ڪتاب جو نالو: پنهنجي ڌرتي
مصنف: عباس ڪوريجو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 929 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 355 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عباس جتي روايتي مختصر ڪهاڻي لکي آهي اتي ڪهاڻيءَ جي جديد فارميٽ تي پڻ پاڻ آزمايو آهي، جيڪا ڪهاڻيءَ جي فن ۾ نواڻ آهي. سنڌ جي تعليم جهڙي وقتائتي موضوع تي لکيل سندس ڪهاڻين جي موضوعاتي ورڇ پڻ مان لهڻي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • ارپنا
  • • سنڌ سلامت پاران
  • • اداري پاران
  • • مهاڳ
  • • پنهنجي پاران: اڌ ۾ ڇڏيل اندر ا ﺂر
  • مختصر ڪهاڻيون

  • • ڪاش! مان ڪهاڻيڪار هجان ها!
  • • جانب جي عظيم ديوار
  • • بي رنگ انڊلٺ
  • • ڳيت ڏنل سڏڪا
  • • سوائي برڪت
  • • ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!
  • • تيرهون مهينو
  • • ڪمن جون ڪاڻيون
  • • گورُ پَٽُ بلا
  • • ڪرڙي سِرَ
  • • گانڌيءَ جو پُٽُ
  • • آخري تعويذ
  • • ريگنگ ڏوهه آهي
  • • چريا منهنجا آئڊيل آهن!
  • • پنهنجي ڌرتي
  • مختصر مختصر ڪهاڻيون

  • • مان دودو آهيان
  • • آڙيڪاپ
  • • پبلڪ ٽوائليٽ
  • • موچي
  • • هن هٿ ڪپي ڇڏيا
  • • لال ڪنوار
  • • ٻيون مختصر مختصر ڪهاڻيون
  • ٻڙي اکر ڪهاڻيون

  • ٻڙي اکر ڪهاڻيون
  • تعليمي ڪهاڻيون

  • • ڳالهه منهنجي ڳوٺ جي
  • • سرڪاري اسڪول
  • • مرد پڙهيو فرد پڙهيو
  • • پنهنجو اسڪول
  • • ڏاڏي جو پلاٽُ
  • • جهرڪيءَ جي آکاڻي

  • • ارپنا

    سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي نالي.......

    ان جيءَ جي نالي،
    جنهن پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي،
    منهنجي جيءَ کي جيئندان بخشيو.


    • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ستياسي (87) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” نوجوان ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ جاکوڙيندڙ عباس ڪوريجي جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

    عباس ڪوريجو سنڌي ادب جو شاگر هجڻ ڪري سدائين سنڌي ادب لاء جاکوڙيندو رهي ٿو ۽ هي سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب چنڊ پيرن هيٺان 2005ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست عباس ڪوريجي جا جنهن نه صرف ڪتاب جي هارڊ ڪاپي تحفي طور پاڻ اچي سچل ڳوٺ ۾ ڏني پر سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • اداري پاران

    قنبر جي ويجھڙ واري زرخيز ادبي اتهاس ۾ اُڀري بيٺل ڪهاڻيڪار سٿَ ۾، عباس ڪوريجو پنهنجي جديد فني گھڙتَ ۽ موضوعن جي نڪور اپٽار سبب، ٻين ڪٿانويس دوستن کان الڳ ۽ پنهنجي جداگانه حيثيت سبب اهميت لائق ليکاري رهيو آهي.
    سندس پهريون ڪتاب “چنڊ پيرن هيٺ”(2005ع) ۾ شايع ٿيو. قنبر جي چونڊ ڪهاڻيڪارن ـــ سلسلي جي ڪتاب “کيرٿر تان اڏار” (2006ع) ۾ به سندس ڪهاڻيون شامل رهيون. “پنهنجي ڌرتي” (2014ع) جي صورت ۾، عباس ڪوريجو پنهنجيءَ ٽهيءَ جي مڙني ڪهاڻيڪارن کان مٿڀرو ٿيندي، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي آڳنڌ ۾ واڌارو قَــلَــمُ پوکي رهيو آهي، جيڪو ضرور ٽڙي، سڳنڌ بخشيندو.
    هونئن ته عباس ڪوريجي جا ذاتي ۽ سماجڪ ڪيترا ئي وڻندڙ تعارف رهيا آهن، پر هڪ ڪهاڻيڪار ساٿيءَ طور، هو مسلسل محنت ڪندڙ ۽ هر سٺي نواڻ کي دل سان قبوليندڙ، هڪ ترقي پسند، سوشل روين جو مجموعو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ به ذات پرستي کان وٺي بنياد پرستيءَ تائين، هر تنگ نظرَ جي نندا ڪيل ملندي. مثبت قدم نه کڻندڙ سست مزاجن تي طنز سان گڏ سندس ڪهاڻين ۾ نئين دؤر جا نوان پهلو، نئين رنگ ۾ نمايان نظر ايندا.
    هن طوالت رکندڙ ڪهاڻيءَ سان گڏ مختصر مختصر ڪهاڻي کي به اهميت ۽ ڌيان سان لکيو آهي. ان ڪري سندس ٻئي پاسا فني ۽ فڪري جدت رکندڙ آهن. وٽس موضوعن جي ورائٽي آهي. هن زندگيءَ جي انهن لڪيل پاسن تي جئين لکيو آهي، تيئن نه لکجڻ برابر لکيو ويو آهي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    • مهاڳ

    علم ۽ تعليم جي دنيا ۾، جتي پنهنجي زبان، ٻولي، سکيا، احساس، اطراق ۽ خود شناسي توڙي ڪائنات شناسيءَ ڏانهن متوجهه ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هاڪاري ۽ ناڪاري روين سان موافقت يا مخالفت جي آزادانا اظهار ۽ آرٽسٽڪ حيات جي بود باش سان وابستگي ٿئي ٿي، اتي ئي دل جا در ۽ روح جا روشندان کلي پون ٿا ۽ روشنيءَ جا سڀئي رنگ پسي ۽ پُرجهي، جوتي جوت سمائجي ٿي ۽ ٻيو ته اعلى علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو!
    جتي استاد، اسڪالر ۽ شاگرد مطالعي، مشاهدي، تحقيق ۽ تجسس جي مختلف مرحلن مان گذري، نه فقط پنهنجي مستند ڄاڻ ۾ اضافو ڪن ٿا پر سماج جي دانش ۾ به واڌارو آڻي پنهنجي علم پروريءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا.
    ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق جي مقبوليت جو هڪ خاص سبب اندازِ بيان يا اسلوب بيان Element Of Style ڀي آهي، تخليق ۾ حسناڪي پيدا ڪرڻ لاءِ خاص اسلوب جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي. تخليقڪار وٽ جيڪڏهن جذبات، احساسات، خيالات ۽ لغات جو ذخيرو هجي ۽ وٽس ادائگيءَ جو سليقو نه هجي ته هن جو سمورو پورهيو ئي خاڪ ٿي ويندو. خوبصورت اسلوب ۽ عبارت آرائي سان تخليق جو دوام حاصل ٿئي ٿو، سو ان کي ڪلاسيڪيت واري پد تي پهچائي ڇڏي ٿو.
    علم ادب ۾ تخليق ۽ تحقيق جا ڪيترائي اڻ مِٽُ ڪارناما اهڙا آهن، جي استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن سان گڏ اداري جو نالو به روشن ڪندا رهن ٿا. اهڙن ڪارنامن مان هن صديءَ جو تخليقي ڪارنامو “پنهنجي ڌرتي” به آهي.
    “پنهنجي ڌرتي” اسان جي ايم اي فائنل جي شاگرد عباس ڪوريجي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ٿي رهيو آهي. ان جي اشاعت تي مون کي جا دلي خوشي ٿي رهي آهي، تنهن جو اندازو ڪو شايد ڪري سگهي!
    ڇاڪاڻ ته هي اهو جذبو آهي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ڪوجهڙي ٻچڙي کي ڪنهن ٻئي پاران ڪوجهڙو ڪوٺڻ تي به ڏمرجي پوي، تيئن هي مجموعو منهنجي خوشيءَ جو ائين باعث آهي، جو ان ۾ ڪا به ڪمي پيشي الائي ڇو هڪ حقيقت پسند دل رکڻ جي باوجود به ازخود نظر انداز ٿي وڃي ٿي. باقي خوبيون ته ڳڻي ڳڻيان ڪيتريون!
    عباس جتي روايتي مختصر ڪهاڻي لکي آهي اتي ڪهاڻيءَ جي جديد فارميٽ تي پڻ پاڻ آزمايو آهي، جيڪا ڪهاڻيءَ جي فن ۾ نواڻ آهي. سنڌ جي تعليم جهڙي وقتائتي موضوع تي لکيل سندس ڪهاڻين جي موضوعاتي ورڇ پڻ مان لهڻي ٿي.
    هر هڪ تحرير ۽ تخليق ۾ ليکڪ جي شخصيت لڪل هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته لکندڙ جڏهن لکندو آهي، تڏهن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، آزمودي ۽ تجربي ذريعي احساس توڙي امنگن جو اظهار ڪندو آهي. هو گهڻو ئي پاڻ کي پري رکڻ چاهيندو ، پر ڪنڊ پاسي ۾ پرتوو پسي وٺبو.
    بيشڪ هي تخليق پارو پنهنجي فني خوبين ۾ پاڻ ڀرو آهي، هر ڪهاڻيءَ جي ٻولي ۽ پريزنٽيشن ۾ عباس سنڌ جي وڏن ڪهاڻيڪارن سان ڪلهو هڻِي بيـٺو آهي ته ڪردار نگاريءَ ۾ به پنهنجو پاڻ مڃائڻ ۾ پوئتي ڪونهي.
    واقعي نگاري، پلاٽ، ڪهاڻي ۽ ڪلائيميڪس ۾ به يگانو محسوس ٿئي ٿو. هو هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ مستقبل ۾ پنهنجي جوڳي جڳهه جوڙڻ لاءِ هاڻِي جيڪا پلاننگ ڪندي محسوس ٿئي ٿو، تنهن جي نتيجي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي محبت ڀري محنت ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. منهنجو هي اڻپورو تاثر عباس جي مڃتا لاءِ ڪافي ته نه آهي، پر پٺيءَ ٺپ ضرور آهي جا مون تي فرض آهي.


    انور فگار هڪڙو
    چيئرمين
    سنڌي شعبو، يونيورسٽي آف سنڌ


    • پنهنجي پاران: اڌ ۾ ڇڏيل اندر ا ﺂر

    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تَـــــــنَ! تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.
    ¬¬¬
    (شاهه)
    پورا نوَ سال گذري ويا آهن، اوهان سان اندر اﺂري. وقت جي گهڙين ڊوڙي ڊوڙي پنهنجو ۽ منهنجو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، منزل طرف قدم وڌيا، پر حاصلات کان ڏور، ڌنڌ، ڪوهيڙو، ڌنڌلا عڪس، منزل جون پري کان نظر ايندڙ روشنيون، ڄڻ ڪو وچ درياهه ۾ بتيلو. هر احساس لڇ پڇ، هر قدم غير يقيني، ڪجهه ٿيڻ، نه ٿيڻ جي آنڌ مانڌ. منزل کي اڳيان پسندي به بس پري کان سلام ڪري، خالي خالي واپس ورڻ.
    خاموشي.... خاموشي...... بس خاموشي، جيڪا وجود سان چنبڙيل.
    اهڙي ئي هڪ خاموش ڪردار جو قصو، اوهان سان ونڊيان پيو. ان خاموش ڪردار جي ماءُ ٻڌائيندي رهندي آهي ته جڏهن هو پيدا ٿيو، ته صبح جو ٿڃ پياري سمهاري ڇڏيندي هئس ته سڄو ڏينهن گذري ويندو پر هو اٿندو ئي نه هو ۽ اگر اٿي به پوندو هو ته چپ چاپ پينگهي ۾ ليٽيو رهندو هو، هوءَ پاڻ وڃي ٿڃ پياريندي هئس.
    ڪجهه وڏو ٿيو ته مٽيءَ سان کيڏڻ لڳو، نه بک جي، نه لُڪ جي، پنهنجي ڌُن ۾ مگن. جڏهن اسڪول موڪليو ويو ته غير معمولي ذهانت سبب استادن کي پسند اچڻ لڳو. جسماني چستيءَ کان خالي هجڻ ڪري هجوم وارين راندين کان پري رهيو.
    هڪ دفعي پيءُ سان گڏجي بازار ويو، اسٽال تان انگريزي رسالو وٺي ڏيڻ جو ضد ڪيائين، اسٽال واري ننڍڙو سمجهي ڪجهه ٻاراڻا ڪتاب ڏئي ڇڏيس. پڙهندي حد درجي جو مزو آيس. پنهنجي ئي ڳوٺ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪري کي خرچيءَ وارا 15 روپيه ڏنائين ته جيئن اهو حيدرآباد مان کيس ڪتاب وٺي آڻي ڏي. ڇهن مهينن جي انتظار کان پوءِ مليس ڪجهه ڪتاب، عمرو عيار، هرڪوليس ۽ جادوگرن جا. رانديڪن جي عمر ۾ ڪتابن سان کيڏڻ لڳو.
    ستين ڪلاس ۾ هڪ ڪهاڻي لکيائين، عنوان“ پاڇا”، ننڍي ڀاءُ پڙهي، نهايت هجت مان مٿان لکيائينس: “.....، ڪهاڻيون ته ڀليون ٿو لکين!”اتساهه ملي ويس اڳتي لکڻ جو.... ۽ اڄ اوهان جي هٿن ۾ ان خاموش ڪردار جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي.
    منهنجو ساهه سمونڊ، لهر لهر ۾ تون،
    ڪڏهين نه ڀانئيو مون، پري توکي پاڻ کان.

    ادب کي لفظن جي دنيا چيو ويندو آهي، جتي ادب احساس آهي ۽ تاريخ اعتراف. واقعن کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ تاريخ آهي ۽انهن واقعن ۾ نظرانداز ڪيل احساسن جو اظهار ادب آهي. زمان، مڪان ۽ زبان جون حدون اورانگهيندڙ ادب ڪلاسيڪل جو درجو ماڻي ٿو، اهڙي ادب ۾ موضوعاتي چونڊ آفاقي هوندي آهي، ادبي تنقيد جا استاد ان کي ادبي لاڙن جي ڪسوٽيءَ تي پڻ پرکن ٿا.
    دؤرِ قديم ۾ اهڙن احساسن کي خيالي رنگن ۾ رنڱي پيش ڪيو ويندو هو، واندڪائيءَ جي وندر طور، پوءِ ان احساس کي ڊگهي داستان، قصي، ناول، فلم يا طويل ڪهاڻيءَ جي فارميٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اها سموري وارتا پڙهڻ کان پوءِ ڀي ان نتيجي تي پهچبو هو ته چڱائيءَ جو بدلو چڱو ۽ برائيءَ جو انجام برو ثابت ٿيندو آهي پر اڄ ان ساڳي خيال/احساس کي اجائي اينگهه مان ڪڍي مختصرپڻي جي جامي ۾ پيش ڪيو ويو پيو وڃي.
    تجربن کي روايت بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اگر قليچ نثري صنفن کي سنڌيءَ ۾ متعارف نه ڪرائي ها ته سڀاڻي ڪو ٻيو اهو عَلَمُ کڻي ها، پر اها سندس عظمت هئي جو ان دور ۾ مستقبل کي جانچي، هن نين نثري روايتن جو بنياد وڌو.
    ضروري ناهي جدت جي نالي تي لکيو ويندڙ ادب ڪلاسيڪيت جو درجو ماڻي، نه ئي اهو ضروري آهي ته روايت بڻجي ويل صنفون ئي صدين تائين لکيون وينديون. ڳالهه آهي وقت، گهرج ۽ پيشڪش جي. اڄ جو دور ڊگها طويل قصا ۽ داستان پڙهڻ جو ناهي، اڄ جو آدم مختصر کان مختصر جي تلاش ۾ آهي. موبائيل sms (شارٽ ميسيج سروس) ان جو عملي اعتراف آهي. جديد ادبي لاڙن کي فن توڙي خيال تي حاوي ڪري پيش ڪري ڏسو پوءِ نتيجا ڏسو. ان جو آسان مثال هي آهي ته اگر برياني ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پيش ڪئي ويندي ته ڪانڌپي جو ڀت لڳندي، اگر شيشي جي پليٽ ۾ چمچي سان گڏ پيش ڪبي ته فائيو اسٽار لڳندي.
    منظور ڪوهيار پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “سچا ڪوڙا رشتا” جي مهاڳ ۾ مختصر مختصرڪهاڻي بابت ڏاڍي وڻندڙ وصف پيش ڪئي آهي: “جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگهجي ٿو.”
    ٻڙي اکر ڪهاڻين بابت ڪوهيار صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: “ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن، ڏهن پيراگرافن ۾ بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي. مثال: “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.”
    ان پسمنظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
    “سامان سان ڀريل ٻيڙي هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئن تيئن بچيا پر سامان سارو درياهه ۾ داخل ٿي ويو. هرِيڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو، “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون”
    مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن، جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/آکاڻي/حڪايت وغيرهه ياد اچي وڃي.”
    شيخ اياز جي هنن سٽن مونکي ڪيترائي ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي:
    ماڻهو مٽيءَ مان ٺهي، مٽيءَ کي ٺاهي،
    ڏٺي تو ناهي، شايد ڪار ڪنڀار جي.
    وجوديت جي عقلي دليلن کي ڊوڙائيندي ڪڏهن ڪٿ پهتو آهيان ته ڪڏهن ڪٿ. آخر ڪهڙي معنى ڏجي حيات کي؟ مٽي، مٽيءَ کي ڳوهي ان جو جوهر تخليق ڪيو يا تخليق خود جوهر کي خلقيو آهي. هتي ماڻهو، ماڻهوءَ کي ماري رهيو آهي، انسانيت ٻاڪاري ٿڪي آهي، ڪنڀار ٻوڙو ٿي ويٺو آهي. زندگيءَ مان روح نڪري ويو آهي، حيات جو بدصورت ۽ ڀيانڪ چهرو اڳيان آهي. سوچيان ٿو ته ڇا واقعي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏئي خلقيو ويو آهي يا پنهنجي معنى ڏئي جيئڻو آهي؟ اهڙي نفسانفسيءَ واري ماحول ۾ جڏهن ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري اڇلايو ويو، تڏهن جنهن شفقت ۽ پيار آڇيو اها ڌرتي آهي.
    ڌرتي، جيڪا ماتا آهي، ماءُ آهي، ان سان ڪيڏو نه پنهنجائپ وارو رشتو آهي. جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي ناهي، اهو ڌاريو ۽ پناهگير سڏجي ٿو.
    “پنهنجي ڌرتي” اچارڻ سان اندر ٺري پوي ٿو، مامتا جو اڻ ملهيو پيار ٿي آڇي ڌرتي. شفقت ۽ پناهه جو احساس آهي، ڌرتيءَ جي هڪ ڳالهه مونکي بيحد متاثر ڪندي آهي، اُها اِها ته ڌرتي فقط ماڻهن جي ماءُ ناهي، اها پالي ٿي ڪيترائي ماڻهو، جانور، پکي ۽ جيت. ڪو به ته فرق ناهي ان وٽ. شيخ اياز چواڻي:
    ڀونءِ انوکي گانءِ، ڏُههُ ته ڏَهوڻي ٿئي،
    ڀٽاريءَ جو ڀانءِ، کير کُٽي ئي ڪونه ٿو.
    پر ماڻهن جي بي قدري ۽ بي ڌياني سبب ان ڌرتي ماتا جو سور ۽ اهنج وڌي رهيا آهن، انسان پنهنجي سرمستي ۾ آهي.
    منهنجيون تقريبن سڀ ڪهاڻيون اڄ کان ست اٺَ سال پهرين جون لکيل آهن، سواءِ چند مختصر مختصر ۽ ٻڙي اکر ڪهاڻين جي. منهنجيون هي ننڍڙيون ڪاوشون آهن.... هي سنڌي ادب، باغُ ڀٽائيءَ جو آهي، جتي هر گل جي خوشبو لطيفي فڪر ۾ وهنتل آهي، هر پنکڙي ان جي سلامي ٿي ڀري ، هن باغ جو مالهي ڀٽائي آهي، جنهن ٻوليءَ ۽ فڪر جا سلا پوکيا ۽ پاڻي ڏنو. اسين پڻ پاڻي ڏيڻ جو وارو سنڀالي رهيا آهيون.
    هن ڪتاب جي تڪميل، ترتيب توڙي قدم قدم تي رهنمائيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ تي سائين منظور ڪوهيار، ثقلين لاشاريءَ، هوش ڀٽيءَ، سعيد سومري، اسد جوڻيجي ۽ عزيز قاسماڻيءَ جو ٿورائتو رهندم.
    منهنجي استادن جامي چانڊيي، الطاف شيخ، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ۽ اسحاق سميجي جن جا اڻ ڳڻيا احسان، جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه لمحا مون لاءِ ڪڍيا ۽ ٻه اکر ۽ مهاڳ لکي ڏنو.
    پهرين ملاقات ۾ منهنجي اسرار تي سنڌ جي نالي واري آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي پاران ڪتاب لاءِ ڪيليگرافي ڪري ڏيڻ جي حامي ڀرڻ ۽ وقت کان پهرين تڪميل ڪرڻ تي سندس وڏا وڙ.
    يونيورسٽيءَ جي دوستن ڪاشف ميمڻ، علي اڪبر نوحاڻيءَ، عبيد سنڌيءَ، سعيد چانڊيي ۽ ٻين ڪلاس فيلوز جو هميشه ٿورائتو رهندس، جن جي ساٿ سرهو رکيو آهي.

    ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، مون کان وٺُ اُٽلَ،
    مان ڄاڻان جي مون ڏنا، پوڻيءَ پوڻيءَ پلَ،
    توکي ڪهڙي ڪَلَ، مون ڇا اوريو ارٽ سان. (شيخ اياز)

    ادب جو شاگرد

    عباس ڪوريجو

    موبائيل: 03003434235
    www.abbaskorejo.com
    abbaskorejo@gmail.com


    مختصر ڪهاڻيون

    • ڪاش! مان ڪهاڻيڪار هجان ها!

    ڪاش ! مان ڪهاڻيڪار هجان ها، ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها، جيڪي منهنجي اڳيان ڪهاڻي بڻجي ڦرندا رهيا آهن. سياڻن سچ چيو آهي ته ڪک هيٺان لک آهي پر ان لک پٺيان لکين ڪهاڻيون آهن. ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها، جيڪي مون اڳيان تڙپيا آهن، معمو رهيا آهن يا مرڪيا آهن. مان ڪهاڻيڪارن کي استدعا ٿو ڪريان ته هنن ڪردارن تي ضرورڪهاڻيون لکن.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته لعلڻ تي ڪهاڻي لکان ها، لعلڻ ٽنگن کان معذور فقير آهي، گرميءَ جي مند ۾ ڪنهن ڀت جي ڇانوُ ۾ ويهي رهندو، سردين ۾ جتي دل چوندس اتي ويهي رهندو، پراڻي ۽ ميري گوڏ ۽ ڪاري قميص پاتل هوندي اٿس، جنهن جي آڏو واري کيسي ۾ ڳاڙهو ڌاڳو ٻيڙين جي پُڙي، خالي ۽ ڀريل ماچيس ۽ چار پنج سگريٽ پيل هوندا اٿس. ڄائي ڄم کان معذور هجڻ ڪري ڳالهائي به ناهي سگهندو، بس ڪڏهن ڪڏهن “الله الله” پيو جهونگاريندو آهي . ٻيڙيءَ جو ڪش هڻندو ته دونهون ڪفن بڻجي هن جي مُنهن جي چوڌاري پکڙجي ويندو اٿس، سدائين ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم رهندو آهي، ڪڏهن کِليو ته سڄو ڏينهن کِلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو رهندو ۽ ڪڏهن رنو ته سڄو ڏينهن روئندو رهندو، ماني ڀي نه کائيندو. هن جي اکين مان ڳوڙها نه وهندا آهن هن جي اکين مان حسرتون وهنديون آهن.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته پنهنجي ان مُشڪي رنگ جي ڳوٺائي تي به ڪهاڻي لکان ها جنهن کي اداڪاريءَ جي شوق ڪراچي پهچايو.
    “ڪراچي تمام وڏو شهر آهي.”، مون کيس ڪراچي وڃڻ کان اڳ چيو هو.
    “ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو.”، هن جوش ۾ وراڻيو هو.
    ٽن سالن تائين هو مسلسل ڪراچيءَ ۾ رهيو هو، هڪ گرم ڏينهن ۾ هو ڳوٺ موٽيو هو، گھٽيءَ ۾ مليو، پگھر ۾ شلِ هو، مونکي ڏسي روئي پيو هو.
    “ڏي خبر، آهي نه ڪراچي وڏو شهر ؟!”
    ڍنڍڪر ڏئي روئي پيو، روئندي روئندي چيائين:
    “ڪراچي تمام ننڍو شهر آهي، دل جو شهر تمام وڏو آهي.”
    “پوءِ روئين ڇو پيو؟! ”
    “يار ! ڪراچيءَ کان دل جو شهر تمام وڏو آهي، جتي سوين ڪراچيون آباد ٿي سگھن ٿيون پر جڏهن اتي ذاتي فائدن جا فليٽ اڏجن ٿا ته خلوص جي جھوپڙيءَ لاءِ به جڳهه نٿي بچي. ”
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان چاليهه سالن جي بي اولاد پاڙيسرڻ تي به ڪهاڻي لکان ها جيڪا دري کولي پنهنجي پاڙي جي ان گھر ۾ ڏسندي رهندي آهي، جنهن ۾ رهندڙ ڏهن انگ اُگھاڙن ٻارن کي سندن ماءُ ٻهارو کڻي ڊڪائيندي وتندي آهي. هوءَ پنهنجي خالي جھولي ڏسي ڪيترو تڙپندي هوندي، اهو اندازو ڪو ڪهاڻيڪار ئي لڳائي سگھي ٿو، انهن احساسن کي لفظن جو روپ ڪو ڪهاڻيڪار ئي ڏئي سگھي ٿو.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ايم _اي پاس ٻڪرار تي به ضرور ڪهاڻي لکان ها، جيڪو بيورو ڪريٽ ٿيڻ جا خواب کڻي نڪتو هو ۽ فقط “ڪريڪ” ئي ٿي سگھيو هو. پڻس هڪ ڏينهن چيو هئس:
    “پئسا ڏئي پندرهين سورهين جماعت تائين پڙهايو اٿمانءِ، هاڻي ان ماڻهين سرڪار کي چئه ته نوڪري ڏيئي نه! گاڏين ۽ بنگلن جا خواب ڏٺا هيئي، ڀڳل سائيڪل به اٿئي هٿ ۾؟!”
    “بابا! نيٺ هڪ ڏينهن ته سڀ خواب پورا ٿيندا!”
    “ڇورا! مون وٽ هاڻي ايترا فضول پئسا ناهن جو اڃا تنهنجا خرچ کڻان، گھر ۾ ٻڪريون بيٺيون اٿئي، سڀاڻي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃجانءِ!”
    ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو منڊڪائيندو ٻڪريون ڪاهي اچي رهيو هو، پڇيومانس ته ٻڌايئين ته ڪنڊو لڳوهئس.
    “ڪنڊن کي ڪهڙي خبر ته هي ٻڪرار ايم _ اي پاس آهي.”، طنزيه ٿي چيو هيو مانس، هن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو هو. اڄ به نوڪريءَ جي انتظار ۾ جھنگ جي ڪنڊن سان مُهاڏو اٽڪائيندو پيو اچي پر ڪنهن پٽيوالو ڪري رکڻ جي به حامي ڪونه ڀري اٿس.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ضدي ڇوڪري تي به ضرور ڪهاڻي لکان ها، جنهن کي آرميءَ ۾ ڀرتي ٿيڻ جو جنون هئو، پنهنجي قميص کي شلوار ۾ اندر وجھي پيو ٺينگ ٽپا ڏئي ٽريننگ ڪندو هو. آرمي ۾ ريڪروٽ ڀرتي ٿي ويو، محنت ڪيائين لاس نائيڪ، پوءِ نائيڪ ٿي ويو، بارڊر تي جھڙپن ۾ وڙهيو، “سياچن” تي هڪ سال جي ڊيوٽي به ڏئي آيو. خواهش هئس ته هيلي ڪاپٽر تي چڙهي ڳوٺ اچي ۽ ڳوٺ وارن جي عزت وڌائي. نيٺ هڪ ڏينهن هن جي خواهش پوري ٿي وئي، هو هڪ نه پر ٻن هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڳوٺ پهتو هو پر هو ان دفعي پنهنجي ڳوٺ کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگھيو هو، هو ڪارگل تي وڙهندي شهيد ٿي ويو هو، سندس فوجي کيس دفنائڻ لاءِ کڻي آيا هئا.
    مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان پوڙهي اديب تي به ڪهاڻي لکان ها، جنهن ساري ڄمار ڪتابن جي پنن کي اٿلائيندي گذاري ڇڏي، ڪتابن جا انبار پڙهيائين، ڪتابن جي اکرن ۾ نظر گم ڪري ڇڏيائين، ڏهاڪو ڪتاب پنهنجا به لکيائين، معاشي مسئلن جي ڪري ڇپرائي نه سگھيو.
    هاڻي سندس اکين عادتون ساڳيون آهن پر نظر ڪجهه به نه ايندو اٿس.
    هڪ ڏينهن ڪينجھر جي ڪپ تي ويهي ڪينجھر کي چيو هئائين، “اکيون ته ساڳيون آهن پر اها ديد هاڻي ڪونهي!”
    ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ۽ اهڙن ٻين انيڪ ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها جن جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيون آهن.
    ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ ڪردار پروفيسر جي ان ڌيءُ جو به آهي، جيڪا پنهنجي پيءُ کي اهو احساس ڏياريندي رهي ته هوءَ سندس ڌيءُ نه پر پٽ آهي، ڇوته پروفيسر کي پٽ جو اولاد نه هو.
    هوءَ سدائين مرداڻي انداز ۾ رهي، پينٽ شرٽس ۽ جينز پائيندي، وار به مرداڻي انداز جا رکائيندي، ڳالهائڻ جو انداز به مرداڻو بڻائيندي هن جو ننڍپڻ گذريو.
    جڏهن به پيءُ سان ملندي ته هڪ جوان پٽ وانگر، ڪچهري ڪندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي ويندا، ننڊ اينديس ته پيءُ کي چوندي :
    “بابا ! مان هاڻي هلانءِ ٿو.”
    “چڱو پٽ تون هاڻي وڃي آرام ڪر!“
    ڪيترا ئي رشتا آيا پر هن پيءُ سان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ، “بابا ! مان شادي نه ڪندسُ!”
    “پٽ ! شادي ته هر عورت يا مرد کي ڪرڻي هوندي آهي.”
    “ بابا ! قلندرن ته شادي ڪونه ڪئي هئي، مان به قلندري رمز جو علمبردار ٿيندسُ.”
    “ پٽ ! قلندر ۽ عام ماڻهو ۾ فرق هوندو آهي.”
    هن نه مڃيو هو ۽ پروفيسر ڪجھه وقت لاءِ خاموش ٿي ويو هو.
    هڪ رات جڏهن پروفيسر تعليم جي سيمينار ۾ شريڪ هو ۽ رات جو دير سان ورڻو هو، پاڙي جا اوباش ڇوڪرا هن جي گھر ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ اجتماعي طرح هن کي عورت بڻائي ڇڏيو هئائون.
    جڏهن مٿيان سڀ ڪردار مون آڏو کلندا ، روئندا يا معمو بڻجندا آهن ته منهنجي دل مان ٿڌو شوڪارو نڪرندو آهي ته:
    “ڪاش ! مان ڪهاڻيڪار هجان ها .”
    ****


    • جانب جي عظيم ديوار

    مهينو کن مس ٿيو هوندو جو جانب لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺو هو، ماڻهو صفا دلبر آهي، پاڙي جي هرهڪ ننڍي وڏي سان ٽهڪـ ٻٽاڪ اٿس، ٻارن ۾ بيهندو ته صفا ڄڻ ڪو ٻار، وڏن ۾ ويهي ته وڏو. ڳالهين ٻڌائڻ جو ڳهير آهي، باقي ٻڌڻ واري شعبي ۾ ٻارن جيان آهي، هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو آهي، ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي ڪيترائي راز به ٻڌائي ويندو، ڪجهه هجائتي “ڀڳل ڀانڊارو” به سڏيندا اٿس، جيئن ته ڀڳل ڀانڊاري مان آسانيءَ سان سانڍي رکيل موڙي ڪڍي سگهجي ٿي، تيئن جانب جي دل جا راز به ٻڌي سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪپڙي جي ٿان جيان ويندو کلندو ۽ جيئن ايندس ويندو چوندو. هڪ دفعي ته پنهنجي ڏاڏي کي به نه بخشيائين:
    “منهنجو ڏاڏو به باگڙياڻي ڀڄائي آيو هو، مسلمان ته ڪيو هئائينس پرنڪاح جي پڪ نٿو ڏئي سگهان! ”
    جانب “ڇڙا ڊپارٽمينٽ” جو ماڻهو آهي پر ڪجهه وقت اڳ “سگهرا ويلفيئر ايسوسيئيشن” ۾ ميمبر شپ لاءِ فارم جمع ڪرايو هيئين، مطلب ته مڱڻي ڪئي هيئين!
    ها سو ڳالهه پئي هلي جانب جي لڏي اچڻ جي، جانب کي منهنجي پاڙي ۾ جيڪو گهر مليو سو هيو ته پڪ سِري ، پر ڪمپائونڊ وال ڪچي ۽ موئن جي دڙي جيان ڊهندڙ پئي لڳي. هن کي ڏاڍي اڻ تڻ لڳل هئي ته هو اها ڀت پڪي ڪرائي ڇڏي، جيئن هو ۽ سندس باگڙياڻي ڏاڏي پنهنجي ملڪيت سميت محفوظ ٿي وڃن. سندن ملڪيت هڪ مينهن ، هڪ پيتي، ٻه کٽون ، ٽي دلا ۽ هڪ مٽ ۽ ڪجهه بسترن ۽ ٿانون تي مشتمل آهي. پيتيءَ ۾ جانب جي ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ گڏ ڪيل ملڪيت هئي، جيڪا هن لڏي ويل واڻين جي زمينن تي قبضا ڪري حاصل ڪئي هئي. جانب ۽ سندس ڏاڏي ان ملڪيت جا مالڪ هئا، ڇو ته جانب جا ماءُ پيءُ زلزلو اچڻ ڪري سندن پراڻي جڳهه جي ڪرڻ سبب هيٺان اچي مري ويا هئا، جانب ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏڻ ويو هو ۽ سندس ڏاڏي صحن م ويٺي کجيءَ جي پنن مان نئون تڏو تيار ڪري رهي هئي، جانب جو ڏاڏو اڳواٽ ئي قبر ۾ پيل هو. جانب ۽ سندس ڏاڏيءَ کي مزو بلڪل نه آيو ، تنهن ڪري اتان لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺا هئا.
    جانب خوش مزاج آهي، جيسين مون پرکيو آهي ته گهري ۽ وسيع سوچ رکندڙ آهي، هڪ ڏينهن رستي ۾ مليو ان ڏينهن جُوءِ جو رهزن ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو. مونکي چيو هئائين :
    “ ماستر! ماڻهو دٻدٻو ۽ رعب ويهارڻ لاءِ ڪيڏا به خون ڇونه ڪن پر جي رب عزت نٿو رکي ته انهن وڏن رهزنن جو اولاد به “پنج منٽ” پوئتي ٿي پوي ٿو پر جي رب عزت رکي ته هوءَ جهنگ ۾ مال چاريندڙ شمونءَ جي ڌيءُ به صاف اٿئي!”
    هڪ ڏينهن تمام تيز بارش پئي ۽ بارش ۾ جانب جي گهر جي موئن جي دڙي جيان جهريل ڪمپائونڊ وال هڪ هنڌان ڪري پئي، بارش وسي دنگ ڪيو ته هو مون وٽ اسڪول ۾ آيو، مان پنجين ڪلاس جي شاگردن کي سبق ٻارهون “آفريڪا جا عجائبات” پڙهائي رهيو هئس ۽ عجائبات مان ڦري سمجهاڻي دنيا جا عجوبا ۽ تنهن بعد “ چين جي عظيم ديوار” تي اچي بيٺي، مون شاگردن کي ٻڌايو پئي:
    “چين جي ماڻهن ٻاهرين جابرن جي حملن کان بچڻ خاطر ٺاهيل ننڍين ننڍين ديوارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي اها عظيم ديوار ٺاهي، جيڪا چين جي “شن” گهراڻي جي حاڪم “شهه هوانگ تي” جي دور ۾ ٺهي، اها ديوار 25 فٽ اوچي آهي، جنهن ڪري چين جا ماڻهو هميشه لاءِ ٻاهرين حملن کان بچي ويا.”
    جانب ڊيسڪ تي ويٺو منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، ايتري ۾ رسيس جو گهنڊ وڳو ٻار اسڪول مان ٻاهر نڪري ويا.
    جانب منهنجي ڀرسان سُري آيو.
    “ماستر! چين جا ماڻهو صفا ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا؟”
    “ها جانب! هو نه فقط ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا پر انهن پنهنجي تهذيب به جوڙي ورتي هئي.”
    “ماستر! اڄوڪي برسات ۾ منهنجي گهر جي ٻاهرين ڀت به ڪري پئي آهي.”
    “ته پوءِ ٻي ڀت ٺهرائي وٺ! ”
    “ڀت نه ماستر! اگر چين جا ماڻهو “چين جي عظيم ديوار” ٺاهي سگهن ٿا ته هي جانب به “جانب جي عظيم ديوار” ٺهرائيندو.”
    ٻئي ڏينهن اسڪول ايندي مون گهٽيءَ ۾ ڏٺو ته ڪجهه مزدور جانب جي گهر جي ڪمپائونڊ وال کي ڊاهي رهيا هئا ته ڪي ڀنجوءَ کي کنڊيري رهيا هئا، چري به کوٽجي چڪي، ٽرئڪٽر وارو سرون به لاهي ويو، ٽئين صبح تي ٻه رازا ۽ اٺ ڏهه مزدور ڪم ڪري رهيا هئا، ڏسندي ڏسندي سموري ڀت ڊي پي سي جي سطح تائين نڪري آئي.
    جانب کل ٻٽاڪ ماٺي ڪري ڇڏي هئي، سدائين پنهنجي ڪم ۾ محو رهندو هو. جانب جي ڏاڏي به رڌ پچاءَ لاءِ هڪ ڇوڪري پاڙي مان آندي هئي.
    ڀت هاڻي لينٽر تائين پهتي، ڏسندي ڏسندي 30 فوٽ اوچي ديوار کڄي وئي، مزدورن جو تعداد به گهٽجي ويو، ڇو ته ديوار کي استر ٿي رهيو هو، پاڙي جو چـڱو اچي لنگهيو، ڪم جي چال ڏسي چوڻ لڳو:
    “جنهن ڏينهن غريب جو ٻار ڍوءُ ڪري ماني کائيندو آهي ته زيان ضرور ڪندو آهي، جانب کي به ٻن رپين جي مڳز ۾ هواءِ هئس ، پاڻهي سڌو ٿي ويندو.”
    استر مڪمل ٿي ويو ۽ پوءِ پلستر شروع ٿيو ، ڪجهه ڏينهن ۾ جانب جي عظيم ديوار ڪَرُ کڻي بيٺي، نقاش ۽ رنگساز گهرايا ويا، ڪجهه ڏينهن ۾ انهن نقش چٽيا ۽ ماربل جيان ديوار کي چمڪائي وڌو، نت نون ثقافتي اهڃاڻن سان ديوار کي سينگاريو ويو. خطاطيءَ سان ديوار تي “جانب جي عظيم ديوار” لکيو ويو. هڪ ڏينهن ڪم هلندي اخبار وارا آيا، جن جانب جي عظيم ديوار جون تصويرون ڪڍي وڏين سرخين سان خبرون ڇپرايون، ملڪ اندر ڌُم مچي وئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انگريز جانب وال ڏسڻ آيو ، انگريز حيران ٿيندي چيو:
    “جانب وال هڪ نئون عجوبو آهي!”
    “توهان پهرين موهن جي دڙي کي پنهنجن ڪتابن ۽ تاريخ ۾ عجوبو ڪري مڃيو، لکو ۽ پڙهو، تنهن بعد ئي جانب وال عجوبو ڳڻجو.” جانب جوشيلي انداز سان ورندي ڏنس.
    “موهن جو ڊارو وٽ سنڌي ڊاڪو آهن ، جيڪي ڦر لٽ ۽ اغوا ڪري وڃن ٿا، اوهان جي حڪومت اسان کي اهڙا ڊپ ڏئي ، اتي وڃڻ ناهي ڏيندي.”
    انگريز جانب کي چيو ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ ڪجهه لکيائين ۽ ديوار جون تصويرون ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويو.
    جانب پنهنجي ڪمري ۾ اداس ويٺو سوچي ٿو، سندس ڏاڏي جي جمع ڪيل ملڪيت بلڪل پوري ٿيڻ تي آهي، اڃا سندس خواهش آهي ته ديوار جي ڪنڊن ڀرسان منارا ٺهن جيئن ديوار اڃا ڀي نکري بيهي، پر گهر صفا ڀينگ هئس، اوچتو کيس مينهن کپائڻ جو خيال آيو.
    “ڇا پيو سوچين جانب ميان!؟ ”، جانب جي ٿيڻ واري سهري ڪمري ۾ داخل ٿيندي پڇيس.
    “ڪجهه نه چاچا! ”، جانب وراڻيو.
    “پٽ ! مان تو وٽ ان لاءِ آيس ته هاڻي تون شادي ڪر ۽ منهنجي ڪلهن تان بار لاهه، ڇو ته توکي خبر آهي ته مان هن مهيني مڪي پاڪ پيو وڃان ۽ شايد نه موٽان. . . . . . منهنجو خيال آهي ته تون شادي ڪري ڇڏ!”
    “پر چاچا! هن وقت مان خالي آهيان، سڀ مُوڙي هن ديوار تي خرچ ڪري ڇڏي آهي.”
    “مينهن ته بيٺي اٿئي نه! ڀل سادگيءَ سان ئي پر شادي ڪري ڇڏ، سڀاڻي ها ۾ جواب ڏجانءِ نه ته مان تنهنجو ڏوهي نه ٿيندس.”
    اهو چئي جانب جو سهرو سندس ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    جانب عجيب ڪشمڪش ۾ هو، هڪ طرف سندس مڱ هئي ۽ ٻئي طرف سندس عظيم ديوار، پر هو فيصلي کان قاصر هو.
    “خير آهي! مڙسن لاءِ زالون کوڙ. . سڀاڻي مينهن کپائي “عظيم ديوار” جا منارا لڳرائيندس.”
    سوچيندي سوچيندي هن جي گهري اک لڳي وئي.
    صبح جو جانب ۽ سندس ڏاڏي ننڊ مان جاڳيا، جانب ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، سندس عظيم ديوار کي وڏو کاٽ لڳل هو، جتان سندس مينهن جي کُرن جا نشان ٻاهر گهٽيءَ ڏي پئي ويا.


    • بي رنگ انڊلٺ

    صبح جو پهر هو، گهٽيءَ ۾ مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ هئي. وڏڙا آفيسن ڏي وڃي چڪا هئا ۽ ننڍڙا اسڪول، باقي رهيون مايون سي گهر ۾ ماٺ ڪري ٿانوَ ٻهاري ڪري رهيون هونديون، مان عشق جو سبق وٺڻ اڻ ڏٺل پر ٻڌل شخص سان ملڻ وڃي رهيو هئس، هن جو چهرو تصور هيٺ آندم، ڪو خوبصورت شهزادو اکين اڳيان تري بيٺو. ڪنڌ کي جهٽڪو هڻي خيال ختم ڪيم. اڳيان هن جي گهر جو در هو، در تي گهنٽي به نه هئي، مجبورن هٿ سان ئي کڙڪائڻو پيو، کڙڪائيندي ٿڪجي پيس پر اندران ڪو به جواب نه آيو. ڇا مسئلو هو، هو رهندو به اڪيلو آهي، اندر ٽپي پيس، در جي کاٻي پاسي ٻن دروازن سان ٻه ننڍڙيون ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن تي اڇي ڊسٽمبر سان رنگ ٿيل هو، مٿان اڇي رنگ تي وڏن اکرن ۾ “وائيٽ هائوس” لکيل هو.
    مون محسوس ڪيو ته مان بلڪل صحيح ماڻهوءَ ڏي وڃي رهيو هئس، ڪشادي گهر ۾ فقط ٻه ڪمرا هئا ۽ ٻنهي جا در کليل هئا، حيرت ٿي ته گهر هو يا مسافر خانو. هڪڙي ڪمري اندر نهاريم، کٽ تي ڪو ماڻهو اگهور ننڊ پيل هو، اندر ٽپي پيس، هو وهاڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري اکيون بند هوندي مسڪرائي رهيو هو، شايد ڪو“خوبصورت خواب” ڏسي رهيو هو، مون کنگهڪار ڪئي تڏهن به هو غشُ رهيو، مون ڀرسان پيل گلاس کي هٿ ۾ کڻي هيٺ فرش تي اڇلايو، هن جي نرڙ تي گهنج جا نشان اچي ويا. اوچتو ئي وڏي رڙ ڪري اٿي پيو. مونکي ڪمري ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو.
    “تون آفت خان آهين؟”
    “نه ، مان شربت خان آهيان!”
    “تون آفت خان آهين منهنجي محبت جو دشمن، تون انسان چوائڻ جي لائق ناهين! مان توکي نه ڇڏيندس.”
    “او خدا جا بندا مان شربت خان آهيان، ڪوڙي خان جو پٽ!”
    “ . . . . ته پوءِ آفت خان ڪاڏي ويو؟”
    “استاد، ڪهڙو آفت خان؟”
    “آهي هڪڙو کدڙئَ جو اولاد، منهنجي محبت جو دشمن، مان ڪيڏو خوبصورت خواب ڏسي رهيو هئس، مان ۽ ايشوريا هڪڙي هوٽل ۾ ڊنر ڪري رهيا هياسين ۽ گڏ گڏ مٺيون مٺيون ڳالهيون به، هوءَ مون ڏي سري رهي هئي ۽ مان ڏانهنس، پوءِ اوچتو آفت خان اچي ڪڙڪيو. مون تي نظر پيس ڄڻ ڪاري تي نظر پيس، ور مان پستول ڪڍي گولي فائر ڪيائين، جيڪا ايشوريا کي لڳي، مون وڏي رڙ ڪئي ته اکيون کلي ويون. . . . پر تون آهين ڪير ۽ مونکي ڪيئن سڃاڻين؟!”
    “استاد مان اوهان جو شاگرد ٿيڻ آيو آهيان، مون کي منهنجي دوست “ڦٽاڪي” توهان ڏي موڪليو آهي.”
    “اڇا. . . . . منهنجي ناشتي لاءِ ڏوڪڙ آندا اٿئي!؟”
    “استاد حڪم ڪر ڇا وٺي اچان؟”
    “ٻه پراٺا، هڪ چانهه ۽ هڪ پشوري نسوار وٺي اچ، جيستائين مان وائيٽ هائوس جو خيال لاهي اچان.”
    “جو حڪم منهنجا استاد!”
    تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيس، سوچيم ته پهرين پشوري نسوار وٺان. جيئن گرم گرم پراٺا استاد کي کارائي سگهان، نسواري واري پٺاڻ نئين نئين مانڊڻي کولي هئي، اڃان ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هو، جو مان وڃي سلام ڪيومانس.
    “وعليڪم سلام !جوان ڇا کپئي؟!”
    “لالا!پشوري نسوار ڏي هڪڙي.”
    “جوان مون کي تو ۾ اهي جوهر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن، جيڪي نسوار ڏيندڙن ۾ هوندا آهن.”
    “لالا! ڇو پشوري نسوار جا موالي اڏامندا ايندا آهن ڇا؟”
    “اڙي او جوان! تون اڃان کير پياڪ گگدام آهين، تو کي پارس جي ملهه جي ڪهڙي خبر!”
    “لالا! نسوار وري ڪڏهن کان پارس ٿي وئي آهي؟”
    “اڙي جوان !اڄ ڪلهه جا جوان نسوارتي ناز ڪن ٿا.”
    “لالا اهو وري ڪئين!”
    “ڏس!توکي مون چيو نه ، ته تون کير پياڪ گگدام آهين. . . . .اها ڳالهه توکي هينئر سمجهه ۾ نه ايندي.”
    “لالا، هاڻ ڀلا نسوار ڏي ته مان وڃان.”
    “چڱو هي وٺ!”
    آئون نسوار وٺي پَراٺن واري ڏانهن روانو ٿيس.
    “ها سائين، گهڻا پراٺا تنهنجي لاءِ لڳايان؟”، پٺاڻ مون کان پڇيو.
    “لالا! ٻه گرم گرم پراٺا لڳاءِ!، پر هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، تنهنجا پراٺا کائي گهڻن ماڻهن انقلاب آندا آهن؟”
    “سائين، سڀ ڪو کائيندو آهي، اسان کي انقلاب جي ڪهڙي خبر!!”
    مان پنهنجي ئي سوال تي دل ۾ لڄي ٿيس، هن کي ٻه پراٺا چئي ڪائونٽر تي وڃي پارسل چانهه جو آرڊر ڏنم، ڪجهه ئي لمحن ۾ گرم چانهه جي ٿيلهي ۾ گرم گرم پراٺا وجهي استاد جي گهر پهتس. استاد وائيٽ هائوس مان وهنجي تيار ٿي نڪتو هو ۽ وارن کي ڦڻي ڏئي رهيو هو.
    “ڏي خبر شربت ! ويهه پنجويهه رپيا خرچ لڳي ويئي نه!”
    “استاد اهي به ايندي ويل فقير جا کنيا هئم.”
    “تون ته گهران ناشتو ڪري آيو هوندين . . . . ان لاءِ هاڻي ويهي منهنجا گرهه ڳڻ ته مان ناشتو ڪري وٺان.”
    “استاد تون ڪڏهن کان نسوار ڏيندو آهين!؟”
    “تقريبن ڏهه سال ٿي ويا آهن.”
    “استاد پوءِ توگهڻا ميدان ماريا آهن؟”
    “مون ميدان ماريا ناهن پر ميدان تي ماڻهو مرندي ڏٺا آهن.”
    “استاد ٻيو توهان جو عظيم ڪارنامو، جنهن کي دنيا ياد ڪندي هجي.”
    “ها هٽلر کي مون ڀڄائي ڪڍيو هو ۽ ڀڄائي ڀڄائي ماري به ڇڏيو هيو مانس.”
    “استاد اها توهان جي همٿ هئي يا پشوري نسوارجو ڪمال هو.”
    “اڙي چرٻٽ شربت! نسوار رڳو جذبو ڏيندي آهي، ڪم انسان پاڻ ڪندو آهي.”
    استاد! مطلب ته سڀ انقلابي نسوار ڏيندا آهن.”
    “شربت! انقلابي نسوار ناهن ڏيندا پر نسوار انقلاب آڻيندي آهي خير تون اڃا گگدام آهين اها ڳالهه نه سمجهي سگهندين. ..... ۽ ڇا سبب آهي، مونکان اهو سوال پهرين ڏينهن ڦٽاڪي به پڇيو هو؟”
    “استاد! ڦٽاڪو اوهان جو پڪو شاگرد هيو يا اڌ ۾ ڀڄي ويو هو؟”
    “شربت! وڻ ميوي کي تڏهن پٽ تي ڪيرائيندو آهي، جڏهن اهو پچي راس ٿي ويندو آهي، هو مون سان ايترو ته سچو آهي، جو توکي مون ڏانهن موڪليو اٿائين.”
    “استاد، ڦٽاڪو منهنجو دوست آهي پر هڪڙِي عادت صفا ڪني اٿس، ڇوڪري ڏسي يا سهڻو ڇوڪرو لائين ضرور ملائيس، چيو مانس ته سڀ ماڻهو ان لائين جا نه هوندا آهن، ته مڃو هئائين ته سڀ ماڻهو ان لائين جا نه هوندا آهن، پر چيو هئائين ته پڇڻ ته اسان جو فرض آهي، هڪ ڏينهن پڇو مانس، “ائين ڇو ڪندو آهين؟” ته چيو هئائين، “زندگي انڊلٺ آهي، جنهن ۾ سوين رنگ آهن، هر رنگ جي پنهنجي انفراديت آهي، زندگيءَ جي اصل رنگن کي پرکڻ لاءِ بهترين طريقواهو ئي آهي ته يا ته ماڻهو چريو ٿي گهمي يا عاشق مزاج.”
    “شربت!واقعي اهو سبق ڦٽاڪي کي مون ڏنو هو ته زندگي هڪ انڊلٺ آهي، جنهن ۾ سوين رنگ آهن، ڇو جو ڦٽاڪو مونسان ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو، جنهن ڳالهه جي ثابتي ڏيڻ چاهيندو هو ته ڳالهه کان اڳ قسم کڻي چوندو هو ته استاد سفاري پارڪ کان وٺي گارڊن تائين ۽ گارڊن کان وٺي واٽر پارڪ تائين سڀني رهندڙ سهڻن جو قسم . . . . . پر يار شربت! زندگي ڦٽاڪي لاءِ اڃا به رنگ برنگي انڊلٺ آهي پر منهنجي لاءِ زندگي اهي رنگ وِڃائي ڇڏيا آهن. منهنجي لاءِ زندگي بي رنگ انڊلٺ بڻجي وئي آهي.”
    “حڪم ڪر استاد رنگن جو دٻو وٺي اچان!؟”
    “تنهنجو نالو ئي شربت آهي، تون زندگيءَ جي ڪوڙاڻ کي نه سمجهي سگهندين!”
    “استاد! منهنجي پيءُ جو نالو ڪوڙو آهي.”
    “شربت تنهنجي پيءُ ساري حياتي ڪوڙاڻ ڏٺي هوندي، تڏهن ته تنهنجو نالو شربت رکيو اٿس.”
    “نه استاد مونکي منهنجي ماءٌ ٻڌائيندي آهي ته ڇٺيءَ جي ڏينهن مٺي ڀت ۾ ڪِرڙي ڪري پئي هئي، ان ڪري ڀت جو ديڳڙو ٻاهر اڇلائي آيا هئا ۽ ٻيا چانور نه هجڻ جي ڪري ڇٺيءَ جي ڏينهن شربت ورهايو هئائون، ان جي ڪري منهنجو نالو شربت خان مشهور ٿي ويو.”
    “شربت ڪڏهن عشق ڪيو اٿئي؟”
    “استاد ان جي ڪري ته تو وٽ آيو آهيان ته جيئن عشق جو فلسفو سمجهي سگهان.”
    “ڀلا! ڪنهن سان پيار ڪيو اٿئي؟”
    “استاد ڀلا عشق ۽ پيار ۾ به فرق هوندو آ ڇا؟”
    “شربت! پيار هڪ ننڍڙو جذبو هوندو آهي، باقي عشق سمنڊ اٿئي سمنڊ!!”
    “استاد! لڳي ٿو ته عشق فقط ملاح ڪندا هوندا، ڇو ته اهي واقف آهن سمنڊ کان، باقي ٻيا اڻ تارو ڇالاءِ ان ۾ ٻڏندا؟”
    “شربت!اهو عشق ئي ته آهي جنهن منهنجي رنگ برنگي انڊلٺ کي بي رنگ بڻائي ڇڏيو آهي.”
    “استاد ڀلا اهو عشق ڪيئن ٿيندو آهي؟”
    “شربت جڏهن پيار جون منزلون پوريون ٿينديون آهن ۽ پوءِ به دل “کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان، تن ۾ تنئوس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان، جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي”، چوي، ته سمجهه عشق شروع ٿي ويو.”
    “استاد مونکي سڀني سنڌي اخبارن، رسالن ۽ چئنلن جا نالا ياد ٿي ويا آهن پر پوءِ به گهر وارا چوندا آهن ته مونکي هر ڳالهه دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي.”
    “هائو يار شربت، اهڙي غلطي مونکان به ٿي وئي هئي.”
    “اها وري ڪيئن استاد؟ ”
    “هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڦٽاڪو مون سان گڏ هوندو هو ۽ اسان ڪمپيوٽر جي ٽيوشن وٺڻ لاءِ ويندڙ ڇوڪريءَ کي تنگ ڪندا هئاسين، هڪ مهيني جي جفاڪشئَ کان پوءِ مس وڃي ڇوڪري مرڪي ڏٺو هو ۽ ڦٽاڪي کي سڏي پڇو هئائين، “توهان ڪير آهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو!؟”
    “مان ڦٽاڪو آهيان ۽ هو منهنجو استاد آهي.”، ڦٽاڪي ٻڌايو هئس.
    “چڱو پنهنجي استاد کي چئو ته سڀاڻي مون سان ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ملي.”، ائين چئي هوءَ هلي وئي هئي.
    ٻئي ڏينهن مان ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ويو هئس، هوءَ اڃان نه آئي هئي، اتان جي ائڊمنسٽريٽر مون کي جو وائڙو ڏٺو ته پاڻ وٽ سڏايائين.
    “داخلا وٺڻ آيا آهيو!؟”، هن پڇيو هو.
    “ها. ”، گهٻرائجي چيو هئم.
    “ايم ايس آفيس جو ڪورس ڪندئو، گرافڪس جو يا انٽرنيٽ جو؟”، هن پڇيو هو.
    “ڇوڪريون ڪهڙو ڪورس گهڻو ڪنديون آهن ؟”، مون پڇيو هيومانس.
    “اڪثر ڇوڪريون ته انٽرنيٽ جو ئي ڪورس ڪنديون آهن. . اوهان به اهو ئي ڪندا؟”
    مان اڃان ٻڙڪ ٻوليان ئي هان جو هوءَ اچي وئي، مونکي ڏسي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڏنائين، ٻاهر ٺهيل سيمنٽ جي ڪرسين تي وڃي ويٺي.
    “تنهنجو نالو ڇا آهي ۽ تون مون مان ڇا ٿو چاهين؟!” منهنجي پهچڻ شرط ئي رُکا رُکا سوال ڪيائين.
    “مان پروانو آهيان، شمع جي ڳولا ۾ آهيان، مان اڃارو پکي آهيان، ڍنڍ جي ڳولا ۾ آهيان، مان ٿر_تتو آهيان، وسڪاري جي ڳولا ۾ آهيان.”، جملي بازي ڪندي چيو هئم.
    “جيڪڏهن راهه ڀليل آهين ته واهرو کان گس پڇ، جي اڃارو آهين ته ڀٽائيءَ ڏي ڏس:
    “کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تنئوس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي”
    “منهنجي تڙپ به ڪجهه اهڙي ئي آهي.” گهٻرائجي چيو هومانس.
    “مون کي ڪناري تي بيهي لهرن ۾ نهارڻ وارن ۾ ڪو ويساهه ناهي، اهي محبت جي “ميم” کان به اڻ واقف هوندا آهن.”
    “جيڪڏهن گهر ويٺي ليلا ملي ها ته مجنون دربدر ٿورئي ٿئي ها.”
    “مونکي انهن غير حقيقي ڪهاوتن سان ڪابه دلچسپي ناهي، مان فقط حال ۾ رهندي آهيان.”
    “توهان جي ان حال اسان کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي.”
    “ پروانا!!”، اهو چئي هوءَ چپ ٿي وئي هئي.
    “شربت! اگر مان واقعي پروانو هجان ها ته هن جي ائين پروانا پڪارڻ تي فدا ٿي وڃان ها... ۽ ائين اسان جون ملاقاتون روز جو دستور بڻجي ويون، هوءَ مونکي مجاز مان ڪڍي حقيقت ڏانهن آڻڻ چاهيندي هئي. ۽ مان حقيقت ڄاڻندي به مجاز طرف ويندو هئس.
    انهن ڏينهن ۾ ڦٽاڪو به مونکان موڪلائي هليو ويو هو.
    هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ مون هن جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ گهريو هو، ان ڏينهن هوءَ ڪاوڙجي هلي وئي هئي ۽ هُن مونسان ٽي ڪلاڪ فون تي ڳالهايو هو ۽ آخر ۾ ائين چئي فون بند ڪري ڇڏيو هئائين ته ننڍڙن ٻارن وٽ پارس جو ملهه ڪنهن بلور کان وڌيڪ نه هوندو آهي.”
    اهو ڏينهن هي ڏينهن مون وري هن کي ناهي ڏٺو، خبر ناهي هوءَ مونکان ڪيترو پري هلي وئي آهي. . . ۽ هاڻي جڏهن حقيقت کي سمجهي رهيو آهيان ته مونکي هوءَ واهرو جيان ٿي لڳي، هاڻي فقط زندگيءَ جي انڊلٺ بي رنگ ئي بچي آهي.”
    “پر استاد صبح وارو آفت خان وارو مامرو!؟؟”
    “ها يار شربت! ڪڏهن ڪڏهن خوبصورت خوابن جي ذريعي دل خوش ڪري وٺندو آهيان، پر يار شربت، هاڻي تنهنجي مرضي آهي ته تون زندگيءَ کي رنگين بڻائين يا بي رنگ انڊلٺ، ڇو جو عشق ناهي راند جو کيڏنس ڳڀرو!!!”

    ****


    • ڳيت ڏنل سڏڪا

    رڻ کي ميگهه ملهار ڇڏي ويا هئا، رڻ اٻاڻڪو هو، رڻ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. رڻ جو بدن ٿوهارجي چڪو هو. رڻ جي اڪيلائي ڏسي ٿوهر روئي رهيا هئا. رڻ جي ننڊ ڦٽل هئي، رڻ ميگهه ملهار لاءِ ٻاڪي رهيو هو. تڙپي رهيو هو پر هن جي خشڪيل نڙئَ جي اڃ اجهائڻ وارو ڪوبه نه هو.
    هڪ لڱي هڪ گس ڀليل واٽهڙو رڻ جي ريتئَ سان مليو. ان دفعي رڻ سرهو هو، ميگهه ملهار جي سڪ لهي وئي هيس. واٽهڙو کي ميگهه ملهار سمجهي ٻکجي ويو هو، واٽهڙو هڪو ٻڪو ٿي ويو، واٽهڙو جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ هو. واٽهڙو ڪنهن لمحي صفا هلڪو ٿي هوا ۾ اڏامي رهيو هو ته ڪنهن لمحي صفا ڳرو بڻجي واريءَ ۾ دٻجندو ٿي ويو.
    واٽهڙو جي ڪلهن تي بار وڌي رهيو هو، هن جي چيلهه چٻي ٿي رهي هئي، هن جي ڇاتئَ کي زمين ڇڪي رهي هئي، ڪشش ثقل وانگي واٽهڙو جا عضوا هيٺ ڇڪجي رهيا هئا، بس هو جهڪندو رهيو. . . جهڪندو رهيو...... سجاڳي....!
    کٽ تي ستل، ٽائيم منجهند جو هڪ ، ڪمري جو در کليل، جوڻس اندر ٽپي آئي هئي، هٿ ۾ ماني هجيس ٿي، ننڍڙو پٽهنس ڪڇ تي هجيس ٿو، هن کي ڌونڌاڙي ٿي، هو بي سڪونيءَ واري اکٻوٽ ۾ هجي ٿو، هوءَ ماني ڀرسان واري کٽ تي رکي ٿي، ننڍڙي پٽهنس کي هن جي سيني ڀرسمهيل هجڻ ڪري، هن جي پٺيءَ تي ويهاري ٿي، هو اٿڻ واري ڪري ٿو ته ننڍڙي کي کڻي ٻي کٽ تي ويهاري ٿي، رلي بدن تان هٽائي اٿي ويهي ٿو، جوڻس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي سڏڪو ڀري ٿي.
    هو منهن ڌوئڻ کان پهرين هن جي روئڻهارڪي چهري ڏي نهاري ٿو. هوءَ ماني کڻي هن جي اڳيان رکي ٿي، هو پاڻيءَ سان پهريائين منهن کي ڇنڊا هڻي ٿو، پوءِ ماني کڻي اڳيان رکي ٿو، گرهه ڀڃندي هن ڏانهن نهاري ٿو، هن جون اکيون ڳاڙهيون آهن، تارا پاڻي ۾ ڀريل اٿس، فقط هڪ اوڇنگار جي دير هئس.
    “ڳالهائين ڇونه ٿي گونگي! رڳو مسڪڻ ۾ پوري آهين؟!”
    هوءَ ڇلڪي پئي، پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي.
    “تنهنجي مرضي آهي ته مان سڪون سان ٻه گرهه مانيءَ جا به نه کاوان!؟”
    هوءَ لڇندي ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
    ـــــــــــ فليش بئڪـ ـــــــــــــ
    گهرو جهڳڙا _ ملڪيت جي ورهاست_ چاچي سان تڪرار _ ڀاڻس جو قتل ٿيڻ _ فيصلو _ عيوضي ۾ سڱ چٽي _ هن جي شادي _ ڇهن مهينن بعد شهر لڏي اچڻ _ گهر وارن کان ڌار _ خانگي نوڪري ٻن سالن جو عرصو گذري وڃڻ.
    هوءَ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي، ننڍڙو ڪڇ تي هجيس ٿو. هن کي چانهه ڏئي ڀرسان واري کٽ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي، هن جو سڏڪڻ ٻڌي سگهيو پئي.
    هُن ٿانوَ کڻي پنهنجي ڀرسان رکيا.
    “آخر ٿيو ڇا آهي، مسڪڻي!؟ وات مان مڱ ڪڍندينءَ به يا نه !”
    “توکي ڇاهي، تون هوش ۾ هجين ته توکي خبر به پوي!”
    “وري ڪهڙا پور پيا اٿئي؟”
    “سڄي رات ننڍڙي کي پيٽ ۾ سور هيو، نه پاڻ ستو نه مونکي ئي سمهڻ ڏنائين.”
    “گرائپ واٽر پيارينس ها !”
    “گرائپ واٽر کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.”
    “هن وڏي شهر ۾ ننڍي ۾ ننڍي ڊاڪٽر جي فيس به پنج سئو روپيه آهي ۽ اسٽور جي دوا ان کان الڳ آهي.”
    “ته پوءِ ننڍڙو ڀلي جان تڙپي، ڦٿڪي!”
    “هتي جا ڊاڪٽر منهنجا ڏاڏي پوٽا ته نه آهن جو رحم کائي اوڌر تي دوا ڏيندا.”
    هن جو چهر ڪاراٽجي ويو، تڪڙ ۾ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
    ياد ٿو اچيس ته ٻه ڏينهن اڳ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ پنجابي دوست کي چيو هئائين:
    “متين ڀائي! مان جڏهن به سمهي پوندو آهيان ته منهنجي خوابن ۾ بي سڪوني هوندي آهي، هر وقت صحرا ۾ ڀٽڪندو وتندو آهيان. رڻ ۽ ريگستان منهنجا ساٿاري هجن ٿا، رڻ ئي رڻ هوندو آهي، منهنجي خوابن ۾. . . . .”
    “ڀلا، ماضي ياد ايندو اٿئي ڇا!؟”
    “مون ماضيءَ کي وساري ڇڏيو آهي ايترو جو مون پنهنجي ڳوٺ واري گهر جو ٻن سالن کان در به ناهي ڏٺو.”
    “ته پوءِ ڪا گهرو پريشاني هوندئي!؟”
    “ها يار منهنجو ننڍڙو بيمار ٿو رهي، سوچيان پيو ته هن آچر تي آرام نه ڪريان ۽ کيس دوا لاءِ کڻي وڃان پر هڙ ۾ پئسا به ناهن. . . . . . . . تون اگر پگهار تائين هڪ هزار اڌارو ڏين ته مهرباني ٿيندي.”
    “مون وٽ آهن پر مان اڄ ڳوٺ پيو وڃان، هفتي کان پوءِ موٽندس.”
    ٻيڪڙيل در آهستي کليو.
    هوءَ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي اندر ٽپي آئي، هن دفعي هن جو سڏڪڻ بند هو، اوجاڳي ۽ روئڻ جي ڪري اکيون ڳاڙهيون هيس، ڀرسان واري کٽ تي اچي ويهي رهي، هن ڏي نهاري وري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين، چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي بس ڪيائين.
    “هون. . . . . ها چئو ڇا ٿي چوڻ گهرين؟”
    “سئوٽ تنهنجي پگهار اچڻ ۾ اڃان تيرنهن ڏينهن آهن، جي تون اجازت ڏين ته مان ڪجهه پئسا امان وارن کان گهرائي وٺان.”
    هو مائٽن جو ذڪر ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، لوندڙيون ڌوڻ لڳس، جهٽ هڪڙيءَ ۾ نرڙ پگهرجي ويس.
    جنهن ماضيءَ کي هن وساري ڇڏيو هيو سو فليش بئڪ ٿي هن جي اڳيان وري جهٽڪا ڏيڻ لڳو.
    گهرو جڳهڙا، ملڪيت جي ورهاست، چاچي سان تڪرار، ڀاڻس جو قتل ٿيڻ ، فيصلو. . . . .. . هن جي وجود اڳيان ڌماڪا ٿيڻ لڳا، ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما کان به وڌيڪ ڌماڪا. هن جي اکين اڳيان دونهون ئي دونهون ڦهلجي ويو.
    هوءَ جنهن ٻن سالن ۾ ڪڏهن به پيڪن جو نالو زبان تي نه آندو هو، اڄ انهن جو ذڪر ڪري اربع خطا ڀانئي رهي هئي، ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪي ويو هوس، همٿ نه پئي ٿيس جو مڙسنهس جي منهن ڏانهن نهار وجهي.
    خاموشي ۽ ڪمري جي سانت.
    ڪجهه لمحن کانپوءِ سانت جو آواز _ ننڍڙي جو روئڻ.
    هُن جو ننڍڙي کي گود ۾ لڪائڻ.
    “ڏس سئوٽِ ! تنهنجو منهنجو ڳانڍاپو هڪ دکدائڪ افسانو آهي، جنهن ۾ بيشمار غمن جون ڳنڍيون آهن ۽ جنهن جو ماضي هڪ المناڪ الميو آهي، اُن ماضيءَ جي سرچ لائيٽ کي ٻارڻ کان اڳ ايترو ضرور سوچجانءِ ته هن جي روشني ۾ ڪيترا ئي لڪل ۽ اڻ ڏٺل منظر به ٻيهر ظاهر ٿي پوندا.”
    هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نهار مڙس تي وجهي ٿي، جتي کيس پٽ جو ڪفن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، وري هڪ نهار ننڍڙي پٽ تي وجهي ٿي، جيڪو سندس هنج ۾ بخار ۾ تپيل آهي هوءَ سڏڪندي چوي ٿي.
    “مان ممتا کي ڪاڏي ڪريان ! جيڪا مونکي هڪ پل به ساهه پٽڻ نه ٿي ڏي.”
    “. . ... ۽ مان حالتن هٿان مجبور آهيان، سئوٽِ ! مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان، اڳيان اجرو پاڻي آهي ۽ پٺيان گٽر جو وهڪرو. . . . مان پوئتي لڙهڻ نه ٿو چاهيان.. . . نه ٿو چاهيان!!”
    هوءَ ٽاهڙ تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اٿي، ننڍڙي کي ڇاتيءَ سان ائين چنبڙائي ڇڏيائين ڄڻ ڪو کانئس ڦري رهيو هجي، ٻنهي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ سُڪ ڪري، سسڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
    هو ڪيترائي پَل مجسمي جيان ساڪن ويٺو رهيو، ڪمري ۾ خاموشي هئي، هو اٿيو هينگر ۾ ٽنگيل قميص جي کيسي مان واليٽ ڪڍيائين، واليٽ مان ڊائيزِپام گورين جو اڌ بچيل پتو ڪڍي ٽي گوريون بغير پاڻي جي ڳهي ورتائين.
    ڪجهه لمحن بعد.
    هن کي خشڪيل نڙيءَ وارو پياسو ۽ اٻاڻڪو رڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو جنهن کي ميگهه ملهار ڇڏي ويا هئا، جتي هو روئندڙ ٿوهر کي پرچائڻ وڃي رهيو هو، پياسي رڻ جي اڃ اجهائڻ وڃي رهيو هو.
    *****


    • سوائي برڪت

    ڪاٺ جي پراڻي ٽڙڪيل در وٽ ننڍڙو اگهاڙو ڇوڪرو بيٺو رستي تان گذرندڙ سائيڪلن، موٽرسائيڪلن، ٽانگن، گڏهه گاڏن ۽ ڊاٽسنن کي ڏسي رهيو هو. هڪ کير وارو موٽرسائيڪل تي رکيل کير جي دٻن سوڌو اچي در وٽ بيٺو، کير جي هڪڙي دٻي جو منهن کولي دٻي تي کڙِڪائڻ لڳو، وري موٽر سائيڪل جو هارون وڄائڻ لڳو. ننڍڙواگهاڙو ڇوڪرو ڊڪندو گهر هليو ويو، ڪجهه لمحن ۾ هڪڙي مائي کير جي چؤنري کڻي ٻاهر نڪري آئي.
    “آ ابا کير وٺ!”
    “گهڻو آهي امان؟”
    “پٽ! لوٽو ڪونه آندو اٿئي ڇا؟”
    “آندو ته آهي . . . . پر تنهنجي زبان تي پڪ اٿم، جيترو چوندينءَ ايترو ئي هوندو.”
    “ساڍا چار ڪلو آهي چؤنريءَ جي ماپ مطابق.”
    “امان تنهنجي مينهن جو کير سچو ملندو آهي، تڏهن ته مان ميٽر به ڪونه هڻندو آهيان.”
    “ابا، کير جي تاريف (تعريف) ته ڪندو آهين پر ڪڏهن اگهه ته مٿي ڪونه ڏنو اٿئي!؟”
    “امان، خبر ٿئي ته پيٽرول مهانگو ٿي ويوآهي، اهو نڌڻڪو چڙهيو ڄڻ هر مصنوعي ٺهيل شيءِ چڙهي ويندي آهي.”
    “ها ابا ٻي هر شيءِ چڙِهي ويندي، رڳوکير جو اگهه نه ٿيندو، . . ! ان اگهه مان مينهن جي ڪٽي به پوري نه ٿي ملي.”
    “امان هاڻي سسٽم ئي بدلجي ويو آهي، اڳي سيٺيون ڪچو کير ڀرائيءَ تي وٺندا هئا ۽ اهو وري برف شاپ ۾ رکي، ڄمائي برف ڪري ڪراچي کڻي ويندا هئا، پر هاڻي کير مائي جي بٺيءَ تي ڏيندا آهيون، جتي“دودهه ڪا دودهه ۽ پاني ڪا پاني” ظاهر ٿي پوندو آهي. کير نجو هوندو ته “واڌائي” پوري لهندي ۽ جي کير ۾ پاڻي هوندو ته“واڌائي” گهٽ لهندي ۽“واڌائي” گهٽ لٿي ته سيٺ اوترو کير ڪٽ ڪندو آهي.”
    “پر ابا منهنجي کير ۾ ته پاڻي ڪونه هوندو آهي.”
    “امڙ تنهنجو کير ته نجو آهي پر تنهنجي ڳوٺ وارو شاهه آهي نه، ان جوکيرمڙئي جهارو ملندو آهي.”
    “ابا ٿورو آهستي ڳالهاءِ! پاڙي وارا ماڇي مريد اٿس.”
    “اهڙن پيرن جي پٺيان لڳا ته پلصراط کان به اڳي ڇڏي ويندن.”
    “ ابا کير لکي ڇڏيئي. ؟”
    “هائو امڙ. . . . . ؟”
    کير واري اسڪوٽر تي چڙهي ٻئي در تي بريڪ ڏئي هارون وڄايو ۽ پوءِ لوٽو کڻي کير جي دٻي تي کڙڪائڻ لڳو.
    “او پٽ اڄ مينهن ناهي مڙي . . . . کير ڪونهي ڪو!”
    “کير ڪونهي ته پاڻي ئي آڻي ڏي!”
    “هائو پٽ!آڻيان ٿي.”
    ڪجهه لمحن ۾ پوڙهي گلاس پاڻي جو ڀري آئي، کير واري کي ڏيندي چيائين:
    “پٽ پئسا آندا اٿئي. . . ؟ مينهن بيمار ٿي پيئي آهي، ان ڪري ٽن ڏينهن کان مڙي نٿي.”
    “پئسا پهرين تاريخ ملندا ته ڏيندو مانوَ!”
    کير واري پاڻي پيئي خالي گلاس پوڙهيءَ ڏانهن وڌائيندي چيو ۽ پوءِ ڪِڪِ لڳائي گيئر اڳتي ڪري ايڪسيليٽر کي چوريائين ته اسڪوٽر اڳتي وڌي ويو.
    کير واري علڻ ماڇيءَ جي در آڏو بريڪ تي لت ڏئي، لوٽو کڙڪايو ته همراهه وڏي چؤنري کير جي ڀري کڻي آيو کير واري آڏو واري کيسي مان کير ۾ پاڻي ماپڻ وارو اوزار“ليڪٽوميٽر”ڪڍيو.
    “علڻ!اڄ ڀلا تڪڙو کير کڻي آئين، “وارڌات” اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هيئي ڇا؟”
    “اڄ مينهن سوير مڙي هئي، ڪنڍي ڀٽاري آهي.”
    “علڻ تنهنجي گهران کير نجو نٿو ملي!؟”
    “ڀائو! لعنت ڪريس. . . . . آگهار ساگهار کانسواءِ حرام ٿئي.”
    کير وارو ليڪٽو ميٽر پنج سيرن واري کير جي چؤنري ۾ آهستي آهستي وجهڻ لڳو، ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس.
    “مار پوئي علڻ، هي ڏس هڪ حصوکير ته ٽي حصا پاڻي. !”
    “ڀائو ميٽر خراب هوندئي. اسان کي چؤنري جي آگهار کانسواءِ حرام آ. . ! ”
    “علڻ کير جا پئسا وٺندو آهين ته کير ڏي. . . . باقي سڀاڻي ههڙو کير مان نه کڻندو سانئه. . . !”
    کير وارو علڻ جو کير دٻي ۾ وجهي اڳتي هليو، موڙ وٽان لڙي اندر رخ رکيائين. گهٽيءَ ۾ هڪ در اهڙو به هو جتي هن سان عجيب ڳالهه ٿي هئي هڪ ڏينهن جڏهن کير کڻڻ آيو هو ته انهي در وٽ بيٺل همراهه هن کي چيوهو،
    “او ادا کير وارا بيهه ته . . . . !”
    هن بريڪ تي زور ڏنو هو، در وارو همراهه ڀرسان آيو هوس.
    “مينهن نه ٿي مڙي . . . . سئي هڻي ڏي، گهر هليو اچ .”
    کير واري موٽر سائيڪل بيهاري ۽ هن سان گڏ اندرهليو ويو.
    گهر اندر گهڙي همراهه هن کي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو، مينهن جي کير لاهڻ وري سئي اندر ڪوٺيءَ ڏي پيئي آهي مونکي سڃاڻڻ ۾ ناهي ايندي تون پاڻ هلي کڻ. !”
    “ها، مونکي خبر آهي آڪسيٽوسن لڳندي آهي !”، کير واري ٻڌايس.
    همراهه هن کي ڪمري جو در ٽپڻ لاءِ چيو، کير وارو جيئن ئي اندر گهريو، پويان همراهه در ٻاهران بند ڪيو، کير وارو حيران، پريشان ٿي ويو، ڪوٺيءَ ۾ ڏينهن وري اونداهي هئي، هن پوئتي نهاريو، کٽ تي ڪا عورت ويٺي هئي هن کي ڳالهه ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ ويٺي .
    عورت ٽامڻي هنيل چهري سان هن ڏي نهاريو، هيءُ ان ڳجهارت ۾ گم ئي هو ته اها عورت هن جي ڀرسان آئي.
    “اِهو بيغيرت منهنجو مڙس آهي مونکان زوريءَ “ڌنڌو” ڪرائڻ چاهي ٿو.” عورت هن جي اڳيان اچي چيو، “مان هن حرامي جي نشي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيان. !”
    “ته پوءِ تون ڇڏي ڇونٿي ڏينس؟”
    “نه اوهي نه واهي، نڌڻڪي آهيان!”
    “پوءِ ڇا تون هن ڪم ۾ خوش آهين!؟”
    “سرڪار!ڀلا ڪا حوا جي ڌيءُ مٿي جو لٽو لهرائڻ ۾ خوش هوندي آهي ؟”
    “چڱو ڀلا! هي ٻه ٽي روپيه وٺ، مڙسهين کي نشي لاءِ ڏي ۽ مونکان هٿ ڪڍو.”
    سوڙهي گهٽيءَ مان سامهون ايندر گڏهه گاڏي واري کير واري کي هڪل ڪئي، جيڪو دَرَـــ ڪهاڻيءَ ۾ گم سم ٿي موٽر سائيڪل هلائيندو پئي آيو. کير وارو حال ۾ پهتو. موٽر سائيڪل کي شاهه جي حويلي جي دَرَ جي اڳيان بيهاري هيٺ لٿو، شاهه صاحب اوچتو ئي گهران نڪري آيو هو کير واري کي ڏسي کير کڻڻ ويو. ڪجهه منٽن کان پوءِ کير جي چؤنري کڻي ٻاهر نڪتو.
    “چئن سيرن جي کير جي چؤنري وٺ ته مان ٻئي چؤنري کڻي اچان.”
    شاهه کير واري کي هڪڙي چؤنري ڏئي واپس گهر ڏي هليو ويو. کير واري کير جي چؤنري موٽرسائيڪل تي رکي، هڪ هٿ سان ان کي جهليو ۽ ٻئي هٿ سان کيسي مان ليڪٽوميٽر ڪڍي کير جي چؤنريءَ ۾ وڌو. ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس ، شاهه به گهران ٻي چؤنري کڻي نڪري آيو، ٻئي چؤنري به کير واري کي ڏيندي چيائين، “ڀائڙا!چار ۽ ٽي ست ڪلو کير ٿيو اٿئي.”
    “شاهه صاحب اوهان کي ڪيتريون مينهون آهن. !”
    “مينهون.....!؟ هڪڙي مينهن آهي ڪنڍي ڀٽاري! ماڇي فقير مريد آهن انهن ڏن ۾ ڏني هئي.”
    “سائين مينهن کير ڪيترو ڏيندي آهي؟”
    “اڳي ته ٻه ڪلو ڏيندي هئي، هاڻي اسان جي دعائن جي برڪت سان ست ڪلو ٿي ويو آهي.”
    “پڪا ست ڪلو؟!”
    “ها، پڪا ست ڪلو! اهو اسان جي دعائن جي برڪتن جي ڪري آهي، تون به چئو ته تنهنجي دٻن تي دعا پڙهان، تنهجا اِهي کير جا دٻا ساري عمر خالي نه ٿين !”
    “قبلا، منهنجي کير جا دٻا هاڻي به خالي ناهن رهندا.”
    “. . . ته پوءِ اڃان به سوائي برڪت ٿيندئي!”
    “قبلا سائين اِها “سوائي برڪت” اوهان ۽ ماڇي فقيرن کي الله بخشي ڏي، شاهه صاحب هڪڙي ڳالهه چوانوَ دل ۾ ته نه ڪندئو. . . ؟”
    “نه ڀائڙا نه !ڀلا مريدن جي ڳالهه دل ۾ ٿورئي ڪبي آ!”
    کير واري کير جا دٻا بند ڪيا موٽر سائيڪل تي چڙهي ويٺو، ڪِڪِ لڳائي، گاڏيءَ جو تيل وڌايو، گيئر اڳتي ڪئي ۽ ڪلچ کي پڪڙي شاهه کي ڏٺو ۽ ڪلچ کي ڍرو ڪندي چيائين:
    “قبلا! اها سوائي برڪت اسان جو سِرُ کڻندي باقي هڪ ڳالهه پڪي آهي ته جيڪڏهن اوهان جهڙا شاهه هوندا ته مريد به ماڇي هوندن.”

    ****


    • ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوهه؟!

    “نه ڇڏيس!اڦٽ مار نڀاڳي کي.”
    کٽ تي ويٺل منهنجي ڏاڏيءَ جو ائين چوڻ ۽ چاچا جو اٿي ڪمري ڏانهن بندوق کڻڻ لاءِ ڊوڙ پائڻ.
    “صفا نڀاڳو آهي، جنهن جي گهر جي ڀت تي ويهي معنٰي ڪنهن نه ڪنهن جي حياتي پوري ڪري.”
    ڏاڏيءَ منهنجي تپيل نرڙ تي زور ڏيندي چيو.
    “ابا! ڪلهه ڏٺئي، رجب جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي. در تي ڪو مينهن لاءِ پلال رکيو هيئين، لڳي جو پلال کي باهه ته، گهر به سڙي ويس، چُ. . . . . . . . چُ. . . . . . . ويچاري جي ڇهن ورهين جي نياڻي به جيئري سڙي وئي.”
    باهه جا شعلا منهنجي اکين مان لڙڪ بڻجي نڪري آيا .
    “ابا! پٽي هوندي پاڙ ڪنهن مواليءَ جي، دکيل سگريٽ يا ٻيڙي اڇلي هوندئين پلال تي ۽ سڙيو هوندو گهر.”، بخار جو سور سگريٽن جا ٽوٽا بڻجي منهنجي بدن کي چنبڙي ويو.
    “اَبا! چون ٿا ته ٽن چئن ڏينهن کان چٻرو سندن گهر جي مٿان لنگهندڙ بجلي جي تارن تي ويهندو رهيو هو.”
    ڏاڏي منهنجي بخاريل نرڙ تي زور ڏيندي چئي رهي هئي.
    چاچو ڪوٺيءَ مان بندوق کڻي آيو، ڪارتوس وجهي نشانو جهليائين ته چٻرو نم تان اٿي بجلي جي تارن تي ويٺو. چاچا بندوق سڌي ڪندي ٽرئگر کي زور ڏنو، فائر ٿيڻ کان اڳ چٻرو اڏامي ويو.
    “وڏو نڀاڳو پکي آهي، تنهنجي ڏاڏي جي حياتي به ان نڀاڳي جي ڪري وئي، هر رات اچي هنن بجليءَ جي تارن تي ويهندو هو، تنهنجو ڏاڏو به پندرنهن ڏينهن کٽ تي بيمار پيو هو ۽ هي نڀاڳو به پندرنهن ئي راتيون اچي تارن تي ويهندو هو ۽ پوءِ تنهنجو ڏاڏو. . . . ”
    ڏاڏيءَ پهرين آلي ڪپڙي سان منهنجا لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ پنهنجا.
    “ياد اٿئي تون ان وقت ستن سالن جو هوندو هئين ته تنهنجو ڏاڏو تنهنجا ٻئي ڪنَ پڪڙي توکي چوندو هو ته ست ڪراڙا سلي ڏيندينس، ته پوءِ هو ڪنن مان هٿ ڪڍندو، ۽ پوءِ تون شروع ٿي ويندو هئين: علي مراد ، سبزل، حبن، ٽوهه، دلمراد ، عبدالغني ۽ ستون نالو تون هن جو پنهنجو وٺندو هئين. . . ۽ پوءِ هو تنهنجي ڪنن کي چيڀٽ ڏيئي چوندو هيئي ته هو تنهنجي ڪنن کي ڏري يا پيهي! ۽ پوءِ تون روئڻ جون تياريون ڪندو هئين ته هو توکي ڀاڪر ۾ ڀري چوندو هو ته اڙي بابا!شهزادو روئي پيو.”
    چاچو بندوق واپس وڃي ڪوٺيءَ ۾ رکي آيو.
    “اَبا نڀاڳو اڏري ويئي نه!”، چاچي جي ڪوٺيءَ مان نڪرندي ئي ڏاڏيءَ چيس.
    چاچا هارايل جواريءَ جيان منهنجي ڀرسان اچي کٽ تي ويهي رهيو.
    “ بخارنه ٿو لهيس ڇا؟”
    “ڪلهه جو رجب جي گهر کي لڳل باهه ڏسي آيو هو ته اهو تپ چڙهيو اٿس، هر لهيس ٿو ته هر “ٽانڊا” ٿي ٿو وڃي.”، ڏاڏي منهنجي مٿي تي آلي ڪپڙي جي پٽي رکندي چاچا کي ٻڌايو.
    مونکي محسوس ٿيو ته آلي ڪپڙي جي پَٽِي نه پر ڏاڏيءَ رجب جي ڇهن ورهين جي باهه ۾ سڙيل ڌيءُ جو لاش منهنجي مٿي تي رکيو هجي .
    “اَمان! ويچاري سان ٿيو به ظلم آ. .. . معصوم ڌِيءُ جيئري سڙي وئي اٿس.”
    “اَبا! شل ربُ ، باهه ڏيندڙ جي گهر کي باهه ڏئي، شل پاڻ ان باهه ۾ ائين سڙِي مري، جيئن رجب جي ڇهن ورهين جي ڌئَ سڙي مُئي!”
    مونکي محسوس ٿيو ته مان رليءَ تي نه پر ٽانڊن تي ستو پيو هجان، منهنجي مٿي تي ڏاڏيءَ جو هٿ نه پر باهه جو شعلو هجي، مان ڪنهن کٽ تي نه پر آڙاهه ۾ ليٽيل هجان.
    “امان! مان وڃان ٿو رجب وارن ڏي، تڏي تي ويهڻ، ڪلاڪ ٻن ۾ موٽي ايندس!”
    “ابا گهر ضرور موٽجان! اتي سمهي نه رهجان! ڇوڪرو به بيمار آهي، مونکي به ننڊ پئي اچي.”
    چاچا جي گهر کان ٻاهر نڪرندي ئي ڏاڏي منهنجي نرڙ تي هٿ رکيو، جيڪو پگهر ۾ آلو هو. آلي ڪپڙي سان منهنجو پگهر اگهيائين.
    “بخار آ، غيبات آ، منٽ ۾ لهي ٿو منٽ ۾ چڙهي ٿو!”
    ڏاڏي پگهر اگهي ، منهنجي پيرن مٿان چادر وجهي ڀرسان واري کٽ تي آهلي پئي.
    رجب جي گهر کي وڪوڙيل باهه منهنجي بدن کي وڪوڙي وئي.
    ڪالهه اهو سڀ ڪجهه بادل جي ڪري ٿيو. بادل جهڙو ٽرو موالي اسان جي ٽولي ۾ ئي ڪونهي، سلڦيءَ جي ڦوڪ ڀريندو ۽ ٺوڪي ڪنهن نه ڪنهن کي گار ڏيندو، ۽ آهي به توائي باز، ڪو دم نه پٽيندو، سدائين شرُ مغز ۾ هوندو اٿس، پنهنجي انهئَ طبع جي ڪري ڪيترائي “ڪارنامه” به سر انجام ڏئي چڪو آهي.
    ڪنهن سان ڏند چڪ هوندس ته ان جي فصل کي باهه ڏئي ايندو يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ان کي نقصان رسائيندو.
    ڪالهه به اسين ٻئي نشي ۾ ٽُن رجب جي گهر واري گهٽيءَ مان اچي رهيا هياسين ته بادل جي نظر وڃي رجب جي ڪکائين گهر جي در تي پيل پلال تي پئي.
    “سهڻا اهو رجوءَ جو پلال آهي نه؟”
    “گهر انجو آهي تي پلال به ان جو ئي هوندو!”
    “سهڻا، اهي حرامي ڦر ڏيڏربه مغز چٽي ويا آهن!”
    بادل رجب جي گهر جي در ڀرسان پاڻي جي دُٻي ۾“ٽان ٽان” ڪندڙ ڏيڏرن کي ڀونڊا ڏيندي چيو،
    مون به ڪنڌ ڌوڻيو، وري بادل چيو،
    “سهڻا، رجو ڪلهه مئخاني تي ڇا پيو چئي توکي!؟”
    “چئي پيو نشو ڪرڻ ڇڏي ڏي، تنهنجو چاچو ڪيترو شريف آهي، تنهنجو پيءُ ڪيترو عزتدار هيو ۽ تون اچي کريو آهين!”
    “ . . . . ۽ ائين به چوئي پيو نه منهجي نالي ته، بادل حراميءَ سان سنگت نه رک نه ته بڇڙو ٿيندين. . . . . ! هو ڪير ٿيندو آ، توکي جهلڻ وارو! تنهنجو ڪو ابو ڏاڏو آ؟ اڙي اگر غيرت اٿئي ته ڏئينس پلال کي باهه ته خبر پويس! پاڻهي پلال لاءِ پنندو ته سڀني مائٽن جي خبر به پئجي ويندس.”، بادل ماچيس مون ڏانهن اڇلائيندي چيو.
    مون ماچيس جي ننڍڙي دٻيءَ کي کولي، ان مان تيلي ڪڍي پوءِ ان کي ماچيس جي روغن تي مهٽيو، تيلي ٻري پئي، ۽ ڪجهه لمحن ۾ پلال ڀڀڙ ڪري ٻري اٿيو، ڏسندي ئي هڪ اُلانڀو اڏري وڃي رجب جي ڪکائين گهر مٿان پيو، اسين ٻئي کسڪي نڪري آياسين.


    “اَبا هن دفعي نه ڇڏجانس، نڀاڳو وري موٽي آيو آهي!”، ڏاڏي منهنجي چاچي کي چئي رهي هئي، “ابا خيال سان متان هن ڀيري به اڏري وڃئي.”
    مونکي منهنجو جسم ان چٻري کان وڌيڪ نڀاڳو لڳڻ لڳو، مرڻ ته مونکي کپندو هو، نڀاڳو ته مان آهيان، پکئَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، ڏوهي ته مان آهيان. ڪاش!مرڻ لاءِ پکئَ جو نه پر منهنجو ڍڍر هجي ها.
    هڪ فائر ٿيو ۽ چٻرو اچي تارن تان هيٺ پٽ تي ڪريو. مونکي محسوس ٿيو ته چٻرو نه پر منهنجو روح زخمي ٿيو هجي، ڄڻ ته مان ڦٿڪي رهيو هجان.
    چاچا فاتح بڻجي اچي کٽ تي ويٺو مس ته پريان مينهُن جي واڙي مان چاچئيءَ دانهن ڪندي، ڀوريءَ مينهن ڏانهن اشارو ڪيو.
    چاچو ۽ ڏاڏي ڊوڙندا اچي مينهن جي واڙي ۾ پهتا، جتي ڀوري مينهن ڇڙيون هڻي رهي هئي، چاچا هڪل ڪندي چاچيءَ کي ڪاتي آڻڻ لاءِ چيو، پر ڏاڏيءَ روڪي ورتس.
    “ابا مينهن ڀٽاري پنهنجي سهڻي مٿان صدقو ٿي وئي.”
    مون محسوس ڪيو ڄڻ ڀوري مينهن پَٽ تي نه پَر منهنجي مٿان ڪري پئي هجي.

    ****


    • تيرهون مهينو

    ڪي ڏهه دفعا ٿيا هوندا جو وڏي ڀاءُ کي جهليو اٿم ته هر هر مونکي اگهاڙي منهن تي ڀونڊو نه ڏيندو ڪري، پر هر ويلي ان جو جواب اهو ئي هوندو آهي ته اڳلي دفعي رومال منهنجي منهن تي رکي پوءِ ڀونڊو ڏيندو.
    منهنجو منهن کڻي ڪارو آهي ته ڇا ٿي پيو اندر ته صاف آهي ماڻهو ته منهن جا اجرا ۽ اندر جا ڪارا هوندا آهن. ڄڻ ڪنهن اڇي صاف ڪپڙي ۾ گند ٻڌل هجي.
    ائين ڪلهه ئي هڪ وڏيري جي مال لاءِ سيٺ جي دڪان تان ڪٽيءَ جا ٻه گاڏا جلب ۽ مان ڪرائي سان ڪاهي وياسين. وڏيرو به ڪو چڙيو ويٺو هو. اسان جو واڙي جي ڪوٺيءَ ۾ ڪٽي لاهڻ ۽ هن جو شروع ٿيڻ. . . گارين جي ڪا ڳوڻ ڀريل هئس، شروع ته ٿيو پر بس ئي ڪونه پيو ڪري مان ته سوچ ۾ پئجي ويس ته نڀاڳي کي وات صاف ڪرڻ لاءِ پنجويهه فٽ ڊگهي نم جا ڏندڻ کپن، تڏهن به شل وڃي وات صاف ٿئيس، ايندي ئي چوڻ لڳو:
    “اڙي دانگي مليانوَ! ڪوٺيءَ ۾ ڪٽي ڇو ٿا لاهيو؟ ڪمدار باقي توهان جي فلاڻي تي سمهندو ڇا ؟!” وڏيرو گرجندو اچي پهتو.
    “ڀوتار ڪمدار ئي ته چيو آهي ته ڪٽي ڪوٺيءَ ۾ لاهيون.”، جلب ٻڌائيس.
    “ان جي ته فلاڻيءَ کي فلاڻو !”، وڏيرو گجندو اوطاق ڏي هليو ويو. ڪجهه گهڙين ۾ ڪمدار ائين ڊڪندو آيو، ڄڻ وڏيري منهن تي ڪي ويهه پنجويهه ڀونڊا گسايا هجنس.
    “اڙي وٺو ڪرائي جا پئسا ! لاهيو ڪٽي ۽ کسڪو.....!”
    ٻاهر نڪري آياسين ته جلب چيو، “وڏيرو هو يا مئل گڏهه، رڳو ڌپ ئي ڌپ هيس.....!”
    مان ۽ جلب بلڪل ائين جيئن چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهن تي ڳولي لهي. آهي ته جلب به مشڪي پر مونکان ٿورو گهٽ، پر هڪڙي عادت صفا ڪني اٿس، مان جڏهن به ڦڪا ڀڳڙا وٺي کائيندس ته هو نڪ مان ڦڪن ڀڳڙن جيترا گينگا ڪڍي منهنجي آڏو رکندو آهي، مونکي به مجبورن پٺيرو ٿي کائڻا پوندا آهن، الائي ڇو اسان جو نصيب به هوائي آهي، لڳو ته نئون وڳو نه لڳو ته ڦاٽل وڳو.
    جلب به وڏو شاهينگ هيو مسجد مان جتيون چورائڻ ۾ جهڙس تجربو شل ڪنهن شاهينگ کي هجي ٻه چار دفعا پڪڙجي جو پيو ته ساڳيا پيرن وارا پادر مٿي تي لڳا هيس. پوءِ کيس يقين اچي ويو ته ڪڏهن پادر کي به وارو ايندو آهي.
    پڻس هنجي روز روز جي ڪارنامن کان تنگ اچي کيس گڏهه گاڏو وٺي ڏنو، پوءِ جلب هو ۽ مزدوري جو اڏو.
    منهنجا به حال احوال ساڳيا وڏي ڀاءُ اگهاڙي منهن تي ڀونڊا ڏئي ڏئي منهنجو نڪ ننڍڙو ڪري ڇڏيو هو، ڪڏهن عيد برات تي ڀلجي آئينو ڏسندو هئس ته وڏي ڀاءُ جو ڀونڊو منهن تي چنبڙيل ڏسڻ ۾ ايندو هو. وڏي ڀاءُ لاءِ مان اٽي تي چٽي هئس، مون مان تنگ ٿي مون کي مينهن جي واڙي تي بيهاري آيو. واڙي جو مالڪ به قرآن جو پٽيل هو، مينهُن جي گاهه_ڪُتر، ٻَڌ_ڇوڙ، ڇيڻا_ پاڻي ۽ واڙي جي صفائي ته پهرين ڌڪ ۾ ڪرائي وٺندو هو پر ڪو وقت بچيو ته گهر جو ڪم ڪار ڪرائي وٺندو هو ۽ ڏيندو ڪل پنج سوَ مهينو هو. ٻئي مهيني ۾ ڀڄي آيو مانس، پوءِ وڏي ڀاءُ هڪ مال جي ڊاٽسن تي بيهاريو.
    ڊاٽسن جو مالڪ پگهار بند ڀتو چالو وارو سسٽم هلائيندو هو، ڊاٽسن جي صفائي ۽ ڪرايو مان اڳاڙيندو هيس، بس مڙئي ڪم هلي پيو هو.
    هڪ ڏينهن هڪ ڀوڳائي واپارئَ جي وڇير کنيون وڃون پيا. هن واپارئَ جون مُڇون اهڙيون وٽيل هيون ڄڻ تارازي، مضبوط به اهڙيون جو ٻارَ پينگهو ٻڌي لڏن.
    مون تي نظر پيس ته چيائين، “ڇا حال اٿئي، ڪاري ڪتل؟” مون به نه ڪئي هم نه تم چيو مانس، “اها مڇن واري تارازي ڏي ته مان پنهنجا فلاڻان توريان. ”
    سمجهي ويو ته آڏو به ڪو کڙپيل آهي، ان مهل ته بس ڪيائين پوءِ ته منهنجو نالو “ڪاري ڪتل” مشهور ڪري ڇڏيائين. جتان ٽپان ٽاڄائي ماڻهو“ڪاري ڪتل” چئي پيا چيڙائن ۽ مان به گهٽ نه هئس، ٻئي ڀونڊا ڏيندو هيو مان! بس وڏي ڀاءُ جي ڀونڊن جا پلئهَ ماڻهن مان وٺندو هيس.
    ايڏي ته ڦشري ٿي جو گهٽيءَ گهٽيءَ ،ڳوٺ ڳوٺ نالو مشهور. جتي ڊاٽسن وڃي، ٻار اڀا بيٺا چون ڪاري ڪتل اچي وئي! روز روز جي ڦشري کان تنگ اچي ڊاٽسن جي مالڪ هڪ شام جو ڊبل ڀتو ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن کان نه اچڻ جو چيائين.
    ٻئي ڏينهن وڏي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته ڀونڊو نڪ تي مهٽي ڇڏيائين ٻه منٽ بيهي وري الائي ڪهڙو پور پيس، ٻيو ڀونڊو به گسائي ڏنائين چوڻ لڳو:
    “تنهنجو ڪهڙو منهن ڪارو ڪيان، اهو ته تنهنجو اڳ ۾ ئي ٿيل آهي، نڀاڳا جتي بيهاريانءِ ٿو اتان ڀڳو ٿو اچين!”
    “مان ڪٿي پاڻ آيو آهيان، مالڪ پاڻ ڪڍي ڇڏيو آهي.”
    “ تو ۾ جي افعال ڏسي ها ته ڇو ڪڍي ڇڏي ها!؟”
    “مان ڇا ڪيان منهنجو نصيب ئي اهڙو آهي.”
    “. . . . . هاڻي ٻڌ! گڏهه گاڏي جي جوٽ وٺي ڏيانءِ ته اڏي تي مزدوري ڪر.”
    “جيڪا تنهنجي مرضي!”، وڏي ڀاءُ کي ٿڌو ڪري ڇڏيم.
    ٻئي ڏينهن وڏي ڀاءُ هڪ جڳاڙي جوٽ وٺي ڏني، گاڏو به ڀڳل هو، گڏهه جهڙو اڌ مئو، بس مڙئي جهڙو تهڙو روزگار ڪندو هئس. اتي ئي اڏي تي جلب سان سنگت ٿي ۽ پوءِ گهري ياري، ڇو جو ٻنهي جو ڀاڳ ڦٽل هو. ٻئي گهر مان تڙيل هئاسين ٻنهي جو اهڙو نصيب هو، لڳو ته نئون، نه ته ڦاٽل وڳو.
    هڪ منجهند اڏي تي بيٺو هئس هوائي روزي به نه لڳي هئي بک به اچي لڳي پئسا به ايترا ڪونه هئا جو ماني وٺي کاوان، گهر به وڏي پنڌ تي هيو. اوچتو ياد آيو ته کيسي ۾ ٻه روپيا هئا. جيڪي ڪالهوڪي حساب ڪتاب مان وڏي ڀاءُ کان بچائي ويو هئس. گڏهه جي لغام جي مهار گاڏي جي ڦيٿي سان ٻڌي ڀرسان واري دڪان تان ٻن روپين جا ڦڪا ڀڳڙا وٺي آيس. جلب به گاڏو آڻي ڀرسان بيهاريو. کيسي مان ڀڳڙا ڪڍي مون کائڻ شروع ڪيا، جلب به چيچ نڪ ڏي وڌائي ڇڏي. جيتري تيزئَ سان ڀڳڙا کائي رهيو هُيس اوتري تيزئَ سان جلب به نڪ مان ڀڳڙن جهڙا ڪڍي رهيو هو. منهنجي پيٽ ۾ پئي ڪتا ڊوڙيا منهنجي نظر جلب تي ڪٿي پئي پوي!
    پر جڏهن آخري داڻا چٻاڙي رهيو هيس ته ڏٺم ته جلب ڇا ڪري رهيو هو! پوءِ ته ٿُوٿُو ڪري ڀڳڙا ڪڍي ڇڏيم، جلب کي دنگو ملي ويو پوءِ ته چيڙ ٺاهي ڇڏيائين.
    ائين هلندي هلندي ٻه مهينا گذري ويا جو هڪڙي ڏينهن مان ۽ جلب وڏيري جي ڪٽي کڻي ويا هئاسين .
    “وڏيرو هو يا مئل گڏهه! رڳو ڌپ ئي ڌپ هيس !”، جلب جي ڳالهائڻ تي مونکي کل آئي.
    وڏيري جي اوطاق کان پري نڪري آيا سين ته مون وارو اڌ مئو گڏهه سهڪي سهڪي پٽ تي ڪري پيو. ٻه ٽي رگهون هڻي اٿاريومانس، اَڏي تي پهچي مون گڏهه لاءِ داڻو ورتو ۽ تڪڙو گهر ڪاهي آيو مانس، گڏهه کي ڇوڙي داڻو آڏو رکي مان گهر مان ٻاهر نڪري آيس، ڪلاڪ ٻه هيڏي هوڏي گهمي ڦري وري گهر آرام ڪرڻ لاءِ ويس.
    گهر جو در مس ٽپيم ته وڏي ڀاءُ کٽ تان اٿي گسائي ڀونڊو ڏنو، چوڻ لڳو:
    “گڏهه کي ته ماري ڇڏيئي هاڻي اهو داڻو سڀاڻي پاڻ کائجان!”
    مون گڏهه ڏي نهاريو گڏهه مون وانگر ٽنگان ٽيڙي ننڊ پيو هو.
    “نڀاڳا خبر به اٿئي ته تيرهون مهينو آهي، ڪتا به پلال ٿا کائن، صفا بڊهو آهي! هاڻي پئسا ڪٿان ايندا جو توکي ٻيو گڏهه وٺي ڏيانءِ!”
    وڏي ڀاءُ ٻيو به ڪَسَتَ مان ڀونڊو گسائي منهنجي اگهاڙي منهن تي ڏنو.
    مهنجو نڪ اڃان به گسي ويو.
    “اگهاڙي منهن تي ته ڀونڊا نه ڏيندو ڪر ادا!”
    “نه، نه...تنهنجي منهن تي بخمل رکي پوءِ ٿو ڀونڊا ڏيانءِ، ڪاري ڪتل!”
    ڀونڊو منهنجي منهن تي ايلفيءَ وانگر چنبڙي پيو.
    “هاڻي وڃ ۽ ڦٽي ڪري اچيس، ڪري نه وجهي ڌپ!”
    “مون وارو گڏهه به شايد وڏيرو آهي جو ڌپ ڪندو....!!” دل ۾ ڀڻڪيم.
    مونکي ته خبر آهي ته بڊهو آهي، ڪتا به پلال ٿا کائن، تيرنهون مهينو لڳو پيو آهي، پر وڏي ڀاءُ کي ڪير سمجهائي! ته ويچاري گگدام گڏهه کي ڪهڙي خبر ته تيرهين مهيني ۾ ناهي مربو. .. . .”
    ****


    • ڪمن جون ڪاڻيون

    هڪ ڏينهن سهڪندو اچي، منهنجي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ڪري پيو، گوڏ جي پلئه سان پگهر اگهي چيائين:
    “پبلشر جي ياري ڪم آئي، هر روز ٻه بوتلون، چار چانهيون ۽ اٺ پان کارائيندو ۽ پياريندو آهيانس، هاڻي چوي ٿو ته ڪاڻيون آڻي ڏي ته ڪتاب ڇپرايانئه. هاڻي مان به وڏو ڪاڻيڪار ٿي ويندس....... ۽ توڏي آيو آهيان ته تون مهاڳ لکي ڏي، تنهنجي ڪاٽن جي ڊريس ۽ وسڪيءَ جي بوتل ٿي مونتي، هي مسودو وٺ.”، “ڪمن ڪشٽ” گوڏ ٻڌل پوتڙي جي ورَ مان مسودو ڪڍي مون ڏي وڌايو.
    تنهن ڪري مان پنهنجي هڪ اکيي مشڪي دوست ڪمن ڪشٽ جي اڌوگابري لکيل ڪاڻين کي توهان آڏو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس، خدا ڪري توهان کي آلجبرا جيان سمجهه ۾ اچن. ان کان اڳ ڪجهه وضاحتون ته ڪمن ڪشٽ پاڻ کي “ڪاڻيڪار” سڏرائيندو آهي، ڇو جو هن کي ٽي بي آهي ۽ هو “ڪ” ۽ “هه”جو گڏيل اچار اچارڻ سان کنگهه ۾ ٻٽجي ويندو آهي، ان لاءِ تڪليف کان بچڻ خاطر ڪهاڻي کي ڪاڻي ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪاڻيڪار اچاريندو آهي.ڪمن جو تخلص “ڪشٽ” آهي، ڇو جو ننڍپڻ کان وٺي ڪشٽ ڪڍندي جيڪي بي عزتيءَ جا ڏک هن کي سهڻا پيا سي هن جي ڪاڻين کي اڌوگابري ڪرڻ ۾ ملوث آهن، ڇو جو هو جڏهن به ڪاڻيون لکڻ ويهندو آهي ته اها ڪشٽ ڪڍڻ جي سار هن جي ڪاڻين جا ٻه ٽي جملا چٻاڙي ويندي آهي ۽ نتيجَا ڪنهن ڀت تي چاڪنگ ٿيل نعرا ۽ هڪ ٻئي مٿان لکيل اشتهار ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر ڪمن جون ڪاڻيون نه.
    ڪمن هن صديءَ جو “وڏو” ڪاڻيڪار آهي، سندس ڪاڻيون سمجهه کان ٻاهر آهن. ڪمن ڪشٽ جي هن مجموعي جو نالو “هڪ بينڊيو” آهي، جنهن ۾ ڪل ڏهه ڪاڻيون آهن. اسان واري واري سان هر هڪ ڪاڻيءَ تي پاڻي هاري پنو صاف ڪندا وينداسين..
    ۽ نانيءَ جا ڏند ڪري پيا: مجموعي جي پهرين ڪاڻي آهي. هن ڪاڻِيءَ ۾ ليکڪ پنهنجي نانيءَ کي ڪوسو ڀت کارائي سندس ڏند ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو جو سندس ٿلهي ناني هن جي حصي جون ٻوٽيون به کائي وڃي ٿي. ليکڪ پنهنجي نانيءَ کي ڪوسو ڀت کارائي، پنهنجي منهن کلي ٿو پر هن کي حيرت تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن هن جي ناني پاڻ ئي پنهنجا نقلي ڏند ٻاهر ڪڍيا ۽ وري پائي ڇڏيا.
    ڌوٻيءَ جو ڪتو: هن ڪاڻيءَ ۾ ڪمن تشبيهه، استعاري، تجريد ۽ محاڪات جون سڀ حدون اورانگهي ويو آهي، هن ڌوٻيءَ جي ڪتي واري زندگيءَ جو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو تحرير ڪيو آهي.
    بڪواس: هي ڪاڻي “ڪشٽ ڪڍڻ جي سار” ۾ لکيل ڀائنجي ٿي، اڌوگابري انداز ۾ ليکڪ اهڙي ته اڌ اکري لکي آهي، جو جنهن کي سمجهه ۾ اچي ته مون کي به اچي سمجهائي کيس نقلي پنج سئو جو نوٽ انعام ۾ ڏيندس.
    ڊانڀر جهڙو مان: ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ (K.K.K)سئو سيڪڙو سچي ڪاڻي لکي آهي، هن ڪاڻيءَ ۾ هو پنهنجي چيري بلاسم لڳل مهانڊي جي تشبيهه ڊانڀر (ڏامر) سان ڏني آهي. هڪ ڏينهن جڏهن هو اٽو مکي ٻاهر نڪري ٿو ته ماڻهو کيس بليڪن وائيٽ سڏين ٿا ته هن کي زماني تي خارون اچن ٿيون.
    کلين ٿو يا نه!؟: هن ڪاڻيءَ ۾ ليکڪ پنهنجي دوست سان شرط رکي ٿو ته هو جانب پنساريءَ کي کلائيندو. شرط اڌ ڪلو ڏوڏا رکي وئي. اتفاق سان ان ڏينهن جانب پنساريءَ جي ماءُ مري وئي هئي ۽ اهو تڏي تي ئي ويٺل هو، ليکڪ جانب جي ڀرسان ويهي ڪن ۾ چويس ٿو، “ ٿورو کل ته!” جانب ڪاوڙ ۾ ڏسيس ٿو ته هو ڪتڪايون ڏيڻ لڳيس ٿو، پر جانب بلڪل به نٿو کلي ته ڪاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار، جانب کي بغل ۾ چڪ پائي ٿو ته هو وات کولي ڏند ٻاهر ڪڍي ٿو، ماڻهو سمجهن ٿا ته جانب ماءُ جي غم ۾ روئي پيو پر پويان هي همراهه چويس ٿو، “ کلين ٿو يا نه!؟”
    علم ۽ فلم: هن ڪاڻيءَ ۾ “ڪشٽ” جيڪي علم جي ميدان ۾ اڪ ڪارا ڪيا، اهي ساريندي لکي ٿو.......“هڪ ڏينهن عربيءَ جي استاد مون کان پڇيو ته ڪمن، هي جملو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيکار. “استاد کائي ٿو.” سو مان چيو مانس ته سائين ڪا ڳالهه ناهي، ان جو ترجمو ٿيندو، “المعلم يم يم يم......” ته عربيءَ جي استاد هڪ عدد تازو ڀونڊو مون ڏي اڇلائيندو چيو ته سڀ ڀڳا ٿا اچو انگريزي پڙهڻ، مدرسي وڃڻ کان ٻرو ٿو چڙهيوَ.“ اڳتي پنهنجي بيمثال دليلن سان ليکڪ واضع ڪري ٿو ته فلم علم کان بهتر آهي ڇو جو اتي ڪو به ماستر ناهي هوندو.
    مڱڻهار ۽ کٽاڻ: ڪمن هن ڪاڻيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي شاديءَ جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪيو آهي، گهٻرايو نه اها هن جي پيءُ جي ٻي شادي هئي. هي همراهه به کٽاڻ کائڻ جو شوقين، سو ويٺو شرناءِ واري جي اڳيان کٽاڻ کائڻ، پوءِ ته شرناءِ جا سُرَ ئي مٽجي ويا ۽ ان مان پاڻيءَ جا ڦوهارا پئي نڪتا ۽ دهل واري جو به وات پاڻي پاڻي پئي ٿيو.
    نڪ بنا: هن ڪاڻيءَ ۾ ڪمن پنهنجي لنڌائپ واري عادت ظاهر ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته...... ان ڏينهن منهنجو نڪ بند ٿي ويو هو، پاڙي مان هڳاءُ پئي آيو، سمجهيم ته پڪ ڪڪڙ رڌيو هوندن، سو ٿانوُ کڻي ويس ٻوڙ وٺڻ. ٿانوُ بغل ۾ لڪل هو..... اتفاق سان پاڙيسري گهٽيءَ ۾ ئي ملي ويو، پڪائي ڪندي کانئس پڇيم، “اڄ توهان جي گهر مان عجيب و غريب خوشبو پئي اچي.”، چوندي چوندي وات به پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو.
    “.....ها ادا ! اڄ گٽر جي صفائي ڪرائي هيم، ان ڪري اگربتيون ٻاريون آهن.”
    ڊينڊڙي محبوبه: هن ڪاڻيءَ جو هيرو ڍولڻ آهي ۽ هيروئن ڊينڊڙي. ٻنهي جو عشق ڇت تي لغڙ اڏاريندي شروع ٿئي ٿو. هڪ ڏينهن ڊينڊڙيءَ جو ڀاءُ اچي وڃي ٿو، ڊينڊڙي ته ڪبوترن جي کڏ ۾ لڪي وڃي ٿي پر ويچارو ڍولڻ......
    هڪ بينڊيو: هي ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري آهي. هن ۾ ڪمن “ڪشٽ”پنهنجي هڪ اک واري ڪاڻي گڏهه کي فوڪس ڪيو آهي، ڪاڻيڪار پنهنجي گڏهه لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ جو عزم رکي ٿو پر هڪ ڏينهن هن جو گڏهه هن کي چڪ پائي ٿو، ڇو جو ان ڏينهن ڪاڻيڪار کان گاهه ڏيڻ وسري ويو هو. ڪمن کي به ڪاوڙ اچي ٿي ۽ پنهنجي هڪ بينڊيي (One Eyed)گڏهه کي لٺيون هڻي ٿو پر اوچتوگڏهه به اِٽَ هڻي ڪاڻيڪار کي به هڪ بينڊيو بڻائي ڇڏيو.

    ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ جي هن مجموعي جون ڪاڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته هو اڌڙوٽ هوندي به هن صديءَ جو نوجوان ليکڪ آهي، ههڙا ليکڪ صدين ۾ صدورين مائن وٽ ڄمندا آهن، هو ڄمندي ئي ڄام آهي ۽ ڪاڻيون لکڻ جو فن ته ڪو هن وٽان سکي.
    اميد ته منهنجو لکيل هي مهاڳ ليکڪ کي پسند ايندو، ڇو جو ان بدلي هو مونکي ڪاٽن جي ڊريس ۽ وسڪيءَ جي بوتل وٺي ڏيندو. منهنجي پڙهندڙن مان ڀرپور اميد آهي ته جيڪڏهن ڪاڻيڪار ڪمن ڪشٽ اوهان کي ههڙيون بي سريون ۽ بي تاليون ڪاڻيون ٻيهر پڙهڻ لاءِ ڏي ته تيلي ئي هڪ ڏجون.

    *****


    • گورُ پَٽُ بلا

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڀاڳ ناڙيءَ مان چاچو سوڍل مهمان ٿي آيو هو، ۽ رات جو ڪچهري ڪندي ڪندي ٻڌايئين ته ناڙيءَ ۾ ڪجهه عرصو پهرين هڪ اهڙي بلا ظاهر ٿي هئي، جيڪا ننڍا ڄاول ٻار کڻي ٿي وئي.
    صفوران کي ٽن مهينن جو ٻار ڄاول هو، ڀرسان واري کٽ تي کير سان ماني کائيندي چاچي سوڍل جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، ڊپ وچان ٻار کي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ورتائين، ماني ئي نه وڻيس، کير پيئي، ماني سيرانديءَ کان رکي ڇڏيائين. الائي ڪيئن سوچيندي سوچيندي اک لڳي ويس، تان جو وڃي اڌ رات جو اک کليس. گگهه اونڌهه ۾ ٿاڦوڙا هنيائين، ڀرسان ٻار هئو ئي ڪونه... هڪڙو ڪارو دُڦ نظر آيس، جيڪو هن جي کٽ ڀرسان ٻاهرين لوڙهي ڏانهن ڊوڙيو. صفوران رڙيون ڪري چوڻ لڳي: “بلا ڙي بلا.... بلا منهنجو ٻچو کنيو پئي وڃي!”
    گهر ڀاتي ۽ چاچو سوڍل سجاڳ ٿي پيا، لوڙهو سوري ٻاهر پيرا کڻڻ نڪتا، سوڍل لٺيون ۽ ڪهاڙيون ساڻ کڻي هلڻ لاءِ تاڪيد ڪين. سوڍل کي رستي تي هيٺاهين محسوس ٿي، نوڙي هٿُ ڦيريائين، ٻن فوٽن جيترو جهڪيل هئي زمين.
    “ لڳي ٿو ڪا وڏي گورپٽ بلا آهي، ٻن فوٽن جو هڪڙو پير اٿس ۽ وزن ڀي مڻن ۾ هوندس.” چاچي سوڍل جي چوڻ تي سڀ هيسجي بيهي رهيا.
    “ ابا ڇوڪرو الله کي پرتو، هاڻي پنهنجي سر بخت جو خير گهرو!!”
    ٻار جو پيءُ ڍنڍڪر ڏئي روئڻ وارو ئي هو جو گهر اندر گوڙ مچي ويو، سڀ اندر ڀڳا، صفوران جي هٿن ۾ ڪجهه هيو.
    “ مان صدقو، مان صدقو... پنهنجي ٻچي تان!” هر هر چمي، سيني سان لايائين پئي.
    چاچي سوڍل کنگهندي پڇيو، “امان! ڇا ٿيو، ڪٿان مليو!؟”
    صفوران پُٽَ کي چمندي وراڻيس:
    “چاچا! مون رات جو ماني رکي هئي سيرانديءَ کان، ان نڀاڳي ڪتي کي بک لڳي هوندي جو اچي چڪ سان ماني سورڻ لڳو هوندو، تڏهن منهنجو ٻچڙو ڦلهي سوڌو کٽ هيٺان ڪري پيو هو، ۽ هاڻي جڏهن رنو تڏهن وڃي ڳولي لڌو آهي.”

    *****


    • ڪرڙي سِرَ

    اوستي چيو:
    “مون اها سرَ ساڳي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهي هئي، جنهن مان ٻيون سرون ٺاهيون هيون، مون ساڳي ئي قالب ۾ اها سر ٺاهي هئي، جنهن مان ٻيون سرون ٺهيل آهن.”
    بٺي مالڪ ٻڌايو:
    “مون سرن لاءِ ساڳي ڪارخاني تان توتڙ گهرايا هئا ۽ ساڳين ئي مزدورن آوي دکائي ۽ کولي هئي، هن سر جي ڀرسان واريون سڀ سرون ٺيڪ طرح پچي ويون پر اها الائي ڇو ڪَرِڙي بڻجي وئي.”
    ڳوٺ جي مسجد ٺهي رهي آهي، رازو ڊي پي سي مٿان ڀت کڻي رهيو آهي، ڪجهه همراهه تغاريءَ جي بلي آهن، ٻه مزدور سيمينٽ ۽ بجري ملائي رهيا آهن ۽ ڪجهه نمازي سرون ڍوئي رهيا آهن. مسجد جو پيش امام اتي بيٺو نگهباني ڪري رهيو آهي.
    رازو هڪل ڪندي سيمينٽ ۽ بجري ملائيندڙن کي تڪڙو ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. پيش امام جي ٻاجهه ڀريل نظر انهن تي پوي ٿي ۽ انهن کي چوي ٿو: “ابا ثواب جو ڪم آهي، جيترو تڪڙو ڪندئو اوترو ئي وڌيڪ ثواب ملندو.”
    سرون کڻندڙ نمازي جواب ۾ چون ٿا:
    “وڏا! اسان ته ثواب خاطر ڪم پيا ڪريون، مزدوري به نه وٺنداسين.”
    سرون کڻندڙ هڪڙي نمازي جي نظر ڪَرِڙي سِرَ تي پوي ٿي، هڪل ڪندي پيش امام کي ٻڌائي ٿو:
    “ سائين بٺي وارو مسجد جي ڪم ۾ به نه مُڙيو، ڪَرِڙي سر موڪلي اٿئين.”
    “ بس سائين ڪمائڻ جي پِٽَ پيل اٿن، پوءِ ته ڏسن ئي ڪونه ٿا.” رازي بٺي وارن کان بيزاري ڏيکاريندي چيو.
    پيش امام مسڪرائي سڀني ڏي نهاري ٿو، سمجهائڻ واري انداز ۾ رازي کي چوي ٿو:
    “ استاد! خيال سان اوساري ڪجانءِ ، ڪرڙي سر جو خيال رکج، مسجد جو ڪم آهي، متان عيب ٿي پوي.”
    “سائين! مان پاڻ ئي ڪرڙي سر ناهيان هڻندو، اگر ڪو مٿي اڇلي به ڏيندو آهي ته تيڇي سان ڀڃي ڀور ڪري هيٺ اڇلي ڇڏيندو آهيان........۽ ٻيو ته هي مسيت جو ڪم آهي، مان ته ڪنهن جي ڀت ۾ به اها سر ناهيان هڻندو.”
    سڀ هڪ ٻئي مان مطمئن ٿي ٻيهر ڪم ۾ جنبي ويا.
    ٺهندڙ مسجد ڀرسان هڪ گهر ۾ پيءُ پنهنجي پٽ کي سمجهائيندي چوي ٿو:
    “ توکي اڃا ڪيترو سمجهايان ته تون ڪو ڪم ڪار ڇو نٿو ڪرين!؟”، پيءُ پنهنجي پٽ کي ڪاوڙجندي چيو،“سڄو ڏينهن ننڊ پيو آهين..... اٿئي ڪا غيرت ؟”
    “بابا، چيم نه، ته ڪم جي ڳولا ۾ آهيان!”
    “خاڪ ڪم جي ڳولا ۾ آهين! پنهنجن لٻاڙي يارن سان رلي رلي رات جو ٿو گهرموٽين .”
    “ بابا ! مان انهن سان گڏجي ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي ڳولا ۾ ويندو آهيان.”
    “ تون نڪمو آهين ، اٽي تي چٽي آهين.”
    “بابا........؟”
    ....” ناهيان مان تنهنجو پيءُ ۽ نه ئي ڪو توسان واسطو اٿم.”، پڻس جلاوت ٿيندي چيس،“تون منهنجي گهرَ جي ڀتين ۾ لڳل هڪ ڪَرِڙي سِرَ آهين!.... .... ناهين منهنجو پٽ. “
    ڀرسان پاڙي جي هڪ گهر ۾ هڪ ڪراڙي چُلهه ٺاهي رهي هئي، تنهن ننڍڙن ٻارڙن کي سڏي چيو:
    “ ٻچڙا! جلدي وڃي ٻاهران ڪا سِرَ ته کڻي اچو، ڪَرِڙي هجي ته ڏاڍو ڀلو، اها نڀاڳي باهه جي ڏاڍي پڪي آهي..... مونکي به چلهه ۾ هڻڻي آهي.”

    ****


    • گانڌيءَ جو پُٽُ

    ڳوٺ جي ٻن ڌرين جي معمولي ڏند چڪ جو فيصلو پاڙي واري ڳوٺ جي ايم پي اي رهندڙ زميندار وٽ ٿي رهيو هو. فيصلي ۾ ان ڳوٺ جا پريا مڙس، نيڪ مرد، ماستر ۽ ان زميندار جا هاري پڻ شريڪ هئا. ڌرين جون ڳالهيون ٻڌندي زميندار جي نظر ان شخص تي پئي، جنهن کي اڇي چيئرمين ڪاٽن جو وڳو پهريل هو، ڪڻڪ رنگو، هلڪي مشين لڳل ڏاڙهي، پيرن ۾ باٽا جو سنيڊل پيل هوس، فخر ۽ آڪڙ مان ڪنڌ مٿي هوس. زميندار کي تيلي اچي وئي، ان ڳوٺ جي هڪڙي هاريءَ کي اچڻ جو اشارو ڪيائين.
    “ هي آڪڙيل همراهه ڪير آهي؟”
    “ اسان جي ڳوٺ جو ماستر آهي.”
    “ هن ڪڪڙ جي پٽ کي اها به خبر ناهي ته منهنجي اوطاق تي ڪيئن ويهبو آهي؟”
    “سائينءَ جي سر بخت ڏي خير..! صفا ڪَلَ ٿڙيل اٿس، پاڻ کي ڪميوڻسٽ، الئه ته ڇا ڪري سمجهندو آهي، اسان جي به ٻارن جو دماغ خراب ڪري رکيو اٿئين، چوندو اٿن ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي خلاف ٿي وڃو، اهي اوهان جو رت چوسي پنهنجو پيٽ ڀريندا آهن.”
    زميندار ، هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي، هڪ نظر ان ماستر تي وڌي، هو اڳ جيان هاڻي ڀي ڪنڌ مٿي ڪيل ۽ آڪڙيل نظر آيس.
    “ ڪڪڙ جي پٽ کي بود ته ڏسو!!”
    “ڀوتار، ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن کي جهليندو آهي ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي غلامي نه ڏين...... ۽ ها سائين، هو ٻارڙن کي کٽمٺڙا ڏئي اوهان جي شان ۾ گستاخي ڪرائيندو آهي.”
    زميندار تپي باهه ٿي ويو، ڏمريل نظرن سان ماستر ڏي ڏٺائين، ماستر جو ڪنڌ بدستور اڀو هو پر هن ڀيري ماستر به اکيون ڦيري هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. هاريءَ پنهنجو وات زميندار جي ڪن جي ڀرسان آڻي ٻڌايس:
    “ٻيو ته ڀوتار وڏا! صفا ڪافر آهي، ڪنهن کي به نٿو مڃي، جيڪو چئبس ٻڌندو ئي ڪين، پرپٺ ماڻهو ماستر ٻوڙو چوندا اٿس. ماڻهن کي چوندو آهي ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريو، وحشي جاگيردارن ڏي نه وڃو، سائينءَ جي سر جو خير هجي، اڄ توهان جي اوطاق تي به ان ڪري آيو آهي جو اڄوڪي ڏند چڪ واري فيصلي جو اڪيلو گواهه آهي.”
    هاريءَ اڃا به رازداريءَ سان ٻڌايس،“ ڪالهه اسڪول ۾ مون واري ڇوري کي چيو هيئين ته هو اوهان جا پول پڌرا ڪندو ته اوهان ڪراچيءَ جي ڊفينس واري بنگلي ۾ ڇا ڇا ڪندا آهيو!!”
    زميندار باهه جي شعلي جيان ڀڙڪي اٿيو.
    اڳيان ويٺل ٻئي ڌريون خاموش ٿي ويون، زميندار جون اکيون جنبش ۾ اچي ويون، ماستر ڏي اشارو ڪندي رڙ ڪيائين.
    “ هي بيغيرت ڪير آهي؟ ۽ هتي ڇو آيو آهي!؟”
    ان ڳوٺ جو هڪ چڱو مڙس اٿي بيٺو ۽ زميندار کي وراڻيائين: “ صاحب، هي اسان جي ڳوٺ جو غريب ماستر آهي.”
    “ ٽڪي جو ماستر ۽ سئو جي سيٽَ اٿس!”، ماستر پنهنجو منهن زميندار طرف ورايو.
    “ اڙي اٿي هتان ڪُڪِڙِ جا پٽ!”
    ماستر ٻڌو اڻٻڌو ڪري ويٺو رهيو، باقي اها سڌ ضرور هئس ته وڏيري جو ڏمر مٿس ئي هو.
    چڱي مڙس اڃا به ماستر جي وڪالت ڪندي وراڻيس، “ صاحب! هن غريب تي ايترو ڏمر ڇو!؟ هي ته صلح پسند ۽ امين آهي، ماڻهن کي جهيڙو نه ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندو رهيو آهي، هن جي ڪري ئي ڳوٺ ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جو ماحول جڙيو آهي، هن جي ئي محنت آهي جو اوهان جي ڪراچي وڃڻ بعد پورن چئن سالن ۾ ڳوٺ تي پوليس نه چڙهي......”
    اڃا چڱي مڙس ڳالهه پوري نه ڪئي هئي جو ڀوتار جي ڇاڙتن ماستر کي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ڪري ڇڏيو. ٻن لمحن ۾ ماستر کي ڍيري ڪري ڇڏيائون. پٽَ تي لت پت ماستر کي ڏسندي زميندار ڪراهت وچان ڀڻڪيو:
    “ ويو مري................. گانڌيءَ جو پُٽُ!!!”
    *****


    • آخري تعويذ

    ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته هن کي مادي جنڙي آهي، جيڪا هر وقت هن سان گڏ گڏ رهي ٿي، هو بظاهر اسان سان گڏ آهي پر غيبي طور ان جنڙيءَ سان گذاري ٿو. ويهن سالن جي عمر ۾ ڀي صفا ٻار لڳي ٿو. ماڻس نالو ته سهڻو رکيو هئس پر جسماني هيڻائي ۽ ڪمند جي ڳنين جيترين سنهين ٽنگن ۽ ٻانهن هجڻ ڪري سڀ سنهڙو سڏيندا هئس. اهو به مشهور آهي ته ننڍڙو هو ته صفا سهڻو هيو، مٿان وري ماڻس تيل سرمو ڪري پينگهي ۾ اڪيلو سمهاري پاڙي وارن جي گهر هلي وئي، ان وقت اها جنڙي هنن جي گهر مٿان اڏامندي گذري رهي هئي ۽ هن تي نظر پوندي ئي عاشق ٿي پئي. هيٺ لهي آئي ۽ هن جي پينگهي ڀرسان ويهي هن جي زُبان چوسي هيائين، جنهن ڪري هي اڪثر خاموش رهندو آهي، جنڙي جڏهن اجازت ڏيندي اٿس ته ڪجهه ڳالهائيندو نه ته الله الله خير صلى.
    ڳوٺ ۾ اهو پڻ چوٻول آهي ته جنڙي اڌ رات جو هن کي اڏاري کڻي ويندي آهي ۽ ڳوٺ جي ٻاهران جهتن سان ڳتيل پراسرار کجيءَ تي ويهاري ڪچهري ڪندي آهي، جنهن کي ڳوٺ وارا “فقيرياڻي کجيءَ” جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ ملان جي آذان سان گهر واپس ڇڏي ويندي اٿس.
    هن جي ناني نه ڇڏيو آهي ڪو پير پٽَ تي، جنهن جي خبر پونديس، ٻئي ڏينهن اتي پهچي ويندي ۽ هن لاءِ تعويذ ضرور وٺي ايندي. چاليهن کان مٿي تعويذ ۽ سڳا ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهيا هوندس. هڪ رات هن جي نانيءَ کي خواب ۾ اها جنڙي آئي ۽ ڌمڪائيندي چيو هئائينس ته پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن ۽ آستانن تي تعويذ سڳن لاءِ ڊوڙڻ بند ڪري نه ته ڇوڪري کي معذور ڪري ويهاري ڇڏيندي. هن جي نانيءَ کي به سائين ڪنڊن واري پير جو ڌاڳو سورن سان هٿ چڙهيو هوس، اهو ڇوڪري جي ڏوري ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائين.
    پراسرار کجيءَ جا قصا ته سڄي جوءِ ۾ مشهور آهن. ڳوٺ جا جهونڙا ٻڌائيندا آهن ته جڏهن اهي ننڍڙا هئا تڏهن ڀي اها کجي ايتري ئي ڊگهي ۽ ايترو ئي جهتن ۾ ڳتيل هوندي هئي جيئن اڄ آهي. ڳوٺ جو هڪ سئو سال ڪراڙو ته ايترو ڀي ٻڌائيندو آهي ته اها کجي ان جي پڙ ڏاڏي پوکي هئي پر جڏهن کان فقيرياڻي جنڙيءَ ان کي پنهنجو مسڪن بڻايو ته اها ائين ويران ٿي وئي.
    ڳوٺ جي چوڪيدار ڏهه سال پهرين رات جو جيڪو لقاءُ ڏٺو هو سو ته سڄي جوءِ کي خبر آهي، ٿيو ائين هيو ته ڪجهه چور ان ڳوٺ مان رات جو چوري ڪيل سامان سان گڏ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر ان پراسرار کجيءَ جي چانڊوڪي ۾ نظر ايندڙ پاڇي کان به ٻاهر نڪري نه سگهيا، آخر تنگ ٿي سامان ڦٽي ڪري وٺي ڀڳا. صبح جو اهو سامان مالڪن کي موٽايو ويو. سامان جي مالڪن مٺا لولا ۽ بسريون ٺاهي شام جو ان پراسرار کجيءَ جي جهتن ڀرسان رکي هليا آيا ۽ جڏهن صبح جو سڄي ڳوٺ اهي ٿالهيون خالي ڏٺيون ته کين پڪ ٿي فقيرياڻي جنڙي اهي کائي ورتيون هونديون.
    هڪ ڏينهن سنهڙي جي نانيءَ کي هڪڙي فقير گهر جي در تي اچي چيو، “ڇوڪري جا سڀ تعويذ لاهي پراڻي کوهه ۾ اڇلي ڇڏ ۽ فقط هي هڪڙو تعويذ ٻڌي ڇڏيس، اها جنڙي گيسيون ڪندي هتان هلي ويندي.”
    ٻئي ڏينهن ائين ٿيو جو سنهڙي ڪهاڙو کنيو ۽ اچي بيٺو کجيءَ جي ڀر ۾. هڪڙيءَ جهٽَ ۾ سڄو ڳوٺ اچي ڪٺو ٿيو. سنهڙي جي ڪمزور ٻانهن ۾ الائي ڪٿان سگهه آئي هئي، ويو پئي جهت اکيڙيندو ۽ نيٺ کجيءَ جي پاڙ تائين پهچي ويو. ڳوٺ وارا خوف وچان ڪلمان پڙهڻ لڳا.
    سنهڙو ڪهاڙي سان کجيءَ جي پاڙ تي وار ڪندي پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، کٽ جي ٿلهي پائي جيتري سندس ڇاتي ڦوڪجي وئي هئي، ڳوٺ وارا اوچتو ڪجهه ٿيڻ جي خوف ۾ رڦي رهيا هئا، تيستائين سنهڙو کجيءَ جو ڪم تمام ڪري چڪو. ڏسندي ئي کجي وڃي پٽَ تي ڦهڪو ڪيو هو. سنهڙي ڳوٺ وارن ڏي خونخوار نظرون ڦيري رڙيون ڪندي چيو:
    “ کڻو پنهنجي ماءُ کي.... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط توهان جي انڌي عقيدي جو جِنُ هيو.”
    اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾، جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.


    *****


    • ريگنگ ڏوهه آهي

    يونيورسٽيءَ ۾ نئين سال جي نون ڪلاسن جي پهرين ڏينهن جو هن شدت سان انتظار ڪيو پئي، کيس پاڻ سان ٿيل گذريل سال واري تذليل جو حساب چڪتو ڪرڻو هو. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن انٽري ٽيسٽ ٿي رهي هئي ته هن وچن ڪيو هو ته هو پنهنجي مٿان گذريل هر لمحي ۽ اذيت جو بدلو ضرور وٺندو. ڪيمپس تي بيٺي بيٺي کيس پنهنجي گذريل سال جو پهريون ڏينهن ياد آيو. هاسٽل ۾ سندس پهرين رات گذري هئي، صبح جو تڙتڪڙ ۾ ٽائيم ٽيبل جي حساب سان ساڍي اٺين وڳي واري پهرين ڪلاس ۾ پهچڻ جي وٺ پڪڙ ۾ هو، هاسٽل روم مان بالٽي، ٽوال ۽ صابڻ کڻي واش روم پئي آيو ته واش روم مان ٽرائوزر ۽ گنجي پاتل سينيئر ٻاهر نڪتو پئي، هن تي نظر پوندي ئي بيهي رهيو.
    “ نئون آيو آهين!؟”
    “ها، ڪالهه آيو آهيان!”
    “ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي اٿئي!؟”
    “فرسٽ ييئر پوليٽيڪل سائنس ۾.”
    “نالو ڇا اٿئي؟”
    “شفيع محمد.”
    “هتي ڪنهن رهايو اٿئي؟”
    “اسان جي شهر جو هڪڙو ڇوڪرو منهنجي وڏي ڀاءُ جو دوست آهي، ان جي روم تي رهيل آهيان.”
    “اها بالٽي کڻي ڪاڏي پيو وڃين؟”
    “وهنجڻ لاءِ پيو وڃان.”
    “توکي خبر ناهي ڇا ته منهنجي اجازت کان سواءِ هتي ڪير به ناهي وهنجندو.”
    “ نه ڀائو مون کي خبر نه هئي!”
    “هاڻي اها بالٽي ڳچيءَ ۾ وجهي هاسٽل ونگ جو گول چڪر ڏئي ۽ پوءِ ڀلي اچي وهنج.”
    سينيئر جي چهري تي رعب ۽ دٻدٻو ڏسي پلاسٽڪ جي بالٽي پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ ۾ وجهي ونگ جو طواف ڪري واپس آيو ته واش روم جي ٻاهران ڪوبه نه هيو. جلديءَ ۾ وهنجي ٽوال وڪوڙي روم تي آيو، سندس روم ميٽ اگهور ننڊ ۾ هو. نئين سلائي ڪرايل ڊريس پهري، پرفيوم لڳائي، موبائيل، ڊائري ۽ پين کڻي ڪيمپس لاءِ روانو ٿيو هو. هاسٽل جي مين گيٽ وٽان ڪجهه ٻيا شاگرد به تڪڙ ۾ ايندي ويندي نظر آيا هئس، سينٽرل لائبريري وارو رستو پڪڙي آرٽس فيڪلٽيءَ جو رُخُ رکيائين، اهي رستا انٽري ٽيسٽ وقت وڏي ڀاءُ سمجهايا هئس. آرٽس فيڪلٽيءَ جي مين گيٽ ڪراس ڪري ڏاڪڻين طرف رخ رکيائين، ڏاڪڻين جي ڀرسان ڪلف ٿيل ڪاٽن پهريل ۽ ڪارا چشما اکين تي لڳايل شاگرد نظر آيس، جيڪي ڄڻ ته شڪاريءَ جيان ڪنهن شڪار جي تاڙ ۾ هئا. هو مٿي چڙهي ويو. هي ماحول هن لاءِ بلڪل نئون هو، ڪاليج ۾ ڪلاس هلندا نه هئا ۽ يونيورسٽيءَ لاءِ هو گهر به ڇڏي آيو هو. هتي هر ڪوئي اڻ سڃاتل هو وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر، لهجا، انداز ۽ سوچ مختلف.
    پڇندي پڇندي نيٺ پنهنجي ڊپارٽمينٽ تائين پهتو هو، ڪلارڪ ٻڌايس ته ڪلاسن هلڻ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.
    فيڪلٽيءَ جو گول چڪر ڏيڻ لڳو، مختلف ڊپارٽمينٽس جا شاگرد ڪاريڊور ۾ هيڏي هوڏي ٽهلندي نظر آيس.
    ڪجهه وقت خالي ڦيرا ڏئي هاسٽل جي روم تي واپس ورڻ جو سوچي هيٺ لهڻ لڳو، هن جا پير ڏاڪڻين تي اوچتو رڪجي ويا. ڏاڪڻين واري هال ۾ ڪلف ٿيل ڪاٽن پهريل ۽ ڪارا چشما لڳل ڪجهه سينيئر شاگرد ٻن نون شاگردن کي گهيري بيٺا هئا، هن تي نظر پوندي ئي ڪاري ڊريس پاتل هڪ شهپري سڏيندي چيس، “اڙي تون ڀي جلدي اچ هيڏي!”
    ڊنل ۽ هيسيل هرڻيءَ جيان سرڪندو ويو انهن ڏي. ڪاري ڊريس وارو ٿلهو شهپري هڪڙي نئين آيل شاگرد کان سوال پڇي رهيو هو.
    “اڙي! تنهنجونالو ڇا اٿئي؟”
    “نندلال!” ڊڄندي ٻڌايئينس.
    “ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو آهين!؟”
    “ ايڪانامڪس ۾.”
    “اڙي شڪل ڏسوس..... هي وڏو ٿي بئنڪ مينيجر ٿيندو!” سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ٿلهي هڪڙي ٻي سنهڙي شاگرد کي گهوريو، جنهن کي بلو جينز ۽ چيڪ تي شرٽ پاتل هئي، اکين تي نظر جو چشمو لڳل هوس.
    “تون وري ڪير آهين ڙي...جهرڪي!!؟”
    “مين سمجها نهين!“
    “اڙي مهاجر ٿئي..... بيهه بيهه....!!”
    هڪڙي ٻئي اڳتي ايندي چيس، “ قومي ترانو ته ٻڌاءِ پُٽ!”
    ڇوڪرو ڊڄندي ڊڄندي شروع ٿي وڃي ٿو، “پاڪ سر زمين شادباد.......”
    “اڙي اهو نه سنڌو ديش وارو ٻڌاءِ ڙي....”
    “وه تو مجهي نهين آتا!”
    “ توجيئي سنڌ کا گانا سنا جلدي!”
    “جيئي سند جيئي.... سند وارا جيئن....”
    “هاڻي فل آواز ۾ جيئي سنڌوديش جو نعرو هڻ ۽ گولي ٿي.” اڇي ڪاٽن پهريل سينيئر شاگرد چيس.
    “اڙي اُٺ! اورتي سُري اچ.” ٿلهي ڪامريڊ هن کي هڪل ڪندي چيو هو، هي ڏانهنس سرڪي ويو.
    “ ڪٿان آيو آهين ڙي اُٺ!”
    “دادوءَ مان!”
    “دادو!!!..... هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ....... توهان دادو وارا ڇوڪرا ڪٿان گهرائيندا آهيو!؟”
    “نه وڏا...! پنهنجن کي ئي ڪندا اٿئي!”، ڪاري ڊريس پاتل شهپري جواب ڏنس.
    “مطلب اڌ دادو ته ......آهي نه!!!”، “خير ٻڌاءِ ته نالو ڇا اٿئي!؟”
    “شفيع محمد!”، منهن هيٺ ڪندي جواب ڏنائينس.
    “ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو آهين؟”
    “ پوليٽيڪل سائنس.”
    “ شفو پُٽُ وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟؟”شهپري طنز ڪندي چيس.
    “ جيڪا منهنجي وڏي ڀاءُ جي مرضي!”
    “پوءِ وڏي ڀاءُ کي موڪل ته اهو اچي پڙهي نه جهرڪي!” ڪاري ڊريس واري ٽوڪيندي چيس.
    “ جيڪو منهنجو وڏو ڀاءُ چوندو آهي مان تيئن ئي ڪندو آهيان!”
    “وڏو ڀاءُ چوئي ته فلاڻي ڪامريڊ کان ڪراءِ ته پوءِ......؟؟؟” ٽهڪڙو مچائيندي شهپري چيس، “هل هاڻي هل لوسي...... کسڪ سورت پڙهه!”
    تڪڙو تڪڙو هاسٽل تي پهتو هو، سندس روم ميٽ، جيڪو سندس ڀاءُ جو دوست پڻ هو، جاڳي رهيو هو پر اڃا بستري مان ئي نه نڪتو هو.
    “ واپس اچين وئين.....!؟”
    “ ها، ڪلارڪ ٻڌايو ته اڃا ڪلاس هلڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.”

    “مونکي خبر آهي يار اڃا هفتو ڏهه ڏينهن ته ان اٽڪ مٽڪ ۾ لڳي ويندا، ڪڏهن استاد نه هوندو، ڪڏهن شاگرد.”
    “ مان ته نئون آهيان، مون کي ڪهڙي خبر، وڏي ڀاءُ ٻڌايو هو ته اٺين تاريخ تي صبوح جو ساڍين اٺين وڳي کان پهريون ڪلاس هلندو.”
    “ها ها.... چڱو هاڻي ڪپڙا مٽاءِ ته مان ناشتو وٺي اچان ته گڏجي کائون.”
    اهو چئي هو ٻاهر هليو ويو، ٻئي لمحي روم جو دروازو کڙڪيو، پهرين آهستي پوءِ تيزيءَ سان، هن وڃي در کوليو هو، سامهون ٻه ڪلين شيو ڇوڪرا بيٺل هئا.
    “ اسد، ڪٿي آهي؟”
    “ اهو ماني وٺڻ ويو آهي.”
    “ تو ڪير آهين؟”
    “مان ان جو نئون روم ميٽ آهيان.”
    “اڇا ! توهان نوان آيا آهيو؟”
    “ها، ڪالهه آيو آهيان.”
    “ادا ٻيو خير ، اسد کان ٽرپل ايڪس وٺڻي هئي.”
    “ ڀاءَ! مون کي خبر ناهي، اهو پاڻ اچي ته پوءِ اچي وٺجوس.”
    “ تون ئي ڏي نه...” ٻئي هجائتو ٿيندي چيس.
    “ ادا مون کي خبر ناهي مان نئون آيو آهيان.”
    “ٽرپل ايڪس لاءِ نئون پراڻو هجڻ ڪهڙي معنى ٿو رکي، تون ڏي نه، موبائيل ۾ هوندئي، ڏي ته چيڪ ڪريان.”
    پهرين ڇوڪري هن جي هٿ مان موبائيل ڦري هئي.
    هيسيل هرڻيءَ جيان چپ رهيو هو، ڇوڪري موبائيل چيڪ ڪندي چيس:
    “ هن ۾ ته ڪجهه به ناهي، ڀلا ائين ڪر ڀرسان واري روم مان ڪنهن کان وٺي ڏي.”
    “ادا! مان ڪنهن کي ڪين سڃاڻان، توهان پاڻ وٺو انهن کان!” گهٻرائيندي چيو هئائينس.
    “جيستائين ٽرپل ايڪس نه وٺي ڏيندين، موبائيل ڪونه ملندئي!”
    ڳوريون وکون کڻندو سرڪي ويو هو ڀرسان واري روم جي در وٽ. ڏوڏين سان آهستي آهستي ٺڪ ٺڪ ڪيو هئائين، ڪيتري ئي دير تائين کڙڪائيندو رهيو هو، ٻئي ڪلين شيو ڇوڪرا هن کي گهوري مشڪي رهيا ها. اوچتو روم جي دروازي کلڻ جو چيڪٽ ٿيو ۽ روم مان هڪ الف اگهاڙو ڇوڪرو ٻاهر نڪري آيو.
    “ڇاهي ڙي..... ڪنهن در ٺڪايو!؟”
    هو ڊوڙندو پنهنجي روم ۾ آيو هو، زارو قطار روئڻ لڳو هو، سسڪيون ۽ پوءِ رانڀاٽ ڪرڻ لڳو هو، ٿوري ئي دير ۾ سندس روم ميٽ آيو، هٿ ۾ بريانيءَ جون ٻه ڪليون هئس. هن کي موبائيل واپس ڏيندي چيائين:
    “يار معاف ڪجان! انهن کي مون موڪليو هو توکي تنگ ڪرڻ لاءِ.... پر شايد هي ڪجهه گهڻو ئي ڪري ويا.”
    ماني نه کاڌي هئائين، شام جو وڏي ڀاءُ فون تي ڳالهايو هوس، هيءُ يونيورسٽي نه پڙهڻ ۽ واپس اچڻ جو ضد ڪري رهيو هو ۽ وڏو ڀاءُ کيس دلاسا ۽ دلجايون ڏئي رهيو هو. آخرڪار ٻن ڪلاڪن جي ليڪچر کان پوءِ راضي ٿيو هو. هن جي وڏي ڀاءُ هن جي روم ميٽ کي فون ڪري هجت مان گاريون ڏنيون هيون ۽ هن جي پارت ڪئي هئائينس.
    يونيورسٽيءَ ۾ سال گذرڻ جي خبر ئي نه پئي هيس جو نئين سال جا نوان شاگرد ڪلاس وٺڻ لاءِ اچي رهيا ها ۽ هي پاڻ سان ٿيل هر تذليل جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ لاءِ سوير ئي ڪيمپس پهتو هو ته جيئن هو پاڻ به ريگنگ ڪري پنهنجي دل کي اطمينان ڏئي.
    اوچتو هن جي نظر هڪ نئين ڳوٺائي شاگرد تي پئي، سنيٽر جا خلاصا سبيل ڪپڙا ۽ باٽا جي ٻڪهي جتي پاتل هئس، هٿ ۾ پراڻو رجسٽر هئس، رنگ جو ٿورڙو سانوڙو. هڪل ڪندي بيهڻ جو چيائينس. ڊڪي وڃي ويجهو پهتس.
    “ ڪاڏي پيو وڃين...؟”
    “ادا، آئون نئون آيو آهيان ڊپارٽمينٽ ڳولڻ پيو وڃان.”
    “ نالو ڇا اٿئي؟”
    “ علي بخش.”
    “ ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي اٿئي!؟”
    “ادا سنڌيءَ ۾.”
    “ الف بي ايندي اٿئي ڙي، جلدي ٻڌاءِ!”
    “ ڇو ٻڌايانءِ؟”
    “ اڙي ڇو جا سڪا، ٻڌائين ٿو يا هڻانءِ پادر.” جوتي ڏانهن جهڪندي چيائينس.
    “الف اک، بي بدڪ... يي يڪو.”
    “شاباس، بابهين ڇا ڪندو آهي؟”
    “ اهو مري ويو آهي.”
    “ وڏو ڀاءُ اٿئي!؟”
    “ها، هيو، اهو به روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو.”، اداس ٿيندي چيائين،“ان جي خواهش هئي ته مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان، پر ان کان اول هو پاڻ هليو ويو.”
    “پوءِ تون هتي ڪيئن پهتو آهين!؟”
    “پاڙي جي هڪ همراهه، جيڪو منهنجي ڀاءُ جو دوست هيو ان منهنجي فيس جو ذمو کنيو آهي ۽ مان پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي خواهش پوري ڪرڻ آيو آهيان.”
    هن جي اکين ۾ پڻ لڙڪ ڀرجي آيا. علي بخش جي اکين ۾ پنهنجو عڪس نظر آيس، ان جو وجود پنهنجو ئي وجود لڳس.
    سٽ ڏئي کيس ڳلي لاتائين.
    “مون کي معاف ڪر منهنجا ڀاءَ....... مون توکي تنگ ڪيو. اڄ کان پوءِ مان تنهنجو وڏو ڀاءُ آهيان!!”
    *****


    • چريا منهنجا آئڊيل آهن!

    جيئن ئي هن جو نمبر آيو ته هو در کولي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ اندر گهڙي پيو، ڊاڪٽر شهر جو وڏي ۾ وڏو سائڪياٽرسٽ آهي، ايف سي پي ايس کان پوءِ ايم سي پي ايس ڀي ٻاهرين ملڪ مان ڪري آيو آهي، شهر ۾ وڏو نالو اٿس.
    ڊاڪٽر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، ڊاڪٽر نمبر واري پرچيءَ تان نالو پڙهندي چيس:
    “ جي اسد الله!... ڇا ڪندو آهين؟”
    “ سائين مان شاگرد آهيان ۽ گذريل ڇهه مهينا مون شهر جي ڪيترن ئي چرين سان گڏ گذاريا آهن!”
    “ چرين سان گڏ ڇو!؟؟” ڊاڪٽر تعجب مان پڇيس.
    “ چريا منهنجا آئڊيل آهن!” هن معصوميت مان وراڻيو.
    “ آئڊيل...!!!”ڊاڪٽر لفظ تي زور ڏئي پڇيس.
    “ ها، هي سماج انهن کي چريو سمجهي مذاق اڏائي ٿو، پر هو هن سماج جا باغي ڪردار آهن، انهن کي پنهنجو الڳ سماج گهربل آهي، جيڪو انهن جي اصولن تي هلندڙ هجي، جيڪو انهن کي مڃتا ڏئي.”
    “ پر اهڙو سماج ٺهندو ڪيئن!؟” ڊاڪٽر ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ موضوع ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، ڇو ته کيس اندازو ٿيڻ لڳو هو ته مريض غير معمولي ذهانت رکندڙ آهي.
    “ جيئن هي سماج ٺهيا آهن، تئين اهو سماج به ٺهي ويندو. پر اڄ جو باشعور سماجي جانور انهن باغين جي رستا روڪ ڪيون بيٺو آهي، جڏهن ته انهن چرين ۾ ڪيترائي انقلابي، فطرت پسند ۽ مفڪر آهن.”
    “اڇا...! اهڙن ڪجهه چرين جو ذڪر مون کي ڀي ٻڌاءِ!!” ڊاڪٽر مريض جي ذهني ڪيفيت معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيو.
    “ ڊاڪٽر، مارڪيٽ ٿاڻي جي پٺيان واري گهٽيءَ ۾ هڪ چريو رهندو آهي، جيڪو هر ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو ڪو نه ڪو ڪتاب ساڙيندو آهي، ماڻهو پڇندا اٿس ته ڪتاب ڇو پيو ساڙين؟ خبر اٿئي ڊاڪٽر اهو ڪهڙو جواب ڏيندو اٿن!؟”
    ڊاڪٽر ڀرون مٿي ڪندي جواب معلوم ڪرڻ چاهيو.
    “.... اهو چوندو اٿن ته ان ڪتاب ۾ الف جو ذڪر گهڻو آهي ۽ الف اهو اکر آهي، جيڪو ٻين اکرن جا ٽٻڪا، زيرون، زبرون ۽ پيش ضبط ڪري رهيو آهي.”
    ڊاڪٽر حيرت مان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مريض ڳالهايو:
    “ڊاڪٽر ! ڦاٽڪ وارو چريو به عجيب آهي، جڏهن ريل جي اچڻ جو ٽائيم ٿيندو آهي ته هو ڪٿي به هجي اتي پهچي ويندو آهي، جيستائين ريل گاڏي اچي مختلف گاڏين وارا بار بار هارون وڄائيندا ۽ هروڀرو جو گوڙ ڪرڻ لڳندا آهن، موٽر سائيڪلن ۽ پنڌ ڪرڻ وارا ڦاٽڪ بند هجڻ باوجود، وٽ پاسو وٺي نڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن. ڊرائيور شيشا هيٺ ڪري ، پنهنجي منڍي ٻاهر ڪڍي اجايو پيا اڳين ۽ پوين کي هڪلون ڪندا رهندا آهن. مسلسل هارونن جو آواز ٻڌي، ريل ڏسڻ لاءِ آيل هي چريو مڇرجي پوندو آهي، پوءِ تيز آواز ۾ رڙيون به ڪندو، ٻنهي هٿن سان هر هڪ گاڏيءَ واري کي ڀونڊا ڏيندو ۽ تيزيءَ سان روڊ تي لتون هڻندو رش ۾ گم ٿي ويندو آهي.”
    “اهو ته مون به ڏٺو آهي!”، ڊاڪٽر کي لڳو ته مريض حقيقي ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي.
    ڪلينڪ جو دروازو کليو، ڪمپائونڊر اندر اچڻ جي ڪئي ته ڊاڪٽر هٿ جي اشاري سان منع ڪري ڇڏيس. مريض گهري سوچ بعد وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “شهر جي مشهور ۽ مهانگي پرائيويٽ اسڪول جي ٻاهران ڦرندڙ چريو سڄو ڏينهن قميص ڪلهي تي رکي پٺيءَ اگهاڙو پيو گهٽيءَ ۾ ڦيرا ڏيندو آهي، ڪيترائي ڀيرا چوڪيدار پڪڙي مار ڏني اٿس يا ڀڄائي ڪڍيو اٿس، پر ٻئي ڏينهن ساڳيو ڦري اچي بيهندو آهي. اسڪول اندر داخل ٿيندڙ ڇوڪرين کي ڏسندي ئي تيزيءَ سان سٿر تي ٿڦ وهائي ڪڍندو ۽ گهٽيءَ ۾ اڳتي رڙهي ويندو، سندس اهو آواز چوڪيدار کي پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هَتِ.....!! هَتِ...!!!”
    ڊاڪٽر جي دلچسپي ۽ کوج ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، مريض انتهائي رازداري واري انداز ۾ پڇيس:
    “ڊاڪٽر، مينٽل هاسپيٽل جي هڪڙي چريي جي ڳالهه ٻڌايانءِ!؟”
    “ها ها، ٻڌاءِ...!”، ڊاڪٽر اکيون اکين ۾ ملائيندي چيس.
    “اهو چريو اتر سنڌ جو آهي، چريو ٿيڻ کان پهرين سياسي ڪارڪن هو، ڀاڄائيءَ کي ڪهاڙين جا وار ڪري “ڪاري” ڪري ماري وڌائين، تڪ جي ٻنهي سياسي اڳواڻن واري واري سان ٿاڻي تي ڪٽرايس، ٽارچر ۾ هوش وڃائي ويٺو. هاڻي اسپتال ۾ به نعرا هڻندو رهندو آهي، نعري....... نواب خان، جيئي سردار خان،........نعري نعري نواب خان...... جيئي جيئي......سردار خان!! جڏهن صفا سهڪي پوندو آهي ته چوندو آهي ته انهن ٻنهي جي ته زال کي مان....... ڀاڄائي چوان!!”
    ڊاڪٽر مريض جي ذهني ڪيفيت معلوم ڪندي، موجود ڊس آرڊرس پئي تلاش ڪيا.
    “ ڊاڪٽر! خبر اٿئي مان تو وٽ ان لاءِ آيو آهيان ته منهنجي گهر ۽ پاڙي وارا چون ٿا ته مان چريو ٿي ويو آهيان، ڇا واقعي توهان کي ائين لڳي ٿو؟!”
    “ اڄ هر ماڻهو فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هر ماڻهوءَ ۾ ڪيترائي سمپٽنس چرين وارا هوندا آهن....”
    “ ڊاڪٽر، خبر اٿئي اسان چريا ان لاءِ آهيون ته اسان وٽ اظهار جو انداز الڳ آهي، اسان ڳالهيون دل ۾ ناهيون رکندا، اسان کان منافقي ناهي پڄندي، جيڪو ڪجهه به دل ۾ ايندو آهي چئي ڏيندا آهيون، پوءِ اها گار ئي ڇونه هجي!” مريض، ڊاڪٽر جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    “ پوءِ تون چرين جون اهي سچيون ڳالهيون ڪيئن سمجهي ويندو آهين!؟”
    “ڊاڪٽر صاحب! سچ کي سمجهائڻ لاءِ زبان جي ضرورت ناهي هوندي ۽ ڪوڙ هميشه ڳالهايو ويندو آهي ۽ جيڪي ٺيڪ طرح ڳالهائي ئي نه سگهندا هجن، اهي ڪوڙ ڪيئن ڳالهائيندا؟؟”
    ڊاڪٽر مرض جي تشخيص ڪري چڪو هو، دوائون ۽ ٽيسٽون لکڻ کان پهرين مريض کان آخري سوال ڪيائين:
    “ڇهه مهينا چرين سان رهيو آهين، مليو آهين! تنهنجو سڀ کان وڌيڪ آئڊيل چريو ڪهڙو آهي؟”
    مريض ڊاڪٽر جي منهن ۾ نهاريندي مٿي اٿيو ۽ ڦڙتيءَ سان چيو:
    “ڊاڪٽر، مان سائڪالاجيءَ ۾ ايم فل جو شاگرد آهيان، منهنجي ٿيسز جو موضوع هو، “چرين جو سماج تي اثر”، اڄ منهنجي ٿيسز پوري ٿي ۽ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته چرين جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر پڻ چريا هوندا آهن... ۽ منهنجو سڀ کان وڌيڪ آئڊيل چريو تون آهين!!!”
    *****


    • پنهنجي ڌرتي

    “هيلو!”
    “هيلو! سيٺ رامون مل ڳالهايان پيو!”
    “سيٺ ظلم ٿي ويو، قهر ٿي ويو!”
    “اڙي وري ڇا ٿي ويو!”
    “سيٺ، سمجهه ته ڌرتي ڦاٽي پئي!”
    “اڙي زلزلو آيو ڇا!؟ ڌرتي ڪيئن ڦاٽي پئي ؟”
    “سيٺ، ڪهرام ٿيوآ، تنهنجي گهر!!”
    “ڇا ٿيو آ، منهنجي گهر!؟”
    “ڇپ ڪري ۽ سڀ ڪجهه چيٿاڙي ڇڏيئين!”
    “اڙي تون آهين ڪير!؟ ڳجهارتون ڇوپيو ڏين!”
    “مان ربو پيو ڳالهايان. . . . بس ظلم ٿي ويو ٿي، ڌرتي ڌڏي وئي آهي . . .”
    “اڙي ربو! آخر ٿيو ڇا آهي. . . . جلدي ٻڌاءِ مان دل جو مريض آهيانءِ!”
    “هڪ ڌڪ سان ٽي قضيا. . . . ٽي لاش تنهنجي گهر ۾ پيا ٿي.”
    “ڪنهن جا لاش؟؟”
    “تنهنجن ٽنهي شارپي ڪتن جا!”
    “پر انهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو!؟”
    “مان. . . . ! ڇو ته ڪالهه تون منهنجي ٿلهي پيءُ کي پنهنجي ٿلهن شارپي نسل جي ڪتن جا فوٽو ڏيکاريندي چيو هو ته هن جي شڪل تنهنجي شارپي ڪتن سان ملي ٿي.”
    “ها! مان ته اهو ساڻس ڀوڳ ڪيو هو.”
    “تو ته ڀوڳ ڪيو هو پر بابو ويچارو صدمي ۾ مري ويو آهي، کيس دفنائي آيا آهيون.”
    “ربو! تون ڪوڙ پيو بڪين!”
    “مان سچ ٿو چوانءِ. . . . شڪ ٿي ته اڄوڪي اخبار پڙهي ڏس، جنهن ۾ لکيل آهي ته هڪ پوڙهو گرميءَ جي سٽ نه سهي مري ويو.”
    “پوءِ ڏس نه، اهو ته گرميءَ جي ڪري مري ويو آهي نه!”
    “شڪر ڪر ته اخبار ۾ تنهنجو نالو نه ڏنو، نه ته ٻچا ٻير ته چڙهي وڃني ها! ڇو جو هو تنهنجي ئي ڪري مري ويوآهي”
    “پر مان ته تنهنجي پيءُ کي ناهي ماريو!”
    “مري ته تنهنجي ڏنل صدمي جي ڪري ويو نه. . . . ياد رک سيٺ تون مون کي يتيم ڪيو آهي، مان تنهنجي ٻارن کي يتيم ڪندس، تنهنجي پٽ وجي ڪمار کي يتيم ڪندس!”
    “ربو! آخر تنهجو مقصد ڇا آهي!؟”
    “منهنجو مقصد آهي ته تون مون کي ٻه ٽي هزار ڏي ته مان بابي جي جماڻي جي ماني ڪريان.”


    “هيلو!”
    “هيلو! سيٺ رامون مل ڳالهايان پيو. . . . . ”
    “سيٺ مون کي سڃاڻين ٿو. . . . !؟”
    “بابلا! مان فون تي تنهنجو فوٽو ته ڪونه پيو ڏسان!”
    “سيٺ! مان ڪلال مڪراڻي ٿو ڳالهايانءِ! ”
    “اڙي ڪلو خوش آهين، ماڻهين پڻهين خوش آهن!؟”
    “سيٺ! تو سٺو ناهي ڪيو!”
    “اڙي باشاهه! مان ڇا سٺو ناهي ڪيو؟”
    “سيٺ! تو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ماءُ کي اوڌر تي ڪپڙو نه ڏنو هو!”
    “اڙي باشاهه! توهان ڏي اڳيان پئسا به رکت ڪيل آهن، اهي به اڃا ناهن مليا!”
    “سيٺ! ۽ مان جو توکان چئن مهينن جي “منٿلي” ناهي ورتي؟!”
    “چڱو چڱو باشاهه ڪلو! ماڻهين کي موڪل ته هزار جو ڪپڙو وٺي وڃي. . . . . چڱو . . . . . نمستي!!”


    “هيلو السلام عليڪم!”
    “واليڪم السلام! سيٺ رامو مل ڳالهايان پيو!”
    “سيٺ! مان سڃو ٿي ويو آهيان، ڌنڌي ۾ مزو ناهي!”
    “هائو، وزير هائو، ڇا حال اٿئي!؟ ”
    “سيٺ! گهر جا خرچ وڌي ويا آهن، ٻنهي گهر وارين سان پڄي نٿو سگهان!”
    “ته پوءِ هڪڙي ڀلا کپاءِ!”
    “ڪا چڱي پارٽي جاچي ڏي کپائيندو مانس!”
    “گهڻا ڏوڪڙ وٺندين!”
    “سودي تي ٺهي ٿا پئون پر هڪڙي ڳالهه ٻڌ سيٺ. . . . . اٺ ڏهه ڏينهن اڳ مان ڪوهه مري ويو هئس. تنهنجو پٽ وجي ڪمار به اتي آيل هو! هڪڙي ڏينهن اتي تارن ۾ لٽڪندڙ دٻن (چيئر لفٽ) جي هڪڙي دٻي ۾ مان پنهنجين گهر وارين سان گڏ ويٺو هوس ته منهنجي نظر تنهنجي پٽ وجي ڪمار تي پئي، جيڪو اڳين “چيئر لفٽ” جي دٻي ۾ ويٺو هو. . . . . منهنجي گهر وارين کي ڏسي عجيب اشارا ڪري رهيو هو. . . . مان ڀي غلط اشارا ڏنا مانس ته گاريون ڏيڻ لڳو ۽ خبر اٿئي مون کي غيرت چڙهي وئي هئي، اتي ئي ماريانس ها پر تنهنجي سر ڏي ڏسي ماٺ ڪئي!”
    “وزير! وجي ڪوهه مري ته پنهنجي ماءُ جي ڪاري ڪامڻ جي علاج واسطي ويل هو ۽ اڄ صبح ئي واپس آيو آ. هن کي ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن دڪان تان لهي ويو آهي بئنڪ ڏي. خبر ناهي ڇو دير ڪئي اٿئين! مان پاڻ پريشان آهيان، اچي ته سبق سيکاريانس ٿو.”
    “سيٺ! توڏي برادري جو منهن اٿئي!”
    “هائو، ابا وزير پرواهه نه ڪر!”


    “هيلو. . . . . رامو مل!!؟؟ ”
    “جي جي ! رامو مل پيو ڳالهايان!”
    “مان ڌاڙيل نظرو ٿو ڳالهايانءِ!”
    “خير ته آهي! باشاهه هاڻي ڇا “پروگرام” آهي!؟ ”
    “پروگرام؟؟؟ ها ها ها. . . . ها ها! وجي سنڀاليو اٿئي! ته ڪٿي آهي!؟ ”
    “ٻه ڪلاڪ اڳ دڪان تان لهي ويو هو، بئنڪ مان ڪجهه پئسا ڪڍڻ!”
    “ها ها . . . . ها ها!. . . آ وٺ هاڻي ڳالهائينس، مون وٽ مهمان اٿئي!”
    “نمستي بابا. . . . مان ڌاڙيلن وٽ آهيان!”
    “تون ته بئنڪ مان ڪجهه پئسا ڪڍڻ ويو هئين!؟ ”
    “هائو بابا! مان جڏهن پنهنجي دڪان تان لهي، شاهي بازار جي موڙ وٽ پهتس ته ڪنهن پٺيان سڪ ڪري گاڏيءَ ۾ ويهاريو، هاڻي نظروءَ وٽ آهيان.”
    “خير آهي پٽ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر “ديش پرائو” ٿي وئي آهي! پوءِ به ڀونءِ ته پنهنجي آهي، جنهن کي ماتا چوڻ سان لونءَ لونءَ ٺري پوي ٿي، جنهن جو نانءُ وٺڻ سان ائين لڳندوآهي، ڄڻ زخمن مٿان برف اچي وئي هجي!”
    “بابا! نظرو ويهه لک ڀُنگ گهري ٿو!”
    “پنهنجي ڌرتي تي لڪي ساهه کڻون، اهو ڀلو آهي ان کان جو هتان هليا وڃون.”
    “سيٺ رامو مل صاحب! هاڻي مان اوهان جو خادم نظرو ٿو ڳالهايان. . . . . گهڻو “ملهه” رکون وجي ڪمار جو! ”
    “جيڪي تون گهرندين. . . . .”
    “سيٺ! ويهه لک مناسب آهن. . . . ٿي سگهيو ته خاص رعايت ملئي! هونئن به ڀُنگ نه ڀريندڙن جا فوٽو اخبارن ۾ موت جي خبر سان گڏ ايندا آهن! ائين نه ٿي جو وجي جو لاش به. . . . . . . . . ”
    “نظرو! وجي کي ڪجهه نه چئجانءِ تون پنهنجن پئسن جو مالڪ!”
    “ڏاڍو تڪڙو مڃي ورتئي!”
    “نظرو، ڌرتيءَ جو جيڪو مون تي قرض آهي، ان جو حصو مان توکي ضرور ڏيندس.”
    “چڱو، پوءِ ڪڏهن ٿو “پکي” پڃري مان آزاد ڪرائين!”
    “مان ٽن ڏينهن ۾ رقم تو تائين پهچائيندس!”
    “. . . . . . . ۽ ٻڌ چالاڪيءَ جو نتيجو وجي جو لاش بڻجي ملندئي!”
    “چڱو! سيٺ صاحب، دعائن ۾ ياد!”
    “چڱو. . . . . !”
    “سيٺ!!! دعائن ۾ ته ياد ڪونه رکندين! باقي پاراتا اثر نه ٿا ڏيکارن. . . . . چڱو! سدائين گڏ!”

    “هيلو! ڊي پي او جاويد احمد پيو ڳالهايان، سيٺ رامون مل سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي؟”
    “جي، جي! رامو مل ئي ڳالهايان پيو!”
    “رامو مل صاحب! اوهان جو پٽ وجي ڪمار ڪٿي آهي؟ ”
    “وجي!!!؟ وجي ته شهر کان ٻاهر ويل آهي.”
    “توهان وڏي غلط فهميءَ ۾ آهيو!”
    “اهو ڪيئن، ڊي پي او صاحب!؟”
    “وجي ڪڏهن ۽ ڪهڙي شهر ويو آهي.”
    “وجي ڪوهه مري پنهنجي بيمار ماءُ جي علاج واسطي ويل آهي!”
    “وجي ، ڌاڙيل نظروءَ وٽ هو!”
    “ڇا. . . . . . ؟؟ نظروءَ وٽ! اهو وري ڪيئن ڊي پي او صاحب؟ ”
    “۽ ڪالهه سڄي ضلعي جي پوليس ڪچي ۾ نظروءَ جي بدنام ٽولي سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ رهزن نظرو پنهنجي انجام کي پهتو ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ مغوي، جنهن جي سڃاڻپ اوهان جي پٽ وجي ڪمار طور ٿي آهي سو به ديهانت ڪري ويو. . . هيلو. . . هيلو، . . هيلو. . .. سيٺ صاحب!!؟”
    “جي.....جي........ رامو مل ڳالهايان پيو!”
    “توهان فون تي ڳالهائڻ ڇو بند ڪري ڇڏيو!؟”
    “بدنصيب پيءُ پٽ جي ديهانت جي خبر ٻڌي ريسور هٿ مان ڪيرائي وجهندو آهي. . . . پر پوءِ به مان خوش آهيان ته شمشان گهاٽ ۾ وجي جي بچيل هڏڙين کي پنهنجي ماتا ڌرتيءَ جي گود نصيب ٿيندي، پنهنجي ڌرتي تي وهندڙ سنڌوءَ جي ڇولين جو قرار نصيب ٿيندو، جيڪو ماتا جي لولين کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ آهي. . . . . . ڊي پي او صاحب! وجي کي ته پنهنجي ڌرتيءَ جو قرار نصيب ٿيندو، باقي رهيو رامون مل، ته ان جو جيڪو نصيب!!!
    ****


    مختصر مختصر ڪهاڻيون

    • مان دودو آهيان

    روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پهتم. مقبرو دودي جي ارڏائپ جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منهنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا.
    مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنهن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو.
    “ متان هٿ لاٿو اٿئي!”
    پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنهن جو آواز هو.
    “ ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟”
    ٻيهر ڇرڪندي پوئتي نهاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم،
    “ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.”
    “ واپس هليو وڃ.....!!”
    “ ڇو واپس وڃان...؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟”
    “مان دودو آهيان!!!”
    منهنجا تاڪ لڳي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم:
    “ منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!”
    “مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رکي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان..... هتان واپس هليو وڃ!”
    “دودا...! يار ائين نه ڪر!”
    “توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.”

    ***


    • آڙيڪاپ

    چيائين، “ تون اديب هوندي به ايترو حقيقت پسند ڇو آهين؟؟”
    چيومانس، “ مان غريب جي اگهاڙي در تي لڳل ڦاٽل رلي آهيان.”
    چيائين، “ڪائنات کي ڪيئن پرکيو ۽ لکيو اٿئي؟”
    چيومانس، “ ڪائنات بي وڙي آهي، هڪ اک تنهن جو وڙ ڳولي ٻيءَ اک کي پسايو آهي.”
    چيائين، “پيار ڇا آهي؟”
    چيومانس، “ پيار هن دور جو مها ڪوڙ آهي پر جيئڻ لاءِ اهو ڍونگ ضرور آهي.”
    چيائين، “ عورت جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟”
    چيومانس، “ عورت اڌڙ آهي سگريٽ جي ٽوٽي جو، عورت اڌڙ آهي چڪيل انبڙيءَ جو، عورت اڌڙ آهي ڀڳل گلاس جو..... يقين نه اچئي ته دنيا جا اڍائي قلندر ڏس!!”
    چيائين، “ انسانيت جي پوڄا ڇو ڪندو آهين!؟”
    چيومانس، “ جڏهن کان جانور ماڻهو ٿي مذهب پيا قبولين ته مون انسان ٿيڻ شروع ڪيو آهي.”
    چيائين، “ تون اصل ۾ ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟”
    چيومانس، “ مان ڪائنات جو اگهاڙو جسم ڏسڻ چاهيان ٿو.”
    چيائين، “ تون وڏو حرامي آهين؟”
    چيومانس،“ ها، منهنجي ماءُ جو نالو مريم آهي.”


    ***


    • پبلڪ ٽوائليٽ

    سامهون ئي لکيل هو،
    “همت وارن جي آڏو، جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل.”
    ڀرسان لکيل هو،
    “ٻاهر ته مڙس ماڻهو آهين، هتي.......... ٿو وهئي!”
    ڪنڊ ۾ تير ڇاپيل هو ۽ لکيل هو،
    “او قبض وارا وئين مري...... تير ٿو اچئي!”
    پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ جي نلڪيءَ مٿان لکيل هو،
    “پٺاڻن کي گذارش آ ته پاڻي صرف هيٺ استعمال ڪن.”
    کاٻي پاسي لکيل هو،
    “ دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي ۽ تون هتي ويٺو آهين!؟”
    ان جي بلڪل هيٺان ڪاريءَ پين سان لکيل هو،
    “بس مان به ......ڌوئي نڪران ٿو.”
    ساڄي پاسي ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو،
    “هر هر پٺتي نه ڏس! اٿي وڃ دوڪان تي!”
    پوئتي ڪنڌ ڪري ڏٺئين،
    “ هيڏي هوڏي............ پيو ڳولين، ٻاهر نڪر ته قطار لڳي پئي آهي.”
    جلديءَ ۾ اٿيو، در کولڻ لڳو ته در تي لکيل هو،
    “ ها ها ها ....... جهل ته دَٻَ! ”

    ***


    • موچي

    هرروزهن کان گهرَ جي ڪانه ڪا جُتي ڳنڍرائيندو هيس، هو به ڪڪ ٿي پيو هو، دوستيءَ جي ڪري پئسا به نه وٺندو هيس.
    هڪ ڏينهن چيائينس:
    “يارتنهنجيءَ ڀاڄائيءَ صفا هيانءُ اڊيڙي رکيوآهي.”
    جتيءَ کي ٽاڪو هڻندي ئي وراڻيائينس:
    “ ها، کڻي اچجانءِ، ڳنڍي ڏيندومانءِ!”

    ***


    • هن هٿ ڪپي ڇڏيا

    “جن هٿن جون لڪيرون، مون کي توسان ملائي نٿيون سگهن، مان اهڙا هٿ پاڻ سان گڏ ڪيئن ٿو پالي سگهان؟ اهي هٿ منهنجي جسم جو حصو نٿا ٿي سگهن!!”

    ***


    • لال ڪنوار

    “ياد ٿئي! ننڍڙا هئاسين، لوڙهي ڀرسان بيهي ڀنڀوريون پڪڙي رهيا هئاسين، مون ڳاڙهي ڀنڀوري پڪڙي هئي، جنهن کي تون “لال ڪنوار” چوندي هئينءَ! تو معصوميت مان چيو هو:
    “راجو، امان چوندي آهي، جيڪو لال ڪنوار کي پڪڙي ماري ڇڏيندو آهي، ان کي ڪني ڪنوار ملندي آهي.”

    ***


    • ٻيون مختصر مختصر ڪهاڻيون

    ڪشمڪش


    هوءَ هردفعي فيس بوڪ تي مونکي چميءَ واري تصوير ۾ Tag ڪري ٿي........
    ....... ۽ مان پهرين ڏينهن کان وٺي پريشان آهيان ته هوءَ ڇوڪري آهي يا ڇوڪرو!!؟

    ***

    تنهنجو دوست

    smsآيو:
    “جاني مونکي ڇڏي نه وڃجانءِ!”
    رپلائي ۾ لکيم،
    “توهان ڪير؟ ۽ مان ڪنهنجو به جاني ناهيان!”
    ٻيو smsآيو،
    “ها خبرآهي، تڏهن ته چيم، جاني مونکي ڇڏي نه وڃجانءِ!”
    توائيءَ ۾ لکيومانس،
    “وڃ، دوزخ جي تري ۾ وڃي پئوُ!”
    آخريsms آيو.
    “ڏس...! ڇڏي ڏنئي نه!......... مان ضميرهيس، تنهنجو دوست!!!”

    ***


    اڌڙ

    مُني کي محبوبه چيو:
    “منا! اچ منهنجي اڌوري جيون کي پوروڪر!”
    مُني سڏڪي چيس:
    “ماڻهومونکي اَڌڙُ سڏيندا آهن ۽ امڙ نانءُ مُنو رکيو هو، مان ڪنهن جي اڌورائپ ڪيئن پوري ڪري سگهندم؟؟؟”

    ***

    چندو

    نيشنل هاءِ وي تي xli ڪار تيزيءَ سان بريڪ ڏني، هڪ ٽين ايجر ڇوڪرو چندي جو دٻو کنيو ڊوڙندو آيو:
    “صاحب! هن آباديءَ ۾ ٺهندڙ casino لاءِ چندو ڏئي ثواب دارين حاصل ڪندا.”
    ***

    ميڻ بتي

    گهر واريءَ جو فون آيس:
    “جنريٽر ۾ پيٽرول ناهي، وڏي عرصي کان ڪو “بلب” ئي ناهي ٻريو.”
    هو جنهن کي آفيس ۾ هميشه اوور ٽائيم ٿي ويندو آهي، ٻڌي، اڻ ٻڌي
    ڪندي وراڻي ٿو:
    “ نوڪر پيٽرول ساڻ کنيون اچئي ٿو، تيسين پاڙي مان ميڻ بتي وٺي سجهندو ڪر!”
    ***

    ماڻهپو

    ڇڪتاڻ کان پوءِ تنگ ٿي آخرڪار صوفيءَ اٿي چيو:
    “ساڳيو نم جو وڻ، مسجد ۾ به آهي، مندر ۾ به، ته چرچ ۾ ڀي.... مان ڪيئن مڃان ته هر مذهب جو خدا ڪو ٻيو ٻيو آ.”

    ***

    کدڙي جو پُٽُ

    هن اهو سوچي شهر جي مشهور کدڙي کي پنهنجو پيءُ بڻايو ته:
    “ حرامي ٻار سڏجڻ کان کدڙي جو پُٽ سڏجڻ هزار دفعا بهتر آهي.”

    ***
    مزو

    گهر جي ٽي وي هال ۾ لڳل هوم ٿيٽر تي نئين آيل مووي جو مزو گهر جا سڀ ڀاتي صوفن تي ويهي وٺي رهيا هئا.
    ڀرسان واري ئي ڪمري ۾ هندوري ۾ ليٽيل هڪ سال جو کير پياڪ ٻار بک ۾ پاهه پئي ٿيو. ٿڃ لاءِ روئي رڙيون پئي ڪيائين پر اهي هوم ٿيٽر جي آواز ۾ دٻجي هندوري کان به ٻاهر نه پئي ويون. نڙي خشڪ ٿي ويس، نساهو ٿي ويو، روئندي روئندي ٻيهر اک لڳي ويس.
    فلم جي انٽرمشن دوران ماڻس ڪمري ۾ آئي، ٻار کي گهري ننڊ ۾ ڏسي واپس هلي وئي پوري مووي جو مزو وٺڻ.

    ***

    نئين تصوير

    مون کي هڪ نئين تصوير ملي آهي، ان ۾ چار خانا آهن، هڪڙي خاني ۾ زميندار ۽ هاري هڪڙي ئي کٽ تي ويٺا ماني کائي رهيا آهن. ٻئي خاني ۾ سرمائيدار مل جا حق ۽ واسطا مزدورن حوالي ڪري رهيو آهي، ٽئين خاني ۾ سبزي ايئر ڪنڊيشن لڳل دوڪان ۾ وڪرو ٿي رهي آهي ۽ چوٿين خاني ۾ هڪڙو پير ڏن جي رقم اهو چئي پنهنجي مريد کي واپس ڪري رهيو آهي ته هاڻ هو پاڻ ڀي ڪمائي سگهي ٿو.

    ***

    حادثن جو سبب

    هن رڙيون ڪندي پڇيو:
    “ آخر روز روز جي حادثن جو ڪهڙو سبب آهي؟”
    پنڊال مان جواب آيو:
    “وڏيون گاڏيون ۽ ننڍا ڊرائيور!”

    ***

    وصيت جو موت

    هن جڏهن کان شعور جي اک کولي، تڏهن کان هر وقت موت جو احساس حاوي رهيس، هر پل موت اکين اڳيان.
    پهرين وصيعت ڏهن سالن جي عمر ۾ لکي هئائين:
    “اگر موت سان ملاقاتي ٿيان ته امان ۽ بابا جي پارت اٿوَ! بابا جڏهن شام جو ٿڪجي گهر واپس اچي ته ٻڌائجوس ته مان اڄ سڪون جي ننڊ سمهيو آهيان!”
    آخري وصيعت هن نوي سالن کان پوءِ لکي:
    “موت هڪ ڊپ آهي، جنهن ۾ فقط جسم غائب ٿي وڃي ٿو، پر ڪردار ڪڏهين ڀي نٿو مري، منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي هيءَ وصيعت ڦاڙي ڇڏجو!”
    ***

    2318ع

    تيرهن سالن جو نوجوان پنهنجي سنگتي کي:
    “يار! خبر اٿئي اڄ کان ٽي صديون اڳ 50 سالن جا پوڙها فلمن جا مشهور هيرو هوندا هئا.”

    ***

    غيرت جي ڏاٺ

    منهنجو توائي باز چاچو علاج واسطي ڳوٺان شهر آيو هو، مون وٽ هڪ هفتو ترسيو ۽ هڪ ڏينهن ڇتي ڪاوڙ ڪندي چيائين:
    “تون هتي شهر ۾ ڇا گهر ورتو، صفا غيرت ختم ٿي وئي اٿئي، تو واري ڌيءُ پاڻ بس تي اڪيلي پڙهڻ وڃي ٿي ۽ شام جو ٿي واپس وري، جوءِ تو واري وتي ٿي مارڪيٽ مان ٽماٽا بصر وٺندي... اٿئي ڪا غيرت!!!”
    مان چپ چاپ کيس ٻڌو پئي ته باقي بچيل ڪجهه ڏند ڪرٽيندي چيائين: “سڀ ڏند ڀڄي پيا اٿئي، عقل واري ڏاٺ به نڪري وئي اٿئي، دعا ٿو ڪريانءِ ته هاڻ اگر ڪا ڏاٺ ڦٽي نڪرئي ته شل غيرت جي ڏاٺ هجئي!!”

    ***

    ميڊ ان سنڌ ( Made in Sindh)

    هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مذهبي انتها پسندي دنيا ۾ راتاها ٻاري ڏنا هئا، ۽ آئون يورپ جي سرڪاري دوري تي نڪتل هئس، بازار مان هلندي مون کي هڪ عينڪ پسند آئي. دوڪاندار کان اهڙي خوبصورت عينڪ ۾ موجود خاص ڳالهه پڇيم ته چيائين:
    “اها ميڊ اِن سنڌ آهي.”
    “ميڊ اِن سنڌ ؟ مون نه سمجهيو؟!”
    دوڪاندار وراڻيو:
    “ اها عينڪ پائڻ سان اوهان انسان دوست بڻجي ويندئو!”

    ***

    محبوبه جي موبائيل

    هوءَ اندر چانهه ٺاهڻ وڃي ٿي.
    هو اڄوڪي ڪيل فون ڪال ياد ڪري ٿو.
    ‘اڄ اچان!؟’
    ‘ ها، ڀلي جان، هليو اچ!’
    ‘ ٻڌ! منهنجون ڪمهليون ڪالون ڪڪ ته نه ڪنديون اٿئي!؟’
    ‘ هاڻي عادي ٿي وئي آهيان، گهڻا ئي ڀونڪندا رهندا آهن.’
    هِن جي نظر سامهون ٽيبل تي پيل موبائيل تي پوي ٿي. محبوبه جي موبائيل تي نظرپوندي ئي خوش ٿيندي کڻي ٿو.
    ”منهنجو نمبر الائي ڪهڙي نالي سانsave ڪيو هوندئين!؟
    محبوب!................... نه نه .......... پرين پيارو!............نه نه .......... منٺار!................. جانب...............!!.يا دلبر!...........!! ها، پر نه
    نه ............. چڱو مس ڪال ڏئي ڏسان ٿو.!“
    هو هِن جي نمبر تي ڪال ڪري ٿو،
    موبائيل جي اسڪرين تي لکجي اچي ٿو:
    Kutto # 6
    Calling……
    ڪتو نمبر 6
    ڪالنگ .......
    ***


    ٻڙي اکر ڪهاڻيون

    ٻڙي اکر ڪهاڻيون

    ٻڙي اکر ڪهاڻِيون
    Zero Byte Stories


    باٿ روم جي ڀت ۾ هٿراڌو سوراخ .
    “.............................”


    ڀاءُ تي بندوق نه تاڻيندم!
    “.............................”


    پنندڙ ٻار کي خيرات نه کپي!
    “.............................”


    ڪراچيءَ جهڙي ڇوڪري.
    “.............................”


    ڪمري جو وساميل ڏيئو، منهنجي قبر تي نه ٻارجو!
    “.............................”


    گانڌيءَ جي پٽ کي پستول.
    “.............................”

    ڌيءَ! پاڙي جي ڇوڪرن سان به راند نه کيڏجان!
    “.............................”



    ڪم ڳولڻ جو ئي ڪم ڪر ڀلا!
    “.............................”


    گهڙيال ابتو ٿو هلي!
    “.............................”


    پنهنجو آهين، ڇانوَ ۾ اڇل!
    “.............................”


    تمغو ڀاڄوڪڙ کي ئي ملندو!
    “.............................”


    بس، مونکي موڪل کپي!!!
    “.............................”


    امان! مان ٻيلي ۾ نه پڙهندس!
    “.............................”

    منهنجو شاگرد، منهنجو استاد
    “.............................”


    مولف جي نظر ۾ سڀ مورخ ڪوڙا آهن.
    “.............................”


    پٽ! اجرڪ ميرو نه ڪجانءِ.
    “.............................”


    سچل کي ڀٽائيءَ جي ڳولا
    “.............................”


    پراڻو ڪوٽ ۽ نئون انٽرويو
    “.............................”

    ***


    تعليمي ڪهاڻيون

    • ڳالهه منهنجي ڳوٺ جي

    “جانل! تون به پنهنجي پُٽَ کي شهر پڙهڻ لاءِ موڪل ته جيئن پڙهي وڏو آفيسر ٿئي.”
    “نه امان نه.......! مان پنهنجي پُٽَ کي ايترو گهڻو ڪڏهين ڪين پڙهائينديس، ٻڌو آهي، جيڪو گهڻو پڙهي ويندو آهي اهو ڪافر ٿي پوندو آهي.”
    ***


    • سرڪاري اسڪول

    ” امان! تون ننڍي ڀاءُ کي هر روز وهنجاري، تيل سرمو ڪري، وقت تي ناشتو کارائي اسڪول موڪلين ٿي پر مون کي ڇو نه!؟”
    “پُٽ! ڇو ته اهو پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندو آهي ۽ تون پاڙي واري سرڪاري اسڪول ۾.”

    ***


    • مرد پڙهيو فرد پڙهيو

    ڪراچيءَ جي روڊن تي رلندي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙ محبوبه فخريه انداز ۾ چيو:
    “ڏس! منهنجي علائقي جا نوان روڊ رستا، صفائي ۽ خوش حالي....... تنهنجي علائقي ۾ ائين ڇو نه آهي!؟”
    بدحواس ٿي وراڻيومانس:
    “تنهنجي ناني به ايم اي پاس آهي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي اڄ به اسڪول وڃڻ نٿو ڏنو وڃي.”

    ***


    • پنهنجو اسڪول

    منهنجو دوست ، منهنجو هم ڪلاسي، هميشه آخري ڪرسيءَ تي ويهندو هو، صفا جڏو، آخرڪار ڊگري ته ملي ئي ويس، پر سالن جي بيروزگاري....
    پنج سالن کان پوءِ مليو، ڏاڍو خوش هو، سبب پڇيو مانس ته خوش ٿي ٻڌائڻ لڳو:
    “يار، پنهنجو اسڪول کوليو آهي، ڀلو ڪاروبار آهي، توکي ته خبر آهي اسان جي آڪهه ڪيڏي وڏي آهي، وڏي چاچي جا ڇهه ٻار، ننڍي چاچي جا چار ٻار، ادا وڏي جون ٽي نياڻيون، منهنجا ٻه ٻار، ننڍا ڀائر، ڀينر ۽ سوٽن ماساتن جا ايترا ته ٻار آهن جو اسڪول جي مسواڙ ۽ ماسترياڻين جي پگهار ڪڍي ڀي اٺ ڏهه هزار بچي پوندا آهن... هروڀرو ٻين کي ڇو ڏيون!؟؟؟”

    ***


    • ڏاڏي جو پلاٽُ

    گلڻ ڳوٺ جي اسڪول کي تالو هڻندي خونخوار نظرن سان ماستر ڏي نهاريندي چيو:
    “هن اسڪول لاءِ پلاٽ منهنجي ڏاڏي ڏنو هو، هاڻي جيستائين تو وارو صاحب پٽيواليءَ جو آرڊر نه ڏيندو تيستائين هيءُ اسڪول به نه کلندو!!”

    ***


    • جهرڪيءَ جي آکاڻي

    شهر جي گهما گهميءَ ۽ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان ڪوهين ڏور، درياءَ جي ڪپ تي آباد ننڍڙي ڳوٺڙي جو ماحول جنت سمان آهي، هڪ پاسي ڪمند جو ڊگهو گهاٽو فصل فوجي پلٽون وانگر قطارن ۾ بيٺل هوندو آهي ته ٻئي پاسي مڪئيءَ جا سنگ هوا تي لڏندي هو جمالو جو رقص پيش ڪري رهيا هوندا آهن. سرسبز ۽ آباد ٻنين جي وچ ۾ پنجاهه گهرن تي مشتمل هي ڳوٺ آباد آهي.
    جڏهن اتر جي هوا، درياءَ جي لهرن کي ڇهندي، ڳوٺ جي گهرن ۾ داخل ٿيندي آهي ته پوءِ سانوڻ هجي يا سيارو بدن مان سيسراٽ ڪڍي وجهندي آهي. ڇٻر جي سائي قالين وڇايل ٻنن تي جڏهن عورتون ڪامبو ٻڌي ڪمند جي فصل مان ڏاندن ۽ ٻڪرين لاءِ گاهه ڪرڻ نڪرنديون آهن ته مٿان گذرندڙ پکين کي ٽُڪ جي رليءَ جهڙو ڏيک ملندو آهي. سڀ گهر هارين جا ئي آهن، جن کي پنهنجيون ذاتي زمينون آهن. ڳوٺ ۾ زميندار يا وڏيرو نه هجڻ ڪري امن ۽ سڪون جا ڪڪر پيا وسندا آهن، هرو ڀرو جهيڙو يا ڏندچڪ ناهي ٿيندي، باقي اهو ساڙ ۽ مقابلو ضرور رهندو اٿن ته ڪنهن جو فصل ڀلو ۽ ڪنهن جو ڪسو ٿيو آهي.
    گهرن جي ڀرسان ئي هڪ ڪمري جو پرائمري اسڪول ٺهيل آهي، جتي ان ڳوٺ جا ٻار پرائمري تائين تعليم حاصل ڪندا آهن. استاد به ان ڳوٺ جو شريف ۽ ايماندار فرد آهي، ايمانداريءَ سان پڙهائڻ هن جي شوق ۾ شمار آهي. اسڪول جي وٽ ۾ ئي ٻير ۽ بيد مشڪ جا ٻه گهاٽا وڻ پڻ آهن، گرمين جي ڏينهن ۾ استاد ٻارن کي بيد مشڪ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ پڙهائيندو آهي.
    مئي مهيني جي آخري هفتي جي ڳالهه آهي، هڪ صبح جڏهن جيئن ئي سج ڪنهن ديوَ جيان ٻاهر منڍي ڪڍي ته ڪجهه عورتون رڌپچاءَ کي لڳي ويون ته ڪي گهر جي صفائيءَ کي. هاري ڏاند جوٽي ٻنين طرف روانا ٿي ويا، جن عورتن جا ٻار اسڪول وڃڻا هئا، تن انهن کي تيار ڪري، ناشتو ڪرائي اسڪول روانو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ڪامبو ٻڌي گاهه لاءِ روانيون ٿيون.
    اسڪول ۾ استاد جي پهچندي ئي سڀ ٻار ادب ۾ اٿي بيٺا. درياءَ جي پاسي وڻن مان تازي اڏام سکيل ننڍڙي جهرڪي اڏامندي اچي بيد مشڪ جي لام تي ويٺي، پنهنجي طائرانه نظر سان اسڪول جي ماحول جو جائزو ورتائين. پنج بينچن تي ويهه پنجويهه ٻار ويٺل هئا، انهن جي وچ تي رکيل ڪرسيءَ تي اهو استاد ويٺو هو. سڀ کان پهرين استاد سليٽن تي لکيل گهرو ڪم چڪاس ڪيو ۽ پوءِ واري واري سان هر هڪ ڪلاس جو سبق ٻڌندو ويو ۽ نئون سبق پڻ ڏيندو ويو. ننڍڙي جهرڪيءَ کي سڀ کان وڌيڪ مزو ڪچيءَ پهرين ڪلاس جي ٻارڙن جي سبق دوران آيو، جڏهن ننڍڙا پتڪڙا ٻار ڪورس ۾ هڪ آواز ٿي الف بي جهونگاريندي پڙهي رهيا هئا، ان ترنم جهرڪيءَ جي روح کي مزو پئي ڏنو. جهرڪي بيد مشڪ هيٺان قطار ۾ بيٺـل پهرين درجي جي ٻارن کي وڌيڪ آسانيءَ سان ٻڌڻ لاءِ بيد مشڪ جي سڀ کان هيٺين لام تي اچي ويٺي. ٻارڙا بدستور الف بي ترنم ۾ جهونگاري رهيا هئا، “ جيم....جتي، ڄي...... ڄڀ، جهي.... جهرڪي.” جهرڪي پتڪڙن ٻارن جي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ پنهنجو نالو ٻڌو ته خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي، ٻئي پَرَ سڌا ڪري، چهنب کي مٿي آسمان ڏانهن موڙي صليب جيان بيهي رهي، بدن کي لوڏو ڏيندي وري هيٺ نهاريائين، ٻارڙا بدستور الف بي پڙهي رهيا هئا، “ڇي.... ڇٽي، حي.... حجم”
    اوچتو گهنڊ وڳو ۽ ٻارڙا ڪتاب رکي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. پتڪڙي جهرڪيءَ نه پئي چاهيو ته ننڍڙا ٻار واپس گهر وڃن، پر ڪري به ڪجهه نه پئي سگهي. پنهنجن نازڪ پَرن سان اڏامندي پنهنجي آکيري ڏانهن اڏاڻي. سندس ماءُ آکيري مٿان ڦيرا پائي، اڏامندڙ ولرن ۾ هن کي ڳولي رهي هئي، هن تي نظر پوندي ئي بڀ ۾ چهنب هڻي ڌڪو ڏنائينس. ننڍڙي جهرڪي اولهه طرف منهن ڪري پنهنجي پرن کي ڦهلائي، ماءُ کي ان طرف ويل هجڻ جو اشارو ڏنو. ماڻس کنڀڙاٽيءَ ۾ چهنب ڦاسائي آکيري طرف ڌڪيليو ۽ اکين ئي اکين ۾ ان طرف ٻيهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ آکيري ۾ آرامي ٿي ويون.
    جيئن ئي نئون صبح ٿيو ته ننڍڙي جهرڪيءَ جي ماءُ اناج ڳولڻ لاءِ آکيري مان اڏاڻي ته هن به پنهنجو گس ورتو، سڌو اچي بيد مشڪ جي لام تي ويهي رهي، اسڪول جو ٽائيم نه ٿيو هو، ڪجهه شاگرد بينچن ۽ ڪرسين جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيا هئا، ڪجهه ئي وقت کان پوءِ استاد آيو ۽ پنهنجي معمول مطابق پڙهائڻ شروع ٿي ويو. جهرڪي لطف اندوز ٿيندي رهي، پتڪڙن ٻارڙن جي واتان “جهي.... جهرڪي” ٻڌي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. رسيس جي وقت ڏاڍي بک لڳس، اسڪول اچڻ جي خوشيءَ ۾ بک جو احساس ئي نه رهيو هوس، هيڏي هوڏي نهار وڌائين ته ٻير ۾ اڻ مندائتا سڪل ٻير نظر آيس، پيرن ۾ ڦاسائي هڪڙو ٻير ٽُڪي ورتائين. تيستائين شاگرد به گهرن کان واپس وري آيا، هن جي خوشي جي انتها نه رهي ته شاگرد وري ٻيهر واپس آيا ها، مزا وٺندي اها سُڌ ئي نه رهيس ته اسڪول بند ٿي ويو. جڏهن سڀ هليا ويا ته جهرڪي به اڏامندي ولرن ۾ شامل ٿيندي پنهنجي آکيري ڏانهن رواني ٿي، ماڻس سخت غصي جي حالت ۾ اڏامي رهي هئس، جيئن ئي پهتي ته پيرن جي چنبي ۾ جهپي آکيري ۾ اڇلائي ڇڏيئينس. ڳاڙهين اکين سان ڏسندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجهايئينس ته ماڻهو وڏا وحشي هوندا آهن انهن جي سامهون رهڻ سان جان وڃائڻ جو خطرو رهندو آهي. ننڍڙي جهرڪي هڪ لمحي لاءِ ڇرڪجي وئي پر اهو سوچي وري ماٺي ٿي وئي ته اسڪولي شاگرد نهايت پيارا هوندا آهن، اهي ڪڏهن به وحشي نٿا ٿي سگهن.
    ماءُ جي منع ڪرڻ جي باوجود ننڍڙي جهرڪي روزانو اسڪول ويندي رهي، ڇڙٻڻ ماڻس جو معمول رهيو. آخري ڏينهن ٻار ڏاڍا خوش نظر آيس، اصل ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا، استاد ٻارن کي ٻئي ڏينهن کان اونهاري جي موڪلن جي ڪري نه اچڻ جو چيو، جيڪا ڳالهه هن ننڍڙي جهرڪيءَ جي ننڍڙي ذهن بلڪل ڀي نه سمجهي، ان ڏينهن معمول کان پهرين موڪل ٿي وئي، هيءَ به جلدي گهر پهچي وئي.
    ٻي ڏينهن صبح جو سوير اڏامي وڃي ٻير جي وڻ تي ويٺي، وري اٿي وڃي بيد مشڪ جي لامن تي لڏڻ لڳي، گهڻو ٽائيم ٽهلڻ کان پوءِ به ڪو شاگرد اسڪول نه آيو، اسڪول واري ڪمري کي لڳل وڏو تالو ڪنهن به نه کوليو هو. بينچون به اندر ئي پيون هيون. ننڍڙي جهرڪيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ايتري دير ڇو ٿي رهي هئي. اڻ تڻ وڌندي رهي، آخرڪار کيس اسڪول جا ڪجهه شاگرد نظر آيا، پر انهن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران غليل ۽ بلور هيا. ننڍڙي پتڪڙيءَ لاءِ نهايت عجيب ڳالهه هئي، پريشانيءَ جي عالم ۾ هڪڙي ٽاريءَ کان ٻيءَ تي، هڪڙي لام تان اٿي وري ٻيءَ تي ويهندي رهي، پر ڪجهه سمجهي نه سگهي. اوچتو ڪا شيءِ گوليءَ جي رفتار سان هن جي ڳچيءَ ڀرسان بيد مشڪ جا پن هيٺ ڪيرائيندي گذري وئي، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، هيٺ ڏٺائين ته اهي شاگرد جيڪي ڪالهه پيار مان ”جهي.... جهرڪي“ جهونگاري رهيا هئا، اهي ئي اڄ غليل سان کيس نشانو بڻائي رهيا هئا. هيءَ اڃا ڪجهه سوچي هڪ ٻيو بلور هن جي کنڀڙاٽي کي ڇهندو مٿي هليو ويو. هن اڏرڻ جي ڪوشش ڪئي پر درد جي احساس چرڻ ئي نه ڏنس. هڪ وڏي ڏار جي اوٽ لڪي پئي، جڏهن سامت ۾آئي ته پَرُ زخمي هوس، اڏامڻ چاهيئين ته درد جي احساس روڪيس، پر ماڻس جي ڊپ کان زوريءَ اڏامي، نيٺ آکيري تائين پهچي وئي. ماڻس روئڻهارڪي ٿي وئي، چهنب ملائي پيار ڏنائينس.
    ننڍڙي پتڪڙي جهرڪيءَ ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي تڙپي پئي، پنهنجي معصوم ٻوليءَ ۾ ٻڌايئينس ته:
    “ امان! واقعي جڏهن اسڪول بند ٿيندا آهن ته ماڻهو وحشي ٿي پوندا آهن.”
    ****


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259567
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ