ڪتاب جو نالو: واجهائيندي ورهه ٿيا
مصنف: شگفته شاهه
ڇپائيندڙ: ناري پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 95 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي. شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطه ليکڪا وٽ محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • خواتين جي عالمي ڏينهن جي سوکڙي
  • الا ڏاهي مَ ٿيان
  • پنهنجي پاران
  • اديبه، شاعره، مصوره ۽ استاد
  • اعتراض
  • بک ۽ اديب
  • وارث
  • سوال
  • ڀيڻ
  • مون مارو مڃيا
  • سو ديس مسافر منهنجو ڙي
  • اڌوري تصوير
  • رُڃَ جا مسافر
  • واجهائيندي ورهه ٿيا...
  • جن کي سُور سرير ۾
  • ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان
  • ضرورتِ رشته
  • فيصلو
  • عورت، روبوٽ ۽ فنڪار
  • فتح
  • لَو مئريج
  • امن جي تلاش ۾
  • مائي مِٺل ۽ زَري
  • عورت جي هڪ ڪٿا
  • انجام
  • تو بنان ڍوليا
  • روشني
  • حادثو
  • مِني ڪهاڻيون
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطه ليکڪا وٽ محفوظ آهن

    ناري پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ٻاهٺون

    ڪتاب جو نالو: واجهائيندي ورهه ٿيا
    ليکڪه: شگفته شاهه
    ڇاپو پهريون: 8 مارچ 2018ع
    ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
    لي آئوٽ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650
    ڇپائيندڙ: نذير ناز
    پاران: ناري پبلڪيشن / ناري ميڊيا سينٽر 3/443
    صدر حيدرآباد سنڌ
    فون: 2731165
    قيمت: -/300 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    ارپنا

    پنهنجي ان پرائمري ٽيچر جي نانءُ
    جنهن مونکي لکڻ سيکاريو.
    ۽ انهن تمام پرائمري استادن جي نانءُ
    جن کي هن سماج ڪڏهن عزت ڀريو
    بلند مقام نه ڏنو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”واجهائيندي ورهه ٿيا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مصوره، شاعره ۽ ليکڪا شگفته شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي. شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي.

    هي ڪتاب 2018ع ۾ ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون آپا نذير ناز ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    خواتين جي عالمي ڏينهن جي سوکڙي

    ٿو جلي هي جبل، ٿورو هوريان ته هَل،
    پنڌ پنھنجو پري، ڏينھن آهي تَتَل. (شيخ اياز)

    ناري پبليڪيشن طرفان 64 هون ڪتاب ”واجھائيندي ورهه ٿيا“ حاضرِ خدمت آهي، انھيءَ اميد سان اڳتي ناري پبليڪيشن پاران ڪتاب پيش ڪندي دير ڪانه ٿيندي. پر ڇا ڪجي، دل سان نه چاهيندي به ڪا نه ڪا رُڪاوٽ دير جو سبب بنجي ويندي آهي. ڪڏهن منھنجي صحت جو مسئلو، ڪڏهن گهر جي مصروفيت، ڪڏهن خانداني مسئله، خوشي، ڪڏهن غم، انھيءَ مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن سڀ کان وڌيڪ مالي مسئلو.
    پبلشر لاءِ مالي مسئلو پيدا نه ٿئي، جيڪڏهن سنڌ سنڌ ڪري قوم جا رکوالا، سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ هرڪتاب خريد ڪن، بلڪهِ پنھنجي ڪارڪنن / دوستن کي اِها ترغيب ڏين ته سنڌي ٻولي جو اسان تي حق آهي ته اسان سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ هر ڪتاب خريد ڪري پڙهون.
    سچ پڇو دوستو! اِهو رڳو نعرو زباني حد تائين آهي نه اُنھن کي ڪا سنڌ پياري آهي نه سنڌي ٻوليءَ سان ڪا به دلچسپي آهي.
    ٻيو اسان جا وڏا اديب، دانشور، ڏاها وڏا وڏا نالا نوَن لکندڙ جا ڪتاب وٺڻ ته پري جي ڳالھه پر پڙهڻ به گواره نٿا ڪن. اُنھن جو نظريو اِهو آهي ته اسان جيڪو لکيو بس انھيءَ کان پوءِ ادب ختم ٿي ويو، نوَن لکندڙن ۾ اِها صلاحيت ئي موجود ناهي.
    جيڪڏهن اِهي وڏا نالا، وڏا ليکڪ نوَن لکندڙن کي پڙهي ڏِسن عقل دنگ رهجي ويندن، انھي ڊپ کان اُهي نوَن ليکڪن کي موقعو ئي نٿا ڏين ته ڪِٿي اسانجي جاءِ تي اڳيان نه اچي ويھن.
    ڪتابن جي وڪري جو ايترو مسئلو پيدا نه ٿئي، جيڪڏهن حڪومت سنڌ طرفان ثقافت کاتي وارن تي اهو لازم هجي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪتاب جون ٻه سئو ڪاپيون خريد ڪن ۽ اسڪولن، ڪاليجن، سرڪاري لائبريرين ۾ موڪلين ته ٻوليءَ لاءِ ڪارائتو قدم ثابت ٿيندو. هونئن به ٻوليءَ جي نالي وڏا پروگرام ميلا، ملاکڙا ڪرايا وڃن ٿا. پر ثقافت کاتي وارا ڪتاب خريد نٿا ڪن. بلڪِه ٻولي جي نالي جيڪي ادارا ٺھيل آهن اهي پنھنجي طور تي ڪتاب ڇپرائين به گهٽ ٿا ۽ ملازم لکن جي تعداد ۾ پگهارون کڻن ٿا پر اُتي آهن ڪاري وارا ڪَک، رزلٽ ڪجهه به نه آهي. انھيءَ کان بھتر آهي ته ٻاهرين پبليشرن کان ڪتاب خريد ڪن عام ماڻھن پڙهندڙن کي سھولت ميسر ڪن ۽ ثقافت کاتي کي سوچڻ گهرجي ۽ ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لاءِ بھتر کان بھتر قدم کڻڻ گهرجن.
    بھرحال معاف ڪجو!
    ”واجھائيندي ورهه ٿيا“ اسانجي بھترين ليکڪا ”شگفته شاهه“ جي ڪھاڻين جو ڪتاب آهي. شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان پئي لکندي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي.
    شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي. مونکي پڙهندڙن آڏو اِهو ڪتاب پيش ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.
    ناري پبليڪيشن پاران هميشه صاف سُٿرو ادب، هر گهر جي ضرورت ادب پيش ٿيندو رهيو آهي. تمام جلد ناري پاران مئگزين جو سلسلو به شروع ٿي رهيو آهي. اميد ته اوهان جو ساٿ ۽ سھڪار جاري رهندو.

    ٻيو ڪُل خير اوهانجي پنھنجي
    نذير ناز
    8 مارچ 2018ع


    الا ڏاهي مَ ٿيان

    شگفته شاهه جون ڪهاڻيون پڙهي آئون الائجي ڪيئن ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ڏانهن هلي ويس ۽ منهنجو ذهن ڪڏهن هلال پاڪستان اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ صفحي لاءِ ايڊٽ ڪيل ۽ ڇپيل ڪهاڻين ۾ وچڙي ٿي پيو ته ڪڏهن ”سوجهري“ رسالي لاءِ آيل ڪهاڻين جي ايڊٽنگ مهل مَن ۾ اٿندڙ سوالن ڏانهن هليو ٿي ويو... گهرن جي چوديوارين، لوڙهن ۽ ڪوٽن ۾ قيد نارين، برقعن ۽ چادرين جي اندر ٻُوساٽيل ساهن، رسمن رواجن ۽ سماجي ٽئبوز جي شڪار ٿيل عورتن جي نڙيءَ ۾ گهٽيل آهن ۽ دانهن ڄڻ ته پنهنجو رستو ڳولي ورتو هو ۽ هو انهن ڪهاڻين کي نئين جاڳرتا ۽ آزاديءَ جا اهڃاڻ سمجهي، ڪاڳرن جي ڪينواس تي چٽي، پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيون هيون... سندن اهي ڪهاڻيون، سنڌي سماج ۾ ذهني انقلاب ڪر موڙي جاڳيو ۽ سنڌي ناڻيون اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهتيون يا ادبي کيتر ۾ اڀري آيون ۽ ڪيترائي اهم نالا سنڌي ادب جي آسمان تي چمڪڻ لڳا... جن صدين جي غلاميءَ وارن غلافن کي ڇيون ڇيهن ڪري اڇلائي ڇڏيو، ڪوڙي انا جا ڪوٽ ڪيرائي ۽ ٽئبوز ٽوڙي ڇڏيا ۽ سموري سنڌ ۾ جاڳرتا جي جوت جلائي... جنهن جي هڪ ڪرڻي... شگفته شاهه جو روپ ورتو جنهن نه صرف ڪهاڻين ۾ چترڪاريءَ ۾ به پنهنجي فني ۽ تخليقي صلاحيتن کي مڃرايو ۽ بنا ڪنهن ٽيڪ يا سهاري جي پنهنجي ٻَل تي مڃتا ماڻي.
    سندن هي ڪتاب آهي ته ننڍڙين ڪهاڻين تي مبني پر هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ عورت جو لائيف سائيز چٽ پيش ڪري سندس اندر ۾ موجود ڪنهن نه ڪنهن ڏک کي هاءِ لائيٽ ڪري ٿي... اهو ڏک دائمي آهي، يونيورسل آهي، جيڪو صدين کان عورت سهندي آئي آهي ۽ ستر جي ڏهاڪي کان هن وقت تائين سجاڳيءَ ۽ آزادي جي پانڌياڻي بنجڻ کان پوءِ به، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سندس اندر اڌ ڪري ٿو وجهي... اهو ڏک اڳ ۾ اڻپڙهيل، اٻوجهه، اڻ ڄاڻ ۽ پروَس عورت جو ڏک هو پر اڄ جي عورت پڙهيل لکيل با شعور فرد آهي، جيڪا پاڻ هيڻي ۽ خود ڪفيل هوندي به سڳائي ڏک کي سهڻ تي مجبور ڪئي ٿي وڃي. بي شعور ۽ اٻوجهه عورت جي ڀيٽ ۾ باشعور ۽ پاڻ وهيڻي عورت لاءِ اهو ڏ ٻيڻو ٿيو وڃي، جو ان سان ذهني پيڙا به شامل ٿيو وڃي، انهيءَ ڪري ئي شاهه سائين چيو هو ته:
    الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن.
    اهو ڏاهي ٿيڻ کان انڪار نه سمجهيو وڃي، بلڪه اهو ان احساس کي جاڳائڻ جو سڏ آهي، جيڪو ڏاهپ جي ڏک کي گهٽائي سگهي، اهو احتجاج آهي، چماٽ آهي، ان سموري سماج لاءِ جيڪو ”ڏاهپ“، ”شعور“، ”دانائي“ وارن آوازن کي دٻائڻ جون ڪوششون ٿو ڪري، انهن جي سوچ، فڪر ۽ ذهني وسعت جي رستا روڪ ٿو ڪري، يا ته وري ان کي پيرن ۾ لتاڙي پائمال ٿو ڪرڻ چاهي شايد ان ڪري جو اهو انهن کان خائف آهي، ڊنل آهي.
    شگفته جي ڪهاڻي ”اعتراض“ ان احساس جو چٽو پٽو عڪس ٿي پيش ڪري. شعور جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ عام تاثر اهو گهڙيو ويو آهي ته ”اعليٰ تعليم يافته ڇوڪريون چالاڪ، تيز ۽ الائي ڇا ڇا هونديون آهن، ان ڪري سندن نباهه ٿي نه سگهندو آهي. اهو ئي ته هي سماج چاهي ٿو ته ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري، اٻوجهه رهن، چالاڪ ۽ تيز نه پر مت جون موڙهيل ۽ گگدام جانور جهڙيون هجن ته جيئن سولائيءَ سان سندن حقن کي دٻائي ۽ ڦٻائي سگهجي، کين انسان بدران مٽاسٽا جي وٿ بنائي سگهجي ۽ هو غلامن جهڙو سلوڪ ڪرڻ تي به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍن!
    شگفته جي ننڍڙي ڪهاڻي ”شناخت“ ته جهڙوڪر گهر گهر جي ڪهاڻيآهي، ذهني بردباري وارو جيون ساٿي پائڻ هر هڪ انسان جو حق آهي پر عورت لاءِ اهو اڄ به جهڙوڪر ڪو خواب آهي.

    ”قلم ۽ قلمدان“ نالي ڪهاڻيءَ ۾ شگفته انهن منافق ليکڪن کي وائکو ڪيو آهي جيڪي وڏا ترقي پسند، روش خيال، ايماندار ۽ غريبن جا هڏ ڏوکي هئڻ جو ڍونگ ڪندا آهن، پر جڏهن ڪنهن وڏي ”قلمدان“ کي هٿ ڪندا آهن ته بي حس بنجي اونده انڌڪار جا حامي ۽ ڪرپٽ ڪامورا ٿي پنهنجي ئي ديس ۽ ديسواسين سان دشمني ڪندا آهن... ۽ پوءِ به اوچي ڳاٽ سان هلندي پنهنجي لاءِ عزت ۽ احترام جا طلبگار هوندا آهن.
    ”غيرت“ نالي ڪهاڻي ٻٽن معيارن جي ڪهاڻي آهي. اهو به عام مشاهدو آهي ته سماج ۾ اخلاقيات ۽ شرافقت جا مردن لاءِ هڪڙا معيار ته عورتن لاءِ ٻيا معيار ٺهيل اهن. ساڳئي قسم جا ٻٽا معيار ڪهاڻي ”ڀيڻ“ ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جتي ڏم کي ڇڏي ميهار سان ميلاپ ڪندڙ شاهه لطيف جي ڪردار ”سهڻي“ کي سورمي سمجهڻ وارو مرد پنهنجي ڀيڻ کي سندس پسند جي شاديءَ جو حق ڏيڻ بي غيرتي ٿو سمجهي ۽ وري پاڻ پنهنجي پسند يا پريميڪا سان روح رهاڻ ڪندي اهو وساري ٿو ويهي ته اها به ڪنهن جي ڀيڻ ٿي سگهي ٿي.
    شگفته شاهه نه صرف برش ۽ قلم ذريعي پنهنجي اندر جو اظهار ڪيو آهي پر سندس ريڊيو لاءِ لکيل گيتن ڀريون ڪهاڻيون هوائن جي آڌار اظهار جا پر لڳائي ٻڌندڙ کي متوجهه ڪن ٿيون. سنڌي ليکڪائن مان ٽيليويزن تي لکڻ وارين ۾ نورالهديٰ شاهه سنڌيءَ ۽ اردو ۾ پاڻ مڃايو ويٺي آهي، جڏهن ته ريڊيو تي مختلف حوالن سان ڪيئي ليکڪائون پاڻ مڃائي چڪيون آهن، جن مان شبنم گل وانگر شگفته شاهه جو به هڪ نالو آهي. سندس انهن ڪهاڻين جو هڪ مختلف انداز آهي ۽ اهي گهڻو ڪري رومانوي آهن، جيڪا شايد ريڊيو جي ٻڌندڙن جي گهر کي سامهون رکي پوري ڪيل هڪ ضرورت آهي پر انهن ڪهاڻين ۾ به هن عورت جو غم نمايان ڪيو آهي ۽ سماج جي بيحسي ۽ رشتن جون مجبوريون سندس راهه جون رڪاوٽون آهن، جيئن هن ”وانجهائيندي ورهيه ٿيا“ نالي ڪهاڻيءَ ۾ توڙي ”رڃ جا مسافر“ ۾ ڪيو آهي. هنن ڪهاڻين جي هڪ خوبي انهن ۾ شامل شاهه جي شاعري آهي، جنهن کي موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ ائين صرف اهڙو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو شاهه جي شاعريءَ کي نه صرف سمجهي سگهي پر ان ۾ موجود معنائن جي گهڻ رنگيءَ جو به اندازو هجيس.
    ”عورت روبوٽ ۽ فنڪار“ نالي ڪهاڻيءَ ۾ ”ياد ماضي عذاب هي يا رب“ وارو تاثر به آهي، شهري زندگيءَ جي مصروفيتن ۽ نفرت، ٻيائيءَ، منافقت ۽ مطلب پرستيءَ ۾ گم ٿي ويل معصوميت جو ڏک به آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن مشيني روبوٽ جيان، بنا سوچ، بنا احساس جي رڌل رهڻ سبب اندر جي فنڪار جي موت جو نوحو به آهي.
    اهي سڀئي ڪهاڻيون نه صرف ٽيڪنڪ جي لحاظ کان بهتر آهن، پر اظهار ۾ به ڪامياب آهن، سنڌي ڪهاڻيڪار عورتن ۾ جيئن خيرالنساء جعفريءَ فرسٽ پرسن (متڪلم) ۾ اظهار ڪيو هو ۽ پنهنجا پراوا ڏک پنهنجي ذات تي طاري ڪري لکيو هو جنهن سان ڪهاڻيءَ ۾ سچائي جو تاثر پيدا ٿي پيو، ائين ٻي ڪا ليکڪا نه ڪري سگهي آهي، پر ٿرڊ پرسن (غائب) ۾ لکڻ جي باوجود شگفته جي ڪهاڻي ۾ اهڙو تاثر اڀري ٿو، جهڙو ذاتي تجربي مان پيدا ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هن هڪ حساس عورت وانگر هر اها ڳالهه دل تي محسوس ڪئي آهي، جيڪا سندس ذات جي نفي ڪري ٿي يا ان کي بي مانو ڪري ٿي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته شگفته شاهه سنڌي ڪهاڻيڪارن جي موجوده ٽهيءَ ۾ هڪ منفرد ۽ اهم جاءِ والاري ٿي.

    ڊاڪٽر فهميده حسين


    پنهنجي پاران

    هڪ زمانو هو ته انهن ڪهاڻين سنڌي ادب ۾ ٿرٿلو مچايو هو، جيڪي وڏن خاندانن جي قيد ۽ بند ۾ پيل عورتن جي جذبن ۽ احساسن بابت ڇپيون ۽ هر طرف هاءِ گهوڙا مچي وئي ته ڪيئن نه انهن جا حق ماري حق بخشرايا ٿا وڃن. زمانو بدليو ۽ سوچ بدلي ۽ اهڙن وڏن خاندانن توڙي اپر مڊل ڪلا س۽ مڊل ڪلاس سنڌي ماڻهو ڳوٺن مان لڏي شهرن ۾ شفٽ ٿيا ۽ پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ لڳا ۽ ڪافي حد تائين آزادي به ڏني يعني شهرن ۾ بنا پردي جي ڪيتريون ئي عورتن مختلف سماجي حلقن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر اتان وري شهري سماج سان لاڳاپيل مسئلا اڀرڻ لڳا پر اڃان تائين فقط ڳوٺاڻي سماج متعلق ئي لکجي پيو (جيڪو پنهنجي جاءِ تي اهم آهي) باقي شهري عورت جڏهن تعليم لاءِ ٻاهر ٿي نڪري، يونيورسٽين تائين پهچي ٿي ۽ نوڪري به ڪري ٿي ته هوءَ ڪهڙي ڏکيائين کي منهن ڏي ٿي ۽ ڪيتري ذهني اذيت ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏي ٿي ان بابت سنڌي اديبن ته بنهه گهٽ لکيو آهي (شايد لکيو ئي ڪونهي) پر اديبائن به ايڏو ناهي لکيو جيترو ڳوٺاڻن مسئلن تي لکيو ويو آهي. جنهن جو سبب اهو آهي ته گهڻو ڪري اديبائن جو تعلق به ڳوٺاڻي طبقي ننڍن شهرن جي سان رهيو آهي ۽ ڪي گهٽ اديبائون آهن، جيڪي نج شهري آهن تن پڙهيل لکيل ۽ بظاهر آزاد عورتن جي مسئلن کي کنيو آهي.
    عورت چاهي ڳوٺ سان تعلق رکي، ننڍي شهر سان يا ڪنهن وڏي شهر سان، هڪ عام عورت جو حلقو محدود رهيو آهي، يعني گهر، مٽن مائٽن، اسڪول ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ وڌ کان وڌ نوڪري، سان لاڳاپيل ادارا، هن محدود حلقي جا به پنهنجا تمام گهڻا مسئلا آهن، خاص ڪري معاشري جي بنيادي يونٽ ”گهر“ جا مسئلا تمام گهڻا آهن. گهر مان ئي انسان ٺهي ٿو، گهر مان ئي بگڙي ٿو. هر عام ۽ معمول جي زندگي گذاريندڙ فرد جا ڏک سک گهر سان ئي وابسته هوندا آهن پر بدقسمتيءَ سان ليکڪن گهر جي مسئلن تي بنهه گهٽ لکيو آهي يا شايد ان کي ”اديبائن جو ڊپارٽمينٽ“ سمجهيو آهي.
    آئون به شهر جي هڪ محدود سرڪل تائين محدود ليکڪا آهيان، ان ڪري اسان جي (ايڪڙ ٻيڪڙ اديبائن کي ڇڏي) ٻين اديبائن جيان منهنجي علم، مشاهدي، تجربي ۽ ڪهاڻين جو ڪينوَس محدود آهي ۽ اسان جي 90 سيڪڙو کان به مٿي عورتون ان ئي محدود دائري ۾ زندگي گذارين ٿيون نه فقط عورتون پر مرد به پوءِ هنن مسئلن کي گهر جا سڀئي فرد، مرد توڙي، عورتون فيس ڪن ٿا:
    رشتن ناتن جا معاملا،
    گهرو جهيڙا،
    شادي مرادي جا مسئلا،
    ڏاج ڏيڻ جا مسئلا وغيره.
    عورت جيڪڏهن نوڪري، ڪري ٿي ته اتي به ڪيترن معاملن کي منهن ڏي ٿي. خاص ڪري جڏهن مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي، مسئلا ته انهن عورتن کي به فيس ڪرڻا ٿا پون، جيڪا گهر سنڀالي ٿي، نوڪري به ڪري ٿي، بِلَ به پئاري ٿي، بينڪ جا معاملا به ڏسي ٿي، ٻارن کي خود ڪار ڊرائيوَ ڪري ڇڏي ۽ وٺي اچي ٿي... يعني بظاهر آزاد ۽ خود مختيار لڳي ٿي پر حقيقت ۾ ڪو به فرد رشتن ناتن ۽ گهرو ذميدارين کان آجو ڪو نهي، چاهي مرد هجي يا عورت سو منهنجي محدود علم، ڄاڻ ۽ مشاهدي تحت لکيل هي ساديون گهرو ڪهاڻيون اوهان آڏو آهن پر حقيقت کان ڪا به وانجهيل ڪانهي. شهري سماج ۾ رهندڙ عورت به ڳوٺن ۾ رهندڙ ننڍن شهرن ۾ رهندڙ عورتن وانگر ڀوڳي ٿي. خاص ڪري ان ڪري به جو هوءَ پنهنجن حقن کان واقف هوندي به پنهنجا سڀ جائز حق وٺي نٿي سگهي. ڪڏهن هوءَ خاندان جي عزت خاطر ته ڪڏهن هن سينور جي ويل سماج جي غليظ ڇنڊن کان بچڻ خاطر پنهنجي مرضيءَ خلاف مجبوري ۾ Compromises ڪري ٿي. ۽ از خود ڪيترن حقن کان حق بخشائڻ بنا خود حق بخشي ٿي ڇڏي فقط ٻين خاطر، پنهنجي رشن ناتن خاطر، پنهنجي گهر ۾ سڪون رکڻ خاطر، جهيڙي کي ختم ڪرڻ خاطر.
    مون اهو ئي لکيو آهي جيڪو پنهنجي اردگرد ڏٺو آهي، جو اهو ئي لکي سگهان ٿي. آئون اعتراف ٿي ڪريان ته آئون ڳوٺاڻي سماج جي مسئلن تي نه لکي سگهي آهيان جو منهنجو واسطو ان سان رهيو ئي نه، ان ڪري منهنجو مشاهدو ڪونهي پر مون پڙهيل لکيل ۽ شهري سماج جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ عورتن جا ڏک سک، جذبا ۽ خواب لکيا آهن.
    منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون بنهه شروعاتي دور جون آهن، جيڪي ڪي قدر ڪچيون به لڳن ٿيون، هاڻي ادي نذير ناز جي اسرار تي سڀ ڏنل آهن. ادي نذير ناز جي همٿ افزائي سبب مون لکڻ شروع ڪيو ۽ ناري پبليڪشن جي مئگزين ۾ ئي منهنجون شروعاتي ڪهاڻيون ڇپيون، ادي نذير ناز مون کي ”ناري سنگت“ پاران 2008ع ۾ ”بيسٽ آرٽسٽ“ جو ايوارڊ ڏنو. سنڌ جي روايتي ماحول ۾ هڪ روايتي گهراڻي جي ڇوڪري 80، 90 جي دور ۾ ادب، ريڊيو ۽ آرٽ جي ميدان ۾ اچي، سا وڏي ڳالهه هئي. ادي نذير ناز پنهنجي واعدي ۽ پراڻي خواهش مطابق مون کي ايوارڊ ڏئي مون کي وڏو مان ڏنو. شل خوش هجي!
    منهنجون هي ڪهاڻيون ترتيب وار 1990 کان وٺي 2011 تائين جون آهن جن مان ptcl کان وٺي سيل فون ۽ نيٽ جو بدلجندڙ دور نظر ايندو. اڄڪلهه آئون فلش فڪشن (سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾) ۽ يادگيريون لکان پئي.

    شگفته شاهه
    10 فيبروري 2018ع


    اديبه، شاعره، مصوره ۽ استاد

    سُندر سوچن واري سٻاجهڙي، حليم طبع، بردبار ۽ پختي ليکڪا محترمه شگفته شاهه گهڻ پاسائي شخصيت آهي.
    هيءَ اديبه آهي ته شاعره به، مصوره آهي ته معلمه به. سنڌي ٻوليءَ جي سيوا ۽ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ سڪ گويا سندس زندگيءَ جو مول متو آهن.
    سنڌ جي معزز سيد گهراڻي جي روايتي ۽ پابند ماحول ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪا سماجي ڏاڍ، جبر، پيڙائن ۽ ناانصافين تان پردو کڻڻ لاءِ انتهائي بي ڊپائي ۽ بهادريءَ سان قلم کنيو، انڊلٺ جي رنگن مان برش ٻوڙي قرطاس تي آندو ۽ باوجود نامناسب حالتن ۽ روين جي، تعليمي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ اڻ ٿڪ ڪوشش ۾ رڌل آهي.
    سماجي مشاهدو گهرو هئڻ ڪري ماحول نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ مهارت اٿس. سندس تخليقون، ايامن کان، جڳ مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي مهراڻ، ماهانه سرتيون ۽ ٻين کوڙ سارن ادبي رسالن جي زينت بڻجنديون رهيون آهن. انداز بيان دلين کي ڇهندڙ ۽ روح پرور اٿس. ناول هجي يا ڪا ادب جي ٻي صنف، زندگيءَ جا مختلف عڪس ۽ فڪري سجاڳي منجهن نمايان نظر ايندا.
    مصوريءَ ۾ رنگن جي Contrast، نرالي تخيل جي شاهدي ڏيندڙ ڪيترن ئي ڪتابن جا سرورق آهن، جي فنونِ لطيفه ۾ سندس تخليقي وصفن جي عڪاسي ڪن ٿا. پنهنجي سٿ ۾ هڪ مڃيل معلمه پڻ آهي ۽ سندس ڪتاب اوهان آڏو آهي.
    شال سندس قلم جي رواني اهڙي ئي بهادري، بيباڪي ۽ جريت سان سدائين قائم رهي ۽ پڙهندڙن کي فڪري سجاڳي ۽ سماجي شعور جا سبق ڏيندي رهي.

    عبدالغفار صديقي
    20 جون 2012ع


    اعتراض

    ريحانه: ”صفيه“
    صفيه: ”هون“
    ريحانه: ادي نوريءَ جي سڱ جي جيڪا ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي تنهن جو ڇا ٿيو؟
    صفيه: اهو معاملو ته ختم ٿي ويو.
    ريحانه: ڇو...؟
    صفيه: ڇوڪري کي اعتراض هو.
    ريحانه: ڇوڪري کي ڪهڙو اعتراض هو؟... الله ادي نوري ته ايڏي پياري سلڇڙي ڇوڪري آهي. جهڙي اٿس صورت پياري تهڙي ئي سيرت اٿس.
    صفيه: ريحانه! توکي ته خبر آهي ته اڳ اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين کي پڙهائڻ و رواج ڪو نه هو انڪري ادي نوريءَ کي رڳو پنج درجه پڙهائي پوءِ گهر ويهاري ڀرت، ٽوپو، رڌ پچاءُ ۽ گهرداري جا ٻيا هنر سيکاريا ويا. جڏهن ته ڇوڪري جو چوڻ هو ته جيئن ته هو پاڻ اعليٰ تعليم يافته آهي ان ڪري سندس نباهه گهٽ پڙهيل ڇوڪريءَ سان نٿو ٿي سگهي. هن کي ڪنهن ماڊرن ۽ اعليٰ تعليم يافته ڇوڪريءَ جي ضرورت هئي، جيڪا نه صرف هر هنڌ هن سان گڏ چي وڃي سگهي، پر جيڪڏهن ڪنهن وقت ضرورت پوي ته نوڪري ڪري گهر جي ضرورتن ۾ پڻ سندس هٿ ونڊائي سگهي.
    ريحانه: اوهه... آئي سي“


    ريحانه: صفيه!
    صفيه: هون!
    ريحانه: ڪجهه عرصي کان تنهنجي سڱ بابت جيڪا ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ان جو ڇا ٿيو؟؟
    صفيه: اهو معاملو ته ختم ٿي ويو.
    ريحانه: ”ڇو!!؟؟...
    صفيه: ڇوڪري کي اعتراض هو.
    ريحانه: ڇوڪري کي ڪهڙو اعتراض هو؟... تون ته ايڏي سٺي تعليم يافته، بولڊ ۽ ذهين ڇوڪري آهين.
    صفيه: ريحانه!... توکي ته خبر آهي ته ادي نوريءَ ته رڳو پنج درجا پڙهي پر پوءِ مون ضد ڪري اڳتي پڙهڻ جي ڳالهه مڃرائي ورتي ۽ آئون اسان جي خاندان جي پهرين ڇوڪري آهيان جيڪا يونيورسٽي ليول تائين پڙهي سگهيس ۽ ڇوڪري لاءِ اهائي ڳالهه اعتراض جوڳي آهي. ڇو جو سندس خيالآهي ته جيڪي ڇوڪريون ايڏيون ماڊرن ۽ ڇوڪرن سان گڏ پڙهنديون آهن سي آزاد خيال هونديون آهن ۽ سٺي ڪردار جون نه هونديون آهن. ٻي ڳالهه ته اعليٰ تعليم يافته ڇوڪريون چالاڪ تيز ۽ الائي ڇا ڇا هونديون آهن ان ڪري سندس نباه ٿي نه سگهندو جو هوءَ مٿس پنهنجي تعليم جو رعب وجهندي ۽ وري جي نوڪري ڪندڙ هوندي ته پوءِ گهر جو ذميواريون ڇٽيون... جڏهن ته کيس ڪا گهٽ پڙهيل ۽ سادي سودي ڇوڪري گهرجي ٿي.
    ريحانه: اوهه... آئي سي.


    بک ۽ اديب

    هو جيڪو هڪ اديب هئڻ سان گڏوگڏ ”وڏو ماڻهو“ به آهي. جنهن کي اديبن جي سٿ جا ڪيترائي اديب ”برک اديب“، ”ديس جو هڏ ڏوکي اديب“، ”وطن جو نمائندو اديب“ ۽ ٻين انيڪ لقبن سان سڏيندا آهن... هن غربت، افلاس ۽ عام ماڻهوءَ جي ڏکن سکن تي بيشمار ”ادبي شاهڪار“ تخليق ڪيا آهن... پر هو پاڻ شهر جي هڪ اعليٰ سوسائٽي يعني ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي ۾ رهندڙ آهي... هڪ ڀيري جڏهن سندس هڪ ”فارينر“ (پرڏيهي) دوست وٽس گهمڻ آيو هو ته کيس عاليشان ڪار ۾ وٺي هو پنهنجي ”اعليٰ سوسائٽي“ سان لاڳو ”غريبن جي بستي“ وٽان لنگهيو هو ته سندس دوست اتي گاڏي يبهاري غريبن جي ڏکوئيندڙ رهڻي ڪهڻيءَ کي ڏسي کيس چيو: ”توهان جهڙا ماڻهو هنن غريبن جي مدد ۽ واهر لاءِ اڳتي ڇو نه ايندا آهن... ڏسو... هيڏي وڏي ماڻهن جي علائقي ڀرسان غريب بنيادي ضرورتن کان به محروم آهن ۽ توهان سڀ خاموش...! ۽ پوءِ هن ڪار مان لهي سندس ملڪ جي هڪ تمام وڏي نڪرندڙ مشهور رسالي (مئگزين) لاءِ پنهنجي ڪئميرا سان بيشمار تصويرون ڪڍيون هيون. ان مهل ئي ان اديب انهن ”غريبن“ جو حساب ڪتاب صاف ڪرڻ لاءِ سوچي ورتو هو ۽ ترت پنهنجي پرڏيهي دوست کي ايئرپورٽ تي ڇڏي موٽڻ کان پوءِ انتظاميه جي ”وڏن ماڻهن“ کي شڪايت ڪئي هئي ته ”غريبن“ جي بستي اتي غير قانوني ۽ ”وڏن ماڻهن“ جي علائقي لاءِ ”آلودگي“ جو سبب هئي ۽ وڏي ڳالهه Low Standard (گهٽ درجي واري) هئي. جنهن ڪري ترت ئي انتظاميه جا پگهاردار ان وسنديءَ جي ماڻهن کي اتان تڙڻ لاءِ اچي ويا... ان ڏينهن ئي هن ”اديب“ جو ٽيليويزن تي هڪ ”ادبي پروگرام“ ۾ انٽرويو رڪارڊ ٿيڻو هو... ۽ جيئن ئي سندس چلڪڻي ڪار سندس وڏي عاليشان بنگلي جي گيٽ مان نڪتي ته ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ ڊرائيور گاڏيءَ کي اوچتو بريڪ هنئي... ڀرسان ”غريبن جي وستي“ ۾ گوڙ متل هو ۽ انتظاميه جي پگهاردارن ۽ غريبن وچ ۾ رستي خالي ڪرڻ تي ڇڪتاڻ متل هئي... اوچتو هڪ ”پگهاردار“ جو زوردار ”ڏنڊو“ کائي هڪ ضعيف شخص ”اديب“ جي ڪار جي اڳيان اچي ڪريو هو ۽ سندس مٿي مان رت نڪري رهيو هو، اديب جي پڇڻ تي هڪ ”پگهاردار“ چيو هو:
    ”ڪا خاص ڳالهه ناهي سر!... ڪجهه ئي دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ بستي خالي ٿي ويندي... سڀني کان گهڻو گوڙ پوڙهو ڪري رهيو هو ۽ چوي ٿو ته اسين هيءَ بستي خالي ڇو ڪريون؟ هيءَ زمين ته پيڙهين کان اسان جي آهي. غاصب ته اهي وڏا ماڻهو آهن. جن اسان جهڙن ڪيترن جون هتان زمينون ڦٻائي ۽ پکا پٽائي، هي محل ماڙيون ٺهرايون آهن... پر مٿي تي ڏنڊي کائڻ کان پوءِ اميد ته هن پوڙهي جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو... اوهان وڃو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو...“
    اهو چئي ”پگهاردار“ بيدرديءَ سان پوڙهي کي ٽنگ کان پڪڙي روڊ جي ڪناري تي ڦٽو ڪيو ۽ ”برک اديب“ جي ڪار چيڪاٽ ڪندي تکي هلي وئي... اڳتي هلي سنگل تي ڪار بيٺي ته هڪ فقيرياڻي فٽ پاٿ تي ويٺل هئي. سندس ڪڇ تي هڪ اڌ اگهاڙو ٻار هو، جنهن جو پيٽ بک ڪري وڃي پٺيءَ سان لڳو هو... فقيرياڻي کيس ڏسي صدا هنئي ”سائين! الله جي نالي ڪجهه پئسا ڏي ته هن معصوم کي ڪجهه کارايان، جيڪو گهڙي پل جو مهمان آهي...“
    ”نان سينس!... هنن ماڻهن ته جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي... ڊرائيور جلدي هل...“ اديب ڪروڌ مان ڪار جو شيشو چاڙهيندي چيو... ۽ پوءِ ”ادبي پروگرام“ ۾ کانئس انٽرويو وٺڻ دوران سڀني کان آخر ۾ جڏهن کانئس سندس وڏي کان وڏي خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن ٿڌو ساهه ڏاڍي ڏک سان چيو هو: ”جڏهن مرڻ کان پوءِ آئون قبر ۾ دفن ٿي مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندس ته اها مٽي منهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندي. ڪاش! جيڪڏهن منهنجي ان مٽيءَ مان ڪو ڪڻڪ جو هڪ سلو پيدا ٿئي ۽ اهو هڪ سنگ ئي ڪڍي جنهن کي منهنجي وطن جو ڪو ”ڏڪاريل“ هڪ ئي ڄڻو کائي، پيٽ ڀري ته آئون سمجهندس ته مون پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جو تر جيترو ئي سهي ڪجهه ته قرض لاٿو...“
    انهن جملن تي ڪمپيئر توڙي آڊينس ۾ ”واهه واهه“ مچي وئي هئي ۽ اهو پروگرام نشر ٿيڻ کان پوءِ ته ڪيترن ئي اديبن ۾ به ”واهه واهه“ ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه اديبن ته سندس آخري خواهش وارن لفظن کي ”لافاني“ هئڻ جو درجو ڏنو هو ۽ سندس اهي لفظ ڪيترين ڪهاڻين ۾ Quote ڪيا ويا، مثالن ۾ ڏنا ويا. ڪتابن ۾ لکيا ويا... پر... شايد... ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اهو انٽرويو ڏئي جڏهن پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۾ موٽيو هو ته ساڳئي فٽ پات تي هن جي نگاهه ان ئي فقيرياڻيءَ تي پئي هئي... سندس ڏٻرو ڪارو ۽ ڏرا ڏنل اکين ۽ پٺيءَ لڳل پيٽ وارو ٻار مري چڪو هو ۽ سندس ڪڇ ۾ وات کوليو پيو هو... هن جي کليل وات تي مکين جا ميڙ هئا... سندس بي جان اکيون سندس ماءُ جي چهري ڏانهن نهاري کانئس انيڪ سوال پڇي رهيون هيون... ۽ سندس ماءُ وري آهستي آهستي گڏ ٿيندڙ ماڻهن جي ميڙ ڏانهن هر هر ڏسي ڄڻ هر ڪنهن کان انيڪ سوال پڇي رهي هئي ۽... هن اديب نفرت سان هنن ڏانهن ڏسي وري منهن ڦيري چيو: ”نان سينس!... ڊرائيور!... ڪار کي جلدي هتان ڪڍ...“
    (ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي سهيڙيل ڪتاب ”سون ورنيون سوڍيون“ تان ورتل)


    وارث

    جن پٽن کي ماءُ ۽ پيءُ لاڏ ڪوڏ سان نپايو هو، جڏهن هو پيرسن ٿيا ته پٽ کين سنڀالي نه سگهيا هئا. پيءُ جي وفات کان پوءِ ڀائرن ماءُ کي بالڪل لاوارث ڪري ڇڏيو ته ڌيءُ کيس پنهنجي گهر وٺي آئي. هوءَ شادي شده هئي پر خوشنصيب هئي ته کيس سٺو ور مليو هو. هو به سندس ماءُ کي گهر وٺي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو ته سندس ماءُ پيءُ سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويا هئا ۽ هو انهن هستين جي شفقت کان محروم هو، هنن ٻنهي ماءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي. سندس علاج ۽ آرام جو پورو خيال رکيائون، پر جڏهن هوءَ گذاري وئي ته رسم جي مطابق ماءُ جو جنازو پٽن جي گهر مان کنيو ويو ڌيءَ ته هڪ پاسي ماءُ جي جدائي ۾ روئي رهي هئي ۽ ٻئي طرف ڪفن دفن جي انتظام ۾ لڳي پئي هئي. جڏهن ته ڀاڄايون ماءُ جي ڪٻٽن جون چاٻيون هٿ ڪري، زيور ۽ ٻيون شيون قبضي ۾ ڪرڻ ۾ مصروف هيون. هوءَ سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي.
    کيس ڪيئن ٿي وسري سگهيو ته سندس پيءُ، جيڪو برک عالم، محقق ۽ اديب هو، جڏهن هو گذاري ويو هو ته ڪفن دفن کان واندڪائيءَ کان پوءِ ڀائرن گڏجي ميٽنگ ڪئي ۽ پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت مان پنهنجي پنهنجي حصي وٺڻ لاءِ حساب ڪتاب ڪيو ۽ سڀ ملڪيت کڻي ورتي، سواءِ پيءُ جي لکيل قيمتي ڪتابن جي تڏهن هو پنهنجي گهر واري سان گڏجي پيءُ جا ڪتاب ۽ ٻيون يادگار شيون کڻي انهن کي وڏي لائبريري ۾ ڪارنر ٺاهي رکائڻ لاءِ رلندا رهيا. جڏهن سندس عظيم پيءُ جي نالي جو ڪارنر ٺهي ويو ۽ جنهن ڏينهن ان جو شاندار افتتاح ٿيو هو ته ان رات کيس سڪون جي ننڊ آئي هئي. کيس لڳو ته مٿس جيڪو پيءُ جو قرض هو سو لاهي ڇڏيائين.
    هوءَ سوچيندي رهي ته پوءِ به آخري مائٽ ڌيئرن جي ڄمڻ تي ناخوش ڇو ٿيندا آهن ۽ پٽن جي ڄمڻ تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن، جو چوندا آهن ته پٽ ته ”وارث“ هوندا آهن.
    بيشڪ! اهي وارث هوندا آهن...
    پر... ڇا جا؟ فقط ملڪيت جا؟!!!


    سوال

    ”هنن نوڪرياڻين به بيزار ڪري رکيو آهي. مهيني ۾ هڪ ٻه موڪلون ته ضرور ڪنديون.“ ليڪچرر صاحبه پنهنجي مهانگي برينڊ جي سوٽ جي رَئي کي هڪ ادا سان ڪلهن تي وجهندي چيو:
    ”مون واري مائي ته اڄ ٽن ڏينهن کان پوءِ شڪل ڏيکاري آهي، آئون به موڪلن جا پئسا ڪٽي پگهار ڏيندي سانس.“
    ڊاڪٽرياڻي صاحبه پنهنجون نيون ٺهرائي پاتل سونيون چوڙيون کنکنائيندي چيو ته جيئن بار بار اهي نظر اچن.
    ”اسان جي اديب الاهي ڇو چو آهي؟“
    هنن کيس اوچتو مخاطب ڪندي چيو ته هوءَ... جيڪا پري... ڪمري کان ٻاهر ويڪري ورانڊي ۾ نوڪرياڻي کي ڏاڍي تڪليف سان جهڪي فرش تي پوچو هڻندي ڏسي رهي هئي، ڇو ته هوءَ ماءُ بنجڻ واري هئي. سندس چهري تي وکريل درد جون ريکائون ظاهر ڪري رهيون هيون. ته هوءَ سُورَ جون سَٽون سهي رهي هئي... هن پنهنجي اعليٰ تعليم يافته فرينڊز ڏانهن متوجه ٿي، هڪ گهرو ساهه کڻي چيو:
    ”اسين سڀ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ٿيون ڪريون، اسان کي ڪيتريون (Casual) لِيوِز (leaves) ملن ٿيون هڪ سال ۾؟“
    ”پنجويهه موڪلون“ هنن گڏجي چيو.
    ”معنيٰ پگهار ڪٽڻ کانسواءِ اسان کي سال ۾ پنجويهه اتفاقي ضرورتن جي پوئواريءَ لاءِ موڪلون ملن ٿيون. تنهن کانسواءِ مهيني ۾ چار ڏينهن يعني آچر جو موڪلون سال ۾ ٻيون عيد براد ۽ قومي ڏينهن وغيره جون. انهن کانسواءِ ميڊيڪل بنيادن تي الڳ موڪلون، عمره حج ڪرڻ جون ان کانسواءِ... جيڪڏهن Casual leaves تي به ڊيلي ويجز (Daily wages) وارو قانون لاڳو ڪري اسان جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ته؟“
    ”اهو ته ظلم ٿيندو“ ڊاڪٽرياڻي يڪدم چيو.
    ”سالياڻي انڪريمينٽ (increment) يعني هر سال وڌندڙ پگهار روڪي وڃي ته؟“
    ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي اهو ته اسان جو حق آهي“ ليڪچرر جلدي چيو.
    ”پوءِ... اسين به گهرن ۾ پورهيو ڪندڙن... خاص طور تي عورتن کي ساڳيا حق ڇو نٿيون ڏيون. هوءَ ويچاري حال کان بيحال آهي. ميٽرنٽي لِيوِ (maternity leave) تي ته نٿي وڃي سگهي پر ٽي ڏينهن موڪل به نٿي ڪري سگهي؟ نوڪر آچر جي ڏينهن به موڪل نه ڪن ته سندن اهي چار موڪلون ته توهان وٽ هونئن به قرض آهن، جيڪي هو گڏي ڪري ٿا سگهن ۽ ... ها... ڇا اسين کين سالياني انڪريمينٽ ڏيندا آهيون؟“
    جواب ۾ فقط خاموشي هئي.


    ڀيڻ

    ”يوسف“
    ”هون“
    ”مون کي سڀني لوڪ داستانن مان سهڻي ميهار جي داستان عجيب لڳندي آهي“
    ”ڇو“
    ڏس نه، هسڻي شادي شده هئي ۽ هڪ شادي شده عورت جو اهڙو ڪردار معاشرتي ۽ شرعي لحاظ سان به غلط آهي.
    ”چري! هي ته عشق جا اسرار آهن ۽ چون ٿا ته اهي جيڪي به داستانون هيون انهن داستانن جي ماڻهن جو عشق عام ماڻهو وارو عشق ٿورو ئي هو ۽ ڪي ته چون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه حڪمِ الاهيءَ سان ٿيو هو. انهيءَ ڪري سهڻي به اهڙي ته بيوس ٿي پئي هئي جو پوءِ کيس شريعت، معاشري ۽ ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه رهي بقول ڀٽائي:
    عقل، مَت، شرمُ ٽيئي نينهن نِهوڙيا،
    ”آئون اڃا به مطمعين نه تي آهيان.“
    ”ڀي تون پاڻ سوچ آڌي رات جو وِڄن جي چمڪاٽ، برسات ۽ مئي متي مهراڻ ۾ ڪا عام عورت ته گهڙي ڏيکاري، خدا انهن انسانن جي اندر عشق جي اهڙي باهه ٻاري جو سڀ ڪجهه ڏسندي به انڌا ٿي پيا ۽ انهن جيڪو به ڪجهه به ڪيو اِهو خدا انهن جي تقديرن ۾ لکي ڇڏيو هو. بقول ڀٽائي:
    ”ڪاري رات، ڪَچو گهڙو اُڻٽيهه اونداهي،
    چَنڊ نالو ناههِ ڪو، درياه ڌڙ لائي،
    ساهڙ ڪارڻ سُهڻي، آڌي تي آئي،
    اِي ڪَم اِلاهي نات ڪُنن ۾ ڪير گهڙي؟“
    ”اڃان ٻي ڪا دليل؟“
    ”ها...! مون ڪٿي پڙهيو هو يا ٻڌو هو ته جڏهن خدا کي انسان کي ٺاهڻ جو خيال آيو ته پهريائين تمام انسانن جا روح وجود ۾ آندائين ۽ پوءِ انهن روحن مان ڪن ماڻهن جا روح اتي ئي پاڻ ۾ مليا ۽ اتي هڪ ٻئي کي چاهيو. جيئن ته تڏهن اتي ڪا ذات، پات مذهب يا قومون نه هيون ته انهن جي چاهت انهن سڀني ڳالهين کان آجي ۽ پاڪ هئي ڇو جو اهي روحن جون روحن سان چاهتون هيون، ۽ پوءِ انهن روحن کي انسان جي خاڪي بت ۾ وجهي جڏهن دنيا ۾ موڪليو ويو ته سندن مذهب، ذات پات ۽ قومون قبيلا الڳ ٿي ويا، پر پوءِ دنيا ۾ جڏهن اُهي انسان هڪٻئي سامهون ٿيا ته سندن اندر اها ئي شناسائي، محبت ۽ چاهت جاڳي پئي ۽ کين محسوس ٿيو ته هو هڪ ٻئي کي ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. پوءِ جن جي جذبي ۾ سچائي هئي اُهي عشق جي انهيءَ مقام تي پهچي ويا. جتي ذات، پات، مذهب ۽ معاشرتي قدرون پٺيان رهجي ويون پر اهو ڪم رڳو سچن عاشقن جو ڪم هو عام ماڻهن جو نه. البت چيو ويندو آهي ته اڃان به ڪي انسان دنيا ۾ هڪ ٻئي کي ڳولي لهندا آهن. جن جا روح پاڻ ۾ ملي چڪا آهن. ان ڳالهه جا دليل شاهه سائين جي بيتن ۾ به ملن ٿا جيئن:
    نَڪا ڪُن فَيَڪون، هُئي، ٿڪو لِڱُ لَحَمُ،
    بنيو هو نه بُتَ ۾، اڃان ڪِي آدَمُ،
    مون توهين سين سڱُ، اُها ساڃاءِ سپرين!
    ”ها! هاڻي آئون قائل ٿي ويس.“
    ”پَڪ؟“
    ”پَڪَ“
    ”۽ مون کي به پڪ آهي ته اسان جا روح به اڳ ملي چڪا آهن ۽ اسان کي به خدا هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيو اهي. اسان ضرور ملنداسين.“

    ”يوسف!“
    ”هون.“
    ”ڇا ڳالهه آهي منهن ڳاڙهو لڳو پيو اٿئي ڪاوڙ مان؟“
    ”هن... ڳالهه ئي اهڙي آهي.“
    ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”اڄ اوچتو منهنجي ڀيڻ کي ڏٺم سندس ڪلاس فيلو سان گڏ ويٺي هئي.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ هن ڇوڪري کي وڃي گريبان کان پڪڙي ٻه ٽي جهٽڪا ڏنا مانس ۽ چيومانس ته آئنده وري هن کي منهنجي ڀيڻ سان نه ڏسان.“
    ”پوءِ هن ڪجهه نه چيو؟“
    ”چيائين ته هو ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ شادي ڪرڻ چاهين ٿا.“
    ”اها ته عام ڳالهه آهي ته تنهنجي ڀيڻ به کيس پسند ڪري ٿي ته پوءِ ڀلي شادي ڪن.“
    ”هوءَ ڪير ٿي ٿئي پسند ۽ ناپسند ڪرڻ واري! اڃان اسان ويٺا آهيون فيصلو ڪرڻ وارا سندس قمت جو.“
    ”پر... يوسف! تو ته ڪالهه چيو هو ته قسمت جا فيصلا ته خدا آسمان تي ئي ڪري ڇڏيندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هنن جي چاهت به خدا جو فيصلو هجي. تو چيو هو نه...؟“
    ”اُها ٻي ڳالهه آهي.“
    ”۽... تو اهو به چيو هو جن جا روح آسمان تي مليل هوندا آهن سي هڪ ٻئي کي ڳولي لهندا آهن جيئن اسين... ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو به ائين هجن...!“
    ”پر مون کي ڇوڪرين جو ايڏي آزاديءَ سان غير ڇوڪرن سان ملڻ جلڻ ۽ ڳالهائڻ پسند ڪونهي.“
    ”پر هو... هڪڙي ڪلاس ۾ پڙهن ٿا سو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ ۽... اسين به ته هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، بحث ٿا ڪريون ۽ آئون به ڇوڪري آهيان...“
    ”اها ٻي ڳالهه آهي.“
    ”پوءِ هوءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”هو ڀيڻ جو معاملو آهي. پر... تون اٿي ڪيڏانهن پئي وڃي؟“
    ”گهر.“
    ”ڇو؟“
    ”... ۽ وري تون مون سان ملڻ جي ڪوشش به نه ڪج.“
    ”ڇو... ڇو؟“
    ”... ڇو... جو... آئون به ڪنهن جي ڀيڻ آهيان.“


    مون مارو مڃيا

    ”مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر هي شعار ڪهڙي نظر سان حسن تلاش ڪن ٿا. جڏهن شعاري ڪندا ته ڪولهياڻين، ڀيلياڻين، ايستائين جو فقيرياڻين جي حسن جي شان ۾ اهڙا ته قصيدا چوندا جو تصور ايندو آهي ته شايد انهن کان وڌيڪ حسين ٻيو ڪير ٿي نٿو سگهي. حسن صرف شڪل صورت ۽ قد بت جو ته نالو ڪونهي. آخر صفائي سُٿرائي، ڪپڙا پائڻ جو ڍنگ، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي فضيلت به ته ضروري هوندي آهي...“
    مون پنهنجي تقرير جاري رکي، ڪافي دير کان آئون پنهنجي ڀيڻ نسرين سان حسن جي وصف تي بحث ڪري رهي هُيس. اسان ٻئي گهر جي لان ۾ ويٺل هونسين. آئون گرميءَ کان بچڻ خاطر شام جو ٿوري دير هوا کائڻ لاءِ ٻاهر اچي ويٺس پر پوءِ نسرين سان بحث ڪرڻ ۾ وقت جي خبر ئي نه پئي.
    ”ڏس عنرين!“ نسرين مونکي سمجهائيندي چيو ”هر ماڻهو آڏ حسن جا ڪي معيار هوندا آهن ۽ اهو ضروري ڪونهي ته هر ڪنهن جا اهي معيار هڪجهڙا هجن پوءِ ڪنهن کي سندس معيار جو حسن انهن هارياڻين، ڪولهيانين، ڀيلياڻين ۽ فقيرياڻين ۾ به نظر اچي سگهي ٿو. ضروري ته ڪونهي ته جيڪڏهن اسين اکين جي بناوت، آئي. بروز (Eye brows) جي Shape يا ڪنهن جي Hair style وغيره کي اهميت ڏيندا هجون ته ٻيا به اسان وانگر ئي ائين ڪندا هجن.
    ڪن ماڻهن آڏو اٿڻ ويهڻ، پهرڻ يا ڳالهائڻ جو سليقو نه هجڻ ضروري ناهي هوندو.“
    اسان ٻئي اڃان بحث ڪري رهيون هيوسين ته اوچتو هڪ اٺن نوَن سالن جي ڇوڪري گيٽ مان لنگهي گهر جي اندر اچڻ لڳي. هوءَ سِڌو اسان ڏانهن لان واري پاسي اچڻ لڳي. کيس هڪ ميرو سوٽي پڙو پيل هو ۽ سندس ظاهري شڪل صورت ۽ ڏيک ويک ڪري مون کيس فقيرياڻي سمجهيو. هوءَ ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان لان ۾ اچڻ لڳي. اڃان آئون کيس ڏسي ئي رهي هيس ته وري اوچتو هڪ عورت پڻ گيٽ مان اندر داخل ٿي. هن کي به هڪ ميرو پڙو پيل هو ۽ ڪڇ ۾ هڪ ننڍڙو ٻارڙو هيس. هوءَ به تيز تيز قدم کڻندي لان ڏانهن اچڻ لڳي. اهو ڏسي مون کي ڪاوڙ لڳي ۽ سوچيم ته گيٽ کي به سڀ ائين کُليو ڇڏيو ڏين ۽ پوءِ جنهن کي به کپي ته ائين مُنهن کڻي اندر گهڙندا وتن ۽ هنن فقيرياڻين کي به شرم ڪونهي. اڳي نه رڳو در تي بيهي پننديون هيون، هاڻي ته مرڳو درن کان اندر گهڙيو اچن. اهو به خيال نٿو ٿين ته ٿي سگهي ٿو ته گهر ۾ رڳو مرد هجن ۽ ڪهڙي خبر ته ڪهڙا ماڻهو هجن. نيٺ آئون برداشت ڪري نه سگهيس ۽ نسرين کي مخاطب ڪندي چيم: ”ڏس ته سهي هي ٻئي ڪيڏي نه مزي سان اندر گهڙنديون پيون اچن!؟ الائي ڪير آهن؟“
    نسرين ڪنڌ ورائي پٺيان نهاريو ۽ پوءِ چيائين: ”اڙي، هيءَ ته ڪامني آهي.“
    ”ڪير ڪامني؟ مون حيران ٿيندي پڇيو.
    ”پنهنجي هارياڻي آهي. اڪثر ايندي رهندي آهي.“ نسرين چيو.
    ”پر مون ته ڪڏهن به کيس نه ڏٺو آهي.“ مون چيو.
    ”اتفاق سان هيءَ هميشه اهڙي وقت تي ايندي رهي آهي، جڏهن تون گهر ۾ نه هجين.“ نسرين وضاحت ڪئي. ايستائين پارٽي اسان جي ويجهو آئي ۽ نسرين ۽ مون کي کيڪاري مون کان ٿورو پرڀري ٿي ڇٻر تي ويهي رهي. هن سان گڏ آيل ننڍڙي ڇوڪري جنهن جو نالو ڪامني ”سوني“ ٻڌايو هو. باغ جي ٻي ڪنڊ ۾ وڃي ٻوٽن مان گل ڇنڻ لڳي.
    ”جيجي هيءَ ڪير آهي؟ ٻين کي ته ڏٺو اٿم پر هن جيجيءَ کي اڳ ته ڪو نه ڏٺو اٿم.“ ڪامني نسرين کان مون بابت پڇي رهي هئي. ”هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي امبرين. مون کان ننڍي آهي. هيءَ پڙهندي آهي ۽ تون سدائين صبح جي وقت ايندي آهين، جڏهن هيءَ پڙهڻ لاءِ ويل هوندي آهي ان ڪري تو اڳ هن کي ڪونه ڏٺو آهي.“ نسرين مون کي ٻڌايو مون ڪامني تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ اڌ ۾ ڇڏيل بحث وري شروع ڪئي. آئون رواني ۽ جوش ۾ ڳالهائي رهي هيس ته اوچتو مون کي ڪجهه بي چيني محسوس ٿي ۽ ڪنهن جي نظرن جي تپش کي پنهنجي چهري تي محسوس ڪيم. مون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ۽ ڪامني ڏانهن نهاريو ته ڏٺم ته هوءَ ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ معصوميت سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ۽ منهنجي چهري کي تڪي رهي هئي. سندس ان محويت مون کي هن ڏانهن متوجه ڪيو ۽ آئون پوءِ وڌيڪ بحث نه ڪري سگهيس. مون غور سان ڪامني ڏانهن ڏٺو ته پوءِ ڏسندي ئي رهجي ويس. جنهن کي ٿور دير اڳ پري کان سرسري نظر سان ڏسندي مون عورت سمجهيو هو پر هوءَ ته وڌ کان وڌ ويهن ٻاويهن سالن جي ڇوڪري ٿي لڳي. هن وقت سندس چهرو سانورو هوندي به ڏاڍو پرڪشش هو. بظاهر ته سندس نقش به مخصوص سنڌي غوني وارا ۽ تکا هئا پر ٻي به ڪا اهڙي ڪشش ضرور هئي هن ۾ جيڪا ڪنهن کي هن ڏانهن متوجه ڪري ٿي سگهي.
    ”جيجي!... تو به پڙهندي آهين؟“ هن مون کان پڇيو.
    ”هون...!! ها...“ آئون سندس چهري جي ڪشش ۾ ايتريقدر گم هُيس جو سندس مخاطب ڪرڻ تي ڇرڪجي پئي هيس. هن وقت مون کي پنهنجا ڪجهه دير اڳ وارا خيال ڀڄندا ڀرندا محسوس ٿيا ۽ منهنجي ذهن ۾ شاهه سائين جي بيت جي سٽ گونجي رهي هئي.
    ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.“
    ”ڇا پئي ڏسين؟“ نسرين شرارت مان چيو ”ڏس!... هي آهي تنهنجن انهن سوالن جو جواب جيڪي ڪجهه دير اڳ تنهنجي ذهن ۾ ۽ زبان تي هئا.“ آئون کيس ڪو به جواب ڏئي نه سگهيس.
    ”جيجي!... تو به پڙهندي آهين؟“ هن مون کان پڇيو.
    ”جيجي!... تون ڪائون درجو پئي پڙهين.“ ڪامني وري مون کي مخاطب ڪندي پڇيو.
    مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته آئون آخر هن کي ايم.اي. ڪرڻ بابت ڪيئنڍ سمجهايان ڇو جو منهنجي خيال موجب هوءَ ايڏي سمجهدار نه هئي، جو منهنجي ڳاڍلهه سمجهي سگهي ها ۽ پوءِ آئون بيوقوفن وانگر دل ۾ حساب ڪرڻ لڳيس. ”ميٽرڪ... اهي ٿيا ڏهه درجه، انٽر... معنيٰ ٻارنهن، بي.اي.... ٿيا چوڏهن درجا ۽ ايم.اي. پارٽ ون جو امتحان ڏنو اٿم اهي ٿيا پندرهن درجا... ها... معنيٰ سورهون درجو پڙهان پئي...“
    ”ڪامني!... آئون سورهون درجو پئي پڙهان.“ مون کيس چيو.
    ”سچي جيجي!...“ هن حيرت ۽ خوشيءَ مان چيو ”اسان جي سڄي راڄ مان رڳو هڪڙو ڇوڪرو سورهان درجا پڙهيل آهي پر....“ جلد ئي سندس چهرو اداس ٿي ويو ۽ هن پوءِ چيو:
    ”ها جيجي!... ڏاڍو سٺو ڪم ٿا ڪريو. ڇوڪرين کي علم پرائڻ گهرجي، جي علم نه پرائينديون ته اسان وانگر سڄي عمر ويهي ڌڪا کائينديون.“ سندس لهجي جي صفائي ۽ غير متوقع طور تي سندس واتان عام اڻ پڙهيل ڇوڪرين جي ڳالهين جي برخلاف اهڙي ڳالهه ٻڌي آئون حيران ٿي ويس.
    ”ڇو... ڇو...؟ جيڪڏهن توهين علم پرائي، نه سگهيون ته پوءِ به توهين ٻني ٻارن ۾ پورهيو ڪري پنهنجو بار کڻو پيون، پورهيو ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو عيب؟“ مون کيس چيو.
    ”جيجي!... پورهيو ڪرڻ عيب ڪونهي پاڻ مَرڪَ آهي پر اسان جي مردن وٽ نه اسان جو قدر آهي نه وري اسان جي محنت جو احساس.“ هن چيو.
    ”سو وري ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ”ڏس نه جيجي!...“ هن چيو. ”اسان ٻنينَ ۾ سڄو ڏينهن مردن وانگر ۽ مردن جيترو ئي ڪم ڪريون پر پئسا ته سڀ رڳو اسان جا مرد ئي کڻندا آهن.“
    ”ڇو...!!؟؟ اوهان کي اوهان جو حساب ڪو نه ملندو آهي؟“ مون پڇيو.
    ”اهو ته جيجي مرد مٿان آهي. جيڪڏهن مرد ڀلو ماڻهو هوندو ته پنهنجي زال جو خيال ڪندو ۽ جيڪڏهن هو پئسا زال کي نه به ڏيندو ته به گهر جي خرچي ۾ ئي پئسا هلائيندو باقي جي ڀلو ماڻهو نه هوندو ته پورهئي جا پئسا ته زال کي نه ڏيندو اٽلو انهن وٽ ته نه سندن عزت آهي ۽ نه ئي وري قدر. مايون ٻنيءَ تي به ڪم ڪن ته وري گهر اچي به گهر جو ڪم ڪن. ٻار پالين... پرکين ڇا ٿو ملي؟ اسان وٽ ته ڏاڍو خراب هڪ رواج اهو به پيل آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت بيمار ٿي پوي يا ان ۾ ڪو عيب ٿي پيو ته سندس پر گهور لهڻ بدران مرد ٻي عورت پئسن تي وٺي ايندا.“ ڪامني چيو ”پئسن تي...؟؟!!... ڇا مطلب؟؟“ مون پڇيو.
    ”ها جيجي!...“ هن چيو ”اسان وٽ عورت کي پئسن تي وڪيو ويندو آهي. جنهن کي به شادي ڪرڻي هوندي آهي اهو پئسا ڏئي ٻانهن وٺي ايندو آهي. پوءِ ڀلا... وڪاميل شيءِ جو فڪر ڪير ڪندو؟... اسان وٽ گهڻو ڪري هر مرد کي ڪيتريون ئي زالون ٿين.“
    ”ڪامني ڀلا تو کي تنهنجو مڙس گهڻي ۾ وٺي آيو؟“ مون پڇيو.
    ”الاهي جيجي! هوندا ڪجهه هزار...“ هن ڏک مان چيو.
    ”تنهنجي مڙس ته اڃان ٻي عورت سان شادي نه ڪئي آهي؟“ مون وري پڇيو.
    ”نه... پر جيڪر آئون بيمار ٿي پوان يا مون ۾ ڪو عيب ٿي پوي ته پوءِ اصل ويرم ئي نه ڪندو.“
    آئون حيران ٿي سندس ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. هن مون کي پوءِ سندن مذهب، روايتن ۽ ڏکن جو ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. آئون ڏاڍي دلچسپي ۽ غور سان ٻڌي رهي هيس. مون کي هن ۾ جيڪا ڳالهه سڀ کان سٺي لڳي اها هئي سندس ”شعور“ هوءَ الف بي به پڙهيل ڪو نه هئي پر هن ۾ ايترو شعور ضرور هو ته تعليم کان سواءِ ڪا به ترقي نٿي سگهي.
    ”پوءِ... تون ته ڪا نه پڙهئين پر پنهنجي اولاد لاءِ ڇا سوچيو اٿئي؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”جيجي!... منهنجا ٻه پٽ آهن وڏا ان کان پوءِ هيءَ ڇوڪري آهي.“ هن گلن سان راند ڪندڙ ٻارڙي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”... ۽ پوءِ... هيءَ آهي... سُرتي“ هن وري سندس هنج ۾ ويٺل اٺن نوَن مهينن جي ٻارڙيءَ ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪا سانوري مگر ڏاڍي مزي جهڙي ٻارڙي پنهنجي روشن، حيران ۽ وڏين وڏين ڪارين اکين سان مون کي ڏسي رهي هئي. پارتي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو:
    ”پٽن لاءِ ته مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو پڙهيا ڪو نه. روز اسڪول مان ڀڄي گهر هليا ايندا هئا. وري به آئون ڪوشش ڪري کين پڙهائينداسين ضرور باقي هن مون واري وڏي ڇوڪري کي ته پڙهائي نه سگهيس پر جڏهن سُرتي وڏي ٿيندي ته ان کي ضرور پڙهائينديس.“
    ”اهو وري ڪيئن؟... جڏهن هڪڙيءَ کي نه پڙهائي سگهين ته ٻئي کي وري ڪيئن پڙهائيندينءَ؟...“ مون پڇيو.
    ”جيجي...! هي زمانو ڪجهه ٻيو آهي پر جڏهن سُرتي وڏي ٿيندي ته ان وقت شايد اهڙو وقت هجي جو آئون پنهنجي مرضي هلائي سگهان.“ هن چيو ۽ مون سندس عزم، همٿ، حوصلي ۽ سندس پرڪشش چهري کي ڏسندي سوچيو ته اهڙي عورت جي قيمت صرف ڪجهه هزار لڳائي وئي؟؟!!
    آئون ڪجهه دير هن سان ڳالهيون ڪري پوءِ اٿيس ۽ ٻئي ڪم ڪار کي اچي لڳس، پر ڪم دوران به مسلسل آئون نسدس باري ۾ سوچي رهي هيس. سندس اندر مون کي احتجاج ڪرڻ، پنهنجو حق وٺڻ ۽ شعور جي ٽمڪندڙ لاٽ پوري شدت سان چمڪندي محسوس ٿي. آئون ڪم ختم ڪرڻ بعد رات جو جلد سمهي پيس. صبح جو نيرن ڪرڻ کان پوءِ يونيورسٽي وڃڻ لاءِ تيارين جي آخري مرحلي ۾ هيس. ته آئيني ۾ پنهنجن چهري کان علاوه پارتيءَ جو چهرو پڻ نظر آيو ته مون پٺيان ڪنڌ ورائي ڏٺو، هوءَ منهنجي ڪمري جي در وٽ بيٺل هئي ۽ تجسس مان منهنجي ڪمري جي هر هڪ شيءِ کي تڪي رهي هئي ۽ پوءِ مون ڏانهن ڏسي چيائين:
    ”جيجي...! پڙهڻ لاءِ وڃڻ جي سنبت پئي ڪرين؟“
    ”ها“ مون کيس متصر جواب ڏيندي ڏٺو. هوءَ ان قوت وڌيڪ پرڪشش ۽ ڌوتل ڌوتل لڳي رهي هئي. ڇو جو هوءَ وهنجي سهنجي ۽ ڌوتل ڪپڙا پائي آئي هئي ۽ سرخ رنگ جي پڙي ۽ رئي ۾ هوءَ رات کان وڌيڪ پرڪشس لڳي رهي هئي. سندس اکين ۾ سرمو ۽ چپن تي مساڳ لڳل هو، جنهن ڪري سندس اکيون ۽ چپ وڌيڪ نمايان ۽ خوبصورت لڳي رهيا هئا. سندس ننڍڙي ٻارڙي کي به هن وهنجاري ڌوتل ڪپڙا پارايا هئا ۽ سرمون لڳايو هو، جنهن ڪري هوءَ به مزي جهڙي گڏي لڳي رهي هئي. هوءَ ڪجهه دير اتي بيٺي رهي ۽ پوءِ هلي وئي. آئون به تيار ٿي پوءِ ڪِچِن ۾ چاءِ کڻڻ لاءِ ويس. ان وقت اتي ڀاڀي موجود هئي. مون هن سان ڪامني جو ذڪر ڇيڙي ڇڏيو: ”سچي ڀاڀي...! مونکي ته هوءَ ڏاڍي ٿي وڻي. ڪاش!... مون وٽ ڪئمرا هجي ها ته سندس ٻه ٽي خوبصورت ڪلوز، اپس ضرور ٺاهي وٺان ها ۽ ڪنهن سٺي عورتن جي رسالي جي ٽائٽل لاءِ موڪلي ڏيان ها، سچي ميڪ اپ سان ٿڦيل ۽ بناوٽي حسن کي ڏسي ڏسي بيزاري ٿيڻ لڳي آهي. قدرتي حسن ۽ سادگيءَ جي ته ڳالهه ئي ٻي ئي آهي.“
    ”توبهن... تون ته رات کان وٺي منهنجا ڪن کائي وئي آهين، ڪامنيءَ جي حسن جا قصيده ٻڌي ٻڌي آئون ته بيزار ٿي پئي آهيان ۽ تون فڪر نه ڪر هوءَ ڪو پهريون ۽ آخري دفعو ته اسان جي گهر ڪو نه آئي آهي. تون ڪئمرا هٿ ڪري رک وري ايندي ته پنهنجي حسرت پوري ڪري وٺجان ۽ سندس فوٽو ڪڍي، وٺجان.“ ڀاڀيءَ بيزاريءَ مان چيو.
    ”سچي... مو کي ته هوءَ ايڏي وڻي ٿي...“ مون چيو.
    ”ايڏي ٿي وڻئي ٿي ته وڃي پنهنجي ڪمري ۾ راڻي ٺاهي پلنگ تي وهارينس.“ ڀاڀيءَ چيو.
    ”حقيقت خبر اٿئي ڇا آهي...؟“ مون کيس سمجهائيندي چيو: ”مون کي صرف سندس حسن نه موهيو آهي پر مون کي سندس اندر هڪ باشعور، نئين سوچ رکندڙ ۽ پنهنجي حقن کي سڃاڻندڙ عورت ليئا پائيندي نظر آئي آهي، جنهن مون کي وڌيڪ هن ڏانهن ڇڪيو آهي.“
    ”ڇا مطلب؟... اهو وري ڪئين؟؟...“ ڀاڀيءَ حيران ٿي پڇيو.
    ”هينئر ته مون کي دير پئي ٿئي...“ مون چانهه جو ڪپ خالي ڪندي رکندي چيو: ”واپس اچي ٻڌائيندي سانءِ...“
    اهو چئي آئون پنهنجو پرس کڻي ڪِچن مان ٻاهر نڪتس ۽ پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گيٽ کان ٻاهر نڪس ۽ صبح جي خوبصورت سمي جي ٿڌڙي هير ۽ ڀرپاسي ۾ موجود وڻن جي ساوڪ ۽ گلن جي سرهاڻ کي محسوس ڪندي مين روڊ ڏانهن يندڙ رستي تي هلڻ لڳس. هلڻ جي دوران آئون سوچي رهي هيس ته اسان وٽ اڪثر ڪري عورتن جا خاص رسالا، اخبارن ۾ مخصوص صفحا ۽ مئگزين وغيره نڪرندا آهن ۽ ٽي وي ۽ ريڊيو تان پڻ مختلف عورتن جا پروگرام پيش ڪيا ويندا آهن پر در حقيقت جن عورتن ۾ شعور بيدار ڪرڻ ۽ حقن جي سڃاڻپ جاڳائڻ لاءِ مواد ڏنو ويندو آهي، اهو صحيح معنيٰ ۾ انهن عورتن تائين پهچڻ بدران رڳو مخصوص طبقن تائين رسي سگهندو آهي ڇو جو اصل ۾ جن عورتن بابت مواد هوندو آهي. انهن وٽ نه ته ريڊيو ۽ ٽي وي هوندا آهن ۽ نه ئي وري هو تعليم يافته هونديون آهن جو اهي رسالا ۽ اخبارون وٺي پڙهي سگهن. هو ته ويچاريون سڄو ڏينهن نٽهڻ اُس جهڙي زندگيءَ ۾ پچنديون ۽ پڄرنديون رهنديون آهن. باقي جن عورتن تائين ريڊيو، ٽي ويءَ جا پروگرام پهچن ٿا يا جيڪي ايتريون پڙهيل آهن جو اخبارون ۽ رسالا پڙهي سگهن ته انهن کي وري جيڪو مواد ڏنو ويندو آهي ان ۾ کين صرف اهو احساس ڏياريو ويندو آهي ته عورت ڪمزور ترين ۽ مظلوم هستي آهي پر عورتن کي پاڻ کي مضبوط ڪيئن بنائڻو آهي يا پاڻ کي ڪمزوري ۽ مظلوميت جي اثر کان آجو رکڻ جو شعور گهٽ ئي ڏنو ويو آهي پر اڄ... ڪامني جي اندر شعور جي ٻرندڙ لاٽ کي ڏسي مون کي خوشي محسوس ٿي ۽ مون سوچيو ته شعور جي اها لاٽ ثبوت آهي. ان ڳالهه جو ته سنڌي عورت سجاڳ ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه وقت ضرور لڳندو، پر جڏهن به هن پنهنجو پاڻ کي هٿ ٺوڪي رسمن، رواجن، ظلم ۽ ڏاڍ کان آزاد ڪرايو تڏهن ئي در حقيقت اسان جي قوم ۾ انقلاب ايندو. اها ڳالهه ته اڄ کان ڪيترائي سال اڳ، شاهه سائين جهڙي آفاقي شاعر به محسوس ڪئي جنهن عورت کي ڪمزوري ۽ هيڻائيپ جي Symbol بدران همٿ، جرائت، عزم، ڪردار جي مضبوطي ۽ ثابت قدمي جي علامت طور ڏيکاريو آهي، نه صرف اهو پر عشق ۾ ثابت قدمي ۽ برداشت جو مادو پڻ عورت ۾ ئي ڏيکاريو آهي ۽ جيڪر مارئي، سهڻي، سورٺ، ليلا، سسئي، نوري ۽ مومل نه هجي ها ته اڄ عمر، ميهار، راءِ ڏياچ، چنيسر، پنهون ۽ ڄام تماچي پڻ امر ڪردار نه هجن ها ڇو جو سچي عشق ۾ پاڻ کي فنا ڪري محبت کي هميشه لاءِ امر ڪرڻ جو درس انهن شاهه جي انهن سورمين کان ئي سکيو هو. شاهه جي سورمين بابت سوچيندي سوچيندي ان وقت اوچتو مون کي يونيورسٽي جي بس سامهون کان ايندي نظر اچي ٿي ته آئون سوچن جا سلسلا ختم ڪري تيز وکون کڻي بس ڏانهن هلندي وڃان ٿي.


    سو ديس مسافر منهنجو ڙي

    هوءَ ڪيتري دير کان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي امتحان جي تياري ڪري رهي هئي. ٻئي ڏينهن کان سندس پيپر شروع ٿيڻا هئا. پهريون پيپر سنڌيءَ جو هو ان ڏينهن وري شهر جون حالتون خراب ٿي ويون هيون ٿوري ٿوري وقفي سان مختلف ماڻهو کان نئين کائين ڪا نه ڪا خبر پهچائي رهيا هئا. سول اسپتال وٽ فائرنگ ٿي رهي آهي. نئين لائين ۾ ”مارڪيٽ وٽ حالتون خراب آهن.“
    ”گاڏي کاتي ۾ ٽينشن آهي“... وغيره
    هو اڃان ڏاڍي مشڪل سان مس ڪنهن ٽاپڪ کي پڙهڻ شروع ڪرڻ لڳندي هئي ته ڪانه ڪا شهر جي حالتن بابت ٻڌل خبر سندس ذهن کي منتشر ڪري ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ هوءَ ڪجهه به پڙهي نه سگهندي هئي هوءَ وري ڪتاب کولي پڙهڻ لڳي.
    تحفة الڪرام موجب مخدوم احمد وقت جو ڪامل درويش ٿي گذريو آهي هميشه گوشا نشيني ۾ گذاريندو هو. مخدوم احمد جو سماع جي مجلس ۾ سوناري ڇوڪري کان شعر ٻڌندي روح پرواز ٿي ويس:

    سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
    ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن،

    ڇوڪر وري هيءُ شعر پڙهيو.
    سر ڏئي سٽ جوڙ ڪنهن پر ڪلاڙ سين،
    مرڻا منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.

    ايترو پڙهي هو ٿورو ترسي اندر ۾ ڄڻ ڪا ڇڪ آيس کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ هي بيت اڄ جي سنڌ جي حالتن مطابق چيا ويا هئا. جن ۾ سمورن سياستدانن، وڏيرن، ڌاڙيلن، سنڌيت جي ڪوڙي دعويدارن ۽ غدارن کي آئينو ڏيکاريل آهي... جيڪي ظلم ڪرڻ وارا ناهن ته ظلم سهڻ وارا پڻ.
    ”اف خدايا!.... آخر هي آئون ڇا پئي سوچيان؟... ڪٿي سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ڪٿي وري هي حالتون!!؟... مون کي ته امتحان جي ”پوائنٽ آف ويو“ کان صرف رٽو هڻڻو آهي پر ڇا ڪجي...؟... شهر جي حالتن ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو آهي. الا... امتحان به ڪهڙي خبر ٿين الائي نه ڪهڙي خبر امتحان ٿين ئي نه... ڪهڙي خبر امتحان ٿين پر اسان امتحان ڏيڻ لاءِ موجود ئي نه هجون... اُف!... ڇا مطلب؟!!... آخر آئون فضول ڳالهيون ڇو پئي سوچيان؟...“
    هن وري پاڻ کي پڙهائيءَ ۾ مصروف ڪري ڇڏيو ۽ زور شور سان رٽو هڻڻ لڳي پڙهندي پڙهندي وري شاهه لطيف جي هڪڙي بيت تي اچي اٽڪي پئي:

    ”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.“

    هو سوچڻ لڳي ته شاهه صاحب هن بيت ۾ ته تمام وڏي ۽ وسيع معنيٰ کي سهيڙيو آهي پر کيس ان وقت شهر ۾ دهشتگردن هٿان بيگناهه ماريل ياد اچڻ لڳا مرزا حيدر قلي، ڊاڪٽر ايوب جت... ۽ ڪيترا ماڻهو جيڪي روز اخبارن جي خوني خبرن جي سرخين ۾ موجود هوندا هئا.
    ”اُف!... آخر هي مون کي ڇا ٿيو آهي... اهڙي نموني ته آئون ڪجهه به نه پڙهي سگهندس ڀلا آخر پڙهڻ جي به ضرورت ڪهڙي آهي؟... امتحان ته اڄ ڪلهه مزي سان کلي عام ڪتاب کولي ڪاپي ڪري ڏبا آهن، هونئن به اسان کي ڊگري ئي ته و وٺڻي هوندي آهي، علم ٿورئي حاصل ڪرڻو آهي، ڇو جو اسان وٽ ته صرف ڊگري (جائز يا ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل) جي ئي اهيمت آهي علم ۽ هنر جي ڪونهي کيس ان وقت هڪ آرٽسٽ بابت ٻڌل ڳالهه ياد آئي هن کي خدا جي طرفان ڏات مليل هئي. سندس هٿ ۾ ايڏي ته سونهن هوندي هئي جو سندس فن پارن کي ڏسندڙ هر ماڻهو ڄڻ محصور ٿي ويندو هو غربت جي ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو هو. پر عملي ميدان ۾ ايترو ڪم ڪرڻ جي باوجود ايڏي ڏات هئڻ جي باوجود کيس نوڪري صرف ان ڪري نه ملي جو هن وٽ فائن آرٽس جي ڊگري نه هئي... ها... صرف فن هو... ۽ پوءِ جڏهن اها نوڪري فائن آرٽس جي ڊگري يافته اهڙي نوجوان کي ملي جنهن جو فن سندس مقابلي ۾ ڪجهه به نه هو تڏهن هن آرٽسٽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اڳيان ديوانگيءَ ۾ رڙيون ڪيون هيون.
    ”سر!... سر... بيشڪ مون وٽ ڊگري نه آهي پر... سر... آئون توهان جي آڏو موجود آهيان. جنهن قسم جو به امتحان وٺو آئون ان لاءِ تيار آهيان مون کي هڪ چانس ته ڏيو... آئون اوهان کي ان ڪم جو اهل ٿي ڏيکاريندس... سر!... مون وٽ صلاحيتون آهن مون کي انهن جي استعمال جو موقعو ته ملڻ گهرجي... سر!... پليز سر...“ پر... هن سان به اهو ئي ٿيو جيڪو اسان جي بيشمار باصلاحيت نوجوانن سان ٿيندو آهي اڄ سان وٽ ڪيترن ئي ادارن ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن جن کلي عام ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي يا وري ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي مائٽي ۽ سفارشن ڪري کنيا ويا آهن ۽ ڪيترائي با صلاحيت نوجوان آهن پر کين پنهنجي علم ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملندو آهي.
    ها... ها...!!! ڇا شيءِ آهي هيءِ ”ڊگري“ ۽ سرٽيفڪيٽ-سرٽيفڪيٽ تي وري کيس ياد آيو ”ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ... هر نوڪريءِ لاءِ ”ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ“ ضروري هوندو آهي ڪنهن به ماڻهو جي عملي شرافت ۽ نيڪي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ مدد نه ٿي ڏئي جيستائين هو ڪنهن اعليٰ آفيسر کان پنهنجي ڪردار بابت تصديق ڪرايل سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪري پوءِ چاهي اهو ”ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ“ اشو ڪندڙ آفيسر پاڻ رشوت خور بدعنوان ٻين خامين سان ڀريل ڇو نه هجي... پر ان وٽ وڏو ”گريڊ“ ته آهي نه... پوءِ هو چاهي ته ڪنهن کلي شرافت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، چاهي... نه...
    ”الله.... هي مون کي ٿي ڇا ويو آهي.!!؟؟... نه... ان ذهني حالت ۾ ته آئون ڪجهه به پڙهي نه سگهنديس هونئن به ٿڪاوٽ محسوس پي ٿي ۽ منجهند به ٿي چڪي آهي. ڪجهه آرام ڪري شام جو وري پڙهنديس“ اهو سوچي هوءَ سمهي رهي الائي ڪيتري دير ستي... پوءِ اوچتو ڪنهن قسم جو گوڙ هو ٺاهه... ٺوهه... ڊڙ... ڊڙ... ڌم... ڌڙم... ڌائين (ان کان سواءِ ماڻهن جو گوڙ... رڙيون... دانهون... ڪوڪون) ”الله!... لڳي ٿو ته هتي به ڪجهه گڙ ٻڙ آهي. ڇا هن علائقي ۾ به فائرنگ ٿي پئي!؟؟... هو جهٽڪي سان اٿي ۽ ڊوڙي ڪمري کان ٻاهر نڪري ورانڊي ۾ وئي دل دڙ دڙ ڪرڻ لڳس. پوءِ ڪجهه دير ۾ ننڊ جو خمار لٿس ته اصل ڳالهه واضح ٿي پاڙي ۾ شادي هئي. پاسي واري ڪوارٽر ۽ سندن ڪوارٽر جي ڀت هڪڙي ئي هئي ان ڪري آواز هڪ ٻين جي ڪوارٽرن مان چٽا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا سو اتي دهلن وڄڻ ۽ مائن جي ڳائڻ وڄائڻ جا آواز اچي رهيا هئا، سڀ گهر وارا به اوڏهن ويل هئا، ذهني پريشاني ۽ ننڊ ۾ کيس دهل جا آواز ڄڻ فائرنگ ۽ برسٽ لڳا ۽ ڳائڻ جي مليل جليل آواز کي هن ماڻهن جون دانهون ۽ ڪوڪون سمجهيو. ”توبهه... آئون صفا ڄڻ چري ٿي وئي آهيان، هنن پاڙي وارن کي به هنن هنگامن ۾ شادي ڪرڻي هئي پر... هنن جو ڪهڙو ڏوهه... شادين جون تاريخون ته مهينا اڳ رکبيون آهن... تڏهن ڪنهن کي خبر ته اڳتي حالتون ڪهڙيون هجن... هونئن به شهر جي حالت جي خبر ئي نه پوندي آهي... ڪڏهن ٺيڪ ته ڪڏهن اوچتو ئي خون خرابو... هن پاڻيءَ جو گلاس ۾ گلوڪوس ٺاهي پيتو ۽ ڪرسيءَ تي ڄڻ ساڻي ٿي ڪري پئي، ڪجهه دير کان پوءِ هو ڪتاب کڻي وري پڙهڻ لڳي هوءَ ڪيتري دير پڙهندي رهي ايستائين جو شام ٿي وئي آن وقت هو مير عبدالحسين سانگي جي شاعري پڙهي رهي هئي، سانگي جي غزل جي ڪجهه شعرن کي پڙهي هوءَ کلي پئي.
    پر پيچ نانگ پون ٿا، پهري ڪٿي ڪٿي،
    سي زلف جا زور آور، زهري ڪٿي ڪٿي،
    رخسار تي، چپن تي، ڀرن تي ۽ خال تي،
    ٿا پيچ پائن ڪاڪل، ڪهري ڪٿي ڪٿي.
    کيس ائين محسوس ٿيو ته شهر جي حالتن ۾ ”رومينٽنگ“ شاعري پڙهڻ به ائين ئي هو ڄڻ ڪو ديوانو بارود جي ڍير تي ويهي امن جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيو هجي- هن سوچيو.
    ”الا!... اسان وٽ ته ٺلها خواب به نه رهيا آهن نڪا آرزو آهي ۽ نه ئي امنگ نه ڪنهن جو انتظار ڪرڻ جي فرصت آهي نه ڪنهن جي حسن تي غور ڪرڻ جهڙيون حالتون نه گل و بلبل، لب و رخسار پيارو محبت جا فسانه وڻن نه ئي مستقبل جي خوبصورت گهرن جو تصور آهي بس!... سڄو ڏينهن صرف اهڙا بي شمار سوال ذهن ۾ گونجندا آهن جن جو جواب اسان وٽ ناهي مثال طور هي سڀ ڪجهه هن ڌرتيءَ تي ڇو پيو ٿئي؟... ڪيئن پيو ٿئي؟... ڪيستائين ٿيندو؟ اخر ڇا ٿيندو؟... حڪومت چپ ڇو آهي؟... اسان جو مستقبل ڇا آهي؟... پر!... آخر آئون اهو سڀ ڪجهه ڇو پئي سوچيان؟... زمين تي حڪومت کي پرواهه نه آهي ۽ آسمان تي به بي نياز بادشاهه آهي... پر آخر منهنجي سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ سان ڪو به مسئلو حل ڪو نه ٿيندو...“
    هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هو رڌڻي ۾ اچي چانهه ٺاهڻ لڳي ۽ جڏهن چانهه جو ڪپ هٿ ۾ کڻي ورانڊي ۾ آئي ته سامهون ڪمري لڳل گهڙيال تي نظر پيس. ريڊيو ته مقامي خبرون نشر جو وقت ٿي رهيو هو هو هن ويجهو رکيل ريڊيو کوليو ۽ ڪجهه دير ۾ شهر جي حالتن بابت نيوز ڪاسٽر انتهائي بي تاثر آواز ۾ ٻڌائيندي چيو:
    ”حيدرآباد شهر ۾ اڄ مختلف هنڌن تي دهشتگردي ۽ فائرنگ جي واقعن ۾... ماڻهو مري ويا ۽ ... زخمي ٿيا. زخمين کي اسپتلا پهچايو ويو ضلعي انتظاميا شهر ۾ اڻ ڄاتل مدت لاءِ ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو آهي... وڏي وزير ۽ (اعليٰ عملدار) چيو آهي ته ڏوهارين کي هر گز نه بخشيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته هي سڀ حڪومت خلاف سازش تحت پيو ٿئي... هن... فوتين جي وارثن کي معاضو ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ زخمين کي پنجاهه هزار روپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو... وڏي وزير يقين ڏياريو آهي“
    ته، هوءَ ريڊيو بند ڪري سوچڻ لڳي ”هلو!... قصو ئي ختم-حسب معمول ڪرفيو نافذ امتحان به ڇٽا هاڻي جڏهن به ٿيندا تڏهن ڏٺو ويندو (جيڪڏهن هنن فسادن مان بچياسين ته)... هن سمورا ڪتاب ميڙيا ۽ ڪمري ۾ وڃي ٽيبل تي رکي آئي ۽ پوءِ رڌڻي ۾ وڃي ماني ٺاهڻ جي تيارين ۾ لڳي وئي ڪم جي دوران به سندس سوچون ڀٽڪنديون رهيون ۽ کيس ڄڻ هر طرف کان ڌماڪن فائرنگ دانهن ۽ ڪوڪن جا آواز ايندي محسوس ٿيا:
    ٺاهه... ڌم... ڌڙام... ٺاهه... ڌم... ٽر ٽر ٽر... ر... ر... ر.


    اڌوري تصوير

    دانش پينٽنگ کي مڪمل ڪري ان جو تنقيدي جائزو وٺي رهيو هو. هڪ عورت جو خوصبورت پور ٽريٽ هو جنهن جي چوڌاري انڊلٺ جا رنگ پکڙيل هئا. دانش ڪيترن ئي ڏينهن کان ان پورٽريٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، پر اڃان تائين کيس محسوس ٿي ٿيو ته ڪا ڪمي رهجي وئي هئي. تصوير ۾- هو بي چين ٿي ويو ۽ مختلف زاوين کان ورائي ورائي تصوير کي ڏيڻ لڳو جڏهن به هو پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ڪوشش جي باوجود به تصويرن ۾ سموئي نه سگهندو هو ته منجهي پوندو هو ۽ اندر ۾ ڄڻ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳندي هيس ۽ هو سوچيندو هو ته سندس اندر ۾ ته ڪجهه هو. ڪا ڳالهه، ڪو جذبو، جنهن کي هو پينٽ ڪرڻ چاهيندو هو... پر... ڪهڙو جذبو هو. اهو... اڪثر هو پاڻ به نه سمجهي سگهندو هو. هو وري پنهنجي پينٽنگ کي ڏيڻ لڳو ۽ ڏسي اداس ٿي ويو. هو ته ڄن هر وقت ئي اداسي واري ڪيفيت ۾ هوندو هو ڇو جو هو حد کان وڌيڪ حساس طبيعت هو. خوشي ۽ سرهائيءَ جا جذبا ته محسوس ئي نه ڪري سگهندو هو ۽ اڪثر سوچيندو هو ته ماڻهو ايترا لکن ڪيئن ٿا؟؟... خوش ڪيئن ٿا لڳن...!؟... جڏهن ته کيس ته خوشيءَ جي موقعن تي به خوشيءَ جو ڪو احساس ئي نه ٿيندو هو. دانش اڃان اهو سوچيو ئي پئي ته اوچتو سندس ڪمري کان ٻاهران تيز آواز ۾ وڄندڙ گيت کيس خيالن مان ڇرڪائي ڇڏيو. هن ڪمري کان ٻاهر اچي ڏٺو ته ورانڊي ۾ مرڪ ويٺل هئي ۽ ڪو مئگزين ڏسي رهي هئي ۽ سندس پاسي ۾ ٽيپ رڪارڊ رکيل هو. هو ڪاوڙ ۾ اڳتي وڌيو ۽ هڪ جهٽڪي سان گيت اڌ ۾ بند ڪري ڪيسٽ پليئر مان ڪيسِٽ ڪڍيائين مرڪ کيس حيرت مان ڏسي رهي هئي. دانش کيس ڪاوڙ مان چيو.

    آخر هي ڪهڙي قسم جو گوڙ آهي...!!!“
    ”ڪهڙو گوڙ؟... ڪٿي آهي گوڙ؟؟!!...“ مرڪ ڏاچي معصوميت مان پڇيو. ”منهنجو اشارو هن طوفان بدتميزي نما گوڙ ڏانهن هو“ دانش کيس ڪيسٽ ڏيکاريندي چيو.
    ”اوهه!...“ مرڪ کلندي چيو: ”ڇا اوهان خوشي جي ڪيفيت واري هر گيت کي طوفان بدتميزي چوندا آهيو؟ ڏسو نه... اهو ته ماڻهوءَ جي موڊ تي منحصر آهي. ڪڏهن ڪلاسيڪل انداز ۾ من کي موهيندڙ آهي ته ڪڏهن نيم ڪلاسيڪل، ڪڏهن هلڪي ڦلڪي انداز واري موسيقي ۽ ڪڏهن وري ڊڪو ۽ ڌماڪي دار قسم جي موسيقي (اٽريڪٽ) ڪندي آهي. خاص ڪري، خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ آئون اهڙو ميوزڪ پسند ڪندي آهيان...“

    ”پر... آئون سخت ڊسٽرب پيو ٿيان پنهنجي ڪم دوران... هونئن به مون کي غير سنجيده ماڻهو ۽ غير سنجيده موسيقي پسند ڪو نه آهن“ دانش اڃان به ڪاوڙيل هو.
    ”دانش صاحب!... ضروري ته ڪونهي ته بظاهر غير سنجيده رهندڙ ماڻهو هميشه ئي غير سنجيده هجن. ڀئي!... سنجيدگي جي ڳالهه تي سنجيده رهڻ سٺي ڳالهه آهي پر هر وقت بنا سبب جي اداسي ۽ سنجيدگي مونکي نه وڻندي آهي... هونئن به ڇا ڪريان...؟ شوخي ۽ شرارت منهنجي فطرت ۾ شامل آهن اها ئي زندگي آهي... ۽ اها ئي عمر آهي لائيف کي انجواءِ ڪرڻ جي...“ مرڪ ڏاڍي آرام سان چيو.
    هن وقت آئون بحث ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهيان“ دانش رکائي سان چيو.
    ”دانش صاحب! ڪڏهن پنهنجي رنگن جي دنيا کان نڪري ٻاهر جي دنيا ۾ به نظر ڊوڙائيندا ته احساس ٿيندو ته زندگي ايڏي بور ۽ ڊل به ناهي جيئن اوهان کي محسوس ٿئي ٿي“ مرڪ چيو.

    ”مون وٽ ايترو وقت ڪونهي جو ان فضول بحث ۾ مٿو کپايان (ٿورو ترسي) ۽ ها...؟ هيءَ ڪيسٽ به کنيو پيو وڃان اهڙي ڪنهن جاءِ تي وڃي ٿو مٿو وڃايانس جو وري اها فضول ڪيسٽ هن گهر ۾ نه ملي سگهي“. دانش چيو ۽ هليو ويو.
    مرڪ دانش جي پيءُ جي مرحوم دوست جي ڌيءُ هئي سندس پيءُ ٻه سال اڳ گذاري ويو هو ۽ وفات کان اڳ هو دانش جي پيءُ کي مرڪ جي پارت ڪري ويو هو، جيڪا ان قوت پڙهائي جي سلسلي ۾ هاسٽل ۾ رهندي هئي ۽ ڇهه مهينا کن اڳ هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري چڪي ته دانش جو پيءُ کيس گهر وٺي آيو هو. مرڪ جي اچڻ کان اڳ ته دانش جي گهر ۾ بيحد خاموسي هوندي هئي. سندس پيءُ نوڪري جي سلسلي ۾ سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهندو هو ۽ سندس ماءُ گهڻو ڪري چپ ئي رهندي هئي. هونئن به هن سان ڳالهائڻ وارو هو ئي ڪير...!!؟ دانش پاڻ تمام سٺو آرٽسٽ هو، سندس ته ڪل ڪائنات ئي ڄڻ رنگ، برشن ۽ ڪئنوس ۾ سمايل هئي ۽ هو پنهنجي فن ۾ ايڏو ته جنوني ٿي ويو هو جو کيس ٻاهرين دنيا، گهر، رشتن ۽ دوستن سان به ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي ۽ محبت خلوص، فطرت... جيڪي سندس فن جا اص موشوع هئا. هو انهن کي پينٽ ته ڪندو هو پر حقيقي زندگي ۾ هو انهن کان اوڏو ئي پري ٿيندو پي ويو. ان ڪري مرڪ جي وجود سان به کيس ڪا به دلچسپي نه هئي. البت مرڪ جي گهر ۾ اچڻ سان گهر جو ماحول ئي بدلجي ويو هو، هوءَ واقعي مرڪ هئي. هر وقت کلندڙ ۽ مڪرندڙ اڳ ۾ جنهن گهر ۾ خاموشي هوندي هئي، اتي هاڻي مرڪ جا ٽهڪ گونجندا هئا. عجيب ڇوڪري هئي. خاموشي ۽ سنجيدگي سان ته ڄڻ پوندي ئي ڪا نه هيس. هو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي هئي. گهر جو گهڻو ڪم هاڻي يا ته پاڻ ئي ڪندي هئي يا وري نوڪر کان پاڻ بيهي ڪرائيندي هئي. ڪڏهن ڪتابن مان پڙهي پڙهي رڌ پچاءُ جا تجربا ڪندي هئي ته ڪڏهن وري مالهيءَ جي سر تي بيهي گلن جون نيون چڪيون هڻائيندي هئي يا باغ جي صفائي ڪرائيندي هئي. دانش جي ماءُ سان پڻ هوءَ ڪچهري ڪندي هئي ۽ الائي ڇا ڇا کيس ٻڌائيندي هئي جو دانش کيس اڪثر کلندي ۽ مرڪندي ڏٺو هو. هوءَ ته ڏاڍي وندري پئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن دانش ٻاهران موٽيو هو ته ڪمري ۾ گهڙندي مرڪ تي نظر پيس ته پڇيائين. ”مرڪ!... تون هتي منهنجي ڪمري ۾ ڇا پئي ڪرين؟!!“
    ”ڪجهه نه...“ مرڪ کلندي چيو ”بس ڪمري جي صفائي پئي ڪيم.“
    دانش ٿورو غور ڪيو ته کيس سندس ڪمري جي سيٽنگ بدليل لڳي، اهو ڏسي هو چڙي پيو ۽ چيائين: ”هيءُ... منهنجي ڪمري جي سيٽنگ ڪنهن بدلائي آهي... آخر هي سڀ ڪجهه ڇا آهي...؟“
    ”اوهه... دانش! ان ۾ ڀلا ايڏو ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟... مون بدلائي آهي ڪمري جي سيٽنگ“ مرڪ چيو.
    ”پر... آخر ڇو...؟؟!...“
    ”ڏسو نه ڀلا... ضروري آهي ڇا ته جيڪڏهن اوهان جو سامان هيڏانهن هوڏانهن وکريل هجي، ڪمرو بي ترتيب هجي، توهان جا وار وکريل هجن... تڏهن ئي اوهان آرٽيسٽ لڳندا...؟ ڇا صاف سٿري ڪمري ۾ رهندڙ ۽ پنهنجي شخصيت تي توجهه ڏيندڙ ماڻهو آرٽسٽ نه لڳندو آهي...؟!“ مرڪ معصوميت مان پڇيو پر دانش وري رکي لهجي ۾ چيو: ”آئون فضول بحث جو عادي ڪو نه آهيان...“
    مرڪ وري به کلي دل سان مرڪندي چيو ”دانش! سچ ٻڌائجو... هاڻي هن ترتيب ۾ اوهان جو ڪمرو وڌيڪ خوبصورت، روشن ۽ کلو کلو نه پيو لڳي؟...“
    ”پر...“ دانش بدستور چڙ ما چيو: ”آئون ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندو آهيان ته هو منهنجي شين کي هٿ لائي“
    هاڻي مرڪ کي به ڪاوڙ اچي وئي هن تيز لهجي ۾ چيو.“ آخر مون ڪيو ڇاهي...!!؟؟ رڳو سامان کي صحيح ترتيب سان ئي ته رکيو اٿم ۽ هي ڪتاب سڀ هتي هتي وکريا پيا هئا ۽ ڦاٽي رهيا هئا تن کي ترتيب سان شيلف ۾ رکيو اٿم، هيڏانهن هوڏانهن پيل رنگن ۽ برشن کي جمع ڪري، هڪ پاسي رکيو اٿم، نوان پردا سبرايا هئا سي لڳرايا اٿم... بس! اهو ئي جرم آهي نه منهنجو...؟؟؟“
    دانش تي ته ڄڻ ڪاوڙ جو ڀوت سوار هو. هن مرڪ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندو وري ڪاوڙ ۾ چيو: ”اوهه!... هيءَ دري ڪنهن کولي آهي؟... آئون ته اها ڪڏهن کوليندو ئي ناهيان پوءِ... ڇو کولي وئي آهي...!؟“
    ”توهان الائي ڪهڙي قسم جا آرٽسٽ آهيو. اوهان کي فطرت جي حسن سان ڪو لڳاءُ ئي ڪونهي. ڏسو نه... هيءَ دري کولڻ سان لان جو منظر هتان ڪيڏو نه خوبصورت نظر پيو اچي. دري جي ويجهو هي گلاب جي گلن سان ڀريل ٻوٽا ڪيڏا پيارا پيا لڳن. هي وشال آسمان، هي سڀ فطرت جا حسين رنگ آهن... ڪجهه محسوس ڪيو؟!... سڄو ڪمرو گلاسن جي خوشبوءِ سان واسجي ويو آهي.“
    ”بس!... بس!... گهڻو ٿيو. هاڻي براءِ مهرباني هتان هلي وڃ“ دانش چيو ۽ دريءَ کي جهٽڪي سان زوردار آواز ۾ بند ڪري پڙدا ڏئي پڏيا. مرڪ کي ڪاوڙ ته لڳي پر وري به هن نرم لهجي ۾ چيو. ”آخر توهان ايڏا چڙ چڙا ۽ بدمزاج ڇو آهيو؟... ان ڏينهن اوهان کي منهنجو رڪارڊ پليئر ٻڌڻ ناگوارا لڳو ۽ اڄ وري ڪمري جي صفائي ۽ سيٽنگ ڪرڻ... آخر توهان ائين ڇو آهيو؟“
    ”بس!... براءِ مهرباني آئنده مون تي اها مهرباني نه ڪجو“ دانش چيو. ”ڪو نه ڪنديس آئنده“ مرڪ به ڪاوڙ مان چيو. ”هاڻي هن آرٽيفشل ماحول ۽ روشنين ۾ ويهي نيچر کي پينٽ ڪريو... وڃان پئي... هونهه!... هوءَ ڪهڙي مثل آهي...!!؟؟“ مرڪ ويندي ويندي بيهي رهي ۽ سوچڻ لڳي ۽ پوءِ چپٽي وڄائيندي چيائين.
    ”ها!... ڀلائي ڪر ڄٽ سان ڦيري هڻي پٽ سان“
    ”واٽ...“ دانش زوردار رڙ ڪئي ۽ مرڪ زور سان کلندي ڪمري مان ڊوڙي نڪري وئي. ان ڏينهن کان پوءِ مرڪ وري دانش جي ڪمري جي صفائي نه ڪئي، پر ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين دانش ڪنهن پينٽنگ تي ڪم ڪندو هو ته مرڪ کيس چانهه ٺاهي ڏئي ويندي هئي. هڪ ڀيري مرڪ شام جي چانهه ٺاهي کڻي جڏهن سندس ڪمري ۾ آئي ته هو ان وقت ان ساڳي عورت واري پينٽنگ تي ڪم ڪري رهيو هو. مرڪ غور سان اتي بيهي ان پينٽنگ ڏانهن ڏسي رهي هئي. دانش کي سندس محويت تي کل اچي وئي ۽ هن مرڪندي چيو: ”ڇا پئي ڏسين ايڏو غور سان...“
    ”ڏسان پئي ته ڪيڏي نه حسين عورت آهي. دانش! هڪ ڳالهه ٻڌائيندا؟“ مرڪ چيو:
    دانش جو موڊ ان ڏينهن خوشگوار هو ان ڪري هن فراخدلي سان چيو: ”ها... ڇو نه... ڪهڙي ڳالهه آهي...“ مرڪ ڪجهه سنجيدگيءَ سان چيو ”آئون اڪثر سوچيندي آهيان ته جيڪي به آرٽسٽ شاعر ۽ اديب هوندا آهن، اهي سڀ ايڏا حسن پرست ڇو هوندا آهن؟ شاعر هميشه خوبصورت عورتن تي ئي شاعري ڪندا آهن“ اديب پڻ سدائين خوبصورت عورتن کي ئي ڪهاڻين جي هيروئين بنائي پيش ڪندا آهن ۽ مصور به گهڻو ڪري خوبصورت عورتن کي ئي پينٽ ڪندا آهن ڇا عام ماڻهو يا بدصورت ماڻهو ڪڏهن به سندن تخليقن جا خاص موضوع نٿا بنجي سگهن؟... جذبا ته سڀني جا هڪ جهڙائي هوندا آهن نه... پوءِ... ڇا اسان جهڙيون عام شڪل صورت واريون ڇوڪريون شاعرن، اديبن ۽ مصورن جو موضوع نٿيون بنجي سگهن؟؟؟...
    ”ڀئي سوال تي ڏاڍو ڏکيو آهي... دانش کلندي چيو ۽ شايد آئون هن جو صحيح جواب به نه ڏئي سگهان. باقي حسن پرستي ته قدرتي نموني فنڪارن جي اندر ۾ هوندي آهي ته جيئن هن ڏکن ۽ بدصورتي جي ڏيهه مان فنڪار ماڻهو حسن کي پنهنجي تخليقن وسيلي ٻين ماڻهن جي آڏو پيش ڪن ته جيئن ڪجهه لمحن لاءِ ئي سهي ماڻهو ان کي ڏسي پنهنجا سمورا ڏک وساري ويهي... خير!... منهنجو اهو جواب بهرحال ايڏو مطمئن ڪندڙ نه آهي.“
    ”نه... نه...“ مرڪ جلدي چيو ”منهنجي اها ڳالهه چوڻ جو ڪو ٻيو مقصد نه هو، منهنجو ته صرف اهو مطلب آهي ته حسن پنهنجي جاءِ تي اهيمت رکي ٿو پر صرف حسن پرستي ۾ گم ٿي ٻين عام ماڻهن جي حيثيت ۽ چاهتن کي به نه وسارڻ گهرجي ۽ محبت جهڙي جذبي کي صرف حسين چهرن لاءِ به وقف نه ڪرڻ گهرجي... ڪڏهن ڪڏهن... انهن عام صورتن ڏانهن به ڌيان ڏجو جيڪي اوهان جي چوڌاري آهن... ۽ اوهان سان پيار ڪنديون آهن...“

    دانش اهو ٻڌي چپ ٿي ويو هو يا شايد کيس ڪو جواب ئي نه سجهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ هوءَ هلي وئي ان ڏينهن هوءَ دانش کي هڪ ٻي مرڪ لڳي هئي، سنجيده ۽ بردبار.
    ڏينهن گذرندا رهيا مرڪ جون اهي ئي مصروفيتون هيون، اهو سندس هر دم مرڪندڙ چهرو هو ۽ سندس (ائڪٽوٽيز) ۽ دانش جون به ساڳيون مصروفيتون هيون، رنگن جي دنيا ۾ گم... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪ نئين تبديلي آئي، جڏهن دانش جي پيءَ کيس لائبرري ۾ ڪجهه خاص ڳالهين ڪرڻ لاءِ سڏبو هو ۽ چيو هئائين. دانش پٽ!... اڄ مون کي تو سان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون آهن.“
    جي بابا!... دانش چيو،
    پٽ!... سندس پيءَ ڪجهه سوچيندي چيو ته:
    ”مرڪ بابت تو سان ڳالهائڻو آهي... منهنجو مطلب آهي ته هوءَ توکي ڪيئن ٿي لڳي...؟؟“
    مرڪ!!؟؟... دانش پريشان ٿيندي چيو ته پر بابا! اوهان اهو ڇو پيا پڇو...؟!!
    ”پٽ!... توکي ته خبر آهي ته هوءَ منهنجي مرحوم دوست جي نياڻي آهي، سچ پچ ته هو صرف منهنجو دوست نه پر ڀاءُ وانگر هو، سندس منهنجي مٿان ڏاڍا احسان آهن، اڄ اسان وٽ جيڪي به ڪجهه آهي، اهو سڀ ڪجهه (اسٽيبلش) ڪرڻ ۾ هن ئي منهنجي مدد ڪئي هئي ۽ موٽ ۾ ڪڏهن به ڪجهه نه گهريائين پر جڏهن هو بيماري جي بستري تي هو تڏهن هو هر وقت پنهنجي نياڻي لاءِ پريشان رهندو هو، جو کانئس سواءِ سندس نياڻي جو ڪو اوهي واهي نه هو پوءِ هن مون کان اهو واعدو ورتو هو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي ويو ته پوءِ مرڪ جي تعليم مڪمل ٿيڻ تي آئون کيس پنهنجي گهر وٺي ايندس، ۽ سندس ذميواري کڻندس، ائين سندس وفات کان پوءِ مرڪ جي سموري ذميواري هاڻي منهنجي مٿان آهي ۽ هاڻي جڏهن ته سندس تعليم به مڪمل ٿي چڪي آهي ته سندس شادي جي ذميواري به منهنجي مٿان عائد ٿئي ٿي... هونئن ته سندس لاءِ رشتن جي ڪمي ڪانهي پر تنهنجي ماءُ جو ۽ منهنجو اهو خيال آهي ته هوءَ هميشه هن ۾ رهي... اسان جي نياڻي ٿي... جيڪڏهن تون هن سان شادي ڪرين...“
    آئون...!!؟؟ دانش جي ذهن ۾ ڄڻ زوردار ڌماڪو ٿيو، بابا!... ”مون ته ائين ڪڏهن سوچيو به ڪونهي...“
    ”پوءِ هاڻي کڻي سچو هونئن به هوءَ ڏاڍي معصوم ۽ پياري ڇوڪري آهي،“ ڪهڙي ڪمي آهي هن ۾؟ سندس گهر ۾ اچڻ سان ڪيڏي نه رونق ٿي وئي آهي. دانش جي پيءُ چيو
    ”بابا! بيشڪ هن ۾ ڪا برائي ڪانهي هوءَ سٺي ڇوڪري آهي پر هوءَ منهنجي معيار تي پوري نٿي لهي ڇو جو هو غيرسنجيده ڇوڪري آهي هو ڪڏهن به مونکي يا منهنجي فن کي سمجهي نٿي سگهي،“ دانش هٻڪندي چيو.
    ”هون!...“ دانش جو پيءُ ڪجهه دير لاءِ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ وري چيائين:
    ”ٺيڪ آهي، آئون نه ته توکي مجبور ڪندس نه ئي اجايو زور ڀريندس... پر پٽ! ڪو به فيصلو ڪرڻ ۾ ايڏي جلدي نه ڪر مون کي وري به سوچي ٻڌائجان.“
    دانش لائبرري کان ٻاهر نڪتو ته در وٽ مرڪ کي بيٺل ڏٺائين هو شايد اتي ئي بيٺل هئي ۽ هن سڀڪجهه ٻڌي ورتو هو الائي ڇو دانش هن جي نگاهن سان نگاهون ملائي نه سگهيو ۽ تيز تيز قدم کڻندو ٻاهر هليو ويو، ان شام هو گهر کان ٻاهر ئي رهيو پوءِ رات جو گهرو مٽيندي دير ٿي وئي هيس، گهر ۾ خاموشي ڇانيل هئي شايد سڀ سمهي چڪا هئا، دانش پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳو ته اوچتو مرڪ جي ڪمري مان ايندڙ ڪنهن اداس گيت جي آلاپ سندس قوم اتي ئي روڪي ڇڏيا، هن ڏٺو ته مرڪ جي ڪمري جي بتي پڻ ٻري رهي هئي کيس حيرت ٿي ته مرڪ کي ته اداس گيت پسند نه هوندا آهن پوءِ اڄ کيس ڇا ٿيو هو. هو ڪجهه دير اتي اونداهه ۾ بيٺو رهيو ۽ پوءِ تيز تيز قدم کڻندو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي ويو. ٿوري دير کان پوءِ هو وري رنگ جي دنيا ۾ گم ٿي چڪو هو اڄ وري هو پنهنجي اڌوري تصوير تي ڪم ڪري رهيو هو. اوچتو ڪنهن جي اچڻ جي کڙڪي کيس ڇرڪائي وڌو هن پيٺيان مڙي ڏٺو ته مرڪ هن لاءِ چانهه کڻي آئي هئي. سندس چهري تي سنجيدگي ڇانيل هئي ۽ اکيون آليون هيون هن خاموشي سان کيس چانهه ڏني ماحول جي ڳنڀيرتا کي ٽوڙڻ لاءِ دانش خوشگوار لهجو ٺاهيندي چيو.
    ”مرڪ!... بيٺي ڇو آهين؟!... ويهه نه...“ نه آئون وڃان ٿي... مرڪ اهو چئي وڃڻ لڳي پر وري ڪجهه سوچي موٽي آئي ۽ سنجيدگي سان چيائين:
    ”مون کي افسوس آهي ته منهنجي ڪري اوهان کي ڏاڍي پريشاني ٿي پر اوهان پريسان نه ٿيو اوهان وڏي آرام سان رشتو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو... آئون نٿي چاهيان ته منهنجو وجود ڪنهن جي ذاتي زندگي تي اثر انداز ٿئي.“ دانش شرمندو ٿيندي چيو:
    ”مرڪ! تو ته اڄ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي تنهنجو هي روپ ڪيڏو نه انوکو ۽ نئون آهي... مون ته ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هو ته هر وقت کلندڙ مرڪندڙ ۽ شرارتون ڪندڙ اها ڇوڪري سنجيدگي جي وقت ايڏي سنجيده به ٿي سگهي ٿي.“
    مرڪ تلخ لهجي ۾ چيو ”توهان به انهن ئي ماڻهن مان نڪتا جيڪي فقط سمنڊ جي ڪناري تي بيهي اندازي سان سمنڊ جي گهرائي بابت راءِ رکندا آهن، جڏهن ته سمنڊ جي گهرائي جي اصل خبر انهن کي هوندي آهي جيڪي سمنڊ جي تهه ۾ لهي ٿا وڃن ۽ جڏهن موٽندا آهن ته هو خالي هٿ نه هوندا آهن پر هن جي هٿ ۾ سچا موتي هوندا آهن ماڻهو به ته سمنڊ جيان ئي هوندا آهن مٿاڇري نگاهه وجهڻ ۾ عام لڳندا آهن، پر جڏهن کين پرکيندا ته محسوس ٿيندو ته هر ڪو ماڻهو موتي داڻو توهان منهنجي چهري تي پکڙيل مرڪ ۽ غير سنجيده روبو ڏسي مون بابت غلط اندازو لڳايو، ڏکن ۽ محرومين کي مون تمام ويجهو کان ڏٺو آهي اڃان الائي ننڍڙي هيس جو ماءُ جي ممتا کان محروم ٿي ويس، شعور جي ڏاڪي تي قدم رکيم ته بابا به هن واڳون جڳ ۾ اڪيلو ڇڏي ويو... ممتا ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم انسان ڪهڙا ڏک سهن ٿا، اهو آئون شدت سان ڄاڻان ٿي... ۽ اڪثر سوچيندي آهيان ته هينئر جيڪڏهن انڪل ۽ آنٽي کان مونکي ماءُ پيءُ جي شفقت نه ملي ها ته شايد آئون پاڻ ۾ جيئڻ جو حوصلو آڻي نه سگهان ها... ۽ پوءِ... پنهنجي اندر جون اهي محروميون ۽ ڏک لڪائي جيڪڏهن آئون خوش رهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي ۽ ٻين کي به خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي ته ان جو مطلب اهو ته ڪونهي ته آئون غيرسنجيده آهيان...“
    ”اوهه!... آءِ ايم ساري... واقعي مون توکي الاهي هرٽ ڪيو آهي...“ دانش شرمندو ٿيندي چيو ته پوءِ پنهنجي پينٽنگ مرڪ کي ڏيکاريندي چيائين ته... ”چڱو هاڻي ڀلا پنهنجو موڊ ٺيڪ ڪر ۽ هي ٻڌاءِ هي تصوير توکي ڪيئن ٿي لڳي؟... الائي ڇو هيڏي محنت ڪرڻ کان پوءِ به هي مون کي اڃا اڌوري ٿي لڳي، تنهنجو ڇا خيال آهي.“
    ”حيرت آهي...؟!!... اوهان پنهنجي فن بابت مون کان رايو پيا وٺو؟؟ اوهان ته پاڻ ئي چيو هو ته آئون ڀلا توهان کي ۽ توهان جي فن کي سمجهڻ جي صلاحيت ڪٿان ٿي رکان؟“ مرڪ تلخ لهجي ۾ چيو.
    ”طنز پئي ڪرين...؟“ ... دانش چيو ته... مرڪ تلخي سان کلندي چيو طنز نه پر حقيقت بيان ڪئي اٿم... ۽ سچ هميشه تلخ لڳندو آهي ان ڪري جيڪڏهن اوهان جي پينٽنگ جي خامي بابت سچ چونديس ته ڪٿي وري اوهان کي ناگوارا نه لڳي.“
    ”نه... نه!... چئو ڪهڙي خامي آهي هن ۾.“
    مرڪ ان پورٽريٽ جي سامهون اچي بيٺي ۽ غور سان ان کي ڏسندي چيائين:
    ”دانش غور سان هن تصوير کي ڏسو هن ۾ ڏيکاريل عورت جو چهرو حسين هئڻ جي باوجود ڪيڏو نه بي تاثر آهي... ڄڻ ڪو پٿر هجي... جڏهن ته انسان ته احساسن ۽ جذبن جو مجموعو آهي ۽ ... هي تصوير ان ڪري اڌوري ٿي لڳي جو هن کي ٺاهيندڙ فنڪار پاڻ اڃان مڪمل ناهي...“
    ”ڇا مطلب!... دانش حيران ٿيندي پڇيو:“
    ”جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات جي حصار مان نڪري نه سگهي اهو سچو ۽ مڪمل فنڪار نٿو ٿي سگهي. مرڪ آرام سان چيو. ”جيستائين فنڪار ٻين جي جذبن ۽ احساسن کي به گهرائي ۾ محسوس نٿو ڪري ايستائين هو پنهنجي ڪنهن پورٽريٽ ۾ ڏيکاريل ماڻهو جي چهري تي به هن جي اندر جي ڪيفيت رچي نه سگهندو. جيئن هن عورت جي اندر جي احساس کان هن جو چهرو عاري آهي... ان ڪري جو اوهان خود به اڌورا آهيو. ڇا!...“
    ”ڇا!... آئون آئون اڌورو آهيان...!!؟؟“
    ”ها...؟ ڇو جو ٻين جي احساس جذبن رشتن ۽ محنتن کان وانجهيل ماڻهو اڌورو ئي نه ٿيو نه...“
    مرڪ ڪمري مان هلي وئي ۽ دانش کي اونهي سوچن جي سمنڊ ۾ اڇلائي وئي ۽ ان ڏينهن کان مرڪ ۾ ڄڻ تبديلي اچي وئي هئي هر وقت کلندڙ ۽ مرڪندڙ چهرو اداس ٿي ويو، اها ڳالهه سڀني کي محسوس ٿي هئي ۽ پوءِ مرڪ ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي هڪ ساهيڙي جي گهر رهڻ لاءِ هلي وئي هئي. دانش جا ماءُ پيءُ ته اداس ٿيا ئي هئا پر الائي ڇو کيس به پنهنجو گهر اوپرو اوپرو لڳي رهيو هو. هن سوچيو ته هي خاموشي ته شروع کان ئي هن گهر جو مقدر هئي پر هاڻي اها خاموشي به اوپري اوپري ڇو لڳي رهي هئي؟ ائين ڪجهه ڏينهن گذري ويا، کيس لڳندو هو ته ڄڻ زندگي ۾ ڪمي اچي وئي هئي. کيس پاڻ به پنهنجي اندر جي ان تبديلي تي حيرت هئي. اڪثر کيس مرڪ جون ڳالهيون ياد اينديون هيون. سندس دل شدت سان چاهيندي هئي، ته مرڪ اچي ۽ سندس وکريل ڪتابن کي ترتيب سان شيلف تي رکي رنگ ۽ برش هڪ طرف طريقي سان رکي، کيس چانهه ٺاهي آڻي ڏي... گهر ۾ زندگي هجي... ٽهڪ هجن... ۽ پوءِ نيٺ هن هڪ فيصلو ڪري ورتو هو. ”ها! مرڪ ئي هن گهر جي ضرورت هئي ۽ هن کي هميشه هن گهر ۾ رهڻو هو...“ ۽ پوءِ جنهن ڏينهن دانش جو پي ڊرائيور کي مرڪ کي وٺڻ لاءِ موڪلي رهيو هو ته هن ڊرائيور کان ڪار جي چاٻي ورتي هئي ۽ پاڻ ڪار ڪاهي کيس وٺڻ ويو هو.
    مرڪ جڏهن پنهنجي ساهيڙي کان موڪلائي گاڏي ۾ اچي ويٺي ته دانش کي ڏسي حيران ٿي وئي سفر دوران ڪجهه دير ته خاموش رهي پوءِ دانش کيس مخاطب ڪندي چيو:
    ”مرڪ!... منهنجي اڌوري تصوير مڪمل ٿي ويئي آهي.“
    ”واقعي...!! پر ڪيئن...؟!“ مرڪ پڇيو ”شايد!... ان ڪري جو هاڻي آئون به اڌورو ماڻهو نه رهيو آهيان، ڇو جو تنهنجي وڃڻ کان پوءِ آئون انهن سڀني احساسن ۽ جذبن کان واقف ٿي ويو آهيان... جن کان اڳي پري ٿي ويو هوس. واقعي محبتون ۽ فطرت جا سڀ حسين رنگ ته منهنجي چوڌاري موجود هئا ۽ آئون ئي پري ٿي ويو هوس... ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪو فنڪار فطرت جي نظام ۽ قانون جي وچ ۾ رهي انهن کي محسوس نٿو ڪري ماڻهن جي وچ ۾ رهي سندن ڏک سک ۽ مسئلا نٿو ڏسي ايستائين هو مڪمل فنڪار نٿو ٿي سگهي... ۽ ها!...“ دانش ڪجهه دير ترسي مرڪ ڏانهن شرارت مان مرڪي ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ”هاڻي اها به خبر پئجي وئي اٿم ته منهنجي چوڌاري اهي ڪهڙيون عام صورتون آهن، جيڪي مون سان پيار ڪن ٿيون ۽ جن کي حسن پرستي ۾ گم ٿي وساري ويٺو هوس.“
    مرڪ جي چهري تي ڪجهه حياءُ ۽ خوشي سان ڀرپور تاثر اچي ويا هئا ۽ ڪيترائي انوکا رنگ وکري ويا هئا ۽ ان وقت اها هڪ عام چهري واري ڇوڪري به کيس ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي ۽ کيس سندس چوڌاري انڊلٺ جا رنگ پکڙيل نظر آيا هئا هو ان مهل کيس سندس مڪمل ٿي ويل تصوير جيان ئي مڪمل لڳي هئي... ۽ پوءِ جڏهن هو کيس گهر وٺي آيو هو ته ٿوري دير کان پوءِ ئي ڄڻ سڄي گهر جو ماحول بدلجي ويو هو. اها ئي مرڪ جي معصوم مرڪ هئي، رنگ هئا رونق هئي ۽ زندگي هئي. دانش پنهنجي ڪمري ۾ آيو، ڪمري ۾ کيس اونداهه ۽ ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي، کيس مونجهه ٿيڻ لڳي هن پردا هٽائي دري کولي ڇڏي تازي هوا جي لهر ڄڻ ڪمري مان سڄي ٻوسٽ کي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو هن لان ۾ بيٺل گلن جي ٻوٽن ڏانهن ڏٺو وڻن تي مٺڙيون لاتيون لوندڙ جهرڪين کي ڏٺو وشال نيري آمان ڏانهن نظر ڪئي، کيس زندگي ڏاڍي حسين لڳي. ساهن ۾ گلابن جي سڳنڌ کي محسوس ڪندي اوچتو کيس ڪو خيال آيو، هن پنهنجي ٽيبل جو خانو کولي اها ڪئسٽ ڪڍي جيڪا هن مرڪ کان ڦري هئي ۽ ٽيپ رڪارڊ ۾ لڳائي ان کي آن ڪيو ته خوشي جي احساس سان ڀريل گيت سان سڄي ڪمري جو ماحول خوشي سان ٻهڪڻ لڳو.


    (ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)


    رُڃَ جا مسافر

    شام جو ويلو آهي. برسات صبح کان وسڪارو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي بس ڪئي آهي. آئون پنهنجي گهر جي لان ۾ بيٺل آهيان. برسات کان پوءِ آلي ڇَٻر تي پيرين اگهاڙي هلڻ مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. آسمان اڃان به ڪارن ڪڪرن سان ڪاراٽيل آهي. گهميل هوا ۽ پيرن هيٺان پُسيل ٿڌي ڇَٻَر سڄي وجود کي ٺاري پئي... پر... سوچيان ٿي ته اندر به ڪڏهن ٺريو آهي!!؟؟...
    ڪافي دير تائين هلڻ کان پوءِ آئون لان ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان. پاسي ۾ پيل ٽيبل تي منهنجي ڊائري ۽ ريڊيو رکيل آهن. آئون ڪنڌ مٿي کڻي آڪاش ۾ نهاريان ٿي. مون کي ان وقت شاهه سائين جي ”سر سارنگ“ جا ڪيترائي بيت ياد پون ٿا. ان خوبصورت موسم ۾ مون تي هڪ عجيب سرشاري جو احساس طاري پيو ٿئي. چؤ پاسي کان آلي مٽيءَ ۽ گلن جي مليل جليل خوشبو ڄڻ سڀئي ”امپورٽڊ پرفيومز“ کي چئلنج ڪري رهي آهي. آئون پاسي ۾ پيل ريڊيو On ڪريان ٿي. مقامي خبرون نشر ٿي رهيون آهن. خاموش فضا ۾ نيوز ڪاسٽر جو آواز گونجي رهيو آهي:
    ”سنڌ ۾ مسلسل برسات پوڻ سبب ڪيترين ئي پوکن کي نقصان پهتو آهي. ڪچي جا هيٺاهان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. ڪيتريون ئي ڪچيون جايون ڪري پيون آهن. ماڻهو پنهنجن گهرن کي ڇڏي محفوظ مقامن ڏانهن وڃي رهيا آهن. سرڪار کين...“
    آئون ريڊئي جي آواز کي گهٽ ٿي ڪري ڇڏيان. ٿوري دير اڳ وارو سرشاري جو احساس اُداسيءَ ۾ بدلجي ويو آهي. منهنجي ذهن ۾ ان وقت ”سرسارنگ“ جو هڪ بيت هري اچي ٿو:
    ڪُڻڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُهڙ پَسيو جهڄن،
    وَرَ ريءَ وانديُنِ آڏيا، پَکا سي مَ پُسَنِ،
    اُترُ ڊاهي اُن جا، ته ڪنهن کي ڪارُون ڪَن،
    وارثُ وَري تَنِ، اَچي شال اولو ڪَريس.
    ... اوچتو فون جي گهنتي جو آواز گونجي ٿو. آئون اندر اچي فون جو رسيوَر کڻي ”هيلو“ چوان ٿي. ٻئي پاسان صفيه ڳالهائي رهي آهي: ”هيلو!... مونا، مان آهيان... صفيه.“
    ”ها صفيه! ڪهڙا حال آهن.“ آئون پڇان ٿي. ”ڀئي سچ ته ڏاڍو مزو پيو اچي. پنهنجو سڄو گروپ پڪنڪ لاءِ وڃي پيو، تون هلين ٿي؟“ صفيه چوي ٿي.
    ”نه صفيه، منهنجو موڊ ناهي.“ مون کيس بيزاريءَ مان چيو.
    ”تون صفا بور ڇوڪري آهين، ڀئي نيچر کي انجواءِ ڪرڻ سک.“ صفيه چوي ٿي.
    ”صفيه...!“ آئون بيحد اداسيءَ مان کيس چوان ٿي: ”اسين ٽريفڪ جي گوڙ، آلوده فضا، پڪن روڊن ۽ بند گهٽين وچ ۾ رهندڙ شهري ماڻهو نيچر کان تمام پري ٿي ويا آهيون. اسين Decorated ڊرائنگ روم ۾ بتي ٻاري ڪافيءَ جو ڪپ هٿ ۾ کڻي برسات کي بند ڪمري جي دريءَ مان ڏسي ڊسڪو ميوزڪ ٻڌندا آهيون ۽ پنهنجو پاڻ کي فطرت جا وڏا شيدائي سمجهندا آهيون پر... هتي رهندڙ ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ“ وارا ماڻهو نيچر انجواءِ نه ڪري سگهندا آهن ڇو جو بک جو مسئلو ۽ ٻيون انيڪ پريشانيون کين فرصت ئي نه ڏينديون آهن جو هو پنهنجي چوڌاري ڦهليل وسيع ماحول جا مزا ماڻين.“
    ”اوهه... مونا...“ صفيه ڪاوڙ ۽ بيزاريءَ مان چوي ٿي: ”توکي ته الائي ڇا ٿي ويو آهي. تنهنجا فلسفا منهنجي ته سمجهه ۾ نه ايندا آهن. تو جهڙا ماڻهو پنهنجن خيالن ۽ اصولن جي ڪري زندگيءَ جي رنگينين کان هميشه محروم ئي رهندا آهن. آخر تون محض هڪ شخص خاطر پنهنجو پاڻ کي ايڏو تباهه ڇو پئي ڪرين؟“ عديل ته هينئر پنهنجي دنيا ۾ مگن آهي، پر تون اڃان به سندس يادون ميڙي رهي آهين... آخر آصف ۾ ڪهڙي خرابي آهي!؟ هو توکي بيحد پسند ٿو ڪري پوءِ... هن جو ساٿ ڇو نٿي قبول ڪرين؟؟... دل جي دنيا صرف عديل تي ته ختم نه ٿي وئي آهي“
    ”صفيه!“ آئون کيس چوان ٿي ”مون جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي دل جي دنيا ته هڪ ئي ماڻهو تي ختم هوندي آهي. شاهه سائين جو هي بيت ته ٻڌو هوندئي:
    ”دل جو دلبر هڪڙو، گهڻا تان نه ڪجن،
    دل ڏجي تنهن هڪ کي توڙي سؤ سڌون ڪن،
    سي چِلوِلا چئجن، جي دَر دَر لائين دوستي.“
    ”مونا!... مان ته توکي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پئي آهيان“ صفيه بيزاريءَ مان چيو. ”تون ڄاڻ ۽ تنهنجو فلسفو ڄاڻي... مان ته وڃان پئي... خدا حافظ.“
    آئون به صفيه کي ”خدا حافظ“ چئي وري لان ۾ اچان ٿي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان. اوچتو هلڪي آواز ۾ هلندڙ ريڊئي تان ڪو آلاپ ٻُڌي آئون ان جو آواز وڌايان ٿي ته رحمان مغل جو پرسوز آواز غم جو آلاپ بنجي ماحول ۾ پکڙجي ٿو:
    ”تنهنجي ياد جي وري آ وِيرَ،
    لڳي رهي آ ٿڌڙي ٿير.“
    اهو آلاپ آئون ٻڌي بيچين ٿيڻ لڳان ٿي. پنهنجي وجود اندر گهٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس اڀرندي محسوس ٿئي ٿو ۽ آئون ان پرسوز گيت جي لفظن کي لنوائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي پر ڪنن ۾ وري هي الفاظ گونجن ٿا:
    ”ڪيئن وساري سگهندس توکي،
    من تي تنهنجي ئي تصوير.“
    مون کان وڌيڪ برداشت نٿو ٿي سگهي. من جي اندر دُک جو جام ڀرجڻ کان پوءِ ڇلڪڻ لاءِ آتو ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري ريڊيو بند ٿي ڪري ڇڏيان پر دل ڏاڍي اداس ٿي ويئ آهي ۽ پوءِ... گهڻي بيچيني محسوس ڪري وري ڪرسيءَ تان اٿان ٿي ۽ هلڻ لڳان ٿي. هلندي ڦرندي آئون گلن سان ڀريل وَلين جي سامهون اچي بيهي ٿي رهان. ٿوري دير اڳ تيز برسات ۽ طوفان جي ڪري ڪيترائي گُل ڇڻي هيٺ ڍير جي صورت ۾ پيا آهن ۽ ڪومائجي رهيا آهن. الائي ڇو... پن ڇڻ جي موسم ۾ وڻن مان خشڪ هوا سان ڪرندڙ پيلا پن ۽ مينهن طوفان ۾ ڇڻيل گل مون تي عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندا آهن. آئون واپس اچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان... اُتان آئون وري ڪومائل گلن کي ڏسان ٿي ۽ پوءِ ٽيبل تان ڊائري کڻي ان مان اهو ورق سامهون رکان ٿي جنهن تي مون ”رابرٽ هيرڪ (Robert Herrick) جي نرگس جي گلن بابت لکيل نظم ‘To daffodils’ نوٽ ڪيو هو. آئون اهو نظم پڙهڻ لڳان ٿي:
    خوبصورت نرگسي گُل!
    ڏک ٿيندو آهي اسنا کي اهو ڏسي
    توهين ڪومائجي وڃو ٿا ايترو جلد!!!
    اڃان ته سورج، پرهه ڦٽيءَ جو
    پنهنجي منجهند کي پهتو ئي ناهي
    ترسو... ترسو...
    ايستائين جو ڏينهن تڪڙو گذري وڃي
    پر شام جي گيت لاءِ
    ۽ گڏ عبادت ڪرڻ لاءِ
    ۽ گڏ عبادت ڪرڻ لاءِ
    توهان سان گڏ هلنداسين اسان ڀي
    اسان وٽ به توهان جيان ئي
    گهٽ وقت آهي ترسڻ لاءِ
    بهار جي موسم اسان لاءِ به مختصر
    پر اسان جي اوسر تڏهن به تڪڙي
    فقط لڙندڙ زندگي لاءِ
    تو هان وانگر ۽ هر شيءِ وانگر
    اسان به مري ويندا آهيون
    جيئن جيئن وقت گذرندو آهي
    ختم ڪري ڇڏيندو اهي
    اسان کي...
    گرميءَ جي برسات جيان
    پرهه ڦٽيءَ جي ماڪ جيان!
    آئون ڊائري بند ڪري ٽيبل تي رکي ٿي ڇڏيان ۽ پوءِ آڪاش ڏانهن نهاريندي نهاريندي پوئين وقت ۾ پهچي ٿي وڃان. اڄ وري موون کي اهي ڏينهن ياد پيا اچن. جڏهن آئون ائين ئي برسات جي گهميل ۽ خوشبوءِ سان واسيل شامن ۾ ”شاهه جي رسالي“ مان سر آسا پڙهندي هُيس. الائي ڇو اڃا به جڏهن ”شاهه جو رسالو“ کوليندي آهيان ته ”سر آسا“ تي ئي بيهي رهندي آهيان ۽ ٻيا سُر ئي پڙهڻ وسري ويندا آهن ڇو جو ان سُر ۾ نينهن جي نازڪ ناتي ۽ ڪومل جذبن جو ذڪر آهي ۽ خاص ڪري اکين جي مختلف ڪيفيتن جو ذڪر آهي ۽ مونکي اڄ به اهو موضوع ڏاڍو وڻندو آهي.
    عديل!... توکي الائي ياد هوندو يا نه... هڪ دفعو مون توکي چيو هو ته جيڪڏهن آئون مصور هجان ها ته منهنجي مصوري جو موضوع صرف ”اکيون“ هجن ها. آئون اکين جي هر ڪيفيت کي الڳ الڳ چٽيان ها جن جي مٿان انهن بابت مختلف سرا ڏنل هجن ها جيئن... خوبصورت اکيون... ڏکاريون اکيون... مرڪندڙ اکيون... آليون اکيون... حيران اکيون... خوفزده اکيون... آس ونديون اکيون... اڃايل اکيون... ڏکايل اکيون... روئيندڙ اکيون... ۽... ۽ ٻيون انيڪ تاثر رکندڙ اکيون.
    ... پوءِ الائي ڪيئن ”سر آسا“ پڙهندي پڙهندي منهنجي پنهنجي دل به نينهن جي نازڪ ناتي ۽ ڪومل جذبن کان آشنا ٿي وئي ۽ پوءِ جڏهن مون دل جي آئيني ۾ پنهنجي اکين کي غور سان ڏٺو ته خبر پئي هيم ته منهنجون اکيون به انهن سڀن ڪيفيتن کان روشناس ٿي چڪيون جن جو ذڪر ”سر آسا“ ۾ آهي ۽ منهنجي اکني ۾ به هڪ صورت سمائجي وئي هئي... تنهنجي صورت... پوءِ بي اختيار مون چيو هو:
    اکين ۾ ٿي ويههُ، ته آئون واري ڍَڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيههُ، آئون نه پَسان ڪي ٻيو.
    ها... عديل! تون ئي ته هئين جنهن منهنجي اکني کي نئين جوت ڏني هئي، نوان خواب ڏنا هئا ۽ دل کي نئين انداز سان ڌڙڻ سيکاريو ۽ پوءِ آئون آئون ايڏو ته اڳتي وڌي ويس محبتن جي راهن ۾ جو پوءِ تو کانسواءِ منهنجي اکين ڪنهن کي به ڏسڻ نٿي چاهيو ۽ پوءِ ئي شاهه سائين جي هن بيت جي پروڙ پئي هئم:
    اکين کي آهين، عَجَبَ جيهُون عادَتُون،
    سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وڃَيو وِهائين،
    اُتي لَنؤ لائين، جِتِ حاجَتَ ناههِ هَٿيارَ جي.
    پر... مونکي خبر نه هئي ته جنهن خاموشيءَ سان تو منهنجي دل جي دنيا کي آباد ڪيو هو ان ئي خاموشيءَ سان منهنجا سمورا خواب ڇِني منهنجي دل جي دنيا کي ايڏو برباد ڪري ويندين جو سڄي عمر به آئون وري ان کي اڳي جيان آباد نه ڪري سگهنديس. تون ته اڄ مونکي وساري ويٺو آهين... الاهي ڪٿي آهين، ڪهڙي دنيا ۾... پر جيڪڏهن ٿورو وقت ملئي ته اچي ڏجسنا ته آئون اڄ به پنهنجي جهوليءَ ۾ ڪجهه اڻ پورا سپنا ۽ تنهنجون انيڪ يادون کڻي ويٺي آهيان ۽ منهنجون اکيون اڄ به ان ماڳ ڏانهن واجهائين پيون، جتي تون ڇڏي ويو هُئين:
    اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون،
    اکيون عبداللطيف چَئي، ماڳُ نه مَٽائين،
    جي ٻي دَرَ واجهائين ته ڪَڍي ڪانگن کي ڏيان.
    عديل!... اڄ به چانڊوڪي راتين ۾ آئون تنهنجون يادون دهرايان پئي ۽ ڪڏهن اونداهي راتين ۾ آسمان تي انيڪ ٽڙيل پکڙيل تارن کي ڏسي تنهنجي ماڳ جو پتو لڳائيندي آهيان:
    هُن تاري، هن هنڌ، هُتِ منهنجا سُپرين،
    سڄڻ ماکيءَ مَنڌِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهن.

    ڪڏهن وري تنهنجا پَنڌَ پڇائي آسمان تي ٽڙيل پکڙيل تارن مان ان رُخ جو تارو ڳولهي ان کي چتائي ڏسندي آهيان ۽ چوندي آهيان:

    توڏانهن گهڻو نِهاريان تارا! تِلاهِين،
    سَڄَڻُ جيڏاهين، تون تيڏاهين اُڀرين.
    ... ڪڏهن وري لاکڻي لطيف جيان چنڊ کي توڏانهن پيغامبر ڪري موڪليندي آهيان...
    ناسيندي نِهارَ، پهرينءَ ڪَج پرينءَ ڏي،
    آئون جي ڏَيَنءَ سَنيها، چئج چَنڊَ! اَپارَ،
    ساجَنَ! سڀ ڄامرَ، اکيون اوهان جي آسري.
    عديل!... تون ته مونکي رڃ جي اهڙي رڻ ۾ ڇڏي ويو آهين، جتي تون ته نه آهين. رڳوتنهنجو پاڇو آهي ۽ آئون ان پاڇي پٺيان ڊوڙان پئي... ۽ ياد اٿم ته هڪ دفعي جڏهن آئون ڊوڙندي ڊوڙندي پنهنجي پيرن کي زخمي ڪري چُڪي هيس ته ٿڪجي بي حال ٿي ڪري پئي هُيس ۽ سڏڪڻ لڳي هُيس...
    ۽ پوءِ... سڏڪندي سڏڪندي اوچتو مونکي محسوس ٿيو هو ته ان رڃ ۾ رڳو آئون اڪيلي نه سڏڪي رهي هُيس پر ڪو ٻيو به مونسان گڏ سڏڪي رهيو هو... ۽ پوءِ... مون تي اهو انڪشاف ٿيو هو ته جنهن رڃ ۾آئون تنهنجي پاڇي پويان ڊوڙندي رهي آهيان. ان ساڳي رڃ ۾ آصف منهنجي پاڇي پويان ڊوڙي رهيو آهي. اڄ مون کيس چيو هو:
    ”آصف! تون ته زبيده کي پسند ڪندو هُئين ۽ هوءَ ته اڃان به تنهنجي آس ۾ ڳوٺ ۾ تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي“ ”پر... مونکي ته هاڻي اتي موٽي وڃڻو ئي ناهي“ آصف چيو هو.
    ”پر... ڇو؟“
    ”مونا!“ آصف بيحد دکي لهجي ۾ چيو هو: ”هڪڙو وقت هو جڏهن آئون ڳوٺ ۾ رهندو هوس. اتي مون زبيده کي چاهيو هو... مون ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿي پر سندس مائٽن منهنجي غربت جي ڪري مون کي سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ... آئون شهر هليو آيس هاڻي آئون سٺي نوڪري ڪري رهيو آهيان ۽ هاڻي مونکي زبيده جو سنڱ ملي سگهي ٿو پر... هاڻي آئون ساڻس شادي نه ڪندس.“
    ”پر...ڇو!!؟؟...“ مون بيچيني مان پڇيو هو.
    ”ڇو جو... هتي اچڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته دنيا تمام وڏي آهي، رڳو زبيده تائين محدود ناهي ۽... پوءِ... تو سان ملڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته منهنجي منزل تو تائين اچي ٿي پهچي“ هن بيحد ڳنڀيرتا مان چيو هو.
    اهو ٻڌي آئون وڌيڪ دکي ٿي ويس ۽ مون کي احساس ٿيو ته ان ڳالهه جي جواب ۾ آئون جيڪو ڪجهه به کيس چونديس اها ڳالهه کيس وڌيڪ دکي ڪري ڇڏيندي پر پوءِ به مون کيس دوکي ۾ رکڻ نه ٿي چاهيو. ان ڪري نه چاهيندي به کيس چيو هيم: ”آصف!... تنهنجا منهنجا رستا الڳ آهن... اهو تون به چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ۽ جيڪو ڪجهه تون منهنجي لاءِ محسوس ڪرين ٿو آئون ڪڏهن به تنهنجي لاءِ اهو ڪجهه محسوس نٿي ڪري سگهان.“
    ”مون کي خبر آهي مونا!... مان ڄاڻان ٿو...“ مون سندس آواز دک جي پاتال مان ايندي محسوس ڪيو هو: ”پر... آئون توکان موٽ ته ڪو نه ٿو گهران.... باقي پاڻ کي توکي چاهڻ کان روڪي به نٿو سگهان ۽... منهنجو اهو حق تون مونکان کسي نٿي سگهين“
    ”ڇو ٿو پاڻ کي برباد ڪرين!!؟؟...“ مون کيس سمجهائيندي چيو هو: ”موتي وڃ اتي... جتي مون جهڙي ئي ڪا ڇوڪري اکين ۾ لڙڪ سجائي، ٽٽل دل ۽ اڻ پورا سپنا کڻي اڃان به ڪنهن آس تي زندگيءَ جي اونداهين راتين ۾ تنهنجي موٽي اچڻ واري راهه تي ڏيئا ٻاريندي هوندي... باقي آئون ته تولاءِ ڄڻ رڃ جو پاڇو آهيان ۽ ڀلا رڃ جا پاڇا به ڪنهن کي هٿ ايندا آهن...!!؟؟“
    ”مونا!... مون کي ان رڃ ۾ ئي ڀٽڪڻ ڏي ڇو جو رڃ جي ان سفر ۾ موٽڻ جي ڪا واٽ ناهي هوندي... ان ڪري هاڻي مان اڳتي ته وڌي سگهان ٿو باقي پوئتي مونکي ناهي ورڻو“ آصف جي لهجي ۾ سندس فطرت جو هٺ نمايان نظر اچي رهيو هو.
    آصف جي وڃڻ کان پوءِ مون کي وري تنهنجي ياد اچي وئي آهي ۽ عديل!... آئون سوچيان پئي ته تو جهڙا ۽ آصف جهڙا ماڻهو، مون جهڙين ۽ زبيده جهڙين ڇوڪرين جا سپنا ٽوڙي ”خوب کان خوب تر“ جي تلاش ۾ هليا ويندا آهن، ۽... پوءِ... جڏهن ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪي پوندؤ تڏهن احساس ٿيندَوَ ته جنهن پيار ۽ سونهن جي جستجو ۾ توهان ڀٽڪندا رهيا آهيو. انهن کي ته توهان پاڻ ئي پٺتي ڇڏي آيا هئا... ۽ پوءِ... جيڪڏهن اوهين موٽي به اچو ته شايد اتي ڪجهه به باقي نه هجي.
    مُورکَ مامَ نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪَن،
    سي ڪيئن پِرين پَسَن، ڪَٽَرَ جن اَکيُن ۾.
    منهنجي دل وري اداس ٿيڻ لڳي ٿي... آئون پاسي ۾ ٽيبل تي پيل ڊائري کڻان ٿي ۽ ان جي هڪ ورق تي تحرير ڪرڻ لڳان ٿي:
    ”اسان جي چؤپاسي ننڍا ننڍا ڏيئا ٻري اسان جي زندگين کي جوت ڏيندا آهن... پر پوءِ به اسان انهن جي جوت تي ڌيان ڏيڻ بدران پريان... تمام پريان... اوندهه ۾ ٽِم ٽِم ڪندڙ روشنين لاءِ واجهائيندا آهيون ۽ انهن جي تلاش ۾ نڪري پوندا آهيون ۽ هلندائي رهندا آهيون... پر اهي روشنيون ته اڃا به اسان کان اوتريون ئي پري هونديون آهن... ۽ پوءِ اهو فاصلو نه کٽندڙ سفر کان پوءِ به گهٽ ناهي ٿيندو. تڏهن اسين پوئتي ورڻ چاهيندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته اهي ننڍا ننڍا ڏيئا جيڪي پاڻ کي جَرڪائي اسان لاءِ روشني پکيڙي رهيا هئا. اهي به پري... تمام پري رهجي ويا آهن ۽ مايوسين جي اوندهه ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن... ان وقت اسان کي احساس ٿيندو آهي ته هاڻي اسان جي چوڌاري ٻاٽ اوندهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به باقي نه رهيو آهي.“
    آئون ڊائري بند ڪري ٽيبل تي رکان ٿي ۽ بي خياليءَ ۾ ريڊيو آن ڪريان ٿي. ان وقت عابده پروين جو پرسوز آواز هوا ۾ وکرڻ لڳي ٿو ۽ شاهه سائين جي ”وائي“ منهنجي اندر وري طوفان برپا ڪري ٿي ۽ نيٺ اهو طوفان اکين ۾ اچي بيهي ٿو ۽ لڙڪن جو روپ وٺي اکين وسيلي آزاد ٿئي ٿو ۽ ان وائي جي هڪ هڪ لفظ سان گڏ منهنجي اکين جي آلاڻ پڻ لڙڪ بڻجي فضا ۾ پکڙجي ٿي:
    دَرَدَ مئيءَ جي جا دارُون،
    وو! موٽ، سٻاجها سُپرين!
    مُون لڳيوُن، مون وِسهو،
    مُحَبَتَ جون ماروُن،
    وو! موٽُ، سٻاجها سُپرين!
    مائٽَ نِئان مُون سين گهڻا،
    ڪُسڻ ڪيا ڪارُون،
    وو! موٽُ، سٻاجها سُپرين!
    سُکن مون سين ڪين ڪيو،
    سُورَن لَڌيُمِ سارُون،
    وو! مُوٽَ، سٻاجها سُپرين!
    مُنهنجون شهرَ ڀنڀورَ ۾،
    پَلَپل پَوَن پَچارُون،
    وو! موٽِ، سٻاجها سُپرين!
    اَديُون! عبداللطيفُ چئي،
    لڳيم تَنَ اَندَر تارُون،
    وو! موٽ، سٻاجها سُپرين!


    (ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)


    واجهائيندي ورهه ٿيا...

    ڪار کي حيدرآباد جي پر رونق شهر مان ڪڍي ڄامشورو واري رستي ڏانهن رخ رکان ٿو ته من جي وياڪلتا کي ويتر وڌندو محسوس ڪريان ٿو. ذهن مان پريشان ڪندڙ خيالن کي دور ڪرڻ خاطر ڄام شوري جي شام ۾ چؤپاسي پکڙيل ساوڪ ۽ سنڌوءَ جي جل جي نظارن بابت سوچڻ ٿو لڳان ۽ ڪجهه خبر نٿي پويم ته سفر ڪيئن کٽي پيو... ۽ پوءِ... جڏهن ڄامشوري واري پُل پار ڪريانٿو ته پوءِ... خود بخود... الائي ڇو... ڪار جي اسپيڊ آهستي ڪريان ٿو ۽ ڪار کي ساڄي پاسي موڙي ”المنظر“ ڏانهن کڻندو ٿو وڃان. ها... ساڳي موسم اهي، ساڳيو شام جو هي پهر... ۽... منهنجو ذهن وري ماضيءَ ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. آئون ڪار جو دروازو کولي ”المنظر“ جي لان ۾ پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي ٿو رهان. اتي لان ۾ مون کان سواءِ ٻيا به ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن پوءِ به هر طرف عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت ۽ خاموشي آهي، جنهن کي ڪڏهن جهرڪين جي ”چون چون“، ڪڏهن لان ۾ ويٺل ماڻهن جو هلڪو ڳالهائڻ ۽ ڪڏهن هوٽل جي بيرن جي هٿن ۾ جهليل ٿانوَن جا کڙڪا ۽ ڪڏهن وري... ڄامشوري جي پل تان لنگهندڙ گاڏين جا آواز ٽوڙي رهيا آهن. منهنجي سامهون سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ ڳاڙهي سج جو عڪس چمڪي رهيو آهي. هوٽل جو بيرو منهنجي لاءِ چانهه کڻي ٿو اچي ته آئون ڇرڪ ڀريان ٿو. مون کي ته اها خبر به نه پئي ته ڪيڏي مهل مون کيس چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو هو. چانهه پيئڻ دوران منهنجي ذهن ۾ وري پريشان ڪندڙ خيال اچن پيا ۽ ماضيءَ سان لاڳاپيل ڪجهه تکين مٺين ڳالهين سان ڀرپور يادون ذهن کي وڪوڙڻ لڳن ٿيون ۽ تصور ۾ رباب جو عڪس اڀري اچي ٿو ۽ مونکي ياد اچي ٿو. ها!.. رُباب!... اسان جو خاندان به روايتي سنڌي گهراڻن مان هڪ هو. جيڪي خاندان جيترا وڏا هوندا آهن، اوڏائي وڏا مسئلا ۽ جهڳڙا انهن ۾ جنم وٺندا آهن. اسان جهڙن گهراڻن ۾ گهڻو ڪري، جائيداد يا وري سنڱابنديءَ تان جهيڙا ٿيندا آهن... جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي قسمتن جا فيصلا وڏا ڪندا آهن... پوءِ... ڪڏهن ڪي غلط فيصلا نه صرف ڪنهن هڪ نسل پر ڪيترين نسلن لاءِ نفرتون، پريشانيون ۽ ويڇا ورثي ۾ ڇڏي ويندا آهن. ڪنهن اهڙي ئي فيصلي جي ڪري بابا ۽ چاچا وڏو پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ پوءِ وڏن جي جهيڙي ڪري، اسين سڀ سؤٽ ڪيڏا نه پري ٿي ويا هئاسين... ها!... رُباب!... تون ته منهنجي بيحد پياري پڦيءَ جي ڌيءَ هُئين، ويچاري پڦي!!!.. هن به ڏاڍا ڏک ڏنا هئا. سندس گهروارو خانداني دشمني جي ور چڙهي قتل ٿي ويو ۽ هوءَ ويچاري ان ڏک ۾ ئي بيمار ٿي وئي ۽ ٽي.بيءَ جهڙي بيماري پالي ويئي ۽ نيٺ.. توکي ٽن سالن جي عمر ۾ اڪيلو ڇڏي هميشه لاءِ هن دنيا کان منهن موڙي وئي. تڏهن کان ئي چاچا وڏو توکي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ سڄي ڄمار توکي پنهنجي نياڻين جيان ئي رکيائين ۽ ڪڏهن به تو ۾، فريده ۽ فهميده ۾ ڪو به فرق نه رکيائين. ها!... ياد اٿم!... جڏهن اسان حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا هئاسين ان وقت منهنجي عمر تيرنهن سال هئي ۽ تون مون کان پنج سال ننڍي هُئين ۽ پوءِ... جڏهن اسان جي وڏن ۾ ويڇا پيا ته ان کان پوءِ ڪيترن ئي سالن لاءِ اسان سڀ ڪجهه ٻئي کان ڏور ٿي ويا هئاسين ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو وچ وارو فاصلو اسان لاءِ ڪيئي درجا وڏو بنجي ويو هو... ۽ ائين... ايترن سارن سالن گذرڻ کان پوءِ چاچا وڏي جي پٽ ادا اشفاق جي شاديءَ جا ڏينهن رکيا ته شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چاچا وڏو بابا کي پرچائڻ لاءِ آيو ڇو جو اسان وٽ اهڙن موقعن تي رٺلن کي پرچايو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح... ادا اشفاق جي شاديءَ جي موقعي تي اسان سڀ ايڏي عرصي بعد گڏياسين ته گهڻو ڪجهه ئي بدلجي چڪو هو ۽... تون به...! هوءَ ننڍڙي، شرارتي ڇوڪري ”رُبا“ هاڻي وڏي ۽ سنجيده ڇوڪري ”رُباب“ جو روپ ڌاري چڪي هئي.

    تنهنجي ڏکن وقت کان اڳ ئي توکي سنجيده ۽ بردبار بڻائي ڇڏيو هو ۽ تون مون کي خاندان جي ٻين ڇوڪرين کان گهڻو ئي مختلف لڳي هئين. جڏهن سڄي گهر ۾ شاديءَ جو هنگامو هو، سڄو سڄو ڏينهن ڇوڪريون کل چرچا ڪنديون هيون، شاپنگس ٿينديون هيون، هر وقت ميڪ اپ، جيولري، ۽ ڪپڙن جي ميچنگس تي بحثون ٿينديون هيون ۽ شادي جا گيت ڳايا ويندا هئا، تڏهن... تون انهن سڀني ڇوڪرين کان ڪيڏي نه الڳ الڳ رهندي هئين!!!؟؟... گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هوندي هئنين يا وري لان ۾ ويٺل هوندي هئين ڇو جو، توکي ته صرف ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو اهو يا وري (Paintings) ٺاهيندي هئين اڪثر آئون توکي محويت سان پينٽنگس (Paintings) ٺاهيندي ڏسندو هو س۽ ان مهل تون ته پنهنجي وجود کان به بيخبر هوندي هئين ۽ منهنجي موجودگيءَ کان پڻ، ڪڏهن وري تون ڪتابن مان خوبصورت Quotations ۽ شعر پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکندي رهندي هئين... ۽... پوءِ!... الاهي ڪيئن تون منهنجي دل جي گهرائين ۾ لهندي وئين... مونکي خود ان ڳالهه تي حيرت ٿي ڇو جو آئون يعني دانيال!... سڄي خاندان مان سڀني کان خوبرو ۽ هينڊسم ڇوڪرو هئس ۽ خاندان توڙي يونيورسٽيءَ جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جو آئيڊيل پڻ هوس جنهن ڪري ڏاڍو مغرور ۽ خود سر پڻ هيس. جنهن ۾ گهڻو ڏوهه منهنجو نه پر گهر وارن، خاندان وارن ۽ انهن ڪيترن ئي ٻين جو هو جن تعريفون ڪري، مون کي انتهائي ضدي ۽ مغرور بڻائي ڇڏيو هو. ڇو جو مون کي يقين هوندو هو ته آئون جنهن به ڇوڪريءَ کي چاهيان ته وڏيءَ آسانيءَ سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهان ٿو ۽ اهو پڻ يقين هئم ته جڏهن آئون توسان دل جو حال اوريندس ته تون پاڻ کي خوشنصيب ڇوڪريءَ، سمجهندين ۽ پوءِ... ان ڏينهن جڏهن ادا اشفاق جي مينديءَ جي رسم ٿي رهي هئي، گهر ۾ هر پاسي هنگامو هو، خوشيون هيون، ڇوڪريون هٿن ۾ مينديءَ جون پليٽون کڻي ڳائڻ، نچڻ ۽ هنگامن ڪرڻ جو مقابلو ڪري رهيون هيون ته ان وقت به تون هلڪي سائي رنگ جي هلڪي ڀرت وارن ڪپڙن ۾ خاموشيءَ سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کين شرارتون ڪندي ڏسي مُرڪي رهي هئين ۽ آئون پنهنجون نظرون توکان پري ڪري نه سگهيو هئس ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن مون موقعو ڏسي توکي پنهنجي دل جي ڪيفيت ٻڌائي هئي. مون کي ناهي خبر ته ان وقت تنهنجي دل جي ڪهڙي ڪيفيت هئي. ان کان ٻئي ڏينهن جي شام به مون کي ڪڏهن وسري نٿي سگهي... ها رُباب! ياد پوي پئي هينئر مون کي اها شام جڏهن ادا اشفاق جي شاديءَ جو ڏينهن هو، سڀ ڇوڪريون ميڪ اپ، ڪپڙن ۽ زيورن جي ميچنگ ۾ ئي ڦاٿل هيون، سڀ مکين جيان آئيني اڳيان خاندان جي ڇوڪرن چواڻي پاڻ کي ”راڳو هڻڻ“ ۾ مصروف هيون تون سڀني کان ئي پهرين تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتئين ته آئون ٻاهر ويندي ويندي اوچتو توکي ڏسي بيهي رهيس. توکي هلڪا گلابي ڪپڙا پاتل هئا. ان تي ننڍا سونا جهومڪ ۽ هلڪو ميڪ اپ توکي تمام گهڻو حسن بخشي رهيا هئا. اوچتو ٽيليفون جي رنگ وڳي ۽ تون پنهنجو وڏو رئو ۽ خوبصورت کليل ڪارن وارن کي ٺيڪ ڪندي ٽيليفون ڏانهن وڌي رسيوَر کنيو، تنهنجي ڪنهن ڪلاس فيلو جو فون هو جيڪا ڄام شوري ڪالوني ۾ رهندي هئي. سندس ڪار ۾ اوچتو خرابي ٿي پئي هئي. جنهن ڪري هن چاهيو پئي ته تون کيس پنهنجي ڪار ۾ وٺڻ وڃي، ان وقت ادا اشفاق ۽ بيا سڀئي ڇوڪرا ٻاهر ويل هئا ۽ تون پريشان هئين ته تنهنجي ڪلاس فيصلو ڪيئن اچي سگهندي...!! تڏهن چاچيءَ مونکي چيو هو ته آئون توکي ڄام شوري وٺي وڃان... اهو ٻڌي منهنجي دل جا ڪنول ته ٽڙي پيا هئا پر تون پريشان ٿي وئي هئين پر چاچيءَ جو چوڻ ٽاري نه سگهي هئين، ان ڪري مون سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي هئين.
    ... ۽ پوءِ... ڄام شوري واري پل پار ڪرڻ کان پوءِ مون اوچتو ئي ڪار کي ساڄي پاسي موڙيو هو ۽ پوءِ ”المنظر“ جي سامهون ڪار بيهاري هوٽل جي ويٽر کي ٻن Cokes آڻڻ جو آرڊر ڏنو ته تون پريشان ٿي وئي هُئين ۽ مون کان تو اتي ترسڻ جو سبب پڇيو ته مون شرارت منجهان تو ڏانهن ڏسي چيو هو:

    ”شام جو هي پهر، نانءُ اسان جي ڪريو.“
    اهو ٻڌي تون ويتر پريشان ٿي وئين ۽ تنهنجو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
    ... ۽ پوءِ... توکي روئڻهارڪو ٿيندي ڏسي آئون سنجيده ٿي ويس ۽ مون توکي ٻڌايو ته مونکي تو سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون هيون ان ڪري ٿوري دير هتي ترسيو هئس.
    ... ۽ پوءِ... مون سنجيدگي سان تو سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون هيون ۽ پنهنجي دل کولي تنهنجي آڏو رکي هئي ۽ محبت جا سمورا جذبا توکي ارپي ڇڏيا هئا ۽... تون... اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي ڪيڏي نه پريشان ٿي وئي هئين...!!؟؟ ۽ منهنجي نظرن ۽ جذبن جي تپش کان بچڻ خاطر دريءَ کان ٻاهر ئي ڏسندي رهئين. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه تي تنهنجي ڳلن تي پڻ تنهنجن گلابي ڪپڙن جو عڪس اڀري ٿي آيو... ۽ تنهنجي خوبصورت ڪارين، ڪجلين اکين ۾ حيرانگيءَ جا سَوين رنگ جرڪي رهيا هئا... ۽ پوءِ... جڏهن مون توکان جيون ڀر ساٿ ڏيڻ لاءِ وچن وٺڻ چاهيو ته ڪنهن نادروني ڪيفيت ڪري، تنهنجو چهرو پيلو پئجي ويو هو... ۽ تو منهنجي ڪنهن به ڳالهه جي ۽ جذبي جي موٽ نه ڏني هئي ۽ هلڻ جي التجا ڪئي هئي. اهو ٻڌي آئون چپ ٿي ويو هئس. مونکي ان مهل ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پنهنجي تذليل محسوس ٿي ۽ پوءِ... مون ڪار کي ڄامشوري ڪالوني واري رستي ڏانهن ڪيو پوءِ اتي پهچڻ ۽ واپسيءَ جي سفر دوران مون خاموشي اختيار ڪئي هئي. پر... رُباب!... ها!... بيشڪ تون چاهين ته سڄي عمر سڄي دنيا کان، پاڻ کان... مون کان... اها ڳالهه لڪائين پر... ان شام مون تنهنجي اکين ۾ خوبصورت جوت جاڳندي ۽ ڳلن تي ڳاڙها گلاب ٽڙندي ڏٺا هئا.
    پوءِ ادا اشفاق جي شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان واپس ڪراچي هليا وياسين پر پوءِ به اسان جو اوهان وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان سڄي عرصي دوران بي شڪ تو زبان سان ته ڪڏهن به محبت جو اقرار نه ڪيو پر تنهنجون خوبصورت ۽ اسرارن سان ڀرپور اکيون ڪيئي راز پڌرا ڪنديون هيون ۽ آئون اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس پر... پوءِ به منهنجي اندر موجود هٺيلو، مغرور ۽ اتاولو شخص چاهيندو هو ته تون زبان سان پڻ منهنجي اڳيان پنهنجي دل هارائڻ جو اقرار ڪرين ڇو جو آئون ان معاملي ۾ بيحد ضدي ۽ انا پرست ماڻهو ٿي پيس. مون چاهيو ٿي ته تون پنهنجي زبان سان مون سان زندگي ڀر ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪرين... پر تون ته هميشه جيان اداس، خاموش ۽ پراسرار بڻي رهئين... ۽ آخر... ان ڳالهه مون کي چيڙائي وڌو ۽ آئون پنهنجي ضدي طبيعت ۽ انا پرستيءَ تي اڙيو رهيس ته جيستائين تون پنهنجي زبان سان پيار جو اعتراف نه ڪندئين ايستائين آئون امان بابا کي توهان جي گهر تنهنجي سڱ وٺڻ لاءِ نه موڪليندس... اهو منهنجو فيصلو هو. ائين ڪجهه سال لنگهي ويا... ۽ اسان جي وچ ۾ خاموش محبت سان گڏوگڏ خاموش جنگ به هلندي رهي پر ٻنهي معاملن ۾ هار مڃڻ لاءِ نه آئون تيا رهُيس ۽ نه وري تون...!!
    ڪجهه عرصي کان پوءِ بابا ۽ امان مون کي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا ۽ سندن خواهش هئي ته ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو ئي هو ته آئون چاچا وڏي جي ڌيءَ فريده سان شادي ڪريان... ان وقت به مون کي يقين هو ته جيڪڏهن آئون فريده سان شادي ڪرڻ بدران توسان شادي ڪرن چاهيان ها ته به نه بابا کي اعتراض ٿئي ها ۽ نه ئي چاچا کي ڇو جو تون انهن ٻنهي ڀائرن جي بيحد پياري ۽ اڪيلي ڀيڻ جي نشاني هُئين پر...! ان وقت ته مون تي هڪ عجيب جنون سوار هو ۽ مون پنهنجي انا ۽ ضد جي تسڪين خاطر توکي هر طرح سان ڏکوئي بدلو وٺڻ ٿي چاهيو ان ڪري مون فريده سان شادي ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ پوءِ... مڱڻي کان شادي واري عرصي دوران آئون هر طرح سان توکي ڏکائيندو ۽ ساڙيندو رهيس پر...!! تو ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي شڪوه شڪايت نه ڪئي ۽ خاموشيءَ سان سڀڪجهه سهي وٺندي هئين... پر...! جڏهن تنهنجو چهرو اداسيءَ مان ڪومائجي ويندو هو ته مون کي وڌيڪ خوشي ۽ تسڪين ملندي هئي. ائين تون اڳي کان به گهڻو اداس، خاموش ۽ الڳ الڳ رهڻ لڳئين... ۽ پوءِ منهنجي ۽ فريده جي به شادي ٿي وئي ۽ مون توهان وٽ اچڻ تقريباً ڇڏي ڏنو پر شادي کان پوءِ به منهنجي انا ۽ اندر جو ضدي ماڻهو مطمئن ٿي نه سگهيو. ائين لڳندو هئم ته آئون سڀ ڪجهه هارائي چڪو هئس. پر اهو سڀڪجهه ته مون پاڻ پنهنجن ئي هٿن سان ڪيو هو... ۽ پوءِ... ڪالهه جڏهن هڪ ڪم سان حيدرآباد آيس ۽ گهر آيس ته گهر ۾ توکان سواءِ ڪير به نه هو. سڀ ڪنهن دعوت تي ويل هئا ۽... تون!!! شايد بيمار هئين. ڪيڏي نه بدلجي وئي آهين هاڻي!!!؟؟... رُبابُ!... تنهنجي خوبصورت اکين جي اها جوت ڪيڏانهن هلي وئي آهي، جنهن کي ڏسي ”اياز“ جون هي سِٽون ذهن تي تري اينديون هيون.
    ”نيٺا نيڻ پرينءَ جا، جيئن رڻ ۾ رات ٺري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري.“
    ... ڪيڏو نه ظالم آهيان آئون!!!... مون توکي ڪيڏو نه ستايو آهي!!!... ڪالهه به ته مون توتي پنهنجي سموري ڪاوڙ لاٿي. ڪيڏا طنز ڪيم!!!... مذاق اڏايم ۽ تنهنجن ڦٽن کي اکيڙيم!!... ۽ تون!!!... پهرين ته هميشه جيان خاموسيءَ سان چپن تي هڪ اداس مرڪ پکيڙي سڀ ڪجهه ٻڌندي رهئين.. پر پوءِ... آهستي آهستي تنهنجي اکين جي سنڌوءَ اٿل کاڌي ۽... جڏهن مهراڻ موج ڪئ ۽ اکين جا سمورا بند ٽوڙي ٻاهر نڪري آيو ته مون کي ان ويل ڏاڍي خوشي ۽ سڪون محسوس ٿيو ڇو جو... مون ته هميشه توکي پاڻ آڏو هارائيندي ڏسڻ ٿي چاهيو.
    اڄ... ٿوري دير اڳ ۾ جڏهن آئون ڪراچي وڃڻ لاءِ گهران نڪري ڪار ۾ اچي ويٺس ته ان مهل تون به گهر مان نڪري آئي هئين. تنهنجي هٿن ۾ هڪ پيڪيٽ هو جيڪو تو مون ڏانهن وڌايو ۽ پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان واپس موٽي وئي هئين.
    ... ۽ هاڻي... جڏهن ڄام شوري جي ڳاڙهي شام آهستي آهستي گهري سرمئي سانجهه ۾ مَٽجي پئي ته آئون به آهستي آهستي ماضيءَ جي يادن کان موٽ کائي زمان حال ۾ اچان ٿو ته مونکي هن وقت تنهنجي ڏنل پيڪيٽ جو خيال اچي ٿو ۽ آئون اٿي ڪار تائين اچان ٿو ۽ ڪار جي سيٽ تان اهو پيڪيٽ کڻان ٿو ۽ کوليان ٿو ته هڪ خوبصورت پينٽنگ (Painting) تي نظر پوي ٿي... تنهنجي ئي ٺاهيل پينٽنگ آهي، جنهن ۾ شام جي سرمئي سمي ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هٿ هٿ ۾ ڏئي پنهنجي گهر ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪنڊ ۾ وکريل پيلن پتن درميان کوکلي وڻ هيٺان هڪ اداس ناري هنن ٻنهي کي حسرت مان ڏسي رهي آهي. Painting سان گڏ هڪ لفافو به آهي. آئون پينٽنگ ڪار ۾ ئي رکي آهستي آهستي هلندو دريا جيڪناري لڳل ريلنگ جي ڀرسان اچي بيهان ٿو ۽ جهڪي پاڻيءَ ۾ ڏسڻ لڳان ٿو... ڪجهه دير کان پوءِ خيالن مان ڇرڪي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل لفافو کوليان ٿو. تنهنجو خط آهي هن ۾. آئون خط کولي پڙهان ٿو. تو مون کي مخاطب ڪندي لکيو:
    دانيال! سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڪيئن مخاطب ڪريان. مائٽ جي حيثيت سان يا وري ان اڻ ڄاتل ٻنڌڻ جي حوالي سان جنهن ۾ تو مون کي ڪيتري ئي عرصي کان جڪڙي رکيو آهي. ها!... دانيال!... خبر اٿم ته ناراض آهين، مون کان ڇو جو منهنجي رويي جي ڪري تنهنجي انا ۽ چاهت مجروح ٿي آهي، جو مون اڄ تائين ان جذبي جو اقرار نه ڪيو آهي. جيڪو تو ٻڌڻ ٿي چاهيو. مون ته سمجهيو هو ته آئون سڄي عمر اهو راز سانڍي رکنديس ۽ تون آخر ڪار مايوس ٿي منهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏيندين ۽ مون کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏيندين. پر مون کي خبر نه هئي ته تون ايڏو ضدي نڪرندين ۽ تنهنجي اندر جو هٺيلو ۽ خوددار ماڻهو پنهنجي اها بي عزتي سڄي عمر وساري نه سگهندو ۽ توکي تا عمر ان احساس جي ڪري سڪون ملي نه سگهندو. اهو ڏسي اڄ اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته جيئن توکي به ڪجهه سڪون ملي ۽ منهنجي دل تان پڻ بار هلڪو ٿئي.
    دانيال!... آئون ڪيئن اظاهر ڪريان ها ان جذبي جو ڇو جو... اسان جي گهرن جي ڇوڪرين کي پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق نه ڏنو ويندو آهي. نه صرف ڇوڪرين کي پر اڪثر ڇوڪرن جي زندگين جا فيصلا پڻ مائٽ ئي ڪندا آهن. اسان وٽ اولاد کي ڪڏهن پيار ته ڪڏهن وري مائٽاڻي حقن جي ”بليڪ ميلنگ“ سان پنهنجي مرضيءَ مطابق هلاوي ويندو آهي.
    ياد اٿئي دانيال...!!... ادا اشفاق جي شاديءَ جي موقعي لاءِ تنهنجي بابا کي تنهنجو چاچا وڏو يعني ماما وڏو پرچائڻ آيو هو... تو کي پر اها خبر نه آهي ته انهن ۾ ڪهڙي شرط تي ٺاهه ٿيو هو. ها!... مونکي اها خبر آهي... انهن شرطن ۾ ٻنين جي معاملي کان سواءِ هڪ شرط اهو به رکيو ويو هو ته فريده جو سڱ توکي ڏنو ويندو... پوءِ...! تون ئي ٻڌائي ته اهو سڀڪجهه ڄاڻندي به آئون پوءِ پيار جي واٽ تي اڳتي قدم ڪيئن ٿي وڌائي سگهيس...!!؟؟؟ هونئن به ماما وڏي جا مون تي گهڻا ئي احسان آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هنن مون کي فريده ۽ فهميده جيان ئي ڀانئيو... پوءِ اهو ئي ته موقعو هو ته آئون سندن احسانن عيوض کين به ڪجهه خوشيون ڏيان ها...
    ها!... مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن تون فريده جي بدران منهنجو سڱ گهرين ها ته به ماما وڏو انڪار نه ڪري ها. پر... دانيال!... مون نٿي چاهيو ته آئون وچ ۾ اچان ڇو جو منهنجي وڏي کان وڏي اها ئي خواهش هئي ته تنهنجي بابا ۽ چاچا وڏي جي وچ ۾ ٻيو به اهڙو مضبوط رشتو جڙي وڃي جو اسان جو هي خاندان ٻيهر وکري نه سگهي. هونئن به فريده منهنجي سڳي ڀيڻ جيان آهي ۽ سندس خوشيون مونکي پنهنجي خوشين کان وڌيڪ عزيز آهن. باقي جيڪڏهن منهنجي محبت جي اظهار ڪرڻ سان تنهنجي انا جي تسڪين ٿي سگهي ٿي ته اڄ آئون اهو اعتراف ڪريان ٿي ته پيار جي خوبصورت جذبي کان مون کي پهرين ڀيرو توئي آشنا ڪيو ۽ شايد... منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ ٻيو ڪو به شخص منهنجي دل جي تارُن کي ڇيڙي محٻت جو اهڙو ڪو گيت ٻيهر منهنجي من مان اڀاري نه سگهي ڇو جو منهنجي من اندر تي ته شاهه سائين جو هي بيت اڳ ۾ ئي اڪريل آهي.
    سِڪَ تنهنجي سُپرين! جيئن تَران تيئن تارِ،
    تون ئي رهيو رُوحَ ۾، تون ئي اَکنئيان ٻار،
    پرين! تنهنجي پار، مون واجهائيندي وَرِههَ ٿيا.
    ... اوهه!!!... رُباب!... هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو آهي...؟؟!!!... هي مون ڇا ڪيو؟؟!!!.. ها!... شايد اڄ کان پوءِ منهنجي اندر وارو اتاولو،انا پرست ۽ ضدي ماڻهو هميشه لاءِ ماٺ ٿي وڃي ۽ شايد منهنجي دل کي به اطمينان ملي وڃي ڇو جو منهنجي دل ۽ روح مٿان جيڪو بار هو اهو هلڪو ٿي ويو آهي... پر مون کي لڳي ٿو ته آئون محبت جي بازي کٽي به هارائي ويو آهيان ۽ تون... محبت جي بازي هارائي به کٽي وئي آهين.
    ... آئون پنهنجن خيالن ۾ ئي گم رهان ٿو ته اوچتو تيز هوا جو جهوٽو منهنجن هٿن مان تنهنجو خط کسي سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو ۽ مهراڻ جون ڇوليون اتاوليون ٿي ڪاغذ جي هن پرزي کي وڪوڙي ڪٿي دور... دور کڻي هلنديون پيون وڃن. آئون ٿڪل ٿڪل قدمن سان واپس ڪار ۾ اچي ويهان ٿو.
    ... ۽ هينئر!... جڏهن آئون ڪار ڊوڙائيندو ڄامشوري جي حدن مان نڪري حيدرآباد شهر کي پوئتي ڇڏي ڪراچيءَ ڏانهن وڌندو پيو وڃان ته هن مهل ذري گهٽ رات جي اوندهه ڇانئجي چڪي آهي. آئون هن وقت ٿڌين هوائن جي جهوٽن دوران سوچيندو پيو وڃان ته:
    ”رُباب!... تنهنجي پيار جو واحد اقرار سنڌوءَ جي ڇولين جي حوالي ٿي ويو آهي. شايد!... ان ڪري جو تنهنجو پوتر پيار، مهراڻ جي پوتر پاڻيءَ جي ئي تلاش ۾ هو ۽ ... مهراڻ جي موجن ۾ ملي هميشه لاءِ امر ٿي ويندو. ڇو جو... ڀلا سچي پيار جي ڇولين ۽ سنڌوءَ جي ڇولين کي به ڪوئي مات ڪري سگهيو آهي...!!؟؟...“


    (ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)


    جن کي سُور سرير ۾

    رَهي اچجي راتڙي، تَن واڍوڙيَنِ وَٽانءِ،
    جَنکي سُور سَريرَ ۾، گهَٽ منجهاران گهاءِ،
    لِڪائي لوڪانءِ، پاڻِهان ٻَڌَنِ پَنِيون.
    (شاهه)
    شام جا پاڇا آهستي آسهتي لَڙي هر شيءِ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي چڪا هئا. شهر جي مصروف سڙڪ مختلف آوازن سان گونجي رهي هئي. رڪشائن، ڪارن، ٻين سوارين ۽ ماڻهن جا مليل جليل آواز عجيب قسم جو گوڙ پيدا ڪري رهيا هئا. سڙڪ تي ايندڙ، ويندڙ ۽ بيٺل ماڻهن جو ميڙ هو. هر قسم جا چهرا هئا. اُداس، مرڪندڙ، ملول، سهڻا، بدشڪلا... انهن ئي چهرن ۾ هڪ اُداس چهرو احتشام جو به هو. احتشام، عام رواجي چهري وارو ماڻهو هو. قد ڊگهو ۽ پورو پنو بدن هئس. چهرو عام هوندي به مجموعي طور تي سندس شخصيت پرڪشش هئي. خاص طور تي سندس ڪارين ۽ چمڪيلين اکين مان ذهانت ظاهر ٿي رهي هئي. کيس بِلو رنگ جي جينز ۽ اڇي قميص پهريل هئي. سندس وار هوا سان اڏامي بي ترتيبيءَ سان سندس پيشانيءَ تي پکڙجي ويا هئا. هو ٻئي هٿ کيسن ۾ وجهي آهستي آهستي وِکون کڻڻدو وڃي رهيو هو. سندس نگاهون هر ايندڙ ويندڙ شخص کي ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ کيس ڪنهن خاص ماڻهو جي جي تلاش هئي. احتشام جي اها پراڻي عادت هئي، ته جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي ته بنا ڪنهن مقصد جي سڙڪن تي هلندو رهندو هو ۽ هو ماڻهن جي وڏن وڏن ميڙن ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ته ايترا سارا ماڻهو هئڻ جي باوجود ڪنهن جي ڪمي هئي. ڪو اهڙو شناسا چهرو... جيڪو کيس سمجهندو هجي اُهو اتي نه هو. احتشام هلندو رهيو ۽ مختلف منظرن کي پٺيان ڇڏيندو رهيو. وڏيون وڏيون بلڊنگون، دڪان، گهر ۽ شاپنگ سينٽر هُو پٺيان ڇڏيندو ويو. هلندي هلندي جڏهن هُو هڪ ميوزڪ سينٽڙ جي سامهون لنگهيو ته اتي وڄندڙ نغمي جي اداس ڌُن سندس قدمن ۾ ڄڻ زنجيرون وجهي ڇڏيون. ڊوناسمر جو اداس آواز فضا ۾ وکري رهيو هو... Still I am Sad اهي الفاظ سندس دل کي ڇهندڙ محسوس ٿيا ۽ سندس من ويتر اُداسيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجڻ لڳو. سندس سوچون ان گيت سان گڏ ڀٽڪڻ لڳيون ۽ پوءِ سوچن جي ان ڄار مان جان ڇڏائڻ خاطر هو تيز تيز وِکون کڻندو اڳتي وڌي ويو. هو هلندو رهيو ۽ ڪافي پنڌ ڪرڻ ........... کيس احساس ٿيو ته هو ڪمرشل علائقي مان نڪري رهائشي حصي ۾ پهچي ويو هو، رستو سنسان هو گوڙ گهمسان کان وانجهيل هو صاف سٿري سڙڪ جي ٻنهي پاسن تي قطارن ۾ بنگلا هئا، جن جي ويجهڙائيءَ ۾ سهڻن گلن وارن ٻوٽن ۽ ولين منظر کي ويتر خوبصورت بنائي ڇڏيو هو. ٿورو اڳتي هڪڙو پارڪ هو جنهن جي چوڌاري سهڻن گلن سان ڀريل ٻوٽا ۽ وڻ هئا. پارڪ ۾ ڪجهه بينچون به هيون. احتشام هلندو هلندو پارڪ ۾ پهچي ويو ۽ هڪ بينچ تي ويهي رهيو.
    سندس سامهون واري بينچ تي هڪ شخص ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ۾ محو هو ۽ پارڪ ۾ ننڍڙا ٻارڙا بال سان راند ڪري رهيا هئا. اولهه پاسي وڻن جي پٺيان سج غروب ٿي چڪو هو ۽ ان پاسي پکڙيل گهري لالاڻ ماحول کي ويتر اُداس بڻائي رهي هئي. احتشام شفق جي انهيءَ منظر ۾ ڄڻ گم ٿي ويو. سندس ذهن وري ڀٽڪڻ لڳو. يادن جا پاڇا گهرا ٿيندا ويا ۽ شديد ڪوشش جي باوجود هو انهن کي روڪي نه سگهيو ۽ پوءِ... وقت ڄڻ پٺتي هليو ويو. هن کي ياد اچڻ لڳو...
    هو سڀ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. احتشام جو گهراڻو ڪافي خوشحال هو پر پئسي هئڻ جي باوجود به سندس گهر ڄڻ دوزخ هو. ڇو جو سندس ماءُ پيءُ ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ٺهي سگهيا هئا. سندس پيءُ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ پي چاهي ڇو جو هو پاڻ تعليم يافته هو ان ڪري هو پنهنجي اڻ پڙهيل زال کي قبول ڪري نه سگهيو هو، پر احتشام جي ڏاڏي جي مجبور ڪرڻ سبب هن اها شادي ڪئي هئي. وقت گذرڻ سان گڏ احتشام جي پيءُ کي سندس ماءُ کان نفرت وڌندي وئي. احتشام کان ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ وڏو هو. اهي سڀئي ٻار مائٽن جي نفرتن ۽ جهيڙن ڪري سندن پيار ۽ توجهه حاصل ڪري نه سگهيا هئا. جيستائين احتشام جو ڏاڏو جيئرو هو. سندس پيءُ جيئن تيئن ناه ڪيو؛ ڇو جو اهو ئي سڄي خاندان جو وڏو هو، سو سندس حڪم کان ڪير به لنوائي نه سگهندو هو پر ان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ حالات يڪدم بدلجڻ لڳا. احتشام جي ڏاڏي جي ملڪيت سندس پيءُ ۽ چاچن ۾ ورهائجي وئي ۽... پوءِ ملڪيت جي ورهاست جي معاملي تان سندن وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو ۽... جيئن پوءِ تيئن سندن وچ ۾ نفرتون ۽ ويڇا وڌندا ويا. انهن سڀني جا معصوم ٻار انهن ڳالهين کان بيخبر هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا. جيئن ته احتشام پنهنجي گهر ۾ سڀني کان ننڍو هو ۽ سندس عمر جي سڄي خاندان مان رڳو سندس سوٽ مريم ئي هئي. هو ٻئي گڏ راند ڪندا هئا ۽ گڏ پڙهندا هئا، پر... سندن زندگيءَ جو اونداهو باب تڏهن شروع ٿيو، جڏهن احتشام ۽ مريم جا پيءُ ۽ ٻيا ڀائر زمينن ۽ ملڪيت جي تڪرار سبب هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندا ويا ۽ نيٺ... سڀ پنهنجو پنهنجو حصو وٺي، الڳ ٿي ويا ۽ سندن وچ ۾ ايڏيون ته نفرتون ۽ ويڇا پئجي ويا جو هو هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ به گوارا نه ڪندا هئا ۽ پوءِ سڀ مختلف شهرن ۾ پنهنجن خاندانن سان گڏآباد ٿيڻ لڳا. مريم جو پيءُ به شهر ۾ وڃي آباد ٿيو. احتشام جو پيءُ ملڪيت جو حصو وٺڻ کان پوءِ وڌيڪ سندس ماءُ سان نباهه ڪري نه سگهيو ۽ ٻي شادي ڪري شهر ۾ ئي رهي پيو ۽ وري ڪڏهن موٽي سندن خبر به نه ورتائين. احتشام جي وڏي ڀاءُ ان مهل پنهنجي وکريل خاندان کي سهارو ڏنو. ٿورڙي زمين ملي هئي کين سو هُو پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي زمين تي ڪم ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي زمين تي پاڻ به ٻين هارين وانگر ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.سندس ڀيڻون سلائي ۽ ڀرت ٽوپو ڪري گهر جي خرچ ۾ هٿ ونڊائينديون هيون ۽ ائين انهن سڀني احتشام کي ڪوسو واءُ به لڳڻ ڪو نه ڏنو. ڇو جو ان وقت احتشام ئي سڀني جي اُميدن جو مرڪز هو. کيس پوءِ شهر ۾ پڙهائي لاءِ موڪليو ويو جتي هو هاسٽل ۾ رهندو هو. جيئن ته احتشام جو وڏو ڀاءُ ۽ ڀينرون ته گهڻي تعليم حاصل ڪري نه سگهيا هئا؛ پر کيس هر سهولت ڏنائون ته جيئن هو پڙهي لکي پنهنجي زندگي سنواري سگهي. احتشام کي ڊاڪٽري پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُو ڏينهن رات محنت ڪري ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌندو ويو ۽ نيٺ هو ميڊيڪل ۾ پهچي ويو. ميڊيڪل ڪاليج ۾ ئي سندس ملاقات مريم سان ٿي. پهرين ته هو عام ڪلاس فيلوز جيان پاڻ ۾ ملندا هئا؛ پر پوءِ اوچتو اهو انڪشاف ٿيو ته هيءَ ته ساڳي سندس سوٽ مريم هئي... سندس ننڍپڻ جي ساٿي تڏهن احتشام ڏاڍي ڏک مان مريم کي چيو هو:
    ”مريم! ڪيڏي نه ٽرئجڊي آهي، اسان پنهنجا هوندي به ايڏو عرصو پراون جيان ملندا رهياسين... ۽ هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ جو اتفاق به ڪيڏو نه ڏک ڀريو آهي، جو اڄ جڏهن اسان هڪ ٻئي آڏو آهيون ته اسان جي وچ ۾ سالن جا فاصلا ۽ نفرتون آهن.“
    ”واقعي!“... مريم به اداسيءَ مان چيو ”اسان جي وڏن جي جهڳڙن ۽ نفرتن اسان کي ائين ته پري ڪري ڇڏيو، جو اسان هڪ ٻئي جون شڪليون به نه سڃاڻي سگهياسين؛ پر... احتشام! اسان جي Generation کي ته هڪ ٻئي سان نفرت ناهي... پوءِ... ٿي سگهي ٿو ته اسان ئي ڪڏهن انهن جا اهي ويڇا ختم ڪرائي سگهون.“
    ”مريم!... اهو جيڪڏهن ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور آهي... ۽ هاڻي ته اسان جي Generation به انهن نفرتن جي ور چڙهي سزا پئي ڀوڳي...“ احتشام چيو.
    ... ۽ پوءِ... اڪثر هو ٻئي گڏ ويهندا هئا ۽ ڪڏهن خانداني رنجشون ياد ڪري، ادادس ٿي ويندا هئا، ته ڪڏهن وري ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪري کِلندا هئا. ننڍپڻ جون يادون دُهرائيندي هڪ ڀيري احتشام مريم کي چيڙائيندي چيو هو:
    ”مريم! هاڻي ته تون بدلجي وئين اهين. مونکي ته اُهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن هر وقت ”رين رين“ ڪري روئيندي هئين؟.“
    ”هاڻي ٺهيو...“ مريم کلندي چيو: ”پنهنجي باري ۾ ڇا خيال اٿئي...!؟؟ اُهي ڏينهن وسري ويا جڏهن سڄو ڏينهن مٽيءَ سان ڀريو پيو هوندو هئين. منهنجا احسان آهن توتي جو تنهنجو سڄو اسڪول جو ڪم ڪري توکي استاد صاحب جي مارَ کان بچائيندي هُيس.“
    ”خير سائين...!“ احتشام به کلندي چيو: ”احسان ته منهنجا به آهن توتي... ياد اٿئي... ڪيئن نه چاچي جي باغ مان جان جي بازي لڳائي چوڪيدار کان لِڪي انب آڻي ڏيندو هوس توکي...؟!!“
    مريم ننڍپڻ جون سڀ شرارتون ياد ڪري جڏهن کلندي هئي ته سندس ٽهڪ گهنٽين جي آواز جي جلترنگ جيان احتشام کي پنهنجي ڪنن ۾ گونجندا محسوس ٿيندا هئا. ان ويل احتشام جي دل چاهيندي هئي ته هُو ۽ مريم هميشه هڪ ٻئي آڏو ائين ويٺا هجن. مريم هميشه ائين کِلندي رهي ۽ هو... هميشه ائين سندس ٽهڪن جو جلترنگ ٻڌندو رهي ۽ پوءِ... هميشه ننڍپڻ جي انهن يادگيرين کان پوءِ احتشام چوندو هو:
    ”مريم!... سچ پچ ته ننڍپڻ جا اهي ڏينهن ڪيڏا نه خوبصورت هئا... ڪيڏا بي فڪريءَ جا لمحا هئا اهي...!!!؟“
    ”واقعي...!“ مريم هميشه اهو چئي ڪن ماضيءَ جي تصور ۾ گم ٿي ويندي هئي ۽ ائين... هو يادون دهرائيندا هئا ۽ گڏوگڏ تعليمي منزلون به ڪاميابيءَ سان پار ڪندا رهيا. ٻنهي جي پان ۾ ڏاڍي Under Standing ٿي وئي هئي. مريم هڪ آئڊيل ڇوڪري هئي، جيڪا نه صرف پڙهائيءَ ۾ هوشيار هئي،پر سندس گفتگو، اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ... هر ادا ۾ هڪ سادگي هوندي هئي، جنهن ڪري احتشام کيس پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ڪرڻ لڳو. هُو ڪيتري ئي عرصي کان گهر کان پري هاسٽل۾ رهيو هو ۽ پاڻ کي هن شهر ۾ هميشه اڪيلو ڀانيو هئائين پر... هاڻي... مريم جي وجود هن جي نديا ۾ وڏي تبدليي آڻي ڇڏي هئي ۽ کيس محسوس ٿي ويو ته پوري شهر ۾ هڪ هستي ته اهڙي هئي جنهن سان نه صرف سندس رت جو رشتو هو، ڪڏهن سوچن جي راهن مان ڀٽڪندي ڀٽڪندي سپنن جي حسين واديءَ ۾ پهچي ويندو هو ۽ انهن سپنن ۾ احتشام ڏسندو هو ته هو ۽ مريم هٿ هٿ ۾ ڏئي گڏ وڃي رهيا آهن... سندس گهر ڏانهن... پر اوچتو ئي احتشام ان ان سندر سپني مان ڇرڪجي پوندو هو، جڏهن کيس نوريءَ جو چهرو آڏو ايندو هو. نوري... سندس مڱ، جيڪا سندس ڀيڻ جي بدي ۾ کيس مڱائي وئي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن احتشام جي دل چاهيندي هئي ته هُو ان ٻنڌڻ کي هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏي ڇو جو ذهني طور تي هُو ان رشتي کي قبول ڪري نه سگهيو هو؛ پر صدين جي روايتن کان هُو جان ڇڏائي نه سگهيو هو. هُو ان ڪري به مجبور هو جو بدي کانسواءِ سندس ڀيڻ جو سڱ به نه ٿي سگهي ها، جيڪا وڌندڙ وقت سان گڏ عمر ۾ به وڌي رهي هئي. وري احتشام سوچيندو هو ته بَدي جو اهو معاملو نه به هجي ها، ته به هُو مريم کي ماڻي نه سگهي ها. ڪٿي سندس غريبي ۽ ڪٿي مريم جي اميري. سندس پيءُ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ هنن ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو هو ۽ سندن ملڪيت تي سندن پيءُ هڪ ٻي عورت کي عيش ڪرائي رهيو هو. ان جي اولاد لاءِ بنگلو هو، ڪار هئي ۽ شاهانه زندگي هئي ۽ جڏهن ته سندن لاءِ غربت هئي، لاچاري هئي ۽ نفرت هئي. پوءِ.... ڇا هُو سون ۽ چانديءَ جون اهي ديوارون ڪيرائي مريم کي ماڻي سگهي ها...!!؟؟؟ شايد ڪڏهن به نه... ۽ بدي ۽ غربت جي ان مسئلي کان سواءِ سندن وڏن ۾ پيل ويڇا ۽ نفرتون... هُو ڪنهن ڪنهن معاملي کي منهن ڏئي ها...!!؟؟؟... ۽ پوءِ احتشام مريم بابت سمورين سوچن تي پهرا وجهي ڇڏيندو هو پر پوءِ به اهي سوچون سندس دل جي ديوارن سان ٽڪرائجي، انهن کي لوڏي وجهنديون هيون... ان ڪشمڪش ۾ وقت پڻ گذرندو رهيو هو ۽ نيٺ... هُو ٻئي ڄڻا ميڊيڪل جي آخري سال ۾ پهچي ويا.
    هاڻي ڪڏهن ڪڏهن احتشام ۽ مريم خوفزده ٿي ويندا هئا، ته هاڻي ڇا ٿيندو...!!!؟؟؟... ڇا هُو وري هميشه لاءِ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا...!!!؟؟ ڇو جو ٻنهي کي خبر هئي، ته سندن وچ ۾ وقت ۽ ريتن رسمن وڏا ويڇا وجهي ڇڏيا هئا ۽ پوءِ... اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن کان ٻئي خوفزده هئا. فائنل ايئر جي امتحانن ۾ ڪجهه وقت وڃي بچيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ احتشام اڪثر مريم کي پريشان ۽ خاموش ڏٺو. هڪ ڏينهن جڏهن صبح کان مينهن وسي رهيو هو. ڪاليج ۾ اچڻ کان پوءِ احتشام صبح کان ئي اها ڳالهه محسوس ڪئي ته مريم ڪجهه زياده ئي پريشان ۽ منجهيل هئي. ان ڏينهن هوءَ احتشام کي وڌيڪ ئي موهي رهي هئي. اڇي شلوار سوٽ ۽ رنگين رَئي ۾ هوءَ کيس سندس نالي جيان ئي مقدس لڳي پر کين پڙهائي سبب ڳالهائڻ جو موقعو ملي نه سگهيو ۽ پوءِ موڪل مهل مريم هن وٽ آئي ۽ هن کيس چيو ته گهر وڃڻ کان اڳ هن سان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيون. احتشام کيس ڪيفي ٽيريا وٺي آيو ۽ بيري کي آرڊر ڏنو. ڪجهه دير ۾ چانهه اچي وئي، پر مريم پنهنجي سوچن ۾ گُم شيشي جي دريءَ کان ٻاهران برسات جي نظاري ۾ گم ٿي وئي هئي. برسات به وري تيز پوڻ لڳي هئي ۽ احتشام کي ائين محسوس ٿيو ته مريم جي اندر به ايڏي ئي برسات لڪيل هئي. ڇو جو کيس ان مهل سندس خوبصورت ڪارين اکين ۾ جهڙالي موسم نظر آئي، جيڪا ڪنهن به وقت وسڻ لاءِ تيار هئي. کيس سوچن ۾ گم ڏسي احتشام پاڻ ئي چانهن ٺاهڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ ڪوپ مريم ڏانهن وڌائيندي مخاطب ٿيو: ”مريم!... هي چانهه وٺ“ ”اوهه...! Thank You مريم ڇرڪندي چيو.
    ”مريم!...“ احتشام کيس چيو ”ڇا ڳالهه آهي؟؟... ايڏي پريشان ڇو آهين... ڪو مسئلو آهي...!؟“
    ”هون... ها...“ مريم کيس خالي نظرن سان ڏسندي چيو:
    ”ها!... احتشام، آئون ڏاڍي پريشان آهيان... پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان...؟“
    ”هون...!“ احتشام چيو: ”اها ڳالهه ته مون به محسوس ڪئي آهي، ڪجهه ڏينهن کان... پر آخر ڳالهه ڇا آهي...؟!!“
    ”سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن شروع ڪريان... ۽ توکان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو اهڙو اهي به ڪو نه جنهن کي ڪجهه ٻڌائي سگهان...“ مريم ايترو چئي خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ وري احتشام ڏانهن ڏسي چوڻ لڳي: ”احتشام!... آئون سمجهان ٿي ته توکان وڌيڪ شايد مون کي منهنجا گهر وارا به نه سمجهندا هوندا. اسان تقريباً پنج سال گڏ گذاريا آهن ۽ هڪ ٻئي کي گهڻو سمجهي به ويا آهيون، پر احتشام!... فرض ڪر... جيڪڏهن اسان جا رستا هميشه لاءِ الڳ ٿي وڃن ته پوءِ...؟؟؟!!“
    احتشام کي اهو ٻڌي پنهنجو وجود ڀڄندو ڀرندو محسوس ٿيو. ”پر پان تي ضبط ڪندي هن چيو:
    ”اِهو ته آخر ٿيڻو ئي آهي.“
    ”ڇا... ڇا...؟!!!“ مريم انتهائي حيرت ۽ ڏک مان رڙ ڪندي چيو: ”هي... هي... تون ٿو چئين احتشام!... تون!!؟؟“
    ”ها مريم!“ احتشام پاڻ کي سنڀاليندي چيو: ”حقيقت پسند ٿي سوچيندينءَ ته تو به انهيءَ نتيجي تي پهچندينءَ؛ پر... آخر تون اڄ اوچتو اِهو ڇو پڇي رهي آهين؟“
    مريم جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪن جي آلاڻ جمع ٿي وئي، جنهن کي لڪائڻ خاطر هن پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون ۽ پوءِ ڄڻ پاتال مان ڳالهائيندي چيائين:
    ”منهنجا گهر وارا منهنجي شادي ڪري رهيا آهن... هڪ وڏيري سان... ۽ انهن اها به شرط رکي آهي، ته آئون نوڪري نه ڪندس نه ئي هُو مون کي فائنل جو امتحان ڏيڻ ڏيندا... بقول انهن جي ته نوڪري ڪرڻي ئي ڪونهي ته وڌيڪ پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
    ”هون...!... پءِ...؟“ احتشام پڇيو.
    ”احتشام!...“ مريم ڄڻ سڏڪن جي سمنڊ مان ڳالهائيندي چيو:
    ”دولتمند گهراڻي ۾ پلجڻ جي باوجود به مون ڪڏهن به وڏا خواب نه ڏٺا. مون ڪا به ايڏي وڏي خواهش ڪا نه ڪئي. بس... منهنجو ته رڳو هڪ ئي خواب آهي... ڊاڪٽر ٿيڻ جو. مون هر سال پوزيشن کنئي آهي ۽ هاڻي... هن سال جيڪڏهن مون فائنل ايئر جو امتحان نه ڏنو، ته منهنجي سڄي عمر جي محنت ۽ پڙهائي بيڪار ٿي ويندي.“
    ”اوهه... ته اها ڳالهه توکي پريشان ڪري رهي آهي.“ احتشام چيو: ”پر ان ۾ ايترو پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟... تون ڪوشش ڪندئين ته شاديءَ کان پوءِ به پڙهي سگهندينءَ ڇوڪريون اڪثر ائين ڪنديون آهن.“
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين احتشام!... مريم ڏک مان چيو: ”تون هن شخص کي نٿو سڃاڻي هو پاڻ به گهٽ تعليم يافته آهي ۽ هُو خالص وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهي. نوڪري ڪرڻ ۽ پڙهڻ ته ٺهيو پر هو ته مون کي ويتر پوئتي ڌِڪي رهيو اهي. هُو ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ مون کي به وڏين وڏين ديوارن واري انهيءَ حويليءَ ۾ وٺي وڃڻ ٿو چاهي، جنهن جي اندر الائي گهڻيون عورتون بند جي زندگي گذاري رهيون آهن.“
    ”پر مريم...!... تنهنجو ڀاءُ ته تعليم يافته ۽ کليل ذهن وارو ماڻهو آهي، اهو ڪجهه نٿو ڪري...!!؟؟“ احتشام پڇيو.
    ”احتشام!“ مريم چيو: ”اسان جي گهراڻن جهڙا گهراڻا جيڪي شهرن ۾ اچي رهن ٿا، انهن جا ماڻهو بيون ته شهر جون سموريون روايتون سکي پاڻ کي Polish ڪري بظاهر ماڊرن، آزاد ۽ فراخدل نظر ايندا آهن، پر هُو پنهنجي ذهنيت ڪڏهن به نه مٽائيندا آهن ۽ اندران اسين اڄ به اهي ئي روايت پسند ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪي رسمن جي زنجيرن ۾ قيد آهيون ۽ اسان وٽ مرد صرف پنهنجي زندگي آسان ۽ آرامده گذارڻ لاءِ ته پنهنجي ذهينت مٽائي سگهن ٿا؛ پر... پنهنجي گهر جي عورتن جي جذبن جو احترام ڪرڻ هو اڄ به ضروري ناهن سمجهندا. چاهي اهي تعليم يافته ۽ ماڊرن ڇو نه هجن! ها!... منهنجو ڀاءُ به Broadminded آهي... پر... صرف پنهنجي ذات جي حد تائين... هن ضرورت محسوس ڪئي ته پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان پڙهيل ڳڙهيل ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. جيڪا هر فيلڊ ۾ سندس ساٿ ڏئي ٿي سگهي، پر... ڀيڻ لاءِ سندس اها ئي سوچ آهي، ته ڇوڪريون وڌيڪ پڙهي پنهنجي عمر وڃايو ڇڏين ۽ ٻي ڳالهه ته هو ۽ بابا ته مونکي قربان ڪري، ايڏي وڏي زميندار سان رشتو جوڙي پنهنجو ئي فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا...“
    ”اوهه!... اڄ جي دؤر ۾ به تو جهڙي تعليم يافته ۽ باشعور ڇوڪرين سان ايڏو ظلم!!؟؟... پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر هن مسئلي جو حل ڇا ڳولهجي“ احتشام پريشان ٿيندي چيو. مريم کيس ڏاڍي اداسيءَ مان ڏسندي وري چيو:
    ”آئون پڙهڻ ٿي چاهيان ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته منهنجي زندگيءَ جو اهو اهم مقصد تڪميل تائين رَسي نه سگهندو. آئون پاڻ به تباهه ٿي وينديس. منهنجي شخصيت، منهنجي هستي ۽ منهنجي حيثيت جيڪا مون سڄي عمر جي محنت سان ٺاهي آهي، اها ختم ٿي ويندي. منهنجو خواب ته هينئر ئي ٽٽي پرزه پرزه ٿي ويو آهي.“
    ”مريم!... خواب ته منهنجو به ٽٽو آهي...“ احتشام درد جي پاتال مان ڳالهائيندي چيو: ”توسان مليو نه هُيس ته ڄڻ ڪا خواهش ئي ڪانه هئي... ڪو آدرش نه هو. تو سان ملڻ کان پوءِ مون جڏهن به پنهنجي مسقبل ۽ پنهنجي گهر جو خواب ڏٺو ته توکي به هميشه پاڻ سان گڏ ڏٺم. پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ جي باوجود دل ۾ سدائين خواهش اڀرندي آهي، ته ڪاش...!!! اسان ٻئي هميشه لاءِ گڏ هجون.“
    ”اوهه...“ مريم کيس چيو: ”احتشام!... اهو سڀڪجهه سوچڻ کان پوءِ به تون خاموشيءَ سان مونکي تباه ٿيندو ڏسي رهيو اهين!!!؟؟؟“ مريم وري کيس وينتي ڪندي چيو:
    ”احتشام!... خدا جي واسطي مون کي ان جهنم ۾ وڃڻ کان بچائي ڇڏ... نه ته... آئون ختم ٿي وينديس. احتشام!... ڪجهه ڪر“
    احتشام اهو ٻڌي پريشان ٿيندي چيو: ”ڇا ڪريان... مريم!... آئون ڇا ڪريان...؟!!“
    مريم ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي وئي ۽ پوءِ سندس چهرو حيا مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن نگاهون جهڪائيندي اٽڪي اٽڪي چيو:
    ”احتشام!... ڇا... ڇا... تون مون سان شادي نٿو ڪري سگهين... هيءَ ڳالهه پنهنجي واتان چوندي مون کي ڏاڍو عجيب پيو محسوس ٿئي پر احتشام!... هن وقت آئون پاڻ کي مايوسين جي اونداهي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ اهڙي ماڻهو جيان سمجهي رهي آهيان، جنهن جي اڳيان ڪناري تي فقط هڪ ئي شخص موجود آهي جيڪو ئي کيس ٻڏڻ کان بچائي سگهي ٿو... ۽ مون آڏو اهو شخص تون ئي آهين... بابا جن کي منهنجي شاديءَ جو فڪر آهي... تون ان سلسلي ۾ منهنجي گهر وارن سان ڳالهائين ڇو نٿو!؟“
    ”مريم!“ احتشام ڏک مان چيو: ”چاچا ته منهنجي شڪل به ڏسڻ گوارا نه ڪندو ۽ هونئن به تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ ٻه نه، پر ڪيترن ئي مسئلن جا فاصلا آهن جن کي پار ڪرڻ تنهنجي ۽ منهنجي وَس ۾ نه آهن.“
    ”نه... احتشام!... الائي ڇو مون کي يقين آهي، ته تون ڪوشش ڪرين ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ته وري به ڪونهي. نيٺ به ته اسين مائٽ آهيون، ڌاريان ته نه آهيون“ مريم هن ڏانهن اُميد ڀري نظرن سان ڏسندي چيو: ”مريم!... فرض ڪر اهو مسئلو حل ٿي به وڃي...“ احتشام هن ڏانهن ڏسندي چيو: ”پوءِ به تون سوچ ته سهي... مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي ۽ تون امير گهراڻي ۾ پليل آهين. پوءِ زندگيءَ ڀر منهنجو ساٿ ڏئي سگهندئين!!!؟؟“
    ”احتشام! اِها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي!!؟؟... آئون به تعليم يافته آهيان. تو سان هٿ ونڊائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿينديس ۽ پاڻ ڏکيا سکيا ڏينهن گڏجي گذارينداسين... ۽ آئون سمجهان ٿي ته مون کان توکي ڪا به ڪشڪايت نه ملندي“ مريم چيو.
    ”مريم!... ها!... مون کي يقينن آهي ان ڳالهه جو“ احتشام چيو: ”تون واقعي ايڏي ته آئيڊيل ڇوڪري آهين جو هر ڏک کي مسڪرائي سهي سگهين ٿي!“
    ”ها احتشام!...“ مريم کيس چاهه سان ڏسندي چيو: ”جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهي ويندا آهن ته پوءِ هو هڪ ٻئي جي هر ڏک کي ونڊي ورهائي کڻندا آهن، ته جيئن هڪ تي وڌيڪ بار نه پوي... پوءِ... تون منهنجو ساٿ ڏيندين نه...؟؟“
    ”مريم!... اسان ته الائي ڪهڙي خوابن جي نگري ۾ پهچي وياسين ۽ جڏهن حقيقي زندگيءَ ۾ موٽون ٿا ته مسئلن ۾ هر پاسي ڦاٿل آهيون... ۽ منهنجو مسئلو توکي خبر آهي ته منهنجو مڱڻو ٿيل آهي... پوءِ... چاهيندي به آئون تنهنجو ساٿ نه ڏئي سگهنديس. تون پاڻ ئي سوچ آئون ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟“ احتشام چيو.
    ”احتشام!... ڇا تون واعي پنهنجي ڀيڻ جي سڱ جي بدلي ۾ اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين...!!؟؟ ۽... مون کي ڄاڻي واڻي دوزخ ۾ وجهندين؟!!؟؟... هڪ خاموش تماشائيءَ جيان...!!“ مريم حيرت ۽ ڏک مان چيو.
    ”مريم!... آئون ان کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهان!!؟“
    احتشام چيو: ”آئون ته انهن سڀني ريتن رسمن آڏو بي وس آهيان ۽... آئون ته ان مهل به خاموش تماشائي هئس، جڏهن منهنجي وڏي ڀيڻ جي بَدي ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ کي چوڏهن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ سان پرڻايوويو. آئون ته بابا کان اهو به پڇي نٿو سگهان ته جيڪر منهنجي ماءُ اڻ پڙهيل هئي، ته ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه هو جو کيس ايڏي سزا ملي. ڏوهه اصل سندس نه پر هن System جو هو. اسان جا ماڻهو پاڻ ته اڳيان وڌڻ چاهيندا آهن، پر پنهنجي عورتن کي اڳتي نه آڻيندا آهن. ڳوٺاڻا ماڻهو پڙهڻ ۽ نوڪريءَ خاطر جڏهن شهرن ۾ اچن ٿا، ته پوءِ شهرن جي رنگيني ۽ روشني ۾ گم ٿي پاڻ به انهن جو حصو بڻجڻ چاهيندا آهن ۽ پوءِ تعليم يافته، ماڊرن ۽ شهري ڇوڪرين جا خواب ڏسندا آهن ۽ پوءِ گهڻو ڪري اتي ئي شادي ڪري رهي پوندا آهن؛ پر... جيڪڏهن هو چاهين ته ڳوٺاڻين عورتن کي پنهنجي علم جي روشني مان ڪجهه ڏئي سگهن ٿا. هُو صرف پاڻ ترقي ڪرڻ بابت نه سوچين پر جيڪڏهن اهي پنهنجي عورتن کي پڻ شهرن ۾ وٺي رهائن ته ڪجهه وقت ۾ ئي اهي به ترقي ڪري سگهن ٿيون. اسان جون عورتون باشعور ۽ پرخلوص آهن، پر اڳتي اچڻ لاءِ کين به موقعا ته ڏنا وڃن. بابا... به امان کي شهر وٺي وڃي رهائڻ بدران ٻي شادي ڪري شهر ۾ ئي رهي پيو پر آخر امان ۽ اسان اها سازا ڇو ڀوڳي آهي، جنهن جا قصور وار اسان نه هئاسين... اهو ظلم ناهي ته بابا شهري زال جا ٻار وڏنوڏن انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهن ۽ منهنجو ڀاءُ ڀينرون پڙهي به نه سگهيا“... سندس شهري زال جا ٻار بنگلي ۾ رهن ٿا، ڪار ۾ چڙهي گهمن ٿا ۽ منهنجو ڀاءُ سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ هَر هلائي ٿو... ڇو... ڇو... آخر اهو سڀڪجهه ائين ڇو آهي...!!!؟؟؟“ احتشام جون هٿن جون مُٺيون ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڀيڙجي ويون ۽ مريم کيس ڏاڍي غور سان ڏسي رهي هئي ۽ سندس درد کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري رهي هئي ۽ پوءِ هن کيس چيو:
    ”احتشام!... اسان پنهنجن وڏن جون ڏنل ڪافي سزائون ڀوڳي چڪا آهيون... ان ڪري هاڻي اسان کي انهن غلط ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ گهرجي. پر... تون ته وري تاريخ کي دهرائين پيو. آئون ڇوڪري آهيان... مجبور آهيان جو مون وٽ منهنجن مسئلن کان بچڻ جي ٻي ڪا واٽ ڪانهي... پر... تون ته مرد آهين. ڇو ٿو پنهنجي زندگي برباد ڪرين. تون سوچ ته سهي ته تون ان ڇوڪريءَ سان ته Compromise ڪري سگهين ٿو، پر خوش گذاري نه ٿو سگهين“
    ”ها مريم!... آئون به اها حقيقت ڄاڻان ٿو...“ احتشام چيو: ”پر... آئون ائين ڪرڻ تي مجبور آهيان. ڇوجو بابا جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڀاءُ پگهر جو پورهيو ڪري ۽ منهنجي ڀينرن ڏيئن ۽ چمنين جي روشنيءَ ۾ سلائي ۽ ڀرت ڪري مونکي پڙهايو آهي، هاڻ انهن سڀني جون اُميدون مون سان ڳانڍاپيل اهن. منهنجي باقي هڪڙي ڀيڻ آهي ۽ ان جي شادي انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهندي. جڏهن آئون ان جي بَدي ۾ شادي ڪندس ۽ آئون ايڏو خود غرض به نه آهيان جو پنهنجي خوشين خاطر ان کي قربان ڪريان. آئون جيڪڏهن پنهنجن گهر وارن کي سک نٿو ڏئي سگهان، ته گهٽ ۾ گهٽ ڏک به ته نه ڏيان.“
    ”ائين ڇو آهي...!!؟!“ مريم لڙڪن هاڻين اکين سان احتشام کي ڏسندي چيو: ”ڇا ريتن رسمن ۽ نفرتن جون اهي ديوارون ڪري نٿيون سگهن!!؟؟“
    ”شايد نه...“ احتشام چيو: ”ڇو... جو... انهن جون پاڙون اسان جي سماج ۾ ايتري ته گهرائيءَ ۾ کُتل آهن، جو اسان ٻئي ڪوشش جي باوجود انهن ديوارن کي ڪيرائي نه سگهنداسين“... هو ٻئي چپ ٿي ويا ڄڻ ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ڪجهه رهيو ئي نه هو. مريم جي چهري مان ظاهر ٿيو هو ته هوءَ پنهنجي اندر جي طوفان کي روڪي رهي هئي. سندس اکين ۾ ڄڻ ته برسات جمع ٿي وئي هئي. ٻاهرين برسات کان به تيز برسات... ۽ احتشام خوفزده هو ته جيڪڏهن اها برسات اکين جا بند ٽوڙي، ٻاهر نڪري آئي ته ان جي سيلاب ۾ سندس وجود لڙهي ويندو. هو ته سندس الميي تي کيس تسلي به نه ڏئي سگهيو نه ئي هُو کيس ان آڙاهه ۾ ڪرڻ کان ڪنهن نموني بچائي سگهيو ٿي. ڇو جو هو ته پاڻ بي وس ۽ زندگيءَ جي دردن جي صليب تي چڙهيل فرد هو ۽... پوءِ مريم اٿي بيٺي ته احتشام ڇرڪجي پيو.
    مريم ٽيبلتان اسٽيٿو اسڪوپ ۽ ڪرسيءَ تان پنهنجو اڇو گائون کنيو ۽ وڃڻ لڳي. ويندي ويندي هن وري مڙي احتشام ڏانهن ڏٺو. ان مهل مريم جي اکين ۾ سوين طوفان ۽ لڙڪ کيس نظر آيا ۽ ڪيتريون التجائون، آهون، حسرتون هيون سندس اکين اندر. احتشام جي دل چاهيو ته هو کيس روڪي دنيا جون سڀ مجبوريون، رسمون ۽ رڪاوٽون پار ڪري کيس ڪٿي دور سکن جي ديس ۾ وٺي وڃي پر ٻئي لمحي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ان مهل پنهنجي بزدلي ۽ مجبوريءَ تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ کيس پاڻ کان ئي نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هوءَ... جيڪا سندس چاهت هئي، زندگي هئي... هن کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو... هو سندس جهوليءَ ۾ ڪا به خوشي وجهي نه سگهيو. هن پاڻ کي ان ويل مجرم سمجهيو ۽ هوءَ، جيڪا مريم جيان معصوم هئي وري ڪڏهن به کيس نظر نه آئي. ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ وري ڪاليج نه ائي ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد احتشام سندس شاديءَ جي خبر ٻڌي. هن جي پڙهائي اڌ ۾ ئي رهجي وئي. فائنل ايئر جا امتحان ٿي ويا. احتشام ڊاڪٽر بنجي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن پنهنجي ذاتي ڪلينڪ به کولي ورتي. سندس ڀيڻ جي شادي ٿي وئي ۽ کيس ان جي بَدي ۾ شادي ڪرڻي پئي. هو پنهنجي زال نوريءَ کي شهر وٺي آيو. زندگي سادگيءَ سان گذري رهي هئي. نوري رواجي زالن جيان سندس سڀ ڪم ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته احتشام سوچڻ لڳندو هو ته هيءَ عورت آهي يا روبوٽ؟!!“ هوءَ کيس وقت تي ماني ڏيندي هئي. ڪپڙا ڌوئي ڏيندي هئي. سندس چيل هر ڪم کي حڪم سمجهي پورو ڪندي هئي. تنهن کانسواءِ سموري گهر جو ڪم سڄو ڏينهن مشين جيان ڪندي رهندي هئي؛ پر... ڪڏهن... جڏهن احتشام ڏينهن رات ڪم ڪرڻ کان پوءِ ۽ زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ ٿڪجي پوندو هو، سندس دل ۽ دماغ وياڪل ٿي پوندا هئا يا وري ٻين جي مسيحائي ڪندي ڪندي جڏهن سندس ئي روح زخمي ٿي پوندو هو، ته ان مهل هُو چاهيندو هو ته ڳالهائي... ڪنهن کي پنهنجي پريشانيون... پنهنجا مسئلا ٻڌائي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي، جيڪو کيس سمجهندو هجي. پر اهڙو ڪو به ماڻهو نه هو. پوءِ هو بنان مقصد جي سڙڪن تي گهمندو هو. چَرين جيان هَر چهري کي گهوريندو هو ۽ باوجود سوچن ۽ يادن تي پهرن جي، هُو مريم کي ياد ڪندو هو ۽ مريم ته ڪيڏا سال اڳ وڏي ديوارن واري حويليءَ اندر پنهنجي سمورن آدرشن، ارمانن ۽ خوابن جي قبر ۾ دفن ٿي چڪي هئي. پر... احتشام کيس اڃا به وساري نه سگهيو هو.
    احتشام ڪيتري ئي دير کان پارڪ جي بينچ تي ويهي اهي سڀ ڳالهيون ياد ڪري رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن خيالن جا سلسلا ختم ٿيا ته هو ڄڻ ڇرڪجي پيو ۽ پوءِ کيس احساس ٿيو ته رات ٿي وئي هئي ۽ ان وقت پارڪ خالي ٿي چڪو هو. هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ بينچ تان اٿيو. پنهنجن وکريل وارن کي درست ڪري ۽ آهستي آهستي قدم کڻندو پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن وڌڻ لڳو... جتي ڌنڌ ڇانيل هئي.


    (ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان شر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)


    ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان

    (شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي)

    رات، سانت ۽ ايڪانت هئي. چوڏهينءَ جو چنڊ ڀت تي پکڙيل وَل پويان جهاتي پائي، ڄڻ مُرڪي رهيو هو، سنڌيا پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ ويٺل هئي. سندس نگاهون ول پٺين چوڏهينءَ جي چنڊ تي کتل هيون ۽ سندس ڊگهن وارن ۽ ڪرسيءَ کان لڙڪيل رئي سان هوا، ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهي هئي، پر هوءَ ته ڄڻ دنيا جي هر ڳالهه کان ايستائين جو پنهنجي وجود کان به بيخبر هئي... هوءَ ته رڳو ڀرسان رکيل ڪيسٽ پليئر تي هلندڙ شاهه سائينءَ جي وائي ۽ لڻ فقير جي آواز جي جادوءَ ۾ گم ٿي وئي هئي:
    مون ۾ تون موجود! آئون آڳاهين آهيان!
    آئون! اَ سونهين آهيان!
    اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سجود!
    آئون اڳاهين آهيان،
    آئون اَ سونهين آهيان!
    تيلانَھ، رَسيون بُودَ کي، جيلانھ ٿيون نابود،
    آئون اَ ڳاهين آهيان،
    آئون اَ سونهين آهيان!
    ماڙهن جي موٽڻ جو، صاحبَ هٿ سُجودُ،
    آئون اَڳاهين آهيان،
    آئون! اَسونهين آهيان!
    اِنَ دَر سي ئي اَگهيا، جن وڃايو وجود،
    آئون اَڳاهين آهيان!
    آئون! اَسونهين آهيان!
    وائي ختم ٿي ته سنڌيا پنهنجي محويت مان ڇرڪجي پئي ۽ پوءِ ڪيسٽ پليئر بند ڪري، پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيل ”شاهه جو رسالو“ کولي پَنا اُٿلائيندي وئي. اوچتو سندس نگاهه ”سُر مومل راڻي“ جي هڪ بيت تي اٽڪي بيهي رهي:
    ڪالهه گَڏيوسون ڪاپڙي، جهڙو ماهُ مُنيرُ،
    فيضُ، فراقُ، فقيرُ، جوڳي جاڳائي ويو.
    سنڌيا جي اکين آڏو يڪدم سَرمد جو ڍچهرو اچي ويو ۽ ڪالهوڪي سرمد جي ملاقات ياد اچي ويس... اکين ۾ ڄڻ ڪا شيءِ چُڀڻ لڳي. هن تڪليف مان اکيون بند ڪري ڇڏيون ٿوري دير ته هوءَ ائين ئي اکيون بند ڪري ويٺي رهي، پر اوچتو ئي کيس بند اکين پويان پنهنجي ماضيءَ جون ڪيتريو ئي جهلڪيون نظر اچڻ لڳيون... ماضي!... جنهن کي هن ڪو سينو سمجهي وساري ڇڏيو هو... پر... نه... اها ته سندس ڀُلَ هئي. هن کي ته ڪجهه به نه وسريو هو. سَرمد ته اڃا به سندس روح اندر موجود هو. ڪالهه جڏهن هو ورهين کان پوءِ ملڻ آيو هو، ته سالن جا فاصلا لمحن ۾ ختم ٿي ويا هئا ۽ ... اڄ هن ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ڪتابن واري الماري کولي هئي. ڪيترا سال اڳ هوءَ ڪيتري نه ديوانگيءَ جي حد تائين ڪتابن سان پيار ڪندي هئي. ادب ۽ شاعريءَ سان کيس تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پر هاڻي! هاڻي ته هوءَ مڪمل گهرو عورت بڻجي چڪي هئي.. ۽ سندس بيحد شوق سان ورتل ڪتاب رڳو الماريءَ جي زينت بڻجي چڪا هئا. سنڌيا، ڪتابن جي الماريءَ مان ڪيترن ئي سالن بعد سرمد جو کيس تحفي ۾ ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ڪڍيو، جنهن جي مٿان هلڪي دز ڄمي وئي هئي. سنڌيا جي اندر پيار جو هڪ اٿاهه جذبو جاڳيو ۽ هن بي اختيار پنهنجي رئي سان رسالي مٿان دز صاف ڪئي ۽ پوءِ ورانڊي ۾ اچي ويٺي هئي. هن ايترن سالن کان پوءِ اڄ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو هو.
    اڄ ڄن اها پراڻي سنڌيا جاڳي پئي هئي. ها، اها سنڌيا جيڪا يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽ هئي. تڏهن سرمد، سنڌيا جو ڪلاس فيلو هو. هو کيس ٻين شاگردن کان ڪيڏو نه مختلف لڳندو هو! هو تمام ذهين، سنجيده ۽ بردبار هو. ان وقت هو ايڏو وڏو شاعر نه هو، جيڏو هاڻي هو. تڏهن سندس شاعريءَ جو شروعاتي دؤر هو. تنهن هوندي به ڄڻ هو پوري ڪلاس جي جان هو. اڪثر سڀ ڪلاس فيلوز مڙي، گڏجي کانئس سندس شاعري ٻڌندا هئا. جڏهن سرمد پنهنجي مخصوص ڳنڀير لهجي ۾ لفطن جي موتين جي مالها پوئيندو هو، ته سڀ ڄڻ گم سم ٿي کيس ٻڌندا هئا. ڪلاس جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون کيس پنهنجو آئڊيل سمجهنديون هيون. سنڌيا هلڪي طبيعت واري ۽ خوابن ۾ رهندڙ ڇوڪري نه هئي، پر پوءِ به هوءَ سرمد جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿي هئي. سندس پهرين ڳالهه ٻولهه سرمد سان اسد وسيلي ٿي هئي. اسد! جيڪو سرمد جو تمام ويجهو دوست ۽ ڪلاس جو سڀ کان شرارتي ۽ کلمک ڇوڪرو هو ۽ سنڌيا کي بيحد پسند ڪندو هو. سنڌيا کي به اها ڄاڻ هئي، پر هن کيس ڪڏهن به ان نظر سان نه ڏٺو هو. اڪثر سنڌيا ۽ سرمد جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. گهڻو ڪري اسد به گڏ هوندو هئن.
    هن وقت سنڌيا کي ماضيءَ جي بيشمار منظرن مان هڪ منظر ياد آيو. هڪ ڏينهن جڏهن پوائنٽ بس جي انتظار ۾ سنڌيا سان گڏ سرمد ۽ اسد به بيٺل هئا، تڏهن اوچتو اسد چيو هو:
    ”يار سرمد! لڳي ٿو ته سنڌيا ۽ تون ساڳي متيءَ جي پيداوار آهيو، هِتي هن محترمه کي سنجيدگيءَ جو دورو پيل هوندو آهي ۽ هُتي وري خير سان توهان کي.“
    تڏهن سنڌيا اسد کي چيو هول ”سنجيده رهڻ ڪا خراب ڳالهه ته ناهي.“ اسد پنهنجي مخصوص شرارتي انداز ۾ ٻنهي کي ڏٺو هو ۽ پوءِ کِلندي چيو هئائين!
    ”هائو!... سنجيدگي خراب ڳالهه ته ڪانهي، پر هن عمر ۾ مونکي سنجيده ماڻهو بلڪل به نه وڻندا آهن. سچي! بلڪل ”اداس چِٻرا“ لڳندا آهن مونکي.“
    اِها ڳالهه ٻڌي، سنڌيا کي ايڏي ته زور سان کِل آئي هئي. جو پاسي ۾ بيٺل ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کيس حيرت مان ڏسڻ لڳا. سرمد جي چهري تي به مُرڪ اچي وئي هئي. پوءِ هن اسد کي چيو هو:
    ”اسد! شايد توکي خبر ناهي، ته مغربي ملڪن ۾ چبرا عقلمنديءَ جي نشاني هوندا آهن. سائنسدان چون ٿا ته چٻرو سڀني کان عقلمند پکي هوندو آهي.“
    ”جي جي، بلڪل مونکي خبر آهي، پر مون مغربي چٻري جي ڳالهه ڪو نه ڪئي. منهنجو اشارو مشرقي چٻرن ڏانهن هو.“
    اسد به ڄن هار مڃن لاءِ تيار نه هو ۽ پوءِ سنڌيا موضوع کي مٽائڻ لاءِ چيو:
    ”ڀلا اڄ رڳو چٻرن بابت ئي هفتگو ڪندا ڇا؟“
    اسد نهايت مسڪين شڪل ناهي، هڪڙي هٿ سان سنڌيا ڏانهن ۽ ٻئي هٿ سان سرمد ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
    ”ڇا ڪريان ڀلا!... ٻن اداس چٻرن جي وچ ۾ بيٺل اهيان، سو ڀلا دماغ ڪٿان ڪم ڪندو؟!“
    اسد جي جواب ۽ ا انداز تي هن ڀيري سڙمد زوردار ٽهڪ ڏنو هو. وري هڪ دفعو پريان بيٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون حيران ٿي هنن ٽنه يکي ڏسڻ لڳا ته سنڌيا کي شرمندي محسوس ٿي ۽ هن پنهنجي کِل روڪڻ لاءِ پنهنجو رئو کڻي وات تي رکي ڇڏيو هو، پريان ايندڙ پوائنٽ کي ڏسي هوءَ تيزي سان اڳتي وڌي هئي. سنڌيا اها ڳالهه ياد ڪري مُرڪي پئي هئي، کيس ته ٻيو به گهڻو ڪجهه ياد اچي رهيو هو هن وقت...
    ائين پوءِ سنڌيا ۽ سرمد جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. سرمد کيس ڪيترائي بهترين ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ هو انهن تي تبصرو ڪندا هئا. اسد به ڪڏهن بحث ۾ حصو وٺندو هو پر گهڻو ڪري هو چپ رهندو هو ۽ جڏهن بور ٿيندو هو، ته هٿ ٻڌي ٻنهي کي ماٺ ڪرائيندو هو. سرمد جي ساٿ جي ڪري سنڌيا کي به ڪتابن سان بيحد پيار ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ ته شاعره يا اديبه نه هئي؛ پر پوءِ به کيس شاعريءَ بابت چڱي ڄاڻ هئي، ائين پرهندي، کِلندي، ڳالهائيندي، بحث ڪندي ڪڏهن سياست تي، ڪڏهن سماج تي، ڪڏهن تعليمي سرشتي تي، ته ڪڏهن وري، ادب تي ڳالهائيندي وقت گذرندو رهيو. سنڌيا کي اڪثر محسوس ٿيندو هو ته سرمد کيس پسند ڪرڻ لڳو هو. جيتوڻيڪ سرمد ڪڏهن به سنڌيا سان محبت جو اظهار نه ڪيو، نه ئي ڪڏهن سندس ڳالهين ۾ ڪو ان ڳالهه جو اشارو هو؛ پر ڪا ڳالهه نه هوندي هئي، سندس نگاهن ۾! ڪا تحرير، جنهن کي هوءَ پڙهندي به سمجهي نه سگهندي هئي. بس! ڪڏهن اوچتو ئي جڏهن هو کيس گهري نظر سان ڏسندو هو، ته سنڌيا جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ چهري تي ڪيترائي انوکا رنگ وکري وي دا هئس، پر ٻئي ئي لمحي سرمد جو چهرو ۽ اکيون ائين بي تاثر ٿي ويندا هئا، ڄن ڪجهه ٿيو ئي نه هو! سنڌيا حيران ٿي هن شخص بابت سوچيندي هئي، ته عجيب شخص آهي! ڪڏهن ته اکين ۾ اٿاهه ساگر پيار جو ته ڪڏهن وري ايڏي اجنبيت جو ڄڻ هو کيس سڃاڻندو ئي نه هجي ۽ ڪڏهن وري ڄن ته سياري جو دريا!
    ڪجهه عرصي کان پوءِ سِنڌيا جي جنم ڏيهن تي سرمد کيس ”شاهه جو رسالو“ تحفي ۾ ڏنو هو، تڏهن سنڌيا پهريون ڀيرو ڏينهن رات هڪ ڪري شاهه جي رسالي جو تفصيلي مطالعو ڪيو هو. جنهن بيت يا فلسفي بابت کيس مونجهارو محسوس ٿيندو هو، ته سرمد کيس ان بابت سٺي طرح سمجهاڻي ڏيندو هو. پوءِ ته ڄن ٻنهي کي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي فلسفي جو نئون موضوع هٿ اچي ويو هو. ٻنهي جو زوردار بحث هوندو هو ۽ اسد جا وري مٿي تي هٿ!
    هڪ دفعو ائين ئي ٿيو هو، جڏهن سنڌيا، سرمد ۽ اسد گڏ ويٺل هئا ۽ وري سنڌيا ۽ سرمد ۾ بحث ڇري پيو هو. شروعات ”تصوف“ کان ٿي هئي. ڳالهه ”حقيقي عشق“ کان ٿيندي ”مجازي عشق“ تائين پهتي هئي. سنڌيا ۽ سرمد وڏي زور شور سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ اسد کين خاموشيءَ سان ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو به وچ وچ ۾ جواب ڏئي رهيو هو. بحث جڏهن عروج تي پهتو، تڏهن سرمد چيو هو:
    ”شاهه سائينءَ جي عشق جي فلسفي موجب سچي محبت اها آهي، جنهن ۾ طلب ناهي. ڇو جو مطلوب جي ملي وڃڻ سان طالب جو سفر اتي ئي اچي پويو ٿي ٿو وڃي. جڏهن ته عشق ۾ جمود اچڻ ئي نه گهرجي؛ ان ڪري طالب کي هميشه طالب ئي رهڻ گهرجي؛ بي ڳالهه ته اهو به ضروري ناهي ته طالب هر وقت پنهنجي عشق جو اظهار به ڪندو رهي... نه ئي اهو ضروري آهي، ته هو ماڻهن ۾ ان جو چرچو ڪندو رهي... محبت ته هوئين به لفظن ۾ اظهار جي محتاج نه هوندي آهي. عشق هڪ راز آهي... جنهن ۾ تڙپ ته آهي، پر تڙپڻ جي باوجود ان جو راز ڪنهن کي به نه ڏجي... اها الڳ ڳالهه اهي، ته جنهن کي چاهجي ٿو، اهو ڪو گهڻي دير ان ڳالهه کان بيخبر رهي نٿو سگهي. جيڪڏهن زبان خاموش آهي ته به اکيون پرينءَ تائين پيغام رسائين ٿيون. شاهه سائينءَ جو اهو فلسفو هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿو:
    سِڪَ سِڪائي سِڪ، سِڪَ نه آهي سُٿري،
    لِڪَ لِڪوٽيءَ لِڪ، ته کَرَنِ خَبرَ نه ٿئي.
    سنڌيا جواب ڏنو: ”پر... شاهه سائينءَ اڳتي ائين به ته چيو آهي:
    خبر ٿي کرن کي، نه مونکي ڪندا ڪوهُ؟
    صُورت سُپيريان جي، ڏٺي ڪونهي ڏوههُ،
    لوري لَڳمُ لوهُ، جنهين رَتُ رُئاريو.
    ڇو جو شاهه صاحب جي خيال موجب، عاشقن کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواه نه هوندي آهي ۽ وري چوي ٿو ته:
    کَرُ کاريندو سي، مانو جن پريتڻو،
    جوش جلايا جي، ماري تن ماتُ ڪيو.
    ”پر سائين!“ سرمد چيو ”شاهه سائينءَ وري هن ڳالهه تي به ته زور ڏنو آهي ته:
    نِهائينءَ کان نينهن، سکُ منهنجا سُپرين!
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نِڪري.
    ان تي سنڌيا وري چيو: ”پر... اها ڳالهه به ته ڏاڍي مشڪل آهي، جو شاهه سائينءَ وري هيءَ ڳالهه به ڪئي آهي:
    عاشق ڀانئي ائين، ته آئون سِڪ ڪنهن کي نه سلان،
    وِچِ رهندي ڪيئن؟ وَهَنِ اکيون ورڄي هِنئون.
    سرمد ان جي جاوب ۾ چيو: ”بهرحال مون وٽ ته عشق جو مفهوم هي آهي ته:
    آئون ڏورينءَ، شالَ مَ لَهنء! تَنَ مَ مِلين تُون!
    لَنئون لَنئون منجهان مون لوچ تنهنجي نه لهي.
    ڇو ته شاهه سائينءَ جو خيال آهي ته:

    جيڪي فِراقان، سو وِصالان نه ٿئي،
    اچي اوطاقان، مونکي پرين پري ڪيو.

    اسد جيڪو ايتري دير کان ٻنهي جو بحث ٻڌي رهيو هو، تنهن کان هاڻي برداشت نه ٿي سگهيو. هن هٿ ٻڌي کين چيو: ”خدا جي واسطي سنڌيا! سرمد!... يار بند ڪريو هي بحث، منهنجو ته مٿو ئي ڦري ويو آهي. آئون ته چوان ٿو ته جنهن کي چاهجي، ان کي ضرور حاصل ڪجي. پوءِ ڀلي ته ڪير به سَڙي مون کي شاهه صاحب جا تمام گهٽ بيت ياد آهن، پر هي بيت ڏاڍو مزو ڏيندو اٿم:
    اَلا! کَرَ جِيئن، مدي جنين مَن ۾،
    اسان ۽ پرين جون، اُميدون پَسنِ،
    تهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.
    سنڌيا ۽ سرمد کلڻ لڳا ۽ ائين اهو بحث ختم ٿيو هو.
    ڏينهن گذرندا رهيا... وقت اڳتي سِرڪندو رهيو، سِنڌيا کي ته يقين هو، ته سرمد کيس چاهي ٿو؛ پر سَرمد جي ازلي خاموشيءَ کيس منجهائي وڌو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري، کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ته هوءَ دوکي ۾ هئي. سرمد کي سندس ذات سان ڪا دلچسپي ڪانهي، ائين... هوءَ يقين ۽ بي يقيني جي ڪيفيت ۾ منجهندي رهي، هُو به ته عجيب پراسرار شخص هو. سمنڊ جيان گهرو!
    ۽ پوءِ جڏهن سندن پڙهائي پوري ٿي، ته سڀ ڪلاس فيلو هڪٻئي کان موڪلائي، پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽڻ لڳا، تڏهن سنڌيا جي شديد خواهش ٿيندي هئي، ته موڪلائڻ کان اڳ هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو رويو ته هن تي واضح ڪري. هو محبت جو اعتراف ڪري، بيشڪ هو کيس پنهنجو نه بنائي، پر پيار ۽ اعتماد جو احساس ته کيس ڏئي وڃي. ائين هوءَ تا عمر اهو سوچي مطمئن رهندي، ته هن جنهن کي چاهيو هو، هُو به سندس لاءِ پيار جو جذبو رکندڙ هو...
    هوءَ چاهيندي هئي، ته سرمد ڪجهه چوي، پر سرمد! جي لبن تي اهڙو ڪو اقرار نه هو. جڏهن اسد سنڌيا سان شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي، ته هن سرمد کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو هو. هن سوچيو هو، ته يقيناً اها ڳالهه ٻڌي سندس بند زبان جو تالو ٽٽي پوندو، پر اها ڳالهه ٻڌي به سرمد جو چهرو بي تاثر رهيو ۽ هن چيو هو ته:
    ”اها ته تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اسد شرارتي ضرور آهي، پر ذميدار به آهي هُو يقيناً اوهان کي خوش رکندو ۽ هونئن به هو توهان کي بيحد پسند ڪندو آهي.“
    ”پر... اها ڳالهه اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو!!؟“ سنڌيا حيران ٿيندي پڇيو.
    ”مونکي ڪافي عرصي کان ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي“ سرمد چيو. ”هو منهنجو دوست به اهي آئون کيس چڱي طرح ڄاڻان ٿو. آئون اوهان کي اڳواٽ ئي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ تي مبارڪباد ٿو ڏيان ۽ بيشمار دعائون به!“
    سنڌيا ان مهل ڇِرڪي پئي هئي، ڇو جو سندس ذهن ۾ اوچتو هڪ خيال ايو هو، ته ڪٿي ائين ته نه هو سرمد پنهنجي چاهت جو اظهار ان ڪري نه ڪيو هو، جو هوءَ سندس دوست جي پسند هئي، کيس ياد آيو ته سرمد سان ته سندس تعارف به اسد ئي ڪرايو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسد تعارف ڪرائڻ کان اڳ ئي کيس اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هجي؛ پر سنڌيا کي يقين هو، سرمد کي اها به ڄاڻ هوندي، ته هوءَ اسد کي سٺي ڇوڪري جي حيثيت سان پسند ڪندي هئي ۽ ڪنهن کي سٺو سمجهڻ ۽ چاهڻ ۾ به ته فرق هوندو آهي! جيڪڏهن هو محض پنهنجي دوست خاطر قرباني ڏئي رهيو آهي، ته به اها ڳالهه واضح ته ڪري. هو هن تي اعتماد ته ڪري. کيس زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ته نه بيهاري! سنڌيا کي خبر هئي ته سرمد جهڙي گهري ماڻهوءَ کان سندس اندر جو حال وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو. نيٺ هوءَ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي؛ پر موڪلائڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري هن جي اکين ۾ آس جو ڪرڻو چمڪيو:
    ”سرمد! آئون وڃان پئي. خبر ناهي هاڻي اسان ڪڏهن اهڙي آزاديءَ سان ملي به سگهون، يا نه! خبر انهي، هاڻي، ملون به يا نه! يا وري ملون به، ته ڪنهن ٻيءَ حيثيت سان. هي ڪجهه لمحا ئي هاڻي اسان جي مُٺ ۾ آهن. مِتان انهن کي ضائع ڪري، سڄي عمر پڇتايون، جيڪڏهن ڪا ڳالهه، ڪو پيغام پهچائڻ چاهيو ٿا، ته چئي وٺو.“
    سرمد جو چهرو اوچتو ئي اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو. هن سنڌيا ڏانهن ڏٺو سندس نگاهن ۾ اٿاهه پيار جو ساگر هو. سنڌيا کيس ڏسندي رهي. سندس ڪن صرف ڪجهه لفظ ٻڌڻ جا منتظر رهيا. هن پهريون ڀيرو سرمد کي ايڏو جذباتي ٿيندي ڏٺو هو... سنڌيا سوچيو هو ته محٻت جي مهراڻ مٿان ڪيترا ڊيم اڏيا؟ نيٺ ته پيار جون ڇوليون سمورا ڊيم ٽوڙي اجهو ڪي ٻاهر نڪتيون ۽ پياسين سماعتن کي سيراب ڪنديون؛ پر اوچتو سرمد پنهنجي هٿن جي مُٺين کي زور سان ڀڪوڙيو هو ۽ پوءِ هميشه وانگر سرمد جو چهرو هر قسم جي تاثرن کان عاري ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ اجنبيت هئي ۽ پوءِ هن چيو هو ته:
    ”نه سنڌيا!... مونکي ڪجهه به چوڻو ناهي“
    تڏهن سنڌيا کي يقين ٿي ويو هو، ته هوءَ پاڻ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ هئي. جيڪو ڪجهه هن محسوس ڪيو هو، اهو محض سندس وهم هو. ٻيو ڪجهه به نه! ڇو جو جيڪو انسان ڪنهن کي اچهي، سو پنهنجي پرينءَ کي اظهار جي هڪ جملي جي سوغات به نه ڏي؛ اهو ممڪن ئي نه هو!
    ۽ پوءِ سنڌيا ۽ اسد جي شادي ٿي وئي. اسد سنڌيا کي بيحد چاهيندو هو. سندس ننڍي ننڍي تڪليف تي پريشان ٿي ويندو هو؛ سنڌيا به شاديءَ کان پوءِ بلڪل گهرو ڇوڪري ٿي وئي هئي... سندس زندگيءَ جو محور هاڻي فقط سندس گهر هو ۽ هوءَ سرمد کي ڪو سپنو سمجهي، وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڪيترائي سال لنگهي ويا. سنڌيا ٻن پيارن ٻارڙن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي، هاڻي هوءَ فقط پيار ڪندڙ ماءُ ۽ زال هئي. سندس ڪل ڪائنات ئي اسد ۽ ٻار هئا ۽ شايد هوءَ سرمد کي وساري چڪي هئي، هاڻي ته هو تمام مشهور شاعر ٿي چڪو هو. اڪثر هوءَ رسالن ۾ سندس متعلق خبرون ۽ سندس تخليقون پڙهندي هئي.
    ۽ پوءِ ڪيتري ئي وقت کان پوءِ سرمد ٻه ڏينهن اڳي سندس شهر ۾ آيو هو. سندس شاعريءَ جي مجموعي جي مهورت هئي. سنڌيا ۽ اسد کي به ان تقريب جو ڪارڊ مليو هو، پر اسد آفيس جي ڪم سان شهر کان ٻاهر ويل هو ۽ سنڌيا کي گهر ۽ ٻارن جي ذميداريءَ کان فرصت نه ملي سگهي، جو هوءَ وڃي ها، ۽ پوءِ ڪالهه شام ئي سرمد سندس گهر آيو هو. ايترن سالن بعد هوءَ کيس اوچتو سامهون ڏسي حيران ٿي وئي هئي ۽ سندس دل ڄڻ قابوءَ ۾ نه هئي. کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته هوءَ ڇا ڳالهائي ۽ ڪيئن ڳالهائي ۽ سرمد!... صوفي تي سندس ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ويٺل هو. هو هنن کي ڪيڏو پيار ڪري رهيو هو ۽ ڳالهائي رهيو هو. هن ايڏو جلدي ٻنهي سان دوستي به ڪري ورتي هئي. پوءِ سنڌيا کي ڏسي، هو احترام ڌمان اُٿي بيٺو هو. ڪيترو وقت گذريو... لمحا هئا يا صديون هيون... سنڌيا کي ڪجهه خبر نه پئي. پوءِ سرمد مخاطب ڪري ڄڻ سوچن جي دنيا مان ڪڍي ورتو هو:
    ”سنڌيا! توهان خوش ته آهيو نه؟“
    ”ها!...“ سنڌيا خبر ناهي ڪيئن جواب ڏنو: ”آئون بلڪل خوش آهيان!...“ اسد واقعي منهنجو بهترين جيون ساٿي ثابت ٿيو آهي.“
    ”اسد آهي ڪٿي؟؟“ سرمد پڇيو.
    ”هُو آفيس جي ڪم سان اسلامآباد ويل آهي.“ سنڌيا جواب ڏنو. هوءَ هاڻي ڪافي حد تائين پاڻ تي قابو پائي چڪي هئي.
    ”اهه!...“ سرمد چيو ”چڱو پوءِ آئون هلان ٿو. ايڏن سالن بعد آيس اوهان جي گهر، پر اسد سان ملاقات ٿي نه سگهي. اچي ته کيس ٻڌائي ڇڏجو ۽ ها! هي منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب جي ڪاپي آهي، توهان جي ۽ اسد جي لاءِ“
    سنڌيا کانئس ڪتاب ورتو، خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب جو عنوان هو ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان.“ سنڌيا ڪتاب کوليو پهرين صفحي تي ارپنا هئي:
    ”منهنجي پهرين ۽آخري محبت جي نانءُ،
    جنهن کي مون وڃائي، پوءِ ماڻيو.“
    سنڌيا اهو پڙهڻ کان پوءِ سرمد ڏانهن نهاريو هو. هو کيس ئي ڏسي رهيو هو ۽ پوءِ چيو هئائين:
    ”سنڌو! مون توکي وڃايو ته ناهي. تون ته اڄ به منهنجي روح اندر موجود آهين ۽ يقين ڪر، ته مون کي اڄ به پنهنجي فيصلي تي ڪو پڇتاءُ ناهي، ڇو ته اڃا به منهنجو هن بيت ۾ ويساهه آهي.
    ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شالَ مَ ملان هوتَ،
    من اندر جا لوچَ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
    هو هليو ويو هو ۽ سنڌيا ته کيس روڪي به نه سگهي. هوءَ ته ڪجهه به نه چئي سگهي. ڪالهه سرمد کيس پهريون ڀيرو ”سنڌيا“ نه پر ”سِنڌُو“ چيو هو ۽ ”توهان“ بدران ”تون“ ڪري مخاطب ڪيو هو. سنڌيا ڪيترا سال اڳ اهو اقرار ٻڌڻ چاهيو هو ۽ ڪالهه جڏهن اهو وقت آيو هو ته هوءَ اهو ٻڌي، ڄڻ گم سم ٿي وئي هئي. ڪيڏيون شڪايتون هيون، ڪيڏا شڪوه هئا؛ کيس سرمد کان!! جيڪي ڪيترن سالن کان هوءَ من ۾ سانڍيندي آئي هئي،پر ڪالهه هوءَ ڪجهه به ته نه چئي سگهي هئي. کيس ڏک رڳو ان ڳالهه جو هو، ته سَرمد ايڏا سال اڳ اهو اقرار ڇو نه ڪيو هو. جڏهن هن اهو ٻڌڻ چاهيو هو ۽ هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجي گهر جي ننڍڙي جنت ۾ پرسڪون زندگي گذاري رهي هئي، ته سَرمد هڪ ڀيرو وري سندس سڪون کسي ورتو هو. هن ته سمجهيو هو ته هوءَ سرمد کي وساري چڪي هئي، پر اها سندس ڀُلَ هئي، هو ته اڄ به سندس روح اندر موجود هو. سنڌيا ته پنهنجي محبت جي سفر جي پڄاڻي ڪري ويٺي هئي، پر ان سفر جي ته شروعات ئي در حقيقت هاڻي کان ٿي رهي هئي.
    تيز هوا ج جهوٽو لڳو ته سنڌيا جي هٿ ۾ جهليل ”شاهه جي رسالي“ جا پَنا زور سان ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳا، ته سنڌيا ڇرڪجي اکيون کوليون. اکيون کولڻ سان ئي سندس بند اکين پويان جمع ٿيل لڙڪ لار ڪري وهڻ لڳا. اوچتو سنڌيا جي نظر ”سر سامونڊيءَ“ جي ان وائيءَ تي پئي، جنهن کي تيز هوا جي جهوٽن کولي نروار ڪيو هو. هن لڙڪ ڀنل اکين سان اها وائي پڙهي:
    آيل! ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اَپليو نه رهي،
    ويو وڻجارو اوهري، مون کي چاڙهي چيئين،
    منهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
    سامونڊين جي سڱ کي، رُئان راتو ڏينهن،
    منهنجو نينهن اَپَليو نه رهي!
    گُوندر مٿان جِندڙي، وَريا وَليُن جيئن،
    منهنجو نينهن اَپليو نه رهي.
    مادَرِ! پائي مُنڊيون، وڃان هاريءَ سيئن،
    منهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
    سنڌيا ”شاهه جو رسالو“ بند ڪري ڇڏيو. سندس اکين مان لڙڪ ڪرندا رهيا. خبر ناهي کيس ڪيتري دير گذري وئي؛ پر اوچتو سندس ”ٻارڙي“ جي روئڻ جي آوازکيس سمورن خيالن مان ڇرڪائي وڌو. هوءَ تيزيءَ سان ڪمري ڏانهن ڊوڙي ڪمري ۾ پهچي هوءَ پلنگ تي سُتل معصوم ”سِپيءَ“ جي پاسي کان اچي ويٺي. هوءَ معصوم ته گهري ننڊ ۾ هئي ۽ شايد ڪو سپنو ڏسي روئي پئي ئي. سِنڌيا اٿاهه پيار مان ”سپيءَ“ کي ڏٺو ۽ پوءِ جهڪي هن ننڍڙي ”مهراڻ“ کي ڏٺو سندس مامتا جو جذبو پوري شدت سان اُڀري ايو ۽ هن ”مهراڻ“ جي پيشانيءَ کي به چميو. پوءِ سنڌيا جي نظر پلنگ جي پاسي کان رکيل اسد جي تصوير تي پئي. اسد جي چهري تي زندگيءَ سان ڀرپور مُرڪ هئي. سنڌيا به تصوير کي ڏسي مُرڪي پئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن چيائين:
    ”سرمد! منهنجي روح اندر تنهنجو ديرو سهي، پر هينئر منهنجي زندگي ۽ وجود منهنجن معصوم ٻارن ۽ اسد جي امانت آهي. شايد تو الاهي دير ڪري ڇڏي آهي. آئون نٿي چاهيان ته تنهنجي چاهت نروار ڪري، پنهنجي فرضن کان غافل ٿي وڃان، آئون سڀ جذبا پنهنجي روح جي اندر ئي دفن ڪري ڇڏيندس. مون توسان دل جي گهراين سان پيار ڪيو هو ۽ هاڻي به اٿم؛ پر سرمد جيئن تو ڪيو هو، هاڻي اهو سڀڪجهه مون کي ڪرڻو آهي...
    جيستائين آئون زنده آهيان تون مون کان پيار جو اقرار ٻڌي نه سگهندين. ڇو جو ائين ڪري، آئون اسد ۽ پنهنجن ٻارڙن جي مجرم ٿيڻ نٿي چاهيان ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان“ اهو فلسفو رڳو تون ئي نڀائي نٿو سگهين، پر آئون به نڀائي سگهان ٿي.
    ”سنڌيا اٿي ۽ ”شاهه جو رسالو“ کڻي الماريءَ ۾ بند ڪري تالو ڏئي ڇڏيائين. بلڪل ائين ڄڻ سرمد جي پيار کي هميشه لاءِ روح اندر بند ڪري تالو لڳائي ڇڏيو هئائين.

    (ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)


    ضرورتِ رشته

    ان ڏينهن ماني کائيندي اوچتو شهباز خان جي نظر ”قومي زبان“ ۾ نڪرندڙ هڪ تمام وڏي ۽ اهم ”قومي اخبار“ جي اشتهاري صفحي (اشتهاري مجرمن واري تي نه پر ڪمرشلاشتهارن يا ”عوامي اشتهارن“ واري صفحي) تي پئي. ان سموري صفحي تي ڪاروباري، خريد و فروخت، نوڪرين جي اشتهارن ۽ ٻين انيڪ ”حرفتي“، ”لالچي“ ”بي وقوف“ بنائيندڙ توڙي خالص ڪاروباري اشتهارن مان کيس ”ضرورتِ رشته“ جي هڪ وڏيڪالم وڌيڪ متوجه ڪيو... نه... نه... ان ڪري نه جو کيس ان سلسلي ۾ ڪا دلچسپي هُئي... هو ته ويچارو ”هڪڙيءَ“ کي ئي پورو پئي نه پي سگهيو، هن وقت پڻ هو ”ضرورت رشته“ جو ڪالم پڙهندي گهڙي گهڙي هيڏانهن هوڏانهن ڏِسي رهيو هو ته ڪٿي هوءَ ”جزا“ ڏسي ته نه پئي...ها... هو ان ڪري ”ضرورتِ رشته“ جي ڪالم ڏانهن ڏسي رهيو هو ته ”رشتا“ ۽ ”ناتا“ به بلڪل ڪاروباري نموني ۾ مارڪيٽ ۾ رکي مختلف رنگ روغن ڏئي توڙي ”ميڊ اِن آمريڪا“، ”ميڊ ان ڪيناڊا“ ۽ ”گرين ڪارڊ“ جي جو لالچ ڏيئي ”خريد“ ۽ ”فروخت“ ڪيا پي ويا. اشتهار ڪجهه هن قسم جا هئا:
    (1) 20 ساله، خوبصورت، امريڪن نيشنلٽي رکندڙ، ڪنواري دوشيزه لاءِ رشتو گهرجي. آمريڪا ۾ سيٽل ٿيندڙ توڙي امريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ خواهشمند حضرات خط لکي ڇوڪريءَ جا وڌيڪ ڪوائف ۽ تصوير هيٺين پتي تان گهرائي سگهن ٿا:
    مسز فلاڻي... (۽ پوءِ پتو)
    (2) ”پي.آئي.اي ۾ملازم 34 ساله نوجوان، فلاڻي فرقي ۽ الاڻي ذات واري کي 30 سالن کان گهٽ، تعليم يافته ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جو رشتو گهرجي... رابطو ڪريو... (پتو)
    (3) ”امريڪن نيشنلٽي هولڊر بزنس مين لاءِ رشتو گهرجي، پاڻ شادي شده اهي، ٽي ٻار آهن، پهرين زلا ۽ بار به گڏ رهندا ڇوڪريءَ جو سيد، تعليم يافته، خوبصورت ۽ غير شادي شده هجڻ ضروري آهي. خط لکو: معرفت...“
    (4) ”ڇوڪري يوپي جي (فلاڻي) فرقي جي 35 ساله،پوسٽ گريجوئيٽ، گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٽيچر آهي، خوش شڪل آهي. سندس لاءِ ”هم پله“ ڇوڪري جو رشتو گهرجي معرفت: پوسٽ بڪس......“
    (5) اسان جي ڌيءَ خوبصورت، 31 ساله، تعليم يافته، ”همه صفت، لاءِ بهترين رشتوڪنواري ڇوڪري جو گهرجي... ڇوڪرِي، ڇوڪري جي مائٽن سان گڏ نه رهندي پر الڳ گهر جي خواهشمند آهي. معرفت:....“
    (6) ”اسان جي نياڻي، جنهن جي عمر 22 سال آهي، انگلش ميڊيم ۾ گريجوئيٽ آهي. قد پنج فوٽ ڇهه انچ اٿس. رنگ صاف، تعلق يوپي، رهائش گلشن ۾... سندس لاءِ ڊگهي قد، 26 کان 30 سالن واري ڊاڪٽر، يا انجنيئر، يا سي اي، ايم بي اي، ملٽري ايئر فورس يا سٺي عهدي تي فائز ڇوڪرن جا مائٽ ”رجوع فرمائن“ ايڊريس...“
    (7) ”ڌيءَ، (فلاڻي فرقي جي) صوم و صلواة جي پابند، خانه داري ۾ماهر، 27 ساله، ايم.ايس.سي، گجرات بمبئي سان تعلق، تعليم يافته ۽ شريف گهراڻن جا سرپرست يا والدين رابطو قائم ڪن...“
    (8) 49 ساله ”ڇوڪرو“، ڪيناڊا جو سٽيزن آهي، هُو ڪنهن ليڊي ڊاڪٽر يا مالدار خود مختيار عورت سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي، رابطوڪريو، پوسٽ بڪس...“
    (9) ”اسان کي پنهنجن ٻن پٽن، جن جي عمر 24 سال ۽ 25 سال آهي، گريجوئيٽ آهن، تن لاءِ گرين ڪارڊ هولڊر ڇوڪرين جا رشتا درڪار آهن.
    (10) ”26 ساله، ٿورو ٿلهو ڇوڪرو، غير ملڪي پر مسلمان آهي ۽ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي ان لاءِ پاڪستاني ڪناوري يا بيوه يا خلع يافته يا طلاق يافته، نوڪري نه ڪندڙ يا گهٽ آمدني واري ليڊي ڊاڪٽر يا فارماسسٽ، يا ڊينٽسٽ جو رشتو گهرجي...“
    (11) ”ڇوڪري، ڪنواري، 33 ساله، تعلق يوپي سان، بي ايڊ، گورنمينٽ ٽيچر گريڊ 16 ۾ آهي، سندس ذاتي پلاٽ آهي، امورَ خانه داري ۾ ماهر آهي، ان لاءِ معزز گهراڻي جي ”سرڪاري ملازم“ جو رشتو گهرجي...“
    (12) ”اسان کي پنهنجي ڌيءَ جنهن جي عمر 27 سلا آهي، قد پنج فوٽ آهي، تعليم پي.ايڇ.ڊي برٽش نيشنل يونيورسٽي ۾بحيثيت ريسرچ فيلو لاءِ رشتي جي ضرورت آهي...“
    (13) ”مقامي ريڪروٽنگ ۽ ٽريول ايجنسيز جي اونر جي 18 ساله، ڪنواري ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ لاءِ فوري رشتو گهرجي. ڇوڪري کي رهائش ۽ ڪاروبار لاءِ پندرهن لکن جي سپورٽ ڪري سگهجي ٿي...“
    (14) ”هڪ يتيم، حَسين، 19 ساله دوشيزه، جنهن جو والد صاحب هڪ حادثي ۾ انتقال ڪري ويو آهي، ڇوڪريءَ کي پڻ ان حادثي ۾ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ويسر جي عادت ٿي وئي آهي. هن جو ڀاءُ ڇوڪريءَ جي يڪدم شادي ڪرڻ ٿو چاهي؛ ڇو ته پاڻ امريڪا پيو وڃي. ڇوڪريءَ جي نالي تي ٽيڪسٽائل مِل اهي ۽ رهائش پڻ آهي. ڇوڪري کي ڪاروبار ۾ اڌ حصو به ڏنو ويندو ۽ کيس ٽيڪسٽائل مل جو انتظام ۽ حساب ڪتاب به سنڀالڻو پوندو...“
    (15) ”تلاش آهي هڪ آمريڪن شهريت رکندڙ / گرين ڪارڊ هولڊر، خوبصورت، تعليم يافته دوشيزه جي. هي اشتهار هڪ ڀيڻ پاران پنهنجي ”خوبرو“، ”ڳوري چٽي“ 28 ساله ڀاءُ لاءِ آهي جنهن جي مشهور امريڪن، يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ ماسٽر ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڊبل ايم.ايس انڊسٽريل مينيجمينٽ ۾ داخلا آهي ۽ اڄڪلهه مختصر موڪل تي پاڪستان آيل آهي، جنهن لاءِ ”فوري“ رشتو گهرجي...“
    ”مار!... هتي ته قصو ئي عجيب آهي“...
    شهباز خان ايترو پڙهي بيساخته رڙ ڪئي ته ڀيڻس بختاور جيڪا وراندي ۾ ويهي ڪپڙا سبي رهي هئي سا ڊوڙندي وٽس آئي ۽ سهڪندي چيائين:
    ”ڇا آهي ادا!... خير ته آهي نه...؟“
    ”اڙي...! ايڪ سي بڙهه ڪر ايڪ آهي...“ شهباز خان بي خيالي ۾ چيو پوءِ اوچتو ئي کيس احساس ٿيو سو يڪدم چيائين:
    ”ڪجهه ڪونهي ادي!... مڙئي اخبار جون خبرون پڙهي پيو حيرت ۾ پوان... خير آهي... خير آهي“
    ”اڙي ادا!... تو ته مورڳو هنيون کڻي ڪڍيو هو منهنجو. الائي ڇو ڏڪي ويس... ڪالهه ٻچڙو شهمير به ڪراچي ويل آهي ۽ ويو به آهي ان مُئي ماري... ڇا نالو اٿس اها ڳاڙهي لين... ائي ايرڪنڊيشن بس...؟“
    ”ڳاڙهي لين نه ادي... بلو لائينز... بلو لائينز...“
    شهباز کلندي چيو:
    ”ائي ها!... اها ئي... ساڳي ڳالهه آهي... اڳ ۾ ته ٻڌو هوسين ته اهي بسون ڏاڍيون سٺيون آهن، آهستي هلن ۽ ڊرائيور ايڏو ڌيان سان هلائين جو مسافرن کي لوڏو به ڪونه اچي، پر هاڻي ته اهي ڇوريون بَسون هر ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿيون... بچي شل شهمير پهچي ته سک جو ساهه کڻان...“ بختاور اهو چوندي وري وڃي ورانڊي ۾ سبڻ جي ڪم کي لڳي.
    بختاور شهباز خان جي اڪيلي ڀيڻ هئي. خانداني روايتن، جهيڙن ۽ اجائي، وهمي ڳالهين سبب پڻس سندس شادي نه ڪرائي هئي. هينئر ته ويچاري عمر ۾ به الاهي مٿي چڙهي وئي هئي. سندس ته شادي ڪا نه ٿي هئي پر سڄي عمر شهباز خان جي ٻارن کي پاليندي نپائيندي گذري هيس. اصل ساهه هئس شهباز جي ٻارن ۾ بيمارين ۾ ماءُ کان وڌيڪ هن اوجاڳا ڪيا هئا. خدمتون ڪيون هيون. شهباز جا اچر پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ”مومل“ هئي هونئن ته سڀني ٻارن کي هوءَ ڀائيندي هئي پر ”مومل“ ۾ ته اصل ساهه هوس. شهباز خان پنهنجي ٻارن جي پڙهائي خاطر هميشه لاءِ شهر ۾ رهيو هو ۽ بختاور به هنن سان گڏ هئي. شهباز خان جي زال ۽ ڀيڻس بختاور ڳوٺاڻي ڇوڪرين جيان سنڌي پنج درجا پڙهيل هيون.
    ايترو عرصو شهر ۾ رهڻ ڪري سندس زال توڙي ڀيڻ ڪپڙي گندي توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گهڻو ئي ”شهري“ بڻجي ويون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کان ٻڌل ڪجهه انگريزي لفظ ٻڌي معنيٰ سميت ياد ڪري، اهي به ڳالهائينديون هيون. پوءِ جيڪر صحيح ڳالهائينديون هيون ته خير نه ته هڪ جو ٻيو ڪري وينديون هيون ته ٻارن جا ٽهڪڙا پيا پوندا هئا.
    هر شيءِ سان گڏ ”ڇورو“ يا ”ڇوري“ چوڻ بختاور جو تڪيه ڪلام هوندو هو پوءِ اڪثر هوءَ اهڙا جملا ڳالهائيندي نظر ايندي هئي:
    ”ائي!... مونکي ته ڇورا گوگڙو ڏاڍا ٿا وڻن. ڀائيان جيڪر روز گهرائي کانوان...“
    ”ائي! اڄ وري هي ڇوريون ڀينديون آهيون آهن. مائي هاڻي ته کائي کائي ڪڪ ٿي پيا آهيون...“
    ائين ”ڇوريون پليٽون“، ”ڇوروگلاس“، ”ڇوري ڪرسي ٽيبل ۽ انيڪ شيون ائين نوازبيون هيون شهمير، مهراڻ سرواڻ ۽ مومل پڻ سندس نقل ڪري ”ڇوري چاءِ“، ”ڇورو خط“ وغيره چوندا هئا.
    ها... سو ذڪر پئي هليو شهباز خان جو”ضرورتِ رشته“ جي ڪالمن ۾پڙهڻ جو بختاور جي وڃڻکان پوءِ شهباز وري چور نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو۽ وري پڙهڻ لڳو ۽ پوءِ پڙهڻ کان پوءِ سمورن رشتن جي ”خريد“ ۽ ”فروخت“ وارا اشتهار ڳڻڻ لڳو جن جو انگ چاليهن کان مٿي ٿي ويو. انهن کان سواءِ مختلف ”شادي ڪمپنين پاران پڻ ڪجهه اهڙا اشتهار ڏنل هئا:
    ”ٽيليفون تي فري رجسٽريشن ۽ اعليٰ رشتن لاءِ سهولتون موجود معرفت مسز فلاڻي... ميرج بيورو...“
    ”مقدس فرض جي ادائگي لاءِ والدين پٽن / ڌيئرن جي معياري ۽ اعليٰ رشتن لاءِ اچن...“
    ”مار!... ماڻهو ته الائي ڇو دلچسپ ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ايڏا پئسا خرچ ڪري ڪتاب وٺندا آهن... هنن کي ته اخبارن جا اهڙا صفحا پڙهڻ گهرجن... نيون نيون ڪهاڻيون ۽ دلچسپي پڻ ملي ويندن.“
    شهباز خان اخبار ويڙهي ٽيبل تي رکي ۽ پوءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو. سندس ذهن ۾ ان وقت انيڪ سوال گونجي رهيا هئا.
    ڇا هي رشتن بابت جيڪو ڪجهه لکيل هوندو آهي اهو سچ هوندو آهي؟ ڇا اهي رشتا ٿيندا به آهن؟
    ڇا اهو محض ڪاروبار يا ماڻهن کي ڦاسائڻ جو چڪر آهي؟ ڇا مائٽ پنهنجي اولاد کي سوڌي سنواري خوشيءَ سان ”مارڪيٽ“ ۾ رکندا آهن؟
    ڇا ان مهل انهن وٽ شرم يا غيرت نالي جي ڪا شيءِ ڪا نه هوندي آهي؟
    اوچتو ئي اوچتو، شهباز جي ذهن ۾ هڪ اهڙو خيال آيو هڪ لمحي لاءِ جو کيس پنهنجي پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ بجليءَ جي لهر ڊوڙندي محسوس ٿي هن سوچيو ته:
    ”جيڪڏهن ڪو وقت اهڙو به اچي وڃي جو اسان جون اخبارون پڻ اهڙن اشتهاري صفحن سان ڪاراٽجي وڃن... نه ته... خدا نه ڪري... الله نه ڪري... اڃا اسان ۾ غيرت آهي.“
    ”ها! اها غيرت آهي جو ڇوڪرين کي ”بختاور“ وانگر سڄي عمر گهرن ۾ ويهاري فقط ڀائرن جا ٻار پالڻ لاءِ ”آيا“ ڪري رکجي يا وري مومل جهڙي پياري ۽ سٻاجهي ڇوڪرين جا رشتا ڪڏهن انا پرستي، ڪڏهن خانداني جهڳڙن، ڪڏهن ”اسٽئنڊرڊ“ جي هيٺ مٿاهين، ڪڏهن شڪل صورت جو بهانو ته ڪڏهن وري ذات پات جي اجائي فرق جي وهمن سبب سندن عمر ويهي برباد ڪبي آهي!! اندر مان آواز آيس ته شهباز بي اختيار سامهون رڌڻي ۾ ماءُ سان رڌ پچاءُ ۾ هٿ ونڊائيندڙ مومل ڏانهن ڏٺو... هوءَ جيڪا تعليم يافته هئي. سهڻي سٻاجهي سُگهڙ هئي... هن لاءِ پندرهن سالن جي عمر کان وٺي ڪيڏيون مائٽيون آيون هيون، پر ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن سندس زال کي سدائين اعتراض هوندو هو ”نه نه!... ٻي ذات ۾ ته ڇوڪريءَ کي پرڻائڻ جو ته سوچي به نٿو سگهجي...“
    ”ڇوڪروته شڪل جو سٺو ئي ڪونهي... اسان جي نياڻي ته مومل آهي!
    ”باقي ته سڀ ٺيڪ آهي پر ڇوڪري وٽ نوڪري ته وڏي هئڻ گهرجي.
    ”نه نه!... مائي ڇوڪرو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ”اسٽئنڊرد“ جهڙي خاندان جو ته هجي... نه ته ماڻهو ڇا چوندا...؟“
    ... ۽ ائين مومل پندرهن کان اٺاويهه سالن کي پهچي وئي. ڪيترائي سڱ ٺڪرايا ويا. خاندان وارن سان مختلف جهڳڙن ۽ اجائي اناپرستي ڪري هو اڳ ۾ ئي راضي نه هئا ۽ پوءِ نيٺ هڪ وقت اهڙو به آيو جو رشتا اچڻ ئي بند ٿي ويا... پوءِ ته ڪجهه وقت کان پوءِ شهباز خان ۽ سندس زال کي اچي فڪرن ورايو هو ۽ کين پنهنجي ڪيترين ئي غلطين جو پڻ احساس ٿيو هو.
    ... ٻن ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ وري هڪ ڇوڪري پاران پيغام آيو هو... باقي ته سڀ ڳالهيون ٺيڪ هيون پر ڇوڪرو ٻي ذات جو هو. اتي وري شهباز سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ سندس زال ذات تي ڪو به اعتراض نه ڪيو هو بس ماٺ ٿي وئي هئي. سڀاڻي ڇوڪري جا مائٽ آخري جواب وٺڻ لاءِ اچڻا هئا...
    هينئر شهباز خان سوچ ۾ پئجي ويو هو. الائي ڇو اخبار ۾ رشتن جي ”وڪامجڻ“ جا اشتهار پڙهي سندس اندر ڄڻ زلزلو اچي ويو هو... کيس الائي ڇو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته انهن بيشمار اشتهارن جي وچ ۾ هڪ اشتهار ٻيو به هو:
    ”اسان جي ڌيءَ مومل، خوبصورت، تعليم يافته...“
    ”نه نه... موليٰ نه ڪري... رب نه ڪري“... شهباز سڄو سارو ڏڪي ويو هو.
    ... ۽ پوءِ شام جوهو سندس زال ۽ ڀيڻ سان گڏجي مومل لاءِ آيل سڱ بابت ڳالهائي رهيا هئا.
    ”سچ پچ ته هاڻي مونکي ته ذات تي به اعتراض ڪونهي...“ شهباز جي زال اهو چئي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو هو.
    ”آئون خود انهيءَ سوچ جو آهيان پر شهمير ماءُ سچ ته رڳو ماڻهن جي ڳالهين ٺاهڻ جو ڊپ ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جهڙا ماڻهو ان وقت جو انتظار ڪندا آهن، ته اسان جهڙن ماڻهن مان اهڙو وڏو قدم پهريائين ٻيو ڪير کڻي، ته اسان به ان ٺهيل نئين گس تي هلون پر پاڻ اهو ”پهريون“ قدم کڻڻ کان ڊڄون ٿا ان ڪري نه، جو اسين ان ڪم کي غلط ٿا سمجهون پر اسين ڊنل انسان آهيون... خوف ٿا کائون...“
    ”واهه ادا!... اسان جهڙا ماڻهو عام ناسانن کان ته خوف ٿا کائين ۽ سندن غلط ۽ اجاين ڪوڙين رسمن کي ته چهٽا پيا هوندا آهيون باقي الله کان خوف نه کائيندا آهيون ۽ الله جي قانونن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪندي ذرو به نه هٻڪندا آهيون“... بختاور چيو هو.
    شهباز خان کي ان مهل بختاور جون اکيون ڪنهن صحرا جيان لڳي رهيون هيون، جنهن ۾ سرابن پٺيان ڀٽڪندڙ سندس سڄي عمر جا خواب ساڻا ٿي مري سندس اکين ۾ رهجي ويا هئا... ۽ پوءِ هن پوري اعتماد سان سڀني گهر وارن سان گڏجي شهمير، مهراڻ ۽ سرواڻ کي مضبوط سهارو بڻائي ٻئي ڏينهن مومل جو سڱ منظور ڪيو هو... گهر ۾ هر پاسي سَرهائي پکڙجي وئي... سڀ پڌريءَ جي رسم پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويا... بختاور ته ڪڏهن مومل تان صدقو پئي ٿي، ته ڪڏهن وري هي رڙيون ڪندي نظر ٿي آئي:
    ”ائي مون ڇوريون سوپاريون الائي ڪٿي رکيون هاڻي ته ڏسان ئي ڪو نه ٿي...“
    ۽ ”ڇورين سوپارين“ تي گهڙي گهڙي سڀني ٽهڪڙا ٿي گونجيا.


    فيصلو

    ”شاني! پٽ... اڄوڪي پڊنگ ڪيئن هئي؟“ صبا ڪمري ۾ داخل ٿيندي ننڍڙي شاني کان پڇيو،
    ”فرسٽ ڪلاس... هونئن به آنٽي اوهان جي ٺاهيل ته هر شي ئي سٺي ٿيندي آهي“ شاني پيار مان صبا کي ڳراٺڙي پائيندي چيو ”بس بس.“ صبا به کيس پيار ڪندي چيو ”خوشامند نه...“ ۽ پوءِ ٻئي کلي پيا، اوچتو امان ڪمري ۾ اندر آئي ۽ چيائين:
    صبا!... شاني جو پيءَ کيس وٺڻ آيو آهي ان کان اڳ جو صبا ڪو جواب ڏئي ها شاني گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو نه... نه آنٽي... اڄ آئون پپا سان گڏ نه وينديس... اڄ آئون اوهان وٽ رهندس... آئون گهر نه ويندس...
    پر آخر ڇو...؟“ صبا پڇيو.
    ”آنٽي؟ اڄ مون پنهنجي فرينڊ کان تمام سٺا اسٽوري بُڪَ آندا آهن اڄ اوهان مون کي اهي پڙهي ٻڌائجو گهر ۾ ته سڀ جلدي سمهي پوندا آهن... آيا امان به ۽ پپا به... ۽ پپا مونکي ڪهاڻيون به پڙهي نه ٻڌائيندو آهي“... شاني روئڻهار ڪو ٿيندي چيو.
    ”پر... شاني! اڄ ته توهان پنهنجي پپا کان هتي رهڻ لاءِ اجازت به نه ورتي آهي... ائين ڪريو جو اڄ ته اوهان گهر وڃو سڀاڻي آئون توهان جي پپا کان اجازت وٺي توهان کي هتي وٺي اينديس، صبا کيس سمجهائيندي چيو. ”پر مس...“ شاني معصوميت سان پڇيو ها... پر! مس صبا سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چيو: ”نه صرف اهو سڀاڻي شام جو اسان آئوٽنگ تي به ويندا ۽ آئس ڪريم به کائينداسين.“
    هُرا!... شاني خوشي مان رڙ ڪئي ”پوءِ ملايو هٿ“ ما کلندي سندس هٿ پڪڙي سندس هٿ ۾ ڏنو ۽ کيس پيار ڪيائين، امان پوءِ شاني کي وٺي وئي.“

    ”صبا!... امان آفيس وڃي پئي ڇا؟“ امان رڌڻي مان رڙ ڪندي پڇيو، ”ها امان!...“ صبا جواب ڏنو امان رڌڻي کان ٻاهر ايندي چيو ”رات پاڙي واري وري ڊاڪٽر ساجد جو پيغام کڻي آئي هئي، ٽي چار ڀيرا جواب گهري چڪي آهي پوءِ... آخر ڇا جواب ڏيانس ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟...“
    ”امان! هينئر ته مونکي دير پئي ٿئي، ان موضوع تي پوءِ ڳالهائينداسين اڄ صبح جو ته اک به دير سان کلي الله ڪري ته ڪا ”سواري به جلد ملي.“ صبا اهو چوندي تڪڙ ۾ پرس کڻندي ٻاهر وڃڻ لڳي، ”صبا!... ڌيءَ نيرن تي ڪرين ها“ ”امان پٺيان رڙ ڪندي چيو ته ”امان... دير ٿي ٿئي... صبا اهو چوندي ٻاهر نڪري آئي هوءَ ڪيتري ئي دير بيٺي رهي پر ڪا به سواري نه مليس اوچتو پري کان هڪ خالي رڪشا ايندي ڏٺائين ته رڙ ڪيائين ”رڪشا رڪشا.“
    پر رڪشا وارو بيٺو نه هليو ويو هوءَ ويتر پريشان ٿي وئي، اوچتو ئي سندس ڀر سان ڪار جي بريڪ لڳڻ ۽ بيهڻ جا آواز آيا ته هوءَ ڇرڪي اوڏانهن ڏسڻ لڳي. سندس ڀر ۾ ڊاڪٽر ساجد جي ڪار بيٺل هئي، هن کيس مخاطب ٿيندي پڇيو
    ”صبا صاحبه!... آفيس وڃڻو اٿوَ؟... اچو آئون ڊراپ ڪري ڇڏيندس“
    نه... نه... ساجد صاحب! اوهان تڪليف نه ڪريو ملي ويندي ڪا سواري“ صبا جواب ڏنو:
    ”تڪليف ڇڏيو ائين وڌيڪ دير ٿي ويندوَ مون کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي.“
    ڊاڪٽر ساجد چيو. ”توهان شاني کي اسڪول ڇڏي آيا؟“ صبا چيو ”ها... هينئر هاسپيٽل پيو وڃان توهان کي به ڊراپ ڪندو ويندس اچو... پليز... ساجد ڪار جو دروازو کوليندي چيو. صبا کي به دير ٿي چڪي هئي. ان ڪري هن وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ پٺين سيٽ تي وڃي ويهي رهي. گاڏي اسٽارٽ ٿي ڊرائيونگ ڪندي اوچتو ڊاڪٽر ساجد کيس مخاطب ڪيو:
    ”صبا صاحبه!... اوهان کي يقينن منهنجو پيغام ته ملي ويو هوندوَ صبا کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خاموسي سان دري کان ٻاهران ڏسندي رهي ساجد ڪجهه دير ته سندس ڳالهائڻ جو انتظار ڪيو پر سندس ڪو به جواب نه پائي وري پاڻ ئي پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو:
    ”صبا صاحبه!... اسين هاڻي عمر جي ان دور ۾ آهيون جنهن ۾ جذبات سان نه پر عقل ۽ بردباريءَ سان فيصلا ڪيا ويندا آهن. اسان جي وچ ۾ روايتي تڪلف نه هئڻ گهرجي ڇو ته اوهان اعليٰ تعليم يافته ۽ سمجهدار آهيو انڪري اڄ آئون اوهان جي گهر شام جو ايندس ته جيئن اسان جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ تفصيل سان ڳالهايون..“
    ”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو فيصلو ڪجي....“ صبا پريشان ٿيندي چيو:
    ”انڪري ئي ته اڄ اوهان وٽ اچي پنهنجو مسئلو سمجهائڻ ٿو چاهيان ته جيئن اوهان کي به پنهنجي زندگيءَ جو اهم فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي...“
    ”جي!“ هوءَ وڌيڪ ڪجهه به نه چئي سگهي ۽ سندس آفيس اچڻ تائين هو ٻئي خاموش رهيا، صبا ڪار مان لهندي چيو:
    ”اوهانجي تمام گهڻي مهرباني...“
    ”آئون تمام اسٽريٽ فارورڊ ماڻهو آهيان، مون کي اهڙن روايتي جملن جي گهرج ڪونهي.“


    ٽريفڪ جو گوڙ ڪنن کي ايذائي رهيو هو. صبا جي حالت سخت گرميءَ ۽ ٿَڪَ سبب خراب هئي جو هوءَ ڪيتري ئي دير کان سواري جي انتظار ۾ روڊ ڀرسان فٽ پاٿ تي بيٺل هئي ۽ سوچي رهي هئي ته، ”اڄ ته لڳي ٿو ته قسمت ئي خراب هئي جو صبح جو به ايئن ٿوي ۽ هن وقت به“ ڇو ته کيس پِڪ اينڊ ڊراپ ڏيڻ واري وين ان ڏينهن نه آئي هئي.
    ”توهان.... صبا آهيو نه ؟“ اوچتو ڪنهن مرد جو آواز ٻڌي هن نهاريو ته هڪ ڪار سندس آڏو بيٺل ڏٺائين، ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل ماڻهوءَ کي ڏسي کيس شديد جهٽڪو لڳو ۽ سندس زبان مان بي اختيار نِڪتو:
    ”رضا...!!!“

    ”پوءِ ته پَڪ ٿي ته توهان صبا ئي آهيو. الاهي وقت کانپوءِ ڏٺو اٿم، ڪجهه بدلجي به ويون آهيو پوءِ به سڃاڻي ويس پر پوءِ به ڪنفرم ڪرڻ ضروري هو....“ هو چوندو ويو.... اهوئي سندس مخصوص زنده دل لهجو ۽ آواز هو... صبا کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو...
    ”سڀڪجهه پڇي وٺجو پر بيٺي بيٺي نه.... اچو ڪار ۾ ويجهو، آئون توهان کي ڊراپ ڪري ڇڏيندس....“
    صبا ڪشمڪش ۾ هئي ته پويان ايندڙ گاڏين جي هارن سبب رضا کي بيچين ڏسي هوءَ خاموشيءَ سان ڪار جو پويون در کولي ويهي رهي ۽ رضا ڪار کي اڳتي وڌايو....
    ”رضا! هتي ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ هن ٿوري دير بعد وري پڇيو ته رضا هڪ نظر آئيني تي وجهي کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيو:
    ”آفيس جي هڪ ڪم سان آيو آهيان ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ هليو ويندس، هوئين به تنهنجو ظالم شهر مون کي ترسڻ ڪِٿان ڏيندو... هي شهر ته منهنجن خوابن ۽ جذبن جو مدفن آهي.... هتي قدم قدم تي وکريل ماضيءَ جون يادگيريون مونکي سُک سان ويهڻ ڪِٿان ڏينديون...“
    سندس جواب ٻڌي هوءَ ڪَنبي وئي ۽ چيائين:
    ”تون بلڪل به نه بدليو آهين... ساڳيو ضد، ساڳيو جنون... وقت توکي بدلائي نه سگهيو آهي...“
    ”تنهنجي شادي تنهنجي ڪزن سان ٿي هئي... ڪيئن پيئ گذري زندگي ....؟“
    ”اها شادي ڪامياب نه وئي....“ صبا چيو ته، هن کي جهٽڪو لڳو...“
    ”ڇا مطلب.....؟“ هن پڇيو:
    ”هن مونکي طلاق ڏئي ڇڏي هئي شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ....“
    صبا کيس گهر جو رستو به ٻڌائيندي رهي، هن گاڏي سندس گهر آڏو اچي بيهاري، هن دروازو کوليو ته رضا چوڻ لڳو:
    ”آئي ايم سوري ٽو هيئر دِس (مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو...)“
    ”ڊراپ ڪرڻ لاءِ مهرباني...“
    هوءَ ڪار مان لٿي.
    ”هينئر ته آئون تڪڙو آهيان... سڀاڻي شام جو گهر ايندس ۽ امان بابا سان به ملندس...“
    ”صرف امان سان مِلي سگهندا... بابا جي هڪ سال اڳ وفات ٿي وئي....“
    ”اوهه آئون ايندس سڀاڻي...“


    ڪمري ۾ اونداهه ڇانيل هئي، صبا پنهنجي بيڊ جي سيراندي کي ٽيڪ ڏئي، ويٺل هئي، لڙڪ سندس اکين مان لارون ڪري وهندا رهيا. ان مهل ياسمين سندس ڪمري جو در کولي اندر داخل ٿي ۽ هن ڪمري جي لائٽ آن ڪندي کلندي چيو ”اوه محترمه! هوش ۾ آهيو يا خوابن جي دنيا ۾؟ صبا پنهنجو مٿو مٿي ڪيو سندس وار وکريل هئا ۽ اکيون بيحد ڳاڙهيون هيون، ياسمين يڪدم سندس پاسي ۾ اچي ويٺي ۽ چيائين ”صبا هي ڇا؟ تون روئين پئي؟ خيريت ته آهي نه؟“ وري ياسمين اٿي ۽ ڪيسٽ پليئر بند ڪيائين ۽ چيائين ”آخر آهي ڇا...؟ ڪمرو ۽ تون، ٻئي اجڙيل ڇو آهيو؟“
    ”ڪا خاڳالهه ڪانهي... بس ائين... ئي“ صبا سڏڪا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.“ خير... ائين ته ڪونهي تو مون کي اچڻ لاءِ نياپو موڪليو هو، آئون ته ان مهل ئي سمجهي ويس ته ڪا پريشان هوندئي“ ياسمين اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي مس ڪئي هئي ته ڪمري جو دروازو کليو ۽ امان چانهه جي ٽري کڻي اندر آئي ۽ ٽيبل تي رکيائين، چانهه سان گڏ بسڪيٽ ۽ پڪوڙا به هئا اهو ڏسي ياسمين چيو ”ماسي هي ڇا؟ ايڏو تڪلف؟ آئون ڪا ڌاري ته ڪو نه آهيان“ امان ڪهڙو وري تڪلف... ياسمين! ڌيءَ چڱو جو تون هلي آئين مون کي پاڻ تو سان ڪم هو“ امان چيو ”ها ماسي ٻڌايو ياسمين پڇيو ”ڌي! تون ئي ڪجهه صبا کي سمجهاءِ ڊاڪٽر ٽي چار نياپا موڪليا آهن پر هي منهنجي ڳالهه ئي نٿي ٻڌي اها ته سندس قسمت چڱي آهي جو هڪ دفعو وري سندس گهر ٺهڻ جي واهه نڪتي آهي نه ته اڄڪلهه جي دور ۾ ته ڪيتريون ئي پڙهيل ۽ ننڍيون نيٽيون ويٺيون آهن گهرن ۾ سٺا رشتا ملڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي ۽ ڊاڪٽر ته وري ڏاڍو شريف ۽ فضيلت وارو ماڻهو آهي“ امان چيو ”ماسي... بس آئون اچي وئي آهيان... هاڻي پاڻهي ٿي ڳالهايانس“ ياسمين صبا ڏانهن ڏسندي چيو. ”بس امان... الله ڪا ساڃهه ڏئيس“ اهو چوندي امان ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ياسمين ٽري مان هڪ ڪوپ کڻي صبا کي ڏيندي چيو. ”اچي محترمه هاڻي چانهه ته ڀلا پئيو“ صبا کانئس چانهه جو ڪوپ ورتو ۽ پوءِ سنجيدگي سان چيائين ”ڏس صبا... ماسي ڪيڏي نه پريشان آهي تو لاءِ“، ”هونهه پريشان“ صبا جا اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وري لار ڪري وهڻ لڳا ۽ هن سڏڪندي چيو ”منهنجي زندگي به ته امان بابا جي ضد ئي برباد ڪئي هئي.“ ”اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر هاڻي جيڪو ٿيو سو ته ٿي پر هاڻي اڳتي لاءِ سوچي سمجهي قدم کڻڻو اٿئي ڊاڪٽر ساجد لاءِ ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟“ ياسمين پڇيو؟ ”ڪجهه به نه“ صبا مختصر جواب ڏنو. هوءَ پاڻ تي ڪنٽرول ڪري چڪي هئي، ”ڇو ڇا شاني سان پيار نه اٿئي؟“ ياسمين چيو صبا ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳي پئي ”شاني ته منهنجي جان آهي،“ منهنجي زندگي آهي، ”پوءِ شاني کي رڳو تون ئي سڳي ماءُ جهڙو پيار ڏئي ٿي سگهين هن معصوم جي زندگي جي اهم فيصلي جي ڏور تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.“ ياسمين کيس سمجهائيندي چيو، ”آئون اها ڳالهه سمجهان ٿي اڄ ساجد صاحب ان ئي سلسلي ۾ مون سان ڳالهائڻ اچي رهيو آهي.“ صبا ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو ”صبا ياسمين“ چيو سچ پچ ته ادا ساجد بهترين انسان آهي ۽ هن کي به شاني جي مستقبل جي ڳڻتي آهي نه ته سندس لاءِ ٻي ڪنهن به ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانهي هاڻي مهرباني ڪري هن سان اڄ سٺي نموني ڳالهائجان ۽ پوءِ جلدي ڪو فيصلو به ڪري وٺجان“ ”هون“ صبا هلڪي آواز ۾ چيو ”بس؟“ ياسمين کلندي چيو ڳالهه به ايتري هئي نه ان لاءِ ايڏي پريشان هُئين؟ ۽ ايڏو روڄ راڙو“
    نه صبا تڪڙ ۾ سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو. ”اها ته ٻي ڳالهه آهي“ ”ڇا مطلب؟ اها وري ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ياسمين حيران ٿيندي پڇيو. ”ياسمين... هو... هو... اڄ“ صبا اٽڪندي اٽڪندي چيو ۽ ڳالهه ڇڏي ڏني. ”ها... ها صبا ڇا ٿيو اڄ؟“ ياسمين بيچين ٿيندي پڇيو اڄ... ”اڄ رضا مليو هو.“، ”اڄ؟ ڪئين هو؟“ ياسمين پڇيو صبا جي چهري تي غم جا پاڇا گهرا ٿي ويا. هن خلا ۾ گهوريندي بيحد اداس لهجي ۾ چيو. الاهي هوجلدي ۾ هو انڪري گهڻو نه ڳالهائي سگهيا سين پر کيس ڏسي اڄ وري ڄڻ منهنجو ماضي موٽي آيو آهي. ياسمين امان ۽ بابا جي ضد منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي. هنن مون کي پنهنجي خانداني روايتن تي قربان ڪري ڇڏيو.” ياسمين صبا جو ڏک چڱي طرح ڄاتو ٿي هو نه صرف يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران سندس ڪلاس فيلو هئي پر سندس بيحد پياري ساهيڙي به هئي ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي جي ڏکن سکن جو ساٿي پڻ هيون، هن صبا کي چيو صبا ڪجهه ڏوهه ته تنهنجو به هو تون ايڏي تعليم يافته ۽ ماڊرن هئڻ جي باوجود به ٿروي همت ڪري بغاوت نه ڪري سگهئين تون ڪنهن غلط ڪم لاءِ ته بغاوت نه ڪرين ها پر اهو تنهنجو قانوني ۽ شرعي حق هو. رضا ته تو سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ تيار هو همٿ ته تون هاري ويٺئين ۽ رضا سان شادي کان انڪار ڪري پنهنجي اڻ سڌريل مائٽ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئين آخر ڇو؟“
    ”ياسمين“ صبا ڄڻ ڏکن جي پاتال مان ڳالهائيندي چيو ان وقت آئون مجبور هيس ڇو جو ان مهل منهنجي سامهون صرف منهنجي پنهنجي ذات نه پر منهنجي ننڍي ڀينرن جو مستقبل پڻ هو ۽ انهن جو مستقبل مون سان وابسته هو انڪري منهنجو اهڙو ڪو به فيصلو انهن جون زندگيون تباهه ڪري ٿي سگهيو، توکي ته خبر آهي ته اسان جو ڪو به ڀاءُ نه هو ان ڪري بابا اسان ڀينرن تي گهڻي توجهه ڏني ۽ خانداني رسمون ٽوڙي اسان کي يونيورسٽي تائين پڙهايو ۽ هر قسم جي آزادي به ڏني پوءِ ڀلا آئون ان آزادي جو غلط استعمال ڪيئن ڪريان ها. ”حيرت جي ڳاله آهي، ياسمين چيو تنهنجن مائٽن توهان کي هوئين ته ايڏي آزادي ڏني پوءِ زندگي جي سڀ کان وڏي فيصلي ڪرڻ لاءِ آزادي ڇو نه ڏني؟“ اها ئي ته ڏک جي ڳالهه آهي ياسمين صبا چيو ”ان معاملي ۾ منهنجا مائٽ به روايتي مائٽ بڻجي ويا رضا خاندان کان ٻاهر جو ۽ ٻي ذات جو ماڻهو هو ۽ ان وقت امان بابا جي سامهون رڳو ذات پات ۽ خانداني روايتون هيون ۽ ياسمين جيڪڏهن ان وقت آئون بغات ڪريان ها ته ڏوهي مون کان وڌيڪ منهنجي تعليم ۽ آزادي کي سمجهيو وڃي ها جيڪي بابا خانداني روايتن کي ٽوڙي مون کي ڏنيون هيون ۽ پوءِ منهنجي ڏوهه جي سزا منهنجون ننڍيون ڀوڳين ها ۽ هميشه لاءِ علم ۽ آزادي جهڙين نعمتن کان محروم ٿي وڃن ها. پر پوءِ شادي کان پوءِ جڏهن منهنجي هٿ ۾ طلاق نامون ڏئي معصوم ٻار سميت گهر موٽايو ويو ته امان ۽ بابا جون اکيون کليون ۽ پوءِ هنن خانداني رسم رواج ختم ڪري منهنجي ننڍي ڀينرن جون شاديون خاندان جي اهڙن ڇوڪرن سان ڪرڻ بدران سٺن پڙهيل ۽ خاندان کان ٻاهر جي ڇوڪرن سان ڪيون ۽ اڄ اهي سڀ پنهنجن گهرن ۾ خوش آهن بس انهي ڳالهه جي ئي ته خوشي اٿم ته منهنجي ڏنل قرباني سجائي وئي ۽ منهنجي ڀينرن جا گهر برباد ٿيڻ کان بچي ويا.“
    ياسمين خاموشي سان صبا جي ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ کيس سمجهائيندي چيائين ”ڏس صبا! جيڪو ڪجهه به ٿي چڪو آهي، ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪر هاڻي ته رضا جو به مڱڻو ٿي چڪو آهي. سندس مائٽن کيس نيٺ وڏي مشڪل سان مڃائي ورتو نه ته هن ته شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي جلد ئي سندس شادي به ٿيڻ واري آهي وقت جي ڦيري هاڻي سوچن جا لاڙا ڦيرايا به آهن، اڳ ۾ مائٽن جو ڪيل غلط فيصلو تون ڀوڳي چڪي آهين پر هان فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي، تون باشعور ۽ تعليم يافته آهين، آئون سمجهان ٿي ته تون ادا ساجد جي حق ۾ فيصلو ڪري سمجهداري جو ثبوت ڏيندئين“ ياسمين ڪيري ئي دير کيس سمجهائيندي رهي ۽ مختلف طريقن سان کيس کلائيندي به رهي ۽ پوءِ صبا جو موڊ به صحيح ٿي ويو ۽ سندس چهري جي رونق ڪجهه ڪجهه موٽي آئي پوءِ کانئس موڪلائڻ وقت کيس وري سمجهائيندي چيائين. ”صبا هاڻي پاڻ کي بلڪل نارمل ڪر ڪجهه ئي دير ۾ ادا ساجد ايندو ان ڪري پاڻ کي ٺيڪ ڪر ۽ سٺي طرح تيار ٿي ويهه ۽ ها ادا ساجد سان سٺي نموني ڳالهائجان آئون وري اينديس ٺيڪ آهي نه“
    ”ها سائين جيئن سرڪار جو حڪم“ صبا اهو چئي زور سان ٽهڪ ڏنو ته ياسمين کي پنهنجي ڪنن ۾ ڄڻ جلترنگ وڄندي محسوس ٿيو. هن صبا جي مرڪندڙ چهري کي ڏسي بي اختيار چيو“ شل سدائين ائين مرڪندي رهين.“


    ”ساجد صاحب!... چاءِ وٺو...“ صبا ٽري مان چانهن جو ڪوپ کڻي ڊاڪتر ساجد ڏانهن وڌائيندي چيو. ”مهرباني!“ ساجد کانئس چاءِ جو ڪوپ وٺندي چيو. ”هي بسڪٽ به ته کڻو نه“ صبا بسڪيٽن جي پليٽ به ڏانهس وڌائيندي چيو ته ساجد سندس شڪريو ادا ڪندي پليٽ مان هڪ بسڪيٽ کنيو. ڪجهه دير خاموشي رهي ۽ هو ٻئي سان چاءِ پيئڻ لڳا. ساجد پنهنجي خيالن ۾ گم هو. صبا اڄ پهريون ڀيرو سندس سامهون ايڏي دير ويٺي هئي ۽ ساڻس ڳالهايو هو. ائين کڻي چئجي ته هن پهريون ڀيرو کيس چڱي طرح ڏٺو هو. سندس عمر ڇٽيهه سال هئي ۽ هو سوبر ۽ سٺي سخصيت جو مالڪ هو ۽ سندس اخلاق ۽ سٺي گفتگو پڻ صبا تي سٺو تاثر ڇڏيو هو.
    ”صبا صاحبه! شانيءَ کي سنڀالي اوهان سچ پچ ته منهنجي ۽ شانيءَ جي مٿان وڏو احسان ڪيو آهي.“ ساجد صبا کي چيو ته صبا ڄڻ پنهنجي خيالن جي دنيا مان نڪري آئي ۽ چيائين:
    ”ساجد صاحب! احسان وري ڇا جو؟ شانيءَ جي ماءُ منهنجي بيحد پياري ساهيڙي هيئ ۽ پاڙي واري پڻ سندس اوچتي وڇوڙي جو مون کي به ايڏو ئي ڏک پهتو اهي، جيڏو اوهان کي آهي... ۽ شانيءَ جي وجود ته مون کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو آهي. پنهنجي مامتا جي سِڪ شانيءَ جي پيار مان ته پوري ڪندي آهيان“ صبا اهو چوندي اداس ٿي وئي ۽ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين:
    ”اڄ جيڪڏهن منهنجو جِمي زنده هجي ها ته شانيءَ جيڏو ئي هجي ها.“
    ”اوهان جي ان جذبي جو قدر ڪندي ئي ته مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته اوهان کي شاديءَ جي دخواست ڏيان.“
    ايترو چئي ساجد ڪجهه گهڙين لاءِ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ ٻيهر ڳالهه جو سلسلو جوڙيائين:
    ”اوهان کي خبر آهي ته منهنجو سواءِ پنهنجي هڪ شادي شده وڏي ڀيڻ جي ٻيو ڪير به ڪونهي. هوءَ منهنجي ماءُ جيان به اهي، ان ڪري هوءَ مون کي شانيءَ خاطر ٻي شادي ڪرڻ لاءِ ڏاڍو زور رکي رهي آهي. مون کي ته صرف شانيءَ جو خيال آهي نه ته اديءَ ته الاهي ڪيتريون ڇوڪريون ڏسي ورتيون آهن پر...“
    ”پر...! اهو ته... اوهان چاهيو ٿا ته هڪ طلاق يافته عورت... جيڪا اسان جي سماج ۾ هڪ ٺڪرايل عورت جيان هوندي اهي، ان مٿان احسان ڪريو. ائين نه...!؟“ صبا ڪاوڙ مان هڪدم ڪرسيءَ تان ٿي بيهندي چيو ته ساجد پريشان ٿيندي چيو:
    ”صبا صاحبه! يقين ڪريو ته مون ڪڏهن ائين سوچيو به ناهي. احسان ته توهان جو منهنجي مٿان ٿيندو جيڪڏهن توهان اسان جو ساٿ قبول ڪندا. آئون ان ڪري به پريشان آهيان ته منهنجو ٽرانسفر ڪراچيءَ ۾ ٿي ويو آهي ۽ هفتي اندر مون کي اتي شفٽ ٿيڻو آهي.“
    ”ته... ڇا... اوهان هليا ويندا؟ معنيٰ شاني به هليو ويندو؟... نه... نه... هو ته منهنجي زندگي آهي.“ صبا بيچين ٿيندي چيو ۽ ڪرسيءَ تي ساڻي ٿي ڪرڻ واري انداز ۾ ويهي رهي.
    ”اها ئي ڳالهه آئون توهان کي سمجهائڻ پيو چاهيان“ ساجد ڳنڀير لهجي ۾ چيو.
    ”شاني به اوهان کان سواءِ رهي نه سگهندو ۽ سڳي ماءُ جهڙو پيار فقط توهان ئي کيس ڏئي سگهو ٿيون ۽ سچ پچ ته اسين ٽيئي هڪٻئي جي ضرورت آهيون. مون کي شانيءَ جي سٺي مستقبل سان گڏوگڏ هڪ سٺي جيون ساٿيءَ جي به ضرورت آهي ۽ هن معاشري ۾ Survive ڪرڻ لاءِ توهان کي به هڪ گهر جي ضرورت آهي ۽ شان يکي اسان ٻنهي جي پيار ۽ توجه جي ضرورت آهي، ان ڪري ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ چڱي طرح سوچي وٺو.“
    ”مون کي ڪجهه وقت ڏيو سوچڻ لاءِ“ صبا پريشان ٿيندي چيو. ”پوءِ... آئون هلان ٿو“ ساجد اٿندي چيو ته صبا به اٿي بيٺي، تڏهن سجاد ويندي ويندي چيو: ”هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ آئون فون ڪري توهان کان جواب وٺندس. خدا حافظ.!“
    ”خدا حافظ!“ چوندي هوءَ پوءِ ڪيتري ئي دير تائين سوچن ۾ گم ڊرائنگ روم ۾ ويٺي رهي.


    صبا پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ڪتاب پڙهي رهي هئي پر سندس ذهن ڪتاب ۾ محو ٿيڻ بجاءِ مختلف خيالن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. سندس ذهن ۾ بار بار شانيءَ جا سڏڪا ٿي گونجيا ته هن هر هر ڪنڌ ورائي پلنگ تي ستل شانيءَ ڏانهن هاريو پئي ۽ سندس معصوم مُک کي تڪيندي هوءَ بار بار سندس لاءِ سوچي رهي هئي. اڄ شاني اسڪول مان سڌو صبا جي گهر آيو هو ۽ جڏهن آفس مان موٽندي گهر ۾ صبا قدم ئي مس رکيو ته شاني ڊوڙندو کيس چنبڙي ويو ۽ سڏڪندي چوڻ لڳو.
    ”آنٽي!... آنٽي!... توهان مون کي ڇڏي ته نه ويندا؟“
    ”ڪير ٿو چوي ته آئون توهان کي ڇڏي ويندس؟“ صبا کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
    ”آنٽي! پپا چوي ٿو ته اسين هاڻي ڪراچي وينداسين. توهان به اسان سان گڏ هلندا نه؟“
    ”آئون؟!...“ صبا ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي.
    ”جيڪڏهن توهان نه هلندا ته آئون به ڪو نه ويندس. آئون هتي توهان وٽ رهندس.“
    شاني روئڻ لڳو. هو بيحد حساس ٻار هو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي روئي پوندو هو. صبا کيس وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ ڪيتري ئي دير کيس پرچائيندي رهي ۽ کيس ماني کارائي. پوءِ جڏهن هو ٿڪجي سمهي پيو ته هوءَ به هڪ ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳي پر سندس ذهن ۾ هڪ ئي سوال گونجي رهيو هو ته کيس ڪهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي؟... ۽ پوءِ... نيٺ هوءَ هڪ فيصلي تي پهچي وئي ۽ پوءِ مرڪي شانيءَ جي ويجهو آئي ۽ سندس پيشنايءَ کي چميائين ۽ سندس وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيائين.
    ”منهنجا ٻچڙا! آئون مامتا جو ڇانورو بنجي سدائين تو ساڻ رهندس.“


    ڊرائنگ روم جي صفائي ڪري صبا پڙدا سيٽ ڪري رهي هئي ته کيس امان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”صبا!... امان هي ڏس ته ڪير آيو آهي؟!“ صبا ڪنڌ ورائي ڏنو ته سندس سمورو وجود اندران ڄڻ ڌٻي ويو. امان سان گڏ رضا بيٺل هو. صبا حيران ٿي امان ڏانهن ڏسندي سوچيو، ”ڇا هيءَ اها ئي امان اهي جيڪا ڪنهن وقت رضا جو ذڪر به ٻڌڻ پسند نه ڪندي هئي ۽ هن وقت هوءَ ڪيڏي نه بدلجي چڪيآهي!“
    ”ويهه بابا!... هتي ويهه“ امان رضا کي صوفي تي ويهاريندي چيو ته رضا صبا ڏانهن ڏسندي چيو: ”ها امان! لڳي ٿو ته مون کي پاڻ ئي ويهڻو پوندو. صبا ته ويهڻ لاءِ نه چوندي.“
    ”آئي ايم سوري! توهان ويهو پليز.“ صبا شرمسار ٿيندي چيو.
    ”توهان ويهي ڳالهايو آئون چاءِ جو بندوبست ڪريان.“ اهو چوندي امان ڊرائنگ روم مان هلي وئي تڏهن صبا رضا جي سامهون پيل صوفي تي ويهي رهي. سندس دل جي عجيب ڪيفيت هئي. ڪنهن زماني ۾ سندس خوابن جو محور فقط رضا هوندو هو ۽ اڄ جڏهن هو آمهون سامهون هئا ته سندن وچ ۾ سالن جي جدائي هئي.
    ”ڪيئن آهين صبا؟“ رضا پڇيو ته صبا يادن جي حصار مان نڪري آئي.
    ”ٺيڪ آهيان، توهان ڪيڏي مهل آيا؟“ صبا چيو ته کيس پنهنجو ئي آواز اونهي کوهه مان ايندي محسوس ٿيو.
    ”ڪافي دير ٿي وئي آهي.“ رضا چيو. ”اڇا!؟... مون کي ته خبر به نه هئي.“ صبا حيران ٿيندي چيو.
    ”ها! امان ٻاهر لان ۾ ملي وئي سو ساڻس دعا سلام ڪيم ۽ حال احوال ورتم.“

    ايترو چئي رضا ٿورو ترسيو. سندس چهري تي اداس تاثر اڀري آيو ۽ پوءِ وري ڳالهه جي تند جوڙيائين. ”تنهنجيحالتن جي ڄاڻ ملي ۽ بابا ۽ جميءَ جي وڇوڙي بابت خبر پئي. صبا! ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگيءَ جي ان موڙ تي ٻيهر ملدناسين.“ صبا جي چهري تي ڏک جا بادل ڇانئجي ويا ۽ ٻيئ ماٺ ٿي ويا. سانت کي وري رضا جي آواز ٽوڙيو: ”صبا! هو... لان ۾ راند ڪندڙ ٻارڙو ڪير آهي؟“
    ”اهو منهنجو جِمي آهي.“ صبا بي اختيار انتهائي پيار مان چيو ته رضا حيران ٿيندي چيو:
    ”پر... امان ته ٻڌايو ته جمي ته...“
    ”دراصل هي منهنجي بيحد پياري ساهيڙيءَ جو پٽ آهي پاسي ۾ ئي سندس گهر آهي. منهنجي جميءَ جي گذارڻ وقت شانيءَ جي عمر به ساڳي هئي. سو جميءَ جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي دل وندرائڻ ۽ مامتا جي تسڪين خاطر شانيءَ جي ماءُ هن کي مون وٽ موڪليندي هئي. تڏهن مون کي ڪافي سهارو مليو. پوءِ هو گهڻو وقت مون وٽ رهڻ لڳو. پوءِ گذريل سال هوءَ هڪ روڊ ايڪسيڊينٽ ۾ گذاري وئي ته هي معصوم اڪيلو ٿي ويو، پر جيئن ته مون سان گهڻو هِريل هو ان ڪري مون کيس ڪافي حد تائين سنڀالي ورتو. هاڻي ته مون سان ايڏو هِري ويو آهي، جو اسڪول مان اچڻ کان پوءِ مون وٽ ئي هوندو آهي ۽ رات جو پيءُ کيس گهر وٺي ويندو آهي پر ڪڏهن ته رات جو به نه ويندو اهي ۽ ضد ڪندو آهي ته پاڻ وٽ ئي رهاڻي ڇڏيندي آهيانس ۽ هتان ئي اسڪول موڪليندي آهيان. مون لاءِ ته هو جمي آهي ۽ هن لاءِ آئون سندس ماءُ آهيان.“
    ”اوهه!... ويچارو معصوم ٻار!... ڪيڏو نه پيارو آهي.“ رضا چيو ته صبا ماحول جي اداسيءَ کي مٽائڻ خاطر رضا کان پڇيو:
    ”خير!... توهان ٻڌايو ته توهان ڪيئن آهيو؟ ڪجهه پنهنجو حال احوال ڏيو.“
    ”آئون ٺيڪ آهيان. سالن بعد تنهنجي سامهون آيو آهيان ته ماضيءَ جون دل ۾ سانڍيل ڪيئي شڪايتون ياد اچي ويون آهن.تون هڪدم مون کان ائين پري هلي وئي هئي ڄڻ اجنبي بنجي وئنين فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪئي. ڪنهن خط جو جواب نه ڏنئي، ملڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيئي... آخر... ڇو؟!“
    ”رضا!... ڪهڙي منهن سان توهان سان ملان ها؟ يا ڳالهايان ها؟ آئون سدائين ائين سمجهندي هيس ته جهڙي نموني منهنجي گهر وارن مون کي هر قسم جي آزادي ڏني ساڳئي نموني منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اهم فصلي لاءِ به مون کي آزادي هوندي. ان ڪري ئي مون ڪيئي خواب ڏسي ورتا. جيڪڏهن مون کي ٿورو به اهو احساس ٿي وڃي ها ته مون کي پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي چونڊڻ جو حق نه ملندو ته يقين ڪر ته محبت جي ميدان ۾ آئون ايڏو اڳتي نه وڌان ها. پر... مون توهان سان پيار ڪري نه فقط پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو پر توهان جي به ڏوهاري بڻس.“
    ”صبا! تون ته اجايو دل هاري ويٺئين. ٿورو حوصلو ته ڪرين ها. اسان شادي ڪري ڇڏيون ها ته پوءِ وقت سان گڏ سڀڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها. مائٽ ڪيترو ناراض رهن ها؟ نيٺ هو به ان فيصلي کي قبول ڪري. وٺن ها.“
    ”نه رضا! توکي منهنجي مجبوريءَ جي خبر نه هئي آئون ته هڪ اهڙي پکيءَ مثل هيس جنهن جا پَرَ ڪٽي پوءِ کلئي ميدان ۾ ڇڏيو ويو هجي ۽ هو مورک ان کي پنهنجي آزادي مجهندو هجي. هو خوشيءَ سان هر پاسي هلي... ڊوڙي... پر جڏهن هن اڏامڻ چاهيو تڏهن احساس ٿيس ته کانئس اڏامڻ جو حق کسڻ کانپوءِ ئي کيس کليل ميدان ۾ ڇڏيو ويو هو. سندس پَرَ ته ڪٽيل هئا.“ اهو سڀڪجهه چوندي صبا جي اکين مان ڳوڙها لڙي آيا جن کي اگهندي هن وري چيو: ”مون کي معاف ڪري ڇڏيو رضا!... ۽... وساري ڇڏيو ته اسان جي وچ ۾ ڪڏهن ڪو ناتو به هو.“
    ”صبا! ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي!؟ منهنجي لاءِ اهو ناممڪن آهي.“ رضا جذباتي ٿيندي چيو:

    ”... ۽ هي هاڻي مون سان ايڏو تڪلف ڇو؟ تو ته اڳ ۾ ڪڏهن به مون سان ”توهان“ چئي نه ڳالهايو هو پوءِ هاڻي ائين ڇو؟!“

    ”رضا! ان وقت ۾ ۽ هن وقت ۾ تمام گهڻو فرق اچي چڪو آهي. هاڻي اسان جو راهون الڳ آهن ۽ وچ ۾ سالن جا فاصلا ۽ جدائي اهن.“ اهو چوندي صبا صوفي تان اٿي بيٺي ته رضا به صوفي تان اٿيو ۽ عين سندس سامهون بيهي سندس اکين ۾ نهاريندي چيو: ”... ۽... جيڪڏهن آئون فاصلا ۽ جدائي ختم ڪرڻ چاهيان ته؟!“
    ”ڇا مطلب؟!“ صبا حيران ٿي پڇيو.
    ”تنهنجي حالتن بابت ڄاڻڻ کان پوءِ مون ڪجهه ئي دير اڳ هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي.“
    ”ڪهڙو فيصلو؟!“
    ”صبا!“ رضا سندس ڪلهن کي نرميءَ سان پڪڙيندي بيحد ڏکاري لهجي ۾ چيو: ”هڪڙو وقت هو جڏهن اسان زندگيءَ جي سفر ۾ همسفر بنجڻ چاهيو هو پر راهه ۾ رڪاوٽون هيون. پر... هاڻي ته اسان جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪانهي هاڻي ته اسين شادي ڪري ٿا سگهون.“
    ”ڇا...!؟؟؟!“ صبا جو سڄو وجود ڌُٻي ويو ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي: ”هي... هي توهان ڇا پيا چئو؟!“
    ”ان ۾ ايڏي حيرت جي ڪهري ڳالهه آهي؟“ رضا جي گرفت سندس ڪلهن تي مضبوط ٿيڻ لڳي ته هن وحشت مان پاڻ ڇڏائي پري ٿيندي چيو: ”پر... توهان جو ته مڱڻو ٿي چڪوآهي ۽ هاڻي ته شادي به ٿيڻ واري آهي.“
    صبا لرزندي صوفي جو سهارو وٺي ويهي رهي ته رضا سندس آڏو قالين تي گوڏن ڀر ويهندي چيو: ”صبا منهنيج زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪا به ڇوڪري تنهنجي ڪميءَ کي پورو نٿي ڪري سگهي.“
    سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هن جذباتي ٿيندي چيو: ”منهنجي حياتيءَ جو خال فقط تون ئي ڀري سگهين ٿي. مون ته شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته آئون پنهنجي ماءُ پيءُ جو هڪ ئي پٽ آهيان ان لاءِ هنن مون کي ايڏو مجبور ڪيو جو ڪجهه وقت اڳ سندن چوڻ ۽ سندن پسند تي ئي اهو مڱڻو ڪيو هو ۽ منهنجي ذري ماتر به جذباتي وابستگي ڪونهي. جيڪڏهن تون منهنجي جيون ۾ هميشه لاءِ ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪرين ته آئون اهو مڱڻو ٽوري سگهان ٿو. مون کي يقين آهي ته منهنجا مائٽ منهنجي خوشيءَ خاطر ائين ڪرڻ کان انڪار نه ڪندا. هوئين به صرف مڱڻو ئي ٿيو آهي... شادي ته ڪانه ٿي آهي.“
    ”رضا! هي توهان چا پيا چئو؟ اهي رشتا ايڏا عام رواجي ته نه هوندا آهن جو هڪ جهٽڪي سان ٽوڙي ڇڏجن.“
    ”پر... تو سان به ته ائين ئي ٿيو هو. شادي جهڙو مضبوط ٻڌڻ هڪ جهٽڪي سان ٽٽي سگهي ٿو ته مڱڻو ڇو نٿو ٽٽي سگهي.“ رضا هٺيلي لهجي ۾ چيو ته صبا، جيڪا هاڻي گهڻي حد تائين پاڻ کي سنڀالي چڪي هئي، مضبوط لهجي ۾چيو:
    ”منهنجو نصيب مون سان، هڪ بي قصور ڇوڪري ڇو منهنجي نصيب جي سزا ڀوڳي، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪردار هوندو اهي ڇا تون پاڻ کي ان شخص سان Compare ڪري سگهين ٿو جنهن مون کي بنا ڏوهه جي طلاق ڏني. شاهه سائينءَ جو هي بيت ته ٻڌو هوندئي.
    چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺَن،
    سو وڙ سيئي ڪن، جو وڙ جُڙي جن سين.“
    پر رضا ته ڄڻ ڪجهه ٻڌي ئي نه رهيو هو. هن پنهنجي هٺ تي قائم رهندي چيو: ”صبا! تون منهنجو مسئلو نٿي سمجهين. صرف تون ئي ته آهين جيڪا مون کي مايوسين جي اونداهه مان ڪڍي سگهين ٿي. تو کان بنا منهنجو جيوَن مڪمل نٿو ٿي سگهي. تون... تون منهنجي اها منزل آهين جنهن جي تلاش ۾ مون ايڏا سال گهاري ڇڏيا.“
    صبا نگاهون کڻي رضا ڏانهن ڏٺو ته هوءَ سڄي ساري ڏَڪي وئي، رضا جون اکيون ۽ چهرو بيحد ڳاڙهو هو ۽ هن وقت وري هو کيس ٻارهن سال اڳ وارو ضدي، جذباتي ۽ جنوني رضا لڳو. صبا جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجو مٿو پڪڙيندي چيو:

    ”اف خدايا!... هي سڀ ڇا پيو ٿئي؟ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان؟!“ رضا کيس تسلي ڏيندي چيو: ”صبا! پليز رليڪس ٿي. پنهنجو پاڻ کي ايڏو پريشان نه ڪر. ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي واپس وڃڻو اهي. ايستائين تون چڱي طرح سوچي وٺ. وڃڻ کان اڳ آئون فون ڪندس. جيڪڏهن تون منهنجو ساٿ قبوليندئين ته آئون گهر پهچي سڀ معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيندس. چڱو! پنهنجو خيال رکجانءِ.“ اهو چوندي رضا اٿي هليو ويو پر صبا کي هر پاسي سندس نگاهون نظر ٿي آيون، جن ۾ حسرتون هيون، آسون ۽ التجائون هيون.


    ياسمين جيئن ئي ڪمري جو دروازو کوليو ته ڇرڪي پئي. ڪمري ۾ اونداهه هئي ۽ اونداهي ڪمري ۾ صبا جا سڏڪا گونجي رهيا هئا. ياسمين هڪدم لائٽ کولي ۽ صبا جي ڀرسان ايندي چيائين:
    ”صبا! هي پنهنجي ڪهڙي، حالت کڻي بنائي اٿئي؟“
    ”ياسمين! مون کي لڳي ٿو ته آئون چَري ٿي وينديس.“ صبا سڏڪندي چوندي رهي: ”هيءَ زندگي آخر مون کان ايڏا امتحان ڇو ٿي وٺي؟“
    ”ڇا ٿيو آهي؟“
    اهو چوندي ياسمين صبا جي ڀرسان پلنگ تي اچي ويٺي. سندس لڙڪ اگهيائين ۽ سندس پيشانيءَ تان وار هٽائي هڪ پاسي ڪيائين. تڏهن صبا کيس رضا سان ٿيل ملاقات جو سمورو احوال ٻڌايو ته ياسمين به سوچ ۾ ٻڏي وئي. صبا وري کيس چيو:
    ”ياسمين! تون ئي ٻڌاءِ ته ڪهڙو فيصلو ڪريان؟ هڪ پاسي شاني آهي ته ٻئي پاسي رضا آئون هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهيان. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي واٽ تي هلان؟“
    ياسمين کيس غور سان ڏسندي پڇيو:
    ”هڪ ڳالهه ته ٻڌائي صبا! ڇا تون اڃان به رضا کي ايڏو چاهين ٿين؟“ صبا خلا ۾ گهوريندي چيو: ” رضا سان ته مون پنهنجو پاڻ کان به گهڻو پيار ڪيو آهي. آئون کيس زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي وساري نٿي سگهان. نه ئي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هن جيتري حيثيت ڏئي ٿي سگهان.“
    ”پوءِ ڀلا پريشان چو آهين؟ تون رضا جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏ. هاڻي ته ماسيءَ کي به تنهنجي ڪنهن فيصلي تي اعتراض نه ٿيندو.“
    ”پر... ياسمين! پوءِ هن معصوم ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جيڪا رضا جي مڱ آهي. هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي. جنهن جي کيس سزا ملي؟ اڳ ۾ مون رضا سان شادي ڪرڻ کان انڪري انڪار ڪيو هو ته منهنجي ننڍي ڀينرن جو مستقبل منهنجي اکين آڏو اچي ويندو هو. هاڻي هوءَ ڇوڪري، جيڪا رضا جي مڱ آهي، جنهن جي نالي جي به مون کي خبر ڪونهي نه ئي، مون کيس ڏٺو آهي، مون کي پنهنجي ڀيڻ جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي. پوءِ آئون هن جي زندگي برباد ڪري پاڻ خوشيون ڪيئن ٿي ماڻي سگهان؟ ٻي ڳالهه ته هاڻي آئون پاڻ کي رضا جي قابل نٿي سمجهان. ٻئي پاسي شانيءَ جي محبت آهي. آئون هن کانسواءِ به رهي نه سگهنديس.“
    ”پوءِ ڀلا... ادا ساجد جو ساٿ قبوليندئين؟“
    ”مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. آئون ته ڄڻ ماضيءَ ۽ مستقبل وچ ۾ منجهي پئي آهيان. هڪ پاسي رضا آهي جيڪو منهنجو حسين ماضي آهي ۽ ڪڏهن مون کيس جيون ۾ همسفر بنائڻ جا خواب ڏٺا هئا. ٻئي پاسي شاني آهي جنهن سان مون پنهنجو مستقبل وابسته ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.“
    ياسمين سندس ذهني ڪشمڪش سمجهي رهي هئي، ان ڪري سمجهائيندي چيائين:
    ”ڏس صبا! هن وقت تون شديد ذهني ۽ جذباتي ڪشمڪش مان گذري رهي آهين. تنهنجي دل ۽ دماغ وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي. فيصلو توکي ئي ڪرڻو اهي ته دل جي ڳالهه مڃجي يا دماغ جي پر جيڪو به فيصلو ڪرين، سوچي سمجهي ڪجانءِ.“ هوءَ پوءِ کيس ڪيتري ئي دير تسلي ڏيندي رهي. هڪ فيصلي ڪرڻ تي همٿائڻ لڳي.
    شام جا پاڇا گهرا ٿي رهيا هئا. صبا پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر بيٺل وڻن مان پن ڇڻ جا پيلا پتا ڪرندي ڏسي رهي هئي. هن وقت هوءَ خود به خزان رسيدا لڳي رهي هئي. کيس پيلي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ سندس ڊگها ڪارا وار وکريل هئا. سندس اندر ان مهل ڏاڍي آند مان متل هئي. هوءَ دري وٽان هٽي ٿورو پرڀرو پيل صوفي تي ويهي رهي. سندس دل ۽ دماغ ۾ جنگ متل هئي ۽ سندس سوچون ڀٽڪي رهيون هيون.
    ”اف خدايا! اڄ آئون زندگيءَ جي ڪهڙي نه اذيت ناڪ موڙ تي بيٺل آهيان. جڏهن ٻارنهن تيرنهن سال اڳ مون ۽ رضا جيون ساٿي بنجڻ چاهيو هو، ڪاش! ان مهل ڪا رڪاوٽ نه هجي ها. ڪاش! هو هاڻي ٻيهر مون سان نه ملي ها! ڪاش! جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي اهو ائين نه ٿئي ها!...“
    اوچتو کيس ڄڻ هوش اچي ويو ۽ هن وري سوچيو. ”مونکي ائين نه سوچڻ گهرجي ڇو ته هاڻي آئون ڏهه ٻارنهن سال اڳ واري جذباتي ڇوڪري ناهيان پر ميچئور عورت آهيان ۽ ماءُ به آهيان ان ڪري ڪو به جذباتي فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.“
    دل ۽ دماغ جي ان جنگ ۾ دماغ نيٺ ته سوڀ ماڻي ۽ هوءَ هڪ فيصلي تي پهچي وئي. ان مهل ڀرسان سائيڊ ٽيبل تي پيل فون جي گهنٽي وڳي ته سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هن رسيوَر کڻي ”هيلو“ چيو ته ٻئي پاسان ڊاڪٽر ساجد جو آواز آيو.
    ”صبا صاحبه! آئون ساجد ٿو ڳالهايان. اُميد آهي ته اوهان ڪنهن فيصلي تي پهچي ويون هونديون. مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪريو.“ صبا اعتماد سان جواب ڏنو:
    ”ساجد صاحب! آئون شانيءَ کي زندگيءَ جي تپندڙ صحرا ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيان پر مامتا جو ڇانورو بنجي ساڻس گڏ رهڻ ٿي چاهيان.“
    ”اوهه صبا صاحبه!...“ ساجد جو خوشي ۽ اطمينان ڀريو آواز آيو:
    ”ان جو مطلب ته اوهان کي اسان جو ساٿ قبول آهي، توهان جو اهو فيصلو شانيءَ جو مستقبل سنواري ڇڏيندو. ٿينڪ يو I am really grateful to you صبا رسيور رکيو ته سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن سوچيو.
    ”اوهه... رضا! مون کي معاف ڪري ڇڏجان. اسين زندگيءَ ۾ ٻيهر وڇڙي رهيا آهيون. وري منهنجي پيرن ۾ پيل زنجيرن مون کي پنهنجي ذات لاءِ سوچڻ نه ڏنو. وري مون ٻين خاطر پنهنجن ارمانن جو خون ڪيو آهي. آئون توکي وري ڏکوئي رهي آهيان... مون کي معاف ڪجان.“
    ان مهل وري ٽيليفون جي گهنٽي لڳي ته هن سڏڪندڙ آواز ۾ ”هيلو“ چيو ٻئي پاسان آواز آيو.
    ”هيلو!... صبا... آئون رضا پيو ڳالهايان. آئون ٿوري دير ۾ هتان وڃڻ وارو آهيان. پوءِ ٻڌائي ته ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟“
    صبا جا هٿ ڏڪڻ لڳا. هن ڪو به جواب نه ڏنو. ٻئي پاسان رضا چوندو رهيو.
    ”صبا!... ٻڌين پئي نه؟... پليز مون کي جواب ڏي... هيلو!... صبا! ٻڌين پئي؟ پليز جواب ڏي، نه...“
    صبا ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:
    ”سوري!... رانگ نمبر...“
    هن ڏڪندڙ هٿن سان فون رکي ڇڏيو ۽ صوفي تان اٿي دريءَ جي ڀرسان اچي بيٺي لڙڪ سندس اکين مان لارون ڪندا وهندا رهيا. هڪ ڀيرو وري فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي پر صبا ٽليفون کڻڻ بجاءِ ”ڀرسان پيل ريڊيو آنڪري ڇڏيو ۽ ٻاهر اونداهه ۾ گهوريندي رهي. سندس لڙڪ وهندا رهيا... فون جي گهنٽي وڄندي رهي ۽ اوچتو ئي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ اداس ٻول گهنٽي جي آواز تي ڇانئجي ويا:
    ”تو وڇوڙي ڇڏيا ڪيئي،
    اي زمانا!
    هائي زمانا!...“

    (ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيل ڊرامو)


    عورت، روبوٽ ۽ فنڪار

    سَڄي ڏينهن جي ڪم ڪار جي هڻ هڻان کان واندي ٿي ته ٻاهر لان ۾ هوا تي اچي ويٺي. اڄ هوا به تمام وڻندڙ، ٿڌي ۽ فرحت بخش هئي ۽ اهڙيءَ گرميءَ جي موسم ۾ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي. هن آسمان ڏانهن نهاريو. گهري نيري آسمان تي ترندڙ ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ٽڪر کيس سٺا لڳا. هن وري چؤ پاسي نظر ڊوڙائي. ڀتين تي پکڙيل ولين ۾ ٽڙيل گل ۽ گلن سان ڀريل ننڍا ننڍا ٻوٽا کيس وڻڻ لڳا.
    ”پر هي منظر ته آئون روز ئي ڏسندي آهيان، پوءِ اڄ اهي نوان ۽ وڻندڙ ڇو پيا لڳن؟“ هن سوچيو:
    ”هڪ عام شيءِ کي جيڪڏهن ڪنهن تخليقڪار/ فنڪار جي نظر ملي وڃي ته،پوءِ اها عام نه رهندي آهي. پر ان مان ڪيئي اهڙا زاويا ۽ حسن جا پرتوءَ نروار ٿيڻ لڳندا آهن جن کان هڪ عام ماڻهوءَ جي نظر وانجهيل هوندي آهي.“
    هوءَ خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ دل ئي دل ۾ پاڻ کان سوال به ڪري رهي هئي ته جواب به ڏيئي رهي هئي.
    ... اوچتو پکين جي ٻولين کيس پنهنجن خيالن مان ڇرڪائي وڌو. هن آسمان ڏانهن نظر ايس ته هن بي اختيار چيو:
    ”اي منهنجا ننڍپڻ جا ساٿيو! ڇا اڃا به اوهان آلوده فضا، ڳتيل انساني وسندين ۽ ٽريفڪ جي ڪَنَ آزاريندڙ گوڙ ۾ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندي زنده آهيو؟“
    ... ٿوري دير ۾ اولهه پاسي آسمان تي موجود ڪڪرن ۽ آسمان جو رنگ هلڪو گلابي ٿي ويو. هن اتان نظرون هٽائڻ چاهيون ڇو ته کيس خبر هئي ته جيڪڏهن هن انهن منظرن تان نظرون نه هٽايون ته... سندس اندر جو ستل (يا زوري سمهاريل) تخليقار/ فنڪار جاڳي نه پوي.... جيئن هن آسمان تان نظر هٽائي ته اها وري ڀِت تي ويٺل ننڍڙي ڪاريءَ جهرڪيءَ تي پئي، جنهن جو رڳو پيٽ وارو حصو اڇو هو (جنهنجو نالو اڄ تائين کيس نه آيو هو)... اڃا ٿورو پرڀرو... ولين جي گلن جي وچ ۾ اڏامندڙ گهري نيري رنگ جون پتڪڙيون جهرڪيون هيون...
    ”اُف خدا! هي سڀ منظر مون کي منهنجي ماضيءَ ڏانهن ننڍپڻ ڏانهن ڇو پيا گهلي وٺي وڃن... اڄ منهنجياندران اُها گم ٿيل ننڍڙي ڇوڪري ڇو ليئا پائي رهي آهي!
    هن کي...
    اڄ به تلاش آهي
    سندس اندر جي
    ان ننڍڙيءَ، معصوم ڇوڪريءَ جي،
    جنهن جا خواب ۽ خيال
    انڊلٺ جي رنگن کان به حسين هئا.
    جيڪا تنها هوندي به،
    تنها نه هئي.
    پوپٽ، گُل ۽ پکي، سندس دوست ۽ ساٿي هوندا هئا.
    ها!...
    هوءَ جيڪا...
    سڄو سڄو ڏينهن
    پوپٽن جي پٺيان ڊڙندي هئي،
    پکين جي مٺڙي زبان سمجهندي هئي.
    ۽... ڪڏهن...
    ڪير سندس معصوم دل ڏکوئيندو هو
    ته رات جو سڀني کان لِڪي،
    پنهنجي بستري تي سمهندي،
    سڏڪا روڪي،
    گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي،
    تڏهن... ننڊ جي مهربان ديوي
    کيس ڳراٽڙي پائي،
    سندس ڳوڙها اگهندي هئي.
    ۽ سندس هٿ پڪڙي،
    کيس هڪ اهڙي واديءَ ۾ وٺي ويندي هئي،
    جتي هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي.
    پاسي ۾ وهندڙ هڪ صاف ۽ شفاف واهه هوندو هو.
    جنهن جي ڪناري تي بي شمار سهڻن گلن جا ٻوتا هوندا هئا.
    ۽ انهن جي مٿان بي شمار سهڻن رنگن جا پوپٽ هوندا هئا.
    قطار ۾ بيٺل چهچ ساون وڻن مٿان
    بي شمار پکي مٺڙيون ٻوليون ٻوليندا هئا،
    ... ۽ پوءِ... اوچتو.
    آسمان تان ڪيتريون ئي ننڍڙيون سهڻيون پَريون لَهي.
    سندس چوڌاري گهيرو وجهنديون هيون،
    کيس پرچائينديون هيون،
    ... ۽ پوءِ هوءَ به ساڻن گڏجي
    هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڦيري پائيندي هئي،
    ۽ پوءِ... ڪو به ڏک نه هوندو هوس.
    فقط...
    پوپٽ هئا،
    پکي هئا،
    گل هئا،
    ساوڪ هئي،
    پوتر پاڻي هو،
    پريون هيون،
    هوءَ هئي.
    ۽...
    فقط ۽ فقط خوسي هوندي هئي،
    ابدي سڪون هوندو هو.
    ۽ ڪائنات
    معصومن جي شرارتن تي،
    مُرڪي پوندي هئي.
    ۽ اڄ...
    جڏهن به هوءَ
    بي شمار رنگ پاسي تي رکي برش کڻي،
    ڪئنواس تي
    پکي ٺاهڻ چاهيندي آهي؛
    گل چِٽڻ چاهيندي آهي؛
    پوپٽ پينٽ ڪرڻ چاهيندي آهي.
    پر... هوءَ ائين ڪري نه سگهندي آهي.
    ڇو ته
    سندس اندر جي
    اها معصوم، ڇوڪري
    هن مشيني دور جي
    تيز رفتار زندگي،
    ٽريفڪ جي ڪَنَ ڦاڙ گوڙ،
    آلودگيءَ ۾ وڪوڙجي ويل فطرتي سهڻن نظارن،
    بارود جي هڳاءُ سان رچيل هوائن،
    رت ۽ ڳوڙهن سان گهميل فضائن،
    مشيني زندگي گذاريندڙ روبوٽ نما انسانن،
    نفرت، ڪوڙ، ٻيائي، منافقت ۽ مطلب پرستي ۽
    خود غرض ماڻهن،
    وچ ۾،
    ڪڏهوڪو گم ٿي ويئي هئي.
    ان وقت...
    جڏهن هن شعور جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکيو هو،
    ۽ پوءِ...
    عملي زندگيءَ جي سيڙهيءَ تي
    قدم به قدم،
    هڪ هڪ ڏاڪوچڙهندي،
    کيس اهو يقين اڃا به پختو ٿيندي، محسوس ٿيندو هو
    ته سندس وجود جي بي پناهه گهراين ۾،
    جتي اڄ به اها ننڍڙي گمٿيل ڇوڪري.
    پوپٽن جيڪا پکين، گلن، پرين ۽ امن جي ڳولا ۾ آهي
    اها ٻيهر ساڻس ڪڏهن به اچي نه ملندي گهڙيل.
    ڇو؟ جو، پوترتا ۽ معصوميت جي گهاڙيٽي ۾
    گهڙيل اها ڇوڪري سندس ساٿ ڪڏهن به نه قبوليندي.
    ڇو ته هينئر هوءَ پاڻ
    هن دور جي منافقت، دوکي بازي واري ۽...
    سچائي جي روح کان عاري، زندگيءَ سان Compromise ڪري، هن مشيني زندگيءَ جو هڪ Routine تي هلندڙ پُرزو بنجي چڪي هئي.

    کيس ياد اچڻ لڳو ته جڏهن هوءَ ننڍپڻ جون سرحدون اورانگهي، شعور جي دنيا ۾آئي ته کيس قدم قدم تي سندس ”عورت پڻي“ جو شدت سان احساس ڏياريو ويو، جڏهن ته فنڪار ته صرف فنڪار هوندو اهي... پر مرد ”صرف“ فنڪار ٿي سگهي ٿو، پر عورت ”صرف“ فنڪار نٿي ٿي سگهي. ڇو ته صرف فنڪار بنجڻ لاءِ کيس سندس ”عورت پڻي“ جي نفي ڪرڻي پوي ٿي، جنهن کي معاشرو قبول نٿو ڪري. کيس ڪڏهن به عورت هجڻ تي اعتراض، ڏک يا احساس ڪمتري نه ٿي، پر عورت هئڻ جي ناتي سندس مٿان عائد ذميواريون اڪثر کيس فن جي دنيا کان پري ٿيڙي ڇڏينديون هيون، اڪثر سندس اندر جي فناڪر ۽ سندس وجود مٿان حاوي ”عورت“ جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندو هو. مٿان وري عملي زندگيءَ ۾ قدم رکڻ سان ”عورت“ ۽ ”فنڪار“ به ان ”روبوٽ“ اڳيان بيوس ٿي پيا، جيڪو فقط مشين جيان ڪم ڪرڻ ڄاڻندو اهي، پر ان بابت سوچڻ، بحث ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو حق نه رکندو آهي.
    ... ۽ پوءِ هن به زندگيءَ جو هڪ سخت اصولن تي ٻڌل Routine ٺاهي ورتو. اڌ ڏينهن نوڪريءَ جي حوالي آهي، جتي اوهان کي فقط روبوٽ بنجي هلڻو اهي. اکيون هوندي به ڏسڻو ناهي، ڪن هوندي به ٻڌڻو ناهي، زبان هوندي به ڳالهائڻو ناهي، ۽ ذهن هوندي سوچڻو ناهي. ڏينهن جو باقي حصو يا موڪل جي ڏينهن ”عورت پڻي“ جو وارو آهي. توهان چاهي فنڪار هجو يا نوڪري ڪندڙ روبوٽ، پر بحيثيت عورت اوهان کي رڌ پچاءُ به ڪرڻو آهي، ٻُهاري پوچو به ڪرڻو آهي، ٿانوَبه ملڻا آهن ته ڪپڙا به ڌوئڻا آهن. (جيڪڏهن شادي شده آهيو ته مڙس جي خدمت ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۽ پالڻ بونس ۾)
    ... ۽ ائين سندس اندر جو فناڪر ويچارو روبوٽ ۽ عورت جي وچ ۾ اچي چيڀاٽجي، جڏهن احتجاج ڪري، سندس اندر جي قفس جي قيد مان آزاد ٿيڻ چاهيندو آهي ته هوءَ ويچاري گهٻرائجي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ کان جلدي جلدي ڪم ڪرائي موڪل ڏيئي ڪجهه وقت ”فنڪار“ کي به ڏيئي، ائين سرخرو ٿيندي آهي، جيئن *سرڪاري ٽي وي وارا سنڌي پروگرامن کي 25 يا 40 منٽ ڏئي سرخرو ٿيندا آهن.“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود ”روبوٽ ۽ عورت“ مٿس حاوي رهندا آهن ته کيس ”تخليقي سوچون“ به انهن جي Routine وارن ڪمن دوران حاصل ٿينديون آهن. ڪڏهن نوڪري جي هڻ هڻان دوران ڪي سهڻا Ideas ملندا آهن ته ڪڏهن بصر وڍيندي، سلائي ڪندي، رڌ پچاءُ ڪندي، ٻهاري ڏيندي، پوچو لڳائيندي سندس ذهن ۾ ڪيئي خوبصورت پورٽريٽ ۽ لينڊ اسڪيپ ٺهندا ويندا آهن ته سندس اندر جو مجبورين جي ”ٽرينڪولائزز“ وسيلي سمهاريل فنڪار جو سُک ڦٽڻ لڳندو آهي... بلڪل ائين جيئن اڄ شام جو آسمان جي وسعتن ۾ نهاريندي، پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌندي، گلن جي سونهن ۽ سرهاڻ کي محسوس ڪندي نيٺ هن سوچيو هو ته:
    ”سندس جيون جي ”سيٽلائيٽ“ روٽين تي ڪجهه ويچاري، (علائقائي، ٻولين جي ڏتڙيل پروگرامن جيان) ساڻي ٿي ويل فنڪار جو به حق آهي، سو ”عورت“ کان اهو بل پاس ڪرائي، ”روبوٽ“ ڏانهن ان جي سفارش موڪلي ويئي ته، ڪنهن وڏي ڪاموري جيان پهرين ته هن رعب ڏيکاريو، پر پوءِ ”فنڪار“ جي ”خسته حاليءَ“ تي رحم کائي، اجازت ڏني ته فنڪار ويچارو ڪجهه سامت ۾ آيو، پر هاڻي کيس سڀاڻي جو شدت سان انتظار هو. اهو ڄاڻندي به ته: “Tomorrow never comes”.
    صبح ٿيندي ئي هوءَ روبوٽ بنجي ويئي تڙ تڪڙ ۾ نيرن ڪري، ڪپڙا مٽائي، ڏني نه ڏني جهڙي ڦڻي ڏيئي،اڃا چانهه جي ڪپ ۾ هٿ ئي مَس وِڌو هئائين ته کيس وٺڻ لاءِ ايندڙ ڊينٽن سان ڀرپور، رنگ لٿل ۽ ميوزيڪل سيسٽس Musical Seats واري سوزوڪي پڪ اپ، جنهن کي سڀ ”اسڪائي ليب“ چوندا آهن، ان جو ڀيانڪ هارن ٻڌڻ ۾آيو ته، هوءَ چانهه پيئندي اُٽڙي پئي ۽ چانهه جا ڪجهه ڦڙا سندس ڪپڙن تي وڃي ڪريا. هن چپن ۾ ڪاوڙ ۾ ڪا بڙ بڙ ڪئي ۽ باٿ روم ۾ وڃي، نلڪو کولي جلدي جلدي تشو پيپر پاڻيءَ سان پُسائي، چانهه جي ٽڪن تي هنيائين جيڪي هينئر سندس ڪپڙن تي “Abstract” نمونو ٺاهي چڪا هئا... ايستائين سوزوڪيءَ جو هارن وري ڪَن ڦاڙڻ لڳو ته جلدي جلدي ٽيبل تان پَرس کڻي ٻاهر ڊوڙ پاتائين ۽ وچ تي ذري گهٽ هڪ هنڌ آٿڙي ڪِرڻ واري هئي، پر بچي ويئي. تڪڙ ۾ جيئن ئي گيٽ کولي، ٻاهر نڪتي ته هٿ مان پرس ڇڏائجي ويس، ۽ پرس اندر پيل سڀ سامان پري پري وکري ويس... هوءَ روئڻهارڪي ٿي ويئي ۽ خوفزده نظرن سان سوزڪيءَ ڊرائيور ڏانهن ڏٺائين، جنهن سوزوڪي جو هارن اهڙيءَ طرح وڄايو ڄڻ ته آخري وارننگ ڏيئي رهيو هجيس. پاسي واري گهر جي چويڪدار کي مٿس رحم اچي ويو، ۽ هو کيس پَٽَ تان سامان ميڙڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳو. سامان پرس ۾ رکي هن ڊوڙ پائي سوزوڪيءَ جي پائيدان تي اڃا هڪ پير مَ رکيو هو ته ڊرائيور گاڏي هلائڻ شروع ڪئي، ۽ جيڪڏهن سوزوڪيءَ ۾ ويٺل ٻيون ڇوڪريون کيس يڪدم پڪڙي مٿي نه ڇڪين ها ته هوءَ ”تمام مٿي“ پهچيچڪي هجي ها.
    ”ڏٺئي!... هيءَ آهي اسان جي زندگيءَ تون... هٺيلا فنڪار!... شڪايتون ٿو ڪرين... مان ٿو توکي گهٽو ڏيئي ماريان.“ سندس اندر جي روبوٽ اڳ ۾ ئي هيسيل فنڪار تي هَڪَلَ ڪندي چيو.
    ٿوري دير کان پوءِ جڏهن کڏن کوٻن مان هلندڙ ”اسڪائي ليب“ سندن هاضمي جي نظام کي صبح سوير کاڌل نيرن جي هصم ڪرڻ ۾ جهوٻن ۽ جهٽڪن وسيلي مدد ڪري رهي هئي ته هن ڏٺو ته سندس اندر جو فنڪار اداسيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو.پر هن کي هن تي ذرو به رحم نه آيو. ڇو ته هو اڪثر روبوٽ کي ڌوڪو ڏيئي، جڏهن کيس تصورن جي حسين دنيا ۾ وٺي ويندو هو ته هوءَ حقيقي جي دنيا کان باغي ٿيڻ لڳندي هئي، پر جڏهن هوءَ واپس حقيقي جي دنيا ۾ موٽندي هئي ته اتي کيس فناڪر ڪم نه ايندو هو، پر روبوٽ ئي کيس مدد ڏيندو هو.
    کيس ياد آيو ته جڏهن جنوريءَ جي سخت سيءَ جا ڏانهن هئا... هوءَ ايتري سيءَ ۾ به صبح جوالاهي سوير ”اسڪائي ليب“ ۾ فر ڪري رهي هئي. سوزوڪي اڃا گهر کان ٿورو پري ئي ٿي هيئ ته الائي ڪيئن سندس اندر جو ستل فنڪار اوچتو اکيون مهٽي، جاڳيو هو ۽ پوءِ هڪ زوردار رڙ ڪري، سوزوڪيءَ کان ٻاهر اشارو ڪيائين ته، هن کي محسوس ٿيو ته اها صبح سخت سرد هوندي به خوبصورت هئي... سخت سيءَ جي ڪري، ايڏي ڌنڌ هئي جو پري وارا منظر، گهر ۽ وڻ هلڪا نظر ٿي آيا ۽ ويجهي وارا وري خوبصورت ۽ چِٽا سهڻن، ننڍن بنگلن جي قطار صاف سٿري سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان سهڻي پي لڳي. ڪن بنگلن جي ٻاهران باغيچا هئا ته ڪن جي ٻاهران رڳو ٻوٽن ۽ وڻن جون قطارون هيون ۽ ڪن جي ٻاهران سهڻا ننڍڙا جنگلا هئا... صبح جي ٿڌي ويل، ڌنڌ ۽ خاموسيءَ ۾ وڪوڙيل اهو سهڻو منظر هن کي وري هڪ ڀيرو ماضيءَ ڏانهن وٺي ويو.
    ننڍپڻ ۾ اها سندس Hobby هوندي هئي ته ڪتبان، رسالن ۽ ڪئلينڊر وغيره مان هوءَ سهڻيون سنيريون (Sceneries) کڻي جمع ڪندي هئي ۽ پوءِ فرصت جي وقت ۾ هوءَ انهن کي سامهون رکي ڏسندي هئي ۽ سوچيندي هئي:
    ”ڪاش! منهنجو گهر به هنن سهڻن نظارن جي وچ ۾ هجي ها. ڪو ننڍڙو گهر، سهڻي جهوپڙي (ڪکن جي نه پر سيمينٽ جي، عاليشان نموني ٺهيل) نما گهر جنهن جي پاسي ۾ ساوڪ هجي. وڻن جون قطارون هجن، گهرن جي قطار اڳيان صاف سٿري سڙڪ هجي.گهرن جي ڀتين تي پکڙيل سهڻن گلن واريون وَليون هجن. پکين جو مٺڙيون ٻوليون هجن، گلن تي اڏڙندڙ پوپٽ هجن ۽ ويجهو ئي ڪو درياءُ هجي...“
    ... ۽ هاڻي جو چؤڦير نظر وڌائين ته خبر پئي ته سندس چوڌاري ته اهي ئي منظر هئا، پر ايترن سالن ۾ هن اڄ انهن ڏانهن ڌيان ڏنو هو.
    ”ڪو اهڙو زمانو به هوندو آهي، جو اسان وٽ ايڏو ته وقت هوندو آهي، جو اسان پنهنجين اکين جي ڪئنواس تي ڪيئي رنگين خواب تخليق ڪري وٺندا آهن... ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ائين ٿيندو آهي ته اهي سپنا پنهنجي ساڀيا جي روپ ۾ اسان جي آڏو اچي بيهندا آهن ته اسان پنهنجي مصروفيتن ۽ دنيا جي خفن جي صحرا ۾ ائين ڀٽڪي رهياهوندا آهيون، جو اسان جي سامهون هوندي به اسين ساڀيائن کي ماڻي نه سگهندا آهيون.“
    سندس اندر جي فنڪار کيس نظارن ۾گم ڏسي فلسفيانه انداز ۾ چيو:
    ”اي فنڪار! تون ته زمان ۽ مڪان ۽ جنس جي قيد کان آزاد آهين تون مون کي ڏوهي ٿو سمجهين، پر ڇا آئون تنهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي ئي گهٽين مان بحيثيت ”عورت“ آزاديءَ سان گهمي ڦري، فطري حُسن جا مزا ماڻي ٿي سگهان. ڇا آئون چانڊوڪيءَ رات جي حسن کي روح ۾ اوتڻ لاءِ سنڌو ڪناري تنهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلي ٿي سگهان!!!.. اوچتو اندر جي عورت فنڪار کي هڪ پاسي ڪندي چيو:
    “Man was born free, but now, he is in chains every where”
    اها حقيقت آهي ته هر ماڻهو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهن جي زنجير جي “Range” ايتري وڏي هوندي آهي جو هو ڪافي پري تائين آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهندا آهن، ۽ مورک ان کي آزادي سمجهندا آهن. ايستائين جو جڏهن سندن زنجير جي ”رينج“ ختم ٿيندي آهي ته هو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش۾ منهن ڀر ڪرندا آهن... ۽... تڏهن ئي سندن نظر ان اڻ ڏٺل زنجير تي پوندي آهي. جيڪا ان مهل پنهنجي مڪمل حقيقت سميت نروار ٿيل هوندي آهي...“
    هڪ زوردار جهٽڪي سان ”اسڪائي ليب“ بريڪ هڻي بيٺي ته هوءَ خيالن مان نڪري حقيقت ۾ پهچي ويئي ۽ سوزوڪيءَ مان تڪڙ ۾ هيٺ لهي بيٺي ته متان صبح جيان هڪڙو پير گاڏيءَ جي اندر هجي ۽ ٻيو روڊ تي ۽ گاڏي هلڻ شروع ٿئي.
    ”ڏس! اڄ جو تو واعدو ڪيوآهي... متان وِساري ڇڏئين... اڄ هر حالت ۾توکي منهنجي لاءِ وقت ڪڍڻو آهي.“ ادر جي فنڪار هن ڏانهن نماڻائيءَ سان ڏسندي چيو.
    ”ها! ها! ... ياد آهي مون کي“ هن چيو.
    پر...!... اوچتو ”اندر جي عورت چيو: ”منهنجي عزت تي حرف اچڻ نه ڏجانءِ... متان ڪو مهڻو ڏيئي ته فنڪار جي عشق ۾ تو مون کي وساري ڇڏيو اهي... منهنجون ذميواريون به توکي پوريون ڪرڻيون آهن...“
    ”ها! ها... بلڪل...“ هن جلدي ۾ چيو. ايستائين روبوٽ هَڪَل ڪندي چيو: ”بس بس! گهڻو ٿيو... دير پئي ٿئي...“
    ... ۽ پوءِ... جڏهن ڏهه منٽ دير سان اچڻ تي Boss سندس ”عزت افزائي“ ڪئي ته اندر جو فنڪار سڏڪا ڀرڻ لڳو ۽ اندر جي عورت هيسجي هڪ پاسي ٿي ويئي، تڏهن اندر جي روبوٽ همٿ ڪئي، ۽ سندس ڪلهي تي هٿ رکي، مشين جيان بي تاثر ٿي چيو:
    Oh! Don’t worry it’s a part of your job.
    تڏهن هوءَ روبوٽ بنجي ويئي، ۽ اڌ ڏينهن ڪنهن مشين جي ڪل پرزي جيان روٽين جو ڪم ڪري گهر پهتي ته روبوٽ به موڪلائي روانو ٿيو، ۽ هوءَ عورت بنجي ويئي. سوچيائين ته ”فنڪار“ سان وعدا وفائي جو هڪ ئي طريقو آهي ته منجهند جي آرام جي قرباني ڏيئي، شام کان اڳ روز جو ”عورتاڻو گهرو ڪم“ ختم ڪجي... ۽ واقعي هن ائين ڪيو هو. شام جو هوءَ صرف فنڪار هئي. هن ايترن سارن ڏينهن کان پوءِ ڪاغذ کي بورڊ تي Fixed ڪري، هڪ سهڻي تصوير پينل سان draw ڪئي، واٽر ڪلر mix ڪري، برش تي رنگ کڻي واش ڪرڻ بعد پهريون Stroke مَس هنيو هو ته هڪ ڪڙڪيدار آواز ٻڌڻ ۾آيس: ”جلدي ڪر، چانهه ته ٺاهي وٺ،مهمان آيا آهن...“
    ”پر!...“ هن روئڻهارڪي ٿيندي چيو، ”مون هاڻي پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي!“
    ”بس! بس... پوءِ ڇاهي... مون کي مهمانن وٽ ويهڻو اهي. ٻيو ڪير آهي هن وقت جيڪو ڪم ايندو...؟“
    ... هن پنهنجي ڪاوڙ ضبط ڪئي ۽ برش ۽ رنگ ه پاسي رکي چانهه ٺاهي... ۽ وري اچي ڪم شروع ڪيائين جڏهن ڪو تخليقڪار، تخليق جي گهرائي تائين پهچي ويندو آهي ته پوءِ اتان ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ بيحد ڏکيو لڳندو آهي... اهو ئي سبب اهي جو جڏهن هوءَ ڏسندي هئي ته هوءَ فنڪار کي صحيح ٽائيم نه ڏيئي سگهندي؛ ته هوءَ ڏينهن جا ڏينهن تخليقي ڪم کي هٿ نه لڳائيندي هئي، پر جڏهن هوءَ تخليقي ڪم ۾ محو ٿي ويندي هئي. ان وچ ۾ جيڪڏهن ”روبوٽ“ يا ”عورت“ جو ڪو اوچتو ڪم پوندو هو ۽ هو کيس ”تخليقي“ ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ڪندا هئا ته، ان مهل ”فنڪار“ ايڏو ته سگهارو ٿي پوندو هو جو اصل روبوٽ ۽ عورت کي گوليءَ هڻڻ لاءِ تيار ٿي پوندو هو... پر وري به روبوٽ جا جوڙيل اصول ۽ عورت جون نماڻيون ۽ منٿ هاڻيون اکيون ڏسي، مايوس ٿي مجبورين جي ٽرينڪولائز جو “Heavy dose” وٺي سمهي پوندو هو.
    هن وقت فنڪار پنهنجي تخليق کي هڪ اهم موڙ تائين پهچائڻ لاءِ گهرائيءَ ۾ ٻڏل هو ته، هڪ آواز وري سندس تسلسل کي ٽوڙيو.
    ”اڄ رات جي ماني تون ٺاهي وٺ...“
    ”پر اها ته منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل ڪانهي... ۽ مون پنهنجي ڊيوٽيءَ وارو ته سڄو ڪم ڪري ڇڏيو آهي.“ هن احتجاج ڪيو.
    ”تون ته هاڻي هر ڳالهه ۾ بحث ڪرڻ لڳي آهين... خبر آهي ته وڏي انٽليڪچوئيل آهين...“ جواب مليو.
    فنڪار شديد احتجاج ڪيو ۽ چاهيائين ته روئي، رڙيون ڪري، برش ٽوڙي ڇڏي، رنگ وکيري ڇڏي... اڄ وري هن سان زيادتي ڪئي پئي ويئي پر ”عورت“ اڳتي اچي کيس مٺڙي ۽ نماڻي لهجي ۾ سمجهائي راضي ڪيو ۽ کانئس چارج ورتي ته روبوٽ کيس داد ڏنو:
    “That’s good, face it, because it’s a part of your life.”
    ... ۽ ٿوري دير بعد سندس هٿن ۾، برش بجاءِ ڇُري هئي.. ۽ بصر ۽ هٿ وڍڻ سان گڏ هوءَ سوچي رهي هئي ته: ”اڄ بيسڻ جون ٽڪيون ڪجن يا پٽاٽن جي ڀاڄي...؟“
    ... ۽ سندس اندر جو فنڪار جيڪو ٽرينڪولائيزر جي اثر هيٺ ننڊهاڻڪو ٿي رهيو هو، سو فنڪار ڪاوڙ، نماڻائي، حسرت ۽ ڏک مان سوچي رهيو هو ته: ”اڄ وري ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ گڏجي ساڻس وعده خلافي ڪري دوکي سان اهڙو ڌڪ هڻي ڪڍيو هو، جهڙو اسان جا سياسي اُميدوار اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ اچڻ بعد عوام کي ڪڍندا آهن.“
    ... ان ڏينهن کي ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن. فنڪار هاڻي زندگي سان Compromise ڪري، احتجاج ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. باقي ”روبوٽ“ ۽ ”عورت“ “Divide and rule” جي مقولي تي عمل ڪندي، سندس وقت کي ورهائي، مزي سان پنهنجي پنهنجي وقت جي رياست تي مڪمل قبضو ڄمائي حڪومت ڪري رهيا آهن.


    فتح

    رابيل ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ داخل ٿي ته ڪا مناسب سيٽ ڳولي ويهڻ لاءِ نظرون گهمائڻ لڳي ته اوچتو آيا مهروءَ تي نظر پيس، جنهن جي ڀرواري سيٽ خالي هئي. هوءَ تيزيءَ سان ڪوچ جي ان آخري حصي ۾ موجود سيٽ ڏانهن وڌي.
    ”آپا مهرو!“ هن چيو.
    ”هان!“ آپا مهرو، جيڪا اخبار پڙهڻ ۾ محو هئي، تنهن رابيل جي سڏ تي اخبار تان نظرون هٽائي نظر جي عينڪ جي ٿلهن شيشن مان رابيل ڏانهن نهاريو.
    ”اسلام عليڪم!“ رابيل چيو.
    ”وعليڪم اسلام تون ته شايد...“
    ”آپا، آئون رابيل آهيان.“
    ”اوهه! ها رابيل! ڪهڙا حال آهن؟ ويهه ويهه هتي.“ آپا مهرو ڀر واري خالي سيٽ ڏانهن اشاروڪيو ته رابيل سيٽ تي ويهي رهي.
    ”آپا! ايترن سالن کان پوءِ اوهان سان اڄ اوچتو ملي سچ پچ ته ڏاڍي خوسي پيئي ٿئي.“ رابيل جي خوشي سندس ٻهڪندڙ چهري مان ظاهر ٿي رهي هئي.
    ڪوچ جو دروازو لاڪ ڪيو ويو ته آهستي آهستي ڪوچ هلڻ لڳي. آپا مهرو سندس ڀر ۾ ڪوچ جي شيشي مٿان لڳل پردو ٿورو هٽايو ۽ ان مان ٻاهر ڏسڻ لڳي، ايستائين جو جڏهن ڪوچ نوابشاهه شهر جون حدون پويان ڇڏي نيشنل هاءِ وري تي ڊوڙڻ لڳي ته آپا مهرو شيشي مٿان پردو ڏيئي ڪجهه دير چپ رهي ۽ پوءِ رابيل کي چيائين:
    ”رابيل! تون نوابشاهه ۾ اڄ ڪيئن؟“
    ”آپا! سحر کي نوابشاهه جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ائڊميشن ملي آهي، سو اڄ پهريون ڀيرو آئي هئي، ان ڪري منهنجي دل چيو تهآئون پاڻ کيس پهريون ڀيرو هاسٽل ڇڏي اچان. خوابن جي منزلن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي سندن پهرين اسٽيسن تان دُعائن جي سواريءَ ۾ چاڙهي پنهنجن هٿن سان ته موڪل گهرجي نه.“ رابيل چيو ته سندس اکين ۾ هلڪو پاڻيءَ جو پردو نظر آيو.
    ”اوهه! ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ سحر ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهچي ويئي. ويري گڊ! رابيل! تون وڏي حوصلي واري ڇوڪري آهين. تو پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي بهتر مستقبل لاءِ وڏي جااکوڙ ڪئي آهي. ڀلا تنهنجن ٻنهي ڀائرن جو ڇا ٿيو؟“
    ”وڏو ڀاءُ بئنڪ ۾ مئنيجر آهي ۽ شهزاد انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ وارو آهي.“
    ”۽ تنهنجي پڙهائي ڪيستائين پهتي؟“
    ”آپا، مان زولاجي ۾ ايم.ايس.سي. ڪرڻ کان پوءِ في الحال ته هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ جاب جوائن ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪچررشپ لاءِ فارم پڻ ڀريو اٿم، الله مالڪ آهي.“
    ”تمام سٺو“
    آپا مهرو ايترو ڳالهائي وري اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. رابيل سيٽ جي بيڪ تي مٿو رکي، اکيون بند ڪري پنهنجي بدن کي ڪجهه ڍرو ڪري ڇڏيو ته ڄن ٿڪاوٽ ۾ ڪجهه آرام ملي پيس. سندس ذهن پوئتي ورڻ لڳو.
    آپا مهرو، جنهن جو پورو نالو مهرالنساءِ هو، ڪاليج جي زماني ۾ کين باٽني پڙهائيندي هئي. ان وقت هن جي عمر چاليهن کان مٿي هوندي. هوءَ بنهه عام نقشن واري، رنگ جي سانوري ۽ ڪجهه ٿولهه ڏانهن مائل هئي. ٿلهي عينڪ جي شيشن پويان نظر اندر سندس ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون هر قسم جي جذبي کان عاري نظر اينديون هيون. هوءَ بي انتها بدمزاج هوندي هئي ۽ پنهنجن شاگردياڻين سان بيحد سختيءَ سان پيش اچڻ ڪري انهن ۾ انتهائي غير مقبول هوندي هئي. هوءَ جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندي هئي ته پوءِ ڀلي استاد هجن يا شاگرد، پٽيوالا هجن يا ڪو ٻيو، سندس زبان جي تيرن کان پاڻ بچائي نه سگهندا هئا پر پوءِ به سڀني کي خبر هيئ ته هن تمام سخت ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي گذاري هئي. سندس ماءُ پيءُ هڪ ئي وقت روڊ ايڪسيڊنٽ جي ڪري گذاري ويا هئا، ته ان وقت گهر ۾ هوءَ ئي سمجهه ڀري هئي ۽ سندس ٽي ڀائر اڃان ڪافي ننڍا هئا، ان ڪري هن سخت محنت ۽ جدوجهد سان نه رڳو پڙهائي جاري رکي پر ننڍن ڀائرن جي پرورش پڻ ڪيائين. هن ان سموري جدوجهد ۾ ڇا ڪجهه ڀوڳيو هو، ساڻس ڪهڙا حالات پيش آيا، اهي سڀ ڄاڻندا هئا، ان ڪري ئي سڀ سندس بدمزاجيءَ جي باوجود، همٿ ۽ جاکوڙ ڪري سندس عزت به ڪندا هئا. هوءَ حد درجي جي خوددار ۽ ضدي پڻ هئي. ڀائرن کي پڙهائي لکائي، پنهنجن پيرن تي بيهاريائين ۽ سندن گهر آباد ڪرايائين. جڏهن اهي سندس مدد ڪرڻ ۽ سندس سهارو بنجڻ جي قابل ٿيا ۽ کيس پان وٽ رهائڻ چاهيائون، پر هن انڪار ڪيو. هن شادي به ڪا نه ڪئي. ائين سخت زندگيءَ ۽ اڪيلائيءَ سندس مزاج ۾ پڻ سختي ڀري ڇڏي هئي. کيس درگذر ڪرڻ جي باوجود گهڻا ماڻهو سندس زبان جي ڪاٽ ۽ بدمزاجيءَ جي ڪري کيس ناپسند ڪندا هئا.
    هڪ ڀيري، فري پيريئڊ ۾، جڏهن رابيل ڪاريڊور ۾ پيل بينچ تي ويهي ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هئي ته آپا مهرو ن سندس اڳيان لنگهي هئي. هوءَ پنهنجي ئي ڌيان ۾ ويٺل هئي، ان ڪري کيس خبر نه پيئي ته هوءَ سندس اڳيان گذري وئي هئي، جو اوچتو ئي آپا مهرو موٽي آئي ۽ کيس تيز لهجي ۾ مخاطب ڪندي چيائين:
    ”اسٽينڊ اپ!“
    رابيل جي هٿ مان جرنل هيٺ ڪري پيو ۽ هوءَ بلڪل پريشان ٿي ويئي.
    ”جي! ميڊم!“ هن اٿندي ڏڪندي ڏڪندي چيو.

    ”اوهان کي ايترو احساس به هاڻي نه رهيو آهي ته استاد جو وڌيڪ نه سهي پر ڪجهه ته احترام ڪجي. هاڻي اوهان استاد جي لاءِ احترام ۾ اٿي بيهڻ به پسند نٿيون ڪريو! حد ٿي وئي آهي! اسان به ته اوهان جيتريون هونديون هيوسين. اسان نه فقط انهن استادن جو احترام ڪنديون هيوسين جيڪي اسان کي پڙهائيندا هئا، پر جيڪي نه پڙهائيندا هئا انهن کي به پري کان ايندي ڏسي اصل اٿي بيهنديون هيوسين، پوءِ چون ٿا ته اڄڪلهه استاد ٻارن کي سٺي طرح نٿا پڙهائين. اڙي! شاگرد به سندن عزت ته ڪري ته پوءِ ئي سندن به دل چوي نه. پر اڄڪلهه جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ته پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن؟ استاد ته سندن جهڙا نوڪر هجن. عزت ڪرڻ ته ڄاڻن ئي ڪو نه.“
    ”آپا! مون کي خبر نه پيئي ته اوهان وڃو پيا.“
    ”فيشن جي، گهمڻ جي، فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن جي خبر پوي ٿي، باقي ٻي ڪنهن ڳالهه جي خبر نٿي پوي. شرم نٿو اچي اوهان ڇوڪرين کي! ٻڏي مرو.“ آپا مهرو اڃان به الائي ڇا ڪجهه چوندي رواني ٿي ويئي.
    ”هونهه! شاگرد عزت نٿا ڪن، ڪيئن ڪندا؟ عزت ڪبي ڪانهي، پر ڪرائبي آهي. استاد به گهٽ ۾ گهٽ سٺي زبان ته استعمال ڪري. استاد ائين ڳالهائيندا ته شاگرد به اهوئي ڪجهه سکندا نه!“ ڪا شاگردياڻي، جيڪا آپا مهروءَ کان اڳي ئي سڙي ويٺي هئي، اهو چوندي گذري ويئي ۽ رابيل جيڪا اڳي ئي بدحواس ٿي چڪي هئي، پنهنجا ڪتاب ۽ پَٽ تي پيل جرنل کڻي بينچ تي ٻيهر ويهي رهي ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر بي عزتيءَ جي احساس ڪري سندس دل ڀرجي آئي. هوءَ لڙڪ اکين ۾ روڪي ڪم ڪرڻ لڳي. ان ڏينهن کيس آپا مهرو زهر سمان لڳي هئي ۽ هن دل ۾ سوچيو هو ته ”جيڪڏهن هن ڏکن سان ڀريل زندگي گذاري آهي ته ان جو مطلب هو به ڪونهي ته هوءَ انهن ڏکن ۽ محرومين جو حساب هر ماڻهو کان وٺندي رهي.“
    انهن ئي ڏينهن ۾ رابيل جي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙيون تبديليون آيون جو هوءَ صفا پريشان ٿي ويئي. سندس سڄي گهر جو چرخو سندس پيءُ جي ڪمائيءَتي هلي رهيو هو، جيڪو سٺي پوسٽ تي هو، جو اوچتو هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪندي کيس دل جو دورو پيو. دل جي دوري مان ته هو بچي ويو هو پر پوءِ اهو ايڏو بيمار ۽ بددل ٿي ويو جو وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيائين. ان مهل هن کانسواءِ ٻيو ڪير به گهر سنڀالڻ جي قابل نه هو. رابيل کان وڏو هڪ ڀاءُ هو جيڪو ايم. ڪام ڪري رهيو هو ۽ رابيل پاڻ اڃان ڪاليج ۾ پڙهي رهي هئي. ٻه ننڍا ڀاءُ ڀيڻ اڃان اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا ته سندن پيءُ جي بيماريءَ ۽ رٽائرمينٽ ڪري گهر جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. سندس ماءُ زيور وڪڻي، گهر جون ضرورتون پوريون ڪري رهي هئي. رابيل گهر جي حالتن ڪري ايڏي ته پريشان ٿي جو نه ته پڙهائيءَ ڏانهن توجهه ڏئي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کان مدد وٺي ٿي سگهي. ائين آهستي آهستي هوءَ صفا خاموش رهڻ لڳي ۽ پنهنجي ساهيڙين کان پڻ پري رهڻ لڳي ۽ جڏهن به کيس فري پيريئڊ ملندو هو يا رسيس ٿيندي هئ ته هوءَ لائبرري هلي ويندي هئي ۽ ڪتابن جي انبار ۾ هوءَ به ڪو ڪتاب کولي زوري ڌيان ان ڏانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر اڪثر کيس ناڪامي ٿيندي هئي. هڪ دفعي جڏهن لئبرريءَ جي ڪنڊ واري پاسي ٻيو ڪير به نه هو، هوءَ هڪ ڪتاب کولي ڪاپيءَ تي نوٽس وٺي رهي هئي ته اوچتو ئي وري سندس دل ڀرجي آئي ۽ هوءَ ڪتاب ۽ ڪاپي بند ڪري ٻيئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهي ۽ باوجود روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي به لڙڪ سندس اکين مان لڙي آيا ته آپا مهرو جيڪا ڪجهه پرڀرو ڪتابن جي ريڪ وٽ بيٺل هئي ۽ ڪجهه دير کان يڪو سندس حرڪتون ڏسندي رهي هئي، هن وٽ آئي هئي ۽ چيائين:
    ”ڇوڪري! آخر تو سان مسئلو ڇا آهي؟“
    بس، آپا مهروءَ جو ايترو ئي چوڻ هو ته هوءَ اصل اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. آپا مهرو، جيڪا بدمزاج ۽ چڙ چڙي هئي، اها ئي آپا مهرو ان وقت بلڪل بدلجي ويئي. هن کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:
    ”رليڪس! پٽ! ائين ڪبو آهي ڇا، ايڏي وڏي ڇوڪري ائين روئيندي آهي ڇا؟ مونکي ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن ربالي کيس سموري ڳالهه ٻڌائي هئي.
    ”پريشانيءَ جي ڳالهه ضرور آهي، پر رابيل! بابا! جيڪڏهن ائين دل لاهي ويهندينءَ ته پوءِ مسئلا ڪيئن جل ٿيندا؟ توکيته خوش ٿيڻ گهرجي ته الله سائين تنهنجي پيءُ کي نئين حياتي بخشي آهي. ڀلي جيڪڏهن هو ڪمائي ڪرڻ جهڙو ناهي رهيو، پر پوءِ به اوهان لاءِ ڏڍ ته آهي، ڇپر ڇانوَ ته آهي. ماءُ پيءُ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي قابل به نه رهن، پر پوءِ به آسرو ته هوندا آهن. اولاد لاءِ دُعا جو دَرُ هوندا آهن. مون کان پُڇ ته ماءُ پيءُ بنا مون پاڻ کي ڪيڏو اڪيلو ۽ بي سهارا سمجهيو هو. تون ته خوش قسمت آهين ته سندن سايو تنهنجي مٿان آهي ۽ تون چاهين ته تون پنهنجي گهر کي سهارو ڏيئي سگهين ٿي ۽ تون اڪيلي به ڪانه آهين. تو سان گڏ ته تنهنجو وڏو ڀاءُ به اهي. پاڻ کي سنڀال ۽ ائين نه لاهه.“
    آپا مهرو پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص سان چيو ته رابيل حيران ٿي کيس ڏٺو ته ڇا اها ساڳي آپا مهرو هئي. اکڙ ۽ جهيڙاڪ!
    ۽ پوءِ، ان ڏينهن کان پوءِ آپا مهرو ته رابيل لاءِ ڄڻ ڇپر ڇانوَ بنجي ويئي. هن کيس قدم قدم تي حوصلو ڏنو، پيار ڏنو ۽ پڙهائيءَ ۾ پڻ هر قسم جي مدد ڪئي هئي ۽ سڀ کان وڏو احساسن اهو ته هن سندس وڏي ڀاءُ ارشد کي ڪجهه چئو چوا ڪرائي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ پارٽ ٽائيم جاب وٺرائي ڏني هئي. پڻ رابيل کي به ٻه ٽي ٽيوشنس وٺرائي ڏنيون. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گهر جي خرچ ۽ پيءُ جي بيماريءَ جي علاج کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿيا هئا. پر ان دور کان وٺي رابيل جي سڄي شخصيت ۾ ئي ڄڻ تبديلي اچي ويئي هئي. هوءَ حد کان وڌيڪ سنجيده ۽ خاموش هرڻ لڳي هئي. حالتن کيس وقت کان اڳ ئي الاهي وڏو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ فري پيريئڊ ۾ گهڻو ڪري لئبرريءَ ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ يا ته ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ لڳل هوندي هئي يا وري ٻيا ڪتاب هٿ ۾ هوندا هئس. انهن ئي ڏينهن کان کيس ادب پڙهڻ جو پڻ چاهه وڌي ويو هو. کيس جڏهن به آپا مهرو ڪتاب پڙهندي ڏسندي هيئ ته چوندي هئي:
    ”ڇوڪري! ايڏا ڪتاب نه پڙهندي ڪر.اجايو ٿي پنهنجو مٿو خراب ڪرين. هونءَ به ڇوڪريون ڪيڏا به اُٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙهي وٺن، کين ڪرڻو تهاهو ئي ٿانو ٻُهاري آهي. مڙس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻار پالڻا آهن ۽ هي ادبي ڪتاب ته مرڳو ئي چَٽ ڪري ڇڏيندءِ.“
    ”نه آپا! ڪتاب ته شعور ڏيندا آهن، ۽ شعور وري جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو آهي.“ هوءَ کلي چوندي هئي.
    ڪڏهن وري آپا مهرو سندس سنجيدگيءَ ۽ خاموسيءَ تان کيس ٽوڪيندي هئي: ”ڇوڪري! ايڏو خاموش ۽ سنجيده نه رهندي ڪر، نه ته چَري ٿي پوندينءِ. اسان کي ڏس. ايڏو ڪجهه سَٺو آهي، پر پوءِ به کلون ٿا، ڳالهايون ٿا ۽ تو ايڏي ننڍي عمر ۾ ئي پاڻ کي ائين ڪري ڇڏيو آهي! ڪجهه ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، هيءَ خاموشي پاڳل ڪري ڇڏيندءِ.“
    ائين وقت گذرندو ويو. رابيل ڪاليج ڇڏي يونيورسٽي پهچي ويئي، پر پوءِ به هوءَ آپا مهروءَ سان ملڻ ڪاليج ضرور ويندي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ رابيل کي خبر پيئي ته آپا مهرو پنهنجو ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي هلي ويئي هئي. ان کان پوءِ سندس ملاقات سالن تائين هن سان نه ٿي سگهي هئي ۽ هينئر کيس هوءَ اوچتو ڪوچ ۾ ملي هئي. کيس احساس ئي نه ٿيو ته ڪيترو وقت گذري ويو! ڪوچ تيزيءَ سان حيدرآباد ڏانهن ڊوڙي رهي هئي.
    ”رابيل! ڪافي پيئندينءَ؟“ اوچتو آپا مهروءَ کيس مخاطب ڪيو ته هوءَ پنهنجن پُورن مان نڪري آئي ۽ هاڪار ڪيائين ته آپا مهرو ٿرماس مان ڪافي ڪڍي هڪ مگ کيس ڏنو ۽ ٻئي ۾ پاڻ پيئڻ لڳي.
    ”آپا، اوهان جو نوابشاهه اچڻ ڪيئن ٿيو؟“ رابيل پڇيو.
    ”اسان جا ڪي پري جا مائٽ هتي رهن ٿا،سو انهن جي هڪ شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ آئي هيس ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ پنهنجي هڪ پراڻي ڪليگ ڏانهن پيئي وڃان. رات اتي ترسندس ۽ صبح جو ڪراچي هلي وينديس.“
    ”آپا، اوهان ته حيدرآباد ۾ سيٽ هئا، پوءِ اوچتو ڪراچي ڇو ويا؟“
    ”بسِ رابيل! اڪيلائي عذاب بنجي ويئي هئي. ڀائرن ۽ ڀاڄاين جي در تي وڃڻ مون کي سٺو نه لڳو، سو ڪراچيءَ ۾ منهنجي هڪ تمام پياري ۽ پراڻي وقت کان ساٿ ڏيندڙ ساهيڙي رهي ٿي. سندس گهر وارو گذارو ويو ته هوءَ اڪيلي ٿي ويئي. هڪ پٽ اٿس، جيڪو انگريزياڻي پرڻجي ولايت وسائي وڃي ويهي رهيو، سو آئون هن وٽ هلي ويس ۽ اتي اسان ٻنهي گڏجي ريڊي ميڊ گارمينٽس جو دڪان کوليو آهي. ائين هڪ پاسي اسين ٻئي هڪٻئي جي اڪيلائيءَ جو سهارو بنجي پياسين ته ٻئي اپسي جيئڻ جو آسرو پڻ ڪري ورتوسون. ڪنهن جا محتاج ته ڪو نه آهيون.“
    ”آپا! سچ پچ ته اوهان وڏي حوصلي واريون آهيو. آئون پاڻ به جڏهن به همٿ هارڻ لڳندي هيس ته هميشه اوهان جو مثال منهنجي اکين آڏو ايندو هو ته مون کي به حوصلو ملي پوندو هو.“ رابيل چيو ۽ پوءِ هوڪيتري ئي دير ڳالهائينديون رهيون؛ هر موضوع تي، پراڻين ڳالهين تي، ايستائين جو سندن سفر جو ڪافي حصو کٽي چڪو هو ۽ هو حيدرآباد جي ويجهو پهچي ويا هئا ته آپا مهرو کانئس پڇيو:
    ”ڀلاشادي ڪڏهن ٿي ڪرين؟ ڪو رشتو آيو اٿئي يا نه، نه ته منهنجي نظر ۾ آهن ڪجهه گهر.“
    ”آپا، منهنجو مڱڻو ٿي چڪو آهي ۽ هو شاديءَ لاءِ پڻ تڪڙ ڪن پيا، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اڃان منهنجي مٿان الاهي ذميواريون آهن. آئون ته مورڳو سوچيان ٿي ته شادي ڪنديس ئي نه.“
    ”نه، نه! خبردار جو ائين سوچيو اٿئي! ربايل! ڪو به رشتو، ڪو به ماڻهو ڪنهن جو ناهي. جن ڀائرن ۽ ڀيڻ جي لاءِ تون ايڏي قرباني ڏئين پئي، اهي ته اڳتي هلي پنهنجن پنهنجن گهرن جا ٿيندا. پوءِ يا ته سڄي عمر ڀاڄاين جي خدمت ڪندي ۽ انهن جا ٻار پالي گذري ويندءِ يا جيڪڏهن اڪيلي رهئين ته اڪيلائيءَ جو عذاب ماري رکندئي. مون کان پڇ ته اڪيلائي ڇا هوندي آهي.“ آپا مهرو چيو.
    ”آپا! اوهان پاڻ سوچيو. منهنجو وڏو ڀاءُ شاديءَ وارو آهي.سندس ٻار ٻچا آهن ۽ خرچ گهڻا اٿس، پوءِ به هو اسان کي سپورٽ ڪري پيو. پر اڃان سحر کي ڊاڪٽر بنجڻ لاءِ وقت ۽ خرچ کپي ٿو ۽ شهزاد ته اڃان انٽر به ڪانهي ڪئي. پوءِ آئون شادي ڪري کين ائين ڪيئن ڇڏي هلي وڃان.“
    ”ڇو، ڇا تنهنجي مڱيندي کي تنهنجي حالتن جي خبر ڪانهي؟“
    ”آپا! هن کي سڀڪجهه خبر آهي ۽ هن ته اهو به چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ هو به مون سان گڏجي منهنجي ذميوارين ۾ منهنجو هٿ وانڊائيندو پر...“
    ”پر وَر ڪجهه به ڪونهي، ڇوڪري! ياد رک، گذري ويل وقت موٽي ناهي ايندو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻيا سڀ ڪم ٿيندا رهندا. انشاء الله تنهنجا ننڍا ڀاءُ پنهنجي منزل ماڻيندا. تون شادي کان پوءِ به هنن جو ساٿ ڏئي سگهندينءَ ۽ تنهنجو ڀاءُ ارشد به سمجهه وارو ۽ ذميوار ماڻهو آهي. هو به پنهنجو فرض نڀائي پيو. بس تون شاديءَ لاءِ يڪدم ها ڪر ۽ وڌيڪ دير نه ڪجانءِ ۽ ها! مون کي شاديءَ ۾ نه سڏايئه ته اصل جهيڙو ٿيندو.“
    ”آپا! ڇا اوهان شاديءَ کي ايڏو ئي ضروري سمجهو ٿا؟“
    ”بلڪل! ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا، اتي اڪيلي عورت جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. قدمقدم تي آزمائشون آهن، کيس ڪنهن پل به سک نصيب ڪونهي.“ آپا ائين چوندي ڪجهه اداس ٿي ويئي.
    ”آپا! پوءِ اوهان پاڻ شادي ڇو نه ڪئي؟“ رابيل ڊڄندي ڊڄندي کانئس اهو سوال پڇيو، جيڪو سالن کان سندس ذهن ۾ اٽڪيل هو، پر هوءَ ڪڏهن به ڊپ کان آپا مهروءَ کان پڇي نه سگهي هئي. آپا مهرو پهرين ته ڪجهه دير خاموش رهي. ڪوچ حيدرآباد جي حدن جي ويجهو ٿيندي پئي ويئي. آپا مهرو دريءَ جي مٿان پردو سرڪائي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه دير ٻاهر ڏسندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي رابيل ڏانهن متوجهه ٿي: ”رابيل! مون کي خبر آهي ته آئون انتهائي سادي شڪل جي عورت آهيان. جڏهن آئون نوجوان هيس ته منهنجي لاءِ ڪجهه مائٽيون آيون. جيئن ته گهر ۾ ڪو وڏو نه هو، ان ڪري، ان معاملي ۾ مون کي پاڻ منهن ڏيڻو پيو هو. هڪ ڀيري هڪ مرد مون کي ڏسي مون کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ائين ٿيو ته منهنجي اندر ۾ ڪاشيءِ ڄڻ ڀڄندي ڀُرندي محسوس ٿي! مون کي ائين محسوس ٿيو ته شايد آئون مڪمل عورت ڪو نه آهيان.“ آپا مهرو ايترو چئي چُپ ٿي ويئي ۽ رابيل ڌيان سان سندس ڳالهه ٻڌندي رهي. آپا مهرو وري ڳالهايو: ”رابيل! هي مرد عورت جي روح کي، هن جي نادر کي نه ڏسندا آهن. هنن جي لاءِ عورت فقط رنگ ۽ ورپ حسن ۽ جسم جو نالو آهي. هواهو نه ڏسندا آهن ته هوءَ مامتا به آهي، هوءَ پيار جي طالب ۽ پيار ڏيندڙ هستي به آهي. سو، جڏهن ٻن مردن مون کي ٺڪرايو ته منهنجي عورتپڻي کي الاهي ٺيس پهتي. منهنجي عزت نفس مجروح ڪئي وئي ۽ مون کي محسوس ٿيو ته آئون مڪمل عورت ڪو نه آهيان. پوءِ مون اهو سوچيو ته اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن مون پاڻ کي ايڏو ڪمزور ۽ ضرورت مند محسوس ڪيو جو سهارا ڳولهڻ لڳي هيس. بس پوءِ مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو اهو خول لاهي ڦٽو ڪيو ۽ فيصلو ڪيم ته هاڻي آئون شادي نه ڪنديس.“
    ”پر آپا! سڀ ماڻهو ته هڪجهڙا ڪو نه هوندا آهن، نڪوئي سڀ مرد عورت جي ظاهري حسن تي ئي مرندڙ هوندا آهن.“ رابيل چيو:
    ”ها پٽ! مان ڄاڻان ٿي. ٿي سگهي ٿو ته مون کي سٺا ماڻهو ه ملي پون ها ۽ منهنجي شادي به ٿي وڃي ها، پر رابيل! منهنجي دل ان مهل ٽوڙي ويئي ۽ منهنجي عزت نفس انمهل مجروح ڪئيويئي، جنهن وهيءَ ۾ ڇوڪرين جون دليون شيشي کان به وڌيڪ نازڪ هودنيون آهن ۽ سندن خواب انڊلٺ جي رنگن کان به سهڻا هوندا آهن. بس، پوءِ پنهنجي خوابن جي سهڻن رنگنمٿان ڪارنهن ڦرندي ڏٺم ۽ دل جو شيشو چور ٿيل ڏٺم ته آئون ڪمزوريءَ ۽ هيڻائپ جون حدون ٽپي آزاد ٿي ويس. مون پنهنجي عورتپڻي جي نفي ڪئي ۽ پوءِ مون پاڻ کي عورت نه سمجهيو، پر مرد بنجي حالتن کي منهن ڏنو. وقت ۽ حالتن مون کي بدمزاج ۽ چڙ چڙو بنائي ڇڏيو ۽ منهنجو اعتماد ماڻهپي تان عام طرح ۽ مردن کان خاص ڪري کڄي ويو. منهنجي رويي جي ڪري ماڻهو منهنجو نالو ٻُڌندي ئي ڪنن تي هٿ رکندا هئا، پر رابيل! ائين نه ڪريان ها ته هن معاشري ۾ جي نه سگهان ها، ڇو ته هتي ڪمزور ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق کسي قدم قدم تي مشڪلاتون کڙيون ڪيون وينديون آهن.“
    ”پر آپا! پاڻ کي ايڏو پٿر ته نه بنايو ها. ٿي سگهي ٿو ته ڪو به سٺو ماڻهو اوهان کي اوهان جي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪري وٺا ها.“ رابيل چيو.
    ”مليو هو هڪ شخص، جنهن ۾ مون کي منهنجي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ جو حوصلو هو. واقعي هڪ سٺو انسان هو ۽ ان مون کي پروپوز ڪيو هو ۽مون کي خبر هئي ته اهو منهنجي شادي ٿيڻ جو آخري موقعو هو، ڇو جو اهو منهنجي زندگي ۽ عمر جو اهودور هو جنهن کان پوءِ مون جهڙي معمولي شڪل جي عورت لاءِ هونءَ به موقعو نه هوندو آهي.“
    ”پوءِ؟“ رابيل تجسس مان پڇيو.
    ”مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو. انجي باوجود ته هو منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ پهريون ۽ آخري مرد هو جيڪو مون کي سٺو لڳو هو.“ آپا مهروءَ ايترو چيو ته ڪوچ هڪڙي جهٽڪي سان بيهي رهي. هو حيدرآباد پهچي چڪا هئا. آپا مهرو ۽ رابيل ڪوچ کان ٻاهر آيون ۽ روڊ ڏانهن وڃڻ لڳيون. رابيل کي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي ته هو آپا مهروءَ کان پوري ڳالهه پڇي.
    ”آپا مهرو! اوهان آخر ڇو انڪار ڪيو ان شخص سان شادي ڪرڻ کان، جنهن کي اوهان خود به چاهيو هو رابيل روڊ جي ڪناري هلندي هلندي پڇيو.
    ”پنهنجي اندر جي عورت کي، جيڪا مري چڪي هئي يا وري ماري ويئي هئي، هن کي ٻيهر حياتي بخشڻ لاءِ.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”رابيل! مون توکي ٻڌايو هو ته جڏهن ٻن مردن هڪ عورت کي گهٽ سمجهي ٺُڪرايو هو ته هن جو عورتپڻو ۽ عزت نفس مجروح ٿيا هئا.“ ايترو چئي آپا مهرو پري کان ايندڙ هڪ رڪشا کي هٿ ڏنو.
    ”مون ٻڌايو ته مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو خول لاهي ڦٽو ڪيو هو. هاڻي مون وٽ ٻه رستا هئا: يا ته ان شخص سان شادي ڪري وري ٻيهر پنهنجي اندر جي ان عورت کي زنده ڪريان ها جيڪا ڪمزور هئي ۽ کيس ڪنهن مرد جو سهارو کپيو ٿي يا ته ان عورت ي زنده ڪريان، جيڪا پنهنجي ڀرپور عورتپڻي سان نروار ٿئي ها ۽ پاڻ کي اڻپوري عورت سمجهڻ بجاءِ ايڏي ڀرپور ۽ مڪمل عورت سمجهي جو هڪ مرد جي محبت کي ٿڏو هڻي ٺڪرائي سگهي ٿي.“ رڪشا ويجهي ايندي ٿي ويئي.
    ”رابيل! مون هُن شخص کي ٺڪرائي ان عورت جو بدلو ورتو، جنهن کي ٻن مردن ٺڪرايو هو. سندس انا کي مجروح ڪيو ويو هو.ها، مون جنهن سان محبت ڪئي ان کي ئي ٺڪرايو. ان ڪري جو ائين ڪرڻ سان هڪ عورت مڪمل عورت بنجي ويئي ۽ سندس انا ۽ عزت نفس کيس موٽي ملي. سندس اندر جي مري ويل عورت ٻيهر زنده ٿي ويئي، پر ڪمزوري يا هيڻائپ جي خول ۾ ويڙهيل عورت نه، پر هوءَ هاڻي مڪمل ۽ ڀرپور عورت هئي، جنهن لاءِ ڪنهن مرد کي ٺڪرائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. ها اها ئي هن جي فتح هئي. ها رابيل! محض هڪ عورت جي فتح لاءِ.“ ائين چئي هوءَ رڪشا ۾ ويهي رهي ۽ رابيل ڏانهن هٿ لوڏيندي هوءَ رڪشا جي دونهن ۽ گوڙ سميت آهستي آهستي هن جي نظرن کان غائب ٿيندي ويئي، پر سندس اکين مان لڙيل اهي لڙڪ اتي روڊ تي بيٺي رابيل کي ڪيتري ئي دير اکين آڏا ڦرندا رهيا؛ جيڪي سدائين بي تاثر رهنديون هيون پر ان مهل انهن ۾ اهو تاثر ۽ درد هو، جنهن کي فقط ڪا عورت ئي ڏسي ٿي سگهي ۽ محسوس ڪري ٿي سگهي. رابيل پوءِ آهستي آهستي هلندي پنهنجي ماڳ ڏانهن ويجهي ٿيندي ويئي. هوءَ وڌندي رهي.


    لَو مئريج

    منهنجي ۽ ليليٰ جي شادي ٿيڻ جو قصو اڄ به ياد پوندو اٿم. اسين ٻئي شاديءَ کان اڳ ”ڪيوپڊ“ جي تير جو نشانو بنجي چڪا هئاسين ۽ پوءِ عشق جا ڪيئي امتحان پاس ڪرڻا پيا. اهڙيءَ ريت جو اسان وٽ اڄڪلهه جيان ”چيٽنگ“ ڪرڻ جو چانس به نه هو. هوءَ سچ پچ ليليٰ ٿي چڪي هئي ۽ آئون پڻ ”مجنونءَ“ جي جانشين ٿيڻ جي ڀرپور ڪوششن ۾ هوس ۽ ليليٰ جا ۽ منهنجا مائٽ ”ظالم سماج“ جو رول ادا ڪري رهيا هئا.
    ڪيترن ئي ڏينهن تائين جڏهن ڪوششن جي باوجود به اسان جا مائٽ اسان جي شاديءَ لاءِ راضي نه هئا، تڏهن اسان به ”لَوِ اسٽوري“ جي ڪلائمڪس تي پهچي وياسين ۽ ٻنهي مائٽن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو اسان جي شادي نه ڪرائيندا ته اسان ٻئي هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت زهر کائي پنهنجو انت آڻينداسون. (گهر مان ڀڄي ڪورٽ مئريج ڪرڻ جو آئيڊيا به ذهن ۾ آيو هو پر ان دور ۾ منهنجي کيسي ۾ ٽڪو به نه هوندو هو، سو رڪشا جي ڀاڙي جيترا پئسا نه هئڻ ڪري اهو فيصلو ڊراپ ڪرڻو پيو.) سو نيٺ خودڪشيءَ جي ڌمڪيءَ اثر ڪيو ۽ اسان جا مائٽ راضي ٿيا. ائين پوءِ مڱڻو ڪري اهو شرط رکيو ويو ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي، شادي نه ٿيندي. سو نيٺ نوڪري به هٿ ڪيم ۽ ائين منهنجي ۽ ليليٰ جي ”لَو مئريج“ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. اسان هڪ ٻئي کي حاصل ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ انتهائي خوش هئاسين ۽ محبت جي نشي ۾ ايترا مخمور هئاسين جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو. ايستائين جو شاديءَ کي سال ٿي ويو ۽ شاديءَ جي پهرين سالگره واري ڏينهن ليليٰ مون کي چيو هو:

    ”ڊارلنگ! اسان شاديءَ جي سالگره ۾ ڪنهن کي به انوائيٽ نه ڪنداسين ۽ جيستائين حياتي هوندي، چاهي ڪجهه به ٿئي، سڀ مصروفيتون ڇڏي، ان ڏينهن گڏجي ويهنداسين. اهو ڏينهن اسان جو فقط هڪٻئي لاءِ هوندو ۽ ها! اسان اڄ اکن اها روايت به وجهون ٿا ته هر سال شاديءَ جي سالگره تي اسٽوڊيو ۾ هلي گڏ فوٽو گراف ضرور ٺهرائينداسين ۽ ائين هڪڙو آلبم ٺاهينداسين جنهن ۾ فقط اهي فوٽو هڻنداسين جيڪي اسان ويڊنگ اينيورسريءَ جي موقعي تي ڪڍرائينداسين.“
    مون کي ليليٰ جو ڏنل اهو آئيڊيا تمام گهڻو پسند آيو ۽ اڄ تائين اسان پنهنجي وچ ۾ ٿيل ان معاهدي تي عمل ڪندا آهيون. اهڙيءَ طرح ان البم ۾، جنهن جي مٿان ليليٰ گلن واري سهڻي پني تي خوصبروت لفظن ۾ The Album of love لکي ان جي ڪوَرَ جي مٿان ٽرانسپيرنٽ پلاسٽڪ ڪَوَر چاڙهي ڇڏيو آهي ان ۾ ڏهه فوٽو لڳي چڪا آهن.
    جي ها! ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي شاديءَ جي ڏهين سالگره خير سان ٿي گذري ۽ هينئر آئون ”البم آف لَو“ کولي ڏسي رهيو آهيان. هيءَ پهرئين صفحي تي اسان جي شاديءَ جي تصوير آهي. ڪنوار جي روپ ۾ ليليٰ ڄڻ ته حُور لڳي رهي آهي. خير آئون به ته شهزادو لڳي رهيو آهي!
    ۽ هيءَ شاديءَ جي پهرين Anniversary جي تصوير آهي. اسان ٻنهي جا چهرا خوشيءَ، سڪون ۽ آشائن جي جذبن سان ٽمٽار آهن.
    ۽ هيءَ شاديءَ جي ٻي سالگره تي نڪتل تصوير. اسان ٻنهي جا مرڪندڙ چهرا آهن. اسان جي وچ ۾ ويٺل جمشيد، جنهن کي اسان پيار مان ”جمي“ چوندا آهيون، جنهن جي عمر ان مهل اٺ نو مهينا هئي.
    ۽ پوءِ اڳتي ڪا ”نئين“ ڳالهه ڪانهي، سواءِ ان جي ته سال به سال نڪتل تصويرن ۾ ليليٰ مسلسل ٿولهه ڏانهن مائل ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ آئون پڻ بيڊولو ٿيڻ سان گڏ تسلسل سان گنجو ٿيندو نظر پيو اچان ۽ اسان سان گڏ بيٺل ٻارن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ۽ گذرندڙ وقت سان گڏ هر سال جي تصويرن ۾ اسان جي چهري تان مُرڪ آهستي آهستي غائب ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

    ۽ هي اهو فوٽو آهي، جيڪو اسان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي شاديءَ جي ڏهين سالگره تي ڪڍراوي آهي. اسنا جي اڳيان پنج ٻار بيٺل آهن. ٽي پٽ آهن اسان کي ۽ ٻه نياڻيون جن کي فوٽو گرافر عمر جي تسلسل مطابق اهڙيءَ ريت ترتيب سان قطار ۾ بيهاريو آهي جو ڄڻ ”سيڙهي“ بنجي وئيآهي. هن تصوير ۾ ليليٰ جي چهري تي مرڪ جو نالو نشان به ڪونهي، پر هوءَ ڄڻ ڪاوڙ مان ڦوڪي بيٺي اهي ۽ منهنجي چهري تي زوريءَ سجايل مرڪ آهي جنهن مان خوشيءَ جو تاثر گهٽ پر تڪليف جو تاثر زياده پيو بکي. تڪليف ڪيئن نه ظاهر ٿئي. آخر شاديءَ جي ڏهين سالگره واري ڏينهن اسان ”حسب معمول“ جهيڙو ڪندا رهيا هئاسين ۽ پوءِ پنهنجي عادت مطابق منهنجي ”گجگوڙ“ جي جوا ۾ هن مون کي ريڪ تان هڪڙو ڪتاب کڻي وهائي ڪڍيو، جيڪو مون ته پٺن تي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ به هن منهنجي مٿي جي رَن وي يعني وارن کان خالي حصي تي لينڊ ڪيو هو. خير هونءَ ليليٰ ايڏي به ظالم ڪانهي. هوءَ رحم جي جذبي کي آڏو رکندي هلڪن ڦلڪن ”هٿيارن“ سان جنگ ڪندي آهي، جن سان ”ٽٽڻ ڦٽڻ“ يا زخمي ٿيڻ جو چنس نه هجي، پر بدقسمتيءَ سان هن ڀيري شايد بي خيالي مان (هاءِ ڙي منهنجي خوشفهمي) هن اهڙو ڪتاب اڇلي ”حملو“ ڪيو هو جيڪو وزن ۽ سائز جي حساب سان ڪافي Heavy هو. شڪر جو وڌيڪ ”تباهه ڪاري“ ڪرڻ بجاءِ هن فقط ڪجهه ”ڊينٽ“ ڪري وڌا هئا ۽ هڪ عدد گومڙو منهنجي ٽِنڊ تي اڀري چڪو هو. ان لاءِ فوٽو ڪڍرائڻ مهل جڏهن مون مرڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته گومڙي مان نڪرندڙ سُور جي (الفا، گاما اينڊ بيٽا ريز نما) لهرن مرڪ کي تڪليف جي آثارن ۾ بدلائي ٿي ڇڏيو.
    ها، اسان جي شاديءَ جي چئن سالن کان پوءِ ئي اسان هڪٻئي آڏو ”گهريلو جنگي محاذ“ جي ميدان ۾ لهي آيا هئاسون ۽ هر ٻئي ٽئين ڏينهن جهيڙا ڪرڻ اسان جو معمول بنجي ويو. انهن ئي ڏينهن کان مون کيس ”ليليٰ“ چوڻ بجاءِ ”بيگم صاحبه“ چوڻ شروع ڪيو، ڇو ته هڪ پاسي ته وقت جي بمباريءَ اسان جي وجودن جي اصل شڪل شبيهن کي ڪافي ڇيهو رسايو هو ان ڪري نه ته هوءَ شڪل صورت ۽ بدن مان ڪنهن طرح ”ليليٰ“ ٿي لڳي ۽ نه ئي ”مجنون“ ڪنهن گنجي ۽ عينڪ پائيندڙ شخص کي پڪاري ٿي سگهجيو. ان جو ٻيو سبب اهو هو ته الائي ڇو (اڪثر سوچيندو آيهان ته ان مسئلي بابت ڪنهن نسفسياتي ماهر کان پنهنجو سائيڪو ايناليسيز ڪرايان. (لفظ ”بيگم صاحبه“ ٻڌندي ئي ذهن ۾ ”ٽارزن ڪي واپسي عرف هنٽر والي“ جهڙو ڪو تصور ذهن ۾ اچي ويندو اهي. ٻئي پاسي هوءَ... جيڪا شاديءَ جي ٻن سالن تائين اڪثر هوءَ منهنجي متعلق ٻين سان هن ريت ڳالهائيندي هئي.
    ”هُو بس اچڻ وارا هوندا...“
    ”هُننن کي مون ٻڌايو هو...“ وغيره.
    ۽ مون کي سدائين ”ٻڌو ته...“ چئي مخاطب ٿيندي هئي (حالانڪ شاديءَ کان اڳ ۾ هوءَ منهنجو نالو وٺندي هئي)... هاڻي ”جميءَ جا پيءُ...“ ڪري مخاطب ٿيندي آهي.
    بهرحال هڪ ڳالهه آئون اڃان به چوندس ۽ مڃيندس ته اسين ڪيترا به جهڳڙا ڪريون پر هڪٻئي تي اڄ به ساهه ڇڏيون ٿا. هوءَ بيمار هوندي آهي ته منهنجو چين کسجي ويندو اهي ۽ جي مونکي ڪجهه ٿيندو آهي ته هن جو سک ڦِٽي پوندو آهي. اسان ۾ ڪيترا اختلاف هودني به اسان کي هڪٻئي کان سواءِ ڪا نه سرندي آهي. اهو ئي سبب اهي جو اسان هڪٻئي کان ڪيترا ئي ناراض ڇو ه هجون ۽ چڍاهي اسان ۾ ڳالهه ٻولهه بند ڇو نه هجي پر پوءِ به Wedding Anniversary واري ڏينهن گڏجي وڃي اسٽوڊيو ۾ تصوير ضرور ٺهرائيندا آهيون. هن ڀيري به صبح جو ٿيندڙ جهيڙي جي باوجود به مون آفيس مان معمول جيان ان تاريخ تي موڪل ڪئي ۽ اسان جي هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه بند هئي پوءِ به اسان گڏجي وياسين فوٽو ڪڍرائڻ. اسٽوڊيو ڏانهن وڃڻ ۽ گهر ڏانهن موٽي اچڻ دوران اسان هڪٻئي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. پوءِ نيٺ جڏهن هن مون لاءِ ورتل Wishing Card مونکي ڏنو ته مون به ٿوري دير اڳ لڪائي آندل ڪيڪ سندس اڳيان اچي رکيو ۽ پوءِ اسان ٻئي کِلي پيا هئاسين.
    آئون اڃا “The album of love” ڏسي رهيو آهيان ته هوءَ اوچتو اچي نازل ٿي آهي ۽ ”بمباري“ شروع ڪري ڏني اٿس:
    ”واهه!... سائين جن صبح کان رڳو آرام فرمائي رهيا آهن. ڪلاڪ تائين اخبار پڙهي آهي ۽ هينئر نواب ٿيو ويٺو آهين ۽ هڪڙي آئون ته مِلي وئي آهيان مفت جي نوڪرياڻي. مردن کي ڇاهي؟ موڪل جي ڏينهن سمهي ننڊون ڪن. اخبارون ۽ رسالا پڙهن، ٽي وي ڏسن، پر اسان عورتن لاءِ ته ڪو به ڏينهن ڪونهي موڪل جو، جيئن چوڻي آهي ته چري جهڙي پيڪين تهڙي ساهرينُ.
    ”واقعي، سچي ٿي چئين، جهڙي پنهنجي گهر ۾ هئينءَ، تهڙي ئي مون وٽ. مون به ”جوابي حملو“ ڪيو آهي. ”ڇا... آئون چري آهيان!؟“
    ”هاڻي مان پنهنجي زبان سان ڪيئن چوان...“
    هن ڪاوڙ مان ٽيبل تان گلدستو کڻي مون ڏانهن ”نشانو ٻڌو“ ته سندس ارادن کان باخبر ٿي بلال عرف ”ببلو“ رانڀاٽ ڪري ڄڻ خطري جو سائرن وڄائي ٿو.
    ”آخر ڪهڙي آفت اچي وئي آهي...؟“ چوان ٿو.
    ”توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم ته ٽيليفون، بجلي ۽ گيس جو بل وقت تي پيئاري ڇڏيندو ڪر پر هميشه ڏنڊ جا پئسا ڀريندين، باقي وقت تي ڪم ڪو نه پڄندئي... ٽيليفون جي بل جي Due Date گذري چڪي آهي، گيس جو بل مهينن کان ڪو نه ڀرايو آهي ۽ بجليءَ جي بل ادا ڪرڻ جي سڀاڻي آخري تاريخ آهي. هوڏانهن ببلوءَ جي هيڊمسٽريس ڪيترا ڀيرا فون ڪيو آهي ببلوءَ جي پڙهائي بابت رپورٽ وڄڻ لاءِ. اهو پڻ چيو اٿس ته جيڪڏهن هفتي کن ۾ اسان ٻئي رپورٽ وٺڻ نه وينداسين ته هوءَ ببلو کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيندي. هوڏانهن روز رڙيون پئي ڪريان ته روبيءَ جي ڪي. جي ۾، ايڊميشن ڪرائڻي آهي. باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن داخلائون ختم ٿيڻ ۾.“ هن گلدستو رکندي يڪساهي چيو.
    ”بيگم صاحبه! ڪجهه ڪم ته تون به ڪري ڇڏيندي وڃ. مان هڪڙو ڄڻو ڪهڙا ڪهڙا...“
    ”ها!... تون چڱو جو هڪڙو ڄڻو ايڏا ڪم ٿو ڪرين. آئون جا هڪڙي ڄڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري اڌمُئي ٿيندي آهي. گهر کي ڏسان يا ٻاهر جي ڪريان...“ هوءَ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ٿي.
    ”آخر آئون ئي انهن سڀني ڪمن کي مُنهن ڏيندو آيو آهيان... ٻيو تنهنجو بابا...“
    ”جميءَ جا پيءُ... آئون چئين ٿي ته اسان جي جهيڙن ۾ منهنجن مائٽن جو نالو به نه وٺندو ڪر. اڙي هن جو مون تي اهو ئي سڀ کان وڏو احسان اهي ته هو تو سان منهنجي شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو.“
    ”دراصل ان جو سبب اهو آهي ته هو پهرين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون کي ناپسند ڪندو اهي. ان لاءِ هن سوچيو ته هو مون کي اهڙي سزا ڏئي جيڪا منهنجي سڄي زندگي برباد ڪري، ان ڪري هو تنهنجي شادي مون سان ڪرڻ تي راضي ٿي ويو هو...“ اهو چوندي آئون اڳئين حملي لاءِ تيار ٿي پوزيشن سنڀالي ويٺس.
    ”ڇا!...؟ مون تنهنجي زندگي برباد ڪئي آهي. ائي... الاهي ڪهڙي ساعت مت ڦري هيم جو توکي ڏسي پسند ڪيو هئم...“ هوءَ چئي رهي هئي ته اوچتو ماريه، اسان جي ڌيءَ، ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس هٿن ۾ اسڪول جا ڇڳل بُوٽ هئا. هن ماءُ کي چيو:
    ”اميءَ هي نوان شوز ته پندرهن ڏينهن ۾ ئي ڦاٽي پيا آهن.“
    ”بس راڻي ڇا ڪريان. مون ۾ سڀ کان وڏي اها ئي ته خامي آهي ته جن به شين ۽ ماڻهن کي ”معياري“ سمجهي حاصل ڪيم سي اڳتي هلي ”غير معياري“ نڪريو پون. مسئلو ته اهو آهي ته شيون ته مٽائي به سگهجن ٿيون پر ماڻهو ته...“ هوءَ مون ڏانهن ڏسي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏئي.
    ”ها ها! مون ته توکي رڳو ڏک ڏنا آهن ۽ تو ته ڄڻ مون کي سک ڏيئي ڇڏيا آهن“ ماريه جي وڃڻ کان پوءِ مون کيس چيو. ”مون کي خبر آهي، ته ڪيئن نارَ جي ڍڳي جيان وهي اوهان لاءِ ڪمايان ٿو. توکي ان جو پر قدر ئي ڪهڙو. پاڻ نوڪري ڪرين ها ته خبر پوئي ها ته ڪمائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي...“
    ”جميءَ جا پيءُ، مون کي اهو ڪمائڻ جو مهڻو نه ڏيندو ڪر. ائي الله... ڪهڙو نه زمانو اچي ويو آهي جو مرد پنهنجن زالن کي ذري ذري ڳالهه تان مهڻا طعنا ڏيڻ لڳا آهن. اڳ ۾ چوندا هئا ته زالون گهر ٿيون ڦٽائين، نفرتن جون باهيون ٿيون ٻارين، پر... منهنجا موليٰ...! اڄڪلهه اسان جا مرد گلا غيبت مهڻن ڏيڻ ۽ هتي جي هُتي پهچائڻ ۾ زالن کي ته الاهي ڪيترو پوئتي ڇڏي ويا آهن... توبهه... توبهه...“ هن چيو.
    ”چڱو هاڻي اجايو مٿو نه کاءُ...“
    ”مون کي ڪو شوق ڪونهي تو سان ڳالهائڻ جو. آئون ته اهو چوڻ لاءِ آئي هيس ته سائين جن آخر ڀاڄي ڪيڏي مهل آڻيندا. اڄ موڪل جو ڏينهن آهي. تون رڳو ويهي پلنگ ڀڃيندين، پر ڪاوڙهو تپي ويو اهي. آخر سيڌو ڪيڏي مهل ايندو ته سوير ماني ٽڪي جي ڪري وٺان. توکي ڇاهي، گرميءَ ۾ چلهه جي ڀرسان ته آئون ٿي سڙان نه. اڃا ٻارن کي وهنجارڻو به اٿم. اڄ صفائي واري مائي به ڪانهي آئي، اڃا اهو ڪم آهي. ائي منهنجي ته چيلهه چٻي ٿي وئي آهي. هيءَ به ڪا زندگي آهي؟“
    هن ڪمري مان ويندي ويندي چيو ته مون به ڪاوڙ مان “The album of love” بند ڪري الماريءَ تي ڦٽو ڪيو ۽ ٿوريءَ دير بعد رڌڻي ۾ وڃي ليليٰ کي چوان ٿو:
    ”سانئڻ! ڇٻي ڏيو ته غلام سودو سلف وٺي اچي.“
    ”هان! وٺ.“ هن ڄڻ ڇٻي مونکي اُپلي هنئين. آئون اها ”ڪيچ“ ڪري رڌڻي مان نڪرڻ وارو هيس ته اوچتو هوءَ مٺڙي انداز ۾ چوي ٿي:
    ”جميءَ جا پيءُ...“
    ”ڇا هي.“ بيزاريءَ مان جواب ڏيان ٿو.
    ”هي تنهنجي لاءِ صبح کان محنت ڪري کير کارڪون ٺاهي ٻارن کان لڪائي رکيون اٿم. توکي وڻنديون آهن نه.“ هن کير کارڪن جو پيالو مون ڏانهن وڌايو ته منهنجو موڊ هڪڙي لحظي ۾ خوشگوار ٿي ويو ۽ چوان ٿو:
    ”نه... اڃا رک. ڀاڄي وٺي اچان پهرين. سچي ته الاهي گرمي آهي. پوءِ رڌڻي ۾ بيهڻ عذاب ٿي پوندو ۽ ها، مون به سوير ئي اڄ ٻوڙ لاءِ بصر وڍي فرج ۾ رکي ڇڏيو آهي. تون ڪم ۾ مصروف هئين نه...“
    ”توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته اهڙا ڪم نه ڪندا ڪريو. مون کي سٺو نه لڳندو آهي. اهي ڪم مرد نه ڪندا آهن.“
    ”اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل اهي ته ننڍا وڏا گهر جا ڪم ڪرڻ سان مرد جو شان گهٽجي ويندو آهي ۽ تون به ته منهنجا ڪم ڪري بار هلڪو ڪندي آهي.“
    ”ڪهڙا؟“
    ”خبر اٿم ته بچت وارن پئسن مان تون گيس جو بل ادا ڪندي رهي آهين ۽ ٻارن جي اسڪول جي رپورٽ به وٺڻ لاءِ ويندي رهي آهين ۽ منهنجن فائلن جا پنا سدائين سنڀالي ترتيب سان فائلن ۾ وجهي رکندي آهين.“
    هوءَ مرڪي ٿي ۽ آئون به مرڪدو ڇٻي کڻندو، اڱڻ ۾ فٽبال راند ڪندڙ ٻارن جي بال کان پاڻ بچائيندي ڀاڄي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪران ٿو.


    امن جي تلاش ۾

    هڪ رات مون بيحد عجيب سپنو ڏٺو، جنهن منهنجي ذهن کي ڄڻ جهنجهوڙي ڇڏيو. مون ڏٺو ته آئون هڪ اهڙي ماٿري ۾ بيٺل هئس، جيڪا صفا رڻ پٽ جيان هئي. حد نظر تائين رڳو تپندڙ ريتيءَ سان لَٽيل زمين هئي، ۽ ٿوهرن کان سواءِ اتي ڪو ٻيو وڻ يا ٻوٽو ڪو نه هو. سج جي تپش منهنجي سموري جسم کي پگهر ۾ شل ڪري ڇڏيو هو. آئون ان صحرا جي ماحول کي ڏسي ۽ محسوس ڪري پريشان ٿي رهي هيس ته اوچتو مون هڪ ڇرڪائيندڙ منظر ڏٺو ۽ ڪيئي آواز ٻڌا.
    سموري فضا، توپن جي گولن، بندوقن ۽ رائفلن جي گولين ۽ بمن جي ڌمڪان سان گونججي وئي. آسمان تائين ويندڙ ۽ ڪِرندڙ ميزائلن جا خوفائتا آواز اچڻ لڳا. هوا ۾ فقط بارود جو هڳاءُ محسوس ٿيڻ لڳو. هر پاسي باهه ۽ دونهون پکڙجي ويو. مون کي ڄڻ پنهنجو ساهه گهٽجندي محسوسو ٿيو ۽ ۽ اڃان آئون پنهنجي وجود کي سنڀالڻ ۾ ئي پوري هيس ته اوچتو پري کان هڪ وڏو قافلو ايندي نظر آيو. هو سڀئي روئي رهيا هئا. رڙيون ڪري رهيا هئا، مختلف هٿيارن جي ٺڪائن ۽ ڌماڪن جي پس منظر ۾، انهن انسانن جون آسمان کي چيريندڙ آهون ۽ دانهون ڪنن کي ڦاڙڻ لڳيون. جڏهن انهن بيوس انسانن جو قافلو ان ٽڪريءَ هيٺان لٿو، جنهن تي آئون بيٺل هيس ته انهن جي حالت ڏسي خوف ۽ شديد ڏک کان منهنجي حالت عجيب ٿيڻ لڳي.
    مون ڏٺو ته اڳيان ڪجهه ماڻهو هڪ کليل تابوت ۾ ڪو لاشو ڪلهن تي کڻي وڃي رهيا هئا ۽ انهن جي پٺيان بي شمار انسان، جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، ٻڍا مطلب ته هر عمر جا انسان وڃي رهيا هئا، جن جي عجيب حالت هئي. سڀئي زخمي هئا. ڪيترن جا عضوا بدن کان ڌار هئا. ڪيترن جون شڪليون غم، تڪليف ۽ زخمن جي ڪري ڪاراٽجي ويون هيون. سندن حالت ايتري قدر ڀوائتي ۽ دل ڏکوئيندڙ هئي جو بي اختيار منهنجين اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا. سندن آهه و زاريون ۽ اوڇنگارون ٻڌي ڪنن جا پڙدا ٿي ڦاٽا.
    ”اُف خدايا! هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هي ڪهڙو اسرار آهي. هي لٽيل ۽ درندگيءَ جي ور چڙهيل قافلو ڪٿان آيو اهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو اهي ۽ هي ڪنهن جو لاش کنيو ٿا وڃن ۽ پنهنجون تڪليفون ۽ زخم وساري اهي هن لاءِ ڇو ماتم ڪري رهيا آهن!!؟؟“ مون سوچيو.
    ان قافلي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي زخمن سان ايڏا چور هئا، جو هلڻ جي قابل به نه هئا. هو ڪڏهن هليا ٿي، آٿڙيا ٿي، ڪريا ٿي ۽ وري به گهلجڻ واري نموني اڳيان وڌيا ٿي.
    مون ڏٺو ته ان قافلي ۾ دنيا جي هر مذهب، هر قوم، هر زبان ۽ هر علائقي جا ماڻهو شامل هئا. ڳورا به هئا ته ڪارا به. يورپي به هئا ته ايشيائي به. افرقي به هئا ته امريڪي به. ڪڏهن هڪ نسل جو ڪو ماڻهو ڪري ٿي پيو ته ٻئي نسل واري اڳتي وڌي کيس سهارو ڏيئي بيهاريو ۽ هلايو ٿي. ڪڏهن هڪ مذهب جي انسان، ٻي مذهب واري جي زخم تي مرهم ٿي رکيا. ڪڏهن وري هڪ زبان واري ٻي کي حوصلو ٿي ڏنو ته ڪڏهن وري هڪ رنگ واري انسان ٻي رنگ واري انسان جي تڪليف تي ڳوڙها ٿي ڳاڙيا.
    ”اُف منهنجا الله!... هي اڇ راز آهي ته اڄ، جتي دنيا جي هر خطي جو انسان ڪڏهن مذهب جي بنياد تي، ڪڏهن قوميت، رنگ، نسل يا زبان جي حوالي سان فقط ”مان مان“ ڪندو وتي، اتي هن قافلي جو هر ماڻهو اهي سڀئي ويڇا وساري ٻئي جي درد ۾ شريڪ آهي. آخر هي ڪهڙي عظيم هستيءَ جو لاش آهي، جنهن جا پوئلڳ هڪ مالها جي موتين جيان هڪ لڙي ۾ پوئجي گڏ گڏ هلن ٿا ۽ هڪٻئي جا درد آشنا آهن.“ مون وري سوچيو.

    اڃا آئون انهن ئي پُورن ۾ بيٺل هيس ته مون وري هڪ ٻيو حيرت انگيز منظر ڏٺو. باهه ۽ دونهين سان ڀريل بارود جي هڳاءُ واري فضا، بمن جي ڌماڪن، توپن جي گولن، ميزائلن جي ڦاٽڻ ۽ بندوقن ۽ رائفلن جي ٺڪائن سنا گڏ قافلي جي آهه زاري ڪندڙ ماڻهن جي گوڙ ۽ انهن جي رحم جوڳي حالت واري منظر ۾ هڪ نئين ڳالهه جو اضافو ٿيو. مون ڏٺو ته آسمان تي پري کان ايندڙ ڪيترائي اڇا پکي ظاهر ٿيا، جڏهن اهي قافلي مٿان گذرندا اڳتي اڏامڻ لڳا ته انهن مان پڻ هر هڪ پکي زخمي حالت ۾ هو.سندن اڇا بدن ۽ پَرَ به خون جي ڌَٻن سان ڀريل هئا. انهن مان ڪجهه پکين جي چهنبن ۾ زيتون جون ٽاريون هيون ته ڪجهه پکين جون چهنبون زخمي هيون، جنهن سبب شايد انهن جون زيتون جون ٽاريون ڪٿي ڪري پيون هيون! هو پرواز ڪندي ڪندي زخمي هئڻ ڪري، ڪيڏيءَ مهل ڪريا ٿي ته وري ڪيڏيءَ مهل اٿي اڏاڻا ٿي، ۽ پوءِ انهن گڏجي، اڳتي وڃي ان کليل تابوت ۾ پيل لاش مٿان ڇانوَ ڪري ان کي رڻ پٽ جي نٽهڻ اُس کان بچايو ٿي.
    اهو منظر ڏسي آئون حيران ٿي ويس، ۽ ٽڪريءَ تان ڊوڙندي هيٺ لهڻ لڳيس. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو، پيرن ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا، ۽ پگهر سان سمورو جسم پُسي ويو، پر پوءِ به آئون وڌندي رهيس، ڊوڙندي رهيس ۽ ان قافلي جي اڳيان اڳيان ان طرح هلندي رهيس ۽ منهنجو منهن تابوت کي کڻي ايندڙ انسان ڏانهن هو ۽ آئون پٺيرا قدم کڻندي ٿي ويس.
    ”مهرباني ڪري ٿورو ترسو ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌو.“ مون سهڪندي سهڪندي چيو.
    ”توکي جيڪو چوڻو آهي سو چئو، پر هلندي هلندي، ڇو ته اسان هڪ لمحو به ترسي نٿا سگهون. اسان کي بيهڻو ناهي، تابوت کڻندڙ ماڻهن مان هڪ چيو.
    ”اوهان ڪٿان سفر شروع ڪيو آهي ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ مون پڇيو.
    ”اسان جو سفر ازل کان شروع ٿيو، ۽ ابد تائين جاري رهندو.“ ساڳي شخص جواب ڏنو.
    ”هي سڀ انسان ڪير آهن ۽ انهن جي اها حالت ڪنهن ڪئي آهي؟“

    ”هي سڀئي اهي انسان آهن، جيڪي ازل کان اڄ تائين پاڻ جهڙن انسانن جي ظلم، وحشت ۽ بربريت جو شڪار ٿيا آهن. هنن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪمزور انسان آهن، جن طاقتور انسانن هٿان ظلم برداشت ڪيا آهن.“
    ”هي لاشو ڪنهنجو آهي؟ ۽ هي پکي ڪهڙا آهن؟“
    ”هي انسانيت جو لاشو آهي ۽ هي پکي امن جا يغامبر آهن.“
    ”اوهان سڀ ڪيڏانهن وڃي رهياآهيو؟“
    ”امن جي تلاش ۾.“
    ”اهو ڪٿي ملندو؟“
    ”اها خبر هجي ها ته ڇا اسان هن حالت ۾ برپٽ بيابان ڀٽڪون ها؟“
    ”پوءِ هي لاش دفن ڇو نٿا ڪريو، ڪيستائين ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هلندا رهندا؟“
    ”اهو انسانيت جو لاشو آهي، ان کي دفن ڪيون جو مطلب ته اها هميشه لاءِ دنيا مان ختم ٿي مٽيءَ هيٺ دٻج وڃي!؟“
    ”ازل کان ابد تائين اسان جي هن سفر دوران ئي جڏهن هن جو طبيب اسان کي ملندو آهي ته اهو ان جي دوا دارون ڪري هن کي چڱو ڀلو ڪندو آهي ۽ ائين اهو لاش ڪڏهن ڪڏهن ٻيو ٻيو جنم وٺي زنده ٿيندو اهي ته اها هستي يعني: انسانيت ئي اسان جي اڳواڻ بنجي ويندي آهي. پوءِ فضا ۾ گونجندڙ اهي سڀئي ڀيانڪ آواز ختم ٿي ويندا آهن. اسان سڀني جا زخم رجي ويندا آهن. تڪليفون گهٽجي وينديون آهن. اسان جن چهرن جا نقش ۽ جسم ٻيهر اصلي حالت ڏانهن ورڻ لڳندا آهن. اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن هن لاش کي ٻيهر حياتي ڏيندڙ ويڄ ملندو.“

    ”اهو ويڄ ۽ ماهر حڪيم آخر ڪير آهي؟“
    ”امن.“
    ”ان کي آخر ڪٿي ڳوليندا...!؟“
    ”خبر ناهي، پر اسان کي ڳولڻو آهي. مري ويل انسانيت کي ٻيهر حياتي ڏيڻي آهي. ازل کان ابد تائين اها تلاش جاري آهي. هلڻو آهي... بس، هلڻو آهي...“
    آئون هڪ پاسي ٿي وڃان ٿي. بي انت انسانن جو قافلو وڃي پيو. منهنجي اڳيان، جن جا پير پٿون آهن. ڪنڊن سان زخمي آهي. هو روئن پيا رڙهن پيا... اُڀ ڏاريندڙ آهون... دانهون... هٿيارن جا ڪَنن کي ڦاڙيندڙ آواز... رت سان وهنتل انسان! چچرجي ويل جسم ۽ چهرا... زخمي پکي... انسانيت جي لاش مٿان زخمي پرن سان ڇانوَ ڪندڙ امن جا پيغامبر!
    اُف خدايا! آئون ڪنن ۾ آڱريون وجهي ٿي ڇڏيان، ۽ اکيون بند ڪري ٿي ڇڏيان، ڇو ته اهو منظر ۽ ڀيانڪ آواز منهنجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان ٻاهر آهن ۽ پوءِ... بي اختيار آئون به اُڀ ڦاڙ آواز ۾ رڙيون ڪرڻ لڳان ٿي. روئان ٿي... منهنجين بند اکين مان ڳوڙها وَهي منهنجي منهن کي آلو ڪن پيا...
    ”الله اڪر... الله اڪبر...“ ان آواز تي ٻيا سڀ آواز ختم ٿي وڃن ٿا.
    آئون ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي ويٺيس. منهنجيون نظرون سامهون دريءَ کان ٻاهران گهري نيري ۽ ڳاڙهي آسمان مان آهستي آهستي اڀرندڙ سج تي پيون، ۽ ڪنن ۾ پريان ايندڙ ڪوئل جي مٺڙي ڪوڪ ۽ جهرڪين جا موهيندڙ آواز پيا ته ڪلمو ڀريم، ۽ پوءِ اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو چهرو اکين مان مسلسل لڙڪن وهڻ ڪري آلو ٿي ويو هو. مون لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ فجر جي نماز پڙهي سجدي ۾ ڪري بي اختيار دل جي گهراين سان دُعا ڪندي چيم: ”اي منهنجا پروردگار! امن جي پانڌيئڙن جي پارت اٿئي!“


    مائي مِٺل ۽ زَري

    ”امان! هيءَ آئون اوهان جي گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ مائي وٺي آئي آهيان، اوهان کي نوڪرياڻيءَ کان سواءِ الاهي ڏکيائي آهي.“ ماسيءَ مون کي چيو ته، مون هن ڏانهن ڏٺو. هوءَ بنهه سنهڙي سيپڪڙي، زري گهٽ رڳو هڏن جو پڃرو هئي. سندس عمر ته الائي ڪيتري هئي، پر چهرو لڪيرن ۽ گهنجن سان ڀرپور هو. هوءَ ايڏي پوڙهي هئي، جو هڪ وار به ڪارو نه هيس. ڦاٽل رئي مان سندس چانديءَ جهڙا اڇا وار ليئا پائي رهيا هئا... ساڻس گڏ نون ڏهن سالن جي سانوري ڇوڪري پڻ هئي، جيڪا بک، افلاس ۽ غربت جو جيئرو جاڳندو پورٽريٽ ٿي لڳي.
    ”ماسي! هيءَ نوڪرياڻي آهي يا مريضه؟ عمر ۽ صحت ته ڏسوس. ڪم ته الائي ڇا ڪندي، مورڳو خون نه ڳچيءَ ۾ پوي.“ مون کِلَ روڪيندي چيو.
    ”امان! هيءَ اوهان جهڙين ڏهن جو مَٽُ آهي. اهي ٻهراڙيءَ جون محنتي عورتون آهن، سندن ظاهري ڏيک تي نه وڃو اوهان وانگر ڪو نه آهن، اوهين ته رڳو هوا تي پيون هلو. سگهه لڀي ڪا نه، رڳو ڏسڻ جون آهيون. هيڪاري هن ڊائٽنگ جي شوق ۾ اوهان ڇوڪرين پاڻ کي حال کان ڪڍي ڇڏيو آهي. اسين اوهان جيڏيون هيوسين ته ڇا ته صحت هوندي هئي. ڇا ته چهري جي رونق هوندي هئي، ڇا ته ڊگها گهاٽا سهڻا وار هوندا هئا، اوهين ته هن عمر ۾ ئي افعالن کان نڪري ويون آهيو.“
    ماسيءَ معمول جيان پنهنجي پسنديده موضوع تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو ۽ امي به ها ۾ ها ملائڻ شروع ڪئي، ته اتان کسڪڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت نظر آيم. هو چونديون به ته سچ ئي آهن.

    پوءِ ڪجهه دير ۾ نيون نوڪرياڻيون سڄي گهر جو موضوع بنجي ويون. شام تائين اها به خبر پئجي ويئي ته هو سنڌ جي هڪ انتهائي، ڏورانهين علائقي مان هن شهر ۾ ڪمائڻ لاءِ آيون هيون، هو جنهن علائقي مان آيون هيون، اتي جا ماڻهو غربت ۽ افلاس ۾ ڪئين گذاري رهيا هئا، ان ڳالهه جو ثبوت هو پاڻ هيون. سندن حالت ازخود هنن جي غربت جو داستان ٻڌائي رهي هئي ۽ هو جديد شهري زندگيءَ کان ڪيترو اڻ واقف هيون ان جي خبر ان ڳالهه مان ٿي پيئي ته، هو سمجهي رهيون هيون ته هي ڪو ٻيو ملڪ آهي يا شايد سندن زبان ۾ علائقي کي ”ملڪ“ سڏبو آهي، انڪري بار بار هو ”اسان جو ملڪ“ ۽ ”اوهان جو ملڪ“ ڇئي رهيون هيون. سندن سنڌي به بنهه ٻهراڙيءَ واري هئي، جنهن جا ڪيترائي لفاظ اسان کي سمجهه ۾ نٿي آيا. ساڳي طرح اسان جو ڳالهائڻ کين سمجهه ۾ نٿي آيو، ۽ هنن جي ليکي ته اسان سنڌي بدران ڪا ٻي زبان ٿي ڳالهائي.
    بحرحال ائين ڪجهه ڏينهن تائين هوءَ پوڙهي، جنهن جو نالو مِٺل هو ۽ ان ڇوڪري، جنهن جو پورو نالو ته زرينه هو پر مِٺل کيس زري سڏيندي هئي، ان ڪري اسين سڀئي پڻ کيس زَري چوندا هئاسين. ٻه ٽي ڏينهن ته هڪ ٻئي جي زبان ۽ الفاظن سمجهڻ ۾ ويا، ۽ کين ڪم ڪار جي روٽين جنهن نموني سان اسان جي گهر جو ڪم هلندو هو، اهو نمونو سمجهائيندي گذري ويا. ائين پندرهن ويهه ڏينهن انهن جي ٽريننگ دوران، گهر جي هر هڪ درد کي ڪافي مٿو ماري ڪرڻ پئي.
    ”مِٺل! ياد رک کير جا ٿانوَ ٻوڙ رڌڻ واري ديڳڙين سان گڏي، نه رکبا آهن. ٻنهي جي ٿانوَن جا الڳ الڳ خانا ٺهيا پيا آهن. هر شيءَ پنهنجي مخصوص جاءِ تي رک.“
    ”مِٺل! تون ڪم جي دوران رڌڻي ۾ ڏاڍو ڪچرو ٿي ڪرين، ۽ ها، هر رَڌي پڪي کان پوءِ چلهيون صاف ڪرڻ ۽ رڌڻي جي صفائي ڪرڻ ضروري آهي.“
    ”مِٺل! هي گيهه جو دَٻو هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇو ٿي رکين! ان کي هميشه ان جي جاءِ تي ئي رکندي ڪر، ۽ مانيون پچائي تَئو چلهه تي ڇڏي نه اُٿي ويندي ڪر، تئي کي کڻي اسٽور ۾ ان جي مخصوص اسٽينڊ تي رک.“
    ”ماني مِٺل! ايڏا ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃا تائين توکي گيس جو چلهو ٻارڻ ڪونهي آيو، جڏهن به چلهو ٻارڻهو هوند اٿئي رڳو رڙيون ڪري، هڪ هڪ کي سڏي گهر کڻي مٿي تي کڻندي آهين.“
    مطلب ته سڄو سڄو ڏينهن اسان کي اها مغز ماري ڪرڻ پوندي هئي ۽ هوءَ هر ڳالهه جي جواب ۾ چندي هئي ”هائو امڙ! هاڻي سمجهان پئي، جلد سِکي وينديس...“
    ۽ پوءِ واقعي مهيني کن ۾ هوءَ ٻئي ڪافي روان ٿي ويون ۽ ماسيءَ سچ چيو هو ڏسڻ ۾ مِٺل جي حالت رحم جوڳي هئي، پر ڪم جي الاهي هوشيار هئي، هوءَ مانيون پچائيندي هئي، ڪپڙا ڌوئيندي هئي، پوچو لڳائيندي هئي ۽ ٿانوَ ڌوئندي هئي. جڏهن ته زري پڻ هڪ پاسي هن کي ڪم ۾ مدد ڏيندي هئي ته ٻئي پاسي هوءَ به ڪيترائي ننڍا وڏا ڪم ڦڙتيءَ سان ڪندي هئي. هنن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب هئي. زري کي ڌيءَ ڪري پاليو هئائين کيس رڳو پٽ هئا، سندس پهاڄ کي زري کان سواءِ ٻيا به ٻار هئا. زري تمام جلد سڀني سان هري مري ويئي هئي ۽ منهنجي ڀائٽي جنهن کي ٻار ”آپي“ چوندا آهن، سندس هم عمر هئي اُن سان دوستي ٿي ويئي هيس.
    مِٺل ٻڌايو هو ته ڇهن مهينن کان پوءِ سندس پهاڄ جي پٽ جي شادي هئي، ان لاءِ سندس هڪ مائٽياڻي، جيڪا حيدرآباد ۾ رهندي هئي ان جي معرفت هوءَ ڪمائڻ لاءِ شهر آئي هئي ته جيئن پهن مهينن ۾ هوءَ ڪجهه پيسا جمع ڪري، پٽ جي شادي ڪرائي سگهي.
    ”مائي مِٺل! تنهنجي ساهيڙيءَ جي عمر ڪيتري هوندي؟“ هڪ ڀيري مون پڇيو.
    ”بس امڙ! ائين کڻي سمجهه ته جيڪر منهنجي ڪا ڌيءَ هجي ها ته ان جيتري هجي ها.“ چيائين.
    ”توکي تنهنجي ساهيڙيءَ کان ساڙ ڪونه ٿيو هو؟“
    ”نه امڙ! اسان ۾ الاهي قرب آهي. امڙ اسان وٽ هونءَ به مڙس ٻه ٻه ٽي ٽي شاديون ڪن، پر سڀئي گڏجي رهن هڪڙي گهر ۾.“
    ”ذري! توکي مزو اچي ٿو هتي.“ مون وري زريءَ کان پڇيو.
    ”ها، ٿورو ٿورو“
    ”ٿورو ٿورو ڇو؟“
    ”نه، هونءَ ته مزو اچي ٿو پر جڏهن امان، ڀينرون ڀائر ۽ ڳوٺ ياد پوندو آهي ته دل ڪندي آهي تهجيڪر پَرَ لڳنم ته اڏامي وڃي ڳوٺ پهچان.“
    ”ها! ڳوٺ پهچان....“ مائي مِٺل... جيڪا مانيون پچائي رهي هئي، تنهن مٿس ويلڻ اُلاريندي چيو. ”ڳوٺ ۾ کاڌا رکيا آهن تو لئه... شڪر ڪر هتي ڍؤ تي ماني ته ملئي ٿي.“
    ”هون! وينديس ڳوٺ.... ڪِني مِٺل کِٺل....“ زري کيس چٻرا ڏيني چيڙائيندي چيو.
    ”ڇو زري؟ مِٺل کي امان ڇو نه چوندي آهين؟“
    ”ڇو ڀلا مِٺل توکي ڪانه ٿي وڻي؟“
    ”ٿوري ٿوري“
    ”ڇو؟“
    ”مون کي رڳو دڙڪا ٿي ڏي.“
    ”بيهه ته ڇوري نڀاڳي وات ته ڪيئن ٿي ڪرين“ اهو چوندي مِٺل ويلڻ کڻي سندس ويجهو ويئي ته هوءَ کيس چٻرا ڏيندي، رڌڻي کان ٻاهر ڀڄي ويئي ۽ مون کي کِلَ اچي ويئي.
    مِٺل هونءَ ته سڄو ڏينهن زري کي دڙڪا ڏيندي هئي، پر هن کان سواءِ کيس مانيءَ جو گرهه به نه ڳڙڪندو هو. زريءَ کي بک به نه هوندي هئي ته کيس زوري کارائيندي چوندي هئي. ”ڇوري جيسين هتي آهين کائي ڍؤ ڪر. پنهنجي ملڪ هلي وري بکون ڪاٽڻيون اَٿئي.“
    مِٺل کي اسان جا نالا وٺڻ به نٿي آيا، ان ڪري هوءَ منهنجي وڏي ڀيڻ، جيڪا ڊاڪٽر آهي، ان کي ”ڊاڪٽرياڻي“ چوندي هئي ۽ مون کي ”ماسترياڻي“ مون کي الائي ڇو لفظ ”ماسترياڻي“ کان چِڙ ٿيندي هئي، ڇو ته آءٌ هڪ انگلش ميڊيم اسڪول ۾ انگلش پڙهائيندڙ ٽيچر ميڊم، ۽ مس ٻڌڻ جي عادي هيس... امي کي هوءَ جيجي وڏي سڏيندي هئي ۽ ڀاڀيءَ کي ڪنوار، زري جيئن ته فطري طرح ذهين ۽ گهٽ عمر جي هئي، ان ڪري شهري الفاظ ۽ ڳالهيون جلد سکي ويئي. هوءَ منهنجين ڀيڻن کي ”آپا“ چوندي هئي ۽ مون کي ”آپا مِس“ چوندي هئي. امي، زريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي، هوءَ پنهنجي مِٺڙي لهجي ۾ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪري سڀ کان گهڻو کيس موهي ويئي هئي. زريءَ کي منهنجي ڀائٽي جا ڪيئي ”فيسني“ جوڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا. امي جڏهن به ڪيڏانهن ويندي هئي ته کيس به وٺي ويندي هئي، هوءَ کيس بازار وٺي ويندي هئي ته جڏهن منهنجن ڀائٽن ۽ ڀائٽي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، رانديڪا ۽ ٻيو سامان آڻيندي هئي، اتي کيس به چوڙيون وغيره وٺي ڏيندي هئي، بَڪَل، هار، ايرنگس جيڪي هوءَ اسان کي خوشيءَ ۾ اچي ڏيکاريندي هئي... ٻارن ۽ اسانجي ڪري هوءَ به کيس ”امي“ چوڻ لڳي. سندس ايتري ”Value“ ڏسي اڪثر مِٺل چودني هئي، ”جيجيءَ ته زريءَ کي مَٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي. ڇوريءَ جو مغز ڦري ويو آهي.“
    هڪ ڀيري امي هڪ شاديءَ ۾ وڃي رهي هئي، منهنجي ڀائٽي به ويئي پئي ته زري به ضد ڪري بيهي رهي ته مٺل ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”ڇوري! تون ڪا بيبين جهڙي آهين جو شاديءَ تي ويندينءَ.“
    امي کيس منهنجي ڀائٽيءَ جا اڳي جا پيل ڪپڙا شادي لاءِ پائڻ لاءِ ڏنا. ٿوري دير کان پوءِ هوءَ بروڪيٽ جو پاجامون ۽ چمڪيلي قميص پائي اچي بيٺي.
    ”آپا مِس! آئون ڪيئن پئي لڳان.“ هن منهنجي ڪمري ۾ اچي مون ڏانهن گهٽ ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڏسندي پڇيو ته مون ڪم ڪندي هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيو:
    ”فرسٽ ڪلاس“
    ”اهو فرسٽ ڪلاس ڇا هي؟“
    ”مطلب ته تمام سٺو.“
    ”اڃا ته آپا مِس اميءَ، جيڪي مون کي چوڙيون ڏنيون آهن اهي پائينديس ڪنن ۾ واليون وجهنديس، ۽ ها آپيءَ (منهنجي ڀائٽي) مون کي سُرخي ۽ سينڊل به ڏنو آهي... ها سرخي هڻنديس ۽ سينڊل پائينديس.“
    ” نه زريءَ تو جيتريون ڇوڪريون سُرخي ڪو نه هڻنديون آهن. ڏس آپي به نه ٿي هڻي“
    ”ڇو؟“ هن ضد ڪندي چيو.
    ”تو جيتريون ڇوڪريون هونءَ ئي سٺيون لڳنديون آهن.“ چيومانس ته ٿوري دير هن وري آئيني اڳيان ڪجهه پوز هنيا ۽ پوءِ ڪمري مان نڪري ويئي، ۽ آئون لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اڃا پندرهن منٽ مَس گذريا هئا ته هوءَ وري مون وٽ آئي، پر عجيب حُليي ۾. اکين جي اندر گهٽ ۽ ٻاهران گهڻو ڪجل جو ليپ هوس، اها ئي حالت لپ اسٽڪ جي هئي، جيڪا چپن تي گهٽ پر کاڏيءَ ۽ واڇن تي گهڻي هئي. ۽ کيس وڏيءَ کڙيءَ وارو سينڊل پاتل هو، جنهن سان هوءَ آٿڙندي ڪرندي پاڻ کي ۽ رَئي کي سنڀاليندي عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. سندس حليو ڏسندي مون کي کِلَ اچي ويئي. بلڪل ڪارٽون لڳي رهي هئي.
    ”زري هي ڇا ڪري آئي آهين؟ وڃ وڃي منهن ڌوئي اچ.“ مون کِلَ ضبط ڪندي کيس دڙڪا ڏنا. پهرين ته هن انڪار ڪيو پوءِ منهنجي گهڻي چوڻ تي نيٺ چيائين:
    ”ڀلا هن تنهنجي ڪمري واري باٿ روم ۾ وڃان منهن ڌوئڻ؟“
    ”ها، ها... اتي ئي وڃ“ چيم، هوءَ باٿ روم ڏانهن وڌندي ٿورو ترسي ۽ پوءِ چيائين.
    ”آپا مِس! ڏس مٺلکي اڃا تائين باٿ روم چوڻ به ڪونهي ايندو. هوءَ اڃا به هو ڪِنو ڪِنو اکر چوندي آهي. مان تڪڙو سکي ويم نه؟“
    ”ها“ مون مختصر جواب ڏنو. هوءَ باٿ روم ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ منهن ڌوئي واپس موٽي ته ڪجهه ماڻهپي ۾ نظر آئي. هوءَ هڪ ڀيرو وري ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني تي نظرِ عنايت ڪندي، مون ڏانهن وڌي ۽ هٿ ۾ پڪڙيل سندس ميري ڦڻي مون ڏانهن وڌائيندي چيو، ”هان وٺ! منهنجو چانڊورو ته ٺاهه.“
    ”ڇا!!!؟؟“ منهنجن فرشتن کي به خبر ڪو نه هئي ته ”چانڊورو“ ڇا بلا هئي.
    ”او... اهڙو انڊورو جهڙو آپي ٺاهيندي آهي.“
    مون اندازي سان سمجهيو ته چانڊورو مطلب ته پوني ٽيل، پر آئون وري به سندس ميرن چيڙهه لڳل مختصر ۽ بي ترتيب وارن کي ڏسي پريشان ٿي ويس ته آخر انهن جي پوني ٽيل ڪيئن ٿي ٺهي سگهي؟
    ”نه زري! مون کان ڪو نه ٺهندو، وڃي ننڍي آپا کي چئه.“ مون جند ڇڏائڻ خاطر چيو ته هوءَ مايوس ٿي ويئي هلي ۽ وري ڏهه منٽ کن ترسي مون وٽ آئي ۽ فخريه لهجي ۾ چيائين، ”ڏس منهنجو چانڊورو.“
    مون هن ڏانهن ڏٺو، سندس وارن جون پاسي کان چڳون لڙڪي منهن تي پيون پئي، هن پٺ ڏني ته مون کي کِل اچي ويئي. ٻه ٽي وارن جون مختصر پڇڙيون بَڪَل جي مدد سان ويڙهيون پيون هيون. مون دل ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي داد ڏنو ته هن ڪهڙي نه مهارت سان انهن ننڍڙن وارن کي ربربينڊ جي قيد ۾ جڪڙي، ڪلپ ان مٿان فِڪس ڪيو هو.
    ”زري... هينئر ته شادي کائي اچ، پر مهرباني ڪري سڀاڻي وهنجي سهنجي ماڻهو ٿجانءِ. خاص ڪري مٿو ته ڌوئي صاف ڪجانءِ وارن جي حالت ڏٺي اٿئي.“ چيومانس.
    ”ها! سڀاڻي وهنجندم. مان کي آپا ننڍي شيمپو ڏنو آهي، ۽ ان سان وارن ڌوئڻ جو نمونو به ٻڌايو آهي.“
    مون کي حيرت ٿي ته هن کي يڪدم ”شيمپو“ نالو ياد ٿي ويو هو. ائين هوءَ ان رات تيار ٿي شاديءَ تي ويئي، انهن ئي ڏينهن رمضان اوري عيد به آئي، ته عيد جي رات هوءَ اميءَ سان گڏجي بازار ويئي ۽ آرٽيفيشل جيولري، چوڙيون، بَڪَل ۽ ميندي وٺي آئي ۽ عيد جي سڄي ڏينهن تي هوءَ ساڳي ريت وڏي کڙيءَ وارو سينڊل پائي آٿڙندي ٿڙندي رهي ۽ بار بار ڦٽي ويل چانڊورو ٺهرائيندي رهي. شام جو هوءَ ۽ مِٺل، نوڪر سنا گڏجي راڻي باغ گهمڻ ويون.
    هاڻي ڪجهه مِٺل جو احوال به ٿي وڃي... هوءَ به گهٽ ”فلم“ نه هئي. کيس مون، منهنجين ڀيڻن ۽ ڀاڀيءَ الاهي سارا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا، پر هوءَ رڳو ساڳيا ٻه جوڙا پائيندي هئي جن کي ڌوئي ڌوئي رنگ ئي ڦٽائي ڇڏيائين. هڪ ڀيرو چيومانس، ”مائي مٺل! توکي مون ۽ ٻين ايترا ڪپڙا ڏنا آهن سي پائين ڇو نٿي؟ هي ڪپڙا هت صفا خراب ٿي ويا اٿئي؟“
    ”ائي امڙ! مان پوڙهي زال سٺا لٽا پائي ڇا ڪنديس، اهي سڀ لٽا ته مون ساهيڙي لاءِ سنڀالي رکيا آهن، هوءَ ننڍي نيٽي آهي ان کي کپن.“
    ”پوءِ ڇا هي، تون اسان وٽ ڇهن مهينن لاءِ آئي آهين، جڏهن پنهنجي ملڪ ويندينءَ ته توکي تنهنجي ساهيڙيءَ ۽ ان جي ڌيئرن لاءِ ٻيا ڪپڙا ڏينداسين.“
    کيس اهو چوڻ جي باوجود به مون ڏٺو ته هن اهي ساڳيا ٻه جوڙا ٿي پاتا... انهن ڏينهن ۾ هڪڙو قلفيءَ وارو روز اسان جي پاڙي ۾ ايندو هو ته منهنجن ڀائٽين سان گڏ زري به بابا کان پيسا وٺي روز قلفي وٺي کائيندي هئي ۽ ڪڏهن آئون مٺل کي به قلفي کائيندي ڏسندي هيس. هڪ ڀيري منهنجي ڀيڻ مٿي ۾ ميندي وڌي ته مٺل به وارن کي رنڱڻ لاءِ هن کان ميندي ورتي، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ منهنجي ڀيڻ کلندي کلندي مون ڏانهن آئي ۽ چيائين:
    ”ٽي.وي. لائونج ۾ وڃي هڪڙو دلسچپ منظر ڏس.“
    ”آخر آهي ڇا؟“ حيران ٿيندي پڇيم.
    ”بس! تون پاڻ وڃي ڏس... اها ڳالهه ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان تعلق ٿي رکي.“
    تڏهن مون کي به تجسس ٿيو ۽ ٽي.وي. لائونج ۾ ويس ته اتي جيڪو منظر ڏٺم، تنهن تي مون کي به کِل روڪڻ مشڪل لڳي. مٺل ٻارن جي ويهڻ جي بنهه ننڍڙي پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي فِڪس ٿي Statue بَني وات ڦاڙي ٽي.وي. ڏسي رهي هئي. پهريون ڀيرو سندس رَئو مٿي تي هئڻ بجاءِ ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ڏٺومانس. هوءَ سڄي مٿي کي مينديءَ ٿڦي ويٺي هئي ۽ سندس ميندي ۾ لڦيل وارن جا ٻه وانگوڙا ٺهيا پيا هئا. هڪڙو وانگوڙو هڪڙي ڪَنَ جي مٿان ۽ ان وقت هوءَ بالڪل ٻڪريءَ جو ٻچو يعني ”ميمني“ لڳي رهي هئي. بس پوءِ ته اها ڳالهه پوري گهر ۾ پکڙجي ويئي ۽ هر ڪوئي واري واري سان ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ٽي.وي. لائونج مان گذري کيس حيرت مان ڏٺو. سندس اڇا وار هاڻي تيز ڳاڙها ٿي ويا. ان ڪري هاڻي هوءَ بالڪل ڪا پلاسٽڪ جي گڏي ٿي لڳي.
    ٻئي ڏينهن مون ٽي.ويءَ. لائونج ۾ ڪالهه جهڙو هڪڙو منظر ڏٺو. هوءَ ٻارن جي وچ ۾ ساڳي ننڍڙي پلاسٽڪ واري ڪرسيءَ تي فڪس ٿي ويٺي هئي ۽ بارن جيان قلفي چَٽي رهي هئي.
    هوءَ جڏهن ٻه مانيون پچائڻ ويهندي هئي ته چلهه جي ايڏو ويجهو ويهندي هئي جو مون کي ڊپ لڳندو هو ته ڪٿي مورڳو سندس چولي يا گنديءَ جو پلاند باهه سان نه لڳي... مون کيس ڪيترائي ڀيرا چيو هو، ”مائي مِٺل! چلهه کان ٿورو پري ٿي ويهندي ڪر... سَڙي نه پوين.“
    ”ائي بيبي! قسمت ۾ سَڙي مرڻ لکيل هوندو ته سڙنديس پوءِ پاڻ کي بچائي مان ڇا ڪريان.“ هوءَ سدائين اهو ئي جواب ڏيندي هئي.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي جو ڊرينيج سسٽم خراب هئڻ ڪري خراب پاڻي رستن تي جمع ٿي ويو هو ۽ مڇرن جو آزار مچي ويو هو. رات جو ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ جي باوجود به مڇر پَٽي رکندا هئا. هڪ رات آئون ڪم سان ٽي.وي. لائونجمان گذريس. جتي مٺل ۽ زري سمهنديون هيون، ته مون ڏٺو ته هو مڇرن جي چڪن پوڻ ڪري بيچين ٿي رهيون هيون... تڏهن مون کي مٿن رحم اچي ويو ۽ هڪڙو ڪوائل ٻاري ٽي.وي. لائونج ۾ به رکيم. صبح جو مِٺل مون کي ڏسندي چيو، ”ماسترياڻي! رب ڪندو ته جُڙي رهندينءَ... موليٰ روزي ۾ برڪت ڏيندئي... رات مڇر داني رکي ڏنئي ته سک جي ننڊ ڪئيسون نه ته روز ته مڇر سمهڻ ئي ڪو نه ڏيندا اهن... بي بي الله قسمت موچاري ڪندئي... شل ڪوسو واءُ نه لڳئي...“
    ان مهل ته دعائون ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي پر پوءِ خبر پئي ته آئون ته مورڳو هڪ دفعو هنن سان همدردي ڪري ڦاسي وئي هيس... هوءَ هاڻي روز سمهڻ مهل منهنجو مٿو کائيندي هئي:
    ”ماسترياڻي!“ الله خوش رکندئي... امڙ مڇر داني ته ٻاري ڏي...“
    هاڻي روز روز آئون ڪٿان کين ڪوئال وٺي ٻاري ڏيان... سوڪڏهن ته ٻاري ڏيندي هئي سان ۽ جڏهن کين ڪوائل ٻاري نه ڏيندي هيس ۽ پوءِ سمهڻ جي تياري ۾ لڳي ويندي هيس ته مٺل زبان سان ته ڪجهه نه چوندي هئي بس اکين ۾ التجائون ڪندي مون ڏانهن ڏسندي هئي... ۽ جڏهن آئون سندس نظرن کي لنوائي بستري تي ليٽي پوندي هيس ته ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ جي باوجود مڇرن جا خوفناڪ چَڪَ ڄڻ انجيڪشن پيا هڻندا هئا. تڏهن منهنجي ننڊ اهو سوچي ڦِٽي پوندي هيئ ته جڏهن ڪوائل جي باوجود هتي مڇرن جي ايڏي ”يلغار“ آهي ته ٽي.وي. لائونج ۾ ستل مٺل ۽ زريءَ ڪهڙي حالت ۾ هونديون...!؟ بس پوءِ ڄڻ سک ڦٽي پوندو هئم ۽ ڪاوڙ به لڳندي هئم ته ڄڻ مون سندس ٺيڪو کڻي رکيو هو پوءِ چپن ۾ ڪاوڙ ۾ بُٽ بُٽ ڪندي اٿندي هيس ۽ ڪو ڪوائل هٿ ڪري هنن کي رکي ڏيندي هيس ته مٺل جي وات مان دعائون نڪرنديون رهنديون هيون:
    ”ربّ جڙيو رکئي.“
    ”شل سدائين سکي رهين.“
    ”پنجتن پاڪ جو سايو هوندئي.“
    ”موليٰ روزي ۾ برڪت ڏيندئي...“
    ۽ ائين پوءِ آئون روز کين ڪوائل ٻاري ڏيندي هيس ته منهنجا ڪَنَ خود بخود دعائن لاءِ منتظر ٿي ويندا هئا... ۽ آئون جيستائين ڪوائل ٻاري رهي هوندي هيس سندس وات مان دعائون نڪرنديون رهنديون هيون.
    هڪ صبح جو آئون جيئن ئي تيار ٿي اسڪول لاءِ رواني ٿي رهي هيس ته مِٺل منهنجن هلڪن گلابي ڪپڙن کي ڏسي چيو:
    ”ماسترياڻي! سچ ٿي چوائين ته اهو جوڙو توکي ڏاڍو ٺهندو آهي... ۽ گلابي رنگ جيترو مون توتي ٺهندي ڏٺو آهي اهڙو ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ڏٺم...“
    صبح صبح جو اهي رمارڪس ٻڌي منهنجو موڊ انتهائي، خوشگوار ٿي ويو. پر شام جو منهنجي خوشفهمي ختم ٿي وئي جڏهن امي، ڀاڀي ۽ ڀيڻن ٻڌايو ته مِٺل سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ واري واري تي هر ڪنهن کي اهي رمارڪس ڏئي چڪي هئي.
    ٻئي ڏينهن آئون اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته زري منهنجي ڪمري ۾ موجود هئي ۽ حسبِ عادت ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني اڳيان بيٺل هئي.
    ”زري تون هتي ڇا پئي ڪرين؟“ پڇيومانس.

    ”آپا مِس! تنهنجي ڪمري جا سڀ سامان دڳ تي پکڙيا پيا هئا... اهي دڳ تان هٽائي هتان ٻهاري ۽ پوچو ڏنو اٿم... پٽ سٺو پيو لڳي نه؟“ هن چيو.
    ”وڏي مهرباني منهنجا ٽپڙ ”دڳَ“ تان هٽائڻ لاءِ... پر هي سامان ته ڇنڊيو ڪو نه اٿئي... ڏس مٽي لڳي پئي آهي.“
    ”مان کي پُچُ ڏي ته ڇنڊي وٺان.“
    ”پُچُ...!؟؟ اهو ڇاهي؟“
    پوءِ هن مون کي ڏاڍي مشڪل سان سمجهاوي ته هوءَ سامان ڇنڊن جي ڪپڙي کي ”پُچ“ چئي رهي هئي. مون کيس ڪپڙو ڏنو ته ٿوري دير کان پوءِ هن وري چيو:
    ”مس!... هاڻي ڏس...“
    ”ها!...“
    ”فسٽ ڪلاس آهي نه...“
    ”بلڪل فرسٽ ڪلاس...“ هوءَ جڏهن به منهنجي ڪمري جي صفائي ڪندي هئي ته جيستائين منهنجي واتان ”فرسٽ ڪلاس“ نه ٻڌندي هئي اتان ڪا نه ويندي هئي ۽ ”فرسٽ ڪلاس“ ٻڌند يئي هن جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اچي ويندي هئي.
    ”مِس! مون کي اهڙو ڇلو ڏي نه جهڙو توکي پاتل آ“ هن منهنجي آڱر ۾ پيل شيشي جي رنگين ڇلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته مون کيس اهڙو هڪڙو ڇلو ڏنو ته هوءَ خوشيءَ مان ڇلو آڱر ۾ وجهي هلي وئي.
    ان ئي رات آئون رڌڻي وٽان لنگهي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هيس ته مون هڪڙو دلچسپ منظر ڏٺو... مٺل ۽ زري رڌڻي ۾ ماني کائي رهيون هيون. مٺل ماني کائيندي کائيندي وقت به وقت زري کي دڙڪا ڏيڻ سان گڏ دُٻن، ڌَڪن ۽ چنبن سان به ”مستفيد“ ڪري رهي هئي ۽مون کيس چوندي ٻڌو:
    ”ڇوري گهٽ کاءُ... هتي اچي هاڻي گهڻو کائڻ لڳي آهين... ائين ڍو تي کائڻ جي عادت وجهي ڇڏيندينءَ ته ڳوٺ هلين ته ايتري ماني نه ملندئي نه...“
    الائي ڇو ان جملي مون کي اداس ڪري ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن آئون پنهنجي ڪمري ۾ سِلائي، ڪرڻ ۾ مصروف هيس ته هو ٻئي به اتي اچي ويٺيون.
    ”ائي، ماسترياڻي! ڪيڏا ملوڪ لٽا آهن... سڀاڻي اشڪول پائي ويندينءَ...“
    مٺل مشين تي رکيلڪپڙي کي هٿ لڳائيندي چيو.
    ”آئون به اميءَ کي چونديس ته مون کي اهڙا وٺي ڏي.“ زري چيو.
    ”ماٺ ڪر نڀاڳي... اهڙا ڪپڙا ٿي پائي... تون ڪا بيبين جهڙي آن...؟“ مٺل ڌڪ اُلاريندي چيس.
    ٿوري دير کان پوءِ مون سبيل قميص پائي آئيني ۾ جائزو ورتو ته زري کلي چوڻ لڳي...
    ”ائي... جهڙا لَٻڙَ...“
    ” لَٻَڙ ڇا؟!!“ منهنجو وات ڦاٽي ويو (اها خبر پوءِ پئي هئي ته زري هر ان قميص کي لَٻَڙ چوندي هئي جيڪا ويڪري ۽ ڊگهي هوندي هئي)
    ”سُٺا ڪو نه آهن ڪپڙا...؟“
    ”نَڪو... لَٻَڙَ...“
    ”ڇوري ڪو اچي مغز خراب ٿيو اٿئي... بيبيءَ سان ائين ڳالهائبو آهي؟!“ مِٺل وري ڇڙٻ ڏنيس.
    ائين پوءِ آئون جڏهن به پنهنجي ڪمري ۾ سلائي ۾ مصروف هوندي هيس ته زري به اچي مون وٽ ويهي رهندي هئي.
    ”مِس! مون کي ٽڪريون ڏي ته آئون ۽ آپي گڏين جا ڪپڙا سِبون.“ هوءَ چوندي هئي.
    ”چڱو! تون هتي ويهه آئون جيڪي به ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪپڙي مان ڪَٽي اڇلايان سي ميڙيندي اچجانءِ...“ تڏهن هوءَ ائين ئي ڪندي هئي... ۽ ائين اتي ويٺي هوءَ دنيا جهان جا قصا ڪندي هئي.
    ”آپا مِس! آئون مٿي ۾ شيمپو وجهي وهنجي آئي آهيان... منهنجا وار هاڻي صاف آهن نه؟“
    ”ها! فرسٽ ڪلاس...“
    ”مِس، مون اها شيمپوءَ جي بوتل لِڪائي رکي اهي... پنهنجي ڳوٺ وڃي ڀيڻ کي ڏينديس.“
    ائين هوءَ ڳوٺ جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندي هئي.

    ”زري! اڳ ۾ ته تو چيو هو ته توکي هتي ايڏو مزو ڪو نه ٿو اچي. ڳوٺ ياد پوي ٿو... پوءِ هاڻي ته توکي هتي الاهي ڏينهن ٿي ويا آهن پوءِ مزو اچي ٿو يا اڃان به ڳوٺ ياد اچي ٿو...“
    ”نه... هاڻي هِتي مزو اچي ٿو... سڀ مون کي الاهي ڀائين ٿا... سائين وڏو، امي، ڊاڪٽرياڻي، جيجي ڪنوار... تون... آپي... ننڍي آپا... سڀ... پر آئون هڪڙو ڀيرو ڳوٺ وڃان پوءِ وري اينديس...“ چيائين
    ”ڀلا تون ڳوٺ وڃي اتي ڇا ٻڌائيندينءَ؟“ پڇيم.
    ”آئون اتي امان کي ڀيڻن کي ۽ ٻين سڀن کي ٻڌائينديس ته جتي اسين رهندا هئاسون نه... اتي جون بيبيون ڏاڍيون سٺيون هيون... مون کي ڍءُ تي ماني ڏينديون هيون سٺا سٺا لَٽا ڏينديون هيون پائڻ لاءِ ۽ مون کي ڏاڍو ڀائينديون هيون.“
    ”هل... ڪُوڙي...“ مون کيس ڇيڙڻ خاطر چيو.
    ”مان بي بيءَ سان ڪوڙ هڻندم!؟... بي بيءَ سان ڪوڙ هڻان ته زبان نه سڙي وڃنم...“
    ائين هوءَ مون سان ڪيترائي قصا ڪندي هئي ۽ اڪثر ابتا سبتا سوال ڪري ۽ الاهي ساريون ڳالهيون ڪري ڪڏهن منهنجو مٿو کائي ويندي هئي.
    ”مِس! آئون توکي گانو ٻڌايان...!؟“
    ”ها ٻڌائي!“ مون سِلائي ڪندي ڪندي چيو.
    ائين پوءِ هوءَ مون کي سندن ڳوٺ ۾ ڳائجندڙ عجيب عجيب گانا ٻڌائيندي هئي ۽ اڪثر ڳائيندي ڳائيندي اٿي نچڻ به شروع ڪري ڇڏيندي هئي... ته منهنجي لاءِ کِل روڪڻ مشڪل ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ سوچيندي هيس ته هاڻِ سِلائي ڪريان يا هيءَ ”فلم“ ڏسان... هڪ ڀيري هن مون کي چيو:
    ”آپا مِس! اڄ ائون توکي هڪڙو سهرو ٿي ٻڌايان.“
    ”ها ٻڌاءِ“
    هوءَ وري جهومي جهومي ڳائڻ لڳي...
    ”مٿي ۾ سُور آ
    پيئڻ ضرور آ
    ادا... مون کي چاءِ آڻي ڏي...“
    ”هي سهرو آهي...!؟“ مون ڪم اڌ ۾ ڇڏي کيس چيو.
    ”ها مِس! ڳوٺ ۾ اسين اهو سهرو چونديون آهيون... ۽ هاڻي هي ٻيو سهرو ٿي ٻڌايان...“
    هوءَ اٿي بيٺي ۽ پوءِ نچندي نچندي هڪڙو ٻيو گيت ڳائڻ لڳي جنهن جا الفاظ ته هينئر مون کي ياد نٿا پون پر ان ۾ وڏيري جي فضول خرچيءَ جو ذڪر هو. پوءِ آئون اڪثر هن کان ”مٿي ۾ سور آهي“ واري گاني جي فرمائش ڪندي هيس ۽ کيس ڪڏهن پنهنجي لاءِ چاءِ آڻي ڏيڻ لاءِ ائين چوندي هيس:
    ”مٿي ۾ سُور آهي
    پيئڻ ضرور آهي.
    زري مون کي چاءِ آڻي ڏي...“
    هونئن ته مِٺل ۽ زري اسان وٽ ڪم ڪرڻ جو ڇهن مهينن جو ”ڪانٽريڪٽ“ ڪيو هو پر اهڙي ريت اڃان اڍائي مهينا مَس گذريا ته سندن ڳوٺان ماڻهو آيو جنهن کين نياپو ڏنو ته هو ٻئي جلد ڳوٺ پهچن ڇو ته مِٺل جي پهاڄ سخت بيمار هئي... بس پوءِ ته اهو ٻڌي ٻنهي کي ڄڻ کائڻ پيئڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ زهر ٿي آيو... يڪدم ٽپڙ ٽاڙي جمع ڪري اميءَ کي چيائون:
    ”جيجي سائينءَ کي چئو ته اسان کي جيپ ۾ مائٽياڻيءَ جي گهر ڇڏي اچي ته گڏجي ڳوٺ وڃون.“ هو ٻئي هر گاڏيءَ، ڪار کان وٺي ٽرڪ تائين کي ”جيپ“ چونديون هيون... ۽ پوءِ وڃڻ مهل جڏهن هو سڀني سان موڪلائڻ لڳيون ته ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا مِٺل چيو:
    ”امڙ! اهو ڇورو ئي نڀاڳو آهي... اڃا ڄائو هو ته مامو مري ويس هينئر شاديءَ جا ڏينهن رکيا اٿس ته ماڻهنس کٽ تي پئجي وئي.“
    ”مائي مِٺل!... ڪير به ڪنهن جي ڀاڳ سان نٿو جِئي مري پر هرڪو پنهنجو نصيب کڻي ٿو اچي ۽ پنهنجي وقت تي دنيا ۾اچي ٿو ۽ دنيا مان وڃي ٿو.“ مون چيو.
    ”ها!... جيجي... بروبر ائين ته آهي... چڱو امڙ سڀني کان موڪلاڻي... اوهان بيبين اسان کي الاهي سک ڏنا... اسان کي ڪا تڪليف ڪا نه ٿيڻ ڏني... کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لَٽو... اجهو ڏنو... بس! امڙ دعا ڪجو ته زريءَ جي ماءُ چڱي ڀلي ٿئي... ائي ڪير هينئر اتي ڪندس... آئون ئي وڃي ڏسندي مانس ٻيو ڪير ڪندس... امڙ! ننڍي نيٽي آهي شل الله حياتي ڏيس... ٻچي جي شادي ڏسي... امڙ کاڌو پيتو ۽ چئو چوايو بشڪ (بخش) ڪجو...“
    ”هنن عورتن جي زندگي ڏس... پنهنجي پهاڄ لاءِ ائين پئي آندي ماندي ٿئي ڄڻ بيحد پيارو رشتو هجيس... شهري عورت ته ”پهاڄ“ لفظ کان ئي ڇرڪندي آهي... هتي جي عورت ڪڏهن به ٻي عورت کي قبول ناهي ڪندي...“ منهنجي وڏي ڀيڻ چيو.
    ”ظاهر آهي... هي جنهن ماحول ۾ رهن ٿيون اتي تقريباً هر مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو سو هنن لاءِ ته اها ڳالهه ڄڻ نارمل ۽ نيچرل آهي يا شايد هو ان کي قسمت ۾ لکيل سمجهي آرام سان قبول ڪري وٺنديون آهن...“ مون چيو.
    ... ۽... ائين هو ٻئي پنهنجي ”مُلڪ“ واپس هليون ويون... هنن واعدو ڪيو هو ته زريءَ جي ماءُ ٺيڪ ٿيندي ته هو واپس اسان وٽ موٽي اينديون ڇو ته کين اسان جو گهر ۽ گهر وارا الاهي سٺا لڳا هئا... ان ڪري هنن جي دل اسان سان لڳي وئي هئي... پر الاهي وقت گذري ويو آهي هو ڪو نه موٽيون آهن... خبر ناهي ڇا ٿيو...؟ زريءَ جي ماءُ الائي ٺيڪ ٿي الائي نه... سندس پُٽ جي شادي ٿي الائي نه... خبر ڪونهي ته زري کي شهري اکر ۽ شهري فيشن به ياد هوندا الائي نه... پر اڪثر اسان کي سندن ڳالهيون ياد اينديون آهن ۽ ڪڏهن اسان به مذاق ۾ ”پوني ٽيل“ کي ”چانڊورو“ چونديون آهيون... گاڏيءَ کي ”جيپ“ چونديون آهيون ۽ ويڪرن ڪپڙن کي لَٻَڙ چونديون آهيون. اڪثر منهنجي ڪنن ۾ مٺل جون دعائون گونجنديون آهن ۽ زريءَ سلائي ڪرڻ دوران تصور ۾ جهومندي ڳائيندي ۽ نچندي نظر ايندي اٿم... ۽ سندس آواز ڪنن ۾ گونجندو اٿم:
    ”مٿي ۾ سُور آهي
    پيئڻ ضرور آهي
    ادا! مون کي چاءِ آڻي ڏي...“


    عورت جي هڪ ڪٿا

    جيئن ئي هڪ ٽيچر اسٽاف روم ۾ اچي اعلان ڪيو ته اسان جي هيڊمسٽريس جي بدلي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ان جي جاءِ تي آپا خيرالنساءِ هيڊ مسٽريس ٿي اچي وئي آهي ته ڄڻ سڀني جي وات مان رڙيون نڪري ويون ۽ اسٽاف روم ۾ هنگامو ٿي ويو. آئون ان وقت سرڪاري اسڪول ۾ بلڪل نئين ٽيچر اپائنٽ ٿي آئي هيس ان ڪري نه ته شهر جي اسڪولن جي هيڊن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ هئم ۽ نه ئي ٽيچرن بابت، ان لاءِ هڪ سينئر ٽيچر کان پڇيم،
    ”آخر آپا خيرالنساءِ جو ٻڌي استادياڻيون پريشان ڇو ٿي ويون آهن؟“
    هن ڪي گهڙيون مون کي ڏٺو ۽ پوءِ چيائين، ”آپا خيرالنساءِ هن شهر جي تمام سينئر هيڊ آهي ۽ وڏن وڏن اسڪولن کي تمام سهڻي انداز ۾هلائي چڪي آهي. هوءَ هونئن ته تمام سٺي آهي پر ڊسيپلين قائم ڪرڻ ۾ الاهي سخت مشهور آهي. نه پاڻ دير سان اسڪول اچي ۽ نه ئي ٻين لاءِ اهو برداشت ڪري. مطلب ته صرف پڙهائي، اڌ ڏينهن جي موڪل لاءِ به درخواست وٺندي آهي ۽ وقت جي پابنديءَ ۾ سختيءَ سان ورتاءُ ڪندي آهي. مختصر طور اهو ته هوءَ انتهائي بااصول آهي.“
    ”اوهه!... اها ڳالهه آهي.“ مون چيو. الائي ڇو دل ۾ ڪنهن حد تائين اهو ٻڌي تمام گهڻو خوشٿيس ڇو ته خود مون کي ڊسيپلين ۽ بااصول ماڻهو پسند آهن. ڪا ٽيچر اسڪول اچڻ جي ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ ليٽ پئي اچي. ڪا ڪلاڪ ليٽ پئي اچي ۽ ڪي پڙهائڻ ۾ دلچسپي نٿيون وٺن يا ٻي ڪا بي اصولي جي ڳالهه آهي تهاهي ڳالهيون درست ٿي وڃن اصل هنگامو انهن استادياڻين مچايو پئي جيڪي ”وريتيون“ هيون ۽ ”ٻاريتيون“ هيون جن سان انيڪ مجبوريون هيون. صبح جو نيرن ٺاهڻ، ٻارن کي تيار ڪري اسڪول موڪلڻ، جيڪڏهن اسڪول ڇڏڻ لاءِ ڪو ٻيو ماڻهو ناهي ته پاڻ ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ پوءِ ٻارن جي پيءُ جا ڪم ڪرڻ ڪڏهن ٻنپهرن جي ماني لاءِ اڳواٽ اٽو ڳوهي ۽ ڀاڄيون وڍي فرج ۾ رکي اچڻ ڪري دير سوير ٿيڻ لازمي آهي پوءِ وري اهڙي سخت هيڊ هجي جيڪا وقت جي پابندي لازمي سمجهي ته پوءِ مسئلا ته ٿيندا.
    ٻه ٽي ڏينهن ته خير سان گذريا. بظاهر ته اڃا تائين آپا خيرالنساءِ هڪ سينئر، بردبار ۽ سٺي هيڊ محسوس ٿي پر جلد ئي اهي ڳالهيون ٿيون جن جو ڊپ هو. آپا خيرالنساءِ ميٽنگ رکي جنهن ۾ هن ڊسيپلين ۽ وقت جي پابنديءَ کي لازمي ڄاڻايو۽ ڪنهن گهرو مجبوري خاطر يا ٻارن خاطر Short Leave يا اڌ ڏينهن جي موڪل نه وٺڻ جي تاڪيد ڪئي. اسان جهڙن ٽيچرن جو ته خير هو جو اسين ته ٽائيم تي اچڻ وڃڻ واريون هونديون هيوسين پر مسئلو ته ”وريتين“ ۽ ”ٻاريتين“ جو هو. باقي اسان جهڙيون غير شادي شده ٽيچرز جيڪي يقين ٿوريون ئي هيوسين انهن اهڙين ڳالهين کي ايڏي اهيمت نه ٿي ڏني. ان ڪري اسان لاءِ اڃان ته ڪو مسئلو ڪو نه ٿيو هو البته ٻين سان ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن هڪ ٽيچر اسٽاف روم ۾ صبح جو اندر اچڻ سان ئي رڙڻ شروع ڪيو:
    ”آپا جو پنهنجو گهر وارو ته ڪڏهوڪو گذاري ويو آهي ته اولاد اٿس ئي ڪونه اڪيلي آهي گهر ۾ تڏهن ئي ته اسان جهڙين عورتن جو احساس ئي ڪونهيس. اسين به ڇا ڪريون گهر کي منهن ڏيون، ٻارن کي اسڪول موڪليون، مڙس کي نيرن ڏيون... آخر ليٽ سيٽ ته ٿي ويندي نه...؟ ۽ وري هتي روز روز آپا جا دڙڪا ٻڌون. ڇا ڪريون نوڪري ڪرڻ کان سواءِ به گذارو نٿو ٿئي، نه ته گهر ۾ نه ويهي رهون.“
    ... ۽ پوءِ سڀني ”وريتين“ ۽ ”ٻاريتين“ جي زبان تي اهي ئي جملا رهڻ لڳا. ائين ڪجهه مهينا گذريا، شڪايتون به ٿينديون هيون، دڙڪا به پوڻ لڳا. هڪ ڀيرو آئون به ڪجهه دير سان شايد صرف پنج منٽ دير سان اسڪول پهتيس پوءِ ڊڄندي ڊڄندي آپا جي آفيس پهتيس، آپا کي سلام ڪيم ته سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ چيائين، ”گهٽ ۾ گهٽ واهان کي ته دير سان اچڻ نه گهرجي.“
    ”آپا، گاڏي هڪ آهي پهرين ڊرائيور ڀاءُ جي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويندو آهي ڇو جو انهن جو ٽائيم اڳي جو آهي پوءِ مونکي هتي ڇڏي ويندو آهي. اڄ اتفاق سان دير ٿي ويئي نه ته روز ٽائيم تي ايندي آهيان.“ اهو چوندي آفيس مان نڪري آيس.
    مان نڪرڻ کان پوءِ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. شايد اسان پابنديءَ سان اچڻ وارا هلڪي ڦلڪي غلطي درگذر ڪرڻ جي خواهش رکندا آهيون. هونئن به آئون هر ڪم وقت تي ڪندي آهيان، پڙهائيءَ ۾ ڌيان ڏيڻ، ۽ هر ڏنل ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ ضروري سمجهندي آهيان. محض اڄ پنج منٽ ليٽ اچڻ ڪري مون سان آپا درگذر ڇو نه ڪيو...؟ بهرحال جلد ئي پوءِ ذهن مان اها ڳالهه نڪري وئي. پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ وري هڪ دفعو ڏهه منٽ دير سان پهتيس ته ان ڏينهن آپا چيو، ”آخر توهان سان ڪهڙومسئلو ٿي ٿو سگهي. توهان ته شادي شده ڪو نه اهيو. نه مڙس جي ذميواري نه ٻارن جي مسئلي جو بهانو پوءِ توهان دير ڇو ڪئي؟“
    ان کان اڳ جو هوءَ وڌيڪ ڪجهه چوي ها هڪ ٻي ”غير شادي شده“ ٽيچر پڻان مهل پهتي. پوءِ ته ٻنهي کي ڪجهه دڙڪا مليا. اسين ٻئي ڪنڌ هيٺ ڪري آفيس کان ٻاهر نڪتيون سين ته مون هن کي چيو، ”غير شادي شده هئڻ به جُٺ آهي. اسڪول ۾ هر اهم ذميواري اسان کي ملندي آهي ته نوجوان ۽ غير شادي شده آهن ان لاءِ انهن تي گهر جي ڪا به ذ۾يواري ڪانهي. حالانڪه اسان به نوڪري ڪريون ٿا ۽ گهر وڃي گهر جا ڪمڪار به ڪريون ٿا اسان تي به ذميواريون آهن.“
    ”ڏس نه...“ هن چيو. ”آپا سمجهي ٿي ته غير شادي شده ٽيچرن جو ڪو مسئلو ئي ڪونهي اسان به گڏيل ڪٽنب تحت رهون ٿا. ڪڏهن گاڏي ڪو ٻيو کڻي وڃي، ڪڏهن ڊرائيور موڪل تي، ڪڏهن رڪشا ملڻ ۾ اسان کي به دير سوير ٿي سگهي ٿي.“
    اسان جا مسئلا اسان سان پر سچ پچ ته شادي شده ٽيچرن جي حالت ڏسي رحم ايندو هو. ننڍرن ٻارن سان اوجاڳو ڪرڻ، ڪڏهن نرسري ۽ ڪي جي پڙهندڙ ٻارن کي صبح جو سوير اٿارڻ، تيار ڪرڻ ۽ اسڪول موڪلڻ، ڪڏهن ڪنهن بيمار ٻار کي ڇڏي اچڻ ۽ پوءِ هر وقت ان لاءِ پريشان رهڻ عام ڳالهه هئي، جڏهن سندن ٻارن جي اسڪول۾ امتحانن ڪري سوير موڪل ٿيندي هئي ته اسڪول مان وڃي انهن کي وٺي پنهنجي اسڪول اچڻ ۽ اتي انهن کي سنڀالڻ ۽ وندرائڻ به مسئلو هوندو هو. مٿان وري انهن کي به پڙهائڻ، گهر جو ڪم نوڪريءَ تان وڃڻ بعد ڪرڻ... مطلب ته ورڪنگ وومن جو حشر ڏسي رحم ايندو هو. ان کان علاوه گهرن جا مسئلا، ڪنهن سان مڙس جو جهيڙو ته ڪنهن سان سس جو، ڪنهن سان ساهرن جا جهيڙا ته ڪنهن سان ڪا ٻي جٺ.
    اڪثر ڪري ته کين صبح جو ڦڻي ڏين جي به فرصت نه هوندي هئي اها به اسڪول ۾ اچي ڏينديون هيون. بس پڙهيل لکيل عورت جي اها ئي وڏي ڪاميابيآهي ته هزار پريشانين ۽ مسئلن جي باوجود به هوءَ ٻاهر پاڻ کي ٽپ ٽاپ رکندي آهي. فيشن ۽ ميڪ اپ جي ميچنگ سان پاڻ کي فريش رکندي آهي. اسان وٽ هو ڪڏهن اهڙا ڏک اورينديون هيون ته ڪڏهن وري سڀ ڳالهيون وساري سنگت سان ڪچهري ڪري ڪجهه ٽهڪ ڏئي وقت گذاري ڇڏينديون هيون.
    ... ۽ ... پوءِ... ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ حيرت انگيز تبديلي آئي. اها آپا خيرالنساءِ جيڪا ويهن پنجويهن سالن جي نوڪريءَ ۾ دير سان اسڪول نه پهچندي هئي. اها هاڻي دير سان اچڻ لڳي. پوءِ خبر پئي ته هن پنهنجي ڪنهن مائٽياڻيءَ جي ٻارڙي وٺي نپائڻ جي ذميواري کنئي آهي. تڏهن ايڏي پتڪڙي بارڙيءَ کي سنڀالڻ دوران کيس انهن سڀني مجبورين جي خبر پئجي وئي جن بابت کيس ”ٻاريتيون“ هيترا دفعا ٻڌائڻ سان به قائل ڪري نه سگهيون هيون.
    ... ها... هاڻي ”ٻاريتين“ تي به دير سان اچڻ تي پڇا نه ٿيندي هئي ۽ اڌ ڏينهن جي موڪل به ملڻ لڳي ان ڪري هاڻ ڪنهن کي به اپا خيرالنساءِ سان ڪا به شڪايت نه رهي هئي ڇو ته ”ماءُ“ بنجڻ سنا آپا خيرالنساءِ جي سموري شخصيت ۾ تبديلي اچڻ لڳي هيئ توڙي جو هن خود هن ٻارڙيءَ کي جنم نه ڏنو هو. هوءَ انتهائي مهربان ۽ شفيق بنجي وئي ۽ لهجي توڙي رويي جي اڳوڻي ڪڙاڻ الائي ڪيڏانهن هلي وئي هئي. هاڻي اڪثر هوءَ ٽيليفون تي بار ابر ٻارڙيءَ کي سنڀاليندڙ ”آيا“ کي بارڙيءَ جي کاڌي پيتي ۽ مختلف ڪمن بابت هدايتون ڏيندي نظر ايندي هئي ۽ ڪڏهن هوءَ اسڪول مان وڃي گهر چڪر هڻي ٻارڙيءَ جي خبرچار وٺي ايندي هئي. ڪڏهن ٻارڙي بيمار هوندي هئي ته ڄن آپا جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي... مطلب ته مائرن جا ڇا مسئلا هوندا آهن خاص ڪري، ورڪنگ وومن جا... اها آپا خيرالنساء کي چڱيءَ طرح ڄاڻ ملي چڪي هئي. جيڪا عورت ڊسپلين جي باري ۾ ايڏي سخت گير مشهور هوندي هئي. هڪڙي ننڍڙي ٻارڙيءَ ان ڊسيپلين جو بنياد لوڏي ڇڏيو هو.”مامتا“ اهڙو ئي جذبو آهي، جيڪو عورت کي بدلايو ڇڏي.
    ... وقت گذريو پئي. آپا خيرالنساءِ سڀني سان هڪجهڙو ۽ شفقت ۽ محبت جو ورتاءُ پئي ڪيو. هاڻي نه هن کي ڪنهن سان ۽ نه وري ڪنهن ٽيچر کي هن کان شڪايت هئي... جو.. اوچتو وري هڪ خبر ڌماڪي جيان اسٽاف روم ۾ آئي ته آپا خيرالنساءِ جو ٽرانسفر ٿي ويو. آپا خيرالنساءِ هلي وئي. هن جي شفقت، محبت ۽ برابريءَ جو ورتاءَ به هليو ويو. نئين هيڊ آئي هئي. نوان جهيڙا هئا، نوان مسئلا هئا... خاص طور وري ”وريتين“ ۽ ”ٻاريتين“ جي هاءِ گهوڙا شروع هئي ڇو... ته... نئين هيڊ به بي اولاد هئي.


    انجام

    ندا هڪ عام رواجي ڇوڪري آهي. عام رواجي گهراڻي سان واسطو اٿس ۽ عام رواجي ڪهاڻيءَ وانگر هن به پنهنجي سوٽَ سان محبت ڪئي. ڇو ته عام رواجيخاندانن وانگر هنن ٻنهي جا خاندان هڪ ٻئي کي تمام ويجها هئا. شعيب سندن سؤٽ آهي. ندا ۽ شعيب ننڍپڻ کان گڏ راند ڪندا جڏهن نوجوانيءَ جي عمر کي پهتا ته سندن دوستي وڌيڪ پختي ٿيوئي. فرق صرف اهو هو ته ننڍپڻ ۾شعيب ڪڏهن به پنهنجي مرضي ندا جي مٿان نه مڙهي هئي، پر هاڻي نوجوانيءَ ۾ ته هو هن جي مٿان باقاعده حق جتائيندو هو ۽ رعب ڪندو هو:-
    ”ندا (فلاڻي) ماڻهوءَ سان هر گز نه ڳالهائجان“
    ”هي رنگ نه پائندي ڪر... هو (فلاڻو) رنگ پائيندي ڪر.“
    ”عيد جي ڏينهن هي سوٽ پائجان...“
    ”مون کي ڊارڪ ميڪ اپ نه وڻندو آهي... ميڪ اپ لائٽ ڪندي ڪر.“
    ”نيل پالش هڻندي ڪرَ، تنهنجا هٿ ان سان سٺا لڳندا آهن...“ ۽... ٻيو الاهي ڪجهه.
    ۽... ويچاري ندا ان کي شعيب جي محبت سمجهي هن جو هر حڪم مڃيندي هئي. ڇو ته نوجواني جي وهي ۽ محبت جي نشي ۾ هن شعيب سان الاهي گهڻيون تمنائون وابسته ڪري ڇڏيون پر صدمو تڏهن پهتس جڏهن هڪ ڀيري هن ندا کي چيو:
    ”آئون خاندان جي ڪنهن به ڇوڪري سان شادي نه ڪندس. ٻين لفظن ۾ مون کي خاندان ۾ شادي ڪرڻي ئي ناهي. مون کي ته ٻاهر وڃڻو آهي. پڙهڻو آهي ۽ الاهي اڳتي وڌڻو اهي.“
    ”ڇا...؟! تون خاندان ۾ شادي نه ڪندين؟ پوءِ ايڏي عرصي کان مون کي پيار جي ٻنڌڻ ۾ ڇو جڪڙي رکيو اٿئي. هاڻي ته منهنجو نالو سڀ خاندان وارا تو سان ئي گڏ وٺن ٿا.“ ندا چيو.
    ”سڀني کي اجائي غلط فهمي آهي. پاڻ ته صرف دوست آهيون. بس.“ هن لاپرواهي سان چيو.
    ”سڀني کي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي پر مون کي نه. ڇوڪريون ڇوڪرن جي نظرن ۽ ادائن جو پيغام سمجهي وينديون آهن.“ ندا ذري گهٽ رئندي چيو.
    شعيب ساڳي لاپرواهيءَ سان چيو: ”اهو تنهنجي سمجهه جو قصور آهي منهنجو نه. هڪ ته توهان ڇوڪريون تمام جلد محبت ۾ متبلا ڇو ٿي وينديون آهيو. توهين ته دوستي جي لائق ئي ناهيو.“
    وقت گذريو. شعيب ۽ ندا ٻنهي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ورتي. ٻنهي جا ڊپارٽمينٽ به ويجها هئا. هاڻي هنن ٻنهي جي وچ ۾ اڳوڻو دوستيءَ يا پيار جو رشتو باقي نه رهيو هو. ڇو ته شعيب جي رويي ۽ ڳالهين ند اکي سخت صدمو پهچايو هو. پوءِ هوءَ غير محسوس طريقي سان ارشد جي ويجهو ٿيندي وئي. هو ڏاڍو مهذب، شريف ۽ سادو ڇوڪرو هو. خبر ناهي ته ندا کي واقعي هن سان محبت ٿي وئي هئي يا هن محض ضد ۾ اچي ۽ شعيب کي ساڙڻ خاطر هن جي ويجهڙائي اختيار ڪئي هئي. هو هر جاءِ تي گڏ رهڻ لڳا ۽ ڪيترائي ڀيرا شعيب هنن ٻنهي کي گڏ ڏسي ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ته ندا کي ڏاڍي خوشي ملندي هئي هن کي ساڙي. جڏهن ارشد کيس صاف ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سندس ماءُ جي خواهش هئي ته هو پنهنجي ماسات (ارشد جي ماءُ جي ڀاڻيجي) سان شادي ڪري پر هو ڪيئن به ڪري کيس مڃائي وٺندو ۽ ندا سان شادي ڪندو، ته ندا کي واقعي هن سان محبت ٿي وئي ۽ شعيب جو لڳايل گهاءُ ڇٽڻ لڳو. هو ايترو ته گڏ رهندا هئا جو سندن ڊپارٽمينٽ وارن کي ته سندن قصي جي خبر هئي پر شعيب جي ذريعي سڄي خنادان ۾ به سندن ڳالهه مشهور ٿي وئي. پر ندا کي ان ڪري پرواهه نه هئي ڇو ته هن کي اطمينان هو ته هو هونئي شادي ڪندا ڇو، ته کيس ارشد تي پورو ڀروسو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ارشد پنهنجي واعدي کي پورو ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي ماءُ کي ندا جي گهر رشتي جي گهر ڪرڻ لاءِ موڪليو. ندا ته اڳ ۾ ئي مائٽن کي ٻڌائي چڪي هئي ته ارشد هن سان شادي ڪندو، ڇو ته هو به سندن بابت ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويا هئا پر پوءِ ارشد جي ماءُ جڏهن ندا ۽ سندس گهر وارن سان ملي ته کيس ڳالهه نه وڻي ۽ هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته هوءَ هر گز اتي ارشد جي شادي نه ڪندي. اهو ندا کي ٻيو صدمو رسيو هو ۽ سندس مائٽ به هن کان سخت ناراض ٿيا ته هر جاءِ تي هن جو ۽ ارشد جو نالو گڏ مشهور ٿي چڪو هو ۽ هاڻي رشتي کان انڪار کان پوءِ خاندان وارا ته هن کي هرگز قبول نه ڪندا ۽ ڪير به خاندان ۾ رشتو نه گهرندو پر... شديد ڏک رسڻ جي باوجود هن کي ارشد کان شڪايت نه هئي ڇو ته هن جي من ۾ کوٽ نه هو پر هو به ماءُ جي ضد جي اڳيان مجبور ٿي پيو هو. هو جڏهن ندا کان معافي گهرڻ لاءِ آخري ڀيرو هن سان مليو هو ته چيو هئائين:
    ”پليز ندا! مون کي بي وفا نه سمجهه، مون ته سوچيو، به نه هو ته رشتو ڪرڻ لاءِ ها ڪري منهنجي ماءُ اوچتو ائين انڪار ڪندي. آئون تو سان ڪورٽ مئرج لاءِ به تيار آهيان، پر پوءِ نه مونکي منهنجا مائٽ قبول ڪندا ۽ نه توکي... ۽... نه ئي اڃا اسين پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيون جو اهڙو ڪو رسڪ کڻي سگهون.“
    وقت گذريو... ارشد پنهنجي ماسات سان شادي ڪري ڇڏي ۽ ندا کي فقط بدنامي پلئه پئي. پر ندا جي سزا اڃا شايد ختم نه ٿي هئي. جڏهن شعيب سندس مائٽن کي ندا جي ننڍي ڀيڻ جي رشتي وٺن لاءِ موڪليو ته ند اکي وري زبردست شاڪ پهتو ۽ وڌيڪ ڏک ندا کي اُن لاءِ به پهتو ته سندس مائٽن کي ته شعيب ۽ ندا بابت سڀڪجهه خبر هئي پوءِ به هنن ننڍي ڌيءَ جو رشتو شعيب کي ڏئي ڇڏيو ڇو ته کين ڊپ هو ته متان ندا جي بدنصيبي جو پاڇو ان کان اڳ جو هن جي ننڍي ڀيڻ تي پوي هنن ان رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ندا لاءِ هڪ نئون عذاب جو سلسلو شروع ٿي ويو. شعيب گهڻو ڪري هر روز سندن گهر ايندو هو ۽ ندا کي نظر انداز ڪري سندس ننڍي ڀيڻ ثنا سان ويهي ڪچهريون ڪندو هو. زور زور سان ٽهڪ ڏيندو هو. تڏهن اندر ئي اندر پڄرندڙ ندا جي دل چوندي هئي ته هڪ ڀيرو هوءَ شعيب کان پڇي:
    ”توکي ته خاندان مان شادي ڪرڻي ئي نه هئي پوءِ اڄ هي سڀ ڇا آهي. ڇو تو منهنجي زندگي برباد ڪئي. اسان ٻنهي هڪٻئي کي دوکو ڏنو آهي. آئون ضد ۾ ارشد کي وچ ۾ وٺي آيس ۽ هاڻي تون وري ثنا کي دوکو ٿو ڏين. مون کي خبر آهي ته تون هن سان ڪڏهن به خوش رهي نٿو سگهين نه ئي هن کي خوش رکي ٿو سگهين. تو ائين ڇو ڪيو شعيب...! ڇو ڪيو... صرف تنهنجي ڪري ئي مون سان اهو سڀ ڪڪجهه ٿيو...“
    پر هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي ۽ شعيب ۽ ثنا جي شادي ٿي وئي. هوءَ عذاب مان گذري، دل جو اڳوڻو گهاءُ وري اڳي کان به گهرو ٿي ويو.
    وقت وري گهڻو گذري چڪو آهي ۽ هينئر هوءَ منهنجي اڳيان آهي. اڄڪلهه وري سندس اکين نوان خواب ڏسڻ شروع ڪيا آهن. ڇو ته اڄڪلهه هوءَ هر وقت پنهنجي هڪ ٻئي ڪزن جو ذڪر ڪندي اهي، جيڪو سڄي عمر ڪئناڊا ۾ رهيو اهي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ هي آيو آهي. هو نيٽ تي هڪٻئي سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ چيٽ ڪندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ئي هن سندس سالگره تي کيس موبائيل فون گفٽ ڪيو آهي. اڪثر هو موبائيل تان هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن ۽ SMS ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن... ۽ آئون سوچيندي آهيان ته هن جي دل ٽي ڀيرا ٽوڙي وئي آهي پوءِ به وري هوءَ ان رستي تي هلي آئي آهي. خدا ڪري گهٽ ۾ گهٽ هن ڪهاڻيءَ جو انجام ته سٺو ٿئي.


    تو بنان ڍوليا

    ”مرد ڪڏهن به وفا نٿا ڪري سگهن. معصوم ۽ سڌا سادا نظر ايندڙ مرد صرف هڪ عورت تائين محدود نه رهندا آهن... فقط موقعو ملڻ جي دير هوندي آهي. هو ان موقعي کي فقط دوستي ڪرڻ يا وقت گذاري خاطر ئي سهي ڀليڪار ضرور ڪندا آهن.“
    ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ ليڪچررز جي هڪ گروپ ۾ ”مردن جي نفسيات“ متعلق بحث دوران جڏهن ارم پنهنجو رايو ڏنو ته نفسيات جي ليڪچرر ثوبيه جيڪا ليڪچر جي تياري لاءِ هڪ نفسياتي ڪتاب پڙهي رهي هئي، تنهن فقط ڪجهه لمحن لاءِ ڪتاب تان نظرون هٽائي ارم ڏانهن ڏٺو ۽ وري ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ٿي وئي. نفسيات جي ليڪچرر هئڻ جي باوجود به هن کي ان بحث سان ڪا دلسچپي نه هئي. البت بحث ڪندڙ گروپ ۾ شامل سمز انور، ارم جي راءِ تي ڪاوڙ ۾ ايندي چيو:
    ”توهان اڄڪلهه جون ڇوڪريون ٻه اکر پرهي پاڻ کي وڏيون عاقل سمجهنديون آهيو. هر ڳالهه ۾ فقط پاڻ کي ئي صحيح سمجهنديون آهيو. آئون ٿي توکي ٻڌايان ته شادي شده مرد، زالن سان بي وفائي نه ڪندا آهن باقي مخصوص شعبن سان لاڳاپيل مرد، اديب، شاعر يا آرٽسٽ عاشق مزاج هوندا آهن ۽ ان جو هڪ سبب اهو به اهي ته سندن واسطو خوبصورت ڇوڪرين سان پوي ٿو. شاديءَ کان اڳ گهڻو ڪري سڀئي ڇوڪرا ڇوڪرين سان دوستي يا عشق وغيره جي چڪر ۾ پوندا آهن پر شاديءَ کان پوءِ جڏهن مٿن ذميواريون پونديون آهن ۽ هو عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندا آهن ته اهي به سڌري ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي زالن سان وفادار رهندا آهن.“

    ”مون ڪڏهن چيو آهي ته اهيزالن سان وفادار ناهن. پر گڏوگڏ موقعوملڻ تي دوستي يا وقت گذاري به ڪري وٺندا آهن. ”ته“ پوءِ زور ڇا ٿي ٿيو... ”موقعو ملڻ تي“ ارم زوردار ٽهڪ ڏنو. جنهن تي وري مسز انور، جنهن جي هر ڳالهه انور صاحب کان ئي شروع ٿيندي هئي ۽ هن تي ئي ختم ٿيندي هئي، وڌيڪ ڪاوڙجي پئي ۽ حسب معمول انور صاحب جو ذڪر آيو:
    ”مون کي انور صاحب تي پورو ڀروسو اهي، کين هڪ ته ڇا ڏهه موقعا به ملن تڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪندا. بئنڪن ۾ به اڄڪلهه نوجوان ۽ اسمارٽ ڇوڪرين کي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن. هو ايڏا وڏا آفيسر آهن ۽ ڪيترين ئي بئنڪن ۾ سندن بدلي ٿي آهي، پر اڄ تائين هو ڪنهن به ڇوڪريءَ سان فري نه ٿيا آهن.“
    ”ٻين لفظن ۾ اسين اهو به چئي سگهون ٿا ته ”لفٽ“ نه ملي هوندي...!“ ارم چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳيون ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ارم ۽ مسز انوروچ ۾ شرط لڳي ويو ته هوءَ (ارم) هڪ مهيني اندر انور صاحب سان دوستي ڪري ڏيکاريندي. مسز انور طنزيه مرڪ سان ارم ڏانهن ڏسندي کيس انور صاحب جي آفيس جو فون نمبر ڏنو. ٿوري دير ۾ ڳالهه جو موضوع بدلجي ويو ته ارم اٿي ثوبيه جي ڀرسان اچي ويٺي ته ثوبيه ڪاوڙ مان ڏسندي چيس:
    ”هي وري ڇا شروع ڪري ڇڏيئي؟ آخر تون ڪڏهن ٻاراڻيون حرڪتون ڇڏي ميچيئور ٿينديئين؟“
    ”زندگيءَ کي انجواءِ پئي ڪريان. تو وانگر نه آهيان جو سڄي عمر فقط پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏيان.“
    ايستائين پيرڊ ختم ٿيڻ جي بيل ٻڌي ارم پنهنجو فائل کڻي ڪلاس ۾ وڃڻ لڳي ۽ معمول مطابق پنهنجو موبائيل ثوبيه کي ڏيندي چيائين:
    ”عرفان جي ڪال اڃان نه آئي آهي، پر ڪيڏي مهل به اچي سگهي ٿي. چئجانس ته هن پيرڊ کان پوءِ ڪال ڪري.“
    ثوبيه کانئس موبائيل وٺي پاسي تي رکي وري ڪتاب پڙهڻ لڳي.

    ثوبيه ۽ ارم گهريون سهيليون هيون. ڪجهه سال اڳ ٻنهي جي هن ڪاليج ۾ گڏ Posting ٿي هئي. ٻنهي جي طبيعتن ۽ عادتن ۾ تمام گهڻو فرق هوندي به سندن سٺي دوستي ٿي وئي. ثوبيه هر وقت سنجيده رهڻ واري هئي ته ارم خوش مزاج ۽ رلڻي ملڻي هئي. زنده دلي سندس شخصيت جو نمايان پهلو هئي. ثوبيه کي خبر هئي ته لاپرواهه نظر ايندڙ ارم زندگيءَ ۾ جن به ماڻهن سان محبت ڪئي انهن سان نڀايو پوءِ چاهي ثوبيه هجي يا عرفان، هوءَ انهن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندي هئي. عرفان ثوبيه جو سوٽ هو جيڪو اسڪالرشپ ملڻ تي لنڊن روانو ٿي ويو هو. هو ۽ ارم هڪٻئي کي چاهڻ لڳا هئا. لنڊن وڃڻ کان اڳ هن چاهيو هو ته سندس ۽ ارم جو مڱڻو ٿي وڃي، پر سندس مائٽ ارم بدران ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان سندس شادي جا خواهشمند هئا، تنهنڪري عرفان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ارم کي تسلي ڏنائين ته هو واپس ايندو ۽ پنهنجي مائٽن کي مڃائي وٺندو. ارم زندگيءَ جي آخري دم تائين سندس اچڻ جي انتظار جو واعدو ڪيو. لنڊن پهچي عرفان، ارم جي گهر ٻه ٽي دفعا فون ڪئي، پر ارم گهر وارن آڏو هن سان ڳالهائي نه سگهي، تڏهن عرفان کيس مشورو ڏنو ته هوءَ موبائل وٺي ته جيئن هو ڪاليج ٽائيم ۾ هن سان ڳالهائي سگهي. ائين ارم موبائيل ورتو، پر عرفان سان فقط ڪاليج ٽائيم ۾ ئي ڳالهائي سگهندي هئي. سندس گهر وارن کي به موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي. موبائيل جي رنگ وڳي ته ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي. عرفان کان سواءِ ڪنهن جي ڪال ٿي ٿي سگهي. ثوبيه کيس ٻڌايو ته ارم ڪلاس ۾ هئي ۽ هو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪري. فون بند ڪري هن دل سان دعا ڪئي ته خدا هنن ٻنهي جا خواب پورا ڪري!
    ٻئي ڏينهن ارم ثوبيه کي ٻڌايو ته مسز انور سان لڳايل شرط کيس هڪ ٻيو موبائيل وٺڻوپيو ڇو ته هوءَ پنهنجي موبائيل کي انگيج رکڻ نه چاهيندي هئي، جو عرفان ڪنهن وقت به ڪال ڪري ٿي سگهيو. ثوبيه چيس:
    ”تون ايڏا ڪارڊ ۽ موبائيل وٺي ڪيڏا پئسا برباد ٿي ڪرين، فقط ٿوري دير جي تفريح خاطر؟“

    ”توکي خبر آهي ته منهنجن گهر وارن کي منهنجي پگهار جي ضرورت ڪانهي ۽ تو وانگر آئون ٻچڙيوال ته آهيان ڪانه، جو ٻارن تي خرچ ڪريان. پوءِ عيش ڇو نه ڪجي. شرط کٽڻ کان پوءِ نئون موبائيل آئون توکي گفٽ ڪندس. مهيني کان پوءِ تنهنجو جنم ڏينهن آهي نه!“ هن مرڪندي چيو.
    ”توکي خبر آهي ته مون کي موبائيل وغيره سان دلچسپي ناهي. ڪاشان مون کي ڪيترائي ڀيرا سيل فون وٺي ڏيڻ جي آفر ڪئي آهي.“ ثوبيه چيو.
    ”يار سيل فون صرف فيشن نه، پر اڄڪلهه جي ضرورت به اهي، ۽ جڏهن SMS ڪرڻ سکندينءَ ته پوءِ گهٽ پئسن ۾ ضروري ۽ مختصر پيغام جي اهيمت کان واقف ٿيندينءَ. مونکي ڏس. عرفان جو هڪ به SMS منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ آيل سمنڊ جي دوري به ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ايڏو پري رهي به فقط هن موبائيل ذريعي اسين هڪٻئي سان پنهنجا ڏک سک ۽ پريشانيون ونڊيندا آهيون. هڪٻئي جي اکين ۾ خواب پوکيندا آهيون ۽ مستقبل جا ڪيئي منصوبا ٺاهي وٺندا آهيون.
    ۽ پوءِ ارم، ثوبيه کي به موبائيل استعمال ڪرڻ سيکاريو ۽ SMS جو طريقو پڻ. هاڻي جڏهن به ارم جي غير موودگيءَ ۾ عرفان جي ڪال ايندي هئي ته پئسا بچائڻ خاطر ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪرڻ بدران ارم جو ٻڌايل پيغام SMS وسيلي موڪلي ڇڏيندي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد ارم مزو وٺي وٺي ثوبيه کي ٻڌايو ته:
    ”مسز انور کي مون ٻڌايو ته شروع ۾ لنوائڻ کان پوءِ هاڻي انور صاحب آهستي آهستي مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ته کيس يقين ئي نه پيو اچي. هاڻي ته منهنجي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ آتو آهي.“
    ثوبيه چيس: ”ارم، ڪنهن جي گهر جي ماحول کي اهڙي طرح الجهائي مزو وٺڻ سٺي ڳالهه ته ڪانهي.“
    ”شرط مسز انور پاڻ رکيو هو. مون نه! کيس منهنجو شڪر گذار رهڻ گهرجي ته آئون کيس اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي رهي آهيان. کيس جيڪو انڌو اعتماد آهي انور صاحب تي مان هن جي اصليت ڏيکاري رهي آهيان.“
    ثوبيه کي ارم جي ڳالهه نه وڻي... شايد ان ڪري جو اڄڪلهه سندس زندگيءَ ۾ وڏا لوڏا اچڻ لڳا هئا. ان شام کيس ڪاشان جو ڪراچيءَ مان اچڻ جو تمام گهڻو انتظار هو ڇو ته ويڪ اينڊ هو. جڏهن کان ڪاشان جي ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي هئي ته پهريائين ته هو هر ويڪ اينڊ تي حيدرآباد ايندو هو. پر سال کان مٿي عرصو گذرڻ بعد هاڻي هو ٻن يا ٽن هفتن کان پوءِ اچڻ لڳو هو. ڏوهه ڪنهنجو هو؟ سندس يا ڪاشان جو؟ هوءَ سمجهي نه سگهندي هئي،پر يکس هر گذرندڙ ڏينهن سان سندس ۽ ڪاشان جي وچ ۾ فاصلو وڌندي محسوس ٿيندو هو. اوپرائپ جو احساس ٻنهي جي وچ ۾ پنهنجا پر پکيڙي رهيو هو. اڄ ڪاليج مان اچڻ کان پوءِ هن ٻه ٽي دفعا ڪاشان جي ڪراچيءَ واري گهر تي فون ڪئي، پر فون اٽينڊ نه ڪئي وئي. هن سندس موبائيل تي به ڪوشش ڪئي، پر موبائيل به بند هئي. شام تائين گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ وري به ڪوشش ڪندي رهي، پر نتيجو ساڳيو رهيو. رات ٿي وئي. هن ڪاشان لاءِ سٺو کاڌو تيار ڪيو هو کيس الائي ڇو اڄ سندس اچڻ جو وڌيڪ انتظار ٿيو، پر کيس خبر نه هئي ته هو ايندو به يا نه! ٻار ٽيوشن کان فارغ ٿي ٽي.وي. ڏسي رهيا هئا. هن وري فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري فون تي ڳالهائڻ.
    ”ڪاشان! تون اچين پيو نه؟“ ثوبيه اُڪير مان چيس.
    ”نه، هتي آفيس ۾ شام دير تائين مصروفيت رهي ان ڪري في الحال ايڏي لائنگ ڊرائيوَ جي همت ئي نه اٿم. خبر اٿئي ته هاڻي منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي. هاڻي اڳوڻي همت ڪٿي. اڳئين هفتي آفيس مان جلد نڪرندس.“ ڪاشان جي لهجي ۾ ٿڪاوٽ هئي، پوءِ هن ٻارن بابت رسمي ڳالهيون پڇي فون بند ڪري ڇڏي.
    هونئن ته اٺن نوَن مهينن کان روٽين جي ڳالهه هئي ته ڪاشان ٻن ٽن هفتن جي وقفي سان ايندو هو ۽ ثوبيه کي ڪڏهن به اها ڳالهه ڏکي محسوس نه ٿي هئي، پر اڄڪلهه ارم جڏهن کيس انور صاحب سان سندس فون تي ڳالهائڻ جو هڪ هڪ جملو مزو وٺي وٺي ٻڌائيندي هئي ته سندس ڪنن ۾ هڪ ئي جملو گونجڻ لڳندو هو.
    ”مرد بي وفا آهي.“
    تڏهن رات جو ٻارن کي سمهارڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي بيڊ تي ليٽي پئي ته ننڊ سندس اکين کان ڪيئي ميل پري هئي، ماضيءَ جا سڀئي ورق جيڪي سندس ۽ ڪاشان جي بابن متعلق هئا هڪ هڪ ٿي تصور جي ڪتاب مان نڪري سندس چوڌاري پکڙجي ويا ۽ گهڻو ڪجهه ياد اچڻ لڳس.
    يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران ئي ثوبيه ۽ ڪاشان جي ملاقات ٿي هئي. جيتوڻيڪ ٻئي الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ ۾هئا، پر قسمت کين هميشه گڏ رهڻ لاءِ ملايو. ائين ڪيتريون ئي ملاقاتون پهريان پسنديدگي ۽ انڊر اسٽينڊنگ جو سبب بنيون جيڪي اڳتي هلي محبت جي روپ ۾ نروار ٿيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملندي ئي ڪاشان ثوبيه سان شادي ڪرڻ لاءِ مائٽن کي چيو. ثوبيه خوبصورت ڇوڪري هئي. سو هنن کي به پنهنجي اڪيلي پٽ آڏو هار مڃڻي پئي. شادي تمام ڌوم ڌام سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ ثوبيه پنهنجي سس ۽ سهري جي ايتري ته خدمت ڪئي جو هو به ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا هئا. پنهنجي ڌيءَ ته هئن ڪا نه، ان ڪري ثوبيه کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندا هئا. ٻئي پاسي ثوبيه ۽ ڪاشان هڪٻئي سان ملي پاڻ کي ڪهڪشائن تي گهمندي محسوس ڪري رهيا هئا. ٻن ٻارن، پٽ ۽ ڌيءَ ٿيڻ سان فيملي مڪمل ٿي ته سندن گهر هڪ خوبصورت ننڍڙي جنت بنجي ويو. محبت پنهنجي جاءِ تي پر وقت گذرڻ سان گڏ، ثوبيه ۽ ڪاشان کي هڪٻئي جي طبيعتن جي ڄاڻ پوڻ لڳي. ڪاشان ٿڌي مزاج جو هو. جهيڙو سندس طبيعت ۾ ئي نه هو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته خاموش ٿي ويندو هو يا وري ڪمري کان ئي ٻاهر هليو ويندو هو. جڏهن ته ثوبيه کي ننڍين ننڍين ڳالهين تان ڪاوڙ اچي ويندي هئي ۽ جهن هوءَ ڪاوڙجندي هئي ته بنان سوچڻ سمجهڻ جي ڪاشان کي گهڻو ڪجهه چئي ويندي هئي. پوءِ جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته ڏاڍو شرمسار ٿيندي هئي. ڪاشان کائڻ، پهرڻ ۽ گهر سجائڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻو نفاست پسند هو، جڏهن ته ثوبيه وري لاپرواهه هئي. ڪاشان چاهيندو هو ته هوءَ سٺا ۽ سوادي کاڌا تيار ڪري ۽ جڏهن هواچي ته هوءَ کيس تيار ٿيل ملي، تڏهن هوءَ کلندي لاپرواهي سان چوندي هئي ته:
    ”لڳي ٿو ته خواتين جا ڊائجسٽ گهڻا پڙهيا اٿئي جو انهن جي افسانن کان متاثر آهين.“ ٻنهي جي جهيڙي جو ٻيو سبب هو ڪاشان جو دوستن کي گهڻو ٽائيم ڏيڻ. آفيس مان اچڻ کان پوءِ ماني کائي هو آرام ڪندو هو ۽ شام جو تيار ٿي دوستنسان گڏ نڪري وڃڻ ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ سندس معمول هوندو هو. جڏهن ته هوءَ چاهيندي هئي ته هو شام جو وقت ساڻس گذاري تڏهن هو به هن کي چوندو هو ته:
    ”اهو سڀڪجهه به ته فقط عورتن جي ڊائجسٽن ۽ افسانن ۾ ئي هوندو اهي. نه آئون انفسانوي هيرو آهيان ۽ نه ئي تون افسانن جي هيروئن.“
    تڏهن... هوءَ مٿس شروع ٿي ويندي هئي. ”ڇا، منهنجي اها خواهش غلط آهي ته تون مون کي ڄمڻ ڏينهن تي وِش ڪرين. توکي ته هاڻي منهنجي سالگرهه جي تاريخ به وسري وئي آهي. شاديءَ کان اڳ ته ائين نه هو.“
    ”شاديءَ کان اڳ وقت ئي وقت هوندو اهي گهڻو ڪجهه ياد رکڻ لاءِ. هاڻي پاڻ گڏ آهيون. ٻار آهن. ذميواريون وڌي ويون آهن. پوءِ... ڪڏهن زندگيءَ جي هڻ هڻان ۾ ڪيئي ڳالهيون ذهن تان لهي به وينديون اهن، ان ۾ ايڏو جذباتي ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڇا مون توکي اهو سڀڪجهه نه ڏنو آهي جيڪو ڪا به عورت چاهيندي آهي؟ گهر آهي...محبت آهي... سڀڪجهه تنهنجي لاءِ ته آهي.“
    هو هميشه جيان ڌيرج سان اهو چوندو هو ته هوءَ لاجواب ٿي ويندي هئي. پر دوستن سان گڏ گهمڻ تي هوءَ هميشه هن سان جهيڙو ڪندي هئي، اهو ڄاڻندي به ته سندس عادت نه مٽبي. پوءِ کيس به مصروفيت ملي وئي. هن کي ڪاليج ۾ ليڪچراري ملي ته هن ڪاشان کي خوشيءَ مان اها خوشخبري ٻڌائي ته هن خوش ٿيڻ جي بدران کيس چيو:
    ”ثوبي، آئون روايتي مردن مان ناهيان جيڪي پنهنجي زالن تي مرضي مڙهيندا آهن. پر منهنجي خواهش آهي ته تون سروس ڪرڻ بجاءِ گهر ۽ ٻارن تي توجهه ڏين ته بهتر آهي. منهنجي خيال سان معاشي طور تي تنهنجو مسئلو ڪو به ڪونهي جو توکي نوڪري ڪرڻي پوي. وڌيڪ تون خود مرضي واري آهين.“
    ”ڇا ٿيو آهي گهر ۽ ٻارن کي؟ سال ٻن ۾ ٻئي ٻار اسڪول وڃڻ جيترا ٿي ويندا، پوءِ آئون گهر ۾ ويهي ڇا ڪريان. هونئن به امان ته اهي گهر ۾ پوءِ ڪهڙي پريشاني؟ باقي جيستائين رهي تنهنجي خواهش جي ڳالهه ته ڇا تو منهنجي خواهش جي احترام ۾ دوستن کي ڇڏيو جو آئون اها سروس ڇڏي ڏيان. گهر ۾ ويهي ويهي آئون پاڻ کي بيڪار سمجهڻ لڳي آهيان. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهجي ذهانت ڏيکارڻ جو موقعو ته مليو.“
    واقعي به ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجو ٽئلنٽ ڏيکارڻ شروع ڪيو. هوءَ پوزيشن هولڊر هئي. پڙهڻ پڙهائڻ سان بيحد دلچسپي هئس، سو پنهنجي سخت محنت ۽ ذهانت سبب جل دئي ڪاليج جي مقبول ترين ليڪچرر بنجي وئي. ايڪٽوَ به هئي، ان ڪري مختلف ورڪشاپن ۾ ليڪچر ڏيڻ لڳي ۽ ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳي. ڪاليج ۾ ڪو پروگرام هجي ۽ ان ۾ ثوبيه جو نالو نه هجي اهو ممڪن ئي نه هو.
    هڪ پاسي ته اهي ڪاميابيون هيون ۽ ٻئي پاسي غير محسوس طريقي سان ڪاشان ۽ سندس وچ ۾ دوريون اچڻ لڳيون. پر هاڻي ثوبيه کي ايتري واندڪائي ئي نه هئي، جو هوءَ ڪا ڳالهه مهسوس ڪري ها، نه هاڻي هوءَ ڪاشان جي دوستن کي ٽائم ڏيڻ سان چڙندي هئي، ڇو ته هوءَ خود ان وقت ڪو ليڪچر يا آرٽيڪل لکندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻار به اسڪول وڃڻ لڳا. زندگي هڪ نئين موڙ تي اچي وئي. ڪاشان ۽ ثوبيه ڄڻ مشين جا پرزا بنجي ويا. پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مخصوص طريقي سان ڪم ڪندي. ثوبيه نفسياتي تي ايڏو ڪجهه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ باوجود خود ان سخص جي نفسيات نه سمجهي سگهي. جنهن سان جيون ۽ محبت جو رشتو هو. هاڻي ته هنن هڪٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺن يا دخل ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪجهه عرصو ائين ئي گذري ويو. تبديلي تڏهن آئي جڏهن ڪاشان جي ڪرچاي بدلي ٿي وئي. بدليءَ جو آرڊر ملڻ کان پوءِ ڪاشان ثوبيه کي چيو هو:
    ”مونکي اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سال رهڻ کان پوءِ واپس هتي موڪليندا ان لاءِ پاڻ کي اتي رهڻو پوندو. مون کي اتي گهر پڻ ملندو.“
    ثوبيه چيس: ”... پر... آئون ڪيئن ٿي ڪراچي هلي سگهان؟ منهنجي نوڪري هتي آهي ۽ هاڻي ته مون ايم.فل ۾ به داخلا ورتي آهي. ايندڙ مهيني کان منهنجا ايم.فل جا ڪلاس شروع ٿي ويندا. توکي ته خبر آهي ته پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ منهنجو خواب آهي.“
    ”... ۽ ... انهن خوابن جو ڇا ٿيندو جيڪي اسان هڪ ٻئي سان هر ڏک سک ۾ نڀائڻ لاءِ ڏٺا هئا؟“ هن ڏک مان چيو:
    ”پي.ايڇ.ڊي ته ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي. مون کي تنهنجي ضرورت آهي. آئون اتي اڪيلو نه رهي سگهندس.“
    الائي ان وقت ثوبيه ايڏي خود غرض ۽ بي حس ڇو بنجي وئي جو هن تي ڪاشان جي ان ڳالهه جو ڪو به اثر نه ٿيو پر هن کيس چيو:
    ”آئون، بابا کي چوندس ته هو تنهنجي بدلي واپس هيدرآباد ڪرائن. ايستائين ڪجهه وقت ڏکيو سکيو ڪڍي وٺجانءِ ۽ هر ويڪ اينڊ تي اچي وڃجانءِ. گاڏي تي آهي پنهنجي... ۽... هونئن به تون ته لانگ ڊرائيونگ جو شوقين آهين. دوستن سان گڏ ڪڏهن ڪرچاي ته ڪڏهن ٺٽي ته ڪڏهن ڪٿان اڌ اڌ رات جو ڊرائيو ڪندي. گهر ايندو آهين ۽ ڏس نه اسين هتي هن شهر ۾ هري ويا آهيون. امان بابا، ٻارن ۽ سڄي گر کي ڪيئن ڊسٽرب ڪجي؟ تون ڏسجانءِ بابا ڪوشش ڪري توکي واپس هتي وٺي ايندو.“
    ثوبيه جو اهو جواب ٻڌي ڪاشان وري کيس ڪجهه نه چيو هو. ظاهر آهي ته ثوبيه ساڻس نه وئي ته هو ماءُ پيءُ کي به وٺي وڃي ته سگهيو. ائين ثوبيه اڪيلي ٿي پوي ها ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ به ان ڳالهه جي ڳڻتي هجي ها. کيس پندرهن ڏينهن اندر ڪراچي وڃڻو هو. هو ڏينهن رات اتي وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. هو ڪافي پريشان به رهڻ لڳو سندس ۽ ثوبيه جي وچ ۾ هڪ اڻ ڏٺل ديوار ٺهڻ شروع ٿي. پر... ثوبيه... پنهنجي مصروفيتن ۾ ايڏي گم جو هن ڪا به ڳالهه محسوس نه ڪئي. ڪراچي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ڪاشان جي طبيعت خراب ٿي پئي. کيس شديد بيچيني ۽ گهٻراهٽ محسوس ٿي ۽ پوءِ حالت ايتري خراب ٿيس جو سندس درست کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. جنهن ٻڌايس ته فڪر جي ڪا به ڳالهه نه هئي. اي.سي.جي. بلڊ پريشر ۽ ٻيون رپورٽون سڀ نارمل هيون شايد کيس فوڊ پوائزننگ ٿي پئي هجي. اهو سڀ ڪجهه ثوبيه کي رات جو دير سان خبر پئي. ڇو ته اڄڪلهه هوءَ هڪ ورڪشاپ اٽينڊ ڪري رهي هئي. ان ڪري شام کان پوءِ هر اچڻ ٿيندو هوس. گهر ۾ هڪ نوڪر، نوڪرياڻي ۽ امان بابا هئا. ان ڪري کيس رڌ پچاءَ يا ٻارن جو اونو ته هوندو ئي نه هو. ٻئي ڏينهن به هوءَ سڄو ڏينهن هڪ ٽي.وي. چينل پاران نفسياتي مسئلن بابت پروگرام جي تياري ڪندي رهي. جهن ۾ کيس به سڏيو ويو هو. ڪاشان سڄو ڏينهن پلنگ تي ليٽيو رهيو ۽ دوائون کائيندو رهيو، پر ساڻس همدردي ڪرڻ ۽ خيال رکڻ بدران هوءَ کيس چيڙائيندي رهي:
    ”بس!؟ حوصلو به اهو اٿئي نه؟ ايتري ۾ ئي پريشان ٿي وئين؟“
    جڏهن ته سندن ننڍڙيءَ ذونش جڏهن پتڪڙن هٿن سان ڪاشان لاءِ پاڻي ڀري ايندي هئي، مٿي کي زور ڏيندي هئي ۽ سندس سيني تي پيار مان مٿو رکندي هئي ته ڪاشان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ هو ان معصوم کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس ننڍڙا ننڍڙا هٿ چمڻ لڳندو هو.
    ٻئي ڏينهن تائين هو ٺيڪ ٿي ويو ۽ وڃن جي تيارين ۾ لڳي ويو. جڏهن ثوبيه چيس ته هوءَ هلي اٿي سندس گهر سيٽ ڪري ڏيندي ۽ بورچيءَ کي پڻ هدايتون ڏيندي تڏهن ڪاشان طنز مان چيو هئس:
    ”مهرباني، توکي خبر آهي ته گهر کي سيٽ ڪرڻ جي معاملي ۾ آئون توکان وڌيڪ هوشيار آهيان ۽ سڀ ڪجهه توکان وڌيڪ بهتر انداز ۾ سنڀالي سگهان ٿو. پنهنجي Ph.D تي ڌيان ڏيو ته بهتر ٿيندو.“
    ... ۽ پوءِ هو ڪراچي روانو ٿي ويو. پهريان هو هر ويڪ اينڊ تي ايندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته و اتي سڀني کي بيحد ياد ڪندو هو. ثوبيه به هر ويڪ اينڊ تي سندس اچڻ جو انتظار ۽ اهتمام ڪندي هئي. کيس هاڻي ڪاشان جي ڪمي مهسوس ٿيندي هئي. شام جو دوستن ۾ هوندو هو ته ڇا هو. نيٺ ته گهر موٽي ايندو هو. سندس جهيڙن جي جواب ۾ خاموش رهندو هو. کيس اطمينان هو ته سندس بابا جلد ئي بدلي ڪرائي وٺندو. ايئن ست اٺ مهينا گذري ويا. هاڻي ڪاشان کي اچڻ ۾ ٻه هفتا به لڳي ويندا هئا. ٻئي پاسي ثوبيه پنهنجي سوشل سرڪل ۽ ايم فِل ۾ بيحد مصروف ٿي پئي. زندگي وري ان روٽين تي اچي وئي. هڪ ڀيرو جڏهن ڪاشنا ٽن هفتن جي وقفي کان پوءِ گهر آيو ته ثوبيه شرارت مان چيس:
    ”اتي ڪا ٻي ته نه ڳولي ورتي اٿئي؟“
    ”ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. توکي ته خبر آهي ته آئون ڪيترو خوبصورت آهيان. ڇوڪريون منهنجي ڳالهائڻ ۽ دوستي لاءِ آتيون هونديون آهن.“
    ثوبيه پڇيو: ”آفيس ۾ ڪيتريون ڇوڪريون آهن.“
    ڪاشان مرڪندي چيو: ”آهن ته ٻه ٽي پر خوبصورت صرف هڪ ئي آهي ۽ هوءَ مون سان دوستي ڪرڻ چاهي ٿي.“
    ”ڪير آهي؟“ ثوبيه اکوين ڦوٽاريندي چيو ته ڪاشان چيس:
    ”آهي هڪ ڇوڪري، 28 سال عمر اٿس.“
    ”اوهه! ته عمر جي به خبر آهي. انهن ڇوڪرين کان پري رهجانءِ اهي شل نه تو جهرو سڌو سادو ”ٻاٻو ٻُڌو“ ثائپ بندو ڏسن ته ڦاسائڻ جي چڪر ۾ هونديون آهن. خبردار رهجاءِ ان مس ٽوئنٽي ايٽ کان. نالو ڇا اٿس؟“
    ”هاڻي نالو پڇي ڇا ڪنديءَ جڏهن ته تو خود نالو Miss 28 ڏئي ڇڏيس. هونئن به ڀلا ڇا ڪريان. اتي اڪيلو آهيان. ڪمپني ته گهرجي نه.“
    ”بس ٿوري وقت جي ڳالهه آهي. بابا چيو آهي ته جلد ئي تنهنجي بدلي هتي ٿي ويندي. باقي رهي مس 28 جي ڳالهه ته توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. تون مون سان بي وفائي ڪري ئي نٿو سگهين؟“
    ”بس... ان کان وڌيڪ تو مون بابت شايد ڄاڻن چاهيو ئي ناهي.“ ڪاشان ڏک مان چيو.
    وقت وڌيڪ گذرندو رهيو. سندس بدلي نه ٿي سگهي هئي. ساڳيو روٽين هلندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪاشان رات دير تائين گهر ۾ به آفيس جي فائلن ۾ مٿو کپائي رهيو هو ته کيس سڀني ۾ شديد سور محسوس ٿيو ۽ هٿ پير بلڪل سن ٿي ويس. هن جئين تيئن اها رات گذاري ۽ ٻئي ڏينهن چڪاس ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ويو. هن ڀيري به سڀ رپورٽون نارمل ايس. ڊاڪٽر چيس ته ڪم جي گهڻائيءَ ۽ ذهني دٻاءُ سبب ائين ٿيو هو ۽ پوءِ کيس آرام ڪرڻ جي هدايت ڪندي سڪون جون دوائون لکي ڏينون. ان ڏينهن هو آفيس به نه وڃي سگهيو ۽ گهر اچي دوائون کائي ٻنپهرن کان رات تائين ستو رهيو. رات جو اٺين ڌارين اٿيو ۽ رات جي ماي کائي چانهه پيتائين ته پاڻ کي نوبنو محسوس ڪيائين. اوچتو ثوبيه ٻار ۽ ماءُ پيءُ ياد اچڻ لڳس. آفيس جي انچارج کي فون ڪري طبيعت جو احوال ٻڌائي هفتي جي موڪل گهريائين ۽ پوءِ موڪل جي درخواست ڏ.ي هو رات جو دير سان حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. اڌ رستي طئي ڪرڻ کان پوءِ اوچتو وري سيني ۾ شديد سور ٿيس ۽ هٿ پير سن ٿيڻ لڳس. ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳس ۽ دل جي ڌڙڪن کيس ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. هن ڏاڍي مسڪل سان پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس محسوس ٿيو ته اهو ڪو معجزو ئي هو جو، هو جيئن تيئن ڪري باقي رستو طئي ڪري حيدرآباد پهتو. گهر اچڻ بدران سڌو پنهنجي هڪ ڊاڪٽر دوست جي گهر وڃي پهتو. هو هن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کيس هڪ وڏي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو جنهن سندس سمورو احوال ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪرايل رپورٽن بابت ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ سندس چڪاس ڪرڻ بعد ٻڌايائين ته هو جسماني طور تي نارمل هو. پر هو شديد ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. هن کيس ڪيئي دوائون لکي ڏنيون ۽ آرما ڪرڻ جو مسورو ڏنو. دوائون وٺي هو رات دير سان گهر پهتو ته سڀئي کيس ان حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي ويا. هو دوائون کائي بي سڌ ٿي سمهي رهيو. ائين هفتي تائين علاج هليو پر فائدي بدران حالت خراب ٿي ويس. کيس هڪ مهيني جي موڪل وٺڻي پئي. ٽن هفتن بعد هو ڪافي بهتر ٿي ويو، پر هاڻي اڳوڻو زنده دل ڪاشان الائي ڪيڏانهن ويو. هر وقت ويڳاڻو ٿيو بستري تي پيو هوندو هو. دوست کيس گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ وٺن ايندا هئا ته هو کين موٽائي ڇڏيندو هو. جنهن تان هڪ ڀيري ثوبيه کلندي چيو هوس:
    ”هڪ زمانو هو جو آئون تنهنجي دوستن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ تان چڙندي هيس، پر هاڻي توکي اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ گهر ۾ بند ويٺل ڏسي مونجهه پئي ٿئي. هينئر آئون توکي خود ٿي چوان ته ٻاهر نڪر، دوستن سان گهم ڦر ته ذهن مٽجئي.“
    ”آئون بلڪل ٺيڪ آهيان. تون فڪر نه ڪر.“ ڪاشان اداسيءَ مان چيو.
    هڪ مهيني جي موڪل ڪرڻ کان پوءِ هو ڪافي بهتر ٿيو ۽ وري ڪرچاي روانو ٿيو. هن دفعي وڃڻ کان پوءِ ثوبيه سندس رويي ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي. هاڻي هو مسڪل سان هڪ اڌ دفعو فون ڪري پنهنجي خيريت ٻڌائيندو هو ۽ گهر وارن جو حال احوال وٺندو هو. ثوبيه جڏهن به گهر تي فون ڪندي هئي ته ڪير به فون کڻندو هو ۽ موبائل اڪثر بند ملندو هو. جڏهن هوءَ ان ڳال تان ساڻس جهيڙو ڪندي هئي ته هو سدائين اهي ئي ساڳيا جواب ڏيندو هو:
    ”گهر ۾ نه هئس.“
    ”دوستن سان گڏ هئس ان لاءِ موبائل اٽينڊ نه ڪيم.“
    ”موبائل گهر وسري ويو.“
    ”موبائل ۾ ڪارڊ نه هو“... وغيره
    ... ۽... اڄ به ساڳيءَ طرح نه هن فون کنيو ۽ نه ئي وري نه اچڻ جو اطلاع ڏنو هو. رات گهري ٿيندي پئي وئي ۽ ثوبيه جون سوچون ڀٽڪي رهيون هيون. ڪيئي وسوسا ڪر کڻي رهيا هئا ۽ دماغ ۾ ارم جو آواز گونجي رهيو هو:
    ”مرد ڪڏهن به عورت سان وفا نه ڪندا آهن. هڪ عورت جي هوندي هميشه ٻيءَ لاءِ واجهائيندا آهن.“
    ... اوچتو... موبائيل جي تيز وڄندڙ رنگ ثوبيه کي هوش ۾ وٺي آئي. اڄ ارم موبائيل کيس ڏيندي چيو هو ته هوءَ پنهنجن گهر وارن سان ڪراچي وڃي پئي. ان ڪري عرفان سان ڳالهائي نه سگهندي. سو هوءَ موبائيل پاڻ وٽ رکي ڇڏي. کيس شايد موبائل بند ڪرڻ وسري ويو هو. هاڻي رنگ ٻڌي ثوبيه پرس مان موبائيل ڪڍي ڪال اٽينڊ ڪئي. رانگ نمبر هو. ثوبيه فون بند ڪرڻ واري هئي ته بلڪل اوچتو ذهن ۾ خيال آيس ته ڇو نه هن اڻ ڄاڻ نمبر تان ڪاشان کي SMS ڪري ٿورو تنگ ڪري مزو وٺي ۽ سندس رد عمل ڏسي. هن ڪافي دير سوچيو ته ڇا لکان؟ اڄ کيس ڪاشان جي بيحد ياد اچي رهي هئي. ماضيءَ جون ڪيئي خوبصورت يادون ذهن ۾ تري آيس ۽ پوءِ بيحد اڪير مان هي مختصر پيغام لکي موڪليو:
    I loved, I love you I will love you forever.
    (مون کي تو سان پيار هو. آهي ۽ سدائين رهندو.)
    ”هاڻي ڏسندس ڇا ٿو ٿئي؟ هن جو ڇا رد عمل آهي... پر... نه... هو اهڙو هلڪڙو آهي ئي نه؟ جو ڪنهن اهڙي Unknown نمبر ۽ ماڻهوءَ کي اهميت ڏي.“
    هوءَ اڃا اهو سوچي رهي هئي ته موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي. هن فون کڻي اسڪرين تي ڏٺو ته خبر پيس ته ڪاشان پنهنجي موبائيل تان ڪال ڪري رهيو هو. ٿوري دير تائين هوءَ ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي وئي ۽ هن سوچيو ته مون سان ڳالهائڻ لاءِ ته هن وٽ نه وقت هوندو آهي ۽ نه ڪارڊ ۽ رات جو دير سان ايندڙ هڪ نامعلوم شخص ۽ نامعلوم نمبر تان ايندڙ هڪ مختصر پيغام هن لاءِ ايڏو اهم آهي؟!!؟ هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. رنگ وڄي وڄي بند ٿي وئي. ثوبيه جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. شديد ڪاوڙ ۽ ڏک جا مليل جليل احساس هئا. کيس ڄڻ پنهنجي اکني ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نه پئي آيو.
    رنگ وري وڄن لڳي. ثوبيه ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ڪڏهن سندس دل چاهي ته هوءَ زور زور سان ٽهڪ ڏئي ڪاشان جي (بيخبريءَ ۾) سندس لاءِ ان بيچينيءَ تي کلي ۽ مزو وٺي ته ڪڏهن دل چيس ته هو زور زور سان روئي. ڇا هي اهو ئي ڪاسان آهي جنهن تي کيس انڌو اعتماد؟!! رنگ وڄي وڄي بند ٿي وئي. ڏهن منٽن جو وقفو ٿيو. ان وقفي ۾ ثوبيه کي فقط گونگا لڙڪ ڳلن تي وهندي ۽ دل جي تيز تيز ڌڙڪنن جو احساس ٿيو. ڏهن منٽن بعد وري رنگ وڳي. هاڻي هو گهر جي نمبر تان ڪال ڪري رهيو هو. هڪ اختيار مرڪ ثوبيه جي چپن تي اچي وئي. ڪاشان کي ڪهڙي خبر ته هو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪال ڪري رهيو هو جيڪو سندس ان نمبر کان به واقف هو، هن سمجهيو ته نامعلوم ماڻهو شايد نئون نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪري نيٺ ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي پر ڳالهايو نه. ڪاشان چوندو رهيو: ”پليز، توهان ڳالهايو ۽ مون کي ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو. پليز... ڳالهايو.“ ثوبيه ڳالهائڻ بدران فون ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي. هوءَ روئندي رهي، روئندي رهي... کيس خبر نه پئي ته ڪيترو وقت گذريو. هاڻي کيس پنهنجو ذهن خالي خالي محسوس ٿيو. اوچتو وري فون جي رنگ وڳي. هن کي ذهن ۾ ڪو خيال آيو ۽ هن فون رسيوَ ڪيو پر ڳالهايو نه. ٻئي پاسان ڪاشان چوندو رهيو:
    ”هيلو! توهان ڪير آهيو؟... ڳالهايو پليز...“
    ”آئون آهيان“ ثوبيه پر سڪون انداز ۾ چيو.
    ”ڪير؟!“
    ”ڇو؟! هاڻي آواز به نٿو سڃاڻين ڇا؟“
    ٻئي پاسان ڪجهه لمحا ته گهري ماٺ رهي ڄن ڪاشان کي وهم گمان به نه هو ته هو ثوبيه جو آواز ٻڌندو. تڏهن ثوبيه طنز مان چيس:
    ”مون سان ڳالهائڻ ته ڇا پر منهنجو فون اٽينڊ نه ڪندو آهين. مون کان ته هڪ نامعلوم ماڻ هو به تنهنجي لاءِ اهم آهي جو چار دفعا فون ڪئي اٿئي.“
    ”ڏس ثوبيه!“ هن ڳنڀير لهجي ۾ ڌيرج سان چيو: ”مون کي يقين هو ته منهنجو ڪو بي تڪلف دوست مونکي تنگ ڪري مزو وٺي رهيو آهي؟“
    ”جڏهن يقين هو ته صبر ڪرين ها ايترو اتاولو ڇو ٿي پئين. اهو ته فقط ان وقت ممڪن آهي جڏهن توکي يقين هجي ته اهو پيغام ڪنهن ڇوڪريءَ طرفان ئي هجي.“
    ”ثوبيه! توکي ته خبر آهي ته آئون ڊپريسن جو مريض بنجي چڪو آهيان. ان ڪري ٿوري در به ٽينشن جي حالت ۾ رهي نٿو سگهان. بيچيني ٿي پئي ته جلد خبر پوي ته ڪير آهي. ڇوڪريون هڪدم ڪنهن اجنبي نمبر تي اهڙو پيغام ڏئي نٿيون سگهن.“
    ”اجنبي نمبر ڇو؟! Miss 28 لاءِ ته تون اجنبي نه اهين.“ ثوبيه وري طنز جو تير هنيس.
    ”مون کي خبر نه هئي ته تو ان معاملي کي ايترو سنجيدگيءَ سان ورتو آهي. بهرحال آئون توکي ڪا به وضاحت ڏيڻ جو پابند ناهيان. هونئن هيءَ موبائيل ڪنهن جو آهي؟“
    ”منهنجي فرينڊ جو آهي. اتفاق سان اڄ مون وٽ آهي.“
    ”چڱو ٺيڪ اهي. رات گهڻي ٿي وئي آهي. هاڻي تون آرام ڪر.“ اهو چوندو ڪاشان فون بند ڪري ڇڏي. ثوبيه سوچيو ته هاڻي آرام ڪٿي...؟“
    رات جي خبر ناهي ڪهڙي پهر کيس ننڊ آئي. ٻئي ڏينهن موڪل هئي ۽ هوءَ دير تائين ستي رهي. جڏهن اٿي ته پورو ڏينهن ذهن تي عجيب بار محسوس ڪيائين. بار بار سوچيندي رهي ته خبر ناهي سندس سوچ صحيح هئي يا وري ڪاشان. ٻئي ڏينهن ڪاليج ۾ به اداس رهي. وڌيڪ اداس ان وقت ٿي جڏهن ارم ٻڌايس:
    ”ثوبي، ڪالهه ته مزو اچي ويو. اسان کي ڪراچي وڃڻو هو، پر نه وڃي سگهياسين. پوءِ مون سوچيو ته انور صاحب واري ڪهاڻي جو به هاڻي ڊراپ سين ڪجي، سو کيس چيم ته جيڪڏهن هو مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ چاهي ٿو ته هوٽل ۾ اچي وڃي. آئون توهان کي سڃاڻان ٿي ان ڪري خود توهان سان اچي ملندس. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تيل ڦليل ڪري اچي هوٽل پهتو.“
    ”تون اتي پهتينءَ ۽ هن سان ملينءَ؟“ ثوبيه چيو.
    ”پهتس ضرور پر پوءِ هن سان ملڻ لاءِ ”مسز انور جو اچي پهتي.“ ارم مزو وٺي چيو.
    ثوبيه حيران ٿي پڇيو: ”اها اتي ڪيئن اچي پهتي؟“
    ”سامهون جي ڳالهه آهي، مائي ڊيئر ثوبي، مون کيس فون ڪري اطلاع ڏنو ته پنهنجي گهر واري جي اصليت اچي ڏسي. پوءِ نه پڇ ته ڪيئن نه مون ان گهڙي مان مزو ورتو. گهر وڃي ته مسز انور هن جو ڇا حشر ڪيو هوندو، پر ان مهل صاحب جي بيگم صاحبه کي ڏسي جيڪا حالت ٿي اها ٻڌائڻ کان ٻاهر آهي. اڄ مسز انور جي چهري کي ڏٺو اٿئي؟ ائين ٿو لڳي ته سڄي رات روئندي رهي آهي. اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون اٿس. ڪير پڇيس ٿو ته طبيعت جي خرباي جو بهانو ويٺي ڪري ۽ مونکي خاص طور تي پاسي تي وٺي وڇي چيو اٿس ته ان ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪريان.“ اهو چئي ارم زور زور سان کلڻ لڳي ۽ ثوبيه اداس ٿيندي چيو:
    ”ارم، ڪنهن جي سڪون کي ائين برباد نه ڪبو آهي. آئنده وري اهڙي هرڪت نه ڪجانءِ.“
    ”چڱو مهترمه اڳتي ائين نه ڪنديس“ اهو چوندي هن ثوبيه جي هٿ مان پنهنجو موبائيل ورتو جنهن تي عرفان جي ڪال اچي رهي هئي.


    Happy Birthday to you... جيئن ثوبيه ڪاليج جي گيٽ اندر قدم رکيو ته پويان ايندڙ ارم کيس وش ڪيو ۽ پوءِ اسٽاف روم ۾ پهچي وري کيس ڀاڪر پائي”مبارڪ“ڏني. ۽ موبائيل سيٽ جو تحفو کيس هٿ ۾ ڏنائين. سڄو ڏينهن سڀ ليڪچررز ۽ شاگرديانيون کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏينديون رهيون ۽ وٽس تحفن جو ڍير ٿي ويو. هن به پنهنجي طرفان سڀني کي ٽريٽ ڏني ۽ گهر ۾ قدم رکيو ته سندس ٻارن ۽ ماءُ پيءُ Happy Birthday چڻ شروع ڪيو. انهن اڳ ۾ ئي ٽيبل تي هڪ خوبصورت ڪيڪ گهرئاي رکيو هو. هن کان ڪيڪ ڪٽرايو ويو ۽ پوءِ هر هڪ کيس تحفا ڏنا. ايڏيون محبتون پائي ثوبيه جي اکين ۾ الاڻ اچي وئي ۽ هن بي اختيار رب جا ٿورا مڃيا پر... دل... جي... هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ خال هڪ خواهش هئي: ”هو ڪٿي آهي؟ هن اڃا تائين فون ڇو ناهي ڪئي. مبارڪ ڇو ناهي ڏني؟“

    وري پان کي تسلي ڏيندي چيائين ته: ”اڃا ته آفيس ۾ ئي هوندو. واندڪائي ملندس ته فون ضرور ڪندو.“
    پر... صبح کان شما ٿي ۽ شام کان رات ٿي وئي. پر ڪاشان فو نه ڪئي. ثوبيه جا ڪن هن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. سڀ ڪيترو به پيار ڪن پر جي هن ياد نه ڪيو ته پوءِ اهو ڏينهن ڪهڙو اهم ٿيو. نيٺ هن خود کيس فون ڪئي ۽ شڪايت ڪندي چيائين: ”اڄوڪي تاريخ تي ڪو اهم ڏينهن هوندو آهي... جيڪو هاڻي توکي ياد نه هوندو آهي.“
    ”اوهه!... ڪٿي اڄ تنهنجي برٿ ڊي ته نه آهي. ماءِ گاڊ واقعي، منهنجي زهن تان اها ڳالهه لهي وئي. مونکي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لڳو پئي ته هنن ئي ڏينهن ۾ تنهنجو جنم ڏينهن ايندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي شڪ هئم پر پڪ نه هئي ان ڪري وش نه ڪيم.“
    ”شڪ هو ته فون ڪري پڪ ڪري وٺين ها، صبح کان الائي ڪيترن ماڻهن مون کي وش ڪيو آهي، پر منهنجا ڪن فقط توکان ڪي لفظ ٻڌڻ جا منتظر رهيا.“ ثوبيه شڪايتي انداز ۾ چيو.
    ”چيم ته نه I am sorry ڏس هن وقت آئون ڪٿي ٻاهر آهيان. مون سان گڏ ڪجهه ماڻهو به آهن، ان ڪري وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“
    ”ڪاشان! آئون اهي جملا ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي چڪي آهيان. تون مون کان لنوائيندو ڇو آهين؟“ ثوبيه ڪاوڙ ۾ چيو.
    ”چيم نه ته پوءِ ڳالهائينداسين.“ چوندي هن فون بند ڪري ڇڏي ته ثويبه ويتر چڙي پئي ۽ ڪاوڙ مان وري سندس نمبر ڊائل ڪيائين ته موبائيل بند هو. هوءَ صفا آئوٽ ٿي وئي ۽ سوچيائين ته تون ڇا ٿو چاهين فقط آئون ئي تنهنجي لاءِ مرندي وتان هاڻي آئون به تنهنجي پرواهه نه ڪندس. ائين ڪجهه ڏينهن گذريا. ويڪ اينڊ آيو ته ڪائشان به حيدرآباد آيو. هو بيحد ٿڪل ۽ بيمار ٿي لڳو، پر ثوبيه سندس حال احوال پڇڻ بدران کانئس لنوائيندي رهي. ڪاشان سندس رويي کي محسوس ڪيو پر ڪجهه چيو نه. ٻئي ڏينهن موڪل جو سمورو ڏينهن ماءُ پيءُ جي ڪمري ۾ ويڍو رهيو. شام جو دير سان وڃن جي تياري ڪرڻ لڳو ته ثوبيه کي چيائين:
    ”ڪالهه کان ڳالهائين نٿي پر هاڻي ته مرڪي رخصت ڪر، ور خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اچان.“
    ”توکي منهنجي مرڪڻ جي ضرورت آهي؟ لڳي ٿو ته هاڻي توکي منهنجي ضرورت ئي نه آهي.“
    ”ضرورت ڇو نه آهي، پر تو ڪڏهن ويهي منهنجو اندر جو حال پڇيو، توکي ته پنهنجي مصروفيتن مان فرصت ئي ڪانهي. پنهنجي ور جي خوشيءَ کان وڌيڪ توکي Ph.D جي ڊگري عزيز آهي.“ هن ڏک مان چيو.
    ”ته ائين چئو نه ته تون به روايتي مرد نڪتين. جيستائين آئون گهر تائين محدود رهيس، تون مون کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي خوش ٿيندو رهئين. مون نوڪري ڇا ڪئي تو کان مهنجو ٽئلنٽ منهنجي حيثيت ۽ رتبو سٺو نه ٿيو. منهنجي Ph.D ڪرڻ توکي شديد احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي...“
    ... هميشه جيان ثوبيه جي زبان بي قابو ٿيندي وئي ۽ هوءَ ٻيو به کيس گهڻو ڪجهه چوڻ لڳي ڪڏهن ”ڌوڪي باز“ ته ڪڏهن ”ٻن چهرن“ وارو ته ڪڏهن وري ”بي وفا“... ۽... سدائين خاموسيءَ سان سندس هر ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪاشان ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پهريون ڀيرو تيز آواز ۾ چيائين:
    ”بس ڪر ثوبيه! مون تنهنجو تمام گهڻيون ڳالهيون سٺيون آهن. مون تنهنجي هر ڳالهه کي لنوائي توکي جواب نه ڏنو ته شايد توکي پنهنجي غلطين جو احساس ٿئي. مون تنهنجي لاءِ ڇا نه ڪيو پر تو منهنجي پيار جو قدر نه ڪيو. هاڻي ايترو ڀرم رهڻ ڏي جو اسان جا اختلاف هن بيڊ روم مان ٻاهر نڪري امان بابا ۽ ٻارن ۽ اڃا به اڳتي نه پهچن... زبان کي روڪي ڇڏ... خدا جي واسطي هاڻي بس ڪر...!“
    اهو چوندي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو ۽ پوءِ امان بابا جي دعائن جي ڇانوَ ۾ رخصت ٿيڻ لڳو ته پريان بيٺل ثوبيه کي احساس ٿيو ته وڏي سفر تي ويندڙن کي محبتن ۽ دعائن جا گل ڏئي رخصت ڪبو آهي نه ڪي نفرتن جا ڪنڊا ڏئي. هو هليو ويو ته ثوبيه کي لاپرواهين جو احساس ٿيندو رهيو ۽ پڇتاءُ وڪوڙڻ لڳس.
    ”ڪا ڳالهه ڪانهي. آئون Sorry چوندس ته ڪاوڙ لهي ويندس. هو مون کان ناراض رهي نٿو سگهي.“ هن سوچيو، پر... هن ڀيري هو سچ پچ ايترو ته ناراض هو جو هن ثوبيه جي ڪا به ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ٻه ٽي ڏينهن ائين ئي گذري ويا، يا ته ڪاشان جو موبائيل بند هوندو هو يا وري هو سندس ڪال اٽينڊ ئي نه ڪندو هو. هاڻي ته ثوبيه ڏاڍي پريشان ٿي. هڪ ڏينهن کيس ان موبائيل جو خيال آيو. جيڪو ارم کيس برٿ ڊي تي گفٽ ڪيو هو. ڪاشان ان ڪري فون اٽينڊ نٿو ڪري جو هوءَ گهر جي نمبر تان فون ڪندي هئي. ڪاشان کي هن موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي، ان ڪري هو ان کي ڪنهن ٻي جي ڪال سمجهي ضرور اٽينڊ ڪندو. اهو سوچي موبائيل کڻي ڪاليج وئي. جڏهن ٿورو فري ٽائيم مليس ته ڪائشان جي موبائيل تي ڪال ڪيائين:
    ”هيلو!“ ٻئي پاسان ڪاشان جو آواز ٻڌائين ته دل چيس ته روئي ڏي. ساڻس وڙهي، شڪايتون ڪري پر... هوءَ... ائين نه ڪري سگهي ۽ فون بند ڪري ڇڏي. دل جي ڪنهن ڪنڊ مان وري درد جاڳيو ته ڪاشان سندس ڪا به ڪال اٽينڊ نه ڪئي، پر هڪ نامعلوم ڪال ضرور رسيو ڪيائين. پهريائين سوچيائين ته اڳي جيان وري کيس پنهنجو آواز ٻڌائي حيران ڪري ۽ ست سريون ٻڌائيس پر سوچيائين ته ائين ته هوءَ اڳي به ڪري چڪي هئي. جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيس ان لاءِ هن ڀيري هن کي دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي ڇو ته هو سندس ڪال ته اٽينڊ ڪندو ئي نه هو. هاڻي فقط هي موبائيل ئي سندن وچ ۾ رابطي جو واحد ذريعو هو. ان ڪري جيڪڏهن کيس خبر پوندي ته اهو ثوبيه جو موبائيل هو ته هو هاڻي ان جي ڪال به اٽينڊ نه ڪندو. هن سوچيو هوءَ اڳ ۾ ئي پنهنجي بي وقوفين سبب پنهنجي گهر جو سڪون برباد ڪري چڪي هئي، پر هاڻي آهستي آهستي احساس جاڳيو ته هر قدم سوچي سمجهي کڻن گهرجي.
    ٿوري دير کان پوءِ ارم کي ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ بيهي عرفان سان موبائيل تي ڳالهائيندي ڏٺائين ته کيس پنهنجو ۽ ڪاسان جو شاديءَ کان اڳ وارو دور ياد آيو. ڪنهن زماني ۾ هو به هڪٻئي سان ڳالهائيندي نه ٿڪجندا هئا. هن ڏک سان سوچيو:
    ”شاديءَ کان اڳ واري محبت الائي ڇو خود اسين پنهنجي ناسمجهين ۽ لاپرواهين سبب پنهنجن ئي هٿن سان وڃائي ويهندا آهيون.“
    ان ڏينهن هوءَ ايڏي اداس هئي جو ارم هر هر کانئس پڇي رهي هئي.
    ”ثوبي! تهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه. گهر ۾ ته سڀ خير آهي نه.“
    ”ها“ هوءَ فقط اهو ئي چئي سگهي هئي. ارم سندس گهري ساهيڙي ضرور هئي پر هوءَ ساڻس پنهنجا انتهائي ذاتي مسئلا ڊسڪس نه ڪندي هئي. ان ڏينهن گهر اچي منجهند جي ماني کان پوءِ آرام خاطر بيڊ تي ليٽي ته وري ڪاشان ياد پيس. هاڻي کيس احساس ٿيو ته هن ساڻس ڪيتريون نه ڏاڍايون ڪيون هيون. هن پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ سوچيو به نه هو. ڪاشان ته بيحد سٺو انسان هو. انتهائي پيار ڪندڙ ٻين جو احساس رکندڙ، هن به ته ڪڏهن کيس سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. هن بي اختياريءَ مان پنهنجو موبائيل کنيو ۽ ڪاشان جو نمبر ڊائل ڪري رنگ ڏنائين ته جواب ۾ هن به رنگ ڏني. سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي. سڌي طرح نه سهي اڻ سڌي طرح ئي سهي هو کيس سٺو ريسپانس ڏئي رهيو هو، پر... وري... هميشه جيان سڪي سوچ...
    ”منهنجي لاءِ وقت ڪونهي باقي ٻين لاءِ وقت آهي پوءِ هو چاهي ڪو نامعلوم شخص ئي ڇو نه هجي.“
    هن ٻيهر ڪاشان کي رنگ ڏني، هن به رنگ ڏني، ثوبيه پوءِ اطمينان سان سمهي رهي اهو سوچي.
    ”توکي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو مون سوچي ورتو آهي.“
    ٻئي ڏينهن به صبح کان هوءَ بار بار ڪاشان کي رنگ ڏيندي هئي ۽ کيس سٺي موٽ ملندي رهي. منجهند جو ٻار به سمهي رهيا ۽ هوءَ به پنهنجي بيڊ تي اچي ويٺي ته موبائيل کڻي سوچيل مصوبي موجب ڪاشان کي SMS ذريعي لکيائين:
    ”مون کي ناهي خبر ته توهان کي منهنجي ڳالهه جو اعتبار ايندو يا نه، پر ڪالهه جڏهن کان مون اتفاق سان مليل توهان جي نمب تي ڪال ڪئي ته مون کي لڳو ته توهان سٺا انسان هوندا. آئون انتهائي مجبور ۽ ڏکايل ڇوڪري آهيان. آئون توهان کي دوست سمجهي پنهنجي اندر جو حال اورڻ چاهيان ٿي.“
    ٿوري دير ۾ ڪاشان ڪال ڪئي. هن رسيوَ ڪئي. پر ڳالهايو ڪونه، ڪاشان پاڻ ئي چيو.
    ”آئون شڪر گذار آهيان ته توهان مون کي سٺو انسان سمجهيو. آئون بلڪل توهان جو سٺو دوست ٿابت ٿيندس جيڪڏهن توهان مون سان ڌوڪو ڪرڻ بجاءِ مون سان سچ ڳالهائيندا، توهان چاهي ڇوڪري نه هجو، ڇوڪرائي هجو، پر ڳالهائيندا ئي نه ته پوءِ توهان مون سان پنهنجو ڏک ڪيئن ونڊيندو. توهان ڇوڪرا به آهيو ته پريشان نه ٿيو آئون توهان جو دوست ثابت ٿيندس.“
    سندس ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ثوبيه وري SMS ذريعي لکي موڪليو.
    ”نه اها حقيقت آهي ته آئون ڇوڪري آهيان. منهنجي ڪهاڻي ڏکن سان ڀريل آهي. آئون پنهنجي زندگيءَ کان بيزار آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيان.“ آئون توهان سان ڳالهائيندس نه، پر فقط لکي ڳالهه ڪنديس ۽ جواب خاطر توهان کي ڪال ڪري جواب ٻڌندس.“
    اهو لکي موڪلڻ بعد هن کيس ٿوري دير بعد ڪال ڪئي ته ڪاشان چيو:
    ”توهان جي نه ڳالهائڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان کي مون تي اعتماد ئي ناهي ته پوءِ آئون توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندس. باقي ايترو ضرور چوندس ته مايوسي ڪفر آهي. ان لاءِ پاڻ کي ختم ڪرڻ بابت سوچڻ غلط سوچ آهي. توهان مونکي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايو. جيڪڏهن آئون توهان جي مدد ڪري سگهندس ته مون کي خوشي ٿيندي مدد نه ڪري سگهيس ته ڪو بهتر مشورو ڏيندس. ائين به نه ڪري سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ توهان جي ڏک جي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنديس مونکي سڀڪجهه ٻڌائڻ سان ٻيو نه ته به توهان جي دل جو بار ئي هلڪو ٿي پوندو.“

    ثوبيه لکي موڪليو: ”نه منهنجي ڳالهائڻ جو سبب اهو ناهي ته مون کي تهان تي اعتماد ناهي، پر ان جو سبب اهو اهي ته آئون ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم آهيان. توهان جو خوبصورت آواز ٻڌم ته لڳو ته توهان خود به خوبصورت ۽ سٺا انسان هوندا. سڀاڻي ويڪ اينڊ آهي. آئون رات جو دير تائين جاڳندي آهيان. توهان جيڪڏهن ان وقت واندا هجو ته آئون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائينديس.“
    ڪاشان جواب ۾ چيو: ”ها بلڪل ائون ونادو هوندس. بلڪه آئون خود هڪ تنها شخص آهيان. اڪيلو رهندو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ توهان جو ساٿ ئي ملي پوندو.“
    اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه اداس ٿي وئي. پر پوءِ سوچيائين ته نفسيات جي ليڪچرر ٿي به هوءَ کيس سمجهي نه سگهي ۽ کيس اڪيلو ڪري ڇڏيائين. پر هاڻي هوءَ نفسياتي طريقيڪار سنا سندس دل جو حال معلوم ڪندي. ثوبيه جي حيثيت سان نه سهي ڪنهن اڻڄاتل ڇوڪريءَ جي حيثيت سان ئي سهي. هن پوءِ ساڻس رسمي طرح موڪلايو ۽ ٻئي ڏينهن رابطو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ فون بند ڪري سمهي پئي.
    ٻيو سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ به هوءَ سوچيندي رهي ته آخر اڄ هوءَ ڪاشان کي ڪهڙي ڪهاڻي ٻڌائيندي ۽ پوءِ منجهند تائين نيٺ هن هڪ ڪهاڻي سوچي ورتي هئي. هن ثوبيه جي حيثيت سان ٻه ٽه ڀيرا کيس فون ڪئي ۽ ڪاشان جي موبائيل تي رنگ ويندي رهي پر هن فون رسيوَ نه ڪيو.
    ”خير سائين! ثوبيه جي حيثيت سان تون ڀلي مون سان ناراض رهه، پر اڄ ويڪ اينڊ تون منهنجي ئي ساٿ ۾ گذاريندين.“ هن سوچيو ۽ مرڪي ڏنو.
    شام جو هوءَ رڌڻي ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي ته هن موبائيل جي رنگ ٻڌي ته بي اختيار مرڪي سوچيائين:
    ”اوهه! ايڏي بي صبري، يعني منهنجو منصوبو ڪامياب ٿي رهيو آهي.“
    هوءَ چانهه جو مگ کڻي ڪمري ۾ آئي. شام جو ٽائيم ٿي رهيو هو. هن SMS لکيو:
    ”جيئن ته پنهنجي ڪهاڻي آئون يڪي نٿي لکي سگهان ان ڪري مون کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ SMS جي ذريعي قسطن ۾ لکڻي پوندي، ان ڪري هر SMS پڙهڻ کان پوءِ مونکي رنگ ڏجو ته جيئن مونکي خبر پوي ته توهان هر پيغام پڙهي رهيا آهيو. ٻي ڳالهه اها ته آئون هڪ هاسٽل ۾ رهندي آهيان اسان جي هاسٽل جي وارڊن ڏاڍي سخت عورت آهي ۽ هن وقت رائونڊ تي آهي. ان ڪري آئون وڌيڪ ٽائيم نه ڏئي سگهنديس. آئون رات جو يارهين کان پوءِ توهان سان رابطو ڪنديس.“
    پيغام جي جواب ۾ رنگ ٻڌي هن ڪال ڪئي. ڪاشان چيو:
    ”ٺيڪ آهي، پر پهرين توهان مونکي پنهنجو نالو ٻڌايو.“
    ”منهنجو نالو رمشا آهي.“ هن لکي موڪليو ۽ رنگ اچڻ تي ڪال ڪئي. ڪاشان چيو:
    “رمشا! مون کي توهان جي ڪال جو انتظار رهندو.“ ڪال ختم ٿي ته هن سوچيو.
    ”ڪافي مزيدار سچئويشن آهي. اڄ لڳي ٿو ته اسنا جي زندگيءَ جو هڪ يادگار ڏينهن هوندو.
    هن اڄ خريد ڪيل ٻن پنجن پنجن سون جا ڪارڊ موبائيل ۾ فيڊ ڪيا ۽ پوءِ پنهنجي سوچن ۾ گم ٿي وئي.
    رات جا ساڍا يارنهن ٿيا ته هر پاسي سانت ٿي چڪي هئي. سڀئي پنهنجن بسترن ۾ هئا. ثوبيه بيڊ تي اچي ويٺي. تيز لائٽ آف ڪري هلڪي خوابناڪ روشنيءَ ۾ ويهاڻي جي ٽِڪ ڏيئي ويٺل ثوبيه موبائيل کنيو ۽ ڪاشان کي رنگ ڏني. جواب ۾ فورن رنگ آئي. رنگ يڪي وڄندي رهي ته هن ڪال اٽينڊ ڪئي. ڪاشان چيس:
    ”پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان اڳ پهرين منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو. مون ته ٻڌو آهي ته گونگا ماڻهو اڪثر ٻوڙا به هوندا آهن پر توهان ته سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ سمجهي وٺنديون آهيو.“
    جواب ۾ ثوبيه لکيو:
    ”اهو ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهو گونگو (Dumb) هجي اهو ٻوڙو (Deaf) به هجي. ها جيڪو پيدائشي ٻوڙو هوندو آهي. اهو گونگو ٿي سگهي ٿو. پر ڪڏهن ايئن به ٿيندو اهي. ڪي ٻار ٻوڙا ته هوندا آهن پر گونگا ناهن هوندا پر جيئن ته هو ڪجهه ٻڌندا ئي نه ته ڳالهائيندا ڇا؟ ان ڪري جو بار پهرين ٻڌندو آهي پوءِ اهي ٻڌل الفاظ ڳالهائيندو آهي. اهڙن ٻوڙن ٻارن کي جيڪي گونگا نه هوندا آهن. جيڪڏهن خاص ٽريننگ ڏني وڇي ته اهي به ڳالهائڻ لڳندا آهن. جهڙيءَ طرح مشهور سماجي ڪارڪن Helen Keller هئي. هوءَ نابين ۽ ٻوڙي هئي، پر گونگي نه هئي. ٻن سالن جي عمر تائين هوءَ نارمل ٻار هئي پر پوءِ هڪ شديد بيماريءَ سبب سندس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت خمت ٿي وئي. پر پوءِ خاص ٽريننگ ملڻ تي هن اٺن سالن جي عمر ۾ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ٻوڙا ٻار به ڳالهائي سگهن ٿا ته پوءِ جيڪي ٻوڙا نه آهن اهي خاص ٽريننگ سان لکي پڙهي ڇو نٿا سگهن.“
    ايترو لکڻ سان هن وقفو ڏنو. ٿوري دير بعد رنگ ٻڌي هن باقي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. هر مختصر قسط پڙهن کان پوءِ ڪاشان کيس رنگ ڏيندو رهيو. ثوبيه لاءِ اهو تجربو بيحد دلچسپ ۽ تجسس وارو رهيو. ڪهاڻي لکندي هوءَ اهڙي ته مگن ٿي وئي، جو کيس محسوس ٿيو ته هوءَ واقعي رمشا هئي. سندس لکيل ڪهاڻي هن ريت هئي:
    ”آئون پيدائشي گونگي ناهيان. البت جڏهن مون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته نارمل ٻارن وانگر آئون سڀ لفظ چٽا نه ڳالهائي سگهندي هيس ۽ اٽڪي اٽڪي ڳالهائيندي هيس. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته اها هڪ قسم جي ڪمري هئي جيڪا وقت گذرڻ سان ٺيڪ ٿي ويندي. اسان جي گهر جو ماحول پرسڪون نه هو. منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي محبت جي شادي هئي، پر مون جڏهن کان هوش سنڀاليو ته کين جهيڙو ڪندي ڏٺو. هو ٻئي شڪي مزاج هائ ۽ هڪٻئي تي شڪ ڪندا هئا ۽ الزام لڳائيندا هئا. آئون ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهي نه سگهندا هئاسين، پر جڏهن کين زور زور سان ڳالهائيندي ۽ ڪٻئي تي رڙيون ڪدني ڏسندا هئاسين ته ڏاڍا خوفزده ٿي ويندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان چنبڙي روئڻ لڳندا هئاسين. ڊاڪٽر منهنجن Parents کي چوندا هئا ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن آئون خوفزده رهيس ته منهنجي زبان جي ڪمزوري صحيح ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. منهنجا ماءُ پيءُ اهو ٻڌي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو رويو صحيح ڪندا هئا پر... پوءِ... وري ساڳيو هنگامو هوندو هو. نيٺ منهنجي زبان جي ڪمزوري اهڙي ماحول ۾ وڌندي رهي. جڏهن آئون ڪجهه وڏي ٿيس ته سندن ڪافي ڳالهيون سمجهڻ لڳس تڏهن خبر پئي ته ان وقت تائين بابا جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻي عورت داخل ٿي چڪي هئي، ان ڪري هاڻي جهيڙن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ لڳي هئي ۽ پوءِ... هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. هنن ۾ ايتريقدر جهيڙو ٿيو جو ڪاوڙ ۾ بابا امان تي پستول تاڻي بيهي رهيو. اسين ٻار ڏاڍا خوفزده ٿي وياسين. منهنجو ننڍو ڀاءُ روئڻ لڳو ۽ مونکي ته ڄڻ ڪو دورو پئجي ويو ۽ آئون رڙيون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته اسپتال ۾ هيس پوءِ منهنجو ڪيترو ئي عرصو اتي علاج هلندو رهيو. مون کي دورا پوندا هئا ته آئون بيهوش ٿي ويندي هيس ۽ منهنجي زبان ته ڄڻ بلڪل بند ٿي وئي. ڪافي علاجن کان پوءِ منهنجي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ته آئون گهر آيس. پر هاڻي گهر سڳايو نه رهيو هو. سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو امان ۽ بابا جي وچ ۾ Divorce ٿي چڪي هئي. جڏهن مما مون سنا ملڻ ايندي هئي ته بابا کيس مون سان ملڻ نه ڏيندو هو. آئون وڌيڪ ٽٽي پيس. ڳالهائڻ جي ٽريننگ ۽ فزيو ٿراپي لاءِ مون کي باقاعده اسپتلا موڪليو ويندو هو پر سچ ته اهو هو ته هاڻي مونکي زندگيءَ ۾ ڪائي ڪشس محسوس نه ٿيندي هئي نه ئي هاڻي مون کي ڳالهائڻ سان ئي ڪا دلچسپي هئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آئون خود ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪنديس ته Growing Age گذرڻ بعد آئون شايد ڪڏهن به صحيح طرح ڳالهائي نه سگهان، پر مون انهن سان بلڪل به سهڪار نه ڪيو... اهڙيءَ طرح آئون ڳالهائڻ جي قابل نه ٿي سگهيس. جسماني طرح آئون نارمل هيس ان ڪري مون وري اسڪول وڃن شروع ڪيو. منهنجو بابا تمام وڏو ماڻهو آهي ان لاءِ هن اسڪول جي انتظاميه ۽ ٽيچرز کي اڳ ۾ ئي منهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ کين منهنجو خاص خيال رکڻ جي تاڪيد ڪئي ان لاءِ سڀ منهنجو گهڻو خيال رکندا هئا ۽ مون کي مهنجي معذوريءَ جو احساس نه ڏياريو ويندو هو. آئون پڙهائي ۾ ٺيڪ ئي هيس. منهنجي لاءِ بابا ٽيوٽر رکيا هئا، ان ڪري مونکي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي پيش نه آئي. مون ميٽرڪ ڪئي ۽ هڪ پرائيويٽ ڪاليج مان انٽر ۽ بيچلرز ڊگري ورتي. ان ڪاليج ۾ ئي منهنجي ملاقات اويس سنا ٿي. اويس مون کان هڪ سال سينيئر هو ۽ منهنجي سٺي سهيلي جو ڀاءُ هو. سندس تعلق مڊل ڪلاس سان هو. مونضرورت وقت هميش ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي مالي مدد به ڪئي. مون کي اويس سان محبت ٿي وئي ۽ جڏهن اويس ان ڪاليج مان ماسٽرز ڊگري ورتي ته مون بابا کان چورائي کيس سٺي نوڪري وٺرائي ڏني. اهو ٻڌائيندي هلان ته ان دوران بابا ۽ امان ٻي شادي ڪري چڪا هئا. نئين ماءُ کي نه ته مون قبول ڪيو هو نه ئي هن مون کي. جڏهن بابا منهنجي ننڍي ڀاءُ کي نئين ماءُ جي چوڻ تي هاسٽل ۾ داخل ڪرايو ته اهو گهر منهنجي لاءِ وڌيڪ اوپرو بنجي ويو. ويڳي ماءُ جو رويو مون سان ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو ويو. تڏهن مون کي لڳو ته مون وٽ فقط هڪ ئي رستو بچيو هو ته اويس مون سان شادي ڪري مونکي روز روز جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياري. مون جڏهن اويس سان اها ڳالهه ڪئي ته هو مختلف بهانا ڪري جان ڇڏائڻ لڳو. مون کيس چيو ته بابا اسان کي گهر وٺي ڏيندو. مون کي منهنجي معذوريءَ جو احساس هو انڪري مون کيس اهو به چيو ته هو چاهي ته پوءِ ڀلي ٻي شادي ڪري... پر... هن ته... مونکي هميشه لاءِ اونداهين ۾ ڀٽڪڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي نو. پوءِ مون به گهر ڇڏي ڏنو. سفارش تي مونکي هڪ پرئايويٽ ڪاليج جي Admin بلاڪ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هاڻي آئون اتي جي هاسٽل ۾ رهندي آهيان. ۽ منهنجي فقط اها خواهش آهي ته آئونخود خاص ٽريننگ وٺي ڳالهائي سگهان ۽ پان جهڙن ٻارن جي خدمت لاءِ Special Education حاصل ڪريان، سندن مدد ڪريان، خدمت ڪريان، پر ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کان ئي بيزار ٿيڻ لڳندي آهيان.“
    ثوبيه ڪهاڻي لکي پوري ڪئي ته سندس کاني ۾ سچ پچ لڙڪ اچي ويا. رات جو هڪ ٿي ويو هو. هوءَ وقفن ۾ اها ڪهاڻي ايڏي دير ۾ لکي سگهي هئي. سندس آڱريون ٽائپنگ ڪري ڪري ٿڪجي پيون هيون. اها ڪهاڻي پڙهي ڪاشان رنگ ڏنس ته هن کيس ڪال ڪئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌڻ لڳي.

    ”منهنجي فرينڊ! مون توهان جي ڪهاني تمام غور سان ٻڌي، پر... ان ڏک ڀري ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ به آئون توهان سان همدردي نه ڪندس ڇو ته همدردي انهن ماڻهن سان ڪبي آهي جيڪي ”ويچارا“ هوند اآهن ۽ پاڻ کي ڪڏهن به ”ويچاري“ نه بڻائجو. توهان ته تمام همت واريون آهيو. ٻي ڳالهه آئون اها چوندس ته توهان اويس کي وساري ڇڏيو. هو توهان جي زندگيءَ ۾ آيو ۽ نڪري ويو. جيڪو هليو ويو ان کي وساري ڇڏيو. توهان جي اڳيان ته زندگي پئي آهي. توهان کي ڪو ٻيو ۽ بهتر شخص ملي ويندو ۽ جيڪڏهن توهان مائينڊ نه ڪريو ته آئون اهو چوند سته هو توهان جي قابل هو ئي نه. هو بيحد ڪم ظرف ڇوڪرو نڪتو.
    آئون خود بيحد دکي شخص آهيان. پر اڄ توهان جي ڪهاڻي پڙهي احساس ٿيو ته هن دنيا ۾ مون کان ڪيئي ڀيرا دکي ماڻهو موجود آهن. آئون توهان لاءِ دعا ڪندس. توهان به منهنجي لاءِ دعا ڪجو. پاڻ سٺا ساٿي بنجي سگهون ٿا... ۽...“
    ثوبيه اڃا ڪاشان جي آواز ۽ لفظن جي سحر ۾ ٻڏل هئي ته سندس ڪمري جي بند دروازي تي زور زور سان ٺڪاءُ ٿيڻ لڳا ۽ سندس ننڍڙي ڌيءَ جو آواز ٻڌائين:
    ”امي... امي! در کوليو.“
    ثوبيه يڪدم فون ڊسڪنيڪٽ ڪئي ۽ دروازي ڏانهن دوڙي. در کولي ذونش کي ڪڇ ۾ کنيئاني. هوءَ شايد ڪچيءَ ننڊ مان اٿي ڊوڙي وٽس آئي هئي. هن کيس پيار ڪيو ۽ پنهنجي ڀرسان سمهارڻ لڳي. پوءِ هن پيغام لکي موڪليو:

    ”هن وقت آئون هاڻي تمام گهڻو ٿڪي پئي آهيان. وڌيڪ سڀاڻي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.“
    جواب ۾ ڪاشان ڪال ڪري چيس:
    ”مون دروازي تي ٺڪاءَ جا آواز ٻڌا هئا (شرارت مان) ڪٽي توهان واري خطرناڪ وارڊ ته نه هئي؟ خير ته آهي نه؟“
    ”سڀ خير آهي. توهان به هاڻي آرما ڪريو گڊ نائٽ.“
    ثوبيه لکيو ته جواب ۾ ”گڊ نائٽ“ جو مئسيج آيو. هن موبائيل آف ڪيو ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر ذهن بار بار هڪ ڳالهه تي اٽڪي ٿي پيو ته ڇا ڪاشان فقط هڪ ڏينهن اڳ مليل ڪنهن اجنبي ڇوڪريءَ سان پنهنجا ڏک شيئر ڪري ٿي سگهيو؟؟ مٿس اعتبار ڪري ٿي سگهيو؟ پوءِ الائي ڪيڏي مهل اک لڳي ويس.
    اڳين ڪجهه ڏينهن ۾ عجيب صورتحال رهي. ڪاشان ثوبيه سان ته ناراض هو. پر رمشا سان روز موبائل تي رابطو رهندو هئس. ٻئي هڪٻئي سان حال احوال اورڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن ته ”ثوبيه“ کي ”رمشا“ جي وجود کان ساڙ محسوس ٿيندو هو ڇو ته ثوبيه ته ڪاشان کان پري ٿي چڪي هئي، جڏهن ته رمشا ڏينهون ڏينهن ويجهي ٿيندي پئي وئي. ڪڏهن ته هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته:
    ”هي مون ڇا ڪيو؟ خود پنهنجي هٿن سان پنهنجي ۽ ڪاشان جي وچ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو وجود آڻي ڇڏيو. ثوبيه کان هو تمام پري هو، پر رمشا سان هر ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳو هو. هاڻي ڇا ڪريان...؟ رمشا جي صورت ۾ سندس دوست بنجي سندس ڏکڻ سکن کي شيئر ڪريان يا رمشا جي وجود کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيان...؟“
    هڪ ڀيري هن (رمشا) ڪاشان کان پڇيو:
    ”توهان ڪنهن سان محبت ڪئي آهي؟“
    ڪاشان چيو: ”لڳي ٿو ته نه، ڇو ته شايد جنهن کي مون محبت سمجهيو اهو دوکو هو. فقط دوستي هئي.“ هو ٻڌي ثوبيه وڌيڪ سڙي وئي. هن ته سندس نالو هن جي واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو. تڏهن هن لکي موڪليو:
    ”مونکي توهان جي جملي مان ائين ٿو محسوس ٿيئ ته ڪنهن توهان جي دل کي رنجايو آهي. ڏسو مون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي هاڻي توهان کي به پنهنجي باري ۾ مونکي سڀڪجهه ٻڌائڻو پوندو.“
    ... ۽ پوءِ... انهن ان رات رباطو رکڻ جو پروگرام ٺاهيو. ثوبيه کي اڻ تڻ هئي ته هاڻي ڏسجي ته هو هڪ اڻ ڏٺي ڇوڪريءَ سنا ڪوڙ ٿو ڳالهائي يا وري سچ.
    ان رات... ڪاشان رمشا کي پنهنجي متعلق ٻڌائڻ سروع ڪيو. پڙهائيءَ جو احوا، شادي ٿيڻ جو احوال ۽ شادي کان پوءِ سندن وچ ۾ ذهني هم آهنگي نه هجڻ جو احوال... هن سڀ ڪجهه سچ پئي ڳالهايو. ثوبيه کي ڪاوڙ لڳي ته هڪ اجنبي ڇوڪريءَ اڳيان هو پنهنجي دل کولي رکندو ۽ سندس بابت سڀڪجهه ٻڌائيندو؟! هن تهائين سوچيو به نه هو. هو چئي رهيو هو:
    ”شادي کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون ثوبيه کي غلط سمجهيو هو. مون کي سندس بابت جيڪي اميدون هيون هوءَ اهڙي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته توهان سوچيندوين هجو ته آئون توهان کي تصوير جو فقط هڪ رخ ڏيکاريو رهيو هجان، يقيناً مون ۾ به گهٽتايون هونديون. شايد آئون به سندس اميدن تي پورو نه لٿو هئس، پر مون جڏهن به هن آڏو پنهنجي دل کولي رکڻ چاهي ته هن مون کي ڪجهه چوڻ ۽ کانئس ڪجهه ٻڌڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. هوءَ هر وقت جهيڙي جي موڊ ۾ هوندي هئي. گهر جي معاملن ۾ دلچسپي نه وٺندي هئي...“
    هو ڳالهائي رهيو هو، پنهنجي ڏکن کي هن سان شيئر ڪري رهيو هو تڏهن ثوبيه سوچيو:
    ”اڄ رمشا جي حيثيت سان آئون سندس هر ڳالهه صبر ۽ غور سان ٻڌي ۽ سمجهي رهي آهيان... ڪاش... ثوبيه جي حيثيت سان ائين ڪريان ها.“ ڪاشان چوندو رهيو:
    ”آئون پنهنجي ڪٽنب کان گهڻو پري رهي نٿو سگهان اهو ڄاڻندي به هن مون سان ڪراچي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ نفسيات جي شعبي سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود اهو نه سمجهي سگهي ته آئون ڪراچي وڃن کان اڳ ئي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي رهيو هئس ۽... پوءِ... ڪراچيءَ ۾ سڄو ڏينهن هڻ هڻان کان پوءِ جڏهن گهر ايندو هئس ته گهر جي اڪيلائي مون کي ويتر اڪيلو بنائي ڇڏيندي هئي. اها حقيقت آهيته مون کي اتي اهڙيون ڇوڪريون به مليون جيڪي مون سان دوستي ڪرڻ ۽ تنهائيءَ جو ساٿي ٿيڻ تي به راضي هيون، پر مون سندن آڇ قبول نه ڪئي... آئون نٿو چوان ته آئون وڏو پارسا آهيان ۽ مون ڪڏهن ڇوڪرين سان دوستي نه رکي هوندي، پر شاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ مون ڪڏهن به حد کان وڌيڪ ويجهو ٿيڻ نه چاهيو. آئون ثوبيه آڏو هڪ مهيني جي موڪل دوران رهيس پر هوءَ پنهنجي پڙهائي، سماجي ۽ ٻين مصروفيتن سبب ايتري مصروف رهي جو هن ڪڏهن مون کان منهنجو احوال نه پڇيو.... کي خبر هيئ ته آئون اهڙو ته نه هئس جهڙو هان ٿي ويو هئس... مايوس... نا اميد.“
    ... ڪاشان ايترو چيو ته ثوبيه جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هو چوندو رهيو.
    ”... ۽... پوءِ اتي ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن منهنجي هڪ شفيق ۽ مرهبان آفيسر جي فيملي منهنجو خيال نه رکي ها ته آئون جيترو هاڻي ٽٽل آهيان ان کان به وڌيڪ ٽٽي پوان ها. هو مونکي هڪ سٺي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا جنهن ٻڌايو ته آئون شديد ڊپريشن جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي چڪو هئس ته علاج سان گڏوگڏ جيڪڏهن منهنجو آفيسر ۽ سندس گهر واري منهنجو اولاد وانگر خيال نه رکن ها ۽ مونکي پنهنجي گهر گهرائي منهنجو ڏک نه ونڊين ها... ته... شايد...“
    ڪاشان جو آواز لڙڪن هاڻو ٿي ويو... ۽ ثوبيه جا لڙڪ ته ڄڻ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن ڪيترو ئي روڪيو، پر لڙڪن کي نه روڪي سگهي. سندس سڏڪن جي آواز تي ڪاشان چيو:
    ”توهان روئو پيا. پليز ائين نه ڪريو. آئون توهان کي ڏکوئڻ نٿو چاهيان... توهان اڳ ۾ ئي ڏکويل آهيو.“
    ان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ثوبيه جي شخصيت ئي بدلجي وئي. دل چاهيس جيڪر پر هجنس ته اڏامي وڃي ڪاشان وٽ پهچي ۽ کي سميٽي ڇڏي. هر ڪوتاهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو ازالو ڪري. رمشا جي حيثيت سان ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه چئي نٿي سگهي، ان ڪري ٻئي ڏينهن آچر تي صبح جي نائين لڳي هن ڪاشان جي ڪراچي جي نمبر تي گهران فون ڪئي. ڪاشان شايد رنگ جي آواز تي ننڊ مان اٿيو هو. سندس آواز ننڊ جي خمار سبب ڳورو هو. ثوبيه چيو:
    ”ڪاشان! تون ڪيئن اهين؟ ٺيڪ ته آهين نه؟“
    ”ها... ڇو...!؟؟؟“
    ”مون کي لڳي ٿو ته مون توکي ننڊ مان اٿاريو آهي.“
    ”خير آهي.“ هن چيو.
    ”چڱو تون پهرين فريش ٿي وٺ. مونکي تو سان ضروري ڳالهائڻو آهي.“
    ”ڇو...!؟“ هن طنز سان چيو ”اڄ صبح سان ئي جهيڙي جو موڊ آهي ڇا...؟ جيڪو به چوڻو اٿئي اهو چئي وٺ...! آئون ٺيڪ آهيان؟“
    ”ڪاشان!“ ثوبيه جذباتي ٿيندي چيو: ”تون ڇو ٿو پاڻ کي اڪيلو سمجهين. آئون آهيان نه. آئون توکي ٽٽڻ نه ڏيندس... وکرڻ نه ڏيندس.“
    ”پر... توکي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو... ۽...“
    هن انتهائي ڏک مان چيو ”تون خود ئي ته مونکي ٽوڙي چڪين آهين ۽ هاڻي آئون ايترو ته وکري وي آهيان جو ڪير به مون کي سميٽي نٿو سگهي.“
    ”ائين نه چئو پاڻ گڏجي پنهنجي گهر کي پر سڪون ۽ خوبصورت بنائنداسين. آئون هاڻي توکي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينديس. مون کي هڪ موقعو تهڏي،“ ثوبيه چيو
    ڪاشان: ”ڪهڙو گهر؟ شايد آئون ئي غلط هئس جو مون سمجهيو ته مون گهر ٺاهيو هو... خدا جي واسطي هاڻي مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي... مون کي ڪجهه به نٿو گهرجي...“
    ثوبيه ”چڱو لا! اهو ٻڌائي ته گهر ڪڏهن ايندين. مون وٽ تو لاءِ ڪجهه اهم خبرون آهن.“
    ڪاشان: ”ڪهڙيون خبرون؟“
    ”اهي توکي تڏهن ٻڌائينديس جڏهن پاڻ پنهنجي گهر ۾ آمهون سامهون ويٺل هونداسين. آئون تنهنجو شدت سان انتظار ڪندس.“
    ثوبيه جي حيثيت سان ته هن اهو سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو ۽ جڏهن رمشا جي حيثيت سان ساڻس موبائل تان رابطو ڪيائين ته ڪاشان چيس:
    ”رمشا! توهان ٻڌايو ته توهان حيدرآباد ۾ رهو ٿا. آئون هڪ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد اچان پيو. آئون پنهنجي سٺي فرينڊ سان ملڻ چاهيان ٿو. توهان مون کي پنهنجي ايڊريس ڏيو.“
    هاڻي ثوبيه منجهي پئي ۽ پوءِ لکي موڪليائين:
    ”جڏهن توهان حيدرآباد پهچندا ته پوءِ توهان کي ايڊريس ڏينديس.“
    هن ڀيري جڏهن ڪاشان گهر آيو ته ثوبيه جي شخصيت ئي بدليل لڳس. خوشي سندس چهري مان ظاهر هئي. هن پنهنجي هٿن سان سندس پسند جون ڊشون ٺاهيون. اڄ هوءَ تمام خوبصورت لڳي رهي هئي. هن تمام سهڻي ڊريسنگ پاتي هئي ۽ نئين اسٽائيل جو هيئر ڪٽ ٿيل هو ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ.
    ”ڇو اڄ وري ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻو اٿئي؟“ هن پڇيو.
    ”نه... ڇو...؟“
    ڪاشان سندس سموري وجود جو جائزو وٺي لاپرواهيءَ سان چيو:
    ”نه... بس... ائين لڳو ته... خير.“
    اڄ سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي ۽ پوءِ جڏهن سڀ پنهنجن ڪمرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته ڪاشان پڇيس:
    ”توکي شايد ڪجهه اهم خبرون ٻڌائڻيون هيون.“
    ثوبيه: ”ها! پهرين ته اهو ٻڌايو ته توهان هڪ اجنبي ڇوڪريءَ سان دل جو حال اوريندا رهيا ۽ مون کان ڇو پري ڀڄندا رهيا؟“
    ڪاشان: ”ڇا مطلب؟... ڪهڙي اجنبي ڇوڪري؟“

    ثوبيه: ”ڪاشان! تون ڄاڻين ٿو ته آئون ڪنهن جي ڳالهه پئي ڪريان. منهنجو اشارو رمشا ڏانهن آهي.“
    ثوبيه ته سمجهيو هو ته رمشا جو نالو ٻڌي هو ڇرڪي پوندو، ڪنفيوز ٿي ويندو. پر... هن... هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو... ۽ پوءِ چيائين:
    ”ها، رمشا!... مون انڪري هن سان دل جو حال اوريو جو هوءَ مون کي سمجهي ٿي. مون کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي ۽ مون کان دل جو حال پڇي ٿي. هوءَ مون سان ملي نٿي، پر فقط منهنجي لهجي جي اسٽائل مان ئي سمجهي ٿي وڃي ته آئون ڪهڙي موڊ ۾ آهيان، ڪهڙيون ڳالهيون مون کي خوشي ٿيون ڏين ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڏک، هوءَ منهنجي سچي فرينڊ آهي. مون ان لاءِ به هن سان دل جو حال اوريو ته هوءَ انتهائي سادي يا بيوقوف آهي، پر اجنبي بهرحال نه آهي؟“
    ثوبيه: ”ڇا مطلب؟... تون...؟؟!!“
    ڪاشان: ”ها! پهرين ڏينهن آئون يقيناً ٻڏتر ۾ هئس ته رمشا واقعي حقيقت آهي يا ڌوڪو پر جلد ئي خبر پئجي وئي ته هوءَ ڪير آهي.“
    ثوبيه: ”ڪي رآهي هوءَ ۽ ڪيئن خبر پئي توکي.“
    ڪاشان: ”ياد اٿئي جڏهن هن مونسان ڳالهايو پئي ۽ دروازي تي زوردار ٺڪاءَ ٿيا هئا؟“
    ثوبيه: بي اختيار ”ها“ چيو. ڪاشان وري کلندي چيو:
    ”هن بيوقوف پنهنجي پر ۾ ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي، پر حقيقت ۾ لائن disconnect نه ٿي هئي ۽ مون سندس ۽ پنهنجي بيحد پياري ننڍڙي ذونش جو آواز ٻڌو پئي...“
    ”اوهه! ته اها ڳالهه آهي.“
    ”ان کان علاوه...“ هن وڌيڪ مزو وٺندي چيو:
    ”منهنجي ڳالهين دوران هڪ ڀيرو هن ويچاريءَ ”گونگيءَ“ بي اختيار ”هون“ چيو هو. ڇا آئون تنهنجي ”هون“ به نه سڃاڻندس؟!...“
    ”اوهه!“ ثوبيه کلندي چيو ”يعني ته منهنجو منصوبو ناڪام ويو. ابتو آئون ئي بيوقوف بڻجي ويس.“
    ”جيڪي ماڻهو ٻين کي بيوقوف بنائيندا آهن اهي در حقيقت پاڻ کي بيوقوف بنائيندا آهن... پر... نه... آئون ان منصوبي کي ناڪام نه سمجهندس ڇو ته رمشا جي حيثيت سان تو مون کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو موقعو ڏنو... جيئن ته هوءَ ويچاري گونگي هئي، ان ڪري خاموسيءَ سان منهنجي ڳالهه ٻڌندي رهي نه ته ثوبيه ته ڳالهائڻ ڄاڻندي آهي ٻڌڻ نه...! چڱو هاڻي ٻي خبر ٻڌاءِ. اها ته پراڻي نڪتي.“
    ”ٻي خبر هيءَ آهي.“ ثوبيه هن ڏانهن هڪ پيپير وڌائيندي چيو ته ڪاشان اهو پڙهي ڪجهه حيران ٿيو ۽ چيائين:
    ”تون Long Leave لاءِ اپلاءِ پئي ڪرين. ڇو؟ ۽ هو تنهنجو Ph.D. جو پروگرام... تنهنجي جاب، تنهنجو ٽئلنٽ...“
    ثوبيه چيو: ”تو کان وڌيڪ ڪجهه به ته نه آهي. اها ڳالهه مون هاڻي سمجهي. آئون توکي هاڻي اڪيلو نه ڇڏينديس. مون توکي ڏاڍي تڪليف ڏني آهي. پاڻ ئي ڀوري ڀور ڪري ڇڏيو آهي اڳي وري نه چئجان ته تون اڪيلو آهين. اسين سڀ ڪراچي هلي رهنداسين.“
    ”نه... هاڻ: ان جي ضرورت ڪونهي.“
    ثوبيه: ”لڳي ٿو ته اڃا ناراض آهين.“
    ڪاشان: ”نه... پر... مون وٽ به هڪ اهم خبر آهي.“ هن به پنهنجي فائيل مان هڪ پنو ڪڍي ثوبيه کي ڏنو. هن پڙهيو ۽ پوءِ حيرت ۽ خوشي مان چيائين:
    ”تنهنجي بدلي حيدرآباد ٿي وئي آهي.“
    ڪاشان: ”اها به منهنجي شفيق ۽ مهربان آفيسر جي مهرباني آهي، جنهن خود ڪوشش ڪري اهو ڪم ڪرايو.“
    ”آءِ ايم ساري شان! ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جيڪي ماڻهو گڏ رهندا آهن هڪٻئي کي سمجهي نه سگهندا آهن ته ڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي غير هوندا آهن. جلد هڪٻئي کي سمجهي اجنبيت جون ديوارون ڊاهي ڇڏيندا آهن. آئون تنهنجون پريشانيون سمجهي نه سگهيس، پر هڪ غير شخص تنهنجا مسئلا سمجهيا ۽ تنهنجي خوشيءَ جو احساس ڪيو.“ اهو چوندي ثوبيه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    ”غلطيءَ جو احساس ٿي وڃي ته اهو اڳتي اهڙيون غلطيون نه ڪرڻ ڏيندو آهي. مون کي نتهنجي خوشي عزيز آهي. تون جاب ڪرڻ چاهين يا پڙهڻ، آئون توکي نه روڪيندس. بس هڪڙي گذارش آهي ثوبيه جي حيثيت سان منهنجي ڳالهه نه سمجهين سگهين ته پوءِ رمشا ٿي وڃجانءِ.“

    ”ڇا مطلب؟... توکي ثوبيه کپي يا رمشا؟“... ۽ تو اهو ڇو چيو ته تو محبت ناهي ڪئي ۽ ڪنهن تو سان محبت ناهي ڪئي؟... ۽... هاڻي توکي فيصلو ڪرڻو آ ته ثوبيه کپي يا رمشا؟“
    ”ڏس“... هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”شروع ڪري ڇڏيئي نه جهيڙو. مون کي ٻيئي کپن.“
    ثوبيه چڙندي چيو: ”آخر ٻئي ڇو؟... هاڻي... رمشا جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ ”دراصل....“ ڪاشان کلندي چيو: ”رمشا ۾ هڪ اهڙي خاص خوبي آهي جيڪا هر شادي شده مرد جي دل وٽان آهي.“
    ”ڪهڙي خوبي آهي اها...؟!“ ثوبيه حيران ٿي پڇيو ته ڪاشان مزو وٺندي چيو:
    ”خوبي اها آهي ته هوءَ ”گونگي“ آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه کي به کل اچي وئي ۽ ٻنهي کي کلندي ڏسي ڄڻ سندن ننڍڙي گهر جو ذرو ذرو به ساڻن گڏ شامل ٿي ويو. گهر جو ماحول ئي بدلجي ويو.


    (هيءَ ڪهاڻي ان دور ۾ لکي وئي هئي جڏهن سيل فون / موبائيل اڃان عام نه ٿيا هئا.)


    روشني

    جيئن ئي ساحره شادي لان جي دروازي مان داخل ٿي اندر پهتي ته ڏٺائين ته لان ۾ ڪجهه پٺتي رکيل ڪرسين کان سواءِ باقي سڀ ڀرجي چڪيون هيون. کيس ڪجهه دير ٿي ويئي هئي. هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي رهي جنهن جي ڏير جي شادي هئي. هوءَ کيس ايڏين عورتن ۾ نظر نه آئي، ته آخر ۾ خالي پيل ٽيبل ڏانهن وڌڻ لڳي. ان وچ ۾ ڪيترن ئي مهمان عورتن، مائٽياڻين ۽ ڀيڻ طاهره جي ساهرن سان ملندي به رهي. مهانگن ڪپڙن ۽ زيورن ۾ جنجهيل عورتون سندس سادن ڪپڙن، نازڪ زيورن ۽ هلڪي ميڪ اپ کي عجيب نظرن سان ڏسي رهيون هيون. اڳتي وڌندي هن ڪجهه جملا ٻُڌا:
    ”مائي! نه زيور نه زَٽ... صفا ٻُٽي... ۽ لسا ڦيڦا ڪپڙا!“
    ”هونهن، ڪجهه هوندس ته پائيندي نه...؟“
    ”پر لڳي سهڻي پئي ڳالهه ڪجي حق جي.“
    اهڙا جملا هن لاءِ نوان نه هئا، ان ڪري هن گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ آخر هڪ ٽيبل جي چوڌاري پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي اطمينان سان سڄي لان جو جائزو وٺڻ لڳي. اهي ئي ساڳيا چهرا، وڏ گهراڻيون عورتون زيورن ۾ جنجهيل، زرق برق ڪپڙا پهريل. الٽرا ماڊل، سِليوليس پاتل، اسٽريڪ ۽ ڊاءِ ٿيل وار. ڳالهائڻ ۾ نخرو. هر پاسي بس دولت جي ڏيکا جا منظر هئا. ساحره کي هڪ سمپل ساڙهي، انتهائي نازڪ سونو سيٽ ۽ ڪجهه نفيس سونيون چوڙيون ٻانهن ۾ هوندي به هوءَ کين ’ويچاري‘ نظر آئي، جڏهن ته اُتي ٻيون شهري عورتون ته موسم جي مناسبت سان لان جي وڳن ۾ به هيون. پر جيئن ته اهي سندن خاندان جون نه هيون، ان لاءِ ڪنهن کي فڪر به نه هو ته اُهي ڪهرا ڪپڙا پائي آيون هيون. هوءَ ڇو ته هميشه کان سمپل رهندي هئي. ان ڪري هن سدائين پنهنجي لاءِ اهڙا ڪمينٽس ٻُڌا هئا. هن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي.
    اوچتو ڳائڻ ۽ نچڻ لاءِ ڳوٺان گهرايل شيدياڻين دُهل وڄائي سهرا ڳائڻشروع ڪيا ته ٻه نوجوان ڇوڪريون نچڻ لڳيون. ان سان گڏ دولت جو نماءُ گهور جو روپ ڌاري شروع ٿي ويو. هڪ ٻئي تان گهورون گهوري سَون سَون جا نوٽ ڏنا پئي ويا. اوچتو ڪنهن پاسي کان صدف اُٿي ته ساحره حيران ٿي ڏٺو. هوءَ اڄ به اوتري خوبصورت، سمارٽ ۽ نوجوان پئي لڳي، جيتري شادي کان اڳ هئي... الٽراماڊل بيحد قميتي ۽ نفيس ساڙهي پاتل اهڙي اسٽائيلش، جهڙيون انڊين ڊرامن ۽ فلمن ۾ اڪيٽريسن کي پهريل هونديون آهن. سندس سنگ مرمر جهڙو وجود شاديءَ جي لائٽنگ ۾ جرڪي رهيو هو. نج گولڊ جو هڪ ڳرو سيٽ ۽ ڍڳ سونيون چوڙيون. هڪ ٻانهن ۾ ته ڪڙا ٻيءَ ٻانهن ۾ ڊاءِ ٿيل وار. هن انتهائي غرور مان پنجن پنجن سَون جا نوٽ گهوري نچندڙ شيدياڻين ڏانهن اُڇلائي ڇڏيا، جن کي هو ديوانگيءَ مان ميڙڻ لڳيون.
    پنهنجي مائٽياڻي صدف کي ڏسندي ئي کيس اهو وقت ياد آيو جڏهن هوءَ سندس ڪاليج فيلو هئي. هوءَ پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ اسٽائل سبب پوري ڪاليج ۾ مشهور هئي. انٽر ڪندي ئي جڏهن ساحره ٻُڌو ته صدف جي شادي ڪنهن وڏيري سان ٿي رهي آهي، جنهن جي زال ڪجهه وقت اڳ گذاري ويئي هئي ۽ ٻار به وڏا هيس ته هن ماءُ کي چيو هو:
    ”امي! هوءَ ته اڃان ايڏي يَنگ ۽ ايتري حسين آهي، پوءِ کيس ڪهڙي ضرورت پيئي آهي اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ جي؟“
    ”امان! ڇوڪرين کي ڇا گهرجي؟ سٺا ڪپڙا، زيور، پئسو... عمر ۽ ٻارن ٻچن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟“
    ”آئون ته هن جي جاءِ تي هجان ته ڪڏهن به اهڙي شخص سان شادي نه ڪريان...“
    ”تنهنجي ته هر ڳالهه ئي نرالي آهي... توکي ڇا چئجي.“ ڀر سان ويٺل ڀيڻس طاهره چيس، جيڪا هٿن پيرن جي ننهن تي هنيل نيل پالش جي سُڪڻ جو انتظار ڪري رهي هئي.

    ”مون ته ان لاءِ پئي چيو، جو صدف الٽراماڊلآهي ۽ هو شخص روايتي وڏيرو آهي، ان ڪري هوءَ Survive نه ڪري سگهندي.“
    ”منهنجي خيال موجب اسان جي خاندان ۾ به اهڙا ڪيترائي مرد آهن جن جون زالون الٽراماڊل آهن. اهي شهرن ۾ رهن ٿيون ۽ کين هر قسم جي آزادي آهي.“ هن وڌيڪ بحث نه ڪيو هو.
    ڪجهه عرصي بعد صدف جي شادي ٿي ويئي. هوءَ شهر ۾ کيس اڪثر ڪار ڊرائيور ڪندي، ته ڪڏهن خاندان جي شادين مرادين ۾ قيمتي ڪپڙن ۽ زيورن ۾ جنجهيل نظر ايندي هئي. روايتي وڏ گهراڻيون کيس رشڪ مان ڏسنديون هيون. ڪجهه عرصي بعد هن کي پُٽ ڄائو ته هن پُٽ جي خوشيءَ ۾ سڄي خاندان جي شاندار دعوت ڪئي. هوءَ فئشن مطابق قيمتي ريشمي ڪم وارو پَڙو ۽ چولي پهري ۽ معمول موجب سونن زيورن سميت سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل هئي. نه فقط اهو، پر جڏهن پنهنجي ساهيڙين سميت اسٽيج تي فلمي گانن تي فلمي انداز ۾ نچڻ لڳي ته سندس سونهن سوڀيا ۽ ادائون ڏسي ڪيترين ويچارين جو ”آهون“ نڪري ويون، جيڪي بي ڊوليون ۽ ڦيڦيون ٿي چڪيون هيون. ساحره ماضي جي سوچن ۾ گم هئي ته ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هڪ ’وڏ گهراڻيءَ‘ جي ٻار جي زوردار رڙين ۽ رانڀاٽن تي هن ڇرڪ ڀري حيران ٿي ڏٺو، ماڊرن پرڻيل ڇوڪريءَ پنهنجي سال ڏيڍ جي ٻار کي بيدرديءَ سان ڪڇ ان لاهي ڇڏيو هو. ٻار بيتابيءَ سان هر هر ڏانهس ٿي وڌيو ۽ هن هر ڀيري هٿن سان کيس پري ڪندي پاسي ۾ ويٺل ٻي ڇوڪريءَ کي چيو:
    ”ڇوري ناڳي الائي ڪيڏانهن ويئي. ننڍڙي کي سنڀالڻ بدران رُلندي ڦِري. هن ته منهنجن ڪپڙن جي ڪريز ئي خراب ڪري ڇڏي آهي. نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿو ڏئي نه ويهڻ ٿو ڏئي. او ڇوري بچل... اچين نٿي هيڏانهن يا...! وات پٽيو پيو اٿس دهل تي. شيدي شل نه دُهل ٻُڌن.“
    جڏهن ستن اٺن سالن جي هڪ ننڍڙي مزيدار لڳدنڙ شيدياڻي، چمڪڻن ڪپڙن ۽ گهري ڪاري رنگ ۾ نمايان ٿيندڙ اڇين جرڪندڙ اکين سان ويجهو آئي، ته وڏ گهراڻي نُنهن کيس پٺن تي هڪ زوردار دٻ وهائيندي چيو:

    ”توکي مون ننڍڙي کي سنڀالڻ لاءِ آندو اهي نه. جلدي هن جو فيڊر ٺاهي کڻي اچ ۽ کڻي وڃي کير پيارينس. اُٿي جلدي ڪر، ته ڏاج ته ڏسان ڪهڙو آهي؟“
    شيدياڻيون ’وڏ گهراڻين‘ کان زيورن جا سيٽ وٺي کڻي کڻي ڏيکارڻ لڳيون:
    ”امان! هيءُ سيٽ ٽن لکن جو...“
    ”واهه... واهه...!“ ٻي شيدياڻي سُر وٺائيندي چيو.
    ”امان هي سيٽ اڍائي لکن جو“
    “واهه، واهه...“
    ”امان، لائون جو هيءُ وڳو خاص ڪراچيءَجي وڏي دڪان تان ورتل....“
    ”واهه، واهه...“
    ”آئي ويجهو وڇي ته ڏسان...“ هڪ ٿلهي عورت ٿل ٿل ڪندي اڳتي وڌي.
    اهو سڀ ڪجه ڏسندي ساحره کي وحشت ٿيڻ لڳي، پر اهي سڀ ڳالهيون ته امير خاندانن جي شادين مرادين جو لازمي حصو هونديون آهن.
    ڏاج ڏيکارڻ کان پوءِ خاندان جون نوجوان ڇوڪريون اسٽيج تي پهتيون. ايڪو سائونڊ تي ڌماڪيدار اندين گانن تي فلمي انداز جي ڊانسن جو ڄڻ مقابلو شروع ٿي ويو. هر ڇوڪري هڪ اَپسرا ٿي لڳي. جن ’وڏ گهراڻين‘ کي پنهنجن پُٽن لاءِ رشتن جي ڳولها هئي اُهي خاص طور تي ’الرٽ‘ تي کين ڏسي رهيون هيون.
    ”اي ادي! (فلاڻي) ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟“
    ”مڱڻو ٿيل ته نه اٿس؟“ وغيره غيره.
    شيدياڻين جو ٽولو پنهنجن دهلن ۽ ڊفلين کي وڄائيندو ساحره جي ڀرسان آيو ته کيس ڏسي سڀ واري واري سان سندس هٿ چُمي کيڪارڻ لڳيون:

    ”اي جيجان! تون ڪوهه اِتي اڪيلي ويٺي آهين؟“ هڪڙي شيدياڻيءَ سوپاريءَ جي تَڙ کي چاٻو ڏيندي پڇيو.
    ”آئون آپي طاهره کي پئي ڳولهيان، پر لڳي ٿو ته هوءَ ڪنوار سان گڏ ايندي... توهان جو ڳائڻ وڄائڻ وارو ڪم ڪيئن پيو هلي؟“
    ”اي ڇڏ کڻي جيجان! هاڻي مڙئي پيا هلون... هي ڏس اسٽيج تي ڇا ته ڊانسون لڳيون پيون آهن، سو هاڻي اسان جي سنڌي نموني کي ڪير ٿو پڇي.“ بي شيدياڻي منهن کي موڙو ڏيندي چيو.
    ”اوهين به ڊسڪو ڳايو ته ماڻهو خوش ٿين نه؟“ ساحره ائين چوندي پرس مان پئسا ڪڍي کين ڏنا ته سڀني پنهنجا ڪِٽيل ڏند کڻي ڪڍيا.
    پوءِ اُهي پاڻ ۾ ويهي گهور جو ليکو چوکو ڪرڻ لڳيون ته ساحره وري ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويئي. جڏهن صدف جي سندس عمر کان ٻيڻي شخص سان شادي پيئ ٿي ته طاهره ان جو پاسو کنيو، پر جڏهن هن گهر وارن کي ٻڌايو ته هوءَ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي جيڪو شادي شده هو ته سڄي گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. سڀني کان گهڻو گوڙ ته طاهره مچايو:
    ”توکي هڪ شادي شده شخص مليو آهي، ٻيو ڪو دنيا ۾ ڪونهي رهيو؟“
    ”صدف جي شادي به ته ٻارن ٻچن وارن سان ٿي تڏهن ته هن جي ڀَر ورتي هُيئي.“
    ”هن جي زال گذاري چڪي هئي. تون ڇا ڪنهن جي پهاڄ وڃي ٿيندينءَ؟“
    ”اسان جي خاندان ۾ ڪيترن ئي رئيسن جون ٻه ٻه زالون آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي. ٻي ڳالهه ته پهاڄ جو تصور ڪٿي ٻئي هنڌ هوندو، مسلمان مردن کي هڪ ئي وقت چئن زالن رکڻ جي اجازت آهي.“
    ”صدف جنهن سان شادي ڪئي ان جو سوشل اسٽيٽس به ته ڏس! تون جنهن سان شادي ڪرڻ چاهين ٿي، هُن وٽ آهي ئي ڇا سواءِ نوڪرءَ جي؟“

    ”آئون خود به ليڪچررر آهيان ۽ توکي خبر آهي ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به قيمتي ڪپڙا ۽ زيور ه پاتا آهن، جڏهن ته اسين افورڊ ڪري سگهون ٿا پوءِ به اهي شيون منهنجي لاءِ اهم ڪونهن، ته شاديءَ بعد افورڊ نه ڪري سگهيس ته مڙئي خير آهي. جيڪڏهن آئون به ڪنهن وڏيري سان شادي ڪريان جيڪو شادي شده هجي ته ٺيڪ، باقي مخالفت ان ڪري جو هُو هڪ پوري ساري فيملي سان تعلق ٿو رکي، پر بُکيو ڀينگيو ته نه آهي.“
    ”سوچي وٺ ساحره، هڪ ٻيءَ عورت جو وجود برداشت ڪري سگهندين؟ عورت ڪڏهن نه چاهيندي آهي ته سندس مڙس جي زندگيءَ ۾ شيئر ڪرڻ واري ڪا ٻي عورت هجي.“
    ”مون کي يقين آهي ته سجاد اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو اسان ٻنهي مان ڪنهن سان ناانصافي ڪندو، نه ئي آئون روايتي زالن وانگر ڪنديس. باقي رهي ڳالهه عورت جي ٻيءَ عورت کي نه برداشت ڪرڻ واري، ته ڇا توهان کي خبر ناهي ته صدف جو گهر وارو ۽ معاف ڪجو خود توهان جو گهر وارو، ٻين عورتن ۾ اِنوالو رهيا آهن؟“
    ”مرد اهڙا هوندا آهن. ٻاهر جيڪو کپين وڃي ڪن، وڃي ڌوڙ پائين، پر گهر ۾ ته ٻيءَ کي نٿا آڻين.“
    ”واهه آپي واهه! اسان جي عورتن جي اُن سوچ ئي ته ٻيڙو ٻوڙيو آهي. ٻي شادي ڪرڻ تي زالون واويلا مچايو ڇڏين، يعني شرعي ڪم لاءِ گهوڙا گهوڙا، باقي گناهه ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي... ۽ سجاد گناهه نه پيو ڪري بلڪه گناهه کان بچڻ لاءِ ٻي شادي پيو ڪري.“
    طاهره لاجواب ٿي ويئي. نيٺ سڀني کي سندس فيصلو مڃڻو پيو. شاديءَ بعد واقعي سجاد ٻنهي سان سُٺو پئي نباهيو. سندس پهرين گهر واري به تعليم يافته هئي ۽ سندس هڪ نياڻي هئي. شروع ۾ ته هن به ٿورو رد عمل ڏيکاريو پر پوءِ ٻيئي پاڻ ۾ ائين ٺهي ويون جو ڄڻ گهريون ساهيڙيون هجن. ساحره کي پُٽ ڄائو ته کانئس وڌيڪ هوءَ هن کي سنڀاليندي هئي ۽ نياڻي وري ساحره سان گهڻي هِري وئي. هن وقت به هوءَ پنهنجو پُٽ هن جي حوالي ڪري آئي هئي. کيس پنهنجي فيصلي تي ڪو به پڇتاءُ نه هو، بلڪه هوءَ پنهنجي گهرو زندگيءَ مان خوش ۽ مطمئن هئي.
    اوچتو ڪنوار جي اچڻ جو گوڙ شور ٿيو ته ساحره پنهنجن خيالن مان نڪري آئي ۽ شيدياڻيون دهل ۽ ڊفليون کڻي اسٽيج ڏانهن ڀڳيون ته جيئن موقعي مهل جا سَهرا ڳائن. ڪنوار قيمتي ڪپڙن ۽ زيورن ۾ آسمان تان لٿل ڪا پري ٿي لڳي ٿوري دير بعد طاهره وٽس آئي.
    ”تون اِتي پري ۽ اڪيلي ويٺي آهين ۽ حسب معمول توکي اهي ئي سادا سودا ڪپڙا ۽ زيورن بنا...! جڏهن ته مون توکي فون ڪري تاڪيد ڪئي هئي ته مون تان منهنجا ساهرا نه کلائجانءِ... سٺا ڪپڙا پائي اچجانءِ ۽ جيڪڏهن تو وٽ زيور نه هئا ته مون کان...“
    ”بس آپي بس“، ساحره جو موڊ آف ٿي ويو. ”پر مونکي انهن شين سان هميشه کان دلچسپي نه رهي آهي. آئون ته اهڙي ئي رهنديس. جي شاديءَ ۾ نه اچان ها تڏهن به توهان ناراض ٿيو ها. باقي جيڪڏهن منهنجي ڪري توهان جي ساهرن ۾ توهان جي بي عزتي ٿي ٿئي ته يا ته توهان اڳتي سڏجو نه، يا ته وري آئون نه اينديس.“
    ”چري آهين ڇا؟“ ظاهره پيار ڪندي چيس:
    ”اهي ته خانداني روايتون آهن، ڇا ڪجي؟ چڱو تون منهنجي ڳالهين کي دل ۾ نه ڪجانءِ. الله توکي پنهنجي گهر ۾ آباد رکي“ ائين چوندي هوءَ اسٽيج ڏانهن هلي ويئي. هاڻي رات گهڻي ٿي چڪي هئي. مايون ۽ ٻار بُک ۾ پاهه ٿي رهيا هئا. ٻارن ته بک ۽ ننڊ سبب مائرن جو ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. خبر پيئي ته مردن ۾ ماني لڳي چڪي هئي.
    هن سوچيو: ”هن سماج جو سرشتو ڪڏهن بدلبو؟ ٻار هميشه مائرن سان گڏ هوندا آهن، ۽ ننڊ ۽ بُک جا ڪچا هوندا آهن، ان ڪري اصولن ته ماني اڳ ۾ عورتن ۾ هلڻ گهرجي يا، پوءِ هڪ ئي وقت ٻنهي پاسي شروع ٿيڻ گهرجي. پر ائين ٿيندو نه آهي، ۽ پوءِ اڪثر مرد ماني کائڻ بعد زالن تي تڪڙو نڪرڻ لاءِ ڏمربا آهن. اُهي ويچاريون تڪڙ ۾ ماني کاڌي نه کاڌي ڪري نڪرنديون آهن ۽ پوءِ ٻيا ته هليا ويندا آهن، پر خاندان وارن کي رسمن لاءِ آڌيءَ رات تائين ويهڻو هوندو اهي. جيڪي جاب ڪرڻ واريون هونديون آهن. اُهي پريشان، ته صبح جو سوير ٻار ڪيئن اُٿندا ۽ هو ڪيئن جاب تي وينديون. آخر ڪڏهن اهي فضول روايتون ختم ٿينديون؟“
    ”گهوٽ اچي ويو...“ گوڙ ٻڌي هن اسٽيج ڏانهن ڏٺو ته کيس ڄڻ ڪرنٽ لڳو. ڪنوار جيڪڏهن Positive فوٽو هئي ته موصوف Negative سندس ماءُ ۽ ڀيڻيون مٿس نوٽ گهوري رهيون هيون. پوءِ فوٽو ۽ مووي سيشن هليو. ان دوران ماني لڳي، ته نه ڪنهن کي ڪنوار ياد رهي ۽ نه گهوٽ. سڀ مانيءَ تي ائين اچي ڪِريا ڄڻ آخري ماني هجين زندگيءَ جي.
    “Oh teacher, you are looking gorgeous” اوچتو سندس اسٽوڊنٽ ڇوڪرين کيس ڏسي گهيري ورتو.
    ”ٿينڪس!“ هن مُرڪي چيو ۽ سوچيو ته اندر جو حسن ته اهڙا ئي ماڻهو ڏسي سگهن ٿا. هوءَ قميتي ڪپڙن ۽ زيورن بنا به پنهنجن شاگردن لاءِ خوبصورت هئي.
    ماني کائي هرڪو روانو ٿيڻ لڳو ته هوءَ به طاهره کان موڪلائي لان جي دروازي کان نڪتي ۽ سجاد کي موبائل تي ميسيج ڪري ٻُڌايائين ته هوءَ نڪري پيئي ته جيئن هو به مرداڻي شامياني مان نڪري اچي. اڃان هن دروازو پار ئي مس ڪيو ته اوچتو اونداهه ٿي ويئي. هن سمجهيو ته لائيٽ هلي ويئي آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته فقط دروازي کان وڍي روڊ تائين جي فاصلي وارا بلب شايد ڪنهن تار وغيره نڪرڻ سبب اُجهامي ويا آهن. ساحره ٿورو گهٻرائجي ويئي، ڇو ته اچ وڃ نه هئڻ برابر هئي. هن کي سجاد نظر نه آيو ته اڳتي وڌندي هوءَ اهڙيءَ جاءِ تي پهتي جتي مرداڻي پاسي واري قنات ۾ ٿوري وِٿي هئي. هوءَ پاڻ ته اونداهه ۾ هئي سو کيس اُن وٿيءَ مان ڪير ڏسي نه پئي سگهيو. هن سجاد کي ڏسڻ لاءِ وٿيءَ مان جهاتي پاتي ته اندريون منظر ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويئي. تيز روشنين جي شيڊ ۾ ڪجهه ڊانسرز ڊانس ڪري رهيون هيون، ۽ مرد مٿن سَون سَون جا نوٽ گهوري رهيا هئا ۽ پوءِ صدف جي گهرواري هڪ ڊانسر کي پنج سَو جو نوٽ ڏيکاري ويجهو سڏيو. هوءَ نوٽ وٺڻ لاءِ سندس ويجهو ويئي ته هن جهٽ ۾ کيس هٿ کان پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيو... سڀ مرد ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ڊانسر به کِلندي پئسا وٺي آئي ۽ پوءِ ته ڄڻ اهو سلسلو شروع ٿي ويو.
    ساحره کي اهو منظر ڏسي بي انتها وحشت ۽ ڪراهت محسوس ٿي. هن ٿورو اڳتي وڌي موبائل تي ڪال ڪري ذري گهٽ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو:
    ”سجاد، سجاد، تون ڪٿي آهين؟ مونکي هن اونداهي کان ڊپ پيو ٿئي.“
    ”آئون ته تنهنجو ميسيج ملندي ئي روڊ تي بيٺل آهيان. تون ڏسڻ ۾ نه پئي اچين. چڱو ترس، آئون اڳتي اچان ٿو.“
    هوءَ گهرا گهرا ساهه کڻڻ لڳي. اوچتو موبائل جي روشنيءَ ۾ سجاد وٽس پهتو ۽ سندس هٿ پڪڙي کيس اونداه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ وٺي آيو، ته سندس پيلو پئجي ويل چهرو ۽ اکين ۾ آلاڻ ڏسي پريشان ٿي پڇيائين: ”ڇا ٿيو ساحره!“
    ”اونداه کان ڊڄي ويس.“
    ”ڇو... هاڻي ته ٺيڪ آهين نه؟“
    ”ها!... تو جو اونداهيءَ مان ڇڪي روشنيءَ ۾ آندو آهي.“
    ”اوهه! اونداهه کان ڊڄي وئينءَ.“
    هن مضبوطيءَ سان سندس هٿ پڪڙي روڊ ڏانهن وڌندي چيو: ”آئون توکي ڪڏهن به اونداه ۾ بيهڻ ۽ خوفزده ٿيڻ نه ڏيندس، توکي هميشه روشنيءَ ڏانهن وٺي ايندس. اهو منهنجو تو سان واعدو آهي.“


    حادثو

    اهو موڪل جو ڏينهن هو، اڃا ڏينهن جي شروعات مَسَ ٿي هئي ته معمول مطابق ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو.
    ”مون کي اڄ ناشتي ۾ اڦراٽو کپي.“ ارشد چيو: ”منهنجي خيال ۾ سلائس تي مکڻ لڳائي کاءُ يا وري جيم، ايترو ڳرو ناشتو نه ڪرڻ کپي ۽ اهو به ته ڏس ته مون کي اڦراٽو ٺاهڻ لاءِ ڪيڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي ڇو ته مون کي چڱي طرح اهو ڪم ڪرڻ ئي نه ايندو آهي.“ نازيه جواب ڏنو ته ارشد وري چڙي پيو:
    ”تهنجي لاءِ ته هر ننڍو ڪم به مشڪل هوندو آهي.“
    ”سڄو گهر ته سنڀاليندي آهيان، اڃان ڇا ڪريان“ سنئون سڌو چئو ته توکي جهيڙي ڪرڻ جوڪو بهانو گهرجي.“
    ”چڱو بابا! ختم ڪر قصو مون کي زبان کولڻ ئي نه گهرجي ها.“
    نازيه کي گهرجي ها ته ڳالهه اتي ئي ختم ڪري ڇڏي ها پر هن ائين ڪرڻ بدران وري ڊيگهه ڪندي چيو:
    ”توکي به مون وانگر ننڍڙي نوميءَ لاءِ راتين جو جاڳڻو پوي ها ته خبر پوئي ها. ڪو به مرد ان ڳالهه کي سمجهي نٿو سگهي، ته ڇهن مهينن جي ٻار سان سڄو ڏينهن ٻن ڪمرن جي سوڙهي فليٽ ۾ جان کپائڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي.“
    هن ان تي به بس نه ڪندي وري چيو:
    ”جڏهن کان نومي پيدا ٿيو آهي ته تو مون کي ڪو ڍنگ جو ڪپڙن جو جوڙو به نه وٺي ڏنو آهي جيڪو پائي آئون ڪنهن پارٽي يا شاديءَ ۾ شريڪ ٿي سگهان. پنهنجي ساهيڙين جي خوبصورت لباسن کي ڏسي مون کي پنهنجن ڪپڙن تي شرمندگي محسوس ٿيندي آهي.“
    اهو سڀڪجهه ٻڌي ارشد جي منهن جو پنو صفا لهي ويو ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين: ”توکي شاديءَ کان اڳ خبر هئي ته منهنجي پگهار ڪيتري آه ي۽ هن فليٽ بابت به، پوءِ ڇو تون ان مهل هن سوڙهي فليٽ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئينءَ؟. توکي شادي ڪرڻ لاءِ نه منٿ ڪئي هئم، نه ئي هٿ ٻڌا هئم ته مون سان شادي ڪر.“
    هو ڪاوڙ مان ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. نازيه جي دل ڀرجي آئي ۽ هوءَ سوچڻ لڳي:
    ”وقت به ڪيترو نه جلدي بدلجي ويندو اهي. اڄ کان صرف ڪجهه مهينا اڳ هر آچر جي ڏينهن جي شروعات پيار محبت جي ڳالهين سان ٿيندي هئي. هوءَ نيرن لاءِ ٽوش يا بيدن جو آمليٽ رکندي هئي يا اها شيءِ جيڪا ارشد کي پسند ايندي هئي.“ پر هاڻي ته هر ڏينهن بوريت سان شروع ٿيندو هو ۽ هر شام بيزاريءَ ۾ ختم ٿيندي هئي. هو ننڍڙين ننڍڙين، ڳالهين تي جهيرو ڪندا هئا. نازيه کي اهساس ٿيڻ لڳو ته انهن جهيڙن لاءِ گهڻو ڪري غلطي سندس هوندي هئي، کيس اهو احساس تڪليف پهچائڻ لڳو ته هوءَ اٿي ڪچن ۾ آئي ۽ نه فقط اڦراٽو پچايائين پر ٻيو به نيرن جو اهتمام ڪيائين. ايستائين ارشد آيو ۽ ٽيبل تي رکيل نيرن کي ڏسي حيران ٿي نازيه کي ڏسڻ لڳو ته هن پيار سان چيو:
    ”الائجي اڄڪلهه مون کي ڇا ٿي ويو آهي جو ايڏو جلد مون کي ڪاوڙ اچي ٿي وڃي.“
    ڪجهه دير ۾ ماحول بدلجي ويو ۽ ٻئي ائين کلي کلي ڳالهيون ڪرڻ لڳا ڄڻ ٿوري دير اڳ هنن ۾ تلخ ڪلامي ٿي ئي نه هئي. تڏهن ارشد نازيه کي ياد ڏياريو ته اڄ کين ڳوٺ وڃڻو هو سندس ماءُ سان ملڻ. نازيه کيس جواب نه ڏنو ۽ جڏهن هن دل ڀري ناشتو ڪري ورتو تڏهن نازيه کيس ٻڌايو ته اڄ هوءَ ساڻس گڏجي ڳوٺ وڃي هن جي ماءُ سان نه ملي سگهندي، ته ارشد چيو.
    ”پر هوءَ اسان جو انتظار ڪندي هوندي.“

    ”ضروري آهي ڇا ته هر آچر جو ڏينهن اسين وٽس گذاريون ۽ نه وسار ته اڄ تو مون کي لنچ کانپوءِ آئوٽنگ ڪرائڻ ۽ رات جو هوٽل ۾ ڊنر ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.“
    ”اڄ آئوٽنگ کي ڇڏ ۽ ڊنر جي ٽائيم تائين ته اسين واپس اچي وينداسين آخر توکي هيءُ ڇا پيو ٿيندو وڃي؟ تون هاڻي منهنجي ڪا به ڳالهه ڇو نه سمجهندي آهين، امان ۽ بابا کي نوميءَ سان ڪيڏو نه پيار آهي، هو سڄي هفتي ۾ فقط آچر ڏينهن ئي ته کيس ڏسندا آهن.“
    ”ته پوءِ تون نوميءَ کي وٺي هليو وڃ، آئون نه وينديس.“
    ”پر امان تو سان به ته ملڻ چاهيندي آهي.“ تڏهن نازيه ڪاوڙ مان چيو:
    ”آئون وينديس ته هوءَ رات کان اڳ اچڻ نه ڏيندي، بهتر آهي ته تون نوميءَ کي پاڻ سان وٺي وڃ، ائين شايد نوميءَ جي روئڻ جي خيال کان هوءَ توکي جلد ڇڏي ڏي.“
    ارشد به ڪاوڙ مان چيو:
    ”تون ايڏي ضدي ڪڏهن کان ٿي وئي آهين؟ توکي منهنجي ماءُ جي خواهش جو ٿورو به احترام ڪونهي، توکي وڃڻو ئي ڪو نه هو، توکي صرف بهانا کپن“ نازيه جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هن پنهنجن سڏڪن کي دٻائيندي چيو:
    ”مون توکي ڪڏهن به ماءُ وٽ وڃڻ کان جهليو آهي؟ تون وڏي شوق سان وڃ، منهنجي جان ڇڏ.“
    ”آئون ضرور وينديس ۽ جي امان سڄو ڏينهن روڪيو ته ضرور ترسندس ۽ پوءِ رات جو دير سان ايندس، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته سک سان گذاريندس.“
    هن نوميءَ کي ڪڇ تي کنيو ۽ ڪاوڙ ۾ تکو تکو فليٽ کان ٻاهر نڪري ويو. نازيه لڙڪ ڀرين اکين سان کيس ڏسندي رهجي وئي.
    اهڙي طرح وري سندن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هن دفعي به شروعات نازيه طرفان ئي ٿي هئي، در حقيقت کيس ارشد سان بي انتها پيار هو ان ڪري ئي هر جهيڙي کان پوءِ پنهنجي غلطيءَ جي احساس سبب کيس ئي تڪليف پهچندي هئي، کيس خبر به هئي ته هو پنهنجن مائٽن جو اڪيلو پٽ ۽ هڪ ئي اولاد هو. ماءُ جي ساڻس بي انتها محبت هئي. ان لاءِ هر آچر تي هو وٽس ويندا هئا، هو ته کين به پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ زور ڀريندا هئا، پر هو پراڻي سوچ جا ماڻهو هئا سو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. ڳوٺ ۾ ارشد جو پيءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽن سان گڏ رهندو هو. جڏهن هو ڪجهه ڏينهن وٽن ايندا هئا، کين ننڍڙي فليٽ ۽ شهر جي ماحول کان وحشت ٿيندي هئي. ان ڪري ارشد نازيه سان گڏ هر موڪل واري ڏينهن تي وٽن ويندو هو. پر هاڻي نازيه لاءِ هر هفتي اتي وڃڻ عذاب بنجندو پئي ويو، کيس محسوس ٿيو ته محبت جي شادي ڪرڻ بعد فقط ڪجهه مهينن ۾ هو سندس مڙس کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ پيءُ جو پٽ بنجي ويو هو. سندس ماءُ ته اڃان به ننڍڙن ٻارن جيان سندس انگل کڻندي هئي، هوءَ ته اڃان به کيس ڏهن سالن جي ٻار جيان سمجهندي هئي، اها ڳالهه هڪ ڀيري هن ارشد سان ڪئي ته هو ڪاوڙ ۾ صفا و ڦلي پيو ۽ کيس مهڻا ڏيڻ لڳو، جيئن ته ازيه جا مائٽ سندن فليٽ جي ويجها ئي رهندا هئا ان ڪري هوءَ ته جڏهن به چاهيندي هئي ته هنن سان ملي ايندي هئي پر کيس هفتي ۾ هڪ ڏينهن به ڳوٺ ۾ وڃڻ ناگوار ٿي لڳو.
    نزيه کي هن وقت سڀ ڪجهه ياد اچڻ لڳو. هنن ٻنهي جا گهروارا سندن ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي خلاف هئا. نازيه جي ماءُ پيءُ کي ارشد سٺو لڳو ۽ ارشد جي ماءُ کي نازيه پسند آئي پر هنن فقط اهو ٿي چاهيو ته ارشد پهرين پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ سٺي نوڪري حاصل ڪري، خاندان جي ذميواري کڻڻ جي قابل ٿئي، تيستائين هر شادي نه ڪري، پر هو ٻئي فيصلو ڪري چڪا هئا ڇو ته کين هڪٻئي سان ملندي ٽي سال ٿي چڪا هئا. نازيه ڪاليج مَس پاس ڪيو هو ۽ ارشد يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال جو شاگرد هو، کين اها به خبر هئي ته شروعات ۾ کين گهر جو خرچ هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي پر هو هڪ ٻئي جي محبت ۾ ايڏا گم هئا، جو ان وقت پئسي جي ڪميءَ جي حقيقت سندن اڳيان ڪا حيثيت نه پئي رکي، پر شاديءَ بعد اها حقيقت جلد ئي سندن سامهون آئي. خاص طور تي نوميءَ جي پيدائش بعد، پر پوءِ به ٻئي ماءُ پيءُ بڻجڻ تي بي انتها خوش هئا.
    خاص طور نازيه جي دل ته مامتا جي جذبي سان اٿلي پئي هئي. شاديءَ بعد ٻنهي نوڪري هٿ ڪئي، نازيه هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي هئي پر نوميءَ جي پيدائش بعد کيس اها نوڪري ڇڏڻي پئي، جنهن سبب هڪ ته سندن آمدني گهٽجي وئي ۽ ٻيو ته هاڻي هوءَ سڄو ڏينهن نوميءَ جو ۽ گهر جو ڪم ڄڻ کٽندو ئي نه هو، ان ڪري هوءَ چيڙاڪ ٿي پئي هئي. ان لاءِ ذري ذري ڳالهه تان هوءَ ڪاوڙ ۾ اچي ويندي هئي. پر وقت گذرڻ سان هنن جي وچ ۾ اختلاف وڌي رهيا هئا. خاص ڪري ان ڏينهن نازيه جو موڊ سخت خراب ٿي ويندو هو، جنهن ڏينهن سندس ساهيڙيون وٽانئس گهمي ڦري وينديون هيون. هوءَ ته پنهنجي مصروفيتن سبب وٽن وڃي نه سگهندي هئي پر جڏهن اهي کيس ٻاهرين دنيا جا ايڏا ته رنگين داستان ٻڌائينديون هيون جو نازيه کي سندن زندگيءَ تي رشڪ ايندو هو. هوءَ سندس مهانگا ۽ نئين نئين فيشن جا ڪپڙا ڏسي پاڻ کي وڌيڪ گهٽ محسوس ڪندي هئي. جڏهن هوءَ اهو سڀ ڪجهه ارشد کي ٻڌائيندي هئي ته هو کانئس نرميءَ سان پڇندو هو:
    ”ڇا توکي واقعي افسوس ٿو ٿئي ته جيڪو ڪجهه تنهنجي ساهيڙين وٽ آهي، اهو تو وٽ ناهي.“ تڏهن هوءَ شرمسار ٿي ويندي هئي ۽ چوندي هئي:
    ”مون وٽ تون ۽ نومي آهيو، مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.“
    ”ڏس نازيه! مون کي خود احساس آهي ته پئسي جي اسان وٽ گهٽتائي آهي. تون جوان آهين، يقيناً تنهنجي دل ۾ سڍا سٺا ڪپڙا ۽ زيور پائڻ جي خواهش هوندي، مون کي به ته پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪرڻ جو شوق آهي. مثال طور جيڪڏهن آئون اڪيلو هجان ها ته سيڪنڊ هئنڊ ڪار جو خرچ کڻڻ بدران هڪ نئين موٽر سائيڪل خريد ڪيان ها، ڇو ته آئون موٽر سائيڪل جو شوقين آهيان، پر توکي حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ سڄي دنيا جون موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسان هڪٻئي کي چونڊيو ۽ هڪٻئي جو احساس رکيو جڏهن ته تنهنجون ساهيڙيون يا منهنجا دوست جيڪي شادي شده نه آهن، فقط پنهنجي لاءِ سوچين ٿا ۽ پنهنجي خواهشن کي پورو ڪن ٿا.“
    نازيه جي دل ٽڙي پئي ۽ کيس پاڻ تي ناز ٿيڻ لڳو ته هو ڪيڏو نه سمجهو ۽ مخلص ماڻهو آهي. هن پنهنجي دل مان اهڙي تمنا ڪڍي ڦٽي ڪئي.
    سندس ساهيڙيون اڳئين هفتي ڪوهه مري گهمڻ پئي ويون. هن پنهنجا پراڻا ڪپڙا ڪڍي ڪٽ وڍ ڪري کين صحيح ڪري نئين فيشن مطابق پائڻ جي قابل بنايو. ماءُ جي گهران پراڻا پردا کڻي آئي ۽ ڌوئي فليٽ جي درن ۽ درين تي لڳايا هوءَ ته آچر تي ڳوٺ ۾ سس سهري، وٽ وڃڻ لاءِ به تيار هئي پر اوچتو وري موڊ بگڙي ويو هيس جنهن سبب هن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ارشد ڪاوڙ ۾ نوميءَ کي پاڻ سان کڻي روانو ٿي ويو. هاڻي هوءَ پڇتائي رهي هئي ته هن هروڀرو کڻي ايڏي ڊيگهه ڪئي پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو هوءَ مشيني انداز ۾ ٿانوَن ڌوئڻ ۽ صفائي ڪرڻ جي ڪم ڪرڻ کان پوءِ سوچڻ لڳي ته ارشد جي موٽڻ کان اڳ تيار ٿي ويهي ۽ پوءِ هوءَ هن سان جهيڙو نه ڪري ته جيئن هو به ناراضگي ختم ڪري.
    هوءَ اڃان ڪپڙا مَس مٽائي آئي ته فون جي گهنٽي وڳي. هن فون کنئي، ٻئي پاسي کان سندس پيءُ ڳالهائي رهيو هو، جنهن ڪجهه عجيب لهجي ۾ کيس چيو ته هو ۽ سندس ماءُ کيس وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، هوءَ تيار ٿي ويهي.
    ”خير ته آهي بابا...؟“ هن پريشان ٿيندي پڇيو. ”هڪ حادثو ٿي ويو آهي، ارشد هن وقت اسپتال ۾ آهي، هن اسان کي چيو آهي ته توکي پاڻ سان گڏ وٺي اسپتال پهچون.“
    ”ڇا ٿيو آهي...؟ هن خوف مان پڇيو. سندس پيءُ وڌيڪ ڪجهه نه ٻڌايو ۽ فقط اهو چيو ته هو ڏهن منٽن اندر کيس وٺڻ ايندا، ان لاءِ هوءَ تيار هجي. هوءَ سمجهي وئي ته يقيناً ڪا اهڙي ئي ڳالهه هئي جو هن فون تي نه پئي ٻڌائڻ چاهي. جيڪڏهن ڪا معمولي ڳالهه هجي ها ته ارشد کيس فون ڪري ها. هوءَ ڏاڪڻ تان لهي هيٺ آئي ته ٿوري دير ۾ سندس ماءُ پيءُ ڪار ۾ آيا. جيئن ئي هوءَ ڪار ۾ ويٺي ته سندس ماءُ سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو:
    ”ارشد هڪ تيز رفتار ٽرڪ کان بچڻ لاءِ زور سان بريڪ هنئي... ۽ ننڍڙي نوميءَ جو مٿو زور سان ڪار جي دَرَ سان لڳو ۽ پوءِ هو سيٽ تان ڪري پيو...“
    هن اهو چئي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ته جيئن نازيه سندس اکين مان ڪرندڙ لڙڪ نه ڏسي سگهي. نازيه جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ۽ ذهن صفا مائوف ٿي ويس. گاڏي اسپتال پهتي ۽ جڏهن هو ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتا ته نازيه جي نظر ارشد تي پئي ۽ بي اختيار سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ارشد سدنس ويجهو اچي سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ پڪڙيا. سندس اکين ۾ به پاڻي هو.
    ”دماغ جو آپريشن ڪرڻ واري ماهر سرجن کي سڏايو ويو آهي.“ هن چيو.
    ”منهنجو ٻچڙو زنده ته آهي نه؟“ نازيه ديوانن وانگر پڇيو.
    ”صبح جو جيڪر آئون ايڏي ڪاوڙ ۽ ذهني انتشار ۾ نه هجان ها ته...“ هو ذري گهٽ روئي پيو ۽ وري چوڻ لڳو:
    ”آئون ڪاوڙ ۾ تمام تيز اسپيڊ ۾ ڪار ڊرائيور ڪري رهيو هوس. جڏهن ڪورٽ روڊ جي چوراهي تي پهتس ته، ٽريفڪ قانونن جي هدايت مطابق مون کي ڪار روڪي جائزو وٺي اڳتي وڌڻ گهرجي ها پر مون ڪار جي اسپيڊ ٿوري گهٽ ڪري موڙ ڪَٽيو ته ٻئي پاسي کان تيز رفتار ٽرڪ کي ايندي ڏسي مون يڪدم بريڪ دٻايو ته شديد جهٽڪي سبب نومي زور سان مٿي ٿيو ۽ سندس مٿو شيشي سان ٽڪرايو، اف خدايا! سڄو منهنجو ڏوهه آهي...“
    نازيه جي اندر عجيب جذباتي ڪشمڪش شروع ٿي وئي. هڪ پاسي سندس دل ۾ ڌڪار جي لهر پيدا ٿي ته ٻئي پاسي سندس صبح واري رويي تي خيال ويس ته آخر هو به پيءُ آهي، کيس تسلي ڏيڻ گهرجي. هو سڀ اتي رکيل سيٽن تي ويهي رهيا.
    اوچتو ارشد چيو:
    ”امان کي به اطلاع ڏيڻ گهربو هو پر... هوءَ ته پريشان هوندي ته واعدي موجب آئون وٽس ڇو نه پهتو آهيان. مناسب ٿيندو ته آئون خود وڃي کيس اطلاع ڏيان.“
    ”ائين آئون هتي اڪيلي مران؟“ نازيه ڪاوڙ ۾ چيو، نازيه جي پيءُ ارشد کي سمجاهيو ته هو هن وقت ذهين طور تي ڪار کي ڳوٺ تائين ڊرائيوَ ڪري وڃن جي حالت ۾ نه هو ۽ هونئن به سندس اسپتال ۾ هجڻ ضروري هو، ان ڪري هو خود وڃي اطلاع ڏئي ايندو. نازيه جي ماءُ به هن سان گڏ هلي وئي. هاڻي هو ٻئي اتي اڪيلا ويٺا هئا. کين ائين لڳو ته وقت سيڪنڊن، منٽن يا ڪلاڪن ۾ نه پر صدين ۾ ٿي گذريو. ڪجهه دير بعد سرجن ايمرجنسي روم کان ٻاهر آيو. سندس ڇهري تي نطر وجهندي ئي ٻئي ڄڻا سمجهي ويا ته نوميءَ جي حالت ڪيتري خطرناڪ هئي.
    ”ڇا... ڇا... هو ختم ٿي ويو اهي ڊاڪٽر؟“ نازيه ڏڪندڙ آواز ۾ پڇيو ته ڊاڪٽر هن ڏانهن همدرديءَ سان ڏٺو ۽ چيو:
    ”سندس حالت تمام نازڪ آهي مسز ارشد، آئون توهان کي ٻار تي فقط هڪ نظر ڏسڻ جي اجازت ڏئي ٿو سگهان پر نه ته توهان هن کي هٿ لائينديون ۽ نه ئي ڪَڇَ ۾ کڻڻ جي ڪوشس ڪنديون، ڌَڪَ جي شدت جو اسين اڃان صحيح اندازو نه ڪري سگهيا آهيون پر...“
    ”پر ڇا...؟“ ارشد بيتابيءَ سان پڇيو.
    ”اسان کي شڪ آهي ته سندس دماغ کي نقصان پهتو آهي، پر ڪيترو؟ ان بابت اڃان ڪجهه چئي نٿو سگهجي.“
    هو ٻئي ڊاڪٽر سان گڏ هلندا ان ڪمري ۾ آيا جتي هڪ ڊگهي ٽيبل تي نومي بيهوش پيل هو.
    نازيه هن کي کڻڻ لاءِ هڪدم پنهنجون ٻانهون وڌايون پر جل دئي پاڻ کي سنڀالي ورتو. نوميءَ جي نڪ ۾ هڪ نڪلي لڳل هئي. هن جو رنگ ڏسي نازيه جو هانءُ ڦاٽڻ لڳو. سندس ڳاڙهو ۽ سفيد چهرو هن وقت ڪنهن لاش جيان ڦڪو ٿي چڪو هو. سندس ننڍڙا ننڍڙا هٿ ۽ پير جيڪي ننڊ جي حالت ۾ حرڪت ڪندا رهندا هئا، هينئر انهن ۾ زندگيءَ جي حرارت ئي ڄڻ باقي نه هئي.
    ان ڏينهن اهو وقت گذارڻ نازيه ۽ ارشد لاءِ هڪ عذاب هو. ٻنهي جا ماءُ پيءُ به اسپتال پهچي ويا. سڀئي انتظار گاهه ۾ ڄڻ پٿر جا بت بنيا ويٺا هئا. نازيه پل پل رب کي ٻاڏائي رهي هئي ته سندس نومي کيس موٽي ملي، شما جو کين نوميءَ کي ٻيهر ڏسڻ جي اجازت ملي ته هنن ڏٺو ته معصوم ٻار جي حالت اڳ کان به ابتر هئي. ڪجهه دير بعد انچارج ڊاڪٽر کين پنهنجي دفتر ۾ سڏيو جتي دماغ جو ماهر سرجن به موجود هو. ڊاڪٽر کين چيو:
    ”مون کي افسوس اهي ته آئون توهان کي ڪا چڱي خبر نٿو ٻڌائي سگهان. هن وقت توهان جو ٻار فقط مشين وسيلي زنده آهي. هن جي دل صحيح ڪم پئي ڪري، پر دماغ ۾ زندگيءَ جو ڪو به وجود ڪونهي، مون کي انديشو آهي ته هو ٻن ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ زنده رهي نه سگهندو.“
    نازيه ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي ۽ ارشد به مشڪل سان ضبط ڪري رهيو هو. تڏهن ڊاڪٽر وري چيو:
    ”منهنجا به ننڍڙا ننڍڙا ٻار آهن ۽ آئون توهان جي غم جو اندازو ڪري ٿو سگهان پر ڇا ڪجي هي سڀ قسمت جا کيل هوندا آهن. البت توهان چاهيو ته نوميءَ جي وجود کي پاڻ لاءِ يادگار بنائي سگهو ٿا. ائين جو هو ڪنهن جي ڪم اچي سگهي.“
    ”توهان جو مطلب اهو ته ڪونهي ته توهان کي ڪنهن لاءِ سندس دل جي ضرورت آهي ڊاڪٽر صاحب؟“ ارشد ڇرڪي پڇيو.
    ”ته، سندس دل نه پر سندس اکيون هڪ ٻار جي اکين کي روشني ڏئي سگهن ٿيون.“ ڊاڪٽر ڪجهه هٻڪيو ۽ پوءِ چيائين:
    ”هن وقت جڏهن توهان جو ٻار موت جي ويجهو ٿيندو پيو وڃي، مون کي خبر آهي ته توهان کي اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ تڪليف ٿيندي، پر هڪ ننڍڙي ٻارڙي آپريشن لاءِ بلڪل تيار آهي جيڪڏهن توهان جي ٻار جون اکيون هن کي عطيو ٿي ملن.“
    نازيه هڪدم جذباتي ٿيندي چيو: ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ڊاڪٽر ته توهان منهنجي ٻار لاءِ اهڙي طرح پيا ڳالهايو ڄڻ هو مري چڪو هجي؟ نه... توهان ائين نٿا ڪري سگهو، ۽ آئون توهان کي اهو ظلم ڪرڻ جي اجازت هر گز نه ڏينديس، ڪڏهن نه، هر گز نه.“
    ”منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو مسز ارشد!“ ڊاڪٽر هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو:
    ”جيڪڏهن نوميءَ جي زنده بچڻ جو ذرو به امڪان هجي ها ته آئون توهان کي هرگز اهو نه چوان ها، حقيقت اها آهي ته هن وقت به هي فطري طور زنده ڪونهي، جيڪڏهن اسين مشينون هٽائي ڇڏيون ته هو ختم ٿي ويندو. هن بيهوش هجڻ جي باوجود موت سان ڀرپور مقابلو ڪيو اهي، اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي توهان فخر ڪري ٿيون سگهو. آئون جنهن ٻارڙيءَ کي نوميءَ جون اکيون لڳائڻ ٿو چاهيان، ان جون اکيون اندران ته بلڪل صحيح آهن پر سندس ڪورينا يعني اک جو پهريون پردو شفاف ڪونهي. جيڪڏهن کيس نوميءَ جو ڪورينا ملي وڃي ته هوءَ يقيناً ڏسڻ جي قابل بنجي ويندي سوچيو، جيڪڏهن توهان جو ٻار اکين کان محروم هجي ها ته ڇا توهان کيس اکين جي روشني ڏيڻ لاءِ بي تاب نه هجو ها“
    ”پر نومي اڃان زنده آهي.“ نازيه وحشتسان چيو تڏهن ارشد ڳالهايو.
    ”ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر نازيه! منهنجي خيال موجب ڊاڪٽر صاحب هي چوڻ ٿو چاهي ته هو ان وقت سندس اکين جو ڪورنيا ڪڍندا جڏهن... جڏهن هو ختم ٿي ويندو.“
    نازيه هن ڏانهن حيرت مان ڏسندي چيو:
    ”ڇا هاڻي وتکي به يقين ٿي ويو آهي ته نومي زنده نه بچندو؟“
    ارشد چيو: ”مون کي يقين آهي ته سندس زنده بچڻ جي ذري به اميد هجي ها ته ڊاڪٽر صاحباسان کي ائين نه چئي ها.“
    هو سڀ نازيه ڏانهن ڏسي رهيا هئا. سڀني جون منتظر نظرون مٿس کتل هيون، نازيه کي لڳو ته هر ڪنهن جون نگاهون کيس اهو چئي رهيون هجن ته هوءَ پنهنجي مامتا جي قرباني ڏئي، اهو چئي ڇڏي ته جيڪڏهن نومي موت ڏانهن وڌي رهيو آهي ته بيشڪ سندس اکيون عطيو ڪيون وڃن.
    نازيه ڏڪندڙ قدمن سان اٿي ۽ دريءَ جي ڀر سان وڃي بيٺي. شام جي سرمئي رنگ جي پيش منظر ۾ گهرن ۾ ٻرندڙ روشنيون نظر اچي رهيون هيون، روڊ تي هلندڙ گاڏين جي هيڊ لائيٽس جي روشنيءَ سان سڙڪ تي رنگا رنگي روشنيون خوبصورت عڪس وکري رهيون هيون، جيڪي آهستي آهستي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيون هيون. سندس اندر هڪ لمحي ۾ ڄڻ نور جوتجلو ٿيو ۽ اندر مان آواز آيو ته جيڪڏهن هڪ معصوم ٻارڙي اڳتي هلي اهي روشنيون ۽ رنگينيون ڏسڻ جي قابل بنجي ٿي ته سندس نوميءَ جي حياتي ڄڻ ختم نه ٿي، شايد هو ٻئي اڃان سٺا ماءُ پيءُ نه بنجي سگهيا هئا، ان لاءِ ئي قدرت پنهنجي امانت واپس وٺي رهي هئي، پر کين هڪ موقعو ڏئي رهي هئي ته هو پنهنجي جگر جي ٽڪر جي هڪ نشاني پوءِ به محفوظ رکي سگهن. روح جي ان انقلاب هڪ لمحي ۾ کيس هڪ فيصلو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. نازيه سڀني ڏانهن ڏسندي چيو:
    ”آئون پنهنجي ٻچڙي جي ساهه جي آخري پساهه تائين وٽس رهڻ ٿي چاهيان...“ ۽ هن هڪ هڪ ڏانهن واري واري سان ڏسندي چيو:
    ”۽... هن جي آخري پساهه کانپوءِ... سندس اکيون... يا ڪو به عضوو... ڪنهن ٻئي ٻار جي ڪم اچي سگهي ته توهان هن کي ڏئي سگهو ٿا.“
    اهي لفظ چوڻ بعد ڄڻ هوءَ هوش ۾ نه رهي، ارشد کيس نه سنڀالي ها ته هوءَ ضرور ڪري پوي ها نازيه لڙڪن ڀريل اکين سان هن ڏانهن ڏٺو ته سندس چهرو به لڙڪ ڀنل هو، پر نازيه کي هن وقت هڪ نئين احساس جو ادراڪ ٿيو ته غم جي شدت جي باوجود به هوءَ پنهنجي دل جي گهرائين ۾، هڪ نامعلوم سڪون لهندي محسوس ڪري رهي هئي. ٿوري دير بعد هن نوميءَ جي اکين کي عطيو ڪري ڏيڻ جي ڪاغذن تي صحي ڪري ڇڏي.
    نومي اڌ رات تائين زنده رهيو ۽ هو ٻئي سندس سيرانديءَ کان ويٺي. ڪڏهن سندس ٿڌن ۽ بي حرڪت هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺندا ته وري آهستي ڪري ڇڏي ڏيندا رهيا. خاموش ڪمري ۾ فقط مشين جي هلڪي گهرڙاٽ جو ارتعاش هو جيڪي نوميءَ جي ساهه کڻڻ جي سلسلي کي جاري رکي رهيون هيون. پر پوءِ اهو آخري وقت به اچي ويو جڏهن مشينون به اهو سلسلو جاري رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون هيون ۽... نيٺ... نوميءَ جي ننڍڙي ڇاتي ساهه جي اچ وڃ کان بلڪل محروم ٿي وئي.
    نازيه آخري دفعو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻي سندس هٿ جي ننڍڙي تريءَ کي چميو پوءِ سندس هٿ جي پتڪڙين آڱرين کي بند ڪيو ته جيئن مامتا جو اهو آخري ڇهاءُ هميشه لاءِ سندس هٿن ۾ محفوظ ٿي وڃي. ڊاڪٽر جو خيال هو ته هن جو يڪدم آپريشن ڪيو ويندو پر جڏهن هو ٻئي واپس گهر موٽي رهيا هئا ته، نه ڊاڪٽر نه ئي ڪنهن ٻي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو. نازيه پنهنجي سس ڀرسان ڪار جي پوين سيٽ تي ويٺل هئي ۽ اڳئين سيٽن تي نازيه جو پي ۽ ماءُ ويٺل هئا... ۽ ان مهل ئي... وري هڪ ڀيرو نازيه پنهنجي اندر هڪ نئين سوچ ۽ جذبي جي اڀرڻ جو ادراڪ ڪيو ۽ هاڻي کيس هڪ ماءُ جي پنهنجي اولاد لاءِ اونهي جذبي جو احساس ٿيو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته سندس سس جي پنهنجي پٽ سان محبت ڪيڏي نه شديد هئي ۽ جڏهن سندس پٽ کانئس ڌار ٿي رهندو هو ته اها هن لاءِ ڪيتري تڪليف ڏيندڙ دوري هوندي هئي ۽هوءَ فقط هر آچر تي ڪجهه ڪلاڪ هن سان گذارڻ لاءِ سڄو هفتو انتظار ۾ ڪاٽيندي هئي. هوءَ به ڄاڻندي هيئ ته سندس پٽ، هاڻي شادي شده هو ان لاءِ هاڻي مٿس سندس اڳوڻو اختيار نه رهيو هو، هاڻي هو به پيءُ بنجي ويو هو. سندس گهر هو، زال هئي ۽ هڪ ٻار هو ان جي ڪري هوءَ هر آچر تي ملندڙ ڪجهه ڪلاڪن جي خوشيءَ ۾ خوش هئي. هوءَ اڃان به ارشد جي پسند جا کاڌا پنهنجي هٿن سان پچائي خوش ٿيندي هئي، نازيه کي اهو پڇتاءُ ٿيڻ لڳو ته هن هڪ ماءُ کان اها خوشي ڇو کسڻ ٿي چاهي، فقط ان لاءِ ته هوءَ آچر تي گهمي ڦري ۽ تفريح ڪري، هن ڇو هڪ ماءُ کان سندس اڪيلو پٽ کسڻ ٿي چاهيو، هوءَ ڇو هڪ خود غرض عورت بنجي وئي هئي ۽ پنهنجي سس سان حسد ڪرڻ لڳي هئي پر هن اهو وساري ڇڏيو هو ته اولاد ڪيترو ئي وڏو ڇو نه ٿي وڃي، ماءُ جو حق مٿس سدائين رهندو اهي، هاڻي جڏهن هوءَ ماءُ بڻجي وئي هئي ۽ اڄ هڪ پتڪڙي وجود جا ٿڌا هٿ، ڳل ۽ چپ ڇهي آئي هئي ته مامتا جو جذبو هن جي اندران ڄڻ ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري رهيو هو. هن جي اکين مان لڙڪ لڙڻ لڳا ۽ هن پنهنجن ٻنهي هٿن سان پنهنجي سس جو هٿ پڪڙي چمي اکين تي رکندي چيو:
    ”امان! توهان گهر ڇو نٿا هلو، اتي اسان وٽ سهولتون ايڏيون ڪو نه اهن، ان ڪري شايد توهان کي آرما نه ملي پر توهان اڪيلا نه ٿيندا.“
    ڪار جي شيشن تي پوندڙ ٻاهرين روشنين جي عڪس ۾ نازيه کي پنهنجي سس جي ڳلن تان ڳوڙها لارون ڪندي نظر آيا.
    ”ڌيءَ! اڄ تو مون کي اهو احساس ڏنو آهي ته آئون صرف هڪ پٽ جي ئي نه پر هڪ پياري ڌيءُ جي ماءُ به آهيان.“
    هو ٻئي پهريون ڀيرو هڪ ٻئي لاءِ اهڙو احساس محسوس ڪري رهيون هيون. نازيه کي اهو سوچي اذيت پئي ٿي ته ان رشتي جي بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي معصوم جان کي قربان ٿيڻو پيو.
    ٽئي ڏينهن نوميءَ جي تدفين ٿيڻ بعد، جڏهن سڀ قبرستان مان موٽي رهيا هئا ته نازيه جي پيءُ کيس پاڻ سان ڪجهه ڏينهن لاءِ وٺي وڃڻ چاهيو ته نازيه چيو:
    ”نه بابا! آئون سمجهان ٿي ته هنوقت منهنجي مڙس ۽ منهنجي گهر کي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي.“
    ارشد جي چهري تي نازيه جي ان جواب سان هڪ اطمينان لهي آيو. نازيه ٻيهر ڳالهايو.
    ”اڃان ته اسان ٻنهي کي نوميءَ جي استعمال جي شين کي گڏ ڪري پيڪ ڪري رکڻ جو ڪم ڪرڻو آهي، سندس رانديڪا، ڪپڙا ۽ پينگهو... سڀ... سڀ... ۽... اسان کي هاڻي پنهنجي وکريل زندگيءَ کي به ته سهيڙڻو آهي.“
    ٻئي ڏينهن کان ارشد پنهنجي نوڪريءَ تي وڃڻ لڳو. نازيه به نوڪري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس اهڙو فيصلو ٻڌي ارشد کيس چيو:
    ”اهو تو سٺو فيصلو ڪيو آهي، ائين تنهنجي دل به وِندري پوندي، مون کي سڄي عمر پنهنجي دل ۾ اها خلش رهندي ته نوميءَ جي جان منهنجي غلطيءَ سبب وئي.“
    ”نه... نه...“ نازيه آلين اکين سان چيو: ”اسين ٻئي قصور وارو آهيون، ان صبح جيڪڏهن آئون توسان جهيڙو ۽ ضد نه ڪريان ها ته...“
    ”پر... ڪار ته مون پئي هلائي نه.“
    ”اهو هادثو ته ٿيڻو ئي هو... قدرت شايد اسان کي اهو سيکارڻ پئي چاهيو ته پهرين اسين سٺا ماءُ پيءُ ۽ زال مڙس بڻجون.“
    ”ها!... ۽ اڃان اسان کي پنهنجي مالي حالت به بهتر ڪرڻي آهي ته جيئن اسين پنهنجن ٻارن کي زندگيءَ جو سک ڏئي سگهون.“
    ”تون بالڪل صحيح ٿو چوين، پهرين اسان کي ذهني طرح ميچوئر ٿيڻ گهرجي، سٺي گهرو زندگيءَ جو هنر سکڻ کپي، ته جيئن اسين اڳتي پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ڪري سگهون. آئون سمجهان ٿي ته ان هادثي اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو آهي.“
    ان حادثي کي اٺ مهينا گذري ويا. نازيه جي دل ۾ ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌي درد جي لهر ڇُلي پوندي هئي ۽ ننڍڙن ٻارن کي ڏسي پئي ٺرندي هئي. هن ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها ائي هئي ته هوءَ ۽ ارشد هاڻي جهيڙو نه ڪندا هئا بلڪه اڳي کان به وڌيڪ هڪٻئي سان پيار ۽ هڪٻئي جو خيال رکندا هئا.
    نوميءَ جي تدفين جي ڇهن هفتن بعد ڊاڪٽر کين فون تي ٻڌايو هو ته نابين ٻارڙيءَ جو آپريشن ڪامياب رهيو هو ۽ هاڻي هوءَ ڏسي سگهي پئي. تڏهن نازيه ڊاڪٽر کي چيو:
    ”منهنجي لاءِ اها ڳالهه خوشي ۽ اطمينان جو باعث آهي ته نابين ٻارڙيءَ جي اکين کي نور ملي ويو آهي.“
    ”هن جا ماءُ پيءُ توهان ٻنهي سان ملڻ چاهين پيا.“ ڊاڪٽر چيو:
    ”کين خبر آهي ته هو توهان جي احسان جو بدلو سڄي عمر چُڪائي نٿا سگهن پر پوءِ بههو خود توهان سان ملي، توهان جا ٿورا مڃڻ چاهين ٿا.“
    نازيه ۾ همٿ نه هئي ته هوءَ نوميءَ جون اکيون اهڙي ريت ڏسي ان لاءِ هن چيو:
    ”اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هن دنيا ۾ هڪ ننڍڙي ٻارڙي موجود آهي، جنهن جي اکين ۾ نوميءَ جي اکين جي چمڪ موجود آهي، ۽ فقط ان سبب هوءَ سج جا ڪرڻا ۽ انڊلٺ جا رنگ پَسي سگهي ٿي.“
    نازيه جي اک اڃان به اوچتو رات جو گهري ننڊ مان کُلي ويندي هئي، ۽ کيس لڳندو هو ته هن نوميءَ جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي. يا ڪنهن باغ ۾ ويهندي جڏهن ٻوٽن جون ٽاريون لڏڻ لڳنديون هيون ته هڪ لمحي لاءِ کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ اوچتو اتان نوميءَ جو مرڪندڙ ۽ کِلندڙ چهرو ظاهر ٿيندو.
    وقت ڪجهه سال اڳتي سرڪي ويو آهي. ارشد جي پڙهائي پوري ٿيڻ بعد کيس هاڻي سٺي نوڪري ملي وئي آهي، ۽ هاڻي هو مالي طور سٺي پوزيشن ۾ آهن. تڏهن قدرت به مٿن مهربان ٿي هڪ ننڍڙي وجود جو دنيا ۾ اچڻ جو کين سنديشو ڏنو اهي. هو ٻئي بيحد خوش آهن ۽ هاڻي کين يقين آهي ته هن ڀيري هو بهترين ماءُ پيءُ ثابت ٿيندا، ڇو ته هو اڳي کان وڌيڪ سمجهدار ٿي چڪا آهن. هاڻي ته هو ٻار جي موجودگيءَ سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي هڪ ٻئي کي الزام نه ڏيندا بلڪ هر نئون ڏينهن هنن لاءِ خوشيءَ جو نئون نياپو آڻيندو.
    نازيه کي اڄ حيرت ٿيندي آهي ته هوءَ ماضيءَ ۾ اڏي چيڙاڪ ڇو ٿي وئي هئي! جو کيس ذري ذري ڳالهه تان ڪاوڙ اچي ويندي هئي. کيس مڙس جو خيال رکڻ ۽ بار پالڻ لاءِ مصروف رهڻ گوارا نه هو. اڄ اهو سڀ ڪجهه جيڪو کيس موهيندو هو يعني نت نوان لباس، بينڪ بئلنس، سير ۽ تفريح، پارٽين ۾ وڃڻ وغيره، هاڻي هو ٻئي پنهنجي ننڍڙي گهر جي سڪون خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئا. کين يقين آهي ته هو پنهنجي سڀني ٻارن سان بيحد پيار ڪندا، پر سندن پهرين ٻار جي محبت، سندن دل مان ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. اڄ سندن زندگي بلڪل بدلجي چڪي آهي، ڇو ته قدرت ڪڏهن ائين به سبق سيکاريندي آهي.

    (مرڪزي خيال ورتل)


    مِني ڪهاڻيون

    اسٽينڊرڊ

    صفيه: ”سلميٰ! مرد تنهنجي رشتي واري جيڪا ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ان جو ڇا ٿيو؟“
    سلميٰ: ”اها ته ختم ٿي وئي. اسان هنن کي جواب ڏئي ڇڏي.“
    صفيه: ”ڇو...!!؟“
    سلميٰ: ”ڇو... جو... هو اسان جي اسٽينڊرڊ جا نه هئا.“


    صفيه: ”سلميٰ! تنهنجي رشتي واري ڳالهه ٻئي هنڌ شروع ٿي هئي نه... ان جو وري ڇا ٿيو؟“
    سلميٰ: ”اها ته ختم ٿي ويئي، هنن اسنا کي جواب ڏئي ڇڏيو.“
    صفيه: ”ڇو...!!؟“
    سلميٰ: ”ڇو جو... اسان هنن جي اسٽينڊرڊ جا نه هئاسين.“



    صلو
    هن سندس گهر واري جي خواهش تي، ڏينهن رات پورهيو ڪري کيس پرڏيهه ڪمائڻ لاءِ موڪليو هو.
    ... اڄ... جڏهن سالن جي انتظار کان پوءِ پرڏيهه مان سندس دوست هٿان هن کي سندس خط مليو ته بند لفافي کي هٿ ۾ کڻندي هوءَ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي ته هن خط ۾ سندس وَرَ کيس اتي گهرائڻ جو پيغام موڪليو هوندو. سالن جون جدايون ختم ٿينديون ۽ هوءَ پنهنجي وَرَ وٽ ويندي. هن خوشيءَ سان ڏڪندڙ هٿن سان لفافو کوليو ۽ پڙهيو ته وائڙي ٿي وئي ۽ پنا سندس هٿن مان ڪري پيا... ڇو ته خط ۾ هن جي پرڏيهه ۾ شادي ڪرڻ جي اطلاع سان گڏوگڏ سندس لاءِ طلاق نامو به آيو هو.



    پناهه
    هوءَ هڪ معصوم ڇوڪري هئي، جيڪا گهر جي چؤديواريءَ اندر پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين، ناحقن، ڏاڍ ۽ جبر کان پناهه وٺڻ خاطر ان بند مان نڪري انهن سپنن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ، جيڪي کيس هڪ مرد ڏيکاريا هئا، ان سان گهران نڪري شهر جي وسعتن ۾ گم ٿيويئي هئي، پر وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هوءَ پير پٿون ڪري چڪي ۽ معاشري جي منافقن، بدصورتين کي ڏسي چڪي ۽ سمجهي چڪي ته پناهه ته گهر کان ٻاهر ڪانهي ۽ ائين واڳونءَ ڏيهه جي وَر چڙهندي وئي، تڏهن قدم قدم تي ملندڙ بگهڙن کان پناهه فقط موت جي منهن ۾ ئي کيس نظر آئي... ۽ پوءِ سندس حياتيءَ جو سمورو ڪتاب هن ساڻ ئي لهرن ۾ لڙه يويو ۽ زندگيءَ جي آخري باب جون آخري سِٽون ٻي ڏينهن جي اخبارن ۾ هن ريت ڇپيون:
    ”ڪالهه هڪ نامعلوم عورت، دريا ۾ ٽپو ڏئي، پنهنجي حياتيءَ جو انت آندو، سندس شناخت نه ٿيڻ سبب کيس لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو.“


    شناخت
    نڪاح نامي تي سائن ڪري هڪ روايتي شخص جي مسز...؟ بنجڻ کان اڳ ۾ هوءَ الماريءَ ۾ رکيل سندس اعليٰ تعليم، قابليت ۽ مڃتا جا سمورا ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ “Wishing Cards” ڪڍي ساڙي ۽ ضايع ڪري ٿي ڇڏي، ڇو ته ڪجهه ئي دير بعد کيس ڳاڙهو وڳو پهري هڪ سطحي ذهينت رکندڙ شخص جي وني بنجي هڪ روايتي گهر جي چائنٺ پار ڪرڻي هئي. جتي عور تجي ذاتي شناخت ڪا معنيٰ نه رکندي آهي!



    بار
    پنهنجي سَتين ۽ آخري ڀيڻ کي پرڻائي رخصت ڪرڻ کان پوءِ هن ٿَڪ ۾ چُور لهجي ۾ ڀاءُ کي مخاطب ٿيندي چيو:
    ”ادا، ستن ڀينرن جي فرض کان الله الله ڪري آجا ٿياسون ته وري ڌيئرون جوان پيون ٿين.“


    سزا
    مذهب شاديءَ جي معاملي ۾ عورت جي مرضي پڇڻ جي تلقين ٿو ڪري پر... سڀ مٽ مائٽ، پيءُ ۽ ڀائرن سان گڏجي ڪورٽ جي ٻاهران جمع ٿيا آهن. جن مٿس ڪيس ڪيو آهي.
    مذهب جو حڪم آهي ته عورت تي چار گواهن جي گاوهيءَ کان سواءِ بدڪاريءَ جو الزام لڳائڻ تهمت آهي. جنهن کي ڪبيره گناهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر... هن پنهنجي مرضيءَ سان ڪورٽ ۾ وڃي شادي ڪئي ته هنن سڀني مٿس بدڪاريءَ جو الزام لڳايو ۽ هاڻي هو سڀ هٿن ۾ پٿر ۽ سرون کڻي سندس ڪورٽ مان نڪرڻ جو انتظار پيا ڪن.
    مذهب عورت کي ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جي حيثيت سان وڏو مان ڏنو آهي پر جيئن ئي هوءَ ڪورٽ جي شنوائيءَ کان پوءِ ڪورٽ مان نڪتي ئي مس ته... هوءَ... جيڪا زال به آهي ته ڀيڻ به، ڌيءَ به آهي ۽ ماءُ بڻجڻ واري آهي... مٿس سندس ئي پيءُ، ڀائرن ۽ مٽن مائٽن پٿرن ۽ سرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو. ايستائين جو هو رتو رت ٿي ڪري پئي ٿي، پر هنن کي پوءِ به مٿس رحم نه آيو، پٿر لڳندا رهيا ۽ هوءَ پڙپي پئي. حيرت آهي ته سرعام ٿيندڙ ان بربريت کي روڪڻ لاءِ ڪو به نه آيو. جڏهن ته ڪورٽ ٻاهران پويلس به بيٺل آهي ۽ تماشو ڏسڻ وارا به.
    هن آخري هڏڪيءَ کان اڳ لڙڪن هاڻي نظرن سان ڪورٽ جي دالان ۾ لڳل، هٿ ۾ ترازو کڻي بيٺل انصاف جي ديويءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن جي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌل آهي ۽ سندس ڪنن ۾ هڪ آواز گونجي ٿو: ”انصاف انڌو هوندو آهي.“


    غيرت
    هن جي گهر واري کي سندس ’ميڊيا‘ تي اچڻ پسند نه هو ان ڪري هن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ ڇڏڻي پئي. پر ٻئي پاسي آفيس ۾ مردن سان گڏ جاب ڪندي جڏهن ”باس“ بهانن بهانن سان کيس پنهنجي آفيس ۾ سڏي ٿو ۽ مرد ڪليگ ساڻس ”دوستي“ ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن ته انهن سڀني جون نظرون برداشت ڪندي ڪندي هوءَ اڪثر وکري ويندي آهي. تڏهن هوءَ پنهنجا مسئلا پنهنجي گهرواري سان ”شيئر“ ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ اڪثر جاب ڇڏڻ جو فيصلو ڪندي آهي ڇو ته يکس فقط پنهنجي گهر ۽ وَرَ سان پيار آهي. هوءَ فقط پنهنجي مڙس لاءِ سجڻ ۽ سنورڻ چاهيندي آهي نه ڪي ’آفيشل پارٽيز‘ ۾ حوس ڀري نگاهن لاءِ.
    پر... هر مهيني کانئس سندس پگهار وٺي ڳڻيندڙ مڙس وٽ سندس ’مسئلا‘ ٻڌڻ جو ٽائم ئي ڪونهي.


    غيرت مند

    پنهنج يمنزل تي پهچي جڏهن هوءَ رڪشا واري کي ڀاڙي جا پئسا ڏيڻ لڳي ته هن چيو ”هاڻي ايڏو بيغيرت به ڪو نه آهيان جو ڀيڻ کان پئسا وٺان.“
    ”ڀيڻ پر آئون ته توهان کي سڃاڻان ئي نٿي...“
    ”ياد ڪريو... يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسين ڪلاس فيلوز هائسين توهان مون کي ڀاءُ سڏيو هو ۽ مون به سدائين سڳي ڀيڻ سمجهيو هو، توهان کي.“
    ”اوهه... منهنجا رب!... ادا توهان آهيو؟ توهان ته تمام شريف ۽ نفيس انسان هئا. گولڊ ميڊلسٽ ۽ تقريرن جي مقابلن ۾ ٽاپ پوزيشن کڻندڙ... توهان جي ذهانت ۽ ڪردار جو مثال ته يونيورسٽي جا استاد ٻين شاگردن کي ڏيندا هئا... ۽... اڄ... توهان هن حال ۾ آهيو ۽ رڪشا ٿا هلايو؟“
    ”پوءِ ڇا ڪريان؟ سفارش ۽ رشوت ڏيڻ کان سواءِ اڄڪلهه نوڪريون ڪٿان ٿيون ملن ته پوءِ ڇا ڳچيءَ ۾ ميڊل پائي ۽ هٿن ۾ ڊگريون کڻي بيروزگار ويٺو هجان ۽ سماج ۾ پنهنجي ناقدريءَ جو روئڻو ويٺو روئان؟“
    ”پر... پوءِ... به ائين رڪشا هلائڻ...“
    ”نه... نه... براءِ مهرباني مون تي رحم کائڻ جي ضرورت ڪونهي. مون کي فخر آهي ته آئون پورهيو ڪريان ٿو نه ڪنهن کان پنان ٿو نه ئي ڪنهن جو قرضي آهيان. خوش هجو شل سدائين منهنجي پياري ڀيڻ...“
    اهو چوندي هو مونکي حيران ۽ پريشان ڇڏي اتان هليو ويو.


    محافظ

    ”اف خدايا! ايڏي درندگي؟... هي ڇا ٿي ويو؟“
    ”ڇو؟ توهان کيس نه سڃاڻندا هئا ڇا؟“
    ”ها!... پر... مون ته سمجهيو هو ته هو منهنجي گهر جو محافظ بنجندو.“
    ”هڪ مفرور مجرم؟“
    ”ها!... هو قانون کان ڀڄي نڪتل مفرور مجرم هو، هو منهنجي گهر تائين پهتو هو، مون کيس سڃاتو ٿي، پر مون سمجهيو ته جيڪڏهن آئون کيس پناهه ڏيندس ۽ مٿس هٿ رکندس ته هو منهنجي گهر جي حفاظت ڪندو، ڇو ته مون پنهنجي لاءِ ڪيئي دشمن بڻائي ڇڏيا آهن هو بار بار جرم ڪري مون وٽ اچي محفوظ ٿي ويندو هو ۽ سندس هئڻ سان مون کي پنهنجو گهر محفوظ لڳندو هو پر پوءِ هن منهنجي مرضي کانسواءِ منهنجي ئي ويجهڙائي ۾ وارداتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ته مون کي تشويش ٿي ۽ مون کيس ائين ڪرڻ کان جهليو ته هو نه مڙيو، سندس اندر سرڪشي اچي وئي. مون کيس ان لاءِ سزا ڏني ته اڄ... اوهه خدايا!... هو منهنجي ئي گهر ۾ گهري منهنجن معصوم ٻچڙن کي گولين جا برسٽ هڻي رتورت ڪري ويو...؟“
    ”ڌاڙيلن کي محافظ سمجهبو ته ائين ئي ٿيندو نه!“


    قلم ۽ قلمدان
    هڪ اهم عهدي جو خوبصورت ۽ نفيس ”قلمدان“ سنڀالڻ کان اڳ هن غريبن، مسڪينن ۽ مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي شاهڪار ڪهاڻيون لکي بيحد شهرت ماڻي هئي ۽ عوامي طبقي ۾ بيحد مقبول هو، پر هاڻي خود ڪرپشن جي مشينري جو اهم پرزو بنجي هو ايڏو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هاڻي ته کيس اها فرصت به نه آهي جو هو ڏسي سگهي ته جنهن قلم سان هن ڪيئي شاهڪار تخليق ڪيا هئا، ان جي نِبَ ڪڏهوڪي زنگجي چڪي هئي.



    زلزلو
    زلزلي جو شديد جهٽڪو آيو ۽ زمين ڌٻڻ لڳي ته ماڻهو ڊپ وچان پنهنجن گهرن مان نڪري آيا.
    هن جو گهر وارو روزگار سان شهر کان ٻاهر ويل هو، سندن پراڻي گهر جي ڀتين ۾ زلزلي سبب ڏار پئجي ويا هئا. پاڙي واري کيس ٻارن کي وٺي گهر کان ٻاهر نڪري ميدان تي اچڻ لاءِ چيو ڇو ته آفٽر شاڪس جو خطرو هو.
    هن کي هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون جن مان هڪ نياڻي پيدائشي معذور هئي. هڪ ته ڇوڪري... ۽ اها به معذور... هن کي ڏسي سدائين سندس اندر ۾ وڍ پوندا هئا ته هتي سنيون سِڌيون نٿيون اگهامجن اوتي هي زنده لاش ڪيڏانهن ويندو...؟ هوءَ ڪيستائين هن کي سنڀاليندي؟ کانئس پوءِ هن جو ڇا ٿيندو؟...
    هن پنهنجن صحتمند ٻارن کي سڏي گهر کان ٻاهر ڊوڙ پاتي ۽ هڪ ظالم سوچ سندس ذهن ۾ آئي ته:
    ”ڇو نه معذور ٻارڙيءَ کي اتي ئي کٽ تي پيل ڇڏيان ٻيو جهٽڪو ايندو ته هي گهر هاڻي ڪرڻو ئي آهي... ته... پوءِ... هوءَ ختم ٿي ويندي ۽ سبب ته زلزلو ئي ٿيو نه...!“
    هوءَ ٻارن سميت دروازي ڏانهن ڊوڙي ته اوچتو معذور ٻار جي درد ڀري دانهن ۽ روئڻ جو آواز ٻڌائين ۽ مڙي ڏٺائين ته هوءَ کين ويندو ڏسي روئي رهي هئي. هن جي اکين ۾ حسرت ۽ خوف صاف ظاهر هو.
    سندس مامتا جهٽڪي سان جاڳي پئي کاڌو ۽ هوءَ ڄن ته هوش ۾ اچي وئي ۽ واپس ڊوڙي اچي کيس ڪڇ ۾ کنيائين ۽ سڀني کي گهر کان باهر آڻي ميدان تي ويهاريائين مس، ته آفٽر شاڪس جو جهٽڪو لڳو ۽ زمين وري لرزي ۽ سندس ڪجهه دير اڳ واري بي رحم سوچ جيان هن جو گهر اچي پٽ پيو.



    چماٽ

    هوءَ پنهنجي ڪِرت سان عشق ڪندڙ، پرائيويٽ اسڪول جي محنتي ۽ قابل استاد هئي. هن پنهنجي محنت سان ڪيترن ئي شاگردن جو مستقبل سنواريو هو، کيس پنهنجي ايمانداريءَ تي فخر هو ۽ هوءَ پنهنجن شاگردن جي آئيڊيل استاد هئي.
    هڪ ڀيري جڏهن هو فائنل امتحانن جا پيپر چڪاسي رهي هئي ته وٽس سندس هڪ مائٽياڻي جي ڪال آئي، جيڪا تمام امير عورت هئي. سندس پٽ هن جو شاگرد هو. هن خاتون سندس پٽ کي سٺيون مارڪون ڏيڻ جي سفارش ڪئي ته هن چيو: ”هو ته فيل ٿي ويو آهي. هن پيپر ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي. ٿوري گهڻي به گنجائش هجي ها ته آئون توهان جي سفارش کانسواءِ ئي کيس پاس ڪري ڇڏيان ها.“
    تڏهن هن خاتون کيس پيسن جي لالچ ڏنو ته هوءَ تپي باهه ٿي وئي ۽ کيس کتو جواب ڏنو: ”سوري! پنهنجي آفر پاڻ وٽ رکو، آئون غلط ڪم نه ڪنديس.“ ان خاتمون کيس ڏاڍي ٻڌائي ۽ خاندان ۾ سندس رکائي جو چرچو ڪيو، پر سندس ضمير مطمئن هو.
    جنهن ڏينهن رزلٽ آئوٽ ٿيو ته کيس اها خاتون اسڪول ۾ نظر آئي، هن اسڪول جي مالڪياڻي کان سندس پٽ جو رپورٽ ڪارڊ ورتو ۽ اتي بيٺي بيٺي هن کي پاس ڪرائي ڇڏيو ۽ پوءِ مالڪياڻي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان خاتون سان هٿ ملايو ته هوءَ يکس طنزيه مسڪراهٽ سان نوازيندي سندس ڀر سان لنگهي وئي ته کيس ائين لڳو ته ڀري بازار وچ ۾ ڄڻ کيس چماٽ وهائي وئي هجي.



    خيال رکجو

    جڏهن کيس بورڊ جي امتحانن لاءِ پرائيويٽ اسڪولن جي سينٽر لاءِ ”فڪٽوٽم“ بڻايو ويو، يعني امتحان وٺڻ جي انتظامن جون ذميواريون ڏينون ويون ته هن وٽ سڄو سڄو ڏينهن ماڻهن جا سفارشي فون اچڻ لڳا. هوءَ حيران ٿي وئي ته هڪ ٻن ڏينهن اندر سندس سيل نمبر انهن ماڻهن وٽ ڪيئن اچي ويو هو؟!
    اڄ صبح جو وجيلنس ٽيم سان گڏ ايندڙ آفيسر خاتون جنهن امتحان دوران شاگردن سان نرمي ڪرڻ تي استادن جي بي عزتي ڪئي هئي. شام جو کيس ڪال ڪري سندس نگراني هيٺ هلندڙ امتحاني سينٽر ۾ امتحان ڏيندڙ سندس مائٽياڻين جي پارت ڪئي بلڪه کين ڪاپي ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ لاءِ چيو ته هوءِ سندس ڳالهه ٻڌي حيران ٿي وئي.
    وري... هڪ ناليواري NGO جي بااصول ۽ نالي واري سوشل ورڪر خاتون به پنهنجي ڌيءَ جي سفارش ڪندي چيو: ”منهنجي ڌيءَ تمام هوشيار آهي ۽ کيس سڀڪجهه اچي ٿو... بس ٿورو خيال رکجو.“
    ... سڄو سڄو ڏينهن اهڙائي جملا ٻڌندي ۽ ”خيال رکجو“ جو ورجاءُ ٻڌي هن سوچيو ته ڪاش هو کين اهو چئي سگهي: ”جيڪڏهن ڪاپي ئي ڪرائڻي آهي ته پوءِ ڳرين فين وارن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي ڇو ٿا پڙهايو..؟!“



    ڪهاڻي مڪمل ڪريو

    هن پنهنجي پسند جي ڇوڪري جي friend بڻجڻ چاهيو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي وئي.
    کيس هن ڇوڪري سان پيار ٿي ويو ۽ هوءَ به هن جي پريميڪا بڻجي وئي.
    هن ڇوڪري سان سندس مڱڻو ٿي ويو.
    پوءِ هن ڇوڪري سان سندس شادي ٿي وئي.
    هوءَ سٺي ننهن بڻجي وئي.
    پوءِ هوءَ سٺي ماءُ بڻجي وئي.
    پوءِ هوءَ سٺي سس بڻجي وئي.
    پوءِ هوءَ شفيق ناني ۽ ڏاڏي بڻجي وئي.
    هي ڪهاڻي آهي هڪ ڪامياب عورت جي


    ”هن ڇوڪري پسند جي ڇوڪريءَ سان دوستي ڪئي پوءِ هو سندس محبوب بڻجي ويو.“
    پوءِ هو سندس مـيندو بڻجي ويو،
    پوءِ هو سندس مرس بڻجي ويو
    پوءِ هو سندس ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو.
    پوءِ هو هن مان بور ٿيويو.
    پوءِ هو ٻي عورت جو محبوب بڻجي ويو، پوءِ هن ٻي عورت سان شادي ڪري ڇڏي، جڏهن ته سندس اولاد شادي لائق ٿي چڪو هو پوءِ هو ٻي زال جي ٻارن جو پيءُ بڻيو، حالانڪه ڏاڏو بڻجڻ جي لائق هو پوءِ هو وري بور ٿي ويو.
    پوءِ ڇا ٿيو؟؟؟
    هاڻ توهان پان ڪهاڻي مڪمل ڪريو، ضرور ي آهي ڇا ته هر ڪهاڻي آئون ئي مڪمل ڪريان...!




    انصاف يا ناانصافي

    هن بورڊ جي امتحانن دوران پنهنجي ڊيوٽي Invigilator جي حيثيت سان پوري ايمانداريءَ سان ڏني ۽ ڪنهن کي به ڪاپي ڪرڻ نه ڏني. سندس سختي ڏسي ڇوڪرين احتجاج ڪندي چيو: ”مس! ان کان اڳ پيپيرن ۾ ايڏي سختي نه هئي ۽ ٻين بلاڪس ۾ کلي عام ڪاپي ٿئي پئي. اسان به ان آسري تي هائسين توهان پليز ايڏي سختي نه ڪريو.“
    ”منهنجو ٻئي ڪنهن سان واسطو ڪونهي، استاد ڪاپي ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا يا خود ڪاپي ڪرائن ٿا، پر آئون اهڙو ڪم نه ڪنديس ۽ نه ئي ڪرڻ ڏينديس.“
    پيپير ختم ٿيو ۽ هوءَ ڊيوٽي ڏئي گهر وڃڻ لاءِ گيٽ تائين پهتي مس ته هڪ ڇوڪري ڊوڙندي سندس ويجهو آئي، هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئي چوڻ لڳي. ”توهان اسان سان ظلم ڪيو آهي. اسين فيل ٿياسين ته ذميوار توهان هونديون جڏهن هر طرف ڪاپي ڪلچر هلي پيو ته فقط پنهنجي بلاڪ ۾ ڪاپي نه ٿيڻ ڏيڻ سان توهان ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو؟ ايڏو ئي ايمانداريءَ جو شوق آهي ته پوءِ سڄي سسٽم کي صحيح ڪري ڏيکاريو، سڀ ڇوڪريون رئن پيون ۽ توهان کي پٽين پيون. اسان جو فيوچر تباهه ڪري توهان کي ڇا مليو؟“
    تڏهن هن سوچيو ته هن واقعي انصاف ڪيو يا انصافي؟ جتي هر پاسي بي اصولي هجي اتي اصول تي هلڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ظلم آهي يا انصاف؟ ڇو ته واقعي سسٽم کي ته هوءَ بدلائي نه ٿي سگهي پر هو ان جو حصو به نه ٿي بڻجي سگهي. ان ڏينهن بعد هن وري ڪڏهن به انويجيليٽر جي حيثيت سان بورڊ جي امتحانن ۾ ڊيوٽي نه ڏني.



    وقت

    (حسن، شهرت، جواني ۽ دولت جي عروج وقت)
    ”چوڏهينءَ جي چنڊ کي ته ڏس، ڪيڏو سهڻو ٿو لڳي!“
    ”دوکي جو روز ٿو ڏسان، ان جي ڪهڙي اهميت!“

    (حسن، شهرت جواني ۽ دولت جي زوال کان پوءِ)
    ”لهندڙ سج کي ته ڏس ته ڪيئن ٿو لڳي!“
    ”روز ڏسندي آهيان، آئيني ۾!“



    رهجي ويل پل...

    ان ڏينهن هن وقت جي الماريءَ کي کوليو ۽ سالن بعد ان ۾ جمع ٿيل دز جي تهه کي ڇنڊي صاف ڪيو ته سامهون دل جو ڪتاب نظر آيس. هن اتساهه سان ان کي کوليو ته ان جي محبت جي باب جا سڀ صفحا يادن جي بائينڊنگ مان نڪري وکري ويا. جيئن دريءَ کان ٻاهر پن ڇڻ جي موسم ۾ سرد ۽ خسڪ هوائون لڳڻ سبب وڻن ۽ ولين مان پيلا پن ۽ ڪيترائي گل لان جي ڇٻر تي پکڙجي ويا هئا.
    وري جو نظر جذبن جي ڊائريءَ تي پيس ته هيج وڃان ان کي کوليائين ته ان ۾ رکيل چاهت جي هڳاءُ سان واسيل ڪيئي محبت نامه نظر آيس ته کيس جهٽڪو لڳو... ڇو ته هو انهن کي وقت تي پنهنجي پرينءَ کي پوسٽ نه ڪري سگهي هئي.



    چادر ۽ چئوديواري

    پنهنجي معصوم ڀيڻ جي وراثت جي هق کي غصب ڪري ذات برادريءَ ۽ ڪوڙي انا جي ور چاڙهي هن جي شادي نه ڪرائڻ ۽ هن کي پابندين ۾ گهٽي گهٽي مارڻ بعد هن کي ڪفن جي اڇي اجري ”چادر“ ۾ ويڙهي کنڊر بڻيل پراڻي حويليءَ اندر ”نياڻين جي قبرستان“ ۾ دفن ڪرائيندڙ وزير عورتن جي حقن بابت ڪوٺايل سيمينار ۾ مهمان خصوصي جي طور تي جوش ۾ تقرير ڪندي چئي. رهيو هو:
    ”اسان سدائين چادر ۽ چئوديواري جي تقدس کي بحال ڪيو آهي ۽ عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي.“



    چاٻي

    هن جي دل ته محبت سان ٽمٽار هئي کيس سڄي عمر هڪ اهڙي پيار ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي ضرورت هئي جيڪو سندس دل جي بند دروازي جي چاٻي کڻي اچي. ان کي کولي ها ۽ ان جي اندر اکٽ پيار جي خزاني کي حاصل ڪري ها.
    پر...
    افسوس ته...
    ڪوئي دوکي جي چاٻي کڻي آيو
    ڪوئي جوس جي
    ڪوئي خود غرضيءَ جي
    ڪوئي محض لفظي ۽ کولي محبت جي ايستائين جو دل جي دروازي تي لڳندڙ ڌڪن سبب اهو سيرون سيرون ٿي ويو پر کليو نه.
    افسوس!
    ڪنهن به اهو ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته هن جي دل جي دروازي جي چاٻي ته ڀرسان ئي موجود هئي، جيڪا ڪنهن به نه کنئين.
    اها هئي
    سچي محبت ۽ اعتماد
    جي چاٻي...!




    نيٽ جي ڪهاڻي

    ايڊ ڪرڻ لاءِ طرينڊ ريڪوئيسٽ موڪلڻ چيٽ ڪرڻ
    عشق جو اظهار ڪرڻ
    تصويرون شيئر ڪرڻ، موبائيل نمبر ڏيڻ... واعدا... بي چيني جو اظهار.
    ... ملاقاتون
    اوچتو رويو بدلجڻ
    نه ڪا پوسٽ لائيڪ ڪرڻ نه ئي چيٽ ڪرڻ سبب پڇڻ تي بيزاريءَ جو اظهار ڪرڻ....
    ”Leave me alone“
    واعدا ياد ڏيارڻ تي اهو چوڻ:
    ”ڪو به آسرو نه ڏنو هو نه ئي واعدو ڪيو پاڻ expectation رکڻ شروع ڪيون.“
    منٿ ميڙ ڪرڻ ۽ روئڻ تي بيزاريءَ جو اظهار.
    آخرڪار...
    اڪائونٽ بلاڪ... موبائل نمبر بلاڪ




    ترقي

    آفيس ۾ ڏينهن رات محنت ڪندي رهي، پر هر هڪ باس اهميت مس ايڪس کي ڏيندو رهيو.
    هن مس ايڪس جو غلطيون نروار ڪيون، پر سٺي ڪارڪردگيءَ ج و ايوارڊ مس ايڪس کي ئي مليو.
    هوءَ پنهنجي ميرٽ تي فخر ڪندي رهي ۽ مس ايڪس ترقي ڪندي رهي.
    باس هن کي روبوٽ سمجهي هن کان بيگر وٺندا رهيا. جڏهن ته مس ايڪس ناز نخرن، بولڊ لباس ۽ ادائن سان باس کي متاثر ڪندي رهي.
    هوءَ سالن کان ساڳئي عهدي تي رهي ۽ مس ايڪس ترقيءَ ڪند يڪندي سندس سندس باس بڻجي وئي.
    در اصل هن کي ترقي ڪرڻ آئي ئي ڪونه، جو هوءَ ايتري ته سادي آهي، جو اڃا به حيران ٿي سوچيندي آهي ته:
    ”آخر مس ايڪس ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا مون ۾ ڪونهي؟!!“


    سوري

    ”سوري! هيءَ نوڪري توهان کي نٿي ملي سگهي. ڇو نه توهان وٽ گهربل تجربو ڪونهي.“
    ”سر! جتي به وڃجي ته اهو ئي جواب ٿو ملي... ڪا نوڪري ملندي ته تجربو به ٿيندو نه.“
    ”سوري...!... Next...!“


    ”سر! هاڻي ته مون وٽ گهربل تجربو آهي.“
    ”جي ها، پر ڇا توهان اشتهار نه پڙهيو، جنهن ۾ عمر جي حد ٻڌايل آهي. توهان اوور ايج آهيو.“
    ”پر... سر! ايتري عمر ۾ گهربل تعليم سان گڏ تجربو ممڪن ئي ڪونهي، مون سمجهيو ته اشتهار ۾ عمر غلط لکجي وئي آهي.“
    ”اسان کي ٿو سيکارين؟... گيٽ آئوٽ!“
    ”سر پليز... منهنجي ڳالهه ته ٻڌو...“
    ”سوري...!... Next...!“


    فرق
    مرد لاءِ...
    ”ابا! زال جي گذارڻ کان پوءِ ڪيستائين هن جي سوڳ ۾ ويٺو هوندين؟ ٻي شادي ڪر هاڻي.“
    ”... اهڙي عورت کي ته ڪيدم طلاق ڏجي. تو لاءِ رشتن جي ڪمي آهي ڇا؟“
    ”مرد کي ته چئن شادين جي اجازت آهي. تون اڃان ايڏو سوچين ويٺو؟“
    ”45 سال به ڪا عم راهي مرد لاءِ... توهان کي ته ننڍي عمر جي ڪنواري ڇوڪريءَ ج رشتو ملي ويندو.“

    عورت لاءِ...
    ”توبهن توبهن!... ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي؟ ڇوڪريءَ طلاق ورتي ۽ ٻي شادي به ڪري ڇڏي!“
    ”ائي هن بيوه کي ته ڏسو اڃا عدت پورو ئي ٿيو ته فيشن ۽ گهمڻ ڦرڻ شروع...!!“
    ”ڇا چيو؟ ڇوڪريءَ جي عمر 35 سال آهي؟ هن عمر ۾ ته هن لاءِ ٻي شادي ڪرڻ وارن ۽ وڏي عمر وارن جا رشتا ئي ايندا هاڻي.“



    سزا

    ڪالهه... هڪ وقت هو جڏهن هن پنهنجي نُنهن جو جيئڻ حرام ڪري رکيو هو. ڇو جو هوءَ سندس پسند جي نه پر پُٽس جي پسند جي هئي ۽ پوءِ نيٺ سازشون ڪري هن کي طلاق ڏياريائين ۽ پنهنجي پسند جي نُنهن پرڻائي وٺي آئي.
    اڄ... هوءَ ڏاڍي لاچار ٿي پنهنجي پرڻيل ڌيءَ جي در تي اچي پئي آهي ڇاڪاڻ جو سندس پسند جي ننهن سازشون ڪري کيس گهر مان ڌڪاري ڪڍيو هو.


    قلم

    ”قلم تلاور کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي“ ڪنهن زماني ۾ چيل اها ڇوڻي سچ هوندي. پر هاڻي ”قلم جي طاقت“ فقط وزيرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي ”قلمدانن“ ۾ وڃي واسو ڪيو اهي. سچ لکڻ واري قلم کي هاڻي يا ته ٽوڙي ڇڏيو ويندو آهي يا وري ان جو رخ موڙي ڇڏيو ويندو آهي.



    بهادري

    اسٽونڊنٽ ليڊر جي جوشيلي تقرير ”اسين ڪنهن کان به نٿا ڊڄون. اسين وڪامڻ وارا ۽ ڀڄي وڃن وارا ڪو نه آهيون. اسين جيلن کان نٿا ڊڄون. اسان کي اسان جي مقصد کان ڪو به هٽائي نٿو سگهي... اڙي!... ڀڄو... رينجرز وارا پيا اچن...!!“



    انتقام

    سالن جي محبت، وفا ۽ خدمت بعد جڏهن هن کي خبر پئي ته هن جو مڙس هن سان بيوفائي ڪري رهيو آهي ته هن به ساٿي آفيس ورڪر مردن ۽ رانگ نمبر تان آفر ٿيل دوستين کي قبول ڪري ڇڏيو آهي.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350398
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402548
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ