ڪتاب جو نالو: نرالو نينھن
مصنف: لؤنگ خان عاجز ڀاڻو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1963
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 04 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 147 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 122 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • ِ نصرپور جو بهترين استاد سنڌ جو بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار
  • استاد اديب شاعر محترم لؤنگ خان عاجز ڀاڻو
  • ارپنا
  • پيش لفظ
  • ( 1 )
  • ( 2 )
  • ( 3 )
  • ( 4 )
  • ( 5 )
  • ( 6 )
  • (7 )
  • ( 8 )
  • (9 )
  • ( 10 )

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نرالو نينهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل ناول آهي.
    هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا.
    هي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپايو ويو هيو. اسان ٿورائتا آهيون محترم خادم گهراڻو جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail. com
    www. sindhsalamat. com
    books. sindhsalamat. com


    پنهنجي پاران

    هي ناول پرائمري استاد، ليکڪ، شاعر اديب مرحوم لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو جو لکيل آهي. سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پر سترهن سال ڊيپوٽيشن هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو مضمون پڙهائيندا هئا. کين گرامر جي وڏي ڄاڻ هوندي. سندن هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اسڪول ۾ ڪو شاگرد ڪهاڻيون شاعري لکندو هو ته کين خبر پوندي هئي ته پاڻ ان جي همت افزائي ڪندا هئا. جنهن ڪري نصرپور ادبي تنظيمن جو ڳڙھ بنجي ويو جنهن مان ڪيترائي اديب پيدا ٿيا. سندن خاص دوستي محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ محمد دائود بلوچ سان هوندي هئي. سندن هي ناول ٻن دوستن جي پيار محبت جي پاڪ رشتي تي لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ دوست پنهنجي منزل تي رسي ٿو ٻيو دوست سچي دوست کي ڇڏي مطلبي يارن سان ملي ٿو جنهن ڪري اهو ڌاڙيل بنجي وڃي ٿو جنهن جو هن جي دوست کي ڏک پهچي ٿو. پر وري به سچو دوست هن جو ساٿ ڏي ٿو هي سڌري وڃي ٿو. هڪ بهترين ماڻهو بنجي وڃي ٿو. هن ۾ هڪ مارشل لا جو به بيان ٿيل آهي جنهن جي ڪري امن ٿي وڃي ٿو. هن ناول ۾ رشوتخورن کي به اجاگر ڪيو ويو آهي جن غريبن جو رت چوسيو آهي. جڏهن مون کي خبر پيئي ته سائين جن جو هڪ ناول لکيل آهي جيڪو ڇپيل نه آهي ان جي ڳولا ڪيم استاد نديم ڀاڻو معرفت سائين جن جا هٿ اکر ناول مليو جنهن کي ڪمپوزنگ ڪيم. منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته هن کان اڳ گل نصرپوري جو ناول درياءَ جي ڪپ تي، سعدالله سپاهي ابڙو جو ناول ٻه معصوم مکڙيون ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت تي موڪليم اهي به ٻئي استاد هئا. هي به استاد آهي. هاڻي پڙهڻ وارن جي راين جو انتظار آهي ته اهي ڇا ٿا راءِ ڏين هن ۾ سائين تي نم خان مهيسر، خادم گهراڻو جو مضمون جيڪو سائين تي لکيل آهي اهو به شامل ڪيو آهي. آئون محترم محمد سليمان وساڻ جن جو ٿورائتو آهيان جيڪي منهنجي همت افزائي ڪندا رهن ٿا. سائين نديم جو جنهن هي هٿ اکر لکيل ناول ڏنو ريحان ابڙو جو جنهن سائين جن جي تصوير ڏني دوستن کي گذارش آهي ته دعا ڪن رب همت ڏي آئون اسان جي ماضي جي اديبن جا ناول ڳولي ڪمپوزنگ ڪري پيش ڪندو رهان. اوهان جي راين جو انتظار رهندو.

    خادم گھراڻو نصرپور
    مٽياري چونڪ نصرپور


    ِ نصرپور جو بهترين استاد سنڌ جو بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار

    ِ نصرپور جو بهترين استاد سنڌ جو بهترين ڪهاڻيڪار،
    ناول نگار، مضمون نگار، شاعر لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو

    نم خان مهيسر

    ( هي مضمون سائين نديم ڀاڻو ڏنو جنهن کي ڪمپوز ڪري دوستن اڳيان پيش ڪيو ويو آهي . خادم گھراڻو )

    سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ ڪئين ولي بزرگ اولياءُ عالم فاضل درويش، ڏاها علم وارا، اڪابر ۽ وڏا اديب پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيترا الله جا ماڻهو وري هن علم ۽ فضل واري شهر ۾ نقل مڪاني ڪري آيا هتي جي مٽي کي پنهنجو مسڪن بڻائي اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون. نصرپور جنهن هڪ دريائي تڙ مان ترقي ڪري ايترو اوج ماڻيو ان ۾ ڪئين قومون آباد هيون جن جو اولاد اڄ به هن شهر ۾ مڪين آهي انهن مان ڀاڻو قوم به هڪ آهي جنهن قوم ۾ ڪيترائي بزرگ الله وارا پرهيزگار ۽ نيڪ مرد پيدا ٿيا آهن. انهن مان سائين لؤنگ خان عاجز ڀاڻو به آهي جيڪا شخصيت پڻ وڏي احترام جي لائق هئي. پاڻ 05 اپريل 1938 ع ۾ هن مرڪزي شهر ۾ جنم ورتو سنڌي فائنل تائين تعليم پرايائون لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان دلچسپي هئڻ ڪري تعليم جهڙي پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي ويا اٽڪل 27 سال پرائمري ۾ گلڙن جھڙن ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائون ۽ اٽڪل 17 سال ( ٽوٽل 44 سال ) نصرپور جي هاءِ اسڪول ۾ علم جي خدمت ڪندي روشني جي جوت جلائي ظلمت ۽ اونداهي کي تڙي ڪڍڻ ۾ تمام گھڻو جاکوڙيائون. پاڻ هڪ استاد جو پورو حق ادا ڪيائون جيئن معاشري ۾ انسانيت لاءِ استاد خدمتن ۽ سچاين جا مينار هوندا آهن ان لاءِ جو سندن خدمت بي لوث ۽ پيغمبرانه هوندي آهي استاد جي اک ۾ خواب هوندا آهن ته هو پنهنجي سيني ۾ سمايل علم اوتي ۽ ملت جي مستقبلن جي سينن ۾ منتقل ڪري اهوئي سبب آهي جو استاد کي پيءُ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ روحاني ابو آهي عظمتن ۽ ڪاميابين جو هڪ اهڃاڻ آهي.
    سائين به اهڙي پيروي ڪرڻ مان هڪ آهي سائين هن علائقي جي غريب مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪئي سالن جا سال جيڪي ٻار امتحان پاس ڪري اڳين ڪلاس ۾ ويندا هئا انهن کان ڇڏيل ڪتاب وٺي انهن جي جلد بندي ڪرائي غريب ٻارڙن ۾ مفت ورهائيندا هئا. شاگردن جي فين وغيره ۾ مدد ڪندا هئا. اهڙا بي سهارا شاگرد هن وقت وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي پنهنجي وطن عزيز جي خدمت ۾ پيش پيش آهن. سائين جن پرايا درد پنهنجا ڪري ڀائيندا هئا شل نه ڪنهن کي تڪليف يا پريشاني اچي اصل بي چين ۽ بي آرام بڻجي ويندا هئا سندن سيني ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوري پئي هوندي هئي ته فلاڻو الائجي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪيئن هوندو جڏهن خيريت جي خبر پوندي هئن تڏهن سک جو ساھ کڻندا هئا اها انساني همدردي ۽ ٻين جو احساس هر ڪنهن دل ۾ نه هوندو آهي فقط اهل دل ۽ محبتي ماڻهو ئي اهڙا جذبا رکي سگھن ٿا. سندن گھڻو مطالعو ۽ مختلف علمن جو اونهون اڀياس ٿيل هو شاھ لطيف، مصري شاھ ۽ سنڌي ٻولي جي ته هڪ لغت هئا ڪنهن لفظ جي معنى پڇبي هئي ته پوري تشريح ڪري اشتقاقن سان ٻڌائيندا هئا شاھ سائين ۽ مصري شاھ جي رسالي تي کين عبور حاصل هوندو هو پاڻ شاھ سائين ۽ مصري شاھ جا حافظ هئا ڪچهرين ۾ اهل علم ماڻهن جي اڳيان شاھ لطيف ۽ مصري شاھ جا بيت انهن جي تشريح ۽ روحاني راز ۽ رمزون اهڙي ته منفرد انداز ۾ ٻڌائيندا هئا جو پاڻ کي لطيف سائين ۽ مصري شاھ جا پارکو سڏائيندڙ به ڏندين آڱريون ڏيئي سوچ ۾ پئجي ويندا هئا. پاڻ شاھ لطيف ۽ مصري شاھ تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيائون انهن جي شاعري تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکي نون نڪتن کي نروار ڪيائون سندن اهي لکڻيون ماهوار نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سائين جن وٽ ڪوبه مسئلو ايندو هو ته ان کي حل ڪرڻ ۾ يا مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا. سائين ديني محفلن کي ترجيح ڏيندا هئا وقت ڪڍي اهڙين ڪچهرين ۾ باقائدي ويندا هئا پاڻ انهن محفلن مان تمام گھڻو فيض حاصل ڪندا هئا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندا هئا. امام السنڌ شيخ الحديث مولانا عبدالحق رباني، منهنجي استاد مولانا عبدالرحمان قاضي، نبض شناس حڪيم قاضي محمد بخش صاحب ۽ ميان حاجي احمد صاحب جن جي چوياري مشهور هوندي هئي انهن وٽ مدرسي ۾ صبح جو فجر نماز بعد درس ۽ تدريس جو سلسلو هلندو هو شهر جي علم وارن ماڻهن کان علاوه پوري هنڌ سنڌ مان مهمان ٿي آيل عالم محدث ۽ فقيهه انهيءَ مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ مذاڪره ڪندا هئا. سائين لؤنگ خان چوندو هو ته جيڪو علم انهن ڪچهرين مان حاصل ڪيو اهو پوي زندگي جي مطالعي مان حاصل نه ٿيو پاڻ هڪ سٺي عالم جيترو علم رکندا هئا. سندن عقيدو پڪو روزي نماز جا پابند هوندا هئا پاڻ سراپا دين تي هلڻ وارا ۽ ديندار هوندا هئا. مولود ۽ مدح جنهن ۾ گھڻي کان گھڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعريف شان مديني جي زيارت جي سڪ ۽ اڪير بيان ٿيل هوندي آهي مولود جي معنى آهي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ولادت جي خوشي ۾ چيل شاعري. سائين لؤنگ خان انهن ۾ گھڻي دلچسپي رکندا هئا کين تمام گھڻا مولود ۽ مدح ياد هوندا هئا پاڻ انهن جي سر تار هيٺانهين مٿانهين ۽ جهيل وغيره جا ماهر ۽ وڏا پارکو هوندا هئا مولودين جون هتي مشهور ٽوليون هونديون هيون جن ۾ مڱڻهارن جسڪاڻين ۽ سيدن ۽ مڱرين جون ٽوليون مشهور هيون اهي مولود حضرات سائين جن جا ڄڻ مريد هئا مجال آهي جو ڪو مولودي سرن کي هيٺ مٿي ڪري اتان اشارو ڪندا هئس پوءِ مولودي مڃيندا هئا ته واقعي غلطي ٿي وئي. کين ڪيڏارو تمام گھڻو پسند هوندو هو. لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان سندن حد درجي جو چاھ ۽ شوق هوندو هو. پاڻ نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪيائون تخليقار ڪهڙو به هجي ڪير به هجي ۽ ڪيئن به هجي پر هو ڀوڳنائن مان گذرندي پنهنجي تخليق کي تڪميل ڏيندو آهي اهو تخليقار هڪ لوهار هجي، هڪ واڍو هجي يا ڇو نه کڻي ليکڪ هجي هو تمام گھڻي لوڙ ۽ ولوڙ کان پوءِ سهڻيون ۽ وڻندڙ تخليقون جوڙي ٿو. سائين لؤنگ خان عاجز به هڪ سٺو تخليقار ۽ سرجڻهار هو پاڻ ناول لکيائون جيڪي اڻ ڇپيل آهن ان کانسواءِ ڪهاڻيون لکيائون سندن ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ وقت جي ڪاميابيءَ ۽ منزل تائين پهچڻ واري پيچري جون سڃاڻ آهن انهن مان ڪافي تعداد ۾ ماهوار رسالي نئين زندگي ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ چپجي چڪيون آهن سائين جي انهن ڪهاڻين جو شمار بهترين ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. جيڪي سماجي براين ۽ پريم جي پنڌ ۾ پيش ايندڙ پيڙائن ۾ ڀوڳيندڙ ڪردارن جي درد کي وائکو ڪندڙ سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن جي دليرانه ۽ بهترين انداز سان لکيل آهن جن ۾ ”مون ۾ آهين تون“، ”مائي خيري“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شاهڪار ڪهاڻيون آهن سنڌي ادب جي مهان ۽ ڏاهي اديب سائين محمد ابراهيم جويو صاحب، ڪهاڻيڪار سائين دائود بلوچ صاحب ۽ محمد حسين ڪاشف صاحب انهن جي مڃتا ۾ تعريفي خط لکيا ۽ کين مبارڪون ڏنيون هيون. شاعري ۾ ته پنهنجو پٽ پاڻ هئا تمام سٺي ۽ معياري شاعري ڪندا هئا شاعري جيڪو هڪ احساس جو نالو آهي جنهن کي لفظي رواني سان سمائي پوئي هڪ خوبصورت مالها جوڙڻ ڪا معمولي ۽ عام ماڻهو جي وس جي ڳالھه نه آهي هن خوبصوت شاعري سرجيندڙ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ڪهاڻين، مضمون نگاري، ناول نگاري سان گڏ شاعري ۾ به سائين جو ناميارو مقام ۽ معروف نالو آهي سائين جي شاعري ٻولي جي سادگي جي محور ۾ گردش ڪندي نظر اچي ٿي سادگي سان جيڪا حقيقي حسن هوندي آهي جيڪا هر تخليق کي ڪمال درجي تائين پهچائيندڙ ۽ مڃتائون ڏياريندڙ هوندي آهي سائين جي شاعري فطري حسن جي ترجمان شاعري آهي.

    1 - بي قدر دنيا اندر “ عاجز ” نه اڄ آهي وفا
    بي وفا ڀل ٿئي زمانو پر ٿي سدا غمخوار تون
    سائين جن جو لاڙو دين طرف سرس ۽ سوايو هو پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعريف بيان ندي بيان ڪن ٿا.
    2 - مان ڪيان ڪهڙيون بيان صفتون سڄڻ سهڻي سنديون
    شان جنهن جي م لٿيون سڀ آيتون قرآڻ سنديون
    ماڻهو جيڪي اڄڪلهه نفس جا پوڄاري بنجي ظاهر پويان ڊڪن ٿا ۽ سمجھن ٿا ته هي دنيا صرف خوشين جو نالو آهي سدائين بهار لڳي پئي هوندي انهن کي پنهنجي سعر ۾ تجزيي ۽ مشاهدي جي بنياد تي صلاح ڏي ٿو ته
    گل ڏسيو گل جيئن ٽڻي ڪر خيال گل جي خار جو ،
    هي بهاري جون بهارون ڏينهن اٿئي ٻه چار جو ،
    شڪاري شوق مان گل ڏسيو خوش ٿو ٿئين،
    پر سنڀالج تون نشانيون ٿي نه پئين ڪنهن وار جو.
    سائين جي انهن لکڻين کي يڪجا ڪجي ته ٻه ٽي ڪتاب جڙي سگھن ٿا هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ اهو ڪم پهچ کان پري آهي پر جيڪڏهن ڪي ادارا يا وس وارا انهيءَ سلسلي ۾ مدد ڪن ته انهي بي بها خزاني کي ڪتب لائق بڻائي ڪافي لاڀ حاصل سگھجي ٿو. سائين لؤنگ خان هڪ فرد نه پر هڪ ادارو ۽ هڪ تاريخ هئا سندن فلسفو ۽ منشور محبت هوندي هئي نه رنگ نسل ڇا اڇو، ڇا جو ڪارو ؟ نه ڪو مذهب نه فرقو صرف اخلاق ڪردار ۽ سچائي کي ڏسندا هئا. جيڪو هڪ دفعو سندن ويجھو آيو اهو هميشه سندن مريد بڻجي ويندو هو منهنجا آئيڊيل استاد هئا مون سندن ڪافي ادائن کي اپنائڻ جي ڪوشس ڪئي آهي منهنجو اٿڻ ويهڻ هلڻ ڪلاس ۾ پڙهائڻ به هوبهو سائين جن جو نقل آهي هن عظيم هستي اهل علم سمجھه ۽ ڏاهپ وارو مڻيادار ماڻهو 29 اپريل 2005 ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو جو هي ڪائنات جيڪا فنا جي مٺ ۾ بند آهي اها پنهنجي رفتار سان اصلي ماڳ ڏانهن سفر ۾ مصروف آهي . ملڪ قومون ۽ سماج پنهنجي عطيم انسانن سان سڃاتا ويندا آهن اهي انسان جيسين زنه هوندا آهن تيسين پنهنجي ملڪ قوم ۽ سماج جا امين ۽ رکوالا هوندا آهن. ۽ پنهنجي زندگي کان پوءِ قوم جي سڃاڻپ ۽ عظمت جو اهڃاڻ هوندا آهن اهڙا ماڻهو روز روز ڪونه پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن پيدا ٿيندا آهن ته پنهنجي طبعي زندگي کان پوءِ به صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن اهڙيون شخصيتون موت کي مات ڏيئي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهيون آهن ۽ هميشه لاءِ رهنديون.


    استاد اديب شاعر محترم لؤنگ خان عاجز ڀاڻو

    خادم گھراڻو

    ڪي اهڙا انسان به آهن جيڪي جڏهن هن فاني جھان مان هليا ويندا آهن ته انهن جو نالو ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو آهي اهڙن لکين ماڻهن مان اسان جو پيارو استاد لؤنگ خان عاجز ڀاڻو به هڪ آهي سائين جن جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ 05 اپريل 1938 ع ٿيو ۽ وفا ت 29 اپريل 2005 ع ٿي جنهن جي حساب سان سائين جن جي عمر 67 سال هئي سائين جن بنيادي طرح پرائمري استاد هئا پاڻ 27 سال پرائمري ۾ ۽ ڊيپوٽيشن تي 17 سال هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهايو يعني سائين جن 44 سال سرڪاري نوڪري ۾ رهي علم جا گل نڇاور ڪندا رهيا ان بعد به سائين جن علم جو وکر ورهائڻ نه ڇڏيو هر علم جي پياسي جي مدد ڪندا رهندا هئا جنهن کي علم جي جنهن سڳنڌ جي گھرج هوندي هئي اها ان جي پوري ڪندا هئا. سائين جو جيون هڪ کليل ڪتاب آهي جنهن تي جيترو به لکجي اهو ٿورو آهي سائين جن وٽ پرائمري نه پڙهيو هوس پر جڏهن هائي اسڪول ۾ آياسين ته سائين جن سان ملڻ ٿيو سائين جن گرامر جا ماهر هئا لفظ جي ڪڏهن اشتقاق وارو هوندو هو ته ان جي اشتقاق ڪري ٻڌائيندا هئا. مون کي اها خبر نه هوندي هئي ته سائين هڪ بهترين ڪهاڻيڪار شاعر ناول نگار مضمون نگار هوندو هو. جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ پهتس ته ان وقت آفتاب اخبار ۾ احمد خان شيخ ٻارن جو صفحو ٻارن جي ٻاري ماهوار گل ڦل ۽ امن اخبار ۾ امن ليگ نڪرندو هو. هڪ دفعي منهنجي لکيل ڪهاڻي ڇپي ته سائين جن کي خبر پئجي ويئي سائين جن مون کي گھرايو ته مون کي ڊپ وٺي ويو ته خبر نه آهي ڪهڙي غلطي ٿي آهي جڏهن سائين جن وٽ اسٽاف روم ۾ پهتس ته مون کان سائين جن هڪ شفيق والد جي نموني ڳالهايو اها اخبار گھري مون سائين جن کي اهو صفحو ڏنو سائين جن پڙهي مون ڏي مرڪي ڳالهايو ۽ چيو ته سٺو عمل آهي پر تعليم تان توجھه نه هٽائجان ائين آئون لکندو رهيس سائين جن رهنمائي ڪندا رهيا. 1985 ع اسان ڪجھه دوستن گڏجي شاهه لطيف رائيٽرز ڪلب کولي جنهن جي طرفان هڪ رسالو فوٽو اسٽيٽ سوجھرو پبليڪيشن ڪڍيو جنهن جو ڪاتب جيئند خان جھانگي هو. جڏهن سال پورو ٿيو ته اسان ان جي سالگره ملهائي سائين جن خاص مهمان هئا سائين جن مون کي چيو ته توهان کي سال جي رپورٽ پيش ڪرڻ گھرجي جڏهن پهريون دفعو اسٽيج تي آيس ته آئون ڏڪي رهيو هوس پر سائين جن منهنجي رهنمائي ڪئي اڄ آئون بي خوف اسٽيج تي ڳالهائي سگھان ٿو. سائين جن نه صرف اسان جي پر نصرپور مان جيڪي ٻيا رسالا دوست ڪڍندا هئا انهن جي به رهنمائي ڪندا هئا جنهن ڪري نصرپور مان هڪ ئي وقت ڪيترائي رسالا نڪرڻ لڳا ۽ ڪيترائي لکندڙ ادب جي ميدان ۾ آيا. جڏهن آئون پرائمري ٽيچر جي ٽريننگ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويس ته سائين غلام حيدر سائين جن جي باري ۾ مون کان حال احول وٺندو هو. ان دوران اسان جا پريڪٽيڪل ليسن قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول ۾ لڳا جتي جو هيڊ ماستر سائين محمد دائود بلوچ هو جيڪو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار هو ۽ منصور پبليڪيشن سندن هئي جنهن ۾ ڪتاب شايع ڪندو هو . هڪ دفعي ائين ويٺا هئاسين ته منهنجي آفتاب اخبار جي صفحي مارئي ۾ هڪ ڪهاڻي لڳي اسان دوست پارڪ ۾ هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته سائين اوچتو ٻاهر نڪتو اسان کان ليسن هلائڻ جو پچيو اسان چيو ته سائين اسان ليسن هلائي ڇڏيا آهن اتي هڪ دوست اوچتو رڙ ڪري چيو خادم پنهنجي پاڻ تي ڪهاڻي لکي اٿئي ڇا ته سائين يڪدم چيو ته ڪنهن ڪهاڻي لکي آهي دوستن منهنجي باري ۾ ٻڌايو سائين مون کي آفيس ۾ گھرايو مون کان پڇيو ته ڪٿي جو آهين مون پنهنجي شهر جي باري ۾ ٻڌايو ته سائين جن رڳو سائين لؤنگ خان ڀاڻو جي باري ۾ پڇيو جڏهن به اتي ويندا هئاسين سائين جي باري ۾ پڇندو هو هڪ دفعي مون کي چيائين ته سائين جن لکن پيا يا نه جنهن تي مون سائين جن کي چيو ته سائين مون کي خبر نه آهي ان تي سائين جن چيو ته عاجز ڀاڻو وڏو نالو آهي سائين هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ناول نگار آهي شاعر آهي جڏهن مون سائين جي زبان مان اهو ذڪر ٻڌو ته مون کي محسوس ٿيو سائين جو هيترو نالو آهي پوءِ به اسان کي خبر نه آهي ائين وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو آخري ڏينهن تي جڏهن ٽريننگ ڪاليج مان رليو ٿي رهي هئاسين سائين جن مون کي گھرايو هڪ بنڊل مون کي ڏنو ته هي محترم لؤنگ خان ڀاڻو کي منهنجي طرفان ڏجو ۽ ٻه کن ڪتاب مون کي به ڏنا. جڏهن اهو گفٽ مون سائين جن کي ڏنو ته سائين جن ڏاڍا خوش ٿيا. سائين جن پنهنجي ڪنهن به شاگرد کي آخري دم تائين نه وساريو جڏهن سائين جن ملندا هئا ته شفقت جي ڀاڪرن ۾ ڀري حال احوال ڏک سور خوشيون سڀ پڇندا هئا. بس سائين تي دل چوي ٿي ته دوستن سان ملي هڪ ڪتاب لکي ڇڏيان مطلب ته سائين هڪ اهڙو هيرو هو تعليمي ميدان جو ادبي ميدان جو جنهن تي جيترو به لکجي اهو ٿورو آهي. هتي هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته سائين جي پوٽي مظهر ڀاڻو کي سائين جو مواد گڏ ڪري ڇپائڻ گھرجي جيئن دنيا کي خبر پوي ته نصرپور ۾ ادب جي گلدان ۾ هڪ سهڻو گل هو جنهن جي سرهاڻ اڄ به واسجي پئي.


    ارپنا

    انهن محبوب هستين جي نالي جي پنهنجي دل ۾ قوم جو اٿاھ درد رکندڙ هجن ۽ جيڪي پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ۽ پنهنجا ڪم ڦٽائي ٻين کي فائدو پهچائين.
    قوم تان قربان جيڪو ٿو ڪري جان و بدن قوم ٿي پورا ڪري هر آن ۾ ارمان سندس

    عاجز


    پيش لفظ

    هن افراتفريءَ جي زماني ۾ سڀڪنهن کي پنهنجي لڳي پيئي آهي مگر تڏهين به ڪي اهڙا سائينءَ جا سنواريا پيا آهن جن جو ڌنڌو ئي ٻن دلين کي ڌار ڪرڻ ۽ ٻن پيارن جي وچ ۾ وڇوڙو وجھڻ. هو جيسين ائين نٿا ڪن تيسين کين ماني ڪين وڻي ٻه گھر ٻارڻ يا هتي ٻاري هتي وسائڻ ۽ لائي چائي ڪرڻ اهو ته سندس ڏائي هٿ جو کيل هوندو آهي، پوءِ ان مان ڀلي ڪيترائي خراب نتيجا ڇو نه نڪرن. هن ناول ۾ به اهڙو ئي هڪ قصو پيش ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ ٻه پياريون دليون جي هڪ ٻئي تان ٻلهار هونديون هيون تن ۾ وڇوڙو وجھي کين ڌار ڪري پوءِ هڪ معصوم ۽ ٻالي ڀوليءَ دل کي پنهنجي دام ۾ آڻي ان کان اهڙا ته ذليل ڪم ڪرايا وڃن ٿا جو انهن جو نتيجو گھڻي وقت تائين ڀوڳڻو پوي ٿو هن ناول ۾ مارشل لا جي وقت جا نظارا ۽ ان مان ٿيل پهريان فائدا به پيش ڪيا اٿم.

    عاجز نصرپوري


    ( 1 )

    سپر دم بتو مائيه خويش را
    توداني حساب ڪم ويش را

    پرھ ڦٽيءَ جو وقت هو. سج اڀرڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ دير هئي. هڪ طرف مؤذن مسجدين ۾ اذان ڏيئي رهيا هئا، ته ٻئي طرف ڪڪڙ پڻ ٻانگن مٿان ٻانگون ڏيئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌڻيءَ جي ثنا ڪري، ڪڪڙو تون ٻوڪاري رب کي راضي ڪري رهيا هئا.
    اذان پر اذان مرغ ديني لگا هي خوشي سي هر ايڪ جانور بولتا هي
    درختون ڪي اوپر عجب چهچا هي سهانا وقت
    ٺنڊي هوا هي اٺو سوني والو ڪه تين آ يم هون

    جيڪي سست ۽ بدبخت انسان اڃا مٺيءَ ننڊ ۾ ستا پيا هئا تن کي ڪڪڙ گو يا غفلت مان سجاڳ ڪري ياد الاهيءَ ڏي سڏ ڪري رهيا هئا. پر جيڪي الله سائينءَ جا نيڪ بندا ۽ عابد ٻانها هئا، جن کي پنهنجي خالق جو خوف هو تن جي ٿڌيءَ هير هوندي به ننڊ ڦٽي رهي هئي ڪي اذان کان اڳ ته ڪي پوءِ تڪڙا تڪڙا مسجدين ڏي وڃي رهيا هئا. ڪي وري قرآن جي دور ۾ مشغول هئا ۽ ڪي وري ذڪر فڪر ۾ لڳل هئا. مطلب ته هرڪو پنهنجي پنهنجي نموني ڌڻيءَ کي ياد ڪري پنهن جي مداين جي معافي گھري رهيو هو. مسجدين مان بلڪل وڻندڙ من موهيندڙ روح کي راحت رسائيندڙ طرحين طرحين جا سرمدي نغما آلاپجي رهيا هئا، جن جي ٻڌڻ سان انسان ته ٺهيو مگر پٿر به جيڪر پاڻي ٿي وڃن. هوڏانهن مندرن ۽ مڙهين مان وري سنک، ڪوڏ ۽ ناقوس جو آواز اچي رهيو هو. هڪ گھٽيءَ ۾ جو هڪ اولياءِ جو مقبرو ۽ ان ڀرسان اوتارو هو، تنهن ۾ هڪ ملنگ فقير يڪتارو ۽ چمٽو وڄائي شاھ لطيف جو هيٺيون بيت پڙهي بدن ۾ ڄڻ سيرون وجھي رهيو هو.
    ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
    تو جو ساڻيهه ڀانيو سو مانجھاندي جو ماڳ
    سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي
    هر قسم جو پرندو به پنهنجي پر ۾ پرور کي پڪاري رهيو هو.
    مگر اڃا به ڪيترا اسان جھڙا غافل انسان مٺيءَ ننڊ ۾ کونگھرا هڻي رهيا هئا ۽ ياد الاهيءَ کان محروم رهي، پنهنجو قيمتي وقت هٿان وڃائي رهيا هئا.
    زاهد انهن سجاڳ ۽ عابد انسانن جي لسٽ ۾ هو هميشھ سوير اٿندو هو ۽ اڄ ته هو هيڪاري هميشھ کان گھڻو اڳ اٿي شاھ صاحب جي هن بيت
    پوکين تا نڪي پوک جيسين پاڻي اٿئي ٻار ۾
    وٽ وينديئه نڪري سڪي ٿيندي سوڪ
    جت شد و لوڪ اتي سڪندي تون سنگ کي
    تي عمل ڪري رهيو هو. اٿڻ سان هو سڌو مسجد ڏي ويو، وضو ساري نماز باجماعت ادا ڪري، الله سائينءَ کي عجيب و غريب التجائون ۽ آزيون ڪري رهيو هو. ۽ سنڌ جي سڀني اوليائن ۽ بزرگن جو محابو وٺي، هر هر دعا گھري رهيو هو. عربي دعا گھرڻ بعد هن طرح منظوم ۽ مقبول مناجات پڙهي وڌيڪ دعا گھراڻ لڳو
    محابي پاڪ پيغمبر مدد ڪر يا خداوندا
    نه توريءَ ڪو اٿم واهر مدد ڪر يا خداوندا
    1 – گناهن ۾ گتل آهيان نه نڪرڻ جي آهي طاقت ،
    محابي ابو بڪر، عمر مدد ڪر يا خدا وندا
    2 –ڪيم ڪڏهين نڪا نيڪي نه نيڪن سان گذاريم گڏ،
    ڊڄان ٿو تنهن جي دوزخ ڀر مدد ڪر يا خداوندا.
    3 – عمل نامھ جتي ترندا هٿين خالي اتي هوندس،
    محابي عثمان و حيدر مدد ڪر يا خدا وندا
    4 – لنگھائج لطف سان مون کي تون پرور پلصراط مٿان،
    محابي شافع محشر مدد ڪر يا خداوندا
    5 – گناهن جا آهن گاڏا نه هڪڙو ۽ نه ٻه ۽ ٽي،
    مهر سان معاف سي تون ڪر مدد ڪر يا خدا وندا
    6 – دنيا ۽ دين موچارو سندم ڪر تون سچا سائين،
    محابي عشرة المبشر مدد ڪر يا خداوندا
    7 – مرادون دل سنديون مڙئي اگھائج يا الاهي تون،
    محابي فاتح خيبر مدد ڪر يا خداوندا
    8 – دماغ من خدا وندا سدا جدت طرازي ڪر،
    بنائج بي بها برسر مدد ڪر يا خدا وندا
    9- بچائج شرڪ و بدعت کان علامھ علم جو مون ڪر،
    محابي گنبذ اخضر مدد ڪر يا خدا وندا
    10 – وڃي ٻيڙي حياتيءَ جي وڌي مون ڪن ۾ آهي،
    تنهين مان ڪر ڪڍي ٻاهر مدد ڪر يا خداوندا
    11 – ٿيندي آئوٽ اڄ رزلٽ تنهين ۾ پاس ڪر پرور،
    محابي ساقيءَ ڪوثر مدد ڪر يا خدا وندا
    12 – ٻڌي نا پاس جو نالو ڏڪي ٿو ڏيل اڳي منهن جو،
    محابي تون شبير و شبر مدد ڪر يا خدا وندا
    13 – مه ڪج رسوا دنيا اندر نڪي سنگت اندر سائين.
    معزز ڪر دنيا اندر مدد ڪر يا خدا وندا
    14 – عاجز تنهن جي کي سائين گھرائج سنڌ مان جلدي،
    ڏسان روضو سندو سرور مدد ڪر يا خد اوندا
    15 – مرڻ ويلي پڙهي ڪلمون اچان مان روبرو تنهنجي،
    جنت ۾ ٺاھ منهنجو گھر مدد ڪر يا خدا وندا

    مناجات ختم ڪري ڪلمون پڙهي هٿ منهن تي ملي مسجد مان نڪري ٻاهر آيو ۽ گھر اچي وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي نيرن ڪرڻ لڳو. مگر سندس نظرون هر هر ٽائيم پيس ڏي کڄيو ٿي وييون، ته ڪڏهين رزلٽ جو وقت گذري ته نه ويو ؟.
    ۽ دل جو دل ۾ هو ڪئين خيال پچائيندو باسون باسيندو رهيو. زاهد لاءِ اڄوڪو ڏينهن خوشيءَ جو به اڀريو هو ته ان سان گڏ غم ۽ فڪر جو به. ڇاڪاڻ ته آخرڪار امتحان هو. کيس پوري پڪ به نه هئي ته ڪو هروڀرو پاس ٿيندس جيتوڻيڪ امتحان ڏيڻ ۽ پيپرن لکڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي هئائين حال سارو هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئائين ۽ امتحان وارو سارو وقت اکين مان ننڊ گويا ڪڍي ڇڏي هئائين، تنهن ڪري کيس پنهن جي مالڪ ۾ به پورو پورو ڀروسو ۽ يقين هو ته هو محنت وار جون محنتون اجايون نه وڃائيندو. اهو الله پاڪ جو سڀني ساھ وار جي سنڀال ڪري ٿو ۽ هر هڪ روزي رسائي ٿو ۽ سڀني پکين حيوانن ۽ انسانن تي ٻاجھه ۽ رحم ڪندڙ مالڪ مهربان آهي جو ڪنهن جي به ڪمائي وڃائي نٿو هر وقت هر ڪنهن کي ڪمائيءَ ۽ نيت جو ڦل ۽ پورهيو پلئيه پائي ٿو سو مون ڪمتر کي به ڪين ڇڏيندو. مگر ان هوندي به اهو غم کيس هر گھڙي کائي رهيو هو ته معاذ الله جيڪڏهن ناپاس ٿي پيس ته ڪهڙو منهن کڻي سنگتين سان هلندس ۽ ڪهڙو منهن کڻي گھر مائٽن وٽ ويندس جن هيترا هزار خرچي مون کي پڙهايو آهي ۽ جن جي اميدن جو سهارو فقط آئون هڪ آهيان اهڙا خيال پچائيندو ڪاليج روانو ٿيو.
    نيٺ زاهد جي غم لهڻ جو وقت آيو رزلٽ آئوٽ ٿي ۽ زاهد سٺن نمبر سان پاس ٿيو ۽ سٺي نمبر ملڻ سبب کيس ڪاليج طرفان انعام به حاصل ٿيو.


    ( 2 )

    عشق ۾ زور نهي هي وه آتش غالب
    جو لگا هي نه لگي اور بجھاني نه بجھي
    جنهن ڪاليج ۾ زاهد پڙهندو هو ان ساڳئي ڪاليج ۾ شاهد به پڙهندو هو پر زاهد کان هڪ سال گھٽ هو ڇاڪاڻ ته هن زاهد کان هڪ سال پوءِ داخلا ورتي هئي.
    زاهد ۽ شاهد جي پاڻ ۾ دوستي هوندي هئي نه فقط نالي ماتر دوستي بلڪ سندن سچي صحبت ۽ پاڪ محبت هوندي هئي. ايتري قدر جو هو هڪ ٻئي تان جان نثار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي کان هڪ ساعت به جدا رهڻ برداشت نه ڪندا هئا، گويا اهي ٻه بدن هڪ جان نظر ايندا هئا اصل ائين جيئن چيو اٿن
    من تو شدم تو من شدي من ديگرم تو ديگري
    زاهد ۽ شاهد ٻئي ساڳيءَ هاسٽل ۾ رهندا هئا. پر سندن روم البته ڌار ڌار هئا. اها ايتري دوري سندن محبت جا پيچ پاڻ پختا ڪندي رهندي هئي ڇو ته چوندا آهن ته پري وارو گل هميشھ سرهو ٿيندو آهي. ازان سواءِ هنن جا روم ته آمهون سامهون به هئا تنهن ڪري هر وقت اٿندي ويهندي سندن نظرون هڪ ٻئي سان وڃي چار ٿينديون هيون، ۽ نظر ٽڪرائڻ شرط هڪ ٻئي جا نيڻ ٺري پوندا هئا. سندن سچي پيار جي ڪا حد ڪانه هئي ٻئي دوست هڪ ٻئي تي ساھ پساھ ڇڏيندا هئا، نه رڳو زاهد جي شاهد سان محبت هئي بلڪ شاهد جون زاهد سان ٻٽيهه دليون هيون. هو ٻئي گڏ اٿندا گڏ ويهندا گڏ کائيندا ۽ پيئندا گڏ گھمندا ڦرندا هئا. ايتري قدر جو هنن کي سڀ شاگرد ڀائر يعني هڪ ابي امان جا پٽ سمجھندا هئا ۽ هنن کي ڏسي چوندا هئا
    ڀائر وڏي وکري شال حياتي هون
    جيئري ٻر ٻانهن جو موئي ڪلها ڏين
    زاهد ۽ شاهد منهن مهانڊي ۽ خال و خط ۾ به ذري برابر فرق نه هو اصل ائين جيئن ڪي جاڙا ڄاول ٻار ! جيئن اهي هڪجهڙا ڏسبا آهن اهڙي ساڳي حالت هنن سان به هئي ٻنهي دوستن کي ڪچهري ڪندي ۽ هڪ ٻئي ڏي نهاريندي پهر گذريو ويندا هئا. جيڪڏهن پاڻ ۾ خير صلاح جو ڀوڳ چرچو ڪندا هئا ته به ٻنهي دوستن کي پيار وچان اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو. نه رڳو ايترو پر جي هڪڙو انهن مان بيمار ٿي پوندو هو ته ٻيو به پاڻ کي چاق نه سمجھندو هو انهيءَ مان ئي سندن محبت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
    زاهد جيتوڻيڪ شاهد کان هڪ سال مٿي هو ته به کيس ڪو فخر يا وڏائي ڪانه هئي ته آئون هوشيار آهيان يا شاهد مون کان گھٽ آهي زاهد اڪثر ڪري نماز پڙهندو هو پر فجر واري ءَ نماز سان سندس خاص دلچسپي هئي. پرھ ڦٽيءَ جي وقت جڏهين سڀ ستل هئا ۽ هو جو عالم هوندو هو تڏهين ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ ۽ سجدا ڏيڻ مان زاهد کي سرور حاصل ٿيندو هو. صبح جو جڏهين جھرڪيون ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي به چون چون ڪري پنهنجي پر ۾ پروردگار کي ساراهيائين ٿا ان وقت انسان اشرف المخلوقات هوندي رب جي عبادت کان عاري رهي اها ڳالهه زاهد کي بالڪل ڏکي لڳندي هئي هو صبح جو از خود سوير اٿندو هو پر جي زاهد ڪجھه ٿڪل يا اوجاڳيل هوندو هو ته به پنهنجي روم ميٽن کي چئي ڇڏيندو هو ته ادا اوهان مان جنهن جي به صبح جو اڳ سار ٿئي سو مون کي ضرور نماز واسطي سڏ ڪري.
    مگر شاهد نماز ڪونه پڙهندو هو ۽ پڙهندو هو ته به وقتي جمع چنداڻي مس ڪا پڙهندو هو.
    آٺي ڪاٺي تي سو ساٺي هڪڙن دل مسيت سان پاڍي
    جمعو پڙهن ڪي سي ٿيا آٺي عيد پڙهن سي ٽي سو ساٺي
    جو ٿان پڙهن ڏينهن وار اهڙا جلدي ٿيندا خوار اهڙا جلدي ٿيندا خوار
    شاهد اٿندو ته ٿورو سج اڀرڻ کان اڳ هو پر يڪدم ڏندڻ ڏيڻ يا ڦڻي ڦلڪي ۾ لڳي ويندو هو. زاهد نماز پڙهي سڌو شاهد جي روم ۾ ايندو هو ته ڪڏهين شاهد اڃا ستل هوندو هو ۽ ڪڏهين اٿيو هنڌ تي ويٺو هوندو هو. پر جيڪڏهن شاهد جو بسترو خالي هوندو هو ته زاهد پيار ۽ قرب وچان سندس هنڌ ۾ چند منٽن واسطي سمهي سندس رلي منهن تان وجھي پنهنجي سڪ ۽ محبت جي مستيءَ کي هلڪو ڪندو هو ڇاڪاڻ ته زاهد کي شاهد جي هنڌ جي رليءَ مان به شاهد جي محبت جو مزو ايندو هو پر جي نصيبن ڪنهن ڏينهن ٻنهي مان ڪو به ڪنهن ڪم يا موڪل سببب هڪ ٻئي کي نه ڏسندو هو ته اهو ڏينهن سندن سالن برابر گذرندو هو ۽ هڪ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ واجھه پيا وجھندا هئا.
    زاهد ۽ شاهد جيتوڻيڪ هڪڙيءَ ڄمار جا هئا مگر ان هوندي به زاهد جا خيال وسيع هوندا هئا. ۽ کيس مستقبل لاءِ هميشھ فڪر ۽ خيال رهندو هو. شاهد جا خيال اڪثر ٻاراڻا ۽ محدود هوندا هئا سندس ڳالهيون ۽ گفتا نشت و برخواست به ٻارن جھڙي هوندي هئي سندس شڪل مان هميشھ اٻوجھائي نماڻائي ۽ بي پرواهي پيئي بکندي هئي. پنهنجي وات ۽ سنهڙي چپن ۽ ڏندن کي چوري اهڙا ته گفتا ۽ ٻول ٻوليندو هو جي زاهد لاءِ گدري ۽ ڪاتيءَ وارو ڪم ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح زاهد جي محبت شاهد سان ويران وير جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مصداق وڌندي رهي ۽ هو پاڻ کي جيئن پوءِ تيئن شاهد وٽ قيدي بنائيندو ويو.
    جيتوڻيڪ کيس اها به خبر هئي ته سدائين ڪنهن جي به هلڻي ڪانهي ۽ سک پٺيان ڏک ضرور اچڻو آهي ۽
    غزه مشو براين گل رعنائي نو بهار
    باد خزان براين گل رعنا وزيدني است
    جي مثال وانگر هڪ روز ضرور بهار کي خزان رسڻي آهي پر هو تمام مجبور هو ۽ کيس پنهن جي سچي محبت تي هميشھ ناز هوندو هو. اهو عام اصول آهي ته محبت جي اک عيب نه ڏسندي آهي هو ائين چاهيندو هو ته رڳو شاهد پيو ڳالهائي ۽ آئون ماٺ ڪري سندس گفتگو پيو ٻڌان، ۽ هڪ گھڙي به شاهد کان جدا نه ٿيان نه رڳو ايترو پر زاهد جا اهي به خيال هئا ته شاهد جو ڪٿي هڪ آنو به خرچ نه ٿئي. جيڪڏهن شاهد ڪٿي هڪ آنو خرچ ڪندو هو ته زاهد هڪ روپئي خرچ ڪرڻ سان به پاڻ کي شاهد جي برابر نه سمجھندو هو ازانسواءِ ڪاليجي ڪمن ۾ به لياقت لائق ۽ حال سارو هو شاهد جي هر ڪا مدد ۽ خدمت هروقت فراخدليءَ سان ڪندو هو ۽ بلڪ چاهيندو هو ته شاهد مون کي ڀلي ته ڪنهن ڪم جو چوي ۽ پاڻ فقط هڪ هنڌ ويٺو هجي ۽ بس.
    اهڙا ته سندن پريت جا پيچ ۽ پيوند پختا پيل هوندا هئا جو زاهد هميشھ ائين سمجھندو هو ته يار جي يادگيري ۽ ملڻ جلڻ کان سواءِ به سندس حياتي زم هئي.


    ( 3 )

    زماني ۾ وفائيءَ جو رهيو ڪوئي اکر ڪونهي
    ستمگر ٿيا سڀئي سهڻا منجھن ڪوئي سکر ڪونهي
    سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو آهي ته “ ا هو وڻ ئي ڪونهي جو واءُ نه لوڏيو هجي ” گرميءَ کان پوءِ سردي، سکن کان پوءِ ڏک، الفت کان پوءِ ڪلفت، شاھ مان فقير، فقير مان بادشاھ. اهو هن دورنگيءَ دنيا جو دستور آهي ڪئين شاھ گدا ٿيا ڪئين فقير بادشاھ ٿيا تنهن وانگر قدرت کي آخر هنن جي محبت تي به جوش آيو ته هنن ٻنهي جيئن هيترو وقت محبت ۽ سڪ جي ساگر مان مٺيون مٺيون سڪ جون سرڪون ۽ ماکيءَ جهڙا مٺا مٺا محبت جا ڍڪ ڀري پنهنجي اڃ اجھائي آهي، تيئن هاڻي کين ڪجھه وقت فراق جي ڪوسي پاڻيءَ جا ڍڪ ۽ جدائيءَ جي جھلڪ چکائجي ان ڪري اوچتو هڪ ڦيرو آيو ۽ هنن ٻنهي جي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو واءُ وريو.
    دنيا ۾ هر ڪنهن جا چار دوست دشمن آهن ئي آهن جي جاني دوستن کي به هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ ۾ خط حاصل ڪن ٿا. ازانسواءِ اڄڪلهه ڪير به ڪنهن جي سک ۾ خوش ڪونه آهي. سکئي کي سهي ڪونه بکئي کي ڏئي ڪونه سو نيٺ زاهد ۽ شاهد کي حاسدن ۽ مڌگھرن هڻي هڪ ٻئي کان باغي ڪري وڌو. خود ڪاليج بلڪ هاسٽل اندر ئي ڪيترا اهڙا قلب ڪارا هئا جن کي زاهد ۽ شاهد جو پيار به هڪ اک نه وڻندو هو ۽ هو اٿئي ويٺي سندن جدائيءَ لاءِ دعائون گھرندا رهندا هئا. تن جي گلائن ۽ غيبتن هر چغور هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ۽ شاهد ڪنهن معمولي ڳالهه تان زاهد سان ڪاوڙجي وڃي دشمنن لوفرن ۽ حاسدن جي ور چڙهيو ۽ هڪ ڏينهن ۾ با وفا مان بي وفا ٿي پيو ۽ زاهد جو ڪوبه گن يا ٿورو کيس ياد ڪين آيو، بلڪ ٻين جي ٿورڙيءَ ڦليءَ تي يڪدم دشمن ۽ سرڪش بنجي بيهي رهيو. اهو ته اصل کان اصول آهي ته جاني دوست ڪاوڙبو آهي ته دشمن به جاني بنجي پوندو آهي. ۽ جاني دشمن جي پرچندو آهي ته دوست به جاني ٿي پوندو آهي ان وانگر شاهد به زاهد جو جاني دوست مان ڦري جاني دشمن بنجي پيو. زاهد کي اها خبر ڪانه هئي ته

    صورت گھڻو سهڻا ٽاڻا سندن ٽوهه
    ريلو ڏئي روح جو کائي سو کامي مري ( شاھ )
    زاهد ائين به نٿي سمجھيو ته شاهد اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي وانگر آهي نه ته جيڪر شاھ جي نصيحت وانگر اهڙو ٺلهو ٿانءُ گھڻو اڳ ڀڄي ڇڏي ها ۽ ساڻس اهڙا پريت جا پختا پيچ ڪين پائي ها، پر هاڻي ڇا ٿي ڪري سگھيو جو پيار سندس دل ۾ شاهد جي تصوير چٽي چڪو هو. جا ڪنهن به صورت ۾ مٽجڻي نه هئي.


    ( 4 )

    ڪٺيس ڪو يڄن تن طبيب نه گڏيا
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن پاڻان ڏيل ڏکوئيو ( شاھ )

    شاهد لچن ۽ لوفرن جي آور ۾ اچي زاهد جو ذري برابر به خيال ڪين رکيو. اٽلو نون دوستن جي چوڻ موجب هر وقت زاهد ٽوڪون ۽ مذاقون ڪرڻ لڳو. ۽ اڳي جو زاهد جي ساراھ مان ڪين ڍاپندو هو سو هاڻي سندس گلا ۽ شڪوه کي ماني ٻوڙ سمجھي ان جا ڪوسا ڍڪ ڀرڻ لڳو. مٿي ذڪر ٿيل آهي ته سندس خيال ٻاراڻا هوندا هئا تنهن ڪري بڇڙن جي سنگت هن تي جادوءَ جو اثر ڪيو ۽ کيس دنيا جو ته اڳ ايترو آزمودو ڪونه هو ۽ نڪي برو ڀلو سمجھي ٿي سگھيو تنهن ڪري ويران وير ويو دشمنيءَ جي ڄار ۾ ڦاسندو جيئن چوندا آهن ته
    چڱن سان چاھ پئي جنهن من ميڙا ڪئي
    سو رڱبو نه ته به ڪڪوربو سهي
    پر چورن سان چاھ پئي جنهن من ميڙا ڪئي
    سو جھلبو نه ته به ڪوٺائبو سهي
    زاهد کيس ڪافي سمجھايو ۽ پنهن جي ماضيءَ جي محبت جون جديد ۽ قديم ڪهاڻيون ٻڌائي ۽ اکين ۾ آب آڻي پنهن جي پاڪ محبت جو نئين سر اظهار ڪرڻ لڳو پر چوندا آهن ته چري ڪيئن چي ويران وير وڌ، تنهن وانگي زاهد جي هدايتن ۽ منتن جو شاهد جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جهڙو نقش بر آب. هيڪاري زاهد جي التجائن ۽ آزين سبب وڌيڪ ڦونڊبو ويو.
    زاهد شاهد جي انهيءَ هڪدم جدائيءَ جو صدمو سهي ڪين سگھيو ۽ بالڪل بيتاب ٿي پيو. کيس وقت جي هر گھڙي نهايت ڏکي گهارڻي ٿي جيئن شاھ صاحٻ فرمايو آهي ته
    جتي جيتريون لکيون لوح قلم ۾
    تتي تيتريون گھڙيون گھارڻ آئيون
    زاهد ويچارو هزارين حيلا هلائڻ ۽ لکين ليلڙاٽ ڪرڻ لڳو پر ڪجھه حاصل نه ٿيو ۽ کيس يار جي ياد هردم ستائيندي رهي ۽ دل جو دل ۾ هيئن چئي پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ لڳو
    جنهن جي مداين جي ڪل پريان پيئي
    ڪڏهين ڪو سانه ٿيا ڏوراپا ڏيئي
    ساجن سڀوئي ڍڪينم ڍول ڍلائيون ( شاھ )
    شاهد جي فراق جا ڦٽ زاهد کي نه رڳو ڏينهن جو ستائڻ لڳا پر رات جو خواب ۾ به طرحين طرحين تير کيس چڀندا رهيا جنهن ڪري اڪثر سندس رات جو ننڊ به حرام ٿيڻ لڳي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ هن جي حالت تمام چرين ۽ مستن واري ٿي پيئي. ۽ پنهن جي منهن خبر نه آهي ته ڇا ڇا پيو بڪندو هو، چوندا آهن ته
    جت باھ ٻري سا جاءِ جلي، ڪهڙو سيڪ اچي پاڙي وارن کي.
    ۽ هيئن به چوندا آهن ته
    لڳي هو وئي ته ڪل پوئي. نه ته پڇ لڳيان واليان ڪنون.
    هرڪو هن جي اها حالت زار ڏسي مٿس ٽوڪون ۽ مسخريون ڪرڻ لڳو پر پنهن جي اندر جي فقط کيس خبر هئي ڇو ته رڍون ڇا ڄاڻن راڳ مان، جن جي ٻولي ٻي،
    زاهد هيترن ڪاليجي دوستن هوندي به پاڻ کي اڪيلو سمجھڻ لڳو. نه اٿئي آرام نه ويٺي ورونهن نه ڪچهريءَ مان قرب، نه کاڌي پيتي مان خط حاصل هوس. نه هاسٽل سان حب نه پڙهڻ سان پريت مطلب ته
    دنيا وسيع هوندي انتي ٿي تنگر آهي
    جانب به هاڻ جو ٽي ان ساڻ جنگ آهي
    اهي ساڳيا روم ۽ ڪمرا کيس کائڻ ايندا هئا ڇو ته ـ ماڙيون ڀانيان ماتام، عمر آرام اندر نه آهي ته جي مصداق جيءَ سان جنگ لڳل هيس اهو ئي ڪاليج هو اهائي هاسٽل ۽ اهيئي روم هئا مگر هڪ دل بدلجڻ سان سڀ ڄڻ ڌاريان ٿي پيا هئا
    دل گلستان ٿا تو هر شي سي تپڪتي ٿي بهار
    دل بيابان ڪيا هوا عالم بيابان هوگيا
    زاهد سارو ڏينهن منهن ويڙهي پيو هوندو هو. ڪڏهين شاهد تي سندس نظرون پئجي وينديون هيون ته شاهد جي شوخ چشمن جو تاب نه جھلي جھڪي وينديون هيون. ۽ پنهن جي منهن رت جا جھڙا لڙڪ هارينديون رهنديون هيون. ڪيترائي همدرد دوست سمجهائيندا هئس ته به ڪنهن جي ڪين ٻڌندو هو. يا ته سڻ ٻڌ سڀ ڪنهن جي رھ پنهن جي ءَ تي پورو، جي مثال ٻڌي سڻي ماٺ ۾ رهندو هو پر دل کي سمجھائڻ سندس وس کان ٻاهر هو. هو مانيءَ بدران فقط پاڻيءَ جا گلاسن مٿان گلاس پيئندو هو ڇو ته
    سڙان پچان پڄران لڇان ۽ لوچان
    تن ۾ تونس پرين جي پيان نه ڌاپان
    جي سمونڊ منهن ڪريان تان سر ڪيائي نه ٿئي
    جي مثال وانگر سندن بدن ۾ به برھ جي باھ اڌما ڏيئي رهي هئي. هن زهر کي زهر ڪري ڪين ٿي ڄاتو سندس منهن جو رنگ لعل ۽ سرخ بدران ڪارو ۽ پيلو نظر اچي رهيو هو ۽ اکين مان ائين سمجھبو هو ته هيءُ ڪو مهينن جو بيمار آهي.


    ( 5 )

    وڍي جي وڍياس ويڄ به سيئي ٿيندام
    ترت ٻڌندا پٽيون راز ڪريندا راس
    هينئڙا تنهين پاس گھار ته گھائل نا ٿئين ( شاھ )

    زاهد پنهنجو پاڻ کي بد نصيب سمجھڻ بلڪ پنهن جي نصيب کي لعنتون ڪرڻ لڳو. جيڪڏهن ڪوبه دوست کانئس ان حالت بابت پڇندو هو ته ان کي اول ته ڪو جواب ڪونه ڏيندو هو پر نيٺ گھڻي تنگ ڪرڻ تي جواب ڏيندو هو ته
    پيئي کڻي پساھ پسڻ خاطر پرينءَ جي
    يا ته پنهن جي منهن هيءُ بيت ورد زبان هوندو هوس
    پنهل ري پهت ٻيو ڪهڙو اٿئي ڀنڀور سان ڀوري
    جيئن ڇو ٿي جتن ڌاران محبن ريءَ تو مرڻ گھرجي
    زاهد جو ڪاليج ۾ هيءُ آخرين سال هو، جنهن جو امتحان به جهڙو تهڙو ڏيئي جند ڇڏايائين. يا ته اڳ سٺي نمبر اچڻ لاءِ ڪيتريون باسون باسيون هئائين ۽ رب جي در ڪيتريون آزيون التجائون ڪيون هئائين ۽ هينئر هن کي امتحان ۽ رزلٽ جي ڪابه اون ڪانه هئي. آخر رزلٽ آئوٽ ٿي جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس جي بجاءِ ٿرڊ ڪلاس ۾ مس مس پاس ٿيو. شاهد کي اڃا هڪ سال تعليم حاصل ڪرڻي هئي، مگر زاهد جو ڪاليج ۾ رهڻ جو مدو ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڪاليج ۽ هاسٽل مان سندس حساب چڪتو ڪري کيس موڪل ڏني ويئي. مگر زاهد ڳوٺ وڃڻ بجاءِ ڪيتري وقت تائين هاسٽل ۽ ڪاليج جي چو ديوارين جي چوڌاري ڀٽڪندو رهيو. مانيءَ کاڌي به ڪئين ويلا گذري ويس. سنوارڻ نه ٺهرائڻ سبب شڪل ڀوائتي بنجي ويس. هر هر عڌا ساھ ڀريندو ۽ فراقي بيت پڙهندو رهيو.
    تمنا دل نه ٿي پوري جلي ويو جگ ۽ جيرو
    جڏهين موٽي سندم حق ۾ جدائي دلربا آئي
    جني لاءِ مياس سي ڪانڌي نه ٿيا جي مصداق شاهد ته ڏانهس نهاريو به ڪين اٽلو نون سنگتيني سان گڏ مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪرڻ لڳو. جن کان زاهد جي دل تي گويا تير لڳندا هئا ۽ پنهن جي منهن پورن ۾ پچي ڪنهن ڪنهن وقت اهڙيون ڪافيون ۽ فراقي بيت وٺي چوندو هو جو هلندن ماڻهن کي بيهاري ڇڏيندو هو جيئن ته
    ڪافي
    ٿلهه : سوا تنهنجي سڄڻ سائين ڪنهن سان روحڙو ريجھائيندس
    ڪريو ياد سڄڻ توکي نيڻن مان نير هاريندس
    1 - رسڻ جي تو وڻي عادت منهن جي ڪنهن کي ڪبي پارت
    نماڻا نيڻ کڻيو تو ڏي تنهنجون واٽون نهاريندس
    2 - ڪريو دانهون اڪنڊ آهون نهاريان روز شب راهون
    عمر ارمان ۽ تنهنجي اکين سان آب آڻيندس
    3 - صدائون پيو ڪندس ساري پرين پل پل ۾ پوڪاري
    هيم تو ۾ اميدون ڪئين سدا گڏ ڏينهن گھاريندس
    4 – ڳڻن ڀريون تنهنجون ڳالهيون سدا عاجز کي لينايون
    ملڻ تو محب جي خاطر جڏو جيءُ پيو جياريندس

    آخر ڪار زاهد جي حالت زار جي خبر چار سندس مائٽن کي پئجي ويئي سي سندس سڌ سار لهڻ لاءِ اتي آيا ۽ زوريءَ ڳوٺ وٺي ويس کيس شادي ڪرايائون ۽ ڪا نوڪري به وٺائي ڏنائونس جنهن مان چڱو پگھار ملندو هوس ازانسواءِ مشغولي ءَ سبب سندس دماغي خلل به گھٽ ٿيندو رهيو ۽ وڃي ڪجھه هوش سنڀاليائين مگر ان هوندي به جڏهين ڪا شاهد جي ڳالهه ياد ايندي هيس يا سندس هٿ جي شيءِ ڏسندو هو ته بي سڌ ٿي ويندو هو، ۽ رڳو ويٺو روئندو هو. آخر ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي خط پٽ جو سلسلو جاري ڪيائين ۽ دل کي هن طرح ڏڍ ڏنائين
    ٿا نصف الملاقات خط کي چوان
    ملاقات ڪامل به قادر ڪندن
    پر اڳيان به هڪ سنگدل انسان شاهد هو سو خطن جا جواب ڏئي ڇو ٿو ؟ زاهد خطن وسيلي ڪافي عاجزيون ۽ التجائون ڪيون مگر اڳيان جواب کان ئي جواب شاهد اڄ ڏينهن تائين نه ها ڪئي نه هون.
    هڪ منظوم خط هن طرح لکيائين
    فضيلتماب ڏي جواب لکين ليٽر لکيل آهن،
    هٿو هٿ توکي اي حاڪم ڪئين پرزا پڳل آهن.
    1 - هاڻي هيءُ پيار جو پرزو اوهان ڏي اچي ٿو دلبر،
    جوابن لئيه سندم جاني اوهان ڏي هٿ جھڪيل آهي
    2 – آهيان بيمار فرقت کان پڇڻ مونکان پرين نه آئين،
    توکي سڀ سڌ خبر آهي قاصد منجيل آهي
    3 – اوهان کي خواب ۾ مان روز راڻا ڏسان ٿو پر،
    مگر ڇا ڪري سي خواب سڀ ڪوڙا ٿيل آهن
    4 – عاجز کي سڏي ساجن بيهاريندين ڪڏهين ڀر ۾،
    الله جو سونهن الاهي ڪي عرض آن کي ڪيل آهن

    ٿورن گھڻن ڏينهن بعد زاهد کي پٽ ڄائو هن شاهد جي محبت تازي ڪرڻ لاءِ پٽ جو نالو شاهد رکيو. ان بعد زاهد جي حالت اڳئين کان ڪجهه نه ڪجھه روزانه سڌرندي رهي، ۽ هو پنهن جي پياري پٽ کي سڀ ڪجھه سمجھي ساڻس اها ساڳي شاهد واري پاڪ محبت ونڊڻ لڳو. پر شاهد اڃا به سندس دل تان وسريو ڪونه هو. شاهد جيتوڻيڪ کيس خطن جا جواب به ڪونه ڏيندو هو مگر زاهد پنهن جي اڳوڻي عادت موجب متان چوي بلوچ ته ڪمينيءَ مان ڪين ٿيو. جي مصداق خط لکندو رهيو. ازانسواءِ آئي وئي کان شاهد جو احوال ۽ بد صحبتيءَ جون ڳالهيون به ٻڌندو رهيو. زاهد هميشھ شاهد جي خط جي آخر ۾ هيءَ مصرع لکندو هو،
    زمين هو جائي ڪاغذ ڪي، سمندر هو سيهي ڪا
    قلم ڪڇ لک نهي سڪتا بيان غم جدائي ڪا
    رهين شل شاد ۽ آباد دنيا ۾ پيارا تون اسان جي موڪلاڻي آھ چڱو هاڻي خدا حافظ. زاهد کي شاهد بابت اهي به خبرون پونديون رهيون ته هو ڪاليج جي عرصي ۾ ئي وڏو غنڊو ۽ جيب ڪترو بنجي ويو آهي. نيٺ هڪ ڏينهن اها خبر پيس ته شاهد پڪڙجي جيل روانو ٿيو آهي. دل تي ته سخت چوٽ لڳيس پر نڪي ڪجھه ڪري ٿي سگھيو نڪي اتي وڃي ٿي سگھيو. جيتوڻيڪ خطن رستي گھڻيون ئي هدايتون ڏنائينس پر لا حاصل. شاهد جيل ۾ ڌاڙيلن، خونين، ڊاڪن جي سنگت ۾ رهي وڏو ڊاڪو بنجي ٻاهر نڪتو.


    ( 6 )

    رفيقن راھ ۾ ڇڏيو عزيزن ۾ عداوت پئي
    نتيجو نيٺ هي نڪتو پرين جي پاسداريءَ جو

    وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي ٿئي. صبح تان شام، شام تا صبح، ڏينهن مان هفتا ۽ هفتن مان مهينا ۽ سال گذرندا رهيا. زاهد جي دل تي جي فراقن جا ڦٽ هئا سي به زماني جي هر مرهم سان آهستي آهستي ڇٽندا رهيا. زاهد پنهن جي نوڪري به نهايت ايمانداريءَ ۽ خلوص نيت سان ڏيندو رهيو. تنهن ڪري بالا آفيسر به کيس نهايت گھڻي عزت ۽ مان ڏيندا هئا. اهو ته ظاهر آهي ته چڱي ڪم جي پڇاڙي ۽ نتيجو به چڱو نڪرندو آهي. ۽ بڇڙائيءَ جو ڦل به بڇڙو ٿيندو آهي. ان ڪري زاهد کي پنهنجي نيت جي صفائيءَ جي عيوض ڪيترائي عهدا ۽ چانسون ملندا رهيا، نيٺ وڃي جج ( مئجسٽريٽ ) جي عهدي کي رسيو. ان عهدي ملڻ ڪري نه رڳو زاهد پاڻ ۽ سندس مائٽ خوش ٿيا بلڪ اوڙو پاڙو غريب غربو سڀڪو خوش ٿيو. ڇاڪاڻ ته چڱي ۽ ايماندار اشراف ماڻهوءَ ۾ هر ڪنهن جي پتي ۽ حصو آهي. زاهد وٽ روزمره ڪيترائي ڪيس فيصلو ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جن ۾ پاڻ خدا جي مدد ۽ عقل و ضمير ڄاڻ سارو ڪيترن ئي کي پنهن جي ڏوهن جي سزا ڏيندو هو ۽ ڪنهن بي ڏوهيءَ کي سزا نه اچي وڃي جي ائين ٿيو ته پوءِ يوم قيامت جتي خود قادر قاضي ٿي فيصلا ڪندو اتي ڪهڙو جواب ڏيندس، جتي نڪي وڪيل وڙانڪي منشي مڙها هوندا ۽ خود سندم عضوا مٿم شاهد ٿي بيهندا. هوڏانهن وري سندس دوست شاهد لوفرن جي صحبت ۾ وڏو ڌاڙيل ۽ ڊاڪو بنجي پيو. جيل مان نڪرڻ بعد وڏن وڏن چورن جي ٽولين سان گڏجيو ڌاڙا هڻندو هو. پنهنجي پاڙي وارن ۽ آس پاس جي غريبن ۽ مظلومن کي ستائڻ ۽ ڏکوئڻ ۾ کيس مزو ايندو هو. مروان موت ملوڪان شڪار جي مثال مطابق زالن ۽ ٻارن جي ڪيهن ۽ دانهن مان کيس لطف ايندو هو. اهڙو سنگدل بنجي پيو جو زالن جي عزت تي حملو ڪندي به کيس ڪو حيا ڪونه ايندو هو. ڪوبه آدمي منجھانئس خوش نه هوندو هو. پر لاچار سندس اڳيان ڪڇي ڪونه سگھندو هو. جيڪڏهن ڪجھه ڪڇندو هو ته ايندڙ رات شاهد جي ساري ٽولي سندس مهمان هوندي هئي.
    شاهد جا خيال اڄ ڪلهه تمام مٿي هئا هو ائين ڀائيندو هو ته آئون زمين بجاءِ آسمان تي هلي رهيو آهيان ۽ هلڻ وقت مٿي ڪنڌ سيٽي ٽوپي ٽنڊ تي رکي، هٺ وڏائيءَ سان هلندو هو ۽ ڪنهن ۾ به سندس اک ڪين ٻڏندي هئي. ۽ هو ائين سمجھندو هو ته مون جهڙو بهادر چور ۽ ڌاڙيل دنيا ۾ ڪو ورلي هوندو. پاڻ کي پنهنجي ٽوليءَ جو شهنشاھ شاهد چوائيندو هو. سندس ساري ٽوليءَ کي هر وقت اهوئي خيال هوندو هو ته اڄ رات ڪهڙي شاهوڪار جو گھر لٽيون ۽ صبحاڻي ڪنهن تي وڃي ڪڙڪون. هو پنهنجي شڪار جو پورو اڌ ازخود وسوارن عملدارن اڳيان نذراني طور رکيو ايندو هو جنهن ڪري کيس ڪنهن جو به ڊپ ڪونه هو ۽ پنهنجي من مانين ڪرڻ ۾ کيس ڪوبه آڏو اچي ڪونه سگھندو هو.
    چوندا آهن ته جهڙي صحبت تهڙو اثر ۽ هيئن به چوندا آهن ته ڪارو ٻڌ ڪمري ڀرسان ته رنگ نه مٽائيندو ته به اوساڻ ضرور مٽائيندو. تنهن وانگر شاهد به ظالمن ۽ جاهلن سان گڏ رهندي پڙهيل مان اڻ پڙهيل جاهل ۽ ظالم بنجي پيو، ڇو ته اهو قاعدو آهي ته چور هميشھ چوريءَ جون صلاحون ڏيندو ۽ نمازي هميشھ نماز جون صلاحون ڏيندو ۽ موالي هميشھ نشي واپرائڻ جي نصيحت ڪندو. ڪوئلي کاڻ ۾ جو به ويندو سو ڪارو بنجي پوندو. تنهن ڪري حقيقتن شاهد جو ڪوبه ڏوھ ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سندس صحبت ئي اهڙي هئي، تنهن ڪري کيس به لا محاله اهڙو ٿيڻو هو.


    (7 )

    بترس از آه مظلومان ڪھ هنگا مئھ سحر گفند
    اجابت ازدر حق ڀر استقبال مي آيد

    پهاڪو آهي ته ظلم قائم آهي مگر ظالم قائم نه آهي ۽ هيئن به چوندا آهن ته اوڻٽيهه ڏينهن چور جا ته ٽيهون ڏينهن ساڌ جو. تنهن وانگر جن غريبن سان ظلم ٿيا تن جي دانهن به ڌڻيءَ جي درگاھ ۾ اگهاڻي جنهن درگاھ ۾ دير آهي پر انڌير نه آهي. اهي غريب ۽ شريف جن جي ڏينهن جي سخت پورهئي هوندي به راتين جي ننڊ حرام هئي، تن جي آزي ۽ التجا به هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ملڪ ۾ هڪ زبردست انقلاب آيو جنهن جي زبردست لهر ۾ چور ڊاڪو ۽ ٻيا هر طرح جا ظالم ائين لڙهي ويا جيئن ڪو ڪک پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهندو آهي. جن چورن ۽ ڌاڙيلن توڙي بليڪي شاهوڪار واپارين غريبن جو ڄوَر وانگر رت چوسيو هو. ۽ پنهن جون بلڊنگون غريبن جي رت جي گاري سان اڏيون هيون ۽ جن وزيرن ۽ ميمبرن توڙي عملدارن غريبن جي وات مان لقمو ڦري پنهنجي ۽ پنهن جي ٻارن جا پيٽ ٿلها ڪيا هئا، جن ڪامورن رشوتون وٺي ۽ جن واپارين ملاوتون ڪري ملڪ و ملت جو خانو خراب ڪيو هو، انهن تي ئي اول انقلاب جي ڏنڊي جو مارو ٿيو. سڀني سيٺين، واپارين ۽ آفيسرن کي پنهنجي ملڪيتن جا انگ اکر پيش ڪرڻ جا آرڊر مليا، جيڪي واپاري وڏا نفعا وٺي رعيت کي پيڙهيندا هئا تن لاءِ اعلان ٿيو ته هو پنهنجي دوڪانن تي هرهڪ جنس جي اگھن جي لسٽ لڳائين ۽ ڪوبه دڪاندار مقرر شده اگھه کان وڌيڪ وٺي نٿي سگھيو. جن چورن ۽ ڊاڪن ساري ملڪ ۾ باھ ٻاري ڏني هئي تن کي ڳولي جيلن ۾ ڀريو ويو، جيڪي روپوش هئا ته پٺيان وارنٽ ڪڍي انهن جي گرفتاريءَ لاءِ انعام مقرر ڪيا ويا. اڳي اهي چور چوريون ڪري اڌ ملڪيت آفيسرن کي پهچائي ايندا هئا ۽ اهي باقي اڌ مان عيش عشرتون پيا ڪندا هئا. اهي سڀ سندن ڪرتوت ختم ٿيا، نه رڳو ايترو بلڪ انهن رشوتي عملدارن کي به گرفتار ڪري وڏيون سزائون ڏيئي موتمار ڏنڊ وجھي ۽ ڪن کي صفا ڊسچارج ڪري گھر ويهاريو ويو. جن سمگلرن سون چاندي وغيره جي واپار مان ملڪيتون بنايون هيون تن جون اهي ملڪيتون ته ضبط ٿيون پر کين به ڦٽڪن جون سزائون ڏيئي سڀ سچيون ڪرائي پوءِ ڪيس هلائي سزا ڏني ويئي جا ستن سالن تائين جيل ۽ پنج هزار ڏنڊ کان ڪنهن به حالت ۾ گھٽ ڪانه هئي. ايترو ته انقلاب اچي ويو جو سون چاندي ۽ ٻيون سمنگل ٿيل جنسون جھنگهن ۾ ڍڳ ٿيون پيون هونديون هيون، ملاوتي مال سڀ هارجي ۽ ساڙجي ختم ٿي ويا. شاهد لاءِ به هيءُ وقت ڏاڍو نازڪ اچي ويو هو اهي عملدار جي سڀ سندس ڇاڙتا ۽ هٿ ٺوڪيا همراه هئا جي رشوتون وٺي اٽلو فريادين کي دٻائيندا هئا، سي سڀ پنهنجي پوزيشن رکڻ ۽ ساھ تڳائڻ ۾ عاجز هئا. ۽ هن وقت هو تمام ايماندار ڏسجڻ ۾پئي آيا، ڄڻ ته هنن پنهنجي ساري سروس سچائيءَ ۽ شرافت سان گذاري آهي. اڳ جن چورن کان پتيون ملڻ بعد اٽلو چور ڪوٽوال ڪو ڊانٽي جو مثال هوندا هئا تن سان هينئر هو ڳالهائڻ ته ٺهيو پر پريان سلام به ڪونه ڪندا هئا. شاهد تي انقلاب اچڻ کان اڳي چار پنج ڪيس هئا مگر انهن جي هن کي ڪا پرواھ به ڪانه هوندي هئي. اٽلو هو فريادين کي دٻائيندو هو ڇو ته اهو زمانو هٿ جن جڳ هينئن پهرين پتڻ سي لنگھيا وارو هو تنهن ڪري هو روزانه چوريون ڪري وڪيلن ۽ ٻين آفيسرن جا کيسا پر ڪري ڇڏيندو هو. گويا ـ موچيءَ جا گھڙيا موچيءَ کي لڳن ـ وارو مثال هو. ان ڪري کيس ڪنهن به سزا وغيره جو ته گمان به ڪونه هو، چوندا آهن ته ـ پئسي سان جا نه ماسي سابه ماسي ـ هيئن به چوندا آهن ته پئسي واري جا سالا سوين پر کٽل جو ڪو ڀيڻويو به ڪونه ٿئي.
    مگر هينئر ته اهو وقت ڪونه هو. تنهن ڪري شاهد ۽ سندس ساٿي به ٿڙ ٿڙ ڪنبي رهيا هئا. هنن چوريون ڪرڻ ته ڇڏيون پر رڳو ساھ بچي ته لک کٽيائون. شاهد وٽ به جيڪو پئسو پنجڙ هو سو ته چئن پنجن ڪيسن سبب ٻن چئن مهينن ۾ کپي ويو. ڀلا اپت هجيئي نه رڳي کپت سو کاڌي ته کوهه به کٽي وڃن. . آخر سندس کيسا خالي ٿي ويا تنهن ڪري وڪيلن جون فيون ڀري يا پنهنجو پيٽ گذر ڪري مطلب ته هنن لاءِ ڏاڍو مشڪل وقت هو.
    پهاڪو آهي ته “پير عيسى پير موسى پر بڙا پير پئسا ” پيسن سان ناممڪن ڪم به ممڪن ٿي سگهي ٿو. اڄ ڪلهه پئسي کي ايتري ته عزت آهي جو عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ـ جنهن جي گھر ۾ “داڻا تنهن جا چريا کريا به سياڻا ” “جنهن جي گھر ۾ ان جي پلي تنهن جي ذات سب کان ڀلي ” پر پئسو شاهد آڻي سو ڪٿان آڻي ؟ سندس شڪار ڪرڻ وارا ته ٻيلائي ٻار جي ويا جي ٿا رڱ رڱين سي چروئي چلي ويا موٽايو ٿا نيڻ ماڻهو ميرا ڪپڙا ـ انهن سڀني ڳالهين سبب شاهد ڏاڍو ششدر ٿي پيو. ڳوٺ ۾ به سندس رائي پوري سوري هئي. ڀلا ڪنهن سان ڪڏهين ڪا چڱي ڪئي هجيس ته ٻيو به ڪو اڳيان مدد جو هٿ ڏئيس. تنهن ڪري پنهنجا ڪرتوت ياد ڪري ڪنهن کي سوال ڪرڻ کان اڳ شرم ۾پيو ٻڏندو هو. سندس اڳيان دوست جن جي صحبت ۾ هن حالت کي رسيو هو سي به پنهنجي جند آزاد ڪرڻ ۾مشڪل هئا. پوءِ هن جي ڪهڙي مدد ڪري سگھندا ازانسواءِ اهي سڀ چڙهئي سان هئا ڪرئي سان ڪير به ٻڌل ڪونهي. وڪيلن کي فيون نه ملڻ سبب هو به ڪنهن شنوائيءَ تي ايندا هئا ته ڪنهن تي نه. ان سبب شاهد کي ڪيس ڏاڍو ڪڪ ڪري وڌو ۽ اڄ مٿو ڀت سان لڳو هوس ته برابر منهن جو خدا کان سواءِ ڪوبه ه آهي. ڪيس ۾ ٻه شاهد شاهديون پوريون ڏيئي ويا ڇو ته اڳي ته کين پوليس جو خوف هو هاڻي اهو به لٿو. هن کان اڳ شاهد کي سندس همدرد هم ڪلاسي جڏن ڪمن کان بچڻ لاءِ ڏاڍيون هدايتون ڪندا هئا ته شاهد کين چوندو هو ته توهين مون کي گيدي بنائڻ ٿا چاهيو مون ۾ احساس برتريءَ مان احساس ڪمتري ٿا جاڳايو. توهان جيڪي نوڪريون ڪريو ٿا تن جو ماهيانه پگھار وڌ ۾ وڌ چار سو يا پنج سو روپيا مس هوندو. سو به جڏهين سڄا ڏينهن قلم سان پنهنجا ڪلها ڇنندا ۽ پرائي بزگيري تنهن کان سواءِ پر منهنجي روزاني ڪمائي ڏھ يارهن سو روپيا آهي ۽ بالڪل آزاد پيا گھمون ڪنهن جي به مجال ڪانهي جو اسان کي فقط اف چئي سگھي مٿو هڻي ڀڃي رکونس هوڏانهن توهان جي مٿان هرڪو بالا آفيسر آڪڙيو بيٺو هوندو. اوهان کي هميشھ ڊيوٽيءَ جو اونو هوندو ته اڄ ڪلاڪ ليٽ ٿي آهي اڄ صاحب ڪاوڙبو وغيره. مگر مون کي ڪنهن به ڊيوٽيءَ وغيره جي اون ڪانهي. توهان جا وڏا آفيسر به اسان جا سلامي آهن ۽ اسان جا محتاج آهن اسين جيئن کين چئون تيئن ڪن . اسين پاڻ کين کارايون پياريون ان ڪري اهڙا مشورا ۽ هدايتون پاڻ وٺ قابو رکو، ته عقل نه وهي وڃيوَ. اهڙا ۽ ٻيا ڪئين ڄٽڪا ڌڪا انهن کي ٻڌائي جند ڇڏائي ويندو هو، زاهد به کيس اهڙيون نصيحتون خطن رستي لکندو هو پر ان کي ته مورڳو دشمن سنڍ مجھي خطن جو جواب ئي نه ڏيندو هو. زاهد هڪ زماني ساز ماڻهو هو تنهن اڳيئي ڄاتو ٿي ته اها ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم هميشھ هلڻو ڪونهي، ـ لال آج نه ديکا تو ڪل ديکا ـ بڇڙي ڪم جو چاندو ضرور بڇڙو آهي اهو فقط اکين جو ڍءُ ۽ پيٽ جي بک آهي. حرام جي اڳياڙي آهي پر پڇاڙي آهيئي ڪانه . تنهن ڪري شاهد جو ڏاڍو ويچار ٿيندو هوس مگر ڇا ڪري جو
    واءِ صد حسرت متاع ڪاروان جاتا رها
    ڪاروان والون سي احساس زياڪ جاتا رها
    هينئر شاهد کي زاهد ۽ ٻين همدرد هم ڪلاسين جي نصيحتن جو احساس ٿيو هو. پر ـ اب ڪيا ڪري هوت جب چڙيان چگ گئي کيت ـ جي مثال وانگر هاڻي ڏڌو کير ٿڻين ڪيئن پوي هٿان ڪئيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طبيب. شاهد کي ڪيسن ۽ پئسي جي تنگيءَ ڏاڍو تنگ ڪيو. شرم وچان زاهد يا ٻين کان گھرڻ به نٿي وڻيس. ان ڪري رات ڏينهن آرام ڦٽي پيس. ويتر جو هر هڪ ڪيس جي فتوى جون تاريخون هڪ ٻئي پٺيان رکجڻ لڳيون ڇو ته مئجسٽريٽن کي به مٿان اهڙا سخت آرڊر آيا ته ڪيسن جو نيڪال ترت ڪريو. شاهد کي ته اها به خاطري هئي ته ڪيس سڀ ضرور سچا ثابت ٿيندا ۽ آئون انهن ۾ هميشھ لاءِ پيڙهجي ۽ تباھ ٿي ويندس مگر هينئر رڳو خالي پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪري به نٿي سگهيو. انهيءَ جھوريءَ هڻي مڙس کي هيڪاري جھوري وڌو سچ چيو اٿن ته
    دک ۾ بوجھي هرڪو سک ۾ بوجھي نه ڪوءِ
    سک ۾ بوجھي سڀڪو دک ڪاهي ڪو هوءِ

    مطلب ڏک ۾ سڀڪو خدا کي ستائيندو آهي مگر سکن ۾ ڪير خدا کي ڪونه ساراهي اگر خدا کي سک ۾ ساراهين ته جيڪر ڏک ڏسنئي ڪونه .


    ( 8 )

    مت ستا ظالم ڪسي ڪو مت ڪسي ڪي آه لي
    عرش ڀي هل جاتا هي
    . . . . . .
    ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجھن
    پسيو لڄ لطيف چئي ڪيڏي کي ڪکن
    توڙي ڪنڌيءَ ڪن نه ته ساڻ وڃن سير ۾ ( شاھ )
    قدرتن جنهن جج وٽ شاهد جو ڪيس هو، سو ڪيس جي فتوى جي تاريخ کان اڳيئي بدلي ٿي ويو، بلڪ اسڪريننگ ۾ اچڻ سبب کانئس زوريءَ چارج ڇڏائي ويئي، ڇو ته اهو به وڏو رشوتخور هو. پر هن وقت مارشل لا جي خوف سبب شاهد جي ڪيسن جي فتوى اڳواٽ لکي ڇڏي هئائين جا هئي ٻارهن مهينا قيد ۽ پنج هزار ڏنڊ. ان جي جاءِ تي زاهد جهڙو بي لوث ۽ ايماندار جج بدلي ٿي آيو. زاهد کي ته شاهد جي ڪيسن جي اڳواٽ خبر هئي تنهن اچڻ شرط اهي ڪاغذ اٿلايا مگر اڳيون جج جو شاهد کي ڏوھ جو ڏوهاري ٺهرائي فتوى موجب سزا مقرر ڪري ويو تنهن کي زاهد ڪيئن ٿي مٽائي سگھيو ؟ سندس ڪابه وس جي ڳالهه نه هئي، تنهن ڪري ـ مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ ـ ڪري ويهي رهيو. ارمان ته ڏاڍو ٿيس پر ڪري سو ڪري ڇا ؟ آخر فتوى جي تاريخ آئي. شاهد تي ڏوھ ويهي ويو شاهد کي هن حالت ۾ ڏسي زاهد کي ڏاڍو ارمان ٿيو. هيڪاري جو پنهن جي زبان سان دوست کي سزا جو حڪم ٻڌايائين، تنهن ڳالهه ته کيس هڻي ذري گھٽ چريو ڪري وڌو. پر هڪ طرف فرض ٻئي طرف محبت. زاهد جي جيءَ اندر جنگ شروع ٿي ويئي پر نيٺ فرض محبت تي فتح حاصل ڪئي. هن طرف شاهد جي حالت به زاهد اڳيان شرمسار هئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪري اکين مان آنسو وهائي رهيو آهي، زاهد اها حالت ڏسي رهي نه سگھيو. ڀانيائين ته اوڇنگارون ڏيئي روئان پر ڪورٽ جو خيال ڪري ماٺ ڪري نڪري ويو ۽ يڪدم پنهنجي کيسي مان پنج هزار ڏنڊ ڀري ڏنائين ۽ شاهد کان بچاءَ جا ضامن وٺي مٿينءَ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرايائينس. انهن شاهدن ۾ هڪ زاهد جو ڀاءُ حامد ۽ ٻيو هڪ سندس دوست هئا، جن شاهد کي هڪ ڏينهن به جيل ۾ رهڻ نه ڏنو.
    اهڙيءَ طرح شاهد تي جيڪي به ٻيا ڪيس هئا، سي به زاهد جي سفارش سان ۽ مهربانين سان لهي ويا ۽ اپيل مان مٿانئس جيل معاف ٿيو.
    هاڻي شاهد کي زماني جي لاهين چاڙهين جي خبر پئجي چڪي هئي ان ڪري ڪوبه ڪم زاهد جي صلاح مشوري کان سواءِ ڪين ڪندو هو ڇو ته زاهد جي طفيل شاهد کي گويا نئين حياتي ملي هئي.


    (9 )

    ڏيکاريس ڏکن گوندر پرين جو
    سونهائي سورن ڪئي هيڪاندي هوت سان

    زاهد جو ڀاءُ حامد وڏو واپاري ۽ سيٺ هو. سندس وڏن وڏن شهرن ۾ واپار جون ڪوٺيون هيون. حامد زاهد جي چوڻ تي شاهد کي اول پاڻ وٽ مئنيجر مقرر ڪيو، پر پوءِ آهستي آهستي شاهد کي ڌنڌي ۾ دلچسپي وٺندو ڏسي کيس پنهنجو ڀائيوار بنايو. جيئن ته شاهد به هاڻي زماني جون ڪوسيون ٿڌيون سهي، سمجھي ويو هو ۽ هڪ شريف ايماندار انسان ٿي پيو هو، سو ويران وير پاڻ کي وڻائيندو ويو.
    حامد جو به شاهد تي اعتبار ڄمي ويو ۽ کيس پنهنجي ڀاءُ زاهد جهڙو ڀاءُ سمجھڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سندن واپار ۽ ڌنڌو د دگنو ۽ رات چوگنو وڌندو رهيو.
    ”ٿوري نفع گھڻي برڪت“ اهو هنن جو خاص اصول هوندو هو. انڪري سندن گراهڪي تمام وڌي ويئي. هي نڪي بلئڪ ڪند هئا ۽ نڪي ملاوت ڪندا هئا ان ڪري مارشل لا جي ڏنڊي کان به آجا رهيا. ايمانداري سندن اولين اصول هو. ان ڪري هڪ سال اندر خرچ لٿي ڏهه ڏهه هزار هرهڪ کي نفع جا پتيءَ ۾ آيا.
    ان بعد شاهد کي الڳ ڪوٺي کولي ڏني جتي هو سيٺ بنيو ويٺو هوندو هو. ۽ سارو ڪم نوڪرن چاڪرن جي حوالي هو. پاڻ فقط پئسي ۽ مال جي ڏيتيءَ ليتيءَ تي گهري نظري رکندو هو.
    چوندا آهن ته “ اتم کيتي وڌندڙ واپار نيچ نوڪري پنڻ بيڪار ” سو واپار هني شاهد کي ڍئي وڌو ۽ هو سيٺ شاهد حسين سڏجڻ لڳو ۽ زاهد توڙي سندن ساري خاندان سان سندس تعلقات تمام گهرا ۽ مضبوط رهيا.
    زاهد ۽ شاهد وري اڳئين طرح محبت ۽ پيار سان گذارڻ لڳا ۽ وچيان جيڪي لڙ هئا سي سڀ لهي ويا. وري به ايتري قدر سندن محبت ٿي ويئي جو جيسين هڪ ٻئي وٽ ڏينهن ۾ ڏهه دفعا نه ايندا هئا تيسين سک نه ايندو هون. تانجو رات جي ماني هميشھ گڏ کائيندا هئا ڪڏهين شاهد زاهد وٽ اچي کائيندو هو ته ڪڏهين زاهد شاهد وٽ ايندو هو.
    زاهد ڪوشش ڪري شاهد جي شاديءَ جو بندوبست هڪ لکا پتي سيٺ قاسم خان وٽان ڪرايو. شاديءَ تي ٻنهي طرفن ڏاڍا زور لاتا، ڇو ته ٻئي سيٺيون هئا. زاهد به هن شاديءَ ۾ پاڻ چڱو موکيو. پاڻ پنهنجي ڀاءُ حامد سوڌو پيرن ڀر سڀ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ بيٺو هو. ڄڻ ته شاهد ڪو سندس سڳو ڀاءُ آهي. ٻنهي جي ڪاليج کان شروع ڪيل محبت نيٺ وڃي ڪامياب ٿي.


    ( 10 )

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه اچي بوءِ بهار جي
    . . . . . . . .
    هزارون سال نرگس اپني بي نوري پھ روتي هي
    بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن ۾ ديد ور پيدا

    ٻنهي جي محبت جي پڇاڙي جو ههڙي سرهي ٿي تنهن لاءِ زاهد صد مبارڪ جو لائق هو.
    شاهد جو نالي ڀائي زاهد جو پٽ شاهد به هاڻي اچي وهيءَ چڙهيو هو. دنيا ۽ دين جا هر قسم جا علم حاصل ڪري پڻس کان به ٻه رتيون ڪسر ٿي پيو هو.
    زاهد جي احسانن جو قدر ڪري ان کي شاهد پاڻ سان ڌنڌي ۾ ڀائيوار بنايو اڳتي هلي کيس پنهنجو داماد ( نياڻو ) ڪري هميشھ لاءِ پنهنجو بنائي ڇڏيائين. زاهد به هاڻي نوڪريءَ کان رٽائر ڪيو هو. ايمانداريءَ ۽ شرافت سان نوڪري ڪرڻ سبب کيس سرڪار قدردان ڪوٽڙي براج تي پنج سو ايڪڙ زمين انعام طور ڏني هئي، تنهن ڪري زاهد پاڻ اوڏانهن رهڻ لڳو هو تاهم شاهد سان سندس پريت جا پيوند جيئن پوءِ تيئن پختا ٿيندا ويا. اردو مصرع مشهور آهي ته
    عزت اسي ملي جو وطن سي نڪل گيا
    وه ڦول سر چڙها جو چمن سي نڪل گيا

    ان موجب پنهنجي شريف طبيعت سبب اتي به ڏاڍو مقبول پيو ۽ پنهن جي دوست جي نالي پٺيان اتي هڪ ڳوٺ آباد ڪرايائين ”شاهد آباد“ انڪري هو هيڪاري مشهور ٿي ويو آسپاس جي راڄن جو هو چڱو مڙس ليکجڻ ۾ ايندو هو ۽ سندن ڇيڙي نبيري پاڻ ڪندو هو. فيصلن ڪرڻ جي ته ڪا زاهد خان کي خدائي ڏات مليل هئي.
    نيٺ حياتيءَ جا چوڻا پورا ڪري اتيئي مدفون ٿيو. مگر اها اک ڪانه هئي جنهن سندس ياد ۾ لڙڪ نه ڳاڙيا هجن. اهو سڀ ايمانداريءَ ۽ شرافت جو نتيجو آهي.
    هيءَ بهاري باغ دنيا چند روز چند روز
    ۽ زماني جا تماشا چند روز چند روز
    رهنديون اهي رهاڻيون افسوس مان نه هوندس
    ٻڌبيون ڪهاڻيون افسوس مان نه هوندس


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258295
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386410
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ