ڪتاب جو نالو: آءُ نه اڪيلو
مصنف: ثاقب بلوچ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 31 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 196 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 47 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪالم نگار ثاقب بلوچ آھي.
ثاقب جي تحريرن جا عنوان عام طور اُهي آهن جيڪي وقت ۽ حالتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب تہ ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو جن تي کيس اهو محسوس ٿيو تہ مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • پيش لفظ
  • وري تعازيتن جا تڏا وڇائبا
  • لطيف جي بيتن جهڙي صائمـه
  • ڪير تـ لهندو سار اسانجي
  • سنڌ جي سمبارائن جي تذليل
  • دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
  • ميرواه يوٿ ڪائونسل
  • انقلاب جو ابو ڊاڪٽر چي گويرا
  • استاد جو اصلي مفهوم استاد نويد علي لغاري
  • پنهجي ستل ضمير کي ڌوڻو ڏيو
  • ٺري ميرواه پبلڪ لائبريري تحريڪ
  • ڪپتان کان وزيراعظم تائين
  • اوچتو ماٺ متل آواز
  • قومي ٻولي، سنڌي ٻولي
  • آفريدي چوي ٿو تـه سنڌ ۾ قابليت ناهي
  • ڌارين کي قومي شناخت ڏيڻ سنڌ لاء تباهي جو ڪارڻ
  • نياڻين جي تعليم تي سماجي اثر
  • اڃا جوان رهن ٿا جوءِ ۾
  • محترم جناب چيف جسٽس صاحب
  • خوابن جا پاڇا جو ليکڪ يوسف جميل لغاري
  • غلامي هڪ گار آهي
  • هڪ آرٽسٽ جو قتل
  • سنڌ جي سونھن ٿر بچايو
  • جوڌا جاڳيا جوڳين لاءِ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آءُ نه اڪيلو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪالم نگار ثاقب بلوچ آھي.
    ثاقب جي تحريرن جا عنوان عام طور اُهي آهن جيڪي وقت ۽ حالتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب تہ ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو جن تي کيس اهو محسوس ٿيو تہ مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي.
    ثاقب جي چونڊ ڪالمن جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    سنڌي ادب اندر هڪ عجيب قسم جي الميو پيدا ٿيو، سڀ اديب پريشان ٿي ويا تہ کيس ڪهڙو نالو ڏيون، اُنهي مهل رستي ويندي هڪ درويش سندن ان پريشاني واري عالم کي ڏسي ڪري کانس حال احوال ورتو، هنن يارن بہ ان درويش کي پنهنجو مسئلو ٻڌايو، مسئلو ٻڌڻ شرط پهريان تہ درويش پاڻ ڪنهن قدر حيران ۽ پريشان ٿيو پر سگهو ئي پاڻ سنڀالي کين وراڻيو ”جيڪڏهن ٻين جي ڪاوشن تي پاڻي ڦيرڻو آهي ۽ کيس اِهو احساس ڏيارڻو آهي تہ صرف تون ئي ادب جو بي تاج بادشاھ آهين تہ پوءَ ان ڪم کي نالو ڏيو مهاڳ، ڇو تہ لفظ مهاڳ جو تاثر شاهي تاثر آهي“، درويش جي ڳالھ ٻڌي ڪري پوري سنگت حيران ٿي وئي، ۽ درويشن جي ان تجويز تي عمل ڪندي هڪ ٻي جي تخليقن تي مهاڳ لکڻ شروع ڪيائون، جيڪو سلسلو اڄ تائين ختم نٿو ٿي…!
    هن مهل جيڪو ڪتاب اوهان جي موبائل جي اسڪرين ۾ ڏيکارجي پيو ۽ اوهان کيس پڙهو پيا، اِن ڪتاب بابت جامع راءَ مطلب تہ مهاڳ لکڻ جي درخواست مون کي ڪئي وئي، مهاڳ لکڻ هڪ انتهائي حساس ڪم آهي، مهاڳ ۾ ليکڪ جي سڄي محنت تي تکي نظر رکي ڪري سندس تحريرن جو مثبت توڙي منفي پهلو واضع ڪبو آهي ان کان علاوه سندس تحريرن منجھ اُڻايون ۽ چڱايون پڻ ڳولڻيون پون ٿيون، ثاقب بلوچ جي هن مجموعي جي تاليف مون ڪئي ۽ آءُ ئي سندس ڪتاب جو تدوين ڪندڙ آهيان، سندس تحريرن تي جڏهن مون گهري نگاه وڌي تہ مونکي محسوس ٿيو تہ ثاقب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هن معاشري جو اُهو فرد آهي جنهن جو ذهن شعور جي لاٽ ٻرڻ شرط بغاوت واري طرف روان دوان ٿي وئي آهي…!
    سندس تحريرن ۾ معاشرتي رياڪارين خلاف جيڪا ڪروڌ نظر اچي ٿي سان سندس شعور جي بالغ هجڻ جو چٽو ثبوت آهي، ثاقب بلوچ حڪومتي ويڳاڻپ ۽ لاوارثي تي انهن طرف ڌڪارت واري لهجي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ” مان سرڪار کي گذارش نہ ڪندس ڇو تہ سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ جي برابر آهي، اسان جي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آهي، ڊسٽ بن ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آهي“، اهڙي ريت سندس تحريرن ۾ هن سماج جي پوري ناڪاره نظام تي ڪاوڙ جو اظهار سخت لفظن ۽ لهجن ۾ ڪيل آهي، ثاقب جيتوڻيڪ ادب سان لاڳاپيل ڳچ عرصي کان هو ليڪن لکڻ جي حوالي سان کيس تمام مختصر عرصو ٿيو آهي ۽ انهي مختصر عرصي ۾ مسلسل ڪالم لکڻ ڄڻڪ سندس مشغلو بڻجي چڪو آهي، سندس اِن مشغلي کيس پوري سنڌ اندر بي پناھ پيار بخشيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تحريرن ۽ ڪالمن کي وقت بہ وقت جڳھ ملندي رهي…!
    اهڙي ريت کيس اتساھ ملندو رهيو ۽ سندس تحريرن جو جامع ڪتاب هن قت اوهان جي هٿن ۾ آهي، ثاقب جي هڪ ڳالھ مون کي ڏاڍو لڀائي وئي اُها اِها تہ ثاقب جي تحريرن جا عنوان عمومن اُهي آهن جيڪي عنوان وقت ۽ حالاتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب تہ ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو جن تي کيس اهو محسوس ٿيو تہ مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي، مطلب تہ ثاقب پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن بہ عنوان کي ڪونہ سرجهيو بلڪ وقت ۽ حالاتن کي مد نظر رکندي پنهنجو قلمي جدوجهد ڪندو رهيو…!
    ثاقب جي ڪالم تي هندي ٻولي جو تمام گهرو اثر ڏسڻ وٽان مليو، ان جو بنيادي ڪارڻ اِهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ ثاقب سنڌي هندو ليکڪن جا ڪتاب جهجي انگ ۾ پڙهيا هجن جنهن سبب هاڻ سندس حافظي ۾ اُهي الفاظ گهر ڪري ويهي رهيا آهن…!
    مهاڳ ۾ ڪتاب بابت سڀئي ڳالهيون اڳم ڪونہ ڪري ڇڏبيون آهن، ڪجھ چاھ، چش ۽ چاشني پڙهندڙن لاءَ بہ بچائي رکبي تہ جئين اُهي بہ علم جي لاٽ مان ڪا واٽ ڳولهي سگهن، ان لاءَ آءُ پنهنجي ڳالھ کي پنهنجي ننڍڙي نثري نظم لکندي اختتام تائين پهچائيندس، آءُ پنهنجو هي نثري نظم ڪتاب کي پڙهندڙ سڀني دوست کي ارپيا ٿو…!


    منهنجي سـوچ جو ”
    محـور ۽ مرڪـز تنهنجي
    خيالـي دنيا کان ڪـوهين
    ڏور مضبوط بيٺل آهي،
    تنهنجيون اٽڪلون، ٺڳيون،
    دولاب توڙي چالاڪيون
    مون کـي هڪ پل لا۽ بہ
    ڪمزور يا هيڻـو ڪري
    ڪو نہ سگهنـديون يا وري
    منهنجي منـزل جي آڏو
    هڪ پل لاءِ ٽڪي
    ڪـئين نہ سگهنديون...!“


    يوسف جميل لغاري / ٺري ميرواه


    پيش لفظ

    سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ ھي منهنجو پهريون ڪتاب آھي, مان سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ جو ٿورائتو آھيان جن مونکي مان ۽ مرتبو بخشيو آھي ۽ منهجي سوچ و فڪر کي اوهان آڏو رکيو آھي دراصل مان لکڻ جي شروعات ڪالم نگاري کان ڪئي, ڇو ته جڏھن جبر جي جنگ ۾ تلوار مڏا ٿي پون تڏھن هڪ قلم کي هٿيار جيان استعمال ڪري سگهجي ٿو انسان تلوار جي گهاءَ کان ته بچي سگهي ٿو پر قلم جي گهاء کان ڪڏھن نٿو بچي سگهي ڇو ته قلم تاريخ لکي ٿي انڪري مان به قلم جو سهارو ورتو, قلم سان محبت ڪيم ۽ بيشڪ قلم مون کي عزت بخشي، مون کي لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هيو ۽ جڏھن مان قلم پڪڙڻ جي قابل ٿيو هئيس تڏھن به مان ڪجھ نه ڪجھ لکندو هئيس, بعد ۾ ادب جي دنيا منجھ پير رکيو ۽ ڪي ئي ڪتابن جا مطالعا ڪيا سنڌي ادب سان دل جو ناتو ڳنڍيو ۽ ان ادب واقعي مونکي ادب جي قابل بڻايو....!
    خدا جي ڪرم سان هي منهجو پهريون ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سٿ جي سهڪار سان شايع ٿيو آھي جيڪو ڪالم ۽ مضمونن تي مشتمل آھي اهي ڪالم به هن ڪتاب ۾ موجود آھن جيڪي مون ساگيئڙن جي سورن لاء لکيا هئا ڪنهن کي انصاف ڏيارڻ لاء لکيا هئا, منهجي لکڻ تي مون کي عجيب قسم جا موٽ مليا آھن ڪي هاڪاري ته ڪي وري ناڪاري پر پوء به مان پنهجي قلمي قوت سان واجهائيندو رهيس ۽ اڃا تائين جدوجهد جاري آھي ۽ آئيندي لاء ازم اٿم ته هر پهلو تي لکندس هر ظلم تي آواز اٿاريندس ۽ ٻئي جو درد پنهجو ڪري سهندس...!
    مان دل جي گهرائن سان انهن پيارن دوستن جو شڪر گذار آھيان جن هميشه منهجي ھمٿ افزائي ڪئي ۽ منهجي قلمي قوت کي ساهرايو. جنهن سب اڃان تائين منهجي جدوجهد جاري آھي اوهان دوستن جي محبت کي مدنظر رکندي اوهان دوستن ۽ ادب جي پرستارن آڏو منهنجو هي پهريون ڪتاب پيش نظر آھي اوهين هن جو مطالعو ڪري پنهجي راء کان ضرور آگاھ ڪند...!

    ثاقب بلوچ


    وري تعازيتن جا تڏا وڇائبا

    تمام جلد هن هيسايل عوام کي هڪ موسم سان منهن ڏيڻو آھي. هڪ اهڙي موسم جيڪا وري ٻيھر مرحومن جا تڏا وڇائيندي, رستن تان ڌوڙ اڏائيندي, وري اسان کان وسري ويل مرحومن جا نالا ياد ڏياريندي. اها موسم عوام جي عزت ضرور وڌائيندي پر ڪنهن محدود مدت لاء ۽ اهي عجيب چهرا ڏيکاريندي جيڪي هن عوام پنج سال پهريان ڏٺا هئا, هن موسم ۾ ڪجھ موسمي ماڻھو وري ايندا لڙي جن هن بيوس عوام کي پيهڙيو هو, اهي چهرا اسانجي اوطاقن تي نظر ايندا جن ڪالھ اسان جي لڙي وڃڻ تي به نه ڏيکاريا هئا, ڪالھ اسان هنن جي اوطاقن تي ويٺا هئاسين اتي سائين جي ڪمدار چيو هو ته سائين جن آرام پذير آھن سائين جن وٽ توهان جي لاء ٽائيم ناهي, هاڻي ان موسم جي مدد سان سائين جن پنهجي سر پاڻ پنهجي ڪمدارن سان گڏ منهجي اوطاق ٻاھريان مونکي سڏڙا ڏيندو, چوندو بابا فلاڻا تنهنجي ڏک ۾ مان شريڪ ٿيڻ آيو آهيان. اهو به تڏھن جڏھن مون کان ئي ڏک وسري ويو هجي. اسين عوام ڇا ڪنداسين هر دفعي جي دهرايل جملن تي, اسان جو جواب نئون هوندو يا اهو ئي پراڻو عزر ته سائين توهان قبلا آھيو، ابو آيو, مرشد آيو, سردار آيو اسان اوهان کي ئي ووٽ ڏينداسين اسان اوهان کان ڪڏھن به منهن نه ڦيرينداسين ۽ مان قسمت وارو آھيان جو اوهين مون مسڪين جي اڱڻ ھلي آيا آھيون.
    دراصل هي عوام پرکجي ئي نٿو الاء ڪهڙي مٽي منجھ ٺھيل آھي, پنج سال لڳاتار ڪيل ظلمن جو ازالو الاء ڪئين انهن کان وسري ٿو وڃي ڇا انهن وٽ لامحدود ظلمن جا امبار سهڻ جي صلاحيت آھي يا اهي ناقصي سوچ جو شڪار آھن, ناقص سوچ مطلب اهڙي سوچ جيڪو ذھن جو ڪيڙو هجي يا ان کي دماغي ڀوت به چئي سگهجي ٿو, هي عوام هٿ ڪڙي لڳل ان مجرم جيان آھي جنهن وٽ ھٿڪڙي جي چاٻي به موجود هجي ۽ اهو فرار ٿيڻ نه گهري, ڇو ته عوام کي ازل کان وٺي بيوقوف بڻايو ويو آھي هميشه ٺڳيو ويو آھي, هر دور ۾ ھن کي سنگهرون پارائيون ويون آهن. ڪڏھن سردارن قوميت جي آڙ ۾ عوام کي لٽيو ٿي ته ڪڏھن پيرن پنهنجي مريدن کان ووٽ نظراني طور ورتا. برحال ٻنھي صورتن ۾ عوامي نسلن جو نقصان ٿيو آهي سردارن ۽ ميرن پيرن کي داد هجي هنن کيل چڱو رچيو آهي الاء ڪھڙي ته سوچ عوام جي ذھنن منجھ ڀريو آھي جو هو اڃا تائين انهن جا ٻول ٻولين ٿا, ان ناقصي سوچ سبب اهي چڱي ريت سوچڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آھن, هاڻي انهن سان تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ انهن کي باھ جي مچ ۾ اڇلڻ برابر آھي.
    قومون قومن مان ئي جنم وٺنديون آھن, پر وقت جي حساب سان هڪ قوم ٽٽندي آھي ته ان مان ڪي ئي قومون پيدا ٿينديون آھن, اسين هر حساب سان طبقن ۾ ورهايل آھيون مذھبي حساب سان به ته قومي حساب سان به وري قومن کان ذاتن پاتن ۾ ورهايل آھيون, وري ذاتن پاتن کان اوڙن پاڙن ۾ ورهايل آھيون, اسان جي تباهي جو مها ڪارڻ اسانجي ورهاست آھي, جنهن مان تباهڪار مڪمل لاڀ وٺن ٿا, اهي اسان کي ڪٽ پتلين جيان نچائن ٿا, ان تفاوت جا مثال اوهان کي معاشري منجھ ڪي ئي ملندا, ۽ ائين ئي ذات پات جي نالي تي سردار ووٽ وٺندا آھن, لازمي آھي مان پنهجي ذات ڀائي سردار کي ئي ووٽ ڏيندس, ڇو ته سڀاڻي مون کي ان سان ئي منهن ڏيڻو آھي, هڪ چوڻي آھي ته ”فقير فقير کي نـ سھي“ اھڙي ريت هڪ ذات واري اميدوار کي ٻئي ذات جو عوام نه سھي ڇو ته هو انهن جو ذات ڀائي ناھي ڀلي پوء اھو اهل اميدوار ئي ڇو نه هجي پر ان جو ذات ڀائي هجڻ اوش آھي ۽ پوء ٿيندو به ائين ئي آھي ته جيڪا ذات اقليت ۾ ھوندي آھي اها پنهجا گوڏا کوڙيندي آھي ۽ جيڪا اڪثريت ۾ ھوندي آھي اها ئي سوڀ ماڻيندي آھي ڀل پوء ڇو نه انهي قوم ۾ڪو چور اميدوار ئي ڇو نه هجي.
    انهن سڀني تفاوتن جي آڙ ۾ اسين گهڻو ڪجھ وساري ٿا ويھون اسين وساري ويهندا آھيون فٽ پاٿ تي ويٺل اهي ماڻھو جن کي سندن ذات پات جي ڪا خبر ڪانهي, اسين اهي چهرا وساري ويهندا آھيون جيڪي هوٽلن تي پندي نظر اچن ٿا, ڪڏھن ان ڳالھ تي غور ڪيو اٿئو ته آخر اهي ڪير آھن, ڇا اهي هن ملڪ جو حصو آھن, جيڪڏھن هو واقعي ئي هن ملڪ جو حصو آھن ته اهي هن ملڪ جي مهيا ڪيل اڻپورن لاڀن کان محروم ڇو آھن, ڇا تعليم انهن جو حق ناهي, اهڙي ريت اسان مان هر هڪ فرد خود پرست آھي, اسين صرف پنهنجي لاء سوچون ٿا اسان صرف پنهجي ٻارن جي بهتر تعليم لاء جاکوڙيون ٿا, اسين پندڙ ٻارن کي خيرات ۾ ڏھ رپيا ڏيندا آھيون يا انهن کان معذرت وٺندا آھيون, انهن جي زندگي بهتر ٿي سگهي جيڪڏھن اسان مان هر هڪ فرد انهن کي خيرات جي بجاء پنهجو ووٽ ڏئي مطلب ته هڪ دفعو انهن لاء ووٽ ڏيو ڪنهن اهل اميدوار کي ۽ آزمائلن کي هرگز به نه آزمايو ڇو ته انهن اڳئي نه ٻاريو هاڻي ڇا ٻاريندا, بيشڪ اوهين انهن کي مالي مدد نه ڪريو پر هنن جي ذاتي حقن لاء واجهايو.
    پ پ پ حڪومت ختم ٿي چڪي آهي سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو هاڻي پاڻ سنڌ جا ڌڻي بڻجن! سنڌ مان پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڄڻ عوام تان هڪ عذاب لهي چڪو آهي صوبن اندر توڙي وفاق ۾ اهڙيون حڪومتون وجود ۾ آيون، جيڪي عوام سان گهٽ پر پنهنجي کيسي سان وڌيڪ سچيون رهيون نتيجي طور سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام جو ڪو هڪڙو بنيادي مسئلو به حل نه ٿي سگهيو. ڪروڙين ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن. عوام کي صحت ۽ تعليم جون معياري سهولتون ميسر ناهن. توانائي جو بحران اڄ به برقرار آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري ساڳئي نموني انتها تائين پهتل آهي ۽ عوام سان سڀ کان وڏو آزار جيڪو درپيش آهي، سا آهي ڪرپشن، جيڪا جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪرپشن ۾ واڌ ته آئي آهي، پر گهٽتائي اچي نه سگهي آهي. اسان سڄي ملڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريون؟
    جيڪڏهن سنڌ ڏانهن ڏسون ٿا ته اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، ڇو ته وک وک تي اهڙا منظر موجود آهن، جيڪي دليون ڏاري وجهن ٿا. ڪٿي بک بيروزگاري سبب آپگهات ڪندڙ ماڻهن جا لاش پيل آهن ته ڪٿي وري اسپتالن منجهان معصوم ٻارڙن جا جنازا نڪري رهيا آهن. ڪٿي عورتون امداد جي چند ٽڪن لاءِ لٺيون کائيندي نظر اچن ٿيون ته ڪٿي وري مسڪين ماروئڙن کي ڪڻڪ جي لپ لاءِ لتاڙيو ۽ چيڀاٽيو وڃي ٿو. معصوم ٻارڙن سان جنسي درندگي ۽ مظلوم نياڻين سان لڄالٽ جا سوين واقعا به هِن ختم شده حڪومت جي چهري تي ڇاپيل آهن!
    پيپلز پارٽي جي 10 ورهين جي دور حڪمراني سنڌ کي اجاڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران ترقياتي ڪمن جي نالي تي کربين رپيا کائي هڙپ ڪيا ويا، پر سنڌ کي اهڙي ڪا به اسڪيم ۽ اهڙو ڪوبه ميگا منصوبو نه ملي سگهيو، جنهن سبب فخر سان چئي سگهجي ته هي پيپلز پارٽي جي حڪومت جو ڪارنامو آهي. پوء جي هي عوام وري به پ پ پ کي ووٽ ڏئي ته بيشڪ اهو جاهل عوام ئي چئبو.


    لطيف جي بيتن جهڙي صائمـه

    اڄ موئن ڌڙي جي مٽي چوي ٿي ته اهڙا ظلم ته ڪڏھن منهجي قديميت ۾ به نه ٿيا جيڪي ظلم اڄ جي سنڌ جي دجالي دور ۾ عام آھن, لاڙڪاڻي کي اڄ موئن ميار ٿو ڏي, اها نگري جتي ڪالھ هڪ ثمينا جي ڳائيندڙ آواز کي دٻايوويو هو اڄ انهي لاڙڪاڻي جي ميروخان ۾ ھڪ معصوم گل جيان ٻھڪندڙ نياڻي کي ازيتن سان قتل ڪيو ويو, هو ته معصوم هئي هو صرف گهر جو رستو ڀلجي وئي, مگر هن دجالي دور جا ماڻھون انسانيت مان ڀلجي ويا آھن.
    ڇا معصوم صائمـ جروار کي اهو حق نه هو ته هو ٿيهلو کڻي اسڪول وڃي سگهي, پنهجي سرتين سان راند رچائي سگهي, اهو ڪو پهريون ڪڙڪيل ڪهر ناهي، انهيء ئي پي پي جي پئرس لاڙڪاڻي جي ست سالا ساحل ڪوريجو ۽ پنج سالا سنڌو سومرو, خانپور جي نو سالا سرور پونهر, قصور جي ڇهه سالا زينب, عمرڪوٽ جي اميشا, ٺل جي فضيلا سرڪي انهن سمورن مظلومن کي ازيت جو نشانو بڻايو ويو. اڃا ڪيترا قهر ڳڻايان.
    ڪيتري نه افسوس جي ڳالھ آھي ته حڪمرانن جون ڌيئريون ڇوٽن ڪپڙن ۾ به محفوظ آھن ۽ سنڌ جي سادن سانگين جون معصوم ۽ سٻاجهڙيون نياڻيون ستن ڪپڙن ۾ به اذيت جو نشانو بڻجن ٿيون, صائمه جروار جيڪا هن دجالي دور جي سماج کان اڻواقف هئي ان کي ڪهڙي ڪل ته هن سنڌ ڌرتي جتي لطيف سرڪار جي سر ٻولي ٿي ۽ جتي قلندر جو رقس ٿئي ٿو, جتي موئن ڌڙي جي مٽي آھي اتي انسانيت کي داغيندڙ درندا هوندا جن جي اندر جو انسان مئل هوندو, اهي حيا و شرم کان خالي هوندا, ان معصوم نينگر کي ڪهڙي خبر ته انهن ماڻھن جي چهرن پٺيان چهرا چڙهيل آھن, جيڪي حيوانيت جا چهرا آھن. جي انهن درندن کي جانور چئجي ته اها جانور جي توهين آھي ڇو جو ڪتو به ان گهر جي باٿي کي ڏاٺ ناهي ڏييندو جتان هو کائيندو آھي هي هڪ صائما جروار جو قتل ناهي هي سنڌ جو قتل آھي.
    سنڌ جنهن ڪالھ ھندستان مان آيل مهاجرن جي نياڻين مٿان شفقت جو هٿ رکيو هو ۽ انهن جي مٿي تي پنهجائپ جي پوتي رکي هئي, جتي نياڻن کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو, اتي اڄ صائما جو روح چوندي هوندي ته مون کي ست قرآن نه صرف انسان سمجهيو ها, اي سنڌ ڌرتي تو ته هميشه ننگن کي ساک ڪري رکيو پر اتي منهجي عزت محفوظ ناهي رهي.
    مان ته هڪڙي ننڍڙي جان هئس مان ته اڃا دنيا جي دستور کان ئي اڻواقف هئس, اڄ تنهجي نگري ۾ ڪنهن دندري جي ساھ مان وحشيت جي دپ آئي جنهن مون کي اذيتن سان قتل ڪيو, اي منهنجي ڌرتي اهو مان ڄاڻان ٿي ته مون کي ڪئين چيڀاٽيو ويو, مون تي ڪيل قهر جو ته ڪير اندازو ئي نٿو لڳائي سگهي. منهجي ڌرتي هڪ دانهن توکي آھي, ٻي دانهن لطيف سرڪار ۽ مخدوم بلاول کي ڏيندس, ته اي ڀٽائي جنهن ماروئڙن تي تو بيت لکيا انهن اڄ تنهجي بيتن جو قتل ڪيو, اي مخدوم بلاول جنهن سنڌ لاء تو سر ڪٽايو اڄ ان ئي سنڌ جي واسين سنڌ جو قتل ڪيو, پر افسوس آھي اڄ جي حڪمرانن تي جن جو ضمير صدين کان مئل آھي, جن کي صائمه جي سور جو احساس ئي ڪونهي.
    گلگت جي ملالا لاء تـ دنيا واجهائي ٿي پر سنڌ جي صائما جي سور کان واقف هوندي به اڻواقف آھن, اڄ صائمه سان گڏ سنڌ به دفن ٿيو پر اسان جي نااهل حڪمرانن جو وار به ناهي چريو, اهي ووٽ وٺڻ لاء ته فڪرمند هوندا آھن ۽ اسيمبلين ۾ اپوزيشن خلاف ته ڳالهائيندا آھن پر ڪنهن مظلوم تي ٿيل ظلم تي نٿا واجهائن, انهن جو پنهنجيون نياڻيون ته محفوظ رهندا آھن پر سنڌ جون نياڻيون اذيت جو شڪار ٿينديون آهن, آخر ڪيسيتائين سنڌ کي بار بار قتل ڪيو ويندو, ۽ ڪڏھن اسان جا حڪمران نشيلي ننڊ مان اٿندا ۽ لطيف جي نگري جي واهر ڪندا سنڌي ماڻھو ته سڄي دنيا لاء درد رکي ٿو ,دنيا ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿئي ته اسان سڀني کان اڳڀرا هوندا آھيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ جي سورن جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي صائمه جروار قتل انهي ڳالھ جو ثبوت آھي.
    برحال بحثيت هڪ عام فرد جي مان گذارش ٿو ڪريان هن دجالي دور جي حڪمرانن کان ته اهي صائـمه جو سور محسوس ڪن جئين قصور جي ذينب لاء واجهائيو ويو ائين ئي سنڌ جي صائمه جي واهر ڪئي وڃي, ان نياڻي جي روح کي انصاف ڏياريو وڃي, ۽ صائمه جي وارثن جو زخم ڀريو وڃي, ۽ جئين اسيمبلين ۾ حڪمرانن جي مفاد ۾ بل منظور ٿيندا آهن ائين ئي انهن مظلوم ماڻھن جي لاء به ڪا قانون ٺاھي وڃي جئين هن ملڪ جي قانون ۾ غريبن لاء انصاف ڪجھ سستو ٿي سگهي, ۽ صائمه جي قاتل کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جئين وري ڪا صائمه ازيت جو شڪار نه بڻجي, ۽ بار بار سنڌ جو قتل نه ٿئي.


    ڪير تـ لهندو سار اسانجي

    هڪ عظيم فرد جو فرمان آھي ته غريب ڄمڻ ڏوھ نه آهي پر غريب مرڻ ڏوھ آھي. پر جي اهو مهان شخص پاڪستان اچي ھا ته شايد هو پنهجو موقف مٽائي چوي ها ته پاڪستان ۾غريب جو پيدا ٿيڻ ڏوھ آھي, غربت هڪ مھڻو آھي, اڄ جي هن سماج ۾غربت کي هڪ گناھ جيان ڏٺو ٿو وڃي, دنيا جي سڀني ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾غربت 50 سيڪڙو آھي, ۽ خاص طور تي اسان جي سنڌ اندر 45 سيڪڙو يعني ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي سنڌ جتي موئن جو ڌڙو آھي, ان ڌڙي جي مٽي اعلي ترقي يافته ۽ تجارت ۾ منظم سنڌ جو ثبوت ڏئي ٿي ۽ پچاري ٿي ته سنڌ ان دور ۾ جڏھن ڪنهن به قسم جي ٽيڪنالاجي نه هئي, تڏھن موئن جو ڌڙو هڪ ترقي يافته شھر هيو, پر افسوس جو اڄ جي سنڌ ۾ نظر وجهجي تـ رات جي انڌيرن ۾ اڻبن وارن سان, ڦاٽل ڪپڙن سان ننڍڙا ننڍڙا گلن جهڙا ٻار فوٽ پاٿن تي ستل ملندا آهن اڇن مٿن سان ڪراڙيون هوٽلن تي پندي نظر اينديون آھن, ۽ اڪثر انهن جي باري ۾ اھو به چيو ويندو آھي ته اهي پنهنجي عادت کان مجبور آھن.
    انهن کي پنڻ ۾ ئي مزو ايندو آھي, پر غربت ۾ ڪھڙو مزو, غربت سزا آهي, غربت بيزاري آهي، غربت اقتدار نه آهي, غربت پنائي ٿي روئاري ٿي, افسوس سنڌ جنهن هميشـ ڌارين کي پناھ ڏني آھي, ۽ اڄ انهي سنڌ ۾ منهنجي سانگين لاء ڪا چار ديواري نه آهي, جيڪي سخت سردي ۽ تيز گرمي ۾ به انهن فوٽ پاٿن تي ئي سمندا آھن, ڪيڏي نه شرم جي ڳالھ آھي تـ هن اسلامي جمهوري پاڪستان ۾ ننڍڙا ٻار جيڪي ان فوٽ پاٿن تي سمهن ٿا جتي ڪتا سمهندا آھن, جتي گاڏين جي گيس مان اٿندڙ ڌودڙ ڪرندو آهي. منهجو سوال آهي ته ڇا هو انسان نه آهن. ڇا هو هن ملڪ جو حصو نه آهن, ڇا انهن جي وڏن هن ملڪ جي آزادي لاء جاکوڙ نه ڪئي, اسان جا حڪمران جيڪي هر سال اسان تي ٽيڪس جا انمبار اڇلائيندا آھن, ۽ هر سال قرض جو قهر ڪڙڪائيندا آھن, پوء به هي ملڪ غريب ملڪ آھي, هتي ترقي ته ٿئي ٿي پر ڪامورن جي اثاثن ۾ ۽ اھي غريب ماڻھون مزاڪ بڻجي رهجي ويندا آھن.
    مان يا توهان مان ڪنهن به فرد ڪنهن ڪاموري جي اولاد کي فوٽ پاٿ تي ستل نه ڏٺو هوندو. اسين پنڌڙ ٻارن کي خيرات گهرڻ تي چوندا آھيون ته اوهين پڙھو ڇو نٿا, پر ڪڏھن سرڪار جي ڪرتوتن تي نظر نه ڦيرائي سين، سرڪاري اسڪول جن ۾ ڪا معياري تعليم ناهي, ۽ سرڪاري اسپتال جتي هر مرض جي ھڪڙي ئي دوا ڏني ويندي آھي, هن ملڪ جو هر هڪ باشندو هر شئ تي ٽيڪس ادا ڪري ٿو , جنهن جي عيوض سرڪار اسان کي ڪا به ڊنگ جي سروس مهيا نٿي ڪري, اڄ به اوهين جي سنڌ جي روڊن تي نڪرندا ته ڪيئي ماڻھو پٽ تي پيل ڏسندا, افسوس جو ڀٽائي سرڪار جي هن سونهاري سنڌ ۾ منهجي مسڪين سانگين لاء ڪو گهر ڪونهي, ۽ اهي حڪمران جيڪي چون ٿا ته اسان عوام جا خادم آھيون.
    انهن جي گهرن جون اوچيون ديوارون چرٻٺ نگري جو ڏيک ڏين ٿيون, اسان جا مارو پيا بک مرن ۽ حڪمرانن جون دبئي ۾ ھوٽلون آھن, ڪڏھن ڪنهن ان ڳالھ تي غور ڪيو آھي ته هڪ غريب غريب ڇو آھي غربت ڪنهن جي قسمت جو لکيو ناهي هوندو, غربت پيدا ڪئي ويندي آھي جنهن کي اسان جا حڪمران هٿي ڏئي رهيا آهن, تڏهن ته هڪ عظيم شخص نيلسن منڊيلا جو فرمان آهي. ”غربت خيرات نه انصاف سان ختم ٿيندي آهي. ۽ اهو انصاف نالي لفظ ئي ته ناهي اسان جي ملڪ ۾ جيڪو حڪمرانن جي ڪارن ڪرتوتن جو نتيجو آھي, جي اوهان کي جاڳ نه ٿي ته اوهان حڪمرانن هٿان کپايا ويندو مهرباني ڪري, ننڍڙن گلن جهڙن معصوم ٻارن جي مستقبل جي باري ۾ سوچيندا, منهجي مسڪين ماروڙن جي باري ۾ سوچيندا.


    سنڌ جي سمبارائن جي تذليل

    سنڌ ڌرتي جنهن ڪالهه هندستان جي پناهگيرن کي مان ۽ مرتبو بخشيو هو. انهن جي نياڻين مٿان سدائين شفقت جو هٿ رکيو. سنڌي ماڻهن جي مهمان نوازي مان اهي پناهگير ايترو ته متاثر ٿيا هئا جو هو سنڌ جا رهواسي ٿي ويا، سنڌ جي نوازش ۽ سناشيت کي تاريخون پچارن ٿيون. سنڌ جي ادب اخلاقيت کي دنيا داد ڏئي ٿي. پر افسوس جو سنڌ ڌرتي جي مٺمزاجي جي نسبت سدائين سور ڏنا ويا آهن. ڪالهه جن کي سنڌو پنهنجي سيني سان لاتو هو اڄ اهي ئي سنڌو ماتا کي ٽوڙڻ گهرن ٿا ائين ئي ڪالهه ڪنهن قاسم هن ڌرتي جي عزت کي ليڻو ليڻو ڪيو هو ۽ اڄ وري ان قاسم جي پوئلڳن پنهجي پورڪن جي تاريخ کي دهرايو آهي.
    ائين ئي اسان جي سنڌ ڌرتي جي شهر ڪراچي ۾ جيڪو هن رياست جو انٽرنيشنل شهر ڄاتو ويندو آهي اتي هن رياست جي وردي پوشن لطيف جي نياڻين جي عزت ۽ آبرو کي لتاڙيو آهي. انهن سنڌو جي تن مٿان ڪپڙا لاٿا آهن انهن رياستي دلالن سنڌ جي سمبارائن کي وارن کان وٺي گهيليو آهي. هن ملڪ جي آئين مطابق هر هڪ باشندي کي حق آهي ته هو پرامن احتجاج ڪري سگهي ٿو. پوء ڪراچي ۾ نياڻين مٿان تذليل هن رياست جي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي يا انهن وردي پوشن تي غداري جو ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي.
    جيڪي رياست جي بڇ تي سرعام اسان سنڌ واسين تي حملو ڪن ٿا. ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وردي پوشن ڪنهن سياستدان جي جلسي تي لٺ بازي ڪئي هجي. ڇو ته تاريخ اڃا ايتري به پراڻي ناهي ٿي جو لڪي سگهي. جڏهن عمران خان جي پارٽي جي ڪارڪنن سپريم ڪورٽ جي ديوارن تي شلوارون سڪائيون هيون ۽ جڏهن عمران خان جي ڪارڪنن ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ جي جرت ڪئي هئي ته اتي رياست ماٺ متل هئي ڪنهن جي به تذليل نه ڪئي وئي. پر ڪراچي ۾ سنڌ جي نياڻن جا ڪپڙا ڦاڙيا ٿا وڃن.سسئي لوهار ۽ تنوير آريجو جيڪي پنهنجني وارثن جي آزادي لاء واجهائي رهيون هيون. بجاء انصاف جي انهن نياڻين جي تذليل ڪئي وئي. اسين هن رياست جي وجود کي پاڻ منجهه اوڙيوسين. اها رياست جنهن جي تاريخ 70سال اڳ جڙي. اهڙي رياست کي 5000 هزار سال اڳ جي سنڌ ڌرتي اپنايو پر هن رياست اسان کي ڏکن ۽ ڏولاون کان سواء ڪجهه بـ ناهي ڏنو هن رياست جي وردي پوشن ڪڏهن اسان جي استادن تي حملو ڪيو ته ڪڏهن مستقبل جي معمارن شاگردن مٿان ۽ وري ڪراچي ۾ سنڌي نياڻين مٿان تذليل جو قهر ڪڙڪايو ويو جيڪو ناقابل برداشت آهي. اسين سنڌي ماڻهو جيلن ۾ واڙيا وياسين. تشدد جو نشانو بڻياسين. هر دور ۾ اسان کي سنگهرون پارايون ويون. اسان جي قوم کي سدائين لٽيو ويو ۽ اهڙن ظلمن خلاف جيڪي به جوان اڀريا سي سرعام ماريا ويا.
    سنڌي اهو آهي جيڪو ٻني ۽ وني ته جان گهوريندو آهي. هي رياست جيڪا 70 سيڪڙو سنڌ جي آمدني تي هلي ٿي اها ئي سنڌ جي مٿان قهر ڪڙڪائي ٿي. ڪراچي م لڳل ڪيمپ جو صاف موقف آهي ته هدايت لوهار ۽ ٻين 160 کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪيو وڃي. هو ڪي دهشتگرد ناهن. پر هن رياست ۾ دهشتگردن کي به عدالت آڏو پيش ڪيو ٿو وڃي. پوء هن ڌرتي جا قومي ڪارڪن آخر ڪهڙي ڏوه جا ڏوهاري آهن جو انهن کي اهڙي ريت کنڀي گم ڪيو ويو آهي.
    ڪامورا الڪيشن جي تيارين ۾ مشغول آهن هيڏانهن سنڌ جون 160 خاندان پنهنجي پيارن جي آزادي لاء پريشان آهن. پر افسوس هن رياست جو وار به ناهي چريو انهن تعسباتي روين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي رياست سنڌ کي پنهنجو حصو تسليم نٿي ڪري جي سنڌ کي هي رياست پنهنجو حصو تسليم ڪري ها ته سنڌ ائين ترقي جي راه ۾ ٻين صوبن جي نسبت پوئتي نه هجي ها. يا مشتاق ڪلهوڙي کي پي ايس ايل ۾ کيڏايو وڃي ها. آخر آدم جي اولاد ۾ ڪيتري سگهه جو هو ظالمن جا اڇليل امبار سهي. ڇو ته بيوس ٿي بار اٺن به ڦٽا ڪيا. پوء اهڙي ظلم تي بغاوت جو اڀرڻ واجب آهي.
    هن ڌرتي جا ماڻهو رياستي ڏنڊي جي خوف کان ڀل ڪيترائي خاموش ڇو نه هجن. پر پنهنجن نياڻين جي عزت ۽ آبرو جي لتاڙ برداشت نٿا ڪري سگهن. هي رياست جنهن کي اسلامي جهموريا پاڪستان چيو وڃي ٿو مطلب هي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهنجو بنياد مذهب تي رکيل آهي اهو به اهڙو مذهب جيڪو انسانيت سيکاري ٿي ماء ڀيڻ جي عزت سيکاري ٿي ۽ اخلاقيات جوعلم ڏئي ٿي. پوء ڇا اهو مناسب آهي تـ هڪ اهڙو ملڪ جيڪو اهڙي پاڪيزه مذهب جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ان ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم اسرائيل کان به وڌيڪ هجن.
    جتي نياڻين جون عزتون روڊن تي رلن انهن جا ڪپڙا ڦاڙيا وڃن. پرامن احتجاج ڪندڙن تي لٺ بازي ڪئي وڃي. هن رياست اسان جي سنڌ منجهان گهڻو ڪجهه ڦٻايو آهي. هي رياست سنڌ منجهان 70 سيڪڙو آمدني جو کڻي ٿي جنهن ۾ گئس، تيل، ڪوئلو ۽ کوڙ سارا ٻيا وسيلا. سنڌ واحد صوبو آهي جتي هر فصل ٿئي ٿو. هنن نياڻين جا پيئر کنڀيا ويا، هنن جي دانهن ٻڌڻ کان پوليس عدالتون سياسي پارٽيون بشمول قومپرست پارٽيون ۽ هر اليڪشن ۾ سنڌ ڪارڊ کيڏندڙ پ پ پ انڪاري آهين. پرامن احتجاج ڪرڻ تي به هنن مٿان رياستي ادارا تشدد ڪن ٿا ۽ اسان ستا پيا آهيون. پ پ پ جي حڪومت جيڪا سنڌين جي حڪومت چئي ويندي آهي ان حڪومت ۾ ئي وڌ کان وڌ قومي ڪارڪن ماريا ويا گم ڪيا ويا. سنڌ هن مشڪل گهڙي ۾ ته اڳئي گذري رھي آھي سنڌ ۾ جبر ظُلم جا روز نوان قصا به ڪنهن کان ڳجها ناهن پر جيڪو سنڌ جي عاشقن سان هن ڏھاڪي اندر وهيو واپريو آھي انهيء کان دنيا واقف آھي ڪيتري ئي وقت کان سنڌ جي حقن جي جاکوڙ ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جن جي انتظار ۾ سندن ڪٽنب جون اکيون لڙڪ لاڙي رهيا آھن.
    اي هن عظيم ڌرتيء جا سپوتو، اڄُ جيڪي زندانن ۾ ٽارچر سيلن ۾ قيد آھن اهي اوهان جي روشن مستقبل جا خواب ڏسندڙ هئا اڄُ انهن جا گهر ڀاتي لاوارثن جئيان پنهنجي پيارن جي آزادي لاء سراپا احتجاج آھن پر سنڌ ڌرتي جا وارث ڪا اثرائتي موٽ نٿا ڏين. گم ٿيل ڪارڪنن جون نياڻيون جن ۾ سورٺ لوهار سسئي لوهار، تنوير آريجو، نيلم آريجو مسلسل پنهنجي پيارن جي آزاديء لاء روڊن رستن تي نڪتل آھن. اڄُ زندانن مان قيدن مان اها پڪار ٿي اچي ڄڻُ اها ميار ٿي اچي ته اي ڌرتيء جا وارثو جن اوهان جي روشن مستقبل لاء ڌرتي جي بقا سلامتي لاء پنهنجي جاني مالي توڙي وقتي قرباني ڏني جيڪي سختين جو عذابن جو جيلن جو ٽارچر سيلن جو کاڄ بڻيل آھن اڄُ انهن جون نياڻيون ته روڊن تي آھن پر اوهان انهن سان ڪيتري قدر نڀايو آھي اي سنڌ جا وارثو اچو ته هنن نياڻين جا ٻانهن ٻيلي ٿي سڀني گم ٿيلن جي مالڪي ڪريون.


    دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

    ڪي ماڻهون املهه هوندا آهن جيڪي زنده تاريخ بڻجي ويندا آهن. جيڪي تاريخ ۾ سنهرن اکرن سان لکيا ويندا آهن. ۽ اهي صدين کان پوء جنم وٺندا آهن.ائين ئي 21 فيبروري 1930ع تتي هڪ سنهري تاريخ جنهن تي سنڌ ڌرتي جي شهر ٺٽه جنگشائي جي ڳوٺ منگر خان پليجو جي رهواسي محمد علي پليجو جي گهر ۾ هڪ سنڌ جي سچي سپوت ۽ بيباڪ فرد جو جنم ٿيو. اهو صدين کان پوء هڪ سنڌ جو جنم هو. جنهن جو نالو رسول بخش پليجو رکيو ويو. جيڪو سنڌ جي قوميتي سربراه، اسڪالر، دانشور، ليکڪ طور ڄاتو ويندو آهي.
    محترم رسول بخش پليجو پنهجي ابتدائي تعليم پنهجي ئي اباڻي ڳوٺ ۾ پرائي. ۽ ان کان بعد پنهجي سيڪنڊري تعليم لاء سنڌ مدرسته اسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. ۽ پوء سندس گريجيوشن سنڌ لا ڪاليج ڪراچي مان ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل پڻ بڻجي ويو. هن سنڌ ۾ تعليمي کوٽ کي مدنظر رکندي سنڌي ڳوٺاڻن لاء تحريڪ هلائي. سندن ننڍي هوندي کان ئي، اردو، انگريزي، ادب ۽ يورپي ۽ اسلامي تاريخ، فلاسافي ۽ پوليٽيڪل سائنس انهن منجهان هڪ پسنديده سبجيڪٽ هيو.
    پليجو صاحب ليکڪ ۽ اسڪالر سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل پڻ هو. ۽ ان کان بعد هڪ سياستدان پڻ هو. جهن سبب کين ايم آر ڊي تحريڪ دوران يارنهن سال جيل ۾ رهيو جنهن سبب کين ايمنسٽي انٽرنيشنل 1981ع ۾ پرزنر آف ڪونسائنس جي خطاب سان نوازيو ويو پليجو صاحب جيل جو گهڻو حصو بدنام زمانا ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذاريو جنهن دوران هن ڪيترائي ڪتاب لکيا هن ايم آر ڊي، ون يونٽ تحريڪ ۽ ننڊري قوميتن جي تحريڪ پونم ۾ پيش پيش رهيو سنڌ گرلز اسٽوڊنٽس آرگينائزيشن جو قيام پليجو صاحب جو عظيم ڪارنامو آهي جنهن جي ڪارڻ سنڌ جي نياڻين کي الڳ مقام حاصل آهي ان ڪري اڄ به عوامي تحريڪ ۾ عورتن جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي.
    جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جواعلان ٿيو ته پليجو صاحب ان مئل گهوڙي خلاف جاکوڙ شروع ڪئي ۽ اهڙي ريت اينٽي ڪالا باغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي جو بنياد وڌو ۽ ڪلاباغ ڊيم جي سڀني مخالفين کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم ڏنو جئين اهي سڀ ان مئل گهوڙي جي قيام کي روڪي سگهين.
    هن گهڻن ئي تحريڪن ۾ هڪ عظيم ڪردار ادا ڪيو جهڙوڪ عدليـ جي بالادستي، آمرضياء خلاف آواز اٿاريو جهن سبب کيس جيل جو منهن ڏسڻو پيو. سياست ۾ عدم تشدد جي ذريعي لانگ مارچز کي هٿي وٺرائي ۽ عوام کي فعال ڪيو هن ڏکڻ ايشيا جي سياسيي ليڊرن ۾ جاگيرداڻي نظام مارشل لا ۽ سامراج توڙي استعمار مخالف جاکوڙ ۾ هڪ منظم ڪردار نڀايو هن پختونن جي اڳواڻ خان عبدالولي سان ملي عوامي نيشنل پارٽي جو بنياد رکيو ۽ ان جو باني سيڪريرٽي چوندجي ويو.
    پليجو صاحب هڪ سٺو ليکڪ پڻ هو هن 40 ڪتاب لکيا جن ۾ جيل جون يادگيريون، سياست، سماج، ثقافت ٻين موضوعن ته به منفرد ڪتاب لکيا جيڪي شاگرد طبقي لاء انقلاب جي واٽ واري حيثيت رکن ٿا. رسول بخش انهن ماڻهن منجهان هڪ هو جن پنهنجي سمورري زندگي پهنهجي قوم ٻولي ۽ ادب کي انڌا اونڌا ويڄ، پسي ڳاڙها گل، سندي ذات هنجن، ڇا وفاقي سياست سنڌين لاء حرام آهي ڌڙاڙن جا ڌڪ، جيڪي بنگال سان ٿيو، انقلابي جدوجهد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت، وڳ ڪيئن وسريا جهڙن بهترين ڪتابن جو تحفو ڏنو جنهن مان پليجو صاحب جي سچو پچو ادبي عاشق هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.
    رسول بخش پليجو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهن، سنڌي ادب ۽ شاعري سان عشق ڪرڻ وارو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ڏاهو ۽ مفڪر هو. پليجو صاحب نه صرف وسيع مطالعي وارو هيو پر سندس حافظو بـ غضب جو هيو جو هر شيء کي دليلن سان پيش ڪندو هو ۽ سندس اڳيان چڱو ڀلو هار مڃيندو هو. پليجو صاحب سان بحث ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. سياستدانن وٽ پليجو صاحب لاء دليل ئي نه هوندا هئا. سنڌ جي هر اشو تي هميشـ هن ڳالهايو ۽ ان اشو جو احتمام پڻ آندو. هر ڪنهن کي لاجواب ڪري ڇڏڻ سندس قدرتي ۽ ذهني صلاحيت جو مثال آهي. پليجو صاحب پنهنجي هڪ تاريخي خطاب ۾ چيو هو ته سنڌ اسانجو وطن آهي جيڪڏهن هن ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ماڻهون ٻيا به اچي آباد ٿين ته به هي سنڌ اسانجو وطن آهي، هي زمين اسانجي آهي جيستائين سنڌي مائرون ٻار ڄڻينديون رهنديون هي سنڌ اسان جي آهي.
    اهڙي ريت هن سنڌ کي هميشـ لبيڪ چيو. ۽ هاڻي هن زنده تاريخ جي وڇوڙي تي سنڌ ڄڻ ته يتيم ٿي وئي آهي. پليجو صاحب ڄڻ ته تاريخ جو باب بند ڪري ويو آهي. اسان پليجي صاحب جي وڇوڙي تي سنڌ رت جا ڳوڙها رني آهي. ۽ اسين سنڌ واسي سندن گهر وارن سان برابر جا شريڪ آهيون.


    ميرواه يوٿ ڪائونسل

    ٺري ميرواه جيڪو ضلعي خيرپور ميرس جو دل آهي. جنهن تي ماضي جي ميرن جو نالو پيل آهي ۽ انهي ٺري ميرواه کي ڪافي عرصي کان نظرانداز رکيو ويو آهي. پر هڪ سنڌي پهاڪي جيان ته اوڻٽيهه ڏنيهن چور جا هڪ ڏنيهن ڀاڳئي جو ضرور هوندو آهي ۽ اهڙي ريت هيل ميرواه جا وارث، شعوري نوجوان هڪ منظم تحريڪ جي شڪل ۾ گڏ ٿيا آهن. اها تحريڪ (ميرواه يوٿ ڪائونسل) جي نالي سان غريب ۽ مظلوم عوام لاء ڪامورن جي پکيڙيل اونهي اونڌاه ۾ اڀرندڙ امنگ سج جو ڪردار ادا ڪري ٿي ائين ئي باشعور ۽ باصلاحيت نوجوانن سان جوڙيل (ميرواه يوٿ ڪائونسل) جيڪا غريب ۽ مظلوم عوام لاء واجهائي ٿي. ٺري ميرواه جو عوام جيڪو سدائين ڏکن ۽ ڏولاون ۾ رهي آهي جنهن هميشه سردارن، ميرن ۽ پيرن کي پنهنجي قيمتي آڱوٺي سان اقتدارن تائين پهچايو آهي بنسبت ان وافاداري جي عوام کي صرف نارن جو ڊئو ڏنو ويو آهي.
    ترقي کان نظرانداز ٺري ميرواه جا رهواسي هميشه کان پنهجي ناقص سوچ جا غلام رهيا آهن پر هيل ٺري ميرواه جي باشعور نوجوانن جي سوچ سان جوڙيل (ميرواه يوٿ ڪائونسل) جنهن اهو وچن ورجايو آهي ته پنهنجي باشعور سوچ ۽ آزاد پرستي سان ميرواه جي عوام جي ناقص سوچ کي هميشه لاء هڪلڻو آهي ۽ اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ لاء ايندڙ ڪامورن کان پنج سال گمشدگي جا وجوهات پڇڻا آهن ۽ ايتري قدر جو تڪ تي اهل اميدوار نه هجن جي صورت ۾ پنهنجو با شعور ۽ باصلاهيت نوجوان اميدوار بيهاريو ويندو ڇو ته هاڻي ميرواه جو عوام ٿڪجي پيو آهي مظلوم عوام جا ڪلها گسي چڪا آهن هاڻي اهي غلامي جو بار نٿا کڻي سگهن ڇو تـ بيوس ٿي بار اٺن به ڦٽا ڪيا.
    اهڙي ريت هاڻي ميرواه جو عوام پنهنجي شهر ۾ انقلاب چاهي ٿي. (ميرواه يوٿ ڪائونسل) ٺري ميرواه جي عوام جي حقن جو پوراء گهري ٿي جئين ميرواهي عوام کي پنهجو اصلي اهنڪار هجي ائين ئي ويساه گهاتين جي انتها کانپوء ڪامورن جي ڪڙڪايل قهر کي مدنظر رکندي ٺري ميرواه جي هڪ باشعور ۽ زميدار فرد انجنئير عبدالصمد ويسر سڄي ميرواه منجهه شعوري سوچ ڪٺا ڪري هڪ منظم تحريڪ جو بنياد رکيو. ميرواه جي پڙهيل لکيل، شعوري ۽ ميرواه لاء فڪر رکندڙ نوجوانن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ منظم حڪمت عملي جوڙي جنهن ۾ ميرواه جي عوام لاء مزاج فڪر ڏيکاريو ويو آهي. ان مزاج فڪر جو مقصد اهو آهي تـ ميرواه جي عوام کي هر ويلي جيان لٽجڻ کان بچايو وڃي.


    انقلاب جو ابو ڊاڪٽر چي گويرا

    14 جون 1928ع تي ارجنٽينا جي شهر رُو ساريو ۾ هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ جو جنم ٿيو. جنهن کي اڄ انقلاب جو ابو چيو وڃي ٿو اهو مها پرش ڊاڪٽر چي گويرا جي نالي سان غريب ۽ مظلوم عوام لاء هڪ امنگي، اتساه جي سج جيان ٿي اڀريو. گويرا 1948ع ۾University of Buenos Aries ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ورتي ۽ 1953ع ۾ تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واپس پنهجي ڏيهه ارجنٽائن آيو ۽ هڪ ڊاڪٽر طور پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏنيون.
    ڊاڪٽر هڪ شعوري شخص هيو. چي گويرا پڙهائيءَ واري ڏڻن ۾ پنهنجي هڪ دوست سان گڏ موٽر سائيڪل تي سير ڪيو ۽ انهيءَ سير هن جي زندگيءَ بدلائي ڇڏي اتان هن جي زندگي کي هڪ مقصد ميسر ٿيو. ڊاڪٽر ان سير منجهه گهڻو ڪجهه پرايو ۽ گهڻين شين کي پرکيو. ان سڄي الميي کانپوءِ هن ڏٺو ته، ڪيپيٽلزم، نيوڪولزم ۽ امپرليزم هر جاءِ تي قابض آهي ۽ ساڳين شين هن جي قوم کي محڪوم بڻايو آهي، هن جي قوم کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. هن بُک، لاقانونيت ۽ مظلوميت کي تمام ويجهي کان ڏٺو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ته، هڪ جاءِ تي ويهي دوا ڏئي ۽ پئسا ڪمائڻ کان وڌيڪ بهتر آهي ته، انساني حقوق لاء ڪم ڪجي ۽ سماج سيوڪ بڻجي ۽ سڄي قوم جي بيماريءَ جو علاج ڪجي.
    هن ان کانپوءِ اڃا به وڌيڪ عوام منجه رهڻ لڳو، وڌيڪ مشاهدا ڪرڻ لڳو عوام جي سورن کي جاچڻ لڳو انهن المين کانپوءِ هن اهو فيصلو ڪيو ته، پنهنجي قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ ئي وڙهڻو آهي1955ع ۾ چي گويرا پنهنجي دوست نائيڪو لوپز سان گڏجي فيڊل ڪاسترو سان مليو، جيڪو ان وقت جو انقلابي اڳواڻ هو، چي ملاقات کانپوءِ 26 جولاءَ موومينٽ کي بطور ميمبر جوائن ڪئي 1956ع ۾ چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ۽ ٻين گڏجي فوجي ٽولن تي حملو ڪيو، سِيرا جي جبلن تائين رسندي رسندي ۽ وڙهندي آخر ۾ صرف 16 گوريلا بچيا ۽ پوءِ ڪجهه مهينن ۾ منصوبه بندي ڪري قبضو ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ انهن ڪيوبا جي علائقن تي ڪنٽرول ڪري ورتو، چي ۽ فيڊل ڪاسترو زمينون هارين ۾ ورهائي ڇڏيون. عوام جي حمايت کانپوءِ ڪاسترو ۽ چي گويرا کي يقين ٿي ويو ته، هاڻي هو بٽيسٽا کي شڪست ڏئي ويندا ۽ پوءِ اهڙي عوامي حمايت کانپوءِ ڪاسترو ۽ چي گويرا ساٿين سميت سِيرا جي جبلن تان لهي، شهرن جو رُخ ڪيو ۽ جلوس ڪڍيا.
    جنهن کانپوءِ بٽيسٽا آمريڪا سان مفاهمت ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 جنوري 1959ع ۾ فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا ڪيوبا جا نوان ليڊر بڻجي سامهون آيا. چي گويرا ڪيوبا کان ڪانگو، ڪانگو کان ڪشاشا ۽ پوءِ بوليويا ويو ۽ پوءِ بوليويا ۾ وڙهندي وڙهندي، بوليويا جي شهر لاهيگورا ۾ 9 آڪٽوبر 1967ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. ان چار جون تي سندس جنم ڏينهن هيو. اڄ به چي گويرا انقلاب جي نشاني ۽ مظلوم عوام ۽ قوم جو حوصلو آهي، اڄ به جڏهن ڊڪٽيٽرن جي خلاف مظاهرا ڪڍيا ويندا آهن، ته ان ۾ چي گويرا جا فوٽو ضرور هوندا آهن. نوجوانن جو عظيم ليڊر آهي. اڄ به نوجوان ڊاڪٽر تي فخر محسوس ڪندا آهن. ڊاڪٽر جهڙا ماڻهون ڪي صدين کان پوء پيدا ٿيدا آهن ۽ اتي هڪ امنگي سج جو ڪردار ادا ڪندا آهن. پنهنجي زندگي ۾ انسانيت جو درس ڏئي ويندا آهن. ڪاش اسان جي ڌرتي به هڪ چي گويرا جنمي جئين درد دارن کان درد جو پڇاڻو ٿي سگهي.


    استاد جو اصلي مفهوم استاد نويد علي لغاري

    ڪي صديون سال اڳي سنڌ ڌرتي جي انقلابي عورت ماھ راني ودلا پهنجي ڪائنر پٽ کي جنگ وڙھڻ جو جذبو ڏياريندي چيو ته ” دنيا جا وڏا وڏا ملڪ ھڪ ٻئي تي رڳو ذھني جنگ وسيلي ئي برتري حاصل ڪري رھيا آھن. جيڪي فرد يا ٽولا ذھني ۽ عقلي جنگ بغير رڳو ويڙھاند تي سندرو ٻڌندا آھن، سي قوم کي ڪنھن به قسم جو ڇوٽڪارو ڏيارڻ بجاءِ، عادي ڏوھاري بڻجي رڳو، چوريون، ڦرون ڪرڻ ۽ ڌاڙا ھڻڻ واري عمل ۾ مصروف ٿي ويندا آھن آڳاٽي دور ۾ به جنگيون رڳو تلوار ۽ فوج جي زور تي ڪونه کٽبيون ھيون پر ان وقت به علم، دانائي ۽ جنگي ڄاڻ جو سوڀُن ۾ وڏو ھٿ ھوندو ھو. راني ودلا جا تاريخي لفظ علم ۽ عقابري سان سوڀارو ٿيڻ جو پڙاڏو ڏين ٿا, اها ته تاريخ جي دري مان پاتل هڪ جاتي آهي.
    پر جي ڳالھ ڪجي هاڻوڪي سنڌ جي تـ سنڌ ۾ تعليمي نظام درهم برهم آهي. نه ڪا سٺي حڪمت عملي آھي ۽ نه وري تعليمي معيار آھي جنهن سبب اسڪول يا ته بند پيل ملن ٿا يا وري ٻارن جي گهٽ حاضري ڪري اوطاقون بڻيل آهن. جنهن ڪارڻ سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي اڪثريت سٺي تعداد ۾ آھي ۽ اڪثر وسندي وارن جا ٻار خانگي اسڪولن ۾ ئي پڙھن ٿا. دنيا جي ملڪن جي ترقي ۾ ھميشه تعليمي يافته اهل ماڻھن جو مها ڪردار رهيو آھي اهي ماڻھون جيڪي شعوري هجن جن جي نس نس ۾ ايمانداري گردش ڪندي هجي جيڪي سچائي جو خواب رکن, ائين ئي هاڻوڪي سرڪار ڪجھ نوان هيڊ ماسٽرز ميرٽ تي ڀرتي ڪيا هئا, انهن هيڊ ماسترن منجهه نويد علي لغاري بـ چونڊيو ويو هئو ۽ جڏھن استاد نويد علي لغاري (جي بي ايم ايس) شاھ محمد لغاري ۾ بطور هيڊ آف ٽيچر جوائن ڪيو ته ان وقت اسڪول جي حالت موئن جو ڌڙو جو ڏيک پئي ڏنو, نه ٻارن جي حاضري نه استادن جي سٺي حڪمت عملي ۽ نه ئي وري تعليمي معيار هو.
    پر هڪ اهل ايماندار فرد جي آمد ان اسڪول جو ته نقشو ئي بدلائي ڇڏيو اهڙي منظم حڪمت عملي جوڙي جو ان ڳوٺ جا رهواسي حيران ٿي ويا ته ”ڇاواقعي ئي هي هڪ سرڪاري اسڪول آھي,؟ استاد نويد حيسن لغاري جي آمد کانپوء اسڪول ۾ ٻارن جي حاضري رڪارڊ نه پر يقيني آھي ۽ ٻار روز وقت سر اسڪولي ڊريس, ٽائي, بوٽ پائي ايندا آھن ۽ اسيمبلي ۾ پڻ سٺي نموني حصو وٺندا آھن ان اسيمبلي ۾ سمورا استاد صاحبان به وقت سر شريڪ ٿيندا آھن روز پرچم بلند ٿيندو آھي, اسيمبلي ۾ ٻار تقريرون به ڪندا آھن ۽ ان سڄي ڪاريا ڪرم کانپوء اسڪولي شيڊول مطابق پيرڊ به هلندا آھن ۽ سمورا استاد پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏيندا آھن.
    ۽ باقائدا ٻارن کي فئير ڪاپيون ڪرائيون وينديون آھن , هفتيوار ٽيسٽ ۽ باقده نتيجن جي جاچ يقيني بڻيل آهي نتيجن جي پڌري ٿيڻ کانپوء اول ايندڙ ٻارن ۾ باقدعده انعام ورهايا ويندا آھن ۽ آزادي جو ڏڻ, يوم دفاع, 23 مارچ جهڙيون تهوارون پڻ منظم نموني ملهايون وينديون آھن. استا نويد علي لغاري شاگردن جي سٺي ڪارڪردگي ۽ ذھانت کي مدنظر رکندي هيڊ آف بواء , ھيڊ آف گرل, ۽ مونيٽر چونڊيا جئين اهي تعليمي معيار کي منظم ۽ عمدو بڻائڻ ۾ شاگردن طرفان نمائيندگي ڪن, ان اسڪول کي ڏسي هر فرد حيرانيت جو شڪار آھي ته اھڙي ريت هڪ سرڪاري اسڪول جتي صرف تعازيتن جا تڏا وڇائبا هئا اتي روز صبح سان اسيمبلي ٿيندي آھي ۽ اسڪولي لباس پهريل ٻار قطارون ڪري اسڪول ويندي نظر ايندا آھن.
    اصل ۾ ازل کان وٺي اسان جون سرڪارون ڪرپٽ رھيون آھن ان جو مھا ڪارڻ اسين خود آھيو ڇو تـ انهن کي اسان ئي سندي ووٽ وسيلي اقتدارن تائين پهچندا آھيون ۽ اهي ڪامورا موٽ ۾ سدائين اسان جي غريب ۽ اڻ پڙھيل عوام کي بيوقوف بڻائيندا آھن ڇو جو اهو عوام تعليم کان خالي هوندو آھي, ۽ پنهنجي ٻچڙن کي به پاڻ جهڙو بڻائيندو مطلب تعليم جي زيور کان محروم رکندو آھي ٻيو هو ڪري به ڇا ٿو سگهي ڇو ته سنڌ جا سرڪاري اسڪول تـ درهم برهم آھن, ۽ خانگي اسڪولن جون فيسون هن جي آمدني کان به اوچيون آهن اهڙي ريت غريب جو ٻار آخر غريب ئي ٿئي ٿو. پر استاد نويد علي لغاري جهڙو اهل, ايماندار, فرد جهالت جي اونهي اونداھ ۾ امنگ اتساه جي اڀرندڙ سج جو ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن جي روشني جي لاٽ غريب گهراڻي جي ٻارن ۾ اميد پيدا ڪري ٿو ته ھاڻ اسين بـ ڪجھ ڪري سگهون ٿا ڊاڪٽر ٿي سگهون ٿا انجنئير ٿي سگهون ٿا ۽ پنهجي بابا جا سارا ٿڪ لاهي سگهون ٿا.
    مان هيل تائين ڪڏھن بـ ڪنهن سرڪاري اسڪول جي استادن يا هيڊماسٽرز کي داخلائن جي مهم لاء روڊن تي ريلي ڪڍندي ناهي ڏٺو پر استاد نويد علي لغاري تعليمي سڌاري لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي ۽ سندس جاکوڙ اڃا به جاري آھي هڪ ڏينھن ضرور اها جاکوڙ رنگ لائيندي جڏھن ان ننڍڙي اسڪول مان ڪيئي ڊاڪٽر, انجنئير, سي ايس ايس آفيسر جنمبا برحال عظيم انسان, مها پرش استاد نويد علي لغاري کي ٻنهي هٿن سان سلام قبول پوي جنهن پنهجي قابليت سان استاد جو اصلي مفهوم سمجهايو آھي.


    پنهجي ستل ضمير کي ڌوڻو ڏيو

    ووٽ ڪو تحفو، ملڪيت، قرض ۽ نظرانوناهي جو اوهين ائين ئي ڪنهن کي سونپي ڇڏيو ووٽ ضمير جو آواز آھي جيڪو هر فرد جي اندر منجهان اڀري ٿو ان فرد ۾ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو ته تنهنجي ووٽ جو باقاعده اهل حقدار ڪير آھي اهو سوچڻ ۽ پرکڻ وارو الميو تڏھن پيش ايندو آهي جڏھن اهو ضمير يعني اندر جو انسان زنده هجي انڪري جو هي اندر جو انسان جنهن کي ضمير سڏجي ٿو اهو بغاوتي آھي اهو ايتري قدر سچو ۽ پڪو آھي جو ھو پنهجي ظاھر سان به بغاوت ڪندو آھي ۽ ملامت به ڪندو آھي پر وري ڪڏهن ڪڏهن ظاھر ضمير تي ڀاري پئجي ويندو آھي ۽ انجي مرتيو يعني موٽ يقيني بڻائي ڇڏيندو آھي ان موت جو ڪارڻ ٻاهرين ظاھري پرش جي ناقص سوچ جو هجڻ آھي جيڪو هن کي خودپرستي, لالچ, حوش جا خواب ڏيکاري ٿي.
    جنهن ڪارڻ هو پنهجي اندرين انسان کان ڪيئي ڪوھ پري ٿي ويندو آھي ۽ صحيع سوچڻ جي صلاحيت کي وڃائي ويهندو آھي پوء انجي برعڪس هو هڪ ڪٽ پتلي غلام بڻجي ويندو آھي يا رستي تي اڇليل ڪنهن بي وزني ڪاغذ جيان بڻجي ويندو آھي جيڪو هواء جي زورو تي پيو هت هت رلندو آھي ۽ اھڙي ۾ ھو ڪنهن نااهل اميدوار کي منتخب ڪندو آھي. هميشه انهن مظلومن جي ووٽن جو فيصلو نا اهل وڏيرا ۽ ڀوتار ڪندا آھن سندن ڪوڙن ۽ ھر دفعي جي دهرايل وائدن جي اوٽ ۾ پر هي عوام اکين هوندي بـ ڇو نٿي ڏسي سگهي تـ جڏھن هو فصلن جا حسابي قلم تکن تيرن جيان واهن ٿا تـ اهي ئي اسان جا خدمت گار ڪئين ٿا بڻجي سگهن جيڪي پاڻ مٿي ۽ اسان کي هيٺ ويهارين ٿا پاڻ اچڻ بدران اسان کي سندن اوطاقن تي گهرائن ٿا اهي ماڻھو اڳئي هلي خدمت ڪئين ڪندا.
    جيڪڏھن هڪ نظر سان ڏٺو وڃي تـ پاڪستان جي مها آمدني ذرعي وسيلن منجهه ملي ٿي جيڪا هاري پوريهتن جي مدد سان اوگهي ٿي جيڪي پنهجو ماس نپوڙي بنجرکيتن کي زرخيز بڻائن ٿا انجي برعڪس انهن کي سرڪار طرفان ٽڪي ٿو ملهه ڏنو ٿو وڃي. هي مظلوم ۽ اٻوجھ عوام ايڏو تـ هيسائل آھي جو سندن مٿان ڪيل ظلمن جو ازالو بـ نٿي وٺي سگهي, هن ڌرتي مٿان هميشه اوچي ذات جي قومن حڪومت ڪئي آھي ۽ نيچي ذات وارن حاڪمن جي حڪمن جي پاسداري ڪئي آھي تاريخ موجب پراڻي دور جو اوچيون ۽ نيچيون ذاتو طاقت سان توربيون هيون پر اڄ جي هن دجالي دور ۾ قومن جي اوچايت دن دولت سان توربي آھي جنهن وٽ دن آھي اهوئي حڪومتن تي فائض آھي ڪڏھن ڪو بـ غريب عوام يعني نيچي ذات وارن مان ڪو بـ اقتدار تي فائض ناهي ٿيو. مطلب جنهن وٽ پئسو آھي اهو ئي ايم اين اي ۽ ايم پي اي آھي.
    پئسي وارا اليڪشن جي ڏيھاڙين ۾ غريب عوام مٿان ٿورڙي پئيسي جي سيڙپڪاري ڪن ٿا ۽ اقتدار تـي پهچڻ بعد سڄو ڪجھ سئي سڳي سميت وصول ڪن ٿا ۽ پوء عوام طرفان چونڊيل نمائدن جا چهرا ٿر ۾ بارش پوڻ مثل ٿي وڃن ٿا ۽ ھي مظلوم عوام ساڳئي ئي هال ۾ رهجي وڃن ٿا جيڪڏھن ڀل ۾ ڪڏهن سائين جن جي نگاه ڪرمي سان ڪٿي ڪو روڊ رستو تعمير ڪيو ويندو آھي تـ بـ ان ڪم تي ٺيڪيدارن طرفان گپلو هنيو ويندو آھي يعني ان روڊ لاء سرڪار طرفان منظور ٿيل بجيت جو صرف ٽيون حصو خرچ ڪيو ويندو آھي, ڇو تـ انهن ڪامورن جو مقصد صرف ظاھري ڪم آھي جنهن جي اوٽ ۾ ھو وري هن هيسايل عوام کي لٽي سگهن. انڪري هو اهڙا روڊ تعمير ڪرائيندا آھن.
    جيڪي صرف هنن جي حڪومت تائين ئي هلي سگهن, ۽ انهن جي اھڙي عمل تي هي هيسايل عوام خوش ٿيندي آھي ۽ سائين وارن جا پير چمندي آھي, ڇو ت لاشعوريت جي ڪري اهي علم ۽ ڄاڻ کان بلڪل بـ خالي هوندا آھن. انهن کي شايد اها سڌ ڪانهي تـ اسين هن ملڪ جي هر هڪ شيء تي ٽيڪس ادا ڪندڙ فرد آھيون جنهن جي نسبت سرڪار تي اهو فرض آھي تـ هن رياست جي ماڻھن کي, صحت, تعليم, روزگار وغيره جهڙيون سهولتون مهيا ڪري جيڪي فرضي طرح آھن تـ صحيع پر ناڪارا بڻيل آھن مطلب جي صحت شعبي ڏانھن نهاريون ٿا تـ ذھنن منجھ سرڪاري اسپتالن جو نقشو اڀري ٿو جتان جا ڊاڪٽر صاحبان ايترا تـ هوشيار ۽ پختا آھن جو مريضن کي هر مرض جي هڪڙي ئي دوا ڏيندا آھن. هن مظلوم عوام کي سڀ پرکيل ۽ ڏٺل آھي تـ جيڪا اسان کي سرڪار سهولتون مهيا ڪري ٿي اهي سموريون سهولتون ناڪارا بڻيل آھن.
    پوء بـه هو ووٽ کي ٽڪي ملھ وڪڻن ٿا. حقيقت ۾ ووٽ جي مفهوم مان لا شعور ماڻھو اڻواقف آھن تڏھن تـ هو ووٽ جي صحيع پرک نٿا رکن ڄڻ اکين تـ ڪاري پٽي چڙھيل هجين. ووٽ جو اصلي مفهوم اهو آھي تـ اوهين پنهجي ذھانت سان چڱي, نيڪ, ايماندار ماڻھن کي چونڊيو جيڪي اوهانجي رهنمائي لائق هجن پر اڄ جو عوام ان مفهوم کان بلڪل بـ ابت آھي هو ووٽ کي قرض سمجهي ٿي، امانت سمجهي ٿي, جي انهن ما ڪجه بـ نٿي سمجهي تـ پوء ٽڪي ملھ شيء سمجهي ٿي.
    ھن کان وڌيڪ سڌ ڏيارڻ جو مثال ڪهڙو هجي جو اسان جا سياستدان خود هن رياست جي تباھڪاري جو ثبوت ڏين ٿا جيئن سياستدانن جي خانداني فردن جو اعلاج لنڊن ۾ ٿيندو آھي جنهن مان پختو ثبوت ملي ٿو تـ هنن جي نظر ۾ هن ملڪ ۾ ڪو بـ اهڙو اسپتال ناهي جتي تسلي بخش ۽ سٺو علاج ٿي سگهي پر پوء بـ هي عوام انهن ڪامورن جي گاڏين آڏو پيا نچندا ۽ ڪڏندا آھن انهن جي گاڏين جي گهس مان اڏيل ڌوڙ پنهجي منهن ۾ وجهندا آھن برهال وري اها موسم آئي آھي جڏھن عجيب چهرا ڏسڻ ۾ نظر ايندا آھن جيڪي پنج سال پهريان نظر آيا هئا اهي ساڳيا هوال ڪندا هر دفعي جا دهرايل جملا ٻڌڻ ۾ ايندا اهي ساڳيا ڪوڙا وائدا ڪيا ويندا جيڪي انهن پنج سال پهريان ڪيا هئا پر اوهان وٽ ھڪ وڏو هٿيار آھي جنهن سان توهين پراڻا چهرا مٽائي سگهو ٿا.
    اوهين پنهجي ٻارن لاء سٺي تعليم, صحت, روزگار جي يقيني ضمانت وٺي سگهو ٿا اهو تڏھن ٿيندو جڏھن اوهين ووٽ ڏيڻ کان اڳ پنهجي ستل ضمير کي ڌوڻو ضرور ڏئي ڏسجو متان اوهان جو ستل ضمير جاڳي پوي ۽ ڪنهن اهل اميدوار کي ڪامياب ڪرائجو جئين اهو سڀاڻي ايوان ۾ اسانجي حقن حوڪو ڏي. برهال هن دفعي ووٽ جو صحيع استعمال ڪريو ۽ پنهجي نسلن کي غلامي کان آجو ڪريو.


    ٺري ميرواه پبلڪ لائبريري تحريڪ

    ميرواھ پريس ڪلب آڏو ميرواھي نوجوانن پنهجي شعوريت جو پڪو ۽ پختو ثبوت ڏنو, لائبريري مھم ۾ سٺي تعداد ۾ شاگردن, نوجوانن جي شرڪت ٿي, جتي ميرواھ يوٿ ڪائونسل جي نوجوانن ميرواھ يوٿ ڪائونسل جي چئيرمين انجنئير عبدالصمد ويسر, ثاقب بلوچ, شيراز جوڳي, محمد مقصود ويسر، نصرالله شر، جنيد جوڳي، نعيم الله جوڳي ۽ ٻين باشعور فردن موقف ڄاڻائيندي چيو تـ اسانجي اڻٿڪ جاکوڙ جاري رهندي جيسين سوڀ مقدرنه بڻجي اسين ٿڪڻ وارن منجھ ناھيون اسانجي جاکوڙ سياسي جاکوڙ ناهي اسين ته تعليم لاء جاکوڙي رهيا آھيون.
    اسين ته هڪ لائبريري لاء گھر ڪري رهيا آھيون جئين ان لائبريري منجهان ميرواھ جي مستقبل جا مهمار نڪرن. اسانجو صاف ۽ چٽو موقف آھي ته اسان کي ميرواھ لاء لائبريري ڏني وڃي جيڪو اسانجو بنيادي حق آھي ميراواھ تعلقي جو ليٽريسي ريٽ ٻين تعلقن جي متبادل تمام سٺو آھي انجي باوجود به ميرواھ جي شاگردن کي تعليمي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي.
    دنيا جي هڪ عظيم مها پرش جو فرمان آھي ته تعليم هڪ وڏو هٿيار آھي جنهن کي توهين دنيا جي بدلائڻ واسطي استعمال ڪري سگهو ٿا. حقيقت ۾ تعليم ملڪن جو ترقي ڏانهن ويندڙ واٽ آھي ۽ اڄ به اهي ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن تي قابض ۽ حاوي آھن جيڪي تعليمي لحاظ کان اڳڀرا ۽ عمده آھن. اسين هميشه ٻڌو آهي ته تعليم انسان جي ٽئين اک آھي اهو ٽيون اک ٻين ٻن اکين جيان ڏسڻ جو ڪم نٿي ڪري بلڪـ اها اک شعوري اک آھي جيڪا اسان کي دنياوي دستور معاشري جي ريتن رسمن صحيع غلط جي پرک کان واقف ڪري ٿي. جيستائين سرڪاري اسڪولن منجهان معياري تعليم مهيا نه ڪئي ويندي تيسيتائين ڪجھ به سڌرڻو ممڪن ناهي ان ڳالھ کي مدنظر رکندي ٺري ميرواھ جا نوجوان هڪ منظم تحريڪ جي شڪل ۾ ڪٺا ٿيا آھن, ۽ سندن موقف ڄاڻايو اٿن ته ميرواه جي اسڪولن جون حالون ڪنهن صديون سال پراڻن کنڊن جو ڏيک پيون ڏين جي ڪجھ بچيل اسڪول آھن ته اتي به صرف تعازيتن جا تڏا وڇائبا آھن.
    خيرپور جيڪو پنهجي وقت ۾ هڪ آزاد خوشحال رياست جي حثيت رکندو هيو ۽ اڄ جي حڪمرانن طرفان خيرپور جي دل تعلقي ٺري ميرواھ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي جنهن مجهان تعليم هڪ اهم پهلو آھي جيڪو هڪ زيور آھي جنهن کي اسين لٽڻ ڪونه ڏينداسين ميرواھ پبلڪ اسڪول تي شعوري نوجوانن جي مجموعي وچن ورجايو ته اسين ٺري ميرواھ ۾ لائيبريري جي گهرج لاء ھڪ مهم هلائينداسين جنهن ۾اسين ٺري ميرواھ جي شاگردن لاء واجهائينداسين ته لکن جي تعداد ۾ آبادي رکندڙ ٺري ميرواھ سٺن تعليمي ادارن کان محروم ڇو آھي.
    ٺري ميرواھ جا نواجوان ميرواھ يوٿ ڪائونسل نالي هڪ تحريڪ جيڪا اڳ ۾ ئي ميرواهي عوام جي دردن جي درمان لاء واجهائي رهي آھي سمورن يڪجاء ٿي ان ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ وچن ورجايو ته هاڻي تعليم جي بقاء لاء ڪم ڪبو. ميرواھ يوٿ ڪائونسل سندو صاف موقف ڄاڻايو آھي ته تعليم ميرواهي شاگردن جو بنيادي حق آھي ان لاء اسين وس وارن آڏو ٺري ميرواھ لاء لائيبريري جي پرچار رکون ٿا جيڪو اسان کي هر حال ۾ عملي طرح ملڻ کپي ڇو جو ميرواه جا واسي ميرواه ۾ تعليم جي اڻپورائي سبب ٻين شھرن جو رخ ڪن ٿا جهڙوڪ راڻيپور, خيرپور, سکهر وغيره جنهن سڀڀ وسندي وارن جا ٻار تـ تعليمي واٽ ڏانھن ھلي پون ٿا پر غريبن آڏو غربت جا بند رستا روڪ ڪري بيهي رهن ٿا
    جنهن ڪارڻ غريب جو ٻار غريب ئي رهي ٿو ھاڻي ميرواھ جي عوام متحد ٿي پچاريو آھي ته اسين سڀ يڪجاء ٿي ميرواھ يوٿ ڪائونسل جي پليٽ فارم تان پهرين جولاء تي ٺري ميرواھ لاء لائيبريري جي مھم ھلائي ويندي جنهن جي وابستگي ڪنهن به سياسي پارٽي سان نه آھي بلڪي هي تحريڪ هڪ امني طريقي سان هلائي ويندي جنهن جو صاف ۽ چٽو موقف آھي ته اسين ٺري ميرواھ لاء لائيبريري جو گهر ڪيون ٿا جيڪو اسان جو بنيادي حق آھي.
    ٺري ميراوھ تجارتي توڙي تعليمي لحاظ سان ٻين تعلقن کان ڪي ئي ڪوھ اڳڀرو آھي پراسان جي شھر جي ترقي آڏو تعليمي سهولتن جا اڻاٺ بند ڪيريل آھن. جي ٺري ميرواھ کي سندي تعليمي سهولتن جو پوراھ ملي تـه ٺري ميرواھ شايد پيرس جو ڏيک ڏئي ڇو تـه ٺري ميرواھ جا نوجوان تعليمي حساب کان اڳڀرا آھن ميرواھ جا نوجوان شعوريت, شناسيت, ۽ اعلي اخلاقن سان ڀرپور آھن, سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ اسان جي ميرواھي نوجوانن جو انگ ٻين جي نسبت سٺو هوندو آھي جيڪو ميرواھ جي تعليمي يافته هجڻ جو پڪو ۽ پختو ثبوت آھي ,اسان جي ميرواھ ۾ تعليمي سهولتن جو کوٽ تـه آھي ئي پر ان کان علاوه ميرواھ ٻين شين جهڙوڪ, عيدگاه, عوامي پارڪ , لائبريري, تفريح گار هندن کان بلڪل بـ محروم آھي
    شايد اهڙي محروميت جو اهو ئي سبب آھي جو اسين هر گھاء جي موٽ ۾ سڌائين خاموش رھيا آھيون ھاماليه جي جبلن جيڏو شعور هوندي بـه اسين ڪڇڻ کي ڪفر سمجهيو آھي پر اهو هميشه الميو رهيو آھي تـه خاموش ۽ لاشعور ماڻھون هميشه ظالمن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويو آھي جيڪو پنهجي زبان کي چوري نٿو سگهي اهو ڏونگر ڪئين ڏاري سگهندو.
    پر ميرواھ واسين هميشه محروميت جو ٺيڪو ناهي کنيو نيٺ اماوس جي رات کٽڻي آھي ۽ پرھ جو پرڀات ڦٽڻو آھي هڪ امنگ ۽ اتساھ جو سج اڀرڻو آھي پوء ان سج جا ڪرڙڻا نيٺ تـه جهالت جي ڪوٽن کي ڪيرائيندا اهو الميو تڏھن پيش ايندو جڏھن نوجوان سوچڻ شروع ڪندو ۽ سندي حقن لاء واجهائيندو, ائين ئي هاڻ ميرواھ جا نوجوان مستقبل جا مهمار جاڳيا آھن پنهجي حقن واسطي واجهائڻ لاء هڪ شعوري چين ٺاھڻ لاء جنهن تي ظلم جو تکو تلوار ڌڪ هڻڻ سان پاڻ ٽٽي, پوي برحال مان بحيثيت هڪ عام فرد جي ميرواھ جي سڀني شاگرد دوستن کي گذارش ٿو ڪريان تـه اچو اسان سان گڏجو جئين اسين ميرواھ يوٿ ڪائونسل جي پليٽ فارم تان سندي تعليم جي سهولتي کوٽ ڪاڻ ڳالهايون ۽ ميرواھ لاء لائيبريري ڪاڻ واجهايون, سندي تعليمي بقاء لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪريون ميرواھ جو مستقبل سنواريو ۽ ميرواھ لاء آئيندي جو اونهو ڪيون.


    ڪپتان کان وزيراعظم تائين

    5 آڪٽومبر 1952 ع تي پاڪستان جي ٻئي نمبر وڏي شھر لاهور ۾ ھڪ پرش جو جنم ٿيو جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪا به سڌ ڪا نه هئي ته هڪ ڏينھن اهو پرش پاڪستان جو وزيراعظم ٿيندو, عمران خان جو اصل نالو عمران احمد خان نيازي آھي سندس والد جو نالو اڪرام الله خان نيازي ھو جيڪو پنجاب ۾ ھڪ سول انجنئير هيو, عمران خان سندي والد کي هڪ اڪيلو پٽ آھي ۡ ۽ سندس چار ڀينرون پڻ آھن, سندس والده جو نالو شوڪت خانم ھو جيڪا ڪينسر جهڙي موزي مرض ۾ مبتلا هجڻ ڪري هن فاني جهان کي الوداع چئي وئي جنهن جي ڪري عمران خان شوڪت خانم ڪينسر هاسپيٽل جو عمارت اڏيو عمران خان ابتدائي تعلميم ڪيٿڊرل اسڪول لاهور منجهان پرائي ۽ جنهن ڪاليج ۾ پڙھندو هئو ان ڪاليج جو نالو اچيسن ڪاليج لاهور آھي.
    عمران خان ابتدائي تعليم جي اختتام کانپوء اعلي تعليم لاء برطانيه جو رخ ڪيو ۽ برطانيه ۾ رائل گرامر اسڪول ۾ پڙھندو رھيو, ۽ پوء آڪسفورڊ يونيورسٽي منجهان بي اي هونرس ڪئي ۽ ائين ئي 1974 ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيپٽن پڻ چونجي ويو, عمران خان پاڪستان نيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جوائن ڪرڻ کان پهريان ڪرڪيٽ جو آغاز 1969 ۾ لاهور طرفان سرگوده خلاف ميچ کيڏي ڪيو ان کانپوء 3 جون 1971 ۾ پاڪستان نيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جوائن ڪيو عمران خان انٽرنيشنل سطع تي پهريون ميچ به 1971 ۾ انگلينڊ جي خلاف کيڏيو, ان وقت عمران خان جي عمر تقريبن 21 سال هئي.
    عمران خان 1973-1975 تائين آڪسفورڊس بليوز ڪرڪيٽ ٽيم لاء کيڏندو رھيو, عمران خان 1976 ۾ مستقل طور تي پاڪستان واپس آيو ۽ لڳاتار ٻن سالن تائين سندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کيڏندو رهيو جنهن ۾ھن نيوزلينڊ ۽ آسٽرليا جي ٽيم جو مقابلو ڪيو ۽ ان کانپوء ويسٽنڊيز آسٽريلين سيريز کيڏڻ ويو جتي هن جو ملاقات ٽومي گيريج سان ٿيو جنهن کانپوء عمران خان ورڊ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ شروع ڪيو, عمران خان سريلنڪا جي خلاف هڪ اينيگ ۾ پنج وقيٽون وٺي دنيا جي تيز ترين فاسٽ بالرن ۾ شامل ٿي ويو اهڙي ريت عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاء پنهجا ڪارنامه سرانجام ڏيندو رهيو ۽ مداحن جو آئڊيل بڻبو رهيو.
    عمران خان اهو پهريون ڪپتان آھي جنهن جي سربراهي ۾ قومي ٽيم ڀارت ۽ انگلينڊ کي سندي ئي هوم گرائونڊن منجھ ھارايو, پاڪستان جي قومي ٽيم 1992 ۾ عمران خان جي سرپرستي هيٺ دنيا جو پنجون ورڊ ڪپ کٽيو جيڪو هڪ وڏو اعزاز آھي جنهن ڪري عمران خان کي هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو, اهڙي ريت ورڊ ڪپ جي فتح کانپوء عمران خان رٽامرمينٽ جو فيصلو ڪيوان ڪرڪيٽ کان باضابطه طور رٽائرڊ ٿي, سماج سيوڪ لاء ڪم ڪرڻ شروع ڪيو, اهڙي ريت هن ايشيا جو سڀ کان وڏو ڪينسر اسپتال سندس والده جي نالي سان هڪ فلاحي ٽرسٽ وسيلي قائم ڪيو, اهڙي ريت عوامي ڀلائي لاء جاکوڙيندو رهيو جنهن جي ڪري کيس آسٽرليا جي هڪ اوذ نيسالن نالي اخبار پرڪشش مرد جو لقب پڻ ڏنو, عمران خان 25 اپريل 1996 ۾تحريڪ انصاف نالي هڪ پارٽي متعارف ڪرائيندي سياسي دنيا منجھ پهريون قدم رکيو, سياست جي ابتدائي دور ۾ ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ائين ئي 1997 جي اليڪشن ۾ سندس پارٽي ڪنهن به سيٽ تي سوڀاري نه ٿي, پوء وقت جي ڪجھ گذرڻ کانپوء وري 2002 جي اليڪشن ۾ سندس پارٽي صرف هڪ سيٽ تي ئي سوڀاري ٿي.
    ان کانپوء پرويز مشرف جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ 2008 ع واري اليڪشن ۾ سندس پارٽي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو2007ع ۾ مشرف پاران لاڳو ڪيل ايمرجنسي کانپوء کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي پر خان صاحب پوليش کي سرمو پارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخر ڪجھ ڏنهن بعد پوليس عمران کي گرفتار ڪري ورتو, جيل ۾ چار ڏنھن رهڻ کانپوء عمران خان ڊيرا غازي خان جيل ۾ بک هڙتال شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس اچانڪ آزاد ڪيو ويو. اھڙي ريت عمران خان جيل ۾ اٺ ڏنھن گذاريا, ان کان پوء 2011ع ۾ عمران خان لاهور ۾ ھڪ جلسي سان خطاب ڪيو جنهن ۾ تقريبن هڪ لک ماڻھن شرڪت ڪيو, جيڪو ان وقت جي سرڪار خلاف هيو, ائين ئي ڪجھ ڏنهن کانپوء هن وري هڪ جلسو ڪراچي ۾ پڻ ڪيو جتي پڻ هزارن جي تعداد ۾ ماڻھون شريڪ ٿيا, ڪاميابي جو ڪرڻو نظر اچڻ بعد عمران خان 2013 ع ۾ ھڪ جلسي دوران ”نيا بني گالا پاڪستان“ جو تجويز پيش ڪيو, ائين ئي عمران خان هڪ نئي سج جيان اڀرڻ لڳو, عوام جي چهچٽن جو موضوع بڻجندو رهيو, پنهجي منصور جو پرچار ڪرڻ لڳو, ان وقت جي سرڪار خلاف اٿي بيٺو ۽ اهڙي ريت عمران خان سندي ڪارڪنن سميت لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ائين ئي ٻئي ڏنھن تي سندس ريلي اسلام آباد پهتي, جتي 126 ڏنهن تائين سندس موقف تي اٽل رهيو, پوء آخر ھڪ وڏي عرصي کانپوء سندس ڪافلي ريڊزون تي ڪاه ڪيو, جتي پوليس سان چڪرا ٿيو جنهن سڀڀ الجزيره جي رپورٽ مطابق ان ڇڪتاڻ ۾ تحريڪ انصاف جا 3 ڪارڪن شھيد ۽ 595 زخمي ٿيا هئا, جنهن ۾ 115 پوليس آفيسر پڻ شامل هئا, ان وقت عمران خان جو صاف ۽ چٽو موقف هيو ته ن ليگ پاران عوامي منڊيٽ تي درڻو هنيو ويوآهي.
    عمران خان ان وقت جي سرڪار کان گهر ڪئي ته صرف چار تڪ کوليا وڃن پر سرڪار طرفان ڪو تدارڪ نه ٿيو هو ريڊزون واري ويڙھاند کي مدنظر رکندي آخر سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس ورتو ويو ۽ پي ٽي آء جي موقف موجب چار تڪ کولرايا ويا هئا,,, ۽ ٿيو به ائين جو حقيقت ۾ انهن چئن تڪن تي هزارن جي تعداد ۾ جالي ووٽ نڪتا هئا, اهڙي ريت عمران مٿان عوام جي بروسي ۾ واڌارو آيو ۽ عمران خان عوام ۾ مقبوليت ماڻيدو رهيو عمران خان ڪيترن ئي اتياچارن خلاف واجهايو, جهڙوڪ, ڪرپشن, غيرملڪي امداد ٻارھين ملڪ پيل عوامي پئسو, ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي, جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ان وقت جي وزيرعظم نوازشريف مٿان احتساب شروع ٿيو ۽ سندس ڪيل ڪرپشن تي سوگهو ڪيو ويو ۽ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو ۽ کيس ڌيء نياڻو سميت آڊيالا جيل جو منهن ڏيکاريو ويو, ۽ کيس سزا پڻ ٻڌائي وئي ائين ئي عمران خان وڌيڪ ماڻھن جي دلن منجھ رھڻ لڳو, آخر اھو وقت به اچي پهتو جنهن ڏڻ اهو طع ٿيندو آھي ته ڪير ملڪ جون واڳون سڀاريندو,
    25 جولاء 2018 ع جي اليڪشن ۾ عمران خان جي ٻاويھ سالن جي جدوجهد رنگ لاٿو ۽ ھن وڏي اڪثريت سان سيٽون حاصل ڪيون,ٻاويھ سالن جي جدوجهد بعد عمران کا 18 آگسٽ 2018 ع تي هڪ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بطور وزيراعظم جي حلف کنيو, هڪ ڪرڪيٽر هاڻي هن ملڪ جو وزيراعظم آھي هن ملڪ جي عوام هڪ وڏي تبديلي ته آندي آھي جو هڪ ڪرڪيٽر کي وزيراعظم بڻايو آھي هاڻي ڏسجي ته وزيراعظم عمران خان ڪهڙي تبديلي ٿو آڻي برهال جدوجهد کان ڪڏھن نـ ٿڪجي ڪيل محنت هڪ ڏنھن ضرور نگ لاهيندو آھي, ۽ خوابن کي حقيقت بڻائيندو آھي.


    اوچتو ماٺ متل آواز

    سنڌ جيڪا هڪ امن جي ڌرتي آھي جنهن جي سونهن لطيف سرڪار پنهجي سرن ۾ بيان ڪئي آھي, سنڌ جيڪا سيد جي فڪر آھي, جنهجي امن ڀري ٿڌڙي هير جي پچار اسان جي پياري نبي ڪريم بـه ڪئي آهي پر افسوس جو هن کير جيان پاڪ ڌرتي کي ڪجھ درنڌن خون سان رنگيو , ڪڏھن ڪنهن ڀاء پاڻي جي واري جي عيوض پنهجي معصوم ڀيڻ کي ڪاري هجڻ جي داڳ ڏئي ڪهاڙي سان چچريو تـه ڪڏھن وري ننڍين ننڍين ڳالهين تان قبيلائي جهيڙا عروج تي پهچندا رهيا ۽ ان سان ڪيترائي خون وهندا رهيا ۽ پاند پاند جي چڪر ۾ ڪئي خاندانون مٽئ جو ڍير بڻجي رهجي ويون. اسان جي جهالت ڀريل معاشري ۾ هميشـه ڪنهن عورت تي ظلم ڪرڻ واري کي غيرت مند سمجهيو ويوآهي پر حقيقت ۾ اهو غيرت مند ٿي ئي نٿو سگهي جيڪو ڪنهن عورت تي ظلم ڪري.
    اسان جي هن ڌرتي تي ڪيترائي ئي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿي چڪا آھن ۽ ٿيندا رهن ٿا پر هڪ واقعي هاءن کي ڌوڻي وڌو, ائين ئي هڪ فنڪارا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو, فنڪار جيڪو پنهجي فن سان ٻين جي روح کي راحت رسائي ٿو, پنهجا درد دل ۾ رکي ٻين جي خوشي خاطر چپڙن تي مسڪراهٽ جي ويکير آڻي ٿو جيڪو هميشـه اسان جي خوشين کي خوشگوار بڻائي ٿو, پر افسوس جو لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن شادي جي تقريب ۾ ڪنهن معصوم ڪوئل جي مٺڙي آواز کي دٻايو ويو ۽ ان جي سرن کي هميشـه لاء قبر جي قيد ۾ واڙيو ويو, ائين ئي مظلوم فنڪاره ثمينـه سنڌو کي هڪ شراب ۾ ڌت بدڪردار درنڌي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو, ان دردنڌي نـه صرف هڪ مظلوم ثمينه جو قتل ڪيو بلڪي ثمينه جي ڪوڪ ۾ پلجندڙ ھڪ معصوم ٻار جو بـه قتل ڪيو جيڪو هڪ تازو ئي ٽرندڙ گل جيان هو, جنهن اڃا دنيا ۾ جهاتي ئي نـه پاتي تـه ان گل کي ڪماٽيو ويو, هاڻي مظلوم ثمينـه تـه ناهي رهي پر جي ڪجھ رهيو آھي تـه ثمينـه جي خون جي انصاف جو سوال, ڇا ثمينـه سان انصاف ٿيندو بـه يا نـه يا صرف اهو انصاف ڪوڙن ڪاغن تائين محدود رهندو يا اهڙي انصاف جي چڪر ۾ ثمينه جي وارثن کي ڪورٽن جا چڪر ڪٽائي زليل ڪيو ويندو, ڇو تـه اسان جي قانون ۾ غريبن لاء انصاف مهانگو آھي.
    جنهن جي قيمت جي ادائگي انهن جي وس کان ٻاھر آھي, اسانجي ڪورٽن ۾ خون جي ڪيس جا قيدي جيلن ۾ تـه مري ويندا آھن پر ڪورٽ جي طرفان هتمي فيصلو ناهي نڪري سگهندو, تڏھن تـه ڪنهن صحيع چيو آھي تـه ”هي پاپ ننگر هي پاپ ننگر هن پاپ ننگر جي ڳالھ نـ ڪر تو چرٻٽ ننگري ناهي ٻڌو جتي ڏاڍو ٿيندو گابو. ھن راڄ جو راجا راڄڌڻي سو چرٻٽ جو بي بابو آ“. ثمينه سنڌو جو قتل نه صرف هڪ فنڪارا جو قتل آھي پر اهو قتل آھي ڳائيندڙ سنڌ جو، لطيف جي گيتن جو, روح کي راحت رسائيندڙ سر ۽ سنگيت جو ۽ انهن فنڪارن جو جيڪي پنهجا درد لڪائي هن جاهل سماج ۾ پنهجي سر سنگيت سان خوشيون وکيرين ٿا.
    مقتولن جو روح به اهڙي انصاف کان تنگ ايندو آھي, پر اهڙي دجالي دور ۾ به غريب عوام چرٻٽ راجا جي راج ۾ بروسو رکي ٿي هڪ ڪوڙي اميد رکي ٿي, ۽ انصاف جو منتظر رهي ٿي جنهجي انت اچڻي ئي ناهي, اصل سوال ته اهو آھي ته ڇا هڪ محفل ۾ شراب پئيڻ ۽ پسٽل رکڻ غير قانوني نـه آھي, يا انهن لاء ڪو قانون ئي نـه آھي, يا هو قانون کي خريد ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا, ھن ظالم زماني ۾ جي عوام لاء ڪو سهارو آھي تـه اهو ميڊيا, سوشل ميڊيا, اديبن ۽ دانشورن جو آھي جيڪي هر موڙ تي انهن لاء واجهائن ٿا, ۽ جيڪي پنهجي قلم جي طاقت سان سانگين جو سور لکن ٿا. مان سرڪار کان گذارش نـه ڪندس ڇو تـه سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ برابر آھي, اسانجي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آھي ڊسٽبين ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آھي, مان بحثيت هڪ عام فرد جي گذارش ڪندس وري بـه ميڊيا, اديب ۽دانشورن کان تـه اهي ثمينـه جو سور لکن, ڪنهن مظلوم جو تڙپڻ لکن, ثمينـه جي وارثن جو انصاف لاء اپيل لکن, لاڙڪاڻي جي فضا ۾ اوچتو خاموش ٿيندڙ ثميبـه سنڌو جو آخري گيت لکن, ۽ ان درنڌي جي حيوانيت لکن. ثمينـه سان انصاف لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪن, ۽ ان حيوان درندي کي عبرتناڪ سزا ڏيارين جئين ڪو درنڌو سنڌ جي نياڻن تي هٿ کڻڻ کان اڳ ۾ ھزار بار سوچي.


    قومي ٻولي، سنڌي ٻولي

    سنڌي ٻولي هڪ قديم زبان آهي موجوده يورپ جي ٻولين کان بـه آڳاٽي آهي. اهي اڃا وجود ۾ ئي نـه آيون هيون اردو جو تـه اڃا امڪان ئي معلوم ڪو نـه هو. تـه زبان هڪ پاڪيزه نموني ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ايندي هئي هر هنڌ سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي ايتري قدر جو خدا پاڪ جي حمد ثناء بـه سنڌي ٻوليء ۾ ڳائي ويندي هئي ان ۾ ايترو سوز ۽ ساز هوندو هو جو ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا.
    سنڌ جي قديم هجڻ جي گواهي تـه موئن جي ڌڙي جي مٽيء بـه ڏئي ٿي پر جي تاريخ جي دريء مان جهاتي پائجي تـه معلوم ٿئي ٿو تـه تحفـه الڪرام جي مولف جو بيان آهي تـه سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليـه السلام جي پٽ ”هنڌ“ جي ڀاء ”سنڌ“ جي نالي پٺيان پيل آهي ۽ هندن جون لکتون ”سنڌ“ جي نالي بابت ڪجهه مختلف سمجهاڻي ڏين ٿيون انهن مان جيڪي ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي آهي تـه پراڻي زماني ۾ هن کي سنڌو ديش يعني سمونڊ وارو ملڪ ڪري سڏيندا هئا.
    بنا ڪنهن شڪ ۽ شهبي جي سندن اشارو ”سنڌو درياه“ ڏانهن هو سنڌ جو اهو نالو هندن جي مقدس ڪتابن ۾ بـه موجود آهي ۽ اهڙين دليلن سان واضع ثابت ٿئي ٿو تـه سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي پر افسوس جو اڄ جي هن جمهوريت ۾ سنڌي ٻوليء کي قومي ٻوليء جو درجو نـه ملي سگهيو آهي ان جي لاء ٻـه ڌريون ذميوار چئجي سگهجن ٿيون هڪ اهي جيڪي اسان جي اڱوٺي سان چونڊيل ڪامورا آهن جيڪي اقتدارن ۾ ويٺل آهن ۽ ٻيا اسين سنڌي ماڻهون جيڪي فيشن جي اوٽ ۾ ٻين ٻولين کي ترجيح ڏيون ٿا تڌهن تـه سنڌ جي نامياري شاعر منڊي ابراهيم چيو آهي
    نٿو جو سنڌ لاء ڪري، نٿو جو جيجل لاء ڪري، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    ڪراچي جيڪو سنڌ جي راجڌاني آهي ۽ روشنين جو شهر پڻ آهي اتي اسان جي سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي گهڻي آهي پر افسوس جو سنڌي ٻولي ڳالهائي نٿي وڃي ۽ تقريبن ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو بورڊ ۽ اسٽال وغيره انگريزي ۽ اوردو ٻولين ۾ لکيل ملن ٿي ايتري قدر جو هاڻي سنڌي ڳالهائڻ تي آڱريون کڄن ٿيون ۽ سنڌي ڳالهائڻ تي اعتراض واريا ٿا وڃن جيڪو اسان سنڌين لاء للڪار آهي جيڪڏهن اڄ سوشل ميڊيا جو دور نـه هجي ها تـه شايد اهو مسئلو اتي ئي ڌٻجي وڃي ها. جيڪو قديم ٻولي کي هنيل هڪ چرچو آهي.
    اسان سنڌين هميشه ڏک ڪاٽيا، سنگهرون پاتيون، ڪال ڪوٽڙيون ڏٺيون. پر همٿ نـاهي هاري ۽ انهي ئي سنڌ مان هوشو، هيمو، سورهيـه بادشاه ۽ دودو دومرو جهڙا جوان ٿي اڀريا ۽ جنگهون وڙهيون ۽ دشمنن کي شڪست ڏني ۽ مرسون مرسون، سنڌ نـه ڏيسون، جا نعارا نروار ڪيا.
    هي اڃا اها ئي سنڌ آهي سچل ۽ سامي جي سنڌ، لعل قلندر ۽ ڀٽائي جي سنڌ ۽ اڄ جي هن دجالي دور ۾ جنهن کي جمهوريت چيو وڃي ٿو ان ۾ بـه دودي جهڙا جوان پيدا ٿيڻا آهن اسان ۽ توهان جي روپ ۾ جيڪي پنهجي پياري اباڻي مٺڙي ٻوليء تي ڪو اهنج بـه نـه اچڻ ڏيندا.


    آفريدي چوي ٿو تـه سنڌ ۾ قابليت ناهي

    لالا پٺاڻ چوي ٿو تـه سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ناهي، سنڌ م قابليت ناهي شايد لالا پٺاڻ کي اها ڪل ناهي تـه سنڌ دليرن جي ڌرتي آهي جتان دنيا ۾ پاڻ مڃرائيندڙ شخصيتون پيدا ٿيون. آفريدي صاحب جيڪڏهن توهان کي سنڌ جا قابل شخص ڳڻايا وڃن تـه اوهين پورا نـه پئجي سگهندو. جنگهن جي ميدانن ۾ تـه اسان جا سنڌي دود، هوشو، هيمو۽ سورهيـه بادشاه جهڙا عظيم ليڊر هميشـه سوڀ حاصل ڪندا رهيا پر جي ڳاله ڪجي راندين جي تـه صدر ايوب جي دور ۾ سنڌ جو انٽرنيشنل ملهه پهلوان ”شير“ جنهن کي شيرسنڌ بـه چيو ويندو هو جنهن دنيا جي ڪيترن ئي ريسلرن کي شڪشت ڏني ۽ ان جي باري ۾ ان وقت جي صدر ايوب خان چيو هو ”جهڙا شير ٻڌا، تهڙا شير ڏٺا“ ۽ شايد توهان موئن جي ڌڙي کان اڻواقف آهيو جنهن جو ايجادون قديم مثال آهن ان وقت ان شهر جي نالين وارو سسٽم، تجارت جو سسٽم، ڦيٿي جي ايجاد ۽ ڪلچر وغيره سنڌين جي قابليت جو ثبوت ڏين ٿا ۽ جڏهن دنيا جا ڪئي ملڪ وجود ۾ ئي نـه هئا تڏهن سنڌ هئي، توهان کي ياد رهي تـه پاڪستان ۾ ائٽم بم آڻڻ وارو ذوالفقارعلي ڀٽو سنڌي هو.
    آفريدي سنڌين ۾ قابليت ٻين صوبن جي ماڻهن کان بـه وڌيڪ آهي ۽ هر هنڌ هميشـه سنڌين پاڻ مڃرايو آهي باقي دراصل ڳالهه اها آهي تـه سنڌين سان هميشه جيان تعصب وارو عمل اختيار ڪيو پيو وڃي ڪڏهن ڪو پٺاڻ چوي ٿو تـه ڪراچي ۽ سنڌ، ڪڏهن ڪو ڊاڪٽر سنڌي ڳالهائڻ تي نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ٿو. سنڌ جي ماڻهن کي موقعن کان محروم رکيو پيو وڃي. ائين ئي پاڪستان جي پي ايس ايل ۾ پنجاب جون ٽي ٽيمون. ڪي پي ڪي جون ٻـه ٽيمون ۽ سنڌ جو صرف هڪ ٽيم جيڪو پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي ۽ افسوس جو بلوچستان جو ٽيم ئي ڪو نـه هو. جيڪا سنڌ جي ٽيم هئي ڪراچي ڪنگز جي نالي سان ان ۾ صرف هڪ ئي سنڌي هئو جيڪو پنوعاقل جو هڪ سنڌي ڪرڪيٽر مشتاق احمد ڪلهوڙو جنهن جو تعلق غريب گهراڻي سان آهي.
    جنهن نڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ سان چاه رکيو ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻجڻ لاء خواب ڏسندو رهيو جنهن لاء هو مسلسل محنت ڪندو رهيو ۽ وقت گزرندو رهيو آخر پي ايس ايل ليگ شروع ٿي ۽ هن نوجوان جي لاء هڪ روشن اميد تڏهن پيدا ٿيو پر افسوس سد افسوس تـه پهريان وانگر هن ليگ ۾ بـه سنڌين سان اهڙو رويو اختيار آخر ڇو ڪيو ويو هن پي ايس ايل ۾ به سنڌ جو هڪ غريب سنڌي رانديگر پنهنجي قابليت ۽ محنت سان منتخب ٿي ليگ جي مشهور ٽيم ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي تـه ويو پر ان سان ايڏي وڏي زيادتي جو ان کي هڪ مئچ ۾کيڏڻ جو بـه موقعو فراهم نـه ڪيو ويو آخي ڇو..؟
    اهو سوال سنڌ جي هر باشعور فردن جي ذهن ۾ گردش ڪري ٿو ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو نه آهي؟ ڇا ڪنهن سنڌي کي اهو حق ناهي تـه هو پنهجي قابليت جي ذريعي هو سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري ؟ صرف پٺاڻ ۽ پنجابي قومي ٽيم ۾ ڇو آهن ۽ پاڪستان ليگ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن جو نـه هجڻ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو تـه پاڪستان ليگ پنجاب ليگ آهي. مٿان وري لالا پٺاڻ جي بيان سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي آهي ۽ لالا پٺاڻ کي گهرجي تـه سنڌين کان معزرت وٺي نت هيرو مان زيرو ٿي ويندو.


    ڌارين کي قومي شناخت ڏيڻ سنڌ لاء تباهي جو ڪارڻ

    سنڌ ۾ ڌاري آبادگاري جو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. ڌارين جو سنڌ جي سرزمين خريد ڪرڻ ۽ ان تي پنهجي مالڪي جي دعواه سکر بئراج ٺهڻ سان شروع ٿئي ٿي. سکر بئراج جي ٺهڻ کانپوء پنجاب جو زميندار طبقو انگريزسرڪار جي مدد سان سکر بئراج ۽ ان سان وابسته زميندار کي پنهجي آباديء لائق بنائڻ لاء زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پنهجي آباديء جو وڏو حصو سنڌ ۾ منتقل ڪري آيا. سنڌ جي شهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي ڌارين قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ماڻهو مهمانوازيء جي شوق ۾ پنهجي سرزمين ڌارين جي هٿ ۾ ڏئي به خوش ٿيندا رهيا آهن.
    ڌاريا هزارين نـه پر لکن جي تعداد ۾ سنڌ اندر موجود آهن. پر انهن کان ڪو بـه پچڻ وارو نـه آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي پنهجي سرزمين تي اقليت ۾ هليا ويا آهن. وفاق پرست پارٽين وٽ ڌاريي جي حوالي سان موقف آهي تـه ڌاريو صرف اهو آهي جيڪو پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهران آيل آهي. جنهن ۾افغانستان، برما، بنگال، ايران، هندستان ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن کان سمورا آيل قانوني توڙي غير قانوني ماڻهون ڌاريا آهن انهن جو سرڪاري طرح تعداد ڪڏهن 20 لک تـه ڪڏهن 30 لک ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو اڌ ڪوڙ آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي حدن کان ٻاهر آيل ماڻهن کي بـه جيڪڏهن شمار ڪيو وڃي تـه بـه اها آبادي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ وڃي بيهندي.
    انهن کي شناختي ڪارڊ ڏنو وڃي ٿو تـه ان سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. هونئن بـه سنڌ ۾ بيروزگاري انتها کان وڌي وئي آهي. ويتر ڌارين کي شناختي ڪارڊ ملڻ سان اهو سڌو سنڌ جي ڪوٽا تي برتي ٿي رهيا آهن.


    نياڻين جي تعليم تي سماجي اثر

    جتي هي دنيا تيزي سان ترقي ڏانهن وڌي رهي آھي اتي اسان جي هن مقدس نگري جا ماڻھون ان ڳالھ جي لاء سندي دماغن کي زور رهيا آھن ته سندي نياڻي کي پڙھائجي يا نه, ڇا نياڻي پڙھائڻ صحيع آھي يا غلط,؟ اهڙي ريت اسانجي هن معاشري ۾ اڪثر ماڻھون سندي نياڻن کي تعليم ڏياريڻ کان اڳ سئو دفعا سوچيندا آھن ته هي سماج ڇا چوندو,؟ اوڙي پاڙي واري ڇا چوندا ,؟ واھ ڙي فلاڻا صفا بيغيرت ٿي ويو آھين جو نياڻي ٿو پڙھائين، اها ئي نياڻي سڀاڻي توکي پٽڪا ٻڌرائيندي هن جاهل سماج جا عجيب وسوسا هوندا آھن جيڪي ڪنهن نياڻي جي تعليم جي تباهي جو مھا ڪارڻ بڻبا آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته والدين اولاد لاء ٿڌي ڇانو جيان هوندا آھن جيڪي اسانجي زندگي جي فلم جو هدايتڪار هوندا آھن ۽ هميشه اسانجي ڪردار جي صحيع هجڻ جو تاڪيد ڪندا آھن.
    هي هميشه اسان لاء فڪرمند رهندا آھن جنهن مان هي سماج پورو لاڀ وٺي ٿي اسان جي والدين کي اها سڌ ناهي ته هو ان سماج جي چوڻ تي سندي نياڻن جون زندگيون برباد ڪن ٿا جيڪي ٽڪي ملھ لھڻا مس آھن, هن جاهل سماج جي قيمت ٽڪي برابر آھي هي اها سماج آھي جيڪا نياڻي جي پڙھائي کي بيغرتي سمجھي ٿي ۽ سندي زائفائن لاء وري ليڊي ڊاڪٽر ڳولهي ٿي. جي نياڻون پڙھنديون نه ته ھن سماج ۾ عورتن لاء ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڪٿان پيدا ٿينديون جيڪي هن جاهل سماج جو عزت بچائي سگهن عورت جي ڪارڪردگي کي گهٽ سمجهندڙ ھن سماج کي شايد عورتن جي محنت ڪشي جو پتو ئي ڪونهي, اڄ جي دنيا ته کڻي ٽيڪنالاجي سان جڪڙيل آھي پر جي تاريخ جي دري مان جاتي پائجي ته تارا ٻائي, مها راني ودلا, جانسي جي راڻي, ٻاگھل جهڙيون ڪئي ڪردارون ملن ٿيون جن پنهجي قربانين سان پنهجي سڀيتا جو ڳاٽ اوچو ڪيو ۽ تاريخ کي سنهرن اکرن سان لکيو.
    پر هن دور ۾ ته عورتون اڃا اڳڀريون آھن خاص طور تي يورپي ملڪن ۾ عورتن کي خصوصي آزادي حاصل آھي جنهن سبب هو ترقي جي راھ ۾ تيزي سان وڌي رهيون آھي اهڙي ريت انهن مان ڪيئي عورتون ته مختلف ملڪن جون واڳون بـه سنڀالي چڪيون آھن ۽ ڪيئي عورتون وزيراعظم ۽ صدر جي عهدن تي فائض پڻ آھن اڄ جي دنيا ۾ جتي به عورت کي آزادي حاصل آھي اتي عورت ڪو نه ڪو ڪارنامو سرانجام ضرور ڏنو آھي ۽ هي بلڪل حقيقت آھي ته عورت مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽي تي وڃي پهتي آھي, ايتري قدر جو چنڊ تائين به وڃي پهتي آھي۽ ان سڄي ترقي جو مها ڪارڻ تعليم آھي, چوندا آھن ته تعليم هڪ زيور آھي پوء اهو ڪيترو نه عجيب رهندو ته اهو زيور صرف مرد ئي پائي ۽ عورت کي پائڻ نه ڏنو وڃي هالانڪـ مرد لاء زيور حرام آھي.
    تاريخ ۾ عورتن سلطنتن جون واڳون سنڀاليون آھن جنهن مان صاف ظاھر آھي ته ان وقت عورتن کي برابري جو درجو مليل هئو پر افسوس جو سنڌ جي ٻھراڙي وارين علائقن ۾ نياڻن جي تعليم زبون حالت ۾ آھي, اڪثر ٻھراڙي اندر نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آھي جيڪڏھن ڪٿي تعليي رجهان آھي ته به اهو صرف ميٽرڪ تائين يا وڌ ۾ وڌ ڪاليج سائيڊ بي اي ,تائين ان کانپوء ڇوڪرين جي شادي والدين لاء ڪلھن جو بار بڻجي ويندو آھي پوء ھو اوڙي پاڙي ۾رشتا ڳولھڻ شروع ٿي ويندا آھن آخر ۾ وڃي ائين ئي ٿيندو آھي جئين والدين چاهيندا آھن, شادي کانپوء ھڪ عورت جي زندگي رد پچاء جي ڪمن تائين محدود ٿي ويندي آھي.
    نياڻن جي تعليم جي تباهي جو مها ڪارڻ ھي جاهل سماج آھي جنهن جي لاء چيو ويندو ته هي ڇا سوچيندو؟ پر سچ ۾ ڇا سوچيندو، جيڪو سوچڻ جي قابل ئي ناهي هي سماج ڇا ٿو سوچي سگهي جيڪو پاڻ ئي اڻ سڌريل آھي, وڪاميل آھي پيسن جو پوڄاري آھي, هي اهو جاهل سماج آھي جيڪو سچ چوڻ واري کي چوي ٿو ته اهو وات ڳاڙھو ڇورو آھي جنهن آزاد سوچ ۽ شعور جو نالو وڃي وات ڳاڙھو رکيو اهو سماج ڇا سوچيندو جنهن مظلومن جي لاشن کي ڏسي پنهجا ڪوڙا ڳوڙھا اگھي ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا هي اها جاهل سماج آھي.
    جنهن کي ڪنهن معصوم جي زنا تي حيرت نه ٿي هي اها سماج آھي جتي اڄ به ڏاج ڏاوڻ جي اوٽ تي نياڻيون وڪامجن ٿيون هي اها سماج آھي جتي عيوضن جي اوٽ تي ٻڪرين جي واپار جيان نياڻن جي سوديبازي ڪئي پئي وڃي اڄ به ھن سماج ۾ ڪئي نياڻيون پاڻي جي واري عيوض ڪاري ٿي ڪسجن ٿيون پوء اسين ڇو فڪر ڪيون ته هي سماج ڇا سوچيندو جڏھن ته هي جاهل سماج سوچڻ جي لائق ئي نه آھي, ته پوء ھن سماج جي چوڻ تي هڪ نياڻي جي ڪاليج وڃڻ تي قلم ڇو ٿا لاڳو ٿين ڇو ٿيون پابنديون لڳن ڇووالدين سندي جگر جي ٽڪرڻ تي شڪ جا زنجير ٿا وجھن ۽ انھن نياڻين کي قيدياڻي ٿا بڻائي ڇڏين آخر ڇو ڇا ڪنهن نياڻي کي پڙھائڻ سان غيرت جو خاتمو ٿئي ٿو.
    غيرت صرف اها ناهي ته تنهجيون نياڻيون تنهجي گهر جي چوديواري ۾ محفوظ رهن بلڪي اصلي غيرت ته تڏھن آھي جڏھن تنهجي اکين کان ٻين جو نياڻيون محفوظ رهن ۽ جڏھن به هن سماج ۾ اصلي غيرت جو سج اُڀريو تڏھن کان عورتون برقو پائڻ ڇڏي ڏينديون تڏھن هن سماج جي فردن جا وحشي چهرا پٽ تي ڪري پورجي ويندا ۽ اهڙي انقلاب جو برپا ٿيڻ تڏھن ئي ممڪن ٿيندو جڏھن نياڻن کي تعليم جي زيور سان نوازيو ويندو ڇو ته سواء آدم کان دنيا جو هر مرد عورت جي ڪوڪ مان جنميو آھي ۽ ٻار جي فطرت تقريبن ماء سان وابسطه ٿئي ٿي ۽ ان لاء ضروري آھي ته ماء پڙھيل لکيل هجي جئين سندي ٻار جي تربيت هن جاهل سماج کان ڪجھ مختلف انداز ۾ ڪري جئين اهو ٻار وڏو ٿي سندي نياڻي جي تعليم تي پابندي نه هڻي.
    اهي والدين جيڪي اڄ به ان سوچ ۾ سڙھي رھيا آھن ته نياڻي پڙھايون يا نه مان بحيثيت هڪ عام معمولي فرد جي هن ديس لاء فڪر رکندي سنڌ جي انهن والدين کان گذارش مند آھيان ته سنڌ جي سمبڀارائن کي تعليم جي زيور کان محروم نه رکو هي اها قوم آھي جنهن جون نياڻيون ٻين قومن جي متبادل مضبوط ۽ بهادر آھن هر مشڪل سان ٽڪرائڻ ڄاڻين ٿيون ۽ ھن جاھل سماج جي چوڻ تي سندي نياڻين کي شڪ جي جي زنجيرن سان نه جڪڙيو توهان جي نياڻي توهان جي تربيت جو ڏيکھ آھي توهان جو سندي نياڻي مٿان شڪ ڪرڻ تربيت تي شڪ ڪرڻ برابر آھي, برياني جي پليٽ تي پاڻ وڪامجڻ وارو هي سماج ڪير ٿو ٿئي جو اوهان جي نياڻي مٿان الزامن جا امبار اڇلائي ان لاء ھن قوم جي نياڻين کي سندي حق مطابق اعلي تعليم ڏياريو جئين اهي نوا سوچ ۽ شعور پيدا ڪري سگهين.


    اڃا جوان رهن ٿا جوءِ ۾

    جتي جهالت جو اونڌاھ برپا ٿئي ٿو اتي اسان جا ڪامورا ان اونڌاھي جي آڙ ۾ غريب مظلوم عوام جو مال حق وسيلا هڙپي ڇڏين ٿا ۽ انهن مالن وسيلن کي سندي تجارت جو ذريعو بڻائي سندن ئي اثاثن ۾ ترقي جون مثالون قائم ڪن ٿا ۽ ھي مظلوم عوام سب ڪجھ اڃا ھجڻ جي اندھي اعتبار ۾ رھي خوش رھن ٿا ڇو ته ڪامورا سندي پکيڙيل اونداھ کي ختم ڪرڻ ئي نٿا گهرن متان روشني جي ڪرڙن سان سندن هڙپيل مال ۽ اڻ ڍنگاھ ڪرتوت پڌرا نه ٿي پون پر ڪڏھن به لڳاتار اونڌاھي جو برپا ٿيڻ نسچيت ناهي ڪڏھن پيار جا پربات به فٽندا آھن ڪڏھن سچ جا سورج به اڀرندا آھن جيڪي اونداھ جي ڪوٽن کي ڪيريندا آھن ائين ئي اڄ جي هن دجالي دور ۾ تعليم هڪ سچائي جي سورج جو ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن جا لاٽ شعوريت کي جنم ڏين ٿا ۽ شعوريت ڪامورن جي ڪرتوتن جو پردو پاش ڪري ٿي.
    گھري ننڍ ستل سٻاجھڙن کي سڌائتو ڪري ٿي ته اوھين لٽجي چڪا آھيو اوهان جا سڀ حق وسيلا ھڙپيا ويا آھن انڪري گهري ننڍ مان اٿي سندي حقن جي واھر ڪريو. ائين اسان جي سنڌ ۾ اليڪشن جي قريب اچڻ سان سياسي سرگرمين سان گڏو گڏ عوامي سرگرميون به عروج تي آھن اڃا سچائي جو سورج ته ناهي اڀريو پر نوجوانن جي جذباتن کي مدنظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته پربات ضرور فٽي آھي جيڪو سچائي جي سورج جي اچڻ جو انديشو ظاهر ڪري رهي آھي جنهن جو پڪو ۽ پختو ثبوت پنجويھ جولاء اليڪشن واري ڏڻ کان پوء معلوم ٿيندو.
    پربات جو فٽڻ نوجوانن جي شعوريت آھي جيڪي ڪامورن جون گاڏيون حوالو وٺن ٿا, پنج سال گمشدگي جو سبب پڇن ٿا اليڪشن جي مد اچڻ سان ئي پڇا ڳاڇا وارو سسٽم عروج تي سنڌ جا شعوري نوجوان ڪامورين جو اڳ جهلي سندن پنج سال گمشدگي جو سبب پڇن ٿا جنهن مان پڪو ۽ پختو ثبوت ملي ٿو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ جذبو ۽ شعوريت اڃا باقي آھي ھي عوام اٻوجھ آھي ووٽ جو پرک نٿي رکي هو ائين ئي ذاتي پاتي ۽ فرقه واريت جي آڙ ۾ ايري گهيري اميدوار کي به بنا سوچ ويچار جي سونپي ٿا ڇڏين پوء ان جي نسبت هن عوام کي جيڪو صلو ملي ٿو ان منجهه به بخوبي واقف آھن. شعوري نوجوان واري واري سان هر هنڌ اوطاقن تي ووٽ لاء آيل, راھ ويندي ڪامور کان بيججڪ سوال ڪن ٿا.
    اننهن وٽ سوال پڇڻ وقت سوشل ميڊيا جو سھارو هوندو آھي جن کي هو هڪ طاقتور هٿيار جيان استعمال ڪن ٿا ان هٿيار آڏو ست راڄي سردار هجي يا ڪرامتن وارو پير فقير يا اول درجي جو تجارتڪار سمورين جا عضوا ٽھڪڻ لڳن ٿا, نوجوان فيسبوڪ تي لائيو اچي ڪامورن کان سوال پڇن ٿا ۽ ڪامورا سڌو مناسب جواب ڏيڻ بجاء گونگي ٻوليء ۾ وفلي فرار ٿيو وڃن ٿا.
    سوشل ميڊيا جي ڪمال کان پوء ميڊيا چينل تي لائيو نشر ڪري پڻ ڪمال ڏيکاري ٿي,
    اهڙي ريت اڃا به اهو الميو جاري آھي نوجوان ڪيترن ئي ڪامورن کان پڇاڻو ڪري چڪا آھن, جنهن ۾ جمال خان لغاري, سردارعلي شاھ, ڄام مهتاب ڏھر, ملڪ اسد سڪندر, مراد علي شاھ, شازيه عطا مري, مهرين ڀٽو, شوڪت راڄپر, ۽ ٻيا ڪيترائي ڪامورا شامل آھن.
    پر اهو الميو اڃا جاري آھي ڪامورن کان ڪٿي نـه ڪٿي پڇا ضرور ٿئي ٿي, پڇا ڪرڻ وارا شعوري نوجوان ڪامورن جي سندي پارٽي مان به ٿي سگهن ٿا ته مخالفن منجهان به ٿي سگهن ٿا پر شعوريت جو اسرار ان ڳالھ تي ناهي ڇو ته اهي اميدوار جن جي دهمان سان ماڻھو هيسائيجي ويندا ھئا اڄ شعوريت ايتري ته پاڻ پکيڙي وئي آهي جو اڄ جا نوجوان بيباڪ ٿي سياسي اڳواڻن جو اڳ جهلي کائن اعمالن جو احوال وٺن ٿا جنهن مان خوب اندازو ٿئي ٿو ته صديون گهري ننڍ ۾ ستل ماڻھن مٿان شعور جو ڪرڻو ڪريو آھي جنهن سان انهن جي ڀرپيل وسيلن جو هڙپ پڌرو ٿيو آھي هي ته اڃا هڪ پربات جو انديشو آھي جي نوجوانن جي بيباڪيت رهي ته سچ جي سورج جو اڀرڻ به ڏور نه آھي, ۽ سچ جي سورج کي اڀارڻ لاء بيباڪيت, آزاد سوچ ,اجتمائي سوچ, فڪر سنڌ, فڪر تعليم جو هجڻ واجب آھي ڇو ته عوام سندي مٿان قابض, ھڙپائو, لٽيرن ڪامورن کي ووٽ سان شڪست ڏئي سگهي ٿي.
    ووٽ جو غلط استعمال ته بيوقوفي آھي ئي پر ووٽ جو استعال نه ڪرڻ به بيوقوفي آھي, اوهي ووٽ هر هڪ فرد جو ذهني رايو آهي تـه هو اهل يا نااهل اميدوارکي پنهجي مٿان حڪومت جو حق ڏين ٿا اهو مدار آهي فرد جي سوچ جي ڪيفيت تي تـه ان فرد جوسوچڻ خود پرستي سان وابسطـــه آهي يا لوڪ پرستي سان، جيسيتائين عوام جي ذهنن منجهان خودپرستي واري سوچ کي نـه هڪليو ويندو تيسيتائين ڪجهه بـه سڌرڻو ناهي، برحال عوام چاهي تـه پنهنجي پاڻ سان ڀلو ڪري سگهي ٿي ڇو تـه عوام وٽ هڪ طاقتور هٿيار موجود آهي جنهن سان هو چڱي ڀلي ست راڄي سردار کي عرش تان اڇلائي سگهي ٿي پر تڏهن ممڪن آهي.
    جڏهن عوامي فيصلو ڪنهن سچي فرد جي حق ۾ هجي ووٽ کي رشتن ناتن، قوميت، مذهبيت، پيري مريدي جي ڏوڙ سان ويڙهي نـه ڏئي ڪنهن کي بـه ڏيڻ کان اڳ ادا ضمير کان ضرور پڇي، هڪ ڀيرو بنجر بڻيل سنڌو جي سيني ڏانهن ضرور ڏسي، مهراڻ جي گهٽ ٿيندڙ موجن ڏانهن ضرور ڏسي، هوٽل تي پنندڙڪراڙين ۽ ننڊڙين معصوم چهرن ڏانهن ضرور هڪ نظر نهاري شايد اکين منجهه لڙڪ لڙي پونس من ڌرتي جي دردن جو درمان ٿي پوي. برحال مان هڪ عام فرد جي حثيت سان گذارش مند آهيان تـه ڪجهه سندي ايندڙ نسلن تي رحم ڪيو وڃي، فڪر سنڌ رکيو وڃي. براء مهرباني سنڌ جي سچي سپوتن کي ووٽ ڏيو جئين ڌرتي جي دردن جو درمان ٿي سگهي.


    محترم جناب چيف جسٽس صاحب

    ٻڌو آھي اوهين سندي نگراني ۾ ڊيم پيا ٺاھيو ٻڌو آھي ته اوهين هر دفعي جيان وري سنڌو جي سيني کي چيريو پيا.
    چيف جسٽس صاحب!
    ڪڏھن اچو نه سنڌ, ٿورو سنڌو جي سڪل ڪنارن کي ڏسي وڃو.
    خبر اٿئو! چيف صاحب, مان ڪالھ جڏھن المنظر وارو پل ڪراس ڪيس پئي تڏھن دريا جي سيني منجهان اُڏيل مٽي منهجي منهن ۾ لڳي رھي ھئي.
    توهان ڀلي ان مٽي کي دوڙ يا دس سمجھو پر حققت ۾ اها مٽي سنڌو جو نياپو آھي سندي سچي سپوتن ڏانھن," ته اي منهجان سپوتو مان سڌائين اوهان جي پياس کي پوريو آھي پر هاڻ مان پاڻ پورجندي ٿي وڃان ڪڏھن مان پنهجي سپوتن کي ٿڌڙي هوائن سان ڀليڪار چوندي هئس پر هاڻي منهجي هوائن منجھ ڌوڙ سمايل آھي مان ڇا ڪريان پنهجي حال تي روئان يا سندي سپوتن جي حال تي روئان, شايد ھاڻي خدا ئي ڪو ڪرپا ڪري مون تي صرف هڪ دودو جنمي هن نگر ۾ جيڪو هن وقت جي خلجين سان جنگ جهوٽري.
    چيف جسٽس صاحب!
    اوهانکي ڪنهن جو فڪر آھي؟
    پاڪستان جي عوام جو،
    ڪھڙو پاڪستان سنڌ وارو يا بنا سنڌ وارو؟
    جي سنڌ وارو ته پوء ٿر جا ماڻھون ڪير آھن؟
    انهن وانگهيڙن جو ته ڪڏھن ڪنهن فڪر ناهي ڪيو، شايد هو گريلا آھن يا اٻوجھ آھن!
    چيف جسٽس صاحب!
    اسين سنڌي آھيون, مھمان نواز آھيون, سڌا ماڻھون آھيون اسين ٺڙڪ ٺڳي ۽ ٻئي جو حق کائڻ مور نه ڄاڻون , اسين رت به ڏئي سگهون ٿا ته پوء پاڻي ڪو وڏو الميو ناهي. ٺيڪ آھي اسين ڊيم ٺاھڻ جي اجازت اوهان کي ڏيون ٿا پر ان عيوض ھڪ سوال جو جواب گھرجي.
    سوال اهو آھي ته انٽرنيشنل ۽ پاڪستاني قانون تحت ڪا به رياست تيستائين دريا کي ڪٽ ڏئي نٿو سگهي جيسين پڇڙي وارا علائقا اجازت نه ڏين پوء بغير اجازت سنڌ جي دوآب مان پنجاب پنجاب ڪئين بڻيو؟
    اسان ئي پنهجي ماتا منجھان ايترا ڪئنال ناهن ڪڍيا جيترا پنجاب ڪڍيا آھن پوء به پنجاب کي پاڻي جي گهرج آھي.
    چيف صاحب !
    پوء ائين ڇو نٿا ڪريو سنڌجي دشمنن جو هڪ ٽولي وٺي سنڌ تي ڪاھ ڪيو جئين ڪالھ ڪنهن قاسم ڪيو هو.
    دريا ۾ پاڻي ته ناهي, ها باقي ائين ٿي سگهي ٿو ته سڄي سنڌ کي ماري انهن جا لاش دريا منجھ اڇلايو ٿي سگهي متان دريا ڀرجي وڃي پوء ان ڳاڙھي پاڻي کي ڊيم ٺاھي ان ڊيم ۾ ڇڏيو, پوء سڪون سان اسانجو رت پئيندا رهو.
    بهتر به ائين اٿئو روز روز جو نوان سنڌ دشمن منصوبا جوڙي اسانجو رت پئيو ٿا پوء ڇو نه اسانجي رت سان ڊيم ڀريو.
    اسين جئيري ته سنڌو کي سڪندي نٿا ڏسي سگهون.


    خوابن جا پاڇا جو ليکڪ يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري جي شايع ٿيل ڪھاڻين ۽ مختصر تحريرن سان جڙيل نئي ڪتاب خوابن جا پاڇا جو مطعالو ڪندي مون اهو معلوم ڪيو آھي ته ڪجھ ماڻھو دردن جي دوا هوندا آھن, دردن جي دوا مان مراد آھي ٻئي جو سور سھڻ ٻئي جي درد جي احساس کي قلم سان ائين لکڻ جئين اهو الميو سندس سان ئي پيش آيو هجي, اھڙن ماڻھن کي ڏجي ته آخر ڪھڙو ناء ڏجي ڇو ته انهن لاء عام لفظ استعمال ناهن ٿيندا, اھڙي ريت ٺري ميرواھ جو هڪ باشعور, اديب, لکيڪ, ڪالم نگار ۽ ڪھاڻيڪار يوسف جميل لغاري به انهن امُلھ ماڻھن منجهان هڪ آھي جيڪي ڌرتي جو سور لکن ٿا يوسف جميل لغاري جن ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون آھن ھر ٿيندڙ پاپ ۽ پھلو تي ڪالم لکيا آھن ۽ لاتعداد احساساتي تحريرون پڻ لکيون آھن.
    ان کان علاوه يوسف سائين هميشه سماج سيوڪ ڪمن ۾ اڳڀرا رهيا آھن, سائين جن سندي قلم جي قوت سان سدائين وانگهيڙن لاء واجهايو آھي ميرواھ لائيبريري تحريڪ هجي يا ڪنهن ميرواهي سان ٿيندڙ نا انصافي جو احتجاج سائين جن هميشه حاضر رهيا آھن, يوسف جميل هميشه ميرواھ جي عوام جو آواز بڻيو آيو, سائين جن نه صرف ميرواھ لاء سندا ڪارنامه سرانجام ڏنا آھن پر انهن ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ويساھ گاتين لاء به هميشه لکيو آھي, هن هميشه مسڪينن جي حقن ۽ حاصلات لاء جستجو جاري رکيو آھي.
    ڪجھ وقت پهريان سائين جن جو پهريون ڪتان "خوابن جا پاڇا" سنڌ سلامت ڪتاب گھر طرفان شايع ڪيو ويو هو, جنهن جو مون باقائدي سان مطالعو ڪيو, سائين جن سندي ڪتاب ۾ بهترين احساس لکيا آھن خاص طور تي "ڦڪي چانھ, مس آڪسيجن, اڻپورا احساس, لفظن جو ماتم, ڊائري جا ورق" نالي تحريرن مون کي ڏاڍو ڀائي ويا آھن, سائين جو ڪتاب پڙھندي جسم ڪنڍارجي ٿو سائين جن جي ڪتاب جي لکڻي باقائده من موهيندڙ آھي سائين جن ڪهاڻيون ته ائين لکيون آھن ڄڻڪ قدرت طرفان کيس ڏات مليل آھي مان جڏھن سندس ڪتاب کي اٿلائي ڏٺو ته مونکي يوسف تي فخر محسوس ٿيو ته ان قدر لفظن جي بيهڪ جو خيال رکيو ويو آھي ڄڻڪ ڪنهن وڏي مفڪر, ڏاھي لکيو هجي پر جي حقيقت جي تقاضا کي ڏسجي ته يوسف ۾کوڙ ساريون اهڙيون خوبيون ملن ٿيون جيڪي ڪنهن وڏي مفڪر يا دانشور ۾ ھونديون آھن.
    ڇو ته يوسف کي هميشه مون قلم سان پيار ڪندي ڏٺو آھي ۽ جيڪو انسان قلم سان پيار رکي ٿو ته ان مان صاف ظاھر آھي ته ھڪ ڏينھن قلم ان پيار ڪندڙ پرش کي سونهن اکر سان لکندو ھوئين به جڏھن ادا يوسف سوشل ميڊيا تي سندا لکيل احساسي تحرير رکندو هو ۽ جڏھن مان انهن احاسات کي پڙھندو هئيس ته روح ڪانڍارجي پوندو هئو ۽ اتي ئي مان سوچيندو هئس ته هي بندو مستقبل ۾ ھڪ عظيم ڏاھو, دانشور, مفڪر, منصف, ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار ٿي اُڀرندو ۽ ڪيئي اونداهريل ذھنن منجھ روشني جي ڪرڙڻ سان شعورکي ظاھر ڪندو پر هاڻي جڏھن سائين جو آيل پهريون ڪتاب ڏٺم ته پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته يوسف جميل لغاري هڪ عظيم ليکڪ آھي.
    هوئين ته يوسف سان هميشه منهجا سٺا لاڳاپا رهيا آھن پر يوسف پاڻ ئي محبتي ماڻھون آھي سندس ڪردار روپلي جي سچائي جيان سچو ۽ ٻاگهل جي دامن جيان پاڪ صاف آھي سدائين چپن تي مسڪراهٽ جا ٻھڪا هوندا اٿس ۽ سدائين هٿ ٻڌڻ واري واٽ اپنائيندو آھ منهجو ته يوسف کڻي هڪ پرين پيارو دوست آھي ۽ ڪروڙين عزتون منهجي دل ۾ آھن سائين جن لاء, پر مان گهڻ ئي چپن تان يوسف جا چرچا ٻڌآ آھن، هن جي لکڻين جون نيڪيون ٻڌيون آھن.
    برحال يوسف جميل جو شايع ٿيل ڪتاب, خوابن جا پاڇا, ڏاڍو من موهيندڙ آھي مان دل سان مطئمن آھيان ۽ يقينن اوهان کي به ضرور پڙھڻ کپي ۽ مان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو يوسف جميل لغاري کي جنهن پنهجي قلمي قوت سان هڪ بهترين ڪتاب لکيو آھي ۽ کيس سلام پيش ڪريان ٿو ته سائين جن پنهجي جستجو سان هميشه سانگين جو سور لکيو آھي ۽ سائين جن کان آشان آھي ته سندس جدوجهد, جستجو کي جاري رکندا ۽ پنهجي ڪارنامن جي تقدس سان هڪ نئي تاريخ رقم ڪندا ۽ اهڙڪئي ڪتاب لکي شعور جو ڳاٽ بلند ڪندا.


    غلامي هڪ گار آهي

    هر باشعور ۽ لکيل پڙهيل ماڻهن ضرور ٻڌو هوندو تـه هن هن ڌرتي تي آزاد پيدا ٿيو آهي ليڪن هن کي هر دور ۾ سنگهرون پارايون ويون. اسين هميشـه کان غلام رهيا آهيون. ڪڏهن انگريزن جا تـه ڪڏهن وري پيرن ۽ ميرن جا جيڪا اڃان تائين سرانجام ڏئي رهيا اهيون. جتي دنيا جا ٻيا ملڪ ترقي ڏانهن تيزيء سان وڌي رهيا اهن اتي اسان جي هي بي ضمير قوم غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ انهن بي ضمير ماڻهن جي ڪري ئي سچل ۽ سامي جي سونهاري سنڌ ترقيء جي راه ۾ اڃا ڪي صديون پوئتي آهي ڇو جو اها سنڌ اصل کان ئي پيرن ۽ ميرن جي ميراث رهي آهي جئين نواب صاحب کانپوء نوابزادو تخت سنڀاري ٿو. هڪ مشهور قول آهي تـه ”جهڙا روح، تهڙا ختمـه“ جهڙا سائين تهڙا سائين جا مريد جيڪي هڪ خانداني ووٽر جو ڪردار ادا ڪن ٿا.
    جئين انهن تي قرض ۽ فرض هجي. ڪڏهن نياڻي جو قرض تـه ڪڏهن ميرن ۽ پيرن جو فرض جيڪو اهي هر پنجن سالن ۾ پورو ڪندا اهن ۽ انهن خانداني ووٽرن کي ڪجهه بـه ناهي ملندو جي ڪجهه ملندو به آهي نـه تـه پير سائين جي اها تعزيت جيڪا اليڪشن جي موسم ۾ پير سائين جي ڪنهن پراڻي مرحوم لاء جنهن جا هڏا بـه ڳري ويا هجن. سائين جي تعزيت سان شايد مرحوم بـه ڇرڪندو هوندو تـه اچانڪ ڪنهن کي ياد آهيو آهيان آء بـه انهن بي ضمير ماڻهن منجهان هڪ هيس پوء جڏهن مون دنيا جي هستين ڊاڪٽر چي گويرا، نيلسن منڊيلا. ڪال مارڪس ۽ فيڊرل ڪاسترو جي لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو تـه مون کي احساس ٿيو تـه اسين ڪنهن اڻ کٽ ۽ تيز انڌيري رات ۾ ۾ بٽڪيل ڪنهن بي منزلي مسافر جيان آهيون ۽ ان انڌيري رات کي روشني ڏيندڙ سج هميشـه لاء لهي ويو هجي ۽ ان انڌيري رات کي روشني ۾ چمڪندڙ چنڊ پاڻ ڪارو پئجي ويو هجي ائين ئي اسان جو هي سياسي نظام ان انڌيري رات جيان آهي ۽ اسان جا حڪمران لٿل سج ۽ ڪاري چنڊ جيان اهن ۽ بي ضمير عوام يعني خانداني ووٽر ان انڌيري مان ڄڻ تـه پان ئي نڪرڻ نٿا چاهن يا انهن کي چيو ويو هجي تـه انڌاه اوهانجي قسمت ۾ آهي.
    پر اهڙين انڌيرن ۾ وري تعليم هڪ نئو سج ٿي اڀري ٿو ۽ انقلاب جي سوچ جي خوشبوه ڀرپا ڪري ٿو، ائين ئي منهجي پڙهيل ڪتابن منهجي اندر جي انسان کي جڳايو جنهن کي ضمير چئجي ٿو ۽ اهو ضمير مونکي للڪاري ٿو، هڪ گار ڏي ٿو، غلامي جو گار جيڪو ڪنهن غيرتمند لاء موت کان گهٽ ناهي برحال افسوس انهي ڳالهه جو آهي تـه هڪ ماڻهو جيڪو پنجن سالن کانپوء ڪنهن مسافر جيان اچي وڏي شان ۽ شوڪت سان اعلي قسم جو دعوتون کائي هزم ڪري ڏڪارون ڏئي ۽ آرام سان بي ضمير عوام کي بيوقوف بڻايو وڃن اهو بـه وري تاڙين جي گونج ۾ پر جي ڏسجي تـه ان عوام جي ذهنن منجهه هڪ خوف وڌو ويو آهي ۽ اهو خوف جهالت جو خوف آهي جنهن کي بي ضمير ماڻهو سائين جي ڪرامت سمجهن ٿا ۽ قيامت ڪاري ڪرڻ کان ڊڄن ٿا ۽ سمجهن ٿا تـه پيرن ۽ ميرن کانسواء انهن جو هلڻ مشڪل آهي پر اسان کان وڌ تـه اهي انگريز بي پيرا وڌيڪ ترقي يافتـه ۽ تعليم يافتـه آهن.
    برحال بي ضمير عوام کي گهرجي تـه پنهجي سوچ م تبديلي آڻي ۽ پاروتي واري خوف مان نڪري ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ باضمير ٿي ووٽ ڏئي ۽ انهن غلامي جي زنجيرن منجهان نڪري جنهن ۾ هن جا ڪئي نسل جڪڙيل رهيا. جيڪڏهن هاڻي نـه تـه ڪڏهن بـه نـه پوء ائين ئي نسلون لوڙيدئون خدارا پنهجي ايندڙ نسلن کي با ضمير بڻايو ۽ انهن تي غلامي جو دٻاء نـه رکو جئين اهي سندن پٽن مٿان رکيل اوهان جا ئي نالا يعني اوهان کي هڪ آزاد ۽ باضمير بڻائي شخصيت بڻائي سگهن.


    هڪ آرٽسٽ جو قتل

    پنجاب جنهن سنڌ کي سدائين لاش طوفي طور ڏنا آھن, سنڌ ڌرتي جا ماڻھون جيڪي مصري ۽ ماکي کان وڌ مٺا آھن جيڪي مھمان کي بگوان سمجهين ٿا جنهن لاء جان وارن تائين وڃن ٿا ان جي موٽ ۾ سدائين سنڌي ماڻھن نفرت, تعسباتي روين کي مونهن ڏنو آھي تڏھن ته سنڌ جي گهوٽ ڀٽائي چيو آھي ته ”چڱائي چڱي آ ڪجي نه ڪنهن سان“, ائين ئي ڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عظيم ليڊر کي ڪوڙن ڪيسن تي ڦاهي چاڙھي ان جو لاش سنڌ ڏانھن موڪليو ويو ته ڪڏھن وري شھيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙي بهادر نياڻي کي اگهور ننڍ سماريو ويو, سنڌ جي ٻنهي مهان ليڊرن جا لاش راولپنڊي منجهان مليا پر اڃا اهو سلسلو جاري آھي ائين ئي لاهور جيڪو طاقت جي مڳي ۾ مست آھي, جئين ڪالھ تائين قنڌار مست هو, جئين ڪالھ تائين بغداد مست هو پوء سڀ ڄاڻين ٿا ته انهن جو حشر ڇا ٿيو .
    لاهور جتي مهمان نوازي ته ٺھيو پر ماڻھپو ئي مشڪل سان ملي ٿو اتي ڪالھ وري هڪ سنڌ ڄائو قتل ٿيو جنهن مان جان ڇڏائڻ لاء سوشل ميڊيا تي توهين مذھب جو نالو ڏنو پيو وڃي پر اصل حقيقت ٻي آھي ان علائقي جي ايس ايس پي موجب ۽ ايف آء آر ۾ ڄاڻايل موقف موجب ان قتل جو توهين مذھب سان ڪو به واسطو ڪونهي, هي هڪ عام مارڊر آھي.
    جنهن کي مذھب جي آڙ ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي , قطب الدين رند جنهن جو تعلق سنڌ جي جيڪب آباد سان آھي جيڪو نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ زير تعليم هو ڪافي هونهار ۽ محنت ڪش پڻ ھو, قطب الدين رند لاهور جي پريم نگر ۾ رهائش پذير هو پوليس موجب مڪان مالڪ سان ڪرائي جي معاملي تي هاٿاپائي سڀڀ ٽن منزلن تان اچي هيٺ ڪريو جنهن سبب قطب الدين ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
    پريم نگر پنهجو وقار وڃائي ويٺو جيڪب آباد جيڪو جوان هن ڏانهن اماڻي موڪليو هيو تنهن ۾ پريم نگر خيانت ڪئي آخر ڪيسيتائين پنجاب طرفان طوفعي طور موڪليل لاشن کي ڪلهو ڏئي دفنائيدا رهنداسين آخر ڪو ته تدارڪ ٿيڻ گهرجي قطب جي خون کي تارڻ گھرجي قطب جي امڙ جي آھن ۽ داهن جو ازالو ملڻ گهرجي سنڌ جي ٻن عظيم اڳواڻ شھيد ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو ته ڪجه به نه ٿيو پر قطب الدين جي خون کي ته واريو وڃي.


    سنڌ جي سونھن ٿر بچايو

    توکي تنهجي مستقبل جو فڪر مونکي منهجي اڄ جو فڪر منجهو اڄ ٿر آھي. ٿر جتي نسلي ڊڳن جا ڊانچا ملن ٿا, لطيف جي سنڌ جو ٿر جنهن تي ڀٽائي پنهجا ڀيت لکيا ۽ ان جي پرستارن وري تنڀوري جي سازن تي اهي ڀيت چيا, اهو ٿر جتي بارشون پوڻ کانپوء جنت جھڙو نظارو ڏسڻ وٽان ملندو ھئو اڄ ان ٿر جو هال جي پڇندين روئي پوندي. اهو ٿر جتي مائن جون چوڙيون کڻڪنديون هيون ته ھوا ۾ ساز ٻھڪي پوندا هئا. اڄ ان ٿر ۾ توکي ڪجھ به نه ملندو سواء جانورن جي ڊانچي ۽ ڏُڪار وگهي ڪمزور ٿيل ماڻھن جي.
    وزيراعظم عمران صاحب.!
    تون اچي ڏس جتي ڪالھ ڪونڌر ڪوھ لتاڙيندا ھئا اڄ اھي پٽ تي ڀانڀڙا پيا ٿا ڏين,
    تون ملڪ جي ترقي جي ڳالھ ڪرين ٿو، ڪريپٽ حڪمرانن طرفان ڪڙڪايل قرضا لاھڻ جي ڳالھ ڪرين ٿو, تون افغانن, برمين ۽ بنگالين کي مفت ۾ شناخت ڏيڻ جي ڳالھ ڪرين ٿو, پر تو ڪڏھن به منهجي وانگيهڙن لاء ناهي واجهايو, تو ڊيمن لاء ته چندا ڪٺي ڪيا, پر منهجي ٿر جي ڏڪاريل وانگهين لاء پائي به ناهي ڏنو ڇو ته توکي پنهجن جي مسقبل جو ته فڪر آھي پر توکي منهجي اٻوجھ, مسڪين ماروئڙن جي اڄ جو ذرو به اُلڪو ناهي.
    تون وڏو فرق ٿو رکين خبر ناهي ڪئين پر فرق ضروي ٿو رکين, ٻنهي قسمن جي انسانن ۾ فرق به صرف ايترو ئي ٿي سگھي ٿو جو تهنجا چنڱي چوکي جا پليل آھن ۽ منهجا ڏڪاريل آھن بک وگهي بدهال آھن. پر پوء به تنهجن کان منهجن جو حوصلو ۽ ھمٿ بلند تر آھي ڇو ته هو پنهجي ديس سان پيار ڪندڙ آھن, هو مري ته سگھن ٿا پر ٿر جي واري کي نٿا ڇڏي سگھن ڇو ته اھا مٽي انھن لاء ماتا سمان آھي,تو ھرڙين کي تيز ڀڄندين ۽ ٽپ ڏيندي ته ضرور ڏٺو ھوندو پر ڀانڀڙا ڏيندي ۽ واريء ۾ ڌڙ گهليندي ڪڏھن ڪين ڏٺو ھوندو.
    اچ منهجي ٿر جا ڀانڀڙا ڏيندڙ ھرڙ ڏسي وڃ شايد توکي اھڙو عجوبو دنيا ۾ ڪٿي ملي, تو مور نچندين ڏٺا هوندا ھاڻ اچي ٿر ۾ مور ڦٿڪندي به ڏسي وڃ، تون اسان کي پنهجو ته سمجهين ٿو نه يا اسين تنهجي حڪمراني جي حدودن کان ٻاھر آھيون خبر اٿئي، ٿر ۾ ڪڏھن ڪنهن خودڪشي نه ڪئي آھي ڇو ته انهن کي پاڻ مارڻ جو موت ڪڏھن موڪيو ئي ناهي ڏنو.
    وزيراعظم صاحب .!
    ٿر ۾ ڏڪار وگھي 500 ٻار ھيل تائين فوت ٿي چڪا آھن پر ڪنهن کي ڪا سڌ ئي ناھي ڄڻڪ اھي ٻار لاوارث ھئا پاڻي جي خوٽ تي ته وڏا چھچٽا ھليا پئي چندا اُڳڙيا پئي پر ھتي ته ڪھنن اڃا تائين ھڪ پائي جو به اعلان ناھي ڪيو,
    اسان جا ڪن ترسي رهيا آھن ته من اسان جي ملڪ جو تبديلي پسند وزيراعظم ڪي چند اقدامات کڻي,۽ من ڪي معصومن جو جانون بچي پون. پر تون ته ڊيم ٺاھڻ ٿو چاھين سنڌو کي سڪائڻ ٿو چاھين تو ڪٿي ٿر جي وانگهين جو ڀلو ڪندين تون ته کائين دريا تي بيٺل پاڻي جو ڍڪ به ڪڍڻ ٿو چاھين، ڪيتري نه افسوس جي ڳالھ آھي ته تون مستقبل ۾ لڳندڙ اُڃ جي ته فڪر ڪرين ٿو پر ٿر جي وانگهين کي لڳل اڄوڪي بک جو فڪر نٿو ڪرين، توکي افغاني ٿر جي ماڻھن کان وڌيڪ ڏڪاريل نظر آيا تڏھن تو ھُنن ڏانھن ويھ ھزار مڻ ان جا موڪليا, توکي زرو به احساس نه ٿيو ته تنهجي ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڏڪار پيل آھي. شايد اسان جي وچ ۾ ڪو رت جو رشتو ناهي, ڇو ته درد جو احساس رت جي رشتن کي ئي ٿيندو آھي,,
    جي تون پنهجن لاء ڊيم ٺاھي سگهين ٿو ته مان ماٺ ڪري ڪئين ٿو ويھي سگھان جڏھن ٿر جي واريء ۾ پيل لاشا ڏسان ٿو ته اکيون رت جا ڳوڙھا روئن ٿيون دل ڀُري ٿو پوي اندر زھر جي پاڻي سان ڀرجي ٿو وڃي. پوء تون ٻڌآء ته ماٺ رھي ڪئين مشرق ٿيان, منهجو ٿر منهجي لاء جنت جيان آھي پر ڪرپا هيڏانھن ڌيان ڌريو ڪٿي منهجي جنت منهجي سانگهين لاء سور نه بڻجي وڃي, تون پنهجن لاء ڊيمون ٺاھي ۽ مان پنجھن لاء ٽڪر ڳڀھو ھٿ ڪري وٺان.
    مان مخاطب آھيان سنڌ جي سچي سپوتن, سنڌ پرستن سان ته اٿو واجهايو, ڀڄو, ڊوڪو ٿر جي ماروئڙن جي جان بچاريو, پنجهي رت جا رشتا نڀايو, پنهجائپ جو پختو ثبوت ڏيو جي چندن سان ڊيمون ٺھي ٿيون سگھن ته پوء جانون ڇو نه ٿيون بچي سگهن, اٿو سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ کان لبيڪ چئو ۽ پنهجي ٿر کي بچايو گھر گھر وڃو, رستن تي اسٽالون لڳايو,پر ڪرپا سنڌ جي سونهن بچايو, ٿر بچايو ٿر بچايو.


    جوڌا جاڳيا جوڳين لاءِ

    سنڌ جي سونهن ٿر ۾ جيڪي حالات آھن تنهن کان تقريبن سڄي سنڌ واقف آهي ۽ سنڌ جو با شعور عوام پڻ بخوبي واقف آھي ته اسانجي حڪومت سڳوري ٿر جي ڏڪاريل سانگهين لاء ڪي خاص اُپاء ناهن ورتا, ۽ ٿر جي صورتحال روز بروز خراب ٿيندي پئي وڃي تقريبن 2129 ٻار هيل تائين بک ۽ بدھالي سبب اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن ۽ ڪئيي عورتن خودڪشي ڪري ڇڏي آھي, ٿر جتي نسلي ڊڳن جا ڊانچا ملن ٿا, لطيف جي سنڌ جو ٿر جنهن تي ڀٽائي پنهجا ڀيت لکيا ۽ ان جي پرستارن وري تنڀوري جي سازن تي اهي ڀيت چيا.
    اهو ٿر جتي بارشون پوڻ کانپوء جنت جھڙو نظارو ڏسڻ وٽان ملندو ھئو اڄ ان ٿر جو هال جي پڇندين روئي پوندي, اهو ٿر جتي مائن جون چوڙيون کڻڪنديون هيون ته ھوا ۾ ساز ٻھڪي پوندا هئا ,اڄ ان ٿر ۾ توکي ڪجھ به نه ملندو سواء جانورن جي ڊانچي ۽ ڏُڪار وگهي ڪمزور ٿيل ماڻھن جي۔ اهڙي ٿيندڙ پاپ کي ڏسي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو, زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن جا ضمير ڇرڪي پيا آھن ۽ سندي سانگهين جي مدد لاء اٿي بيٺا آھن
    سنڌي يونيورسٽي ڄامشورو جي با شعور شاگردن جي سٿ ٿر جي ڏڪار سٽيل سانگهين لاء مدد جو فنڊباڪس کنيو آھي, مان خود ٿر چندا مهم جو حصو آھيان. انڪري هن ڪالم ۾ اوهان آڏو حقيقتون رکندس, سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جيڪو فنڊباڪس کنيو آھي اهو فنڊباڪس وزندار به آھي ته باعث فخر به, وزندار انڪري آھي جو ڪٿي ڪٿي اسين دلشڪستا ٿيا آھيون, مثلن ڪنهن ڊپارٽمينٽ جي ڊاريڪٽر چيو ته مان توهانکي سندي بڪي ڏيان ٿو توهان اهو کپائي ٿرين جي مدد ڪيو, ڪٿي ڪنهن چيو ته اوهين پنو ٿا, ڪٿي ڪنهن چيو ٿر ۾ ڪو به اھڙو الميو درپيش ناهي اوهين ٿرين کي بدنام ڪري رهيا آھيو.
    ڪٿي ڪنهن چيو ته اهو ٿرين لاء مستقل هل ڪونهي, اهڙي ريت ڪي کليا ته ڪن ٽوڪ ڪئي, مطلب تي دلشڪستا ٿياسين پر پوء به جستجو جو در ڪونه ڇڏيوسين, ۽ باعث فخر به ٿياسين, ڪٿي ڪنهن ساراهيو, ڪنهن داد ڏنو, ۽ شاگرد دوستن دل کولي مدد ڪئي ڪٿي ته دوست اسان سان ڪٺي ٿي فنڊباڪس کڻي هڪ هڪ ڪلاس ۾ ھليا, ڪن دوستن تـه اسان کي سندن ڊپارٽمينٽ ۾ به اچڻ جي دعوت ڏني,, ۽ جڏهن اسين فنڊباڪس کڻي حيدرآباد جي هوٽلن تي وياسين، تـ اتي ويٺل هڪ ڏاهي بزرگ اسان جا سارا ٿڪ لاهي ڇڏيا هن اسان کي داد ڏيندي شيخ اياز جون چند سٽرون چيون.
    .” ڳاڙها ڳڀرهو سنڌ جا تون ئي منهجو خواب، تون ئي آن جواب صدين جي سوال جو“
    برهال ڪي ماڻھو نيگيٽو به هوندا آھن ته ڪي پازيٽيو به, ڇو ته اهو هڪ فطري عمل آھي, پر شاگرد سٿ ٿرين لاء پنهجي مدد پاڻ تحت هر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي, جهڙوڪ هر ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس روم ۾ وڃي ٿر جي ساگهين جو سور بيان ڪرڻ, ۽ شاگردن کي ٿر جي بدهالي بابت آگاھ ڪرڻ, شاگرد دوستن جي سهڪار سان ڪلاس رومن ۾ جيڪو فنڊ ڪٺي ٿيو آھي تنهن ۾ سنڌ يونورسٽي جي شاگردياڻين ڀرپور موٽ ڏني آھي ۽ دل کولي مدد ڪئي آھي, اسين سٿ سميت پنهجي شاگرد ۽ شاگردياڻين جا ٿورائتا آھيون جن ٿري سانگهين جي سهڪار لاء ھڪ وک کنيي آھي, ۽ ثابت ڪيو آھي ته اسين انسان پرست آھيون ۽ انسان کي اجل جو شڪار ٿيندي نٿا ڏسي سگهون,,
    ۽ ان سان گڏوگڏ سلام آھي انهن دوستن کي جن ٿر جي سانگهين لاء پهريون قدم وڌايو آھي ۽ هزارين ٽوڪ مقالن جي باوجود به پنهجي سانگهين جي ساٿ ڏيڻ لاء سرخروح آھن.
    ۽ پنهجي مدد پاڻ تحت جاکوڙي رهيا آھن, شاگرد دوستن جو کنيل هي پهريون وک حڪومت جي منهن تي هڪ چماٽ آھي جيڪا گهري ننڍ منجهه ستل آھي اڳ ۾ تـه حڪومت کڻي ڀنگ پئيندي هئي پر هاڻي به شايد گهري ننڍ منجهه گهڙيل آھي جو کيس ٿر ۾ ڏڪار وگهي فوت ٿيل ٻارن جا لاش نظر نٿا اچنس, شاگرد سٿ طرفان کنيل فنڊباڪس هڪ احتجاج پڻ آھي انهن ڌرين لاء جيڪي هيل تائين قوما جو شڪار آھن انڪري ٿي سگهي ٿو تـه شاگرد دوستن جي کنيل فنڊباڪس سان من حڪومت جا دوڏا کولي پون ۽ کيس ٿر ۾ مرندڙ مور نظر اچي پون,, ۽ ان سان گڏوگڏ زرعي يونيورسٽ ٽنڊو ڄام ۽ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن کي ڪروڙين سلام پيش پون جن پنهجي جستجو سان ٿرين لاء امداد ڪٺي ڪيو آھي,, برهال مان مخاطب آھيان سنڌ جي سچي سپوتن, سنڌ پرستن سان ته جي چندن سان ڊيمون ٺھي ٿيون سگھن ته پوء جانون ڇو نه ٿيون بچي سگهن, اٿو سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ کان لبيڪ چئو ۽ ڪرپا سنڌ جي سونهن بچايو, ٿر بچايو ٿر بچايو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258316
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386414
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ