ڪتاب جو نالو: نيٺ ته ڊهندي
مصنف: آفتاب ميمڻ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 08 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 40 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ڀيٽا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • پيهي جا پاڻ ۾
  • کامان، پَچان
  • ڪالم

  • صاب سلام... آخري سلام ...
  • مها ڪوي
  • نئين صدي.... پراڻا صدما
  • سورهيه مرين سوڀ کي....
  • مَڌِ سُرڪَ
  • نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني
  • قصو ڪجهه درويشن جو
  • سنڌي: ماڻهو يا ڀولڙا
  • معين الدين حيدر: غوث علي شاهه
  • درست حڪمراني
  • بک بڇڙو ٽول
  • ڪجهه سوچيو
  • بئنڪ عملدار کي مار ۽ آفيس کي تالو
  • اڪبر دايو
  • بدتميز انگريز ۽ بي باڪ پاڪستاني
  • رياستي ٿنڀا
  • سچ خُدا آهي؟
  • هُڙڪَ هلو
  • اوڳَر
  • مصطفيٰ زيدي
  • هُن جي نانءَ
  • گوندَرَ وَلَ
  • بدتهذيب نانگ
  • ارشاد نبي عباسي
  • اڌ اگهاميل دعا
  • تپيدار جي معطلي ۽ بحالي
  • ڪاغذي شير پلجن پيا
  • ڪامورڪيون قلابازيون
  • ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اغوا ٿيلن جي ڏي وٺ
  • مشترڪه مفاد جي ڪائونسل

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: نيٺ ته ڊهندي
    ليکڪ: آفتاب ميمڻ
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو: پهريون جنوري 2012ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    A-12 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    Rs. 100/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    ڀيٽا

    هيءَ ڀيٽا آهي...
    انهن استادن جي نانءَ
    جن جي محبت ۽ محنت مونکي
    لکڻ پڙهڻ سيکاريو.

    هيءَ ڀيٽا آهي...
    سنڌ ڌرتيءَ جي نانءَ
    جنهن جي مهربان هنج ۾ آئون
    پليس ۽ نپيس.

    هيءَ ڀيٽا آهي...
    سنڌوءَ جي موجن جي نانءَ
    جتي اڄ
    واريءَ دڙا وسن ٿا.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نيٺ ته ڊهندي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جي ڪالمن، ڪهاڻين يا احساسن جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
    آفتاب ميمڻ جي هنن لکڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جو پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
    هي ڪتاب 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻيءَ جي راڄ ۾ ڄڻڪِ هاڻي نون ۽ دل لڀائيندڙ آوازن جو پڙلاءَ پنهنجي اوج ڏانهن وڏيون وکون ڀريندو وڌي رهيو آهي ۽ نواڻ جي مهڪ، مستي ۽ مانءَ جو چئوڦير پڙاڏو آهي...
    ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کان انڪار ته ڪو ڪافر ئي ڪندو پر هت اسان ادبي لکت جي انيڪ نِمائن مان اڀري آيل سنڌي ڪالم ڪٿا جو بيان ڪيو آهي...
    ڪالمن جي نالي تي هونءَ ته پاڻ تقريرن، خطن، مڪالمن ۽ مقالن ڇڙوڇڙ خيالن /ڳالهين کان ڄاڻو آهيون پر هي لکڻيون جن تي ليکڪ ڪنهن به صنفي نالي ڏيڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي يا اهڙي پڪ پڪاڻي هجيس ته گل نالي سان نه پر خوشبوءِ سان سڃاپبو آهي...
    هنن لکڻين ۾ جڏهن ته ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ پڻ پڌرو آهي ته، شاعريءَ جي پڻ جهلڪو موجود اٿس... پڙهندڙ سنسار جي هر اوکي سوکي مامري بابت هنن لکڻين مان لاڀ پرائي سگهي ٿو ۽ ڏاڍي هنرمندِءَ سان لکيل هنن لکڻين مان بنا ڪنهن بيزاريءَ جي هو لڳاتار هنن لکڻين سان گڏ گڏ هلي ٻهڪندي هي ڪتاب ته پوري ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به پڙهت جي اڃ کيس باقي هجي ٿي...
    آفتاب ميمڻ جو اهوئي جادو جيڪو هن صاحب پنهنجن اڳ ڇپيل ڪتابن: ”هر پل صليب تي“، ”نيل نديءَ ڪناري“ ۾ پنهنجي اوج تي پسايو آهي تنهن هن ڪتاب: ”نيٺ ته ڊهندي“ ۾ پڻ ان ئي جرڪ جا اولڙا پسايا آهن ۽ شل اهوئي جلترنگ ۽ جادوءَ جو ست رنگي ڇهاءُ هو ادب دوستن جي نانءِ ڪندو رهي ... آمين

    اوهان جو
    سنڌي انعام


    پيهي جا پاڻ ۾

    جناب آفتاب ميمڻ سان منهنجي پهرين ملاقات سانگهڙ ۾ 68-1967ع واري زماني ۾ ٿي جڏهين سندن والد صاحب اُتي جو مختيارڪار هوندو هو ۽ آئون نئون نوڪري ۾ لڳو هوس. آفتاب پيٽاري مان موڪلن تي سانگهڙ ايندو هو. اسان گڏجي بيڊمنٽن کيڏندا هئاسين. آفتاب جو والد صاحب سائين محمد موسيٰ هڪ سٺو رانديگر هو پر آفتاب تمام تڪڙو ۽ ڦڙت هوندو هو. اها يادگيري اڄ اٽڪل اڌ صدي پراڻي ٿي وئي آهي، منهنجو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته اوهان آفتاب کي به ايڏو پراڻو سمجهو.
    آفتاب جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي ائين محسوس ٿيو آهي ته اخباري ڪالم ججهي ڏاهپ، علم، ادب، جاڳرتا ۽ سياسي ڇيد جو وڏو ذريعو بڻجي سگهن ٿا جيڪڏهين اُنهن کي آفتاب وانگر لکجي. بدنصيبي چئبي جو جڏهين اهي ڪالم ڇپيا پئي ته مون ڪڏهين به اهي ڪونه پڙهيا. معزز ليکڪ جو انداز روايتي صحافيءَ وارو ڪونهي پر هڪ سُڄاڻ دانشور، مستند اديب ۽ عالمي معاشي ماهر وارو ٿو لڳي. ملڪ جي وڏين اخبارن ۾ ماهر پنهنجي موضوع تي مهمان ڪالم نگار طور متعارف ڪرايا ويندا آهن ۽ اهي ڪالم علمي معيار جا هوندا آهن. آفتاب جا اِهي ڪالم ان معيار جا آهن. سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ عالمي ٻولي آهي پر اسان جي سستيءَ ۽ ٻوليءَ طرف غير سنجيده رويي جي ڪري ان جو ڦهلاءَ ڪونه ٿي سگهيو آهي.
    اسان جي ٻوليءَ تي ورهاڱي جو شديد اثر ٿيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ گهربل ناڻو مهيا ڪندڙ واپاري طبقو اسان وٽ ڪونهي. اسان جا وڻجارا اوهري ويا آهن، اهي هن وشال ڌرتيءَ تي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن ۽ سوين ملڪن ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ ٻولي دل ۾ سانڍيو ساهه پيا کڻن. هنن کي جيئڻو آهي ان ڪري جنهن ملڪ ۾ آهن ان جي ٻولي ۽ سڀيتا جي سام ۾ سلامتيءَ جا ڳولائو آهن. اڄ ٻه هزار يارهن جي شروعات ۾ آفتاب جي هن شاهڪار سنڌي ڪتاب جو وياڪرڻ منهنجي اندر جي سنڌيءَ لاءِ وڏو خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اهو ان ڪري به ته آفتاب جنهن جو اندر سڄو ٿوهر جي ڪنڊن سان رهڙيل هجي، لڱ لڱ ڦٽيل هجي، سو سندس سماجي ڇيد مطابق پاڻ به ”اشرافيه“ سان واسطو رکندڙ فضل قلباڻيءَ جي لفظن ۾ هڪ ”گڙنگ“ آفيسر آهي.
    ڏيپلي جي ڀِٽن مان ڦُٽل گُل ڀِٽن جهڙي هڪ نازڪ حساس دل رکي ٿو ۽ سدا اوڀڙ جي انتظار ۾ محبت جي مينهن جو منتظر آهي. ڀٽائي صاحب اڍائي سؤ سال اڳ اها ڳالهه ڪئي هئي جيڪا اڄ به سچ آهي. اسان جي دنيا ۾ هر ڪو هيڪلو آهي. پاڻ هرتو آهي. پنهنجي من جي مندر جو پوڄاري آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته ”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.“ انهن حالتن ۾ فرانس جي راڻي هجي يا پاڪستان جو ارب پتي وزيراعظم شوڪت عزيز هجي ٻِنهي جي سوچ جو محور ساڳيو رهندو.
    سائين آفتاب ”سروم دکم دکم“ سان شروع ڪري پنهنجي من جي ڏک جو ڪينواس سڄي سماج تي ڦهلايو آهي، جيڪا هڪ ڪڙي حقيقت آهي پر ان جو احساس تڏهين ٿيندو جڏهين ڀٽائي چواڻي
    پيهي جان پاڻ ڪيم روح رهاڻ
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
    پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور هئا.

    سنڌي سماج لاءِ ان کان وڏو ڪو ٻيو نسخو ڪونهي. سنڌي سوچ مارئيءَ جي بندي خاني کان ٿيندي سهڻيءَ جي ڀاڱا ٿيڻ تائين دنگ ٿي ڪري. جيستائين اسان عمر، پنهون، ميهار ۽ راڻا نه ٿينداسين تيسين راڪاس جو ڊپ اوس رهندو. تيسين ڪوهه ڪاف جون پريون سرِ بازار نيلام ٿينديون رهنديون. لڄاوان مارئيون بي ڪفن دفنايون وينديون. ڳڀروئن جا لاش ڳوڻين ۾ بند گهٽي جي چوڪ ۾ ملندا رهندا.
    آفتاب سائين! تو اسان کي للڪاريو آهي ته پُنهون پيدا ڪريون. هِنن ليکن کي مزاحمتي ادب جو حصو، ادبِ لطيف جي صنف ۾ لکيل هڪ اتساهيندڙ صحيفو چئي سگهجي ٿو. مون کي افسوس آهي جو پنهنجي گهٽ علم، ڄاڻ ۽ ساڃاهه سبب آئون سڄي مواد تي ڪا تفصيلي راءِ نٿو ڏئي سگهان.
    پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران

    ڊاڪٽر سليمان شيخ


    کامان، پَچان

    کامان، پَچان، پَڄران، لُڇان ۽ لوچان
    تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرينِءَ جِي، پِيان نه ڍاپان
    جِي سَمُنڊَ مُنھَ ڪَرِيان، توءِ سُرڪيائي نه ٿيي

    هِن هيڻي جي حال کي ڀٽَ ڌڻيءَ جي بيت کان وڌيڪ موزون ٻي ڪا تمثيل شايد بيان ڪري نه سگهي. کامان ۽ پَچان تائين ته شايد حقيقت هُجي. پِرَينَ جي تؤنسَ يا اُڃ جي منزل کي شايد ڪوهَن ۾ به ڪونه رسي سگهيو آهيان. جي پِرَيَن جي تونس جي منزل جي ويجهو به هجان ته شايد سمونڊَ به هڪ سُرڪَ ڪونه ٿئي. هيءَ عشق جي ڪٿا آهي. مجازي ۽ حقيقي جي ڦيري کان مٿڀيري. مون جهڙي عامي جي ته حيثيت به ڪونهي جو تَؤنس جي معنيٰ جو به ادارڪ ڪري سگهي. پڄرڻ ۽ پچڻ شايد لکيل آهي. همٿ ڪرڻ جي ڪريان ٿو ته وري
    ”ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيھ اونداهي....“
    وهڪري ۾ پيو هلان. وري اياز ياد ايندو اٿم؛
    گونج اُڀاري ڪوته گلو.... هو ....
    چوڦير اونداهيءَ رنگ و بُو جي هِن جهان جي حُسن کي ڪيڏو نه ڪوجهو ڪري ڇڏيو آهي. پوپَٽ جي رنگن جهڙو سهڻو جيون، استحصال، ڏاڍ، جبر، ظلم. اهڙو ته مانڊاڻي ڇڏيو آهي جو ماڻهو جي مَنَ جو مونجهارو وڃي هر پل وڌندو. اهڙي ته نفسانفسيءَ جي ريت پئي آهي جو مور جو نرتڪيءَ جيان ناچ ۽ هرڻ جي ڇالَ جي مڌرتا جو احساس به حواسن کي واس نٿو ڏي. ڄڻ خالي خالي وجود رکيو ويٺو آهي هر ماڻهو. بُههَ ڀريل. احساسن ۽ جذبن کان عاري.
    مشيني دور آهي. ها، هيءَ هڪ حقيقت آهي. رشتن ۽ ناتن جو احساس ڏيتي ليتيءَ جي جنجال ۾ وڪوڙيل آهي. ڀل ته ”ناڻو اُها زنجير هجي جا هر زنجير کي ٽوڙي ۽ جوڙي ٿي.“ پر جتي اِهو فلسفو ڄايو ۽ نپنيو اُهي ماڻهو ته موزارٽ جي سئمفنيءَ جا دلداه آهن. پڪاسو جي آرٽ ۾ معنيٰ ڳوليندا آهن. موناليزا جي مُشڪڻ تي هزارين ڪتاب لکيو ڇڏين. ليونارڊوڊاوينچيءَ جي سنگتراشيءَ جا عاشق آهن. هي اسين ڪهڙي ڀوڳنا پيا ڪٽيون.
    هيءُ ته هيو منهنجو ازل جو روڳ
    سَروم ..... دُکم..... دُکم .......
    پر جي جيون سڀ ڏک آهي. سدا ڏک آهي ته به جيئڻ ڪاڻ حيلا ته ڪرڻا آهن. ائين ڪونهي ته ٻُڌ ڀڪشو ٿي گيڙو لباس پائي ۽ ڪشڪول هٿ ۾ کڻي نفس کي مارڻ جي ڪوشش ئي جيون ڪٿاکي سڦل ڪرڻ جي سعي آهي. چَوڻ ڪاڻ ته هي چوڻ درست هوندو پر ماڻهوءَ جي مَنَ ۾ جا آنڌ مانڌ هوندي آهي تنهن کي ائين سانت ڪرڻ! پاڻ ته وڃي نرواڻ حاصل ڪرڻ ۽ هي جي لکين، ڪروڙين پاڻ جهڙا ڏکويل ۽ ڏتڙيل آهن تن کي اُنهيءَ ئي اوڙاهه ۾ ڇڏي هليو وڃي ته ڀل پيا گهاڻي ۾ پيسجن. روزِ روشن جيان عيان آهي ته؛
    ”اهرمن محشرِ بدامان هي“
    پر جي بديءَ جو خدا هر دم حشر برپا ڪري ٿو ته فاني انسانن تي لازم آهي ته نيڪيءَ جي خدا کي ننڊ مان جاڳائين. هي اهرمن ۽ يزدان جي ٻه رُخي خدائي جو فلسفو ته زرتشت جو ئي آهي. اسان ته ابن مريم جي فلسفي جا به قائل ڪونه آهيون. ته جي هو هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته تون ٻيو ڳل ورائي ڏي. ڀل ته ڀٽ ڌڻيءَ ڇو نه چيو هجي ته ”هو چُئنئي تون نه چؤ واتؤن ورائي.“ اسان ته ڏَندَ جي بدلي ڏَند ۽ اَک جي بدلي اَک ۾ يقين رکندڙ آهيون.
    هي ته ٿي وڃي ڳالهه مان ڳالهه. فلسفو ۽ نرتڪيءَ جو ناچ. چوڻ ڪاڻ هي فلسفو، معنيٰ جي تلاش، سچ جو سفر آدرش واديءَ کي وڻي ٿو. مَن شانت ڪري ٿو. ڪائناتن جي رنگينين ۾ ڦيرو ڏيارائي ٿو. پر منهنجو الميو ته هي آهي ته:
    جت لُڪَ لڳي
    جت اَڪ تپن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
    منهنجي ديس ۾ لُڪ لڳل آهي. مينهوڳي مند ۾ به ڪڪر سُنڍَ ٿيا پيا آهن. رڳو منجهن ڪاراڻ ڪڪوريل آهي. هنن لُڪَن تي اَڪَ ته ٺهيو پر سڄي ڌرتي تَتلَ ٽامي جيان ٿيل آهي. نه آهن ته صرف ديش واسي تَتل نه آهن. بي حسي، خودغرضي، ڇسائپ، فريب ۽ دوکي جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهن جنهن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيڻ ڏکيو آهي.
    حمزه علوي ۽ ڪافي ٻين ترقي پسندن جو رايو هيو ته اسان وٽ طبقاتي ونڊورڇ ڪنهن ريت مروج درجه بندي جي معنيٰ ۾ نٿي اچي. هتي صرف ٻه طبقا آهن. هڪ مربي ۽ محسن ته ٻيو احسانمند ۽ مربي جو ڪاسه ليوا. نه ته ڪو وچيون طبقو آهي نه ئي ڪا پرولتاريه آهي. آئون انهن ڏاهن سان سهڪار آهيان. اسان جو پڙهيل لکيل طبقو جيئن ئي زندگيءَ جي سفر جو آغاز ڪري ٿو ته ڪنهن مير، ڪنهن پير، ڪنهن وڏيري جو حاشيه بردار ٿئي ٿو يا سڀ کان الڳ ٿي گهڻ قومي اداري ۾ ملازمت ڪري ٿو. هِنن دُکين ۽ درماندن جي زندگي ڪير بدلائيندو. دانشور ۽ پنهنجي ننڍڙي کوهه ۾ رهندڙ وري جڏهين سرڪاري لالي پاپ ملي ته سڄي جاکوڙ وسري وڃي. فرانس جو انقلاب بُکين اُگهاڙن لِڱنَ وارن برابرآندو هو پر سسيرو (Cicero)، والٽيئر ۽ انيڪ ڏاها، دانشور هر اول جٿي ۾ هيا ۽ ويڙهه ڪيائون. مارڪس ۽ اينجلز برابر وڙهيا ڪونه پر لينن ۽ ٽراٽسڪي توڙي ٻين ڪيترن جنگ جوٽي. تڏهين ته ڪارل مارڪس جي صنعتي انقلاب ۽ انهيءَ نتيجي ۾ پيدا ٿيل انقلابي پرولتاري جي انقلابي هر اول دستي هئڻ جي نظريي کي چين جي مائوزي تُنگ توڙي ڪيوبا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪاسترو ۽ چي گويرا غلط ثابت ڪيو. چي ته ٽراٽسڪي جي عالمي انقلاب جي رومانوي طرز عمل جو شڪار ٿيو. کيس خبر ڪانه پئي ته ماريءَ پنهنجا طريقا وڌيڪ هاڃيڪار ڪري ڇڏيا آهن. جنين ڪاڻ گهرگهاٽ، آرام آسائش ۽ حڪومت ڇڏي چي گويرا جهنگلن ۾ واسو ڪيو، سي ڇڙوڇڙ، منتشر ۽ ڪمزور هيا. سندن ڪمزوري ڪنهن به موقعي تي پنهنجي روايتي ڪردار کان مٿي عمل ڪرڻ کان قاصر هئي. استحصالي ٽڪسال هُنن لاچار ۽ مجبور انسانن کان سندن آزاد ذهنن کسي ورتو هيو. ۽ ٻئي پاسي وري رياست هاءِ متحده آمريڪا، سي آءِ اي، ايف بي آئي ۽ اربن ڊالرن جي ڪوڪين ۽ ٻين منشيات جي واپارين جو مستقل مفاد هيو. تمام عالم کي آشڪار آهي ته لاطيني آمريڪا توڙي برما، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا جي سُنهري ٽڪنڊي ۽ افغانستان، ايف بي آئي توڙي سي آئي اي جي پس پرده هلچل لاءِ منشيات جي واپار جون منڊيون آمريڪا بهادر ٺاهيون آهن. گندو پيسو گندن ڪمن لاءِ ۽ وري نه سينيٽ نه عوام کي جواب ڏيڻو.
    ڪن جو اِهو به يقين آهي ته اُسامه بن لادن يا طالبان آمريڪي سوشو ۽ هٿ ٺوڪيو ڊرامو آهي. اصل مقصد ته 550 ارب ڊالرن جي ڏوڏيءَ جي ڪاروبار جي هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ آهي. آمريڪا بهادر تمام ڪاميابي سان اِها هڪ هٽي قائم ڪئي آهي، جتي افغان صدر جي ڀاءُ تي سڌيءَ طرح ۽ مٿس اڻ سڌيءَ طرح ڇنڊا پوندا آهن. پاڪستان جي اشرافيه ۽ طاقت جي مرڪز جي هنن بين الاقوامي دلالن سان سهڪار تي ماڻهو آڱر کڻن ٿا ته ڪو سبب آهي.
    چي گويرا کان انهيءَ ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي ڄار جي طاقت جو اندازو لڳائڻ جي غلطي ٿي. اصل ۾، انقلاب جي ادب ۾ تجديد جي ضرورت آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ دوستن کي چوندو هئم ته ”مار پوئيه! هي ڏهن والن جي سٿڻ پائي شَهپَر وٽي ۽ وَرَ ۾ پستول رکي، نعرا هڻڻ سنڌنه جيئندي. نه ئي کير پيئندي. تنظيم، مطالعو، ڊسپلن، لکڻ ۽ لکيل لفظ ڦهلائڻ بنيادي شيون آهن. اوهان کي ته سنڌي لکڻ به سولي ڪانه ٿي اچي. رات جو ٺرو پيو انقلاب آڻي ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي تائين اونڌا ستا پيا آهيو. اِها سنڌ به ٺَري اوهان جهڙن سپوتن کان.“
    هيءَ ته خير نام نهاد وطن دوست سڏرائيندڙن جي ڳالهه هئي، پر جي چي گويرا رومانوي ايڊونچر جو شڪار ٿيو ته به سندس همٿ ۽ يقين کي هر دم سلام آهي. پر ههڙا ڳڀرو ڇو ڪُسجن سو به ڪانئرن جي هٿان. ڪانئر ڏاڍا آهن. وٽن وسيلا آهن. بقول گرهوڙي صاحب جي:
    راجا راڪاس ٿيندا
    مند نه وسندا مينهن
    ڪڏهين ڪڏهين شينهن
    ڪندا سلام سَهن کي
    جڏهن چي گويرا جهڙي انقلابي کي به سامراجي قوتن جي سگهه ۽ طاقت ۽ وري اُن سان گڏ پنهنجي عمل جي تنظيمي صلاحيت ڇيد ڪرڻ ۾ غلطي ٿي ته سمجهڻ کپي ته تنظيمي قوت حاصل ڪرڻ ۽ اُن کي اُنهيءَ درجي تائين پهچائڻ (جو اِها هڪ قابل عمل سعي هجي) لاءِ تحريڪن جو تاريخي تجزيو توڙي ملڪي، علاقائي ۽ بين الاقوامي قوتن جي مرڪزي ڪردار کي سمجهڻ ۽ اُن کي ٻُنجو ڏيڻ يا هاڃي کي غير موثر ڪرڻ لاءِ هڪ انتهائي ذهين، منظم، مقبول عام ۽ موثر طريقه ڪار توڙي تنظيم جي ضرورت آهي جنهن ۾ نعري بازي جي گنجائش نه آهي. اوڻهئين صديءَ جي اسٽيم انجن يا ٽربائين يا ڪارخانه داري يا صنعتي اوسر کان هاڻ زمانو ڪافي اڳيان وڌي چڪو آهي. سرمايو توڙي سرمائيدار هاڻ سرحدن جا ليڪا مٽائي چُڪا آهن. هاڻ ته حڪومتون به طاقتور لابين جي هٿن ۾ هلنديون آهن چاهي گهڻ قومي ڪارپوريشنز هجن، اجاره دار واپاري ادارا هجن يا تيل ۽ معدنيات جا بادشاهه هجن. واپار تي، ملڪي معيشت جي ذريعن تي، پيداواري ذريعن تي، معدنيات تي هاڻي قومي سرمايه دار جو ڪو تسلط نه رهيو آهي. قومي سرمايه دار صرف ٽيڪسن کان بچڻ ۽ منافعي کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ پورو آهي. معاشي پاليسي يا ناڻي جي پاليسي ته هاڻ گهڻ قومي اجاره دار جي هٿن جو کيل آهي.
    انهيءَ صورت ۾ انتظامي ڍانچا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي بنيادي سهوليتون ڏيڻ يا انهن مدن ۾ ڪوشش ڪرڻ به ترقي پذير ملڪن جي محدود وسيلن ۾ ڏکيو ٿي پوندو آهي. گهڻ قومي اجاره دار هر ڪوشش ڪندو آهي ته سندس مارڪيٽ (ننڍڙا غريب ملڪ ۽ اُسرندڙ معيشت) ۾ پيداوار ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان منسلڪ جُزا نه اُسرن. ليپا پوچي ضرور ٿيندي آهي.
    هِن ڪتاب جو هڪ حصو اهڙن ئي ڪٿائن سان ڀريل آهي. لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي پر اهڙي ڪوشش اسان جو پڙهندڙ الائي ڪيتري قبول ڪندو. عام قاري صبح جو اخبار ۾ ليک پڙهي سڄو ڏينهن انهيءَ بحث ۾ ته گذاري سگهي ٿو ته سُرجاني ٽائون ۾ اٺ قتل ٿيا يا فلاڻي وزير واهه جو بيان ڏنو آهي پر جڏهين کيس اِهو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ تعليم تي خرچ ڀوٽان ۽ مالديپ جهڙن ملڪن کان به قومي پيداوار جي شرح جي مقابل ۾ گهٽ آهي ته هُو منجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”سائين هي ته حڪومت جو ڪم آهي.“ کيس اِها خبر هوندي ته ڪميونٽي سينٽر ۽ اسڪول جي بهاني سان اوهان جا وڏيرا ۽ڀوتار اوطاقون نه ٺهرائين ها ته بجيٽ جو اِهو حصو ڪنهن بهتر ڪم اچي ها. جي هر ننڍي، وڏي اسپتال ۾ دوائن لاءِ علحده بجيٽ هجي ها ۽ اُتي ئي حساب رکيل هجي ها ته ناظم ۽ ڊي سي او ڪروڙن جي بجيٽ مرڪزيت ۾ خريد ڪري دوائن واري ڪمپني سان ملي ڀڳت ڪري ردي ۽ مهانگي دوا نه وٺن ها. پر بجاءِ جو هو ڀوتار کي نِندي ۽ سندس احتساب ڪري هو خاموش تماشائي ٿي رهڻ وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو. هِن بي زبان ڌَڻَ کي سمجهائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۽ کين صحيح ۽ غلط جو شعور ڏيڻ هڪ سعي آهي جنهن لاءِ وڏي جاکوڙ کپي۽ عمراني معاهدن کي نئين سر تشڪيل ڏيڻو پوندو.
    هيءَ اُپٽار ته گهڻي ٿي. هِن ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه لکجي. هي مضمون يا ڪالم حقيقتن تي ٻڌل آهن جي 1990ع کان 2002ع واري دور ۾ لکيا ويا هئا ۽ ڇپيا. محترم قاضي عمر جي خيال ۾ هنن جو پيغام هر دور لاءِ آهي ۽ انهن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏجي. آئون ڪافي حد تائين قاضي صاحب سان سهڪار آهيان.
    اِنهيءَ سلسلي جي پهرين ڪڙي منهنجو ڪتاب ”هرپل صليب تي“ هيو جو ڏيڍ ٻه سال کن اڳ ڇپيو. هر پَلَ صليب تي معاشي، سماجي ناانصافين ۽ حڪمران ٽولن جي اقتدار جي کيڏَ جي پس منظر ۾ لکيل حقيقي واقعن جي ڇنڊڇاڻ تي مشتمل آهي. تاريخي پسمنظر جي ڪٿائن جو بي ربط تسلسل ماضي ۽ حال جي تقابل ۾ ڪيل ڇنڊڇاڻ ۽ سوچ جي ڌارا کي ڪوٺ آهي. ۽ ائين ئي هيءُ ڪتاب آهي جنهن ۾ معاشي ۽ سماجي ناهمواري ۽ ناانصافي جا نه صرف ڏيک آهن پر اُنهن کي ننديو ويو آهي. درست حڪمراني توڙي انساني روين ۽ رَوَشَن کي تاريخي تقابل ۾ چِٽڻ جي سعي ڪئي ويئي آهي ته جيئن اڇو ۽ ڪارو پڌرو ٿئي. نه صرف پڌرو ٿئي پر هڪ لائحه عمل توڙي جو مُبهم اشارن ۽ علامتن ۾ ڏنل آهي پر تجويز ڪيو ويو آهي. 2002ع ۾ لکيل يا 1998ع ۾ لکيل مضمون جو پيغام صرف اُن وقت لاءِ مخصوص نه آهي. هي حقيقتون آهن جن جو ادارڪ ٿيڻ اسان جي قومي ڌاري ۾ ساڃهه ۽ سڃاڻپ لاءِ هر وقت ٺهڪندڙ آهي.

    آفتاب ميمڻ
    ڪراچي

    جنوري 2012
    Aftab467@yahoo.com
    0092 321 3690929
    0092 333 3548699


    ڪالم

    صاب سلام... آخري سلام ...

    هڪ پاسي طالع آزما سڌڙيا هيا ته ٻئي پاسي اقتدار جي ايوانن جا پانڌيئڙا جن قومي ادارن ۽ وسيلن کي پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ نظريه حيات ٺاهيو. ٻئي ڌريون هڪٻئي جي پٺي ٺپينديون رهيون. ساڳئي وقت تي هڪ ٻيو منظر سامهون آيو. ڪجهه ڀٽي صاحب مهرباني ڪئي، ڪجهه ضياءَ الحق. جيڪي آفيسر بي دريافتا ڪڍيا ويا تن ۾ ڪي ته ملڪ ڇڏي ويا، ڪن وڃي ٻي ڪِرت اختيار ڪئي ته ڪن وري واپس ويڙهه جي ڪئي. هڪ وقت آيو جو ڪيترائي اهڙا ڪامورا واپس نوڪريءَ ۾ آيا. هاڻ انساني ذهن جي مونجهارن جي هڪ دلچسپ آکاڻي ٿي جنم وٺي.
    احمد صادق سول سروسز جي بهترين آفيسرن ۾ هيو. محنتي، ايماندار، فرض شناس ۽ قانون جو پاسدار. سنڌ ۾ به ڊپٽي ڪمشنر رهيو. هوم سيڪريٽري رهيو. نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. ڪجهه ڪونه هيس، سو شريف ماڻهوءَ وڃي مير نبي بخش زهري وارن وٽ ملازمت ڪئي. ڪنهن جي ملازمت ڪرڻ ڪا عيب واري ڳالهه ڪانهي، پر هڪ ماڻهوءَ جي صلاحيت، قابليت ۽ ذهني بلندي اُتاهين درجي جي هجي ۽ وتي ڪنهن جي مئنيجري ڪندو. ذهانت جو ههڙو زيان ڏکوئيندڙ آهي. خير، احمد صادق نوڪريءَ تي بحال ٿيو. هاڻ احمد صادق مختلف ماڻهو هيو. هاڻ هو بي ڊپو ۽ قانون ۽ قاعدي جي پاسداري ڪرڻ وارو احمد صادق نه رهيو. مصلحتن ۽ مصالحتن ۾ وڪوڙيل احمد صادق ائين ئي پرنسپل سيڪريٽري براءِ وزيراعظم ٿيو. هونئن ته مشورا ڏيڻ وارا اڳيئي موجود هيا پر اقتدار ۽ اختيار جو اهڃاڻ وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري به شامل هجي ته ڇا ڳالهه آهي؟
    ٻئي پاسي عبدالڪريم لوڌيءَ، جهڙا ڪامورا هيا. نوڪريءَ مان ڪڍيا ويا. واپس بحال به ٿي ويا. مجال آهي جو ڪو فرق پيو هجي. اهوئي سينو تاڻيل، ڪنڌ مٿي، اکين ۾ ٻرندڙ باهه جا اُلا. وڏا وڏا عهدا ماڻيائين. هر وقت نوڪريءَ تان آسرو لاهيو ويٺو هوندو هيو. پر پوءِ به چيف سيڪريٽري سنڌ، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جهڙن طاقتور عهدن تي رهيو. الائي ڪيترن بهترين ذهنن ۽ بااثر شخصن نوڪري جي اهم ترين موڙ تي به اصولن جي سوديبازي نه ڪندي استعيفا ڏيئي ڇڏي هوندي ۽ ٻي ڪا ڪِرت اختيار ڪئي هوندن.
    ائين اصل ڪونهي ته فقط هي ماهر، هي سي ايس پي ئي بهترين دماغ آهن ۽ رڳو سرڪاري نوڪري ئي عزت، حيثيت ۽ شهرت جو ڪارڻ آهي. بلڪه ان جي ابتڙ جي معاشري ۾ عزت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته عبدالستار ايڌي جو ڪيڏو نه مان آهي! مرحوم اختر حميد خان سي. ايس. پي نوڪري ڇڏي پاڻ کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪيو تنهن کي ڪيڏي نه بين الاقوامي مڃتا ملي. مولانا محمد علي جوهر، سُڀاش چندر بوس ۽ عظيم موسيقار خواجه خورشيد انڊين سول سروسز جو امتحان پاس ڪندي به سرڪار جي نوڪري ڪانه ڪئي. هاڻوڪو اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومرو توڙي اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي فخر امام سرڪاري ملازمت جو طوق ڳچيءَ مان ڪڍي ئي شهرت ۽ ڪاميابي ماڻي سگهيا.
    پر افسوس اهو آهي ته جتي اول الذڪر ماڻهن جي ٽولي جو نالو عزت سان نٿو ورتو وڃي ۽ عبدالڪريم لوڌي، عبدالله ميمڻ، معين افضل توڙي سڀاش چندر بوس، مولانا محمد علي جوهر يا خورشيد انور خواجه هميشه ياد رهندڙ نالا آهن تڏهن به ماڻهن جي گروهه ۾ هڪ ٽولو هر وقت هوندو آهي جو ڪنهن به موقعي ۽ مهل کي هٿان وڃائڻ ڪونه ڏيندو آهي. اڄ به سڌڙيا آهن جي خوشامد ۽ جي حضوريءَ ۾ يڪتا آهن. قاعدن قانونن کي لتاڙي پروموشن وٺندڙن جي قطار آهي. ڪو ويهين گريڊ ۾ آهي ته 22 گريڊ جي چارج وٺيو ويٺو آهي ته ڪو پنج لک پگهار کڻيو ويٺو آهي ۽ سندس غير سرڪاري مراعات جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي.
    جتي گوري ”صاب“ هڪ نظام ڏنو جنهن ۾ فقط ۽ فقط ميرٽ اصول هيو، اُتي هاڻ موقع پرست، لالچي ۽ بي اصول ماڻهن جو لشڪر اچي ڪاهي پيو آهي. نظام حڪومت ته انتظامي ادارا سنڀاليندو آهي. جي ادارن جا ذميدار فرد ذاتي ملازم ٿي ڦرلٽ ۾ شامل ٿي وڃن ته پوءِ اها سندن اعليٰ روايتن ۽ مثالن واري اداري جي پڄاڻي هوندي آهي.
    هينئر صاحب جنهن ڪارونجهر کان ڪشمير تائين ۽ سندر بن کان طورخم تائين نظام عدل ۽ انصاف سنڀاليو، سو صاحب سڪرات ۾ آهي. عمارت ته ڊهي ويئي آهي، هاڻ کنڊر وڃي بچيو آهي. اچو ته صاحب کي آخر سلام ڪريون. هاڻ صاحب ويچارو رڳو وزيرن اميرن جو بار ٽينڊر آهي، خدمتگار آهي، ڊرائيور آهي. ماڻهن لاءِ هن وٽ وقت ڪونهي. ملڪ جي بهتري کان وڌيڪ پياري آقائن جي خوشحالي ۽ خوشنودي آهي.

    (آڪٽوبر، 1999ع)


    مها ڪوي

    آفاقي ۽ لاثاني گيتانجليءَ جو خالق مها ڪوي رابيندر ناٿ ٽيگور 1913ع ۾ گيتانجليءَ جي حوالي سان ادب جو ”نوبل انعام“ حاصل ڪري چڪو هيو. انگريزي ٻوليءَ جا مشهور اديب شاعر ۽ دانشور سندس محفل ۾ ويهڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندا هئا. گيتانجليءَ پهريون دفعوW.B. Yeats (انگريزي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي) ترتيب ڏيئي انگريزي زبان ۾ ڇپرائي. ”نوبل انعام“ ملڻ کان پوءِ گيتانجليءَ جي شهرت آسمان سان لڳي. ترت ئي پهرين جنگ عظيم لڳي. لکين انسان قتل ٿيا. توسيع پسند، انا پرست، بي مقصد نعرن جي مقتل تي قربان ٿيا. انسان هر طرف پناهه جي تلاش ۾ هئو، جسماني ۽ ذهني طور! جتي ملڪ ۽ حڪمران ملي نغمن ۽ بينڊ جي پرشور آوازن ۾ گُم پنهنجي عظمت ۽ وجود کي برقرار رکڻ جي سعي ۾ هئا ته يورپ جو پڙهيل لکيل عام ماڻهو جنگ جي بي مقصديت کان فرار حاصل ڪرڻ ۾ پورو هيو. گيتانجليءَ جا مَڌَرَ سُر انهيءَ زماني ۾ دلين ۽ دردمند انسانن لاءِ آٿت ٿي پيا. 23-1922ع تائين اٺ سال لڳاتار گيتانجلي يورپ جي سمورين مُکيه ٻولين ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب رهيو. انهيءَ وقت هڪ نوجوان آدرش وادي، جنهن جو حسب نسب ته شاهي هيو پر دل، دماغ ۽ ڪمزور ڏٻري جسم تي لاٽ جيان ٻرندڙ روشن اکيون عام ماڻهن جي درد سان ڀريل هيون. سندس نالو لارڊ برٽرانڊ رسل. ابن ڏاڏن کان لارڊ، پر رسم و رواج جو باغي! ارڏو! آڻ نه مڃيندڙ انسان! ٻيو (Sysiphus). پيو ازل کان ٻوجهه ڪلهي تي کڻي پر آڻ نه مڃي. ۽ هر وار ديوتائن ڏي ڪِروڌ ڀرين نظرن سان ڏسي سندس ڪيئي تصنيفون ايستائين ڇپجي چڪيون هيون ۽ علم و ادب جي شائقين لاءِ بحث جو موضوع هونديون هيون. جو رسل جو هر شيءِ جي باري ۾ انوکو نڪته نظر هوندو هيو. رسل هر شيءِ کي، هر مظهر فطرت کي، هر قدرِ انساني کي نه صرف سندس مادي ۽ تاريخي پس منظر ۾ ڏسندو هيو پر گڏ سندس هڪ تقابلي ۽ (Objective) ڇنڊ ڇاڻ به شامل هوندي هئي. هو رنگ، نسل، مذهب، قوم، جاگرافيائي ۽ تاريخي حوالن کان بالا هيو ۽ ائين ئي هر مظهر، حرڪت ۽ آدرش جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو هيو.
    ڳالهه وڃي پهتي رسل جي علم و فضيلت تي، اصل مقصد ٻيو هيو. رسل پنهنجي وقت جو، بلڪه هن صديءَ جو وڏو ماڻهو هيو. انهن ڏينهن ۾ ٽئگور هڪ دفعو پيرس ويو. رسل جي ساڻس ملاقات نه ٿيل هئي. جڏهن مهاڪوي پيرس پهتو ته لارڊ رسل کانئس ملاقات لاءِ وقت گهريو. چون ٿا ته مهاڪوي صبح بلڪه فجر ويلي هڪ باغيچي ۾، جتي پاڻ چَهل قدمي ڪندا هيا اتي ملاقات جو وقت ڏنو. ويهين صديءَ جي ٻن عظيم هم عصرن جي ملاقات ٿي. لارڊ رسل نوڙت ڪري عرض ڪيو ته کيس سدائين مهاڪوي جي زيارت جو شوق رهيو آهي. آداب، القاب ۽ تڪلفات کان پوءِ چهل قدمي ڪندي ويهين صديءَ جي عظيم ڏاهي لارڊ رسل، مهاڪويءَ کان پڇيو ”مهاڪوي! مون کي ٻڌايو ته خوبصورتي ڇا آهي؟“ مهاڪوي پل کن لاءِ خاموش رهيو. سندس قدمن جي حرڪت رڪجي ويئي. سدائين پرسُڪون رهندڙ چهري تي ڳنڀيرتا ڇانئجي ويئي. چيائين: ”خوبصورتي ڇا آهي؟“ اهو لفظن ۾ ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي...... پر آئون ڪوشش ڪندس......“
    ۽، پوءِ ڏيڍ ڪلاڪ مهاڪوي، علم و دانش جي گهر، خوبصورتيءَ جي معنيٰ تي گوهر افشاني ڪئي ۽ لارڊ رسل جهڙي عالم خاموشي، سڪون ۽ ڌيان سان ٻڌي..

    (جون، 2002ع)


    نئين صدي.... پراڻا صدما

    نئين صدي، ايڪويهين صديءَ جي شروعات ٿي چڪي آهي. انسان جي تاريخ ۾ هزار سال وڏو عرصو آهي. هاڻ جڏهن انسان جستجو، ڳولا ۽ کوجنا جي عمل کي سائنسي بڻايو آهي، تڏهين خبر پوي ٿي ته مار! هي پويون هزار سال، جو گهڻي ڀاڱي ريڪارڊ ٿيل تاريخ تي مشتمل آهي، تنهن جي تاريخ جا به ڪيئي پهلو اسان جي نظرن کان اوجهل آهن.
    ايڪويهين صدي شروع ٿي چڪي آهي. عجيب عجيب طريقن سان نئين صديءَ جي پذيرائي ٿي آهي. ڪجهه نوجوانن پنڌ ڪري اُتي نئين صديءَ جي شروعات ڪئي جتي سج جي روشني جا پهريان ڪرڻا ڌرتيءَ تي اچي ڪريا ته ڪِن گذرندڙ هزار سالن جي آخري شام جي سج جي آخري ڪرڻن جو نظارو اُتي ڪيو جتي سڀ کان آخر ۾ سج لهندو آهي ۽ ان کانپوءِ انهيءَ تاريخ جي سج جا ڪرڻا ڪٿي به ڪونه پوندا آهن. هفتن جا هفتا جشن برپا رهيا. ڊانس پارٽيون هلنديون رهيون. مزو ته ناروي جي پنجاهه جوانن ۽ فِن لينڊ جي شوقينن جي گروهه ڪيو، جتي ستر کن مردن ۽ عورتن جي گهڻ قومي سنگت برف گاڏين ذريعي سفر ڪري برفاني ميدانن ۾ انهيءَ هنڌ پهتي جتي ناروي، روس، ۽ فِن لينڊ جون سرحدون پاڻ ۾ ملن ٿيون. فِن لينڊ جي وقت مطابق روس ۾ نئون سال يارهن وڳي رات شروع ٿيو ته فِن لينڊ ۾ ٻارهين وڳي نئون سال شروع ٿيو ۽ ناروي جون نئون سال هڪ وڳي شروع ٿيو. مزو ته ڪيو انهن بي فڪرن جن هڪ نئون سال ٽي دفعا ملهايو. اهي ٽي دفعا نئين صديءَ ۾ داخل ٿيا. ٽي دفعا نئين ملينيئم ۾ وري وري شامل ٿيا. نئين ”ملينيئم“ ۾ داخل ٿيندي به تيسين پراڻي ملينيئم ۾ رهندا آيا، جيسين فن لينڊ جي وقت مطابق هڪ وڳي ۽ ناروي جي وقت مطابق ٻارهين وڳي رات جو هنن آخري ”نئون سال مبارڪ“، ”نئين صدي مبارڪ“، ”نئين ملينيئم مبارڪ“ نه ڪيو، جام نه ٽڪرايا ۽ پوءِ مڌ جي مدهوشي رات جو سفر طئي ڪندي رهي.
    پر منهنجا راڻا! هي ته آهن پيٽ ڀريلن جون ڳالهيون. هڪ پيٽ ڀريل، مٿان وري لهڻن به ته سهي. چنڊ تي ڪَمند وجهن. ڌرتيءَ تي ويٺي مريخ جي مسافر گاڏيءَ جو رخ مٽائين. جنهن ملڪ ۾ انسان ته ٺهيو پر جانورن لاءِ به بهترين ايئرڪنڊيشنڊ اسپتالون آهن. انهي فن لينڊ ۽ ناروي جي ڳالهه ٿا ڪريون جتي علاج مفت آهي، تعليم مفت آهي، جتي حڪومت ۽ معاشرو هر فرد جي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ ضامن آهي ۽ پابند آهي. اسان ڪهڙي منهن سان نئين صديءَ ۾ داخل پيا ٿيون. ڪهڙيءَ ريت نئين ملينيئم جو استقبال ٿا ڪريون. بيانن جي البت دَٻَ آهي. ”ايڪويهين صدي انقلاب جي صدي آهي.“ ”ايڪويهين صدي مارشل لا جي خاتمي جي صدي آهي.“ ”ايڪويهين صدي جمهوريت جي اوسر جي صدي آهي.“ ائين اصل نه چئجو ته ايڪويهين صدي پيلين ٽيڪسين، پيلن ٽريڪٽرن، ساون ٽريڪٽرن، پيلين حڪومتن ۽ پيلي ڪلچر جي خاتمي جي صدي آهي. پر، نه اسان ته ڪنهن به طرح ڪا لٻاڙ هڻڻ کان مُڙون ڪونه ٿا.
    هن ملڪ جي اقتدار ڌڻين ۽ لٻاڙي سياستدانن ڪٿي وڃي ملڪ کي پهچايو آهي؟ آهي ته هونئن به هي خطو ئي بدنصيب. هن بدنصيب خطي يعني ڏکڻ ايشيا (جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، مالديپ، سريلنڪا، ڀوٽان ۽ نيپال شامل آهن) ۾ دنيا جي سمورن اڻ پڙهيلن جي تعداد جو اڌ رهي ٿو. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ڏکڻ ايشيا جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. هڪ عالمي تحقيقي اداري جي رپورٽ مطابق پاڪستان هٿيارن تي جيڪو خرچ ڪري ٿو، اهو اُن جي پرائمري تعليم تي خرچ کان ٽيڻ تي مٿي آهي.
    پرائمري تعليم تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو تنهن جو 90 سيڪڙو ته ماسترن جي پگهارن ۽ اسڪولي انتظاميا تي خرچ ٿيو وڃي. پاڪستان هڪ سروي ۾ ڪمائيءَ جي حساب سان 38 نمبر تي آيو، پر تعليم جي مد تي خرچ ۾ آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن يعني موزمبيق وغيره کان به هيٺ 9 نمبر تي ليکيو ويو آهي. انهيءَ ساڳيءَ رپورٽ ۾ پاڪستان جي هڪ تعليمي ماهر جي ئي بيان جو حوالو هيو ته ”تعليم سياسي ترجيح ۾ ڪانهي.... تعليم جي ڪري هيٺينءَ سطح تائين به معاشي ۽ معاشرتي تبديلي ايندي جنهن کي اسان جو اقتدار ڌڻي جاگيردار طبقو پسند نٿو ڪري جو سندس اجاره داريءَ کي خطرو آهي.“
    ڊاڪٽر محبوب الحق جي قائم ٿيل اداري جي تحقيقي رپورٽ 1999ع ۾ ڄاڻايل آهي ته:
    ”جتي 1985ع ۾ ڪل قومي پيداوار جو اڍائي سيڪڙو پاڪستان ۾ تعليم تي خرچ ٿيندو هيو، اُتي بنگلاديش 1.9 سيڪڙو، نيپال 2.6، سريلنڪا 2.6، ۽ مالديپ 4.4 سيڪڙو خرچ ڪندا هئا. 1995ع ۾ پاڪستان پنهنجي قومي پيداوار مان تعليم تي خرچ گهٽائي ڪل پيداوار جو 2.1 سيڪڙو ڪيو، جڏهن ته بنگلاديش نيپال، سريلنڪا ۽ مالديپ وڌائي 2.3، 2.9، 3.1 ۽ 8.4 سيڪڙو ڪيو. جتي پاڪستان في ماڻهو ٻارهن ڊالر في سال جي خرچ تي ٽڪيل آهي، اتي سريلنڪا ۽ ڀوٽان 22 ڊالر في ماڻهو خرچ ٿا ڪن ته مالديپ 83 ڊالر في ماڻهو ٿو خرچ ڪري. اهو خرچ تعليم جي مد ۾ آهي.
    پياري پاڪستان ۾ ڪُل قومي گهرو پيداوار جو صرف 0.8 يعني هڪ سيڪڙو کان به گهٽ صحت تي خرچ ٿو ٿئي جڏهن ته ڀوٽان جهڙي غير معروف ملڪ ۾ صحت تي قومي گهرو پيداوار جو 4 سيڪڙو خرچ ٿو ٿئي ته بنگلاديش ۾ به اسان کان وڌيڪ يعني 1.2 سيڪڙو خرچ ٿو ٿئي. سُڌريل ملڪن ۾ اهو خرچ ڏهه- ٻارنهن سيڪڙو تائين آهي.
    اسان جي ملڪ ۾ (آخري) اليڪشن ۾ بالغ راءِ دهندگي جو حق رکندڙ يعني ووٽ جو حق رکندڙن جي صرف 35 سيڪڙو ووٽ ڏنا. جڏهن ته بنگلاديش ۾ 75 سيڪڙو، ڀارت ۾ 50 سيڪڙو، نيپال ۾ 58 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 76 سيڪڙو ۽ مالديپ ۾ 75 سيڪڙو ووٽرن اليڪشن ۾ ووٽ وڌا.
    پياري پاڪستان ۾ تقريباً پنج ڪروڙ اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن (جي پڙهيل آهن سي وري انهن کان به وڌيڪ جاهل آهن) جيڪو آباديءَ جو 62 سيڪڙو ٿئي ٿو. هتي حبيب جالب جو چيل نظم ياد ٿو اچي:
    میں نے اُس سے کہا
    یہ جو دس کروڑ ہیں
    جہل کا نچوڑ ہیں
    اُن کی فکر سو گئی
    ہر اُمید کی کرن
    ظلمتوں میں کھوگئی
    یہ خبر درست ہے
    اُن کی موت ہوگئی
    بے شعور لوگ ہیں
    زندگی کا روگ ہیں

    اها ٻي ڳالهه آهي ته جالب اِهو نظم محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم دوران چيو هو، جنهن محترمه کي نه اردو ايندي هئي نه ئي پنهنجي مُلڪ جي ٻي ڪا ٻولي ايندي هئي. نه ئي محترمه کي هن ملڪ جي عام ماڻهن جي مسئلن جي خبر هئي. سندس قابليت فقط اِها هئي ته هوءَ محمد علي جناح جي ڀيڻ هئي.
    هتي هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوري غذا ڪانه ٿي ملي. هتي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ناهي.
    هتي سوا ڇهه ڪروڙ ماڻهو صحت جي بنيادي سهوليتن کان محروم آهن. هتي نو ڪروڙ اسي لک ماڻهن کي گند ۽ غلاظت جي صفائي سهوليت کان محروم رکيو ويو آهي. هتي هڪ ڪروڙ ٻار پرائمري تعليم ماڻڻ لائق ته ٿيا آهن، پر تعليم کان محروم آهن. يا وسيلا نه آهن يا اسڪول نه آهن يا اسڪول ۾ سومر فقير مينهون ٻڌيو ويٺو آهي.
    اڃا ته الاهي سور آهن. ڪهڙا ڪهڙا سور سليون؟ ٻئي پاسي اسان جي قسمتن جون واڳون هٿ ۾ رکندڙ اندر جا ڪارا ۽ ٻاهر جا اڇا آهن يا ته چوندا ”اسين ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي رهيا آهيون.“ ”ايڪويهين صدي موٽر وي جي صدي آهي.“، ”ايڪويهين صدي عوام جي صدي آهي.“، ”ايڪويهين صدي پيلي، نيري، سائي ٽريڪٽر ۽ ٽيڪسيءَ جي صدي آهي.“ مٿان وري ڪوڙا اصول پسند ايندا. آئي نئين صدي!.....


    (جنوري، 2000ع)


    سورهيه مرين سوڀ کي....

    امداد چيو ته: ”ادا اخبار ڪڍي اٿم.“
    ”ڪهڙي نالي سان“. پڇيومانس.
    ”سوڀ“ ڪاپي کڻي آيو آهيان.“ وراڻئين.
    ڪاپي کڻي اڳيان رکيائين. عوامي آواز کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پهريون دفعو امداد جي اکين ۾ ٽم ٽم ڪندڙ ڏيئا ٻرندي ڏٺم. سندس مشعل مشعل اکين ۾ جوت جرڪي آئي هئي. اخبار ڏي پوءِ ڏٺم. پهرين ته هڪ ٽڪ امداد ڏي ڏسندو رهيم. هي خواب ڏسندڙ دوست. خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ سعي ڪرڻ جي اڻ ٿڪ جذبي ۾ همٿ جو مثال پاڻ ئي ڏيکاري رهيو هيو.
    ”امداد! اهو ٻڌائڻ يا پڇڻ جي مون کي ضرورت ئي ڪونهي ته تو ڀٽائي جي ڪيڏاري کان متاثر ٿي نالو رکيو آهي.“
    ”ها ادا! گهڻن ڏينهن کان ٻُڏتَر ۾ هئس ته هاڻ ڇا ڪريان. عوامي آواز لاءِ رت ۽ پگهر ڏنو. پيارا دوست هيا، پراڻا ساٿي آهن. هاڻ به ڀائر آهن پر ڪن سببن جي ڪري فيصلو ڪيوسين ته الڳ ٿيون. آئون هڪ پاسي ٿي ويس. سوچيم ڇا ڪريان. مون کي ته اها ئي ڪرت سانڀ پئي آهي. اخباري دنيا ئي ته منهنجو زمان و مڪان رهيو آهي. ورهيه ٿي ويا جو ٻيو ڪجهه سوچيو ڪونهي. سوچيم ڪنهن سان حال اوريان. اخبار ڪڍڻ جو سوچيم. وري خيال ٿيو ته پيسا جام کپن مون وٽ ايتري گنجائش ئي ڪونهي. ٽپڙ ٽاڙي وڪڻان. هلندي؟ ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻنيءَ ٻارو کپايان ۽ وري روڊ تي اچي بيهان. ماڻهون کلن. وهم ۽ وسوسا ڪڏهين ڪڏهين امنگن ۽ جذبن تي ڪاريهر جيان ڪَر کنيو ڏنگ هڻندا هيا. هڪ ڏينهن انهيءَ ڪيفيت ۾ رسالو کڻي پڙهڻ لڳم ته اتفاقن کوليم ئي وڃي ” سر ڪيڏارو. جڏهن نظر پيم:
    ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ ۾ ڍار....“
    سڀ وهم، وسوسا ۽ شڪ، واريءَ جي ٺهيل محل جيان اچي پٽ تي ڪريا. سوچيم امداد؛ بسم الله ڪر. ڌڻي ڀلو ڪندو. ڪرت به آهي ته ايمان به آهي. اخبار منهنجي لاءِ جدوجهد ۽ خدمت به آهي. مقصد به آهي. ائين اهڙي مناسبت سان نالو به ”سوڀ“ رکيم.
    منهنجي چپن جي مُرڪ ڏسي چيائين: ”ڇو؟ کلو ٿا ڇا؟“
    ”اڙي نه ادا! اها مُرڪ خوشيءَ جي آهي. پر ساڳئي وقت تي مون کي انهيءَ حوالي سان هڪ ٻه ڳالهيون ذهن تي تري آيون تنهنڪري مشڪان پيو.“ چيومانس.
    ”ٻڌائيندين نه؟“ امداد چيو.
    ”توکي ڇا ٻڌايان ته ڪيڏارو ڇا آهي. خبر ته هوندءِ، پر ٻڌ! ڪيڏارو لاکيڻي لطيف جي طرفان قضئيي ڪربلا جي شهيدن کي نذرانهء عقيدت آهي. آفاقي حقيقتن ۽ سچ جو پرچم آهي. يزدان ۽ اهرمن جي ازل کان جاري رهندڙ جنگ جو آئينو آهي. انهن سچ ۽ حق جي راهه جي پانڌيئڙن کي لطيف سائين زمين ته الله جي نور جو جلوو هيئن ٻڌائي ٿو:
    چوڏهيءَ ماهه چنڊ جنءِ پِڙ ۾ پيشانياس
    الله نور السموات، جلوو زميناس
    نزاڪت ته ڏس يار.... پِڙ ۾ پيشانياس.... يعني ميدان ۾ پيشانيون يا سِرَ سي ڄڻ چوڏهين جي چنڊ مثل جرڪيا پئي. رتبو آهي شهيدن جو، حق ۽ سچ جي علم بردارن جو، ڄڻ ته ”هُو“ جيڪو آسمانن جو نور آهي تنهن زمين تي پنهنجي تجلي هُنن جي مُنهن ۾ ڏيکاري هجي جن جون بي گور و ڪفن لاشون ميدان ۾ پيون هيون. ”ايئن چئي مون ماٺ ڪئي. اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. لفظ ڄڻ نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٿي اَٽڪي پيا.“
    ”ماٺ ٿي وئين.“ امداد چيو.
    ”يار اسين خوابن جا سوداگر آهيون، اميد ۽ نااميديءَ جي ٻه واٽي تي بيٺي ڪڏهين ڪڏهين ته سڀ بيڪار لڳندو آهي. لڳندو آهي اسانجيءَ سوداگري جو ڪل وکر هيءَ ڦِٿَلَ دل ۽ نيڻن جو نِير آهي. پر وري ڪڏهين اٿي ويڙهه تي دل ٿيندي آهي، شيخ اياز تي ايمان وري تازو ٿيو وڃي ته:
    ”تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان “ ۽ تو جهڙن دوستن جي همٿ ڏسي ور ور ڏيئي چوندو آهيان....
    ”جنهن وقت اُٻن ۾ اوسر ٿي
    ڪي اُسروندا اچن ٿا پيا،
    ۽ آڌيءَ مانجهيءَ اوپر ۾
    هي ساوا کيت پچن ٿا پيا،
    ٿو آءُ وڏي ويڙهاند ڏسان
    ۽ منهنجا انگ نچن ٿا پيا.“
    ياد اچي ٿو. ڪيئن يونيورسٽين ۾ جهونگاريندا هئاسين....
    هو سورهيه سنڀري نڪرن ٿا
    جهونجهار جٿا ٿي نڪرن ٿا
    ۽ جيءَ هڻي ٿو جهومريون....
    يار هي اکيون انهن جهونجهار جٿن کي نڪرندي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن. پر هي ڪنڪر هڻي ڪير ته بيٺل پاڻيءَ جي سانت کي ٽوڙي.“
    امداد ماٺ ٿي ڏسندو رهيو. سندس اکين ۾ ڪيئي سوال هيا ته جواب به. سمجهيم پي ته هڪ ننڍڙي اخبار ڪو انقلاب ڪو نه آڻيندي. پر کيس اها به خبر آهي ته آئون ڪاڪ محل جي طلسم جي ڊهڻ جي انت ۾ ويساهه رکندو آهيان. ”سوڀ“ ته منهنجي لاءِ علامتي آهي. ننڍڙي ڪنڪريءَ سان بيٺل پاڻي جي سانت کي ٽوڙڻ جدوجهد جي شروعات آهي. هر وک ٻي وک جو آغاز آهي.
    ”نالو وڻيو.“ امداد پڇيو.
    ”وڻيو.... صرف وڻيو.... راڻا! خبر اٿئي ته ڪيڏارو ”هندستاني راڳڻيءَ“ ڪيڏاريءَ جي شڪل آهي. سر ۽ سنگيت جي ڪٿا ۾ ”ڪيڏاري ديپڪ جي پنج زالن مان هڪ آهي. ديپڪ راڳ آهي دلين کي گرمائڻ جو، جوش جو. مچ ٻارڻ لاءِ ته ديپڪ راڳ ئي ڪافي آهي ۽ مٿان وري ڪيڏاري.... سو، تنهنجي سوڀ جي نسبت به اها آهي.“
    ۽ ائين منهنجي ”سوڀ“ سان ملاقات ٿي. اڄ ”سوڀ“ کي نڪرندي ڇهه مهينا کن ٿي ويا آهن. اڃا شايد مٿي. پر اٺن ڏهن مهينن جي هن سفر ۾ مون امداد کي هر وقت هڪ نئين جذبي ۽ امنگ ۾ مست ڏنو هوندو. ڄڻ ته ڪنهن جوان جو ڪنهن جوانڙيءَ سان نئون نڪور عشق هجي. سندس کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ڄڻ هر وقت ”سوڀ“ ۾ ماندو هوندو آهي. هاڻ وري رنگين اخبار ڪڍڻ جو سانڀو ڪيو اٿس. وري سندس خواب آهي ته صفحا وڌائيندس. وري ماهوار پرچو به ڪڍڻ جي ڪئي اٿس. سنڌي ٻولي ۾ مهراڻ جيڪو ٽه ماهي هيو، روح رهاڻ، سهڻي ۽ ڪافي ٻيا سٺا رسالا نڪتا. گرامي صاحب، حميد سنڌي، طارق اشرف، مدد علي سنڌي ۽ ٻين سڄڻن سنڌي پڙهندڙن لاءِ بهترين ادب سهيڙڻ جي پوري پوئواري ڪئي. هي ويجهڙ جي ئي ڳالهه آهي. هاڻ زماني جي لاهه چاڙهه سنڌي ادب پڙهندڙن لاءِ پسند جو دائرو ڏاڍو محدود ڪري ڇڏيو آهي. ائين ڪونه ته حفيظ شيخ، علي بابا، شوڪت شورو، ماڻڪ، غلام نبي مغل، حليم بروهي وري پيدا ڪونه ٿي سگهندا. امداد جهڙن سجاڳ دوستن جو ئي فرض آهي ته هو انهن سان رابطو ڪن جن کان اسان الف ب ٻ سکي ۽ وري نون لکندڙن کي ڳولين....
    مون پنهنجي زندگي ۾ جو به ادب پڙهيو آهي ان حوالي سان يقين سان چوان ٿو ته حفيظ صاحب جي ڪهاڻي ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ يا ماڻڪ جي طويل مختصر ڪهاڻي ۽ Stream of Conciousness کي سنڌي ٻولي ۾ رائج ڪرڻ، علي بابا جي ”هاءِ ٻلهڻ، واءِ جنڙي“ يا موئن جي دڙي جي نچڻي، ڪنهن به ادب جي شاهه پاري سان مقابلو ڪري ٿي.
    الائي ڪٿان کان هليو ويس، ذهن جي ڦرڻي به ڄڻ جيون ڪٿا آهي. ڪٿان کان وري ڪٿي. اتر هلندي وري ڦيرو کائيندي اوڀر. پر ڪري به ڇا؟ سور به ته جهجها آهن، سَرجَندي به ته سال ٿيا.کُٽن ئي ڪونه ٿا.

    (ڊسمبر 2005ع)


    مَڌِ سُرڪَ

    امداد تازو فون تي ڳالهايو. SANA جي گڏجاڻي جو احوال ڏنائين. سوڀي گيانچنداڻيءَ صاحب سان ملاقات جو ذڪر ڪيائين. ابراهيم جويي، سراج ميمڻ، نور الدين سرڪي، رسول بخش پليجي، مجيب پيرزادي، غلام شاهه، مير ٿيٻي، مهر حسين شاهه، عزيز ناريجي، عزيز مهراڻوي ۽ ٻين سنڌ دوست سڄڻن سان ڪچهريءَ جو حال احوال ٻڌايائين. وري رُڪ سنڌي کي سرويچ جي ڀولي ۾ ڪن اڻڄاڻ ماڻهن طرفان روڪي اغوا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش جو به ٻڌايائين. اتي اهو به احوال ڏنائين ته ڪجهه دوستن منهنجي ڪچي ڦڪي لفظن ۾ لکجندڙ ڪالم کي نه صرف ساراهيو پر فرمائش ڪئي آهي ته روز ڪالم لکان. اهي فونيون سرويچ ئي ٻڌيون هيون. سرويچ کي هڪ نالو ياد هيو، ته خيرپور مان شبير شر فون ڪئي. ڪالم ساراهيائين ۽ چيائين ته سائين کي چئو ته روز لکندو ڪري.
    ڪافي سال اڳ جڏهن سنئيل ۽ امداد جي چوڻ تي ”عوامي آواز“ ۾ مستقل ڪالم لکڻ لڳس تڏهن، جڏهن هڪ سينيئر دوست سان ڳالهه ڪيم ته هُن چيو، ”چڱي ڳالهه آهي، پر ڪالم هڪ رات جي ڪنوار جيان آهي ٻي ڏينهن Stale (پراڻي).“ مون اُن وقت به کيس چيو هيو ۽ هاڻ به ويساهه رکان ٿو ته ائين نه آهي. ڪالم نويسي برابر مستند معنيٰ ۾ زمان حال استمراري جو آئينو آهي. پر جي حال کي ماضيءَ جي تسلسل ۾ پرکي. پسگردائي جي اهڃاڻن سان سينگارجي ٿو ته مستقبل جو پڙاڏو آهي. ٿلهي ليکي، تاريخي توڙي مادياتي جدليات (Dialectical and Historical materialism) جو سبق ته اهوئي آهي. نه ماضي ميسارجي ٿي نه ئي حال ڪو صرف اڄوڪو گذرندڙ ڏينهن آهي. ارتقا جي اصولن پٽاندڙ هڪ جيوگهرڙي (Unicellar Organism) جو گهڻ جيوگهرڙن ۾ ٿيڻ تڪميل جو هڪ مرحلو ته آهي پر انهيءَ هڪ جيوگهرڙي جي اهميت کي گهٽائي ڪونه ٿو. خير هتي هي ذڪر ڪرڻ مطلب نه هيو. مطلب هيو ته انهن دوستن جي مهرباني جن قربائتي موٽ ڏني.
    ڀائو شبير شر کي ڇا چوان. شبير هينئر ته وڪيل آهي. هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ شبير ۽ سندس ڀاءُ (شايد مرحوم غلام حسين شر) کاٻي ڌر جي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سرگرم ڪارڪن هيا. وري هاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيائون. شبير ته شايد عوامي آواز ۽ پوءِ وري هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو هيو يا رپورٽر رهيو. نذير عباسي شهيد واري ڪيس ۾ ڪافي وقت جيل ۾ به رهيو، نذير اسان جو پيارو ساٿي به هيو ته مون کي سدائين ”استاد“ چئي تعارف ڪرائيندو هيو. آئون پاڻ مارڪسزم جي الف ب پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هيم پر نذير جو خيال هيو ته کيس مون کي مارڪسزم پڙهائي. شبير سان ملاقات ته ياد ڪونه ٿي اچي پر قافلو ته ساڳيو آهي. هن ڌرتيءَ تي دکين ۽ درماندن جا گيت جهونگارڻ ئي اسان جو سپنو آهي. سو، شبير ڀاءُ! اسان جي ڪِرت ڪهڙي به هجي، غلاميءَ جو طوق ڀل ته ڳچيءَ ۾ وڌل هجي پر دليون هر وقت ورجائين ٿيون.....
    جنهن وقت لُڪَن ۾ لوساٽيل
    انسان ڳلين مان نڪرڻ ٿا،
    جنهن وقت دُکن ۾ دونهاٽيل
    مزدور ملين مان نڪرڻ ٿا
    مان پنهنجي تَندُ تپايان ٿو
    ۽ درد دلين مان نڪرن ٿا.
    (شيخ اياز)

    اسان ته خواب ڏٺاسين ته:
    ڪو سورج ٻاري اينداسين!
    ۽ ڏينهن اڀاري اينداسين!
    ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي،
    هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي
    اڄ ماري ڏاري اينداسين!
    ڪو سورج ٻاري اينداسين!
    ڪو سورج ٻاري اينداسين.....
    (شيخ اياز)

    ڀاءُ! هڪ ته لفظن جي گهڙڻ جو ڏانءُ مون کي ڪونهي. ٻيو ته اندر جا ا ڌما ڪوراڙ جيان ڪرَ کنيو ائين ڏنگين ٿا جو وجود ئي بي معنيٰ ٿي لڳندو اٿم. نراس ۽ نا اميدي.... وري ڪاوڙ ۽ جوش..... تخليقڪار شايد ڪونه آهيان پر انهيءَ پيڙاهه جي ڄاڻ اٿم جنهن مان تخليق ڪار لنگهي ٿو. رڳو گهڙڻو ڪانهي. گهڙڻ مهل گهڙيندڙ ڄڻ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي تخليق ۾ سموئڻ جي ڪندو آهي. جي برهما سچ آهي ته جيو به برهما جو صرف پرتو ڪانهي. پاڻ برهما آهي. ڪٿان آڻيان ايڏي همت جو پاڻ کي ونڊيان ۽ جي ونڊيان ته پاڻ به ته هجان!!! آئون ته هست ۽ نيست جي ٻه واٽي تي بيٺو بي معنيٰ ۽ بي مقصد ڪنڪر چُنڊيان. من ڪو سهڻو ڪنڪر هٿ لڳي وڃي. معاف ڪجانءِ. يار، ان قابل ئي شايد نه آهيان. معنائن ۽ مقصدن جي چوڦيري ۾ گهمندي اچي ٽپهري ٿي آهي. شام ۽ سانت به ڪو گهڻو ڏور ڪونهي. هي اڌيون گابريون ڳالهيون ۽ ٽٽل ڀڳل ڏياٽا ٻاري ڪا جوت آڻڻ جي ڪيون ٿا. شال ڪي اچن. جهونجهار جٿا ٿي نڪرن. شام به جي شفق جي لاليءَ جيان من موهيندڙ هجي ته ماڳ پياسين. ائين سوچيندي ئي ڪي انڌيون اونڌيون هٿڙاٽيون پيا هڻون.
    23 ڊسمبر 2005ع تي رات جو يارهين ٻارهين وڳي جيئن رُڪ سنڌي نيوز ايڊيٽر ”سوڀ“ جي روزاني سانڍ سهيڙپ مان واندو ٿي قاسم آباد ۾ ”سوڀ“ جي آفيس مان نڪري ڪجهه اڳڀرو ئي ٿيو ته هڪ بنا نمبر پليٽ جي مهراڻ سوزوڪي اچي سندس رستو روڪي اڳيان بيٺي. گاڏيءَ ۾ چار ڊگها متارا پنجابي مهانڊي ماڻهو هيا. ٽي ڄڻا هيٺ لهي آيا ۽ کائنس پڇايون ته ”تون سرويچ حيدر اوڍو آهين. ويهه اسان سان.“ ذري گهٽ رُڪ کي زبردستي گاڏي ۾ ٿي ويهاريون. رُڪ کين ورجائي ورجائي يقين ڏياريو ته هو سرويچ ڪونهي. ”ته پوءِ اسان جي ڪم جو نه آهي. ڌڻين کي ٻڌايو.“ ٻئي پرڀرو ٿي شايد موبائيل تي ڪنهن سان ڳالهايو ۽ ٻين کي گاڏي ۾ ويهي هلڻ لاءِ چيائين. ائين رُڪ جي جان ڇُٽي. امداد وارن شايد پوليسن ۾ رپورٽ به ڪرائي آهي ۽ ڪن سينيئر پوليس آفيسرن کي ڄاڻ به ڪئي آهي. ٽي طرح جا انومان آهن. هڪ ته ڪنهن رياستي اداري جا همراهه ٿي سگهن ٿا جن صرف ڊيڄارڻ لاءِ اهو ڪيو هجي. منهنجي خيال ۾ اهو انديشو درست نه آهي. رياستي ادارن کي جي ڪا ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي ته ڪري ڇڏيندا آهن. هينئر تازو ئي ڄام ساقي ڪيترا ڏينهن بي دريافتو جيل ۾ پيو رهيو. انساني حقن جي ڪميشن، دانشور سڀ هڪ پاسي ته ٺڳيءَ جو ٺاهيل ناٽڪ ٻي پاسي. ٻيو انومان اهو ته ڪي لوفر هوندا. اها ڳالهه به ڀائنين ڪانه ٿي پوي. امداد فقيراڻي لڏي مان آهي. وٽس اهڙو ڪجهه ڪونهي جو سندس پٽ کي ڪير کڻي. پئسن جي اميد رکي. هُجنس ته نڪرن. اها ڳالهه به ٺهي ڪانه. ٽيون ته ڪنهن مفاد رکندڙ ڌر يا ذاتي رنجش جي شڪار دهمان ڏنو هجي. ڇڙو دهمان يا متان وري ٽريلر. هاڻ امداد سوچي ته ڇا ٿي سگهي ٿو. ڪهڙو امڪان وڌيڪ چٽو آهي. پر ساڳئي وقت تي سڀن دوستن جو فرض آهي ته اهڙي واقعي کي ننديون ۽ جانچا ڪريون ته هي ڪوجهو ڪم ڪنهن جو آهي.
    پر هي ٽوٽا ته هروڀرو جُڙيا. مون کي ته ڳالهه ڪرڻي هئي سنا جي ڪوٺاڻي جي حوالي سان. عزيز ناريجو، مهر حسين شاهه، مير ٿيٻو، عزيز مهراڻوي، ڄام ساقي سڀ ايس اين ايف جا پراڻي ساٿي. اڄ به سنڌ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي سگهه منجهن گهٽي ڪانهي. هو اڄ به اياز کي هيئن جهونگارين ٿا....
    هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين
    هُو پير ڌريندا ڪئن تيسين
    هي ته سائين سنگتين جي تات هئي. ”سنا“ جو ته اڃان ذڪر ئي ڪونه ڪيم. پر ڪنڌ ڪڪوريل انسانن کانسواءِ ڪوٺ ۽ محفل جو ذڪر به ته اڌ گابرو آهي. ڪارونجهر کان ڏاڍو، ڏسڻ ۾ ڏٻرو، هڏائون پڃرو پر رُڪ کان مضبوط بااصول ۽ آدرشي انسان، مهاڪوي جي شانتي نڪيتن مان پڙهيل. پاتال ۾ پاڙون کوڙيو بيٺل مهان انسان. استاد، رهبر ۽ رهنما.... سوڀو گيانچنداڻي به ته اُت هيو. سوڀي صاحب لاءِ مون کي ڪي سريلا لفظ ڪونه ٿا ملن. نه ئي هو ڪنهن تعريف جو محتاج آهي. سندس ذات جي وصف ڪرڻ لاءِ اياز جون هي سٽون ٿيون ياد اچن.....
    ۽ مٽيءَ جي پيالي ڇا هي!
    پر جي اُن ۾ مَڌِ ڀريل آ
    وِلهه ۾ ساري رات ٺريل آ
    پوئين پَهر اُنهيءَ جي سُرڪي
    پيتي آ جنهن مُرڪي مُرڪي
    اُن جي عمر سجائي آهي
    سوڀو صاحب وِلهَه ۾ ساري رات ٺريل مَڌِ مثل آهي. سندس موجودگيءَ ئي Inspiring آهي ڄڻ ته موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهي کيس ٺاهيو ويو هجي. هر موضوع تي کيس ڄڻ عبور حاصل هجي. اسان ته سندس اڳيان ڳالهائيندي به هٻڪندا آهيون. پنهنجي کوکلي پڻي جي وائکي ٿيڻ کان ڪو ڊپ ڪونهي. پر حد ادب به ته ڪجهه هوندي آهي. سندس ڇانوَ صدين پراڻي بَڙ جي وڻ جي پکڙيل ٽارين جيان مُنڌَلَ مَن جي آنڌ مانڌ کي شانت ڪيو ڇڏي.

    (ڊسمبر 2005)


    نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني

    وڏي واڪي ٻڌائڻ جو خيال هيم ته ڪيئن رياست ۽ حڪمراني جو هڪ اهم ٿنڀو جنهن کي انتظاميا چوندا آهن، هوريان هوريان زوال پذير ٿيندو وڃي ان هنڌ تي پهتو آهي جتي نه رڳو اُن جي افاديت ختم ٿي چڪي آهي، پر رياستي ڪارندا ذاتي ملازمن جي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ڪيئن قاعدن ۽ قانونن کي لتاڙيو ويو آهي؟ هڪ ته انهيءَ اڻ کٽندڙ داستان کي ڪالمن ۾ سموئڻ نه رڳو ڏکيو آهي پر ”ڪالم“ جي صنف ۾ اهڙي موضوع سان انصاف ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. ٽين ڳالهه هي آهي ته ”ڪالم“ فقط حالتن ۽ واقعن جي تذڪري سان گڏ چهنڊڙي وجهندڙ تجزيي کان وڌيڪ ڳورو نه هئڻ کپي. ”ڪالم“ جو پڙهندڙ توهان کان ڪو ليڪچر ٻڌڻ ڪونه ٿو گهري. اوهان ته رڳو ڪنهن واقعي، حقيقت يا مسئلي ڏانهن پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي کيس هڪ اڻ محسوس چُهنڊڙي وجهي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ انڌير جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. پڙهندڙ پاڻ نتيجو اخذ ڪري ٿو ۽ پنهنجي فهم ۽ تجربي جي روشني ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    اهو سوچي هلندڙ موضوع کي ختم ڪرڻ جي ڪيم. وري ڪجهه هيئن به هيو ته هاڻ جيڪي لکان ها سو شايد ڪجهه وڌيڪ تلخ حقيقتون هجن ها. مون کي هڪ وڪيل دوست جي ڳالهه ياد آئي جنهن ٻڌايو ته هن هڪ دفعو ڪنهن بين الاقوامي سيمينار ۾ تقرير ڪندي چيو هيو ته، ”ڪير ٿو چوي ته اسان وٽ تحرير ۽ تقدير جي آزادي نه آهي، اسان کي ملڪ جي آئين جي فقري نمبر فلاڻي تحت تحرير ۽ تقرير جي مڪمل آزادي آهي. تنهن ڪري مون سوچيو آهي ته آئون مڪمل آزادي سان ڳالهائيندس. پر ڳالهائڻ شروع ڪرڻ کان پوءِ خيال آيو ته آئين ۾ تحرير ۽ تقرير جي آزادي جي تحفظ جو ذڪر ته ضرور آهي پر اهو ڪونه لکيل آهي ته ان کان پوءِ جيڪي ٿيندو تنهن جي تحفظ لاءِ ڪهڙو بندوبست آهي؟“ متان مون به اهو سوچي انهيءَ موضوع جي جان ڇڏي هجي. هونئن به هيءَ ڌرتي بادشاهن جي آهي. هڪ شهزادو ويندو آهي ته ٻيو ايندو آهي، اسان جهڙن ملڪن ۾ جمهوريت پنهنجي منتخب آمر ٽولي کي چونڊيندي آهي. ماڻهن جو حافظو ڪمزور آهي يا وري بک، بيروزگاري ۽ مسلسل استحصال ماڻهن کي اهڙو ته نستو ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻ شايد ماڻهن مان اميد ئي ڇڏائجي ويئي آهي. ڪنڌ نمايو، ساهه سانڀيو پيا پيهجن.
    جمهوريت تان ياد آيم ته ڪجهه وقت اڳ لاهور ۾ هڪ غريب پر بااصول ٽريفڪ واري هڪ ميمبر صاحب جي گاڏي روڪي جنهن تي نمبر پليٽ بدران فقط ميمبر اسيمبلي لکيل هيو جا ڳالهه قانون جي خلاف هئي. نه رڳو مال روڊ تي مار کاڌائين پر نوڪري به چٽ ٿي ويس. انهيء واقعي مون کي لنڊن ۾ ٿيل ساڳي طرح جي حادثي جي ياد ڏيارائي. انگلستان ۾ جتي قانون جو راڄ آهي اتي هڪ ڇُوٽ اها آهي ته جي پارليامينٽ جو سيشن هلندڙ هجي۽ ڪورم پورو ڪونه پيو ٿئي (جو اڪثر طرح ٿيندو به آهي) ته ميمبرن کي ڳوليندا ته جتي به هجن فوراً حاضر ٿين. انهيءَ حاضري جي تڪڙي سڏ دوران جيڪڏهن ڪو پارليامينٽ ميمبر ٽريفڪ جي سگنل جي ڀڃڪڙي ڪري بشرطيڪه اهڙي ڀڃڪڙي ڪنهن ٻي گاڏيءَ واري يا راهگير لاءِ خطرناڪ نه هجي ته هن جو چالان نه ٿيندو. اها اسي جي ڏهاڪي جي وچ جي ڳالهه آهي ته هڪ ميمبر ٽريفڪ سگنل تي نه بيٺو. فوراً کيس پوليس روڪيو . ايم پي صاحب گاڏي جي شيشي تي لڳل ايم پي جي ننڍڙي اسٽيڪر ڏي اشارو ڪيو. سپاهيءَ جي پڇڻ تي ته ڇا هو پارليامينٽ جي تڪڙي سڏ تي وڃي رهيو آهي، هن هاڪار ڪئي. فرض شناس پوليس واري کيس وڃڻ ته ڏنو پر هڪدم پُڇا ڪيائين ۽ خبر پيس ته پارليامينٽ يا هائوس آف ڪامنز جو ته اُن ڏينهن اجلاس هوئي ڪونه. فوراً لکي رپورٽ پيش ڪيائين جا اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ پهتي. ايم پي اي صاحب کان نه رڳو جواب طلبي ٿي پر خود هائوس آف ڪامنز ۾ ايڏو ته گوڙ ٿيو ۽ پريس انهيءَ مسئلي کي کنيو ته اهڙو ماڻهو اسان جي نمائندگي جي قابل ئي ڪونهي جو ملڪ جو قانون ٽوڙي ٿو. نيٺ ايم پي اي صاحب کي استعيفا ڏيڻي پئي.
    ڇا ٿا ڀانيو.... جمهوريت انهيءَ کي چوندا آهن. اسان جي پياري جمهوريت ۾ في الحال ته سپاهيءَ جا ٻچا رُلي وڃن ها. ڪنهن کي ياد آهي ته ڪيترن ڪامورن پنهنجي ئي آفيس ۾ وزيرن کان، ميمبرن کان، پارٽي ڪارڪنن کان گاريون ته کاڌيون هونديون پر مار به کاڌي هوندي. اڃا ڪالهه ئي هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ وزير صاحب ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي چيو ته ”اسان جو ڪُتو ۽ اسان تي ئي ڀونڪي ٿو.“ اهو ڊي جي صاحب، ڊي جي به سندن ئي مهرباني سان ٿيو هو. شايد اهڙو مان لهندو به هجي. پر ائين ڇو ٿئي ۽ جي ائين ٿيندو آيو ته ڪهڙو باضمير شخص رياستي ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو سوچيندو؟ پوءِ.... متان اهڙو وقت نه اچي جو هر ٻيو سرڪاري ملازم فقط لٽ مار ڪرڻ لاءِ سرڪاري نوڪري اختيار ڪري نه ڪي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ. ائين ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي راڄ ۾ ٿيندو هيو ته ڪليڪٽر ڪمپني بهادر وٽ هيترو پئسو جمع ڪرائيندو. پر ڪمپني بهادر ڇو؟ هي جي مُغل هيا سي ڇا ڪندا هيا؟ تاريخ لکڻ وارا ڀولڙا ڪجهه به چَون حقيقت هي آهي ته هندوستان ۾ پرڳڻا ۽ صوبيداريون وڪامبيون هيون. مالگذاري شاهي خزاني جو حصو هوندو هيو. جي شير شاهه سوريءَ جهڙو ڪو آيو ته جرنيلي رستا ٺهيا نه ته عوام تي ٽڪو به خرچ ڪونه ٿيندو. خزانو، خواجه سرائن، رنڊين ۽ مُجرن تي يا خوشامدين تي لُٽبو.

    (آڪٽوبر، 1999ع)


    قصو ڪجهه درويشن جو

    هڪ ٻئي پويان ايندڙ حڪومتن جهڙن غير آئيني ۽ قاعدن قانونن کي لتاڙيندڙ طريقن سان حڪومت ۽ انتظامي امور سنڀاليندڙن کي هڪ اشاري سان ذلت ۽ گمناميءَ ڏي ڌڪيو، انهيءَ نه صرف غير صحتمند روايتون پيدا ڪيون پر ٻئي پاسي نوڪري ۽ روزگار کي تحفظ هئڻ جو تاثر ختم ڪيو. ٽئين پاسي هڪ نئون طبقو پيدا ٿيو جو ڪنهن طريقي سان به پنهنجي نوڪري بچائڻ کي اولين ترجيح ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهڻ لڳو.

    عام طور تي ائين چيو وڃي ٿو ته ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ئي نوان رواج پيدا ٿيا. اهليت بدران سفارش اهم ٿي ويئي. جمهوريت ۽ عوام جي ڳالهه ڪرڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽو اندر ۾ ته وڏيرو به هيو. هڪ پاسي هو مائوزي تنگ، هو چي منهه ۽ سوئيڪارنو کان متاثر هيو ته ٻئي پاسي هن اهو به ڏٺو پئي ته ڪيئن شاهه ايران ۽ مارڪوس جهڙن حڪمرانن فقط دوست نواز پاليسي ۽ تمام سرڪاري ادارن تي ڪُل تصرف ۽ سندن ذاتي وفاداري کي ماهرن ۽ پيشه ورانه ماڻهن جي تقدير لاءِ لازم بڻائي ڇڏيو. پر اهو ڪلچر اڳ ئي شروع ٿيل هيو. فرق فقط اهو هيو ته سفارش ۽ ذاتي وفاداري کي بنياد بڻائڻ ۽ اهم سرڪاري عهدا ۽ وسيلا ورهائڻ هڪ ته اڃان شروعاتي مرحلي ۾ هيو ٻيو وري ڪجهه حالتون بهتر هيون. ڪجهه ته سياستدانن جي ٽولي ۾ اڃا سوڌو محترمه فاطمه جناح، خواجه ناظم الدين، جي ايم سيد، غفار خان، ڀاشاني، بزنجو، مري برادران ۽ ڪيترائي ٻيا قدآور ماڻهو مصروف عمل هئا ۽ ڪنهن به ڪُڌي ڪم کي نندڻ جي صلاحيت رکندا هئا. وري سرڪاري ڪامورن ۾ ڪجهه لَڄَ ۽ غيرت هوندي هئي. ايوب خان بطور صدر پاڪستان به سيڪريٽرين کي مختلف ڪمن ۾ سفارش ڪئي هوندي. کيس کُتا جواب به مليا هوندا. پر ايوب خان ڪنهن ڪاموري کي خلاف قانون ۽ قاعدن برخلاف ڪم ڪرڻ لاٰءِ ڪڏهين به نه ئي مجبور ڪيو ۽ نه ئي سندس ناڪار جو پلاند ورتائين. ڀٽي صاحب جيڪي ڪيو سو ڪيو پر مرد مومن ضياءَ الحق آپيشاهي جو هڪ بدترين مثال هيو. ضياءَ الحق کي پوريءَ ريت خبر هئي ته سندس حڪومت غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي. هن ذاتي وفادارين تي مشتمل شورائي نظام آندو. ناظم صلوات، سوشل ايڪشن ڪميٽي، زڪوات ڪميٽيون، مڪاني ادارن جون نالي ماتر چونڊون، هي سڀ هٿڪنڊا هئا جن جي ذريعي ضياءَ الحق ذاتي وفادارن جو هڪ مضبوط ٽولو ٺاهي رهيو هو، جيڪي هُن سان اقتدار توڙي وسيلن تي قبضي ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح شامل هجن. ضياءَ الحق ۽ سندس مومن ساٿي جيڪا هڏي چچري اڇلائين، ان کي سندس ٿاڦيل نظام جا صالحين چوسين. پهريون دفعو هن ملڪ ۾ باقاعده ۽ منظم طريقي سان هڪ اهڙو نظام وجود ۾ آندو ويو، جنهن جا بنيادي مقصد توڙي ديرپا ۽ دائم اثر اهڙي ريت ٿيا جو ملڪ جي واسين محسوس ڪيو ته جتي طاقت هجي اتي پُڇ لوڏجي. حاڪم ڏاڍو آهي پر مُربي آهي. هاڻي يا ته مربي جي احسان مند طبقي ۾ شامل ٿجي يا پيو گهاڻي ۾ پيسجي. پهريون دفعو دولت ۽ پئسي جو اظهار ٿيڻ لڳو. رشوت ۽ چور بازاري، هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر وانگيان عام ٿي ويئي.
    پهريائين واهن تي کاٽيون ٿينديون هيون، روڊن جا ڪنارا دريشي ٿيندا هئا. سرڪاري عمارت جي سالياني مرمت ٿيندي هئي. اي سي، ڊي سي دورا ڪندا هئا. عدالتون هلنديون هيون. هاڻ کاتا ۽ نوڪريون وڪجڻ لڳيون. پر اڃان پس پرده ۽ لڪ ڇپ ۾ ٿيندو رهيو. ضياءَ الحق جي يارهن سالا دور ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن صرف ٻه دفعا چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان ڪرايو. ائين هيٺين توڙي وچولي طبقي جي ذهين ۽ هوشيار نوجوانن لاءِ عزت ڀري نوڪريءَ جو موقعو ختم ٿيڻ لڳو. باقي انهيءَ دور ۾ ڪيترائي ذاتي نوڪر، پيگ پيالا ٺاهي ڏيندڙ، عزيز قريب وڏيرن ۽ وڏن وزيرن ڀرتي ڪرائڻ جو رواج وڌو.
    1988ع ۾ پ پ پ حڪومت ۾ آئي. ماڻهن جي اميدن ۽ آسرن تي جيڪي پاڻي ڦريو سو ڦريو. هڪ پاسي، نه ڪميشن کان امتحان وٺرائن ۽ نه کاتن کي اجازت ڏين ته ٻئي پاسي جيئن پارٽي جا جيالا، وزيرن اميرن جا مائٽ، عزيز توڙي سفارشي ڀرتي ٿيا، سا سڀ ڪنهن کي خبر آهي. نوڪريون ڪيئن وڪاڻيون اها به عام کي خبر آهي.
    حڪومتن ۾ هڪ ڳالهه ٻين ڳالهين سان گڏ مشترڪه هئي ته ميرٽ جا ڌاڻا ڪڍبا. نوڪر شاهيءَ کي هيسائبو. دڙڪن ۽ داٻن ۾ رکبو ۽ انهن کان پنهنجا جائز ناجائز ڪم وٺبا. خوف، هراس ۽ ڀوءَ جي اهڙي ته فضا حڪمرانن پيدا ڪئي جو ڪنهن به عزت واري ماڻهو ۽ ذهن رکندڙ لاءِ سرڪاري نوڪري اهڙو ڪنڊو بڻجي ويو جو نه ڳڙڪي نه وري اُڳري.
    اهو محترم ضياءَ الحق جو ئي دور حڪومت هيو، جڏهن ڪي سَڌڙيا اُسريا، جي سڄي مارشل لا دور توڙي نيم مارشل لائي جمهوري نظام ۾ گورنر جهانداد خان توڙي عباسيءَ جي نڪ جو وار رهيا. ان کانپوءِ ايندڙ حڪومتن ۾ به سندن نالي کانسواءِ مشاورت نامڪمل سمجهي ويندي هئي. انتهائي ذهين پنهنجي ڪم تي مڪمل دسترس رکندڙ، پر وٽن انڪار ڪونه هوندو هيو. حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ کين سڀ طريقا ايندا هئا. هر ايندڙ حڪومت هِنن کانسواءِ پاڻ کي نامڪمل سمجهندي هئي ۽ هو ائين ئي طاقت ۽ اختيار جون منزلون طئه ڪندا آيا. هڪ صاحب ستر ڏهاڪي جي شروعات ۾ سورهين گريڊ ۾ هوندو هيو. جن مقابلي جا امتحان ڏنا اهي 25 سالن ۾ ويهين گريڊ ۾ به ڪونه اچي سگهيا. پر هي صاحب ٻاويهين گريڊ ۾ اچي ويا. هر حڪومت ۽ سياستدان اهڙن ماڻهن کي استعمال ڪيو ۽ هو به صاحب اختيار جي اشاري تي هلڻ ۽ طاقت جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ خوشي سان استعمال ٿيندا رهيا. قومي ادارن کي ڪهڙو فائدو رسيو اها ته حڪومتن کي ڄاڻ.

    (آڪٽوبر، 1999ع)


    سنڌي: ماڻهو يا ڀولڙا

    اڱاري 17 آگسٽ 1999ع جي اخبار جي هن ئي صفحي تي علي بخش جو لکيل مضمون ”فهميده رياض اندر ۾ مهاجر ئي نڪتي“ ڇپيل هو. علي بخش پنهنجي مضمون ۾ فهميده رياض جي 30 جولاءِ تي پريس ڪلب ڪراچي اڳيان متحده قومي موومينٽ جي بک هڙتالي ڪئمپ تي وڃي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ سندس ڪتاب ”ڪراچي ڪي ڪهاني“ ۾ وائکو ٿيل حقيقت کي زير بحث آڻيندي هڪ روز روشن جيان حقيقت ڏي ڌيان ڇڪايو آهي ته بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ رهندڙ ڪافي قدر اردو ڳالهائيندڙ چاهي پاڻ کي ڪيترو به پڙهيل هئڻ جو خول چاڙهيندڙ هجي، پاڻ کي ترقي پسند به سڏائيندو هجي، وري به سڏيندو پاڻ کي مهاجر. سندس ٻار سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ سکڻ کي نيچ سمجهندا پر فرينچ سکڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڳالهائڻ به نه اچين ته به پنجابي زبان جي ٽنگ ضرور ڀڃندا.
    علي بخش جي مضمون کي پڙهي هيڪر ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. کيس سڃاڻان به ڪو نه. پر جي حقيقتون بيان ڪيون اٿس اُهي ته ڪجهه به ڪينهن، انهي حقارت ۽ ڪروڌ جي مقابلي ۾ جا مون ڏٺي آهي، محسوس ڪئي آهي ۽ جنهن مان آئون لنگهيو آهيان. هيڪر ته پنهنجي تجربي ۽ تجزئي کي هميشه وانگيان اهو سوچي ته ڪٿي منهنجي سوچ سائنسي بنيادن جي بجاءِ ذاتي سرحدن ۾ داخل ته ڪا نه ٿي ٿئي، پوئتي ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪيم. سوچيم ته تون ته امن ۽ آشتي جو درس ڏيندو آهين. تون ته لطيف جي در جو فقير آهين. تون ته:
    ”هو چونئي تون م چئو واتون ورائي....
    جو نعرو هڻندڙ آهين. نفرت ۽ ڌڪار ته تنهنجي مذهب ۾ ڪانهي. ڀل ته هي ڪروڌ ۽ سائي ٻئي ڪنهن جو اهڃاڻ هجي. هي فهميده رياض اڪيلي ڪانهي جا چوي ٿي ته؛
    ”ڪراچي ۾ سنڌي ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ آيا.“
    ها برابر صحيح چوندي هوندي. بلڪه، سندس اهو چوڻ ته سنڌواسين مٿان احسان آهي. اصل ۾ عمرانيات جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ يوناني رهندا هئا ۽ ڪراچي سڪندر اعظم جي سلطنت جي سياريءَ جي موسم جي گاديءَ وارو هنڌ هيو. وري ٻيا سائنسدان اهو به چون ٿا ته ڪراچي جو شهر ئي 1947ع کان پوءِ ڪنهن پڇڙ تاري جي زمين مٿان عربي سمونڊ تي ڪرڻ ڪري وجود ۾ آيو. پر اڪثر ماهرن جو حليم بروهيءَ سان ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته 1947ع کان اڳ سنڌ جا ماڻهو ڀولڙن جيان ”چيائون چيائون“ ۽ ”خون خون“ ڪري ڳالهائيندا هئا. سندن پُڇ هوندا هئا. وڻن تي لٽڪندا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا رهندا هئا. جهنگ جا ميوا ۽ وڻن جا پن سندن خوراڪ هئا. الله ڀلو ڪري هڪ مرد مجاهد جو، جنهن حڪم ڪيو ته جيڪو هندستان ڇڏي ايندو سو جي اسٽامپ پيپر تي اقرار نامو لکي ڏيندو ته آئن سٽائن به وٽس پڙهيو هو ته سندس سَنَدَ کي قابل قبول سمجهيو ويندو. جي اتي ڪوٽار هيو ته هتي ڪاردار مقرر ڪيو ويندو ۽ ائين الله جي نيڪ مخلوق آئي، جنهن ايندي ئي سنڌي ڀولڙن جي وات ۾ گلوري وارو پان وجهي کين ريجهائي وڻن تان لاٿو. سندن پڇ ڪٽي، کين پاجامو پارائي انسان بڻايو ۽ تهذيب و تمدن سان آشنا ڪيو.
    هن نيڪ لشڪر ون يونٽ ٺهڻ تائين جيڪي مهربانيون ڪيون. زمينون ڦٻايون، ڪوڙا ڪليم داخل ڪري پيڙهين کان آباد هارين کي بي دخل ڪرايون، تنهن جو ته ذڪر ئي ڪونهي. هاڻ جڏهين بنگالي سجاڳ ٿيو ته ون يونٽ جو وار ٿيو. تان جو ون يونٽ ٽٽو. بدقسمتيءَ سان ملڪ ٽٽو. ملڪ کي ٽوڙڻ ۾ يحيٰ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو هٿ هيو يا نه هيو پر هنن دهلي، آگري ۽ پٽنه جي نسلي تفاخر ۾ مبتلا ٽولي ئي ابتدا ڪئي ملڪ ٽوڙڻ جي. اڄ 1953-1954ع جي انهن بنگالي شهيدن جي ڳالهه ڪير ڪو نه ٿو ڪري. اردو سان گڏ بنگلا کي به سرڪاري ٻولي ۽ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ ئي بنگالين جي دلين ۾ نفرت وڌي. اڄوڪي اردو پريس ته وڏي واڪي چوي ٿي ته بنگالي پنجابي استحصال کان نفرت ڪندا هيا..
    درويش، الله لوڪ، فرشته سيرت، رئيس امروهوي ئي ته هيو، جنهن لساني هنگامن جي باهه تي وڌيڪ گاسليٽ هاريو هيو....
    اردو کا جنازہ ہے
    ذرا دھوم سے نکلے....
    اردو اخبارن پنهنجا پهريان صفحا ڪارا ڪيا يا رت هاريل ۽ وهندو ڏيکاريو. قصور! صرف ايترو ته اردو سان گڏ سنڌي به سرڪاري ٻولي هوندي، انهيءَ آڙ ۾ ڪيڏا نه ڀيانڪ ۽ دردناڪ جرم ٿيا.
    شرم ٿو اچي چوندي. پر اهو شرم به اسان کي ٿو اچي. هڪ واري سندن پير جو پنهنجي ڌرتيءَ تان نڪتا ته ڌرتيءَ جي ساڃهه به نه رهي. منهنجي ڀيڻ ويچاريءَ جو ته ڪو ڏوهه ڪونهي. ڪهڙو به مهاجر دانشور، ڪامورو، قوم ۽ ملڪ جي يڪجهتي جو علمبردار ڏسو. سنڌي قوم لاءِ وٽس محبت ايتري ئي آهي. پر پري ڇو ٿا وڃو. دانشورن جي مها دانشور بقول سندي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ نوڪري وڃائڻ واري اڳوڻي گورنر ۽ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر جي مهربانين تي ئي نظر وجهو.
    سندس دور ۾ هزارين ڊاڪٽرن کي بيروزگار ڪيو ويو. انهن ۾ اڪثريت ٻهراڙين سان واسطو رکندڙن جي هئي جن کي ڪانٽريڪٽ ئي انهن شرطن سان مليو ٿي ته هو ٻهراڙين ۾ نوڪري ڪندا.
    سوين سنڌي واٽر بورڊ ڪراچي مان ڪڍيا ويا.
    سنڌ جي تعليمي بورڊن مان سنڌي آفيسرن کي ڪڍيو ويو.
    سندس مهربانين جي ڪري جتي ذري گهٽ سو کن سنڌي ڪامورا او ايس ڊي ٿيا اتي ڪيترن ئي ٻين آفيسرن کي ٻه، ٻه ٽي ٽي چارجون هيون.
    رڳو سروسز کاتي ۾ 18 کان 20 گريڊ تائين جا سٺ آفيسر او ايس ڊي هيا، جتي ستر جايون خالي هيون. پر ڇو ته انهن سٺ آفيسرن ۾ گهڻو ڪري سڀ سنڌي هيا، تنهنڪري انهن لاءِ وٽس نوڪري ڪانه هئي.
    الائي ڪڏهين هي پڙهيل، مهذب ۽ اعليٰ تعليم يافته قوم سُڌرندي جو هن ”ڪوٽا“ جي مراعت يافته جاهلن تي رحم ڪري. خير سان ريڪارڊ کڻي ڏسو، ته ڪوٽا جي نفاذ کان پوءِ هر سال سنڌي ڳالهائيندڙ جاهل چاهي وفاقي نوڪرين جو چٽا ڀيٽي جو امتحان هجي يا صوبائي هجي، پهريون نمبر به آيا آهن. پر هي ڪوٽا جا مخالف ئي صرف ڪوٽا تي آيا آهن. ڀل ڪير کڻي 1974ع کان پوءِ جي امتحانن جي رزلٽ ڏسي. پوءِ مخالفت ڇو؟ سرشت –فطرت – يا ائين ته ڪونهي ته اندر ۾ صرف ڪروڌ ۽ نفرت ڀريل آهي. ڌرتي سان – ملڪ سان – هر شيءِ سان – ماڻهوءَ سان.

    (118آگسٽ، 1999ع)


    معين الدين حيدر: غوث علي شاهه

    پوئين هفتي هنن ئي صفحن تي ڇپيل ڪالم جو ڪجهه دوستن جي نظرن مان گذريو ته فون ڪيائون. جن به ٻن ٽن دوستن ڳالهايو انهن جو اهو چوڻ هيو ته چڱو ڪيو اٿئي جو معين الدين حيدر جي چهري تي پيل نقاب ته لاٿئي. ڪنهن ته آخر کلم کلا اها ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ جو اڳوڻو گورنر رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر نه صرف نسل پرست آهي پر پنهنجي نسل پرستي ۽ سنڌين جي دشمني ۾ ٻه وکون اڳيان آهي. وراڻيم ته هي ته ڪجهه ڪونهي. مون کي ته معين الدين حيدر کي ۽ سندس سنڌ دشمني کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تڏهن هجي جڏهن معين الدين حيدر جو ڪردار لڪل هجي. پري ڇو وڃو، اسان جي چوڻ جي ته ضرورت ئي ڪانهي. خود متحده جي ڊاڪٽر فاروق ستار پوين ڏينهن ۾ انگريزي هفتيوار دي فرائيڊي ٽائيمز کي انٽرويو ڏيندي اعتراف ڪيو هيو ته متحده جي اڳوڻي گورنر سان ڪافي حد تائين هم آهنگي هئي. لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ اهو چيو ويندو هيو يا ان کان پوءِ به اهو چيو ويندو هيو ته جتوئي صاحب ايم ڪيو ايم جي جائز ناجائز مطالبن تي کين ناڪار ڪو نه ٿو ڪري. پر تنهن هوندي به متحده ڪڏهين اهو نه چيو ته هنن جي لياقت علي جتوئي سان هم آهنگي آهي. پاڻ ايم ڪيو ايم ئي لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت سان سهڪار نه ڪرڻ جو وڏي واڪي اعلان ڪري گورنر راڄ جي راهه هموار ڪئي. پر جي معين الدين حيدر لاءِ متحده تسليم ٿي ڪري ته اڳوڻي گورنر سان سندن هم آهنگي هئي ته ان جو مطلب ڇا سمجهيو وڃي؟ خير، جي حقيقتون هيون سي بيان ڪيون ويون، پر اهي به عمومي طرح ۽ ڪجهه قدر ڍڪيل، جو اسان جو مقصد نه ته ڪنهن تي الزام تراشي آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪردار ڪشي آهي. معين الدين حيدر صاحب جيترا ڪيئي ڏيڍ ڏاها، جن کي ڪيترن ئي سگهارن ۽ منظم هٿن جي اَڏ آهي، هر وقت پنهنجي قوت، ڪرسي ۽ منظم طاقتن جي پٺڀرائيءَ جي نشي ۾ مظلومن کي پيڙهيندا آهن ۽ وري به اڇا اجرا ٿي ويندا آهن. پر وري ٻه بيان نظر مان گذريا تن مجبور ڪيو ته ٻه اکر ٻيا لکجن.
    ”وقت ملي ها ته ڏوهن ۽ سياست کي الڳ ڪريان ها.“
    ”غوث علي شاهه کي امن ڏانهن ڌيان ڏيڻ کپي.“
    هي ٻيئي بيان اڳوڻي گورنر صاحب ڪراچيءَ جي هڪ تقريب ۾ ڏنا آهن. سندس تقرير ۽ اها تقريب اخبارن ۾ صفحه اول تي وڏن اکرن ۾ مٿين لفظن ۾ ڇپي آهي.
    وري ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جو هڪ بيان آيو ته
    ”معين الدين حيدر نواز شريف جي اشاري تي ڪم ڪو نه ڪيو تنهن ڪري هن کي هٽايو ويو.“
    قادر مگسي صاحب ته بلڪل درست فرمايو آهي. معين الدين حيدر صاحب مسلم ليگ جو ٿاڦيل گورنر هوندي به واقعي وڏي واڪي اهو تسليم ڪرايو ته. ”سياستدان ڪرپٽ آهن. هاڻ منهنجي اچڻ کان پوءِ شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تي پاڻي پين ٿا. معنيٰ ته مون کان اڳ جو مسلم ليگ جي مخلوط حڪومت هئي اها ڪرپٽ هئي ۽ نااهل به. صلاحڪار ڪونسل ڪو نه ٺاهيندس. ڇو هڪ ته سياستدان ۽ ٻيو وري مسلم ليگي هٿن جا صاف ڪونهن.“
    ٺٽي ۽ بدين ۾ آيل ٻوڏ وقت گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان کي بچائڻ لاءِ سامونڊي پٽي جي ماڻهن کي اتان لڏائڻ گورنر صاحب ۽ سندس انتظاميه جي ذميواري هئي پر آخري ڏينهن تائين گورنر هائوس ۽ سندس سيڪريٽريٽ ماٺ رکي. ۽ پوءِ ڏوهه وفاقي حڪومت کي ڏيڻ معنيٰ ته اهو ثابت ڪين ته نواز شريف جي حڪومت سنڌ جي ماڻهن سان نه صرف دلچسپي ڪو نه ٿي رکي پر کين سندن جان ۽ مال جي به پرواهه ڪونهي
    هر طريقي سان گورنر صاحب سنڌ جي ماڻهن ۾ مسلم ليگ۽ وفاق خلاف نفرت جو ٻج وڌو. هاڻ وري هر وقت وٽن هڪ راڳ آهي ته مون کي اڃان رهڻ ڏيو ها ته آءٌ الائي ڇا ڪريان ها. چڱو ٿئي ها جي وفاقي حڪومت معين الدين حيدر کي اڃا ڪجهه مهينا رکي ها ته خبر پوين ها. هاڻ ته وري به مسلم ليگ جو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن وَٽَي تي نالو آهي. جنرل صاحب اهڙي ڪري ها جي ميان صاحب جو سنڌ ۾ داخلا ئي مشڪل ٿئي ها.
    ۽ ٻيو هر ويلي جنرل صاحب وتي ٿو صلاح ڏيندو ته ”غوث علي شاهه امن ڏي ڌيان ڏي“. ڇا جنرل صاحب اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته غوث علي شاهه جو ڌيان ٻئي ڪنهن پاسي آهي يا شاهه صاحب اهل ڪونهي. ڇا شاهه صاحب جي ٻن مهينن ۾ ڪو ايڏو ڏڦير آيو آهي. نه اصل نه. هوڏانهن سيد غوث علي شاهه جتي به معين الدين حيدر جي ڳالهه ٿئي اتي اهو اڳوڻي جرنل صاحب جي صوبي لاءِ ٿيل خدمتن کي ساراهي. هيڏانهن جنرل صاحب هر ويلي چهنڊڙي هڻي ته شاهه صاحب کي امن ڏي ڌيان ڌرڻ کپي.

    (25آگسٽ، 1999)


    درست حڪمراني

    درست ۽ چڱي حڪمراني تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئم. الائي ڪيتري ڪامياب ڪوشش هئي. پر جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته ڪينواس ايڏو ته وڏو ٿيندو لڳم ۽ گڏ ئي مُنجهندو ويو جو ڀوءَ ٿيڻ لڳم. ٻه ڪالم ته لکيم. امداد سان ڳالهه ڪيم. آخر جاپاني هائيڪو کي جي سنڌي ٽوپي پارائي سگهجي ٿي ۽ جي چيني مختصر ننڍي آکاڻي تي ارشاد نبي عباسي المعروف ارشاد پارس ۽ اسان جو پيارو هر ويلي کلندڙ ڀاءُ اختر جانوري طبع آزمائي ڪري سگهن ٿا ته قسط وار ڪالم لکڻ تي اردشير ڪاواس جي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري نٿو سگهي. پر اردي شير ڪاواس جي يا ڪامران خان يا ارشاد احمد حقاني کي ته سگهارن هٿن جي آڏ آهي. آئون غريب جو ٻار ڪهڙي چڪر ۾ پيو آهيان. هڪ ته نوڪر. ڄڻ خاندان غلامان سان شجرو وڃي مليو. اهي غلام گهراڻي وارا ته وري به ڪڏهين خواجه سرائن سان ملي، ڪڏهين زنان خانين سان ملي ته ڪڏهين اٽڪلون ۽ حرفتون ڪري اونداهي راتين ۾ راتاها هڻي اقتدار جي ايوانن تي قبضو ڪري وجهندا هئا. هتي نه اٽڪل آهي نه حرفت. جي واقف هئا سي اڻ واقف ٿي ويا. جي دوست هئا تن دشمنن کان به برو سلوڪ ڪيو. جي اڻ واقف، تن پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ ئي سهي پر هڪ ٿُڏو ضرور هنيو ته متان ڪا ڪَسَر نه رهجي وڃي. سو سائين هڪ نوڪر مٿان وري شوڌر. سنڌي ماڻهو به ته هر ڪنهن کي شوڌر کان گهٽ ڪونه لڳندو آهي ۽ وري شوڌرن ۾ به گهٽ ذات. هڪ جيڪب آبادي ٻروچ دوست کان پڇيو هئم ته جيڪب آباد ۾ گهڻي ڀاڱي ڪهڙيون قومون رهن ٿيون. چيائين ته گهڻو ڪري ته سردار قومون آهن جيئن بجراڻي، سندراڻي وغيره پر ٿورو گهڻو ٻيون گهٽ قومون به آهن، جيئن شيخ، ميمڻ، وغيره. سوچيم ته ”اڙي ابا! تنهنجو ڇا وڃي سٺي ۽ نيڪ حڪومت ۾. ماٺ ڪري گهر ويٺو الله الله ڪر.“ ڳالهه ته برابر سچي آهي. واقعي منهنجو ڪهڙو ڪم. آئون ته جي ٽريفڪ وارو روڪيندو آهي ته به پهرين منٿ ڪري نه ته پوءِ پنجاهه جو نوٽ سندس تريءَ تي رکي کيس وڏو سلام ڪري پنهنجو گَس وٺندو آهيان. هاڻ، اهڙي ماڻهوءَ جو ڪم ڪهڙو جو وتي نيڪ صلاحون ڏيندو ۽ وري خبر به اٿم ته جڏهين به جنهن کي به نيڪ صلاح ڏني هوندم تنهن مون کي ففٿ ڪالمسٽ سمجهي ڪُٽي ڪُٽي سُڄائي دُنبَو ڪري ڇڏيو هوندو. يونيورسٽيءَ کان وٺي عمر جي هن اڌ صدي گذرڻ تائين نه سکيس، نه ئي سمجهيس.
    اڳ زمانو چڱو هيو. گئليلو کي ڌرتيءَ کي گول سمجهڻ ۽ سج جي چوڌاري ڦرڻ واري نظرئي تي ڪفر جي فتويٰ ڏيئي ٽڪٽڪيءَ تي ٿي چاڙهيئون. پر ان کان اڳ جو کيس ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهين کيس هڪ موقعو ڏنن ته اڃان به چئو ته غلط آهيان. ويچارو سمجهي ويو. اعلان ڪيائين ته آءٌ غلط آهيان. ڌرتيءَ جنهن تي هيڏا سارا ديوتا ويٺا آهن ڪيئن ٿي ڦري سگهي. ڪو لاٽون ٿوروئي آهي. سو معاف ڪيائونس. هيٺ لهندو پاڻ منهن وڦلندو ويو ته ”۽ پوءِ به ڦري ٿي.“ (يعني جي آءٌ انڪار ڪيان تڏهن به ڌرتي ڦري ٿي.) پر سندس وِڦل ان وقت ڪنهن ڪانه ٻڌي. اڄ ڪتابن ۾ ضرور لکيل آهي. پر الاجي هن ويچاري ائين چيو به يا نه. پر هاڻ.... هاڻ ته اهو توبنهه وارو موقعو به ڪير ڪونه ڏيندو آهي. بقول منير نيازي ته: ويلي لنگهه گئي توبه والي (توبهن جو وقت گذري چڪو آهي). هاڻ ته شينهن شير خدا جو خصلت مٽائي چڪو آهي. مڙيئي ٻڪري کائڻي. چي، تون نه ته تنهنجو پيءُ هوندو. هڻ چنبو. سائين منهنجا! سوچيو ته گهڻو ڪجهه هئم ته درست ۽ چڱي حڪمراني تي گهڻو ڪجهه لکبو. تازو ئي پڙهيو هئم. ته ڪيئن انگلستان جي راڻيءَ جي پگهار ٿي بند ٿي، جو پوين ڏهن سالن ۾ کيس جا پگهار يا الائونس ملڻو هيو تنهن جي هر سال واڌ جو حساب افراط زر جي شرح 4 يا 5 سان ٿيل هيو. جڏهن ته انگلستان ۾ افراط زر کي اڍائي سيڪڙو تائين قابو ۾ رکيو ويو آهي ۽ ائين ڪرڻ وارو وهڪ ڪامورو هيو. پر سوچيم ته هتي اها ڳالهه ڪرڻ ئي پوليس مقابلي کي دعوت ڏيڻ آهي. ماٺ ڀلي. هڪ ٻي ڳالهه به آهي. بنهه بزدلي ۽ ڇسائي واري پر اعتراف ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪونه ڪندس. جڏهين نيڪ ۽ چڱي حڪمراني جو ذڪر اچي ٿو ته ضرور ماضيء ۽ حال جي حڪومتن جي ڪردار کي به بحث هيٺ آڻبو. ماضيءَ جي حڪومتن خاص ڪري اُهي جي پاڻ ته مري کپي ويا، پر وارث به ڪونه ڇڏي ويا تن کي ملعون و معتوب ڪرڻ ته آسان آهي. پر حال ۽ ماضي قريب جي ويجهو وڃڻ به باهه سان راند ڪرڻ آهي. هٿ ساڙڻ مان ڪهڙو فائدو. هونئن به هڪڙو دوست چوندو آهي ته ٽيپو سلطان چريو هيو ۽ سندس مقولو ته ”شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي هزار سال زندگي کان بهتر آهي.“ بلڪل غلط آهي. اڙي ميان! هن کي خبر ئي ڪونه هئي ته گدڙ پنهنجي هزار ساله زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا شينهن ٿيندو آهي. هي جهنگ ۾ جو هيڏا سارا جانور آهن. ڪيترن تي گدڙ به ته شينهن ٿيندو هوندو. سو بابا سائين! هي گدڙن جو دور آهي. گدڙ جو پاڻ کان ڪمتر ۽ ڪمزور تي الاجي ڪيترا ڀيرا شينهن ٿيندو آهي. ”سڀ اڇا“ ”سب ٺيڪ هي“ ”ساڊا شير هيءَ باقي سڀ هيرا ڦير هئي.“ ”پان جو ڪُرو ڀا“..... ڊهي ته ڊهي نه ته وڃي ڌوڙ پائي.

    (جولاءِ، 1999ع)


    بک بڇڙو ٽول

    بي اي پاس نوجوان سراج الدين پوليس فائرنگ ۾ فوت. هو مسلسل بک ۽ بيروزگاري سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار هيو.
    (عوامي آواز 4 جولاءِ 1994)
    خبر جي تفصيل موجب نوجوان سراج الدين ڀٽي ٽي وي ۽ ريڊيو جو فنڪار هيو جنهن 1991ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي اي جي ڊگري ورتي هئي. هو هڪ پڙهيل لکيل ۽ حساس طبيعت جو مالڪ هو ۽ بي روزگاري ۽ معاشي حالتن جي دٻاءُ هيٺ سخت ذهني اذيت ڀوڳي رهيو هيو. نيٺ آچر ڏينهن بيوَس ٿي گهر ۾ پيل بندوق ۽ گوليون کڻي پهريائين پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي هوائي فائرنگ ڪيائين جنهن جي نتيجي ۾ سندس گهر ۽ پاڙي ۾ هِراس پکڙجي ويو. جتان ڪنهن پوليس کي ڄاڻ ڪئي. پوليس جي اچڻ تي هن ڇِتَ کان لهي پنهنجي ويجهو ايندڙ عزيزن کي ڌڪا ڏيئي، گهٽين مان ڊوڙندو گاڏي کاتي پهچي هڪ وين جي ڊرائيور جي لئوندڙيءَ تي رائيفل رکي کيس يرغمال بڻايو ۽ گاڏي هلائڻ لاءِ چيو. ايتري ۾ ماڻهن جي هجوم ۽ پوليس گهيرو ڪري ورتو. پوليس هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو پر سراج پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ نوجوان ٿڏي تي جان ڏني.
    100 کان وڌيڪ زرعي انجنيئرن جو روزگار لاءِ مظاهرو ڪندڙن جي وات تي اڇيون پٽيون ٻڌل هيون. نوڪريون نه ڏنيون ويون ته بُک هڙتال ڪنداسين. شاگردن جو چِتاءُ. (عوامي آواز 4 جولاءِ 1994ع).
    هي ٻه خبرون مون وانگيان هزارين ٻين پڙهندڙن جي نظر مان به گذريون هونديون. اسان جي پياري دوست ۽ هاڻوڪي سيڪريٽري اطلاعات نبي بخش کوسي جي ماتحت عملي مظاهري واري خبر ڳاڙهي مَسَ سان حاشي ڏيئي شايد سنڌ جي وڏي وزير جي مطالعي لاءِ به موڪلي هجي. سراج ڀٽي جي سالن کان بُک ۽ بيروزگاري ۽ سندس ذهني دٻاءُ هيٺ غير متوازن هلت ۽ زندگي جو انت اچڻ ته شايد ڪا خاص خبر نه آهي. هتي روز ڪئين پيا جيئن ۽ ڪئين پيا مرن. ڪنهن جي موت تي ڪير روئي. چاهي اڄ جي هڪ سؤ بي روزگار زرعي انجنيئر وات تي اڇيون پٽيون ٻڌيو مظاهرو ٿا ڪن سي ڀل سڀاڻ سراج ڀٽيءَ جيان انهن پٽين جو سفيد ڪفن پهرين. تڏهين متان ڪنهن جي اک کلي! يا الاجي اهو به اسان لاءِ ريل گاڏيءَ جي مسافر وانگيان هلندڙ ريل جي دٻي مان پل کن لاءِ ڏيکارو ڏيندڙ هڪ منظر هجي.
    سهڻا سائين! مسئلو رڳو ايترو آسان ۽ سولو نه آهي. هڪ بيروزگار انجنيئر جي ذهني پيڙا يا سول انجنيئرن جو مظاهرو نه آهي. ڪيئي عوامل آهن. ڪيئي ايڪٽر آهن هن ڊرامي جا. سڀ ڪڙي ۾ ڪڙي ملائي اهڙي ته قابل ڌِڪار، نفرت انگيز ۽ ڪراهت ڏيندڙ ظالمانا زنجير ٺاهيو ويٺا آهن جو عام ماڻهو جو هاڻ انصاف، عدل، توازن ۽ ڪنهن به سسٽم يا اصول جي موجود هئڻ تان اعتبار کڄندو وڃي.
    اڄڪلهه ته هونئن به ميرن جي بادشاهيءَ وارو لطيفو زبان زدِ عام آهي ته شاهي حجم ڏاڙهيءَ جا خط سٺا ڪٽيا ته مير صاحب فرمايو، ”ميڪون لڳداهي تون سول سرجن چڱا ٿيسين. ول، سويري ۾ سول سرجن دي چارج ڳنهه“- ستر جي ڏهاڪي ۾ اسين پِٽيندا هئاسين ته سائين درخواست همراهه ڏني فارين آفيس ۾ ٿرڊ سيڪريٽريءَ لاءِ ،آرڊر ٿيو سيڪنڊ سيڪريٽريءَ جو ۽ چارج ورتائين فرسٽ سيڪريٽريءَ جي. الاجي ڪيترو سچ هيو. پر پوءِ اکين سان ڏٺوسين. (پليس مينٽ) بيورو شايد هڪ چڱو نظريو به هيو پر جڏهن عمل ۾ آيو ته ضابطن ۽ طريقه ڪار جي هر طرح ڀڃڪڙي ٿي. نتيجي ۾ اهليت ۽ مقابلي کي نظر انداز ڪيو ويو. اهو به اڃان خير.
    سخي مرد ۽ سندس جانشين مروجه قانون، انصاف، ضابطن ۽ طريقه ڪار سان مذاق ڪيو. انهيءَ دور ۾ پنهنجي حالين موالين، نوڪرن، چاڪرن ۽ بندر روڊ واري پير بابا جي سفارشين کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن کانسواءِ، بنا ڪنهن چٽا ڀيٽيءَ جي، بنا ڪنهن درخواست گهرائڻ يا اشتهار ڏيڻ جي 17-18 گريڊ جون نوڪريون به سون جي تعداد ۾ ڏنيون ويون. هر سنڌ واسيءَ کي خبر آهي ته هائي ويز ۾ يا ايريگيشن ۾ اسسٽنٽ انجنيئر جي نوڪريءَ جو ريٽ ڇا رهيو. محڪمه تعليم خير سان نهايت قابل ۽ پڙهيل وزير جي هٿ ۾ .خبر پئي ته ننگر پارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ بدين جي پرائمري اسڪولن ۾ ماستر وڃي لڳا حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا سياسي ڪارڪن. ۽ اسڪول بدستور خالي. ماستر لڳا خيرپور ۾ جن کي پڙهڻ ته ٺهيو سولي سنڌيءَ ۾ صحيح ڪرڻ به ڪانه ٿي آئي. ٽيليفون آپريٽر ۽ ساقي گيري ڪندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر لڳا. الاجي ڇاڇا نه ٿيا.
    ڀانيوسين ته هاڻ ڪجهه ٺاپُر ايندي- پر خبر پيئي ته نه. سيڪريٽري ايريگيشن جنهن کي ڪلهه تائين چيف انجنيئر جي ڪا چڱي پوسٽ ڪا نه پئي ملي تنهن جنهن امتحان جي رزلٽ ئي شايد ڪانه نڪتي هئي نوڪري ڏيارڻ جي لوڀ ۾ وزير صاحب کي اعتماد ۾ وٺي 15 کن اسسٽنٽ انجنيئر بنا ڪنهن ڪميشن جي، بنا اشتهار جي ڀرتي ڪري ڇڏيا. پوءِ هڪ ڪوڙو اشتهار ڏنائون جنهن ۾ نه محڪمي جو ذڪر نه ٻيو ڪجهه. صرف پوسٽ باڪس معرفت درخواستون گهرايون ويون. نتيجي ۾ سؤ کن انجنيئرن جا انٽرويو ٿيا جن کان سندن نالو ئي پڇيو ويو. پبلڪ سروس ڪميشن ڪافي اڳ اسسٽنٽ اليڪٽريڪل انسپيڪٽرن جا انٽرويو ورتا ۽ چونڊ به ڪري سنڌ سرڪار ڏي سفارش موڪليل آهي. پر پوءِ به پنج انسپيڪٽر لڪ ڇپ ۾ چوري چوري رکيا ويا آهن. جڏهن ته پبلڪ سروس ڪميشن جا چونڊيل اميدوار انصاف۽ تدارڪ لاءِ آسمان ڏي پيا واجهائين.
    وري سائين ٻڌو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان هجي. حيدرآباد ۾ ڏندن جي ڊاڪٽرن جي چونڊ لاءِ انٽرويو هلندي هڪ مشير صاحب آيو. انٽرويو وچ ۾ ڇُٽا- نتيجو..... لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي بي ڊي ايس جي امتحان ۾ پهريون نمبر کڻندڙ به انٽرويو لاءِ آيو هيو. ڪونه کڄاڻو.... هن لاءِ ڪو مشير ڪو نه آيو سفارشي ٿي. آخر ڪيسين تائين هي سلسلو هلندو. جڏهن معاشرو انحطاط پذير ٿيندو آهي ته پوءِ اقربا پروري رشوت، چوري ۽ نفسا نفسي چوڌاري وڪوڙي ويندي آهي. جن کي لکڻ ڪونه اچي اُهي قوم جا معمار ٿين. ٻن ڪمرن جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ وٿاڻ ٿين. رشوت ۽ سفارشن تي ٿيل انجنيئر روڊ ٺاهين، پليون ٺاهين. ڊرينيج جو نظام ٺاهين ۽ اڌ انچ بارش تي روڊ اکڙيو وڃن. گٽر بند ٿين.
    مون کي يقين آهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪرده افراد ۾ ڪيئي اهڙا آهن، جن مون وانگيان کليل اکين سان هڪ صاف سٿري ۽ منصفانه معاشرتي نظام جا خواب ڏٺا آهن. نه ته ڪال ڪوٺڙيون ۽ تڪليفون صرف سڌڙيا ڪو نه ڏسندا آهن. هي لمحه فڪر آهي انهن نوجوانن لاءِ. هي چئلينج آهي. انهن لاءِ جي ”ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ لاءِ واجهائين ٿا. جي ڪو ضابطه ڪار ۽ منصفانه نظام نه آندو ويو ته ڪيترائي سراج ڀٽي گولين جو شڪار ٿيندا. ڪٿي وات تي اڇيون پٽيون ٻڌڻ وارا انهن پٽين جون ليڙون ليڙون ڪفن به شايد پهرڻ جي قابل نه رهجي وڃن.

    (جولاءِ 1994ع)


    ڪجهه سوچيو

    ڪالهه منهنجي ننڍپڻ جي دوست نذير جي فون آئي. چيائين ته آٰءٌ هتي آيل آهيان. سڀاڻي صبح جو حيدرآباد ويندس. ٻه ڏينهن ترسي واپس جده ويندس. جهاز ڪراچيءَ مان ئي ويندو تنهن ڪري ڪراچيءَ ته ايندس پر ڪجهه دير لاءِ ئي هوندس. اڄ ملاقات ممڪن آهي. هڪ دعوت تي وڃڻو ته هيو. پر سوچيم شام جو ڇهين ستين وڳي نذير ڏي ويندس. ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري نائين ڌاري مانيءَ تي هليو ويندس. هونئه به ڪراچيءَ ۾ ماني جي معنيٰ ڏهين ڌاري وڃجي ۽ ٻارهين وڳي رات کان پوءِ ئي واپسي ممڪن آهي. نذير سان ملڻ يا سندس حاضري ڀرڻ ضروري هيو. پندرهن سال اڳ سرڪاري نوڪر هيو. سرڪاري نوڪريءَ مان ڪڪ ٿي ملڪ ڇڏي قسمت آزمائي لاءِ سعودي عرب ويو. کيسو ته خالي هيس پر دل عزم ۽ همت سان ڀريل هئي. چار پنج سال هِتي هُتي نوڪري ڪيائين. آهستي آهستي پنهنجو ڪم ڪار شروع ڪيائين. هاڻ ته خير سان سٺو ڪاروبار اٿس. هينئر به اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن پرڏيهه ۾ رهندڙ سرنديءَ وارن پاڪستانين جي ڪانفرنس سڏائي آهي، انهن جي دعوت تي آيو آهي. پڇڻ تي ٻڌايائين، ”نه يار! ڪير هتي ايندو. هتي ته ڀتو ئي ايترو آهي جو ڏيئي پورو ڪونه پوندو.“ پڇيائين ته پنهنجي وڏي پٽ جو ڇا ڪريان، سوچيان ٿو ته هتي جي انجنيئري ڪرايانس ته به ڇا ڪندو. منهنجي ڀائيٽي انجنيئرنگ ڪئي هئي. ڇهه سال ٿيا آهن. وتي بدين ۽ ٺٽي ۾ ٺيڪيداري ڪندو. اسسٽنٽ انجنيئر ڪري کنيائون ٿي پر اٺ لک ٿي گهريائون. پئسا وٽس هئا ڪونه ۽ وري ڳالهه به ڪونه ڪيائين نه ته پئسا ته آئون به ڏيئي ڇڏيان ها... هاڻ ته سنڌي ماڻهوءَ لاءِ نوڪري پئسن تي به ڪانهي.
    انهيءَ تي مون کي اسان جو مائٽ ڊاڪٽر ياد آيو جنهن پنج لک روپيا ڏيئي پنهنجي پٽ کي ايريگيشن ۾ ايس ڊي او ڪرايو هو. پوسٽنگ پوءِ به ڪانه ٿي مليس، تان جو حڪومت ويئي. مون ڏي آيا ۽ مون نئين وزير کي عرض ڪيو جنهن مهرباني ڪري کيس پوسٽنگ ڏني. هاڻ اهو ايس ڊي او صاحب منهنجي ئي واٽر تي مون کان ڀتو وٺندو آهي. ”دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي“....
    نذير جو هڪ دوست ويٺو هيو. ان چيو ته سائين! منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ ڪئي آهي. پنج سال ٿيا، جو هڪ جاءِ تي نوڪريءَ جي لاءِ درخواستون گهرايون ويون. منهنجي ڀاءُ به درخواست ڏني. هوشيار ڇوڪرو هيو. 75 سيڪڙو مارڪون هيون. انٽرويو کانپوءِ جي لسٽون ٺهيون تنهن ۾ ڇهون نمبر هيو. نوڪريءَ جو آرڊر نه مليو سو نه مليو، تان جو خبر پئي ته جيڪي ڏهاڪو جايون هيون تن تي وزيراعليٰ صاحب جي حڪمن تحت ”سي“ ۽ ”ڊي“ گريڊ وارن کي به رکيو ويو جن انٽرويو به ڪونه ڏنو هو. ڇا ٻڌايان ته مون انهيءَ کان به وڌ ويڌن ڏٺي آهي. منهنجو ڀاءُ ميٽرڪ 84 سيڪڙو انٽر 83 سيڪڙو انجنيئرنگ 82 سيڪڙو. بهترين شاگرد. 1993ع ۾ سائيٽ لميٽيڊ ۾ انجنيئرن جون جايون آيون. هن به درخواست ڏني. انٽرويو ٿيو. بورڊ جن ٽن ڄڻن جا نالا زير غور آندا، تن ۾ هي ڇوڪرو به هيو. ٽي جايون هيون، پر پنجن ڄڻن کي نوڪري ملي. چيو ويو ته وزيراعظم صاحب يا مٿان جا حڪم هئا. انهن پنجن مان ڪنهن به درخواست نه ڏني هئي نه ئي انٽرويو ۾ ويٺا ۽ نه ئي انٽرويو بورڊ سندن سفارش ڪئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته ٽن کان پنجن لکن جي رشوت جي عيوض ڀرتيون ٿيون هيون. منهنجو ڀاءُ هڪ بهترين شاگرد ۽ سٺو انجنيئر هوندي به نوڪريءَ کان محروم رهيو. تان جو وڃي هڪ خانگي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اڄ سوڌو اُتي ئي آهي. لک دفعا چيو اٿمانس ته سي ايس ايس جي تياري ڪري. هو اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي ته جيسين توهان رشوت نه ڏيندو يا جي اوهين ڪنهن وزير، امير جا ناٺي نه آهيو تيسين اوهان لاءِ ڪا سرڪاري نوڪري ممڪن آهي.
    هي هڪ اڌ واقعا آهن جي حقيقت آهن. پر جي ڏسندؤ ته انهيءَ کان به مٿي ظلم آهي. منهنجي هڪ مائٽياڻي ڇوڪري آئي. چيائين ته اسان پنجويهه هزار ڏنا آهن، بدلي لاءِ. صرف بدلي لاءِ سو به هڪ ماسترياڻيءَ جي. وڌيڪ ٻڌايائين ته اڃان هفتو ئي ڪونه ٿيو ته ٻيءَ ڪنهن ماسترياڻي ٽيهه هزار رپيا ڏنا. منهنجو آرڊر رد ڪري ٻيءَ جو آرڊر ڪري ڇڏيو اٿن. هاڻ وڃون ٿا ته نه پئسا ٿو موٽائي نه ئي آرڊر ٿو ڪري. رهندو دڙڪا ٿو ڏي. مون چيومان ته بابا پئسا مون کان پڇي ڪونه ڏنا اٿوَ سو منهنجو واسطو ڪونهي. باقي بدليءَ لاءِ آءٌ ڪنهن کي عرض ڪندس ۽ انهيءَ ”نواب صاحب“ جون جڏهن گهڻيون شڪايتون ٿيون ته کيس هڪ بهتر جاءِ تي رکيو ويو. جتان هڪ سنڌي آفيسر کي هٽائڻ گورنر صاحب لاءِ باعث خوشي هيو. ڪيترين ڳالهين تي روئون؟ اهڙو اچي رواج پيو آهي سفارش، رشوت، ناانصافي جو .جيتري وڏي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو آهي اوترا ٿو وڏا انڌير ڪري.
    پر نه، مسئلو اهو به ڪونهي. مسئلو هي آهي ته هي جي ڏتڙيل آهن، جي مايوسيءَ جو عذاب ڀوڳين ٿا تن جو ويساهه کڄي ويو انصاف تان، حق تان. هاڻ انهن هزارن لکن جو رويو ۽ ورتاءُ ٻين سان ڪهڙو ٿيندو. ڇا صحتمند هوندو؟ نه! هرگز نه!! هي جي ٻي طرح اهل آهن، لائق آهن تن جي حقن تي جڏهين ڌاڙو لڳي ٿو ته هنن جي دل ۽ دماغ جي آنڌ مانڌ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي جنم ڏئي ٿي. ان ماڻهوءَ کي جنهن ۾ هڪ ڏينهن ماڻهپ جو احساس ئي متان ختم ٿي وڃي. ماڻهو ڪيترو سَهي سگهي ٿو. ڪيترو برداشت ڪري سگهي ٿو. ڏونگر به ڏريو وڃن . ماڻهو ته ڪمزور آهي. پوءِ هي ڪمزور ڇو نه ڪلاشنڪوف کڻي ڌاڙا هڻي. ڪجهه ته سوچيو. خدارا.... ڪجهه ته سوچيو...

    (سيپٽمبر 1999ع)


    بئنڪ عملدار کي مار ۽ آفيس کي تالو

    يو بي ايل بئنڪ جي سينئر نائب صدر سيد احمد علي جي رپورٽ تي هڪ ايم اين اي عبدالعزيز ميمڻ ۽ سندن ساٿين خلاف مذڪوره آفيسر کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ کيس اگهاڙو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مٺادر ٿاڻي تي ڪيس جي ايف آءِ آر 31 مئي 1994ع تي شام 20:4 وڳي داخل ڪئي ويئي. ياد رهي ته سيد احمد علي بئنڪ جي صدر عزيز ميمڻ کي اهڙي شڪايت لکت ۾ ڏني هئي ته 26 مئي 1994ع تي 45:12 وڳي جڏهن هو مسٽر انيس الرحمان سينئر وائيس پريزيڊنٽ جي ڪمري ۾، جو هيڊ آفيس جي اٺين منزل تي آهي موجود هيو، ته اُتي يونين سان واسطو رکندڙ ڪافي ماڻهو آيا جن جي اڳواڻي عبدالعزيز ميمڻ ڪري رهيو هيو. هنن ايندي ئي کيس مارڪُٽ ڪئي ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙيا جنهن جي نتيجي ۾ هو اگهاڙو ٿي ويو. بعد ۾ کيس خبر پئي ته هنن وڳوڙين کي بئنڪ ۾ تازين ٿيل ترقين تي اعتراض هئا.“
    (هڪ خبر)
    وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه يو بي ايل ۾ ٿيل واقعي جي رپورٽ گهرائي ورتي آهي.
    (هڪ خبر)
    تفصيلي خبر: معلوم ٿيو آهي ته يو بي ايل جي هڪ سينئر نائب صدر کي مارڪُٽ ڪڍڻ واري واقعي تي وزيراعظم سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. واقعي ۾ ملوث ايم اين اي پنهنجي همدرد لابي کي سندس بچاءَ لاءِ سرگرم ڪرڻ جي ڪوشش ۾.
    معلوم ٿيو آهي ته مٺادر پوليس اسٽيشن جي صوبيدار جي سيد علي احمد جي ايم اين اي ۽ سندس ساٿارين خلاف رپورٽ جي داخل ڪرڻ جي پنجن ڪلاڪن اندر بدلي ٿي آهي. کيس فوري چارج ڇڏي پوليس لائين ڏکڻ ضلع ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. (هڪ خبر)
    انهيءَ کي چوندا آهن شاهه کان وڌ شاهه جا وفادار. وزيراعظم اهڙن واقعن جو نوٽيس ٿي وٺي ۽ پارٽي جي پراڻن وفادار ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي به تيار پر ڪامورا. ڊي آءِ جي صاحب بهادر ۽ آءِ جي صاحب اصل پير ڪونه ٿا کوڙين. اهو چنڊ تارو ۽ ڳاڙهي پَٽي پياري اٿن. ايم اين صاحب ناراض ٿيو ۽ سو به وري هيڏو سرگرم ڪارڪن ۽ پوءِ ڪراچي ۾ نوڪري محال نه ٿئي.
    ”عزيز ميمڻ جي خلاف ايف آءِ آر منسوخ ڪئي وڃي.“ پيپلز پارٽي جي 31 رهنمائن جو مطالبو. (جنگ 2 جون 1994ع)
    ماٺ ڀلي!
    (منظر ٻيو)
    ”ايم پي اي جي پٽ جي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي. زيادتي جي ازالي تائين هڙتال جاري رهندي.“ ايس ڊي او گرلز ۽ ڪلرڪ اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس (خبر جو متن عوامي آواز 31 مئي 1994ع)
    ساڳي خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مذڪوره پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ڊي اي او آپا شمس النساءِ ڀٽي ۽ آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن حيدرآباد ڊويزن جي صدر اسدالله دراني ٻڌايو آهي ته 26 مئي تي هڪ شخص جنهن جو والد ايم پي اي آهي، ايس ڊي او آفيس تي حملو ڪري خاتون آفيسر ۽ تمام عملي کي آفيس مان ٻاهر ڪڍي آفيس تي پنهنجا تالا لڳايا ۽ چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي ويو. واقعي واري واردات ۾ هُن سان ڪافي ساٿي به گڏ هئا. چيو وڃي ٿو ته مذڪوره واقعو خاتون آفيسر طرفان ڪجهه ماسترياڻين کي ماتلي شهر ۾ بدلي کان انڪار ڪرڻ تي پيش آيو. هي ٻه واقعا تحقيق طلب آهن، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ٻنهي واقعن جو محرڪ هيو. ”ملازمن جي ترقي ۽ بدلي“. ايم اين اي ۽ سندس ساٿي يا ايم پي اي جو فرزند ارجمند ۽ سندس ساٿي جيترا ذميوار آهن، اوتروئي حصيدار اهي ملازم آهن جي ملازمت سرڪار جي پوءِ ٿا ڪن، پُڇَ پهرين ٿا ٿين. هنن جي خيال ۾ وقت جي تقاضا ائين آهي ۽ وري رئيس کي مڇرائڻ ۾ وڏو هٿ سندس ئي هوندو آهي. ملازمت جو ضابطه اخلاق انحطاط پذير آهي. اهو سڀ درست پر ڪنهن به گروهه جي هڪ اجتماعي سوچ مختلف پس منظر ۽ ڪردار رکندڙن جو مجموعو آهي. پر جتي دانشمند، پڙهيل لکيل سُلجهيل ڪارڪن آهن ته اتي هڪ منفي ڪلچر به آهي. جيئن چوندا آهن....
    سپاف جي ٻولي
    بم ۽ گولي....
    پوءِ سائين، باقي دشمن جي ضرورت ئي ڪانهي. مسئلو آهي ته جيالا ڪلچر ۾ نام نهاد مفاد پرست اشخاص به ائين مدغم ٿي ويا آهن، جو چڱي ۽ مَٺَي جي خبر ڪانه ٿي پوي. اهو پارٽي ليڊرن جو ڪم آهي ته انهي نام نهاد مفاد پرستن کي روڪين. ذوالفقار علي ڀٽو نه ته مارڪس وادي هو، نه ٽراٽسڪي جو پوئلڳ ۽ نه ئي مائوزي تنگ کان متاثر ٿيندڙ مائوسٽ هيو. پر حقيقت آهي ته اسان جي نيم جاگيردارانه نيم سرمايه دارانه معاشري ۾ نيشنلسٽ بورزوا کان ڪيئي هٿ وڌ ترقي پسندي ڏي سندس لاڙو وڌيڪ هيو. پهريون دفعو هن ملڪ جي عوام کي ووٽ جي اهميت جي خبر پئي. هُن اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏيئي بي زبان کي زبان ڏني. ملڪ جي عوام جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا افراد شامل آهن، پيپلز پارٽي کي ٽيون دفعو ووٽ ڏيئي مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جنهن جو خاص ڪارڻ اهو آهي ته عام توڙي خاص جو خيال آهي ته اسان کي هن وقت جيتري ضابطه اخلاق جي ضرورت آهي، اوتري شايد ڪڏهن ڪانه هئي. معاشي، سياسي ۽ اخلاقي ضابطه حيات کي هڪ دائره ڪار جي صورت ۾ تعين ڪرڻ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. اڃا وڌيڪ پراڻي ڳالهه نه آهي ته هڪ صوبائي سيڪريٽري کي سندس وزير ڪمري ۾ بند ڪري مار ڪڍي هئي يا بدتميزي ڪئي هئي. ۽ سنڌ جي ئي هڪ شريف ۽ بااصول صوبائي سيڪريٽري سان سندس ئي آفيس ۾ پارٽي ڪارڪنن نه صرف زباني بدتميزي ڪئي، پر ساڻس هٿين به پيا. پري ڇو وڃو! پارٽيءَ جي صوبائي صدر ۽ تنهن وقت جي وزيراعليٰ سان وزيراعليٰ هائوس ۾ گهڙي سندس ئي ڪمري ۾ اچي بدتميزي ڪرڻ وارا به ته ڪارڪن هئا. مون کي خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي پاڻ ٻڌايو هيو ته سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ وزيراعليٰ هڪ ميٽنگ جي صدارت ڪري رهيو هيو ته هڪ ڪارڪن بنا اجازت جي ڪمري ۾ اچي نه صرف زباني بڪيو، پر اوچتو پستول ڪڍيو، جو جيتوڻيڪ وزير اعليٰ ڏي ڪڍڻ مطلوب نه هيو پر اها ڳالهه واضح ڪرڻي هئي ته جي هيئن نه ٿيو ۽ هونئن نه ٿيو ته پوءِ اسان ڪارڪن ٻي ٻولي به ڄاڻون ٿا. مذڪوره شريف ۽ با اخلاق وزيراعليٰ ايڏو ڪجهه سَهڻ کانپوءِ نوجوان جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ جي هدايت ڏني.
    ڪارڪن هڪ سياسي پارٽي جو اثاثو ضرور هوندا آهن، پر کين هڪ منظم سياسي سوچ ڏيڻ پارٽي جي ذميواري هوندي آهي. نه ته هو هڪ ڇڙواڳ ۽ غير ضروري سياست جو مظاهرو ڪندا آهن. حڪومت ۽ سياسي پارٽي کي علحده سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم ڪنهن سياسي پارٽي جو حڪومتي اقتدار ۾ اچڻ کين اهو موقعو ضرور ڏئي ٿو ته هو پنهنجي پروگرام تي عمل ڪري ۽ حڪومتي مشينري کي انهيءَ ترجيحات تي ڪم ڪرائي پر جي انتظامي مشينري چاهي ڪهڙي به شعبي جي هجي ان کي هڪ ضابطه ڪار کان ٻاهر ڪڍيو ويو يا اُن ضابطه ڪار کي غير موثر ڪيو ويو ته پوءِ حڪومتي مشينري صرف درٻارين، مصاحبن ۽ خوشامدڙين تي مشتمل رهجي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو لڳاتار حڪومتون من پسند ماڻهن کي نوازي ملڪ جي ڪامورا شاهي ۾ نااهلي ۽ بدديانتي وڌائڻ جي ڪار ثواب جون ذمه داربڻجي رهيون آهن.

    ( جون، 1994ع)


    اڪبر دايو

    سومر 29 جنوري 1996ع تي منهنجو ڪالم ڇپيو. انهيءَ ڏينهن جي اخبار ۾ (عوامي آواز) عبدالستار رند جو مضمون ”ڇا قيدين جا انساني حق نه ٿيندا آهن“ ڇپيو. جنهن ۾ عبدالستار رند، قيديءَ اڪبر دايو، ملزم دفعه 302 تعزيرات پاڪستان، ساڪن سينٽرل جيل سکر جي بي وسيءَ ۽ مظلوميت جو داستان رقم ڪئي ته، ڪيئن اڪبر دايي کي جيل انتظاميه جي بي حسيءَ ۽ ظلم موت جي منهن ۾ پهچايو، ۽ ڪيئن اڪثر قيدي خارش، پيٽ مان رت ۽ ٻين موذي بيمارين جو شڪار ٿي اجل جي واٽ وٺندا آهن. نه ڪنهن پڇيو نه ڪنهن جواب ڏنو. هيءَ حقيقت آهي ته، اسان جي جيلن ۾ غير انساني سلوڪ ٿين ٿا تن جي ٻاهر جي دنيا کي ذري به هوا ڪا نه لڳندي آهي. عبدالستار رند ته صرف صحيح خوراڪ نه هئڻ، غير صحت مند ماحول هئڻ جي ڪري خارش ۽ پيٽ مان رت اچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. اهو ڪو نه ٻڌايو اٿس ته، جيل اندر ماڻهوءَ جي عزت نفس، انا، خود داري ڪيئن مٽيءَ جي ڪچي ٿانو وانگيان ڀوري ويندي آهي. ذرا ذرا ڪئي ويندي آهي. جيل جي دنيا جا پنهنجا قانون. مقدم، ڳاڙهي ٽوپيءَ وارو، جيلر جو رازدان، ڏنڊا ٻيڙيون، قيد تنهائي، ڪارو چڪر، گارگند، موچڙو ۽ زيرلب شڪي تنبيه ڪرڻ اهڙي انداز ۾ جو ڄڻ گار ڏئي ها ته بهتر. مان حيران ٿيس جڏهن خبر پئي ته هڪ اڻ لکيو قانون اهو به آهي ته قيدي اکيون مٿي کڻي جيلر جي اکين ۾ ڏسي نٿو سگهي. اها گستاخي آهي، ناقابل معافي. جيل ۾ طبي سهوليتون نه هئڻ برابر آهن ۽ ڊاڪٽر صاحبان جيل ۾ ميڊيڪو ليگل پوسٽ کي ابي ۽ امان جي دعا سان سٺي پوسٽنگ سمجهندا آهن. ميڊيڪو ليگل به ته آهي 324 مان 307 ڪرڻ، يا 326 مان 323 ڪرڻ جو امڪان. قيدي به جي سڻڀو آهي ته (رينل ڪولي) گُردي جي تڪليف ڏَسيوس ۽ ماني ڀلي گهران اچي. نه ته ڀلي گردا ڦاٽي پونس، ڏيوس مڪسچر يا وڌ ۾ وڌ بروفين جي گوري.
    هاڻ عبدالستار رند، جي سندس نالو صحيح آهي ۽ اڃا سوڌو سلامت آهي ته سندس الا جي ڪهڙو حشر ٿيو هوندو! پر حقيقت اها آهي ته اسان جي معاشري جو هڪ انتهائي ڀيانڪ پهلو آهي ”جيل جي دنيا“. ۽ ان تي ڪو مؤثر انداز ڪم نه ٿي سگهيو آهي.
    اسان جو دوست ”يوسف لغاري، ڪافي وقت اڳ جيل ۾ هو ته سياسي قيديءَ طور جڏهن ٻاهر آيو ته تَتَو ٽامِڻي ٿيو ويٺو هو. جيل جي دنيا جون اهڙيون ته خبرون ٻڌايائين جو تاڪَ لڳي ويا. ههڙو انڌير! چيائين ”ماما! آئون جيل سڌارڻ لاءِ تحريڪ هلائيندس“. يوسف هڪ باضمير گهڻگهرو ۽ دردمند دل رکندڙ انسان آهي. جيل جي حالتن تي شايد ڪو ڪتابچو به لکيو هئائين يا ڪوشش ڪئي هئائين. انساني حقن جي ڪميشن جي حوالي سان به سندس ڪافي ڪوششون آهن، خاص طور جيل جي دنيا جي تاريڪ پهلوئن کي منظر عام تي آڻڻ ۾. هڪڙو ته ايڏو پراڻو ناميارو وڪيل هوندي اسان کان به ٺپ ”ڦڪڙ“ . جي اوهان في ڏني ته به مهرباني جي نه ته به مامو ويچارو وهيو وڃي. وري بامروت ماڻهو، پيٽرول ۾ ٻڌو پيو هوندو آهي. موٽر ته ڪا ڦٽل سٽل ڪڏهين ڪڏهين نظر ايندي آهي. (يوسف کان معافي سان) پر وري به آئون کيس عرض ڪندس ته انهيءَ سلسلي کي وري جوڙيو. اسان واري ڪامورڪي لڏي کي ٻپهرن جو ناشتي واري ماني وسريو وڃي. تر جي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير کي سلام ڪرڻو. ”قبلا“ به هاڻ بي شمار ٿي ويا آهن. هڪڙي جي حاضري ڀرجي ٿي مس ته ڳڻتي ٻئي جي ناراضگيءَ جي. رهيا سياستدان، ته ادا! اڳي فرعون ۽ فرعون جون وصفون ٻڌندا هئاسين، هاڻ ته ڏسون به پيا. بقول هڪ ميمبر صاحب جي ”هي منهنجو حلقو آهي، هتي منهنجي اجازت کان سواءِ ڪير ساهه به نٿو کڻي سگهي“. سبحان الله!! ساراهه ان سبحان جي..... بقول ڪنهن ته،
    ”جس نے ميری گائے بنائی.....“
    سو انهن مان ڇا ورندو جن جي اجازت سان ساهه کڻبو. مڙيئي اسان ئي ڪي لوليون لنگڙيون هٿوراڙيون هڻون.
    ڄام ساقي هيڏو سارو وقت جيل ڪاٽيو. سندس سٻاجهڙيءَ معصوم زال پريشان ٿي پاڻ کي زندگيءَ جي قيد مان آجو ڪيو. هاڻ پاڻ سرڪاري عهدو پيو ماڻي. وزيراعليٰ جو خاص معاون آهي. ڪجهه پنهنجائي تجربا بيان ڪري ته به گهڻو فرق ايندو. سرڪاري سطح تي ڪيئي جيل سڌار ڪميٽيون ٺهيون. لڳي نٿو ته ڪو خاص کڙتيل نڪتو. ها، البته هڪ خبر ضرور هئي ته، هوم سيڪريٽري شاهد حامد اوچتو ڪراچي جي جيل (شايد سينٽرل جيل) جو معائنو ڪيو. پاڻ صاحب جن جيل جي صفائي، کاڌي پيتي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي نظام کان ڏاڍا مطمئن ٿيا (هي ته ڄڻ موهن جي دڙي جي معاشري جي تعريف هجي يا متان گهڻو ئي وڻي ويو هجين). اُتي قيدين صاحب موصوف کي ٻڌايو ته اسان کي ماني تمام سٺي ملندي آهي. افطار جو بندوبست به اطمينان بخش آهي، کجورون به ملنديون آهن. وغيره وغيره.
    جهڙو هز ماسٽرس وائيس. ڀونپو!! مٿان رڳو ڪُتي جي شڪل ڪانه ٺهيل هئي. خبر مان ئي ظاهر آهي ته، جيل انتظاميه جي ڪنهن فرد، اخباري نمائندي صاحب کي نه رڳو ڪڪڙ ڍوءَ تي کارايو آهي پر سندس روزه ڪُشي يا باقي رهيل روزن جي افطار جو به بندوبست سٺو ڪيو آهي. ڍَڪي ڀلي! اهڙيون خبرون ته نه ڏياريو جو پڙهڻ وارو ٽوٽڪو سمجهي ۽ ويچارو مشڪرو به شرمسار ٿئي. جي انتظام سٺو رکيو اٿو ته جَسِ هجيوَ. الله سائين جزاءِ خير ڏيندو. هونئن به قيدي کڻي ته ڪيڏي به سنگين جرم جي سزا ۾ ڇو نه هجي. هڪ ته انسان آهي ٻيو ته سندس ڪيل نه ڪيل جرم جي سزا اڳيئي پيو ڀوڳي. هي جو چون ٿا.
    مري کو ماري شاهه مدار......
    وري هڪ ٻيو به عجيب پهلو آهي. اهو اسان جوڊيشل حوالاتن ۾ ڏٺوسين. حوالات ۾ ماني جو ٺيڪو ٿيندو آهي. خبر پوندي ته سائين جي سرڪاري اگهه آهي رپيو ماني ۽ ٽي رپيا دال سبزي ، ڇهه رپيا گوشت جي پليٽ، ته توهان وٽ ٽينڊر ايندو چار آنا ماني، اٺ آنا دال سبزي، ڏيڍ رپيو گوشت جي پليٽ، معنيٰ الاجي ڇا! پر ايترو ته انڌو به سمجهندو ته ايترن پئسن ۾ نه لوڻ ايندو نه بصر جي هڪ ڪڻيءَ .پوءِ يا ته قيدين کي ٺپ آڱوٺو ۽ بل ڪوڙا! يا وري جرم جي دنيا جو کيل. انهيءَ بهاني نياپي نڙي، خبر چار هيٺانهين مٿانهين لاءِ به پنهنجو ماڻهو هجي، ”ماني جو ٺيڪيدار“. گهڻي سهوليت ٿي پوندي. پر سهوليت ته صرف ڪنهن ڌُر کي هوندي. باقي جي نڌڻڪا آهن سي ڪيڏانهن وڃن؟ هر ملزم به ته مجرم ڪو نه هوندو آهي. ۽ هر مجرم به ضروري ناهي ته هو ”جين والجن“ نه هجي. سنڌي معاشري ۾ ته صوبيدار، تپيدار ۽ وڏيري جي ٽڪنڊي ڦيريءَ ۾ انيڪ بيگناهه حياتيون کاريو ويهن. ڪو به انهن جي مدد نٿو ڪري سگهي. سنڌي معاشري ۾ اڃا به مير، پير، سيد، وڏيرو نئين اڀرندڙ هيڪل هيڪاند وچولي طبقي جي سياستدان ۽ ڪاموري جي مدد سان استحصال ۽ ظلم جو بول بالا ڪيو ويٺو آهي ۽ پاڻ معصوم ٿيو.... وڏو ۽ ابو..... آهي.
    ڪڏهين ڪڏهين ته آئون ڏاڍو حيران ٿيندو آهيان. شل ڪو سنڌي نالي چڙهيو قضا الاهي جو شڪار نه ٿئي. تڏي تي هونئن ئي گلم جا توبچي بي شمار ويٺا هوندا آهن. پر هاڻ ته رڳو ”الوحيد“ ڪانهي، گهڻيئي سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون. ساراهه جا داستان بيان ٿيندا. سائين حاتم جو به ابو هيو. سخا، بهادري، دريا دلي ۽ همدردي ۾ سندس مٽ ئي ڪو نه هيو. يتيم ڀائيٽي جو مال ڦٻائين تنهن جو ذڪر ئي ڪونهي. ڀينرن کي اڇن وارن ۾ به نه پرڻائين جو متان زمين مان حصو نه ڏيڻو پوي. ڪا ڪولهڻ کڻائي. ڪا ڀيلڻ کڻائي. ڪا هارياڻي وڻيس ته مڙسنهس کي جيل وجهرائي. واٽر تي جيسين سندس پيچ نٿي پوري ٿئي، مجال آهي جو ٽيل واري کي پيئڻ لاءِ به ڦڙو ملي. جي ٻه پرائمري اسڪول ٺهيا تن ۾ هڪ اوطاق لاءِ ڪم آيس ته هڪ ۾ مال لاءِ کَڙ ۽ بُوهَه.
    پر سائين وڏو ٻلوان هيو! اڇو منهن رڳو اسان جو آهي. عام پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو. پيا پيڙهجون هن چڪيءَ ۾! آفيم جو مليل آهي... ”هو چونئَه تون مَ چوءَ واتئون ورائي“. رند صاحب! الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندين؟ ڪير آهين؟ جيل ڇو وئين؟ پر هڪ ڳالهه ضرور ياد رکجانءِ، ڪو آواز رائيگان ڪو نه ويندو آهي. ڪُوڪَ مرندي ڪانهي. ائين ئي شروع ٿيندو آهي. سڏ ٻئي سڏ کي اُڀاريندو آهي. ظلم ۽ زيادتي برداشت ڪندڙ پاڻ وڏو ظالم آهي. جَس لهڻِين جو تو پنهنجي هڪ ساٿيءَ جي موت تي احتجاج بلند ڪيو آهي.

    (12فيبروري، 1996ع)


    بدتميز انگريز ۽ بي باڪ پاڪستاني

    ڪالهوڪيءَ اخبار جي هڪ خبر مطابق برطانيا جي هفتيوار اخبار ”دن سن“ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي سفارتخاني جو هڪ اعليٰ عملدار پنهنجي گاڏيءَ ۾ هڪ جسم وڪڻندڙ عورت سان رنگ رليون ملهائيندي پڪڙجي پيو. جڏهين پوليس کانئس پڇاڻو ڪيو ته هُن ٻڌايو ته هو هڪ سينئر سفارتڪار آهي ۽ سفارتي قانون مطابق هن تي ڪيس هلي نٿو سگهي. سفارتڪار پوليس کي پنهنجو سفارتي شناختي ڪارڊ پڻ ڏيکاريو جنهن سبب پوليس مٿس فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ کيس ڇڏي ڏنو. خبر مطابق پوليس عملدارن انهيءَ ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سفارتي قانون جو سهارو وٺي هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو واٽ ويندي هڪ جسم فروش عورت سان رنگ رليون ملهائي رهيو هو سو بچي ويو.
    واهه سائين انگريز بادشاهه! نظر به آيو اوهان کي ته غريب پاڪستاني اهلڪار. هو صاحب کڻي پاڻ کي معتبر ۽ سينئر سفارتڪار سمجهندو هجي پر اسان وٽ ته اصل ۾ آهي ”اهلڪار“. ڀل ٻاويهين گريڊ جو گڙنگ وفاقي سيڪريٽري هجي پر ملڪ جي روايتن پٽاندر ته ويچارو هر چوٿين ڏينهن برسراقتدار ٽولي جي چمچن ۽ ڪڙڇن جي اڳيان نُوس نُوس ڪندو رهيو آهي. پوءِ سندس اندر جي مُونجهه ۽ نستي پڻي ضابطه اخلاق به اهڙو ئي ٺاهيو هوندو. (ها، البته ڪي ڪي مضبوط ارڏا ۽ جبل جيئن ڏاڍا به ڏٺاسين). پر سائين هڪ سفارتڪار ويچاري جي ڪنهن پيشه ور عورت سان سرِ راهه قرب ونڊيو ته ڏوهه ڪهڙو ڪيائين. هتي ته مملڪت جي سربراهن جا ”رنگين“ داستان به عام آهن. يحيٰ ته ويچارو بدنام ٿيو جو هڪ پاسي بنگال جي شڪست ۽ شرم هيو ته ٻئي پاسي تمام سياسي قوتون، توڙي جو اسٽيبلشمينٽ ڪنهن ”قرباني جي ٻڪري“ جي ڳولا ۾ هيون، جنهن تي بنگال جي ورهاڱي جو الزام هڻجي. وري ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙي مضبوط ۽ طاقتور شخصيت پئي اُڀرندي آئي. سڀن گڏجي يحيٰ خان جي بي اعتدالين کي وڌائي ڪري اهڙيءَ ريت پيش ڪيو جو هو غريب هر ڪنهن کي صرف زاني ۽ شرابي نظر آيو. پوءِ ايندڙن ڪهڙي ڪار ڪئي. اها ڪنهن کي نظر به ڪانه آئي. نيم پيشه ور عورتن، ماڊل گرلز، فلمي اداڪارائن ۽ ٽي وي جي مشهور فنڪارن تي ڪيئن ارباب اختيار جي نظر ڪرم رهي آهي ۽ ڪيئن سرڪاري خزاني ۽ پبلڪ جي پئسي مان لکن جون پگهارون حسينائن کي نذر ڪيون ويون آهن ۽ ڪيئن تيل جا ٺيڪا مليا آهن؟ ايوان اقتدار تي پيشه ور ۽ نيم پيشه ور عورتن جو پوين سالن ۾ ڪيترو اثر رهيو آهي، اهي خبرون ته مروئن کي به ماٺ ڪرائي ڇڏڻ جهڙيون آهن. ڦاٿو وري ويچارو سفارتڪار. پر سائين انگلستان آهي ئي اهڙو ملڪ. هڪ ويچاري غريب ڇوڪري هئي. ايتري غريب هئي جو جڏهن جواني ماڻيائين ته به انگلستان جي مور محفلن ۾ سندس سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ جي لباس کانسواءِ جل پري جيان ڇال ڏيڻ جي هوش اڏائيندڙ ادا الائي ڪيترن ئي سندس تيرِ نگاهه جو شڪار ڪيو. ويچاريءَ پنهنجيءَ غربت سان ناتو نڀائيندي لباس پائڻ سان رشتو گهٽ رکيو. ڪرسٽائين ڪيلر سندس نالو هيو. وٺي جو گورن ٽان ٽان ڪئي، الا جي ڪيترائي رلي ويا.... پارليامينٽ جا ميمبر، وزير، ويندي روسي سفارتڪار. ڏاڍا خراب آهن هي انگريز. اخلاق جي نالي سان سندن پئي ڪانه. وري انگريزن جا ماڪوڙا ماسات آمريڪي. ڀلا جي بل ڪلنٽن سندس ئي آفيس جي هڪ سيڪريٽريءَ سان چُمي ڀاڪر ڪيو ته ڪهڙو ظلم ٿي ويو؟ وٺي جو گوڙ ڪيائون. هيڏو ماڻهو، هيڏو طاقتور حڪمران. سندس هڪ اشاري تي ڪيترن جا تختا نڪري وڃن. جواب ڏيئي ڏيئي تنگ ٿي پيو. نيٺ سڄيءَ قوم کان روئي، هٿ ٻڌي معافي ورتائين.
    وڏا نڀاڳا آهن هي انگريز، ڏسو! اسين به ته آهيون. اسان جو سربراهه مال روڊ لاهور تي رات جو هڪ وڳي به ٽي وي ۽ فلم جي اداڪارائن کي کڻي آئيس ڪريم کارائڻ ويندو هيو. پوءِ وري داد عيش لاءِ کين مريءَ جي پهاڙن تي وٺي ويندو هيو. اسين ڪو گوڙ ڪريون ٿا؟ اسان جي اقتدار جي ايوانن ۾ مجرا ٿيندا رهيا. شراب نوشي ٿيندي رهي. اسان ڪي چيو؟

    (10فيبروري، 2000ع)


    رياستي ٿنڀا

    اسيمبلي ميمبر جي رڳو رعايتون وٺن ته به ٺهيو. ڀلي کڻي پارليامينٽ هائوس کان پارليامينٽ لاجز تائين سرنگهه ذريعي وڃن يا هيليڪاپٽر ذريعي وڃن يا بُلٽ ٽرين ذريعي وڃن. پر ائين ته نه ڪن جيئن عليم عادل شيخ لوڌ ساڻ ڪري اي ڊي ايم کي مار ڪڍي. يا پوئين حڪومت ۾ ايم. پي. اي جي پُٽ ماتلي جي ايس ڊي او (عورتن) کي آفيس مان ٻاهر ڪڍيو ۽ سرڪاري آفيس کي تالو لڳائي چاٻيون کڻي پاڻ سان هليو ويو. ايم اين اي عبدالعزيز ميمڻ ته خير سان سندس ئي بينڪ يعني يو بي ايل جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ انيس الرحمان کي سندس ئي آفيس ۾ نه صرف مارڪٽ ڪئي پر سندس ڪپڙا ڦاڙي وڌا ۽ ائين ڪرڻ وقت ساڻس گڏ جيالن جو وڏو جلوس به هو ۽ وري ظلم اهو ته اهڙي واقعي کي نندڻ بدران پ پ جي 31 اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عزيز ميمڻ خلاف ايف آءِ آر رد ڪئي وڃي. سڀني کي خبر آهي ته زبير قدوائي جهڙي ديانتدار ۽ چڱي آفيسر سان وزير صاحب ۽ قانون ساز اداري جي ميمبر ڪيئن بدتميزي ڪئي هئي ۽ ائين ئي نور احمد شاهه جهڙي اشراف ۽ بااصول عملدار کي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جيالن گهٽ وڌ ڳالهائڻ ته ٺهيو ذري گهٽ مار ٿي ڪڍي. انهن ڪرتوتن جي ڪري رياست جي اهم ترين ٿنڀي مان ماڻهن جو ويساهه کڄي چڪو آهي.
    ڇا ڪو ماڻهو پوليس تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پوليس جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪنهن واردات جو اطلاع ڏيڻ لاءِ تيار آهي! پوليس اسان وٽ صرف اُرهه زورائي، ڏاڍ ۽ سرڪاري سانَ وارو ڪم ٿي ڪري. جي به حڪومتون اچن ٿيون سي پوليس کي پنهنجن مخالفن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ ۾ استعمال ٿيون ڪن. نتيجو؟ ديانتدار ۽ لائق آفيسر هڪ پاسي ٿيو وڃن يا کين هڪ پاسي ڪيو وڃي ٿو. ساڳيو حال انتظاميه جو آهي. اڳي هندستان پاڪستان هڪ هئڻ وقت ته ٺهيو پر ايوب خان جي دور ۾ ئي جڏهن عام ڪچهريءَ تي ايوب خان يا نواب ڪالاباغ ويندا هئا ته ڊپٽي ڪمشنر کي مٿي اسٽيج تي هڪ ڪرسي ڏني ويندي هئي جا صدر پاڪستان ۽ گورنر جي ويجهو ئي هوندي هئي. ڇو ته هتي جي ڳالهيون ٿين ٿيون، شڪايتون ٿين ٿيون يا مسئلا اچن ٿا انهن کي ڪهڙو سرڪاري نمائندو حڪومت جي اختيار کي استعمال ڪري حل ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رياست جي اختيار جو نمائندو آهي. پر هاڻي ته عام طرح سان خير سان ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر وزيرن ۽ ميمبرن جي گاڏي ڊرائيو ٿا ڪن. صبح شام فون تي يا روبرو حاضري ٿا ڀرين. جائز ناجائز ڪم ٿا ڪن ۽ ائين ئي عوام يا عام ماڻهو کين نفرت جي نظر سان ڏسي ٿو. مون ته نور احمد شاهه ۽ هاشم ميمڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر جي ساراهه عام ماڻهوءَ کان ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي.
    خير سان ٽيڪس ڪير ٿو ڏئي. ٽيڪس ته ڇڏيو پر ٽيڪس وٺڻ وارن جو حال ڪيڏو بڇڙو آهي. پنهنجو ٽيڪس وٺڻ ڪوهه پنڌ تي پهچي ويندا پر جي اوهان غلطي سان سرڪاري ٽيڪس جمع ڪرائڻ ويا ته پيا هلو. اڄ ڏهن سالن کان ته منهنجي ٽيڪس پيارڻ جي گوشواري تي ڪو فيصلو ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ئي اين ٽي اين نمبر وارو ڪارڊ ٿو ملي. باقي عام ماڻهوءَ جو ڇا حال هوندو.
    ملڪ جي ڪيترن وزيراعظمن، وڏن وزيرن، وزيرن ۽ صدرن ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ پيدا ڪئي هوندي. ڪيترن حاڪمن پُورا ۽ صحيح ٽيڪس ڏنا هوندا. پنهنجو احتساب ڪيو هوندو. ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون هونديون. سرڪاري خزاني کي امانت سمجهيو هوندو. اجائي خرچ کان پرهيز ڪئي هوندي. ريا ۽ رغبت کان پاسو ڪيو هوندو. شايد ڪنهن به نه. ها باقي معراج خالد ڪجهه بهتر نشان ڇڏيا ۽ ائين ئي سندس ڪابينه بهتر انسانن تي ٻڌل هئي.
    هي ته آهي حال رياست جي ٻن ٿنڀن جو. رياست جو ٽيون عظيم ٿنڀو عدليه آهي. اسين نه ڊوسو ڪيس ۾ وڃون ٿا نه تميز الدين ڪيس جي ڇنڊڇاڻ ۽ اپٽار ڪريون ٿا. نه ئي نصرت ڀٽو ڪيس اسان جو موضوع آهي. ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڪيئن ٿي هجي. عدالتي قتل هيو يا نه. ضرورت وارو نظريو هڪ پاسي حقيقت آهي ته ٻئي پاسي ساڳيو نظريو ٻيو رخ ٿو وٺي. ڪيترو ڪجهه تڪراري آهي يا سڀ ٺيڪ آهي، انهيءَ کي ڇڏيو. صرف هڪ سوال آهي. هينئن ڏينهن ڏٺي جو ايوان صدر ۽ پي ايم سيڪريٽريٽ جي ڀِڪَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چوٽيءَ جي شخصيتن جي نگراني ۽ هدايت هيٺ جنهن بهادري، حب الوطني، تهذيب ۽ اخلاق جو مظاهرو ٿيو جو اعليٰ ترين عدالت جا جج پنهنجي جان بچائڻ ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ ڪاڻ هلندڙ عدالت اڌ ۾ ڇڏي اٿي ويا. سبحان الله! هيءَ آهي عزت رياست جي اعليٰ ترين ٿنڀي جي. جيڪي ماڻهو آئين ۽ قانون جي رکواليءَ جو قسم کڻن سي به ائين قانون جي تشريح ڪندڙن کي آڻي هن جاءِ تي بيهارين.
    سو خير سان رياست جي ٽن ٿنڀن وارو رواجي نظريو ته باطل ٿيو. البته هاڻ ڏسڻو هي آهي ته جي ”رياست“ جي نظريي ۾ مڃيل ٽي ٿنڀا طرح طرح جي بيمارين ۽ آزارن ۾ ڦاٿل آهن ته انهن بيمارين جي شروعات ڪيئن ٿي. ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ سندن دارون درمل ڪيئن ممڪن آهي. ڪهڙا اپاءَ وٺجن جو سٺي، صحيح ۽ درست حڪمراني رياست کي مضبوط ڪري..

    (17فيبروري، 2000ع)


    سچ خُدا آهي؟

    يارو! مون کي معاف ڪجو، مان الائي ڪٿان کان ڪٿي هليو ويس. پر، ادل! پنڌ ته پري آهي. سفر اڙانگو آهي. هتي رڳو ڏاگها ۽ ڏير ويري ڪونهن- جي زندگيءَ جي ڏورانهين منزل (سا به جي هجي!) ڏانهن اُسرندي، اڙانگن پيچرن، بيابانن ۽ صحرائن مان لنگهندي کن پل لاءِ رُڪجي ويس. ڪنهن ٿڌي چشمي جو پاڻي پيتم! ڪنهن ڇانوَ هيٺان ساهي پٽيم. وارن جي واسينگن ۾ وڪوڙجي ويس. مڌِ ڳيتون ڏيئي پيتم ۽ سوم رس سمجهيم..... ته ڪهڙو ڏوهه ڪيم! منهنجو ضمير گناهه جي ٻوجهه کان ته آجو آهي. شايد، مون پنهنجو پاڻ کي اهڙو اثرائتو نه ڪيو هجي جو مون کي اهو اطمينان ٿيو هجي ته مون هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد ۾ ڪو هٿ ونڊايو آهي. پر مون کي اهو اطمينان ضرور آهي ته مون ظلم ۽ ڏاڍ کي هميشه ننديو آهي.
    پنهنجن دوستن ۽ پيارن کان معافي! ها، اهو ٿي سگهي ٿو. پر ڇو! هن ڪري جو، هنن جي خيال ۾ مان دکين جا، دردمندن جا، آزاريلن جا قصا بيان ڪندس ۽ آءٌ وري وڪوڙجي ويس، پنهنجي ڄار ۾، پنهنجي تاڃي پيٽي ۾. مون ته قسم کنيو هو هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ظلم خلاف وڙهڻ جو.... ۽ وري ڳالهيون ڪريان ٿو عشق و حسن جون. پنهنجي ناڪامين ۽ حسرتن جون، محبوب جون. آءٌ جي سدا جو پاراتو ڏنل آفتاب يا (اپالو) يا سج آهيان جنهن جي دعا اَڌ اگهامجي ٿي ته پوءِ ڇا! ڪيترن جون دعائون ته اڌ اگهاميل به ڪو نه آهن. آءٌ برابر ابراهيم ابن آذر ڪو نه آهيان جنهن تي باهه ٿڌي ٿئي پر ڪنهن تي ٿڌي ٿي به آهي اڄ ڏينهن تائين؟ ويچارو هر ماڻهو پنهنجي صليب پنهنجي ڪلهي تي کڻي هر پل، هر گهڙي عذاب ڀوڳي ٿو. پنهنجي چِتا کي هر دم آڳ لڳائي ٿو. نه صندل آهي، نه لوبان، نه ئي وري واپس وارو وٺڻ جو واعدو. نه ئي ٻيهر جنم جي آٿت. ڪيڏانهن وڃي!
    سو يارو! مون کي معاف ڪجو. مون جي توهان کي مايوس ڪيو هجي ته مان معافي جو طلبگار آهيان. پر هڪ ڳالهه آهي، منهنجو مخاطب هر اهو عامي آهي جو سوچي ٿو، جو ڪنهن نظريي جو پابند نه آهي. ڪنهن بندش، ڪنهن آدرش، ڪنهن قيد، ڪنهن بند جو آزاري نه آهي. زمان و مڪان جي قيد کان آزاد انسان.
    ها، ان کان آئون معافي جو طلبگار ٿي سگهان ٿو، پر سو به ڇو؟ ان ڪري جو مان متان انهن جي ڳالهه نه ڪري سگهيو هجان. پر هنن جي ڳالهه ڇا آهي. ڪنهن ڄاتي آهي! مان به ته عامي آهيان، منهنجي ڳالهه ڇا آهي؟ ٻڌايان! نه وڻي ته ڀل سدا نه وڻي. ڳالهه کي پيرائتو ڪري بيان ڪرڻ پراڻن وقتن جي ڳالهه آهي. اڄ اسان ڳالهه ائين ڪندا آهيون جو ڪنهن زماني ۾ چوندا هئا ته ٽپن مان آکاڻي ٺاهيو.
    سو منهنجي ڳالهه ڪهڙي آهي.... ٽپن مان آکاڻي..... ٻڌايان!
    مون کي اردو شاعري ۾ سڀ کان سهڻو مصرعو لڳندو آهي.....
    ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پے دم نکلے
    ڪيڏي نه بي وسي آهي پر ڪيڏي نه وسعت آهي. چاهت آهي. انتها آهي. تڪميل جي ڪوشش آهي.
    پڙهيوم ته
    جٽي نها ڇپڙون نڪلي جيوين لاٽ سلفي ورگي
    جٽي (جاٽ عورت) ڇپڙ يعني ميري پاڻي مان وهنجي ائين نڪتي ڄڻ سُلفيءَ جي لاٽ.
    جي ڪنهن سلفي (چرس واري) پيتي هجي يا ان جو پيئڻ ڏٺو هجي ته سلفيءَ جي لاٽ ڪيئن حسينا دلربا جي جسم جا زاويا ٺاهيندي آهي ۽ باهه ۾ تپندڙ سونَ جو رنگ ڪيئن ڪنهن اپسرا جي جسم وانگر هوندو آهي. جي اپسرا آهي بمثال ڪُندن جسم ته ڪو ڪيدو اچيو وڃي ته ڪو راوَڻ اچيو وڃي.
    هي خواهشون، تمنائون، اندر جي لُڙڇڙ، آنڌمانڌ! هر خواهش تي دم نڪرڻ پنهنجيءَ جاءِ تي!
    پر دنيا رڳي رنگ و بُو ته ڪانهي، حسن و عشق ته ڪانهي. جيون جي ڪهاڻي ته پهلودار (ملٽي ڊائيمينشنل) آهي. هتي جي ڀڳوان به ننڍڙي ٻار کي معصوم سمجهي دادرپل تي ٻار جي شڪل ۾ اچي ٿو ته کيس لولو لنگڙو ڪري پِنايو وڃي ٿو. تڏهن کيس خبر ٿي پوي ته هتي ته معصوم ٻار جي مُسڪراهٽ سان پيار ڪو نه ٿو ڪيو وڃي پر کانئس مُسڪراهٽ کسي ٿي وڃي.
    جيون جي ڪهاڻي...... ٽپن مان آکاڻي..... اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي. سوٽ عبدالمجيد عابد ڪاليج جي زماني ۾ بهترين مقرر هو. مون سندس ڪجهه تقريرون ٻڌيون. هوريان هوريان ميدان گرم ڪري، دليل ڪچا ڦڪا ڏيئي، آخر ۾ ببانگ دُهل چوندو هو.
    ”۽ صاحب صدر..... هي سچ آهي..... سچ نور آهي..... نور تجلي آهي...... تجلي خدا آهي!!..... خدا لافاني آهي..... ڪڏهن نه مرڻو آهي ۽ ائين ئي سچ ڪڏهن نه مرندو.....“..... تاڙين جو ڦهڪو! مون الاجي ڇو هميشه محسوس ڪيو ته کيس پهريون انعام سدائين انهيءَ ڊرامائي تاثر جي ڪامياب ڪلائيميڪس قائم ڪرڻ تي ملندو هوندو.
    ڪيترا دفعا سوچيم ته سوٽ پنهنجي آواز ۾ لاهه چاڙهه، پنهنجي چهري جا تاثرات انهيءَ ڪري قائم ڪري سگهندو آهي جو..... شايد.... جيڪي به هو چوي ٿو تنهن تي ويساهه ڪونهيس يا سندس سوچ سڌي لِيڪَ وانگيان آهي.
    سوچيندو آهيان ته جي سچ نور آهي، تجلي آهي، امر آهي، لافاني آهي.... ته ڪيستائين اهو نور مانڊاڻبو رهندو. سقراط کي سچ ڪارڻ زهر پيئندي ٻه هزار سالن کان مٿي ٿيا. ڪربلا جي ڪونڌرن کي ڪُسجندي تيرهن سؤ سال ٿيا. اڄ به اڃا تائين روز ڪيترا سقراط سچ جي سوريءَ کي سينگارين ٿا. مارٽن لوٿر، لوممبا، حسن ناصر ۽ نذير عباسي ٿين ٿا. ڪن کي تاريخ ڳائي ٿي، پر انيڪ بي نام هجن ٿا. ۽ سچ ڇا آهي! جي ڪولمبيا جي منشيات فروشن جي خلاف چند با ضمير ماڻهو انفرادي ۽ اجتماعي جنگ جوٽين ٿا ته جج ڪارلوس جي موٽرڪار ۽ سندس جسم گولين سان پَرڻَ ٿيو وڃي. باضمير پوليس آفيسر فرينڪلن ڪاري ڌنڌي وارن جي هٿان مارجيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر صدارتي اميدوار (سو به) ڪارلوس نالي سان عام جلسي ۾ گولين جو شڪار ٿيو وڃي.
    هي ته آهي براعظم آمريڪا! پر ٻيو هر هنڌ ڇا پيو وهي واپري!
    اهرمن محشر بدامان هي........
    هر ماڻهو اهو پيو سوچي، عام ماڻهو! مون جهڙو! جيڪو جاڳي ٿو..... ٻڌي ٿو. ساحر صاحب چيو آهي.....
    ثنا خواں تقديس مشرق کہاں ہيں......
    هاڻ ياد ٿو اچيم ته هيءَ سٽ ساحر لڌيانويءَ جي مشهور نظم ”چڪلي“ تان پيو کڻت ڪيان. سو ادل! زندگيءَ جون راهون ايڏيون ته پُرپيچ ٿي ويون آهن، سچائي پرکڻ جي ڪسوٽي ايڏي ته مُنجهي ويئي آهي، ۽ آدرشن ۾ ايڏي ته تبديلي اچي ويئي آهي جو ماڻهو خواهشن، وسوسن، وهمن جي اهڙي ته ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسجي ويو آهي جو ڪابه راهه نٿي سُجهيس ته ويچارو ڪاڏي وڃي!


    (24جنوري، 1990ع)


    هُڙڪَ هلو

    اڪثر دوست پڇندا آهن ته هيءُ ”هُڙڪَ هلو“ ڇا آهي؟ ڪنهن مهل ته امتحان ۾ ڏنل سنڌيءَ جي پيپر جو منظر ياد ايندو آهي، جنهن ۾ آئون جڏهين پان کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ توڙي ساهي پٽڻ لاءِ ٻاهر ٿي نڪتس ته اٽڪل ويهارو ڄڻا، هڪ هڪ ڪري تڪڙا تڪڙا ٻاهر ٿي نڪتا ۽ مون وٽان لنگهندي مهل سُرڙاٽ ڪندا ويا ته ”چچ نامون“ ڪنهن لکيو آهي. منهنجي اُبتي جواب تي ڏيڍ درجن گاريون به کاڌم- پر ڇا ٻڌايان- چچ نامي جي ليکڪ طور ”علي ڪوفي“ جو ذڪر صرف ايترو آهي ته ”قال علي ڪوفي“ (علي ڪوفيءَ چيو). سنڌي ٻولي ايڏي ته وسيع ۽ زرخيز آهي ۽ وري منجهس ٻين ٻولين کي سموئڻ ۽ پروئڻ جي صلاحيت ايڏي ته وسيع آهي جو ڌارين ٻولين جا لفظ نج سنڌي ٿيو وڃن ۽ نج سنڌي لفظ يا معنيٰ استعمال ۾ صرف علاقائي تصرف وڃيو رهن ۽ پس منظر ۾ هليا وڃن.
    ”هُڙڪ هلو“ جو پس منظر ۽ استعمال به ڪجهه اهڙوئي آهي. ”هُڙڪَ هلو“ سنڌ جي مهان ڪلاڪار محترم شيخ اياز جي چيل هڪ لوڪ گيت ”ڪرهو“ جي ’وراڻي‘ سٽ آهي: ”هُڙڪَ هلو هو، ڌيمان هلو هو....“ ڪرهو، اوٺين جي سفر جو گيت آهي. اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ڪرهو، اُٺ جي نالن ۾ هڪ نالو آهي. سنڌ واسين وٽ اُٺ لاءِ انيڪ نالا آهن جي سندن (اُٺ جي) عمر، بُڻَ بنياد، ڍنگ رنگ، چال ۽ ٻين مختلف بنيادن تي رکيل آهن. اياز جو ”ڪرهو“ مزاحمتي تحريڪ لاءِ مشعلِ راهه آهي.
    پنڌ پري هو
    ڪير ڪري هو
    واٽ اواٽي هو
    ڏيلُ ڏري هو
    پرَ.........
    پوءِ به پِريان جو پنڌ ڀلو.... هو.....
    اڙانگو رستو آهي. ڏکيو آهي. ايڏو اوکو آهي جو ڏسي وجود ڏڪيو وڃي پر ”اوٺي“ لاءِ پوءِ به ڀلو آهي، جو پرينءَ جو پنڌ آهي. محبوب لاءِ سفر آهي.
    سڏ آهي ديش واسين کي......
    ”گونج اڀاري ڪا ته گلو.... هو......
    ياس ۽ نراس جي ڪيفيت ۾ قافلي کي سڏ به آهي ته آس به آهي. پر تلقين ته:
    هُڙڪَ هلو هو
    ڌيمان هلو هو.....
    آئون ٿري آهيان، اواٽي واٽن جو پانڌي! زندگيءَ جو سفر به اواٽو ڪٽيو آهي. پنڌ کُٽي ڪو نه ٿو. پريانءَ جي پار جي جستجو ۾ لاهيون چاڙهيون، برپٽ، ريگستان ۽ رُڃَ ڏسي اڪثر هانءُ هاري ويهندو آهيان. پر وري..... سوچيندو آهيان.....
    سانت بُري آ
    سانتَ ڪيو ڇو؟
    اڙانگي پنڌ ۾ ٿڪجي ساهي پٽيندؤ ته ماٺ ٿي ويندي. ۽ ماٺ بري آ..... ڇو ته ماٺ موت جو ٻيو نالو آهي. تنهن ڪري گونج اُڀاري ڪا ته گلو هو......
    ننڍڙو ابهم ٻار جڏهين ماءُ جي هنج ۾ ايندو آهي ته امڙ جي هٿ جي حرڪت ۽ چوليءَ جي سرڙاٽ مان سمجهندو آهي ته سندس خوراڪ جو آسرو ٿيو آهي يا جڏهين پينگهي ۾ پيو هوندو آهي ۽ ماءُ ويجهو اچي کيس کڻڻ جي سعي ڪندي آهي ته ٻنهي صورتن ۾ هو پنهنجن ننڍڙن پتڪڙن هَٿن ۽ ٻانهُن کي مٿي ڪندو ۽ چيلهه کي مٿڀرو ڪندو خوشيءَ مان آواز ڪڍندو آهي تنهن کي به ”هُڙڪڻ“ چئبو آهي. هڪ چاهت آهي. سعي آهي. تِک آهي. پر نه يار، هُڙڪ سمجهائڻ منهنجي وَس کان ٻاهر آهي. صرف محسوس ڪري سگهجي ٿي. هُڙڪڻ آواز آهي يا سعي ۽ عمل. اُٻهرائي آهي يا تِکَ آهي، چئي نٿو سگهان. ها پر، منزل جو يقين آهي، وِک آهي.

    (22جنوري، 1996ع)


    اوڳَر

    ڏينهن اڌ نه پر يڪو سال کن آئون غير حاضر رهيس. غير حاضري سا به ايڏي ڊگهي! آدرش گهٽ ۾ گهٽ ”جهيڻي روشنيءَ ۾“ ڪي ته روشن پنا لکي ٿو. مون ڇو نه لکيو. وچ ۾ هڪ دفعو لکڻ ڇڏيو هئم جو مون کي سهيل سانگيءَ چيو ته ”تنهنجو لکڻ وڌ ۾ وڌ ”اوڳر“ جي وصف ۾ اچي ٿو.“ سوچيم ته جي هي اوڳر آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ڪم جو! وري ظهير ميراڻي ۽ ٻين دوستن جي چوڻ تي انهيءَ اوڳر جو تسلسل جوڙيم ۽ وري بند ڪيم.
    ڊاڪٽر جبار جي پڇڻ تي ته کيس ”رائيٽنگ ٽيبل جو سفر“ جي آکاڻي ٻڌايم. ٿيو هيئن جو گهر جي مرمت ڪرائيسين ته جتي آئون پڙهڻ جي ميز رکندو هئس اُتان گهرواريءَ اها ميز ٻاهر اُڇلرائي اُتي ڊريسنگ ٽيبل رکرائي ڇڏي. ۽ ڪمري جي ڪُنڊ ۾ هڪ ڪامورڪي ڪُرسي ميز رکرائي ڇڏي. ان ڪرسي ميز جي تبديلي ڪري مان نه لکي سگهان، نه پڙهي سگهان. سال جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ منهنجي پڙهڻ جي ميز ڪرسي ۽ ڪتابن جا ڪٻٽ منهنجي ڪمري ۾ موٽي آيا آهن. نئين سال جي تحفي طور.
    اهو ته هڪ پهلو آهي. پر اصل...... صرف رائيٽنگ ٽيبل جي سفر جي ڪٿا ڪانهي. ڏات ڌڻي هجان ته چوان. ڏات جي ديوي مون کان رُٺل آهي. زندگيءَ جي اڻ کُٽندڙ تاريڪ گڦا ۾ پيو ڄُڳن کان هٿوراڙيون هڻان. آس ۽ نراس جي ٻه واٽي تي ويٺو منتر جاپيان ته ڏات جي ديوي ڪنهن اميد جي ڏيئي جي لاٽ جيان منهنجي انڌاري ذهن جي ڪوٺيءَ تي چڙهيل زنگ آلود ڪفل جي ڪنجي بڻجي ايندي ۽ شفق جا رنگ پوپٽ جي پرن جو لباس پائي معنيٰ ۽ لفظن کي منهنجي آڏو بي حجاب ڪندا.
    پر نه ته آئون ڏات ڌڻي آهيان ۽ نه ئي ڪلاڪار – شايد ”آدرش“ جي برعڪس جهيڻي روشنيءَ جي بجاءِ تيز روشني مون کان بصارت کسي ورتي آهي. آئون گونگو ٻوڙو آهيان. منهنجيون اکيون بصيرت کان عاري آهن. هي ڪچا ڦڪا چند لفظ لکندو آهيان ته صرف محسوسات جي تپش ئي اڌمن ۾ ايڏي آنڌ مانڌ پيدا ڪندي آهي جو وجود ئي بي ثبات ۽ بي حيثيت لڳندو اٿم. شايد جڏهن زاهد مخدوم جي متيري کي ڳولڻ لاءِ نڪتو هئس. ته پاڻ دوزخ ۾ رهجي ويس. صرف روح ڀٽڪندو موٽي آيو. شايد ائين ئي هجي. متيرو به ته خيال هيو. اڻ پورا خواب. اڻ ڏٺل هيساءَ. اڻ ڄاتل اڌما. تشنه ۽ نامڪمل جذبا! جو ڪيو، جو ڏٺو، جو ٿيو تنهن تي پڇتاءُ.... جو نه ٿيو تنهن تي پشيماني.
    يسوع مسيح خوش نصيب هيو، جو هڪ ئي واري مصلوب ٿيو. هي جو هر گهڙي، هر پل صليب تي چڙهڻ، مري مري وري جيئڻ، وري مرڻ.... ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي.
    ف-م-لاشاري وڏو باهمت انسان هيو، هيڏي وڏي ڳالهه هڪ ننڍڙي جملي ۾ چئي ويندو هو ته، ”متان وساريو“. نور عباسي جو ڪالم ”واٽ ويندي.....“ گهڻيءَ دير سان سمجهه ۾ آيو پر تيسين پاڻ ”ٻانڀڻ“ ٿي چڪا هئاسين.... پر هاڻ ته لڳي ٿو ته اسين سڀ ”ٻانڀڻ“ ٿيا پيا آهيون. فرق صرف اهو آهي ته هاڻ ”واٽ ويندي نه پر گهر ويٺي“.
    هاڻ پنا ڪارا ڪري پوءِ پيو سوچيان ته ”اوڳر“ جو الزام شايد غلط ڪونهي پر منهنجو ان ۾ ڪو دوش نه آهي. حالاتِ حاضره، معاشي ۽ سياسي ناهمواري، سماجي ناانصافي منهنجا موضوع ته آهن پر جيسين پاڻ ۾ همت پيدا ڪريان. ڇو ته جنهن مهل انهن ٻرندڙ مسئلن تي ويچاريندو آهيان ته پوءِ ضبط جا بند ٽٽڻ تي اچي بيهندا آهن. هڪ حد ۽ فاصلو شايد ضروري هوندو آهي. ڪوشش ڪندس ته قائم رهي متان هي اوڳر ئي ڪنهن مهل لَهر بڻجي.

    (29جنوري، 1996ع)


    مصطفيٰ زيدي

    شاعريءَ سان صرف پڙهڻ ۽ لطف وٺڻ جي حد تائين شوق رهيو آهي. قافيه، رديف، فاعلن..... فاعلاتن و مفعولاتن جي گردانن سمجهائڻ لاءِ نه ڪو استاد مليو. نه ڪڏهن دل سان اُڪيرَ ٿي. اردو ادب ۾ چند شاعرن مختلف وقتن ۾ ڏاڍو من موهيو. ڪنهن وقت مجاز لکنوي جي.....
    اے غمِ دل کیا کروں
    اے وحشت دل کیا کروں
    مجاز جو عاشق ڪري ڇڏيو.
    ۽ عدم جو؛
    ....... یا زہرہ جبینوں کی مناجات کریں گے
    یا بندگئ پیرِ خرابات کریں گے
    تنهن وري عبدالمجيد عدم ڏي واريو.
    ساحر لڌيانويءَ جي ”چڪلا“...............
    یہ حوا کی بیٹی یہ یشودھا کے ہم جنس.....
    سندس عزت احترام دل ۾ گهر ڪرايو ۽ وري جڏهن امرتا پريتم جهڙي عظيم افسانه نگار ۽ شاعره جو اعتراف پڙهيم ته،
    ”مون سگريٽ ائين شروع ڪيا جو جڏهن ساحر صاحب ايندو هو ته اڌ اڌ سگريٽ ايش ٽري ۾ اڇلائيندو هو. جڏهن هليو ويندو هو ته..... آئون سندس چپن جو لمس ۽ زندگي محسوس ڪرڻ ڪاڻ اڌ وساميل ٽڪرا کڻي چپن تي رکندي هئم.... ۽ ائين ئي دُکائڻ (سگريٽ) جي عادت پيم......“
    الا الا!! هيءُ عشق..... ڪنهن جو...... جنهن چيو هو.....
    اڄ ڪيدو بڻ گئي عشق دي پجاري......
    اڄ ڪيدوئي ته عشق ۽ حسن جا پڄاري آهن. رانجهڻ ته مري ويو. جي ڪو رانجهو ٿيندو ته گهاڻي ۾ پيسبو. جي بلاول واري گهاڻي ۾ نه ته....... پنهنجي وجود جي گهاڻي ۾!.....!!
    فيض صاحب سان ته عشق ڪيم. جڏهن سانڀرياسين ته مملڪت خداداد جي پهرين بغاوت جو ٻڌوسين. فيض احمد فيض جو ذڪر نڪرندو هو. صادقين جي پهرين سحر انگيزي اکين جي سامهون آئي بصورت قطعهءِ فيض احمد فيض:
    متاعِ لوح و قلم چھن گئی تو کیا غم ہے
    کہ خونِ دل میں ڈبو لی ہیں انگلیاں میں نے
    زباں پہ مہر لگی ہے تو کیا کہ رکھ دی ہے
    ہر ایک حلقۂِ زنجیر میں زباں میں نے
    وري انهيءَ ڪشمڪش حيات و دوران جي حوالي سان سندس ”صبح آزادي“
    يہ داغ داغ اجالا یہ شب گزيده سحر
    وه انتظار تها جسکا یہ وه سحر تو نہیں.....
    فيض صاحب ته منهنجو مرشد، راهنما ۽ رهبر رهيو آهي. سندس شاعري منهنجي لاءِ پيغام حيات آهي. ها، هڪ وقت اهڙو به آيو جو مصطفيٰ زيدي به ته منهنجي سفر جو شريڪ رهيو هو. جڏهن مصطفيٰ صاحب خودڪشي ڪئي، شام جي اخبار ڏٺم. شهناز جو فوٽو ”ڊيلي نيوز“ يا ”اسٽار“ ۾. گهر ويٺو هئم. اخبار کان وڌيڪ شهناز گُل جي حسن جي حشر سامانين ۾ گم هئس. ڇا ايتريون به حسين عورتون آهن هن ڌرتيءَ تي- ۽ پوءِ حورون ڪهڙيون هونديون؟ ۽ منهنجي واتؤن نڪري ويو.....
    ”Vow! What a woman“ .
    بابا ٻڌو.
    چيائين: ”ڇا آهي؟“
    مون چيو: ”بابا! شهناز،.... مصطفيٰ زيدي صاحب واري.“
    پوءِ ڇا (So what?)
    مون چيو: ”مصطفيٰ صاحب هُن جي پويان خودڪشي ڪئي.“
    بابا جي چِهري تي اُداسي ڇائنجي ويئي. اخبار ڏي هٿ وڌايائين. ڏني مانس. ڏسندو رهيو. مون اُٻهرو ٿي پڇيومانس.
    “You know her, and zaidi sahib” (توهين کيس ۽ زيدي صاحب کي سڃاڻو ٿا.)
    چيائين: ”ها“
    پڇيومانس: ”ڪيئن؟“
    چيائين: ”زيدي.... روح جو شاعر هو... شهناز... شهناز...66-1965ع ۾ مون وٽ ٽي چار ڏينهن ٽڪي هئي...“
    اوڏيءَ مهل ته مون فخر محسوس ڪيو. ”واهه...... واه ڙي بابا..... واه!“ پوءِ..... جڏهين زيدي صاحب پڙهيم ته......
    فنکار خود نہ تھے مرے فن کے شریک تھے
    وہ روح کے سفر میں بدن کے شریک تھے
    ته روئڻ آيم. ڇا!!
    اترا تھا جس پہ باب حیا کا ورق ورق
    بستر کے ایک ایک شکن کے شریک تھے
    تُف! حيف آهي اي آسمان! حيف آهي! توتي..... هيڏا وڏا ماڻهو! ههڙا زرخيز ذهن! ڪنهن ڪنهن لاءِ آتا ٿيا..... ڪنهن لاءِ زندگي وڃايائون! مون کي اها ڳالهه ڪڏهن نه وسرندي. هر ماڻهوءَ سان ان جي ذهني ڪَج روي شريڪ هوندي آهي جا ڪا به شڪل اختيار ڪري. منهنجي ذهني ۽ جنسي ڪج روي منهنجي زندگيءَ ۾ انيڪ شهنازون آنديون پر جسم جي سفر ۾ روح جو ساٿي بڻائڻ جو سوچيندي مهل مون کي مصطفيٰ زيدي جو بي وقت موت ياد ايندو آهي. ۽ اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇِني… قافلو اڳيان وڌائي.

    (مئي، 2003ع)


    هُن جي نانءَ

    تنهنجو خط ڪلهه مليو. يادگيريءَ لاءِ مهرباني. هينئر رات جا ساڍا يارهن وڳا آهن. هر طرف خاموشيءَ جو راڄ آهي. تمام ڇوڪرا ڏينهن جي ٿڪائيندڙ ڪم کان پوءِ محو آرام آهن. پري کان صرف چند چوڪيدارن جي ”هوشيار! خبردار!“ جو هوڪو پيو ٻڌجي. ٿوريءَ دير اڳ ۾ آئون لان ۾ ويٺو هئس، هميشه وانگي تنها. توکي خبر آهي ته دوستن جي چڱي خاصي وسيع حلقي هوندي به آئون تنهائيءَ کي ترجيح ڏيندو آهيان ۽ مون کي تنهائيءَ ۾ سڪون ملندو آهي. شايد انهيءَ ڪري جو تنهائيءَ ۾ ماسواءِ منهنجي ذات جي ٻيو ڪوبه شخص منهنجي خيالات جي دنيا ۾ دخل انداز ٿي ڪونه سگهندو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ڪونه آهي ته ڪو آئون ڏيڏر وانگي کوهه کي ڪل دنيا سمجهي، پنهنجي ذات جي کوپي (Shell) اندر محدود رهڻ چاهيان ٿو. پر ، اصل ۾ آئون ٻين ماڻهن جي ذات کي پاڻ تي ايترو مسلط ڪرڻ نٿو چاهيان جو آئون پنهنجو پاڻ نه رهان.
    چنڊ پنهنجي پوري آب و تاب سان چمڪي رهيو آهي. اُن جي مڌر چانڊوڪي تمام منظر تي چانديءَ جو هلڪو رنگ ڦيري ڇڏيو آهي. چنڊ جي مڌر-جوت روح ۽ آتما کي شانتي ۽ سڪون بخشي رهي آهي. روميو جولئيٽ پڙهيو هوندءِ. ياد اٿئي جڏهين روميو پهريون دفعو جولئيٽ کي پنهنجي محبت جو يقين ڏيارڻ لاءِ چوي ٿو:
    Lady, By the yonder blessed moon, I Vow;
    that tips with silver the fruit tree tops.
    ڪهڙي نه پياري انداز ۾ محبت جو قسم کنيو اٿس ۽ چنڊ جي خوبصورتيءَ کي بيان ڪيو اٿس. هن خوبصورت لمحي ۾ ڪيڏو نه سڪون هيو، خاموشي هئي، سنجيدگي هئي ۽ سياري جي سمنڊ جي ماٺ هئي. خاموشي، جيڪا انسان لاءِ غير فطري آهي سا ڪڏهين ڪڏهين انسان کي هڪ پراسرار ۽ تخيلات سان ڀرپور دنيا ۾ وٺي ويندي آهي. انهيءَ لمحي مون کي جامعيت جو هڪ عجيب احساس ٿيو. انهيءَ وقت مون کي هڪ عجيب خواهش ٿي ته ڪاش آئون به گوئٽي جي فائوسٽ وانگي انهيءَ لمحي کي بيخوديءَ ۾ پڪاري سگهان ها:
    “Oh, Stay, thou art so fine”
    ٻارهن ٿيڻ وارا آهن پر مون کي ننڊ ڇو نٿي اچي. ننڊ ته پلڪن کان ائين رٺي آهي، جيئن راڻو مومل کان رسي ويو هيو. ٿوريءَ دير اڳ ۾ جو سڪون ۽ شانتي هئي، اها ڪيڏانهن ويئي؟ ڇا سڪون جو اهو احساس وقتي هيو؟ هڪ عجيب اضطراب ۽ بيچيني آهي! اها خلش ته شايد منهنجي قسمت بڻجي چڪي آهي! پر ڇو؟ هڪدم اها تبديلي ڇو آهي؟ ترس، مون کي ياد آيو، اسان جي استاد هڪ دفعو چيو هيو ته:
    Life is continuous change, the moment you stop changing you are dead”.
    ڪيئن! ڇا خيال اٿئي انهيءَ باري ۾. سچ چيو اٿس نه. ”تو پنهنجي خط ۾ لکيو هيو ته ”آفو! تون خط تمام مختصر ٿو لکين. گهڻن ڏينهن کان ڪو اهڙو خط ڪونه مليو آهي جو تنهنجيون سِڪون لاهي.“ تون مون کي ٿي لکين ته آئون توکي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريان. آئون ته پاڻ ”پنهنجي“ تلاش ۾ آهيان.انهيءَ ازلي تلاش ۾ سرگردان آهيان جا اسان انسانن جو مقدر بڻجي چڪي آهي. مون کي ٽيگور جي گيتانجليءَ جو هڪ ٽڪرو ياد ٿو اچي.
    “I have had my invitation to this World’s festival and thus my life is blessed. My eyes have seen and my ears have heard.”
    (مون کي هن دنيا جي جشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ملي آهي ۽ انهيءَ ڪري منهنجي زندگي مبارڪ آهي. منهنجي اکين ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڪنن ٻڌو آهي.)
    پر آئون ته ٽيگور ڪونه آهيان. نه ته مون کي مُڪتي ملي آهي ۽ نه ئي مون کي ڪو ڇوٽڪارو کپي. آئون ته آدجڳاد جو پاپي آهيان. زندگيءَ جي اٿاهه ظلمت ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندڙ، هٿوراڙيون هڻندڙ هڪ انسان آهيان. اسان انسان هميشه هڪ آدرش (Ideal) ٺاهيندا آهيون ۽ سڄي زندگي ان جي حصول لاءِ جدوجهد ڪندا آهيون. اسان جو آدرش چونڪه تخيلاتي هوندو آهي انهيءَ ڪري اسان حاصل ڪري نه سگهندا آهيون. پر، حقيقت ۾ اسان جي ڪاميابي انهيءَ جدوجهد ۾ آهي جا پنهنجي طور تي جامع ۽ مڪمل آهي ۽ انسانيت جو معراج آهي.
    ڪڏهين ڪڏهين آئون سوچيندو آهيان ته انسان کي جي صرف انسان رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي. انسان کي فرشتن وانگي پاڪ ۽ نيڪ بنائڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي وڃي، جڏهين ته سندس قسمت، هر قول ۽ فعل تي يزدان ۽ اهرمن ٻيئي مسلط آهن. مون کي نه ته يزدان جي نيڪي کپي نه ئي ڪو آئون اهرمن جي بدڪار پنجي ۾ ڦاسڻ چاهيان ٿو. آئون ته صرف انسان بڻجي رهڻ چاهيان ٿو. انسان، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي جا ٻيئي جزا بدرجه اتم موجود آهن. جو يزدان جو پاڪ عبادتگذار هوندي به اهرمن جي رنگين عبادتگاهه تان لوبان ۽ صندل جو مسحور ڪن واس وٺندو آهي.
    انسان جي قسمت ۾ به الاجي ڇا آهي؟ ڪڏهين ڪڏهين ته آئون زندگيءَ ۾ تاريڪي، ظلمات ۽ اونداهيءَ جو راڄ ڏسي سخت مايوس ٿيندو آهيان ۽ مون کي ڀڳت ڪبير جو دوهو ياد پوندو آهي:
    سانجهه، پڙي دن بيتوي چڪوري ديهان روءِ
    چل چڪوا او ديس ڪو، جهان رين نه هوءِ
    (سانجهي ٿي، سج لهي ويو. اهو ڏسي چڪوري روئي چڪور کي چيو ته انهيءَ ديس هل جتي رات نه ٿئي.)
    پر زندگيءَ ۾ هر روز روشن کان پوءِ ڪاري رات ايندي آهي، جنهن جو مون کي چڱيءَ طرح احساس آهي، نه ته ڪر آئون به چڪوريءَ وانگي انهيءَ ديش کي ڳولهيان ها جتي رات جي تاريڪي کي ليئو پائڻ جي به اجازت نه آهي. يوٽوپيا (Utopia) حقيقي دنيا ۾ ته ملي ڪانه سگهندي باقي پوءِ ڇو نه اسان زندگيءَ کي اُن جي تمام تر زهر هلاهل سان قبول ڪريون.
    مٺڙي! خبر نه آهي ته خيالات جو سلسلو ڪٿي وڃي نڪتو آهي. پر هي وري ڪهڙو تسلسل آهي؟ اسان جي زندگين ۾ ته شايد ڪوبه تسلسل نه آهي. تسلسل جو لفظ مون کي عجيب لڳندو آهي. اسان جي زندگيءَ جي خوبصورتيءَ جو بنياد تشنگي ۽ اڌورن خوابن ۾ آهي. پوءِ ڀلا اسان تسلسل جي خواهش ڇوڪريون. تشنگيءَ ۾ ئي زندگي جو لطف آهي. تشنگي، اُڃَ! سمجهيئه.
    اڙي! يار، هي ته تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي. ٻه وڳا آهن. رات جي سياهي گھري پيئي ٿيندي وڃي. چڱو خدا حافظ! پر نه، خدا حافظ نه ، فرانسيسي چوندا آهن. “aurevoire” جنهن جو انگريزيءَ ۾ مطلب “till we meet next” يعني ”وري ملڻ تائين“ مطلب! وڇوڙو ڪونهي. وري ملڻ جي تانگهه آهي. آس آهي. اميد ۽ آشا آهي. سو، جاني، وري ملنداسين. تنهنجو آفتاب

    (1967ع پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج)


    گوندَرَ وَلَ

    ڪٿان شروع ڪريان، ڪٿان ڳنڍيان! منهنجو وجود ته سڄو سُن ٿيو پيو آهي. سچ ئي چوندا آهن ته زندگي شايد ڪنهن مُفلس جي قَبا آهي جنهن ۾ هرپَلَ، هر گهڙي درد جون چَتيون لڳنديون پيون آهن. ها، پر غم جون چَتيون ته ان قُبا ۾ لڳن جتي ڪو حصو يا ٽڪڙو ڦاٽل هجي. هتي ته سڄو وجود ئي پَرڻَ ٿيو پيو آهي. ڪٿي چَتي لايان! ڪٿي ڳَنڍَ ڏيان! ڪٿي سيبو ڏيان! ڪٿي شروع ڪريان ته ڪٿي انتها ڪريان.
    جڏهن سارو وجود ئي گوندر وَل هجي..... ڪوريئڙي جو ڄار هجي ته آئون ڪيئن سمجهان..... ڪيئن پروڙيان... ته ”ڪُن فَيَڪُون“ ڪڏهين ٿي ۽ صُور ڪڏهين ڦُوڪاڻبي!
    ننڍڙو هوندو هئس ته پڙهيو هئم ته هڪ صحابي رسول اڪرم ﷺ جڏهن تلاوت ڪندو اتي پهتو جتي چيل آهي.....
    And when the trumpet shall below, the day shall be one of anguish
    ( ۽ جڏهن صور ڦوڪي ويندي ته حقيقتاً اهو ڏينهن رنج و الم جو هوندو....)
    ته روئندي روئندي سندس هِچڪي بند ٿي ويئي. پر هو بزرگ ۽ برتر هيو. جهانن جي سردار جو ساٿي.... کيس خبر هئي ته صُور جڏهين ڦوڪبي ته ڇا حشر جو عالم هوندو. مان ته عامي آهيان.نه مون کي ڄاتي جي ڄاڻ نه ئي اڻڄاتي جي! منهنجو وجود ته اڻ ڄاتي ۽ بيڪران، لامحدود ڪائنات ۾ ڪنهن واٽهڙو ٽٽل ٿڙيل تاري جيان آهي.... جنهن کي پنهنجي منزل جي ڪا به خبر نه آهي.
    آئون ته صرف محسوس ڪريان ٿو. احساس اٿم جو زنده انسانن کي مُردَن کان ڌار ڪري ٿو. اهڙو بيڪار انسان توکي ڪهڙو دَانُ ڏيئي سگهي ٿو. ها، وجود تي وڪوڙيل غم، شڪ، وسوسي ۽ ارمانن جا ڪاريهر نانگ آهن جي توکي ارپيان ٿو. نعريبازي ڪانهي امڙ! لکيل ۽ ڄاتل تاريخ توڙي اڻ لکيل ڏند ڪٿائن ۽ ڪهاڻين جو تَتَ آهي. امڙ! ڪومل، نازڪ، نرمل شهزادين کي جن ۽ راڪاس بوتل ۾ بند ڪندا آهن. ڪٿي ڪنهن ديس ۾ ڪي جوان هميشه ارڏا انسان ته پيدا ٿيندا آهن جي سِسِي نيزي تي کنيو ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف جنگ جوٽيندا آهن. پوءِ جيجل!.... ڪو چنيسر هوندو جو چوندو.....
    آڻ مڃين ها،
    عيش ڪرين ها
    هوند جواني ۾
    هيئن نه مرين ها....
    ته ڪو دودو هوندو جو ور ور ڏيئي وراڻيندو.....
    تنهنجي منهنجي جنگ
    ازل کان جاري آهي.....
    هيءُ انسان
    جنهن جو جيون جرَ ڦوٽو آهي سو پهاڙ کان به ڏاڍو آهي. ڀِٽ ڌڻيءَ نه چيو آهي....
    ”اچو ته سيڪيون
    هٿڙا مٿي تِن مچن.....“
    سو، مون جن مَچن تي هٿڙا سيڪيا هوندا تن مان هڪ ارڏو فاني انسان جو وري ديوتائن جي سراپ سان لافاني ٿيو، سو آهي.... ها، Sisyphus سسيفس.... يوناني ديو مالائي ڪردار.... فاني انسان تنهن وري هڪ لافاني ديويءَ سان عشق ڪيو. عشق ته لافاني آهي، ڪرڻ وارو البته فاني ڇو نه هجي. جڏهن ديوتائن کي خبر پئي ته هڪدم ڦڙڦُوٽ مچي پيئي ته ڪيئن هڪ فاني انسان جي ايتري همٿ ٿي. سو اچي اولمپيا تي ڪَٺا ٿيا. ديوتائن جي ديوتا زيوس (Zeus) جي آشيرواد سان فيصلو ٿيو ته Sisyphus سسيفس هڪ و ڏو پهاڙ (Soulder) ڪُلهي تي کڻي اولمپيا جبل جي چوٽيءَ تي چڙهندو. ارڏي انسان اها سزا قبول ڪئي، پر ديوتائن سازش ڪئي، جي سازش نه ڪن ته ديوتا ڪيئن رهن! سو سسيفس هڪ وڏو پهاڙ ڪلهي تي کڻي بلند و بالا اولمپيا جي چوٽيءَ ڏي وڌيو. وڌندو ويو.... وڌندو ويو. .... تان جو چوٽيءَ کي قريب آيو، ديوتائن جي سازش هئي... سندن سراپ هيو. سو جيئن ئي سسيفس چوٽيءَ کي ويجهو آيو ته سندس پير ترڪي پيو. جبل جهڙو ڳرو پهاڙ وڃي اولمپيا جي دامن ۾ لڙڪندو پهتو. سسيفس به آٿڙڪيو.... پر هڪدم اٿيو، کڙو ٿيو. کڙو ٿي وري چوٽيءَ ڏي ڏٺائين جتي ديوتا سندس ناڪامي تي مُشڪي رهيا هئا. سسيفس جي اکين ۾ مچ ٻري آيا. هن ڳاٽ اوچو ڪيو. سينو ساهيو. رڳون تڻجي آيس. اولمپيا جي اوچائي تي ويٺل ديوتائن ڏي نهاري وري اَٿاهه گهرائي ۾ ڪريل پهاڙ ڏي ڏسي چيائين.....
    I’ll make it….
    (آئون ڪري رهندس....)
    ۽ وري هيٺ ويو.
    پهاڙ ڪلهي تي کنيائين، وري هليو ماڳ ماڻڻ. ديوتائن جو سراپ هيو. وري ترڪي پيو. آٿڙڪيو. آسمانن جي وسعت ڏي نهاريائين ۽ وري زمين جي اٿاهه گهرائين ڏي. ڄڻ سندس حسرتون، آسون، اميدون پاتال ۾ پيهي ويون هيون. اهو ئي عزم ۽ همٿ. وري هيٺ ويو..... ته......
    I’ll make it….
    ۽ چون ٿا ته ان ڏينهن کان Sisyphus جي جدوجهد جاري آهي. ارڏو ۽ باهمت..... ديوتائن جو سراپ. پر هيمنگوي واري ڳالهه ته
    Remember O fish, a man can be destroyed but never defeated…..
    اي ”مڇي! ياد رکجان! انسان فنا ٿي سگهي ٿو پر شڪست نٿو کائي سگهي.“
    هيمنگوي جو ”پوڙهو ۽ سمونڊ“
    Old man and the sea
    ٻيو مچ هيو، جنهن تي مون هَٿڙا سيڪيا آهن، انساني عزم ۽ همٿ جي لافاني ۽ لازوال ڪهاڻي.
    پر ڳالهه هئي راڪاسن جي! جنن جي! جن ڪومل، نازڪ، نرمل شهزاديءَ کي بوتل ۾ بند ڪري رکيو آهي. مون کي خبر آهي ته تون اوسيئڙي ۾ آهين ته ڪو بهادر، ارڏو، ديوتائن کان باغي انسان ايندو جو راڪاس کي ماري، جِنَ جو جادو ختم ڪري توکي بوتل مان ڪڍندو.... ۽ پوءِ تون! سنڌو! سپت سنڌو! سرسوتيءَ جي امِينَ .... موهَن جي دڙي جي تهذيب جي رکوالي، هماليا جي ڌيءَ.... اٿنديئين ۽ مان وري ڳائيندس
    سدا وهي
    کير وهي
    ماکي وهي....
    سنڌ جيئي
    سنڌ جيئي.....

    (آگسٽ، 1989ع)


    بدتهذيب نانگ

    ان ڏينهن مون وٽ اخبار نه آئي هئي. هڪ دوست فون ڪئي. چيائين ته خوشي اٿم، جو مسَ مسَ لکيو اٿئي. پاڻ مهرباني ڪري منهنجي همٿ افزائي به ڪيائين ۽ وري ڪالم جي صنف تي منهنجو رايو ورتائين. هڪ مشورو به ڏنائين. هڪ نه پر ٻه. هڪ ته ڪالم ۾ مقصديت هئڻ کپي. ٻيو ته آءٌ پنهنجي ڪالم کي Politicize ڪرڻ کان پرهيز ڪريان. سندن پهرين صلاح سان مون اتفاق ڪو نه ڪيو جو مون کيس عرض ڪيو ته ڪالم لکندڙ جي احساسات ۽ وجود تي جي خارجي اثرات يا عوامل آهن، انهن کي ڇنڊڇاڻ ڪري پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي صنف جو نالو ڪالم نويسي آهي. باقي ٻي صلاح لاءِ سندس ٿورائتوآهيان ته هن قُرب، پيار ۽ هُج مان صلاح ڏني. جو، اسين جيڪڏهن ڪو دوست سچ چوي ته به کيس چونداسين ته ”ادا! هوريان ڳالهائيندا! متان ڪير ٻڌي نه وٺي.“
    هڪ ٻه مزيدار واقعا ياد آيا اٿم . مسز عطيه عنايت الله جنهن جو گهر وارو عنايت الله صاحب هينئر هڪ 22 گريڊ تان رٽائر ٿيل آفيسر آهي. تنهن هڪ دفعو سول سروسز اڪيڊمي ۾ بطور مشير صدر پاڪستان تقرير ڪندي چيو ته....
    They are neither Civil nor Servants…….
    اصل ۾ اهو شايد ڪياني صاحب مرحوم (جسٽس ڪياني) چيو آهي جو پاڻ به سول سرونٽ هيو.
    وري هڪ انتهائي ذهينCivil Servant جي طرفان... خالد حسن صاحب پراڻو سي ايس پي آهي. ويانا ۾ هوندو هو. اتان ڊان لاءِ لکندو هيو. اهو اڪثر سول سروسز يا ڪامورا شاهي جا ڌاڻا ڪڍندو هيو. اڪثر Civil Servants لاءِ Un civil serpents جو لفظ ڪم آڻيندو هو. کيس مون پڙهيو هوندو. يعني ڪامورو معنيٰ ”بدتهذيب نانگ“ جنهن کي خبر نه هجي ته ڪنهن کي ڪنهن وقت ڏنگڻو آهي.
    مون به اهو ئي محسوس ڪيو آهي. واقعي ڪامورو نهايت ئي ”بدتهذيب نانگ“ آهي. پر هو اڪيلو ئي ”بدتهذيب نانگ“ نه آهي يا ائين چئجي ته هو ئي صرف ”بدتهذيب نانگ“ نه آهي پر سندس برادري ۽ ماڪوڙي ماسات قبيلي ۾ سياستدان، وڏيرو ۽ پورهئي جو استحصالي سرمايه دار به آهي، جو ڪٿي ڪٿي ته موقعي پرستي، ظلم، استحصال، چوربازاري ۽ رشوت ۾ ڪاموري کان مٿڀرو ٿيو وڃي.
    مڃان ٿو ته سڀ برابر نه آهن. هر ڪامورو، وڏيرو، سياستدان يا سرمايه ڪاري واري معاشري ۾ رهندڙ سرمايه ڪار ظالم ۽ استحصالي نه آهي. جي ائين هجي ته نه ڪو موني سنگهه پيدا ٿئي نه ڪو ڪائونٽ ليو ٽالسٽائي پيدا ٿئي. نه ڪو حيدربخش جتوئي ٿئي نه ئي ڪو مهاڪوي رابيندر ناٿ ٽيگور پيدا ٿئي. اڃا ڪي آهين ڪُلجڳ ۾ ڪاپڙي.... جنين جي ڪري هي رنگ و بُو جي حسين دنيا قائم آهي.
    افسوس صرف انهيءَ ڳالهه جو آهي ته رشوت، اقربا پروري، موقعي پرستي ۽ ظلم جي وسيع ميدانن ۾ ڪامورو، وڏيرو ۽ سنڌ جو سياستدان هڪ ٻئي کان اُتر لَهڻي. ائين ڪونهي ته ڪو پنجابي، پٺاڻ يا بلوچ اسان سنڌين کان وڌيڪ ايماندار آهن. اُهي اسان کان به شايد وڌيڪ ڀاڙ جا ترا آهن. پر انهن وٽ نه شاهه لطيف آهي نه شاهه عنايت شهيد آهي، نه ئي هو وري ڪي اهڙين روايتن جا پاسبان يا اَسيرآهن ۽ جي هجن به ته به اسان کي ته پنهنجو گهر ڏسڻو آهي.
    مون ڏٺو آهي ته اهڙا به سياستدان آهن جن جي هر لينڊ ريفارم کان پوءِ زمين وڌندي ويئي آهي. اهڙا به آهن جي هر حڪومت سان پورا آهن.
    حڪومت ڇا آهي؟
    Will of people
    ماڻهن جي حق خودارادي! ۽ ماڻهو ڪير آهن. اُهي، جن جي خواهشن سان حڪومتون بدلبيون آهن، واعدا وعيد ٿيندا آهن. پر سندس حال اهو ئي آهي. پشتها پشت جو وڏيري جو غلام. اڄ نوري آباد ۾ ڪو ماڻهو ڪارخانو لڳائڻ لاءِ تيار نه آهي. ائين ته نه آهي جو سنڌ جو وڏيرو نٿو چاهي ته سنڌ ۾ ڪارخانا لڳن. جي ڪارخانا لڳندا ته وڏيرن کي زور ڪير ڏيندو، سندن اڱڻ ڪير ٻهاريندو ۽ مفت جو پورهيت ڪٿان ايندو. ائين ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اُٻاؤڙي کان وٺي ڪيٽي بندر تائين هر پاسي يعني دريا جي ٻنهي پاسي ايڏا ته ناميارا جدي پشتي پير مير ۽ وڏيرا ويٺا آهن. ناممڪن آهي جو هو نه چاهين ۽ ڌاڙا لڳن يا ماڻهو اغوا ٿين. صوبيدار، تپيدار کان وٺي ڪمشنر ۽ سيڪريٽري سندن مرضيءَ تي لڳن ٿا يا سندن مرضيءَ کان سواءِ نٿا لڳي سگهن. جرم ڪيئن ممڪن آهي.
    مڃان ٿو ته Corruption آهي پر اک ٻوٽ ڇو! هيڪر سڀ سندرو ٻڌو. رشوت ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف. پوءِ ڏسو.
    سو ادا، آءٌ ڪيئن نه Politicize ڪيان، ڇو نه ڪيان هن ڌرتيءَ جو مون تي قرض آهي. مس مس ته مون کي موقعو مليو آهي. قرض لاهڻ جو.
    آءٌ لاهيندس، چاهي ڪجهه به ٿي وڃي.

    (سيپٽمبر، 1989ع)


    ارشاد نبي عباسي

    اڄ ارشاد ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي آيا. ارشاد پارس- نالو سندس ارشاد النبي عباسي، پر مَن مُوهڻي پارس سان جڏهن کان دل لاتائين تڏهن کان ارشاد پارس سڏرايائين. (خير سان دل ته الائي ڪيترين سان لاتائين) ارشاد سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن سندس ڀاءُ مرحوم الطاف عباسي (جو پوءِ شيخ الشراب يعني ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو) ايڪسائيز آفيسر سانگهڙ هو. اسان هڪ دفعو بس ۾ سانگهڙ کان حيدرآباد پئي وياسين، سيٽ ڪا نه ملي. 67-1966ع جي ڳالهه هئي. ٻئي پنهنجيءَ پَرَ ۾ ڏاڍا شوقين هوندا هئاسين. پتلونون ڪراچيءَ کان سبرائيندا هئاسين. هر ٽيون درزي اسان کي ليکو ڏيندو هو ته قائداعظم جڏهن پئرس کان ڪپڙا ٺهرائڻ بند ڪيا ته پوءِ مون کان ٺهرائيندو هو. انهيءَ ريس ۾ ڪافي پوءِ هڪ انتهائي شريف انسان، مُحسن ۽ قابل احترام استاد سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پٽ ڪَنَهِيو به شامل ٿيو. محمود سومرو، مرحوم احمد علي ڏهر ۽ ٻيا ڪافي دوست، اسان سان گڏ انهيءَ شوق ۾ اچي مبتلا ٿيا.
    خير ڳالهه پئي ٿي بس ۾ سفر جي. بيٺاسين يڪو سانگهڙ کان حيدرآباد تائين. آءٌ وار ڪٽائڻ يعني سَنوارت ڪرائڻ جا ڪنهن زماني ۾ ڳوٺ ۾ حاجي حجم کي چار آنا ڏيندو هئس. هاڻ حيدرآباد ۾ رُوپ سنگهار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان نه ڪرائيندو هئس. ڳوٺ ۾ حاجي حجم ٻڪرن يا پَٺن جا وارَ لاهيندو هو يا اسان جهڙن جا. پر هاڻ جوان ٿياسين، زمانو به مَٽيو. وار ڪٽائڻ يا سنوارت ڪرائڻ معنيٰ روپ سنگهار. حيدرآباد جي انهيءَ روپ سنگهار واري اهڙو ته نشو ڏنو جو اڄ به جتي هوندو آهيان ”روپ سنگهار“ وڃي وار ڪٽرائيندو آهيان.
    پر ڳالهه پئي ڪيم ارشاد عباسيءَ جي- سِتم ظريفي ته ڏسو. ساڻس گڏ سندس وڏو ڀاءُ ۽ هڪ طرح سان منهنجو مُحسن، مُربي استاد ۽ قابلِ احترام شاعر، محقق تنوير عباسي به هو، پر آءٌ ڳالهه پيو ڪريان ارشاد جي. منهنجي ۽ ارشاد جي پهرين ملاقات جي. سانگهڙ کان حيدرآباد بس ۾ سفر شروع ڪيوسين. پتلون جي سِبائي کان وڃي پهتاسين ٽيگور ۽ عمر خيام تي. ان زماني ۾ مون کي مَها ڪوي ۽ خيام سان عشق هو. عمر جو حصو شايد اهڙو هو جو هر (Romantist) چنڊ تارن جيان سهڻو لڳندو هو. جيئن اياز جي بُکئي ٻار جيان مانڊاڻ ۾ تارا ڏاڙهونءَ ڪَڻ آهن ۽ چنڊ گدري ڦار جيان- تيئن سونهن جو هر پُڄاري- هر ڪوي منهنجو من موهيندو هو. من ته اڄ به آتو ٿيندو آهي ته ڪاش هي ڌرتي، گهايل ڌرتي، من وهايل ڌرتي.... شال اهڙي هجي، جتي هر گهڙي، هر پل، شفق جا رنگ، اِنڊلٺ جا منظر.... پوپٽ جي پرن جيان جِهر مِر ڪن. اي ڪاش! هتي هر وقت آڪاش گھرو نيرو هجي ۽ ڌرتي سدا سائي هجي. جڏهن سائي ڌرتيءَ تي ڊيل نچي ۽ پنهنجا پَر کولي ته سندس ڪُوڪ منجهان: ”مينهن آ..... مينهن آ.....“ نه ٻڌجڻ ۾ اچي، پر ”پي ..... آ.... آ.... پِيا......آ....“ ٻڌجڻ ۾ اچي. پيار لاءِ سندس من ماندو هجي ۽ هر ويلي محبوب لاءِ سندس پڪار هجي ۽ جڏهن محبوب اچي ته مينهن وسي.
    ارشاد جي اچڻ سان مون کي سڀ ياد اچي ويو. تنوير ماٺيڻو سمونڊ آهي، سدائين کيس ملندو رهندو آهيان. پر ايتري اُڻ تُڻ منجهس محسوس نه ڪئي هوندم. شايد ماڻهو جڏهن ڄاڻڻ لڳندو آهي. ته سمونڊ جيان طوفان لِڪائيندو آهي ۽ پاڻ ۾ سموئي ويندو آهي. نَدِيون ۽ نالا شور شرابو ڪنديون آهن. بستيون ويران ڪنديون آهن. آءٌ ته يار نه ندي آهيان نه نالو آهيان. صرف پاڻ کي برباد ڪرڻ وارو هڪ پريشان حال روح آهيان. روح مان منهنجي معنيٰ Self آهي. ارشاد ۽ آءٌ هڪڙي سفر جا ساٿي هئاسين جنهن ڪري اڄ اُٿل آئي آهي. نه مون ۾ مهراڻ جي مستي آهي، نه جذبن جي سچائي، پرشايد پراڻي ساٿ مون کي ڪجهه ياد ڏياريو آهي. هن ڌرتيءَ سان، هنن ماڻهن سان. هنن ماروئڙن سان. ڪو واسطو- ڪو قَسَم، ڪو واعدو، ڪو عهد.
    جڏهن اسين ڌرتي ماتا جو قسم کڻندا هئاسين. ڀاءُ! منهنجا دوست! منهنجا ساٿي! توکي ياد آهي:
    ”مون وٽ ڪيئي گيت گگن جا،
    پنڇي بن جا
    سانگ سپن جا-
    پر اي وَڍُ – وهاٽيل سرَتي
    گهايل ڌرتي
    توکي پرتي
    منهنجي ڪوتا، جاپ جڳن جا
    اڻڳاتل آلاپ جُڳن جا. شال ڌُئان مان پاپ جُڳن جا!
    جَنَ گَنَ مَنَ جا!
    جن گن من جا!“
    يار! مون وٽ ته ڪو گيت ڪونهي- ڌرتي........ منهنجي ڌرتي البته ڏاڍي گهايل آهي.

    (مارچ، 1992ع)


    اڌ اگهاميل دعا

    اڄ مون کي اردوءَ جي هڪ شاعر جي يادگيري ٿي اچي جنهن زندگيءَ کي ڪنهن مفلس جي قبا سان تشبيهه ڏني جنهن ۾ هر گهڙي درد جون چتيون لڳنديون اچن ٿيون. ڀٽ ڌڻيءَ به ته چيو آهي ته..... ”جيڪر آئون هُياسَ گُري گُوندر وَلَ جي“........ شاعريءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا ٻوليءَ جي وسعت جو اهڃاڻ هوندا آهن. ڪٿي لباس جنهن ۾ چتيون لڳنديون پيون اچن ته ڪٿي غم وجود کي ايڏو ته ننڍڙو ڪيو آهي جو هڪ بي معنيٰ ننڍڙي گُري ٿي ويو آهي. مون کي اهو ان ڪري ياد آيو ته اڄ مون کيس ڏٺو هو. هڪ فنڪشن ۾ خاموش، اداس، بنا ميڪ اپ جي. لڪي ڊرا ٿيو ته سندس نمبر نڪتو. آئون مهمان خصوصي هيس. اسٽيج تي آئي، انعام وٺڻ. مون الائي ڪيئن پنهنجي وجود کي سنڀاليو. ننڍڙو پيڪيٽ مون کي مَڻَ جو لڳو. مون ڏي نهاري ڪمرشل جهڙي مسڪراهٽ سندس منهن تي آئي پر اکين ۾ باهه جا اُلا هيس. شڪايتون، ڪروڌ، نفرت، کن پل ۾ مون خبر نه آهي ته ڇا ڇا ڏٺو. آئون ته اڳيئي ڇِڄَل آهيان. ڪنهن جو ڏوهه آهي، ڪنهن جو نه آهي.... فيصلو ڪير ڪري. نيٺ آخر ۾ مون کي تقرير ڪرڻي هئي. رهيو نه ٿيو. خوش نصيب انعام کٽندڙ کي مبارڪ ڏنم ۽ دعا ڪيم ته هو سدا خوش هجي ۽ پنهنجي نالي جي نسبت سان شڪايت ڪيم ته منهنجو نالو غلط رکيو اٿن. آفتاب يا سج کي گريڪ ”اپالو“ جي نالي سان سڏيندا آهن يعني ”سج ديوتا“. اپالو هڪڙي فاني من موهڻي کي دل ڏيئي ويٺو. ديوتائن ۾ چوٻول اچي متو. ديوتائن جي ديوتا ”زيوس“ جي عدالت ۾ اپالو کي حاضر ڪيائون. مجلس مشاورت ويٺي. هر ڪنهن اپالو تي ڇوهه ڇنڊيا، ڳريون سزائون تجويز ڪيائون. پر اپالو زيوس جي اکين جو تارو هيو. ڪائنات کي منور ڪندو هو. اپالو سينو تاڻي زيوس کان سندس دل جي ديويءَ جي گهر ڪئي. زيوس شفقت پدري ۾ وراڻيو:
    ”وڃ....... اسان تنهنجي دعا اگهائي. سڀاڻي تون هميشه جيان پنهنجي سوني رٿ کڻي مشرق کان مغرب تائين پنهنجي سفر تي نِڪِرِ. هو تنهنجي پويان پئي ايندي ايستائين جو تون پنهنجي آرامگاهه تي نه پهچي وڃين. پر توکي مُڙي پويان نه ڏسڻو آهي. جي ڏٺئي ته هوءَ گم ٿي ويندي.... (۽ وري نه ملندي).
    اپالو هميشه جيان ٻئي صبح پنهنجي سوني رٿ کڻي مشرق کان سفر سانڀايو.... جڏهين وچ سفر ۾ هو ته من جي مانڌ کيس بي صبر ڪيو..... هن ڪنڌ ورائي ڏٺو..... هوءَ پنهنجي تمام حشر سامانين سان سندس پويان پئي آئي، پر هيڏانهن اپالو جو ڏسڻ ۽ هوڏانهن هن جو گم ٿيڻ..... اپالو وسامجي ويو. سندس وجود ۾ طوفان پيدا ٿيا. سندس وجود جي جوار ڀاٽا ڌرتي ۽ آڪاش لوڏي ڇڏيا. پر...... سندس من جي ديوي موڪلائي ويئي. تڏهن کان ئي انگريزيءَ جي ضرب المثل تهHis prayer was but half granted (۽ سندس دعا اڌ قبول ٿي) وجود ۾ آئي.
    سو، مون به چيو ته آئون اهڙو اڀاڳو آهيان جنهن جي دعا سدائين اڌ قبول ٿي ٿئي. سندس اکين ۾ موتي تري آيا. ڪاش! مان مور هجان ها ته سندس لڙڪ جهٽي وٺان ها. سِپَ هجان ها ته اِهي بُوندون سيني ۾ سانڍي ۽ ساهي موتي ڪيان ها. شايد! کيس اڃا به مون سان پيار آهي. يا مون تي رحم ٿو اچيس ته ڪهڙي ديواني سان دل لاتي آهيم. ها مان ديوانو آهيان. منهنجي چاهت به انتها، ته نفرت به انتها. مون ڪيڏي نه ڪوشش ڪئي آهي توسان نفرت ڪرڻ جي ۽ هر حرڪت ڪئي اٿم ته تو کي مون سان نفرت ٿئي. ها، انهيءَ ۾ ته مون کي ڪاميابي ٿي آهي ته تون مون سان نفرت ڪرين.... پر مون کي توسان نفرت نٿي ٿئي. آئون توکي وساري نٿو سگهان. ڪيئن وساريان؟ تون منهنجي رونءَ رونءَ ۾ رَتَل آهين. آئون جو ساهه کڻان ٿو تنهن مان مون کي تنهنجي خوشبو اچي ٿي. جاڳان ٿو. سمهان ٿو، هلان ٿو، ڦران ٿو، هر وقت تنهنجي تصوير آڏو آهي. مان ته ڪيڏي مهل آئينو ڏسندو آهيان ته به تون نظر ٿي اچين.
    هي ڪهڙو عذاب آهي. محبتن ۽ نفرتن جي ٻه واٽي تي، ڇا مون کي ئي ان پل صراط تان لنگهڻو هو.! منهنجو هانءُ ڦاٽي پوندو. آئون اڳي ئي ديوانو ٿي چڪو آهيان. مون کي شڪتي ڏي. طاقت ڏي. مان کيس ڪجهه به نٿو ڏيئي سگهان. هن ديواني جي ڪشڪول ۾ محبت کان سواءِ ڪي به ڪونهي. ۽ هي کوکلي خالي خولي محبت..... ان مان نه ڪنهن کي تحفظ ملي ٿو نه عزت ۽ نه ئي مقام ملي ٿو. هي دنيا ڏاڍي ظالم آهي. انسان کي ڪيڏو نه مجبور ۽ بيوس بڻايو ڇڏي.

    (جنوري، 1990ع)


    تپيدار جي معطلي ۽ بحالي

    نوشهروفيروز جي تپيدار خلاف آبادگارن جي شڪايت ته: ”ڍل مقرر رقم کان وڌيڪ وصول ڪري ٿو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ تنگ ڪندو رهي ٿو. شڪايتن کان پوءِ کيس هڪ ڏينهن معطل ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن وري بحال ڪيو ويو.“
    (عوامي آواز 4 جولاءِ 1994ع)
    تفصيل ۾ وري ٻڌايو ويو آهي ته تپيدار مذڪوره مختيارڪار جو دادلو آهي ۽ بحاليءَ کان پوءِ وري وڌيڪ مڇرجي پيو آهي.
    ويچارا آبادگار! هنن کي خبر ئي ڪانهي ته تپيدار ڪيڏو نه مضبوط هوندو آهي. سندس بحالي صرف ان ڪري ڪانه ٿي هوندي ته هو مختيارڪار جو دادلو آهي. سنڌ ۾ تپيداري لڏو جيڏو بي مهار ۽ ارڏو آهي، اوترو شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ هجي. ويچارو عام ماڻهو هميشه کان تپيدار – پوليس ۽ وڏيري جي ازلي اتحاد جي عذاب کي پيو ڀوڳي. پوليس تپيدار ۽ وڏيري جي هميشه کان هڪ ٻئي سان ساز باز – چرچ ۾ شامل هئڻ، ظلم ۽ پيڙا جي داستان جو تسلسل قائم رکندو اچڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. الاهي لکجي چڪو آهي. هاڻ ته هر ڪنهن کي ڄڻ اڻ ڏٺو صبر اچي چڪو آهي. ظلم ۽ ڏاڍ سان نه صرف سمجهوتو ٿي چڪو آهي پر مظلوم هر سعي پيو ڪري ته ظلم جو هرڪارو ٿجي. شايد ائين ئي انڌو ڪاري ۽ ڏاڍ جو داستان قائم رهندو آهي. ڪوٽ ڏاڍا ٿيندا ويندا آهن. جيسين ڪو ڪوٽ ڪيرائيڻ وارو نه اچي. پر اهو ظلم جو ڪوٽ ڪرڻ ۽ رومانيت به صرف الف ليليٰ ۾ حسن بانو جي ستن سوالن ۾ آهي.
    خير، ڳالهه پئي ڪئي سون تپيدار بادشاهه جي... سائين! اول ته سنڌ سڳوري ۾ روينيو رڪارڊ رکڻ، ان جي جانچ ڪرڻ ۽ تصديق ڪرڻ جو رواج سدا گهٽ رهيو آهي. مٿان وري حڪومت سڳوري رڪارڊ کي آسان ڪرڻ لاءِ اڌ کان مٿي لاڳو ٿيل رجسٽر خارج ڪري ڇڏيا. جيڪي بچيا انهن تي تپيدار ۽ وڏيري جو قبضو. وري به وڃي ڳالهه ڪٿان جي ڪڍيم ڪٿان... اصل ڳالهه هئي تپيدار جي هڪ ڏينهن معطلي ۽ ٻئي ڏينهن بحالي ۽ وري بحالي کان پوءِ سندس مڇرجڻ. ميان! هي تعلقي نوشهروفيروز جو تپيدار آهي. مختيارڪار غريب ڪجهه ڪونهي نوشهروفيروز جي تپيدار اڳيان. اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلع واسين کي خبر هوندي ته ورهاڱي کان اڳ ۽ بمبئي کان سنڌ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار هڪ دفعو ان ڪري وئي هئي ته اعتماد جي ووٽ وقت سابق ضلعي نوابشاهه جي ٽن سيدن فلور ڪراس ڪيو هيو. ايم ايل اي صاحبان، جي هاڻوڪي نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز سان واسطو رکندا هئا جي حڪومت سنڌ سان ناراضگي جو سبب صرف اهو هيو ته نوشهروفيروز جي ايم ايل اي صاحب جي چوڻ تي ڪلڪٽر تپيدار بدلي نه ڪيو. واه سائين واهه.... حڪومت تبديل ٿي تپيدار جي بدلي تان.
    انهيءَ جو به مان شاهد آهيان ته ولايت مان بارايٽ لا ڪندڙ نامياري سياستدان تپيدار جي بدلي لاءِ وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي. اها به حقيقت آهي ته ڪن ڪيسن ۾ ڪنهن وڏيري سڄي ڄمار ڪليڪٽر لاءِ بغض رکيو هوندو ته ”سائين بيڪار ماڻهو آهي. اسان جي چوڻ تي تپيدار به بدلي ڪو نه ڪيو هئائين.“
    باقي ايوب خان ۽ محمد خان جوڻيجي لاءِ ته اڪثر چوندا آهن ته تپيدار کي ڪڻڪ، موسمي فروٽ موڪليندا هئا. ۽ سندن خاص خيال رکندا هئا. خير.... نبي سائين جن به تحفا تحائف موڪليندا هئا. ۽ بطور رشوت انهن شين جي ڳڻپ ڪانه ٿيندي آهي.
    سو ڳالهه هئي ويچاري اڻ ڄاڻ نمائندي عوامي آواز جي. چئي ته اخبار ۾ خبر ٿو موڪليان ته تپيدار مڇرجي پيو آهي. ميان! الله الله ڪر..... تپيدار جي بدلي ۽ نه بدلي، ڪليڪٽر بدلي ڪرائيندي آهي.... حڪومتون تبديل ٿينديون آهيون. آبادگار ڪهڙي باغ جي موري آهي.....!!

    (جولاءِ، 1994ع)


    ڪاغذي شير پلجن پيا

    مخملي ٿيلن وارن (ڪارپيٽ بيگرز) کان ڳالهه شروع ڪئي سين. آمريڪي خانه جنگي کان پوءِ آمريڪي معاشري ۽ آمريڪا جي سرزمين تي پيدا ٿيندڙ ٺڳن جي ٽولي جي ڪهاڻي شروع ڪئي سين ۽ ڏٺوسين ته اڄ قريب ڏيڍ سؤ سالن کان پوءِ اسان جي سرزمين تي، لاطيني آمريڪا ۾، آفريڪا ۾، ايشيا ۽ خاص طور ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ حڪمرانن جا اهڙا ئي طالع آزما، ٽولا ايندا رهيا آهن، جن جمهوريت جي نالي تي عام ماڻهن جي حقن جو استحصال ڪيو. پيداواري ذريعن تي ڌاڙو، ذاتي جاهه و جلال، ملڪيت جي هوس، اقتدار جي لالچ سندن ڪُل ايمان رهيو. ملڪي وسيلن ۽ ذريعن تي راتاهو هڻي سڀ ڪي حاصل ڪجي ۽ ڪٿي وري انقلاب ۽ اصلاح جي نالي تي هيڪر ماڻهن جي انبوهه جون واڳون هٿ ۾ قابو ڪرڻيون پون ته پوءِ مُرّبي ۽ مُحسن جي ڪڍ هڪ چچريل هڏيون چٻاڙيندڙ گروهه پيدا ڪيو وڃي. رياستي طاقت، جبر ۽ پروپيگنڊا جي وسيلن ذريعي ماڻهن جي ذهنن کي نستو ڪري ذاتي اقتدار يا وري گروهي اقتدار جي راهه هموار ڪبي. افسوس هيءُ آهي ته تاريڪ براعظم آفريقا ۾ به اوبانجو پيدا ٿئي ٿو. منڊيلا پيدا ٿئي ٿو، پر هن بدنصيب خطي جي حالت اها آهي ته جنهن مارڪوس اربن ڊالرن ۾ قومي ملڪيت جي ڦرلٽ ڪئي تنهن جو خاندان ۽ سندس حواري اڄ وري به فلپائين جي برسر اقتدار ٽولي ۾ سر ڪرده حيثيت جا مالڪ آهن. انڊونيشيا جي سوهارتو لاءِ هڪ اندازو آهي ته هُن قومي معيشت ۽ پيداواري ذريعن جي ٻٽيهه ارب ڊالرن جي رقم ڦُرلٽ ڪري حاصل ڪئي. اڃا سوڌو ته هڪ ”روپيو“ به واپس نه وريو آهي.
    هيءُ سمورو داستان انهيءَ ڪري ٻڌائڻو پيو آهي، جو ملت پارٽي جي سربراهه، سابق صدر پاڪستان، سابق سي ايس پي ۽ چوٽيءَ جي لغاري سردار فاروق خان تازو ئي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”پاڪستان حڪومت جو ٻاهريون قرض 32 ارب ڊالر آهي، جتي پاڪستان جي سياستدانن، ڪامورن، جنرلن ۽ صنعتڪارن جا ٻاهرين ملڪن ۾ 50 ارب ڊالر لِڪيل آهن“. سردار صاحب البته جنرلن لاءِ ”رٽائرڊ جنرلن“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. سردار صاحب وڌيڪ چيو آهي ته اهي پئسا هنن چند ماڻهن گذشته ويهن سالن ۾ ٻاهر موڪليا آهن ۽ سندس خواهش آهي ته حڪومت پاڪستان کي عالمي مالي ادارن توڙي امداد ڏيندڙ ملڪن سان قرض جي واپسيءَ لاءِ ڳالهيون ڪندي اهو به دٻاءُ وجهڻ کپي ته عالمي ادارا ۽ امداد ڏيندڙ ملڪ انهيءَ پئسي کي ملڪ ۾ واپس آڻڻ ۾ اسان جي مدد ڪن. سردار صاحب وڌيڪ چيو ته هي 50 ارب ڊالرن جو اندازو انتهائي محتاط اندازو آهي جڏهين ته هڪ آمريڪي سفارتڪار موجب گذريل 50 سالن دوران پاڪستاني صنعتڪارن، سياستدانن، ڪامورن ۽ جنرلن 100 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ اهي هڪ سو ارب ڊالر يعنيٰ 54 کرب رپيا هن مسڪين ملڪ جي پيداواري ذريعن ۽ معيشت کي لٽي ئي ٻاهر موڪليا ويا آهن.
    محترم سردار صاحب کي ڪيئن چئون ته سائين جي توهان پاڻ گورنر پنجاب شاهد حامد جي چوڻ تي يا خدا ڄاڻي ڪهڙي اثر هيٺ اليڪشن ۾ قرضين جي حصو وٺڻ جي پابنديءَ جو قانون نواز شريف کي فائدو ڏيڻ لاءِ غير موثر نه ٿيڻ ڏيو ها ته نه فخرالدين جي ابراهيم استعيفا ڏئي ها نه ئي شهنشاهه ثاني اعليٰ حضرت محمد نواز شريف پاڪستان جو ”تاجدار“ ٿئي ها، نه ئي وري هو توهان کي ڪڍي ڦٽو ڪري ها.
    آهه ويچارو انسان! پنهنجي عقل، خوبصورت ذهن، سوچ ۽ ڪردار تي ڪيڏو اجايو ناز ٿو ڪري. هي هڪ سو ارب ڊالر يا 54 کرب رپيا خبر اٿو ته ڪهڙي بلا آهن. هن ملڪ جي نو کان ڏهه سالن جي خرچ جي. اسان جو ٻاهريون قرض جو سردار صاحب 23 ارب ڊالر ٻڌايو آهي، قومي بئنڪ 38.8 ارب ڊالر ٿي ٻڌائي. سربراهه مملڪت 50 ارب ڊالر ٿو ٻڌائي ته ايشياويڪ جو تازو شمارو 39 ارب ڊالر ٿو ٻڌائي. اهو تمام قرض ادا ڪرڻ کانپوءِ ڇهن سالن جي بجيٽ جي پورائي لاءِ ڪافي آهي. پر نه جي بجيٽ جي انگن مان پوڻا ٽي سو ارب جي قرضن جي واپسي منجهان ڪجي ته ٻارهن سالن کان اهو سرمايو ڪافي آهي ۽ انهن ٻارهن سالن ۾ ڪنهن کي به هڪ ٽڪو ٽيڪس جو ادا ڪرڻو ڪونه پوي. هن ناڻي مان لکن جي تعداد ۾ اسڪول ٺهن. اسپتالون ٺهن، روڊ ٺهن. بيمارن جو علاج ٿئي. غريبن، نادارن بيواهن ۽ يتيمن جي امداد ٿئي.
    پر، خير سان اخبارون ته سڀ سنڀريون بيٺيون آهن ته اهي هڪ سو ارب ڊالر گهٽ آهن. ٻه سو ارب ڊالرن تائين قصو پهچائڻو آهي . جن ملڪ کي هن حال تي پهچايو انهن جي فوٽن ۽ بيانن کي صفحه اول جي زينت بڻائڻ، کين هيرو ٺاهڻ، منجهن خوبيون ڳولڻ، سندن ڊرامائي پوز ڏيڻ. هي سڀ هٿڪنڊا آهن پروپيگنڊا جا. اسان جي سادي ۽ صاف ذهن تي اثر ڇڏڻ لاءِ. ائين ته ڪونهي ته صاحب اقتدار لڏي جي به اها ئي مرضي آهي يا انهي لڏي ۾ ففٿ ڪالمسٽ ايڏي ته مضبوطي پڪڙي ويا آهن جو هر شيءِ تي هنن جو اثر آهي. هر فيصلي تي سندن ئي ڇاپ آهي.

    (جنوري، 2000ع)


    ڪامورڪيون قلابازيون

    ڪامورا هونئن به پنهنجين قلابازين لاءِ نه صرف مشهور آهن، پر بدنام به آهن. سياستدانن جون قلابازيون ته جمناسٽڪ جي رانديگرن ۽ سرڪس جي بازيگرن کي به مات ڏيو ڇڏين. اصل ۾ ٻئي ماڪوڙا ماسات آهن. هڪ فرق البت آهي. جتي سياستدان مربي ۽ مالڪ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، اتي ڪامورو انتهائي وفادار نوڪر ثابت ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مالڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي سعيءَ ۾ اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ٿو ڇڏي. انهن بازيگرن جي ڪرتبن اڄ ملڪ جي اها حالت ڪئي آهي، جو اڄ اسين اهڙي چوواٽي تي بيٺا آهيون، جتان ڦُٽندڙ هر گَس، هر واٽ رڳو ۽ رڳو مايوسيءَ ڏي پئي وڃي. ها، هڪ ٻيو به فرق آهي. جتي سياستدان لڏي ۾ ورلي ڪو بااصول ناڪام سياستدان ملندو اتي ڪامورڪي لڏي ۾ ڪيئي اهڙا راهه حق جا شهيد ملندا جن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي هوندي يا ڦرمار جي نظام ۾ شامل ڪونه ٿيا هوندا. وچ رستي تي غلاميءَ جي طوق کي ڳچيءَ مان ڪڍي ڦٽو ڪري آزاد ٿيا هوندا يا اقتدار جي اعليٰ ايوانن انهن کي هيسائي هيسائي، ڊيڄاري، ڊوڙائي ڊوڙائي انهيءَ طوق مان آزاد ڪيو هوندو. هونئن به ڪامورو نسبتاً ڪجهه پڙهيل ۽ روشن خيال هوندي ذهني طور سياستدانن جي ڪُڌن ڪرتوتن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندو آهي. پر ڪاري ناڻي جي زور تي اقتدار ماڻيندڙ ڏاڍا چالاڪ، هوشيار ۽ کيڏاري آهن. او ايس ڊي ڪريوس، معطل ڪريوس، هر هر بدلي ڪريوس، نيٺ ته سندس همت جواب ڏيندي. ڪو همت جلد هاري ڇڏي، ڪو دير سان هاري. ته ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وري ارڏا اڏول ارادن جا مالڪ يا ته جنگ جوٽيو اچن يا خاموشيءَ سان رستو مٽايو وڃن.
    ڪيترا ته گمنام سپاهي آهن. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ جنگ جوٽڻ وارن مان عبدالڪريم لوڌي ۽ ڪنور ادريس جهڙا مانوارا نالا آهن ته خاموشيءَ سان رستو مٽائڻ وارن مان عبدالله ج. ميمڻ، معين افضل ۽ فاروق هارون قابل قدر ۽ قابل ذڪر آهن. عبدالله ميمڻ ته پنهنجي درويش طبيعت جي ڪري وري انهيءَ گهٽيءَ جو رستو ڏيئي به ڪونه مٽيو، جيسين سندس بيچ ميٽ ۽ دوست فاروق لغاريءَ کيس معراج خالد واري عبوري حڪومت ۾ کنيو ته معين افضل کي سرڪار وري وفاقي ناڻي واري وزارت جو خصوصي سيڪريٽري ڪري کنيو آهي. ائين ئي فاروق هارون جنهن کي تنگ ڪري، ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي نيٺ نوڪري ڇڏرائي ويئي، سو وري نوڪري تي واپس وريو آهي ۽ گورنر پنجاب جو پرنسپل سيڪريٽري ٿيو.
    پر ڪمال ته آهي اُنهن بازيگرن جو. هڪڙا ڪاريگر بازيگر ته آهن يا هئا، انهن ڪاريگرن جو ذڪر ئي ڪونهي. اسان ته ٻين ڪاريگرن جو ذڪر ڪريون ٿا جي اڇا اُجرا ٿيو ويٺا آهن. ڪامورن جو مکيه ڪامورو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ راڻا مقبول تي مهربان ٿيو. حڪم ڪيائين ته کيس سنڌ صوبي جو ”اصل تي وڊو“ حڪمران يعني آءِ جي سنڌ ڪيو. افضل ڪهوٽ کي خبر هئي ته راڻا مقبول کان اسي کان مٿي سينئر ويٺا هئا. وري حڪم ٿيو ته راڻا صاحب ڇوته ”اصل تي وڊو“ راجپوت آهي ۽ اهڙي راجڪمار کي ويهون گريڊ سونهي ڪونه ٿو، تنهن ڪري کيس فوري طور ايڪويهون گريڊ ڏنو وڃي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ افضل ڪهوٽ کي ايڏي ته تڪڙ ٿي جو نه لکت ۾ آرڊر ورتائين نه ئي وري اصولي طور بورڊ جي ميٽنگ سڏرايائين. نه ئي ڏٺائين ته راڻا مقبول اسٽاف ڪاليج جو ڪورس به ڪيو آهي يا نه؟ فائل کي هڪ هڪ ميمبر ڏي موڪلي صحيح ڪرائي آرڊر جاري ڪري ڇڏيائين. پوءِ وزيراعظم ڏي سمري موڪليائين ته سائينجن جي حڪم جي تعميل ٿي ويئي آهي، هاڻ ته پنهنجي حڪم جي توثيق ڪريو.
    ائين ئي فاروق امين قريشيءَ کي ويهون گريڊ ڏنائين توڙي جو فاروق امين کان هڪ سو ويهه آفيسر سينئر هئا، پر اُهي پيا مکيون مارين. ڪامورن جي سردار کي راجڪمار کي خوش ڪرڻو هيو. هڪ ٻئي ”راجپوت“ راڻا نسيم احمد کي پنجاهه کن سينئر آفيسرن کي نظر انداز ڪري ويهون گريڊ ڏنائين. سندس غير معمولي ڪارنامو ڪهڙو هيو؟ راڻا نسيم جڏهين گورنمينٽ آف پنجاب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيو ته سال 1998-1999ع جي ڪپهه جي فصل تي پنجاب جي مرد اول کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جون دوائون ۽ اسپري سندس پسنديده ماڻهن ۽ ايجنسين کان وٺي هاريائين جنهن ڪپهه جي فصل تي ايڏو ته سٺو اثر ڪيو جو جتي اسان جو پيداواري ڪاٿو ڏهه لک کان مٿي ڳٺڙيون هيون اتي ڪل ساڍا اٺ لک ڳٺڙيون ڪپهه جون ٿيون. واهه جو ڪارنامو انجام ڏنو راڻي راجپوت! آخر ته هيو نه ”برهمڻ ڊي ايم جي سروس“ جو آفيسر.
    سڀ کان مزيدار ڳالهه هي ٿي ته جتي پوليس جا سڀ آفيسر جي راڻا مقبول ۽ فاروق امين کان سينئر هئا، تن نه رڳو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ هنن قاعدي خلاف ٿيل ترقين تي احتجاج ڪيو ۽ درخواستون دائر ڪيون اتي پنجاب جي ڊي ايم جي آفيسرن ۾ صرف هڪ عورت آفيسر ئي پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرايو ۽ درخواست دائر ڪئي. بااصول ۽ صاحب ڪردار افضل ڪهوٽ صاحب ڪنهن به درخواست کي پذيرائيءَ جي قابل ته ڪونه سمجهيو، پر جڏهين ميجر ظهير جهڙي بااصول آفيسر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جواب دعويٰ داخل ڪيو ته راڻا مقبول وارن جي ترقي عين قاعدن موجب ٿي آهي، سبحان الله.
    خبرن مطابق وري انهيءَ ساڳئي مکيه ڪاموري هڪ ٻئي ڪاموري کي جو ارباب اختيار جو منظور نظر هيو هڪ لک 80 هزار رپيا پگهار، سٺ هزار گهر جو ڪرايو، لامحدود فون جو استعمال، لا محدود گاڏين جو پيٽرول ۽ استعمال ۽ مٿان وري ٻيو 50 هزار علحده پگهار ڪري ڏنو. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون مثال هيو جو هڪ ويهين گريڊ جو آفيسر 22 گريڊ جي ڇهن ستن وفاقي سيڪريٽرين جيتري پگهار پيو ماڻي. کيس هڪ اهڙو عهدو ڏنو ويو، جنهن جي فني نوعيت جي الف ب جي به کيس ڄاڻ ڪانه هئي. هاڻ هوا جو رخ مٽيو آهي ته مکيه ڪاموري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ صاحب راڻا مقبول، فاروق امين قريشي ۽ رانا نسيم احمد کي نوٽيس ڏنو آهي ته ڇاڪاڻ ته سندن ترقيون قاعدن قانونن مطابق نه هيون ۽ ڇاڪاڻ ته سندن ترقيون سياسي سفارش جي بنياد تي آهي. تنهن ڪري ڇونه کين سندن اصل گريڊ ۾ موٽايو وڃي. انهيءَ کي چوندا آهن ”ڪامورڪي قلابازي“. وري به پاڻ کي اڇو اجرو رکي ويو. ڪرڻ وارو به پاڻ. هاڻ به ڪنهن احتسابي قدم کڻڻ جي بدران فقط اصل گريڊ ۾ واپسي، ٻنهي پاسي اڇو جو ٿيڻو آهي.
    ڀلا ڏي نه مکيه ڪامورو صاحب نوٽيس انهيءَ صاحب کي جنهن کي ٽي لک رپيا پگهار ٿي مقرر ڪري ڏنائين پوءِ خبر پويس ڪيئن ڏيندو؟ اڄ به هو ڪنهن جي کنڀڙاٽين جي ڇانوَ ۾ آهي. جن جي ڇانوَ ۾ آهي تِن سان ڇيڙ ڪندي مَک ۽ ماڪوڙيءَ جا پَرَ ٿا سڙن. ڇا ڪريون؟ جت هَنس پکي راڄ ڪندا هئا اُتي ڪانگن آکيرو ڪيو آهي.

    (فيبروري، 2000)


    ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اغوا ٿيلن جي ڏي وٺ

    ” سڄي رات فوج جي مدد سان ٿيندڙ ڳالهين جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا 9 ۽ پيپلزپارٽيءَ جا 18 ڪارڪن آزاد ٿيا....“
    (روزنامه جنگ 12 فيبروري)
    ”پاڪستان اسٽيل مل ۾ هنگامو....150 آفيسر ۽ ملازم يرغمالي بڻايا ويا......“ (جنگ 12 فيبروري)
    ڪراچي، سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي......
    ڪراچي..... روشنين جو شهر..... جتي راتيون جاڳنديون هيون. جتي پراڻي ڪلفٽن تي ڌڙڪندڙ دلين ۽ جرڪندڙ اکڙين جو ميلاپ ٿيندو هو.... اُتي اڄ اداسي ۽ ويراني ڇانيل آهي. سج لٿي ئي ائين لڳندو آهي ڄڻ شهرِ خموشان ۾ داخل ٿيو هجي. کير جيان روشني ڏيندڙ مرڪيوري بلبن تي به ڄڻ موت جي زردي ڇانئجي ويئي هجي.
    جتي جڏهين سج شفق جي لاليءَ سان لائون لهندو هو ته عاشقن جو اندر اُڌما کائيندو هيو ۽ ڪلفٽن، هاڪس بي، سينڊزپٽ، هل پارڪ روشنين جي شهر ۾ دل وارن جا رازدان بڻجي ويندا هئا. جتي جا فائيو اسٽار هوٽل ۽ بار اميرن جي دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هيا ته وچولي طبقي جو ماڻهو به ڪڏهين ڪڏهين اتي وڃي هاءِ ساءِ ڪري سڄو سال انهن يادن جي سهاري گذاريندو هو. جتي دانشور، ليکڪ، مصور ۽ شاعر پريس ڪلب جي دالانن ۽ لان ۾ ويهي تجريدي آرٽ، آزاد شاعري ۽ لاطيني آمريڪا جي انقلابي تحريڪن تي بحث ڪندي پِرهه ڦُٽائيندا هئا يا جبيس هوٽل جي ڪافي شاپ ۾ اڌ رات تائين ويهي شعرو سخن موضوع ڪندا هئا.
    انهيءَ شهر ڪراچي ۾ پهاڙن ۽ جبلن جا واسي، مينگورا، سوات، پنڊي، علائقه غير مان اچي مزدوري محنت ڪندا هئا، ته ٿر جي ٿريءَ ۽ ڪاڇي جي محنت ڪش کي به ڪراچي سون پيدا ڪندڙ زمين لڳندي هئي. لاهور شهر لاءِ مشهور آهي ته داتا جي نگري ۾ ڪڏهين به ڪو به شخص بکيو نٿو سمهي. ۽ ائين آهي به، تيئن ڪراچي شهر ورهاڱي کان پوءِ سمورن پاڪستان واسين لاءِ ستر جي ڏهاڪي واري دبئي رهيو آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي جي ڪٿي روزگار نه مليو آهي ته ڪراچي ان لاءِ پنهنجون ٻانهون کوليون آهن.
    پر...... اڄ! اڄ ڪراچي پنهنجي اصل نالي جيان ڪلاچيءَ جو ڪُن ٿي چڪو آهي، جتي ڪٿي مورڙا ميربحر وڃي رنڊيا آهن.... ۽ وَنِيون... ”گهاتو گهر نه آيا“..... پيون ورجائين.
    اڄ کان ويهه سال کن اڳ بيروت ۾ به ائين ئي هڪ ئي شهر ۾ رهڻ وارا انتهاپسند تنظيمن جو ٻليدان چڙهي يرغمالي ٿي هڪ ٻئي ڏانهن اوٽ موٽ ٿيا هئا! تاريخ جي ظالم روايت اها صورت وري ڪراچي ۾ آندي آهي، جتي آزاد ملڪ جا شهري ائين پيا اوٽ موٽ ٿين ڄڻ ٻن دشمن ملڪن ۾ ڪا ويڙهه ٿي هجي ۽ اقوام متحده جا مبصر جنگي قيدين جي ڏي وٺ ڪري رهيا هجن. هي ڇا پيو ٿئي!.... ڪنهن جي نظر لڳي هن امن آشتي جي گھواري کي! ڪٿي ڪراچي ٻيو بيروت ته ڪونه بڻبو؟ يا هن ديس کي، ملڪ کي، خطي کي، ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت آهي! ڪو ناسور آهي يا ڪيئي ناسور آهن، جن کي چيري ڦاڙي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو آهي.!
    پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي. مرڪزي حڪومت تي عام اندروني نقصان جي باوجود به اُن جي ڪافي گرفت آهي، پر سنڌ جي عوام ته هڪ طرح جو يڪطرفو فيصلو ڏيئي پنهنجي تقدير جون واڳون پيپلزپارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي تقدير جي تبديليءَ لاءِ عوام جي منتخب حڪومت ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي. دراصل مشيرن ۽ وزيرن جي فوج پنهنجي پنهنجي مَتِ تي هلي ڪافي مونجهارو پيدا ڪيو آهي.
    پر انهن تمام ڳالهين کي مُنهن ڏيڻ حڪومتي پارٽيءَ جي نوجوان ۽ باصلاحيت قيادت لاءِ مشڪل نه هئڻ کپي. سنڌ جي ماڻهو جي هن وقت ضرورت صرف امن ۽ امان جي قائمي آهي. ڇا متحده ۽ پ پ پ سنڌ جي مقبول سياسي جماعتن طور هڪ هم آهنگي قائم نه ٿيون ڪري سگهن. متحده سان کڻي اختلاف هجي پر هيءَ جماعت ۽ سندس ووٽ جو حلقو هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌ جي سياسي تاريخي ڌارا جي ضرورت آهي.

    6 مارچ 1990


    مشترڪه مفاد جي ڪائونسل

    ڪجهه غير حاضري ٿي ويئي. جمعي تي ڪجهه سستي، ڪجهه وري امداد سان رابطو نه ٿيڻ به سبب رهيو. اداري ۾ شايد ڪنهن کي اها ذميواري سونپيل ڪونهي ته هو اداري جي طرفان مستقل لکندڙن سان رابطو ڪري لکڻيون گهرائين. اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ليکڪن جا باقاعدي پينل هوندا آهن. اداري جو ساڻن مستقل رابطو هوندو آهي. امداد سان اها ڳالهه ڪيم ۽ شڪايت به ڪيم.
    سنڌي اخبارن ۾ مستقل لکندڙن جو پينل وارو ڪلچرصرف سراج ميمڻ صاحب ئي هلال پاڪستان ۾ رائج ڪيو هيو. سراج ميمڻ صاحب جي نگرانيءَ ۾ هلال پاڪستان جي پڙهندڙن کي بهترين ڪالم، شاعري، نثر، مضمون، تجزيه غرض ته هر طرح جون نت نيون نڪور لکڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون هيون. سراج صاحب اخبار نويسي ۾ بهترين تجربا ڪيا ۽ جدت پيدا ڪيائين. هڪڙو وقت اهڙو هيو جو هلال پاڪستان سڀ کان وڌيڪ پڙهجندڙ اخبار هئي. اسان جا ڪي دوست اُن جو سبب پيپلز پارٽي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪراماتي مقبوليت کي ڏسين ٿا.پر يقين ڄاڻو ته مون سميت ڪيئي اخباربين اهڙا هئا جي صرف ۽ صرف نئين نڪور ادب، سهڻي ۽ صاف سٿري ٻولي جي چَسڪي ۾ هلال پاڪستان پڙهندا هيا. امداد، رُڪ سنڌي، امر سارنگ جي موجودگي ۾ اسان سوڀ کان اها به اميد رکون ٿا.
    سانا (SANA) جي گڏجاڻي ۽ سنڌ جي دانشورن جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏيسين. ارادو هيو ته جي سلسلو وقت سر جاري رهي ها ته انهيءَ حوالي سان سيبا ٽوپا پيا ڏجن ها. ماضيءَ ۽ حال کي ڳنڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيان ها. پر وقت جو ڦيٿو ڏاڍو تيز رفتاري سان هلي ٿو. هن پَلَ جو اهم آهي اڳئين پَلَ ۾ اُهو پوئتي ڌڪجي وڃي ٿو. سانا جي گڏجاڻي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تنظيمي جاکوڙ ۽ مستقل مزاجيءَ جا ڪهڙا ۽ ڪيترا مرحلا طئي ٿي ڪري.
    هن وقت سڄو ملڪ وڏي دلچسپي سان صدر پاڪستان جي ٻن اهم اعلانن تي بحث ڪري رهيو آهي. پوين ڪيترن مهينن کان هر ماڻهو جي وات تي ذڪر هيو ته ”سائين، وڏن صاحبن هڪ ئي وقت تي وزيرستان، وانا، بلوچستان ۽ وري ڪالاباغ جهڙن مسئلن کي ڇو کنيو آهي.“ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. صدارتي نظام.... بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي واپسي.... بلوچستان جي وسائل ۽ گرم پاڻين تي آمريڪي حڪومت جي نظر.... فوج ۾ اندروني اختلاف .... الاجي ڪيتريون ڳالهيون، انديشا ۽ انومان هر محفل ۾ زير بحث ايندا رهيا. خاص ڪري ڪالا باغ ڊيم ته سنڌ ۾ هڪ طرح باهه ٻاري ڇڏي. ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي رپورٽ، آبپاشي جي ماهرن جي راءِ سڀ هڪ پاسي پر ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري اداري يا وزير جي طرفان ڪا اهڙي بي بنياد ڳالهه چئي ويندي هئي جا باهه تي تيل جو ڪم ڪندي رهي. نيٺ صدر جنرل پرويز مشرف اهو اعلان ڪيو ته 2016ع تائين پنجن ڊيمن تي ڪم ٿيندو پر پهرين ڀاشا ۽ منڊا ڊيم ٺهندا. نه صرف اهو پر وفاقي ڪابينا جي 17 جنوري 2006ع جي اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ٿيو ته ڪالا باغ ڊيم تي تيسين ڪم ڪونه ٿيندو جيسين سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي خدشات کي دور نٿو ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا قريب هڪ مهينو اڳي اهو به فيصلو ڪيو هيو ته پاڻي جي ورهاست، ان مان اُسرندڙ يا اڀرندڙ مسئلا توڙي ڊيم يا بند يا وري ڪا نئين ڪينال ڪڍڻ ڇو ته آئين پاڪستان جي شق نمبر 154، 153 ۽ 155 مطابق صرف ۽ صرف مشترڪه مفادن جي ڪونسل ڪري سگهي ٿي، انهي ڪري ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪونسل ڪندي. ۽ اهڙي ريت وفاقي ڪابينه گڏيل مفادن جي ڪونسل جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو. هاڻي اهو فيصلو ته ٿيو وفاقي ڪابينه جو پر آئين جي شق 153 موجب گڏيل مفادن جي ڪونسل جي جوڙجڪ صدر پاڪستان جو اختيار آهي. ڪونسل جا ميمبر صوبن جا وزيراعليٰ ۽ انهيءَ تعداد ۾ وفاق طرفان مقرر ڪيل ميمبر هوندا. ڪونسل پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ معاملن تي جيڪڏهن متفق نه ٿي ته ڪوبه صوبو اهڙو مسئلو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ غور ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهي ٿو.
    هي ٽيئي ته ٿيون خوش آئيند ڳالهيون. صدر پاڪستان طرفان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ راءِ عامه هموار ڪرڻ جي سعي ڪرڻ کان پوءِ به ننڍن صوبن ۽ خصوصن سنڌ جي ترجيحات کي زير نظر رکندي ڀاشا ڊيم جو اعلان ڪرڻ ۽ وفاقي ڪابينه جا ٻئي مٿيان فيصلا. پر سنڌ جو ماڻهو هڪ طرف جتي صدر پاڪستان جي فيصلي جي ساراهه ڪري ٿو اُتي هو انهيءَ ڳالهه تي به پريشان آهي ته وفاقي ڪابينه جي واضح فيصلي کانپوءِ به اڃان سوڌو گڏيل مفادن جي ڪونسل جي جوڙجڪ سامهون ڪونه آئي آهي نه ئي ڪالاباغ جي باري ٿيل وفاقي ڪابينه جي فيصلي ته جيسين سنڌ جا تحفظات هوندا تيسين ڪالاباغ تي ڪم ڪونه ٿيندو جي ڪا صدارتي اعلان ۾ وضاحت آهي. سنڌ صوبي ته سدائين گڏيل مفادن جي ڪونسل جي جوڙجڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سوال آهي ته ڇا انهن سڀن اعلانن کانپوءِ به آئين جي مطابق ڊيمن جو مسئلو ڪونسل ۾ ويندو يا نه؟ جي نه، ته ڇا اهو فيصلو آئين پاڪستان جي تقاضائن تي پورو لهي ٿو؟
    هن ڏس ۾ اهو ذڪر ڪرڻ به برمحل آهي ته گريٽر ٿل ڪئنال جي رٿا جنهن تي نه صرف سنڌصوبي کي اعتراض هيو پر حڪومت سنڌ مطالبو به ڪيو هيو ته گڏيل مفادن جي ڪونسل جي منظوري کانسواءِ ٿل ڪئنال نه ٺهڻ کپي. انهي ٿل ڪئنال تي نه صرف ڪم جاري آهي پر 2005-2006ع جي خصوصي ترقياتي پروگرام ۾ رقم به رکيل آهي. ڇا اها رٿا آئين جي شق نمبر 154 سان ٺهي ٿي يا ان جي خلاف ورزي ۾ آهي. ڇا واپڊا ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيا آهن؟ انهيءَڏس ۾ وفاقي حڪومت طرفان جيڪي خوش آئيند قدم کنيا ويا آهن تن کي وفاقي جي بهتري ۽ سلامتي لاءِ راءِ عامه جي خواهش پٽاندڙ عمل پذير ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.جتي پاڻي جي ذخيرن جي ضرورت آهي اتي اها به اشد ضرورت آهي ته وڏي صوبي ۽ ڳانڍاپيل مستقل مفادن جي هڪ هٽي کي ٻنجو ڏنو وڃي جيئن صوبن ۽ وفاق ۾ هم آهنگي ۽ رابطو مضبوط ۽ بهتر ٿئي.
    صدر پاڪستان جو ٻيو اهم اعلان قومي مالياتي ايوارڊ جي هڪ اهم جُزي سان تعلق ٿو رکي. وفاق ۾ گڏ ٿيندڙ وچ ونڊجيندڙ پول يا فيڊرل ڊويزنل پول جي ورهاست ۾ جتي هڪ طرف صوبن کي ورهائيجندڙ حصي يعني 42 سيڪڙو کي وڌايو ويو آهي ۽ سب وينشن يا پٺتي پيل هئڻ ڪري گرانٽ کي وڌايو ويو آهي اتي بنيادي مسئلو اتي ئي رهجي ويو آهي. اصل مسئلو آهي ته وفاق جيڪي محصولات صوبن مان اڳاڙي ڪري ٿو ۽ پوءِ صوبن کي ورهائي ڏيئي ٿو تنهن جي ورهاست جي بنياد ته وري به آبادي ئي وڃي بيٺي. جيسين ان سلسلي ۾ ڪو ٻيو اعلان ڪونه ٿو ٿئي، ڇا ونڊ ورڇ صرف آبادي جي بنياد تي هجي. يا جتان گهڻي اوڳڙ ٿي ٿئي ۽ جتي وڌيڪ ضرورت آهي بوجه غربت يا پوئتي رهڻ ڪري. لڳي ٿو ته وري به وڏي صوبي ٻئي اکيون صرف پنهنجي لاءِ ئي گهريون آهن. سنڌ جي سجاڳ حلقن ۾ ٻنهي ڳالهين جو چوٻول زور شور سان چالو آهي.


    (جنوري، 2006ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258273
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386400
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ