ڪتاب جو نالو: پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ
مصنف: ارنيسٽ هيمنگوي / رشيد الله زهراڻي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 30 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 287 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 133 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ترجمي نگار پاران
  • مڙس ماڻهو
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8

  • ارپنا

    پياري دوست عزيز منگيءَ جي نانءِ نارائڻ شيام جي هن شعر سان گڏ ته:

    هُجي جا کاڻ خُوبين جِي ۽ خامين کان بِنھ آجِي،
    نه پنهنجي شاعري اهڙي نه پنهنجي زندگي اهڙي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “Old man and the Sea” جو سنڌي ترجمو آهي، ترجميڪار رشيد زهراڻي آهي. هيمنگوي هي مشهور ناول 1951ع ۾ ڪيوبا ۾ لکيو ۽ 1952ع ۾ ڇپيو. هي ناول ڪيوبا جي هڪ پوڙهي شخص سانتياگو جي ڪهاڻي آهي جيڪو سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي ٿو ۽ هڪ مڇ کي شڪار ڪري ٿو. هن ناول تي هيمنگوي کي 1954ع ۾ نوبل انعام پڻ مليو.
    اها بظاهر هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. سانتياگو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي، تجربيڪار مهاڻو جنهن هڪڙي مهيني تائين ڪنهن هڪڙي مڇيءَ جو شڪار به نه ڪيو آهي. ڪجھ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاسيهين ڏينهن تي هو ميڪسيڪو جي نار ۾ گهڙي ٿو جتي هو هڪڙي مها مڇ مارلِن کي پڪڙي ٿو. مڇ کي مڪڙيءَ منجھ پڪڙي نه وجهي سگهڻ جي سبب هُو ان کي مارڻ کان پهريان ٽن ڏينهن تائين ڏور ۾ جهلي بيهي ٿو. مڇ کي مارڻ کان پوءِ سانتياگو ان جي وڏي مشڪل سان کَٽيل انعام سان گڏ گهر ڏانهن واپس وري ٿو. پر رستي تي، شارڪ مڇيون هُن جي ماريل مڇ کي کائي لڳ ڀڳ هڏائون پڃرو بڻائي ٿيون ڇڏين، ۽ پوڙهو ماڻهو بندر گاھ ڏانهن خالي هٿين واپس موٽي ٿو.
    کوڙ سارن دوستن جو اهو زور هيو ته پرڏيهي ادب جا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪيا وڃن. ڇو ته اسان ڪي ترجميڪار يا ڪهاڻيڪار ناهيون تنهنڪري ضروري آهي ته دوست سهڪار ڪن. ٿورائتا آهيون سائين رشيد الله زهراڻي جا جنهن هن ناول جو ترجمو ڪري، ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت کي موڪليو. رشيد پاڻ به سنڌ سلامت فورم جو سرگرم رڪن آهي ۽ سندس ڪهاڻيون فورم تي موجود آهن، ان کان اڳ به پاڻ هڪ انگريزي ناول جو ترجمو ڪري چڪو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ترجمي نگار پاران

    هڪڙي پروفيسر مونکي ٻڌايو، هيمنگوي جا ڪم ورلي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايا ويندا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن جي باري ۾ چوڻ جي لاءِ ڪجھ به ڪونهي. مان سمجهان ٿو انهي مان مراد هيمنگوي جي سادي انداز، زندگيءَ کي ادبي رمزن وسيلي ڇاڻي صاف ڪرڻ بجاءِ ان کي اهڙي نموني بيان ڪرڻ جيئن تجرباتي طور تي فرد ان منجهان گذري ٿو، ۽ هن پاران ڪنهن دٻاءُ هيٺ جنم وٺندڙ ورتاءُ ۽ شان و شوڪت ـ جيڪو دانشورانه سُخن سازين جي بلڪل برعڪس آهي، جنهن جي ڪري عالمن پاران مقالن جي جوڙجڪ لاءِ صفا ٿورڙي گنجائش باقي بچي ٿي.
    انهي جي باوجود به هيمنگوي ايڪويهين صديءَ جو تمام گهڻو مشهور سنجيده ليکڪ بڻجي سگهي ٿو. هن جا ڪتاب نقادن ۽ عالمن لاءِ ورلي سرِ فهرست هجن ٿا پر ان جي باوجود به اهي سالها سال وڪرو ٿي رهيا آهن.
    هڪڙي شخص جي زندگي ۽ سندس ڪردار جنهن کي پاپا هيمنگوي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو اهو هن جي لکڻين کان اڃا وڌيڪ عام آهي. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هيمنگوي ڍڳي جي ويڙه، شڪار ۽ مڇي مارڻ جو پرجوش پوڄاري هو. ته موت ۽ جنگ هن جي حواسن تي واسو ٿيل هئي، هن پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اطالوي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، هسپانوي گهريلو ويڙه ۾ جنگي اخباري نمائندي طور ڪم ڪيو، ۽ ننڍڙي جزائر (Caribbean) ۾ نازين جي ٻيڙين جو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ تعاقب ڪيو. ته هو 1920 ۾ پيرس ۾ پنهنجي دور جي ناليواري جمالياتي ميڙ جو حصو رهيو جن سان جلاوطن ڪيل ٻيون به ادبي روشنيون شامل هيون جهڙوڪ ايف. اسڪاٽ فجيرالڊ، جيمس جوائس، جرٽيوڊ اسٽائن، ازرا پائونڊ ۽ مورلي ڪيليگن جنهن هن کي نهايت ئي عمدگيءَ سان باڪسنگ جي هڪڙي ميچ ۾ هارايو پڻ هو. ته هن جون چار شاديون ٿيل هيون. ته جڏهن هن جي صحت جواب ڏئي ويئي ته هن هڪڙي ننڍڙي بندوق سان پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ انت آڻيندي آپگهات ڪري ڇڏيو.
    اهو سڀ ڪجھ مردانگي جو نتيجو آهي. هن جي لکڻيءَ کي اڪثر ڪري صاف طور تي تشريحي ۽ مختصر لکڻي قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪٽيل مڪالما ۽ سندس ڪردار سخت مردانگي جو نماءُ ڪن ٿا. هن جي اسلوب کي سادو ۽ سوچيل سمجهيل تصور ڪيو وڃي ٿو، هر لفظ ڄڻ ته ڪنهن سنگِ خارا تي اڪريل هجي.
    ان جي باوجود به هن جو نثر گهڻي قدر حساس ۽ بنا ڪنهن وڌاءُ جي خوبصورت طريقي سان بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري پڙهندڙ کي مڪمل طور تي ڪردارن جي حالت ڏانهن نيئي وڃڻ جي شڪتي موجود هجي ٿي. اهو آرٽ کي لڪائڻ وارو آرٽ آهي. ڪيترن ئي ليکڪن هن جي بظاهر غيرپيچيده اسلوب کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي پر انهن پنهنجي ناڪاميءَ مان اهو سکي ورتو آهي ته اهڙي قسم جي سادگيءَ جي مرگھ ترشنا کي جنم ڏيڻ ڪيترو نه مشڪل عمل آهي. منهنجي نظرن ۾ هيمنگوي هڪڙو مظهرياتي آهي (هڪڙو اهڙو اصطلاح جنهن کي هو غالباَ حقير قرار ڏئي ها). هو دنيا جي تجربي مان گذري ٿو ۽ تهان پوءِ ان جي باري ۾ اهڙي نموني سان لکي ٿو جيئن پڙهندڙ پڻ اهڙي تجربي مان گذري سگهي. سطحي احساس، بلڪل تُز منظر، ڪياڙيءَ جي پٺيان واري محسوسات جيان، عُجلت، شانتي ۽ بي چين دماغ. اهو سڀ ڪجھ پاڻيءَ جي هڪڙي ڍُڪ جيان هيٺ لهي ٿو پر ڪو به آخرڪار اهو محسوس ڪري ٿو ڄڻ ته هو ڪنهن شڪتي شال جام سان تحرڪ ۾ اچي ويو هجي.
    هو قاريءَ تي هوشياريءَ سان پڙهڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو ماهر هو، چاهي پڙهندڙ اهو ڪجھ چاهيندو هجي به يا نه. ”منجهند جو موت“ (Death in the Afternoon) ۾ هو لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو نثرنگارجيڪو ڪجھ به لکي ٿو ۽ انهي جي باري ۾ گهڻو ڪجھ ڄاڻي ٿو، ته هو انهي منجهان سندس ڄاڻ ۾ آيل ڪجھ شين کي خارج ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ليکڪ سچ پچ گهڻو ڪجھ لکي ٿو ته پڙهندڙ انهن شين جي باري ۾ اهڙي ته مضبوط حِس رکي سگهي ٿو ڄڻ ته ليکڪ انهن کي بيان ڪيو هجي.“
    سخن سازي وارين ڪهاڻين آمريڪي لکڻين کي بدلائي ڇڏيو.
    ارنيسٽ هيمنگوي الينوئس يو.ايس.اي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي وڌيو ويجهيو، ۽ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن لاءِ هڪڙي ليکڪ طور ڪم ڪيو، جنهن ۾ ڪينساس ( Kansas) ۽ ٽورونٽو (Toronto) وارو وقت پڻ شامل آهي.
    البت هن ابتدائي شهرت هڪڙي افسانه نويس طور ماڻي، جيڪي انهي وقت ۾ پڙهندڙن لاءِ سخن سازيءَ سان معمور ۽ بي ربط هئا، پر انهن کي تنهن وقت کان وٺي نقل ڪيو ويو ۽ هاڻي اهي مڪمل طور تي فطري نظر اچن ٿا. هن جو وڏي پئماني تي دستياب ڪيل افسانن جو پهريون مجموعو ”اسان جي دور ۾“ (In Our Time) (1925) وارو مجموعو هو جيڪو ان وقت شايع ٿيو جڏهن هو پيرس ۾ غيرملڪي نمائندي طور ڪم ڪري رهيو هو. جيڪڏهن پٺتي نظر ڦيرائي ڏسبو ته صاف نظر ايندو ته ”اسان جي دور ۾“ واري افسانوي مجموعي کي آمريڪي افسانه نويسي کي هميشه جي لاءِ بدلائي ڇڏيندڙ افسانن طور واکاڻيو وڃي ٿو.
    هيمنگوي جي ڊگهي نموني واري شايع ٿيل لکڻي 1926ع ۾ ”بهار جا وسڪارا“ (The Torrents of Spring) هئي، جيڪا شيرووڊ اينڊرسن جي قليل تضمين (پيروڊي) هئي، جيڪو ڪڏهن هن جو صنم خانو هوندو هو ۽ باقي ٻيا انهي دور جي ليکڪن جي ”عظيم نسل” سان تعلق رکندڙ هئا. هن هڪڙي ڇاپي واري معاهدي مان جان ڇڏرائڻ لاءِ فرضي طور تي، ڏهن ڏينهن جي اندر نوويلا (novella) لکيو. فجيرالڊ، جيڪو پاڻ سر طنز نگاريءَ جو ماهر هو، انهي ڪتاب کي هڪڙو شاهڪار قرار ڏئي ٿو، پر اهو خاص طور تي انهي کان بعد هيمنگوي جي عظيم تر ڪمن جي روشنيءَ ۾ وساريو ويو. اڄ ”بهار جا وسڪارا“ جي پڙهندڙ کي ان جا ڪجھ حصه دلچسپ لڳندا پر هو تضمين ڪيل شين کي گهڻي قدر ياد ڪندو.
    انهي وقت دوران هيمنگوي پنهنجو پهريون داد رسيءَ سان معمور ناول ”سج پڻ اڀري ٿو“ ( The Sun Also Rises) (1926) لکي پورو ڪيو، جيڪو هن جهڙي ئي پيرس ۾ موجود ڪنهن غيرملڪي نمائندي جي باري ۾ آهي، جيڪو ٻاهر وڃڻ لاءِ وقت ڪڍندي ڍڳي جي ويڙه ڏسڻ لاءِ نام نهاد ”وڃايل نسل“ جي ٻين رڪنن سان گڏ اسپين وڃي ٿو. هي اهو ڪم آهي جنهن هن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن وقت کان وٺي هن جي باقي ڪتابن جيان، سندس انهي ڪم کي آخرڪار مناسب طور تي ڪامياب فلمن لاءِ منتخب ڪيو ويو.(هن جي لکڻيءَ جي اسلوب کي پردي تي پيش ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ڪم آهي.)
    ”سج پڻ اڀري ٿو“ جي پٺيان هن جي ڪهاڻين جو هڪڙو ٻيو مجموعو 1927ع ۾ ”عورتن بنا مرد“ جي عنوان سان (Men Without Women ) منظر عام تي آيو، جنهن ۾ هن جي عالم آشڪار ڪهاڻي ”قاتل“ (The Killers) پڻ شامل هئي، جنهن بعد هن جو هڪڙو ٻيو ناول، ”اي پيار توکي الوداع“ A Farewell to Arms) 1929) ۾ سامهون آيو. جنگ جي بربادي واري هڪڙي عشقيه ڪهاڻي جنهن سندس همعصر نسل ۾ هڪڙي برتر ليکڪ طور هن جي مقبوليت جي بنيادن کي مضبوطي عطا ڪئي. انهي ناول کي گري ڪُوپر(Gary Cooper) ۽ هيلن هيز ( Helen Hayes) پاران فلمايو ويو.
    ”صبح جو موت“ 1932ع (Death in the Afternoon ) ڍڳي جي ويڙه جي هڪڙي غير افسانوي احوال تي مشتمل ڪم آهي، جڏهن ته ”آفريڪا جون سايون ٽڪريون“ 1935ع (Green Hills of Africa) سندس گهر واريءَ سان گڏ شڪار لاءِ ڪيل تفريحي سفر جي هڪڙي حقيقي احوال کي پيش ڪرڻ جي هڪڙي اهڙي ڪوشش آهي ڄڻ ته اها ڪنهن ناول جو موضوع هجي. (انهي کي هيئن سمجهڻ گهرجي جهڙيءَ طرح ڪجھ ڏهاڪن جي بعد ان کي ”نئين صحافت ” (new journalism) جو نالو ڏنو ويو).

    ”هارايو هوڙن“ 1933ع (Winner Takes Nothing) ڪهاڻين جو هڪڙو ٻيو مجموعو آهي، ”هئڻ ۽ نه هئڻ“ 1937ع (To Have and Have Not) ٻن ڪهاڻين منجهان اڍنگي نموني سان ٽانڪيل هڪڙو ناول آهي. جيڪو گهڻي قدر هڪڙي مڇي واري ٻيڙيءَ جي ڪپتان تي مشتمل آهي جيڪو فلوريڊا جي گرم ٻيٽن ۽ ڪيوبا جي درميان اسمگلنگ جي ڪشمڪش ۾ ڌڪجي وڃي ٿو، اهو اسلوب جي حوالي کان هيمنگوي جي لاءِ تجرباتي نوعيت جو پڻ آهي، جتي هو بيان جي مختلف اسلوبن سان کيڏي رهيو آهي، هڪڙي نقطئه نظر کان ٻئي نقطئه نظر ڏانهن منتقل ٿيندي ۽ ايتريقدر جو شعور جي روءِ (stream of consciousness) کي پڻ استعمال ڪندي البت ان ۾ هو اڪثر ڪاميابي ماڻيندي نظر نه ٿو اچي. ڪتاب جي نيم گرم استقبال جي باوجود به ان تي گهٽ ۾ گهٽ چار فلمون ٺاهيون ويون، جن مان هر هڪ جو نالو مختلف رکيو ويو. جن مان پهرين 1944ع واري آهي جنهن ان حوالي کان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ جو همفِري بوگرٽ (Humphrey Bogart) ۽ لارين بيڪال (Lauren Bacall) جهڙا ناليوارا ٻئي اداڪار پردي تي گڏ ڏسڻ ۾ آيا، البت 1950 ڌاران جان گارفيلڊ (John Garfield) ۽ پيٽريشا نِيل ( Patricia Neal) جي ”بيهڻ وارو هنڌ“ (The Breaking Point) جي عنوان هيٺ واري فلم ڪتاب جي موضوع سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي.
    ”دشمن سان همدردي رکندڙ گروه“ 1938ع (The Fifth Column) هسپانوي گهريلو ويڙه بابت هڪڙو ناٽڪ آهي، جيڪو جنگ جي دوران لکيو ويو. اهو پڙهندڙن لاءِ هيمنگوي پاران گهٽ اتساهيندڙ ڪم ٿي سگهي ٿو، ۽ ٻيو خود ليکڪ پاڻ پڻ ان ڳالھ جو اعتراف ڪري ٿو ته هن کي اهو هڪڙي ناول جي صورت ۾ ٻيهر لکڻ گهرجي ها. اهو هڪ ئي وقت دوران هڪڙي جلد جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو جنهن کي هن جي اوڻونجاه افسانن جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ هن جا ٻه جڳ مشهور افسانا “ڪليمينجارو جي برف“ (The Snows of Kilimanjaro) ۽ ”فرانسس ميڪمبر جي مختصر خوشحال زندگي“ (The Short Happy Life of Francis Macomber) پڻ شامل هئا.
    پوءِ به، هن جي موت پڄاڻان اهو ناٽڪ هن جي چئن جنگي افسانن سان گڏ ٻيهر شايع ڪيو ويو، جيڪي پهريان وارن ڪن به ڇاپن ۾ دستياب ڪو نه هئا. البت توهان انهن جي باري ورلي ٻڌو هوندو پر اهي هن جي بهترين افسانن مان هڪ آهن، جيڪي پنهنجي سياق وسباق ۾ ”دِي ففٿ ڪالم“ سان پراثر هڪجهڙائي رکن ٿا.
    انهي جي باوجود هيمنگوي جو عظيم ترين ڪم هن جو ناول ”گهنڊ ڪنهن جي لاءِ ٿو وڄي“ For Whom the Bell Tolls ) 1940) ۾ منظر عام تي آيل ناول ٿي سگهي ٿو. جيڪو حيرت انگيز حد تائين اڻ وسرندڙ ڪردارن ۽ اڻ وسرندڙ ماحول سميت جنگ ۽ عشق جي حقيقي منظرن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول کي پڻ ڪُوپر فلم پراڊڪشن پاران فلمايو ويو جنهن ۾ سوئزر لينڊ جي ناليواري اداڪاره اِنگرڊ برگمين ( Ingrid Bergman) پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.


    مڙس ماڻهو

    ”ڪاميابي“ کي گهڻو اڪثر هڪڙي ماڻهوءَ جي قدر جو پَرو ڏيندڙ فرض ڪيو وڃي ٿو. پر ڪاميابي پاڻ سِر، محض هڪڙي مخصوص رتبي بابت ڳالھائي ٿي ۽ ان جو ان سفر سان ڪو واسطو نه آهي جنهن کي طئه ڪندي ماڻهو تيسين رَسي ٿو، يا ڪٿي هُن ان رستي تي هلڻ دوران پنهنجي ديانتداري کي سلامت رکيو يا نه؟ ڪهاڻيءَ جي ڪيترن ئي پاسن منجهان، اهو ڪاميابي ۽ سوڀ جي نئين وضاحت جو تصور آهي جيڪو هيمنگوي جي ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمونڊ“ کي ڪلاسيڪي ناول جي درجي تي پهچائي ٿو، هي ناول انتهائي عميق آهي.
    اها بظاهر هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. سانتياگو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي، تجربيڪار مهاڻو جنهن هڪڙي مهيني تائين ڪنهن هڪڙي مڇيءَ جو شڪار به نه ڪيو آهي. ڪجھ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاسيهين ڏينهن تي هو ميڪسيڪو جي نار ۾ گهڙي ٿو جتي هو هڪڙي مها مڇ مارلِن کي پڪڙي ٿو. مڇ کي مڪڙيءَ منجھ پڪڙي نه وجهي سگهڻ جي سبب هُو ان کي مارڻ کان پهريان ٽن ڏينهن تائين ڏور ۾ جهلي بيهي ٿو. مڇ کي مارڻ کان پوءِ سانتياگو ان جي وڏي مشڪل سان کَٽيل انعام سان گڏ گهر ڏانهن واپس وري ٿو. پر رستي تي، شارڪ مڇيون هُن جي ماريل مڇ کي کائي لڳ ڀڳ هڏائون پڃرو بڻائي ٿيون ڇڏين، ۽ پوڙهو ماڻهو بندر گاھ ڏانهن خالي هٿين واپس موٽي ٿو.
    ها، اڇاتري طور تي اها هڪڙي سادي ڪهاڻي آهي. پر اها هڪڙي اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪڙو وڌيڪ اونهو پيغام ڏئي ٿي ۽ هڪڙي اهڙي نسبت سان جيڪا زمان ۽ مڪان کان تجاوز ڪري ٿي. اها انسان جي وجود سان هن دنيا منجھ لاڳاپيل ڪائناتي سچ بابت ڳالھائي ٿي، جتي غرور، آڪڙ/هٺ ڌرمي ۽ خوابَ هڪڙي انسان منجھ، سندس جدوجهد جي مُنهن ۾ جنبجي وڃڻ واري جستجوءَ کي ٻارڻ فراهم ڪن ٿا. سانتياگو زندگيءَ ڏانهن هڪڙي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو، ۽ هُن جي شڪتي شالِي مڇ مارلِن سان ويڙهاند سمورن انسانن لاءِ انيڪ سبق آڇي ٿي.

    سبق پهريون
    ”انسان شڪست لاءِ پيدا نه ٿيو آهي.“

    سانتياگو وٽ هڪڙي ٽٽل ڇپر ۽ هڪڙي نٻل مڪڙي آهي ۽ اها هڪڙي اهڙي سڙھ سان آهي جيڪو ”اٽي جي ٻاچڪن جي چَتين“ مان ٺاهيل آهي ۽ اهو ”دائمي شڪست جي جهنڊي جيان نظر اچي ٿو“. هن جو ڏُٻرو پَترو جسم هُن پاران سَٺل صعوبتن جو نماءُ ڪري ٿو ۽ ان تي گهرا گهنج، داغ ۽ ساڙيندڙ سج سبب ڦُرڙيون آهن. ۽ هُن جي خوفناڪ بدقسمتي جي ڪارڻ پنهنجي ملاحن جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هُو هڪڙو اَڇُوت سمجهيو وڃي ٿو. پر جڏهن ”سانتياگو سان منسوب هر شيءِ پراڻي هجي ٿي“، اتي هُن جون اکيون ”ساڳيون سمونڊ جي رنگ جهڙيون هجن ٿيون ۽ اهي شادمان ۽ ناقابلِ شڪست آهن.“ بجاءِ ٽُوال منهن تي ويڙهي سمهي پوڻ جي چوراسي ڏينهن جي ڀيانڪ بدقسمتيءَ پڄاڻان هو نار منجھ پهريان کان وڌيڪ اڳتي نيئي وڃي ٿو. هڪڙو انسان جيڪي ڪجھ به هُن کي ڪرڻ گهرجي ان لاءِ بهتر کان بهتر صلاحيت کي ڪتب آڻيندي پنهنجي ڪوشش کي جاري رکي ٿو پوءِ کڻي ان ۾ هُن جي مٿان ڪهڙيون به مشڪلاتون نازل ڇو نه ٿين. جتي للڪارون ۽ رڪاوٽون هڪڙي انساني چهري تان ڪاميابي جي سمورين خارجي اهڃاڻن کي بي لباس بڻائي ڇڏين پر پوءِ به اُتي روح شڪست نا خورده رهي ٿو. ڇاڪاڻ جو اهو هڪڙي انسان اندر ڪوشش جاري رکڻ ۽ هار کي نه مڃڻ جي همت ۽ حوصلي کي اُڀاري ٿو. يا جَئن بقول هيمنگوي جي ته، ”هڪڙي انسان کي برباد ته ڪري سگهجي ٿو پر ان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي.“

    هڪڙو مرد قسمت تي ڀاڙي نه ٿو سگهي
    قسمت ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ساڳيءَ ريت اها اسان جي عام زندگيءَ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي، ۽ هڪڙي مهاڻي جهڙي ضعيف العتقاد ماڻهو لاءِ ڪِريل قسمت فالج جي مرض جيان هجي ٿي. سانتياگو جي ڪيوبا ۾ ملاحن جي هڪڙي ڳوٺ ۾ هُن کي ”سَلائو“ ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪو بدقسمتيءَ جو بري کان برو نمونو آهي، جنهن کي چوراسي ڏينهن تائين ڪا هڪڙي مڇي به پلئه ڪِين پيئي آهي.
    اهو هن کي سندس هم رتبه لوڪن منجھ هڪڙو اجنبي بڻائي ڇڏي ٿو، ۽ ان سان هن کي سندس ڀروسي جوڳي ساٿي ڇوڪري مينولِن جو ساٿ به کسجي وڃي ٿو، جنهن جا والدين هُن کي پوڙهي ماڻهوءَ سان گڏجي مڇي مارڻ کان روڪي ڇڏين ٿا. جڏهن سانتياگو بک، بدحالي ۽ غربت جي پيڙا منجهان گذري رهيو آهي ٺيڪ اهڙي وقت ۾ هن جي ڳوٺ جون ٻيون ٻيڙيون روزانو هڪڙي سٺي مڇيءَ کي لَڏي کڻي اينديون رهن ٿيون.
    قسمت يقيناَ ڪنهن وٽ به ٿي سگهي ٿي، پر هر ڪنهن وٽ اَٽل ارادو، مهارت، ۽ استقلال جا عنصر نه ٿا هجن. سانتياگو انهن عنصرن کي ڄاڻي ٿو ۽ تنهن ڪري هو قسمت بجاءِ پنهنجي قابليت تي يقين رکي ٿو. ”جهنم ۾ پوي قسمت“، هُو سوچي ٿو. ”مان قسمت کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس“.
    هُو اهو ڪجھ پنهنجي ڪم دوران ڪوتاه راهِي سان نه ٿو ڪري. هُو پنهنجي مڇيءَ مارڻ وارين ڏورين کي ڪنهن به مهاڻي کان وڌيڪ سِڌائي ۾ رکي ٿو، ۽ هُو خاطري ڪري ٿو ته، ”هر سطح تي.....اتي هڪڙو چُوڻو هوندو جيڪو هوبهو انهي هنڌ تي هوندو جتي هُو ان کي ڇڏڻ چاهي ٿو ڪنهن به اهڙي مڇيءَ لاءِ جيڪا اتي تري رهي هجي.“ سانتياگو پنهنجي ڏورين کي بلڪل درست حالت ۾ رکي ٿو، ۽ هُو جيڪي ڪجھ به اچڻو آهي ان لاءِ ٺھ پھ تيار آهي.
    اسان سادي طور تي سٺين شين جي واقع ٿيڻ جو انتظار ڪندي ڪاميابي نه ٿا ماڻي سگهون. جهڙيءَ ريت سانتياگو خيال پچائي ٿو ته، ”ڀاڳوند هئڻ بهتر آهي. پر مان بلڪه درست رهندس. تڏهن جڏهن قسمت جاڳي پوي ته مون کي تيار رهڻ گهرجي.“
    هڪڙو مرد تڪليفون ۽ مشڪلاتون بنا ڪنهن دانهن ڪُوڪ جي برداشت ڪري ٿو
    ”هُو صبح جي ٿڌ ۾ ڏڪي رهيو هو. پر هُن ڄاتو پئي ته هُو پاڻيهي ڏڪندي ڏڪندي گرم ٿي ويندو ۽ هُو جلد ئي ونجھ ورائڻ لڳندو.“
    ڪٿي اها ڪا شيءِ ٿڌ جيتري خَفيف ڇو نه هجي يا اهڙي اهم جيئن موت جي سرحدن جي ڪنارن جي ويجهو وڃڻ وقت، هڪڙي انسان کي سادي طور تي اهو ڪجھ ڪرڻ گهرجي جيڪو سڀ کان وڌيڪ لازم هجي، پاڻ تي ترس کائڻ بنا ۽ بنا ڪنهن دانهن ڪُوڪ جي. سانتياگو بک ۽ اڃ جي پيڙا جي ڪارڻ ڪا شڪايت نه ٿو ڪري نه ئي هُو انهن ڏورين بابت اداسي ڏيکاري ٿو جيڪي هُن جي هٿن کي ڪَپي ٿيون ڇڏين.
    اندر سمونڊ ۾، ٻين ٻيڙين کان گهڻو ڏور، سانتياگو اڳيان سندس حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي للڪار پيش پئي ٿي. اها ارڙنهن فٽن جي طوالت سان مارلِن مڇ جو روپ ڌاري نروار ٿئي ٿي ۽ پوڙهو ماڻهو ان سان هڪڙي ڊگهي ويڙھ وڙهي ٿو جيڪا ڏينهنَ تائين جاري رهي ٿي. مڇ جي ساڻي ٿي وڃڻ ساعت، سانتياگو جو هٿ اونهائي سان ڪَٽجي وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڳڍڙيون پوڻ لڳن ٿيون ۽ اهو ٻيڪڙجي وڃي ٿو، ”اهڙو ٻيڪڙيل هٿ جَئن هڪڙي عقاب جا ٻيڪڙيل چنبا هوندا آهن.“ هُو ضرب کي لوڻياٺي جل منجھ ڌوئي ٿو ۽ ان کي سج ۾ سڪڻ ۽ گرم ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو. پر هٿ هُن کي جواب ڏئي ڇڏي ٿو ۽ هو مجبوراَ پنهنجي ٻئي هٿ سان واحد طور تي ڪم ڪري ٿو، هڪڙي طاقتور مڇ جي خلاف جيڪو سندس مڪڙيءَ کان ٻه فٽ ڊگهو آهي. بي ساهو، سانتياگو ”ڪاٺ جي برعڪس ويهي ٿو“ ۽ سادي طور تي پنهنجي پيڙا کي اهڙيءَ ريت ڀوڳيندو رهي ٿو جهڙيءَ ريت اها اڀرندي رهي ٿي. هُن کي اطمينان آهي پر هو ڀوڳي رهيو آهي، البت هو ڀوڳنا کي هرگز به تسليم نه ٿو ڪري.

    هڪڙو مرد لٻاڙ نه ٿو هڻي
    هڪڙي ماڻهوءَ جي صفت کي ان جي عملن منجهان سٺيءَ طرح سان پرکي سگهجي ٿو، ۽ نهٺائي جي اوسر اسان جي عملن کي اسان جي باري ۾ ڳالھائڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ لاءِ هڪڙي جزي جي حيثيت رکي ٿي. سانتياگو کي هڪڙي گفتگوءَ دوران سندس نوجوان دوست سان ٻٽاڪ هڻڻ جو موقعو ملي ٿو، پر هُو ٻٽاڪ نه ٿو هڻي.
    مينولِن هُن کان پڇي ٿو، ”حقيقت ۾ وڏو منتظم ڪير آهي؟ لوڪيھ يا مائيڪ گونزاليز؟“
    ”مان سمجهان ٿو اهي ٻئي برابر آهن“.
    ”۽ سڀ کان سٺو مهاڻو تون آهين؟“
    ”نه. مان ٻين کان بخوبي واقف آهيان.“
    ”ڪِيو وا،“ ڇوڪري چيو، ”اتي ڪيترائي سٺا مهاڻا آهن ۽ انهن منجهان ڪي مهان پڻ، پر اتي فقط تون آهين.“
    ”تنهنجي وڏي مهرباني. تو مون کي خوش ڪري ڇڏيو. مان اميد ٿو ڪيان ته ڪا به اهڙي مڇي نه ايندي جيڪا ايتري وڏي هجي جو اها اسان کي غلط ثابت ڪري سگهي.“
    ۽ اهو فقط سانتياگو جي اٽل ارادي جي سبب آهي جو هو اهڙي ڪا لٻاڙ نه ٿو هڻي. ٻٽاڪ فقط بي اعتمادي کي دوام بخشي ٿي. اها ان هجوم تي ڪو ديرپا اثر نه ٿي ڇڏي جيڪو ان کي ٻڌي رهيو هجي.

    هڪڙو مرد ٻين مردن کان اتساهت ٿئي ٿو
    ”پر مون کي لازماَ حوصلو ڪرڻ گهرجي ۽ مون کي عظيم ڊِي ميگيو جي تعظيم ڪرڻ گهرجي جيڪو هڏيءَ ۾ سوزش جي سُور سبب به ويندي سڀ ڪجھ ڪاملتا سان ڪري ويو.“
    سانتياگو لاءِ اهو عظيم ڊِي ميگيو آهي جيڪو هن کي اتساهي ٿو ۽ هن جي حوصله افزائي ڪري ٿو. هو اهڙيون خصلتون رکي ٿو جن کي سانتياگو ساراهي ٿو، ۽ اهو ان کي ياد ڏياري ٿو ته جيڪڏهن توهان ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي ڪنهن مقصد سان لڳايو ۽ ان لاءِ پيش ايندڙ مشڪلاتن سان مڙسيءَ سان منهن ڏيو ـــ ٻين ڏانهن نهارڻ سان ــ جهڙوڪ سورمن وغيرھ ڏانهن ــ اسان کي انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جا مثالَ فراهم ڪري ٿو، اسان کي اها ڄاڻ عطا ڪري ٿو جنهن جي مدد سان انهن پنهنجي مقصد آڏو پيش ايندڙ رڪاوٽن کي منهن ڏنو، ۽ اهو اسان کي انساني حيات سان لاڳاپيل ڪاميابين جي امڪانن جي هڪڙي وڏي خاطري ڏياري ٿو.
    انساني حيات هر عمر ۾ لوڏن ۾ رهي ٿي
    پوڙهائپ هڪڙي عام عذر هجي ٿو ۽ ڪجھ شين جي لحاذ کان اهو هڪڙو جائز عذر آهي، پر گهڻو اڪثر ان جو اتي استعمال ڪيو ويندو آهي جتي ان لاءِ ڪا گنجائش باقي نه هوندي آهي. جڏهن شارڪ مڇيون سانتياگو جي مڇ مارلِن جي مٿان مارو ڪن ٿيون، پهريان هُن کي خوف ورائي وڃي ٿو ته هُو پوڙهائپ جي ڪري انهن جي مدِ مقابل ٿي نه ٿو سگهي، پر ستت ئي هو پنهنجا اوزار سهيڙي ٿو جن کي هُو هٿيار طور ڪتب آڻي ٿو ۽ انهن سان هر اها شيءِ ڪري ٿو جيڪا هو ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن هُو پنهجي چاقوءَ جي ڌار کي مڇ جي جسم منجھ ڀڃي ٿو ڇڏي، هُن تي وري خوف طاري ٿي وڃي ٿو، ”هاڻي انهن مون کي ماريو آهي،“ هُو سوچي ٿو، ”مان ايترو پوڙهو آهيان جو شارڪن کي ڏنڊي سان ماري نه ٿو سگهان. پر مان تيسين ڪوشش ڪندو رهندس جيسين مون وٽ ونجھ، ننڍڙي ڏنڊي ۽ بيرم آهي.“
    ۽ ڪيتريون ئي ٻيون وڌيڪ شارڪون اچي وڃن ٿيون. هُن کي انهن کي ڏنڊي سان هُن جي سموري سگھ سان مارڻو آهي. ويڙھ دوران، سج لهي وڃي ٿو ۽ سانتياگو کي حيرت ٿئي ٿي، ”جيڪڏهن هاڻي رات جو اهي اچيو وڃن ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟“ هُو گهڻو اونهو سوچي ٿو. ”انهن سان ويڙھ وڙهجانءِ“، هُن چيو، ”مان انهن سان تيسين وڙهندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
    جيتوڻيڪ شارڪون آخرڪار سانتياگو جي مڇ مارلِن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏين ٿيون، پر هڪڙي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اهي هُن کي هارائي نه ٿيون سگهن، هو ڪڏهن به ڇڏي نه ٿو ڏئي. ونجھ ورائيندي هُن کي پنهنجي وات منجهان وهندڙ خون جي بوءِ اچڻ لڳي ٿي، ۽ هُو ان کي سمونڊ منجھ ٿوڪاري ٿو ۽ چوي ٿو، ”اهو کاءُ گيلانوس. ۽ هڪڙو خواب ڏس ته تو هڪڙي انسان کي ماريو آهي.“ هر ماڻهوءَ جي پٺيان شارڪ مڇيون لڳل آهن جيڪي هن جي چوڌار ڦيرا ڏئي رهيون آهن، اهي تڏهن مِڙيو وڃن جڏهن اهي ڪنهن انسان جي حقيقي حاصلات جي رت جي بوءِ کي سُونگهي وٺن ٿيون. پر توهان ڪڏهن به ويڙھ کي روڪڻ لاءِ پاڻ کي پوڙهو نه ٿا ڀانيو.

    ايمانداري کي برقرار رکڻ هڪڙي مرد جي ميراث آهي
    سانتياگو هن ڪهاڻي جي پنن تان اهڙيءَ طرح سان اڏائي کنيو وڃي ٿو هوبهو انهي شيءِ جيان جيڪا هُن جي شروع کان هُن ساڻ هئي. لڳ ڀڳ ڪجھ به نه. هن جو شڪار هُن لاءِ ڪا مايا نه ٿو آڻي نه ئي وري ڪا ”ڪاميابي“ پر اهو هن کي هڪڙي اهڙي ميراث عطا ڪري ٿو جيڪا ڪنهن به مالياتي حاصلات کان گهڻي پراهين آهي. ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجو وڃايل وقار هڪڙي وڏي للڪار سان مهاڏو اٽڪائيندي حاصل ڪري ٿو؛ هُو پنهنجو پاڻ کي هڪڙي زبردست ويڙھ ۾ ٿڪائي ڇڏي ٿو. هڪڙو مرد ڪڏهن به ڇڏي نه ٿو ڏئي.

    رشيدالله زهراڻي
    ڪامران چورنگي، ڪراچي.
    بتاريخ 10 آڪٽوبر، 2018.


    1

    هُو هڪڙو پوڙهو ماڻهو هو جيڪو گَلف اِسٽرِيم (گرم سامونڊي رُوءِ جيڪا ميڪسِيڪو جي خَليج / نار کان اتر ڏانهن آمريڪا جي اوڀرندي ساحِل سان گڏوگڏ وهندي آهي ــ مترجم) ۾ اڪيلو هڪڙي ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ / مَڪڙِيءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندو هو ۽ هينئر هُن کي گذريل چوراسِي ڏينهن کان هڪڙي به مڇي پلئه ڪين پيئي هئي. پهرين چاليهن ڏينهن دوران هُن سان هڪڙو ڇوڪرو گڏ هوندو هو، پر، چاليهن ڏينهن تائين هڪڙي به مڇي هٿ نه اچڻ سبب ڇوڪري جي والدين هُن کي چيو ته هاڻي اهو پوڙهو ماڻهو پوريءَ طرح سان ۽ آخرڪار سَلائو (Salao) بڻجي ويو آهي، جيڪو بد بختيءَ جو بري کان برو نمونو آهي، ۽ ڇوڪرو انهن جي حڪمن مطابق هڪڙي ٻي ٻيڙيءَ ڏانهن هليو ويو هو جنهن پهرين هفتي ۾ ٽي سُٺيون مڇيون پڪڙيون هيون. پوڙهي ماڻهوءَ جو روزانو پنهنجِي ننڍڙي خالي ٻيڙيءَ جو ڪاهي اچڻ ڇوڪري کي دُکدائڪ بڻائيندو هو ۽ هُو هميش هيٺ وڃي ويڙهيل ڏورين توڙي بَڻڇِي / ڀالي / نيزي ۽ سُوئي ۽ بادبان / سِڙھ جيڪو ٻيڙيءَ جي کُوهي / شِيڪلي جي چوڌار ويڙهيل هو جي کڻڻ ۾ هن جي واهِر ڪندو هو. بادبان اٽي جي ٻوري / ٻاچڪي جي چَتين سان هو، ۽ اهو ويڙهيل هو، اهو دائمي شڪست جي جهنڊي جيان نظر اچي رهيو هو.
    پوڙهو ماڻهو سنهڙو ۽ سُڪل سَڙيل هو جنهن جي ڳچيءَ جي پٺ ۾ گِهرا گُهنجَ هئا. هُن جي ڳَلن تي خَطِ سَرطان ۽ خَطِ جَدِي ۾ واقع سمونڊ تي پوندڙ ان جي عڪس جي سبب سج پاران آندل چمڙِي / کَل جي ڀلارِي سَرطان سندا خاڪِي چُٽا / داغَ هئا. اهي چُٽا / داغَ ٺيڪ طرح سان هن جي منهن جي پاسن جي هيٺان نِرَنتَر / هڪ لَس هئا ۽ هن جي هٿن ۾ ڏورين سان وَزنائتيون مڇيون جهلڻ سبب لِيڪُن نما گهرا داغَ هئا. پر انهن منجهان ڪو به داغ تازو نه هو. اهي ايترا پراڻا هئا جئن هڪڙي مڇِيءَ بنا بيابان ۾ آيل کاڌُون هونديون آهن. هن جي چوڏس هر شيءِ پراڻي هئي سواءِ هُن جي اکين جي جيڪي سمونڊ جي اُن رنگ جهڙيون هيون ۽ اُهي خوش مزاج / سَرهيون ۽ ناقابلِ شڪست هيون.
    ”سانتياگو،“ جيئن ئي اهي انهي ڪناري تي چڙهيا جتان کان ٻيڙيءَ کي مٿي ڇڪيو ويو هو، ڇوڪري هُن کي چيو. ”مان ٻيهر توسان هلي سگهان ٿو. اسان ڪجھ پيسا ڪمايا آهن.“
    پوڙهي ماڻهوءَ ڇوڪري کي مڇي مارڻ سيکاري هئي ۽ ڇوڪرو هُن سان پيار ڪندو هو.
    ”نه،“ پوڙهو ماڻهو وَراڻيو. ”تون هڪڙي شُڀ / بختاور / ڀاڳواري ٻيڙِيءَ سان آهين. انهن وٽ ترس.“
    ”پر ياد ڪر تون ڪيئن ستاسِي ڏينهن تائين بنا مڇيءَ جي هُئين ۽ پوءِ اسان ٽن هفتن تائين روزانو هڪڙي وڏي مڇي پڪڙيندا هئاسين.“
    ”مون کي ياد آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مان ڄاڻان ٿو تو مون کي ان لاءِ نه ڇڏيو هو ڇاڪاڻ جو تو مون ۾ شڪ پئي ڪيو.“
    ”اهو منهنجو بابو هو جنهن مون کي ڇڏڻ جو چيو. مان هڪڙو ڇوڪرو آهيان ۽ مون کي لازماَ هن کي مڃڻ گهرجي.“
    ”مان ڄاڻان ٿو،“ پوڙهي شخص چيو. ”انهي جو بلڪل خير آهي.“
    ”هُن کي ايترو يقين نه آهي.“
    ”نه،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پر اسان کي يقين آهي. آهي نه؟“
    ”ها،“ ڇوڪري چيو. ”ڇا مان توکي چَبُوتري / دِڪي تي هڪڙو بِيئر (جَوَن جو شراب) اَرپي / آڇي سگهان ٿو ۽ تِهان پوءِ اسان سامان گهر نيئي وينداسين.“
    ”ڇو نه؟“ پوڙهو ماڻهو وَراڻيو. ”مُهاڻن / مَلاحَن جي درميان.“
    اهي چَبُوتري تي ويٺا هئا ۽ ڪيترائي مَلاح / ناکئا پوڙهي ماڻهوءَ تي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا ۽ هُن کي ڪا ڪاوڙ ڪو نه هئي. ٻيا، جيڪي پوڙها ملاحَ هئا، انهن هِن ڏانهن نهاريو ۽ اُهي غمزده هئا. پر انهن ان جو نماءُ نه ٿي ڪيو ۽ انهن نرميءَ وچان انهن ڇولين ۽ اونهائين بابت ڳالھايو جن منجھ انهن پنهنجون ڏوريون ڇڏيون هيون ۽ انهن سٺي پائيدار هوا / موسم جو ذڪر ڪيو ۽ جيڪي ڪجھ انهن ڏٺو هو. ان ڏينهن سندا سُرخُرو ملاحَ اَڳيئِي اچي ويا هئا ۽ انهن پنهنجن نوڪدار چهنب وارين مڇين مارلِنن (Marlins) کي ڪُٺو هو ۽ انهن کي ٻن تختن تي رکيو ويو هو جنهن مان هر هڪ تختي کي ٻه ماڻهو ٿِڙندي ٿاٻڙجندي مڇيءَ گهر ڏانهن نيئي ويا هئا جتي انهن بار بَردار برفاني گاڏي (ٽَرڪ) جو انتظار ڪيو هو ته جيئن اها انهن کي هَوانا (Havana) ۾ مَنڊيءَ ڏانهن نيئي سگهي. اُهي جن شارڪ مڇيون ماريون هيون انهن کي شارڪُن جي ڪارخاني ڏانهن نيئي ويا هئا جيڪو کاڙِيءَ جي ٻي پاسي کان هو جتي انهن کي هڪڙي ڪارَب / چاپ تي رکي چرخِيءَ وسيلي مٿي چاڙهيو ويو هو انهن جي جِگرن کي هٽايو ويو هو، انهن جي ڪَلين کي ڪَٽيو ويو هو ۽ انهن جي کَلن کي لاٿو ويو هو ۽ انهن جي گوشت کي لوڻ لڳائڻ خاطر پَٽين نما ٽڪڙن ۾ وڍيو ويو هو.
    جڏهن هوا اوڀر ۾ هوندي هئي تڏهن شارڪ جي ڪارخاني کان هڪڙي بانس ايندي هئي؛ پر اڄ اُتي گنڌَ / بوءِ سندي فقط هلڪي تِکَ هئي ڇاڪاڻ جو هوا اتر جي اوٽ ورتي هئي ۽ پوءِ گهڻو رُڪجِي ويئي هئي ۽ چبُوترو وڻندڙ ۽ روشن هو.
    ”سانتياگو،“ ڇوڪري چيو.
    ”ها،“ پوڙهو ماڻهو وراڻيو. هُو پنهنجو جام جهليو بيٺو هو ۽ ڪيترائي سال اڳ بابت سوچي رهيو هو.
    ”ڇا مان تو لاءِ ننڍڙي مڇي سارڊين (Sardine) آڻڻ لاءِ سڀاڻي ٻاهر وڃي سگهان ٿو؟“
    ”نه. وڃ ۽ بيس بال کيڏ. مان اڃا ٻيڙي ڪاهي سگهان ٿو ۽ روجيلِيئو (Rogelio) ڄار ڦٽو ڪندو.“
    ”مان وڃڻ پسند ڪندس. جيڪڏهن مان توسان گڏجي مڇي نه ٿو ماري سگهان. مان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تنهنجي ڪم اچڻ چاهيان ٿو.“
    ”تو مون کي هڪڙو بِيئر وٺي ڏنو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”تون لڳ ڀڳ مرد بڻجي ويو آهين.“
    ”جڏهن تو مون کي ٻيڙيءَ ۾ کنيو هو تڏهن مان ڪيترو هوس؟“
    ”پنجن سالن جو ۽ تون زري گهٽ ماريو ويو هئين جڏهن مون مڇيءَ کي گهڻي ساوڪاڻ ڏانهن آندو هو ۽ ان لڳ ڀڳ ٻيڙيءَ کي ٽڪڙن ۾ ٽوڙي ڇڏيو هو. ڇا تون ياد ڪري سگهين ٿو؟“
    ”مان ان جي ڦڙ ڦڙائيندڙ پڇ ۽ ڌماڪي ۽ ٻيڙيءَ کي لڳل لڪڙي جي ٽٽڻ ۽ سوٽن جي آوازن کي ياد ڪري سگهان ٿو. مان ياد ڪري سگهان ٿو ته تو مون کي ڪمان منجھ ڦٽو ڪيو هو جتي آليون ويڙهيل ڏوريون پيون هيون ۽ مان سموري ٻيڙيءَ جو هُڙڪڻ / ٿَڙڪڻ / ڏڪڻ ۽ تنهنجو آواز ياد ڪري سگهان ٿو جڏهن تو هن تي سوٽا وسايا هئا جَئن هڪڙي وڻ کي وڍبو آهي ۽ مِٺي خون جي سموري بوءِ منهنجي مٿان هئي.“
    ”ڇا تون حقيقت ۾ اهو ياد ڪري سگهين ٿو يا مان اهو توکي ائين ئي ٻڌايان ٿو؟“
    ”مون کي سڀڪجھ ياد آهي تڏهن کان جڏهن اسان پهريون ڀيرو گڏ هليا هئاسين.“
    پوڙهي ماڻهوءَ هُن ڏانهن پنهنجن سج کان سڙيل، اعتماد پسند اکين، سان نهاريو.
    ”جيڪڏهن تون منهنجو پٽ هجين ها ته مان توکي ٻاهر وٺي وڃان ها ۽ توکي راند روند ڪرايان ها.“ هُن چيو. ”پر تون پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو آهين ۽ تون هڪڙي سڀاڳي ٻيڙيءَ منجھ آهين.“
    ”ڇا مان ننڍڙيون سارڊين (Sardines) مڇيون وٺي سگهان ٿو؟ مان ڄاڻان ٿو ته چار چُوڻا / ڳاهُون پڻ ڪٿان ملنديون؟“
    ”مون وٽ اڄ کان علاوھ پنهنجون ڳاهُون پيون آهن. مون انهن کي پيتيءَ ۾ پيل لوڻ منجھ وڌو آهي.“
    ”مون کي چار تازا چُوڻا وٺڻ لاءِ ڇڏ.“
    ”هڪڙو،“ پوڙهو ماڻهو وراڻيو. هن جي اميد ۽ حوصلي ڪڏهن ڪين موڪلايو هو. پر هاڻي اهي اڃا تازا توانا بڻجي رهيا هئا جيئن جڏهن هِيرَ اُٿڻ لڳي.
    ”ٻه،“ ڇوڪري چيو.
    ”ٻه،“ پوڙهي ماڻهوءَ مَڃي ورتو. ”تون اهي چوري نه ڪندين.“
    ”نه ڪندس،“ ڇوڪري چيو. ”پر مان اهي خريد ڪندس.“
    ”تنهنجي مهرباني،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. جڏهن هُن کي نفرت پلئه پيئي هئي تنهن تي ويچارڻ لاءِ هو صفا سادو هو. پر هُن اهو ڄاتو پئي ته اها هُن کي پلئه پيئي هئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته اها نالائقي / بي شرميءَ جهڙي ڳالھ نه هئي ۽ ان ۾ حقيقي خودداري جو ڪو گهاٽو / نقصان سمايل نه هو.
    ”هِن ڇوليءَ سان سُڀاڻ هڪڙو سٺو ڏينهن بڻجي رهيو آهي،“ هُن چيو.
    ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڇوڪري پڇيو.
    ”گهڻو پرتي جڏهن هوا رخ مَٽائيندي ته مان موٽي ايندس. مان چِٽائِي / سوجهري ٿيڻ کان پهريان ٻاهر ٿيڻ چاهيان ٿو.“
    ”مان هُن کي گهڻو پرتي ڪم ڪرڻ لاءِ وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪندس،“ ڇوڪري چيو. ”پوءِ جيڪڏهن تون سچ پچ ڪا شيءِ واقعي ۾ وڏي ڦاسائيندين اسان تنهنجي سهائتا لاءِ اچي سگهون ٿا.“
    ”هُو گهڻو دُور ڪم ڪرڻ کي پسند نه ڪندو آهي.“
    ”نه،“ ڇوڪري چيو.
    ”پر مان ڪا شيءِ ڏسندس جيڪا هُو ڏسي نه ٿو سگهي جهڙوڪ جسماني مشقت ۾ مصروف پکي ۽ هُن کي ڊولفن جي پٺيان پوڻ لاءِ ٻاهر وٺي ايندس.“
    ”هُن جون اکيون ايتريون خراب آهن ڇا.“
    ”هُو لڳ ڀڳ نابين آهي.“
    ”اهو عجيب آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”هُو ڪڏهن به ڪَڇُوئن جي ڪَڍ ڪو نه پيو. جنهن جي ڪري نظر ڪمزور ٿي ويندي آهي.“
    ”پر تون سالن تائين ڪڇوئن جي شڪار لاءِ مِسڪِيٽو واري سامونڊي ڪناري ڏانهن ويو هئين ۽ تنهنجون اکيون سٺيون آهن.“
    ”مان هڪڙو عجيب پوڙهو ماڻهو آهيان.“
    ”پر ڇا تون هاڻي هڪڙي حقيقي طور تي وڏي مڇيءَ کي جهلڻ لاءِ ايترو ٻَلوان آهين.“
    ”مان ائين ڀانئيان ٿو ۽ اتي ڪيتريون ئي ترڪيبون آهن.“
    ”اچ ته سامان گهر ڏانهن نيئي هلون،“ ڇوڪري چيو. ”جيئن مان ڦيراٽي وارو ڄار وٺي سگهان ۽ ننڍڙيون سارڊين مڇيون پڪڙي سگهان.“ ڇوڪري چيو.
    انهن ٻيڙيءَ منجهان گِراڙي مٿي کنئي. پوڙهي ماڻهوءَ ٻيڙيءَ جو کُوهو پنهنجي ڪلهي تي کنيو ۽ ڇوڪري ڪاٺ جي ٻيڙيءَ کي ڪلهي تي رکيو جنهن ۾ ويڙهيل، ٺوس مَڙهيل ناسِي ڏوريون ۽ سُوئو ۽ ڀالو ان جي ڇَڙهيءَ سان گڏ هو. چُوڻَن / ڳاهُن وارو دٻو انهي ڏنڊي سان گڏ ٻيڙيءَ جي پُٺئين پاسي کان هو جيڪو جڏهن وڏين مڇين کي ٻيڙيءَ جي لڳو لڳ آندو ويندو هو انهن کي ماري مُڃ ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. پوڙهي ماڻهوءَ جي ڪو چوري ڪري نه پئي سگهيو پر اهو ٺيڪ هو ته سِڙهن ۽ وزنائتين ڏورين کي گهر ڏانهن نيو وڃي ڇاڪاڻ جو ماڪ انهن لاءِ خراب هئي ۽، جيتوڻيڪ هن کي بلڪل يقين هو ته ڪو به اَسٿاني / مَڪانِي ماڻهو هُن کان نه چورائيندو، پوڙهي ماڻهوءَ سمجهيو پئي ته هڪڙي سُوئي ۽ ڀالي / بڻڇِيءَ کي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏڻ غير ضروري ريب / هِرکاءُ هئا. انهن پوڙهي ماڻهوءَ جي غريباڻي جهوپڙيءَ ڏانهن مٿي پيچري طرف گڏوگڏ پنڌ ڪيو ۽ اهي ان جي کليل دروازي کان سڌو اندر گهڙيا. پوڙهي ماڻهوءَ کُوهي / شِيڪلي کي ان جي ويڙهيل سِڙھ سميت ديوار جي پُٺڀرو رکيو ۽ ڇوڪري چُوڻي وارو دٻو ۽ ٻِي گِراڙِي ان جي ڀرسان رکي ڇڏي. سڙھ لڳ ڀڳ ايترو ڊگهو هو جيترو جهوپڙيءَ جو ڪمرو هو. جهوپڙي شاهِي کجين جي مضبوط ڦرهن جن کي گُوانو (Guano) ڪوٺيو وڃي ٿو منجهان بڻائي ويئي هئي ۽ ان ۾ اُتي هڪڙو بستر، هڪڙي ميز، هڪڙي ڪرسي، ۽ مٽيءَ جي فرش تي، اڱرن سان پچائڻ لاءِ هڪڙو هنڌ هو. گُوانو جي، هڪٻئي مٿان چڙهيل جڙدار مضبوط پَتن وارين هموار ديوارن تي حضرت عيسيٰ جي مقدس دل ۾ اتي رنگ ۾ هڪڙي تصوير هئي ۽ ٻي تصوير ڪوبَر جي ڪُنواري ڪَنيا سندي هئي. اهي هُن جي زال جا يادگار / تبرڪ هئا. ڪنهن دفعي اُتي ديوار تي هُن جي گهر واريءَ جي هڪڙي قلعي ڪيل عڪسي تصوير هوندي هئي، پر هُن ان کي هٽائي ڇڏيو هو ڇاڪاڻ جو اُن ڏانهن نهارڻ هُن کي گهڻو اُٻاڻڪو / وِياڪل / ويڳاڻو بڻائي ڇڏيندو هو ۽ اها هاڻي ڪنڊ ۾ هُن جي صاف قميض جي هيٺان تختي تي پئي هئي.
    ”تو وٽ کائڻ لاءِ ڇا آهي؟“ ڇوڪري پڇيو.
    ”پِيلَن چانورن سان مڇيءَ جي هڪڙي هانڊِي. ڇا توکي ڪجھ گهرجي؟“
    ”نه. مان گهر ڏي کائيندس. ڇا تون چاهين ٿو ته مان تو لاءِ باھ ٻاريان؟“
    ”نه. مان اهو بعد ۾ ڪندس. يا مان ٿڌا چانورَ کائيندس.“
    ”ڇا مان ڦيري وارو ڄار وٺي سگهان ٿو؟“
    ”يقيناَ.“
    اتي ڪو ڦيري وارو ڄارو ڪو نه هو ۽ ڇوڪرو ان کي تڏهن کان ياد ڪندو هو جڏهن انهن ان کي وڪرو ڪيو هو. پر اهي روزانو ان جو فَسانو ڪندا هئا. اُتي پِيلن چانورن سان مڇيءَ سندي ڪا هانڊِي ڪو نه هئي ۽ ڇوڪري تنهن بابت پڻ ڄاتو پئي.
    ”پنجاسِي هڪڙو ڀاڳ وارو عدد آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”جيڪڏهن مان ساڳيءَ طرح سجايل اهڙو ڄار هڪڙي هزار پائونڊ تائين جي لڳ ڀڳ آڻيان ته توکي ڪيئن ڀاسندو؟“
    ”مان گول ڦيرو ڏئي ڦٽو ڪرڻ وارو ڄار کڻي ننڍڙيون سارڊين مڇيون ماريندس. ڇا تون داخلِي دروازي کان سج جي هيٺان ويهندين؟“
    ”ها. مون وٽ ڪالهوڪي اخبار آهي ۽ مان بيس بال بابت پڙهندس.“ ڇوڪري نه ٿي ڄاتو ته ڪٿي ڪالهوڪي اخبار پڻ هڪڙو فَسانو هو. پر پوڙهي ماڻهوءَ ان کي بستر جي هيٺان ٻاهر ڪڍيو.
    ”پيرِيڪو مون کي ننڍڙي دوڪان / بوڊيگا وٽ ڏني.“ هن وضاحت ڪئي.
    ”ننڍڙيون سارڊين مڇيون وٺڻ کان پوءِ مان واپس موٽي ايندس. مان تنهنجون ۽ منهنجون مڇيون برف تي گڏائي رکندس ۽ صبح ويلي اسان انهن منجهان حصيداري ڪري سگهون ٿا. جڏهن مان واپس موٽي اچان تون مون کي بيس بال بابت ٻڌائج.“
    ”يانڪِي (Yankees) نه ٿا هارائي سگهن.“
    ”پر مون کي ڪِلِيولينڊ (Cleveland) جي هندستانين کان ڊپ آهي.“
    ”منهنجا پٽ يانڪين تي ويساھ رک. عظيم ڊِي ميگيو (DiMaggio) بابت وِيچار.“
    ”مون کي ڊيٽرائيٽ جي ٽائيگرن توڙي ڪِليولينڊ جي هندستانين کان ڊپ آهي.“
    ”هوشياري ڪر نه ته تون ويندي سِنسِتاتِي ڳاڙهن ۽ شِڪاگو جي سفيد ساڪسَنَن کان به ڊڄڻ لڳندين.“
    ”تون ان جو مطالعو ڪر ۽ مون کي ٻڌاءِ مان ڪڏهن موٽي اچان.“
    ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اسان صُورتِي / لاٽريءَ جو هڪڙو پُتلو خريد ڪيون جنهن تي پنجاسِيءَ جو هڪڙو عدد هجي؟ سڀاڻي پنجاسيهون ڏينهن آهي.“
    ”اسان اهو ڪري سگهون ٿا،“ ڇوڪري چيو.
    ”اهو ٻه ڀيرا ٿي نه ٿو سگهي. ڇا تون سمجهين ٿو تون هڪڙو پنجاسيهين عدد سندو ڳولهي سگهين ٿو؟“
    ”مان هڪڙي جو حڪم ڏئي سگهان ٿو.“
    ”هڪڙو ورق. جيڪو اڍائي ڊالرن ۾ ملي. اسان اهو ڪنهن کان خريد ڪري سگهون ٿا؟“
    ”مان سمجهان ٿو مان پڻ وٺي سگهان ٿو. پر مان خريد ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪيان. پهريان اسان خريد ڪندا آهيون. پوءِ اسان پنندا آهيون.“
    ”پاڻ کي تَپائي / اُتساهي رک پوڙها ماڻهو،“ ڇوڪري چيو. ”ياد رکج اسان سيپٽمبر منجھ آهيون.“
    ”اهو مهينو جڏهن وڏي مڇي ايندي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”ڪو به مئي ۾ هڪڙو مهاڻو بڻجي سگهي ٿو.“
    ”هاڻي مان ننڍڙين مڇين سارڊينن لاءِ وڃان ٿو،“ ڇوڪري چيو.
    جڏهن ڇوڪرو واپس وري آيو تڏهن پوڙهو ماڻهو ڪرسيءَ تي سُتل هو ۽ سج لهي چڪو هو. ڇوڪري پراڻو سئنائِي / فوجي کَٿو / ڪنبل بستر تان کنيو ۽ ان کي ڪرسيءَ جي پٺ جي چوڌار ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جي ڪلهن ۾ ڦهلائي ڇڏيو. اهي نرالا ڪلها هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پوڙها هئا پر اڃا سگهارا هئا، ۽ هُن جي ڳچي پڻ اڃا مضبوط هئي جڏهن پوڙهو ماڻهو ننڊ ورتل هو تڏهن هُن جا گهنجَ ايترا نظر نه ٿي آيا ۽ هُن جو مُنهن اڳتي هو. هن جي قميض کي ڪيترائي ڀيرا چتيون لڳايون ويئيون هيون جنهنڪري اها سڙھ نما بڻجي ويئي هئي ۽ اهي چتيون سج جي ڪري ڪيترن ئي مختلف ڇانورن / ڇيڊن ۾ اُٻاٽجي ويئيون هيون. پوڙهي ماڻهوءَ جو مٿو ڪافي جهونو هو ۽ هن جي بند ڪيل اکين سان اُتي هن جي چهري تي ڪا حيات ڪِين هئي. اخبار هن جي گوڏن جي آرپار پئي هئي ۽ هن جي ٻانهن جي وزن شام جي ٿڌڙي هِير ۾ ان کي جهلي رکيو هو. هو پيرين اگهاڙو هو.
    ڇوڪرو هُن کي اتي ڇڏي هليو ويو ۽ جڏهن هُو واپس موٽي آيو پوڙهو ماڻهو اڃا سُتو پيو هو.
    ”جاڳ پوڙها ماڻهو،“ ڇوڪري چيو ۽ هُن پنهنجو هٿ پوڙهي ماڻهوءَ جي هڪڙي گوڏي تي رکيو.
    پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجون اکيون کوليون ۽ هڪڙي پل ۾ هو هڪڙي ڊگهي پرانهين پنڌ تان موٽي آيو. تهان پوءِ هُن مسڪرايو.
    ”تو کي ڇا مليو؟“ هُن پڇيو.
    ”رات جي ماني.“ ڇوڪري چيو. ”اسان رات جي ماني کائڻ وارا آهيون.“
    ”مان گهڻو بکايل نه آهيان.“
    ”اچ ۽ کاءُ. جي تون نه کائيندين ته مڇي ماري نه سگهندين.“
    ”مون کاڌو آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ مٿي اٿندي ۽ اخبار کي کڻندي ۽ ان کي ويڙهيندي چيو. تهان پوءِ هُن کَٿي / ڪنبل کي ويڙهڻ شروع ڪيو.
    ”کَٿي کي پنهنجي چوڌار ويڙهي رک،“ ڇوڪري چيو. ”جيسين مان جيئرو آهيان تون بنا کائڻ جي مڇي نه ماريندين.“
    ”ته پوءِ هڪڙي ڊگهي وقت لاءِ جيءُ ۽ پنهنجو خيال رکج،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”اسان ڇا کائڻ وڃي رهيا آهيون؟“
    ”ڪاريون ڦريون ۽ چانور، تَريل ڪيلا ۽ گوشت جو ڪجھ شوربو.“
    ڇوڪرو چَبوتري کان ان کي ٻن پُڙن واري ڌاتوئي ٿانءُ ۾ کڻي آيو هو. چاقوئن جا ٻه جوڙا ۽ ڏندائان ۽ ٻيا چمچا هڪڙي ڪاغذ جي رومال سان گڏ هئا جيڪو هر جوڙي جي چوڌار ويڙهيل هو.
    ”هِي توکي ڪنهن ڏنو؟“
    ”مارٽِن. مالڪ.“
    ”مون کي لازماَ هن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.“
    ”مون هُن جو پهريان کان شڪريو ادا ڪري ڇڏيو آهي،“ ڇوڪري چيو. ”توکي هن جو شڪريو ادا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.“
    ”مان هن کي وڏي مڇيءَ جي پيٽ وارو ماس ڏيندس،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”ڇا هُن اهو اسان لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيو آهي؟“
    ”مان اَئين ڀايان ٿو.“
    ”ته پوءِ لازماَ مونکي هُن کي مڇيءَ جي پيٽ جي ماس کان وڌيڪ ڪجھ ڏيڻ گهرجي. هُو اسان جو گهڻو خيال رکي ٿو.“
    ”هُن ٻه بيئرون موڪليون.“
    ”مون کي بيئر دَٻن ۾ بهترين لڳندو آهي.“
    ”مان ڄاڻان ٿو پر هِي بوتلن ۾ آهي، هيچوئِي بيئر، ۽ مان بوتلون واپس وٺان ٿو.“
    ”اها تنهنجي وڏي نوازش آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”ڇا اسان کائڻ شروع ڪيون؟“
    ”مان ته توکي چئي رهيو آهيان،“ ڇوڪري نرميءَ وچان چيو.
    ”جيستاءِ تون تيار نه ٿئين تيستاءِ مون ٿانءُ کي کولڻ جي تمنا نه پئي ڪئي.“
    ”هاڻي مان تيار آهيان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مون کي ڌوئڻ لاءِ فقط وقت درڪار هو.“
    ”تو غسل ڪٿي ڪيو؟“ ڇوڪري ويچاريو. ڳوٺ کي پاڻيءَ جي دستيابي سڙڪ کان ٻه گهٽيون هيٺ هئي. مون کي هُن لاءِ پاڻي هِتي آڻڻ گهرجي، ڇوڪري سوچيو، ۽ هڪڙو صابڻ ۽ هڪڙو سٺو ٽُوال / پوتيو، مان ايترو غافل ڇو بڻجي ويو آهيان؟ مون کي لازماَ هُن لاءِ هڪڙي ٻي قميض ۽ سياري لاءِ هڪڙو ڪُرتو / ڪُرتِي / ننڍو ڪوٽ / جيڪيٽ ۽ ڪنهن قسم جا جوتا ۽ هڪڙو ٻيو ڪنبل / کَٿو وٺڻ گهرجي.
    ”تنهنجو گوشت جو شوربو سِريشٽ / زبردست آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”مون کي بيس بال بابت ٻڌاءِ.“ ڇوڪري هُن کي چيو.
    ”آمريڪي لِيگ ۾ اُهي يانڪِي آهن جيئن مون چيو هو،“ پوڙهي ماڻهوءَ سرهائي وچان چيو.
    ”انهن اڄ هارايو،“ ڇوڪري هُن کي ٻڌايو.
    ”اهو بي معنيٰ آهي. پوءِ به عظيم ڊِي ميگيو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.“
    ”انهن ٻارِيءَ / ٽِيم ۾ ٻيا ماڻهو موڪليا آهن.“
    ”قدرتي طور تي. پر هُو فرق پيدا ڪري ٿو. ٻِي لِيگ / جماعت جيڪا بُروڪلِن ۽ فِلاڊيلفيا درميان آهي مون کي لازماَ بُروڪلن جو انتخاب ڪرڻ گهرجي. پر پوءِ مان ڊِڪ سِسلَر بابت سوچيان ٿو ۽ پراڻي پارڪ ۾ انهن عظيم ڪاهيندڙن بابت ويچاريان ٿو.“
    ”اتي انهن جهڙو ڪڏهن به ڪو ڪِين هو. هُو بال کي طويل کان طويل ٿُڏو هڻي ٿو اهڙو ٿُڏو جيڪو مون ڪڏهن ڪِين ڏٺو آهي.“
    ”توکي ياد آهي جڏهن هو چَبوتري تي ايندو هو؟“
    ”مون چاهيو هو ته هُن کي مڇيءَ مارڻ لاءِ وٺي وڃان پر مان ايترو ته شرمائجي ويس جو هُن کي چئي نه سگهيس. پوءِ مون توکي چيو ته تون هُن کي چئه پر تون پڻ شرمائجي وئين.“
    ”مان ڄاڻان ٿو. اها عظيم ڀُلَ هئي. ٿي سگهي ٿو ته هُو اسان سان گڏجي هلي به ها. ۽ پوءِ اهو اسان جي سموري زندگيءَ ۾ هلندو رهي ها.“
    ”مان پسند ڪندس ته عظيم ڊِي ميگيو کي مان مڇيءَ مارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ نيئي وڃان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”اُهي چون ٿا ته هُن جو پيءُ هڪڙو مهاڻو هوندو هو. ٿي سگهي هو اسان جيان غريب رهيو هجي ۽ هُو اسان کي سمجهي ويندو.“
    ”عظيم سِسلَر جو ابو ڪڏهن به غريب نه رهيو، ۽ هُو جڏهن منهنجي عمر جو هو تڏهن وڏين وڏين جماعتن ۾ کيڏندو هو.“
    ”جڏهن مان تنهنجي عمر جو هوندو هوس مان هڪڙي بحري وڏي ٻيڙي جي کُوهي / شِيڪلي تي بيٺل هوس جنهن جي چوڌار سڙھ هئا ۽ اهو آفريڪا ڏانهن ڊوڙي رهيو هو ۽ مون شام ويلي سمونڊ جي ڪنارن تي شينهن ڏٺا.“
    ”مان ڄاڻان ٿو. تو مون کي ٻڌايو هو.“
    ”اسان کي آفريڪا بابت ڳالهائڻ گهرجي يا بيس بال بابت؟“
    ”مان سمجهان ٿو، بيس بال بابت،“ ڇوڪري چيو. ”مون کي عظيم جان جي. مِڪ گِرا جي باري ۾ سُڻاءِ. هُن جي (J) کي جوٽا (Jota) چيو.


    2

    ”هُو پڻ پراڻن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن چبوتري ڏانهن ڀيرو ڀريندو هو، پر هو سخت ۽ اڍنگو ڳالهائيندو هو ۽ پيئڻ دوران هُن کي سمجهڻ مشڪل هوندو هو. هُن جو دماغ بيس بال توڙي گهوڙن تي هوندو هو هر وقت گهوڙن جون فهرستون / چِٺا پنهنجي کِيسي ۾ کنيو گهمندو هو ۽ ٽيليفون تي گهوڙن جا نانوَ ڳِنِهي ڳالهائيندو هو.“
    ”هُو هڪڙو عظيم مُنِيب / ڪار پَردار / مينيجر هو،“ ڇوڪري چيو. ”منهنجو بابو سمجهي ٿو ته هُو مهان ترين هو.“
    ”ڇاڪاڻ جو هُو هِتي اڪثر ڀيري ايندو هو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”جيڪڏهن ڊُروچَر هر سال هتي ايندو رهي ها ته تنهنجو پيءُ هُن کي عظيم ترين مينيجر سمجهي ها.“
    ”حقيقت ۾، هڪڙو عظيم منتظم / مينيجر ڪير آهي، لُوڪيھ (Luque) يا مائيڪ گونزاليز؟“
    ”مان سمجهان ٿو اهي برابر آهن.“
    ”۽ سڀ کان سُٺو مهاڻو تون آهين.“
    ”نه. مان ٻين کان بخوبي واقف آهيان.“
    ”ڪئن به،“ ڇوڪري چيو. ”اتي ڪيترائي مهاڻا آهن ۽ انهن منجهان ڪجھ مهان آهن. پر اُتي فقط تون آهين.“
    ”تنهنجي مهرباني. تو مون کي خوش ڪري ڇڏيو.“
    ”مان آسائتو آهيان ته ڪا به ايڏي وڏي مڇي نه ايندي جيڪا اسان کي غلط ثابت ڪري.“
    ”جَئن تون چوين ٿو ته اڃا جيترو تون ٻلوان آهين اُتي ڪا اهڙي مڇي ٿي نه ٿي سگهي.“
    ”مان جيترو ڀايان ٿو ايترو سگهارو ٿي نه ٿو سگهان،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پر مان ڪيتريون ئي ترڪيبون ڄاڻان ٿو ۽ مون کي حوصلو آهي.“
    ”توکي هاڻ بستر ڏانهن وڃڻ گهرجي ته جَئن صبح تائين تازو توانو ٿي وڃ. مان سامان واپس چبوتري ڏانهن کڻي ايندس.“
    ”ته پوءِ شب خير. مان توکي صبح جو جاڳائيندس.“
    ”تون منهنجو خطري کان آگاه ڪندڙ گهڙيال آهين.“ ڇوڪري چيو.
    ”منهنجي عمر مون لاءِ خطري کان آگاھ ڪندڙ منهنجو گهڙيال آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”پوڙها ماڻهو ايترو سوير ڀرو ڇو جاڳي پوندا آهن؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته جَئن اهي هڪڙو طويل ڏينهن گهاري سگهن؟“
    ”مان نه ٿو ڄاڻان،“ ڇوڪري چيو. ”جيڪي ڪجھ مان ڄاڻان ٿو سو اهو آهي ته نوجوان ڇوڪرا دير سان ۽ مشڪل سان سمهندا آهن.“
    ”مان ان کي ياد ڪري سگهان ٿو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مان توکي وقت تي جاڳائيندس.“
    ”مان نه ٿو چاهيان ته هُو مون کي جاڳائي. اَئين ڀاسندو آهي ڄڻ مان ڪمتر هجان.“
    ”مان ڄاڻان ٿو.“
    ”پوڙها ماڻهو شال توکي سٺي ننڊ اچي.“
    ڇوڪرو ٻاهر هليو ويو. انهن ميز تي بنا ڪنهن سوجهري جي ماني کاڌي هئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجا پاجاما کنيا ۽ اونداھ ۾ ڪمري ڏانهن هليو ويو. هُن پنهنجن پاجامن جي اندر اخبارن کي وجهندي، هڪڙو وِهاڻو بڻائڻ خاطر ويڙهي ڇڏيو. هُن پنهنجو پاڻ کي کَٿي / ڪنبل ۾ لَپيٽي ڇڏيو ۽ ٻين اخبارن جي مٿان سمهي پيو جن بستر جي اسپرنگن کي ڍڪي رکيو هو. هڪڙي ٿوري وقت ۾ هو سمهي پيو ۽ هو آفريڪا جو خواب ڏسي رهيو هو جڏهن هو هڪڙو ڇوڪرو هوندو هو ۽ ڊگها سونهري ۽ سفيد سامونڊي ڪنارا، ايترا سفيد جن کي ڏسندي نيڻ اِيذائجيو وڃن، ۽ اوچيون ۽ ٽوپين نما چوٽيون ۽ وڏا ناسي جبل. هاڻي هر رات هُو انهي ڪناري جي ڀرسان گهاري رهيو هو ۽ سندس خواب ۾ ڪنارن سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جون گجگوڙون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ۽ اَسٿانِي / مڪانِي ٻيڙين کي انهن منجهان پيهيندي ڏسندو هو. ۽ هُو جيئن ئي سمهندو هو جهاز جي تخت / طَبق تي ڏامر سان وَٽيل پراڻن رَسَن جي بوءِ محسوس ڪرڻ لڳندو هو ۽ هُو آفريڪا جي مَهڪ کي سُونگهندو هو جنهن کي ڌرتيءَ جي هِيرَ نيئي پئي آندو.
    اڪثر ڪري جڏهن به هُو ڌرتيءَ جي هِيرَ کي محسوس ڪندو هو هُو جاڳي پوندو هو ۽ ڪپڙا پهريندو هو ته جَئن ڇوڪري کي وڃي جاڳائي. پر اڄوڪِي رات ڌرتيءَ جي هيِرَ جي سُڳنڌ ڪافي سوير آئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُن جي خواب ۾ اهو گهڻو ساجُهر هو ۽ هُو خواب ۾ ڏسندو رهيو جزيرن جون سفيد چوٽيون جيڪي سمونڊ منجهان اڀري رهيون هيون ۽ تهان پوءِ هُن ڪينيرِي جي جزيرن جي مختلف بندرگاهن ۽ لنگرن جو خواب ڏٺو. هُو وڌيڪ لاءِ طوفانن / ڌُنڌارَن / واچُوڙن جا خواب نه ڏسندو هو، نه ئي عورتن جا خواب ڏسندو هو، نه ئي وڏن حادثن / ماجرائن، نه ئي وڏي مڇي، نه ئي مارا مارين / جنگين / ڇڪتاڻن سندا سپنا، نه ئي طاقت جي مقابلن، نه ئي پنهنجي گهر واريءَ جا خواب ڏسندو هو. هاڻي هو فقط ماڳن مڪانن ۽ ڪناري تي شينهنَ سندا سپنا ڏسندو هو. اهي شام جي وقت / تمام شام جوان ٻِلڙن جيان پئي ڪُڏيا ۽ هُن انهن سان اَئين پيار ٿي ڪيو جَئن هُن ڇوڪري کي چاهيو پئي. هُو سادگيءَ سان سجاڳ ٿيو، ۽ کليل دروازي کان چنڊ ڏانهن نهاريائين ۽ پنهنجا پاجاما کوليائين ۽ انهن کي پهري ڇڏيائين. هُن جهوپڙيءَ ٻاهران پيشاب ڪيو، ۽ پوءِ مٿي پيچري ڏانهن ويو، ڇوڪري کي جاڳائڻ. هُو صبح جي ٿڌ جي ڪري ڏڪي رهيو هو. پر هُن ڄاتو پئي ته هُن جو ڏڪجڻ رڪجي ويندو ۽ هُو جلد ئي ونجھَ وَرائيندو.
    جنهن گهر ۾ ڇوڪرو رهندو هو ان جي دروازي جو ڪُنڍو کليل هو ۽ هُن ان کي کوليو ۽ پنهنجن اگهاڙن پيرن سان هوريان هوريان اندر گهڙي ويو. ڇوڪرو پهرين ڪمري ۾ هڪڙي کٽ تي سُتل هو ۽ پوڙهو ماڻهو هُن کي ان روشنيءَ وسيلي چٽيءَ طرح سان ڏسي پئي سگهيو جيڪا مَرڻيڪ / مَرڻينگ چنڊ وٽان اچي رهِي هئي. هُن ڇوڪري جي هڪڙي پير کي نرميءَ سان تيستاءِ پڪڙي رکيو جيستاءِ ڇوڪرو جاڳي پيو ۽ هُن پاسو ورائيندي پوڙهي ماڻهوءَ ڏانهن نهاريو پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ ڌُوڻيو ۽ ڇوڪري بستر جي ڀرسان ڪرسيءَ تان پنهنجا پاجاما کنيا ۽، بستر تي ويهندي اهي اوڙهي ڇڏيا.
    پوڙهو ماڻهو دروازي کان ٻاهر هليو ويو ۽ ڇوڪرو هُن جي پٺيان آيو. هُو ننڊاکڙو هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي ڪلهن جي آر پار پنهنجي ٻانهن ورائي ڇڏي ۽ چيو، ”مون کي افسوس آهي.“
    ”ڪئن به،“ ڇوڪري چيو ”اُهو اُهو ڪجھ آهي جيڪو لازماَ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪرڻ گهرجي.“
    اهي پيچري کان هيٺ پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن پنڌ پيا، ۽ اونداھ ۾ سموري پيچري ڀرسان پيرين اگهاڙا ماڻهو حرڪت منجھ هئا، جيڪي پنهنجي ٻيڙين جا سڙھ کنيو پئي ويا.
    جڏهن اهي پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ وٽ پهتا ڇوڪري ڏور جي ويڙهن ۽ ڀالي / نيزي ۽ سُوئي کي ٽوڪريءَ ۾ کنيو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ مَڪڙيءَ / ٻيڙيءَ جي کُوهي / شِيڪلي کي ويڙهيل سڙھ سميت پنهنجي ڪلهي تي کنيو.
    ”ڇا تون قَهوو / ڪافِي پيئڻ چاهين ٿو؟“ ڇوڪري پڇيو.
    ”اسان گِراڙي ٻيڙيءَ ۾ رکنداسين ۽ پوءِ ڪجھ پيئنداسين.“
    انهن دٻي ۾ ڄميل کير جو قَهوو هڪڙي هنڌ تي واپرايو جيڪو صبح جو سوير مهاڻن جي خدمت لاءِ کلندو هو.
    ”پوڙها ماڻهو تون رات ڪيئن سُمهئين؟“ ڇوڪري پڇيو. هاڻي هُن تان ننڊ جا کيپ لهي رهيا هئا ۽ جڏهن ته ننڊ کي ترڪ ڪرڻ هُن لاءِ اڃا مشڪل هو.
    ”تمام سُٺيءَ طرح سان، مينولِن،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”اڄ مان پاڻ کي بُردبار ڀانيان ٿو.“
    ”مان پڻ،“ ڇوڪري چيو. ”هاڻي لازماَ مونکي تنهنجون ۽ منهنجون ننڍڙيون مڇيون سارڊينون ۽ تنهنجا تازا چُوڻا / ڳاهُون آڻڻ گهرجن. هُو اسان جي گِراڙي پاڻ سِر آڻي ٿو. هو ڪڏهن به نه ٿو چاهي ته ٻيو ڪو ڪا شيءِ کڻي.“
    ”اسان مختلف آهيون،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مون توکي تڏهن سامان کڻڻ ڏنو هو جڏهن تون پنجن سالن جو هوندو هئين.“
    ”مان اهو ڄاڻان ٿو،“ ڇوڪري چيو. ”مان اِجهي ٿو اچان. هڪڙو ٻيو قَهوو / ڪافي پيءُ. هتي اسان جو کَنڌو کُليل آهي.“
    هُو ڳَڻوٺِيءَ جي پٿرن ڏانهن پيرين اگهاڙو ويو، ان برفاني گهر ڏانهن جتي چُوڻو ذخيرو ڪيو ويو هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجو قَهوو مَزي مَزي سان پِيتو. سموري ڏينهن لاءِ اهو ئي سڀڪجھ هُئو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُن کي اهو لازماَ اوتي ڇڏڻ گهرجي. هاڻي هڪڙي ڳچ وقت کان کائڻ پيئڻ کان هُو دَق / ڪَڪ / بيزار بڻجي ويو هو ۽ هُن ڪڏهن به ڪو مانجهاندو پاڻ سان نه کنيو هو. هُن وٽ مَڪڙيءَ جي ڪمان ۾ پاڻيءَ جي هڪڙي ٻاٽلي پيل هئي ۽ سموري ڏينهن جي ضرورت لاءِ هُن وٽ اهو ئي سڀڪجھ هو.
    ڇوڪرو هاڻي ننڍڙين سارڊين مڇين ساڻ واپس وري آيو ۽ هُو هڪڙي اخبار ۾ ويڙهيل ٻه چُوڻا کڻي آيو ۽ اهي هيٺ ٻيڙيءَ ڏانهن نيئي ويندڙ لِينگهي ڏانهن ويا، انهن پنهنجي پيرن هيٺان روڙيدار واريءَ کي محسوس ڪيو، ۽ انهن مڪڙيءَ کي کنيو ۽ ان کي پاڻيءَ منجھ کِسڪايو.
    ”پوڙها ماڻهو شال ڀلو ڀاڳ هجيئي.“
    ”ڀلو ڀاڳ هجي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. هُن ونجهن جي رَسَن جي جَڪڙبندن کي ڏَني وارين ميخن منجھ سوگهو ڪيو ۽، پاڻيءَ منجھ ڦَرَن جي اُڇلَ / ٿيلھ جي برعڪس آهلجندي، هُن دَشٽ / اونداھ ۾ بندرگاھ کان ٻاهر ونجَھ وَرائڻ شروع ڪيا. اُتي ٻين ڪنارن کان ايندڙ ٻيون ٻيڙيون هيون جيڪي سمونڊ کان ٻاهر نيئي وڃي رهيون هيون ۽ جيتوڻيڪ پوڙهو ماڻهو انهن کي هاڻ ان لاءِ ڏسي نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو چنڊ ٽَڪرين جي هيٺان هو پر هُو انهن جي ونجهن جي ٻڏڻ ۽ ڇڪجڻ جو آواز ٻڌي پئي سگهيو.
    ڪنهن ڪنهن مهل ڪو ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. پر اڪثر ٻيڙيون سواءِ انهن جي ونجهن جي ٻڏڻ جي آواز جي خاموش هيون. بندرگاھ جي مُنهن کان ٻاهر ٿيڻ پڄاڻان اهي ٻيڙيون جدا جدا طور تي ڦهلجي ويئيون ۽ انهن منجهان هر هڪ مَڪڙي مَها ساگر جي ان حصي ڏانهن وڌڻ لڳي جتي انهن مڇيءَ جي ملڻ جي اميد پئي ڪئي. پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته هُو گهڻو ڏُور وڃي رهيو هو ۽ هُن ڌرتيءَ جي سُڳنڌ کي پُٺ تي ڇڏي ڏنو ۽ مها ساگر جِي سَويل صُبوح سندي صاف بوءِ منجھ ونجھ ورائڻ لڳو. هُن پاڻيءَ منجھ نار جي ڪَهڄري / ڪکن ڪانن جي چمڪ ڏٺي جيئن جيئن هُن مها ساگر جي ان حصي منجھ ونجھ ورايا جنهن کي مهاڻا وڏو کوھ ڪوٺيندا هئا ڇاڪاڻ جو اتي هڪڙو اوچتو ست سئو فيدَم اونهو تانگهو هو جتي هر قسم جون مڇيون ان گُهمري جي ڪري ڪَٺو ٿيون هيون جنهن کي لَهر مها ساگر جي فرش جي نشيبي ديوارن جي برعڪس بڻايو هو. هِتي اُتي جِهينگن ۽ چُوڻي وارين مڇين جا ميڙَ هئا ۽ اونهن سوراخن منجھ قِير ماهِي مڇين جا هِشام هئا ۽ اهي رات جي وڳڙي ۾ مٿاڇري جي نزديڪ ٿي آئيون جتي سمورين رولاڪ مڇين انهن کي پنهنجو کاڄ پئي بڻايو.
    اونداھ منجھ پوڙهو ماڻهو صبح جي آمد کي محسوس ڪري پئي سگهيو ۽ جيئن جيئن هُو ونجھ ورائي رهيو هو هُن لرزجندڙ آواز ٻڌو ڄڻ اڏامندڙ مڇين پاڻيءَ کي ڇڏيو هجي ۽ هُن کي سُوساٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا جيڪي انهن جي کُليل کنڀڙاٽين منجهان تڏهن اچي رهيا هئا جيئن اهي اونداھ ۾ تيزيءَ سان ڪٺو پئي ٿيون. هُو اڏامندڙ مڇين جو ڪافي شائق هو ڇاڪاڻ جو اهي هُن جون مها ساگر منجھ اهم ترين مِتَر / دوست / ساهيڙيون هيون. هُن کي پکين لاءِ افسوس هو، خاص طور تي ننڍڙن نفيس سياھ ڊَڊُن / ڪِينو پکين (Terns) لاءِ جيڪي اڪثر اڏامندا رهندا هئا ۽ کاڌي جي تلاش ۾ واجهائيندا هئا ۽ انهن کي لڳ ڀڳ ڪڏهن ڪجھ پلئه نه پوندو هو، ۽ هُو سوچيندو هو، پکي اسان کان هڪڙي وڌيڪ دُکِي زندگي گهاري رهيا آهن سواءِ انهن جي جيڪي مائيدار حد تائين مضبوط ۽ رهزن آهن. جڏهن مها ساگر ايترو سنگدل ٿي سگهي ٿو ته پکين کي انهن سامونڊي ابابيلن جيان اهڙو نفيس ۽ عمدو ڇو ٿو بڻايو وڃي؟ هُو ڪافي رحمدل ۽ انتهائي سُندر آهي. پر هُو ايترو ڪٺور ٿي سگهي ٿو ۽ اهو اچانڪ ٿئي ٿو ۽ اهڙا پکي جيڪي اڏامن ٿا، ٽُٻيون هڻي شڪار ڪن ٿا، پنهنجن ننڍڙن ۽ اداس آوازن سان سمونڊ لاءِ گهڻي نفاست سان بڻايا ويا آهن.
    هُو هميش سمونڊ کي لا مار (La Mar) طور خيال ڪندو هو اهو ماڻهن پاران ان کي اسپيني ڀاشا ۾ تڏهن ڪوٺيو ويندو هو جڏهن اهي ان سان محبت ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ان سان پيار ڪندا هئا ان بابت بريون شيون چوندا هئا ۽ ان کي هميش اَئين پڪاريو ويندو هو ڄڻ هُو ڪا نارِي هجي. ڪجھ ڳڀرو مهاڻا، جيڪي بويَن / لنگر نما نشانن کي پنهنجي ڏورين جي ترڻ خاطر ڪتب آڻيندا هئا ۽ انهن وٽ ڪاهِيندڙ ڪِلَن واريون ٻيڙيون هونديون هيون، اهي انهن جي خريداري تڏهن ڪندا هئا جڏهن انهن کي شارڪ جي جيرن / جگرن منجهان جهجهو ڌن ملندو هو تڏهن اهي ان کي ايل مار (el mar) ڪوٺيندا هئا جيڪو مذڪر آهي. اهي ان جي باري ۾ هڪڙي حريف هڪڙي هنڌ يا ويندي هڪڙي ويرِي / شَترُو / دشمن طور ذڪر ڪندا هئا. پر پوڙهو ماڻهو هميش هُن کي هڪڙي زناني خاصيت رکندڙ طور ويچاريندو هو ۽ هڪڙي اهڙي شيءِ طور جنهن عظيم طرفداري عطا پئي ڪئي يا وري ان کي روڪي پئي رکيو، ۽ جيڪڏهن اُن ڪي شيون اڻ گَهڙيون / شوخ يا بدڪار پئي ڪيون اهو ان ڪارڻ هو ڇاڪاڻ جو هُو انهن جي واهِر / سهائتا نه ڪري سگهيو. چنڊ هُن تي اَئين اثر انداز ٿئي ٿو جَئن اهو عورت تي ٿئي ٿو، هُن ويچاريو.
    هُو ثابت قدمي سان ونجھ ورائي رهيو هو ۽ اهو هُن لاءِ ڪو اُدم / سعيو نه هو ڇاڪاڻ جو هُن ان کي چڱيءَ طرح سان سندس رفتار / طَراريءَ منجھ رکيو هو ۽ سمونڊ جو مٿاڇرو هموار هو سواءِ موج / ڇوليءَ جي وقتي ڪُنن جي. هُن لهر کي هڪڙي ٽئين حصي جيترو ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏي پئي ڏنو ۽ جيئن ئي اتي اجالو ٿيڻ لڳو هُن ڏٺو ته هو اڳيئي ان کان گهڻو وڌيڪ ٻاهر هو جنهن جي هُن انهيءَ وقت دوران هئڻ جي توقع پئي ڪئي. مون اُونهن تانگهن تائين هڪڙي هفتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ مون کي ڪجھ پلئه نه پيو، هُن ويچاريو. اڄ مان اتي ڪم ڪندس جتي ڇاڪُر نما مڇين بانِيٽو (Bonito) ۽ الباڪر (Albacore) جا ميڙ آهن ۽ ٿي سگهي اتي انهن سان ڪا وڏي مڇي ساڻ هجي.
    جڏهن اتي حقيقت ۾ اجالو هو هُن جا چُوڻا ڦٽو ڪيل هئا ۽ هُو لهر سان گڏ هلي رهيو هو. هڪڙو چُوڻو چاليھ تانگها / فيدَم هيٺ هو. ٻيو چُوڻو پنجهتر فيدَم ۽ ٽيون ۽ چوٿون نيري پاڻيءَ منجھ هڪ سئو ۽ هڪ سئو ۽ پنجويھ فيدَمَ هيٺ هو. هر چُوڻو هيٺ ڪيل مٿي سان لٽڪيل هو ڪُنڍي جي سنوت ڳاھ واري مڇيءَ جي اندر هئي، جنهن کي ٺوس طرح سان ٻڌو ۽ سِبيو ويو هو ۽ ڪُنڍي جو ٻاهر نڪتل سمورو حصو، ان جو خَم / وَراڻ ۽ چنهب، تازي سارڊين مڇيءَ سان ڍڪيل هئي. هر سارڊين مڇيءَ جي ٻنهي اکين منجھ اهڙيءَ طرح سان ڪنڍو ٽپايو ويو هو جو ان ٻاهر نڪتل فولاد تي هڪڙي اَڌيڪ مالها پئي بڻائي. ڪُنڍي جو ڪو حصو اِهڙو نه هو جنهن منجهان هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مِٺِي خوشبو ۽ سُٺو سواد نه اچي سگهي.
    ڇوڪري هُن کي ٻه تازيون طُونا (Tuna)، يا الباڪر مڇيون ڏنيون هيون جيڪي ٻن اونهن ڏورين منجھ شاهُل جي گولن جيان لٽڪِي رهيون هيون، ۽ ٻين ڏورين تي، انڊلٺ جي رنگ نما هڪڙي وڏي نيري اوقيانوسِي مڇي ۽ هڪڙي زرد رنگي شڪاري مڇي لٽڪِي رهيون هيون جن کي پهريان استعمال ڪيو ويو هو؛ پر اهي اڃا سٺيءَ حالت ۾ هيون ۽ انهن سان گڏ ننڍڙيون عمديون سارڊين مڇيون لڳايون ويئيون هيون ته جيئن انهن جي سُرهاڻ / هُڳاءُ ۽ موھ شڪار کي لُڀائي سگهي. هر ڏور، جيڪا چوڌار هڪڙي وڏي پينسل جيان ڳُوڙهي هئي، هڪڙي سائي عرق لڳل ڪاٺيءَ جي مٿان اهڙيءَ طرح سان سِرڪائِي ويئي هئي جو چُوڻي / ڳاھ ۾ آيل ڪنهن سَٽَ يا ڇُهاءُ سان ڪاٺي ٻڏي پئي سگهي ۽ هر ڏور منجھ چاليهن تانگهن سندا ٻه ويڙها هئا جن کي ٻين ٻِن اضافي ويڙهن سان تيزيءَ سان ڇڏجي پئي سگهيو ويو، اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن ضرورت هجي ته، هڪڙي مڇي ڏور کي ٽي سئو تانگهن جي لمبائي تائين نيئي پئي سگهي.
    هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ ٽن ڪاٺين جي ٻڏڻ کي مڪڙيءَ جي پاسي وٽان ڏٺو ۽ هُو هوريان هوريان ونجھ ورائڻ لڳو ته جيئن هُو ڏورين کي هيٺ ۽ مٿي ۽ انهن جي مناسب اونهاين منجھ سڌو سنئون رکي سگهي. اُتي بلڪل اجالو هو ۽ ڪنهن به لمحي هاڻي سج اڀري پئي سگهيو.
    سج سمونڊ منجهان باريڪِي سان اڀريو ۽ پوڙهو ماڻهو ٻين ٻيڙين / مَڪڙين کي هيٺ پاڻيءَ منجھ ساحل جي بلڪل اندر، ڇوليءَ جي آرپار ڦهليل ڏسي پئي سگهيو. تهان پوءِ سج ڪُندَن بڻجي ويو ۽ پاڻيءَ جي مٿان ان جو دَهو / چمڪاٽ ڦهليو، جيئن ئي اهو چٽو روشن بڻجي ويو، هموار سمونڊ ان جي روشنيءَ کي اهڙيءَ طرح سان هُن جي اکين ڏانهن اُماڻيو جو اهي تيزيءَ سان دُکڻ لڳيون ۽ هُو ان ڏانهن نهارڻ بنا ونجھ ورائيندو رهيو. هُن هيٺ پاڻيءَ ڏانهن نهاريو ۽ ڏورين کي ڏٺائين جيڪي پاڻيءَ جي دَشٽائِي / گهگھ منجھ سڌو سنئون پيهي ويئيون. هُن انهن کي اهڙيءَ سِڌائي ۾ رکيو جنهن سڌائي ۾ شايد ئي ڪو ٻيو ان کي رکي سگهي، اهڙيءَ طرح وهڪري جي گھگھ ۾ هر هڪ سطح وٽ اتي هڪڙو چُوڻو موجود هو جيڪو هوبهو انهي هنڌ تي شڪار جي اوسيئڙي ۾ هو جتي ڪنهن به اهڙي مڇيءَ خاطر هُن ان کي اتي بيهارڻ پئي چاهيو جيڪا اتي مِڙي اچي. ٻين انهن کي لهر سان گڏ لُڙهڻ لاءِ ڇڏي ٿي ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي سٺ تانگها هيٺ هونديون هيون جڏهن ته مهاڻا انهن کي هڪ سئو تانگها هيٺ سمجهندا هئا.
    پر، هُن سوچيو، مان انهن کي ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ رکان ٿو. فقط مون وٽ وڌيڪ لاءِ ڪو بَخت ڪونهي. پر ڪير ڄاڻي ٿو؟ ٿي سگهي اڄ. هر ڏينهن هڪڙو نئون ڏينهن آهي. ڀاڳوند بڻجڻ بهتر آهي. پر مان بلڪه بلڪل درست بڻبس. پوءِ جڏهن ڀاڳ ورندو مان تيار هوندس.
    هاڻي سج کي اڀرندي ٻه گهنٽا ٿي ويا هئا ۽ جڏهن هُن اوڀر ڏانهن نهاريو پئي ان هُن جي اکين کي نه پئي ايذايو. هاڻي اتي فقط ٽي ٻيڙيون نظر اچي رهيون هيون اهي ساحل اندر ڪافي مدھم ۽ ڏور ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون. ساري زندگي صبح ساجهر واري سج منهنجي اکين کي سَٽيو آهي، هُن ويچاريو. پوءِ به اهي اڃا سٺيون آهن. شام ويلي مان سڌو سنئون ان ڏانهن نهاري سگهان ٿو اکين ۾ پيدا ٿيندڙ بنا ڪنهن ڌُنڌ جي. شام ڌاران پڻ اهو وڌيڪ زورآور هجي ٿو. پر اهو صبح ويلي اِيذائي ٿو.
    بلڪل تهان پوءِ هُن هڪڙو بحرِي باز نما پکي ڏٺو جيڪو پنهنجن ڊگهن ڪارن پرن سان آڪاس ۾ هن کان اڳڀرو لامارا ڏيئي رهيو هو. بحرِي باز نما پکيءَ پنهنجي پنکن کي پوئتي ورائيندي پاڻ ڦٽو ڪيو، ۽ اهو وري ٻيهر لامارا هڻڻ لڳو. ”هُن ڪا شيءِ ڏٺي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ ڏاڍيان چيو. ”اهو فقط تلاشي ئي نه رهيو آهيو“.
    هُو هوريان هوريان ۽ باقاعدي اوڏانهن ونجھ ورائڻ لڳو جتي اهو پکي لامارا ڏيئي رهيو هو. هُن ڪا تڪڙ ڪو نه ڪئي ۽ هُن پنهنجي ڏورين کي مٿي ۽ هيٺ سڌو سنئون رکيو. پر هُن ڇوليءَ کي ڪي قدر پرهجوم بڻايو اهڙيءَ طرح هُو اڃا تائين درستگي سان مڇي ماري رهيو هو ان کان وڌيڪ تيز تر جيئن هُو پکيءَ جي سهائتا وٺڻ جي ڪوشش بنا ڪري پئي سگهيو.
    پکي فضا ۾ اڃا مٿاهين اوچائي ڏانهن نيئي ويو ۽ اهو ٻيهر لامارا هڻڻ لڳو، هن جا پَرَ اَچَل / اِسٿَر / ساڪن هئا. تهان پوءِ ان اوچتو غوطو هنيو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ اڏامندڙ مڇيءَ کي جَل منجهان مٿي ٽپو کائيندي ڏٺو ۽ هُو بيباڪي سان مٿاڇري تي ونجھ ورائڻ لڳو. ”ٻُلهڻ،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”وڏي ٻُلهڻ.“
    هُن پنهنجي ونجهن / اولَن کي ڏَنيبَند ڪيو ۽ ڪمان (ٻيڙيءَ جي اڳيان واري حصي) جي هيٺان پيل هڪڙي ننڍڙي ڏور کڻي آيو. ان منجھ ڪنڍي ۾ ڦاسائڻ واري هڪڙي ڏور ۽ هڪڙو درمياني سائيز سندو ڪنُڍو هو ۽ هُن ان منجھ هڪڙي سارڊين مڇيءَ سندو چُوڻو وِڌو ۽ هُن ان کي مڪڙيءَ جي پاسي کان ڦٽو ڪيو ۽ تهان پوءِ هُن ان کي ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي کان ڇلي نما ٻاڻ ۾ سوگهو ڪيو. تهان پوءِ هُن هڪڙي ٻي ڏور ۾ ڳاھ وڌو ۽ ان کي ڪمان جي پاڇولي هيٺ ويڙهيل ڇڏي ڏنو. هُو واپس ونجھ ورائڻ ڏانهن هليو ويو ۽ وڏن پرن واري ڪاري پکيءَ ڏانهن نهارڻ لڳو جيڪو، هاڻي، هيٺ پاڻيءَ مٿان رُڌَل هو.
    جيئن هُن ٻيهر پکيءَ کي اُڀي سِر غوطي هڻڻ لاءِ پرڙا ساهِيندي ۽ تهان پوءِ اڏامندڙ مڇين جي ڪڍ پوندي انهن پرڙن کي بيتابِي ۽ نِسڦَلتا سان جُهولائيندي ڏٺو. پوڙهي ماڻهوءَ جَل منجھ ڪِي قدر ڍَڍَرجڻ جو عمل ڏٺو جيڪو وڏين ٻُلهڻين جي نمودار ٿيڻ جي ڪري ٿيو جَئن اهي ڀڄندڙ مڇين جو پيڇو ڪري رهيون هيون. ٻُلهڻيون پاڻيءَ هيٺ هلندڙ مڇين جي ويڙهاند منجهان ڪَترِيندي هلي رهيون هيون ۽ اهي، هڪڙي رفتار سان، پاڻيءَ منجھ هيون جيسين انهن يُڌ تان دستبرداري اختيار نه ڪئي. اهو ٻلهڻين جو هڪڙو وڏو ميڙ آهي، هُن ويچاريو. اهي ڪافي ڏُور تائين ڦهليل آهن ۽ اڏامندڙ مڇين کي ٿورو وَجُھ ملي ٿو. پکين کي ڪو وَجُھ نه ٿو ملي. اڏامندڙ مڇيون هُن لاءِ خاصيون وڏيون آهن ۽ اهي تيز تر هلي رهيون آهن. هُن اڏامندڙ مڇيءَ کي هر هر پاڻيءَ ۾ ڇَپڪا هڻندي ۽ پکين جي نِسڦَل هلچلن کي ڏٺو. اهو ميڙ مون کان دُور ٿي ويو آهي، هُن وِيچاريو. اهي ٻاهر وڏي تيزيءَ سان ۽ گهڻو پرتي حرڪت ڪري رهيون آهن. پر شايد مان ڪنهن آوارھ مڇيءَ کي کڻي سگهان ٿو ۽ شايد منهنجي نصيب ۾ ايندڙ وڏي مڇي انهن جي چوڌار آهي. منهنجي وڏي مڇي لازماَ ڪٿي نه ڪٿي هئڻ گهرجي.
    ڌرتيءَ مٿان ڪڪرَ هاڻي ٽَڪرن جيان ڇائنجي ويا ۽ ساحِل فقط هڪڙي سائِي پَٽيءَ جيان هو جنهن جي پٺيان سُرمئي نيريون ٽَڪرَيون هيون. پاڻي هاڻي گهرو نيرو هو، اهو ايترو ته گهرو هئو جو اهو واڱڻائي نظر اچي رهيو هو. هُن جيئن ئي هيٺ ان منجھ نهاريو هُن اونهي پاڻيءَ منجھ نباتات ۽ سامونڊي مخلوق جو هڪڙو جَمگهٽ ۽ انوکي روشني ڏٺي جيڪا هاڻي سج ان تي ڦٽو ڪري رهيو هو. هُن پنهنجي ڏورين کي سڌو هيٺ پاڻيءَ منجھ نظر کان اوجهل ٿيندي ڏٺو ۽ هُو سامونڊي نباتات ۽ مخلوق جو اهڙو جَمگهٽ ڏسي نهايت ئي سَرهو ٿيو ڇاڪاڻ جو هُن ڀائنيو پئي ته ان جو مقصد اتي مڇيءَ جو هئڻ هو. هاڻي جڏهن سج وڌيڪ اوچائي تان جيڪا انوکي روشني ڇڏي رهيو هو، تنهن مان مراد سٺي موسم / هوا سندِي هئي ۽ ساڳي ڪار ڌرتيءَ مٿان ڪڪرن جي صورت سندِي هئي. پر پکي هاڻي لڳ ڀڳ نظرن کان اوجهل هو ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڪجھ به ڏيکاري ڏيئي نه رهيو هو پر ڪجھ بحرِ ظُلمات / سَرگاسو سمونڊ جي ڪَهڄري جون سج جي ڪري بي رنگ بڻجي ويل، زَرد چَتيُون ۽ هڪڙي بحرِي باز نما پورچوگيِزِي پکيءَ جي واضع صورت سان، واڱڻائي، رنگبِرنگي، ليسدار جَهلِي ٻيڙيءَ جي ڀرسان لُڙِهي رهِي هئي. اها پنهنجي پاسي تي پاڻ مُڙي ويئي ۽ پوءِ اها پاڻ سِر سِڌو ٿي ويئي. اها هڪڙي بُلبُلي جيان ان جي ڊگهي مدهم واڱڻائي تاندُوري / ڌاڳڙي نما بناوت سان هئي جيڪا پاڻيءَ منجھ هڪڙي وال / گَزَ جيترو پوئتي ڇڪجي رهي هئي.
    ”ايگُوئا ميلا (Agua mala) ــ اسپيني ڀاشا ـ گندو پاڻي). ”تون وَئيشيا.“
    اتان کان هُو پنهنجي ونجهن جي پُٺ کان ٿورو لُڏي ويو هُن هيٺ پاڻيءَ منجھ نهاريو ۽ ننڍيرڙين مڇين کي ڏٺو جن جو رنگ ڇڪجندڙ تاندورن / ڌاڳڙن نما بناوتن جهڙو هو ۽ اهي انهن درميان ۽ ننڍي پاڇولي هيٺ جيڪو بلُبلو ان مهل بڻائي رهيو هو جيئن اهو اُڀامِي ڍيرِي بڻجي پئي ويون ترِي رهيون هيون. اهي انهن جي زهر کان آجيُون هيون. پر انسانَ نه هئا ۽ جڏهن ساڳيون تاندوري نما بناوتون هڪڙي ڏور کي چنبڙي ويئيون ۽ ان تي لڳلڳدار واڱڻائي صورت سان ٽِڪجي ويئيون جڏهن پوڙهو ماڻهو هڪڙي مڇيءَ تي ڪم ڪري رهيو هو، ان سان هُن جي چمڙيءَ ۾ سرخ داغ ٿي پئي ها ۽ هُن جون ٻانهون ۽ هٿ سُڄِي وڃن ها ڇاڪاڻ جو اهي اهڙي قسم جو زهر ڇڏينديون آهن جهڙو لَبلاب / پيچَڪ / عشقِ پيچان جو سر سبز سائو ٻوٽو (Ivy) خارج ڪندو آهي ۽ اهو شاھ بُلوط منجهان پڻ ملي سگهي ٿو. پر ايگُوئا ميلا منجهان اهڙا زهريلا مادا ٺھ پھ نڪتا ۽ اهي هُن کي اَئين لڳي ويا جَئن هڪڙي چهبُڪ جو ڏَنو هوندو آهي.
    قَزحِي / صَدفِي / رنگبرنگي بُلبُلا سُهڻا هئا. پَر اهي سمُونڊ منجھ کوٽي ۾ کوٽِي شيءِ هئا ۽ پوڙهو ماڻهو وڏين سامونڊي ڪُمين کي انهن کي کائيندو ڏسڻ کي پسند ڪندو هو. ڪُمين انهن کي ڏسي ورتو، اهي اڳياڙي کان انهن تائين پهتيون، انهن پنهنجون اکيون اهڙيءَ طرح سان پُوري ڇڏيون جو اهي هاڻي مڪمل طور تي پنهنجي کوپي منجھ هيون ۽ انهن تاندوڙي نما انهن بناوتن ۽ باقي ڪجھ کي کائِي چٽ ڪري ڇڏيو. ڪُمين کي انهن کي کائيندي ڏسڻ سان پوڙهو ماڻهو پِريم ڪندو هو ۽ هُو انهن جي مٿان ساحل تي هڪڙي طوفان پڄاڻان هلڻ سان پيار ڪندو هو ۽ هُو انهن جي مٿان پير ڄمائي انهن منجهان اوچتو نڪرندڙ ٽِڙڪاٽ ٻڌندو هو هُو انهن جي مٿان پنهنجي پير جي خاردار تري سان قدم ڄمائيندو هو.
    هو ساين ڪُمين ۽ سامونڊي عُقابن کي انهن جي سندرتا ۽ رفتار ۽ انهن جي وڏي قدر کي پسند ڪندو هو ۽ هُو سرخي مائل سرخ رنگ وارين انهن وِسُوڙل / وائڙين / موڳين / ڀَڪُو / بي سمجھ وڏي مٿي وارين ڪُمين / ڪڇُنئن کان هڪڙي اخلاص منديءَ واري / دوستاڻِي نفرت ڪندو هو، جيڪي پنهنجي پاکر / زرھ نما خول مَنجھ زرد هيون، جسماني ميلاپ ڪندي عجيب ڀاسنديون هيون، ۽ اهي سرهائي وچان پنهنجي بند ڪيل اکين سان پورچوگيزي بحري بازن کي کائينديون هيون.
    هُن کي ڪُمين بابت ڪا گُپت وِديا / صُوفياڻي ڄاڻ / غئبِي پروڙ ڪِين هئي جيتوڻيڪ هُو ڪيترن سالن لاءِ ڪُمين واري ٻيڙيءَ منجھ ويو هو. هُن کي انهن مِڙنِي لاءِ دُک هو، ۽ وڻن جي ٿُڙن جي انهن پُٺن لاءِ جيڪي ايترا ڊگها هئا جيترو مڪڙِي هئي ۽ انهن جو وزن هڪڙي ٽن (20هن مڻن) جيترو هو. اڪثر ماڻهو ڪُمين جي حوالي کان سنگدل / ڪَٺن آهن ڇاڪاڻ جو هڪڙي ڪُميءَ جي دل ان جي ڪَٽجڻ ۽ ٻيرا ٻيرا ٿي وڃڻ پڄاڻان هڪڙي ڪلاڪ تائين ڌڙڪندي رهي ٿي. پر پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو، مون وٽ پڻ اهڙي بيرحم دل آهي ۽ منهنجا پير ۽ هٿَ انهن جهڙا آهن. هُن پاڻ کي شڪتي شالِي بڻائڻ لاءِ چار سفيد بيضا کاڌا. هُو اهي مَئي جي سموري مهيني دوران ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ واقعي ۾ هڪڙي وڏي مڇيءَ خاطر شڪتي شالِي ٿيڻ لاءِ کائيندو رهيو هو.
    هُن جهوپڙيءَ ۾ پيل وڏي ڊَرم منجهان شارڪ مڇيءَ جي جِگر جي روغن / تيل جو هر ڏينهن هڪڙو پيالو پڻ پيتو هو جتي مهاڻا پنهنجون گِراڙيُون رکندا هئا. اهو اتي انهن سڀني مهاڻن لاءِ رکيو ويو هو جن ان جي طلب ٿي ڪئي. گهڻن مهاڻن ان جي سواد کان نفرت ٿي ڪئي. ۽ اهو انهي کان ابتر / بدتر نه هو بجاءِ تنهن وقت جاڳڻ جي جنهن مهل اهي اٿيا پئي ۽ اهو سموري سرديءَ ۽ زَچگِي / درد جي خلاف گهڻو سٺو هو ۽ اهو اکين لاءِ ڀلو هو.
    هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين ته پکي ٻيهر لامارا ڏيئي رهيو هو.
    ”هُن کي مڇي ملي ويئي آهي،“ هن وڏي واڪي چيو. ڪا به اڏامندڙ مڇي مٿاڇري تي چڙهي نه آئي ۽ اتي چُوڻي واري مڇيءَ سندو ڪو به انتشار ڪو نه هو. پر جيئن ئي پوڙهو ماڻهو نهاري رهيو هو، هڪڙيون ننڍڙيون طُونا مڇيون هوا ۾ ٺينگ ٽپا کائڻ لڳيون، اهي پهريان پاڻيءَ منجھ پنهنجا مٿا موڙي ۽ ٻوڙي رهيون هيون. طُونا مڇيون سج ۾ چانديءَ جيان چمڪي رهيون هيون ۽ جڏهن انهن پاڻ کي واپس پاڻيءَ منجھ ڦٽو ڪيو هڪڙيون ٻيون ۽ ٻيون مڇيون ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳيون ۽ اهي سمورن ڏسائن ۾ ٽپا ڏيئي رهيون هيون ۽ اهي چُوڻي واري مڇيءَ جي پٺيان وڏيون اُڇانگُون / ڇالُون ماري رهيون هيون. اهي انهن جو گهيراءُ ڪري رهيون هيون ۽ انهن کي هَڪالي رهيون هيون.
    جيڪڏهن اهي تيز سفر نه ٿيون ڪري سگهن مان انهن منجھ ڪاهي پوندس، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو، ۽ هو مڇيءَ جي سفيد ميڙ کي پاڻيءَ منجھ ڪم ڪندي ڏسي رهيو هو ۽ هاڻي پکي پاڻ ڦٽو ڪري چُوڻي واري مڇِيءَ منجھ غوطا کائي رهيو هو جيڪي ٿرٿلي / ٽاڪوڙي ڪارڻ مٿاڇري تي مجبور بڻايون ويون هيون.
    ”پکي هڪڙي وڏي سهائتا ڪن ٿا،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. بلڪل پوءِ ٻيڙيءَ جي عُقبي حصي ۾ پيل ڏوريون هُن جي پيرن هيٺ تيزيءَ سان ڇڪجي ويئيون، جتي هُن ڏور جي هڪڙي سِرڪڻي رکي هئي، ۽ هُن جيئن ئي پنهنجا ونجھ ڦٽا ڪيا ۽ جيئن ئي ڏور کي سوگهو جهليو هُن سِر جي وزن جيتري طُونا مڇيءَ سندي سِئاٽجندڙ / هُڙڪندڙ ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ ان کي اندر هاڪارڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هُن اندر سٽ ڏني اهو سِئاٽو وڌي ويو ۽ هُو پاڻيءَ منجھ مڇيءَ جي نيري پُٺ کي ٻيڙيءَ منجھ ان جي پاسن کان ۽ ٻيڙيءَ منجھ جهولائڻ کان پهريان اُن جي سونهري رنگ کي ڏسي پئي سگهيو. هُو سج ڌاران ٻيڙيءَ جي عُقبي حصي منجھ، اُستوار ۽ گوليءَ نما حالت ۾ ليٽي پيو، هُن جون وڏيون اٻوجھ اکيون تنهن سمي گهوري رهيون هيون جڏهن هُن ان جي حيات کي ٻيڙيءَ جي تختي جي برعڪس ان جي ٽھ پھ هُڙڪندڙ، تيزيءَ سان چرندڙ پرندڙ پُوڇڙي کي زوردار ڌڪ وهائي ڪڍيو. پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي مٿي کي ٻاجھ وچان لت سان ڌڪ هنيو، هُن جو جسم اڃا تائين ٻيڙيءَ جي عقبي حصي منجھ ڪَنبِڻي هڻي رهيو هو.
    ”الباڪر،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”اها هڪڙو سُندر ڳاھ بڻائيندي. هُن جو وزن ڏھ پائونڊ بيهندو.“
    هُن کي ياد نه هو جڏهن هُن پهريان اڪيلي سِر وڏي واڪي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو. هُن جي پراڻن ڏينهن ۾ جڏهن هُو اڪيلو هو تڏهن هُن ڳاتو هو ۽ هُن ڪجھ وقتن لاءِ رات جي وڳڙي ۾ ڳاتو هو جڏهن هو اڪيلي سِر پنهنجي نگهبانيءَ هيٺ مڇي مارڻ جي روايتي ٻيڙن توڙي ڪُمين وارين ٻيڙين جو انتظام سنڀالي رهيو هو. هُن يقيناَ وڏي واڪي ڳالھائڻ شروع ڪيو هو، جڏهن هُو اڪيلو هو، جڏهن ڇوڪرو هُن کي ڇڏي ويو هو. پر هُن کي ياد نه پئي آيو. جڏهن هُو ۽ ڇوڪرو گڏجي مڇي ماريندا هئا تڏهن اهي عام ڪري تڏهن ڳالھائيندا هئا جڏهن ان جي گهرج هوندي هئي. اهي رات جي وڳڙي ۾ ڳالھائيندا هئا يا تڏهن جڏهن اهي بريءَ موسم جي سبب طوفان ۾ گهيرجي ويندا هئا. سمونڊ منجھ فضول ڳالھائڻ کان پرهيز ڪرڻ هڪڙي نيڪي خيال ڪيو ويندو هو ۽ پوڙهو ماڻهو ان کي هميش اَئين سمجهندو هو ۽ ان جو قدر ڪندو هو. پر هاڻي هُو پنهنجي ويچارن جو ڪيترائي ڀيرا برملا اظهار ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ جو اتي ڪو نه هو جيڪو هُن کان خَفِي ٿئي.
    ”جيڪڏهن ٻيا مونکي وڏي واڪي ڳالهائيندي ٻڌندا اهي سمجهڻ لڳندا ته مان صفا چَٽ چريو / چَرٻٽ آهيان،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”پر ڇاڪاڻ جو مان چرٻٽ نه آهيان، تنهنڪري مان ان جي پرواھ نه ٿو ڪيان. ۽ شاهوڪارن وٽ انهن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ ۽ انهن کي بيس بال بابت خبرون چارون ڏيڻ لاءِ ريڊيا آهن.“
    هاڻي بيس بال بابت ويچارڻ جو وقت نه آهي، هُن سوچيو. هاڻي فقط هڪڙي شيءِ بابت ويچارڻ جو وقت آهي. جنهن لاءِ مان جنميو آهيان. مڇين جي ميڙ جي چوڌار اتي هڪڙي وڏي مڇي ٿي سگهي ٿي، هُن ويچاريو. مون اَلباڪر مڇيءَ منجهان فقط هڪڙي ننڍڙي آواره مڇي هٿ ڪئي آهي جيڪا چُوڻو کائي رهي هئي. پر اهي گهڻو پرتي ۽ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن. هر شيءِ جيڪا اڄ مٿاڇري تي نظر اچي رهي آهي اها تيزيءَ سان سفر ڪري رهي آهي ۽ اهي اتر ـ اوڀر ڏانهن روان آهن. ڇا اهو اڄوڪي ڏينهن سندو لمحو بڻجي سگهي ٿو؟ يا اها موسم جي ڪا نشاني آهي جنهن کان مان اڻڄاڻ آهيان.


    3

    هاڻي هو ساحِل جي ساوڪاڻ ڏسي نه پئي سگهيو پر هُن کي نِيرَن ٽَڪرَن جون فقط چوٽيون نظر اچي رهيون هيون جيڪي سفيد ڏسڻ ۾ ٿي آئيون ڄڻ اهي برف سان ڍڪيل هجن ۽ ڪڪرَ جيڪي انهن جي مٿان موجود اوچن برفاني پهاڙن جيان نظر اچي رهيا هئا. سمونڊ ڪافي اونداهو هو ۽ روشني جَل منجھ ست رنگا شعاع بڻائي رهي هئي. نباتات ۽ سامونڊي مخلوق جي سُٻَن / داغن جو اڻ ڳَڻَت جَمگهٽ هاڻي اوچي سج سبب پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ اهي فقط وڏي اونهائي سندا ست رنگي شعاع هئا جيڪي پوڙهي ماڻهوءَ هينئر ڏٺا پئي انهن ڏورين سميت جيڪي سڌو سنئون پاڻيءَ منجھ پيهي پئي ويئيون جيڪو هڪڙي ميل جيتري اونهائي سان هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ انهن سمورين مڇين کي طُونا جي نالي سان پڪاريو پئي ۽ هُن انهن کي انهن جي خاص نالن سان فقط انهيءَ مهل ٿي پڪاريو جڏهن اُهي ان کي وِڪرو ڪرڻ لاءِ نيئي پئي آيا يا انهن جو چُوڻي خاطر واپار پئي ڪيو، اهي هينئر هيٺ هليون ويون هيون. هاڻي سج تپي ويو هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي پُٺيءَ تي ان جي تپش کي محسوس ڪيو ۽ هُن جيئن ئي ونجھ ورايا تيئن پنهنجي پُٺيءَ تي پگهر جي قطرن جي وهڪ کي محسوس ڪيو.
    مان بلڪل ڪاهي سگهان ٿو، هُن ويچاريو، ۽ مان هڪڙي ڏور جي خَم کي پنهنجي پير جي آڱوٺي جي چوڌار ڦاسائيندي سمهي سگهان ٿو جيڪو مون کي جاڳائيندو رهندو. پر اڄ پنجاسيهون ڏينهن آهي ۽ مونکي اڄوڪي ڏينهن تي سٺيءَ طرح سان مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ کپي.
    بلڪل تهان پوءِ، هُن پنهنجي ڏورين تي نظر رکندي، هڪڙي ٻاهر نڪتل سائِي ڪاٺيءَ کي تکيءَ طرح سان پاڻيءَ منجھ ٻڏندي ڏٺو.
    ”ها،“ هن چيو. ”ها،“ ۽ پنهنجي مڪڙيءَ کي بنا ڪنهن ٿيلهڻ جي ونجھ ورايا. هُو ٻاهر ڏور تائين پهتو ۽ ان کي ان جي آڱوٺي ۽ هُن جي ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر درميان نرميءَ سان جهلي بيٺو. هُن ڪنهن قسم جي ڇڪ توڙي وزن محسوس نه ڪيو ۽ هُو ڏور کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺو. تهان پوءِ اها ٻيهر آئي. هِن ڀيري اها هڪڙي ڪَچِي سَٽَ هئي، اها نه ته ٺوس هئي ۽ نه وري ايتري ڀاري، هُن درست طور تي ڄاڻي ورتو ته اهو ڇا هو. هڪ سئو تانگها هيٺ هڪڙي مارلِن (Marlin) مڇي ننڍڙين سارڊين مڇين کي کائي رهي هئي جنهن ڪُنڍي جي نوڪ ۽ ان جي وَراڻ کي ڍڪي رکيو هو جتي هٿ سان گهڙيَل ڪُنڍو ننڍڙي طُونا مڇيءَ جي مٿي منجهان پئي نڪتو.
    پوڙهي ماڻهوءَ نفاست ۽ نرميءَ سان ڏور کي، پنهنجي کاٻي هٿ سان جهلي رکيو، ان کي ڪاٺيءَ کان آجو ڪيو. هاڻي هُو اُن کي هُن جي آڱرين منجھ اهڙيءَ طرح سان ڇڏي پئي سگهيو جنهن سان مڇيءَ کي ڪا ڇڪتاڻ محسوس ٿي نه پئي سگهي.
    اها گهڻي ڏُور آهي، اها هِن مهيني دوران لازماَ وڏي هئڻ گهرجي، هُن ويچاريو. مڇي، انهن کي کاءُ. انهن کي کاءُ. مهرباني ڪري انهن کي کاءُ.
    چوڻي واريون اهي مڇيون ڪيتريون نه تر تازيون آهن ۽ تون ٿڌي پاڻي منجھ ڇھ سئو سُوت هيٺ گھگھ اونداھ ۾. اُونداھ ۾ هڪڙو ٻيو چڪر لڳاءِ ۽ واپس موٽي اچ ۽ انهن ڳاهن کي کاءُ.
    هُن عمدي ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ تهان پوءِ هڪڙي سخت ڇڪ کي محسوس ڪيو جڏهن ڪُنڍي ۾ پيل چُوڻي واري ننڍڙي سارڊين مڇيءَ جي مٿي کي ڪنڍي منجهان ٽوڙڻ ڪافي مشڪل رهيو. تهان پوءِ اتي وري ڪارِيءَ وارا ڪک هئا.
    ”اچ،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”هڪڙو ٻيو ڀيرو ڀَر. فقط انهن کي سُونگھ. ڇا اهي چُوڻا دلڪش نه آهن؟ انهن کي سٺيءَ طرح سان کاءُ ۽ تهان پوءِ اتي چُوڻي واريون طُونا مڇيون ملندءِ. سخت ۽ ٿڌيون ۽ من موهيندڙ. نه شرماءِ، مڇي. انهن کي کاءُ.“
    هُو پنهنجي پير جي آڱوٺي ۽ آڱر منجھ ڦاٿل ڏور سان گڏ انتظار ڪرڻ لڳو، ساڳي ئي وقت انهي ڏور سان گڏ ٻين ڏورين ڏانهن نهاري رهيو هو ڇاڪاڻ جو مڇي شايد هيٺ توڙي مٿي هلي ويئي هئي. تهان پوءِ اتي ساڳيئي قسم جي عمدين سَٽُن جو ڇهاءُ محسوس ٿيڻ لڳو.
    ”هُوءَ اُنهن (چُوڻن) کي کائيندي،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”خدايا! هُن کي اُنهن کي کائڻ تي آماده ڪر.“
    پر ان انهن کي نه کاڌو. هوءَ هلي ويئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڪجھ به محسوس نه ڪيو. ”هُوءَ هلي نه ويئي هوندي،“ هُن چيو. ”مسيع ڄاڻي ٿو هُوءَ هلي نه ويئي هوندي. هُوءَ هڪڙو رخ مٽائي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها پهريان ڪنهن ڪُنڍي منجھ ڦاٿي هجي ۽ هُوءَ انهيءَ بابت ڪا شيءِ ياد ڪري رهي هجي.“
    تهان پوءِ هُن ڏور تي نرم ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ هُو خوش هو.
    ”اهو فقط هُن پاسو ورايو آهي،“ هُن چيو. ”هُوءَ انهن کي کائيندي.“
    هُو عمدي / نفيس ڇهاءُ کي محسوس ڪندي خوش هو ۽ تهان پوءِ هُن ڪا شيءِ ٺوس ۽ ناقابلِ يقين حد تائين ڳَرِي محسوس ڪئي. اهو مڇيءَ جو وزن هو ۽ هُن ڏور کي هيٺ کسڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، هيٺ، هيٺ، پهرين ٻن ويڙهن جي ذخيري کي کوليندي. جيئن ئي اها ڏور، پوڙهي ماڻهوءَ جي هٿن منجھ هوريان هوريان کِسڪندي هيٺ نيئي ويئي، هُو اڃا تائين وڏي ڳري وزن کي محسوس ڪري پئي سگهيو، جڏهن ته هُن جي آڱوٺي ۽ آڱر جو دٻاءُ لڳ ڀڳ خَفِيف هو.
    ”هڪڙي ڇا ته مڇي آهي،“ هُن چيو. ”هاڻي ڪُنڍو هُن جي پاسن کان ڦاسي چڪو آهي ۽ هوءَ ان سان گڏ هلي رهي آهي.“
    تهان پوءِ هوءَ پاسو ورائيندي ۽ ان کي ڳِهِي ويندي، هُن سوچيو. هُن اهو ان لاءِ نه چيو ڇاڪاڻ جو هُن ڄاتو پئي ته جيڪڏهن توهان ڪا سٺي شيءِ چوندا ته اها ٿي نه پوندي. هُن ڄاتو پئي ته اها ڪيتري نه وڏي مڇي هئي ۽ هُن ان بابت ويچاريو ته اها اونداھ ۾ هُن جي منهن جي پاسي کان پيل چُوڻي واري مڇي طُونا سان چر پر ڪري رهي هئي. انهيءَ لمحي دوران هُن هُن جي حرڪت کي بند ٿيندي ڏٺو پر ان جو وزن اڃا اتي محسوس ٿي رهيو هو. تهان پوءِ ان جو وزن وڌي ويو ۽ هُن ڏور کي وڌيڪ ڇڏيو. هُن پنهنجي آڱوٺي ۽ آڱر جي دٻاءُ کي هڪڙي کَن پل لاءِ سوگهو ڪيو ۽ وزن وڌي ويو ۽ اهو هيٺ پيهِي ويو.
    ”هُن ان کي ورتو آهي،“ هُن چيو. ”مان هاڻي ان کي اهو سٺيءَ طرح سان کائڻ لاءِ ڇڏي ڏيندس.“
    هُو جڏهن پنهنجي کاٻي هٿ سان هيٺ پهتو هُن ڏور کي پنهنجي آڱرين منجھ کسڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ هُن ذخيري وارين ٻن ويڙهن جي آزاد پڇاڙين کي ٻي ڏور جي ٻن ويڙهن جي سِرڪڻين سميت تيزيءَ سان ڇڏي ڏنو. هاڻي هُو تيار هو. هاڻي هُن وٽ، انهي ڏور سميت جنهن جو هو استعمال ڪري رهيو هو، چاليهن تانگهن سندا ڏور جا ويڙها هئا.
    ”ٿورو وڌيڪ کاءُ،“ هُن چيو. ”سٺيءَ طرح سان کاءُ.“
    ”ان کي کاءُ جيئن ڪُنڍي جي چُنهب تنهنجي دل منجھ گهِڙي وڃي ۽ توکي ماري ڇڏي،“ هُن سوچيو. مٿي آسانيءَ سان اچ ۽ مان توکي نيزي منجھ وجهندس. بلڪل ٺيڪ. ڇا تون تيار آهين؟ ڇا تون ميز تي ڪافي ڊگهي نظر ايندينءَ؟
    ”هاڻي!“ هُن وڏي واڪي چيو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان زورائتو ڌڪ هنيو، هڪڙي گَز / وال جيتري ڏور کنيائين ۽ پوءِ هر هر ڌڪ هڻڻ لڳو، هُو ڏور سان گڏ متبادل طور تي هر هڪ ٻانهن تي لُڏي لَمِي رهيو هو، پنهنجي ٻانهن جي سموري ٻَلَ سان ۽ پنهنجي جسم جي مرڪزي وزن سميت.
    ڪجھ ڪِين ٿيو. مڇي بلڪل هوريان هوريان ٻئي پاسي هلي ويئي ۽ پوڙهو ماڻهو ان کي هڪڙي سُوت جيترو به اُڀاري نه سگهيو. هُن جي ڏور مضبوط هئي ۽ اها ڳري مڇيءَ لاءِ بڻائي ويئي هئي ۽ هُن ان کي پنهنجي گهاءُ / ناسُور جي برعڪس جهلي رکيو جيسين اهو ايترو ڪَسجِي ويو جو ان منجهان پاڻياٺا داڻا نڪرڻ لڳا. تهان پوءِ اها پاڻيءَ منجھ سُوساٽ ڪرڻ لڳي ۽ هُن ان کي اڃا جهلي رکيو، پاڻ کي رنڊڪ جي برعڪس جڪڙيندي ۽ ڇڪ جي برعڪس جهڪندي. مڪڙي اتر ـ اولھ ڏانهن هوريان هوريان چُرَڻ شروع ڪري ڏنو.
    مڇي مزي مزي سان چُري رهي هئي ۽ اهي سانتِيڪي جَلَ منجھ سفر ڪري رهيا هئا. ٻيا چُوڻا اڃا جَلَ منجھ هئا پر اتي ڪرڻ لاءِ ڪجھ نه هو.
    ”مان چاهيان ٿو ڪاش ڇوڪرو مون ساڻ هجي ها،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”هڪڙي مڇي مونکي ڇڪي رهي آهي ۽ مونکي ان کي لنگر تائين نيئي وڃڻو آهي. مان ڏور کي تيزيءَ سان ڍرو ڪري سگهان ٿو. پر اهڙيءَ طرح سان اها ڇِڄِي سگهي ٿي مونکي ان کي وَس ۽ وِت آهر جهلي رکڻ گهرجي ۽ ان لاءِ تڏهن ڏور کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي جڏهن اها ان جي تقاضا ڪري. خدا جو شڪر آهي ته اها سفر ڪري رهي آهي ۽ اها هيٺ نيئي نه ٿي وڃي.“
    جيڪڏهن اها هيٺ پيهي وڃڻ جو فيصلو ڪندي ته مونکي تنهن مهل ڇا ڪرڻ کپندو. مان نه ٿو ڄاڻان. جيڪڏهن اها آواز ڪري ۽ مري وڃي ته مان ڇا ڪندس مان نه ٿو ڄاڻان. پر مان ڪجھ نه ڪجھ ڪندس. اتي مان گھڻيون ئي شيون ڪري سگهان ٿو.
    هُن ڏور کي پنهنجي پٺ کان جهلي رکيو ۽ جَلَ منجھ ان جي جهڪاءُ ۽ اتر ـ اولھ ڏانهن مزي مزي سان هلندڙ مَڪڙِيءَ کي ڏٺو.
    ان سان اها مري ويندي، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو. اها اهو هميش لاءِ ڪري نه ٿي سگهي. پر چار گهنٽا بعد مڇي مزي مزي سان سمونڊ جي سطح تي، ٻيڙيءَ کي ڇِڪُون ڏيندي، تري رهي هئي، ۽ پوڙهو ماڻهو اڃا تائين پنهنجي پُٺ جي چوڌار ٺوس طرح سان ڏور سان وِڪوڙيل هو.
    جڏهن مون ان کي ڪُنڍي منجھ ڦاسايو هو تڏهن ٻِپهري ويلا هئي،“ هُن چيو ”۽ اها مونکي هن مهل تائين نظر نه آئي آهي.“
    هُن تِيلَن مان بڻايل پنهنجي ٽوپيءَ کي مڇيءَ کي ڪنڍي منجھ ڦاسائڻ کان پهريان مشڪل سان هيٺ نِوايو هو اها ان جي پيشانيءَ کي ڪَپي رهي هئي. هُو پياسو پڻ هو ۽ هُو پنهنجي گوڏن ڀَر جهڪيو، اهيا هوشياري ڪندي ته اهو ڏور منجھ جهٽڪو نه کائي، هُن ڪمان ڏانهن ايتري دوريءَ تائين چر پر ڪئي جيترو هُن کان پُڄي سگهيو ۽ هڪڙي هٿ وسيلي هو پاڻيءَ جي ٻاٽليءَ تائين پهتو. هُن ان کي کوليو ۽ ڪجھ پاڻي پيتو. تهان پوءِ هو ڪمان جي برعڪس ٽِڪِي پيو. هُو لٿل کُوهي / شِيڪلي ۽ بادبان تي ٽِڪي پيو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو ته هو ڪجھ نه سوچي پر صرف جَٽاءُ ڪندو رهي.
    تهان پوءِ هُن پنهنجي پٺيان نهاريو ۽ ڏٺو ته اتي ڪا به زمين ظاهر نه پئي ٿي. انهي سان ڪو فرق نه ٿو پئي، هُن سوچيو. مان هَوانا (Havana) کان ايندڙ روشنيءَ وسيلي هميش اندر سمونڊ منجھ گهڙي سگهان ٿو. اڃا سج جي لهڻ ۾ ٻه وڌيڪ ڪلاڪَ پيا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هوءَ انهيءَ کان اول مٿي اچي وڃي. جيڪڏهن ايتري منجھ اها مٿي نه ٿي اچي ٿي سگهي ٿو ته هوءَ چنڊ نڪرڻ ويلي اچي وڃي. جيڪڏهن اها چنڊ اڀرڻ ويلي نه ٿي اچي ٿي سگهي اها سج اڀرڻ ويلي ٻاهر اچي. مونکي ڪي ڳِڍڙِيُون نه پئجي ويئيون آهن ۽ مان پاڻ کي مضبوط ڀانيان ٿو. اُها هُوءَ آهي جنهن کي وات ۾ ڪُنڍو پيل آهي. پر اها ڇا ته مڇي آهي جيڪا اهڙيءَ طرح سان ڇڪي رهي آهي. لازماَ هُن جو وات ڏور منجھ مضبوطيءَ سان بند آهي. ڪاش! مان ان کي ڏسي سگهان. مان چاهيان ٿو ته ڪاش! مان هُن کي فقط هڪڙو ڀيرو ڏسي سگهان ته جيئن خبر پئجي وڃي ته منهنجي دُوبدُو ڇا آهي.
    انهي سموري رات دوران مڇيءَ ڪڏهن به پنهنجي رفتار توڙي رخ نه مٽايو جنهن کي پوڙهو ماڻهو ستارن جي حرڪت وسيلي پروڙي رهيو هو. جڏهن سج لهي ويو اتي ٿڌ پوڻ لڳي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جو پگهر هُن جي پُٺي ۽ هُن جي ٻانهن ۽ پوڙهين ڄنگهن تي ٿڌ جي سبب ٺري خشڪ ٿي ويو. هُن ڏينهن دوران ٻاچڪو کنيو هو جيڪو چُوڻي واري دٻي تي ڏنل هو ۽ هُن ان کي سج تي خشڪ بڻجي وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي ڦهلائي ڇڏيو هو. جڏهن سج لهي ويو هُن ان کي پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌار اهڙيءَ طرح سان ٻڌي ڇڏيو جو اهو هُن جي پٺيءَ جي مٿان لٽڪي بيٺو ۽ هُن وڏي سُچِيتائي / محتاطي سان ان کي ڏور جي هيٺان ڏيئي ڇڏيو جيڪا هاڻي هُن جي ڪلهن جي آرپار هئي. ٻاچڪي ڏور کي گَدِي فراهم ڪئي ۽ هُن ڪمان جي پٺيان اڳتي جهڪڻ جو هڪڙو طريقو ڳولھي لڌو اهڙيءَ طرح سان هُو پاڻ کي لڳ ڀڳ آرامده محسوس ڪرڻ لڳو. حقيقت ۾ صورتحال فقط ڪِي قدر برداشت کان ٻاهر هئي؛ پر هُن ان بابت لڳ ڀڳ ناگوار محسوس ڪيو.
    مان هُن کي ڪجھ نه ٿو ڪري سگهان ۽ هوءَ مون کي ڪجھ به نه ٿي ڪري سگهي، هُن ويچاريو. تيستاءِ نه جيستاءِ اها اهڙو ورتاءُ برقرار رکي.
    هڪڙي ڀيري هُو مٿي اٿي بيٺو ۽ هُن مڪڙيءَ جي پاسي وٽان پيشاب ڪيو ۽ ستارن ڏانهن نهاريندي مڪڙيءَ جي پِڙَ بابت چڪاسيو. هُن جي ڪلهن وٽان سڌو سنئون ڏور هڪڙي تابنده / چمڪدار پٽيءَ نما ڏيکاري ڏيئي رهي هئي. هاڻي اهي هوريان هوريان حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ هوانا جي روشني ايتري سگهاري ڪو نه هئي، اهڙيءَ طرح هُن ڄاڻي ورتو ته لازماَ لهر انهن کي اوڀر ڏانهن نيئي وڃي رهي هئي. جيڪڏهن هَوانا جي روشني منهنجي نظرن کان اوجهل بڻجي ويئي ته لازماَ اسان وڌيڪ اوڀر ڏانهن هلندا رهنداسين، هُن ويچاريو. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن مڇيءَ سندو گَس درست رهيو ته مان ان کي وڌيڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اکِ ۾ رکِي سگهان ٿو. مون کي تعجب ٿي رهيو آهي ته اڄوڪي وڏين جماعتن واري بيس بال جو ڇا ٿيو، هُن سوچيو. ان بابت هڪڙي ريڊيي وسيلي ڄاڻڻ عجب جهڙو هوندو. تهان پوءِ هُن سوچيو، تون هميش ان بابت سوچيندو رهين ٿو. انهي بابت سوچ جيڪو تون ڪري رهيو آهين. توکي ڪابه شيءِ وِسُوڙِي / ڀَڪُو / اَگيانِي نه ڪرڻ گهرجي.
    تهان پوءِ هُن چيو، ”ڪاش! مون وٽ ڇوڪرو هجي ها، منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ ۽ هِي ڪجھ ڏسڻ لاءِ. ”ڪنهن کي به پوڙهائپ ۾ هيڪلو نه هئڻ گهرجي، هُن سوچيو. پر اهو اَٽل / ناگُزير آهي. مون کي لازماَ پاڻ کي شڪتي شالِي بنائڻ لاءِ طُونا مڇيءَ کي کائڻ نه وسارڻ گهرجي ان کان اڳ جو اها خراب ٿي وڃي. ياد رک، ڪا ڳالھ نه آهي ڀلي ٿوري ئي صحيح، توکي اها صبح ويلي کائڻ گهرجي. ياد رک، هُن پاڻ کي پاڻ چيو.
    رات دوران ٻه ٻُلهڻيون مڪڙيءَ جي چوڌار مِڙي آئيون ۽ هُو انهن جي گول گول ڦيراٽن ۽ ڦُوڪاٽَن / واڄٽَن کي ٻڌي پيئي سگهيو. هُو نَر ٻلهڻ جي ڦُوڪٽن جي آوازن ۽ مادي ٻلهڻ جي آهُن نما ڦُوڪاٽن درميان فرق معلوم ڪري پئي سگهيو.
    ”اهي ڀَليون آهن،“ هُن چيو. ”اهي راند رَچائن ٿيون ۽ مسخري ڪن ٿيون ۽ هڪٻئي سان پريم ڪن ٿيون. اهي اڏامندڙ مڇين جيان اسان جا ادا / ادڙيون آهن.“
    تهان پوءِ هُن کي ان وڏي مڇيءَ تي ترس اچڻ لڳو جنهن کي هُن ڪُنڍي منجھ ڦاسايو هو. هوءَ عجب جهڙي ۽ انوکي آهي ۽ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڪيتري آڳاٽِي آهي، هُن ويچاريو. نه ئي وري ڪڏهن به مونکي هڪڙي اهڙي سگهاري مڇي پلئه پيئي آهي نه ئي ڪا اهڙي مڇي ڪڏهن هٿ آئي آهي جيڪا اهڙي عجيب ورتاءُ سندي هوندي هجي. شايد هوءَ ٽپو ڏيڻ جي حوالي کان ڪافي چالاڪ آهي. هوءَ منهنجي مٿان ٽَپو ڏيندي يا هڪڙي شوخ سَرڪشيءَ وسيلي مونکي هَلاک ڪري سگهي ٿي. پر شايد هُوءَ ڪيئي ڀيرا ڪُنڍي منجھ ڦاٿي هجي ۽ هوءَ ڄاڻي ٿي ته هُن کي اهڙو يُڌ ڪيئن وڙهڻ گهرجي. هوءَ اهو ڄاڻي نه ٿي سگهي ته اُتي هُن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ فقط هڪڙو ماڻهو آهي، نه ئي اُهو ڄاڻي سگهي ٿي ته اُهو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي. پر اها ڇا ته وڏي مڇي آهي ۽ جيڪڏهن ان جو گوشت سٺو آهي اهو منڊيءَ منجھ ڪهڙو ملھ ڏياريندو. هُن چُوڻي کي هڪڙي نَر مڇيءَ جيان ورتو ۽ اها هڪڙي نر مڇيءَ جيان ڇِڪي رهي آهي ۽ هُن جي ويڙھ منجھ ڪو ٿرٿلو / ٽاڪوڙو ڪونهي. مونکي تعجب ٿي رهيو آهي جيڪڏهن هُن وٽ ڪي رِٿُون آهن يا هوءَ بلڪل اهڙي بيپرواھ آهي جيئن مان آهيان؟
    هُن انهي وقت کي ياد ڪيو جڏهن هُن مارلِن مڇين جي هڪڙي جوڙي کي ڪُنڍيبَند ڪيو هو. نَر مڇي هميش مادي مڇيءَ کي پهريان کائڻ لاءِ ڇڏيو، مادي مڇي هڪڙي اڻ گهڙِي / شوخ، ٿرٿلي سان همڪنار، ويڙهاند وِڙهي هئي جنهن هُن کي ٿَڪائي چُور ڪري ڇڏيو هو، ۽ سارو وقت نر مڇي ڏور منجهان آرپار ٿيندي ۽ مٿاڇري تي هُن سان گڏ گهُمرا ڏيندي ٽِڪي پيئي هئي. اها ايترو ته ويجهو اچي رڪجي ويئي هئي جو پوڙهي ماڻهوءَ تي خوف طاري ٿي ويو هو هُن ڏور کي پنهنجي پڇ سان ڪَپڻ شروع ڪيو هو جيڪا هڪڙي ڏاٽي جيان تکي هئي ۽ اها لڳ ڀڳ ان جي حُجم / سائيز ۽ ساخت سندي هئي. جڏهن پوڙهي ماڻهوءَ ان کي سُوئو ۽ ڏنڊو هنيو هو، نِيمچي / کِني / ڪَٽارِي جي چهنب کي ان جي ريگزاري ڪِنار کان جهليندي ۽ هُن جي مٿي جي مٿان آرپار ڏنڊا وسائيندي جيسين ان جو رنگ لڳ ڀڳ پُٺ کان آيل چانديءَ جي تھ وارين آرسين جي هڪڙي رنگ جهڙو بڻجي ويو، ۽ پوءِ، ڇوڪري جي مدد سان، ان کي مٿي ٻيڙيءَ تي چاڙهيو هو، نر مڇي مڪڙيءَ جي پاسي کان رڪجي ويئي هئي. پوءِ، جڏهن پوڙهو ماڻهو ڏوريون صاف ڪري رهيو هو ۽ نيزي / بڻڇيءَ کي تيار ڪري رهيو هو، نر مڇيءَ مڪڙيءَ جي ڀرسان وڏو ٽپو ڏنو هو اهو ڏسڻ لاءِ ته مادِي مڇي ڪٿي هئي ۽ تهان پوءِ اها هيٺ اونهائي منجھ پيهي ويئي هئي، هُن جون نونڊر جي ٻوٽي جيان واڱڻائي کنڀڙاٽيون، جيڪي هُن جي سِيني منجھ لڳل ڪَليُون هيون، ڪشاديون بڻجي ويئيون هُنيون ۽ هُن جون نونڊر جي ٻوٽي جي گل جيان واڱڻائي پَٽيون نظر اچڻ لڳيون هيون. اها خوبصورت هئي، پوڙهي ماڻهوءَ ياد ڪيو، ۽ اها ترسِي پيئي هئي.
    اها مون پاران ڏٺل انهن منجھ غمگين ترين شيءِ هئي، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو. ڇوڪرو پڻ غمگين هو ۽ اسان هُن کان معافي ورتي هئي ۽ ان کي اسان تڙ تڪڙ ۾ ڪُهِي ڇڏيو هو.
    ”مان خواهش ڪيان ٿو ته ڪاش! ڇوڪرو هتي هجي ها،“ هُن وڏي واڪي چيو ۽ پاڻ کي ڪمان جي گول پاٽِين / تَختن جي برعڪس بيهاري ڇڏيو ۽ ڏور وَچان وڏي مڇيءَ جي سگھ کي محسوس ڪيو جنهن کي هُن پنهنجي ڪلهن جي چوڌار جهلي رکيو هو اها هر انهي پاسي ڏانهن يڪسان طور تي حرڪت ڪري رهي هئي جنهن جو هُن انتخاب ٿي ڪيو.
    تڏهن هڪڙي ڀيري، منهنجي اِرتداد / دولاب جي سبب، ان لاءِ ضروري بڻجي ويو هو ته اها هڪڙو انتخاب ڪري، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو.
    هُن اونهي اونداهي پاڻيءَ منجھ سمورين ڪوڙڪين ۽ ڦندن ۽ دولابين کان گهڻو ڏور رهڻ جو انتخاب ڪيو هو. مون اُتي وڃي ڪري ان کي سمورن ماڻهن کان پرتي ڳولهي لهڻ جو انتخاب ڪيو هو. دنيا جي سمورن ماڻهن کان پرتي. هاڻي اسان هڪٻئي سان ڳنڍجي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو لاڳاپو ٻپهري کان هلي رهيو آهي. ۽ اسان ٻنهي جي سهائتا ڪرڻ لاءِ ڪو ڪونهي. شايد مان هڪڙو مهاڻو ٿي نه پئي سگهيس، هُن سوچيو. پر اها اهڙي شيءِ آهي جنهن لاءِ مان جنميو آهيان. مونکي يقيناَ لازماَ سوجهري ٿيڻ کان پهريان طُونا مڇي کائڻ گهرجي.
    باک ڦٽڻ کان ڪجھ وقت پهريان ڪنهن شيءِ هُن جي پٺيان کان موجود چُوڻن کي کنيو. هُن ڪاٺيءَ جي ٽٽڻ جو آواز ٻڌو ۽ ڏور مڪڙيءَ جي بالائِي ڪناري مٿان ٻاهر سُرڪڻ لڳي. اونداھ ۾ هُن پنهنجي چاقوءَ جي مَياڻ / غلاف / پوش کي ڍرو ڪيو ۽ مڇيءَ جي سموري ڇَٻِي / ڇِڪ کي پنهنجي کاٻي ڪلهي تي کنيو ۽ ڏور کي مڪڙيءَ جي بالائِي حصي واري ڪاٺ جي برعڪس ڪَپيو. تهان پوءِ هُن جي نزديڪ هڪڙي ٻِي ڏور کي ڪَپيو ۽ اونداھ منجھ ذخيري وارن ويڙهن جي پڇاڙين کي ڍرو ڪيو. هُن هڪڙي هٿ سان ماهراڻي انداز سان ڪم ڪيو ۽ جيئن ئي هُن پنهنجي ڳنڍين کي ڇڪيو هُن پنهنجو پير انهن کي سوگهو جهلڻ لاءِ ويڙهن جي مٿان ڏيئي ڇڏيو. هاڻي هُن وٽ ذخيري وارا ڇھ ويڙها هئا. اُتي هر هڪ چُوڻي کان ٻه ويڙها هئا جيڪي هُن ڪتب آندا هئا ۽ ٻه ويڙها انهي چوڻي کان هئا جن کي مڇيءَ ورتو هو ۽ اهي سڀيئي ويڙها پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا.
    جڏهن اتي روشني ٿي ويندي، هُن ويچاريو، مان چاليهن تانگهن جي اونهائي واري چُوڻي تي ڪم ڪندس ۽ ان کي پڻ ڪَپِيندُس ۽ ذخيري وارن ويڙهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندس. مونکي سُٺي ڪيتالِي ڏور (ڪيتالونيا Catalonia : اسپين جو هڪڙو علائقو جتي اها ڏور بنائي ويئي هئي ــ مترجم) جا لڳ ڀڳ ٻه سئو تانگها ۽ ڪُنڍا ۽ ڪُنڍن جي اَکَن منجھ وجهڻ واريون ڏوريون وڃائڻيون پونديون. انهن کي هٽائي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن مان ڪجھ مڇيءَ کي ڪُنڍيبَند بڻايان ۽ اها ان کي ڪَپي ڇڏي ته ان مڇيءَ کي ڪير هٽائيندو. مان نه ٿو ڄاڻان ته اها مڇي ڪهڙي قسم جي هئي جنهن بلڪل هاڻي ڳاھ کنيو. اها هڪڙي مارلِن يا هڪڙي خار ماهِي / ڪوسَڄ يا هڪڙي شارڪ ٿي پيئي سگهي. مون ڪڏهن به ان کي محسوس ڪون ڪيو. مونکي ان منجهان وڏي تيزيءَ سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو هو.
    ”مان چاهيان ٿو ته ڪاش! ڇوڪرو مون ساڻ هجي ها،“ هُن وڏي واڪي چيو.
    پر تو پاڻ سان ڇوڪري کي نه کنيو، هُن ويچاريو. تون فقط پاڻ سِر پاڻ آهين ۽ تو لاءِ بهتر آهي ته تون هاڻي آخري ڏور تي ڪم ڪر، لاٽ توڙي ٻاٽ ۾، ۽ ان کي ڪَپي پري ڪر ۽ ذخيري وارن ٻن ويڙهن کي هڪٻئي سان مِلاءِ.
    هُن اُهو اهڙيءَ طرح سان ڪري ورتو. اونداھ ۾ اُهو ڪرڻ اَهنجو هو ۽ هڪڙي ڀيري مڇيءَ هڪڙي موج زَنِي ڪئي جنهن سان هُو منهن ڀر هيٺ ڇِڪجي ويو ۽ ان هُن کي اک جي هيٺان هڪڙو وَڍ ڏيئي ڇڏيو. هُن جي ڳلن تان رت ٿوريءَ دير تائين هيٺ وهڻ لڳو. پر اهو هُن جي کاڏِيءَ وٽ پهچڻ کان پهريان ڄَمِي ۽ خشڪ بڻجي ويو ۽ هُن واپس ڪمان ڏانهن وڃڻ جو ڪم ڪيو ۽ ان جي ڪاٺ تي آهلجي پيو. ۽ هُن ٻاچڪي کي ترتيب ڏنو ۽ سُچِيتائِي / مُحتاطي سان ڏور تي اهڙيءَ طرح سان ڪم ڪيو جو اها هُن جي ڪلهن جي هڪڙي نئين حصي جي آرپار اچي ويئي، ۽ ان کي پنهنجي ڪلهن سان ٻِلِهيبَند ڪندي جهلي رکيو. هُن محتاطي سان مڇيءَ جي ڇڪ کي محسوس ڪيو ۽ تهان پوءِ هُن پنهنجي هٿ سان پاڻي وَچان مڪڙيءَ جي اڳتي وڌڻ واري حالت کي محسوس ڪيو.
    مونکي تعجب ٿي رهيو آهي ته اها هڪڙي پاسي کان ڇاڪاڻ جُهڪِي ويئي، هُن ويچاريو. لازماَ ڏور هُن جي ٽَڪَر نما وڏي پُٺي تي تِرڪِي ويئي. يقيناَ هُن جي پُٺِ اهڙيءَ بريءَ طرح سان دُکندڙ نه ڀاسندي هُوندي جهڙيءَ ريت منهجي پُٺي دُکِي رهي آهي. پر هُوءَ هِن مَڪڙيءَ کي هميش لاءِ ڇِڪي نه ٿي سگهي، چاهي اها ڪيتري وڏي ڇو نه هجي. هاڻي هَر اها شيءِ صاف ٿي چڪي آهي جيڪا مشڪل کَڙِي ڪري پئي سگهي ۽ مون وٽ ڏور جو هڪڙو وڏو ذخيرو موجود آهي؛ ايترو وڏو جيترو هڪڙو ماڻهو طلبي سگهي ٿو.
    ”مڇي،“ هُن وڏي واڪي چيو، ”مان تو وٽ تيسين ترسندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
    مان سمجهان ٿو، هُوءَ پڻ مون وٽ ترسندي، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو ۽ هُو ان لاءِ تيسين اوسيئڙو ڪرڻ لڳو جيسين اتي باک نه ٿي ڦُٽي. هاڻي اُتي باک ڦُٽڻ کان پهريان ٿڌ موجود هئي ۽ هُن ڪاٺ جي برعڪس گرم ٿيڻ لاءِ ڇِڪيو. مان ان کي تيستائين ڪري سگهان ٿو جيستائين هُوءَ اهو ڪندي رهي ٿي، هُن ويچاريو. ۽ پهرين اُجالي سان ڏور ٻاهر ۽ پاڻيءَ منجھ ڦهلجي ويئي. ٻيڙي يڪسان طور تي چُرڻ لڳي ۽ جڏهن سج جي پهرين ڪَنِي نروار ٿي اها پوڙهي ماڻهوءَ جي ساڄي ڪلهي کان هئي.
    ”هُوءَ اتر ڏانهن هلي ويئي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. لَهر اسان کي اوڀر ڏانهن نيئي پئي سگهي، هُن سوچيو. مان چاهيان ٿو ڪاش! هُوءَ لهر سان گڏ مُڙي وڃي تنهن مان اهو ظاهر ٿيندو ته هُوءَ ٿڪجي رهي آهي.
    جڏهن سج وڌيڪ اُڀري ويو پوڙهي ماڻهوءَ سَهِي ڪري ورتو ته مڇي ٿڪجي نه رهي هئي. اُتي فقط هڪڙي مُفيد علامت هئي. ڏور جي جهڪاءُ منجهان ڏسڻ ۾ آيو ته اها هڪڙي گهٽ گهرائي منجھ تَرِي رهِي هئي. تنهن جو لازمي طور تي اهو مقصد نه آهي ته هُوءَ ٽَپو ڏيندي. پر هُوءَ ٽَپو ڏيئي به سگهي ٿي.
    ”خدايا! هُن کي ٽَپو ڏيڻ تي آماده ڪر،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”هُن کي جهلي رکڻ لاءِ مون وٽ ڪافي ڏور پيئي آهي.“
    ٿي سگهي جيڪڏهن مان ڇڪتاڻ ۾ ٿورڙو اضافو ڪيان ته اُهو ان کي اِيذاءُ ڏيندو ۽ هُوءَ بُل کائيندي، هُن سوچيو. هاڻي جڏهن اُتي باک ڦُٽي ويئي آهي هُن کي ڇڏ ته هُوءَ بُل هڻي اهڙيءَ طرح سان هُوءَ پنهنجي ڪرنگهي وٽان موجود ڳوٿرين کي هوا سان ڀري ڇڏيندي ۽ پوءِ هُوءَ مرڻ لاءِ گهڻو هيٺ پيهِي نه ٿي سگهي.
    هُن دٻاءُ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏور تيزيءَ سان ڇڪجي ٽٽڻ جي نقطي تائين پهتي هئي جڏهن هُن مڇيءَ کي ڪُنڍيبَند ڪيو هو ۽ هُوءَ جيئن ڇِڪڻ لاءِ پوئتي آهليو هُن ڪَرخَتگِي / شِدت محسوس ڪئي ۽ هُو ڄاڻي ويو ته هُو ان تي وڌيڪ زور آزمائي نه پئي ڪري سگهيو. مونکي لازماَ ان کي ڪڏهن به ڇَٻِي / ڇِڪَ نه ڏيڻ گهرجي، هُن ويچاريو. هر ڇَٻِي انهي وَڍ / ٽُڪي کي ويڪرو بنائي ٿي جيڪو ڪُنڍو بڻائي رهيو آهي ۽ پوءِ جڏهن هُوءَ بُل کائيندي هُوءَ ان کان ڇڏائي سگهي ٿي. ڪنهن به طرح سان مان سج سان سُٺو محسوس ڪيان ٿو ۽ هڪڙي دفعي لاءِ به مونکي ان ڏانهن نه نهارڻو آهي.
    اُتي ڏور تي پِيلو ڪَهڄرو / ڪکن ڪانن جو ميڙ هو پر پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته اهو هڪڙي اضافي گِهِل هو ۽ هُو خوش باش هو. اهو نار جو ڪَهڄرو هو جنهن رات جي وڳڙي منجھ خاصي روشني ڪري ڇڏي. ”مڇي،“ هُن چيو، ”مان توسان پيار ڪيان ٿو ۽ تنهنجو تمام گهڻو آڌَر ڪيان ٿو. پر مان توکي هِن ڏينهن جي پڄاڻيءَ کان پهريان ماري ڇڏيندس.“
    اچ ته اهڙي اميد ڪيون، هُن ويچاريو.


    4

    هڪڙو ننڍڙو پکي اتر کان مڪڙيءَ ڏانهن آيو. اهو هڪڙو چَهڪندڙ / ٻولِيندڙ / لاتيُون لَنوندڙ پکي هو ۽ اهو پاڻيءَ جي مٿان ڪافي هيٺ اڏامي رهيو هو. پوڙهو ماڻهو ڏسي پئي سگهيو ته هُو گهڻو ٿڪل هو.
    پکيءَ مڪڙيءَ جي پُٺ ورتي ۽ اتي ٽِڪِي پيو. تهان پوءِ اهو پوڙهي ماڻهوءَ جي مٿي جي چوڌار اڏاميو ۽ اهو ڏور تي ويٺو جتي اهو وڌيڪ فرحت محسوس ڪري رهيو هو.
    ”تون ڪيتري ڄمار جو آهين؟“ پوڙهي ماڻهوءَ پکيءَ کان پڇيو. ”ڇا اهو تنهنجو پهريون سفر آهي؟“
    جڏهن هُو ڳالھائي رهيو هو پکي هُن ڏانهن نهاريو. هُو ايترو ته ٿڪل هو جو ويندي هُن ڏور جي سُوجھ به نه ورتِي ۽ جيئن ئي اُن جي نفيس پيرڙن ان کي سوگهو جهلي ورتو هُو ان تي جُهولَڻ / لُڏڻ لَمَڻ لڳو.
    ”اها مضبوط / راسِخ / سُٺيءَ طرح سان ڄميل آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ٻڌايو. توکي هڪڙي هوا بنا رات بعد ايترو ٿڪجڻ نه گهرجي. پکي ڪهڙيءَ خاطر پيا اچن؟“
    باز جي سبب، هُن سوچيو، جيڪو سمونڊ منجھ انهن جي سامهون ٿيو. پر هُن ان بابت پکيءَ کي ڪجھ نه سُڻايو جيڪو ڪنهن به طرح هُن کي سمجهي نه پئي سگهيو ۽ جنهن کي بازن بابت جلد ئي سِکيا ملڻ واري هئي.
    ”ننڍڙا پکيئڙا هڪڙو سٺو آرام ڪر،“ هُن چيو. ”پوءِ اندر هليو وڃ ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ يا پکيءَ توڙي مڇيءَ جيان پنهنجو وارو وڄاءِ.“
    ڳالھائڻ هُن کي حوصلو پئي بخشيو ڇاڪاڻ جو هُن جي پُٺي رات جي وڳڙي منجھ آڪِڙجِي ويئي هئي ۽ هاڻي اها سچ پچ سُور ڪَري رهِي هئي. ”جي توکي پسند آهي، ته تون منهنجي گهر ۾ ٽِڪي پَئه، پکيئڙا،“ هُن چيو. مون کي افسوس آهي مان شِيڪلو / کُوهو سنئون ڪري نه ٿو سگهان ۽ توکي انهي ٿڌڙي هِيرَ سان گڏ نيئي نه ٿو سگهان جيڪا اُٿِي رهِي آهي. پر مان هڪڙي دوست / مِتَر سان گڏ آهيان.
    بلڪل تڏهن مڇيءَ هڪڙي اچانڪ لَغزش ڪئي جنهن سان پوڙهو ماڻهو ڪمان هيٺ ڇڪجي ويو ۽ اها ان کي مڪڙيءَ کان هيٺ ڇڪي وڃي ها جيڪڏهن هُو پاڻ کي جڪڙي نه رکي ها ۽ ڪجھ ڏور کي ڇڏي نه ڏئي ها.
    پکي اڏامي چڪو جڏهن ڏور ڇَٻِي ڏنِي ۽ پوڙهو ماڻهو ويندي ان کي ويندو ڏسي به نه سگهيو. هُن محتاطيءَ سان ڏور کي پنهنجي ساڄي هٿ سان محسوس ڪيو ۽ ڌيان ۾ آندائين ته هُن جي هٿ منجهان رت ڳَڙِي رهيو هو.
    ”بعد ۾ ڪنهن شيءِ ان کي ايذايو آهي،“ هُن وڏي واڪي چيو ۽ ڏور کي واپس ڇڪيو اهو ڏسڻ لاءِ ته جيڪر هُو مڇيءَ کي موڙي سگهي. پر جڏهن هُو ٽٽڻ واري نقطي کي ڇهي رهيو هو هُن ان کي آرام سان پڪڙيو ۽ ڏور جي ڇڪ جي برعڪس پٺتي آهليو.
    ”تون هاڻي ان کي محسوس ڪري رهي آهين، مڇي،“ هُن چيو. ”۽ اهو، خدا ڄاڻي ٿو، مان پڻ محسوس ڪري رهيو آهيان.“
    هُن هاڻي چوڌار پکيءَ لاءِ واجهايو ڇاڪاڻ جو هُن ان کي صحبت لاءِ پسند پئي ڪيو. پکي هليو ويو هو.
    تون گهڻو نه ٽِڪئين، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو. پر جيڏانهن تون نيو پيو وڃين اهو خراب هنڌ آهي جيسين تون ساحِل جي ڪَنڌِيءَ تي نه ٿو پُڄين. مون مڇيءَ جي انهي ٽَھ پَھ ڇِڪ دوران پاڻ کي وڍجڻ ڪيئن ڏنو؟ لازماَ مان وِسُوڙو / ڀَڪُو / اوڳو بڻجي رهيو آهيان. يا شايد مان ننڍڙي پکيءَ ڏانهن نهاري رهيو هوس ۽ هُن جي باري ۾ سوچي رهيو هوس. هاڻي مان پنهنجي ڪم ڏانهن ڌيان ڌَرِيندُس. ۽ تهان پوءِ لازماَ مونکي طُونا مڇيون کائڻ گهرجن اهڙيءَ طرح سان مون منجھ هڪڙي سگھ جي گهٽتائي نه ٿيندي.
    ”مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش! ڇوڪرو هِتي مون وٽ هجي ها ۽ مون وٽ لوڻ هجي ها.،“ هُن وڏي واڪي چيو.
    ڏور جي وزن کي پنهنجي گوڏي ڏانهن منتقل ڪندي ۽ سُچِيتائِي سان جهڪندي هُن پنهنجو هٿ مها ساگر منجھ ڌوتو ۽ ان کي اُتي هڪڙي منٽ کان وڌيڪ وقت لاءِ ٻوڙي رکيو ۽ هُو رت جي جهڪي ٿيڻ کي ڏسي رهيو هو ۽ جيئن ئي ٻيڙي رِڙهڻ لڳي هُن پنهنجي هٿ جي برعڪس پاڻيءَ جي هَموَزن هلچل کي ڏٺو.
    ”هُو ڪافِي جهڪو ٿي ويو آهي،“ هُن چيو.
    پوڙهي ماڻهوءَ چاهيو پئي ته هُو پنهنجو هٿ لُوڻياٺي پاڻيءَ منجھ جهلي رکي پر هُن کي خوف هو ته متان مڇي هڪڙي ٻي ڇڪ ڏئي ۽ هُو مٿي اٿي بيٺو ۽ پاڻ کي جڪڙي رکيائين ۽ پنهنجي هٿ کي سج جي برعڪس جهلي بيٺو. اهو فقط هڪڙي ڏور جي ساڙي / ڇالي / پِٿَ / جلَڻ جي ڪارڻ هو جنهن هُن جي گوشت کي ڪَپي ڇڏيو هو. پر اهو هُن جي هٿ جي ڪم ڪرڻ واري حصي منجھ هو. هُن ڄاتو پئي ته هِن جي پڄاڻان هُن کي سندس هٿ جي گهرج هئي ۽ هُن ان جي شروع ٿيڻ کان پهريان اُن جي ڪَپجڻ کي پسند نه پئي ڪيو.
    ”هاڻي،“ هُن چيو، جڏهن هُن جا هٿ خشڪ بڻجي ويا هئا. ”مونکي لازماَ ننڍڙيون چُوڻي واريون طُونا مڇيون کائڻ گهرجن. مان اُنهن ڏانهن سُوئي وسيلي پهچي سگهان ٿو ۽ اُنهن کي هِتي فرحت سان کائي سگهان ٿو.“
    هُو هيٺ جهڪيو ۽ ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي جي هيٺان طُونا مڇيءَ کي سُوئي منجھ ڦاسايو ۽ ان کي ويڙهن وارين ڏورين کان پري ڪندي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. ٻيهر کاٻي ڪلهي وسيلي ڏور کي جهليندي، ۽ پنهنجي کاٻي هٿ ۽ ٻانهن کي جَڪڙيندي، هُن طُونا مڇيءَ کي سُوئي جي ڪُنڍي منجهان کنيو ۽ سُوئي کي واپس ساڳي هنڌ تي رکي ڇڏيو. هُن هڪڙو گوڏو مڇيءَ جي مٿان رکيو ۽ سياهِي مائل سُرخ گوشت جي ٽڪڙن کي مٿي جي پُٺ کان پڇ تائين طُول فَلڪِي نما ڪَٽيو. اهي چَپَڙ نما پٽيون / ٽڪڙا هئا ۽ هُن انهن کي ڪرنگهي واري هڏيءَ جي پاسي کان هيٺ پيٽ جي ڪناري تائين ڪٽيو. جڏهن هُن ڇھ ٽۡڪڙا ڪٽي ورتا هُن انهن کي ٻاهر ڪمان جي ڪاٺ تي وڇائي ڇڏيو، پنهنجن پاجامن سان پنهنجي چاقوءَ کي اُگهيو ۽ هڪڙي قسم جي سامونڊي مڇي بانِيٽو (Bonito) جي لوٿڙي کي پڇ کان پڪڙي مڪڙيءَ کان هيٺ ڦٽو ڪيو.
    ”مان نه ٿو ڄاڻان ته مان هڪڙي مڇيءَ کي مڪمل طور تي کائي سگهان ٿو،“ هُن چيو ۽ هُن پنهنجي چاقوءَ کي هڪڙي پٽيءَ جي آرپار ٽَپايو. هُو ڏور جي متوازي طور ٺوس ڇڪ کي محسوس ڪري پئي سگهيو ۽ هُن جي ساڄي هٿ منجھ ڳِڍڙِي پئجي ويئي. انهي (مڇيءَ) ڳري ڏور تي سوگهِي سَٽ ڏني ۽ هُن ان ڏانهن حقارت وچان نهاريو.
    ”اهو هڪڙي ڪهڙي قسم سندو هٿ آهي،“ هُن چيو. ”ته پوءِ جي تون چاهين ٿو ته ڀل ڳِڍڙجِي وڃ. پاڻ کي هڪڙو پنجو بڻاءِ. اهو تنهنجي لاءِ ڪنهن ڀلائي جو نه آهي.“
    اچ، هُن سوچيو ۽ هُن اونداهي جَل منجھ ڏور جي جهڪاءُ کي ڏٺو. هاڻي کاءُ اهو تنهنجي هٿ کي سگهارو بڻائيندو. اهو هٿ جو ڏوھ نه آهي ۽ تون ڪيترائي ڪلاڪ مڇيءَ سان رهيو آهين. پر تون ان سان هميش جي لاءِ رهي سگهين ٿو. هاڻي بانِيٽو مڇي کاءُ.
    هُن هڪڙو ٽڪڙو کنيو ۽ ان کي پنهنجي وات منجھ وجهي ڇڏيو ۽ ان کي آهسته آهسته چٻاڙيو. اهو اڻ وڻندڙ نه هو. ان کي سُٺيءَ طرح سان چٻاڙ، هُن سوچيو، ۽ سموري رَس / عرق اوت. اهو ٿوري ليمي توڙي لوڻ بنا کائي نه سگهجي ها.
    ”هٿڙا تون ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“ هُن ڳِڍڙِي ورتل هٿ کان پڇيو جيڪو لڳ ڀڳ مڙدھ شرير جيان ڪَرخت / بي لچڪ بڻجي ويو هو. ”مان تو خاطر ڪجھ وڌيڪ کائيندس.“
    هُن ٽڪڙي جو ٻيو حصو کاڌو جنهن کي هُن ٻن حصن منجھ وڍيو هو. هُن ان کي محتاطيءَ سان چٻاڙيو ۽ پوءِ هُن ان جي کَل کي ٿُوڪاري ٻاهر ڦٽو ڪيو.
    ”هٿڙا ڏي خبر اهو ڪيئن هلي رهيو آهي؟ يا اهو ڄاڻڻ گهڻو سويرو آهي؟“
    هُن هڪڙو ٻيو مڪمل ٽڪڙو کنيو ۽ ان کي چٻاڙيو.
    ”اها هڪڙي مڪمل طور تي خون سان همڪنار مڇي آهي،“ هُن ويچاريو. مان ڊولفن بجاءِ ان کي ماڻڻ ۾ بختاور هوس. ڊولفن بيحد مِٺي آهي. هيءَ بمشڪل مِٺي آهي ۽ ان منجھ اڃا سموري سگھ موجود آهي.“
    ”انهي جي باوجود ڪنهن به شيءِ منجھ عملي طور تي ڪو احساس ڪونهي، پوءِ به، هُن سوچيو. مان خواهش ڪيان ٿو ته ڪاش مون وٽ لوڻ هجي ها. ۽ مان نه ٿو ڄاڻان ته جيڪي ڪجھ بچيو آهي ڪٿي ان کي سج ساڙي سُڪائي ڇڏيندو، تنهنڪري مون ان کي کائي ڇڏڻ کي بهتر سمجهيو جيتوڻيڪ مان بکايل نه آهيان. مڇي سانتِيڪِي ۽ هڪ هنڌ تي ڄميل آهي. مان اها سموري کائي ڇڏيندس ۽ تهان پوءِ مان تيار ٿي ويندس. ”هٿڙا، کَمندڙ / بُردبار بڻجي پئه،“ هُن چيو. ”مان هِي تو لاءِ ڪري رهيو آهيان.“
    ڪاش! مان مڇيءَ کي خوراڪ ڏيئي سگهان. هوءَ منهنجي ادِي / اَدو آهي. پر مونکي لازماَ هُن کي مارڻ گهرجي ۽ اهو ڪجھ ڪرڻ لاءِ مونکي پاڻ کي سگهارو رکڻ گهرجي. هوريان هوريان ۽ ديانتداريءَ سان هُن مڇيءَ جا چپَڙ نما سمورا ٽڪڙا کاڌا.
    ”هُو مٿي سنئون ٿي بيٺو، پنهنجي هٿ کي پاجامي سان اگهندي هُن چيو ”هاڻي،“ ”تون ڏور کي هٿ ۾ ڇڏي سگهين ٿو، ۽ مان ان کي ڇَڙو ساڄي ٻانهن سان پڪڙيندس جيسين تون اها ڇسائپ نه ٿي ڇڏي ڏئين.“ هُن پنهنجو کاٻو پير ڳري ڏور جي مٿان رکيو جنهن کي کاٻي هٿ جهلي رکيو هو ۽ هُو ڇڪ جي برعڪس پنهنجي پٺيءَ تي آهليو.
    ”خدايا! ڳِڍڙي جي ختم ٿيڻ ۾ منهنجي مدد ڪر،“ هُن چيو. ”ڇاڪاڻ جو مان نه ٿو ڄاڻان ته مون سان مڇي ڇا ڪرڻ وڃي رهي آهي.“
    پر هوءَ شانت لڳي رهي آهي، هُن سوچيو، ۽ هُوءَ پنهنجي منصوبي جي پوئيواري ڪري رهي آهي. پر هُن جو منصوبو ڇا آهي، هُن ويچاريو. ۽ منهنجو منصوبو ڪهڙو آهي؟ پر مونکي لازماَ هُن جي وڏي حُجم جي سبب هُن جي منصوبي کان وڌيڪ برجستو منصوبو جوڙڻ گهرجي. جيڪڏهن هُوءَ بُل هڻندي مان هُن کي ڪُهِي سگهان ٿو. پر هوءَ هميش لاءِ هيٺ هجي ٿي. تهان پوءِ مان هُن سان گڏ هميش لاءِ هيٺ رهندس.
    هُن پنهنجو ڳِڍڙجِي ويل هٿ پنهنجي پاجامن جي برعڪس اگهيو ۽ پنهنجي آڱرين کي مَلائم بڻائڻ جو سعيو ڪيو. پر اهي کلي نه رهيون هيون. ٿي سگهي ٿو ته اهي سج سان کُلي وڃن، هُن ويچاريو. ٿي سگهي ٿو اهي تڏهن کُلِي وڃن جڏهن سگهاري ڪَچِي طُونا مڇي هَضم ٿي وڃي. جيڪڏهن مونکي انهن جي ضرورت آهي ته پوءِ مان انهن کي کولي ڇڏيندس، ان لاءِ مونکي کڻي ڪهڙي به قيمت چڪائڻي ڇو نه پئي. پر مان هاڻي انهن کي زبردستي کولڻ نه ٿو چاهيان. انهن کي ڇڏي ڏي ته اهي پاڻ کُلي وڃن ۽ اهي پنهنجي مدد پاڻ تحت کُلي وڃن. آخرڪار مون ان سان رات جي وڳڙي منجھ خاصِي سخت ڪلامِي ڪئي جڏهن مختلف ڏورين کي آجو ڪرڻ ۽ ڳنڍڻ ضروري هو.
    هُن سمونڊ جي چوڌار نهاريو ۽ هُن ڄاڻي ورتو ته هو هينئر ڪيترو نه هيڪلو هو. پر هُو اونهي اونداهي جَل منجھ روشنيءَ جا ست رنگا شعاع ڏسي پئي سگهيو ۽ هُو اڳتي ڦهلجندڙ ڏور ۽ سانت جو بيگانو ڌُڏڪو ڏسي پئي سگهيو. ڪڪر هاڻي ڪاروباري هوا لاءِ گَس هموار ڪري رهيا هئا ۽ هُن نظر کڻي اڳتي نهاريو ۽ هُن شوخ بدڪن جي ولر کي ڏٺو جيڪي آڪاس جي برعڪس پاڻيءَ مٿان نَقش بڻائي رهيون هيون، تهان پوءِ اهي ڌُنڌليون بڻجي ويون، ۽ تهان پوءِ اهي وري ٻيهر نَقش بڻائڻ لڳيون ۽ هُن ڄاتو پئي ته ڪو به انسان ڪڏهن به سمونڊ ۾ اڪيلو ٿي نه پئي سگهيو.
    هُن ويچاريو ته ڪجھ ماڻهو هڪڙي ننڍڙي مڪڙيءَ منجھ نظرن کان اوجهل خشڪيءَ بابت ڪيئن نه خوفزده هوندا آهن ۽ هُن اهو پڻ ڄاتو پئي ته اهي اچانڪ خراب بڻجي ويندڙ موسم وارن مهينن ۾ اهڙي قسم جو خوف ڪرڻ لاءِ درست هئا. پر هاڻي اهي ڳرن واچُوڙن / طُوفانن وارن مهينن منجھ هئا، جڏهن اتي ڪي طوفان نه هوندا آهن ته اهڙي قسم جا طُوفاني مهينا سموري سال دوران سڀ کان سٺا هوندا آهن.
    جيڪڏهن اتي ڪو واچُوڙو / طُوفان نمودار ٿيڻ وارو هوندو آهي ته اتي توهانکي آڪاس منجھ ايندڙ ڏينهن بابت اڪثر نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اهي انهن کي ڪناري کان پرڀرو ڏسي نه سگهندا آهن ڇاڪاڻ جو اهي اڻڄاڻ هوندا آهن ته انهن کي ڪهڙي شيءِ لاءِ نهارڻ گهرجي. خشڪيءَ کي پڻ ڪڪرن جي صورت ۾ ڪو فرق جوڙڻ گهرجي. پر اسان وٽ ڪو طُوفان نه اچي رهيو آهي.
    هُن آڪاس ڏانهن نهاريو هُن گهاٽن ڪڪرن نما بڻايل برفاني مَلائي جا اخلاص مند / دوستاڻا ٿَها / ڍِڳَ / ڍيرَ / انبارَ ڏٺا ۽ گهڻو مٿي نازڪ تاندُوڙي جا سنهڙا کنڀڙا سيپٽمبر جي اوچي آڪاس جي برعڪس ڏٺا.
    ”هلڪِي هِيرَ اُٿِي آهي،“ هُن چيو ”مڇي، موسم هاڻ مون لاءِ سُٺي آهي بجاءِ تو لاءِ.“
    هُن جو کاٻو هٿ اڃا ڳِڍڙيل هو، پر هُو هوريان هوريان اُن جا پيچَ ڪڍي رهيو هو.
    مان ڪنهن ڳِڍڙِي کان نفرت ڪيان ٿو، هُن سوچيو. اها ڪنهن سان سندس پنهنجي جسم پاران ڪيل هڪڙي ڌوڪيبازي آهي. اهو شرمناڪ آهي ته انتهائي زهريلن نامياتي مادن جي زهر جي ڪارڻ پيدا ٿيندڙ پيچَش يا ان جي سبب اُلٽي جو ٻين اڳيان نماءُ ڪجي. پر هڪڙي ڳِڍڙِي، (هُن ان کي هڪڙي بجليءَ جي جهٽڪي جيان خيال ڪيو)، ماڻهوءَ جي پنهنجي وجود جي تذليل ڪري ٿي خاص ڪري تڏهن جڏهن هُو هيڪلو هجي ٿو.
    جيڪڏهن ڇوڪرو مون سان گڏ هجي ها هُو منهنجي خاطر ان کي مَهٽو ڏئي ها ۽ هُو ان کي ٻانهن کان هيٺ ڍرو ڪري ها، هُن ويچاريو. پر اها پاڻيهي ڍري ٿي ويندي.
    تهان پوءِ جڏهن هُن جَل منجھ لهوارِي تبديلي ڏٺي تڏهن هُن پنهنجي ساڄي هٿ سان ڏور جي ڇڪ جي فرق کي محسوس ڪيو. تهان پوءِ جيئن ئي هُو ڏور جي آمهون سامهون آهليو ۽ پنهنجي کاٻي هٿ کي پنهنجي گوڏي جي برعڪس زورائتِي ۽ ٺوس ٿَڦ وهائي ڪڍيائين هُن ڏور کي هوريان هوريان مٿي جي طرف تِرڇِي وضع اختيار ڪندي ڏٺو.
    ”هُوءَ مٿي اچي رهي آهي،“ هُن چيو. ”جاڳ هٿ جاڳ. مهرباني ڪري جاڳ.“
    ڏور هوريان هوريان ۽ يڪسان طور تي اڀرڻ لڳي ۽ پوءِ ساگر جو مٿاڇرو ٻيڙيءَ کان اڳتي ڍَڍَرجِي / ڦُوڪجي ويو ۽ مڇي ٻاهر نڪري آئي. هُوءَ هڪڙي تسلسل سان / بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ٻاهر نڪري آئي ۽ جَل هن جي پاسن کان مينهن جيان وسي رهيو هو. هُوءَ سج هيٺ اوجل / تک تاب سان / چمڪندڙ ڏيکاري ڏيئي رهي هئي ۽ هُن جو مٿو ۽ پُٺي واڱڻائِي ڪاريون هيون ۽ سج هيٺان هُن جي پاسن کان موجود پَٽا ڪشاده نظر اچي رهيا هئا ۽ انهن منجهان نونڊر جي ٻوٽي منجهان خارج ٿيندڙ عطر نما هلڪِي سڳنڌ / سُرهاڻ اچي رهي هئي. هُن جي تيغ / تَرار بيس بال جي بيٽ جيتري ڊگهي هئي ۽ اها هڪڙي ڪٽارِي / نِيمچي / کِني جيان پوئتي ورائيندي سنهڙي بڻجيو پيئي ويئي ۽ هُوءَ پنهنجي سموري سگھ سان جَل منجهان اُڀامِي ۽ پوءِ هُن، يڪسانِي سان جَل منجھ، هڪڙي غَواص / ٽوٻير جيان نئون مرڪز بڻايو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي پڇ سندي ڏاٽي نما ڪَٽارِي کي هيٺ نيئندي ڏٺو ۽ ڏور جي ڇڪ ۾ تيزي اچي ويئي.
    ”هُوءَ مڪڙيءَ کان ٻه فٽ ڊگهي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ڏور ٻاهر تيز تر پر يڪسان طور تي وڃي رهي هئي ۽ مڇيءَ منجھ ڪو ٽاڪوڙو / ٿرٿلو نه هو. پوڙهو ماڻهو ڏور کي ٻنهي هٿن سان هر ممڪن حد تائين لڳايل زور سان اندر رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هُن ڄاتو پئي ته جيڪڏهن هُو هڪڙي متوازي دٻاءُ سان مڇيءَ کي ڍرو ڪري نه سگهندو ته مڇي سموري ڏور کي ڪَپي يا ٽوڙي سگهي ٿي.
    هوءَ هڪڙي وڏي مڇي آهي ۽ مونکي لازماَ هُن کي رِيجهائڻ گهرجي. مونکي هُن کي ڪڏهن به سندس سگھ بابت ڄاڻڻ جو موقعو فراهم نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي اهو ڪجھ جيڪو ڪجھ هُوءَ ڀڄي وڃڻ پڄاڻان ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن مان هُن جي جاءِ تي هجان ها ته مان هر شيءِ کي هاڻي اندر ڪري ڇڏيان ها ۽ تيسين اوسيئڙو ڪيان ها جيسين ڪنهن شيءِ جي ٽٽڻ جو آواز نه ٿو ٿئي. پر، خدا جو ڪرم آهي، اهي ايتريون هوشيار نه آهن جيترا اسين انهن کي ڪُهندڙ / مارِيندڙ آهيون؛ البت اهي وڌيڪ اُتم / اَصِيل ۽ وڌيڪ باصلاحيت آهن.
    پوڙهي ماڻهوءَ ڪيتريون ئي وڏيون مڇيون ڏٺيون هيون. هُن ڪيتريون اهڙيون مڇيون ڏٺيون هيون جن جو وزن هڪ هزار پائونڊن کان به وڌيڪ هو ۽ هُن پنهنجي جيون چَتُر ۾ اهڙي حُجم / سائيز سنديون ٻه مڇيون پڪڙيون هيون، پر هُن ڪڏهن به هيڪلي طور تي اهڙي ڪا مڇي ڪِين ماري هئي. هاڻي هُو هيڪلو هو، ۽ خشڪي هُن جي نظرن کان اوجهل هئي، هُو ڦڙتيءَ سان ان وڏي ۾ وڏي مڇيءَ سان جُنبجي ويو جيڪا هُن پنهنجي حيات ۾ وِرلي ڏٺي هئي ۽ اها ايتري وڏي هئي جو هُن ان جي باري ۾ ڪڏهن ٻُڌو به ڪِين هو، ۽ هُن جو کاٻو هٿ اڃا ايترو ڀڪوڙيل هو جَئن هڪڙي پَرمار / عُقاب پکيءَ جا سوگها جهليل چنبا هوندا آهن.
    پوءِ به، ان جي ڳِڍڙِي ختم ٿي ويندي، هُن سوچيو. يقيناَ منهنجي ساڄي هٿ جي سهائتا ڪرڻ لاءِ اُن جي ڳِڍڙِي ختم ٿي ويندي. اُتي ٽي شيون آهن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن: مڇي ۽ منهنجا ٻه هٿَ. اُن جي ڳِڍڙي لازماَ ختم ٿيڻ گهرجي. مڇي وري ٻيهر ڍري ٿي ويئي آهي ۽ هوءَ پنهنجي معمولي رفتار سان هلي رهي آهي.
    مون کي حيرت پئي ٿئي ته هُن بُل ڇو هنيو، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو. ڄڻ هُن مونکي اُهو ڏيکارڻ لاءِ بُل هنيو ته جيئن مان ڏسي سگهان ته هُوءَ ڪيتري وڏي آهي. ڪنهن به طرح سان، هاڻي مان ڄاڻي ويس، هُن سوچيو. مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش! مان هُن کي اُهو ڏيکاري سگهان ته مان ڪهڙي قسم جو بَشر آهيان. پر پوءِ هوءَ ڳِڍڙيل هٿ کي ڏسي وٺندي. هُن کي سمجهڻ ڏي ته مان جيترو نظر اچي رهيو آهيان ان کان وڌيڪ آهيان ۽ مان اهڙو ئي رهندس. مان چاهيان ٿو ڪاش! مان مڇي هجان ها، هُن سوچيو، هر شيءِ سميت هوءَ فقط منهنجي مَنشا / مرضيءَ / اِڇا / اِرادي ۽ چِترائِي / سَمجھ جي خلاف آهي.
    هُو ڪاٺ جي برعڪس آرام سان آهليو ۽ هُو پنهنجي درد کي جيئن اُهو اٿندو رهيو برداشت ڪندو رهيو ۽ مڇي يڪسان طور تي تري رهي هئي ۽ مڪڙي اونداهي جَل منجھ هوريان هوريان هلي رهي هئي. اُتي سمونڊ منجھ اوڀر کان ايندڙ هوا جي سبب هڪڙو هلڪو اڀار آيو ۽ ٻپهري ڌاران پوڙهي ماڻهوءَ جي کاٻي هٿ ۾ پيل ڳِڍڙي ٺيڪ ٿي ويئي.
    ”تو لاءِ بُري سَماچار / خبر آهي، مڇي.“ هُن چيو ۽ هُن ڏور کي انهن ٻاچڪن ڏانهن منتقل ڪيو جن هُن جي ڪُلهي کي ڍڪي رکيو هو. هُو مطمئن هو پر ڀوڳنا منجهان گذري رهيو هو، جيتوڻيڪ هُن ڀُوڳنا کي هرگز به تسليم نه پئي ڪيو.
    ”مان مذهبي نه آهيان،“ هُن چيو. پوءِ به مونکي سلام يا بيبي مريم! ڏھ ڀيرا چوڻ گهرجي يا ڏھ ڀيرا روح القُدس کي پڪارڻ گهرجي ته جيئن مان انهي مڇيءَ کي پڪڙي سگهان، ۽ جيڪڏهن مون ان مڇيءَ کي پڪڙي ورتو مان ڪوبَر جي ڪُنواري ڪَنيا جي هڪڙي تِيرَٿ / ياترا / زيارت ڪرڻ جو وچن ڪيان ٿو. اهو هڪڙو وچن آهي.
    هُن اُڇاتري طور تي پنهنجي دعائن جو آغاز ڪيو. ڪنهن ڪنهن مهل هُو اهڙو ٿڪجيو پئي ويو جو هُو دعائن کي ٺيڪ طرح سان ياد به نه پئي ڪري سگهيو ۽ پوءِ هُو انهن جو تيزيءَ سان وِرد ڪرڻ لڳو ته جيئن اهي پاڻيهي روان ٿيڻ لڳن.
    قُدوسِي روحن کي پڪارڻ کان يا بيبي مريم چوڻ وڌيڪ آسان آهي، هُن سوچيو.
    ”ڀلائي / ترس / رحمت / دَيا سان همڪنار يا بيبي مريم ايشور تو ساڻ آهي. تون عورتن منجھ پاڪدامن آهين ۽ تنهنجي ڳِڀ جو ثمر، حضرت عيسيٰ مسيح، پاڪ آهي. پاڪ پوتر مريم، خدا جي امڙ. اسان پاپين لاءِ دعا ڪر ۽ اسان جي اَجل / ڪال ويلي اسان کي نجات ڏيئار. آمين.“ تهان پوءِ هُن وڌاءُ ڪندي چيو ”رحمدل ڪُنواري، هِن مڇيءَ جي موت لاءِ دعا ڪج. جيتوڻيڪ اها حيرت انگيز آهي.“
    پنهنجي دعائن جي خاتمي بعد، هُو ڪافي سٺو محسوس ڪرڻ لڳو، پر هُو ايترو ئي پِيڙا منجهان گُذري رهيو هو، ۽ شايد ٿورو اڃا وڌيڪ، هُو ڪمان جي ڪاٺ جي برعڪس جهڪيو ۽ هُن ميڪانيڪي طور تي پنهنجي کاٻي هٿ جي آڱرين تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    هاڻي سج گرم هو جڏهن ته هِير نفاست سان اُٿي رهي هئي.
    ”بهتر هو ته مان مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي جي مٿان انهي ننڍڙي ڏور ۾ ٻيهر چُوڻو وجهي ڇڏيان ها،“ هُن چيو. جيڪڏهن مڇي هڪڙي ٻِي رات ٽِڪڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته مونکي ٻيهر کاڌو کائڻ جي ضرورت پوندي ۽ ٻاٽليءَ ۾ پاڻي به گهٽجي ويو آهي. مان نه ٿو ڀايان ته مونکي هتي هڪڙي ڊولفن کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ ملي سگهندي. پر جيڪڏهن مان ان کي تازگي جي حد تائين کائِي ڇڏيان ته اها خراب نه هوندي. مان چاهيان ٿو ته ڪاش ڪا اڏامندڙ مڇي رات جو ٻيڙيءَ تي ڦهڪو ڪري. پر انهن کي دَلبو ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪا لاٽ ڪونهي. هڪڙي اڏامندڙ مڇيءَ کي ڪچو کائي ڇڏڻ انتهائي شاندار آهي ۽ مونکي ان کي ڪَپڻ جي ضرورت به نه پوندي. هاڻي مونکي پنهنجي سموري سگھ کي بچائڻ گهرجي. مسيح، مون نه ٿي ڄاتو ته اها ايتري وڏي هوندي.
    ”جڏهن ته مان هُن کي ڪُهِي ڇڏيندس،“ هُن چيو. ”هُن جي سموري عظمت ۽ جلال سميت.“ جيتوڻيڪ اهو نا مناسب آهي پر مان هُن کي ڏيکاريندس ته هڪڙو انسان ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ هُو ڪيترو ڀوڳي رهيو آهي.
    ”مون ڇوڪري کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان هڪڙو عجيب پوڙهو آهيان،“ هُن چيو.
    ”هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو لازماَ مونکي اهو ثابت ڪرڻ گهرجي.“
    هزارين ڀيرا جنهن کي هُو ثابت ڪري چڪو آهي ان جي ڪا معنيٰ نه هئي. هاڻي هُو ان کي ٻيهر ثابت ڪرڻ جي ڪري رهيو هو. هر وقت هڪڙو نئون وقت هو ۽ جڏهن هُو اهڙي ڪِرت ۾ جُنبِي ويندو هو هُو ڪڏهن به ماضيءَ بابت نه سوچيندو هو.
    مان چاهيان ٿو ته ڪاش! هُوءَ سمهي پئي ۽ مان پڻ سمهي سگهان ۽ شينهنَ جا سپنا ڏسان، هُن سوچيو. شينهن رهجي ويل مکيه شيءِ جيان ڇو آهن؟ پوڙها ماڻهو، سوچڻ بند ڪر، هُو پاڻ سان پاڻ مخاطب ٿيو، هاڻي آرام سان ڪاٺ جي برعڪس ٽِڪِي پئه ۽ ڪنهن به شيءِ جي باري ڪجھ به نه ويچار. هُوءَ ڪم ڪري رهي آهي. تون ايتري آهستگي سان ڪم ڪر جيترو ممڪن طور تي تون ڪري سگهين ٿو.
    هاڻي اتي سانجهيءَ جو وقت اچي ويو ۽ مڪڙي اڃا هوريان هوريان ۽ يڪسان طور تي هلي رهي هئي. پر هاڻي اتي اوڀرندي هِيرَ جي سبب هڪڙي اضافي ڇڪ هئي ۽ پوڙهو ماڻهو ننڍڙي ساگر سان نرميءَ سان ڪاهيندو رهيو ۽ هُن جي پٺيءَ جي آرپار ڏورين جي سبب پيدا ٿيندڙ درد آساني سان ۽ يڪسان طور تي اُٿي رهيو هو.
    هڪڙي ڀيري منجهند ڌاران ڏور ٻيهر اُڀرڻ لڳي. پر مڇي فقط هڪڙي ڪِي قدر اوچي سطح تي ترڻ اِستمرار رکيو. سج هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ جي کاٻي ٻانهن ۽ ڪلهي ۽ هُن جي پُٺ کان هو. اهڙيءَ طرح هُو ڄاڻي ويو ته مڇي اوڀر کان اتر ڏانهن موڙو ڏنو آهي.
    هاڻي جڏهن هِڪوار هُن مڇيءَ کي ڏسي ورتو، هُو جَل ۾ ترندڙ مڇيءَ جي ان جي سيني سان ڳنڍيل پَرن جيان ڪشاده کليل واڱڻائي کنڀڙاٽين ۽ ان جي وڏي اُڀاميل پڇ جنهن کي هُوءَ اونداھ منجھ ڦڙڪائي رهي هئي جي تصوير بڻائي پئي سگهيو. مونکي تعجب ٿو ٿئي ته هوءَ ايتري اونهائي ۾ ڪيترو ڏسي سگهي ٿي، پوڙهي ماڻهوءَ سوچيو. هُن جي اک تمام وڏي آهي ۽ هڪڙو گهوڙو، هڪڙي گهڻي ڪمتر اک سان اونداھ ۾ ڏسي سگهي ٿو. هڪڙي ڀيري اونداھ منجھ مان بلڪل سٺيءَ طرح سان ڏسي سگهيو هوس. صفا مڪمل اونداھ ۾ نه. پر لڳ ڀڳ اَئين جَئن هڪڙي ٻلي ڏسندي آهي.
    سج ۽ هُن جي آڱرين جي دائمي چر پر هُن جي کاٻي هٿ جي ڳِڍڙيءَ کي مڪمل طور تي ٺيڪ ڪري ڇڏيو ۽ هُن ڇِڪ جو هڪڙو وڏو حصو ان ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو ۽ هُن پُٺيءَ جي مُشڪن کي ڏور جي ايذاءُ کي ٿورو منتقل ڪرڻ لاءِ جُنبش ڏني.
    ”مڇي، جيڪڏهن تون ٿڪجي نه پيئي آهين،“ هُن وڏي واڪي چيو، ”ته پوءِ تون لازماَ تمام گهڻي انوکِي آهين.“.
    هاڻي هُن پاڻ کي گهڻو ٿَڪل محسوس ڪيو ۽ هُن ڄاتو پئي ته رات سوير ڀرو اچي ويندي ۽ هُن ٻين شين بابت سوچڻ جو سعيو ڪيو. هُو وڏين وڏين جماعتن بابت سوچڻ لڳو، اُهي هُن لاءِ گِران لِيگاز (وڏيون وڏيون ليگُون / جماعتون) هيون، ۽ هُن ڄاتو پيئي ته نِيويارڪ جا يانڪِي (Yankees) ڊيٽرائٽ جي ٽائيگرن سان کيڏي رهيا هئا.


    5

    هاڻي ٻيون ڏينهن آهي جو مان راندين جي نتيجي کان اڻڄاڻ آهيان، هُن ويچاريو. پر مونکي لازماَ حوصلو ڪرڻ گهرجي مونکي عظيم ڊِي ميگيو کي مان ڏيڻ گهرجي جيڪو کُڙِيءَ منجھ هڏِيءَ جِي سوزش جي باوجود سموريون شيون ڪاملتا سان ڪري ويو. هڏيءَ جي سوزش ڇا آهي؟ هُن پنهنجو پاڻ کان پڇيو. (ورِي هُن ساڳيا لفظ هسپانوي ڀاشا ۾ ورجايا) اسان کي اهڙو ڪو درد ڪونهي. ڇا اهو درد ايترو شديد ٿي سگهي ٿو جيترو جَئن ڪنهن جي کُڙيءَ منجھ هڪڙي ويڙهاڪ مُرغي جي کَڙهَن منجھ لڳل مُمهيزن جي سبب پيدا ٿيندڙ گهاءُ سندو درد شديد هوندو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته مان ان کي ايترو برداشت ڪري سگهان ٿو يا منهنجي هڪڙي اک توڙي ٻئي اکيون ضايع ٿي وڃڻ پڄاڻان مان ويڙھ کي اَئين جاري رکي سگهان ٿو جَئن وڙهندڙ مُرغا جاري رکندا آهن. انسان وڏن پکين ۽ حيوانن سان ايترو نه ٿو پُڄي سگهي. اڃا به مان چاهيندس ته هِن حيوان کي ساگر جي تاريڪِي ڏانهن تاڻي وڃان.
    ”جيسين اُتي شارڪ مڇيون اچيو وڃن،“ هُن وڏي واڪي چيو، ”جيڪڏهن شارڪ مڇيون اچي ويئيون، پوءِ هُن تي ۽ مون تي شال خدا ترس ڪري.“
    ڇا تون سمجهين ٿو ته عظيم ڊِي ميگيو هڪڙي مڇيءَ سان ايتري دير تائين ٽِڪي سگهي ٿو جَئن مان ههڙي مڇيءَ سان ٽِڪي پوندس؟ هُن سوچيو. مونکي يقين آهي ته هُو ايترو وقت گهاري سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو هُو جوان ۽ ٻلوان آهي. هُن جو پيءُ پڻ هڪڙو مهاڻو هو. پر ڇا هڏيءَ جي سوزش پڻ هُن کي ايترو ايذائي سگهي ٿي؟
    جَئن سج لهي ويو هُن پاڻ کي وڌيڪ حوصلو ڏيڻ خاطر ان وقت کي ياد ڪيو جڏهن هُن مراڪش جي مرڪزي اولهندي حصي ۾ واقع شهر دار البيضا / ڪاسابِلانڪا (Casablanca) جي مئڪدي ۾ ڪِيوبا جي ڏاکڻي ساحل تي واقع شهر سِنفيگس (Cienfuegos) منجهان ڪهي آيل وڏي حبشي جيڪو بندرگاھ تي سڀ کان وڌيڪ متارو هو سان هٿ جي زور آزمائِي سندِي راند رچائي هئي. ٻنهي ڄڻن کي پنهنجون ٺوٺيون چاڪ واري ريکا تي رکندي هڪڙو ڏينهن ۽ هڪڙي رات وِهامِي ويئي هئي ۽ انهن جا چنبا مٿي سڌا ٿيل هئا ۽ انهن جا هٿ سوگهائِي سان ٻيڪڙيل هئا. هر هڪ ٻئي جي هٿ کي هيٺ ميز تي ڪيرائڻ لاءِ زور لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اتي کوڙ شرطون لڳي ويئيون ۽ ماڻهو گاسليٽ تي ٻرندڙ روشنين هيٺ ڪمري ۾ اندر ۽ ٻاهر ايندا ويندا رهيا ۽ هُن حبشيءَ جي ٻانهن ۽ هٿ ۽ ان جي منهن ڏانهن نهاريو هو. انهن پهرين اٺن گهنٽن پڄاڻان ٽَياڪَر / پَئينچ / منصف / اَمين / ريفرِيءَ کي هر چوٿين گهنٽي بعد مَٽايو هو ته جيئن اهي سمهي سگهن. پوڙهي ماڻهوءَ توڙي حبشيءَ جي آڱرين جي نَنهن ۽ هٿن منجهان خون وهڻ لڳو هو ۽ انهن هڪٻئي جي اکين منجھ ۽ پنهنجن هٿن ۽ چنبن ڏانهن نهاريو ۽ شرطِي ڪمري کان اندر ٻاهر ايندا ويندا رهيا ۽ اهي اوچين ڪرسين تي ديوار جي پُٺڀرو ويهي رهيا ۽ اهي تماشو ڏسندا رهيا. ديوارون تِکي / اوجل نيري رنگ سان رڱيل هيون ۽ اهي ڪاٺ مان بڻايون ويئيون هيون ۽ بتيون انهن جي برعڪس پنهنجا پاڇولا ڦٽا ڪري رهيون هيون. حبشيءَ جو پاڇولو تمام وڏو هو ۽ جيئن هِيرَ بتين کي لوڏيو اهو ديوار تي چُرِي پُرِي رهيو هو.
    سموري رات دوران منحرف اڳتي پوئتي مٽبا سٽبا رهيا ۽ انهن حبشيءَ کي ڳُڙ جو شراب پيئاريو ۽ هُن لاءِ سگريٽ دُکايو.
    ڳُڙ جو شراب پيئڻ پڄاڻان، حبشِي، هڪڙي خطرناڪ ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ هُن هڪڙي ڀيري پوڙهي ماڻهوءَ کي، جيڪو تڏهن هڪڙو پوڙهو ماڻهو نه هوندو هو پر تڏهن هُو سانتياگو ايل ڪيمپيئون (Santiago El Campeon) هوندو هو، لڳ ڀڳ ٽن انچن جي توازن تائين نيئي ويو. پر پوڙهي ماڻهوءَ ٻيهر پنهنجي هٿ کي ويندي ساڳي حالت ڏانهن موٽايو هو. هُن کي تڏهن يقين هو ته هُو حبشيءَ کي مات ڏيندو جيڪو هڪڙو عمدو ماڻهو هو ۽ هُو وڏو ڪُشتي بان / پهلوان هو. ۽ باک جي اُجالي ۾ جڏهن شرطين انهي کيل کي هڪڙو برابر بڻجي ويل کيل قرار ڏنو ۽ اَمين / پَئينچ / ريفرِي پنهنجو ڪنڌ ڌُوڻي رهيو هو، هُن پنهنجي اُدم / ڪوشش کي تيز ڪري ڇڏيو هو ۽ هُن حبشِيءَ جي هٿ کي هيٺ کان هيٺ تر ٿيڻ لاءِ وڏو زور لڳايو هو جيسين اهو ڪاٺ تي ٽِڪي نه ويو. اهو مَنچ / ملاکڙو آچر جي هڪڙي صبح ڌاران شروع ٿيو هو ۽ اهو سومر جي هڪڙي صبح جو ختم ٿيو هو. ڪيترن ئي شَرطين راند کي هڪڙي برابري قرار ڏيڻ جي فرمائش ڪئي هئي ڇاڪاڻ جو انهن کي کنڊ جون ٻوريون لَڏِڻ واري ڪم خاطر يا هَوانا جي ڪوئلي جي ڪمپني لاءِ بندرگاھ ڏانهن واپس ورِي وڃڻو هو. ٻي صورت ۾ انهن منجهان هرهڪ تماشبين ان ملاکڙي کي هڪڙي انتها تائين ڏسڻ چاهي ها. پر هُن ان کي بهرحال ڪنهن به تماشبين جي ڪم لاءِ واپس موٽي وڃڻ کان پهريان پُورو ڪري ڇڏيو هو.
    هڪڙي وڏي عرصي کان پوءِ هر هڪ هُن کي سُورمي جي خطاب سان پُڪاريو هو ۽ اتي هڪڙي بدلي / انتقام وارو ملاکڙو ٿيو هو. پر گهڻي رقم واري شرط نه لڳائي ويئي هئي ۽ هُن بلڪل آسانيءَ سان سوڀ ماڻي هئي ڇاڪاڻ جو هُن سِنفيگس مان ڪَهِي آيل حبشِيءَ جي حوصلي کي پهرين مقابلي ۾ ٽوڙي ڇڏيو هو. تهان پوءِ هُن ڪي چند مقابلا ڪيا هئا ۽ تهان پوءِ هُن ڪڏهن ڪو مقابلو ڪو نه ڪيو هو. هُن فيصلو ڪري ورتو ته جيڪڏهن هُو چاهي ته ڪنهن کي به بريءَ حد تائين شڪست ڏيئي سگهي ٿو ۽ هُن اهو نِبيرو پڻ ڪيو ته هُن جي ساڄي هٿ لاءِ مڇي مارڻ ٺيڪ نه هو. هُن پنهنجي کاٻي هٿ سان ڪجھ تجرباتي مقابلا ڪيا هئا. پر هُن جي کاٻي هٿ هميش هڪڙي ڌوڪيباز جيان ورتاءُ ڪيو هو ۽ اُن اُهو ڪجھ نه ٿي ڪيو جنهن جي ڪرڻ لاءِ هُن ان کي ڪوٺ پئي ڏني ۽ هُو ان تي اعتماد نه ڪندو هو.
    هاڻي سج ان کي سٺيءَ طرح سان پچائي ڇڏيندو، هُن سوچيو. اُن کي منهنجي خاطر ٻيهر ڳِڍڙجي وڃڻ نه گهرجي تيسين جيسين اُتي رات جو گهڻي ٿڌ نه ٿي پوي. مونکي تعجب ٿي رهيو آهي ته هِيءَ رات مون لاءِ ڇا آڻيندي.
    ميامِي (Miami) ڏانهن پنهنجي رستي تي گامزن هڪڙو هوائِي جهاز هُن جي مَڪڙيءَ جي مٿان گذري ويو ۽ هُن ان جي پاڇولي کي ڏٺو جنهن مڇين جي ميڙ منجھ ڦَڙڦوٽ وجهي ڇڏي.
    ”اُتي ايترين ساترين اڏامندڙ مڇين منجھ ڊولفن لازم هئڻ گهرجي،“ هُن چيو، ۽ هُو ڏور جي برعڪس اُهو ڏسڻ لاءِ آهليو ته ڪٿي ڪنهن به ڏور سان هُن جي مڇيءَ کي حاصل ڪرڻ متان ممڪن هجي. پر هُو اَئين ڪري نه سگهيو ۽ مڪڙي ان جي سختيءَ تي ٽِڪجِي / دَٻجِي ويئي ۽ پاڻيءَ جا قطرا ڦيرا ڏيڻ لڳا جن ٽٽڻ جي تقديم ڪئي. مڪڙي هوريان هوريان اڳتي سُرِي ۽ هُو هوائِي جهاز ڏانهن تيسين تڪيندو رهيو جيسين اهو هُن کي وڌيڪ لاءِ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو.
    لازماَ هڪڙي هوائي جهاز ۾ هئڻ نهايت ئي نرالو هوندو. مونکي تعجب ٿي رهيو آهي ته اهڙي اوچائي تان سمونڊ ڪهڙيءَ طرح ڏيکارِي ڏيندو هوندو؟ ان ۾ ويٺل جيڪڏهن گهڻي اوچائي تي نه اڏامي رهيا هجن ته لازماَ انهن کي ٺيڪ طرح سان مڇيءَ کي ڏسڻ جي قابل هئڻ گهرجي. مان ٻه سئو فيدمَن جي اوچائي تي گهڻو آهستي اڏام ڀرڻ کي پسند ڪندس ۽ مٿان کان مڇيءَ کي ڏسندس. ڪُمين واري ٻيڙيءَ ۾ مان شِيڪلي جي مٿي تي لڳل مَستُول چوبَن ۾ هوس ۽ ويندي ايتري اوچائي تان پڻ مون گهڻو ڪجھ ڏٺو. اتان کان ڊولفن وڌيڪ سائِي نظر اچي رهي هئي ۽ توهان انهن جي پَٽن ۽ انهن جي واڱڻائي داغن کي ڏسي سگهو ٿا ۽ توهان مڇين جي سمورن ميڙن کي ڏسي سگهو ٿا جَئن اهي ترڻ لڳن. اِيئين ڇو آهي ته اونداهي لهر منجھ تيزيءَ سان ڊوڙندڙ سمورين مڇين کي واڱڻائي پُٺيون آهن يا عام طور تي انهن کي واڱڻائي پٽيون يا داغ هجن ٿا؟ يقيناَ ڊولفن سائِي نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ جو اها حقيقت ۾ سونهري آهي. پر جڏهن هُوءَ چُوڻو کائڻ اچي ٿي، يعني واقعي ۾ بکايل حالت ۾، هڪڙي مارلِن مڇيءَ جيان واڱڻائي پَٽا هُن جي پاسن کان ڏيکاري ڏين ٿا. ڇا اهو ڪاوڙ جي ڪارڻ ٿئي ٿو، يا ان وڏي رفتار جي سبب جنهن سان هُو ڪَهِي اچي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اهي پَٽا نمايان ٿي وڃن ٿا؟
    بلڪل اونداھ ٿيڻ کان اول، جڏهن اهي بحرِ ظُلمات جي ڪَهڄَري سندي هڪڙي وڏي جزيري کان گذريا جيڪو سرسري طور تي سمونڊ ۾ مٿي کڄِي ۽ اهڙيءَ طرح سان لُڏِي رهيو هو ڄڻ مها ساگر هڪڙي پيلي ڪنبل هيٺ ڪنهن سان پريم ڪري رهيو هجي، اتي هُن جي ننڍڙي ڏور ۾ هڪڙي ڊولفن وچڙي ويئي. هُن پهريان ان کي هوا ۾ ٽپو ڏيندي ڏٺو اها پاڇاٽي سج منجھ سچي سون جيان هئي ۽ اها هوا ۾ شوخيءَ وَچان وراڪا ڏيئي ۽ کنڀڙاٽيون ڦڙڪائي رهي هئي. اها ان جي خوف کان بازيگراڻي انداز ۾ هر هر ٺينگُون ڏيئي رهي هئي ۽ ڪَرونڊڙو بڻجندي ۽ پنهنجي ساڄي هٿ ۽ ٻانهن سان وڏي ڏور کي جهليندي هُن واپس پنهنجي مڪڙِيءَ جي پٺئين پاسي کان ڪم ڪيو، هر ڀيري مليل ڏور کي پنهنجي اگهاڙي کاٻي پير تي قدم ڄمائيندي، هُن ڊولفن کي پنهنجي کاٻي هٿ سان ڇڪي اندر ڪيو. جڏهن مڇي مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي کان هئي، ۽ اها لاچاريءَ وَچان ان جي پاسن کان ٽُٻيون هڻي ۽ ڪَٽي رهي هئي، پوڙهو ماڻهو مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي تي آهلجي پيو ۽ چمڪندڙ سونهري مڇيءَ کي کڻي ورتائين جنهن جي مٿان واڱڻائي داغ هئا. ان جون ڄاڙيون ڪُنڍي جي برعڪس تڪڙن چَڪن سان مضطربانه طور تي ڪم ڪري رهيون هيون ۽ ان مڪڙيءَ جي تري کي ان جي ڊگهي هموار جسم، ان جي پڇ ۽ مٿي سان تيستاءِ ڌَڪيو جيستاءِ هُن ان جي چمڪندڙ سونهري مٿي جي آر پار ڏنڊا نه وسايا ۽ اها ڪنبڻ لڳي ۽ بي حِس بڻجي ويئي.
    پوڙهي ماڻهوءَ مڇيءَ کي ڪُنڍي کان آجو ڪيو، ڏور ۾ ٻيهر هڪڙي ٻي سارڊين مڇيءَ جو ڳاه وڌو ۽ ان کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. تهان پوءِ هن هوريان هوريان ڪمان ڏانهن واپس ورڻ جو ڪم ڪيو. هن پنهنجو کاٻو هٿ ڌوتو ۽ ان کي پنهنجي پاجامن تي اگهي ڇڏيو. تهان پوءِ هن پنهنجي ساڄي هٿ کان ڳري ڏور کي پنهنجي کاٻي هٿ ڏانهن منتقل ڪيو ۽ پنهنجي ساڄي هٿ کي سمونڊ ۾ ڌوتو تنهن دوران هن سمونڊ ۾ سج کي لهندي ۽ وڏي ڏور جي جهڪاءُ کي ڏٺو.
    ”هو هرگز نه بدليو آهي،“ هُن چيو. پر پنهنجي هٿ جي برعڪس پاڻيءَ جي تحرڪ ڏانهن نهاريندي هن ڌيان ۾ آندو ته اهو قابل ادراڪ حد تائين سست هو.
    مان ٻن اولن / ونجهن کي ٻيڙيءَ جي عقبي حصي جي آرپار ٻَڌي ڇڏيندس ۽ ان سان اها رات جي وڳڙي ۾ آهستگي سان هلندي،“ هُن چيو ”هُو رات لاءِ ٺيڪ آهي ۽ تهڙيءَ ريت آنءُ پڻ.“
    اهو بهتر رهندو ته رَت کي گوشت ۾ بچائڻ لاءِ ڊولفن کي ٿورو بعد ۾ صاف ڪجي، هُن سوچيو. مان اهو ٿورو بعد ۾ ڪري سگهان ٿو ۽ ساڳي ئي لمحي دوران هڪڙي ڇڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ونجهن کي ٻَڌي ڇڏيندس. بهتر آهي ته هاڻي مان مڇ / مڇيءَ کي خاموش رکان ۽ هُن کي سج لهڻ دوران ايترو نه ڏوليان. مِڙني مڇين لاءِ سج جو لهڻ هڪڙو اولو وقت هوندو آهي. هن پنهنجي هٿ کي هوا ۾ خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ تهان پوءِ هُن ڏور کي ان سان سوگهو جهليو ۽ پاڻ کي ايترو آرامده بڻايو جيترو هُن کان ٿي سگهيو ۽ پاڻ کي ڪاٺ جي برعڪس اڳتي ڇڪجڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ته جيئن مڪڙيءَ هُن کان وڌيڪ ڇِڪ اختيار ڪري.
    مان سکي رهيو آهيان ته اهو ڪيئن ڪجي، هُن سوچيو. ان جو هِي حصو ڪنهن به طرح سان. تهان پوءِ اهو پڻ ياد ڪر ته هُن جڏهن کان چُوڻو کاڌو آهي تڏهن کان هُن ڪجھ نه کاڌو آهي ۽ هُوءَ تمام وڏي پڻ آهي. مون سموري بانِيٽو مڇي کائي ڇڏي آهي. هُن ان کي ڊوراڊو جي نانو سان پڪاريو. شايد لازماَ مونکي اها صاف ڪرڻ پڄاڻان کائڻ گهرجي. اها بانِيٽو مڇيءَ جي بنسبت کائڻ ۾ ٺوس هوندي. پر، پوءِ، ڪجھ به آسان نه آهي.
    ”مڇي تون ڪيئن پئي محسوس ڪرين،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان سٺو محسوس ڪيان ٿو ۽ منهنجو کاٻو هٿ بهتر آهي ۽ مون وٽ هڪڙي رات ۽ هڪڙي ڏينهن جي لاءِ کاڌو موجود آهي. مڪڙيءَ کي سَٽ ڏي، مڇي.“
    هُو حقيقي طور تي سٺو محسوس نه ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجي پٺ جي آر پار اچي ويل ڏور جي درد ۾ ورتل هو ۽ اهو هڪڙي اهڙي بي ڪيفِي ۾ بدلجي ويو جنهن تي هُن وشواس نه پئي ڪيو. پر مون سان هِن کان بدتر شيون ٿي چڪيون آهن، هُن ويچاريو. منهنجو هٿ فقط ڪي قدر ڪَپجي ويو آهي ۽ ٻي هٿ مان ڳِڍڙي ختم ٿي ويئي آهي. منهجون سموريون ڄنگهون ٺيڪ آهن. پڻ هينئر مون هن جي مٿان خوراڪ جي حوالي کان برتري ماڻي آهي.
    هاڻي اتي رات ٿي چڪي هئي جهڙيءَ ريت سيپٽمبر ۾ سڄ لهڻ پڄاڻان جلد ئي اونداھ ڇائنجي ويندي آهي. هُو ڪمان جي گَٺل ڪاٺ جي برعڪس آهلجي پيو ۽ هُو اتي اهڙيءَ ريت هر ممڪن حد تائين ٽِڪيو رهيو. پهريان ستارا غائب ٿي چڪا هئا. هُن جوزا بُرج جي تابناڪ ستاري رِجُل جو نانءُ نه ٿي ڄاتو پر هُن ان کي ڏٺو ۽ ڄاتو ته جلد ئي اهي ٻاهر نڪرندا ۽ هُن سان هُن جا وِٿيرڪا ساٿي ساڻ هوندا.
    ”مڇ پڻ منهنجو ساٿي آهي،“ هن وڏي واڪي چيو. ”مون ڪڏهن به هڪڙي اهڙي مڇيءَ کي نه ڏٺو آهي نه ئي وري ان بابت ڪڏهن ڪجھ ٻڌو آهي. مان خوش آهيان ته اسان کي ستارن کي مارڻ جي ڪوشش نه ڪرڻي آهي.
    خيال ڪر جي هر ڏينهن هڪڙو ماڻهو چنڊ کي مارڻ جي ڪوشش ڪري، هُن ويچاريو. چنڊ ڊوڙيو وڃي. پر خيال ڪر جي هڪڙو ماڻهو هر روز سج کي مارڻ جي جستجو ڪري ها؟ اسان پيدائشي طور تي خوشقسمت آهيون، هُن ويچاريو.
    تهان پوءِ هن کي وڏي مڇيءَ جي کائڻ لاءِ ڪجھ نه هئڻ بابت افسوس ٿيو ۽ ان کي مارڻ وارو عزم هُن لاءِ هُن بابت ڪيل افسوس منجھ ڪڏهن به گهٽ نه ٿيو. هُو ڪيترن ماڻهن جو پيٽ ڀري سگهي ٿي، هُن سوچيو. پر ڇا اهي ان کي کائڻ جي لائق آهن؟ نه، يقيناَ نه. هن جي چال چلت جي انداز ۽ هن جي وڏي حشمت تحت ڪو به هُن کي کائڻ جي لائق نه آهي؟
    ”مان انهن شين کي نه ٿو سمجهان،“ هُن ويچاريو. پر اهو سٺو آهي ته اسان کي سج توڙي چنڊ يا ستارن کي مارڻ جي جستجو نه ڪرڻي آهي. اهو ئي گَنج آهي ته اسان سمونڊ تي گهاريون ۽ پنهنجن حقيقي ڀائرن کي ماريون.
    هاڻي، هُن ويچاريو، مون کي لازماَ سَٽ بابت سوچڻ گهرجي. ان جا ڪجھ فائدا ۽ ڪجھ نقصان آهن. ٿي سگهي مون کي ڳچ ڏور هُن لاءِ وڃائڻي پئي، جيڪڏهن هُو پنهنجي جستجو ۾ جُنبجِي وڃي ۽ ونجهن پاران پيدا ٿيل ڇڪ هيڪاندي ٿئي ۽ مڪڙي پنهنجي سموري هلڪڙائي وڃائي ڇڏي. ان جي هلڪڙائي اسان ٻنهي جي پيڙا کي وڌائي ٿي پر اها منهنجي تحفظ لاءِ آهي ڇاڪاڻ جو ان کي هڪڙي وڏي رفتار آهي جيڪا هينئر تائين ان ڪڏهن ڪتب نه آندي آهي. کڻي ڇا به ٿي گذري لازماَ مون کي ڊولفن کي صاف ڪرڻ گهرجي ته جيئن هُو (مڇ) پاڻ کي ٻلوان بڻائڻ لاءِ ڪجھ کائي سگهي ۽ اها ضايع نه ٿي وڃي.
    هاڻي مان وڌيڪ هڪڙي ڪلاڪ لاءِ آرام ڪندس ۽ محسوس ڪندس ته هُو ٺوس ۽ هڪ هنڌ تي ڄَميل آهي ان کان اڳ جو مان مڪڙيءَ جي عقبي حصي ڏانهن واپس مُڙان ۽ فيصلو ڪيان. ڪجھ ٿيڻ کان پهريان مان ڏسي سگهان ٿو ته هُو (مَڇ) ڪهڙيءَ ريت عمل ڪري رهيو آهي ۽ ته جيڪر هو ڪنهن قسم جون تبديليون ڏيکاري. ونجھَ هڪڙو سٺُو حِيلو وسيلو آهن؛ پر هاڻي سلامتي لاءِ راند رچائڻ جو وقت اچي ويو آهي. اڃا هو خاصو مڇ آهي ۽ مون ڏٺو هو ته ڪُنڍو هن جي منهن جي ڪنڊ کان اٽڪيل هو ۽ هُن پنهنجو منهن سوگهائي سان بند ڪري رکيو آهي. ڪُنڍي جو عذاب ته ڪجھ به نه آهي. بُک جو عذاب، ۽ ته هُو هڪڙي اهڙي شيءِ جي برخلاف آهي جنهن کان هُو اڻڄاڻ آهي، سڀ ڪجھ آهي. پوڙها ماڻهو، هاڻي ٿورو آرام ڪر، ۽ هن کي تيسين ڪم ڪرڻ ڏي جيسين تنهنجي ٻي فرض جو وارو وري.
    هُن لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جيترو آرام ڪيو. هاڻي چنڊ دير تائين نه اڀريو هو ۽ هُن وٽ وقت بابت اندازو لڳائڻ جو ڪو وسيلو ڪو نه هو. نه ئي وري هو حقيقت ۾ سواءِ نسبتِي آرام جي ڪو آرام ڪري رهيو هو. هُو اڃا تائين پنهنجي ڪلهن جي آر پار مڇ جي ڇڪ کي برداشت ڪري رهيو هو پر هُن پنهنجو کاٻو هٿ ڪمان جي مٿاهين ڪناري تي رکي ڇڏيو ۽ مڇيءَ جي ڇڪ کي وڌ کان وڌ پاڻ سِر مڪڙيءَ ڏانهن منتقل ڪيو.
    جيڪڏهن مان ڏور کي تيز تر ڪري سگهان ته اها ڪيتري نه عام فهم بڻجي ويندي، هن ويچاريو. پر هڪڙي ننڍڙي سَٽ سان هُو ان کي ٽوڙي سگهي ٿو. مون کي لازماَ ڏور کي پنهنجي جسم سان سهائتا فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ هر وقت ٻنهي هٿن سان ڏور ڇڏڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
    ”پر، پوڙها ماڻهو، تون هن مهل تائين سُتو نه آهين،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”اهو هڪڙو اڌ ڏينهن ۽ هڪڙي رات ۽ هاڻي هڪڙو ٻيو ڏينهن ٿي ويو آهي ۽ تون سُتو نه آهين.“ ”لازماَ توکي ڪا ترڪيب گهَڙڻ گهرجي ته جيئن جيڪڏهن هُو شانت ۽ هڪ هنڌ تي ڄميل هجي ته تون ٿورو آرام ڪري وٺ.“
    ”هاڻي منهنجو مٿو ڪافي صاف آهي، هُن سوچيو. گهڻو صاف. مان ستارن جيان صاف آهيان جيڪي منهنجا ڀائر آهن. اڃا لازماَ مون کي سُمهڻ گهرجي. اُهي سُمهندا آهن ۽ چنڊ ۽ سج پڻ سُمهندو آهي ۽ ويندي ڪجھ ڏينهنَ تي ڪڏهن ڪڏهن سَمُونڊ پڻ سُمهي پَوندو آهي جڏهن اتي ڪي لهرون نه اُٿنديون آهن ۽ جڏهن اُهو هموار ۽ سانتِيڪو / ماٺيڪو هوندو آهي.
    پر سُمهڻ کي ساري رک، هُن ويچاريو. تون پاڻ کي پاڻ اهو ڪرڻ ڏي ۽ ڏورين بابت ڪا سادي ۽ وشواس جوڳي ترڪيب بڻاءِ. هاڻي واپس وڃ ۽ ڊولفن کي صاف ڪر. جيڪڏهن تو کي لازماَ آرام ڪرڻو آهي ته هڪڙي ڇڪ طور ونجهن کي بادبان بڻائڻ انتهائي خطرناڪ آهي.
    مان ننڊ بنا به هلي سگهان ٿو، هُو پاڻ سان هم ڪلام ٿيو. پر اهو ڪافي خطرناڪ هوندو. هُن واپس مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي کان پنهنجن هٿن ۽ گوڏن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، اُها هوشياري ڪندي ته هُو مڇيءَ جي آمهون سامهون جهٽڪا نه کائي. هُو پاڻ سِر ٿي سگهي اڌيڪ ننڊ ورتل هجي، هُن سوچيو. پر مان نه ٿو چاهيان ته هُو سُمهي پئي. هُو (مڇ) لازماَ تيسين ڇِڪِيندو رهي جيسين هُو مري نه ٿو وڃي.
    هُو مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي ڏانهن مُڙيو اهڙيءَ ريت جو هُن جو کاٻو هٿ هُن جي ڪلهن جي آر پار ڏور جي ڇڪ کي جهلي بيٺو ۽ هُن پنهجي ساڄي هٿ سان پنهنجي چاقوءَ کي ڇڪي ورتو. هاڻي ستارا روشن هئا ۽ هُن صاف طور تي ڊولفن کي ڏٺو ۽ هُن پنهنجي چاقوءَ جي ڌار کي هُن جي مٿي منجھ کُپائي ڇڏيو ۽ ان کي مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي هيٺان ٻاهر ڇڪيو. هُن پنهنجو هڪڙو پير مڇيءَ مٿان ڏيئي ڇڏيو ۽ ان کي جلد ئي ان جي سوراخ ۽ ڄاڙيءَ جي نفيس سِري جي ڊگهائِي جي طرف ڪَٽيو. تهان پوءِ هُن پنهنجو چاقو هيٺ رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي ساڄي هٿ سان ان جا آنڊا گُونڊا ٻاهر ڪڍيا، ان کي رڳڙي صاف ڪندي ۽ انهن جي ڪَلين کي ڇڪي صاف ڪندي.
    هن پنهنجن هٿن ۾ گُج / اوجهر کي ڳَرو ۽ تِرڪندڙ محسوس ڪيو ۽ هُن ان کي ڪَٽي کولي ڇڏيو. اتي اندر ٻه اُڏامندڙ مڇيون پيون هيون. اهي تازيون توانيون ۽ ٺوس هيون ۽ هُن انهن کي گڏوگڏ رکي ڇڏيو ۽ هن آنڊا گُونڊا ۽ ڪَليون مڪڙيءَ جي پُٺئين پاسي مٿان ڦٽو ڪري ڇڏيون. اهو سڀ ڪجھ ٻڏي ويو ۽ ان جَل منجھ پُٺتي هڪڙو روشن سلسلو ڇڏي ڏنو. ڊولفن ٺَريل هئي ۽ هاڻي اها سِتارن جي روشني منجھ هڪڙي جَذامِي سُرمئي سُفيد رنگ ۾ بَدلجِي ويئي هئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ مڇيءَ جي مٿي تي پنهنجو کاٻو پير رکندي ان جي هڪڙي پاسي واري کل لاهي ڇڏي. تهان پوءِ هُن ان جو پاسو ورايو ۽ ان جي ٻي پاسي واري کل لاٿِي ۽ هر پاسي کي مٿي کان ويندي پڇ تائين ڪَٽيو.

    هن مڇيءَ جي مُڙده شرير کي مڪڙيءَ جي مٿان سِرڪايو ۽ اهو ڏسڻ لاءِ نهاريو جيڪر ڪٿي جَل منجھ ڪو ڪُن هجي. پر اتي فقط ان جي هلڪي لاٿ سندي چمڪ هئي. تهان پوءِ هُو مُڙيو ۽ هُن ٻن اڏامندڙن مڇين کي ٻن ڪَٽيل ٽڪڙن جي اندريان رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي چاقوءَ کي واپس مياڻ ۾ وجهندي، هُن هوريان هوريان پٺتي ڪمان تي ڪم ڪيو. هُن جي پُٺي ان جي آر پار ڏور جي وزن جي ڪري وَريل هئي ۽ هُن مڇيءَ کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کنيو.
    واپس ڪمان ۾ هُن مڇيءَ جي ٻن ٽڪڙن کي ٻاهر ڪاٺ تي رکيو ۽ انهن سان اڏامندڙ مڇي گڏ هئي. تنهن پڄاڻان هُن پنهنجي ڪلهن جي آر پار ڏور کي هڪڙي نئين هنڌ تي يڪجاءِ ڪيو ۽ ان کي مڪڙيءَ جي بالائِي حصي تي ٽِڪندي ٻيهر پنهنجي کاٻي هٿ سان جهليو. تهان پوءِ هو پاسي تي آهليو ۽ جَل منجھ اڏامندڙ مڇيءَ کي ڌوتائين، تنهن دوران هن پنهنجي هٿ جي برعڪس پاڻيءَ جي رفتار کي ڌيان ۾ آندو. مڇيءَ جي کل لاهڻ جي ڪارڻ هن جو هٿ تابنده هو ۽ هن ان جي برعڪس جَل جي وَهڪ کي ڏٺو. وَهڪرو ايترو تيز نه هو ۽ هُن پنهنجي هٿ جي پاسي کي مَڪڙيءَ جي تختي بَندِي جي برعڪس مَهٽيو، چَمڪندڙ ٽُڪڙا لُڙهڻ لڳا ۽ اهي هوريان هوريان ٻيڙيءَ جي پٺ ڏانهن وهڻ لڳا.
    ”هُو ٿڪجي رهيو آهي يا آرامِي آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”هاڻي مون کي هن ڊولفن کي کائڻ جي ڪرڻ گهرجي ۽ مون کي هڪڙو آرام ڪرڻ گهرجي.“
    ستارن هيٺ سمورو وقت ٿڌي رات دوران هن ڊولفن جي ٽڪڙن منجهان اَڌيڪ ٽڪڙو ۽ هڪڙي اڏامندڙ مڇي کاڌي، ان جا آنڊا گُونڊا نڪتل هئا ۽ ان جي مُنڍي ڪَٽيل هئي.
    ”هڪڙي رَڌَل ڊولفن کائڻ لاءِ ڪيتري نه شاندار هجي ٿي،“ هُن چيو. ”۽ هڪڙي ڪَچِي مڇي ڪيتري نه ڪمبخت هجي ٿي. مان هڪڙي مڪڙيءَ منجھ ڪڏهن به بنا لوڻ توڙي لِيمي جي نيئي نه ويندس.“
    جيڪڏهن مون کي پرُوڙ هجي ها ته مان سارو ڏينهن ڪمان جي مٿان جَل ڇَلڪِيندو رهان ها ۽ خشڪ ٿيڻ تي، اهو لوڻ بڻجي وڃي ها، هُن سوچيو. پر پوءِ مون لڳ ڀڳ سج لهڻ تائين ڊولفن کي ڪُنڍيبند نه ڪيو. اڃا اها تياري جي هڪڙي کوٽ هئي. پر مون ان کي سٺيءَ طرح سان چٻاڙيو آهي ۽ مان ڪا ڪِراهت محسوس نه ٿو ڪيان.
    اوڀر کان آڪاس تي بادل ڇانئجڻ لڳا ۽ هُن ڄاتو ته ستارا هڪٻئي پٺيان هليا ويا هئا. هاڻي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هُو ڪڪرن جي هڪڙي وڏي گهرِي واديءَ ڏانهن مُڙي رهيو هو ۽ هوا رڪجي ويئي هئي. ”اُتي ٽِن يا چئن ڏينهن لاءِ بري موسم رهندي،“ هُن چيو. ”پر اڄوڪي رات ۽ ڪالھ تائين نه. هاڻي سڙهن کي سنباهي رک ته جيئن تون ڪجھ آرام ڪري سگهين، پوڙها ماڻهو، جڏهن مڇ شانت ۽ هڪ هنڌ تي ٽِڪيل هجي.“
    هُن ڏور کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ سوگهو ڪيو ۽ تهان پوءِ هن پنهنجي ران کي پنهنجي ساڄي هٿ جي برعڪس ڇِڪيو اهڙيءَ ريت هُن پنهنجو سمورو وزن ڪمان جي ڪاٺ جي برعڪس ڪري ڇڏيو. تهان پوءِ هُن ڏور کي پنهنجي ڪلهن کان ٿورو هيٺ گذاريو ۽ ان تي پنهنجو کاٻو هٿ جڪڙي ڇڏيو.
    منهنجو ساڄو هٿ ان کي تيستائين پڪڙي رکي سگهي ٿو جيستائين اهو جڪڙيل آهي، هُن ويچاريو. جيڪڏهن اهو ننڊ دوران ڍرو ٿي ويو جيئن ئي ڏور ٻاهر نيئڻ لڳندي منهنجو ساڄو هٿ مون کي جاڳائيندو. اهو ساڄي هٿ تي ڪَٺن آهي. پر اهو سزا لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. جيڪڏهن مان ويهن منٽن يا هڪڙي اڌ ڪلاڪ جيترو آرام به ڪري وٺان ته اهو سُٺو آهي.
    هو اڳتي آهليو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سموري جسم سميت ڏور جي دٻاءُ جي برعڪس ڪندي، پنهنجو سمورو وزن پنهنجي ساڄي هٿ تي رکندي، ۽ هُو سُمهي پيو.
    هُن شينهن جا خواب نه ڏٺا پر ان جي بجاءِ هن ٻلهڻين نما سنگِ ماهِي / سوسار مڇين جي هڪڙي وسيع ميڙ جو خواب ڏٺو جيڪو لڳ ڀڳ اَٺن يا ڏهن ميلن جيتري ڦهلاءُ سان هو ۽ اها انهن جي ميلاپ جي مند هئي ۽ اهي مٿي هوا ۾ اوچا ٽپا ڏيئي رهيون هيون ۽ اهي واپس اچيو ان جَل جي ان کڏي منجھ ٿي ڪِريون جتان انهن پهريان مٿي بُل هنيو هو.
    تهان پوءِ هن خواب ڏٺو ته هُو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي بستر تي هو ۽ اتي اتر جي تيز سرد هوا گهلي رهي هئي ۽ هُو گهڻو ٺري ويو هو ۽ هن جي ساڄي ٻانهن ننڊ ۾ گهيرجي ويئي هئي ڇاڪاڻ جو هُن پنهنجي مٿي کي هڪڙي وِهاڻي بجاءِ ان تي ٽِڪائي ڇڏيو هو.
    تهان پوءِ هُن ڊگهي پِيلي ساحل جو خواب ڏسڻ شروع ڪيو ۽ هُن ڏٺو ته پهريان وارا شينهن ان جي مٿان سوير ڀَرِي اونداھ منجھ ڪَهِي آيا ۽ تهان پوءِ ٻيا شينهن آيا ۽ هُن پنهنجي کاڏيءَ کي ڪمانن جي ڪاٺ تي ٽِڪايو جتي بحري جهاز ساحل کان دور بادِ نَسِيم ۾ لنگر انداز هو ۽ هُن اهو ڏسڻ لاءِ انتظار ڪيو ته ڪٿي اڃا ڪي ٻيا شينهن اچيو وڃن ۽ هُو مسرور هو.
    چنڊ هڪڙي ڊگهي وقت تائين مٿي هو پر هُو سُتل رهيو ۽ مڇ هوريان هوريان ڇِڪيندو رهيو ۽ مڪڙي ڪڪرن جي سُرنگ ڏانهن مُڙڻ لڳي.


    6

    هُو پنهنجي ساڄي پاسي کان ايندڙ پهرين سَٽ تي جاڳي پيو جيڪا هُن جي منهن جي برعڪس آئِي ۽ ڏور هُن جي ساڄي هٿ وَچان ساڙو ڪري رهِي هئي. هُن وٽ پنهنجي کاٻي هٿ لاءِ ڪا محسوسات نه هئي پر هُن پنهنجي ساڄي هٿ سان ان کي روڪڻ جي ڪئِي ۽ ڏور ٻاهر نڪرڻ لڳي. آخرڪار هُن جي کاٻي هٿ ڏور کي ڳولهي ورتو ۽ هُو ڏور جي برعڪس پوئتي آهليو ۽ هاڻي اها هُن جي پُٺيءَ ۽ کاٻي هٿ کي ساڙڻ لڳي، ۽ هُن جو کاٻو هٿ سموري ڇڪ کي جهلي رهيو هو ۽ اهو بريءَ طرح سان ڪَپجِي رهيو هو. هُن واپس ڏور جي ويڙهن ڏانهن نهاريو ۽ اهي يڪسان طور تي خوراڪ پهچائي رهيون هيون. بلڪل تهان پوءِ مڇ ٽپو ڏنو جنهن سان سمونڊ ۾ هڪڙي وڏي ڦُوٽ پيدا ٿي ۽ تهان پوءِ ڪِرڻ جو هڪڙو ڳرو عمل واقع ٿيو. تهان پوءِ هُو (مڇ) هر هر ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ مڪڙي تيز تر هلڻ لڳي جڏهن ته ڏور تيزيءَ سان اڃا ٻاهر نڪري رهي هئي ۽ پوڙهو ماڻهو ڇڪ کي هر هر ٽٽڻ جي حد تائين اڀاري رهيو هو. هُو ڪمان تي سوگهائِي سان ڇڪجي ويو هو ۽ هُن جو منهن ڊولفن جي ڪَٽيل ٽڪڙي ۾ هو ۽ هُو چُرِي نه پئي سگهيو.
    هِي اهو ڪجھ آهي جنهن جو اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين، هُن چيو. تنهنڪري هاڻي اچ ته انهي کي وٺون. هُن کان ڏور جو حساب وٺ، هُن سوچيو. هُن کان ان جو عيوضو وٺ.
    هُو مڇيءَ جي بُلَن / ٽَپن کي ڏسي نه پئي سگهيو پر هُو فقط سمونڊ جي ٽٽڻ ۽ ان (مڇ) جي ڦهڪن ڪارڻ جَل جي ڳَرَن ڦُوهارن جو آواز ٻڌي پئي سگهيو. ڏور جي رفتار هن جي هٿن کي بريءَ طرح سان ڪَپي رهي هئي پر هن هميش ڄاتو پئي ته ائين ٿيندو ۽ هن ڪَپجڻ جي عمل کي بِي حِس حصن ڏانهن رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏور کي پنهنجي هٿ جي تَرِي توڙي آڱرين کي ڪَپجڻ نه ڏنو.
    جيڪڏهن ڇوڪرو هتي هجي ها هُو ڏور جي ويڙهن کي ڀِڄائي ها، هُن ويچاريو. ها. جي ڇوڪرو هتي هجي ها. جي ڇوڪرو هتي هجي ها.
    ڏور ٻاهر ۽ ٻاهر ۽ ٻاهر ويندي رهِي پر اها هاڻي ڍري ٿي رهي هئي ۽ هُن ان جي هر هڪ سُوت کي مڇ جي ماڻڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. هاڻي هُن ڪاٺ تان ۽ مڇيءَ جي انهي ٽڪڙي تان پنهنجو مٿو مٿي ڪيو جنهن کي هُن جي ڳَلي چِٿاڙي / چِچٽي / چِڇڙي ڇڏيو هو. تهان پوءِ هو پنهنجي گوڏن تي هو ۽ تهان پوءِ هُو هوريان هوريان پنهنجي پيرن تي مٿي اڀريو. هُو ڏور کي ڇڏي رهيو هو پر هر وقت ڪافي هوريان هوريان. هُن ان هنڌ تي ڪم ڪيو جتي هُو پنهنجي پير سان ڏور جي انهن ويڙهن کي محسوس ڪري پئي سگهيو جيڪي هُن کي نظر نه اچي رهيا هئا. اُتي اڃا تائين جهجهي ڏور موجود هئي ۽ هاڻي مڇ کي انهي سموري نئين ڏور جي گاٺ کي جَل وچان ڇِڪڻو هو.
    ها، هُن سوچيو. ۽ هاڻي هُن (مڇ) هڪڙي درجن کان وڌيڪ ڀيرا بُلَ ڏنا آهن ۽ هُن پنهنجي پُٺ وٽان ڳوٿرين کي هوا سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ هُو هيٺ گهرائي منجھ مرڻ لاءِ پيهي نه ٿو سگهي جتان کان مان هُن کي مٿي نيئي نه سگهندس. هُو جلد ئي ڦيرا ڏيڻ شروع ڪندو ۽ لازماَ تهان پوءِ مون کي هن تي ڪم ڪرڻ گهرجي. مون کي تعجب آهي ته ڇا ڪارڻ هُن ايترو جلد ئي شروعات ڪئي؟ ڇا اها بک هئي جنهن هن کي بدحال بڻائي ڇڏيو، يا هُو اونداھ ۾ ڪنهن شيءِ کان ڊڄي ويئي. ٿي سگهي ٿو هُن اچانڪ خوف محسوس ڪيو هجي. پر هُوءَ هڪڙي اهڙي شانت، ٻلوان مڇي هئي ۽ اها ڪافي بيباڪ ۽ دلير نظر اچي رهي هئي. حيرت آهي.
    ”پوڙها ماڻهو، بهتر آهي ته تون پاڻ سِر بيباڪ ۽ بهادر بڻجي وڃ،“ هُن چيو. ”تون هُن کي ٻيهر جهليو بيٺو آهين پر تون ڏور کي وٺي نه ٿو سگهين. پر سُتت ئي هُن کي ڦيرو ڏيڻو آهي.“
    پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي هاڻي پنهنجي کاٻي هٿ ۽ ڪلهن سان جهليو ۽ ڊولفن جي گوشت جي چِيڀاٽيل ٽڪڙن کي منهن تان صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ ۾ پاڻي کنيو. هُن کي خوف هو ته اهي هُن کي ڪِراهت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا ۽ هُو اُلٽي ڪرڻ لڳندو ۽ پنهنجي سگھ وڃائي ويهندو. جڏهن هُن جو منهن صاف ٿي ويو هُن پاسي کان پاڻيءَ منجھ پنهنجو ساڄو هٿ ڌوتو ۽ پوءِ ان کي لوڻياٺي جَل منجھ ڇڏي ڏنو تنهن دوران هُن سج اڀرڻ کا پهريان باک جي پهرين اُجالي ڏانهن نهاريو. هُو (مڇ / مڇي) لڳ ڀڳ اوڀر ڏانهن نيئي ويو آهي، هُن ويچاريو. ان مان مراد آهي ته هُو ٿڪل آهي ۽ لهر سان گڏ لُڙهي رهيو آهي. جلد ئي هُو ڦيرو ڏيندو. تڏهن اسان جو اصل ڪم شروع ٿيندو.
    جڏهن هُن پرکي ورتو ته هُن جو ساڄو هٿ ڪافي وقت لاءِ جل منجھ هو هُن ان کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ان ڏانهن ڏٺو.
    ”اهو خراب نه آهي،“ هُن چيو. ”۽ درد هڪڙي مرد لاءِ ڪا اهميت نه ٿو رکي.“
    هُن ڏور کي سُچِيتائِي سان اهڙيءَ ريت جهليو جو اها ڏور جي تازن وڍن منجھ پُورِي نه ٿي پيئي ۽ هُن پنهنجي وزن کي اهڙيءَ طرح سان منتقل ڪيو جو هُو پنهنجو کاٻو هٿ مڪڙيءَ جي ٻي پاسي کان سمونڊ منجھ وجهي پئي سگهيو.
    ”تون ڪِين جهڙِي ڪنهن شيءِ لاءِ اهڙو اناڙِي انداز نه اَپناءِ،“ هُن پنهنجي کاٻي هٿ کي چيو. ”پر اتي هڪڙو لمحو هو جڏهن مان توکي ڳولهي نه سگهيس.“
    مان ٻِن سُٺن هٿن سان ڇو نه پيدا ٿيس؟ هُن ويچاريو. شايد اها منهنجي ڀُل هئي جو مون اُن کي مناسب طور تي سکيا ڪو نه ڏني. پر خدا ڄاڻي ٿو ان کي سکڻ جا خاصا موقعا هئا. حالانڪ، رات ويلي هُن ايترو برو ورتاءُ ڪو نه ڪيو، ۽ هُو فقط هڪڙو ڀيرو ڳِڍڙجِي ويو هو. جيڪڏهن اهو ٻيهر ڳِڍڙجي وڃي ڏور کي ڇڏي ڏي ته اها ڀَل ان کي ڪَپي ڇڏي.
    جڏهن هُن ويچاريو ته هُو ڄاڻي ٿو ته هُو صاف مٿي سان نه هو ۽ هُن ويچاريو ته هُن کي ڪجھ وڌيڪ ڊولفن چٻاڙڻ گهرجي. پر مان، نه ٿو ڪري سگهان، هُن پاڻ کي پاڻ ٻڌايو. هلڪي مٿي سان هئڻ بهتر آهي بجاءِ ان جي جو توهان ڪِراهت جي ڪارڻ پنهنجي سگھ وڃائي ڇڏيو. ۽ مان ڄاڻان ٿو ته مان کائڻ دوران ان کي رکي نه پئي سگهيس ڇاڪاڻ جو اها منهنجي منهن سان چُهٽيل هئي. مان ان کي هڪڙي لاچارِي لاءِ رکندس جيسين اها خراب ٿي وڃي. پر هاڻي غذا وسيلي سگھ جي سعيي لاءِ ڪافي دير ٿي چڪي آهي. تون وائڙو / وِسُوڙو / احمق / اَگيانِي آهين، هُن پاڻ کي پاڻ ٻڌايو. هڪڙي ٻي اڏامندڙ مڇي کاءُ.
    اُها اُتي پيئي هئي، صاف ۽ تيار، ۽ هُن ان کي پنهنجي کاٻي هٿ سان مٿي کنيو ۽ هڏين کي سُچِيتائِي / محتاطِي سان چَٻاڙِيندي ان کي کاڌو ۽ ان کي ويندي ان جي پڇ تائين کائِي ڇڏيائين.
    ان ۾ ڪنهن به مڇيءَ کان وڌيڪ غذائيت آهي، هُن سوچيو. گهٽ ۾ گهٽ اها شڪتي جيڪا مون کي گهربل آهي. هاڻي مون اهو ڪجھ ڪيو آهي جيڪو مان ڪري سگهيس پئي، هُن ويچاريو. هُن کي ڦيرو کائڻ ڏي ۽ يُڌ ٿيڻ ڏي.
    هُن جي سمونڊ ۾ گهڙڻ پڄاڻان سج ٽيون ڀيرو اڀري رهيو هو جڏهن مڇيءَ ڦيرو ڏيڻ شروع ڪيو.
    هُو ڏور جي جهڪيل وضع جي ڪري اهو ڏسي نه سگهيو ته مڇ ڦيرو ڏيئي رهيو هو. پر اهو ان لاءِ گهڻو اوائلو آهي. هُن واجبي طور تي ڏور جي دَٻاءُ جو هڪڙو مدهم جهڪاءُ ڏٺو ۽ هُن پنهنجي ساڄي هٿ سان ان تي نرميءَ وچان ڇڪڻ شروع ڪيو. اها سِيٽجِي ويئي، هميش جيان، پر بلڪل تڏهن جڏهن هُو انهي نقطي تي پهتو جتي اها ٽٽي پئي سگهي، ڏور واپس ورڻ لڳي. هن پنهنجن ڪلهن ۽ مٿي کي ڏور جي هيٺان کِسڪايو ۽ ڏور کي هوريان هوريان ۽ نرميءَ سان ڇڪڻ شروع ڪيائين. هُن پنهنجي ٻنهي هٿن جو اڳتي پوئتي لوڏڻ واري حرڪت خاطر استعمال ڪيو ۽ هُن پنهنجي جسم ۽ ڄنگهن سان ايتري ڇڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيتري هُو ڏيئي پئي سگهيو. هُن جون پوڙهيون ڄنگهون ۽ ڪلها ڇڪ جي اڳتي پوئتي واري لوڏي سبب هڪڙي محور ۾ ڦرڻ لڳا.
    ”اهو هڪڙو وڏو ڦيرو آهي،“ هُن چيو. ”پر هُو ڦيرو ڏيئي رهيو آهي.“ پوءِ ڏور وڌيڪ لاءِ اندر نه ايندي ۽ هُو ان کي تيسين جهلي بيٺو جيسين هُن سج ۾ ان منجهان ڦُڙن کي بولاٽيون کائيندي نه ڏٺو. پوءِ هُن (مڇ) شروعات ڪئي ۽ پوڙهو ماڻهو هيٺ جهڪي ويو ۽ هُن کي اونداهي جل منجھ ڪُرڪندي واپس وڃڻ ڏنو.
    ”هُو هاڻي پنهنجي ڦيري جو آخري حصو بڻائي رهيو آهي،“ هُن چيو. لازماَ مون کي ايترو روڪڻ گهرجي جيترو مان روڪي سگهان ٿو، هُن ويچاريو. ڇڪ هُن جي ڦيري کي هر وقت ڪوتاھ ڪندي. شايد هڪڙي ڪلاڪ اندر مان ان کي ڏسندس. هاڻي مون کي هُن کي راضي ڪرڻ گهرجي ۽ تهان پوءِ مان هُن کي لازماَ ماري ڇڏيندس.
    پر مڇ هوريان هوريان گول چڪر جاري رکيا ۽ پوڙهو ماڻهو پگهر ۾ ڀِڄي ويو هو ۽ هُن ٻن ڪلاڪن بعد پنهنجي هڏين جي گهراين تائين ڪوشش ورتي. پر ڦيرا هاڻي گهڻا هلڪا هئا ۽ جنهن طرح سان ڏور جهڪيل وضع اختيار ڪري رهي هئي هو اهو چئي پئي سگهيو ته مڇ ترڻ دوران يڪسان طور تي اڀريو هو.
    هڪڙي ڪلاڪ لاءِ پوڙهو ماڻهو پنهنجي اکين آڏو ڪارا داغ ڏسندو رهيو ۽ لوڻياٺو پگهر هُن جي اکين کي ڪوري رهيو هو ۽ اهو ان جي اک ۽ پيشاني جي مٿان وڍ کي ڪوري رهيو هو. هُن کي ڪارن داغن کان ڪو ڀئو ڀولو نه هو. جڏهن هُو ڏور کي ڇڪڻ واري ڇڪتاڻ ۾ هو اهي معمولي هئا. بهرحال، هُن ٻه ڀيرا پنهنجو مٿو چڪرائيندي ۽ پاڻ تي غشو طاري ٿيندي محسوس ڪيو هو ۽ ان هُن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
    ”مان پنهنجو پاڻ کي ههڙي مڇي خاطر ناڪام ٿيڻ نه ڏيندس،“ هُن چيو. ”هاڻي جڏهن مون هُن کي پاڻ ڏانهن سُندرتا سان اچڻ ڏنو آهي، خدا مون کي سَهڻ جي سگھ عطا ڪري. مان هڪ سئو ڀيرا سلام يا مريم ۽ هڪ سئو ڀيرا پِدرِي روحن کي پُڪاريندس. پر مان هاڻي انهن کي پُڪاري نه ٿو سگهان.
    سمجھ ته مون انهن کي پُڪاري ورتو، هُن ويچاريو. مان انهن کي بعد ۾ پُڪاريندس. بلڪل تنهن ويلي هُن ڏور ۾ اوچتو ڌماڪو ۽ سَٽون محسوس ڪيون جنهن کي هُن ٻن هٿن سان جهلي رکيو هو. اها تِکِي، ٺوس، ۽ ڳَرِي محسوس ٿي رهي هئي.
    هُو تار جي وراڻ کي پنهنجي تيغ سان ڪُٽي رهِي آهي، هُن سوچيو. اهو ٿيڻو هو. هُن کي اهو ڪرڻو هو. جيتوڻيڪ اهو هُن کي بُل هڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو ۽ مان بهرحال چاهيان ٿو ته هُو گهُمرو ڏيندو رهي. هوا کائڻ لاءِ هُن لاءِ ٽَپا ڏيڻ لازم هو. پر ان کان پوءِ هر مڇ ڪُنڍي جي زخم جي سوراخ کي ويڪرو ڪري سگهي ٿو ۽ هُو ڪُنڍي کي ڦِٽو ڪري سگهي ٿو.
    ”مڇي / مڇ، ٽَپا نه ڏي،“ هُن چيو. ”ٽَپا نه ڏي.“
    مڇ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تار کي ڌَڪيو ۽ هر وقت پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ ڏور کي ٿورو ڍرو ڪيائين.
    لازماَ مون کي هُن (مڇ) جي درد / پيڙا کي ايتري جو ايترو رهڻ ڏجي، جيترو هينئر اُهو هُن کي آهي، هُن سوچيو. منهنجي پيڙا جي ڪا اهميت نه آهي. مان پنهنجي پيڙا کي قابُو ڪري سگهان ٿو. پر هُن جي پيڙا هُن کي پاڳل / ڇِتو بڻائي سگهي ٿي.
    ٿوريءَ دير بعد مڇ تار کي هڻڻ بند ڪيو ۽ ٻيهر هوريان هوريان ڦيرا ڏيڻ لڳو. هاڻي پوڙهو ماڻهو ڏور کي يڪسان طور تي جهلي رهيو هو. پر هُن ٻيهر پاڻ تي غشو طاري ٿيندي محسوس ڪيو. هُن ڪجھ سامونڊي جَل پنهنجي کاٻي هٿ سان کنيو ۽ ان کي پنهنجي منهن تي هنيو. تهان پوءِ هُن ڪجھ وڌيڪ جَل کنيو ۽ ان سان پنهنجي ڳچيءَ جي پٺيان مهٽيو.
    ”مون کي ڪا به ڳِڍڙِي ڪونهي،“ هُن چيو. ”هُو جلد ئي ٻاهر ايندو ۽ مان هُن سان پُڄِي سگهان ٿو. هُن جو بس ذڪر ئي نه ڪر.“
    هُو ڪمان جي برعڪس آهليو ۽، هڪڙي پَل لاءِ، هُن پنهنجي پُٺيءَ جي مٿان ڏور کي کِسڪايو. هاڻي مان آرام ڪندس جڏهن هُو ٻاهر چڪر هڻڻ لڳندو ۽ پوءِ مان اٿي بيهندس ۽ هُن تي ڪم ڪرڻ لڳندس جڏهن هُو ڪَهِي ايندو، هُن فيصلو ڪيو.
    اهو هڪڙي وڏي ترغيب / ريب / هرکاءُ هوندو جو مان ڪمان ۾ آرام ڪيان ۽ مڇ کي پاڻ سر هڪڙو ڦيرو کائڻ ڏيان ڪنهن به ڏور جي تَلافِي ڪرڻ بنا. پر جڏهن ڇڪ ڏيکاريو ته مڇ مڪڙيءَ ڏانهن اچڻ لاءِ مُڙيو آهي، پوڙهو ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ اهڙيءَ ريت محور بڻائڻ ۽ اُڻَڻ شروع ڪيو جو ان سان هُن وٽ مجموعي ڏور هيڪاندي ٿي ويئي.
    مان ٿڪجي پيو آهيان، ايترو جيترو شايد ئي ڪڏهن ٿڪيو هجان، هُن ويچاريو، ۽ هاڻي تجارتي هوا اُٿِي رهي آهي. پر سٺو آهي ته هُن کي اخلاص مندي سان هٿيڪو ڪجي. مان هُن کي شِدت سان طلبيان ٿو.
    ”جيئن ئي هُو ٻيو ڦيرو کائيندو مان ساھ پٽيندس،“ هُن چيو. ”مان ڪافي بهتر ڀايان ٿو. پوءِ ٽِن يا ٽِن کان وڌيڪ گُهمرن ۾ مان هُن کي ماڻي ويندس.“
    هُن جو تِيلائون ٽوپلو پوئتي هن جي مٿي جي پُٺ کان هو ۽ هُن جيئن ئي مڇ جي مُڙڻ سان ڏور جي ڇِڪ کي محسوس ڪيو هُو ڪمان منجھ ڪِرِي پيو.
    مڇ، هاڻي تون ڪم ڪر، هُن ويچاريو. مان توکي تنهنجي مُڙڻ تي وٺندس.
    سمونڊ ۾ خاصو اڀار آيو. پر اهو هڪڙي صاف موسم جي ٿڌڙِي هوا جو جهوٽو هو ۽ هُن کي اُن کي ٺِڪاڻي لڳائڻو هو.
    ”مان بلڪل ڏکڻ ۽ اولھ ڏانهن رخ ڪندس،“ هُن چيو. ”هڪڙو انسان سمونڊ ۾ ڪڏهن به گم نه ٿو ٿئي ۽ اهو هڪڙو وڏو جزيرو آهي.“
    اهو ٽيون گهمرو هو جڏهن هُن مڇ تي پهرين نظر ڌَرِي.
    پهرين نظر ۾ هُن ان کي هڪڙي اونداهي پاڇولي جيان ڏٺو جنهن مڪڙيءَ هيٺان گذرڻ ۾ ڪافي ڊگهو وقت ورتو ۽ ته هُو هُن جي ڊيگھ بابت اعتماد نه ڪري سگهيو.
    ”نه،“ ”هُو ايترو وڏو ٿي نه ٿو سگهي.“
    پر اُهو ايترو ئي وڏو هو ۽ اُنهيءَ ڦيري / چڪر / گُهمري جي پڇاڙي دوران هُو پرتي مٿاڇري تي فقط ٽِيهن گزن جيترو آيو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جَل منجھ هُن جي پڇ کي ڏٺو. اها هڪڙي ڏاٽي نما ڌار کان اوچي هئي ۽ اها گهري نيري جَل مٿي نوندر جي ٻوٽي جي گلن نما ڪافي پيلي رنگ سان هئي. هُن اُن کي پوئتي ورايو ۽ جيئن ئي مڇ مٿاڇري کان بلڪل هيٺ ترڻ لڳو پوڙهي ماڻهو ان جي اَجگَر قد ڪاٺ ۽ واڱڻائي پَٽن جي پوش کي ڏٺو. هُن جي پُٺيءَ وارو پَکڙو / کنڀڙاٽِي / ڪَلِي هيٺ هئي ۽ هُن جي ڇاتيءَ جون اجگر نَسون ويڪريون ڦهليل هيون.
    هِن چڪر دوران پوڙهو ماڻهو مڇ جي اک ۽ ٻِن خاڪِي رنگ سندءِ چُوسِيندَڙ مڇين کي ڏسي پئي سگهيو جيڪي هُن جي چوڌار ترِي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن مهل انهن پاڻ کي ان سان چُهٽي پئي رکيو. ڪنهن ڪنهن مهل اهي ان کان تيز تر هلي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن مهل اهي هُن جي پاڇولي هيٺ آسانيءَ سان ترِي رهيون هيون. انهن منجهان هر هڪ ٽي فٽ ڊگهي هئي ۽ جڏهن اهي تيز ترڻ لڳيون انهن جو سمورو جسم نانگ نما گوج مڇين جيان ڇَڙهيون هڻي رهيو هو.
    هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ کان پگهر ٽِمي رهيو هو پر اهو سج کان علاوھ ڪنهن ٻي شيءِ جي ڪارڻ هو. هر هڪ شانت ۽ ماٺِيڻو ڦيرو جيڪو مڇيءَ کاڌو پئي تنهن دوران هُو ڏور کي پاڻ ڏانهن سوري رهيو هو ۽ هُن کي يقين هو ته وڌيڪ ٻن ڦيرن اندر هُن کي ڀالي / بڻڇي / نيزي تائين پهچڻ جو هڪڙو موقعو ملي ويندو.
    پر مون کي هُن کي ويجهو ڪرڻ گهرجي، ويجهو، ويجهو، هُن ويچاريو. مون کي هُن جي مٿي کي نزديڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مون کي لازماَ هُن جو هنيانءُ کپي.
    ”پوڙها ماڻهو، شانت ۽ ٻَلوان ٿي،“ هُن چيو.
    ٻي ڦيري تي مڇ جي پُٺي ٻاهر هئي پر اهو مڪڙيءَ کان ڪِي قدر پرتي هو. ٻي ڦيري تي اهو اڃا خاصو پرتي هو پر اهو جَل کان خاصو ٻاهر هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ کي يقين هو ته ڪِي قدر وڌيڪ ڏور ڇڏڻ سان هُو ان کي ڀرسان آڻي سگهي ٿو.
    هُن پنهنجي بڻڇيءَ کي گهڻو پهريان رڳڙيو هو ۽ ان جي هلڪِي رَسِي وارو ويڙهو هڪڙي گول ٽوڪريءَ ۾ هو ۽ ان جي پڇاڙي / نوڪ کي ڪمان ۾ موجود لنگر انداز ڪرڻ وارين تختين تي تکو ڪيو ويو هو.
    مڇ هاڻي پنهنجي ڦيري سان شانت ۽ سُندر نظر اچي رهيو هو ۽ هُن جي فقط وڏي پڇ چر پر ڪري رهي هئي. پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ويجهو آڻڻ لاءِ هر ممڪن زور لڳايو. بلڪل هڪڙي لمحي لاءِ مڇ ڪِي قدر پنهنجي پاسي تي موڙو ڏنو. تهان پوءِ هُن پنهنجو پاڻ کي سِڌو ڪيو ۽ هڪڙو ٻيو چڪر ڏيڻ شروع ڪيائين.
    ”مون هُن کي ڦيرايو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مون هُن کي ڦيرايو.“
    هاڻي هُن وري پاڻ تي غشو طاري ٿيندي محسوس ڪيو پر هُن وڏي مڇ تي سمورو ايترو زور لڳايو جيترو هُو لڳائي پئي سگهيو. مون هُن کي ڦيرايو، هُن ويچاريو. ٿي سگهي هِن ڀيري مان هُن کي مٿي آڻي سگهان. ڇِڪيو، هٿَ، هُن سوچيو. مٿي جهلي رکو، ڄنگهون. مون لاءِ ٽِڪاءُ ڪر منهنجا مٿا. مون لاءِ ٽِڪاءُ ڪر. تو ڪڏهن به ساٿ نه ڇڏيو آهي. هِن ڀيري مان هُن کي مٿي ڇِڪيندس.
    پر جڏهن هُن پنهنجي سموري سگھ کي هيڪاندو ڪيو، سُٺيءَ طرح سان پهريون قدم کڻندي ان کان اڳ جو مڇ ڀرسان اچي وڃي، ۽ هُو پنهنجي سموري سگھ سان ڇڪي رهيو هو، مڇ ڪِي قدر مٿي ڇڪيو ۽ پوءِ اُن پاڻ کي ساڄي پاسي ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ اهو ترندي هليو ويو.
    ”مڇ،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”مڇ، تو کي ڪنهن نه ڪنهن ريت مرڻو آهي. ڇا تون پڻ مون کي ماري ڇڏيندين.“
    اهڙيءَ ريت ڪجھ به حاصل نه ٿو ٿئي، هُن سوچيو. هُن جو وات ايترو خشڪ ٿي ويو هو جو هُو بمشڪل ڳالهائي رهيو هو پر هاڻي هُو جَل تائين به پهچي نه پئي سگهيو. لازماَ هاڻ مون کي هُن کي هِن ڀيري ڀر سان آڻڻ گهرجي، هُن ويچاريو. مان ڪيترن ئي وڌيڪ ڦيرن لاءِ سُٺو نه آهيان. ها تون آهين، هُن پاڻ کي پاڻ ٻڌايو. تون هميش لاءِ سُٺو آهين.
    ٻي ڦيري تي، هُو لڳ ڀڳ هُن جي قريب هو. پر ٻيهر مڇ پاڻ کي ساڄي پاسي تي ڪري ڇڏيو ۽ اهو هوريان هوريان ترندي هليو ويو. تون مون کي قتل ڪري رهيو آهين، مڇ، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو. پر تو کي ان جو هڪڙو حق عطا آهي. مون ڪڏهن به تو جهڙي هڪڙي وڏي، يا وڌيڪ سُندر، يا هڪڙي شانت تر يا وڌيڪ اعليٰ شيءِ نه ڏٺي آهي، ادا. اچ مون کي مار. مون کي ڪا پرواھ نه آهي ته ڪير ڪنهن کي ماري ٿو.
    هاڻي تنهجي مٿي منجھ مُونجھ اچي رهي آهي، هُن ويچاريو. تو کي لازماَ پنهنجو مٿو صاف رکڻ گهرجي. پنهنجو مٿو صاف رک ۽ اهو ڄاڻ ته هڪڙي انسان جيان ڪيئن ڀوڳبو آهي. يا هڪڙي مڇ جيان، هُن ويچاريو.
    ”صاف ٿِي، مٿا،“ هُن هڪڙي اهڙي جهيڻي آواز ۾ چيو جنهن کي هُو بمشڪل ٻُڌي پئي سگهيو. ”صاف ٿي.“
    ٻه ڀيرا وڌيڪ چڪرن دوران اهو ساڳيو ئي رهيو.
    مان نه ٿو ڄاڻان، پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو. هر ڀيري هُو پاڻ کي بي قابُو محسوس ڪرڻ جي نقطي تي هو. مان نه ٿو ڄاڻان. پر مان ان جي هڪ دفعو وڌيڪ ڪوشش ڪندس.
    هُن ان لاءِ هڪڙو ڀيرو وڌيڪ ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن مڇ مُڙيو هُن پاڻ کي بي قابُو محسوس ڪيو. مڇ پاڻ کي ساڄي پاسي ڏانهن موڙيو ۽ اهو وڏي پڇ کي هوا ۾ لهرائيندي ٻيهر هوريان هوريان ترڻ لڳو.
    مان ان لاءِ ٻيهر ڪوشش ڪندس، پوڙهي ماڻهوءَ وچن ڪيو، جيتوڻيڪ هينئر هُن جا هٿ ڦيڦا هئا ۽ هُو فقط جِهر مِر چمڪاٽن دوران ئي ٺيڪ طرح سان ڏسي پئي سگهيو.
    هُن ان جي ٻيهر ڪوشش ڪئي ۽ اُهو ساڳي حالت ۾ هو. ته پوءِ هُن سوچيو، ۽ شروع ڪرڻ کان پهريان هُن پاڻ کي بي قابُو محسوس ڪيو؛ مان ان جي هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪندس.
    هُن پنهنجي سموري پِيڙا کي سَميٽيو ۽ هُن جي باقي سگھ ۽ گهڻو پهريان گذري ويل پنهنجي آڪَڙ / گَمنڊ / غُرُور / تَڪبر / وڏائِي / مَڳِيءَ کي مڇ جي ڀوڳنا جي برخلاف هيڪاندو ڪيو ۽ مڇ هُن جي پاسي ڀَر ٿي ويو ۽ اهو هُن جي پاسي کان نرميءَ سان ترِي رهيو هو، هُن جي چنهب لڳ ڀڳ مڪڙيءَ جي تختي کي ڇُهِي رهِي هئي ۽ ان مڪڙيءَ کان گذرڻ شروع ڪيو هُو ڊگهو، اونهو، ويڪرو، چانديءَ نما ۽ واڱڻائي ڌار سان جَل منجھ لا تَحاشا هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي ڏور کي ڦٽو ڪيو ۽ پنهنجو پير هُن تي رکيو ۽ هُن بڻڇِي / ڀالي / نيزي کي ايترو اوچو ڪيو جيترو هُن کان ٿي سگهيو ۽ ان کي پنهنجي سموري سگھ سان، (۽ هُن هاڻي بلڪل وڌيڪ قوت کي هيڪاندو ڪيو هو)، مڇ جي ڇاتِي واري وڏي کنڀڙاٽي منجھ هيٺ کُپايو جيڪا ماڻهوءَ جي ڇاتيءَ تائين اِيندڙ اوچائي سان هوا ۾ اُڀريل هئي. هُن اُن منجھ لوھ جي کُپَڻ کي محسوس ڪيو ۽ هُو ان تي آهلجي پيو ۽ ان کي اڃا وڌيڪ اندر کُپايو ۽ تهان پوءِ هُن ان جي پُٺيان پنهنجي سموري وزن سميت ڌِڪو ڏنو.
    تهان پوءِ مڇ واپس زندھ موٽ کاڌِي، پنهنجي اندر موجود اَجل سان گڏ، ۽ اُهو جَل کان ٻاهر اُڀريو پنهنجي سموري طوالت ۽ ڪشادگي ۽ پنهنجي سموري شڪتِي ۽ سُونهن ۽ سُندرتا جو نماءُ ڪندي. هُو مڪڙيءَ ۾ موجود پوڙهي ماڻهوءَ جي مٿان لَٽڪندي نظر اچي رهيو هو. تهان پوءِ هُو جَل منجھ هڪڙي گَرج / رَنڀ سان هيٺ ڪِريو جنهن سان پوڙهي ماڻهوءَ ۽ سموري مڪڙيءَ مٿان جَل جو ڦُوهارو ڦِري ويو.
    پوڙهي ماڻهوءَ پاڻ کي بيهوش ۽ بيمار محسوس ڪيو ۽ هُو سٺيءَ طرح سان ڏسي نه پئي سگهيو. پر هُن نيزي جي ڏور کي صاف ڪيو ۽ ان کي هوريان هوريان هُن جي خام هٿن وَچان وڃڻ ڏنو، جڏهن هُو ڏسڻ جي قابل ٿيو، هُن ڏٺو ته مڇ اُن جي مٿي ڪيل چانديءَ نما پيٽ سان پنهنجي پُٺ تي هو. نيزي جو سوڙهو دستانو مڇ جي ڪلهي جي هڪڙي زاويي کان ٻاهر نڪري رهيو هو ۽ هُن جي جگر مان وهندڙ سُرخ خون سان سمونڊ ڪيئي رنگ مٽائڻ لڳو. پهريان اُهو نيري جَل منجھ مڇين جي هڪڙي ميڙ جيان سياھ هو جيڪو هڪڙي ڪوھ کان وڌيڪ گهرو هو. تهان پوءِ اهو هڪڙي ڪڪر جيان ڦهليو. مڇ چانديءَ جيان سفيد هو ۽ اهو اڃا لهرن منجھ لُڙهي رهيو هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ پاڻ وٽ باقي نظر جي پَرتوي سان سُچيتائِي سان نهاريو. تهان پوءِ هُن ڪمان جي ڪاٺ جي ٽڪڙي جي چوڌار لپيٽيل نيزي جي ڏور جا ٻه ويڙها کنيا ۽ هُن پنهنجي منهن کي پنهنجن هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو.
    ”منهنجي مٿي کي صاف رک،“ هُن ڪمان جي ڪاٺ جي برعڪس چيو. ”مان هڪڙو ٿَڪل پوڙهو ماڻهو آهيان، پر مون هِن مڇ کي ماريو آهي جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي ۽ هاڻي مون کي لازماَ هُن کي باندِي بڻائڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي.“
    هُن کي لڳو لڳ ڪُٽڻ لاءِ هاڻي مون کي لازماَ ڦندا / سِرڪڻيون ۽ رسِي تيار ڪرڻ گهرجي. توڙي اسان ٻئِي ڄڻا هجون ها ۽ هُن کي مڪڙيءَ ۾ لَڏڻ لاءِ ڌِڪيون ها ۽ هُن کي ٻاهر آجو ڪيون ها، هِي مڪڙي ڪڏهن به هُن کي کڻي نه سگهي ها. مون کي لازماَ هر شيءِ تيار ڪرڻ گهرجي، تهان پوءِ هِن کي اندر آڻڻ گهرجي ۽ هُن کي سُٺيءَ طرح سان سَٽجي ۽ سِڙھ سَنوان ڪجن ۽ گهر ڏانهن سفر ڪجي.
    هُن مڇ کي اندر ڇڪڻ شروع ڪيو ته جيئن هُو اُن کي ڀر سان نيئي اچي ۽ هُو هُن جي ڪَلين ۽ هُن جي وات جي ٻاهريان هڪڙي ڏور گُذاري سگهي ۽ هُن جي مٿي کي ڪمان جي لڳو لڳ سوگهو ڪري. مان هُن کي ڏسڻ گهران ٿو، هُن ويچاريو، ۽ مان هُن کي ڇُهڻ چاهيان ٿو. هُو منهنجو نصيب آهي، هُن ويچاريو. پر اُهو ان ڪارڻ نه آهي جو مان هُن کي ڇُهڻ جي تمنا ڪيان ٿو. مان ڀايان ٿو مون هِن جي قلب کي محسوس ڪيو، هُن ويچاريو. جڏهن مون نيزي جي دَستاني کي ٻيون ڀيرو ڇڪ ڏني. هاڻي هُن کي اوري آڻ ۽ هُن کي سوگهو ڪر ۽ هُن جي پڇ جي چوڌار ڦَندو ڦيراءِ ۽ ٻيو ان جي وچ تي ته جيئن هُن کي مڪڙيءَ سان ٻڌي سگهجي.
    ”پوڙها ماڻهو ڪم ۾ جُنبِي وڃ،“ هُن چيو. هُن پاڻيءَ جو هڪڙو نهايت ئي ننڍڙو قطرو کنيو. ”باندِي بڻائڻ خاطر اُتي اڃا خاصو ڪم باقي آهي. هاڻي اها ويڙهاند پڄاڻيءَ تي پهتي.“
    هُن مٿي آڪاس ڏانهن نهاريو ۽ تهان پوءِ هُن ٻاهر پنهنجي مڇ ڏانهن نهاريو. هُن سج ڏانهن سُچِيتائِي سان نهاريو. اهو ٻپهري کان وڌيڪ جيترو وقت نه آهي، هُن ويچاريو. ۽ ڪاروباري هوا اُٿي رهي آهي. هاڻي سموري ڏور ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. جڏهن اسان گهر هونداسين مان انهن کي ويڙهي ڇڏيندس.
    ”اچ، مڇ“ هُن چيو. پر مڇ نه آيو.
    بجاءِ ان جي هُو هاڻي اُتي ٽِڪِي پيو ۽ سمونڊ ۾ ليٿڙيُون پائڻ لڳو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي مٿان کان مڪڙيءَ کي ڇڪيو.


    7

    جڏهن هُو هُن سان سَنئون هو ۽ مڇ جي مٿي کي ڪمان جي برعڪس بيهاريو هُو هُن جي قد ڪاٺ بابت يقين نه پئي ڪري سگهيو. پر هُن نيزي کي ڪاٺ جي ٽڪڙي تان ڇوڙيو، ان کي مڇ جي ڪَلين منجھ ۽ هُن جي ڄاڙين کان ٻاهر گُذاريو، هُن جي ترار جي چوڌار هڪڙو وڪڙ ڏنو تهان پوءِ رسِيءَ کي هُن جي ٻي ڪَليءَ وَچان گذاريو، هُن جي چُنهب جي چوڌار هڪڙو ٻيو وَڪڙ ڏنو ۽ ٻِٽِي رسِيءَ کي ڳنڍ ڏِني ۽ ان کي ڪمان جي ڪاٺ جي ٽڪڙي ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. تهان پوءِ هُن رسيءَ کي وڍيو ۽ پڇ کي ڦندي بَند ڪرڻ لاءِ هُو پُٺتي هليو ويو. مڇ جو واڱڻائي ۽ چانديءَ نما اصل رنگ چانديءَ جيان سفيد رنگ ۾ بدلجي ويو هو، ۽ ان جا پَٽا هُن جي پڇ جيان ساڳيءَ طرح سان بَنَفشِي پِيلا هئا. اهي هڪڙي ماڻهوءَ جي ڦهليل آڱرين جيترا ڪشادا هئا هُن جون اکيون نَلڪِيءَ نما خوردبِين جيان الڳ يا هڪڙي منظم هُجُوم ۾ هلندڙ ساڌُو / سَنت / مهاتما جيان هيون.
    ”هُن کي مارڻ جو اُهو ئي واحد رستو آهي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. هُو پاڻي پيئڻ پڄاڻان ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو هو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هُو ڪنهن ٻي رخ ڏانهن نيئي نه ويندو ۽ هُن جو مٿو صاف هو. جهڙيءَ ريت هُو نظر اچي رهيو آهي تنهن مطابق هُو پندرنهن سئو پائُونڊن کان مٿي آهي، هُن ويچاريو. ٿي سگهي خاصو وڌيڪ. جي ان کي ڪَٽي ڇِلي صاف ڪجي ته اهو ان جي ٽئين حصي جيترو بيهندو ۽ اهو ٽيھ سينٽ / ٽيھ پيسا فِي پائونڊ ڪيترو منافعو ڏيندو. (مڇ جو مجموعي وزن 1500 پائونڊن جي هڪڙي ڪُل وزن جيترو آهي. ان جو ٽيون حصو مفيد آهي جنهن کي ڪَٽي ڇِلي صاف ڪري سگهجي ٿو، يعني، انهن کي ڪارائتن ٽُڪڙن ۾ ڪٽيو ويندو، باقي بچندا هڏا، چمڙي يا اهڙيءَ ريت ٻيو ڪجھ، تنهن ڪري وڪري جوڳو مواد هزار پائونڊ بيهي ٿو. قيمت آهي فِي پائونڊ 30 سينٽ يا 30/100، يعني ڪُل 300 آمريڪي ڊالر ــ مترجم).
    ”تنهن لاءِ مون کي پينسل گهرجي،“ هُن چيو. ”منهنجو مٿو اڃا ايترو صاف نه آهي. پر مان ڀايان ٿو ته عظيم ڊِي ميگيو اڄ مون تي فخر ڪندو. مون کي هڏيءَ جي ڪا سوزش ناهي. پر هٿ ۽ پُٺي حقيقت ۾ دُکِي رهيا آهن. ”مون کي حيرت آهي ته هڏيءَ جي هڪڙي سوزش ڇا هوندي آهي، هُن ويچاريو. ٿي سگهي ٿو اهي سُڄاءُ اسان کي هوندا هجن پر اسان انهن کان اڻڄاڻ هُوندا هجون.
    هُن مڇ کي ڪمان ۽ مڪڙيءَ جي عقبي حصي ۽ مڪڙيءَ جي وچ تي لڳل تختي سان ٻَڌِي سوگهو ڪيو. هُو ايترو ته وڏو هو جو اُهو پاسي کان هڪڙي وڌيڪ وڏي مڪڙيءَ جيان نظر اچي رهيو هو. هُن ڏور جي هڪڙي ٽڪڙي کي ڪَٽيو ۽ مڇ جي هيٺين ڄاڙيءَ کي هُن جي چهنب جي برعڪس ٻَڌو ته جيئن هُن جو وات کُلِي نه سگهي ۽ اُهي هر ممڪن حد تائين صاف سفر ڪري سگهن. تهان پوءِ هُن سڙهن کي سنئون ڪيو، ۽ ان عَصا سان جيڪا هُن جي سوئي سان ساڻ هئي ۽ هُن جي بادبان جي هيٺان مَستُول جي زيرين حصي سان ملندڙ ڪاٺِي سڙھ بند هئي، چَتيون چَتيون بادبان ڇڪجِي ويو، مڪڙي هلڻ شروع ڪيو، ۽ هُو مڪڙيءَ جي عقبي حصي ۾ ڏکڻ ـ اولھ ڏانهن اُسهڻ لڳو.
    هُن کي اُهو ٻڌائڻ لاءِ ڪنهن قطب نما / پَرڪار جي ڪا ضرورت ڪو نه هئي ته ڏکڻ ـ اولھ ڪهڙي پاسي هو. هُن کي فقط ڪاروباري هوا کي محسوس ڪرڻ ۽ سڙهن کي سنئون رکڻ جي ضرورت هئي. بهتر آهي ته مون کي هڪڙي ڏور تي چمچ لڳائي، کائڻ لاءِ ڪجھ حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پوسَل / آلاڻ خاطر ڪجھ جَل پيئڻ گهرجي. پر هُو هڪڙو چمچ لَهِي نه سگهيو ۽ هُن جون سارڊين مڇيون سَڙِي ڳَرِي ويئيون هيون. اهڙيءَ ريت هُن نار جي ڪَهڄري جي هڪڙي پِيلِي ٿِڳڙِي نما چَتِيءَ کي ڪُنڍي بند ڪيو جهڙيءَ ريت اهو اتان گذري رهيو هو ۽ ان کي اهڙيءَ ريت لوڏيو جو ننڍڙا جِهينگا جيڪي ان منجھ هئا مڪڙيءَ جي تختي تي ڪِري پيا. اُتي انهن جو هڪڙي درجن کان وڌيڪ جيترو تعداد هو اُهي ٽَپا ڏيئي رهيا هئا ۽ اُهي پِسُوئن جيان ڄنگهون ورائي رهيا هئا. پوڙهي ماڻهوءَ انهن جي مٿن کي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان مَروڙيو ۽ انهن کي کائڻ لڳو هُن انهن کي انهن جي خولن ۽ پُڇڙين تائين چَٻاڙي ڇڏيو. اهي ڪافي ننڍيرڙا هئا پر هُن ڄاتو پئي ته اُهي غذائيت سان ڀرپور هئا ۽ انهن منجهان سُٺو سواد اچي رهيو هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ وٽ اڃا جَل سندا ٻه جام شِيشِيءَ منجھ پيا هئا ۽ هُن جَل جي هڪڙي جام جو اَڌ تڏهن واپرايو جڏهن هُن جِهينگا کائِي بس ڪيو. مڪڙي سٺيءَ طرح سان سفر ڪري رهي هئي. هُن رڪاوٽن کي سٺيءَ طرح سان ڌيان ۾ آندو ۽ هُو پاريئِي / بيرَم کي ٻانهن اندر ڏيئي ڪاهڻ لڳو. هُو مڇ کي ڏسي پئي سگهيو ۽ هُن کي فقط هُن جي هٿن ڏانهن نهارڻو هو ۽ پنهنجي پُٺيءَ کي مڪڙيءَ جي عقبي حصي جي برعڪس محسوس ڪرڻو هو اهو ڄاڻڻ لاءِ ته هِي حقيقت ۾ ٿي چڪو ۽ اُهو هڪڙو خواب نه هو. پوءِ جڏهن هن مڇ کي جَل کان ٻاهر ايندي ۽ آڪاس هيٺ اڳوار ڪِرڻ کان پهريان اَچل / اِسٿر بيٺل ڏٺو، هُن کي پڪ هئي ته اُتي ڪا وڏي نِرلائپ موجود هئي ۽ هُو ان تي يقين نه پئي ڪري سگهيو.
    تهان پوءِ هُو سٺيءَ طرح سان ڏسي نه پئي سگهيو، جيتوڻيڪ هينئر هُو معمول مطابق ٺيڪ ڏسي رهيو هو. هاڻي هُن ڄاڻي ورتو ته اُتي مڇ موجود هو ۽ هُن جا هٿَ ۽ پُٺي ڪو خواب نه هو. هٿ جلدي سان شفاياب ٿي رهيا آهن، هُن ويچاريو. مون انهن جو خون اگهي صاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ لوڻياٺو جَل زخم ڀري ڇڏيندو. حقيقي نار جو سياھ جَل اُتي موجود وڏي ۾ وڏو عامِل / شافِي / شفا ڏيندڙ آهي. مون کي لازماَ مٿو صاف رکڻ گهرجي. هٿن پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو ۽ اهي سٺيءَ طرح سان هلي رهيا آهن. هُن جي بند ٿيل وات ۽ ان جي سڌِي ۽ هيٺ ڪيل پُڇ سان اسان ڀائرن جيان سفر ڪري رهيا آهيون. تهان پوءِ هُن جو مٿو ٿورو ميرو ٿيڻ لڳو ۽ هُن سوچيو، هُو مون کي اندر آڻي رهيو آهي يا مان هُن کي اندر آڻي رهيو آهيان؟ جيڪڏهن مان هُن کي پٺيان کان ڇڪيان ها ته اتي ڪو سوال پيدا نه ٿئي ها. نه ئي ان جي سموري جاھ و جلال پڄاڻان، مڇ جي مڪڙي منجھ هئڻ سان ڪو سوال پيدا ٿئي ها. پر اهي لڳو لڳ (هڪٻئي) کي لتاڙي رهيا هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ويچاريو، جيڪڏهن هُن کي اُن سان فرحت ٿي ملي ته پوءِ مون کي پاڻ کي هُن ڏانهن ڇڏي ڏيڻ گهرجي. مان هُن کان فقط ڌوڪيبازي / فريب جي لحاذ کان بهتر آهيان ۽ هُو مون کي اِيذائڻ جو ڪو مقصد نه ٿو رکي.
    اهي سٺيءَ طرح سان سفر ڪري رهيا هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي مٿي کي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ لُوڻياٺي پاڻيءَ منجھ تَرَ ڪيا. اتي مٿي اوچائي تي گهاٽا بادل ڇانيل هئا ۽ انهن جي مٿان وڻ ويڙهيءَ نما پَٽا هئا اهڙيءَ ريت پوڙهو ماڻهو ڄاڻي ويو ته هِيرَ سڄي رات گهلندي رهندي. پوڙهو ماڻهو مستقل طور تي اهو ڏسڻ لاءِ مڇ ڏانهن نهاري رهيو هو ته اهو درست طور تي ڇڪجيو پئي آيو. اهو هڪڙي گهنٽي کان پهريان ٿيو جڏهن پهرين شارڪ مڇيءَ هُن کي ٿُونو هنيو.
    شارڪ مڇي جو اچڻ ڪو اتفاق نه هو. اها هيٺ اونهي جَلَ منجهان تڏهن ڪَهِي آئي هئي جهڙيءَ ريت خون سندو ڪارو ڪَڪر سمونڊ ۾ هڪڙي ميل جي اونهائي تائين ڄَمِي ۽ وِکري ويو هو. اها مٿي ايتري ته تيزي سان ۽ قَطعِي طور تي بنا ڪنهن احتياط جي آئي جو هُن نيري جَل جي مٿاڇري کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اها سج جي روشنيءَ منجھ هئي. تهان پوءِ اها واپس سمونڊ منجھ ڪِرِي پيئي ۽ تهان پوءِ اُن مڇ کي سُونگهيو ۽ ان ان رستي تي ترڻ شروع ڪيو جيڪو مڪڙيءَ ۽ مڇ اختيار ڪيو هو.
    ڪنهن ڪنهن مهل اُن سونگهڻ ڇڏي پئي ڏنو. پر هُو ان کي ٻيهر پڪڙي پئي سگهي، يا ان جو هڪڙو پيڇو ڪري پئي سگهي، ۽ اها انهي دڳ تي تيزي ۽ سختي سان تري رهي هئي. اها هڪڙي ڪافي وڏي ٻُوٿ واري شارڪ مڇي هئي جيڪا سمونڊ ۾ تيز کان تيز تر ترڻ لاءِ بڻائي ويئي هئي ۽ هُن جي هر شيءِ حَسِين هئي سواءِ هُن جي ڄاڙين جي. هُن جي پُٺ هڪڙي تَرار نما مڇيءَ جي پُٺ جيان نيري هئي ۽ هُن جو پيٽ چانديءَ جيان سفيد هو ۽ اُن جي کَلَ لَسِي ۽ خوبصورت هئي. هُوءَ هڪڙي ترار نما مڇيءَ جيان بڻائي ويئي هئي ۽ سواءِ هُن جي وڏين ڄاڙين / هَڙٻاٽين جي جيڪي هاڻي جيئن جيئن اها تيزيءَ سان تري رهي هئي سوگهائي سان بند ڪيل هيون، بلڪل مٿاڇري هيٺ اُن جي پُٺيءَ واري اوچي ڪيل پَکڙي / کنڀڙاٽِي سان بنا ڪنهن تَردد / اضطراب جي پاڻيءَ منجهان ڪَٽيندي. هُن جي ڄاڙين جي بند ڪيل ٻِٽين واڇن جي اندر هُن جي ڏندن جون سموريون اَٺ قطارون اندرئين پاسي ڏانهن لَهوار هيون. اهي اڪثر شارڪن جي عام اَهرامِي صورت نما ڏندن جيان نه هيون. اهي هڪڙي انسان جي آڱرين نما هيون جڏهن انهن ۾ هڪڙي پنجي نما گهنج پئجي ويندا آهن. اهي لڳ ڀڳ پوڙهي ماڻهوءَ جي آڱرين جيتريون ڊگهيون هيون ۽ انهن جي ٻنهي پاسن کان ڪَٽارِيءَ جيان تِک سان ڪَٽيندڙ ڪِنارا هئا. هِي مڇيون سمونڊ جي ٻين مڇين کي پنهنجو کاڄ بڻائڻ لاءِ پيدا ڪيون ويون هيون، جيڪي ايتريون ته تيز ۽ طاقتور ۽ سٺيءَ طرح سان هٿياربند هيون جو انهن جو ڪو ٻيو دشمن ڪِين هو. هاڻي جيئن ئي هُن مڇ جي تازي سُرهاڻ کي سُونگهيو ان پنهنجي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ هُن جي پُٺ وارو نيرو پَکڙو جَل کي چِيري رهيو هو.
    جڏهن پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ايندي ڏٺو هُو ڄاڻي ويو ته اها شارڪ هئي جنهن کي هر گز به ڪو خوف نه هو ۽ اها هُوبهو اهو ڪجھ ڪري پئي سگهي جيڪي ڪجھ هُن چاهيو ٿي. هُن پنهنجي بڻڇيءَ کي سَنباهيو ۽ جڏهن هُن شارڪ مڇيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو هُن رَسيءَ کي قابُو ڪيو. رسي ٿوري هئي ڇاڪاڻ جو مڇ کي سوگهو ڪرڻ لاءِ هُن ان کي ڪَٽي ڇڏيو هو.
    هاڻي پوڙهي ماڻهوءَ جو مٿو صاف ۽ سٺو هو ۽ هُو پُر عزم هو پر هُن کي ٿوري اميد هئي. اها آخر تائين جٽاءُ ڪرڻ لاءِ سُٺي آهي، هُن سوچيو. هُن وڏي مڇ ڏانهن هڪ لڱا نهاريو جڏهن هُو (شارڪ) مڇيءَ کي ويجهو ايندي ڏسي رهيو هو. اهو ٿي سگهي ٿو ته سٺيءَ طرح سان ڪو سَپنو هجي، هُن ويچاريو. مان هُن کي مون کي ٿُونا هڻڻ کان روڪي نه ٿو سگهان پر ٿي سگهي ٿو مان هُن کي ماڻي وڃان. ڏندرِي، (Dentuso ـ هَسپانوِي ڀاشا ــ ڏندرِي)، هُن سوچيو. تنهنجي ماءُ جو بَخت بُرو آهي.
    شارڪ پٺيان کان تيزيءَ سان ويجهو اچڻ لڳي ۽ جڏهن هُن پوڙهي ماڻهوءَ کي ٿُونو هنيو پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي کُليل وات ڏانهن ۽ هُن جي عجيب اکين ۽ هُن جي ڏندن جي ڪَترِيندڙ ٽَڪ ٽَڪ ڏانهن نهاريو جهڙيءَ ريت اُن پڇ جي مٿان گوشت منجھ ڪاهيو. شارڪ جو مٿو جَل کان ٻاهر هو ۽ هُن جي پُٺي ٻاهر نڪري رهي هئي ۽ پوڙهو ماڻهو کَل ۽ وڏي مڇ جي گوشت جي چِيرجڻ جو آواز ٻُڌي پئي سگهيو جڏهن هُن بڻڇيءَ کي هيٺ شارڪ جي مٿي منجھ هڪڙي اهڙي هنڌ تي کُپايو جتي هُن جي اکين جي درميان آيل ڏور اُن ڏور کي قطع ڪيو جيڪا هُن جي نڪ کان واپس سِڌِي رَوان هئي. اُتي اهڙيون ڪي ٻيون ڏورون ڪِين هيون. اُتي فقط هڪڙو ڳرو تِکو مٿو ۽ وڏيون اکيون ۽ ٽَڪ ٽَڪ جو آواز، ۽ سارو ئي سارو ڳِڙڪائي ڇڏيندڙ ڄاڙين جا زورائتا ڌِڪا هئا پر اُهو هُن جي دماغ وارو هنڌ هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ڌڪ هنيو. هُن اُن کي پنهنجي ڄَميل خون وارن هٿن سان ڌڪ هنيو هُن پنهنجي سموري سگھ سان سُٺيءَ طرح سان هڪڙي بڻڇِيءَ / ڀالي / نيزي کي هَلايو. هُن ان کي نراسائي پر پر عزم طور تي ۽ مڪمل ڪِيني / ساڙ / نفرت وچان وَهايو.
    شارڪ مٿي جهومِي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڏٺو ته هُن جي اک چست نه هئي ۽ تهان پوءِ اها پنهنجو پاڻ کي ڏور جي ٻن سِرڪڻين منجھ لَپيٽيندي، هڪ دفعو ٻيهر مٿي جهومِي. پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته اها مئل هئي پر شارڪ ان کي نه ٿي مڃيو. تهان پوءِ، پنهنجي پُٺ تي، پنهنجي پڇ سان ڇَڙهيون هڻندي ۽ پنهنجي ڄاڙين کي ڪَرٽِيندي، شارڪ جَل مٿان اهڙيءَ ريت ڪاهڻ لڳي جهڙي ريت تيز رفتار موٽر واري مڪڙي ڪاهيندي آهي. جتي هُوءَ پڇ هَڻِي رهِي هئي اُتي پاڻي اَڇو هو ۽ هُن جي جسم جا ٽي حصا جَل جي مٿان صاف هئا جڏهن ڏور ڪَسجِي ويئي اها ڪنبڻ لڳي ۽ تهان پوءِ اها جهپو هڻندي ڪَپڻ لڳي. هڪڙي ٿوري وقت لاءِ شارڪ مٿاڇري تي سانتيڪِي ٽِڪيل رهِي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان ڏانهن ڏٺو. تهان پوءِ اها ڪافي آهستگي سان هيٺ هلي ويئي.
    ”هُوءَ لڳ ڀڳ چاليهن پائونڊن جيترو کڻي ويئي،“ پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. هُوءَ منهنجي بڻڇي / ڀالو / نيزو ۽ سموري ڏور پڻ کڻي ويئي، هُن سوچيو. ۽ هاڻ منهنجو مڇ ٻيهر رت ڳاڙي رهيو آهي ۽ اتي ٻيا مڇ پڻ مِڙندا.
    هُن وڌيڪ لاءِ مڇ ڏانهن نهارڻ کي نا پسند ٿي ڪيو ڇاڪاڻ جو اُهو بريءَ طرح سان مَسخ ٿي ويو هو. جڏهن مڇ کي ڌڪ هنيو ويو هو اُهو ڌڪ ڄڻ هِن کي لڳو هو.
    پر جنهن شارڪ منهنجي مڇ کي ڌڪ هنيو مون ان کي ماري ڇڏيو، هُن سوچيو. ۽ هُوءَ وڏي ۾ وڏي ڏندرِي شارڪ هئي جيڪا مون شايد ڪڏهن ڏٺي هُجي.
    اها هڪ هنڌ تي ڄمي رهڻ جي لحاذ کان ڪافي سُٺي هئي، هُن سوچيو. مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش هاڻي مان خواب منجھ هجان ها ۽ ته مون ڪڏهن مڇ کي ڪُنڍيبند نه ڪيو هجي ها ۽ مان بستر تي اخبارن جي مٿان اڪيلو هجان ها.
    ”پر انسان هار / شڪست لاءِ پيدا نه ٿيو آهي،“ هُن چيو. ”هڪڙي انسان کي برباد ته ڪري سگهجي ٿو ته پر ان کي شڪست نه ٿي ڏيئي سگهجي.“ البت مون کي افسوس آهي جو مون مڇ کي ماري ڇڏيو، هُن سوچيو. هاڻي برو وقت اچي رهيو آهي ۽ مون وٽ ويندي نيزو به نه آهي. ڏندرِي بي رحم / ڪَٺور آهي ۽ اها قابل ۽ سگهاري ۽ هوشيار آهي. پر جيتري هوءَ ذهين هئي مان ان کان وڌيڪ هوشيار هوس. شايد نه، هُن سوچيو. شايد مان فقط سٺيءَ ريت هٿياربند هوس.
    ”نه سوچ، پوڙها ماڻهو،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”هِن پِڙ تي سفر جاري رک ۽ جڏهن اها اچي ان کي وٺ.“
    پر مون کي لازماَ سوچڻ گهرجي، هُن سوچيو. ڇاڪاڻ جو مون وٽ سڀ ڪجھ اهو ئي بچيو آهي. ها اهو (سوچڻ) ۽ بيس بال. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته عظيم ڊِي ميگيو کي جيڪڏهن مان ميڄالي ۾ ڌڪ هڻان ها هُو ڪهڙيءَ ريت ان کي پسند ڪري ها؟ اها ڪا وڏي ڳالھ نه آهي، هُن سوچيو. ڪو به ماڻهو اَئين ڪري سگهي ٿو. پر ڇا تون سمجهين ٿو ته منهنجا هٿ هڪڙي اهڙي رڪاوٽ هئا جيڪا جهڙيءَ ريت هڏيءَ جي سوزش سبب پيدا ٿيندي آهي؟ مان نه ٿو ڄاڻي سگهان. ڪڏهن به مونکي کُڙيءَ منجھ مسئلو پيش ڪِين آيو سواءِ ان وقت جي جڏهن ڪَنڊيدار پڇ واري مڇيءَ جي مٿان منهنجو پير ترڻ دوران لڳو هو ۽ ان هيٺين ڄنگھ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو هو ۽ ان سان ناقابل برداشت درد پيدا ٿيو هو.
    ”پوڙها ماڻهو ڪنهن سَرهِي شيءِ بابت سوچ،“ هُن چيو. ”هاڻي هر ايندڙ منٽ ۾ تون پنهنجي گهر جي ويجهو ٿي رهيو آهين. توکي چاليهن پائونڊن جي نقصان کان بچڻ لاءِ هوريان هوريان سفر ڪرڻ گهرجي.“
    هن بلڪل چڱيءَ طرح ان ڍنگ کي ڄاتو پئي ته جڏهن هو لهر جي اندرئين حصي منجھ پهچندو ته ڇا ٿيندو. پر هاڻي اهڙو ڪجھ نه ڪرڻو هو.
    ”ها اتي آهي،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان پنهنجي چاقوءَ کي پنهنجي ونجهن منجهان هڪڙي ونجھ جي سِري سان پاڻ ڏانهن سوري سگهان ٿو.“
    اهو هُن پنهنجي ٻانهن جي هيٺان مُٺيو ڏيندي ۽ بادبان جي ڪپڙي کي پنهنجي پيرن هيٺ ڏيندي ڪيو.
    ”هاڻي،“ هُن چيو، ”مان اڃا تائين هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهيان. پر مان بي هٿيار نه آهيان.“
    هاڻي هِير تازي هئي ۽ هُو سٺيءَ طرح سان ڪاهي رهيو هو. هُن مڇيءَ جي فقط اڳتي واري حصي کي پئي تڪيو ۽ هُن جي ڪجھ اميد واپس وري آئي.
    اميد ڪرڻ چريائپ نه آهي، هُن سوچيو. ان کان علاوھ منهنجو ايمان آهي ته نا اميد ٿيڻ هڪڙو ڏوھ آهي. گناھ بابت نه سوچ، هُن سوچيو. اُتي هاڻي گناھ کان آجا ڪافي مامرا آهن. پڻ مون کي ان جي باري ۾ ڪو فهم ڪونهي.
    مون کي ان جي باري ۾ ڪا سمجھ ڪينهي ۽ مون کي اهيا پڪ ناهي ته ڪٿي مان ان تي ايمان رکان ٿو يا نه. شايد هڪڙي مڇيءَ کي مارڻ ڏوھ آهي. مان سمجهان ٿو ها ڀلي مون ان کي کڻي پنهنجي بقا توڙي ٻين ماڻهن جي خوراڪ خاطر ماريو هجي. پر ته پوءِ هر شيءِ هڪڙو ڏوھ آهي. ڏوھ بابت نه سوچ. انهيءَ بابت ويچارڻ لاءِ گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ اتي انسان آهن جن کي ايئين ڪرڻ لاءِ معاوضو ڏنو ويندو آهي. ڇڏ ته اهي ان بابت سوچين. تون پيدائشي طور تي اهڙي ريت هڪڙو مهاڻو آهين جيئن مڇي پيدائشي طور تي مڇي هجي ٿي. سين پيڊرو هڪڙو مهاڻو هو جهڙيءَ ريت مهان ڊِي ميگيو جو ابو هڪڙو مهاڻو هو.
    پر هُن انهن مِڙني شين بابت ويچارڻ کي پسند پئي ڪيو جن ۾ هُو ملوث رهيو هو ۽ ڇاڪاڻ جو اتي پڙهڻ لاءِ هُن وٽ ڪو مواد توڙي ريڊيو ڪين هو هُن گهڻو ويچاريو ۽ هُن ڏوھ بابت سوچڻ جاري رکيو. تو مڇيءَ کي فقط پنهنجي بقا لاءِ توڙي خوراڪ طور وڪري لاءِ نه ماريو آهي، هُن سوچيو. تو هُن کي پنهنجي عظمت لاءِ ماريو آهي ڇاڪاڻ جو تون هڪڙو مهاڻو آهين. جڏهن هوءَ جيئري هئي تڏهن تو هُن سان پريم پئي ڪيو ۽ تو هن سان هُن جي موت پڄاڻان محبت ڪئي. جي تون هُن سان پيار ڪرين ٿو ته پوءِ هُن کي مارڻ هڪڙو گناھ نه آهي. يا ڪٿي اهو ان کان به وڌيڪ ڪو پاپ آهي؟
    ”پوڙها ماڻهو تون گهڻو سوچي رهيو آهين،“ هُن وڏي واڪي چيو.
    پر تو ڏندري مڇيءَ کي مارڻ مان وڏو مزو ماڻيو، هُن سوچيو. هوءَ پڻ تو جيان زندھ مڇيءَ کي ماري جيئندي آهي. هوءَ ڪا مُردار خور مڇي نه آهي نه ئي اها بک سان گڏ هلندي آهي جهڙيءَ ريت ڪي شارڪ مڇيون ڪنديون آهن. اها سندر ۽ اعليٰ آهي ۽ هُوءَ ڪنهن به شيءِ کان نه ڊڄندي آهي.
    ”مون هُن کي پنهنجي حفاظت خاطر ماري ڇڏيو، پوڙهي ماڻهوءَ وڏي واڪي چيو. ”۽ مون هُن کي ٺاهي ماريو.“
    ان کان علاوھ، هُن سوچيو، هر شيءِ ڪنهن نه ڪنهن حوالي کان هر ٻي شيءِ کي ماري ٿي. ماهيگيري مون کي ٺيڪ اهڙيءَ طرح سان ماري ٿي جهڙيءَ ريت اها مون کي جيئاري ٿي. ڇوڪرو مون کي جيئاري ٿو، هُن سوچيو. لازماَ مون کي پاڻ سان گهڻو ڌوڪو نه ڪرڻ گهرجي.
    هو پاسي تي جهڪي پيو ۽ مڇيءَ جي هڪڙي ٽڪڙي کي انهي هنڌ تان ڍرو ڪيو جتان ان کي شارڪ مڇيءَ وڍيو هو. هُن ان کي چٻاڙيو ۽ هُن ان جي سُٺي ذائقي ۽ معيار کي ڌيان ۾ آندو. اهو ٺوس ۽ رَسدار هو، گوشت جيان، پر اهو سرخ نه هو. اهو ريشيدار حالت ۾ نه هو ۽ هُن ڄاتو پئي ته اهو هُن کي اعليٰ رقم ڏيئاريندو. پر اتي انهي جي بوءِ کي جل کان پري رکڻ جو ڪو رستو ڪو نه هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ڄاتو پئي ته هڪڙو اڻانگو وقت اچڻ وارو هو.
    هِير هڪ هنڌ بيٺل هئي. اها اترـ اوڀر ڏانهن ڪي قدر واپس مڙي ويئي ۽ هُن ڄاتو پئي ته اها هُن کان پري نه ٿي ويندي. پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي اڳيان نهاريو پر هُن کي ٻيڙين جا ڪي به سڙھ توڙي ڪَڻٺا نظر نه آئيا نه ئي اتي ڪنهن به بحري جهاز سندو ڪو دونهون پئي نظر آيو. اتي فقط اڏامندڙ مڇيون هيون جيڪي هن جي ٻيڙيءَ جي اڳيان واري حصي جي چهنب مٿان ٽپا ڏيندي هڪڙي پاسي ڏانهن ۽ نار جي ڪهڄري جي سفيد چَتين منجھ پيهي پئي ويئيون. ويندي هُن کي ڪو پکي به نظر ڪو نه ٿي آيو.
    هُن ٻيڙيءَ جي عقبي حصي ۾ آرام ڪندي ٻن ڪلاڪن تائين جو سفر ڪيو، ۽ هُو ڪنهن ڪنهن مهل مارلِن مڇيءَ جي گوشت منجهان گوشت جو هڪڙو ٽڪڙو چٻاڙيندو رهيو، هُو ساهي پٽڻ ۽ ٻلوان ٿيڻ جي جستجو ڪري رهيو هو، جڏهن هُن پهريان وارين ٻن شارڪن کي ڏٺو، ”اي،“ هُن وڏي واڪي چيو. هِن لفظ جو ترجمو ڪرڻ لاءِ اتي ڪو لفظ ڪونهي ۽ شايد اهو بلڪل هڪڙي اهڙي آواز جيان هو جيئن هڪڙو مرد، ازخود تڏهن ڪڍندو آهي جهڙيءَ ريت هٿ يا ڪاٺ ۾ ڪوڪي جي گهڙي وڃڻ جهڙي محسوسات هوندي آهي.
    ”گيلانوس،“ هُن وڏي واڪي چيو. هُن پهريان واري مڇيءَ پٺيان هڪڙي ٻي مڇيءَ جي کنڀڙاٽيءَ کي ايندي ڏٺو ۽ هُن انهن کي بيلچي نما ٻُوٿ وارين شارڪن طور سڃاتو جن جون بادامي رنگ واريون ٽڪنڊيون ڪَليون هيون ۽ انهن جي پڇن جون ڪشاديون هلچلون هيون. انهن خوشبوءَ کي محسوس ڪيو هو ۽ اهي پرجوش هيون ۽ پنهنجي وڏي بک جي حماقت ۾ خوشبوءَ کي وڃائي ۽ ڳولهي رهيون هيون. پر اهي هر وقت ويجهو ٿي رهيون هيون.
    پوڙهي ماڻهوءَ سڙھ جي ڪپڙي کي تيز ڪيو ۽ پاريئِي/ بيرم کي ڀِيڙَ ڏني. تهان پوءِ هن ونجھن کي انهي چاقوءَ سان کنيو جيڪو ان ۾ چهٽيل هو. هُن ان کي ايترو هوريان کنيو جيترو هن کان پڄي سگهيو ڇاڪاڻ جو هن جا هٿ درد جي ڪري ڪم ڪرڻ کان قاصر هئا. تهان پوءِ هن انهن کي کوليو ۽ انهن کي ان تي هلڪي انداز ۾ ڍرو ڪرڻ لاءِ بند ڪيو. هن انهن کي پڪيءَ طرح سان بند ڪيو اهڙيءَ ريت اهي هاڻي هُن جي سُور کي جهلي رکندا ۽ اهي جُهڪِي نه ويندا ۽ هُن شارڪ مڇين کي ايندي ڏٺو. هاڻي هو انهن جي ويڪرن، تراکڙن نوڪن وارن مَٿن ۽ انهن جي سنواريل سفيد ويڪرين کنڀڙاٽين کي ڏسي پئي سگهيو. اهي نفرت انگيز شارڪُون هيون، جيڪي بريءَ طرح سان سُونگهي رهيون هيون انهن ۾ مُڙده خور توڙي قاتل شارڪون هيون، ۽ بک وچان اهي هڪڙي ونجھ يا ٻيڙيءَ جي پٺيان لڙڪندڙ سَعير کي چَڪَ پائي رهيون هيون. هِي اُهي شارڪُون هيون جيڪي ڪُمين جي ڄنگهن ۽ انهن جي کنڀڙاٽين کي تڏهن ڪَٽي ڇڏينديون هيون جڏهن اهي مٿاڇري تي ننڊ ورتل هونديون هيون، ۽ اهي ڪنهن به ماڻهوءَ کي بکايل هئڻ جي صورت ۾ جل منجھ ٿُونا هڻنديون هيون، پوءِ ڀلي ان ماڻهوءَ منجهان مڇيءَ يا رَت جي ڪا بوءِ ايندي هجي به يا نه پڻ ڪا مڇي هُن سان چُهٽيل هوندي هجي به يا نه.
    ”اي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”گيلانوس. اچو گيلانوس.“
    اهي آئيون. پر اهي اهڙيءَ ريت نه آيون جهڙيءَ ريت نيري شارڪ مڇي آئي هئي. هڪڙي مُڙي ويئي ۽ اها مڪڙيءَ هيٺان نظرن کان اوجهل ٿي ويئي ۽ جيئن ئي هُن مڇ کي سَٽ ڏئي ڇڪيو هُو ٻيڙيءَ جي لڏڻ کي محسوس ڪري پئي سگهيو. هڪڙي ٻي مڇي پوڙهي ماڻهوءَ ڏانهن پنهنجن پِيلن قطع ڪيل اکين سان نهاري رهي هئي ۽ پوءِ اها تيزيءَ سان پنهنجي هَڙٻاٽ جي اڌيڪي ويڪر واري دائري سان مڇ ڏانهن ان هنڌ ڏانهن آئي جتان اهو پهريان کان کاڄي ويو هو. ڏور هُن جي ناسي مٿي جي مٿان ۽ پٺ تي صاف نظر اچي رهي هئي جتي دماغ ڪرنگهي جي هڏيءَ سان ٿي مليو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ونجھ تان چاقوءَ کي ٿڏي تي پاڻ ڏانهن سوري ورتو ۽ ان کي ٻيهر شارڪ جي پِيلَن ٻليءَ جي اکين نما اکين منجھ هنيو. شارڪ مڇ کي ڇڏي ڏنو ۽ هيٺ سِرڪِي ويئي اها گوشت جي ان ٽڪڙي کي نڳلي رهي هئي جيڪو هُن اتان پَٽي ورتو هو.
    مڪڙي اڃا تائين لڏي رهي هئي انهي تباهيءَ ڪارڻ جيڪا مڇ تي شارڪ مچايو بيٺي هئي ۽ پوڙهي ماڻهوءَ سڙھ جي ڪپڙي کي ڇڏي ڏنو ته جيئن مڪڙي اهڙيءَ طرح هڪڙي پاسي ڏانهن مُڙيل هلندي رهي ان سان مڪڙي جي تري هيٺ موجود مڇي ٻاهر اچي ويندي. جڏهن هُن شارڪ کي ڏٺو هُو پاسي تي جهڪي ويو ۽ هُن ان کي ٺونشو هنيو. هن فقط گوشت کي ڌڪ هنيو ۽ ان جي کَل سخت ٿي ويئي ۽ هُو بمشڪل چاقوءَ کي هٿ ڪري پئي سگهيو. شارڪ کي ٺونشي هڻڻ ڪارڻ نه فقط هن جو هٿ سور ڪرڻ لڳو پر هُن جي ڪلهن ۾ پڻ سور ٿيڻ لڳو. پر شارڪ تيزيءَ سان مٿي آئي ۽ ان جو مٿو ٻاهر هو ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان جي هموار مٿي جي مرڪز ۾ تڏهن سَنڌائتو ڌڪ هنيو جيئن ئي ان جو دُون جل ۾ ٻاهر نڪري آيو ۽ اهو مڇ جي برعڪس هو. پوڙهي ماڻهوءَ چاقو ڪڍيو۽ ان کي بلڪل ساڳي ئي هنڌ تي وهائي ڪڍيو. اها اڃا تائين مڇ تي لٽڪيل هئي ۽ ان جي هڙٻاٽ ۾ ڪُنڍا ڦاٿل هئا ۽ پوڙهي ماڻهوءَ ان جي کاٻي اک ۾ ڌڪ هنيو. شارڪ اڃا تائين اتي لٽڪيل هئي.
    ”نه؟“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو هن ڪرنگهي ۽ دماغ جي ميلاپ واري هنڌ منجھ ڌار کي ڦيرايو. هاڻي ان کي مارڻ آسان هو ۽ هُن چُڀڻِي هڏيءَ جي سختيءَ کي محسوس ڪيو. پوڙهي ماڻهوءَ ونجھ کي اونڌو ڪيو ۽ ڪٽاري کي شارڪ جي هڙٻاٽ ۾ ان کي کولڻ لاءِ وڌو. هُن ڪٽاري کي موڙيو ۽ جيئن شارڪ ان مان ڍري ٿي کِسڪي ويئي هُن چيو، ”وڃ، گيلانو. هڪڙي ميل جيترو هيٺ کسڪِي وڃ. وڃ پنهنجي دوست کي ڏس يا ٿي سگهي اتي تنهنجي ماءُ هجي.“
    پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي چاقوءَ جي ڌار کي صاف ڪيو ۽ ونجھ کي هيٺ ڪيو. تهان پوءِ هُن ڪپڙي سڙھ کي ڀريل ڏٺو هُن مڪڙيءَ کي ان جي پِڙ تي پهچايو.
    لازماَ انهن هڪڙي چوٿائي جيترو مڇ کي کائي ڇڏيو آهي ۽ اهو بهتر کان بهتر گوشت هو،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش اهو هڪڙو خواب هجي ها ۽ ڪاش مون هُن کي ڪڏهن به ڪُنڍيبند نه ڪيو هجي ها، مڇ ان لاءِ مون کي افسوس آهي. اهو هرشيءِ کي غلط بڻائي رهيو آهي.“ هُو رڪجي ويو ۽ هُن هاڻي مڇ ڏانهن نهارڻ نه پئي چاهيو جنهن جو رت ڌوپجي ويو هو ۽ هن ان جي چانديءَ نما رنگ واري پُٺ جي هڪڙي قليل حصي کي ڏٺو ۽ اتي ان جا پٽا اڃا نظر اچي رهيا هئا.
    ”مڇ،مون کي گهڻو ڏور وڃڻ نه گهرجي ها،“ هُن چيو. نه ئي تو لاءِ نه ئي پاڻ لاءِ. مون افسوس آهي، مڇ. هاڻي، هُو پاڻ سان هم ڪلام ٿيو.چاقوءَ جي ڌار ڏانهن نهار متان اها ڪَٽجي (کندجي) ويئي هجي. تهان پوءِ پنهنجي هٿ کي ترتيبائتو ڪر اتي اڃا وڌيڪ ڪجھ ٿيڻ وارو آهي.
    ”مان خواهش ڪيان ٿو ڪاش چاقو تکو ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪو پٿر هجي ها،“ پوڙهيءَ ماڻهوءَ تڏهن چيو جڏهن هن ونجھ جي پڇاڙيءَ ۾ ڏور ڏانهن نهاريو. ”لازماَ مون کي هڪڙو پٿر آڻڻ گهرجي ها.“ توکي لازماَ ڪيتريون ئي شيون آڻڻ گهرجن ها، هُن سوچيو. هاڻي ان بابت سوچڻ جو وقت نه آهي جيڪو ڪجھ تو وٽ نه آهي. تون فقط اهو سوچ ته جيڪو ڪجھ تو وٽ موجود آهي تون ان سان ڇا ڪجھ ڪري سگهين ٿو.
    ”تو مون کي ڪافي سٺي نصيحت ڏني،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”مان هاڻي ان مان ٿڪجي پيو آهيان.“
    هُن پاريئِي کي پنهنجي ٻانهن جي هيٺان جهليو ۽ جيئن ئي ٻيڙي اڳتي سُري هُن پنهنجن ٻنهي هٿن کي جل سان سيراب ڪيو .


    8

    ”خدا ڄاڻي ٿو ته انهي آخري مڇيءَ مڇ کي ڪيترو کاڌو،“ هُن چيو.
    ”پر هاڻي مڇ ڪافي هلڪو ڀاسي ٿو.“ هُن مڇ جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيل هيٺين حصي بابت سوچڻ نه پئي چاهيو. هُن ڄاتو پئي ته شارڪ جي لوڏيندڙ ٿُونن مڇ جي ماس کي چيري ڇڏيو هو جنهن سان مڇ پٺتي پاڻيءَ جو هڪڙو اهڙو پَٽو پئي ڇڏيو جنهن شارڪ مڇين جي مِڙڻ لاءِ سمونڊ وچان هڪڙي ڪشادي شاهراھ بڻائي ڇڏي.
    هو هڪڙو اهڙو مڇ هو جيڪو هڪڙي ماڻهوءَ جي سموري سياري جي خوراڪ ٿي پئي سگهيو، هُن سوچيو. ان بابت نه سوچ. فقط آرام ڪر ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي هٿ جي حالت کي سڌار ته جيئن اهو ايندڙ ڏکيائي کي منهن ڏئي سگهي. منهنجي هٿن منجهان ايندڙ رَت جي بانس جَل ۾ ڦهليل ان سموري بوءِ جي ڪارڻ ڪجھ نه آهي. ان کان علاوھ انهن منجهان ڪو ايترو خون به نه وهي رهيو آهي. اتي ڪو وڍ ڪونهي جنهن جي ڪا چنتا ڪري سگهجي. کاٻي هٿ مان وهندڙ خون ان کي ڳِڍڙجي وڃڻ کان پري رکندو.
    هاڻي مان ڇا سوچي سگهان ٿو؟هُن چيو. ڪجھ به نه. مون کي ڪنهن به شيءِ بابت ڪجھ به نه سوچڻ گهرجي ۽ ٻين ايندڙ مڇين جو اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي. مان خواهش ڪيان ٿو ته ڪاش اهو حقيقت ۾ هڪڙو خواب هجي ها، هُن سوچيو. پر ڪير ڄاڻي ٿو؟ اها ٻاهر سٺيءَ طرح سان مُڙي وڃي ها. جيڪا ٻِين شارڪ آئي هئي اها واحد طور تي بيلچي ٻُوٿِي هئي. اها اهڙيءَ ريت آئي جيئن ڪو سوئر چُوڻي واري ڪُونڊي ڏانهن ڪاهي پوندو آهي جيڪر هڪڙي سوئر جو وات ايترو ويڪرو هجي ها جو اسان ان ۾ پنهنجي مُنڍي ٽَپائي سگهون ها. پوڙهي ماڻهوءَ ان کي مڇ سان ٽڪرائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هُن ونجھ کان چاقو گذاريندي ان جي ميڄالي ۾ هنيو. پر جيئن ئي هُن ان کي موڙيو چاقوءَ جي ڌار چِيڪاٽ ڪيو.
    پوڙهي ماڻهوءَ مڪڙيءَ کي ڪاهڻ لاءِ پاڻ کي سڌو ڪيو. هُن ويندي ان وڏي شارڪ کي به پئي ڏٺو جيڪا هوريان هوريان جل منجھ ٻُڏي رهي هئي، پهريان ان جي اصل سائيز کي ڏيکاريندي، پوءِ اڃا ننڍڙي سائيز ۽ ان کان پوءِ صفا ننڍڙي سائيز. تنهن هميش پوڙهي ماڻهوءَ کي موهيو پئي. پر هاڻي ويندي هُو ان ڏانهن نهاري به نه رهيو هو.
    ”هاڻي مون وٽ سُوئو آهي،“ هُن چيو. ”پر اهو ڪا ڪاميابي نه ڏيندو. مون وٽ ٻه ونجھ آهن. ۽ پاريئي ۽ ننڍڙي ڏنڊِي.“
    هاڻي انهن مون کي ماريو آهي، هُن سوچيو. مان شارڪن کي ڏنڊِيءَ سان ماري مڃ ڪرڻ لاءِ گهڻو پوڙهو آهيان. پر مان تيسين ڪوشش جاري رکندس جيسين مون وٽ ونجھ ۽ ننڍڙي ڏنڊِي ۽ پاريئي آهي.
    هُن پنهنجا هٿ جل منجھ ٻيهر تَر ڪيا. اتي منجهند ٿيڻ ۾ ڪافي تاخير ٿي رهي هئي ۽ هُن کي سواءِ سمونڊ ۽ آڪاس جي ٻيو ڪجھ نظر نه پئي آيو. اتي آڪاس ۾ پهريان کان سرس هوا گهلڻ لڳي ۽ هُن اميد ڪئي ته جلد ئي هُن کي ڌرتي نظر اچي ويندي.
    ”پوڙها ماڻهو، تون ٿڪجي پيو آهين،“ هُن چيو. ”تنهنجو اندر ٿڪجي پيو آهي.“
    شارڪون هن سان تيستائين ڪِين ٽڪرايون جيسين اتي سج بلڪل لهڻ وارو هو.
    پوڙهي ماڻهوءَ ناسي کنڀڙاٽين کي انهي ويڪري گِسڪي وٽان ڏٺو جيڪو لازماَ مڇ جي حرڪت جي ڪارڻ جل ۾ ٺهي پئي بيٺو. اهي ان جي بوءِ سان چُهٽي نه ٿي پيئيون. اهي سڌيون سنيون ان جي هر هڪ پاسي کان مڪڙيءَ ڏانهن وڌي رهيون هيون.
    هُن پاريئِي کي ڀِيڙ ڏني، ۽ سڙه جي ڪپڙي کي تيز ڪيو ۽ هو مڪڙيءَ جي اڳئين حصي هيٺ ڏنڊِيءَ تائين پهتو. اهو هڪڙي ٽٽل ونجھ جو حصو هو جنهن کي اڍائي فٽن جيتري طوالت ۾ ڪارائي سان ڪٽيو ويو هو. هُو ان کي فقط هڪڙي هٿ سان مهارت سان ڪتب آڻي پئي سگهيو ۽ هُن ان تي پنهنجي ساڄي هٿ سان سٺي گرفت پئي رکي، جيئن ئي هُن شارڪ کي ايندي ڏٺو، هُن پنهنجي هٿ کي ان ڏانهن موڙيو. اهي ٻئي ڊگهي چهنب واريون گيلينوس مڇيون هيون..
    مون کي پهرين مڇيءَ کي مڇ تي قابض ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ پوءِ ان کي ان جي دوناڙ وٽان مارڻ گهرجي يا سڌو سنئون ان جي مٿي جي چوٽيءَ جي آرپار، هُن سوچيو.
    ٻه شارڪون پاڻ ۾ گڏجي ويون ۽ هُن هڪڙي شارڪ جيڪا هُن جي ويجهو هئي کي پنهنجون ڄاڙيون کوليندي ڏٺو ۽ اها مڇ جي چانديءَ نما پاسي کان ٻوڙي رهي هئي، هُن ڏنڊيءَ کي اوچو ڪيو ۽ ان کي وڏي ڳرائپ سان هيٺ آڻيندي شارڪ جي ويڪري مٿي منجھ ڦهڪايو. هُن جيئن ئي ڏنڊِي هيٺ لڳي هُن نرم سختيءَ کي محسوس ڪيو. پر هُن ان جي هڏيءَ جي ٺوس هئڻ کي پڻ محسوس ڪيو ۽ هُن شارڪ کي هڪ دفعو وڌيڪ ان جي دوناڙ جي چوٽيءَ جي آر پار تنهن مهل ڌڪ هنيو جيئن اها مڇ کان هيٺ ترڪڻ لڳي.
    هڪڙي ٻي شارڪ جل ۾ اندر ۽ ٻاهر ٿي رهي هئي ۽ اها پنهنجي ويڪرين ڄاڙين کي کوليندي ٻاهر آئي. جيئن ئي هُن ان مڇيءَ کي ڌڪو ڏنو ۽ ان جي ڄاڙيءَ کي بند ڪيو تنهن ويلي هُو مڇيءَ جي ڄاڙين جي پاسي کان مڇ جي ماس جي ٽڪڙن کي نڪرندي ڏٺو. هُن ان تي اُلر ڪئي ۽ هُن فقط ان جي مٿي تي ڌڪ هنيو شارڪ هُن ڏانهن نهاريو ۽ ان پنهنجي ڄاڙين ۾ پيل گوشت کي ڍرو ڪيو. جيئن ئي اها فقط ڳري ٺوس لچڪدار حصي کي نڳلڻ لاءِ کِسڪي ويئي پوڙهي ماڻهوءَ اتي ٻيهر ڏنڊيءَ کي هيٺ جهولايو.
    ”گيلينو، اچ،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”وري اچ.“
    شارڪ فوراَ آئي ۽ جيئن ئي ان پنهنجي ڄاڙين کي بند ڪيو پوڙهي ماڻهوءَ هُن کي ڌڪ هنيو. هُن ان کي ڏنڊيءَ کي هر ممڪن حد تائين اُلاريندي وڏي زور سان ڌڪ هنيو. هن ڀيري هُن دماغ جي بنياد تائين هڏيءَ کي محسوس ۽ هُن ان کي ساڳي ئي هنڌ تي ٻيهر ڌڪ هنيو جڏهن شارڪ ڪاهليءَ وچان گوشت کي چيري ڍرو ڪيو ۽ اها مڇ تان هيٺ کسڪي ويئي.
    پوڙهي ماڻهوءَ هُن جي ٻيهر واپس اچڻ جو انتظار ڪيو پر ڪا به شارڪ نظر نه آئي. تهان پوءِ هن هڪڙي شارڪ کي دائرن ۾ ترندي ڏٺو. هُو ٻي شارڪ جي کنڀڙاٽين کي ڏسي نه پئي سگهيو.
    مان انهن کي ماري ڇڏڻ جي توقع ڪري نه ٿو سگهان، هُن سوچيو. اهو سڀ ڪجھ تڏهن ڪري پئي سگهيس جڏهن مون سان وقت گڏ هوندو. پر مون انهن ٻنهي مڇين کي بريءَ طرح سان ايذايو آهي ۽ انهن منجهان ڪا هڪڙي مڇي به ايترو سٺو محسوس نه ڪندي هوندي. جيڪڏهن مان ڪنهن سوٽي کي ٻن هٿن سان ڪتب آڻياان ها يقيناَ مان پهريان واري مڇيءَ کي ماري ڇڏيان ها. ويندي هاڻي به، هُن سوچيو.
    هُن مڇ ڏانهن نهارڻ نه پئي چاهيو. هُن ڄاتو پئي ته ان جي اڌ جيترو حصو تباھ ٿي ويو هو. جڏهن هُو شارڪ مڇين سان ويڙهاند ۾ مصروف هو تنهن ويلي سج لهي چڪو هو.
    ”اتي جلد ئي اونداھ ٿي ويندي،“ هُن چيو. ”تهان پوءِ مان لازماَ مون کي هَوانا جي چمڪ لاءِ نهارڻ گهرجي. جيڪڏهن مان اوڀر ڏانهن گهڻو ڏور آهيان ته پوءِ مان نون ساحلن جي روشنين کي ڏسندس.“
    هاڻي مان گهڻو ٻاهر نيئي نه ٿو سگهان، هُن ويچاريو. مان اميد ڪيان ٿو ته ڪو به ڳڻتي نه ڪري رهيو هوندو. يقيناَ، اتي فقط ڇوڪرو ئي آهي جيڪو ڳڻتي ڪندو هوندو. پر مون کي پڪ آهي ته هو مون تي ڀروسو ڪندو هوندو. ڪيترائي پوڙها مهاڻا ڳڻتي ڳارو ڪندا هوندا. ڪيترائي ٻيا پڻ، هُن سوچيو. مان هڪڙي سٺي بَستيءَ منجھ رهان ٿو.
    هُو وڌيڪ لاءِ مڇ سان گفتگو ڪري نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو اهو گهڻو مسمار ٿي ويو هو. تهان پوءِ ڪاشيءِ هن جي دماغ ۾ سُجهي آئي.
    ”اڌيڪ مڇ،“ هُن چيو. ”ڇا ته مڇ هئين. مون کي افسوس آهي ته مان گهڻو ٻاهر نيئي ويس. مون پاڻ کي ۽ مڇ کي برباد ڪري ڇڏيو. پر اسان ڪيترين ئي شارڪن کي ماريو آهي، تو ۽ مان، ۽ اسان ٻين ڪيترين ئي مڇين کي برباد ڪيو آهي. پوڙها مڇ، تو ڪيترين مڇين کي ماريو آهي؟ تنهنجي مٿي منجھ لڳل نيزو ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.
    هُن مڇ جي باري ۾ سوچڻ کي پسند پئي ۽ ته هو آزاديءَ سان ترندڙ هڪڙي شارڪ سان ڇا ڪري پئي سگهيو جيڪڏهن اها آزادگي سان تري رهِي هجي. مون کي انهن سان وڙهڻ لاءِ لازماَ انهن جي کنڀڙاٽين کي ڪَپڻ گهرجي ها. پر اتي ڪا ننڍڙي هٿ واري ڪهاڙي توڙي ڪو چاقو ڪو نه هو.
    پر جيڪڏهن اهڙو ڪجھ مون وٽ هجي ها ۽ جي مان ان کي ونجھ جي چوڪنڊي حصي ۾ ڏئي ڪري ان کي سَٽيان ها ته اهو هڪڙو ڪهڙو نه هٿيار هجي ها. تهان پوءِ اسان ٻئي گڏجي ڪري انهن سان ويڙهاند ڪيون ها. هاڻي جيڪڏهن اهي رات جي وڳڙي ۾ وري اچن ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟ تون ڇا ڪري سگهين ٿو؟ ”انهن سان وڙھ،“ هُن چيو. ”مان انهن سان تيسين وڙهندس جيسين مان مري نه ٿو وڃان.“
    پر هاڻي رات جو ۽ بنا ڪنهن چمڪ ۽ بنا ڪنهن روشنيءَ جي ۽ فقط هوا سڙھ جي هڪڙي هنڌ تي ڄميل ڇِڪ منجھ هن محسوس ڪيو ڄڻ هو ڄڻ ته هو لڳ ڀڳ مري ويو هجي. هُن پنهنجي ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ ٻيڪڙايو ۽ هُن تَرين کي محسوس ڪيو. اهي فنا نه ٿي ويئيون هيون ۽ هُو زندگيءَ جي پيڙا کي سادي طور تي انهن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ وسيلي واپس ورائي پئي سگهيو. هُن مڪڙيءَ جي پٺئين پاسي جي برعڪس آهلجي پيو ۽ هُن ڄاتو پئي ته هو مري نه ويو آهي. هُن جي ڪلهن مان هُن ايئن محسوس ڪيو. مڇ کي پڪڙڻ لاءِ مون جن دعائن تحت واعدا ڪيا هئا اهي سڀ دعائون ۽ واعدا اڃا مون کي ياد آهن پر هاڻي انهن کي دهرائڻ لاءِ مان ڪافي ٿڪل آهيان. بهتر آهي ته مان ٻاچڪو/ ٻوري کڻان ۽ ان کي پنهنجن ڪلهن سان لپيٽيان.
    هُو مڪڙيءَ جي پوئين پاسي کان ويهي رهيو ۽ هُو ان کي ڪاهڻ لڳو ۽ آڪاس ۾ ڪنهن چمڪ جي ظاهر ٿيڻ لاءِ واجهائڻ لڳو. مون وٽ اڌ جيترو مڇ باقي بچيو آهي. ٿي سگهي منهنجي قسمت وڃايل اڌ کي واپس آڻي. لازماَ مون وٽ ڪي قدر ڀاڳ هئڻ گهرجي. نه، هُن چيو. تنهنجو مقدر تڏهن بگڙيو جڏهن تون گهڻو ٻاهر هليو وئين.
    ”نادان نه ٿي،“ هُن وڏي واڪي چيو. ”۽ جاڳندو ۽ ڪاهيندو رھ. ٿي سگهي ٿو ته تو وٽ ڪافي قسمت هجي.“ ”جيڪڏهن ڪٿي به اهڙو ڪو هنڌ هجي جتي تقدير وڪرو ٿيندي هجي ته هوند مان اتان ڪجھ خريد ڪرڻ کي پسند ڪيان ها،“ هُن چيو.
    ”مان ان کي ڇا جي بدلي خريد ڪريان ها؟“ هُن چيو. ”تو ان کي سمونڊ منجھ چوراسي ڏينهن تائين خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيين. انهن لڳ ڀڳ تو کي به ان جو ڪجھ حصو وڪرو ڪري ڏنو.“
    مون کي اَجايون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، هُن سوچيون. قسمت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جيڪا ڪيترائي روپ ڌاري اچي ٿي ۽ ڪير آهي جيڪو ان کي سڃاڻي سگهي؟ البت ان جو ڪو به هڪڙو روپ مان حاصل ڪرڻ چاهيندس ۽ ان جي لاءِ اهي جنهن به قيمت جي گُهر ڪندا مان اها ادا ڪندس. مان خواهش ٿو ڪيان ته ڪاش مان روشنين جي چمڪ پَسِي سگهان، هُن سوچيو. مان ڪيترين ئي شين جو خواهشمند آهيان. پر اها هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جنهن جي هينئر هتي هئڻ جي خواهش ڪيان ٿو. هن وڌيڪ آرام سان ويهڻ ۽ مڪڙيءَ کي ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي پيڙا منجهان هُن ڄاتو ته هُو زندھ هو.
    .
    هُن شهر جي روشنين جي چمڪاٽن جا عڪس ڏٺا انهن منجهان پروڙيندي اتي لڳ ڀڳ رات جا ڏھ وڄي رهيا هئا. انهن جو پهريون ادراڪ چنڊ اڀرڻ کان اول آڪاس ۾ روشنيءَ جي موجود هئڻ جيان هو. تهان پوءِ اهي (روشنيون) سمونڊ جي آرپار هموار نظر اچي رهيون هيون سمونڊ جيڪو هينئر وڌندڙ هِير ساڻ هو. هُن چمڪ ڏانهن ڪاهيو ۽ هُن سوچيو ته هاڻي، جلد ئي، لازماَ هُن کي وهڪري جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڪاهڻ گهرجي.
    ”هاڻي اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو، هُن سوچيو. غالباَ اهي مون کي ٻيهر ڌڪ هڻي سگهن ٿيون. پر هڪڙو انسان اونداهي رات ۾ بنا ڪنهن هٿيار جي انهن جو ڇا بگاڙي سگهي ٿو؟
    هينئر هُو ڪَرخت ۽ زخمي هو ۽ هُن جا سمورا زخمَ ۽ هُن جي جسم جا نِچوڙجي ويل حصا رات جي ٿڌ ۾ دُکِي رهيا هئا. مان اميد ڪيان ٿو ته مون کي ٻيهر نه وڙهڻو پوندو، هُن سوچيو. مان خاصي اميد ڪيان ٿو ته مون ٻيهر نه وڙهڻو پوندو.
    پر آڌيءَ رات جو هُو وڙهيو ۽ هِن واري هُن ڄاتو ته اها ويڙھ اجائي هئي. اهي هڪڙي ٽولي جي صورت ۾ آئيون ۽ هُو جل منجھ فقط انهن قطارن کي ڏسي پئي سگهيو جيڪي انهن جون کنڀڙاٽيون جوڙي رهيون هيون ۽ جهڙيءَ ريت انهن مڇ تي هلان پئي ڪيو تنهن سمي انهن مان چمڪ نڪري رهي هئي. هُن انهن جي مٿن تي ڏنڊي وسائِي ۽ انهن جي ڄاڙين جي ڪَرٽجڻ ۽ جهڙيءَ ريت انهن هيٺان کان مڪڙيءَ کي گهيري ورتو هُن ان جي لڏڻ جي آواز کي ٻُڌو. هُن دليري سان ڏنڊيءَ کي انهي رخ ۾ هلايو جنهن بابت هو فقط ٻُڌي ۽ محسوس ڪري رهيو هو ۽ هُن ڪنهن شيءِ کي ڏنڊيءَ کي هُن کان کَسِيندي محسوس ڪيو ۽ اها هن کان ڇڏائجي ويئي.
    هُن سعِير کي سٽ ڏيندي بيرم کان الڳ ڪيو ۽ ان سان انهن کي مارڻ ۽ ڪَپڻ لڳو، هُن ان کي ٻنهي هٿن سان جهلي رکيو ۽ اهو ان کي هيٺ جي طرف هر هر ورائي رهيو هو. پر هاڻي اهي ٻيڙيءَ جي ڪَڻٺي جي اڳيان نڪتل حصي وٽ هيون ۽ اهي هڪٻئي پٺيان ۽ هڪٻئي سان گڏجي هلان ڪري رهيون هيون، اهي مڇ جي بچيل سچيل گوشت جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري رهيون هيون جيڪي هيٺ سمونڊ منجھ چمڪندي نظر اچي رهيا هئا جهڙيءَ ريت انهن وري اچڻ لاءِ ڦيرو کاڌو.
    هڪڙي مڇي، آخرڪار، مڇ جي مٿي جي برعڪس آئي ۽ هُو ڄاڻي ويو ته هاڻي اهو ختم ٿي ويو. هن شارڪ جي مٿي جي آرپار پاريئي/بيرم کي جهولايو جتي ان جون ڄاڙيون مڇ جي مٿي جي ڳرائپ ۾ اٽڪيل هيون جيڪو هُن کان ڇِڄي نه رهيو هو. هُن بيرم کي هڪ دفعو جهولايو ۽ پوءِ وري ٻي دفعي لاءِ ۽ وري ٻيهر ٽئين دفعي لاءِ. هُن بيرم جي ٽٽڻ جي آواز کي ٻڌو ۽ هُن پاره پاره ٿيل بيرم جي پڇاڙيءَ سان شارڪ کي چوڪ ڏني. هُن ان جي اندر نيئي وڃڻ جي حرڪت کي محسوس ڪيو ۽ اهو ڄاڻي وٺندي ته بيرم جي پڇاڙي تکي هئي هُن ان سان ان مڇيءَ کي ٻيهر اندر طرف ڌڪيو. اها مڇيءَ جي ميڙ مان ڪهي آيل آخري مڇي هئي. اتي انهن جي کائڻ لاءِ ڪا شيءِ باقي نه هئي.
    .
    هاڻي پوڙهو ماڻهو وڏي مشڪل سان ساھ کڻي رهيو هو ۽ هُن پنهنجي منهن ۾ هڪڙي عجيب ذائقي کي محسوس ڪيو. اهو ٽامي جي رنگ نما ۽ مِٺو هو ۽ هُو هڪڙي گهڙيءَ لاءِ ان کان ڊڄي ويو. پر اتي اهو ايترو گهڻو ڪو نه هو.
    هُن ان کي ساگر منجھ ٿوڪاري ڇڏيو ۽ چيو، ”گيلانوس، اهو کاءُ. ۽هڪڙو خواب ڏس ته تو هڪڙي ماڻهوءَ کي ماريو آهي.“
    هُو ڄاڻي ويو ته هاڻي آخرڪار پامال ٿي چڪو هو ۽ ان جو ڪو اعلاج نه هو ۽ هُو ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي ڏانهن ويو ۽ هُن ڏٺو ته بيرم جي چهنبدار پڇاڙي سعير جي خاني ۾ ايتري حد تائين پوري پئجي سگهي ٿي جو هُو ان جي مدد سان ٻيڙيءَ کي ڪاهي سگهي. هُن خالي ٻاچڪي کي پنهنجي ڪلهن تي رکيو ۽ هُن مڪڙيءَ ان جي رستي تي روان ڪيو. هاڻي هو هوريان هوريان ڪاهڻ لڳو ۽ هُن وٽ هاڻي ڪي خيال ڪِين هئا ۽ نه ئي وري ڪنهن به قسم جون ڪي محسوساتون هيون. هاڻي هُو هر شيءِ کان ٽَپي آيو هو ۽ ته جيئن هو پنهنجي گهر جي بندرگاھ ڏانهن هوشياري سان پهچي سگهي. رات جي وڳڙي ۾ شارڪون مڇ جي ڍانچي کي اهڙيءَ ريت ڌڪ هڻڻ لڳيون ڄڻ ڪو مانيءَ جي کَنڙن کي ميز تان کڻي رهيو هجي. پوڙهي ماڻهوءَ انهن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ هُو ڪنهن به ٻي شيءِ ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏئي رهيو هو پر فقط ٻيڙيءَ کي ڪاهي رهيو هو. هُن فقط ان کي ڌيان ۾ آندو ته ٻيڙي ڪهڙيءَ ريت هلڪڙائي سان سٺيءَ طرح سان نئڙيل نموني سان هلي رهي هئي هاڻي اتي ان جي ڀرسان ڪو وڏو وزن ڪِين هو.
    هُوءَ (ٻِيڙي) ٺيڪ آهي، هُن سوچيو. اها ٺيڪ آهي ۽ ان کي ڪنهن به طرح سان ڪو نقصان نه پهتو آهي سواءِ ان جي بيرم جي. ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي شيءِ کي آسانيءَ سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو.
    هُو اهو محسوس ڪري پئي سگهي ٿو ته هاڻي هو ڇوليءَ جي اندر هو ۽ هُو ساحل جي ڀرسان آباد بيٺڪن جي روشنين کي ڏسي پئي سگهيو. هو ڄاڻي ويو ته هو هاڻي ڪٿي هو.
    هوا ڪنهن به طرح سان اسان جي دوست آهي، هُن سوچيو. تهان پوءِ انهن لفظن سان گڏو، ”ڪڏهن ڪڏهن“ جو واڌارو ڪيو. ۽ مها ساگر اسان جي سَڄڻن ۽ دشمنن سان ڀَريل آهي. ۽ بسترو، هُن سوچيو. بسترو منهنجو دوست آهي. بلڪل بسترو، هُن سوچيو. بسترو هڪڙي عظيم شيءِ هوندو. ان تي هئڻ تڏهن راحت بخشيندڙ هجي ٿو جڏهن توهان کي ماريو ويو هجي، هُن سوچيو. مون ڪڏهن به نه ڄاتو آهي ته اهو ڪيترو فرحت بخش ٿي سگهي ٿو. ۽ توکي ڪنهن ماريو، هُن سوچيو.
    ”ڪنهن به نه“، هُن وڏي واڪي چيو. ”مان گهڻو ڏور هليو ويو هوس.“
    جڏهن هو ننڍڙي بندرگاھ ڏانهن ڪاهي رهيو هو اتي چبوتري جي روشنيون نمايان هيون ۽ هو ڄاڻي ويو ته هر ڪو بستر ۾ هو. ٿڌڙي هير هوريان هوريان اٿي رهي هئي ۽ هاڻي اها تيزيءَ سان گهلي رهي هئي البت اتي بندرگاھ تي خاموشي هئي ۽ هُو مٿي پٿرن جي هيٺان ڪاٺ جي تختي جي پَٽيءَ ڏانهن ڪاهڻ لڳو. اتي هن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو ڪو نه هو تنهن ڪري هن ٻيڙيءَ کي پنهنجي وس آهر ڇڪيو. تهان پوءِ هن ٻاهر قدم رکيا ۽ هُن ان کي هڪڙي پٿر سان ٻڌي ڇڏيو.
    هُن مڪڙيءَ جي کُوهي/شِيڪلي کي کوليو ۽ سڙھ کي ويڙهي بند ڪيو. تهان پوءِ هُن کُوهي کي ڪلهي تي کنيو ۽ مٿي چڙهڻ لڳو. مٿي چڙهندي هُن پنهنجي درد جي شدت کي محسوس ڪيو. هُو کن پل لاءِ بيهي رهيو ۽ هُن ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو ۽ هُن گهٽيءَ جي روشنيءَ منجھ مڇ جي وڏي پڇ کي مڪڙيءَ جي پٺئين حصي ۾ سٺيءَ طرح سان بيٺل ڏٺو. هُن ان جي ڪرنگهي جي هڏين جي سفيد قطار ۽ ان جي مٿي جي ڪاري مايي ان جي ٻاهر نڪتل چهنب سان ۽ ان جي درميان موجود وائکائپ کي ڏٺو.
    هُن ٻيهر مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ هُو ڪجھ وقت لاءِ هن جي ڪلهن جي آرپار کنيل کُوهي ساڻ ڪِري پيو ۽ ڪجھ وقت اتي ٽِڪيل رهيو. هُن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اهو ڪافي مشڪل هو ۽ هُو پنهنجي ڪلهي تي رکيل شيڪلي سان اتي ويٺو رهيو ۽ رستي ڏانهن نهاري رهيو هو. هڪڙي ٻلي پنهنجي ڪِرت سان پري کان رستو پار ڪيو ۽ پوڙهو ماڻهو ان ڏانهن نهاريو. تهان پوءِ هُن فقط رستي ڏانهن نهاريو.
    آخرڪار، هُن کوهي کي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ هو مٿي اٿي بيٺو. هن کوهي کي مٿي کنيو ۽ هن ان کي پنهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ هو رستي ڏانهن هلڻ لڳو. پنهنجي جهوپڙيءَ تائين پهچڻ کان پهريان هُن کي پنج ڀيرا ويهڻو پيو.
    جهوپڙيءَ اندر هُن کوهي کي پنهنجي ديوار جي برعڪس رکيو. اونداهي ۾ هُن پاڻيءَ جي هڪڙي بوتل کي ڳولهي ورتو ۽ هُن ان مان هڪڙو ڍڪ ڀريو. تهان پوءِ هُو بستر تي آهلجي پيو. هُن کَٿي کي پنهنجي ڪلهن جي مٿان اوڙهيو پوءِ هُن ان کي پنهنجي پٺيءَ ۽ ڄنگهن مٿان اوڙهي ڇڏيو تهان پوءِ هُو اخبارن تي پنهنجو منهن هيٺ ڪندي سمهي پيو هن جون ٻانهون سڌيون ٻاهر هيون ۽ هن جي هٿن جون تريون مٿي هيون.
    هو ننڊ پيل هو جڏهن ڇوڪري صبح ويلي دروازي ڏانهن نهاريو. اتي ايتري تيز هوا گهلي رهي هئي جو مڇيءَ جي ٻِيڙين کي ٻاهر نيئي وڃڻ مشڪل هو ۽ ڇوڪرو رات جو دير سان سمهيو هو ۽ پوءِ هُو هر صبح جيان پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ ان جي جهوپڙيءَ ڏانهن آيو هو. ڇوڪري ڏٺو ته پوڙهو ماڻهو ساھ کڻي رهيو هو ۽ تهان پوءِ هُن پوڙهي ماڻهوءَ جي هٿن ڏانهن ڏٺو ۽ هُن دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. هو هن لاءِ ڪافي کڻي اچڻ لاءِ تڪڙو ٻاهر ويو ۽ هيٺ سموري پيچري تي هلڻ دوران دانهون ڪري رهيو هو.
    ڪيترائي مهاڻا اهو ڏسڻ لاءِ مڪڙيءَ جي چوڌار مڙي آيا ته ان جي ڀرسان ڇا ٻَڌل هو ۽ هڪڙو مهاڻو جَل منجھ هو، هن جا پاجاما مٿي وريل هئا، ۽ هو ڏور سان مڇ جي ڍانچي کي ماپي رهيو هو.
    ڇوڪرو هيٺ نه ويو. هُو پهريان کان اتان ٿي آيو هو ۽ هڪڙو مهاڻو هن جي ٻيڙي جي سنڀار لهي رهيو هو.
    ”هو ڪيئن آهي؟“ هڪڙي مهاڻي واڪو ڪيو.
    ”ستو پيو آهي.“ ڇوڪري چيو. هن کي اها پرواھ ڪو نه هئي هُنن هُن کي دانهن ڪندي ٻڌو يا نه. ”ڪو به هن جي ننڊ ۾ رخنو نه وجهي.“
    ”اهو (مڇ) ٻوٿ کان پڇ تائين ارڙنهن فٽ ڊگهو هو،“ اهو مهاڻو جيڪو مڇ کي ماپي رهيو هو ان چيو.
    ”مان مڃان ٿو“، ڇوڪري چيو. هو چبوتري ڏانهن ويو ۽ ڪافيءَ جي هڪڙي دٻي جي گُهر ڪيائين.
    ”اها گرم هجي ۽ ان ۾ جهجهي کنڊ پيل هجي.“
    ”ڪا ٻي شيءِ؟“
    ”نه بعد ۾ مان ڏسندس ته هو ڇا کائي سگهي ٿو.“
    ”اهو ڇا ته مڇ هو،“ مالڪ چيو. ”اتي ڪڏهن به اهڙو ڪو مڇ نظر نه آيو. جيڪي ڪالھ تو ٻه مڇيون ماريون هيون اهي عمديون هيون.
    ”ٻَن پوي منهجي مڇي،“ ڇوڪري چيو ۽ هو وري دانهون ڪرڻ لڳو.
    ”ڇا توکي ڪنهن به قسم جو ڪو مشروب گهرجي؟“ مالڪ پڇيو.
    ”نه،“ ڇوڪري چيو.
    ”هُنن کي چئو ته اهي سانتياگو کي پريشان نه ڪن. مان واپس موٽي ٿو اچان.
    ”هُن کي ٻڌائجانءِ ته مون کي ڪيترو نه افسوس آهي.“
    ”مهرباني،“ ڇوڪري چيو.
    ”ڇوڪري ڪوسِي ڪافيءَ جي دٻيءَ کي مٿي پوڙهي ماڻهوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن کڻي آيو ۽ هن جي ڀرسان تيستاءِ ويهي رهيو جيسين پوڙهو ماڻهو پاڻ نه جاڳيو. هڪڙي ڀيري هُن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو جاڳندو هجي. پر هو واپس گهري ننڊ ۾ وٺجي ويو ۽ ڇوڪرو پيچري جي آرپار هن لاءِ ڪجھ ڪاٺيون وٺڻ ويو ته جيئن هو ڪافيءَ کي گرم ڪري سگهي.
    پوڙهو ماڻهو نيٺ جاڳي پيو.
    ”مٿي نه اٿ“،ڇوڪري چيو. ”هي پيءُ.“ هن گلاس ۾ ڪجھ ڪافي اوتي ڇڏي. پوڙهي ماڻهوءَ ان کي ورتو ۽ ان کي پيتو. ”مينولن، انهن مون کي ماري ڇڏيو،“ هُن چيو. ”انهن واقعي مون کي ماري ڇڏيو.“
    ”هُن توکي نه ماريو. نه مڇ توکي نه ماريو.“
    ”نه. حقيقت ۾ اهو بعد ۾ ٿيو.“
    پيڊرِيڪو مڪڙي ۽ گرارڙين جي سنڀار لهي رهيو آهي. تون مڇ جي مٿي بابت ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟“
    ”پيڊريڪو کي ڇڏي ڏي ته هو ان کي ڪپي مڇيءَ جي چُوڻن طور ڪتب آڻي.“
    ”۽ نيزي کي ڇا ڪجي؟“
    ”جي اهو توکي کپي ٿو ته تون پاڻ وٽ رکي ڇڏ.“
    ”اهو مون کي کپي،“ ڇوڪري چيو. ”هاڻي اسان کي لازماَ ٻين شين بابت منصوبابنديون ڪرڻ گهرجن.“
    ”ڇا اهي مون کي ڳولهي رهيا آهن؟“
    ”يقيناَ. ساحلي محافظن ۽ جهازن ساڻ.“
    ”ساگر عميق آهي ۽ هڪڙي مڪڙي ننڍڙي ۽ ان کي ڏسڻ مشڪل هجي ٿو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    هُن اهو ڌيان ۾ آندو ته فقط پنهنجو پاڻ سان ۽ ساگر سان مخاطب ٿيڻ کان هڪڙي ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيڻ ڪيترو نه مزيدار هو.
    ”مون توکي ساريو،“ هُن چيو. ”تو ڇا پڪڙيو؟“
    ”پهرين ڏينهن تي هڪڙي مڇي ملي، ٻي ڏينهن ٻه ۽ ٽئين ڏينهن ٽي مڇيون مليون.“
    ”ڏاڍو سٺو.“
    ”هاڻي اسان وري گڏجي مڇيون مارينداسين.“
    ”نه. مان خوشقسمت نه آهيان. هاڻي مان وڌيڪ لاءِ خوشقسمت نه آهيان.“
    ”جهنم ۾ پوي خوشقسمتي،“ ڇوڪري چيو.
    ”مان خوشقسمتي کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس.“
    ”تنهنجي خاندان وارا ڇا چوندا؟“
    ”مون کي انهن جي پرواھ نه آهي. مون ڪالھ ٻه مڇيون ماريون. پر هاڻي اسان گڏجي مڇيون مارينداسين ڇاڪاڻ جو اڃا مون کي گهڻو سکڻو آهي.“
    ”اسان کي لازماَ هڪڙو قاتل ڀالو هئڻ گهرجي ۽ اسان کي هميش ان کي ٻيڙيءَ ساڻ کڻي هلڻ گهرجي. تون هڪڙي پراڻي فورڊ ٽرڪ جي لِيف اسپرنگ مان هڪڙو ڪَٽاري ٺاهي سگهين ٿو. اسان ان کي گُواناباڪوئا (Guanabacoa : اوڀرندي هَوانا ڪِيوبا جو هڪڙو ننڍڙو شهر) مان ٺَپرائي سگهون ٿا. اهو تکو هئڻ گهرجي ۽ ان کي پاڻي نه کڻايل هجي نه ته اهو ڀڄي پوندو. منهنجو چاقو انهي ڪري ڀَڄي پيو.“
    ”مان هڪڙو ٻيو چاقو وٺندس ۽ ان جي اسپرنگ کي هموار رکندس.” ”ڳري هير جي گهلڻ ۾ اڃا گهڻا ڏينهن پيا آهن؟“
    ”شايد ٽي ڏينهن. يا شايد انهن کان وڌيڪ.“
    ”مان هر شيءِ کي ترتيب ۾ رکندس،“ ڇوڪري چيو. ”پوڙها ماڻهو تون پنهنجي هٿن کي جلدي ٺيڪ ڪري وٺ.“
    ”مان ڄاڻان ٿو ته انهن جي سنڀار ڪيئن لهجي. رات جو مون ڪنهن عجيب شيءِ کي ٿوڪاريو ۽ مون پنهنجي سيني ۾ ڪنهن شيءِ کي ٽٽندي محسوس ڪيو.“
    ”ان کي به ٺيڪ ڪري وٺ،“ ڇوڪري چيو. ”پوڙها ماڻهو هيٺ ليٽي پئه، ۽ مان تو لاءِ تنهنجي صاف سٿري قميض آڻيان ٿو. ۽ ڪا شيءِ تنهجي کائڻ لاءِ پڻ.“
    ”منهنجي وڃڻ پڄاڻان واري وقت جون ڪي به اخبارون وٺي اچجانءِ،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”تون لازماَ جلديءَ چاق چڱو ڀلو ٿي وڃ اتي گهڻو ڪجھ آهي جيڪو مون کي سکڻو آهي ۽ تون مون کي هر شيءِ سيکاري سگهين ٿو
    ”تو ڪيترو ڀوڳيو؟“
    ”تمام گهڻو،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”مان کاڌو ۽ اخبارون آڻيندس،“ ڇوڪري چيو.
    ”پوڙها ماڻهو سٺو آرام ڪر. مان تنهنجي هٿن لاءِ دوائن جي دوڪان تان سامان وٺي ايندس.
    ”پيڊرِيڪو کي اهو ٻڌائڻ نه وسارجانءِ ته مڇ جو مٿو هُن لاءِ آهي.“
    ”نه. مان ان کي ياد رکندس.“
    جيئن ئي ڇوڪرو دروازي کان ٻاهر هيٺ ڳڻوٺيءَ جي ڳريل پٿرائين رستي ڏانهن نڪري ويو هو ٻيهر دانهون ڪرڻ لڳو.
    ان منجهند ڌاران اتي چبوتري وٽ سياحن جو هڪڙو ميڙاڪو هو ۽ هيٺ جَل منجه بيئر جي خالي بوتلن منجھ ۽ مئل گوشت خور پيٽُو مڇين ڏانهن نهاريندي هڪڙي عورت هڪڙو وڏو سفيد ڪرنگهو ڏٺو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي اجگر پڇ هئي جيڪا تنهن مهل مٿي کڄي ۽ لُڏي رهي هئي جڏهن ساحل جي داخلا کان ٻاهر هڪڙي ڳري ۽ شانت ساگر ۾ هوا گهلي رهي هئي.
    ”اهو ڇا آهي؟“ هُن هڪڙي بيري کان پڇيو ۽ هُن وڏي مڇ جي ڊگهي ڪرنگهي ڏانهن اشارو ڪيو جيڪو هاڻي فقط ڪِچرو بڻجي ويو هو ۽ لهر سان گڏ کڄي وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ هو. ”هڪڙي شارڪ نما مڇي ٽِبيُورون،“ بيري چيو.
    ”شارڪ.“ هن اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اتي ڇا ٿيو هو.
    ”مون نه پئي ڄاتو ته شارڪن کي اهڙي خوبصورت نموني وارا پڇَ هوندا آهن.“
    ”مون پڻ هرگز به نه پئي ڄاتو،“ هن جي مرد ساٿيءَ چيو. اڳتي رستي وٽان، پوڙهو ماڻهو وري به ستو پيو هو. هُو اڃا تائين پنهنجي منهن ڀر ستو پيو هو ۽ ڇوڪرو هن جي ڀرسان ويٺو هو ۽ هن ڏانهن نهاري رهيو هو. پوڙهو ماڻهو شينهن جا خوابَ ڏسي رهيو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258252
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386391
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ