ڪتاب جو نالو: گوڏن ڀر نه جهڪنداسين
مصنف: روڊريجو روجاس / رئوف نظاماڻي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: جيل ڊائري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 12 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 220 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 97 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • هن ڇاپي لاءِ ٻه اکر
  • پهرين ڇاپي لاءِ : ٻه اکر
  • هڪ سچو ڪميونسٽ
  • جيل ڊائري

  • گرفتاري
  • اسٽيڊيم جو قيدي
  • مينو بحث مباحثا
  • گيت
  • منهنجي پهرين حقيقي پڇاڳاڇا
  • اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي
  • ٽيون درجو
  • هڪ مهينو
  • پرڀات مهل گولي هڻڻ
  • پيڙا ۽ اميد
  • ماسڪو ريڊيو
  • ڪميونسٽ صحافي
  • ٻيو فائرنگ اسڪواڊ
  • “ڏوهاري” ريڪيولمي
  • آپگهات جا واقعا ۽ آزاد ٿيل قيدي
  • منهنجو پهريون خط
  • پينٽينسيئا ريئا
  • دوا درمل جي سهوليت
  • جيل جي زندگي
  • حواسن جي جنگ
  • سياسي سرگرمي
  • پراسيڪيوٽر
  • وڪيل
  • اليئا
  • منهنجي اڪيلائپ ختم ٿئي ٿي
  • نئون سال
  • منهنجو مقدمو
  • ڪمانڊنٽ جي آفيس
  • موڪلاڻي

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: گوڏن ڀر نه جهڪنداسين
    موضوع: جيل ڊائري
    ليکڪ: روڊريجوروجاس
    سنڌيڪار: رئوف نظاماڻي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: 1988ع
    ڇاپو ٻيون: آڪٽوبر 2016
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-3211582


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
    چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.

    هي ڪتاب 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    هن ڇاپي لاءِ ٻه اکر

    تبديلي ماڻهن جي جدوجهد سان لاڳاپيل آهي

    امريڪا پاران لاطيني آمريڪا کي هميشه پنهنجو هڪ ماتحت علائقو ڪري ليکيو ويو آهي. سندس پاران اتان جي ماڻهن جي ان محتاجي کان آزاد زندگي گذارڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي پسند نه ڪيو ويو آهي ءِ ان کي سختي ءِ گھڻي ڀاڱي طاقت سان دٻائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ان تسلط کي قائم رکڻ لاءِ هئٽي ۽ پناما جهڙن ڪجھ ملڪن کي ته هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجي سڌي قبضي ۾ رکيو ويو جڏهين ته ڪيوبا جو ٻيٽ گوائنٽامو بي اڃا تائين آمريڪا جي لاءِ طالبان ۽ القاعده جي قيدين لاءِ قيد ۽ عقوبت خاني طور استعمال ٿيندو رهيوآهي. علائقي جي ٻين ملڪن ۾ اهڙن آمرن کي ٿاڦيو ويو جن ڏاڍ ۽ تشدد وسيلي ماڻهن کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ساڳي وقت اها به اتان جي تاريخ رهي آهي ته اتي هڪ ئي وقت گھڻن ملڪن ۾ ءِ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آمريڪا جي سرمايادار ڪمپنين جي ڦرمار ءِ ڏاڍاين ءِ انهن جي پٺڀرائي سان قائم حڪومتن خلاف مزاحمت هلندي رهي آهي. اها مزاحمت ڪن ملڪن ۾ هٿيار بند به رهي آهي ءِ ساڳي وقت عدم تشدد ۽ ووٽ وسيلي به پنهنجو اظهار ڪندي رهي آهي. گھڻن موقعن تي جڏهين اتان جون حڪومتون اهڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ته آمريڪا کي سڌي ريت به مداخلت ڪرڻي پيئي آهي. گھڻي ڀاڱي اهو ڏٺو ويو آهي ته انهن ملڪن ۾ ماڻهن جي گھڻائي آمريڪي تسلط جي خلاف رهي آهي ۽ ان جو اظهار نه رڳو جڏهين به کين پنهنجي رائي جي اظهار ۽ ووٽ ڏيڻ جو موقعو مليو آهي ته ان ۾ ٿيندو رهيو آهي پر ساڳي وقت ادب، صحافت ۽ ٻين ذريعن سان به ٿيندو رهيو آهي. لاطيني آمريڪا کي هونئن معاشي ترقي جي لحاظ کان ايشيا ءِ آفريڪا جي گھٽ ترقي ڪيل ملڪن سان گڏ ڳڻيو ويندو آهي پر سياسي شعور ءِ تعليم جي تناسب جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هتان جا ماڻهو انهن ٻن علائقن جي ماڻهن کان گھڻو اڳتي ۽ مختلف آهن.
    انهن ملڪن ڏانهن آمريڪا جي اها پاليسي شروع کان رهي آهي. پر ٻين مهاڀاري جنگ کان پوء دنيا جي ٻن بلاڪن ۾ ورهائڻ جي ڪري ان پاليسي ۾ اڃا شدت اچي ويئي. اهي ملڪ آمريڪا جي پاڙي ۾ هئڻ جي ڪري آمريڪي پاليسي سازن لاءِ اڃا وڌيڪ حساس ءِ اهم هئا. سندن پاران ڪنهن به معاملي تي آزاد پاليسي اختيار ڪرڻ کي جيڪا آمريڪي مفادن سان ٺهڪندڙ نه هجي مخالف بلاڪ جي حمايت ءِ آمريڪي سلامتي لاءِ خطرو ڪري ليکيو ٿي ويو. خاص طور تي ماڻهن جي ڀلائي جي حوالي سان پاليسيون جن سان ڏيهي ءِ پرڏيهي سرمايادارن جي مفادن کي ڌڪ پهچندو هجي سندن لاءِ قبولڻ جوڳيون نه هيون.
    جيتوڻيڪ هن وقت عالمي صورتحال ئي ۾ گھڻي تبديلي اچي چڪي آهي. خاص طور تي سرد جنگ جي ختم ٿيڻ جي ڪري سوشلزم جي ڀوت جي ڊپ جو استعمال آمريڪا لاءِ گھڻو ڪارگر نه رهيو آهي پر آمريڪا جي ڪوشش اها ئي آهي ته علائقي ۾ ٻين مختلف طريقن سان پنهنجي اثر رسوخ کي ساڳي نموني قائم رکجي.
    چلي پنهنجي معيشت، آبادي ۽ ماڻهن جي سياسي شعور جي حوالي سان علائقي جو هڪ اهم ملڪ رهيو آهي. خاص طور تي ٽامي جي کاڻين جي حوالي سان اهو آمريڪي گھڻ قومي ڪمپنين لاءِ گھڻي ڇڪ جو باعث رهندو آيو آهي. ان سلسلي ۾ ستر جي ڏهاڪي ۾ سوشلسٽ صدر آلندي جي گڏيل محاذ جي چونڊن ۾ سوڀ ۽ سندس حڪومت پاران وڏين ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ آمريڪا جي حڪومت ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي سرمايادارن لاءِ وڏي تشويش جو باعث هو. آمريڪي سي آئي اي جي مدد سان چلي جي جنرلن پنوشي جي اڳواڻي ۾ نه رڳو صدر آلندي جي جمهوري طور چونڊيل حڪومت کي فوجي طاقت وسيلي ختم ڪيو پر کيس قتل ڪري ۽ ملڪ ۾ وڏي پئماني تي رتو ڇاڻ ڪري هڪ ڏهڪاءَ جو راڄ قائم ڪري ڇڏيو. چلي جي شاعر پابلو نرودا سميت سوين ماڻهن کي قتل ڪري ۽ هزارين ماڻهن کي عقوبت خانن ۾ اذيتون ڏيئي اهو سمجھيو ويو ته مزاحمت ختم ٿي ويئي هئي.
    چلي جي مزاحمت جي خاص ڳاله اها هئي ته اهي ماڻهو هٿيار کڻي جبلن ۽ جھنگلن ۾ نه ويا جيئن لاطيني آمريڪا جي گھڻن ملڪن جي سياسي ڪارڪنن ۽ ماڻهن کي مجبور ٿي آمريڪي پٺڀرائي سان قائم آمرانا حڪومتن خلاف هٿيار کڻڻا پيا. پر انهن سڄي ملڪ کي جنهن آلندي جي حڪومت کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو هو جمهوري ۽ پرامن انداز ۾ متحرڪ ڪيو ۽ مختلف طريقن سان سڄي دنيا تائين ان حڪومت جي بربريت ۽ ان جي غيرقانوني حيثيت کي پهچايو. ان ڳالهه کي پنوشي ۽ ان جي ساٿين سمجھيو ٿي ۽ ان ڪري ئي اهي پنهنجي تشدد کي هيٺين سطح تائين کڻي ويا ۽ هر ان ماڻهو کي عقوبت خانن تائين پهچايو جنهن جي متعلق ٿورو به شڪ هو ته هن جو ڪنهن به ريت آلندي ۽ ساڻس لاڳاپيل سياسي اتحادين مان ڪنهن سان ڪنهن به قسم جو ڪو واسطو هو.
    اها ڊائري ڄڻ ته ان دور جو هڪ دستاويز ۽ هڪ شاهدي آهي جيڪا نه رڳو عقوبت خانن جي وحشت ۽ اتي قيد ماڻهن سان ٿيندڙ غير انساني ورتاءَ کي ظاهر ڪري ٿي پر ساڳي وقت چلي جا ماڻهو مختلف پليٽ فارمن تان ان جي خلاف جيڪا جدوجهد ڪري رهيا هئا ان جا اولڙا پڻ ڏيکاري ٿي. ووٽ وسيلي سماجي تبديلي ۾ يقين رکندڙ چلي جي ڪميونسٽ پارٽي آلندي جي اڳواڻي ۾ ٺهيل اتحاد جو حصو هئي. اها ڊائري ان وقت چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اهم اڳواڻ روڊريجو روجاس جيڪو بنيادي طور هڪ صحافي ۽ پارٽي جي اخبارن ۽ پبليڪيشن جي ڪم کي سنڀاليندو هو ۽ آلندي جي حڪومت ۾ به ان ئي حوالي سان شامل هو پنهنجي عقوبت خاني ۾ لکي جتي کيس هر طرح جي جسماني ۽ نفسياتي عقوبت ۽ ايذاءَ کي منهن ڏيڻو پيو . هڪ ڊگھي عرصي جي تشدد ۽ قيد کانپوءِ کيس ملڪي ۽ عالمي سياسي دٻاءَ تحت آزاد ڪيو ويو پر مٿس ساڳي چوڪسي ۽ نفسياتي دٻاءُ برقرار رکيو ويو ۽ نيٺ کيس مجبور ٿي جلاوطني اختيار ڪرڻي پيئي.
    جيڪڏهين هاڻي لاطيني آمريڪا ۽ چلي جي حالتن تي نظر وجھجي ٿي ته اهو سڀڪجھ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جيان نظر اچي ٿو. صورتحال ۾ بنيادي تبديلي اچي چڪي آهي. ملڪ ۾ هڪ جمهوري حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. اهو چئي سگھجي ٿو ته ان سڀڪجھ جو هڪ اهم ڪارڻ عالمي حالتن ۾ آيل تبديلي ۽ دنيا مان سرد جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٺهيل مختلف بلاڪن جو ختم ٿيڻ آهي. پر ان کي جيئن جو تيئن نه ٿو وٺي سگھجي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ اڃا صورتحال گھڻي ڀاڱي جيئن جو تيئن آهي. اصل ڳاله اتان جي اندروني صورتحال ۽ ماڻهن جي جدوجهد آهي جنهن جو نتيجو نه رڳو ملڪ ۾ مثبت تبديلين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو پر جنهن آمر پنهنجن ساٿي جنرلن جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏهڪاءُ قائم ڪيو هو ان جي زندگي ۾ اهڙو وقت به آيو ته سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ان کي سر لڪائڻ جي جاءِ به نه ٿي ملي ۽ ڪوبه ملڪ چلي جي ماڻهن جي ان گھر جي آڏو بيهڻ جي همت نه پئي ساري سگھيو ته پنوشي کي سندن حوالي ڪيو وڃي ته جيئن مٿس سندس چلي جي عوام خلاف ڪيل ڏوهن جي حوالي سان مقدمو هلايو وڃي ۽ کيس انهن جي قرار واقعي سزا ڏني وڃي.
    چلي جي تجربي ان ڳاله کي ثابت ڪيو آهي ته ماڻهو جيڪڏهين قربانين ڏيڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ اها همت ڪير نه ٿو ساري سگھي ته اهو سندن آڏو بيهي سگھي ۽ ملڪ ۾ مثبت تبديلين آڏو ديوار بڻجي سگھي.


    رئوف نظاماڻي


    پهرين ڇاپي لاءِ : ٻه اکر

    سچ پنهنجو پاڻ سوڀ ناهي ماڻيندو. سچ جي اڳتي وڌڻ لاءِ سچ جي پويان هڪ اهڙي قوت ضروري آهي جيڪا بقول بريخت جي ته کيس ڌڪي اڳتي وڌائي. سچ جي اها ساٿاري قوت تاريخ جو اهو شعوري عنصر آهي جيڪو سچ کي پنهنجي پوري وجود ۾ جذب ڪري ۽ پاڻ انهي سچ جو هڪ اظهار بڻجي وڃي ٿو. پنهنجي مقصد جي حصول ۾ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نٽائڻ انهن ماڻهن لاءِ ڄڻ پنهنجي ذات جو انڪار ٿي پوندو آهي. انهي ڪري اهي ماڻهو/ قوتون پنهنجي پنهنجي دور جي نمائندن جي طور تي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڇڏي ويندا آهن. اهي ماڻهو سقراط، منصور، شاهه عنايت ۽ ڀڳت سنگهه جي صورت ۾ اسان جي سامهون ايندا آهن ۽ انهي ڳالهه کي ور ور ڪري ياد ڏياريندا آهن ته سچ ته واقعي وڏو ڏوهاري آهي پر انهي سچ جا ساٿاري به ڪي گهٽ ڏوهاري ڪونهن.
    موجوده دور ۾ سچ جي ساٿاري قوتن اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻيون سوڀون ماڻيون آهن. کين جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي پوئتي موٽ کائڻي پيئي آهي پر مجموعي طور تي اڳتي وڌڻ جي رفتار وڌيڪ تيز رهي آهي. انهي عمل جي نتيجي ۾ هيروز جو نه رڳو تعداد تاريخ جي ٻين سڀني دورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو آهي پر سندن ڪيل ڪارنامن کي گذريل وقتن ۾ رڳو تصور وسيلي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي پڙهي سگهجي پيو.
    هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ئي ارڏي انسان جو داستان آهي جهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. سلواڊور آلندي جي اڳواڻيءَ ۾ ترقي پسندن جي اتحاد سماجي تبديليءَ لاءِ هڪ پر امن واٽ وٺڻ چاهي هئي ۽ انهي لاءِ کين عوام جي گهڻائي جو ووٽ پڻ مليل هو. اهو تجربو ظاهري طور تي ناڪام ٿي ويو جنهن جي لاءِ بنيادي سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته انقلاب ڀلي پر امن طريقي سان ئي ڇو نه اچي انهن رياستي ادارن کي بدلائڻ ضروري هوندو آهي جيڪي پراڻي نظام جي خدمت گذاري لاءِ جوڙيا ويندا آهن. چلي ۾ اهو ڪم نه ڪيو ويو ۽ پراڻن ادارن خاص طور تي فوج کان ئي نئين نظام لاءِ ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. فوج جي جوڙجڪ جنهن نموني ٿيل هئي انهي جو لازمي نتيجو اهو هو ته اها پنهنجن ملڪي مالڪن ۽ سندن سامراجي آقائن جي حڪمن جي تابعداري ڪري ۽ انقلاب کي تنجهڻن ۾ ئي نڙي تي ننهن ڏئي. پنهنجي انهي غلطي جي قيمت چلي جي ترقي پسندن پنهنجن جي رت سان ادا ڪئي ۽ چلي کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا.
    ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
    انهن ماڻهن جي جدوجهد اڪيلي جدوجهد ڪانهي. سندن مقصد ماڻهن جي گهڻائي کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي. انهي لاءِ هو اهو طريقو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪو کين ميسر آهي. انهن ۾ قانوني ۽ غيرقانوني ٻيئي طريقا شامل هوندا آهن، مقصد رڳو اهو هوندو آهي ته فاشسٽ قوتن لاءِ ڀڄڻ جي هر واٽ بند ڪئي وڃي. انهي جو تازو مثال اسان کي انهي ريفريندم جي صورت ۾ ملي ٿو جنهن ۾ عوام ڄڻ جنرل پنوشي کي سڄي دنيا جي منهن تي چئي ڇڏيو ته تون هاڻي مهرباني ڪري اسان جي جان ڇڏ. اهڙي ريت جنرل لاءِ وڌيڪ دير ڪرسيءَ سان چهٽي رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز باقي ناهي رهيو. وٽس جيڪڏهن ڪو جواز آهي ته اهو ڏنڊو آهي جيڪو فوج جي اڳواڻ هئن جي حيثيت ۾ سندس هٿ ۾ آهي. انهي جواز کي انهي صورت ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن عوام کي وسيع پئماني تي منظم ڪجي ۽ منجهن اها سگهه پيدا ڪجي جيڪا انهي ڏنڊي کي جنرل پنوشي ۽ سندس جهڙن ٻين جنرلن جي هٿن مان کسي سگهي ۽ پنهنجن معاملن کي پنهنجي ليکي هلائي سگهي. چلي ۾ انهن قوتن جي منظم ٿيڻ جو عمل اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پختي مرحلي م آهي ۽ سندن ڪوشش اها آهي ته سڀني محب وطنن ۽ فاشزم دشمنن جو هڪ وسيع تر اتحاد ٺاهجي ۽ فاشسٽن کي بلڪل ئي اڪيلو ڪري ڇڏجي.
    سنڌي ۾ انهي ڪتاب جي ترجمي جو مقصد رڳو هي آهي ته پاڻ کي انهيءَ جدوجهد سان ڳنڍجي جيڪا عالمي پئماني تي سامراجي قوتن خلاف جاري آهي ۽ پنهنجي جدوجهد ۾ انهن تجربن مان لاڀ حاصل ڪجي جيڪي اسان جهڙن ملڪن جي عوام کي ٿيا آهن.


    سنڌيڪار


    هڪ سچو ڪميونسٽ

    ڪن ڳالهين ۾ هي ڪتاب اسان کي فيوچڪ جي ڦاهيءَ جي ڦندي تان لکيل نوٽس (1) جي ياد ڏياري ٿو. جوليئس فيوچڪ ۽ روڊريجوروجاس ٻئي بلڪل انهيءَ نموني هڪ ٻئي کان مختلف آهن، جيئن چيڪو سلوواڪيه چلي کان مختلف آهي. پر منجهن هڪ جهڙي ڳالهه ڪميونسٽ هئڻ آهي. ٻئي فاشسٽن جا قيدي رهيا آهن ۽ ٻنهي هر قسم جي ڏاڍ ۽ مشڪلاتن جو سچن انقلابين وانگر مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪيو آهي.
    فيوچڪ هڪ سورهيه جيان موت قبوليو ۽ روجاس انهيءَ تشدد ۽ ايذائن مان هڪ جيئري سورمي وانگر اڪري پار پيو. ٻنهي پنهنجي پنهنجي ليکي سخت آزمائشن کي منهن ڏنو. هڪ مري ويو ۽ ٻيو موت جي منهن سان مهاڏو اٽڪائي، جيئرو واپس موٽيو. کيس ٻه ڀيرا فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهاريو ويو. ٻئي ڄڻا بلڪل بي خوفيءَ سان موت جي اکين ۾ اکيون ڏيئي بيٺا. ساڳي ريت ٻنهي ڄڻن پنهنجن تجربن کي بنا ڪنهن مايوسي ۽ ڊپ جي بيان ڪيو آهي. سندن لکڻيون اميد ۽ سوڀاري آئيندي ۾ يقين سان ڀرپور آهن. ٻنهي ڄڻن پنهنجي ملڪ ۽ سڄي دنيا جي عوام کي انهي ڳالهه لاءِ زور ڀريو آهي ته فاشزم جي خطري کي ڪڏهن به وساريو نه وڃي.
    فيوچڪ جو آخري آواز ”عوام جاڳيل رهي“ جو پڙاڏو ڄڻ روجاس جو جدوجهد لاءِ ڪيل سڏ آهي. تڪليف وارين راتين جي ٻاٽ اونداهي ۾ ٻنهي صبح جي روشني ڏٺي ۽ ٻنهي آئيندي کي پنهنجي سوچ جو مرڪز بڻايو.
    انقلابي ادب ۾ ماڻهن کي چرپر ۾ آڻيندڙ اهڙو سياسي مواد چڱي مقدار ۾ موجود آهي جيڪو نهايت ڏکين ۽ خطرناڪ حالتن ۾ لکيو ويو آهي. سوويت يونين ۽ ٻين ملڪن جي فاشزم خلاف ڪيل جدوجهد گهڻن ئي ماڻهن ۾ ماڻهپ وارن ڪمن ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. لاتعداد ڪميونسٽن جي مثال انهي ڳالهه کي پڌرو ڪري ڏيکاريو ته انسان، همت، ذميواري ۽ عظمت جي ڪيڏي نه بلندي تي پهچي سگهي ٿو. چلي وارن به تشدد جي مرڪزن ۾ ايذاءَ سهندي، خاص طور تي يارهين سيپٽمبر 1973 کان شروع ٿيندڙ ڏکوئيندڙ وقت دوران گهڻو ڪجهه لکيو آهي. لوئس ڪارويلان، جنهن کي هڪ لفظ لکڻ جي اجازت نه هئي، اخبار وارن ۽ بين الاقوامي ڪميشنن کي انهي ڏاڍ ۽ ايذائن بابت ٻڌايو جيڪي هن پاپولر يونٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ، ڊاوسن ٻيٽ جي ايذائيندڙ ڪئمپ ۾ سٺا هئا، (2) جيڪو ڏکڻ قطب جي ويجهو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيئن نه کانئن زوري ٻين ڪمن کان سواءِ، صبح جو سوير، انهن برف جي ڇپن کي صاف ڪرايو ويندو هو جيڪي گاهه ۽ ڪنڊن سان سٿيل هونديون هيون ۽ انهن هيٺان ڪوئن جا ٻر ٺهيل هوندا هئا. انهيءَ دوران وحشي پهريدار مٿن بندوقون اڀيون ڪيون بيٺا هوندا هئا. اها اُن ماڻهو جي واتان ٻڌايل ڪهاڻي آهي، جنهن هڪ انقلابي طور پنهنجي وقار کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جي اجازت نه ڏني ۽ نهايت فخر سان فاشين کي پڌري ڪرڻ سان گڏ، انهن خلاف جدوجهد جو سڏ ڏنو. پنهنجي اڻ ڳڻين ٻين ساٿين وانگر ڪارويلان ۽ روجاس کي پڻ فاشي جنتا جو بدترين تشدد به جهڪائي نه سگهيو ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ اخلاقيات جي لينني تربيت کين لوهه بڻائي ڇڏيو هو. روڊريجوروجاس 1930 ۾ ڏکڻ چلي جي چلوئي ٻيٽ ۾ پيدا ٿيو. هو ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو. پنهنجي نوجواني ۾ چلي جي کاڻين واري فيڊريشن FNMC ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. اهو پهريون موقعو هو جو کيس سرمائيدارانه جيلن کي اندران ڏسڻ جو موقعو مليو. پاڻ جيڪو پهرين ئي، هڪ صحافي ۽ پراڻي پرولتاري اخبار ”ايل ڊيسپرٽا ڊي لوس ٽراپا جاڊورس“ جو ايڊيٽر هو، جنهن کي چلي جي موجوده پورهيت طبقي جي تحريڪ جي باني لوئس ايميليوريڪابيرن (3) قائم ڪيو هو، 1957ع ۾ گرفتار ڪري ڪيوريپٽو ڏانهن زوري اماڻيو ويو هو، اڳتي هلي هن، چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي آفيس جي ميمبر ۽ ”ايل سگلو“ ۽ پارٽي جي سياسي ۽ نظرياتي پرچي ”اڙريئين ٽاڪيئوف“ جي ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو.
    پاڻ ڪيترا ڀيرا سوويت يونين وڃي چڪو آهي. 1961 ۽ 1969ع دوران روجاس مرڪزي ڪميٽي جي نظرياتي پرچي ”لوس پرنسيپونس“ جي عملي جي ميمبر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي بين الاقوامي لاڳاپن واري ڪميشن جي ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. 1968ع ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي پرچي ايل سگلو جو ايديٽر انچيف مقرر ڪيو ويو. پارٽي جي چوڏهين ڪانگريس ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ سياسي ڪميشن جي ميمبر طور چونديو ويو. هي انهيءَ وفد ۾ پڻ شامل هو، جيڪو ڪارويلان جي اڳواڻي ۾ 1969ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ ۽ ورڪرس پارٽين جي بين الاقوامي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو. سيپٽمبر 1972ع کان صدر آلندي جي تختي اونڌي ٿيڻ تائين هو سڌسماءَ بابت سندس صلاحڪار هو.
    سندس ڪتاب ۾ چيل هر لفظ سادو ۽ نج سچ آهي. اهو سچ رڳو هڪ فرد جي هاڃي سا نه، پر پوري قوم جي هاڃي سان لاڳاپو رکي ٿو. ڪتاب ۾، توهان کي فاشزم پنهنجي گندي ۽ غليظ روپ ۾ نظر ايندو. اهو فاشزم ئي آهي، جيڪو لاڳيتو انسانيت خلاف ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت به چلي ۾ ماڻهن کي ايذائي ۽ قتل ڪري رهيو آهي، ۽ ٻين سرمائيدار ملڪن ۾ تمام ظالماڻي نموني، انساني قدرن کي چيڀاٽي رهيو آهي. توهان جيئن انهن ظلمن بابت هن ڪتاب ۾ پڙهندا تيئن ئي توهان آڏو فاشزم جي سچي تصوير پنهنجي پوري ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سميت سامهون اچي ويندي.
    روڊريجوروجاس هر ڏهڪائيندڙ واقعي کي تمام سادگي سان بلڪل ائين ئي ٿو بيان ڪري جيئن اهو ٿيو ۽ جيئن اهي هڪ ٻئي پويان ٿيندا ويا. پاڻ نيشنل اسٽيڊيم جي ڏاڍ ۽ ظلم مان جيئرو بچي نڪتو جيڪو وطن دوستن کي ايذاءَ ۽ گولين سان مارڻ جو مرڪز بڻيل هو. سندس فائيل تي وڏن اکرن ۾ نيري مس سان (P) لکيل هو ۽ انهيءَ تي گول دائرو ڏنل هو جنهن جي معنيٰ سندس لاءِ سخت ۾ سخت سزا هئي. هو اسان کي ماڻهن خلاف انهيءَ غير انساني جنگ ۾ قيد ڪيل محب وطن عورتن ۽ مردن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ايذائن بابت ٻڌائي ٿو جيڪي ڪڏهن به نه ٻڌايا ويا آهن. اتي رهيل قيدين کي فاشسٽن مان خراب کان خراب سلوڪ جي اميد هئي. روجاس لکي ٿو ته ”اتي قوم جي هزارين پٽن ۽ ڌيئرن پهريون ڀيرو فاشزم جو ظالم ۽ غير انساني روپ ڏٺو“. کين اتي وچين اونداهي دور جي ايذائن کان وٺي موجوده دور جي بجلي جي جهٽڪن سميت هر قسم جي چيچلائڻ جي طريقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. فوجي سرڪار وٽ انهيءَ مقصد لاءِ هڪ کان وڌيڪ نازي جنگي ڏوهاري صلاحڪار موجود هئا. وڏي پئماني تي ڪيل انهن شرمناڪ ڏوهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انهن ڪارنامن کي پڻ شامل ڪيو ويو هو جن تي سامراجي آقائن جو ٺپو لڳل آهي.
    انهيءَ اڪيلائي ۽ نفرت جي باوجود ويڙهه ڪندڙ ڪڏهن به اڪيلا نه هئا. انهيءَ سڄيءَ واٽ تي پورهيتن جي عالمي سگهه مٿڀري هئي. هو لکي ٿو ته ”اسان ڄاڻون ٿا ته چلي جي عوام کي ماسڪو ريڊيو جي مهربانين سبب پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن جي خبر پئجي سگهي آهي“.ڪچلجڻ ۽ اونداهي ۾ هئڻ جي باوجود انهن بين الاقوامي ڀائيچاري جي گرمائش ۽ روشنيءَ کي محسوس ڪيو. جيل جي گولين ۾ ”انٽرنيشنل“ ۽ ويڙهه جو جذبو جاڳائيندڙ ٻيا گيت زندگي ۽ انقلاب جي گيتن وانگر گونجيا پئي.
    روجاس جي آزاديءَ لاءِ اسان انهيءَ ڀائيچاري جا ٿورائتا آهيون. جيستائين هو آزاد آهي ۽ پنهنجي ڏيهه نيڪاليءَ جي حق کي استعمال ڪندو رهندو، تيستائين هو فوجي راڄ کي ننگي ڪرڻ جو عمل جاري رکندو.
    جلاوطني ۾ به سندس ويڙهه جاري آهي. اها هڪ ڏکي ويڙهه آهي. پر هتي پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ ايندي ته جن قومن وٽ انهيءَ درجي جا هزارين پٽ ۽ ڌيئرون هجن، انهيءَ کي ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهجي.
    لوئس ڪارويلان ڪڏهن به دشمن اڳيان آڻ نه مڃي.
    روڊريجو روجاس ڪڏهن به پنهنجي گوڏن ڀر نه جهڪيو.
    وولودياٽيائيٽيلبوئم (4) چليءَ جا بهادر ماڻهو، فاشزم خلاف محاذ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ملڪ اندر جنتا کي بلڪل ئي اڪيلو ڪري رهيا آهن.
    پوريءَ دنيا جا عوام فوجي جنتا کي اڪيلو ڪري رهيا آهن. روڊريجو روجاس پنهنجي انهيءَ تجربي وسيلي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ماڻهو گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي لائق آهن. هو اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته دوست ۽ دشمن ۾ تميز ڪيئن ڪجي.
    ڏوهه ۽ موت ڪڏهن به سچ، شان، ڏاهپ ۽ حياتي کي ختم نه ڪري سگهندا.

    _____________
    (1) جوليئس فيوچڪ: چيڪو سلوواڪيه جي ڪميونسٽ پارٽي جي ترجمان اخبار
    ”رُوڊ پراوو“ جو ايڊيٽر هو. کيس نازين قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو
    ۽ 1943ع ۾ ڦاهي چاڙهي ڇڏيائون. سندس جيل جي ڊائري کي لڪل نموني جيل کان ٻاهر آندو ويو ۽ “ڦاهي جي ڦندي تان لکيل نوٽس“ جي نالي سان ڇاپيو ويو.
    (2) ڊاوسن ٻيٽ، چلي جي ڏاکڻي حصي ۾ ڏکڻ قطب جي سخت موسمي حالتن سان هڪ ويران ٻيٽ آهي. هتي فاشي جنتا جي بدنام ترين ايذائيندڙ ڪئمپن مان هڪ قائم هئي. انهي ڪئمپ کي خاص طور تي انهن سياسي قيدين لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جن جي لاءِ جنتا کي يقين هو ته موسم جي سختين جي ڪري مري ويندا. ۽ ڪيترن ئي واقعي پنهنجيون حياتيون هتي وڃايون. هن ڪئمپ جي قيدين ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري لوئس ڪارويلان پڻ هو. ڪارويلان سوڌو ڪيترن قيدين کي پوءِ ريٽوڪ سامونڊي اڏي تي منتقل ڪيو ويو.
    (3) لوئس ايميلو ريڪابيرن چلي جي پورهيت تحريڪ جو ممتاز اڳواڻ ۽ ورڪس سوشلسٽ پارٽي جيڪا 1906ع ۾ ايڪيوائي ڪيو کاڻين جي هڙتالن جي نتيجي ۾ سامهون آئي. ان جي بنيادي اڳواڻن مان هڪ هو. 1922ع ۾ هن چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو پايو وڌو.

    (4) وولوديا ٽيائيٽيلبوئم چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميتي جي سياسي ڪميشن جو ميمبر آهي. هي چلي جي علائقي چلان ۾ 1916ع ۾ ڄائو ۽ سورهن سالن جي ڄمار ۾ نوجوان ڪميونسٽ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 1946ع کان چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر اهي. 1961ع ۾ والپارائيو جي تڪ مان قومي اسيمبلي ۾ چونڊيو ويو ۽ 1965ع ۾ سنتياگو مان سينيٽ لاءِ چونڊيو ويو. 1973ع ۾ ٻئي نمبر تي سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻي ٻيهر سينيٽ تي چونڊيو سندس پروقار ريڊيو پروگرام ”وولوديا جو تبصرو“ ڪيترن سالن تائين چلي جي ريڊيو تان نشر ٿيندو رهيو. فوجي راڄ جي اچڻ کان پوءِ سندس اهو پروگرام ماسڪو ريڊيو تي ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هي چلي ۾ فاشزم جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ آهي.


    جيل ڊائري

    گرفتاري

    ايندڙ ڏينهن 12 آڪٽوبر جو صبح اسان لاءِ ٽين وڳي مهل چاٻين ۽ سيخن جي کڙڪي سان شروع ٿيو. هر ڪنهن ماڻهوءَ محسوس ڪيو ته ڪا اهم ڳالهه ٿيڻ واري آهي. اسان غلطيءَ تي نه هئاسين، ڇو ته جڏهن به اسان جا محافظ صبح ساڻ ڪنهن قيديءَ کي وٺن ايندا هئا ته اسان کي اها خبر پئجي ويندي هئي ته هو هاڻ ڪڏهن به واپس نه موٽندو ۽ سندس مئل جسم ڪنهن اونداهي گهٽيءَ ۾ يا ماپوچو دريا ۾ لڙهندو ملندو. هن ڀيري مامرو ڪجهه گنڀير هو، جو عام رواج وانگر هڪ ڪارپورل ۽ ٽي سپاهي نه پر هڪ ڪئپٽن ٽن ڪارپورلن ۽ 15 سپاهين سان گڏ آيو هو. هنن ڪجهه نه چيو. اسان سوچيو ته شايد اسان مان ڪجهه همراهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي وڃڻو اٿن يا ڪو تڪڙو سڏ ٿيو آهي. ٻه يا ٽي منٽ، يا شايد ان کان ڪجهه گهٽ، يا ڪجهه وڌيڪ وقت سانت ۾ گذري ويو. خاموشي ۽ انتظار اڻ کٽ ٿي پيا.

    ”مادام توهان پريشان نه ٿيو. فوجي جاسوسي کاتو رڳو انهيءَ شريف ماڻهوءَ سان ملڻ چاهي ٿو. اها رڳو هڪ رسمي ڪارروائي آهي. کيس ڪجهه به نه ٿيندو ۽ هو ڪجهه ڪلاڪن جي اندر ئي واپس موٽي ايندو“.
    اهو ڪامورو هٿياربند جٿي سان، انهي فليٽ ۾ ڪاهي آيو هو جتي آئون يارهين سيپٽمبر جي فوجي بغاوت کان پوءِ لڪل هوس. انهن لفظن سان گهر ڌياڻيءَ کان موڪلايو. صبح جا ٽي ٿيا هجن ٻه نان ڪميشنڊ آفيسر مون کي پنهنجي قبضي ۾ گهٽيءَ ۾ وٺي آيا ۽ هڪ فوجي جيپ ۾ اڇلي ڇڏيائون جتي ٻيا اٺ سپاهي انهيءَ مهم جي ختم ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهليا پيا هئا.
    ڪاموري فليٽ جي مالڪياڻيءَ کي اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ته هو مون کي ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. ان وقت تائين آئون پنهنجي منزل کان بلڪل ئي اڻڄاڻ هوس جيستائين اسان بيوئن رجمنٽ جي بئرڪن ۾ داخل نه ٿياسين.
    دروازا کوليا ويا ۽ جيپ اندر داخل ٿي، مون کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هاڻي، هر قسم جي اخلاق ۽ آداب کي ڄڻ بلڪل ئي وساري ڇڏيو ويو.
    هڪ ٿلهي ڪارپورل رڙ ڪندي چيو ”او بدمعاش تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هڪ گنجي ليفٽيننٽ پنهنجي هوڙهيائي ڏيکاريندي چيو ”اسان توکي گولين سان پرڻ ڪري ڇڏينداسين، ذليل ڪميونسٽ“. سپاهي جيڪي هڪ ٻئي کان رڙين ۾ گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، سندن لفظ ڪجهه هن ريت هئا ”غدار بدمعاش تون اسان کي قتل ڪرڻ ٿو چاهين“.
    ڪاموري اندر داخل ٿي سڀني کي خاموش ٿيڻ لاءِ چوندي حڪم ڏنو ”ڪارپورل، گرفتار ٿيل همراهه کي منهنجي آفيس ۾ آڻ“. مون کي ٻن ٽامي گنن وارن جي نگراني ۾ ڪاموري وٽ آندو ويو. ڪاموري مون کان شروعاتي پڇاڳاڇا ڪئي، جيڪا هڪ سادي ڪارروائي هئي ۽ ٿلهي ليکي منهنجي نالي، عهدي ۽ اهڙين ڳالهين سان لاڳاپيل هئي. ملٽري پوليس جي انهي رسم ختم ٿيڻ کان پوءِ اُتي موجود ليفٽيننٽ ڪمري مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي رڙ ڪئي ته ”سارجنٽ پنهنجيون صفون درست ڪيو، هن همراهه کي ”گارڊ آف آنر“ پيش ڪيو ويندو“.
    انهيءَ ”گارڊ آف آنر“ جو اندازو لڳائيندي مون اهو مطلب ڪڍيو ته مون کي هينئر ئي گوليءَ سان اڏايو ويندو. پر اها منهنجي غلطي هئي.
    بئرڪن جي سامهون خالي جاءِ ۾ اٽڪل ويهن کان ٽيهه سپاهي ٻه صفون ٻڌي بيٺا هئا. هاڻي گرفتار ٿيلن کي سندن لتن ۽ رائيفلن جي ڪنداقن سان ڌڪ سهڻا هئا. هوش ۾ اچڻ تي مون پاڻ کي اڪيلو هڪ کوليءَ ۾ ڏٺو. آئون سڄو رت ۽ مٽيءَ سان ڀريو پيو هوس. منهنجو هڏ هڏ سور ڪري رهيو هو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻه سپاهي مون کي حوض ۾ وٺي هلڻ لاءِ آيا. مون کي چيو ويو ته پاڻ کي صاف ڪري ٻين آڏو پيش ٿيڻ جهڙو ڪيان.
    منجهند ڌاري سادن ڪپڙن ۾ هڪ شخص مون کان پڇاڳاڇا ڪئي. سندس سوال گهڻو ڪري اُهي ساڳيا هئا جن جو آئون اڳيئي جواب ڏيئي چڪو هوس. انهيءَ کان ٽي ڪلاڪ کن پوءِ هڪ ڀيرو وري ٻاهر ڪڍيو ويو ته جيئن فوجي جاسوسي کاتي سان واسطو رکندڙ هڪ ڪئپٽن مون کان پڇاڳاڇا ڪري.
    شام جي پنجين ڌاري هڪ جونيئر ليفٽيننٽ چئن سپاهين سان مون وٽ آيو. وٽس هڪ فولڊر هو. جيڪو ظاهري طور تي منهنجو فائيل پئي لڳو. مون کي هٿڪڙيون پهرائڻ جو حڪم ڏيندي ۽ منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ کي چڪاسيندي هن چيو ته ”سائين، آئون شخصي طور تي توهان جي خلاف نه آهيان، پر مون کي توهان کي جيئرو يا مئل حالت ۾ توهان جي منزل تائين پهچائڻ جو حڪم مليل آهي. مون لاءِ توهان کي مئل
    حالت ۾ کڻي وڃڻ وڌيڪ سولو ٿيندو. اوهان کي منهنجي اها صلاح آهي ته بنا ڪنهن چرپر جي ماٺ ڪري ويهو. منهنجن ماڻهن کي بنا ڪنهن اڳواٽ چتاءَ جي گولي هلائڻ جو حڪم مليل آهي ۽ هو توهان کي ايستائين جو رڳو ڪنڌ مٿي ڪرڻ تي به گولي هڻي سگهن ٿا“.
    انهيءَ ”همٿائيندڙ“ موڪلاڻي کانپوءِ مون کي منهن ڀر نيري آسماني رنگ جي فورڊ پڪ اپ ۾ اڇلايو ويو. چار سپاهي پاسن کان ويهي رهيا. سندن بوٽ منهنجي نڙيءَ تي ۽ سندن بندوقون منهنجي نڙي ۽ ڄنگن کي ڇهي رهيون هيون. ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ هو مون کي حرڪت ڪرڻ لاءِ اُڀاري رهيا هئا. پر ڪاموري کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. آئون هر شئي سهڻ لاءِ تيار هوس ته جيئن اهو نه چئي سگهجي ته ”ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ“ سبب مون کي گولي هنئي ويئي آهي.


    اسٽيڊيم جو قيدي

    اٽڪل ٽيهن منٽن کان پوءِ اسان نيشنل اسٽيڊيم پهتاسين، جتي کين مون کي جيئرو يا مئل حوالي ڪرڻو هو.
    اسٽيڊيم، مارچ ڪندڙ سپاهين، وڏي واڪي ڏنل حڪمن، ماڻهن جي ڊوڙڊڪ، رڙين ۽ ٻوڪاٽن جي گوڙ سان ڀريل هو. انهيءَ وقت ”جنگي قيدين“ سان سٿيل ڪيتريون ئي بسون اسٽيڊيم اچي پهتيون. مردن، عورتن ۽ نوجوانن کي رائفل جي ڪنداقن جي ڌڪن سان ٻاهر ڪڍي، کين ننڍي مشين گنن وارن جي ٺاهيل سوڙهي رستي تان اسٽيڊيم جي اندرين عمارتن ڏانهن ڊوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. مشين گنن وارن جا منهن چريائپ، ڪاوڙ ۽ شراب جي اثر ڪري صفا بگڙيل هئا.
    مون کي هتان ڊوڙڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويو. ظاهري طور تي اهو پئي ڏسڻ ۾ آيو ته جنهن آفيسر کي مون کي جيئرو يا مئل کڻي اچڻ جو حڪم مليل هو. تنهن مون کي بيوئن رجمنٽ جي ”بهادر سپاهين“ پاران مليل اڳوڻي ”گارڊ آف آنر“ کي هڪ ڏينهن لاءِ ڪافي ٿو سمجهيو.
    مون کي صدارتي باڪس جي هيٺان ايونيو اگريسيا واري پاسي کان ٺهيل هڪ ڪمري ۾ آندو ويو جتي گرفتار ٿيلن کي رجسٽر ڪيو پئي ويو. بيوئن آفيسر ڪئپٽن پاران مون کي هڪ ڪاعذ سوڌو پنوشي جي مهمانن جو ”آڌرڀاءُ“ ڪندڙ هڪ آفيسر جي حوالي ڪيو ويو. انهيءَ ڪاعذ جي لکڻي آسانيءَ سان پڙهي پئي سگهجي. منهن جي نالي، پتي ۽ سڃاڻپ جي نشانين کان سواءِ وڏن ٽائيپ ٿيل اکرن ۾ ڏوهن جي سري هيٺ هي لکيل هو ”خطرناڪ انتهاپسند، سوويت جاسوس ۽ ڪميونسٽ ويڙهاڪ، اخبارن لاءِ لکيو اٿس ۽ فوج ۾ پروپئگنڊا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي اٿس“.
    انهيءَ ”پرڪشش سفارش“ کي وٺندي آفيسر مون کي چيو ته ”تون ڪجهه وقت اسان کان لڪل رهيو آهين. جڏهن ته اسين يارهين سيپٽمبر کان وٺي تنهنجي ڳولا ۾ آهيون. اسان کي توسان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي تمام گهڻي خواهش آهي. انهيءَ بابت توکي ڳڻتي ڪرڻ جي بلڪل ضرورت ناهي. توکان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي ۽ پوءِ جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي ته آلندي جي ڪيل ڏوهن ۾ تون شريڪ نه آهين ته، توکي گهر وڃڻ جي اجازت هوندي“.
    مون کيس ڪجهه به نه چيو. سندس هٿ ۾ اڃان تائين ”رپورٽ“ هئي. مون انهي رپورٽ تي ساڄي پاسي، مٿي، ٿلهي ڳاڙهي دائري ۾ نيري مس سان وڏن اکرن ۾ (P) لکيل ڏٺو. انهيءَ جو مطلب هو ته مون کي بنا ڪنهن مقدمي هلائڻ ۽ جاچ جي گولي هنئي ويندي. پر انهيءَ جي ڄاڻ مون کي ڪافي مهينن کان پوءِ نيشنل اسٽيڊيم جي قيد ۾ پئي.
    رجسٽريشن جي رسمي ڪارروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪجهه ٻين قيدين سان گڏ هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر جي حوالي ڪيو ويو ته اسان کي قيد تائين پهچائي. جڏهن اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين ته ان وقت شام جا اٽڪل ساڍا پنج ٿيا هئا.
    راندين جي شوقين جي حيثيت ۾ آئون اسٽيڊيم ڏي گهٽ آيو هوس. باقي ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاپولر يونٽي جي جلسن ۽ ريلين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪري ايندو هئس. هاڻي مون کي انهيءَ اسٽيڊيم کي ڏسڻ جو پوري طرح موقعو مليو هو. راندين جي هنڌ طور نه پر موت جي هڪ آکاڙي جي شڪل ۾. مون کي سائيڪلنگ واري پٽي وٽ ٺهيل ايذا رسائيندڙ مرڪز ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو. مون کي انهن غدارن جي ڏوهن کي اکين سان ڏسڻ جو موقعو ملندو، جن چلي جي آئيني طرح چونڊيل صدر کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو.
    اسان جو جٿو ماراٿون دروازي ڏانهن وڌيو. اتي چئني پاسن کان ٺهيل بيهڻ جون جايون، وطن دوستن، پورهيت طبقي جي نمائندن ۽ عوام جي مقصد ڪارڻ وڙهندڙن سان سٿيون پيون هيون، جيڪي غدار جرنيلن جي چنبي ۾ اچي ڦاٿا هئا.
    اتي قيدين جو تمام وڏو تعداد هو. پڪ سان انهن جو تعداد نٿو ٻڌائي سگهجي پر پوءِ به اها پڪ آهي ته اتي اسان جي قوم جا هزارين پٽ، ۽ ڌيئرون موجود هيون. هر پاسي کان مڪمل هٿياربند سپاهي انهن قيدين تي بندوقون اڀيون ڪيون بيٺا هئا. اهي قيدي تپيل سج جي گرميءَ ۾ ويٺا هئا، جڏهن ته سندن ڪپڙا فٽبال گرائونڊ ۽ تماشائين جي ويهڻ جي جاءِ جي وچ ۾ سڪي رهيا هئا. گهڻن جي ڪپڙن تي اڃا تائين رت جا نشان موجود هئا جيڪي مٽجي نه پئي سگهيا.
    ڳچيءَ پويان ٻڌل هٿن سان اسين ماراٿون دروازي وٽ پهتاسين، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ٽامي گنن سان سپاهي بيٺل هئا. آهستي آهستي مون پنهنجن ويجهن ڄاتل سڃاتل دوستن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو نالو پڻ ڪيترائي ڀيرا ٻڌم.
    نيٺ اسين پنهنجي منزل تي پهتاسين. اهو ماراٿون دروازي جي هيٺان ڊريسنگ روم نمبر 9 هو. انهيءَ ڪوري ٿڌي پٽ واري ڪمري ۾ اسين ڪل هڪ سئو چوويهه ڄڻا هئاسين.
    اسان سڀئي هڪ ٻئي لاءِ اڻڄاتل هئاسين، انهيءَ ڪري ڳالهائڻ ۾ احتياط پئي ڪيوسين. هر ڪو ماڻهو هڪ بي اعتباري سان ڀريو پيو هجي. ڪنهن کي ڀلا ڪهڙي خبر ڪير سرڪاري جاسوس آهي، فوجي جنتا جو ماڻهو آهي، يا سچو پچو انقلابي آهي. شايد اسان ۾ گهڻائي اهڙا سرڪاري ماڻهو هئا، جن کي اسان سڃاڻي نه پئي سگهياسين.
    اسٽيڊيم ۾ اسان جي پهرين رات نهايت ئي پريشان ڪندڙ هئي. اسان جا ذهن، پنهنجن خاندانن، جن کي اها خبر نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ۽ انهن ڪامريڊن، جن جي ڳولا ۾ فاشي جنتا جا پوليس ڇاڙتا لڳل هئا، تن جي خيالن سان ڀريل هئا. اسان کي ڪوري ٿڌي پٽ تي ئي سمهڻو پيو. ايستائين جو اسان کي هڪ به ڪمبل نه هو ۽ اسان هڪ ٻئي سان بلڪل گڏجي سڏجي سمهياسين ته جيئن هڪ ٻئي جي بدن جي ٿوري گهڻي گرمائش ملي سگهي. دروازي کي بند ڪري هڪ وڏي زنجير کان سواءِ هڪ هچا جهڙو تالو پڻ ٻاهران لڳايو ويو هو. پر انهيءَ کي به ڪافي نه سمجهيو ويو. ڇاڪاڻ ته ڄارين مان هڪ 30ع جي مشين گن جو منهن پڻ اسان کي گهوريندو نظر اچي رهيو هو. اسان سپاهين جي جهلڪ پڻ ڏٺي جن جي مٿي تي چلڪندڙ ٽوپيون پيل هيون، ۽ جيڪي سگريٽ پيئندي کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا. اسان ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه هئن. پر اسان پاران ڀڄڻ جي معمولي ڪوشش ٿيڻ تي به هو، مشين گن سان فائرنگ ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هئا. اسان مان ڪو به ڀڄڻ بابت سوچي به نٿي سگهيو. ڇو ته انهيءَ جو نتيجو سواءِ بي وقوفيءَ واري موت جي ٻيو ڪجهه به نه نڪري ها.
    صبح جو ساڍي ستين وڳي دروازو کوليو ويو. خاص جٿي جي هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر اسان کي چيو ته اسين اسٽيڊيم جي تماشائين جي بيهڻ واري جاين تي وڃي پاڻ کي سج جي گرمي پهچائي سگهون ٿا. بهرحال پهرين اسان ٻن ٻن ڄڻن کي قطار ۾ بيهاري اسان جي وري وري تلاشي ورتي ويئي. پوءِ مشينن گنن ۽ رائفلن سان هٿياربند سپاهين جي گهيري ۾ اسان هڪ سئو چوويهه ڄڻن کي اوڏانهن نيو ويو.
    آهستي آهستي اهي جايون انهن قيدين سان ڀرجڻ لڳيون جيڪي مختلف ڊريسنگ رومن ۽ ٻين جاين تي قيد ٿيل هئا. ماڻهن پنهنجي ڀرپاسي ۾ ويٺل دوستن ۽ ساٿين کي سڃاڻڻ تي، هڪ ٻئي سان خير عافيت ڪرڻ شروع ڪئي. اٽڪل نائين وڳي تائين پهريائين ڇت جي هيٺ ۽ پوءِ اسڪور بورڊ جي هيٺان اترئين ۽ آخر ۾ ڏاکڻي پاسي واريون جايون به ڀرجي ويون. مختصر طور ته اهي اسٽينڊ ڄڻ ماڻهن سان سٿيل هئا. انهيءَ دوران مختلف جاين تي مشين گنون لڳايون ويون. جڏهن ته مٿي هٿياربند فوجي سڄي جاءِ جي چوڪسي ڪري رهيا هئا.
    پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ اسان شروع ۾ هڪ همراهه کي چونڊيو، جنهن جو ڪم اهو هو ته هو اسان جي محافظن کان ڪمبل، دوائون ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ گهربل شيون ۽ کاڌي جو سامان وصول ڪري.
    يارهين وڳي ڌاري اسان جي گروپ کي چيو ويو ته هو قطار ۾ بيهن ته جيئن نيرن ڏيئي سگهجي. اسان وري ٻن ٻن جي ٽولين ۾ اسٽيڊيم مان ٻاهر نڪري راندين جي جاين جي چوڌاري ٺهيل گئلرين ۾ وياسين. ٿوري پنڌ کان اسان کي انهيءَ دروازي جي ڄارين جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي، جيڪو ايونيڊا پيڊرو ڊي والڊيويا ڏانهن کليو ٿي. گئلرين تي ٻن ٽئنڪن کان سواءِ مارٽرز، رائفلون ۽ 50 مشين گنون پڻ لڳل هيون. انهن سڀني جو رخ رستي ڏانهن هو.
    نان ڪميشنڊ آفيسر ڏند ڪڍندي چيو ته ”اهو سڀ توهان جي حفاظت لاءِ آهي“. اسان کي ويجهڙائي ۾ موجود هڪ گشتي رڌڻي مان نيرن ڪرائي ويئي. پهرين اسان کي پلاسٽڪ جي ٽڀن ۾ ڪا پاڻيٺ جهڙي شيءِ ڏني ويئي، جيڪا ٿورو ٿورو کير ملايل ڪافي جهڙي لڳي پئي. انهيءَ خاص ڏينهن تي اسان کي پنهنجي مانيءَ جو راشن انهن قيدين وٽان مليو، جيڪي انهيءَ گشتي رڌڻي تي مقرر هئا. اسان اهو عجيب و غريب پاڻيٺ پنهنجي اندر ۾ اوتيو. ڪجهه ڄڻن بيٺي ۽ ڪجهه ڄڻن ٽئنڪن ڏانهن جهڪندي مليل ماني کاڌي. ڪوپن کي ڌوئڻ کان پوءِ اسان وڏن اسٽينڊن واري ماراٿون دروازي ڏانهن موٽياسين. ماني ۽ اڌ گرم ۽ ڦڪي پاڻيٺ اسان ۾ چستي ۽ ٿوري سگهه پيدا ڪري ڇڏي هئي.
    ساڳئي پاسي ويٺل ٻين کولين جي قيدين سان ڳالهه ٻولهه سٺي نموني اڳتي وڌڻ لڳي. اسان جي پنهنجن دوستن سان ملاقات ٿيڻ کان سواءِ اهڙن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ پڻ ٿي جن جو اسان پهريون رڳو نالو ئي ٻڌو هو.
    ”هڪ ٽڪرو اسان کي به ڏيو سائين“ مون هڪدم پنهنجي پويان نهايت ئي شائسته آواز ٻڌو. پهرين ته ڪنن تي يقين نه آيو. پوءِ اهو ظاهر ٿيو ته مون کان سگريٽ پيو گهريو وڃي جيڪو آءُ پي رهيو هوس. گهڻن سگريٽن پيئڻ وارا تمام تڪليف ۾ هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ سگريٽ کي هڪ ئي وقت ۾ اٺن کان ڏهن ماڻهن کي پيئڻو ٿي پيو. اهي ئي ماڻهو جن پنهنجي لالچي محافظن کان ڪجهه پئسا لڪائي رکيا هئا، اهي ئي بليڪ مارڪيٽ مان سگريٽ خريد ڪرڻ جي عياشي ڪري پئي سگهيا. اهو ڌنڌو چلي جا ”بهادر سورهيه“ فوجي ڪري رهيا هئا، جن سرڪاري طور تي مقرر قيمت کان پنجاهه ڀيرا وڌيڪ قيمت پئي وصول ڪئي.
    منجهند ڌاري ريڊ ڪراس سان واسطو رکندڙ ڪيترين ئي عورتن پاران صدارتي باڪس ۾ لڳل مائيڪرو فون وسيلي لائوڊ اسپيڪرن تي انهن ماڻهن جا نالا ورتا پئي ويا جن کي سندن مائٽن ۽ دوستن پاران پارسل موڪليا ويا هئا. سڀني پارسلن کي کوليو ويو ۽ قيدين کي رڳو آيل سامان مان ڪجهه حصو ئي نصيب ٿيو.
    مائڪرو فون تي چلي جي ريڊ ڪراس جي ڪارندن جي جاءِ بعد ۾ فوجي جنتا جي ايجنٽن سنڀالي انهن ماڻهن جا نالا پئي ورتا، جن کي صدارتي باڪس جي ٻئي پاسي ڊسڪو نيگرو تي حاضر ٿيڻو هو. اسان لاءِ ڊسڪو نيگرو هڪ اهڙي علامت هو، جنهن جي ڄاڻ، ڄڻ منع ٿيل هئي. ڇاڪاڻ ته جن کي به اتي گهرايو ويندو هو، اهي يا ته تشدد سبب اپاهج ٿي واپس موٽندا هئا يا ماڳهين موٽندا ئي نه هئا. اهڙي ريت پنوشي جا ايجنٽ انهن ماڻهن جو ڪم مختصر ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪي سندن نظر ۾ ”خطرناڪ انتهاپسند“ هئا.
    شام جو چئين ۽ پنجين جي وچ ۾ اسان کي رات جي ماني ملي جيڪا ڏينهن جو آخري کاڌو هئي. اها هڪ گندي سوپ جي مگ ۽ مانيءَ جي ٽڪري جي شڪل ۾ هوندي هئي جنهن ڪري قيدي بکيا رهجي ويندا هئا، ان ڪري اسان پاڻ کي دوکو ڏيڻ لاءِ نارنگين جا ٽڪرا گڏ ڪندا هئاسين، جيڪي اسان جا محافظ اڇلائيندا هئا. انهن کي چڱي طرح صاف ڪري وقت گذارڻ لاءِ آهستي آهستي چوسيندا رهندا هئاسين. اسان جي اها ڪوشش هوندي هئي ته انهيءَ مزي کي وڌ کان وڌ تائين برقرار رکي سگهون. ڇو ته مليل ”ڊنر“ ڪافي نه هو.
    شام جو ڇهين ڌاري لائوڊ اسپيڪرن تي انهن قيدين جي نالن جي لسٽ پڙهي ٻڌائي ويئي جن کي ٻئي ڏينهن پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃڻو هو. ساڍي ستين ڌاري اسان کي صفن ۾ بيهاري ڳڻپ ڪري ڊريسنگ ۽ اسٽور رومن ۾ سٿيو ويو جتي اسان کي ايندڙ ڏينهن جو انتظار ڪرڻو هو.
    اهڙي ريت ڏينهن گذرندا ويا. بک جا ستايل ۽ ٻاهرين دنيا کان ڪٽيل قيدي پنهنجي پڇا ڳاڇا جي واري اچڻ جو انتظار ڪندا رهيا.


    مينو بحث مباحثا

    اهو انتظار جيڪو گهڻن لاءِ ته مهينن تائين هليو، ڪپڙن ڌوئڻ، زخمين جي سارسنڀال، ۽ اهڙن ٻين روزاني جي انيڪ مسئلن سبب وڌيڪ سولو ٿي پيو. اسان ڳائڻ وارن ساٿين جون ٽوليون ٺاهيون ۽ مختلف سياسي گروپن جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. جيئن جيئن قيدين جا هڪ ٻئي بابت شڪ ختم ٿيا تيئن اسان انهيءَ قابل ٿياسين جو پنوشي ۽ سندس سپاهين جي ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم بابت وڌ ۾ وڌ حقيقتون گڏ ڪري سگهون. پر اسان جي سرگرمي رڳو ڳالهه ٻولهه تائين محدود ڪو نه هئي، اسان پنهنجي انقلاب سان لاڳاپيل مسئلن تي بحث مباحثا ۽ ليڪچر پڻ ڪرايا. هڪ ٻئي کان مختلف خيالن ۽ هڪ ٻئي تي الزامن جي باوجود به اسان انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿياسين ته جيئرو ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي ويڙهه کي جاري رکنداسين، قومي ٻڌي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ ثابت قدميءَ سان نئين ۽ آخري سوڀ ڏانهن وڌنداسين.
    بهرحال، انهن سڀني بحث مباحثن کي پنهنجن محافظن کان لڪائڻ ضروري هو. اها تمام سولي ڳالهه هئي. اسان مان هڪ ڄڻي ڪچري جي دٻي مان آئسڪريم جون تيليون جمع ڪري ان مان ڊومينوز جو سيٽ ٺاهيو ۽ ٻئي ڄڻي پاٺي جي دٻن جي ٽڪرن مان راند جا ڪارڊ ٺاهيا. انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انهن راندين پهرين ڪڏهن به اهڙو انقلابي رنگ اختيار نه ڪيو هو، جهڙو ان وقت نيشنل اسٽيڊيم جي بنديخانن ۾ ڪيو. رات ۾ اڃان به وڌيڪ سولو هوندو هو. هٿياربند پهريدار اسان جي کولين ۾ داخل نه ٿيندا هئا ۽ جيڪي اسان جي وچ ۾ ويس مٽايو ويٺا هئا، انهن کي ٻاهر ڪڍڻ اوکو ڪم نه هو. پوءِ ڀلي اهو ڪو سپاهي هجي، جيڪو قيدين جي روپ ۾ ويٺل هجي يا سرڪار جو ٻيو ڪو لاٺڙيو.
    اسان جون راتيون گهڻو ڪري پريشانيءَ واريون هونديون هيون. ٻاهر، ڊيوٽي تي موجود سپاهي، گيتن، رڙين واڪن، ڏاڪڻن تان هيٺ مٿي ڊوڙڻ، دروازن کي رائفلن جا ڌڪ هڻڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي نمونن سان اها ڪوشش ڪندا هئا ته جيئن اسين سمهي نه سگهون. پوءِ، سڄي رات اسان کي مشين گنن جي فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا. ڪڏهن اهي تمام گهڻو ويجهو هوندا هئا. جنهن جو مطلب ٿڏي تي ماڻهن کي شوٽ ڪرڻ هو، ته، ڪڏهن اهي تمام پري هوندا هئا، جنهن جي معنيٰ هئي خوفناڪ راتاها.
    گهڻو ڪري صبح سان هڪ آفيسر گهڻن سپاهين سان ڪنهن قيدي کي وٺڻ ايندو هو. معمول جيان اسان کي ساڻس ٿيندڙ سلوڪ جي ڪا به خبر نه پوندي هئي. اسان فقط انهيءَ وقت اندازو لڳائي سگهندا هئاسين، جڏهن ويجهڙائيءَ کان فائرنگ اسڪواڊ جي رائفلن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
    نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٺاهيل ڪئمپ ۾ پهريون ڀيرو اسان جي قوم جي هزارين پٽن ۽ ڌيئرن اهي خوني ۽ غير انساني ظلم ڏٺا، جن سان فاشسٽ سڃاتا وڃن ٿا. وحشي سپاهين جي چنبي ۾ ڦاسڻ کان پوءِ کين پورهيت طبقي ۽ ملڪ جي ٻئي عوام جي وچ ۾ اتحاد جي سڏ جي معنيٰ پوري ريت سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. ڪئمپ جي هزارين قيدين لاءِ اها ڳالهه پوري طرح پڌري ٿي پيئي هئي ته يارهين سيپٽمبر جي فاشسٽ بغاوت جي ڪاميابي جي مکيه سببن مان هڪ ۽ شايد سڀني کان اهم اهو هو ته دشمن اڳواٽ ئي پورهيت طبقي کي اڪيلو ڪري ۽ کيس حقيقت ۾ چلي جي سماج ۾ سندس غير پرولتاري ساٿين کان محروم ڪري ڇڏيو هو. هيئن ڇو ڪيو ويو ۽ هيئن ڇو نه ڪيو ويو، جهڙا اڻ ڳڻيا سوال هينئر پڇجڻ شروع ٿيا هئا. قيدين آهستي آهستي ڪميونسٽ پارٽي جي حقيقي سائنسي، سچي ۽ انصاف واري پاليسي کي سمجهڻ شروع ڪيو هو.
    اهڙن گهڻن ماڻهن جن ڪميونسٽ پارٽي تي مصلحت پسندي جو ڏوهه ٿي مڙهيو، هنن هاڻي پنهنجي انهيءَ غلطي کي محسوس ڪري ورتو هو ۽ هڪ سچي ۽ ايماندار انقلابي وانگر سندن پاران کلئي نموني اهڙو اقرار ڪيو ويو ته سندن الزام جو بنياد تفرقيبازي ۽ تنگ نظري هئي.


    گيت

    فطري طور تي نيشنل اسٽيڊيم جا قيدي فقط سياسي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ رڌل ڪو نه هئا. خاص طور تي ٽامي جي کاڻين جي هڪ نوجوان ڪميونسٽ پئسا نيٽا گونزپليز جي ڪوششن سان مختلف کولين ۾ ڳائڻن جي جٿن پنهنجو ڪم شروع ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن حصي جي همراهن کي همت ڏيارڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته هو پاڻ رڙ ڪندو هو ”سا ٿيو توهان سان ڪهڙن ويڌن آهي“ ته هڪدم انهيءَ پاسي کان گيتن ۾ جواب اچڻ شروع ٿيندو هو.
    هڪ ٻئي حصي ۾ يونائيٽيڊ پاپولر ايڪشن موومينٽ (MAPU) جي اڳواڻن مان هڪ، وائسينتي سوتا پنهنجو شاندار گيت اتساهه ڏياريندڙ انداز ۾ اڻٿڪ ۽ سگهاري نموني پيش ڪندو هو، سندس موسيقي انهيءَ لٺ ذريعي پيدا ٿيندي هُئي، جنهن تي هو هڪ ڄنگهه تي پلاسٽر هئڻ سبب جهڪي هلندو هو.
    سڄي جاءِ جي چئني پاسن کان، ماڻهو، وڏي واڪي ڳايل، انهن اتساهه ڏياريندڙ گيتن کي ٻڌي پئي سگهيا. اڃا ”وينسيسريموس“ جون آخري سٽون مس پوريون ٿينديون هيون، جو سامهون واري اسٽينڊ تان هزارين آوازن ۾، اسپيني انقلاب جو گيت ”لوس ڪيوٽرو جرنيلريز“ شروع ٿي ويندو هو جنهن جي سرن کي قيدين پنهنجي ليکي بدلائي ڇڏيو هو.
    جنگ جا اهي سڀ گيت جيڪي ڪجهه وقت اڳ چلي جي سمورن ماڻهن پنهنجي پوري آواز سان ڳايا هئا. هن وقت پوري نيشنل اسٽيڊيم ۾ پڙاڏا ڪري اسان جي محافظن جي ڪنن جا پردا ڦاڙي کين اهو ڏيکاري رهيا هئا ته، پنوشي جي قيد ۾ سندس ظلمن جي شڪار ٿيل ماڻهن جا جذبا جيئرا آهن ۽ پنهنجي ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ بلڪل تيار آهن.
    روزانو قيدين جي هڪ ننڍي ۽ ڪڏهن وڏي جٿي کي آزاد ٿي ڪيو ويو. انهيءَ دوران هر ڏينهن ۽ هر رات وڌيڪ قيدي انهن جي جاءِ سنڀالڻ لاءِ ٿي پهتا. جن کي شرطن تي آزاد ڪيو ويو هو يا جن کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کين شايد ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو، ايذاءُ ڏنا ويندا ۽ موت جي حوالي ڪيو ويندو.
    مائڪرو فون تي آفيسر جو اهو اعلان ٻڌي هر ڪو خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو ته ”اهي شخص جن جا نالا سنهي لسٽ ۾ آهن، ڊسڪو نيگرو وٽ، پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ترت پهچن“.
    تاڙين جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو هو ۽ آزاد ٿيل همراهه قطار ٺاهي بيهندا هئا ته هزارين قيدي اهو گيت ڳائڻ شروع ڪندا هئا ته ”الوداع چوڻ جي گهڙي اچي پهتي آهي“.
    پنوشي جا لاٺڙيا، وقت بوقت، انهن عارضي طور تي آزاد ٿيل قيدين جي جٿن کي پنهنجي پروپئگنڊا جو وسيلو بڻائيندا هئا ۽ انهن کي ٽي وي ڪئميرائن ۽ ”ايل مرڪيوريئو“ جي رپورٽرن جي آڏو پيش ڪيو ويندو هو.


    منهنجي پهرين حقيقي پڇاڳاڇا

    آهستي آهستي اسان مان انهن ماڻهن کي، جن کي اڃا تائين پڇاڳاڇا لاءِ نه وٺي ويا هئا انهيءَ وحشياڻي سلوڪ جون خبرون ملڻ لڳيون هيون جيڪو وطن دوستن سان اسٽيڊيم جي جاين جي مٿين طبقن ۽ سائيڪلنگ پٽي جي پاسي کان ٺهيل ايذاءُ رسائيندڙ مرڪزن ۾ اختيار ڪيو ويندو هو. اسان کي ”ماٺ ڪرائڻ“ واري ٽيمن بابت پڻ ڪجهه ڄاڻ ملي. اهو نالو هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر، جنهن کي آئون ”ڪولينا خاص جٿي جي اسڪول“ کان سڃاڻندو هوس، جيڪو اسٽيڊيم ۾ موجود قيدين جي هڪ جٿي جو نگران هو، ايذا ڏيڻ جي ماهرن لاءِ ٽوڪ طور استعمال ڪيو هو.
    آخرڪار هڪ هفتو ”جنگي قيدي“ طور رهڻ کان پوءِ مون کي ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي ڇهين وڳي اٿڻ لاءِ چيو ويو ته جيئن پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃي سگهجي.
    انهيءَ عرصي ۾ آئون پنهنجي کولي ۾ موجود ڪيترن همراهن جو دوست ٿي چڪو هوس ۽ سندن سياسي وابستگين کان به چڱي ريت واقف هوس. ڪميونسٽن ۽ ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو نه رکندڙن کان سواءِ منجهن کاٻي انقلابي تحريڪ (MIR) متحد عوامي عمل تحريڪ (MAPU) ۽ سوشل ڊيمو ڪريٽڪ، ڪرسچين ڊيمو ڪريٽڪ، بنياد پرست سوشلسٽ، آزاد ۽ کاٻي ڌر جي ڪرسچين ڊيمو ڪريٽڪ پارٽين جا ڪارڪن پڻ هئا. اسان منجهه يقيني طور تي حڪومت جا چمچا ۽ جاسوسي کاتي جا ماڻهو به موجود هئا پر اسان کي اها خبر هئي ته اُهي ڪير آهن.
    جڏهن هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر ٻن سپاهين سان گڏ مون کي وٺڻ آيو ته اڃا اونداهي هئي.
    آفيسر مون کي چيو ته ”پنهنجو ڪمبل کڻ، توکي انهيءَ جي ضرورت پوندي“. منهنجي کوليءَ جي ساٿين منهنجي خوشقسمتيءَ جي خواهش ظاهر ڪئي. ٻاهر مون کي صدارتي باڪس جي سامهون ڊسڪو نيگرو وٽ آندو ويو. هتي مون ٻه سئو ٻين قيدين کي پڻ ڏٺو، جن کان ان ڏينهن پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي. اسان کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو ويو. پوءِ اسان جي نالن جي لسٽ ڪڍي اسان کي حڪم ڏنو ويو ته اسان قيدي عورتن جي اچڻ تائين انتظار ڪيون جيڪي ترڻ جي تلاءِ ويجهو ٺهيل جاين ۾ قيد هيون ۽ جن کي پڻ پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃڻو هو.
    قيدياڻيون، جن مان گهڻي تعداد جو واسطو صحت کاتي ۽ ڪپڙي جي صنعت سان هو، ٽامي گنن سان هٿياربند سپاهين جي نظرداريءَ ۾ اسان جي قطار جي مهڙ ۾ هلڻ لڳيون. اسان ماراٿون در وٽ پهچي، گشتي اسپتال جي سائي رنگ جي تنبن کي هڪ پاسي ڇڏي، باغيچي ڏانهن مڙي وياسين. نيٺ اسان مکيه اسٽيڊيم کان اٽڪل ڇهه سئو ميٽرن جي فاصلي تي ايونيو پيڊرو ڊي ويلڊيويا جي ويجهو سائيڪلنگ پٽي وٽ اچي پهتاسين. ان جي پٿر جي ديوارن مون کي بچين والڍ جي منحوس ۽ موتمار نازي ڪئمپ ”ايونيو آف نيشنس“ جي ياد ٿي ڏياري.
    ”توهان ماءُ جا.... هلندا رهو“.
    انهيءَ شرافت سان ڀونڪيل حڪم سان گڏ لتن ۽ مڪن سان پڻ اسان جي خاطر ڪئي ويئي.
    ”ليفٽيننٽ شينهن تون ترت ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿي“.
    ”شينهن نمبر ٻه تون قيدين کي وڏن اسٽئنڊن تي ويهار“.
    ”شينهن نمبر ٽي تون پنهنجي گروپ کي سائيڪلنگ پٽي جي مرڪزي ڇٻر ڏانهن وٺي اچ“.
    اهي لائوڊ اسپيڪرن تي ڏنل حڪم هئا، جن آفيسرن کي انهي نموني سڏيو ويو هو، اهي ترت ئي حڪم جي پوئواري ۾ لڳي ويا.
    ”سڀئي قيدي پنهنجا مٿا ڪمبلن سان ڍڪي ڇڏين“.
    اسٽينڊ ۽ ڇٻر تي ويٺل ۽ گهٽيءَ کي سائيڪلنگ پٽيءَ کان ڌار ڪندڙ ديوار سان هلندڙ قيدي مرد ۽ عورتن پنهنجن مٿن کي ڪمبلن سان ڍڪي ڇڏيو. هاڻي اسان رڳو ڏنل حڪمن، ڊوڙندڙ قدمن ۽ رائفلن جي بولٽ جي ڪلڪ جي آواز کي ٻڌي سگهياسين ٿي.
    اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ قيدين کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي جٿن ۾ ورهايو ويو ته جيئن کين ”ماٺ ڪرائيندڙ“ ٽيمن جي حوالي ڪري سگهجي.
    اٽڪل ساڍي نائين ڌاري مون لائوڊ اسپيڪر تي اينجل پارا کانپوءِ پنهنجو نالو ٻڌو.
    ”شينهن نمبر پنج انهن ڏهه ڄڻن کي ڪمري نمبر هڪ ۾ وٺي اچ ۽ کين پوماچار جي حوالي ڪر“.
    ٻيهر گارين، پاراتن ۽ رائفل جي ڪنڌن سان ڌڪن هڻن جي ڪار شروع ٿي ويئي.
    نيٺ اسان جي ڏهه ڄڻن جي جٿي ڪمري نمبر هڪ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. اسان جا مٿا اڃا تائين ڪمبلن سان ڍڪيل هئا ۽ اسان پنهنجي اڳيان هلندڙ قيديءَ جي ڪلهي تي پنهنجو ساڄو هٿ رکي هلي رهيا هئاسين. اسان کي ڪمري نمبر هڪ جي بدران ايونيو پيڊرو ڊي والڊيويا سان لڳ ديوار وٽ آندو ويو ۽ ديوار کان اٽڪل 25 فوٽن جي فاصلي تي قطار ۾ بيهاري هٿ مٿي کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو. پويان خود ڪار رائفلن جا منهن اسان جي پاسراٽين کي ڇهي رهيا هئا.
    سيپٽمبر جو سج پنهنجي پوري جلال سان چمڪي رهيو هو. اسان ڪمبلن ۾ ويڙهيل هئڻ سبب جلد ئي تمام خراب نموني پگهرجي وياسين. اسان لاءِ ساهه کڻن به ڏکيو ٿي پيو هو. هٿ مٿي هئڻ سبب اسان جا ڪلها به سور ڪري رهيا هئا.
    اٽڪل ستن ڪلاڪن تائين، بنا ڪنهن به قسم جي کاڌي پيتي جي، اهڙي ريت بيهارڻ کان پوءِ منهنجي پويان بيٺل سپاهي منهنجو نالو پڪاريو ۽ گڏوگڏ انهن وڻندڙ لفظن جو به واڌارو ڪيائين ته ”هل او بدبودار ڪميونسٽ“.
    اسان سائيڪلنگ جي پٽيءَ جي هيڊ آفيس ۾ داخل ٿياسين. هتي مون کان منهنجي نظر واري عينڪ لهرائي ويئي ۽ ڪنهن شخص، جنهن کي اکين تي پٽي هئڻ سبب آئون ڏسي نٿي سگهيس، اها منهنجي هٿ مان کسي پير جي کڙيءَ سان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڀڳل ٽڪر مون کي موٽائي ڏيندي چيو ”توکي هاڻي پڙهڻ لاءِ انهيءَ جي ضرورت نه پوندي بدمعاش! اهي ٽڪرا وٺ يا اسان اهي، توکي گولي هڻڻ کان پوءِ، ٽپال رستي تنهنجي ڌيئن کي موڪلي ڇڏينداسين“.
    مون اهي ٽڪرا وٺي پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ ڌڪن ۽ لتن سان مون کي هڪ ڪمري ۾ آندو ويو جتي مون کان ”پڇاڳاڇا“ شروع ٿي.
    ڪنهن شخص ڀونڪندي منهنجي ڪن ۾ چيو ”هڪدم پنهنجا ڪپڙا لاهه“. مون کي هيٺ ڪيرائي لتن جو وسڪارو شروع ڪيو ويو. ڪپڙن لاهڻ کان پوءِ مون کي ڀت ڏانهن منهن ڪري انهيءَ حالت ۾ بيهاريو ويو جو منهنجا هٿ ديوار تي هجن ۽ پير هڪ ٻئي کان بلڪل ئي ڌار هجن.
    انهيءَ حالت ۾ بيٺل هوندي، مون تي اها چوڻي ٺهڪي ٿي آئي ته ”اهڙي تڪليف جهڙي سٿر تي لت جو لڳڻ“. مون کان پڇاڳاڇا ڪندڙن اڃا تائين مون کان هڪ سوال به ايستائين جو منهنجو نالو به نه پڇيو هو. هو تمام جوش سان منهنجي سٿرن تي لتون هڻي رهيا هئا. آئون ڪري پيس ۽ سخت ايذاءَ ۽ تڪليف سبب بيهوش ٿي ويس. ڌڪن ۽ ٿڏن جي هڪ نئين سلسلي سان مون کي هوش ۾ آندو ويو. هاڻي سندن نشانو، منهنجيون پاسراٽيون ۽ گردي واري جاءِ هئي. ساڳئي وقت پڇا ڪندڙن مان هڪ منهنجي مٿي تي لتون ۽ ٿڏا هڻي رهيو هو، ڄڻ منهنجي کوپڙي کي ڀڃڻ چاهيندو هجي.
    مون کي خبر ناهي ڪيستائين اهو سڀ ڪجهه هلندو رهيو. مون کي بلڪل اگهاڙو ڪري اکين تي پٽي ٻڌي ويئي هئي. آئون سواءِ پنهنجي رت جي بوءِ محسوس ڪرڻ جي، جيڪو منهنجن ڄنگهن مان وهي رهيو هو، ٻيو ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيس. ڪنهن ماڻهوءَ پاڻيءَ جو ڀريل پيالو منهنجي مٿان وڌو. پوءِ منهنجن هٿن ۽ مرن کي چيلهه وٽ ٻڌو ويو. مون ڪپيءَ جو مخصوص آواز ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو ته مون کي هٿ پير پويان ٻڌي رسي وسيلي ڦيرايو پيو وڃي.
    هاڻي ٽيڪنالاجي جو ڪم شروع ٿيو، ڌڪن جي جاءِ بجليءَ جي جهٽڪن ورتي، بجلي جي تارن کي منهنجي ڄڀ، مخصوص عضون، اکين ۽ ڪنن سان ملايو ويو.
    هيستائين سواءِ گارگند جي ڪو به سوال نه پڇيو ويو هو. هڪ ڄڻي رڙ ڪندي چيو ”تون بدبودار ڳاڙها، غدار روسي جاسوس“.
    ”اهو تون ئي آهين جنهن (Z) (1) رٿا تيار ڪئي هئي“.
    ((ا) ها هڪ خيالي رٿا هئي، جنهن بابت بغاوت جي اڳواڻن جو خيال هو ته اها کاٻي ڌر وارن فوج جي اعليٰ آفيسرن کي قتل ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي. فوجي جنتا، انهيءَ کي پنهنجي سخت ترين قدمن لاءِ هڪ جواز طور استعمال پئي ڪيو.)
    ڪجهه وقت کان پوءِ، پر مون کي خبر ناهي ته ڪڏهن، مون کي زمين تي ليٽائي رسيون کوليون ويون ۽ ڪپڙن پائڻ لاءِ چيو ويو. رت ۾ ٻڏل، اکين تي پٽي ٻڌل ۽ پوري طرح هوش ۽ حواس نه هئڻ سبب، هٿوراڙيون هڻي جيئن تيئن ڪري ڪپڙا پاتم، جيئن پائي سگهيس ٿي.
    انهيءَ کان پوءِ مون کان پڇاڳاڇا شروع ٿي. تمام تيزي سان مون کان منهنجو نالو، ڄمار، ڌنڌو، پتو، مون کي ڇو ۽ ڪٿان گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪهڙي پارٽيءَ سان منهنجو واسطو آهي وغيره جهڙا سوال پڇيا ويا. ڪجهه منٽن تائين اهو سلسلو هليو. پوءِ ڪني ٻوٿ واري پڇاڳاڇا ڪندڙ ٻڌايو ته بس ڪم پورو ٿيو.
    منهنجي اکين تان پٽي هٽائي ويئي، پر ڪمبل اڃا تائين منهنجي مٿان پيل هو. مون کي وڏن اسٽينڊن وٽ آندو ويو جتي قيدين جو وڏو تعداد، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي هئي، اسٽيڊيم ڏانهن واپس موٽڻ جي انتظار ۾ موجود هو. اهي ساڳيا ئي ماڻهو هئا، جن سان گڏ مون اڄ صبح اسٽيڊيم ڇڏيو هو. اسان پهرين جيڪي هڪ ٻئي جا چهرا ڏٺا هئا، اهي بلڪل ٻيا ٿي پيا هئا. مارڪٽ، ظلم ۽ ڏاڍ سبب اهي پوري طرح بگڙي ويا هئا. ڪيترن قيدين تي ”پڇاڳاڇا“ جا نشان پڻ صاف طور پئي نظر آيا.


    اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي

    انهيءَ ڏينهن سڏيندي، انهن ڪاسائين ڪمانڊنٽ جي آفيس جي درين وٽ لڳل لائوڊ اسپيڪرن کي چالو ڪري ڇڏيو. هڪ ڀيرو وري حڪمن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
    ”سائيڪلنگ جي پٽي تان رواني ٿيڻ لاءِ پندرهن منٽن ۾ بس آندي وڃي“.
    ”ليفٽيننٽ شينهن! قيدين بابت وڌيڪ هدايت لاءِ ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿي“.
    ”سينيئر آفيسر سائيڪلنگ پٽي جي مٿان ٺهيل جاين تي ٿي بيهن ڪو به اڪيلو نٿو وڃي سگهي“.
    ”شينهن نمبر 2 سڀني قيدين کي وڏن اسٽيڊن تي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهار“.
    انهيءَ وچ ۾ اسان حيران هئاسين ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه منٽن کان پوءِ انهيءَ جي به خبر پئجي ويئي. ”ليفٽيننٽ شينهن“ ڪمانڊنٽ جي آفيس مان هڪ ٿلهي فولڊر سميت ظاهر ٿيو، جنهن ۾ پڇاڳاڇا ٿيل قيدين جا فائل هئا.
    جيئن نالا ڪوٺيا ويا تيئن قيدي ٻن درجن ۾ ورهائجي ويا. يعني جن کان پڇاڳاڇا ٿي چڪي آهي ۽ جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي. مون کي پهرئين جٿي ۾ هئڻ گهربو هو پر منهنجو نالو ”جن کان اڃا به پڇاڳاڇا ٿيندي“ واري گروپ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هڪ ٻيو به درجو ٺاهيو ويو، جنهن ۾ شامل ماڻهن کي ”پنهنجي ماحول کان لاتعلق“ جو نالو ڏنو ويو. انهيءَ ۾ شامل هر ڪنهن ماڻهو جي اکين تي پٽي ٻڌل هئي ۽ هر هڪ ڄڻي جي نگراني لاءِ سپاهي مقرر هئا.
    مون ليفٽيننٽ شينهن ۽ بين سمورن شينهن کي گذارش ڪئي پر ڪنهن به منهنجي نه ٻڌي، منهنجي ڳالهه کي ڪنهن ٽڪي جهڙي اهميت به نه ڏني. جڏهن ته مون کان اڳ ۾ ئي پڇاڳاڇا ٿي چڪي هئي پر پوءِ به مون کي سرڪاري طور انهي درجي ۾ رکيو ويو هو، جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي. ائين ڇو هو، ان جي خبر مون کي بعد ۾ پئي.
    قيدين جي ڊگهي قطار اسٽيڊيم ڏانهن موٽڻ لڳي. مهڙ ۾ عورتون هيون، جن کي خاص طور تي نهايت بي رحميءَ سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. سندن پويان ”جن کان پڇاڳاڇا ٿي چڪي هئي“ واري درجي جا ماڻهو هئا. پوءِ اهي هئا جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي ۽ آخر ۾ جن کان مڪمل پڇاڳاڇا نه ٿي هئي ۽ لاتعلق درجي ۾ رکيل ماڻهو هئا. انهيءَ ڏينهن تي آخري ٻن درجن ۾ رکيل ماڻهن جو تعداد هڪ ڊزن کان وڌيڪ نه هو.
    ماٺ ڪرائيندڙ ٽيمن جي ”شاندار ڪارڪردگي“ سبب ڪجهه قيدين کي سندن ساٿي کڻي پئي هليا. اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مون سوڌو ڪجهه قيدين کي طبي امداد لاءِ گشتي اسپتال ڏانهن اماڻيو ويو. هتي مون کي فوجي طب جا ڪرشما ڏسڻ ۾ آيا، منهنجي ڪرنگهي جي هيٺين حصي وٽ وڏو ڦٽ ٿي پيو هو، جنهن مان رت نڪري رهيو هو. پوري بدن مان سور سبب سيسڙاٽ پئي نڪتا ۽ مٿو ڄڻ سور کان ڦاٽو ٿي. انهن سڀني دردن جو دارون اتي موجود سهڻي نرس هن ريت ڪيو جو وٽامن سي جون سڄيون ساريون ٻه گوريون ڏيئي ڇڏيائين.
    اسٽيڊيم موٽي اچڻ تي قيدين کي، جيڪي اڃا به مٿي ٻڌايل درجن ۾ ورهايل هئا، خوفناڪ ڊسڪو نيگرو جي سامهون صفن ۾ بيهاريو ويو. عورتن کي واپس ترڻ جي تلاءِ واري جاين ڏانهن موڪليو ويو. جڏهن ته مرد قيدين کي مختلف کولين ۾ اماڻيو ويو. مون پاڻ کي هڪ مختلف کوليءَ ۾ ڏٺو. مون کي چيو ويو ته سڀاڻي وري مون کي پڇاڳاڇا لاءِ وٺي ويندا. ”باقي رهيل ڪثر پوري ڪرڻ لاءِ“ ليفٽيننٽ شينهن ٽوڪ طور چيو.
    انهيءَ سٿيل ڪمري ۾ گذاريل اها تڪليف واري رات ڪنهن حد تائين انهيءَ خوشي آسان ڪري ڇڏي جيڪا مون پاڻ کي دوستن، ڪم جي يارن ۽ پارٽي ساٿين جي وچ ۾ هوندي محسوس ڪئي. اها جيتوڻيڪ مناسب ڳالهه نه هئي پر مون کي قيدين ۾ پنهنجن دوستن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. قيد ۾ گهڻو اسان کي پنهنجن دوستن جا خيال ايندا رهيا ته ڪٿي کين ختم ته نه ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجن گڏيل دوستن بابت خبرن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن همراهن کي جيڪي مايوس ٿي ويا هئا، گڏيل جدوجهد جو سڏ ڏئي همٿ ڏياريسين. اهم نڪتو بهرحال پراميد هئڻ، انڊر گرائونڊ پارٽيءَ جي اڳواڻي، ۽ پورهيت طبقي ۽ ٻين عوامي طاقتن جي سگهه ۾ ڀروسي جو اظهار هو. قيد ۾ هوندي به اسان بين الاقوامي پرولتاري جي ڀائپيءَ واري مدد ۽ سوويت يونين جي عظيم، پرجوش، مڪمل لينني ۽ اصولي مدد کي محسوس ڪيو. اسان انهيءَ ڪوري پٽ تي سمهي نٿي سگهياسين، ٿڌي پٽ جي ڇهاءَ سان ئي اسان کي اهو سڀ ڪجهه ياد ٿي آيو، جيڪو اڄ اسان سان وهيو واپريو هو ۽ جيڪو سڀاڻي اسان سان ٿيڻو هو. ائين ٿي لڳو ته رات کٽڻ جي ڪانهي. ٿڌ ۽ سور کان سواءِ سخت بک به اسان جي ننڊ ۾ رنڊڪ وجهي رهي هئي.
    صبح جو ڇهين وڳي در تي رائفلن جي ڪنداقن جي ڌڪن جي شور سان اسان کي اها خبر پئجي ويئي ته هاڻ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي.
    ”چار چار ٿي ٻاهر نڪرو بدمعاشو“
    ”اهو توکي پيو چوان او بدبودار قاتل ڪوئا“
    ”جلدي ڪر جونئن سان ڀريل ڳاڙها“
    صف ٺاهي اسان ماراٿون در ڏانهن روانا ٿياسين. اسان سخت زمين تان ٿيندي، ڇتن وارن اسٽينڊن کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رهياسين. ٻين حصن کان ٻيون قطارون به اچي اسان سان اتي مليون. اڃا اوندهه هئي ۽ فوٽبال جو ميدان سرچ بتين سان جرڪيو پئي. انهيءَ روشنيءَ ۾ اسان کي مشين گنن جا اهي منهن صاف نظر اچي رهيا هئا، جيڪي ميدان، وڏي اسٽينڊ، بالڪونين، ڇت ۽ اسڪور بورڊ تان، اسان ڏانهن گهوري رهيا هئا.
    اسان اتي ڪلاڪ کان وڌيڪ بيٺل رهياسين ۽ لسٽ ۾ ڏنل نالن جو جواب پئي ڏنوسين. ستين بجي کان ٿورو پوءِ عورتن جو جٿو به اسان سان اچي مليو ۽ پوءِ اسين سائيڪلنگ پٽي ڏانهن روانا ٿياسين، جتي اسان کي تماشائين جي ويهڻ جي جاين تي ويهي پنهنجي پڇاڳاڇا جي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو هو.
    ليفٽيننٽ شينهن ظاهري طور پنهنجو روپ بدلايو هو ۽ اڄ کيس ليفٽيننٽ عقاب ڪري پئي سڏيو ويو. ساڳي طرح شينهن هڪ ۽ شينهن ٻه به عقاب هڪ ۽ عقاب ٻه ٿي چڪا هئا. اها جانورن واري تبديلي يقيني طور تي اسان جي محافظن جي اصلي نالن کي لڪائڻ لاءِ ڪئي ويئي هئي.
    ٻنپهرن ڌاري مون لائوڊ اسپيڪر تي پنهنجو نالو ٻڌو. مون پنهنجي ٻانهن مٿي کڻي پنهنجي ايذاءُ رسائيندڙن کي ڏيکاريو ته توهان جو شڪار هت بيٺو آهي.
    لائوڊ اسپيڪر مان حڪم ڏنو ويو.
    ”عقاب چار قيدي کي ڪارا ڪول سر ڏانهن وٺي اچ ۽ کيس شاڦو نمبر هڪ جي حوالي ڪر“.


    ٽيون درجو

    ڏاکڻي ۽ اترئين نالي جا بئنڊ اسٽينڊز بلڪل ئي الڳ ٿلڳ جايون هيون، جن کي اسان جي ايذا رسائيندڙن ٺاهي جوڙي ”شديد ورتاءَ واري مرڪز“ جو نالو ڏنو هو. مون کي اهو موقعو ڏنو ويو ته جنهن هيٺين درجي جو ۽ سخت ترين تشدد ڪيو وڃي ٿو انهي کي ڏسان.
    ايذا رسائيندڙن مان گهڻن جو واسطو هوائي فوج سان هو جيڪي ڪنهن به حالت ۾ ڍورن کان چڱا نه هئا. جيڪڏهن هو ڪنهن وقت انسان هئا به ته منجهانئن هينئر اها انسانيت موڪلائي ويئي هئي. جنرل لگ جا ڀاڙيتو ڪتا حيواني خاصيت سان جنسي ڇتا هئا.
    ”تون هينئر بئنڊ اسٽينڊ ۾ آهين ماءُ جا....“
    ”اسان توکان هت راڳ ٻڌنداسين!“.
    ”لاهه ڪپڙا بدمعاش اسان هاڻي توکي ڏسون ٿا“.
    سندن خاص سلوڪ ستن ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن وٿيءَ جي چالو رهيو. انهن مون کي اهو چورائڻ لاءِ ته، آئون سوويت جاسوس آهيان ۽ لوئس ڪارويلان به سوويت جاسوس آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جيڪي هو ڪري پئي سگهيا. پر سندن ڪا به تدبير ڪارگر نه ٿي. انهيءَ ڏينهن آئون، جسماني طور پنهنجن ساٿين سان گڏ اسٽيڊيم واپس موٽڻ جي بلڪل لائق نه هوس. مون پوري رات سائيڪلنگ پٽي ۽ اسٽيڊيم جي وچ ۾ کوڙيل گشتي اسپتال جي تنبن ۾ گذاري.
    مون کي ايذاءَ رسائيندڙ انهيءَ ذليل ڪم جا ماهر ٿي لڳا. خاص عضون، چپ، ڪنن، اکين جي ڀرونئن کي بجليءَ جا جهٽڪا هڻڻ، پيٽ، مٽي، پٺي ۽ گردي جي جاءِ تي لتن جو وسڪارو ڪرڻ، هٿ ۽ پير پويان ٻڌي رسيءَ سان لوڏا کارائڻ وغيره سڀني منهنجي حالت کي تمام نازڪ ڪري ڇڏيو. پيشاب ۾ رت اچڻ لڳو ۽ جسم جي اندران رت نڪري رهيو هو ۽ ڦٽ وڌ ۾ وڌ خراب ٿيندو پئي ويو. هر هر منهنجي اکين آڏو اونداهي ٿي ويئي ٿي. هلڻ ته ڇا، آئون بيهي به ڪو نه ٿي سگهيس. منهنجي ساٿين جي سائيڪلنگ پٽي کي ڇڏڻ کان پوءِ ٻن سپاهين مون کي انهيءَ حالت ۾ اسٽريچر تي وڌو جو آئون رت مان ڀريل ۽ بلڪل ئي اگهاڙو هجان. منهنجا ڪپڙا به انهيءَ اسٽريچر مٿان رکيا ويا ۽ مون کي گشتي اسپتال ۾ موجود ميڊيڪل آفيسر جي حوالي ڪيو ويو.
    بيوئن سپاهين هٿان گرفتار ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو مون اهو ڏٺو ته يونيفارم ۾ به اهڙا ماڻهو موجود آهن جن کي فاشزم حيوانن ۾ بدلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. بلڪل بيهوشي جي حالت ۾ مون سپاهين کي چيل ميڊيڪل آفيسر جا اهي لفظ ٻڌا ته ”قاتلو آخر توهان ڪڏهن اسان جي يونيفارم کي بي عزت ڪرڻ کان باز ايندو.... اسان انهيءَ حالت ۾ هاڻي وڌيڪ ماڻهن کي قبول نه ڪنداسين.... هي شخص ڪنهن به وقت مري سگهي ٿو ۽ اسان انهيءَ لاءِ ڪا ذميواري قبول نه ڪنداسين. سائيڪلنگ پٽي تي ويٺل انهن قاتلن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسين توهان جي خلاف شڪايت ڪري رهيا آهيون“.
    انهيءَ نوجوان ميڊيڪل آفيسر جي انهن لفظن واقعي سندس خيالن جي ترجماني ٿي ڪئي يا اها رڳو اداڪاري هئي. انهيءَ بابت منهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. بهرحال منهنجي چڱي ريت ڏيک ويک ڪئي ويئي.
    آئون ٽن ڏينهن تائين گشتي اسپتال ۾ هوس. ظاهري طور تي منهنجي حالت خراب هئڻ سبب ڊاڪٽر گهڻو پريشان هئا. مون کي جيڪي ايذاءُ ڏنا ويا هئا انهن منهنجي خاص عضون ۽ جسم جي ٻين اهم حصن کان تمام خراب نموني متاثر ڪيو هو. منهنجي مختلف عضون مان لاڳيتو رت نڪري رهيو هو ۽ ساڳي ريت مون کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي رت ڏنو پئي ويو. چوٿين ڏينهن تي جيئن ته آئون هلڻ جهڙو ٿيو هوس، انهيءَ ڪري موٽي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي کولي ۾ پهتس. جيتوڻيڪ منهنجي سڄي جسم تي پڇاڳاڇا ڪندڙن جي سوالن جا نشان چٽا هئا، پر آئون اڃا به سرڪاري طور تي انهيءَ فهرست ۾ هوس جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي.
    مون وڏن اسٽينڊن تي ويٺل پنهنجي دوستن جي اکين ۾ خوشي جي چمڪ ڏٺي، ڇاڪاڻ ته اهي افواهه هليا پئي ته آئون ايذائن سبب مري ويو آهيان. پر آئون اڃا جيئرو هوس.
    ”جاني اسان توکان به گهڻو سٺو“ هڪ ڄڻي چيو، ”جيتوڻيڪ اهو رڳو ذهني طور تي هو“. هڪ ڪارخاني جي پوڙهي مزدور ۽ ڪميونسٽ ان ۾ واڌارو ڪيو.
    مون ڪوڙي مرڪ سان ڊومينوز کيڏندي ۽ سگريٽ پيئندي، جيڪو اسان چئن ڄڻن لاءِ هو، چيو ته ”مهرباني دوستو مون کي خبر آهي ته توهان کي منهنجو گهڻو فڪر هو. آئون هينئر توهان جي آڏو آهيان، پر هنن منهنجو هڏ هڏ ڀڃي ڇڏيو آهي“.
    بئنڊ اسٽينڊ تي مون سان گڏ جيڪي ڪامريڊ هئا، انهن سڀني قيدين کي اهو ٻڌايو ته مون پنهنجي زبان مان هڪ لفط به نه ڪڍيو آهي، پنهنجي مقصد سان غداري نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن جي اڳيان جهڪيو آهيان. منهنجي قيد جي ساٿين کي مون تي فخر هو. مون کي خبر هئي ته آئون هر ڳالهه کي رڳو انهيءَ ڪري منهن ڏيئي سگهيو آهيان جو آئون ڪميونسٽ آهيان ۽ چلي جي عظيم ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهيان.
    شام جو مون کي ٻڌايو ويو ته ٻئي ڏينهن وري مون کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. منهنجو خيال هو ته اها منهنجي آخري پڇاڳاڇا هوندي، ڇو ته منهنجو ڪمزور جسماني نطام هاڻي سخت ورتاءُ کي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهندو ۽ ايذائن جي ڪري آئون مري ويندس ۽ منهنجو نالو به گم ٿي ويلن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ آئون انهن مانائتن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندس، جيڪي آمريت جو شڪار ٿيا آهن.
    انهيءَ رات آئون ٿوري دير تائين سمهي نه سگهيس. منهنجو ذهن گهر ۽ ٻارن جي خيالن ۾ ئي رڌل هو. مون کي سندن ڪا خبر نه هئي ۽ نه ئي اهڙو ڪو امڪان هو. مون کي ياد آيو ته ڪيئن نه گهڻا مهينا اڳ مون کي هاءِ اسڪول جي نوجوان ڪميونسٽ شاخ پاران ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي، جنهن ۾ منهنجيون ٻه وڏيون ڌيئرون به شريڪ هيون. اتفاق سان ساڻن هڪ اهڙي ساٿي جي گهر ۾ ملاقات ٿي هئي، جيڪو گهڻا سال اڳ ساڳي پارٽي تنظيم جو ميمبر هو، جنهن سان آئون لاڳاپيل هوس. آئون انهيءَ گڏجاڻي کي وساري نٿو سگهان جنهن ۾ مون پنهنجي ڌيئرن کي نوجوان ڪميونسٽ ليگ جا ڪارڊ ڏنا هئا. اهو بنا ڪنهن شڪ جي منهنجي زندگيءَ جو خوشگوار ترين ڏينهن هو. مون پنهنجي زال بابت پڻ سوچيو. ڪيڏي نه مهربان ۽ پاڻ ارپيندڙ عورت آهي. هن منهنجو ڪيڏو نه خيال رکيو آهي ۽ هو ڪيڏي نه سچي انقلابي عورت آهي. مون پارٽي ۽ لوئس ڪارويلان بابت سوچيو. مون کي يقين هو ته اسان جي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کي وڌيڪ غير انساني تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. مون پنهنجن پيارن ڪامريڊن، ايل سگلوجي دوستن، مختصر ته هر ڪنهن بابت سوچيو. مون کي موت جو دپ ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته اهو ته ڄڻ اڻٽر هو. ٻئي پاسي انهيءَ خيالن کان منهنجي دل غصي ۽ ڪاوڙ سان ڀرجي ٿي ويئي ۽ اهو سوچيندي مون کي خار پئي آيا ته پنهنجن ۽ پنهنجي عوام جي دشمنن کي بنا ڪنهن وڏي نقصان پهچائڻ جي مري ويندس. پر انهيءَ خيال سان مون ۾ نئون روح ٿي ڦوڪجي ويو، جو، مون کي يقين هو ته چلي جو عوام هڪ ڏينهن ضرور سوڀارو ٿيندو. اهو ياد ڪندي آئون مرڪي پيس ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن، جڏهن آئون بيمار هوس ته منهنجي ڌيئرن مان هڪ اناماريا چيو هو ته ”بابا جڏهن تون مري ويندين تڏهن هو تنهنجي قبر تي وڏو مقبرو اڏائيندا، تنهنجي جنازي جو جلوس چاچا ايسٽيو ديلو جي جلوس وانگر تمام وڏو هوندو ۽ ڪارويلان ۽ آليندي توکي خراج تحسين پيش ڪندا“.
    منهنجي وڏي ڌيءَ سسيلا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته
    ”اهو بلڪل سچ آهي. تنهنجي مٿان مقبرو اڏايو ويندو ۽ اسان کي نوجوان ڪميونسٽ ليگ جي بلائوزن سان ٽيليويزن تي پيش ڪيو ويندو“.
    منهنجي زال الينا کين پيار مان تڙي ڏني ۽ منهنجي ننڍي ڌيءُ مارسيليٽا پنهنجون ٻئي ٻانهون منهنجي ڳچيءَ م وجهي، اکين کي مٿي کڻي واڪو ڪندي چيو ته ”نه بابا ڪڏهن به نه مرندو“.
    پوءِ مون ڄاتو ته مارسيليٽا جي اڳڪٿي صحيح هئي. آءُ جڏهن ايندڙ ڏينهن تي ايذاءَ رسائيندڙن سان مليس، ته سندس بابت ئي سوچي رهيو هوس.
    مون کي تمام گهڻو اچرج ٿيو، جو هر شيءِ منهنجي توقع جي بلڪل ئي ابتڙ هئي. مون کي هينئر جيڪي ايذاءَ ڏنا ويا، اهي اڳوڻن جي ڀيٽ ۾ تمام هلڪا ۽ گهٽ وقت جا هئا. مون کان پڇاڳاڇا ڪندڙ رڳو اها ڳالهه ڄاڻڻ پيا چاهين ته ڇا Z رٿا کي آليندي جي منظوري حاصل هئي.
    هينئر بجليءَ جا جهٽڪا، ڌڪ، ٿڏا ۽ لتون اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيون. هينئر آئون جسماني طور تي انهي لائق هوس جو پنهنجي عورتن ۽ مرد ساٿين سان، جن کي پڻ ايذائن جو نشانو بڻايو ويو هو، اسٽيڊيم ڏانهن واپس موٽي سگهان. جيئن ته اها هڪ ريت ٿي پئي هئي ته قيدين کي صدارتي باڪس جي سامهون قطارن ۾ بيهاريو وڃي ۽ پوءِ کين يقين نه ايندڙ اڳ جوڙيل درجن موجب ورهايو وڃي. يقيني طور تي آئون سڀني کان پڇاڙي ۾ هوس ۽ مون کي انهيءَ درجي ۾ رکيو ويو ”جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“.


    هڪ مهينو

    ايندڙ ڏينهن ڪو معمولي ڏينهن نه هو. آڪٽوبر جي يارهين تاريخ هئي. غدار جرنيلن پاران بغاوت ۽ صدر آليندي جي قتل کي پورو هڪ مهينو ٿي رهيو هو. عوام جي ماتم جو پورو هڪ مهينو.
    هر ڊريسنگ روم ۽ هر ڪنڊ ۾ جتي به قيدين کي اهو يقين هو ته سندن آواز محافظن ۽ مخبرن جي ڪنن ۾ نه پوندو، انهيءَ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ته ڏکوئيندڙ هاڃي جي ياد ڪيئن ملهائجي.
    آئون هڪ منٽ جي خاموشي واري انهيءَ خراج تحسين ۾، جيڪو ڪئمپ جي قيدين 11 آڪٽوبر تي ان مهل منظم ڪيو هو جنهن ٽاڻي سلواڊور آلندي کي قتل ڪيو ويو هو، ان ڪري شريڪ ٿي نه سگهيس، جو منهنجي لاءِ هاڻ روزانو سائيڪلنگ پٽي ڏانهن پڇاڳاڇا لاءِ وڃڻ ڄڻ معمول بڻجي ويو هو.
    اوچتو اسان مشين گنن ۽ رائفلن جا فائر ٻڌا جيڪي ڪجهه وقت تائين هلندا رهيا. سپاهين کي مختلف پاسن ڏانهن ڊوڙندي ۽ آفيسرن کي حڪم ڏيندي ٻڌوسين. ايذاءَ وارن مرڪزن ۾ موجود قيدين سان ان وقت ”خاص ورتاءُ“ ڪيو ويو. انهيءَ فائرنگ ايذاءَ رسائيندڙن کي ڪاوڙائي ڇتو ڪري ڇڏيو.
    ”هي توهان جا ماڻهو آهن ماءُ جا.....“.
    ”اسان توهان جي سڄي ٽولي کي چيڀاٽي ڇڏينداسين“
    ”جنرل ليگ صحيح ٿو فرمائي، هڪ سٺو ڳاڙهو، هڪ مئل ڳاڙهو هئڻ کپي“.
    ”هي چلي جا ماڻهو نه، پر بدمعاشن جو هڪ ٽولو آهي“
    انهن هيسٽريائي رڙين سان گڏ بجليءَ جا جهٽڪا ۽ ڌڪ وڌيڪ تيز ٿي ويا. منهنجو سڄو بدن سيسڙاٽ ڪرڻ لڳو.
    پوءِ هڪدم فائرنگ بند ٿي ويئي ۽ پڇاڳاڇا به ختم ٿي ويئي. سخت پهري ۽ ڌمڪين سان اسان کي اسٽيڊيم ۾ آندو ويو، جتي اسان تڪڙين تبديلين کي ڏسي ورتو. هن وقت دروازن تي ٻن بدران چار ٽينڪون بيٺل هيون ۽ 50ع جون مشين گنون پوري ميدان ۾ چئني پاسن کان کوڙيل هيون. سپاهي پريشان هئا. سڀئي بتيون ٻاريون ويون هيون. قيدين جي لسٽ تمام مختصر هئي. مون کي جيتوڻيڪ ”جن کان پڇاڳاڇا ٿيندي“ واري درجي ۾ نه رکيو ويو هو، پر مون کي انهيءَ ساڳيءَ کوليءَ ڏانهن اماڻيو ويو، جتي مون گذريل رات گذاري هئي.
    اسان قسمين قسمين اندازا لڳايا ته ڇا پئي ٿي سگهيو. ڪجهه ماڻهن چيو ايم آءِ آر جي ڪارڪنن اسان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اسٽيڊيم تي حملو ڪيو هو. ٻين اها دعويٰ ڪئي ته جيل ٽوڙيو ويو آهي، ٻين جو وري خيال هو، ته سپاهين جي پاڻ ۾ چڪري لڳي آهي. ڪن ائين به چيو ته جنرل ليگ پنوشي کي هٽائي ڇڏيو آهي ۽ هوائي فوج سنتياگو جو گهيرو ڪري ورتو آهي. بعد ۾ اسان کي خبر پئي ته اهڙي قسم جو ڪو به معاملو نه ٿيو آهي، ڳالهه فقط ايتري هئي جو سپاهين جي هڪ ٽولي ويجهڙائي ۾ موجود هڪ لئباريٽري جي عملي تي حملو ڪيو هو.
    انهيءَ شام تي ڊريسنگ رومن جي کولين وارن مڙني قيدين مقتول صدر ۽ ٻين قتل ٿيل ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عوام سان پنهنجي وفاداريءَ واري عهد کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو. منهنجو خيال آهي ته ان رات اسان سڀني نئين ڀروسي، نئين سگهه ۽ خوشيءَ سبب تمام گهري ننڊ ڪئي هئي.


    پرڀات مهل گولي هڻڻ

    ايندڙ ڏينهن 12 آڪٽوبر جو صبح اسان لاءِ ٽين وڳي مهل چاٻين ۽ سيخن جي کڙڪي سان شروع ٿيو. هر ڪنهن ماڻهوءَ محسوس ڪيو ته ڪا اهم ڳالهه ٿيڻ واري آهي. اسان غلطيءَ تي نه هئاسين، ڇو ته جڏهن به اسان جا محافظ صبح ساڻ ڪنهن قيديءَ کي وٺن ايندا هئا ته اسان کي اها خبر پئجي ويندي هئي ته هو هاڻ ڪڏهن به واپس نه موٽندو ۽ سندس مئل جسم ڪنهن اونداهي گهٽيءَ ۾ يا ماپوچو دريا ۾ لڙهندو ملندو. هن ڀيري مامرو ڪجهه گنڀير هو، جو عام رواج وانگر هڪ ڪارپورل ۽ ٽي سپاهي نه پر هڪ ڪئپٽن ٽن ڪارپورلن ۽ 15 سپاهين سان گڏ آيو هو. هنن ڪجهه نه چيو. اسان سوچيو ته شايد اسان مان ڪجهه همراهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي وڃڻو اٿن يا ڪو تڪڙو سڏ ٿيو آهي. ٻه يا ٽي منٽ، يا شايد ان کان ڪجهه گهٽ، يا ڪجهه وڌيڪ وقت سانت ۾ گذري ويو. خاموشي ۽ انتظار اڻ کٽ ٿي پيا.
    نيٺ ڪئپٽن چيو ”روجاس اسان سان اچ“. مون پنهنجي ساٿين جي ڏکويل چهرن کي ڏٺو، سندن اکيون مون ۾ ئي کتل هيون ته جيئن مون کي ڀائپيءَ جو احساس ڏياري مون ۾ همٿ پيدا ڪن.
    مون آهستي آهستي ڪپڙا پهريا، پوءِ ڪمبل پنهنجي ڪلهن جي چوڌاري ويڙهي پنهنجي هر هڪ ساٿيءَ جي اکين ۾ گهوري ڏٺم. اسان جي موڪلاڻي خاموشيءَ سان ۽ سهڻي نموني ٿي. مون وانگر کين به يقين هو ته آءُ جتي وڃي رهيو آهيان، اتان موٽي نه سگهندس.
    منهنجي پويان دروازو بند ڪرڻ کان پوءِ ٻن پهريدارن مون کي هٿڪڙي لڳائي ۽ منهنجي مُرن ۾ هڪ ننڍڙو زنجير وجهي ڇڏيائون. اسان هوريان هوريان ڪاريڊور مان ٿيندي، راند جي ميدان جي چوڌاري ٺهيل باغن ۾ داخل ٿياسين.
    سپاهي خاموشيءَ سان هلي رهيا هئا. سندن مهڙ ۾ کانئن 15 وکن تي ڪئپٽن هلي رهيو هو. منهنجي ٻنهي پاسن کان سپاهي قدم وڌائي رهيا هئا ۽ پنهنجي پويان آءُ ننڍي مشين گن جي ناليءَ جي ٿڌاڻ کي محسوس ڪري پئي سگهيس. آءُ کين هڪ جهڙي آواز ۾ ٻڌي سگهيس ٿي. جيئن ته منهنجي اکين تي پٽي ٻڌل نه هئي، انهيءَ ڪري آءُ تارن جي روشني ۾ فوجين جي هڪ ٻئي ٽولي کي ڏسي ٿي سگهيس، جيڪا اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺل هئي. سندن ورديون پيدل فوج کان مختلف هيون، جيڪا اسٽيڊيم ۾ اسان جي ”خدمت“ تي لڳل هئي. اهي هوائي فوج جا آفيسر ۽ سپاهي هئا.
    ڪجهه ئي گهڙين ۾ هر ڪا ڳالهه بلڪل چٽي ٿي سامهون اچي وئي. گاڏيءَ جون بتيون ٻاريون ويون، حڪم ڏنا ويا ۽ سپاهين صفون درست ڪيون. اهو سڀ ڪجهه هنن جي اڳيان هٿڪڙين سان بيٺل ماڻهوءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ نه هو. فوج جو هڪ ڪئپٽن مون وٽ آيو ۽ منهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو مون کي ”سائين“ ڪري سڏيو ويو.
    ”روجاس سائين، فوجي ڪائونسل توهان کي هڪ ٻاهرين طاقت جي پگهاردار ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ سبب غداريءَ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني آهي، انهيءَ سزا تي ترت عمل ڪيو ويندو. ڪا آخري خواهش هجي ته ٻڌايو“.
    ”ها“ مون چيو، ”منهنجي خواهش آهي ته انهيءَ حالت ۾ مران جو منهنجي اکين تي نه پٽي ٻڌل هجي، نه مون کي هٿ ڪڙيون ۽ زنجيرون پيل هجن ۽ آئون فائرنگ اسڪواڊ کي منهن سامهون ٿي بيهان“.
    ”انهيءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. توتي وڏي غداريءَ جو ڏوهه ثابت ٿيل آهي ۽ غدارن کي پٺيءَ ۾ ئي گولي هڻڻ کپي. اهو ئي فوجي قانون آهي. ڪا ٻي خواهش“.
    ”مون ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۽ نظرين سان دوکو ۽ غداري نه ڪئي آهي. آئون اهو ٻيهر ٿو چوان ته مون کي آخري خواهش پوري ڪرائڻ جو پورو حق آهي. ڪئپٽن آئون توهان کي اهو ئي چوان ٿو ته منهنجي انهيءَ خواهش کي اوهان سرڪاري طور پنهنجي اعليٰ آفيسر تائين پهچايو“.
    ”ٺيڪ آهي سائين، اسان اهو فرض ٿا ڪري وٺون ته توهان انهيءَ جا حقدار آهيو، ٻيو توهان کي ڇا گهرجي؟“.
    ”منهنجي ٻي ڪا به خواهش نه آهي، پنوشي، ليگ، ميرنيو ۽ مينڊوزا جيئن ته غدار آهن، انهيءَ ڪري کين ضرور پٺ ۾ گولي هنئي وڃي“.
    ڪئپٽن منهنجي منهن تي ٺاهوڪي چماٽ وهائي ڪڍي. ڪيترن ئي سپاهين مون کي مٿي کڻي جهليو. ڇاڪاڻ ته پنوشي جي فوج جي ڪئپٽن کي وڏا اختيار هوندا آهن. خاص طور تي جڏهن سندس واسطو، ڪمزور، هٿڪڙيون لڳل ۽ هڪ اهڙي ماڻهو سان هجي جيڪو فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهڻ وارو هجي.
    منهنجي اکين کي ٻڌي، گهيري ۾ ويجهي وڻ تائين آڻي، ان سان مون کي ٻڌو ويو. آئون رائفلن جي بولٽ جي ڪلڪ جا خوفناڪ آواز ٻڌي سگهيس پئي. مون پنهنجي نرڙ، هٿن ۽ پٺيءَ تي ٿڌي پگهر جي آلاڻ محسوس ڪئي. پنهنجي ڏندن کي زور سان ڀيڙي ۽ سڄي بدن کي سيٽي ڇڏيم. منهن جي ذهن ۾ پنهنجي پيارن بابت خيال اچي رهيا هئا. امان، گهرواريءَ ۽ ٻارن متعلق، ڪارويلان به منهن جي ذهن ۾ آيو ۽ منهن جي، پارٽيءَ جي سڄي زندگي، منهن جي اکين آڏو روشن ٿي ويئي. هو ڪڏهن فائر ڪندا؟ مون کي گهڻو اوسيئڙو نه ڪرڻو پيو.
    ”تيار...... نشانو..... فائر!“.
    آئون جيئرو هوس مون کي گولي نه هنئي ويئي هئي.
    انهيءَ کان پوءِ ئي مون کي ڊپ محسوس ٿيو ۽ ان وقت مان اها ڳالهه سمجهي سگهيس ته اهي اقتدار تي ناجائز طرح قبضو ڪندڙ، ڇاڇا ڪرڻ جي قدرت رکن ٿا. اهو ڊپ هر ڪنهن لاءِ ۽ هر شئي لاءِ هو. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو جيڪي هڪ ماڻهو کي نقلي فائرنگ جو نشانو بڻائي کيس ٽئين درجي جو ڪريل نفسياتي ۽ اخلاقي ايذاءَ رسائي سگهن ٿا، اهي، ٻيو ڪو ڏوهه ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا.
    اکين تان پٽي لاٿي ويئي. مون ڏٺو ته هوائي فوج وارا جن مون کي ”گولي“ هنئي هئي، نيري آسماني رنگ جي ٽرڪ ۾ سوار ٿي اسٽيڊيم مان روانا ٿي ويا. رڳو پيدل فوج وارا رهجي ويا هئا. ڪئپٽن جنهن مون کي ڌڪ هنيا هئا ڪيڏانهن هليو ويو هو. هينئر ڪمان هڪ ٻئي آفيسر وٽ هئي. هو هلندو مون وٽ آيو، هٿڪڙي ۽ زنجيرن کي کولڻ جو حڪم ڏيئي دوستاڻي نموني مون کي چيائين:
    ”روجاس سائين، توهان کي نه رڳو جيئري هئڻ جون مبارڪون هجن پر انهيءَ لاءِ به توهان واڌائين جا حقدار آهيو جو اوهان اسان کي اهو ڏيکاري ڇڏيو آهي ته توهان ۾ هڪ سچو انسان موجود آهي. اوهان سگريٽ ڇڪيندا آهيو؟“.
    ”ها سائين پر هينئر مون وٽ سگريٽ ڪونهن“.
    پنهنجي سامهون واري کيسي مان پاڪيٽ ڪڍي، مون ڏانهن وڌائيندي چيائين ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“. مون تمام مشڪل سان پنهنجي ڏڪندڙ آڱرين ۾ سگريٽ جهليو. هن انهيءَ کي تيلي ڏيکاري ۽ مون هڪ ڊگهو ڪش هنيو. ترت ئي مون کي ٿڌ جو احساس ٿيو. صبح صاف ۽ تازگيءَ سان ڀرپور هو. آئون پهرين ڪڏهن به فائرنگ اسڪواڊ آڏو نه بيٺو هوس. آفيسر مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺي محافظن کان ڪجهه پرڀرو وٺي ويو. اتي مون ڏانهن ٿرماس وڌائيندي چيائين ته وٺو، انهيءَ سان اوهان گرم ٿي ويندو.
    مون اهو پورو، پنهنجي اندر اوتي ڇڏيو. اها وادڪا هئي، جنهن کي مون ڪافي سمجهيو هو. انهيءَ سان مون ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويو. مون ٿرماس موٽائيندي آفيسر جا ٿورا مڃيا.
    هن مون کي سگريٽ جو پاڪيٽ ڏيندي، منهن جي اکين ۾ چتائي ڏسندي چيو.
    ”سائين روجاس، توهان کي منهنجا ٿورا مڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. آئون رڳو اهو چاهيان ٿو ته اوهان مون کي ياد رکو. اهو ياد رکو ته يونيفارم پهريل هر ماڻهو انهن ماڻهن جهڙو ڪونهي. اهو سڀ ڪجهه گهڻو عرصو نٿو هلي سگهي. انهيءَ ڪري جڏهن آنن ڦٽڻ جو وقت اچي ته مون کي ياد رکجو“. پوءِ پنهنجي منهن کي سخت ڪندي هن رڙ ڪئي ”ڪارپورل قيديءَ کي سندس ڊريسنگ روم ڏانهن وٺي وڃ“.
    صبح ٿي رهيو هو.
    جڏهن آئون واپس موٽيس ته منهنجي کوليءَ جي ساٿين جن گولين جا آواز ٻڌا هئا، اهو سمجهيو ته هو ڪنهن ڀوت کي ڏسي رهيا آهن. اهي سڀ اٿي بيٺا. خاموشيءَ سان مون کي پيار ڏيڻ لڳا، جو لفظن جو استعمال هاڻي بيڪار هو. ڳوڙها منهنجي ڳلن تان ڳڙي رهيا هئا. آئون ڪمبل پنهنجي چوڌاري ويڙهي پٽ تي ڪري پيس ۽ گهري ننڊ پئجي ويس. اهو سڀ ڪجهه انهن حالتن جي ڪري هو، جن مان آئون گذري چڪو هوس، يا وادڪا جو اثر هو، منهنجو خيال آهي اهو هر شيءِ جي ڪري هو.
    ايندڙ ڏينهن تي به ساڳي ڪار هئي. اسان کي سائيڪلنگ پٽيءَ ڏانهن نيو ويو ۽ ايذاءَ ڏنا ويا. بلڪل ائين جيئن انهيءَ رات ڪجهه به نه ٿيو هجي ۽ ڪجهه ڪلاڪ پهرين واري ڪنهن فائرنگ اسڪواڊ جو ڪو وجود ئي نه هجي.


    پيڙا ۽ اميد

    انهيءَ ساڳي ڏينهن تي هڪ نوجوان ڪميونسٽ، هڪ زرعي ماهر، جنهن تازو ڪاليج جي پڙهائي پوري ڪئي هئي، تنهن کي پڻ غير انساني وحشياڻي ايذائن جو نشانو بڻايو ويو. سندس اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي هئي. سندس ساٿين کي کيس اسٽيڊيم ڏانهن کڻي آڻڻو پيو. ڪافي وقت تائين هو مرڪزي اسٽينڊن جي ٻئي پاسي پيل ڪمبلن جي ڍير مٿان پيو هو. هن جي ساٿي قيدين هن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو هو ڪري سگهيا پئي. ڪجهه آفيسر پڻ تجسس وچان کيس ڏسڻ لاءِ هلي آيا. هڪ نوجوان سپاهي کيس لڪائي هڪ نارنگي ڏني. ظاهري طور سندس همت ۽ جرئت محافظن کي گهڻو متاثر ڪيو هو.
    اسٽيڊيم جي قيدين مان گهڻا ۽ شايد هزارين انهيءَ نوجوان ڪميونسٽ کي انهيءَ وقت کان سڃاڻندا هئا، جڏهن هو اڃا ٻاهر هو. سندن چوڻ هو ته مٿس ”ٻارن منجهه چيتي“ واري چوڻي بلڪل ٺهڪي ٿي اچي. هي ڇوڪر در حقيقت بلڪل پيءُ جهڙو ئي هو. انهيءَ نوجوان ڪميونسٽ البرٽو ڪارويلان کي فقط انهيءَ ڪري سخت ايذائن جو نشانو بڻايو ويو هو جو هو چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري لوئس ڪارويلان جو پٽ هو.
    سندس نوجوان زال رٿ کي به جنتا پاران گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو ويو هو جو هو پاپولر يونٽي حڪومت جي سوشلسٽ وزير پيڊرو وسڪو وڪ جي ڌيءُ هئي.
    ڪارويلان جي پٽ سان انهيءَ خراب سلوڪ تي ڪئمپ ڪمانڊنٽ وٽ احتجاج داخل ڪيو ويو. ساڳئي قسم جو احتجاج فادر جان اسڪورونيڪ جهڙي بدمعاش وٽ پڻ داخل ڪيو ويو، جيڪو محافظن ۽ ايذاءُ رسائيندڙن جي خدمت ڪندڙ هڪ ڪئٿولڪ پادري هو. اهو پادري روزانو اسٽيڊيم ايندو هو ۽ دروازي جي سيخن مان هر قيديءَ کي ائين هڪ هڪ سگريٽ اڇلي ڏيندو هو جيئن جانورن جي باغ ۾ گهمندڙ ٻار باندرن کي بوهي مڱ ۽ ڀڳڙا ڏيندا آهن.
    هفتي ۾ هڪ ڀيرو، گهڻو ڪري ڇنڇر جي ڏينهن، فادر جان مرڪزي وڏي اسٽينڊ وٽ دعا ڪرائيندو هو. ڪجهه ماڻهو انهيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ ڪجهه پادري جي ڪري نه پر پنهنجن دوستن جي مذهبي عقيدن جي ڪري انهيءَ کي احترام واري نظر سان ڏسندا هئا.
    فادر جان، پولينڊ جو هڪ فاشي هو. اها هڪ خاص ڳالهه هئي ته هو هٿيارن واري ڪارخاني ۽ سٽياگو جي جيل جو به پادري هو. پنهنجي خطبي ۾ هو انهيءَ حد تائين وحشيت جو مظاهرو ڪندو هو جو فاشي جنتا جي شڪار هزارين ماڻهن جي سامهون اها دعا گهرندو هو ته ”اي رب سائين چلي جي انهن نون حاڪمن تي پنهنجون مهربانيون نازل فرماءِ. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هي سٺا عيسائي، محب وطن ۽ انصاف جا پرجوش محافظ آهن“.
    ٻاهرين دنيا جون خبرون لڪل ذريعن معرفت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پهچنديون رهنديون هيون. اسان کي خبر پئي ته عالمي پئماني تي اسان جي ماڻهن سان ڀائيچاري، ٻڌي ۽ ايڪتا جي مهم کي منظم ڪيو ويو آهي. اسان وٽ نه ڪو ريڊيو هو ۽ نه ئي ڪا اخبار ملندي هئي. پر، انقلابين جي ڀائيچاري کي ختم نٿو ڪري سگهجي. اسان اسٽيڊيم جي قيدين کي لوئس ڪارويلان تي فخر هو. اسان کي خبر پيئي ته هن فوجي اسڪول واري قيدخاني ۾ پرڏيهي اخباري نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. فاشسٽن جي پهرئين نمبر قيدي جي اها اميد اسان لاءِ اتساهه ڏياريندڙ هئي ته ”جيڪڏهن مون کي پنهنجن نظرين لاءِ، جن کي آئون صحيح ٿو سمجهان، موت کي به لازمي طور قبول ڪرڻو پيو ته آئون انهيءَ جي اکين ۾ اکيون ڏيئي بيهندس“.
    اسان کي سوويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن جي مضبوط اصولي موقف، ۽ سڄي دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين ۽ هر قسم جي جمهوريت پسندن جي ڪري، جن مختلف طريقن سان چلي جي فاشزم جي مذمت ڪئي هئي ۽ اسان جي ماڻهن سان پنهنجي ايڪتا جو اظهار ڪيو هو، تمام گهڻي همت حاصل ٿي هئي.
    مارڪسٽن ۽ عيسائين ٻنهي شڪر گذاري طور ڪيٿولڪ چرچ جي انهيءَ موقف کي ساراهيو هو جيڪو نه رڳو اسان جي ملڪ ۾ موجود سندس نمائندن پر خود پوپ پال ڇهين، پنوشي ۽ سندس ٽولي جي ڏوهن کي ننديندي، اختيار ڪيو هو.


    ماسڪو ريڊيو

    اُتي هڪ آواز اهڙو هو، جيڪو ٻين سڀني آوازن کان وڌيڪ سگهارو ۽ اثرائتو هو. اسان کي اها خبر پيئي ته ريڊيو ماسڪو پنهنجي اسپيني ٻولي جي نشريات ۾ هڪ خاص پروگرام اسان جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اها به خبر پيئي ته انهيءَ پروگرام جي شروعات ۽ پڄاڻي اسان جي ٻڌي ۽ فتح جي ”وينسير يموس“ سان ٿئي ٿي، جيڪو اسان لاءِ گهڻو ڪجهه هو. اسان اهو به ڄاتو ته ماسڪو ريڊيو جي ٿورن سان چلي جي ماڻهن کي سندن ملڪ جي معاملن جي صحيح ڄاڻ ملي رهي آهي.
    اسان اهو تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي نشريات ڪيئن هونديون ۽ انهي سان گڏ انهن همت ڏياريندڙ لفظن کي شامل ڪيوسين جيڪي ان وقت، جڏهن فاشزم يورپ جي چيلهه ڀڃي وڌي هئي، فاتح ڪميونزم جي گادي واري شهر مان ريڊيو ماسڪو ذريعي نشر ٿيندا هئا. اهي نشريات، جيڪي مختلف ٻولين ۾ هونديون هيون، انهن ملڪن جي پيڙيل ماڻهن تائين پهچنديون هيون جيڪي نازي بدمعاشن جي قبضي هيٺ هئا. اسان کي ياد آهي ته جڏهن ڪي خاص اهميت وارا اعلان نشر ٿيندا هئا ته يوري ليويتان جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو جيڪو پنهنجي قوت ۽ انفراديت سبب سوويت ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول هو.
    اسان گرفتار ٿيڻ کان اڳ ليويتان جي مئي 1945ع ۾ ڪيل اعلان جي ٽيپ رڪارڊنگ ٻڌي هئي، جنهن ۾ هن سوويت عوام ۽ پوري دنيا کي اهو اطلاع ڏنو هو ته برلن تي قبضو ٿي ويو آهي ۽ فاشسٽن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.
    ڳوڙهن ڀريل اکين سان اسان ليويتان جي 12 اپريل 1961ع واري انهيءَ اعلان کي ياد ڪيو. جنهن ۾ هن فخر سان گونجندڙ آواز ۾ ٻڌايو هو ته خلا ۾ وڃڻ وارو پهريون ماڻهو سوويت شهري ۽ ڪميونسٽ ميجر يوري گگارين آهي.
    يقينن ليويتان اسپيني نٿو ڳالهائي، چلي لاءِ نشر ٿيندڙ ريڊيو ماسڪو جي پروگرام ۾ سندس آواز نٿو ٻڌو وڃي. اسان سوويت ۽ چلي جي انهن ماڻهن، جن کي لينن جي ڄمڻ واري هنڌ پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏني هئي ۽ کين هر طرح جي مدد ۽ دوستي ڏني هئي، جي آوازن ۾ ڪيل اعلان ٻڌا. چلي هر رات هڪ اهڙي ماڻهو جو آواز ٻڌندو هو، جنهن جو آواز اسان اڳ ريڊيو ميگاللينس تي ٻڌندا هئاسين. جذبن ۾ ٻڏل هڪ اهڙو گهرو آواز جيڪو غدارن کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏوگڏ هراسيل چيڀاٽيل ۽ بي عزت ڪيل ماڻهن جي دلين کي همٿ ڏياري، ساڻن ايڪتا جو اظهار ڪندو هو. اهو اسان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو آواز هو جيڪا وولو ديا تياتيل بوئم جي ذهن ۽ جذباتي لفظن ۾ ڳالهائي رهي هئي. اسان تشدد ۽ ايذائن کي انهيءَ ڪري ئي منهن ڏيئي سگهياسين جو اسان ڄاتو ٿي ته اسان اڪيلا نه آهيون. اسان ڄاتو ٿي ته دنيا کي اسان جي قوم سان ٿيل هاڃي جي ڄاڻ آهي ۽ اسان کي اها به خبر هئي ته اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو آهي.
    جيل جي ديوارن پٺيان اسان ايڪتا جي پرجوش جذبي ۽ دنيا جي فاشسٽ مخالف قوتن جي ڀائپيءَ واري مدد کي محسوس ڪيو. انهيءَ ايڪتا ۽ ڀائپي، انهن مردن ۽ عورتن ۾ هڪ نئين همٿ پيدا ڪري ڇڏي ٿي، جن کي گولي هڻڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.


    ڪميونسٽ صحافي

    هڪ ڏينهن گهرو وزير جنرل آسڪربونيلا جو هڪ ذاتي مددگار اسان وٽ آيو. هن اسان کي ٻڌايو ته سندس صاحب کيس قتل ٿيل صحافين جون حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. پنوشي جي قيد ۾ پيل اخبارن ۽ ريڊيو جي ڪارڪنن جي زالن، مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن پاران پيل دٻاءَ جي نتيجي ۾ صحافين جي قومي ڪاليج، سرڪار کي اسان جي قسمت بابت پنهنجي ”پريشاني“ کان آگاهه ڪيو هو.
    ڪاليج جي پنهنجي واٽ تان هٽڻ جو هڪ ڪارڻ بين الاقوامي ڀائيچاري جي مضبوط لهر پڻ هئي. صحافين جي بين الاقوامي تنظيم ۽ مختلف ملڪن ۾ موجود صحافين جي ايسوسيئيشنن پاران سندن گرفتار ساٿين بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪاليج جي اڳواڻن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي هئي.
    جنهن جي نتيجي ۾ ڪاليج جي اڳواڻن کي زباني ۽ لکت ٻنهي طريقن سان بونيلا کي اها درخواست ڪرڻي پيئي هئي ته کين قيد ٿيل صحافين بابت ڄاڻ ڏني وڃي. انهيءَ ڏس ۾ سندن پاران، جنرل کي ”گم ٿيلن“ جي هڪ لسٽ پڻ ڏني ويئي هئي، جنهن ۾ يقينن منهنجو نالو به شامل ڪيو ويو هوندو. ڇاڪاڻ ته صحافين جي بين الاقوامي تنظيم جي نائب صدر الفريد واوليويريس سميت، ڪاليج جي صلاحڪارن ايل، سگلو جي اڳوڻي ايڊيٽر انچيف جي حياتي بچائڻ لاءِ، اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو جيڪي سندن وس ۾ هو. پر گهرو وزير جو ذاتي مددگار جنهن لسٽ سان اسٽيڊيم آيو هو انهيءَ ۾ روڊريجو روجاس کان سواءِ قيد ٿيل ٻين سڀني صحافين جا نالا موجود هئا. منهنجي ساٿين پاران احتجاج کان پوءِ منهنجو نالو لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. گهرو وزير جي ذاتي مددگار کي منهنجي حقيقي صورتحال بابت ٻڌايو ويو، کيس سڌ ڏني ويئي ته مون کي نه فقط ايذاءَ ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، پر حقيقت ۾ هن وقت به مون کي سائيڪلنگ پٽي وٽ ايذاءَ ڏنا پيا وڃن.
    اهو سڀ ڪجهه بلڪل ئي بيڪار هو. مون کي انهي ڪري قيد نه ڪيو ويو هو جو آءُ صحافي هوس پنوشي جي ايجنٽن کي نه ته ايل سگلو جي اڳوڻي ايڊيٽر انچيف ۾ ۽ نه آلندي جي اڳوڻي سڌسماءَ جي صلاحڪار ۾ ڪا دلچسپي هئي. سندن پهرين ۽ گهڻي دلچسپي هڪ اهڙي ڪميونسٽ ۾ هئي جيڪو چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي ڪميشن جو ميمبر هو ۽ جنهن تي سندن پاران ”سوويت جاسوس“ وارو ڏوهه پڻ مڙهيل هو. کين چلي جي هڪ اهڙي ڪميونسٽ سان حساب چڪائڻ ۾ دلچسپي هئي جنهن ريڪابيرن جي پارٽي جي پنجاهين سالگرهه تي، سياسي ڪميشن جي ٻين ميمبرن سوڌو، ڪامريڊ آندري ڪير لينڪو هٿان، سوويت يونين پاران مليل، سو سالن وارو لينن ميدل حاصل ڪيو هو.
    بونيلا ۽ سندس ”ذاتي مددگار“ کي مون کي ايذاءَ ڏيندڙن وانگر انهيءَ جي پوري ڄاڻ هئي. انهيءَ سبب ڪري ئي مون کي ”گرفتار ٿيل يا گم ٿيل“ صحافين جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.
    جنتا صحافين جي قومي ڪاليج کي ٽوڙڻ نه پئي چاهيو. ڪنهن حد تائين اُن ڪاليج کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. ڪاليج جي صدر ڪرسچن ڊيموڪريٽ ڪارلوس سيپلويڊا کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو. ڪاليج جي اڳواڻن مان گهڻا اخبار ”ايل مرڪيوريئو“ سان واسطو رکندڙ ۽ ڪرسچن ڊيموڪريٽ هئا، جن، ٽريد يونين سرگرميءَ ۾ حصو وٺي بغاوت کي ڪامياب بنائڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
    کين ان جي ڪا پرواهه نه هئي ته جنتا سنتياگو جي پنج اخبارن ۽ ڪيترن علائقائي رسالن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڏهاڪو ريڊيو اسٽيشنن کي خاموش ڪيو ويو آهي، سوين صحافين کي نوڪرين مان ڪڍيو ۽ جيلن ۾ وجهي ايذايو ويو آهي ۽ ڪميونسٽ ڪارلوس برگر گورالنڪ وانگر، جيڪو هڪ وقت وڪيل هو، پارٽي ۽ انقلاب جي خدمت ڪندو رهيو هو ۽ بعد ۾ صحافي ٿي ڪم ڪيو هئائين، قتل ڪيو ويو آهي. کين سينسر شپ، خيالن تي بندش ۽ ماڻهن جي صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي حق سان هٿ چراند بابت، ڪنهن به قسم جو ڪو فڪر نه هو، جنهن جي حق ۾ چلي جي سمورن نظرين جي صحافين 1968ع ۾ اريڪا ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ ڳالهايو هو.
    ڪاليج جي ساڄي ڌر جي اڳواڻن جي خيال ۾ هڪ رسمي احتجاج کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي ڪا اهميت ڪانهي. سندن، ڪميونسٽ روڊ ريجوروجاس جي حياتيءَ سان ڪو واسطو ڪو نه هو. پر پنوشي ۽ سندس ٽولي جي حڪم ۾ هلندڙ قاتل هڪ ڪميونسٽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ روڊ ريجوروجاس جي مرڻ ۾ خوش هئا. بهرحال انهيءَ تي پوش چڙهائڻ لاءِ کين قانوني حدن اندر رهي ڪن قانوني بهانن جي گهرج هئي. هنن ساڻس اهڙو سلوڪ ڪرڻ پئي چاهيو، جو کيس ڪنهن ٽريبونل پاران ملڪ جو غدار ثابت ڪري سزا ڏئي ڇڏجي. انهيءَ مقصد لاءِ سندن پاران اهو احمقاڻو ڏوهه ٿاڦيو ويو ته روجاس ”ڳاڙهو جاسوس“ آهي.
    بهرحال هتي کين پوري طرح شڪست ٿي، قاتل پنهنجن مڙهيل ڀوائتن ڏوهن مان ڪنهن هڪ کي به ثابت نه ڪري سگهيا. سبب ظاهر هو ته اهي ڏوهه اصلي حقيقتن کان صفا ابتڙ هئا. اهي رڳو جنتا جي نظريه دانن جي وحشياڻي تصور تي ٻڌل هئا.
    پر ان هوندي به هو مون کي آزاد نٿي ڪري سگهيا. مون کي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه لاءِ ڏوهاري ٺهرائڻ هنن لاءِ ضروري هو ته مون عملي ڪميونسٽ پروپئگنڊا لاءِ پريس جي ذريعي کي استعمال ڪيو آهي.
    بعد ۾ ٿيندڙ سڄي پڇاڳاڇا انهيءَ هڪ ڳالهه تي بيٺل هئي. اهو ڏوهه منهنجي لاءِ وڏي عزت جو باعث هو. مون انهيءَ کي پنهنجي لاءِ بلڪل ائين سمجهيو، جيئن مڇي پاڻ کي پاڻيءَ منجهه محسوس ڪري. مون جهٽ ۾ پڌرو ڪيو ته جيڪڏهن انهيءَ فارمولي جو مطلب اهو آهي ته مون پريس جي ذريعي کي چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پاليسي ۽ بين الاقوامي ڪيمونسٽ تحريڪ بابت ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي ته پوءِ آءُ اهو باسيان ٿو ته اهو ”ڏوهه“ بلڪل صحيح آهي ۽ اهو اقرار ٿو ڪريان ته آءُ پريس وسيلي ڪميونزم جي پروپئگنڊا ڪندڙ آهيان يا وڌيڪ صحيح ائين ٿيندو ته مون اهڙي پروپئگنڊا ڪندڙ ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
    رڳو اها ئي ”مڃتا“ مون کان وٺي پئي سگهجي، اهو ئي اڪيلو ”بيان“ هو جنهن تي مون نيشنل اسٽيڊيم جي ايذاءَ ڏيندڙ مرڪزن ۾ صحيح ڪئي.
    مون کي پڇاڳاڇا سان گڏ ايذائن ڏيڻ وارو سلسلو 15 کان 18 آڪٽوبر تائين جاري رهيو. هر صبح مون کي ٻين قيدين سان گڏ نيشنل اسٽيڊيم مان سائيڪلنگ پٽي ڏانهن وٺي ويندا هئا، جتي پنهنجن هٿن تي ڪمبل رکي، اسان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڇاڳاڇا لاءِ سڏجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. جڏهن اسان جو پڇاڳاڇا جو وارو ايندو هو ته ڪا به شيءِ بدليل نه هوندي هئي، اسان کي ايذايو ويندو هو، بدن تان ڪپڙا لاٿا ويندا هئا ۽ ڪلاڪن تائين اکين تي پٽي ٻڌي رکيو ويندو هو. سانجهيءَ ٽاڻي، اسان نٻل، مار کاڌل، رت ڳاڙيندا، اسٽيڊيم ڏانهن ورندا هئاسين. پنوشي جا ايجنٽ، اسان جي پنهنجي مقصد جي سچائيءَ ۾ يقين ۽ مضبوطيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويا هئا.
    بهرحال انهيءَ ڪرت ۾ ڪڏهن فرق پڻ هوندو هو. آءُ اڃا تائين ”جن کان پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“ واري گروپ م هئس جنهن ڪري مون کي هر رات مختلف کوليءَ ۾ ئي گهارڻي پوندي هئي.


    ٻيو فائرنگ اسڪواڊ

    19 آڪٽوبر جي صبح جو سوير، سپاهين جو هڪ جٿو مون کي وٺڻ لاءِ آيو هو. مون کي جهٽ يادگيري آئي ته 12 آڪٽوبر تي مون کي ”صبح ساڻ گولي هنئي وئي هئي“.
    بلڪل اها ئي ڳالهه هئي، مون کي گولي هڻڻ لاءِ ئي ٻاهر ڪڍيو ويو هو. رڳو انهيءَ وقت مون سمجهيو ته هاڻي اها حقيقت هوندي. مون وري پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ساٿين کي ياد ڪيو. نه رڳو مون پنهنجا هوش ۽ حواس قائم رکيا هئا پر مون کي هڪ قسم جو اطمينان پئي محسوس ٿيو. مون مرڻ نه پئي گهريو پر جيئن ته آءُ ڪجهه به ڪرڻ جهڙو نه هوس، انهيءَ ڪري خاموش هوس. منهنجو ضمير صاف هو، مون ايذائن ۽ تشدد آڏو ڪنهن به قسم جي ڪا هيڻائي نه ڏيکاري هئي. جيڪڏهن مون کي گولي هنئي ٿي وڃي ته پارٽي مون کي نه وساريندي ۽ منهنجي ڌيئرن کي ڏک سان گڏ مون تي فخر هوندو، جو سندن پيءُ جو موت اهڙو ئي هوندو، جهڙو هڪ ڪميونسٽ جو هئڻ کپي جنهن فاشزم سان مهاڏو اٽڪائيندي بنا جهڪڻ جي هڪ اوچي مقصد لاءِ فخر سان پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي آهي.
    وري به 12 آڪٽوبر جي انهيءَ اڻ وسرندڙ صبح وانگر هر شيءِ تيار هئي. ڪمانڊنگ آفيسر بنا ڪنهن فرق جي اهو هڪ هڪ لفظ ورجايو جيڪو گذريل ڀيري واري فائرنگ اسڪواڊ جي آفيسر چيو هو. وري به هر ڪا شيءِ بلڪل ائين ئي ٿي، جيئن 12 آڪٽوبر تي ٿي هئي. بندوقون هوا ۾ ڇوڙيون ويون، وري مون ٻڌو ته ”سزا ختم ڪئي ويئي آهي“ ۽ ساڳئي نموني مون کي ڊريسنگ روم واري گولي ڏانهن اماڻيو ويو.
    گهڻن ڪلاڪن کان پوءِ، بلڪل ائين جيئن ان صبح تي ڪجهه به نه ٿيو هجي، مون کان اڻ کٽ پڇاڳاڇا ٿي. ڌڪن، ٿڏن، لتن، سوالن ۽ بجليءَ جي جهٽڪن جو نشانو بڻايو ويس ۽ وري به مون کي انهن قيدين جي گروپ م شامل ڪيو ويو ”جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“.


    “ڏوهاري” ريڪيولمي

    20 آڪٽوبر تي مون کي سائيڪلنگ پٽي ڏانهن نه وٺي ويا. انهيءَ ڪري آئون سڄو وقت پنهنجي کولي جي ساٿين سان مختلف مسئلن تي ڳالهائيندي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ۽ انويسٽيگيشن کاتي جي ڊپٽي چيف، سيميوئل ريڪيولمي. سان لاڳاپي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گذاري پئي سگهيس. کيس خاص فوج ذريعي ارجنٽائين جي سفارتخاني جي ٻاهران، جتي هن پناهه ورتي هئي، گرفتار ڪرڻ کان گهڻا ڏينهن پوءِ اسٽيڊيم آندو ويو هو. کيس خاص فوج پاران ايذاءَ رسائڻ کان پوءِ هوائي فوج جي حوالي ڪيو ويو هو. ڪولينا هوائي اڏي تي جنرل ليگ جي بدمعاشن کيس سورهن ڏينهن تائين نه رڳو اکين تي پٽي ٻڌي رکيو هو، پر کيس عملي طور ننڊ نه ڪرڻ جي اجازت کان سواءِ ايذائيندڙ تشدد جو پڻ نشانو بڻايو ويو هو. هو جڏهن اسٽيڊيم آندو ويو ته اسان پنهنجي ڪاوڙ قابو نه ڪري سگهياسين. ريڪيولمي جيڪو هڪ مضبوط ۽ تندرست ماڻهو هو، هينئر ڀوت پئي لڳو. هو ڏکوئيندڙ حد تائين هيڻو ٿي ويو هو. مس چري پيو سگهي. مار ۽ ايذائن جا نشان ۽ داغ پڌرا هئس. اسٽيديم اچڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو ڳالهائڻ جهڙو به نه هو. پر پارٽي جي هڪ سچي سپوت وانگر هو مڙس ماڻهو ٿي بيٺو هو ۽ همٿ ۽ سهپ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو هئائين. اسان جي پهريدارن رڳو جسماني ايذائن ڏيڻ تي بس نه ڪئي هئي، پر انهن اسان کي ڀڃڻ لاءِ وٽن موجود هر وسيلو آزمايو هو. سيميوئل ريڪيولمي لاءِ هنن هڪ ڀوائتي کيل جي سٽ سٽي هئي.
    سياستدانن، پورهيت اڳواڻن ۽ مقامي اڳواڻن کان سواءِ اسٽيڊيم جي قيدين ۾ پيشه ور ڏوهارين جو پڻ چڱو خاصو تعداد هو. سيميوئل ريڪيولمي، جيڪو عوامي سرڪار جي آخري سال دوران شهري پوليس جو سيڪنڊ ان ڪمانڊ هو، تنهن کي سندس ٻين قيدي ساٿين کان ڌار ڪري منشيات فروشن واري هڪ ڊريسنگ روم جي کوليءَ ۾ رکيو ويو هو. اتي سنتياگو جا ناليارا بدمعاش، اسمگلر ۽ جواري موجود هئا. انهن ڪاسائين کي اميد هئي ته انهيءَ خوفناڪ رٿا ذريعي يا ته اتي موجود بدمعاش ريڪيولمي کي قتل ڪري ڇڏيندا يا هن ڪميونسٽ اڳواڻ کي منشيات وڪڻندڙ طور پيش ڪري سگهبو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڊريسنگ روم 16 جي کوليءَ ۾ ريڪيولمي سان گڏ موجود ڏوهارين کي آمريڪي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. اها ڳالهه بلڪل واضح هئي ته فاشسٽن ريڪيولمي کي به ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي هئي، پر هو ناڪام ٿي ويا هئا.
    اسان سيميوئل جي صحت جي سڌاري ۽ کيس بهتر خوراڪ ڏيڻ جي هر ڪا وس آهر ڪوشش ڪئي. قيدين ۾ موجود ڊاڪٽرن اها گهر ڪئي ته کين سندس سارسنڀال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اهڙي اجازت ڏني ويئي. اسان انهيءَ اميد ۾ سڀني ڊريسنگ رومن ۽ وڏن اسٽينڊن جا چڪر هنيا ته جيئن ڪجهه ميوو، چاڪليٽ، مانيءَ ڳڀو، مطلب ته هر اها شيءِ گڏ ڪريون، جيڪا کيس پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڏئي.
    بهرحال ٻئي ڏينهن تي اسان کي ٻين بکايل قيدين کان کاڌي وٺڻ جي ضرورت نه رهي. ريڪيولمي جي کولي وارن پنهنجن محافظن کي وڏيون رشوتون ڏيئي کانئن وڏي مقدار ۾ کاڌو ورتو هو، جيڪو هنن اڳوڻي پوليس چيف سان گڏجي کاڌو. کين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته سندن واسطو هڪ پيشه ور پوليس واري سان نه پر هڪ سياستدان، هڪ ڪميونسٽ ۽ اڳوڻي پورهيت سان آهي. کين نه رڳو سندس لاءِ عزت هئي، پر ايستائين جو هنن کي به هن شخص سان پنهنجائپ محسوس ٿي رهي هئي، جيڪو پڻ سندن وانگر فاشي جنتا جي ڏاڍ جو شڪار هو، جيتوڻيڪ ٻنهي لاءِ سڀ ڪارڻ مختلف هئا.


    آپگهات جا واقعا ۽ آزاد ٿيل قيدي

    ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان نراس ڪندڙ ساڳيائپ سان گذري رهيا هئا. پڇاڳاڇائون، ايذاءَ.... وري پڇاڳاڇائون، وري ايذاءَ اها هڪجهڙائي ان وقت ڏکوئيندڙ نموني ٽٽي پوندي هئي، جڏهن ڪجهه قيدي انهن ايذائن کان مايوس ٿي آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻيندا هئا.
    آئون پڪ سان نٿو چئي سگهان ته چلي جي سپاهين هٿان، جيڪي فاشسٽ ٽولي جي چرچ تي انسانن جي روپ ۾ وحشي جانور ٿي پيا هئا، ڪيترن ڄڻن خوفناڪ ايذائن تي موت کي ترجيح ڏني. بهرحال انهن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڪجهه ڄڻن ڪاڪوسن ۾ پتلونن جي پٽي سان پاڻ کي ڦاهو ڏنو، ٻين وڏن اسٽينڊن جي مٿين سيٽن تان ٽپ ڏيئي پنهنجو ميڄالو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسان تي ڦاسين کان وڌيڪ مايوس ڪندڙ اثر انهن آپگهاتن جو پئجي رهيو هو. اسان ان وقت اڃان به وڌيڪ نراس ٿي ويندا هئاسين جڏهن پنوشي جي هڪ ٻئي شڪار جو لاش ملڻ مهل آفيسرن کي اهو چوندي ٻڌندا هئاسين ته ”ظاهر آهي ته ڪتي جي پٽ جو ضمير صاف نه هو. بهرحال، هن اسان جون ڪجهه گوليون بچائي ڇڏيون“.
    انهيءَ نموني اوهگنس جي يونيفارم ۾ اهي وحشي، پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندا هئا جڏهن کين ڪنهن اهڙي شخص جو لاش ملندو هو جنهن کي سندن مار ۽ ايذائن آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو.
    هڪجهڙائي رڳو انهن ڏکوئيندڙ واقعن جي ڪري ئي نه ٽٽندي هئي. خوشي ۽ اميد جون اهڙيون گهڙيون پڻ اينديون هيون، جڏهن آفيسر لائوڊ اسپيڪرن تي اهو اعلان ڪندو هو ته ”جن همراهن جا نالا پڙهيا وڃن اهي فوري طور گهر وڃڻ لاءِ ڊسڪو نيگرو جي سامهون صف ۾ اچي بيهن“.
    آزادي! نيٺ پنوشي جي قيدين لاءِ آزادي!.
    جيئن آفيسر نالا پڙهندو ويندو هو تيئن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندڙ مرد ۽ عورتون اسٽيڊيم جي مختلف حصن مان نڪري اچي مقرر ٿيل جاءِ تي جمع ٿيڻ لڳندا هئا. خوشيءَ جا ڳوڙها سندن ڳلن تان پيا ڳڙندا هئا. اسان به، جيڪي ڪاسائين جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هوندا هئاسين، کين ڏسي خوش ٿيندا هئاسين، کين پيار ڪرڻ کان سواءِ هر قسم جون صلاحون ڏيندا هئاسين ته ”ساٿي پنهنجون اکيون کليل رکجو.... هي ڪتا پاڇي وانگر توهان جي پويان لڳل هوندا... منهنجن پراڻن يارن کي ٻڌائي ڇڏجو ته آئون هت قيد ۾ آهيان..... فلاڻن فلاڻن سان ملڻ نه وسارجو... منهنجي زال کي ٽيليفون ڪري کيس اهو ٻڌائي ڇڏجان ته آئون اڃا جيئرو آهيان کيس پريشان نه ٿيڻ گهرجي....“.
    ”آزاد، جيئن سج، اڀرڻ مهل هوندو آهي“.
    اوچتو اهو گيت شروع ٿي ويندو هو ۽ ان ۾ جيئن جيئن هر پاسي جا ماڻهو شامل ٿيندا هئا تيئن وڌيڪ قوت اچي ويندي هئي. هي گيت بلڪل انهي نموني اوچتو اڏامندو هو، ڄڻ بغاوت جو جنگي ترانو هجي، ڄڻ اميد جو روشن ڪرڻو هجي. تشدد جو شڪار قيدين جي دلين مان نڪرندڙ هي خاص گيت نه هو. بلڪل خاموشيءَ سان ۽ بنا ڪنهن اشاري جي هر چپ بلڪل هڪ جهڙي انداز ۾ چرپر ۾ ايندو هو ۽ پورو اسٽيڊيم ”انٽرنيشنل“ جي گيت سان گونجڻ لڳندو هو.
    ”اها آخري ويڙهه آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي جاءِ تي بيهڻ ڏيو“.
    انهيءَ سان گڏجي هڪ ٿيندي انقلابين جا ٻيا گيت ڦٽڻ لڳندا هئا: ”سوشلسٽ جنگ جي ميدان ۾“ نيٺ ”انٽرنيشنل“ ۽ مارسيليز“ ڳائڻ وارن جا آواز ”وينسيريموس“ ۾ گڏجي ويندا هئا. اهڙا ڏينهن به هوندا هئا جڏهن ٿورا ماڻهو آزاد ٿيندا هئا ۽ اهڙا ڏينهن به هوندا هئا جو سوين محب وطن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
    انهن ڏينهن تي سڄي اسٽيڊيم ۾ اڇا رومال ائين پيا جهومندا هئا جيئن ڪبوتر اڏامي رهيا هجن. ماڻهو پنهنجون ڀيڙيل مٺون کڻي مٿي ڪندا هئا. وڏن اسٽينڊن تي بيٺل ماڻهو گهڻي عرصي تائين انهيءَ تشدد ۽ ايذائن واري مرڪز مان روانو ٿيڻ وارن جي مرڪن، اميد ڀريل نظرن ۽ پراعتماد چهرن کي وساري نه سگهندا هئا.
    بهرحال اڃا ڪجهه ڏينهن مس گذرندا هئا جو اسان نهايت تلخيءَ سان انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندا هئاسين ته اسان پاران گهر ويندڙن کي ”پنهنجيون اکيون کليل رکجو دوستو“ واري صلاح بلڪل صحيح هئي.
    ڇاڪاڻ ته، معمول موجب گهڻا موٽي واپس ايندا هئا. ڪجهه ايتري حد تائين جو اڃا گهر به نه پهچندا هئا جو سپاهي کين ويجهي پاسي وارين گهٽين مان ۽ ڪڏهن ايوينڊا گريشيا مان، انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته خاص فوج سندن مٽِن مائٽن کي گهٽين مان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي جيڪي اسٽيڊيم جي مرڪزي در تي اکيون وجهيو ويٺا هئا، ٻيهر گرفتار ڪري وٺندا هئا. ٻيهر کين پڇاڳاڇا ۽ ايذائن جو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ وري کين ”جن کان پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“، واري گروپ سان مارچ ڪرايو ويندو هو.
    ڪجهه قيدين کي ته چار چار ڀيرا ”آزاد“ ڪري ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کين ڪيترن ڏينهن تائين ايذاءَ ڏيندڙ مرڪزن ۾ ”خاص شديد سلوڪ“ جو نشانو بڻايو ويندو هو.
    نيشنل اسٽيڊيم ۾ منهنجي قيد جي آخري ڏينهن ۾ اسان جي محافظن پنهنجي سمجهه مطابق هر طريقي سان اسان جي رهڻ جون جايون بدلايون. اسان کي هن يا هُن کولي ۾ موڪلڻ لاءِ ڏنل سبب صفا بي بنياد هئا. هڪ ڏينهن تي هڪ نمونو هوندو هو ته ٻئي ڏينهن تي ٻيو ۽ جيڪڏهن هنن مان ڪنهن جي مٿي ۾ اها ڳالهه ويٺي ته وٽس ڪا سٺي رٿا آهي ته پوءِ ٽئين ڏينهن تي ٽيون نمونو هوندو هو.
    اسان کي عزيزن ۽ ٻين ماڻهن پاران ايڪتا جي اظهار لاءِ ڪپڙن، سگريٽن ۽ کاڌي جي شين جا جيڪي پارسل موڪليا ويندا هئا اهي چلي جي ريڊ ڪراس جي عورتن جي خيراتي هٿن ۾ وڃي پهچندا هئا، جن جو اسٽيڊيم جي سپاهين سان نمونو ٿيل هو. کولي مٽجڻ تي ان رحم جوڳي سامان سميت ڪلاڪن جا ڪلاڪ اهو ٻڌڻ لاءِ بيهڻو پوندو هو ته اسان کي ڪٿي موڪليو پيو وڃي. نالن جون اهي فهرستون وچ واري وڏي اسٽينڊ تي ڇت جي هيٺان بيٺل آفيسر مائيڪرو فون تي پڙهي ٻڌائيندو هو. اسان جو ڳاڻيٽو هزارن ۾ هئڻ سبب اهو سلسلو ڪلاڪن تائين پيو هلندو هو.
    اسان صبح جو ڇهين وڳي صفن ۾ بيهڻ شروع ٿيندا هئاسين. ساڍي ستين تائين اسان مان سڀ قيدي اتي هوندا هئا. فيلڊ ۽ ٽريڪ جي مقابلن لاءِ استعمال ايندڙ اڳوڻي ميدان جو هڪ هڪ انچ ڀريل هوندو هو. پوءِ جيئن اسان کي نون ڊريسنگ رومن واريون کوليون ۽ وڏا اسٽينڊ ڏنا ويندا هئا تيئن گهڻو وقت گذرندو ويندو هو. انهيءَ معاملي جو هڪ ٻيو رخ اهو هو جو محافظ اسان کي نيرن ڪرائڻ وساري ويهندا هئا ۽ اسان کي منجهند جي ماني تائين، جيڪا شام چئين وڳي مهل ملندي هئي، بک برداشت ڪرڻي پوندي هئي.
    جتي ڪو ماڻهو چوندو هو ته ”هن ڊريسنگ روم ۾ موجود سڀني کي حڪومت ۽ پاپولر يونٽي بلاڪ جي بي حيثيت ماڻهن سان گڏ رکيو ويندو ۽ شرطن سان آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته هن جاءِ جي هر ماڻهوءَ کي گهر ۾ قيد رکي سگهجي ٿو“.
    ڪو ٻيو ڀڻ ڀڻ ڪندو هو ته ”ڊريسنگ روم ۾ موجود هر ماڻهو تي فوجي ٽريبونل ۾ ڪيس هلايو ويندو.“
    وري ٽيون پنهنجو خيال ڏيکاريندو هو ته ”جهونا آءُ ائين ڪو نه ٿو سمجهان. کين آزاد ڪيو ويندو، پر سنتياگو جي 30 ڪلوميٽرن جي حدن ۾ رهڻ لاءِ چيو ويندو“.
    ”نه بلڪل نه“ چوٿون ڄڻو اعتراض ڪندو هو. ”کين آزاديءَ سان گهمڻ ڦرڻ جي اجازت هوندي پر پوليس ۽ فوجي اختياريءَ وارن کي ٻڌائڻو پوندن ته هو ڪڏهن ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ واپس موٽڻ تي کين مقامي فوجي اختياري جي چيف کي رپورٽ ڪرڻي پوندي“. اسان سپاهين کان سبب معلوم ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن سدائين هڪ جواب هوندو هو ته:
    ”اسان کي ڪا خبر ناهي. حقيقت ۾ هتي ڪنهن ماڻهو کي ڪا خبر ناهي. هر ماڻهوءَ کي بس حڪم جي پوئواري ٿي ڪرڻي پئي“.
    بهرحال اهو سلسلو وڌندو ويو. قيدين کي هيڏانهن يا هوڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. رڳو اِها ڳالهه صاف نظر اچي رهي هئي ته نيشنل اسٽيديم کي جلد راندين جي مقابلن لاءِ خالي ڪرايو ويندو.
    ڀتين ۽ وڏن اسٽينڊن کي رنگ روغن ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو هو. عملي جي رهڻ جي جاين کي چڱي ريت صاف ڪيو ويو هو. هڪ ڏينهن فٽبال ايسوسيئيشن جي بين الاقوامي فيڊريشن (FIFA) ۽ چليءَ جي قومي فٽبال ايسوسيئيشن جا عيوضي ڪم جي رفتار جو معائنو ڪرڻ لاءِ اسٽيڊيم آيا. اها ڳالهه ته چٽي هئي ته اسان کي هتان ڪڍيو ويندو، پر ڪٿي، انهيءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي. هر قسم جي اندازن جا تيز ڇوڙيا ويا، جن مان ڪجهه ٿورن ڏينهن اندر صحيح ٿابت ٿيا.
    هڪ ڄڻي چيو ”لاريڪونا ڊامپو ۾ تشدد جي نئين ڪئمپ ٺاهي اٿن“.
    ٻئي واڌارو ڪندي چيو ”اهو رڳو پرڏيهين لاءِ آهي“.
    ٽئين دعويٰ ڪئي ته ”اسان کي چاڪابوڪو ۾ قلمي شوري جي کاڻين ڏانهن اماڻيو ويندو“.
    ”اسان مان رڳو ڪجهه ڄڻن کي آزاد ڪيو ويندو“.
    چوٿين چيو: ”ٻين کي سنتياگو جي مختلف جيلن ۽ بئرڪن ۾ موڪليو ويندو“.


    منهنجو پهريون خط

    28 آڪٽوبر جو ڏينهن منهنجي لاءِ وڏي خوشي کڻي آيو. ان ڏينهن بين الاقوامي ريڊ ڪراس جو هڪ عيوضي، جيڪو هڪ سوئس شهري هو، مون سان ملڻ آيو. هو هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ ٻين سپاهين جي گهيري ۾ مون تائين پهتو. آءُ جيئن ته ان وقت ماراٿون سيڪٽر ۾ هوس، انهيءَ ڪري کيس اتي آندو ويو، جتي هن مون سان سپاهين جي موجودگيءَ ۾ ڄاريءَ مان هن ريت ڳالهايو:
    هن پڇيو: ”ڇا تون صحافي آهين؟“
    ”ها آءُ آهيان، يا ائين کڻي چئو ته آءُ هوس، هن وقت آءُ هڪ جنگي قيدي آهيان“.
    ”تون ايل سگلو ۾ ڪم ڪندو هئين ڇا؟“
    ”ها“.
    ”توکي خبر آهي يا نه، ته تنهنجي اخبار شايع نه پئي ٿئي“.
    ”ها مون کي خبر آهي، پر ڪنهن ڏينهن تي اها ٻيهر نڪرندي“.
    ”مان اها اميد ڪريان ٿو“.
    ”مهرباني“
    ”مون اوهان لاءِ هڪ خط آندو آهي“ هن ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو مون کي ڏيندي مرڪندي چيو. جيئن ئي منهنجي لکڻيءَ تي نظر پئي، منهنجي دل اڇلون ڏيڻ لڳي. اهو خط منهنجي زال طرفان هو. اها سندس ۽ منهنجي ڌيئرن پاران پهرين خبر هئي.
    سوئس جدا ٿيندي چيو ته ”آءُ جواب وٺڻ لاءِ پرئين ٻيهر ايندس. انهيءَ ڳالهه کي نه وسارجان ته جنهن ماڻهو کي تون خط لکندين، ان تائين پهچڻ کان اڳ فوجي ان کي پڙهندا. اليئا پاران آيل خط، غير معمولي حد تائين مختصر هوندي به گهڻو ڪجهه ٻڌايو. آءُ انهيءَ احوال کي ڪڏهن به نه وساري سگهندس. لکيل هو: ”اسان کي تنهنجي تمام گهڻي چنتا آهي. اسان سڀني کي توتي فخر آهي. اسان کي ڪا به مشڪل ڪانهي. توکي اسان وڌ کان وڌ پيار ٿا ڪريون. چميون ۽ پيار“. اهو سمورو خط هو. پر انهن مختصر جملن گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو. آءُ خاص طور تي ”اسان سڀني“ وارن لفظن کي جن جي هيٺان ليڪ ڏنل هئي، ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. انهيءَ جو مطلب هو ته نه رڳو منهنجي زال ۽ منهنجي ڌيئن کي مون تي فخر هو پر منهنجي ڪامريڊن کي به اها خبر هئي ته مون ايذائن ۽ تشدد کي ڪيئن منهن ڏنو آهي ۽ کين مون تي فخر هو.
    ”ڪا به مشڪل ڪانهي“ وارن لفظن جو مطلب هو ته منهنجي زال ۽ ڌيئرن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي ريت اهي پنوشي جي سپاهين جي وحشي سلوڪ جو نشانو نه بڻيون آهن.
    انهيءَ رات آءُ فرحت سان سمهيس. وڌيڪ تشدد جي خيالن مون کي پريشان نه ڪيو. آئون بلڪل مطمئن هوس، پر هاڻي سائيڪلنگ پٽيءَ تي وڌيڪ پڇاڳاڇا ۽ تشدد نه ٿيڻو هو.


    پينٽينسيئا ريئا

    30 آڪٽوبر تي شام جي ٽين وڳي اسان مان ٻه سئو سٺ کان وڌيڪ همراهن کي هڪلي بسن ۾ ڀريو ويو ۽ ڪمبل مٿان وجهي فرش تي ويهڻ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن نه اسان ڪجهه ڏسي سگهون ۽ نه ئي ڪو اسان کي ڏسي سگهي. پوري طرح هٿياربند خاص فوج جي نظرداريءَ ۾ اسين اسٽيڊيم مان روانا ٿي وياسين. اسان کي ڪا خبر ڪا نه هئي ته اسان جي منزل ڪٿي هئي.
    شام جو پنجين ڌاري اسان سنتياگو ۽ چلي جي وڏي جيل پينٽينسيئاريئا پهتاسين. مون کي ياد آيو ته مان هت پهريون ڀيرو 1951ع ۾ قلمي شوري جي کاڻين جي پورهيتن جي يونين جي اڳواڻن سان ملڻ آيو هوس، جن کي ابانيز انتظاميه پاران قيد ڪيو ويو هو. ان وقت بلڪل ئي مختلف صورتحال هئي، آءُ سياسي قيدين سان ملڻ آيو هوس، جڏهن ته هينئر آءُ پاڻ هت سياسي قيدي ٿي آيو هوس. هڪ اهڙو قيدي جنهن کي غدار جرنيلن عوام خلاف جنگ ڪندي پڪڙيو هو.
    پينٽينسيئاريئا، جيڪا عام طور مختصر طور تي پيني جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، گذريل صديءَ ۾ ٺاهي ويئي هئي. اها بيضوي شڪل ۾ ٺهيل تمام وڏي عمارت هئي جنهن جا مختلف بلاڪ ۽ گئلريون ائين ٻاهر نڪتل هيون جيئن ڪنهن ڦيٿي جون ڪامون هجن. هر سوڙهي رستي جي پڄاڻيءَ تي، جن کي هتي گهٽيون ڪوٺيو ويندو آهي، اهڙا گندا ۽ بدبودار ڪاڪوس ٺهيل هئا جيڪي مون پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺا. گهٽين جي پاسن کان اٺ چورس ميٽرن جي ماپ جي سرن جون کوليون ٺهيل هيون. هر کوليءَ ۾ هڪ لوهي دروازو ۽ ڇت کان ٿورو هيٺان سيخون لڳل دريون هيون. هر کوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه قيدين کي رکيو ويندو هو.
    پراڻن قانونن موجب، جن کي جنتا ٿڏي هڪ پاسي ڪري ڇڏيو هو، چلي جي سياسي قيدين کي اخلاقي ڏوهارين سان گڏ هڪ ئي جاءِ تي قيد ۾ نه پئي رکي سگهيو. پر اسان کي، جيڪي ”جنگي قيدي“ هئاسين، پيني جهڙي جيل ۾ رکيو ويو جيڪو خاص طور تي انهن اخلاقي ڏوهارين لاءِ هو جيڪي وڏيون سزائون ڪاٽيندا آهن. هتي موت جو بدنام چڪر پڻ موجود هو.
    بهرحال فاشسٽ جنتا لاءِ قاعدي قانون جو ڪو به وجود ڪونهي هوندو. سپريم ڪورٽ جي چاپلوسي ۽ خوشامد واري اجازت جي نتيجي طور ”جنگي قيدين کي مليل گئلرين ۽ گهٽين کي فوجي علائقو“ قرار ڏنو ويو هو. هتان جي رهواسين کي ڏوهارين کان بلڪل جدا ڪيو ويو هو ۽ سندن ٻاهرين دنيا سان لاڳاپي کي به محدود ڪيو ويو هو.
    اسان جي هت پهچڻ تي وڏي محافظ پاران اسان کي جيل جي قانونن بابت هدايتون ڏنيون ويون.
    اسان سڀني کي بلڪل ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويو هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان تي جنگ جي زماني مطابق ٺهيل ٽريبيونلن ۾ ڪيس هلايا ويندا. مون سان اهو به ٿيو جيڪو منهنجي آزاد ٿيڻ ۾ هڪ فيصلائتو عنصر هو. اڳتي هلي آئون انهيءَ تي ڳالهائيندس. اسان کي انهيءَ کان به باخبر ڪيو ويو ته جيل جي قاعدن ۽ قانونن جي ڪنهن به ڀڃڪڙيءَ بابت، ترت بچاءُ واري وزارت کي اطلاع ڪيو ويندو جنهن جي ماتحت تازو قائم ڪيل ”قيدين جي قومي سيڪريٽريٽ“ ڪم ڪري رهي هئي. سمورين ملاقاتن تي پابندي هئي. مٽ مائٽ هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو کاڌي يا ڪپڙن جا پارسل آڻي سگهيا پئي. اسان کي پنهنجن عزيزن سان لکپڙهه ڪرڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبارن پڙهڻ وغيره جي منع ٿيل هئي. مطلب ته اهي قاعدا ۽ قانون اسان کي وڏي محافظ پاران پڙهي ٻڌايا ويا، جن جي اسان کي پوئواري ڪرڻي هئي.
    گهٽي نمبر 2 ۽ 10 نيشنل اسٽيڊيم مان آندل 266 ”جنگي قيدين“ لاءِ هيون.
    هر گهٽيءَ ۾ سورهن کوليون هيون. ڏوهارين جي کولين ۾ وڌ ۾ وڌ ٽن ماڻهن کي ٿي رکيو ويو، جڏهن ته اسان ڇهن کان اٺن ڄڻن تائين هڪ کولي ۾ هئاسين. مون کي گهٽي نمبر 10 جي کولي نمبر 21 ۾ رکيو ويو. پر اڌ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجن ٻين پنج کولي وارن ساٿين سان گڏ، جيڪي سڀئي ٽامي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن هئا، گهٽي نمبر 2 جي کولي نمبر 52 ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو اڳوڻي کولي جي دروازي جو تالو خراب هو.
    ساڳيءَ ڏينهن تي ڏوهارين اسان سان ايڪتا ۽ ٻڌيءَ جو پهريون مظاهرو ڪيو. جيئن ته اسان شام جو پنجين کان پوءِ پهتا هئاسين جڏهن انتظامي ڪم جو وقت ختم ٿي ويو هو انهيءَ ڪري اسان جا نالا سرڪاري طور تي ٻئي ڏينهن تي ئي رجسٽر ٿي سگهيا ٿي. نتيجي ۾ اسان نيرن جي انهيءَ راشن کان محروم ٿي وياسين جيڪو هڪ ڏينهن اڳ شام جي ساڍي پنجين ۽ ڇهين جي وچ ۾ ملڻو هو. انهيءَ ڪري ڏوهارين پنهنجي حصي جي مانيءَ جو راشن اسان کي ڏيڻ کان سواءِ سگريٽ، ماچيس ۽ ميڻ بتيون به موڪليون.
    پيني ۾ گذريل پهرين رات اسان اصل سمهي نه سگهياسين. اسان کي هڪ ته بسترو نه ڏنو ويو هو ۽ ٻيو ته جنهن فرش تي ليٽيا هئاسين، اهو به سڄو گندو ۽ ڪرفتي ۽ پيشاب سان ڀريو پيو هو. منگهڻ ديوارن تي هيٺ ۽ مٿي هلي رهيا هئا ۽ اسان جي بدن کي وڍ وجهي رهيا هئا. ميڻ بتيءَ جو ٽڪرو جلدئي ختم ٿي ويو ۽ پوءِ اوندهه ۾ منگهن کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. ان کان سواءِ اسان ننڊ نه اچڻ جي مرض جا پڻ شڪار هئاسين.
    صبح جو ساڍي ستين ڌاري کولين جا در کوليا ويا ۽ گهٽي نمبر 2 جي 116 قيدين کي حاضري لاءِ قطارن ۾ بيهاريو ويو. اها ڳالهه چوڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ته هر ڪو حاضر هو. اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پاڻ کي پيش ٿيڻ جهڙو ڪري ڇڏيو هو. نيرن جو انتظار ڪندي اسان گهٽيءَ جي ٻين کولين تي نظر وڌي. هاڻي اهائي اسان جي ڪل دنيا هئي، هڪ اهڙي دنيا جيڪا سڄي ٻاهرين دنيا کان ڪٽيل هئي.
    اسان اڻهتر، ستر ۽ ايڪهتر نمبر کولين کي ڏسڻ کان رهي نه ٿي سگهياسين جن جي ديوارن تي ٿيل نئين رنگ ۽ چڱي طرح صاف ٿيل ڪاٺ جي فرش کين ٻين کولين کان نرالو ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ جي اسان کي ان وقت چڱي ريت سمجهه آئي، جڏهن اسان دروازن تي انهن ۾ رهندڙ قيدين جا لکيل نالا پڙهيا. اهي جي سليگوسا، آر ويئاڪس ۽ آر از ڪيويوڊو هئا، جن فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل رپني شنيڊر کي قتل ڪيو هو. انهن ٽنهي قاتلن لاءِ ڪاڪوس کي خاص طور تي صاف ڪيو ويو هو. ايستائين جو اتي هيٽر جو پڻ نشان هو، جيڪو کين ڪا به شيءِ ڌوئڻ وغيره لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو. گهٽيءَ جي وچ ۾ منهنجي کولي نمبر 52 جي سامهون ويئاڪس گلن جي هڪ ٻاڙي لڳائي هئي.
    اسان نيشنل اسٽيڊيم مان گهٽي نمبر 2 جي کولين ۾ آيل پهريان ”جنگي قيدي“ نه هئاسين. اتي چوڪيواٽي ڪاماٽاجي ٽامي جي کاڻين جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ پنج ڄڻا اسان کان اڳ آيل هئا. هنن جو اڳواڻ، سندن مئنيجر، هڪ ڪميونسٽ ڊيوڊ سلبرمين هو. ڪالاما جي فوجي ٽربيونل کين ڊگهي مدي واريون سزائون ڏنيون هيون.
    ساڍي نائين ڌاري نيرن آندي ويئي. اهو المونيم جي هڪ وڏي ٽب ۾ پيل لڙاٽيل پاڻي هو، جنهن کي چانهن جو نالو ڏنو ويو هو. وڏي محافظ اسان مان ٻن ڄڻن کي انهيءَ جي ورهائڻ تي مقرر ڪيو. پر اسان وٽ ان لاءِ پيالن وغيره جهڙو ڪو ٿانءَ نه هو. سلبرمين ۽ چوڪيواٽي ڪاماٽا جي ٻين ساٿين اسان کي ڪجهه ڪوپ ڏنا ۽ اهڙي ريت ڪجهه وقت کان پوءِ آهستي آهستي اسان سڀني کي نيرن ملي. اهو عجيب نموني جو ڦڪو ۽ ڪوسو پاڻي اسان لاءِ هڪ اچرج جوڳو مشروب ثابت ٿيو.
    يارهين وڳي واري وڏي محافظ پنهنجي سيٽي وڄائي، جنهن جو مطلب هو ته اسان ٻن قطارن ۾ ٿي بيهون. جيل جو گورنر، جيل جي محافظن جو مک ۽ جيل جي اسپتال جو سپرنٽنڊنٽ آيا هئا. اسان، پنهنجيون درخواستون، بيان، ڏک سور مطلب ته اهو سڀ ڪجهه کين ٻڌايو جيڪو دنيا کان ڪٽيل اڪيلن قيدين کي پريشان ڪري پئي سگهيو. اسان گهر ڪئي ته اسان کي پنهنجي مائٽن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪرائي وڃي، ريڊيو، اخبارون، جيت مار دوائون، بستر، ڪمبل، ڪوپ، پليٽون، بجليءَ جي روشني، ڦٽيلن لاءِ ترت علاج جي سهوليت ۽ لکڻ پڙهڻ وغيره جون سهوليتون ڏنيون وڃن.
    ٿوريون ٿوريون ڪري جيل جي انتظاميه اسان جون اهڙيون گهرون پوريون ڪيون جيڪي هو پوريون ڪري پئي سگهي. ساڳئي ڏينهن تي اسان جي کوليءَ ۾ جيت مار دوا ڇٽڪاري ويئي. اسان جي پوري گهٽيءَ لاءِ ايل مرڪيوريئو جي هڪ ڪاپي جي اجازت ڏني ويئي. اسان کي ڇهن ڄڻن لاءِ هڪ گاديلو، پنجن ڄڻن لاءِ هڪ ڪوپ، چئن ڄڻن لاءِ هڪ پليٽ ۽ ڏهن ڄڻن لاءِ هڪ چمچي جي حساب سان سامان ڏنو ويو.
    اسان کي ٻڌايو ويو ته گهٽي نمبر 2 ۽ 10 ۾ رهندڙ ”جنگي قيدين“ جي نالن جون لسٽون سندن مائٽن جي سهوليت لاءِ جيل جي ٻاهرئين دروازي تي هنيون ويون آهن. انهن لسٽن سان گڏوگڏ اتي اهڙا اطلاع پڻ لڳل هئا ته انهن قيدين کي لکپڙهه ڪرڻ جي اجازت ڪانهي، مٿن فوجي ٽريبونل ۾ ڪيس هلايا ويندا، کين رڳو پلاسٽڪ جا ڪوپ، پليٽون وغيره ڏيئي سگهجن ٿيون، ڌاتو جا نه، کين بستر جون چادرون، ڪپڙا ۽ حوض جي ڪم جو ٻيو سامان سواءِ خوشبوئن جي، جن ۾ الڪوهل شامل هوندو آهي، ڏئي سگهجي ٿو، کاڌو گلاس ۽ ڌاتن جي ٿانون ۾ نٿو آڻي سگهجي ۽ نه ئي موسميون، نارنگيون، انگور ۽ اهڙو ڪو ٻيو ميوو آڻي سگهجي ٿو، جنهن کي شراب ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي، گهٽي نمبر 2 جي قيدين جا پارسل سومر ۽ گهٽي نمبر 10 جي قيدين جا اربع ڏينهن ورتا ويندا.


    دوا درمل جي سهوليت

    ساڳئي ڏينهن تي ڦٽيل قيدين کي جيل جي ميدان جي هڪ پاسي ٺهيل اسپتال ڏانهن نيو ويو. ڪجهه ڄڻن کي ته جهٽ اسپتال داخل ڪيو ويو. ٻين وانگر منهنجو به تفصيلي معائنو ڪيو ويو. کاٻي پاسي وارن ڦٽن جي ملم پٽي ڪئي ويئي. پاسراٽين جي هڏي ستن هنڌن تان ڀڳل هئي. منهنجي سيني جو هيٺيون حصو بلڪل ئي ڪچليل هو. جسم جا گهڻا حصا پنهنجي جاءِ تان هٽيل هئا، ڪي عضوا غائب هئا. ڪلهو ۽ ٻانهن پنهنجي جاءِ تان هٽيل هئا. پٺ، پيٽ ۽ ڄنگهون ڄڻ ڪچلجي ويا هئا. ساڄي ڪن مان رت وهي رهيو هو. آنڊا رت ڇڏي رهيا هئا. مطلب ته منهنجي حالت نهايت ئي خراب هئي. سيپٽمبر ۾ منهنجو وزن ٻه سئو پندرهن پائونڊ هو، جيڪو هينئر گهٽجي هڪ سئو ستيتاليهه پائونڊ ٿي ويو هو جڏهن ته فطري طور تي آئون اڃا تائين ڇهه فوٽ ڊگهو هوس.
    اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر مون کي چيو ته اهڙن خطرناڪ ڦٽن جو علاج رڳو هڪ سٺي سهوليتن واري اسپتال ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. خوش قسمتيءَ سان مون کي ٽن اسپتالن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويو، اهي جيل جي اسپتال، خاص فوج واري اسپتال ۽ فوجي اسپتال هيون. مون بنا ڪنهن هٻڪ جي جيل جي اسپتال جي چونڊ ڪئي. ڇاڪاڻ ته مون سوچيو ته پاڻ کي فوجي اسپتال جي ڪاسائين جي حوالي ڪرڻ بدران اهو بهتر آهي ته اڻپوري سهوليتن واري اسپتال جي چونڊ ڪجي، جڏهن ته اتفاق سان ائين ڪو نه هو.
    ٻين ساٿين جي اڃا به خراب حالت هئي. ڪن جي پيٽ ۾ مشين گن جون گوليون هيون ته اهي گوليون وري ڪن جي هڏين ۾ گهڙي ويون هيون. بهرحال اسپتال جي عملي پاران سٺي سارسنڀال سبب اسين نسبتا ٿوري وقت ۾ ڪافي بهتر ٿي پياسين. پينٽينسيئاريئا جا محافظ پنهنجي عام ڪرت ۾ نهايت سخت هئا. اسان کي صبح جو ساڍي ستين وڳي کولين مان ڪڍيو ويندو هو ۽ شام جو ساڍي پنجين وڳي بند ڪيو ويندو هو. اونهاري جي اوج تي هڻڻ سبب سرن سان ٺهيل اها ننڍي کولي ڄڻ ٻرندڙ تندور بڻجي ويندي هئي. پنهنجا پورا ڪپڙا لاهيندي به اسان کي هتي ايڏي گهڻي وقت لاءِ رهڻو پوندو هو جو انهيءَ سان ڪو به فرق نه پوندو هو. اسان جي حالت انهن راتين ۾ ڏسڻ وٽان هوندي هئي جڏهن اسان جي پيٽن ۾ گڙٻڙ ٿيندي هئي، جيڪا گهڻو ڪري هوندي هئي. جيئن ته اسان کي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي، تنهن ڪري پاڻ کي کوليءَ منجهه ئي هلڪو ڪرڻو پوندو هو.
    ڏينهن ساڳي طرح هڪجهڙا پئي گذريا. کولين جا در کوليا ويندا هئا، حاضري ٿيندي هئي، هٿ منهن ڌوئبا هئا، کولين ۽ گهتين کي صاف ڪندا هئاسين، نيرن ملندي هئي، رات جو کاڌو ملندو هو ۽ شام جي ساڍي پنجين وڳي اندر بند ڪيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اٺين ساڍي اٺين وڳي محافظن طرفان در ڏهن منٽن کن لاءِ وري کوليو ويندو هو ته جيئن قيدي گهٽ ۾ گهٽ پيشاب ڪري سگهن. اها ساڳي ڪرت ڪڏهن صبح جو ٿيندي هئي، جڏهن اردلي انهن همراهن ۾ دوائون ورهائڻ ايندا هئا جن کي ڊاڪٽرن اهي لکي ڏنيون هيون.


    جيل جي زندگي

    جيل جو پادري هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا اسان واري گهٽيءَ ۾ دعا ڪرائيندو هو. اهو همراهه به توڙي پولش هو، پر اسٽيڊيم جي فادر جان وانگر فاشسٽ نه هو. اسان جي گهٽيءَ ۾ 1970ع وارين چونڊن ۾ صدارت لاءِ بيٺل ڪرسچين ڊيمو ڪريٽ اميدوار راڊو هيروٽو جي ڀائٽي سميت گهڻائي ڪيٿولڪ هئا. عبادت جي هڪ ننڍي ميز کي پاڪائي واري نشان سان گڏ اتي رکيو ويندو هو، پوءِ ان کي گلن ۽ ميڻ بتين سان سينگاريو ويندو هو. شام جو ڪنواري مريم کان دعائون گهريون وينديون هيون ۽ اهي سادا سودا گيت جهونگاريا ويندا هئا جيڪي مون لاءِ منهنجي ڪيٿولڪ ننڍپڻ جي لحاط کان ڄاتل سڃاتل هئا.
    ڏينهن ۾ هڪ يا گهڻا ڀيرا اسان جو ”ڇوڪر“، جيڪو اسان جي گهٽيءَ مان گند ڪچرو ميڙي صاف ڪري ويندو هو، اسان سان ملڻ ايندو هو. جيل جي عجيب و غريب روايتن موجب ”ڇوڪر“ اهي ڏوهاري هوندا آهن جن کي ڊگهيون سزائون مليل هونديون آهن ۽ ڪنهن ڪم نه اچڻ سبب جيل انتظاميه پاران کين سادي قسم جا ڪم سونپيا ويندا آهن. گهڻو ڪري اهي اڻ پڙهيل هوندا آهن، سندن نه ڪو مٽ مائٽ هوندو آهي ۽ نه ئي سندن لاءِ ڪا ملاقات ايندي آهي.
    اسان جو ”ڇوڪر“ چاليهه سالن کان وڌيڪ ڄمار جو هو. هو هڪ اڻ پڙهيل هاري هو ۽ سنتياگو ۾ ڪو به مٽ مائٽ ڪو نه هوس. کيس نشي جي حالت ۾ ڪيل جهيڙي ۾ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ويهن سالن جي سزا ڏني ويئي هئي جنهن مان هو چوڏهن سال ڪاٽي چڪو هو.
    هي هڪ مهربان ۽ کلمک قسم جو ماڻهو هو، جيڪو اسان جا گهڻائي ڪارائتا ننڍا ننڍا ڪم ڪري ڏيندو هو. جهڙوڪ هن اسان لاءِ هڪ خالي کوکو ۽ ڪس لڳل ڪجهه ڪوڪا هٿ ڪيا، جنهن مان هڪ ميز يا تاڪ ٺهي پيو سگهي، جيل جي ڪوآپريٽو مان، جتي اسان گهٽي نه ڇڏڻ جي پابندي سبب وڃي نه ٿي سگهياسين، ننڍيون مختلف شيون آڻي ڏيندو هو.
    شروعاتي ڪجهه هفتن دوران اسان پاڻ ۾ پنهنجي ”ڇوڪر“ لاءِ ڪجهه پئسا گڏ ڪيا. بهرحال اڳتي هلي جڏهن اسان سندس ڀروسي جوڳا ٿياسين ته هن اسان کي چيو ته کيس پئسن جي ضرورت ڪانهي. انهيءَ ڪري پئسا ڏيڻ بدران کيس کاڌو ڏيون. اسان راضي ٿي وياسين. اسان جي کاڌي پيتي واري جٿي هفتي ۾ هڪ ڀيرو اسان جي ”ڇوڪر“ لاءِ کولين مان کاڌو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. اهو گهڻو ڪو نه ٿيندو هو، ڇو ته اسان قيدين وٽ پاڻ تمام ٿورو کاڌو هو. بهرحال ڪڻو ڪڻو ڪري اسان ڪجهه ٻڪ چانورن ۽ کنڊ جا، ٿورو گيهه، ڪجهه سگريٽ، ٽماٽا ۽ بصر گڏ ڪري وٺندا هئاسين. کيس گونزيليز سڏيو ويندو هو. هو اهو سڀڪجهه گهڻي خوشي سان قبول ڪري وٺندو هو.
    هن اسان کي ٻڌايو ته سندس گهٽيءَ وارن قيدين کي يقين نه پيو اچي ته گهٽي نمبر 2 ۾ هڪ کوليءَ ۾ ڇهه ڇهه ڄڻا رهن پيا. اها اچرج جوڳي ڳالهه انهيءَ ڪري ڪو نه هئي جو انهن مان هڪ هڪ ڄڻي کي جدا کولي مليل هئي.
    اسان جي ”ڇوڪر“ جون اسان لاءِ خدمتون رڳو انهن ڪمن تائين محدود نه هونديون هيون، جن جو مون هينئر ذڪر ڪيو آهي. سندس گهٽيءَ ۾ رهندڙ ڏوهارين مان گهڻا موچي هئا. گونزيليز وٽن اسان جا ڦاٽل جوتا مرمت لاءِ کڻي ويندو هو. منجهانئن ڪنهن به ڪڏهن انهيءَ ڪم لاءِ اجوري جي گهر نه ڪئي. بيشڪ منجهن، نشي ۾ وڙهندي ڪنهن کي قتل ڪرڻ وارن کانسواءِ عادي ڏوهاري، ڪٺور دل قاتل، زاني، ۽ چور پڻ موجود هئا، پر انهن مان هر هڪ وردي پهريل انهن وحشين کان هزارين ڀيرا چڱو هو، جن نيشنل اسٽيڊيم ۾ اسان تي تشدد ڪيو هو.
    پيني جو کاڌو هضم نه ٿيندڙ ۽ نراسائيءَ جي حد تائين هڪجهڙائي رکندڙ هو. ڪڏهن چقندر جي ڀاڄي هوندي هئي ته ڪڏهن چقندر ڳائي گوشت سان پڪل هوندا هُئا ۽ ڪڏهن انهن کي ٻاڪري گوشت ۾ ملائي رڌو ويندو هو، ڪڏهن اهي چانورن ۾ پيل هوندا هُئا ته ڪڏهن گوبي وغيره سان رڌل هوندا هُئا.. احتجاج ڪرڻ فضول هو. جنتا انهيءَ جي باوجود ته قيدين جو تعداد وڌي رهيو هيو، جيل جي معمولي بجيٽ کي وڌائڻ لاءِ تيار نه هئي.
    جيل جي سربراهه عالمي ريڊ ڪراس ۽ چلي جي امن لاءِ گرجائن واري ڪميٽي جي سهڪار سان پائوڊر واري کير ۽ آنن حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هو، جنهن مٽ مائٽن کان ايندڙ کاڌي جي پارسلن سان گڏجي ڪنهن حد تائين اسان جي خوراڪ کي سڌاري ڇڏيو هو ۽ اسان کي انهيءَ لائق ڪيو هو جو ڪنهن ڏينهن چقندرن مان جان ڇڏائي سگهون. آئون اهو ضرور چوندس ته سومر، اڱاري ۽ ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن اربع واري ڏينهن تي به مائٽن کان آيل کاڌي جي پارسلن ڪري اسان جي ”گهٽي“ وارن مان ڪو به جيل جو کاڌو نه کائيندو هو. پر خميس کان آچر تائين اسان کي ساڳئي جيل واري کاڌي تي گذارو ڪرڻو پوندو هو.


    حواسن جي جنگ

    پيني جي شروعاتي ڪافي ڏينهن دوران جيل جي انتظاميه سماجي ڀلائي جي ڪارڪنن کي اسان سان ملڻ جي اجازت ڏني هئي. اسان کي کانئن پنهنجن ڪٽنبن بابت ڪجهه نه ڪجهه خبر پئي پوندي هئي. پر جلدئي فوجي اختياريءَ وارن انهن تي بندش وجهي ڇڏي. متاثر ڪندڙ نالي واري ”قيدين جي قومي سيڪريٽريٽ“ فوجي آفيسرن جي هڪ گروپ کي مقرر ڪيو، جنهن اهو پڌرو ڪيو ته جيئن ته اسان ”جنگي قيدي“ آهيون، انهيءَ ڪري اسان کي اهي سهولتون نه ملنديون جيڪي ڏوهارين کي مليل آهن ۽ جيل انتظاميه جي سواءِ اسان جي نگراني ڪرڻ جي ٻي ڪا به اهڙي ذميواري ڪانهي جيڪا عام قيدين جي سلسلي ۾ مٿس لاڳو ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري اسانجيون سڀ ضرورتون فوج کي ئي پوريون ڪرڻيون آهن.
    بچاءَ واري وزارت ۽ خاص طور تي سنتياگو جي فوجي جج جيل جي انتظاميه کي مجبور ڪيو ته چوڪسي کي مضبوط ڪرڻ ۽ هر قسم جي جيل جي ٽوڙڻ جي امڪان کي خارج ڪرڻ لاءِ، جيل ۾ فوج کي پڻ گشت تي رکيو وڃي. حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ”جنگي قيدين“ خلاف حواسن واري جنگ جي هڪ نئين مرحلي جي شروعات هئي. رات جو سپاهي بالڪونين مان مشين گنن ذريعي جيل جي بيضوي حصي جي گهٽين ۽ گئلرين کي گهيري وٺندا هئا جتي اسان جون کوليون هيون.
    هن کان اڳ پيني، هڪ نسبتا خاموش ۽ پرسڪون جاءِ هوندي هئي، ان جا رهواسي يا ته جيل جي ڇاپي خاني، بيڪري ۽ فرنيچر ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۾ ڪم تي لڳل هوندا هئا ۽ يا پنهنجي پنهنجي کولين ۾ جوتا ڳنڍڻ، گٽار، ميزبتي، سينگار جو سامان، پٽا ۽ برش، وغيره ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا هئا. راتون به معمول موجب پرسڪون هونديون هيون. انهيءَ ڪري رات جي وقت مشين گنن جي ٺڪائن، گهڻو ڪري ڏوهارين کي پريشان ڪندڙ اثر وڌا. انهيءَ تي، سندن پاران، سپاهين جي جيل مان وڃڻ تائين احتجاج ٿيندو رهيو.
    هڪ ڏينهن جيلن جو ڊائريڪٽر جنرل انرڪيسيا، جيڪو خاص فوج جو رٽائرڊ ڪرنل هو ۽ جنهن مقتول ڪميونسٽ لئري ڪيوائي روگا جي جاءِ سنڀالي هئي، اسان سان ملڻ آيو. هو گهٽي نمبر 2 ۾ ائين داخل ٿيو، جيئن ڪو سيکڙاٽ ٺونشيباز رنگ ۾ داخل ٿيندو هجي. هن اسان کان پڇيو ته ڇا اسان کي جيل انتظاميه سان ڪا شڪايت آهي. اسان کيس نهڪر ۾ جواب ڏنو، پر کيس ٻڌايو ته اسان وٽ ٻئي پاسي فوجي اختياري ۽ فوجي ٽربيونل وارن خلاف گهڻائي احتجاج آهن جن اسان کي ٻاهرين دنيا کان بلڪل ئي لاتعلق ڪري هت رکيو آهي ۽ اسان جي ڪيسن تي پڻ نظرثاني نه پئي ڪئي وڃي. هن اسان کي جيڪي چيو اهو هن ريت هو ته اسان انتظار ڪريون ۽ خوش ٿيون ته ”فوج اسان کي ڪميونسٽن هٿان قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي“. انهيءَ بدمعاش کان اسان رڳو اها رعايت حاصل ڪري سگهياسين جو اسان کي گاسليٽ جي چلهن ۽ پنهنجي ماني پچائڻ لاءِ ٿانو وٺڻ جي اجازت ملي.
    جنگي قيدين جو هڪ ٻيو جٿو نومبر جي آخري ڌاري پهتو. اهي نيشنل اسٽيڊيم جا اڳوڻا قيدي هئا جن کي اسٽيڊيم جي مڪمل طور تي خالي ٿيڻ کان پوءِ چلي اسٽيڊيم ۾ منتقل ڪيو ويو هو. کين گهٽي نمبر 8 ۽ گئلري نمبر 6 ڏنا ويا هئا. جيئن ته مختلف ”گهٽين“ وارن کي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي اجازت نه هئي، انهيءَ ڪري گهٽين ۽ گئلرين جي داخل ٿيڻ واري جاءِ تي ڄارين سان لڳل درن کي لوهي پليٽن ذريعي مضبوطيءَ سان بند ڪيو ويو.
    ذري گهٽ انهيءَ وقت پهرين جنگي قيدين کان خاص فوج، پيدل فوج ۽ هوائي فوج جي پراسيڪيوٽرن، لاڳاپيل آفيسن ۾ پڇاڳاڇا شروع ڪئي. انهيءَ عمل دوران مائٽن ۽ وڪيلن سان ملڻ جي پڻ اجازت ڏني ويئي.
    جنگي قيدين جو ٿورو تعداد هوائي فوج جي عيوضين جي اختيار ۾ هو. ڪيسن جو تمام گهڻو تعداد سنتياگو جي سيڪنڊ ملٽري ٽربيونل جي حوالي هو. ان جي ماتحت سورهن ٻين پراسيڪيوٽرن جون آفيسون ڪم ڪري رهيون هيون جنهن جو مکيه سبب اسان جو تمام گهڻو ڳاڻيٽو هو.
    ڪجهه قيدين کي ملاقاتن جي اجازت ملڻ سبب جيل اختياريءَ وارن لاءِ هڪ مسئلو کڙو ٿي پيو، اهي انهن قيدين کي ٻين سان رکي نه پئي سگهيا. انهيءَ ڪري گهٽي نمبر 2، 8 ۽ 10 ۾ انهن کي رکيو ويو، جن کي ملاقات جي اجازت نه هئي.
    وقت بوقت پراسيڪيوٽر جي آفيس ۾ پڇاڳاڇا کان پوءِ ڪجهه قيدين کي آزاد ڪيو پئي ويو. اهڙي خبر پوڻ تي پوري جيل جا قيدي کانئن گيتن ۽ نيڪ خواهشن ذريعا موڪلائيندا هئا.


    سياسي سرگرمي

    هڪجهڙائي هوندي به جيل جي زندگي سياسي سرگرمين سان ڀرپور هئي. دراصل انهيءَ کان سواءِ اسان رهي به نه ٿي سگهياسين. اسان پڙهيو، بحث مباحثا ڪيا، خبرن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اخبارن تي بحث ڪيوسين. اسان کي پنهنجي جيل مان آزاد ٿيڻ بابت ايڏو گهڻو فڪر نه هو، جيترو انهن ساٿين بابت هو، جيڪي زير زمين فاشزم خلاف جنگ منظم ڪري رهيا هئا. سياسي مواد تي بندش هئڻ سبب اسان پنهنجي يادگيريءَ مان پڙهندا هئاسين. ”جنگي قيدين“ جو حوصلو ۽ سندن انقلابي جوش هميشه اوج تي هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو اڪيلو ۽ خاموش ٿي پنهنجي خاندان بابت سوچڻ لڳندو هو ته ٻيا سڀئي ترت ئي کيس همٿ ڏيارڻ ۽ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
    انهيءَ سياسي سرگرمي کانسواءِ اسان جو وقت ڪپڙن ڌوئڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ ۽ شطرنج وغيره کيڏڻ ۾ گذرندو هو. خراب ترين وقت کولين ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ هوندو هو. گرميءَ سان ساهه پيو ٻوساٽبو ۽ پيٽ ۾ وٽ پيا پوندا هئا. جيڪڏهن ڪو رات جي وقت پڙهڻ چاهيندو هو ته رات جو بجلي ڪٽجي وڃڻ سبب کيس ميڻ بتين جو وڏو ڍير رکڻو پوندو هو.
    اسان سڀئي جيتوڻيڪ نيشنل اسٽيڊيم مان آيا هئاسين پر گهڻن جي هتي هڪ ٻئي سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي هئي. اسان کي بنا ڪنهن شڪ جي اها ڄاڻ هئي ته هر گهٽيءَ ۾ فوجي جاسوسي کاتي (SIM) جو هڪ لڪل ماڻهو موجود آهي. انهيءَ جو مطلب اهو هو ته اسان کي هر ممڪن طور اها ڪوشش ڪرڻي هئي ته جيئن اڻ سڃاتل مخبر شڪ ۾ نه پئي. پر اسان منجهه، پوءِ ڀلي ڪميونسٽ هجن، سوشلسٽ، پاپولر يونٽي بلاڪ جي پارٽين جا ميمبر هجن، يا کاٻي انقلابي تحريڪ سان واسطو هجي، يا ڪنهن به جماعت سان لاڳاپيل نه هجن، مختصر ته جيڪي به فاشسٽن جي قيد ۾ هئا ۽ جن عوام جي عظيم مقصد لاءِ ويڙهه ڪئي هئي، انهن ۾ هڪ اچرج جوڳي ٻڌي ۽ ڀائپيءَ واري ايڪتا پيدا ٿي پيئي هئي.


    پراسيڪيوٽر

    ڏينهن گذرندا رهيا پنجين ڊسمبر تي مون کي پراسيڪيوٽر ۽ عدالت جي هڪ ڪلارڪ جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو جن جيل جي هڪ ڪمري ۾ پنهنجي ڪارروائي هلائي پئي. پراسيڪيوٽر خاص فوج جي هيڊ آفيس يا وڌيڪ صحيح نموني ائين کڻي چئجي ته سنتياگو فوجي عدالت جي آڊيٽر سروس مان آيل هڪ سول وڪيل هو. جڏهن ته عدالت جو ڪلرڪ فوج جو هڪ نوجوان وڪيل هو. پهرين ته انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي آئون سمجهي نه سگهيس ته منهنجو ڪيس فوجي ٽربيونل ۾ پيش ٿيڻ بدران پراسيڪيوٽر جي سامهون پيش ٿيو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو هو ته مون تي امن جي وقت ڪيل ڏوهن بابت فوجي قانون جي ضابطن هيٺ ڪيس هلايو ويندو ۽ وڌيڪ اهو ته مون تي عام فوجي عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو، جيڪا فوجي آفيسرن جي ٽربيونل بدران، جنهن جو ڪم سڀني قانوني اصولن کي هڪ پاسي رکي رڳو حڪم مڃيندي، اڳواٽ ئي طئه ڪيل سزا ٻڌائي ڇڏڻ آهي ۽ جيڪي رڳو پنهنجي خونخوار خصلت جو پورائو ڪندا آهن، پيشه ور قانوندانن تي مشتمل هوندي. عام فوجي عدالتن جو عمل، فاشسٽ آمريت جي ماتحت ڪم ڪرڻ جي باوجود، ڪنهن حد تائين مختلف هوندو آهي. سندن ڪجهه جج ۽ وڪيل اهو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين قانون جو وڏو احترام آهي ۽ اهڙي ريت اهي جنگ وارن ٽربيونلن جي اٿاهه ڏاڍ ۽ ظلم کان پري رهندا آهن.
    مون کي ڏوهه پڙهي ٻڌايا ويا. انهن ۾ اهڙو ڪو به لفظ نه هو ته آئون هڪ سوويت جاسوس، غدار، بين الاقوامي ڪميونزم جو ايجنٽ وغيره آهيان. هينئر فوج جي انصاف واري کاتي پاران مڙهيل ڏوهه وڌيڪ مضبوط ۽ حقيقت تي ٻڌل هئا. هنن پڙهيو: ”چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي ڪميشن جو رڪن، ايل سگلو جو اڳوڻو ايڊيٽر انچيف، چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي نظرياتي ۽ سياسي پرچي لاس پرنسيپيوس جو ايڊيٽر انچيف، هڪ ڪميونسٽ جنهن پريس ذريعي سرگرميءَ سان ڪميونزم کي ڦهلايو، آلندي جو هڪ پگهاردار پروپئگنڊا ڪندڙ، جيڪو ساڻس صدارت سنڀالڻ جي وقت کان وٺي گڏ هو“. اهو اڳوڻن مڙهيل ڏوهن جي بلڪل ئي ابتڙ هو. تهمتن ۽ اجاين ڏوهن مڙهڻ بدران هڪ جائز ۽ صحيح ڏوهه ٻڌايو ويو هو. اهو سچ آهي ته آئون هڪ ڪميونسٽ آهيان. زيڪا بيرين ۽ نرودا جي پارٽي جي ميمبري منهنجي حياتيءَ جو مطلب ۽ مشن آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي منهنجي در تي هنيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اهو ئي منهنجو ڏوهه آهي ته پوءِ مون کي انهيءَ تي فخر آهي.
    ڪلارڪ جڏهن ”ڏوهه“ پڙهيا پئي تڏهن مون ياد ڪيو ته ٺيڪ هڪ مهينو پوءِ پنجين جنوري تي مون کي پارٽي ۾ شامل ٿئي پورا پنجويهه سال ٿيندا. مون مشڪل سان ئي ڪڏهن انهن اڻ ڳڻين قانوني حوالن کي ٻڌو هوندو جيڪي منهنجي ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنا پئي ويا. منهنجو ذهن انهيءَ ڳالهه ۾ رڌل هو ته اهي سال منهنجي ذات ۽ پارٽي لاءِ، جيڪا تمام شاندار ۽ سورهيائي واري نموني ڪم ڪري رهي هئي، ڪيترا نه اهم هئا.
    پراسيڪيوٽر صاف طور انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪيو ته بچاءَ ڪندڙ جو ذهن ڪنهن ٻئي پاسي آهي. هن مون کي چتاءُ ڏنو ۽ ڪلارڪ کي ڏوهه ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيائين. ”انصاف“ جي اها گهرج هئي ته انهيءَ سڄي فوجي قانوني ڪارروائي جي دولاب کي سڀني رسمي ڪاررواين سان پورو ڪيو وڃي ته جيئن اهو سڀ ڪجهه قانون ۽ انصاف جي اصولن موجب لڳي. هڪ وزني فائل تي اهي لافاني لفظ اڪريل هئا: ”چلي جي فوج روجاس جي مقابلي ۾“. مواد کي مٿان کان هيٺ تائين پڙهڻ واري قابليت جي ڪري، جيڪا مون پنهنجي اخبار جي ڪم وارن سالن ۾ حاصل ڪئي هئي، پهرئين صفحي کي مان آسانيءَ سان پڙهي ويس. انهن ۾ بيوئن رجمنٽ جي رپورٽ هئي. جنهن ۾ منهنجي حياتيءَ جي اهم واقعن کان سواءِ انهن حالتن جو به ذڪر هو جيڪي منهنجي گرفتاريءَ وقت پيش آيون هيون. اهو ڳاڙهي مس سان وڏن اکرن ۾ لکيل ٻن لفظن ”خطرناڪ انتهاپسند“ سان ختم ٿي ٿيو. انهيءَ جي هيٺان ننڍن اکرن ۾ لکيل هو ”ڪورٽ مارشل ڪرڻ گهرجي“.
    جيئن ئي ڪلرڪ پڙهڻي پوري ڪئي، پراسيڪيوٽر پنهنجي پڇاڳاڇا شروع ڪئي. هن مون کي صلاح ڏيڻ شروع ڪئي ته مان وڪيل ڪري پنهنجو پيسو ضايع نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته اسان کي سرڪار پاران مقرر ڪيل بچاءَ وارا وڪيل به ملي سگهن ٿا. هن پوءِ فوجي عدالتن جي غيرجانبداري بابت هڪ فصيح ۽ بليغ تقرير ڪئي.
    مون انهيءَ مهربانيءَ لاءِ سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي ”غيرجانبداري“، سرڪار پاران مقرر ڪيل وڪيلن جي قابليت ۽ فوجي ٽريبونلن جي ڪميونسٽن ۽ ٻين وطن دوستن سان ورتاءُ بابت منهنجا پنهنجا خيال آهن. انهيءَ ڳالهه پراسيڪيوٽر ۽ کانئس وڌيڪ ڪلرڪ کي ڪاوڙائي ڇڏيو. سندن واتن مان گڦ ۽ گارين جو اهڙو وسڪارو شروع ٿي ويو، جيڪو مون نيشنل اسٽيڊيم مان اچڻ کان پوءِ نه ٻڌو هو. آهستي آهستي هو ماٺ ٿيا ۽ ”قانوني انصاف“ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مون کان پڇاڳاڇا شروع ڪيائون.
    مون کين ٻڌايو ته مون کي ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبر هئڻ جو اعزاز مليو آهي. پنهنجي پوري نظرياتي پختائي سان مون پارٽيءَ جي پاليسين جي سندن آڏو وضاحت ڪئي ۽ انهيءَ هٿ ٺوڪئي ڏوهه کي پوري طرح رد ڪيو ته ڪو ڪميونسٽن فوج جي آفيسرن کي سندن خاندانن ساڻ قتل ڪرڻ لاءِ ”زيڊ“ رٿا تيار ڪئي هئي.
    جنهن وقت مون ڳالهايو پئي، پنهنجي خيالن جي وضاحت پئي ڪئي، ۽ هر انهيءَ ڏوهه کي رد پئي ڪيم، جيڪي منهنجي پارٽي تي لڳايا ويا هئا ته پراسيڪيوٽر ۽ ڪلرڪ اهو پئي ڏيکاءُ ڏنو ته، هو اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيا هئا، جڏهن ته حقيقت ۾ هو غير ضروري ڪاغذن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا. منهنجي ڪلاڪ کن ڳالهائڻ کان پوءِ پراسيڪيوٽر رڙ ڪندي مون کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته ”بس ڪر بدمعاش، گهڻي ڳاڙهي پروپئگنڊه ڪٿي اٿئي. پڇاڳاڇا ختم ٿي“.
    هن ٻاهر اوسيئڙي ۾ بيٺل محافظ کي سڏيندي کيس حڪم ڏنو ته ”قيدي کي واپس وٺي وڃ ۽ جيئن پهرين هو ائين ئي رکوس“.
    ”تنهن جو مطلب آهي ته مون کي اڃا تائين به ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويندو“.
    ”ها“
    ”پر منهنجو خيال آهي ته پنجهٺ ڏينهن ڪافي آهن. مون انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏني آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ملاقاتن ڪرڻ جو مون کي حق آهي“.
    ”اهو فيصلو توکي ناهي ڪرڻو، اهو اسان جو ڪم آهي“. پوءِ هن محافظ کي مخاطب ٿيندي ورجايو ته ”هن کي واپس وٺي وڃ ۽ ٻئي بدمعاش کي آڻ“. انهن لفظن سان هن محافظ کي ٻئي قيديءَ جي نالي جو لکيل ڪارڊ ڏنو.
    دروازي وٽ پهچي پٺتي مڙي پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيم ته ”مون کي لاتعلقي واري انهيءَ حالت مان نڪرڻ ۽ ملاقاتن جو پورو حق حاصل آهي“.
    ”اهو منهنجي فيصلي ڪرڻ جو معاملو آهي ۽ مون اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو. مون کي مکڻ لڳائڻ بند ڪر، تون بدمعاش ڪميونسٽ“.
    گهٽي نمبر 2 ۾ منهنجا ساٿي بيچيني سان منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. هنن مون کان پڇڻ شروع ڪيو ته آخر مون کان ڪهڙا سوال پڇيا ويا، خاص طور تي اهو ته آيا منهنجي لاتعلقي واري حالت ختم ٿي ۽ مون کي ملاقات جي اجازت ملي.
    رات جو بند ٿيڻ کان ٿورو اڳ مون محافظن جي ڪارپورا کي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ چيو ته پراسيڪيوٽر منهنجي ملاقات جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ڇا فيصلو ڪيو آهي. هو محافظن جي ڪمري ۾ رجسٽر کڻي ويو ۽ انهيءَ ڏينهن تي مون ٻيهر کيس نه ڏٺو.


    وڪيل

    ٻه ڏينهن پوءِ، ستين ڊسمبر تي هڪ سارجنٽ آيو:
    ”روجاس تنهنجو وڪيل توسان ملڻ ٿو گهري“. هن چيو.
    ”انهيءَ جو مطلب ته مون کي ملاقات جي اجازت ملي ويئي آهي؟“.
    ”بلڪل، انهيءَ ڏينهن کان جڏهن توکان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي هئي. ڇا هنن توکي نه ٻڌايو آهي؟“.
    ”نه سارجنٽ“.
    ”ٺيڪ آهي، اهو هاڻي ٿي ويو“.
    ”وڪيل ڪير آهي؟“
    ”فوجداري قانون واري اداري جو ڊائريڪٽر، پروفيسر جوليو زينٽينو آهي. تون کيس سڃاڻين؟“.
    ”آئون نٿو چئي سگهان ته آئون کيس سڃاڻان يا نه، سارجنٽ“.
    ”ڪا ڳالهه ناهي، آئون توهان جي هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ڪرائيندس“.
    ملاقاتين جي ڪمري ڏانهن ويندي مون پاڻ کي تمام گهڻو پريشان پئي محسوس ڪيو. مون کي وڪيل جي نالي جي به خبر نه هئي. ڇا هو ”موميو * (* موميو- چلي جي سياست ۾ ساڄي ڌر جو هڪ انتهائي قدامت پرست ڌڙو آهي. پر انهيءَ جو مطلب سندن لازمي طور فاشسٽ هجڻ نه آهي.“) آهي؟ فاشسٽ آهي؟ جنتا جو ايجنٽ آهي؟ SIM جو ماڻهو آهي؟ اليئا کيس مقرر ڪيو آهي؟ يا پارٽي موڪليو آهي؟ کيس منهنجو وڪيل ڀائٽو پيڊرو به ته موڪلي سگهي ٿو؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري رهيا هئا.
    سارجنٽ مون کي ننڍي قد جي هڪ گنجي پوڙهي ماڻهوءَ سان متعارف ڪرايو. جنهن حيرت انگيز طور تي مون ۾ بي يقيني پيدا نه ڪئي.
    بنا ڪنهن هٻڪ جي زينٽينو مون کي پيار ڪيو ۽ چيائين ته ”تون شايد يقين نه ڪرين ڊان رودريجو پر مون کي، تون جيترو سمجهين ٿو، انهيءَ کان به وڌيڪ تو بابت ڄاڻ آهي“.
    ”سائين زينٽينو ڇا توهان جو واسطو پوليس سان آهي“.
    ”مون کي خبر هئي ته تون ائين سوچيندين. مون کي تنهنجي گهرواري ۽ تنهنجي ڀائٽي پيڊرو ميڊرانو، جيڪو منهنجو قانون جو شاگرد آهي، اڳيئي اهو ٻڌائي ڇڏيو هو. آئون تنهنجي انهن شڪن ۽ شبهن کي سمجهي سگهان ٿو. توکي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان لاتعلق رکيو ويو آهي. توکي ڪا به خبر ناهي ته ڇا پيو وهي واپري ۽ پوءِ اوچتو هڪ شخص اچي ٿو ۽ توکي چئي ٿو ته آئون تنهنجو بچاءُ جو وڪيل آهيان. پريشان نه ٿي آئون پوليس وارو نه پر وڪيل آهيان. اسان کي توسان اسٽيڊيم ۾ ٿيل سڄي سلوڪ جي ڄاڻ آهي ۽ تون يقين ڪر آئون نهايت خلوص سان اهو چوان ٿو ته اسان کي توهان لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي“.
    ”توهان جي مهرباني، پر توهان جمع واري صيغي ۾ ڇو پيا ڳالهايو. ”اسان“ سان توهان جو ڇا مطلب آهي“.
    ”ٺيڪ آهي، مون ڳالهه اڃا تائين کولي بيان نه ڪئي آهي. رڳو مان توهان جو وڪيل نه آهيان، پر مان پنهنجي هڪ اهڙي ساٿي جي مدد ڪري رهيو آهيان جنهن کي توهان جي ڪيس وڙهڻ لاءِ چيو ويو آهي. اهو اچي نه پئي سگهيو، انهيءَ ڪري مون کي موڪليائين ته جيئن مان اوهان سان ڪجهه شروعاتي ڳالهيون ڪري وٺان. ايوگنيئيو اوهان کي پنهنجا سلام موڪليا آهن ۽ توهان کي اهو ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي ته فوجي عدالت پاران پيدا ڪيل مڙني رڪاوٽن جي باوجود اوهان پرسڪون رهو اسان توهان جو فائل ڏٺو آهي، اوهان جي زال سان انهيءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان کي پورو يقين آهي ته اوهان کي آزاد ڪرائي وٺبو“.
    ”مان آزاد ٿيندس؟ سائين زينٽينو پڪ اوهان ڀوڳ ڪري رهيا آهيو، پنوشي جا لوسي جاسوس ڪتا يقينن مون کي هن ريت ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا“.
    ”اهو ڏسڻو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته هو توکي ڏوهاري ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. ڏوهه سياسي آهي. ڊان روڊريجو اوهان جيڪڏهن ڪنهن اخلاقي ڏوهه ۾ شامل هجو ها ته هڪ موميو جي حيثيت ۾ مان جيڪر آڱر مٿي ڪرڻ جي به تڪليف نه ڪريان ها. پر مون کي اهو ورجائڻ ڏيو ته ڏوهه سراسر سياسي آهن ته توهان ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي ڪميشن جا ميمبر آهيو، ايل سگلو جا ايڊيٽر انچيف رهي چڪا آهيو، نظرياتي پرچي لوس پرنسيپوئس جا ايڊيٽر انچيف آهيو ۽ اوهان صدر جي عملي ۾ شامل هئا. اوهان نه ڪنهن کي قتل ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪا شيءِ چوري ڪئي آهي. مون کي هڪ ڀيرو وري چوڻ ڏيو ته مان رڳو حق جي پاسي آهيان“.
    ”۽ توهان ساڄي ڌر سان پڻ واسطو رکو ٿا“.
    ”يقينن، پر هڪ موميو ۽ نه هڪ فاشسٽ“.
    ”ٺيڪ آهي سائين زينٽينو، پر توهان اڃا تائين هر شيءِ جي وضاحت ناهي ڪئي. منهنجي وڪيل جنهن پنهنجا سلام موڪليا آهن، ڪهڙو ماڻهو آهي“.
    ”معاف ڪجو، مون اوهان کي نه ٻڌايو ڇا؟ اهو منهنجو ساٿي پروفيسر ايوگنيو ويلاسڪو ليٽليئر آهي“ ” ڇا اهو ساڳيو ايوگنيو ويلاسڪو جيڪو قانون جي شعبي جو ڊين آهي ۽ فريٽا جو الجزائر ۾ سفير رهي چڪو آهي؟“.
    ”بلڪل اهو ساڳيو ماڻهو“.
    ”منهنجي حيرت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي“.
    ”ايوگنيو مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن اوهان کي اها خبر پوندي ته هن اوهان جو ڪيس کنيو آهي ته اوهان يقيني طور تي حيران ٿيندا“.
    ”مون کي اهو ضرور چوڻ گهرجي ته جڏهن آئون اخبار جو ايڊيٽر انچيف هوس ته اسان انهن ماڻهن جي حمايت ۾ ڀرپور مهم هلائي هئي، جيڪي يونيورسٽي ۾ سڌارا آڻڻ جي حق ۾ هئا. انهيءَ جو مطلب ايوگنيو ويلاسڪو جي مخالفت ڪرڻ هو، جيڪو يونيورسٽي جي ٺپ رجعت پسندن جو عيوضي هو، اها ڪا گهڻي پراڻي ڳالهه ڪانهي“.
    ”بلڪل ائين ئي آهي ڊان روڊريجو، ايوگنيو توهان جي زال کي اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ جنهن کي هڪ ڪميونسٽ اخبار پاران تمام گهڻو ننديو ويو هجي، انهيءَ اخبار جي ايڊيٽر انچيف جو وڪيل ٿي، عدالت ۾ سندس بچاءَ ڪرڻ بلڪل خلاف قياس ڳالهه ٿيندي. پر هو ائين ڪندو، جو سندس چوڻ آهي ته اوهان جي خلاف رڳو سياسي الزام ئي لڳائي سگهجن ٿا. مان اوهان جي ذهن کي شانت ڪرڻ لاءِ اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته اوهان جي گهرواريءَ سان ڳالهائيندي پروفيسر ويلاسڪو چرچي طور اهو چيو هو ته تنهنجو مڙس مون کي سي آءِ اي جو ايجنٽ سڏيندو هو. پر هاڻي جڏهن مون عدالت ۾ سندس بچاءَ لاءِ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته گهڻا ڄڻا مون کي ماسڪو جو ايجنٽ سڏيندا، پر ڪا به تهمت منهنجي لاءِ تڪليف ڏيندڙ نه آهي، آئون انهيءَ لاءِ بلڪل تيار آهيان، اوهان جو مڙس اخلاقي ڏوهاري ڪونهي، مٿس مڙهيل ڏوهن جو سبب رڳو سندس پارٽيءَ ۾ اهم عهدي تي هئڻ آهي اوهان سوچيو، سائين روجاس ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن نظرئي جو پرچار ڪرڻ ڪو ڏوهه ته ڪونهي“.
    ”بلڪل صحيح سائين زينٽينو، اهو ڏوهه ڪونهي، پر انهيءَ ڳالهه کي نه وساريو ته فاشسٽن، جن اقتدار ڦٻايو آهي، هزارين محب وطن ماڻهن کي رڳو ڪنهن نظرئي رکڻ سبب ختم ڪري ڇڏيو آهي. تون حق جي پاسي آهين سائين زينٽينو، پر اسان جي ملڪ ۾ حق سان ناحق ڪيو ويو آهي. پنوشي ۽ سندس ٽولي چلي کي هڪ پوليس رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. فوجي ٽريبونلن ۾ هلندڙ مقدما، انصاف جي منهن تي چماٽ ۽ قتل جي عدالت جي پردي پوشي ڪرڻ جو ذريعو آهن“.
    ”ٺيڪ آهي“ ڊان روڊريجو، اوهان چلي جي هاڻوڪن حاڪمن کي جيڪي چاهيو، چئي سگهو ٿا. اهو هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ اوهان جو حق آهي. پر مان سياست جي انهيءَ ”ڇو“ ۽ ”ڇا“ ۾ وڃڻ نٿو چاهيان ۽ نه ئي مون کي وڃڻ گهرجي. مان سياستدان نه آهيان، هڪ وڪيل آهيان، جنهن جو فرض پنهنجي اثيل کي قانوني مدد مهيا ڪرڻ آهي. اوهان پڪ ڪريو ته اوهان آزاد ٿي ويندو“.
    ”جيتوڻيڪ منهنجو اوهان جي يا پروفيسر ويلاسڪو جي اعليٰ پيشه ور صلاحيتن بابت ڳالهائڻ جو ڪو ارادو ڪونهي، پر مون کي هڪ ڀيرو اهو چوڻ ڏيو ته منهنجو فوجي ٽريبونلن ۾ بلڪل ئي ويساهه ڪونهي. جيتوڻيڪ اوهان کي هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ اها هڪ ڊيڄاريندڙ ڳالهه لڳندي، پر منهنجي نظر ۾ فوجي ٽريبونلن جون سزائون مقدمي شروع ٿيڻ جي وقت يا ان کان به اڳواٽ طئي ٿي وينديون آهن“.
    ”ڊان روڊريجو مون کي چوڻ ڏيو ته مان توهان سان سياست تي نٿو ڳالهائي سگهان“.
    ”اهو ممڪن آهي ته پنوشي ۽ اريلانو کي انهيءَ ۾ ڪو فائدو ڏسڻ ۾ اچي ته فوجي ٽريبونلن ذريعي کاٻي ڌر جي ڪنهن اڳواڻ کي آزاد ڪري هڪ آزاد ۽ انصاف واري عدالتي ڪارروائي جو تاثر پيدا ڪجي. پر جيستائين منهنجو واسطو آهي، ڊان جوليو، آئون ڪو نه ٿو سمجهان ته اهو مون سان ٿيندو. مون کي سائيڪلنگ پٽي تي ٿيل تشدد ۽ پوءِ پيني موڪلڻ ڪو چرچو ته ڪونهي. آئون هتي فقط انهيءَ ڪري آهيان جو آئون ڪميونسٽ پارٽي جو هڪ اڳواڻ آهيان. مون تي مڙهيل ڏوهه اخلاقي نه پر پوري ريت سياسي آهن“.
    ”بلڪل صحيح آهي، سائين روجاس، اوهان تي آلندي انتظاميه جي تحت ٿيل سياسي سرگرمين جي سلسلي ۾ ئي مقدمو هلايو ويندو“.
    ”سائين زينٽينو، مون کي خبر ناهي ته منهنجي زال ۽ پروفيسر ويلاسڪو ڪهڙي ڳالهه تي متفق ٿيا آهن. پر آئون توهان کي هينئر ئي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه هڪ وڪيل مقرر ڪرڻ جي عام ڳالهه کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه هوندو ته پوءِ آئون انهيءَ سان ٻڌل نه رهندس“.
    ”اهڙي قسم جو ڪو به ٺاهه ڪو نه ٿيو آهي. جنهن جو توکي ڊپ آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ٺاهه ٿي سگهيو ٿي. پروفيسر ويلاسڪو کي تنهنجي زال پاران رڳو هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو ڪهڙي به ريت اهو مطلب ناهي ته توکي هينئر يا پوءِ ڪي سياسي رعايتون ملن جي توقع آهي“.
    ”جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آئون مطمئن آهيان. آئون صدر آلندي ۽ پنهنجن هزارين ساٿين جي قاتلن کان مليل ڪنهن به قسم جو رحم ۽ معافي نه قبول ڪري سگهان ٿو ۽ نه ئي ڪندس“.
    ”توکي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. اهڙي قسم جو ڪو به خيال نه منهنجي ذهن ۾ ۽ نه ئي پروفيسر ويلاسڪو جي ذهن ۾ آهي. اسان اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ بنا تنهنجو بچاءُ ڪنداسين“.
    ”بلڪل ٺيڪ، پر سائين زينٽينو انهيءُ ڳالهه کي نه وسارجو ته جنهن ڳالهه لاءِ مون کي ڏوهاري ٺهرايو ويو آهي، اها بلڪل حقيقت آهي. آئون بيشڪ ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ، هڪ ڪميونسٽ صحافي يا جيئن ڏوهه نامي ۾ چيو ويو آهي ته پريس وسيلي ڪميونزم جو سرگرم پرچار ڪندڙ آهيان“.
    ”ها سائين روجاس، اسان کي سڄي خبر آهي. توتي رڳو اهو ئي واحد ڏوهه آهي، جنهن جي ڪري پروفيسر ويلاسڪو تنهنجو ڪيس کڻڻ تي راضي ٿيو“.
    ”آئون توهان جي لاءِ هڪ ڏکيو اصيل ٿي سگهان ٿو. آئون اوهان کي هن وقت ئي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته آئون نه رڳو پاڻ تي ذاتي طور مڙهيل ڏوهن جي پوري ذميواري پر پارٽي جي سياسي ڪم ۾ به پنهنجي حصي جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيان“.
    ”پر انهيءَ سان ته تنهنجي لاءِ وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿي پوندا“.
    ”مون کي اهو ورجائڻ ڏيو ته آئون هتي وندر لاءِ نه پر انهيءَ ڪري آهيان جو مون کي چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. منهنجي ٻي ڪا به اهميت ڪانهي. منهنجي وڪيلن کي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته عدالت ۾ آئون نه پر منهنجي پارٽي پيش ٿي رهي آهي“.
    ”بلڪل ٺيڪ آهي سائين روجاس، اوهان جي زال به پروفيسر ويلاسڪو کي ساڳي ڳالهه چئي هئي جيڪا هينئر اوهان مون کي چئي رهيا آهيو“.
    ”اها نهايت شاندار ڳالهه آهي. انهيءَ جو مطلب ته جوابدار ۽ سندس وڪيلن ۾ ڪنهن به قسم جي غلط فهمي پيدا نه ٿيندي“.
    ”صحيح، تون اسان تي ۽ خاص طور ايوگنيو تي ڀروسو ڪري سگهين ٿو، هو گهڻي دلچسپيءَ سان تنهنجي ڪيس جو مطالعو ڪري رهيو آهي. تنهنجي گهرواريءَ ۾ ٻين کي قائل ڪرڻ جي گهڻي صلاحيت آهي. اها ڳالهه اچرج جوڳي آهي ته ايوگنيو کي هڪ اهڙي اخبار جي ايڊيٽر جي بچاءَ لاءِ تيار ڪجي جنهن مٿس جلهون ڪيون هجن. هڪ ٻي ڳالهه جنهن جي توکي خبر نه آهي ته ايوگنيو ڪڏهن به ڪو ڪيس نه هارايو آهي“.
    ”اها تمام سٺي ڳالهه آهي، پر هو ديواني قانون جو ڄاڻو آهي، جنهن جو هن مقدمي سان ڪو واسطو ڪونهي“.
    ”انهيءَ جو فڪر نه ڪر، وقت ڪيئن نه اڏامندو ٿو وڃي. مون کي اڳيئي دير ٿي ويئي آهي. اڃا مون کي شهر وڃڻو آهي. ڪا خاص شڪايت؟“.
    ”ها، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ جيل اختياري وارن کي اها خبر ئي ڪانهي ته مون کي ملاقاتن جي اجازت ملي ويئي آهي ۽ هنن مون کي اڃا تائين گهٽي نمبر 2 ۾ ”لاتعلق“ ڪري رکيو آهي. مون کي، کين گئلري نمبر 6 ۾ موڪلڻ گهرجي، جتي انهن قيدين کي رکيو ويو آهي جن کي ملاقات جي اجازت آهي. انهيءَ کان پوءِ ئي آئون گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي خاندان سان ملي سگهندس“.
    ”تون فڪر نه ڪر، آئون اهو مسئلو نبيرائي ٿو ڇڏيان. وڃڻ کان اڳ آئون انهيءَ مسئلي تي جيل جي گورنر يا وڏي محافظ سان ڳالهايان ٿو“.
    ”مهرباني، سائين زينٽينو ۽ مهرباني ڪري سائين ويلاسڪو کي اسان جي ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌائي ڇڏجو“.
    ”يقينن، جيتوڻيڪ آئون پوڙهو ٿي ويو آهيان پر منهنجي يادداشت اڃا برابر ڪم ڪري رهي آهي. آئون تنهنجو چيل هر لفظ ياد رکي سگهان ٿو“.
    ”هڪ ٻيو سوال زينٽينو سائين، ڇا منهنجي زال کي اها خبر آهي ته مون کي ملاقات جي اجازت مليل آهي“.
    ”کيس هاڻي خبر پئجي ويندي، جو ايوگنيو ساڻس ملڻ جو ارادو رکي ٿو. آئون پڻ کيس فون تي اهو ٻڌائي ڇڏيندس“.
    ”مهرباني“.
    ”ڊان روڊريجو، تنهنجي زال نهايت همٿ واري عورت آهي. مون کي پڪ آهي ته هو پاڻ توکي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائيندي، جيڪو هن گذريل مهينن ۾ تنهنجي زندگي بچائڻ ۽ توکي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيو آهي. خيالن ۾ گم نه ٿي وڃ، موٽي اچ“.
    ”معاف ڪجو، آئون پنهنجي ڌيئرن ۽ سندس بابت سوچن کان پاڻ جهلي نٿو سگهان“.
    ”آئون سمجهان ٿو. توکي پڪ هئڻ گهرجي ته تون جلدئي پنهنجي زال ساڻ هوندين ۽ هڪ خوشگوار گهرو زندگي گذاري رهيو هوندين“.
    ”چليءَ جي ماڻهن کي مڪمل طور تي خوشگوار گهرو زندگي، هن وقت ڪيئن ٿي ملي سگهي، جڏهن فاشزم رت وهائي ۽ ظلم ڪري رهيو آهي“.
    ”ڪا به شئي مستقل نه آهي“.
    ”ڪو به شخص اسان جي عوام کي سندن گوڏن ڀر نٿو جهڪائي سگهي“.
    ”ڪنهن به ماڻهو کي سندس گوڏن ڀر نٿو جهڪائي سگهجي، ڊان روڊريجو“.
    ”ٺيڪ آهي سائين زينٽينو، هر ڳالهه لاءِ مهرباني. مون کي توهان يا سائين ويلاسڪو کان وڌيڪ خبرن جو انتظار رهندو“.
    ”سدائين گڏ“.
    مون کي وري گهٽي نمبر 2 ڏانهن اماڻيو ويو، جيل اختياري وڪيل جي ملاقات جي باوجود به اڃا تائين ظاهري طور مون کي لاڳيتو لاتعلق پئي رکيو. بهرحال، مشڪل سان ڪي ٻه ڪلاڪ گذريا هوندا جو جيل جو وڏو محافظ ليفٽيننٽ مڊالگو آيو ۽ چيائين:
    ”هڪ وڪيل توسان ملڻ ٿو چاهي روجاس“.
    ”ڇا ٻيهر! پر هينئر ئي ته مون هڪ ڄڻي سان ڳالهايو آهي“.
    ”هن وقت اهو ٻيو ڪو آهي“. هن چيو.


    اليئا

    بلڪل صحيح هو. اتي هڪ ٻيو وڪيل، منهنجو ڀائيٽو پيڊرو ميڊرانو موجود هو. پر هو اڪيلو نه هو. ساڻس گڏ هڪ ٻيو ملاقاتي، مون کي اچرج ۾ وجهندڙ، منهن جي زال اليئا هئي جنهن کي 11 سيپٽمبر جي ڏکوئيندڙ ڏينهن، جڏهن آئون لڪي ويو هوس، کان پوءِ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هوس. جيتوڻيڪ پاڻ ڪمزور پئي لڳي. پر آئون منجهس هڪ وڏي اندروني قوت محسوس ڪرڻ کان سواءِ سندس اکين ۾ اعتماد ڏسي رهيو هوس. کيس هڪ وڙهندڙ ڪميونسٽ ۽ فاشزم خلاف جنگ جوٽيندڙ جي حيثيت ۾ پنهنجي ذميواريءَ جو پورو احساس هو.
    اسان هڪ ٻئي کي پيار ڪيو ۽ هن پنهنجي عام شفيق انداز ۾ مون کي اسان جي ڌيئرن بابت ٻڌايو. پوءِ اسان پنهنجن دوستن ۽ ساٿين بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس آواز ۾ ان وقت هڪ اڻڄاتل سختي اچي ويئي جڏهن هن انهن ساٿين جو ذڪر ڪيو، جن کي ختم ڪيو ويو هو. مون کي پيار سان ڏسڻ مهل سندس اکين مان هڪ خاص ڏک جو اظهار ٿي رهيو هو ته ”ايترو ڪمزور ۽ پوڙهو پيو لڳين“. مون سوچيو ته اهو چڱو ٿيو جو جيل جي اسپتال ۾ مون پاڻ ۾ ڪجهه سڌارو آندو آهي. جيڪڏهن هو مون کي اسٽيڊيم جي پوين ڏينهن ۾ ڏسي ها ته جيڪر ڏک ۾ چري ٿي پوي ها. ايستائين جو کيس هينئر به پريشان ٿيڻ لاءِ گهڻا سبب هئا. کيس سيپٽمبر وارو اهو مڙس ياد هو، جنهن جو وزن ٻه سئو پندرهن پائوند هو ۽ هينئر ستاسي ڏينهن کان پوءِ هو رڳو هڪ سئو ستيتاليهه پائوند وڃي رهيو هو، جڏهن ته سندس قد فطري طور تي ساڳيو ئي ڇهه فٽ هو.
    زال سان انهيءَ ملاقات کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته منهنجي جيئري هئڻ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو پڻ وڏو حصو آهي.
    اسان گهڻي وقت تائين ڳالهايو. اها ڳالهه پڌري ٿي ته اليئا کي منهنجي گرفتاريءَ جي ته ترت خبر پئجي ويئي هئي پر کيس انهيءَ جي ڪا به ڄاڻ نه هئي ته مون کي ڪٿي رکيو ويو هو.
    اونداهي گهٽين ۽ ماپاچو درياه جي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ترندڙ قيدين جي لاشن جو ملڻ هڪ معمول ٿي وڃڻ سبب سندس ذهن هر قسم جي تڪليف ڏيندڙ خيالن سان ڀريل رهندو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي يقين نه هو ته هو پنهنجي ڪنهن گرفتار ٿيل عزيز کي ٻيهر جيئرو ڏسي سگهندو.
    اليئا ترت ۽ مهلائتو قدم کنيو. هن هر در کڙڪايو، منهنجي گرفتاري ۽ غائب ٿيڻ جي خبر صحافين جي ڪاليج جي قومي ڪائونسل ۽ سنتياگو ۾ موجود ناميارن پرڏيهي صحافين تائين پهچايائين. اڳوڻي نائب صدر برنارڊوليٽن ۽ ٻين ڪرسچين ڊيموڪريٽ اڳواڻن سان ملاقات ڪيائين، چلي جي ڪئٿولڪ ديولن جي اڳواڻ ڪارڊينل سلوا هينريڪيوئز سان ملي. هر اسپتال ۽ قبرستان جاچيائين. مطلب ته منهنجي ڳولا لاءِ هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جڏهن منهن جي گرفتاري جي پنڌرهين ڏينهن کان پوءِ کيس سرڪاري طور اهو اطلاع مليو ته آئون جيئرو آهيان ۽ نيشنل اسٽيڊيم ۾ قيد آهيان ته سندس جاکوڙ جو ٻيو مرحلو، منهن جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش جو شروع ٿيو.
    اهو اليئا ۽ منهنجي ڌيئرن لاءِ نهايت تڪليف جو وقت هو. چئني کي انهيءَ خيال کان ڏڪڻي ٿي وٺي ويئي ته ڪا به ٽيليفون يا ڪا اخباري خبر سندن سڀني اميدن کي ختم ۽ ڪنهن به وڌيڪ ڪوشش کي بيڪار بڻائي سگهي ٿي. کين ڊپ هو ته جنتا جا ڪتا مون کي ماري نه ڇڏين، جنهن لاءِ وٽن مضبوط سبب هئا.
    اليئا جو خيال هو ته پهرين جيڪا ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اهو آهي صحافين کي چرپر ۾ آڻڻ. انهيءَ لاءِ هن وس آهر هر ڪوشش ڪئي. ڏينهن جا ڏينهن صحافين جي ڪاليج ۾ ساڄي ڌر جي صحافين کي ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ قائل ڪندي رهي. هو رڳو انهيءَ تي بس نه ڪري ويٺي، کين سندن گهرن ۽ آفيسن تي پڻ بنا ٿڪجڻ جي لاڳيتو ٽيليفون ڪندي رهي. نيٺ هن ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ آزاد کاٻي ڌر جي صحافين جي ملهائتي مدد سان صحافين جي قومي ڪاليج کي باقاعدي طور تي گرفتار ۽ گم ٿيل صحافين جو ڏس معلوم ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت سان لهه وچڙ ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو.
    منهنجي زال کي منهنجي نيشنل اسٽيڊيم ۾ هئڻ جي خبر هئي پر مون کي مليل ايذائن ۽ تشدد بابت کيس بلڪل ڄاڻ نه هئي. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ صحافين جي ڪاليج ۾ موجود هئي ته قومي ڪائونسل جي صدر ڪارلوس بيپلويدا کي نيشنل اسٽيڊيم ۾ قيد ٿيل صحافين خاص طور تي اسڪرويس ايڊيٽر لانيشين، البرٽو گمبوئا ڪليرن جي ايڊيٽر، مينيوئل ڪئبيسيس، پنتو فائنل جي ايڊيٽر، روليندو ڪاراسڪو، ”لوئس ايميلو ريڪابيرين“ جي ڊائريڪٽر، فرئنڪلن ڪيويئويڊو، اسسٽنٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر، راميرو ميپلويدا ميگالينس ريڊيو اسٽيشن جي رپورٽر، ريڪارڊو روجاس ميونسپل ڪارپوريشن جي پبلسٽي جي اڳواڻ ۽ گيوئليرمو ٽوريس ايل سگلوجي هڪ رپورٽر بابت ڳالهائيندي ٻڌائين. بيپلويدا منهنجو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايائين ته اسان جي انهيءَ ساٿي کي نهايت وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن کين اهي سڀ ايذاءُ ۽ عقوبتون ٻڌايون جن مان آئون گذريو هوس. انهيءَ سڄي وقت ۾ کيس انهيءَ ڳالهه جي بلڪل ڄاڻ نه پيئي ته سندس انهيءَ غير انساني ايذائن جي شڪار ساٿيءَ جي زال اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي.
    هن ريت اتفاق سان منهنجي زال کي منهنجي حالت جي خبر پيئي. هن ترت ئي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي ميپلويدا ماريا ايوگينيا اويارزن، جان گبرئيل، بسترس ۽ صحافين جي ڪاليج جي ساڄي ڌر جي ٻين اڳواڻن کان گهر ڪئي ته مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ترت قدم کنيو وڃي. هن بيپلويدا کان ٻڌل ۽ ٻين ذريعن کان گڏ ڪيل ڄاڻ وسيلي بيپلويدا کي صحافين جي ڪاليج جي نيشنل ڪائونسل جي صدر جي حيثيت ۾ ۽ سرڪاري پرچي لاپرينسا جي سرڪاري طور مقرر ڪيل ايڊيٽر انچيف کي هڪ ڀرپور خط موڪليو. سندس پاران انهيءَ خط جون ڪاپيون سنتياگو جي سمورن پرچن، ناميارن پرڏيهي صحافين، فوجي اختياري وارن ۽ مختلف مذهبي فرقن جي اڳواڻن ۾ پڻ ورهايون ويون.
    سندس پاران ساڳئي وقت هڪ اهڙي بچاءُ واري وڪيل جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي، جنهن جي پيشيورانه شهرت، منهنجو ڪيس فوجي ٽربيونل اڳيان پيش ٿيڻ جي صورت ۾، مون کي ڀروسي جوڳي بچاءُ جي ضمانت ڏيئي سگهي. وڪيلن جي جنرل ڪائونسل اهو پڌرو ڪيو هو ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاپولر يونٽي بلاڪ جي پارٽين سان واسطو رکندڙ ڪو به وڪيل ”جنگي قيدين“ جي بچاءُ ۾ پيش ٿي نٿو سگهي. پر ايستائين جو انهيءَ ڇسائپ واري پڌرائيءَ تي کڻي ڪو ڌيان نه به ڏئي، ته به کاٻي ڌر جو ڪو به وڪيل ڪجهه به نه ڪري پئي سگهيو. کيس هڪ ته ٽريبونل نااهل قرار ڏئي ڇڏي ها ۽ ٻي جيڪا ڳالهه اڃا وڌيڪ ٿي پئي سگهي ۽ جيڪا وقت بوقت ٿيندي رهي هئي، اها ته انهيءَ وڪيل کي گرفتار ڪري کيس ئي جوابدار جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏين ها. پر هڪ ٻي به مشڪل هئي، ته ”اندروني ويڙهه“ شروع ٿيڻ جي وقت کان ساڄي ڌر وارا وڪيل تمام وڏي فين جي گهر ڪري رهيا هئا.
    بهرحال اليئا هر مشڪل مان اڪري منهنجي لاءِ هڪ ضروري وڪيل جو بندوبست ڪيو هو، جيڪو منهنجي ڪيس جي سلسلي ۾ شايد بهترين چونڊ هئي.
    اهو چوڻ جي ضرورت ڪانهي ته پنهنجي مڙس جي حياتي بچائڻ جي انهيءَ اعليٰ ۽ بي غرض ويڙهه ۾ اليئا هيڪلي نه هئي. کيس سدائين پارٽيءَ جي دوستاڻي مدد ۽ ان جي اڳواڻن، جيڪي لڪل هئا، جي پٺڀرائي حاصل هئي. کيس ايل سگلو جي صحافين ۽ خاص طور تي نوجوان رپورٽرن پاران، جن جي مون ڪنهن وقت مدد ڪئي هئي، وڏي سهائتا ڪئي ويئي. اسان جي پاڙيسرين به وس آهر مدد ڏني. انهيءَ وقت فطري طور تي اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پيو ٿئي، ڪجهه رڳو ڊنل هئا، جڏهن ته ڪجهه اڃا فيصلو نه پئي ڪري سگهيا يا ٻچاپڙائي پئي ڪيائون.
    منهنجي زال جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، جڏهن هن پهرين ملاقات ۾ مون کي اهو ٻڌايو ته ڪيئن نه اسان جي پاڙيسرين جي ڪجهه ٻارن اسان جي ڌيئرن سان اهو چئي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته سندن ماءُ پيءُ ڪميونسٽ آهن. فاشسٽ ڏهڪاءُ سان جي قوم جي ڪجهه عام ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي انهيءَ حد تائين گندو ڪري ڇڏيو هو.
    اها پهرين ملاقات ڪجهه ڊگهي هئي. اسان هر قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي يا وڌيڪ صحيح نموني ائين چئجي ته منهنجي زال، مون کي منهنجي ساٿين، زير زمين سرگرمين جي اوکائين، عوام جي مقصد لاءِ وڙهندڙ هزارين ماڻهن جي ڀروسي، منهنجي ڌيئرن جي اسڪول ۾ ڪيل واڌارن، اسان جي گهڻن دوستن پاران ظاهر ڪيل ڳڻتي ۽ وڌندڙ معاشي مشڪلاتن بابت ٻڌايو ۽ آئون ٻڌندو رهيس.
    مون پنهنجي زال لاءِ تمام گهرو ۽ تمام گهڻو احترام محسوس ڪيو. هو ڪميونسٽ مائٽن جي ڌيءُ هئي ۽ اڃا مس ڇهن سالن جي هئي جو کيس پنهنجن ننڍن ڀائرن جي سارسنڀال ڪرڻي پيئي، ڇو ته سندس ماءُ کي، جيڪا هڪ سرگرم ۽ پاڻ ارپيل ڪميونسٽ ڪارڪن هئي، ويڊيلا آمريت پاران جيل ۾ ڦٽي ڪيو ويو هو. اليئا پاڻ، به انهيءَ ڪٺن وقت ۾ جڏهن آئون جيل ۾ هوس، پنهنجي همٿ ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪري هڪ سچي ڪميونسٽ ٿي ڏيکاريو هئائين.
    سندس وڃڻ کان اڳ اسان انهيءَ ننڍڙي سوال تي ويچار ڪيو هو ته ڇا منهن جي ڌيئرن کي مون سان ملاقات لاءِ وٺي اچڻ مناسب ٿيندو. اسان اهو فيصلو ڪيو ته اها ڪا خراب ڳالهه ڪونهي ۽ انهيءَ تي راضي ٿياسين ته پهريون ڀيرو هو اسان جي ٻن وڏي ڌيئن چوڏهن سالن جي سسيلا ۽ تيرهن سالن جي انا ماريا کي پاڻ سان وٺي اچي ۽ پوءِ ڇهن سالن جي مار سيليٽا کي آندو وڃي.
    آئون گهٽي نمبر 2 ۾ پنهنجي کوليءَ ۾ نهايت خوشگوار موڊ ۾ موٽيس، ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته چلي ۽ پوري دنيا ۾ گهڻا ماڻهو منهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن.
    انهيءَ سڄي صورتحال کي پنهنجي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ئي آئون پوري ريت سمجهي سگهيس. چلي جي اندر ۽ ٻاهر مختلف ذريعن کان جنتا تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو هو. مون کي خبر پئي ته ڪيترن صحافي ساٿين، جن ۾ ايستائين جو موميو به پنهنجي پيشيورانه يڪجهتي، ذاتي لاڳاپن ۽ انساني همدردي ڪري شامل هئا، منهنجي لاءِ هڙتال ڪئي هئي. جنتا جي مک اڳواڻن ۾ موجود اختلافن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. بعد ۾ مون کي اها به خبر پئي ته ڪيترن ئي ملڪن جي صحافين جي انجمنن سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا ۽ يورپ جي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن ۽ اهم سياسي شخصيتن اسان جي حق ۾ ڳالهايو هو. انهن سڀني عنصرن اثرائتي قانوني بچاءَ سان گڏ منهنجي ڪيس جي نتيجي جو فيصلو ڪيو.


    منهنجي اڪيلائپ ختم ٿئي ٿي

    11 دسمبر 1973ع تي نيٺ مون کي گئلري نمبر 6 ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي اهي قيدي رهيل هئا جن کي ملاقات جي اجازت مليل هئي ۽ اهي به جن کي فوجي ٽريبونل پاران سزا ٻڌائي ويئي هئي. هتي جيل جي روايتن جي پوئواري ڪندي منهنجي جيل جي ساٿين ڇهن کان ڏهن قيدين، جا اهڙا جٿا ٺاهيا هئا، جيڪي هڪ ٻئي سان همدردي ۽ قرب جي ناتي ۾ ڳنڍيل هوندا هئا. وٽن گاسليٽ جو هڪ چلهو هوندو هو، جنهن تي هر ڪو پنهنجي پنهنجي واري تي سڄي جٿي لاءِ کاڌو تيار ڪندو هو.
    هر، روزاني شفٽ ٽيم جي ٻن ميمبرن تي مشتمل هوندي هئي ۽ منجهانئن هر ڪو اها ڪوشش ڪندو هو ته هو ٻئي کان سٺو ۽ وڌيڪ کاڌو تيار ڪري. سڀني کان وڌيڪ سولو ڏينهن سومر جو هوندو هو، جڏهن مائٽن پاران کاڌي جا پارسل آندا ويندا هئا.
    گئلري، مٿي ٻي ماڙ تي، ڇت جي بلڪل ئي هيٺ هئي. اسان ڪڏهن به سج ڪو نه ڏٺو. کوليون ننڍيون ۽ اسان سڀني جي ڪوشش جي باوجدو منگهڻن سان ڀريل هونديون هيون. ڪاڪوس تمام گهڻا گندا هوندا هئا.
    پيني جي تاريخ ۾ اسان جي گئلري کي خاص اهميت حاصل هئي. اهائي جاءِ هئي جتان يوريگوائي جي قاتل جوليو سڪارپنذو پنهنجي جيل ٽوڙڻ واري سنسي خيز ڪارروائي ڪئي هئي ۽ پوءِ پڪڙجي پيو هو. کيس سامونڊي جهاز وسيلي اٽلي اماڻيو ويو، جتي هو ماضيءَ ۾ ڪيل ڦرن ۽ قتل جي ڪارروائين ۾ گهربل هو. اسان مان ڪنهن جو به اهڙي قسم جي ڪوشش کي ورجائڻ جو ڪو به ارادو ڪو نه هو. انهيءَ کان پوءِ چوڪسيءَ لاءِ وڌيڪ اپاءَ ورتا ويا هئا جن کي ”جنگي قيدين“ جي اچڻ کان پوءِ اڃا وڌيڪ سخت ڪيو ويو هو.
    ڊسمبر جي وچ ڌاري مقامي ٽريبونلن مان سزا مليل گهڻن ماڻهن جي اچڻ سبب، جيل ۾ ”جنگي قيدين“ جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو وڌي ويو. سندن سزا جو مدو تمام گهڻو سخت هو، ٻن يا ٽن کي جنم ٽيپ جي سزا مليل هئي، جڏهن ته گهڻن کي ويهن کان ٽيهن سالن جي سزا ٻڌائي ويئي هئي. قيدين جو وڏي ۾ وڏو جٿو اڪونڪاگوا پرڳڻي مان آيل هو، جن تي سان فيلائپ واري فوجي ٽريبونل مقدمو هلايو هو، اهو گهڻو ڪري ڳوٺاڻن ڪميونٽي اڳواڻن، کاڻ کوٽيندڙن، انجنيئرن، ٽيڪنيڪي هنرمندن ۽ حقيقت ۾ علائقي جي سوشلسٽ پارٽي ڪميٽي جي سمورن ميمبرن تي مشتمل هو.
    گئلري نمبر 6 ۾ چار اهڙا قيدي هئا جيڪي بلڪل ئي مختلف درجي ۾ آيا ٿي. سندن اڳواڻ، جنهن کي ”ٽار ٽارو“ چيو ويندو هو، پيني جي هڪ پراڻي شخصيت هو. هو اڳ هڪ ڪارخاني ۾ مزدور هو، جنهن گهڻو عرصو اڳ ڏوهن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو ٺاهي ڇڏيو هو ۽ چوري ڪرڻ سبب گهڻائي ڀيرا ننڍي مدي واريون سزائون ڀوڳيون هئائين. هينئر مارشل لا لڳڻ کان پوءِ هو ڏکوئيندڙ حد تائين بدقسمت ثابت ٿيو هو. هي ۽ سندس ٽي ٻيا ساٿي، جن کي هن سندن پهرين چوري جو جوکم کڻن لاءِ تيار ڪيو هو، ڪرفيو لڳڻ کان پوءِ گشت ڪندڙ فوجين هٿان پڪڙجي پيا ۽ کين فوجي عدالت پاران هڪ ٽيليويزن چورائڻ جي ڏوهه ۾ ويهه سال قيد جي سزا ڏني ويئي.
    منهنجي ”ٽار ٽارو“ سان چڱي دوستي ٿي ويئي هئي، جيڪو پنهنجي ڏوهن واري ماضيءَ جي باوجود سياسي طور صحيح سوچيندو هو. هو هڪ پرولتاري خاندان ۾ پيدا ٿيو هو، سندس پيءَ هڪ اڏاوتي سامان ٺاهڻ واري وڏي پلانٽ ۾ ڪم ڪندڙ مشهور ٽريڊ يونين ڪارڪن هو. هن ڪڏهن به ان طبقي کان منهن نه موڙيو جنهن سان سندس واسطو هو. جڏهن اسان سان گڏ هو ته پنهنجي ڀائيچاري ۽ ٻڌيءَ جي پوري ثابتي ڏنائين.
    ٽار ٽارو سڀني محافظن کي سندن نالن سان سڃاڻندو هو ۽ اسان کي اهو ٻڌائي سگهندو هو ته ڪير اعتبار جوڳو هو ۽ ڪير نه. هن اسان کي اهڙا هڪ هزار ۽ هڪ گر سيکاريا، جنهن سان جيل ۾ رهندڙ هڪ قيدي پنهنجي زندگيءَ کي آسان بڻائي سگهي ٿو. باوجود انهيءَ ڳالهه جي ته اسان ساڻس ۽ سندس ساٿين سان هميشه دوستن وارو ورتاءُ ڪندا هئاسين، هو پاڻ کي اسان جي وچ ۾ اوپرو محسوس ڪندو هو ۽ اها درخواست پيو ڪندو هو ته کيس سندس ڏوهاري ساٿين سان ئي رهڻ ڏنو وڃي.
    ”هڪ موچيءَ کي آخر تائين پنهنجي ڪم سان لڳو رهڻ گهرجي“. هو چوندو هو ته ”منهنجا سڀئي ساٿي اتي هيٺ آهن. توهان سڀ ڏاڍا مهربان آهيو پر اوهان جي وچ ۾ آئون ائين محسوس ڪندو آهيان، جيئن ڪو چوزو ڪنهن اوپري ڪڪڙ ۾ اچي ويو هجي“.
    پر اتان کان منتقليءَ جي لاتعداد درخواستن جي باوجود به هو اتي جو اتي ئي رهيو.
    دسمبر جي ٻئي اڌ ۾ پڇائن جو تعداد وڌي ويو.
    ڪيترن ئي جنگي قيدين کي سندن ڪيسن جي شنوائي کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ قيدين جا وڌيڪ جٿا پهتا. انهن همراهن کي سنتياگو جي مختلف ڪارخانن ۽ ڪميونٽين مان ڇاپا هڻي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه اهڙا قيدي پڻ هئا جن کي عدالتن ۽ علاقائي فوجي ٽرييونلن کان سزائون مليون هيون. اهڙي ريت ايڪيوائي ڪيو مان گهڻا اهڙا ساٿي پهتا، جن کي جنم ٽيپ يا ٽيهن سالن تائين سزائون مليل هيون. ان سان فيلائپ کان ايل اڪونا گوئا وارن کي ملائي اسان جي جيل ۾ موجود ”جنگي قيدين“ ۾ اهڙن قيدين جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو هو.
    20 دسمبر تي ليفٽيننٽ ميڊالگو گئلري نمبر 6 ۾ منهنجي لاءِ آيو.
    ”روجاس تنهن جي ملاقات آيل آهي، پر هيڊ آفيس کان آيل حڪمن سبب توکي پنجن منٽن کان وڌيڪ جي اجازت نه آهي. هو منهن جي آفيس ۾ تنهن جو انتظار پيا ڪن“.
    پر انهيءَ جي باوجود اها ملاقات گهڻي دير هلي. وڏي محافظ جي آفيس ۾ اليئا، منهن جي ڀيڻ ماريا، منهن جو ڀائيتو پيڊرو ۽ منهنجيون ٻه وڏيون ڌيئرون، سسيلا ۽ اناماريا، مون سان ملڻ لاءِ ويٺيون هيون، جيڪي منهنجي آخري ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ ڪافي وڏيون ٿي ويون هيون ۽ کين مون کي ڏسي خوشي پئي ٿي.
    منهن جي ملاقاتين جي وڃڻ کان اڳ اسان انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿياسين ته هو ايندڙ ڏينهن تي منهن جي ننڍي ڌيءُ مارسيليٽا کي پڻ وٺي ايندا، جيڪو بعد ۾ هنن ڪيو. اسان سڀني هڪ قسم جي خوشي پئي محسوس ڪئي ۽ اها اميد ڪئي سين ته مون کي جلدئي آزاد ڪيو ويندو.


    نئون سال

    31 ڊسمبر 1973ع هڪ خاص ڏينهن هو. انهيءَ رات جيل جي هڪجهڙي معمول کي ٽوڙيو ويو. جيل ۾ رهندڙ قيدي نئين سال جون موڪلون ملهائي نه سگهندا آهن. شام جي ساڍي پنجين تائين اسان جون کوليون بلڪل پهرين جيان ئي هيون. پر اسان اڳواٽ ئي اهڙا تفصيل طئي ڪري ڇڏيا هئا ته 1974ع جي نئين سال جو اسان ڪهڙي ريت آڌرڀاءُ ڪنداسين. اسان جي سڀني گهٽين ۽ گئلرين ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي هر شئي بلڪل انهيءَ نموني ٿي جيئن طئي ڪيو ويو هو.
    جنهن گهڙي پيني جي سيٽين، ڪارخانن جي سيٽين ۽ ويجهڙائي جي ديولن جي گهنٽين 1973ع جي ختم ٿيڻ ۽ نئين سال جي اچڻ جو اعلان ڪيو، تئين ئي اسان سڀني کولين ۾ صدر آليندي ۽ انهن ساٿين جي ياد ۾، جن کي ختم ڪيو ويو هو، هڪ منٽ ڊگهي، جذبن سان ڀرپور ۽ متحرڪ خاموشي اختيار ڪئي. پوءِ سوين آوازن جذبن سان ڀريل ۽ جوشيلي آوازن ۽ پهرين کان وڌيڪ احترام سان انٽرنيشنل ڳائڻ شروع ڪيو. انهيءَ کان پوءِ اسان ”مرسيليز“ ”وينسيريموس“ ۽ چلي جو قومي ترانو ڳايو. اسان پنهنجي پارٽي، پاپولر يونٽي بلاڪ ۽ بين الاقوامي ٻڌي ۽ ايڪتا لاءِ وڏي حياتيءَ جي خواهش ڪئي ۽ فاشزم ۽ غدار جرنيلن تي لعنت وڌي سين. پوءِ اسان پنهنجن دوستن ۽ خاندانن بابت ڳالهايو ۽ ان کان پوءِ پنهنجن بسترن ڏانهن وياسين ۽..... اُتي روئي ڏنوسين. انهيءَ نموني رياستي قيدخاني ۾ بند ٿيل، پنوشي جي قيدين نئون سال ملهايو.
    2 جنوري 1974ع تي اسان چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي قائم ٿيڻ جي 52 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ جيل ۾ موجود مختلف سياسي تحريڪن جي عيوضين ڳالهايو. جنهن به ڳالهايو، پوءِ ڀلي هو سوشلسٽ هو، آزاد هو، ڪئٿولڪ هو يا MAPU يا MIR جو ميمبر هو، سڀ انهيءَ ڳالهه تي متفق هئا ته ڪميونسٽن جو اختيار ڪيل مضبوط موقف صحيح، حقيقتن تي ٻڌل ۽ اصولي هو.
    جنوري جي پهرئين هفتي ختم ٿيڻ تي اسان کي گئلري نمبر 6 مان گهٽي نمبر 10 ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ پوءِ گهٽي نمبر 2 ۾ آندو ويو. ڇو ته هڪ ته گهڻن قيدين کي ملاقاتن جي اجازت ملي ويئي هئي ۽ ٻيو ته ”جنگي قيدين“ جا نوان جٿا پهتا هئا.
    گهٽي نمبر 8 ۾ سيميوئل ريڪيولمي کي ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويو هو. سندس تشدد جي ڪري خراب ٿيل حالت، هينئر ڪنهن حد تائين سڌريل هئي، پوءِ به سندس کوليءَ جا ساٿي سندس خاص خيال رکندا هئا. کيس جيتوڻيڪ ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويو هو پر تنهن هوندي به آئون ساڻس ٽي ڀيرا ڳالهائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هوس. هڪ حصي کان ٻئي حصي ڏانهن منتقل ٿيڻ جو فائدو وٺندي اسان هڪ ٻئي کي پاڻمرادو سامان کڻڻ ۾ مدد ڏيندا هئاسين. خوش قسمتيءَ سان سيميوئل پنهنجي ”گهٽيءَ“ جي فرش جي مرمت جي ڪم جي نظرداريءَ تي لڳل هو. هو روزانو سرن ۽ سيمينٽ سان سٿيل هڪ هٿ گاڏي کڻي گهٽي نمبر 2 واري در وٽان لنگهندو هو. سندس ساٿي محافظن جو ڌيان ٻئي پاسي ڇڪائيندا هئا ته اسان دروازن جي سوراخن مان هڪ ٻه لفظ ڳالهائي وٺندا هئاسين. اليئا سندس وڏي پٽ پيبلو سان مستقل لاڳاپي ۾ هئي ۽ هو جڏهن به مون سان ملڻ ايندي هئي ته آئون کيس سندس پٽ لاءِ کائنس مليل ڪو پيغام ڏيئي ڇڏيندو هوس ۽ پٽس وٽان مليل جواب کيس پهچائيندو هوس.


    منهنجو مقدمو

    منهنجا وڪيل ويلاسڪو، زينٽينو ۽ ميڊرانو ايندڙ ملاقات تي اڳ کان تمام گهڻو خوش پئي لڳا، وٽن انهيءَ لاءِ هڪ سٺو سبب هو. هو ڪيس نمبر 73-728، چلي جي فوج، خلاف روجاس ڊان روڊريجو، مقدمي کي، امن جي وقت ۾ ڪيل ڏوهن بابت فوجي قانون جي ضابطن کي استعمال ڪري هنگامي ٽريبونل مان عام فوجي عدالت ۾ بدلي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. منهنجي بي ڏوهي ڪردار کي اهڙن شاهدن جي انڪار نه ڪرڻ جوڳن بيانن ذريعي ثابت ڪيو ويو، جن تي ڪنهن به قسم جي ڪميونسٽ اثر هئڻ جو شڪ به نه پيو ڪري سگهجي. ايل سگلو جي انهيءَ وقت جي اڻ ڳڻين پرچن کي پيش ڪري، جڏهن آئون ان جو ايڊيٽر انچيف هوس، اهو ثابت ڪيو ويو ته آئون، جوابدار، سدائين تشدد ۽ سياسي قتل کي ننديندو رهيو آهيان ۽ مون هميشه چٽي طرح گهرو ويڙهه ۽ چلي جي ماڻهن جي وچ ۾ سياسي جهيڙن کي هٿياربند طريقي سان طئي ڪرڻ جي ڪوشش جي مخالفت ڪئي آهي. ٻين شاهدن ۽ پوليس جي رپورٽن اهو ثابت ٿي ڪيو ته 11 سيپٽمبر کان پوءِ آئون انهيءَ فليٽ مان ٻاهر نه نڪتو آهيان، جتان مون کي گرفتار ڪيو ويو هو. پارٽي جي ڪاغذ پٽن جي هڪ وزني فائل، مرڪزي ڪميٽي جي مڪمل گڏجاڻين جي رڪارڊ ۽ سياسي ڪميشن جي بيانن سميت، جن ۾ اهو بيان به شامل هو جيڪو 11 سيپٽمبر کان اڳ واري شام تي منهنجي سياسي ڪميشن جي ساٿي سينيٽر جوليٽا ڪيمپيو سانو قومي ريڊيو تان پڙهيو هو ۽ جيڪو پوءِ ايندڙ صبح تي ايل سگلو جي پهرئين صفحي تي ڇپيو هو، سڀني ڪميونسٽن جي ۽ منهنجي هڪ جوابدار جي موقف کي صحيح ٿي ثابت ڪيو.
    5 فيبروري تي منهنجي زال ۽ ڌيئون ٻين ڪيترن دوستن سان گڏجي مون سان ملڻ آيون. ساڻن پارٽي جو جهونو ڪارڪن ٽيوفيلو موريلز به هو، جيڪو هر ملاقات جي ڏينهن تي قيدين کي همٿ ڏيارڻ ايندو هو. جيتوڻيڪ هو پوڙهو ۽ گهڻن سالن کان پينشن تي هو پر هينئر به هو کل ڀوڳ ڪندڙ ۽ چرچائي هو، جيئن هو 20 سال اڳ ايل سگلو ۾ ڪم ڪرڻ وقت هو. پنهنجي منهن تي مرڪ پکيڙي مون کي سيني سان لڳائي هو چوندو هو ته:
    ”ڏس يار! اسان پوڙها ماڻهو اڃا ساڳي ريت مضبوط آهيون. اسان بدليا ڪو نه آهيون. هي سڄي حالت جلد ئي ختم ٿي ويندي“.
    ٽيوفيلو قيدين ۽ سندن ملاقاتين، سڀني جا دل آئندي جي اميد سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندو هو.
    انهي ڏينهن تي قيدين سندن مائٽن عزيزن ۽ دوستن کان سوکڙيون ۽ ٻيون شيون ورتيون اهو گهڻن ڄڻن، پر خاص طور تي منهنجي لاءِ هڪ اڻوسرندڙ ڏينهن هو.


    ڪمانڊنٽ جي آفيس

    اسان کي ڪرت موجب شام ساڍي پنجين وڳي بند ڪيو ويو. ڪجهه وقت پوءِ قيدي ڪافي جا ڍڪ ڀريندي ۽ انهيءَ صبح جو مليل شين کي استعمال ڪندي انهن خبرن ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا، جيڪي کين سندن مائٽن کان مليون هيون. اهو هڪ گرم ڏينهن هو. اٽڪل ستين ڌاري لوهي در تي ڀاري ڌڪن ۽ محافظ جي وڏي آواز ۾ ڪيل سڏ اسان سڀني کي ڇرڪائي وڌو.
    ”اي روجاس، توکي ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ سڏايو ويو آهي“.
    اسان ڳڻتيءَ واري نظرن سان هڪ ٻئي ڏانهن تڪيو. جڏهن به ڪنهن قيديءَ کي انهيءَ وقت تي سڏايو ويندو هو ته عام طور هو گهڻن ڏينهن کان پوءِ بچاءَ واري وزارت جي تهه خانن ۾ ٿيل پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ سڌو جيل جي اسپتال پهچندو هو. ڪي ته ماڳئي واپس ئي نه ايندا هئا. کين يا ته ڪنهن گڏيل قبر ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ يا وري ڪنهن اونداهي گهٽيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. وقت بوقت فائر بريگيڊ جي عملي کي ماپاچو دريا جي بلنس پل وارن درن وٽان لڙهندڙ لاشن کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو هو.
    رستي هلندي مون نان ڪميشنڊ آفيسر کان پڇيو ته هو مون کي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي.
    ”پنهنجي قميص پائي وٺ“. هن چيو ”پراسيڪيوٽر آفيس جو ڪلارڪ توسان ملڻ ٿو چاهي“.
    ”پوءِ مون کي بچاءَ واري وزارت ڏانهن موڪليو ويندو؟“
    ”نه نه روجاس، مبارڪون هجن، توکي آزاد ڪيو پيو وڃي“.
    ”چرچو نه ڪر سارجنٽ، هي چرچي ڪرڻ جهڙي ڳالهه ڪونهي“.
    ”آئون توسان چرچو ڪو نه پيو ڪريان، آئون توکي ٻڌائي رهيو آهيان ته توکي آزاد ڪيو پيو وڃي“.
    ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ شهري ڪپڙن ۾ هڪ نوجوان سيخن تي پير رکيو بيٺو هو. سندس سامهون ڄاتل سڃاتل ڀاري فائل نمبر 73-728 پيل هئي.
    هن چيو ”آئون هتي توکي تنهنجي مقدمي ۾ ٿيل فيصلي کان آگاهه ڪرڻ آيو آهيان. اهو 30 جنوري تي ڪيو ويو. ڪالهه منهنجي چيف سنتياگو جي فوجي جج جنرل اريلانو انهيءَ جي منظوري ڏني. مقدمو ختم ڪيو ويو آهي ۽ توکي آزاد ڪيو ويو آهي“.
    هن فائل مون کي ڏني. مون انهيءَ جا پنا ورايا ۽ غور سان فيصلو پڙهڻ کان پوءِ مٿس پنهنجي صحيح ڪيم.
    ”آئون جيل ڪڏهن ڇڏي سگهان ٿو؟“
    ”انهيءَ جو مدار هنن تي آهي“. ڪلارڪ، جيل جي ڪارندن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”اوهان ترت ئي هتان وڃي سگهو ٿا“. هڪ ڊيسڪ ڪلارڪ چيو ”آئون توهان جو ڊسچارج آرڊر لکي رهيو آهيان“.
    جڏهن پراسيڪيوٽر جي آفيس جو ڪلارڪ هليو ويو ته جيل جا ٽي يا چار ڪارندا مون کي پيار ڪندي گهڻو جذباتي ٿي ويا. مون کي وٺي ايندڙ سارجنٽ جو به ساڳيو حال هو ۽ پنهنجي ڳوڙهن کي بنا لڪائڻ جي هن واڪو ڪيو ته:
    ”مون توکي چيو پئي ته آئون چرچو نه پيو ڪريان، ڇا مون چرچو ڪيو هو؟ هاڻي آئون توکي واپس وٺي هلندس ته جيئن تون پنهنجو سامان گڏ ڪري سگهين. سڄو جيل جو گند ڪچرو گهٽيءَ جي ڇوڪري لاءِ ڇڏي ڏي. جيئن ته منهنجو ڪو به وڏو آفيسر هت ڪونهي، انهيءَ ڪري تون ٻين کولين ۾ موڪلائڻ لاءِ وڃي سگهين ٿو. هو توکي تمام گهڻو چاهين ٿا ۽ اهري ريت اسان به. آئون ويهه منٽن کن ۾ موٽي ايندس“.
    گهٽي نمبر 2 ۾ آخري ڀيرو وڃڻ کان اڳ مون ڊيسڪ ڪلرڪ کان گهر ٽيليفون ڪرڻ جي اجازت گهري، جيڪا هن ڏني. اسان جي ڳالهه ٻولهه نهايت مختصر هئي.
    ”اچ ۽ مون کي وٺي وڃ“ مون چيو ”مون کي آزاد ڪيو ويو آهي“.
    ”ناممڪن“
    ”نه، اهو سچ آهي، آئون آزاد آهيان“.
    ”ٺيڪ آهي، تون انتظار ڪر، اسان ڊان ايوگنيو سان گڏ پهچون ٿا“.


    موڪلاڻي

    جڏهن آئون گهٽي نمبر 2 ۾ پهتس ته منهنجي ساٿي قيدين کي يقين نه پيو اچي ته مون کي آزاد ڪيو آهي. سندن ليکي آئون ساڻن ڀوڳ ڪري رهيو آهيان. جڏهن کين يقين آيو ته هنن سامان وغيره سهيڙڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ پاڻ ئي ٻيون کوليون کوليائون. سندن چوڻ موجب، آئون گهٽيءَ جو اهم قيدي هئس ۽ جيڪڏهن مون کي، يعني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ کي آزاد پيو ڪيو وڃي ته ان جو مطلب ته هر ڪنهن لاءِ آئيندي جا امڪان وڌيڪ روشن آهن.
    آئون هر کوليءَ ۾ پنهنجي ساٿي قيدين کان موڪلائڻ ويس. پنهنجي کولين ۾ وڃڻ کان اڳ ۽ سارجنٽ جي واپسيءَ کان ڪجهه منٽ اڳ هو بلڪل ائين ٻه قطارون ٺاهي بيٺا جيئن روزانو صبح جو حاضري مهل ٺاهيندا هئا ۽ جيئن ئي مون دروازي ۽ آزاديءَ ڏانهن وک وڌائي، هنن ”انٽرنيشنل“ ڳائڻ شروع ڪيو. آئون آهستي آهستي هلندي ساڻن ڳائيندو ويس. پويان رهيل گهڻن ڄڻن کي ڊگهي مدي واريون سزائون مليل هيون. ٻين تي اڃا ڪيس نه هليا هئا. بهرحال منجهانئن هر ڪنهن لاءِ هڪ ڪميونسٽ جو آزاد ٿيڻ آزاديءَ جي ساهه کڻڻ برابر هو.
    جيئن ئي مون جيل جون آخري رسمي ڪارروايون پوريون پئي ڪيون، تيئن مون جيل جي دروازي جي سيخن مان منهنجي زال، ٽن ڌيئرن ۽ منهنجي وڪيل ايوگنيو ويلاسڪو جي جهلڪ ڏٺي.
    جيل جا در شام جي ساڍي ستين مهل، جڏهن سج اڃا چمڪي رهيو هو، منهنجي پويان بند ٿي ويا. آئون وري گهر، يعني انهيءَ جاءِ ڏانهن موٽي رهيو هوس، جتان مون کي 11 سيپٽمبر تي ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. آئون، پنهنجن خوش ٿيندڙ پاڙيسرين، ملاقات لاءِ ايندڙ دوستن ۽ پارٽي هيڊ ڪوارٽر مان آيل پيغامبر سان ملڻ لاءِ موٽي آيو هوس.
    مون کي ملڪ مان لڏڻ ۽ پارٽي جو ڪم ٻاهر کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو. اهو هڪ اهڙو فيصلو هو، جنهن جي مون کي توقع نه هئي. مون کين درخواست ڪئي ته مون کي هتي رهڻ ۽ زير زمين تحريڪ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر منهنجي ساٿين جو چوڻ هو ته اهو انهيءَ ڪري ممڪن نه هو، جو آئون پوليس لاءِ گهڻو ڄاتل سڃاتل ۽ ترت سندن ڌيان تي اچڻ جوڳو ٿي پيو هوس، جنهن ڪري جيڪڏهن آئون لڪي پوندس ته بي خبريءَ ۾ زير زمين پارٽي اڳواڻيءَ لاءِ ڪيل حفاظتي انتظامن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
    گهڻي تاڪيد کان پوءِ، رڳو پارٽي جي هدايتن کي نظر ۾ رکي مون بلغاريه جي سفارتخاني جي چار ديواريءَ ۾ پناهه ورتي، جيڪو جنتا سان سفارتي لاڳاپن جي خاتمي کان پوءِ آسٽريا جي حفاظت ۾ هو. تمام گهڻي انتظام کان پوءِ نيٺ مون کي ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڏني ويئي. اهڙي ريت هڪ جلاوطن جي حيثيت ۾ منهنجي لاءِ چلي جي فاشزم خلاف جدوجهد جو نئون مرحلو شروع ٿيو.
    پرولتاري بين الاقواميت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو. اها هڪ ڏکي ويڙهه آهي ۽ هوندي.

    پر اسين سوڀارا ٿينداسين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350403
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402550
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ