پريسن کي به باهيون ڏنيون ويون، جنهن ۾ اخبار ”دي پيپل“ ۽ ”اتفاق“ جون آفيسون به شامل هيون. ڍاڪا جي بنگالي پوليس پاڪستاني فوج سان مقابلو ڪيو. مطلب ته سڄو ڍاڪا شهر جنگ جي ميدانَ جو ڏيکُ ڏئي رهيو هو. شيخ مجيب جي زندگيءَ جي باري ۾ مختلف افواهه ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ڪن جو خيال هو ته فوج شيخ مجيب کي ماري ڇڏيو آهي، ڪن جو خيال هو ته کيس ڪنهن نا معلوم خفيه هنڌ نظر بند ڪيو ويو آهي ڪن ٻين جو خيال هو ته کيس گرفتار ڪري مغربي پاڪستان روانو ڪيو ويو آهي.
    28 مارچ 1971ع تي ڍاڪا ڪلب تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو ويو. 14 اپريل تي چين جي وزير اعظم چو اين لائي پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪيو. 24 اپريل 1971ع ۾ مجيب نگر ۾ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو وزير اعظم تاج الدين کي بنايو ويو. اهڙو اعلان بي بي سي ۽ آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيو. هندستان جي شهر ڪلڪتي ۾ پاڪستان جي سفير حُسين علي پنهنجي سڄي اسٽاف سميت بنگلاديش حڪومت سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو، ته ٻئي ڏينهن پاڪستاني حڪومت ڪلڪتي ۾ پاڪستان جو سفارت خانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
    مصنفه پنهنجي ڊائريءَ ۾ پهرين مئي 1971ع ۾ لکي ٿي ته جڏهن بنگلاديش ۾ بنگلاديش جي پوليس، بنگلاديش بارڊر فورس ۽ مڪتي باهني به پاڪستاني فوج سان وڙهڻ شروع ڪيو ته فوج جا ڪافي سپاهي به سخت زخمي ٿيا يا فوت ٿيا ته، فوج کي پنهنجن زخمن فوجين لاءِ رت جي سخت کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي ته پوءِ انهن بنگالين کي گولين سان مارڻ بدران انهن جي جسم مان سمورو رت ڪڍي پوءِ کين اڇلائي ڇڏيندا هئا. پهرين ته اسان کي خبر ئي ڪانه پئي ته هي ماڻهو ڪيئن ٿي مُئا، ڇو ته سندن سڄي جسم ۾ نه ڪو گوليءَ جو نشان ۽ نه وري ڪو زخم به هوندو هو. اها ڳالهه پوءِ اسان کي هڪ بنگالي ڊاڪٽر ٻڌائي، جنهن کان بنگالين جو رت هو زوري ڪڍائيندا هئا.
    جڏهن اي. جي آر، اي. پي. آر ۽ مقامي پوليس جون فوج سان جھڙپون وڌي ويون ته پوءِ فوج صرف ڇانوڻين تائين محدود ٿي وئي ۽ پوءِ وري پاڪستاني هوائي فوج جا جهاز ڍاڪا ۽ ٻين شهرن تي هوائي بمباري ڪندا هئا. پاڪستاني فوجي بنگالين جي گهرن ۾ زوريءَ گِهڙي، سڀ قيمتي سامان، زيور ۽ پيسا ڦري، پوءِ گهر جي عورتن سان سندن ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن جي سامهون زوري زنا ڪندا هئا. انهن سڀني ظلمن ڪرڻ ۾ اتي رهندڙ بهاري فوجين کان به ٻه قدم اڳتي هوندا هئا ۽ انهن به بنگالين سان اهڙا ئي ظلم ڪيا، جهڙا فوجين ڪيا.
    13 اپريل تي ٽائيم مئگزين ۽ 12 ۽ 15 اپريل تي نيوز ويڪ ميگزين بنگلاديش ۾ ٿيندڙ سڀني ظلمن جا داستان سندن نمائندن جي رپورٽن موجب شايع ڪيا. نيوز ويڪ جي نمائندي، لورين جنڪنس، پنهنجي مضمون Civil War in Pakistan ۾ ۽ ٽائيمس جي رپورٽر ڊين ڪوگن، پنهنجي مضمون Dacca, city of the death ۾ سڄي بنگلاديش ۾ گهرو لڙائيءَ جو تفصيلي ذڪر ڪيو.
    8 جون 1971ع تي اڱاري جي ڏينهن پاڪستاني حڪومت مُلڪي ڪرنسيءَ جا پنج سؤ ۽ هڪ سؤ وارا سڀ نوٽ منسوخ ڪري ڇڏيا. هن حُڪم سان ڄڻ ته حڪومت سڄي قوم کي سڪتي ۾ وجھي ڇڏيو. 12 جون 1971ع خميس جي ڏينهن جي ڊائريءَ ۾ جهان آرا امام لکي ٿي ته سڄي ڍاڪا شهر ۽ ملڪ ۾ ڪَئين وِچڙندڙ بيماريون پکڙڻ لڳيون. درياهن ۾ جڏهن ماڻهن وڏي تعداد ۾ لاش لهرن مٿان لُڙهندي ڏٺا ته ماڻهن مڇي کائڻ به ڇڏي ڏني. صفحي 164 تي پاڻ لکي ٿي ته هڪ شُگر مل ۾ سموري بنگالي اسٽاف کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، جيڪي ٽي سؤ ڄڻا هئا، فوج گوليون هڻي ماري ڇڏيو. 167 صفحي تي لکي ٿي ته فوجين جوان توڙي پوڙهين عورتن سان زوري زنا ڪئي ۽ ڪنهن کي به بخش ڪونه ڪيو. پوڙهيون عورتون جوان ڇوڪرين کي لڪائي، پاڻ کي فوجين اڳيان پيش ڪنديون هيون، جيئن ته هنن ننڍين نيٽن عورتن جي ڪنوارپڻ برباد نه ٿئي. ڪيترن عورتن کي قرآن شريف پڙهندي ۽ ڪيترين عورتن کي نماز پڙهندي اُت جو اُت زنا ڪئي ويندي هئي. هنن شيطانن ڪنهن کي به بخش نه ڪيو.
    چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ ۾ جڏهن اتحادي فوجين هٿان جرمني شڪست کاڌي، تڏهن اتحادي فوجين کي هڪ هفتي لاءِ اجازت ڏني ويئي ته هو ڀلي جرمن عورتن سان زنا ڪن ۽ ڦُر لُٽ ڪن. اتحادي فوجن ۾ برطانوي فوج به هئي ۽ انهيءَ برطانوي فوج ۾ هندستاني به شامل هئا، انهن کي پهرين اجازت هئي ته هو به جرمن عورتن سان ڀلي زنا ڪن، پر پوءِ جڏهن هُنن (يورپي اتحادي فوجين) هندستاني سپاهين کي جرمن عورتن سان عيش ڪندي پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اُت کين غيرت اچي وئي ۽ هنن هندستاني سپاهين کي جرمن عورتن سان زنا ڪرڻ کان روڪيو ۽ کين واپس بيرڪن ۾ موڪلي ڇڏيو. ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ بنگالين طرفان بينڪون ڦُرڻ ۽ شهرن جي لائيٽ سپلاءِ ڪندڙ جنريٽرن کي بم سان اُڏائڻ جا واقعا پيش ٿيڻ لڳا. لائيٽ بند ٿيل شهرن ۾ مڪتي باهني شهرن ۾ ڀاڄي ۽ کير پهچائيندڙ ماڻهن معرفت هٿيار پهچائڻ لڳي ۽ شهر ۾ گوريلا جنگ جا واقعا هاڻ معمول جي ڳالهه هئي. پاڻ لکي ٿي ته بنگال ۾ بهارين ۽ اردو ڳالهائيندڙ بنگالين جي فوج سان همدردي هئي. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ ڪافي سنڌي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به اردو ڳالهائيندا آهن. الله سائين خير ڪري!
    هندستان جي وزير اعظم بنگلاديش جي حمايت لاءِ عالمي راءِ قائم ڪرڻ ڪارڻ دنيا جي مختلف مُلڪن جي دؤري تي رواني ٿي وئي. نيٺ 23 نومبر 1971ع تي هندستاني فوج مشرقي پاڪستان تي حملو ڪيو. 28 نومبر تي پاڪستان ۾ سڄي ملڪ اندر هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. 4 ڊسمبر تي هندستان جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ ۽ پاڪستان جي صدر جنرل يحيٰ هڪ ٻئي جي ملڪ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. هندستاني جنگي جهازن ڍاڪا تي هوائي حملا شروع ڪيا ۽ ڍاڪا جا ماڻهو آسمان ۾ ڊاگ فائيٽ ڏسڻ لڳا. ڊاگ فائيٽ معنيٰ ٻه ويڙهاڪ هوائي جهاز جڏهن آسمان ۾ ويڙهه ڪري هڪ ٻئي کي ڪيرائن جي ڪوشش ڪندا آهن ته انهيءَ جنگ کي ڊاگ فائيٽ سڏبو آهي.
    12 ڊسمبر 1971ع تي اقوام متحده جي سموري عملي کي هوائي جهازن ذريعي ڍاڪا مان ٻاهر ڪڍيو ويو. هندستاني هوائي جهازن ڍاڪا ۽ ٻين شهرن جي سڀني هوائي اڏن جا جهاز لهڻ ۽ چڙهڻ وارا رستا، بمباري ڪري ناڪاره ڪري ڇڏيا هئا. ڍاڪا جي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل کي انٽرنيشنل زون يعني بين الاقوامي علائقو (جتي جنگ نه ٿيندي) قرار ڏنو ويو، جت گورنر هائوس تباهه ٿيڻ کانپوءِ بنگال جي گورنر اچي پناهه ورتي هئي. نيٺ 16 ڊسمبر 1971ع خميس جي ڏينهن، پاڪستاني فوج جي مشرقي ڪمانڊ جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جنرل نيازي ڍاڪا شهر جي ريس ڪورس نالي ميدان ۾ 90 هزار فوجين سميت هندستان جي مشرقي پاڪستان واري محاذ جي ڪمانڊنگ جنرل اڳيان پنهنجا هٿيار رکي پيش پيو ۽ هن پنهنجي ورديءَ جا اسٽار پنهنجي هٿن سان پاڻ ئي لاهي جنرل اروڙا کي ڏنا. اهو منظر سڄي دنيا ۾ ٽيلي ويزن تي ڏيکاريو ويو. پر جڏهن اُها فلم شهيد ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾ پاڪستان ۾ ڏيکاري وئي ته پاڪستاني فوج انهيءَ تي سخت اعتراض ڪيو ۽ انهيءَ فلم جي پاڪستان ۾ نمائش مڪمل طور بند ڪئي وئي.
    جهان آرا امام لکي ٿي ته جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجو پٽ ”جامي“ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي جوش ۾ اچي رڙيون ڪري ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ چوندو هو ته پنجابين ۽ بهارين منهنجي پيءَ ۽ ڀاءُ کي شهيد ڪيو آهي. آئون هنن کي ماريندس. آئون کيس سمجھائيندي هيس ته اُها هلندڙ جنگ دؤران مرڻ ۽ مارڻ جي ڳالهه آهي، پر جنگ کان پوءِ ڪنهن کي به مارڻ، اهو قتل ٿيندو، پوءِ ڇو نه هو اسان جو دشمن ئي هُجي ! تنهن ڪري آئون ڪنهن کي به قتل ڪرڻ جي توکي هرگز اجازت نه ڏيندس !
    اٺ جنوري 1972ع تي پاڪستان جي پهرئين سنڌي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شيخ مجيب الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ انهيءَ رات شيخ مجيب ڪراچيءَ کان لنڊن پهتو ته انهيءَ وقت جي وزير اعظم ايڊورڊ هيٿ Edward Heath ساڻس ملاقات ڪئي. ڍاڪا ويندي هي دهلي ويو جت ايئرپورٽ تي وزير اعظم اندرا گانڌي ۽ صدر جمهوريه هند وي وي گري سندس شاندار استقبال ڪيو. 10 جنوري تي جڏهن شيخ مجيب الرحمان ڍاڪا ايئرپورٽ پهتو ته ايئرپورٽ تي سندس بينگال جي عوام بي مثال استقبال ڪيو ۽ پاڻ ايئرپورٽ کان سڌو ڍاڪا جي انقلابي ريس ڪورس گرائونڊ تي پهتو ۽ بينگال جي هڪ تاريخي جلسي کي خطاب ڪيو ۽ 12 جنوري تي پاڻ بنگلاديش جي پهرئين وزير اعظم طور حلف کنيو ۽ پوءِ پاڻ بنگلاديش جي وزير اعظم طور اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آيو ته ايئرپورٽ تي پاڪستان جي وزير اعظم شهيد ڀٽي سندس استقبال ڪيو ۽ اها به حقيقت آهي ته شيخ مجيب کي پاڪستاني فوج نه پر سندس بنگالي فوج قتل ڪيو ۽ وري ڀٽي کي به پاڪستاني فوج قتل ڪيو.
    انهيءَ دؤر ۾ اسانجي گهر ۾ منهنجي ڏاڏيءَ جي ٻن ڀائيٽن جا ٻه پٽ، هڪ الله بخش پليجو ۽ ٻيو عثمان پليجو رهندا هئا، جيڪي ٻني جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. الله بخش ميٽرڪ پاس ڪري PTCL کاتي ۾ ٽيلي فون آپريٽر جي نوڪري ڪئي ۽ڪافي زمين خريد ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ مينهين جو واڙو به لڳايو. هينئر پاڻ تمام خوش آهي ۽ هاڻ ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجي ٺهرايل گهر ۾ رهندو آهي. هو ڏاڍي سُٺي سڀاءُ جو انسان آهي، دوستن سان گڏ دشمن کي آئي ويل ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. سندس پڙهڻ ڪري هاڻ سندس ڳوٺ جا ٻيا ڇوڪرا به وڏي تعداد ۾ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ پڙهندا آهن. ٻيو ڇوڪرو عثمان، هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعي ڪري وڌيڪَ پڙهي نه سگهيو، نه ته هو تمام هوشيار ٻار هو، جيڪو اڳيان هلي وڏو مقام پيدا ڪري ها. ٿيو هينئن ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جي هڪڙي گهر ۾ انب جو وڻ هو ۽ انبن جي موسم هئي، سو هو سخت ُاسَ ۾ انب تي چڙهي انبڙيو ن پٽڻ لڳو، هو ننڍو ٻار هو، ڪنهن سبب ڪري اوچتو انب تان ڪري پيو ۽ هيٺ پيل پٿرن تي ڪرڻ سبب کيس مٿي ۾ شديد ڌڪ لڳو ۽ پاڻ بيهوش ٿي ويو ته وري جلد هوش ۾ ئي ڪونه آيو. تڏهن آئون ته حيدرآباد ۾ هوس، پر بابا سائين ڳوٺ هو، تنهن سواءِ ڪنهن دير جي کيس کڻائي اچي حيدرآباد اسپتال جي ايمر جنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي ضروري علاج کانپوءِ کيس ميڊيڪل وارڊ ۾ شفٽ ڪيائون، جت هو ڪافي ڏينهن زيرِ علاج رهيو. بابا صاحب عثمان کي اسپتال داخل ڪرائي پوءِ منهنجي فليٽ تي آيو ۽ مذڪوره سربستو احوال ٻُڌايائين. شامَ جو آئون ۽ بابا سائين گڏجي سول اسپتال وياسين. بابا ڊاڪٽر ۽ نرسن کان هُنَ ڇوڪري جي طبيعت بابت حال احوال پڇيو. پوءِ بابا سائين ڇوڪري کي منهنجي حوالي ڪري پاڻ صبح سوير، جيپ ۾ واپس ڳوٺ روانو ٿي ويو. هاڻ هن ڇوڪري جو علاج ۽ سڄي سار سنڀال منهنجي حوالي هُئي. هن جو پيءُ جيڪو ٻني کان پنج ميل اوڀر طرف پري منهنجي ڳوٺ زيل ۾ رهندو هو، ٻئي ڏينهن اهو به حيدرآباد آيو، پر اهو ڳوٺاڻو ماڻهو هو اهو به هڪ ٻه ڏينهن هت رهي واپس ڳوٺ روانو ٿي ويو پوءِ ٻئي چوٿين ڏينهن پاڻ ۽ عثمان جا ٻيا مٽ مائٽ اسپتال ايندا رهندا هئا، پر ڊاڪٽر، نرسون، ليبارٽري رپورٽون ۽ دوائون، اهو سمورو ڪم منهنجي حوالي هو .ٻئي ڏينهن جئين ئي آئون وارڊ ۾ آئيس ته ڏٺم ته ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون رائونڊ تي هيون ۽ هر مريض جي چڱيءَ طرح تپاس ڪري سندن چارٽ تي ڪجهه نه ڪجهه لکي رهيا هئا. عثمان جي باري ۾ ڊاڪٽر مون کان سربستو احوال ورتو ۽ جونيئر ڊاڪٽرن کي هدايتون ڏئي هليو ويو. جونيئر ڊاڪٽرن ۾ هڪڙي اهڙي به ڊاڪٽرياڻي هئي. جنهن کي مون پنهنجي دل ۽ دماغ تي حاوي ٿيندي محسوس ڪيو. هن مون ۾ ڏٺو ۽ مون هن ۾ ڏٺو ته منهنجا حواس ٿڌا ٿي ويا ۽ اسان هڪٻئي سان انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين جنهن ۾ زبان نه پر اکيون ڳالهائينديون آهن مون ڏٺو آهي ته پيار ۾ پهريون دفعو زبان کان به اکيون ڪجهه وڌيڪَ ڪم ڪري وينديون آهن. تڏهن ته شاهه لطيف چيو ته:
    اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون ! هن جي ڪارن، وڏن نيڻن ۽ مڌمتي لبڙن جي ڄڻ ته مون کي صدين کان تلاش هئي هوءَ وارڊَ جو چڪر لڳائي ڪينٽين ڏانهن وڃي ٿي ته آئون به اوڏانهن وڃان ٿو. ڪينٽين جي ڪائونٽر تي هوءَ مون کي صفا ويجهي هئي ۽ جيئن هوءَ مون کي وڌيڪَ ويجھي ٿي ٿئي. تيئن مون کي وڌيڪَ خوبصورت ۽ حسين ٿي لڳي. آئون هت صرف هن لاءِ آيو هئس پر نه آئون ساڻس نظرون ملائي سگهيس نه ئي هن مونکي ڏٺو. پيار جي اهڙين گهڙين جو به هڪ پنهنجو مزو ٿيندو آهي. الله سائينءَ هر انسان کي زندگي ته ڏني آهي. پر پيار ۽ محبت ڪرڻ واري دل هر انسان کي ڪانه ڏني ۽ ڪن کي صرف ڌڪ ڌڪ ڪرڻ واري دل ڏني. جنهن ۾ پيار جي بدران خالي رت ٿو ڊوڙي! پر اها به حقيقت آهي ته پيار به هڪ وقتي جذبو آهي. لکن ڪروڙن ۾ ڪي ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا. جن جو پيار اوائل کان آخر تائين، هميشه هڪ جهڙو هُجي انسان کي بک ۽ پيار جيترو هيڻو، مجبور ۽ سرڪش ٿو ڪري شايد ئي دنيا ۾ ڪا اهڙي بي طاقت انسان کي ايترو مجبور ڪندي هجي ! آئون اڪيلو اڪيلو، سواءِ پنهنجي دل جي، واپس پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويس. ڪمري ۾ مون کي اڳ اهڙي اداسي، ويڳاڻائي ۽ اڪيلائي ڪانه محسوس ٿي جهڙي اڄ ٿي رهي هئي. آئون شامَ جو اسپتال ويس ۽ تقريبن هڪ ڪلاڪ اُت هئس، پر مون کي پاڻ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مون ڊيوٽيءَ تي هڪ جمعدار کان ڳالهين ڳالهين ۾ گهمائي ڦيرائي انهيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ جو پڇيو ته ٻُڌايائين ته هوءَ هت هائوس جاب ڪندي آهي. سندس ڊيوٽي ڪڏهن ڏينهن، ڪڏهن رات ڦرندي گھرندي آهي ۽ هينئر سندس ڏينهن جي ڊيوٽي آهي. پاڻ ڄامشوري مان ڪاليج جي بس ۾ ايندي آهي. انهيءَ وقت لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي نه پر ڪاليج هوندو هو. جمعدار کي ان ڊاڪٽرياڻيءَ جو نالو ياد ڪونه هو. آئون وري به اداس اداس قدمن واپس گهر هليو ويس ۽ خيالن خيالن ۾ اڌ رات تائين کيس پنهنجي دل ۽ دماغ جي ڪنهن حصي ۾ گهمندو ڦرندو ڏسندو ۽ محسوس ڪندو رهيس ۽ بي خبريءَ ۾ ننڊ اچي وئي. وري سار ٿيڻ سان ڪمري جي دريءَ جي شيشي مان ڏٺم ته ڀنڀرڪي جي روشني وڌي رهي هئي ۽ مونکي رات جي پڄاڻي تي خوشي ٿي. آئون صبح جو جلد تيار ٿي ناشتو ڪري سول اسپتال روانو ٿيس. اڳ صرف عثمان هو پر هاڻ آئون به انهيءَ لسٽ ۾ شامل ٿي ويس. آئون اسپتال ايترو سوير آئيس جو مريض ته ٺهيو پر سندس اٽينڊنٽ به اڃا ننڊ ۾ هئا. آئون وارڊ مان نڪري اچي وڏي گيٽ وٽ موجود اخبارن واري کان اخبار وٺي پڙهڻ لڳس. اتي روڊ تي رستن تي زندگي جي ڪي قدر چرپر محسوس ٿي ۽ ڄامشوري مان آيل ڊاڪٽرن واري بس ٿورو پريان وڃي بيٺي ته بيٺي بيٺي منهنجين اکين بس اندر ائين ٿي وڃڻ چاهيو جيئن ايڪسري بدن اندر داخل ٿي هڏن جا به فوٽو ڪڍي وٺندو آهي. بس ڊاڪٽرن سان گڏ اها ڊاڪٽرياڻي به ڳالهائيندي.، اسپتال ۾ داخل ٿي ويئي ته آئون به وارڊ ۾ وڃي عثمان جي بيڊ وٽ پيل اسٽول تي ويهي رهيس انهيءَ وقت وارڊ ۾ نرسون مريضن جو بلڊپريشر ۽ ٻيو حال احوال مريضن کان يا سندن اٽينڊنٽن کان پڇي مريضن جي بسترن وٽ پيل ميزن تي رکيل مريضن جي چارٽن ۾ داخلائون ڪري رهيون هيون. هڪ وڏي نرس هئي جنهن کي هنن اسٽاف نرس ٿي چيو ۽ ٻي ساڻس هڪ انڊر ٽريننگ نرس هئي. جيڪا صفا هڏن جو پڃرو ٿي لڳي. هينئر اسپتال ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي نرسون آهن. پر انهيءَ وقت سنڌي نرسون، ڪراچي حيدرآباد توڙي ٺٽي جي اسپتالن ۾ مون ڪونه ڏٺيون. هينئر ته سنڌي نرسون توهان کي سنڌ جي هر شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي اسپتالن ۾ ۽ آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ به نظر اينديون هيون تنهن کان سواءِ دنيا جي ٻين م لڪن ۾ به ڪافي تعداد ۾ سنڌي نرسون ڪم ڪري رهيون آهن. مون خود لنڊن کان ٿورو ٻاهر ڪجهه سنڌي ميل نرسز ڏٺا جن مان ٻن ڇوڪرن ٻڌايو ته اسان ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي جا آهيون بابا سائين جي ڪري جيڪو دل جي بيماريءَ سبب اتي ٻه ٽي ڀيرا داخل ٿيو هو. ڪراچي سول اسپتال ۾ ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو ۽ منهنجن ٻن دوستن ڊاڪٽرن جي اتي نوڪري هئڻ دوران آئون ٺٽي جي سول اسپتال ۾ به ويندو هئس. نرسون اڃا مريضن جي چارٽن تي لکپڙهه ۾ لڳيون پيون هيون ته اها ڊاڪٽرياڻي ۽ هڪ ٻي ٻه ڊاڪٽرياڻي مريضن کي ڏسندي ڏسندي اچي مون واري مريض مٿان بيٺيون. ڊاڪٽرن جي رائونڊ وقت اٽينڊنٽن مان صرف آئون ئي اُت حاضر هوندو هئس ۽ هر ڳالهه نرسون ۽ ڊاڪٽر مون کان ئي پڇندا هئا ۽ انهيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ به مون کان ئي احوال پڇيو ته ٻي ڊاڪٽرياڻيءَ سندس رضيه نالو وٺي ساڻس مخاطب ٿي ته سندس نالي جي به خبر پئي. مريضن جي بهاني هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ سان هڪ ٻئي جو به پتو پوندو ويو ۽ اسين هڪ ٻئي سان گڏ بيهندي لاشعوري طور غير ضروري سوال ڪرڻ لڳاسين. انسان جو لاشعور به ڪڻيون ڪڻيون ٿي شعور جي اڱڻ تي وسڻ لڳي ٿو وقت گذرڻ سان اسان هڪ ٻئي جا ارادا به هاڻ سمجھڻ لڳاسين. مون کي سندس ڪليگ ڊاڪٽر معرفت سندس نالي جي ته خبر پئي وئي هئي پر مون سندس امتحان وٺڻ لاءِ آهستي آهستي سندس نالو پڇيو ته پاڻ اکيون هيٺ ڪري چيو رضيه ته منهنجي دل ۽ زبان مان غير ارادي طور هي لفظ نڪري ويا ته ڪيڏو نه سٺو نالو آهي ته پاڻ آهستي آهستي اکيون مٿي کڻي مون ۾ هڪ سيڪنڊ لاءِ نهاري وري کڻي اکيون هيٺ ڪيائين، تڏهن آئون سندس دل جي زبان سمجي ويس. مون پهريون دفعو محسوس ڪيو ته ڪنهن خاص دل واري سوال جو جواب به صرف دليون ئي سمجهن ٿيون. جن جو جواب چپ ڏيڻ کان قاصر آهن. الاجي ڇو اڄ هوءَ سواءِ ڪنهن سوال جواب جي ۽ مريضن وارو چارٽ ڏسڻ جي هلي وئي ۽ آئون به هڪ عجيب احساس ۽ حالت ۾ اچي ٿو وڃان ۽ انهيءَ حالت مان آئون تڏهن ٿو نڪران، جڏهن مونکي نرس اچي چيو ته اندر آفيس ۾ توهان کي ڊاڪٽر پيو سڏي. آئون جڏهن ڊاڪٽر جي آفيس ۾ وڃان ٿو ته ڊاڪٽر مونکي چيو ته توهان جي مريض کي اڃان ٻه ٽي هفتا هت رهڻو پوندو ۽ هن جون ڪجهه ٽيسٽون توهان کي ڪراچيءَ مان ڪرائڻيون پونديون. آئون کيس ها چئي آفيس مان ٻاهر نڪران ٿو. اڄ ڪافي وقت گذري چڪو هو ۽ ڊاڪٽرن واري ڄامشوري وڃڻ واري بس ڪافي وقت اڳ ڄامشوري رواني ٿي چڪي هئي ۽ آئون اڳ بيٺل بس واري جڳهه ڏانهن واپس هليو ويس جڏهن حجاب جا پردا گهٽجڻ ۽ چاهت جي ڪشس وڌڻ لڳي ته هڪ ڏينهن کيس چيم ته هت ته ڪا به خلاصي ڳالهه ٻولهه نٿي ڪري سگهجي ڇا پاڻ ڪجهه گهڙين لاءِ ٻاهر ملي سگهون ٿا ته پاڻ چئين ته ها پر گهڻو پري نه ۽ چند منٽن لاءِ ائين اسان جون خلاصيون ملاقاتون ويون وڌنديون. هن مونکي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ وقت گذرڻ کانپوءِ نيٺ هڪ ڏينهن مون کيس مون سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته سندس سڄو چهرو گلاب جيان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس چپن تي اڻ لکي مُرڪ ڏسڻ وٽان هئي. هن پنهنجو ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو ۽ ڪو به جواب ڪونه ڏنو. مون به وڌيڪَ سوال ڪونه ڪيو. اسان هاڻ بنا ڪنهن خوف جي ڪڏهن ڪڏهن فلم ڏسڻ ته ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ نڪري ويندا هئاسين ۽ هڪ ٻه دفعا اسان ڪينجهر گهمڻ وياسين ۽ ٻه ٽي دفعا ڪراچي گهمڻ به وياسين پر ڏينهوڪو موٽي اچبو هو. نيٺ اهو به وقت آيو جو پاڻ منهنجي فليٽ تي آئي. اسان ٻئي جوان هئاسين ۽ اسان کي صرف اڪيلائيءَ جي ضرورت هئي. حقيقتن گناهه هميشه اڪيلائيءَ جي تلاش ۾ هوندو آهي نه چاهيندي به اسان پيار جون سڀ حدون اورانگھي وياسين ۽ هڪ ٻئي جي پٺن تي پيار جا پوپٽ اڏائيندا رهياسين. عورت ڪيڏي به سخت دل هجي. پر پيار هن کي هيڻو ۽ ڪمزور ڪريو ڇڏي ۽ پنهنجي معاشري ۾ ان عيوض هوءَ مرد کان وڌيڪَ رسوا ٿئي ٿي. نتيجن کان بيپرواهه اسان ته چاهيندي به هڪٻئي جي اندر پنهنجي پنهنجي حصي جو خزانو کوٽي رهيا هئاسين. مون کي هر دفعي ڳڻيلَ سندس بدن جا تر اڄ به ياد آهن. شايد ڪڏهن به نه وسرن ! وقت گذرڻ سان گڏ اسان هڪ ٻئي جي ايڏو ته ويجهو ٿيندا وياسين. جنهن جو اندازو اسانکي به ڪونه هو. نيٺ اسان جي وچ ۾ ڪو ليڪو ئي ڪونه رهيو. انسان پنهنجي پيار جي گهڙين دؤران سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. ائين اسان جا راتين پٺيان ڏينهن ۽ ڏينهن پٺيان راتيون گذرنديون رهيون. پر شايد حيدرآباد شهر جي جبلن ٽڪرين، وڻن ٻوٽن ۽ گلن ڦلن اسان جي پيار جي ڪهاڻي اڻپوري لکي هئي جيڪا پوري ٿي نه سگهي. ٿيو هيئن ته هڪ ڏينهن پاڻ ٻڌائيائين ته آئون نواب شاهه ٿي وڃان. تون رات جو اٺين بجي ريلوي اسٽيشن تي مون کي وٺڻ اچج ته پوءِ پاڻ گڏجي فليٽ تي هلنداسين. پاڻ ريل مان لهڻ شرط مون کي ٻُڌائين ته منهنجا سؤٽ مون کي وٺڻ آيا آهن. آئون انهن سان گڏ ٿي وڃان صبح سوير توهان وٽ ايندس. مون پري کان ڏٺا ته هو ٻه ڄڻا هئا ۽ هوءَ انهن سان گڏجي رواني ٿي وئي ۽ صبح سوير پاڻ مون وٽ فليٽ تي آئي پر انهيءَ واقعي کانپوءِ منهنجو پيار ۽ سڪ هن لاءِ اهو نه رهيو جيڪو اڳ هو ائين اسان جي پيار جي هيءَ راند ٽڙي پکڙي هميشه لاءِ ٽٽي ۽ ڦٽي وئي تقريباً ڇهن سالن کانپوءِ هڪ دفعي پاڻ ٽيلي فون ڪيئين، حالي احوالي ٿيڻ کانپوءِ ٻڌائين ته منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ مون کي هڪ ڌيءَ به ڄائي آهي. ٻڌو اٿم ته تو اڃا تائين شادي نه ڪئي آهي بهتر آهي ته تون به شادي ڪري ڇڏ. انهيءَ ڳالهه کي اڄ ڇائيتاليهه سال گُذري چڪا آهن. پر زندگيءَ جي ڪنهن به موڙَ تي اسان هڪ ٻئي کي ڪونه گڏياسين ۽ اسان جي پيارَ جي هيءَ اڌوري ڪهاڻي اڌوري ئي رهجي وئي.


    ليکڪ جا ٻيا ڇپيل ڪِتابَ



    1. They Ruled Sindh for Fifteen Years
    2. ڏوريم ڏيسارو (سفرنامو)
    3. هو وري نه ورندو وڻجارو
    4. جو جي وڻ ولات جا (سفرنامو)
    5. سنڌي شاگرد سياست
    6. ڪجل نيڻَ (سفرنامو)
    7. اُتر لڳا آءَ پرين (سفرنامو)
    8. ديس بديس (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
    9. بندر مون ڏور ٿيا (سفرنامو) ٻه دفعا ڇپيل
    10. عالمي عجائبات
    11. اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪهاڻي)
    12. ٽوئر ٽو آمريڪا (سفرنامو)
    13. بنو ٽُو ٽوڪيو (سفرنامو)
    14. پريان سندي پار ڏي (سفرنامو)
    15. ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (سفرنامو)
    16. دنيا جا مشهور شهر
    17. ڪنواريون ۽ ڪنول (سفرنامو)
    18. ڪيڏي نه مختصر زندگي (آتم ڪٿا)
    19. لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊ جون راتيون (سفرنامو)


    اڻ ڇپيل ڪِتابَ

    1. مضمون
    2. خاڪا
    3. واقعات عالم
    4. سفرنامو
    5. خط
    6. مون تي لکيل مضمونَ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258263
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386395
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ