ڪتاب جو نالو: سمن جي سلطنت
مصنف: غلام محمد لاکو
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 03 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 222 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 91 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • (پهريون ڇاپو) پيش لفظ
  • (ٻيو ڇاپو) پيش لفظ
  • (ٽيون ڇاپو) پيش لفظ
  • پس منظر
  • سمان سلاطين هڪ نظر ۾
  • ارغوني يلغار ۽ سنڌ جي فتح
  • سمن جي دور جو عام جائزو
  • سنڌ کان ٻاهر سمن جون حڪومتون
  • متفرقات
  • ضميما
  • ضميمو-الف: ڄام نندي متعلق وڌيڪ معلومات
  • ضميمو-ب: سمن جي دور ۾ فارسي ادب
  • ضميمو-ج: مخدوم بلال جي شهادت
  • ضميمو-د: ڪجهه نئين معلومات
  • ببليو گرافي

  • ارپنا

    سيد حسام الدين راشدي مرحوم
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو جو لکيل آهي.
    ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپيو. ٽيون ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان سهيڙي پي ڊي ايف ۾ آندو ويو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    تاريخ لکڻ فقط اکر لکڻ جو ڪم نه آهي، پر هيءُ هڪ انتهائي اهم علم ۽ فن به آهي. هن فن جو پورائو اهو ئي تاريخدان ڪري سگهي ٿو، جيڪو اُن جي گهربل معيارن کان واقف هوندو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هڪ تاريخدان هجڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مضمون جو استاد به آهي. کيس تاريخ لکڻ ۽ تاريخ پڙهائڻ جا ٻئي فن اچن ٿا. تاريخ لکڻ دوران تاريخدانن جو اڻ ڌريو هجڻ پهريون شرط هجي ٿو، نه ته تاريخ سان قطعي انصاف نه ٿي سگهندو. هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي بابت جيڪا راءِ جُڙي ٿي، سا ٻڌائي ٿي ته هو انهيءَ ڳالهه جي اهميت کان پوريءَ طرح واقف آهي.
    ڪنهن به دور تي لکڻ تاريخدان جي ان دور سان جوڙيل دلچسپيءَ تي به ڇڏيل هوندو آهي. ”سما دور“ تاريخ ۾ جيئن ته سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌ واسين ۽ ليکڪ جي اٿاهه دلچسپي هڪ فطري امر به آهي. ان هوندي به اها حقيقت آهي ته تاريخدان کي اهو دور قلم کڻڻ تي وڌيڪ اڀاريندو آهي، جنهن ۾ ڪي اهڙا واقعا، لقاءَ يا رويا هجن ٿا، جيڪي ٻين دورن ۾ نه هجن يا تمام گهٽ هجن. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سما دور سنڌ جي تعمير وارو دور ليکجي ٿو، پر هن دور ۾ جيڪا انفراديت آهي، اها گهڻو ڪري ٻن ڳالهين جي ڪري آهي: هڪ ته هن دور ۾ سنڌ اندر جديد نهري نظام جو بنياد پيو ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ کي زمين به هن دور ۾ هموار ٿي ملي. يعني: هڪ طرف واهن ۽ شاخن تي سنڌ جون غيرآباد زمينون آباد ٿيون ته ٻي طرف شاعريءَ جي زمين تي سنڌي ٻوليءَ جو شعر اُسرڻ شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي قومي جاڳرتا جا نوان قدر جوڙڻ شروع ڪيا.
    ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ابتدائي تحقيقي محنت جو ثمر آهي، جيڪو اداري طرفان ٻيو ڀيرو چپجي پڌرو ٿيو آهي. بورد طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو1996ع ۾ ڇپيو هو. پهرين ڇاپي جي وڪامجي وڃڻ کان پوءِ هن ڪتاب جي علمي حلقن پاران وقت بوقت گهر ٿيندي پئي آئي، جنهن جي مدنظر پبليڪيشن ڪاميٽيءَ هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپڻ جو حتمي فيصلو ڏنو. مالڪ سائين جا اڻ ڳڻيا شڪرانا جو هيءُ ڪتاب وقت اندر ڇپجي اوهان سڄڻن جي هٿن تائين رسيو آهي ۽ اسان جي محنت سجائي ٿي آهي.

    انعام الله شيخ
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ
    ڄام شورو، سنڌ
    28- فيبروري 2005ع
    بمطابق 18- محرم الحرام 1426هه


    (پهريون ڇاپو) پيش لفظ

    سنڌ جي ڏيهي تاريخ ۾ سمن جي دور کي وڏي اهميت حاصل آهي. سمن ڄامن صحيح معنيٰ ۾ اسلامي دور اندر، سنڌ جي وطني تشڪيل ڪئي ۽ صلح سانت سان رکڻ سان گڏ، انهن علم ۽ ادب، اقتصاديات ۽ آرٽ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. سمن بادشاهن وڏي همٿ ۽ جرئت ڏيکاري، امن امان جي صورتحال سڌاري ۽ ان ريت واپار ۽ زراعت کي هٿ ڏئي، اقتصادي بهتريءَ جا امڪان پيدا ڪيا. اهڙيءَ طرح هندي ننڍي کنڊ ۾ خوشحال سنڌ نسري نروار ٿي. هن دور ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشاديون به هيون ته محفوظ به رهيون. ڄام نندي جي وفات سان سمن جو زوال شروع ٿي ويو.
    سمن جي دور جي تاريخ ۾ جيتري اهميت آهي، ان کي ايترو ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي. شايد ان جو وڏو سبب همعصر ماخذن ۽ مددي مواد جي کوٽ ڏسجي ٿو. قيام پاڪستان کان پوءِ سڀ کان اول ڊاڪٽر رياض الاسلام، سمن، ڄامن بابت سنجيده تحقيق ڪئي. بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد حسام الدين راشدي ۽ ايم ايڇ پنهور هن دور تي نمايان ڪم ڪيو. دوست عبدالله ورياهه پهريون ڀيرو سمن جي پنهنجي سڪي جو پتو لڳايو آهي.(1) نئين تحقيق جي آئيني ۾ هن دور بابت اڳوڻا سڀ مفروضا رد ٿي چڪا آهن.
    سمن جي سلطنت بابت مون کي ابتدا کان دلچسپي رهي آهي. هن دور بابت منهنجا چند پيپر اڳ ۾ ئي ڇپيل آهن، جن ۾ مون پنهنجي سوچ آهر توضيع پيش ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ جو هي سونهري زمانو ٻن صدين تي پکڙيل آهي. هن دور کي مطالعو ڪندي، جيڪي به پهلو اڀرن ٿا، انهن بابت هاڻي وافر مواد موجود آهي. ان هوندي به سنڌي، اردو يا انگريزي زبان ۾ هن دور بابت ڪو الڳ مطالعو موجود ڪونهي. پوءِ اهو کڻي ڪيترو به مختصر ڪتاب ڇو نه هجي. سنڌ جي سمن بابت هي پهريون ڪتاب پيش ڪندي مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. ڪتاب مختصر آهي مگر جامع انداز سان، تمام مکيه عنوانن تي روشني وڌي وئي آهي. اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪم ڪندڙ محقق سمن جي سونهري زماني بابت اڃا به وڌيڪ تحقيق سان مواد مهيا ڪندو.
    پنهنجي پيش لفظ کي ختم ڪرڻ کان اڳ آئون انهن صاحبن جو شڪريو مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، جن هن ڪتاب جي تياريءَ کان وٺي اشاعت تائين پنهنجا ڀال ڀلايا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي منظوري ڏني، جيتوڻيڪ سائين مظهرالحق صديقي صاحب جي شخصيت ڪنهن رسمي شڪرادائي کان مٿي آهي. تاهم آئون هن علم نوازيءَ لاءِ سندن ٿورو مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر هن ڪتاب کي پنهنجي اشاعتي سلسلي ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي اشاعت، سٽاءَ ۽ تڪميل لاءِ مون کي مڪمل آزادي ڏني. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب ابتدا ۾ هي ڪتاب مون کان سنڌ ريسرچ سوسائٽي لاءِ تيار ڪرايو، ليڪن انجمن جي ختم ٿيڻ بعد هن ڪتاب جي ڇپائي لاءِ ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب جي هٿ ڏس ڪئي، پنهنجي ڪتاب جي تڪميل جي واسطي مون ايم ايڇ پنهور صاحب جي ڪم مان سڌي توڙي اڻ سڌي طرح گهڻو فائدو ورتو آهي. سماٽ قبيلن جو شجرو مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۽ سمن سلطانن جو شجرو ”تاريخ معصومي“ اردو تان مناسب سڌاري بعد ورتو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي پريس جي علمي ۽ خاص ڪري موجوده مئنيجر ۽ ڪمپازيٽر انچارج مولانا گل محمد مون سان کلندي ڪڏندي هر طرح جو تعاون ڪيو، ان لاءِ هنن سڀني عالمن، استادن توڙي بزرگن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان.


    غلام محمد لاکو
    ليڪچرار
    پاڪستان اسٽڊي سينٽر
    سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ

    ________________________________________
    (1) حقيقت ۾ سمن جي سڪي بابت 1970ع ۾ علم ٿي ويو هو. وڌيڪ ذڪر سڪن واري بيان ۾ ڪيو ويو آهي.


    (ٻيو ڇاپو) پيش لفظ

    سمن جي سلطنت جو نئون ڇاپو حاضر آهي. پهريون ڇاپو اڄ کان نو سال اڳ نڪتو هو. ان تي علمي تبصرا به ٿيا، واکاڻ ۽ تعريف به ٿي ته رايا ۽ تجويزون به پهتيون. هڪ اڌ همراهه کي ڪتاب پسند نه آيو ته ان وري ڪجهه ٽڪرا ڪڍي، پنهنجي تشريح ڪري، ڪتاب جي افاديت کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. هن ڪتاب لکڻ جي ڪري حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي مون کي سمن جي دور جي عظيم سپهه سالار ”دولهه دريا خان“ بابت مختصر ڪتاب لکڻ جو موقعو پڻ ڏنو. هي ڪتابڙو کاتي پاران 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڳچ سالن کان ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ختم ٿي چڪو هو ۽ ان جي نئين ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي.
    منهنجو ارادو هو ته سڄي ڪتاب کي نظر مان ڪڍي، سڌاري ۽ وڌائي شايع ڪجي. ليڪن ائين نه ٿي سگهيو. پوءِ به سعيو ڪري هر ممڪن طريقي سان ان کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هي. اٽڪل روءِ هر عنوان کي نظر مان ڪڍي نواڻ ڏيڻ طرف وک وڌائي اٿم. چئن عنوانن: سڪا، تمدن ۽ آرٽ، لس ٻيلي ۾ (سمن جي) حاڪميت ۽ دولهه دريا خان - کي نئين مواد جي آئيني ۾ وڌايو ويو آهي. ٻن عنوانن: تمدن ۽ آرٽ ۽ فارسي ڪتبا جي عنوانن ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ٽن موضوعن: ڪاٺياواڙ ۾ (سمن جي) حڪومت، عربي ڪتبا ۽ سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا جو واڌارو پڻ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٽن ضميمن جي صورت ۾ پڻ ”سمن جي سلطنت“ کي وڌايو ويو آهي. نئين ڇاپي ۾ شجرن جي ترتيب کي به درستيون ڪري نئين سر قائم ڪيو ويو آهي.
    علم ۽ تحقيق جو ميدان گوناگون آهي. ممڪن آهي ته اڳتي هلي سمن جي دور بابت ڪي نوان گوشا ظاهر ٿين. ان صورت ۾ موجوده معلومات رد ٿيڻ ۾ دير نه ٿيندي. اهو به امڪان آهي ته ڪتاب ۾ ڪڍيل ڪي نتيجا، ڪجهه دوستن کي درست نه لڳن، پر هي سموري جاکوڙ سمن ڄامن جي دور کي پنهنجي درست تاريخي تناظر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. اميد ته اسڪالر ۽ پڙهندڙ منهنجن نتيجن کي فراخدليءَ سان قبول ڪندا.
    سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب حسين شاه راشدي صاحب هميشه منهنجي علمي ۽ تحقيقي ڪم جي جهڙوڪ سرپرستي پي ڪئي آهي. هن ڀيري پڻ ذاتي دلچسپي وٺي هي ڪتاب پنهنجي اداري پاران شايع ڪرڻ جي منظوري ڏنائون. ان لاءِ آئون دلي طرح سندن شڪر گذار آهيان. اداري جي ٻين اهلڪارن خاص ڪري برادرم نفيس احمد شيخ صاحب ۽ مسٽر پير بخش پٺاڻ به پنهنجا ڀال ڀلايا. ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب هن ڪتاب جي نئين ڇاپي لاءِ پنهنجي اداري طرفان اجازت ڏني. چيئرمين ڊپارٽمنٽ آف جنرل هسٽري ڊاڪٽر الهڏني سومري صاحب ڪتاب جي اشاعت ۾ هر مرحلي تي منهنجي همت افزائي ڪئي. برادرم قاسم سومرو صاحب انڊيڪس تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. شعبي جي استاد رشيد احمد لاکي ڪن نقطن جي بحث ۾ اشتراڪ ڪيو. ان لاءِ مڙني صاحبن جو دلي طرح شڪريو ادا ڪجي ٿو. اميد ته ”سمن جي سلطنت“ جي ايندڙ ڇاپي کي وڌيڪ مڪمل ڪرڻ جو جتن ڪبو.


    غلام محمد لاکو
    ليڪچرار
    پاڪستان اسٽڊي سينٽر
    سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ


    (ٽيون ڇاپو) پيش لفظ

    سمن جي سلطنت جو ٽيون ڇاپو حاضر آهي. پهريون ڇاپو 1987ع ۾ نڪتو، ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ آيو. ارڙهن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌي زبان ۾ ڪنهن علمي ۽ تاريخي ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ظاهر ٿئي، اها واقعي به حيرت جوڳي ڳالهه آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي عملدارن اطلاع ڏنو ته 1996ع جي ايڊيشن جا بٽر درست حالت ۾ موجود آهن. ڪتاب جي نئين ڇاپي جي ضرورت آهي. اجازت ڏيو ته ان جي ڇپائي شروع ڪجي.
    اٺ سال اڳ جڏهن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نڪتو هو، تڏهن پيش لفظ ۾ لکيو هئم ته ورندڙ ايڊيشن ۾ مناسب واڌارا ۽ سڌارا ڪرڻ جو جتن ڪبو. ليڪن ڪتاب جي اچانڪ اشاعت سبب مون لاءِ اهو ممڪن نه رهيو ته ان ڏس ۾ ڪو خاص واڌارو ڪري سگهجي. ان هوندي به ڪي جزوي ترميمون ۽ درستگيون ڪري، ڪتاب کي وڌيڪ معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    گذريل اٺن سالن ۾ تاريخي مطالعن کي جاري رکندي، مون سمن جي دور جي باري ۾ پڻ نئين مواد جي تلاش جاري رکي آهي. اسان وٽ هن زماني تي ڪم ڪرڻ لاءِ پهريون ڏيهي ماخذ ”تاريخ معصومي“ تسليم ٿيل آهي. هن ڪتاب جي اهميت اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي. ليڪن سال 2000ع ۾ هڪ بِنهه نئين تاريخ ماخذ ”نصرت نامه ترخان“ جي شايع ٿيڻ سان سمن جي باري ۾ هڪ مکيه بنيادي ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي. هن ڪتاب جي ليکڪ، ڄام نظام الدين، ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي باري ۾ هڪ معاصر مؤرخ طور اسان لاءِ نهايت ڪارائتو مواد ڇڏيو آهي. ان ريت سمن جي زوال ۽ ٻيهر اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪيل جدوجهد جا نوان رخ سامهون اچن ٿا. ان کان سواءِ انگريز محقق سائمن ڊگبي (Simon Digby) جو آخري سمن ڄامن بابت هڪ ڀرپور مطالعو به تازو منهنجي نظر مان نڪتو آهي. هي مطالعو بزرگ دوست محمد نامدار خان بوزائي (N.K.Bozai) صاحب مهيا ڪيو. ان پس منظر ۾ هن ايڊيشن ۾ چوٿين ضميمي (ضميمو - د) جو واڌارو ڪيو ويو آهي.
    ڪتاب جي ٻئين ڇاپي تي محمد پنهل ڏهر ڀرپور تبصرو لکيو هو. (مهراڻ 3-4 سال 1997ع)، جنهن ۾ هن سمن جي دور جي مشاهيرن تي هڪ باب لکڻ جي تجويز ڏني هئي. ڪوشش ڪبي ته چوٿين ايڊيشن ۾ هن رٿ تي عمل ڪجي. ان کان سواءِ سمن جي تاريخ جي تڪميل ۾ ٻين ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ پڻ ٿيڻ کپي. روايتن موجب چانڊين جي سردار وٽ اڄ به دريا خان پاران ڏنل جاگير وارو فرمان موجود آهي. ان فرمان کي منظر عام تي اچڻ کپي. ٻيو هي ته رند - لاشار جنگ ۽ ان ۾ سنڌ جو ڪردار به وڌيڪ تحقيق طلب آهي. ڄام نندي جي مقبري جي خانه ڪعبه جي طرز تعمير سان ڀيٽ بابت نامور ليکڪ امام راشدي، ملڪ جي دانشمند عبيدالله بيگ جي هڪ خط جي حوالي سان منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي. هن ڇاپي ۾ ان راءِ کي وڌيڪ مربوط بنائڻ لاءِ توجهه ڏنو ويو آهي.
    سمن جي سلطنت جي ٽئين ڇاپي کي هر ممڪن طريقي سان سهڻو ڪري نروار ڪرڻ ۾ انچارج پبليڪيشن ميان عبدالحفيظ قريشي ۽ پريس مئنيجر سيد سڪندر علي شاه پنهنجين صلاحيتن کي مڪمل طرح سان ڪتب آندو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي نوجوان سيڪريٽري ۽ مشهور ليکڪ انعام الله شيخ صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ سان هن ڪتاب جو نئون ايڊيشن ڇپجي رهيو آهي. آئون هن علمي سهڪار ۽ ساٿ لاءِ سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان.


    غلام محمد لاکو
    ليڪچرار
    پاڪستان اسٽڊي سينٽر
    سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ


    پس منظر

    سنڌ ۾ ايامن کان ڪري هيءَ ڪهاوت مشهور آهي ته:

    ”سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،
    چوٿون ڀاءُ هو چغدو، جنهنجو اڱڻ مٿي پير.“

    ان جو مطلب ته سنڌ ملڪ ۾ ”سمون“ قبيلو خاص اهميت وارو ڏسجي ٿو. اڳتي هلي جڏهن هي قبيلو وڌيو ۽ ٽڙيو پکڙيو، توڙي ان جي ذاتين ۽ قبيلن ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي، تڏهن ان سان منسلڪ سڀني گروهن کي ”سماٽ“ جو گڏيل نالو ڏنو ويو. سمن جو قبيلو سنڌ ۾ ڪڏهن آباد ٿيو يا وري ڪهڙي طرف کان ڪوچ ڪري هتي پهتو؟ ان متعلق اسان کي تصديق جوڳو مواد نه ٿو ملي. تاهم انهن جي نج نسل سنڌي ڪٽنب هجڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي.
    سندن حسب نسب متعلق ڪجهه ڇڙوڇڙ حوالا ملن ٿا، پر انهن مان ڪوبه خاطر خواه نتيجو نه ٿو نڪري. هيٺ اسين موجود مواد جي آڌار تي هن قبيلي جي اصل نسل؛ سندن لقب ۽ تاريخي پس منظر جو سرسري ذڪر ڪري، بعد ۾ سندن سياسي اڀياس ڪنداسين.
    سڀ کان اول مير علي شير قانع هن مسئلي تي بحث ڪيو هو. ان دور ۾ سمن بابت ٽي رايا موجود هئا: هڪ ته هو جمشيد بادشاه جو اولاد آهن، ٻيو ته سندن تعلق عرب جي قريش قبيلي سان آهي ۽ ٽيون ته پاڻ سام جو اولاد هجڻ ڪري حضرت نوح نبيءَ سان واسطو رکن ٿا.(1) ٽي صديون اڳ ڏنل هيءَ راءِ هاڻي ڪو خاص وزن نٿي رکي. موجوده دور ۾ ٻين عالمن کان علاوه ڊاڪٽر ليمبرڪ پڻ - سمن ۽ سومرن کي راجپوت نسل جو سڏي ٿو.(2) عربن جي حملي وقت ”سمن“ اسلام قبول ڪيو. البت ڪجهه گهرن نئون مذهب اختيار ڪرڻ بجاءِ، ڪپ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي لڏ پلاڻ ڪئي ۽ آخرڪار اتي پنهنجا راڄ قائم ڪيائون.
    سمن جي قبيلي چوڏهين صديءَ ۾ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ سان پنهنجو لقب ”ڄام“ رکيو. ڄام اکر جي اصليت بابت پڻ عالمن ۾ اختلاف ڏسجي ٿو. مير علي شير ان جو واسطو به جمشيد بادشاه سان ڏيکاريو آهي، ليڪن ان جي برعڪس هڪ ٻئي عالم اسان کي ٻڌايو آهي ته:
    ”ڪاٺياواڙ جي راجا ڪرشن جي زال جاموتيءَ مان راجا سامبا ٿيو، جنهن سنڌ ۾ ميناننگر تي سماننگر نالو رکي، ان کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو. هيءَ سلطنت ”سنڌ - سما“ سڏبي هئي. راجا سامبس سندس نسل مان هو. جاموتيءَ مان هجڻ ڪري ”ڄام“ سندن لقب هو.“(3)
    مير علي شير جي ڀيٽ ۾ هيءَ راءِ ڪجهه زياده موزون ڏسجي ٿي. ٻئي طرف سنڌ جون قديم تاريخون ۽ تذڪرا ان حقيقت جي چٽائي ڪن ٿا ته هنن حاڪمن پاڻ هي لقب اختيار نه ڪيو، البته سمن ماڻهن گڏ ٿي، انڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي پنهنجو سردار چونڊيو هو.(4)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڄام“ لقب متعلق هن ريت سمجهاڻي ڏني آهي:
    ”ڄام - سنڌ جي سمه بادشاهن جو لقب. امير، رئيس، سردار، وڏ گهراڻو، هڪ ذات جو نالو.“(5)
    سمن جي پهرئين حاڪم ڄام فيروز الدين انڙ جو اولاد ڪافي وڌيو ۽ سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو. سندس نالي جي نسبت سان پوءِ سنڌ ۾ ”انڙ“ قبيلو مشهور ٿيو. موجوده وقت ۾ هي قبيلو قديم لاکاٽ پرڳڻي (موجوده سڪرنڊ ۽ دولت پور صفن تعلقه) ۾ اڪثريت سان رهي ٿو. هن قبيلي جي دعويٰ آهي ته هو سموري ”سماٽ“ برداريءَ جو سردار گهر آهي. اڄ تائين هي خاندان ”ڄام“ لقب اختيار ڪيو اچي.
    سمن جي اصليت ۽ قدامت بابت حقيقت ڇا به هجي، ليڪن ان ۾ شڪ جي گنجائش بلڪل ڪانهي ته هو سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. تمام آڳاٽي وقت کان ڪري، هن قبيلي مادر وطن سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سن325 قبل مسيح ۾، جڏهن يوناني فاتح سڪندر اعظم سنڌ مان لانگهائو ٿيو هو، تڏهن هتان جي متعدد رياستن ۽ قبيلن کيس للڪاريو هو. اڄوڪي زماني جي دادو ۽ سيوهڻ علائقن تي ان دور ۾ راجا سامبس حڪم هلائيندو هو. وٽس هزارن جي تعداد ۾ سوار ۽ پيدل سپاهي هئا، جن کي هن سڪندر اعظم جي خلاف ميدان جنگ تي لاٿو هو. سندس مرڪز ”سيوهڻ“ هو، جنهن کي يونانين ”سنديمانا“ سڏيو آهي. بادشاه فاتحانه جوش ۾ اچي سامبس کي قتل ڪرايو، سندس رعيت کي غلام بنايو ۽ متعدد شهرن کي باه ڏئي ساڙي ويران ڪرايو. ان کان علاوه يوناني فاتح هن خطي ۾ قتل عام پڻ ڪرايو. عالمن جي راءِ آهي ته هي راجا سمن قبيلن مان هو ۽ پٽالا، ديبل توڙي ٻيا علائقه سندس ماتحت هئا.(6)
    سنڌ جي تاريخ جي پوءِ جي هڪ هزار سالن جي زماني تي اونده جو پردو پيل آهي. ان ڪري سمن جي قبيلي متعلق پڻ اسان کي وڌيڪ ڄاڻ نه ٿي ملي. تاهم ”راءِ“ خاندان جنهن 550ع کان 652ع تائين سنڌ تي راڄ ڪيو، انهن کي پڻ هاڻي ”سمن“ جي قبيلي سان روشناس ڪيو ويو آهي.(7) راءِ گهراڻي جي بادشاهن جي سنڌ شناسي، عوام دوستي، سورهيائي ۽ بهادري عالم آشڪار آهي. سندن حڪومتي دور ۾ سنڌ جي بچاءَ لاءِ چؤطرف قلعا ۽ ڪوٽ اڏيا ويا. راءِ جي بادشاهن ملڪ جي جوڙجڪ جي نئين سر تنظيم ڪئي ته ان ۾ چار صوبا وجود ۾ آندا ويا. هڪ صوبي جو نالو ”برهمڻ آباد“ هو. هي صوبو سماٽ قبيلن جو مرڪز ڏسجي ٿو:
    ”هڪ برهمڻ آباد ۾، نيرون ڪوٽ کان وٺي ديبل، لوهاڻو يعني لاکه ۽ سمه ايراضين وارو علائقو سمنڊ تائين.“(8)
    ان مان اندازو آهي ته راءِ گهراڻي جي راڄ ۾ هنن قبيلن کي خاص اهميت حاصل هئي. هنن قبيلن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو ۽ خود بادشاه به گوتم ٻڌ جا پوڄاري هئا. راءِ گهراڻي جي زوال بعد سنڌ تي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. راجا چچ جي سرڪار ۾ - چنن، لاکن، سهتن ۽ سمن تي ڪارا قانون مڙهجي ويا. سندن اٿي ويٺي عام لاڳاپن ۽ ملڪي معاملن ۾ دخل اندازيءَ کي گهٽايو ويو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن سڀني قبيلن حمله آور جي مدد ڪئي. البته جن فردن يا ڪٽنبن اسلام قبول نه ڪيو، انهن سنڌ کي ڇڏي ڀرپاسي جي ملڪن ڏي لڏ پلاڻ ڪئي ۽ اتي وڃي پنهنجون حڪومتون قائم ڪيائون.(9)
    عربن سنڌ تي ٽن گهراڻن جي شڪل ۾، اٽڪل روءِ ٽي صديون (712ع-1010ع) حڪومت ڪئي. هن دور ۾ سمن جي ڪنهن خاص ڪردار جو پتو نه ٿو پوي. تاهم سنڌ جي اڪثر قبيلن اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ عربن کان رعايتون وٺي، پنهنجي وجود کي برقرار رکيو. ان بعد سومرن ٽن صدين کان به وڌيڪ (1350ع) عرصو سنڌ تي حڪم هلايو. هن دور ۾ ”سمان“ قبيلي کي درٻار ۾ خاص درجو حاصل رهيو. هو حملي جي صورت ۾ سرزمين سنڌ جي دفاع واسطي سپاه ۽ لشڪر جو بندوبست ڪندا هئا.
    سومرن جي سلطنت جي انتها پڻ سندن ابتدا جيان چٽي ڪانهي. چوڏهين صدي عيسوي شروع ٿيندي ئي سومرن جو سياسي زوال شروع ٿي ويو ۽ هتي جي قومي توڙي ملڪي معاملن تي سمن جو قبيلو اثر انداز ٿيڻ لڳو. سومرن جو آخري حاڪم ڪمزور هو. هو محمد تغلق جو ڏن ڀرو ڏسجي ٿو. سندس زماني ۾ بکر ۽ سيوهڻ تي مرڪزي گماشتا مقرر ٿيا ۽ لاهري بندر جي آمدني پڻ دهلي سرڪار جي ضابطي ۾ رهندي هئي.(10) ان دور ۾ آهستي آهستي سنڌ جي سياسي سوچ تبديل ٿي رهي هئي. ان ريت سومرن جي جاءِ تي سمن کي اسرڻ جو موقعو ملي رهيو هو. محمد تغلق جو دور هر قسم جي براين سان ڀريل ڏسجي ٿو. ڏڪار، خونريزي، بغاوتون، بيروزگاري ۽ بدامني- سندن دور جا اهم اهڃاڻ آهن. مشهور مؤرخ برني ان متعلق لکي ٿو ته:
    ”هند ۽ سنڌ ۾ قحط ۽ وبا، بغاوتن ۽ سرڪشين، بدامني ۽ سياسي ابتري سبب عوام سرڪار کان نفرت ڪندو هو. خاص ۽ عام، دانشمند ۽ درويش، ڪلرڪ ۽ منشي، رذيل ۽ شريف، سوداگر ۽ هاري، ڪمي ۽ ڪاسبي هر طرف پريشان هئا. هر طبقي ۽ گروه ۾ ابتري، پريشاني، تفرقو ۽ نفاق هو. ڪي ڏڪر سبب پي مئا ته ڪي وبا ۾. ڪي سياست سبب پي ڪٺا ته ڪي لڏ پلاڻ ۾ مصروف هئا. ڪي جهنگلن طرف ٿي ويا ته ڪن وري جبلن ڏي رخ رکيو هو.“(11)
    اهڙي طرح هند – پاڪ جو سمورو علائقو سياسي طرح افراتفريءَ جو شڪار ڏسجي ٿو. ملتان، سنڌ، گجرات، ديبال پور، دهلي ۽ بنگال – مطلب ته پوري ننڍي کنڊ ۾ بغاوتن منهن ڪڍيو. ماڻهن بادشاه کي بلڪل پسند نه ٿي ڪيو. هر طرف لڏ پلاڻ سبب تباهي ۽ بربادي پي ڏٺي. محمد شاه تغلق عدل ۽ انصاف، سياست ۽ ڏاهپ توڙي عقل ۽ تدبر جي راه ڇڏي، ظلم، وحشت، بربريت ۽ خونريزي طرف لاڙو رکيو هو. هن پس منظر ۾ دهلي سلطنت جي ڏاڍاين ۽ دست اندازي سبب، پهرين منظم بغاوت سنڌ ۾ ٿي.
    دهلي سلطنت سن 1323ع ۾ ملڪ رتن نالي هڪ غير مسلم کي سيوهڻ ۾ عملدار مقرر ڪيو. هو وڏو هوشيار ۽ علم حساب جو گهڻو ماهر هو. بادشاه کيس علم ۽ جاگير سان گڏ ٻين نعمتن سان پڻ نوازيو هو.(12) هن مقرريءَ سيوهڻ ۾ زبردست بي آرامي پيدا ڪئي. ان ڪري امير قيصر رومي ۽ ملڪ انڙ ارڙهن سؤ سوارن جو لشڪر وٺي ملڪ رتن تي حملو ڪيو. جنگ ۽ جدل ۾ رتن قتل ٿي ويو ۽ سندس مال متاع تي قبضو ڪيو ويو. هن سوڀ جي خوشيءَ ۾ عوام هڪ وڏو جشن ملهايو ۽ انڙ کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو. سنڌ جي سياست ۾ سمن جي قبيلي جي هيءَ پهرين ڪاميابي هئي. هتان ئي کين سنڌ ۽ سلطنت ٺاهڻ جو موقعو مليو.
    جيئن ئي ملڪ رتن جي قتل جي خبر ملتان پهتي، تيئن اتان عماد الملڪ سرتيز بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ سيوهڻ تي مقرر ٿيو. فيروز انڙ صورتحال جي شدت ڏسي، ٺٽي ڏي نڪري آيو ۽ امير قيصر شاهي لشڪر کي منهن ڏنو. مقامي لشڪر ۽ شاهي فوج ۾ چاليهه ڏينهن جنگ جاري رهي. جڏهن سرتيز کي سوڀ جي ڪابه صورت نظر نه آئي، تڏهن امير قيصر طرف پاڻ صلح جو پيغام موڪليائين. امير قيصر صلح کي قبول ڪري هٿيار ڦٽا ڪيا. آخر ۾ سرتيز کيس گرفتار ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو. ان بعد سيوهڻ ۾ عام قتل جو حڪم ڏنو ويو. ابن بطوطه مشهور آفريقي سياح پيدا ٿيل صورتحال بابت لکي ٿو ته:
    ”تڏهن ساڻن وعده خلافي ڪري، سندن مال ضبط ڪري، انهن جي قتل جو حڪم ڏنائين. پوءِ هر روز انهن مان چونڊ ڪري ڪن کي قتل ڪرائيندو هو ۽ ڪن جون کلون لهرائي، اهي کلون بهه سان ڀرائي قلعي جي ديوار تي لٽڪائيندو هو، جنهن ڪري قلعي جي اڪثر حصي تي اهي کلون لڙڪنديون هيون، جن کان ڏسندڙ دهلجي ويندا هئا. انهن جون سسيون وري وچ شهر ۾ گڏ ڪرايون هئائين، جيڪي هڪ ٽڪري وانگر پي لڳيون.......“(13)
    ان ريت عماد الملڪ سرتيز سخت ترين قدم کڻي، سيوهڻ تي مرڪزي قبضو بحال ڪيو. ان هوندي به لاڙ تي فيروز انڙ ۽ همير سومرو حڪمراني ڪري رهيا هئا. چند سال پوءِ ملتان ۾ بغاوت ٿي. تڏهن سلطان محمد پنهنجي سر ان جي خاتمي لاءِ روانو ٿيو. ملتان ۾ شاهي لوڌي نالي هڪ امير، اتان جي نائب بهزاد کي قتل ڪيو ۽ قوام الملڪ کي تڙي ڪڍيو. ان ريت شاهو لوڌي ملتان جو حاڪم بنيو. بادشاه شاهو لوڌيءَ جو خاتمو ڪري، ٻين بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملتان روانو ٿي ويو.
    سلطنت هند ۾ سال1347ع ۾ هڪ اهم واقعو پيش آيو. هن واقعي بادشاه جي ته پڄاڻي ڪئي، ليڪن ان سنڌ جي سياست ۽ جيوت تي به گهرو اثر ڇڏيو. ان سال ”طغي“ نالي بادشاه جي هڪ غلام بغاوت ڪئي. بغاوت ڪرڻ سان باغي گجرات پهتو. بادشاه محمد تغلق کيس سيکت ڏيڻ لاءِ گجرات روانو ٿي ويو. سلطنت هند جو هي باغي آخرڪار کنڀات، ڀڙوچ، گرنار، لکپت، جاتي ۽ موجوده سجاول کان ٿيندو ننگر ٺٽي پهتو، جتي سومرن حاڪمن کيس پناه ڏني. رستي ۾ ڪڇ جي جاڙيجن سمن طغيءَ جي مدد ڪئي. بادشاه جهونا ڳڙه ۾ پنهنجي اميرن ۽ جنرلن جي هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي. آخرڪار سلطنت هند جو ڪثير لشڪر سومرن ۽ باغيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ طرف روانو ٿيو. ان سان گڏ بادشاه جي حڪم موجب دهلي ۽ ملتان مان فوج ۽ ٻيڙن جو وڏو تعداد پڻ ٺٽي طرف موڪليو ويو. دهلي سلطنت، سنڌ جي ڪامياب مهم لاءِ وچ ايشيا جي منگولن کان پڻ فوجي مدد طلب ڪئي، محمد تغلق گرنار، ننگر پارڪر، ڏيپلو، مٺي، ڊگهڙي، ٺري ۽ ملان ڪاتيار کان سفر ڪندي سونڍا شهر وٽ اچي منزل انداز ٿيو. هن ڪڇ جي طرف کان اچڻ ۾ زبردست خوف محسوس ڪيو. سنڌ طرف هن قسم جي لشڪر ڪشي مايوسي پيدا ڪئي ۽ سمن قبيلن مان ڪجهه ڪٽنبن ڪڇ طرف لڏ پلاڻ جي تياري ڪئي. محمد تغلق ۽ منگول اڃا ٺٽي تي حملي جي تياري ڪري رهيا هئا. تڏهن 20 مارچ 1351ع برابر 21 محرم 751هه تي سونڍا وٽ بادشاه فوت ٿي ويو.
    محمد تغلق جي اوچتي موت لاءِ جدا جدا رايا ڏنا ويا آهن. مصنفن جي هڪ راءِ موجب محمد تغلق جي وفات پلي جي خوراڪ سبب ٿي هئي.(15) جڏهن ته ٻي راءِ موجب سندس خاتمو هڪ ڳجهي سازش تحت ٿيو هو، جنهن ڪري کيس زهر ڏئي ماريو ويو هو.(16)
    محمد تغلق جي اوچتي موت سبب صورتحال تبديل ٿي وئي. هندستاني لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سنڌ تي حملي لاءِ گهرايل منگولن جي فوج، هاڻي خود هندستانين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. برني لکي ٿو ته:
    ”ٺٽي جا فسادي پٺيان خيمي تي ٽٽي پيا. لشڪر جا ماڻهو سوار ۽ پيادا توڙي مرد ۽ عورتون سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان ريت ڪوچ ڪندي، لشڪر تي مصيبت نازل ٿي. جيڪڏهن لشڪر اڳتي هليو ٿي ته کين مغلن ٿي لٽيو ۽ جي پوئتي ٿي هٽيو ته ٺٽي جي فسادين ٿي کين ڦريو.“(17)
    ضياءُ الدين برني درٻاري مؤرخ هو، ان ڪري هن ٺٽي ننگر جي رهاڪن لاءِ فسادي اکر ڪتب آندو آهي. ابتدا کان ڪري درٻار جي مؤرخن هيڻن ۽ ڪمزورن لاءِ ڪڏهن به همدردي نه ڏيکاري آهي. ان ڪري برنيءَ تي به تعجب نه کائڻ گهرجي. محمد شاه جي موت بعد فيروز تغلق لاءِ شاهي سيج تيار ٿي. فيروز وڏي تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ سيوهڻ پهتو، جتي قلندر شهباز جي مزار جي ڀر ۾ فوت ٿي ويل بادشاه کي امانت طور دفنايو ويو. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ فيروز ڪجهه نين مقررين جو اعلان ڪيو. مير علي شير موجب: ساڱره ڍنڍ تي امير نصر مقرر ٿيو، جنهن پوءِ نصرپور جو شهر اڏايو. هتي ملڪ بهرام فوجدار بنيو. سيوستان لاءِ ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج الدين ڪافور ۽ بکر لاءِ ملڪ رڪن الدين ۽ ملڪ عبدالعزيز مقرر ٿيا. ان سان گڏ بادشاه سموري سنڌ لاءِ ملڪ رڪن الدين کي خاص نائب مقرر ڪيو ۽ کيس ”اخلاص خان“ جو لقب پڻ مليو. (18) فيروز سيوهڻ ۾ ڪجهه ماڻهن کي وظيفا، انعام ۽ اڪرام ڏنا. ان کان علاوه فيروز تغلق سيوهڻ ۾ صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي مزار تي روضي جي اڏاوت جو به حڪم ڏنو. ڪم جي نگراني ملڪ رڪن الدين کي سونپي وئي. هي مقبرو سن 1358ع ۾ ٺهي راس ٿيو. اندازو آهي ته اتر ۽ وچ سنڌ تي دهلي سلطنت جو اثر گهڻو وقت جاري رهيو، جڏهن ته لاڙ تي سومرن جي حڪمراني قائم رهي. فيروز تغلق دهليءَ طرف وڃي رهيو هو ته واٽ تي کيس باغي غلام طغيءَ جي قتل جي خبر ڏني وئي. فيروز تغلق جي هيءَ ناڪام مهم هئي. تاهم ايندڙ پروگرام ۾ سنڌ جي فتح کي اوليت حاصل رهي.
    ٻئي طرف شاهي لشڪر جي ناڪامي ۽ واپسيءَ تي سومرن ۽ سمن سک جو ساه کنيو. هن واقعي کان ٿورو اڳ درياه سنڌ جي رستي تبديل ٿيڻ سان تختگاه ”محمد طور“ برباد ٿي چڪو هو ۽ ان ريت ”ننگر ٺٽو“ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بنجي ويو. درياهي ڦير گهير سبب سنڌ جو اوڀر وارو حصو ڪافي حد تائين برباد ٿي چڪو هو ۽ اولاهون حصو سرسبز ٿي ويو. هن زماني ۾ ننگر پارڪر ويران ٿيو ته هتان جا واپاري پهرين ڀوڏيسر ۽ پوءِ گجرات طرف لڏي ويا. هن تڪليف واري دور ۾ سومرن ۽ سمن ۾ مڪمل اتفاق ڏسجي ٿو. تمام جلد حالات تبديل ٿيا. ان ريت سومرن جو زوال شروع ٿي ويو ۽ سندن جاءِ سمن والارڻ شروع ڪئي. سومرن جي پڄاڻي ۽ سمن جي سلطنت برباد ٿيڻ بابت اسين ايندڙ صفحن ۾ بحث ڪنداسين.


    حوالا ۽ حاشيا

    (1) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ترجمو مخدوم امير احمد ص121-122 سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.
    (2) ايڇ – ٽي – ليمبرڪ ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ترجمو: سليم احمد ص38 سنڌي ادبي بورڊ 1982ع
    (3) مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي پريس 1959ع ص103
    (4) مير علي شير قانع تحفة الڪرام (سنڌي) ص122-123
    (5) ”جامع سنڌي لغات“ جلد ٻيون ص942 سنڌي ادبي بورڊ 1981ع
    (6) ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص103
    (7) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ص4 سال 1978ع
    (8) علي ڪوفي ”چچ نامہ“ فارسي طبع جديد ص10
    (9) ايم ايڇ پنهور ”سنڌ ڪڇ رليشنس“ ص8 سال 1980ع
    (10) ”ابن بطوطه جو سفر“ ص14 ترجمو محمد ابراهيم عباسي، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع
    (11) ”تاريخ فيروز شاهي“ (اردو ترجمو) ص799-800
    (12) ”ابن بطوطه جو سفر“ (سنڌي ڇاپو) ص10
    (13) ”ابن بطوطه جو سفر“ ص11-12
    (14) ايم ايڇ پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص300-301
    (15) ”تاريخ فيروز شاهي“ (اردو ترجمو) ص741-742
    (16) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص304-305
    (17) ”تاريخ فيروز شاهي“ ص754
    (18) ”تحفة الڪرام“ سنڌي ڇاپو ص89-90


    سمان سلاطين هڪ نظر ۾

    سومرن جي سور جي آخري واقعن جو اڀياس ڪندي، اسين پس منظر ۾ هي ڏسي چڪا آهيون ته ڪهڙيءَ ريت مختلف حادثن ۽ واقعن سبب هن گهراڻي جي حڪمراني ڪمزور ٿي ۽ سمن کي سنڌ تي راڄ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن باب ۾ تاريخي سلسلي موجب سمن بادشاهن جو سرسري اڀياس ڪري ڏسبو ته هنن حاڪمن ڪهڙيءَ طرح سنڌ جي شان ۽ مان توڙي خودمختياري ۽ وقار کي بحال ڪري، تاريخ ۾ پنهنجي عظمت قائم ڪئي. سمن بادشاهن جي پوري سلسلي کي سندن حڪمرانيءَ جي دور سميت، هتي هڪ چارٽ ذريعي نروار ڪيو ويو آهي.

    فيروز الدين ڄام انڙ
    ڄام انڙ جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن دهلي سلطنت جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. ليڪن ان کان پوءِ به هن کي سنڌ جي اقتدار والارڻ ۾ سورهن سالن جو عرصو لڳي ويو. هڪ طرف فيروز تغلق سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪتو ۽ ٻئي طرف ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو. هي واقعو سن 1351ع ۾ ٿي گذريو.
    سومرن جي آخري حاڪم همير متعلق تاريخ ۾ الڳ الڳ رايا ملن ٿا. مير معصوم هن جو نالو ارميل لکيو آهي. سندس خيال ۾ ارميل ظالم حڪمران هو، ان ڪري صبح جو سوير سندس گهر ۾ ڪجهه ماڻهو داخل ٿيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون. مير علي شير قانع ٿوري ڦيرڦار سان همير متعلق لکيو آهي ته: هو جنهن صورت ۾ ظالم هو، تنهن ڪري سمان قوم جي ماڻهن کيس تخت تان لاهي ڇڏيو. هنن انڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي کيس پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. هي واقعو سن 1351ع (752هه) ۾ ٿي گذريو.(1) خداداد خان به پنهنجي ڪتاب ۾ همير جي ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي. محترم محمد حسين پنوهر جو رايو آهي ته سومرن جي سياسي زوال ۾ سنڌ ۾ آيل طبعي تبديلين کي وڏو دخل حاصل آهي. سومرن جي خاتمي بعد مختصر مدت لاءِ سمن حاڪمن ”ساموئي“ شهر کي پنهنجو مرڪز مقرر ڪيو. هي شهر ننگر ٺٽي جي ويجهو مڪلي ٽڪريءَ جي اترين ڀڪ سان واقع آهي.
    مير علي شير ۽ ٻين مؤرخن موجب همير سومرو مٿي ذڪر ڪيل معرڪي ۾ قتل ٿي ويو. جديد تحقيق موجب ڄام انڙ جي ڪامياب بغاوت بعد، سومرن جي حاڪميت ختم ٿي. ليڪن همير گجرات طرف ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڄام اڍائي سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي. سندس اثر لاڙ تائين ڏسجي ٿو. تذڪره نويسن موجب ڄام انڙ هڪ معرڪي ۾ قتل ٿي ويو، ليڪن هي خيال درست ڪونهي.

    صدر الدين ڄام بابينو
    ڄام فيروز الدين انڙ جي وفات بعد سندس پٽ صدر الدين ڄام بابينو سنڌ جو بادشاه بنيو. سندس چاچو علاؤ الدين ڄام جوڻو پڻ ساڻس اقتدار اعلى ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنيو. سندس زماني ۾ ننگر ٺٽو وري تختگاهه مقرر ٿيو. ڄام بابينو جڏهن سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا. سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.
    ڄام صدر الدين دلير، سورهيه ۽ وطن دوست انسان هو. سنڌ جي خودمختياري ۽ عزت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ڏسجي ٿي. هو پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ ڌارين جي مداخلت جو سخت مخالف هو. سندس ڀيٽ ۾ ڄام جوڻو ڪمزور ۽ اعتدال پسند هو. ڄام بابينو حالات جو اڀياس ڪندو رهيو ۽ دهلي سلطنت جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي ۽ مهل جي تلاش ۾ رهيو. هن سڀ کان اول پاڻ کان ڪيئي ڀيرا زياده طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۽ قنڌار جي منگولن کان فوجي مدد وٺڻ خاطر هڪ معاهدو ڪيو. سال 1359ع ۾ فيروز تغلق بنگال جي ٻين مهم تان ناڪام ٿي موٽيو، تڏهن پاڻ ۽ سندس لشڪر ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ ڀٽڪندو رهيو.(2) هن خبر جي پکڙجڻ شرط سلطنت دهليءَ جي مخالفن جا حوصلا بلند ٿيا. ان ريت ڄام بابيني کي پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ان متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:
    ”سلطان فيروز جي وفات جو افواه مشهور ٿيو ۽ ڄامن وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سر نو زور وٺرائيندي، پنهنجيون فوجون ملتان جي حد اندر پهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.“(3)
    هي پهريون موقعو هو جو سمن ڄامن همٿ ڪري سنڌ مان دهلي سلطنت جا آثار ۽ اهڃاڻ ختم ڪرڻ طرف هڪ وِک وڌائي. هن سال (1359ع) تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور تي تغلقن جا عملدار موجود هئا. ان جو ثبوت سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاه تي لڳل هڪ فارسي ڪتبي مان ملي ٿو. هي مقبرو سن 1358ع ۾ تغلق گورنر ملڪ اختيار الدين جي نظرداريءَ ۾ ٺهي راس ٿيو.
    سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽ ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾ آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتي ۽ غور سان ڏسي رهيو هو. ان پس منظر ۾ هن تيزيءَ سان صورتحال کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي ڄامن ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف همير سومري کي وري سنڌ جو حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ تيز ڪري ڇڏيائين. آخرڪار همير سومري ٺٽي تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ، گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر جي مدد سان لاڙ ۽ ٿر کان حملا شروع ڪري ڏنا. هنن حملن جو انجام ڏسڻ کان اڳ ئي عين الملڪ ماهرو سن 1368ع ۾ مري ويو.(4) ٻي صورت ۾ پڪ سان ان متعلق پنهنجي خطن ۾ مواد ڇڏي ها. روايتن موجب جڏهن همير سومري سنڌ (سمن) تي حملو ڪيو، تڏهن مختلف قبيلن ڄام هالي جي قيادت ۾ دشمن خلاف مورچي بندي ڪئي. هڪ شاعر هن جنگ ۾ شريڪ قبيلن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    جِهو، جوڻو، جکرو، هوٿي، هڱورو
    پلي پاڻي نه پئي، ڏمريو ڏيرو،
    اتي ڏيو ديرو، جتي ٻائين لڳو مهڻو.(5)
    روايتن موجب سمن ۽ سومرن جو هڪ خونريز معرڪو، موجوده شهر عمرڪوٽ جي آس پاس ٿي گذريو. هن جنگ ۾ همير قتل ٿي ويو. ان بعد سمن پنهنجي اختيار ۽ اقتدار کي توسيع ڏني. همير جو اولاد ۽ سندس ڀائر گجرات طرف نڪري ويا، جتي کين جاگيرون ڏنيون ويون.(6)
    سمن جي خودمختياري، سرڪشي، ارڏائي ۽ همير جي قتل کان پوءِ فيروز تغلق سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي. فيروز آڪٽوبر 1365ع ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هندي سلطنت هن حملي ۾ سنڌ خلاف اسي هزار سپاه ڪتب آندو، جنهن ۾ پنج سؤ بحري ٻيڙا به شامل هئا. سنڌين ۽ تغلقن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن جو پورو بحري اٽالو تباه ڪيو ويو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ملي. آخرڪار فيروز ناڪام ٿي ڪڇ جي رستي کان گجرات طرف روانو ٿيو. محمد تغلق سنڌ تي حملي وقت فوت ٿيو ۽ فيروز تغلق ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ هڪ ڪهاوت مشهور ٿي:
    هڪ مئو، هڪ ٽَٺو،
    بابرڪت، پير پٺو!
    فيروز تغلق کي گجرات ويندي ڪڇي ماڻهن به زبردست پريشان ڪيو. منزل تائين پهچندي پهچندي بادشاه جو بي انداز لشڪر مارجي ويو يا وري رستي نه لهڻ سبب رلي ويو. سن 1368ع ۾ جڳ جهان جو لشڪر گڏ ڪري، فيروز تغلق وري سنڌ تي حملو ڪيو. هن ڀيري ڄامن جو گهڻو نقصان ٿيو، ليڪن پوءِ به تغلقن کي ناڪامي ڏسڻي پئي. آخرڪار سلطنت دهلي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شيخ الاسلام سلطنت دهلي ۽ اچ جي مخدوم جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحبن معرفت ڄامن ۽ فيروز وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. جيئن ته سنڌ جا حاڪم اچ جي مخدومين جا مريد هئا، ان ڪري هو کين ٽاري نه سگهيا. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ معاهدو ڪيو:
    ”سنڌي دهليءَ کي ساليانو خراج ڏيندا. بابينو ۽ جوڻو دهلي هلي رهندا ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري رهندي.“(7)
    جڏهن جنگ جدل ختم ٿيو ۽ صلح ٿي ويو، تڏهن ڄامن هڪ شڪارگاه ۾ پهچي فيروز سان ملاقات ڪئي. ان وقت ڄام جوڻي، امير حسن سجزيءَ جي شعر جي هيءَ سٽ پڙهي:
    شاه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم(8)
    ڄام جوڻو ۽ ڄام بابينو، شاهي لشڪر سان گڏ دهلي روانا ٿيا، جتي انهن لاءِ ساليانو ٻه لک ٽنڪا وظيفو مقرر ٿيو. سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي گڏجي حڪم هلائڻ لڳا. ان ريت سمن جي سرداري، سلطنت هند جي طفيلي رياست بنجي وئي.

    رڪن الدين ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو)
    دهلي سلطنت آڪٽوبر 1388ع ۾، فيروز تغلق جي موت سان منتشر ٿيڻ شروع ٿي. ان صورتحال ۾ سنڌ جا جلاوطن شهزادا ڄام بابينو، ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين – دهليءَ جا جلاوطن شهزادا وطن واپس وريا. ڄام بابينو وطن ايندي راه ۾ فوت ٿيو. جڏهن ته تماچي ۽ صلاح الدين ٺٽي ڏي ايندي، کيبرن وٽان لنگهيا تڏهن درويش نوح هوٿياڻي هي شعر چئي کين ڀليڪار ڪئي:
    جوڻو وڃين جهوري ماريو،
    ڄام تماچي شهرين چاڙهيو!
    ان ريت ڄام تماچي جتان به گذريو، سنڌ جي ماڻهن کيس مان ٿي ڏنو. ٺٽي پهچڻ تي سندس وڏي آجيان ٿي. ڄام جوڻي جي حشر متعلق تاريخ خاموش آهي. البت هيءَ خاطري آهي ته ڄام تماچي هتي پهچي خودمختيار سنڌ جو سلطان بنجي ويٺو. هاڻي سندس سالن جي آرزو پوري ٿي هئي. هن غيرن جي غلامي جو هر اهڃاڻ ۽ علامت مٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڄام سنڌي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيئي اهم فيصلا ڪيا. پاڻ ملڪ اندر خانقاهن، مدرسن ۽ مڪتبن جي اڏاوت لاءِ ڪثير رقمون خرچ ڪيائين. ان جو هڪ زنده مثال شيخ حماد جي خانقاه ۽ مدرسي جي تعمير جي حوالي سان ملي ٿو. هن سنڌ جي سرحدن جو گشت ڪيو ۽ دفاعي نوعيت جا حڪم جاري ڪيا. جڏهن هر لحاظ کان مطمئن ٿيو، تڏهن سندس اڪثر وقت شيل ۽ شڪار ۾ گذرڻ لڳو. مير محمد معصوم لکي ٿو ته: ”هو آرام پسند هو، جنهن جي ڪري عيش ۽ خوشيءَ ۾ وقت گذاريندو هو. تيرهن سالن جو عرصي بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويهي طاعون جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو.(10) هن زماني ۾ ڄام تماچي ڪينجهر ڪنارن تي شڪار ڪندي، مهاڻن جي نينگري نوريءَ سان نينهن جو پيچ پاتو.
    جنهن وقت تماچي سنڌ جي نئين اڏاوت ۾ مشغول هو، تڏهن اوڀر ۾ سلطنت هند جي نائب ظفر خان، آزاد گجرات جي سلطنت جو اعلان ڪيو. هيءَ سلطنت بعد ۾ ”مظفر شاهي“ نالي سان مشهور ٿي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي سمن ۽ گجرات جي بادشاهن ۾ سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا. گجرات ۽ سنڌ جي تعلقات جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ڄام تماچي سن 1392ع ۾ وفات ڪئي. هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آهي. جڏهن ته آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪلي ٽڪر تي آهن.

    ڄام صلاح الدين
    ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ‏ سنڌ جو تاجدار بنيو. سندس حڪمراني ٻارهن سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو. تيمور جي جنگين ۾ لکين بيگناه هندستاني مارجي ويا ۽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي آئي. تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم موجب سنڌ جو ملڪ، هن تباهيءَ ۽ برباديءَ کان مير ابو الغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهيو. سن1398ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو جد امجد سيد حيدر هرات کان هالاڪنڊي پهتو. سيد حيدر سنڌ ۾ شادي ڪئي. سندس اولاد پوءِ متعلوي سادات سڏيو ويو. امير تيمور جي حملي کان پوءِ دهلي سلطنت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ هر طرف بغاوتون ۽ ڀڃ ڊاه ڏسڻ ۾ آئي. تيمور ملتان تي خضر خان کي نائب مقرر ڪيو. مير معصوم ڄام صلاح الدين جي دور کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
    ”پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن متوجه ٿيو، جي ڪن رذيلن جي سرڪشيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. انهيءَ ٽوليءَ جي انتظار ۽ گوشمالي ڏيڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليائين. آخر هن ٽوليءَ جي تاديب ۽ تنبيهه کان پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهه ٿيو. ڪڇي ماڻهن سان هن جون سخت لڙايون ٿيون، مگر سڀني جنگين ۾ فتح جو سهرو صلاح الدين جي سر تي آيو ۽ فتح ۽ غنيمتون هٿ ڪري موٽي آيو. هو لشڪر ۽ رعيت جي چڱيءَ طرح پرگهور لهندو هو.“(11)

    ڄام نظام الدين (پهريون)
    سنڌ تي ڄام نظام الدين مختصر مدت لاءِ حڪومت ڪئي. مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن پاڻ سنڌ جو سلطان بنيو، تڏهن پنهنجن چاچن کي جيڪي قيد ۾ بند هئا، هڪدم آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. سندس دور ۾ اندروني توڙي ٻاهرين سطح تي ڪوبه خطرو موجود نه هو. ان ڪري ملڪي معاملا منشين جي حوالي ڪري، پاڻ سلطنت جي ڪمن کان گهڻي حد تائين لاپرواه ٿي ويو. ان صورتحال ۾ سندس چاچن کيس قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، ليڪن کيس وفادار سپاهين ان جو اطلاع مهيا ڪيو. هيءَ حقيقت ٻڌي پاڻ گجرات طرف نڪري ويو. سندس وفات رستي ۾ ٿي. هن اوچتي تبديليءَ سبب ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙي. آخرڪار اميرن جي فيصلي موجب ڄام علي شير سنڌ جو بادشاه بنيو.

    ڄام علي شير
    ڄام علي شير سنڌ جو تخت سنڀاليندي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل ابتري کي ختم ڪيو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو. هي نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن سنڌ ولايت جو جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي زماني ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ ماڻهو خوش گذارڻ لڳا. آخر ۾ ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار تي شوق رکيو. هڪ رات درياه جي سير تان گهر واپس اچي رهيو هو، تڏهن حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن جي هٿان قتل ٿي ويو.

    ڄام ڪرن
    ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.

    صدر الدين ڄام سڪندر (اول)
    ڄام ڪرن جي قتل کان پوءِ صدر الدين ڄام سڪندر اول سنڌ جو حاڪم بنيو. مير محصوم ۽ مير علي شير سندس ذڪر نه ڪيو آهي، البت جديد دور جي محققن ڪتبن ۽ قديم تحريرن جي آڌار تي ڄام سڪندر اول متعلق مختصر مواد مهيا ڪيو آهي.

    ڄام فتح خان
    جملي مؤرخن ڄام فتح خان جي دور حڪومت جي ساراه ڪئي آهي. سندس حڪومت پندرهن سالن تي پکڙيل ڏسجي ٿي. ڄام فتح خان تخت سنڀالڻ شرط حڪومت جي قاعدن ۽ سلطنت جي ضابطن کي مضبوط ڪري، سرڪاري معاملن ۾ ڏاڍي سجاڳي ۽ هوشياري ڏيکاري. سندس سخاوت، بهادري ۽ مروت مشهور هئي.
    ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻه واقعا ٿي گذريا. منگولن سنڌو درياه ٽپي دهلي ۽ ديبال پور تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾ دهلي سلطنت تي ”سيد“ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن ۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات سان سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات به قائم ڪيا. هن پنهنجي نياڻي ”ڄام زادي“ گجرات ۾ مخدوم جهانيه جي پوٽي قطب عالم (1388-1454ع) سان پرڻائي ڏني. سنڌين ۽ گجراتين ۾ مٽي مائٽيءَ جو هي سلسلو پوءِ گهڻو عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان سن 1428ع ۾ وفات ڪئي.

    ڄام تغلق شاه جوڻو (ثاني)
    ڄام فتح خان وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ نامزد ڪيو. ڄام تغلق سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾ ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي. ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سيد حسام الدين راشدي ان متعلق لکي ٿو:
    ”ڄام جوڻو ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽ ٻاهرين مدد جو خواهان هيو... مولانا محمد صديق ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هو. هن کيس مشورو ڏنو ته پنهنجيون نياڻيون گجرات ۾ پرڻائي...... هڪ سلطان محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند شاه عالم سان...... انهيءَ سڱابنديءَ مان کيس سياسي فائدو ۽ تقويت مدنظر هئي.......“
    هن فيصلي بعد ڄام پنهنجيون نياڻيون مولانا محمد صديق ملتاني ۽ ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين (ڄام جوڻي جا پٽ) جي جميعت ۾ گجرات موڪليون. بي بي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد سان ٿيو. سلطان محمد کي هن گهر مان سن 1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو اڳتي هلي گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن ته ڄام جي ٻي نياڻي بيبي مرڪي قطب عالم جي پٽ شاه عالم (1414-1475ع) جي عقد ۾ آئي.(12)
    ڄام جوڻو ان وقت اندروني پريشانين کان علاوه بيروني جارحيت جي فڪر ۾ پڻ دامنگير هو. وچ ايشيا ۾ قنڌار جا منگول ابتدائي دور ۾ سمن سلطانن جا سهڪاري رهيا هئا، ليڪن ڄام جوڻي جي زماني ۾ انهن سنڌ کي پنهنجي تابع بنائڻ چاهيو ٿي. ان پس منظر ۾ سنڌ ۽ گجرات کي اڃا به وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ، ڄام جوڻي ان قسم جي سڱابندي ڪئي ڏسجي ٿي. هن زماني ۾ ملتان ۾ شيخ يوسف، دهلي سلطنت کان قطع تعلق ڪيو. اڳتي هلي لانگاهن هن شيخ کي شهيد ڪري پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪيو. سن1451ع ۾ لوڌي گهراڻي دهلي سلطنت تي قبضو ڪيو. ياد رهي ته دهلي سلطنت جو هي آخري گهراڻو هو. بعد ۾ بابر، لوڌين جو خاتمو ڪري مغل شهنشاهت جو بنياد رکيو.
    ڄام جوڻي ڊگهي حڪومت بعد وفات ڪئي. تڏهن سندس لاش گجرات ۾ ”ملڪ ڳوٺ“ ڏي روانو ڪيو ويو. هي ڳوٺ ڄام جي پٽن آباد ڪيو. جڏهن هو ملتاني بزرگ سان گڏ اوڏي ويا هئا، هتي سندن محل ۽ ماڙيون توڙي جاگيرون هيون.

    ڄام مبارڪ
    ابتدا ۾ هي ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس غاصب سڏيو آهي. هن کي اقتدار جي مسند ماڻڻ جو صرف ٽي ڏينهن موقعو مليو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽ تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق چٽو ڪونهي. تاهم خاطري آهي ته هو حڪمران گهراڻي جو هڪ فرد هو. تاريخ معصوم کيس دربان سڏيو آهي. هن جو نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام مبارڪ سڏائڻ لڳو. مبارڪ خان ٽن ڏينهن بعد معزول ڪيو ويو.

    ڄام سڪندر شاهه (ثاني)
    هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. جڏهن اقتدار جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري بکر ۽ سيوستان جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت ڪئي. هي اطلاع ملندي ڄام سڪندر ڪثير لشڪر سان بکر طرف روانو ٿيو. اڃا مس نصرپور پهتو ته پٺيان کيس مبارڪ خان جي شورش جو اطلاع پهتو، جنهن صورت ۾ تختگاه جا امير ۽ عوام، ڄام سڪندر سان ڳانڍاپيل هئا، ان ڪري ٽن ڏينهن بعد مبارڪ خان کي اقتدار تان هٽايو ويو. بهرحال، ٺٽي جي غير يقيني صورتحال سبب ڄام سڪندر – بکر ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلح ڪيو.(13)
    ڄام سڪندر جي حڪم تي مئنگلور ڪاٺياواڙ جي عالم مولانا علاؤالدين هڪ عربي درسي ڪتاب ”شمہ في الميزان“ جي آسان شرح ”الزبدة“ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان کي ڄام جي نالي منسوب ڪيائين. هي انتساب هن ريت هو: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي انڪار جي مون کي طاقت ناهي – جنهن جي فضيلت جا موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جو به سندس کماحقه مدح جو خيال ڪري، تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽ دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري، تاڪه ٻين لاءِ حقيقت واضح ٿئي ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم ۽ حلم، سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام [جوڻو]. شال سدائين سندس ذاتي خوبين سان توفيق حال هجي ۽ (ڌڻي جي) مدد سهارو هجي.(14) هي ڪتاب پوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. هن ڄام جي دور ۾ تعمير ٿيل ڪجهه کوهن تان پڪيون سرون مليون آهن، جن تي سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. انهن جو ذڪر اڳتي ايندو.

    ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو
    ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو. مير علي شير ۽ مير محمد معصوم ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي. محترم محمد حسين پنهور، راء ڏني جي جاءِ تي سندس نالو ”راڌڻ“ تجويز ڪيو آهي.(15) اصل صورتحال ڇا به هجي، ليڪن راڌڻ نالو اڄ به سماٽ قبيلن ۾ رکيو وڃي ٿو.
    ڄام سنجر گهڻو وقت ڪڇ ۾ مقيم هو. جڏهن کيس ڄام سڪندر جي وفات جو اطلاع مليو، تڏهن هڪدم ننگر ٺٽي پهتو. اميرن سندس حڪومت تي اتفاق ڪيو ۽ هو سنڌ جو نئون بادشاه بنجي ويو. گمان آهي ته سڪندر جي مختصر دور حڪومت ۾ مقامي عملدارن خود سري ڪئي هئي ۽ هر طرف بدامني ۽ پريشاني پکڙجي وئي هئي. ڄام سنجر صورتحال جي سڌاري لاءِ ترت فيصلا ڪيا. مير معصوم لکي ٿو:
    ”هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ساري سنڌ ولايت سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌي تائين پنهنجي قبضي ۾ آندي.“
    مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو. سوين سندس عاشق هئا ۽ بنا اجوري جي هن جي درٻار ۾ ڪم ڪندا هئا. هڪ فقير مٿس فدا هو ۽ هر وقت سندس بادشاهي ماڻڻ لاءِ دعاگو رهندو هو. هڪ ڀيري ڄام کي هڪ قاضيءَ جي رشوت وٺڻ جي شڪايت پهتي. ڄام ملازمن جي پگهارن وڌائڻ جو اعلان ڪري، رشوت جهڙي مرض جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جا ڪڇ ۽ گجرات سان بهتر لاڳاپا برقرار رهيا. هن دور ۾ سنڌ جي دفاع خاطر، ڪڇ ملڪ ۽ جوڌپور جي سرحدن تي چوڪيون قائم ڪيون ويون. هنن سرحدن تي سوڍن ۽ سومرن ماڻهن کي آباد ڪيو ويو.
    ڄام سنجر جي موت بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. هڪ راءِ آهي ته کيس زهر جو پيالو پياري ختم ڪيو ويو. ٻي راءِ موجب هو طبعي موت مئو هو. ان ريت سندس اقتدار کان الڳ ٿيڻ بابت به ٻه خيال ملن ٿا. هڪ تحرير موجب سندس وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين نالي سندس پٽ سنڌ جو بادشاه بنيو، جڏهن ته پنهور صاحب جو دليل آهي ته ڄام نظام الدين کي اقتدار جي واڳ سونپي، ڄام سنجر پنهنجن ٻين ٻن پٽن سميت گجرات ڏي نڪري ويو. ان صورت ۾ سندس وفات به اتي ٿي هوندي. تاريخن ۾ ڄام جي هنن پٽن جا نالا محفوظ نه رهيا آهن. تاهم انهن مان هڪ جي پٽ ڄام صلاح الدين (ڄام سنجر جو پوٽو)، ڄام نظام الدين کان پوءِ سنڌ جي تخت ۽ تاج جي دعويٰ ڪئي هئي. ويجهڙائي ۾ هن ڄام جو سڪو پڻ مليو آهي.

    ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو
    ڄام سنجر کان پوءِ ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاه بنيو. هي واقعو سن1461ع (866هه) ۾ ٿي گذريو. هي سلطان سنڌي ماڻهن ۾ ڄام نندي جي نالي سان مشهور آهي. سندس ٻن ڀائرن جو ذڪر مٿي ٿيو. انهن جا نالا مولائي شيدائي – ابراهيم ۽ بايزيد – لکيا آهن.(16) حقيقت ۾ هي سنڌ جي درٻار جا ٻه امير هئا، ۽ سندن شاهي خاندان سان ڪوبه واسطو نه هو.(17) ياد رهي ته هي امير ڪنهن ڳالهه تي ڄام نندي کان ناراض ٿي، لانگاهن جي ملتاني درٻار ۾ وڃي رهيا هئا.
    سلطان ڄام نظام الدين انتهائي بخت واري وقت سنڌ جو تخت ڌڻي بنيو. چوءطرف صلح سانت هو. چئني پاسن ۾ سندس جهڙا معتبر سياستڪار حڪم هلائي رهيا هئا. انهن بادشاهن کي اندروني استحڪام حاصل هو. نه ته کين پنهنجي بغاوت سان منهن ڏيڻو هو ۽ نه وري ڪو پاڙيسري قومن تي حملو ڪري ڦرلٽ جو خواهشمند هو. هندي ننڍي کنڊ ۾ تاريخ اهڙي خوش بخت يڪسوئي مشڪل سان پيدا ڪئي هوندي. جنهن سمي سلطان ڄام نظام الدين سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت سندس ملڪ جي آس پاس هن ريت حڪمراني ۽ حڪومت جو سلسلو موجود هو: اوڀر ۾ گجرات تي محمود بيگڙو (1458-1511ع)، اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاه (1460-1502ع)، دهلي سلطنت تي بهلول لوڌي (1451-1489ع)، ڪشمير تي سلطان زين العابدين (1420-1470ع) ۽ ماروار جوڌپور تي راجا جوڌ (1438-1488ع) – آزادي، اطمينان، خودسري ۽ وقار سان حڪومت ڪري رهيا هئا. ننڍي کنڊ کان ٻاهر ڪابل، قنڌار ۽ هرات تي سلطان حسين مرزا بايقرا (1458-1506ع) پوري آب تاب ۽ حشمت سان بادشاهي ڪري رهيو هو. ڄام نندي جي دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو ڪرايو، جنهن کي ڄامن زبردست شڪست ڏني.
    ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌي اتساه جو مثالي بادشاه ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پورا اٺيتاليهه سال سنڌ ۽ سنڌين جي دلين تي راڄ ڪيو. مير معصوم سندس تخت نشيني بابت لکي ٿو:
    ”هن جي ويهارڻ تي سڀ ماڻهو، عالم، صالح، رعيت ۽ سپاهي متفق هئا. هن خودمختيار ٿي سربلنديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو.“
    ڄام نندو بادشاه بنجڻ کان اڳ، اڪثر وقت خانقاهن ۽ مدرسن ۾ گذاريندو هو. پاڻ نهايت وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ هو. حد درجي جو زاهد ۽ عابد هو. سندس دور کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هن سنڌ جو حاڪم بنجڻ شرط امن امان کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سرحدن کي مضبوط ڪرڻ جا فيصلا ڪيا. ڄام هڪ وڏي لشڪر سان بکر پهتو. اتان جي بدنظمي ختم ڪري دلشاد کي مقامي عملدار مقرر ڪري، پاڻ ننگر ٺٽي واپس موٽيو. سندس دور ۾ رعيت خوش ۽ ماڻهو خوشحال هئا. عالم، صالح، فقير، سپاهي ۽ امير مطلب ته هر قسم جا ماڻهو ڄام نندي جي دور ۾ مطمئن هئا. مير معصوم سندس امن پسند طبيعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”هو هر هفتي پنهنجي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي پيشاني تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي بختاورؤ! جهاد بغير اوهان تي سواري نه ڪندس، ڇو ته چئني سرحدن تي اسلامي حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کانسواءِ ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي. متان مسلمانن جو خون بنا ڏوه جي وهي ۽ الله سبحانہ وتعاليٰ وٽ شرمندو ٿيان.“
    سندس دور ۾ اسلام جي اشاعت ۽ نبوي سنت جي تمام گهڻي پيروي ٿي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته سندس زماني ۾ چارئي پاسا دوست رياستون موجود هيون، ان ڪري سنڌ کي مثالي سياسي استحڪام نصيب ٿيو. ان پس منظر ۾ عوامي زندگيءَ ۾ اطمينان هو ۽ هاري توڙي پورهيت ملڪي معيشت جي واڌاري لاءِ ڪوشان هئا. زراعت ۾ بهتري آئي ۽ وڻج واپار ۾ وسعت پيدا ٿي. هن ڄام جي زماني ۾ متعدد واه به کوٽيا ويا.(18) ان ريت سموري سنڌ سرسبز ۽ خوشحال بنجي وئي.
    ڄام نندي سن1495ع (900هه) ۾ ننگر ٺٽي کي نئين سر اڏايو. سندس دور ۾ هي شهر تهذيب ۽ تمدن جو بين الاقوامي مرڪز بنجي ويو. هتي ڪيئي خانقاهون، مڪتب ۽ مدرسا تعمير ڪيا ويا. مختلف قسمن ۽ درجن جي ماڻهن لاءِ جدا جدا پاڙا ۽ محلا تعمير ڪري، ننگر ٺٽي کي هڪ نئون روپ ڏنو ويو. ڄام جي سعيي ۽ ڪوشش سان سنڌ جو هي تختگاه بغداد ۽ دمشق جي سطح تي پهچي ويو. هڪ طرف مڪليءَ تي محفلون هيون ۽ ٻئي طرف ساموئي پڻ صوفين جو اهم مرڪز ڏسجي ٿو. جنهن دور ۾ سنڌ ۾ ”ٺٽو“ ننگر اوج تي هو، ان زماني ۾ گجرات ۾ ”احمد آباد“ مرڪزي ايشيا ۾ ”هرات“، اتر ۾ ”ملتان“ ۽ هند ۾ ”دهلي“ پڻ اهم شهر ڏسجن ٿا.
    ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو عالم آشڪار آهي. سنڌ جون مقامي تاريخون ۽ تذڪرا ڄام نندي جي دور ۾ ڪنهن به لڙائي ۽ جنگ جو اطلاع ڏيڻ کان قاصر آهن، تاهم سنڌ کان ٻاهر لکيل ڪتابن هن دور ۾ ڪجهه ڇڪتاڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. سلطان محمود بيگڙو گجرات جو بادشاهه سال 1471ع ۾ چمپانير ويندي پارڪر پهتو. کيس هتان جي مسلم ۽ هندو قبيلن ۾ ٽڪراءَ جو اطلاع ڏنو ويو. سلطان محمود کي پارڪر ۾ چوويهه هزارن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو پيو. مقامي لشڪر ۾ ڪلهوڙا، سومرا ۽ سوڍا شامل هئا. محمود بيگڙي هر طرح سان ويڙهه کان پاسو ڪيو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ٿيو. سلطان کي هي معلوم ڪري تعجب ٿيو ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو مسلمان هوندي به اسلامي ريتن ۽ رسمن کان اڻ واقف هئا. بادشاهه جي آڇ تي هتان جي اڪثر قبيلن، گجرات جي شهر سورٺ تي لڏپلاڻ ڪئي، جتي سندن تعليم ۽ تربيت جو مناسب بندوبست ڪيو ويو.(19)
    ڪڇ جي ڪناري سان سال 1472ع ۾ سنڌي قبيلن جي هڪ بغاوت جو اطلاع ملي ٿو، جنهن ۾ چاليهه هزار فردن حصو ورتو هو. ان وقت گجرات جو سلطان محمود بيگڙو ڪڇ ۾ موجود هو. کيس جڏهن سنڌ ۾ ان شورش جي خبر پهتي، تڏهن پاڻ هڪ وڏو لشڪر ڄام جي مدد لاءِ موڪليائين. سنڌي ۽ گجراتي فوج بگڙيل صورتحال کي ضابطي ۾ آندو. ڄام نندي اهڙي مدد لاءِ بيگڙي جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي نياڻي گجرات موڪلي ڏني، جنهن جو نڪاح خانديش جي شهزادي قيصر خان سان ٿيو.(20) هندي ذخيرن موجب محمود بيگڙو سنڌي حاڪم ڄام نندي جو ڏوهٽو هو. ان ڪري ان صاحب هر موقعي تي سنڌين جي مدد ڪئي. اصل ۾ هي بادشاه ڄام تغلق (نمبر12) جو ڏوهٽو هو.
    ڄام نندي جي دور ۾ هرات تي سلطان حسين بايقرا جو حڪم هلندو هو. سلطان حسين جي فوج سنڌ جي سرحدي شهر ”سبي“ تي ڪاه ڪئي. هن شهر تي امير بهادر ڄام جو نائب هو. منگولن جي موت مار حملي ۾ سنڌي فوج شڪست کاڌي ۽ شهر تي هراتين قبضو ڪيو. هي واقعو سن1485ع ۾ ٿي گذريو. هتي محمد ارغون (ڀاءُ شاه بيگ ارغون) کي عملدار مقرر ڪيو ويو. سوڀ جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾ منگولن هن واقعي بابت هڪ اعلان جاري ڪيو، جنهن ۾ حملي کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي فتح جو اظهار هن ريت ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون:
    ”صبح تائين ٻئي فوجون منهن مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خدا تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم حاصل ٿي.“(21)
    منگولن عارضي سوڀ جي نشي ۾ پنهنجي پڌرنامي ۾ مسلمانن (سنڌين) کي به هندو سڏيو. هوڏي ڄام نندي هميشه مسلمانن تي ڪاهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ليڪن جڏهن هيءَ صورتحال پيدا ٿي، تڏهن دريا خان ڪثير لشڪر سان سنڌ جي اترين سرحد ڏي روانو ٿيو. سال 1490ع ۾ ارغونن ۽ دريا خان ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾ سلطان محمد مارجي ويو. ان ريت سنڌ جو وڃايل علائقو واپس ورتو ويو. اهل سنڌ جي هن فتح جي نشاندهي مڪلي ٽڪر تي دريا خان جي مزار تي لڳل ڪتبن ذريعي ٿي آهي. جيسين ڄام نندو زنده هو، منگولن سندس ملڪ تي وري حملو نه ڪيو.(22)
    سن1500ع ۾ ميران محمد جونپوري ننگر ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڏيڍ سال جو عرصو هت رهي پنهنجي خيالن جي تبليغ ڪئي. ٻين بزرگن کان علاوه دريا خان ۽ قاضي قادن به سندس حلقي ۾ داخل ٿيا. بعد ۾ ڄام جي هدايتن تي کيس ملڪ بدر ڪيو ويو. سن1505ع ۾ سلطان محمود بيگڙو ننگر پارڪر ۾ ڏسجي ٿو. هتي سوڍن قبيلن ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي هئي، جنهن کي بيگڙي حرفت ۽ حيلي سان ضابطي ۾ آندو. روايتن موجب هن دور ۾ ڀوڏيسر ۾ هڪ مسجد تعمير ٿي، جنهن لاءِ گجراتي سلطان رقم مهيا ڪئي هئي.
    سمن جي سلطنت سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ پنهنجي اوج کي پهتي. جيتوڻيڪ ڄام نندو اڃا زنده هو. تاهم هندي سمنڊ کان ڪري هرات، سمرقند ۽ ايران تائين تبديلين ۽ انقلابن جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا. گجرات جي سامونڊي ڪنارن تي پورچوگيز پهچي چڪا هئا. انهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ گجراتين، مصرين ۽ ترڪين گڏجي محاذ آرائي ڪئي. ليڪن هزارين مسلم سپاهي، چند سؤ يورپي ملاحن هٿان شڪست کائي ويا. امڪان آهي ته سنڌي فوج پڻ انهن لڙائين ۾ حصو ورتو هوندو. روايتن موجب بلوچستان ۾ هن دور ۾ ئي لاشارين ۽ رندن جي ٽيهه ساله گهرو لڙائي شروع ٿي. هن ويڙهه ۾ وڏي خونريزي ٿي ۽ آخرڪار لاشارين سنڌ ۾ اچي پناه ورتي. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته ڄام نندي هن خانه جنگيءَ ۾ لاشارين جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ته ارغونن وري رندن جي مدد ڪئي هئي.(23) اولهه ۽ وچ ايشيا ۾ مختلف منگول قبيلا پاڻ ۾ لڙندا رهيا، جنهن سبب سمرقند، هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ بي آرامي ۽ بربريت جاري رهي.
    جيئن ته ڄام نندي اڌ صدي سنڌ تي پوري عزم ۽ استقلال سان حڪومت ڪئي هئي، ان ڪري سندس دور ۾ سمن جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ڪڇ کان سبي ۽ بندر لاهريءَ کان اچ تائين سندس حڪم هلندو هو. هن دور ۾ سنڌ جو سياسي ۽ معاشي توڙي ۽ فني اوج ڏسجي ٿي. ڄام نندي جي پنهنجي سڪي ملڻ سان هن دور جي مثالي هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش باقي نه رهي آهي. ليڪن جيئن جيئن پوڙهي ڄام نظام الدين جي عمر جو سج لهي رهيو هو، تيئن تيئن تاريخ جي يڪسوئي ۽ خوشگوار پلڪ پوري ٿي رهي هئي. سڀ کان اول ڪشمير جو سلطان زين العابدين فوت ٿيو. (1470ع) ان بعد راجا جوڌا (مرتيو:1488ع) ۽ بهلول لوڌي (وفات:1489ع) چالاڻو ڪيو. سلطان حسين لانگاه (وفات:1502ع) ۽ حسين بايقر مرزا (موت:1506ع) بعد ۾ فوت ٿيا. سال1502ع ۾ شاه اسماعيل ايران ۾ ”صفوي“ بادشاهت جو بنياد رکيو. هن واقعي مرڪزي ايشيا ۽ ايران توڙي سنڌ تائين پنهنجا اثرات ڇڏيا. هڪ سال پوءِ سن 1508ع ۾ ڄام نظام الدين به هن جهان کي ڇڏيو. جڏهن سياست توڙي سفارتڪاري ۽ ملڪي معاملن جي ڇيڙي نبيريءَ جا اهي مثال اهڃاڻ، چند سالن جي گهيري ۾ هڪ ٻئي پٺيان هي جهان ڇڏيندا ويا، تڏهن تاريخ ۾ معتبر سياستڪارن ۽ ڏاهن جو هڪ زبردست خال پيدا ٿيو. ان ريت مختلف ملڪن جي معاملن ۾ ابتري شروع ٿي، جنهن ۾ سمن جي حاڪميت جا بنياد پڻ ڊهڻ شروع ٿي ويا. جيتوڻيڪ اتهاس جو هڪ خوش قسمت بادشاه محمود بيگڙو اڃا زنده هو، ليڪن هڪ طرف کيس پورچوگيزن پريشان ڪيو هو ۽ ٻئي طرف جهڙس جهڙا لائق ۽ سندس صحبتي سلاطين هن جهان مان اڳ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري چڪا هئا. ان پس منظر ۾ هن مڙئي پي گاڏي کي گهليو. ڄام نظام الدين جي وفات 1508ع (914هه) ۾ ٿي. سندس مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي موجود آهي.

    ڄام فيروز (پهريون ڀيرو)
    ڄام نندي جي وفات وقت ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو هو، ان ڪري نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ معاملا دريا خان جي حوالي ٿيا. ٺٽي جي شهرين دريا خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب، ڪم عمر فيروز کي سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. ٽن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي سياسي فضا ڪافي تبديل ٿي وئي. هر طرف بدامني، بي آرامي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. سلطنت جا امير جائز مرتبي نه ملڻ سبب، نراس ۽ مايوس ٿيڻ لڳا. شريف جي جاءِ رذيل والاري، عالم جي جاءِ جاهل ورتي، ڏاهن جي جاءِ تي نادان پهتا، اميرن جي ڀيٽ ۾ مسخرن کي ترجيح ملي. مير محمد معصوم ان متعلق لکي ٿو:
    ”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“(24)
    هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر ”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي ”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.

    ڄام صلاح الدين
    صلاح الدين صرف اٺ مهينا (مارچ کان آڪٽوبر 1512ع) سنڌ جو حڪمران رهيو. سندس دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات سان سنڌ جا سڄا لاڳاپا وري قائم ٿيا. ڄام صلاح الدين جي حڪومت ڪيئن رهي؟ ان متعلق مير معصوم لکي ٿو:
    ”ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز جي ماڻهن تي وٺ پڪڙ ۽ چٽيون وجهي مال طلب ڪرڻ لڳو.“
    سنڌ جو هي شهزادو غلط ڪارڪردگي ۽ دريا خان جي حڪمت عمليءَ سان صرف اٺ مهينه حڪمراني ڪري سگهيو. ياد رهي ته ڄام صلاح الدين سمن جي مشهور بادشاه ڄام سنجر جو پوٽو هو.(25)

    ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)
    ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين. هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. ان نسبت سان اثير الدين ابهري، ڄام فيروز جي شان ۾ هڪ قصيدو چيو:
    از آن آسمانست فيروزه رنگ
    که نقش نگين تو داده بيجنگ
    شب و روز گردد بفيروزيت
    تو فيروز شاهي و بهروزيت
    همي خواهد از کردگار جليل
    که باشي تواندرجهان بيعديل(26)

    فيروز جي شان ۾ هي قصيدو، دريا خان جي حڪم تي چيو ويو هوندو. تاهم فيروز نه ته ساراه جي لائق هو ۽ نه وري تعريف جو حقدار هو. شاعر ته سندس بخت ۽ ڀاڳ توڙي تخت ۽ تاج جي حق ۾ دعائون گهريون، ليڪن نڀاڳ جنهن جو مقدر بنجي چڪو هجي ۽ بدبختي سندس مستقبل ٿي چڪو هجي، اهو ماڻهو ڪٿي ٿو ملڪ کي ايندڙ خطرن کان محفوظ رکي سگهي. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.
    جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان، شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.(27) سنڌ ۾ فيروز جو خاتمو ڪيئن ٿيو ۽ ارغونن ڪيئن هتي پنهنجو قبضو قائم ڪيو؟ ان متعلق ايندڙ صفحن ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويندو.

    حوالا ۽ حاشيه

    (1) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ترجمو مخدوم امير احمد، ص99، 122 ۽ 123.
    (2) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا.“ جلد ٽيون ص187 سال 1958ع
    (3) ”مڪلي نامه“ ص106
    (4) ايم . ايڇ . پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص319 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 1983ع
    (5) روايت حاجي ولي محمد ڪنڀار.
    - حاجي صاحب کي شاهه لطيف جي شعر ۽ سنڌي سماج تي سٺي ڄاڻ آهي. ساڻس سال 86-1985ع دوران عمرڪوٽ ۾ رهاڻيون ٿيون.
    (6) ان متعلق سنڌ جي برک اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه ۽ سندس ڀائر“ ڇپيل رسالو ”مهراڻ“ نمبر3، سال 1981ع ۾ روشني وڌي آهي. نئين مواد جي آڌار تي ڊاڪٽر صاحب دودي جي پٽن بابت هن طرح رهنمائي ڪري ٿو:
    (7) ”مڪلي نامہ“ ص104-105
    (8) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا ص90 رسالو ”مهراڻ“ نمبر4 سال 1968ع.
    (9) ”تاريخ معصومي“ ترجمو مخدوم امير احمد ص101
    (10) ”تاريخ معصومي“ ص104
    (11) ”تاريخ معصومي“ ص104
    (12) ”مڪلي نامہ“ ص120-121
    (13) ”تاريخ معصومي“ ص109
    (14) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ص84-85 سال 1962ع
    (15) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص353
    (16) ”جنت السنڌ“ ص360 سال 1958ع
    (17) ”تاريخ فرشته“ اردو جلد ٻيون ص918 لاهور
    (18) ان متعلق تفصيلي ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڏنو ويندو.
    (19) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص163-164 سال 1967ع
    (20) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص306-307
    (21) مڪلي نامہ ص183
    (22) ”تاريخ معصومي“ ص113-114
    هن حملي متعلق هندي مؤرخن گهڻو ڪري ڌوڪيبازي ڪئي آهي. ايم . ايم . ايڇ پنهور اهڙن مصنفن کي رد ڏنو آهي. (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ: ص355-357)
    (23) ايم . ايڇ . صديقي ”هسٽري آف ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ص215 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال1972ع
    (24) ”تاريخ معصومي“ ص114-115
    (25) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي“ ص137
    ڄام صلاح الدين کي هڪ ٻئي ذخيري، ڄام سنجر جو ڏوهٽو سڏيو آهي. (تاريخ معصومي ص114) هي ترجمي جي غلطي ڏسجي ٿي.
    (26) مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ مرتب سيد حسام الدين راشدي ص11 سنڌي ادبي بورڊ سال1957ع
    (27) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص366


    ارغوني يلغار ۽ سنڌ جي فتح

    سلطان حسين مرزا بايقرا جي ڪرندڙ ساک ۽ ڪمزور سلطنت کي ارغونن سهارو ۽ سگهه ڏئي مضبوط ڪيو. خراسان جي هن مثالي بادشاه کي جڏهن هزاره ۽ تڪدري جي ماڻهن تنگ ڪيو، تڏهن حسين مرزا پنهنجي طرفان امير ذوالنون ارغون کي غور ۽ داور جي علائقن تي مقرر ڪيو. ذوالنون چئن سالن جي ڪشت وخونريزي بعد باغي قبيلن کي مطيع ڪيو ۽ انهن حسين مرزا جي اطاعت قبول ڪئي. مير محمد معصوم، ذوالنون جي مهم جوئي ۽ حاصلات کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
    ”مير ذوالنون جي حسن خدمتيءَ، قبوليت جو شرف حاصل ڪيو ۽ فتهمند خاقان سلطان حسين مرزا، قنڌار، فراه ۽ غور ملڪن جي ساري ڪاروبار جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏني. مير ذوالنون انهيءَ ملڪ ۾ استقلال حاصل ڪري شال، مستونگ ۽ انهن جي پسگردائي تي پڻ قبضو ڪري ورتو.“(1)
    اندازو آهي ته هي ارغون امير هرات جي طرف کان قنڌار جو والي سن 1478ع (880هه) ڌاري مقرر ٿيو هو. ارغون هڪ طرف حسين مرزا سان وفادار رهيا ۽ ٻئي طرف هنن پنهنجي مستقبل جي رٿابندي ڪندي، موجوده بلوچستان جي شال، مستونگ ۽ سبيءَ طرف پيش قدمي جاري رکي. سن1485ع (890هه) ۾ ڪجهه واپارين جي شڪايت جي آڙ وٺي، قنڌاري لشڪر سنڌ جي اهم شهر ”سبي“ تي حملو ڪيو. ڄام نظام الدين پنهنجي علائقن جي واپسيءَ لاءِ دريا خان کي ڪثير لشڪر سان اترين پرڳڻن ڏي روانو ڪيو. سن1490ع (985هه) ۾ خونريز لڙاين بعد سبيءَ جي ارغوني ناظم سلطان محمد کي قتل ڪري، دريا خان هي شهر واپس پنهنجي قبضي ۾ ورتو. سلطان محمد، ارغون امير ذوالنون جو پٽ ۽ شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ هو. ارغونن ۽ قنڌارين جي هن شڪست جو تاريخدانن هن ريت اظهار ڪيو آهي:
    ”سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ”شاهه بيگ“ جي لشڪر قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان دريا خان سيويءَ تائين ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاه بيگ جي ڀاءُ ابو محمد مرزا کي ڪهي، فتح سان موٽي آيو. هن جي ڏينهن ۾ شاه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.(2)
    شاه بيگ هن حملي جي قيادت امير ذوالنون جي حڪم هيٺ ڪئي هئي ۽ هو اڃا پاڻ قنڌار جو والي نه بنيو هو. مٿئين حوالي مان صاف ظاهر آهي ته ارغونن، ڄام نندي جي دور ۾ وري سندس ملڪ تي حملو نه ڪيو.
    ارغون جيئن ته مستقل طرح مرڪزي ايشيا جي وڏين طاقتن جي سياسي ۽ فوجي دٻاءَ تحت رهندا هئا، ان ڪري کين ابتدا کان ڪري ڪنهن اهڙي ملڪ جي تلاش هئي، جتي هو آزادي ۽ اطمينان سان پنهنجو حڪم هلائي سگهن. سنڌ طرف سندن هي حملو ان نيت ۽ ارادي جي تڪميل طرف هڪ بنيادي قدم هو. سبيءَ ۾ هن تاريخي شڪست ۽ سلطان محمد جي مارجڻ سان ارغونن سنڌ جي فتح ۽ پنهنجي پلاند وٺڻ جو پڪو فيصلو ۽ ارادو ڪيو. ليڪن سنڌ جو طاقتور بادشاه ڄام نظام الدين اڃا زنده هو، ان ڪري هنن سنڌ طرف وڌيڪ حملا ڪرڻ بند ڪيا. ان کان علاوه قنڌار جي سرزمين به اڃا ارغونن لاءِ ايتري تنگ نه ٿي هئي. ان پس منظر ۾ ارغونن معاملي کي ايندڙ وقت لاءِ ڇڏي حالتن جو انتظار ڪيو!
    ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سن1508ع ۾ سندس ننڍي عمر جو پٽ ڄام فيروز سنڌ جو بادشاه بنيو. هو سلطنت جي مامرن ۽ معاملن کي سهڻي نموني سان منهن نه ڏئي سگهيو. پراڻا امير، وزير ۽ درٻاري تنگ ٿي آهستي آهستي درٻار ڇڏيندا ويا. آخرڪار نندي جو پيارو امير ۽ پٽيو، دريا خان به ننگر ٺٽو ڇڏي، اچي پنهنجي جاگير تي رهيو. ان ريت سمن جي سلطنت ڪمزوري ۽ ڀڃ ڊاه جي مرحلي ۾ داخل ٿي. جڏهن صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪري، فيروز کي بيدخل ڪيو، تڏهن وري به دريا خان حرفت ۽ حيلي سان کيس (فيروز کي) سنڌ جو ملڪ واپس وٺي ڏنو. ليڪن پوءِ به دريا خان سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو. فيروز جي هن طور طريقي تي مير علي شيخ قانع هن ريت ڏک جو اظهار ڪيو آهي:
    ”هيءُ هن دفعي پڻ دريا خان سان چڱيءَ طرح نه هليو، بلڪه دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي – جي سندس وقت ۾ شاه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي ته هو کيس ڪم ايندا ۽ دريا خان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا، پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين؛ پر بيوقوف اهو نه ڄاتو ته اهي ماڻهو سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا.“(3)
    درٻاري ابتري ۽ گهرو ڪمزوريءَ کان علاوه ڄام فيروز ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سمن جي سلطنت جي قائم ڪيل بهترين لاڳاپن کي برقرار نه رکي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاه ڪئي، تڏهن درياخان کان علاوه ڪوبه فيروز جي مدد لاءِ اڳتي نه آيو. ٻارنهن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي هن بدبخت شهزادي وڏين مشڪلاتن ۽ قربانين سان پنهنجن بزرگن جي قائم ڪيل سلطنت کي به برباد ڪيو ۽ خود به دربدر ٿي ختم ٿي ويو.

    مرڪزي ايشيا ۾ تبديليون
    سورهين صدي عيسوي شروع ٿيندي ئي مرڪزي ايشيا ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿي ويو. سن 1501ع ۾ ايران ۽ صفوين پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. محمد خان شيباني هن دور ۾ طاقتور ازبڪ اڳواڻ طور نمودار ٿيو. سن 1504ع ۾ بابر ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ هن هرات جي بادشاه حسين مرزا جي مدد سان ازبڪن خلاف فوجي رٿابندي ڪئي، ليڪن سن1506ع ۾ حسين مرزا جي فوت ٿيڻ سان بابر جي هيءَ اميد پوري نه ٿي سگهي. حسين بايقرا جي پٽن ۾ گهرو لڙائي شروع ٿيڻ سان هرات جو شيرازو منتشر ٿي ويو، جنهن سبب بابر کي سخت مايوسي ٿي. ان صورتحال ۾ ازبڪن هرات تي قبضو ڪيو. امير ذوالنون اڪيلو انسان هو، جنهن هرات کي ڇڏائڻ لاءِ ازبڪن سان جنگ ڇيڙي. هو وڏي همٿ سان ميدان جنگ تي لڙندي سن 1507ع ۾ مارجي ويو. شاه بيگ جيئن ئي قنڌار جو والي بنيو، تيئن ئي هي شهر بابر جي نرغي ۾ اچي ويو. ارغونن قنڌار جي واپسيءَ لاءِ ازبڪن کان مدد ورتي ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيا. سن1510ع ۾ محمد خان شيباني (ازبڪ) مرو جي ميدان تي لڙائي ڪندي، صفوين جي هٿان مارجي ويو. هاڻي مرڪزي ايشيا ۾ بابر ۽ صفوي – ٻن اهم طاقتن طور نمودار ٿيا. طالع آزما شاه بيگ وڏي فڪر ۽ آزمائش ۾ اچي ويو. ڪافي سوچ ويچار کان بعد هن صفوي درٻار ڏي رخ رکيو، جتي کيس قيد ڪيو ويو. ٻن سالن جي قيد بعد وڏي مشڪل سان هو اتان ڀڄي نڪتو ۽ اچي قنڌار تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪيائين. ايرانين ابتدا ۾ قنڌار کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن بعد ۾ اهو ارادو ترڪ ڪري، ارغونن کي مطيع بنايائون. ٻئي طرف بابر پڻ قنڌار مان ارغونن کي بيدخل ڪرڻ لاءِ فوجي دٻاءُ جاري رکيو. هن سن1517ع ۾ قنڌار طرف ناڪام پيش قدمي ڪئي.(4) ان پس منظر ۾ ارغون ٻن اهم طاقتن جي وچ ۾ پيڙجي رهيا هئا. سرزمين قنڌار هنن لاءِ ڏينهون ڏينهن تنگ ٿي رهي هئي. هاڻي وقت اچي ويو هو جو هو ڪنهن نئين ملڪ جي ڳولا تيز ڪن. ان مقصد لاءِ هنن ”سنڌ“ ملڪ کي منتخب ڪيو. ارغونن وڏي رٿابندي ۽ مهارت سان سنڌ جي فتح کي هٿ ۾ کنيو.

    ارغونن جي سنڌ طرف پيش قدمي
    شاه بيگ ارغون جنهن وقت بابر ۽ صفوي بادشاهن جي فوجي ۽ سياسي غلبي سبب سخت پريشان هو، تڏهن کيس سنڌ جي فتح لاءِ مختلف قوتن ۽ واقعن تيار ڪيو. اندازو آهي ته سن 1509ع ۾ ڄام نندي جي وفات کان پوءِ ارغونن ”سبي“ تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي طاقت ۽ قوت کي توسيع ڏني. سنڌ تي ارغوني حملي ۽ جارحيت کي هيٺين طرح سان بنياد ۽ ميدان مهيا ٿيو:
    (1) صفوين جي ڪامياب حڪمراني ۽ بابر جي قنڌار وٺڻ جي خواهش – شاه بيگ ارغون کي ازحد پريشان ڪيو. تاريخن ۾ اچي ٿو:
    ”.....خاقان عاليشان شاه اسماعيل، خراسان جي ولايت پنهنجي قبضي هيٺ آندي ۽ حضرت بابر بادشاه ڪابل ۾ تشريف فرما آهي. ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جا دروازا کلي چڪا آهن، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي عاقبت جو فڪر ڪرڻ گهرجي.“(5)
    (2) ڄام فيروز هر قيمت تي دريا خان مان ڇوٽڪارو چاهيو ٿي. دريا خان جي چرچ تي سندس ماءُ ”مدينه“ سن 1516ع ۾ قنڌار وڃي شاه بيگ کي سنڌ تي حملي جي دعوت ڏني.(6)
    (3) شاه بيگ ارغون جو مهدي جونپوريءَ سان عقيدت وارو رستو ڏسجي ٿو.(7) ان دور ۾ سنڌ جي مهدوين ۽ بلاولي تحريڪ جي اڳواڻن ۾ زبردست ڇڪتاڻ ڏسجي ٿي. سنڌ جي مهدوين پڻ ارغونن جي حملي ۽ هن ملڪ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    (4) شاه بيگ سبي، شال ۽ مستونگ تي پنهنجو قبضو مستحڪم ڪري، سنڌ جي فتح لاءِ لشڪر ڀرتي ڪندي رندن جي قبيلي ۽ سندس حمايتي گروهن کي اهميت ڏني. ياد رهي ته بلوچن جي هن دور ۾ هلندڙ گهرو لڙائيءَ ۾ سنڌ جي سمن، لاشارين کي رندن جي خلاف مدد مهيا ڪئي هئي.(8)
    (5) نورگاهي ۽ دولت شاهي ماڻهن، جن کي فيروز جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، انهن سن 1518ع ۾ سنڌ جي خراب حالتن جي رپورٽ شاه بيگ کي موڪلي. هن رپورٽ ملڻ شرط ارغونن سنڌ اندر پهرين ڪاه ڪئي ۽ گهڻي ڦرلٽ ڪيائون:
    ”سو ڇا ڪيائون جو سياري جي ابتدار ۾ هزار سوار تيار ڪري سبيءَ کان سنڌ موڪليائون. ان ٽولي اچي ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. هن حملي ۾ مغل هڪ هزار اٺ ڪاهي ويا، جي رات جو باغن ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻين شين جو يا ان ملڪ جي آباديءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته لشڪر آس پاس ۾ هفتو رهي موٽي ويو.“(9)
    هن حملي کان پوءِ بابر کي سفير موڪلي، شاهه بيگ ارغون مڪمل بغاوت ڏني.

    سنڌ جي فتح ۽ سمان دور جي پڄاڻي
    هنن ابتدائي حملن ۽ آزمائشن بعد سن1520ع (926هه) جي آخر ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. شال، مستونگ ۽ ٻين شهرن جو جوڳو بندوبست ڪري، مير فاضل ڪوڪلتاش جي قيادت ۾ اڍائي سؤ چونڊ بهادرن جو لشڪر سنڌ ڏي موڪليو ويو. سموري لشڪر جي نگراني شاه بيگ خود ٿي ڪئي. ارغونن پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي. ارغوني لشڪر باغبان وٽان گذريو. ان وقت دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، ليڪن فاتحن رستو تبديل ڪري ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاه بيگ سان نيازمنديءَ جو اظهار ڪيو.
    ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:
    ”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“(10)
    ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.
    درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.(11)
    ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.(12)
    هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو:
    ”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“(12)
    شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين:
    ”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“(14)
    هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.(15) ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.
    شاه بيگ جي مرڻ بعد شاه حسن ارغون ”نصرپور“ ۾ تخت نشين ٿيو. ان موقعي تي ڄام فيروز مبارڪباد موڪلي، پنهنجي تابعداريءَ جو اعلان ڪيو. ليڪن شاه ارغون ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. هن لشڪر ڪشيءَ جو اطلاع ملڻ شرط ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو. ماڻڪ وزير ۽ فيروز جي ناٺيءَ شيخ ابراهيم ارغونن سان بحري جنگ ڪئي، پر کين ناڪامي ٿي. فيروز ڪڇ طرف نڪري ويو. مرزا شاه حسن ننگر ٺٽي ۾ زبردست خونريزي ڪرائي. هن واقعي کان اثر انداز ٿي هڪ مؤرخ لکي ٿو ته:
    ”خدا تعاليٰ شال مؤمن يا ڪافر کي به اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.“
    ڄام فيروز پنجاه هزارن جو لشڪر گڏ ڪري سن 1525ع ۾ چاچڪن ۽ راهمن جي آس پاس ۾ ظاهر ٿيو. ارغونن ڊگهي بحث مباحثي بعد فيروز سان جنگ جو فيصلو ڪيو. هن جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا اٽڪل روءِ ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا. ڄام فيروز پريشانيءَ ۽ پشيمانيءَ جي حالت ۾ گجرات ڏي هليو ويو. شاه حسن هيٺين سنڌ ۾ انتظام ٺيڪ ٺاڪ ڪري اتر ڏي راهي ٿيو، جتي ماٿيلي، اٻاوڙي، ڀٽي (ڀٽا واهڻ؟) واهڻ ۽ ملتان تائين مختلف واهڻ، شهر، ڳوٺ ۽ قبيلا سندس ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنيا. ان ڪري هتان جي سوين عالمن، صوفين ۽ ڪاريگرن – گجرات ۽ حجاز مقدس ڏي لڏ پلاڻ ڪئي. بلالي (بلاولي) تحريڪ جي مکيه اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خاتمي بعد قاضي قادن بکر جي قضا جو عهد وٺي خاموش ٿي ويو. زندگيءَ جي آخر ۾ قاضي قادن پڻ پنهنجي عهدي تان استغفا ڏئي حجاز مقدس ٿي هليو ويو. سن 1535ع ۾ همايون گجرات تي حملو ڪيو. ان موقعي تي ڄام فيروز گرفتار ٿيو ۽ پوءِ کيس همايون جي حڪم تي قتل ڪيو ويو. ان ريت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جي پڄاڻي ٿي. ان بعد هي خطو ٻن صدين تائين وري ڏيهي راڄ نه ڏسي سگهيو!

    حوالا ۽ حاشيه

    (1) ”تاريخ معصومي“ (سنڌي) ص119
    (2) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص136
    (3) ”تحفة الڪرام“ ص137
    (4) ڊاڪٽر رياض الاسلام ”انڊوپرشين رليشنس“ ص1-18 بنياد فرهنگ ايران سال 1970ع
    (5) ”تاريخ معصومي“ ص144
    (6) مير طاهر محمد ”تاريخ طاهري“ (فارسي) ص58
    (7) ڊاڪٽر ايم.ايڇ صديقي ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ترجمو غلام محمد لاکو رسالو ”مهراڻ“ 2/1987ع ص124
    (8) ايم ايڇ صديقي ”هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ص215 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال1972ع
    (9) ”تاريخ معصومي“ ص150
    (10) ”تاريخ معصومي“ ص153-154
    (11) ”تاريخ معصومي“ ص155-157
    (12) ”تاريخ معصومي“ ص160
    (13) ”تاريخ معصومي“ 163
    (14) ”تاريخ معصومي“ ص166
    (15) ايم. ايڇ. پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص383
    نوٽ: ارغونن کي رندن جي مدد حاصل رهي، جڏهن ته مگسين، لاشارين ۽ چانڊين اتر طرف سنڌ جي مختلف جنگين ۾ دريا خان جي مدد ڪئي هئي.


    سمن جي دور جو عام جائزو

    سمن جي سلطنت جي ابتدا ۽ انتها توڙي عروج ۽ زوال سان گڏ حاڪمن جي الڳ الڳ ڪارڪردگيءَ جي سرسري اڀياس بعد اسين هن دور جو عام جائزو پيش ڪنداسين. هن حصي ۾ هي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته سمن جي سلطنت ۾ انتظام ڪيئن هو، اثر وارا قومون ۽ قبيلا ڪهڙا هئا، سماجي جيوت ۽ ثقافتي صورتحال ڇا هئي ۽ امن امان توڙي اقتصادي ڀلي جو ڪيترو امڪان موجود هو؟ ان سان گڏ هتي سمن جي دور جي فن تعمير ۽ علم ادب جو احاطو پڻ ڪيو ويندو. هن دور بابت هن قسم جي اڀياس جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. اميد ته مستقبل جو محقق ان متعلق اڃا به وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪندو.

    (الف) حڪومتي جوڙجڪ
    انتظام: سنڌ ۾ ابتدا کان حڪومتي جوڙجڪ جو هڪ چٽو خاڪو موجود هو. تاريخ ۾ اسان کي پهرين منظم حڪومت راءِ خاندان جي ملي ٿي. هن خاندان متعلق هاڻي هي خيال آهي ته اهي سمن قبيلن مان هئا. راءِ خاندان جي بادشاهن وٽ مستحڪم انتظامي نظام ۽ بهتر حڪومت متعلق هڪ چٽو چارٽر ڏسجي ٿو. برهمڻن کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن انهن هتي پنهنجو انتظامي طريقو رائج ڪيو. سومرا سلاطين اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سنڌ کي وري پنهنجو ڏيهي سرشتو مهيا ڪجي. سپاه، لشڪر، امير، اهلڪار ۽ وزير سڀ هتان جي قبيلن مان کنيا ويا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي حڪومت بابت عوامي اعتماد ۾ ڀروسو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سومرن جي حڪومت ۾ سمن جي قبيلي کي خاص اهميت حاصل رهي. سمان خاندان پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم ڪندي ڪنهن حد تائين سومرن جي ڀيٽ ۾ زياده مستحڪم حڪومت قائم ڪئي. ان ريت سمن سلطانن امن امان قائم ڪري، عام انسانن کي بهتر زندگي مهيا ڪئي ۽ اقتصادي سڌاري جا امڪان پيدا ڪيا. مير علي شير قانع جي هيءَ راءِ درست ڪانهي ته سمن جي حڪومت، ڪلهوڙن جي حاڪميت کان گهٽ هئي. هو لکي ٿو ته: ”جنهن صورت ۾ هن گهراڻي (ڪلهوڙا) جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ ۽ ارغونن جي شان وشوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو.“(1) قانع اهڙي راءِ ڪلهوڙن جي حاڪمن جي نمڪ جي حق ادا ڪرڻ لاءِ ڏني هئي. ٻي صورت ۾ تاريخ جو اڀياس هن راءِ جي مخالفت ۾ وڃي ٿو.
    ارغونن فتح جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾ اچي، سنڌ جو سمورو سياسي ۽ علمي رڪارڊ توڙي تذڪره ۽ تاريخون ناس ڪري ڇڏيون، ان ڪري سمن جي دور جو عام اڀياس وڏي حد تائين مشڪل ٿي پيو آهي. تاهم جديد تحقيق ۽ تلاش اسان لاءِ ڪجهه راه متعين ڪئي آهي ۽ ان جي سهاري هي مطالعو موجود ڪجي ٿو.

    حڪومت جو نمونو: سومرن جي دور ۾ سمان خاندان حڪومت کي ويجهو هو. جڏهن تغلقن جي خلاف سنڌ ۾ بغاوت ٿي، تڏهن سومرا اڃا حڪومت جا ڌڻي هئا. تاهم ان بغاوت جي قيادت ڄام فيروز الدين انڙ ڪئي ۽ سيوهڻ ۾ معرڪا ڪري تغلقن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. فيروز الدين انڙ دلير، سورهيه، سياسي مدبر ۽ بهترين سفارتڪار هو. همير کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ بعد (پوءِ همير مقامي لڙائين ۾ قتل ٿي ويو) مختلف قبيلن جي ماڻهن گڏجي انڙ کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪري، کيس ”ڄام“ جو لقب ڏنو. هي سلسلو پوءِ آخر تائين برقرار رهيو. ممڪن آهي ته جڏهن سمن پنهنجي سلطنت کي قائم ڪري ورتو، تڏهن انهن حڪومت جي پائداري ۽ ملڪي استحڪام جي ضمانت لاءِ سماٽ قبيلن جي چڱن مڙسن ۽ ٻين سنڌي راڄن جي اثر وارن فردن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح مملڪت جي سربراه جي انتخاب جي معاملي ۾ شامل ڪيو هجي. تڏهن به ڏسجي ٿو ته بادشاه جي چونڊ جو آخري فيصلو شاهي گهراڻي جا فرد پاڻ ڪندا هئا. پهريون ڀيرو ڄام مبارڪ شاهي رسم ۽ قاعدا توڙي اقتدار تي قبضو ڪيو، پر کيس ٽن ڏينهن جي اندر حڪومت کان الڳ ڪيو ويو. پنهور صاحب پڻ حاڪم جي انتخاب بابت هيءَ راءِ ڏني آهي ته ان جي چونڊ مختلف قبيلن جي اتفاق سان، شاهي گهراڻي مان ڪئي ويندي هئي.(2)
    ڄام فيروز الدين انڙ کان پوءِ ڄام تماچي، بابينو، نظام الدين اول، علي شير، ڪرن، سنجر ۽ فيروز (آخري) اميرن جي اتفاق سان گادي نشين ٿيا. ڄام جوڻو، علي شير، ڪرن ۽ مبارڪ اهڙا بادشاه آهن، جي يا ته قتل ٿيا يا وري معزول ڪيا ويا. ڄام سنجر شايد پنهنجي پٽ ڄام نندي جي فائدي ۾ هٿ کنيو. اڪثر سلاطين طبعي موت مئا. ان ريت ظاهر ٿئي ٿو ته سمن جي سلطنت ۾ اندروني انتشار ۽ افراتفري گهٽ هئي. بادشاهن ۾ مذهبي رواداري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه هندو پڻ وزيرن جي حيثيت ۾ کنيا ويا. ان ڏس ۾ ڄام نندي جي دور ۾ ٻن هندو وزيرن – چاڳلا ۽ لکدير – جا نالا خاص اهميت رکن ٿا. سومرن جي مطالعي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ٻن عورتن پڻ ڪجهه وقت لاءِ حڪمراني ڪئي. انهن جا نالا همون ٻائي ۽ تارا ٻائي هئا. تاهم سمن جي حڪومت ۾ عورتن جو اقتدار ۾ شراڪت جو ڪوبه مثال موجود ڪونهي. سومرن بادشاهن سماجي جيوت ۾ ڪجهه بندشن ۽ پابندين کي اختيار ڪيو. سمان سلاطين جي مطالعي ۾ اسان کي شاهي خاندان ۽ ٻين قبيلن ۾ سماجي فرق گهٽ ملي ٿو. اسان جي دور ۾ ڪجهه اديبن هن طور ۾ طبقاتي ويڇا ڳوليندي، ڄام تماچيءَ کي خاص نشانو بنايو آهي. حقيقت ۾ سنڌ اندر طبقاتي معاشرو، انگريزن خاص مقصد سان وجود ۾ آندو. ذڪر هيٺ آيل دور ۾ سماجي اوچ نيچ ان سطح تي نه هئي، جيڪا اڄ اسان جي دور ۾ پنهنجي انتها کي پهتي آهي. ڄام تماچي سنڌ جي خود مختياري، وقار ۽ جدوجهد جو اهم اهڃاڻ آهي. ”نوري“ سان سندس نينهن جو پيوند لڳو ۽ بعد ۾ اها سندس پٽ راڻي بني. ان بعد ڄام نندي ماڇين جي قبيلي مان شادي ڪئي. ان مائيءَ جو نالو ”مدينه“ هو، جنهن ڄام فيروز کي جنم ڏنو هو. وزيراعظم درياخان جو ”همون“ راٺوڙ سان عشق پڻ پڌرو آهي. هي چند مثال ڏيکارين ٿا ته سمن بادشاهن ۽ سندس رعيت ۾ تمام گهٽ سماجي بالادستي يا فرق موجود هو. ان ڏس ۾ تنقيد ڪندڙن کي دنيا جي تاريخ تي پڻ نظر وجهڻ گهرجي.
    سمن جي سلطنت ۾ فوجي ۽ سياسي عهدا هڪ ئي فرد جي هٿ ۾ ڏسجن ٿا. دولهه درياخان، دلشاد، ڄام سارنگ، ديوان لکدير، حاجي خان، ماڻڪ ۽ چاڳلا – هڪ طرف پنهنجي دور جا ناميارا امير ۽ سياسي مداري هئا ته ٻئي طرف هو پنهنجي زماني جا سٺا سپاهي ۽ سپهه سالار پڻ هئا. جيتوڻيڪ مختلف ڄامن حڪومت جي ڪارج هلائڻ لاءِ جدا جدا اميرن ۽ وزيرن کي ڀرتي ڪيو، تاهم سموري سياسي طاقت ۽ فوجي قوت بادشاهن پنهنجي اختيار ۾ رکي هئي. انهن اميرن ۽ وزيرن ۾ البته دريا خان وڏي رتبي ۽ درجي جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي دور جو انتهائي اثر وارو امير هو. اسين پڪ سان هي چئي نٿا سگهون ته سمن حاڪمن حڪومتي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ ڪهڙا الڳ الڳ انتظامي شعبا قائم ڪيا؟ تڏهن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حڪمرانن هر شعبي تي ڀرپور ڌيان ڏنو ۽ سنڌي عوام کي هڪ سٺي حڪومت ڏيڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي.

    ملڪي صورتحال ۽ حدون: راءِ خاندان جي دور ۾ سنڌ جي پکيڙ ۽ وسعت لکين ميلن تي پکڙيل هئي. برهمڻن جي دور ۾ به اهي حدون برقرار رهيون. ملتان، قنڌار، مڪران، ڪڇ، لس ٻيلو ۽ ڪاٺياواڙ – تائين سنڌ جي حاڪمن جو حڪم هلندو هو. عربن جي ابتدائي دور ۾ ساڳيون سرحدون برقرار رهيون. ليڪن اڳتي هلي جڏهن سنڌ جو پرڳڻو گهرو لڙائين جي لپيٽ ۾ اچي ويو، تڏهن ان جي پکيڙ ۽ ايراضي پڻ گهٽجي وئي. سومرن ٽي صديون راڄ ڪيو، ليڪن اهي انيڪ مشڪلاتن ۽ تڪليفن سبب سنڌ جي وڃايل علائقن کي حاصل نه ڪري سگهيا. سومرن بادشاهن جو اڪثر ڪري وچولي ۽ لاڙ تائين قبضو رهيو. دهلي سلطنت جي خلفشار وقت هو ملتان تائين به پهچندا هئا. بهرحال سومرن لاهري بندر کان سيوهڻ تائين مسلسل حڪمراني ڪئي. سمن جي سلطنت کان اڳ سنڌ جي ملڪي ۽ سرحدي صورتحال ڪافي بگڙيل هئي.
    فيروز الدين ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪندي، ملڪي سرحدن طرف ڀرپور ڌيان ڏنو، ليڪن کيس خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. ايندڙ ڪجهه سالن تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور – تغلقن جي قبضي ۾ رهيا، جڏهن ته سمن جو لاڙ تي قبضو رهيو. اڳتي هلي جڏهن تغلقن ۽ سمن ۾ ٺاهه ٿي ويو، تڏهن ڏيهي طاقت جو اثر موجوده سنڌ جي حدن تائين پهتو. سنڌ جي ٿر واري حصي تي پندرهين صديءَ جي اچڻ تائين سومرن جي هڪ مقامي شاخ حڪومت ڪندي رهي. انهن هتي پنهنجو مرڪزي شهر ”عمر ڪوٽ“ جي نالي سان قائم ڪيو. بعد ۾ ٿر تي سوڍن قبضو ڪيو، جي گهڻو ڪري سمن جي ماتحت هئا. ڄام نندي جي دور ۾ سمن جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ٿر جو خطو اچ، سبي ۽ لس ٻيلو سنڌ ۾ شامل هئا.(3) گمان غالب آهي ته ڄام سڪندر اول جي دور ۾ اچ ۽ ڀٽي واهڻ (ڀٽا واهڻ) سنڌ جي قبضي ۾ آيا. ڄام سنجر پڻ ملڪي حدن کي مستحڪم رکيو. هن خاندان جي حڪومتي دائري کي ڄام نندي وڌ ۾ وڌ ايراضي مهيا ڪئي. ان بعد ڄام فيروز جي دور ۾ ملڪي ايراضي گهٽجڻ شروع ٿي. هن جي زماني جي ابتدا ۾ ”سبي“ شهر تي ارغونن قبضو ڪيو ۽ ان ريت آهستي آهستي ٻيا علائقا به اسان جي اثر مان نڪرندا ويا.
    ڄامن حاڪمن سنڌ جو انتظامي جوڙجڪ ڪيئن قائم ڪيو؟ ان متعلق ڇڙوڇڙ حوالا ملن ٿا. جڏهن سمن بغاوت ڪئي، تڏهن ننگر ٺٽو سنڌ جو مرڪزي شهر ڏسجي ٿو. ڄام فيروز الدين انڙ پنهنجو تختگاهه ”ساموئي“ مقرر ڪيو. ان بعد ”ٺٽو“ وري سنڌ جو تختگاهه بنيو. هي شهر آخر تائين سمن جو مکيه شهر رهيو. ملڪ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ سمن ڄامن سنڌ کي جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن ۾ تقسيم ڪيو. جدا جدا پرڳڻن ۽ صوبن تي حاڪم ۽ اعليٰ عملدار مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي موقعو ملندي ڪڏهن ڪڏهن بغاوت به ڪندا هئا. ڄام سڪندر کي تخت تي وهڻ سان بکر ۽ سيوهڻ جي حاڪمن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻو پيو هو.(4)
    شاهي خاندان جي فردن کان علاوه ٻين مکيه خاندانن جي فردن کي به اهم عهدا ۽ ذميداريون ڏنيون وينديون هيون. ان ڏس ۾ دولهه دريا خان، ڄام سارنگ ۽ دلشاد وزيرن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. سمن جي دور ۾ سنڌ جي انتظامي ونڊ ورڇ بابت ڪا چٽي ڄاڻ نه ٿي ملي. البت هڪ موقعي تي ”سيوهڻ“ کي صوبو سڏيو ويو آهي.(5) مطالعي هيٺ آيل دور ۾ جوڻ، بکر، سبي، عمر ڪوٽ ۽ نصرپور اهم سياسي ۽ فوجي مرڪز هئا. هنن شهرن ۾ قلعا ۽ ڪوٽ تعمير ڪري، اتي سپاه ۽ فوجي ماهر رکيا ويا هئا. سمن جي آخري دور ۾ ڪجهه بلوچ قبيلا سنڌ ۾ داخل ٿيا. ان زماني ۾ بلوچستان ۾ طويل گهرو جنگ لڙي وئي، جنهن سبب لاشاري ۽ سندن حمايتي قبيلا اتر سنڌ ۾ داخل ٿيا. سنڌ جي انتظامي ڍانچي ۾ هنن قبيلن کي خاص اهميت حاصل نه هئي. ابتدائي ڄامن کي ڪجهه وقت، دهلي سلطنت کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو هو، ان ڪري پنهنجي حڪومت جو ڍانچو تيار ڪندي، انهن دهلي سرڪار جي طرز حڪومت مان پڻ فائدو ورتو هوندو.

    پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا: خارجا پاليسي ڪنهن به رياست، قوم ۽ حڪومت جي زياده ۽ پائدار استحڪام ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. متوازن ۽ موزون ٻاهرين پاليسي، حقيقت ۾ هڪ سٺي حڪومت جي علامت آهي. ابتدا ۾ سمن سلطانن پنهنجي اقتدار اعليٰ جي قيام ۽ ملڪ جي خودمختيار حيثيت بحال ڪرڻ جي جنگ لڙي. ان مقصد خاطر مرڪزي ايشيا جي منگولن کان مدد وٺڻ ۾ ڪوبه عيب نه سمجهيو ويو. ڄام بابيني کان فيروز تغلق ۽ عين الملڪ ماهرو کي ان مدد وٺڻ تي سخت ناراضگي هئي. ماهرو اهڙو ذڪر پنهنجن خطن ۾ به ڪيو آهي. دهلي سلطنت جي مرڪزيت ختم ٿي. تڏهن سنڌ جي آس پاس ۾ ڪيئي نيون حڪومتون ۽ سلطنتون وجود ۾ آيون. وقت ۽ حالتن جي گهرج آهي سنڌ جي بادشاهن پاڙيسري رياستن طرف دوستي ۽ صلح جو هٿ وڌايو. ڪڇ تي جاڙيجن سمن جو راڄ هو، جن سان سنڌ جي سمن جا سٺا لاڳاپا رهيا. گمان غالب آهي ته سنڌ جي ڪمن، ڪڇي سمن جي مدد سان سومرن کي سنڌ جي اقتدار مان بيدخل ڪيو. ڄام تماچي جڏهن ٻيون ڀيرو حڪمراني ڪري رهيو هو، تڏهن سنڌ جي اوڀر ۾ گجرات ۾ ظفر خان پنهنجي سلطنت قائم ڪري ورتي. تڏهن کان ئي ٻنهي ملڪن ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيا. ان زماني ۾ ڪشمير تي سلطان شهاب الدين (1359-1378ع) حڪومت ڪري رهيو هو. ڪشميري مؤرخن سنڌ تي شهاب الدين جي هڪ حملي جو ذڪر ڪيو آهي.(6) سنڌ ۽ هند جي محققن هن حملي کي بي بنياد سڏيندي رد ڪيو آهي.(7) ڄام فتح خان (1413-1428ع) جي دور ۾ سنڌ تي ڪشمير جي هڪ وڌيڪ بي بنياد ڪاه جو پڻ ذڪر ملي ٿو. پنهور صاحب جو رايو آهي ته اهو حملو ٺٽي تي نه ڪيو ويو، بلڪ ڪشمير يا تبت طرف هڪ جابلو لڪ (Tatta Kutia) ڪوٽيا تي ڪيو ويو هوندو.(8) ان وقت ڪشمير تي شيخ علي حڪومت ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ سنڌ ۽ ڪشمير ۾، ذڪر هيٺ دور ۾ سٺا لاڳاپا موجود هئا، جيئن هيٺ ذڪر ٿيندو. ڄام فتح خان (نمبر:11) جي دور ۾ گجرات ۽ سنڌ جو سماجي تعلق پيدا ٿيو، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جا تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيا. ان ڏس ۾ ڄام تغلق جوڻي ثاني (نمبر:12) وڌيڪ پيش رفت ڪئي. هن پنهنجي ٻن نياڻين جي شادي گجرات ۾ ڪئي. ان ريت سمن ۽ گجراتين ۾ وڌيڪ تعاون، دوستي ۽ صلح جا امڪان پيدا ٿيا. راشدي صاحب جو خيال آهي ته ڄام تغلق جوڻي ثاني، اندروني پريشانين کان ڇوٽڪاري لاءِ هي مٽيون مائٽيون ڪيون.(9) پنهور صاحب جي راءِ اهي ته گجرات ۽ سنڌ جي بهتر لاڳاپن کي دهلي سلطنت جي جارحيت جي پس منظر ۾ سمجهڻ گهرجي.(10) ڏٺو وڃي ته ان دور ۾ دهلي سلطنت ڪمزور ٿي، جهڙوڪر ختم ٿي چڪي هئي. البت وچ ايشيا جي منگولن کان بچاءَ واسطي گجراتين ۽ سنڌين هڪ ٻئي سان بهتر تعلق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سمن سلطانن هر پاڙيسري رياست سان دوستي ۽ صلح کي ترجيح ڏني. ڄام سنجر ڪنهن اوچتي صورتحال کان بچڻ لاءِ مارواڙ ۽ گجرات جي سرحدن سان سمن، سوڍن ۽ ڪلهوڙن کي آباد ڪيو. سندس دور ۾ سن 1459ع ۾ هنن قبيلن جي ڇڙوڇڙ سپاه سان مارواڙ جي راجا جوڌام جو تصادم ٿيو. هن ويڙهه ۾ راجا جو پٽ سنتل مارجي ويو.(11) هن واقعي کان سواءِ مارواڙ ۽ سنڌ ۾ ٻي ڪنهن ڇڪتاڻ جو ڏس ڪونه ٿو ملي.
    سنڌ جي سمن جي خارجه پاليسي، ڄام نندي جي دور ۾ نه رڳو متوازن هئي، پر اها پنهنجي ڪاميابيءَ جي اوج کي پهتي. هن بادشاه جي زماني جي حوالي سان اوڙي پاڙي سان لاڳاپن متعلق تاريخ اسان تائين مناسب مواد پهچايو آهي. ناميارو محقق ۽ عالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم ڪامياب خارجه پاليسي جو ذڪر ڪندي، ڄام نندي کي تمام سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿو.(12) ڄام سنجر اقتدار جي مسند ڄام نندي جي حوالي ڪري گجرات هليو ويو هو. ممڪن آهي ته درٻاري افراتفري ۽ جوڌپور (مارواڙ) سان هلندڙ سرحدي جهڙپن سبب ڄام نندي کي اقتدار حوالي ڪري، سنجر خود اختياري جلاوطني پسند ڪئي هجي. ڄام نندي سنڌ جو بادشاه بنجڻ شرط هر طرح جي ابتري ختم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو. ان ڪري ٻه درٻاري امير ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد ملتان طرف جلاوطن ٿيا، جتي سلطان حسين لانگاه کين جاگيرون ڏنيون ۽ اهم عهدا ڏنا. ان صورتحال جي باوجود ڄام نندي ۽ سلطان حسين لانگاهه ۾ سٺا تعلقات برقرار رهيا ۽ سوکڙين پاکڙين جي مٽا سٽا جاري رهي.(13) ڪشمير ۾ ان دور ۾ سلطان زين العابدين، حڪومت ڪري رهيو هو. جهڙي ريت سنڌ ۾ ڄام نندي جهڙو مثالي بادشاه پيدا نه ٿيو، ٺيڪ ان ريت ڪشمير ۾ به زين العابدين جهڙو لائق حاڪم وري ڏسي نه سگهبو. زين العابدين ۽ ڄام نظام الدين ۾ تحفن جو تبادلو ٿيندو رهندو هو.(14) اندازو آهي ته مارواڙ ۽ سنڌ جي لاڳاپن کي متوازن رکڻ طرف به ڌيان ڏنو ويو هوندو. هن دور ۾ ڪڇ سان صلح ۽ دوستي جاري رهي. سنڌين ۽ گجراتين – ڄام نندي جي دور ۾ مشڪل گهڙي ۽ آزمائش وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪري، بهتر لاڳاپن جو عملي ثبوت ڏنو. ان دور ۾ گجرات ۾ سلطان محمود بيگڙو حڪمراني ڪري رهيو هو. رڻ ڪڇ ۽ ٿر جي سرحدن سان لڳ متعدد ڀيرا فساد ٿيا، جن کي چيڀاٽڻ ۾ بيگڙي سمن جي لشڪر جي مدد ڪئي. گجرات ۽ سنڌ ۾ موجود سٺن سياسي لاڳاپن جي ڪري، ٻنهي ملڪن ۾ فوجي، تعليمي ۽ ثقافتي معاهدا ٿيا. هن دور ۾ سمن جو خانديش جي فاروقي سلاطين سان به سٺو تعلق ڏسجي ٿو. هڪ ٻئي پاڙيسري ملڪ ايران سان سنڌ جي سلاطين جي واسطيداري متعلق تاريخ خاموش آهي. البت نندي جي دور ۾ متعدد ايراني عالم، شاعر ۽ اديب سنڌ پهتا ۽ کين وڏي عزت نصيب ٿي. حافظ شيرازي ايران جو مشهور شاعر، سنڌ اچڻ لاءِ قنڌار پهتو هو، ليڪن وطني ڪشش سبب پنهنجي ملڪ موٽي ويو.
    ڄام نندي هميشه ڪنهن پاڙيسري رياست سان جنگ ڪرڻ کان ٽارو ڪيو. ليڪن سندس دور ۾ سن 1485ع ۾ هرات ۽ سنڌ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. جنگ ۽ جهيڙو سال 1490ع تائين جاري رهيو. حسين بايقرا ۽ ڄام نندي جي سٺن لاڳاپن بگاڙڻ ۾ ارغونن اهم ڪردار ادا ڪيو. ياد رهي ته ارغون قنڌار تي حسين بايقرا پاران نيابت ڪندا هئا. بلوچستان ۾ رندن ۽ لاشارين جي طويل خانه جنگي سبب سمن سلطانن ۽ هرات جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿيا. تاريخ جي هن ڏکئي موقعي ۾ لاشارين اهل سنڌ کان مدد طلب ڪئي. جڏهن ته رندن فوجي مدد لاءِ حسين بايقرا (ارغونن) ڏي واجهايو. اڄ اسين پنج صديون اڳ ٿيل هن خونريز جنگ بابت تجزيو ڪندي ڄام نندي متعلق ڪي گمان ڪڍي، سندس ڊپلوميسي ۽ سياست کي ناڪام سڏي سگهون ٿا. تاهم هن جنگ سبب شال کان ننگر پارڪر تائين جيڪا تباهي ۽ بربادي آئي، ان جي پوري ذميواري سمن بجاءِ خود بلوچن تي اچي ٿي. محمود شاه بخاري لکي ٿو:
    ”رندن ۽ لاشارين پنهنجي گڏيل طاقت سان مڪران جي ريگستان مان نڪري، خوشحال علائقه فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم جي عظمت حاصل ڪرڻ خاطر پيش قدمي ڪئي. ڪاميابي سندن قدم چمڻ ۾ بخل کان ڪم نه ورتو، پر ٿوري منزل هلڻ بعد سندن قدم رڪجي ويا. مير چاڪر وٽ چاليهه هزار جنگي جوان هئا، جڏهن ته مير گهرام پنجيتاليهه هزار بلوچن جو ڪمانڊر هو. پنجاسي هزار سرفروش بلوچن جو لشڪر ڇا نه ٿي ڪري سگهيو؟ سلطان محمود غزنوي هندستان تي سترنهن حملا ڪيا، ڪنهن به حملي ۾ وٽس ويهن هزارن کان وڌيڪ لشڪر نه هو. شهاب الدين غوري ڏهن هزارن جي لشڪر سان پرٿوي راج کان دهليءَ جو تخت کسيو. التمش، علاؤ الدين خلجي، محمد تغلق، بابر ۽ شير شاه – وٽ به ڪڏهن ايڏو وڏو لشڪر نه هو. جيڪڏهن بلوچ ايڏيون ڪاميابيون نه ٿي ڏيکاري سگهيا ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو وقار ته قائم ڪري ٿي سگهيا. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زمين ٽڪري تي ته سربلند رهي ٿي سگهيا. افسوس جو پنهنجي طاقت ڪتب آڻڻ بجاءِ هو پاڻ ۾ ئي وڙهي وڙهي تباه ٿي ويا.“(15)
    ڄام نندي جي وفات سان سمن جي سلطنت پنهنجي اوج کي پهتي. ابتدا ۾ ته ڄام فيروز ننڍي عمر جو هو، ليڪن عمر ۾ وڏي ٿيڻ سان به کيس ذهني ۽ سياسي پختگي حاصل نه ٿي سگهي. درٻاري سطح تي فيروز جو سمورو ڌيان درياخان کي ختم ڪرڻ طرف رهيو. خارجي سطح تي پڻ سندس پاليسي ناڪام ڏسجي ٿي. ڪنهن به پاڙيسري رياست سان فيروز جا سٺا تعلقات برقرار نه رهيا. جيئن جيئن مرڪزي ايشيا ۾ طوفاني تبديليون اچي رهيون هيون، تيئن تيئن ارغون سنڌ کي ويجهو پوندا ويا. سن 1510ع ڌاري ڪڇ ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. راول هٿان هميرجي قتل ٿي ويو. راول ان گهڙيءَ فيروز کان مدد ورتي، جڏهن ته کنگهار، گجراتين ڏي واجهايو.(16) هن صورتحال سبب گجرات، سنڌ ۽ ڪڇ جي ملڪ جا لاڳاپا انتهائي خراب ٿي ويا. سنڌ جي سمن، گجرات جي سلطانن ۽ ڪڇ جي جاڙيجن ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت، مدد، خيرخواهي ۽ ساٿ جو موجود صدين جو سلسلو ختم ٿي ويو. ان بعد گجراتين ڄام فيروز کي هٽائڻ، صلاح الدين کي حاڪم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ پڻ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. ان ڪري سنڌ جي مستحڪم ۽ آزاد سلطنت جي خاتمي لاءِ فيروز به ايترو ئي جوابدار آهي، جيترو شاه بيگ ڏوهاري آهي. سنڌ جو ملڪ وڃائڻ بعد ڄام فيروز وري ڪڇ ۽ گجرات سان دوستي قائم ڪئي ۽ مٽيون مائٽيون به ڪيون. تاهم وڃايل وطن کيس وري نه ملي سگهيو. سندس موت به گجرات ۾ ٿيو ۽ دفن ڪفن به اتي ٿيو. هن دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ پورچوگيز به پهتا، ليڪن سنڌ سان سندن تعلق بابت ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

    فوجي صورتحال ۽ جنگي طور طريقو: سنڌ جي تاريخ پڙهندي اسان کي ڪنهن باقاعده فوج جو پتو نٿو پوي. اوکي گهڙي اچڻ تي رامن جا چڱا مڙس، قبيلن جا سردار ۽ ڳوٺن جا نيڪ مرد جوڌن جو مناسب تعداد مهيا ڪندا هئا. ذڪر هيٺ آيل دور ۾ پڻ ساڳي صورتحال ڏسجي ٿي. ان ڪري چئبو ته سمن جي سموري قوت جو مدار سنڌ جي عوام تي هو. اهل سنڌ مشڪل وقت ۾ ٻار کان جوان ۽ ٻڍي کان عورت تائين پنهنجي وطني دفاع جي جنگ لڙي. ان ۾ هندو ۽ مسلم جو به ڪو تفاوت نه هو. سمن جي پهرئين سربراه ڄام فيروز الدين انڙ، تغلقن خلاف سيوهڻ ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. تڏهن ساڻس گڏ ارڙهن سؤ جوڌن جو لشڪر هو.(17) ان بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن لڙائي جاري رکي وئي، تڏهن به دهلي سلطنت کي سوڀ حاصل نه ٿي. آخرڪار سمن جي اڳواڻ امير قيصر کي صلح جي بهاني گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. محمد تغلق کي سنڌي سپاه سان جنگ ڪرڻ لاءِ منگولن کان مدد وٺڻي پئي. فيروز تغلق سنڌ تي پهرئين حملي وقت نوي هزار سوار، پنج هزار بحري ٻيڙا ۽ چار سؤ اسي جنگي هاٿي استعمال ڪيا.(18) ان وقت ڄام بابينو سنڌ جو حاڪم هو. هن وٽ چاليهه هزار پيادن ۽ ويهه هزار سوارن جو لشڪر هو.(19) ڄامن پوري حرفت ۽ حيلي سان هندي لشڪر کي منهن ڏنو. بحري ٻيڙي ناس ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي حاڪمن حملي آور جي بري طاقت کي به تباه ڪيو. فيروز گجرات وڃڻ لاءِ ڪڇ جو رستو ورتو. بادشاه ۽ سندس لشڪر ڇهه مهينا ڪڇ ۾ رلندو رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ فيروز پوري تياري ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو. هندي فوجي قوت جو انگ اکر موجود ڪونهي. تڏهن به اندازو آهي ته هن ڀيري، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو سپاه آندو ويو هوندو. فيروز سنڌ ۾ داخل ٿيو ته جوئر ۽ ٻاجهر جي فصل جي ڪٽائي ٿي رهي هئي. هن هڪدم اناج تي قبضو ڪيو. سمن ڄمي لڙائي ڪئي. هندستاني وري به هارائي ويا. فيروز لڙائي روڪي وڌيڪ فوج گڏ ڪرڻ لاءِ دهلي طرف حڪم موڪليو. اٽڪل روءِ هڪ سال تائين سمن ۽ تغلقن ۾ ويڙهه ٿيندي رهي. فيروز سوڀ جي اميد نه ڏسي، مخدوم جهانيان جهان گشت کي وچ ۾ آندو. هن جنگ متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو:
    ”جاني نقصان ڪافي کان زياده ٿيو، جنهن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو. پاڻ به مئا ۽ ڌارين کي به خوب ماريائون. سندن دفاعي تندي ۽ توانائيءَ ۾ رتيءَ ماتر به فرق نه آيو.“
    مخدوم جهانيه کي وچ ۾ آڻي، تغلقن پنهنجي طاقت جو ڀرم برقرار رکيو. سال 1388ع کان پوءِ دهلي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. سمن جي سلطنت دنيا جي نقشي تي نروار ٿي. ايندڙ هڪ صدي سنڌ، ڪنهن مکيه معرڪي ۾ ملوث نه ٿي. ڪجهه غير اهم جنگين جو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪيو ويو آهي.
    پندرهين صديءَ جي آخر ڌاري سنڌ ۽ هرات ۾ لڙائين جي ابتدا ٿي. ابتدا ۾ ارغونن بهادر خان کي شڪست ڏئي، شهر ”سبي“ تي قبضو ڪيو. مختصر مدت ۾ درياخان هي شهر واپس ورتو ۽ ارغونن کي عبرتناڪ شڪست ڏني وئي. فيروز جي حڪومت جي ابتدا ۾ ارغونن ”سبي۽ ٻين شهرن تي وري قبضو ڪيو.(20) سنڌ تي باقاعده حملي کان اڳ شاه بيگ ارغون ننڍا ننڍا حملا ڪري، سنڌين کي خوفزده ڪرڻ شروع ڪيو. 11 محروم 927هه تي ارغونن ننگر ٺٽي ۾ اچي درياخان کي للڪاريو. اڳ سنڌ جي اڳواڻن ۾ اتحاد هو، ان ڪري قنڌار جي سرحد تي درياخان سوڀ پاتي. هاڻي سمن جو سڄو شيرازو منتشر هو، ان ڪري سنڌ جو هي سورهيه پنهنجي تختگاه ۾ به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. پوءِ به ارغون ميدان جنگ تي کيس ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار کيس حيلي بهاني سان گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو!
    ڄام صلاح الدين، سمن، جاڙيجن ۽ سوڍن جو ڏهه هزار لشڪر گڏ ڪري، ارغونن سان مقابلا ڪيا. کيس راءِ کنگهار جي مدد حاصل هئي.(21) هن جنگ ۾ ڄام جي لشڪر بيهي لڙائي ڪئي. ليڪن سندس پٽ هيبت خان ۽ خود سندس شهادت، ارغونن کي همت ۽ سوڀ حاصل ڪئي. ان بعد بزدل فيروز چاليهه هزارن جو لشڪر گڏ ڪري، بدين طرف شاه حسن ارغون کي للڪاريو. هڪ ڏينهن جي جنگ ۾ ويهه هزار انسان مارجي ويا.
    هن عنوان ختم ڪرڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته ذڪر هيٺ آيل دور جي مکيه فوجي مرڪزن، جنگي طور طريقن ۽ هٿيارن بابت مختصر ذڪر ڪجي. سمن جي دور ۾ عمرڪوٽ، نصرپور، بٺورو، ڪلان ڪوٽ، رتوڪوٽ، سيوهڻ، نيرون ڪوٽ، سبي، بکر، ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا، باغبان، ٺٽو، فتح پور، ٽلٽي ۽ بدين اهم فوجي مرڪز هئا. هتي قلعا ۽ ڪوٽ هئا، جتي فوج جو مناسب تعداد موجود هوندو هو. اڪثر سمان سلاطين اقتدار جي واڳ وٺندي، سرحدي شهرن ڏي ويندا هئا ۽ اتي بچاءَ ۽ دفاع بابت خاص حڪم ڏيندا هئا. متعدد بادشاهن بکر ۾ وڃي فوجي انتظام رکيو. ڄام نندي جي دور ۾ اتي دلشاد کي مقرر ڪيو ويو. ارغونن سنڌ فتح ڪرڻ بعد سمن جي هر اهڃاڻ ۽ علامت کي ختم ڪيو. شاه بيگ بکر جي پوري بناوٽ کي ڊاهي، نئين سر اڏڻ جو حڪم جاري ڪيو.(22) اوڀارين سرحدن تي امن امان هوندي به ڄام سنجر قلعا ۽ ڪوٽ اڏائي، ڪجهه مکيه قبيلن کي اتي رهايو هو.
    سمن جي دور ۾ سنڌي ماڻهو ميداني جنگ کان علاوه بحري ميدان تي به لڙائي ڪرڻ ۾ قابل هو. فيروز تغلق جي حملي وقت، ڄامن ننگر ٺٽي ۾ قلعي بند ٿي لڙائي جاري رکي. ان کان علاوه کاهيون کوٽڻ به ان دور جي جنگي طريقي ۾ شامل آهي. سنڌي لشڪر تغلقن جا بحري ٻيڙا ناس ڪيا، ليڪن شاه حسن ارغون سان وڙهندي، ڄام فيروز جو لشڪر ناڪام ٿيو. مير معصوم لکي ٿو:
    ”لشڪر جي درياه ٽپڻ وقت ماڻڪ وزير ۽ ڄام فيروز جو ناٺي شيخ ابراهيم ڪجهه لشڪر ساڻ وٺي سامهون اچي دنگيون کوليون ۽ توبچن ۽ تيراندازن سان ڀريل ڪي ٻيڙيون رستي جي منهن تي آڻي روڪڻ لڳا.“

    مؤرخن ٽلٽي وٽ ٿيل لڙائي جو ذڪر ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي:
    ”سهتا ۽ سوڍا ماڻهو جيڪي اتي حاضر هئا، تن ٺهراءُ ڪيو ته جيستائين جان باقي هوندي، تيستائين لڙائيءَ تان هٿ نه کڻنداسون......“
    ”انهيءَ جنگ ۾ سوڍن ماڻهن عجيب لڙائي ڪئي ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري ۽ بيهڪ ڪري انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رنمل سان گڏ ڪُسي ويا.“
    بدين طرف ٿيل ارغونن ۽ فيروز جي آخري جنگ جو ذڪر ڪندي مير معصوم نهايت تعجب سان سنڌي جنگي طور طريقي بابت لکيو آهي ته:
    ”انهن ماڻهن جڏهن مغلن جو لشڪر ڏٺو ته سڀني هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن تان پڳون لاهي، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي جنگ شروع ڪئي. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ ڪسڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن گهوڙن تان لهي، مٿا اگهاڙا ڪري، چادرون ۽ ڪمر بند هڪ ٻئي سان ٻڌندا آهن.“(23)
    سمن جي دور جي جنگي حرفتن ۽ طور طريقن جو اڀياس ڪندي، ڪجهه اهم حقيقتن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هڪ روايت آهي ته:
    سمان ۽ سومرا، ٻه ڳالهيون پارين،
    وار نه ڪن عورت تي، ڀڳي پٺ نه وڃن. (24)
    معنيٰ ته سمن ۽ سومرن ميدان جنگ تي عورت جي عزت جو خاص خيال رکيو ۽ لڙائي مان ڀڳل سپاه جي پٺيان وڃڻ به انهن جو شيوو نه هو. سمن سلطانن هر ڀيري سنڌ جي دفاع جي جنگ پاڻ لڙي. تاهم ضرورت وقت انهن پاڙيسري قومن کان مدد وٺڻ ۾ به عيب نه سمجهيو. غنيم جي حملي وقت سمان سلاطين بيٺل فصل کي ناس ڪرائي ڇڏيندا هئا. فيروز جي پهرين ڪاهه ڀيري ائين ڪرڻ سان سنڌين کي مثالي سوڀ حاصل ٿي هئي، جڏهن ته ٻئي حملي وقت تغلقن پڪل فصل تي قبضو ڪري، پنهنجي مرضي ۽ خواهش موجب سمن تي معاهدو مڙهيو هو. بلاشبه وطني دفاع ۾ قومي ٻڌي مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. ارغونن جي سنڌ ۾ ڪيل فتوحات کي هتان جي ڦوٽ ۽ گهرو تڪرار وڏي هٿي ڏني. تاهم اهل سنڌ جي شڪست جو سبب ڏيندي، مير علي شير قانع لکي ٿو:
    ”سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا: ڪلاه پوش مغلن جي هيبت کان پهرئين ئي دفعي ٽاه کائي ڀڄي ويا.“(25)
    زره، تير ڪمان ۽ تلوار سان ليس ٿي پندرهين ۽ سورهين صدي جا سنڌ واسي پنهنجي دشمن کي قلعي بند ٿي يا وري کاهيون کوٽي للڪاريندا هئا. سلطنت هند ميدان جنگ تي هاٿي ڪتب آڻيندي هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ گهڻو ڪري لڙائي واسطي گهوڙا استعمال ۾ ايندا هئا. هن دور ۾ گجرات، وجيه نگر ۽ دکن ۾ بارود ۽ اتشي هٿيار پهچي چڪا هئا.(26) تاهم سنڌ ۾ ان زماني جي هيءَ نئين جنگي دريافت اڃا نه پهتي هئي.
    سمن جي دور ۾ سهتا، سوڍا، ڏهر، ڌاريجا، ماڇي ۽ سمان مارشل قبيلن جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا. ارغونن ملڪ وٺڻ بعد هنن قبيلن جو قتل عام ڪرايو. هن زماني جي جنگي اڀياس ڪندي درياخان، امير قيصر، ڄام انڙ، ڄام بابينو، ڄام تماچي، ڄام سارنگ، دلشاد، جوڌو سوڍو، موٽڻ خان، محمود خان، رنمل سوڍو، هيبت خان، ڄام صلاح الدين، ماڻڪ، شيخ ابراهيم، مخدوم بلال ۽ سندس خليفا – وطن دوست، دلير، سورهيه ۽ فوجي ماهر طور تاريخ ۾ نمايان ڏسجن ٿا، جڏهن ته ڄام جوڻو (اول) قاضي قادن ۽ ڄام فيروز – بزدل، ڪانئر توڙي وطن فروش ۽ موقعي پرست جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا.

    عدالتي سرشتو: سمن جي سلطنت ۾ عدالتي سرشتي جا ٻه مکيه شعبا هئا. هڪ طرف عدالتي ضابطي کي اسلامي شريعت سان روشناس ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي ۽ قاعدن کان پڻ مدد ورتي وئي. مقامي نوعيت جا معاملا ۽ ننڍا ننڍا ڏوهه، هيٺين سطح تي راڄن جا چڱا مڙس ۽ قبيلن جا سربراه پاڻ ٻڌندا هئا ۽ فيصلا ڪندا هئا. هي طريقو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ سوڌو رائج آهي. جيتوڻيڪ ويهين صدي جو سنڌي سماج گهڻي حد تائين تبديل ٿي چڪو آهي، تاهم اڄ به سماٽ قبيلن جو سنجيده معاشرتي مطالعو، ان ڏس ۾ اسان کي گهڻو مواد مهيا ڪري سگهي ٿو. سمن جي دور ۾ هتان جو سماج ڪافي پرامن هو، ڇو ته سنڌ ۾ اتر ۽ اولهه جي قومن جا اثرات اڃا نه پهتا هئا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي قتل ۽ خونريزي ڪرڻ، پوءِ جي دورن جو واڌارو آهي. ڪاروڪاري جهڙي رسم سنڌ ۾ مغل دور جو آثار ۽ اهڃاڻ آهي. ان کان اڳ هتي انساني قتل وڏو جرم، ڏوهه ۽ پاپ سمجهيو ويندو هو. مقامي سماجي ضابطن کان علاوه سمن سلطانن پنهنجي عدالتي سرشتي کي منظم ڪرڻ لاءِ اسلامي شريعت ۽ قانون کان پڻ مدد ورتي. مير علي شير هن دور جي ڪجهه قاضين جا نالا رڪارڊ ڪيا آهن، جنهن کي اسلامي قانون ۽ فقه تي مڪمل عبور حاصل هو. قاضين جو انتخاب عام طرح اعليٰ تعليمي ادارن جي استادن ۽ عالمن مان ڪيو ويندو هو. اسلامي عدالتي سرشتو هن سور ۾ ڄام نندي جي وقت اوج کي پهتو.
    مؤرخن سمن سلطانن جي عدالتن ۽ انصاف بابت لکندي ڄام علي شير، ڄام خير الدين، ڄام سنجر ۽ ڄام نندي جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ڄام خير الدين جي عدل ۽ انصاف بابت ٻڌايو ويو آهي ته:
    ”هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ”ڪي مظلوم آهن جي انصاف گهري رهيا آهن.“ جاچ مان معلوم ٿيو ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هنن چورن کان مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو ۽ قاتلن کان قصاص ورتو.“(27)
    ڄام علي شير کي به عادل سڏيو ويو آهي. تاريخ ۾ ڄام سنجر جي عدل پروري مشهور آهي. سندس دور ۾ بکر جي قضا جي عهدي تي قاضي معروف مقرر ڪيل هو. هو صاحب عدالت هلائيندي، ٻنهي ڌرين کان رشوت وٺندو هو. ڄام سنجر هيءَ شڪايت ٻڌي، تڏهن کيس ٺٽي طلب ڪيائين. پڇا ڪرڻ تي قاضيءَ جواب ڏنو ته آئون ٻنهي پارٽين کان پيسه وٺان ٿو. اڃا ته شاهد تڪڙ ۾ نڪري وڃن ٿا، ورنه انهن کان به خرچي وٺان ها. رشوت کائڻ بابت قاضي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته عيالدار آهيان ۽ پگهار مان پورت نه ٿي ٿئي.(28) ڄام سنجر هي قصو ٻڌي قاضي معروف کي انعام ڏنا ۽ سڄي ملڪ ۾ ملازمن جي تنخواه وڌائڻ جو حڪم ڏنو. ڄام نندي جي دور ۾ عدالتي سرشتي ۾ وڌيڪ سڌارا آندا ويا ۽ ان کي اسلامي قانون جي تابع بنايو ويو. ڄام صلاح الدين جي دور ۾ قاضي نعمة الله ۽ ڄام نندي جي حڪومت ۾ قاضي عبدالله ۽ اچ جي قاضي محمد وڏو نالو ڪڍيو.
    سمن بادشاهن مکيه شهرن ۾ عدالتون قائم ڪيون. ننگر ٺٽي ۾ چيف جسٽس (وڏو قاضي) رهندو هو، جيڪو ڪورٽ هلائڻ کان علاوه اهم ديني مسئلن تي وقت جي حاڪم کي صلاحون ۽ مشورا پڻ ڏيندو هو. هن دور جا قاضي توڙي حاڪم انصاف پسند ۽ خدا جو خوف رکندڙ هئا. انصاف ۽ عدل کي ٻن ڏوڪڙن تي نيلام ڪرڻ گهڻو پوءِ جو قصو آهي. سمن جو دور نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ کان آجو هو. خدا جو خوف موجود ۽ انسانن جو وقار اڃا قائم هو. ممڪن آهي ته ڪن محققن لاءِ ڄامن جي عدل پروري متعلق ڏنل هي مثال اعتبار جوڳا نه هجن، ليڪن صدي ڏيڍ پوءِ مغلن جي هڪ حامي مؤرخ ميرڪ يوسف، ڄام خير الدين جي انصاف جو مٿيون ذڪر ڪندي پنهنجي دور ۾ سنڌ اندر ظلم ۽ ناحق بابت هن ريت اظهار راءِ ڪيو هو:
    ”هن وقت حالت اها آهي جو سيوهڻ جا مظلوم اڃا تائين جيئرا ويٺا آهن ۽ احمد بيگ خان توڙي سندس ڀاءُ ٻئي عيش پيا ڪن.“(29) ياد رهي ته احمد بيگ ان وقت سيوهڻ سرڪار تي شاه جهان پاران نيابت ڪري رهيو هو.
    تعليم: سمن بادشاهن رياستي سطح تي تعليم ۽ تحصيل جي خوب سرپرستي ڪئي. تاريخ ۾ هنن بادشاهن جي علم دوستي ۽ عالم نوازيءَ جا ڪيئي مثال موجود آهن. عربن جي فتح بعد هتان جي تعليم ۽ تدريس ۾ تبديلي آئي. سنڌ جو تعليمي طريقو به باقي اسلامي دنيا وانگر قائم ڪيو ويو. سومرن ۽ سمن جي دور تائين نصاب ۾ مختصر ڦير ڦار ٿي. تاهم عربي زبان کي درس ۾ اهم رتبو حاصل رهيو. ان دور ۾ استاد ۽ عالم اهو ئي هو، جيڪو اديب ۽ اهل قلم هو. جنهن بزرگ مدرسو، مڪتب ۽ خانقاهه هلائي ٿي، ان صاحب تعليم جي واڌاري سان گڏ علمي ۽ ادبي خدمت به ڪئي ٿي. مولائي شيدائي مرحوم جو رايو آهي ته عربن ۽ سومرن جي دور ۾ مسجد، درسگاه جو ڪم ڏيندي هئي، ليڪن سمن حاڪمن مدرسن لاءِ جدا جايون جوڙيون، جتي وڏي رتبي جا عالم ۽ محدث تعليم ڏيندا هئا.(30) سنڌ ۾ بلاشبه ڇهن صدين کان مناسب ۽ معقول، ديني توڙي دنيوي تعليم جو بندوبست هو. سومرن جي زوال ڌاري ابن بطوطه، سيوهڻ ۾ اعليٰ تعليمي درسگاهن جو ذڪر ڪندي، اتي جي استادن ۽ عالمن جو به ذڪر ڪيو آهي. انهن مان اڪثريت جو واسطو ٻاهرين دنيا سان هو. ان بعد ڄامن پنهنجي ٻن صدين جي حڪومت دوران تعليم جي شعبي تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ ان کي ترقي وٺرائي. قديم عالمن کان جديد محققن تائين هن دور ۾ ٿيل تعليمي واڌاري بابت ساراه ڪئي وئي آهي. هن زماني ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاها، ٻٻرلوءِ، هالڪنڊي، نصرپور، اگهاماڻي، عمرڪوٽ ۽ باغبان – اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز هئا. ڊاڪٽر انصار زاهد ذڪر هيٺ آيل زماني ۾ تعليمي اوسر بابت لکي ٿو:
    ”دهلي سلطنت جي دور ۾ تعليم ۽ تربيت جي همت افزائي ٿي. ان دور ۾ سيوهڻ ۾ ”محمدي خانقاه“ اهم تدريسي مرڪز ڏسجي ٿي. سمن سردارن کي حڪومت تغلقن جي زماني ۾ ملي. انهن پڻ علم ۽ ادب جي سرپرستي ڪئي. ڄام سنجر ۽ ڄام نظام الدين عالمن جي وڏي خدمت ڪئي. ڄام نندي ٻاهرين دنيا جي عالمن کي گهرايو ۽ کين وڌ ۾ وڌ سهوليتون ڏنيون.“(31)
    وچئين دور جي ماخذن جي پڙتال ڪندي خبر پوي ٿي ته سمن سلطانن، تعليم جي واڌاري ۾ سٺي دلچسپي ڏيکاري هئي. ڄام تماچي، ڄام سڪندر (ثاني)، ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دولهه دريا خان – مڪتبن ۽ مدرسن جي خوب سرپرستي ڪئي. هنن حاڪمن استادن جو مان مرتبو بلند ڪيو ۽ خانقاهن ۽ مدرسن لاءِ وڏيون رقمون مهيا ڪيون. ڄام تماچي دهليءَ جي قيد مان آزاد ٿي ٺٽي پهتو. تڏهن هن شيخ حماد جماليءَ جي خانقاه ۽ درگاهه لاءِ ڳري رقم فراهم ڪئي. ان سان گڏ مڪليءَ جي جامع مسجد لاءِ به گنڊ مهيا ڪيا ويا. شيخ حماد جمالي هن وقت جي وڏي علمي شخصيت آهي. پاڻ هميشه حجري ۾ منهن ڍڪيو ويٺو هوندو هو. شاگرد حجري جي ٻاهران وهندا هئا ۽ شيخ اندران ويهي کين درس ڏيندو هو. ان ريت ڄام صلاح الدين پڻ تعليم ۽ تدريس ۾ دلچسپي ڏيکاري. سمن جي ابتدائي زماني ۾ سيد محمد شيراز کان سنڌ پهتو. سندس پٽ سيد احمد به ساڻس گڏ هو. هنن ٻنهي بزرگن صوبي سيوهڻ ۾ مدرسو قائم ڪيو ۽ علم جي پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سيد محمد جي وفات کان پوءِ سيد احمد مستقل طرح ٺٽي ۾ قيام ڪيو. هنن بزرگن سان گڏ حافظ شيرازي به سنڌ ڏي آيو ٿي. ليڪن وطني ڪشش سبب قنڌار مان موٽي ويو. سيد احمد جو هڪ پٽ جعفر گجرات ويو ۽ اتي ديني ۽ درسي شغل جاري رکيائين. سندس ٻيو پٽ پير مراد شيرازي (وفات:893هه/1487ع) ٿي گذريو. سيد احمد جو ٽيون پٽ سيد علي اول (وفات:877هه/1472ع) هو، جنهن جو پٽ سيد جلال هو. سيد جلال تفسير، حديث، فقہ ۽ ٻين علمن ۾ اڪابر هو. سڄي ڄمار پاڙهيندي گذاريائين. سندس وفات سن 903هه/1497ع ۾ ٿي. جنهن زماني ۾ سيد احمد ٺٽي آيو، ان وقت سندن ملاقات قاضي نعمت الله ٺٽويءَ سان ٿي. قاضي پنهنجي زماني جي اهم علمي شخصيت تي گذريو آهي.
    هن دور ۾ جيئن ته گجرات ۽ سنڌ جو ويجهو واسطو هو، ان ڪري ٻنهي رياستن ۾ عالمن جي اچ وڃ به جاري رهي. سيد جعفر ٺٽي مان گجرات ويو، جڏهن ته ڪاٺياواڙ (مئنگلور) مان علاؤ الدين سنڌ پهتو. هن هڪ ڪتاب ”الزبدة“ لکي ڄام سڪندر شاه (ثاني( جي نالي معنون ڪيو. هي ڪتاب ورهين تائين هتي جي نصاب ۾ شامل رهيو. مؤرخن ڄام سنجر جي علم نوازيءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي. پاڻ هميشه عالمن، صالحن ۽ درويشن جي دلجوئي ۽ خدمت ڪندو هو. ان بعد سنڌ جي حڪومت ڄام نندي جي حوالي ٿي. کيس ابتدا کان ڪري عالمن ۽ علم سان محبت هئي. مير معصوم لکي ٿو:
    ”ابتدا ۾ ڄام نظام الدين علم جي طلب ڪندو هو. مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو ۽ نهايت نهٺو، خليق، وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن سان موصوف هو. ڪمال درجي جي زهد ۽ عبادت جو مالڪ هو.“
    تاريخون ۽ تذڪرا ڪيئي عالمن جي نشاندهي ڪن ٿا، جن هن حاڪم جي زماني ۾ سندس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم جي آبياري ڪئي. سوين استادن هزارين شاگردن کي درس ڏنو ۽ سندن علمي اڃ اجهائي. هر ننڍي وڏي شهر ۽ قصبي ۾ درسگاهه هئا، جن کي سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. تدريس ۾ مشغول بزرگ روحاني طرح به وڏي رتبي جا مالڪ هئا. ڏيهي عالمن کان علاوه ڄام نندي پرڏيهي استادن جي به همت افزائي ڪئي ۽ انهن پنهنجا شهر ڇڏي سنڌ ۾ مدرسا کوليا. ڪتابن ۾ هن دور ۾ ٿيل علمي ترقيءَ جا ڪجهه مثال محفوظ آهن. قاضي عبدالله هن دور جو وڏو عالم هو. هي سيوهڻ جي عباسي خاندان مان هو. سالن تائين طالب العلم هر خميس جي ڏينهن سندس مقبري تي حاضر ٿي، ڪسب ڪمال ۽ قلب ۽ ذهن جي ڪشادگي واسطي دعائون گهرندا هئا. علامه جلال الدين دواني (وفات: 1502ع) جي گهرائڻ لاءِ سفر جو خرچ ڏانهنس موڪليو ويو. ليڪن کيس موت مهلت نه ڏني ۽ هو پهچي نه سگهيو. البت سندس ٻه ناليرا شاگرد مير معين ۽ مير شمس دارالحڪومت ٺٽي پهتا. هن عالمن هت رهي ديني ۽ دنياوي علم جي واڌاري ۾ وڏو حصو ورتو. ڄام نندي جي دور ۾ ئي شيخ عيسيٰ برهانپوري لنگوٽي هندستان (سي – پي) کان ٺٽي پهتو. هن ساموئي ۾ پنهنجو مدرسو هلايو. سندس حجري کي وقت جي اهم درسگاه مڃيو ويو آهي. ان دور جو بهترين استاد علامه نعمت الله عباسي سندس شاگرد هو. هن دور جي تعليمي اڀياس ڪندي، اسان کي شيخ حسين صفائي (وفات: 1524ع) کي به ياد ڪرڻ گهرجي.
    سورهين صدي شروع ٿيڻ سان وچ ايشيا ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿيو. ان صورتحال ۾ اتان متعدد عالمن اچي سنڌ ۾ پناه ورتي. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا محمد ۽ مولانا اثير الدين ان پس منظر ۾ هن ملڪ ۾ پهتا. هنن بزرگن کي دريا خان جي سرپرستي حاصل ٿي. اهڙي طرح پاڻ ”ڳاها“ ۾ اعليٰ پايي جو درسگاهه جاري ڪيائون. ميان عبدالعزيز جي وفات ڳاها ۾ ٿي.(32)
    هي ته اهي چند نالا آهن، جي محققن جي طفيلي محفوظ رهيا. بي صورت ۾ ٻن صدين جي سمن جي حڪومت دوران سوين ڀلارن خدمتون سرانجام ڏيندي، تعليم ۽ تحصيل جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو هوندو. هن مطالعي ۾ ٽي وڌيڪ عالم ۽ اڪابر به شامل ٿيڻ گهرجن، جن مثالي تعليمي خدمتن سبب تاريخ جي صفحن تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. مخدوم بلال باغبان ۾ درس ۽ تدريس جو شغل جاري رکيو. جمالي دهلوي (وفات:1536ع) ساڻس ملاقات ڪئي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ”سير العارفين“ ۾ سندس ذڪر عزت ۽ احترام سان ڪيو آهي. ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم ملتان ۾ ۽ اچ ۾ مدرسن جو بنياد رکي عالمن ۽ اديبن جي خوب سرپرستي ڪئي.
    جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته سمن ڄامن تعليمي سرگرمين لاءِ الڳ تعميرات ڪيا ۽ انهن لاءِ رقمون فراهم ڪيون. مڪتب، مدرسو ۽ خانقاه هن دور ۾ علم جي سکيا جا مرڪز هئا. ڪڏهن ڪڏهن مسجدن سان متصل حجرا به شاگردن جي تحصيل لاءِ ڪتب ايندا هئا. هن زماني جا استاد وڏا عالم اڪابر هئا. اهي پڙهائي سان گڏ درسي ڪتاب به تيار ڪندا هئا ته انهن تي شرحون به لکندا هئا. علامه عبدالعزيز ۽ علاؤ الدين منگلوري، سونهارن جي ان سٿ ۾ شامل هئا. نصاب ۾ منقولات کي معقولات تي ترجيح حاصل رهي. قرآن پاڪ جي تدريس کان علاوه منقولات ۾ تفسير، قرائت، حديث ۽ فقہ به پڙهايو ويندو هو، جڏهن ته معقولات ۾ فلسفي، طب، منطق ۽ ادب جي تعليم شامل رهي. درسي نصاب ۾ ماهر ڄاڻو ۽ استاد مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ سمن جي آخري دور ۾ وچ ايشيا ۽ ايران جي عالمن جي اچڻ سان سنڌ ۾ فارسي ادب جو چرچو ٿيو ۽ هتي حافط، سعدي، خيام، رومي ۽ فردوسيءَ جا ديوان ۽ شعر به پهتا، تاهم هن دور جي ٺوس علمي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته ”عربي“ زبان دفتري توڙي درسي حيثيت ۾ ڇانيل رهي.(33)
    بلاشبه سنڌ جي سمن سلطانن ديني ۽ دنياوي علومن جي واڌاري لاءِ بهترين موقعا مهيا ڪيا. تڏهن به انهن سائنسي علومن لاءِ ڪا همدردي نه ڏيکاري. انهن نه ته رصدگاهن جي قيام ۾ دلچسپي ورتي، نه وري تجربيگاهن جي ٺاهڻ لاءِ رقمون ڏنيون. ان دور ۾ مسلم دنيا، خاص ڪري وچ ايشيا ۽ ايران ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن سائنس جي واڌاري لاءِ خاص فنڊ مهيا ڪيا ۽ حڪيمن ۽ سائنسدانن جي سرپرستي ڪئي، توڙي جو سياسي ميدان تي هنن وڏا ظلم ڪيا ۽ بربادي ڪيائون!

    معاشي ۽ اقتصادي اڀياس: تاريخ جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي آخري زماني ۾ سنڌ جي اقتصادي ابتري پيدا ٿي. محمد حسين پنهور جي راءِ موجب سومرن جي زوال ۾ سنڌو درياهه اهم ڪردار ادا ڪيو. درياهه جي رخ تبديل ٿيڻ سبب معاشي صورتحال نازل ٿي وئي. سمن ۽ تغلقن جي طويل ڇڪتاڻ سبب پڻ هتان جي اقتصاديات تي خراب اثر پيا. فيروز تغلق سنڌ ۾ داخل ٿيو، تڏهن فصل ناس ڪيا ويا ۽ ان ريت عام انسان جي جيوت تي خراب اثر پيو. فيروز تغلق ۽ ڄام تماچيءَ صلح ڪيو. تڏهن سنڌ جي روزمره جي جيوت ۾ استحڪام پيدا ٿيو. ليڪن ان سان گڏ هن خطي تي بي انداز ڏن مڙهجي ويو. دهلي سلطنت ڪمزور ٿي ختم ٿي، تڏهن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساه کنيو. ان بعد سمن ملڪ جي ترقي ۽ ڀلي لاءِ قدم کنيا. انهن واپار کي وسعت ڏني، صنعت ۽ حرفت کي فروغ ڏنو ۽ آبپاشي ۽ زراعت جي واڌاري طرف پيش رفت ڪئي.
    هتان جي عوام جي اڪثريت جو گذر سفر زراعت، محنت، مزدوري، هلڪين صنعتن، مڇي مارڻ ۽ چوپايي مال ڌارڻ تي هو. واپار ۽ ملازمتن ۾ تمام گهٽ ماڻهن دلچسپي ورتي ٿي. سمن جي دور ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ قصبن ۾ ڪپڙي جي صنعت، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جي حرفت کان علاوه اجرڪ، کٿا ۽ کيس ٺاهڻ جا اڏا موجود هئا. درياهي صنعت به اوج تي هئي. ڪپهه، اناج ۽ نير جام ٿيندو هو، جن کي ٻاهر موڪليو ويندو هو. هن زماني ۾ صنعت توڙي تجارت تي مقامي سنڌي مسلمان ڇانيل هو. هندن جو واپار تي قبضو مغل دور جو اهڃاڻ آهي. ٺٽو، عمرڪوٽ، نصرپور، بکر، سيوهڻ، ڪنڊيارو، جوڻ ۽ سن وغيره اهم واپاري، صنعتي ۽ تجارتي ماڳ ڏسجن ٿا. سمن بابت جيڪو مواد ملي ٿو، ان مان خبر پوي ٿي ته عام انسان جي جيوت سٺي هئي ۽ ماڻهو سک سانت ۽ خوشهاليءَ واري زندگي بسر ڪندا هئا. سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي فراواني هئي ۽ ڪمي توڙي ڪاسبي پيٽ ڀري کائيندا هئا. ابن بطوطه لکي ٿو:
    ”هتي جي واه جي ڪناري تي سواءِ گدرن جي پوک جي ٻي ڪابه شيءِ پوکي نه ٿي سگهجي. هن شهر جا ماڻهو (سيوهڻ) جوئر ۽ جلبان جي ماني ٺاهي کائيندا آهن. هتي مڇي ۽ مينهن جو کير جام ملندو آهي.“
    هيءَ شاهدي هڪ هعمصر سياح جي آهي. سندس بيان کي اسين سنڌ جي ٻين خطن سان به لاڳو ڪري سگهون ٿا. سمان بادشاه سرزمين سنڌ جو اولاد هئا، ان ڪري اقتدار جي واڳ وٺندي انهن پنهنجي ملڪ جي آبادي ۽ آبياري طرف ڀرپور ڌيان ڏنو. مير معصوم بکري، مير طاهر محمد، ميرڪ يوسف، فريد بکري ۽ مير علي شير قانع نه ته سمن جا درٻاري مؤرخ هئا ۽ نه وري هو سمن جي شاهي خاندان جا فرد هئا. ان ڪري ذڪر هيٺ دور جي اقتصاديات بابت سندن لکت وڌيڪ اهميت رکي ٿي. مير معصوم تمام ٿورن لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته: اڪثر بادشاه عوام ۽ سپاه جو خيال رکندا هئا. مسلمانن جي مال ۽ عزت جي حفاظت ڪندا هئا. سندن دور ۾ ملڪ ۾ وڏي رونق پيدا ٿي ۽ پاڻ رستن جي امن امان جو مناسب بندوبست ڪري، وڻج واپار کي وڏي هٿي ڏنائون.(34) هن لکت کي تسليم ڪندي، مئڪمروڊو، چٻلاڻي ۽ ماڙيوالا توڙي ٻين ڏيهي ۽ پرڏيهي مؤرخن سمن جي دور ۾ معاشري بهتري ۽ سڌاري جي نشاندهي ڪئي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هر ملڪ ۾ وڻج واپار، صنعت ۽ تجارت ۾ سياسي استحڪام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڄام خير الدين ۽ ڄام نندي سرحدي انتظام ٺيڪ ڪري، قافلن جي اچ وڃ کي تحفظ ڏنو. ان پس منظر ۾ مولائي شيدائي مرحوم لکي ٿو ته: سمن فرمان روائن ڌاڙيلن جي بيخ ڪني ڪري، جن واپارين جا مال سنڌ اندر لٽيا هئا، سي انهن گجرات تائين سندن وارثن کي ڌاڙيلن سميت پهچايا هئا. شين جي اگهن جي جاچ ڪرڻ لاءِ هر هڪ شهر ۾ ناطم مقرر ڪيا هئا.(35) ان ريت ڏيڍ صدي اڳ ڪيپٽن مئڪمروڊو، سمن جي دور جي واپاري ڪيفيت جي زبردست واکاڻ ڪري ٿو. سندس راءِ ۾ جيئن ڄام اقتدار ۾ آيا، واپار پنهنجي اوج کي پهتو. ڪجهه حاڪمن واپار کي هيٺين منزل تان کڻي انتها تي پهچايو.(36) ساڳي طرح پروفيسر چيتن ماڙيوالا، هن دور جي تجارت بابت مطمئن آهي. هن جو خيال آهي ته: سمن حاڪمن، سومرن جي ڀيٽ ۾ وڏي خوداعتمادي ڏيکاري. انهن سڄي سنڌ تي سبي ملڪ تائين راڄ ڪيو. هن دور ۾ سنڌ جو واپار وڏي اوج تي پهتو.(37) هنن راين کي هٿي ڏيندي ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو: سمن ڏاڍي سياڻپ سان ۽ سهڻي نموني حڪومت هلائي ۽ مجموعي طرح ڏسجي ٿو ته هنن جي حڪومت ڏاڍي ڪارائتي هئي. هنن کيتي، ڪارخانن ۽ واپار جي همت افزائي ڪري صوبي کي ڪافي ترقي ڏياري، ڪيترا ئي نوان شهر آباد ڪيا. هنن جي راڄ ۾ ملڪ ايترو ته سکيو ۽ ستابو هو جو ان کي مقامي تاريخ ۾ سونهري دور سڏجي ٿو.(38)
    سنڌ جو واپار سنڌو درياه، سمنڊ ۽ اهم رستن ذريعي ٿيندو هو. اٺ، ٻيڙا ۽ جهاز باربرداري ۽ ڳانڍاپي جو ڪم ڏيندا هئا. سمن جي دور ۾ وچ ايشيا، ايران، عرب دنيا ۽ گجرات سان وڏي پيماني تي مال جي مٽا سٽا جاري هئي. هن دور ۾ لاهري بندر وسيلي سنڌ جو باقي دنيا سان واپار ٿيندو هو. ابن بطوطه لکي ٿو ته:
    ”هي نهايت خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آهي ۽ درياه سنڌ پڻ ان جي ڀرسان اچي ٿو. سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. اصل ۾ هي شهر هڪ وڏو بندرگاه آهي، جتي يمن ۽ فارس جا جهاز ۽ واپاري تمام گهڻا اچن ٿا. ان ڪري هي شهر تمام مالدار آهي. هتي محصول تمام گهڻو وصول ڪيو ويندو آهي، جيڪو سالانو ست لک دينار آهي.“(39)
    لاهري بندر متعلق هي حوالو تڏهن جو آهي، جڏهن سمن، سومرن ۽ تغلقن ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي. ان سمي بندر جي پيدائش دهلي سلطنت جي حوالي هئي. سمن جي اوج دوران هي بندر وڌيڪ وسيو. ان ريت سندس آمدني وڌائي، سنڌ جي خزاني کي مالا مال ڪيو ويو.
    سمان سلاطين صنعت ۽ تجارت سان گڏ زراعت جي واڌاري ۾ پڻ بيحد دلچسپي ورتي. همعصر ماخذن جي کوٽ سبب سمن طرفان آبپاشي نظام ۾ آندل سڌارن ۽ ترقيءَ بابت اڄ اسين گهڻو ڪجهه چئي نٿا سگهون. تڏهن به مليل مواد ظاهر ڪري ٿو ته حاڪمن نهرون ۽ واه کوٽائي، هتان جي پوکي راهي وڌائي ۽ ان ريت عام انسانن جي جيوت ۾ سڌارو آيو. هن دور ۾ دولهه دريا خان هٿان جاري ڪيل ٻن واهن جو ذڪر ملي ٿو. هن امير ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آس پاس زمينن جي آباديءَ واسطي هڪ نهر کوٽائي، جنهن کي ”خانواه“ سڏيو ويندو هو.(40) منڇر جي ڏکڻ ۾ بوبڪن جي ماڻهن گچ ۽ مانهن جي ٻوري سان پڪو بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمين کي پاڻي پهچايو. ان ڪري اتي جام آبادي ٿيندي هئي. درياخان هٿان هڪ وڌيڪ واه جي اڏاوت بابت ميرڪ يوسف لکي ٿو: سنڌ جي حاڪم ڄام نندي جي زماني ۾ چاڳلا وزير کي درياخان سان گڏي سيوهڻ موڪليو ويو، جنهن هتي باراني پاڻيءَ تي وهندڙ ”ساوه واه“ جو افتتاح ڪيو.(41) بئريجن کان اڳ سنڌ ۾ صدين تائين کوهن تي نار چاڙهي ۽ هرلا هلائي، ٻنيون پوکيون وينديون هيون. ان ڪري وچئين دور ۾ کوه جي وڏي اهميت هئي. سمن ڄامن پنهنجي ملڪ ۾ کوه کوٽائي زراعت کي فروغ ڏنو. ان ڏس ۾ ڄام سڪندر (دوم؟) جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. سندس دور ۾ جيڪي کوه تعمير ٿيا، انهن تي لڳل ڪتبن تي هن جو نالو مليو آهي. ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رعيت ڄام سڪندر مان خوش هئي. اهڙو هڪ ڪتبو سنجرپور (رحيم يار خان) مان پڻ مليو هو.(42) هن مطالعي جي آئيني ۾ ڊاڪٽر چٻلاڻيءَ جي راءِ بلڪل درست ڏسجي ٿي:
    ”جيڪي زمينون اڳ غير آباد هيون، سي به هاڻي چڱي طرح پوکيون ويون. اڻ پوکيل جو ڪو ٽڪر مشڪل ملندو. هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي پورهئي ۽ قابليت سان ملڪ کي اهڙي آسودي حالت تي پهچايو، جيڪي حصا ويران هئا، اتي هاڻي رونق لڳي وئي، ڄڻ ته اتي ڪا نئين دنيا پئدا ٿي هئي.“
    ذڪر هيٺ آيل دور ۾ زراعت سيلابي، چرخي ۽ باراني طريقن سان ٿيندي هئي. هن دور ۾ بارش زياده ٿيندي هئي. تڏهن ته ڪاڇي ۾ بند ٻڌي پاڻي محفوظ ڪيو ويندو هو. خريف جو فصل ڀلان ڀال ٿيندو هو، جڏهن ته چيٽ جو مدار زياده سيلاب ۽ بارش تي هوندو هو. ناري جو خطو (عمر ڪوٽ) ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ جام پاڻي هجڻ سبب موجوده دور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرسبز ۽ آباد هو. همعصر سياحن جي تحريرن مان ان جي تصديق ٿئي ٿي.(43) سمن جي زماني ۾ درياه سنڌ جو اولاهون پاسو به ڪافي آباد ۽ وسيل هو. هزارين اٺ رات جو نار هڪلي باغن ۽ پوکن لاءِ پاڻي مهيا ڪندا هئا. مير معصوم لکي ٿو ته: ”...... اچي ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. سنڌ جو هڪ عالم مخدوم جعفر، مرزا عيسيَ ترخان کان روايت ڪندو هو ته هن حملي ۾ مغل هزار ته رڳو اٺ ڪاهي ويا، جيڪي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻين شين جو يا ان ملڪ جي آبادي جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي....“
    هن خطي ۾ ان جي پوک جام ٿيندي هئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو: انهيءَ ڪاڇيءَ واري پاسي تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن مان نو حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي مليو ٿي. تڏهن به ڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پي ٿيا. لاڙ جو خطو وري ڪپهه ۽ ميون جي پيدائش سبب مشهور هو. صدين کان هلندڙ هڪ ڪهاوت ذريعي ان جي نشاندهي ٿئي ٿي:
    نـرت نـورائـي، نار نصرپور، ڦر فتح باغ
    لهي ڏس جوڻ، جت آهي ڪپهه جو واپار

    سڪا: سنڌ جي پنهنجي سڪي جو حوالو راءِ خاندان ۽ برهمڻن جي راڄ ۾ ملي ٿو. جڏهن هباري خاندان بغداد کان الڳ ٿي حڪومت قائم ڪئي، تڏهن هن خاندان جي بادشاهن منصوره مان پنهنجو سڪو جاري ڪيو. سومرن جي سڪي بابت هيل تائين ڪابه معلومات نه ملي آهي. سمان سلاطين جي پنهنجي سڪي بابت قيام پاڪستان تائين اسان جي ڄاڻ محدود هئي، ليڪن هن ڏس ۾ بنهه تازي اميد افزا تحقيق ٿي آهي. ڪنهن به خاندان طرفان پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ سان سندن خودمختياري ۽ اقتصادي بهتري ظاهر ٿئي ٿي. سمن بادشاهن پنهنجو سڪو به جاري ڪيو ته پرڏيهي سڪي کي به چالو رهڻ ڏنو. سمن جي پنهنجي سڪي ملڻ بعد سندن حڪومت، انتظام، خودمختياري ۽ معاشي توڙي ملڪي خوشحاليءَ بابت مؤرخن پاران ڪيل تعريف جي تصديق ٿئي ٿي. هيل تائين مليل معلومات موجب: علاؤ الدين ڄام جوڻي (اول؟) ۽ ٽن آخري بادشاهن: سلطان صدر الدين شاهه، نظام الدين شاهه ۽ فيروزالدين شاهه عرف ڄام فيروز جا پنهنجا جاري ڪرايل سڪا مليا آهن. هنن بادشاهن جا سڪا ديهه راهو، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد مان هر هڪليندي زمين مان لڌا، جي ٽامي جي هڪ ٿانو ۾ رکيل هئا. ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل نه مليو آهي. ساڳئي ٿانو ۾ گجرات جي بادشاهن (1396-1572ع) ۽ جون پور جي سلطانن (1397-1477ع) جا سڪا به مليا آهن.(44) گجرات ۽ سنڌ جو ويجهو تعلق هو. ان ريت هتي گجرات جي سڪن جو ملڻ ان تعلق تي روشني وجهي ٿو. البت جون پور جا سڪا ممڪن آهي ته سيد محمد آندا هجن، جو ڄام نندي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو. لڌل سڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڀياس هيٺ آندا هئا.

    ٽن آخري ڄامن جي سڪي بابت ڪجهه وڌيڪ معلومات سامهون آئي آهي.
    صدر الدين ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو 1461ع (866هه) ۾ فوت ٿيو هو. ڄام سنجر جو سڪو نهٽي (نهٽو) مان مليو آهي. سڪي جي ٻنهي پاسن کان هڪجهڙي عبارت ”ڄام صدرالدين“ لکيل آهي. عبادت جي چوڌاري گول دائرو آهي. هن قسم جا سڪا هن کان اڳ ڪٿان به نه مليا آهن. ساڳي جاءِ تان ڄام نندي جو سڪو به لڌو آهي. سڪي جي هڪ پاسي سندس والد ”ڄام صدر الدين“ واري ساڳي عبارت آهي ۽ ٻئي پاسي هن جو پنهنجو نالو ”ڄام نظام الدين“ لکيل آهي. ٻنهي سڪن تي مليل لکت عربي رسم الخط ۾ آهي.(45)
    ڄام نندي ۽ ڄام فيروز جي سڪن بابت محترم عبدالله ورياهه وڌيڪ روشني وڌي آهي. سندس تحقيق جو خلاصو پيش ڪجي ٿو:
    ”ڄام نظام الدين جا سڪا ٽن قسمن جا آهن، ٽنهي جي لکڻي هڪجهڙي آهي. صرف ماپ ۽ وزن جو فرق آهي. ٽئي قسم ٽام جا آهن. انهن سڪن جي هڪ طرف گول دائري ۾ ”سلطان جام نظام الدين“ ۽ ٻئي پاسي به گول دائري ۾ سندس والد جو نالو ”جام صدر الدين“ اڪريل آهي. سڪن تي سن درج ڪونهي ۽ نه وري ضرب خانو ڄاڻايو ويو آهي. رسم الخط عربي ڏيکاري ٿي ۽ ان وقت عربي ٻولي لکپڙهه جي ڪم ايندي هئي.....“
    ”ڄام فيروز جا سڪا ٽامي جا مليا آهن. ٽامي ۽ چانديءَ جا مڪس ٿيل (ٺهيل) سڪا به مليا آهن. اهي سڪا وزن ۾ ٻين سڪن جي ڀيٽ ۾ ڳرا ۽ ٿلها آهن. فيروز جا مليل سڪا جدا جدا ماپن ۽ تور جا مليا آهن. سڪي جي هڪ طرف گول دائري ۾ ”جام فيروز شاهه“ ۽ ٻئي طرف سندس والد جو نالو ”سلطان نظام شاهه“ اڪريل آهي. سن درج ٿيل ڪونهي ۽ نه وري ضرب خانو تحرير ڪيو ويو آهي. رسم الخط عربي آهي. خاطري آهي ته ڄامن جا هي سڪا ٺٽي ۾ ٺهيا هوندا، جو ان دور جو تختگاه هو.“(46)
    سمن جي حڪومت دوران ٻاهرين دنيا، خاص ڪري: گجرات، خانديش، دهلي، سلطنت ۽ جون پور جا سڪا به سنڌ ۾ رائج هئا. انهن مان گجرات ۽ جون پور جا سڪا سنڌ مان مليا آهن، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ان ڏس ۾ وڌيڪ مواد جدا جدا ڪتابن ۾ موجود آهي.

    (ب) سماجي ۽ ثقافتي صورتحال
    قبيلا ۽ ذاتيون: ڪنهن به دور جي قبيلن ۽ ذاتين جو تفصيلي اڀياس ان زماني جي سماجي صورتحال جانچڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. سمن جي دور ۾ ذاتين ۽ قبيلن جا ٽي مکيه گروپ ڏسجن ٿا: سماٽ قبيلا، عربي نسل ذاتيون ۽ باقي ننڍا ننڍا گروه ۽ جاتيون، اسلام کان اڳ ڪجهه سمن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو، جن آخري هندو راجائن جي ظلمن کان تنگ ٿي، سنڌ جي فتح ۾ عربن جي مدد ڪئي هئي. سومرن سان سمن جي آخري معرڪي جي قيادت ڄام هالي ڪئي هئي، تاهم اقتدار انڙ جي حوالي ٿيو. ان بعد سمن ماڻهن گڏجي فيروزالدين ان‏ڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏنو. ڄام انڙ جو اولاد اڳتي هلي ”سماٽ“ جي سڀني قبيلن ۽ ذاتين جو مکيه سردار بنجي ويٺو. سماٽ ۾-برفت، پلي، لاکا، ڌاريجا، ڏهر، سهتا، ڪوريجا، ڏاهري، انڙ، راهو، جوڻيجا ۽ ٻيا گهڻا قبيلا شامل آهن. سومرن کي پڻ نسلي مطالعي جي ماهرن سماٽ قبيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. سمن جي سلطنت شروع ٿيندي ئي حسب روايت سومرا عتاب هيٺ آيا. انهن پنهنجي ذات تبديل ڪري کٽي، ڌوٻي ۽ ڊکڻ سڏائي زندگي بسر ڪئي. سومرن جي شاهي خاندان گجرات طرف پناه ورتي ۽ ٻين خاندانن (سومرن) ٿر ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح سمن جي بادشاهي ختم ٿي ته انهن پڻ گجرات ۽ ٿر ڏي رخ رکيو. ٿر جي پرانهين علائقن ۾ هنن قبيلن پنهنجي صديون پراڻي ڪلچر کي اڃا تائين برقرار رکيو آهي. سماجي معاملن ۾ سومرن سخت گير پاليسي اختيار ڪئي. جڏهن ته سمن بادشاهن گجرات ۽ خانديش تائين مٽيون مائٽيون ڪيون. سومرن ۽ خاص طرح سندس حمايتي قبيلن، سمن جي باد‏شاهي قائم ٿيڻ بعد هن ريت پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو هو:
    ڪارا ڪُرَ ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءِ،
    ور جيڏيـن سين جُـوع، فاقو فرحت ڀانيان!
    (شاهه عبداللطيف)
    سمن جي سلطنت ۾ اهم فوجي، سياسي ۽ انتظامي عهدن تي شاهي خاندان کان علاوه ٻين سماٽ قبيلن مان پڻ ماڻهو کنيا ويندا هئا. ان جو هڪ مثال دولهه دريا خان جي روپ ۾ ملي ٿو. تحريري رڪارڊ موجب هو سيد زادو هو. سنڌ جي مقامي روايتن موجب هن عظيم سپه سالار ۽ سفارتڪار جو تعلق ”قبوليا“ گهراڻي سان هو. اهڙيءَ طرح صنعت، تجارت ۽ زمينون سنڌ جي مقامي ماڻهن جي حوالي هئا. ارغون پيداواري وسيلا ۽ سپاه گيري، پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪيا. ان ڪري سمن ۽ فاتحن ۾ طويل ڇڪتاڻ جاري رهي.(47) ارغونن هڪ رٿا هيٺ سمن جي مرڪزيت ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سورهين ۽ سترهين صدين ۾ سنڌ ۾ ٿيل مقامي جنگين ۽ گهرو لڙائين سبب سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پهتو. ان هوندي به هنن ذاتين ۽ گروهن پنهنجو وجود برقرار رکيو. انڙن جي قبيلي پنهنجي موجوده اڳواڻ ڄام تماچيءَ جي روپ ۾ سمن جي شاهي خاندان جي نالن کي به قائم رکيو آهي ته صدين جي سياسي تسلسل (سردار ڄام تماچي: سال1987ع ۾ پاڪستان پارليامينٽ جي ايوان بالا يعني سينيٽ جو ميمبر هو) تي به نگاه رکي آهي. سمن جي دور ۾ سماٽ جي مختلف گروهن کي پڻ جدا جدا لقب مليل هئا. ان ريت شاهي خاندان ۾ سندن اهميت ۽ سڃاڻپ ٿيندي هئي. بادشاهي وڃڻ بعد سماٽ جي مختلف ذاتين ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي. ان ڏس ۾ هڪ مؤرخ لکيو آهي ته: اها سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقبن سان سڏبا هئا. هر هڪ پاڙي، ڪٽنب، قبيلي جي وفاداري پنهنجي مک ماڻهوءَ سان هوندي هئي. انهن مک ماڻهن جي وفاداري وري مکيه راجا يا بادشاه سان هوندي هئي، جنهن جو لقب ”ڄام“ هوندو هو. ليڪن وڏيءَ حڪومت وڃڻ کان پوءِ ننڍن قبيلن جا مک سردار به ’ڄام‘ سڏائڻ لڳا. ڪي ڄاموٽ سڏبا هئا، جنهن جي معنيٰ ’ڄامزادا‘ ٿئي ٿي. جهڙي طرح راجا جي اولاد کي راجپوت يا نواب جي اولاد کي نوابزادو سڏڻ ۾ آيو ٿي.(48) موجوده دور ۾ جوڻيجا، سهتا،. جوکيه، ڪوريجا، ڏهر ۽ انڙ قبيلن جا چڱا مڙس ڄام جو لقب رکن ٿا.
    سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي زماني ۾ ڪيئي عربي نسل قبيلا نمايان آهن. سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ مختلف ملڪن مان ساداتن (سيدن) سنڌ طرف لڏپلاڻ جاري رکي. عربي نسل قبيلن بکر کان پاٽ ۽ ٺٽي تائين قضا ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هي طبقو حڪمرانن جي ويجهو هجڻ سبب رعايت يافته هو. سنڌ جي سياست ۾ ساداتن سڌي طرح حصو نه ورتو، تاهم اڻ سڌي طرح انهن مقامي ملڪي ماحول ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي مخدوم جهانيه جهان گشت طرفان ڄامن ۽ تغلقن ۾ ڪرايل معاهدن کي ڏسڻ گهرجي. علمي ۽ ادبي سطح تي به هنن قبيلن بهرو ورتو. بدلي ۾ کين وظيفا، جاگيرون ۽ روزينا مقرر ٿي مليا. هن دور ۾ ساداتن ۽ ٻين عربي نسل خاندانن، سنڌ ۾ تصوف کي وڌايو ۽ ان لاءِ باقاعده درگاهون قائم ڪيون.
    ذڪر هيٺ آيل دور ۾ ٽيون قبائلي گروپ ننڍن ننڍن قبيلن ۽ گروهن جو ڏسجي ٿو. هندن کي هن زماني ۾ مناسب مقام حاصل هو. تاهم ارغونن کان پوءِ هي طبقو هرسطح تي اڀري آيو. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ وچ ايشيا ۾ آيل تبديلين سبب متعدد قبيلن سنڌ ۾ پناه ورتي. ان ريت سنڌ جهڙو امن ڀريو خطو، تشدد ۽ ظلم جي راه تي راهي ٿيو. مير علي شير ان جو ماتم ڪيو آهي. سمن جي دور جي ابتدا ۾ بلوچ پڻ هن ملڪ ۾ داخل ٿيا. ڄام تغلق هڪ موقعي تي کين ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ فوجي قدم کنيا هئا. سمن جي آخر ڌاري بلوچن جي طويل گهرو جنگ ڪري لاشارين ۽ رندن سنڌ ۾ پناه ورتي. شاه بيگ ارغون، سمن سان گڏ سنڌ جي ٻروچن تي پڻ سخت قدم کنيا هئا. هن دور جي معاشري جي ڪهڙي صورت هئي؟ ان متعلق هڪ مصنف لکي ٿو ته:
    ”اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو، سو سمن جي حڪومت کان پوءِ ئي مليو، نه ته انهيءَ ۾ وڏو شڪ هو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ها، پر قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو.“(49)
    سمن جي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ سنڌي سماج طويل آزمائشي مرحلن مان گذريو. هزارين خاندانن گجرات ۽ خانديش ۾ پناه ورتي. سوين عالم، اديب ۽ ڪاريگر جلاوطن ٿيا. اتر ۽ اولهه مان آيل قبيلن هتي جرگه ۽ سرداري سسٽم کي رائج ڪيو. ان ڪري سنڌي معاشرو وڌيڪ ونڊ ورڇ جو شڪار ٿي ويو.(50)

    صوفياڻي ۽ مذهبي زندگيِ: سمن ڄامن دين اسلام جي اشاعت ۾ ڀلان ڀل حصو ورتو. هنن بادشاهن جي دينداري ۽ اسلام دوستي تاريخن ۾ بلڪل پڌري آهي. ڄام تماچي، ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دريا خان دين جي واڌاري ۾ دلچسپي ورتي. هن دور ۾ مذهبي عالم، صوفي ۽ درويش وڏي مرتبي وارا هئا. ڄام تماچي اهل تصوف جو مداح هو، جڏهن ته ڄام جوڻو صوفين وٽ ناپسند ڪيو ويندو هو. سمن سلطانن مذهب اسلام جي خدمت ڪندي، ڪڏهن به ڪٽرپڻي کي پسند نه ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي ڄام نندي پاران وزارت ۾ هندو وزيرن جو مثال ڏسڻ گهرجي. سمن بادشاهن تعليمي مرڪزن سان گڏ خانقاهن ۽ درگاهن لاءِ پڻ ڪثير رقمون ڏنيون. ڄام نندي جي دور ۾ شريعت جي وڏي پابندي ٿي ۽ مسجدون نمازين سان ڀريل ڏسبيون هيون.
    سنڌ ۾ تصوف جي روايت ڪافي پراڻي آهي. مشهور صوفي بايزيد بسطامي پڻ سنڌ جي هڪ بزرگ بوعلي سنڌيءَ کان تصوف جا ڪي نقطا سکيا هئا. سمن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغ به پنهنجي تبليغ ۾ مصروف ڏسجن ٿا. تصوف جي سلسلي جا چار مکيه ڪتب آهن. چشتي طريقو ڪڏهن به سنڌ ۾ خاص طرح سان رائج نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نقشبندي مڪتب گهڻو پوءِ هت پهتو. البت قادري ۽ سهروردي سلسلا سنڌ ۾ سومرن جي زماني کان موجود هئا. نوح بکري، قلندري، لعل شهباز، پير پٺو، سيد علي ۽ پير پٿوري کي سنڌ جي تصوف ۾ ابتدائي اهميت حاصل آهي. هنن بزرگن جون درگاهون هتي صوفي ازم کي رائج ڪرڻ ۾ مٿانهون رتبو رکن ٿيون.
    هڪ طرف سهروردي ۽ قادري صوفي پنهنجي مسلڪ جي پرچار ۾ رڌل هئا ۽ ٻئي طرف مهدوي بزرگن ۽ اسماعيلي مبلغن به پنهنجي طريقي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر انصار زاهد جي راءِ آهي ته قادرين وڏي ڪوشش سان اسماعيلي اڳواڻن کي سنڌ ڇڏائي گجرات طرف هجرت لاءِ مجبور ڪيو.(51) قادري صوفين هن زماني ۾ لوهاڻن جي وڏي تعداد کي مسلمان بنايو. سنڌ ۾ سهروردي مسلڪ سومرن جي دور ۾ پهتو. سنڌ جا اڪثر قبيلا مخدوم بهاؤ الدين زڪريا جي اثر هيٺ سهروردي طريقي ۾ داخل ٿيا. اڃا تائين ڪيئي قبيلا هن درگاه سان لاڳاپيل آهن. سهروردي صوفين سنڌ ۾ سرڪاري پاڇي ۾ پنهنجو پرچار جاري رکيو. صوفين جون درگاهون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ٿيون، جتي راڳ ۽ موسيقي سان گڏ سنڌي زبان کي به وسعت ملي. بلاشڪ صوفين الاهيات ۽ روحانيت جي معاملن ۾ ماڻهن کي روشني ڏني، تاهم اهي ملڪي معاملن کان لاتعلق نه هئا. ان ڏس ۾ شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح کيبر وڏي اهميت رکن ٿا. شيخ حماد بن رشيد الدين وڏو اولياءُ هو. اچ جي مشهور درويش شيخ جمال جو ڏوهٽو هو، ان ڪري جمالي سڏيو ويو. درويش نوح ذات جو کيبر هو. هن جي ڪنهن وڏي بزرگ جو نالو هوٿي (يا هوٿياڻي) هو، جنهن سبب هوٿياڻي سڏجڻ ۾ آيو. هن جي مزار موجوده کيبر شهر ۽ کنڊو اسٽاپ جي وچ تي قومي شاهراه جي اوڀر پاسي واقع آهي. شيخ حماد جو مقبرو مڪليءَ تي ڄامن جي مقام ۾ واقع آهي.
    سمن جي زوال ۾ مهدوي فرقي ۽ سهروردي بزرگن جي فڪري تصادم کي به وڏو دخل حاصل آهي. مخدوم بلال سمن جي معتبر خاندان جو فرد هو. هو زبردست عالم ۽ سهروردي مسلڪ جو بزرگ هو. سندس مکيه خليفن ۾ مخدوم هنڱوري (گچيرو)، مخدوم سعد عرف ملان ساند (لاکا آباد: سڪرنڊ) شاه حيدر (سن)، مخدوم ساهڙ لنجار (انڙ پور)، مخدوم حسن (ڀاڻوٺ: پير بلاولي) ۽ مخدوم مٺو يا رڪن الدين (مڪلي) کي وڏي اهميت حاصل آهي. سيد ميران محمد جونپوري پنڌرهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ مهدوي مسلڪ جاري ڪيو. جڏهن پاڻ حج پڙهڻ لاءِ مڪي ۾ هو، تڏهن شيخ جهنڊو پاتڻي سندس مريد بنيو. شيخ جهنڊو سنڌ موٽيو، تڏهن ڄام نندي کيس سخت ناپسند ڪيو. ان حالت ۾ شيخ واپس مڪي روانو ٿيو. ڄام حڪم ڪيو ته جهنڊي کي درياه ۾ غرق ڪيو وڃي. ڄام نندي جي آخري ڏينهن ۾ ميران مهدي جونپوري ٺٽي پهتو. مختصر مدت ۾ کيس وڏي وقعت ملي. افغانستان وڃڻ وقت هن پنهنجن پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪري ورتو هو. انهن ۾ قاضي قادن، شيخ صدر الدين، شيخ الياس، پير آسات، قاضي شيخ محمد اچي ۽ ميان ابوبڪر بکري شامل آهن.(52)
    ميران مهدي جونپوريءَ جي تبليع ڪري سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن، مهدي جونپوريءَ جي زبردست مخالفت ڪئي. ان ڪري سيد صاحب ڪٺن حالتن ۾ افغانستان پهتو. هتي شاه بيگ سندس معتقد بنجي ويو. سنڌ جي فتح کان پوءِ هتان جي مهدوين شاه بيگ ارغون جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم بلال ۽ سندس خليفن کي ختم ڪرايو. قاضي قادن معرفت مخدوم بلال کي صلح جي آڇ موڪلي وئي. سنڌ جي سهروردين هر سطح تي ارغونن سان مجادلا ۽ معرڪا ڪيا. ڄام ڏاتار ذات جو سمون هو. سندس مقبرو تعلقي نواب شاه ۾ آهي، جتي هر وقت خلق جا هجوم رهن ٿا. هي پڻ بلاولي حلقي ۾ شامل هو. ارغونن ابتدا ۾ ئي کيس شهيد ڪيو. (روايت: محمد ابراهيم جويو) مخدوم سعد، سندس پٽن ۽ پوٽن سنڌ جي فاتح سان چڪريون کاڌيون. ان بعد مخدوم بلال کي شهيد ڪيو ويو. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن جي خاتمي بعد قاضي قادن به بکر جو قاضي بنجي ويو. گمان غالب آهي ته ڪجهه وقت بعد ارغونن ۽ قاضي قادن ۾ سخت اخلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري پاڻ وطن جا وڻ ڇڏي حجاز مقدس ڏي هليو ويو. سندس وفات توڙي دفن ڪفن اتي ئي ٿيو.

    تمدن ۽ فن تعمير: سنڌ جي شاندار فن ۽ تمدن جا اهڃاڻ ڪافي پراڻا آهن. عربن ۽ سومرن کان پوءِ جڏهن هتي سمن جي سلطنت قائم ٿي، تڏهن ڪافي شهر اسريا ۽ اتي تمدن ۽ تهذيب پنهنجي اوج کي پهتا. مقامي هنر ۽ آرٽ کي ڪافي ترقي ملي. ارغونن جي فتح بعد سمن جي شهرن ۽ هنرن کي ڪافي نقصان پهتو. ان ڪري ان دور جي آرٽ ۽ تهذيب بابت گهٽ مواد ملي ٿو. بکر، سبي، سيوهڻ ۽ نصرپور ۾ سمن جا تعميرات ڊاهي، شاه بيگ ۽ شاه حسن ارغون نيون اڏاوتون ڪرايون. شروع ۾ ساموئي ۽ پوءِ ننگر ٺٽو – سنڌ جو تختگاه بنيو. هن شهر جي سونهن ۽ سينگار طرف ڀرپور ڌيان ڏنو ويو. هي شهر ڄام نظام الدين جي دور ۾ بين الاقوامي تمدني شهر بنجي ويو. جدا جدا حويليون ۽ پاڙا تعمير ڪيا ويا، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ ڪاريگرن پنهنجا مرڪز جوڙيا. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ٺٽي جي جيوت بابت لکي ٿو ته: ”هتي جي رهواسين تڪليف ۽ رنج کي ڪڏهين ڪين ڏٺو آهي. جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي لڀندي. هفتي ۾ هڪ ڏينهن پورهيو ڪري، باقي ڏينهن آرام ڪرڻ ۽ دل جو سڪون لاهڻ فقط ٺٽي جي ماڻهن کي نصيب آهي.“ هن شهر جي ڀرسان مڪلي ٽڪر تي صوفين جون خانقاهون هيون، جتي راڳ ۽ سماع جي محفلن ۾ ڪثير ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. ننگر ٺٽي جي بنياد بابت عالمن ۾ اختلاف هوندي به ان جي قدامت ڪافي مڃيل آهي. سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن شهر جي هار سينگار توڙي اڏاوت بابت هڪ قديم بيت هن ريت ڏنو آهي:
    جڏ ٺٽي ٿي ٺاه ڪيو، اڏيو ٿي ملتاڻ
    سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي(53)
    شهر ٺٽي ۾ هڪ طرف عالم ۽ ماهرن جي رهائش هئي ته ٻئي طرف تختگاه هجڻ سبب سمان سلاطين جون جايون ۽ فوجي مرڪز پڻ هتي هئا. دولهه دريا خان جي رهائش ٺٽي جي اولهه ۾ مڪلي ٽڪر جي ڀڪ ۾ هئي. مڪلي ۽ ٺٽي ۾ موجود سمن جي مقبرن ۽ چوڪنڊين جي اڀياس، هن دور جي فني تعمير بابت دلچسپ نقطا مهيا ڪيا آهن. سيد حسام الدين راشدي ڄام نندي جي مقبري جي اڏاوتي هنر بابت لکي ٿو:
    ”ڄام نظام الدين جو مقبرو تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي هڪ عجيب شاهڪار پيدا ڪيو ويو آهي. هن مقبري تي پکن جي قطار، سورج مکي، ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواه هندي فن تعمير جو اثر، سمن جي ٻين چوڪنڊين ۽ مقبرن تي به نمايان ڏسجي ٿو.“
    هن دور جي فني مطالعي دوران دريا خان جو مدفن، مڪلي ۽ ڪينجهر تي سمن جا تباه ٿيل مقبرا ۽ جامع مسجد مڪلي خاص اهميت رکن ٿا. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪراچي ۽ سونڍا طرف ڪجهه چوڪنڊيون تعمير ٿيون، انهن جو اڀياس پڻ حيرتناڪ نتيجا سامهون آڻي ٿو. ڀوڏيسر ۾ سلطان محمد بيگڙي جي ٺهرايل مسجد پڻ هن دور جو يادگار آهي. هن زماني ۾ مختلف اڏاوتن تي سيوهڻ جي ڪاشي استعمال ڪئي ويندي هئي. ابن بطوطه لاهري بندر جي سونهن ۽ سوڀيا بابت ٻڌايو آهي. سمن جي سلطنت دوران هن بندر جي ترقي ۽ واڌاري ۾ دلچسپي ورتي وئي. جنهن دور ۾ ننگر ٺٽو تمدني خواه فني سطح تي پنهنجي شباب تي هو، ان زماني ۾ ملتان به موجود هو ۽ جوڌپور توڙي احمد آباد جا شهر به وجود ۾ آيا. هي شهر اڄ سوڌو سياسي ۽ تهذيبي حيثيت ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ملتان پوري حسن ۽ سونهن سان موجود آهي، جڏهن ته جوڌپور سموري راجسٿان ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿو ۽ احمد آباد پڻ گجرات رياست جو اڄ تائين تختگاه آهي. ارمان آهي جو ”ننگر ٺٽو“ هر اعتبار کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. مڪليءَ جا مقبرا ۽ خانقاهون ويران ۽ ٺٽو ۽ سندس آباد محلا ۽ بازاريون سنسان ٿي چڪا آهن. اڄ ماضيءَ جي سنڌ جو هي دارالحڪومت، مشڪل سان ضلعي صدر مقام وڃي رهيو آهي. ٺٽي شهر جي موجوده حالت ڏسي ائين ٿو لڳي ته:
    ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آيون
    ارٽ اکلي مالهه، پوري ويون نجهرا.
    وچئين دور جي ماخذن ۾ بادشاهن يا عوام جي تمدني طور طريقن بابت گهٽ مواد ملي ٿو. هٿ آيل مواد ۽ صدين جي روايتي تسلسل جي اڀياس ذريعي ڪنهن حد تائين هن عنوان تي روشني پوي ٿي. عام جيوت ۾ مقامي صنعت استعمال ٿيندي هئي. جنڊي، ڪاشي، ڪپڙي ۽ ٿانون جي ڪاريگري، سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ ٿيندي هئي. کيس، لونگي ۽ اجرڪ جي صنعت ٺٽي، سيوهڻ، نصرپور ۽ بکر ۾ ڏسبي هئي. ٿر جي پرڳڻي ۾ کٿا ۽ لويون ٺهنديون هيون. مکيه مرڪزي شهرن ۾ مروجه دفاعي ساز وسامان به ٺهندو هو. ڄامن بادشاهن جا مقبرا ته اڄ موجود آهن، ليڪن سندن محل ۽ ماڙيون اسان جي اڀياس لاءِ نه بچيون آهن. سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گهوڙو ڪتب ايندو هو. هنن جانورن کان باربرداريءَ جو ڪم به ورتو ويندو هو. انهن جي هار سينگار تي به خاص توجه ڏنو ويندو هو. جهاز راني ۽ ٻيڙيءَ جي صنعت به اوج تي هئي. مٽيءَ جي ٿانون کان علاوه ڪٽ ۽ ٽامي جو استعمال به ڏسجي ٿو. مقامي صنعت کان علاوه ٻين ملڪن مان به مختلف شين جي درآمد ٿيندي هئي. مٿيون طبقو سون ۽ چانديءَ جو زيور استعمال ڪندو هو، جڏهن ته هيٺيون طبقو ڪُٽِ (ڪنجهو)، ٻاٽ (مٺ) ۽ رڪ جي ملاوٽ سان ٺهيل زيور ڪتب آڻيندو هو. چوڻي آهي ته:
    ڪي ڪنجهو، ڪي ٻاٽ، ڪي ڪي ريکون رڪ جون
    هي تڏهوڪو گهاٽ، جڏهن سمان هئا سنڌ تي!
    اهڙا زيور هر هڪليندي، ٽامي جي ٿانون ۾ ديهه راهو، تعلقي هالا مان لڌا هئا. لڳي ٿو ته ارغونن جي حملن وقت سڪا ۽ زيور زمين حوالي ڪيا ويا هئا.(54)

    (ج) علم ۽ ادب
    عربي زبان: سمن جي زماني ۾ ٿيل ساهتي واڌاري بابت گهڻي معلومات ميسر ڪانهي. جائزي هيٺ دور ۾ عربي زبان کي سرڪاري، علمي ۽ درسي سطح تي گهڻي اهميت ڏسجي ٿي. سمان سلاطين تعليم ۽ تدريس جي معاملي ۾ نمايان دلچسپي ورتي. ٻن صدين جي هن طويل عرصي ۾ عالمن ۽ استادن جو وڏو تعداد موجود هو. جي گهڻو ڪري مقامي قبيلن سان تعلق رکندڙ هئا. ارغون ۽ ترخان دور ۾ صوفين، عالمن ۽ اديبن جي وڏي تعداد مشڪل صورتحال کي منهن ڏنو. انهن مان ڪجهه عتاب هيٺ آيا ۽ ڪي وري هندستان ۽ عربستان ڏي لڏي ويا. افراتفري ۽ ڀڄ ڀڄان جي ماحول ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل علمي ذخيرو ناپيد ٿي ويو. ان ڪري سمان دور ۾ تحرير ٿيل عربي ڪتابن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ ڏکيو ڪم آهي. ذڪر هيٺ زماني جا ٻه ڪتاب اڄ به موجود آهن:
    الزبدة: هيءَ شرح مولانا علاؤالدين منگلوري (گجرات) تيار ڪري، سنڌ جي ڄام سڪندر شاهه (ثاني) جي نالي منسوب ڪئي. هي ڪتاب ورهين تائين گجرات ۽ سنڌ جي نصاب ۾ شامل رهيو. قاضي اختر جهوناڳڙهي صاحب جي ذخيري مان هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي لئبريري (علامه آءِ آءِ قاضي لئبريري) ۾ داخل ٿيو، ليڪن هن وقت هي ڪتاب مذڪورہ ڪتبخاني ۾ موجود ڪونهي دنيا جي مختلف ڪتب خانن ۾ هن ڪتاب جا نسخا موجود آهن.
    تذڪرة المراد: هي تذڪرو حاجي حسين صفائي (وفات: 931هه/1526ع) پنهنجي مرشد پير مراد شيرازيءَ جي سوانح بابت تيار ڪيو هو. هي مختصر ڪتاب آهي.
    مخدوم عبدالعزيز ابهري پڻ عربي زبان ۾ ڪجهه ڪتابن جا شرح تيار ڪيا هئا، جن جو ذڪر مير معصوم ڪيو آهي. هن دور جي آخر ۾ مهدوين ۽ سهروردين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. انهن پڻ هڪ ٻئي کي رد ڏيڻ لاءِ ڪتاب تيار ڪيا هئا.
    فارسي ادب: سنڌ جا ماڻهو صدين کان فارسي زبان ۽ ادب کان واقف هئا. عرب دور جي سياحن هن زبان جي سنڌ ۾ موجودگيءَ جو ٻڌايو آهي. سومرن جي دور ۾ جڏهن اتر سنڌ تي ناصر الدين قباچه حڪمران هو، تڏهن سندس درٻار جي ٻن عالمن فارسي شاعري ۽ نثر ۾ قلم ڪاهيو هو. علي بن حامد ڪوفي فارسي زبان ۾ هن ملڪ جو پهريون تاريخي ماخذ ”چچ نامہ“ عربي زبان مان ترجمو ڪيو. محمد عوفي ”لباب الالباب“ جي نالي سان فارسي گو شاعرن جو پهريون تذڪرو تيار ڪيو. لعل شهباز قلندر ۽ علي ڪوفي ڪجهه فارسي شعر به ڇڏيو آهي. قباچه جي خاتمي سان سنڌ ۾ فارسي زبان جي سرڪاري سرپرستي ختم ٿي.
    سمن حاڪمن کي هن ٻوليءَ سان خاص دلچسپي نه هئي، ان ڪري ان کي هتي حاڪماڻي برتري حاصل نه ٿي سگهي. بهرحال ايران ۽ هرات کان عالمن ۽ اديبن جو سنڌ طرف سفر جاري هو. ان ڪري سنڌ عالم ۽ حاڪم فارسي شعر ۽ نثر ۾ ٿيندڙ تخليقن کان بلڪل واقف هئا. ايران جي اهم شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات ٺٽي تائين موجود هئا. حامد بن فضل الله جمالي پنهنجي تذڪري ۾ لکيو آهي ته: مخدوم بلال تصوف جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ”عوارف المعارف“ جي مطالعي ۾ مشغول هو.(55) ياد رهي ته هي شيخ شهاب الدين سهروردي (وفات: 1166ع) جي تصنيف آهي. عالمن هن دور ۾ ڄام جوڻي، شيخ حماد جمالي، مخدوم بلال، شيخ عيسيٰ ۽ ڄام نندي کي فارسي سخن جي حوالي سان اڳتي آندو آهي.(56) تاهم نئين تحقيق موجب ڄام جوڻي ڏي منسوب هڪ سٽ امير حسن سجزيءَ جي ثابت ٿي آهي. شيخ حماد ۽ ڄام نندي ڏي منسوب شعر پڻ تحقيق طلب آهن. ڄام فيروز لاءِ اثير الدين ابهريءَ جو چيل قصيدو هن دور جو يادگار آهي. سمن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ فارسي ٻولي، سنڌ تي ڇانئجي وئي ۽ ان ۾ نثر ۽ نظم جو وڏو ذخيرو پيدا ٿيو.

    سنڌي ساهت: سنڌي زبان سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن جي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ نسري نروار ٿي. سومرن جو دور سنڌي ساهت جو بنيادي زمانو آهي. رومانوي داستان، رزميه واقعن، سخي سردارن جي ڪارنامن ۽ واقعاتي بيتن جو بنياد هن دور ۾ پيو. اسماعيلي مبلغن سنڌي زبان ۾ شعر چئي، اسلامي اصولن ۽ اخلاقي هدايتن جو پرچار ڪيو. روحانيت ۽ تصوف به سنڌي شعر جا موضوع بنيا.
    سمن جي سلطنت دوران سنڌي زبان جون حدون پکڙيون ۽ ان ريت هن ٻوليءَ بلوچستان، راجسٿان، ڪڇ، گجرات ۽ ملتان تائين مڃتا حاصل ڪئي. سنڌي شعر ۽ بزم جي عنوان ۾ وسعت آئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا. شاعرن تصوف ۽ روحانيت کي به موضوع بنايو ته ملڪي ماحول ۽ صورتحال جي جهلڪ به سندن شعر ۾ ڏسجي ٿي. ڪوبه مقرر رسم الخط نه هجڻ ڪري سنڌي شعر تمام ٿوري مقدار ۾ محفوظ رهيو آهي. پير صدر الدين جا گنان ۽ ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، شيخ حماد جمالي، مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ اسحاق آهنگر جا بيت سمن جي دور جي سنڌي شعر جو قيمتي ورثو آهن.(57) ان دور جا ڪجهه سنڌي شعر هت ڏجن ٿا:

    سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
    ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن!
    (مخدوم احمد ڀٽي)

    هاڪ وهندا هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ آروڙ،
    بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي!
    (ماموئي فقير)

    ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ
    مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.
    (اسحاق آهنگر)

    پير پٺو، شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح هوٿياڻي جا شعري ٽڪرا، گذريل صفحن ۾ اچي چڪا آهن.


    حوالا ۽ حاشيه

    (1) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص254
    (2) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص350
    (3) ايم. ايڇ. پنهور جو ڪتاب، نقشو ص368
    (4) ”تاريخ معصومي“ ص109 سنڌي ڇاپو
    (5) سيد طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص58
    (6) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص278
    (7) ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص501 7 پنهور صاحب جو ڪتاب ص316
    (8) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص345
    (9) سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ ص120
    (10) ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“
    (11) مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص373
    (12) ”مڪلي نامہ“ ص98
    (13) ”تاريخ معصومي“ ص113
    (14) ڊاڪٽر صابر فاروقي ”تاريخ ڪشمير: اسلامي عهد مين“ ص104
    ڊاڪٽر صابر ان ڏس ۾ لکي ٿو: ”اوڻيهن سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيو ۽ اوڻهتر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڪشمير جي پوري تاريخ ۾ سندس جهڙو مثالي بادشاه نه ٿيو. هن علم ۽ ادب، امن امان، سيڪيولر سوچ ۽ سماجي توڙي اقتصادي بهتريءَ تي زور ڏنو. خارجه پاليسي به بهترين هيس. سنڌ جي حاڪم سان تحفن جي مٽا سٽا به ڪندو هو.“
    (15) محمود شاه بخاري ”تاريخ بلوچستان“ ص189-190
    (16) ايم. ايڇ. پنهور ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص12-13
    (17) ابن بطوطه جو سفر ص10 سنڌي ڇاپو
    (18) اسٽينلي لين پول ”ميڊيول انڊيا“ ص141
    (19) ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص372
    (20) ايم. ايڇ. پنهور ص363

    - ائين ٿو لڳي ته ”سبي“ سورهين صديءَ جي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شهر جو ارغونن جي قبضي ۾ اچڻ هڪ متضاد مسئلو آهي. مثال طور محمود شاه بخاري ٻين عالمن جي برعڪس لکي ٿو: مير چاڪر سبي قلعو فتح ڪيو. هن کان چند سال اڳ سبيءَ جي حاڪم ڄام نندي، شاه بيگ ارغون کي 1486ع ۾ بيبي نانيءَ جي ڀر ۾ جلوگير وٽ شڪست ڏني هئي ۽ هاڻي مير چاڪر سمه خاندان کي سبيءَ مان تڙي ڪڍيو. مير چاڪر هٿان شڪست کائي ڄام نندي مخفي طرح سبي شاه بيگ کي ڏني ته جيئن ان ريت مير چاڪر کي تنگ رکيو وڃي. (ص182 تاريخ بلوچستان) هن صورتحال ۾ هن مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.

    (21) ”تاريخ معصومي“ ص158
    (22) ”تاريخ معصومي“ ص163-164
    (23) ”تاريخ معصومي“ ص183
    (24) روايت: حاجي ولد محمد ڪنڀار (وهرو: عمرڪوٽ)
    (25) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص139
    (26) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص460-461
    (27) ”تحفة الڪرام” ص126
    (28) ”تاريخ معصومي“ ص111
    (29) ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (سنڌي) ص216
    (30) ”جنت السنڌ“ ص372
    (31) انصار زاهد خان ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص236
    (32) وڌيڪ تفصيل لاءِ ”مڪلي نامہ“ ۽ ”تاريخ معصومي“ ڏسڻ گهرجن.
    (33) غلام محمد لاکو ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ سه ماهي اردو 2/1981ع ڪراچي
    (34) ”تاريخ معصومي“ ص104، 105، 110، 111 ۽ 112
    (35) ”جنت السنڌ“ ص373
    (36) ڊاڪٽر مبارڪ علي ”مئڪمروڊوز اڪائونٽ آف سنڌ“ ص36
    (37) اي ايل ماڙيوالا ”هسٽري آف دي ڪامرس آف سنڌ“ ص77 ۽ 78
    (38) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ (سنڌي) ص21
    (39) ابن بطوطه جو سفر ص14 سنڌي ڇاپو
    (40) ”تاريخ طاهري“ ص58
    (41) ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ص283-284
    (42) ”مڪلي نامہ“ ص176
    (43) غلام محمد لاکو ”عمر ڪوٽ: چند تاريخي مسئلا“ سه ماهي مهراڻ 2/1986ع ص102-104
    (44) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بليٽن جلد3 نمبر2 ۽ 3 جولاءِ 1973ع ۾ شامل نوٽ: پري مغل مٽيريلز آف دي سما پيريڊ.
    (45) عبقدالقادر منگي (مرتب) ”ٿر“ مٺي، سال 1993ع ڪتاب ۾ شامل عبدالله ورياهه جو مقالو.
    (46) عبدالله ورياهه ”سمن جي دور جا سڪا“ رسالو ”سنڌي ادب“ ص196-199، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال1980ع
    (47) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ ص228
    (48) جي ايم سيد ”جنب گذريم جن سين“ جلد دوم ص495، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع
    (49) الهه بچايو يار محمد سمون ”لاڙ جو سير“ ص23
    (50) گنوفسڪي ”پاڪستان جون قوميتون“ (اردو) ص123
    عمر ڪوٽ جو علم دوست انسان ۽ ڏاهو حاجي ولد محمد ڪنڀار چوندو هو ته سمن جي دور تائين سنڌ ۾ سماجي تفاوت گهٽ هو. رئيس ۽ سردار وغيره اتر مان آيل قومن جا اصطلاح آهن. (1986ع)

    (51) ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص284
    (52) تفصيلن لاءِ ڏسو ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ايم ايڇ صديقي، ترجمو: غلام محمد لاکو رسالو مهراڻ 2/1987ع
    (53) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”دي اوريجن آف ٺٽه“ ص202
    هي هڪ مقالو آهي جيڪو ڊاڪٽر داني ”ٺٽه: اسلامڪ آرڪيٽيڪچر“ ڪتاب ۾ ضميمي طور شامل ڪيو آهي. هي ڪتاب اسلام آباد مان سال 1982ع ۾ ڇپيو آهي.
    (54) ڏسجي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جو بليٽن (حوالو مٿي ڏنل)
    (55) حامد بن فضل الله جمالي: سير العارفين اردو ترجمو محمد ايوب قادري ص174 مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع
    (56) ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدارنگاڻي ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ ص10-13 حيدرآباد 1956ع
    (57) سيد حسام الدين راشدي ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمو: غلام محمد لاکو مقدمو ص14-17 سال 1981ع


    سنڌ کان ٻاهر سمن جون حڪومتون

    سنڌ جي ايراضي ۽ پکيڙ هر زماني ۾ گهٽ وڌ ٿيندي رهي آهي. تاريخ جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جي حاڪميت دوران هن ملڪ جون حدون پنهنجي انتها کي پهتيون. عربن کان اڳ سنڌ جي پکيڙ تمام گهڻي هئي. هڪ طرف ملتان ۽ قنڌار ۽ ٻئي طرف مڪران توڙي ڪڇ به ان ۾ شامل هئا. اوڀر ۾ جيسلمير به سنڌ جي اختيار ۾ هو. اسلام کان اڳ هن ملڪ جي نشاندهي هن ريت ڪئي وئي آهي:
    ”هنن جو تختگاه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون: اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، اتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان ۽ ڏکڻ کان سورت بندر تائين هيون.“(1)
    عربي فتوحات جي اٿل پٿل ۾ سنڌ جي سرحدن ۾ ڪمي آئي. ان کان علاوه ڪيترن ئي سنڌي قبيلن موجوده سنڌ کان ٻاهر لاڳاپيل علائقن طرف لڏپلاڻ ڪئي. انهن قبيلن ۾ سمن جي گروه ۽ سماٽ سان وابسته ذاتين کي خاص اهميت حاصل آهي. هنن ذاتين ۽ جاتين اتي پنهنجي رسم ۽ رواج کي به برقرار رکيو ته ان سان گڏ هندو ڌرم سان به ناتو قائم رکيو. سمن جي قبيلن موقعي ملندي، جهوناڳڙه، ڪڇ، لس ٻيلي ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي طاقت ڄمائي، اتي حڪومتون به هلايون. سومرن جي دور ۾ انهن قبيلن جو سنڌ سان وري تعلق پيدا ٿيو. ان ريت سماجي تعلق به پيدا ٿيو. سنڌ کان گهڻو اڳي، سمن، ڪڇ، لس ٻيلي، ڪاٺياواڙ ۽ جهوناڳڙه ۾ حڪم هلايو. جڏهن سنڌ ۾ سمن جي سلطنت پختي ٿي ظاهر ٿي، تڏهن هنن رياستن جي حڪمرانن کي اڃا به وڌيڪ مڃتا ملي. ڄام نندي جي دور ۾ هنن حڪومتن سان سياسي ۽ سماجي سهڪار وڌيو. ان ريت اتي سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب کي هٿي ملي ۽ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پکڙجڻ جو سرس موقعو مليو.(2) ان پس منظر ۾ ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته سنڌ کان ٻاهر هي حڪومتون سمن جون طفيلي رياستون هيون. جناب جي.ايم.سيد هن مسئلي تي لکيو آهي ته: سمان نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ لس ٻيلي وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا. انڙ، ابڙا، پلي، سميجا، ڏهر، هالا، لاکا، جوکيا، لاسي، ڄاموٽ، رونجها، جوڻيجا، جاڙيجا، شورا، سوڍا، نهڙيا، ڌاريجا وغيره سندن مکيه پاڙن جا نالا هئا. اهي سڀ هڪ قسم جون مڪاني سرداري حڪومتون هيون. انهن جا سردار پنهنجي حدن جا مالڪ هئا. اهي وري ڄام جا سلامي ۽ وفادار هوندا هئا، جو سندن شهنشاه مثل هوندو هو.(3) سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڄامن سمن جي سنڌ واري حڪومت ختم ٿي. تڏهن به ڪڇ ۽ لس ٻيلي ۾ سندن هم قبيلي رياستون برقرار رهيون. هي رياستون انگريزن جي دور جي خاتمي تائين موجود رهيون. صدين جي طويل تاريخي سفر کان پوءِ به هنن رياستن جا سماٽ قبيلا، نمايان سياسي ۽ سماجي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي سمن جي مطالعي دوران ٻاهرين سمان رياستن جو اڀياس پڻ ضروري آهي.

    جهوناڳڙه ۾ حڪمراني
    جهوناڳڙه، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هئا. موجوده دور ۾ هي رياستون هندستان جي گجرات پرڳڻي ۾ ملايون ويون آهن. اسلام کان پوءِ سمن قبيلن وڏي تعداد ۾ ماضيءَ جي هنن رياستن طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي. سومرن جي همعصر زماني ۾ جهوناڳڙه ۾ ”چوڙا سمان“ خاندان پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. راءِ ڏياچ ذات جو سمون هو. ڏياچ جهوناڳڙه جو حاڪم هو. هيءَ تحقيق مشهور اسڪالر ولبرفورس جي آهي. راءِ ڏياچ تاريخ ۾ سخا، بهادري ۽ وچن پاڙڻ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. کيس هڪ چارڻ ٻيجل نالي پنهنجي سرندي جي آواز تي موهي وڌو هو، ان ڪري ڏياچ هن کي پنهنجو سر وڍي ڏنو هو. هي واقعو 1010ع ڌاري ٿي گذريو.(4) سنڌ ۽ گجرات جي تهذيب ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جي وڏي اهميت آهي. اسان جي سدا حيات شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي، وڏي سرور ۽ محبت سان هن قصي کي ڳايو آهي. جهوناڳڙه ۾ سنڌي قبيلن، انهن جي حڪومت ۽ سنڌي زبان جي واڌاري بابت ڪتابن ۾ تفصيلي مواد موجود آهي.(5)

    ڪڇ ۾ حڪومت
    هي خطو مختلف دورن ۾ سنڌ جي اثر ۽ حڪم تحت رهيو آهي. هتي جاڙيجن سمن صدين تائين راڄ ڪيو. ڪڇ جو راءِ جاڙيجن جي نسل مان هو. هن حڪومت جو باني جارو ولد لاکو ننگر ٺٽي جو ويٺل هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:
    ”سما اصل جادوئي گهراڻي جا راجپوت هئا. سن1053ع ڌاري جڏهن سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن هو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. ان ڪري ڪيئي سما سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏي ڀڄي ويا. اتي سن 1320ع ڌاري پنهنجو راڄ کرو ڪيائون.“(6)
    سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جي قيام ۾ ڪڇ جي جاڙيجن سمن جو وڏو ڪردار آهي. هن دور ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سٺي روايت ڏسجي ٿي. ڪجهه موقعن تي سنڌ جي سمن حاڪمن، ڪڇ جي معاملن ۾ پڻ مداخلت ڪئي ٿي. ان کان علاوه محمود بيگڙي جهڙي طاقتور بادشاه به ڪڇ جي جاڙيجن کي مطيع بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بهرحال، سنڌ ۽ گجرات ڪڏهن به مڪمل طور هن ننڍڙي ملڪ کي جهڪائي نه سگهيا. سمن جي حڪومت وقت سراسري طرح سنڌ ۽ ڪڇ جا سٺا لاڳاپا برقرار رهيا. سن 1510ع ڌاري جاڙيجن جي خانه جنگيءَ ۾ هڪ طرف ڄام فيروز ملوث ٿي ويو ته ٻئي طرف گجراتي بادشاهن به ان ۾ دلچسپي ورتي. آخرڪار هن جنگ ٺٽي تي به اثر ڇڏيا. ڪڇين ڄام صلاح الدين کي فوجي مدد ڏئي، ڄام فيروز جي مقابلي ۾ آندو. ان ريت سنڌ جي سمان حڪومت تمام تيزيءَ سان زوال پذير ٿي. ڄام فيروز کي به جاڙيجن، ارغونن جي مقابلي لاءِ لشڪر مهيا ڪيو هو.(7) ارغوني جبر ۽ ظلم وقت وڏي تعداد ۾ سنڌي قبيلن ڪڇ طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي، جتي انهن کي اجهو ۽ پناه ملي. ايندڙ صدين ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جا بهتر لاڳاپا وري قائم نه ٿي سگهيا. سنڌ جا سمان سياسي طرح 1520ع ۾ ختم ٿي ويا، تاهم جاڙيجا سمن ڪڇ تي 1947ع تائين حڪمراني ڪئي. موجوده دور ۾ هي پرڳڻو رياست گجرات ۾ شامل آهي.
    سمن جي سلطنت دوران ڪڇ ۽ سنڌ ۾ واپار کي وسعت آئي ۽ معاشي ميدانن تي پڻ تعاون وڌيو. سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي به اتي وڌڻ جو موقعو مليو. سنڌي قبيلن جي لڏپلاڻ کان پوءِ ٻنهي پرڳڻن ۾ سماجي ميل جول پيدا ٿيو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان جو ”ڪڇي“ لهجو وجود ۾ آيو. جيتوڻيڪ پوءِ جي زماني ۾ سياسي ميدان تي سرد مهري پيدا ٿي، تڏهن به ٻنهي رياستن ۾ گڏيل قبائلي اڳواڻن شادي غميءَ جي موقعن ۾ شرڪت ۽ مال چارڻ جي ساون ميدانن تي سانگين جي اچ وڃ ڪري، سماجي ۽ لساني تعلق برقرار رهيو. شاه عبداللطيف ڀٽائي ڪڇ ۾ سير سفر ڪيو هو. ان ڪري اڄ به شاه جا ڄاڻو اتي وڏي تعداد ۾ موجود آهن. مخدوم عبدالله نري وارو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. ان جو واسطو پڻ ڪڇ سان آهي. صدين جي باهمي ميل جول، سياسي لاڳاپن ۽ سماجي ڳانڍاپي ڪري ڪڇ تي سنڌي ٻولي ۽ تهذيب وڏو اثر ڇڏيو آهي.(8) محمد سومار شيخ ”ڪڇين جا قول“ نالي ڪتاب ۾ هتي پيدا ٿيل سنڌي شعر گڏ ڪيو آهي.(9) پاڪستان ٺهڻ بعد ڪڇ ۾ سنڌي ساهت جي واڌاري ۾ گهڻي گهٽتائي ٿي آهي. بهرحال، اڄ به ”ڪڇ ڀڄ“ ريڊيو تان ٿيندڙ سنڌي نشريات چٽي نموني سان صدين جي سمن جي حڪومت جي باقيات کي ظاهر ڪري ٿي.

    لس ٻيلي ۾ حاڪميت
    لس ٻيلو صدين کان سنڌ ۾ شامل رهيو آهي. عربن جي حڪومت واري عرصي ۾ لس ٻيلو سنڌ کان گهڻو پري ٿي ويو. سنڌ ۾ سمن جي حڪمراني قائم ٿيڻ بعد لس جي سنڌي قبيلن سک جو ساه کنيو ۽ سياسي طور تي کين اسرڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته سومرن ۽ سمن جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لس کي وسايو، جنهن ڪري خاص سنڌ جو تمدن لس ٻيلي ۾ رائج ٿي ويو.(10) ان دور ۾ هتي ”رونجها“ قبيلي جي حڪمراني هئي. رونجهن جو تعلق سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. ڪاڪي ڀيرومل جي تحقيق موجب رونجها، ڄام انڙ جي خاندان مان هئا. انهن مان هڪ حاڪم ”سٻڙ“ يا “سپڙ“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شاه عبداللطيف ڀٽائي به کيس ياد ڪيو آهي.(11) رونجهن تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سترهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ختم ٿي. رونجهن کان پوءِ ”گونگا“ حڪومت ۾ آيا. بعد ۾ سمن جي ”برفت“ قبيلي هتي حڪومت ڪئي. ملڪ پاهڙ خان برفت سنڌ جي حدن ۾ دخل ڏنو. ان ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ سن 1117هه/1705ع ۾ جنگ لڳي. پاهڙ خان کي شڪست ملي ۽ وري سنڌ جي معاملن ۾ دخل نه ڏنائين.(12)
    ان کان پوءِ ”ڪوريجا“ قبيلي سن 1742ع ڌاري هتي حڪومت قائم ڪئي. ڪوريجا حاڪمن ”ڄام“ جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي ڄام غلام قادر هو، جنهن سال 1956ع تائين هتي حڪم هلايو. ون يونٽ ٺهڻ تي لس ٻيلو ضلعي جي شڪل ۾ ڪراچي ڊويزن سان ملايو ويو. سال 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو تڏهن لس ٻيلو ضلعو، صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو.
    لس ٻيلي ۾ سمن قبيلن جي صدين جي راڄ، هتي سنڌي ٻولي، ساهت ۽ تهذيب کي وڌڻ جو موقعو ڏنو. هي علائقو سمن جي سلطنت ۾ هڪ طفيلي رياست ڏسجي ٿو. ان بعد جيتوڻيڪ سياسي لاڳاپا بهتر شڪل ۾ موجود نه رهيا، تاهم ٻنهي رياستن ۾ سماجي ۽ تهذيبي تسلسل برقرار رهيو. اڄ سوڌو سماٽ قبيلا پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪن ٿا ۽ ڏک توڙي غم جي موقعن تي لس ۽ سنڌ ڏي سفر ڪن ٿا. ان ريت سنڌي قبيلن هتي سنڌي تهذيب ۽ زبان کي زنده رکيو آهي. هتي جي سنڌي زبان ”لاسي“ لهجي جي صورت ۾ موجود آهي.(13) اهڙي طرح اڄ به سنڌي قبيلا، هتي پنهنجو مقامي اثر رکن ٿا. ڄام غلام قادر گذريل حڪومت توڙي موجوده دور ۾ بلوچستان جو وزير اعليٰ آهي. (ڄام صاحب: وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پوءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي زماني ۾ صوبي جو اعليٰ حاڪم رهيو) لس ٻيلي ۽ سنڌ جي سرحدي ويجهڙائيءَ سبب ٻنهي طرفن اديبن ۽ شاعرن جي اچ وڃ جاري رهي آهي. ان ڪري هتي بهترين سنڌي شعر پيدا ٿيو. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جو شعر وڏي اهميت رکي ٿو. لس ٻيلي جي سنڌي شاعري ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڇاپي آهي. تازو (1987ع) بلوچستان اسيمبليءَ سردار چاڪر ڊومڪيءَ جي هڪ رٿ تي بحث ڪيو، تڏهن خبر پئي ته موجوده دور ۾ به هن صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل آدمشماريءَ جو چوٿون حصو آهن. هن رٿ ۾ سرڪار تي زور ڀريو ويو ته ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سنڌي پروگرام نشر ڪيا وڃن. وزيراعليٰ ڄام غلام قادر ان رٿ جي حمايت ڪئي ۽ وعدو ڪيو ته ان مسئلي کي وفاتي حڪومت وٽ پيش ڪيو ويندو.(14) هي مطالبو تاريخ جي صدا آهي. اميد ته سنڌي زبان کي تمام جلد بلوچستان ميڊيا تان نشر ٿيڻ جو پنهنجو بنيادي حق ملندو. موجوده دور ۾ لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي هن ريت ڳالهائجي ٿي:
    ”آهين دلجاءِ ڪريو، آهان کي کونئر کڻائي ڏبا. رستا ٺهيندا، ڪارخانا لڳائبا ۽ آهان ماڙو مڙوئي خوشحالي ڏسيندا. آئون اوهان کي گذارش ڪندوس ته آهان ملڪ دشمنن ڪنان ڌيان نه ڏيو. ايها ڳالهه اهان پنهنجي ذهن ۾ رکو ڪه هيءُ سندءِ حڪومت آهي. اسون اهان جا پنهنجا مزور آهيون. اهان جو ڏک مڙوئي اسون پنهنجو درد ڪري وٺون ٿا. اڳيان جي ٻين حڪومتن ڪنان اهان ايترو وقت ساري ڏنو، اسون ايها گذارش ڪنداسون ڪه اسان کي ڪجهه وقت درڪار آهي. اهان ڏسيندا ڪه لس جو، بلوچستان جو ۽ ساري ملڪ جو نقشو جيڪو آهي، اهو يڪسر تبديل ٿي ويندو ۽ ماڙو خوشحاليءَ جي زندگي بسر ڪندا.“(15)

    ڪاٺياواڙ ۾ حڪومت
    اندازو آهي ته راجا ڏاهر جي بنهه آخري دور ۾ هڪ سنڌي قبيلو ”ڪاٺيو“ ڪن سببن جي ڪري سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. هن قبيلي اوڀر ڪڇ ۾ سن 725ع کان 740ع ڏاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪنٺ ڪوٽ تختگاهه مقرر ڪيو. هي قبيلو پوءِ هتان به لڏي ويو ۽ وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو. خود هي ملڪ به سندن نالي تي مشهور ٿيو ۽ سڏجڻ ۾ آيو. ياد رهي ته ڪاٺيا قبيلو اڄ به سنڌ ۾ آباد آهي.(16) سنڌ کان ٻاهر سمن جي حڪومتن جو هي مختصر مطالعو آهي. تفصيلي اڀياس ان متعلق مفيد نتيجا سامهون آڻي سگهي ٿو.

    حوالا ۽ حاشيه

    (1) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص9
    (2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص149-156 سال 1980ع زيب ادبي مرڪز حيدرآباد
    (3) جنب گذاريم جن سين جلد2 ص495 سنڌي ادبي بورڊ، سال 1979ع
    (4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد1 ص43
    (5) ڊاڪٽر غلام علي الانه: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ص55-66 سنڌ الاجي، سال 1979ع
    (6) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ”روح رهاڻ“ ص55
    (7) ايم. ايڇ. پنهور ”سنڌ-ڪڇ رليشنس“ ص12-13
    (8) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص16-46
    (9) هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي.
    (10) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ص13، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال1970ع
    (11) سنڌ جي هندن جي تاريخ جلد1 ص44
    (12) ٻيلاين جا ٻول ص13-22
    (13) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص114-115
    (14) رپورٽ روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي 6 مارچ 1987ع
    (15) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي حاشيو ص114
    - هي اقتباس ڄام غلام قادر جي هڪ تقرير جو آهي. هيءَ تقرير ڄام صاحب بلوچستان جي حاڪم اعليٰ جي حيثيت ۾ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ڪئي هئي.
    (16) ايم . ايڇ پنهور: ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص7


    متفرقات

    سمن جي سلطنت جو تفصيلي اڀياس گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي. هت ڪجهه وڌيڪ عنوانن تي روشني وجهجي ٿي، جن جو هن دور جي تاريخ سان وڏو واسطو آهي.

    فارسي ڪتبا
    اُچ جي علمي محفل اجڙڻ کان پوءِ وري تغلق گهراڻي سنڌ ۾ فارسي زبان کي سرڪاري حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هتان مليل چار اوائلي فارسي ڪتبا، ان ڏس ۾ ٺوس مطالعو مهيا ڪن ٿا. هنن ڪتبن جي آڌار تي هي اندازو ڪيو ويو ته سمن جي دور ۾ فارسي هتان جي درٻاري ٻولي هئي. حقيقت ۾ هي ڪتبا فيروز تغلق جي عهد ۾ لڳا ۽ انهن جو سنڌ جي خودمختيار سمن ڄامن سان ڪوبه واسطو ڪونهي. دهلي سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ بعد سنڌ جي سمن حاڪمن هڪ ڀيرو وري عربي زبان کي سرڪاري ۽ علمي ٻوليءَ طور قبول ڪيو.(1) انهن جي پنهنجي تعميرات ۾ نوي سيڪڙو ڪتبا عربي زبان ۾ هنيا ويا. بهرحال، سنڌ جي فارسي علم ۽ ادب توڙي سياسي تاريخ جي حوالي سان هنن اوائلي فارسي ڪتبن جي وڏي اهميت آهي. ان ڪري انهن کي هت ڏجي ٿو.

    ڪتبو محمد تغلق: سنڌ تي حملي وقت محمد شاه تغلق، ٺٽي جي ڀرسان سونڍا وٽ فوت ٿيو. فيروز تغلق نئون بادشاه ٿيو ۽ هن حملي ڪرڻ بجاءِ دهليءَ طرف واپس رخ رکيو. فوت ٿيل بادشاه محمد تغلق کي عارضي طور قلندر شهباز جي مزار جي اولهه ۾ دفنايو ويو. سيوهڻ ۾ سندس عارضي مدفن تي جيڪي تعميرات ٿيا، عالمن اتان هڪ فارسي ڪتبو دريافت ڪيو آهي. هن ڪتبي جي آڌار تي تاريخ جي هڪ اهم مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي. هي ڪتبو هن ريت آهي:
    جهان مردم کش اي دل! مباش از جان وفادارش
    که جزکين وجفا نامد ز بيدادي دگر کارش
    تو از حال محمد شاه برگير اعتبار از وي
    که چون اورنگ شاهي در ربود اين دور غدارش
    شهنشاهست اين اي خواجه کش بيني بہ خاک اندر
    که همچون بندگان بودند شاهان جهاندارش
    اگرچه پيش ازين صدبار دربارش چنان ديدي
    کنون چشم خرد بکشا، در اينجا بنگر اين بارش
    جهان بکشاد از مردي وبخشيد از جوان مردي
    بدهر از کوشش وبخشش فراوان بود کردارش
    شد از ماه محرم بيست ويک کاندر شب شنبہ
    گذشتہ هفصد وپنجاه دو شد عزم آن دارش
    بعهد دولت فيروز شاه خسرو گيتي
    که يزدان برسرير سلطنت بادا نگهدارش
    بران سلطان دين پرور بر آمد اين چنين گنبد
    که آمد پيش پائي گنبد گردون دوارش
    بسال هفصد وپنجاه وچار از هجرت احمد
    قبول بندهء درگاه او سرمست معمارش(2)

    ڪتبو مرقد سيد علي: سيد علي سنڌ جو آڳاٽو درويش ٿي گذريو آهي. سندس مرقد تي لڳل ڪتبو پڻ فيروز تغلق جو يادگار آهي:
    شد بناي گنبذ عالي بعهد شهريار
    شاه فيروز آنکه بگرفته است زور گيتي قرار
    مي سزد مر بندهء سرگاه شاه دهررا
    گر کند در سرفرازي برسلاطين افتخار
    برسر قبر ولي الله علاء الحق علي
    بود از بغداد اندر صف پاکان شہ سوار
    [بس] بزرگ وباکرامت بود اين مرد عزيز
    هر زبان بادا بقبرش رحمت ايزد نثار
    هفتم از ماه صفر مبني شد اين مرقد بہ سال
    هفصد وپنجاه وهفت از هجرت احمد شمار
    کرد بنيادش ملک سيرت ملک ارشد که او
    هست اندر عدل وبذل وخلق واحسان نامدار
    چونکه ذات او درين شهر سيوستان آمده
    تازه از سرگشت آن بقعه بسان نوبهار(3)

    ڪتبو مزار قلندر شهباز: مخدوم عثمان قلندر شهباز، سومرن جي دور ۾ سيوهڻ پهتو. سندس مزار تي فيروز تغلق مقبري جي اوائلي اڏاوت ڪرائي. هت ڏنل ڪتبي مان هيءَ حقيقت ظاهر ٿئي ٿي:
    بعهد دولت فيروز شہ سلطان دين پرور
    که خاک در گهش سازند شاهان جهان افسر
    ازان گاهي که بر تخت شهنشاهي نشست آن شه
    سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور
    عمارت شد مقام شيخ عثمان مرندي، کو
    ولي الله باز اسفيد، مير بحر بود وبر
    اگرچه اوليا اندر زمان شيخ بس بودند
    ولاکن در کرامت بود او از همگنان برتر
    چه زيبا بارگاهي شد بهفت طاق شش گنبد(کذا)
    که رنگ نه فلک گشته زرشک بام او اخضر
    بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضه
    بسال هفصد وپنجاه وهفت از هجرت مهتر
    بنايش کرد والي اختيارالدين ملک ارشد
    امير عادل وباذل، تهمتن، ثاني اسکندر
    که تابود است سيوستان نه بود است اين چنين والي
    تقي ومشفق ومکرم، سخي وپاک دين ديگر
    اميد آن ست مي يابد جزايء اين چنين خيري
    هزاران قصر در جنت بفضل ايزد اکبر(4)
    سنڌ جي هن قديم ۽ تاريخي درگاه تي پوءِ جدا جدا حاڪمن تعمير ڪرائي واڌارا ڪيا ۽ فارسي ڪتبن ذريعي اهڙن اضافن جي نشاندهي ٿيندي رهي. 25 جولاءِ 1994ع تي سخت بارشن کان پوءِ قديم درگاه جو گنبذ اچي پٽ تي پيو ۽ ويٺل زيارتين مان ست ماڻهو موقعي تي شهيد ٿي ويا. هن واقعي کان پوءِ محترمه بي نظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جي هدايتن تحت سڄي مقبري جي نئين سر تعميرات جو ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن جي نگراني سيد عبدالله شاه وزيراعليٰ سنڌ ڪري رهيو آهي. چئي نٿو سگهجي ته مقبري جي جديد اڏاوت وقت انهن تاريخي ڪتبن جو ڇا ٿيندو، جي جدا جدا دورن ۾ درگاه تي نصب ٿيندا رهيا؟

    ڪتبو مزار شيخ ترابي: مير علي شير قانع سندس نالو شيخ ابوتراب عرف حاجي ترابي لکيو آهي. هي سنڌ ۾ عباسي خليفن جي دور ۾ ذميدار انتظامي آفيسر هو. هن کي شهادت ملڻ ۽ تبع تابع هجڻ سبب وڏي عزت حاصل ٿي. سن171هه/787ع ۾ سندس مزار تعمير ٿي.(5) شيخ ابوتراب جو مقبرو گجي جي ڀر ۾ آهي. فيروز تغلق جي دور ۾ جڏهن ڄام جوڻو، ٻيون ڀيرو سنڌ جو حڪمران هو، تڏهن هتي مقبرو ٺاهيو ويو. هت لڳل فارسي ڪتبي ۾ جوڻي جو نالو به ظاهر آهي ته فيروز تغلق جو اسم به نمايان آهي. اصلي ڪتبو هن وقت سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ محفوظ آهي.
    بعهد شهر يار دهر سلطان داور [کذا]
    شهه فيروز منصور و مظفر در صف شاهان
    بامر سرفراز هند خاص حضرت عالي
    که پائي قدر او اعلا زفر فرقد تابان
    ستوده جام جم سيرت علاءالدين دريا دل
    که از مهماني لطفش جهان شد جمله آبادان
    برآمد اين چنين گنبد معلا کز صفا، گوئي
    بسان بيت معمور آمد ست از بار اين ايوان
    مقام شيخ هاجي بوترابي آن ولي الله
    که بر درگاه او گردد روا، حاجات خلق آسان
    بسال هفصد وهشتاد ودو از هجرت احمد
    زعون ايزد ذوالمن والافضال والاحسان
    بنا شد، ثالث ماه صفر، اين روضئه ميمون
    بسعي کمترين بندگان موسيٰ بن شهجان(6)

    عربي ڪتبا
    سمن جي دور جي فارسي ڪتبن جي اڀياس کان پوءِ ضروري آهي ته هن دور جا عربي ڪتبا پڻ مطالعي هيٺ آڻجن. فيروز تغلق جي وفات (1388ع) کان پوءِ سمن ڄامن سنڌ تي نهايت آزادي ۽ وقار سان بادشاهي ڪئي. هن واقعي کان پوءِ شيخ حماد جماليءَ، ڄامن کي حڪم ڪيو ته آئنده پير پٺي جي بجاءِ مڪليءَ تي پنهنجو قبرستان مقرر ڪيو. ان ريت مڪليءَ جي اترئين ڇيڙي تي سمن جو قبرستان وجود ۾ آيو، جتي ڄامن جا مقبرا، قبرون، چوڪنڊون ۽ ٻيا تعميرات موجود آهن. هن وقت اڪثر تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويا آهن. البته اڄ تائين جيڪي بچي ويا آهن، انهن تي بادشاهن جا نالا، لقب، تعميرات جون تاريخون ۽ ڪاريگرن جا نالا وغيره، سڀ جا سڀ عربي ڪتبن ذريعي نشانبر ڪيل آهن. ان ريت سمن ڄامن پاران ٻولين بابت اختيار ڪيل پاليسي متعين ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. قرآني آيتن ۽ حديثن کي ڇڏي، تاريخي نوعيت جا عربي ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:

    قبو ڄام صلاح الدين: هي قبو دريا خان جي مدفن جي ويجهو آهي. ان جي اندرين ديوار تي هي ڪتبو آهي:
    هٰذا المقام للراجي الي رحمة الله تعاليٰ جام صلاح الدين بن ملک انر بن ملک راهو بن ملک رائيدنه بن ملک راهو بن فيروز شاه سلطان 870هه.(7)

    ڄام تغلق: سمن جي مقام ۾ هڪ قبو آهي. ڪتبو هي اٿس:
    قبه مندرسه خشتي جام تغلق بنا کرده جام تماچي 821هه.(8)

    ڄام نظام الدين جي ارد گرد هڪ مقبرو: هن ۾ اندر اولهه طرف کان محراب جي ساڄي پاسي واري ديوار ۾ پٿر جو هڪ ڪتبو سال 878هه جو لڳل آهي. عبارت هيءَ اٿس:
    (1) .........
    (2) هٰذا المقام للراجي الي [رحمة الله] تعاليٰ تهميد العمارت باء مرتاج الدنيا و
    (3) الدين ميان تاج الدين همشيره ميان فتح خان
    (الف) بن سلطان نظام الدين شاه خلد
    (ب) ملک وسلطانه في سنہ ثمان وسبعين وثمان مائة
    (ج) در ماه ربيع الاول روز پنجشنبه(9)

    ڄام نظام الدين جي ارد گرد هڪ ٻيو مقبرو: هن مقبري جي ڪتبن جو اڀياس هن ريت ٿي سگهيو آهي:
    (1) هٰذا المقام الراجي الي رحمة الله تعاليٰ ملک راج بال بن
    (2) ملڪ انر بن ملک راهو بن ملک رايدهن بن ملک راهو بن فيروز
    (3) شاه سلطان. اللّٰهم برد مصجعہ ونور قبره وانس وحشه.(10)

    دريا خان جو مدفن: دولهه دريا خان جي قبر تي سيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:
    يا الله
    هٰذا مرقد المعطر
    للخان الاعظم
    شهيد مبارک خان
    ابن سلطان نظام الدين(11)
    هي ڪم سندس پٽ احمد جي نگرانيءَ ۾ ٿيو.
    احمد بن دريا خان
    غفرالله لہ(12)
    سن 895هه ۾ دريا خان پنهنجي مقبري جو احاطو ٺهرائڻ شروع ڪيو. اوڀر واري دروازي کان ٻاهرين پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي، جنهن ۾ ٺهڻ جو سال آهي:
    هٰذا المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه سخي حبيب الله. آغاز بنياد من جمادي الاول سنه خمس وتسعين وثمان مائة.(13)

    ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهران پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي:
    هٰذا المقام بامر خان الاعظم مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه بن صدر الدين شاه بن صلاح الدين شاه بن سلطان رڪن الدين شاه وهو المظفر علي مغلان الهري والقندهار کتبه قطب الدين بن محمود – احمد بن دريا خان غفر الله لہ.(14)
    ڄام نظام الدين جو مقبرو: مقبري جي اترين ديوار جي بند ٿيل دروازي جي پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي:
    هٰذا مرقدا ببناء القبة الرفيعة (المنيعة) السلطان الاعظم والخاقان الاعدل الاکرم، ناصر الحق والدنيا والدين، ابو الفتح السلطان فيروز شاه، علي مرقد ابينہ السلطان نظام الدين شاه بن السلطان صدر الدين شاه بن السلطان صلاح الدين شاه بن السلطان رڪن الدين شاه بن السلطان فيروز شاه خلد الله ملکہ – وروح وروح المدفونين فيها في تاريخ سنه خمس عشر وتسع ماتہ الهجري.(15)
    جھام نظام الدين جي مقبري جي داخلي يا اولاهين دروازي جي سر در تي هي ڪتبو آهي:
    • احمد بن ابراهيم
    • آغاز بنياد اين مقام از هجرت نبوي عليہ السلام نهصد پانزده سال بوده.(16)
    هن ڪتبي جي هيٺان هي ڪتبو ٻئي سر در تي لڳل آهي:
    • الٰهي مرصا بنا هٰذا المقام مزين جهان (؟) سلطان المغفور
    • والمرحوم سلطان نظام الدين شاه بن سلطان صدر الدين
    • بن سلطان صلاح الدين شاه بن سلطان رکن الدين شاه ابن السلطان فيروز شاه خلد سلطنة.(17)

    خواجه شرف الدين شيرازي: هي بزرگ ايران کان ڪهڙي دور ۾ آيو؟ ان بابت معلوم نه ٿي سگهيو. سندس مزار ميرزا عيسيٰ ترخان جي ارد گرد هئي. پاڻ 911هه ۾ فوت ٿيو. ان وقت ڄام نندي جي حڪومت هئي. هن جي مزار تي ڪتبو هن ريت هو:
    وفات مرحوم الواصل الي رحمة الله
    خواجه شرف الدين شيرازي
    في تاريخ شهر جمادي الاول سنه911هه(18)
    خاطري آهي ته سمن جون تعميرات به گهڻيون هونديون ۽ انهن تي عربي ڪتبا به گهڻا لڳل هوندا. ليڪن سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ۽ صدين گذرڻ ڪري اهي ضايع ٿي ويا آهن. موجوده باقيات تي ڪجهه ڪتبن جون پڙهڻيون به اڃا توجهه گهرن ٿيون. ان هوندي به جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو درست تاريخي اڀياس ۾ مددگار ٿابت ٿيو آهي.

    سنڌي گاڏڙ – سرائڪي ڪتبا
    موجوده سنڌ جي حدن ۽ ان کان ٻاهر سابق رياست بهاول پور جي حدن مان ڪجهه سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. هي ڪتبا ڄام سڪندر جي دور سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي گهڻو ڪري کوهن ۾ لڳل پڪين سرن تي ڏٺا ويا آهن. هت اهي ڪتبا ڏجن ٿا.

    وڄڻوٽ (اٻاوڙو تعلقو): وڄڻوٽ جي کنڊرن مان 1873ع ۾ کوٽائين ڪندي هڪ سر ملي. ان تي هيءَ عبارت هئي:
    سلطان سکندر بادشاه هي شان سيف اسم بالا
    سرکار زهي سن سي باش 35513
    کاريگر را قلم عدصر شد بس کار ابورا راطا
    مطلب ته هيءَ سر سلطان سڪندر جي دور ۾ ٺپي وئي. آخري سٽ فارسي آهي ۽ اها هن ريت هوندي: کاريگر را قلم قاصر شد بس کار او تمام شد جڏهن ته پهرين سٽ سرائڪي آهي.(19)

    سرواهي جا کنڊر: هي کنڊر ضلعي رحيم يار خان ۾ سنجرپور لڳ آهن. اتان ڪيڻ هڻندي هڪ کوه مان سر لڌي. ان تي هي ڪتبو هو:
    سِلان سِلبند ٿپيان، ڦڳيا نام نصير
    کوکنايا پتر گانمن دي اونڙ نام همير
    وقت سڪندر بادشاه ملڪ ڌڻي پهلوان
    رعيت راضي ايهه جِهي جو ٻڍانت جوان
    هڪ لک سِلان لڳ چڪيان ٿيا کو تمام
    تري سؤ ٻوٽي باغ دي راڌي اونڙ ڄام(20)
    هن جو مطلب هي ٿيندو ته نصير ڦڳيي نالي همراه سرون جوڙيون. انڙ پٽ گامن (يا همير پٽ گامڻ) کوه کوٽايو. زمانو سڪندر بادشاه جو. رعيت اهڙي خوش جو پوڙهو به جوان هوندو هو. هڪ لک سرن سان کوه ٺهيو ۽ انڙ ڄام باغ ۾ ٽي سؤ ٻوٽا لڳايا.
    روهڙي: شهر لڳ برٽش دور ۾ اڀرندي ناري جو نئون منهن کوٽيندي پنج گز هيٺ هڪ پڪي کوهي نڪتي. ان مان هڪ سر تي هي اکر لکيل هئا:
    او ستو يارو ذات پوڪارو
    سرهيه جو ٻل مانهه جو گارو
    سڪندر جو وارو(21)

    مقبرو ميان الياس: ميان جي قبرستان مان (لاڙڪاڻو ضلعو) هڪ قبر کوٽيندي زمين مان هڪ سر نڪتي. ان تي روايتن موجب هي اکر هئا:
    ٿپڻ والي تپي سڪندر دي واري دي.(22)
    شادي پلي: شادي پليءَ جي آس پاس هڪ ڀڙي تان هڪ چوڪس سر ملي. ان تي هي اکر هئا:
    ڪوئي آکي سَلان ڪنہ پڪايان دلونان کهاري
    ڄانڀي داٻل ٻلايا، شاه سڪندر واري.(23)
    فارسي ۽ عربي ڪتبن کان علاوه هن دور ۾ سرائڪي ۽ سنڌي ڪتبن جو ملڻ (هڪ هندي ڪتبو به مليو آهي) اسان کي سمن ڄامن جي دور ۾ ٻولين بابت اختيار ڪيل پاليسيءَ طرف سنجيده مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو. ائين ٿو لڳي ته تغلقن جي خاتمي کان پوءِ آزاد حڪمرانن، رياستي سطح تي عربي ٻوليءَ کي اختيار ڪيو. حاڪمن جي مقبرن ۽ چوڪنڊين تي لڳل ڪتبا، ڪتابن جو لکجڻ ۽ سڪن تي مليل لکت هن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا. البت مقامي سطح تي حاڪمن، گورنرن يا مَلڪن سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا نصب ڪرايا. ان جو مطلب ته سمن جو دور وڌيڪ جاري رهڻ جي صورت ۾ اڳتي هلي سنڌي ٻولي تحرير ۽ تصنيف ۾ وڌيڪ ڪتب اچي ها. ليڪن ارغونن جي قبضي کان پوءِ سڄي سنڌ جي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ فارسي سڄي ملڪ جي سرڪاري زبان بنجي وئي. البته سرائڪي ڪتبا جيڪي مٿي ڏنا ويا، اهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سواءِ هڪ اڌ جي اڪثر زباني روايتن ذريعي نقل ڪيا آهن. ان کان علاوه سڪندر ڪهڙو سمون بادشاه هو، جنهن جي نالي تي هي ڪتبا ملن ٿا؟ اهو سوال به اڃا حل طلب آهي. ان ڪري خود هن مسئلي تي اڃا وڌيڪ سوچ ويچار جي ضرورت آهي!

    سمن بادشاهن جون مٽيون مائٽيون
    سنڌ جي سمن حاڪمن جي مطالعي ۾ هنن حاڪمن جي گجرات ۽ خانديش طرف ڪيل سڱابندين کي اهميت حاصل آهي. اوائلي مصنفن ان جو سرسري ذڪر ڪيو آهي.(24) موجوده دور ۾ ٿيل تحقيق ان ڏس ۾ گهڻي معلومات ميسر ڪئي آهي. حقيقت ۾ سمن حاڪمن ۽ گجراتي بادشاهن جي سٺن لاڳاپن ۾ هنن مٽين مائٽين کي گهڻو عمل دخل آهي. ان ڪري ان قسم جو مطالعو خود سمن جي خارجه پاليسيءَ جو اهم عنصر آهي. گجرات ۽ خانديش طرف سمن جي سڱابندين بابت هند ۽ سنڌ ۾ جيڪا ڄاڻ موجود آهي، ان ۾ مصنفن ڪجهه سنگين غلطيون ڪيون آهن. اسين هيٺ ان متعلق درست ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين:
    1. ڄام فتح خان (نمبر:11) پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات طرف پنهنجي نياڻي ڄام زادي، جهانيه جهان گشت جي پوٽي قطب عالم (790-858هه) سان شادي ڪري ڏني. قطب عالم پنهنجي نڳي ڏاڏي راڄو جي قتال جي حڪم تي گجرات ويو، جتي سلطان مظفر شاه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. هن شاديءَ مان قطب عالم کي ٻه نياڻيون بيبي فردوس ۽ بيبي مريم پيدا ٿيون.(25)
    2. ان بعد گجرات ۽ سنڌ جو هي تعلق به پيدا ٿيو. ڄام جوڻو (ثاني) نمبر:12) ڪنهن صورتحال ۾ پريشان ٿيو. تڏهن هن به گجراتين سان مائٽي ڪئي. جوڻي پنهنجيون ٻه نياڻيون اوڏي پرڻائي ڏنيون. بيبي مغلي بيحد حسين هئي. ان جو عقد سلطان محمد گجرات جي حاڪم (نمبر:3) سان ٿيو، جڏهن ته بيبي مرڪي شاه عالم (817-880هه) جي نڪاح ۾ آئي. سلطان محمد کي سن 849هه/1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو بيبي مغليءَ مان هو. سندس نالو فتح خان هو ۽ پاڻ گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور آهي. بيگڙي ڪافي موقعن تي سنڌ جي مدد ڪئي هئي. شاه عالم کي مرڪيءَ مان بي بي امان، بي بي وچين ۽ بيگ محمد عرف شاه ڀيڪن اولاد ٿيو. سلطان محمد سال 1451ع ۾ فوت ٿيو. ان بعد قطب الدين گجرات جو والي (نمبر:4) بنيو. هن ننڍڙي فتح خان کي مارائڻ جو ارادو ڪيو. ان ڪري مغلي پٽ کي کڻي اچي شاه عالم وٽ پناه ورتي. ٽي سال پوءِ مرڪي فوت ٿي. ان بعد مغلي ۽ شاه عالم جو نڪاح ٿيو. ڄام جوڻو سنڌ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش گجرات ۾ دفن ٿيو.(26) اهي ٻئي شهزاديون وفات بعد احمد آباد جي لڳ پنهنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اهو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي قريب آهي. ٻنهي شهزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آهن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگ مرمر جي آهي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياه سنگ مرمر جو آهي.(27)
    3. گجرات جو ستون بادشاه سلطان مظفر ثاني (917-932هه) ٿي گذريو. ڄام سنجر جي پوٽي بي بي راڻيءَ سان سندس شادي ٿي. بي بي راڻي بيحد حسين هئي. بادشاه جي ساڻس ڏاڍي محبت هئي. ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز سندس سوٽ هئا. مظفر شاه ۽ بيبي راڻي سن 1511ع کان اڳ نڪاح ڪيو. هن رشتي جي ڪري مظفر، صلاح الدين کي لشڪر ڏئي، ڄام فيروز تي حملو ڪرايو. سيد حسام الدين راشدي هڪ هنڌ بيبي راڻيءَ کي ڄام سنجر جي نياڻي ڏيکاري ٿو.(28) جڏهن ته ٻي جاءِ تي کيس ڄام سنجر جي پوٽي ٻڌائي ٿو.(29) ساڳي حالت پنهور صاحب جي آهي.(30) مظفر شاه کي هن گهر مان ٽي ٻار ڄاوا. سڪندر جيڪو گجرات جو اٺون حاڪم بنيو، عائشه جيڪا فتح خان بن ڄام فيروز جي زال بني ۽ رقيه، فاروقي سلاطين ۾ داخل ٿي.(31) رقيه ۽ عادل خان ثالث (عالم خان) جو پاڻ ۾ نڪاح ٿيو. ياد رهي ته عادل خان (914-926هه) خانديش جو ڏهون حڪمران بنيو.(32)
    4. ڄام نندي (نظام الدين) جي هڪ ڌيءُ (نالو معلوم ڪونهي) جي شادي فاروقي شهزادي قيصر خان سان ٿي. قيصر خان جي ڏاڏي افتخار الملڪ حسن خان، خانديش مان ڀڄي اچي گجرات ۾ پناه ورتي هئي. ڄام نندي جي محمود بيگڙي ڪنهن ڪٺن مرحلي تي مدد ڪئي هئي.(33) ائين ٿو نظر اچي ته قيصر خان جڏهن سنڌي شهزادي پرڻيو، تڏهن هو پڪي عمر جو هو.
    5. سلطان مظفر ثاني گجراتي ٽي شاديون ڪيون. ڪنهن زال مان کيس هڪ نياڻي ٿي. ان جي شادي هيبت خان پٽ ڄام صلاح الدين سان ٿي. شايد هيءَ شادي ڏي وٺ جي اصول تي ٿي هئي. ياد رهي ته مظفر پاڻ صلاح الدين جي سوٽ بيبي راڻي پرڻيو هو.
    6. بهرام خان تميم سنڌي شهزادو هو. ان جي هڪ نياڻيءَ جو نڪاح مظفر ثاني گجراتيءَ جي هڪ پٽ لطيف خان (هن نالي سان ٽي شهزادا هئا، پر هڪ به حاڪم نه ٿي سگهيو) سان ٿي.
    7. ڄام فيروز آخري ڏينهن گجرات ۾ گهاريا. هن پنهنجي نياڻي سلطان بهادر (932-942هه) کي شادي ڪري ڏني. بهادر گجرات جو ڏهون بادشاه هو. ان ريت سمن، گجراتين ۽ خانديشي فاروقين جي مٽين مائٽين بابت تاريخن ۾ احوال محفوظ آهي.

    دولهه دريا خان
    گذريل صفحن ۾ سنڌ جي هن امير ڪبير بابت گهڻو ذڪر ٿيو آهي. دريا خان سنڌي شهيدن جي تاريخ ۾ نمايان اهميت رکي ٿو. ان کان علاوه سياست، ڊپلوميسي توڙي فوجي مهارت سبب کيس اسان جي تاريخ ۾ نهايت وڏو رتبو حاصل آهي. دودي جي شهادت سان سومرن جي پڄاڻي ٿي. شاه بهارو، ديوان گدومل ۽ نواب ولي محمد لغاري جيسين زنده هئا، ايسين ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران محفوظ هئا. ليڪن سندن قتل يا وفات کان پوءِ هنن حڪمرانن جي ڪمزوري شروع ٿي. ان ريت جيسين دريا خان جو مرتبو بحال هو ۽ سندس ڳالهه کي وزن حاصل رهيو. تيسين سمن جي سلطنت به سلامت هئي. ڄام فيروز جي دور ۾ سندس راءِ کي اهميت نه ملي ۽ آهستي آهستي سمن جو زوال شروع ٿي ويو. آخرڪار ساموئيءَ جي ميدان تي 11 محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) تي ارغونن سان لڙندي سنڌ جو هي سچو فرزند شهيد ٿي ويو.(34)
    دولهه دريا خان جي حسب نسب توڙي ابتدائي دور بابت تاريخن ۾ گهٽ مواد ملي ٿو. سيد طاهر محمد کيس سيد زادو سڏيو هو.(35) رچرڊ برٽن ڏيڍ صدي اڳ ۾ کيس ريڍار جو ٻار سڏيو، جڏهن ته حسب نسب بابت پاڻ خاموش ڏسجي ٿو.(36) وچئين دور جا سڀ مؤرخ هن مسئلي بابت خاموش آهن. همعصر دور جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، دريا خان کي لاشاري بلوچ سڏيو آهي.(37) ڊاڪٽر صاحب مختلف روايتن، رند – لاشار جنگ جي پس منظر، نالي ۾ ”خان“ لفظ ۽ ڪجهه ٻين گمانن جي آڌار تي هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو هي وطن دوست سپاهي لاشاري هو ته پوءِ آڳاٽا مصنف به پڪ سان ائين لکندي نه ڪيٻائين ها. مير معصوم جو ڪتاب ”تاريخ معصومي“ هن دور تي پهريون دستاويزي ماخذ آهي. ان موجب دريا خان سمن جي قبيلي يا سماٽ گروهن سان لاڳاپو رکندڙ هو. اهڙو گمان تڏهن نڪري ٿو، جڏهن پاڻ دريا خان جي پٽ کي ڄام سارنگ ڪري لکي ٿو.(38) رند-لاشار جنگ جي حوالي سان ڪو ٻاهريون ماڻهو، سنڌ ۾ پناه گزين ٿي اچي ۽ پوءِ ايڏي وڏي رتبي تي پهچي، سو بعيد از قياس ڏسجي ٿو. سمن ڄامن ۾ ٻه بادشاھ اهڙا ٿي گذريا آهن، جن جي نالن ۾ ”خان“ لفظ موجود آهي. هڪ جو نالو فتح خان ۽ ٻئي جو نالو مبارڪ خان هو. پوءِ ائين چئجي ته اهي بادشاھ به بلوچ هئا. سو ڪيترو درست ٿي سگهي ٿو؟ حقيقت ۾ ڪنهن به فرد جو حسب نسب متعين ڪرڻ، سو به صرف روايتن جي آڌار تي مناسب نه ٿو ڏسجي.
    اصل ۾ درياخان جي باري ۾ ”تاريخ طاهري“ واري درست راءِ ڏيندي ڏيندي ڌوڪو کاڌو آهي. هن ڏس ۾ پاڻ سيدزادو، قبوليو، دريا خان ۽ مبارڪ خان جهڙا لفظ لکي مسئلي کي منجهائي به ويو آهي ته ڳالهه کي سلجهائڻ لاءِ به رهنمائي ڪري ٿو. سيد طاهر محمد ٺٽي ۾ ويهي ڪتاب لکيو. جيڪڏهن پاڻ سيوهڻ ۽ ڳاها وڃي تحقيق ڪري ها ته هن مونجهاري جو ڪوبه امڪان نه رهي ها. ائين به ممڪن آهي ته سيد طاهر محمد ڳالهه درست لکي، ليڪن پوءِ جي ڪاتبن قصي کي منجهائي ڇڏيو.
    طاهر محمد جي تحرير ذريعي خبر پوي ٿي ته هن سپهه سالار جو نالو دريا خان ۽ لقب مبارڪ خان هو. قبوليو (قبولہ) اصل ۾ سندس قبيلو هو. هي قبيلو سماٽ ۾ اچي ٿو ۽ اڄ سوڌو دادو ضلعي ۾ آباد آهي. خود درياخان جي جاگير (ڳاها) به هن ضلعي ۾ هئي.(39) هن ضلعي جي معتبر راوين جي راويت به اها ئي آهي ته دريا خان ذات جو قبوليو هو.(40) هن قبيلي جا اڪثر ڳوٺ اڄ به دادو ضلعي ۾ موجود آهن.
    امڪاني طرح به اندازو آهي ته سمن ڄامن سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص ڪري سماٽ قبيلن مان مکيه مکيه انتظامي عهدن تي عملدار مقرر ڪيا هوندا. ڄام نظام الدين کي ابتدا ۾ پٽاڻو اولاد نه هو، ان ڪري هن دريا خان کي گود جو پٽ ڪري نپايو. پهريان هو ديوان لکدير (لکمير) جو غلام هو، جتان ڄام نندي کيس حاصل ڪيو. اڳتي هلي درياخان سياست ۽ فوجي معاملن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي، ان ڪري کيس سپھ سالار، وزيراعظم ۽ امير الامرا مقرر ڪري ”مبارڪ خان“ جو لقب ڏنو ويو. سندس متعلق پهريون مستند حوالو سن 895ھ/1490ع جو آهي، جڏهن پاڻ اتر طرف سنڌ ۾ جنگ ڪري ارغونن کي شڪست ڏنائين. ان سال مڪليءَ تي پنهنجي مقبري جي چوديواري پڻ تعمير ڪرايائين.(41) هن جنگ ۾ کيس اتر سنڌ جي چانڊين فوجي مدد ڪئي هئي. سوڀ حاصل ڪرڻ بعد دريا خان، موجوده لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضي، چانڊين جي سردار کي جاگير طور ڏني. ان بعد هن خطي تي ”چانڊڪه“ نالو پئجي ويو.(42) روايتن موجب چانڊيي سردار جو نالو ”سريمڻ خان“ هو. ڄام نندي جي زماني ۾ پاڻ ڪجهه واه کوٽائي، سنڌ جي زراعت ۾ واڌارو آندائين. ڄام جي وفات کان پوءِ به هي پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو.
    ڄام نندي جي دور ۾ غالبن موجوده تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ چانگ قبيلي فساد برپا ڪيو هو. ان کي پڻ درياخان منهن ڏنو. سن جي بزرگ سيد حيدر جو ڏاڏو سخي ابراهيم شاھ، ڄام نندي جو دوست ۽ رفيق هو. ابراهيم شاھ هن مسئلي تي درياخان جي مدد ڪئي. فسادين کي سختيءَ سان چيڀاٽيو ويو. البت ابراهيم شاھ هنن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. هن جي مزار خانوٺ جي ڀرسان آهي.(43) اڳتي هلي درياخان جو تعلق سيد حيدر سنائي ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان پيدا ٿيو، جن مخدوم بلال جي صلاح مصلحت سان سيد محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو.(44) هن ياري دوسري واري تعلق سبب درياخان، اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان پنهنجي رهائش لاءِ هڪ قبائين جاءِ ٺهرائي هئي، جا اڄ سوڌو موجود چئي وڃي ٿي.
    ڄام فيروز ننڍي عمر ۾ سنڌ جو حڪمران بنيو. هن درياخان جي مرتبي ۽ عزت جو ڪوبه خيال نه ڪيو، ان ڪري پاڻ احتجاج طور استعفا ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهيو. ڄام صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت فيروز کيس منٿ ميڙ ڪري وري حڪومت ۾ شامل ڪيو. هن حيلي حرفت سان صلاح الدين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ وري فيروز سنڌ جو حاڪم بنجي ويٺو. هن ڀيري به درياخان کي جائز مرتبو نه مليو. آخر ۾ فيروز جي ماءُ ارغونن کي حملي جي دعوت ڏني ۽ درياخان جي خاتمي لاءِ مدد طلب ڪئي. سنڌ جي هن سپوت ۽ ارغونن ۾ 11 محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) تي سخت مقابلو ٿيو. مؤرخن درياخان جي سورهيائيءَ ۽ جنگ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته کيس صلح جي ڳالهين لاءِ گهرائي شهيد ڪيو ويو.(45) سندس مزار اڄ به مڪليءَ تي موجود آهي.
    درياخان جي ذاتي سوانح بابت ڇڙوڇڙ حوالا موجود آهن. مٿي سندس اوطاق جو ذڪر آيو آهي، جا گوپانگ اسٽيشن جي ڀر ۾ دادو ضلعي ۾ آهي. هن جي حويلي ۽ ڪوٽ مڪليءَ جي عيدگاھ جي اوڀر واري ايراضي ۾ هئا. هن وقت عيدگاھ ڏي ويندڙ پيچرو، درياخان جي ڊٺل ڪوٽ جي اتر کان وڃي ٿو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي آڳاٽو هن ڪوٽ جو ذڪر ڪيو هو.(46) روايتن موجب دريا خان، راٺوڙن جي هڪ حسين ڇوڪري ”همون“ سان شادي ڪئي هئي.(47)
    راشدي صاهب جي تحقيق موجب کيس ڄام سارنگ، علاؤ الدين، محمود خان، احمد ۽ موٽڻ خان نالن سان پنج پٽ هئا.(48) اهي سڀ سورهيه ۽ دلير توڙي وطن دوست انسان هئا. سنڌ جو هي سچار انسان جيسين زنده هو، ايسين سمن جي سلطنت قائم رهي. سندس شهادت کان پوءِ سمان ڄام به رلي ويا ته سنڌ جو ملڪ به ٻن صدين تائين ڌارين جي راڄ ۾ جڪڙجي ويو!

    حوالا ۽ حاشيه

    (1) ان متعلق مون پنهنجي آرٽيڪل: ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ ڇپيل سه ماهي اردو 2/1981ع ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي.
    (2) مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ اردو حاشيا ص417-419
    (3) ساڳيو حوالو، حاشيا ص416-417
    _ سيد علي قلندر شهباز جي ساٿين مان هڪ بزرگ هو. هي ڪتبو مولانا وفائي به ڏنو آهي، ليڪن اهو اڻ پورو ڏسجي ٿو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٻيون ص19-20)
    (4) تاريخ مظهر شاهجهاني تعلق لعل شهباز قلندر
    (5) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ سنڌي ص612-622
    (6) سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ حاشيا ص106-107
    هن ڪتبي جون ابتدائي سٽون ڪجهه ڪتابن ۾ هن ريت به ڏنل آهن:
    بعهد شهريار دهر سلطان داور دوران
    شه فيروز منصور ومظفر در صف ميدان
    (7) مڪلي نامه ص272
    (8) مڪلي نامه ص272
    (9) مڪلي نامه ص128
    راشدي صاحب جو خيال آهي ته..... جاين تي عربي تحرير آهي. ب ۽ ج جون عبارتون صاف نه آهن. ڏنل پڙهڻي قديم آثارن واري کاتي جي آهي.
    (10) مڪلي نامہ ص130
    پڙهڻي قديم آثارن واري کاتي جي آهي.
    (11) مڪلي نامہ ص102
    (12) مڪلي نامہ ص202
    (13) مڪلي نامہ ص111
    (14) مڪلي نامہ ص111
    (15) مڪلي نامہ ص122
    (16) مڪلي نامہ ص724
    (17) مڪلي نامہ ص724
    (18) مڪلي نامہ ص550
    (19) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص158 زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1980ع
    (20) سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ ص158
    (21) ساڳيو ڪتاب ص160
    (22) ساڳيو ڪتاب ص160
    (23) ساڳيو ڪتاب ص161
    نوٽ: ڊاڪٽر بلوچ صاحب دلوراءِ (سومرن جو دور) جي دور جو هڪ سرائڪي ڪتبو به ڏنو آهي:
    سل ٿپي تپڻهاري صابونان کوهاري
    دلوراءِ دي واري سل پڪي ڄانڀي تي
    (ص160)
    ان کان علاوه سمن جي دور ۾ سن 1491ع (1548 سنبت) جو هڪ هندي ڪتبو به ملي ٿو. هي ڪتبو ملڪ ڄام سومري مروٽ (بهاول پور) جي ڪچي قلعي جي دروازي تي مرمت دوران لڳايو هو. ڄام سومرو ان وقت سمن پاران اتي حاڪم هو. ڪتبو هن ريت آهي:
    سنبت 1548 برکي په سُدي مروٽ ٿيا
    مَلڪ ڄام سومرا، ڪوٽ پاڪي کيل ڦرائي
    (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ص82 حيدرآباد 1962ع)
    (24) تاريخ معصومي سنڌي ص118
    (25) مڪلي نامہ ص127-128
    (26) مڪلي نامہ ص119-126
    (27) سيد حسام الدين راشدي جو مقالو رسالو مهراڻ ص92 نمبر 4 سال 1968ع
    (28) مڪلي نامہ شجرو – الف
    (29) مڪلي نامہ شجرو – ب
    (30) ايم ايڇ پنهور: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص353 ۽ ص367
    (31) مڪلي نامہ ص116-119
    (32) سمن گجراتين ۽ فاروقين جي مٽين مائٽين تي مصنف پنهنجي هڪ پيپر ۾ زياده روشني وڌي آهي. (اڻ ڇپيل)
    (33) ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا جلد ٽيون ص306-307
    (34) ايم ايڇ صديقي: ”هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص23 حاشيو2
    (35) تاريخ طاهري فارسي متن ص54-56
    (36) رچرڊ برٽن ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ص122 سنڌي ترجمو از محمد حنيف صديقي
    (37) سپھ سالار درياخان جو حسب نسب، مقالو، رسالو مهراڻ 2-1/1980ع
    (38) تاريخ معصومي سنڌي ص156
    - ڊاڪٽر بلوچ ڄام سارنگ کي دريا خان جو ڀاءُ لکيو آهي. (حوالو نمبر:37) جڏهن ته راشدي صاهب هن کي درياخان جو پٽ سڏيو آهي. (مڪلي نامہ:ص103)
    (39) ڪاهان، گاهان، ڳاها سيوهڻ کان اتر الهندي طرف 21 ميلن تي هڪ ڳوٺ آهي. (تاريخ معصومي سنڌي ص336)
    (40) روايت: محمد ابراهيم جويو. سڄي دادو ضلعي ۾ ويندي ڪوٽڙيءَ تائين اڄ به قبولين جا گهڻا ڳوٺ موجود آهن.
    (41) مڪلي نامہ ص102
    (42) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: نواب غيبي خان چانڊيي جي گهرو فساد بابت واقعاتي بيت، ماهنامه الرحيم ص37 جون 1972ع
    (43) جي ايم سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد2 ص497، سنڌي ادبي بورڊ سال 1979ع ۽ پڻ ڏسجي ”پيعام لطيف“ ص5 از جي ايم سيد، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي سال 1974ع
    (44) جنب گذاريم جن سين جلد2 ص498
    (45) مڪلي نامہ ص ص89-90
    (46) سنڌ جو سيلاني ص68-69 سال 1923ع
    _ ڊاڪٽر بلوچ هن مسئلي تي وڌيڪ روشني وڌي آهي. (ڏسجي ٺٽي جو اسلامي فن تعمير انگريزي ضميمو ص201-202)
    (47) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا عشقيه داستان-1، مقدمو ص25-26 سنڌي ادبي بورڊ سال 1964ع
    (48) مڪلي نامہ ص حاشيو ص101-102
    نوٽ: دريا خان جي هڪ پٽ جو نالو مخدوم امير احمد واري ترجمي (تاريخ معصومي ص153 ۽ ص156) ۾ متن خان آيو آهي، جڏهن ته ديوان ننديرام جي ترجمي ۾ ص170 تي متن خان ۽ ص175 تي موٽڻ خان آهي. سنڌ جي عام روايتن موجب ”موٽڻ خان“ وڌيڪ درست لڳي ٿو.


    ضميما

    ڪتاب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه نئون مواد نظر مان نڪتو ۽ ڪن نقطن بابت وضاحت ضروري سمجهي وئي. ان ريت ضميمن جي صورت ۾ ڪجهه اهم واڌارا پيش ڪجن ٿا.


    ضميمو-الف: ڄام نندي متعلق وڌيڪ معلومات

    ڪتاب ۾ ڄام نندي جو ذڪر بار بار ٿيو آهي. ڪجهه وڌيڪ معلومات هت ڏجي ٿي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي طاحب ”ظفر الوالہ بمظفر وآلہ“ جي حوالي سان روايت ڪئي ته جڏهن ڄام نندو حج تي ويو هو، تڏهن عربستان جي شيخ الاسلام مڪي کان ٻاهر اچي سندس استقبال ڪيو. عالمن شيخ جي اهڙي عمل تي اعتراض ڪيو. تڏهن پاڻ چيائين ته: ”آئون هڪ بادشاه بجاءِ هند ۽ سنڌ جي هڪ وڏي ۾ وڏي عالم جي استقبال تي ويو هئس.“ ان مان ڄام جي علمي ۽ ديني عظمت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
    ڄام جو دور گهڻو ڪري پرامن رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ فسادين جو ذڪر تذڪرن ۾ ملي ٿو. غالبا موجوده ڪوٽڙي تعلقي ۾ چانگ قبيلي فساد ڪيو. ان وقت هن علائقي ۾ سخي ابراهيم شاه جو وڏو اثر هو، جيڪو ڄام نندي جو دوست هو. سخي صاحب هن تعلق سبب فسادين کي ڪچلڻ ۾ درياخان جي وڏي مدد ڪئي. ابراهيم شاھ انهن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. سندس مزار خانوٺ جي ڀر ۾ آهي. (پيغام لطيف ص5) ابراهيم شاھ جو پوٽو سيد حيدر سن وارو دريا خان جو دوست هو. هن لاڳاپي سبب پوءِ دريا خان گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ قبائين جاءِ ٺهرائي، جتي اڪثر اچي رهندو هو. (جنب گذاريم جن سين جلد2 ص497)
    دريا خان، مخدوم بلال ۽ سيد حيدر سن وارو-مهدي جونپوريءَ جي خلاف سرگرم هئا. هن خطي ۾ مهدي مخالف اڳواڻن ۾ سيد عبدالرزاق لڪياري به وڏي اهميت رکي ٿو، جو شاه صدر الدين جي اولاد مان هو. (جنب گذاريم جن سين جلد2 ص498)
    ڄام نندي جي دور ۾ سبيءَ ۾ هڪ تاريخي دنگل ٿيو. هي واقعو 1490ع ۾ پيش آيو. مير علي شير قانع هن ڏس ۾ لکيو هو ته:
    ”ڄام نندي جي دور جي آخر ۾ شاه بيگ جي لشڪر قنڌار مان اچي سنڌ جي مختلف علائقن تي حملو ڪري بربادي ڪئي. درياخان حملي آور سان مُنهن مقابل ٿيو. سبيءَ وٽ معرڪو ٿيو، جنهن ۾ شاه بيگ جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. ڄام جي دور ۾ ارغونن وري سنڌ تي حملو نه ڪيو.“ (تحفة الڪرام ص170-171، اردو ڇاپو)
    روايتن موجب هن جنگ ۾ چانڊين درياخان جي گهڻي مدد ڪئي. بعد ۾ سنڌ جي هن سورهيه سپھ سالار موجوده لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضي چانڊين جي اڳواڻ کي جاگير طور ڏني. ان ريت هن خطي تي ”چانڊڪه“ نالو پئجي ويو. ان جو مطلب ته ”چانڊڪه“ لفظ به ڄام نندي جي دور جو يادگار آهي.
    ڄام نندي جي مقبري جي فن تعمير جي لحاظ سان وڏي واکاڻ آهي. هن مقبري جي باري ۾ ڊاڪٽر سدارنگاڻي راءِ ڏني ته:
    “He is buried on Makli hill in a stately tomb which is supposed to possess the peculiar marit of fulfilling the desires of the people who circumbulate is seven times.” (Persian poets of sind, p12)
    ليڪن ڊاڪٽر داني هن خيال سان اتفاق نه ٿو ڪري. پاڻ لکي ٿو ته:
    “The entire height of the walls, from outside gives the appearance of an apparent cube and produces the false impression on the popular imagination of the visitors that the design derived its inspiration from the cubical building around the holy ka’ba at Makkah. This is a wrong analogy in the mind of the fond believers. Actually the present building is a logical consequence of the earlier brick tombs that had shown the way to this type.” (Thatta: Islamic Architecture, p.68)


    ضميمو-ب: سمن جي دور ۾ فارسي ادب

    گذريل صفحن ۾ هن عنوان تي مختصر طرح سان روشني وڌي وئي آهي. هت ڪن ضروري نقطن جي اپٽار ڪجي ٿي:
    سمن جو دور 751هه ۾ شروع ٿي 927ھ تي ختم ٿيو. ڪن لکندڙن ”انشاي ماهرو“ کي به سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شمار ڪيو آهي. ان جو لکندڙ عين الدين عين الملڪ ماهرو، ملتان جو گورنر ۽ سنڌ جي معاملن جو نگران هو. ڪتاب ۾ آيل ڪجهه خطن ذريعي سنڌ ۽ هند جي ڇڪتاڻ تي روشني وڌل آهي. هي خط ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان پروفيسر عبدالرشيد لاهور مان ڇپيا آهن.
    ڊاڪٽر سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب (پرشين پوئٽس آف سنڌ ص10) ۾ ڄام جوڻي کي به شاعر طور متعارف ڪرايو آهي.
    شاه بخشنده توئي بنده شرمنده منم!
    سيد حسام الدين راشدي ويهھ سال پوءِ هن تحقيق کي رد ڪيو ۽ لکيو ته هيءَ سٽ اصل ۾ هندستان جي شاعر امير حسن سجزي (وفات:738ھ) جي هڪ غزل مان کنيل آهي. (مهراڻ 4/1968ع) گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۽ فارسي شاعريءَ جي حوالي سان جيڪو ڪم ٿيو آهي، ان ۾ سدارنگاڻي صاحب جي هيءَ غلطي بار بار دهرائي وئي آهي. امير حسن جو غزل هت مڪمل طور تي ڏجي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ عنوان تي ڪم ڪندي غلطيءَ کان بچي سگهجي.
    بازمين آيم وسر در قدمت ميفگنم
    ”مير بخشنده توئي! بنده شرمنده منم“
    رفتني رفت، بيخشاي که باز آمده ام
    گر تو دستم ندهي دست بپاي که زنم
    بوي رحمت ز غبار قدمت مي يام
    رخت اميد به کشف کرمت مي فگنم
    خويشتن را بسر کوي تو، افگندم باز
    زانکه تابي تو همين باشم بي خويشتنم
    دوستيء در تو مايهء ايمان منست
    ميکشدهم بسر گوي تو حب وطنم
    هيچ اندوه نبود، در دل گورم والله!
    تاز اندوه تو پيوند بود برکفنم
    چہ شد آخر؟ که خداوندي خود کم کردي
    جان من! من نه همان بنده مسکين حَسنم!
    تذڪرن ۾ شيخ حماد جماليءَ جو شعر به ملي ٿو:
    دو گزک بوريا و پوستکي دلکي پرز درد دوستکي
    ايـتـقـدريـس بود جمالي را عـاشـق رنـد ولا ابالي را
    (مڪلي نامہ ص83)
    راشدي صاحب هن ڏس ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته هي شعر جمالي دهلويءَ ڏي به منسوب آهي. (مقدمو سير العارفين اردو ترجمو)
    ان بعد تذڪرن ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽي جو نالو اچي ٿو، جو سمن جي آخري زماني ۾ برهان پور کان آيو ۽ مڪليءَ تي اچي مقيم ٿيو. هن جو نالو پڻ هن دور جي فارسي شاعر طور سامهون آيو آهي. سندس شعر هي آهي:
    قيد باشد حکيم! در ره دوست
    دو گزک بوريا وپوستکي
    گر تو آزاده بس است ترا
    دلکي پرز درد دوستگي
    (مقالات الشعرا ص457)
    شهيد مخدوم بلاول سمون به فارسي سخن جي حوالي سان روشناس ٿيو آهي. سندس شعر مير قانع (مقالات الشعرا ص92) ڏنو آهي:
    در راه خدا از سر قدم بايد ساخت
    سرمايه اختيار خود ميبايد باخت
    کفرست بخود نمائي بردن بجهان
    از خويش برون شده سويش ميبايد تاخت
    ڄام نندي جي هڪ رباعي به تذڪرن ۾ (مقالات الشعرا ص816) ملي آهي:
    اي انکه ترا نظام دين ميخوانند
    تو مفتخري که مرا چنين ميخوانند
    گر در ره دين از تو خطائي افتد
    شک نيست که کافر لعين ميخوانند
    جيتوڻيڪ هيءَ رباعي ڪنهن ٻئي شاعر جي نالي ۾ منسوب ڪانهي، ليڪن فخري هروي ٺٽي ۾ 958ھ ۾ لکيل ”روضة السلاطين“ نالي تذڪري ۾ ڄام نندي جو هڪ شاعر طور تعارف نه ڏنو آهي. ياد رهي ته هي تزڪرو اهڙن بادشاهن، اميرن، حاڪمن ۽ وزيرن لاءِ لکيل آهن، جن ڪڏهن ڪڏهن شعر جي واديءَ ۾ به قدم رکيو هو. حالانڪه فخري هروي ملتان جي شهزادي ابوالحسن لنگاه جو به هڪ شاعر طور ذڪر ڪيو آهي.
    ڄام فيروز جي دور ۾ سن 918ھه ۾ هرات مان مخدوم عبدالعزيز ۽ سندس ٻه پٽ اثير الدين ابهري ۽ مولانا محمد ”ڳاها“ آيا هئا. عبدالعزيز ۽ اثير الدين ڳاها ۾ فوت ٿيا. اثير الدين جو ڄام فيروز لاءِ چيل قصيدو هن ڪتاب ۾ اڳ ئي ڏنو ويو آهي. مخدوم عبدالعزيز جي لکيل ”شرح مشڪواة“ مشهور هئي. هرات مان نڪرندي بار بار سندس چپن تي هي شعر ايندو رهيو:
    آنجا که بناي دين بگردد برهم
    باشي تودني اگر کني مکشي کم
    اينک راه راست پيش روي عالم
    کافر نشوي ملک خدا نبود کم
    (مقالات الشعرا ص422)
    مولانا محمد جنهن کي مولانا ياري ۽ مولانا يار محمد به سڏيندا هئا، سو پوءِ به گهڻو وقت زنده هو. (مقالات ص10، 422 7 876) اڳتي هلي سلطان محمود بکريءَ جي ايلچيءَ طور همايون جي درٻار ۾ ويو، ليڪن کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان ڪري سنڌ ڏي اچڻ بجاءِ (سيتپور) گجرات هليو ويو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. ڪتابن ۾ هن جو چيل هڪ شعر آيو آهي، جو گجرات جي زماني ۾ چيائين:
    گجرات خوش دياري اما بشرط ياري
    بي يار چون توان بد در اين چنين دياري
    (معصومي سنڌي ص283)
    سمن جي دور ۾ لکيل ڪنهن به فارسي ڪتاب جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه پيو آهي. البت ڄام نندي جي دور ۾ سن 910ھ جو ڪتابت ڪيل قرآن مجيد جو فارسي ترجمو مليو آهي. ان جو ڪاتب ٺٽي جو رهواسي عبدالرهيم هو. نسخي ۾ ڪل 482 ورق آهن. پڄاڻي هن ريت اٿس: تمت تمام شد کارم من نظام ترجمه مصحف روز پنجشنبه بتاريخ سن910 هجري کاتب الفقير حقير عبدالرحيم غفر لہ ذنبہ. هن ترجمي جو مترجم ڪير آهي؟ ان بابت معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هي نسخو ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾ ڪراچيءَ ۾ آهي.


    ضميمو-ج: مخدوم بلال جي شهادت

    سمن جي سلطنت جي اڀياس ۾ اڪثر مخدوم بلال جو ذڪر ٿيو آهي. بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن کان پوءِ مخدوم صاحب پنهنجي پوري دور تي ڇانيل آهي. پاڻ ذات جو سمون هو. هڪ راءِ موجب سندس تعلق ٺٽي جي شاهي خاندان سان هو. ٻي راءِ موجب پاڻ لس ٻيلي جي ڄامن مان هو. هيءَ آخري راءِ وڌيڪ وزن رکي ٿي. مون هڪ مقالي ۾ مخدوم صاحب جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. (مهراڻ 1-2/1993ع) بنهھ تازو سوال اٿيو آهي ته مخدوم بلال شهيد نه ٿيو هو. جي ائين هجي ها ته مير معصوم اهڙو بيان لکي ها. هت اسين هن مسئلي تي گفتگو ڪنداسين.
    مير محمد معصوم جي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ مخدوم بلال ۽ ارغونن جي تصادم بابت مفصل بيان مليو آهي. ساڳئي دور ۾ فريد بکري پڻ هن مسئلي ڏي اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. (ذخيرة الخوانين جلد1 ص177) ان هوندي به ”تاريخ معصومي“ پهريون ماخذ آهي، جنهن ۾ مخدوم بلال جي سوانح پڻ ڏنل آهي. مير معصوم جي لکت ته: هو سن 929ھ ۾ وفات ڪري ويو کي بنياد بنائي ناقدن مخدوم صاحب جي شهادت جو انڪار ڪيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي اصل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سامهون جيڪو قديم ترين نسخو هو، ان ۾ مذڪوره سٽ ڪانهي. ان جو مطلب ته وفات وارو بيان پوءِ جي ڪاتبن جو واڌارو آهي. مير علي شير قانع به مخدوم صاحب جي وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي. (تحفة الڪرام) اڄ اسين تاريخ جي علم مان جيڪا اميد رکون ٿا، وچئين دور ۾ هي علم صرف بادشاهن جي ثنا ۽ ساراه لاءِ هوندو هو. علي ڪوفيءَ کان ڪري خداداد خان تائين سنڌ جي تاريخ جا سڀئي لکندڙ سنڌي نه هئا. ان پس منظر ۾ اهڙن مؤرخن مان سماجي ۽ عوامي تاريخ جي توقع نه رکڻ کپي.
    سوال آهي ته مخدوم بلال ڇو شهيد ٿيو هو؟ مير معصوم جي لکت مان ڳالهه سڄي صاف نظر پئي اچي. مخدوم بلال مڃيل عالم، محدث ۽ صوفي هو. پاڻ ارغونن جو زبردست مخالف هو. ان صورت ۾ نوان حاڪم هن کي ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيا؟ تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا ظلم نشانبر بيٺا آهن. بهرحال، کيس شهيد ڪرڻ لاءِ هڪ بهاني جي ڳولا ڪئي وئي. مولانا دين محمد وفائي ان پس منظر ۾ لکيو آهي ته: آخرڪار وقتي سياست سبب مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص66) هن مسئلي تي جناب جي ايم سيد وڌيڪ روشني ڌي آهي. (پيغام لطيف ص64) انهن ڳالهين کي هت دهرائڻ جي گنجائش ڪانهي. مخدوم بلال جي شهادت بابت دستاويزي ثبوت گهڻو آڳاٽا آهن. انهن جو سرسري ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
    (1) مخدوم جعفر جو بياض: مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر ڳوٺائي هئا. شهادت جي واقعي وقت مخدوم جعفر ويهن – پنجويهن سالن جو هوندو. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ متعدد ڪتابن جو لکندڙ هو. هن جي بياض ۾ مخدوم صاحب جي شهادت جو مذڪور ملي ٿو: آن ولي باکمال را قوم طغچه (چغده) بر بناءِ حد در اشڪنجه کشيده بشهادت رسانيدند. (عبدالواحد آريسر جو مقالو ڇپيل ڊيلي ”جاڳو“ 21 آڪٽوبر 1993ع)
    (2) هڪ قديم تحرير: مشتاق متعلوي جنهن مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر ڪيو، ان جي سامهون هڪ قديم تحرير هئي. لکي ٿو ته: نقل از منبع قديم، در منقول چنين نوشته بود. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص63 حاشيو)
    (3) تاريخ معصومي: هي ڪتاب مخدوم بلال جي شهادت کان اسي سال پوءِ 1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جي انگريزي مترجم ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ مير معصوم جي لکت جي آڌار تي مخدوم بلال جي موت جي سزا جي تصديق ڪئي آهي. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص27 حاشيو3)
    (4) ذخيرة الخوانين: فريد بکريءَ سن 1060ھ/1649ع ۾ هي ڪتاب لکيو. مخدوم بلال ۽ شاهھ حسن ارغون جي ملاقات ۽ درٻار ۾ ٿيل جهڙپن جو احوال هن ڪتاب ذريعي دستياب ٿئي ٿو.(جلد1 ص177)
    (5) دليل الذاڪرين: حاجي پنهور سن 1106ھ/1694ع ۾ هي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر آهي. مولانا دين محمد وفائي هن ڪتاب جي مدد سان لکي ٿو ته پنهنجي مرشد مخدوم بلال جي شهادت کان پوءِ مخدوم ساهڙ هالن جي مخدوم نوح جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان گهڻو فيض پرايائين. (تذڪره مشاهره سنڌ جلد1 ص43)
    (6) سراج العارفين: هي ڪتاب سن 1215ھ/1800ع ۾ لکيو ويو. هن جي حوالي سان جناب جي ايم سيد لکيو آهي ته: مخدوم صاحب جي شهادت جو واقعو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. (پيغام لطيف ص63)
    (7) سچل فقير جي شاهدي: سچل سرمست (وفات: 1242ھ/1827ع) هڪ ڪافيءَ ۾ مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر، گهاڻي ۾ پيڙجڻ جي حوالي سان هن ريت ڪيو آهي:
    گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدان مارايئي
    (سچل جو سنڌي ڪلام ص377)
    (8) تاري گنجينه جهان نما: مخدوم محمد عاقل فارسي زبان ۾ هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ سن 1288ھ/1871ع ۾ لکيو. ان جو سنڌي خلاصو مخدوم محمد شفيع عباسيءَ ڪيو. فارسي توڙي سنڌي خلاصو اڃا نه ڇپيو آهي. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري روايت ۽ ان ۾ مهدوين جي ملوث هجڻ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. (سنڌي ترجمو ص31-34)
    (9) سيد حيدر شاه اجناڻي: هي بزرگ هالن جي آس پاس رهندو هو. سن 1303ھ/1885ع ۾ وفات ڪيائين. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري واردات هن ريت بيان ڪري ٿو:
    ڪني سوري سيج ڪئي، ڪي گهميا منجهه گهاڻي
    (ڪليات امين ص48)
    (10) بياض مشتاق متعلوي: قاضي هدايت الله مشتاق متعلوي (وفات؟؟) گذريل صديءَ ۾ مشهور مصنف، نثر نويس، شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب هڪ قديم تحرير جي حوالي سان مخدوم صاحب جي شهادت جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ عدد مرثيو به لکيو، جنهن لاءِ وفائي صاحب لکيو ته ان ۾ پوءِ جي هيراڦيري ٿيل آهي. مرثيو هن ضميمي جي آخر ۾ ڏجي ٿو.
    (11) رکيل شاه صوفي: پاڻ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو، جنهن سن 1359ھ/1940ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم بلال جي شهادت هن ريت بيان ڪئي اٿس:
    منجهه گهاڻي پيڙيو، وهن تنهنجي ناز جون ناليون
    (بحر العشق ص54)
    (12) مولانا دين محمد وفائي: مولوي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد اول سن 1365ھ/1946ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن عالم شخص پنهنجي ڪتاب ۾ مشتاق متعلويءَ جي بياض ۾ آيل مواد ۽ ٻين ذريعن کي سامهون رکي مخدوم بلاول کي شهيد ثابت ڪيو آهي. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ ڇپيو آهي.
    قيام پاڪستان کان پوءِ جناب جي ايم سيد هن عنوان تي ”پيغام لطيف“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ نالي ڪتابن ۾ مفصل روشني وڌي آهي. ان ريت همعصر دور ۾ هر اديب ۽ شاعر، مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
    مخدوم صاحب جي شهادت جي تاريخ مير معصوم (تاريخ معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام) ۽ سيد عبدالقادر (حديقة الاوليا) نه لکي آهي. مختلف روايتن موجب هو 30 صفر 931ھ، 2 رجب 930ھ يا 1 محرم 935ھ تي شهيد ٿيو هو. مخدوم صاحب جي مقبري ۾ ڪتبي تي سندس شهادت جي تاريخ 1 محرم 929ھ ڏينهن جمعي جو لکيل آهي. خاطري آهي ته هي واقعو شاه بيگ ارغون جي دور ۾ ٿيو، جنهن جديد تحقيق موجب 22 شعبان 930ھ تي وفات ڪئي هئي.
    مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي، جنهن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھ بخش پنهور 1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع ۾ پنهور صاحب شيشي جو ڪم به مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الھ بخش خان وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جا اڃا سلامت بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال 912ھ ۾ وفات ڪئي، جنهن جو مقبرو اتر ۾ (مخدوم بلال جي) ڪجهه وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت به تازي دور ۾ ٿي آهي.
    مشتاق متعلوي سندس وفات تي هيٺيون مرثيو لکيو آهي:
    شهنشه باغبان مخدوم مشفق
    غريق بحر عرفان پاي تا فرق
    بلال ابن الحسن سلطان سمه
    بتائيدات سبحاني موفق
    جو بهره اش ز ما اوذيت، موهوب
    نمودہ اش قتل قوم چغدہ ناحق
    شده چغده چو چغدان چغو ويران
    وهو حي مع الشهداء يرزق
    بغره ماه عاشورا مکرم
    شهادت شد نصيبش قدرت حق
    چو پرسيدم ز هاتف وصف سالش
    جوابم داد خوش دان خاصه حق
    اگر جويء تو تاريخ وصالش
    بجو از لفظ خوش آن خاصهء حق
    ازان منظوم شد تاريخ مذڪور
    که آرد ذکر صالح رحمت حق
    (تذڪره مشاهير سنڌ جلد پهريون ص66)


    ضميمو-د: ڪجهه نئين معلومات

    تحقيق ۽ تاريخ نون ماخذن ۽ مطالعن جي دستياب ٿيڻ سان هر وقت درستگي ۽ اضافي جي گنجائش رهي ٿي. هن ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ نڪتو هو. ان بعد هونئن ته سمان دور متعلق ڇڙوڇڙ ڪم ٿيندو رهيو آهي، ليڪن گذريل اٺن سالن ۾ ٻه وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن، جن ذريعي سمان دور جي مطالعي ۾ گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي. ٽيهھ سال اڳ ڇپيل هڪ اهم مقالي جي به مون کي تازو ڄاڻ ملي آهي. هيٺ انهن نون مطالعن جي آڌار تي ڪجهه خاص خاص ڳالهين جي اپٽار ڪجي ٿي.
    نصرت نامه ترخان: هي ڪتاب سيد مير محمد پوراني سن 968ھ/1560ع ۾ تيار ڪيو. مصنف جو خاندان ارغونن جي فتح بعد قنڌار کان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. مير محمد جو هي ڪتاب ويهين صدي جي آخري چوٿائي ۾ علي ڳڙه مان دستياب ٿيو، جنهن کي ڊاڪٽر انصار زاهد خان ايڊٽ ڪري سن 2000ع ۾ ڇپرايو آهي. هونئن ته هي ڪتاب ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ تي مشتمل آهي، ليڪن هن ڪتاب ۾ سمن جي دور جي آخري سالن، ارغونن هٿان سنڌ جي فتح ۽ بعد ۾ ڄام فيروز ۽ ڪجهه سنڌي قبيلن پاران مقامي حڪومت جي ٻيهر قيام لاءِ ڪيل جدوجهد جو مفصل احوال ملي ٿو. مصنف اڪثر واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هو، يا وري ڪيئي معاملن ۾ کيس سِڌي ڄاڻ حاصل هئي. ان ڪري سمن ڄامن جي دور تي ”نصرت نامه ترخان“ جي هڪ بنيادي ماخذ طور گهڻي اهميت آهي، جنهن کي اڄ تائين ذڪر هيٺ دور جي اڀياس لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي. ڪجهه خاص ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو:
    سن 1485 (890ھه) ۽ 1490ع (895ھه) ۾ ارغونن ۽ سنڌي لشڪر جا سبي ۾ معرڪا ٿيا. بعد ۾ لکيل تاريخي ڪتابن مان هنن معرڪن جي باري ۾ ڪي قدر مونجهارن جو ماڳ جوڙي ڇڏيو. نامور تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هرات ۾ لکيل ”فتح نامه سند“ (192ھ) جي حوالي سان هن منجهيل تاريخي واقعي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. (مڪلي نامه ص176-189) گهڻو پوءِ سنڌ جي هڪ وڏي اسڪالر راشدي صاحب جي هن تحقيق کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيد مير محمد جي هن ڪتاب ذريعي راشدي مرحوم جي تحقيق ۽ اخذ ڪيل نتيجن جي تصديق ٿئي ٿي. (نصرت نامه ترخان، ص60) ڄام نظام الدين هڪ ديندار، امن پسند ۽ منصف بادشاھ هو. هن قضا جو هڪ بهترين انتظام قائم ڪيو هو. هن ڪتاب ذريعي پهريون ڀيرو خبر پوي ٿي ته سبيءَ جي معرڪن کان پوءِ ڄام نندي هرات ۾ سلطان حسين بايقرا جي درٻار ۾ امن خاطر هڪ ايلچي موڪليو هو. ان جو نالو مولانا شيخ ٻڌايو ويو آهي، جو خود هرات ۾ پڙهيو هو. مولانا شيخ کي درٻار ۾ عزت ۽ آبرو ملي. واپسي ۾ هن کي ڪيچ مڪران کان سنڌ وڃڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. (نصرت نامه ترخان ص65-66)
    مير محمد پوراني لکيو آهي ته ٺٽي جي فتح کان پوءِ شاه بيگ ارغون قيد ٿيل سپهه سالار دريا خان کي پنهنجي هٿن سان تلوار هڻي شهيد ڪيو هو. (ص222) ان کان علاوه مصنف اسان کي ڄاڻ ڏني آهي ته سنڌ جي فتح کان اڳ توڙي پوءِ ارغونن سبي، ڳاها ۽ سيوهڻ توڙي باغبان تي ڪيئي ڀيرا لشڪر ڪشي ڪئي ۽ قتل عام ڪيو. سنڌي شهزادن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز حڪومت وڃائڻ کان پوءِ ارغونن سان تمام گهڻا دنگل ڪيا. سامونڊي پٽي ۾ موجود سنڌي قبيلن پڻ فاتحن کي گهڻو پريشان ڪيو ۽ عربي سمنڊ ۾ موجود پورچوگيز لشڪر کان به مدد ورتي. سيد مير محمد ”نصرت نامه ترخان“ ۾ اڪثر نئين ۽ مستند معلومات ڏني آهي. ان ريت ڄامن سمن جي آخري دور حڪومت ۽ ڌارين جي خلاف ڪيل جدوجهد جي حوالي سان هي هڪ نهايت ڪارائتو بنيادي ماخذ آهي. ياد رهي ته هن دور تي هي اولين ماخذ ”تاريخ معصومي“، سيد مير محمد جي ڪتاب کان چاليهه سال پوءِ سن 1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو هو.
    مڪليءَ تي سمن جا يادگار تعميرات: هونئن ته ڊاڪٽر احمد حسن داني صاحب جو ٺٽي جي تاريخي تعميرات بابت هڪ ڪتاب Thatta: Islamic Architectureسال 1982ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ٻه ڀرپور باب سمن جي اڏاوتن متعلق پڻ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 2004ع ۾ ڇپرايو، ليڪن بعد ۾ خاص مڪليءَ تي سمن جي يادگار تعميرات جي باري ۾ هڪ ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيو. هي ڪتاب سهيل لاري ۽ ياسمين لاريءَ جي گڏيل ڪوششن سان تيار ٿيو. هن ڪتاب جو نالو هن ريت آهي:
    The Jewel of Sindh: Semma monuments on Makli hill.
    هي هڪ جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ سمن جي تعميرات جا مختلف انداز 326 تصويرن جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن. پنجاه عدد تصويرون رنگين آهن. هي ڪتاب آرٽ پيپر تي نهايت عمدي طريقي سان نروار ڪيو ويو آهي. سهيل لاري ۽ ياسمين لاري جو هي ڪتاب هيريٽيج فائونڊيشن ڪراچي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي پاران سال 1997ع ۾ شايع ٿيو آهي. سمان پيرڊ جي مطالعي ۾ هي هڪ اهم واڌارو آهي.

    آخري سمن ڄامن جا سڪا ۽ سندن شجرو: سائمن ڊگبي جو نالو سنڌ لاءِ اجنبي ڪونهي. پاڻ سنڌ جي حوالي سان ڪجهه تحقيقي مقالا لکيا اٿس. سندس شمار نامور محقق سيد حسام الدين راشدي جي دوستن ۾ ٿئي ٿو. ٽيهه سال اڳ لنڊن جي هڪ رسالي ۾ سندس هڪ مضمون ڇپيو هو، جنهن جي ڄاڻ مون کي سال کن اڳ ٿي. مضمون جو عنوان هن ريت آهي:
    The Coinage and Genealogy of the later jams of Sindh.
    هن مضمون ۾ مصنف ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي سڪن جي ڀرپور اسٽڊي ڪئي آهي. ان ريت هڪ ته ڄامن سمن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت جي وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي، ٻيو ته ڄام صلاح الدين جي سڪي تي سندس والد جو نالو ڄام نظام الدين ڄاڻايل آهي. ان ريت هي سوال اٿاريو ويو آهي ته سمن جي دور جي آخر ۾ اقتدار لاءِ وڙهندڙ هي ٻئي شهزادا پاڻ ۾ ڀائر هئا. جڏهن ته اسان وٽ موجود مواد جي آڌار تي ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين پاڻ ۾ سوٽ هئا. سائمن ڊگبي جو هي مطالعو سمن جي شجرن ۽ پڻ اقتدار خاطر ٿيل گهرو جنگ جي حوالي سان هڪ اهم اڀياس آهي.


    ببليو گرافي

    اردو، سنڌي ۽ فارسي ڪتاب:
    (1) الهه بچايو يار محمد سمون: ”لاڙ جو سير“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال1971ع
    (2) ايڇ ٽي لئمبرڪ ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ترجمو: سليم احمد سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال1982ع
    (3) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جو سيلاني“ ڀارتواسي پريس حيدرآباد سال1923ع
    (4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڏ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱوو پهريون ڪراچي 1946ع
    (5) جي . ايم . سيد: ”پيغام لطيف“ نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، سال 1974ع
    (6) جي . ايم . سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد پهريون سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع
    (7) حامد بن فضل الله جمالي: ”سير العارفين“ اردو ترجمو: محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو بورڊ لاهور سال 1976ع.
    (8) خداداد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1959ع.
    (9) ڊاڪٽر ايس . پي . ڇٻلاڻي: ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ترجمو سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع
    (10) ڊاڪٽر صابر فاروقي ”کشمير – اسلامي عهد مين“ سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور سال 1984ع.
    (11) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال1979ع
    (12) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ٻيون ڇاپو، سکر سنڌ سال؟؟
    (13) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ٻيلاين جا ٻول“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1970ع
    (14) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”جامع سنڌي لغات“ جلد ٻيون سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1981ع
    (15) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ حيدرآباد 1962ع
    (16) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1980ع
    (17) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز حيدرآباد سال 1978ع
    (18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”لوڪ ادب سلسلي جو 29 ڪتاب: مشهور سنڌي قصا – سنڌ جا عشقيه داستان“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1964ع
    (19) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: ”روح رهاڻ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 1980ع
    (20) رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1971ع
    (21) سلطان محمد فخري هروي ”روضة السلاطين وجواهر العجائب“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ سال 1968ع
    (22) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌي ادب“ ترجمو: غلام محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن سال 1981ع
    (23) سيد رکيل شاه صوفي: ”بحر العشق“ نئون ڇاپو سال 1995ع
    (24) سيد طاهر محمد ٺٽوي ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي ادبي بورڊ“ حيدرآباد سال 1964ع
    (25) سيد عبدالقادر ٺٽويِ ”حديقة الاولياء“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1968ع
    (26) شيخ فريد بکري: ”ذخيرة الخوانين“ جلد اول ايڊٽ: شاڪٽر سيد معين الحق پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي سال 1961ع
    (27) ضياءُ الدين برني ”تاريخ فيروز شاهي“ اردو ترجمو: ڊاڪٽر سيد معين الحق اردو سائنس بورڊ لاهور سال 1983ع
    (28) عبدالغني عبدالله ”تاريخ سنڌ – سومرا ۽ سمان“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال 1984ع.
    (29) عبدالقادر منگي (مرتب) ”ٿر“ مٺي سال 1993ع
    (30) عثمان علي انصاري: ”سچل جو سنڌي ڪلام“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1982ع
    (31) علي بن حامد ڪوفي: ”فتح نامه سند“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سويلائزيشن اسلام آباد سال 1983ع
    (32) عمر حسين الخشاب ”ابن بطوطه جو سفر“ سنڌي ترجمو: محمد ابراهيم عباسي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1976ع
    (33) محبوب علي چنا: ”ڪليات امين“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1966ع
    (34) محمد سومار شيخ ”ڪڇين جا قول“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1977ع
    (35) محمد قاسم فرشته ”تاريخ فرشته“ جلد دوم اردو ترجمو: عبدالحي خواجه لاهور سال 1974ع
    (36) محمود شاه بخاري، ”تاريخ بلوچستان“ اردو بڪ لينڊ ڪوئيٽه سال 1983ع
    (37) مخدوم حاجي محمد شفيع عباسي: ”قصص الاولياء سنڌ“ قلمي سنڌي (نوٽ: هي ترجمو ۽ خلاصو ”تاريخ گنجينه جهان نما“ لکندڙ مخدوم محمد عاقل مرحوم جي ڪتاب جو آهي)
    (38) مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ – مشهور شهر ۽ ماڻهو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1966ع
    (39) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد اول ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1985ع
    (40) مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٻيون سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال1985ع
    (41) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي پريس سال 1959ع.
    (42) مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1958ع
    (43) مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“ سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1976ع
    (44) مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1957ع
    (45) مير علي شير قانع: ”مڪلي نامه “ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1968ع.
    (46) مير معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ: عمر بن محمد دائود پوٽه ڀنڊارڪر اورينٽل رسرچ انسٽيٽيوٽ پونه سال 1948ع.
    (47) مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ سال1959ع
    (48) مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ اردو ترجمو: اختر رضوي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1959ع
    (49) مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ سنڌي ترجمو: ”تاريخ سنڌ“ از ديوان ننديرام، مفرح القلوب ڇاپخانو ڪراچي سال 1861ع
    (50) يوري گنڪوفسڪي: ”پاکستان کي قوميتين“ اردو ترجمو: مرزا اشفاق بيگ دار الاشاعت ترقي ماسڪو سال 1976ع
    (51) يوسف ميرڪ: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1962ع.
    (52) يوسف ميرڪ: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ سنڌي ترجمو: نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع

    اردو ۽ سنڌي مضمون، مقالا:
    (1) ايم . ايڇ . صديقي: ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ترجمو غلام محمد لاکو سه ماهي مهراڻ 2/1987ع
    (2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”مخدوم بلال هڪ محب وطن بزرگ“ سه ماهي مهراڻ 4/1981ع
    (3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سپهه سالار دريا خان جو حسب نسب“ سه ماهي مهراڻ 1-2/1981ع
    (4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه ۽ سندس ڀائر“ سه ماهي مهراڻ 3-1981ع.
    (5) سيد حسام الدين راشدي ”سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا“ سه ماهي مهراڻ 4/1968ع.
    (6) عبدالله ورياه ”سمن جي دور جا سڪا“ ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ سنڌ الاجي سال 1980ع
    (7) غلام محمد لاکو: ”ڇا دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن؟“ سه ماهي مهراڻ 1-2/1981ع.
    (8) غلام محمد لاکو: ”دولهه دريا خان“ ماهنامه الرحيم اپريل 1979ع
    (9) غلام محمد لاکو: ”سمن جي دور جا ڪجهه شهر“ نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع.
    (10) غلام محمد لاکو: ”عمر ڪوٽ – چند تاريخي مسئلا“ سه ماهي مهراڻ 2/1986ع.
    (11) غلام محمد لاکو: ”مخدوم بلال جي شهادت جو مسئلو“ سه ماهي مهراڻ 1-2-1993ع.
    (12) غلام محمد لاکو: ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ اردو ترجمه از سعيد احمد خانزاده سه ماهي اردو 2/1981ع.
    (13) مولانا غلام مصطفيٰ قاسميِ ”نواب غيبي خان چانڊيي جي گهرو فساد بابت واقعاتي بيت“ ماهنامه الرحيم جون 1973ع.

    English Books and Articles:
    (1) Ahmed Hassan Dani: “Thatta: Islamic Architecture”, Institute of Islamic History, Culture and Civilization, Islamabad, 1982.
    (2) Ansar Zahid Khan: “History and Culture of Sindh” Royal Book Company, Karachi 1980.
    (3) C.L.Mariwala: “History of the commerce of Sindh” Institute of Sindhology 1981.
    (4) Dr.H.I Sadarangani: “Persian Poets of Sindh”, Sindhi Adabi Board, Hyderabad 1956.
    (5) M.H. Panhwer “Chronological Dictionary of Sindh” Institute of Sindhology, 1956.
    (6) M.H. Panhwer “Sindh-Cutch Relations” Sindh Archives Karachi 1980.
    (7) M.H. Panhwer “Sindh’s Struggle Against feudalism”, Sindhological Studies, Summer 1979.
    (8) M.H.Siddiqi: “History of the Arghuns and Tarkhans of Sindh”, Institute of Sindhology 1972.
    (9) Mubarak Ali (Ed): “Mc Murdo’s Account of Sindh” institute of Sindhology 1985.
    (10) PreMoghal Materials of the Samma Period, Bulletin Institute of Sindhology, Vol III No:2/3 July, 1973.
    (11) R.C.Majumdar (Ed): “History and culture of Indian People” Vol:VI, Bombay 1967.
    (12) Riazul-Islam “Indo-Persian Relations”, Iranian Culture Foundation Tehran, 1970.
    (13) Riazul-Islam “The Rise of the Sammas in Sindh” Islamic Sulture, October 1948.
    (14) Stanley Lane-poole “Mediaeval India” (Rep) Lahore 1979.
    (15) Woolseley Haig (Ed): “Cambridge History of India” Vol:III, Delhi 1958.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258302
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386412
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ