ڪتاب جو نالو: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟
مصنف: عبد القادر جوڻيجو
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1999
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 06 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 277 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 94 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دنيا جي نامياري اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار عبد القادر جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نيرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنديرا، شيخ اياز، بلئس سينڊرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويوز شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • پئبلو نيروُدا
  • قرة العين حيدر
  • ميلان ڪنديرا
  • شيخ اياز
  • بلئس سينڊرارس
  • فيض احمد فيض
  • مايا ائنجليو
  • وليم بورو
  • وليم فاڪنر
  • گارشيا مارڪئز
  • البرٽو موراويا

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڇو، ڇا ۽ ڪيئن“ اوهان اڳيان پيش آهي. دنيا جي نامياري اديبن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪار عبد القادر جوڻيجو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نيرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنديرا، شيخ اياز، بلئس سينڊرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويوز شامل آهن. جوڻيجو صاحب لکي ٿو:
    ”هنن انٽريوئن ۾ مون اهو خيال رکيو آهي ته ڌار ڌار نظريا رکندڙ ليکڪن جا انٽرويو گڏ ڪيا اٿم. هي انٽرويو گڏ ڪندي مون پنهنجي نظريي يا نڪته نگاهه کي اڳيان نه رکيو آهي ۽ پنهنجا خيال ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي اٿم. اهو پڙهندڙ تي ڇڏيو اٿم ته هو ڪهڙين ڳالهين کي قبول ٿو ڪري ۽ ڪهڙي ڳالهين کي رد ٿو ڪري. ائين ڪري مون پڙهندڙن جي فڪري آزادي جو احترام ڪيو آهي. هي ڪتاب هڪ قسم جي انفرميشن آهي.“
    هي ڪتاب 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. الاهي ساري دوستن جي فرمائش تي سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان سهيڙي پي ڊي ايف جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    پنهنجي پنهنجي عادت ٿيندي آهي. هڪ ليکڪ هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجون به ڪجهه عادتون آهن. هڪ ته جيستائين ڪجهه صفحا نه لکان، تيستائين سُک نه ايندو اٿم. لکڻ جي اِنهيءَ عادت جي ڪري عادي ليکڪ وٽ جڏهن پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻ لاءِ نه بچندو آهي ته پوءِ اهو ٻين جون لکڻيون ترجمو ڪندو رهندو آهي. مون سان به ڪجهه ائين ئي آهي، ٻيو ته منهنجي دل چوندي آهي ته آئون جيڪي ڪجهه پڙهان اهو ٻين سان به شيئر ڪيان. اهو ائين آهي جيئن ڪو مهمان نواز ماڻهو جيستائين ماني ٻئي ڪنهن ماڻهو سان شيئر نه ڪندو ته کيس ماني کائڻ ۾ مزو نه ايندو. ٽيون ته اسان وٽ سنڌيءَ ٻولي جي ادب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اڃا بحث طلب آهن. هونئن به علم جو ڪجهه ڇيهه نه هوندو آهي.
    اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي مون هي انٽرويو هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪري پڙهڻ واري اڳيان رکيا آهن.
    هنن انٽريوئن ۾ مون اهو خيال رکيو آهي ته ڌار ڌار نظريا رکندڙ ليکڪن جا انٽرويو گڏ ڪيا اٿم. هي انٽرويو گڏ ڪندي مون پنهنجي نظريي يا نڪته نگاهه کي اڳيان نه رکيو آهي ۽ پنهنجا خيال ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي اٿم. اهو پڙهندڙ تي ڇڏيو اٿم ته هو ڪهڙين ڳالهين کي قبول ٿو ڪري ۽ ڪهڙي ڳالهين کي رد ٿو ڪري. ائين ڪري مون پڙهندڙن جي فڪري آزادي جو احترام ڪيو آهي. هي ڪتاب هڪ قسم جي انفرميشن آهي.
    هيءٌ ڪتاب پهرئين ته غير ملڪي ٻولين جي ليڪکن جي انٽرويوئن تي ٻڌل هو. پر پوءِ خيال آيم ته ڇو نه ديسي ليکڪن کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي. انهيءَ خيال کان ٻه انٽرويو اردوءَ تان ترجمو ڪرڻا پئجي ويا ۽ ٻه انٽرويو سنڌي ٻولي جا شامل ڪرڻا پئجي ويا.
    هن انٽرويوئن مان باقي انٽرويو ته ,Writers at Work. تان کنيل آهي. جڏهن ته وليم بورو جو انٽرويو ,Conversations with American Writers. تان ۽ مايا ائنجليو جو انٽرويو انٽرنيٽ تان هٿ ڪيو ويو. ميلان ڪنديرا جو سٺو انٽرويو ته ,Writers at Work. جي اٺين جلد ۾ موجود آهي، پر جيئن ته انهيءَ جلد کي پاڪستان ۾ اچڻ نه ڏنو ويو آهي، تنهن ڪري لاچار ٿي سندس انٽرويو ”آج” رسالي تان اردوءَ مان ترجمو ڪرڻو پئجي ويو. اردوءَ جي عظيم ليکڪا قرت العين حيدر جو انٽرويو رسالي ”قومي زبان” ۽ فيض احمد فيض جو انٽرويو ڪتاب ”يه صورت گر کچهه خوابون ڪي” تان ترجمو ڪيو ويو آهي. اهڙي ساڳي طرح شيخ اياز جو انٽرويو مظفر چانڊئي جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪرندڙ رسالي ”پروڙ“ تان کنيو ويو آهي.
    بهرحال آخري فيصلو پڙهندڙ جي هٿ ۾ آهي ته اهو هن ڪتاب کي ڪيئن ٿو قبول ڪري.
    آخر ۾ آئون امين ابڙو، امداد حسيني، سحر امداد، ولي رام ولڀ، طارق عالم ابڙو، رضيه طارق ابڙو، اسلم عزيز، ساجد ميمڻ ۽ علي نواز گهانگهرو جو ٿورائتو آهيان، جن هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي.


    عبدالقادر جوڻيجو
    23 مارچ 1998ع


    پئبلو نيروُدا

    پئبلو نيروُدا تاريخ 12 جولاءِ 1904ع تي ڏکڻ چليءَ ۾ ڄائو. جڏهن جوان ٿيو ته چلي سرڪار سندس ذهانت ۽ علم کي نظر ۾ رکندي، کيس سفارتي نمائندو (ڪائونسلر) مقرر ڪيو ۽ هو اسپين کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفارتي نمائندو ٿي رهيو. 1945ع جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سينيٽر ٿي چونڊاڻو. 1947ع ۾ واپس وطن موٽي آيو. 1970ع جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان صدارتي اُميدوار بڻيو، پر پنهنجي دوست اُلندي جي حق ۾ هٿ کنيائين.
    سندس پهريون نظم 15 ورهين جي ڄمار ۾ ڇپيو. ان بعد سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. جن مان سندس شاعريءَ جو مجموعو “Twenty love poems and song of despair” تمام گهڻو مقبول ٿيو. اهو مجموعو 1924ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جون چوويهه لک ڪاپيون وڪاڻيون. سندس شاعري تڏهن چوٽ تي پهتي، جڏهن سندس شاهڪار مجموعو `General Song` 1950ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ مجموعي تي کيس ڪيترائي اعزاز مليا. 1971ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪيائين. 23 سيپٽمبر 1973ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. هي انٽرويو 1971ع جي سياري جي مند ۾ ورتو ويو.


    انٽرويو

    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجو اصلي نالو بدلائي ”پئبلو نيرودا“ سڏائڻ جو ڪارڻ؟
    پئبلو نيرودا: آئون تيرهن يا چوڏهن سالن جو هوس جو مون ليکڪ بڻجڻ چاهيو. بابي کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. سندس خيال هو ته منهنجو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته آئون ليکڪ نه بڻجان. جيڪڏهن ليکڪ بڻبس ته نه رڳو منهنجي تباهي ٿيندي، پر گهر به ڦٽندو ۽ سڄي حياتي، ائين ئي بي ڪمي گذري وينديم. بابي جي انهيءَ سوچ جا ڪجهه گهرو ڪارڻ هئا، پر مون تي سندس ڳالهين ڪو به اثر ڪو نه ڪيو ۽ آئون ليکڪ بڻجي ويس. البت ايترو سو ڪيم جو بابي جي ڊپ کان اصلي نالي جي بدران هٿرادو نالي ’پئبلو نيرُودا‘ سان لکڻ شروع ڪيم.
    انٽرويو وٺندڙ: نيرودا نالي هڪ چيڪ شاعر پڻ ٿي گذريو آهي. اوهان ڪٿي کانئس متاثر ٿي ته پنهنجو نالو ’نيرودا‘ ته نه رکايو!
    پئبلو نيرودا: سندس شاعري، مون نه پڙهي آهي، البت ڪهاڻيون پڙهيون اٿامنس. سندس ڪتاب Stories from Mala Strana پڙهيو اٿم. اهو ڪتاب پراگ جي هڪڙي پاڙي جي چڱن مڙسن جي باري ۾ لکيل آهي. ممڪن آهي ته کانئس ئي متاثر ٿي پاڻ تي نيرودا نالو رکايو هجيم، پر چڱيءَ طرح ياد ڪو نه اٿم ته ڪو واقعي اهو ڪارڻ هو. بهرحال چيڪ قوم جا ماڻهو مون کي پنهنجو سمجهندا آهن. هو اهو ئي سمجهندا آهن ته آئون ڪو ڌاريو نه پر سندن ئي قوم مان آهيان. چيڪن سان منهنجا ڏاڍا گهاٽا ۽ سُٺا لاڳاپا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: چليءَ جو صدر چونڊجي وڃڻ کانپوءِ به لکڻ جي سلسلو جاري رهندو؟
    پئبلو نيرودا: لکڻ مون لاءِ ائين آهي جيئن ساهه کڻڻ، جيئن آئون ساهه کڻڻ بنا جيئرو نه رهي سگهندس ائين آئون لکڻ بنا به جيئرو رهي نه سگهندس.
    انٽرويو وٺندڙ: اهڙا شاعر سُجهنو جن شاعريءَ سان گڏوگڏ وڏا سياسي عهدا ماڻڻ چاهيا هجن، عهدا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا هُجن؟
    پئبلو نيرودا: هي دور حڪمران شاعرن جو دور آهي. مائوزي تنگ ۽ هوچي منهه جا مثال سامهون آهن. مائوزي تنگ ۾ ته شاعريءَ ۽ حڪمرانيءَ کانسواءِ ٻيون به خوبيون آهن. مثلن: هو وڏو تارُو آهي. پر مون کي ترڻ صفا ڪو نه اچي. ليو پولڊ سنگهور شاعر هئڻ سان گڏ سينيگال جو صدر پڻ آهي. سر ريئلسٽ شاعر ايمي سيزائر به ميئر جي عهدي تي فائز آهي. خود اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ شاعرن جو سياست ۾ وڏو عمل دخل رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪو صدر بڻجي نه سگهيو آهي. رومو گاليگوس به ته وينزو ويلا جو صدر رهي چُڪو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي صدارتي چونڊن واري مهم ڪيئن هلي رهي آهي؟
    پئبلو نيرودا: سڄيءَ مهم جي پڪي رٿا ٿيل آهي. جلسي شروع ٿيڻ وقت پهرين لوڪ گيت ڳايا ويندا آهن ان بعد ڪو ذميوار ماڻهو اسٽيج تي اچي خالص سياسي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهائيندو آهي، جيڪي گهڻو ڪري شاعراڻا ۽ آزاد هوندا آهن. آئون آزاديءَ سان ڳالهائيندو آهيان، منهنجا خيال ايترا منظم نه هوندا آهن. تقرير جيءَ آخر ۾ پنهنجو ڪلام پڙهندو آهيان. انهن جلسن ۾ آئون پنهنجو ڪلام نه پڙهان ته ماڻهو مايوس ٿي ويندا آهن. مڃان ٿو ته ماڻهن کي شاعريءَ کانسواءِ منهنجن خالص سياسي ويچارن ٻڌڻ جو به شوق هوندو، پر آئون سياسي ۽ اقتصادي پهلوئن تي ايترو زور ڪو نه ڏيان، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي سياست ۽ اقتصاديات کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه گهرجي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: سياسي جلسن ۾ اوهان جڏهن پنهنجو ڪلام پڙهندا آهيو ته انهيءَ وقت ماڻهن جو ردعمل ڇا هوندو آهي؟
    پئبلو نيرودا: ماڻهو مون سان جذباتي حد تائين پيار ڪندا آهن. ايتريقدر جو ماڻهن جي ڳاهٽ کان بچڻ خاطر مون لاءِ خاص پهريدارن جو ٽولو مقرر ٿيل آهي. اهي پهريدار مون کي ماڻهن جي ڳاهٽ مان ڇڪي نه ڪڍن ته ڪر پيسجي وڃان، جتي وڃان ٿو اُتي اها حالت آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان کي جيڪڏهن چليءَ جي صدارت ۽ نوبل انعام مان ڪا هڪ شيءِ چونڊڻي پوي ته ڇا چونڊيندو؟
    پئبلو نيرودا: اهو ته سوال ئي اجايو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر فرض ڪريو ته اوهان جي سامهون ٽيبل تي هڪ طرف صدارت ۽ ٻئي طرف نوبل انعام رکيا وڃن ته پوءِ؟
    پئبلو نيرودا: ته پوءِ آئون انهيءَ ٽيبل اڳيان اُٿي ٻيءَ ٽيبل اڳيان وڃي ويهان.
    انٽرويو وٺندڙ: سيموئل بيڪٽ کي جيڪو نوبل انعام مليو آهي، اُهو حق تي مليو آهي؟
    پئبلو نيرودا: بلڪل حق تي مليو آهي. سندس لکڻيون مختصر پر وڏي معنيٰ ٿيون رکن. نوبل انعام جنهن کي به مليو آهي، حق تي مليو آهي. اهو انعام ادب لاءِ وڏو اعزاز آهي. آئون انهن ماڻهن مان نه آهيان جيڪي خلق ۾ دانهيندا ڦِرندا آهن ته فلاڻي يا فلاڻي کي غلط انعام مليو آهي. هن انعام جي جيڪا وڏي اهميت آهي، اُها آهي ته انهيءَ انعام ليکڪ جيءَ ذات کي وڏو مان ڏنو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪي اهڙيون يادگيريون جيڪي وسريو نه وسرن؟
    پئبلو نيرودا: مون جيڪي ڏينهن اسپين ۾ شاعرن جي سنگت ۾ گذاريا، اُهي وساريا نٿا وسرن. ايڏي ڀائپي، ايڏو پيار ۽ هڪ ٻئي سان ايترو سٻنڌ هتي اسان جي هن ليٽن آمريڪن دنيا ۾ ڪٿي آهي! جڏهن اسپين ۾ خانه جنگي لڳي ته منهنجا ڪيترائي شاعر دوست هڪڙو هڪڙو ٿي تباهه ٿي ويا. اهو وقت ڏاڍو ڏکن ڀريو هو. اها خانه جنگي فاشسٽ داٻي ۽ ظلم جو بدترين ۽ حقيقي مثال هئي. سڀ يار پن پن ٿي ويا. لورڪاس ۽ هرنينڊز جهڙا جُنگ جوان اسپين ۾ ئي ماريا ويا. ڪي ٻيا دوست جلاوطن ٿي پرديس ۾ گذاري ويا ۽ ڪي اڃا به جلاوطنيءَ ۾ آهن، منهنجي زندگيءَ جو اهو دور واقعن سان ڀريو پيو آهي. اهو دور مون لاءِ وڏو جذباتي دور هو، جنهن منهنجي زندگيءَ جا رُخ بدلائي ڇڏيا.
    انٽرويو وٺندڙ: هن وقت اسپين ۾ گهڙڻ جي اوهان کي اجازت آهي؟
    پئبلو نيرودا: اسپين سرڪار طرفان هن وقت مون تي ڪا به پابندي نه آهي، هڪ ڀيرو اُتي جي چليءَ جي سفارتخاني طرفان ڪلام پڙهڻ جي دعوت ملي چڪي اٿم. ممڪن آهي ته اسپين وارا ڪلام پڙهڻ کان به مون کي نه روڪين، پر آئون اسپين وڃڻ نٿو گهُران. ڇاڪاڻ ته اتي ويس ته پوءِ اسپين وارن کي پنهنجي جمهوريت جو دُهل وڄائڻ جو موقعو ملي ويندو ته ”ڏسو اسان وٽ ايتري جمهوريت آهي، جو جيڪي اسان سان وڙهيا انهن کي به ملڪ اندر ڪلام پڙهڻ جي اجازت آهي.“ ڪيترن ئي ملڪن ۾ منهنجيءَ داخلا تي پابندي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئون پاڻ ڪو نه وڃان. اڳي پابنديءَ تي مون کي باهيون وٺي وينديون هيون، پر هاڻي انهيءَ ڳالهه کي ليکيان ئي ڪو نه.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان پنهنجي هڪري نظم ۾ لورڪا جي دکدائڪ موت جي پيشنگوئي ڪئي هئي، جيڪا اڳتي هلي سچي ثابت ٿي. اهو ڇا آهي؟
    پئبلو نيرودا: ها! اها عجيب حقيقت آهي. لورڪا ايڏو ته خوش باش ماڻهو هو، ايڏو ته کلڻو کڙڪڻو ماڻهو هو، جو سندس مثال ئي ملڻ مشڪل آهي. وڏو اوتار قسم جو ماڻهو هو. سندس زندگيءَ کي ڪامياب زندگي ته نٿو چئي سگهجي، پر جندڙيءَ سان ڏاڍو پيار هوس. هن پنهنجي جيون جي پل پل جو رَسُ چوسي خوش گذاريو. اهڙي ماڻهوءَ کي بي ڪفنون ڪري مارڻ فاشزم جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. جيڪو يا عمر بخشي نٿو سگهجي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان پنهنجي اڪثر نظمن ۾ لورڪا سان گڏوگڏ هر نينڊز کي به ڏاڍو ڳايو وڄايو آهي نه؟
    پئبلو نيرودا: هرنينڊز مون کي پنهنجي پٽ وانگيان هو. هو منهنجو پوئلڳ هو ۽ رهندو ئي منهنجي گهر ۾ هو. کيس جيل موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته سرڪار لورڪاس جي موت جو جيڪو افسانو گهڙيو هو، هُن اهو افسانو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فاشسٽ سرڪار لورڪا جي موت جو جيڪو ڪارڻ ٻڌايو هو، اُهو جيڪڏهن سچو هو ته پوءِ هرنينڊز کي جيل ۾ ڇو رکيائون ۽ هتان چليءَ جي حڪومت اسپين جي حڪومت کي استدعا ڪئي هئي ته هرنينڊز کي اسپتال ۾ رکيو وڃي، پر اسپين سرڪار اها گذارش رد ڪري ڇڏي. آخر اها گذارش ڇو رد ڪيائون ۽ انهيءَ جو مطلب ته هرنينڊز جو موت به قتل ئي هو.
    انٽرويو وٺندڙ: انڊيا جون ڪجهه يادگيريون؟
    پئبلو نيرودا: انڊيا وڃي مون کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو جن لاءِ آئون ذهني طور تي تيار ئي نه هوس.، انهيءَ اوپري کنڊ جي وايو منڊل مون کي ٻوڙي وڌو. اڄ به جڏهن اهو وقت ياد ڪندو آهيان ته مايوسي ويڙهي ويندي اٿم. ڇاڪاڻ جو اُتي جيڪو وقت گذاريم اُهو تنهائيءَ جو هڪڙو ڊگهو وقت هو. ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو هوم ته آئون ڪا اهڙي شاندار رنگين فلم ڏسي رهيو آهيان جنهن جو ڪو ڇيهه اچڻو ئي نه آهي ۽ نه ئي وري اڌ فلم مان اُٿڻ جي اجازت اٿم. ڏکڻ آمريڪا مان يا ٻين ٻاهرين ملڪن مان جيڪي ماڻهو انڊيا ويندا آهن، انهن جو گهڻو تڻو مقصد روحاني تجربن مان گذرڻ هوندو آهي. اهي ماڻهو اتي وڃي روحاني راز ڳوليندا آهن ۽ مذهبي سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ ويندا آهن ته من ڪو نئين رنگ ڍنگ ۾ ڇوٽڪارو ملين. انهن ماڻهن جي ابتڙ مون کي وري اُتي جي سماجي حالتن پاڻ ڏانهن ڇڪيو. انڊين هڪ مايوس، بي هٿيار ۽ بي سهارا قوم آهي، جنهن جي وات تي بيٺڪيت جا اياڻ لغام چڙهيل آهن. انگريزي ثقافت لاءِ منهنجيءَ دل ۾ عزت هُئي پر انڊيا ۾ انهيءَ ثقافت جيڪو رنگ ڏيکاريو آهي ۽ هندستانين سان جيڪا حالت ڪئي، اُها ڏسي منهنجيءَ دل ۾ انگريز ثقافت لاءِ نفرت پيدا ٿي ويئي. اتي جيتوڻيڪ آئون سفارتي پوسٽ تي هوس پر تڏهن به مون اتي جي باغي نوجوانن سان تعلقات قائم ڪري ڇڏيا ۽ ڪيترن ئي انقلابين کي سڃاڻڻ لڳس. اهي انقلاب ئي هئا جن اڳتي هلي وڏي تحريڪ هلائي پنهنجو ملڪ آزاد ڪرايو.
    انٽرويو وٺندڙ توهان جيڪو نظم Residence on Earth لکيو، انهيءَ جو پس منظر شايد هندستان ئي آهي؟
    پئبلو نيرودا: جي ها. جيتوڻيڪ ادبي سطح تي هندستان مون تي ايڏو اثر ڪو نه ڇڏيو، تڏهن به اهو نظم لکيم.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان ارجنٽائين ۾ هيڪٽر اياندي ڏانهن جيڪي دل کي جهٻيون ڏيندڙ خط لکيا، اُهي هندستان مان ئي لکيا هئا؟
    پئبلو نيرودا: جي ها. اهي خط منهنجي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته آئون جڏهن انڊيا ۾ تنهائيءَ جا جيڪي ڊگها ڏينهن گذاري رهيو هوس، انهن ڏينهن ۾ اياندي ،مونکي خط پٽ لکي لئٽن آمريڪا جا حال احوال ڏيندو هو، رسالا ۽ ڪتاب موڪليندو هو. جيتوڻيڪ مون سان ڪا ذاتي واقفيت به ڪانه هئس، انهيءَ زماني ۾ مون کي دل ۾ اهو خوف اچي ويٺو ته ملڪ کان سالن جا پري رهڻ ڪري متان پنهنجي ٻولي وساري نه ويهان، سالن جا سال ڪو اسپيني ٻولي ڳالهائڻ وارو نه ملندو هو. هڪڙي خط ۾ ته اياندي کي اهو به لکيم ته مون کي اسپيني زبان جي ڊڪشنري موڪلي ڏي. تنهن کان سواءِ اتي جيڪا منهنجي نوڪري هئي اها گهٽ پگهار واري هئي. جنهن مان منهنجي پورت ڪانه ٿيندي هئي. جو هفتن جا هفتا ماڻهن جو منهن ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو هوم.
    انٽرويو وٺندڙ: اتي اوهان جي جوزي بلس سان به ته عشق هليو هو اوهان پنهنجن ڪيترن ئي شعرن ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي؟
    پئبلونرودا: جي ها، جوزي بلس منهنجيءَ شاعريءَ تي اڻ مٽ چٽ ڇڏيا آهن، آئون کيس سدائين ياد ڪندو رهندو آهيان، پنهنجن تازن ڪتابن ۾ به کيس ياد ڪيو اٿم.
    انٽرويو وٺندڙ : انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان جي شاعريءَ ۽ اوهان جي ذاتي زندگيءَ جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ آهي؟
    پئبلو نيرودا: اها ته قدرتي ڳالهه آهي. شاعر جي شاعريءَ تي شاعر جي ذات جا پاڇا ته پوڻا ئي آهن. اهو ته شاعري جو توڙي زندگي جو قاعدو آهي.

    انٽرويو وٺندڙ: توهان جون لکڻيون عمر جي لحاظ کان مختلف مرحلن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون نه؟
    پئبلو نيرودا: خبر ناهي شايد مرحليوار ورهائي به سگهجي. اهو ڪم منهنجي بدران ڪو نقاد ئي بهتر ڪري سگهي ٿو. ها، جيڪڏهن مون کي ئي اهي مرحلا بيان ڪرڻا پون ته اهي شايد هن طرح ٿين ته منهنجي جنهن ڪلام ۾ ٻاراڻا خيال هجن اهي ٻاروتڻ ۾ لکيا هجنم. جنهن ڪلام ۾ ڳڀرو پڻو هجي اهو جواني ۾ لکيو هجيم. جنهن ڪلام ۾ مايوسي هجي اهو ڪلام تڏهن لکيو هجيم، جڏهن ڏکن ڏوجهرن مان گذريو هجان. جنهن ڪلام ۾ ويڙهاند هجي اهو سياسي جدوجهد دوران لکيون هجيم. پر منهنجي موجوده ڪلام ۾ به اهي سڀ لاڙا موجود آهن، مون کي سدائين منهنجي اندر جو ماڻهو لکائيندو آهي، منهنجو خيال آهي ته سڀني ليکڪن کان سندن اندر جو ماڻهو لکائيندو. آهي، تنهن ۾ شاعري ته صفا داخلي هوندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان کي هڪ ڀيرو هلندي ڪار ۾ لکندي ڏٺم.
    پئبلو نيرودا: جتي به جڏهن به وجهه ملندو اٿم ته لکندو آهيان. آئون ته سدائين لکندو رهندو آهيان.
    انٽرويو ويندڙ: توهان پنهنجو ڪلام هر وقت پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکندا آهيو يا ڪڏهن ڪڏهن، ٽائيپ رائيٽر به استعمال ڪندا آهيو؟
    پئبلو نيرودا: هڪ ڀيري هڪ حادثي ۾ هٿ ڦٽائي ويٺس ۽ ڪيترائي مهينا ٽائيپ رائيٽر جو استعمال ڪيم پر اهو مزو نه آيو، جيڪو هٿ سان لکڻ ۾ آيو، جيڪا شيءَ هٿ اکرن ۾ لکي سگهجي ٿي اها شيءَ ٽائيپ رائيٽر پيدا ڪري نٿو سگهي. هٿ سان لکيل ڪلام جو تاثير پيدا ٿئي ٿي، سو جڏهن ٻيهر هٿ سان لکڻ شروع ڪيم ته لڳم ته پنهنجي شاعريءَ سان ٻيهر پنهنجائپ پيدا ڪري چڪو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: لکڻ جا ڪي خاص وقت؟
    پئبلو نيرودا: ڪو خاص وقت مقرر نه ڪيو ڪونه اٿم. هونئن صبح جي پهر لکڻ وڻندو اٿم، ائين کڻي سمجهه ته هن وقت جيڪڏن تون هتي منهنجو ۽ پنهنجو وقت خراب نه ڪندو هجين نه ڪو آئون لکڻ ۾ لڳو پيو هجان ها. ڏينهن جو آئون ايترو گهڻو ڪونه پڙهان بلڪه ڏينهن جو پڙهڻ جي بدران لکندو رهندو آهيان. منهنجو اهو لکڻ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن مون وٽ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي. اندر جو ٿانءُ ڀريل هوندو يا عرف عام ۾ ائين کڻي چئه ته جڏهن مون کي لکڻ لاءِ اتساهه ٿيندو آهي. لکي جڏهن کيس ڪندو آهيان ته انهيءَ کانسواءِ سڄو سڄو ڏينهن ڊيسڪ تي خالي ويٺي ويٺي به مزو نه ايندو آ. زندگي جي مامرن کي منهن ڏيڻ، گهر جا ڪم ڪاريون ڇڏائڻ ۽ قدرت جي رنگن تي ويچارڻ به منهنجا دلپسند شغلا آهن، انهن ڪم ڪارين جي باوجود جڏهن به ۽ جتي به لکڻ جي خواهش من ۾ اڀرندي اٿم ته سڀ ڪجهه نظر انداز ڪري لکڻ ۾ لڳي ويندو آهيان. چوطرف ڀلي ڪيترائي ماڻهو ويٺا ڳالهيون ڪن، پر جڏهن لکڻ تي ايندو آهيان ته بنا مُنجهڻ جي لکندو رهندو آهيان.
    انٽريو وٺندڙ: توهان جڏهن لکڻ تي ايندا آهيون ته چوڌاري متل محفل کان صفا ڪٽجي ويندا آهيو؟
    پئبلو نيرودا: جي ها، البت ائين ٿيندو آهي ته چوڌاري ويٺل ماڻهو ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو چپ ٿي وڃن ته پوءِ مُنجهي پوندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان نثر لکڻ تي ايترو ڌيان ڇو نه ڏنو آهي؟
    پئبلو نيرودا: نثر.....! مون پنهنجي سڄيءَ حياتي ۾ نظم کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. نثر ذريعي اظهار ڪرڻ جو ايترو شوق نه اٿم. ها! البت ڪو خاص قسم جو واقعو بيان ڪرڻو هجيم يا ڪن خاص جذبن جو اظهار ڪرڻو هجيم، جيڪي سولائيءَ سان نثر ۾ بيان ٿيڻ جهڙا هجن ته پوءِ آئون بيانيه نثر لکندو آهيان. باقي حقيقت ته اها آهي ته نثر لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم. ڪڏهن ڪڏهن عارضي طور تي نثر به لکڻو ٿو پوي.
    انٽرويو وٺندڙ: سمجهو ته اوهان جي گهر کي باهه لڳي پوي ته ڇا اوهان ٻين سڀني شين کان اڳ پنهنجي لکڻين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا؟
    پئبلو نيرودا: نه، پنهنجين لکڻين کي بچائي ڇا ڪندس، انهيءَ وقت منهنجي گهر ۾ ڪا ڇوڪري هجي ته ڪر سڀني کان پهرين انهيءَ کي بچايان، ٻئي نمبر تي گهر ۾ پيل جاسوسي ناول بچايان. مون کي منهنجيءَ شاعريءَ کان وڌيڪ جاسوسي ناول وندرائيندا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: اهي ڪهڙا نقاد آهن جن اوهان جون لکڻيون بهتر طريقي سان سمجهيون هجن”
    پئبلو نيرودا: ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پُڇين، نقادن جون! دنيا ۾ جيڪا به نفرت موجود آهي، جيڪو به پيار موجود آهي. اها نفرت ۽ محبت دل ۾ ڌاري منهنجي نقادن لکي لکي منهنجا ذرا پرزا ڪري ڇڏيا آهن. اوهان پنهنجين تخليقن يا پنهنجي عملن مان سڀني ماڻهن کي ته خوش ڪري ئي نٿا سگهو. اها صورتحال ٻئي هنڌ به هوندي، پر اسان وٽ ته اڻهيڻي موجود آهي. شاعر نصيب ۾ سجھي زندگي چميون ۽ ٿڦڙون، ڀاڪر ۽ ٿڏا آهن، ئي آهن. مون کي جيڪي ڳالهيون به تنگ ڪنديون آهي، اهي آهن شاعريءَ جو غلط مطلب بيان ڪرڻ ۽ زندگي جي واقعن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ.
    مثلا‘ PEN ڪلب وارن نيويارڪ ۾ اديبن ۽ شاعرن جو وڏو ميڙ سڏايو، جنهن ۾ مختلف ملڪن مان مختلف نظرين جا اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا، مون به اتي پنهنجا سماجي نظم پڙهيا. اهي نطم ڪيوبا ڏانهن منسوب ٿيل هئا ۽ ڪيوبا جي انقلاب جي حمايت ۾ لکيل هئا، پر ٿيو ائين جو ڪيوبا جي ليکڪن گڏيل صحيحن سان لکن ڪاپين جي تعداد ۾ منهنجي خلاف بيان ڪڍيو ته منهنجا نظريا مشڪوڪ آهن ۽ آئون آمريڪا جو ڇاڙتو آهيان. اهي الزام هڻي هنن مون کي پنهنجي برادريءَ مان خارج ڪري ڇڏيو. مون تي اهو الزام به هنيو ويو ته آمريڪا وارن مون کي ورسائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ گهرايو آهي. الزامن جي ڪابه حد ٿيندي آهي. حالانڪه انهيءَ ساڳئي ميڙ ۾ سوشلسٽ ملڪن جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر گڏ ٿيا هئا. خود ڪيوبا جي اديبن اها دعوت قبول ڪئي هئي. نيويارڪ وڃي اتي ادبي ميڙ ۾ ڪلام پڙهڻ سان ڪو ماڻهو غدار ۽ سامراجي ٿي پوي ٿو، اها ڳالهه اڄ تائين مون کي سمجهه ۾ نه آئي. ڪيوبا جي اديبن اهو بيان يا ته اٻهرائيءَ مان ڪڍيو هو يا ته وري سندن عقيدي ۾ ڪا کوٽ هئي. هن وقت چليءَ ۾ پارٽيءَ جو مون کي صدارتي اميدوار بڻايو ويو آهي. ان مان ئي ظآهر آهي ته آئون انقلابي آهيان. جن ماڻهن انهيءَ بيان تي صحيحون ڪيون، انهن منهنجي انقلابي ڪم جي سوين پتيءَ جيترو به ڪم نه ڪيو آهي. آئون انقلاب لاءِ وڙهيو آهيان، اها سڄي دنيا کي خبر آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي جيڪا مالي حيثيت آهي يا جنهن ٺٺ سان اوهان زندگي گذاريو ٿا انهيءَ تي به ڪافي تنقيد ٿي آهي؟
    پئبلو نيرودا: اهي سڀ ڳالهيون هٿ سان گهڙيءَ پوءِ مشهور ڪيل آهن، اسان وٽ هتي جيڪو به ماڻهو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ ڪارنامو ڏيکاري حاصل ڪندو آهي، اسان جا ماڻهو انهي کي ٽنگ مان جهلي هيٺ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اها روايت اسان ماڻهو اسپين مان کڻي آيا آهيون. ڪولمبس هيڏو سارو ڪارنامو ڪري جڏهن واپس اسپين پهتو ته موٽ ۾ کيس سنگهرون مليون. اها عادت اسان پنهنجي وچولي طبقي مان پرائي آهي. انهيءِ طبقي جو ماڻهو هميشه اهو سوچيندو آهي ته ”فلاڻو جيڪو ڪارنامو ٿيو آهي، اهو فلاڻي ماڻهوءَ ڇو ڪيو آهي، مون ڇو نه ڪيو آهي !” مون پنهنجي سڄي حياتي عوام سان گڏ وڙهندي گذاري آهي. منهنجي گهر ۾ ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڌوڙ آهي، اهي ڪتاب به مون پنهنجين لکڻين جيءَ ڪمائيءَ مان ورتا آهن، ڪنهن جو استحصال ڪونه ڪيو اٿم، اجايو الزام ٿا مڙهين، هنن جيڪي مون کي مهڻا ڏنا آهن، اهڙا مهڻا هنن انهن ليکڪن کي ته ڪڏهن ڪونه ڏنا، جيڪي ڄائي ڄم کان امير ڪبير آهن، هو اهڙي شاعر تي الزام مڙهي رهيا آهن، جنهن پورا پنجاهه سال خدمتون ڪري نالو ڪمايو آهي.
    اهي ماڻهو سدائين هاءِ گهوڙا ڪندا نظر ايندا ته ”ظلم ته ڏسو نيرودا ڪهڙي نه ٺٺ سان زندگي گذاري رهيو آهي، سمنڊ جي ڪناري تي بنگلو اٿس، اتي ويهي سٺو شراب ٿو پيئي.” وغيره وغيره. ”اڙي بابا چليءَ جو شراب آهي ئي سٺو ته آئون ڇا ڪريان؟” اهڙين بيوقوفين جي ڳالهين کي ڪير جهلي، دراصل اسان جو ملڪ اڃا پوئتي پيل ملڪ آهي، ساڙ، حسد ۽ سطحي ذهنيت جهڙيون بيماريون اهڙن ملڪن ۾ هونديون ئي هونديون آهن. تو پاڻ کي ٻڌايو هو ته آمريڪا جي هڪڙي رسالي نامن ميلر کي ٽن مضمونن جو اجورو 90 هزار ڊالو ڏنو، هتي ليٽن آمريڪا ۾ جيڪڏهن ڪنهن اديب کي ايترو معاوضو ملي ته ڪر هتان جا اديب ٽانڊا ٿي وڃن ۽ جيئڻ حرام ڪري ڇڏين. حالانڪه هئڻ ته ائين کپي ته ٻيا اديب خوش ٿين ته واهه ليکڪ جي ذات کي ايڏو مان مليو آهي. بس ائين سمجهه ته هاءِ گهوڙا ڪرڻ جي عادت رڳو عادت نه آهي، پر اسان جي بدقمستي به آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان ڪميونسٽ پارٽي ۾ آهيو، انهيءَ ڪري اهي الزام وڌيڪ شدت ٿا رکن، نه؟
    پئبلو نيرودا: بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي اٿئي، مون هر وقت خطرو سر تي کنيو آهي، منهنجو سر منهنجو گهرُ، منهنجا ڪتاب سڀ داءُ تي لڳل آهن، منهنجو گهر ساڙيو ويو، مون سان جُٺيون ڪيون ويون، مون کي ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ رکيو ويو، مون کي جلاوطن ڪيو ويو. منهنجي زبان بند ڪئي ويئي، هزارن جي منهن پوليس منهنجي پويان بڇي ويئي، مون گهڻو ڪجهه سَٺو آهي جيڪي ڪجهه مون سان ٿيو آهي، اُهو انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو آئون عوام سان ويڙهه ۾ گڏ آهيان. جيڪو گهر ڏسين پيو اهو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حوالي ٿيل آهي. اِها ته پارٽيءَ جي مهرباني آهي جو آئون اُتي ٽڪيو پيو آهيان. انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کي مِهڻا ڏيڻا آهن، الزام هڻڻا آهن ته پيا هڻن.
    انٽرويو وٺندڙ: اڳ اوهان جي لئبريري يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڪئي. هاڻي ٻڌڻ ۾ پيو اچي اوهان ايسلاناگرا جي علائقي ۾ ليکڪن جي ڪالوني ٺهرائڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي آهي؟
    پئبلو نيرودا: نه رڳو لئبريري پر انهيءَ کان سواءِ ٻيا به گهڻا سارا ڪتاب مفت ۾ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيا اٿم. منهنجي لکيل ڪتابن مان جيڪا مون کي آمدني ٿئي ٿي منهنجو گذر سفر انهيءَ آمدني تي آهي. انهيءَ آمدنيءَ مان هيل تائين آئون پاڻ لاءِ ڪجهه به بچائي نه سگهيو آهيان. هن وقت تائين ٻيو ڪجهه به نه آهي. سواءِ ڪتابن مان آمدني جي، جيڪا هر مهيني ٿيندي اٿم. تازو انهيءَ آمدنيءَ مان سمنڊ جي ڪناري تي زمين جو ٽڪر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته جيئن اڳتي هلي اديب دوست اونهاري جي مند ۾ اُتي وقت گذارين ۽ خوبصورت ماحول ۾ تخليقي ڪم ڪن. انهيءَ رٿا کي ڪئنٽئلو فائونڊيشن جو نالو ڏبو ۽ ڪئٿلڪ يونيورسٽي، يونيورسٽي آف چلي ۽ سوسائٽي آف رائيٽرس جا نمائندا انهيءَ فائونڊيشن جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيندا.


    قرة العين حيدر

    هر ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجي من اندر جو سارو احوال اهڙي خوبصورت انداز ۾ ڪري وڃي، جو پڙهندڙ/ٻڌندڙ دنگ رهجي وڃي. ليڪن هر ڪنهن سان ائين ٿيندو ناهي! ۽ جن جي حصي ۾ وري اهو سڀ ڪجهه ايندو آهي، اُهي وڏا خوشنصيب ليکيا ويندا آهن. قرت العين حيدر اهڙن ئي خوش قسمت ماڻهن منجهان آهي، جنهن جيڪي لکيو، چيو ۽ ٻڌايو، سو سڀني جي جيءَ ۾ رات راڻيءَ جي مڌر خوشبوءَ جيان پکڙجي ويو. قرت العين حيدر جنهن کي پيار مان عيني آپا به چيو ويندو آهي. سا اردوءَ جي چند آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿي. هُن لکڻ جي شروعات 1944ع ۾ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ستارون سي آگي“ 1947ع ۾ ڇپيو ۽ ان ئي سال سندس پهريون ناول ”ميري ڀي صنم خاني“ پڻ ڇپجي منظر عام تي آيو. جيتوڻيڪ عيني آپا لکڻ ۾ ڪهاڻين، ناولن، ناوليٽن، رپورٽيج سان گڏ آتم ڪٿا به لکي آهي ۽ جن سڀني ئي گڏجي کيس هڪ قدآور ادبي شخصيت بڻايو آهي. ليڪن انهن سڀني مان وري هُن جو 1958ع ۾ ڇپيل ناول ”آگ ڪا دريا“ کيس مشهوريءَ جي بنهه ئي بلندين تي وٺي ويو. هن ناول جا هندستان جي چوڏهن ٻولين ۽ روشي ٻوليءَ کان سواءِ، دنيا جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ بيشمار ترجما شايع ڪيا ويا آهن.
    قرت العين حيدر کي تاريخ سان بيپناهه دلچسپي آهي، ان ڪري ئي هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ تاريخ کي خوبصورت انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ٿي ۽ پڙهندڙ ان بهاني تاريخ جي مضمون کي پڙهڻ ڏانهن ڇڪجڻ لڳن ٿا.
    قرت العين حيدر جيڪا 1927ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ڄائي ۽ 1947ع ۾ لکنؤ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين، تنهنجو ادب ۽ تاريخ ڏانهن لاڙو فطري هو، ڇاڪاڻ ته سندس پڙڏاڏو انگريزن سان 1857ع جي آزادي واري جنگ ۾ وڙهيو هو ۽ پڻس سجاد حيدر يلدرم وري ’نوجوان ترڪ هلچل‘ ۾ شامل هو. جيڪو نه رڳو پرجوش نوجوان هو، پر هو اردوءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار به هو. اِن کان وڌيڪ اِهو ته عيني آپا کي مٺيون مٺيون لوريون ٻڌائيندڙ سندس ماءُ به، هڪ حساس دل رکندڙ ناول نگار هئي.


    قرت العين حيدر

    پينل انٽرويو

    حسن رضوي: اڄ پاڻ هتي اردوءَ جي نامياري ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار قرت العين حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون.
    سجاد حيدر ملڪ: آئون اديءَ عينيءَ کان هڪڙو روايتي سوال پڇڻ ٿو گهُران سندس تعلق علم ۽ ادب جي وڏي گهراڻي سان آهي. توهان ناول نگاريءَ ۾ وڏو مانُ ماڻيو آهي. شاعريءَ جي پاسي ڌيان ڇو نه ڏنوَ؟
    قرت العين حيدر: اهو ته ائين پڇڻ ٿيو، جيئن ڪنهن کان پڇجي ته تو ڪرڪيٽ ڇو کيڏي، فوٽ بال ڇو نه کيڏيئه، جنهن جو لاڙو جيڏانهن هوندو، اهو اوڏانهن ويندو.
    حسن رضوي: اوهان جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پهرئين ئي ڪهاڻيءَ سان اوهان جي سُڃاڻ ٿي ويئي؟
    قرت العين حيدر: مون لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي، ’پهول‘ اخبار ۾، پوءِ ’تهذيب نسوان‘ ۾ لکيم. اهي ڳالهيون آئون پنجويهه ڀيرا ٻڌائي چڪي آهيان. ڪو ٻيو سوال ڪريو.
    حسن رضوي: پر ڪجهه نقان جو خيال آهي ته اوهان جي جيڪا سڃاڻ ٿي، اُها ’آگ کا دريا‘ سان ٿي؟
    قرت العين حيدر: ٺيڪ آهي، ٿي ويئي. بابا معاف ڪريو مون کي، ’آگ کا دريا‘ کي وساري ڇڏيو. منهنجا ٻيا به ڪتاب آهن. انهيءَ ناول تي گهڻي ئي ڳالهه ٿي چڪي آهي. پڙهڻ وارا ته منهنجيون ٻيون تخليقون به پڙهندا آهن، پر نقاد رڳو هڪڙي ئي ڪتاب کي کڻيو بيٺا آهن. هاڻي ته اها ڳالهه ٻڌي ٻڌي منهنجا ڪن پچي پيا آهن.
    حسن رضوي: صرف هڪ ننڍو سوال آهي ’آگ کا دريا‘ جي باري ۾، انهيءَ ناول کي گهڻن نقادن تاريخ ۽ سياست جي حوالي سان قبوليو آهي، اوهان انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيو؟
    قرت العين حيدر: اُهو ته نقادن جي عقل تي ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ آئون ڇا ٿي ڪري سگهان، جنهن حوالي سان کپيوَ تنهن سان وڃي پڙهوس.
    حسن رضوي: هونئن توهان جي راءِ ڇا آهي؟
    قرت العين حيدر: مُون ته ناول لکي ڇڏيو آهي. هاڻي ماڻهن جو ڪم آهي ته وڃي پڙهن ۽ پنهنجا مطلب ڪڍن.
    ڊاڪٽر سليم اختر: ’آگ کا دريا‘ جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه ٿي اچي؟
    قرت العين حيدر: وري ساڳيو ’آگ کا دريا‘.
    ڊاڪٽر سليم اختر: اهو ته اوهان جو بنيادي ڪم ٿيل آهي، انهيءَ تي ته ضرور ڳالهه ٻولهه ٿيندي، پوءِ ڀلي کڻي اوهان کي خراب لڳي؟
    قرت العين حيدر: اوهان ته اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اءهو منهنجو بنيادي ڪم آهي پر منهنجو پنهنجو خيال آهي ته اهو ناول منهنجو بنيادي ڪم ناهي.
    ڊاڪٽر سليم اختر: هڪ تخليق ئي ته شهرت جو ڪارڻ هوندي آهي؟
    قرت العين حيدر: ضروري ناهي ته ليکڪ نقادن جي راءِ کي مڃي ويهي رهي ۽ پوءِ اها راءِ ڪنهن حُڪم وانگر هلندي رهي.
    ابصار عبدالعلي: پوءِ اوهان پنهنجي ڪهڙي ڪم کي بنيادي ڪم سمجهو ٿيون؟
    قرت العين حيدر: انسان لکندو رهندو آهي. ڪا شيءِ سٺي لکندو آهي ته ڪا شيءِ خراب لکندو آهي.
    ابصار عبدالعلي: اوهان پنهنجي ڪهڙيءَ تخليق کي سٺي تخليق سمجهيو ٿيون؟
    قرت العين حيدر: اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: پاڻ ڳالهه کي اڳتي ٿا واڌايون، ان کان پوءِ.....؟
    قرت العين حيدر: اوهان وري ’آگ کا دريا“ تي اچي ويندؤ. ڏسو نه، مون گهڻا سارا افسانا لکيا آهن جن تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. ڪو به ماڻهو اءهو نٿو ڏسي ته ڪهڙن افسانن ڪهڙو ٽرئنڊ شروع ڪيو. ڪهڙي نئين لاڙي اثر ڇڏيا. پر هِتي ’آگ کا دريا‘ جو راڳ هلندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ سياست آهي، انهيءَ ۾ سنسڪرت آهي. انهيءَ ۾ هندو تهذيب آهي. آئون سمجهان ٿي ته اهو ورجاءُ ليکڪ سان بي انصافي آهي.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ادي عينيءَ جا ناول، ناولٽ يا افسانا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي منفرد آهن، جو اها سندس سوچ آهي. هر تخليق کي Conceive ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي ۽ پيش ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي. جيتريقدر ’آگ کا دريا‘ جو تعلق آهي ته اسان اِهو چئي سگهون ٿا ته اِنهيءَ ناول جيءَ ڪُکِ مان گهڻا ناول پيدا ٿيا آهن، گهڻن ماڻهن انهيءَ ناول جي پيروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    قرت العين حيدر: منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ’آگ کا دريا‘ ناول جي ذريعي ’تاريخيت‘ جو لاڙو پيدا ٿيو آهي ته ماڻهو تاريخ کي سمجهن، پر تاريخ کي سمجهڻ لاءِ وري عقل جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. سمجهيو ائين پيو وڃي ته تاريخ سياست کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿي ۽ سياست وري تاريخ کي. ٻه عمل گڏوگڏ پيا ٿا هلن. هندستان ۾ انهيءَ جي چٽائي ٻئي نموني ڪئي ٿي وڃي. اُتي ڌار ڌار حلقن ۾ ڌار ڌار قسم جون معنائون ڪڍيون ٿيون وڃن. اُتي PNO جو ننڍڙو گروپ ڌار آهي ته وري پروفيسر عرفان حبيب جهڙا مارڪسٽ تاريخدان ڌار آهن. هڪڙو گروپ مرحوم صباح الدين عبدالرحمان جو به هو. ڪنهن به ڳالهه تي فتويٰ مڙهي نٿي سگهجي ته اُتي رڳو لاڙو آهي ۽ هُتي پاڪستان سان ڳانڍاپيل پاڪستان جو نظريو آهي. پاڪستان جي سڃاڻ کي ڳولي لهڻ جو جيڪو عمل آهي، ته اِهو سڀڪجهه تاريخيت جو Concept آهي. منهنجي خيال ۾ ’آگ کا دريا‘ ناول انهيءَ معاملي ۾ ٿوري گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ ماڻهن انهيءَ ڍنگ ۾ لکڻ شروع ڪيو. پهرئين طبقاتي ڇڪتاڻ کي چٽڻ جو لاڙو هو. پوءِ عصمت چغتائي ’ٽيڙهي لکير‘ لکي نفسياتي لاڙي جي شروعات ڪئي. گهريلو ڇوڪريءَ ۽ مڊل ڪلاس جي فرسٽريشن تي لکيائين. کانئس اڳ عزيز احمد هندستان جي وچولي طبقي جي پيڙهين لکين نوجوانن جي مغرب جي آمهون سامهون ٿي بيهڻ جي نفسياتي ڪيفيتن تي لکيو. ان کان پوءِ عصمت چغتائي ۽ ڪرشن چندر وٽ هڪ قسم جي غنائيت، رومانيت ۽ ترقي پسندي آئي. انهيءَ سان گڏوگڏ هنن گهڻا سارا سماجي مسئلا اڳيان آندا. انهيءَ دور ۾ اهڙيون گهڻيون شيون اردوءَ ۾ لکيون ويون، جنهن جي شروعات سجاد ظهير جي ڪتاب ’لنڊن کي ايک رات‘ کان ٿي. انهيءَ قسم جي لکڻين کانپوءِ ’آگ کا دريا‘ اچي ٻڙڌڪ مچايو. ڪارڻ اهو ئي هو جو ناول ۾ تاريخيت آهي ته تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ کي اسان ڪيئن پرکيون؟ تاريخ لاءِ اسان کي ڪيئن سوچڻ گهرجي ۽ ڪيئن پيا سوچيون؟ ڪيئن ٿا سوچيو، ته پوءِ اها ڳالهه ته ٿي ويئي نه، ته هيئن سوچيو. ائين انسان اڪيلي سر تاريخ جي آمهون سامهون ٿئي ٿو. هر ماڻهوءَ وٽ لاشعوري طرح پنهنجا پنهنجا مول متا موجود آهن، جنهن ۾ سندس ڀيٽا به اڇي ٿي وڃي. هندستان ۾ گڏ وچڙ سڀيتا جو مامرو موجود آهي. ٻن سڀيتائن ۾ ٻن لساني گهراڻن جي ٽَڪر جو مسئلو هو. يعني ته ترڪي، عربي ۽ فارسيءَ جو ٽڪر هندستاني سڀيتا سان ۽ ٻولين سان ٿيو. انهيءَ ٽڪر مان جيڪي مسئلا پيدا ٿيا، انهن مسئلن کي ڌار ڌار ماڻهن ڌار ڌار طريقن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون پنهنجي انهيءَ ناول ۾ انهيءَ مسئلي کي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئون ڪا باقاعدي تاريخدان ناهيان. مون تاريخ رڳو بي اي تائين پڙهي آهي. مون انگريزيءَ ۾ ايم اي ڪئي پر مون کي شوق هو، انهيءَ ڪري رستو کلي ويو. هت پاڪستان ۾ جيئن ته اهو مسئلو وڏو مسئلو هو. پاڪستان ته بڻجي ويو پر ان کان پوءِ تاريخ جو ڇا ٿئي. پاڪستان ته ائين ٺهيو جو اهو هڪڙو ڪيس هو، جيڪو کٽيو ويو. سياست جي ميدان ۾ ٽي ڌڙا هئا، ڪانگريس، برطانيا ۽ مسلم ليگ. اهو ڪيس قائداعظم کٽيو ۽ پاڪستان جُڙيو. پوءِ اڳتي هلي مسئلا اُٿيا ته اسان ڪيئن هن ملڪ کي ماضيءَ سان ملايون؟ ماضي آهي ڇا؟ انهيءَ ماضيءَ جي معنيٰ اوهان وٽ ٻي آهي ۽ مون وٽ ٻي آهي. مون پنهنجي حساب سان تاريخ جي معنيٰ ڪڍي ڏني. انهيءَ ڪري هتي تاريخ ڏانهن لاڙو پيدا ٿي پيو. منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جا ناول به لکيا ويا، جيئن ڊاڪٽر احسن فاروقيءَ منهنجي جواب ۾ ’سنگم‘ نالي ناول لکيو. جيتوڻيڪ جڏهن ’آگ کا دريا‘ پڌرو ٿيو هو ته ڊاڪٽر فاروقيءَ ناول جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي. سندس هٿ اکر مون وٽ پيا آهن.
    ڊاڪٽر سليم اختر: پر اڳتي هلي هو اوهان جي خلاف ٿي ويو.
    قرت العين حيدر: جي ها. ناول کي سياسي ڳالهوڙو بڻايو ويو. ڪنهن ڪم جي ڳالهه نه هئي. اهـڙيءَ طرح مون جيڪي به لکڻيون لکيون آهن، انهن ۾ مون انسان کي ايڪو بڻائي نه ڏٺو آهي. انسان جي پويان ٻيون ڪئين شيون پنهنجو ڪم ڏيکارين ٿيون. سندن سڀيتا آهي، جيڪو هڪ اجتماعي عمل آهي. اوهان ڪٿي به هليا وڃو، اُتي اِهو نٿا چئي سگهو ته فلاڻي سڀيتا نج آهي. برطانيا جي سڀيتا به نج ناهي.
    ابصار عبدالعلي: نج رهي به نه ٿي سگهي. رستا کليا پيا آهن. ٻاهر جا اثر پون ٿا؟
    قرت العين حيدر: جي ها، اِهي ٻاهريان اثر مذهب، زبان ۽ واپار وسيلي پوندا رهندا آهن. اوهان تاريخ کي مارڪس جي نڪته نگاهه کي سامهون رکي پڙهو يا بلڪل تجديد پرست بڻجي وڃو، توهان اسلامي نڪته نگاهه کان ڏسو يا هندو ڌرم کي ٻيهر اُجارڻ جي نڪته نگاهه سان پڙهو، تاريخ ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي. انهيءَ جي چِٽائي توهان پنهنجي پنهنجي طريقي سان ڪندا آهيو.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: توهان تمام گهڻي اهم ڳالهه ڪئي آهي. تاريخ ۽ تاريخيت ۾ وڏو فرق آهي. توهان هسٽرياگرافيءَ جي ڳالهه پيون ڪريو؟
    قرت العين حيدر: نه. آئون هسٽرياگرافيءَ جي نه پر ’هسٽوريسي‘ جي ڳالهه پيئي ڪريان. جنهن جو مطلب آهي تاريخيت يا تاريخ جو احساس.
    ابصار عبدالعلي: اهو احساس جميله هاشميءَ جي ناولن ۾ به ملي ٿو. جيئن ’چهره در چهره روبرو‘ يا ’دشتِ سوس‘ آهن.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: جي ها. جميله هاشميءَ ادي عينيءَ کي فالو ڪيو آهي. هونئن تاريخيت ۾ گهڻيون شيون اچي وڃن ٿيون. انهيءَ ۾ ڪلچر به اچي وڃي ٿو ۽ سماجيات ۽ نفسيات به اچي وڃن ٿيون.
    حسن رضوي: اڃا تازو ’کتاب نما‘ ۾ شميم حنفيءَ جو مضمون ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ هن لکيو آهي ته قرت العين حيدر علامه اقبال وانگر گذري ويل ڀنڀڙن جي ڳولا ۾ آهي ۽ سندن سڄي سرگذشت وڃائجي ويلن کي ڳولڻ جي جستجو آهي.
    قرت العين حيدر: هاڻي ته جيئن جنهن جي دل چوي، اهو ائين چوندو وتي. هونئن تاريخ وڃائجي ويلن جي ڳولا ناهي.
    حسن رضوي: پر اوهان ۽ علامه اقبال ۾ جيڪا هڪجهڙائيءَ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
    ابصار عبدالعلي: ڇا اوهان انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪريو ٿيون؟
    قرت العين حيدر: علامه اقبال تمام وڏو شاعر ۽ مفڪر هو. مون کي تمام گهڻو وڻي ٿو. پر علامه اقبال تاريخ کي اسلام ۽ مسلمانن جي ڪردار کي اڳيان رکي ڏسي ٿو. پر تاريخ جون ٻيون به ڌارائون آهن، منهنجي نظر انهن تي به آهي.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: اقبال اسلامي مابعدالطبيعات جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي.
    قرته العين حيدر: علامه صاحب فلسفي هو، آئون فلسفي ناهيان.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: ڳالهه ٻئي پاسي نڪري ويئي. پاڻ اصل ۾ ’آگ کا دريا‘ کان ’گردش رنگ چمن‘ تائين اچڻ پئي گهريو، جيڪو عينيءَ جو تازو ناول آهي. انهيءَ ۾ تاريخيت به موجود آهي ۽ زوال پذير سوسائٽي کي به چٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ انهيءَ جي ڪارڻن تي به آڱر رکي ويئي آهي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه اردو ناول ۾ پهريون ڀيرو آئي آهي. انهيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ هوءَ ڪامياب ويئي، جيڪا معمولي ڳالهه ناهي ته هن ڪئين صدين تي ڇانيل تاريخ کي صرف تارخ جي حوالي سان ڏٺو آهي، پر تاريخيت جي حوالي سان ڏٺو آهي. انهيءَ خيال کان هيءُ ناول تمام اهم آهي. آئون سمجهان ٿو ته دنيا جي وڏي ادب ۾ جيڪي وڏا ناول لکيا ويا آهن، هيءُ ناول انهن سان ڪلهو هڻيو بيٺو آهي. انهيءَ ناول پڙهڻ کان پوءِ هت ماڻهن ۾ ڳالهيون ٿيون. گهن ماڻهن کي ڪجهه شين سان اختلاف هو پر منهنجي خيال ۾ هيءُ هڪ ڀرپور ناول آهي، ڪجهه ماڻهو وري اهو پيا سمجهن ته همراهن هتان ٽڪيٽ ورتو، دهليءَ پهتا، اُتان کان لکنوءَ هليا ويا. امام واڙا ڏٺا، گو متي ڏٺي، ميهن جا ڪباب کاڌائون، ڏيڍ ڏينهن لکنوءَ ۾ گذاريائون ۽ ....
    قرته العين حيدر: ۽ اهو سمجهي ورتن ته لکنوءَ جو ڪلچر ڏسي ورتائون.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: اها ڳالهه صحيح ناهي. عينيءَ ته پاڻ لکنوءَ جو ڪلچر ڏٺو آهي. هڪ هڪ ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿائين. ڪنهن نتيجي تي پهتي آهي. هن ناول جو موضوع ڏاڍو ڏکيو هو، اسان ته اُتان کان پيرا ڳولي ٿا لهون. جڏهن بنياد پرستن اسان جي سوسائٽيءَ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جيءَ تاريخ ۾ اهڙا وقت به آيا، جڏهن ڏکڻ هند ۽ اتر هند جا پاڻ ۾ سڀ لڳ لاڳاپا ٽُٽي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ اُتر هند ۾ جيڪا گڙٻڙ ٿي ۽ 1857ع جي واقعن جو ڪارڻ بڻي. اهو واقعو پنهنجي ليکي ڪجهه به ناهي. انهيءَ واقعي جي پويان جن ڪارڻن ڪم ڏيکاريو آهي. عينيءَ ته انهن ڪارڻن کي Conceive ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ناول جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ صوفيءَ جو ڪردار پئنٽ ڪيو اٿائين. منهنجن ڪن دوستن جو خيال آهي ته اهو حصو ٻئي ناول کان ڌار آهي.
    قرته العين حيدر: اهو ته هن پوري سيٽ اپ جو هڪ حصو آهي. هندستان ۾ ماڻهو هڪ اهڙي سوسائٽي ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ ڌار ڌار فرقا ۽ طبقا لهه وچڙ ۾ رهن ٿا. ائين صدين کان ٿيندو پيو اچي. وڏي هڻ پٽ هلندي ٿي اچي. جهيڙا جهٽا ٿيندا آهن ۽ گڏوگڏ هڪ ٻئي سان پيار عزت سان به ماڻهو لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اها هڪ سوسائٽي آهي، جنهن ۾ عروج ۽ زوال سياسي ڦيرين گهيرين جي ڪري ايندو آهي. انهيءَ ڪري اسان قطعي فيصلو ئي نٿا ڪري سگهون ته جيڪو حال اڄ آهي، سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو. مطلب ته حالتون بدلجنديون رهنديون پر فريم ورڪ هڪ ئي رهندو. پاڪستان جي سوسائٽي ائين ناهي. هڪ مُلڪ آهي. هڪ مذهب آهي، ان ڪري اوهان کي اِها کُڙڪ ئي نه پئجي سگهندي ته هندستان ڇا آهي. هندستان مُلڪ ته هڪ ئي آهي، پر اُتي ڪيترين ئي زبانن، مذهبن ۽ ثقافتن جي پاڻ ۾ ٽڪر آهي. انٽر ايڪشن به آهي، ٺاهه به آهي، پراڻيون روايتون به آهن ته صنعتي دور جي اچڻ ڪري، نيون روايتون به ٺهي پيون، اُهي به انهيءَ صورتحال ۾ شامل آهن. مثال اُتي هاڻي اڇوت اڇوت نه رهيو آهي. هاڻي ڪارخانن جي ڪئنٽينن ۾ اڇوت برهمڻ سان گڏ ويهي ماني کائي ٿو.
    ابصار عبدالعلي: اهو ته ٻڌايو ته اهو جيڪو اڇوت ڪئنٽين تائين پهتو آهي. اهو اڇوت انهيءَ کان اڳتي ۽ اِنهيءَ کان مٿي ڪڏهن پهچندو؟ انسان جو جيڪو اصلي مقام آهي، اُنهيءَ تائين ڪڏهن پهچندو؟
    قرت العين حيدر: اهو سياسي سوال آهي. آئون ڪا اڇوتن جي ليڊر ته ناهيان. آئون اوهان کي ڇا ٿي ٻڌائي سگهان. هت ڪو اڇوت ليکڪ اچي ته کانئس اِهو سوال پڇجو. آئون صنعتي دور جي پيئي ڳالهه ڪريان، جنهن ۾ هندو، مسلمان، عيسائي سڀ شامل آهن. توهان جڏهن ڀارت وڃي، اُتي رهندؤ، تڏهن اوهان کي چڱيءَ طرح خبر پوندي. آئون اُتي 28 سالن کان رهان پيئي. مون اتي صحافي ٿي ڪم ڪيو آهي. آئون ڏکڻ هند توڙي اُتر پرديش جي ڳوٺن ۾ ويئي آهيان. اُتان جي زندگيءَ کان واقف آهيان. کليءَ دل سان هر شيءِ کي ڏسندي آهيان. هر رنگ جي ماڻهوءَ سان ڳالهائيندي آهيان. منهنجي ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ آهي. آئون انهن ماڻهن مٿان پنهنجي راءِ مڙهڻ جي بدران، سندن ڳالهيون سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. آئون سياسي فتوائون نه ڏيندي آهي. مون انهيءَ سوسائٽيءَ ۾ موجود هر پهلوءَ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بمبئي، لکنو، دهلي، ڪلڪتي ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي. گهڻا ماڻهو چون ٿا ته مون پنهنجي هن ناول ۾ مسلمان طوائف جو ڪردار لکيو آهي. اهو اعتراض آهي. مسلمان عورتن جو جيڪو استحصال جيڪو ويو آهي ۽ ڪيو پيو وڃي، مون اهو استحصال جاگيردارانه تهذيب جي حوالي سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ ناول (گردش رنگ چمن) ۾ مون جيڪو پِير جو ڪردار لکيو آهي ته اهڙا ڪردار اُتان جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ موجود آهن ۽ خانقاهي تهذيب جون جيئريون جاڳنديون حقيقتون آهن. مون اهو ڪردار به لکيو آهي ۽ ناول جا سڀ ڏيک هڪ ٻئي سان جُڙيل آهن. منهنجي لاءِ هتي چيو ويو ته مون ڀڳتي تحريڪ کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي باري ۾ اها ڳالهه صفا بي بنياد آهي.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته اوهان جي اپئروچ صحيح آهي. توهان انهيءَ ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ويون آهيو ته اها سڄي گڙٻڙ بنيادپرستن پکيڙي آهي ۽ سوسائٽيءَ کي بگاڙڻ ۾ انهن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اوهان جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو انهيءَ جو علاج آهي.
    قرت العين حيدر: جي نه. مون ڪو به نسخو نه لکيو آهي. منهنجي بنيادي ائپروچ انسان پرستيءَ واري آهي. اڄڪلهه انهيءَ جي سڄي دنيا کي ضرورت آهي. انهيءَ جي وضاحت ڪرڻ نٿي گهران. مون ته هڪ سماجي پس منظر لکيو آهي،جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن جي ڪهاڻي پيش ڪئي اٿم. جيئن دلشاد عليءَ جو ڪردار آهي. اهڙا ڪردار اڄڪلهه موجود آهن ۽ هر هنڌ ملي ٿا وڃن. اهو ڪردار مون لکي ڇڏيو. منهنجي باري ۾ اهو چئي ڇڏڻ ته آئون ناسٽلجيا جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيان، تڏهن ئي ائين ٿي ڪريان. ته اها ڳالهه غلط آهي. ناسٽلجيا جو لفظ ته وساري ڇڏيو. هڪ ماڻهو ناول پيو لکي ۽ ڪردار پيو تخليق ڪري، ته انهيءَ جي ٻَڌڻي ته کيس ٻُڌڻي آهي. ٻَڌڻي ٻڌڻ کان پوءِ ئي ليکڪ تخليق ڪندو آهي. انهيءَ کي ناسٽلجيا چوڻ ته مون کي ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي لڳي. آخر نقاد اهڙن لفظن ۾ ٽنگيا ڇو پيا آهن.
    ڊاڪٽر سليم اختر: جنهن ناول جو ذڪر پيو ٿئي، مون هن ئي مهيني پڙهيو آهي. اوهان لکيو آهي ته 35- 1934ع ۾ ڪا فلم ٺهي هئي، جنهن جا ڊائلاگ علامه اقبال لکيا هئا؟
    قرت العين حيدر: ڪهاڻي علامه اقبال لکي هئي ۽ ڊائلاگ خواجه حسن نظاميءَ لکيا هئا، هڪ ٻيءَ فلم جي ڊائلاگ مولانا آزاد لکيا هئا.
    ڊاڪٽر سليم اختر: ٻي اها ڳالهه آهي ته اوهان پنهنجي ناول ۾ ڪنهن عورت جي پهرئين ديوان جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي سر ورق جي تصوير به ڏني اٿوڦ. اِهو فڪشن آهي يا حقيقت؟
    قرت العين حيدر: ملڪ جان جي ديوان ٽائيٽل لاءِ مون شروع ۾ لکي ڇڏيو آهي ته، ”برٽش لئبريري لنڊن جي ٿورن سان.“ ۽ سرورق جي تصوير به ڏني اٿم. پوءِ به اوهان ڪيئن ٿا سمجهو ته اهو فڪشن آهي. ڇا توهان اهو ڏٺو ناهي. ملڪ جان ڳائڻي هُئي سندس ڌيءَ گوهر جان هئي. انهيءَ ڪري مون انهيءَ ناول کي نيم دستاويزي چيو آهي. ٻي ڳالهه ته علامه اقبال جي باري ۾ آئون بنا تحقيق جي پنهنجي طرفان ڪيئن ٿي چئي سگهان ته هُن فلم لکي.
    ڊاڪٽر سليم اختر: هتي ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه جي خبر ناهي.
    قرت العين حيدر: ايتري لاعلميءَ لاءِ آئون ڇا ٿي چئي سگهان. ااوهان رسالي ’نيرنگ خيال‘ جا 1934ع يا 1935ع جا پرچا کڻي ڏسو. انهيءَ ۾ اوهان کي فلم ’افغان شهزاده‘ جو اشتهار پوري صفحي تي ملي ويندو، جنهن جي ڪهاڻي علامه اقبال لکي هئي.
    حسن رضوي: ’گردش رنگ چمن‘ تي گهڻي ئي تبصرا اچي چُڪا آهن. نقادن جو خيال آهي ته توهان جي انهيءَ ناول جو گهاڙيٽو ٻين ناولن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط اهي؟
    قرت العين حيدرِ هوندو.
    سجاد حيدر ملڪ: اوهان جي انهيءَ ناول ۾ هڪ ٻيو رُخ به مون کي نظر آيو. توهان نؤ آبادياتي دور جي هڪ ڇوڪريءَ جي ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا فرانسيسي ۽ هندستاني والدين جو اولاد آهي. انهيءَ رُخ تي ڪجهه روشني وجهو؟
    قرت العين حيدر: اهو مسئلو آئيڊنيٽٽي ڪرائسس جو آهي. ٻين اکرن ۾ ته اسان جي اصليت ڇا آهي. اهو مسئلو اڄڪلهه ڳچ ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي. هر ماڻهوءَ کي ڌار ڌار به، ته قومي سطح تي به. انئگلو انڊين طبقي جي باري ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي. جنهن گارڊنر خاندان جو مون ذڪر ڪيو آهي، اُهي انگريز ۽ هندستاني والدين جو اولاد آهن ۽ منجهانئن ڪيترائي ماڻهو اڃا جيئرا ويٺا آهن. گارڊنر خاندان جا ڳچ نڪاح ناما فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ لکيل مون وٽ موجود آهن ته مسٽر فلاڻي يا فلاڻي گارڊنر جي شادي بلقيس زماني بيگم ٿي گذري. اهڙيءَ طرح ڪيترين ئي مسلمان ڇوڪرين ۽ عيسائي ڇوڪرن ۾ نڪاح ٿيو ۽ ٻئي پنهنجن پنهنجن مذهبن تي قائم رهيا. ٻيا به اهڙا ڪيترائي خاندان آهن، جهڙوڪ اڪسز ۽ ڪرڪ پيٽرڪ وغيره. رام بابو سڪسينه جو ڪتاب ’اردو کي انڊويورپين شعراء‘ اوهان ڏٺو هوندو. گارڊنر خاندان جي ڳچ مردن ۽ عورتن جو ذڪر اِنهيءَ ڪتاب ۾ آهي. انهن مان الاهي ماڻهو اڃا جيئرا آهن. مون پنهنجي ڪتاب ’گردش رنگ چمن‘ ۾ سليمان شڪوه جي اينگلو انڊين سلسلي جو ذشڪر ڪيو آهي. شهزادي سليمان شڪوه جي هنج ورتل ڌيءَ قمر چهره جو سڳو پڙ پوٽو به اينگلو انڊين ۽ دهليءَ ۾ رهندو آهي. اهڙا گهڻي ئي خاندان اڄ به لکنو ۾ ويٺا آهن. انگريز فوجي ۽ پلانٽر گهڻو ڪري مسلمان نوابن جي ڇوڪرين سان شاديون ڪيون. ڪلڪتي جو بشپ انهن شادين کي درست قرار ڏيندو هو، پر اصل ۾ اهو سڄو طبقي جو مسئلو هو. هڪ صاحب رابرٽرس هو، جنهن جي خاندان جي شاخ مسلمان هئي. سندس هڪ ڀاءُ جي اولاد مان امام واڙي شاهه نجف جو مرثيه خوان ٿيو. هر زماني جا پنهنجا معيار ۽ اخلاقيات هوندي آهي ۽ ان کي قبول ڪيو ويندو آهي. ارڙهين صديءَ کان وٺي 1920ع تائين هڪ گڏيل انڊو برٽس ڪلچر رهيو، جنهن جو ڪارڻ انگريزن ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ شاديون هيون.
    ابصار عبدالعلي: هندستان ۾ ششي ڪپور هڪ اهڙي ئي خاندان جي باري ۾ فلم ٺاهي آهي. انهيءَ فلم ۾ عصمت چغتائيءَ هڪ پوڙهي مائيءَ جو رول ادا ڪيو آهي.
    قرت العين حيدر: جي ها. انهيءَ فلم جو نالو ’جنون‘ آهي. مسوريءَ ۾ هڪڙو اينگلو انڊين ليکڪ رهندو آهي. نالو اٿس. لونڊ. انهيءَ فلم جي ڪهاڻيءَ جو بنياد سندس ڪنهن مائٽ جي لکيل ڊائريءَ ۾ واقعن تي ٻڌل آهي.
    سجاد حيدر مَلڪ: اوهان جي ناول ’گردش رنگ چمن‘ ۾ عنبرين جو جيڪو عذاب ڀريو ڏک آهي. اهو ڪردار ٻين سڀني کان ڌار آهي.
    قرت العين حيدر: اُنهيءَ جو ڏک ڌار انهيءَ ڪري آهي، جو هوءَ هڪ اهڙي قدامت پسند سوسائٽيءَ ۾ پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ شاديء جو ادارو قائم آهي. جيڪڏهن هوءَ اڄڪلهه جي سئيڊن ۾ پيدا ٿئي ها، جتي شاديءَ جو ادارو لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي، ته سندس ڏک جي اها حالت نه هجي ها. عنبرين جيڪڏهن ڏکن جي آمهون سامهون بيٺي آهي ته هوءَ هڪ قدامت پسند سماج ۾ روئي پيئي.
    ابصار عبدالعلي: پر فرانس، آمريڪا ۽ سئيڊن جي جيڪا پيڙهي شاديءَ کان سواءِ پيدا ٿي آهي ۽ اڃا ننڍي آهي، پر اڳتي هلي اها پيڙهي به ڏکن جو شڪار ٿيندي.
    ڊاڪٽر سليم اختر: هن ناول تي توهان وڏي محنت ڪئي آهي، وڏي تحقيق ڪئي آهي. اهو ٻڌايو ته انهيءَ ناول لکڻ ۾ اوهان کي گهڻو وقت لڳو؟
    قرت العين حيدر: اهي ڪي چار پنج مهينا لڳا. آئون رام پور هلي ويئي هئس. اُتي وڃي بيگم صاحبه رامپور کان وٺي بينظير جي ميلي ۽ گوهر جان وغيره جي باري ۾ معلومات حاصل ڪيم. بيگم رضا علي خان بيگم صاحبه رامپور جي اڃان تازو وفات ٿي آهي.
    سجاد حيدر ملڪ: جيئن ته هر ليکڪ وٽ پنهنجي تخليق کي مڪمل ڪرڻ جو پنهنجو ڍنگ آهي. انهيءَ خيال کان ڊاڪٽر سليم اختر جو سوال تمام ڀلو آهي. اسان کي انهيءَ باري ۾ ٻڌايو؟
    ڊاڪٽر سليم اختر: لڳي ائين ٿو ته اوهان کي لکڻ کان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي وڌيڪ وقت لڳو آهي.
    قرت العين حيدر: اوهان جو مطلب آهي ته منهنجو لکڻ جو ڪم مٿاڇرو آهي.
    ابصار عبدالعلي: توهان پاڪستان ۾ آيون آهيو. پڪ سان توهان کي هتي رهي ڪري پنهنجي ناول لکڻ لاءِ گهڻو مواد ملي ويو هوندو. اسان توهان جي نئين ناول جي ڪڏهن اُميد رکون؟
    قرت العين حيدر: آئون انهيءَ کي نٿي مڃان ته آئون هڪ يا ٻن مهينن لاءِ ڪنهن ملڪ وڃان ۽ اُتان جي باري ۾ فيصلو ڪري اچان يا پنهنجن تاثرات جي ڏيک تي ناول لکي وٺان.
    ابصار عبدالعلي: مگر ڪو انٽليڪچوئل ائين ڪري سگهي ٿو؟
    قرت العين حيدر: جي ڪري ٿو ته غلط ٿو ڪري.
    ڊاڪٽر سليم اختر: ماڻهو ڪنهن ملڪ ۾ ٽي ڏينهن رهندا آهن ته اُتان جو سفرنامو رهڙي وٺندا آهن.
    ابصار عبدالعلي: پر ڪي سفرناما ته پاسپورٽ ٺهڻ کان اڳ لکجي ويندا آهن.
    قرت العين حيدر: اها ڳالهه به غلط آهي. ٿورن ڏينهن جي مشاهدي جي زور تي تاثر ته لکي سگهجي ٿو. مون به ڳچ لکيا آهن پر ناول لکي نٿو سگهجي.
    ابصار عبدالعلي: توهان لڳ ڀڳ اٺاويهين يا ٽيهن سالن کان پوءِ پاڪستان آيون آهيو. هتان جيءَ ۽ هندستان جيءَ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق محسوس ٿيو آهي؟
    حسن رضوي: هتي اوهان ڳچ ماڻهن سان مليون آهيو. انهن ۾ لکيڪ ۽ فنڪار به اچي وڃن ٿا ته انهيءَ باري ۾ اوهان جا ڪهڙا تاثرات آهن؟
    قرت العين حيدر: هتي ڪجهه طبقن کي جيڪا خوشحالي نصيب ٿي آهي، اُهي ڏاڍا خوش آهن، مطمئن آهن. هتان جا ليکڪ به اسان جي ليکڪن جيان آهن. جهيڙا جهٽا ۽ بحثابحثي به جام ٿي ٿئي. جيتوڻيڪ هتان جي ليکڪن جا مسئلا ٻيا آهن ۽ اسان جا ٻيا.
    ڊاڪٽر سليم اختر: پاڪستان ۾ اچي رهڻ کان پوءِ هتان جي باري ۾ ڪو تاثر لکيو ويندو يا نه؟
    ڊاڪٽر آغا سهيل: اهو ٻڌايو ته اوهان جنهن زوال پذير سماج کي ناول جو موضوع بڻايو آهي. انهيءَ سماج جي ڊهڻ پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
    قرت العين حيدر: انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ ته ارڙهين صديءَ ۾ بادشاهن جي عياشي ۽ جديد تعليم کان ڪن ٽار هئي. انهيءَ ڳالهه کي مون هڪ فوجي کاهوڙي جو ڪولاڊ مارٽن جي حوالي سان پيش ڪيو آهي، جيڪو هندستان ۾ اچي ٿو. سندس انهيءَ ٽرسٽ تحت قائم ڪيل اڄ به هڪ ڪاليج هلي رهيو آهي. سندس زماني ۾ مسلمان فوجي سردار رڳو عياشيءَ ۾ لڳا رهن ٿا ۽ هڪ ڪاليج يا اسڪول به نٿا کولين. جديد تعليم تي ڪو به ڌيان نٿا ڏين. ڪلاڊ مارٽن کان آصف الدوله توبون ٺهرائي ٿو، جيڪي اڳتي هلي ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال ٿيون. اِها ڪيتري نه ڏکوئيندڙ صورتحال هُئي.
    ابصار عبدالعلي: مسلمانن جو اهو زوال ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو ته ڇا اڄ به ائين آهي؟
    قرت العين حيدر: جي ها. عربن وٽ اڄ به عياشي جاري آهي. جنهن توپ جو مون ذڪر ڪيو، جيڪا ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال ٿي. اها اڄ به ڪاليج جي سامهون رکي آهي. عياشيءَ ۽ بي حسيءَ جي حالت اها آهي جو جڏهن انگريز ٽيپو سلطان کي شڪست ڏيئي اچي ٿو ته انهيءَ خوشيءَ ۾ اچي ته انگريز طرفان ڪنهن کي چنداٻائي مهه لقا جو لقب ملي ٿو، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
    ابصار عبدالعلي: ۽ چندا ٻائي مهه لقا اهو لقب قبول ڪري ٿي؟
    قرت العين حيدر: ڪيئن نه ڪندي. چندا ٻائي به انهيءَ ساڳئي لڙهندڙ سماج جي عورت آهي. مطلب ته زوال شروع ٿي چڪو هو، پر مسلمانن ۾ پوءِ به انهيءَ حالت جو احساس شروع نه ٿيو هو.
    ابصار عبدالعلي: سر سيد جي دور ۾ اچي اءهو احساس جاڳيو. مرزا غالب وٽ به اهو احساس ملي ٿو؟
    قرت العين حيدر: جي ها. شاهه ولي الله کي به اهو احساس هو. پر ان کان اڳ ڪجهه به نه هو. جديد شعور ته هئو ئي ڪو نه. مون پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ڪجهه انگريزي ڪتاب عيسائي مبلغن ترجمو ڪرايا هئا. ڪجهه ڊاڪٽر جانسن جا ڪتاب هئا ۽ ڪجهه ناول هئا. ڊپٽي نذير احمد انهن ڪتابن کي نمونو بڻائي پنهنجيون لکڻيون لکيون.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: جيئن توبته النصوح؟
    قرت العين حيدر: جي نه. اهو ڊاڪٽر جانسن جو هڪ ناول هو، جنهن ۾ ٻڌايل هو ته يورپ جا ماڻهو ايتري قدر سڌريل ۽ سٺا ماڻهو آهن، جن جو اهو ڪم آهي ته ڪارن ماڻهن کي سڌارين ۽ مٿن حڪومت ڪن. اهو ناول ترجمو ڪري ماڻهن کي پڙهايو ويندو هو. انهيءَ دور ۾ ڪجهه احساس رکندر ۽ ذهين ماڻهو به هئا، جيئن بادشاهه نصيرالدين حيدر هو. هن سچ پچ لکنئو کي جديد شهر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسپتال، پرنٽنگ پريس ۽ اسڪول کولرايائين پر پوءِ انگريزن کيس به عياشيءَ ۽ محرم جي پويان لڳائي ڇڏيو ۽ هو ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ويهي رهيو. هاڻي جو اوهان چيو ته مون مسلمانن جو زوال چٽيو آهي ته مون انهيءَ زوال جا ڪارڻ به لکيا آهن. مون اکيون پوري هٿ جون ڪو نه هنيون آهن. اهو مسلمانن جو نه پر هڪ سڀيتا جو زوال آهي.
    حسن رضوي: ڀارت ۾ اردوءَ جو مستقبل آهي؟
    قرت العين حيدر: اهو هڪ سياسي سوال آهي، جنهن جو تفصيلي جواب هن ادبي ڳالهه ٻولهه ۾ ڏيڻ ڏکيو آهي. هندستان ۾ اردوءَ جي مستقبل جو دارومدار اتان جي سياسي حالتن تي وڃي بيهندو. هن ننڍي کنڊ ۾ ٻولين جي سياست مُنجهائيندڙ بڻجي ويئي آهي. پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي صورتحال جو مقابلو مشرقي پاڪستان جي زماني ۾ ڪري چڪو آهي. اڄ به ننڍي کنڊ جا ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلا، اُتان جا سياسي مسئلا آهن.
    حسن رضوي: انتظار حسين کي اوهان پڙهيو آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ناول ۾ هڪ ئي صورتحال آهي. جڏهن ته توهان پنهنجي ناول ۾ ڌار ڌار رنگن کان ڪم ورتو آهي. اهو توهان جي شعوري ڪوششن جو نتيجو آهي يا لاشعوري طرح ائين ٿي ويو آهي؟
    قرت العين حيدر: هر ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو اسٽائيل آهي.
    حسن رضوي: پاڪستان توڙي هندستان ۾ اوهان جي ناولن کي پڙهندي اوهان تي مغرب زده هئڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڇا ٿيون چئو؟
    قرت العين حيدر: سڄو پاڪستان هندستان مغرب زده ٿي ويو آهي.
    سجاد حيدر ملڪ: اوهان جي ڪتابن ۾ انگريزيءَ جا لفظ گهڻا اچي ويندا آهن؟
    قرت العين حيدر: اردوءَ جي شاعري، تنقيد ۽ ڪهاڻيءَ ۾ انگريزيءَ جا تمام گهڻا لفظ استعمال پيا ٿين. توهان جي انهيءَ سوال تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي آهي. اوهان خود روز پنهنجين ڳالهين ۾ ڪيترا انگريزيءَ جا اکر ٿا ڳالهايو.
    سجاد حيدر ملڪ: منهنجو مطلب آهي ته اوهان گهڻا اهڙا انگريزي لفظ استعمال ڪنديون آهيو، جن لاءِ اردوءَ ۾ لفظ موجود آهن؟
    قرت العين حيدر: منهنجي باري ۾ ٿيندڙ تنقيد صرف ٻن ٽن لفطن تائين پهچي ختم ٿي ٿي وڃي ته آئون ناسٽلجيا، مغرب زندگي ۽ انگريزي زبان جو گهڻو استعمال ٿي ڪريان. مختصر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ فڪشن تي تنقيد ئي موجود ناهي. اسان وٽ فڪشن پڙهيو ئي نه ويو آهي. اوهان ماڻهو رڳو شاعريءَ کي سمجهي ٿا وٺو، ڇاڪاڻ ته اردوءَ ۾ شاعري آڳاٽي آهي.
    ابصار عبدالعلي: ڊاڪٽر سليم اختر صاحب انهيءَ ڳالهه جو جواب ڏيو. عيني تنقيد نگار تي تنقيد ڪري رهي آهي.
    قرت العين حيدر: ٺيڪ ته چوان پئي. اسان جي نقادن فڪشن پڙهيو ئي ناهي. بس رڳو شاعريءَ تي تنقيد ڪندا آهن. فڪشن تي تنقيد ڪئي ئي نه وئي آهي.
    ڊاڪٽر آغا سهيل: جيڪڏهن تنقيد ڪئي به ويئي آهي ته تنقيد نگارن پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ابصار عبدالعلي: تاريخيت جي خيال کان جميله هاشميءَ جي ناولن جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ خاص ڪري ’چهره به چهره روبرو‘ ۾ قرت العين حيدر طاهره جو ذڪر آهي ۽ ’دشت سوس‘ ۾ منصور حلاج جو ذڪر آهي؟
    قرت العين حيدر: آئون ڇا چوان. جميله هاشمي پاڻ جيئري هجي ها ته اها ٻڌائي ها.
    ابصار عبدالعلي: آئون هڪ تمام وڏي ناول نگار کان پوءِ اچڻ واري ناول نگار جي باري ۾ ڄاڻڻ ٿو گهران. ٻئي هم عصر به آهيو.
    قرت العين حيدر: سر ننڍڙي شيءِ پنهنجي جاءِ تي سج سمان آهي.
    حسن رضوي: پاڪستان ۽ هندستان جي اديبن ۽ فنڪارن کي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    قرت العين حيدر: اهم سياسي سوال آهي. ۽ ڀريل بندوق جهڙو سوال آهي.
    حسن رضوي: هندستان کان سواءِ پاڪستان ۾ به توهان جا سڀ ڪتاب ڌار ڌار ناشرن شايع ڪيا آهن. ٻڌو اٿئون ته اوهان وٽ انهن ناشرن لاءِ شڪايتون آهن.
    قرت العين حيدر: شڪايتون ته گهڻيون ئي آهن. ڏسو نه ’آگ کا دريا‘ جو پهريون ايڊيشن 1960ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان وٺي اڄ تائين منهنجي رائلٽي نه ملي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ منهنجي رائلٽيءَ جا حقدار ويٺا آهن. مون ناشرن کي ذر ذر خط لکيا ته منهنجي رائلٽي انهن کي ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ ناول جا الاهي سارا ايڊيشن پاڪستان ۾ شايع ٿي چڪا آهن. انهن ايڊيشنن مٿان ناشرن اهو به لکيو آهي ته سڀ حق واسطا ليکڪا جا آهن ۽ اهي ڪتاب ليکڪا جي مرضيءَ کان سواءِ شايع ڪيا پيا وڃن. مون جيڪي به ڪتاب لکيا آهن اُهي انڊيا ۾ ڇپيا آهن، جن جو تعداد ٻارهن کان مٿي آهي. انهيءَ کان سواءِ روسي ڪتابن جا ڪجهه ترجما نئين دهلي يونيورسٽيءَ وارن شايع ڪيا آهن. پر پاڪستان ۾ منهنجن ڪتابن جا عنوان بدلائي بدلائي بنا اجازت جي شايع ڪيا پيا وڃن. انهن جو تعداد وڃي چاليهن کي پهتو آهي. اهي ڪتاب لاهور، راولپنڊي ۽ ڪراچيءَ جي ناشرن ڇپيا آهن. مٿان وري منهنجن افسانن ۽ مضمونن جا نالا مٽائي هنن پڙهندڙن سان به ٺڳي ڪئي آهي. ’کار جهان دراز هي‘ جي ٻن جلدن کي گڏ ڪري هڪ جلد ۾ ڇاپيو اٿن. هڪ ڪتاب ’منهنجي پسند جا اَفسانا‘ به آهي، ڄڻ اهي افسانا مون پاڻ چونڊي ناشر جي حوالي ڪيا هجن. گهڻن ڪتابن تي منهنجي پراڻي تصوير ڇاپي اٿن. جوانيءَ واري. ڪجهه وقت ٿيو ته منهنجي ڪتاب ’همين چراغ همين پرواني‘ جي سر ورق تي منهنجي رنگين تصوير ڇاپي اٿن. ظلم مٿان ظلم اِهو ته منهنجن ڪتابن ۾ انتساب به منهنجي طرفان پاڻ ڪيو اٿن ۽ ٻين ليکڪن جا مضمون مهاڳ طور ڪم آندا اٿن. منهنجي ڪتابن جا جملي ايڊيشن 36 کان وڌيڪ ڇپيا ويا آهن.


    ميلان ڪنديرا

    (ميلان ڪنديرا سابق چيڪو سلوويڪيا جي شهر برنو ۾ ڄائو. 1947ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ کيس پارٽي مان ڪڍيو ويو. 1956ع ۾ وري کيس پارٽيءَ ۾ آندو ويو ۽ 1970ع ۾ وري پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو. هو 1969ع تائين پراگ نيشنل فلم اسڪول ۾ پروفيسر رهيو ۽ فلمي دنيا `New Wave` تحريڪ هلائيندڙن مان هڪ هو، جنهن جي نقل ۾ اڳتي هلي انڊين آرٽ فلمون ٺهيون. 1975ع ۾ هو پنهنجو ملڪ ڇڏي پئرس ۾ وڃي آباد ٿيو ۽ اڃا تائين اتي رهي ٿو.
    هونئن ته سندس سڀني لکڻين جي سڄيءَ دنيا ۾ هاڪ آهي. پر هن پنهنجي تازي ناول `Immortality` ۾ مضمون، آکاڻي ۽ آتم ڪٿا کي ملائي ناول جي فن کي هڪ نئون ۽ ڪامياب رُخ ڏنو آهي. انهيءَ کان اڳ سندس لکيل ناول `Life is else where` ناول جي انهيءَ نئين رُخ جي ابتدا آهي. سندس مقبوليت جي اها حالت آهي جو اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي ڪا به ادبي محفل سندس ذڪر کان خالي نه هوندي آهي. هي انٽرويو چيڪو سلوويڪيا ٽٽڻ کان اڳ ۾ ورتو ويو آهي.)


    ميلان ڪنديرا

    انٽرويو وٺندڙ: ايان ميڪ ايون

    ايان ميڪ ايوان: پهرئين جلاوطنيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، چيڪو سلوويڪيا ۾ تنهنجن ڪتابن تي پابندي آهي. تون جيڪي ڪجهه لکين ٿو، اُهو تنهنجي ملڪ ۾ پڙهجڻ کان اڳ فرانس وارا پڙهن ٿا. تون پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کان ٽٽل آهين. ته ڇا اهو وڏو نقصان ناهي؟
    ميلان ڪنديرا: هونئن ته هاڻي جن ماڻهن کي مون پنهنجا حياتيءَ جا چاليهه سال ڏنا آهن، انهن پنهنجي ملڪ ماڻهن کي وڃائي ويهي رهڻ جو هينئين تي ته ڳوڙهو بيٺو اٿم. باقي منهنجن ڪتابن تي به پابندي انهن ڏينهن ۾ لڳي ويئي هئي، جن ڏينهن ۾ روس جي فوجن منهنجي ملڪ تي قبضو ڪيو. انهيءَ کان اڳ آئون پراگ ۾ رهيس. منهنجو ڀاڳ ڀلو هو جو انهيءَ وقت کان اڳ ۾ ئي منهنجو ڪتاب ڇاپڻ جو معاهدو فرانس جي پبلشرن سان ٿي ويو هو. مون کي اها ته پڪ بيٺي هئي ته منهنجو لکيو ڇپبو. انهيءَ معاهدي جي ڪري آئون وڏي ڌڪ کان بچي ويس. پابندي رڳو مون تي نه لڳي هُئي، پر منهنجيءَ پيڙهيءَ جا جيڪي ٻيا همراهه هئا، جيڪي سنگت ساٿ وارا هُئا، انهن لاءِ ڪو به پبلشر نه رهيو هو. فرانس ۽ منهنجي ملڪ جي خلق کي ڇڏي ٻين ملڪن جي خلق ته مون لاءِ اڻ واقف هُئي. مون لاءِ انڌ ۾ هئي. اوهان کي جيڪي پڙهڻ وارا آهن، انهن جي پنهنجي گهرج آهي، پنهنجو ذوق شوق آهي. اُهي لکڻ واري تي اڻ سڌيءَ طرح دٻاءُ وجهي ٿا ڇڏين. پڙهندڙ لکڻ وارن لاءِ پريشاني پيدا ڪندا آهن. لکڻ وارو جي هڪ ننڍڙي مُلڪ ۾ رهندو هجي ۽ اُتي کيس سڀ ڄاڻندا سڃاڻندا هجن ته پوءِ اهي دٻاءُ ته وجهن ٿا. سو پابنديءَ لڳڻ کان پوءِ مون جيڪي ڪجهه لکيو، پنهنجي دل وٽان لکيو ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد محسوس ڪيم. وڏي ڳالهه ته منهنجون لکڻيون منهنجي ملڪ ۾ شايع نه پئي ٿيون. انهيءَ ڪري آئون سنسر شپ کان بچي ويس ۽ مون تي منهنجي ملڪ جي ماڻهن جو به دٻاءُ نه هو.
    انٽرويو وٺندڙ: وطن ڇڏڻ جي ڪري تو ائين ته محسوس نه ڪيو ته تون پاڙئون اُکڙي ويو آهين؟
    ميلان ڪنديرا: پاڙئون اکڙڻ مان تنهنجي مراد ڇا آهي؟
    انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته وطن ڇڏڻ جو مسئلو تولاءِ ڏکيو هو يا سولو؟
    ميلان ڪنديرا: ڍرائيم ڪيم. 1968ع ۾ جن ماڻهن کي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا هئا، تن دير ڪا نه ڪئي، هليا ويا. انهيءَ وقت ڳچ سارن ٻين ماڻهن وانگيان مُلڪ ڇڏڻ نٿي گهُريم. خاص ڪري منهنجو خيال اهو بيٺو هو ته ڪنهن به ليکڪ لاءِ ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ ۾ رهڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. روسي قبضي کان پوءِ پورا ست سال پنهنجي ملڪ ۾ رهيس. ڏک ته بيٺو هو، پر دل لڳي پيئي هُئي. هڪ ليکڪ لاءِ انهيءَ تجربي مان گذرڻ ويچار ڀريو ڪم هو. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته دل ڏکوئجڻ سان گڏ کيسا خالي رهڻ لڳا. آهستي آهستي ملڪ تان دل کڄي ويئي ۽ اُتي رهڻ مون لاءِ ٺُپ بند ٿي ويو. منهنجي نوڪري ختم ٿي ويئي هئي، پگهار بند هو. پنهنجون لکڻيون ڇپائي نه پيو سگهان. مطلب ته منهنجيءَ روزيءَ جون سڀ واٽون بند ٿي ويون. ٿورا پئسا بچائي رکيا هئم، اُهي ڪجهه وقت لاءِ ڪم آيا. منهنجيءَ زال انگريزي پڙهائڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ سرڪار طرفان اهڙي اجازت نه هئي، سو اِهو ڪم به کيس لِڪي ڪرڻو ٿي پيو. مل ڇڏڻ جو خيال مون کي 1973ع ۾ آيو. مون کي پنهنجي ناولlife is else where تي جڏهن ميڊيچي انعام مليو ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جو حاڪمن نه رڳو منهنجو ضبط ٿيل پاسپورٽ مون کي واپس ڏنو پر گڏوگڏ انعام وٺڻ لاءِ پئرس وڃڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائون. تڏهن وڃي منهنجا ڪَن وڳا ته حڪومت ليکڪن کان ملڪ ڇڏائڻ ۾ راضي آهي ته ڀلي اِهي ٻاهر هليا وڃن. تڏهن وڃي ملڪ ڇڏڻ جي باري ۾ سوچڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن رکي فرانس جي ريني يونيورسٽي ۾ مون ٻه سال پڙهائڻ جي آڇ ڪئي. انهن ڏينهن چيڪو سلوويڪيا جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون هُيون. اهڙين حالتن ۾ فرانس وڃڻ ۾ چڱائي هئي. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته فرانس ۾ رهي ڪري مون کي مُلڪ جي اُڪير نه کنيو، جيتوڻيڪ آئون ته سوچيو بيٺو هوس ته پرائي ملڪ ۾ ڏاڍي اُڪير ٿيندي. آئون هتي خوش آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ هڪ مغربي ملڪ ۾ رهي ڪري ڇا تون پنهنجو پاڻ کي سرد جنگ جي محاذ تي بيٺل ٿو سمجهين؟ تنهنجي شخصيت ۽ لکڻيون ماڻهن کي سياسي مقصدن لاءِ اُتساهين ٿيون ڇا؟
    ميلان ڪنديرا:: چٽي چٽي ڳالهه چوانءِ ته ائين ناهي، جيئن تون چوين ٿو. مون کي هتي اچڻ ساڻ جيڪا ڳالهه دل سان لڳي، اُها هئي ته منهنجين لکڻين کي سولي سياسي رنگ ڍنگ ۾ ڏٺو پيو وڃي. مون کي اها ڳالهه کُٽڪي بيهي رهي ته کاٻيءَ توڙي ساڄي ڌر جا ماڻهو منهنجي لکڻي کي سياسي دستاويز سمجهي پڙهن ٿا. اها ڳالهه مون کي بُڇڙي به لڳي ۽ ڪاوڙ به آيم. آئون ائين نٿو سمجهان ته انهن ماڻهن جي نيت ۾ ڪو رولو آهي، پر مون کي اها خبر آهي ته هي جيڪو نئون سماج آهي، انهيءَ ۾ اخباري قسم جي فڪر کي مان ملي ٿو. هتي انهيءَ قسم جي سوچ جا وڏا ٺٺ آهن. اخباري سوڍ ڏاڍي تِکي آهي. اها سوچ حقيقي سوچ کي گوڏن هيٺان ڏيو ويٺي آهي ۽ ڏاڍي سڌي سولي آهي. سون مٿان سهاڳو. اهو ته جي ڪو ليکڪ پراگ يا وارسا مان ڪري هتي اچي ٿو ته کيس هتان جي سوچ پاڻيهي ئي پاڻ سياسي ليکڪن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ٿي ڇڏي. منهنجي لکڻين کي انهن سمجهاڻين ڏاڍو نقصان ڏنو ۽ مون کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو پئجي ويو. منهنجو خيال آهي ته آئون پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. هاڻ ٿورو گهڻو ماڻهو مون کي سمجهڻ لڳا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ناول `Unbearable lightness of Being` جي ڪردار تيريزا روسي حملي وقت روسي فوجين ۽ ٽئنڪن جا فوٽو ڇڪي ٿي ته اهي فوٽو ٻاهرين ملڪن ۾ ڇپجندا. اِهي فوٽو ڇڪڻ کان پوءِ هوءَ پاڻ کي همٿ ڀري ۽ نامچي ۾ آيل سمجهي ٿي ته سندس مقصد پورو ٿي ويو آهي. ڇا تو به اُنهن ڏينهن پنهنجو پاڻ کي همٿ ڀريو ماڻهو محسوس ڪيو ته جيڪا ڳالهه تو کڻڻ ٿي گهُري، اها هڪ ٺهيل ٺڪيل صورت ۾ سامهون اچي ويئي؟
    ميلان ڪنديرا: اهو معاملو تيرزا جو هو، منهنجو نه هو. مون ڪنهن به نموني پنهنجو پاڻ کي همٿ ڀريو ماڻهو محسوس نه ڪيو هو. اهو ته هڪڙو ذاتي ۽ عوامي زندگيءَ جو مسئلو هو. جڏهن تيريزا لاءِ عوامي زندگي ڏاڍي هڻ پٽ واري ٿي وڃي ٿي، ته کيس سندس پنهنجي ڳڻتي نٿي رهي. اهو ته ائين آهي ته اوهان پاڻ ڊرامائي زندگيءَ جي گهيري ۾ اچي وڃو ٿا، موت سان وڙهو ٿا ۽ ڏکن ۽ مصيبتن جي سامهون بيهي ٿا رهو، پوءِ به اوهان پنهنجو پاڻ کي مزي ۾ ٿا سمجهو. اهو انهيءَ ڪري آهي جو اهڙن حالتن ۾ ماڻهو پنهنجون تڪليفون وساري ويهي رهندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي ناول `The book of laughter and forgetting`۾ ٻن قسمن جي کِل بيان ڪئي آهي. شيطان سنهڙيءَ ڳالهه تي به کلي ڏئي ٿو. جڏهن ته فرشتن جي خوشيءَ وچان نچندڙ کل ۾ دنيا جي هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي بيٺل نظر اچي ٿي. انهيءَ حساب سان تون ته چيڪو سلوويڪيا کي شيطانن جي سنگينين ۾ شمار ڪرين ٿو. چيڪ شيطان وانگر کلندا آهن، جڏهن ته روسي فرشتن وانگر کلن ٿا. آئون صحيح ٿو چوان؟
    ميلان ڪنديرا: بلڪل صحيح ٿو چئين.
    انٽرويو وٺندڙ: ائين ته پوءِ تون هڪ ننڍڙي ملڪ جو ماڻهو آهين. تنهنجي ڪري ته انهيءَ ڳالهه جو دنيا جي باري ۾ وڏو اثر پوندو ته تنهنجا ويچار ڪهڙا آهن؟
    ميلان ڪنديرا: ها! اتي قصو ئي ٻيو ٿي ٿو وڃي. قومي تراني کي ئي کڻي کڻ ته چيڪ ترانو هڪڙي سڌي سادي سوال سان شروع ٿو ٿئي ته ”منهنجو مُلڪ ڪٿي آهي؟“ ٻين اکرن ۾ پنهنجو وطن به هڪ سوال جي صورت ۾ منهنجي اڳيان ٿو اچي ۽ مون لاءِ اها جند نه ڇڏيندڙ بي يقيني بڻجيو ٿي وڃي. يا کڻي پولينڊ جي قومي تراني تي نظر وجهه ته انهيءَ جي به شروعات ساڳئي طرح ٿئي ٿي ته، ”پولينڊ اڃا ٿيو ناهي.“ هاڻي انهن قومي ترانن جي ڀيٽ وري روس جي قومي تراني سان ڪر، جنهن ۾ چيل آهي ته، ”ٽن جمهوريتن جي ٻڌيءَ جي پڪيءَ پيڙهه کي عظيم روس سدائين لاءِ پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.“ يا برطانيه جي قومي تراني کي ڏس، جنهن ۾ چيل آهي ته، ”فتح مند، خوش ۽ شاندار...“ اهو هڪ عظيم ملڪ جو ترانو آهي. عظمت، عظيم، فتح مند، شان ۽ شوڪت، فخر ۽ لاقانونيت، جي لاقانيت، ڇاڪاڻ ته وڏيون قومون پاڻ کي لافاني سمجهنديون آهن. ڏٺئه؟ جيڪڏهن اوهان انگريز آهيو، ته توهان جي انگريزيت کي ڪير به شڪ جي نظر سان نه ڏسندو، ڇاڪاڻ ته اوهان انگريز آهيو. انگريزيت ته شڪ کان مٿڀري آهي. تون برطانيه جي سياست تي شڪ ڪري سگهين ٿو، پر مُلڪ جي وجود تي شڪ ڪري نٿو سگهين.
    انٽرويو وٺندڙ: پاڻ جو ملڪ ڪنهن زماني ۾ وڏو هوندو هو. هاڻي ننڍڙو ٿي پيو آهي.
    ملان ڪنڊيرا: ايترو ننڍو به ناهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اسان پنهنجو پاڻ کان سوال ٿا پڇون ته اسان ڪير آهيون ۽ دنيا ۾ اسان جي ڪهڙي حيثيت آهي. اسان جي ذهن ۾ جيڪو تصور ويٺل آهي، اُهو ڪنهن ٻئي زماني ۾ قائم ٿيو هو؟
    ميلان ڪنديرا: ها، پر تون اهو سوال ڪڏهن به نٿو ڪري سگهين، ته جڏهن برطانيا نه رهندو تڏهن ڇا ٿيندو. اهڙو سوال ڪري ته سگهجي ٿو، پر پوءِ انهيءَ سوال اندر هڪ وڏو مونجهارو ملندو. ننڍن ملڪن ۾ اهو سوال ذر ذر ڪيو ويندو آهي، جيئن ”پولينڊ نه رهندو ته ڇوءِ ڇا ٿيندو؟“ پولينڊ ۾ ٽيهه لک ماڻهو رهن ٿا، سو اِهو ڪو ايڏو ننڍو ملڪ به ناهي. پوءِ به اهو سوال حق تي آهي. مون کي سزسلا مائيلوسز کي گومبروزس جو لکيل خط ياد ٿو اچي، جنهن جو پهريون جملو ئي اِهو آهي ته، ”سؤ سالن کان پوءِ جي پنهنجو مُلڪ نه رهيو ته،،،” ڪو به انگريز، آمريڪي، جرمني يا فرانسي اهڙو جملو ڪڏهن به نه لکندو.
    اهو جيڪو ڌوڙ ٿي وڃڻ جو احساس آهي. فنا جو احساس آهي، اهو تاريخ جي ڏيکاءَ سان ڳنڍيل آهي. وڏيون قومون سمجهن ٿيون ته اهي تاريخ ٺاهي رهيون آهن. جڏهن اوهان تاريخ ڍاهڻ جي پويان پيل هُجو ته پوءِ اوهان پنهنجي پوڄا پاڻ ڪرڻ لڳندا آهيو. جيئن ماڻهو چوندا آهن ته، ”تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي.“ پر تاريخ اسان جو ڪهڙو فيصلو ڪندي؟ تاريخ ته اسان جو ٻيڙو ٻوڙيندي.
    انٽرويو وٺندڙ: تاريخ ڪو سخت فيصلو ڪندي؟
    ميلان ڪنديرا: نه. اهو ته نٿو چوان ته ڪو سخت فيصلو ڪندي، پر اسان جي باري ۾ فيصلو ضرور ڪندي، جيتوڻيڪ تاريخ کي اهو حق نٿو پهچي فيصلي ڪرڻ جو. اسين ائين ڇو سمجهون ته ڪو تاريخ اسان سان انصاف ڪندي. تاريخ جو فيصلو ته سراسري بي واجبيءَ وارو هوندو، مورڳو بيوقوفيءَ وارو هوندو. اها جيڪا ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ۽ هرڪو ائين پيو چوي ته تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي. اهي ماڻهو اصل ۾ تاريخ کي ڪو ڏاڍو عقل واري شيءِ سمجهن ٿا. ٻين اکرن ۾ اهي ماڻهو تاريخ کي حق تي ٿا سمجهن. اها ڳالهه وڏين قومن وارن وٽ ملي آهي. ڇاڪاڻ ته اِهي وڏيون قومون تاريخ ٺاهي رهيون آهن، انهيءَ ڪري انهن قومن جا ماڻهو تاريخ کي حق تي سمجهن ٿا.
    پر جيڪڏهن اوهان ننڍڙي قوم آهيو ته پوءِ توهان تاريخ نٿا ٺاهيو، اوهان ته مورڳو تاريخ لاءِ هٿ تي پيل ڳُڙ وانگر آهيو. تاريخ ته هڪ بي رحم سگهه آهي، جنهن کان اوهان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻو آهي. توهان پاڻ ئي پاڻ محسوس ڪندؤ ته تاريخ بي انصافين ۽ بيوقوفين سان ڀري پيئي آهي. اوهان تاريخ کي چٽائيءَ سان ۽ دل ۾ عقل ڌاري ڏسوئي ڪو نه ٿا.
    انٽرويو وٺندڙ: تو انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي ته جڏهن ماڻهو يوٽوپيا تي يقين ڪرڻ لڳندا آهن ته سمجهندا ته انهن زمين تي بهشت اڏي ورتو آهي. انهيءَ حالت ۾ ورتل ماڻهن کي تون ائين ڏسندو آهين ته ڄڻ اُهي هڪڙي ئي هنڌ گهمريون پيا پائين ۽ سندن دليون ٻاراڻن خيالن سان ڀريون پيون آهي. اُهي اهڙا ٻار آهن، جيڪي گرانڊ مارچ ڪندي مُٺيون بند ڪري نعرا هڻندا پيا وڃن- پر تنهنجا جيڪي ڪردار اهي حدون ٽوڙي ٻاهر نڪرندا آهن ته اڌ مغزي لڳندا آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙا ڪردار پاڻ ۾ ڇڪ رکن ٿا، پر انهيءَ هوندي به سندن زندگيون اجايون لڳنديون آهن. لڳي ٿو ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪردارن جي وچ ۾ ٻيو ڪو ڪردار ئي ناهي.
    ميلان ڪنديرا: آئون ڪو مُبلغ ته ناهيان. آئون ماڻهن کي اهو نٿو چئي سگهان ته هُو ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي يقين آڻين.
    انٽرويو وٺندڙ: تون پاڻ به ته زمين تي جوڙيل بهشت ۾ رهي چُڪو آهين. 1948ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ کي حڪومت ملي ته تو به هڪڙي ئي هنڌ گهمريون پئي پاتيون. تو انهن گهمرين مان ڪڏهن جند ڇڏائي؟ ڏاڪي به ڏاڪي ڇڏائي يا فٽافٽ فيصلو ڪري؟
    ميلان ڪنديرا: آئون جيئن جيئن اُنهيءَ زماني کان پري ٿيندو ٿو وڃان، تيئن تيئن ائين پيو لڳيم ته مون سِگهي جند ڇڏائي پر اهو منهنجيءَ اک جو ڦير آهي، ڇاڪاڻ جو اهو زمانو آئون گهڻو اڳ ڇڏي آيو آهيان. اصل ۾ ايتري سِگهي جند ڪو نه ڇڏائي هونديم.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي نئين ناول `Unbearable lightness of being` جي آخري حصي ۾ بهشت جي باري ۾ جيڪو ڌار لاڙو ڏيکاريو آهي، اهو دلپسند آهي. تنهنجي هيروئن هيريزا پنهنجي مڙس ٿامس ۽ سندس ڪتي ڪيرنن سان گڏجي ٻهراڙيءَ ڏانهن ڀڄي ويندي آهي. اُتي تو لکيو آهي، ”آدم ۽ ڪيرنن جي ڀيٽ ڪندي مون کي لڳي ٿو ته بهشت ۾ به ماڻهو اڃا ماڻهو نه بڻيو هو. يا ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته اڃا انسان جلاوطن ئي انسان جي واٽ وٺڻ تي مجبور نه ٿيو هو. هاڻي اسان کي جلاوطن ٿئي کي ڳچ زمانو گذري چڪو آهي ۽ هينئر اسان سِڌيءَ لِيڪ ۾ اُڏري رهيا آهيون.“ اهي سٽون لکڻ کان پوءِ ستت ئي تون حيوانن کي بي روح مشينون سمجهڻ جي خطري تي ويچار ڪندي لکين ٿو، ”ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجا جنت سان لڳ لاڳاپا ٽوڙي ويهي ٿو رهي ۽ وٽس ڪا اُڏام ۽ ڪو آسرو ڪو نه ٿو رهي.“ ته ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئجي ته جنت آهي ئي انهيءَ لاءِ ته اُن سان لڳ لاڳاپو رکيو وڃي. پوءِ هِن جنت جو هُن جنت سان ڪهڙو واسطو آهي؟
    ميلان ڪنديرا: تيريزا کي جنت جي لوڙ آهي. اها خواهش نيٺ وڃي اُتي ڇيهه ئي ڪري جتي انسان انسان نٿو رهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ته ڇا جيڪو ماڻهو هتي هڪ هنڌ گهمريون پائڻ ۾ لڳو پيو آهي. هوش ڇڏي جوش مان گهمريون پيو پائي، اهو ماڻهو پنهنجي ماڻهو هئڻ واري حيثيت وڃائي ويٺو آهي؟
    ميلان ڪنديرا: جنوني ماڻهو پنهنجي انسان هئڻ واري حيثيت نه وڃائيندا آهن. جنون انسان جو سڀاءُ آهي. فاشزم انسان جو سڀاءُ آهي. ڪميونزم انسان جو سڀاءُ آهي. خون ڪرڻ انسان جو سڀاءُ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تيريزا جنهن جنت ڏانهن وڃڻ ٿي گهري اُتي انسان انسان نٿو رهي. سياسي يوٽوپيا جو جيڪو بهشت آهي، اُتي انسان رهن ٿا. انهيءَ ڪري سياسي يوٽوپيا جو نتيجو مارا ماريءَ تي وڃي بيهي ٿو. تيريزا جي جنت جو انسان تي ڀروسو ناهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي ناول جي آخر ۾ تو ’ڪچ‘ جي تصور تي تفصيل سان روشني وڌي آهي. ’ڪچ‘ لفظ مان تنهنجي مراد بي لڇڻائي ته ناهي؟
    ميلان ڪنديرا: ها، پر انهيءَ کان به وڌيڪ. اهو لفظ پهريون ڀيرو اڻويهين صديءَ ۾ استعمال ڪيو ويو. آئون انهيءَ جو اصل مفهوم استعمال ڪندو آهيان. اڻويهين صديءَ ۾ جرمني ۽ وچ يورپ رومانويت جو شڪار هئا. حقيقت کان وڌيڪ رومانوي. اڻويهين صدي پهرئين صدي هئي، جيڪا ڪنهن به قسم جي اسلوب کان خالي هئي. انهيءَ صديءَ هر شيءِ جو پير ٻَڌي نقل ڪيو ويو. خاص ڪري عمارت سازيءَ ۾، هرمن بروخ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو`Comments on Kitsch` هُن انهيءَ صديءَ ۾ سوال اٿاريو ته ڇا اڻويهين صدي رومانيت جي بدران ڪچ جي صدي نه هُئي؟ سندس مطلب هو فنڪارانه موقعي پرستي. جنهن سان ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويئي. انهيءَ جو صرف هڪڙو ئي مقصد هو ته ماڻهن کي خوش ڪجي. بروخ جو چوڻ آهي ته عظيم روماني شخصيتون ڪچ جي سمنڊ ۾ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ هيون. هُو ته واگز ۽ چائيڪو وسڪيءَ کي به ’ڪچ‘ ڪري سڏي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: تو لکيو آهي ته سڀني سياستدانن، سياسي پارٽين ۽ تحريڪن جو جمالياتي آدرش ڪچ ئي آهي. تنهنجو خيال آهي ته ڪچ جو ڪم موت مٿان پردو وجهڻو آهي. ڇا انهيءَ جو مطلب آهي سياست جو ڪو به تصور ڪچ کان سواءِ ٿي نٿو سگهي؟ (چيڪ لفظ ’ڪچ‘ ۽ سنڌي لفظ ’ڪچ‘ جي معنيٰ ساڳي آهي- مترجم)
    ميلان ڪنديرا: منهنجي خيال ۾ سياست ڪچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ڪامياب سياستدانن جو ڪم آهي ماڻهن کي خوش ڪرڻ. جيترا گهڻا ماڻهو ٿي سگهن، انهن کي خوش ڪجي ۽ ايترن ماڻهن کي خوش ڪجي جو اهي سڀ ماڻهو سندس رٿيل پٽيل ڳالهيون ٻڌي خوش ٿين.
    انٽرويو وٺندڙ: ته ڇا روسين جو مقصد به خوش ڪرڻ آهي؟
    ميلان ڪنديرا: اها ڳالهه صحيح آهي ته روسين کي انهيءَ جي ضرورت ناهي. انهن وٽ طاقت آهي، انهيءَ طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ هو بلڪل ٻڌل ناهن. برزنيف جي ڪهڙي مُٺي آهي جو ٻين کي خوش ڪري. پارٽيءَ جو جيڪو نعرو آهي، ماڻهن کي اندر مان جهلي ڌونڌائڻ جو رنگ ڍنگ آهي،، ته انهيءَ جو مطلب ته ماڻهن کي خوش ڪرڻ آهي. اِها ته هڪ وڏي پکڙيل ڪچ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: گيسيٽ چوي ٿو ته لڙڪ ۽ مرڪ جمالياتي خيال کان ڪوڙا آهن؟
    ميلان ڪنديرا: صحيح. آئون اها ڳالهه پهريون ڀيرو پيو ٻڌان، پر ڳالهه صحيح آهي. ڪجهه وقت اڳ مون کي پڙهندڙ ڪنهن سئيڊش خط لکيو. هو لکي ٿو، ”..... ڇا توکي انهيءَ ڳالهه جو احساس آهي ته اصل ۾ اسان توکي پنهنجو سمجهي اهڙين ڳالهين تي پردو وجهيو ڇڏيون، جيڪي اسان جي جَپَ ڦِٽائيو وجهن. ائين ڪرڻ سان لڳي ٿو ته اسان توکي ڪچ ۾ بدلايون ڇڏيون. جڏهن تنهنجو ناول `Unbearable lightness of being` ڇپيو ته تبصري نگار تنهنجي صرف هڪ ڪردار تمينه جي باري ۾ لکندا رهيا. اهو ڪتاب جو هڪ دلچسپ حصو آهي ۽ ٻين حصن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي، پر انهيءَ ۾ جيڪو جذباتي عنصر موجود آهي، هڪ عورت پنهنجي گذاري ويل مڙس سان دلي ڳانڍاپو ته رکي ٿي، هوءَ اڃا به ساڻس محبت ڪري ٿي، پر ڪنهن به ڪتاب جي آخري حصي جو ذڪر نه ڪيو، جنهن ۾ هڪ سماج دشمن ۽ انسان دشمن خصوصيت موجود آهي. انهيءَ حصي جو ذڪر کائي وڃڻ جو ڪارڻ اهو ته آهي ته توکي به ڪچ وارو ڪري شمار ڪجي.“
    انٽرويو وٺندڙ: اچ ته ٻيون ڳالهيون ڪريون. ڇا تنهنجي خيال ۾ سڀني انساني لڳ لاڳاپن جي پاڙ جنسي لاڳاپن سان ٻڌل آهي؟ ڇا جيڪي ڪجهه عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ٿئي ٿو اُهو سڀ ڪجهه انساني لاڳاپن جي آرسي آهي؟
    ميلان ڪنديرا: آئون نٿو سمجهان ته ڪو ائين آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنسي عمل هڪ وڻندڙ صورتحال آهي، پر هر ڪا شيءِ اِتي بيهي دنگ نٿي ڪري.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجين لکڻين جي شروعات سدائين شادي يا عشق هوندو آهي. لڳي ٿو ته لاڳيتي جنسي عمل جي سلسلي ۾ تون صفا جنون تائين پهچي ويندو آهين؟
    ميلان ڪنديرا: اهو ته آهي، پر مون وٽ جنسي عمل ڪنهن نه ڪنهن صورتحال جو اندر ڪڍي وٺندو آهي يا جي ائين نٿو ٿئي، پوءِ اها شيءِ منهنجي ناول ۾ جنم وٺي نٿي سگهي. جڏهن منهنجا ڪردار جنسي عمل ۾ رڌل هوندا آهن تڏهن اهي پنهنجيءَ زندگيءَ يا واسطيدار جي حقيقت پروڙي وٺندا آهن. مثال ته جيئن منهنجي ناول `The farewell party` ۾ جيڪي ۽ اوگما پنهنجو پاڻ کي لڳ لاڳاپن جي ڪري محفوظ سمجهندا آهن. اوچتو هڪ ڏينهن هڪ ٻئي سان سمهڻ وقت سندن لڳ لاڳپو لاڪانئن سهپ جوڳو نه رهندو آهي. اهو سهپ جوڳو انهيءَ ڪري نٿو رهي جو انهيءَ دوران سندن رحم جو جذبو هڪ ڏٺي وائٺي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ سندن لڳ لاڳاپو دل ڏاريندڙ بڻجي ويندو آهي. رحم جي جذبي هيٺ محبت ٿي ئي نٿي سگهي. `The Joke` ۾ جڏهن لڊوِڪ هيلينا سان سمهندو آهي ته اسان اها حقيقت پرکي وٺندا آهيون ته اِنهيءَ جو بيناد وير وٺڻ جي جذبي تي ٻڌل آهي. سڄي ڪتاب جي پيڙهه اُتان شروع ٿئي ٿي. `Unbearable lightness of being` ۾ سبينا جڏهن فرانز سان سمهندي آهي، ته کيس فرانز هڪ اهڙي قسم جو نظر ايندو آهي، جيڪو سندس محتاج آهي. سبينا ڪرامت ۾ وٺجي ويندي آهي ۽ اصليت تائين پهچي ويندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو مصيبتن جي ماريل (Victim) هئڻ جي خواهش کي ڏاڍي سٺي رنگ ڍنگ ۾ چٽيو آهي. تنهنجو خيال اهو بيٺو آهي ته مصيبتن جو ماريل رڳو اهو شخص ناهي، جنهن تي مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي، پر ڪي ماڻهو هٿ وٺي مصيبتن جا ماريل بڻجڻ چاهيندا آهن. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته اُهي هٿ وٺي پنهنجو دوزخ پاڻ پيا ٺاهيندا آهن؟
    ميلان ڪنديرا: مثال ڏي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجا ڪيترائي ڪردار رقابت ۾ ڏاڍا ورتل هوندا آهن. اها رقابت هڪڙي خيال کان سندن پناهه گاهه آهي. لڳي ٿو کين رقابت سان دل آهي ۽ رقابت سندن ضرورت آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اهي مصيبت جا ماريل آهن. هُو هٿ وٺي پنهنجو دوزخ پاڻ پيا ٺاهين؟
    ميلان ڪنديرا: اهو هڪ دلچسپ نظريو آهي، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه اِها آهي ته مون هن کان اڳ ڪڏهن به ائين نه سوچيو آهي. تنهنجيءَ ڳالهه ۾ آئون ڪو واڌارو نٿو ڪري سگهان. تون صحيح ٿو چوين.
    انٽرويو وٺندڙ: تو جنسي فتحن جي جنون جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ڇا تون سمجهين ٿو ته جنسي فتح ۽ سياسي فتح جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي؟ يعني جيئن هڪ مُلڪ ٻئي ملڪ کي فتح ڪري وٺندو آهي؟
    ميلان ڪنديرا: مون کي خبر ناهي.
    انٽرويو وٺندڙ: مثال ته ڪيئي ڀيرا تنهنجي ڪردارن جي تقدير ملڪ جي تقدير سان واڳجي ويندي آهي. `Unbearable lightness of being` ۾ تمينه ۽ سندس ملڪ جي شناخت هڪ ٿي ويندي آهي. هوءَ جلاوطن ٿي پنهنجي ملڪ کان ڪٽجي وڃي ٿي. ته ڇا تون مصيبتن جي ماريل ڪردارن وانگيان، ملڪن جي ڳالهه نٿو ڪرين؟ تنهنجا ڪجهه مصيبت جا ماريل ڪردار پاڻ مصيبتون پئدا ڪندا آهن. جيئن `The farewell party` ۾ روزينه رحم جوڳو ڪردار آهي. پر هڪ اهڙي چرئي پوڙهي جو پاسو کڻي بيهي رهندي آهي، جيڪو ماڻهن جا پاليل ڪتا ماريندو ڦرندو آهي يا وري انهن ٿلهن بدشڪلين مائين جو پاسو کڻي بيهي رهندي آهي، جيڪي تلائن ۾ وهنجندي پنهنجي اوگهڙ ۽ پنهنجن بڇڙن جسمن جي نمائش مان لست وٺنديون آهن. هڪڙي خيال کان اها ڏاڍايون ڪندڙن ۽ ڏاڍايون سهندڙن جي پاڻ ۾ سازباز آهي.
    ميلان ڪنديرا: تنهنجي اها ڳالهه صحيح آهي. مون کي انهيءَ ڳالهه جي اڳ ۾ خبر نه هئي. تون سچ ٿو چوين.
    انٽرويو وٺندڙ: منهنجو خيال آهي ته هاڻي اهڙيون ڳالهيون ڪريون، جيڪي درست نه هجن. جن جي تون هن ڳالهه ٻولهه ۾ ترديد ڪري سگهين. اهڙا ناول ۽ فلمون، جن ۾ ذاتي ۽ سياسي مامرا هڪڙيءَ صورتحال ۾ ڳري هڪ ٿي وڃن. اهڙيون فلمون ۽ ناول ڏاڍا ڀلا ٿيندا آهن؟
    ميلان ڪنديرا: جيڪي ڪجهه به مٿئين سياست ۾ ٿيندو رهندو آهي، اهو ماڻهوءَ جي ذاتي زندگيءَ ۾ به ٿي ويندو آهي. جارج اُرويل اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جن ۾ سياسي حاڪميت تاريخ کي نئين سر بيان ڪري ڇڏيو ۽ اهو فيصلو ڪريو ٿو ڇڏي ته سچ ڇا آهي، ڪهڙين شين کي ياد رکڻ کپي يا وساري ڇڏڻ گهرجي. هڪ ناول نگار جي حيثيت ۾ آئون ٺپ کانئس الڳ آهيان. منهنجو وري اهو خيال بيٺو آهي ته اسان مان هر ماڻهو، شعوري يا غير شعوري طرح تي پنهنجي تاريخ ذر ذر پيو لکندو آهي. اسان هر پل پنهنجين زندگين جون ڪهاڻيون ٻيهر ٽيهر پيا لکندا آهيون. سدائين واقعن کي اسان پنهنجي معنيٰ ڏيندا رهندا آهيون. اسان چونڊ ۽ ڪاٽ ڪُوٽ ڪندا رهندا آهيون. اسان اهڙين شين کي چونڊيندا آهيون، جيڪي دل کي وڻنديون آهن ۽ ڀليون لڳنديون آهن، جڏهن ته اڻوڻندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ شين کي رد ڪندا رهندا آهيون، ته جيڪا ڳالهه آرويل ڪئي آهي، اهڙي طرح تاريخ کي ٻيهر لکڻ ڪو غير انساني ڪم ته ناهي. ماڻهو سدائين پنهنجين ذاتي زندگين ۽ سياست کي ڌار ڌار سمجهندا آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ سندن دليل ۽ قانون ڌار ڌار هجن، پر سياست جي شاهي اسٽيج تي پيش ٿيندڙ دل ڏاريندڙ واقعا حيرانيءَ جي حد تائين سورنهن جا ويهه آنا اسان جي ذاتي زندگيءَ تي ٺهڪي اچن ٿا.
    انٽرويو وٺندڙ: تون هڪ ڀيرو چئي چڪو آهين ته ناول جو ڪم آهي اينٿراپالاجيڪل اسڪينڊلن کي بيان ڪرڻ. انهيءَ ڳالهه جو مطلب ڪهڙو ٿو بيهي؟
    ميلان ڪنديرا: اصل ۾ مون اها ڳالهه آمريت وارن رياستن ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي هئي. مون چيو هو ته انهن ملڪن ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي حالتون ڪنهن ليکڪ لاءِ سياسي نه، پر اينٿراپالاجيڪل اسڪينڊل آهن. مطلب ته مون اهو نه پئي سوچيو آهي ته ڪا سياسي حڪومت ڇا ڪري پيئي سگهي، پر مون اهو پئي سوچيو آهي ته انسان جي هٿ وس ڇا آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر اسڪينڊل ڇو؟
    ميلان ڪنديرا: اسڪينڊل اها شيءِ آهي، جيڪا اسان ۾ ڇرڪ وجهي ڇڏي. هر ماڻهو انهيءَ ڪامورا شاهيءَ ۽ انهيءَ ڪميونسٽ نظام جي دهشت جي باري ۾ ڳالهائيندو آهي، جن ماڻهن عذاب گهرن، سياسي ڪيسن ۽ اسٽاليني دهشتگرديءَ کي جنم ڏنو آهي. پر ماڻهو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته ڪو به سياسي نظام ايترو ڪجهه ڪري نٿو سگهي، جيترو اهو نظام هلائيندڙ ماڻهو ڪندا آهن. جيڪڏهن خون ڪرڻ ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هُجي ته ڪو به سياسي نظام جنگ ڇيڙي نٿو سگهي. سياسي نظام ماڻهن جي هٿ وس آهي. ڪهڙو به سياسي نظام هُجي اُهو نظام ماڻهوءَ کان اها گهُر ڪري ته پنهنجي ٿُڪَ چار ميٽر پري اُڇلائي ڏيکار يا ايتري ئي پنڌ تي مُٽ جي لار اُڇلائي ڏيکار ته ماڻهو ائين نٿو ڪري سگهي، پوءِ سياسي نظام ڀلي کڻي ڪهڙو به هُجي. ڀلي کڻي اسٽالن حڪم ڏئي ته چار ميٽر پري ٿُڪ اڇلائي ڏيکار، پر تون ائين ڪري نه سگهندي. پر ماڻهو مارڻ تنهنجي هٿ وس آهي، ته اينٽراپالاجيءَ جو اُٿاريل اهو سوال ته انسان ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو، سياست جي پويان پڙ ڪڍيو بيٺو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: آئون ته ائين ٿو سمجهان ته تنهنجو خيال اهو آهي ته هن دنيا ۾ ناول اسان کي خاص قسم جي اهڙي سُڌ ڏئي ٿو، جنهن جي مقابلي ۾ ريسرچ جون ٻيون صورتون ڪجهه به ڪري نٿيون سگهن.
    ميلان ڪنديرا: ها، جيڪا ڳالهه ناول وسيلي چئي سگهجي ٿي، اُها ٻئي ڪنهن وسيلي چئي نٿي سگهجي. پر ناول اندر چوڻو ڇا هوندو آهي، اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي، پر انهيءَ ڳالهه کي اُبتو به ڪري سگهجي ٿو. مثال ته تون چئي سگهين ٿو ته ناول نگار اسٽالين جي خدمت ڪرڻ لاءِ ناهن، انهيءَ ڪم لاءِ ته سولزي نٽسن جا اعلان ئي ڪافي آهن. ناول تاريخ بيان ڪرڻ لاءِ ناهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ تاريخ دان ويٺا آهن. ناول جو ڪم سماج بيان ڪرڻ ناهي. سماج کي بيان ڪرڻ لاءِ عمرانيات جا ڄاڻو ويٺا آهن، پر انساني وجود جي سڀني پهلوئن جا تهه کولي پڌرا ڪرڻ، انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، اُنهيءَ کي اکين اڳيان آڻڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ ناول کان وڌيڪ ٻيو ڪو وسيلو ئي ناهي. منهنجي خيال ۾ ڪا به ٻي دانشورانه سرگرمي اهو ڪجهه ڪري نٿي سگهي، جيڪي ناول ڪري سگهي ٿو. وجوديت جو فلسفو به نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ناول جي خمير ۾ هر فلسفي لاءِ شڪ شبهو رکيو آهي. ناول جي مڃتا ته اُتان ئي شروع ٿئي ٿي، جتي اهو مڃڻو پئجي ٿو وڃي ته انسان زندگيءَ کي ڪنهن فلسفي جي خاني ۾ بند ڪري نٿو سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو تو جيڪي سوال ڪجهه وقت اڳ پڇيا، انهن جو سولو جواب آئون نه پيون ڏيئي سگهان. جنت ۽ اقتدار، ۽ اقتدار يا شهوانيت سان انسان جي وجود جو لڳ لاڳاپو ڳولي لهڻ جهڙا سوال صرف انهيءَ صورت ۾ ڇنڊي ڇاڻي سگهجن ٿا، جڏهن اهي ڌار ڌار ماڻهن جي ڪردارن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ جي ڪري پڌرا ٿين. ناول سوالن جا جواب نه ڏيندو آهي، پر رڳو امڪان ٻڌائيندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي فڪشن جي مٿڀري خصوصيت اها آهي ته انهيءَ ۾ ليکڪ هڪ ڪورس وانگيان رهندو آهي. ۽ هو پنهنجن ڪردارن جي لاڙن ۽ لاڙن پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن جو پويان پويان جائزو وٺندو ويندو آهي ۽ تبصرو ڪندو ويندو آهي. اهو رنگ ڍنگ تنهنجي ناول `The joke` ۾ اڀرندڙ محسوس ٿئي ٿو ۽ پوئين ٻن ناولن ۾ اهو تهائين وڌيڪ اڀري اچي ٿو. جيڪو روايتي ناول آهي، ڇا انهيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ ليکڪ اکين کان لڪل رهي ٿو” انهيءَ مان تنهنجي مقصد جو پورائو نٿو ٿئي؟
    ميلان ڪنديرا: هت آئون ٽي ڳالهيون ڪندس، هڪ ته اها ٽيڪنڪ آئون پنهنجي ناول life is elsewhere ۾ ڪري چڪو آهيان. جنهن ۾ بيان ڪندڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. (اها حقيقت هن انٽرويو کان گهڻو پوءِ هن پنهنجي ناولImmortality ۾ به استعمال ڪئي آهي. ع ق ج.) ٻيو تو پڇيو آهي ته اها ٽيڪنڪ انهيءَ روايتي ناول کي رد ڪريو ٿي وجهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو تبصرو نه ڪيو ويندو آهي، پر بيان ڪرڻ وارو صرف اڻويهين صديءَ ۾ غائب ٿو ڏسجي. ارڙهين صديءَ جي ناولن ۾ ته رهيو آهي. Rebelais, Cervantes ۽ Steme وارن ته اها ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي. ٽئين ڳالهه اها اٿئي ته جيڪا اڳ ۾ به چيو ويٺو آهيان ته منهنجي نظر ۾ ناول جي خاصيت اها آهي ته اهو ڪنهن به صورتحال کي ڇنڊي ڇاڻي تير پتير اڳيان آڻي ڇڏي. ناول ٺلهي صورتحال ڪونه ٿو چٽي. جيئن رقابت آهي يا دردمندي آهي يا طاقت جو حرص آهي، پر ناول ته انهن ڳالهين کي ٺاهي ٺوڪي رسن ۾ ٻڌيو ڇڏي، ناول انهن شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿو ڪري، ويچاري ٿو، سوال ٿو ڪڍي ۽ ڌاڳو ڌاڳي کان ڌار ڪري ٿو. ناول ڀيڙو ماڻهو جيڪڏهن ڌاڳو ڌاڳي کان ڌار ڪرڻ جي اٽڪل سمجهي ٿو وڃي ته پوءِ ان جي باري ۾ سوچڻ ويهي ٿو رهي. رقابت کي ئي کڻي وٺ، ته اها ڪيفيت اهڙي عام شيءَ آهي جو انهيءَ جي چٽائيءَ جي ڪا ضرورت ناهي، پر جو تون جيڪڏهن پير کوڙِي انهيءَ تي سوچيندين ته توکي ڳالهه ئي ٻي نظر ايندي. جنهن عورت سان تون پيار ڪندو هجين ۽ انهيءَ کي ٻئي ڪنهن سان ستل ڏسين ته پوءِ صورتحال تنهنجي سهڻ کان چڙهي ويندي، هڪ عام معاملو اوچتو ئي اوچتو ڏکيو، تڪليف ڏيندڙ ۽ منجهيل مامرو بڻجي ويندو. آئون ته ائين چوندس ته ناول نگار جو مقصد ئي مونجهارن کي بيان ڪرڻ جو آهي. آئون ناول ۾ هڪ سوچيندڙ آواز ته ٻڌڻ گهران ٿو پر فلسفو نه، تو منهنجي ناولن جي باري ۾ جيڪي سوال ڪيا آهن، اُهي وڏيءَ سمجهه مان پڇيا آهن، جيتوڻيڪ اهي سوال ئي آهن، اهي سوال ڪنهن ناول نگار جي لکڻ جي رنگ ڍنگ سان ملن ٿا. جيڪي لکندي لکندي مسئلي جي تهه تائين ته پهچي وڃي ٿو پر ڪو دل نٿو ٻڌائي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون پنهنجي ڪردار جي نفسيات کان پاسو ڪريو وڃين، اصل ۾ تنهنجون لکڻيون نفسياتي ناول جي ابتڙ آهن. گهڻو ڪري تون لکندي لکندي هڪ هنڌ بيهي اسان کي ياد ٿو ڏيارين تنهنجا ڪردار هٿ جا گهڙيل آهن، پوءِ اڳتي هلي انهن ڪردارن کي حقيقي بڻائي ٿو ڇڏين. منهنجي خيال ۾ انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته تون ڪردارن جي باري ۾ ائين ٿو ڳالهيون ڪرين، ڄڻ ڪنهن ويجهي سنگتيءَ جو ذڪر پيو ڪرين. تنهنجو اهو رنگ ڍنگ ڪنهن اوچي قسم جا Gossip آهن. انهيءَ ڪري اسان اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃون، ڄڻ اهي ڪردار سچ پچ اسان جي اڳيان موجود هُجن.
    ميلان ڪنديرا: اها ڳالهه صحيح آهي، آئون پنهنجي ڪردار جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي ته دعويَ نٿو ڪري سگهان، اصل ۾ آئون ته ڪردار هٿ جا گهڙيندو آهيان. ٻيا يار به ائين ئي ڪندا آهن، تون ڀلي کڻي ڪنهن دوست جو ذڪر ڇيڙي ويهي رهين ۽ سندس باري ۾ سڀ ڳالهيون لکي ويهي رهه، پوءِ به دوست جي باري ۾ بيان ڪيل قصو هٿ جو گهڙيل بڻجي وڃي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: تو چيو آهي ته هيءَ دنيا هڪ ڄار بڻجي ويئي آهي، ناول انهيءَ ڄار بڻجي ويل زندگيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. ڇا ائين چئجي تون ڪافڪا جي پُٺڀرائي نٿو ڪرين؟
    ميلان ڪنديرا: صحيح. ها. اڄڪلهه جو ناول ڄار بڻجي ويل دنيا جي پرک ڪري ٿو، ناول جي تاريخ انسان جي تاريخ جي آرسي آهي، پر ڪافڪا جي اچڻ کان پوءِ سڄي ڳالهه حيرت جو هنڌ بڻجي ويئي آهي، هونئن جديد ناول جي نمائندگي ڪرڻ وارا ٽي نالا ورتا وڃن ٿا. چوائس، پروست ۽ ڪافڪا. جڏهن ته مون کي ائين ٿو لڳي ته ناول جي جنهن روايت جي شروعات ڪئي، اهو فلابيئر هو. انهيءَ روايت جو دنگ اچي جوائس ۽ پروست تي ٿئي ٿو. ڪافڪا ۽ ڪنهن حد تائين بروخ ۽ ميوزل کان پوءِ ناول ٻئي پاسي هلڻ شروع ٿئي ٿو.ئ ڪافڪا کان اڳ ۾ ماڻهو جنهن قهري بلا سان وڙهي ٿو، اها سندس اندر ۾ هئي. جنهن مان سندس داخلي زندگي، سندس ماضي، سندس ننڍپڻ ۽ سندس مونجهارو ڦٽي نڪري ٿو. پر ڪافڪا وٽ اها بلا ٻاهران کان اچي ٿي ۽ دنيا هڪ ڄار وانگيان لڳي ٿي، جنهن ۾ ڦاٿو پيو آهي، منهنجن ڪتابن ۾ تاريخ هڪ اهڙو ڄار آهي، جنهن ۾ يورپ جو ماڻهو ڦاسي پيو آهي. هيءَ دنيا اسان جي چوڌاري ويڙهيل ڄار بڻجي چڪي آهي. انهيءَ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ جيڪا جُٺ ٿئي ٿي، انهي جُٺ ۾ ڪوبه ڦيرو اچڻو ناهي، پروست ۽ فلابيئر جي دنيا کليل هئي. تاريخ نظرون کان ڍڪيل آهي، اها هڪ اهڙي شيءَ هئي جيڪا خيال جي مُٺ ۾ نه ايندي هئي پر اسان لاءِ تاريخ ته ائين بيٺي آهي، جو کيس ڇُهي سگهجي ٿو. اها جنگ آهي، آمريت آهي، يورپ جو خاتمو آهي، اها صورتحال اسان جي، مُٺ ۾نٿي اچي، پر اسان سندس مُٺ ۾ قابو آهيون، اسان پڪڙيا ويندا آهيون ۽ دنيا ڄار بڻجي ويندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو ڪافڪا جي ڪردارن جي اڪيلائي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي؟
    ميلان ڪنديرا: ها. توهان برادريءَ جي گهيري ۾ آهيو، اهو گهيرو ڪافڪا وٽ هڪ اهڙو قلعو آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ ڪابه در دري ناهي، اوهان جي اڪيلائي ۾ ٽنگ اڙائي وڃي ٿي، اڪيلائي کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ اها پساهه ڇڏي ٿي وڃي، سڀ ماڻهو اوهان کي ڏسن پيا. اوهانکي اڪيلائي نصيب ۾ ئي ناهي. پر ڪافڪا کي اڃا تائين رومانيت جي ڪليشي ۾ ڏنو پيو وڃي ته اسان اڪيلائي ۾ ڦاٿل آهي ۽ اهو ته اڪيلائي ڪا خراب ڳالهه آهي ۽ اهو ته انٽليڪچوئل سان ظلم اِهو آهي ته سندس پاڙون ماڻهن ۾ ناهن ۽ اهو ته ڪافڪا اونڌو ڪري ڦِٽو ڪيو. اصل ۾ ڪافڪا جي دنيا ئي ٻي آهي، جيئن `Castle`جو سرويئر پنهنجي آسپاس جي زندگيءِ کان تنگ ٿي پيو آهي. کيس برادريءَ جي نه پر نوڪريءِ جي ضرورت آهي. پر انهيءَ جي بدران هو هر ماڻهو کيس پريشان پيو ڪري. مٿس ماڻهن جون اکيون آهن. سندس بستري تي سندس زيردست ويٺا هوندا آهن. انهن ماڻهن جي ڪري هو فريڊا سان سمهي نٿو سگهي. ڪافڪا وٽ جيڪي ماڻهو هن دنيا ۾ پنهنجي جاءِ بڻائي وٺندا آهن، اهي پنهنجي اڪيلائي ۽ نيٺ پنهنجي شخصيت وڃائي ويهي رهندا آهن.
    برادري آخر آهي ڇا؟ ڪافڪا انهيءَ تصور کي مٿي ڀر بيهاري ٿو ڇڏي. برداري هڪ نفرت جوڳي. دهشت پکيڙيندڙ ۽ خطرناڪ شِيءَ بڻجي وڃي ٿي(جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”ابا راج آهي جبل، جي جبل سان مٿو هڻندي ته جبل کي ڪجهه ڪونه ٿيندو، تنهن جو مٿو ڦاٽندو.” ع ق ج.)ڪافڪا ته سماج جي مڃيل مڃايل تصور سان وڙهي بيهي ٿو رهي ۽ سڀني ناول نگارن جو اِهو ئي ڪم آهي ته هو لاڳيتو انهن بنيادي تصورن سان ويڙهه کائيندا آهن. جن تي اسان بيٺا آهيون.


    شيخ اياز

    سونهن، سيرت، محبت، بغاوت ۽ روحانيت جي شاعر شيخ اياز جو اصلي نالو شيخ مبارڪ هو. هو مارچ 1923ع ۾ سنڌ جي منفرد تاريخي شهر شڪارپور ۾، هڪ خوددار شخص، غلام حسين شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جيڪو عدالت جو پيشڪار هو، ان لاءِ مشهور آهي ته هُن هڪ ڏينهن هڪڙي مئجسٽريٽ کي ڪنهن شاهد کي، گهٽ وڌ ڳالهائڻ تان چماٽ وهائي ڪڍي هئي – اُها ئي سندس پيءُ جي بغاوت اياز اندر ڪاهي پئي هئي، جنهن کي هُن شاعريءَ جي ترنم ۾ ساري سنڌ جي سورن جو اواز بڻائي ڇڏيو هو. بغاوت سندس شاعريءَ جو خمير بڻجي پئي ۽ تڏهن ان صدين کان درد جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ سنڌ، ڪنهن ڪُنڊ مان سِسڪيون ڀريندي، هڪ وڏو سُڏڪو ڀريو هو، ’سنڌ جو آواز- شيخ اياز شيخ اياز’ ۽ اِن موٽ اياز جي شاعريءَ ۾ سمنڊ جيڏي گهرائي آڻي ڇڏي.
    شيخ اياز کي 1965ع ۽ 1971ع ۾ سرڪار جي جنگي پاليسين خلاف ڪيل مزاحمتي شاعريءَ جي بدلي ۾ جيل به وڃڻو پيو ۽ پنهنجي طويل ادبي زندگيءَ واري اِن دؤر ۾ اياز جي شخصيت پهاڙن تان لهندڙ درياءَ جيان لڳي ٿي، جيڪو درياءَ جتان جتان گذريو، اُتان اوتان سڀني کي سيراب ڪندو ۽ رڪاوٽن کي ٽوڙيندو هليو ويو. ليڪن اهو درياءُ ٿوري عرصي لاءِ تڏهن خاموشيءَ ۾ اچي ويو، جڏهن کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. پر اياز وٽ اهو جمود گهڻو عرصو نه رهيو ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هُو هڪ ڀيرو وري پنهنجي شاعراڻي موج ۾ اچي ويو. باوجود ان جي جو هُن جي صحت، هُن کي ايتري لکڻ جي اجازت نه پئي ڏني پر پوءِ به هُو شاعريءَ کي عبادت سمجهي مسلسل لکندو رهيو ۽ آخري وقت تائين بقول سندس ته ننڊ ۽ جاڳ، ٻنهي حالتن ۾ قلم هُن جي هٿن مان ناهي ڪِريو.
    شيخ اياز، شاعريءَ جي چاليهارو کن ڪتابن کان علاوه نثر جا به ڪيئي ڪتاب ۽ چئن حصن تي مشتمل پنهنجي اڻپوري سوانح عمري لکڻ سان گڏ ’شاهه جو رسالو’ جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي
    هيءَ حقيقت آهي ته جتي هُن سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين تازگي پيدا ڪئي، اُتي سندس نثر به ڪمال جو اثر ڇڏيو.
    هِن خوبصورت شاعر جو مرتيو 27 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن جي ابدي آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي.


    شيخ اياز

    انٽرويو وٺندڙ: پروڙ پينل

    انٽرويو وٺندڙ: هن وقت توهان جي ڪهڙي ڪيفيت آهي؟
    شيخ اياز: منهنجي هن وقت تمام چڱي ڪيفيت آهي. زندگي اوتري ئي پرمسرت آهي، جيتري اڳ ۾ هئي. صرف اهي ڳالهيون جيڪي اڳ ڪشش ڪنديون هيون، سي هاڻي ڪو نه ٿيون ڪن، پر ان جاءِ تي ڪي نيون ڳالهيون آهن، جيڪي زندگيءَ کي پوريون رکنديون ٿيون اچن. سو ڪيفيت نهايت چڱي آهي.
    آءٌ ڏهن مهينن کان مسلسل لکندو ٿو رهان ۽ مان اها هام هڻي ٿو چوان ته دنيا جي ڪنهن به اديب پنجن هزارن سالن جي تاريخ ۾، ڏهن مهينن ۾ ايترو نه لکيو هوندو. مون ان وقت ۾ ڏهه ٻارنهن ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ست ڪتاب منظوم شاعريءَ جا آهن، ٻه نثري نظمن جا ۽ ڪجهه نوٽس وغيره آهن. مطلب ته ڏهن ٻارنهن ڪتاب ٿي ويندا. باقي Quality جو فيصلو هر ماڻهو پنهنجي ليکي ڪندو. تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جا ساڍا ٽي سؤ صفحا ڇپيا آهن ۽ باقي اٽڪل ست اٺ سؤ صفحا کن ٻي ۽ ٽين ڀاڱي لاءِ مڪمل ڪري رهيو آهيان. ان کان علاوه ڪتاب ”نِنڊَ وَليون“ پنهنجي ليکي هڪڙو عجيب تجربو آهي. جيئن سورِيئلي شاعري جو تجربو ڪيو ويو هو. بيماريءَ جي دؤران مون کي ان ڳالهه جو احساس نه رهيو آ ته اهو سڀ ڪجهه مون لکيو آ يا ٻئي ڪنهن لکيو آ. Moving finger writes واري ڪيفيت آهي پر آڱرين کي ڪير ٿو هلائي، اها مون کي خبر نه آهي. ڪنهن مهل ٻي بجين رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي ويندي هئي، قلم ۽ ڊائري ويجهو رکي هوندي هئي ۽ اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ لکندو هوس ۽ بتي نه ٻاريندو هوس. مان توهان کي نوٽ بڪ ڏيکاريان ته سٽون پکين جي پرن وانگر ٿيون اُڏامن، جيئن آڙيون هيٺ مٿي اڏامنديون آهن، اهڙي ئي نموني ٿيون اڏامن. ڪنهن مهل ڊائري اُبتي ٿي وڃي ٿي ته وري انهيءَ جي مٿان لکي ٿو وڃان. ٻئي ڏينهن اهو سڄو ڪَٽي اُن کي ڪاپي ڪيان ٿو. ڪنهن مهل مون کي Wheel chair تي ڪارڊيو ويسڪيولر اِنسٽيٽيوٽ جي ٻاهران وٺي ويندا هيا، هيٺان لان هوندي هئي، ان جي ورانڊي مان ويهي ماڻهو ڏسندو هوس. اُن وقت منهنجي دماغ ۾ ڪافي نظم ٺهي ويندا هيا ته يڪدم ڪمري ۾ موٽندو هوس ته وسري نه وڃن ۽ لکي ڇڏيان، ڇاڪاڻ جو شاعري آڙيءَ وانگر ته ناهي جو هر سال جيئن آڙي سائبيريا مان موٽي ايندي آ ائين موٽي اچي پر شاعري ته مڇيءَ وانگر آ، جي تِرڪي ويئي ته سمنڊ جي تري ۾ هلي ويندي. شعر جي سٽ کي ڪيفيت ئي پنهنجي آ. اڳ مون کي يادگيري ڏاڍي هوندي هئي. ڇاڪاڻ جو بار بار پڙهندو رهندو هوس. مون تڏهن ايترو نه لکيو هو ۽ اهو شعر ايترو ٿورو هو جو يڪدم مون کي ياد اچي ويندو هو. هاڻي ته جيڪڏهن توهان مون کي ڏيکاريندؤ ته اها سٽ مون لکي آ يا نه لکي آ، ته مون کي ياد نه ايندو. ڇو ته مون گهڻي تيزيءَ سان لکيو آ. انهيءَ لاءِ ٻه سبب آهن، هڪڙو ته ڪيترو وقت منهنجو اجايو ويو آهي ۽ مون کي پنهنجيءَ ڳالهه کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻو آهي، ۽ ٻيو ته مون کي ڀرپور زندگيءَ جو احساس ۽Self Fulfilment رڳو انهيءَ تخليق ۾ ئي ملي ٿي. مون کي نه صلي جي پرواهه آهي، نه ڪنهن تحسين جي پرواهه آهي، نه ڪنهن پُٺيءَ ٺپ جي پرواهه آهي ۽ نه ڪنهن حڪومت جي Patronization جي پرواهه آهي. انهيءَ ڳالهه جو مون ڪو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ان جي پرواهه آهي ته نئون نسل انهيءَ جي قدرداني ڪندو. نه اهو سوچيو آهي ته گهڻا ماڻهو آهن، اڪثريت Appreciateٿي ڪري يا اقليت. هن وقت جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، اهو سياسي پيغام جي لحاظ کان نه لکيو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ منهنجي Political Poetry به اچي ٿي وڃي. منهنجي پنهنجي ذات جو اظهار ان ۾ آهي، جيڪو ڪڏهن ته سياست جو حصو آهي، پر انهيءَ ۾ جيڪي ٻيا انسان جا گوناگون مسئلا آهن، اهي منهنجي Mind کي Ocupy ڪندا رهيا آهن. ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جو مون نالو ئي ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مون کي جاڳ ٿيندي هئي ته ٿوري وقت کانپوءِ اسپتال ۾ پردو هٽائي ڏسندو هوس ته ڪتيون ڪر موڙينديون نظر اينديون هيون. مون کي ٿوري پنڌ ڪرڻ جي وٿي هوندي هئي، ان ڪري اٽينڊنٽ کي چوندو هوس ته ”دريءَ تان پردو هٽائي ڇڏ ته مان آسمان ڏسان ۽ منهنجي ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪا ديوار نه رک.“ ڇو ته جي وڃڻو پئي ته ماڻهو سڌو هليو وڃي، ڪا روڪ نه هجي، تنهن کان پوءِ ننڊ وليون! لکيم. اهو ڪتاب خصوصن ۽ ٻيا عمومن مون لاشعور ۽ تحت الشڪور جي سرحد تي لکيا آهن. تنهن کان پوءِ ”سورج مکيءَ سانجهه“، جيڪو ٽي حصا آهن. تنهن کان پوءِ ٻه جلد نثري نظمن جا آهن. ”سَر لوهيڙيا ڳڀيا.“ انهيءَ ۾ هڪڙي به سٽ ڪٿان ترجمو وغيره ناهي. ڇاڪاڻ جو مان ڏاڍو حساس ٿي پيو آهيان، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ڏاڍا ٽرڙا آهن. هڪڙيون 19 سٽون مليون اٿن ته بيوقوف گهڻو گوڙ پيا ڪن. ڪُوئي جي هيڊ ڳڙيءَ وارو مثال آهي. اهو ائين هوندو هو ته منهنجا سَوَ نوٽ بوڪ آهن، جيڪا سٽ مون کي Appealڪندي هئي ته اها آءٌ ڪاپي ڪري ڇڏيندو هوس. جيڪڏهن ليکڪ Significant هوندو هو ته انهيءَ جو نالو لکي ڇڏيندو هوس، ۽ ڪنهن مهل ته اُهو به وسري ويندو هو. تاجل مون وٽ آيو. چيومانس ته ”اهي جيڪي 19 سٽون تو لکيون آهن (نظم به ناهن سٽون آهن) انهن مان مون کي هڪڙي به ليکڪ جو نالو ٻڌاءِ. ڇو ته تو تازو لکيون آهن.“ هُو هڪڙي به ماڻهوءَ جو نالو نه ٻڌائي سگهيو (مون اهو جواب ٽيپ ڪري رکيو آهي.) اهي نوٽس مون تڏهن ورتا جڏهن مان V.C هيس. جڏهن منهنجي Original ۽ Creative لکڻي ختم ٿي چڪي هئي. ڪجهه مصلحتن ڪري مون نه پئي لکيو، ڪجهه حالتون اهڙيون هيون جن مون کي لکڻ نه ٿي ڏنو ۽ ڪجهه Compromising Situation هئي، تنهن منهنجي Talent کيRepress ڪري ڇڏيو. جڏهن يوسف شاهين کي مون ’پتڻ ٿو پُور ڪري’ اشاعت لاءِ ڏنو ته اتفاقن انهيءَ ۾ اهي سٽون به اچي ويون. هنن جو ته ايترو مطالعو ڪونهي، پر ڪجهه ٽڪرا انهن ۾ ناولن مان به هيا، جيڪي هينئر آءٌ محسوس ڪيان ٿو. اِهي ٽرڙا ماڻهو اهو نه ٿا سوچن ته جنهن ماڻهو هڪ لک سٽون لکيون آهن ۽ جيڪو پاڻ اُنهن کان سٺو لکي ٿو سگهي، تنهن کي ڪٿان 19 سٽن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟ مٿي ذڪر ڪيل مَسودن کان علاوه اٽڪل پنج سؤ صفحا مون انهن شخصيتن، شاعرن، فنڪارن، سنگتراشن، سياستدانن، انقلابين ۽ جن سياسي واقعن جو دنيا کي بدلائڻ ۾ حصو هيو، انهن سڀني تي، جدا جدا Notes لکيا آهن. مثال طور: ازراپائونڊ تي مون هڪڙو نوٽ لکيو آهي، مون پنهنجي انسائيڪلو پيڊيا ڏٺي ته ان ۾ ايڏو چڱو نوٽ ڪو نه هيو. ازراپائونڊ نوي ورهين تائين جيئرو رهيو ۽ انهيءَ جي شاعري ڏسي مون کي دماغ ۾ هڪڙو خفت ويٺو، ڇاڪاڻ ته ان جيڪي Cantos لکيا هيا سي چيني تاريخ جي پس منظر ۾ هيا، ته مون سوچيو ته سڄي ننڍي کنڊ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکان (جيڪا ڳالهه مان اڃان ڪري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ ’سرُمد ڇا ٿو سوچي‘، ٽيپو يا حالي وغيره تي جدا جدا نظمون لکيون اٿم. پر مان مسلسلCantos وانگر نه لکي سگهيو آهيان) ته ازراپائونڊ تي مان پنج ڇهه صفحا لکيا. پهرين ته ازراپائونڊ فاشزم جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، هيو ته آمريڪي شهري، پر هيو مسوليني جو ماڻهو. جنگ کان پوءِ هن کي آمريڪا ڏانهن ٻڌي وٺي ويا، ته هن جي دوستن سوچيو ته Conspiracy جي ڪري هن کي ڦاهو ايندو ۽ ڏيندس Execution Squad جي اڳيان، سو هن کي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنائون ته تون چَريو آهين. جڏهن اهو اتان رها ٿيو ته Time اخبار جي عيوضي انٽرويو ٿي ڪيس ته چيائينس ته ”آمريڪا ۾ چريو ئي رهي سگهندو، ٻيو سڄو ماڻهو ڪهڙو رهندو؟“ وينس ۾ برج ڪراس پئي ڪيائين ته ڪنهن رپورٽر اچي پڪڙيس، چيائينس ته ”بابا هاڻي ڇڏ مان زندگي گذاري چڪو آهيان.“ هڪڙي ڳالهه تنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪيان ٿو ته ”مان فقط اهو ڄاتو آ ته مان ڪجهه به نه ڄاتو آ.“ اها هئي ازرپائونڊ جي اسي ورهيه کان مٿي جي عمرLast Statement، جيڪا رپورٽ ٿي ۽ تنهن کان پوءِ هو گذاري ويو، جنهن جي ڪتاب جي Biography جو نالو ئي Living Volcano (هر وقت ٻرندڙ جبل) آهي. اهو انسان جيڪو Living Volcano هو، تنهن جو آخري نتيجو اهو هو. ڇاهي ته هيءُ ڪائنات ايتري رنگين، ايتري پراسرار، ايتري وسيع، ايتري هوش و حواس کان بعيد آهي جو انهيءَ جي باري ۾ ڪو به قطعي رايو، ڪو به انسان نه ٿو ڏئي سگهي.
    روشنيءَ ۽ آواز جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار في سيڪنڊ آهي، انهيءَ رفتار تي جيڪڏهن توهان ويجهي ۾ ويجهي ستاري تي وڃو ته ڏهه هزار سال لڳندا. ماڻهو ڪو جيئرو ئي نه هوندو جو اُتي پهچي سگهي، ۽ اهڙا ڪروڙين ستارا آهن، هڪ ڪهڪشان (Galaxy) ۾، اهڙيون ڪروڙين Galaxies آهن هڪ ڪائنات ۾. جيستائين دوربينن جي ذريعي حد نگاهه وڃي پئي، تيستائين ڪواسرس (Quasers) انهن کي محسوس ٿين ٿا، پوءِ اهي ڪهڙي نموني، ايڏي ائسٽراناميءَ تي منهنجي مهارت ڪونهي، پر Rudimentry ڳالهيون ڄاڻان ٿو. ڪواسرس نالي هڪڙا Objects آهن جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان وڃي رهيا آهن، جنهن کي اسان ’ڪُن فيڪون‘ ٿا چئون. بهرحال Scientific theory به اها آهي ته Big Bang وقت هڪڙو Heaviest Possible آڻو هيو، اُهو ٽٽي پيو ته اهي سڀ چنڊ ۽ تارا ساري ڪائنات ۾ ڦهلبا ويا ۽ انهن مان ڪواسرس روشني جي رفتار تي اڃا تائين وڌندا ٿا رهن. ڪاڏي ٿا وڃن سا خبر ڪانهي. Space ۾ Black Holes تي ٽن صفحن جو مضمون ڇپيو هو. ڪائنات ۾ Holes آهن، جتان روشنيءَ Penetrate نه ٿي ڪري سگهي. ماڻهو جو ڌُڪو اِهو آهي ته ڪائناتون به ايتريون گهڻيون آهن، جيتريون Galaxiesآهن. سو اها ڳالهه تمام بعيد از فهم آهي ۽ انهيءَ ئي ڳالهه عمر خيام کي Inspireڪيو، جنهن پنهنجي سڄي شاعري انهيءَ حيرت ۾ ٽٻي ڏئي لکي ۽ جنهن شاعري غزالي جهڙي ماڻهوءَ کي ڪاوڙايو هو، جنهن عمر خيام جي Observatoryجلائي ڇڏي. خيام جي شاعري مون چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ پڙهي هئي.، خيام به ان ساڳي ڳالهه تي سوچيندو هيو ته:
    اسرارء ازل را نه توداني و نه من
    (هي ازل جا جيڪي اسرار آهن نه تون ٿو ڄاڻين نه مان ٿو ڄاڻان.)
    وين حريفِ معما نه تو خواني و نه من
    (هي ڳجهارت نه تو ڀڳي آ نه مان ڀڳي آ.)
    هست از پس ما پرده من و تو
    چون پرده بر اُفتد نه تو ماني و نه من
    (تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ جو هڪ پردو آ، جڏهن پردو کڄي وڃي ٿو ته نه تون ٿو رهين نه مان ٿو رهان.)
    اها صوفيءَ واري ڪيفيت آهي، جڏهن رجنيش جا رڪارڊ ٻُڌندؤ ته توهان کي ساڳي ڪيفيت محسوس ٿيندي.
    اهو ماڻهو به پنهنجي ليکي همه اوست ۾ اعتبار ڪندڙ هو، جيڪڏهن صوفين واري Doctrinaire attitude وٺڻي پئي ته همه از اوست ۽ همه اوست ۾ وڏو فرق ٿي ويندو. بهرحال هن وقت منهنجي سرحد ويجهي آ.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪنهن زماني ۾ توهان روح رهاڻ ۾ لکيو هو ته سوڀو ٻنڊي ۾ جيڪا خاموشي جي زندگي گذاري پيو، اها ائين آ جيئن شينهن ڪُوئي جي ٻر ۾ گذاري، ان ڳالهه کي لکي به ڪيترا سال ٿي ويا آهن. اڄ جڏهن توهان ڪراچيءَ جي هن ڪنڊ ۾ چوٿين ماڙ جي هن فليٽ ۾ جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيو، ان تي توهان جي ڇا راءِ آهي؟
    شيخ اياز: منهنجو زندگيءَ ڏانهن هڪڙو پنهنجو رايو آ. جمال ابڙي مون کي سڄو ٿر ۽ لاڙ گهمايو (جمال جو ڀاءُ ڪمال X.E.N هوندو هو. جيڪو انتظام ڪري وٺندو هو.) جمال، ابراهيم جويو، رباني ۽ رشيد ڀٽي مون سان سفر ۾ گڏ هوندا هيا. مون سوچيو ته پنهنجي لاءِ ڀيرو مل مهر چند نه ڇڏيان، جيڪو اچي منهنجا سير سفر لکي. مان پنهنجا سير سفر پاڻ لکي سگهندس يا انهيءَ ماڻهوءَ کي چوندس، جنهن مون کي سير سفر ڪرايا. مون جمال کي چيو ته ”تون لک.“ چيائين ته ”اياز! مون لکڻ ڇڏي ڏنو آ.“ چيومانس ”توتي جمال ابڙو ڪري ڪتاب لکان ٿو، ان ۾ پنهنجا سير سفر به لکندس ۽ تنهنجي زندگي به لکندس.“ جمال ڏاڍو ذهين ۽ نڪته سنج ماڻهو آ، انهيءَ جا جيڪي پنهنجا واقعا ڏنل آهن، مون، جمال سان ڏهاڪو کن ويهڪون ڪري ورتيون آهن، مان توهان کي اهو انهيءَ ڪري ٿو ٻڌايان ته سوڀي جي باري ۾، جيڪي مون چيو هو ته ڇو چيو هو، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن.“ جي مهاڳ ۾، مون سقراط جي ”فيڊو“ جو ذڪر ڪيو آ. سقراط پنهنجي پوئين وقت ۾، هيملاڪ پيئڻ کان پوءِ، پنهنجي شاگرد ’ڪرٽو‘ کي وصيعت ڪئي ته ”يار مون ڏي فلاڻي جو ڪڪڙ رهيل اٿئي، اهو موٽائي ڏيندينس نه؟“ ڇيائين، ”استاد خيال نه ڪر. تنهن کان پوءِ هن کي هميشه لاءِ ننڊ وٺي وئي. مون جمال کي چيو. ”سقراط ته هڪڙي ڪڪڙ جي ٿي پارت ڪئي، مون ته تنهنجا ڪيئي ڪڪڙ کاڌا آهن ۽ اهو پورهيو مان توتي ضرور ڪندس. ”مون جمال سان جيڪو دؤر گذاريو هو سو ٽيتاليهن، چوئيتاليهن کان وٺي هو ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ مون اهو سڄو دؤر نئين سر زندهه ڪرڻ پئي چاهيو. جڏهن مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيس ته جمال ۽ مان مدرسي رُوپ ولاس ۽ جناح هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين. جمال خاڪسار تحريڪ ۾ هوندو هو ۽ مان ايم. اين. راءِ کان متاثر هوندو هوس. ايم. اين. راءِ منهنجي لاءِ هڪڙو دفاع ٿي ٿي آيو. جي مان ايم. اين. راءِ جي معرفت مارڪسزم ڏانهن نه اچان ها ته پوءِ ڪٽر مارڪسٽ ٿي پوان ها، جيئن ٻين مارڪسٽن جي هن وقت حالت آهي. ”ٻُڏندي ٻوڙن ۾ هاتڪ هٿ وجهن“ واري ڳالهه آهي. هاڻي سوال آ ته ”جيڪا شيءِ غرق ٿي، اُڪوئي غرق ٿئي. جان ڇٽي اُن مان.“ جيڪڏهن خدا توهان کي ايترو عقل نه ڏنو آ جو توهان زندگي جو نئون فلسفو پيدا ڪري سگهو، ته سڄي انسانذات ته ختم نه ٿي چڪي آهي! مارڪسزم اسان کيBipolar سياست ڏني، جيڪا روس پاڻ USSR ختم ڪري، آمريڪا جي وڃي پيرن تي ڪِريو. ووزينسڪي جيڪو ايوتوشينڪو کانپوء ِروس جو وڏي ۾ وڏو شاعر آ، انهيءَ اٺ مهينا اڳ آمريڪا جي شاعر ايلن گنسبرگ (Alen Ginsberg) کي خط لکيو هو، جيڪو News week جي فرنٽ پيج تي ڇپيو آهي- ”جي آمريڪا اسان جي مدد نه ڪندي ته هن سياري ۾ اسان جو اهو حال ٿيندو جيئن 1917ع جي انقلاب کان پوءِ مردا کاڌا هياسين يا جيئن 1942ع جي نازي ازم جي گهيراءَ کان پوءِ کاڌا هياسين.“ مون جڏهن “Nine Hundred day” پڙهيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ته انسانن سان اُتي ڇا ڇا نه گذريو هو! ٻيو ته ٽئين دنيا جي خلاف آمريڪا جي جيڪا ڦرلٽ هئي، USSRان جي لاءِ هڪڙو جهَلو هئي. سياست ۾ Venturism خطرناڪ شيءِ آهي. هر ڳالهه ۾ ماڻهو هڪڙي حد مقرر ڪري، ويٽنام ۾ آمريڪنس پنهنجو مٿو وڃايو. ڇو ته Over doing هئي. منهنجي گائيڊ دوست گُل رخسار جيڪا دوشمبي تائين مونسان گڏ هئي، ان تازو International ۾ مضمون لکيو آ، جيڪو رسالو مون کي ڄام ساقي ڏئي ويو هو. ان لکيو آ، ”اسان افغانستان ۾ ايتري هاءِ دوس مچائي، جيتري تيمورلنگ ۽ چنگيز خان به ڪو نه مچائي. ۽ 60 بلين ڊالر افغانستان جي بي معنيٰ جنگ تي خرچ ڪري، پنهنجي ملڪ کي کُٽائي پاڻ کي آمريڪا جي پيرن تي آڻي وڌوسون، ته جي توهان اسان کي راشن سپلاءِ نه ڪندؤ ته اسان هن سياري ۾ ختم ٿي وينداسين.“ اهو مضمون ان وقت لکيو هيائين جڏهن USSR اڃا ٽڪرا نه ٿي هئي، پر هاڻي ته اها ٽڪرا ٿي چڪي آ. دراصل منهنجو خيال اڳ به اهو هيو ۽ اهو مون پنهنجي ڪتاب ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۾ لکيو آهي. ايم. اين. راءِ جڏهن ميڪسيڪو مان ڪميونسٽ انٽرنيشنل تي ڊيليگيٽ ٿي ويو، (ڇا لاءِ ته هن پهريون انقلاب ميڪسيڪو ۾ آندو هو) لينن چيس ته انڊين مسلمان خلاف تحريڪ ۾ تاشقند مان ٿي تُرڪي وڃن ٿا، تون هنن جي برين واشنگ ڪري، مون کي ڪميونسٽ تيار ڪري ڏي. ايم. اين. راءِ ويچاري ڇهه مهينا مٿو هنيو. هو ڇا ڪندا هيا جو صبح جو هن جا ليڪچر ٻُڌي، شام جو وري انور پاشا جو ليڪچر وڃي ٻڌندا هيا (جنهن اُتي اچي پناهه ورتي هئي) ايم. اين. راءِ جي ليڪچرن جو سڄو اثر ختم ٿي ويندو هو ۽ هو چوندا ها ته ”اسان خلافت جي لاءِ وڃي مرنداسين.“ ايم. اين. راءِ لينن کي خط لکيو ته:
    “I am not preparing an army of revolution. I am preparing of army of God. Please relieve me. Let me to my mother land.”
    جڏهن ايم. اين. راءِ اُتان آيو ته پوءِ هتي ڪافي وقت روپوش هيو، تنهن کان پوءِ ميرٺ سازش ڪيس ۾ ٻڌائونس ۽ هن کي ڇهه سال ٽيپ ڏنائون. هن اُتان به ڪميونسٽن کي لکيو ته ”توهان وڏا ڪي بيوقوف آهيو، جنهن تي به ڪورٽ ۾ ڪيس هلائن ٿا ته اهو ڦري ٿو وڃي ۽ ميرٺ سازش ۾ ڪو نه هيس. اڙي ڇا انگريز توهان کي ڇڏيندا؟ ٽيپ ته هونئن به ڏيندوَ، پر هڪڙي بولڊ اسٽينڊ وٺي چئو ته ’ها آزادي اسان جو حق آهي. ۽ توهان ڪير ٿيندا آهيو جو هتي آيا آهيو؟ اسان توهان جي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ٻاهر ڪڍنداسين ۽ اها سازش اسان ڪئي آهي ۽ اها سازش اسان جو بنيادي حق آهي.“ ڳالهه اُتان آئي ته Bipolar, USSR سياست ختم ڪري ڇڏي. باقي ٽين دنيا هوا ۾ لڙڪيل آهي.
    ته ڳالهه نڪتي سوڀي جي ذڪر تان. گفتگوءَ جي وهڪري ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين. مان ڪراچيءَ ۾ گوشه نشيني پاڻ نه چونڊي آهي، نه ڪنهن قيد و بند کان لنوائڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي. اها گوشه نشيني مون تي بيماريءَ مسلط ڪئي آهي. هينئر طبيعت ڪجهه سُڌري آهي، چاهيان ٿو آزاد هوا ۾ وري ڪنهنSea- gull (سمنڊ جي پکيءَ) وانگر اُڏامان؟ ڪيئن چئجي؟ دل شايد پڃري تي هِري وئي آهي. اوهان پکي ڏٺا آهن جن کي پڃري ۾ گهڻو وقت قيد رکيو ويندو آهي؟ اُنهن جي پڃري جو در کولي ڇڏبو آهي، تڏهن به نه اُڏامندا آهن. هي د‍ؤر به اهڙو آيو آهي. دل پوريءَ طرح مرجهائي ته نه آهي، پر اُن کي لهس اچي چُڪي آهي. انسان جا صدين جا خواب ٽُٽي چُڪا آهن. هي مُئا جي منهنجي لئبرريءَ ۾ بند آهن. اهي اديب، اهي شاعر، اهي فلسفي، اهي ناول نگار، اهي سير و سياحت، سائنس، تاريخ، ثقافت تي لکڻ وارا، جيڪي مري چڪا آهن، مون لاءِ جيئرن کان وڌيڪ جيئرا آهن. نه سوڀو اُن وقت زندگيءَ کان صفا ڪٽيو هيو، نه مان ڪٽيو آهيان. هن جي بي دلي ۽ بي حسي به عارضي هئي ۽ منهنجي به عارضي آهي. دل اڃا دنيا سان واڳيل آهي. حسن سان، حق سان، نيڪيءَ سان، انسان ذات جي محبت سان، جنهن ۾ خدا جي محبت ۾ هاڻي مون لاءِ فرق نه آهي. سوڀي ۽ مون ۾ هڪ فرق آهي. سوڀو اڃا چڱو ڀلو ۽ کڙو تڙو آهي. مون کي بيماريءَ لوڏي رکيو آهي. جيتوڻيڪ صحت سڌري رهي آهي پر بيماريءَ مان اهو فائدو ٿيو آهي ته مان ايترو ڪجهه لکيو آهي، جيترو اڌ صديءَ ۾ لکيو اٿم ۽ منهنجي تخليق اڳي کان به اُجري، اڳي کان به جوان، اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: جي مارڪسزم ختم ٿي ويو ته ان جو حل ڇا آهي؟
    شيخ اياز: مون کي پاڻ هن وقت ان جو حل نظر نه ٿو اچي. پر Violence ان جو حل ناهي. جيڪڏهن تون خوني ۽ جنوني آهين ته تنهنجي پڇاڙي به خوني ٿيندي. ذريعو ڪري به تون ان کي اپنائي نه ٿو سگهين. خاص ڪري سنڌ ۾Means ۽ Ends جو فلسفو آهي. جيڪڏهن Means صحيح آهن ته End به صحيح ٿيندي. نه ته Perverted, End ٿي ويندي ۽ مان اهو منڍ کان چوندو رهيو آهيان. اسٽالن ڌاڙا هڻندو هو (جيئن اڄڪلهه هتي ماڻهو ڌاڙا هڻن ٿا). بئنڪون ڦريندو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي انقلاب لاءِ پئسا گهربا هيا.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان جي نظر ۾ هينئر اها End ڪهڙي آ، ڇا هينئر مارڪسزم جو ڪو رول رهيو آ؟
    شيخ اياز: هينئر مارڪسزم جو ڪو به رول ڪونهي. The World is waiting for an alternative. جيڪو پيدا ٿي سگهي ٿو. هينئر Unipolarسياست آهي. جاپان ۽ جرمني اُڀري رهيا آهن، ڏسون ته دنيا ڪٿي تي پهچي! ڇو ته هينئر Economic power جاپان ۽ جرمني آهي. آمريڪا ۽ روس ته هنن جا قرضي آهن. باقي اسان آمريڪا دشمنيءَ جو ٺيڪو ته ڪو نه کنيو آهي. آمريڪا به چڱو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. آخري سياسي نظريو هن وقت اهو ٿيندو جو ڌرتيءَ مان ازخود اُڀري ۽ عوام جي دماغ تي مسلط ڪيو نه وڃي. دنيا نظرياتي دنيا نه رهي آهي. اڻويهينءَ صديءَ جي فلاسافيءَ ۽ سياست کي مدِنظر رکي اڪويهينءَ صديءَ جا مسئلا حل نه ڪري سگهبا، نيئن سوچ جي ضرورت آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان اڳ ۾ وقت ۽ ازل جي فلسفي جي باري ۾ ڳالهايو، انهيءَ ۾ ته زندگيءَ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. خود توهان جي شاعري...
    شيخ اياز: نه نه، زندگي بي معنيٰ ناهي، زندگي ته ماڻهو کي بار بار ٿي ملي. اهو منهنجو عقيدو آهي. مون کي موت جو ڪو به خوف ناهي. منهنجي لاءِ اهو ائين آهي، جيئن هڪڙي چانئٺ تان ٻرانگهه ورائي ٻئي پاسي وڃڻ.
    انٽرويو وٺندڙ: يعني موت کان پوءِ زندگي آهي؟
    شيخ اياز: آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: وري ماڻهو هتي ايندو يا،،،،؟
    شيخ ايازۡ ڏسو نه، آءٌ ڪنهن مُلي جي چڪر ۾ نه ٿو پوڻ چاهيان، پر اسان جي مذهب ۾ به اهو آهي ته مان توهان کي وري وري جيئاريان ٿو. مطلب ته منهنجو پنهنجو هڪڙو عقيدو آهي. مان ان جو ڪو مبلغ (Preacher) ناهيان، پر مون کي ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ، ڪائنات جي باري ۾، انسان جي Self جي باري ۾ يا انهيءَ جي بقا جي باري ۾ سوچڻ جو حق آهي ۽ هر انسان کي انهيءَ جو حق آهي. اهو حق نه ڏنو ويو تڏهن ته USSR ختم ٿي ويئي. مون انگلينڊ مان ساليڊارٽيءَ واري ليڪ وليچا جي زندگيءَ تي ڪتاب ورتو، ان ۾ توهان ڏسندؤ ته پولن سان ڪيڏو ظلم ٿيو آ. جيرو زلڪسي تائين هنن سان ظلم ڪيائون.... پر منهنجو ڪو هاڻي اهو مقصد ڪونهي ۽ نه ئي ڪو مان آمريڪن ايجنٽ آهيان، جو ماسڪو يا USSR جي خلاف ويٺو پروپئگنڊا ڪيان. اسان لاءِ ته جان ميجر يا جارج بش جي جمهوريت به في الحال ڪجهه ڪو نه ٿي ڪري. هُو ڏکڻ ايشيا ۾ ڪهڙو ڪردار ٿا ادا ڪن، ڪيئن چئجي، پر مان ڀانيان ٿو ته هو صحتمند ڪردار ادا ڪندا، جيڪو USSR ادا نه ڪري سگهي، جن جا جيڪي به ايجنٽ هتي هُيا سي پنهنجا ٻار تعليم واستي ٻاهر موڪليندا هيا، پوءِ انهن مان ڪو رومانيا ويو، ڪو روس ويو، ڪو مشرقي جرمني ويو. ڇڙو پنهنجي واپار وغيره لاءِ سهولتون وٺندا هيا. هُنن جا سمورا وسيلا پنهنجي لاءِ استعمال ڪندا رهيا ۽ سوويت ڪائونسل جي صحيح مخبري اصل نه ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو ون يونٽ جي. ماسڪو مان نڪرندڙ ماهوار رسالي Time حمايت ڪئي هئي! ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي! پوءِ انهيءَ تان ڦِري ويا.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان جي ڪتابن پڙهڻ وقت (خاص طور نثر کي) محسوس ٿيندو آ ته توهان به انهن حقيقتن ۽ بيانن کي درگذر ٿا ڪيو...؟
    شيخ اياز: توهان مون کي ٻڌايو ته مون ڪهڙيون ڳالهيون درگذر ڪيون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان جي تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ۾ Spanish Civil war جي حوالي سان، توهان اها ئي ڳالهه ڪئي آ، جيڪا عام طور تي ساڄي ڌر وارا ماڻهو ڪندا رهيا آهن. مثال: توهان چئو ٿا....
    شيخ اياز: جيڪا `Spanish civil war` جي تاريخ ڇپي آهي. توهان آرويل کي پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ جو Prophetic ناول پڙهي ڏسو. 1984ع کان پوءِ ته هيءَ بدمعاشي ختم ٿي آهي. جارج ارويل ڦري ويو، آندري مالرو ڦري ويو، هيمنگوي ڦري ويو، ڪرسٽافر ڪاسرڊويل ڦري ويو، جيڪو ڪميونسٽ هيو. اهي سڀئي ماڻهو ڦري ويا. ڪرسٽا ڪارڊويل ته پڇاڙيءَ تائين هنن سان هيو، پر جڏهن هن Illusion and poetry ڪتاب لکيو ته ڄڻ هڪ Mystic راونگي لکيائين. ڪرسٽافر اشروڊ جهڙي ماڻهوءَ ڪيليفورنيا ۾ وڃي گيتا جو ترجمو ڪيو، جيڪو پرڀوپاد وارن جو سينٽر آ. هونءَ اهي سڀ ڪميونزم جا حامي هئا.
    هاڻي اهي سڀئي ماڻهو جيڪي انهيءَ دؤر جا وڏا Interlectuals هيا. توهان اندري مالرو جو Spanish war تي ناول پڙهي ڏسو ته ڇا لکيو اٿائين. هئري پالٽ، جيڪو برٽش ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هيو. هدايتون موڪليون ته ”توهان اتي اديب مارايو ته جيئن اسان Daily worker ۾ Play up ڪري سگهون.“
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا اها حقيقت ناهي ته اسپين جي خانه جنگي ۾ برطانيا ۽ فرانس اهڙي انداز جي سياست اختيار ڪئي جنهن آخرڪار وڃي هٽلر ۽ مسوليني جون ٻانهون مضبوط ڪيون؟
    شيخ اياز: نه رڳو برطانيا ۽ فرانس ٻانهون مضبوط ڪيون، پر روس به ڪيون. ڇاڪاڻ جو ڪئٽلونيا ۽ بارسيلونيا ۾ انارڪسٽن ۽ ڪميونسٽن گڏجي حڪومت ٺاهي هئي ۽ جڏهن فرانس جو اسٽالن تي دٻاءُ پيو ته ڪميونسٽن کي اسٽالن چيو ته توهان انارڪسٽن کان جدا ٿيو ۽ پوءِ هنن جي حالت وڃي اها ٿي جيڪا اسان جي جيئي سنڌ وارن جي وڃي ٿي آهي. (ڪهڙو حلقو، اهو مان نه ٿو چوان. شخصي طرح مون کي آريسر لاءِ عزت آهي، جيڪو ڪافي حد تائين حقيقت پسند آهي، جنهن کي تاريخ جو شعور آهي ۽ جنهن جي مستقبل جي صحيح طرف ڏانهن نگاهه آهي.) ته اهي وچ چؤنڪ تي بيهي نعرو هڻندا هيا ته Long live Spain ته پوءِ فرينڪو جي سپاهيءَ جي گولي ٺڪاءَ ٿي ويندي هُين ۽ بوبڪ جي ڳيري جيان ٻٽڪو اچي ڪندا هئا. فقط نعري بازن جا دماغ پڇاڙي جو ٽڙڪي ٿا پون. جيئن USSR ٽڙڪي پيو تيئن دماغ به ٽڙڪي ٿا پون ۽ انهن دماغن کي ڪنهن حد تائين ته ماڻهو سڄو ڪري سگهندو آ، پر انساني دماغ جي صفا ٽڙڪي پوي ته اهڙي ماڻهو ڪا به Tape يا سوليوشن ڪونهي، جيڪا ان کي ڳنڍي سگهي.
    انٽرويو وٺندڙ: سياست جي حواالي سان ته ڪافي ڳالهيون ٿيون، پر هاڻي ادب تي اچون ته ”بين الاقوامي ادب ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو وڪوٽورين سماج وٽ دليرانا لفظ يا جملا، بيهودگيءَ ۽ بدتميزيءَ جي نشاني سمجهيا ٿي ويا. انهيءَ زماني ۾ D.H.Lawrence جهڙن ماڻهن جا ڪتاب ملڪ ۾ نه پئي ڇپجي سگهيا، پر فرانس ۾ پئي ڇپيا. پوءِ ته اهڙو زمانو به اچي ويو جو هنري ملر جا ناول به عام پئي ڇپيا.
    شيخ اياز: هنري ملر جي لائيف به پڙهي اٿم. پڇاڙيءَ جو جڏهن هنري ملر لکڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي ته هن کان انٽرويو ورتائون. چيائين : ”هاڻي Sex تي ڇو لکان. دنيا ايڏي Liberate ٿي چڪي آهي جو منهنجي لکڻ جي ضرورت ئي ڪونهي.“
    D.H. Lawrence جسماني طرح ڪمزور ۽ ذهني عياشي ۾ Dabble ڪرڻ وارو ماڻهو هوندو هيو. D.H. Lawerence ڪمزور هجڻ ڪري گهڻيون عورتون ڪو نه رکي سگهندو هيو، پر هن جي زندگيءَ ۾ هڪڙي عورت فليڊا هُئي. انهيءَ کان اول جارج سئنڊ جا مون خط پڙهيا آهن. جارج سئنڊ جي هڪ ڳالهه مون کي ياد آهي. هن چيو هو:
    “I don’t dislike the night that I pass with my lover, But I do dislike the day that I pass with my husband.”
    ان زماني ۾ نورا رسيل (شايد برٽرانڊ رسيل جي ڌيءَ يا مائٽياڻيءَ) هڪ مضمون لکيو هو، ”اِن کان وڏي بي عزتي منهنجي لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ڪوئي مون مان عصمت جي توقع رکي!“ دراصل عورتازاد (Feminist movement) کي غلط طور Sexrevolt جو رنگ ڏنو ويو. اردو ادب ۾ اهو عصمت چغتائيءَ جي ’لحاف‘، منٽو، بيديءَ، بلونت سنگهه جي افسانن سان شروع ٿيو. هينئر اِهو مغرب ۾ ته ختم ٿي چُڪو آهي. زندگيءَ ۾ ته آهي، ادب ۾ اُن جي ضرورت گهٽ ٿي محسوس ڪئي وڃي.
    انٽرويو وٺندڙ: اها ڳالهه ته لطيف سائينءَ به سهڻيءَ ۽ ڏمَ جي حوالي سان چئي آ؟
    شيخ اياز: لطيف سائين جو سڄو ڪلام معرفت جو ڪلام آهي. انهيءَ کيDistort ڪيو ٿو وڃي. لطيف جي هڪڙي سٽ آ ته ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ جنهن ۾ به سائين اڳ ۾ ٿو اچي ۽ اهو سائين ڪير آ، اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آ. سنڌ تي سڪار جي ڳالهه پوءِ جي آ. ڀٽائي پنهنجي همعصرن ۽ پيشرون کان تمام گهڻو مختلف هو. انهيءَ ڏس ۾ هومر کي ڏسو، ورجل کي ڏسو، ڊانٽي کي ڏسو، شيڪسپيئر کي ڏسو، فرانس ۾ بودليئر، رامبو، وَرَلين وغيره کي ڏسو، ته ڀٽائي هڪڙو واحد شخص هو. ڪاليداس ۾ به اها شيءِ ڪانهي، ٽئگور ۾ ڪنهن حد تائين هئي، جنهن پنهنجي روحاني جستجو (Spiritual Quest) جي واسطي، جيڪي علامتون کنيون سي عوامي زندگي ۽ غريب ماڻهو جي زندگيءَ مان کنيون. ڀٽائي ڪا تلوار کڻي، حملي جي خلاف ڪو نه وڙهيو هو. ڀٽائيءَ جون جيڪي به لوڪ- ڪهاڻيون آهن، سا اسان جي گڏيل لوڪ ميراث آهي. اهي توهان کي ميئين عنات ۾ ملن ٿيون. ميئين عنات کان به اڳ جيڪو لاڙڪاڻي وارو شاعر هو شاهه لطف الله قادري، ان ۾ ملن ٿيون. اها اسان جي قومي دولت هئي، جنهن کي لوڪ- ڪٿائون، يا ڏند ڪٿائون چئجن. لطيف ۾ اها ڏاهپ هئي جو هن سڄي ڳالهه کي ميڙي چونڊي اچي منطقي نتيجي تي پهچايو، پر شاهه سائينءَ کان پوءِ وئي ڳالهه ڪِرندي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ذهانت وارا ماڻهو پيدا نه ٿيا. شاهه جو جيڪو روحاني پيغام آهي سو سورنهن آنا صحيح آ، جيڪي ماڻهو هن سان Attribute ڪن ٿا، هاڻي ماڻهو ڪيترو اُن کي سمجهي سگهيا آهن. ڪيتري قدر ان کي Explain ڪري ٿا سگهن، اها هڪڙي ٻي ڳالهه آهي، پر انسان جي جيڪا جستجو يا اندروني اُڃ آهي.
    “For Knowing the Ultimate reality of life.”

    اها ئي شاهه سائين ۾ آهي، مون شاهه جا سڀئي سُرَ پنهنجي پيغام سان لکيا ها. مثال طور: ليلا چنيسر ۾ مون Means ۽ Ends جو فلسفو پيش ڪيو، ته جي تون مڻين تي مڙس مٽائيندينءِ ته اهو مڙس هميشه لاءِ تو کان هليو ويندو: ته `Wrong means will distort the End` اهڙي طرح سورٺ آهي. ”ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ جيڪي سڀئي سُر ڏنا اٿم تن ۾ منهنجو، هر هڪ سُر ۾ پيغام مختلف آهي. شاهه سائين جو رڳو وحدته الوجود جو پيغام هو پر مان جڏهن سُر مارئي لکيو ته سنڌ سان وحدته الوجود ڏيکاريو. سورٺ لکيم ته آرٽ جي لاءِ آرٽسٽ کي سِرُ ڏيئڻو آ.
    ”مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياج،
    منهنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تنڌ ۾،”
    انٽرويو وٺندڙ: رچرڊ ايب برٽ چيو آهي ته ”شاعري دنيا کي تبديل نه ڪندي آهي، پر شاعر کي تبديل ڪندي آهي.” توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    شيخ اياز: شاعري دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪرڻ ڪونه چاهيندي آهي ۽ نه ئي شاعر جو اهو مقصد هوندو آهي ته دنيا کي سياسي طرح تبديل ڪري. دنيا کي اهڙي طرح تبديل ڪرڻ وارا ٻيا ماڻهو گهڻا آهن، شاعر جو ڪم آهي دنيا جون جيڪي بنيادي ڳالهيون آهن، انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي، انهيءَ کي چڱي طرح پيش ڪري ۽ انهيءَ جا جيڪي عملي نتيجا نڪرن انهن کان پاڻ لاغرض رهي. ممڪن آهي هت اهي ان جي دور تي اثر وجهن ۽ ان کي بدلائين، ممڪن آهي اُهي هن جي ايندڙ دور تي اثر وجهن، ممڪن آهي انهن کي Practical Ends هجن ۽ ممڪن آهي انهن کي Practical Ends نه هجن، ازراپائونڊ فاشي هيو ۽ مسوليني جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، پر مان هن کي وڏو ڀاءُ ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ منهنجو فاشزم ۾ اعتبار نه هو، پر T.S Eliot جهڙو ماڻهو هن جي شاعريءَ جي اڳيان ايترو مرعوب ٿي ويندو هو، ڄڻ هن جو هڪ شاگرد هجي، اهڙي نموني سان جدا جدا ماڻهو ڪائنات خلقيا آهن، انهن ماڻهن جي ڏاهپ کي سياست جي ماتحت ڪرڻ فضول آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ %2 ماڻهو توکي سمجهن ٿا، تنهن ڪري تون %98 لاءِ لِک، جن کي ڪا سمجهه ڪانهي، اهو ڪم سياستدانن جو آهي، هونءَ به سچ هڪ ماڻهوءَ جي اقليت ۾ پيدا ٿيندو آهي. پوءِ اُهي ٻه ٿيندا آهن، پوءِ ٻه هزار ٿيندا آهن، پوءِ ٻه ڪروڙ ٿيندا آهن، سچ جو ڦهلاءُ، حسن ۽ نيڪي جو ڦهلاءُ واقعي شاعر جو ڪم آهي، دراصل هر پيغمبر جو به اهو ڪم آهي، يسوع سان پهريون گهڻا ماڻهو هئا؟ روميءَ جو شاعري جُز ويست از پيغمبري، وارو پيغام صحيح آهي. اها دنيا کي بدلائي ٿي، پر شاعر جو اِهو مقصد نه آهي، اِها ٻي ڳالهه آهي ته اِهو شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. شاعري هر آرٽ وانگر مقصد بالذاٽ آهي. شعر انساني روح ۾ جو حسن، جا باليدگي پيدا ڪري ٿو، اها پنهنجي ليکي ڪافي آهي، اها ڏاهپ جيڪا خدا امانت ڪري ڏني آ، انهيءَ کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻو آ، ليکڪ کي انهيءَ امانت ۾ خيانت نه ڪرڻي آ، توڙي منهنجو انقلاب ۽ سياست جو پيغام هو، تڏهن به مون فن کي اوليت ڏني، مان هڪ به اهڙي سٽ نه لکي آ، جيڪا مون پنهنجي روح مان چاقو سان چيري نه ڪڍي هجي، تنهن ڪري منهنجي شاعريءَ ۾ پيغام پرائمري نه آ، پر فن کي اوليت آ.
    انٽرويو ٺندڙ: توهان جي شاعري ۾ پيغام آهي ته سهي؟
    شيخ اياز: آهي، پر اهو پيغام مري وڃي ها، ختم ٿي وڃي ها، جي شاعريءَ کي اوليت نه هجي ها، جيئن ڪيترن شاعرن جي شاعري ختم ٿي وئي. مولانا ظفر علي خان مسلم ليگ تحريڪ جي باري ۾ ڪيترو لکيو ۽ پنهنجي دور ۾ وڏي Craze هو. هن وقت سندس چار ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيل آهن، ڇا انهن مان هڪڙي سٽ به ڪنهن پڙهي آهي؟
    پر مان ان تي ضد نه ٿو ڪيان ته فن کي ڪوئي آدرش نه هجڻ گهرجي. شاپن پولنڊ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي موسيقي ڪم آڻيندو هو، پر اها موسيقي اڄ به لازوال آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته شاپن کي مُئي ڪيترو ئي وقت ٿي ويو. ساليڊارٽي پولنڊ ۾ ڪيترو وقت پوءِ پيدا ٿي. اها ڪنهن زار نه، پر ڪميسار پيدا ڪئي ۽ ان کي به شاپن جي موسيقيءِ اتساهيو. مان اهو تسليم ٿو ڪيان ته ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگر ڪي ڪي شاعر پنهنجي دور جو پيڙا جو اظهار ٿين ٿا، ڪي ته زلزلي ماپ جي اوزار وانگر ٿين ٿا ۽ پنهنجي دور جا سارا ڌوڏا ڏيکارن ٿا، پر انهن جو مقصد دنيا کي بدلائڻ نه آهي، انهن جي دل ۾ اها چاهنا ٿي سگهي ٿي، شاعر هميشه چاهيندو آهي ته: ”مان ڪجهه ٻيو هجان،” ؟ڪنهن ٻي هنڌ هجان. ” پر تبديلي لاءِ شعوري ڪوشش شاعري کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي. غالب سپاهي به هو، پر جي بهادر شاهه ظفر لاءِ وڙهي ها، جي انگريزن خلاف غدر ۾ شامل هجي ها ته اوهان کي ديوانِ غالب نه ملي ها. شاعر جو مقصد دنيا کي بدلائڻ جو نه آهي، دنيا ۾ تبديلي شاعريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، ڪبير ۽ نانڪ اِن جا مثال آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: مادرڪ اسٽرينڊ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي شاعري جي پاڻ ساراهه ڪري ته بيوقوف ماڻهو هن جي عزت ڪندا آهن.” توهان جو ڇا خيال آهي؟
    شيخ اياز: ٻه ڳالهيون آهن، هڪڙو ته انسان جي پنهنجي ذات جي آڦِري، اُمامَ، ماڻهو انهيءَ ڪري پنهنجي ساراهه ڪندو ته مان هڪڙي وڏي چيز آهيان، مان هيڏو وڏو پهاڙ آهيان، مونسان ته ڪو پڄي ئي ڪونه سگهندو، انهيءَ کي ته مان مڪمل طور رد ٿو ڪريان، هونئن ڪو وقت هيو جو مان سمجهندو هوس ته ڪنهن فنڪار جي ڪسرِ نفسي هُن جي روح جو فالج آهي. هو پاڻ کي ۽ فن کي ضرورت Assert ڪري ۽ چئي ته ”نه هي صحيح آهي.” جيستائين هو ائين نه ڪندو، تيستائين پنهنجا مخالف نظريه ڊاهي ڍير نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن Impressionism کي ختم ڪرڻو هو ته Post Impressionism جي ضرورت هئي. جيڪڏهن Post Impressionismکي ختم ڪرڻو هو ته Futurism جي ضرورت هئي. آرٽ ۾ اهي Variations ٿينديون رهيو آهن ۽ ماڻهو تمام زور سان پنهنجي ڳالهه تي Emhasis ڏيندا رهيا آهن. پر هينئر منهنجو ساڳيو نقطئه نظر آ، جيڪو ازراپائونڊ جو آخر ۾ هو ته:
    `I Know only this much that I do not know any thing`
    ڪافي وقت کان هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ آئي آ Moving Finger writes واري، هاڻي اهو ڪير لکائي، اهو مان نه ٿو ڄاڻان، اها شاعري ڪٿان ٿي اچي، انهيءَ کي جڏهن مان Objectively ڏسان ٿو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڪجهه چوان ٿو ته اها Inflated Ego ناهي. مان توهان کي اها خاطري ٿو ڏيان ته انهيءَ لحاظ کان مان Humblest Possible ماڻهو آهيان، ڇاڪاڻ ته انسانذات ۾ ڀُلئون ئِي ڀَل پئي آ ۽ مون کان پوءِ الائي ڪيترا ماڻهو اچن، ڇو ته دنيا اڄ کٽي ته ڪونه ٿي وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سنڌ ئي مونکان ڏهه ڀيرا وڌيڪ چڱو شاعر پيدا ڪري، اڃا ٻه سو ڀيرا وڌيڪ پيدا ڪري. مان تازو پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته چار ڳالهيون ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت لهڻن ٿيون، حق، نيڪي، حسن ۽ خدا، پر خدا ورجاءِ آهي، پهرين ٽن ڳالهين جو، ڇاڪاڻ ته خدا، حق، نيڪي ۽ حسن کانسواءِ ٻي ڳالهه ٿي نٿو سگهي، يا انهيءَ کان به مٿي هجي، ڇاڪاڻ ته سڄو Evilبه ته انهيءَ ۾ سمايل آهي، اهو Evil ڪئين ٿو چڱائي ۾ تبديل ٿي وڃي، اهو مان نه ٿو ڄاڻان، ڪائنات جي سڄي Network کي ڄاڻڻ تنهنجي ۽ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي. هن سڄي ڪائنات ۾ ڌرتي جي حيثيت تر جيتري به ڪانهي ۽ ان تي وري اسان ڪهڙي حيثيت رکون ٿا؟ مان اها ڳالهه احساس ڪمتريءَ جي لاءِ نه ٿو ڪيان، پر اها حقيقت آهي ته انسان پنهنجي ليکي ڪا شيءَ ڪانهي، ماڻهو گهڻا اُڀامن ٿا، اڏامن ٿا، ته هيئن ڪنداسين، هونئن ڪنداسين، پر ڏٺو وڃي ته انهن جي وَس ۾ تمام ٿورو ڪجهه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا توهان پنهنجي پوئين شاعري ”ڀونر ڀري آڪاس” يا ”ڪلهي پاتم ڪينرو کي Disown ٿا ڪريو؟
    شيخ اياز: مان ڪنهن ڳالهه کي Disown نه ٿو ڪريان، سواءِ هڪ يا ٻن نظمن جي، جيڪي مون سڌو سنئون ڪميونزم جي اثر هيٺ لکيون، پر انهن جو به منهنجي ارتقا ۾ هٿ آهي، زندگيءَ جا مختلف دور ٿين ٿا، اِها به ان جو حصو آهي، حافظ چيو آهي:
    غلامِ همتِ آنم کي زيرِ چرخِ کبود زهرچه رنگ تعلق پذيره، آزاد اَست
    (ترجمو: اُن جي همت جو غلام آهيان، جو هن نيري آسمان هيٺان، جنهن به رنگ سان تعلق پيدا ڪري ٿو، ان کان آزاد آهي.)
    انٽريو وٺندڙ: نه رهندي نه رهندي جواني نه رهندي، نه الله باقي نه رهندي انسان فاني...
    شيخ اياز: (کلندي) توهان انهن ڳالهين ۾ پَئي ڏوهه نه ڪيو، ڇو ته ان نظم تي پابندي آ.
    آءُ عمر جي انهيءِ حصي ۾ آهيان جو ڪنهن کي رنجائڻ نه ٿو چاهيان، جنهن ۾ ٻئي کي مشتعل ڪرڻ ۾ اذيت پسندي هوندي آ. ماڻهو زندگيءَ جي تجربي مان سمجهي ٿو ته مان هيڏن ماڻهن کي ڇا جي لاءِ رنجايان، هڪڙي سٽ جي ڪري مان اهو ڪهاڙو ٻئي جي مٿي ۾ ڇا جي لاءِ هڻان! انهيءَ جي ڪري مون جڏهن ”پوءِ نر ڀري آڪاس” جو ٻيو ڇاپو آندو ته سٽون ڪٽي ڇڏيون، حالانڪه انهن جي لکڻ وقت منهنجو مقصد ٻيو هو، پر ماڻهن ان کي مختلف مقصد سان پئي سمجهيو ۽ انهن کي اهي سٽون ڏکوئن پيون، بحيثيت اديب ۽ فنڪار جي مونکي هن عمر ۾، ڪنهن کي رنجائڻ جو ڪو شوق ڪونهي، باقي توهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته Poetic licence نالي به ڪا شيءَ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب ته توهان جا ڪالهوڪا مخالف، اڄوڪا دوست ۽ اڄوڪا دوست ...
    شيخ اياز: نه نه، منهنجو ادب ۾ نه ڪو مخالف آهي ۽ نه ڪو دوست آهي، مونکي رڳو ڪجهه مداح آهن، جن کي خدا ساڃهه ڏني آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي منهنجي ادب کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ رنگين عينڪ سان ڏسن ٿا، جيئن ڀٽائي جي شاعريءَ کي ڏسن ٿا، ”سچل چيو هو، مان جوئي آهيان سوئي آهيان، منهنجي هڪ غزل جو مطلع آهي:
    ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي،
    هي ڪا ته سُريلي آگ هئي، هي ڪا ته ڀري برسات هئي.
    ائين آهي ته ڪي سُريليءَ آگ جو سيڪ سَهي نه ٿا سگهن ۽ ڪڏهن ڀَري برسات کان ڀڄي، ڇڄهريءَ هيٺان بيهن ٿا ته ڀڄي نه وڃون، منهنجي دوستي پنهنجيءَ شاعريءَ سان رهي آهي، جو ماڻهو، جا نقطئه نگاهه، منهنجي شاعريءَ جي دوست رهي آهي، ان کي مون اپنايو آهي، جنهن ان جي مخالفت ڪئي، انهن کي مون مسترد ڪري ڇڏيو آهي.
    انٽريو وٺندڙ: هينئر ڪائنات ڏانهن توهان جي جيڪا صوفياڻي روش آهي ته ڇا پوئين ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جو دانشور وري واپس ٿو ٿئي؟
    شيخ اياز: منڍ کان وٺي اها هئي. مون توهان کي ٻڌايو ته جيڪي منهنجا مخالف هيا اهي منهنجي ”ڪفر” کي ان حد تائين وٺي ويا جو خوامخواه ڳچيءَ ۾ هڪڙو نوڙ وڌائون ۽ منهنجي حمايت ۾ انهن جا مخالف هيا، اهي به ايترائي ڪٽر هيا، هڪڙا ڪميونسٽ ملان هيا ۽ ٻيا اسلامي مُلان هيا. جهيڙو ٻنهي جو پاڻ ۾ هيو، آئون شٽل ڪاڪ وانگر ٻنهي جي وچ ۾ هوس، رشيد لاشاريءَ هڪ خط ۾ لکيو هو(جو شايع ٿي چُڪو آهي) ته ”جي مون تي ادبي بورڊ جا دروازا بند نه ڪيا وڃن ٿا، ته مان اياز کي پنهنجي دور جو وڏو صوفي شاعر ثابت ڪري سگهان ها.” ۽ مرحوم منهنجي خلاف ڪيئي مضمون لکيا ها ته مان ڪفر ٿو ڦهلايان. دراصل مون منڍ کان تصوف جي هوا ۾ ساهه کنيو آهي. تصوف برصغير جي وڏي ۾ وڏي بغاوت آهي ۽ ان تعصب جي جَڙ تي ڪُهاڙي جو وَڍ آهي، جنهن انسان کي انسان سان ويڙهايو آهي. تصوف انسان کي سِر الاهي سمجهي ٿو، انسان سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو. هُن کي ”همه اوست” جي لوئيءَ ۾ ڍڪي ٿو ۽ هر استحصال کي نندي ٿو. ان جي خلاف ڍال به آهي ۽ ان تي تلوار جو ڪم به ڏئي ٿو. اهو ئي حافظ واري ”محبت جي بِنا” آهي، جا ”خلل کان خالي آهي.” سنڌ ۾ جي. ايم سيد ان ڳالهه کي سڀ کان چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. آخر هو صوفي ڄيٺمل جو دوست رهيو آهي، توهان مهرباني ڪري اهو سمجهي ڇڏيو ته مان تصوف Mysticismکي ٿو چوان ۽ اها ڪنهن مذهب تائين محدود نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ توهان هن ڪهڙي ڪهڙي School of thought کي ويجهو سمجهو ٿا؟
    شيخ اياز منهنجو زندگي جو فلسفو منهنجي ڪتابن مان بلڪل ظاهر آهي ۽ توهان پنهنجي دماغ جي ڪجهه Exercise ڪيو. اسان تشدد جو فلسفو به ڏٺو. ستر پنجهتر سال هڪڙو فل سرڪل ڦري ختم ٿي ويو. هوڏانهن موسيَ کان وٺي اسان جي نبي محمد صلعم تائين، جيڪڏهن توهان ڏسندو ته انهن جا پيروڪار توهان ڪي اوتري ئي تعداد ۾ ملندا. جيترا اڳ ها. ٻيو ته ٺهيو پر مهاوير، گوتم، ڪرشن جا پوئلڳ به ڪافي تعداد ۾ آهن، مهاوير جا پوئلڳ ڪجهه گهٽجي ويا آهن، پر ڪروڙ جيني اڃا به آهن، جن مان اڪثر بمبئيءَ آهن. يعني ڪي بنيادي قدر آهن. جيڪي پاينده آهن ۽ جيڪي ڪميونسٽن وٽ نه هئا، نه ته ڇو ختم ٿي وڃن ها! هيڏو زار شاهيءَ کان به وڏو سامراج هين، يورپ جي هٿ ۾ هيو، سڄي دنيا کي وچڙي، لئٽين آمريڪا تائين وڃي پهتا، پر مغربي رشيا زار شاهيءَ جي جتيءَ ۾ پير پاتو هو. اهو هڪ ننگو ۽ اڍنگو سامراج هو. مشرقي يو. ايس ايس. آر تي مغربي يو. ايس. ايس. آر جو تسلط هو. پولنڊ تي غلبو هو ۽ پول روسيءَ کي ائين نفرت سان ڏسندا ها، جيئن ترڪ عرب کي ڏسندا آهن. يورپ جا ٻيا ڪميونسٽ ملڪ بغاپت ۾ هُئا. هنگريءَ ۽ چيڪو سلواڪيا ۾ بغاوتون دٻايون ويون، پر نيٺ اُڀري آيون، اڳِڙي جي گُڏي وانگر ان جا آنڊا گونڊا ٻاهر نڪري آيا. لوهي زنجير وجهي لينن جا بت ڪيريا ويا. مان جڏهن ماسڪو ۾ هوس ته اکين سان ڏٺو هيم ته امن جا ڪبوتر مارڪس جي پيشانيءَ تي وٺيون ڪيرائي رهيا ها. پر ڪنهن توجهه نه ٿي ڏني، جڏهن مان تاشقند، سمرقند، دوشنبي ۾ هوس ته تڏهن ئي منهنجو تاثر اهو هيو، ڇاڪاڻ ته مون اتي گنب جون ڀتيون اکين سان ڏٺيون، جيئن توهان کي مستونگ ۾ ملنديون، ائين تاشقند ۾ هيون، هتي رڳو اسان جي ماڻهن کي ٺڳيو ويو آهي، ڪميونسٽن ۾ به ڪيترا چڱا ماڻهو آهن ۽ انهن اها فلاسافي انهيءَ ڪري اپنائي آ، ڇاڪاڻ جو هو غربت جي مسئلي جو حل چاهن ٿا. ڇاڪاڻ جو هو اقتصادي غلاميءَ کي سياسي غلاميءَ کان به برو سمجهن ٿا، هو اڃا نيت ۾ صاف آهن، اُنهن پاڻ سٺو آهي، اڃا واڳ ڌڻي نه ٿيا آهن، اڃا ڪٺورتا انهن جي اندر ۾ پلي، وڏي نه ٿي آهي. انهن ۾ به خوف خدا معدوم آهي، اهي به جزا سزا، مڪافاتِ عمل ۾ اعتبار نه ٿا ڪن، جڏهن انهن جو وارو آيو ته انهن جو هٿ پڻ بندوق جي ناليءَ تي هوندو، پر هاڻي ته دنيا بدلجي وئي آهي. هاڻي هو ڪلاسيڪي طريقي انقلاب نه ٿا آڻي سگهن. تاريخ جا اڳيان دروازا بند ٿي چُڪا آهن. ٽين دنيا جي مسئلي لاءِ انسانذات کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ٽين دنيا ته اتي ئي آهي. هندستان ۽ پاڪستان ئي ڏسو، مان هندستان به اکين سان ڏسي آيو آهيان فريب، بک، بدحالي، هڪ پاسي فٽ پاٽ تي بسترا ته ٻي پاسي اوچيون ماڙيون، جن کي ڏسي چنڊ شرم کان بادلن ۾ منهن ڍڪي ٿو. اسان جو پاڪستان به ائين ئي آهي. سنڌ ۾ حالتون سڀ کان بدتر آهن، سڄي ٽين دنيا، فلپين، ٿائلينڊ، ڏکڻ آفريقا، بنگلاديش ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺانَ! اتي انسانيت جي ذلت ٿي رهي آهي. فقط نيسلن منڊيلا جهڙا ليڊر آهن جي فقط جيل ۾ رهي انهيءَ پد تي پهتا آهن. لهن ڪجهه به نه!
    انٽرويو وٺندڙ: Civil disobedience لاءِ جيئن ٿارو وارو زمانو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”مان ٽئڪس نه ڏيندس، ڇو ته جيڪا حڪومت ميڪسيڪو سان ڏاڍ جي لڙائي ٿي ڪري ۽ جيڪا غلاميءَ کي جائز قرار ٿي ڏئي...”
    شيخ اياز: آمريڪا جي لاءِ ته صحيهح آ، باقي جي توهان ان ڏس ۾ ويندو ته پوءِ......گانڌي جڏهن ريل جي پٽن تي سمهندو هو ۽ ستياگره ڪندو هو ته انگريز حڪومت ڪندا ها.
    انٽرويو وٺندڙ: جيڪڏهن هن ملڪ جي اندر ڪٽر مذهبي....
    شيخ اياز: نه، مونکي هاڻي ڪو ڊپ نه رهيو آهي، هاڻ ڪهڙو ڊپ!
    باقي زندگي ٻه ٽي سال!! جي اها به ڪنهن کسي ورتي ته ٺيڪ آ، پنج دل جا دورا پيا ته به سرڪار جي آڏو هٿ نه ڦهلايم، پ پ جي دور ۾ مونکي علاج لاءِ ڏهه هزار پائونڊ ڏنائون، لنڊن مان واپس اچي اٽڪل ساڍا اٺ هزار پائونڊ هنن کي موٽائي ڏنم، هڪڙو به اهڙو مثال ٻڌايو ته ڪنهن اڄ تائين ساڍا اٺ هزار پائونڊ به موٽايا هجن. تنهن کان پوءِ مون علاج جي لاءِ ڪنهن کي به نه چيو آ، ڇاڪاڻ ته مونکي انهيءَ ڳالهه جي خاطري آهي ته جڏهن منهنجو Appointed Hour ايندو ته انهيءَ مهل مونکي ڪوبه بچائي نه سگهندو. هي ڪائنات هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر وانگر آهي، جنهن ۾ هر انسان جي تقدير محفوظ آهي، اوهان لوح و قلم، ۽ لوح محفوظ جا محاورا ٻُڌا آهن. منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه صحيح آهي. اوهان جو به وس ڪندا، اُهو به ان لوح محفوظ ۾ آهي. ڪڏهن بيوس ٿي وندا يا وس وارا ٿيندا، اهو به طئه ٿيل آهي. ڪاريه ۾ به مايا جو حصو آهي.
    غالب چيو آهي:
    موت کا ايک دن معين هي،
    نيند ڪيون رات بهر نهين آتي.
    جي غالب واقعي سمجهي ها ته موت جو هڪ ڏينهن معين آهي ته هن کي مون وانگر ساري رات بي فڪري ننڊ اچي ها.
    انٽرويو وٺندڙ: خاص طور چوندا آهن ته جڏهن ماڻهوءَ جا قوي مضمحل ٿين ٿا ته پوءِ هو تقدير ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تي يقين ڪرڻ شروع ڪري ٿو”
    شيخ اياز: اهو شعر هئين آهي ته:
    هوگئي مضمحل قوي غالب
    اب عناصر مين اعتدال کهان-
    اهي غالب جا قوي ٿڙندا هيا، ايترو تون ويهن ورهين جي نوجوان سان ڳالهاءِ جيترو مون سان ڳالهايو اٿئي ۽ پوءِ ڏس ته ايتري جوش ۽ جذبي سان ڳالهائي ٿو يا نه ٿو ڳالهائي سگهي. پوءِ چئه ته مضمحل هو گئي قوي غالب، منهنجي دل و دماغ کي ابدي جُواني آهي، جسم جُهري وڃي ته به اهي هميشه وانگر زنده و تابنده رهندا! ڇا ڪنهن به پيامبر جا ڪنهن وقت به قوي مضمحل ٿيا ها؟ ٽئگور پوئين ڏينهن تائين شاعري ڪئي. غالب جهڙي شرابي شاعر جي ٻي ڳالهه آهي، جو آخري عمر ۾ 62 رپيا پينشن تي گذارو ڪندو هو، جا هن کي انگريز بهادر ڏيندا ها ۽ جنهن لاءِ هُن ڪلڪتي کان دهليءَ تائين چڪر ڪاٽيا ها.
    انٽريو وٺندڙ:شاعري جا مکيه جزا ڪهڙا آهن؟
    شيخ اياز: نثر گهمڻ وانگر آ ۽ شاعري نچڻ وانگر آ، وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ضروري آهي. هن دور ۾ ڪو به اُمي شاعر نه ٿو ٿي سگهي، پر هر مطالعي ۽ مشاهدي وارو دانشور، شاعر نه ٿو ٿي سگهي، ان لاءِ اندر جا آگم ضروري آهن، شاعري ڪارونڀار وانگر ايندي آهي ۽ وسندي آهي ته لڳاتار وسندي آهي، ان لاءِ ڪوئي محڪمه موسميات نه آهي، ڪنهن وقت نه ڪيئي سال جهڙ نيڻان نه لهي، ڪيفيت هوندي آهي، مان غالب سان مُتفق آهيان ته اها غيب مان ايندي آهي.
    آتي هين غيب سي پي مضامين خيال مين
    غالب صرير خامي نوائي سروش هي
    ڇا ٿو چوي غالب؟ قلم جو آواز جبرئيل جو آواز آهي، سروش جبرئيل کي چوندا آهن. ڀٽائيءَ جا بيت ته آيتون آهن، پر فقط بيت ته مون به ڪڏهن ڪونه لکيا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: محمود درويش چيو آهي ته ”شاعري جي به موسم ٿيندي آهي، ائين به ٿيندو آهي جو آءُ سڄو سال ڪجهه نه لکي سگهندو آهيان ۽ ڪڏهن ته نظمن جو مينهن وسندو آهي.” ڇا توهان سا به ائين ٿيندو آهي؟
    شيخ اياز: اهو اڳي ٿيندو هيو، هاڻي ته مينهن ايترو پيو وسي جو مان ڀانيان ٿو ته پانڊيچري کان وڌي ويو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ يوجيني يووَوشنڪو چيو آهي ته ”شاعري ساڙوليءَ زائفان جيان ٿيندي آهي. جا بي وفائيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.” توهان جو ڇا خيال آهي؟
    شيخ اياز: اسان ته نڀايو اٿوئنس ۽ نه ئي شاعريءَ اسان سان بي وفائي ڪئي آ، پاڻ ته پوئين دم تائين نڀائيندا رهياسين، بستري تي هياسين تڏهن به لکندا رهياسين.
    انٽرويو وٺندڙ:جان اسڪاچل چيو آهي ته ”نظم شاعر جي ايجاد ناهي، نظم ڪنڊ ۾ لڪل هوندي آهي، شاعر رڳو ان کي ڳولهي لهندو آهي.” توهان ڇا چوندو؟
    شيخ اياز: مان پاڻ ائين ٿو سمجهان، منهنجو چوڻ آهي ته بت پٿر ۾ لڪل آهي، سنگتراش رڳو ان کي تراشي ڪڍي ٿو، نه ته بت تي اتي اڳ ئي آهي. جيئن ديپڪ راڳ وينا جي تارن ۾ آهي، رڳو بيجو باورا جي ضرورت آهي، جو ان جي تارن کي ڇيڙي، ملهار به ائين وينا ۾ آهي، رڳو ان جي تخليق لاءِ تانسين جي ضرورت آهي، جو ان کي وينا مان ڇڪي ڪڍي. ائين شاعري به ٻوليءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ شاعر جي ضرورت آهي جو سمنڊ مان اوهان کي مُٺيون ڀري موتي ڏِئي . موتي ته اڳي ئي سمنڊ جي تري ۾ آهن.
    مان اها دعويَ ته نه ٿو ڪيان پر سمجهان ٿو ته مان نه ٿو لکان. ٽين چئين بجي ماڻهو ننڊ مان اٿي لکي! مون کي ته يادگيري به نه هوندي آهي صبح جو، ته مون ڇا لکيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا ان کي الهامي چئجي؟
    شيخ اياز: نه....نه مان الهامي ته نه ٿو چوان، موزارٽ اٺن ورهين جي عمر ۾ اهو ميوزڪ ڏنو جو سٺ ورهين وارا موسيقار وائڙا ٿي ويا هئا. بيٿوون پنجٽيهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ کي Over Consume ڪري وڌو ۽ آرڪسٽرا هلائيندي ڦهڪو ڏئي ڪرِيو. آمريڪا ۾ هڪڙو يهودي مينُهون، ڏهن ورهين ۾ پيانو اهڙو وڄائيندو هو جو هن کي ٻڌي ماهر موسيقار حيران ٿي ويندا ها. مان نون ڏهين ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. اهو ڪيئن ٿيو!
    ڇا مان اڳئين جنم ۾ ودياپتي هوس؟ ڇا اِها ڏات مون کي خدا بخشي آهي؟ برگسان ڪنهن فلسفيءَ کان پڇيو، ”ماڻهو ڇا جي پيدائش آهي؟” فلسفيءَ جواب ڏنو، ”پنهنجي ورثي ۽ پنهنجي ماحول جي.” (دورِ جديد ۾ جڏهن کان Science of genetics وجود ۾ آئي آهي ته ورثي کي Genes چيو ٿو وڃي) برگسان وري پڇيو، ”تنهنجي پيءُ جو ورثو ۽ ماحول ڪٿان آيا؟” فلسفي جواب ڏنو، منهنجي ڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان، جي وري منهنجي پڙڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان آيا.” برگسان اِن تي چيو ته،؟ اُهو سلسلو نيبيولا (Nebulae) تائين هليو ٿو وڃي. يعني شيڪسپيئر جي شاعري اصل نيبيولا جي پيدائش هئي! ان کان بهتر ائين ٿيندو جو چيو وڃي ته شيڪسپيئر کي خدا ڏات ڏني هئي.”
    يه مسائل، تصوف، يه ترا بيان غالب
    تجهي هم ولي سمجهتي جو نه باده خوار هوتا.
    غالب ته مرندي تائين باده خوار هو. مون ته ڪيترين وقت کان باده خواري ڇڏي ڏني آهي. شاعريءَ مان مونکي ملي به ڪجهه نه ٿو، پر پوءِ به سانده سٺ سال مون ان جي پيروي ڪئي آهي. ته اها Urge مون ۾ ڇو آئي. ان جو جواب اهو آهي ته گذريل زندگيءَ ۾ مان ڪو شاعر ٿي رهيو آهيان يا ڪيئي ڀيرا شاعر ٿي رهيون آهيان ۽ مون کي اها ڳالهه اڃا مڪمل ڪرڻ آهي، اڳين Genesمان اها شاعري ته مون کي ملي آهي، ان جو ڪوئي سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي اڳين ستن پيڙهين ۾ ڪوئي شاعر نه ٿيو آهي. جي اڃا پُٺ تي وڃجي ته ماڻهوءَ جا Genes وڃي باندر سان ملن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ ڊارون ته ائين چئي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: غالب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    شيخ اياز: غالب تمام وڏو شاعر ۽ Master Imagist هو.
    انٽرويو وٺندڙ: پر توهان اڳ لکيو هو ته غالب درٻاري شاعر هو؟”
    شيخ اياز: اهو ڪنهن مهل مون ائين لکيو هو، دراصل غالب ته ادارو هو، بهادر شاهه ظفر جو ”ذوق” درٻاري شاعر هو، غالب سان ان جي چپقلش هلندي هئي. احساس ڪمتري هميشه شاعرن کي نهوڙي نيندي آهي. پاڻ کان Superior talent ڪڏهن به هن کي زندگي ۾، قبول (Acknowledge) نه ڪندا آهن. ظفر جا ٻه پٽ انگريزن مارائي ڇڏيا ۽ هن کي رنگون ۾ قيد ڪري ڇڏيائون. غالب پينشن لاءِ چتو ٿي پيو ۽ رلندو ڪلڪلتي ويو ته جيئن هن کي اها ملي، روز ڪيپٽن جي شان ۾ قصيدا لکي موڪليندو هيو ته مون کي سير برف جو ته ڏي، گرمي ۾ پيو مران، نيٺ هن جو ٿورو گهڻو وظيفو بحال ٿيو. پوين ڏينهن ۾ غالب لاچاري ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ مري ويو ۽ شايد جيڪڏهن مان به غالب جي جڳهه تي هجان ها ته ائين ڪيان ها. اها ڳالهه مان اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، ان ڪري ئي مون کيس درٻاري شاعر ڪوٺيو هو. جيتوڻيڪ غالب جي اردو شاعريءَ ۾ ستر فيصد پارسي لفظ آهن: کاو کاوِ سخت نيهائي تنهائي نه پوچهه، ۾ ’نه پوچهه‘ لفظ فقط اردو آهن. جيتوڻيڪ هن پنهنجي فارسي ڪلام کي ترجيع ڏيندي چيو هو:
    ”فارسي بين تا به بيني نقشهائه رنگ رنگ
    مجمع اردو چه بيني ان که بيرنگ من اُست
    ان جي باوجود غالب دنيا جي چئن پنجن عظيم ترين شاعرن مان آهي. هن جو شاعرانه تصور پنهنجو مثال پاڻ آهي.
    غم نهين هوتا هي آزادون ڪو پيش ازيڪ نفس
    برق سي ڪرتي هين روشن شمع ماتم خاني هم
    ڄڻ ريمبرانٽ جي تصوير اکين اڳيان ڦري ٿي وڃي. اردوءَ جا سڀ ديوان هڪ طرف، اهو هڪ شعر ٻي طرف، نه، مان غالب جي شاعرانه عظمت جو قائل هميشه کان رهيو آهيان. مون کي غلط سمجهيو ويو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان چيو آهي ته ”وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.” پر ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ هميشه اهي ماڻهو سورما رهيا آهن، جن وڙهندي ساهه ڏنو آهي؟
    شيخ اياز: وڙهڻ جا ٻه طريقا آهن، رڳو ڪلاشنڪوف کڻي وڙهڻ ته ڪونهي، انسان جي مزاحمت ضروري آهي. Evil سان ويڙهه آخر تائين ضروري آهي. ترگنيف جو ناول ”روڊن” مون پڙهيو. جنهن جو هڪڙو ڪردار رڳو ڳالهائيندو هو. پوءِ آخر ۾ هن کان پڇائون: ”تون عمل ڪونه ٿو ڪرين ڇڙو ڳالهائين ٿو، تقريرون ڪندو ٿو وتين، تون ته ڪو فضول ماڻهو آهين.” هن ايڏو خوبصورت جواب ڏنو هو، جو مان نه ٿو ڀانيان ته مون ڪنهن به ليکڪ جو ايڏو خوبصورت جواب پڙهيو آ، هن چيو: ” هڪ چڱو لفظ، چڱو عمل به آهي،” ڇاڪاڻ ته چڱي لفظ جي لاءِ ڪنهن مهل ڪافي سَهِڻو ٿو پوي. ڇا مان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪافي نه سَٺو آهي؟ ڇا مان پهريون اديب نه هوس جو جيل ۾ ويو هوس، سو به جڏهن جنگيون پئي هليون؟ ڇا ڪنهن به سنڌيءَ ايتري من جي پيڙا ڀوڳي آهي؟ جيتري مون ڀوڳي آهي، ڇا وائيس چانسيلر شپ وقت مون ذهني عذاب نه ڀوڳيو هو؟ نه جائه رفتن، نه پائه پاندن جي ذهني اذيت گهٽ آهي؟ ڇا مون لاءِ شاعري چار سال التوا ۾ رکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوئي جهنم ٿي سگهيو ٿي؟ جا ڪائي فراريت مون کي تسلي ڏئي سگهي ها؟ ”لُري ۾ لڙڪن پيا، ڪنڌ نِوايل يار، وووءِ ميان، وو، وو ميان!” واري وائي، مون ڀٽي جي ڦاسيءَ کان سال اڳ، پنهنجي باري ۾ لکي هئي.
    مسيحا کان جي ڪوئي صليب ڦري وٺندو ته ڇا اها هُن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندي؟ ڇا انهيءَ دور کان وڌيڪ پيڙا ڪڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن پنهنجا به دشمن هجن، پراوا به دشمن هجن؟ صحيح راه فرار خودڪشي هئي، پر مون کي ان کان نفرت آهي. وقت گذري ويو. ڦٽ ڇٽي ويا، کرنڊ اڃا آهن. جي مان سِنڪي ٿيان ته Swift ته ڪا شيءَ نه آهي. پر هينئر ته مون کي ڌيرج اچي ويو آهي. مون کي جو ڪائنات جي تصور ۽ انسان جي تقدير ۾ يقين پيدا ٿيو آهي، ان مون کي پهاڙ وانگر آڏول بڻائي ڇڏيو آهي. مستقبل منهنجي آڏو منهنجي ڪمري جي کٻي پاسي نقش به ديوار آهي ۽ ان جي سڄي پاسي هڪ عورت ان کي نمسڪار ڪري، ان جو آڌرڀاءُ ڪري رهي آهي. ڇا اوهان منهنجو ڪمرو ڏٺو آهي؟ اوهان ڏسندا ته اوهان اهو نقش به ديوار ڏسي نه سگهندا. منهنجي لاءِ اهو هڪ آئيني وانگر آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر اهو ”روڊن” وارو ماڻهو به آخر ۾ جهنڊو کڻي مري ويو؟
    شيخ اياز: جي جهنڊو کڻي مري ويو ته توهان جو انقلاب به ته مري ويو نه؟ اهو ڪٿي آ؟ دراصل روس ۾ جيڪي انقلاب کان اڳ ۾ ليکڪ هيا اهي وڏا ماڻهو هئا، اهي ته دنيا جي ادب جو حصو آهن. انهيءَ ۾ ٽالسٽاءِ، چيخوف، دوستووسڪي، ترگنيف، گوگول اچي وڃن ٿا. اهي تمام وڏي پائي جا ماڻهو هيا، مان ڀانيان ٿو ته ٽالسٽاءِ دوستووسڪي جي پائي جو ناول نگار سارتر به ناهي پر دوستووسڪي تون پڙهندين ته هن جو عيسائيت ڏانهن لاڙو هيو ۽ ٽالسٽاءِ به ائين هيو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا پشڪن به انهن مان آهي؟
    شيخ اياز: نه پشڪن انهن مان نه هيو، پشڪن رومانٽڪ شاعر هيو، پشڪن کي ترجمي ۾ پرجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پشڪن شاهه لطيف وانگر آهي، جيڪو ترجمي ۾ اچي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته شاعري ٻوليءَ جو معاملو آهي، مصوري وانگر رنگن جو معاملو ناهي، لائين يا خطاطي جو معاملو ناهي، مصور ۽ سنگتراش جي ٻولي آفاقي آهي ۽ شاعر جي ٻوليءَ کي قومي رنگ آهي. پُشڪن جا ترجما مون انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ پڙهيا آهن، پر اهو مزو نه ٿو اچي، حورُي منهنجي دوست آهي. هن روس ۾ ڇهه سال پڙهي، روسي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. انهيءَ منهنجو اردو شعر جو ڪتاب ”نيل کنٽهه او نيم کي پتي” ڇپايو آهي. انهيءُ پشڪن روسي ۾ پڙهيو آهي، انهيءَ جو به چوڻ آهي ته اصل ۾ انگريزي ترجمي ۾ انسانيت جي ميراث آهي ۽ ان کي ڪنهن به حد بندي ۾ نه ٿو آڻي سگهجي؟”
    شيخ اياز: قومي شاعري، مون ان حساب سان چيو هو ته شاعريءَ جو اظهار قومي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو، ان جي ڪري ان جون روايتون ۽ ان جو پس منظر نه قومي ٿيندو آهي، باقي ان جو پيغام آفاقي ٿي ٿو سگهي ۽ ٿيڻ به گهرجي. ان ۾ شمشير صاحب بلڪل صحيح آ. ڇو ته جيڪا شاعري بين الاقوامي هوندي آ، ان جي پنهنجي اهميت آهي. دراصل ان جي اهميت وڌيڪ آهي ۽ ترجمي جي قابل اها ٿيندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: دنيا ۾ بين الاقوامي شاعري به آهي ڇا؟
    شيخ اياز: ڪميونسٽ دور ۾ بين الاقوامي شاعري ان کي چون پيا، جيڪا مارڪسٽ شاعري هئي. ان دور جا جيڪي وڏي ۾ وڏا شاعر هيا، جن جي شاعري تصوريت کي وڏو ڌڪ ڏنو، انهن ۾ فيض، ناظم حڪمت ۽ پيبلونرودا اڳرا هيا. پيبلونرودا بچي ويو. پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلونرودا بچي ويو، پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلو نرودا لئٽن آمريڪا جي ماحول سان لاڳاپيل هيو. ۽ ان جي سڄي خوبصورتي کي ٻوليءَ ۾ چٽيائين، مون کي لورڪا وڌيڪ پسند آهي. هن کي فرانڪو جي فاشسٽن ٻيرا ٻيرا ڪري، اهڙي هنڌ ڦٽي ڪيو هو، جو هن جو لاش به نه مليو، پر هن جي شاعريءَ تي اسپين جي خانه بدوشن جي زندگيءَ جو ائين اثر آهي، جيئن منهنجي شاعريءَ تي ٿر جي ماروئڙن ۽ لاڙين جي پيڙا جو اثر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ منهنجيءَ شاعري وانگر ڪائنات سان هم آهنگي آهي. هن جو درد به آفاقي آهي ۽ رڳو خانه بدوشن تائين محدود نه آهي، هو نعري باز ۽ ڪنهن نظرئي جي زنجير ۾ گرفتار نه هو، هو هوا وانگر آزاد هو، پرندي وانگر آزاد هو، اوڀر جي ڪاري گهٽا وانگر آزاد هو ۽ هن جي شاعري انهيءَ آزادي جو اظهار به آهي ۽ ان اذيت جو اظهار به آهي، جڏهن ڏاند، Matador (ڏاند سان مقابلو ڪندڙ) کي سڱن تي کڻندو آهي ۽ هن کي ڦٽي، رت ۾ لوئي، لتاڙي ماريندو آهي. موت، هن جي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن هڪ Matador جي زندگيءَ ۾ رکي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: فيض ڪئين مارجي ويو؟
    شيخ اياز: فيض جي گهڻي شاعري پروپيگنڊا جي شاعري آ، ”بازو هيه ميري ساٺهه کروڙ” يعني چيني هن جا سٺ ڪروڙ بازو آهن، چيني ليڊرشپ پهرين نمبر جي رهزن ليڊرشپ آهي، جنهن ٿِيئن مِيئن اسڪوائر ۾ ماڻهو، ڍورن وانگر مارائي ڦٽي ڪيا، چيني ٻارنهن سال کان آمريڪا جي پيرن تي ڪِري چڪا آهن، رڳو نعرا هڻي اسان کي ٺڳيو اٿائون. هاڻي ته مائو جو ديو هيڪل بُت گدام ۾ واڙجي چُڪو آهي ۽ هن جي پياريءَ چوٿينءَ جوءِ کي ”گئنگ آف فور” ۾ شامل هجڻ ڪري، موت جي سزا اچي چڪي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: نئين ٽهي جي شاعرن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    شيخ اياز: سٺو ٿا لکن، جيترو وڌيڪ پڙهندا، جيترو وڌيڪ سمجهندا، جيترو وڌيڪ زندگيءَ جو تجربو ٿيندن، اوترو انهن جي شاعري پُختي ٿيندي، پر هينئر به سٺو ٿا لکن.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان کي غصو ايندو آ؟
    شيخ اياز: غصو ايندو آ، پر جلد لهي ويندو آ، مان دل ۾ گهڻو وقت ٻيائي سانڍي نه سگهندو آهيان، ڪنهن به انسان جي خلاف مون سازش نه ڪئي آهي. هڪڙو به ماڻهو مونکي ٻڌائي ته مون ان جي خلاف سازش ڪئي هجي. جن به مون کي گاريون ڏنيون آهن، جيڪي به مون سان وڙهيا آهن، تن تي مون کي ڪاوڙ ايندي آهي، پر گهڻو وقت نه رهندي آهي. مون کي ايترو وقت نه آهي ته ڪاوڙ تي ضايع ڪيان، جڏهن انهن کي قدرت ڪيفرِ ڪردار تي پهچايو آهي. ته مون کي افسوس ٿيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اها ڪهڙي ادا يا Gesture آهي، جنهن توهان کي وڌيڪ اتساهيو هجي؟
    شيخ اياز: جدا جدا دؤر ۾ جدا جدا ڳالهين اتساهيو آهي، هڪڙو جوانيءَ جو دؤر هيو، جنهن ۾ انسان جي صورت ۽ انهيءَ جي طبيعت اُتساهيندي هئي، ۽ انهي کان جڏهن ننڍا هياسين ته ڪتاب اُتساهيندا هيا. اُستاد اُتساهيندا هيا. ڪڏهن پنهنجو ديس، پنهنجا مارو، اُنهن جو ماڳ اُتساهيندو هيو. انسان ذات جا آدرش اُتساهيندا ها، پر انهيءَ کان پوءِ سڀ ڳالهيون گڏ سڏ ٿي ويون آهن. انسان جڏهن پنهنجو غلام آهي ته سڀ کان برو غلام آهي، هاڻي ته انهيءَ غلام مان آزادي نصب العين ٿي وئي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ماڻهن جي توهان جي باري ۾ راءِ آهي ته توهان نثر جا وڏا ليکڪ آهيو، پر شاعر ايڏا وڏا نه آهيو توهان ڇا چوندؤ؟
    شيخ اياز: مان پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿو سگهان. توهان کي نثر وڻي، يا نظم وڻي، اسان ته پنهنجي دل ويٺا خوش ڪريون.
    انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ جي هن پوئين وقت ۾ توهانجي ڪا حسرت آهي؟
    شيخ اياز حسرت ته آهي....
    هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پين دم نڪلي
    بهت نڪلي ميري ارمان پهر بهي ڪم نڪلي
    هينئر منهنجون حسرتون عمر جي حساب سان آهن. جيڪي مون ڄاڻڻ پئي چاهيو ته ڄاڻي سگهيس، ازراپائونڊ سان مان متفق آهيان، شايد ڪوبه نه ڄاڻي سگهندو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا توهان کي زندگيءَ ۾ نوبل انعام جي خواهش آهي؟
    شيخ اياز: نه، نه مان چوان ٿو ته اسان جي حالت وارياسي جي گل واري آهي. جيئن وارياسي تي هڪڙو خوبصورت گل نڪرندو آ، پوءِ ڪولهي ۽ ڀيل ان کي نهاريندو پنهنجي گڏهڙي کي اڳتي هڪليندو ويندو آ، موهن ڪلپنا ٽي دفعا منهنجي منهن تي چيو هو ۽ هڪ دفعو سپون ۾ خط لکيو هو، ”شيخ اياز نوبل انعام جو حقدار آهي.” (ٽهڪ ڏئي) نوبل انعام! فردوسي طوس جي هڪ دروازي کان اشرفين جون ٿيلهيون....ٻي دروازي کان هن جو جنازو! نه بابا، مون کي ڪوئي انعام نه گهرجي، منهنجي شاعري پنهنجي ليکي هڪ انعام آهي، منهنجي روح جي تڪميل آهي، منهنجو چئن آهي، منهنجو آرام آهي، منهنجي هر محبوبه جو رُوپ آَهي، هُن جي آمرتا آهي، هن وانگر ڪڏهن به مرجهائي نه آهي، سدا گلاب وانگر ترو تازه آهي، منهنجي هر درد کي، هر پيڙا کي مسرت ۾ بدلايو اٿائين، منهنجي ماس کي روح بڻايو اٿائين، جو روح القدس تائين پهچي سگهي ٿو، منهنجي موت کي مات ڏني اٿائين، مون کي نئين زندگي ڏني اٿائين، مون کي ٻيو ڪهڙو انعام کپي؟ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو انعام ٿي سگهي ٿو؟ شاعريءَ مون لاءِ خدا جو انعام آهي. نوبل ڪهڙي شيءَ آهي! مون ته اڳئي چيو آهي شاعريءَ ۾ پيسو نه آهي ته پيسي ۾ به شاعري نه آهي، ساتر کي ڏنو هُيائون ته هُن ٺڪرائي ڇڏيو هو.
    انٽرويو وٺندڙ: تنقيد جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ شيخ اياز: تنقيد جو فن اسان وٽ اڃا Develop نه ٿيو آهي، ان جو سبب مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. مون سان ڀلي ڪو نا اتفاقي ڪري، پر هميسه خوش فهمي چڱي ڪانه ٿيندي آ، ماڻهو پاڻ کي Realistically assess ڪري ته اسان وٽ آهي ڇا! توهان وٽ ڪو چڱو ناول ڪونهي، ٺيڪ آ سراج يا طارق عالم ابڙي يا ٻين ڪوشش ڪئي آ، اسان جو هڪڙو غريب صوبو آ، جيتري ان جي اهميت هوندي اُن جي شاعر ۽ اديب جي به اوتري ئي اهميت هوندي. منهنجو قد ڪاٺ به ته وطن جي حساب سان ماپيو ويندو نه؟ پر پوءِ به تنقيد جي حوالي سان ايمانداريءَ سان چئجي ته اسان ڇاڇر ۾ ڇيروُن هنيون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: رينيار ماريه رلڪي چيو آهي ته ”فن پارا انتهائي انفراديت جا حامل ٿيندا آهن” تنقيد ان کي سمجهڻ جو ڏاڍو حقير ذريعو آهي؟”
    شيخ اياز: نه تنقيد خود هڪڙو تخليقي فن آهي، مان تنقيد جا ڪتاب پڙهيا آهن، مون هڪ ڀيري سامر سيٽ مام جي ناول جي تنقيد جو ڪتاب پڙهيو، اهو ان ناول کان به سٺو لکيل هو. ائين نه تنقيد تي مون سوين ڪتاب اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهيا آهن، اردو ڪتاب به معياري نه آهن، هو تنقيد لاءِ ٻولي به پيدا نه ڪري سگهيا آهن. تنقيد تمام ضروري فن آهي ۽ تنقيد کان سواءِ ڪڏهن به توهان جي ادب جي آؤسر پوري نه ٿيندي.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان وائيس چانسيلر ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا؟
    شيخ اياز: مان ڦاسي ويس، مون کي ڪا لالچ ڪانه هئي، ڇو ته آءُ وڪالت ۾ گهڻو ڪمائيندو هوس، ڀٽي صاحب يارنهين بجي رات جو مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪري چيو ته ”منهنجي مدد ڪر.” ۽ انهيءَ مهل مون سمجهيو ته مان توهان لاءِ ڪوئي چڱو ڪم ڪندس، مثال طور: هڪڙي ڏينهن قمرالزمان شاهه جي دعوت تي ويٺا هجون، جنهن ۾ ڀٽي صاحب جي پنهنجي حلقي جا ماڻهو به هجن، مون کي چيائين ”اياز هي جو سنڌالاجي تي پنجاهه لک خرچ ڪياسين توکان اڳ ۾، ته وائيس چانسيلر ڪٺو ڇا ڪيو آهي؟ ٻه اجرڪ، ٻه ڪاوَن واريون ٽوپيون ۽ ٻه گهڙا. ڇا سنڌالاجي تي پنجاهه لک انهيءَ لاءِ خرچ ڪيا اٿوَ؟ تون سنڌالاجي مان ڪهڙو ڪم وٺندين؟” ”توهان مدد ڪيو ته مان گهڻو ڪم وٺي ٿو سگهان” مون هن کي چيو، چيائين، ”ٻڌاءِ” مون چيومانس ته ”بيورو آف ٽرانسليشن ٿو ٺاهڻ چاهيان ۽ دنيا جي ٽي سؤ ڪلاسڪ، جن انساني سوچ جي ارتقا ڪئي آهي، اهي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ ٿو چاهيان، جڏهن اسان جا ڇوڪرا مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ هوندا ته سنڌيءَ ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا مفڪر پڙهي سگهندا ۽ سڄي ننڍي کنڊ کي ڄاڻ ۾ شڪست ڏئي ويندا، ڇو ته سڄي ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ڪنهن ۾ چار آهن ته ڪنهن ۾ پنج آهن، ٽي سؤ ڪنهن ۾ ٻه ڪونهن، جڏهن سارتر وڪٽر هيوگو پڙهندو ته مان لطف الله بدوي پڙهندو هوس، پر جڏهن اسان جي ڇوڪرن ننڍيءَ عمر ۾ وڪٽر هيوگر پڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ تون ويچار ڪر ته سنڌ ڪٿي پهچندي؟” مون کي چيائين ته، ”اليڪشن کان پوءِ مان توکي عرب اميرن کان ڪروڙين رپيا وٺي ڏيندس.” پر اليڪشن کان پوءِ ڀٽو رهيو ئي ڪونه.
    انٽرويو وٺندڙ: يونيورسٽيءَ جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان وائيس چانسيلر هيا ته توهان جي ڪجهه ويجهن دوستن توهان کي استعمال ڪيو يا Misguide ڪيو. توهان جو ڇا خيال آهي؟
    شيخ اياز: ڪنهن به مون کي استعمال نه ڪيو. منهنجون پنهنجيون ئي بيوقوفيون هونديون. دراصل ڇا هو ته هر ماڻهوءَ کي، پنهنجا پنهنجا مفاد پيارا آهن، مان به چاهيان پيو ته جلد منهنجي جان ڇٽي ته مان وڪالت ۾ موٽي وڃان، پر پوءِ ڇاڪاڻ ته مارشل لا لڳو ته مون کي نڀائي نڪرڻو هيو، مارشل لا ۾ ڇڏيان ها ته ڄڻ احتجاج ۾ ڇڏيان ها، پوءِ ته وڙهن ها!
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا انسان جي بزدلي زندگيءَ کي نقصان نه پهچايو آهي؟
    شيخ اياز: گليلو جي بزدليءَ ڪهڙو نقصان پهچايو هو؟ سڄي دنيا جي سائنس بدلائي وڌائين، توڙي جو آزمائش مهل ڦري ويو هو.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته جن ڏينهن ۾ توهان وائيس چانسيلر هيا ته آمر ضياءَ جي ڀَوَ کان توهان نماز به پڙهندا هيا، ڇا اها ڳالهه درست آهي؟
    شيخ اياز: منهنجي ته گوڏن ۾ سور ٿو پوي. جي نه پوي ته مان جيڪر هاڻي به پڙهان. منهنجا ته چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ ٿا گذرن ۽ منهنجي سڄي زندگي عبادت ۾ گذري آهي. صبح جو تهجد گذار به نه اٿندو هوندو، جنهن وقت مان اٿي شاعري ڪندو آهيان. اُتي به نماز پڙهندا هياسين، ڇاڪاڻ ته ضياءَ دڙڪا ڏنا ته توهان کي ڪَوڙا لڳندا. پوءِ يا ته ڪَوڙا کاوان ها يا الله کي ياد ڪريان ها، سو مون الله کي ياد ڪرڻ بهتر سمجهيو.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ راءِ اها به آهي ته توهان جيڪو سٺ واري ڏهاڪي ۾ لکيو، اهو اڄ کان وڌيڪ طاقتور هيو، توهان ڇا چوندؤ؟
    شيخ اياز: چڪبست هندستان جو وڏي ۾ وڏو قومي شاعر هو. علامه اقبال جا جيڪڏهن چار شعر نيا شواله، همالا، ميرا وطن وهي هي، بانگ درا مان ڪڍي ڇڏجن ته جيستائين قومپرستيءَ جو سوال هيو ته چڪبست جهڙي شاعري اردوءَ ۾ ڪنهن به ناهي ڪئي. جڏهن برطانوي حاڪميت ختم ٿي وئي ته انهيءَ شاعريءَ جي اهميت به ختم ٿي وئي، سفر ته پنهنجو سَرِ ڪري چڪي. انهيءَ کان اڳتي هلي به ڇا جي لاءِ. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي اهميت تمام محدود هئي،Time ۽ Space انهيءَ کي روڪي رکيو، پر هڪڙا Values اهڙا آهن، جيڪي وقت ۽ مڪان کي پُٺتي ٿا ڇڏي وڃن. جيستائين ٻولي آهي تيستائين شاعري به زندهه رهندي، پر جي ريڊ انڊينس جي ٻولي وانگر اسان جي ٻولي به ختم ٿي وئي ته منهنجي شاعري به گم ٿي ويندي ۽ جي اسان جي ٻولي بچي، جنهن جي مونکي پڪ آ ته بچي ويندي.
    ڀٽي جي حڪومت مونکي سائين جي. ايم. سيد، حسام الدين راشدي ۽ قاضي فيض محمد کي ٻوليءَ جي مسئلي تي سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد سڏايو. مان ۽ قاضي فيض محمد وياسين. جي. ايم. سيد ۽ حسام الدين راشدي نه آيا. مون اتي ٻه ڪلاڪ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. مون اتي هڪڙي ڳالهه ڪئي ته : ”اسان جو ٻولين سان جهيڙو نه آهي، ٻوليون ته انسانذات جي بيان ۽ رابطي جي واسطي آهن. انگريزن اسان تي سؤ سال راڄ ڪيو، پر اڃا تائين اسان وٽ انگريزي هلي ٿي پئي. پر جيئن توهان کي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ، تيئن اسان کي به پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ. توهان ٿا چئو ته اردو ٻولي قلعئه موليٰ ۾ پيدا ٿي- جي اها Theory ٿا وٺون ته ٽي سؤ سال اڳ جي. جي جميل جالبي جي Theory ٿا وٺون ته ڇهه سؤ سال اڳي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. اسان جي ٻولي ته پنج هزار سال پراڻي آهي، جيڪا موهن جي دڙي جي مهرن تي لڌي اٿئون، رسم الخط ساڳيو عربي نه هو، پر اهو ته مڃو ته اسان جي ٻولي هئي. موهن جي دڙي جي تهذيب جيڪا Develop ٿي هئي، جنهن ۾ مهرون ۽ ٻيون شيون اسان کي مليون آهن ته انهيءَ تهذيب تائين پهچڻ لاءِ ڏهه هزار سال ٻيا لڳا هوندا. معنيٰ اسان جي ٻولي پندرهن هزار سال پراڻي آهي، ته اسان کي ايترو حق ته آهي ته اسان پنهنجي ٻولي محفوظ ڪري رکون. توهان جي ٻولي خدا توهان کي بخشي ڏئي، اسان جو ان سان واسطو ڪونهي، پر اها ڳالهه ته مڃو ته اسان جي ٻولي قديم آهي، جيڪا عراق جي ٻولين کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ قديم آهي.“ پوءِ اهو دليل قومي اسيمبليءَ ۾ ڀٽي ڏنو ته ”بابا اهو ته مڃو ته هنن کي پنج هزار سال پراڻي ٻولي آهي، رسم الخط کڻي عربي نه هيو، پر ٻولي ته هئي نه.“
    انٽرويو وٺندڙ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ توهان جيڪي اردو ٻوليءَ جي لاءِ Comments ڏنا هيا...
    شيخ اياز: اهو مون غلط ڪيو آهي، ۽ اهو مون انتهاپسند ٿي ڪيو، پر ايڏا سخت Comments نه ڏيڻ گهربا هيا. حالانڪه ڪنهن حساب سان ان کي Factual aspect ته آهي، پر هينئر ڪنهن به انسان کي ڪنهن ٻولي يا مذهب جي نالي تي نه ٿو رنجائڻ چاهيان. ماڻهو جي ٻولي، ماڻهو جو مذهب، ماڻهو جا خيال ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ان جو ذاتي معاملو آهن. ڪنهن به ٻئي ماڻهو جو اهو ڪم ڪونهي ته انهن کي Touch ڪري، يا Exploit ڪري.
    انٽرويو وٺندڙ: هندستان جي سنڌي ادب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    شيخ اياز: شارٽ اسٽوري ليکڪ ڏاڍا ذهين آهي، جيئن شيام جئيسنگهاڻي ۽ گنو سامتاڻي وغيره ڏاڍا چڱا آهن پر ڇاهي ته انگريزي لفظ ڏاڍا ٿا استعمال ڪن. شيام جو ڪتاب ”گواني مندر“ گوا کڻي ويس. ڏاڍو چڱو ڪتاب هو، پر ان ۾ هڪڙي سڄي نظم سنڌي Script ۾، انگلش ۾ لکيل هئي. هاڻي ويچار ڪيو ته اها شاعري زنده ڪيئن رهندي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا اياز اهو ساڳيو آ جيڪو اڳ هيو؟
    شيخ اياز: ڪهڙي حساب سان ٿو چئين، Self ته ساڳيو آ. باقي خيالن ۾ تبديلي ته اچي ٿي. ڇا توهان جو دماغ USSR وانگر ٽڙڪي نه پيو آهي؟
    انٽرويو وٺندڙ: دراصل توهان سياسي شاعر به آهيو؟
    شيخ اياز: سياست زندگيءَ جو حصو نه آهي ڇا؟ سياست زندگيءَ جو ائين حصو آ، جيئن سڄي ڪائنات زندگيءَ جو حصو آهي. مان توهان کي ٻڌايو ته زندگي اکٽ آهي ۽ موت فريب آهي. زندگي فريب نه آهي، پر شاعر جو ڪم سياست نه آهي. سياسي واقعن کان متاثر ڪن ڳالهين جو اظهار ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ واقعن ۾ عملي شرڪت (Active participate) ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. هڪڙي عمر تائين ته عمل ۾ به رهياسين، پر هينئر طبيعت اجازت نه ٿي ڏئي. حيدر بخش جتوئي مرحوم جڏهن جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا هيو ته به هن کي مائيڪ ٿي ڏنائون ۽ هن جو دماغ ايترو ته مائوف ٿي چڪو هو جو يحيٰ خان کي پئي دعائون ڪيائين ته اهو توهان کي آزادي ڏيندو ۽ توهان کي ون يونٽ ڊاهي ڏيندو.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان کي ٻيو ڪجهه چوڻو هجي؟
    شيخ اياز: بس، ٿڪجي پيئه! مان ته اوهان جي اڳيان زنده اينسائڪلو پيڊيا آهيان، جيڪي پڇڻو هجيوَ، ڀلي پڇو. توهان چار ڄڻا آهيو، پُڇڻ وارا، مان هڪڙو آهيان يا تمهين سوگئي داستان سنتي سنتي.“
    انٽرويو وٺندڙ: اسان ته بس ڪَئي، اوهان کي ڪجهه چوڻو هجي؟
    شيخ اياز: (کلي) ٿورو ترسو! ڪجهه وقت کان پوءِ ديوانِ حافظ وانگر منهنجي ڪلام ۾ فال وجهندؤ، منهنجو ڪوئي به ڪتاب کوليندؤ ته اوهان کي پنهنجو مستقبل نظر ايندو. منهنجي ساري شاعري پيشن گوئي آهي.


    بلئس سينڊرارس

    (بلئس سينڊرارس (اصلي نالو فريڊرڪ ساسر) تاريخ پهرين سيپٽمبر 1887ع تي سئٽزرلينڊ جي شهر چاڪس ڊي فانڊس ۾ ڄائو. سندس پيءُ جيئن ته ڌنڌن جون مختلف رٿائون (جيڪي ڪڏهن به پوريون نه ٿيون.) هٿ ۾ کڻي ڏيهان ڏيهه پيو رلندو هو. ان ڪري سينڊرارس جي ننڍپڻ به پنهنجيءُ پيءُ اسڪندريه، نيپلس، برنڊسي ۽ نيوچاٽيل شهرن ۾ گذري.
    بلئس سينڊرارس 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو ۽ هيرن جي هڪ واپاريءَ سان وڃي شريڪ ٿيو. ٻنهي ڄڻن گڏجي واپار سانگي روس، ايران ۽ چين جو سفر اختيار ڪيو. 1910ع ۾ پيرس شهر ۾ بلئس سينڊرارس جي ملاقات ايپوفائر سان ٿي ۽ کانئس تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت اهو صاحب علم ۽ آرٽ جي حلقن جو مائي باپ ڪري ليکيو ويندو هو.
    بلئس سينڊرارس پنهنجو پهريون طويل نظم `Les Paques a New York`1912ع ۾ آمريڪا ۾ ويهي لکيو. 1918ع ۾ اهو طويل نظم ۽ ٻيا طويل نظم گڏي پنهنجو پهريون ڪتاب شايع ڪرايائين. 1931ع ۾ آمريڪا جي مشهور ليکڪ جان ڊاس پاسوز سندس انهن نظمن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو. سندس انهن نظمن جو جديد شاعريءَ جي پيڙهه ٻڌڻ ۾ وڏو حصو آهي.
    بلئس سينڊرارس انهن نظمن کان پوءِ ناولن ۽ سوانحي ناولن لکڻ جو سلسلو به شروع ڪيو جيڪي هن ريت آهن:
    Moravagine(1926) sutter’s Gold (1926), L’or (1924). Rhum (1930). Les Confessions de Dan yack (1929)
    جڏهن ٻيءَ عظيم جنگ ڇڙي ته بلئس سينڊرارس رپورٽر جي حيثيت ۾ برطانوي فوجن سان شريڪ ٿي ويو. 1940ع ۾ جڏهن پيرس جرمنن جي هٿ ۾ آئي ته پاڻ سڀڪجهه ڇڏي ايڪس پراوينس ۾ رٽائر زندگي گذارڻ لڳو ۽ سندس لکڻ بند رهيو. 1944ع ۾ ٻيهر لکڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجين يادگيرين تي مشتمل هڪ ٻئي پويان ڪتاب لکندو ويو، جيڪي هن ريت آهي:
    La Main Coupee (1946) L’ Homme Fourdroye (1945) Trop & Le Lotssement du Ciel (1949), Bour linguer (1948) C’est Trop (1957)
    1957ع کانپوءِ جلد ئي کيس بيماري ٿي پيئي ۽ بيماريءَ وگهي مفلو ٿي پيو ۽ تاريخ 21 جنوري 1961ع تي پيرس ۾ وفات ڪيائين.)

    بلئس سينڊرارس

    انٽرويو وٺندڙ: مائيڪل مينول

    انٽرويو وٺندڙ: سڀئي ليکڪ اِها دانهن ڪندا آهن ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ ليکڪ کي ڌار ڌار دٻائن هيٺ رهي لکڻو ٿو پوي. اِها ڪيتري قدر حقيقت آهي؟
    سينڊرارس: اديب مڙيئي پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ ۽ ڳالهه کي دلچسپ بنائڻ جي چڪر ۾، ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائي ڇڏيندا آهن. کين پنهنجي فن جي بدلي ۾ جيڪا موٽ ملندي آهي، جيڪا حاصلات ٿيندي آهي ۽ جيڪي سندن ڀاڳ کُلندا آهن، انهن جو به ته ذڪر ڪرڻ گهرجي. اهو ڇا آهي ته ’آءُ هيئن، آءُ هونئن.‘ پاڻ کي اِها ڳالهه صفا ڪو نه وڻي. آخر جيڪا ٻي خلق ويٺي آهي، اها کانئن ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ گهٽ آهي. سڀڪو پنهنجيءَ هڻ پٽ ۾ پورو آهي. اڪثر ماڻهو ويچارا ته سوسائٽيءَ جي مشين جا پرزا ئي آهن، جيڪي سوسائٽيءَ جي گيئرن کي صاف ڪري اڳتي هلائڻ ۾ ڪم ايندا رهندا آهن. آءٌ جڏهن کان پيرس موٽي آيو آهيان، ته گهر جي دريءَ مان ويهي تماشو ڏسندو آهيان ته دل دکندي اٿم. دريءَ جي بلڪل سامهون مقرر وقت تي مقرر جاءِ تي گاڏي اچي بيهندي آهي ۽ سوين ماڻهو اوڳاڇيندي آهي ۽ ايترائي ماڻهو ڳڙڪائي رواني ٿي ويندي آهي. ماڻهو نه ٿيا الاءِ ڇا ٿيو. اِها ڪا زندگي ته نه آهي. اِهو عمل انساني ته لڳيئي نٿو. اِها ته وڏي غلامي آهي. چڱا مَٺا سڀ غلام ٿا لڳن. زندگيءَ جو اِهو واهيات پڻو ته ختم ئي ٿيڻ کپي.
    مون جهڙو عام ماڻهو جديد زندگيءَ جو ڏاڍو عقيدتمند آهي. نين نين فيڪٽرين جو واکاڻي آهي. پر ٿوري وقت لاءِ ويهي انهن فيڪٽرين ۽ انهيءَ جديد زندگيءَ تي سوچجي ٿو ته آخر اِهي شيون اسان کي ڪيڏانهن پيو وٺيو وڃن ته پوءِ ته تاڪ ٿا لڳيون وڃن. سچ ڪري پڇين ته اڳتي هلي معاملو ڏاڍو خراب ٿيندو.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته تون وڏي فجر ڏيئي اُٿندو آهين ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکندو رهندو آهين؟
    سينڊرارس: مون کي خبر آهي ته ڪم وڏي لعنت آهي. ان ڪري مون ڪم کي ڪڏهن به عادت نه بنايو آهي. ان هوندي به ائين ضرور آهي ته جيئن ٻيا مقرر ٿيل گهڙيءَ کان مقرر ٿيل گهڙيءَ تائين ڪم ڪندا آهن، ائين مون کي به ڪرڻو پوندو آهي. آءٌ هاڻ پنجونجاهيءَ کان مٿي چڙهي ويو آهي. سوچيو هئم ته چار ڪتاب لکي وٺان، سو لکيا اٿم. گهڻي ئي لکيو اٿم. لکڻ لاءِ ڪو خاص طريقيڪار نه اٿم. بس ڪوشش ڪيم ۽ لکي ويس. رڳو اِهي ڪتاب ڪلهي تي رکي جيئڻو نه اٿم. ڪتابن لکڻ کان سواءِ ماڻهوءَ کي ٻيا به ڌنڌا ڌاڙي هوندا آهن. آخر زندگي رڳو ڪتابن جي ڀَرَ تي ته نه گهارڻي آهي.
    ليکڪ لاءِ اِهو ڪو ضروري نه آهي ته هو اهڙي هنڌ ويهي لکي جتي لکندي لکندي اک مٿي کڻي ته سهڻا نظارا پسي. ليکڪ کي ته جيروم وانگر کُڏيءَ ۾ به ويهي لکڻ گهرجي. نظاري کي پُٺ ڏيئي به لکي سگهجي ٿو. لکڻي اصل ۾ روح جو نظارو آهي- ’دنيا اها آهي جيڪا آءُ ٿو پيش ڪريان.‘ انسانيت پنهنجي افساني تي جيئندي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن فاتح ڪو ملڪ فتح ڪندو آهي ته هو سڄي ملڪ تان ڦرهي ڦيري ان کي اهڙو بنائڻ چاهيندو آهي، جهڙو سندس دل گهرندي آهي. اڄڪلهه ته آرسيءَ ۾ به منهن ڏسڻ تي دل نٿي چوي.
    ايپولي فائر کي پيرس شهر ۾ پنهنجو عاليشان گهر آهي. گهر ۾ وڏا وڏا شاندار ڪمرا اٿس. ٽئين ماڙ تي عاليشان آڳر اٿس، جتي ويهي جي نظر ڌر جي ته نظارن مان اک نه ڍاپي، پر هو آڳر يا ڇت تي ويهي لکڻ جي بدران بورچيخاني ۾ ويهي لکندو آهي. اتي به اهڙي سوڙهي ميز ڪرسي رکي اٿس، جنهن تي ويهي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
    پيسون جو ته گهر ئي ٽڪرين ۾ ٺهيل آهي. ان گهر جي آڳر ۾ ويهي ماٿريءَ ۾ نهاريو ته سهڻي کان سهڻا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. پر هو انهن ڪمرن ۾ ويهي لکڻ بدران، گهر جي پُٺ ۾ ٺهيل پنهنجيءَ لئبرريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي لکندو آهي. پاسي کان هڪ ننڍڙي دري اٿس، پر اُها به گلن سان ڍڪيل هوندي آهي. منهنجو پنهنجو گهر ٻهراڙيءَ ۾ آهي. انهيءَ گهر جي مٿئين ماڙ وارن ڪمرن ۾ ويهبو ته سامهون سهڻو باغ ڏسڻ ۾ ايندو. پر آءٌ مٿئين ڪمرن جي بدران هيٺ هڪ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهيان، جنهن جي هڪ دريءَ مان سامهون ڀت ڏسڻ ۾ ايندي ته ٻئي پاسي طابيلي ڏانهن ويندڙ چور گهٽي.
    منهنجي تمام گهٽ اديبن سان ملاقات ٿي. پر انهن سڀني مان مون کي هڪڙو نظاري باز اديب سُجهي ٿو، جنهن جي مغز تي نيپولين جو ڀوت سوار ٿيل آهي. هو پنهنجي گهر ۾ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهي، جتان دريءَ مان آرڪ ڊي ٽرومڦي جي تاريخي عمارت سڄي جي سڄي ڏسڻ ۾ ايندي اٿس. پر سندس گهر جي اها دري اڪثر بند هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مرشد سڳوري(نيپولين) جو اِهو ڪارنامو کيس انسپائر نه ڪري سگهندو آهي، ۽ سندس کنڀ ٻڌل هوندا آهن. ڪن ڏيئي ٻڌندؤ ته همراهه پنهنجي اسٽڊيءَ جي ڪمري ۾ ايندو ويندو، پنهنجون سٿرون ڪُٽيندو، پنهنجا لکيل جملا ٻاڪاريندو، ڪنجهڪارون ڪندو، رئندو ۽ جفاڪشيون ڪندو ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ وقت سندس زال نوڪرن کي چئي ڇڏيندي آهي ته ”صاحب پنهنجي فن جي مستيءَ ۾ آهي، مٿي ڪو به ڌيان نه ڏيو.“
    انٽرويو وٺندڙ: پڙهيو به ڏاڍو هوندءِ؟
    سينڊرارس: تمام گهڻو پڙهيو اٿم. پڙهڻ منهنجو خفت آهي. آءٌ مختلف هنڌن تي مختلف ماحولن ۾ هر قسم جا ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪو ڪتاب ور چڙهندو اٿم ان کي چٽي ويندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تو هڪ هنڌ چيو آهي ته تولاءِ پڙهڻ زمان ۽ مڪان ۾ سفر ڪرڻ نه آهي بلڪه ڪردار جي اندر ۾ بنا اٺسٺي جي پيهي وڃڻ آهي؟
    سينڊرارس: پڙهڻ منهنجو وڏو نشو آهي. قلم جي مس مون کي نشي ۾ آڻي ڇڏيندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه غير معمولي شيون به پڙهيون هوندءِ؟
    سينڊرارس: ڪيپٽن ليڪ روئڪس نالي هڪ پوڙهو جهازي آهي. سندس لکيل ڪتاب نه آهن، پر ڪتابن اندر ميڙا متل آهن. قسمت سان ساڻس ملاقات ٿي نه سگهيو آهيان. نئنتيس ۽ سائنٽ ناذائر شهرن ۾ ڳولا ڪئي مانس، پر ملي نه سگهيوسانس. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته همراهه اسي ورهين کي پهتل آهي، پر اڃان تائين ڀڙ لڳو پيو آهي. جڏهن ڏٺائين ته هاڻي سامونڊي سفر اختيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته وري ٻيڙن جو ويمو ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس ۽ اڃا تائين اونهي ۾ ٻيڙيءَ کي ائين آلائيندو آهي، جو کيس پنهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جا ڪڻٺا ياد اچي ويندا آهن. انهيءَ عمر ۾ اهو وڏو ڪارنامو آهي. مون کي لڳي ٿو ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر مَچُ دُکايو ويٺو آهي. سامونڊي هوا سندس گهر جي مٿان گهلي رهي آهي. سياري جون راتيون ڊگهيون آهن ۽ هو وقت گذارڻ لاءِ لتاڙيل ستن سمنڊن ۽ ٻيڙين کي ياد ڪري ڪتاب مٿان ڪتاب لکندو وڃي.
    سندس انهن ٿلهن ڪتابن ۾ ڏاڍي سچائيءَ سان اڪيومينٽيشن ٿيل آهي. ڪن ڪن هنڌن تي اهي ڪتاب ٿورا ٿورا ڳرا لڳن ٿا، پر منجهن ڏاڍي تازگي هوندي آهي، پڙهندي ٿڪائين نٿا. کيس جيئن حالتون درپيش اينديون ويون آهن، هو جيڪي ڪجهه ڏسندو ويو آهي، اُهو لکندو ويو آهجي. کيس ڪيپ هارن کان وٺي چيني سمنڊ تائين ۽ تسمانيه کان وٺي يوشانت تائين جيڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان جو تذڪرو ڪيو اٿس- لائيٽ هائوس، وهڪرا، هوائون، سامونڊي ڇپون، طوفان، وانئرون، ٻيڙا، سامونڊي آمدرفت، جهازن جون برباديون، مڇيون، پکي، آسماني ڏيک، سامونڊي آفتون، تاريخ، ريتون رسمون، قومون، سمنڊ سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ پنهنجيون پراڻيون چوڻيون مطلب ته ڪا شيءِ ڇڏي نه اٿس. هڪ ايماندار سامونڊيءَ وانگر جنهن ڏينهن کان ٻيڙن جي پيار ۾ سمنڊ جي ڇاتيءَ تي پير رکيو اٿس، ان ڏينهن کان وٺي هڪ هڪ ڳالهه چٽي اٿس. ها! ان ڪتاب کي تون هروڀرو ادب جي خاني ۾ به جاءِ ڏيئي نٿو سگهين. ڪتاب جي هر صفحي تي توکي ڪجهه نه ڪجهه حاصلات ٿيندي. ۽ ڪتاب جا پورا ڏهه ٿلها جلد آهن. ڪتاب جيترو دلسوز آهي اوترو ئي سندس وانگيان سادو آهي. پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجيءَ آڱر سان دنيا جي سڄي گوليءَ کي ڇُهي ورتو هجيس.
    ان کان سواءِ نوسترا داموس جا پيشنگوئين وارا شعر آهن، جيڪي ايڏيءَ سهڻيءَ زبان ۾ لکيل آهن، جو پڙهڻ سان اندر ٽڙيو پوي. حالانڪه منجهن ابهام به ڏاڍو آهي. اِهي شعر پاڻ چاليهن سالن کان پڙهندو اچان. اهي شعر پڙهندو نه پر پيئندو ۽ اوڳاريندو رهندو آهيان. پر ان جي باوجود اڄ تائين اهي شعر چڱيءَ طرح سمجهه ۾ نه آيا اٿم. نظم يا نثر کي سمجهڻ لاءِ آئون ڪنهن گائيڊ وغيره کي هٿ نه لائيندو آهيان. هيستائين جيڪي به گائيڊون ڇپيون آهن، اُهي سڀ نظرن مان ڪڍيون اٿم. سڀ بي معنيٰ ۽ ڪوڙيون آهن. ڪو هڪڙي گائيڊ ڇپيندو آهي ته ٻن ٽن سالن کان پوءِ وري ڪو ٻي گائيڊ ڇپيندو آهي ۽ اڳئين گائيڊ کي رد ڪري ڇڏيندو آهي. ڪُلف بند جو بند رهندو آهي. ڪنجي ڪنهن کي به هٿ نه ايندي آهي. ڪُجا گائيڊن جي مڪينزم ڪجا اعليٰ تخليق جو ڪم. فرينچ زبان ۾ هيتائين جيڪي به عظيم شاعر پيدا ٿيا آهن، نوسترا داموس انهن مان هڪ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: هن وقت پڙهڻ لاءِ تازو ڪهڙو ڪتاب ڳولي لڌو اٿئي؟
    سينڊرارس: پڙهڻ لاءِ تازو جيڪو ڪتاب ڳولي لڌو اٿم ان جو عنوان آهي`Reportoire General` اهو ڪتاب ريتن رسمن جي ڊڪشنري آهي. 1937ع ۾ ڇپيو آهي. ٻن وڏن جلدن تي ٻڌل آهي ۽ منجهس 58 ڪلو وزن آهي. آءٌ جيڏانهن به ويندو آهيان ته اهو ڪتاب گڏ کڻي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته آءٌ ميري ميگلڊالين جي سوانح تي مشتمل هڪ عدد ناول لکي رهيو آهيان. ميري ميگڊالين دنيا جي اها واحد عورت آهجي، جنهن حضرت عيسيٰ کي رئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ ريتن ۽ رسمن جي فهرست جي ضرورت پوندي اٿئي ڇا؟
    سينڊرارس: منهنجا مٺڙا سائين مسئلو ٻوليءَ جو آهي. ڪيترا سال ٿيا آهن جو آءٌ جڏهن به ڪو ڪتاب لکندو آهيان ته ڪتاب لکڻ کان اڳ لفظن جو ذخيرو گڏ ڪندو آهيان. مثلنِ `L’ Homme Foundroye’ لکڻ کان اڳ پورا ٽي هزار لفظ گڏ ڪري لڪکي رکيا هئم ۽ جڏهن ڪتاب لکڻ ويٺس ته ٽيئي هزار لفظ ڪتاب ۾ استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو. مسئلو سڄو ته ٻولي ئي آهي. ٻولي اُها شيءِ اٿئي، جنهن مون کي ڌتاريو آهي، بگاڙيو آهي، ٺاهيو آهي ۽ ڦٽايو آهي. جيئن ته آءٌ شاعر آهيان، ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهيان. ٻوليءَ ۾ صحيح يا غلط تي منهنجي نظر رهي ٿي. گرامر کي مون هميشه نظر انداز ڪيو آهي، بلڪه ڌڪاريو آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڌڪاريندو رهندس. پر ان جي باوجود آءٌ ڊڪشنرين جو وڏو پڙهاڪو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجو ڌيان هجي ۽ اُچارن تي رهندو آهي. هجي ۽ اُچار ئي ٻوليءَ کي زندهه رکندا آهن. آلاپ اڳ ۾ پيدا ٿيو آهي، لفظ پوءِ پيدا ٿيا آهن. پکين جا آواز ئي ٻڌي ڏس ته خبر پئجي ويندءِ.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ٻولي اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا هڪ هنڌ ڄمي ويل يا مُئل آهي، بلڪه هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا زندگيءَ ۽ حقيقت سان ڳانڍاپيل آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ سفر ڪندي رهي ٿي؟
    سينڊرارس: اهو ئي ته ڪارڻ آهي جو ريتن رسمن جي فهرست تي ٻڌل ڪتاب`Reportoire General` مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. مثلن: `Ribbon`لفظ کي ئي کڻي وٺ. ان اکر جي معنيٰ پورن 21 صفحن تي ڏنل آهي. عجب ته اِهو آهي جو اهو لفظ هن وقت جي الٽرا ماڊرن دنيا ۾ ۽ نئين مشينن ۽ ڪارخانن جي دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪم اچي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: لوڪ ادب ۾ تنهنجي دلچسپي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿي؟
    سينڊرارس: منهنجي سڄي حياتي گيرارڊي نيروال جي تخليقن جي اثر هيٺ گذري آهي. مون کي مقبول عام شاعري ۽ لوڪ گيتن سان جيڪو پيار آهي، اُهو سندس ئي تخليق جو پيدا ڪيل آهي. آءُ سڄيءَ دنيا ۾ روس، چين ۽ برازيل وغيره جتي جتي به ويو آهي اُتي جي موسيقيءَ ۾، شاعريءَ ۾، ۽ ادب ۾ دلچسپي ورتي اٿم. ٻڌو اٿم، پڙهيو اٿم ۽ نوٽ ڪيو اٿم. ڊوملس جون لکڻيون، محلاتي سازشن تي ٻڌل ناول، ٽائپسٽن جي پيار تي ٻڌل ڪهاڻيون- اهي سڀ پڙهڻ جهڙيون شيون آهن. دنيا جي سڀني اسٽينو گرافرن جي ذهنيت تقريبن ساڳي ئي آهي. هر ملڪ ۾ ادب جا ڪي نه ڪي اهڙا نمونا هوندا آهن، جيڪي وڏي عام مقبوليت رکندا آهن. جيئن `The key of dreams` آهي يا `The language of flowers` يا ٻيا اهڙا هزارين مثال موجود آهن. مڃان ٿو ته گهورڙين جيڪو لوڪ ادب تخليق ڪيو آهي، پيرس جهڙي شهر ۾ اُن جو اُهو ساڳيو مان نه آهي پر برازيل جهڙن ملڪن ۾ اڄ به ويندؤ ته اُتي جي اڻ پڙهيلن ۾ ’ڪامڻ‘ ۽ ’ست بگهاڙي‘، ’ڪنڌ وڍيو چراغ‘، ’اڇي مائي‘، جنن ڀوتن جا قصا، پرين جون آکاڻيون، سورمن جا قصا، مسافرن جا جوکا، ڏاڍن مڙسن جا ڏاڍ مڙسيون، مطلب ته ڪيترن ئي قسمن جا ادب پارا مشهور آهن. ان کان سواءِ انگلينڊ جا جاسوسي ناول، آمريڪي ڪائو بوائز جا قصا ۽ عشق و محبت متعلق ٺهيل فلمون به انهيءَ ادب جو ئي حصو آهن، جنهن ادب جي پيڙهه لوڪ ادب ۽ عوامي ادب تي ٻڌل آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: برازيل جو جيڪو لوڪ ادب آهي، اهو شيدين جي لوڪ ادب تان ته ورتل نه آهي؟
    سينڊرارس: نه. اِهو ادب پورچو گال مان آيل آهي. گهورڙئي جو پيدا ڪيل جيڪو به لوڪ ادب آهي، اُهو پورچو گال مان ئي آيل آهي. هونئن اهو ادب برازيل جو قومي ادب آهي. اُن ادب جي جُڙت ۾ اُتي جي استادن جو حصو نه آهي، بلڪه استاد اديب ان کان ئي متاثر آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اهي استاد اديب فرنيچ زبان جي ادب کان به متاثر آهن. برازيل جي اديبن جي جيڪا صفا نئين پيڙهي آهي، اُها اتر آمريڪا جي انهن اديبن کان متاثر آهي، جيڪي اديب ٻن جنگين جي وچ ۾ پيدا ٿيا ۽ زندگيءَ جو وچ عرصو پيرس ۾ به گذاريائون. انهن اديبن ۾ هيمنگوي، جان ڊاس پاسوس ۽ هينري ملر اچي وڃن ٿا.
    انٽرويو وٺندڙ: پر جيڪي شيدي اُتي اچي آباد ٿيا آهن، انهن ڪجهه ته لکيو هوندو؟
    سينڊرارس: شيدين جي ڳالهه ٿو ڪرين، غلام ويچارا لکندا ٿورو ئي آهن. سندن لکڻ تي ته پابندي هئي. انهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻه اکر پڙهي وٺندو هو ته اُها ئي وڏي ڳالهه هوندي هئي. اهو ته ٺهيو پر برازيل ۾ مورڳو ڪتابن ئي ڇپڻ تي پابندي لڳل هئي. پورچو گال مان ڪتاب ڇپجي ايندا هئا. 1818ع ۾ شهنشاهه جي حڪومت دوران پهرين پريس ريوڊي جينرو ۾ لڳي. ان کان اڳ اُتي پريس به ڪا نه هئي. 1633ع کان 1696ع جي وچ ڌاري تائين گريگوريو ماتوس نالي هڪ شاعر پنهنجا شاهڪار شعر لکيا هئا، جن ۾ بيٺڪي راڄ جي سماج تي وڏي طنز ٿيل هئي. اهي شعر 1882ع ۾ ريوڊي جينرو ۾ ڇپيا. 1882ع کان اڳ ۾ اهي شعر مخطوطن ذريعي ۽ زباني طرح سماج جي هڪ خاص طبقي يعني باهيا جي بوهيميا طبقي ۾ گردش ڪندا رهيا.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو شاعر ته شيدي نه هو؟
    سينڊرارس: نه. سندس پيءُ وڏو زميندار هو. سندن ٻنيءَ تي 130 شيدي غلامن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئا. ڀاڳ وارو ماڻهو هو، جو کيس پورچو گال جي مشهور يونيورسٽي ڪوئمبرا ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. همراهه پورچو گال مان پڙهي جڏهن باهيا موٽيو ته وات بند ئي نه ٿيئس، ملامتن ۽ گارين جا ڌوڙهيا چاڙهيو ويٺو هو. ان ڪري کيس انگولا ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني ختم ڪري جڏهن واپس موٽيو ته همراهه ڪاوڙ ۾ اڳي کان به رتيون ڪسر بيٺو هو، اُن ڪري کيس ڪجهه عرصي لاءِ پرنامبوڪو ۾ سندس گهر ۾ ئي قيد رکيو ويو. اُتان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي حالت سڌارڻ جي بدران نشي ۾ ٽٻ ۽ بندرگاهه ۾ڪم ڪندڙ نيگرو ڇوڪرين سان عياشيءَ ۾ غرق رهڻ لڳو. ان شاعر جيڪي پيار جا گيت لکيا آهن، انهن مان ڪجهه گيت ته اهڙا آهن جو دل کي جهٻيون ڏيو ڇڏين. مسڪيني حال ۾ وفات ڪيائين. جڏهن کيس هڪ غريب ماڻهوءَ وانگر دفن ڪيو ويو ته سندن سڄي ملڪيت رڳو هڪ گٽار ئي هئي.
    انٽرويو وٺندڙ: 15 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن تون گهران ڀڄي نڪتين ته اها تنهنجي رٿا اڳ ۾ رٿيل هئي يا ائين منهن ڪري ڀڳو هئين؟ موٽڻ جو به خيال هيئي يا نه؟
    سينڊرارس: مون اوڀر طرف رُخ رکيو. ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا پهرين ٽرين ملي اُها اوڀر طرف پئي ويئي. ان جي جاءِ تي جيڪڏهن اولهه طرف ويندڙ ڪا ٽرين مليم ها ته ڪر ايشيا جي بدران اولهه طرف آمريڪا مان وڃي نڪران ها.
    انٽرويو وٺندڙ: جنهن تاريخ تي تون گهر کان ڀڳين، اُها تاريخ تنهنجي حياتيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان تاريخ کان پوءِ تنهنجي زندگي ٻن واٽن ۾ ورهائجي ويئي. هڪڙي واٽ ايشيا جا جوکا هئا ۽ ٻي واٽ مغرب جا جوکا. ڀانيان ٿو ته تڏهانڪر تو وٽ مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت ئي نه هئي؟
    سينڊرارس: اِهي واٽن ۽ حصن ۾ ورهائجڻ جون ڳالهيون تڏهن ڪبيون آهن، جڏهن پنهنجي متعلق ويهي افساني طرازي ڪبي آهي. منهنجي زندگيءَ جا ٻه حصا رهيا ئي نه آهن. ها! ائين ته ڪو چاهي ته ٻه حصا ته ڇا پنهنجي زندگيءَ جا چار، اٺ، يا ٻارهن سورهن حصا به ڪري سگهي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: Transsiberien`, Paquese a New york` ۽ `Panama`جهڙا نظم لکي ٿو ته جيڪو نئون تجربو ڪيو، سيٽن ۽ تِک آندءِ ۽ شاعريءَ جي نئين ٽڪنڪ اختيار ڪيئي. ان تجربي کي اڳتي هلي تو ڇو نه جاري رکيو؟
    سينڊرارس: 1917ع ۾ مون هڪ نظم لکيو هو. اُهو هڪ ڀرپور جديد نظم هو، جنهن ۾ مون پنهنجي اندر جي پوري قوت ڀري ڇڏي هئي. اهو نظم آڪوتا (Anti- poetic) هئو ۽ ان جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. مون ان ئي وقت سوچي ڇڏيو هو ته اهو نظم نه ڇپائبو، ۽ اهو ڏسبو ته ٻيا جيڪي جديد شاعري لکي رهيا آهن، ڏسان ته اُهي ڇا ٿا ڪن. اهو نظم لکي صندوق ۾ بند ڪيم ۽ اُها صندوق ٻهراڙيءَ جي هڪ بالاخاني ۾ رکي ڇڏيم ۽ سوچيم ته ڏهن سالن کان پوءِ اهو نظم ڇپائبو. ان ڳالهه کي چاليهارو سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر سوچيان ٿو ته اڃا تائين ان جي ڇپائڻ جو وقت نه آيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جو عنوان شايد `Au Coeure du Monde` ته نه آهي؟
    سينڊراس: ها! ڏس نه! ڇپجڻ کان اڳ ئي مشهور ٿي ويو آهي. هڪ ايڊيٽر مون کي ٻه هزار ڊالر آڇيا به آهن ته به نٿو ڏيانس. توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو اٿم ته آءٌ هاڻي نظم لکندو نه آهيان، پر پنهنجي ليکي اُچاريندو رهندو آهيان ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. آئون نٿو چاهيان ته پنهنجي شاعري ڪنهن کي ٻڌايان، پوءِ ڀلي ڪو گهاٽو يار کڻي ڇو نه هجيم. اها شاعري آءٌ لکندو نه آهيان. ان مان اهڙو ئي مزو ايندو اٿم، جيئن پهه پچائڻ مان ايندو آهي، جيئن ڪو راز ٻين کان لڪائي مزو ايندو آهي. هونءَ ايڏي خود غرضي آهي ته گناهه.
    لکڻ جو ڌنڌو خلوص جي باوجود بي شڪرائيءَ وارو آهي. منجهائنس تمام ٿورو اطمينان ٿيندو آهي. پنهنجو پاڻ کي صفا ڪڏهن ڪڏهن ائين چئي سگهبو آهي ته ”ميان سينڊرارس اطمينان جوڳو اٿئي!“ ...ڪتاب ته لکجي پورو ٿيندو آهي، پر لکندڙ نراس ئي رهندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجا نظم The`Transsiberien`, Paques a New york`۽ ...
    سينڊرارس: پهرين اهو ٻڌاءِ ته انهن نظمن جو ڪٿي تذڪرو نڪتو آهي ڇا؟
    انٽرويو وٺندڙ: انهن نظمن جو گهڻو ئي تذڪرو ٿيو آهي. انهن نظمن کي جديد شاعريءَ جو بنياد سمجهي محفل ۾ پڙهيو ويو آهي. اهي نظم جديد اُمنگ جو ذريعو آهي.
    سينڊرارس: اها ڳالهه قطعي غلط آهي. آءٌ ڪنهن به شيءِ جو بنياد نه آهيان. بلڪه جيڪا هيءَ جديد دنيا آهي، جيڪا وچئين دور وانگر وسيع ۽ لذيذ آهي، اِها ئي دنيا بنياد آهي، آهنگ جو ذريعو آءٌ نه پر وائلن آهي. جيڪڏهن ميڪس جيڪب جي لکپڙهه ڇپجي پوي ته پوءِ پتو پوندو ته شيءِ جو اصل بنياد ڪهڙو آهي، ان جا ذريعا ڪهڙا آهن ۽ ان جي موڪلاڻي ڪهڙي آهي ۽ ان جي پهچ ڪهڙي آهي. اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن کي اِها خبر آهي ته ناريل جو وڻ ڪيئن ڌوڻجي. اهو ئي ماڻهو آهي جنهن کي اِها خبر آهي ته ڪوڙو ڪير آهي- سچو ڪير. خالص ڪير آهي ته گاڏڙ ڪير ۽ سندس زبان! سائين سندس زبان کان الله پناهه ڏي. ڳالهه کي ايترو ته نٿو ڇاڇولي جو ڪر شيطان پاڪ پاڻيءَ کي به ايترو نه ڇاڇولوي.
    شاعرن لاءِ چوڻ ۾ ته هاڻ ڪا به وندر نه رهي آهي، جيڪا وڏي مصيبت ٿي لڳيم. حقيقت اها آهي ته شاعر حضرات جنهن به شيءِ کي ڇُهن ٿا ان کي ايترو سنجيدگيءَ سان ٿا ڇُهن جو وندر رهي ئي نٿي.
    انٽرويو وٺندڙ: جوانيءَ ۾ ڪو انڌو شوق ته نه ڪيئي؟
    سينڊرارس: منهنجا مٺڙا سائين! انهيءَ زماني ۾ ڪمرشل ليکڪن کي ته سِٽن جي حساب سان پئسا ملندا هئا. پر ايپولي فائر جهڙو مهان ليکڪ مهينن جا مهينا معمولي معاوضي جو ۽ نوڪريءَ جو انتظار ڪندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو هن مانيءَ ڳڀي ڪاڻ فحش لکڻيون لکيون. تون اندازو ئي نٿو لڳائي سگهين ته ان وقت اسان لاءِ سڀ در ڪيئن بند هئا. اوهين اڄڪلهه جا ليکڪ ته موجن ۾ آهيو. انهن ڏينهن ۾ ريڊيو ۽ اخبارن ۾ مطلب ته هر هنڌ منهنجي نوجوان ليکڪن سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. 1914ع کان اڳ جن کي نوڪرين جو کپ هوندو هو، انهن کي نوڪري ڏياريندڙ آفيسن جي درن تي بيهي بيهي پيرن تي هيٺان ڄمي ويندا هئا، پر انهن لاءِ در نه کلندا هئا. ٻيا همراهه وري شهر جي گهٽين ۾ سانن ۽ ڍڳن وانگر کيچل لڳايو ويٺا هوندا هئا. نوڪري نٿي ملي ته وڃي ڊوڙ ۾ پوي، ماڻهو پنهنجي کِل کڙڪو ته نه وڃائي! کلي وقت گذاريوسين. پيرس جون ڇوريون به واهه جون هونديون هيون.
    انٽرويو وٺندڙ: موجوده پيڙهيءَ ۾ خچرپڻو آهي؟
    سينڊرارس: هر ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج آهي ۽ اِهو مزاج هر نوجوان ماڻهوءَ جو حق ٿئي ٿو. سانَ ڍڳي کي جيستائين ڪُهي، ان جو گوشت لُوڻي، دٻن ۾ بند ڪري ٻاهر نه موڪلبو، تيستائين سندس کيچل بازي جاري رهندي. نوجوان جي حيثيت ۾ هڪ صلاح ٿو ڏيان ته اخبار جو، ريڊئي جو، سئنيما جو، بئنڪ جو- ڪنهن جو به در کليل ڏسين ته اندر نه گهڙ. ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهچڻ کان پوءِ ته ماڻهوءَ جو قصو ئي ڪوتاه ٿيو وڃي، ٽهڪ در تي ئي رهجيو وڃن. منهنجو تجربو آهي ته شاعري گهٽين مان جنم وٺندي آهي ۽ ٽهڪن سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندي آهي. شاعريءَ جو وڏو ذريعو موالين جا ٺڪاڻا آهن. اتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن جو ٽهڪن ۾ ايڏو ته رَسُ ۽ سندس ڳالهين ۾ ايتري ته وهڪ ۽ خوبصورتي آهي، جنهن جو ڪو جواب ناهي.
    انٽرويو وٺندڙ: 1912ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ هُئين؟
    سينڊرارس: 1912ع ۾ نيويارڪ ۾ ڪجهه مهينا بُک ۽ بيروزگاريءَ ۾ گذاريم. وقت بوقت ضرورتن کان تنگ ٿي نوڪري وٺندو هوس. ڪا به نوڪري هفتي کان وڌيڪ نه هلندي هئي. پڙهڻ جو شوق کنيو بيٺو هوندو هوم، سو سينٽرل لئبرريءَ ۾ وڃي لاڳيتو پرهڻ جي چوس ۾ پگهار وٺڻ کان اڳ ئي نوڪري ڇڏي ڏيندو هوس. منهنجو غاريباڻو حال انتها تي پهتل هو. ڏاڙهي وڌيل، ڪپڙن ۾ ٽُنگ ٿيل، جوتا ڦاٽل، وار وڏا ۽ ڪوٽ جا بٽڻ ڇڳل هوندا هئم. هڪ عدد ٽوپلو ۽ ٽائي هيم، اُهي به ٻن پئسن تي وڪڻي ڇڏيم. تماڪ چٻڻ جي عادت هئم، سو ٽوپلو ۽ ٽائي وڪڻي دنيا جو خراب ۾ خراب تماڪ چٻڻ لاءِ ورتم. وقت گذرندي ويرم ئي ڪو نه ٿو ڪري، سو ايسٽر به اچي ويو. ايسٽر ۾ آچر جي ڏينهن لئبرري بند هئي، سو ان شام جو پريسبئٽيرين چرچ ۾ گهڙي ويس. چرچ ۾ ٽرپکڙ ماڻهو ويٺل هئا ۽ اسٽيج تي نوجوان ۽ فيشني سهڻين ڇوڪرين قديم سازن تي ڏاڍو سريلو پاڪ گيت پئي ڳايو. پر پنجن پنجن منٽن کان پوءِ نامراد پادري وچ ۾ ٽپي ٿي پيو ۽ پنهنجي ٽان ٽان اچي ٿي لڳايائين. اسٽيج تان ٽان ٽان ڪندو وري اچي اسان وٽان نڪتو. هڪ پاسي نصيحتون پئي ڪيائين ته ٻئي پاسي پنهنجي لڙڪندڙ ٻٽونءَ تي هٿ پئي لاتائين. اسان کي پنهنجي سُڃائي کنيو بيٺي هئي، سو خير گيت اڃا پورو ٿيئي مس ته تنهن کان اڳ چرچ مان ڀڄي نڪتس. سڌو پنهنجو گهر هليو آيس. صبح جا ٻه يا ٽي وڳا هئا، مانيءَ جو ٽڪر پاڻيءَ جو گلاس سان ريڙهيم ۽ سمهي پيس. سمهي جڏهن اٿيس ته لکڻ جي زوردار خواهش من ۾ اُڀري آيم ۽ لکڻ ۾ لڳي ويس. لکي لکي ٿڪس ته وري سمهي پيس. وري جڏهن سمهي اٿيس ته لکڻ ۾ لڳي ويس، تان جو فجر اچي ٿي ۽ وري گهري ننڊ وٺي ويئي. ان بعد مان شام جو پنجين بجي جڏهن جاڳيس ته منهنجو نظم `les paques a New York` تيار هو.
    انٽرويو وٺندڙ: سڄو نظم لکي ورتئه‘؟
    سينڊرارس: جيئن لکينم، تيئن جو تيئن ڇپيو آهي. البت ٽن هنڌن تي معمولي ڪاٽ ڪوٽ ڪئي اٿمانس.
    انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جو هٿ اکر مسودو ڪيڏانهن ويو؟
    سينڊرارس: اصلي مسودي جي پڪي خبر ته نه اٿم ته ڪٿي آهي. ڪنهن مينهوڳيءَ جي ڏينهن تي وڪڻي ڇڏيانس ها، پر بچي ويو. جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته اهو مسودو پال اليويارڊ وٽ آهي، انهن ڏينهن ۾ جيئن ئي آءٌ نيويارڪ مان ٿي واپس پيرس موٽيس ته مون اهو مسودو ايپولي فائر وٽ امانت رکي ڇڏيو. اهو مسودو ڪنهن وڪيو؟ ڪڏهن وڪيو؟ پال اليويارڊ اِهو ڪڏهن خريد ڪيو؟ اها ڪا به خبر نه اٿم. آءٌ کيس مُنهن ڏٺي سڃاڻان ئي ڪو نه.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو نظم لکجي وڃڻ کان ڪيترا سال پوءِ ڇپيو؟
    سينڊرارس: نظم کان پوءِ منهنجي هڪ ئي خواهش هئي ته جيترو ٿي سگهي اوترو جلدي نيويارڪ مان نڪري پيرس هليو اچان. هفتي اندر ڍور نئيندڙ هڪ ٻيڙيءَ ۾ اچي چڙهيس ۽ 5 ڊالر ڀاڙو ڀريم. سوچ ته سهي ان وقت نيويارڪ مان پيرس وڃڻ لاءِ 5 ڊالر ڀاڙو لڳندو هو. آءٌ جيئن ئي پيرس پهتس ته اهو نظم ڇپايم.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو ڪيئن ڇپيو؟ پبلشر ڪيئن ڳولي هٿ ڪيئه؟
    سينڊرارس: مريو ڪو نه ٿي ويس، پرنٽر ڳولي لڌم. اهو پرنٽر هڪ انارڪسٽ هو، جنهن شهر جي هڪ ڪنڊائتي هنڌ لِڪ ۾ پنهنجي پريس هڻائي هئي. ايڊيشن تي جيڪو خرچ اچڻو هو، اهو خرچ ڪڍڻ لاءِ وٽس ڪجهه عرصي لاءِ ملازم ٿي ڪم ڪيو. ٽائيپو گرافي سکڻ ۾ مون ڪجهه عرصي لاءِ جيڪي ڪجهه ڀوڳيو هو، اُها ڀوڳنا ڪم اچي ويم. منهنجو، نظم تي مشتمل ننڍڙو ڪتاب ڇپجي پيو. ان ڪتاب تي منهنجي هڪ واهيات تصوير به ڇپي. ٽوٽل سؤ فرانڪ خرچ آيو. 125 ڪاپيون ڇپيون. قيمت سستي رکيمانس، پر ان هوندي به هڪ به ڪاپي نيڪال ٿي نه سگهي.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ ڪاپي به نيڪال نه ٿي!
    سينڊرارس: هڪ ڪاپي به نه.
    انٽرويو وٺندڙ: اُهي ڪاپيون ڪيڏانهن ويون؟
    سينڊرارس: جيڏانهن ٻيا ردي ڪاغذ هليا ويندا آهن، اوڏانهن هليون ويون. انهيءَ ايڊيشن جي هڪ به ڪاپي مون وٽ نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ان نظم جي ڪري شاعرن جي حلقي ۾ تنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ٿي؟
    سينڊرارس: نه. ان نظم کان اڳ ۾ ئي ڪيترا شاعر مون کي سڃاڻندا هئا. ڪيفي فليوريس ۾ جيڪي سندن گڏجاڻي ٿينديون هيون، انهن ۾ وڃي آءٌ کين چيڙائيندو هوس ۽ گڏجاڻيون ڦٽائي ڏيندو هوسان. سو ان ڳالهه جي مون کي ضرورت ئي نه هئي ته ڪتاب ڇپائي شاعرن ۾ پنهنجو ڄاڻ سڃاڻ ڪرايا. 1912ع ۾ جڏهن منهنجو نظم `Les paques a New york` ڇپيو ته ادب ۽ ثقافت جي ٺيڪيدارن جي مون سان دشمني شروع ٿي ويئي ۽ ڌاڙ گهوڙا شروع ڪري ڏنائون. منهنجو ٻيو نظم `Le Transsiberien` جڏهن جون 1913ع ۾ ڇپيو ته سندن دشمني عروج تي پهچي ويئي. مون کي ڪريل قسم جو شاعر ڪري سڏڻ لڳا. اهي فن تي قبضو ڪري ويٺل پوڙها کڳ شاعر جيڪي پنهنجو پاڻ کي پوتيءَ پاڪ شاعر سڏيندا آهن ۽ پاڻ سان سدائين علامتن جا پُڇ هڻيو هلن، انهن جو ڏٺو ته هڪ صحيح نوجوان شاعر اُڀري رهيو آهي، سو کين ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. ڏاڙهه ڪنهن جاءِ جا! مون کي ته مٿن کِل ايندي هئي. انهيءَ وقت ايپولي فائر واحد شاعر هو، جنهن وٽ آءٌ هلي ويندو هوس. ايپولي فائر مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ مون کي نوڪري به وٺرائي ڏنائين.، جنهن مان ٻه پئسا پيو ڪڍندو هوس. بابا! اِهي همراهه ويهي جيڪي شيطاني ٻٽاڪ هڻندا آهن ۽ چوندا آهن ته فلاڻو يا فلاڻي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، انهن تي ڪن ئي نه ڏي. ايفل ٽاور کي گهڻي ئي پيا ڳائين وڄائين پر ڳائڻ وڄائڻ جو هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: توسان لهه وچڙ ۾ اچڻ کانپوءِ ايپولي فائر پنهنجي شاعراڻيءَ اهليت ۾ جيڪا تبديلي آندي، اِها تبديلي عجيب وسوسا پيدا ڪندڙ آهي!
    سينڊرارس: پهريون شخص جولس رومينس آهي، جنهن ان تبديليءَ جو تذڪرو ڪيو آهي. آءٌ ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان. اهو مسئلو منهنجو نه آهي پر نقادن جو آهي. آءٌ اِها ڳالهه ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهيان. بس! مون ته ايفل ٽاور کي جيئن محسوس ڪيو تيئن لکيو اٿم.
    انٽرويو وٺندڙ: آءٌ ايفل ٽاور جي ڳالهه ڪو نه ٿو ڪريان. آءُ ته...
    سينڊرارس: سمجهان ٿو سمجهان ٿو. تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته مون ايپولي فائر کي متاثر ڪيو آهي. اِها خوامخواه جي گهنڊڻي رابرٽ گوفن ٽنگي ڇڏي آهي. هاڻي جيڪو ٿو اچي سو اِها گهنڊڻي ٿو وڄائي ته ايپولي فائر سينڊرارس کان متاثر ٿيو. اها ته سنئين سڌي بدمعاشي آهي. جڏهن به اِها بدمعاشيءَ جي گهنڊي وڄندي آهي ته مون کي لڳندو آهي ته آءٌ نقادن، شاعريءَ جي شاگردن ۽ تاريخدانن جي سامهون نه آهيان، بلڪه نئينءَ مان ٿيل جاسوسن جي اڳيان آهيان، جيڪي نشان پيا ماپين ۽ آڱرين جا نشان پيا وٺن.
    انٽرويو وٺندڙ: تو زندگيءَ ۾ جيڪي جوکا کنيا ۽ ڏٺا، انهن جوکن کي تو پورا ڏهه سال پوءِ پنهنجي ڪتاب Panarama ۾ چٽيو. وچ ۾ ايڏو ڊگهو عرصو ڇو؟
    سينڊرارس: ها! تمام ڊگهي عرصي لاءِ آري تي ويٺو هوس. اهو آرو اصلي نڪتي تي پهچڻ لاءِ منهنجو وڏو لاشعوري پورهيو هو. عام طور تي آءٌ عنوان کان شروع ٿيندو آهيان، پهرين عنوان ڳوليندو آهيان. آءٌ گهڻو ڪري تمام سٺا عنوان ڳولي وٺندو آهيان، ايتريقدر جو ٻيا به مون تي ريس ڪندا آهن. بلڪه ڪجهه ليکڪ ته پنهنجي ڪتاب لاءِ سٺو عنوان ڳولڻ لاءِ مون وٽ هلي ايندا آهن. عنوان ڳولڻ کان پوءِ آءٌ ان تي سوچ ويچار ڪندو آهيان ۽ شيون گڏ ٿينديون وينديون آهن. شعوري طور تي يا لاشعوري طور تي جيڪو مال پاڻي ذهن ۾ ايندو اٿم، اُهو عنوان جي چوڌاري گڏ ٿيندو ويندو آهي. آءٌ ڪا به پڪي شيءِ ايستائين لکي نه سگهندو آهيان، جيستائين ڪه ڪردارن جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين پوري خبر نه هجيم ۽ پوءِ ڀلي اِهي ڪردار افسانوي هجن يا حقيقي. ڪردارن جي مڪمل ڄاڻ کان پوءِ ئي انهن کي ماحول ۾ آڻيندو آهيان. منهنجو اهو ڪم سالن جا سال هلندو آهي. ان ڪم دوران ڪاپيءَ تي نوٽس به وٺندو آهيان ۽ انهن جا خاڪا به لکندو آهيان، جيڪي تصوراتي هوندا آهن. حقيقي ڊاڪيومينٽيشن مون کي تنگ ڪندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو ٻڌايو هو ته تون ڪو ’اصلي ناول‘ پيو لکين؟
    سينڊرارس: ها! اهو ناول ’اصلي‘ هوندو. جي نه هوندو ته ڇپبو ئي ڪو نه.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن به آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ناول ۾ تنهنجي زندگيءَ جا به ڪجهه حصا بيان ٿيل هوندا؟
    سينڊرارس: نه، نه، نه، نه، قطعي نه، ناول ۾ منهنجي زندگي توکي ڏسڻ ۾ ئي نه ايندي. آءٌ ناول کي هميشه ناول سمجهي لکندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي ان ۾ نه آڻيندو آهيان. جيڪڏهن ناولن ۾ آءٌ پنهنجو پاڻ کي آڻي وجهان ته پوءِ سڀني ناولن ۾ هڪ ئي ڪردار نظر ايندو ۽ اهو هوندو سينڊرارس.
    آءٌ نٿو چاهيان ته منهنجو ڪردار هر ناول ۾ ڳچي ڪڍيو ويٺو هجي. هونئن ٻين ناولن جي سلسلي ۾ به اهو سمجهڻ نه کپي ته ناول جي ڪردارن ۾ ناول نگار جون پنهنجون ڪرداري خصوصيتون هونديون آهن. فلابرٽ ميڊم بواري نه آهي. حالانڪه پاڻ چيو اٿس ته ”آئون ميڊم بواري آهيان.“ ليکڪ لاءِ اها وڏي خطري جي ڳالهه آهي. هو پنهنجيءَ تخليق جو پاڻ شڪار ٿي وڃي، پنهنجيءَ اڏيل ڪوڙڪيءَ ۾ پاڻ ڦاسي پوي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجن ايندڙ 33 ڪتابن جو تذڪرو ڪيو آهي. ڀلا 33 ڪتابن جو انگ ڇو؟
    سينڊرارس: گذريل چاليهن سالن کان آءٌ 33 ڪتابن جي جنهن فهرست جو اعلان ڪندو ٿو اچان، اها فهرست ته غير معمولي آهي، نه پڪي پختي آهي ۽ نه وري ان تي ڪي پابنديون عائد ٿين ٿيون. 33 جو انگ دراصل تحرڪ جو ۽ زندگيءَ جو بنيادي انگ آهي. هڪ اڌ ڏينهن اڳ مون کي اهو معلوم ڪري تعجب ٿيو ته 1948ع ۾ جيڪو منهنجو ڪتاب `Main Coupee` ڇپيو آهي. اِهو ڪتاب 1919ع کان وٺي انهيءَ لسٽ تي موجود آهي. مون کي ته ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. منهنجي لسٽ تي جيڪي به ڪتاب موجود آهن، انهن کي وري هٿ ۾ کڻندس ۽ مستقبل ۾ اِهي ڇپجي پڌرا ٿيندا. منهنجيءَ ٺاهيل انهيءَ لسٽ ۾ `Notre Pain Quotidien` جا ڏهه جلد به ڏنل آهي. اِهي ڏهه ئي جلد مون لکي ته ڇڏيا آهن پر انهن کي صندوقن ۾ بند ڪري ڏکڻ آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکائي ڇڏيا اٿم. انهن ڪتابن تي منهنجي صحيح به نه آهي ۽ رکايل به ڪوڙي نالي سان آهي. ڪندو خدا ته اِهي به ملي ويندا. انهيءَ لسٽ ۾ منهنجا اُهي نظم به موجود آهن جيڪي مون کي منهنجين اکين کان به وڌيڪ پيارا آهن. پر مون فيصلو ڪيو آهي ته اُهي نظم نه ڇپائبا. مون اِهو فيصلو ان ڪري ڪو نه ڪيو آهي ته ڪو آءٌ ڊڄان ٿو يا مون کي هروڀرو جو وڏائو آهي. پر انهن نظمن سان مون کي پيار آهي. ان کانسواءِ ان لسٽ ۾ منهنجا لکيل اهڙا ڪتاب به آهن، جيڪي ڇپائيءَ لاءِ بلڪل تيار هئا، پر پبلشرن کي بڇڙو ڪرڻ لاءِ اهي ساڙي ڇڏيم. مثلن `La Vie et la Mort du Soldat` جا پنج جلد. آخر ۾ اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته آءٌ لکڻ ۾ ڪڏهن به گند نه مَئيندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: جان ڊاس پاسوز پنهنجي ڪتاب Orient Express جو هڪ سڄو باب تنهنجيءَ واکاڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ توکي `Transsiberien`لکندڙ هومر ڪري سڏيو اٿس.
    سينڊرارس: جنهن زماني ۾ جان ڊاس پاسوز شادي ڪئي هئي، انهيءَ وقت آءٌ پيروگورڊ ۾ هوس ۽ گالمانٽ تي ڪتاب لکڻ جا اٺسٺا پئي ڪيم. همراهه شادي ڪري هني مون ملهائڻ لاءِ نيويارڪ مان سڌو مونپازيئر اچي پهتو، جتي گالمانٽ ڄائو هو. مونپازيئر تقريبن 625 ماڻهن جي آباديءَ تي مشتمل هڪ تاريخي ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي چوڌاري قلعو ٺهيل آهي. اهو قلعو 1426ع ۾ انگريز بادشاهن ٺهرايو هو. ان شهر جي بناوت هوبهو آمريڪا جي ننڍن شهرن جهڙي آهي. وچ ۾ ٻه بازاريون آهن، جن کي مختلف گهٽيون 90 ڊگرين تي هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون. ان ئي شهر جي پاسي ۾ ڊي لانڊرسين نالي سان بهترين هوٽل آهي، جنهن ۾ رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بادشاهي بندوبست آهي. آءُ ان ئي هوٽل ۾ ترسيل هوس. انهيءَ هوٽل جي مالڪياڻي مسز ڪيسا گنول هئي. جان ڊاس پاسوز جڏهن اطلاع ڏنو ته پاڻ اچي پيو ته سڌو وڃي مسز ڪيسا گنول سان ڳالهايم ۽ کيس ٻڌايم ته ”منهنجا ڪجهه يار نيويارڪ مان سڌا هتي پيا پهچن ۽ تنهنجيءَ هوٽل ۾ ئي رهندا. ان ڪري مهمانن کي چاڪرين سان ٻوڙي وجهجهانءِ.“ کائڻ پيئڻ ڪهڙا هجن. ان لاءِ ڳالهايومانس ئي ڪو نه، جو پاڻ ئي ان معاملي ۾ شاهه ڪاريگر هئي. خير سائين مهمان پهتا. مائي هجي هٿ جي سُڄر سو روز اهڙو کاڌو تيار ڪري، جو ڪر ماڻهو پليٽون ئي کائي وڃي. سو به روز ڏس ته نئين قسم جو کاڌو پيتو تيار آهي- ڳوڻاٺي مڌ، شيمپئين، کنڀين جو ٻوڙ، تريل مڇي، چيڪلي ۽ ٻين ننڍڙن پکين جو پڪل گوشت، کنڀيل شڪار چُور، روسٽ، جهنگلي ڪاهو، هارين جي گهرن ۾ واهپي ۾ ايندڙ پنير، ماکيءَ ۾ ٻڏل انجير ۽ ڪڻ ۽ ڪافي- مطلب ڪهڙين شين جو ذڪر ڪري ڪهڙين جو ڪجي. مزو ته وري اهو آهي ته مال صفا سستو هو. ۽ جنهن ڏينهن جان پاسوز ۽ جوڻس موڪلاڻي پئي ڪئي، ان ڏينهن ته رتونبو کارايوسون. حالانڪه ان موسم ۾ رتونبا ته لڏ پلاڻ ڪري چڪا هوندا آهن. بابا، پيريگورڊ علائقي جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، الائي ڇا ڇا مليو وڃي.
    انهيءَ کان پوءِ به جان سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، پر سڀ پيرس ۾ ٿيون. اِها عجيب ڳالهه آهي ته آءٌ جڏهن به آمريڪا ويند آهيان ۽ آمريڪي ليکڪ دوستن سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪنهن سان ملاقات ئي نه ٿي سگهندي آهي. ڪنهن به آمريڪي ليکڪ سان آمريڪا ۾ منهنجي ڪڏهن به ملاقات ئي نه ٿي آهي. گهر ۾ هوندا ئي نه آهن ۽ جڏهن فون تي پڇا ڪندو آهيان ته پتو پوندو آهي ته صاحب وئڪيشن تي آهي يا ڪٿي يورپ وغيره ۾ گهمڻ ويو آهي. هڪڙي همراهه جي ته گهران پڇا ڪيم، سندس اخبار جي آفيس مان پڇا ڪيم، پبلشر کان پڇيم ته جواب مليو ته ”همراهه هتي نه آهي.“ مطلب ته فونون هڻي هڻي ٿڪجي پوندو آهيان. آءٌ ڪنهن جي گلا ڪو نه ڪريان، پر مون کي لڳي ٿو ته آمريڪي ليکڪ پنهنجي ملڪ ۾ ايترو آزاد نه آهن ۽ خاص ڪري اُهي جڏهن يورپ مان موٽن ته سندن ضمير کي ڌڪ لڳندو محسوس ٿيندو آهي ۽ مٿن ماڻهن جي راءِ جو دٻاءُ هوندو آهي. انگريز جي برعڪس آمريڪي ليکڪ وٽ کائڻ پيئڻ جي به تميز نه آهي- اهو هڪ خالص آمريڪي مونجهارو آهي.
    انٽرويو ڪندڙ: تنهنجا جيڪي آمريڪي ليکڪ گهاٽا يار آهن، هينري ملر به انهن مان ئي آهي؟
    سينڊرارس: هينري ملر جڏهن به مون کي مليو آهي ته پيرس ۾ ئي ملي آهي، نه ڪه ٻئي هنڌ. وڏو خوش مزاج ۽ ارباش ماڻهو هو.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻين سان به واقفيت هونديئه؟
    سينڊرارس: ڇو نه! الاهي شاعر ٿو سڃاڻان. گذريل وڏيءَ جنگ کان اڳ ته پيرس ۾ همراهن جون ڇَليون ٽٽي پيون هيون. البت نالا وسري ويا اٿم.
    انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ٿو ته انهن شاعرن لاءِ تون هڪ نمونو آهين ۽ ڪن خاص آمريڪي ناول نگارن تي تنهنجو تمام گهڻو اثر رهيو آهي؟
    سينڊرارس: اهو سنئون سڌو ڪوڙ آهي. سمجهه کڻي ته ڪنهن تي منهنجو اثر پيو هجي ته اُها خبر نه مونکي آهي نه کيس هوندي. بهرحال آءٌ ڪنهن لاءِ نمونو ثابت نه ٿيو آهيان. نمونو ته صرف وڪٽر هيوگو ۽ موپسان ثابت ٿيا آهن. خاص ڪري انهن آمريڪي اديبن لاءِ جيڪي وڏيءَ جنگ جي آخر ۾ پيرس ۾ آيا. اهي همراهه گهڻو ڪري ايمبولينس ڊرائيور، فوجي سپاهي ۽ سفارتڪار ٿي پيرس ۾ پهتا ۽ ٻنهي جنگين جي وچ واري عرصي ۾ ٿوري يا گهڻي وقت لاءِ ايندا ويندا رهيا. ۽ کين ڪنهن خاص ليکڪ جي بدران پيرس جي اُٿڻيءَ وهڻيءَ ۽ فضا متاثر ڪيو. هڪڙي ڏينهن جان ڊاس پاسوز مون کي ٻڌايو ته ”اوهان وٽ فرانس ۾ وڪٽر هيوگو جهڙا نالا موجود آهن، پر هن کان اڳ آمريڪا ۾ ڪنهن کي انهن جي خبر ئي نه هئي.“
    انٽرويو وٺندڙ: اها ته عجيب ڳالهه ڪئي اٿس!
    سينڊرارس: مون کي پاڻ تو وانگر ان ڳالهه تي تعجب ٿيو. پر ڳالهه آمريڪا جي اهم اديب ڪئي آهي، ان ڪري هر صورت ۾ مڃڻي پيئي. هونئن ائين ته انهيءَ صورتحال کان ڪجهه وقت پوءِ ته اسان آمريڪا جي نوجوانن ناول نگارن تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي ۽ اهي نوجوان ناول نگار اڃا انهيءَ حد تي نه پهتا آهن جو وڏن وڏن ادبي رسالن لاءِ لکي پاڻ کي قدآور چوائي سگهن يا پنهنجو پاڻ کي صفا لکڻين جي حوالي ڪري ڇڏين. بهرحال انهن اثرن کان پوءِ انهن آمريڪي اديبن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ورتو آهي. سِي بروڪ، هيمنگوي ۽ جان ڊاس پاسوز ٻي مهاڀاري جنگ متعلق جيڪي رپورتاز لکيا آهن، انهن کي پڙهڻ ضروري آهي. دراصل انهن رپورتازن آمريڪي لکڻين ۾ نئين جان وڌي آهي.`Asylum` جي عنوان سان سِي بروڪ جو لکيل رپورتاز وڪٽر هيوگو جي`La Mort de Balzca` وانگر هڪ شاهڪار آهي ۽ ان ئي ڪتاب ۾ وڪٽر هيوگو هڪ شاهڪار تخليق ڪندڙ ليکڪ طور آمريڪي اديبن اڳيان اچي ٿو. ڊاس پاسوز صحيح ڳالهه ڪئي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: فاڪنر کي سڃاڻين؟
    سينڊراس: نه. آءٌ ڪو نه سڃاڻانس. ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي آهي. هڪ ڀيري آندري مالرو مون کي چيو ته آءٌ فاڪنر جي ڪتاب `Light in August` جي فرينچ ترجمي لاءِ مهاڳ لکان پر منهنجي دل مهاڳ لکڻ لاءِ نه چيو. ڇاڪاڻ ته فاڪنر جون لکڻيون هڪ ته حد کان وڌيڪ ادبي قسم جون آهن، ٻيو ته صفا علائقائي آهن. اهي لکڻيون ٻيو ڪو به اهڙيءَ خوبيءَ سان لکي نه سگهندو.
    انٽرويو وٺندڙ: هيمنگوي سان ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟
    سينڊرارس: نيويارڪ ۾ نه پر پيرس ۾ ٿي. هڪڙي هنڌ پيتم ويٺي ته ڏٺم ته سامهون هيمنگوي به ويٺو پيئي. موڪل وٺي هڪ آمريڪي جهازيءَ سان گڏ آيو هو. ڀُلجان نٿو ته ايمبولينس ڊرائيور واري يونيفارم پهريل هيس. ٻي عظيم جنگ پيون پساهن ۾ هئي. پنهنجين پنهنجين ميزن سامهون ويٺي هڪ ٻئي سان ڳالهايوسين. ٻنهين تي خنڪي چڙهيل هئي، سو ائين ئي پئي ڳالهايوسين، جيئن خنڪيءَ کان پوءِ ماڻهو ڳالهائيندو آهي. مون کي اُتان اُٿي شاعر آندري ديپونٽ جي گهر واريءَ وٽ وڃڻو هو ۽ ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪرڻو هو، جو سندس مڙس تازو ورڊون ۾ مارجي ويو هو. آءٌ هر جمع تي ساتي، جارج آئزڪ، پال لومبارڊ ۽ ميڪس جيڪب سان گڏجي وٽس ويندو هوس. انهي؟ءَ زماني ۾ مون وٽ آمريڪي موالي يار آيل هئا ۽ دل گهرندي هئي ته کين ڍوَ تي سٺي ماني کارائجي. پر آمريڪي ماڻهو سٺيءَ ماني مان ڄاڻن ئي ڪو نه. گهر ۾ ئي سٺي ماني نه ملندي اٿن. بلڪه اِها به خبر نه اٿن ته سٺي ماني ٿيندي ڇا آهي. سو هيمنگوي ۽ سندس يار جهازيءَ سان به ساڳي حالت هئي. کين کائڻ جي بدران پيئڻ سان دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري ايستائين ويٺا پيئندا هئا، جيستائين وڃي اُڃ نه اُجهامين. سو ٻنهين ڄڻن کي مارٽرس ۾ ويهاري آءٌ پنهنجي مرحوم شاعر دوست جي گهر سندس زال جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هليو ويندو هوس.
    انٽرويو وٺندڙ: سنڪليئر ليوِس سان به ڄاڻ سڃاڻ هُيئي؟
    سينڊراس: ها! اهو وري قصو ئي ٻيو اٿئي. 1930ع جو زمانو هو. ان زماني ۾ اٽليءَ جي ادبي حلقن ۾ سندس لکڻين تي وڏي ڏي وٺ ٿي رهي هئي. هڪڙي ڏينهن پاڻ نيويارڪ جون درجن کن ڇوريون ساڻ گهيلي اچي روم شهر مان نڪتو. مون ان زماني ۾ روم ۾ فلم پئي ٺاهي. اچڻ سان ملاقات جو حڪم ڪيائين. چيومانس ته ’سڌو فلم اسٽوڊيو هليو اچ’ پر جواب ڏنائين ته هڪ ته کيس ٿڌ آهي، ٻيو ته کيس فلم اسٽوڊيو ايڻهئي نه وڻندو آهي. ٽيون ته پاڻ تمام تڪڙو آهي، جو کيس ٻئي ڏينهن اسٽاڪ هوم وڃي نوبل انعام وٺڻو آهي. آءٌ پاڻ ڪم ۾ گتو پيو هوس. پر پوءِ ڏهين بجي ڌاري مون کي فرصت ملي ويئي. هوٽل جي ڪمري ۾ اچي ڇا ٿو ڏسان ته اڌ درجن کن ڇوريون نشي ۾ ٽٻ آهن ۽ هڪ ٻئي سان چوٽيءَ پٽ لڳي پيئي اٿن. منهنجي ڌيان ۾ ئي نه هو ته آءٌ هنن چرين بلائن جي وچ ۾ ڦاسندس. هڪڙيءَ ڄڻيءَ ته مون کي صلاح به هنئي، پر مون کي ته هن سڄيءَ مشڪريءَ جي ڌڻيءَ سائينءَ سان ملڻو هو. لاڪائنس هيڏانهن هوڏانهن جهوتَ ڏنم ته ڇا ٿو ڏسان ته باٿ روم جو در اڌ کليو پيو آهي ۽ اندران پاڻي وهي ٻاهر پيو اچي. سڌو باٿ روم ۾ هليو ويس. ڇا ٿو ڏسان ته همراهه ٽب ۾ پيل پاڻيءَ ۾ نشي ۾ خطا پنڪن ۾ پيو آهي. ڇڪي ٻاهر ڪڍيومانس. ٿورو دير سان پهچان ها ته يار پورو ٿيو پيو هجي ها. سو ائين سندس حياتي بچايم. ٻئي ڏينهن همراهه کي نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ ريل ذريعي اسٽاڪ هوم روانو ٿيڻو هو. هاسيڪار پنهنجو وقت سيڙائي کيس وڃي ريل تي چاڙهيم. ڏٺم ته هاڻي پيئڻ جو نالو نه وٺندو ۽ يڪي توبهه ڪئي هوندائين، پر موالين جون ڪهڙيون توبهائون، ڪهڙا قسم، ٿورو وقت گذرندو ته وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
    انٽرويو وٺندڙ: 1912ع ۾ پيرس لاءِ تو جڏهن نيويارڪ مان موٽ کاڌي ته ڪٿي هُئين؟
    سينڊراس: موڪٽائين پاڙي ۾. اليشان پاڙو هو. انهيءَ پاڙي ۾ آءٌ ڌار ڌار وقتن تي ڌار ڌار گهرن ۾ رهيو آهيان. انهيءَ پاڙي تي آءٌ ماٺو ۽ آرام ڏيندڙ وڏو ڪتاب لکي سگهان ٿو. بلڪه انهيءَ ڪتاب لاءِ عنوان به ڳولي ڇڏيو اٿم. عنوان آهي`Voyage Autour de L Lma` ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪتاب به نه لکان. منهنجي ذهن ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي ڪتاب آهن، جن جي باري ۾ سالن جا سال پهه پڇايا اٿم، پر لکي نه سگهيو آهيان.

    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ پاڙي جي ڪا نه وسرڻ جهڙي ياد ٻڌائيندين؟
    سينڊرارس: يادگيريون ته گهڻي ئي آهين، پر ڪا اهڙي خاص ياد ذهن ۾ نه اٿم....پاڙي ۾ هڪڙو پهريدار رهندو هو، نالو هئس ڊان جُئان، وڏو خفتي مڙس هوندو هو. آڙي پاڙي جي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين کي ڦاسائي وٺندو هو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي انهن سان گڏ ٿنڀي سان لڳ هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو. اها ڪوٺڙي برازيل جي سفارتخاني جي بلڪل سامهون هئي، اتي ئي آسپاس جي شرابخانن ۾ راتين جون راتيون ويهي پيئندو هوس. سگار مٿان سگار ڇڪيندو هوس ۽ پنهنجي پياري دوست سوزا ڊانٽاس سان چرين وانگر ويٺو ڳالهيون ڪندو هوس، ٻيا ماڻهو کيس بوهيمين سفير چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته وٽس بسترو به نه هوندو هو. ڳالهيون ڪندي ڪندي جڏهن ننڊ کڻندي هيس ته اتي جو اتي ڪالر ڪنن تي چاڙهي ٽوپلو اکين تي ڍاري، سڌو ٿي سمهي پوندو هو کن پل ۾ گهاٽي ننڊ کڻي ويندي هيس، اِهو فڪر ڪونه هوندو هوس ته يار ويٺا يا ويا هليا.
    1993ع ۾ گرانڊ ٿيئٽر جي افتتاحي موقعي تي روسي موسيقيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو هجيم: پيٽروچڪا جي پريميئر جي شام هجي. هڪڙي مائي ڏاڍا هيرا جواهر پائي اچي محفل ۾ شريڪ ٿي، اِها مائي اسٽراونسڪيءَ جي موسيقي ٻڌي پاڻيءَ مان نڪري ويئي، جنهن سيٽ تي ويٺي هئي، اتان اڙي اها نئين نڪور سيٽ سٽ ڏيئي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ۽ ٺڪاءُ منهنجي مٿي ۾ ڪيائين. ڌڪ ايڏو زور سان هنيائين جو سيٽ چِرجي پيئي. منهنجو مٿو ان سيٽ مان مٽي ويو ۽ سيٽ منهنجي ڪنڌ ۾ اچي پيئي. منهنجو منهن مٿو رهڙجي ويو ۽ رت وهڻ لڳو، مون به اها سيٽ ڪنڌ مان ڪونه ڪڍي ۽ انهيءَ حال ۾ سڄي رات اسٽراونسڪيءَ، دياغليف ۽ ڪجهه روسي بيلي ڊانسرن سان ويهي شيمپئن پيئڻ ۾ گذاري ڇڏيم. انهيءَ عرصي دؤران پيرس ۾ مختلف ٿئيٽرن جيڪو عروج حاصل ڪيو، ان دوران آءُ انهيءَ ٿئيٽر جي وڏين وڏين شخصيتن سان گڏ مصروف رهيس ۽ ٿئيٽرن جي ان ترقيءَ ۾ منهنجو به حصو رهيو.
    انٽرويو وٺندڙ: پيرس ۾ ڪا اجنبي شخصيت به وڻيئه؟
    سينڊرارس: مونسٽائين ايوينيو مان ايندي ويندي منهنجي هڪ انتهائي اجنبيءَ چريءَ عورت سان ملاقات ٿي. نالو هئس ماڻي ليفري، لنڊن لنڊن جي ڪنهن ٽانگي هلائيندڙ جي زال لڳندي هئي، لاريسٽن پاڙي ۾آ رهندي هئي، چائلوٽ مان ٿيندي مانٽين چونڪ ۾ ايندي هئي. اتي هوٽل پلازا جي سامهون هڪ بينچ تي اچي ويهندي هئي ۽ سڄو وقت بيخوديءَ ۾ گذاريندي هئي. سندس منهن مهانڊو سُود بُود ايڪٽريس مورتيو جهڙو هندو هو. رڳو بت ۾ ٿوري هلڪي هوندي هئي. مٿي تي بخمل جو ٽوپو پيو هوندو هوس، ٽوپ ۾ مٿا وري شتر مرغ جا ميرا کنڀ لڳل هوندا هئس. آڱرين ۾ ميرا ڪنا ڇلا پيل هوندا هئس. جسم تي جَهٻُو ڊگهو وڳو پيل هوندو هوس. جنهن ۾ هنڌان هنڌان ٽنگ ٿيل هوندا هئا ۽ ڌاڳا پيا لڙڪندا هئا. ڪلهن تي پوتي ڍاريل هوندي هيس، جيڪا پوتي گهٽ ۽ ڪاري ڦاٽل اڳڙي وڌيڪ لڳندي هئي. پيرن ۾ وڏين کڙين واري جتي پيل هوندي هيس، وٽس هڪ عدد وڏو پرس به هوندو هو، جيڪو بينچ کان هيٺ پٽ تي رکي ڇڏيندي هئي. جتي اچي ويهندي هئي، اتي آڙي پاڙي جا سڀ ماڻهو سڃاڻندا هئس. ايندو ويندو هر ڪو ساڻس کل ڀوڳ ڪندو هو. مائي صفا ڌُڌ چري هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻه اکر به نه ڳالهائيندي هئي. پنهنجي هٿ، اعتماد ۽ وڏي مان شان واري عورت هئي. جتي اها مائي ايندي ويندي هئي، اتي ئي ڀر ۾ جين اچي رهيو هو ۽ جين وٽ منهنجو روزانو اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري ها مائي روز ڏسندو هوس.
    انٽرويو وٺندڙ: تون جڏهن سامونڊي سفر تي نڪرندو آهين، تڏهن توهين ڇا ڪندو آهين؟ ڪيبن ۾ ويهي لکندو آهين يا ويهي منزل تي پهچڻ جو انتظار ۾ ڪندو آهين؟
    سينڊرارس: ڊگها سامونڊي سفر ڏاڍا وڻندا اٿم، سمنڊ مٿان حياتي گذارڻ دوران ڪم ڪرڻ جو ماڻهو سوچي ئي نه سگهندو آهي. سمنڊ جي سفر دوران سستي ڏاڍي ٿيندي آهي، اتي ڪجهه لکڻ جي بدران ٻيڙيءَ کي لڏندو، انجڻ کي ڌڪ ڌڪ ڪندو ۽ سمنڊ کي ڦرندو ڏسبو آهي. هوا جو سٽڪو پيو پوندو آهي ۽ زمين آسان ڦرندا ڏسڻ ۾ پيا ايندا آهن ۽ ڪائنات ائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي ڄڻ ڪنهن اڇل تي منجهانئس پار ٿي وڃبو، سامونڊي سفر دوران منزل تي پهچڻ جي تڪڙ نه هوندي اٿم. مون سامونڊي سفر ۾ ڪيترا ڀيرا ڪپتان کي ڌتارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته ”يار طئي ٿيل بندرگاهه ڏانهن ويندڙ رستو ڇڏي ڪو ٻيو رستو وٺ” هڪ ڀيري هڪ پيـڙهي ڊچ مون کي چيو ته ”آءُ ٽيهن سالن کان روٽرڊم ۽ بوئنس آٿرس جي بندرگاهن جي وچ ۾ ائين پيو هلان، جيئن ٽرين جو انجنيئر ٻن اسٽيشن جي وچ ۾ پيو هلندو آهي. انهن ٽيهن سالن ۾ مون اهو پرايو آهي ته سامونڊي سفر ۾ ڪابه شيءَ تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. ڪهڙو رستو وٺي وڃڻو آهي، ڪهڙي ٽائيم ۽ ڏينهن تي روانو ٿيڻو آهي ۽ ڪڏهن منزل تي پهچڻو آهي. اهو سڀڪجهه اڳواٽ ئي ڪمپني طرفان طئي ٿيل هوندو آهي. ڪمپنيءَ وارا الله سائين کان پوءِ ٻئي نمبر تي اسان جا مالڪ آهن، جيئن کپين تيئن هلائين. مون کي ته رڳو اها ڳالهه تنگ ڪندي آهي ته جيڪي اسان مٿان حڪم هلائيندا آهن ۽ جيڪي آفيسر، سياستدان، نواب، بئنڪر ۽ سفارتخانن جا نوڪر جهاز تي اچي چڙهندا آهن، اهي سڀ هڪجهڙا ۽ هڪ رنگا هوندا آهن. ٽيهه سال گذري ويا اٿم، ذر ذر ساڳيءَ خلق سان وسطو پوندو اچي. مون ۾ جي ايتري همت هجي جو تنهنجي اونڌيءَ صلاح تي لڳي پوان ۽ ٻيڙي جا سکان اوڀر يا اولهه طرفن ڦيري ڇڏيان ته ڪا ڳالهه نه آهي. رڳو ڪيپ واري سامونڊي علائقي مان گذرڻو پوي ۽ پوءِ سڌا ڏاکڻين سمنڊن اندر ڌوُ وڃي ڪريون.”
    ها! تو سامونڊي سفر دؤران لکڻ جو پئي پڇيو ته ٻڌائي ڇڏيانءَ ته جهاز ۾ آئون نه لکندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تو شايد هڪ ڀيري اهو به چيو آهي ته تو پنهنجو پاڻ کي پيار ۽ گوشه نشينيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ڪيتري قدر آهي؟
    سينڊرارس: سچ ڪري پڇين ته جيڪي فنڪار آهن، اُهي زندگيءَ ۽ انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اُهي يا ته تمام وڏا ماڻهو هوندا آهن يا وري صفا ننڍا ماڻهو هوندا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ آرٽسٽ جي صورت ۾ ڇا تون انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل نه آهين ڇا؟
    سينڊرارس: نه، آءُ رڳو فنڪار نه آهيان، بلڪه ٻيا ڇيهه ڌندا ڪندو رهيو آهيان. سڀاڻي صبح کان ته صفا هڪڙو نئون ڪم شروع ڪرڻ وارو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ گذرڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ حاصل ڪرڻ ۾ توکي ڪڏهن به دقت درپيش نه آئي، ايتري قدر جو جڏهن ملڪ تي قبضو هو تڏهن به تو پنهنجي ايڪسين پراونسين واري باغ ۾ اهڙيون ٻوٽيون ۽ گل پوکيا جنهن مان توکي سٺو اپراسو پيو ٿيندو هو؟
    سينڊرارس: ها!. اهي جيڪي گل ۽ ٻوٽا هئا، انهن مان ڪي ائين ئي هئا ته ڪي وري دوائن طور ڪم ايندا هئا.
    انٽرويو وٺندڙ: ماکيءَ ۾ به تنهنجي دلچسپي رهي آهي؟
    سينڊرارس: ماکيءَ ۾ منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ماکيءَ مان آءُ سٺو پئسو ڪمائي وٺندو آهيان. ماکيءَ ۾ منهنجي دلچسپي مائٽرلنڪ واري آهي جو ويهي ماکيءَ جي مکين جون عادتون جانچيان ۽ پوءِ انهن عادتن مان بيهودا ۽ اڻ سهائيندڙ اخلاقي نتيجا ڪڍان ۽ ماڻهن کي ويهي چوان ته ماکيءَ جي مکين مان سبق پرايو. ڪٿي ماکي ڪٿي ماڻهو. دنيا ۾ اهڙا سوين هزارين ماڻهو پيا آهن، جيڪي ماکيءَ جي مکين ۽ ماڪوڙين تي تحقيق ڪندا آهن ۽ پوءِ انهن جي ترتيب کي انساني سماجي جوڙجڪ تي نافذ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن. هاڻي ڪٿي ماڻهو ڪٿي جيت، جيتن ۾ ته انسانيت وانگر اخلاقيات ۽ انصاف جو ڪم تصور ئي نه هوندو آهي. آءُ ته ماکي ۾ ان ڪري دلچسپي وٺندو آهيان جو ماکيءَ جي گراهڪن وٽان چڱا ڏوڪڙ مليو وڃن.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ ڀيري تو چيو هو ته تون ٻين ليکڪن وانگر لکڻ لاءِ جنگ ۾ شامل نه ٿيو آهين، حالانڪه جنگ جي وقت تون فوجي سپاهي هئين ۽ بندوق تنهنجي هٿ ۾ هئي.
    سينڊرارس: آءُ ڪڏهن به فوجي سپاهي واڌو ليکڪ نه رهيو آهيان. ڪو ماڻهو يا ته فوجي سپاهي ٿي سگهي ٿو يا وري ليکڪ. ٻئي شيون ٿي نٿو سگهي. جنگ ۾ بندوق سان ماڻهو مارڻ هڪڙو ڪم آهي ۽ لکڻ وري صفا ٻيو ڪم آهي. جيڪو ليکڪ آهي، اُهو جنگ کان اڳ توڙي پوءِ ليکڪ ئي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: سارتري جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
    سينڊرارس:: سارتري جي باري ۾ منهنجي ڪابه اهڙي خاص راءِ نه آهي. هو مون کي پنهنجا ڪتاب ئي نه موڪليندو آهي ۽ وجوديت پسندي! جيتريقدر انهي فلسفي جي سکيا ۽ متن جو تعلق آهي ته اهي جيڪي فلسفي جا پروفيسر هوندا آهن، اهي پهرين سرڪاري ڪورس پورو ڪندا آهن، پوءِ ان کي غور ڪري هڪڙا ميني فيسٽو گهڙيندا آهن. سارتر به هڪ اهڙو ئي پروفيسر ماڻهو هو. اهڙي پروفيسرن جي شوپنهائر چڱي لاک لاٿي آهي. ٿئيٽر ۾ جيڪي فلسفيانه قسم جا ڊراما پيش ڪيا ويندا آهن، اهي بيحد بور ڪندڙ هوندا آهن. سارتر به اسٽيج تي فلسفو ئي اوڳاڇيو آهي، پنهنجي ٿيسز کي ڇڪي تاڻي ڊرامو بنائڻ جي ڪوشس ڪئي اٿس. وجوديت پسنديءَ تحت جيڪي چڱا يا مُٺا ناول لکيا ويا آهن، اهي هڪڙي ئي انگ ۾ آهن. جڏهن کان آءُ پيرس موٽيو آهيان ته نوجوان ليکڪن تي غور ڪندو رهيو آهيان ته اهي ڪيڏيءَ حد تائين ۽ ڪٿي ڪيئن وجوديت پرست ٿا ليکجن. اهي جوان شام جو پنهنجن وڏن وانگر ڇنڊ ڦوڪ ڪري نڪرندا آهن ۽ ڪلبن يا ٻين اهڙن ٺهيل ٺڪيل توريل تڪيل هنڌن تي وڃي شام گذاريندا آهن ۽ دانشوري هلائيندا آهن. اهو هڪڙو فيشن اچي نڪتو آهي. جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه اڳتي هلي ختم ٿي ويندو. مون کي ته خير انهن جي پروانه آهي، پر دنيا کي ڏاڍو بور ڪيو اٿن.
    انٽرويو وٺندڙ: ادب ۾ جيئن پروفيسر سڳورا ڪاهي پيا آهن، ان جي باري ۾ ڪا چٽي ڳالهه ته چئي نٿي سگهجي، پر اِها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته سارتري جي تحريڪ ڪوبه شاعر پيدا نه ڪيو آهي. اِها تحريڪ شاعرن جي ڪم جي ئي نه آهي.
    سينڊرارس: تون صحيح ٿو چوين. ها! جيڪي سر ريئلسٽ آهن، انهن ۾ هڪڙو غير معمولي شاعر پيدا ٿيو آهي. اُهو آهي رابرٽ ڊينوسس، رابرٽ ڏاڍو هوشيار ۽ سٺو ماڻهو هو. رڊوليءَ ۾ هڪڙي بار ۾ ساڻس گڏجي ويهڻ ٿيندو هو ۽ ڏاڍو پيئندا ۽ کلندا کڙڪندا هئاسين. جنهن هنڌ ويهندا هئاسين اتان هڪڙي پاسان پيرس شهر جو نظارو نظر ايندو هو ته ٻئي پاسان عورتن جو غسلخانو ڏسڻ ۾ ايندو هو. غسلخاني ۾ مائيون ايندي ويندي منهن تي رڪ ٻڌي هلنديون هيون ۽ اِهو خيال هوندو هون ته متان سامهون ڏسندڙ وٽ سندن مان شان نه گهٽجي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو هڪ ڀيرو چيو ته تون ماريا ڪووسڪيءَ تي ڏاڍو سڙندو آهين، جو هن کي روس ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو آهي.
    سينڊرارس: مون کي ٻيو ڪوبه اهڙو ڀاڳ وارو شاعر نٿو سُجهي، جنهن جي شاعريءَ سان اخبارون ۽ گهٽيون ڀَري ۽ ٻُري اٿيون هجن ۽ اها حقيقت نه ته پروپئگنڊا آهي ۽ نه وري ڪا اشتهار بازي، ماياڪو وسڪيءَ کي ماڻهن سان ۽ شاعريءَ سان اجهل پيار هو. سوچ ته سهي ته هڪ شاعر روس ۾ لکها ماڻهن کي پنهنجي شاعري ٻڌائي. کين جوش ۾ آڻي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون ماياڪو وسڪيءَ تي سڙندو آهيان. سندس شعر چيل نه هوندا هئا. لکيل نه هوندا هئا. پر چٽيل هوندا هئا. ماياڪو وسڪيءَ جا اهي چٽيل چٽ اڻ پڙهيا به سمجهي سگهن ٿا. ماياڪووسڪيءَ جي ڀيٽ رڳو والٽ ڊزنيءَ سان ئي ڪري سگهجي ٿي. والٽ ڊزني، ماياڪووسڪيءَ جيترو خالص ته نه آهي، پر بهترين موجود آهي ۽ ڪمسڙلائيز ٿيڻ جي باوجود آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. مون کي پڪ آهي ته ماياڪووسڪي جيڪڏهن اڄ به ريڊ اسڪوائر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پنهنجا شعر پڙهي يا ريڊيو تان پڙهي ته سڄي دنيا هوند ڪَنُ ڏيئي ٻڌيس. سندس هر نئون شعر جيئن پوءِ تيئن فارم توڙي مواد جي خيال کان وڌيڪ انقلابي هوندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون چوندو آهين ته دنيا ۾ رڳو لکڻ اهم ڪم نه آهي، پر ٻيا به وڏا وڏا ڪم پيا آهن، جيڪي لکڻ کان وڌيڪ اهم آهن. پر تون اِهي ڳالهيون چوڻ جي باجود غير معمولي محنت سان ڪتاب لکيا آهن.
    سينڊرارس: اوهين ئي غير معمولي ڪتاب ٿا لکرايو. توهان سڀ چاهيو ٿا ته اسان بنا وقفي جي بس ڪتاب ئي لکندا رهون. انهن ڪتابن جو آخر ڇيهه ڪٿي وڃي ٿئي. ٿوري تڪليف وٺي ’ببلوٿيڪ نيشنل‘ ۾ وڃي ڏس ته پاڻيهي خبر پئجي ويندئي ته ڪتاب جو ڇيهه ڪٿي ٿو ٿئي. اُتي توکي ڪتاب جو وڏو قبرستان نظر ايندو. لکها جلد ڪيڙن جي حوالي آهن. ڪنهن کي به اِها خبر نه آهي ته اِهي ڪتاب ڪنهن لکيا آهن. ڪو پڇا ئي ڪونه ٿو ڪري. اها صورتحال مايوس ڪندڙ آهي.
    آءُ غير معمولي ليکڪ نه آهيان پر غير معمولي پهه پهچائڻ وارو آهيان. آءُ جيئن پوءِ تيئن خيالي دنيا ۾ رهندو ٿو وڃان. لکندو به خيال ئي خيال ۾ آهيان.


    فيض احمد فيض

    هيءَ انهن ماڻهن جي ئي خوشقسمتي هوندي آهي، جن جو شوق ۽ تعليم ساڳيا هوندا آهن ته اردو ادب جي ممتاز شخصيت فيض احمد فيض جو به اهڙو ئي ڀاڳ هو. هُو ادب ۾ ڊبل ايم اي هو. هڪڙِ ايم اي هن انگريزي ادب ۾ ۽ ٻي عربي ادب ۾ ڪئي هئي. جڏهن ته شاعري سندس شوق هئي، جيڪا هن ڏهين جماعت کان شروع ڪئي هئي- فيض 13-فيبروري 1991ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد خان بهادر سلطان محمد خان بيريسٽر، سابق سفير دولتِ افغانستان، لنڊن هو. فيض جي ساري دنيا ۾ سڃاڻپ هڪ حسن پرور ۽ ترقي پسند انقلابي شاعر واري آهي. سندس پهريون شعري مجموعو نقشِ فريادي 1941ع ۾ ڇپيو. فيض جي زندگيءَ ۾ ڪئين عجيب اتفاق ٿيا ۽ انهن مان هڪڙو عجيب ۽ غريب اتفاق سندس شاعراڻي مزاج خلاف فوج جي نوڪري هئي. جتي جون 1942ع کان ڊسمبر 1946ع تائين هو رهيو، جتي جيتوڻيڪ کيس ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي سان گڏ فوجي اعزاز ايم بي اي به مليل هو. ليڪن اها نوڪري کيس راس نه آئي، هو شاعريءِ ۽ انقلاب جي رستي تي نڪري پيو، جنهن رستي تي ڪيئن ٻاٻرا ڪنڊا هيا، جن جو سارو درد گيانين جيان ميڙي سيڙي هڪ هاءِ تي جمع ڪندو رهيو. پر ان سور کي پاڻ مٿان طاري ٿيڻ نه ڏنائين، تڏهن ته هو هر امتحان ۾ پار ٿي ويو. کيس مٿان پهريون امتحان ’راولپنڊي سازش ڪيس‘ هو. جنهن تحت فيض کي 1951ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، هي ڪيس جيتوڻيڪ تمام وڏو ڪيس هو، لڪن هن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، وري ٻيهر جڏهن کيس 1958ع واري پهرين مارشل لال ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن به هُو بنهه ئي نرالن انقلابين جيان ڳاٽ اوچو ڪري سُور سهي ويو.
    سندس تصنيفن ۾ نقشِ فريادي، دستِ صبا، زندان نامه، دستِ ته سنگ، سرِ وادي سينا، شامِ شهر ياران، مري دل مري مسافر، ميزان(تنقيدي مضمون)، صليبين مري دريچي مين(خطوط) متاع لوح و قلم(تقريرون ۽ متفرقه تحريرون)، مه و سالِ آشنائي(يادون ۽ تاثرات) ۽ قرض دوستان (مقدما، ديباچا ۽ فليپ) وغيره شامل آهن.


    فيض احمد فيض

    انٽرويو وٺندڙ: طاهر مسعود

    انٽرويو وٺندڙ: فيض صاحب! ماڻهو جي دل خواهشن سان ڀري پيئي هوندي آهي. مثال ته عزت، شهرت، محبت ۽ خوشحاليءَ کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ته هر دل ۾ وسندي آهي. انهيءَ ڳالهه تي نظر ٿا وجهون ته اوهان جيءَ دل ۾ ڪا اهڙي خواهش، اميد يا ڇِڪَ نه رهي آهي، جيڪا پوري نه ٿي هجي. خدا جون هيتريون ساريون نعمتون اوهانکي مليون. ڇا انهيءَ کان پوءِ به اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪريو ٿا؟
    فيض احمد فيض: ڀاءُ! ڳالهه اها آهي ته اسان ته جيترو زندگيءَ کان گهريو هو، انهيءَ کان وڌيڪ مليون اٿئون. ڪڏهن ڪڏهن ته اها ڳالهه سوچي پُورن ۾ پئجي ويندا آهيون جيڪي ڪم اسان کي ڪرڻ کپي ها، اُهو اسان کان ٿي نه سگهيو. انهيءَ جو هڪ ڪارڻ شايد اِهو آهي جو اسان هڪ هنڌ ڄمي ويهي ڪم نه ڪيو، پنهنجو ڌيان ڪنهن هڪ خاص شيءَ تي نه ڏيئي سگهياسين. انهيءَ مان فائدا به ٿيا. رکي رکي ٻين ڪمن ڪارين ڪرڻ جا وُجهه مليا، ان ڪري اسان جا لڳ لاڳاپا به وڌيا.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان ڪنهن هنڌ چيو ته اوهان شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪري نه سگهيا. انهيءَ ڳالهه مان اوهان جي مراد ڪهڙي هئي؟
    فيض احمد فيض: اها ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو اسان کي چاهين ٿا، پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جون جيڪي دل جون اميدون هيون، اُهي پوريون ٿي نه سگهيون، پر انهن گهرجن جي پوري ٿيڻ کانسواءِ به ايڏي وڏي موٽ ملي آهي، جو ڪا شڪايت ڪرڻ ناشُڪري ٿيندي. اسان جي گهُر ته اها هئي ته اسان شاعريءَ ۾ اهو درجو حاصل ڪريو، جيڪو ناظم حڪمت، پئبلو نيرودا ۽ لورڪا جهڙن شاعرن حاصل ڪيو. ظاهر آهي ته اسان ايڏا وڏا شاعر ناهيون. اسان تي ته عربي ٻوليءَ جي اِها چوڻي ٺهڪي ٿي اچي ته ’اسان وڏا ته نه هئاسين، پر جڏهن وڏا اُٿي ويا ته اسان وڏا ٿي پياسين.
    انٽرويو وٺندڙ: ماڻهن اوهان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ اوهان کي هٿن تي کنيو پيا هلن. ته اوهان جيڪي پنهنجا احساس پيا ٻڌايو ته اُهي اُنهيءَ آءُ ڀڳت جو نتيجو ته ناهن؟
    فيض احمد فيض: ڳالهه جو هڪڙو پاسو اِهو به آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته اسان ڪو ايڏو وڏو ڪمال ڪري نه ڏيکاريو آهي، جيڪو ڪري ڏيکارڻ گهرجي. اصل ۾ ٿيندو اهو آهي ته جي پورهيت کي سندس پورهئي کان اجورو گهٽ ملي ته کيس ڪاوڙ وٺندي آهي، پر جي گهڻو ملي وڃي ته پوءِ شرم وچان ڪنڌ جهڪي ويندو اٿس. اسان کي اسان جي خواهشن کان وڌيڪ مليو آهي. انهيءَ ڪري ڪا شڪايت ته نه اٿئون پر ٿوري گهڻي حيرت ضروري ٿئي ٿي ته آخر اسان ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي نقادن جو خيال آهي ته اوهان کي ڪجهه سياسي ڪارڻن جي ڪري اهميت ڏني وڃي ٿي. پهرئين پهرئين اوهان کي پنڊي سازش ڪيس جي ڪري شهرت ملي ۽ هاڻي کاٻيءَ ڌر جا ماڻهو اوهان کي پنهنجو نظرياتي ساٿي سمجهي، توهان جو نالو اُهڃاڻ طور تي استعمال ڪن ٿا. توهان جو ڇا خيال آهي؟
    فيض احمد فيض: ڳالهه هيءَ آهي ته پنڊي سازش ڪيس، جيلون، سياست يا ڪي ٻيا اهڙا واقعا يا ڳالهيون اسان جي سامهون برابر آيون پر سمجهو ته جي اهي واقعا نه سامهون اچن ها ته هينئر ته اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته اڳتي هلي ڪر ڇا ٿئي ها ۽ ڇا نه ٿئي ها. رهي ڳالهه مخالفن جي، ته اُها وچان ئي ٽين ڳالهه آهي. انهن ماڻهن جو اسان سان ڪو ذاتي وير ته ناهي. سندن مخالفت ته اسان جي سياست ۽ نظرين سان آهي. اسان جي جيل نه به وڃون ها ته ڪجهه به نه ڪريون ها ته به کين مخالفت جو ڪونه ڪو بهانو ملي وڃي ها. انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي يا سوچڻ جي ڪا ايڏي وڏي ضرورت ناهي. جي اسان جيل نه وڃيون ها ته اخبارون اسان وٽ هجن ها. جيڪڏهن مارشل لا نه لڳي ها ته اخبارون اسان کان ڦُريون نه وڃن ها ۽ اسان ڪر صحافت ڪندا هجون ها ۽ آئون سمجهان ٿو ته صحافت ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود هجي ها. ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسان شاعريءَ ۾ پوئتي رهجي وڃون ها ۽ صحافت جي ذريعي ماڻهن جي خدمت ڪريون ها. ائين به ٿي پئي سگهيو ته جي صحافت ۾ نه هجون ها ته ماستري ڪريون ها. اسان پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ئي ماستريءَ سان ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ماستري ڪرڻ جي ڪري اسان جي ذهن جي سگهه وڌي ها ۽ اسان سُٺا استاد بڻجي وڃون ها.
    اصل ۾ ٿيو اهو ته واٽ ويندي هيڏانهن هوڏانهن جا ڪيئي موڙ آيا ۽ سڀ ڪجهه پاڻ ئي پاڻ ٿيندو ويو، اسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪوبه ڌنڌو ڪونه جهليو. حالتون بدلجنديون ويون ۽ اسان کي حالتن سان گڏ هلڻو پئجي ويو، ڏسو نه، اخبارون ضبط ٿيون ته اُهي ڪي اسان پنهنجي شوق سان نه ضبط ڪونه ڪرايون. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته ٿي سگهيو پئي ته اسان کي شاعريءَ لاءِ وڌيڪ وقت ملي ها. اسان شاعريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ها ته يا ماستري ڪريون ها يا ڪيو ٻيو ڪم ڪار. جن چڱن مڙسن جو چوڻ آهي ته اسان جو نالو انهيءَ ڪري پيدا ٿيو جو اسان جيل هليا وياسين. اتي اهو سوال ٿو اُٿي ته جيڪي ماڻهو جيل نه ويا، انهن کي شهرت ڇو ملي ويئي. مثال ته فراق صاحب جن ته جيل نه ويا. انهيءَ سان سندس شاعريءَ ۾ ته ڪوبه فرق نه آيو.
    انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته اوهان جي زندگيءَ ۾ جيڪي به موڙ آيا، انهن ۾ اوهان جي ذاتي ارادن جو هٿ گهٽ ۽ حالتن جو هٿ وڌيڪ هو؟
    فيض احمد فيض: جي ها، حالتون ئي اهڙيون پيدا ٿي پيون، جيڪي اسان کي ڌِڪي پنهنجي طرف وٺي ويون، نه ته ڪر اسان اها واٽ ئي نه جهليون ها. سمجهه ته جي جاپان ۽ جرمني حملو نه ڪن ها ته اسان فوج ۾ نه وڃونها. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياسي حالتون سُٺيون هجن ها ته اسان ڇو جيل وڃون ها. انهيءَ قسم جي معاملن ۾ هڪڙِي حد تائين حالتن جو هٿ هوندو آهي ۽ هڪ حد تائين ماڻهو جو پنهنجو هٿ هوندو آهي. انهن حالتن ۾ ٻه واٽون اڳيان اينديون آهن، يا ته حالتن سان ٺاهه ڪري هٿ هٿ تي رکي ويهي رهو يا وري حالتن کي منهن ڏيو ۽ حالتن جي جيڪا گهرج آهي، انهن گهرجن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
    انٽرويو وٺندڙ: راولپنڊي سازش ڪيس هاڻي ته پراڻي ڳالهه ٿي ويئي آهي پر جنهن پيڙهيءَ جو آئون نمائندو آهيان، گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ پيڙهيءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، توهان جي شخصيت ۽ شاعري ايتري ته وڻندڙ آهي، جو انهيءَ کي سامهون رکي سوچي ڪري حيرت ٿي ٿئي ته اوهان جهڙي ماڻهوءَ جي به ڀلا ڪنهن سازش، بغاوت يا حڪومت ڪيرائڻ سان واسطيداري ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي جڏهن انهيءَ واقعي کي ورهيه گذريا ته اوهان ان جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندا؟
    فيض احمد فيض: ڀاءُ قصو اهو آهي ته هو جيڪو چوندا آهن ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ، اِهو به اُهو آهي. جيئن ته اسان فوج ۾ رهي چڪا هُئاسين. ان ڪري گهڻي ئي فوجي آفيسر اسان جا دوست هئا. ڪجهه اهڙا به هئا جن سان اسان جا نظريا لڳاءُ کائيندا هئا. قصو رڳو ايترو هو جو هڪڙي ڏينهن اسان ويهي پاڻ ۾ ڳالهه ڪئي ته هن ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ کپي. ڪهڙي نموني هن ملڪ جون حالتون سڌارجن. ملڪ ٺهئي کي چار پنج سال ٿي ويا هئا، پر هن ملڪ جو آئين تائين نه ٺهي سگهيو هو ۽ نه وري سياسي جوڙجڪ سولي ٺهي سگهي هئ. ملڪ جي بري، بحري ۽ هوائي فوجن جو سربراهه لياقت علي خان هو. ڪشمير جو قصو ڌار ٽنگيو پيو هو. مطلب ته اهڙي قسم جا مسئلا هئا، جن تي ڳالهه ٻولهه پيئي ٿيندي هئي. جيئن ته انهن دوستن سان اسان جي ذاتي ڄاڻ سڃاڻ هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿي ويندا هئاسين. انهن يارن پاران رٿابندي ڪئي ۽ اسان کي چيائون ته اسان جي ڳالهه ٻڌو، اسان سندن ڳالهه ٻڌي، پوءِ انهن ئي چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو ناهي، انگريزن جو ’سازش‘ بابت هڪ قانون ٺهيل هو ته جي ٽي ماڻهو هڪ هنڌ گڏ هجن ۽ انهن مان ٻه ماڻهو هڪڙي ڳالهه تي يڪراءِ ٿي وڃن ۽ ٽيون ماڻهو اها شاهدي ڏيئي ويهي رهي ته انهيءَ شاهدي سان سازش ثابت ٿيو ٿي وڃي. انهيءَ لاءِ ضروري ناهي ته ڪنهن قسم جي ڪارروائي ڪئي وڃي. اسان جي معاملي ۾ وچان ئي نئون قانون ٺاهيو ويو ته جيڪا صفائيءَ جي گنجائش رکيل هئي، اها به ختم ڪيئي ويئي. اهو قانون به پارليامينٽ يا قومي اسيمبليءِ ذريعي منظور ٿيو. پر اهو قانون وري قانون ساز اسيمبليءَ ٺاهيو ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جي ڪنهن به فيصلي کي ڪورٽ ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. جيئن مون ٻڌايو ته اسان جي ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته اسان کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو ناهي. ڪنهن مٿي وڃي چغلي هنئي ته اسان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سِٽا سِٽي هئي، پر پوءِ اهو فيصلو ڪيوسين ته انهيءَ سٽاءُ تي عمل نه ڪيو وڃي، پر اسان تي وري ابتو ڪيس ٺاهيو ويو. ٻئي پاسي فريادي ڌر جو جيڪو انچارج هو، انهيءَ اسان کي ٻڌايو ته اوهان جون سڀ ڳالهيون ٺيڪ هيون ته اوهان پاڻ ۾ مليا هئا، توهان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ اوهان اهو فيصلو ڪيو هو ته اوهان کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو ناهي. اسان ته انهيءَ ۾ ايترو واڌو ڪيو آهي ته اوهان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ٿي گهريو. وڌيڪ اهو ته اوهان ماڻهن سڄي رٿابندي جوڙي هئي.
    انٽرويو وٺندڙ: ميجر جنرل اڪبر خان جوڙي؟
    فيض احمد فيض: جي ها. جڏهن هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڪجهه ڪرڻو ناهي. ته جيڪي ڪا ڳر پٽ ٺاهيائين، اُهي نه ساڙيائون، نه ڦاڙيائون، ڪاغذن وٽن موجود هئا. جڏهن ڪنهن جاسوسي ڪئي ته سڀ ڪاغذ هٿ اچي ويا ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهيو ويو. ڀائنجي ٿو ته انهيءَ جو ڪارڻ اهو هو ته حڪومت اسان جي فوجي آفيسر دوستن تي ڪاوڙيل هئي. حڪومت کي اِهو شڪ بيٺل هو ته شايد اِهي ماڻهو فرمانبردار ناهن ۽ ڪيئن نه ڪيئن حڪومت انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهريو ٿي. ته ائين حڪومت وارن کي وجهه ملي ويو. اسان ته وچ ۾ ائين ئي ڏيڻي نه وٺڻي اچي ڦاٿاسين۔
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ واقعي ته اوهان جي زندگيءَ تي گهڻو ڪجهه اثر ڇڏيو هوندو؟
    فيض احمد فيض: چار سال جيل ۾ رهياسين. گهڻو ڪجهه سکيوسين، پڙهيوسين ۽ لکيوسين. انهن ڳالهن کي محسوس ڪرڻ جو وجهه مليو. اسان جو ضمير مطمئن هو ته اسان ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ بي گناهه هئاسين.
    انٽرويو وٺندڙ: جيڪا سزا بنا ڪنهن ڏوهه ڪرڻ جي باوجود ملي، ته ڇا ماڻهوءَ کي ڪاوڙ نٿي اچي؟
    فيض احمد فيض: ڪاوڙ ته ايندي آهي، پر ماڻهوءَ جو حوصلو بلند رهندو آهي ۽ همٿ وڌندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ:: وچ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي جو اوهان کي اها آڇ ڪئي ويئي هجي ته معافي نامو لکي ڏيو ته ڇڏي ڏيون؟
    فيض احمد فيض: سازش جي ڪيس ۾ معافي جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. انهيءَ ڪري اهڙو ڪو موقعو نه آيو. ها! ايوب خان جي زماني ۾ سيفٽي ائڪٽ ۾ گرفتار ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ اِها آڇ ٿي ته معافي وٺو، پر اسان معافي وٺڻ لاءِ ڄاوا ئي ناهيون.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي سياسي نظرين سببان مُلڪ ۾ هڪ طبقو اوهان جو ڏاڍو مخالف رهيو آهي. توهان جي سياسي ۽ نظرياتي ڳانڍاپن جي ڪري اوهان کي هر وقت تنقيد ۽ طعنن مِهڻن جو نشانو بڻايو ويو. پر اوهان هڪ خوبي سدائين لاءِ رهي آهي ته اِنهن ماڻهن کي مُڙي جواب نه ڏنو ۽ نه ئي اهڙن ماڻهن وانگر ڪريل ڳالهيون ڪَيوَ، اها خوبي مولانا مودوديءَ ۾ به هُئي. آئون اهو پڇڻ ٿو گهران ته انهيءِ قسم جي مخالفتن جي ڪري اوهان ڪڏهن دل هاري؟ يا ڪڏهن ڪاوڙ ۾ آيا؟
    فيض احمد فيض: اسان پنهنجي شخصيت کي ڪڏهن ڪا اهميت ئي نه ڏني ۽ نه وري اهو مناسب سمجهيوسين ته پنهنجي شخصيت جي لاءِ ڪري ڪنهن سان جهيڙا جهٽا ڪندا وتون، ڪا اصول يا نظريي جي ڳالهه هُجي ته پوءِ انهيءَ تي بحثا بحثي ڪري سگهجي ٿي، ڇو جو انهيءَ ۾ بحث ڪرڻ جو ڪارڻ موجود هوندو آهي. پر جي ڪنهن کي ذاتي اعتراض هجي ۽ اوهان اُنهيءَ کي ساڳئي شدت سان جواب ڏيندئو ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيندو ته توهان پنهنجيءَ حيثيت کان هيٺ لهي گند کي گند سان صاف ڪرڻ ٿا گهرو. خاص ڪري اهڙيءَ صورت ۾ جڏهن اهڙي ذاتي مخالفت اوهان جي عقيدن يا نظرين جي ڪري ٿئي ٿي. ڳالهه هيءَ ته ماڻهو پنهنجي ذاتي حيثيت کي ايڏي اهميت ڇو ڏئي؟ پنهنجي شخصيت جي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ ته پنهنجو وقت وڃائڻ جي برابر آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان کي جيڪي ذاتي تجربا ٿيا آهن يا اوهان جيڪي ڪجهه اکين سان ڏٺو آهي، انهيءَ تجربي ۽ مشاهدي جي روشني ۾ اهو ٻڌايو ته ڪنهن اديب کي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي يا نه؟
    فيض احمد فيض: انهيءَ لا ڪو فائدو قانون گهڙيل ته ناهي، جنهن ماڻهوءَ جو مزاج سياست مان ٺهڪي اچي ٿو ته اهو بيشڪ سياست ۾ حصو وٺي، جنهن جو مزاج سياست سان نٿو ٺهڪي ته ظاهر آهي ته انهيءَ کي سياست ۾ حصو وٺڻ نه گهرجي. سياست زندگيءَ کان ڪا ڌار شيءَ ناهي، هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني سياست سان ذهني ۽ جذباتي ڳانڍاپو رکڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ سياست ۾ عملي طرح شامل ٿي وڃڻ ٻي ڳالهه آهي، مطلب ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ گهڙي ڪري، انهيءَ جي ضابطن ۽ قائدن تي هلڻ، انهيءَ سڄي معاملي جو تعلق پنهنجي پنهنجي مزاج سان آهي. ان ڪري جيڪو سياست ڪري سگهي ٿو ته کيس ڪرڻ کپي ۽ جيڪو سياست ڪري نٿو سگهي سو نه ڪري. ادب ۽ شاعريءَ جو فائدو قانون ته ايترو ئي آهي ته زندگيءَ جا جيڪي بنيادي قدر آهن انهن جي حفاظت ڪرڻ کپي. نيڪي، انسان دوستي، سچائيءَ جي رکوالي اديبن ۽ شاعرن جو بنيادي فرض آهي ۽ سياسي ڪارروائين تي انهن جو اطلاق ٿئي ٿو. انهيءَ حد تائين ته هٿ پير هڻڻ کپن، باقي جيستائين پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ڪري، پارٽي جي قانون کي مڃڻ جو سوال آهي ته شاعر ۽ اديب تي اهڙي پابندي لازمي ناهي.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ نفاد اوهان جي شاعري جي باري ۾ لکيو آهي ته اوهان جي شاعريءَ ۾ الائي ڪهڙو جادو آهي، جو ان کي پڙهي ڪري هڪ پاسي سرمائيدارن جي بنگلن مٿان هَرُ ۽ ڪِيڻ هلائڻ وارا انقلابي مست ٿيو وڃن ته ٻئي طرف انهن ساڳين بنگلن جي ڊرائينگ رومن ۾ ويهي ڪري انقلابين کي غدار چوڻ وارا سرمائيدار به توهان جي شاعريءَ مان مزو وٺندا آهن. ترقي پسندي(سوشلزم) جي خيال کان اوهان پنهنجي شاعريءَ جي ڪهڙي چٽائي ڪندئو؟
    فيض احمد فيض: انهيءَ جي چٽائي اها آهي ته زندگيءَ جون ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن، جيڪي سڀني کي دل سان لڳن ٿيون. ترقي پسند کي ڇڏي ڪري ڪو سرمائيدار منهنجو شعر پڙهي مزو ٿو وٺي، ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اهڙي ماڻهوءَ جي اندر ۾ ضمير آهي. ٻي ڳالهه ته شعر جو جيڪو فني پهلو ٿيندو آهي، جنهن جو اطلاق سڀني تي ٿئي ٿو. غالب، مبر يا شيڪسپيئر جي شاعريءَ جو به جمالياتي پهلو آهي، جيڪو غير طبقاتي آهي. شعر پڙهڻ وارو شاعريءَ مان پنهنجي پسند جي ڳالهه وارو حصو پاڻ لاءِ ڪڍي وٺندو آهي. اسان اِهو ٿا سمجهون ته اسان جي ملڪ جهڙي مُلڪ ۾ اِهو لازمي آهي ته توهان جي ڳالهه رڳو هڪ طبقي تائين نه پهچي، پر اسان جو آواز هر طبقي تائين پهچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن سماج ۾ هر ڪو طبقو پنهنجو پنهنجو ڪردار هوندو آهي. ان ڪري ڪوشش اها ڪرڻ کپي ته توهان جو پيغام ڪنهن هڪ طبقي تائين محدود ٿي نه وڃي. جن ماڻهن جو تعلق مظلوم ۽ محڪوم طبقي سان ناهي، ته انهن جي ذهن ۽ ضمير تي به اها ڳالهه چٽي ٿيڻ کپي ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهيءَ ۾ ڦير ڦار آڻين. انهن جي اندر ۾ تبديلي ايندي ته لازمي انهيءَ جو اثر عوام تي به پوندو.
    انٽرويو وٺندڙ: هونئن شاعري انسان کي وڌيڪ سٺو انسان بنائڻ ۾ ڪم ايندي آهي ڇا؟
    فيض احمد فيض: جي ها. اسان جي ڳالهه انهن تائين پهچڻ ته گهرجي، خاص ڪري اسان جي سماج جهڙي سماج ۾، جتي طبقاتي مسئلا موجود آهن ۽ هڪ طبقي جي ڳالهه ٻئي طبقي تائين پهچي ئي نٿي سگهي يا جي پهچي ٿي ته اهي طبقا هڪ ٻئي سان همدرديون رکڻ کان لاچار آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان هڪ انٽرويو ۾ ترقي پسند تحريڪ سان پنهنجي اختلاف جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان ترقي پسند تحريڪ جي منتظمن طرفان قرة العين حيدر منٽو، يا عصمت وغيره جي خلاف اختيار ڪيل موقف کي ننديو آهي. يا تحريڪ وارن علامه اقبال جون غلط تفسيرون بيان ڪيون آهن، سندن انهن ڳالهين جي ڪري اوهان ترقي پسند تحريڪ سان اختلاف ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان آئون پڇڻ ٿو گهران ته اردو ادب جي سڀ کان وڏي تحريڪ جي زوال جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اسان جي ڪجهه بزرگ نقادن جو خيال آهي ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪري تحريڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو ٺهي وڃڻ ترقي پسند تحريڪ جي توقع ۽ خواهش جي خلاف ڪم هو ۽ اُتان کان ئي تحريڪ کي فڪري ۽ عملي طور ڌڪ لڳو؟
    فيض احمد فيض: پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آزاديءَ جي جيڪا تحريڪ هلي هئي، اها ڌار ڌار نظرين وارن ماڻهن ۾ هڪ متحد محاذ ٺهڻ جو نتيجو هئي. انهيءَ محاذ ۾ جيڪي ماڻهو شامل هئا، انهن جا سياسي نظريا ٺپ ڌار هئا، پر ڪجهه ڳالهين ۾ يڪراءِ هئا. جيئن ته انگريزن کان آزادي حاصل ڪجي. عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سک ۽ آرام جو واڌارو ٿيڻ گهرجي. انهن معاملن جي حد تائين منجهن اختلاف نه هُئو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ذهني ڦيٽاڙو پيدا ٿيو. مسئلو اهو پيدا ٿيو ته آزادي ته ملي ويئي، پر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انهيءَ ڳالهه تي ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل اسان جي دوستن انتهاپسنديءَ جي واٽ جهلي ته اسان کي انهيءَ کان پوءِ هڪدم انقلابي ٿي وڃڻ گهرجي. ٻين اکرن ۾ سندن مطلب اِهو هو ته جيڪي انتها پسند ناهن، اُهي اسان مان نه هوندا. اهو رويو اختيار ڪري هنن هڪڙي خيال کان حالتن جو غلط اندازو لڳايائون. ائين به هو ته ڪجهه نوجوان ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيا، جن وٽ نه ته سياسي تجربو هو ۽ نه ئي وري حالتن کان چڱيءَ ريت واقف هُئا. انهيءَ اڻڄاڻائيءَ جي ڪري کانئن غلطيون ٿي ويون. اها ڳالهه ڪا حيرت ۾ وجهندڙ به ناهي جو ائين ٿيندو رهندو آهي. وٽن آزاديءَ جو هڪ اڻ چٽو تصور ته هو، پر آزاديءَ کان پوءِ حالتون ڪهڙي رُخ تي وڃن ٿيون. انهيءَ باري ۾ سندن ذهن ۾ ڪا چٽائي ڪا نه هئي. جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ڪجهه ماڻهو جذباتي بڻجي انتهاپسنديءَ ڏانهن هليا ويا. ۽ ٿيو ائين ته جيڪي ماڻهو شروع کان اسان سان گڏ هئا ۽ جن کي اسان سان گڏ رهڻ کپي ها، اسان انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي، تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي بدران اسان پنهنجو حلقو محدود ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ائين ڪرڻ صحيح نه هو. اصول ته اهو هجي ها ته اسان پنهنجن اديبن ۽ شاعرن کي نظرين جي حد تائين رکون ها ۽ سندن لکڻين تي فتوائون جاري ڪرڻ کان پاسو ڪريون ها پر اسان ائين نه ڪيو ته نتيجي ۾ منٽو، عصمت ۽ قرت العين حيدر جهڙن ليکڪن کي اسان پنهنجي دائري مان ڪڍي ڇڏيو. آئون انهيءَ ڳالهه جي خلاف هوس.
    انٽرويو وٺندڙ: پوءِ توهان پنهنجي فيصلي تي اسٽينڊ ڇو نه ورتو؟ انهيءَ فيصلي ۾ جيڪو نقصان سمايل هو ۽ اوهان ڏٺو پئي ته اوهان اهڙن فيصلن جي خلاف جي آواز اٿاريو ها ته ترقي پسند تحريڪ کي شايد ايترو نقصان کڻڻو نه پوي ها ۽ تحريڪ محفوظ رهجي وڃي ها؟
    فيض احمد فيض: نقصان ته پڪ پڪاڻي پهتو. رڳو ترقي پسند تحريڪ کي ڪو نه پهتو، پر اسان جون جيڪي ٻيون تنظيمون هُيون، مزدورن جون ۽ ٻين طبقن جون، انهن کي به نقصان سهَڻو پئجي ويو. سڄو ڪم جذباتيت جي ڪري خراب ٿي ويو. آزاديءَ کان پوءِ جو جيڪو نشو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڀ پاسا نظر نه ايندا آهن، اِهو انهيءَ نشي جو اثر هو. هنن اهو سوچي ڇڏيو ته آزادي ملي ويئي ته هاڻي انقلابي ٿي وڃجي. خير! غلطيون ٿي وينديون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: فيض صاحب! ترقي پسند تحريڪ ته پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ نه هُئي. انهيءَ ڪري پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ جيڪا اسان کي آزادي ملي، ته انهيءَ جو جيڪو رنگ ڍنگ جڙيو، ته ترقي پسند تحريڪ جي اڳواڻن جي نظر ۾ ائين ته نه هو؟
    فيض احمد فيض: جي ائين نه هو. صورتحال اِها هئي ۽ اسان به ائين سمجهيو ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا جيڪي پاڻ ۾ اختلاف هئا، اهي آزاديءَ سان گڏ ختم ٿي ويندا. اهو ته ڪنهن به ڪو نه سوچيو هو ته پنجاب ورهائجي ويندو ۽ ايڏي مارا ماري ٿيندي. اهڙين حالتن جي پيدا ٿيڻ جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. خيال ته اهو بيٺو هو ته جيڪي جهيڙا جهٽا هلن پيا، آزاديءَ کان پوءِ انهن جو خاتمو اچي ويندو. پاڪستان بنجي ويو ۽ هندستان کي آزادي ملي ويئي. انهن معنائن ۾ اسان جي ته خواهش پوري ٿي ويئي، پر دوستاڻن طريقن سان اختلاف ختم ٿيڻ جي اسان جي خواهش پوري نه ٿي. ڪجهه پنهنجون غلطيون، ڪجهه انگريزن جون چالاڪيون، ڪجهه عوام جي مرضي، ڪجهه خود غرض طبقن جا مفاد، سڀني ملي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي، جو اسان جي ذهن ۾ جڪيو نقشو موجود هو، اهو اڌورو ۽ اُڃايو رهجي ويو. انهيءَ ڪري ئي اسان کي اڄ تائين جيڪو مِهڻو ملي ٿو، اهو ان ڪري ملي ٿو، جو اسان اهو چيو ته، ”وه انتظار تها جس کا يه وُه سحر تو نهين“ـ
    جيڪا حالت اسان ڏٺي ته اسان کي آزادي ڪيئن ملي، اها حالت ٻين نه ڏٺي. هن وقت ته اسان اهو تصور به ڪري نٿا سگهون ته آزاديءَ جي نتيجي ۾ اسان کي ايتري قدر قرباني ڏيڻي پوندي، ايڏي اذيت سهڻي پوندي، نجات جي بدران مارا ماريءَ جا غير انساني ڏيک ڏسڻا پوندا.
    انٽرويو وٺندڙ: مجنون گورکپوريءَ صاحب هڪ انٽرويو ۾ راءِ ڏني هئي ته ترقي پسند تحريڪ انهيءَ ڪري ختم ٿي ويئي جو پاڪستان ٺهي ويو. اوهان ان راءِ کي مڃو ٿا؟
    فيض احمد فيض: پر ترقي پسند تحريڪ ختم ڪٿي ٿي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ظاهر آهي ته 1936ع واري صورتحال ته نه رهي. ادب ۾ هاڻي نيون تحريڪون ۽ نوان لاڙا گهِڙي آيا آهن؟
    فيض احمد فيض: ترقي پسنديءَ جي ختم ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اوهان اهو چئي سگهو ٿا ته ترقي پسند تنظيم ختم ٿي ويئي آهي. تنظيمون ته جڙنديون ڦٽنديون رهنديون آهن، پر تحريڪون ختم نه ٿينديون آهن. ترقي پسندي ڪا اسان ته پيدا نه ڪئي آهي، اُها شروع کان هلندي پئي آئي. حالتن جي گهرج هڪ تنظيم کي جنم ڏنو ۽ پوءِ حالتن جي ڪري ئي تنظيم ختم ٿي ويئي، پر تحريڪ ڪٿان ٿي ختم ٿئي. ترقي پسند تنظيم اُنهيءَ زماني ۾ جُڙي هئي، جڏهن ترقي پسند تحريڪون هلي رهيون هُيون ۽ انهيءَ وقت به ادب ۾ داخليت پسندي، ذآتي ۽ غير شعوري تجربن کي لکڻ وارا موجود هئا. انهيءَ وقت ٻئي تحريڪون پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي هلي رهيون هيون. پوءِ جيڪي نيون تحريڪون آيون ته اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هُئي. ادب ۾ تحريڪون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، پر جيتريقدر ترقي پسند تحريڪ جو تعلق آهي، ته اُنهيءَ جو مقصد ستايل عوام مٿان ٿيندڙ قهر کي چٽڻو آهي ۽ ڪنهن سان ڪو بغض رکڻو ناهي. ها! اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته تنظيم جُڙي نه سگهي.
    انٽرويو وٺندڙ: فيض صاحب! تنظيم ته ختم ٿي ويئي پر گڏوگڏ تحريڪ جي زور ۾ گهٽتائي ته آئي. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئجي ته جيڪو نڪته نگاهه هو لکڻ جو، جنهن ۾ شدت به شامل هئه، انهيءَ ۾ جيڪو ادب تخليق ڪيو ويو، اهو هڪ رنگو هو؟
    فيض احمد فيض: ٻي ڳالهه اها آهي ته لکڻ جي اها صورتحال رڳو ترقي پسند تحريڪ تائين ته محدود ناهي. پاڪستان ۽ هندستان ٺهڻ کان اڳ جيڪا هڪ يڪراءِ تحريڪ هلي ته آزادي ملڻ کپي، اُها ته ملي ويئي. اها تحريڪ به ختم ٿي، آزاديءَ کان پوءِ ايندڙ منزل ڪهڙي هجي يا ان کان پوءِ اڳتي ڪيئن وڌجي، ته انهيءَ جي باري ۾ رڳو ترقي پسند ته ڪو نه سوچيو. زندگيءَ جي هر سطح تي ڌار ڌار خيال ۽ نظريا پيدا ٿيا، انهيءَ سان سڄي زندگيءَ متاثر ٿي. اِها بلڪل غلط ڳالهه آهي ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪري ترقي پسند تحريڪ ختم ٿي ويئي. جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهي ها ۽ هندستان ۾ آزاديءَ کان پوءِ جي اهڙا مسئلا ٿي پون ها ته پوءِ؟ آزادي ته هڪ مجرد شيءِ آهي. رڳو ايترو چئي ڇڏڻ ته ڪافي ناهي ته بس ملڪ آزاد ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ به جي ته ڪا سياسي رٿابندي هوندي آهي. اقتصادي جوڙجڪ ڪهڙو هوندو؟ سماج جو ڪاروبار ڪيئن هلندو؟ انهن سڀني شين جي باري ۾ نئين ڍنگ سان سوچڻ، رٿائون ٺاهڻ، ڇنڊ ڇاڻ جي صورت پيدا ڪرڻ، ته ظاهر آهي ته انهن سڀني مسئلن تي اسان يڪراءِ نه هُئاسين. آزاديءَ کان پوءِ اقتصادي، سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ کي ڪنهن خاص گهاڙيٽي ۾ آڻڻ جي باري ۾ ڪنهن جو به ذهن صاف نه هو.
    انٽرويو وٺندڙ: اديبن کي انهيءَ وقت قومي تعمير جي سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها. ڇا انهن اهو ڪردار ادا ڪيو يا ڪن ٽار ڪري ويا؟
    فيض احمد فيض: اديب جو ڪردار محدود ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو حڪومت نه هلائيندو آهي. هو ته رڳو عوام جو ترجمان ٿيندو آهي ۽ عوام جي ذهني ۽ جذباتي سکيا ڪندو آهي. انهيءَ زماني ۾ سٺن اديبن جو جيڪو حال هو ته انهن حال سارو ڪيو، پر هر دور ۾ سٺن اديبن جي کوٽ هوندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: جنهن دور جو ذڪر ٿئي پيو، انهيءَ زماني ۾ اديبن ۽ دانشورن جو سماج تي گهڻو اثر هو. انهيءَ حساب سان ڏٺو وڃي ته اديبن گڏجي ڪري قومي ذميوارين کان ڪن ٽار ڪئي، مٿن اهو الزام مڙهي سگهجي ٿو. مثلنِ فرانس ۾ الجزائر جي آزاديءَ جي جنگ جي سلسلي ۾ سارتر جنهن مُڙسيءَ سان پِڙُ جهلي بيٺو يا جيئن اوهان لورڪا ۽ پئبلو نيرودا جا نالا ورتا ته انهن شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سياسي ڪردار به ادا ڪيو. اوهان کي اسان جي اديبن ۾ انهيءَ درجي جو ڪردار نظر نٿو اچي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    فيض احمد فيض: ڇو نظر نٿو اچي. جنهن حد تائين اسان جي اديبن ۾ صلاحيتون هيون. انهيءَ مطابق انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. تنهن کانپوءِ اسان وٽ سارتر ۽ لورڪا جهڙا اديب به ته نه هئا. وڏا اديب روز روز پيدا ڪرڻ جو نسخو ته ناهي. فرانس ۾ اوهان کي سارتر يا اراگون جا نالا ئي هٿ ايندا. انهن کان وڌيڪ ته اُتي به ناهن. ڪن ملڪن ۾ ته اوهان کي وڏو نالو ملندو ئي ڪو نه. اهو ته رڳو هڪ اتفاق آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: مثال ته اسان جي ملڪ جو حصو ڌار ٿي ويو، هڪڙي ٻانهن وڍجي پيئي، پر ادبي سطح تي ماٺ ڇانيل رهي. هيڏي وڏي ناحق تي اسان جي اديبن جي اندر ۾ ڪا به هلچل، ڪو به طوفان ڪو نه اٿيو، ڪو وڏو ناول يا ڪو اهڙو ادب تخليق نه ٿيو، جنهن جري اسان چئي سگهون ته اقتدار پرستن جا ضمير مري چڪا آهن ۽ اسان جا اديب جيئرا ويٺا آهن؟
    فيض احمد فيض: اهو اِنهيءَ ڪري نه ٿيو، جو جيڪا ٻانهن ڪٽاڻي آهي، ادب اُتي پيدا ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ٻانهن اسان جي نه پر هُنن جي ڪٽاڻي آهي. آئون سمجهان ٿو ته مغربي پاڪستان جي ماڻهن کي ڪو به اهڙو تجربو نه ٿيو آهي ته مشرقي پاڪستان ۾ ڇا واپريو. تجربو ته بنگالين کي ٿيو آهي، ان ڪري بنگالين کي ئي وڏو ادب تخليق ڪرڻ گهرجي.
    انٽرويو وٺندڙ: اسان يعني مغربي پاڪستان جي اديبن لاءِ به ته ايڏو وڏو واقعو ذهني ۽ روحاني تجربي جي حيثيت ته رکندو هوندو؟
    فيض احمد فيض: پاڻ لاءِ اهو ذهني ۽ روحاني تجربو هو ئي ڪو نه. انهيءَ ڪري جو پري جي ڳالهه هئي، اسان کي سڌي طرح تي ڪو به تجربو نه ٿيو. بنگلاديش ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو هو. اتان جي اديبن جو تجربو اسان جي دانشورن جي بنسبت سڌيءَ طرح هو. هتان جي اديبن جو تجربو ته خيالي هو. اسان کي بنگالي ته اچي ڪا نه ٿي، پر مون کي ايتري خبر آهي ته اتان جي ڪهاڻيڪارن ۽ ٻين ليکڪن ڏاڍيون اثرائتيون شيون لکيون آهن. جيئن شهيد الله قيصر وغيره وارن لکيو.
    انٽرويو وٺندڙ: اسان لاءِ ذهني ۽ روحاني تجربو ته هو. توهان خود انهيءَ تجربي کي موضوع بڻائي غزل لکيو ته:
    هم که ڻهيري اجنبي کتني صدا راتون کي بعد
    پهر بني گي آشنا کتني ملاقاتون کي بعد.
    فيض احمد فيض: اسان ڪوشش ته ڪئي، پر اسان لاءِ اهو سڌيءَ طرح جو تجربو نه هو. بهرحال اهو هڪ ذهني تجربو ته ضرور هو. پر اهيءَ ناحق مان جيڪي ماڻهو جسماني طور تي لنگهيا آهن، اُهي وڌيڪ ڄاڻندا هوندا. اسان وٽ اها واردات ذهني ۽ روحاني ان ڪري به بڻجي نه سگهجي، جو اسان وٽ وچان ئي ٻيو مونجهارو پيدا ٿي پيو. اُهو اِهو ته خود هتان تي هندستان جو حملو ٿيو. ماڻهوءَ انهيءَ ۾ ڦاسي پيا ۽ ائين مشرقي پاڪستان جو واقعو اسان کان گهڻو پري رهجي ويو.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ پاسي اوهان جي ڳڻپ هن دور جي پيغامبرن ۾ ڪئي وڃي ٿي. اوهان کي جيڪا مقبوليت ملي، اقبال کان پوءِ اِهو توهان جو ئي حصو بڻجي ٿي. جيتوڻيڪ ن. م راشد ۽ جوش به هن ئي زماني جا ماڻهو آهن پر جيترا هار اوهان جي ڪنڌ ۾ وڌا ويا ۽ اوهان جي اچڻ تي جيتريون تاڙيون وڄن ٿيون، انهن جي ڏهين پتي به ٻين شاعرن جي حصي ۾ نه آئي آهي. ٻئي پاسي توهان جا ڪجهه نقاد، جن ۾ ميراجي ۽ ن. م راشد جا حامي اچي وڃن ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته توهان جي شاعريءَ جو مزاج سراسر رومانوي آهي. اهي ئي ڏهه ٻارهن مترنم بحر، جهولندڙ ڪافيا، اهي نقاد شايد اهو ٿا سوچين ته زندگيءَ جا جيڪي بنيادي جذبا آهن، جهڙوڪ ڪاوڙ، نفرت، بَڇان ۽ ڊَپ جو اظهار اوهان جي شاعريءَ ۾ نه ٿيو آهي. اِنهيءَ جو ابتڙ اوهان شين کي رڳو سونهن جو روپ ڏيو ٿا. انهيءَ ڪري اوهان جي شاعريءَ جو ڪينواس محدود آهي. توهان جو ڇا خيال آهي؟
    فيض احمد فيض: راشد جي شاعريءَ جو ڪينواس وري ڪهڙو وڏو آهي. سندن شاعريءَ ۾ ته ڪينواس آهي ئي ڪو نه. سندن شاعريءَ ۾ سندس پنهنجي ذاتي شخصيت ۽ لاشعور کان سواءِ آهي ئي ڇا. ساڳي طرح ميراجي گيتن جو شاعر آهي. انهيءَ کان سواءِ سندس شاعريءَ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾Content ئي ناهي. شاعريءَ جي ڪنيواس جو مطلب ته تجربي جي وسعت ۽ اُن جي پکيڙ آهي. شاعر ته پنهنجيءَ ذات مان نڪري ڪائنات سان لاڳاپو جوڙي ٿو. اهو صحيح آهي ته اسان پنهنجن تجربن کي سونهن بخشي آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ کانسواءِ پُهچ ناممڪن آهي. راشد جن تمام سٺا شاعر آهن، پر کين ڪيترا ماڻهو ٿا سمجهن، ڪيترا ماڻهو ٿا ڄاڻن ته هنن ڇا لکيو آهي ۽ هُو چوڻ ڇا ٿا چاهين. سندن شاعريءَ جي پهچ ته آهي ئي ڪو نه. شعر ته تڏهن شعر بڻبو آهي، جڏهن ٻين تائين پهچي.
    انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته اوهان کي راشد جي شاعريءَ تي اعتراض اهو آهي ته اُها خاص ماڻهن تائين محدود آهي؟
    فيض احمد فيض: راشد جي شاعريءَ جي پهچ ته خاص ماڻهن تائين به ناهي. سندن پهچ ته تمام ٿورن ماڻهن تائين آهي. خاص ماڻهن مان ڪجهه اهي ماڻهو آهن، جن کي محدود قسم جي سهوليت يا آسائش موجود آهي. جيڪي مغربي شاعري ۽ ادب ۾ هلڻ وارين تحريڪن جهڙوڪ سرريئلزم ۽ ايڪسپريشن ازم کان واقف آهن. انهن محدود طبقي جي ماڻهن جو پنهنجيءَ زبان ۽ ادب سان ڪو به واسطو ناهي. تنهن کان پوءِ راشد صاحب جي زبان فارسي آهي ۽ اُها به ڏُکي فارسي. جن ماڻهن کي اِهي ٻئي زبانون سمجهه ۾ نٿيون اچن، اُهي ته سندن شاعري سمجهي نه سگهندا. اِنهيءَ جو وڏو ڪارڻ اِهو آهي جو پاڻ هِن ملڪ ۾ رهيائي ناهن. هتان جي ماڻهن کان سندس لڳ لاڳاپا ٽٽي ويا. کين اهو به ڳولي لهڻ جو موقعو نه مليو ته سندن ڳالهه ماڻهن تائين پهتي به يا نه؟ ميراجيءَ جي ڳالهه عوام تائين پهچي ٿي جو پاڻ گيت جا شاعر آهن ۽ سندن شاعري هلڪي ڦلڪي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: توهان ’شاعريءَ جي پهچ‘ جي اهميت تي زور ڏيئي شاعريءَ کي صحافت يا پروپئگنڊا جي ويجهو ته نٿا آڻيو؟
    فيض احمد فيض: شاعريءَ ۽ صحافت ۾ رڳو ايترو فرق آهي، جو صحافت ۾ جمالياتي پهلو نه هوندو آهي. جماليات کي اوهان پهچ ۾ شامل ڪريو ته اُهو ادب بڻجي ويندو آهي ۽ جي جماليات کي ڪڍي ڇڏيو ته اها صحافت بڻجي ويندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو قسم آهي، جنهن کي پنهنجيءَ دل جو حال پاڻ سان اورڻ چئي سگهجي؟
    فيض احمد فيض: بلڪل ممڪن آهي. خالص جمالياتي شاعريءَ جو تصور موجود آهي ۽ انهيءَ ۾ فرحت وٺڻ جو پلو به آهي، جيڪو شاعريءَ لاءِ لازم آهي، پر انهيءَ جو ميدان محدود آهي. داغ جي شاعري تمام سُٺي آهي، پر اوهان کين غالب جي مقابلي ۾ ته آڻي نٿا سگهو. شاعريءَ ۾ مضمون کي اهميت مليل آهي. رڳو فني ڪمال سان وڏي شاعري نه ٿيندي ۽ نه ئي وري پروپئگنڊا جي ذريعي ٿي سگهندي. اهي ٻئي شيون جڏهن گڏبيون آهن ته تڏهن وڃي شاعري جنم وٺندي آهي. خالص رومانوي شاعري يا خالص ڳائڻ وڄائڻ واري شاعريءَ کي به گهٽ سمجهڻ نه گهرجي. انهيءَ جو پنهنجو جمالياتي ڪارج آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ته راشد شاعريءَ جا نوان سانچا بڻايا ۽ گهاڙيٽي ۾ به تجربا ڪيائين؟
    فيض احمد فيض: تجربا ته بروبر ڪيا اٿس، پر رڳو تجربو ڪرڻ به ته ڪافي ناهي. تجربي جي اهميت ته تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن تجربو ڪامياب ٿئي. ڪنهن شاعر جو تجربو هڪ حد تائين محدود رهجي وڃي ۽ شاعر کي اڳتي گهٽي نه ملي، اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ناهي. تجربي جو ڪمال اِهو هُجي ته ان مان آرٽ پيدا ٿئي.
    انٽرويو وٺندڙ: ايليٽ لکيو آهي ته ’پنهنجو رنگ پنهنجي موج‘ ورجاءَ، کان وڌيڪ سٺي آهي؟
    فيض احمد فيض: ورجاءَ کان ته هر شيءِ وڌيڪ سُٺي آهي. توهان اقبال جو مثال وٺو. کانئن وڌيڪ ورجاءُ ڪنهن شاعر وٽ نٿو ملي، پر اُنهيءَ سان سندس شاعريءَ ۾ گهٽتائي نه آئي. پر ورجاءَ جي هڪ ٻي به صورت آهي ته اوهان مَکِ مٿان مَکِ ماريندا وڃو ۽ ٻي وري صورت اها آهي ته توهان پنهنجي پراڻي مواد کي اهڙيءَ طرح اڳتي وڌايو جو اُن ۾ سونهن پيدا ٿئي ۽ ڪو ورتاءُ نه رهي.
    انٽرويو وٺندڙ: مغرب ۾ گهڻا اهڙا اديب آهن، جيڪي ساڳئي وقت تخليق ۽ تنقيد لکندا رهيا آهن. جيئن ايليٽ شاعري به ڪئي ته تنقيد به لکي. لارنس فڪشن لکڻ سان گڏ تنقيد ۾ به وڏو سرمايو ڇڏيو. اسان وٽ فراق ۽ حسن عسڪريءَ جا چٽا مثال آهن، توهان پاڻ به شاعريءَ سان گڏوگڏ تنقيد به لکي، پر توهان جي تنقيد جي ڪتاب ’ميران‘ کان پوءِ توهان تنقيد تي ڌيان نه ڏنو. انهيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ۽ خاص ڪري اهڙين حالتن ۾، جڏهن اسان وٽ اهو روئڻو پيو روئجي ته اسان جو تنقيد وارو پاسو خالي آهي؟
    فيض احمد فيض: (کلي) ڌيان ته ڏيڻ گهرجي ها، پر ڪو نه ڏنوسين. گهڻا ئي اهڙا ڪم هئا، جن تي ڌيان ڪو نه ڏنوسين.. ڇا ڪري ڇا ڪريون ها. شاعري ڪريون ها، صحافت ڪريون ها، ماستري ڪريون ها يا تنقيد لکون ها. زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، پر ضروري ناهي ته دل جون سڀ مُرادون پوريون ٿين. توهان جي اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان وٽ تنقيد نه لکي ويئي آهي. تنقيد لکڻ لاءِ ماڻهوءَ کي شاهه ڪاريگر هئڻ گهرجي. اسان جا گهڻا نقاد تخليقي صلاحيت کان وانجهيل هئا. تخليقي نقاد ته رڳو فراق گورکپوري آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: حسن عسڪري صاحب جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
    فيض احمد فيض: حسن عسڪري صاحب جن سمجهو نقاد هئا. منجهن ڏاڍي حساسيت به هئي، پر پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ اهڙي پاسي نڪري ويا، جيڪو سندن ميدان ڪو نه هو.
    انٽرويو وٺندڙ: سندن ٻه ڪتاب ”ستاره يا بادبان“ ۽ ”انسان اور آدمي“ جي باري ۾ اوهان جا تاثرات ڇا آهن؟
    فيض احمد فيض: چڱا ڪتاب آهن، پر هڪ ٻن مضمونن کي ڇڏي ڪري ڪا اهڙي لکڻي نه ڇڏيائون، جيڪا اڳتي لاءِ نشامبر بڻجي وڃي. هونئن عسڪري صاحب جن ڏاڍا ذهين هُئا. ڏک اهو آهي ته پاڻ تنقيد جو ميدان ڇڏي، فلسفي ڏانهن هليا ويا، جيڪو سندن ميدان نه هو.
    انٽرويو وٺندڙ: عزيز حامد مدني جن ڪنهن ڪچهري ۾ دانهن پئي ڏني ته جيئن مغرب جو هر وڏو شاعر پنهنجي پويان ايندڙ شاعرن جا نالا ڳڻائيندو آهي ۽ سندن مڃتا ڪندو آهي، ائين توهان ڪڏهن اهڙي ذميواريءَ کي قبول نه ڪيو ۽ پاڻ کان پوءِ اچڻ وارن شاعرن جي باري ۾ چُپ رهيا آهيو؟
    فيض احمد فيض: ڀاءُ! تمام گهڻا سٺا ليکڪ آهن. انهن مان جي هڪ ٻن جو نالو کڻون ته ڏهه ٻيا نالا رهجي ٿا وڃن. ائين پوءِ دانهن ٿيو پوي. اسان جي چوڻ سان ڪو به ليکڪ نه سٺو ٿي ويندو ۽ نه وري خراب.
    انٽرويو وٺندڙ: پر ائين ڪرڻ سان شاعري کي سگهه ٿي ملي ٿي؟
    فيض احمد فيض: نقاد جي راءِ ڪنهن به شاعر کي ننڍو يا وڏو نٿي بڻائي. شاعر ڄائي ڄم کان وڏو يا ننڍو شاعر هوندو آهي.


    مايا ائنجليو

    ]ليکڪا، شاعره، تاريخدان، ناٽڪ نويس، ڪمپيئر، ڳائڻي، اداڪاره ۽ فلم ڊائريڪٽر مايا ائنجليو آمريڪا جي رياست لوئس ارڪنساس جي ڳوٺ ۾ ڄائي. اُن وقت سندس ماءُ ۽ پيءُ ۾ طلاق ٿي چُڪي هُئي. اٺن ورهين ج ننڍڙي ڄمار ۾ ساڻس زوريءَ زنا ڪئي ويئي، نتيجي ۾ شاڪ وچان پورا پنج سال ڳالهائڻ يا زبان کولڻ کان وانجهيل رهي. سورهن سالن جي ڄمار ۾ بنا شاديءَ جي کيس ٻار پئدا ٿيو. پاڻ مشهور تڏهن ٿي جڏهن آمريڪا جي عظيم ٽي وي سيريل`Roots` ۾ اهم ڪرادر ادا ڪيائين. کيس فرئنچ، اسپينش، اٽالين ۽ فانٽي ٻولين تي به پوري پوري دسترس حاصل آهي.
    ڪجهه عرصو مجبوريءَ ڪري ڪال گرل رهندڙ ڇهه فوٽ ڊگهي آمريڪن شيدياڻيِ مايا ائنجليو پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ناٽڪ ۽ ناچ سان ڪئي، شادي ڏکڻ آفريقا جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هڪ شخص سان ڪيائين ۽ قاهره ۾ رهڻ لڳي. پنج سال مصر ۾ رهڻ دوران اُتان جي واحد انگريزي هفتيوار رسالي`The Arab Observer` جي ايڊيٽر ٿي رهي. انهيءَ کان پوءِ گهانا ۾ ماستريءَ جي نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ `The African Review` جي اندرين صفحن جي ايڊيٽر پڻ رهي.
    هن وقت تائين سندس شعرن ۽ نثرن جا ڏهه ڪتاب ڇپجي سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪري چُڪا آهن. جڏهن سندس آتم ڪٿا جو پهريون جلد `I know why the Caged bird sings.` ڇپيو، جنهن ۾ هن پاڻ سان ٿيل زوري زنا، ساڻس زوري زنا ڪندڙ جو چچلائيندڙ موت ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس پنجن سالن جي چُپ بيماريءَ جو وستار لکيو ته سڄي ملڪ ۾ باهوڙ مچي ويئي ته سندس انهيءَ ڪتاب تي پابندي هنئي وڃي. مٿس فحاشي ۽ گند ٿڦڻ جا الزام هنيا ويا.
    مايا ائنجليو هن وقت نارٿ ڪئرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيوريسٽيءَ ۾ آمريڪن اسٽيڊيز شعبي جي پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ پروفيسر آهي ۽ سڄي آمريڪا ۾ وڃي ليڪچر ڏيندي آهي.)


    مايا اينجلو

    انٽرويو وٺندڙ: ڪين ڪيلي

    انٽرويو وٺندڙ: آمريڪا جي قدامت پسند سياستدانن جي وڏي ڪوشش لڳي پيئي آهي ته سرڪار طرفان جيڪي ڏوڪڙ فن تي خرچ ڪيا وڃن، انهن فنن کي ختم ڪيو وڃي. جي فن بند ٿي ويا ته آمريڪا جي ثقافت زندگيءَ تي ڪهڙو اثر پوندو؟
    مايا ائنجليو: وارِي وسندي. سڄو ملڪ هڪ اهڙو رڻ پٽ بڻجي ويندو، جتي ڪا به اوڀڙ نه ٿيندي آهي، ڪو به بيٺل ٻوٽو واڌ نه کائيندو آهي، ڪو به پير پنهنجي جاءِ تي بيهي نه سگهندو آهي ۽ ڪو به سولو ساهه کڻي نه سگهندو آهي. ڀينگ ٿي ويندي. انهن سياسي اڳواڻن جيڪا سِٽا سٽي آهي، سا گهڻو وقت هلي نه سگهندي. منهنجي دُعا آهي ته اِها نه هلي.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڏس ۾ فنڪارن ۽ ليکڪن کي ڇا ڪرڻ کپي؟
    مايا ائنجليو: فنڪار کي کپي ته اهڙين ڳالهين کي روڪين ۽ فنڪار ائين ڪندا. قدامت پسندن جيڪڏهن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته فنڪار لڏو عوام کان الڳ آهي، ته اهو ته هڪڙو گڏهه پڻو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته ليکڪ، مصور، گهر سينگاري بنائڻ وارا، اداڪار، ناچُو، لوڪ ڳائڻا- اسان سڀ عوام آهيون. اسان عوام مان آيا آهيون ۽ عوام ۾ رهڻ وارا آهيون. اسان جو ته اهو ڪم آهي ته پارڪن ۾ ڳائيون، ٻارن سان ڳالهيون ڪري سندن دل وندرايون، ٻارن جي مائٽن سان گڏجاڻين ۽ دعوتن ۾ گڏ رهون، نچون، شاعري پڙهون ۽ اداڪاري ڪريون. سدائين لاءِ ڪندا رهون. عوام کي خبر آهي ته، ”فنڪار اسان جا پنهنجا آهن. انهن کي نه ڪو روڪي سگهي ٿو ۽ نه ماري سگهي ٿو.“ اسان کي عوام کان ڇڄڻ نه کپي، ساڻن گڏجي هلجي. سڀني فنڪارن کي ائين ڪرڻ کپي. عوام کان ٽُٽي ڪري ڪير ڏنگ سهندو.
    انٽرويو وٺندڙ: قدامت پسندن فنڪارن کي جيڪا ڌمڪي ڏني آهي، اُنهيءَ ڌمڪي جو اثر تنهنجي ڪم تي پيو آهي ڇا؟
    مايا ائنجليو: مالي خيال کان ته منهنجي ڪم کي ڪو خطرو ناهي. پر جنهن اسپرٽ مان منهنجو ڪم ٻاهر اچي ٿو، انهيءَ کي ڌڪ لڳو آهي. جڏهن نوجوان ليکڪ، شاعر، موسيقار ۽ مصور منهنجي سامهون مالي هيڻائيءَ جو روئڻو رکن ٿا ته مون کي اُداسي ويڙهي ويندي آهي. اُنهيءَ اُداسيءَ جو منهنجن خوابن، خيالن ۽ اُتساهه تي ڪو به اثر ڪو نه ٿو پوي پر کين ڏسي آئون هيڻي ٿي ويندي آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: آمريڪي زندگيءَ جا جيڪي طور طريقا آهن، انهن ۾ تون روحاني طور تي پنهنجو پاڻ کي ڪيئن فِٽ ڪندي آهين؟
    مايا ائنجليو: ڪجهه به هجي، اسان سڀ جا سڀ برابر گوشت، رت ۽ هڏن مان ٺهيا آهيون، پر اسان جا عقيدا غلط آهن. انهيءَ ڪري اسان پنهنجا قدر مادي شين ۾ ٻوڙي ڇڏيا آهن. ليکڪ بيهه رچرڊس جي لفظن ۾ اسان ’مادي شين‘ ڏانهن جلاوطن ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان وٽ ٻن ڪارن جي بدران ٽي ڪارون اچي وڃن ٿيون ته اسان جي عمر ڪجهه ڪجهه وڌيو ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان جا چار وڌيڪ ڪتاب ڇپجي ٿا وڃن ته اسان جي عمر تهائين وڌي وڃي ٿي ۽ خاص ڪري جيڪڏهن اسان وٽ ٻئي ماڻهوءَ کان وڌيڪ پئسا آهن ته اسان جي عمر انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌي وڃي ٿي. اِهي ڳالهيون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم انهن مالي شين کان وڌي ڪري اسان جي دل آهي، روح آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪو ماڻهو پنهنجي روح ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو ته اها اهليت اسان کي همٿ ڏياري ٿي، نئڙت پئدا ڪري ٿي. ٻين ماڻهن جو خيال ٿئي ٿو، اسان جي دماغ کي سگهه ڏئي ٿو. اسان ۾ رحم جو جذبو پئدا ڪري ٿو ۽ اسان جي شناخت ٿئي ٿي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون روحانيت جي ڀاڪرن ۾ آهين. ڇا اها صورتحال توکي پراُميد بنائي ٿي، جڏهن تون پنهنجي شاعريءَ ۾ ههڙا سوال پڇي ويهي رهين ٿي ته، ”ڪارڙا ٻار ڇو اُميدون رکن؟ اهو ڪير آهي، جيڪو کين کاڄا، پڪل گوشت ۽ هڪ وڌيڪ صبح آڇيندو؟“
    مايا ائنجليو: انهن شيدي ٻارڙن کي اها به خبر ناهي ته هوُ اسان سڀني جا پونئير آهن، تنهن هوندي به اُهي وڌ ۾ وڌ بهادر آهن. اِهي جيڪي ڪارڙا ٻارڙا آهن، جيڪي غريب گورا ٻارڙا آهن، جيڪي اسپينش ٻارڙا آهن، جيڪي آمريڪا ۾ آباد ٿيل ايشيائي ٻارڙا آهن. انهن ٻارڙن کي هن ملڪ ۾ رهي ڪري هن وقت جي حالتن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. پر تنهن هوندي به اهي ٻارڙا هڪ ٽنگ تي نچن ٿا، ٿُونا هڻن ٿا، رڙيون ڪري ٻئي کي سڏين ٿا ۽ اسڪول وڃن ٿا. منجهن پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ جي همٿ آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ جي به همٿ آهي. سندن اِهو روپ دل خوش ڪريو ڇڏي. انهن ٻارن کي جيڪي اُميدون بيٺيون آهن، اهي ئي اُميدون ته مون کي پراُميد بڻائين ٿيون.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻارن ۾ اهي جيڪي اُميدون بيٺيون آهن، اِهي ٻاراڻيون اُميدون اڳتي چڙهي گهٽين ۾ جهيڙن جهٽن ۽ تشدد ڏانهن ته نه وڌنديون؟
    مايا ائنجليو: ها. کانئن جنهن سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ڪن ٽار ڪيئي وڃي ٿي ته تشدد ته وڌندو.
    انٽرويو وٺندڙ: مطلب؟
    مايا ائنجليو: جڏهن انساني نسل پنهنجن ڪمزور ميمبرن کان ڪن ٽار ڪندو آهي. جڏهن ڪو خاندان پنهنجي گهر جي ڪمزور ڀاتيءَ کان ڪن ٽار ٿو ڪري ته انهيءَ حالت ۾ انسان خودڪشيءَ ڏانهن پهريون وکون کڻي ٿو. مون گهمي ڦري ڏٺو آهي. شهرن ۾ جيئن ڪن ٽار ڪئي ٿي وڃي، جيئن ويسٽ ورجينيا ۾ غريب گورن ٻارن کان ڪن ٽار ڪئي ٿي وڃي، خاص ڪري وڏن شهرن ۾ ته اِها رنگ ته لائيندي. مون آمريڪا جي اصلي رهاڪن ريڊ انڊين جي ٻارن کي به نظر انداز ٿيندي ڏٺو آهي. کين وانڍن ۾ رهايو ويو آهي. اِهي وانڍيون نه پر عقوبت خانا آهن.
    جيڪي سگهارا ماڻهو آهن سي چون ٿا، ”توهان پاڻ زور لائي پنهنجن پيرن تي بيهو ۽ پاڻ ڀرا ٿيو.“ اها ڳالهه ڪندي هُو اِهو نٿا ڏسن ته جيڪي محرومين جا شڪار آهن، جيڪي بارود مٿان بيٺا آهن، جيڪي باندي بڻايل آهن، اُهي ماڻهو ڪولمبيا ۽ عراق مان آيل چرس ۽ هيروئن ۾ ورتا پيا آهن، ته اهڙا ويچارا مجبور ماڻهو پنهنجن پيرن تي ڀلا ڪيئن بيهندا. اهڙا ويچارا عذابن جا ماريل ماڻهو ته اهو ئي چوندا آهن ته، ”جي ڪري سگهين ٿو ته ڪر، جي نٿو ڪري سگهين ته وساري ڇڏ هن دنيا کي.“ ته اها جيڪا تباهيءَ جي صورتحال آهي، اُها انهيءَ هڪ ٻئي کي ڇڄي ڌار ٿيڻ وارين حالتن مان نڪتل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهو مامرو ايترو منڌل آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: جڏهن آمريڪا ۾ شهري حقن جو ائڪٽ پاس ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ جي جيڪا پيڙهي آهي، اُنهيءَ پيڙهيءَ آمريڪا ۾ نسلي ويڇن جي خلاف ڪيتري ويڙهه ڪئي آهي ۽ ڪيتري حد تائين انهيءَ جا نتيجا نڪتا آهن؟
    مايا ائنجليو: انهيءَ معاملي ۾ اسان ڪافي اڳتي وڌي چُڪا آهيون. اها ڳالهه ته چوان ته ڏوهاري ٿيان. ڇاڪاڻ ته جي اسان اها ڳالهه نه ڪنداسين، نوجوانن کي نه ٻڌائينداسين ته اُهي هٿ ڪڍي بيهي رهندا ۽ اهو چوڻ لڳندا ته، ”مارٽر لوٿر ڪنگ جونئر، مالڪولم ايڪس ۽ ڪئنڊيءَ ۽ ٻين ماڻهن هن ڏس ۾ جيڪو ڪم ڪيو، زندگي ڏني ۽ موت ورتو. روزاپارڪس جيڪا حياتي ڀر جدوجهد ڪئي. انهن ايڏو ڪجهه ڪيو، پوءِ به نسلي تفرقي وارين حالتن کي ذريءَ ڀر بدلائي نه سگهيا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان وڃي ڌوڙ پايون.“ اها هڪ حقيقت آهي ته گهڻو ڪجهه ٿيو آهي ۽ چڱائي ٿي آهي. اسان اڃان به جي همٿ ڪري پنهنجي دل و جان سان اڳتي وڌنداسين ته اڃان به وڌيڪ سُٺا نتيجا نڪرندا ايندا.
    انٽرويو وٺندڙ: اڄ تون سورهن ورهين جي ٿي پوين ته پوءِ اڄڪلهه جي انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ لاءِ ڪر ڪهڙي جاءِ ڳولي لهين؟
    مايا ائنجليو: پڙهڻ کي لڳي وڃان. ٻيو ڪر وري ڇا ڪريان؟ سڀني کي پڙهان ۽ سڄو وقت پڙهندي رهان. ڊڪنس کي پڙهان، ڪينزابُرو اُوئي کي پڙهان، جنهن جي اندر ۾ دک دونهيون ٻاريو ويٺو آهي. بالڊوِن پڙهان، جنهن ۾ اڻ ڄاتل پيار ۽ سونهن ڀري پيئي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر نوجوان بالڊون کي پڙهي نه سگهندا آهن؟
    مايا ائنجليو: ٺيڪ آهي. اسان جي هڪ ٻئي کي سيکارينداسين ته ڪم ٿي ويندو ۽ هڪڙو ماڻهو ڏهن ماڻهن کي سيکاري سگهي ٿو، پوءِ ڀلي کڻي تون منهنجيءَ ڳالهه کي تبليغ سمجهه. جهالت کي ختم ڪرڻ اسان لاءِ ايترو ئي ضروري آهي، جيترو غلاميءَ کي ختم ڪرڻ.
    انٽرويو وٺندڙ: اسان جي اسڪولن ۾ تعليم کي ايتري اهميت ناهي، جيتري اهميت اسڪول ۾ ٿيندڙ عبادتي ابتدا جي گيتن کي آهي. اهو جيڪو صبح صبح جو عبادت ڀريا گيت ٻارن کان ڳارائيا ويندا آهن، ڇا اُهي اسان جي نصاب ۾ شامل آهن؟
    مايا ائنجليو: منهنجو خيال آهي ته عبادت ڀريا گيت ٺيڪ آهن. صبح صبح سان جيڪڏهن شاگرد انهن تي ڌيان نٿا ڏين، ته نه ڏين پر عبادت جي پويان جيڪا خاموشي آهي، اسها سندن ڌيان ڪنهن نه ڪنهن سٺيءَ ڳالهه ڏانهن کڻي ويندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا ظلم سٺا آهن، پر پوءِ به تون پنهنجو پاڻ کي روحاني طور تي خدا سان ڪيئن ٿي ڳنڍين؟
    مايا ائنجليو: منهنجي معلومات جو سُٺي ۾ سٺو اهو حصو آهي ته مون کي خدا پئدا ڪيو آهي. منهنجيءَ دل کي ڏاڍو ڏڍ ۽ خوشي آهي ته خدا نه رڳو مون کي پئدا ڪيو آهي، پر گڏوگڏ ٻين شين کي به پئدا ڪيو آهي. انهيءَ حساب سان اسان خدا جون پئدا ٿيل سڀ شيون هُنَ جي ناتي ٻين ماڻهن ۽ شين سان ڳنڍيل آهيون.
    آئون انهيءَ ڳالهه تي ايستائين ته خوش هوندي آهيان، جيستائين وري انهيءَ حقيقت تي وڃي پهچندي آهيان ته جيڪي ماڻهو ٻين کي ليکين نٿا، جيڪي ظالم آهن، جيڪي ذر ذر ٻين کي نقصان رسائين ٿا، اُهي به خدا جا پئدا ڪيل آهن (ٽهڪ). پر انهيءَ هوندي به مون کي اها پڪ آهي ته خدا آهي. ۽ منهنجو خدا سان تعلق هئڻ کپي.
    مون رب جا ڪيئي رنگ ڏٺا آهن، جيڪي حيرت جو هنڌ آهن. هڪڙي ڀيري مون کي ٽيڪساس ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ گهرائين ۽ ڪانفرنس جو موضوع هو ته شيطان کي ڪيئن منهن ڏجي. هڪڙي ڳالهه تي ٽيڪساس جو هڪ ماڻهو اُٿي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون شيطان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي سگهه کي به محسوس ڪيو آهي. آئون جرمنيءَ ويس اُتي نازين جا ظلم گهڻا ڏٺم.“ سندس انهيءَ ڳالهه تي اُتي بيهي رهيس ۽ چيومانس، ”تون اهو ٿو سمجهين ته اسان سڄيءَ دنيا مان هتي اچي گڏ ٿيا آهيون، سي عقل کان وانجهيون ڳالهيون ڪرڻ آيا آهيون. بڪواس ڪرڻ آيا آهيون. توکي جرمني ته سُجهي آئي، پر جتي رهين پيو اُتان جي خبر نٿو رکين. هت هِن ٽيڪساس رياست ۾ ميڪسيڪن آمريڪن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي. تو پاڻ غلاميءَ جي تاريخ سِرَ تي سَٺي آهي، پوءِ به توکي اهو ناحق ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ته تون ميڪسيڪن کي پنهنجي پاڙي ۾ آزاد انسان جي حيثيت ۾ رهائڻ لاءِ تيار ناهين. پنهنجين خامين کي ڇڏي جرمنيءَ جو راڳ ڳائڻ ويٺو آهين. جرمني جرمني جرمني. جرمنيءَ جا ڏوهه ڏسڻ ۾ اچن ئي ٿا، انهن تي ڳالهائين ٿو، پنهنجو پاڻ ڏانهن نهارڻ لاءِ تيار ناهين. آئون تنهنجي بڪواس ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. چپ ڪري ويهه رهه.“
    مون کي لڳي ٿو ته اسان شيطان جي حقيقت کي قبول ڪري ويٺا آهيون. آئون شيطان جي حقيقت کي قبول ڪرڻ سان گڏوگڏ چڱائيءَ جي حقيقت کي به قبول ڪريان ٿي. اها ڳالهه مون کي اُتساهه ڏياري ٿي، اها ئي حقيقت مون کي زندهه رهڻ جي خوشي عطا ڪري ٿي. اها ئي حقيقت مون کي موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. مون کي لڳي ٿو ته جيستائين مون کي جيئڻو آهي، ايستائين چڱائيءَ سان ۽ خوشيءَ سان جيئڻو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اسان لاءِ اڳتي هلي سٺو وقت اچڻ جي اُميد بيٺي آهي. انهيءَ حالت ۾ اسان جون ترقي پسند قوتون سياسي سطح تي ڇا ڪنديون؟
    مايا ائنجليو: اسان کي جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اُها همٿ آهي. اسان کي وڏي دل ڌارڻ کپي. اسان جي اڳيان اُميدن جا ڍير لڳا پيا آهن. اسان نون تضادن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، انهيءَ ڪري اسان کي ڪنڊن پاسن مان نڪري ڇاتيءَ تي هٿ هڻي، ٻاهر نڪرڻ گهرجي. اسان مان جيڪي به ماڻهو پنهنجن خيالن، خوابن ۽ شناختن جا هٿيار ليڊرن اڳيان ڦٽا ڪندا، اُهي هارايل ماڻهو اسان بيٺل ماڻهن جا حق، شناختون ۽ ذميواريون به نه واپس وٺي ڇڏين.
    اسان کي جهيڙو جوٽڻو آهي، نه رڳو خارجي قوتن سان جهيڙو جوٽڻو آهي، پر پنهنجي اندر سان به ويڙهه کائڻي آهي. اسان پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ گهرون ٿا؟ جي ها! ته پوءِ اهو ڏسڻو آهي ته اسان ۾ ڪيتري روشني آهي، ڪيتري سمجهه ۽ سونجهه آهي ۽ ڪيتري همت آهي؟ انهيءَ کان پوءِ اسان کي ها يا نه چوڻي آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي.


    وليم بورو

    ]هيءُ مست ملنگ ماڻهو ۽ گڏهه تي سوار اخبارن جا سَٿا کڻي آمريڪا ۽ ليٽن آمريڪا ۾ رُلڻ وارو ليکڪ آمريڪا جي اسٽيٽ لوئس ۾ 5 فيبروري 1914ع ۾ ڄائو. 1936ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان اٿينالاجي ۽ آرڪيالاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُتان کان پوءِ ويانا وڃي ميڊيڪل سائنس ۾ داخلا ورتائين. پر ڊگري وٺي نه سگهيو. ويانا کان واپس موٽي پنهنجي ملڪ ۾ مختلف ڌنڌا ڌاڙون ڪيائين، جن ۾ صحافت، جاسوسي ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي ڪوئا، چچيون، مُنگهڻ، مڇر ۽ مکيون مارڻ جا ڌنڌا اچي وڃن ٿا.
    ويٽنام جي جنگ ته ڊگهو عرصو هلي، پر 1958ع کان پوءِ آمريڪا جي ڪيترن ئي فنڪارن، فلم ڊائريڪٽرن ۽ ليکڪن ويٽنام جي جهنگن ۾ جيڪا تباهي ٿي، انهيءَ جي خلاف هڪ تحريڪ هلائي. انهن تحريڪ هلائيندڙ ليکڪن کي ’بيٽ جنريشن‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جنريشن ادب ۾ ٽي وڏا نالا پيدا ڪيا، جن ۾ ايلن کن گنسبرگ ۽ جيڪو ڪيرويي سان گڏ وليم بورو جو نالو به اچي ٿو.
    وليم بورو جيڪي ڪتاب لکيا. انهن جي فهرست ڪجهه هن ريت آهي: ’موالي’ (1953ع)، ’منجهند جي اُگهاڙي ماني‘ (1959ع)، ’نرم مشين‘ (1961ع)، ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ (1962ع)، ’چوريءَ جا خط‘ (1963ع)، ’نووا ايڪسپريس‘ )1964ع)، ’جهيڙاڪ ڇورا‘ (1971ع)، ’جيت جَڻا مارڻ وارو‘ (1973ع)، ’درويشن جو اڏو‘ (1980ع) ۽ ’ڳاڙهي رات ۾ وهنجندڙ شهر‘ (1981ع).)


    وليم بورو

    پينل انٽرويو

    گِيروڊياس: اِهو ايلن گنسبرگ ئي هو، جيڪو پهرئين پهرئين تنهنجي ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جو مسودو کڻي مون وٽ پئرس پهتو هو 1958ع ۾، انهيءَ وقت آئون پئرس ۾ انگريز ٻوليءَ جا اُهي ڪتاب ڇپائيندو هوس، جن جي ڇپجڻ جي اجازت آمريڪا ۾ ڪو نه هوندي هئي. تنهنجو لکيل ڪتاب ايڏو ته ڀَلو هو جو پڙهڻ واري کي اصل اٿاري ويهاري ڇڏي ۽ ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏي، پر مسودو جنهن نموني ٽائيپ ڪيو ويو هو، ته ٽائيپ ڏاڍي خراب هئي. اهو مسودو جڏهن مون تائين پهتو، ته انهيءَ کان اڳ مسودي سان الائي ڪهڙو حشر ڪيو ويو هو، اها مون کي خبر ناهي.
    گنسبرگ: اصل ۾ اها ٽائيپ اسان واري يار جيڪ ڪيرويي ڪئي هئي 1957ع ۾. ڪجهه حصو وري ايلن اينسين ٽائيپ ڪيو هو. ڪجهه حصو مون به ٽائيپ ڪيو هو. مطلب ته اها ٽائپنگ جي ڳُڙڌاڻي هئي.
    گِيروڊياس: ٽائيپ ته ايڏي چٽي هئي جو جهَٻڪا پئي ڏنائين، پر پڙهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. مون کي ياد آهي ته انهيءَ وقت منهنجي زبان مان اهي اکر نڪري ويا ته ”ڪَمُ ته حد کان وڌ ڀلو آهي، پر تنهن هوندي به هن ڪتاب تي فيصلو ڏيان ته ڪيئن ڏيان. تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ڪريون.“ منهنجي خيال ۾ منهنجي ۽ گنسبرگ جي اها پهرئين ملاقات هئي. مون کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جڏهن پاڻ جي اها پهرئين ملاقات ٿئي ته تون (گنسبرگ) مون کي ائين لڳو هُئين، ڄڻ آمريڪا جو ڪو کڙپيل جوان مڙس واپاري اچي ٽٽو هجي. منهنجي خيال ۾ تون انهيءَ وقت ليکڪ جو ٺُپ قسم جو ايجنٽ پئي لڳين. مهينو کن رکي تون اهو مسودو ٻيهر ٽائيپ ڪرائي مون وٽ پهتو هئين. پوءِ اهو ڪتاب مون ڇپايو 1959ع ۾.
    وليم بورو: پر نُڪتو اهو ٿو اُٿي ته منهنجي اِنهيءَ ڪتاب جو جيڪو مسودو 1959ع ۾ ڇپيو، انهيءَ مسودي ۾ ڦيرڦار ٿيل هئي. جيڪا حقيقت مون کي ٿي ياد اچي ته منهنجي انهيءَ مسودي جا ڪجهه حصا پهرئين ’شڪاگو رويو‘ ۾ ڇپيا ۽ پوءِ ’بگ ٽيبل‘ ۾ ڇپيا. انهن حصن جي ڇپجڻ کان پوءِ ئي توکي شوق اچي کنيو ته ’آئون اهو ڪتاب ڇپايان.‘ هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير سنڪليئر بيليس مون وٽ لنگهي آيو ۽ چيائين ته تون منهنجو ڪتاب ٻن هفتن اندر ڇپائي پڌرو ڪرڻ ٿو گهرين.. انهيءَ کان پوءِ اسان سڀ ڪم ۾ لڳي وياسين ۽ ڪتاب جي مواد کي ٻيهر ترتيب ڏنوسين. مهيني کان پوءِ ڪتاب بُڪ اسٽالن تي پهچي ويو. منهنجي خيال ۾ ته اهو ته رڪارڊ قائم ٿي ويو. اصل ۾ مون يڪا هڪ هزار صفحا لکيل هئا، جيڪي گڏ وچڙ هئا. انهن ۾ ’نرم مشين‘ ۽ ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ ڪتابن جو به مواد شامل هو. ڪجهه مواد ’نووا ايڪسپريس‘ جو به هو. اهي سڀ شيون ٽڪرن ٽڪرن ۾ لکيل هيون. پر جيئن ئي مواد تو تائين پهتو ته تو اِهو پرنٽر جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن اهو مواد پرنٽر وٽان پروفن لاءِ اسان وٽ پهتو ته مون، بِريون گائسن ۽ سنڪليئر بيليس گڏجي، انهيءَ ڪتاب جي ترتيب ئي بدلائي ڇڏي سين. ترتيب ۽ ترميم کان پوءِ اسان وري ڪتابن تي هڪ نظر وڌي ۽ چيوسين ته، ”هاڻي ڪم ٺهي ويو آهي. هلڻ ڏيئنس اڳتي.“
    گنسبرگ: اهو سڄو ڪم سئين نديءَ کان وٺي، ريوگئلي ڪوئر کان وٺي، ريو سائينٽ ۽ سيويرن تائين جيڪي وچ ۾ گهٽيون آهن، اُتي ٿيو. ٻنهين جڳهن ۾ ڪو ايترو پنڌ به ناهي. هڪڙي دوست کان صبح جو ٻئي دوست وٽ ڪافي پيئڻ لاءِ پنڌ اچي وڃي سگهبو هو. هڪ ٻئي کي ايترو ويجهو هئڻ جي ڪري ايڏي جلدائي سان ڪم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ جيڪا شڪاگو ۾ اسان کي پبلسٽي ملي، انهيءَ مان به فائدو وٺڻ جهڙا ٿي وياسين. گِيروڊياس! اِنهيءَ سال تو ٻيا ڪهڙا ڪتاب ڇپايا؟
    گيروڊياس: مون 1950ع واري ڏهاڪي ۾ دٻاسلٽ قسم جا شاهڪار ڪتاب ڇپايا آهن. اولمپيا پريس 1953ع ۾ کوليم. پهرئين ڌڪ ۾ مون سيموئل بيڪيٽ جو ڪتاب ’بجلي وارو جهٽڪو ڏيندڙ سگهه‘ ۽ ڊي سيڊ جو لکيل ڪتاب ڇپايم، ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڪتاب جو نالو ’خطاب‘ يا ’فلسفين جي سمهڻ وارو ڪمرو‘ هو. تنهن کانپوءِ هينري ملر جڪو ڪتاب ’دماغ جون نسون‘ ڇپايم. مون جيڪو اهو ڇپائيءَ جو ادارو جڏهن تمام نئين رنگ ڍنگ سان شروع ڪيو ته اُنهيءَ اداري جو پئسو به بئنڪ ۾ جمع ٿيل نه هو. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان تمام سٺن ڪتابن سان ڇپائڻ جي شروعات ڪئي.
    گنسبرگ: آمريڪا جي نئين پيڙهيءَ جا جيڪي ليکڪ پئرس ۾ لڏو لاهي اچي ويٺا هئا، تو انهن جا به تمام گهڻا ڪتاب ڇپايا؟
    گِيروڊياس: ها، ميسين هوفينبرگ هو. اِرس اووينس هو. تنهن کان پوءِ چپٽرهائيمس جو ڪتاب سندس نالي سان ڇپايم. ٻين جن به ليکڪن پنهنجا ڪتاب ڇپرايا، اهي هٿرادو نالن سان ڇپيا. نالا به رنگارنگ قسم جا ايجاد ڪياسين، جيئن آيت الله مردان، اڪبر ڊيل پيومبو، تنهن کانپوءِ ٻه ٻيا جيڪي ليکڪن جا هٿرادو نالا ڏناسين، انهن ۾ نارمن رُبنگٽن ۽ هيرئيٽ ڊيملر جا نالا هئا، انهن ٻن نالن سان وري اووينس ڪتاب لکندو هو.
    وليم بورو: ماڻهو اڃا تائين مون کان پڇن ٿا ته جيڪي ڪتاب اڪبر ڊيل پيومبو جي نالي سان ڇپيا، سي اصل ۾ تنهنجا لکيل هئا.
    گِيروڊياس: موڳن کي خبر ناهي ته ماڻهو اڃا تائين اهو سمجهن ٿا ته جيڪو ڪتاب ’مواليءَ جو جُهوٽي سان جهيڙو‘ جي نالي سان ڇپيو، اهو اصل ۾ وليم بورو جو لکيل هو. ڪيترن سالن کانپوءِ مون کان پڇيو ويو ته اهو ڪتاب وليم بورو لکيو هو يا ٻئ.ي ڪنهن. پوءِ جاچ ڪيم ته خبر پيئي ته اها ڀُل اسان کان ڪاپي رائيٽ واري صفحي تي ٿي ويئي هئي، جيڪا پرنٽرن ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته اها سڄي غلطي منهنجي هُئي.
    گنبسرگ: انهيءَ ڪتاب جو اصل ۾ لڪيکڪ نارمن رُوبنگٽن هو.
    جيمس: پر انهيءَ ته ’فيشني ڪپڙا پائي پاڻ کي عقل جو وِير سمجهندڙ جي ڊائري‘ نالي ڪتاب لکيو هو؟
    گيِروڊياس: اهو ڪتاب ته انهيءَ زماني ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو هو، جنهن زماني ۾ آئون پنهنجو ادارو اولمپيا پريس جوڙڻ ۾ مصروف هوس.
    وليم بورو: 1959ع ۾ جيڪو ڪتاب ڇپيو ’سرنگهه ۾ هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ اُڀري آيل ڇٻر‘ اهو ڪتاب ته تو ڇپايو هو؟
    گيِروڊياس: ها. اهو ڪتاب مون ’لوليٽا‘، ’مرچ مصالحن وارو ماڻهو‘، ’کٽمٺڙو‘ ڪتابن ۽ بيڪيٽ جي ڪتابن کان پوءِ 1958ع ۾ ڇپايو. انهيءَ وقت مون ڪئين نمونن جا لکيل ڪتاب ڌڙا ڌڙ ڇپايا. انهن ڏينهن ۾ مون جيڪو آخري خاص ڪتاب ڇپايو اُهو تنهنجو ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ هو جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ منهنجو ڪم هيٺ وڃڻ لڳو. فرانس جي حڪومت مون سان ايترو ته رڻ ٻاري ڏنو، جو لاچار ٿي اشاعت جو ڌنڌو ختم ڪيم. انهيءَ زماني ۾ آمريڪا ۾ سينسر شپ جو زور جهڪو ٿيو ۽ اُتي اهڙن ڪتابن جي ڇپجڻ جي واٽ کُلي. آئون آمريڪا جي اشاعتي اداري گروو پريس جو ٿورائتو آهيان، جو انهن منهنجا فرانس ۾ ڇپايل ڪتاب ٻيهر آمريڪا ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. اصل ۾ انهن ڪتابن جي ڇپائي آمريڪا ۾ ڏاڍي دير سان ٿي. آمريڪا ۾ انهيءَ زماني ڪاپي رائيٽ جو مامرو مُنڌل هو ۽ آمريڪي پبشلرن اسان جا ڪيترائي ڪتاب بنا حق واسطا خريد ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جي، ڇاپي ڇڏيا. پر چوري چڪاريءَ ڪري ڪتاب ڇاپڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڪتاب بچي ويا ۽ اُهي هئا: ’منجهند جي اگهاڙي ماني’ ۽ ’لوليٽا‘، وليم بورو جا اسان ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپايا. ’بارود سان اڏايل ٽڪيٽ‘ ۽ ’نرم مشين‘، هڪڙي ڪتاب جي ته ڪچي ڪاپي به ڇپي هُئي، شايد اهو ڪم بريون جائسن ڪيو هو.
    وليم بورو: اُها ڪاپي ’نرم مشين‘ جي ڇپي هُئي. باقي ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جي ته ڏاڍي شاندار ڪاپي ڇپي هُئي، جيڪا آئين سومروائيل ڇپائي هئي.
    گِيروڊياس: خير ته آمريڪا ۾ ڇپائيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو، اُهو 1962ع ۾ گروو پريس وارن ڪيو. وچ ۾ چڱو خاصو ڊگهو عرصو ميدان خالي رهيو. اوهان کي اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته 1959ع تائين آمريڪا ۾ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڏاڍيون ڏکيايون هُيون. آمريڪا جا ماڻهو ڌيان ئي نه پيا ڏين. اها به حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي پڌري پَٽ پئي آهي ته 1959ع ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ گروو پريس وارن ڪتاب ’محترمه چئٽرليءَ جو يار‘ ڇپايو. اهو هڪڙو وڏو ڪارنامو ۽ وڏي همٿ ڪري ڪتاب ڇاپيو ويو. مون کي ته اعتبار ئي نٿو پيو اچي.
    گنسبرگ: آئون اهو ٻڌائي ڇڏيان ته آمريڪي ادب جا جيڪي چڱا مڙس هئا، ايڊيٽر ۽ پبلشر هئا، اُنهن ته باقاعدگيءَ سان هڪ پارٽي لائين بنائي رکي هئي. جنهن جا مول متا اِهي هُئا ته جيڪو ڪتاب کين فحش لڳي، اُهو آمريڪا ۾ نه ڇاپڻو آهي، پوءِ انهيءَ جو معيار ڪيڏو به کڻي وڏو هجي. ميرٽ ته ڳڻپ ۾ ئي نه پيا آڻين. ڪارڻ اهو نه ڄاڻاين ٿي اُهي ڪنهن ڦڏي ۾ گهڙڻ نٿا گهرن. سندن نظر ۾ سٺا سٺا مسودا به ڪا به حيثيت نه پيا رکن. گِيروڊياس: اها ته هڪڙي اٽڪل بازيءَ ڪري ويهي رهيا. مڙيئي بهانو جو هٿ اچي وين.
    وليم بورو: برني روسيٽ ۽ گِيروڊياس ۾ جيڪا لکپڙهه هلي. اها مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي. روسيٽ ويچارو ته وڏي فڪر وچان رکي رکي پير گِيروڊياس کان پڇندو هو ته، ”ڇا تون سمجهين ته آئون ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ ڪتاب هتي ڇپائي سگهندس؟ تون ته مٿي ڦريل ماڻهو آهين، هتي اهو ڪتاب ڇپائڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.، انهيءَ ڪري پهرين ’محترمه چيٽرليءَ جو خط‘ ٿا ڇپايون، تنهن کان پوءِ ملر جي لکڻي ٿا ڇپايون، انهيءَ کان پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي. جيڪي ڪجهه به ٿيو انهيءَ کان پوءِ ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ کي ڏسنداسين ته ڇا پيون يا نه، وغيره وغيره.”
    جيمس: بلڪل. روسيٽ ائين ئي ڪيو ۽ مون کي سندس اها رٿا عقل واري لڳي. جنهن نيٺ وڃي ڪم ڏيکاريو، هن ماٺ ماٺوڙي ۾ زمين زيني ۽ فرينڪ هيرس جا ڪتاب به ڇپايا. انهيءَ طريقي سان هُو ڪم ڪڍي ويو. مزيدار ڳالهه اها آهي ته اهڙا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا، انهن سڄيءَ پيڙهيءَ جي قائدن قانونن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. جيڪو ڪم ناممڪن هو، اُهو ممڪن ٿي پيو. انهن ڪتابن ڇا ڪيو جو اسان جا اظهار جا جيڪي رنگ ڍنگ هئا، انهن ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو.
    گنسبرگ: جڏهن وليم بورو جو ڪتاب ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ ڇپيو ته نيويارڪ ۾ وڏو ڦڏو ٿي پيو. مٿان وري جو جيڪ اسمٽ پنهنجي فلم ’ٻرندڙ ساهه وارا‘ ٺاهي ته ڀنڀڙ مچي ويو. نيويارڪ جي چڱن مڙسن ۽ ڪامورن وڏو گوڙ ڪري وڌو. اِهو سٺ جو شروعاتي ڏهاڪو هو. فلم ٺاهيندڙن ۽ اديبن سان ڦڏو ڪيو ويو. چڱن مڙسن ۽ ڪامورن جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته گروو پريس جي اداري کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ختم ڪيو وڃي، وڏي اچي لٺي لڳي.
    جيمس: گروو پريس وارن پنهنجي انهيءَ ڪتابي سلسلي جي شروعات ’لوليٽا‘ کان 1958ع ۾ ڪئي. منهنجي خيال ۾ اهو پهريون موقعو هو جو سينسرشپ جي خلاف کُلي ويڙهه ڪئي ويئي. نيويارڪ جي چڱن مڙسن ۽ حاڪمن اها ڪريل حرڪت ڪئي ۽ بيوقوفي ڪيائون ته ’لوليٽا‘ جون جيڪي ڪاپيون نيويارڪ جي مبصرن ڏانهن موڪليون ويون، اُهي وچ ۾ ڪسٽم وارن جي هٿان ضبط ڪرايائون ۽ پوءِ مجبور ٿي ڪاپيون واپس به ڪيائون. اهي خبرون ٻڌي اصل مون ڪسٽم آفيسر کي خط لکي احتجاج ڪيو ته ’لوليٽا‘ جي ضبطي ڪري چڱو نه ڪيو اٿوَ. ڪسٽم آفيسر جيڪو مون کي جواب لکيو اهو اُميد افزا هو. ائين ’لوليٽا‘ جون ڪاپيون ضبطيءَ مان ٻاهر نڪري آيون. ڪسٽم وارن جا به ٻه ڌڙا هئا. هڪڙي وٽ سينسرشپ ڪرڻ جا اختيار هئا ۽ ٻيا وري پوسٽ آفيس ۾ ويهي ضبطيون ڪندا هئا. هڪڙي ڌر اسان سان وهي ويئي، انهيءَ ڪري ’لوليٽا‘ ڪتاب جي سلسلي ۾ جيڪا قانوني صورتحال پيدا ٿي، انهيءَ ۾ ڪتاب جي جيت ٿي. ڪورٽ ڪتاب مٿان پابندي مڙهڻ جي خلاف فيصلو ڏنو. فيصلو ڏاڍو سٺو ٿيو ۽ ائين پوءِ اشاعت جو ٻيو ڪم به شروع ٿيو.
    گنسبرگ: مون کي ياد آهي ته ڪتاب ’محترمه چيٽرليءَ جو پيار‘ تي جيڪا ويڙهه هلي، انهيءَ ۾ پوسٽ ماس جنرل آرٽرسر فيلڊ به شريڪ ٿي ويو، ڇا ڪيائين جو ڪتاب جي قابل اعتراض حصن هيٺان ليڪون ڏيئي صدر آئزن هاور جي ميز تي وڃي رکيائين. آئزن هاور جيڪي ڪتاب تي ريمارڪ ڏنا، اُهي رسالي ٽائيم يا نيوزويڪ ۾ ڇپيا ته، ”هي ڪتاب تڪليف ڏيندڙ ۽ واهيات آهي، اهڙي ڪتاب جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ هن ڪتاب تي بنا ڪنهن دير جي ڪيس هلايو وڃي.” پوءِ جڏهن ڪيس هليو ته گروو پريس وارن جا وڪيلن جي في ۽ خرچ پکي ڏيڻ تي هڪ لک ڊالر خرچ اچي ويا.
    گِيروڊياس: ڪتاب ’محترمه چيٽرليءَ جو پيار‘ جي ايڏي مخالفت نه ٿي، جيڏي ڪتاب `Tropic of Cancer` جي ٿي. اهو ڪتاب 1960ع ۾ گروو پريس وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. مقامي پوليس ڇتي ٿي اچي ٽٽي ۽ هنڌ هنڌ ڪيس داخل ٿي ويا. اهي ڪيس وڙهيا ويا ۽ ڪورٽن ۾ نيٺ کٽيا به ويا.
    گنسبرگ: ٻي جيڪا ڳالهه ٿي، سا وري اها ٿي ته جنهن زماني ۾ گروو پلصراط تان لنگهي ڪري قانوني جنگ کٽي ته جيڪي نيويارڪ ۾ ٻيا اشاعتي ادارا هئا. انهن وري موقعي جو فائدو وٺي. ’محترمه چيٽرليءَ جو يار‘ ڪتاب جا ايڊيشن شايع ڪري وڌا.
    گِيروڊياس: اهو ئي وقت هو، جڏهن سڄو مامرو خلق تائين پهتو ۽ ڪاپي رائيٽ جو قانون جڙيو.
    گنسبرگ: ٻيا پبلشر ته صفا ڪُڪڙ لڳا پيا هئا. هينئون ٿي ڦاٽن يا ڊڄڻا هُئا يا وري قدامت پسند، جيڪي پبلشر پنهنجن حقن لاءِ وڙهي نه پيا سگهن، انهن ته حد ڪري ڇڏي. پوءِ جڏهن وري گروو جهڙن همٿ ڪري ’محترمه چيٽرليءَ جو يار‘ ڇاپي پڌرو ڪيو ته وري انهيءَ ڪتاب جي نقلي ڪاپين ڇاپڻ ۾ لڳي ويا. باقي جيڪا آمريڪي سرڪار هئي. انهيءَ جي سڄي پاليسي ايڊگر هوور جي انهن اکرن مان پڌري هئي ته، ”آمريڪا کي ڪميونسٽن ۽ جددت پسندن مان ئي خطرو آهي.” هُن اهو باقاعدي سرڪاري بيان ڏنو هو. سو انهيءَ وقت حال اهو هو.
    گِيروڊياس: ٻين کي ته ڇڏيو پر روزانو اخبار ’نيويارڪ ڊيلي نيوز‘ ته باقاعدي ايڊيٽوريل لکيا ته جي ڪون نئون ڪلچر پيدا پيو ٿئي، جيڪي ادبي ڪتاب پيا ڇپجن ۽ جيڪا اديبن کي آزادي ڏني پئي وڃي، اهي شيون آمريڪا کي نهوڙي نينديون. اصل ۾ انهيءَ پاليسي جي پويان آمريڪي حڪومت جو هٿ هو ۽ حڪومت اها سازش ايف بي آءِ جي ذريعي تيار ڪئي هئي. ايف بي آءِ نئين آواز کي دٻائڻ جو ڪم 1956ع کان شروع ڪري ڇڏيو هو. ايف بي آي ته قانون جون حدون به ٽپي ويئي.ائين جيئن سي آءِ اي سازشون ڪندي آهي. ايف بي آءِ جديد ادب کي روڪڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو. آمريڪي حڪومت انهن جاسوسي ادارن جي معرفت نه رڳو پنهنجي ملڪ پر بين الاقوامي سطح تي ادب جي اهڙن نون توڙي پراڻن شاهڪارن مٿان بلاڪيٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جن کي هُنن الائي ڇو پنهنجي لاءِ هاڃيڪار ٿي سمجهيو.
    وليم بورو: بلڪل صحيح. اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪو ادبي رسالو `Encounter`نڪتو، انهيءَ جي مالي مدد سي آءِ اي ڪئي. اهو رسالو شايع ئي سي آءِ اي وارن ڪيو. انهيءَ رسالي ۾ ڪجهه ڀاڙيتو نقادن جي هٿان نه رڳو مون مٿان حملا ڪرايا ويا، پر گِيروڊياس جي اشاعتي ڪم تي به حملا ڪرايا‍‍ؤن. اسان تي سخت نڪته چيني ڪئي ويئي. گِيروڊياس ۽ اولمپيا پريس تي جيڪا جارج اسٽينز ڇتي تنقيد ڪئي، اُها انهيءَ سازش جو حصو هئي.
    گنسبرگ: اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. جنهن زماني ۾ اسٽيفن اسپينڊر`Encounter` جو ايڊيٽر ٿيو ته مون کيس ’منجهند جي اگهاڙي ماني‘ جا ڪجهه باب ڇاپڻ لاءِ موڪليا هئا. اهو 1958ع جو زمانو هو. اسٽيفن اسپينڊر موٽ ۾ مون کي لکيو هو ته اهي باب ڪنهن نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ واري لاءِ ته بهتر آهن، پر انهن جي ڪابه ادبي حيثيت ناهي.
    وليم بورو: بلڪل صحيح. اسٽيفن اسپينڊر چيو ته، ”اهو ڪتاب ته والن جا وال بي ڪمي مواد سان سٿيو پيو آهي....” گِيروڊياس! تون پهريون ماڻهو هئين، جنهن زين زيني کي انگريزيءَ ۾ ڇپيو، ائين نه؟
    گِيروڊياس: انهيءَ جو انگريزي ترجمو ’گلن واري عورت‘ مون نه ڇپيو هو، اهو ڪتاب ڪاڪٽيو پروٿيج وارن ڇاپيو هو، جنهن جي مالڪ جو نالو مائريان هو ۽ هُن هڪ ڪلب ٺاهي هئي، سندس ڪتابن جو هڪ ڏاڍو مزيدار دڪان به هو ۽ پهرئين پهرئين انهيءَ اهو ڪتاب ڇپايو انگريزيءَ ۾، پر ڪتاب جون ڪي ٻه ٽي سؤ ڪاپيون ڇپايون هُئائين، جيڪي بڪ اسٽالن تائين ڪونه پهتيون.
    گنسبرگ: اها ته پوءِ عجيب ڳالهه ٿي، جو انهيءَ وقت به زين زيني ادب تي تمام وڏو اثر ڇڏيو. گهٽ ۾ گهٽ اسان ماڻهن ۾ ته سندس نالو ڏاڍو وڄندو هو.
    گِيروڊياس: فرينچ ٻوليءَ ۾ جنهن پهرئين پهرئين ٻڙڌڪ مچايو، اهو سيلينسي هو، جنهن جو نالو جنگ کان اڳ وڄڻ لڳو هو. انهيءَ وقت کان وٺي ٻي ڪابه اهڙي ادبي تخليق نه هئي، جنهن فرينچ ٻوليءَ جي ادب ۾ گوڙ ڪرائي وڌو هجي، پر پوءِ سست ئي زين زيني جو ڇپيو ته سندس نالو وڌيڪ وڄڻ لڳو، مون سندس ٻه ڪتاب ڇپيا. هڪڙو اهو ساڳيو ئي ’گلن واري عورت‘ ۽ ٻيو ’چور جون ڳالهيون’ زين زيني کي ڇاپي آئون وڏيءَ تڪليف ۾ اچي ويس. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساڳئي وقت فرانس جي تمام شاهوڪار ۽ مشهور پبلشر ۽ گئليمارڊ زين زيني جا فرينچ ڪتاب ڇپايا ۽ وڪري لاءِ ٻاهر نه موڪليائين.
    گنسبرگ: گئليمارڊ وارن زين زيني جي ڪتاب جي ڪاٽ ڪوٽ ڪري ته نه ڇپايا؟
    گِيروڊياس: نه، جيئن ڌڻي لکيا هئا، ائين اکر اکر ڪري ڇپايائين، مون جيڪي انگزيري ترجما ڇپايا، انهيءَ تي پابندي وڌي ويئي، مون تي ڪيس هليا ۽ اهي اهڙا ڪيس هئا، جيڪي بيوقوفيءَ جهڙا هئا. اڳ جيڪا پاڻ ڳالهه ڪئي ته ڪي ڪتاب با تصوير ڇپيا هئا، ته انهن ڪتابن تي آمريڪا وارن ڪوشش ڪري پابندي نه مڙهائي هُئي. پر سڄي دنيا انهن ڪتابن جي پويان ڪاهي پيئي هئي. پئرس ۾ رهي ڪري مون مٿان جيڪو دٻاءُ وڌو ويو هو، اها سڄي ڪارستاني برطانيه وارن جي هُئي. جن انٽرپول ذريعي ۽ فرانسي حڪومت ذيعي مون تي حڪم هلايو ته آئون اهي ڪتاب ڇپائڻ بند ڪريان. سندس نظر ۾ اهي ڪتاب ڪن وڏن خوف خطرن سان ڀريا پيا هئا.
    گنسبرگ:تو ’سفر جو ساٿي‘ نالي به ته ڪتاب چپايو هو، جيڪو سياح خريد ڪري وڃي برطانيه مان نڪرندا هئا؟
    گِيروڊياس: صحيح. اِهي ڪتاب مختلف لکڻين جو مجموعو هو، جنهن ۾ تمام سٺن ليکڪن جون فحش لکڻيون شامل ڪيون ويون هُيون.
    گنسبرگ: انهيءَ مان پئسا به جام ڪمايئه؟
    گِيروڊياس بلڪل پئسا ڪمايم. اهي لکڻيون ڪتاب ’لوليٽا‘ وانگيان هيون. آئون اهي ئي لکڻيون وڪڻي پيو سگهان، جن کي گندي قسم جون لکڻيون چيو ويو، فحاشي ته هئي، انهيءَ ڪري سياح اهي لکڻيون وڏن اگهن ۾ گهڻيون ڪاپيون وٺندا هئا. هڪ هڪ ڪاپي 9 فرانڪن ۾ ويندي هئي. جيئن به هو، پر اسان جيڪي پورنو گرافي جا پبلشر هئاسين، سي تمام گهڻي تعداد ۾ هُئاسين ۽ پاڻ کي وڏي شيءَ سمجهندا هئاسين، پر گڏوگڏ مون کي انهيءَ ميدان مان ڪڍڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ٿيون. ڇاڪاڻ ته آئون دنيا ۾ واحد پبلشر هوس، جيڪو انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپائيندو هوس. منهنجي سليڪشن سٺي هوندي هئي. سٺن سٺن ليکڪن جون چونڊ لکڻيون شايع ڪندو هوس. پوءِ ٿيو ائين ته فرانس جي حڪومت منهنجي پويان ڪاهي پيئي ۽ مون کي پبليڪيشن جي ڌنڌي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيائين.
    گنسبرگ: مغربي دنيا جيڪي لکڻين جي خلاف ايڪشن کنيا ۽ اُهي انٽرپول کان وٺي پوسٽ ماسٽر جنرل تائين ۽ تنهن سان گڏ صدر آئزن هاور ۽ برطانيه جي سرڪار به شامل هئا. انهيءَ پويان مقصد آخر ڪهڙو هو؟
    گِيروڊياس: منهنجو خيال آهي ته انهيءَ جو پويان اهو ئي مقصد هو ته جنس بابت جيڪا به بحثا بحثي ٿئي، انهيءَ فڪري آزاديءَ کي ختم ڪيو وڃي. ياد ڪريو ته انهيءَ کان ڪيترا سال اڳي فرائيڊ کي به اِنهيءَ مصيبت هيٺ پنهنجي اهڙي ساڳئي جنگ جوٽڻي پئجي ويئي. منهنجو خيال آهي ته اهو هڪڙو حڪومتي ڏاڍ مڙسي ۽ اُرهه زورائي وارو عمل هو. جيڪو ماڻهن مٿان زوري مڙهيو ويو ته جيئن جنسي بحثن کي دٻايو وڃي ۽ ماڻهن کي اهڙن ڪتابن پڙهڻ کان روڪيو وڃي، وڪٽورين دور ۾ برطانيه جو سماج ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو، هڪ طبقو غريب ماڻهن هو، جنهن کي ڪتاب پڙهڻ کان روڪيو ويو ۽ ٻيو جيڪو مٿيون، طبقو اميرن جو هو، انهن کي سڀ ڪا سهوليت حاصل هئي. کانئن ڪو پڇڻ وارو نه هو جيئن وڻين تيئن پيا ڪن.
    گنسبرگ: برطانيه جو حاڪم طبقو ته ڪتاب ’ٻُنڊڻن جون ٽڪريون‘ جو ڊيلڪس ڇاپو پڙهي مزا وٺندو رهيو.
    گِيروڊياس: پر فرانس ۾ اهڙي صورتحال نه هئي. ٻي عظيم جنگ کان اڳ سڄي دنيا ۾ فرانس ئي اهڙو مُلڪ هو، جتي هر قسم جي آزاديءَ هُئي. فرانس آزاد ملڪ هو. جنگ کان پوءِ جرمنيءَ هڻي فرانس جا ڌاڻا ڪڍي وڌا ۽ پورا چار سال فرانس، جرمن فوجن جي جوتن هيٺان رهيو. انهيءَ عرصي ۾ فرانس جي وچئين طبقي سينسرشپ جو موچڙو به کائي ڏٺو ته سينسرشپ ٿيندي ڇا آهي. مون کي ته ڏاڍو ظلم سهڻو پيو. هن وقت به فرانس ۾ انگريزي ٻولي اُوپري آهي، مون سان سرڪار انهيءَ ڪري جُٺ ڪئي، جو جيڪي جج ويهاريا، انهن کي انگريزيءَ ٻولي ايندي ئي نه هئي. اڳتي هلي فرينچ پوليس مون کي اهي فائيل به ڏيکاريا ته ڪتاب ’لوليٽا‘ تي ڇو بندش وڌي وئي. اتان ئي فرانسي حڪومت جو مون سان جهيڙو ٿيو، جيڪي فائيل مون ڏٺا، اهي برطانوي پوليس جي خطن سان سٿيا پيا هئا. برطانوي پوليس اها لکپڙهه انٽرپول جي قانونن هيٺ ڪئي. فرينچ پوليس کي ذر ذر اهو لکيو ويو ته آئون پئرس ۾ ويهي جيڪا چريائي پيو ڪريان، اها ختم ڪئي وڃي. مون کي سورنهن جا ويهه آنا پڪ آهي ته اِها ڪارستاني هوور جي هئي. هوور ته سندرا ٻڌي فحاشي ۽ فڪري آزاديءَ جي پويان ڪاهي پيو هو.
    گنسبرگ: ٺيڪ، پاڻ جيڪي ڪجهه هتي ڳالهايو ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌو، انهيءَ مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته آزاديءَ جي سوال تي اڳتي توڙي پوءِ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو. پراڻي آمريڪي چوڻي آهي ته، ”آزادي جي حاصلات لاءِ اوهان کي وڏا وڏا ڌڪ پچائڻ کپن.” جنهن سان سٺو سبق اهو ٿو ملي ته اسان جي ايندڙ نسلن کي اها ڳالهه هينئين سان هنڍائڻ کپي ته جيڪي حاڪم طبقا آهن، اُهي مُئي مارائي به اوهان کي فڪري آزادي نه ڏيندا. آزاديءِ جي حق لاءِ اوهان کي وڙهڻو پوندو. اسان به ته وڙهندا پيا اچون ۽ اها ويڙهه اڃا ايندڙ ڏهاڪن تائين هلندي رهندي، جيئن جيئن فڪري آزاديءَ کي وڌيڪ کان وڌيڪ دٻايو ويندو، تيئن تيئن آزاديءِ لاءِ وڌيڪ وڙهڻو پوندو.


    وليم فاڪنر

    ]وليم فاڪنر سن 1879ع ۾ نيوالنبي، مسپيءَ ۾ ڄائو، سندس پيءُ ريل جي پٽڙين جي سار سنڀال جو ٺيڪيدار هو. اهي ريل جو پٽڙيون سندس پڙ ڏاڏي ڪرنل وليم فاڪنر جون وڇرايل هيون. اِهو ڪرنل وليم فاڪنر اهو ساڳيو شخص هو، جنهن `The White rose of Memphis` جي عنوان سان مشهور ڪتاب لکيو هو.
    وليم فاڪنر جي جنم کان ستت ئي پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي آڪسفورڊ ۾ ويٺو. آڪسفورڊ سندس اباڻي ڳوٺ کان 35 ميلن جي پنڌ تي هو. آڪسفورڊ ۾وليم فاڪنر تمام گهڻي پڙهائي ڪرڻ جي باوجود هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪري نه سگهيو. 1819ع ۾ وري رائل ڪينڊين ايئروفرس ۾ هوائي جهاز اڏائڻ جي سکيا وٺڻ لاءِ داخل ٿيو، پر اتان به سگهو ئي ڪڪ ٿي ڇڏي ڏنائين. بعد ۾ سال کن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، پر اتي به پڙهائي راس نه آيس، ان ڪري اتان پڙهڻ ڇڏي اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن تي اسٽيشن ماستر وڃي مقرر ٿيو. کيس ڪتابن پڙهڻ جو تمام شوق هو. ان ڪري پوسٽ ماستري ڪرڻ بدران آفيس ٽائيم ۾ ويٺو ڪتاب پڙهندو هو. سندس اِها حالت ڏسي اختياريءَ وارن کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. 1826ع ۾ آمريڪا جي مشهور ترقي پسند ليکڪ شيروڊ ايڊرسن جي همت ڏيارڻ تي `soldier`s pay` جي عنوان سان ڪتاب لکائي ڇپايائين، پوءِ ته هڪٻئي پويان سندس ڪتاب اچڻ لڳا، جيڪي هن ريت آهن، `Mosquitoes` (1927)، `Sartoris` (1929)، `The sond and the furry`(1929)، `As I Lay dying` (1930). کيس صحيح معنيَ ۾ ڪاميابي تڏهن ٿي، جڏهن 1930ع ۾ جذبات سان ڀرپور ناول `Sanctuary` لکيائين. ان ڪتاب کان پوءِ مسلسل ڪاميابي سندس قدم چمندي رهي ۽ هي ڪتاب لکائين، `light in August`(1932)، `Pylon`(1935)، `Absalom Absalom` (1936)، `The unvanquished`(1938)، `The wild palms` (1939)، `The Hamlet`(1940)، `Godown Moses`(1941)، `Intruder in dust`(1948)، `A Fable` (1954) ۽`The Town`(1957). (1949ع ۾ کيس سندس ڪهاڻين تي نيشنل بڪ ايوارڊ مليو. اهو ساڳيو ايوارڊ کيس 1955ع ۾ `A Fable` تي پڻ مليو. 1949ع ۾ دنيا جو مشهور انعام نوبل انعام به حاصل ڪيائين.
    هي انٽرويو کائنس 1956 ۾ نيويارڪ ۾ ورتو ويو.

    وليم فاڪنر

    انٽرويو وٺندڙ: جين اسٽيئن وانڊين هيو ويل

    انٽرويو وٺندڙ: فاڪنر صاحب ڪجهه عرصي کان تو بار بار اهو پئي چيو آهي ته انٽرويو ڏيڻ جو ڪم توکي نٿو وڻي. اها ڳالهه ڪيتري قدر آهي؟
    فاڪنر: انٽرويو ڏيڻ ان ڪري نٿو وڻيم جو انٽرويو ۾ وٺڻ وارا ذاتي زندگيءَ متعلق سوال ٿا پڇن. ذاتي سوالن تي مون کي چڙ لڳندي آهي. ها! البت سوال جيڪڏهن منهنجين لکڻين جي باري ۾ هوندا ته انهن جا جواب ڏيندو آهيان. پر جيڪڏهن سوال منهنجي متعلق هوندا، ته پوءِ منهنجي مرضيءِ ته انهن جا جواب ڏيان نه ڏيان. ذات متعلق جواب ڏيندي ائين به ٿيندو آهي ته اڄ آئون هڪڙي ڳالهه ڪريان ۽ سڀاڻي ان تان ڦري وري ٻي ڳالهه ڪريان.
    انٽرويو وٺندڙ: ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿو ڄاڻين؟
    فاڪنر: آءٌ هجان، دوستو وسوڪي هجي يا همنگوي هجي- اسان نه هجون ها ته اسان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اچي اهڙيون لکڻيون لکي ها. در حقيت اهميت لکڻيءَ جي آهي، نه ڪه ليکڪ جي. اهميت شيڪسپيئر جي نه، پر Hamlet جي آهي. ليکڪ جيڪا اهميت حاصل ڪري ٿو سان پنهنجين لکڻين جي ڪري ڪري ٿو. لکڻين کان ٽٽي هو پاڻ ته ڪا به شيءِ نه آهي. شيڪسپيئر، هومر ۽ بالزاڪ جيڪڏهن هزار ٻه هزار سال جيئرا رهن ها ته ڪو ذر ذر ساڳئي ڍنگ جون شيون لکن ها ۽ پبلشر وٽانئن ڀڄي جند ڇڏائين ها.
    انٽرويو وٺندڙ: پر ليکڪ لاءِ پنهنجي انفراديت به ته ضروري آهي!
    فاڪنر: تمام ضروري آهي پر رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ. هر ليکڪ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ انفراديت قائم رکڻ کپي.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجن همعصر ليکڪن جي باري ۾ ڪهڙي راءِ اٿئي؟
    فاڪنر: اسان سڀني جيڪو تڪميل جو خواب ڏٺو، اُهو پورو نه ٿيو آهي. اسان کي ان معاملي ۾ جيڪا ڪاميابي نصيب ٿي آهي، اُها اُن ڪري ٿي آهي جو اسين اڻ ٿيڻيءَ جي پويان پيل آهيون. آءٌ اڳ ۾ ئي لکيل پنهنجين لکڻين کي جيڪڏهن ٻيهر لکڻ ويهان ته پڪ سان اڳي کان سٺو لکي ويندس. هڪڙي فنڪار لاءِ اها صورتحال صحتمنديءَ واري آهي. اها صحتمنديءَ جي ئي نشاني آهي، ته ليکڪ جيئن پوءِ تيئن بهتر کان بهتر ڳالهه چوڻ جي چڪر ۾ رهندو آهي ۽ ائين ئي سوچيندو آهي ته من هن ڀيري تڪميل تائين پهچي وڃان. اها حقيقت به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي ته ليکڪ تڪميل تائين پهچي نه سگهندو آهي. تڪميل جي باري ۾ ليکڪ جيڪو تصور گهڙيندو آهي، جيڪو خواب ڏسندو آهي ۽ هو ان طرف جڏهن ڊوڙندو آهي ته ڪجهه به نه ورندو اٿس. الٽو دل کي وڍ ايندا اٿس. بلڪه ائي کڻي چئجي ته هو هڪ طرح سان خودڪشي ڪندو آهي. مون لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ ڦٻي نه سگهيس ته شاعري ڇڏي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ ناڪاميابيءَ کان پوءِ ڪهاڻي ئي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. ڪو ماڻهو جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ به ڪامياب نه ٿيندو آهي ته پوءِ ئي هو ناول لکندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: سٺي ناول نگار لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟
    فاڪنر: 99 سيڪڙو ڏات، 99 سيڪڙو جوڙجڪ جو شعور ۽ 99 سيڪڙو محنت، ناول نگار پنهنجي ڪم مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيترو سُٺو لکڻ گهري ٿو اوترو سٺو لکي نٿو سگهي. جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌڻ جو خيال ذهن ۾ رکجي. پنهنجي همعصر ليکڪن جي مقابلي ۾ اچڻ جي بدران پنهنجين اڳين لکڻين کان بهتر لکڻ جي خواهش من ۾ ڌارجي. فنڪار هڪ اهڙي قسم جو جنازو آهي جنهن کي الائي ڪهڙا جن ڀوت ٿا هلائين. کيس اها به خبر نه هوندي آهي ته آخر اهي جن ڀوت کيس ڇو ٿا هلائين. فنڪار هڪ اهڙو بداخلاق شخص هوندو آهي جيڪو مواد جي ڏِس ۾ ڪنهن کان ڦُر ڪري سگهي ٿو، ڪنهن جي به چوري ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کان به پِني يا قرض کڻي سگهي ٿو. ڪجهه به ڪرڻو پوي پر لکڻ جو ڪم ضرور ٿئي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فنڪار صفا بي رحم هوندو آهي؟
    فاڪنر: ليکڪ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه سان ٻڌل نه آهي، هو صرف پنهنجي فن سان ٻڌل آهي، جيڪڏهن ڪو سٺو ليکڪ ٿيڻ گهري ته کيس سورهن جا ويهه آنا بي رحم ٿيڻو پوندو. ليکڪ کي سندس پنهنجا ئي خواب پيڙا ڏيندا رهندا آهن ۽ هو انهيءَ پيڙا مان جند ڇڏائڻ چاهيندو آهي. ڪتاب لکڻ جي چڪر ۾ هو ڪنهن به خوشيءَ، تحفظ، چڱائي، عزت ۽ وڏائيءَ کي صفا نه ليکيندو. ليکڪ کي لکڻ لاءِ جيڪڏهن ماءُ کان ڦر ڪرڻي پوي ته هو اُها به ڪري `Ode on Grecian urn` جهڙيون لکڻيون گهڻين پوڙهين کان چڱيون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ليکڪ کي تخليق ڪرڻ وقت ڪنهن به تحفظ، خوشيءَ عزت جي ضرورت نه آهي؟
    فاڪنر: اهي شيون ماڻهوءَ جي ذاتي امن ۽ سڪون لاءِ ته ضروري آهن پر فن جو وري امن ۽ سڪون سان ڪو به تعلق نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ته پوءِ ليکڪ لاءِ ڪهڙي ماحول جي ضرورت آهي؟
    فاڪنر: فن ليکڪ جي ماحول سان ٻڌل نه آهي. ماحول ڀلي ڪهڙو به هجي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هونئن مون سان هيستائين جيڪي به ڌنڌا ڏٺا آهن، انهن مان سٺي ۾ سٺو ڌنڌو چڪلي جي چڱمڙسي آهي. منهنجي خيال ۾ ليکڪ لاءِ اِهو سٺي ۾ سٺو ڌنڌو آهي ۽ تمام سٺو ماحول پيدا ڪري ٿو ڏي. انهيءَ ڌنڌي ۾ مڪمل اقتصادي آزادي آهي. ڍءُ تي ماني ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ ڇت آهي. صرف ٿورو گهڻو حساب ڪتاب رکڻو ٿو پوي ۽ هر مهيني پوليس کي خرچي ڪرائڻي ٿي پوي. چڪلي ۾ صبح جو ماٺ ئي ماٺ لڳي پيئي هوندي آهي، ڪو به گوڙ شور نه هوندو آهي. لکڻ جو بهترين وقت به صبح جو پهر آهي. شام جو آتڻ تي رونق لڳي پيئي آهي. حساب ڪتاب به ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ٿو رکڻو پوي. حساب به وچ واريون ڌريون پاڻيهي پيون ڪنديون ۽ ’سائين سائين‘ به ڪنديون. ٽياڪڙ به حاضريءَ ۾ بيٺا هوندا. پوليس وارا به وهڻ لاءِ ريڙهي ڪرسي ڏيندس. بهرحال ماحول ڪهڙو به هجي، پر ماڻهو تنهائيءَ ۽ آرام ۾ هجي، بشرطيڪه ليکڪ کي انهيءَ جي قيمت ادا ڪرڻي نه پوي. اڻوڻندڙ ماحول ليکڪ کي پاڻيءَ مان ڪڍيو ڇڏي، مون کي ته لکڻ وقت صرف ڪاغذن، تماڪ، مانيءَ ٽڪر ۽ وسڪيءَ جي ڍُڪ جي ضرورت هوندي آهي. وڌيڪ ڪجهه پاڻ کي کپيئي ڪو نه.
    انٽرويو وٺندڙ: بوربون؟
    فاڪنر: نه. هرڀرو بوربون ڪا ضروري نه آهي. ڪا به اسڪاچ هجي، ڪم ٽپي ويندو.
    انٽرويو وٺندڙ: تو اقتصادي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي. ڇا ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت آهي ڇا؟
    فاڪنر: نه ليکڪ کي اقتصادي آزاديءَ جي ضرورت نه آهي. بس پنا ۽ پينسل ملي وڃي. مفت ۾ مليل امداد جا ڏوڪڙ ليکڪ کي نه کپن. سٺو ليکڪ ڪڏهن به پئسن جيءَ پِن تي نه ڀاڙيندو آهي. ليکڪ ته بس رڳو پنهنجي لکڻ جي ڌنڌي سان ٻڌل آهي. جنهن کي سٺو لکڻ ئي نه ايندو آهي، اُهو پوءِ اِهي رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ”سائين مون وٽ وقت ڪونهي.“ يا ”سائين مون کي ڪا به اقتصادي آزادي نه آهي.“ وغيره وغيره. ڪو به کاٽڙيو، ڪو به دلال، ڪو به چوراٽيو سٺو فن تخليق ڪري سگهي ٿو. بُک ۽ ڏوجهرا ماڻهوءَ کي برابر تنگ ڪندا آهن، پر سٺي ليکڪ جو ڪنهن به ڍنگ ۾ خاتمو آڻي نٿو سگهجي. سٺي ليکڪ جو خاتمو موت ئي آڻي سگهي ٿو. سٺي ليکڪ کي پئسي ڏوڪڙ جو فڪر نه ماريندو آهي. ڪاميابي، جنس، مونث آهي عورت وانگر آهي، اُنهيءَ جي اڳيان ويهي ليلڙاٽيون پائيندين ته گوڏا ڏيئي توتي چڙهي ويهي رهندي، تنهنڪري بهتر ائين آهي ته پري کان آڱوٺو ڏيکارينس ته پوءِ اُها ساڳي ڪاميابي تنهنجا پير اچي جهليندي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون فلم انڊسٽريءَ ۾ به ڪم ڪندو رهيو آهين، اهو ڪم لکڻين کي نقصان ته نٿو پهچائي؟
    فاڪنر: ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، جيڪا صف اول جي ليکڪ جي لکڻين کي نقصان پهچائي. ها! جيڪڏهن ليکڪ صف اول جو نه آهي ته پوءِ کيس ڪا به شيءِ مدد ڪري نٿي سگهي. صف اول جي ليکڪ کي ڪا به رڪاوٽ آڏي نه ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي دل ته اڳ ۾ ئي لکڻ جي عشق کي ڏيو ويٺو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: فلم لکڻ وقت ليکڪ کي فلم ٺاهڻ وارين ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا؟
    فاڪنر: جي ها! وقت بوقت سمجهوتو ڪرڻو ئي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته فلم اهڙي شيءِ آهي جنهن کي ڳچ ڌريون گڏجي ٺاهينديون آهن. ان ڪري فلم لکڻ وقت هڪ ٻئي سان ڇڏڇوٽ ڪبي آهي. ڌرين جو جيڪو پاڻ ۾ تعاون ٿئي ٿو اُهو تعاون ئي سمجهوتو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران توکي ڪهڙو ايڪٽر ڪم ۾ سولو لڳو؟
    فاڪنرِ هينري بوگارٽ. `To have and have not` ۽ `The big sleep`فلمن ۾ اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻيءَ ڪنهن فلم ٺاهڻ جو ارادو اٿيئي؟
    فاڪنر: ها! جارج آوريل جي ناول ’1984ع‘ تي فلم ٺاهڻ لاءِ دل چئي ٿي. آءٌ جيڪو اهو سدائين پيو چوندو آهيان ته، ”آزاديءَ جي معمولي خواهش رکڻ جي ڪري انسان لازوال ٿي پيو آهي.“ اِهو ناول منهنجيءَ انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ٿو ڪري.
    انٽرويو وٺندڙ: فلم ٺاهڻ وقت ڪو خاص طريقو به اختيار ڪندو آهين ڇا ته جيئن فلم موچاري ٿي پوي؟
    فاڪنر: ڀلي فلم ٺاهڻ لاءِ سٺي ۾ سٺو ڪم اِهو ڪجي ته ڪئميرا اڃا حرڪت ۾ اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ آخري ريهرسل دوران ايڪٽر توڙي ليکڪ اڳ ۾ لکيل اسڪرپٽ کي ڦٽو ڪري ڇڏين ۽ اُتي جو اُتي پڙ تي نيون سينو تخليق ڪري وٺن. بهرحال هاڻي مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته آءٌ فلم جي ڪم جو نه آهيان. ان ڪري فلم لکڻ جي ايتري وڌيڪ ضرورت محسوس نٿو ڪريان. مون وٽ جڏهن اظهار جو ٻيو سٺو ذريعو ناول آهي ته، پوءِ ان کي ڇو نه استعمال ڪريان. فلم جي بکيڙي ۾ ڇو پوان.
    انٽرويو وٺندڙ: هالي ووڊ دنيا جو تمام مشهور ادارو آهي. ان اداري ۾ ڪم ڪندي توکي ڪافي دلچسپ تجربا ٿيا هوندا. انهن تجربن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    فاڪنر: MGM فلم ڪمپنيءَ سان منهنجو معاهدو تازو تازو ختم ٿيو هو ۽ آءٌ واپس گهر موٽڻ جا اٺسٺا پيو ڪريان ته مون وارو ڊائريڪٽر هلي مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”جيڪڏهن تون اڃان فلم ڪمپنيءَ جو ڪم ڪرڻ ٿو گهرين ته رڳو مون کي ٻڌاءِ ته آءٌ ڪمپنيءَ وارن سان تنهنجو نئون معاهدو ڪرائي ڇڏيان.“ مون ٿورا مڃيامانس ۽ سڌو گهر هليو آيس. ڇهن مهينن کان پوءِ مون پنهنجي ساڳئي ڊائريڪٽر کي خط لکيو ته، ”فلم ڪمپنيءَ ۾ مون کي ٻيهر نوڪري ٿي کپي.“ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کي هڪرو خط اچي مليو ۽ خط سان گڏ هفتي جي پگهار جو چيڪ به هو. ڏاڍي حيرت ٿيم ته نه ڪو معاهدو ڪيو اٿن، نه ڪو نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍيو اٿن، ائين کڻي پئسا ڏياري موڪليا اٿن. سوچيم ته شايد آرڊر جي ڪاپيءَ يا معاهدي جي فارم پوسٽ ۾ دير ڪئي هوندي، پاڻيهي پهچي ويندا. پر ٻئي هفتي وري اچي چيڪ ڪڙڪو ڪيو آرڊر ندارد. چيوسين ‎ٺهيو سائين. چيڪن جو اِهو سلسلو نومبر 1932ع کان شروع ٿيو ۽ مئي 1933ع تائين هلندو رهيو. ان کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو MGM ڪمپنيءَ وارن جيءَ تار اچي ڪڙڪو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو، ”وليم فاڪنر! ڪٿي غائب آهين. پتو ڏي.“ مون جواب ۾ تار لکي، ”MGM اسٽوڊيو! ڪلورسٽي ڪيليفورنيا- وليم فاڪنر.“ تار وصول ڪرڻ واريءَ ڇوڪريءَ چيو ته ”هن تار ۾ ته رڳو نالا لکيا پيا آهن. نياپو ڪئي“ چيومانس، ”اهو ئي نياپو آهي.“ جواب ڏنائين ته ”اسان جي قاعدن قانونن مطابق توکي تار ۾ ڪو نه ڪو چِٽو نياپو ڏيڻو آهي، نه ته تار نه ويندي.“ خير! سندس ئي صلاح سان تار ۾ نياپو لکيم، جيڪو هاڻي وسري ويو اٿم. تار رواني ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي اسٽوڊيو مان فون ذريعي حڪم آيو ته ”جيڪو به پهريون هوائي جهاز ور چڙهيئي، ان تي چڙهي نيو اورلينس ۾ فلاڻيءَ هوٽل تي اچي حاضر ٿي ۽ دخلڪاريءَ جي رپورٽ ڏي.“ آءٌ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جي بدران جيڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيان ته اُتي پهچڻ ۾ وڌ ۾ وڌ مون کي اٺ ڪلاڪ لڳن ها. پر مون کي حڪم مڃڻو هو ان ڪري ٽيڪسي ڀاڙي ڪري ميمفس هوائي اڏي تي پهتس، جتان ٽئين ٽئين ڏينهن نيو اورليئنس لاءِ جهاز نڪرندو هو. ان ڪري آءٌ ٽي ڏينهن دير سان پهتس. شام جو ڇهين بجي ڊائريڪٽر صاحب مسٽر برائوننگ وٽ هوٽل تي پهتس. پهچڻ ساڻ چيائين ته، ”في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“ فلم جي ڪهاڻيءَ متلق پڇيومانس ته جواب ڏنائين ته، ”في الحال فلاڻي ڪمري ۾ هليو وڃ. اُتي فلاڻو خان ويٺو اٿئي، اُهو توکي ڪهاڻي ٻڌائيندو.“ آءٌ سندس ڪمري مان نڪري فلاڻي خان وٽ پهتس ته چيائين ته، ”پهريون ته ڊائلاگ لکي وٺ، پوءِ ڪهاڻي ٻڌائيندوسانءِ.“ آءُ اِها عجيب ڳالهه ٻڌي موٽي وري برائوننگ وٽ پهتس ته چيائين، ”في الحال وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“ ٻئي ڏينهن صبح جو سڀ ڄڻا گڏجي لانچ تي وڃي ويٺاسينج، جو اسان کي گرانڊ ٻيٽ تي وڃڻو هو، جتي فلم ٺهڻي هئي. ڏٺم ته ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان لانچ ۾ موجود ئي نه آهي. خير! سؤ ميل ڪري ٻيٽ تي پهتاسين، ايستائين منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم اچي ٿيو. ماني کائي بس ڪئي سين ته ٽپهري اچي ٿي ۽ پوئتي موٽڻ جو وقت ڀرجي آيو. ڇاڪاڻ ته سنجهي کان اڳ هوٽل تي پهچڻو هو. اسان جي انهيءَ اچ وڃ جو سلسلو ٽي هفتا جاري رهيو. صبح جو روانا ٿيندا هئاسين، ٻيٽ تي ماني کائي وري واپس اچڻ لاءِ لانچ تي اچي چڙهندا هئاسين. مون کي ڪهاڻيءَ جي ڳڻتي کڻيو بيٺي هئي. برائوننگ کان روز پيو پڇندو هوس ته جواب ڏيندو هو ته ”ميان ڳڻتي نه ڪر. في الحال آرام ڪر. صبح جون ڳالهيون صبح سان.“
    هڪڙي ڏينهن شام جو جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيس ته برائوننگ جي فون آئي ته ”هڪدم مون وٽ پهچ.“ آءٌ وٽس پهتس ته مون کي تار هٿ ۾ ڏنائين، جنهن ۾ لکيل هو ته ”فاڪنر کي نوڪريءَ مان گولي ٿو ڪجي. MGMاسٽوڊيو.“ تار پڙهي حيرت مان برائوننگ ڏانهن ڏٺم ته هن چيو، ”ميان ڳڻتي نه ڪر. آءٌ هينئر جو هينئر اسٽوڊيو ۾ فلاڻي وڏي صاحب کي فون ٿو ڪريان ۽ چوانس ٿو ته نه رڳو توکي ٻيهر نوڪري ڏين، پر معافي به وٺن.“ هُن اُها ڳالهه چئي ئي بس ڪيو ته در کليو ۽ ٻيءَ تار اچي ڦهڪو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو، ”برائوننگ کي نوڪريءَ مان گولي ٿو ڪجي.“ سو آءُ گهر موٽي آيس. برائوننگ جيڏانهن جي بلا هو اوڏانهن ويو. باقي رهيو ڪهاڻيءَ وارو فلاڻو خان، انهيءَ کي شايد هفتي جو پگهار اچي مليو هوندو. مطلب ته فلم نه ٺهڻي هئي سا نه ٺهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو چوڻ آهي ته فلم لکڻ وقت ليکڪ کي ٻين ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. اها ڳالهه ته ٺيڪ، پر ڪتاب لکڻ وقت به خلق جي دٻاءُ هيٺ رهڻو پوندو آهي؟ سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي ڇا؟
    فاڪنر: ڪتاب لکڻ وقت ليکڪ کي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي دٻاءَ هيٺ اچڻ نه کپي. هو صرف پنهنجو پاڻ جو دٻاءُ قبول ڪري. جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي منهن سٺو لکڻ جي پرواهه ڪجي. لکڻ کان پوءِ جيئن وڻيس تيئن پڙهندڙن جي اعتراض کي منهن ڏي. جيستائين منهنجيءَ ذات جو تعلق آهي ته آءٌ پنهنجي لکڻ ۾ ايڏو رُڌل هوندو آهيان جو خلق جي پرواهه ڪريان ئي ڪو نه. مون وٽ ايترو وقت ئي نه آهي جو اِهو سوچيندو وتان ته ڪير مون کي پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي يا پسند ڪري ٿو يا اعتراض ٿو ڪري. جان ڊو جهڙا نقاد منهنجين لکڻين جي باري ۾ يا ڪنهن ٻئي ليکڪ جي ڪم جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا ڏين. ان سان آءٌ ٻڌل نه آهيان. ها! ائين ضرور ٿيندو آهي ته آءٌ جڏهن `La Tentation de Saint Antoine` يا `Old Testament` پڙهندو آهيان ته ائين ئي محسوس ڪندو آهيان، جيئن پنهنجي لکڻ جي باري ۾ محسوس ڪندو آهيان. اها ڳالهه مون کي وڻندي آهي. وڻندي ته مون کي پکين جي اُڏام به آهي. جُوڻ ۾ آءٌ پڪ سان گرڙ پکي ٿيندس، جنهن کي ڪا به پرواهه، ڪو به کٽڪو نه هوندو آهي. بُک ۾ جيڪي ڪجهه ور چڙهندو اٿس، ان کي کائي ويندو آهي. پنهنجا ٻچا ئي کائي ويندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون جو هن درجي تي پهتو آهين ته ايستائين پهچڻ ۾ لکڻ جي ڪهڙي ٽيڪنڪ اختيار ڪئي اٿئي؟
    فاڪنر: جيڪڏهن ڪو ليکڪ ٽيڪنڪ ۾ ٿو دلچسپي وٺي ته ڇڏينس ته هو پنهنجي منهن وڍ ٽڪ جو عمل اختيار ڪري يا سِرَ سِرَ ۾ ڀڇائي ڀت ٺاهي. لکڻ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڏسيل طريقي سا شارٽ ڪٽ جي گنجائش نه آهي. ڪو جوان مڙس جيڪڏهن ڪنهن ٺهيل ڍڪيل ۽ گهڙي ٿيوريءَ تي عمل ٿو ڪري ته اهو وڏو بيوقوف آهي. سکڻو اٿئي ته پنهنجين غلطين کان سِک. ماڻهو صرف پنهنجين غلطين مان ئي سکندو آهي. سٺو فنڪار اُهو آهي جيڪو ڪنهن جي به صلاح نه مڃي. صلاح ڏيڻ وارو ڀلي ڪيترو به هوشيار هجي، پر ليکڪ لاءِ هو صفا سکڻو آهي. صلاح ڏيڻ وارو لکڻيءَ جي ڪيڏي به واکاڻ ڪندو هجي، پر جڏهن صلاح به ڏيندو ته مارائي وجهندو.
    انٽرويو وٺندڙ: ٽيڪنڪ جي سچائيءَ ۾ اعتبار نه اٿئي ڇا؟
    فاڪنر: سوچيل سمجهيل ٽيڪنڪ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ٽيڪنڪ ته مواد سان گڏ ئي هوندي آهي. ڌار ڪا به شيءِ نه آهي. ليکڪ جڏهن ڪتاب لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻندو ئي مس آهي ته ٽيڪنڪ پاڻيهي جو پاڻهي احساسن ۽ جذبن سان ٻُٽ ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ليکڪ جڏهن پهريون اکر لکڻ شروع ڪندو آهي ته کيس اِها خبر پئجي ويندي آهي ته ڪتاب ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. اکر پويان اکر پڇندو ويندو آهي. سڄو ڪم سِرن جي اوساريءَ وانگر هوندو آهي. منهنجو ڪتاب `As I lay dying` به ائين ئي جڙيو. سڄو مواد اڳ ۾ ئي منهنجي ذهن ۾ موجود هو. سڄي خبر هيم ته تان ڪٿان کڻي ڪٿي وڃي ٽوڙجي. روزانه صبح جو اٿي ٻارهن ڪلاڪ لکندو هوس. ڇهن هفتن اندر ڪتاب کي گهمائي ورتم. سڄو پورهئي جو ڪم هو. اِهو ڪتاب لکڻ وقت منهنجي ذهن ۾ ماڻهن جو هڪ ننڍڙو گروپ هو، جنهن کي باهه ۽ پاڻيءَ جهڙين معمولي قدرتي آفتن مان فطري ڍنگ ۾ ٽپي ٻاهر نڪرڻو هو. منهنجي ذهن ۾ رڳو اهو نڪتو هو ته اِهي ڪردار ڪٿي اُڀار ٿا کائين ۽ ڪٿي پنهنجو ڪم پورو ٿا ڪن. فنڪار جي لياقت انهيءَ ڳالهه ۾ لڪل آهي ته هو پنهنجي ڪم کي پرکڻ جي ڪيتري همت ۽ ايمانداريءَ ٿو ڏيکاري. جيڪڏهن منهنجي ڪا لکڻي انهيءَ معيار تي نٿي لهي ته مون کي ايترو ئي ڏک ۽ اوتري ئي پيڙا ٿيندي آهي، جيتري ماءُ کي پنهنجي اولاد جي کرڻ تي ٿيندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو ٻڌائي سگهندين؟
    فاڪنر: `The Sound and the Furry` اِهو ڪتاب ڌار ڌار وقتن تي مون کي پنج ڀيرا لکڻو پيو. مون کي ڪهاڻي بيان ڪرڻي هئي ۽ پيڙا مان نڪرڻو هو. اها ڪهاڻي ڪئڊيءَ نالي عورت ۽ سندس ڌيءَ جي ٽرئجڊي هُئي، جيڪي ٻئي ڄڻيون غائب ٿي ٿيون وڃن. ان ڪتاب جو هڪ ڪردار ڊزلي، منهنجيءَ پسند جو ڪردار آهي. ڊزلي هڪ بهادر، باهمت، فياض، سيبائتيءَ ۽ ايماندار عورت آهي. بلڪه ائين کڻي چئه ته اها مائي مون کان وڌيڪ بهادر، ايماندار ۽ فياض آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: `The Sound and the Furry` ڪتاب جي شروعات ڪيئن ٿي؟
    فاڪنر: ان جي شروعات منهنجي ذهن ۾ جُڙيل هڪ تصوير سان ٿي. ان وقت مون کي اها خبر نه هئي ته اِها تصوير علامتي رنگ اختيار ڪندي. اُها تصوير اِها هئي ته هڪ ننڍڙي نينگري آهي، جيڪا ماڙيءَ تي هڪ مِٽيءَ هاڻيءَ جاءِ تي ويٺي آهي ۽ دريءَ مان پنهنجيءَ ڏاڏيءَ کي دفن ٿيندي به ڏسي پيئي ته هيٺ بيٺل پنهنجن ڀائرن کي اکين ڏٺو احوال به ٻڌائي پيئي. ان ڪهاڻيءَ ۾ پهرين پهرين مون اِهو سمجهيو ته اِهي سڀ ڪير آهن ۽ ڇا پيا ڪن ۽ ننڍڙيءَ نينگريءَ جي پئنٽ مٽيءَ هاڻيءَ ڇو ٿي آهي. پوءِ ڏٺم ته اِها صورتحال مختصر ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪرڻ کان چڙهيل آهي. ان ڪري مختصر ڪهاڻيءَ جي بيان ڪرڻ بدران ڪتاب لکڻو پوندو. اِها ڳالهه ڌيان ۾ اچڻ کانپوءِ ڇوڪريءَ جي مٽيءَ هاڻي پئنٽ هڪ علامت طور منهنجي دماغ ۾ آئي ۽ منهنجي تصور ۾ هڪ اهڙي ٻارڙي هئي، جنهن جو پيءُ ماءُ نه آهن. جنهن گهر ۾ هوءَ رهي ٿي، ان گهر ۾ کيس ڪا به قربت، ڪو به پيار نٿو ملي، ان ڪري هوءَ نيساري جي پائيپ ذريعي ماڙيءَ تان هيٺ لهي ٿي ۽ گهر مان ڀڄي وڃي ٿي.
    ان ڪهاڻيءَ جي شروعات مون ان ننڍڙيءَ نينگريءَ جي واتان ڪئي، پر پوءِ ڏٺم ته ائين ڪهاڻي مزو نٿي ڪري ته اِها ساڳي ڪهاڻي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي واتان بيان ڪرايم، جنهن کي اِها ته خبر آهي ته ڇا پيو ٿئي، پر اُها خبر نه اٿس ته ائين ڇو پيو ٿئي. ائين ڪرڻ سان به ڏٺم ته ڪهاڻيءَ جا پير نٿا کُپن، ان ڪري اِها ساڳي ڪهاڻي وري نينگريءَ جي هڪڙي ڀاءُ جي واتان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، تڏهن به ڳالهه ساڳي رهي. وري ڇوڪريءَ جي ٻئي ڀاءُ کي جهليم، پر تڏهن به اصل ڳالهه کان گُسي ويس. نيٺ ڇا ڪيم جو سڀني بيانن کي گڏي هڪ ٽياڪڙ جي بيان جي ذريعي ناول جوڙيم ايڏين سارين ڪوششن کان پوءِ ۽ ڪتاب ڇپجڻ کان پندرنهن سال پوءِ به ناول نامڪمل ٿو لڳيم. منهنجي اِها تخليق اهڙي آهي، جنهن سان مون حد کان وڌيڪ نرمي اختيار ڪئي آهي ۽ اڪيلو ڇڏي نه سگهيو آهيانس. ڪوشش ڪندس ته ان ناول کي ٻيهر لکان، پر لڳي ٿو ته ان ۾ به ناڪامياب ٿي ويندس.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو هڪڙو ڪردار آهي بئنجي. ان ڪردار جي باري ۾ تنهنجا جذبات ڇا ٿا چون؟
    فاڪنر: بئنجيءَ جو ڪردار منهنجي من ۾ لاڪائنس ڏک ۽ رحم جا جذبا پيدا ٿو ڪري. ڪو به ماڻهو بئنجيءَ جي جذبات جي باري ۾ ڪجهه محسوس ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته بئنجي خود پنهنجي باري ۾ به ڪجهه محسوس نٿو ڪري. مون کي ته رڳو اهو ڏسڻو پيو آهي ته ڪردار جيئن مون تخليق ڪيو آهي، اُهو تيئن جو تيئن اعتبار جوڳو لڳي ٿو يا نه. ايلزبيٿين دور ۾ جيڪي اسٽيج ناٽڪ ٿيندا هئا، جن ۾ هڪ ڪردار اهڙو هوندو هو، جيڪو اسٽيج تي اچي ناٽڪ جي تمهيد ٻڌندو هو. پنهنجو اهو مقصد پورو ڪندو هو ۽ هليو ويندو هو، بئنجي به هڪ اهڙي ئي قسم جو ڪردار آهي. هو نه بُرو آهي ۽ نه ڀلو. ڇاڪاڻ ته کيس بُري ۽ ڀلي جي فرق جي ڪا به خبر نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: بئنجي پنهنجي اندر ۾ پيار ته محسوس ٿو ڪري!
    فاڪنر: بئنجي ايترو ته بي سمجهه آهي جو منجهس خود شناسائي نالي ماتر به نه آهي. هو هڪ صفا جانور آهي. کيس نرميءَ ۽ پيار جو اڻ لکو احساس ته آهي، پر هو ان کي ڪو به نالو ڏيئي نٿو سگهي. سمجهي نٿو سگهي ته اهو سڀڪجهه آخرڪار آهي ڇا. هو جڏهن ڪئڊيءَ ۾ تبديل محسوس ٿو ڪري ۽ کيس اهو ساڳيو نرم ورتاءُ وٽانئس نٿو نصيب ٿئي ته هو رڳو جانور وانگر رنڀي ٿو. هو ايترو ته بي سمجهه آهي، کيس اها به خبر نٿي پوي ته هو ڪئڊيءَ کي وڃائي ويٺو آهي. ان تي کيس ڏک ٿو ٿئي ۽ هو اِهو خال پُر ڪرڻ ٿو گهري. اِهو خال ڪئڊيءَ جي ڇڏيل ڦاٽل جُتي پُر ٿي ڪري. اِها ڦاٽل جُتي لاڪائنس پيار ڀريو ڇهاءُ آهي. هو ان جتيءَ کي ڪو نانءُ نٿو ڏيئي سگهي. کيس جيئن بري ۽ ڀلي جي خبر نه آهي، تيئن گندگي ۽ صفائيءَ جو فرق به معلوم نه اٿس. ڪئڊيءَ جي پاٽل جُتي کيس سڪون ته ڏئي ٿي پر اها خبر نه اٿس ته اها جُتي ڪنهن جي آهي ۽ کيس آخر ڏک ڇو ٿي رهيو آهي. اِهو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن اڳيان ڪئنڊي ٻيهر پنهنجو پاڻ پڌاري ته شايد ساڃاڻيس به نه.
    انٽرويو وٺندڙ: بئنجيءَ جي هٿ ۾ جيڪو گل ڏنو ويو آهي، ان جو خاص مقصد آهي ڇا؟
    فاڪنر: اهو گل هروڀرو شعوري طور تي سندس هٿ ۾ نه ڏنو ويو آهي. البت هٿ ۾ گل اچڻ کانپوءِ اِهو گل سندس ڌيان ضرور ڦيرائي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: `A fable` ناول ۾ تو عيسائي تمثيل کان ڪم ورتو آهي. ڇا ناول ۾ تمثيل کي ڪم ۾ آڻڻ سان ڪو لاڀ ملي ٿو ڇا؟
    فاڪنر: `A fable` ۾ عيسائي تمثل کي ان ڪري استعمال ڪيو اٿم جو ان جي نوعيت جي لحاظ کان ناول ۾ خاص ضرورت هئي. ائين جيئن گهر ٺاهڻ وقت اِهو ڏسبو آهي ته گهر جي نوعيت مطابق ڪهڙي سِرَ ڪٿي هڻجي.
    انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اِهو ٿيو ته فنڪار عيسائيت کي هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ٿو، جيئن واڍو واهولي کي استعمال ڪندو آهي؟
    فاڪنر: پاڻ جنهن واڍي (اديب) جي ڳالهه پيا ڪريون انهيءَ وٽ واهولو ته هوندو ئي آهي. ڪو به ماڻهو عيسائيت کان آجو ناهي، بشرطيڪ وٽس اهو طئي ٿي وڃي ته عيسائيت لفظ جي معنيٰ ڇا آهجي. عيسائيت هڪ منفرد شخص جي ورتاءَ جو انفرادي دستورِ عمل آهي. ان دستور جي چٽائي ڪبي ته اُها هيءَ وڃي بيهندي ته انسان پنهنجين فطري ضرورتن جي باوجود پنهنجيءَ فطرت کان وڌيڪ سٺو ٿي ڏيکاري. پوءِ وٽس نشان ڀلي ڪهڙو به هجي، اُهو نشان ڪراس هجي يا کڻي هلال جو هجي، ان سان فرق نٿو پوي. بس ماڻهو رڳو انسانذات ۾ رهندي پنهنجو فرض ياد رکي. انهيءَ دستور عمل جون ڌار ڌار تمثلون آهن ۽ اهي تمثيلون اهڙا چارٽ آهن، جن سامهون ماڻهو پاڻ کي رکي توري تڪي ٿو ۽ اهو ڄاڻڻ گهري ٿو ته هو پاڻ آخر آهي ڇا! اِهو چارٽ ماڻهوءَ کي چڱائي ته سيکاري ٿو، پر ائين نٿو سيکاري ته پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڳولي لهجي. اهو چارٽ لاڪائنس اهڙي قسم جو اخلاقي دستور عمل ۾ معيار پڌرو ڪري ٿو، جنهن تحت هو پنهنجين لياقتن ۽ آرزوئن مطابق پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهي. ليکڪ حضرات هن کان اڳ ۾ توڙي هن وقت توڙي هن کان پوءِ به اخلاقيات جي شعور تحت انهن تمثيلن کي استعمال ڪندا رهندا. ڇاڪاڻ ته اهي تمثيلون فاني نه آهن، مستقل موجود رهنديون آهن. Moby Dick ڪتاب ۾ ٽي اهڙا ڪردار آهن جيڪي ضمير جي تثليث جو اظهار ڪن ٿا. اها تثليث هيئن ٺهي ٿيِ (1) ڪجهه به نه ڄاڻڻ. (2) ڄاڻڻ جي پرواهه نه ڪرڻ. (3) ڄاڻڻ ۽ ان جي پرواهه ڪرڻ.
    منهنجي ناول `A fable` ۾ به اهڙي تثليث موجود آهيِ (1) نوجوان يهودي چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي. آءٌ ان کي مڃڻ کان انڪاري آهيان، ائين ڪندي مون کي ڇو نه کڻي زندگيءَ کان ئي انڪاري ٿيڻو پوي.“ (2) فرينچ ڪوارٽر ماسٽر جنرل چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي. پر اسين کيس برداشت ڪري سگهون ٿا، روئي سگهون ٿا.“ (3) بٽالين جو اڳواڻ انگريز چوي ٿو، ”ڏاڍو ڀيانڪ آهي، پر تڏهن به ان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري وٺندس.“
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ڪتاب `The wild Palms` ۾ به اهڙا موضوع اچي ويا آهن، جن جو هڪٻئي سان ڪو به تعلق نه آهي. تو انهن ٻن موضوعن کي ڪنهن خاص مقصد تحت گڏ ڪيو آهي ڇا؟ ڪجهه مشهور نقادن جو چوڻ آهي، اِها جمالياتي تمثل آهي. اِها واقعي جمالياتي تمثيل آهي يا اتفاقن سڄيءَ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ائين بيهي رهي آهي؟
    فاڪنر: نه، ائين نه آهي. اِها هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جيڪا چارلوٽ رٽين ميئر ۽ هيري ولبورن جي آهي. اهي ٻئي ڄڻا پيار لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اڳتي هلي اهو پيار نٿو رهي. ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اهي ڌار ڌار ڪهاڻيون ٿينديون. ڪتاب جو پهريون حصو `The wild palms` لکي پورو ڪيم ته محسوس ڪيم ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا کوٽ رهجي ويئي آهي. ڪٿان ڪا تانَ ڪو سُر رهجي ويو آهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ ڌري سُر سُر ۾ ملائڻ لاءِ ڪتاب جو ٻيو حصو `Old man` لکيم ۽ ائين ٻئي ڪهاڻيون وارڙيون ٿي پني تي آيون.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي لکڻين ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو حصو تنهنجي ذاتي تجربي جي پيڙهه تي ٻڌل هوندو آهي؟
    فاڪنر: ان باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون ڪڏهن به ويهي ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته منهنجين لکڻين جو ڪيترو حصو ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. اهڙي قسم جي ڳڻپ ڪرڻ جي ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي اٿم. بس! اها پڪ اٿم ته لکڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي هڪ تجربو، ٻيو مشاهدو ۽ ٽين تصور جي قوت. انهن ٽنهي شين مان ڪا به ڪسي هوندي ته ٻن ٻين کي ڌڪي وجهندي. منهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڪنهن خيال يا ڪنهن ياد يا ذهن ۾ آيل ڪنهن تصوير سان ٿيندي آهي. جنهن وقت ائين ٿيندو آهي، تيئن وقت ئي ان تي ڪم شروع ڪري ڏجي ۽ پوءِ اهو سمجهائجي ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان جو ڪارڻ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ سٺي ليکڪ جي هميشه اِها ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي ڪرادر تخليق ڪيا وڃن، اُهي حقيقي هجن ۽ حقيقي صورتحال ۽ پنهنجيءَ فطرت مطابق چرپر ڪري اڳتي وڌن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ليکڪ کي اُهو ئي ماحول تخليق ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو سندس ڏٺل وائٺل هجي، جنهن جي کيس پروڙ هجي. جيڪڏهن اِها ڳالهه کڻي ويهي سوچجي ته منهنجي خيال ۾ اظهار جو سولو ذريعو سنگيت آهي. ڇاڪاڻ ته سنگيت ماڻهوءَ جي تجربي ۽ تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي آيل آهي، پر منهنجي ڏات سُرن جي بدران لفظ آهن. مڃيان ٿو ته سُرن جي جاءِ تي لفظن وسيلي اظهار وڌيڪ ڏکيو ۽ اڍنگو آهي، پر ان هوندي به آءٌ لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. ٻڌڻ بدران پڙهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهيان. خاموشيءَ کي آوازن تي ترجيح ڏيندو آهيان، تصور لفظن ۾ تڏهن ايندو آهي جڏهن چُپ هوندي آهي. نثر جي گجگوڙ ۽ موسيقي ماٺ ۾ ئي جنم وٺندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تنهنجيون لکڻيون ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ به سمجهه ۾ نٿيون اچن، انهن کي ڪهڙي صلاح ڏيندين؟
    فاڪنر: چوٿون ڀيرو پڙهن.
    انٽرويو وٺندڙ: تو تجربي، مشاهدي ۽ تصور جي قوت کي ليکڪ لاءِ ضروري ڄاڻائو آهي. انهن شين ۾ انسپائريشن جو اضافو نه ڪندين ڇا؟
    فاڪنر: انسپائريشن متعلق مون کي ڪابه خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته مون کي ته اهو به پتو آهي ته انسپائريشن ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي. ان جي باري ۾ ٻڌو ته گهڻي ئي اٿم، پر اڃا اکين سان ڏٺي ڪانه اٿم.
    انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ٿو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ تنهنجو ذهن مار ماران ۾ ورتل آهي؟
    فاڪنر: اهو چوڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪو چئي ته هاري پنهنجيءَ ڪوڏر ۾ ورتو پيو آهي، خير هاري ته ڪوڏر مان ڪم ڪڍيو وڃي، پر ليکڪ لاءِ ٻيا به گهڻا اوزار کپن.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ليکڪ بنجڻ شروعات ڪيئن ٿي؟
    فاڪنر: آءُ نيو اوزلئين ۾ رهندو هوس. ٻه پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو پيو ڪندو هوس. اتي ئي منهنجي سنگت شيروڊ اينڊرسن سان ٿي. ٻئي ڄڻا گڏجي روز ٽپهريءَ جو شهر ۾ گهمڻ نڪرندا هئاسين. ايندن ويندن ماڻهن سان وات ٽُڪاڻي پيئي ٿيندي هئي. جڏهن رات ڍرندي هئي ته ٻئي ڄڻا بوتل کڻي ويهي رهندا هئاسين ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئاسين، هو ويهي ڳالهائيندو هو ۽ آءُ ٻڌندو هوس. صبح جو همراهه غائب رهندو هو، ڪٿي ڪو گوشائتو ڌنڌو ڌاڙي پيو ڪندو هو. اسان جي روز جي اها ڪار هوندي هئي. سوچيم ته جيڪڏهن ليکڪ جي اِها ئي زندگيءَ آهي ته پوءِ واهه واهه. سو پنهنجو پهريون ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. لکندي خبر پيم ته لکڻ وڏي وندر آهي. سو پورا ٽي هفتا لکڻ ۾ لڳو رهيس. اينڊرسن جو يڪا ٽي هفتا مون کي غائب ڏ‎ٺو. سو ڪهي اچي منهنجو در جهلائين، اڳي آءُ سندس در تي هليو ويندو هوس. هن ڀيري لاچار کيس اچڻو پيو. اچڻ سان پڇيائين ”ڪهڙي مار پئي اٿئي؟ ڪاوڙجي ته نه پيو آهين؟” جواب ڏنو مانس، ”ڪتاب پيو لکان،” رڙ ڪيائني ”حق منهنجا مولا!” ۽ ائين چئي ٻاهر نڪري ويو. جڏهن اهو ڪتاب `Soldier`s Pay` لکي پورو ڪيم ته واٽ ويندي اينڊرس جي زال ملي. ملڻ سان پڇيائين ”ڪتاب جو ڇا ٿيو؟” ٻڌايومانس، ”لکي پورو ڪيو اٿم.” ٻڌايائين، ”اينڊرسن ڪنهن پبلشر سان ڳالهائي تنهنجو ڪتاب ڇپائڻ چاهي ٿو.” چيومانس ”جيڪا سنگت جي مرضي.”
    انٽرويو وٺندڙ: تو جيڪو ٻڌايو ته توهن به پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڌنڌ ڌاڙي پيو ڪندو هئين، اِهي ڌنڌا آخر هئا ڪهڙا؟
    فاڪنر: جيڪو ڌنڌو منهن ۾ ايندو هوم اهو پيو ڪندو هوس. ٻيڙي هلائڻ، گهرن جون ڀتيون رڱڻ، هوائي جهاز اڏائڻ. مطلب ته گهڻي ئي ڌنڌا ايندا هئم. انهيءَ زماني ۾ شهر ۾ ڏاڍي سستائي هوندي هئي. مون کي به ايترن گهڻن ڏوڪڙن جو کپ نه هوندو هو. پاڻ کي ته سمهڻ لاءِ مختصر جڳهه ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿورو گهڻو کاڌو ٿي کتو. تماڪ جو سوٽو ۽ وسڪيءَ جو ڍڪ ٿي کتو. سو پورت پيئي ٿيندي هئي. ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن، ڏينهن رات هڪ ڪري ڌنڌ ڪندو هوس ۽ پوءِ مهينو ويهي ڪري ڪمائي کائيندو هوس. طبيعتن رولاڪ ماڻهو آهيان. پئسي جي پويان ڊوڙان ئي ڪونه، اها ته وڏي بي شرمائي آهي جو دنيا ۾ رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اٺن ڪلاڪن لاءِ کائي نٿو سگهي. پي نٿو سگهي ۽ پيار ڪري نٿو سگهي. بس رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هر ڪو ماڻهو ڏکارو ۽ ناخوش ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انٽريو وٺندڙ: اها ته پڪ آهي ته تون شيروڊ اينڊرشن جا ٿورا ڳائيندين، پر هو ليکڪ جي حيثيت ۾ توکي ڪيئن ٿو لڳي؟
    فاڪنر: منهنجي همعصر ليکڪن گڏجي آمريڪي ادب جي جيڪا ريت وڌي آهي، جنهن ريت کي کڻي ايندڙ نسل جا ليکڪ اڳتي وڌندا. شيروڊ ان ريت جو ۽ منهنجو ۽ منهنجي همعصر ليکڪن جو پيءُ آهي. کيس صحيح معني ۾ اڃا مڃوتي نه ملي آهي. لکڻين جي لحاظ کان، ڊريزيئر سندس وڏو ڀاءُ لڳي ۽ مارڪ ٽوائن وري ٻنهيءَ جو پيءُ لڳي.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي همعصر يورپي ادبين جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟
    فاڪنر: منهنجي يورپي همعصر ليکڪن ۾ ٿامس مئن ۽ جيمس جوائس تمام وڏا اديب آهن. جوائس جو ناول `Ulysses` ته ائين ويهي پڙهجي جيئن پڪو پادري وڏي عقيدي سان ويهي `Old Testament` پڙهندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پس منظر ۾ بائيبل جو ڪيترو دخل آهي؟
    فاڪنر: منهنجو پڙ ڏاڏو هيري اسان ٻارن لاءِ هڪ پيار ڪندڙ ۽ مهربان شخص هو. جيتوڻيڪ اسڪاٽ ماڻهو هو، پر ان هوندي به اسان سان نه ايترو کهرو پوندو هو ۽ نه وري مذهب تي ايترو خاص زور ڏيندو هو. البت پڪن اصولن وارو ماڻهو هو. ان جي باوجود سندس هڪ خاص اصول هوندو هو ته روز جڏهن به اسين صبح جي پهر ناشتي جي ميز تي گڏ ٿيندا هئاسين ته هر ڪنهن کي بائيبل مان ڪا نه ڪا سِٽ ٻڌائڻ پوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي سِٽ ياد نه هوندي هئي ته ان کي بنا ناشتي جي ايستائين ڪمرو ڇڏڻو پوندو هو، جيستائين هو ڪا سِٽ ياد نه ڪري. اها سِٽ بلڪل صحيح نموني ۾ پڙهڻي پوندي هئي. اسان لاءِ هر صبح انهيءَ ڍنگ ۾ گذرندو هو. پڙ ڏاڏو مرحوم پنهنجين نيرين اکين سان اسان ڏانهن ڏاڍي پاٻوهه ۾ پيو ڏسندو هو ۽ سِٽ ٻڌندو هو. نيٺ وڏا ٿياسين ۽ هن دنيا ۾ گهڙياسين.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجن همعصرن جون لکڻيون پڙهندو آهين”
    فاڪنر: نه. آءُ گهڻو ڪري اُهي ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪي جواني ۾ پڙهيم ۽ پسند ڪيم. انهن ڪتاب ڏانهن آءُ ائين ئي موٽ کائيندو رهندو آهيان. جيئن ڪنهن پراڻي يار ڏانهن موٽ کائبي آهي. آءُ هر سال بائيبل Don quixot, Old Testament ۽ ڊڪنز ۽ ڪوانراڊ جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ساڳيءَ طرح فلابرٽ ۽ بالزاڪ کي به پڙهندو آهيان. بالزاڪ ته پنهنجي اهڙي دنيا ويهي تخليق ڪئي آهي، جيڪا رت ڌارا وانگر ويهن ڪتابن مان پار ٿيندي آهي. دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ به پڙهندو آهيان. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن ميلوائيل کي به پڙهيو آهي. شاعرن سان مارلو، ڪيمپئن، جانسن، هيرڪ، ڊوني، ڪيٽس ۽ شيليءَ کي پڙهندو رهندو آهيان. اهي ڪتاب مون ايترو ته گهڻو پڙهيا آهن جو هاڻي ڪڏهن به ائين نه ڪندو آهيان ته پهرين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن به ائي نه ڪندو آهيان ته پهرين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن هڪ اڌ سين پڙهندو آهيان يا هڪ اڌ ڪردار، بس ائين ئي هوندو آهي جيئن ڪنهن دوست سان چند منٽن لاءِ ملاقات تي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪبي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڀلا فرائيڊ؟
    فاڪنر: آءُ جڏهن نيواورليئنس ۾ رهندو هوس ته هرڪو دانشور فرائڊ جي باري ۾ پيو ڳالهائيندو هو، پر مون کيس ڪڏهن به نه پڙهيو. نه ئي وري شيڪسپيئر کي پڙهيم.
    انٽرويو وٺندڙ: پراسرار ڪهاڻيون پڙهندو آهين؟
    فاڪنر: آءُ سائيمنون کي پڙهندو آهيان ته هو مون کي چيخوف جي ياد ڏياريندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي پسند جي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
    فاڪنر: مون کي ساراهه گيمپ جو ڪردار وڻندو آهي. هوءَ هڪ ظالم ۽ بي رحم عورت آهي. نشي ۾ ٻڏل، خود غرض ۽ بي گري عورت آهي. سندس ڪردار خراب هئڻ جي باوجود اصلي ڪردار آهي. ان کان سواءِ مسز هيرس، فلاسٽاف، پرنس هال، ڊان ڪئڪزاٽ، سانچو اوڦيليا ۽ باٽم پڻ وڻندا اٿم. ليڊي ميڪبيٽ جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. مرڪيوٿيو ۽ مسز گيمپ جا ڪردار زندگيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ مدد لاءِ نٿا ٻاڏائين. هڪفن ۽ جم به وڻندا اٿم. ٽام سوايئر ڪونه وڻيم، جو اهو تنگدل ڪردار آهي. جارج هارٽ 1840ع يا 1850ع ڌاري ٽينيسي جبلن جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو ڪردار سوٽ لونگ گُڊ به مون کي ڏاڍو وڻيو. کيس پنهنجي باري ۾ ڪوبه مونجهارو نه آهي. هن کان جيڪي پڄي ٿو، اهو ڪري ٿو. ڪن خاص وقتن تي کانئس گڏ هيڻو به ٿي وڃي ٿو پر ان جي باوجود هو ڦڪو نٿو ٿئي. هو ڪڏهن پنهنجي بدقسمتيءَ کي نٿو لوئي ۽ نه وري الله سائينءَ تي ڪا ميار ٿو رکي.
    انٽرويو وٺندڙ: ناول جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
    فاڪنر: جيستائين ناول لکڻ وارا لکندا رهندا. تيستائين پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا. اهو قصو ايستائين هلندو جيستائين وڃي با تصوير رسالا ۽ ٽوٽڪن جا ننڍا ڪتاب ماڻهن جي پڙهڻ ۾ گهٽتائي آڻين. حقيقت اِها آهي ته ادب واپس غارن ۾ چٽيل تصويرن ڏانهن موٽ پيو کائي.
    انٽرويو وٺندڙ: نقادن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
    فاڪنر: فنڪار وٽ ايترو وقت ئي نه آهي، جو ويهي نفاد جي ڳالهه ٻڌي. اُهي ماڻهو جيڪي نالي جا ليکڪ بنجڻ گهرن ٿا، اهي تبصرا پڙهندا اهن، پر جيڪي ماڻهو صحيح معني ۾ لکڻ گهرن ٿا اُهي نفاد جي ڳالهه تي ڪن نٿا ڏين، نفاد جو مخاطب فنڪار نه هوندو آهي. فنڪار نفاد کان مٿانهون آهي. ڇاڪاڻ ته هو اهڙي شيءَ تخليق ڪندو آهي جيڪا نفاد کي تحريڪ ۾ ٿي آڻي. نفاد جيڪي ڪجهه لکي ٿو اها لکڻي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تحرڪ ۾ آڻي سگهي ٿي، پر خود فنڪار کي متحرڪ نٿي ڪري.
    انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون پنهنجي لکڻي جي باري ۾ ڪنهن سان بحث ڪرڻ نٿو گهرين؟
    فاڪنر: نه. آءُ لکڻ ۾ مصروف آهيان، منهنجي لکڻي مون کي مزو ڏئي ٿي. جڏهن اُها ئي لکڻي مزو ڏئيم ته ٻئي سان اُن تي ڇو ويهي ڳالهايان. ڀلا سمجهه ته جيڪڏهن پنهنجي لکڻي نٿي مزو ڏئيم ته پوءِ ان تي ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ سڌارو ته نه ايندو. ان جو سڌارو صرف ان صورت ۾ ايندو ته ان تي وڌيڪ ويهي ڪم ڪريان. آءُ ڪو ادبي چغاداري نه آهيان، بس هڪڙو ليکڪ آهيان. پنهنجيءَ لکڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مان مون کي مزو نه ايندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: نقادن جو چوڻ آهي ته رت جا رشتا تنهنجن ناول ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿا؟
    فاڪنر: اهو به هڪڙو نڪته نگاهه آهي.توکي ٻڌايو اٿم ته آءُ نفادن کي نه پڙهندو آهيان. جيڪڏهن ڪڏهن ڪردار جي نڪ جو گهاڙيٽو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو ته آءُ نه ٿو سمجهان ته ليکڪ نڪ جي گهاڙيٽي کي ڇڏي رت جي رشتن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندو. مسئلو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ جو آهي. نڪ جي گهاڙيٽي يا رت جي رشتن جو نه آهي. ليکڪ جو اصل مسئلو سچ ۽ انساني دل آهي، نڪن جي گهاڙيٽي ۽ رت جي رشتن متعلق حقيقتن ۽ ويچارن جي حيثيت ثانوي آهي. انهن شين جو سچ سان تمام ٿورو واسطو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: نقادن جو چوڻ آهي ته تنهنجن ڪردارن جي نفسيات ۾ بري ۽ ڀلي جي پرک نه آهي؟
    فاڪنر: زندگي بري ۽ ڀلي سان ٻڌل نه آهي. ڊان ڪئڪوزاٽ لاڳيتو بري ۽ ڀلي مان چونڊ ۾ رڌل هوندو آهي، پر ان لاءِ ته کيس خيالي دنيا ٺاهڻي پيئ ٿي. هڪ هڪ چريو ماڻهو آهي. هو خيالي دنيا مان نڪري حقيقت ڏانهن صرف تڏهن اچي ٿو، جڏهن هن جو واسطو ماڻهن سان پوي ٿو ۽ ان وقت کانئس بري ۽ ڀلي جي فرق جي پرک ڦرجيو وڃي. جيستائين انسان ذات جو وجود برقرار آهي. تيستائين ماڻهو رڳو زندهه رهڻ لاءِ وقت ٿو گذاري. زندگيءَ تحرڪ آهي ۽ اهو تحرڪ ماڻهو کي لوڀ، طاقت ۽ آسودگي حاصل ڪرڻ ڏي وٺي ويندو آهي. تحرڪ ماڻهوءَ کي ان طرف ڏانهن وٺيو پيو وڃي ته پوءِ ماڻهو وٽ ٽائيم ئي ڪهڙو ٿو بچي جو هو اخلاقيات جي پويان ڊوڙندو وتي. خبر ائين آهي ته اڄ يا سڀاڻي ماڻهو ان ڳالهه تي مجبور آهي ته چڱي ۽ بري مان چونڊ ڪري، ڇاڪاڻ ته اها کائنس اخلاقيات جي ضمير جي گهر آهي ته جيئن هو سڀاڻي پنهنجو پاڻ سان رهي سگهي. انسان جي اخلاقيات جو ضمير ديوتائن جو ڏنل هڪ سراپ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو ’فنڪار‘ ۽ ’تحرڪ‘ جي تعلق جي ڳالهه ڪئي ، ان جي وڌيڪ چٽائي ڪندين؟
    فاڪنر: فنڪار جو مقصد آهي تحرڪ جي جهٽڻ، ڇاڪاڻ ته تحرڪ زندگي آهي، فنڪار اهو تحرڪ جهٽي پنهجيءَ تخليق ۾ اهڙي طرح ڏئي ٿو، جئين سؤ سال پوءِ ڪو به تخليق کي ڏسي چوي ته واقعي زندگيءَ اِها آهي. ۽ هو ان زندگيءَ کان پاڻ ئي پاڻ متحرڪ ٿي ويندو. جيستائين انسان فاني آهي، تيستائين کيس پويان اهڙي شيءَ ڇڏڻ کپي، جيڪا لافاني هجي ۽ جيڪا ايندڙ زندگيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪندي رهي.
    انٽرويو وٺندڙ: مالڪولم ڪائولي چوي ٿو ته تنهنجا ڪردار قسمت جا ٻانها آهن، تون ڇا ٿو چوين؟
    فاڪنر: اهو ڪائوليءَ جو نقطه نگاهه آهي. آءُ ته ائين چوندس ته منهنجا ڪي ڪردار قسمت جا ٻانها آهن ته ڪي وري نه به آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪائوليءَ جو اهو به چوڻ آهي ته تنهنجي جيڪي ڪردار 20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا هوندا آهن، اُهي همدرديءَ لائق نه هوندا آهن. اِهو ڇا آهي؟
    فاڪنر:20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا ماڻهو همدردي لاءِ هوندا آهن. ٻار ۾ ڪجهه ڪرڻ جي لياقت آهي، پر سمجهڻ جي نه، 40 سالن کان مٿي ڄمار جا جيڪي ماڻهو هوندا آهن، انهن ۾ سمجهڻ جي لياقت نه هوندي آهي پر ڪجهه ڪرڻ جي نه رهندي آهي. وچ واري جيڪا عمر آهي، ان عمر ۾ ماڻهو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ جي اهليت رکندو آهي، پر سندس سمجهڻ جي اڃا شروعات هوندي آهي. ان وقت ۾ ماڻهوءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جي نئين نئين اهليت پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ماڻهو ماحول جي پيش نظر ڌار ڌار دٻائن هيٺ اچي برائيءَ جي واٽ ڏانهن ايستائين ڌڪيو ويندو آهي، جيستائين مري نٿو. دنيا کي جيڪا پيڙا ملي آهي، اُها 20 کان 40 سالن جي عمر تائين جي ماڻهن ڏني آهي. منهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، ان جا گورا جوابدار هجن يا اُهي شيدي هجن جيڪي ضد ۾ اچي گوريءَ عورت سان زوري زنا ٿا ڪن، ڳالهه ساڳي آهي. هٽلر هجي، نيپولين هجي يا لينن وارا هجن، اهي سڀ ماڻهو دنيا ۾ ايندڙ تڪليفن ۽ پيڙائن جا جوابدار آهن ۽ اهي سڀئي 20 کان 40 سالن تائين جي عمر جا هئا.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، جنهن جي باري ۾ تو اخبارن ۾ به بيان ڏنو آهي، ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    فاڪنر: ان ڏس ۾ جيڪا ڳالهه مون کي چوڻي هئي سا چئي ڇڏي. اٿم. ان کي ٻيهر ورجائيان ٿو. اسان آمريڪين کي جيڪڏهن زندهه رهڻو آهي ته اسان کي کپي ته اسين جيڪي ڪجهه به هجون، اُهي سڀ کان اڳ آمريڪي ئي آهيون، اسين ڀلي کڻي گورا هجون، ڪارا هجون يا ساوا نيلا هجون پر پهرين آمريڪي آهيون. منهنجي پاڙي ۾ ٻن نوجوانن کي گورن جيڪو ڪاريءَ ننڍيءَ ٻارڙي جو خون ڪيو، اِهو بيحد دکدائڪ واقعو آهي. اِهو واقعو اسان جي وجود ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي ثقافت پنهنجي مايوسيءَ جي ان حد تائين پهچي ويئي آهي. جو ننڍڙا ٻار پيا مارجن. اهڙا واقعا اسان کي جيئڻ جو ڪوبه حق نٿا ڏين، قطعي نه.
    انٽرويو وٺندڙ: `Soldiesr`s Pay` ۽ `Sartoris` لکڻ واري عرصي دوران توکي ڇا ٿيو جو تون پنهنجي علائقي يوگنا ڦاٽا وڦا جو تذڪرو کڻي ويهن رهين؟
    فاڪنر: `Soldier`s Pay` ته وندر طور لکيم، پر ان کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته نه رڳو ڪتاب کي پنهنجي هڪ الڳ صورت آهي، پر خود ليکڪ جي سڀني لکڻين جي هڪ گڏيل صورت آهي. `Soldier`s Pay` ۽ `Mosquitoes` ته ائين سمجهي لکيم ته بس ڪتاب لکڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي وندرائڻو آهي. پر جڏهن `Sartoris` لکڻ شروع ڪيم ته پتو پيم ته منهنجي لکڻ لاءِ پنهنجي علائقي ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي ۽ اهو مواد مون پاڻ ۾ موجود آهي. ان کي ٻاهر نه ڪڍيم ته اڳتي هلي ئي نه سگهبو. ان سڄي اعليَ مواد کي پنهنجي ڏات ذريع ٻاهر آڻڻ وڏو ڪم ٿيندو. ان ڪري مون پنهنجي علائقي کي سون کاڻ سمجهي پنهنجي دنيا پاڻ تخليق ڪئي. اِها منهنجي مرضي هئي ته پنهنجن تخليق ڪيل ڪردار کي فاصلي توڙي وقت ۾ سفر ڪرايان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون کي پنهنجي اندازي مطابق پنهنجن ڪردارن کي ڪاميابيءَ سان وقت ۾ سفر ڪرايو آهي. وقت هڪ وهندڙ پاڻي آهي، ان ڪري اُهو ’اَهي‘، ’نه ڪه ’هو‘. مون جيڪا دنيا تخليق ڪئي آهي، اها ڪائنات جي پيڙهه ۾ پٿر آهي، اِهو پيڙهه جو پٿر تمام ننڍو آهي، پر ان کي ڪڍي ڇڏيندين ته پوري ڪائنات ڦهڪو اچي ڪندي. منهنجو جيڪو آخري سونو ڪتاب هوندو اهو ياڪنا پاٽاوڦا علائقي متعلق هوندو، ان کان پوءِ آءُ قلم ڀڃي ڇڏيندس ۽ چپ ٿي ويندس.


    گارشيا مارڪئز

    ]گابرئيل (جبرائيل) گارشيا مارڪئز 1928ع ۾ ڪولمبيا جي ننڍڙي شهر آراڪاٽاڪا ۾ ڄائو. جنهن شهر جي چوڌاري ڪيلن جا باغ هُئا. پنهنجو ننڍپڻ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ سان گذاريائين. جن کي ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۾ پنهنجو استاد سمجهي ٿو. لکڻ جي شروعات صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ اخبار ’ايل ايسپيٽا ڊوم‘ جو رپورٽر ۽ فلمي مبصر ٿي رهيو. ڪجهه وقت لاءِ ساڳئي اخبار جو روم ۽ پئرس ۾ نمائندو به ٿي رهيو.
    گارشيا مارڪئز جيڪي پنهنجيون شروعاتي ڪهاڻيون لکيون. اُهي اخبار جي آفيس ۾ ويهي تڏهن لکندو هو، جڏهن ٻيا صحافي اُٿي ويندا هئا. پر انهن ڪهاڻين کي ڇپائڻ جي بدران ڪجهه ويجهن دوستن کي ٻڌائڻ تائين محدود رکيائين. هيستائين سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول دُنيا جي تقريبن سڀني وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿي. داد حاصل ڪري چڪا آهن. کيس گهڻي ۾ گهڻي مشهوري سندس ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ جي ڪري ملي. کيس پنهنجين اعليٰ تخليقن تي ٻين ايوارڊن سان گڏ ’نوبل ادب انعام‘ به ملي چڪو آهي.
    پاڻ جيئن ئي 1961ع ۾ ميڪسيڪو سِٽيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺو ته اڃا تائين اُتي رهي ٿو. سندس شادي پورن ويهن سالن جي عشق کان پوءِ مرسڊيز سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن ۽ پنهنجن ڌنڌن سان لڳل آهن.
    اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريان ليکڪ وڌ ۾ وڌ مشهور آهن. گارشيا مارڪئز انهن مان هڪ آهي.
    کيس انگريزي ته اچي ٿي، پر هيءُ انٽرويو اسپينش ٻوليءَ ۾ ڏنائين، جنهن جو ترجمو سندس پُٽ ڪندا رهيا.
    هي انٽرويو کانئس 1981ع ۾ ورتو ويو. جڏهن اڃا کيس ’نوبل ادب انعام‘ نه مليو هو.[


    گارشيا مارڪئز

    انٽرويو

    انٽرويو وٺندڙ: ٽيپ رڪارڊر ذريعي انٽروي وٺڻ تي تون ڇا ٿو محسوس ڪرين؟
    گارشيا مارڪئز: مسئلو اهو آهي ته جڏهين اوهان کي اها خبر پئجي ٿي وڃي، ته توهان جو انٽرويو ٽيپ ڪيو پيو وڃي ته اوهان جو رويو بدلجيو ٿو وڃي. آئون ته ٽيپ رڪارڊر ڏسي دفاعي رويو اختيار ڪندو آهيان. هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ آئون محسوس ٿو ڪريان ته اسان ٽيپ رڪارڊر وسيلي انٽرويو وٺڻ جو گُر اڃا سکيا ئي ناهيون. ڳالهه ٻولهه جو سُٺي ۾ سٺو طريقو اهو آهي ته صحافي بنا نوٽس وٺڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪري. اُتان اُٿي پوءِ وڃي، اها ڳالهه ٻولهه ياد ڪري پنهنجن اکرن ۾ لکي. ضروري ناهي ته جيڪي اکر انٽرويو ڏيندڙ چيا هُجن اُهي ساڳيا لفظ ائين جو ائين استعمال ڪري. ٻي ڪارائتي صورت نوٽس وٺڻ جي به آهي. نوٽس وٺو ۽ پوءِ انٽرويو ڏيندڙ سان پنهنجو خلوص ڏيکاري انهن کي پنن تي پنهنجي لفظن ۾ لاهيو. ٽيپ رڪارڊر ۾ اها خرابي آهي ته جڏهين توهان ٽيپ رڪارڊر اڳيان ٿا رکو ته محسوس اهو ٿيندو آهي ته اوهان کي انٽرويو ڏيندڙ سان ڪا به همدردي ناهي. ماڻهو ڳالهائيندي سدائين هڪڙي خاني ۾ نه رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳُئيءَ مان به ڳالهائڻ لڳندو آهي ۽ صحافي آهي ئي ڳالهيون اُڀاري پيش ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن مون کان ڪو ٽيپ رڪارڊر تي انٽرويو وٺندو آهي ته آئون خبردار ٿي ويندو آهيان. پر جڏهين ٽيپ رڪارڊر نه هوندو آهي، تڏهن آئون پنهنجي اصلي رنگ ۾ ڳالهائيندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تو ته اها ڳالهه ڪري اسان کي ڏوهاري بڻائي وڌو آهي، پر ههڙي قسم جي انٽرويو لاءِ ٽيپ رڪارڊر جي ضرورت هئي.
    گارشيا مارڪئز: ڪجهه به هجي. مون جيڪا ڳالهه توکي چئي آهي ته انهيءَ سان توکي دفاعي انداز اختيار ڪرڻو پئجي ويو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تون پاڻ صحافي به آهين ته تون ڪڏهين انٽرويو وٺڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر استعمال ڪيو؟
    گارشيا مارڪئز: صحافي جي حيثيت ۾ مون ڪڏهين به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ نه کنيو. مون وٽ تمام سٺو ٽيپ رڪارڊر آهي پر آئون انهيءَ تي سنگيت ٻڌندو آهيان. باقي صحافيءَ جي حيثيت ۾ ته مون ڪڏهن به ٽيپ رڪارڊر ڏانهن نه ڏٺو. مون ڪئين رپورٽون لکيون آهن، پر ڪڏهين به سوال ۽ جواب وارو انٽرويو نه ڪيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: مون ٻڌو آهي ته تو ڪنهن جهازيءَ کان ڪو تمام مشهور انٽرويو ورتو هو. انهيءَ جهازيءَ جو سامونڊي جهاز تباهه ٿي ويو هو پوءِ؟
    گارشيا مارڪئز: سوال جواب نه هئا. اهو جيڪو جهازي هو مون کي پنهنجن خطرناڪ مهمن جي باري ۾ ٻڌائيندو ويندو هو ته آئون سندس قصا لکندو وڃان. اهو سڀ ڪجهه مون فرسٽ پرسن ۾ لکيو ۽ ائين لکيو ڄڻ جهازي پاڻ پيو لکي. جڏهن سندس اهو قصو قسطوار اخبار ۾ ڇپيو ته انهيءَ تي جهازيءَ جي صحيح لڳل هوندي هُئي، مون ته ان قصي هيٺيان پنهنجي صحيح ڪا نه لڳائي. انهيءَ وقت ته اُنهيءَ قصي تي ڪنهن ڌيان ڪو نه ڏنو، پر ويهن سالن کان پوءِ ماڻهن کي خبر پيئي ته انهيءَ قصي لکڻ ۾ منهنجا هٿ اکر هئا. خود ايڊيٽر به انهيءَ قصي کي ايترو لکيو ئي ڪو نه، پر جڏهين منهنجو ناول ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ڇپيو ته پوءِ وڃي ايڊيٽر صاحب کي اها کڙڪ پيئي ته قصو ڏاڍو ڀلو هو.
    انٽرويو وٺندڙ: پاڻ ڳالهه پئي ڪئي صحافت جي، تون ڳچ وقت ناولن لکڻ کان پوءِ وري صحافت ۾ آيو آهين، ته هن وقت توکي صحافت اوپري اوپري ته نه ٿي لڳي؟
    گارشيا مارڪئز: مون کي سدائين کان اهو خيال رهيو آهي ته منهنجو اصلي ۽ صحيح ڌنڌو صحافت آهي. اڳ ۾ صحافت جي جيڪا ڳالهه مون کي نه وڻندي هئي، اُها اِها هئي ته صحافت ۾ ڪم لاءِ حالتون سازگار نه هُيون ۽ گڏوگڏ اهو به هو ته صحافت ۾ مون کي پنهنن خيالن ۽ نڪتن تي پابندي هڻڻي پوندي هئي، آئون مشروط صحافي هوس. پوءِ جڏهن ناولسٽ ٿيس ۽ ناول لکڻ جي ڪري جيڪا مون کي اقتصادي آزادي ملي ته هاڻي آئون پنهنجي دلچسپيءَ جا خيال ۽ نُڪتا ۽ موضوع پنهنجي مرضيءَ سان چونڊي اخبارن ۾ لکي سگهان ٿو. جيڪي ڪجهه به هجي، پر جڏهين مون کي صحافيءَ جي ڪم ۾ سٺيون سٺيون رپورٽون لکڻ جو وجهه ملندو ته آئون انهن موقعن مان ڏاڍو مزو وٺندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تو لاءِ صحافت جي ڪم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون رپورٽون آهن؟
    گارشيا مارڪئز: جان هيريسيءَ جي رپورٽ ’هيروشيما‘ صحافت جو غير معمولي ڪارنامو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اڄڪلهه ڪا اهڙي خبر آهي، جنهن تي تون رپورٽ لکڻ گهرندو هجين؟
    گارشيا مارڪئز: ڪيتريون ئي آهن. ڪجهه ته لکيون اٿم. پورچو گال، ڪيوبا، انگولا ۽ ويٽنام تي لکيون اٿم. هينئر ته دل گهري ته پولينڊ تي ڪا رپورٽ لکان. جيڪڏهن اهو لکي وڃان ته پولينڊ ۾ ڇا پيو وهي واپري ته ڪر تمام اهم رپورٽ ٺهي پوي. پر اڄڪلهه پولينڊ ۾ سيءُ ڏاڍو آهي ۽ آئون وري اهڙو صحافي آهيان، جنهن کي ٿوري گهڻي آرام پسندي کپي ٿي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي نظر ۾ ناول ۾ ڪي اهڙيون خاص شيون هونديون آهن، جيڪي صحافت ۾ لکي نه سگهجن؟
    گارشيا مارڪئز: ڪجهه به نه. ٻنهين ۾ ڪو فرق ناهي. وسيلا ساڳيا آهن. مواد ساڳيو آهي، ٻولي ۽ ٻيا ذريعا ساڳيا آهن. ڊينئيل ڊيفو جو ڪتاب “The Journal of the plague year.” عظيم ناول آهي، ساڳئي طرح ’هيروشيما‘ صحافت جو عظيم ڪارنامو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا حقيقت ۽ تصور ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ صحافتي ۽ ناولسٽ جي ذميوارين ۾ ڪو فرق آهي؟
    گارشيا مارڪئز: صحافت ۾ جيڪڏهين ڪا به هڪڙي ڳالهه ڪوڙ تي يا تعصب تي ٻڌل هجي ته سڄي ڪم کي ڦٽايو ڇڏي. ٻئي پاسي ناول ۾ ڪا به هڪ رکي حقيقت بيان ٿي وڃي ته سڄي ناول کي ڦٽايو وجهي. اهو ئي فرق آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته لکڻ واري جي ڪمنٽمنٽ ڪهڙي آهي. ناولسٽ کي اها آزادي آهي ته هو جيڪي دل چئيس اُهو لکي، ماڻهن کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه سال اڳ تو انٽرويو ڏنا هئا. ته تون مُڙي جڏهين پنهنجي صحافت جي پهرئين دور ڏانهن نهارين ٿو ته وڏو فخر ٿو محسوس ڪرين ته تون ڪيڏيءَ نه تيزي سان لکي ويندو هئين؟
    گارشيا مارڪئز: اڳي جيڏو آئون تيزيءَ سان لکندو هوس، اُنهيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ناول توڙي صحافت لکڻ ۾ ڏکيائي ٿو محسوس ڪريان. آئون جڏهين اخبارن لاءِ لکندو هوس ته آئون پنهنجي هڪڙي هڪڙي اکر کي خبرداريءَ سان نه لکندو هوس ته هن اکر جي الائي ڪهڙي معنيٰ نڪرندي، هُن اکر جو ڇا ٿيندو. آئون جڏهن ايل ايسپيڪٽاڊور اخبار ۾ ڪم ڪندو هوس ته هفتي ۾ ٽي ٽي رپورٽون لکي ويندو هوس. روزانو ٻه يا ٽي ايڊيٽوريل نوٽ يا فلمن تي تبصرا لکي ويندو هوس. پوءِ جڏهين رات ٿيندي هُئي ته منهنجا ٻيا ساٿي صحافي گهرن ڏانهن هليا ويندا هئا ته آئون آفيس ۾ ويهي ناول لکندو هوس. مون کي لائينو ٽائيپ مشينن جو گوڙ ڏاڍو وڻندو هو. ائين جيئن ڄڻ مينهن وسندو هجي. جڏهن مشينون بند ٿي وينديون هيون ته آئون ماٺ ۾ پئجي ويندو هوس ۽ لکي نه سگهندو هوس. هاڻي آئون ايترو لکي ئي نٿو سگهان. جڏهين لکڻ لاءِ ڪو سڀاڳو ڏينهن هوندو آهي ته صبح جو نوين وڳي کان وٺي ٻين يا ٽين وڳي تائين لکان ٿو ته مس مس چئن يا پنجن ستن تي ٻڌل ننڍڙا پيرا گراف لکندو آهيان. ٻئي ڏينهن وري اُهي ڦاڙهي ڇڏيندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تو ۾ اها جيڪا تبديلي آئي آهي، اُها انهيءَ ڪري ته نه آئي جو تنهنجي ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي؟ يا ڪنهن سياسي ڪمنٽمينٽ جي ڪري آئي آهي؟
    گارشيا مارڪئز: ٻنهين ڳالهين جي ڪري آئي آهي. مون ڪڏهين به اهو ڪو نه سوچيو هو ته مون کي ايترن گهڻن ماڻهن لاءِ لکڻو پوندو. هاڻي جڏهين گهڻن ماڻهن لاءِ پيو لکان ته انهيءَ خاص ڳالهه جي ڪري مون ۾ ادبي ۽ سياسي ذميواري پئجي ويئي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مون کي پنهنجين لکڻين تي فخر به ٿي پيو آهي ته ائين نه ٿئي ته جهڙو اڳي پئي لکيم. انهيءَ درجي تان هيٺ نه ڪري پوان.
    انٽرويو وٺندڙ: لکڻ شروع ڪيئن ڪيئه؟
    گارشيا مارڪئز: تصويرن ٺاهڻ سان شروعات ڪيم. ڪارٽون ٺاهيندو هوس. جڏهين لکڻ ۽ پرهڻ جهڙو ٿيس. تنهن کان اڳ اسڪول ۽ گهر ۾ ويهي مزاحيه تصويرون ٺاهيندو هوس. مزيدار ڳالهه اها آهي ته هاڻي وڃي مون کي خبر پيئي آهي ته آئون جڏهين هاءِ اسڪول ۾ هوس تڏهن مون کي اُتي ليکڪ سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُنهيءَ وقت مون ڪجهه به نه لکيو هو، انهيءَ زماني ۾ ڪو پمفليٽ لکڻو پوندو هو يا ڪا درخواست لکڻي پوندي هُئي ته اِهو ڪم اڪيلو آئون ئي ڪندو هوس، انهيءَ ڪري مون کي ليکڪ ڪري سمجهيو ويندو هو. جڏهين ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته عام طور تي منهنجو سٺو ادبي پس منظر بڻجي چڪو هو. مون کي پنهنجن ٻين هم ڪلاسين کان مٿانهون سمجهيو ويندو هو. بوگوٽا يونيورسٽيءَ ۾ پهچي مون نوان ۽ واقفڪار ۽ دوست ٺاهيا، جن مون کي اُنهيءَ وقت جي ليکڪن سان متعارف ڪرايو، هڪ رات منهنجي هڪ دوست مون کي فرانز ڪافڪا جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڏنو. اُهو مون گهر وڃي پڙهيو. پهرئين سِٽ ئي مون کي ڌڪ هنيو ۽ اُٿي ويهي رهيس. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. اها سٽ هن طرح هئي ته، ـگريگور سم سا صبح جو جيئن ئي پنهنجن تڪليف ڏيندڙ خوابن مان اُٿيو ته هن پنهنجي بستري تي پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏي جيت ۾ تبديلي ٿيندي محسوس ڪيو.“ مون جڏهين اها سٽ پڙهي ته پنهنجي ليکي سوچيم ته مون کي ته اها خبر ئي نه آهي ته ليکڪ کي ماڻهو ڪي اهڙيون ڳالهيون لکڻ ڏيندا. جيڪڏهن اها مون کي خبر هجي ها ته آئون ڪڏهوڪو لکڻ شروع ڪري ڇڏيان ها. بس پوءِ ته مون جلدي ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. منهنجون اهي ڪهاڻيون مڪمل طرح تي دانشورانه هيون، ڇاڪاڻ انهن جو بنياد منهنجو پڙهڻ وارو ادبي تجربو هو ۽ اڃا تائين مون کي اها خبر نه هئي ته زندگي ۽ ادب جا پاڻ ۾ ڪهڙا لڳ لاڳاپا آهن. منهنجون اهي ڪهاڻيون ’ايل ايسپيڪٽاڊور‘ اخبار جي ادبي ايڊيشن ۾ ڇپيون. انهيءَ وقت ٿوري گهڻي ڪاميابي به ماڻيائون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ڪولمبيا ۾ ڪو دانشورانه ڪهاڻيون لکڻ وارو هوئي ڪو نه. انهيءَ وقت اتي لکڻ وارا ڳوٺن جون ۽ اتان جي سماج جون ڪهاڻيون لکندا هئا، پر منهنجون جڏهن پهريون ڪهاڻيون ڇپيون ته مون کي ٻڌايو ويو ته توتي جيمس جوائس جو اثر آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت تو جيمس جوائس کي پڙهيو هو؟
    گارشيا مارڪئز: مون ته جوائس کي ٺُپ ڪو نه پڙهيو هو. پوءِ ماڻهن جي چوڻ تي سندس ناول ’پوليسس‘ پڙهڻ شروع ڪيم. انهيءَ وقت انهيءَ ڪتاب جو اسپينش ترجمو پڙهيم. پوءِ وڃي اصل انگريزيءَ ۾ ۽ فرانسيسي ترجمو به پڙهيم. جيڪو ڏاڍو سُٺو هو، باقي اسپينش ترجمو ته تمام واهيات هو، پر انهيءَ مان مون هڪڙي ڳالهه سکي، جيڪا اڳتي هلي مون کي ڪم آئي. اها ڳالهه هئي ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ واري ٽيڪنڪ ۾ ڪيئن لکجي. اڳتي هلي اها ٽيڪنڪ مون کي ورجينيا وولف ۾ به نظر آئي ۽ ڏٺم ته انهيءَ ٽيڪنڪ ۾ ورجينيا وولف، جوائس کان وڌيڪ سگهاري آهي. اڳتي هلي مون کي خبر پيئي ته پهرئين پهرئين اها ٽيڪنڪ هڪ اڄاتي ليکڪ لازرِيل ڊِي ٽوريس ايجاد ڪئي هئي.
    انٽرويو وٺندڙ: توتي جيڪي شروعاتي شروعاتي اثر پيا، انهن جي باري ۾ ٻڌائي سگهندين؟
    گارشيا مارڪئز: جن ماڻهن سچي پچي مون کي دانشورانه ڪهاڻين لکڻ جي چڪر مان ڪڍيو، اُهي آمريڪا جي ادبي تحريڪ ’گم ٿيل نسل‘ جا لکيڪ هئا. مون اها ڳالهه سَهي ڪري ورتي ته سندن تخليق ڪيل ادب جو لڳ لاڳاپو زندگيءَ سان آهي ۽ آئون جيڪي ڪهاڻيون پيو لکان، انهن جو زندگيءَ سان ڪو لڳ لاڳاپو ناهي. پوءِ هڪڙو تمام وڏو واقعو ٿي پيو، جنهن منهنجي ادبي لاڙن تي وڏو اثر ڇڏيو. اهو زمانو هو 9 اپريل 1948ع جو ۽ هنڌ هو بوگوٽازو شهر. انهيءَ تاريخ تي گائيٽان نالي هڪ سياسي ليڊر کي گولي هنئي وئي. بوگاٽا جا ماڻهو انهيءَ واقعي تي ڇتا ٿي گهٽين ۾ ڪاهي پيا. مون پنهنجي ٺڪاڻي تي منجهند جي ماني کائڻ جي تياري پئي ڪئي، ته مون تائين اها خبر پهتي. آئون ڀڄي سڌو اتي پهتس، جتي گائيٽان کي گولي لڳي هئي، پر ماڻهو کيس ٽئڪسي ۾ وجهي اسپتال کڻي ويا هئا. آئون گهر واپس ٿيس، تيستائين ماڻهن جا ميڙ گهٽين ۾ گڏ ٿي ويا. مظاهرا، ڦرمار ۽ باهيون شروع ٿي ويون. آئون به عوام سان گڏجي ويس. انهيءَ ڏينهن شام جو مون اک پٽي ته آئون ڪهڙين حالتن واري ملڪ ۾ پيو رهان ۽ انهن حالتن جي مقابلي ۾ منهنجن ڪهاڻين جي ڪهڙي حيثيت آهي. انهيءَ کان پوءِ جڏهن مون کي زوري باران ڪُئيلا مولين، جتي مون پنهنجي ننڍپڻ گذاري هئي ته مون کي اها ڳالهه دل سان لڳي ته زندگيءَ جو اهوئي رنگ آهي، جنهن کي پنهنجين لکڻين ۾ چٽجي.
    1950ع يا 1951ع ۾ وري ٻيو واقعو ٿي گذريو. منهنجيءَ ماءُ مون کي چيو ته ”تون مون سان گڏجي آراڪاٽاڪا هل.“ اُتي آئون ڄائو هوس ۽ امان کي اهو گهر وڪڻڻو هو، جنهن ۾ آئون زندگيءَ جا پهريان پنج سال رهيو هوس، جڏهن آئون اتي پهتس ته منهنجيءَ دل کي ڌڪ لڳو. انهيءَ وقت منهنجي عمر ٻاويهه سال هئي ۽ مون اٺن ورهين جي ڄمار کان پوءِ اباڻا پٽ ڪو نه ڏٺا هئا، اتي ڪا به شيءِ تبديل نه ٿي هئي، پر مون اهو محسوس ڪيو ته آئون پنهنجي ڳوٺ نه پيو ڏسان، پر هڪ تجربي مان پيو گذران ۽ ڳوٺ کي ڏسڻ جي بدران ڳوٺ کي پڙهڻ شروع ڪيم. مون کي لڳو ته پنهنجو ڳوٺ ۾ دل جي پٽيءَ تي ته لکجي چڪو آهي، هاڻي مون کي اها شيءِ پني تي لاهڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا پريڪٽيڪل رُخ منهنجين لکڻين ۾ پيا اچن. گهر، ماڻهو ۽ يادگيريون. مون کي پڪ ناهي ته انهيءَ زماني ۾ مون فاڪنر کي پڙهيو هو يا نه، پر هاڻي خبر پئي اٿم ته جيڪي ڏٺم، اُهو صرف فاڪنر جي ٽيڪنڪ اختيار ڪندي اُتان جي باري ۾ لکي پيو سگهان. مون ڳوٺ جو جيڪو ماحول، زوال ۽ گرمي محسوس ڪيو ته اهي شيون اهڙيون ساڳيون هيون، جيڪي مون فاڪنر جي لکڻين ۾ محسوس ڪيون آهن، اُتي جيڪي ڪيلن جا فصل هئا، اُتي انهن فروٽ ڪمپنين جا آمريڪي ماڻهو رهندا هئا، جن اهو ئي ماحول پيدا ڪري وڌو هو، جيڪو سائوٿ جي ليکڪن پنهنجين لکڻين ۾ چٽيو هو. نقاد ته چون ٿا ته مون تي فاڪنر جو اثر آهي، پر آئون انهيءَ کي اتفاق واري هڪجهڙائي ٿو سمجهان. سولي سنواٽي ڳالهه پيئي آهي ته مون کي اُتي اهوئي مواد ملي سگهيو، جنهن جهڙو مواد ساڳئي طريقي سان فاڪنر لکيو.
    ڳوٺان موٽي مون اچي ’پنن جي وانئر‘ نالي ناول لکيو، جيڪو منهنجو پهريو ناول هو. ڳوٺ وڃي مون کي جيڪا اصل ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته مون جيڪي ڪجهه ننڍپڻ ۾ ڏٺو ۽ سَٺو، انهيءَ زندگيءَ جو هڪ ادبي مُلهه هو، جنهن کي هاڻي وڃي مڃيو اٿم. جڏهن مون ’پنن جي وانئر‘ ناول لکيو ته مون کي خبر پيئي ته مون ۾ ليکڪ جا جيوڙا آهن ۽ هاڻي مون کي ڪو به لکڻ کان روڪي نٿو سگهي، ۽ اهو ته هاڻي مون لاءِ رڳو اها واٽ وڃي بچي آهي ته آئون دنيا جو بهترين ليکڪ بڻجان. اهو 1953ع جو سال هو. پر مون کي 1967ع کانپوءِ پنهنجي اٺن ڪتابن مان پنجن ڪتابن جي رائلٽي ملي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ اها عام ڳالهه آهي ته ڇا ته نوجوان ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ جي گذاريل زندگيءَ کي لکڻ جي لائق نه سمجهندا آهن ۽ دانشورانه ڳالهيون لکندا آهن، جيئن تو ڪيو؟
    گارشيا مارڪئز: نه نه. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن نوجوان ليکڪن کي صلاح ڏجي ته لکڻ جو سلسلو تو واريءَ چيل ڳالهه جي ابتو وڃي بيهندو. آئون ته چوان ٿو تهته ڀاءُ اهو ئي ڪجهه لکو، جيڪو اوهان ڏِٺو، سَٺو، پڙهيو ۽ ٻُڌو آهي. پئبلو نيرودا پنهنجي نظم جي هڪ سٽ ۾ چوي ٿو، ”منهنجا رب! جڏهن آئون ڳائڻ ويهان ته مون کي راڳ ايجاد ڪرڻ کان بچاءِ.“ مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي ته مون هيستائين جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ جي هڪ سٽ ۾ به تصور جي جاءِ پوٺي تي پيل حقيقت نه والاري آهي. مسئلو اهو آهي ته ڪيريبين حقيقتون ڇتي تصور جهڙيون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: هن وقت جڏهن تون لکندو آهين ته لکندي ڪنهن سان مخاطب هوندو آهين؟
    گارشيا مارڪئز: مون ڪتاب ’پنن جي وانئر‘ لکيو ته اهو ناول مون پنهنجن انهن دوستن لاءِ لکيو، جيڪي منهنجي مدد ڪندا هئا، ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُڌارا ڏيندا هئا ۽ منهنجين لکڻين جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. هونئن عام طور تي لکڻ وارو ڪنهن نه ڪنهن سان مخاطب ٿي لکندو آهي. جڏهن آئون لکڻ ويهندو آهيان ته منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه کُتل هوندي آهي ته فلاڻو يار هن حصي کي پسند ڪندو، فلاڻو يار وري منهنجين هنن ٻين سٽن کي يا باب کي پسند ڪندو. منهنجا خاطب ڪجهه خاص ماڻهو هوندا آهن، حاصل مطلب ته آئون پنهنجن دوستن کي مخاطب ٿي لکندو آهيان. ’اوجاڳي جا سؤ سال لکڻ کان پوءِ مون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته هاڻي مون کي اها خبر نٿي پوي ته اُهي ڪهڙا ۽ ڪير لکين پڙهندڙ آهن، جن لاءِ آئون لکندو آهيان. انهيءَ حقيقت هڻي مون کي مُنجهائي وڌو آهي. توڏانهن جڏهن لکين اکيون ڏسنديون هجن ته توکي اها خبر ته نه پوندي ته اُهي ڇا ٿيون سوچين.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين تي صحافت جو ڪيترو اثر آهي؟
    گارشيا مارڪئز: منهنجي خيال ۾ اهو اثر ٻه طرفو آهي. مون جيڪي ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا، انهن مون کي صحافت ۾ مدد ڪئي. ڇاڪاڻ جو صحافت جي ادبي حيثيت بڻجي ويئي. ٻئي پاسي وري صحافت منهنجين ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ ۾ مدد ڪئي، ڇاڪاڻ صحافت زندگيءَ جي حقيقت کي ويجهو ٿي آڻي.
    انٽرويو وٺندڙِ ظاهر آهي ته تو پنهنجي اسٽائيل قائم ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو هوندو. ته ’پنن جي وائنر‘ کان ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ تائين تنهنجي اسٽائيل ڪيئن ٺهي؟
    گارشيا مارڪئز: مون جڏهن ناول ’پنن جي وانئر‘ لکي پورو ڪيو ته منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته پنهنجي ڳوٺ ۽ ننڍپڻ تي لکندي، مون ملڪ جي سياست کان ڪن ٽار ڪئي آهي. مون تي اهو ڪهڙو اثر ويٺل هو ته آئون انهيءَ قسم جي اُڪير جي پويان لڪو ويٺو آهيان، جڏهن ته لکندي مون کي انهن سياسي حالتن سان به وڙهڻ کپندو هو، جيڪي حالتون ملڪ ۾ موجود هيون. اهو ئي وقت هو، جڏهن ادب ۽ سياست جي لڳ لاڳاپن تي گهڻي بحثا بحثي ٿي. ٻنهين جي وچ ۾ جيڪو ويڇو هو، اهو مون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. پهرئين آئون فاڪنر وانگيان هوس، پوءِ هاڻي هيمنگوي وانگر آهيان. مون ’ڪرنل کي ڪو به خط نٿو لکي‘، ’نڀاڳي گهڙي‘ ۽ ’وڏيءَ امان جو جنازو‘ جيڪي لکيا، سي لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ۾ لکيم. انهن ۾ گهڻيون شيون هڪ جهڙيون هيون. انهن ڪهاڻين انهيءَ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هو، جنهن ڳوٺ ۾ ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۽ ’پنن جي وانئر‘ جنم وٺن ٿيون. اهو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڪو به جادو ٻادو ناهي. اهو صحافيا نه ادب هو. پر مون جڏهن، ’نڀاڳي گهڙي‘ لکي پورو ڪيو. مون ڏٺو ته منهنجا خيال وري غلط ٿي ويا. مون کان اهو خيال ٿي بيٺو ته مون کان ڪا ڳالهه گُسي ويئي آهي ۽ مون کي اهڙي ڪا پڪ به نه هئي ته هڪ ڏينهن اها گُٿل ڳالهه به جهلي وٺندس. پوءِ اها گٿل ڳالهه مون ’او جاڳي جا سؤ سال‘ ۾ جهلي ورتي. اهو ناول مون انهيءَ طرز ۾ لکيو، جنهن طرز ۾ منهنجي ڏاڏي مون کي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، ڏاڏيءَ جون ٻڌايل ڪهاڻيون مون کي پليون ۽ مافوق الفطرت لڳنديون هيون، پر انهن ڪهاڻين جي طرز حقيقت پسنديءَ واري هئي. مون جڏهن اها طرز ڳولي لڌي ته پوءِ يڪا ارڙهن مهينا ڏينهن رات هڪ ڪري پيو لکندو هوس.
    انٽرويو وٺندڙ: توکي اهڙيون غير معمولي ڀليون ڳالهيون ڪيئن حقيقت ڀريون لڳيون؟
    گارشيا مارڪئز: مون لاءِ جيڪا ڳالهه اهم هئي، سا اها هئي ته جڏهن ڏاڏي ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي سندس چهري جا تاثرات ڏاڍا زبردست هوندا هئا. ڪهاڻي ٻڌائڻ وقت منهن تي سَرُ به ڪو نه ايندو هوس ۽ ٻيا جيڪي ٻڌندا هئا، سي به حيران ٿي ويندا هئا. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ کان اڳ ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مون جيڪي ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون ته انهن تي مون کي پاڻ کي ڪو ايترو پڪو پختو اعتبار نه هوندو هو. پوءِ وڃي انهيءَ ڳالهه تي بيٺس تي آئون اهڙيون ڪهاڻيون لکان، جن تي منهنجو پنهنجو ته اعتبار هجي، جيئن ڏاڏيءَ کي پنهنجين ڪهاڻين تي پڪو پختو اعتبار هوندو، جيڪو سندس چهري جي تاثرات مان پڌ پڌرو هوندو هو. اصل مُنهن تي رُڪ ٻڌي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
    انٽرويو وٺندڙ: ائين لڳي ٿو ته انهيءَ ۾ صحافيانه طرز استعمال ٿيل آهي. تنهنجا غير معمولي واقعا پڙهندي پڙهندي لڳي ٿو ته تون منٽ منٽ ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ٿو وڃين، جو اهي ڪهاڻيون حقيقي ٿيون لڳن. اها شيءِ تو صحافت تان ته نه کنئي آهي؟
    گارشيا مارڪئز: اها طرز ئي صحافيانه آهي، جيڪا ادب ۾ استعمال ڪرڻ کپي. مثال ته تون چئي ٿو ويهي رهين ته، ”هاٿي آسمان ۾ پئي اڏاڻا.“ ته تنهنجيءَ انهيءَ ڳالهه تي ڪو به اعتبار نه ڪندو. پر انهيءَ جي بدران اهو چوندين ته ”مون آسمان ڏانهن ڏٺو ته مون کي پنجويهه هاٿي نظر آيا.“ ته ماڻهو اعتبار ڪندا ته شايد متان ائين توکي محسوس ٿيو هجي. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي. اها ئي طرز ڪهاڻي بيان ڪرڻ وقت منهنجي ڏاڏي استعمال ڪندي هئي. مون کي سندس هڪ ڪهاڻي خاص طور تي ياد ٿي اچي ته انهيءَ ۾ هڪڙو ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري پوپٽ اُڏامندا آهن. آئون اڃا تمام ننڍڙو هوس ته اسان جي گهر ۾ بجليءَ وارو ايندو هو. مون کي انهيءَ تي حيرت ٿيندي هئي ته هو پاڻ ساڻ هڪ پَٽو کڻي ايندو هو، جيڪو کيس بجليءَ جي شاڪ کان بچائيندو هو. انهيءَ بجليءَ واري لاءِ ڏاڏي چوندي هئي ته اهو بجليءَ وارو جڏهن هليو ٿو وڃي ته پويان گهر پيلن پوپٽن سان ڀرجيو وڃي. پر جڏهن اها ساڳئي ڳالهه لکڻ ويٺس ته مون اهو نه لکيو ته پوپٽ پيلي رنگ جا هئا. ڇو ته ماڻهو مون تي اعتبار نه ڪندا. مون جڏهن ريڊيوس نالي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳالهه لکي ته اها بهشت ڏانهن هلي ٿي وڃي. ته انهيءَ ڳالهه کي اعتبار جوڳو بنائڻ لاءِ مون کي لکڻ تي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئجي ويئي. هڪڙي ڏينهن باغ ۾ نڪري ويس، اُتي هڪ عورت ڏٺم، جيڪا گهر اچي ٿانءِ ڌوئيندي هئي ۽ ٿالهيون کڻي ٻاهر سُڪائيندي هئي ۽ هوا لڳندي هئي ته پليٽون اڏامي وينديون هيون. مائي هوا سان وڙهڻ شروع ٿي ويندي هئي ته ”نه لڳ.“ مون محسوس ڪيو ته آئون انهن پليٽن کي ائين بيان ڪريان ته اهي پليٽون ريڊيوس ڏانهن ٿيون وڃن ته ڪر مائي مڃي وڃي. مون جڏهن اها ڪهاڻي ائين لکي ته اعتبار جوڳي بڻجي ويئي. هر ليکڪ لاءِ جيڪو مسئلو آهي، اُهو آهي ته هن جي لکڻيءَ جي ساک هجي. هر ماڻهو ايترو ڪجهه لکي، جيڪو اعتبار جوڳو هجي. (هيءُ معاملو سنڌيءَ ۾ ائين آهي ته جيئن ڪو ماڻهو ائين بيان ڪري ته، ”فلاڻو ماڻهو جڏهن گهوڙي تي چڙهي نڪرندو هو ته وڻ پيا ڏڪندا هئا.“ جيتوڻيڪ وڻ ماڻهوءَ کي ڏسي ڏڪندا ناهن، پر ماڻهو گهوڙيسوار جي حشمت تي اعتبار ڪندا آهن. مترجم)
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ناول ۾ ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ جيڪا اوجاڳي جي وبا(Insomnia) پکڙجندي آهي ته انهيءَ جو بنياد ڪهڙو هو؟
    گارشيا مارڪئز: منهنجي شروعات کان وٺي وبائن ۾ دلچسپي رهي آهي. وچئين دور ۾ جيڪي وبائون آيون، انهن جي مون اسٽڊي ڪئي. منهنجو پسند جو هڪڙو ڪتاب “The Journal of plague year.” به رهيو آهي، جيڪو ڊينئل ڊيفو جو لکيل آهي. انهيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ڇاڪاڻ ته ڊيفو هڪ اهڙو صحافي هو، جيڪو ايڏيون ته زبردست رپورٽون لکندو هو جو اُهي جاڳ جا خواب نظر ايندا هئا. پهرئين پهرئين ڪافي سال ته آئون اهو سوچيو ويٺو هوس ته سندس ڪتاب لنڊن ۾ پکڙيل وبا جي رپورٽ آهي ۽ جيئن ڏٺي اٿائين، تيئن لکي ڇڏي اٿس، پر پوءِ خبر پيئي ته جڏهن لنڊن م پليگ پکيڙي هئي، ته ڊيفو انهيءَ وقت ستن سالن جو ٻار هو ۽ سندس ڪتاب رپورٽ ناهي، پر ناول آهي. وبا منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي. جنهن کي مون ڌار ڌار نمونن ۾ لکيو آهي. ’نڀاڳي گهڙي‘ ۾ جيڪي پمفليٽ بيان ٿيل آهن، اهي به هڪ وبا آهن، ڪيترن سالن لاءِ اهو سوچيندو رهيس ته ڪولمبيا ۾ جيڪي ڦڏا فساد هلندا ئي رهن ٿا. اُهي به هڪ قسم جي وبا آهن. ’سؤ سالن جي اوجاڳو‘ لکڻ کان اڳ مون هڪ ڪهاڻي لکي، ’ڇنڇر کان پوءِ،‘ انهيءَ ڪهاڻي ۾ پکي وبا ۾ مرندا نظر اچن ٿا. ’سؤ سالن جو اوجاڳو‘ ۾ جيڪا اوجاڳي (Insomnia) جي وبا آهي ته اها مون هڪ ادبي اٽڪل ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي ’ننڊ جي وبا‘ جي خلاف ابتڙ وبا ڄاڻائي اٿم، حقيقت اها آهي ته ادب ٻئي ڪا شيءَ ناهي، اُڻت ئي اُڻت آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڌار ڌار قسم جي تخليقن ۾ جيڪا هڪجهڙائي ٿيندي آهي، اها ڳالهه وڌيڪ کولي ٻڌاءِ؟
    گارشيا مارڪئز: ٻئي ڪم سخت پورهئي جا طالبُو هوندا آهن، لکڻ به ايڏو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيڏو ميز ٺاهڻ، ٻنهين ڪمن ۾ توکي حقيقتن کان ڪم وٺڻو پوندو. لکت جو مواد به ڪاٺ وانگيان سخت آهي، ٻنهين ڪمن ۾ اٽڪل ۽ ٽيڪنڪ ئي کپي. ٿورو جادو هجي ۽ گهڻي محنت هجي، پرائوسٽ صحيح چيو آهي ته، ”لکڻ جي ڪم ۾ 10 سيڪڙو اتساهه کپي ۽ 90 سيڪڙو پگهر وهائڻ کپي.” مون ڪڏهن به ڪنهن غاليچي جي اُڻت جو ڪم نه ڪيو آهي، پر انهي ڪم کي آئون تمام گهڻو مان ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم توهان پاڻ لاءِ نه ڪندا آهيو.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجي ناول ’اوجاڳي جا س‍ؤ سال‘ ۾ ماڻهن تي ڪيلن جي چڙهيل تپ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟ انهيءَ ڳالهه جو يونائيٽيڊ فروٽ ڪمپنيءَ سان ڪيترو تعلق آهي؟
    گارشيا مارڪئز: ڪيلن جي باري ۾ جيڪي لکيو اٿم، اها هڪ حقيقت آهي. ها! مون لکڻ ۾ جيڪو اٽڪلون استعمال ڪيون آهن، انهن کي تاريخ جي بنياد تي ثابت ڪري نٿو سگهجي. مثلاَ چونڪ ۾ جيڪو قتل عام ٿئي ٿو ته اهو واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، پر جيتري قدر انهيءَ واقعي جي پڪين شاهدين ۽ ثبوتن جو تعلق آهي ته انهن کي بنياد بڻائي لکان ها ته اها ته خبر پئجي نه سگهي ها ته اصل ۾ مرڻ وارو جو ڪيترو تعداد آهي. مون ٽن هزارن جو انگ استعمال ڪيو. جنهن ۾ وڏاءُ هو(تخليق کي زوردار بنائڻ لاءِ. مترجم) مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن هڪ ڊگهي ريل گاڏيءَ کي ڪيلن جي فصل مان نڪرندي ڏسندو هوس، جنهن لاءِ چوندا هئا ته انهيءَ ۾ ڪيلا پيل آهن ۽ ڪيلن سان گاڏي سٿيل آهي، پر اهو به ٿي پئي سگهيو ته انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ٽي هزار ماڻهن جا لاش پيل آهن، انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لاءِ نيو پيو وڃجي. هاڻي جڏهن ڪانگريس ۾ ۽ اخبارن ۾ آهي ڳالهيون پيون اچن ته اهي واقعي ٽي هزار لاش هئا ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري مون کي اهو شڪ آهي ته جيڪا اسان تاريخ لکي پئي وڃي انهيءَ جو اڌ انهيءَ طريقي سان لکيو ويو آهي. منهنجي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ ڊڪٽيٽر ائين ٿو‘ چوندو نظر اچي ته، ”اها ڪا ڳالهه ئي سچ بڻجي ويندو.” اڄ يا سڀاڻي ماڻهو حڪومت جي ڳالهين کي مڃڻ جي بدران ليکڪن جون ڳالهيون مڃيندا.
    انٽرويو وٺندڙ: ائين نه پوءِ ليکڪ ڏاڍا سگهارا آهن. ناهن؟
    گارشيا مارڪئز: ها، آهن، آئون به انهيءَ ڳالهه کي محسوس ٿو ڪريان. آئون چاهيان ٿو ته آئون صحافت جي طرز تي ڪو مضمون لکان، جيڪو اصل ۾ سچو هجي، پر گڏوگڏ ايڏو سگهارو ۽ زوردار هجي، جيڪڏهن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي ۽ مون کي ماضي ياد ايندو پيو وڃي ته آئون اهو ٿو سمجهان ته صحافت ۽ ادب هڪ ٻئي سان تمام گهڻو لاڳاپيل آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: اوهان جي ڪتاب ’حاڪم جي سرءُ‘ ۾ هڪ ملڪ پنهنجي حصي جو سمنڊ غير ملڪي قرض ۾ ٻئي ملڪ کي ڏيئي ٿو ڇڏي. اوهان ائين ڇو لکيو آهي؟
    گارشيا مارڪئز: پر ائين ٿيو آهي. نه رڳو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، پر ايندڙ وقت ۾ به ائين ڪيترا ئي ڀيرا ٿيندو رهندو. ’حاڪم جي سرءُ‘ نه مڪمل تاريخ ڪتاب آهي، اصلي حقيقتن مان انديشا ڪڍڻ ته صحافيءَ ۽ ناول نگار جو ڪم آهي، حقيقت اها آهي ته گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته آئون خيالي ڪهاڻين ۽ ناولن جو ليکڪ آهيان، جڏهن ته آئون حقيقت پسند ماڻهو آهيان ۽ جيڪي ڪجهه لکان ٿو ته اها سوشلسٽ حقيقت نگاري آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اها ڪا يوٽوپيا آهي؟ مون کي اها پڪي پختي خبر ناهي ته يوپوٽيا حقيقت آهي يا خيال پرستي، پر آئون سمجهان ٿو ته يوٽوپيا حقيقت آهي؟ مثلاَ جيئن حقيقي قسم جا ڊڪٽيٽر هئا، جهڙوڪ فرانڪو، پيرون ۽ ٽراجيلو.
    گارشيا مارڪئز: هر ناول جو ڪردار گهڻين خاصيتن وارو ماڻهو هوندو آهي، ائين کڻي چئو ته اهو مختلف ڪردارن جو مجموعو آهي، جن کي اوهان سڃاڻندا آهيو، ٻڌندا آهيو ۽ پڙهندا آهيو. آئون هر اها لکڻي پڙهندو آهيان. جنهن ۾ گذريل صديءَ جي لپٽن آمريڪي ڊڪٽيٽرن جو ذڪر هوندو آهي. الاهي ماڻهن کان سندن باري ۾ پڇائون به ڪيون اٿم، ائين ڏهه سال لڳي ويا، جڏهن مون کي اها پڪ ٿي ويئي ته ڪردار ڪهڙي قسم جو هئڻ کپي. انهيءَ کان پوءِ مون پڙهيل ۽ ٻڌل ڳالهيون وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آئون پنهنجا ڪردار تخليق ڪري سگهان ۽ اهي اهڙا ڪردار هجن، جيڪي اصلي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ حالتن جا محتاج نه هجن. هڪ مرحلي تي پهچي مون کي اهو به احساس ٿيو ته مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو ڪو حصو ڪنهن ڊڪٽيٽرشپ هيٺ نه گذاريو آهي. سو مون سوچيو ته جيڪڏهن آئون اسپين ۾ رهي لکان ها ته جيئن مون کي خبر پوي ها ته ڊڪٽيٽرشپ جي ماحول ۾ رهندي ماڻهو ڇا ٿو سوچي، پر اُتي مون کي اهو خيال به آيو ته جنرل فرانڪو جي اسپين کان ڪيريبئن ڊڪٽيٽرشپ هڪ ڌار شيءَ آهي، ائين سال لاءِ منهنجو ڪتاب روڪجي ويو. ڪا ڳالهه مون کا گسي ويئي هئي ۽ مون کي پڪ نه هئي، ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي انهيءَ کان پوءِ مون راتو رات فيصلو ڪري ورتو ته ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪيريبئن ڏانهن موٽ کائجي، ائين اسان ڪولمبيا موٽي آياسين. مون صحافين کي بيان ڏنو ته سمجهيائون ته آئون ساڻن چرچا پيو ڪريان، مون کين چيو ته ” مون کي پنهنجي ملڪ جي ميويدار وڻن جي خوشبوءِ وسري ويئي هئي.” جڏهن اها حقيقت آهي ته مون کي اهڙين حالتن جي ضرورت هئي. جن ۾ ويهي آئون لکان پر سڄي ڪيريبئن جو دورو ڪيم. جيئن جيئن هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين گهمندو رهيس ته مون کي اها خبر پيئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آهن، جيڪي ناول ۾ مون کان گسي ويون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پنهنجين اڪثر لکڻين ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل سگهارين قوتن کي اڪيلو بڻائي پيش ڪيو آهي؟
    گارشيا مارڪئز: توکي جيترو وڌيڪ پاور ملندو ويندو، اوترو وڌيڪ منجهندو ويندين ته ڪير توسان سچ ٿو ڳالهائي، ڪير ڪوڙ ٿو ڳالهائيءَ جڏهن توکي حڪمرانيءَ جي مڪمل سگهه ملي ويندي، تڏهن تنهنجو حقيقت سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رهندو ۽ تون اڪيلو رهجي ويندين ۽ اها اڪلائي خراب ۾ خراب شيءَ آهي، ڊڪٽيٽر جي چوڌاري اهڙا ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، جن جون پنهنجيون غرضون هونديون آهن، انهن ماڻهن جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته ڊڪٽيٽر کي حقيقتن کان پري ڪري اڪيلو بڻائي ڇڏجي.
    انٽرويو وٺندڙ: ليکڪ جي به اڪيلائي ٿيندي آهي. ڇا اِها اڪيلائي ڊڪٽيٽر جي اڪيلائي کان الڳ آهي؟
    گارشيا مارڪئز: اڪيلائي جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هوندو آهي، ۾ پر ليکڪ جي اڪيلائي وري کيس حقيقتن کان ائين پري ڪندي آهي ته هو حقيقت چٽڻ وقت، حقيقت جي شڪل ڦٽائي وجهندو آهي، پوءِ اهو ليکڪ پنهنجي هٿ جون گهڙيل ڳالهيون ماڻهن جي مٿي ۾ ٺوڪيندو آهي ۽ پاڻ ٽپ ڏيئي جبل جي چوٽيءَ تي ويهي رهندو آهي. انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ صحافت تمام ذميوار پهريدار آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو آئون صحافت جو به ڪم ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته صحافت مون کي اصلي دنيا جي ويجهو رکندي آهي، خاص ڪري سياسي صحافت ۽ خود سياست به. ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ کان پوءِ مون کي جيڪو اڪيلائي جو احساس ٿيو، اها اڪيلائي ليکڪ جي نه هئي، پر شهرت جي اڪيلائي هئي. شهرت ۽ حاڪميت جون اڪيلائيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. منهنجن دوستن مون کي شهرت جي اڪيلائي کان بچائي ورتو. پنهنجا يار جتي ڪٿي جڏهن ڪڏهن گهڻي ئي آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن بچايائون؟
    گارشيا مارڪئز: ڇاڪاڻ ته مون پراڻن يارن کي ڌار نه ڪيو، منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته آئون پنهنجن يارن کان ڪٽجي نه ويو آهيان ۽ اهي ئي يار آهن، جيڪي مون کي واپس زمين تي لاهيو وجهن، اهي يار ايڏا ڪي مشهور ماڻهو ناهن، عام ماڻهو آهن ۽ سندس پير ڌرتيءَ تي کتل آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪندو آهين؟ تنهنجو جيڪو ڪتاب آهي ’حاڪم جي سرءُ‘ اهيءَ ۾ اهو تصور ٿو اچي ته ڍڳيون محل ۾ بيٺيون آهن، ڇا اهو اصلي تصور آهي؟
    گارشا ماڪئز: مون وٽ فوٽو گرافيءَ جو هڪ ڪتاب پيل آهي، اهو توکي ڏيکاريندس، مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته منهنجي ڪتابن جا جيڪي به جُزا آهن، انهن ۾ تصور ته هوندو ئي هوندو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ پهريون تصور اهو ئي هو ته عاليشان محل ۾ هڪ تمام پوڙهو ماڻهو ويٺو آهي ته اتي ڍڳيون اچن ٿيون ۽ پردا کائڻ لڳن ٿيون، پر اهڙو ڪو تصور منهنجي ذهن ۾ ايستائين نه ايندو آهي، جيستائين ڪو اهڙو فوٽو گرافر ڏسان، روم شهر ويس ته اُتي ڪتاب جي دڪانن ۾ گهڙي ويس ۽ فوٽو گرافيءَ جا جام ڪتاب ورتم، فوٽو گرافيءَ ڪتابن گڏ ڪرڻ جون مون کي خفت آهي، سو اُتان ئي ورتل هڪ ڪتاب ۾ اهڙو ساڳيو فوٽو گراف ڏٺم سي ڏسڻ کان پوءِ تصور جي شروعات ٿي ويئي، آئون ڪو ايڏو وڏو دانشور ناهيان. آئون ته روزانه زندگيءَ جي عام شين ۽ ڳالهين مان علم اخذ ڪندو آهيان. وڏا وڏا شاهڪار پڙهي انهن مان ته پرائيندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ناولن ۾ ڪهاڻي هلندي هلندي اوچتو بي خبريءَ ۾ موڙ کائيندي آهي؟
    گارشيا مارڪئز: پهرئين پهرئين ائين ٿيندو هو. بيخبريءَ ۾ ڪهاڻي موڙ کائي ويندي هئي، منهنجين شروعاتي ڪهاڻين ۾ پهرئين ته ڪهاڻي ته مرڪزي خيال تي هلندي هئي ۽ پوءِ اوچتو موڙ کائي ويندي هئي. شروع شروع ۾ مون کي اها سٺي صلاح ڏني ويئ ته لکڻ جو اهو طريقو ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آئون نوجوان هئس ۽ اتساهه جو ماريل هوس، پر مون کي اها به صلاح ڏني ويئي ته مون کي ٽيڪنڪ سکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي اتساهه جي جڳهه ٽيڪنڪ والاريندي. جيڪڏهن آئون اهي صلاحون نه مڃيان ها ته اڳتي هلي تڪليف ۾ اچان ها ۽ اڳواڻ ناول يا ڪهاڻيءَ جي آئوٽ لائين ٺاهي سگهان ٿو. گهاڙيٽو خالص ٽيڪنيڪل مسئلو آهي، جيڪڏهن اوهان شروع ۾ اهو نه سکيا ته پوءِ ڪڏهن به سکي نه سگهندئو.
    انٽرويو وٺندڙ: تو لاءِ لکڻ ۾ ڊسيپلين ضروري آهي؟
    گارشيا مارڪئز: آئون نٿو سمجهان ته بنا غير معمولي ڊسيپلين جي ڪو ئي سٺو لکي سگهندو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه ليکڪ ڪجهه اُڀاريندڙ نشا پتا ڪري لکندا آهن، اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    گارشيا مارڪئز: مون کي ته هيمنگوي جي لکيل هڪ ڳالهه ڏاڍي وڻي ته، ”مون لاءِ لکڻ جو ڪم باڪسنگ وانگيان آهي.” هيمنگوي پنهنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکندو هو، وليم فاڪنر شراب جي نشي ۾ ٽٻ رهندو هو، پر هن هر انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو جڏهن به نشيءَ ۾ رهيو آهي ته به لکي نه سگهيو آهي. هيمنگوي به ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪي واهيات پڙهندڙ آهن، اهي مون کان پڇندا آهن ته، ”تو جيڪي ڪجهه لکيو آهي، نشو وٺي پوءِ لکيو آهي؟” سندن انهيءَ سوال مان پڌرو آهي ته کين نه ادب جي ڪا خبر آهي نه ئي وري نشي جي، سٺو ليکڪ هئڻ لاءِ صحت جو سٺو هئڻ ضروري آهي. آئون لکڻ جي انهيءَ رومانوي تصور جي خلاف آهيان ته لکڻ قرباني ڏيڻ وانگيان آهي ۽ بک ۽ خراب جذباتي حالتن ۾ ماڻهو سٺو لکي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ لکڻ لاءِ جسماني توڙي نفسياتي صحت درست هجي. تخليق سٺيءَ صحت مان جنم وٺندي آهي، منهنجي اها ڳالهه آمريڪا جي ‘گم نسل‘ چڱيءَ طرح سمڌي آهي. اهي ماڻهو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: بلئس سئنڊرارس چوي ٿو ته ٻئي ڪم جي مقابلي ۾ لکڻ سولو ۽ لئه واري ڪم آهي ۽ ليکڪ پنهنجيون تڪليفون وڌائي بيان ڪندا آهن، ڄڻ ڪا سندن ماءُ مئل هجي، انهيءَ ڳالهه جي باري ۾ تنهنجو خيال ڇا آهي؟
    گارشيا مارڪئز: آئون سمجهان ٿو ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر ٻيو ڪم به ڏکيو آهي. باقي لکڻ ۾ لئه وري ڪهڙي آهي، ماڻهو پنهنجيءَ تسڪين لاءِ لکي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ آئون نه پنهنجو پاڻ کي ۽ نه ئي وري ٻين کي معاف ڪرڻ وارو آهيان، ڇاڪاڻ ته غلطي معافي جوڳي ناهي. باقي جيستائين لئه ڪرڻ جو تعلق آهي ته جيڪو به ڪم هجي ته اُهو سٺو ڪجي ۽ پوءِ پنهنجي سٺي ڪم تي ڀلي ماڻهو لئه ڪري. باقي اها ڳالهه صحيح آهي ته ليکڪ هرو ڀرو پنهنجو پاڻ کي سماج جو ٺيڪيدار ۽ دنيا جو مرڪز سمجهندا آهن، ته دنيا ڦري ئي سندن چوڌاري ٿي. آئون ته انهيءَ ڳالهه جو حامي آهيان ته مون کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ٿيندي آهي ته پائليٽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ليکڪ کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: اڄڪلهه ڪهڙي وقت تون لکندو آهين؟ تو وٽ ڪم جو شيڊول هوندو آهي؟
    گارشيا مارڪئز: جڏهن کان آئون پروفيشنل ليکڪ بڻيو آهيان، تڏهن کان وٺي منهنجو وڏو مسئلو شيڊول آهي. صحافت ۾ ته رات جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. آئون جڏهن کان فُل ٽائيم ليکڪ ٿيو آهيان، تڏهن منهنجي عمر چاليهه سال هئي. منهنجو شيڊول ائين آهي ته آئون صبح جو نوين وڳي کان لکڻ ويهندو آهيان ۽ ٻين ٽين وڳي تائين پيو لکندو آهيان. ايستائين منهنجا پٽ، اسڪول مان موٽي ايندا آهن. جڏهن مون گهڻي محنت ڪئي ته مون کي جرم جو احساس ٿيو ته آئون رڳو صبح جو ڪم ٿو ڪريان. انهيءَ ڪري مون شام جو به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن شام جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو وري ساڳيو ڪم ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ڪري فيصلو ڪيم ته صبح جو نوين وڳي کان اڍائي وڳي تائين ڪم ڪرڻو آهي ۽ بس، شام جو ملاقاتن، انٽرويوئن ۽ ٻين ڳالهين جو وقت رٿيل هوندو آهي. منهنجو ٻيو مسئلو اهو آهي ته آئون اهڙن هنڌن تي ويهي لکي سگهندو آهيان، جن تي اڳ ۾ ئي آئون هريل هوندو آهيان. آئون هوٽلن يا مسواڙ تي ورتل جڳهين ۾ يا مسواڙ ورتل ٽائيپ رائيٽر تي ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آئون جڏهن سفر ۾ هوندو آهيان ته ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. آسپاس جو اوپريون حالتون ڪم کي ته گهٽائينديون آهن، جهڙو به هجي چون ٿا ته، آسپاس جو ماحول جهڙو به هجي اُتساهه ته ملندو آهي. اُتساهه جو لفظ کي رومانويت پسندن ڏاڍو استعمال ڪيو آهي. منهنجا مارڪسٽ دوست انهيءَ لفظ کان گهڻي ئي ڪن هڻندا آهن، جيڪي ڪجهه به هجي، انهيءَ لفظ کي ڪجهه به چئو، پر منهنجو انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو آهي ته ليکڪ جي دماغ جي ڪا اهڙي حالت ضرور هوندي آهي، جڏهن هو وڏي سولائيءَ سان لکي سگهندو آهي ۽ قلم وهندو ويندو اٿس. اهڙي دماغي ڪيفيت ۾ ٻيون ڳالهيون وسري وينديون اٿس. ايستائين جو پنهنجو گهر به وساري وهندو آهي، جتي ماڻهو ويهي لکندو آهي. اهڙو پل ۽ اهڙي دماغي ڪيفيت تڏهن ايندا آهن، جڏهن لکڻ وارو مناسب موضوع ۽ انهيءَ موضوع کي لکڻ جي طرز ڳولي وٺندو آهي، اها ڳالهه ليکڪ لاءِ خوشيءَ جهڙي هوندي آهي ته هو ٻيا اڻ وڻندڙ ڪم ڇڏي ڏي ۽ لکڻ ويهي رهي. جنهن ڪم تي دل نه چوي اهو ڪم ڇو ڪجي.
    لکڻ ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو پهريون پئراگراف هوندو آهي. آئون ته مهينن جا مهينا پهرئين پئراگراف لکڻ لڳائي ڇڏيندو آهيان. جڏهن پهريون پئراگراف منهنجي قبضي ۾ اچي ويندو آهي، ته رهيل ڪم وڏيءَ سولائي سان ڪري ويندو آهيان. پهرئين پئراگراف ۾ ڪتاب لکڻ ۾ درپيش ايندڙ مسئلا حل ٿي ويندا آهن. موضوع پڌرو هوندو، اسٽائيل ملي ويندو ۽ لهجو درست بڻجي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي معاملي ۾ ته پهريون پئراگراف سڄي ڪتاب جو نمونو بڻجي ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪهاڻين جو ڪتاب لکڻ ناول جي ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. جڏهن به ڪتاب جي نئين ڪهاڻي لکڻ ويهندين ته هر ڀيري توکي ساڳين مرحلن سان لنگهڻو پوندو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا خواب ۾ به اُتساهه جو وسيلو هوندا آهن؟
    گارشيا مارڪئز: شروع شروع ۾ آئون خوابن تي ڌيان ڏيندو هوس، پر پوءِ ڄاتم ته خود زندگيءَ اُتساهه جو وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي، خواب ته زندگيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حصي جي بگڙيل صورتحال هوندا آهن، منهجين لکڻين جي باري ۾ خواب جي حقيقت اها آهي، ته مون وٽ خواب جي باري ۾ پنهنجو نڪته نگاهه ۽ پنهجي سمجهاڻي آهي. خواب برابر زندگيءَ جو حصو آهن پر حقيقتون وڌيڪ امير آهن. هونئن منهنجن خوابن ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه نه هوندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اُتساهه ۽ ڪشف ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    گارشيا مارڪئز: اُتساهه هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي دل وٽان موضوع هٿ اچي ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ تي اڳتي لکڻ ۾ سولائي پيدا ٿي ويندي آهي. باقي ڪشف ته لکڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڪشف ته تمام وڏي خصوصيت آهي. جنهن ۾ نه ڪنهن سائنسي معلومات جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ڪنهن ٻيءَ معلومات حاصل ڪرڻ جي. ڪشف ته اُتساهه جي جبلتن مان ڦاٽ کائيندو آهي. جيڪي مرڪزيت جا قائدا قانون آهن، انهن به ڪشف ذريعي جلدي ۽ سولائي سان معلومات حاصل ٿي وڃي. ناولسٽ لاءِ ته ڪشف بنيادي شيءَ آهي. ڪشف دانشوريت جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ دانشوريت ته مون کي اکين پيل آهي. ڇاڪاڻ دانشوريت حقيقي ۽ چڙندڙ ٻرندڙ دنيا کي هڪ غير متحرڪ نظرئي ۾ قيد ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن ته ڪشف کي انهيءَ ڪري سرسي حاصل آهي ته اُهو ’ها‘ يا ’نه‘ ۾ فيصلو ڪري ٿو وٺي ۽ توهان کي کُتِ سان تلاءِ کوٽڻ جي ضرورت نٿي پوي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا تو نظريا ٺاهيندڙن کي ناپسند ٿو ڪرين؟
    گارشيا مارڪئز: صحيح. آئون کين سمجهي ئي نه سگهندو آهيان، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جڏهن مون کي ڪي ڳالهيون سمجهائڻيون هونديون آهن ته اهي مثالن ۽ لطيفن سان سمجهائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون ۾ تجريديت ۾ وڃڻ جو دم ناهي، انهيءَ ڪري منهنجا ڪي نفاد مونکي ڄٽ سمجهندا آهن. نالا ڪو نه ٿو ٻڌايان.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ جيڪي نفاد آهن، توکي خانن ۾فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن؟
    گارشيا مارڪئز: منهنجيءَ نظر ۾ دانشوريت جو وڏي ۾ وڏي مثال نفاد آهن. هو پهرئين ته نظريو گهڙندا آهن ته ليکڪ کي ڇا لکڻ کپي. تنهن کان پوءِ پنهنجي ٺاهيل ماڊل ۾ ليکڪ کي فِٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ليکڪ کي ڦُسي زوريءَ خاني ۾ وجهندا آهن. تو پڇيو آهي، تڏهن آئون سندس ذڪر پيون ڪريان. هونئن سالن کان وٺي نه منهنجي نفادن ۾ ڪا دلچسپي ٿي آهي ۽ نه ئي کين پڙهندو آهيان. نفاد هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پٽڪو ٻڌائي ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ چڱا مڙس ٿي ويهندا آهن. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي هوندي اٿن، آئون چٽيون ۽ مختصر ڳالهيون لکندو آهيان، جيڪي نفاد جي مدد کان سواءِ پڙهندڙ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: مترجمن جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
    گارشيا مارڪئز: آئون مترجمن جي عزت ڪندو آهيان، سواءِ انهن مترجمن جي، جيڪي سمجهاڻيءَ لاءِ فوٽ نوٽ هڻندا آهن. اهڙي قسم جا مترجم پڙهندڙن کي اهڙيون ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي ليکڪ ڄاڻايون ئي نه هونديون آهن. ترجمو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، هڪ تي مترجم کي نه داد ملندو آهي ۽ نه ئي وري ايترو پئسو. اصل ۾ سٺو ترجمو اهو آهي جنهن ۾ اصل لکڻيءَ کي ٻيهر تخليق ڪجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون گرگلويري راباسا جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. منهنجا ڪتاب ايڪويهن ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. پر راباسا واحد مترجم آهي، جيڪو پنهنجا فوٽ فوٽ نوٽ هڻي پڙهندڙن کي نه سمجهائيندو آهي، منهنجي خيال ۾ انگريزيءَ ۾ منهنجين لکڻين کي ٻيهر تخليق ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا ڪيترائي اهڙا حصا هوندا آهن، جن کي ٻيءَ ٻولي ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته مترجم ڪتاب پڙهندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي دماغ تي روز ڏيئي ياد ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ لکندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون مترجمن جي عزت ڪندو آهيان. مترجم دانشور هئڻ جي بدران تخليقڪار هوندا آهن، نه رڳو پبلشر کين گهٽ پئسا ڏيندا آهن پر کين تخليق ڪار به نه سمجهندا آهن. ڪيترائي اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي آئون پاڻ اسپينش ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهران ٿو. پر انهن ۾ ايڏي ئي محنت ڪرڻي پوندي جيتري پنهنجي ڪتاب لکڻ ۾، ۽ پوءِ ايترا پئسا به نه ملندا. جو آئون پنهنجو پيٽ ڀري سگهان.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ٿو چاهين؟
    گارشا مارڪئز: آندري مالرو جا سڀ ڪتاب، ڪونراڊ ۽ ايڪسوپيريءَ جون لکڻيون. جڏهن آئون ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان ته منهنجي دل گهرندي آهي ته انهيءَ کي ترجمو ڪريان. وڏن شاهڪارن کي ڇڏي آئون وچولي قسم جا ڪتاب اصلي ٻوليءَ ۾ پرهڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان. پر ٻين ٻولين ۾ ڪتاب پڙهندي، آئون مصيبت ۾ اچي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون هڪ ئي ٻوليءَ جي لکڻين کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندو آهيان، اها آهي منهنجي مادري زبان اسپينش، انهيءَ هوندي به آئون اٽالين ۽ فرينچ ٻوليون ڳالهائي ويندو آهيان. مونکي انگريزي ٻولي به چڱي طرح سمجهه ۾ ايندي آهي، انگريزي سمجهڻ جي ڪري آئون گذريل ويهن سالن کان رسالي ”ٽائيم” جو زهر پيئندو ٿو اچان.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا هن وقت ميڪسيڪو توکي پنهنجو گهر ٿو لڳي؟ ڇا تون هتان جي ليکڪن مان پنهنجو پاڻ کي هڪ حصو ٿو سمجهين؟
    گارشيا مارڪئز: عام طور تي آئون ليکڪن ۽ فنڪارن سان انهيءَ ڪري دوستيءَ نه رکندو آهيان جو هو ليکڪ يا فنڪار آهي. منهنجي ياري گهڻن ڌنن وارن ماڻهن سان آهي. جن ۾ ليکڪ فنڪار به اچي وڃن ٿا. آئون ليٽن آمريڪا جي سڀني ملڪن کي پنهنجو وطن ٿو سمجهان، نه ڪنهن ٻئي ملڪ کي. ليٽن آمريڪا جا ماڻهو محسوس ڪندا آهن ته صرف اسپين اهڙو ملڪ آهي، جيڪو پنهنجو ملڪ ٿو لڳي، پر آئون ذاتي طرح تي پنهنجو پاڻ کي اسپين سان ڳانڍاپيل نه سمجهندو آهيان. ليٽن آمريڪا جي مُلڪن جي سرحدن کي آئون ليکيندو ئي ناهيان. مون کي خبر آهي ته ليٽن آمريڪا جو هڪ ملڪ ٻئي ملڪ کار ڌار وجود رکي ٿو، پر منهنجيءَ دل ۽ دماغ ۾ سڀ ملڪ هڪجهڙا آهن، ڪيريبئن آئون پنهنجو گهر سمجهندو آهيان. پوءِ اهو علائقو کڻي فرينچ جو هجي، ڊچ جو هجي يا وري انگريزي جو هجي. آئون جڏهن باران ڪُٽيلا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيري رنگ جي ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي آهي. جڏهن آئون جميڪا مان جهاز تي چڙهندو آهيان ته نيرن ڪپڙن واري ڪاري ڇوڪري منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي آهي ۽ انگريزي ۾ هڻندي آهي ته آئون انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيندو آهيان. منهنجو انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ناهي ته ٻوليءَ سان ڪو فرق اچي ويندو آهي پر انهن پنهنجن ملڪن کي ڇڏي دنيا جي ٻئي ملڪ ۾ هوندو آهيان ته آئون پنهنجو پاڻ کي پرديسي سمجهندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ به. اهي منهنجا هڪڙا ذاتي احساسات آهن ۽ مون کي اقليتي هئڻ جو احساس هوندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي خيال ۾ ليٽن آمريڪي ليکڪن کي ٿوري گهڻي وقت لاءِ يورپ ۾رهڻ ضروري آهي؟
    گارشيا مارڪئز: ٻاهران ويهي جيڪو پنهنجي ملڪ جو پس منظر نظر ايندو آهي، اُهو شايد وڌيڪ ساکائتو بڻجي ويندو آهي، آئون سوچيندو آهيان ته يورپ وڃي اُتي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ ڪهاڻيون سوچجن، اها ڳالهه ويهن سالن کان منهنجي مٿي ۾ ويٺل آهي، پر ميڪسيڪن ماڻهن کي يورپ ۾ سک نه ايندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪيوبا جي انقلاب ليٽن آمريڪن ادب تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن؟
    گارشيا مارڪئز: هيستائين ته ناڪاري اثر پيو آهي. ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جيڪي سياسي طرح تي انهيءِ انقلاب سان ٻڌل آهن ته اهي جيڪي ڪهاڻيون لکن ٿا سي سياسي ٻنڌڻن کي مان ڏيڻ لاءِ لکندا آهن، نه خاص ٽائيپ جون بڻجي وينديون آهن. جن جو ڪشف سا يا تجربي سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪيوبا جي ثقافتي اثر جي خلاف سوچ وڌيل آهي، خود ڪيوبا ۾ نئين قسم جو ادب يا فن تخليق نه پيو ٿئي ۽ نه ئي ڪي ان جا جيوڙا نظر اچن ٿا. ڀانيان ٿو ته انهيءَ ۾ اڃا وقت لڳندو. ڪيوبا جي جيڪا وڏي ثقافتي اهميت آهي ته انهيءَ جي تقاضا آهي ته ليٽن آمريڪا ۾ جيڪو اڳي ادب تخليق ڪيو پئي ويو آهي، سالن کان وٺي ته انهيءَ ادب کان پُلِ جو ڪم وٺجي. باقي آمريڪا ۾ جيڪا ليٽن آمريڪن ادب ۾ بابت هاڪار مَتي آهي ته اها ڪيوبا جي انقلاب جو نتيجو آهي. اڳ ۾ جيڪي ويهن سالن کان ليٽن آمريڪي ليکڪ لکندا رهيا. انهن لکڻين کي آمريڪا ۽ يورپ جي پبلشرن کنگهيو ئي ڪونه، پر جڏهن ڪيوبا ۾ انقلاب آيو ته يورپ ۽آمريڪا جي پبلشرن هڪدم ڪيوبا ۽ ليٽن آمريڪا جي ٻين ملڪن جي ادب تي ڌيان ڏنو. ڪيوبا جو انقلاب هڪ کپائيندڙ شيءَ بڻجي ويو. ليٽن آمريڪا ادب فئشن بڻجي ويو. اها ڳالهه سامهون اچي ويئ ته ليٽن آمريڪن ناول ترجمو ڪري ڇپائڻ جهڙا آهن، جيڪي بين الاقوامي ادب بنجڻ جهڙا آهن، پر ڏک جي ڳالهه آهي ته ليٽن آمريڪا جي جيڪا ثقافتي ڪالونيءَ جي حيثيت هئي. ان جي ڪري ليٽن آمريڪي ناولن کي ايستائين سُٺو نه ليکيو ويندو هو، جيستائين ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو انهيءَ جي واکاڻ ڪن.
    انٽرويو وٺندڙ: لٽن آمريڪا جا ڪجهه اهڙا ليکڪ هوندا، جيڪي ايترا گهڻا مشهور نه هوندا. اهڙا ڪي ليکڪ آهن، جن کي تو مڃتا ڏني هجي؟
    گارشيا مارڪئز: مون کي شڪ آهي ته ڪو اهڙو ليکڪ ناهي، هن وقت ليٽن آمريڪا جي ادب جي جيڪا دنيا هاڪار آهي، ته انهيءَ جو اهو نتيجو نڪتو آهي، ته جيڪو به ليٽن آمريڪي ليکڪ وڻ مان ڪاٺي وڍي ڏاڍو مڙس بڻجي ٿو وڃي. انهيءَ کي به پبلشر ڇپائڻ ۽ ترجمو ڪرائڻ کان نٿا مُڙن. بدقسمتي سان ڪيترائي نوجوان ليکڪ انهيءَ ڪري لکن ٿا ۽ انهيءَ خيال سان لکن ٿا ته محنت ڪرڻ جي بنا کين شهرت ملي وڃي. هڪڙو فرينچ پروفيسر ليٽن آمريڪا جي ادب تي لکندو آهي، انهيءَ کي اسان جا نوجوان خط لکندا آهن ته هو سندن باري ۾ نه لکي. ڇاڪاڻ ته کين ضرورت ناهي ته ڪو مٿن ٽيڪا ٽپڻي ڪري. پر اهي اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته جڏهن آئون سندن عمر جو هوس ته نفاد مون تي لکندا ئي نه هئا. منهنجي انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته نوجوان ليکڪن کي نقادن ڏانهن خط لکڻ جي بدران پنهنجيءَ تخليق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وڌيڪ اهميت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته لکائڻ جي بدران پاڻ لکجي. وڏي ڳالهه اها آهي ته منهنجو ادبي ڪيئريئر چاليهن سالن جي ڄمار کان پوءِ اٿيو. منهنجا پنج ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. تيستائين مون کي ڪابه رائلٽي نه ملي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو اهو خيال ته ناهي ته ننڍيءَ عمر ۾ ليکڪ کي جيڪا شهرت ملي ٿي، اها ليکڪ جي ڪيريئر لاءِ سٺي ناهي؟
    گارشيا مارڪئز: شهرت ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ملي ته اها خراب آهي. مون کي جيڪا شهرت ملي سا بابي جي وفات کان پوءِ ملي. گهٽ ۾ گهٽ سرمائيدار ملڪن ۾ ته ليکڪ جي شهرت بازار جي جنس بڻجي ٿي وڃي.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪڙا ته ليکڪ اهي آهن، جيڪي توهان جيءَ خاص پسند جا آهن، انهن کي ڇڏي تون اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيو آهين؟
    گارشيا مارڪئز: پڙهڻ جي معاملي ۾ اڄ ڪلهه آئون آواره گرد بڻجي ويو آهيان. گذريل ڏينهن مون ٺونشي باز محمد علي جون يادگيريون پڙهيون. برام اشوڪر جو ڪتاب ’ڊراڪولا‘ به ڏاڍو سٺو آهي. اهو ساڳيو ڪتاب اڳ ۾ نه پيو پڙهان، جو خيال هئم ته اهو ڪتاب پڙهڻ پنهنجو وقت وڃائڻ جي برابر آهي. آئون ڪنهن به ڪتاب سان ايستائين نه واڳجندو آهيان، جيستائين ڪو اهڙو ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏئي، جنهن تي منهنجو اعتبار هجي. آئون اهڙ يادگيرين جا ڪتاب پڙهندو آهيان يا دستاويزي ادب پڙهندو آهيان، جيڪي منهنجي مغز ۾ واڄٽ ڪرائي وجهن. باقي جيڪي منهنجي پسند جا ليکڪ آهن، انهن کي ورائي ورائي پڙهندو آهيان. ورائي ورائي پڙهڻ مان اهو فائدو آهي ته جيڪي صفحا، جيڪو حصو توکي وڻي، اهو ويهي پڙهه، رڳو ’ادب پڙهڻ‘ جو جيڪو ڀوت مغز ۾ ويٺل آهي، انهيءَ کان آئون بچيل آهيان. آئون ادب کان هٽي ڪري ٻيا ڪتاب به پڙهندو آهيان. آئون پنهنجو پاڻ کي اپ ٽو ڊيٽ رکندو آهيان. آئون تازيون تازيون خبرون به پڙهندو آهيان. آئون دنيا جهان جون اخبارون پڙهندو آهيان ۽ منهنجي زال به مون کي تازيون خبرون ٻڌائيندي آهي. آئون جڏهن کانئس پڇندو آهيان ته ”تو اهي خبرون ڪٿي پڙهيون آهن؟“ ته ٻڌائيندي آهي ته بيوٽي پارلر ۾ پڙهيون اٿس. ٻيو آئون ائين فيشن جا رسالا ۽ عورتن جي باري ۾ نڪرندڙ رسالا ۽ افواهن وارا رسالا به پڙهي ويندو آهيان. انهن مان آئون گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. آئون پڙهڻ ۾ هر وقت مصروف رهندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو تون ڇو ٿو سوچين ته شهرت ليکڪ لاءِ نقصانڪار آهي؟
    گارشيا مارڪئز: پهريون نقصان اهو آهي ته شهرت تنهنجي پرائيويٽ زندگيءَ تي حملو ڪندي آهي. ٻي ڳالهه ته توکي جيڪو دل گهرين دوستن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ لکڻ جو وقت ملندو آهي، اُهو خراب ٿيندو آهي، ٽين ڳالهه ته تون اصلي دنيا کان ڪٽجي ويندين. مشهور ليکڪ کي پنهنجي بچاءَ ۾ به وقت خراب ڪرڻو پوندو آهي. آئون اهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻ نٿو گهران، جيڪا دل وٽان هجي. پر آئون اهو چاهيندو آهيان ته منهنجا ڪتاب مرڻ کان پوءِ ڇپجن ته جيئن آئون پنهنجي شهرت کان پوءِ وڏو ۽ مشهور ماڻهو هئڻ جي کٽراڳ کان بچي پوان. منهنجي شهرت جو صرف هڪ ئي ڪارج آهي، اُها آهي سياست. باقي ٻيءَ صورت ۾ ته منهنجو سک ڦٽل هوندو آهي. شهرت جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته تون تون چوويهه ئي ڪلاڪ مشهور ماڻهو هجين ته اهو چئي نٿو سگهين، ”ٺيڪ آهي، ائين کڻي سمجهه ته سڀاڻي کان اڳ تون مشهور ماڻهو ناهين.“ يا ڪو بٽڻ دٻائي چئي ته، ”هن وقت آئون مشهور ناهيان.“
    انٽرويو وٺندڙ: توکي جيڪا شهرت ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ لکڻ مان ملي، انهيءَ کي تون پاڻ کان الڳ ڪيئن ٿو ڪري سگهين؟
    گارشيا مارڪئز: مون کي خبر آهي ته منهنجي انهيءَ ڪتاب تي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ منهنجا دوست خوش ٿيا آهن. مون کي منهنجي اسپينش پبلشر جڏهن اهو ٻڌايو ته ڪتاب جون اٺ هزار ڪاپيون ٿيون ڇپجن ته منهنجا وڻ وڄي ويا. ڇاڪاڻ ته منهنجن اڳين ڪتابن مان ڪو به ڪتاب 700 ڪاپين کان مٿي نه ڇپيو آهي. مون کيس چيو ته پهرئين ٿوريون ڪاپيون ڇپاءِ، پر هن چيو ته کيس پڪ آهي ته ڪتاب تمام سٺو آهي. اٺ هزار ڪاپيون هلي وينديون، خاص ڪري مئي جي مهيني کان وٺي ڊسمبر تائين. پر حقيقت اها آهي ته اهي اٺ هزار ڪاپيون رڳو بيوئينوس ايئرس شهر ۾ وڪامجي ويون.
    انٽرويو وٺندڙ: توکي اهو خيال ڪيئن ٿيو ته ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ماڻهن کي ايترو وڻندو؟
    گارشيا مارڪئز: منهنجي ته خواب خيال ۾ به اهڙي ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي ڪم جو ڏاڍو خراب نقاد آهيان. ٻين ماڻهن مون کي ٻڌايو ته اهو ڪتاب ليٽن آمريڪا جي ماڻهن جي نِجي زندگيءَ ۾ گهڙي ويو آهي. اهو ڪتاب منهنجيءَ دل مان ڦٽي نڪتو هو. ماڻهن جيڪا اها ڳالهه ئي ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو مون پهريون عنوان ئي رکيو هو ’گهُر‘ مون ناول جي جيڪا اُڻت ڪئي هيم. انهيءَ ۾ مون ’گهر‘ کان قصو شروع ڪيو هو، پوءِ انهيءَ گهر تي پوندڙ ٻاهرئين اثرن جو ذڪر ڪيو هو. پر پوءِ جڏهن سڄو قصو ماڪانڊو شهر ۾ هليو ٿو وڃي ته مون ’گهر‘ وارو عنوان ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ جيڪا ٻي ڳالهه مشهور ٿي، اُها اِها هئي ته انهيءَ ڪتاب جي ڪردارن کي پڙهندڙ پنهنجي گهر جا ڀاتي ٿو سمجهي. انهيءَ ڪتاب جي مون فلم ٺاهڻ نه ڏني، ڇاڪاڻ ته ماڻهو جيڪي ڪردار ڏسي ٿو ڪتاب ۾، انهن کي تصور يا شڪل ۾ آڻي نٿو سگهي.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ تنهنجي دلچسپي ڇا آهي؟
    گارشيا مارڪئز: انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ وارن کي ڀڄائڻ لاءِ منهنجيءَ ايجنٽ ڏهه لک ڊالر گهريا، پر فلم وارا پوءِ به نه مُڙيا ته قصو ٽيهه لک ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيائين. مون کي انهيءَ ناول تي فلم ٺاهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ جيترو مون کان پهچندو ته آئون فلم ٺاهڻ نه ڏيندس. ڇاڪاڻ ته ناول ۽ ان جي پڙهندڙن ۾ جيڪي تعلقات پيدا ٿي پيا آهن، آئون انهن تعلقاتن کي ٽوڙڻ نٿو گهران.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪتابن تان ڪامياب فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون؟
    گارشيا مارڪئز: آئون نٿو سمجهان ته ڪو سٺن ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهي سگهجن ٿيون پر اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته خراب ناولن تي سٺيون فلمون ٺاهيون ويون آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: تو پاڻ ڪڏهن فلم ٺاهڻ تي سوچيو آهي؟
    گارشيا مارڪئز: هڪڙو زمانو هو، جڏهن مون فلم ڊائريڪٽر ٿيڻ پئي گهريو. انهيءَ لاءِ مون روم ۾ ڊائريڪٽريءَ جي سکيا به ورتي. منهنجو خيال هو ته سئنيما هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن ۾ ڪي حدون ناهن ۽ هر شيءِ کي فلم ۾ آڻي سگهجي ٿو. موٽي ميڪسيڪو آيس ته مون فلم تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ئي، پر ڊائريڪٽر جي حيثيت جي بدران اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾. پر مون کي خبر پيئي ته فلم جيئن ته انڊسٽري آهي، انهيءَ ڪري فلم ٺاهڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. تون جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيندين، اُهو سڀ ڪجهه فلم ۾ چئي نه سگهندين. ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. آئون اڃا به دوستن ۾ ويهي فلم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو آهيان، مڙيئي تفريح وٺڻ لاءِ، مون کي ڪا به اهڙي اُميد نه آهي ته فلم ذريعي آئون پنهنجون ڳالهيون سمجهائي سگهان. ائين آئون ڏينهون ڏينهن فلم کان پري ڀڄندو ويس. آئون ۽ فلم پاڻ ۾ اهڙا زال مڙس آهيون، جيڪي نه گڏ ٿا رهي سگهون ۽ نه ڌار ٿي ٿا سگهون. منهنجي اڳيان تون فلم ۽ ڪتاب رکندين ته آئون ڪتاب هٿ ۾ کڻي وٺندس.
    انٽرويو وٺندڙ: هن وقت تون ڪيوبا تي ڪتاب لکي رهيو آهين، اهو ڪم ڪيئن پيو هلي؟
    گارشيا مارڪئز: اصل ۾ اهو ڪتاب اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪنهن ڊگهي مضمون وانگر آهي. جنهن ۾ اهو ٿو چوڻ چاهيان ته ڪيوبا جا گهر ڪيئن ٿا هلن. کوٽ ٽوٽ ۾ ڪيئن ٿو پورائتو ٿئي. اصل ۾ گذريل ٻن سالن ۾ مون ڪيوبا جا تمام گهڻا چڪر لڳايا آهن. اتي ’ضرورت جي ثقافت‘ جي ڪري ڪيتريون ئي رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن. ماڻهن کي ڪيترين ئي شين کان سواءِ گذارو ڪرڻو ٿو پوي. مون کي ڪيوبا جي زندگيءَ جي جنهن خاص پهلوءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي پيئي آهي، اُها اِها آهي ته رڪاوٽن ماڻهن جي نفسيات تي ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. اسان وٽ دنيا ۾ هڪ پاسي کائڻ، پيئڻ ۽ کپائڻ وارو سماج پيدا ٿي پيو آهي ته ٻئي پاسي انهيءَ جي خلاف سماج پيدا ٿي پيو آهي. ٻنهين قسمن جي سماج ۾ هڪ ٽڪراءُ پيدا ٿي پيو آهي. اُهو ڪتاب سوچڻ کانپوءِ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو هوس ته اهو هڪ صحافيانه مضمون بڻجي پوندو پر اهو ڪتاب هاڻي هڪ ڊگهي ۽ منجهيل ڪتاب ۾ بدلجي چڪو آهي. پر مون کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀ ڪتاب اهڙا ئي آهن. گڏوگڏ اهو ڪتاب ڪجهه تاريخي حقيقت جي ذريعي ڪيريبئن دنيا جي حقيقتن تي تخليقي ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو. ائين جيئن ’اوجاڳي جا سؤ سال‘ ۾ ٿيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تو وٽ ڊگهي مدي واريون اُميدون آهن يا ڪي نا اُميديون به؟
    گارشيا مارڪئز: انهيءَ سوال جو اهو ئي جواب ٿيندو، جيڪو مون توکي شهرت جي باري ڏنو هو. اڳئين ڏينهن ڪنهن مون کان پڇيو هو، ”تون نوبل ادب انعام وٺڻ ۾ دلچسپي رکين ٿو؟“ پر آئون سوچيان ٿو ته جي اهو انعام مليو ته منهنجي وڏي تباهي آڻيندو. اها مون کي پڪ آهي ته آئون انهيءَ انعام جو حقدار آهيان، پر اهو انعام وٺڻ وقت مون کي اندران ٻاهران لوڏي وجهندو، جيئن شهرت هڻي مون کي منجهائي وڌو آهي، تيئن اهو انعام اڃا به وڌيڪ منجهائي وجهندو. جيتريقدر نا اُميدين جو تعلق آهي ته اُها اِها آهي ته مون کي ڌيءُ نه ڄائي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪي رٿائون تنهنجي هٿ هيٺ هونديون. انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائي سگهندين؟
    گارشيا مارڪئز: مون کي اها پڪ بيٺي آهي ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو سٺي ۾ سٺو ڪتاب لکندس پر اها خبر نه اٿم ته اهو ڪتاب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو. آئون جڏهن اها ڳالهه سوچڻ ويهندو آهيان ۽ جيڪا هينئر به محسوس پيو ڪريان. اُها اِها آهي ته مون کي خاموش رهڻ کپي، ته جيئن انهيءَ ڪتاب جو مواد ۽ موضوع منهنجي ڀر مان لنگهي ته اُن کي پڪڙي وٺان.


    البرٽو موراويا

    [البرٽو موراويا سن 1907ع ۾ البرٽو پنچرلي (اٽلي) ۾ ڄائو. گرامر اسڪول ۾ معمولي نصابي تعليم ورتائين ۽ جواني سلهه جي بيماريءَ ۾ گذريس. پاڻ جڏهن 22 سالن جو هو ته سندس پهريون ناول “Gli Indifferenti” ڇپيو. انهيءَ ناول يورپ جي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو. پر جيئن ته ان ناول جو جيڪو ترجمو انگريزيءَ ۾ (1932- (The Indifferent Ones ٿيو، اهو سٺو نه هو. ان ڪري اهو ناول آمريڪا ۾ نالو نه ڪڍائي سگهيو. 1953ع ۾ اهو ساڳيو ناولThe Time Indifference جي عنوان سان ٻيهر ترجمو ٿي ڇپيو ته نيويارڪ ٽائيمز لکيو ته ”البرٽو موراويا پنهنجن حقيقي هم عمعصر ليکڪن مان هڪ آهي. هو اسٽينڊال وانگر زندگيءَ کي انسانيت جي بنياد تي غير جانبداريءَ سان غير جذباتي ڍنگ ۾ چٽي ٿو.“
    البرٽو موراويا جا جيڪي ناول تمام گهڻا مشهور ٿيا، انهن مان هڪ `The Conformist~ آهي، جنهن کي پاڻ ڌڻي پنهنجو بهترين ناول سمجهي ٿو. ٻيو ناول “Women of Rome” آهي، جيڪو هيستائين 13 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ٽيون خاص ناول “Two Women” اٿس.
    البرٽو موراويا پنهنجن ناولن ۾ جيئن ته پنهنجن ڪردارن جي معرفت عام اخلاقي اصولن تي کُلي حملا ڪيا آهن، ان ڪري مٿن ڪيترائي ڀيرا فحاشيءَ جا الزام پڻ ڌريا ويا. ان جي باوجود ان کي سندس لکڻين تي ڪافي اعزاز ۽ انعام ڏنا ويا. 1952ع ۾ کيس اسٽريگا لٽرري پرائيز ۽ ليجن آف آنر پڻ مليا.]


    البرٽو موراويا

    انٽرويو وٺندڙ: ماريا ڊومينيسز ۽ بين جانسن


    انٽرويو وٺندڙ: منهنجو خيال آهي ته ڳالهه ابتدا کان شروع ڪريون. ڀلا ڪريون؟
    موراويا: ڇا جي ابتدا؟
    انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ جي.
    موراويا: ها! آءٌ هتي ئي ڄائس روم ۾. 28 نومبر 1907ع تي.
    انٽرويو وٺندڙ: تعليم؟
    موراويا: تعليم؟ منهنجو نصابي تعليم وارو خانو خالي آهي. گرامر اسڪول جي ڊپلوما کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. 9 سال اسڪول ۾ گذاريم. مٿان هڏي جي سلهه ٿي پيم ته اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون. پورا پنج سال بستري تي گذاريم. ٽي سال ٻيا بيماريءَ ۾ گذريا. مطلب ته 9 ورهين جي ڄمار کان وٺي سترهن سالن جي ڄمار تائين بيمار رهيس ۽ 1924ع ۾ بيماري ڇڏي ويئي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو ڪتاب “Inveno di malato” ۾ شايد انهن ئي بيماريءَ وارن ڏينهن جو تذڪرو آهي انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته...
    موراويا: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ان ۾ جيڪو گيرولامو جو ڪردار آهي، اُهو منهنجو ئي آهي. ائين نه؟
    انٽرويو وٺندڙ: جي ها!
    موراويا: نه، اهو ڪردار منهنجو نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر ڪردار جي بيماري ته ساڳي آهي؟
    موراويا: منهنجي ڳالهه ٻُڌ! آءٌ پاڻ کي ڪڏهن به پنهنجن ڪتابن ۾ نه آڻيندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. پهرين...
    موراويا: ٺيڪ آهي، پر آءُ ان ڳالهه کي چِٽو ڪرڻ ٿو گهران. مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان کي تون عام طور استعمال ٿيندڙ ’آتم ڪٿا‘ ۾ سڌيءَ طرح آڻي نٿو سگهين. جيڪڏهن آتم ڪٿا آهي به سهي ته اُها اڻ سڌيءَ طرح آهي، عام ڍنگ ۾ آهي. گيرولامو جي ڪردار سان منهنجو لاڳاپو ته برابر آهي، پر گيرولامو آءٌ پاڻ نه آهيان. آءٌ جيڪي ڪردار ۽ واقعا پنهنجن ڪتابن ۾ آڻيندو آهيان، اُهي سڌي طرح زندگيءَ مان کڻندو ئي نه آهيان. ها! زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ڪي واقعا ٻين واقعن کي تخليق ڪرڻ يا ڪي ڪردار ٻين ڪردارن کي تخليق ڪرڻ ڏانهن مائل ضرور ڪندا آهن. لفظ ’مائل ڪرڻ‘ کي ذهن ۾ رک. ماڻهوءَ کي جنهن ڳالهه جي خبر هوندي اُها ئي لکندو. مثلن آمريڪا مون گهميو ته برابر آهي، پر آمريڪا جي ايتري خبر نه اٿم جون اُتان ٿي ويهي لکان. ته اها ڳالهه صحيح آهي ته ماڻهو اهو ڪجهه لکندو آهي، جنهن جو کيس پتو هوندو آهي. پر تون ان کي ’آتم ڪٿا‘ نٿو چئي سگهين. اُها ٻي شيءِ آهي. آءٌ افساني طرازي ڪندو آهيان، ڪوڙ لکندو آهيان. حقيقت ۾ آءٌ ڏٽائي آهيان. انهيءَ جو مطلب اِهو ٿيو ته ڪجهه به آهي، آءٌ ناول نگار آهيان. جيڪا خبر هوندي اٿم، ان متعلق ئي لکندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: سمجهي ويس ڳالهه کي. تنهنجو پهريون ڪتاب `Gil Indeifferenti~ ئي آهي؟
    موراويا: ها.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    موراويا: ڇا ٻڌايانءِ؟ آڪٽوبر 1925ع ۾ شروع ڪيومانس. ڪتاب جو ڳچ حصو ڪارٿينا ۾ مورا (اٽالين زبان جو مشهور مترجم، نقاد ۽ تاريخدان) جي گهر ۾ بستري جي حوالي هوس ته اُتي ئي لکيم. اهو 1929ع ۾ ڇپيو.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي عام پڙهندڙن يا نقادن ڪا مخالفت ڪئي؟
    موراويا: مخالفت؟ ڪهڙي قسم جي مخالفت؟
    انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته مختلف شيءِ هئي، ان ڪري.
    موراويا: نه! ڪنهن به مخالفت ڪا نه ڪئي. اها تمام وڏي ڪاميابي هئي. حقيقت ۾ اٽالين ٻوليءَ جي جديد ادب ۾ جيڪي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن، هيءُ ڪتاب به انهن مان هڪ آهي. اها ڳالهه آءٌ توري تڪي ٿو چوان. ايڏي ڪاميابي ڪنهن کي ملي ئي نه آهي. گذريل 50 سالن ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، جنهن جي ايڏي چاهه ۽ ڌيان سان آجيان ٿي هجي، جيتري منهنجي ڪتاب جي ٿي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت ته تون صفا جواڻ جماڻ هئين؟
    موراويا: 21 سالن جو هوس. اخبارن ۾ ڪتاب جي باري ۾ مضمونن جي ڌم لڳي ويئي. ڪي ڪي مضمون ته پنجن پنجن ڪالمن تي ڇپيا. بنا ڪنهن شڪ جي ڪتاب کي ايڏي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ اڄ تائين نه منهنجي ٻيهر اهڙي لئه ٿي آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي انهيءَ ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ناول ۾ تو رومن بورزوا سوسائٽيءَ جي قدرن تي ڏاڍي تِکي، ڪڙي ۽ اثرائتي تنقيد ڪئي آهي. ڇا اِهو تنهنجو ظالمه ردعمل آهي، ان سوسائٽيءَ جي خلاف؟
    موراويا: نه. گهٽ ۾ گهٽ شعوري ردعمل ته نه آهي. (ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اِهو بورزوا سوسائٽيءَ جي هر شيءِ جي خلاف به ردعمل نه آهي. بس! اهو ناول هو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه نقاد توکي سويوو سان وڃي ڳنڍين ٿا. منهنجو خيال آهي ته اهي غلط آهن. تون ڇا ٿو چئين؟
    موراويا: تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. حقيقت اته اها آهي ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سويوو جي باري ۾ مون کي گهڻي خبر نه آهي. مون هن جا ٻه ڪتاب پڙهيا آهن. هڪڙو آهي Senilita ۽ ٻيو ڇا ٿا چونس.... La Coscienza di Zeno مون پنهنجو اهو ناول `Gli Indifferenti` انهن ڪتابن پڙهڻ کان اڳ ۾ لکيو هو. دراصل سوويو بورجوازيءَ تي شعوري تنقيد ڪئي آهي. جڏهن ته جيڪا تنقيد مون کان ٿي ويندي آهي. اُها غير اِرادي طور تي اتفاقن ٿي ويندي آهي. منهنجو نقطه نگاهه اِهو آهي ته لکندڙ جو ڪم شعوري طور تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، پر جيئرا جاڳندا ڪردار تخليق ڪرڻ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ جو مطلب ته تون جيڪي لکين ٿو سو...
    موراويا: آءٌ ذهني طور تي پاڻ کي ٿانيڪو بنائڻ ۽ ٻين ماڻهن کي وندرائڻ لاءِ لکندو آهيان. هڪڙيءَ طرح اهو منهنجيءَ پنهنجيءَ شخصيت جو اظهار به آهي. هر ڪنهن ماڻهوءَ وٽ اظهار جو پنهنجو ڍنگ هوندو آهي. مون وٽ به پنهنجو ڍنگ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: لڳي ٿو ته تون پاڻ کي اخلاق پسند (Moralist) نٿو سمجهين. اِها ڳالهه صحيح آهي؟
    موراويا: نه. جيئن تون ٿون چوين ائين آئون Moralist نه آهيان. سچ ۽ سونهن پاڻ سيکاريندڙ آهن. کاٻي ڌر هجي يا ڪا به ٻي ’ڌُر‘ هجي، ان جو پاسو وٺي لکڻ يڪ طرفو معاملو ٿيو پوي. اها لکت گهڻين ضروري ڳالهين جي نمائندگي نٿي ڪري. جيڪڏهن ڪو ڪا ’ڌر‘ جهلي ڳالهه ڪندو ته پوءِ اهو سچيءَ تنقيد ڪرڻ کان وانجهو هوندو. ’ڌر‘ ڌاري اهڙي قسم جي ڪيل سماجي تنقيد قطعي طور تي سطحي هوندي. ها! پر منهنجي ان ڳالهه مان غلط مطلب نه وٺنجاءِ. حقيقت پسنديءَ سان لاڳاپيل جيڪي به ليکڪ آهن يا فنڪار آهن، انهن کي موجوده حقيقت کان به وڌيڪ مڪمل ۽ جامع حقيقت پيش ڪندو ته انهن جي ڪا نه ڪا اخلاقي پوزيشن هوندي. سندس چٽيءَ طرح سوچيل سمجهيل سياسي، سماجي ۽ نظرياتي لاڙا هوندا ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته ڪنهن نه ڪنهن ڍنگ ۾ اهي لاڙا سندس لکڻين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويندا. ڪيئن به هجي پر فنڪار جو فن پهرين آهي ۽ عقيدا پوءِ آهن. ليکڪ جي عقيدن کي ڇڏي به ڏبو ته ليکڪ زنده رهندو آهي. مثلن لارينس کي ان ڪري ليکڪ نٿو مڃيو وڃي ته هن جا جانسن جي باري ۾ ڪي خاص نظريا آهن. پر ان ڪري مڃيو ٿو وڃي جو هو وڏو ليکڪ آهي. دانتي جا ڪجهه به نظريا هجن، پر ان هوندي به سوويت يونين ۾ پڙهيو ويندو آهي.
    ٻئي پاسي فن جو ڪم آهي نمائنده قسم جو اظهار ڪرڻ. ان عمل ۾ ليکڪ، سندس ويچار ۽ سندس فيصلا موجود حقيقت سان گڏجي ويندا آهن. تنقيد ته انهيءَ سڄي ڪم جو هڪ ننڍڙو پهلو آهي. ته سمجهه کڻي ته آءٌ ڪنهن حد تائينMoralist آهيان ۽ اسين Moralist آهيون به سهي. توکي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ننڊ مان اُٿبو آهي ته ڪا به ڳالهه ڪا به شيءِ صحيح نه لڳندي آهي ۽ دل چوندي آهي ته هر شيءِ ٽوڙي ڦٽي ڪجي، ته جيستائين اها ڪيفيت ماڻهوءَ تي سوار رهندي آهي ته هو هڪ حد تائين Moralist ئي هوندو آهي. تنهنڪري ڳالهه کي چٽو هيئن ڪبو ته هر ماڻهو پنهنجي رنگ ڍنگ ۾Moralist ته هوندو آهي، پر هو ان کان سواءِ به گهڻو ڪجهه هوندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ٿورو وري Gli indifferenti ٿا موٽون.. جڏهن اهو ڪتاب لکيو پئي ته ڪن ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پيئي؟
    موراويا: انهيءَ ڪتاب لکڻ وقت منهنجي وڏي ڪوشش اِها هئي ته سڄو ڪتاب ڊراما ٽيڪنڪ مطابق شروع ٿئي ۽ ان جي پڄاڻي به چٽيءَ طرح ڄاڻايل وقت اندر ائين ٿئي، جيئن ڪا شيءِ رهجي نه وڃي. ان ۾ جيڪي به واقعا ۽ حقيقتون پيش اچن ٿيون ته اُهي ٻن ڏينهن ۾ ئي درپيش اچن ٿيون. ڪردار ماني کائين ٿا، ڄمن ٿا، هڪٻئي کي وندرائين ٿا، هڪٻئي کي بڇڙو به ڪن ٿا، ته اهو سڀڪجهه ائين ٿئي ٿو جيئن اسٽيج تي ٿيندو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڀلا ڪڏهن اسٽيج لاءِ لکيئه؟
    موراويا: تمام ٿورو۔ Gli Indifferenti کي گولي اسڪئلر زينا سان گڏجي ڊرامائي تشڪيل ڏنيم ۽ La Mascherata عنوان سان هڪ عدد ناٽڪ پڻ لکيم.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو ته تنهنجو ڪتاب به آهي، ڇا ان ڪتاب جي بنياد تي اهو ناٽڪ لکيئه؟
    موراويا: نه. مرڪزي خيال برابر ساڳيو هو، پر ان ۾ پيش ايندڙ واقعا ناٽڪ ۾ ٻيا هئا ۽ ڪتاب ۾ ٻيا. ان ناٽڪ کي پيوڪولو ٽيٽرو شهر ميلان ۾ اسٽيج ڪيو.
    انٽرويو وٺندڙ: آئينده اسٽيج ناٽڪ لکڻ جو شوق آهي؟
    موراويا: ها! بلڪل. اُميد اٿم ته ضرور لکندس. منهنجو اهو شوق ته تمام پراڻو آهي. جڏهن آءُ ڪچي وهيءَ ۾ هئس تڏهن به ڊراما پڙهڻ ۾ مون کي وڌيڪ مزو ايندو هو. شيڪسپيئر، موليئر، گولڊوني ۽ لوپ دي ويگا ۽ ڪاليدرون ان وقت ۾ ئي پڙهيم. ڊراما پڙهڻ جو اڃا تائين شوق اٿم. مون کي ٽرئجڊي ناٽڪ ڀرپور لڳندا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ فني اظهار جا جيڪي وڏي ۾ وڏا ذريعا آهن، اسٽيج ناٽڪ انهن مان هڪ آهي. ۽ ڏاڍي مڪمل قسم جي صنف آهي. بدقسمتي رڳو اها آهي ته هن وقت اسٽيج ناٽڪ پڙ تي ئي نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو ڪيئن ٿو چوين؟ تنهنجي مراد اٽليءَ مان ته نه آهي؟
    موراويا: رڳو اٽليءَ جي ڳالهه نه آهي. بس ناٽڪ پڙ تي آهي ئي ڪو نه. اسٽيج ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر لکيوئي نٿو پيو وڃي.
    انٽرويو وٺندڙ: پر اونيل، شا، پرانديلو ۽ .... موراويا: نه. انهن مان ڪنهن به اهڙو ناٽڪ نه لکيو آهي، جنهن کي پڪي ٽرئجڊي چئي سگهجي. ناٽڪ جو بنياد شاعراڻي ٻولي آهي. ويندي ابسن تائين جنهن کي هن وقت جو وڏو ناٽڪ نويس چيو ٿو وڃي، ان وٽ به اها ٻولي ڪونهي. اهو به روزمره واري ٻولي ٿو استعمال ڪري. منهنجي خيال ۾ ابسن به ڊرامو تخليق ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪرسٽافر شاعرانه ناٽڪ لکندو آهي. تو ايسليو ۾ وڃي سندس لکيل ناٽڪ `The Lady’s not for burning` ڏٺو آهي؟
    موراويا: نه.
    انٽرويو وٺندڙ: ڏسندين ته وڻدئي؟
    موراويا: ٿي سگهي ٿو. پهرين ڏسان ته سهي.
    انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکيو اٿئي؟
    موراويا: نه. ايترو نه لکيو اٿم. ڪجهه لکيو اٿم پر مزو نٿو اچي.
    انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکڻ جو فارم وري صفا الڳ آهي؟
    موراويا: بلڪل الڳ آهي. جتي هنرمندي آهي اتي فن به آهي. پر سوال ٿو اٿي ته فلم ڪيتريءَ حد تائين اظهار جي آزادي ڏئي ٿي. ڪئميرا ٻين جي مقابلي ۾ اڻ پوري آهي، پوءِ اها پين آسئن اسٽائين جي هٿ ۾ کڻي ڇو نه هجي. ڪئميرا ڪنهن به صورت ۾ ان لائق نه ٿيندي ته پرائوسٽ جون لکيل ڳالهيون ان ۾ اچي سگهن- ڪڏهن به نه. اٽليءَ ۾ اهو ئي آرٽ آهي جنهن کي وڏي مالي پٺ آهي. ڏاڍو آزاريندڙ ڪم آهي. فلم ۾ ليکڪ ته صرف آئيڊيا ڏيندڙ ماڻهو يا سينري لکندڙ ماڻهو هوندو آهي. ان ۾ لکڻ واري کي پئسي واري معاملي کان سواءِ ٻي ڪا به تسڪين نه ٿيندي آهي. پوسٽرن تائين ليکڪ جو نالو موجود نه هوندو آهي. ليکڪ لاءِ اِهو ڪني ۾ ڪنو ڪم آهي. ان کانسواءِ فلم هڪ اهڙو آرٽ آهي جيڪو مشين بازيءَ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل هوندو آهي. ان ۾ ٽيڪنيشن جي پوري فوج هوندي آهي ۽ مشينن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شيون هونديون آهن. فلم جو سڄو Process سُڪن سُڃن حصن ۾ هلندو آهي. فلم خالص آشرٽ نه آهي. ماڻهوءَ جي انسپائريشن فلم ۾ پهچيو صفا پاروٿي ٿيو وڃي. جيڪي ماڻهو لکي ٿو اها لکڻي انهيءَ ساڳئي ڍنگ ۾ اسڪرين تي اچي ئي نٿي. گهٽ ۾ مون لاءِ فلم لکڻ ناپسنديده مشغلو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فلم لکڻ ۾ ضرورت جي وقت پئسن هٿ اچڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڪشش نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: (Woman of Rome) La Romana جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    موراويا: La Romana هڪ مختصر کان مختصر ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پهرين نومبر 1945ع تي مون ان لاءِ شروع ڪيو ته اِها اخبار جي ’ادب ۽ ثقافت‘ واري صفحي ۾ ڇپجي. ماءُ ۽ ڌيءُ جي تعلق تي مون کي وڌ ۾ وڌ ٽي يا چار صفحا لکڻا هئا. پر پوءِ جڏهن لکڻ ويٺس ته لاڳيتا چار مهينا لکندو رهيس ۽ پهرين مارچ تي اِها ڪهاڻي ناول جي صورت ۾ ختم ڪيم.
    انٽرويو وٺندڙ: ائين ته ڪو نه آهي ته ڪُتي جي پڇ به ڪتي سان تري پار پيو؟
    موراويا: بس ارادو ته ڪهاڻيءَ لکڻ جو هو پر چئن مهينن اندر مختصر ڪهاڻيءَ مان ڦري ناول ٿي پيو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪٿي ائين ته نه ٿيو جو لکندي لکندي ڪردار هٿ مان نڪري ويا هن؟
    موراويا: نه، ائين ته ڪونهي. جڏهن سجهه ته ڪردار هٿ مان نڪرندا ٿا وڃن ته پوءِ سمجهه ته ڪهاڻي اصلي Inspiration جي بنياد تي ڪو نه اُڀري آهي، پوءِ ته ڪهاڻي سولي هلندي ئي نه آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: افواهه گرم آهن ته (Woman of Rome) La Romana لکڻ لاءِ اوهان اڳواٽ نوٽس ورتا هئا؟
    موراويا: سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. پهرين نوٽس وٺي پوءِ لکڻ جو رنگ ڍنگ مون وٽ نه آهي. دراصل ڏهه سال اڳ آءٌ روم جي هڪ عورت سان مليو هئس. جيتوڻيڪ انهيءَ عورت جي زندگيءَ جو ناول سان ته ڪو به تعلق نه آهي، پر ان ۾ جا چڻنگ ضرور هئي، جنهن ناول لکڻ تي مجبور ڪيو. باقي اهو نوٽبڪن تي نوٽس لکي پوءِ ڪهاڻي جوڙڻ جو ڌنڌو پاڻ کان ڪو نه ٿئي. مون لاءِ ڪهاڻي لکڻ وقت ئي جنم وٺي ويندي آهي، اڳ ۾ رٿيل نه هوندي آهي. بلڪ ائين کڻي سمجهه ته جڏهن آءٌ لکڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول نه هوندو آهيان ته پنهنجين لکڻين جي باري ۾ سوچيندو ئي نه آهيان. آءٌ گهڻو ڪري صبح جو 9 کان 12 بجي تائين لکندو آهي. هڪ بجي کان شام جو يا رات جو مون ڪڏهن هڪڙي سِٽ به نه لکي آهي. ٽيبل تي جڏهن لکڻ ويهندو آهيان ته اها خبر نه هوندي اٿم ته ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ٿيڻو آهي. منهنجو سڄو ڀروسو In Inspiration تي هوندو آهي. پوءِ ڏات ڪڏهن رُسي ويندي آهي ته ڪڏهن اچي ويندي آهي. ويهي انسپائيريشن جو انتظار ڪندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: منهنجي خيال ۾ ڪردارن جي نفسيات جي باري ۾ تنهنجي زال به توکي مدد ڪئي هوندي؟
    موراويا: ڪڏهن به نه. ڪردارن جي نفسيات هجي يا ڪهاڻيءَ جا ٻيا حصا هجن، آءٌ پنهنجي ئي تجربي جي آڌار تي لکندو آهيان. ها! ڊاڪيومينٽري هُجي يا ڪو نصابي ڪتاب ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ڪنهن زماني ۾ روم شهر ۾ آءٌ آرڊينيا نالي هڪ عورت سان گڏيو هوس. ان ملاقات کان ڏهه سال پوءِ انهيءَ عورت متعلق ڪنهن خيال مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو. انهيءَ عورت پڪ سان اِهو ڪتاب نه پڙهيو هوندو. مون کيس ڏٺو ئي هڪ ڀيرو هو، ان ڪري ناول منهنجي تصور تي ئي ٻڌل آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: حقيقي موضوع جي پيڙهه تي ڪا فينٽسي (خيالي آکاڻي) لکيئي؟
    موراويا: تصور ۽ فينٽسي جي لفظن کي پاڻ ۾ نه منجهاءِ. اهي ٻئي ذهن جون ڌار ڌار حرڪتون آهن. انهن ٻنهي لفظن جو فرق جي بينڊيٽو ڪروس عاليشان تشريح ڪئي آهي. اُها پڙهي ڏسو. سڀني فنڪارن وٽ تصور ته هوندو آهي پر انهن مان ڪن وٽ فينٽسي به هوندي آهي. مثلن سائنس فڪشن فينٽسي هوندو آهي، جڏهن ته فلابرٽ جو ناول ميڊم بُواري عظيم تصور تي ٻڌل آهي. ان ناول کي تون فينٽسي نٿو چئي سگهين.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ڪتابن ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي. اُها هيءَ ته تنهنجا جيڪي به ڪردار پڙهندڙن جون همدرديون ٿا وٺن، اهي گهڻو ڪري عورتون آهن. مثلن La Messicanan, La provincale ۽ La Romana .
    موراويا: ائين نه آهي. منهنجن ڪافي ڪتابن ۾ اهڙا مرد ڪردار به آهن، جيڪي همدرديون وٺنداآهن. اهڙيءَ طرح ٻار به آهن. مثلن Gli Indifferenti۾ مائيڪل جو ڪردار، Agostino ۾ ايگسوٽينو جو ڪردار ۽ La Disubbidienza ۾ ليوڪا جو ڪردار. بلڪ ائين کڻي چئه ته منهنجا سڀ مک ڪردار همدردي لهڻندا آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: جيئن Conformist جو ڪردار مارسيلو ڪليريسي آهي؟
    موراويا: ها. اُهو به.
    انٽرويو وٺندڙ: پراٽولينيءَ جو ايروڊيل ناسترو ٽيپو جو جيڪو ڪردار آهي. لڳي ٿو ان سان توکي ڪو دلي لڳاءُ نه آهي؟
    موراويا: دلي لڳاءُ ته نٿو چئي سگهين. البت رحم چئي سگهين ٿو. اهو ڪردار ان ڪري رحم جوڳو هو جو آسپاس جي حالتن جو شڪار ٿيل هو. پر ان جي باوجود اهو ڪردار منفي نه آهي. آءُ منفي ڪردار نه کڻندو آهيان. اهو ضروري نه آهي ته سٺو ناول منفي ڪردارن ذريعي لکي سگهجي. ها! ڪجهه ڪردار اهڙا به آهن جن سان منهنجو دلي لڳاءُ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: جيئن آرڊينيا.
    موراويا: آرڊينيا؟ ها آرڊينيا لاءِ تون سورهن جا ويهه آنا اِها ڳالهه ڪري سگهين ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: لکڻ کان اڳ نه تون نوٽس وٺندو آهين ۽ نه ڪا تو وٽ رٿا هوندي آهي، اهو ته ٺيڪ پر ڇا لکڻ کان پوءِ ان ۾ درستيون ڪندو آهين؟
    موراويا: ها! بلڪل درستيون ڪندو آهيان. هڪ ڪتاب ڪيترائي ڀيرا نظر مان ڪڍندو آهيان. منهنجي ڪم جو طريقو قديم مصورن وانگر آهي. جيڪي تهه در تهه ڪم ڪندا هئا. منهنجون پهريون مسودو ڪُڍنگو هوندو آهي. هڪ ڪري ان کي اڻ پورو به چئي سگهين ٿو. بعد ۾ آءٌ ان کي ٻيهر لکندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: هڪ لکڻي گهڻا ڀيرا لکندو آهين؟
    موراويا: Romana ٻه ڀيرا لکيم. ان کان پوءِ ٽيون ڀيرو به ايستائين وڏي غور ۽ فڪر سان نظر مان ڪڍيم، جيستائين پڪ ٿي ويم ته هاڻي سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻه ڀيرا نئين سر مسودو لکيئه. ٽيون ڀيرو مسودي اندر ئي درستيون ڪيئه. ائين نه؟
    موراويا: ها، ائين ئي.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻين ڪتاب لکڻ ۾ به ائين ڪيئه؟
    موراويا: ها! پر IL Conformista جو مسودو ٽي ڀيرا لکيم.
    انٽرويو وٺندڙ: تو جڏهن Gli Indifferenti لکيو، تڏهن يا ان کانپوءِ ڪنهن ليکڪ کان متاثر هئين؟
    موراويا: انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻو ڏکيو آهي. شايد دوستو وسڪي ۽ جوائس جي انداز بيان کان متاثر هجان.
    انٽرويو وٺندڙ: جوائس؟
    موراويا: ها....ته.....بيهه مون کي ڳالهه سمجهائڻ ڏي. جوائس کان آءٌ صرف ايتريءَ حد تائين متاثر آهيان ته ڪهاڻيءَ ۾ واقعي جو وقت سان ائين تعلق پڌرو ڪجي جو ڳالهه ۾ جهول نه رهي. دوستو وسڪيءَ جي ناولن مان مون ڊرامائي ناول جو داءُ پيچ سکيو آهي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان مون لاءِ `Crime and Punishment` تمام گهڻو دلچسپ ناول آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻيا ڪي لکيڪ؟ ٻيا ڪي اثرات؟ تو وٽ جيڪا حقيقت پسندي آهي، اُهو فرنيچ ادب جو اثر آهي ڇا؟
    موراويا: نه. ائين ته ڪونهي. ڀلا جيڪڏهن ائين هجي ته به شعوري طور تي آءٌ ان کان واقف نه آهيان. منهنجا سرواڻ مانزوني، دوستو وسڪي ۽ جوائس آهن. جيستائين فرينچ ادب جو تعلق آهي ته مون کي ارڙهين صديءَ جا ليکڪ وڻيا آهن. پهرين وولٽائر ۽ ڊائڊروٽ، ان کان پوءِ اسٽينڊال ۽ موپاسان وڻيا.
    انٽرويو وٺندڙ: فلابرٽ؟
    موراويا: ايترو خاص نه.
    انٽرويو وٺندڙ: زولا؟
    موراويا: ايترو صفا نه....مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم. وڌيڪ ڪافي پيئندين؟.... ها! پاڻ ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي؟
    انٽرويو وٺندڙ: خير زولا ته پسند نه اٿئي. ڀلا شاعري پڙهي اٿئي؟
    موراويا: رمباڊ ۽ بادليئر تمام گهڻو وڻندا اٿم. بادليئر وانگيان ڪجهه جديد شاعر به وڻندا اٿم.
    انٽرويو وٺندڙ: ڀلا انگريزيءَ جا ليکڪ؟
    موراويا: شيڪسپيئر جون لکڻيون وڻنديون اٿم. ڊڪنس ۽ پوءِ وڻندا اٿم. ڪجهه سال اڳ جان ڊان جا شعر ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هيم. انگريزيءَ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ بٽلر تمام سٺا ناول لکيا آهن. ان کان پوءِ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ ٿامس هارڊي ۽ جوزف ڪونراڊ وڏا ناول نگار آهن. اسٽيونسن ۽ ورجينيا وولف به سٺا ناول لکيا آهن. ڊڪينس جو صرف هڪ ڪتاب Pick wick papers سٺو آهي ۽ سندس ٻيا ڪتاب اهڙا سٺا نه آهن. ڪتاب ۾ مون لاءِ ٽرئجڊيءَ جي بنسبت مزاحيه ڪتاب لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هونئن به مزاحيه ڪتاب آهن ئي ڪيترا! تمام ٿورا آهن. ,Rabelais, The Golden ass, The pick Wick papers, Don Quixote Satyricon The Sonnets of Belli ۽ گوگول جو Boccaccio, Dead souls ۽ منهنجا دلپسند ڪتاب آهن. منهنجي ادبي تربيت ڪلاسيڪل نثر ۽ ڪلاسيڪل ڊراما ڪئي آهي. حقيقت پسند ۽ فطرت پسند ليکڪ ڏاڍا کُليا آهن، پر مون کي ايترو مزو نٿا ڏين.
    انٽرويو وٺندڙ: اهي ليکڪ بظاهر ته دلچسپ آهن. انهن لکيڪن نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، خاص ڪري آمريڪي ليکڪن جهڙوڪ هيمنگوي، اسٽيئن بيڪ ۽ ڊاس پاسوس.
    موراويا: جنگ کان پوءِ جي اٽالين ليکڪن تي انهن جو اثر پيو. پر اهو اثر اڻ سڌيءَ طرح پيو ۽ وٽورنيءَ جي معرفت پيو. نئي پيڙهيءَ جي اولين ليکڪن تي وٽورينيءَ جو اثر تمام گهڻو پيو آهي. انهيءَ اثر کي تون آمريڪي اثر چئي سگهين ٿو، پر بهتر اِهو ٿيندو ته ان کي وڏو رينائيزڊ آمريڪن اثر چئجي. ايل يونيٽا وارن هڪ ڀيري مون کي هڪ ادبي مقابلي جو جج مقرر ڪيو. انهيءَ مقابلي ۾ جيڪي پنجاهه موسدا آيا انهن مان اڌ لکنين تي وٽورينيءَ جو اثر هو. وٽورينيءَ جون لکڻيون شاعراڻيون آهن. اهي ساڳيون شاعراڻيون لکڻيون ڪٿي ڪٿي هيمنگوي ۽ وليم فاڪنر وٽ ملن ٿيون.
    انٽرويو وٺندڙ: رسالي نيوو آرگومينٽي ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجڻ لاءِ اچن ٿيون انهن مان وڏو تعداد نين لکڻين جو آهي؟
    موراويا: بس اسان کان جيڪي پهچي ٿو سو ڪريون ٿا. پر اٽالين ليکڪ ڏاڍا سست آهن. ڪميونسٽ آرٽ جو سمپوزيم ڪرايوسين. اسان سان 25 شريڪن جو واعدو ٿيل هو پر خبر اٿئي گهڻا شريڪ ٿيا؟ صرف ٽي ڄڻا. اسان کي 20 کان 30 صفحن تائين ادبي ۽ سياسي مضمونن جو تمام گهڻو کپ آهي. پر اسان کي 4 يا 5 صفحن تي اڌورا مضمون جام ملن ٿا، جيڪي اسان جي ضرورت پوري نٿا ڪن.
    انٽرويو وٺندڙ: پر مون فڪشن جي باري ۾ ڳالهه پئي ڪئي. نيو آرگومينٽي ايڊٽ ڪندي توکي فڪشن جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي هوندي؟
    موراويا: سچ ڪري پڇين ته مون کي انهن ئي ليکڪن جي باري ۾ معلوم آهي، جن جي سڀني کي خبر آهي. هر لکڻي ته پڙهي نٿي سگهجي. نالا ان ڪري نٿو کڻان جو ڳالهه اڌوري ٿي پوندي.
    انٽرويو وٺندڙ: اٽالين ناول جي تاريخ ۾ وڏا وڏا خال آهن. انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    موراويا: سوال تمام وڏو آهي. نه؟(مرڪندي) جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اهو چئي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اٽليءَ ۾ ناول لکجندو رهيو آهي. 13 ۽ 14 صديءَ ۾ بورجوا طبقو صحيح معنيٰ ۾ بورجوا هو. ان زماني ۾ بيانيه انداز ترقي ڪئي. پئنٽنگ ۾ اها صورتحال رهي، پر ڪائونٽر رفارميشن کان پوءِ اٽالين سوسائٽي اهڙي نه رهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ڏسي سگهي، جيڪو بيانيه، ادب تخليق ٿيو، ان ۾ تنقيد جو حصو تمام گهڻو هو. اٽليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي سهڻو چون ته ڄڻ پٿر تي ليڪ ڪڍيائون. اٽالين سچ کان وڌيڪ سونهن کي اهميت ڏيندا آهن. ناول لکڻ جي فن جي ترقيءَ جو تعلق يورپ جي نئين اسرندڙ ۽ اڀرندڙ بورجوا طبقي سان رهيو آهي. پر اٽليءَ ۾ اهو جديد بورجوازي طبقو اڀري نه سگهيو، جيڪو ٻئي يورپ ۾ اُڀريو. حقيقت ۾ اٽلي هڪ قديم ملڪ آهي ۽ ڪنهن قدر اها قدامت کيس نواڻ بخشي ٿي. هن وقت ثقافتي نقطه نگاهه کان اٽلي ٻئي يورپ جي پُٺ ورتي آهي. يورپ جا ٻيا ملڪ جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، اُهو ساڳيو ڪم اٽلي انهن کان پوءِ ڪري ٿي. (ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اسان جي ادبي تاريخ ۾ وچولي درجي جي ليکڪن جي بدران پربت جيڏا وڏا ليکڪ پيدا ٿيا آهن. پيٽراچ 13 صديءَ ۾ لکيو، پوءِ به پهريون چار صديون ادب تي ڇانيو رهيو. بوڪاشو 14 صديءَ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ لکڻ جي فن کي ٿيڻي بنايو. اسان جي ادب ۽ زبان جون اهي سونيون صديون هيون. انگلينڊ ۽ فرانس ۾ اهي سونيون صديون گهڻيون پوءِ آهيون. دانتي جو مثال وٺ. دانتي خالص اٽالين زبان لکي ۽ اُها زبان اڄ تائين مڪمل طرح سمجهي سگهجي ٿي. پر سندس انگريزي زبان جي همعصر چاسر جيڪي ڪجهه لکيو، ان کي اڄ جي انگريزي پڙهندڙ لاءِ ترجمو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته انگريزي اٽالين جي مقابلي ۾ ان وقت ترقي پذير زبان هئي، جڏهن ته اٽالين زبان ترقي يافته هئي. اٽليءَ جا نوجوان ليکڪ ايترا اٽالين کان رهنمائي ٿا وٺن، ڇاڪاڻ ته سندن ملڪي روايتون تمام پراڻيون آهن. گذريل ڏهن سالن کان انهن نون ليکڪن جي نظر آمريڪي حاڪم ليکڪن تي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي ڪتاب Racconti Romani جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟
    موراويا: ڪهاڻيءَ جي انهيءَ مجموعي بابت وڌيڪ ته ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهان. البت ايترو چوندس ته اهي ڪهاڻيون جنگ کان پوءِ واري خاص وقت ۾ روم شهر جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي متعلق آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: بس! وڌيڪ نه ٻڌائيندين ڇا؟
    موراويا: وڌيڪ ڇا ٻڌايان. ها!....نه...سچ ڪري پڇين ته انهن ڪهاڻين تي چوڻ لاءِ مون وٽ تمام ٿوريون ڳالهيون آهن. منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب جي باري پڇندين ته جام ڳالهيون ٻڌائيندوسانءِ. رڳو سوال پڇ.
    انٽرويو وٺندڙ: Corriere della sera ڏاڍو مهانگو ڪتاب آهي، ان ڪري اهو پڙهي نه سگهيو آهيان.
    موراويا: (مرڪندي) 2400 ليرن ۾ ته ملي ٿو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه به آهي. مون کي اها خبر آهي ته تو جيڪي ڪهاڻيون پوءِ لکيون آهن، انهن جو ڳچ حصو ٻين لکڻي جي نسبت هيٺئين يا وچولي طبقي متلق نه آهن. هونئن به لڳي ٿو ته تو اڳئين واٽ ڇڏي ڪا نئين واٽ ورتي آهي. ائين ڪندي ڪجهه مسئلا به درپيش آيا هوندءِ؟
    موراويا: منهنجو جيڪو به ڪتاب آهي، اُهو جيتوڻيڪ اڳواٽ ٿيل باقاعدي رٿا جو نتيجو ته نه آهي، پر Racconti Romani پئي لکيم، تڏهن به ڪن خاص مسئلن کي منهن ڏيڻو پيم خاص ڪري ٻوليءَ جو مسئلو. هاڻي مون کي ٿوري ڳالهه سمجهائڻ ڏي. ڪتاب آهن، انهن ۾ La Romana به اچي وڃي ٿو، جيڪو هينئر لکي پورو ڪيو اٿم- اهي سڀ ڪتاب اسم متڪلم ۾ بيان ڪيل آهن، پر جيڪڏهن قصي کي اسم غائب ۾ کڻجي ته پوءِ ڪنهن حد تائين ليکڪ کي پنهنجي مخصوص اسٽائيل پاسيري ٿي رکڻي پوي. اها سڄي ڳالهه مون Woman of Rome جي پينگئن واري ايڊيشن ۾ سمجهائي آهي. Rocconti Romani ۾ پهريون ڀيرو مون کي اسم غائب يا ڪردار جي ٻوليءَ جو پرائو لهجو اختيار ڪرڻو پيو. ان ڍنگ ۾ لکڻ سان فائدو به آهي ته نقصان به. فائدو اِهو آهي ته پڙهندڙ ڪتاب پڙهڻ وقت لکندڙ سان پنهنجائپ محسوس ڪري ٿو ۽ سڌيءَ طرح شين جي روح تائين پهچي ٿو، نه ڪه ٻاهران بيهي اک ٽيٽ ڪري شين کي ڏسي ٿو. وڏو نقصان اهو آهي ته اسم حاضر ۾ ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ ليکڪ کي عجيب ڍنگ ۾ ڪردار تائين محدود ٿيڻُ پوي ٿو ۽ هو پنهنجي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. مون کي اهو لکڻو پوي جيڪو ڪجهه ڪردار چاهيو پئي. ٽئڪسي ڊرائيور جو مثال ٿا وٺون. ظاهر آهي ته ٽئڪسي ڊرائيور ڌوٻن ڪم متعلق گهڻو نٿو ڄاڻي. ان ڪري ڌوٻين جي ڪم متعلق هو جيڪا ڳالهه ڪندو سا اُها ئي هوندي جيڪا ڄاڻندو. پر جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي ڳالهه اسم ۾ ڪجي ته روم جي متعلق اهو ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو، جيڪو آءٌ روم جي باري ۾ ڄاڻان ٿو. اها ڳالهه جيڪڏهن ليکڪ کي بيان ڪرڻي پوندي آهي ته ليکڪ ڪردار جي بدران پنهنجي واتان سولائيءَ سان ڳالهه ڪري ويندو. Woman of Rome جي آڊريانا اسم غائب آهي ته هاڻي جيڪڏهن روم شهر جي هيٺئين طبقي متعلق اسم متڪلم ۾ ڳالهه ڪبي ته لهجو به هيٺئين طبقي جو ئي استعمال ڪرڻو پوندو ۽ اهو لهجو آءٌ ويهي استعمال ڪندس ته ظاهر آهي ته ان لهجي جون جيڪي حدون آهن، اُهي مون کي اورانگهڻيون نه پونديون. Romanesco جي مالڪ بيليءَ جي ذريعي جڏهن ڳالهه ڪرڻي پيم ته ان ۾ به انهيءَ ڪردار ڪي ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ۽ ڪي روڪي ڇڏيائين، جيڪي مون ڪرڻ گهُريون ٿي. مزدور ڪلاس جي ماڻهن کي پنهنجا تاثرات صحيح ڍنگ ۾ بيان ڪرڻ جو گهڻو اختيار نه آهي. هونئن مقامي لهجي واري ادب ۾ منهنجي گهڻي دلچسپي نه آهي. مقامي لهجو دراصل ايترو تهذيب يافته نه هوندو آهي، جو تاثرات جو اظهار چڱيءَ طرح ڪري سگهي. مقامي لهجي ۾ ڪافي دل کي جهٻيون ڏيندڙ شيون هونديون آهن، پر ان جي باوجود اِهو لهجو سڌريل زبان جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪُڍنگو ۽ اڻ پورو هوندو آهي. مقامي لهجي ۾ صرف خواهشون ۽ ضرورتون بيان ڪري سگهبيون آهن. مثلنِ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، پيار ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم.
    Racconti Romani ۾ 61 ڪهاڻيون آهن. خير هاڻي ته انهن ڪهاڻين جو تعداد هڪ سؤ تائين ڪري ويو آهيان. اهو ڪتاب منهنجي آمدنيءَ جو خاص ذريعو آهي. ان ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪيل آهي. اُها ڳالهائڻ ۾ ڪم ايندڙ اٽالين ٻولي آهي. ان ٻوليءَ جو گهاڙيٽو بي ترتيبو آهي. ان ۾ هتي هُتي مقامي لهجي جا رواجي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، ته جيئن Romanesco جو ماحول برقرار رهي. منهنجو اِهو واحد ڪتاب آهي، جنهن ۾ مون کِل ڏياريندڙ ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن. ڪجهه وقت لاءِ ته پڙهندڙ سوچيو هوندو ته مون ۾ حس مزاج جهڙي ڪا شيءِ نه آهي.
    انهن ڪهاڻين ۾ منهنجي وڏي ڪوشش اِها رهي آهي ته ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هيٺئين ۽ وچئين طبقي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻين اهڙن ڌنڌن تحت جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اُها بيان ڪريان. اهڙي قسم جي ڳالهين کي ڇڏائڻ لاءِ وڏي هوشياري ٿي کپي. انهن ۾ ’پڪارو‘ هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي صرف پيٽ جي لڳل آهي. هن جي زندگيءَ ۾ پيار ۽ اصلي سونهن جهڙي ڪا شيءِ ئي نه آهي. هن لاءِ وڏو مسئلو آهي ته هو يا ته پيٽ جون ضرورتون پوريون ڪري يا ختم ٿي وڃي. کيس ٽيون رستو مليل ئي نه آهي. هو هڪ وانجهيل ماڻهو آهي. سندس حدياتي حرفت بازيءَ، دولاب ۽ بي ايمانين ۾ ڦاٿل آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي سڀني لکڻين ۾ موضوع واري سان اچن ٿا؟
    موراويا: بلڪل. اها ڳالهه ته قدرتي آهي. ڪو به لکيڪ هجي، سندس ڪا به لکڻي هجي ته ظاهر آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ وارتا ئي موضوع کڻندو. منهنجيءَ نظر ۾ ناول ليکڪ جي اندر جو حصو آهي. جيئن ڪنهن موسيقيءَ جي ڌُن ۾ سُر ئي موضوع هوندا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان لڳي پوري ڌُن ٺاهيندا آهن. منهنجي ذهن ۾ موسيقيءَ جي انهيءَ ساڳي ڪيفيت سان ڳالهه جُڙندي آهي. منهنجي لکت اڳواٽ رٿيل يا ڳڻيل ڳوتيل نه هوندي آهي، پر جبلتي هوندي آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ڪجهه تنهنجي آخري ڪتاب La Mascherata جي باري ۾. ڪتاب جا سڀ پهلو ته زير بحث نٿا آڻي سگهون، پر ڪجهه ته ٻڌائي سگهندين. خاص ڪري سينسر جي خيال کان؟
    مورايا: ڪو وقت هو جڏهن سماجي تنقيد لکندو هوس ۽ اِهو اُهو ئي وقت هو جڏهن آءٌ 1936ع ۾ ميڪسيڪو ويس. اُتي جيڪو اسپيني آمريڪن سماجي پس منظر ڏٺم ته خيال آيم ته ڇو نه طنزيه ڪتاب لکان. موٽي اچڻ کان پوءِ ڳچ سال انهيءَ خيال ۾ رهيس. پوءِ جڏهن 1940ع ۾ ڪيپريءَ ويس ته اُتي ويهي اهو ڪتاب لکيم. ان کانپوءِ ڇا ٿيو؟... تو سينسر جي باري ۾ به پڇيو آهي، ته اها ڳالهه هن وقت ڏاڍي مزيدار لڳندئي. 1940ع جو سال هو ۽ ملڪ جنگ جي سٽ ۾ آيل هو. فاشزم به هئي ته سينسرشپ به زوران زور هئي. مطلب ته الائي ڇا ڇا هو. انهيءَ زماني ۾ جيئن ٻيا مسودا پهرين ثقافت کاتي جي منسٽريءَ ۾ سينسرشپ لاءِ پيش ٿيندا هئا، تيئن منهنجو مسودو به پيش ٿيو. منسٽريءَ سينسرشپ جي تي گرامر اسڪولن جي الاهي ماسترن کي ڇڏيو هو. ماستر کي هر ڪتاب پڙهڻ جا 300 ليرا ملندا هئا. ماستر سرڪار کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا هئا ۽ ’مدعي سست گواهه چست‘ وانگر سندن رويو منفي هوندو هو. منهنجو مسودو به ڪنهن ماستر وٽ هو. ماستر ان جو فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ مسودو انڊر سيڪريٽريءَ ڏانهن فيصلي لاءِ موڪلي ڇڏيائين. انڊر سيڪريٽري به فيصلو ڪري نه سگهيو، ان اِهو ڪتاب سيڪريٽري ڏانهن فيصلي لاءِ موڪليو. سيڪريٽريءَ به ساڳيءَ حالت ۾ وزير کي ۽ وزير مسولينيءَ کي موڪليو.
    انٽرويو وٺندڙ: پوءِ ته توکي به سڏ ٿيو هوندو؟
    موراويا: نه. مسولينيءَ حڪم ڏنو ته ڪتاب ڀلي ڇپيو وڃي.
    انٽرويو وٺندڙ: هڻ ته سهي!
    موراويا: پوءِ الائي ڇا ٿيو جو مهيني کان پوءِ بنا صحيح مون کي خط مليو ته ڪتاب کي في الحال ڇپجڻ کان روڪيو وڃي. سو سڄو قصو ائين ٿيو. اِهو ڪتاب وري ظاهر نه ٿيو، جيستائين ڪه ملڪ آزاد نه ٿيو.
    انٽرويو وٺندڙ: اهو معاملو صرف سينسر تائين محدود هو ڇا؟
    موراويا: نه بابا. مون فاشزم سان وڙهندي حياتي گذاري آهي. منهنجي ۽ فاشسٽ اختياريءَ وارن جي جنگ 1929ع ۾ شروع ٿي ۽ 1943ع ۾ جڏهن جرمنن اٽليءَ تي قبضو ڪيو، تڏهن اُها جنگ ختم ٿي، پر انهيءَ وقت به مون کي لڪڻو پيو. آءٌ ڀڄي ڏاکڻينءَ سرحد وارن جبلن ۾ لڪس. اتي 9 مهينا لڪو رهيس، تان جو اتحادي فوجون اچي پهتيون. انهيءَ سڄي عرصي ۾ مون اخبارن جون نوڪريون وڃايون ۽ ’نام نهاد‘ جي هٿرادو نالي سان لکندو به رهيس. سينسر شپ ڏاڍي خراب شيءِ آهي. هڪ ڀيري پاڙون کوڙي وڃي ته وري نه نڪرندي آهي. ثقافت جي منسٽريءَ جو دڪان ته سڀني کان پوءِ بند ٿيو. مون پنهنجو مسودو انهن ڏانهن فاشزم جي زوال کان ٻه مهينا اڳ آگسٽونو کي موڪليو هو. ٻيا سڀ کاتا ۽ حڪومت جا سڀ حصا ڌوڙ ٿي ويا، پر ڪلچر جي منسٽريءَ پوءِ به پنهنجو دڪان کوليو ويٺي هئي. همراهه سُڃاڻو هئا، ان ڪري آءٌ وٽن هلي به ويس ته ”بابا آخر تڪليف ڪهڙي اٿوَ. ٻڌايو ته سهي.“ همراهن ٻڌايو ته قصو منظوريءَ کان چڙهيل آهي. منهنجو فائيل سيڪريٽريءَ جي ميز تي رکيو هو. سيڪريٽري صاحب ڪنهن ڪم سان اُٿي ٻاهر ويو ته هڪ نظر مون به فائيل تي وڌي. ان فائيل ۾ هڪ خط پيل هو، جيڪو برازيل جي ڪلچرل اتاشيءَ لکيو هو. ان خط ۾ ڄاڻايل هو ته برازيل ملڪ ۾ مون کي ڦيٽائو اديب سمجهيو وڃي ٿو. لڳو ٿي ته برازيل جي سرڪار لاءِ رڳو اهو ڪم بچيو هو. منهنجي ٻئي ڪتاب Le Amizioni Sbagliate (قسمت جو ڦيٿو) سان به وڏو حشر ٿيو. منسٽريءَ ۾ پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته سڄي مسودي جا صفحا ڌار ڌار ڪري، ڌار ڌار آفيسن ۾، ڌار ڌار ماڻهن ڏانهن موڪليا ويا هئا ۽ هر ڪو پنهنجو حصو پڙهڻ ۾ لڳو پيو هو. سينسر شپ وڏو راڪاس آهي، سو اهي اٿي خبرون.
    همراهن جڏهن ڪم شروع ڪيو ته ڪنهن حد تائين آزاد خالي ڏيکارين، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن حالت خراب ٿيندي ويئي. رهيو کهيو سوجهرو تڏهن چٽ ٿيو، جڏهن منسٽريءَ ۾ گرامر اسڪولن جا ماستر ڀرتي ڪين. هونئن به سينسر جو ڪم يا ماستر ڪندا آهن يا ڪامورا ڪندا آهن يا ناڪامياب ليکڪ حضرات. انهن ليکڪ حضرات جي ور مسودو چڙهي وڃي ته پوءِ الله پناهه ڏئي.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا اڃا به سينسر آهي؟
    مورايا: خير! هن وقت ليکڪ کي ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪي چاهي سو ڇپائي سگهي ٿو، پر فلم ۽ ٿئيٽر وارن لاءِ اڃا به سينسر موجود آهي.
    انٽرويو وٺندڙ: انڊيڪس جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
    موراويا: انڊيڪس سينسر نه آهي. گهٽ ۾ گهٽ اٽليءَ ۾ ته ائين نه آهي. اٽليءَ ۾ ويٽيڪن (پوپ جو مذهبي مرڪز) الڳ رياست آهي ۽ خود اٽلي ٻي رياست آهي. اِهي ٻئي رياستون هڪ ٻئي کان ڌار آهن، پر اڄ يا سڀاڻي ويٽيڪن وارن جو اٽليءَ تي ائين قبضو ٿي ويو، جيئن آئرلينڊ يا اسپين تي آهي، ته پوءِ حالت خراب ٿي ويندي.
    انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته جڏهن تنهنجو نالو Index ۾ شامل ڪيو ويو، ته توکي ان ڳالهه تي اعتراض هو، ته ائين ڪرڻ سان ليکڪ جي آزاديءَ کي ڌڪ ٿو لڳي. اها ڳالهه ڪيئن آهي؟
    موراويا: نه مون اعتراض ته نه ڪيو هو. پر اها ڳالهه ڏکي برابر لڳي هيم. ڇاڪاڻ ته اسڪينڊل بازيءَ کان آءٌ ڀڄندو آهيان.
    انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن به هو، Index ۾ نالو اچڻ کانپوءِ تنهنجي ڪتاب جو وڪرو وڌيو ۽ مون کي ياد آهي ته ان ڳالهه جي ڪري ئي بومپيانيءَ وارن تنهنجين سڀني لکڻين کي گڏي ڊي لڪس ايڊيشن ڇاپيو؟
    موراويا: نه. اٽليءَ ۾ Index جو ڪتاب جي وڪري تي ڪنهن به قسم جو اثر نه پوندو آهي. منهنجا ڪتاب هونئن به سدائين گهڻي تعداد ۾ وڪرو ٿيندا آهن. انڊيڪس ۾ نالو اچڻ کانپوءِ وڪري ۾ ڪو به اهڙو واڌارو نه ايندو آهي، جو کڻي چئجي ته اهو انڊيڪس جي ڪري آيو.
    انٽرويو وٺندڙ: ڇا توکي اهڙا امڪان لڳن ٿا ته ڪجهه وقت کانپوءِ اٽليءَ جا نئين آپيشاهي حڪومت جي هٿ ۾ اچڻ جا امڪان آهن؟
    موراويا: امڪان ته آهن، پر گهڻا نه. اڄ يا سڀاڻي جيڪڏهن آپيشاهي حڪومت اچي ٿي وڃي ته پوءِ لکڻ وارن کي کپي ته لکڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته ڏاڍي خراب حالت ٿيندن.
    انٽرويو وٺندڙ: ناول جي مستقبل جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
    موراويا: اڻويهينءَ صديءَ ۾ پرائوسٽ ۽ جوائس ناول کي مرڻ کان بچائي ورتو. اهي ٻئي عظيم ناول نگار اڻويهين صديءَ جا آخري ناول نگار هئا. هن وقت لڳي ٿو ته اسان اهڙي قسم جي ناول طرف رُخ رکيو آهي، جو يا ته خالص خيالن تي ٻڌل آهي يا جيئن زندگي آهي ان کي ائين جو ائين کڻي ناول ۾ آڻيون ٿا. جنهن ۾ نه ڪردار جڙن ٿا ۽ نه وري انهن جي نفسيات. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پيئي آهي ته سٺو ناول ڪهڙي به قسم جو ٿي سگهي ٿو. هن وقت ۾ ٻن قسمن جي ناولن جو رواج آهي. هڪڙا اُهي آهن، جن ۾ ڊاڪيومينٽيشن ٿيل هوندي آهي ۽ ٻيا اُهي جيڪي پنهنجي ذاتي تجربن جي بنياد تي ٻڌل هوندا آهن. وقت زندگيءَ جا ٻه رُخ آهن- هڪ ماڻهن جو ميڙ ٻيا دانشور ماڻهن جو ميڙ حادثو آهي ۽ دانشور فلسفو آهي. هن وقت ڪا به بورجوازي نه آهي. بس هڪڙا دانشور آهن ۽ ٻيا ميڙ آهن.
    انٽرويو وٺندڙ: ”ادب اسڪينڊل جي حيثيت ۾“ واري معاملي جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟ خاص ڪري فرينچن جي حوالي سان؟
    موراويا: ٽيهه سال گذري ويا آهن، پر فرينچ اڃا تائين هڪ ٻئي کي اسڪينڊلائيز ڪندا اچن.
    انٽرويو وٺندڙ: تنهنجين ايندڙ لکڻين ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي؟
    موراويا: بس آءٌ ناول ۽ ڪهاڻيون لکندو رهندس.
    انٽرويو وٺندڙ: توکي سامهون اهو وقت ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن تنهنجا صبح ٻئي ڍنگ ۾ گذرندا؟
    موراويا: اهو وقت سامهون ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه بچندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258280
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386404
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ