ڪتاب جو نالو: وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون
مصنف: شمس ابن ضيا ابن بلبل
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 02 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 152 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 46 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ شمس ابن ضيا ابن بلبل آهي. پاڻ لکن ٿا:
”وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • هن ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا قائم
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • سچائي سڳنڌ
  • سرڪاري بارداڻي جي ورڇ ۾ بد عنوانيون
  • سنڌ جا ويري سنڌي آهن
  • آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
  • وياجي ۽ فرمان الاهي
  • انڌير نگري چرٻٽ راجا
  • سنڌ جي تعليم
  • وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون

  • هن ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا قائم

    ڪتاب : وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون
    ليکڪ : شمس ابن ضيا ابن بلبل
    ڇاپو : پهريون
    ڪمپوزنگ : شاهجهان سولنگي
    ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي 3773743-0315
    ملڻ جو هنڌ : بلبل هائوس ميهڙ


    ارپنا

    هي ننڍڙو ڪتاب جيڪو گمراهه مسلمانن کي راه راست تي آڻڻ جي هڪ ڪوشش طور لکيو ويو آهي. اهو آءُ انهن علماءِ ڪرام جي نالي منسوب ڪريان ٿو جن پنهنجي زندگي ۾ قرآن شريف جي تعليمات ذريعي ڄاڻ جي روشني ڦهلائي ۽ انهن علماءِ ڪرام جي نالي منسوب ڪري رهيو آهيان جيڪي هن نفسا نفسي جي دؤر ۾ به قرآن مجيد ۽ اسلامي تعليمات جي ڄاڻ جي روشني عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.

    شمس ابن ضيا ابن بلبل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ شمس ابن ضيا ابن بلبل آهي. پاڻ لکن ٿا:
    ”وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.“
    هي ڪتاب 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ثروت ابڙو جا جن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.
    ان کان علاوه چوري، زوري، جوا، زنا، شراب، ڀنگ، چرس، آفيم ۽ هر قسم جي نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ اسلام ۾ قطعي حرام ۽ ممنوع آهي. زبردستي ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ڦٻائڻ، فراڊ ۽ ٺڳي ذريعي ڪنهن جي ملڪيت هڙپ ڪرڻ وڏو گناهه ۽ ظلم آهي. هن قسم جا ڏوهه پوري معاشري جي بگاڙ جو سبب آهن.
    هر هڪ ماڻهو هن وقت چاهي ٿو ته هو رات و رات امير بڻجي وڃي ۽ هن وٽ روز به روز دولت ايندي ۽ جمع ٿيندي رهي. اها دولت ڪهڙي به نموني سان حاصل ٿئي ڀلي اها رقم حرام ۽ ظلم، زبردستي سان ڇو نه حاصل ڪئي وڃي پر دولت ايندي رهي، دولت جي اهڙي حوس ۾ انسان جانور ۽ شيطان نه بلڪه خنزير بڻجي چڪو آهي ۽ خنزير اهو جانور آهي جيڪو پنهنجي ماءُ تي پاڻ چڙهندو آهي ۽ ٻين کي به خوشيءَ سان مٿس چڙهڻ ڏيندو آهي. هيءَ هڪ حقيقت آهي. جنهن جي بيان ڪرڻ ۾ ڪا قباحت نه آهي. مٿين حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته گهڻن ماڻهن کي اسلام جي تعليمات ۽ اصولن جي ڄاڻ ڪانهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ هي بي غيرتي وارا ڪم ڪن ٿا پر جيڪڏهن ڪير اهڙي ڄاڻ رکڻ جي باوجود به اهڙن ذليل ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو ته پوءِ ان کي خنزير چوڻ خود خنزير جي بي عزتي ڪرڻ جي برابر آهي. مون برابر سخت الفاظن جو استعمال ڪيو آهي، مون کي خبر آهي ته اهڙا الفاظ لکڻ ادبي اصولن جي خلاف آهن. مگر اهڙن ظالمن ۽ بي غيرت حيوانن لاءِ اهڙي زبان ڪتب آڻڻ ضروري آهي جيڪا سندن سمجهه ۾ اچي سگهي. بي شرم انسانن لاءِ شانائتي زبان جو استعمال بي سود ثابت ٿيندو. ڄٽ ۽ ڦٽ جو علاج پادر ٻڌايو وڃي ٿو ۽ هن قسم جي گروه جو علاج صرف عذاب الاهي ئي آهي. جنهن ۾ دير ضرور ٿيندي پر انڌير نه ٿيندو. ظالم روز محشر ۾ دوزخ ۾ اُبتا ٽنگيا ويندا. هي واعدو انهيءَ الله جو آهي جنهن جو هڪ نالو واحدالقهار به آهي ظالم کي ڊگهو رسو برابر مليل آهي.
    هن وقت هر قسم جي بي حيائي، بي ايماني، بي غيرتي ۽ ڪرپشن عروج تي پهچي چڪي آهي. جنهن جو خاص سبب آهي اسلام جي تعليمات کان بي رخي ۽ اها به هر سطح تي، حڪومتي توڙي عوامي سطح تي هر قسم جي بهتري واري تعليم کان لنوائڻ، اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اسلامي تعليم ته ختم ڪئي وئي آهي. مگر ديني علمي مدرسن ۾ به عالمن بدران بمبار پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جا معلم ۽ ماستر حضرات هن ڪوتاهيءَ جا ڪارڻ آهن. استاد گوسڙو ۽ ڪاپي ڪلچر جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن. پوءِ تعليم جو خانو خراب ڇو نه ٿيندو؟ مذهب جي ڄاڻ نه رکندڙ ماڻهو غلط ڪمن جي ڌٻڻ ۾ ضرور ڦاسي پوندو. اهڙن نا اهل ۽ بي غيرت استادن کي نا اهل ۽ بي غيرت آفيسر ڇا ڪندا؟ انهيءَ سبب جي ڪري هر کاتي ۽ هر شعبي جي ستيا ناس ٿي چڪي آهي. سڀ کان وڌيڪ افسوس ناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته مسلمانن جو ضمير مري چڪو آهي ۽ مسلمانن جو ڪردار مردار ٿي چڪو آهي. شايد امام مهدي جي ظهور جو زمانو نزديڪ اچي چڪو آهي.
    رفاهِ عام جي ادارن ۽ مخلص ۽ مخير حضرات کي التماس آهي ته مسلمانن کي راه راست تي آڻڻ جي خاطر جيڪڏهن هي ڪتابڙو ڇپرائي مفت ورهائڻ جو ارادو رکندا ته مصنف طرفان کين پوري اجازت آهي ۽ الله تعاليٰ کين سندن هن خير جي ڪم جو اجورو ضرور عطا ڪندو. الله تعاليٰ بي انتها سخي آهي ڪنهن جي ذرو برابر نيڪي به رائگان نه ٿو ڪري.

    شمس ابن ضيا ابن بلبل
    بلبل هائوس- ميهڙ
    Cell: 0345-9990404
    0301-3555610


    سچائي سڳنڌ

    نبي ڪريم ﷺ جن کان اڳ ۾ بگڙيل معاشري جي اصلاح لاءِ، مختلف زمانن ۾ هر قوم جي طرف نبي موڪليا ويا. جن هر سختي سر تي سهي معاشري جي اصلاح لاءِ پاڻ پتوڙيو، معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجن، پراون، دوستن، دشمنن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪائنات جي سردار ﷺ جن جي آمد کان پوءِ نبوت جو سلسلو ختم ٿي ويو. پوءِ اهو نبوي ڪم امت جي اڪابرن، عالمن، ڏاهن جي ذمي آيو.
    معاشري جي اصلاح جو بنياد “نيڪيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ” جنهن کي قرآن مجيد ۾ امربالمعروف ونهي عن المنڪر چيو ويو آهي. امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو وس رکندڙ، پنهنجي ان ذمي کان وانجهيل رهيا ته پوءِ رهنمائن سان گڏ پوري قوم آسماني سزا ۾ اچي ويندي.
    “جنهن کي جيئن وڻي سو تيئن ڪري” يا “اسان جو ڇا وڃي؟” جهڙا جملا انساني معاشري سان مناسبت نٿا رکن.
    جرم جي ان فضا ۾ ڏوهن جا به درجا آهن. هڪڙا ڏوهه هڪ شخص سان تعلق رکن ٿا، ٻيا ڏوهه اهڙا آهن جيڪي عام ماڻهن جي ايذاءَ ۽ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا. جيئن چوري، ڌاڙو، بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي، جوا ۽ وياج جو ڪاروبار.
    وياج اهڙو جرم آهي جنهن جو ذميوار ڏيندڙ ۽ وٺندڙ نه پر ضامن، سفارش ڪندڙ، لکندڙ، شاهد وغيره برابر جا شريڪ آهن.
    اسان جي دور جو قلمڪار جناب رئيس شمس الدين ابن ضياء هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سماجي براين تي ڳڻتي آهي، جڏهن ته هڪ شخص معاشري کي تبديل نٿو ڪري سگهي. پر هي وس ته آهي جو ڪنهن برائي جي نشاندهي ڪري پوءِ وڌيڪ هدايت هادي جي هٿ آهي رئيس موصوف جو گهراڻو علم ۽ ڏاهپ جي حوالي سان سنڌ، هند ۾ شهرت رکي ٿو. جيئن سندن وڏن رئيس ضياء الدين ضيا ۽ رئيس شمس الدين بلبل سماج جي پيڙجندڙ طبقي لاءِ سوچيو، لکيو ۽ عملي جدوجهد ڪئي ته رئيس موصوف به ان نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دعاگو آهيان ته هنن اکرن جي سچائي ڪنهن ماڻهو جو من موهي وجهي ته پوءِ رئيس جي محنت بلڪل ساب سمجهي.

    خادم ادب
    جوهر بروهي

    فريد آباد
    19 فيبروري 2015ع


    سرڪاري بارداڻي جي ورڇ ۾ بد عنوانيون

    سرڪاري بارداڻي جي ورڇ ۾ بد عنوانيون، آبادگارن سان
    ويساه گهاتيون ۽ سنڌ سرڪار جي نااهلي جو داستان

    ليکڪ: شمس ابن ضيا ابن بلبل

    سنڌ جاويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي
    ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڏسو سرڪاري بارداڻي جي ورڇ ۾ بي حيائي
    لٽيرن ۽ لاٽڙين جي ڪمائي لاءِ فوڊ کاتي هيءَ ڄار آهي وڇائي
    ملي ڀڳت ڪري روينيو کاتي ڀي آهي پاتي منهن ۾ ڇائي
    خلق خدا جي لٽيرن، پنجاهه روپيه في ٻوريءَ لاءِ آه رلائي
    سو به ڏين صرف پنهنجن چمچن کي غريبن سان ڪن جٺ سوائي
    اهڙي انڌير نگري نه ٻڌي نه ڏٺي ڪنهن به اڄ تائين
    ڪڻڪ ڍيري گڏهه رکپال هيءَ ڳالهه هاڻي اسانکي سمجهه ۾ آه آئي
    الائي ڪڏهن ڪندي عوامي حڪومت عوام جي بهتري ۽ ڀلائي
    رڳو پيٽ ڀريو پيا پيٽين جا، اڃا هنن مان جند نه اٿو ڇڏائي
    عوام جا، اڪثر رهبر بڻجي ويا آهن، رهزن ڇڏيو اٿن عوام پنائي
    في الحال ته ٽانڊا ڏنا اٿن عوام کي عوام جون دانهون ٻڌو ڪن لائي
    عوام جا جلسا جلوس هڙ تالون ۽ ڌرڻا ڏسي ڀڄن ٿا منهن لڪائي
    حڪومت جي بي حسي، بي بسي، بي وسي ۽ بي ڪسي جي انتها آهي اها ئي
    ڪڻڪ جي قيمت تيرهن سئو ملن آبادگارن کي صرف هڪ هزار انتظاميه جي آهه لچائي
    سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڀي ميمبرن آه هن ڏس ۾ واويلا مچائي
    فوڊ کاتي جي وزير به ٽي.وي چينل تي آه پنهنجي بي وسي جي ڳالهه ٻڌائي
    بجلي بند، پاڻي بند، گيس نه آهي ڪائي، رستا ڀڳل چيلهه به آه ڀڳي مهانگائي
    گند جا ڍير، ناليون اٿلي ٻوڙين گهٽيون ۽ گهير آه هر هنڌ دانهن اهائي
    حڪومت طرفان ٻٽاڪون سٽاڪون ۽ ڪوڙا انگ اکر عوام جي نظرن ۾ آهن لچائي
    پي پي حڪومت طرفان عوام لاءِ دلي تحفو ۽ سهڻي سوکڙي آه اهائي
    الائي ڪڏهن بک لهندي بکين جي جو ڪري سهائتا عوام جي ڪندا سندن چڱائي
    سنڌ جي عوامي حڪومت ڏسي پنهنجو اصل چهرو هن آئيني ۾ چتائي
    سنڌي ٽوپي اجرڪ کي ڪري ليڙون ليڙون ڇڏيو اٿن سنڌ جو ڪنڌ جهڪائي
    شهيد ڀٽو ۽ سنڌ جي شهيد راڻي جي روحن کي بوکڙن ڇڏيو آه رنجائي
    چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وٺي نوٽيس ترت، پي پي جي ساک بچائي
    يارن ته ڪري پي پي جي مٽي پليد، آهن ڇڏيا ان جا ڪم سمورا لاهي
    جي ٿيندي دير سوائي ته پي پي جا ڌڙا ٿي ويندا ڪيترائي
    شمس تنهنجي بڪ بڪ ٻوڙا مور نه ٻڌندا، ڪوشش تنهنجي آهي اجائي
    سنڌ جاويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي
    ***


    سنڌ جا ويري سنڌي آهن

    سنڌ جا ويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي
    سنڌ جو اَن کائي سنڌ سان وڙهن ٿا سنڌ جو پاڻي پي سنڌ کي ڦرن ٿا
    سنڌين کي سنڌي يرغمال ڪن ٿا، پئسا وٺي بي غيرت کين ڪنگال ڪن ٿا
    سنڌي سنڌين کي روز ڪهن ٿا پئسن جا پياسي پنهنجن کي لٽن ٿا
    ڌارين سان ڊڄڻان هي ڀاڙي ڪونه وڙهن ٿا انهن کي ڏسي مٽ مٽن ٿا
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    شير شاهه جا هي شڪرا آهن، ماريندا گهر جا ڪڪڙ آهن
    شير شاهه وڃڻ کان ڊڄندا آهن نائن زيرو کان ڏڪندا آهن
    تُسين مُسين ۽ مڪڙن آڏو هي لوسي ڀاڙي ڄڻ کدڙا آهن
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي.

    بي شرم بي شرمي کي لڄائي، پاڻ کي اڙٻنگ ڌاڙيل چون ٿا
    ڏسي پادر هنگي ويهن ٿا، پاڻ کي ڏهيسر ۽ شير چون ٿا
    ڌارين اڳيان ڄڻ ڪتڙا آهن ڀؤن ڀؤن ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا
    پنهنجن کي مارڻ ۾ مڙس ماڻهو آهن ترس نه انهن تي ڪو ڪن ٿا
    سنڌي ويري سنڌ جا آهن ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي.

    ڏاڙهيون گهاٽيون اکين تائين مڇون گانگٽ مِٽن تائين
    شڪل خوفائتي بگهڙ جهڙي رک پناهه ۾ پنهنجي مولا سائين
    قبضا خوري حرام خوري ڏاڍ ظلم ۽ زور سدائين
    ٽوپي نرڙ تي اکيون ٻوٽيل پاڻ کي ٿو ٻروچ سڏائين
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    ٿي ٻروچ ٿو ٻروچن کي به لڄائين موٽر سائيڪل لاءِ ڳڀرو مارائين.
    ڪيترو جي ڪيترو جيئندين هلڻو ته اٿئي نيٺ اوڏاهين
    ڪر خوف خدا جو، ٿيندين خوار خراب سڙندين جهنم ۾ سدائين
    سنڌي ويري سنڌ جا آهن ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي
    قبضا ڪندڙ حرام خور جي ذات نه ڪائي ٿيندي آهي

    چانڊيو کوسو جانوري هو ته بلڪل هوندو ناهي
    وحشي خونخوار درنده طور هنجي سڃاڻپ ٿيندي آهي
    رهزن حرامخور جي زندگي ڪتي جهڙي هوندي آهي
    سنڌ جو ويري سنڌي آهي، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    وياج خور حرام خور جوٽي جنگ الله سان وڙهن ٿا انجي رسول سان
    ستر دفعا چڙهن پنهنجي ماءُ مٿان پوءِ به گهمن ٿا اوچي ڳاٽ سان
    پئسا گڏ ڪري ڀڙوت جا ڪلهو ملائين ٿا نيڪ ۽ اشراف سان
    جي رهزن ڀڙوا سڏبا عزتدار ته ٿيندو نه انصاف شريفن سان
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    حرام خور جي عبادت رب وٽ ناه قبول سجده سندس ٽڪر آهن
    اسلامي ڪتابن ۾ موجود اهڙا ڪيئي مثال ۽ ذڪر آهن
    پيار واري زبان سان بگڙيل معاشره ڪڏهن به سڌرندا نه آهن
    هيءَ اسان جي مجبوري آهي هنٽر کان ڪم وٺڻا آهن
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن، ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڏسو سرڪاري بارداني جي ورڇ ۾ بي حيائي
    لٽيرن لانڙين جي ڪمائي لاءِ هنن آهي ڄار وڇائي
    الائي ڪڏهن ڪندي هيءَ حڪومت ڏتڙيل عوام جي ڀلائي
    شمس تنهنجي هيءَ بڪ بڪ ڪير به نه ٻڌندو آهي اجائي
    سنڌ جا ويري سنڌي آهن ڏوهه ٻئي ڪنهن کي ڏيڻو ناهي

    ***


    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟

    ليکڪ: شمس ابن ضيا ابن بلبل

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟


    مسجدون مدرسا رهيا نه آهن مقدس اڪثر ڪن پيدا دهشتگرد ۽ بمبار وڏا
    درس گاهن ۾ ملي نه درس ڄاڻ ۽ فضيلت جو ، ٿيا مشهور منشات جا اڏا

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    مولوي صاحب هئا اڳي دم درود پڙهڻ وارا، ٿيا مشهور هاڻي بم بارود وارا هزاري

    نه يار جي ياري نه رهي آ دوستي پياري ڦرمار ٺڳي ۾ آ حرام خورن زندگي گذري

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    سياست نانءُ هو ايمانداري خدمت خلق جو مگر ٿي ويا اڪثر رهبر رهزنن ۾ شمار

    پوليس کاتو هو محافظ عوام جو مگر ٿي ويو آ چور ڊاڪو ۽ لٽيرو خراب و خوار

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    اڪثر استاد اڄڪلهه جا نه پڙهي نه پڙهائي ڄاڻن، سڏجن ٿا مگر معمار ملت جا

    ڀلي عزت وڃي حرمت وڃي ڀلي منهن ٿئي ڪارو مگر مال اچن مڻين توڻي ڀڙوت جا

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    ڪنهن کي پرواهه ناهي ڪا پنهنجي عزت ۽ آبرو جي، پرائو مال دولت ڦٻائڻ ۾ ڪن نه محسوس ڪو شرم
    لڳائي ڇڏيائون پنهنجي خاندان جو نانءُ ناموس داءَ تي رکيائون نه پنهنجو ڪو ڀرم

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    ڊاڪٽر پيشو چيو ويندو هو مقدس مگر بي ايماني ۽ بي حيائي ۾ آ مشهور تمام

    ڊاڪٽرياڻيون هڻي سيون روڪين ويم زبردستي پوءِ ڪرائي سيزر وٺن ناڻو حرام

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    تجارت نالو هو ايمانداري جو مگر ٺڳي، فريب ۽ مڪاري آ ان جو نشان

    ملاوت، ناجائز نفعو، تور ڪسي ۽ ڪهڻ خريدارن کي سمجهن ٿا پنهنجو شان

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    قرب ۽ پيار جو صلو ملي فريب، ٺڳي، ڪوڙ ۽ دغا ۽ ڦرمار سان

    ماڻهن مان نڪري ويو آ ماڻهپو جوان توڙي ٻڍي ۽ ٻار مان

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟


    جن کي نيرن تي لڳن دٻڪيون اهڙن ڪنگلن ۽ پرمارن وڃايو آ شان وارن جو شان

    اڃا ڪلجڳ ۾ آهن ڪي ڪاپڙي ورنه دو نمبرين کوليا آهن دوڪان

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    سنڌي بڻجي ويري سنڌ جا ڪيائون سنڌ سڄي کي نيلام

    مڙيا نه پنهنجي ماءُ مان اهڙن ڪمينن سان ڪجي ڪهڙو ڪلام

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    هر ڪو مالڪ گهر پنهنجو پاڻ پيو ڊاهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو وهائي

    نه رهي سمجهه نه رهي غيرت نه هوش عقل آهي، حرص، لوڀ ۽ لالچ ۾ هر ڪو پيو آ ڪاهي

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    ڪورٽن ۾ وڪامي انصاف، اينٽي ڪرپشن کاتا بڻيا پرو ڪرپشن تمام

    جيڪي ڦريا جيڪي بچيا، جيڪي ڦٻيا جيڪي ٽنگيا آ اهڙو هاڻي سڀن جو انجام

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    معاشرو سڄو ٿي ويوآ حرامخور، چور نه سمجهيو وڃي ٿو چور آهي هي زور

    چورن مٿان ايندا رهن ٿا مور، ظلم، جبر، ڏاڍ جو ٿيندو ڪڏهن ختم هي دؤر

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    نقشو آهي هي موجوده معاشري جو سؤ فيصد سچو ۽ پڪو

    مولا جلد آڻي ڪو مهدي مٺو جيڪو ڊاهي ظالمن جو متل هي مڪو

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟
    شمس کي لڳي آ گرهڻ دائمي، ٿي وئي آه اونده انڌوڪار

    سماج جا دشمن ڪڏهن سڌرندا، ايندي سنڌ ۾ ڪڏهن بهار؟

    آخر هي ٿي ڇا رهيو آهي؟

    ***


    وياجي ۽ فرمان الاهي

    (1)
    اڪثر وياجي آهن حاجي نمازي
    ڊگهيون ڏاڙهيون، ڊگهيون تسبيحون، مڇون رواجي
    ڪلف ٿيل ڪپڙا سفيد ۽ استري ٿيل تازي
    اندر ڪارو ڪِٺ، ٻاهر کيڪار بازي

    (2)
    احڪامِ الاهي ۾ ڪهڙي حجت ڪهڙا دليل
    واپار ۽ وياج ۾ تفاوت آهي قليل
    واپار ۾ ڊپ نقصان جو هن ۾ فائدو سبيل
    ڏينهن حشر جي ٿيندا وياجي سڀ ذليل

    (3)
    چُنگي وٺڻ آهي شرع ۾ حرام
    ڪَسي تور تورڻ عادت آه عام
    مٿڪي وٺڻ، رکت تي هي ڪم آ ه خام
    آ وعده خلافي رقم ڏيڻ ۾ جرم تمام

    (4)
    ڪوڙي تي ڪئي لعنت رب منجهه قرآن
    رلائڻ خلق خدا کي آه بڇڙو بيان
    نه هن ۾ ڪا عزت نه هن ۾ ڪنهن جو شان
    هي ماحول شيطاني ٿيو الامان الامان

    (5)
    وياج خوري آه زنا ڪرڻ ماءَ سان
    ڪن ٿا وياجي ظلم پنهنجي وياءَ سان
    حرام خور اولاد کائي حرام، ڀاءُ وڙهي ڀاءُ سان
    ڪهاڙو هڻڻ پير تي آ، وڏي گهاءُ سان

    (6)
    وياج خور آه رب سان جنگ جوٽي
    هر مسڪين محتاج لئه وياجي بڻيان سوٽي
    حرام خورن جي نيت هميشه رهندي کوٽي
    بي ايمان هوندا دوزخ ۾ ابتي چوٽي

    (7)
    حرام خور ڪوڙهي ۽ بدبو وتل
    حشر ڏينهن نانگن جا هوندا ڏنگيل
    وياجين جو روح ڪارو ۽ قلب مئل
    پاڻي نه ملندن حشر ۾ ملندن پيشاب ڳپل

    (8)
    قسم کڻي ڪيرائن ٿا اگهه ان جو
    وٺن پاڻ اگهه پوءِ پنهنجي مَن جو
    ملائين نئين اَن ۾ پراڻي سَن جو
    نه عزت نه غيرت بس حرص ڌَن جو

    (9)
    سڏائين مسلمان ڪرتوتن ۾ اصل شيطان
    شيطان ورتي ڇٽي آيا وياجي منجهه ميدان
    صبح جو پڙهي نماز پوءِ پڙهن قرآن
    مات ڏنائون ابليس کي ٿي موذي بي ايمان

    (10)
    تعليم اسانجي ۾ خرابي آهه وڏي
    نه دين نه ايمان ڏسي واٽ جَڏي
    بي ايماني ۾ ڪاهي، ورتائون واٽ ڦڏي
    ڪيو خوف خدا جو ڇڏڻي اٿو نيٺ مَڏي

    (11)
    حديثن ۽ قرآن ۾ آهي لکيل
    ڪمينا نه سڌرن جي آهن ازل جا رليل
    نه ويساهه آه جن جو الله تي رکيل
    سمجهن نفعو آهي نقصان، آهن ڀليل

    (12)
    هي ماحول سارو ٿي ويو آهي خراب
    ڇا جو حلال، ڇا جو حرام، ڇا جو ثواب
    اچي پئسو وڌي ويسو هر حساب
    اهڙن حرام خورن جو ناهي ڪو جواب

    (13)
    پينهي تو تڙ سڪل بنائن ڪٽي
    ڪن هي ڪڌو ڪم ڏينهن کان هٽي
    رات جي پهر ملين منهن کي مٽي
    روه رلا مٿي کلا آهن منجهه چٽي

    (14)
    سگهڙا، چالهيو ڪري ٻٽي پالش
    اري کي ڏئي مار ۽ مالش
    بنائين ان کي سپر باسمتي خالص
    بڻيا ويٺا آهن چڱا مڙس ۽ ثالث

    (15)
    ڏارو پراڻو ڪارو ملائي سارو
    اٽي سان ڪن وارو وارو
    پئسا اچن، بيٺا نچن، منهن اٿن ڪارو
    پوکي ڪنڊا ڪونه ڪندا ڪڻڪ لابارو


    (16)
    پيٽين جا ڀرجن نه پيٽ
    ڀلي چرن پراوا سمورا چيٽ
    ڪجي تن جي ڪتن سان ڀيٽ
    توبهه تائب مور نه ڪندا نه سوير نه ليٽ

    (17)
    ظالم جو مال ۽ اولاد ٿيندو جلدي چٽ
    اولاد لولو لنگڙو چريو کريو هوندن چرٻٽ
    مال حرام بنائي ننڍن نيٽن کي موالو نپٽ
    ڪهڙو فائدو ڪهڙي چڱائي جهان ٻئي چٽ

    (18)
    ظالم جو رهندو نه مان نه رهندو مقام
    ميڙي ٿو ماياجن لئه صبح و شام
    “شمس” ويندا جلدي مري اهي سڀ تمام
    ڪجهه سوچيو ڪجهه سمجهو ٿيو نه حجام


    (19)
    يوريا ڀاڻ ۾ ملائي لوڻ پائن ٿا منهن ۾ ڌوڙ
    هٿ رکي اکين تي کڻي قسم ڪوڙا وڃائن پنهنجو نور
    ڪيڏو به سمجهائين موذي نه مڙندا مور
    چڱن جو اولاد ٿيو آحرام خور آهي وڏو سور

    (20)
    سمجهي معنيٰ ساڻ پڙهو پاڪ قرآن
    پڙهو حديثون حَسن ڌري گهڻو ڌيان
    “شمس” چوي ٿيندو مولا مٿن مهربان
    معاشرو من ٿئي روشن مثل شمعدان


    انڌير نگري چرٻٽ راجا

    سستيون ساريون مهانگي ڪٽي.
    مِلن وارن آ مچائي هڪ هٽي
    رب ڪريم کي پارت آهي
    ويل ۾ ساري رعيت آهي
    چرٻٽ راجا سنڌ سونهاري،
    اٽڪي پڳ ۾ آٻير جي ٽاري،
    ڀنڱ پيون بس ڪن پيا بهاري،
    ڌارين آ سڄي سنڌ ٻُهاري،
    ڪونهي ساڃهه ڪونهي ياري،
    رب ڪريم کي پارت آهي
    ويل ۾ ساري رعيت آهي

    درد انهيءَ آ دلڙي ڦٽي،
    ڪندو ڪير به نه مرهم پٽي،
    جاهل وِياجي ٿيا لک پتي،
    ماروئڙن لئه سي بڻيا چٽي،
    ڄڻ ته سماج جي آ قسمت ڦٽي،
    رب ڪريم کي پارت آهي
    ويل ۾ ساري رعيت آهي

    سنڌ جو قهر ۽ ڪلور حوالو،
    ڳائن ڦورو ۽ چور جمالو،
    “شمس” ڏٺوسين وقت نرالو،
    لڳندو مهانگائي کي نيٺ ته تالو،
    سستيون ساريون مهانگو ٻٽالو،

    رب ڪريم کي پارت آهي
    ويل ۾ ساري رعيت آهي


    سنڌ جي تعليم

    شمس ابن ضيا ابن بلبل

    تعليم کاتو آ نڌڻڪو ڪونهي جنهن جو ڪو نگهبان.

    جڏهن کان عملو ان جو مقرر آهي ٿيو بي ايمان.

    ڪاپي ڪلچر آه ڪئي ستياناس تعليم جي.

    شاگرد ڏڏا، استاد جڏا ڪيڏو نه آه ارمان.

    سنڌي، سنڌي لکي نه ڄاڻن پوءِ به ناهن پشيمان.

    رشوت خوري زورا زوري ناه اهو بهتان.

    گوسڙو ماستر ڀري ماهيانو ڀتو، هلائين پيا دوڪان.

    ڪي ڊکڻ، ڪي حجم، ڪي وڪڻن پيا پلاٽ مڪان.

    پوري پوي نه حرام خورن جي رهن هر وقت پريشان.

    نه صبر نه شڪر نه توڪل رکن مٿي رب رحمان.

    استادن ڪري بي ايماني، ڪيرايو تعليم جو شان.

    علي قاضي! ڇڪاءِ حڪومت جو هن طرف ڪو ڌيان.

    سنڌي ۽ سنڌين مٿان ڪر وڏو هي احسان.

    ڪر ڪم هي اهم هٿ نه منجهائيندئي هادي رهندءِ رب مهربان.

    حرص حوس ويا آهن وڪوڙي رهيو مسلمان نه مسلمان.

    خان رهيو نه خان، هاڻي ٿي ويا سڀ حيوان.

    “شمس” ٿيندو ڪين مٿاهون هاڻي سندن مان.

    وٺي واٽ شيطان جي ٿي ويا آهن خود شيطان.


    وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون

    وياج سنڌي زبان جو لفظ آهي جنهن کي اردو زبان ۾ سود ۽ عربي زبان ۾ ربوا چئجي ٿو. ربوا لفظ جي لغت ۾ معنيٰ آهي ــ زياده يا اضافو يعني اها اضافي يا زياده رقم جيڪا وياجي کي پنهنجي مور کان علاوه مقرر ڪيل نرخ مطابق وڌيڪ ملي ٿي. اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي مذهب اسلام ۾ حرام قرار ڏني وئي آهي.
    ظاهري طرح تجارت ۽ وياج ۾ معمولي فرق نظر اچي ٿو. مگر ٿورو خيال سان سوچبو ته ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. تجارت حلال ۽ خير آهي پر وياج حرام ۽ شر آهي. وياجي نه صرف وياج وٺندڙ ۽ وياج ڏيندڙ لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ آهي، بلڪه پوري معاشري لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ڪارڻ ۽ سبب بڻجي ٿو.
    تجارت يعني واپار ۽ وياج ۾ هي فرق آهي ته تجارت ۾ نفعو ۽ نقصان لازم ملزوم آهن. يعني نفعو به ٿي سگهي ٿو ۽ نقصان به ٿي سگهي ٿو ۽ واپاريءَ کي اها خبر نه ٿي پوي ته کيس نفعو ڪيترو ٿيندو. مگر ان جي برخلاف وياجيءَ کي خبر آهي ته هن ڪاروبار ۾ نفعو ۽ نقصان لازم ۽ ملزوم نه آهن ۽ وياج ۾ صرف نفعو ئي نفعو آهي. ان ۾ نقصان جو ڪوبه انديشو ڪونهي ۽ منافعو ڪيترو ٿيندو اهو به مقرر ڪيل ۽ اڳواٽ معلوم آهي. واپار ۽ تجارت ۾ واپاريءَ جي محنت، ڊوڙ ڊڪ ۽ سندس صلاحيتون ڪتب اچن ٿيون. پر وياج جي ڪاروبار ۾ وياجيءَ کي ڪابه ڊوڙ ڊڪ ڪرڻي نه ٿي پوي ۽ سندس صلاحيتن جو به هن ڪاروبار ۾ ڪو حصو ڪونهي، وياجيءَ کي گهر ويٺي بنان ڪنهن تڪليف جي مور ۽ اضافو يعني وياج ملي وڃي ٿو، جنهن ۾ نقصان جو ڪوبه خطرو نه آاهي ۽ ان ڪري وياجي سمجهي ٿو ته هو وڏو عقلمند آهي ۽ وڏي فائدي ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو سندس مال هر ڏينهن وڌندو رهي ٿو ۽ وڌ کان وڌ ٿيندو رهي ٿو، مگر کيس اها خبر ئي ڪانهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي آل و اولاد جو ۽ پوري معاشري جو دشمن آهي، وياج هڪ خطرناڪ بيماري آهي. جيڪا وياج ڏيندڙ وياج وٺندڙ ۽ پوري معاشري کي ڪينسر جي بيماري وانگر وڪوڙي وڃي ٿي ۽ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿي. وياج وٺندڙ حوس پرست، لالچي ۽ ظالم درندو بڻجي وڃي ٿو، وياج وٺندڙ مفلس، ڪنگال ۽ نادار ٿي وڃي ٿو ۽ پوري معاشري جو معاشي نظام بگڙجي وڃي ٿو. امير، امير تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ غريب، غريب تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ هي مقصد ۽ روح مذهب اسلام جو نه آهي.
    گهرن ۾ وياج جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، ان کانسواءِ دڪانن تي ۽ ڪارخانن تي وياج جو ڪاروبار گهڻين شڪلين ۽ صورتن ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو سڀ حرام ۽ ناجائز آهي. وياج خور انسان نه بلڪه وحشي ۽ بي غيرت درنده آهي، هي سڀ ڪجهه قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو ۽ سمجهايو ويندو.
    دڪاندار رکت تي ڏنل سامان جي قيمت، روڪ واري قيمت کان جيڪڏهن وڌيڪ يعني اضافي وٺي ٿو ته اهو به وياج آهي. اضافي رقم سندس حق نه آهي بلڪه اهو واپار ۽ تجارت جو اصول آهي ته پنهنجي گراهڪي وڌائڻ خاطر گراهڪ کي رکت تي مال ساڳي قيمت ۾ ڏي. قسطن تي شيون وڪڻڻ جنهن جي قيمت جيڪڏهن روڪ واري کان وڌيڪ يا اضافي وصول ڪئي ويندي ته اهو به وياج ۽ حرام آهي ۽ تجارت يا واپار جي اصول جي خلاف آهي. وياجي اسلامي معاشري لاءِ وهندڙ ناسور مثل آهي وياجي شخص پنهنجو مال ۽ زر وڌائڻ جي حرص ۽ حوس ۾ پنهنجي عاقبت، آخرت ۽ انسانيت وڃائي ويهي ٿو. هو هر خير ۽ برڪت کان بي خبر غافل شخص وياج جي موه ۾ گرفتار ٿي گهڻي کان گهڻو مال ۽ ملڪيت جمع ڪرڻ جي حرص و حوس ۾ بلڪل انڌو بڻجي وڃي ٿو. کيس خبر ئي نه ٿي پوي ته مال ۽ دولت ڍونڍ مثل آهي ۽ ڍونڍ جا پياسي ڪتا ئي هوندا آهن.

    هن سلسلي ۾ سائين شاهه لطيف جو بيت ملاحظو ڪريو:
    ڪتو طالب ڍونڍ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ،
    جهٽي آهي چيڙ، ڪارايل جي ڪَنَ ۾.
    هن سلسلي ۾ هڪ حديث شريف: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته رسول خدا ﷺ فرمايو ته “درهم ۽ دينار جو غلام (پياسي) لعنت ڪيل آهي” (ترمذي)
    جيڪڏهن ڌن، دولت، مال ۽ ملڪيت الله تعاليٰ جي رحمت ۽ انعام هجي ها ته پوءِ سڀني کان وڌيڪ مال ملڪيت رسول الله ﷺ وٽ هجي ها! اها دولت جيڪڏهن خير ۽ برڪت هجي ها ته پوءِ چئن يارن وٽ هجي ها! اها دولت جيڪڏهن الله تعاليٰ جي نعمت هجي ها ته امام سڳورن وٽ هجي ها. انهن الله تعاليٰ جي محبوب ٻانهن جون زندگيون پڙهي ته ڏسو! رسولِ خدا ﷺ جي رهڻ واري جاءِ جي ماپ 10x10 فوٽ آهي معنيٰ هڪ سؤ چورس فوٽ جي هئي. ڀتيون مٽي گاري جون ٺهيل، اٺ فوٽ اوچيون، ڇت تي کجيءَ جا ڦڙها رکيل، ان جي مٿان گاري جون ليپو ڏنل، هن ڪوٺڙيءَ ۾ ٻه کٽون مشڪل سان ماپنديون هيون، در بدران چادر ٽنگيل هوندي هئي. حضور ﷺ جن جي آرام ڪرڻ لاءِ ويهاڻي جي کل به چمڙي جي هئي. جنهن ۾ کجيءَ جو کاٻار ڀريل هوندو هو. هڪ ويلو ماني کائيندا هئا ۽ ٻيو ويلو ماني ميسر نه هوندي هئي. حضرت علي رضه سائين جو به ساڳيو نمونو هو. هڪ ويلو کائيندا هئا ۽ جيڪڏهن ٻئي ويلي لاءِ ماني ٽڪر رکيل هوندو هو ۽ ڪو سائل اچي ويندو هو ته اها ماني ان کي ڏئي. پاڻ پاڻي پي ويلو ٽاريندا هئا. صحابه ڪرام به اڪثر سڪل ماني پاڻي ۾ وجهي رکندا هئا، ڪجهه نرم ٿيندي هئي ته پوءِ اها کائيندا هئا ۽ الله تعاليٰ جي ڏنل رزق تي راضي ۽ خوش هئا.
    هن سلسلي ۾ هڪ حديث شريف ملاحظه ڪريو:
    حضرت عبدالله (رضه) ابن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ڪامياب اهو شخص ٿيو جيڪو مسلمان ٿيو ۽ کيس ضرورت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ الله تعاليٰ کيس ان عطا تي قانع ۽ راضي ٺاهيو (مسلم).
    اي! مسلمانون ڪجهه ته سوچيو؟ ڪجهه شرم حياءُ ڪيو! اهو مال ۽ ملڪيت اها گڏ ڪيل حرام دولت اوهان جي ڪنهن ڪم نه ايندي. بلڪه اوهان ۽ اوهان جي آل و اولاد لاءِ وبالِ جان بڻجندي. اوهان جو اولاد اڻ سڌريل ٿي ويندو ۽ ظالم جو نسل قائم نه رهندو، دولت سان محبت نه ڪريو آخرت جو اونو ڪريو.
    (1) حضرت مسعود (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جو شخص پنهنجي دولت کي دوست سمجهي ٿو، اهو پنهنجي آخرت کي نقصان رسائي ٿو ۽ جو شخص پنهنجي آخرت کي دوست سمجهي ٿو، اهو پنهنجي دولت کي نقصان پهچائي ٿو. انهيءَ شيءِ کي اختيار نه ڪريو جيڪا فاني آهي. (احمد ۽ بيهقي)
    وياجيءَ جا هٿ ۽ پير ڪوڙه ۾ ورتل ۽ سندس گهر ۾ ڍونڍ جي ڌپ هوندي آهي. جيڪا ڌپ وياج خور کي محسوس نه ٿيندي. وياجيءَ جي ڪا بخشش ڪانهي وياجي هميشه لاءِ دوزخ جي باهه ۾ سڙندو رهندو ۽ کيس جنت نصيب نه ٿيندي.
    حضرت جابر (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنت ۾ اهو گوشت داخل نه ٿيندو جيڪو حرام مال کائي پليو آهي (احمد دارمي ۽ بيهقي)
    رزق حلال جي ڪمائي مان جيڪڏهن دولت ڪٺي ٿئي ٿي ۽ اها پنهنجي جان، ۽ پنهنجي آل و اولاد جي ضروريات ۽ خير جي ڪمن ۾، ۽ خاص طرح مسڪين، محتاج، بيمار، نادار ۽ ضرورت مندن جي ڪم اچي ته بيشڪ اها دولت الله تعاليٰ جو انعام سمجهڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اسلامي ۽ شرعي قانون تي سختي سان هلڻ ۽ پيروي ڪرڻ بعد، دولت جو هڪ هنڌ مستقل طرح جمع ٿيڻ ناممڪن آهي، خير، خيرات، بخشش، زڪواة، خمس، عشر، فطره قرباني ۽ وراثت ذريعي دولت ڦهلجندي ۽ پکڙندي ۽ هڪ جاءِ تي جمع نه ٿيندي. ۽ مذهب اسلام جي اها ئي منشا ۽ مقصد ۽ اسلامي اقتصاديات جو اهو اصول ۽ قانون آهي.
    مالدار شخص کان ڏينهن قيامت جي پڇاڻو ٿيندو ته الله تعاليٰ، جو کيس دولت ۽ عزت ڏني ته هن پنهنجي دولت غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪتب آندي يا نه؟ جيڪڏهن ڪنهن مالدار جو پاڙيسري بکيو، سمهي رهيو ته اهو ڀي کانئس پڇاڻو ٿيندو ۽ کيس سزا ۽ جزا ضرور ملندي.
    هن سلسلي ۾ حديثون هيٺ ڏجن ٿيون ملاحظه ڪريو:
    حضرت ابن عباس (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اهو شخص مسلمان نه آهي جيڪو پاڻ ڍئو ڪري کائي ۽ سندس پاڙيسري بکيو هجي (بيهقي ۽ شعب الايمان).
    حضرت انس (رضه) کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته
    “جيڪو مظلوم جي داد رسي ڪري ٿو الله تعاليٰ ان جي لاءِ 73 بخششون لکي ٿو. 73 بخششن مان هڪ بخشش هن جهان ۾ سندس ڪمن جي اصلاح ڪندي، باقي 72 بخششون روزِ قيامت ۾ سندس درجات بلند ڪنديون (بيهقي)
    مطلب ته اسلام مذهب آهي روا داري جو، هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ جو، هڪ ٻئي جي سار سنڀال لهڻ جو، هڪ ٻئي سان ڏکئي وقت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ ۽ سهارو بڻجڻ جو، غريب، محتاج ۽ اڙيلن جو واهر وسيلو بڻجڻ جو وغيره. اسلام ڏاڍائي، بي حيائي، لوٽ، کسوٽ، چوري، زوري ۽ ظلم ڏاڍ ۽ زبردستيءَ جو نالو نه آهي. الله تعاليٰ جي بندن سان محبت ڪرڻ، سڀني بهترين ڪمن کان وڌيڪ بهتر ڪم آهي ۽ الله تعاليٰ اهڙن شخصن تي نه صرف رحم بلڪه ڪرم به ڪري ٿو ۽ ظالم ۽ جابر تي لعنت ڪري ٿو. هيءَ دنيا امتحان جو ڪلاس آهي جيڪو پاس ٿيو اهو الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم جو حقدار ۽ جيڪو هن امتحان ۾ فيل ٿيو اهو الله تعاليٰ جي قهر ۽ لعنت جو حقدار بڻيو.
    اهي ڪم جيڪي انسان کي انسان مان حيوان بڻائي ڇڏين ٿا اهي هيٺ بيان ڪجن ٿا.
    ذخيره اندوزي: اسلام ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙ گنهگار، خطا ڪار ۽ ملعون آهي، ڇو ته هن ڪم سبب اهي شيون مهانگون ٿي وڃن ٿيون ۽ معاشرو مصيبت جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. غريب وڌيڪ غريب ۽ ذخيره اندوز وڌيڪ مالدار ٿي وڃي ٿو. غريب ۽ مسڪين ماڻهو جي زندگي ذخيره اندوز عذاب بڻائي ڇڏين ٿا. ڪنهن زماني ۾ ماڻهو کنڊ لاءِ پريشان هئا ته وري ٻئي زماني ۾ ماڻهو اٽي لاءِ خوار خراب ٿيندا هئا. ٽماٽا ڪڏهن 10 روپيه ڪلو ته ڪڏهن 300 روپيه في ڪلو. هي آهن ذخيره اندوزن جا ڪارنامه رمضان شريف ۾ به بي غيرت واپاري هر شيءَ مهانگي ڪري ڇڏيندا آهن.

    ذخيره اندوزن متعلق ڪجهه حديثون ملاحظه ڪريو:
    حضرت معمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “ذخيره اندوزي ڪرڻ وارا گنهگار آهن (مسلم)
    حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جيڪڏهن ڪو مسلمان اناج کي روڪي، پوءِ وڪرو ڪري، الله تعاليٰ ان کي ڪوڙهي ۽ تنگ دست ڪندو” (ابن ماجه)

    حضرت معاذ رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته:
    “ذخيره اندوزي ڪندڙ تمام برو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن الله تعاليٰ قيمت گهٽائي ٿو ته هو غمزده ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن قيمت مهانگي ڪري ٿو ته هو خوش ٿئي ٿو.” (بيهقي)
    حضرت ابو امامه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جيڪو شخص چاليهه ڏينهن اناج روڪي ٿو ۽ پوءِ جيڪڏهن اهو سمورو اناج صدقو ڪري ٿو، تڏهن به سندس گناهه جو ڪفارو ٿي نه ٿو سگهي. (زرين)
    حضرت نعمان رضه بن بشير کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “هڪ اهڙو زمانو به ايندو جڏهن ماڻهو حلال ۽ حرام جو خيال ڪرڻ کان سواءِ جو کين هٿ لڳندو حاصل ڪندو.” (بخاري)
    حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “سوداگر کي رزق ڏنو ويو آهي ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙ ملعون آهي” (ابن ماجه دارمي)

    اسلام ۾ حقوق العباد جي حقوق الله کان وڌيڪ اهميت آهي.
    روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي. اهو فهم، جنهن طرف ڀٽائي سائين اشارو ڪيو آهي، اهو حقوق العباد “انسان ذات جو ڀلو ڪرڻ” الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم ڪرڻ سڀ کان وڏي عبادت آهي خدمت خلق الله تعاليٰ جي بندن تي ڪهل ڪريو! رحم ڪريو! الله تعاليٰ پنهنجا حقوق ته معاف ڪري سگهي ٿو، پر حقوق العباد ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه ڪري سگهي ٿو. مظلوم بندو جڏهن خود معاف ڪري يا ظالم جون نيڪيون وٺي کيس ان جي بدلي ۾ بخش ڪري. روز محشر ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا اعمال ڇڏائين، ڪير ڪنهن کي بچائي نه سگهندو.
    جن ظالمن هن جهان ۾ ظلم ڪيا آهن. انهن کي دوزخ ۾ ابتو ٽنگيو ويندو. اڄ ڪلهه وياج جو ڪاروبار وڌي ويو آهي. گهر گهر ۾ هي ڪنو ڪاروبار جاري آهي، انهيءَ سلسلي ۾ قرآن مجيد جون چند آيتون ۽ رسول الله ﷺ جون چند حديثون ملاحظه ڪيو:
    قرآن شريف جي سوره البقره جو پورو هڪ رڪوع وياج کي حرام قرار ڏيڻ بابت لکيل آهي، جنهن ۾ سود خور کي ابدي جهنمي قرار ڏنو ويو آهي. يعني وياجيءَ جي ڪنهن طرح به شفاعت نه ٿيندي، هو هميشه لاءِ جهنم جي باه ۾ سڙندو رهندو.
    سوره البقره جي اها آيت نمبر 276 هن طرح لکيل آهي:
    وَاَحَلَّ اللهُ الۡبَيۡعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰواط فَمَنۡ جَآءَ مِّنۡ رَّبِّہ فَانۡتَهيٰ فَلَہ مَاسَلَفَ ط وَاَمۡرُه اِلَي اللهِ وَمَنَ عَادَ فَاُ ولٰئک اَصۡحٰبُ النَّارِج هُمۡ فِيۡهَا خٰلِدُوۡنَ. (البقره 275)
    قرآن مجيد جي سوره البقره ۾ ئي لکيل آهي ته وياج خوري الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول ﷺ سان جنگ جوٽڻ جي برابر آهي، سوره البقره جي اها آيت هي آهي.
    يآيُّهَا الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا التَّقُوۡ اللهُ وَذَرَ وَامَا بَقۡيَ مِنۡ الرّبِوا اِنۡ کُنۡتُم مُؤمِنِيۡنَ فَا اِنۡ لَّمُ تَفۡعَلُوۡا فَاذَنُوا بِحَريۡمَ مِّنۡ الله وَرَسولِہِ ج.
    قرآن مجيد کان علاوه هيءَ حديث شريف ۾ به موجود آهي ته وياج جو ڪارو بار حرام آهي. جنهن جا ستر درجا آهن سڀ کان گهٽ درجي جو گناهه ماءُ سان زنا جي برابر آهي. اها حديث شريف هي آهي:
    اَلرِبوا سَبۡعُوۡنَ جُزءُ اَيۡسَر هَا اَنَ يَّنِکِحَ الرَجَل اُمَّہُ (ابن ماجه)
    اي! مسلمان ٿورو سوچو! ڪوئي غليظ ۾ غليظ ۽ ڪافر به پنهنجي ماءُ سان زنا ڪري سگهي ٿو؟ بلڪل نه! ته پوءِ توهان وياجي پنهنجي ماءُ سان ڇوٿا زنا ڪريو؟ يا ته توهان انسان نه بلڪه خنزير آهيو يا توهان جو الله ان جي رسول ۽ قرآن شريف تي ڪو ويساهه ئي ڪونهي. توهان کي پئسا ملن پوءِ اوهان پنهنجي ماءُ سان به زنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ٿا. ڪو شرم حياءُ ڪريو! اهي پئسا ڇا ڪندؤ؟ جيڪي توهان کي انسان مان خنزير بڻائي ڇڏين. وري نالا به مسلمانن جا رکيا اَٿوَ، نماز به پڙهو ٿا ۽ ڏاڙهي به وڏي رکائي اَٿوَ؟ ڪو ته شرم حياءُ ڪريو. ٻُڏي مرو، اهڙا پئسا بي غيرت، انسانو ڪهڙي ڪم جا؟ غليظ ۾ غليظ درنده خنزير ئي آهي جيڪو پنهنجي ماءُ ڀيڻ تي چڙهندو آهي ۽ ٻين کي به خوشيءَ سان انهن تي چڙهڻ ڏيندو آهي. وياجي ۽ خنزير ۾ پوءِ ڪهڙو فرق ٿيو؟ بلڪه وياجي کي خنزير سان مشابهت ڏيڻ، خنزير جي بي عزتي آهي.
    توبه هر وقت قبول ٿئي ٿي هاڻي ئي توبه تائب ڪيو الله تعاليٰ وڏو رحيم ۽ رحمان آهي. جيڪو پئسو اوهانجو ماڻهن طرف رهيل آهي ڇڏي ڏيو ۽ آئنده اهو ڌنڌو ڇڏي ڏيو. پڪ ڄاڻو اهو سؤدو نقصان جو نه بلڪه فائدي جو سؤدو اَٿوَ.
    دين اسلام احسان ۽ رحم ڪندڙن جو مذهب آهي. وياجي، بي رحم، ظالم ۽ خبيث فطرت جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو. کيس ڪنهن به محتاج، تنگ دست، ۽ لاچار مسڪين تي قياس ۽ رحم نه ٿو اچي، هو هر حالت ۾ پنهنجو وياج وصول ڪري ٿو ۽ ڪنهن تي به هن کي ڪهل نه ٿي اچي، ميهڙ شهر جو هي هڪ سچو واقعو آهي ته وياج خورن هڪ مسڪين قرضيءَ کي ڏاڍو تنگ ڪيو، هڪ ڏينهن کين اهو قرضي شهر ۾ هٿ لڳي ويو. کيس ايڏو ته ڊوڙايائون، جو آخر تنگ ٿي هڪ کوه ۾ ٽپو ڏئي مري ويو. هي ٻن ٽن سالن جو واقعو آهي، اوهان کي جيڪڏهن بي انتها ظالم ۽ ڪمينو، درنده صفت ماڻهو ڳولهڻو هجي ته اهو وياجي ئي هوندو. ان ڪري وياج هر بڇڙي ۽ ڪراهت جوڳي عمل کان وڌيڪ بڇڙو عمل آهي.
    دين اسلام ثروتمندن ۽ مالدارن کي تلقين ٿو ڪري ته هو مفلس، محتاج، ۽ اڙيلن کي قرضِ حسنه ڏين ۽ قرض جي وصولي ۾ کين مهلت ۽ سهولت ڏين. جيڪڏهن ڪو قرضدار ايترو لاچار آهي، قرض ادا نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي قرض معاف ڪري ڇڏين. الله تعاليٰ اهڙن ٻانهن تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي سايه ۾ ويهاري ٿو. هن سلسلي ڪجهه حديثون ملاحظه ڪريو:
    حضرت ابو جرير رضه کان روايت آهي ته رسول ﷺ فرمايو “جيڪو شخص تنگدست کي (قرض وصول ڪرڻ ۾) مهلت ڏيندو يا ان کي (قرض) معاف ڪري ڇڏيندو ته الله تعاليٰ ان کي پنهنجي سايه هيٺ ويهاريندو.”
    حضرت جرير رضه بن عبدالله کان روايت آهي ته رسول ﷺ فرمايو ته “انهيءَ شخص تي الله ڪڏهن به رحم نه ڪندو جيڪو ماڻهن تي رحم نه ٿو ڪري” (متفق عليه)
    حضرت ابو قتاده رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ “جيڪو شخص تنگدست کي (قرض ۾) مهلت ڏيندو يا معاف ڪندو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان کي سختين کان نجات عطا ڪندو. (مسلم)
    حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “مخلوق تي رحم ڪرڻ وارن تي رحمان رحم ڪري ٿو. جيڪي زمين تي رهن ٿا توهان انهن تي رحم ڪريو ۽ جيڪو آسمانن ۾ رهي ٿو اهو اوهان تي رحم ڪندو.” (ابو دائود)
    ڏسو مٿين حديثن ۾ لفظ مخلوق چيل آهي يعني زمين تي رهندڙ هر مخلوق لاءِ اهو ساڳيو حڪم آهي ته اوهان رحم ڪريو. اسلام انسانن سان گڏ حيوانن ۽ سڀني چرندن ۽ پرندن لاءِ به رحم جو درس ڏئي ٿو.
    اسلام ۾ صرف قرض ڏيندڙ لاءِ قاعدا قانون نه آهن. بلڪه قرض وٺندڙن لاءِ به اهڙا قاعدا قانون موجود آهن. جيڪو قرض وٺي پوءِ واپس نه ڪري ان لاءِ به روز قيامت ۾ سخت عذاب آهي. اهڙي شخص جي جنازه نماز به حضور ﷺ جن پڙهڻ کان انڪار ڪيو هو. اسلام ۾ شهيد جو درجو تمام وڏو آهي. وڏا وڏا صحابي رسول اها حسرت رکندا هئا ته کين شهادت نصيب ٿئي. شهيد لاءِ قرآن مجيد ۾ لکيل آهي ته شهيد کي مئل نه چئو! شهيد زنده آهي ۽ کيس پنهنجي رب وٽان رزق ملي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو شهيد قرض ادا ڪرڻ کان اڳ شهيد ٿي وڃي ته سندس سمورا گناهه سواءِ قرض جي معاف ڪيا وڃن ٿا. قرض جيستائين ادا نه ڪيو ويندو قرضيءَ جو روح انهي قرض سان گڏ لٽڪندو رهندو، قرض وٺندڙ لاءِ به ڪجهه حديثون آهن.
    حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “مومن جو روح سندس ذمي قرض سان گڏ لٽڪندو رهندو، جيستائين سندس قرض ادا نه ڪيو ويندو” (شافعي ترمذي ابن ماجه ۽ دارمي)
    حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “قرض کان سواءِ ٻيا سڀ گناهه شهيد جا معاف ڪيا وڃن ٿا” (مسلم)
    حضرت ابو موسيٰ رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “سڀ کان وڏو گناهه سواءِ گناهه ڪبيرا جي اهو آهي ته ڪو شخص مري وڃي ۽ پنهنجي ذمي قرض ڇڏي وڃي.” (احمد ۽ ابو دائود)
    اسلام هر قسم جي بي ايماني، بي حيائي، لوٽ کسوٽ، چوري زوري، ظلم ڏاڍ، غبن فراڊ ۽ پرائو حق کائڻ وارن کي هميشه لاءِ جهنم جي باهه ۾ ابتو ٽنگي ساڙڻ جو چتاءُ اڳواٽ ڏئي ڇڏيو آهي انجي باوجود به ڪير ڪافر ٿي مري وڃي ۽ دوزخ ۾ هميسشه لاءِ سڙڻ قبول ڪري ته سندس مرضي. ڏينهن قيامت جي الله تعاليٰ جي دربار منعقد ٿيندي ۽ جابرن بي ايمانن کان نهايت سختي سان حساب ورتو ويندو. ظالم دوزخ ۾ ۽ رحمدل ۽ نيڪ بنده بهشت ۾ داخل ڪيا ويندا.
    هن سلسلي ۾ به چند حديثون هيٺ ڏجن ٿيون من ڪو ڀٽڪيل سڌي راهه تي اچي به وڃي.
    حضرت ابن عباس رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “غلط ماپ تور ڪندڙ اڳيون قومون هلاڪ ٿي ويون (ترمذي)
    حضرت سعيد رضه بن زيد کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جيڪو شخص ظلم ۽ زبردستي سان ڪنهن جي هڪ ڱراٺ زمين به ڦٻائيندو ته ڏينهن قيامت جي ستين زمين تائين جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ويندو.” (متفق عليه)
    حضرت علي رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “جنهن ناحق ڪنهن جي زمين جي هڪ ڱراٺ برابر به زمين ڦٻائي ته روز قيامت جي ان کي زمين کوٽڻ لاءِ حڪم ڪيو ويندو، جڏهن ستين زمين تائين پهچندو ته پوءِ زمين سندس ڳچيءَ ۾ طوق ڪري وڌي ويندي، جيستائين انهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي.” (احمد)
    حضرت سالم رضه پنهنجي پيءُ کان ٻڌل روايت دهرائي آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “جنهن ناحق زمين جو ڪجهه حصو ڦٻائيو، ڏينهن قيامت جي کيس ستين زمين تائين هيٺ دٻائيو ويندو.” (بخاري)
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “جنت ۾ اهو گوشت داخل نه ٿيندو جيڪو حرام مال کائي پليو آهي.” (احمد دارمي ۽ بيهقي)
    حضرت عبدالله رضه بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته “ڪامياب اهو شخص ٿيو جيڪو مسلمان ٿيو ۽ کيس ضرورت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ الله تعاليٰ کيس ان عطاءَ تي راضي ٺاهيو.” (مسلم)
    اڄ ڪلهه ڪا اهڙي هوا لڳي آهي جو هر ڪو چاهي ٿو ته مال اچي، ڀلي حرام هجي ۽ ڀلي سندس منهن ڪارو ٿئي، ڀلي جهنم جو ٻارڻ بڻجي، مگر مال ۽ دولت ملي. پرواهه ناهي ماءُ، ڀيڻ ۽ زال جي دلاليءَ جي رقم ڇو نه هجي پر دولت ايندي رهي ۽ گڏ ٿيندي رهي. اهڙو حرص ۽ ايتري حوَس جو ماڻهوءَ منجهان حيوان ۽ شيطان بڻجي وڃي، ڪهڙو فائدو، حرام دولت ڇا ڪندؤ؟ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وياج جو ڪاروبار بام عروج تي پهچي چڪو آهي. هر گهر ۾ وياج جو ڌنڌو هلي ٿو. وياج ڏيندڙ، وياج وٺندڙ انهيءَ ڪاروبار ۾ هر وچ وارو يا شريڪ گنهگار آهن ساڳي طرح شراب ٺاهيندڙ، شراب وڪڻندڙ، شراب پيئندڙ، شراب پهچائيندڙ، شراب کڻي ڏيندڙ گنهگار ۽ جهنمي آهي. جهڙي طرح ڪُتي جو پيشاب حرام آهي ساڳي طرح شراب به حرام آهي گڏهه جو پيشاب بلڪل ڀنگ جهڙو ٿئي ٿو. سمجهو ته شرابي ڪُتي جو پيشاب پيئي ٿو ۽ ڀنگ پيئندڙ گڏهه جو پيشاب پي رهيو آهي. حرام سڀ حرام آهي ۽ نشئي سڀ جهنمي آهن. انسان نما جانورن ۽ حيوانن جي مئل ضمير کي جهنجهوڙڻ مقصد آهي من ڪو ڀليل ڀٽڪيل سئين راهه تي اچي به وڃي!
    ان کان سواءِ هر هڪ ماڻهو ڦرلٽ، بي ايماني، بي حيائي، لوٽ کسوٽ، ٺڳي فراڊ، چوري زوري، ڀتو خوري مفت خوري جهڙن ذليل ڪمن ۾ مصروف آهي. نه خوف خدا نه خوفِ رسول، عزت نه عاقبت جو خيال، نه قبر نه قيامت جي عذاب جو ڪو ڊڄ ڊپ. بس ڪهڙي به طرح پئسو اچي ۽ مال دولت گڏ ٿئي. هي دنيا ته صرف مانجهاندي جو ماڳ چئي وڃي ٿي پوءِ انهيءَ گهڙي پلڪ جي زندگيءَ لاءِ پنهنجو ڪارو منهن ڇو ڪجي؟ ڪجهه حديثون هن سلسلي ۾ به ملاحظه ڪريو.
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ ٻڪريءَ جي مئل ٻچي جي ڀرسان لنگهيو جن جا ڪن سڪل ۽ ننڍڙا هئا. حضور ﷺ جن فرمايو توهان مان هي مئل ٻچو هڪ درهم ۾ ڪير خريد ڪرڻ چاهيندو؟ سڀني صحابه ڪرام چيو اسان ته ڪنهن به قيمت تي اهو خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. حضور ﷺ جن فرمايو الله جو قسم، الله تعاليٰ جي نزديڪ دنيا دولت نهايت ذليل آهي جهڙي طرح اوهان جي لاءِ هي مئل ٻڪريءَ جو ٻچو حقير ۽ ذليل آهي. (مسلم)
    حضرت ابو هرير رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو “هي دنيا مومن لاءِ قيد خانو ۽ ڪافر لاءِ جنت آهي. (مسلم)
    حضرت انس رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته الله تعاليٰ ڪنهن به مسلمان جي نيڪي ضايع نه ٿو ڪري. انهيءَ نيڪيءَ جو اجر مسلمان کي هت به ملي ٿو ۽ آخرت ۾ به انجو بدلو کيس ڏنو وڃي ٿو. مگر ڪافر جيڪي سٺا ڪم الله تعاليٰ جي خاطر هتي ڪري ٿو انجو بدلو کيس هن دنيا ۾ ڏنو وڃي ٿو. ايتري قدر جو آخرت ۾ هن لاءِ ڪوبه اجر يا نيڪي نه هوندي. (مسلم)
    مٿي ذڪر ڪيل ٽنهين حديثن جو مطلب ٿيو ته مال، ملڪيت ۽ دولت جي وقعت ٻڪريءَ جي مئل ٻچڙي جي برابر آهي ۽ رسول الله ﷺ الله تعاليٰ جو قسم کائي فرمايائون ته دولت، مال ۽ ملڪيت الله تعاليٰ جي نزديڪ هڪ ذليل ۽ بڇڙي شيءِ آهي. گهڻا مسلمان جيڪي گناهه ڪبيرا ۾ ملوث آهن. جهڙوڪ وياج ۽ حرام پئسو وٺڻ جنهن جو کين ڪو حق نه ٿو پهچي، شراب پيئڻ، زنا ڪرڻ، پرائو مال بي ايماني ۽ ٺڳي ۽ زور زبردستي سان حاصل ڪرڻ هُو مسلمان مان ڦري ڪافر بڻجي وڃن ٿا. مگر ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي خاطر ڪجهه چڱا ڪم ڪن ٿا مثلاً نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، فقير کي خير و خيرات ڏيڻ. ڪنهن مظلوم جي داد رسي ڪرڻ وغيره ته الله تعاليٰ نه ڪنجوس آهي ۽ نه وري ڪنهنجو حق رکڻ وارو آهي. انڪري هن دنيا ۾ اهو ڍونڍ ۽ مردار شيءِ جيڪا انهيءَ بدڪار جي پسند آهي، اها کيس جام ڏئي، کيس مالا مال ڪري ڇڏيو اٿس جيئن ڪافرن کي ڏني اٿس ۽ مومنن کي غربت ۽ قناعت عطا ڪئي اٿائين. ڇو ته مومنن لاءِ قيامت جي ڏينهن اجر ۽ عطا هوندي ۽ ظالمن ۽ فاسقن ۽ فاجرن کي ڪافرن جي ٽولي ۾ شمار ڪري. هر عطا کان محروم ڪيو ويندو ۽ هميشه لاءِ جهنم ۾ سڙندا رهندا. مٿاڇرو ڪلمو پڙهڻ سان ڪو مسلمان ٿي نه ٿو وڃي. ڪلمو دل سان پڙهڻو آهي ۽ الله ۽ انجي رسول تي مڪمل ايمان رکڻ ۽ انهن جي احڪامات تي عمل ڪندڙ کي ئي مومن ۽ مسلمان چيو وڃي ٿو. فاسق، فاجر، ظالم ۽ حرام خور لاءِ واضح احڪامات آهن ته هو اسلام کان خارج ۽ ٻاهر آهن ۽ جنت جا قطعي حقدار نه آهن. هي لوڀي لالچي حرام خور روز ڏسن ۽ ٻڌن ٿا ته هڪ ظالم ڀاءُ جو موت ٻئي ظالم ۽ حرام خور ڀاءُ هٿان سندس ملڪيت ڦٻائڻ خاطر ڪيو ويو، زال پنهنجي مڙس کي پنهنجي يار هٿان. ملڪيت خاطر خون ڪرائي ڇڏيو، پٽن پنهنجي پيءُ کي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ بندوق هڻي اڦٽ ماري ڇڏيو، جنهن حرام خور پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ اهو ڍونڍ ظلم ڏاڍ ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ سان گڏ ڪيو يا ته اهو اولاد چريو، کريو ۽ موالو ٿي ويو يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي مري ويو. پوءِ به اهي لالچي ظالم سمجهن نه ٿا ته هو اهو ڍونڍ ڇو گڏ ڪري رهيا آهن؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ گڏ ڪري رهيا آهن؟
    ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ جي جاهل ۽ جهنگلي ماڻهن جي برعڪس وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۽ اسلام آباد وغيره جي ماڻهن کي ڏسو، لکن روپين جي حساب سان هو خيرات ۽ زڪواة اسپتالن، مدرسن، مسجدن ۽ يتيم خانن کي ڏين ٿا. اوهان صرف لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مثال وٺو. لاهور جي صرف هڪ اسپتال “شوڪت خانم ڪينسر هاسپيٽل” کي مخير حضرات کان ڏهه لک روپيه روزانو امداد ملي ٿي. ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. کانئن هڪ روپيو به وصول نه ٿو ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ مريضن جون سموريون ٽيسٽون مفت ٿين ٿيون، جيڪي دوائون اسپتال ۾ موجود هونديون. اهي مفت کين فراهم ڪيون وينديون آهن. جيڪي به آپريشنس ٿينديون آهن يا ٻيو علاج ڪيو ويندو آهي بلڪل مفت. جيڪي بلڪل غريب مريض هوندا آهن. انهن لاءِ مخير ماڻهن خيرات ۽ زڪواة جا لکين روپيه اسپتالن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا آهن جن مان غريبن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ پاران اسپتالن ۾ غريبن لاءِ مفت مانيءَ جو انتظام هوندو آهي. اتي هڪ وڏو هال موجود هوندو آهي. جنهن ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون آهن. ان هال اندر جو به ماڻهو وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو، ان کي ماني ملندي ڀلي ڪير به هجي. باقي اسپتال جي وارڊن ۾ مريضن کي ماني انهن ادارن جا ملازم ڏئي ويندا آهن. منهنجي اندازي موجب صرف سول اسپتال ۾ روزانه هر هڪ ويلي تي پنجاهه هزار ماڻهو ماني کائن ٿا. ماني به تمام سٺي نيرن تي اوڦراٽا، انڊا ۽ چانهه، منجهند جو برياني، رات جو مرغي يا گوشت جو ٻوڙ ۽ نان مطلب ته نهايت صفائي فضليت سان ڏينهن ۾ ٽي دفعا ماني کارائي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪراچيءَ جي شهر ۾ سوين هوٽلون اهڙيون آهن جتي فقير، موالين ۽ نشين ۽ مزدورن کي ٽي وقت ڏينهن ۾ مفت ماني ملندي آهي، هر هڪ هوٽل تي ٽي چار هزار مسڪينن کي مفت کاڌو ڏنو ويندو آهي. اهڙوئي حال حيدرآباد جو به آهي، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ. سياري جي موسم ۾ ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ وارا فوٽ پاٿ تي ستل فقيرن ۽ مزدورن کي هزارن جي تعداد ۾ ڪمبل لويون ڏئي ويندا آهن. ڪراچي جي ڊاڪٽر اديب رضوي جي بڪين واري اسپتال کي سڄي دنيا مان ڪروڙين روپيه روزانه خيرات ملي ٿي. هن اسپتال ۾ به مريضن جو وي. آءِ پي علاج ڪيو وڃي ٿو. بلڪل مفت، ڪمرا به ايئر ڪنڊيشن آهن.
    اسانجي سنڌ جي سنڌين جو الله تعاليٰ الائي ڇو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. رشوتي به سنڌي حرام خور به سنڌي. ڪنهن به سنڌي وڏيري، سياستدان يا واپاري عوام جي ڀلائي خاطر پنهنجي بيشمار دولت مان ڪوبه ڪاليج، اسپتال، مسجد يا مدرسو في سبيل الله عوام جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ قائم نه ڪيو آهي. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبود ۽ فائدي لاءِڪوبه خيراتي ادارو قائم نه ڪيو آهي. ضرورت وارن فلاحي ۽ اجتماعي فائدي وارن ڪمن طرف ڪو ڌيان ئي ڪونهي. ڪتن، ڪڪڙن، گهوڙن ۽ گڏهن پالڻ جي خفت ۾ محو ۽ مگن آهن. ڪنهن به هيلٿ سينٽر ۾ ڇتي ڪتي جي کاڌل، نانگ جي ڏنگيل ۽ هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ وئڪسين ۽ سيون بنان رشوت جي نه ملنديون. هي حال آهن اسان جي سنڌي ڀوتارن جا. بس! سنڌي اجرڪ ٽوپيون پائي وتن ٿا هو جمالو ڳائيندا. ڀنگ جو ڪونڊو ڏينهن ۾ چٽ. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جيڪڏهن ميهڙ جا سڀ ڊاڪٽر صاحب، محترم ڊاڪٽر محمد خان شيخ جي نقش قدم تي هلي هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن في سبيل الله مريضن جو مفت علاج ڪن ۽ ڍونڍ گڏ ڪرڻ بدران غريبن جون دعائون ۽ الله تعاليٰ جون رحمتون ڪٺيون ڪن. ياد رکو حرام مال اوهان جي نسل کي تباه و برباد ڪري ڇڏيندو. جنهن اولاد لاءِ اوهان ناجائز مال ڦرمار ڪري ڪٺو ڪريو ٿا اهو اوهانجو اولاد چريو، لولو لنگڙو ۽ موالو ٿي ويندو. اهڙو حرام مال ڪهڙي ڪم جو جنهن سبب ٻئي جهان جهنم بڻجي وڃن نه هن جهان ۾ سڪون ۽ نه آخرت ۾ ڪو ڇوٽڪارو. الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي مال دولت ڍونڍ مثل آهي. اوهان کي اهو ته بخوبي معلوم آهي ته ڍونڍ جا پياسي ڪتا هوندا آهن. واڪا ڪرڻ مون وس! سچ چيو اٿن سنڌ چاليهه سال پهريائين غرق ٿيندي. غرق ٿي چڪي آهي، انساني شڪل ۽ صورت ۾ شيطان ۽ ابليس هر جڳهه موجود آهن. خبر ناهي امام مهديءَ جو ظهور الائي ڪڏهن ٿيندو. ديڳ ته تتي پئي آهي. ظالمن کي منڍين کان جهلي ان ۾ الائي ڪڏهن اڇليو ويندو؟ لوه ته تتل آهي بس وڏاڻن جي ضرورت آهي.
    اڄ ڪلهه ملڪ ۾ موجود بينڪاري نظام سراسر سودي ۽ حرام آهي سواءِ ڪرنٽ اڪائونٽ جي نوڪرين وارن ملازمن کي ملندڙ پراويڊنٽ فنڊ جنهن ۾ اڌ رقم، کاتو پنهنجي طرف ملائيندو آهي اهو به وياج آهي.
    انشورنس پاليسي وٺڻ به حرام آهي. هن ۾ وياج ۽ جوا ٻئي موجود آهن.
    پرائيز بانڊ به حرام آهي.
    قسطن تي شيون وٺڻ به حرام ۽ سود آهي.
    سمال فنانسنگ آفيسن مان قرض کڻڻ به حرام ۽ سود آهي. اهڙا قرض ڏيندڙ به سڀ وياجي ۽ حرام خور آهن.
    ان انهيءَ شرط تي ڏيڻ ۽ وٺڻ ته مهيني يا ٻن بعد ان جو اگهه هيترو يا هيترو ڏنو يا ورتو ويندو اهو بلڪل سود ۽ حرام آهي.
    نوٽ: سود يا وياج جون جيڪي مختلف شڪليون ۽ صورتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن جيڪڏهن انهن جي روشنيءَ ۾ سروي ڪئي ويندي ته 90 سيڪڙو واپاري ۽ دڪاندار وياجي ۽ حرام خور ثابت ٿيندا ۽ 95 سيڪڙو وڏا ماڻهو انهيءَ زمري اندر ايندا.
    الله تعاليٰ کين دولت بي انتها انهيءَ ڪري ڏني آهي جو ڪوڙي يا سچي دل سان نماز پڙهن ٿا، قرآن شريف پڙهن ٿا ۽ ڏيکاءَ لاءِ يا سچي دل سان خيرات الله جي نالي تي ڏين ٿا. الله تعاليٰ ڪنهن جو هڪ مشقال برابر چڱو ڪم ضايع ڪرڻ وارو نه آهي ان ڪري کيس هن دنيا ۾ ڪافرن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پسند جي شيءِ ڌن ۽ دولت جيڪا درحقيقت ڍونڍ برابر آهي انهن کي ڏئي ڇڏي آهي ڇو ته آخرت ۾ انهن جو حصو نه هوندو، هن سلسلي ۾ حديثون ڏينون ويون آهن. جيڪڏهن ڪوبه شخص انهن ڳالهين کان بي خبر ۽ اهڙي حقيقت کان اڻ ڄاڻ آهي ته هن ڪاوش مان سبق حاصل ڪري.
    واڪا ڪرڻ مون وس
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258258
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386392
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ