ڪتاب جو نالو: وري وري وڃايل
مصنف: ناشاد رحم علي
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 18 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 403 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 122 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هونئن ته هيءُ ناول، ان غير معمولي محبت جو داستان آھي، جنهن ۾ وڇوڙا ئي وصل بڻبا آھن، پر اهڙي محبت ۾ ڇا، ڇو، ڪيئن ۽ ڪيترو ڪجهه غير معمولي هوندو آھي، جنهن کي عام رواجي طور محسوس ڪرڻ ۽ سائنسي طور اظهارڻ مشڪل آھي!؟
مون ان ئي سوال کي هن ناول ۾ جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪيئن نه اسان جي ملڪ جي سول سوسائٽي، عورتن، اقليتن ۽ ٻين مظلوم طبقن سان همدرديءَ جي نشي ۾، ڪڏھن ڪڏھن ڪن فردن سان سوفسطائي قسم جو ظلم ڪري وجهندي آھي!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • ليکڪ پاران
  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)
  • (10)
  • (11)
  • (12)
  • (13)
  • (14)
  • (15)
  • (16)
  • (17)
  • (18)
  • (19)

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: وري وري وڃايل
    ليکڪ: ناشاد رحم علي
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    لي آئوٽ: تولارام سوٽهڙ
    ڪمپوزنگ: امر عبدالستار ٻاڪڙ
    ڇپيندڙ: سنڌيا پبليڪيشن


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر

    WARI WARI WINJAAYAL
    by: Nashad Rahm Ali
    Lay out: Tolaram Suthar
    Composing: Amar Abdul Sattar bakar
    Printed: sindhiya publication
    First Edition 2017


    ارپنا

    وصل جي وڇوڙن
    نهارن ۾ نپايل چاهتن
    ۽
    رهجي ويل حسرتن
    جي نالي!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وري وري وڃايل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ناشاد رحم علي جو لکيل ٽيون ناول آهي. ان کان اڳ سندس ناول ”هينئڙو ٻه اڌ“، ۽ ”رِي اسٽور ٿيل ماڻھپو“ ڇپيل آهن جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ به آنلائين اپلوڊ ڪيل آهن. هو لکي ٿو:
    ”هونئن ته هيءُ ناول، ان غير معمولي محبت جو داستان آھي، جنهن ۾ وڇوڙا ئي وصل بڻبا آھن، پر اهڙي محبت ۾ ڇا، ڇو، ڪيئن ۽ ڪيترو ڪجهه غير معمولي هوندو آھي، جنهن کي عام رواجي طور محسوس ڪرڻ ۽ سائنسي طور اظهارڻ مشڪل آھي!؟
    مون ان ئي سوال کي هن ناول ۾ جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪيئن نه اسان جي ملڪ جي سول سوسائٽي، عورتن، اقليتن ۽ ٻين مظلوم طبقن سان همدرديءَ جي نشي ۾، ڪڏھن ڪڏھن ڪن فردن سان سوفسطائي قسم جو ظلم ڪري وجهندي آھي!“
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ناشاد رحم علي صاحب جا جنهن ڪمپوز ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ناشاد رحم علي سنڌ جي انھن چند منفرد قلمڪارن ھڪ آھي، جن جو نثر پنھنجي مستقل پڙھندڙن لاء سدائين اڻٽر ٻاڙ جيان رھيو آھي، جنھن ۾ محظوظيت ۽ دلچسپيء جي سموري سامان سان گڏو گڏ عالماڻي سنجيدگي ۽ عبارتي حُسن جون مڙئي هٻڪارون به هڪيون حاضر ھونديون آھن.
    ناشاد جي قلمي خوبين مان ھڪ خوبي اھا به آھي جو ھو مطالعي مشاھدي سان ڀرپور پنھنجي لکڻين ۾ گھڻو ڪري غير مانوس ۽ مختلف موضوعن جو انتخاب ڪندو آھي گھڻائيء ۾ دٻجي ويل ٿورائي جو آواز به اظھاري وٺندو آھي اھائي ھن جي ورائٽي ۽ معاملن کي مختلف زواين سان ڏسڻ وارو انداز جتي سنجيده پڙھندڙن کي لُڀائيندو آھي اتي معقول مباحثن جا نوان دروازا به کلندا آھن!
    جڏھن کان ھن ناول جھڙي سنسني خيز صنف سان سنگت رکي آھي تڏھن کان سندس قلمي صلاحيتن جون اعلا خوبيون پڻ نکري نروار ٿيون آھن .ھن ٿورڙي ئي وقت ۾ سنڌي ادب کي نھايت سھڻا ناول ڏيڻ شروع ڪيا آھن. ھن جي ناولن ۾ ناول جي بنيادي خوبين سان گڏو گڏ سماجي تصوير ڪشي، ڪائناتي قدرن جي کوج ۽ نج ادبي موضوعن تي منفرد آميزش پڻ موجود آھي. ھن جي ناولن ۾ وندر اصلاح ۽ اندر جي اُپٽار تي مشتمل مواد سان گڏو گڏ فني ۽ فڪري باريڪين جا ھانءُ ۾ ھٿ وجھندڙ ڇُھا به موجود ھوندا آھن. ان ڪري ئي ھن جو پڙھندڙ ھن جا ڪتاب ايئن ڳوليندو آھي جيئن صحت جو خاص خيال رکندڙ پارکو شخص قيمت بدران ڪوالٽي کي اھميت ڏيئي پاروٿي فروٽ مان تازا ميوا ڳوليندو آھي.
    جتي ماڻھو محض دلپشوريء خاطر روايتي سطحي ۽ ورجايل سرجايل ڳالھيون لکي صاحب ڪتاب ٿيندا آھن ۽ جتي جو نقاد عام طور تخليقي گھٽ ۽ تقليدي وڌيڪ ھوندو آھي، جتي غير جانبداريءَ جي واڳ اقربا پروريءَ جي ھٿن ۾ ھوندي آھي، اتي ناشاد رحم علي جي ناولن سان عالماڻو ۽ غيرجانبداراڻو تنقيدي انصاف ٿيئڻو باقي آھي؟! پر ھن مختصر عرصي اندر سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ تخليقي منفرد ۽ ذائيقدار ناول ضرور وڌا آھن ۽ سنڌي ناول پڙھندڙن جي دلچسپيء کي پڻ وري موٽايو آھي.
    ناشاد رحم عليءَ جو ھي ناول توڙي جو غير معمولي رومانس جي ڪھاڻي آھي پر ان ھڪ ڪھاڻيء ۾ علمي ۽ فني طور الاء ڪيتريون ئي ٻيون ڪھاڻيون لڪيل آھن جن کي ناشاد رحم علي پنهنجي مخصوص انسپريشن سان اظهاريو آهي. ان ڪري ئي هي ناول ناقابل فراموش شاهڪار جيان لڳي ٿو.
    سنڌيا اداري طرفان ناشاد رحم علي جو ھي ٻيو ناول ڇپيندي اعزاز محسوس ڪيون ٿا. اسانکي اميد آھي ته اسانجي ھيءَ نماڻي وک اوھانکي پسند ايندي.

    عقيل عباس سومرو
    ڊائريڪٽر
    سنڌيا پبليڪيشنز


    ليکڪ پاران

    ڪلفي فروش کان وري وري وڃايل تائين!

    هونئن ته هيءُ ناول، ان غير معمولي محبت جو داستان آھي، جنهن ۾ وڇوڙا ئي وصل بڻبا آھن، پر اهڙي محبت ۾ ڇا، ڇو، ڪيئن ۽ ڪيترو ڪجهه غير معمولي هوندو آھي، جنهن کي عام رواجي طور محسوس ڪرڻ ۽ سائنسي طور اظهارڻ مشڪل آھي!؟
    مون ان ئي سوال کي هن ناول ۾ جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪيئن نه اسان جي ملڪ جي سول سوسائٽي، عورتن، اقليتن ۽ ٻين مظلوم طبقن سان همدرديءَ جي نشي ۾، ڪڏھن ڪڏھن ڪن فردن سان سوفسطائي قسم جو ظلم ڪري وجهندي آھي!
    ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾، پوليس طرفان ملزمن کي هاف ۽ فُل فرائي ڪرڻ وارو ظالماڻو سلوڪ پڻ هن ناول جي صفحن تي پلٽيل آھي. ڪرپشن جو حُسن بڻجي پيل جمهوري ملڪ ۾، بدانتظامي ۽ پئسي جي غير مساوي تقسيم سبب ڇانئجي پيل غربت جي اوندهه ۾، ڪيئن نه بيوفائيون، ويساهه گهاتيون، واعده خلافيون، بي وسيون ۽ نو دولتاڻيون ٽرڙپايون، دلين جا شڪار ڪنديون آھن. مون هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي انسپريشن ۾ انهن کي ڦُلهوريو آھي.
    پهرين ته مون کي هن ناول جو نالو ‘ڪلفي فروش’ سٺو لڳو هو، پر ڪهاڻيءَ جي مضبوط مناسبت جي ڪري ‘وري وري وڃايل’ رکيو اٿم.
    اڳ ڇپيل منهنجن ناولن: ‘هينئڙو ٻه اڌ’ ۽ ‘رِي اسٽور ٿيل ماڻھپو’ جيان هن ناول جي حوالي سان، مون کي وري به پنهنجن پيارن پڙھندڙن جي محبت تي پڪو ڀروسو آھي.
    منهنجي محسن عقيل عباس سومري صاحب جهڙي علم ادب جي پارکو جا لک ٿورا جنهن مون کي اوهان پيارن پڙھندڙ تائين پهچڻ جا ڀرپور موقعا ڏنا آھن..
    پياري تولارام سوٽهڙ جا لک ٿورا، جنهن هن ناول کي لي آئوٽ سميت پروف ريڊنگ جي معاملن مان گذاريو.امر عبدالستار ٻاڪڙ جون محبتون ڪمپوزنگ ۾ شامل رهيون،سندس ٿورا.

    ناشاد رحم علي
    ميرپورخاص، سنڌ Cell:03468922422
    16 جون2017

    nashadrahimali@gmail.com


    (1)

    ”ايڪسڪيوز مي“
    بلديه ميرپورخاص جي پُر هُجُوم گليءَ ۾، مون سان ڪُلهو لڳڻ بعد بيساخته چيو هُيئي. چنچل نگاهن جو اولڙو هڻي، پرهجوم بازار ۾ گم ٿي ويئي هُئينءَ. ٿڪل قدمن سان توکي ڳوليو هئم. ڪپڙي، ڪاسميٽڪ ۽ جوتن جي دڪانن تي!
    دڪاندارن سان اگهن تي ڳالهائيندڙ چَپَ، رٻڙ جي گُڏين کي پاتل ريڊي ميڊ ڪپڙا ڏسندڙ اکيون، نفيس سينڊلن کي پائيندڙ گلابي پيرَ ۽ ورتل سامان ٿيلهين ۾ پيڪ ڪندڙ سونهري هٿ چتائي ڏٺا هئم. هرهنڌ سهسين سهڻيون صورتون موجود هيون، پر تون نه هئينءَ!
    توکي وري ڏسڻ جو سپنو هو، جنهن کي نه وڪاميل ڪپڙي جي تاڪي جيان، الاءِ ڪيترا دفعا کوليو ۽ وري ويڙھيو هئم!
    پهريون ڀيرو ملي جدا ٿي ويل تنهنجن نيڻن کي وري ڏسڻ واري آس کڻي، الاءِ ڪيترا ڀيرا ان ساڳيءَ بازار ۾ آيو هئس ۽ توکي نه ڏسي سگهڻ واري محرومي، دل جي شيپر ۾ لِڪائي گهر موٽيو هئس. جتي اڪثر بابا جي نگاهن، منهنجي دل جو خاليپڻو ڏسڻ بنا منهنجن خالي هٿن ڏانهن ڏٺو هو، ۽ ناگوار نگاهن جو کانگهارو مون تي اُڇلي، وري وري ورجايل سوال مون کان پڇيو هو:
    “ڪنهن روزگار سان لڳندين يا واندو پيو روڊ ماپيندين؟”
    “اڄ وري نوڪريءَ لاءِ انٽريو ڏنو اٿم.”
    الاءِ ڪيترا دفعا ساڳيو ڏٽو هنيو هئم، اها خبر هوندي به ته بابا جو ان جملي تان ويساهه ايئن هليو ويو هو، جيئن سندس پوڙھي گڏھه جي ڪنڌ جا وارَ گاڏيءَ جي پَٽن سان گَسي گم ٿي ويا هئا!
    بابا سڄي ڄمار گڏهه گاڏي هلائي، امان، مون ۽ منهنجين ٻن ڀينرن جو پيٽ پاليو هو. هن اُن پراڻي گڏهه گاڏيءَ تي سامان سٿيندي، منهنجي حوالي سان پنهنجي دل ۾ به الاءِ ڪيترا خواب سٿي ڇڏيا هئا. جن جي تعبير منهنجي نوڪريءَ سان مشروط هئي. پر ماسٽرس ڊگري کڻي الاءِ ڪيتريون ٽيسٽون ۽ انٽرويا ڏنا هئم، پر نوڪري هئي، جيڪا بابا جي سُکن جيان اڻلڀ ٿي پيئي هئي.
    ڄاتل سڃاتل نوجوانن جي هٿ ۾ آفر آرڊر ڏسندو هئس، ته ڪنهن بااثر ماڻهوءَ سان واسطا نه هئڻ واري محرومي ڇِتن ڪُتن جيان ڏاڙھيندي هئي! پئسن سان آرڊر وٺي ڏيندڙ ايجنٽن جي جيتري محويت سان ڳولا ڪئي هئم، ايتري ڌيان سان جيڪر ننڍپڻ ۾ تعليم پرايان ها، ته ڀلي نوڪري نه به ملي ها، ته به ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري وٺي، ڪٿي ٻهراڙيءَ ۾ اسپتال کولي ڏوڪڙن سان ويٺو کيڏان ها! پر آءٌ ته ڏاهپڙيي واپاريءَ جيان سستي ايجنٽ هٿان ماڳهين ٺڳجي پيس.
    امان کي پنهنجي ڏاج جو آخري زيور وڪڻڻ تي مس مس راضي ڪري، پنجويهه هزار روپيا ايجنٽ کي ڏنم، ته اهو ماڳهين گم ٿي ويو. پوءِ خبر پيئي ته همراهه ٻين به ڪيترن ئي مون جهڙن ڀوڪن کي ڪتري، ملڪ ئي ڇڏي ڀڄي ويو هو. ايجنٽ ھٿان مٿو ڪوڙائڻ جي خبر بابا کي پيئي هئي ته مون کي الاءِ ڪٿان ڳولي ڳولي، اُهي لفظ چيائين، جيڪي هن شايد گڏھه گاڏيءَ ۾ گوهي ڪندڙ گڏھه کي به ڪڏھن نه چيا هوندا. تڏھن کان ئي سندس نظرن سان گڏ مون ڏانهن ڏينڀُو اُڏرندا هئا!
    بابا گڏهه گاڏي هلائي، منهنجي تعليم جا خرچ برداشت ڪيا هئا، پر هاڻ جڏھن تعليم مڪمل ڪري بيروزگار ڀٽڪڻ لڳو هئس، ته منهنجي واندڪائي بابا لاءِ صدمو ۽ مون لاءِ مهڻو ٿي پيئي هئي. بابا به شايد دل جي پڃري مان نوڪريءَ جي آسرن جا پکي آھستي آھستي اُڏارڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. تڏھن ئي ته هو مون کي هوٽل جي بيراگيري ڪرڻ يا ريڙھي تي شيون وڪڻي، گهريلو ڪفالت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جا مشورا ڏيندو هو. پر آءٌ ان خوف کان سندس مشورن تي عمل کان لنوائيندو رهيس ته “ماڻهو ڇا چوندا؟! سنڌ يونيورسٽيءَ جو ماسٽرس ڪيل ريڙھي تي ڇولا پيو کپائي!”
    بس امان ئي هئي، جيڪا بابا کان لڪائي خرچي ڏيندي هئم، جنهن مان ڇنڊ ڦُوڪ ڪري، دوستن سان گڏ شخصي رتبي جي خالي بندوق، ڀريل هجڻ جو تاثر ٺاهي هلندو هئس.
    اهو به ٽامي جي ٿالهه جهڙو سياري جو صبح هو. امان لاءِ اشرفيءَ تان دهي وٺي موٽيو هئس. سامهون ويندڙ رڪشي ۾ توکي ويٺل ڏٺي هئم. بيساخته پويان ڊوڙيو هئس، والدين سان گڏ هلڻ جو انگل ڪندڙ دادلي ٻار جيان! آس پاس موجود ماڻهو حيرت سان ڏسڻ لڳا هئا. تو به ويندڙ رڪشا مان نظرن جا تير اڇليا هُئا. الاءِ ڇا سوچي، نظرون ٻئي طرف ڦيريون هُيئي!
    رستي تي ايندڙ ويندڙ سوارين جي رش ۾ ڦاسي پيو هئس. جيئن تيئن ڪري اقبال پئٽرول پمپ ڏانهن ويندڙ چنگچيءَ ۾ چڙھيو هئس. چنگچيءَ مان لهڻ کان اڳ تون حيدر آباد ويندڙ ڪوچ ۾ چڙھي هُئينءَ.
    بس ڏانهن وڌيو هئس ته چنگچيءَ واري پويان سڏ ڪري ڪرايو گهريو هو، تڏهن ياد پيئم ته کيسو خالي هو. تو سان گڏ ڪوچ ۾ همسفر ٿيڻ جي سپني کي زندهه درگور ڪري بيهي رهيو هئس. ويندڙ بس جي شيشن جي وٿيءَ مان چتائي ڏٺو هُيئي. شايد ڪو اوباش نوجوان سمجهي ٻئي پاسي ڏسڻ لڳي هُئينءَ. منهنجون حسرتون ويندڙ بس، ٽائرن هيٺيان چيڀاٽي اڳتي هلي ويئي هئي ۽ مون پويان ريزگاري ڳولي چنگچيءَ واري جو ڪرايو مس مس پورو ڪيو هو.
    اقبال پئٽرول پمپ کان پيادل گهر ايندي، دنيا ۾ دولت جي غير مساوي تقسيم کي الاءِ ڪيتريون رنگبرنگي گاريون ڏيئي، ڪارل مارڪس کي دنيا جو عظيم ڏاهو قرار ڏنو هئم.
    “دهي ڪٿي؟”
    امان جي سوال چنگچيءَ ۾ وسري ويل دهيءَ جي ٿيلهي ياد ڏياري هئي. پشيمانيءَ ۾ هٿ مليندو رهجي ويو هئس. گڏهه کي گاڏيءَ ۾ جوٽيندڙ بابا جون نظرون ڇيرايل ماکيءَ جي مکين جيان مون ڏانهن اُڏاڻيون هيون. بيچين ٿي ڪمري ۾ گهڙيو هئس. امان پويان هلي آئي هئي:
    “پئسه کپائي ڇڏيئي، تڏھن ئي دهي ڪونه آندئي. ڪي ڪونهي، آءٌ رُکي ماني، پاڻيءَ سان کائي ڇڏينديس. تون پريشان نه ٿي!”
    بابا جا جملا گولين جيان کوپريءَ مان آرپار ٿي ويا هئا:
    “چاڳُولي پُٽ کي ته خراب ڪيئي، پر هاڻ رُکي ماني چٻي، معدي جي ٻيڙي نه ٻوڙ، اجهو آءٌ دهي وٺي اچان ٿو!”
    امان ناشتو کڻي آئي هئي. ٻه ٽي گرھه کڻي موٽائي ڏنو هئم. پريشان ٿي پڇيو هئائين:
    “پٽ پريشان ڇو آھين؟”
    وضاحت ضروري نه سمجهي هئم. مٿي ۾ سور جو بهانو گهڙيو هئم.
    ٻن مهينن اندر توکي ٻيو ڀيرو ڏسي، وري وڃائڻ جي درد کي اونٿري ٻار جيان دل ۾ سمهارڻ جي ڪوشش ڪندو، گهر کان ٻاهر نڪتو هئس. سامهون گليءَ مان بابا کي دهي وٺي موٽندي ڏٺم ته ڀر واري گليءَ ڏانهن مُڙي ويس.
    لکاڏنو لُڙڪ سامهون اچي ويو. پنهنجي تازي شاعري ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪنهن ضروري ڪم جو بهانو گهڙي، ڇِڪي جان ڇڏائي هئم. آصف جي دڪان اڳيان بيروزگار سنگت بيٺي هئي.
    الهداد ۽ شمن جو تعلق قوم پرست پارٽين سان هو ۽ ان ئي آڙ ۾، پارٽي ڪارڊ ڏيکاري، زباني ڌمڪي يا وري ٽل سل سان هلڪو ڦُلڪو ڀتو وٺي، زندگيءَ جو گاڏو گهيلي رهيا هئا. راحت ۽ قادر، اسٽريٽ ڪرائم ۾ خرچ پکو پورو ڪري رهيا هئا. مولوءَ جو کيسو سدائين گرم هوندو هو. آمدنيءَ جا ذريعا ڳجها هئس، پر ڪن سنگتين جو خيال هو ته منشيات وڪڻندو هو. ڪن جو اندازو هو ته جيب ڪتري ڪندو هو. ڪن انومان ظاهر ڪيو ته وٽس سونيون ڪڪڙيو هيون، يا ماڳهين کيس ڪارُونءَ جو خزانو هٿ آيو هو.
    ان ڏينهن ته کانئس سوَ روپيا اوڌر گهُريم ته بي ججهڪ ڏيئي ڇڏيائين. ڀرسان بيٺل الهداد ڀڻڪيو هو:
    “شرلُوءَ کي ڪيترا دفعا چيو اٿم ته پارٽيءَ جو ڪارڊ وٺي اسان سان گڏ ٿي وڃ، هٿ منجهه لهي ويندي پر تعليمي ڊگري ۽ قانون جو رينگٽ نٿو ڇڏي! اڄڪلهه ڊگري ۽ قانون به پئسن اڳيان مجبور آھن!”
    الهداد جي ڳالهه دل سان لڳي هئم. ڪنهن ضروري ڪم جو بهانو گهڙي اڳتي لنگهي ويو هئس.
    رڪشا مان لهي، ان ساڳي گليءَ ۾ آيو هئس، جتي تنهنجو پهريون درشن نصيب ٿيو هو. الاءِ ڇو، ان گليءَ ۾ وري وري چڪر ڪڍڻ لڳو هئس! آسپاس تنهنجي موجودگيءَ جي مهڪ وکريل هئي. تنهنجي گلابي چهري، ڪجلين اکين ۽ ڪڻڪ رنگين ٻانهُن جو تصور، ان گليءَ ۾ الاءِ ڇو نرالا احساس آڻيندو هو؟! جن کي اظهار جا ويس وڳا پارائڻ ايترو ئي مشڪل ھو، جيترو ڪاروڪاريءَ جي ڪهاڙي هلائيندڙ ھٿن کي عشق جي بيخودين جا اسرار سمجهائڻ مشڪل هوندو آھي! بي مقصد چڪر لڳائڻ آڪوَرڊ لڳو هئم. دل تي پٿر رکي واپس وريو هئس. ريلوي لائين مٿان لڳل لوهي سيڙھي چڙھڻ کان اڳ بيهي رهيو هئس. هينئڙو وڳ کان وڇڙيل اوٺي ڦر جيان جهيرائڻ لڳو هو.
    تنهنجي تصور جي آڱرين جذبن جي لغڙن کي جِهٻيون ڏنيون هيون، ته حيدرآباد اسٽاپ ڏانهن ويندڙ رڪشا ۾ چڙھي ويٺو هئس. جتي حيدرآباد کان ايندڙ گاڏين مان لهندڙ عورتن کي چتائي ڏٺو هئم، ان ڏڪار جي ڪڪر جهڙي آسري جيان، جنهن کي وسڻ جي اميد نه هوندي به ٿريا حسرت سان نهاريندا آھن!
    سڄو ڏينهن تنهنجي تصوير اکين ۾ اٽڪائي، اتي ئي ڏينهن گذاريو هئم. سج پوڙھي ماڻهوءَ جي ويهڻيءَ جيان اولهه ۾ ٽُٻي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته مون به واپس ورڻ جو سوچيو هو. پر ان ئي لمحي وين مان تون لٿي هُئينءَ. مون تي نظر پوندي ئي ڇنل گل جيان ڪومائجي پيئي هئينءَ. شايد صبح ويل منهنجو وائڙن جيان توکي ڏسڻ ۽ پويان اچڻ واري ڳالهه توکي ياد آئي هئي، پر ٻئي لمحي پاڻ کي سنڀالي ورتو هيئي.
    هٿ ۾ جهليل ٽشو پيپر اڇلي، مون کي نظرانداز ڪري، رڪشا ۾ چڙھي هُئينءَ. مون تنهنجي اڇليل ٽشو پيپر کي کڻي ورتو هو. اهو منظر اک ٽيٽ انداز سان حيرت مان ڏٺو هيئي. آسپاس جون ڪي نظرون به مون تي اٽڪيون هيون.
    رڪشا ۾ چڙھي، ڊرائيور کي تو واري رڪشا پويان هلڻ لاءِ چيو هئم. ٻنهي رڪشن واري وڇوٽي غريب ۽ امير جي فرق جيان ويراوير پرڀرو ٿي رهي هئي!
    رڪشا واري کي رفتار گهڻي تيز ڪرڻ لاءِ چيو هئم ته هُو شڪي ٿي پيو هو. رڪشا تيز ڪرڻ بدران سامهون لڳل آئيني ۾ چتائي مونکي ڏسڻ لڳو هو. بيوسيءَ مان کيس عرض ڪيو هئم:
    “يار اڻواقف آھيان. هُن رڪشي ۾ ويٺل عورت جي گهر ڀرسان ئي ڪٿي مائٽ رهندا آھن، اتي وڃڻو اٿم. جي اڳيون رڪشا اکين کان الوپ ٿي ويو، ته منزل جو ڏس پتو به هليو ويندو. مهرباني ڪري جلدي هلاءِ.”
    رڪشا واري جي چپن تي انيڪ سوال اچي بيهي رهيا هئا، پر خاموش ٿي ويو هو.
    هن رڪشا جي رفتار وڌائي ڇڏي. اڳيان گلين مان موڙ ڪاٽيندي تو وارو رڪشو، لمحن لاءِ اکين کان اوجهل ٿيو ٿي، ته ڪائنات اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳي ٿي. اميدن جا ديپ وسامڻ لڳا ٿي ۽ ھڪ جنم کان ٻئي جنم تائين توکي وري وري وڃائي ويهڻ وارو تسلسل، دل جو بِگ بئنگ بڻيو ٿي!
    هڪ سوڙھي گليءَ جي موڙ کانپوءِ تو وارو رڪشو اکين اڳيان پرگهٽ ٿيو هو، ته تون ڪرايو ادا ڪندي نظر آئي هئينءَ. چڙھي چڙھي ڪرايو ڏيئي تڪڙو تڪڙو رڪشا مان هيٺ لٿو هئس.
    مون کي ڏسي وائڙي ٿي ويئي هئينءَ. کن پل لاءِ اکين کان ڇنڀڻ وسري ويو هُيئي. نگاهن ۾ نگاهون اوتيون هيئي، ته وقت بيهي رهيو هو. جنمن جا جوڙ ختم ٿي پيا هئا. ماضيءَ ۽ مستقبل جا فرق سِڪ جي سُرڪ ۾ هڪ ئي حال جو حصو ٿي پيا ھئا. ڪائنات، چنڊ مُهانڊن گلن جو باغيچو ڀاسڻ لڳي هئي ۽ تون سمنڊ تان لهندڙ سج جي لام ٿي پيئي هُئينءَ، پر منهنجين نظرن جو اهو سراب، ساعتن جي سرهاڻ ٿي تڏھن وکري ويو هو، جڏھن چيو هيئي:
    “بدتميز ڪٿان جا!”
    تنهنجو اهو جملو “ايڪسڪيوز مي” کانپوءِ ٻيو جملو هو، جيڪو منهنجن ڪنن ٻُڌو هو. ٻنهي جملن جي معنيٰ، مفهوم ۽ محرڪن ۾ زمين آسمان جو فرق هوندي به پويون جملو اڳئين جملي کان وڌيڪ سٺو ۽ محظُوظ ڪندڙ لڳو هئم. شايد پهريون جملو، رسمي ۽ جذبن کان خالي هو، جڏھن ته پويون جملو لغوي طور کارو ئي سهي، پر مون کي مِٺو ۽ اندر جي آواز سان ڀرپور لڳو هو!
    اصل ۾ تنهنجي ڳالهائڻ ۾ حيرت انگيز طور اهڙو ترنم موجود هو، جيڪو سماعتن ۾ قدرتي ڪِتڪائي ڪندو آھي! درياهه جي ڇولين جا پڙلاءَ، ڪونجين جا ڪُرلاءَ، ۽ رات جي سانت ۾ تاڙي جي تنوار جا سمورا سنگيت شايد تنهنجن چپن جي تنبوري جا فطري دوست هئا. تڏھن ئي ته تنهنجن اچاريل لفظن ۾، ايتري دلرُبا نغمگي ۽ مٺو سوز سمايل هو، جو تنهنجي واتان زهريلو جملو به وري وري ٻُڌڻ چاهيو هئم.
    ٻارڙي گيٽ کوليو هو. تيزيءَ سان گهر ۾ گِهڙي، زور سان در بند ڪيو هيئي، ڄڻ مون تي موجود ڪاوڙ در تي اُڇلي هُيئي!
    در ڇا بند ٿيو، ڄڻ ٻن قدرتي ڳنڍيل جسمن کي آپريشن سان الڳ ڪيو ويو هو! ڪي پل پنهنجو پاڻ کي وساري، اتي ئي بيٺو رهيو هئس.
    واپس موٽندي، تنهنجي اڇلايل ٽشو پيپر جي دلنشين ڇُهاءُ سان گڏ واس وٺندي، دل ئي دل ۾ توکي مخاطب ٿي چيو هئم:
    “توکي حاصل ڪرڻ لاءِ زندگي وڃائڻ جي جوا کيڏڻي پيئي ته به ضرور کيڏندس. ڇو ته توکي حاصل ڪري، وري وڃائي ويهڻ جي جنم جنم واري چڪر ۾، منهنجو احتياط ۽ تنهنجي غير سنجيدگي، سدائين وڇوڙن جي رت سان نصيبن جو ڪاڳر لکائيندي رهي آھي! ۽ مون سدائين هارايل محبت جي زخمي گهوڙي تي يقيني هار باوجود بازي لڳائي آھي!”
    گهر آيو هئس ته امان پڇيو هو:
    “پٽ ڪٿي هئين سڄو ڏينهن؟ صبح جو ناشتو به ڪونه ڪري وئين.”
    پريشانيءَ ۾ گهر جو ڪم ڪار به نه ٿئي. اڳاڻو پڻهين کي به ڏندِي ڏيئي چيم:
    “تنهنجي ڪُرڪُر ماڳهين شرجيل کي گهر ڇڏائي ڇڏيو آھي.”
    “امان اڄ اسانجي ڪرڪيٽ ميچ هئي.”
    وري ڏٽو هنيو هئم. ڏٽو هڻي سوچيو هئم:
    “دنيا ۾ جيئن ڏٽا ملي پون ٿا، ايئن پئسو ڇو نٿو ملي؟!”
    امان شفيق نظرن جا پوپٽ مون ڏانهن اڏاري رڳو ايترو چيو هو:
    “پٽ ماني ته کائي وڃين ها، بکئي پيٽ ڪهڙي راند ٿيندي!؟”
    دل ئي دل ۾ کلي سوچيو هئم:
    “بکئي پيٽ راند ڀلي نه ٿئي، پر پورهيو ۽ عشق، بک جا محتاج هجن ها ته جيڪر سڀ ملون ۽ معاشقا بيهجي وڃن ها ۽ غريبن لاءِ عشق به پئسي جيان اڻلڀ ٿي پوي ها!؟”
    امان اڪثر بيمار رهندي هئي. کيس معدي جي پراڻي تڪليف ھئي ۽ سندس بي. پي به وڌيل رهندو هو. ڊاڪٽر، دوائون، فروٽ کائڻ ۽ پُرسڪون رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. پر غربت سبب امان نه فروٽ کائي سگهندي ھئي ۽ نه ئي پرسڪون رهي سگهندي ھئي. مون ۽ ٻن ڌيئرن جي شادي، ڏيج پوت ۽ گهر جي غريباڻن مسئلن متعلق سوچي هوءَ اڪثر بيچين رهندي ھئي. هن جو سمورو سڪون، دولت جي ديويءَ جي موڊ جو محتاج ٿي پيو ھو. پر دولت جي ديويءَ کي، زميندارن، سيٺين ۽ سرمائيدارن جي گهيري منجهه، غريبن تي ڌيان ڌرڻ جيتري فرصت ئي ڪٿي ھئي، جو امان جي اولاد لاءِ چڱا رشتا ۽ کائڻ لاءِ فروٽ اچڻ لڳن ۽ بابا جي جان گڏهه گاڏي ڌڪڻ مان هميشه لاءِ ڇُٽي پوي!


    (2)

    آصف جي دڪان اڳيان بيروزگار سنگت جي وچ ۾ ويٺو هئس. لکاڏنو لڙڪ به موجود هو ۽ پنهنجو تازو غزل ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پر ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ٿوريءَ دير بعد پاڪستان جو انڊيا سان ميچ ٿيڻو هو. ان ڪري لکاڏني لڙڪ جو جانٺو نه پئي لڳو. هرڪو ڪرڪيٽ متعلق ڳالهائڻ ۽ ٻُڌڻ جي ماليا خوليا ۾ مبتلا هو. لکاڏني مايوس ٿي مون ڏانهن نهاريو. الاءِ ڇو؟! مونکي ساڻس همدردي محسوس ٿي. هڪ ته هن وٽ مون وانگر ماسٽرس ڊگري هئي، ٻيو ته مون وانگر سندس محبت ون وي هئي. ٽيون مون وانگر سندس والده معدي جي مريض هئي ۽ چوٿون وري هُو مون وانگر خالي کيسن باوجود داداگير سنگتين سان ملي قانون هٿ ۾ نه کڻندو هو. مون جيئن جيئن سندس متعلق سوچيو، تيئن تيئن مون ۽ هن وچان ڪيترين ئي هڪجهڙاين جو انڪشاف ٿيو.
    مون ڪرڪيٽ تي ڳالهائيندڙ سنگت سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي چييو:
    “دوستو مون ۽ لکاڏني لڙڪ وچان عجيب مطابقت موجود آھي.”
    شمن مون ڏانهن ڪنڌ ڦيري ڄڻ خواب ۾ وراڻيو:
    “هائو… مدثر نظر ۽ مهندر امرناٿ وچان عجيب مشاهبت ۽ مطابقت موجود آھي!”
    سمجهي ويس ته ڪرڪيٽ جي بخار ۾، مون ۽ لکاڏني جو ذڪر فضول هو. لکاڏني کي ٻانهن ۾ ھٿ وجهي، ٿورو پرڀرو تاڻيندي چيم:
    “هيڏانهن اچ پنهنجي نڪور شاعري ٻُڌائي.”
    سندس ماڻڪين ۾ چمڪ اُڀري آئي. هن کيسي مان وروڪيل سروٽيل پنو ڪڍي کوليو ۽ شاعري ٻُڌائڻ شروع ڪئي. مون لطف اندوز نه ٿيندي به کيس ڀرپور داد ڏنو. غزل جي چوٿين بند پڙھڻ ۾ زبردست اٽڪ ٿي رهي هئس، ڇو ته اتي وارا لفظ پگهر ۾ پُسي ڊھي پيا هئا. پر لکاڏني هانءُ جي سوجهري تي غزل پڙھي مس مس پورو ڪيو. مون زور زور سان تاڙيون وڄايون. قادر رڙ ڪري پڇيو:
    “ميچ شروع ٿي ويئي ڇا؟”
    راحت چيو:
    “لڳي ٿو انڊيا جي پهرين وڪيٽ به ڪِري چڪي آھي، جو تاڙيون پيون وڄن!”
    سنگتي اُٿي اسان مٿان اچي بيٺا هئا. قادر پڇيو:
    “ڪمينٽري موبائيل ۾ ايف. ايم تي هلي رهي آھي ڇا؟”
    چيم:
    “دراصل مون لڙڪ جي شاعري ٻُڌي تاڙيون وڄايون هيون.”
    سنگت کي ٿورڙي مايوسي ٿي. شمن چيو:
    “هلو ته هلي ماما هوٽل تي رکيل ٽي وي تي ميچ ڏسون.”
    هُو سڀئي لئارن ڇيلڙن جيان رونشي واري موڊ ۾ ماما هوٽل ڏانهن هليا ويا.آءٌ ۽ لکاڏنو لڙڪ اتي ئي رهجي وياسين. لکاڏني، ويندڙ دوستن ڏانهن ڏسي چيو:
    “رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهه ٿيا.”
    لکاڏنو اهو جملو تڏھن چوندو هو، جڏھن ڪوئي سندس شاعري نه ٻُڌندو هو. سندس دل رکڻ خاطر چيم:
    “واقعي املهه هيرن جا خريدار کُٽي ويا آھن.”
    بيمار ٻڪريءَ جهڙي مُنهن تي مهينن کانپوءِ مرڪ تري آيس.کيسي ۾ ھٿ وجهي،کوٽاڙو ڪرڻ لڳو. سمجهي ويس ته مون کي ريسيٽ ڪرڻ لاءِ ٻي شاعري ڳولي رهيو هو. ڀڄڻ جو بهانو سوچڻ لڳس، پر منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ هن مايوس ٿي چيو:
    “منهنجو ڀائٽو ڏاڍو کچرو آھي، کيسي مان ڪاڳر ڪڍي ويو. سڄي مهيني جي ڪيل شاعري انهن پنن تي لکيل هئي.”
    هن همدردي طلب نظرن سان مون ڏانهن نهاريو. ان وقت هو مونکي اهو ڳوٺاڻو ٿريو نظر آيو، جنهن کي ميلي ۾ اٺ وڪڻڻ بعد لليچن کيسو ڪتري ڪنگال ڪيو هجي!
    کيس دلداري ڏني مانس، پر هن گهر ڏانهن ويندي چيو:
    “اديءَ ٻُهاري ڪڍي ڪِچرو گهر ٻاهران گليءَ ۾ اڇليو هوندو. ٿي سگهي ٿو شاعري وارا ڪاغذ اتي ڪٿي ملي پون!”
    هو تڪڙو تڪڙو گهر ڏانهن وڃڻ لڳو هو.
    اڪيلائيءَ ڀاڪر ۾ ڀريو هو، ته تنهنجون يادون به ڪونجڙين جيان ڪُرڪي اچي دل جي پٽن تي لٿيون هيون.
    جيتوڻيڪ هيستائين نه توسان ڳالهائڻ جو موقعو نصيب ٿيو هئم ۽ نه ئي اها سُڌ هئم ته تو وٽ منهنجي چري چاهت جو تصور ڪهڙو هوندو؟! پر پوءِ به الاءِ ڇو ايئن لڳو هئم، ڄڻ تو سان سالن جي شناسائي هجي! پهريون ڀيرو اکيون اکين سان ٻکاڻيون هيون، تڏھن به تون پنهنجي پنهنجي لڳي هُئينءَ. ايئن ڄڻ ڄمڻ کان اڳ به توتي هُجتون هلنديون هيون ۽ مرڻ کانپوءِ به توسان گڏجڻ جا سپنا ڪڪوريل رهندا!
    آءٌ پاڻ حيران هئس ته توکي ڏسڻ کانپوءِ منهنجي ڪيفيت ۾ ڪهڙي تبديلي پيدا ٿي پيئي هئي؟! اندر جي اوندهه هڪدم تنهنجي نيڻن جي چندرمائن سان جرڪڻ لڳي هئي. چيچڙي ۾ وهندڙ اٺ جيان هڪ محوَر پويان چڪر لڳائيندڙ بي نور زندگيءَ ۾، تنهنجي ملڻ سان رونقن جا الاءِ ڪيترا جُگنُو اُڏرڻ لڳا هئا. راتين جون اڪيلايون تنهنجي شبنمي احساسن جون اجرڪون اوڍي، بستري تي گڏ ليٽي پونديون هيون. پڇاڙڪن پهرن جي ننڊ ۾، ٻوٽيل اکين جا خواب تنهنجي هوشرُبا جوڀن جي ڇِتين شرارتن جي چُغلي ٿي پوندا هئا!
    ايئن به نه هو ته ڪو آءٌ ٻهراڙيءَ جو ٻالا ڀولو نوجوان هئس، جو تنهنجي شهري فيشن ۽ اڇو رنگ ڏسي اڪن ڇڪن ٿي پيو هئس. پر حقيقت اها هئي ته ٻالڪپڻ کان شهري ماحول ۾ رهندي، اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين سهسين سُهڻين عورتن جون جِهرمٽون ڏسي وڏو ٿيو هئس، پر ڪڏھن به ايئن محسوس ڪونه ٿيو، جيئن توکي ڏسڻ بعد بيخودين ۽ بيساختگين وڪوڙي وِڌو هو! مون آواگون جي فلسفي متعلق به ٻُڌو هو، پر توسان منهنجي اُنسيت ۽ تعلق کي آءٌ ڪنهن به فلسفي ۾ قيد نه ڪري سگهيو هئس. تون جيئن ئي اوچتو اکين جي رستي دل ۾ داخل ٿي هُئينءَ، تڏھن کان مون دل جي ڌڙڪنن کان آسماني ستارن جي سرگوشين تائين، تنهنجي پهرئين ڳالهايل جملي جا پڙاڏا ٻُڌا هئا. هوائن جي هندورن کان پکين جي اڏارن تائين تنهنجي چُنيءَ جا آنچل اُڏاڻا هئا! فٽ پاٿن تي وڪاميل گُلن کان لهندڙ چنڊ جي ٽامڻي لڳل زرد رنگن تائين، تنهنجي چهري جي گمان وري وري اکيون ڀڳيون هيون! سنسان گلين، پُرهجوم بازارن ۽ کليل ميدانن تائين تنهنجي موجودگيءَ جي سرابن اڪثر دل کي ڌُتلايو هو! هرپاسي تون ‘موجود’ جو پرتوو ٿي پيئي هُئينءَ ۽ آءُ ‘عدم’ جي آئيني ۾ وڃائجي ويو هئس! امان لاءِ دهي وٺڻ کان لکاڏني لڙڪ جي شاعري ٻُڌڻ تائين جسماني طور ته ٻين کي نظر اچي رهيو هئس، پر روحاني طور تو ۾ تحليل ٿي ويو هئس. سموريون سوچون تو ۾ پيوند ٿي پيون هيون!
    منهنجي هيستائين جي حرڪتن کي، تو الاءِ ڇا سمجهيو هو؟ ڪنهن اوباش نوجوان طرفان اجايو تنگ ڪرڻ جي ڪميڻائپ محسوس ڪري، خار کاڌا هُيئي يا وري غربت زده ناڪام عاشق سمجهي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُيئي؟ پر مون کي تنهنجن نيڻن ۾ ٻُڏي ترڻ دوران، جنمن تي محيط محبت جي ماهيت معلوم ڪرڻ جو اڌورو ئي سهي، ناقابل بيان تجربو ٿيو هو! جنهن ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا توکي حاصل ڪري وري وڃائڻ واري درد جي وائبريشن، حياتيءَ جي آغاز ۽ انجام جا تفاوت مٽائي ڇڏيا هئا! ۽ هر جنم ۾ هارايل محبت جو ماتم، زمان ۽ مڪان جا ليڪا لتاڙي لامحدود ٿي پکڙي پيو هو!
    لکا ڏني لڙڪ جي واپس وڃڻ کانپوءِ آصف جي دڪان اڳيان ئي فٽ پاٿ تي ويهي رهيو هئس. آسپاس جي گهرن جا ٻارڙا آسمان تي لغڙ اڏائي رهيا هئا. ھٺيلين هوائن سان سرڪشيون ڪندڙ نازڪ ڪاغذ جي ٽڪرن جي جدوجهد کي ڏسي، توکي حاصل نه ڪري سگهڻ جي محرومي مهڻُو بڻي هئي! نيري امبر تي اڏارون ڪندڙ ميل جي ڪبوترن تي رشڪ کاڌو هئم، جن کي تنهنجي گهر مٿان اڏامڻ جي ڪا به جهل پل نه هئي! سامهون روڊ جي ڪناري ليٽيل ڏُٻرو ڪتو، جياپي جي جنگ جو عمدو اهڃاڻ لڳو هئم. پاڙي جي غربت ريزگارين ۾ وکري، ٻارڙن جي ميرن هٿن وسيلي، دڪاندارن جي ٽجوڙين ۾ لڪندي نظر آئي هئي! سامهون خالي پلاٽن ۾، ڪچري جي ڍيرن مٿان بيٺل ڦاٽل ڪپڙن وارن ٻارن جي پيٽ جي بک، کنڀڙاٽيون ڀڳل پکيءَ جيان ڪارگر شين کي چُڳڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ پريان ديويءَ جي پاڙ ۾ ٻه هيروئني، رستي ويندڙ خوبصورت عورت جي پرس کي جهنگلي ٻلن جيان تَڪي رهيا هئا!
    شام لڙيءَ جي ڊگهن پاڇولن ۾ ڏامر هاڻي ڪاري روڊ تي، ڪنهن ڏنگي ٻارڙي جي اڇلايل ٽٽل گُڏڙي ڏسي، الاءِ ڇو سوچيو هئم:
    “اڇلائيندڙ ھٿن جيئن وري هن گڏيءَ جي ڪا به خبر ناهي ورتي، تيئن هُن به جنمن جي جدائين باوجود، ڪڏھن به مونکي ميڙڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي؟! پر زمان ۽ مڪان جي عارضي رفاقتن جي بيبقائيءَ باوجود محبت مدام رهي آھي!!”
    گليءَ جي مُھڙ وٽان لکاڏني لڙڪ کي ايندي ڏٺو هئم ته هيڪر ته ڀرواري گليءَ ۾ گم ٿي وڃڻ متعلق سنجيدگيءَ سان سوچيو هئم، پر وري اها دعا گُهري ويهي رهيو هئس ته:
    “شال لکاڏني کي وڃايل شاعريءَ جا پنا ملي نه سگهيا هجن!”
    هونئن ته چهري کان تخلص تائين لکاڏنو غم ئي غم هوندو هو. پر ان ڏينهن مون ڏانهن ايندي، مون کيس اڻمين اداسين جو مجموعو محسوس ڪيو. پڪ ٿي پيم ته کيس وڃايل شاعري هٿ ڪونه آئي هئي.
    هن منهنجي ڀرسان ويهندي ٿڌو شوڪارو ڀريو. کيس آٿت ڏنم:
    “افسوس نه ڪر لکاڏنا! شال حياتي هجين. شاعري وري ڪري وٺندين!”
    وراڻيائين:
    “کٽڪو نه ڪر، شاعري لڀي ويئي، ٻڌايان ٿو پر......!”
    لکاڏني کيسي ڏانهن هٿ واريو هو. روح تائين رهڙجي پيو هئس. پڪ ٿي پيم ته تنهنجي تصور جي رنگن سان پينٽ ٿيل اڄوڪي شام جو حسن، لکاڏني جي شاعري ٻُڌندي غرق ٿي ويندو. مظلوم شخص جيان لکاڏني ڏانهن ڏسي، ڪنڌ جهڪايو هئم. لکاڏني چيو:
    “تون شاعريءَ جو شوقين ۽ عاشق مزاج ماڻهو آھين. مون کي خبر آھي ته شاعري ٻُڏڻ لاءِ اتاولو ٿي رهيو آھين.”
    لکاڏني جملو پورو ڪري چتائي مون ڏانهن ڏٺو.
    بيوسيءَ مان ڏانهس وري ڏٺو هئم.چيائين:
    “پر هڪ افسوسناڪ خبر آھي. پهرين اها ٻُڌ”
    عجب مان پڇيم: “ڪهڙي خبر؟”
    لکاڏني قابل رحم چهرو ٺاهي چيو:
    “ڪجهه دير اڳ پوليس ماما هوٽل ڏانهن ويندڙ ،قادر ۽ راحت کي کڻي ويئي آھي!”
    دل کي جهٻي آئي هئي. قادر ۽ راحت منهنجا ننڍپڻ جا يار هئا. اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين گڏگڏ پڙھيا هئاسين. مون کي خبر هئي ته ٻنهي غربت ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي اسٽريٽ ڪرائم جي واٽ ورتي هئي. قادر بيمار ڀيڻ جي علاج ۾ الهه تلهه وڪڻي پالهو ٿيڻ پڄاڻان راحت جي صلاح تي اسٽريٽ ڪرائم ۾ پير پاتو هو. جڏھن ته راحت کانئس ڪجهه سينيئر هو، جنهن ضدي محبوبه پاران شاديءَ جي شرط طور الڳ مڪان جي ايڊوانس پوري ڪرڻ خاطر ڦٽل پستول ڏيکاري پهرين واردات ڪئي هئي. مون کي خبر هئي ته ٻنهي کي پوليس، غنڊن، ڀوتن ۽ ڇتن ڪتن کان ڊپ لڳندو هو، پر جڏھن کان مُڪن، ڪهاڙين ۽ تلوارن جي جنگ ختم ٿي هئي، تڏھن کان بهادري، بزدلي ۽ جسماني ڦُڙتيءَ جا معيار ۽ توازن به ساڳيا نه رهيا هئا. خالي پستول هٿ ۾ جهلي واءَ جي لوڏي تي ڪِرندڙ ۽ پنن جي ڇڻڪي تي ڇرڪندڙ، ڪمزور ۽ ڊڄڻي شخص لاءِ ڀريل بس کي پستول جي نوڪ تي نچائڻ ڪو مسئلو نه رهيو هو! ان ڪري قادر ۽ راحت جي چورين ۽ ڦُرون ڪرڻ کي، مون سدائين غربت جي جبر کان وڌيڪ اهميت ڪو نه ڏني هئي. لکاڏني لڙڪ جي ڳالهه ٻُڌي وڍجي پيو هئس.
    سوچيم: “راحت ۽ قادر سان پوليس الاءِ ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟ هاف فرائي ۽ فل فرائيءَ واري ڪلچر مان ڪجهه ٿيو ته ٻنهي جا گهر برباد ٿي ويندا! سندن گهراڻن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ ڪو به بالغ مرد نه آھي!”
    لکاڏني ڀلڪو منهن ڪري چيو:
    “آءٌ به تو وانگر پريشان ٿي پيو آھيان ته، جي همراهن کي پوليس ڪُٽڪو ڏنو ته موچڙن ۾ ماڳهين پاڻ جهڙي بيڏوهي سنگت جا نالا کڻندي به دير نه ڪندا.”
    تڏھن ياد آيم ته، ڪجهه ڏينهن اڳ پنهور ڪالونيءَ مان گرفتار ڪيل هڪ همراهه، ٿاڻي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن ساٿي رانديگر جا نالا ڌاڙيلن طور کڻي، سُڪن سان گڏ ساون کي به ساڙائي وڌو هو.
    لکاڏنو ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو.مختصر سوچ ويچار بعد چيائين:
    “وڏڙا سهي چئي ويا آھن،بُرن جي سنگت مان جڏھن-تڏھن نقصان آھي!”
    لکاڏني جي ڳالهه دل سان لڳي هئم.پڇيم:
    “الهداد ۽ شمن به هتان ميچ ڏسڻ گڏ ويا هئا، انهن جو ڇا ٿيو؟”
    لکاڏني بدستور اداسيءَ مان وراڻيو:
    “في الحال ته کِسڪي ويا آھن، پر انهن جو گهڙو به ڀريو پيو آھي. اڄ يا سڀاڻي!”
    لکاڏني جي ڳالهه وري به دل سان لڳي هئم. لکاڏني مون کي متفق محسوس ڪندي چيو:
    “پاڻ کي هاڻ ھن ڪٻري سنگت سان ملڻ جلڻ ختم ڪرڻو پوندو. نه ته مسڪين ماڻهو اجايو ڪنهن ڏچي ۾ ڦاسي پونداسين!”
    لکاڏني جي ڳالهه وري به دل سان لڳيم. اصل ۾ ھن جون ڳالهيون اڪثر دل سان لڳنديون هيون، پر شاعري سدائين مٿي ۾ لڳندڙ ھوندي هئي!
    لکاڏني ڳالهه جاري رکي:
    “مون کي پوليس کڻي ويئي ته ڪو ضمانت ڪرائڻ وارو به ڪون آھي. امان، ادي ۽ بيواهه ڀاڄائيءَ کان سواءِ مرحوم ڀاءُ جا يتيم ٻارڙا ئي ته آھن، جن جو پيٽ پالڻ لاءِ، امان مرغيون پاليندي آھي، ادي ۽ ڀاڄائي ڪپڙا سبنديون آھن ۽ آءٌ سيٺ عزيز جي واڙي تي صبح سويل 300 ڏھاڙيءَ تي ڏُھائي ڪندو آھيان.”
    هن جي اکين ۾ لڙڪ ڦُٽي آيا.کيس دلداري ڏنم:
    “لکاڏنا! وڏي دل ڪر، پاڻ ڪو ڏوهه ته نه ڪيو آھي، جو پوليس گرفتار ڪندي!”
    لکاڏني وراڻيو:
    “پاڻ وٽ پوليس جن جن کي گرفتار ڪري تعديون ڪندي آھي،سڀ ڏوهي هوندا آھن ڇا؟!”
    لکاڏني لاجواب ڪري ڇڏيو.خاموش رهيس.لکاڏنو ڳالهاڻو:
    “پاڻ وٽ اڪثر رشوتن ۽ سفارشن سان ڏوهي آزاد ٿي ويندا آھن ۽ بيڏوهي سزا ڪاٽيندا آھن!”
    لکاڏنو جملو پورو ڪري خاموش ٿي ويو.ڄڻ اوچتو کيس ڪجهه ياد آيو هو.هن کيسو ڦلورڻ شروع ڪيو.
    هن جو کيسي ڏانهن هٿ وارڻ مون لاءِ خطري جو سگنل هوندو هو! هن ڀيري به منهنجو خدشو سچ ثابت ٿيو. هن کيسي مان شاعريءَ جا پنج ست پنا ڪڍي ورتا. پڪ ٿي پيئم ته اوندهه ٿيڻ کان اڳ اٿڻ نه ڏيندو.خيال آيو ته چوان:
    “نه، ڪيل گناهن جي سزا رڳو پوليس نه ڏيندي آھي، پر اڄڪلهه جا ڪي سنڌي شاعر به بي مهلا مشاعرا مچائي، گهٽ تعدي نه ڪندا آھن!”
    پر لکاڏني جي ڏکويل دل کي وڌيڪ ڏکائڻ پاپ سمجهيم. خاموش رهي، سندس شاعريءَ جو جبر سهندو رهيس. هو هر بند پڙھي، داد طلب نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندو هو. جنهن بند تي داد ملندي هئس، اهو ٽي چار دفعا ورجائيندو هو. ان ڪري داد ڏيڻ مونکي مهانگو پئجي رهيو هو! پر داد نه ڏيڻ به گهٽ مهانگو ڪو نه هو. داد نه ٻڌي، شاعريءَ تان نظرون هٽائي وري وري پُڇي رهيو هو:
    “ٻُڌين پيو يا نه؟”
    ايئن مشاعرو چيوگم جيان اڻکُٽ ٿيندو رهيو.
    اوچتو روڊ جي نظر ايندڙ پرڀري ڇيڙي وٽان پوليس موبائل ظاهر ٿي. مون لکاڏني جو ڌيان اوڏانهن ڇڪايو ته هن تڪڙو تڪڙو ڪاغذ ويڙھي کيسي ۾ هنيا ۽ ڀري واري گليءَ ڏانهن مُڙندي چيائين:
    “پنهنجو هتي ويهڻ سٺو ناهي.”
    لکاڏنو سوڙھين گلين ۾ گم ٿي ويو.پوليس موبائل اڳتي هلي ويئي، ۽ آءٌ وري تنهنجي تصور جي بارش ۾ وهنجڻ لڳس.


    (3)

    معمول کان سويل اٿيو هئس. امان اڃا بستري تي ليٽيل هئي. بابا گڏهه کي لوسڻ ڏيئي رهيو هو. سندس اکين ۾ ڪو به ڏينڀو نه ڏٺم. شايد منهنجي معمول کان اڳ اٿڻ کيس اهو آسرو ارپيو هو ته سويل اٿي، ڪنهن ڪم تي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس.
    ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي، ڪپڙا بدلائي، آئيني اڳيان اچي بيٺو هئس. توکي قائل ڪرڻ لاءِ آئيني ڪا خاص خوبيءَ جي چغلي ڪون هنئي.وارن کي ڦڻي ڏيئي ٻاهر نڪري آيس. بابا گڏهه گاڏيءَ جي ٽٽل ڪاٺيءَ کي رسيءَ سان ٻڌي رهيو هو.
    گهران نڪري سڌو تنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳس. بهار جو صبح ڌرتيءَ تي ليٽي رهيو هو. ايڪڙ ٻيڪڙ رڪشن جا هارن، شھري زندگي سجاڳ ٿيڻ جو سگنيچر ٽيُون پيش ڪري رهيا هئا. تنهنجي گهر تائين چاليهن منٽن جو پنڌ، پيادل هلڻ ان ڪري مجبوري بڻيو جو کيسي ۾ رڪشو ڪرائي تي کڻڻ جيترا پئسا ڪونہ هئا.
    هڪ سوڙھي گليءَ مان گذرندي،کليل در منجهان هڪ گهر جي اڱڻ تي جوان ڇوڪريءَ جي نفيس هٿن ۾ جهليل ڪوپ ڏسي،چانهه جي طلب هيڪاندي وڌي ويئي هئي.ڇو ته جلد گهران نڪرڻ سبب صبح واري چانهه پيئي نہ سگهيو هئس.هڪ بنگلي ڀرسان خالي پلاٽ ۾ ٻھاريءَ جو ڪچرو اڇلائيندڙ نوڪرياڻي عورت، اڇلايل ڪچري ۾ ڪنڊوم ڏسي پنهنجي ساءِ مرڪي رهي هئي. مون سان نظر ملي هئس ته شرمائي واپس گيٽ ڏانهن مُڙي هئي.
    تنهنجي گهر جي اڳيان پهچي آسپاس ڏٺو هئم.ان ئي لمحي تنهنجي گهر جي دروازي جو هڪ تاڪ کليو هو،چنڊ جهڙي چهري سان جهاتي پاتي هُيئي.مون کي سامهون ڏسي ڇرڪي پوئتي هٽي ويئي هُئينءَ. بنا ميڪ اپ چهري، ڪالهوڪي پاتل لونَ جي سروٽيل وڳي ۽ وکريل وارن سان بي انتها پُرڪشش لڳي هُيئين.توکي ڳراٽي پائي سمورا ٿڪ لاهڻ جي حسرت، نه ملي سگهيل صبح واري چانهه جي ٻاڙ سان گڏ اندر ئي اندر ۾ لڪائڻي پيئي هُئم! پنهنجون نظرون نظرن سان مليون به هيون پر تنهنجي تڪڙ ۽ درمياني فاصلي سبب منهنجون نگاهون،ان پراسرار نقطي کان اڳتي ٽُٻي هڻي ڪون سگهيون هيون،جتان زندگيءَ کان اڳ زندگيءَ جو ڪوڊ کلڻ لڳندو هو! زمان ۽ مڪان جون ريکائون ڊهي پونديون هيون! ۽ موت تي محبت جي دائمي جيت جو منظر موجود هوندو هو،جتي وصل ۽ جدائيءَ جو فرق وسري ويندو هو!!
    چند لمحن بعد ڏھن ٻارنهن سالن جو ڇوڪرو تنهنجي گهر جي در مان ٻاهر نڪري دڪان ڏانهن مُڙيو هو. تڏھن تنهنجي پاڙي جي اڪيلي دڪان ڏانهن ڌيان ويو هئم.گليءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻارڙا پاپا ۽ بسڪيٽ وٺڻ لاءِ دڪان ڏانهن وڃي رهيا هئا.گراهڪن جي گهيري سبب دڪاندار جو ڌيان مون تان هٽيل هو.
    ٿڪل وکون کڻي دڪان تي پهتو هئس.تنهنجي گهران آيل ڇوڪرو بسڪيٽ وٺي رهيو هو.سندس چهري تي ڪافي قدر تنهنجون اڻوسارون موجود هيون.ڇوڪري سان انوکي انسيت محسوس ٿي هئم. شايد اتر واءَ ۾ هندورو بڻيل ڪينجهر تي پکڙيل تماچيءَ جي ساءُ جيان ڇوڪري مان تنهنجي آسيس آئي هئي. ڇوڪرو بسڪيٽ ۽ ٽافيون وٺي رٻڙي ٿيلهيءَ ۾ وجهي، واپس گهر ڏانهن روانو ٿيو هو. رٻڙي ٿيلهيءَ ۾ بسڪيٽن ۽ ٽافين سان گڏ تو تائين پهچڻ جو منهنجو خواب، ڇوڪري جي ھٿن سان ٻيڪڙيل دروازي جي تاڪن وچان پوپٽ جيان اٽڪي چچرجي پيو هو!
    “ڀاءُ ڇا کپي؟!”
    دڪاندار جي آواز، جاڳندڙ اکين جي خوابن مان جاڳايو هو. کيسو کوٽي پنجن جو سڪو ڪڍي، صنم سوپاريون وٺي،دڪان اڳيان ٺھيل ٿلهي تي ويهي رهيو هئس.نگاهون چقمق جيان باربار تنهنجي گهر جي لوهي دروازي سان چنبڙي رهيون هيون.
    تنهنجي گهر مٿان ٺهيل ٽانڪيءَ تي ويٺل پکي ڀڙڪو کائي اڏاڻُو هو ته نظرون ڇت ڏانهن ويندڙ سيڙھيءَ تي هارجي پيون هيون، جتان تون ڇت تي چڙھي رهي هُئينءَ. کن پل لئه تنهنجو پُٺيرو ئي سهي، هوائي ديدار نصيب ٿيو هئم، کُليل زلفن هوا تي لُڏي تنهنجي ڪڪوريل جوڀن جو سنيهو فلائنگ ڪِس ڪري آڪاش ڏانهن اماڻيو هو ۽ پوءِ ڇت واري ديوار رقيبن جيان پنهنجي وچان اچي ويئي هئي. پر وِڄ- وراڪي جيان سِگهوئي واپس سيلهو هنيو هُيئي.
    هن ڀيري لمحن لاءِ ئي سهي،تنهنجي آمهون سامهون ڀرپور ديدار نصيب ٿيو ھو. شايد مونکي به ڏٺو هيئي، جو ساعت کن لاءِ پير ٻيڪڙي بيٺي هُئينءَ ۽ پوءِ ٿر واريءَ جهڙن نيڻن کي اڃايل ۽ دل جي کيتن کي سڪايل ڇڏي، بڊي جي بارش جي اوهيڙي جيئن هلي ويئي هُئين!
    “ڀاءُ توهان ڪٿان جا آھيو؟”
    دڪاندار ڀرسان ويهندي پڇيو هو.تنهنجي گهر ڏانهن ڏسندڙ اکين ۾،سيڙھيءَ واري ديدار جي جوت جون رهجي ويل آخري چڻنگون به اُجهامي پيون هيون. تلخ سچائين چهنڊڙي هنئي هئي:
    “دڪاندار شڪجي پيو آھي!”
    دل ئي دل ۾ سوچيو هئم.
    مون کي خاموش ڏسي دڪاندار وڌيڪ ڪڙڪ ۽ سخت لهجي ۾ پڇيو هو:
    “ڪير ۽ ڪٿان جو آھين؟ ٻُڌائين ڇو نٿو؟”
    ڪن مٿان هٿ جو ڇٽ ٺاهي وراڻيم:
    “هڪ ڪن سان ڪجهه ٻوڙو آھيان. تو پهرين پڇيو ته صحيح سمجهي نه سگهيس. اصل ۾ منهنجا ساهرا اڳئين محلي ۾ رهندا آھن. رات اتي ترسيل هئس. هاڻي واپس وڃي رهيو آھيان. بخار ڏاڍو پيڙيو آھي، ان ڪري ساهي پٽڻ لاءِ هتي ويهي رهيس.” بروقت رنگين ڪوڙ ٺاهي، دل ئي دل ۾ پاڻ کي شاباش ڏني هئم.
    گراهڪ سڏ ڪيو هو ته دڪاندار وڌيڪ ڪجهه پڇڻ بدران کيس شيءِ ڏيڻ لاءِ اُٿيو هو. ان ئي وقت تنهنجي گهر جو گيٽ کليو. پهرين هڪ ڪرڙانٺ ڏاڙھيءَ وارو شخص ٽُو ڊي ڪار ۾ چڙھي ٻاهر نڪتو، جيڪو گهر جو مالڪ لڳي رهيو هو ۽ پوءِ تون اڳاڻُو دڪان تي آيل ڇوڪري سان گڏ موٽر سائيڪل تي چڙھي هڪ طرف رواني ٿي هُئينءَ. وري اک ٽيٽ انداز سان ڏٺو هيئي پر فقط هڪ سيڪنڊ لاءِ، جيئن تارو کڙندو آھي، بس ايئن ئي!!
    دڪان جي اڳيان وڌيڪ ويهڻ فضول سمجهيو هئم. ٻيو وري گراهڪن مان فارغ ٿي ايندڙ دڪاندار جي آڏي پُڇا کان بچڻ لاءِ اُٿي ان پاسي هلڻ لڳو هئس، جنهن پاسي توکي کڻي ويندڙ موٽر سائيڪل روانو ٿيو هو.
    تنهنجي پاڙي جي گهرن اڳيان گذرندي، عجيب احساسن سرگوشيون ڪيون هيون. ڪن گهرن جي ڀتين تي وروڪيل ولين جي ڳاڙھن گُلن هوا تي لُڏي، تنهنجي چوٽيءَ جي گجري جو هُوبهُو نقل ڪرڻ جي اداڪاري ڪئي هئي! سامهون رڪشا ۾ ويندڙ اڇي ائپران واري عورت جي ٻانهن ۾ پاتل سونهري چوڙيون ڏسي، تصور ئي تصور ۾ اهي تنهنجي ٻانهُن ۾ پارائي محظُوظ ٿيو هئس! ڀرواريءَ گهٽيءَ ۾ ڀونڪندڙ ڪتيءَ جي آواز، خيالن ۾ عارضي رُخنو وڌو هو. ٿورو اڳيان توکي ڊراپ ڪري واپس موٽندڙ ڇوڪرو سامهون آيو هو. بيهي، کيس چِتائي ڏٺو هئم. تنهنجن نقشن واري هڪجهڙائپ، دل جي بدن تي چميون ڏنيون هيون! کيس اکين جي الوپ ٿيڻ تائين ڏسندو ئي رهيو هئس.
    اڳتي هلندي، هرهر اوسي پاسي ان مبهم اميد سان ڏٺو هئم ته من ڪٿي تون وري نظر اچي وڃين. پر تون ڪٿي به نظر ڪون آئي هُئينءَ. ڇوڪرو توکي الاءِ ڪٿي لاهي موٽيو هو؟
    تو سان ڳالهائڻ جي آرزوءَ جو الاءِ ڪيترا ڀيرا گلو گُهٽي، بي مقصد رستا لتاڙي، منجهند جو گهر موٽيو هئس. امان ڏسندي ئي رڙ ڪئي هئي:
    “پٽ صبح سويل چانهه پيئڻ بنا هليو وئين، مونکي به چانهه ڪونه وڻي.”
    ميچ واري پاروٿي ڏٽي کي، سويل شروع ٿيڻ جو ڪلر ڪيو هئم.
    “پڻھين ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين پٽهين اڄ سويل گهران نڪتو آھي. لڳي ٿو ڪنهن ڪم سان لڳو آھي.”
    خاموش رهيو هئس. اهڙي خاموشي، جنهن ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچندو. وات مان ڪجهه ڪُڇڻ ۽ اکين مان ڪو لڙڪ هارڻ بنا به درد سان شناسائي ٿي پوندي آھي!
    امان منجهند جي ماني کڻي آئي. ماني کائي کٽ تي ليٽي پيس. ڊگهي بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي موٽي هئي. امان بابا واري گڏهه جو همعمر پکو هلايو هو، جنهن جون راڳڻيون ٻُڌي کيس ننڊ ورائي ويندي هئي. ان ڏينهن به هوءَ جلد کونگهرا هڻڻ لڳي. وڏي ادي امينا ۽ لالان ڀر واري ڪمري ۾ مشينون هلائي ڪپڙا سبي رهيون هيون.
    امان جي ڀرواري کٽ تي پاسا ورائيندي، ٻوٽيل اکين سان، توسان ڳالهائڻ جي اٽڪلن تي سوچڻ لڳس: ايستائين ته ٺيڪ ٿيو هو، جو تنهنجي گهر تائين پهتو هئس. تو به مونکي ڏٺو هو ۽ منهنجي نيت جو خلل به محسوس ڪيو هو. پر اهو ضروري به هو به تو وٽ مون لاءِ مثبت جذبات موجود هجن. اهو به ضروري نه هو نه جنهن محبت جا ڪاڪ محل، آءٌ لتاڙڻ لڳو هئس. اتي ڪنهن ناتر جهڙي ڪردار توسان به کِلي ڪو کيٽو ڪيو هجي!
    تنهنجي گهر اڳيان غير ضروري بيهڻ مناسب ڪون هو. ويتر دڪاندار به شڪجي پيو هو. وري توکي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جا سڀئي رستا مايوسين جي ماڪ ۾ ڌنڌلا ٿي پيا هئا. مون کي خبر نه هئي ته آخر تنهنجي اکين ۾ ڪهڙو جادو هو، جنهن ڀريل بازار ۾ منهنجي اکين سان ٽڪرائڻ بعد مونکي ايترو ڀٽڪايو هو. آءٌ تنهنجي عشق ۾ دنياداريءَ جا سڀ دستور وساري ويٺو هئس. ڪيئن چئجي ته سڀ ڪجهه عام رواجي هو؟! ڪيئن چئجي ته عام رواجي نه هوندي به رواجن ۾ ڦاسي پيل پيار کي حاصل ڪرڻ عام رواجي نه رهيو هو!
    ڪوهياري ڪندڙ پنکي هيٺيان کٽ تي پاسا ورائيندي، توسان ملڻ جون ڪيئي ترڪيبون ٺاهيون ۽ ڊاهيون هئم. تنهنجو چهرو، هرهر اکين اڳيان اچي، ڪيفيت ۾ غير معمولي احساسن جي اُٿل پُٿل آڻي رهيو هو. دل چاهيو، وري تنهنجي گهر اڳيان وڃي بيهان. پر تنهنجي عزت خاطر، وڇوڙن ۽ محرومين جي زهر جا ڍُڪ ڀريندي، بند اکين سان پاسا بدلائيندو رهيو هئس.
    الاءِ ڪيئن ڀُلجي گهڻن ڏينهن بعد چاچي دين ٻائي اسانجي گهر آئي هئي ته ادي لالان، امان کي اٿاريو هو.
    چاچو ھيلٿ ۾ ڪلارڪ هو. تازو ئي ريٽائر ٿيو هو. اسان جي وڏڙن پُڇڙيءَ ۾ پاڻي کوٽ سبب ڀڳڙن مُٺ تي زمينون وڪڻي ميرپورخاص ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي هئي. چاچا کي ڪلارڪي ملي هئي ته نه رڳو سندس اٿڻي ويهڻي اسان کان مختلف ٿي پيئي هئي، پر هن رشتا ناتا به بدلائي ڇڏيا هئا. هن سرندي وارن رشتيدارن سان ويجهڙائپ ۽ اسان جهڙن ڪنگالن کان دُوري اختيار ڪئي هئي. اميري ۽ غريبيءَ نه رڳو سماجي رتبي جو تعين ڪيو هو، پر رشتن جون حدون به مقرر ڪري ڇڏيون هيون.
    اسانجي برادري نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ تمام گهڻي اڳتي هئي. بس بدقسمتيءَ سان سڄي برادريءَ ۾ اسان جو گهر ئي پوئتي رهجي ويو هو. جنهن ڪري مون ۽ ٻن ڀينرن لاءِ برادريءَ مان رشتو اچڻ ناممڪن ٿي پيو هو. ڳوٺاڻي ذھنيت جي باقيات باعث، بابا لاءِ برادريءَ کان ٻاهر رشتيداري ڪرڻ، ڏٺل مک ڳڙڪائڻ جيان اُلٽي آڻيندڙ ھو!
    چاچي، امان واري کٽ تي ويهندي،ڇت ڏانهن ڏسي چيو هو:
    “مايون! هن پنکي جي آسري پگهر ۾ وهنجي وينديوسين.”
    امان وات چٻيندي وراڻيو هو:
    “شرلُوءَ جي پيءَ کي نئين پنکي وٺڻ لاءِ چيو اٿم، پر الاءِ ڇو سستي ڪري پيو.”
    مونکي خبر هئي ته، سڀ خبر هوندي به امان “الاءِ ڇو؟” چئي رهي هئي!
    چاچيءَ وري ٻئي جملي جو ميزائل اُڇليو هو:
    “مايون! ڀلا پراڻن دلن جو پاڻي، اوهان کي ڪيئن ٿو وڻي؟! آءٌ ته فرج جي پاڻيءَ کان سواءِ گُرڙي به ڪون ڪريان.”
    هن ڀيري امان خاموش هئي،ڄڻ سندس وات ۾ مُڱ هئا!
    چاچي مک جيان اسان جي عيبن جو گند ڳولي، پنهنجي سماجي رتبي جي برتري ۽ اسانجي بدحالي جتائي رهي هئي.
    “ٽي وي بنا ڪيئن ٿا جيئو؟آئون جيستائين اسٽار پلس جو ڊرامو نه ڏسان، تيسين ماني ئي نه وڻي!”
    امان وري به ماٺ جو روزو ڪونه ٽوڙيو. چاچي دين ٻائيءَ جو جملو وري ڪنن سان ٽڪرايو، جيڪو شايد هن ڇت کي ڏسي ڳالهايو هو، ڇو ته آءٌ مکين کان بچڻ لاءِ مُنهن تي بابا جو پراڻُو ٽوال رکي ليٽيل هئس، ان ڪري چاچيءَ جي باڊي لينگويج ڏسي نٿي سگهيس.
    “هن ڪمري جي ڇت ته برسات ۾ پڪ سان ٽمندي هوندي؟”
    هن ڀيري امان جي وات مان پرڙا ٽٽل پاريهر جهڙا ٿڪل لفظ جيئن تيئن ڪري ٻاهر نڪتا.
    “هيل شرلوءَ جي پيءُ پاڻ گارو ٺاهي ڇت راڳي هئي، ان ڪري ڪونه ٽمي.”
    چاچي المارين، کٽن، اليڪٽرونڪ استرين، ڪپڙي ڌوئڻ جي مشينن، بورچيخاني جي شين کان پائڻ جي ڪپڙن تائين، جيترو ٿي سگهيو، اسانجو پاڻ سان موازنو ڪري ٿڪي هئي ته هن پنهنجي پٽ کي تپيداري ملڻ جي خوشخبري ٻُڌائي، امان کان پڇيو هو:
    “شرلُو ڪو ڪم ڪري ٿو يا اڃان واندو ڪُتا پيو ڪُٽي؟”
    امان غم ۾ ٻُڏل آواز ۾ وراڻيو:
    “شرلو ٻن ٽن جاين تي انٽريو ڏنو آھي، نصيبن ۾ لکيل هوندي ته نوڪري ملي پوندي.”
    “مائي ٻه ٽي لک خرچ ڪريو، نوڪري ملي پوندي. باقي ڪنجوسي ڪندا ته پٽ سڄي زندگي ڌڪا کائيندو رهندو.”
    چاچيءَ ايئن چيو، ڄڻ بابا به چاچي جيان اي ڊي او هيلٿ جي آفيس ۾ ھيڊ ڪلارڪ هجي!
    چاچيءَ توب جو رُخ، ڀيڻن ڏانهن ڦيريندي پڇيو:
    “امينا ۽ لالان جون کارڪون ڪڏھن ٿي کارائين؟”
    کيس خبر هئي ته غربت ۽ رواجن هيستائين اسانجي رشتن کي يرغمال ڪري رکيو هو، پر هن سوال ايئن پڇيو جهڙو اجهو دهل وڃڻ وارو هو!
    چاچيءَ جي طنز ۽ ڪم ظرف انداز مونکي چڙ ڏيارڻ لڳو. هيڪر دل ۾ آيو ته جنهن کٽ تي ويٺل هئي، ان جو پاڳو جهلي، هڪڙو پاسو مٿي کڻان ته فرش تي ڦهڪو ڪري ڏسي، جيئن خبر پويس ته مجبورين ۾ نه ٿي سگهيل شادين جي کارڪن جو ذائقو ڪهڙو هوندو؟ پر دل تي پٿر رکي ماٺڪو ليٽيل رهيس. اهو خطرو به موجود هو ته ماڳهين چاچي سوالن جا بائونسر مون ڏانهن نه اُڇلي؟ پر چاچيءَ کي اوچتو الاءِ ڪهڙو خيال آيو، اٿي وڃڻ لڳي. ويندي ويندي رسمي ئي سهي، موڪلاڻي ڪرڻ بدران چئي ويئي:
    “منهنجي پٽ لاءِ ڊاڪٽر ڇوڪريءَ جو رشتو آيو آھي،جڏھن ته ڌيءَ لاءِ مختيارڪار ڇوڪري گُهر ڪئي آھي، ۽ وڏي ڳالهه ته ٻئي پنهنجي برادريءَ جا آھن.”
    مونکي خبر هئي ته امان، ادي وڏي ۽ ادي ننڍيءَ کي، چاچي محرومي ۽ احساس ڪمتريءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلي ويئي هئي. ان ڪري ستل هجڻ واري ڊرامي کي ڊگهو ڪندو رهيس. ڇو ته مون سندن اداس چهرن کي ڏسڻ جو، پاڻ ۾ سَت ڪونه ساريو!


    (4)

    آصف جي دڪان اڳيان آيو هئس، جتي خاموشي جوڳين جي سري جيان لٿل هئي. اهو فٽ پاٿ ڪنجوس شهر جي ڪشڪول جيان خالي خالي هو، جتي اڳ دوست ديرو ڄمائي، منهنجي اچڻ کان اڳي ئي محفل مچائي ويٺا هوندا هئا. شايد فرحت ۽ قادر جي ٻَڌجڻ بعد يارڙا ٽِڙ-پکڙ ٿي پيا هئا. آصف جي دڪان ۾ گهڙيو هئس ته آصف به گم لڳو پيو هو. سندس ننڍو ڀاءُ دڪان هلائي رهيو هو. مون تي نظر پيس ته سندس چهري تي هلڪو اچرج اچي، موٽي ويو. کنڊ جي ڪَٽي تي ويهي، کانئس اخبار وٺي پڙھڻ لڳس. هڪ خبر تي نظر پيم ته ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو.
    “ميرپور خاص ۾ پوليس سان مُبينا مقابلي دوران ڌاڙيل قادر فرف قادو مارجي ويو، سندس ساٿي راحت زخمي. موقعي تان فرار، ٽن ڌاڙيلن جي ڳولا جاري، ناڪابندي.”
    خبر جا تفصيل پڙھڻ جيترو ست ڪونه ساريم. آصف جي ڀاءُ کي اخبار موٽائي ڏنم. ھن پڇيو:
    “ڌاڙيلن واري خبر پڙھي اٿئي؟”
    کوهه مان ايندڙ آواز جيان ٻُڏل آواز ۾ رڳو “ها” چئي سگهيو هوس. دڪان تي گراهڪن جي رش لڳل هئي، پر عجيب ڳالهه اها هئي ته مونکي کنڊ جي ڪٽي تان هرهر اٿڻو نه پئجي رهيو هو. شايد مِل مالڪن ۽ ذخيره اندوزن کنڊ جا اگهه چوٽ چاڙھي ڇڏيا هئا يا وري پاڙي ۾ کنڊ جي مريضن جو تعداد اوچتو وڌي ويو هو!
    دڪان مان نڪرڻ لڳو هئس ته آصف جي ڀاءُ چيو هو:
    “چون ٿا راحت پوليس وٽ سلطاني شاهد بڻيو آھي، هن ٽن ساٿين جا نالا به کنيا آھن، پنهنجو خيال رکجو.”
    لکاڏني لڙڪ جي پيشن گوئي سچ ثابت ٿي هئي. کيس دل سان ايتري داد ڏني هئم، جيتري سندس شاعري ٻُڌي چپن سان ڏيندو هئس.
    سڌو گهر جو رُخ رکيو هئم.
    واٽ تي شڪيل مليو هو، کيس آسپاس جي ملن، هوٽلن، دڪانن ۽ عمارتن وغيره ۾ گُهربل ملازمن ۽ محنت مزدوريءَ لاءِ خالي جاين جي غيبي خبر هوندي هئي. سدائين ھر ڪنهن کي روزگار سان لڳڻ جون صلاحون، اڻگُھريون ۽ مفت ۾ ڏيندو هو. پر ان ڏينهن کانئس گهُري صلاح ورتي هئم. کيسي کي هٿ هڻي، سندس مُوڊ ٺاهڻ لاءِ امرس ٽافي به ڏني مانس. چپ تي آڱر رکي سوچڻ لڳو.
    هُو جڏھن به گهرو سوچيندو آھي ته ڏَسڻي آڱر چپ تي رکندو آھي، پڇيائين:
    “اٽي جي مِل ۾ ڪم ڪندين؟!”
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم. کن پل سوچي پڇيائين:
    “ڀلا سامهون تعمير ٿيندڙ بنگلي تي سيمنٽ جون تغاريون کڻڻ واري ڏھاڙي ڪندين؟”
    خاموش رهيس. منهنجي خاموشيءَ کي انڪار سمجهندي، ٻيو آپشن اڳيان رکيائين:
    “ڀلا آري مشين تي گُٽڪا ٺاهڻ يا وڪڻڻ وارن ڪمن مان ڪو ڪم ڪري سگهندين؟”
    وراڻيم:
    “تجربو ناهي.”
    هو سوچ ۾ پئجي ويو. هڪ آڱر سندس چپ مٿان رکيل هئي. پنهنجي ساءِ چيائين:
    “تون سخت محنت ۽ پابنديءَ وارو ڪم ڪري ڪونه سگهندين. تو لاءِ آسان ڪم ڳولڻو پوندو.”
    سندس ڳالهه دل سان لڳيم. کيس ريچارج ڪرڻ لاءِ کيسي مان ٻي امرس ٽافي ڪڍي ڏني مانس. ٽافي چٻيندي، هُو وڌيڪ گهرائيءَ سان سوچڻ لڳو.
    “ڀلا گاڏي تي ڪلفيون کپائيندين؟”
    ها ۾ ڪنڌ لوڏيم. چيائين:
    “سڀاڻي 9 وڳي چوڌري اسلم جي دڪان تي پهچي وڃجان. گاڏي ۽ ڪلفين سميت هر شيءِ تيار ملندئي. توکي پاڙن ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪلفيون کپائڻيون پونديون، جيئن چڱي ڏھاڙي ٺهي سگهي. جوان مڙس آھين. گاڏي کي ڌڪڻ جي ڪجان!”
    جملو پورو ڪري وڏو ٽھڪ ڏنو هئائين. موٽ ۾ مرڪڻ منهنجي به مجبوري بڻيو هو. پر اُن مُرڪ پويان تنهنجي پاڙي ۾ ڪلفي گاڏو ڌڪڻ وارو کينچلو تصور نه هجي ها ته جيڪر، سماجي بدناموسي، بيڪار ماسٽرس ڊگري ۽ نصيبن جي ستم ظريفين متعلق سوچي روئي پوان ها!
    هن ويندي ويندي چيو هو:
    “آءٌ سيٺ اسلم سان پڪي ڪري ڇڏيندس!”
    گهر پهتو هئس ته امان حيرت مان پڇيو هو:
    “پٽ ڇو ڀلا جلدي موٽي آئين؟”
    پوليس جي وٺ پڪڙ سبب،سنگت جي وکري وڃڻ متعلق ڪونه ٻُڌايم، اجايو وهمن ۾ وڪوڙجي، پريشان ٿئي ها!
    مٿي ۾ سور جو ڏٽو ڳولي ورتم.
    هوءَ پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي. چنيءَ جي پلئو ۾ ٻڌل ڳنڍ کولي، گوري ڪڍي ڏنائين.
    “پٽ گوري کاءُ، مٿي جو سور لهي ويندو.”
    گوريءَ کي غربت جي گرهه جيان، جيئن تيئن ڪري، ڳڙڪايو هئم!
    ليٽي اکيون ٻُوٽي زوري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ته تنهنجون سارون، سوچن جي سانورن سنگهن مٿان، جهرڪين جي جهار ٿي لٿيون هيون.
    پهريون ڀيرو، تو سان ڪلهو لڳڻ ۽ اکيون اکين سان ملڻ وارا لمحا ذھن جي اسڪرين تي اُڀري آيا هئا. تنهنجو چهرو وڏ-ڌوڙي ڪڪر کان پاڻ ڇڏائي ڀڄندڙ چنڊ جي ان عڪس جهڙو لڳو هئم، جيڪو اوچتو ڪينجهر جي پاڻيءَ تي پرگهٽ ٿي پوندو آھي! پيلين نمورين مٿي ويٺل ڪارن ڀونئرن جهڙين ڪجلين ماڻڪين سان ڏٺو هُيَئي.ڏٺو ڇا هيئي؟ مورڳو بڪل لڳيل ريشمي زلفن ۾، سمورو وجود ويڙھي کڻي ويئي هُئينءَ! تنهنجي اکين ۾ اهو پُراسرار نقطو پسيو هئم، جتان جسماني، قبيلائي، نسلي، لساني، طبقاتي، علائقائي، ملڪي ۽ مذهبي ويڇن سميت سمورا تفاوت ختم ٿي پوندا آھن!
    توکي آسماني رنگ جو وڳو پاتل هو. تو سان اکيون اٽڪڻ ويل ،مون اڳيان لمحن لاءِ سموري ڪائنات آسماني رنگ جو وڳو ٿي پيئي هئي، جنهن مٿان رڳو تنهنجي چهري جو چنڊ نهاري رهيو هو!
    گهڻي دير تنهنجي تصور جي تالاب مان وهنجي نڪرندڙ ياد- پَريَن کي، ڪپڙا پارائي ٿڪو هئس ته اٿي ڪمري کان ٻاهر آيو هئس.
    اڱڻ ۾ امان کٽ تي ليٽيل هئي. مونکي ڏسي پڇيائين:
    “پٽ مٿي جو سور ته ڇڏي ويو نه؟!”
    دل ۾ آيو چوانس:
    “مٿي جي سور جي گوري ملي ويندي آھي، پر جڏھن حالتون مٿي جو سُور ٿي پونديون آھن، ته زندگي لاعلاج مريض جيان حالتن جي بستري حوالي ٿي پوندي آھي!”
    پر چپن تي آيل جملو، شاهوڪار شخص جي عيبن جيان لڪيل رهجي ويو هو!
    “ها” چئي سندس ڀرسان وڃي ويٺس.
    اکين ۾ لڙڪ لڪائيندي چيائين:
    چاچهين نواز، مهيني بعد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شادي بيٺو آھي. پاڻ کي به ڪپڙو گندي ڏيڻا پوندا، ٻيو وري امينا ۽ لالان وٽ به نئون ڪپڙو ڪونهي، ٻيو ته ٺهيو، مايون مهڻا ڏينديون. ڇا ڪجي؟!”
    روح تائين رهڙجي پيو هئم. دل ۾ آيو ته نوڪريءَ جو آسرو ۽ قانون جي پاسداريءَ جون ڳالهيون هڪ پاسي اڇلي، دولت جي طبقاتي ورڇ کي ڊسبيلنس ڪرڻ لاءِ بندوق کڻي ٻيلن جو ڌاڙيل بڻجي پوان، پر دل انڪار ڪندي چيو هو:
    “نه نه .... محنت مزدوريءَ سان حق حلال جي روزي ڪمائبي.”
    پر وري هڪ ٻئي خيال به چهنڊڙي پاتي هئي:
    “محنت مزدوريءَ سان ڪيترن ماڙيون اڏايون آھن؟ پڻھين سڄي زندگي پگهر هاريو آھي، پر ڪهڙي خوشحالي آڻي سگهيو!؟”
    خاموش رهيو هئس. امان مختصر ماٺ بعد ڳالهايو:
    “اڳاڻو گئس ڪنيڪشن به ڪٽي ويا آھن. بجليءَ جو بل به رهيل آھي. اڄ اٽو به کُٽو پيو آھي، آخر ڇا ڪجي؟!”
    امان جي چهري جا تاثرات ڏٺا هئم ته رتورت ٿي پيو هئس، ڄڻ ڪنهن روح جي رستن تي ڪنڊيدار تار گهيلي هئي!
    ابا گهر ۾ گهڙندي ئي نمڪين نگاهه سان ڏٺو هئم. دل چاهيو اٿي گهر کان ٻاهر هليو وڃان، پر امان پڇيو:
    “پڻھين جا ڪپڙا ته ڦاٽڻ تي آيا آھن، آءٌ تو وارو پراڻُو سليٽي وڳو، پڻھين کي ڏيان ٿي!”
    گڏهه کي ٻَڌندڙ پُٺيري بيٺل بابا کي چتائي ڏٺو هئم. پُٺن وٽان سندس قميص ايئن ڦاٽي پيئي هئي، جيئن بيوفائين جا ڪنڊا، ريشمي دل جو بدن ليڙُون ليڙُون ڪري ڇڏيندا آھن، جنهن کي آٿت جي ڪا به سُئي سبي ناهي سگهندي!
    گهڻن ڏينهن پڄاڻان پهريون ڀيرو منهنجي اندر ۾ بابا لاءِ همدردي ۽ محبت جا جذبا ڀڙڪڻ لڳا. کٽ تان اٿي ڪمري ۾ رکيل لوسڻ جو ڀاڪر ڀري گڏهه اڳيان وڃي اڇليم. امان رڙ ڪئي هئي:
    “آءٌ قربان ٿيان، ڪپڙا خراب ٿيندئي، تون ڇڏ... اسين پاڻھين گاهه کڻنداسين.”
    ادي وڏيءَ ڊوڙي اچي منهنجا ڪپڙا ڇنڊيا هئا. ادي لالان کلي چيو هو:
    “ڪپڙا ميرا ٿيا ته ڌوئڻا مونکي پوندا... اوهان کي ڇاهي؟ ڇڏيوس ته ڪم ڪري، بدن مان ٺڪاءَ نڪرن!”
    بابا چتائي مون ڏانهن ڏٺو هو. سندس اکين ۾ ڏينڀُوئن بدران حيرت جون ڀنڀُوريون ڀُون-ڀُون ڪري رهيون هيون. پڇيائين:
    “اڳي ته ڪک جهوري ٻيڻُو ڪو نه ڪرين، اڄ گاهه پيو کڻين، خير ته آھي؟!”
    وراڻيم:
    “سرڪاري نوڪريءَ جو آسرو ڪري ڪري ٿڪس. هاڻ ھر ڪم ۾ توهان جو هٿ ونڊائبو!”
    بابا جي اکين ۾ مون حيرت جي ڀنڀورين کي، خوشيءَ جي پوپٽن ۾ بدلجندي ڏٺو. زندگيءَ سان ڀرپور رنگبرنگي پوپٽ!
    امان چيو:
    “اسان ڪڏھن توکي ڪو ڏکيو ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو آھي. هاڻ توکي گاهه کڻندي ڏٺم ته هانءُ ڦٿڪي پيو!”
    امان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. امينا ۽ لالان جي نيڻن مان پڻ درد جي ٻاڦ، آبي بخار بڻجي ٻاهر نڪري آئي!
    بابا، امان سان گڏ کٽ تي ويهندي، ڪمايل ڏھاڙي سندس هٿ تي رکندي چيو:
    “گڏهه لاءِ داڻا به وٺڻا آھنئ”
    امان جي چپن تي خاموشي ليٽي ويئي. اهڙي خاموشي، جنهن ۾ بيوسي ۽ درد ھڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري لڙڪ بڻجڻ باوجود، ٻِڙڪ ٻاهر ناهن ڪڍندا!؟
    مون امان کي حوصلو ڏيڻ لاءِ ڳالهايو:
    “سڀاڻي سويل گاڏي تي ڪلفيون کپائڻ لاءِ ويندس ۽ گهر جي آمدنيءَ ۾ حصو پتي وجهندس.”
    بابا جي چهري جي آڪاش تي، خوشيءَ جو جيٽ جهاز، مرڪ جو ليڪو ڇڏي گذري ويو.
    امان ڀِلڪو مُنهن ڪندي چيو:
    “اڳي ئي برادريءَ ۾ غريبت سبب مهڻن هيٺ آھيون،ويتر گاڏو گهيليندين ته مايون ويڻن سان وڍي وجهنديون. سورن اڳي ئي اڌ- جڏي ڪري ڇڏي آھي. مورڳو مري نه وڃان؟!”
    وراڻيم:
    “لوڪ جي ڳالهين کان لڪي واندو ويٺو هوندس ته ماڳهين بک مرنداسين.”
    بابا چيو:
    “نه بابا نه .... ڪم ڪرم آھي. واندا شينهن به بک مرن. ماٺ ڪري سڀاڻي ڪم سان لڳي وڃ.”
    ادي لالان چيو:
    “واپسيءَ ۾ مون لاءِ ڪلفي ته کڻيو اچجان!”
    ڪنڌ لوڏيم. ادي وڏيءَ چيو:
    “هڪڙي مون لاءِ!”
    امان پنج سئو جو نوٽ ڏيندي چيو:
    “وڃ سيڌو سامان وٺي اچ. اٽو، گيهه، کنڊ، چانهه پتي، دال ۽ ڪاٺين جا گُٽڪا وٺڻا آھن.“
    بابا چيو:
    “گڏهه لاءِ داڻا ۽ مون لاءِ نسوار به وٺيو اچجان.”
    ادي وڏيءَ چيو:
    “مشين جي ڌاڳن جون اڇي ۽ سائي رنگ جون ڍيريون به وٺيو اچجان.”
    لالان چيو:
    “ڪافي ڏينهن ٿيا آھن، شيمپُو ڪونه ورتي آھي، اڄ ته وٺيو اچجان!”
    مون امان جي چهري ڏانهن ڏانهن ڏٺو، جنهن تي بي تحاشا بار نه کڻي سگهندڙ ھيڪلي فرد جهڙي بيوسي موجود هئي.
    ٻُڏل آواز ۾ چيائين:
    “پٽ ڪوشش ڪجان، ٿورو ٿورو ڪري سمورو سامان وٺجان. اڄوڪو ڏينهن ته گذري، باقي سڀاڻي جي ڳالهه صبح سان!”
    گهر مان نڪري دڪان تي پهتو هئس. ڪاٺين جي گُٽڪن ۽ مشين جي ڌاڳن کان سواءِ سموريون شيون اتي موجود هيون. مون بينچ تي ويهندي دڪاندار کان شين جا اگهه معلوم ڪيا ته مٿو چڪرائجڻ لڳو. ايئن به نه هو ته ڪو اڳي مون گهر جو سامان ڪونه ورتو هو. پر اڳي هڪ اڌ شيءِ وٺڻ ويندو هئس، ته غير سنجيدگيءَ سبب قيمتون هڪ ڪَن مان ٻُڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندو هئس. پر اڄ پهريون ڀيرو هو، جو نه رڳو ايترين سارين شين جي گڏ خريداري ڪري رهيو هئس، پر سڀ شيون پنج سئو رپين جي نوٽ مان وٺڻيون به هيون، ته وري انهن جي گهربل مقدار، قيمت ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪوالٽيءَ جو به خيال رکڻو هو! ان وقت ئي مونکي مهانگائي،غربت ۽ سرمائي جي بدترين ورهاست جو حقيقي ادراڪ ٿيو هو! مون سوچيو:
    “انسان جيستائين پاڻ تجربن مان نٿو گذري، تيستائين لاڳاپيل موضوعن متعلق سندس علم اڻپورو آھي. دنيا جو سمورو علم، سوچيندڙ ذھنن جي ڀوڳنائن جي بدليل شڪل آھي! جڏھن ته جهالت وري غير سنجيدگين ۽ بي حسيءَ جي پيٽان چنڊ گرهڻ سبب کريل مرده ٻار جهڙي آھي!”
    دڪان جي بينچ تي ويهي پنهنجي ساءِ حساب ڪتاب ڪندي، مون پهريون ڀيرو اٽي جي اگهه تي سنجيدگيءَ سان سوچيو هو. ان وقت مونکي پنج سئو جي نوٽ ۾ استعمال ٿيل انساني محنت جو قدر معلوم ٿيو هو. مون سوچيو:
    “سماجي چوڻيءَ موجب پئسو هٿ جي مر ناهي، پر گهڻن محنت ڪش ھٿن جي پگهر جي اها خوشبوءِ آھي، جنهن کي چند بااثر هٿن زوري اغوا ٿيل عورت جيان پاڻ وٽ سُريت ڪري رکيو آھي!”
    سامان گهر ڏانهن کڻي ويندي سوچيو هئم:
    “دنيا جا سڀ امير ماڻهو، جيڪڏھن رڳو فضول خرچي ختم ڪن، ته جيڪر دنيا مان غربت ختم ٿي پوي!”
    سوچن جا جبل جهاڳيندو گهر پهتو هئس. خريد ڪيل شين کي گهر وارن عيد جي چنڊ جيان ڏٺو هو. سوچيو هئم:
    “اميرن لاءِ عيدن ۽ عام ڏينهن ۾ فرق گهٽ هوندو آھي، پر غريبن لاءِ بورچي خاني جو چلهو ٻرڻ ئي عيد جو سنيهو هوندو آھي!”


    (5)

    چوڌري اسلم جي دڪان وٽان تنهنجي پاڙي ڏانهن گاڏو ڌڪيندي، زندگي به ان گاڏي جهڙي لڳي هئم، جنهن ۾ ڪلفين جهڙو ٿڌڙو تنهنجو تصور نه هجي ها ته جيڪر ڦيٿا ئي نه ڦِرن ها!
    سوچيم:
    “تنهنجي گهر اڳيان ڪلفيءَ واري گاڏي جو هارن وڄائڻ به ڪيترو نه عجيب هوندو؟! شايد تون هارن ٻُڌي ٻاهر نڪري اچين! ۽ مهينن کان تو سان ڳالهائڻ جي اڻپوري آس، پورڻتا سان پرڻجي پوي!”
    سوڙھين گهٽين مان ٽُٽل روڊن تان شارٽ ڪٽ ڪندو، ڪُلفي واري هوڪي جو ھارُن وڄائيندو، ايڪڙ ٻيڪڙ ٻارن کي ڪلفيون وڪرو ڪندو، تنهنجي گهر اڳيان اچي پهتو هئس.
    آچر جو ڏينهن هو. آسپاس گلين ۾ ٻارڙا کيڏي رهيا هئا ۽ ڪنهن ڪنهن ويل ڪو گراهڪ ڪلفي وٺڻ لاءِ اچي رهيو هو. مون سوچي سمجهي، گاڏو اهڙي هنڌ تي بيهاريو هو، جيئن تون پنهنجي گهر جي مٿئين سيڙھي چڙھين ته هڪٻئي کي ڏسي سگهون.
    ڪافي دير گذري هئي، پر تون نظر ڪون آئي هُئينءَ. بيقرار اکين کي ڏانوَڻ ڏيڻ جي ڪوشش باوجود، نظرن ڪوڏڙ ڪنواٽن جيان هرهر تنهنجي گهر جي دروازي ۽ مٿئين سيڙھيءَ ڏانهن ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هر ڀيري محرومين سان ملي موٽيون هيون!
    سوچيو هئم:
    “اونهاري جي تيز اُس ۾، هُن جي گهر اڳيان ڪهڙي آسري جو ڪشڪول کڻي بيٺو آھيان؟! هن سان ڳالهائڻ ٻولائڻ بنا ڪهڙي محبت جي هام هڻي، ڪهڙن پُرفريب رستن کي لتاڙي رهيو آھيان؟! طبقاتي سماج جي پُرسراب پيچرن تي، جتي برادريءَ ۾ غربت سبب، سڳن رشتن کي به وڃائي ويٺو آھيان، اتي دل جي دوکي ۾، هڪ ڌارئين عورت مان ڪهڙي اميد رکي رهيو آھيان ته هوءَ مونکي منهنجين سمورين اوڻائين سميت قبول ڪندي؟!”
    تنهنجي گهر جي ڀرسان ڳاڙھي دروازي واري گهر مان هڪ ٻارڙو ڊوڙندو آيو هو ۽ چار ڪلفيون وٺي، ٺينگ ٽپا ڏيندو واپس موٽي ويو هو. تنهنجي گهر جي دروازي ۽ سيڙھيءَ کي بال جيان لڳي موٽ کائيندڙ نگاهن جا الاءِ ڪيترا ڪيچ ڊراپ ڪيا هئم! پر تنهنجو پاڇو به ڪٿي نظر ڪونه آيو هو. سوچيو هئم:
    “آءٌ به ڪيترو نه اياڻو آھيان، جو سماجي طور معتبر گهراڻي جي عورت سان انوکي نموني اکيون اڙائي ويٺو آھيان. جنهن معاشري ۾ ڪم ڪار جي نوعيت، ظاهري ڏيک ويک، ٻُڌل ڳالهين جي اثرن ۽ خاندان جي بنياد تي شخصيتن جي تورتڪ ۽ تعلقاتن جا تعين ٿيندا آھن، اتي هڪ ڪلفي فروش جي روپ ۾ هُن کي ڪيئن متاثر ڪري سگهندس؟! مونکي گاڏو ڌڪيندو ڏسي هوءَ ڇا سوچيندي؟!”
    سوچن جا سمورا سلسلا ذھن جي نرم واريءَ مٿان ٿوهر جا ٻُوٽا ٿي ڦُٽڻ لڳا هئا!
    هڪ ٻارڙي کي ڪلفي ڏيئي تنهنجي گهر جي مٿئين سيڙھي ڏانهن ڏٺو هئم، ته حيرتن جي لامن ۾ لڙڪي پيو هئس. تون الاءِ ڪيتري دير کان اتي موجود هئينءَ ۽ مون ڏانهن ڏسي رهي هُئينءَ. دل چاهيو هو، وچيون ديوارون ٽپي سيڙھيءَ تي تنهنجي سامهون وڃي بيهان، پر نه ديوارون ايتريون ننڍيون هيون، نه آءٌ پکي هئس، نه وري تو اچڻ جو اشارو ڪيو هو ۽ نه ئي پرائي گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو بنا اجازت وڃڻ، دل کان سواءِ ڪنهن ڪتاب ۾ جائز هو!
    سج جي روشنيءَ ۾ تنهنجي سونهري چُوڙين جي اولڙن، منهنجي اکين سان کن پل شرارتون ڪيون هيون، ۽ پوءِ تون هيٺ لهي ويئي هُئينءَ.
    انڊلٺ جيان تنهنجي وري ظاهر ٿيڻ جي اوسيئڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري، الاءِ ڪيتري دير تتل ڏينهن جي منجهند ويل، تنهنجي گهر اڳيان بيٺو هئس. تنهنجي گهر جو دروازو الاءِ ڪيترا دفعا کُليو ۽ بند ٿيو هو.منهنجو هينئڙو به لوهي در جي کُڙڪي تي، الاءِ ڪيترا دفعا رِڻ جي هرڻ جيان ڇرڪيو هو، ۽ تنهنجي درشن جي اُڃ ۾ آسپاس ڀٽڪيو هو! پر تون سمنڊ ۾ ڪِري پيل هِيرَي جيان وري ڏسڻ کان مهانگي ٿي پيئي هُئينءَ!
    هڪ موٽيل عمر شخص ٽو ڊي ڪار ڊرائِيو ڪندو، تنهنجي گهر جي ڪشادي گيٽ مان ٻاهر نڪتو هو ۽ ٿوريءَ دير بعد هڪ پوڙھِي به ٻاهر نڪري ڀر واري گهر ۾ گهڙي هئي. در مان ايندڙ ويندڙ تنهنجي گهر ڀاتين مون ۽ منهنجي گاڏي ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ورتي هئي. البت هفتو اڳ توکي موٽر سائيڪل تي کڻي ويندڙ ڇوڪرو بئٽ ھٿ ۾ کڻي ڀرسان گذريو هو ته هن لمحن لاءِ مون کي چِتائي ڏٺو هو ۽ پوءِ هڪ طرف هليو ويو هو.
    ٻنپهرن جي ساڙيندڙ سج جي گرمي چؤطرف پکڙي پيئي هئي. رستن ۽ گلين مان ماڻهن جا پاڇولا آهستي آھستي گهٽجڻ لڳا هئا. تنهنجي گهر اڳيان توکي وري ڏسڻ جي آس اکين ۾ سجائي، الاءِ ڪيترا هارن وڄايا هئم. هارن جي بٽڻ تي آڱر رکندي، انوکو ڇُهاءُ ڪتڪائي ڪندو هو ۽ هارن جي آواز سان گڏ گونگي دل جي صدا به همسفر ٿي پوندي هئي.
    ختم ٿيندڙ ڪلفين سان گڏ، تنهنجي ديدار جا آسرا به کُٽڻ لڳا هئا، ته ٽپهريءَ جي ڊگهن ٿيندڙ پاڇن جيان نااميديون به وڌڻ لڳيون هيون ۽ مون به واپس ورڻ متعلق سوچيو هو. پر ان ئي ويل تون در جو طاق کولي ظاهر ٿي هُئينءَ. پيلو وڳو پاتو هيئي. اکين ۾ ڪجل نه هوندي به اکيون هرڻين جيان ڪجليون هُيون. چَپن تي سرخي نه لڳائڻ باوجود چپ ڳاڙھي ڳِر واري ڇانهينءَ جيان ڳاڙھا هُئا. ڀنڀن وارن ۾ سليقي سان بڪل هنيو هُيئي. پيلي ڪپڙي تنهنجي بدن تي سنهين ڪڪر پويان اڻپوري نظر ايندڙ چنڊ جهڙا روشن ڪرڻا پکيڙيا هئا!
    باوقار هلڻين سان گاڏي وٽ هلي آئي هُئينءَ. تنهنجي بدن جي هڳاءُ ۾ سموري ڪائنات، گلابي جوانين جي رقص جهڙي هوشرُبا لڳي هئم! نيڻ، نيڻن سان ملائي، دلرُبا لهجي ۾ پڇيو هُيئي:
    “ڪلفي ڏيندين؟؟
    تنهنجي اکين ۾ ٻڏي ويل پنهنجي وجود کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر ميڙي نه سگهيو هئس. صدين جا سفر ساعتن ۾ پوئجي پيا هئا. روح جي ريلن، جسمن جي قيد جي ڪڙول ٽوڙي پنجن حواسن جي پابندي ختم ڪري وڌي هئي! جُڳن ۽ جنمن تي مشتمل رشتن جي شناسائيءَ ۾، الاءِ ڇو تون مونکي هر جنم ۾ هارايل منهنجي اها محبت لڳي هُئينءَ، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون وري وري جنم وٺڻ جو خفو کنيو هو!
    اکيون جهڪائي پڇيو هيئي:
    “ڪٿي گم ٿي وئين؟”
    وري حال ۾ موٽي آيو هئس. وراڻيم:
    “اتي ئي، جتي پرهجوم بازار ۾ تنهنجين اکين آڻي اُڇليو هو.”
    سوچ ۾ پئجي ويئي هئينءَ. مختصر ماٺ پڄاڻا پڇيو هيئي:
    “رڪشا پويان ڊوڙڻ کان اڇليل ٽشو پيپر کڻڻ تائين، تنهنجون سڀ ديوانگيون ڏسندي رهي آھيان، ۽ هاڻ وري هي گاڏو گهيلڻ جو مقصد ڇا آھي؟”
    اکين ۾ لڙڪ ڦُٽي آيا هئم. وراڻيم:
    “ڪجهه به وس ۾ ناهي، سڀ ڪجهه بيساخته ۽ غير معمولي آھي. توسان نظرون ملن ٿيون ته الاءِ ڇاڇا محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي اظهار لاءِ الفاظ اڻپورا محسوس ٿيندا آھن!”
    وري سوچ جو سِڱ جهلي، پڇيو هيئي:
    “فلمون ڏسندو آھين ڇا؟”
    لڙڪ اگهندي، انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم. وري پڇيئي:
    “ڪتاب پڙھندو آھين؟”
    وراڻيم:
    “ڪڏھن ڪڏھن!”
    پُڇيئي:
    “تعليم ڪيتري اٿئي؟”
    “ماسٽرس آھيان.”
    چيو هُيئي:
    “پڙھيل ڳڙھيل ۽ سنجيده جوان ٿي ڪري گاڏو ڌڪيندي ۽ ڇوڪرين پويان آوارگي ڪندي سٺو ٿو لڳين؟”
    جواب ديويءَ جو ڪنڊو بڻجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو. ان وقت پاڻ کي گوسڙو شاگرد محسوس ڪيو هئم. جنهن جي، تون پراڻي زماني جي استاد جيان هدايتن جي ڇُريءَ سان نڪ- وڍاڻي ڪري رهي هُئينءَ!
    خاموش رهي، تنهنجين اکين ۾ نهاريو هئم.وري پراسرار نقطي تي پهتو هئس ته نظرون ٻي طرف ڦيري حڪم ڏنو هُيئي.
    “منهنجي ۽ پنهنجي عزت جو خيال اٿئي ته اڄ کانپوءِ ڪڏھن به منهنجي گهر ويجهو گاڏو متان بيهارين.”
    الاءِ ڪيئن ايترو چيو هئم:
    “تنهنجي حڪم موجب گاڏو، توکان پري گهيلي سگهان ٿو، پر دل ريڙهو ناهي، جنهن کي توکان دُور ڌِڪي سگهان. توسان نظرون ملائيندي جيڪو ڪجهه محسوس ٿئي ٿو، ڪاش تون سمجهي سگهين!”
    نرالي نموني نهاريو هُيئي. وري کن پل لاءِ اکين سان اکيون مليون هيون، پر الاءِ ڇو؟ جلد ئي ڇِرڪي ٻئي طرف ڏٺو هيئي ۽ مونکي وري تنهنجي اکين جي پاتال ۾ موجود پُراسرار نقطي وٽان واپس ورڻُو پيو هو!
    چيو هئم:
    “توکي ڏسي، منهنجون اکيون صدين جا ٿڪ ڀڃنديون آھن. جنم جنم جي وڇوڙن جا ڏُونگر ڏري پوندا آھن. حياتين جون حدون بي معنيٰ بڻجي پونديون آھن. موجود، عدم ۾ اوتجي پوندو آھي ۽ عدم، موجود ۾ ملي ويندو آھي! زمان ۽ مڪان جا مروجه تصور مٽجي پوندا آھن!”
    مرڪي پيئي هيئينءَ. پڇيو هيئي:
    “هندو آھين؟”
    “نه مسلمان آھيان.”
    “پوءِ به جنمن تي اعتبار ڪرين ٿو؟”
    “تو کي ڏسي ڪرڻو پيو آھي!”
    وري سوچ ۾ پئجي ويئي هُئينءَ.
    “آءٌ هندو آھيان،تون مسلمان آھين. پنهنجون سماجي ۽ مذھبي مجبوريون، پاڻ کي ملڻ ڪونه ڏينديون. بهتر آھي ته منهنجو پيڇو ڇڏي ڏي.”
    “مذھبن جون مُهرون، وڇوڙن جي دائمي تصديق ڪري ناهن سگهنديون. سماجي مجبوريون محبتن کي مستقل قيد رکي نٿيون سگهن؟! ڇا تون حالتن تي الزام هڻي، هن جنم به هٿڙو ڇڏائي هلي ويندينءَ!؟”
    منجهي پيئي هئينءَ، ٻرندڙ عمارت جي ڇت تان ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪري نه سگهندڙ شخص جيان!
    چيو هئم:
    “توکي ڏسي جن احساسن جي شاور هيٺيان اچي بيهندو آھيان، تن جي تشريح ممڪن ناهي! ڪاش تون ان مام کي سمجهي سگهين؟! ڪاش تون ان رشتي کي سمجهي سگهين، جنهن کي ڳنڍڻ لاءِ اونهاري جي گرمي ۾ گاڏو ڌڪڻ مجبوري بڻيو آھي؟! ڪاش تون، تنهنجي اکين ۾ مون لاءِ موجود پُراسرار درشن جي ديڳ جو ڍڪڻ لاهي سگهين!؟ ڪاش تون روح جي ريلن جو اهو انوکو رقص ڏسي سگهين، جنهن ۾ ڄمڻ ۽ مرڻ جي ماهيت اُبتي معلوم ٿيندي آھي!؟ ڪاش تون هار ۽ جيت جي انوکي فلسفي ۾ ڦاسي پيل، منهنجي غير معمولي محبت کي دل جي دُوربين سان ڏسي سگهين!؟”
    آسپاس نهاريو هيئي. سامهون وارو دڪاندار پنهنجي دڪان مان نڪري ٻاهر ٿَلهي تي اچي بيٺو هو. پريشان ٿي چيو هيئي:
    “تنهنجو هتي بيهڻ سٺو عمل ناهي. مون سان سچ پچ محبت ڪرين ٿو، ته منهنجي عزت خاطر اڳتي لاءِ هتي اچڻ ڇڏي ڏي!”
    خاموشيءَ جي سپاري کائيندو رهيو هئس. ٻه لڙڪ اکين جي آڙلي تان لڙي آيا هئا، جن کي اُگهڻ، نه مون ضروري سمجهيو هو، ۽ نه ئي تو؟!
    چيو هيئي:
    “هٿين خالي واپس وڃڻ سٺو نٿو لڳي. ڪلفيون ڏي ته هتي اچڻ جو بهانو ٺهي سگهي.”
    باقي بچيل چار ڪلفيون شيپر ۾ لڳائي ڏنيون هئم. سئو جو نوٽ ڪولر مٿان رکيو هيئي.
    “نه نه ......!!” ڪئي هئم، پر تون نوٽ اتي ئي ڇڏي، بقايا وٺڻ بنا لاپرواهيءَ سان ڪلفيون کڻي هلي ويئي هُئينءَ.
    آئي به هئينءَ، ويئينءَ به هلي. محبت جو اظهار به ڪيم، وري گهر جي آسپاس نه اچڻ جو فرمان به جاري ڪري ڇڏيئي، مگر نه مون تنهنجو نالو پڇيو هو ۽ نه ئي تو منهنجو نالو پڇڻ ضروري سمجهيو هو. شايد پنهنجي محبت روايتي تعارف کان مٿانهين هئي، يا وري نالن ۾ رکيل ئي ڇا هو؟! منهنجو نالو شرجيل عرف شرلُو نه هجي ها، ڪو ٻيو هجي ها، ته به منهنجو تنهنجي گهر اڳيان بيهڻ توکي سٺو نه لڳي ها. دڪاندار سماجي قدرن جي ڪمداري ڪري، جاسوسي ڪندو رهي ها ۽ منهنجي لڙڪن جو رنگ به ساڳيو هجي ها!
    گاڏو واپس ڌڪڻ لڳو هئس. دڪاندار دڪان مان نڪري ويجهو هليو آيو هو. نڪ ۾ الاءِ ڪيترا سر وجهي چيائين:
    “تون اڳ به شڪي لڳو هئين ۽ اڄ به رميش صاحب جي گهر اڳيان صبح کان گاڏو بيهارڻ ۽ لوفرن وارا لوڻا هڻڻ مان صاف سُٿرو ماڻهو نٿو لڳين. آءٌ اڄ رميش صاحب کي تنهنجي باري ۾ ٻڌائيندس. پاڻ ئي تنهنجو بندوبست ڪندو!”
    دل چيو پڇانس:
    “تون دڪاندار آھين يا پاڙيوارن طرفان مقرر ڪيل، ڏينهن واري ڊيوٽي ڪندڙ چوڪيدار؟” پر هن سان ڳالهائڻ فضول سمجهيو هئم. ڇو ته هو چهري جي شيپ مان ئي پراڻن اخلاقي قدرن جي ڪِلَئِي ٿيل شخص هو، جنهن کي سندس حدون ۽ شخصي حق سمجائڻ بنهه مشڪل هو!
    خاموشيءَ سان گاڏو ڌڪي اڳتي روانو ٿيو هئس. هُن ڌڻ ماري ختم ڪندڙ بگهڙ تي، ٻڪراڙ جي وڌل پهرين نگاهه جهڙي ڪاوڙيل نظر مون تي اُڇلي هئي ۽ چپن ۾ ڪجهه چيو هو، انهن لفظن کي آءٌ سمجهي نه سگهيو هئس. پر چهري جي تاثرات ۽ جسماني ٻوليءَ مان محسوس ڪيم ته هُن انهن لفظن ۾ پڪ سان انهن اخلاقي قدرن جا ڇوڏا لاٿا هوندا، جن جي بظاهر هو پاڻ رکوالي ڪري رهيو هو!
    واپس ايندي فيصلو ڪيو هئم ته وري ڪڏھن به تنهنجي گهر اڳيان ڪونه وڃبو. پر توسان جيئري سڀ تعلقات ختم ڪرڻ وارو تصور ايترو ته اذيتناڪ هو، جو اهو سوچيندي ايئن لڳو هو، ڄڻ ڳوٺاڻن ڪتن جي خوف ۾ اڻ ڇانگهيل ٻٻرن مٿي پُٺن اُگهاڙو چڙھڻو پئجي رهيو هو!
    تو سان وري رابطو جوڙڻ جي امڪانن واري ڪتيءَ انڌا گُلر ڄڻيا هئا! گهر کان سواءِ تنهنجو ٻيو ڪٿي ڪٿي وڃڻ ٿيندو هو، ڪا خبر ڪونه هئم. نه خط پٽ، نه ڪانگ قاصد ۽ نه ئي فون نمبر!
    انساني آباديءَ کان خالي جزيري تي تباهه ٿيل جهاز جي اڪيلي بچيل مسافر جهڙي بيوس ۽ بيساره محبت اندر ۾ لڪائي واپس وڃي رهيو هئس. سنسان گهٽين ۾ ڪٿي ڪي ٻارڙا ڪلفي جي پڇا ڪري ڊوڙي ويجهو آيا هئا ۽ ڪلفيون ختم ٿيڻ جو ٻُڌي مايوس ٿي واپس موٽيا هئا.
    چوڌريءَ جي دڪان تي گاڏو ڇڏي، کيس حساب ڪتاب ڏيئي، گهر ڏانهن روانو ٿيو هئس ته هن پويان چيو هو:
    “سڀاڻي مال وڌيڪ کڻي وڃجان، تون ڪامياب ڪلفي فروش آھين.”
    چوڌريءَ جي واتان ٻُڌل پنهنجي تعريف جو سمورو سرور، توکان دوريءَ جي دردناڪ درياهه ۾ الاءِ ڪيڏانهن لڙھي ويو هو. توکي وري ڏسڻ جي سپني متعلق سوچيندو گهر پهتو هئس، ته امان سامهون اچي، چنيءَ جي پلئه سان منهنجو پگهر اُگهي چيو هو:
    “پٽ اس ۾ چهري جو رنگ ئي بدلجي ويو اٿئي!”
    ادڙين کي هڪ هڪ ڪلفي ڏيئي کٽ تي ويٺو هئس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪمايل ڏھاڙي امان کي ڏيندي سٺو لڳو هئم.
    امان ماني کڻي آئي هئي، پر مانيءَ جي وڻت ڪونه هئي. پاڻيءَ جو گلاس پِي، مينهوڳي رات ۾ ڏيڏرن جهڙيون ٻوليون ڪندڙ پنکو هلائي، ليٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته توکي وري ڏسي نہ سگهڻ واري نااميديءَ جو ڪاريهر ڏنگ هڻڻ لڳو هو!


    (6)

    چوڌري اسلم جي دڪان تان ڪلفين جو گاڏو ڌڪي روڊ تي آندو هئم. تڏهن محسوس ٿيو هو ته يا گاڏو ڪالهه جيترو هلڪو نه هو يا وري هٿن ۾ ڪالهوڪي جنبش ڪونه رهي هئي! تنهنجي گهر اڳيان وڃڻ تي لڳل پابنديءَ زندگيءَ ۾ اوچتو آيل عارضي رونقون به ڦُري ورتيون هيون.
    ڪاري روڊ تي گاڏو ڌِڪيندي، خواهشن جو کَڙيو خالي ۽ سپنن جو سنسار سُڃو لڳو هئم. دنيا ۾ الاءِ ڪيترا انسان، خواهشن کان خالي زندگي گذاريندا هوندا، پر مون کي ان ڏينهن ايئن لڳو، ڄڻ جيئڻ لاءِ توکي وري ڏسڻ جي خواهش ضروري هئي. ان اميد کان خالي زندگي گذارڻ منهنجي وس ۾ ڪو نه هئي. سوچيم:
    “سخت مشڪلاتن، محنتن ۽ مونجهارن ۾ اگر خواهشون کٽي پون ته زندگي به کُٽي پوندي آھي، پر خواهشن ۽ اميدن جو سنسار سمورا ڪم آسان ڪندو آھي! ان ڪري جيئڻو ئي آھي ته سوچ جا پلئه آسرن جي پاڻيءَ ۾ پُسائي رکڻا پوندا.”
    ريڙھي جو رخ وري انهن رستن ڏانهن موڙيو هئم، جن رستن تي ڪالهه هليو هئس. سوچيم:
    “هن جي گهر سامهون گاڏو بيهاري نٿو سگهان ته ڀلا ان رستي تي وڃي بيهان، جتان هوءَ ڇوڪري سان گڏ موٽر سائيڪل تي گذري هئي. ٿي سگهي ٿو هوءَ ڪٿي ڊيوٽي ڪندڙ ھجي ۽ اتان ئي روز گذرندي هجي!”
    دل جي اونداهي برپٽ ۾ مبهم آسرن جا کُڙکٻيتا ٽمڪڻ لڳا هئا. گاڏو هلڪو ۽ پير ڦُڙتيلا محسوس ٿيا ھئا.
    ان ئي رستي جي، ان ئي هنڌ تي، گاڏو روڪي آسپاس جو جائزو ورتم، جتي موٽر سائيڪل تي ڇوڪرو توکي ڪٿي لاهي سامهون آيو هو. روڊ جي ڪناري ڊگهي ديوار جي پاڇي ۾ گاڏو بيهاري تنهنجي گذرڻ ۽ گراهڪن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو هئس. پر لوڪيشن ڪجهه اهڙي هئي، جو اتي گراهڪن جو اچڻ مشڪل هو، ڇو ته آسپاس ڪا خاص چهل پهل نه هئي، ۽ نه ئي اتان تنهنجو گذرڻ لازمي هو. ڇو ته هڪ ڀيري ڇوڪري سان گڏ موٽر سائيڪل تي اتان گذرڻ جو مطلب اهو هرگز نه هو ته ڪو تون روز اتان گذرندي هوندينءَ!؟ بس کِنوَڻ تي مال ڪاهڻ جهڙي اڌوري آسري تي دل کي ڌتلائڻ هليو آيو هئس.
    ٻوڙي انتظار مان بور ٿي رهيو هئس ته اوچتو روڊ تان ٽوڊي ڪار ويندي ڏٺم، جنهن کي اهوئي ڏاڙھيءَ وارو معمر شخص هلائي رهيو هو، جيڪو ڪالهه تنهنجي گهران ساڳي ڪار ۾ ٻاهر نڪتو هو. سندس ڀرسان سيٽ تي تون ويٺي هئينءَ، اُڏندي نگاھه مون تي اُڇلي وري اڳتي ڏٺو هيئي. دل اُڇل کائي تو سان گڏ سيٽ تي ويهڻ لاءِ ڀڙڪو کاڌو هو، پر تيستائين تنهنجي ڪار گهڻُو اڳتي هلي ويئي هئي. ڪار کي آخري نگاهه ڇهڻ تائين ڏٺو هئم. مون کي گم سم ڏسي، هڪ ٻارڙي ڪلفي کڻي، پئسا ڏيڻ بنا ئي هلي ويئي هئي. وري گاڏي کي گهلي، ان ئي ماڳ تي اچي بيٺو هئس، جتان تو واري ڪار اکين کان الوپ ٿي هئي. اتي آسپاس چهل پهل موجود هئي. ڪلفيون به وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ بوريت واري ڪُتي جي ڀؤنڪي کان به بچيل هئس! اتي برياني ۽ ڀاڄيءَ جي گاڏن سميت ٻيا گاڏن وارا به نظر اچي رهيا هئا. ڪن گاڏن ۾ ايم پي ٿري تي انڊين گانا به وڄي رهيا هئا. پر سڀئي گاڏن وارا ٿورڙو بيهي، شيون وڪڻي، هوڪا ڏيئي، وري اڳتي هليا ويا ٿي، پر آءٌ ئي اڪيلو هئس، جيڪو ڪلفيون وڪڻڻ کان وڌيڪ توکي واپس ويندي ڏسڻ لاءِ روڊ تَڪڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيو هئس!
    منهنجي هڪ هنڌ بيهڻ هڪ اڌڙوٽ عمر عورت کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. سندس گهر جو دروازو روڊ جي پرئين ڀر ۽ منهنجي بلڪل سامهون هو، جنهن ڪري روڊ ڏانهن ويندڙ منهنجي هر نگاهه کيس سرابن جا اولڙا هڻي رهي هئي. هوءَ ڀريل بدن واري ڪڻڪ رنگي عورت هئي. گذري ويل جوڀن ۽ ايندڙ پوڙھپڻ وچان، هوءَ بيچئي وقت سان هارايل جنگ وڙھي رهي هئي. مون محسوس ڪيو ته هوءَ جوانيءَ ۾ بي پناهه پرڪشش ۽ حسين رهي هوندي، پر هاڻ هوءَ آئيني اڳيان جيئري مري وڃڻ جي اذيت مان گذرڻ باوجود وري وري پنهنجي حُسن جو لاش ڏسڻ تي مجبور هئي! آئيني سان متفق هوندي به متفق ٿي نه سگهڻ واري انا کيس وري وري در تي آڻي رهي هئي. هوءَ شايد اڳي به ايئن ئي در تي آئي هوندي ۽ جڏھن به ڪنهن نگاھه جو مرڪز ٿيڻ جو گمان ٿيو هوندس ته هن دل ئي دل ۾ آئيني کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي! پر ان ڏينهن مونکي نه رڳو هُن سان، پر دنيا جي هر ان عاشق مزاج حسين چهري سان همدردي محسوس ٿي هئي، جنهن جي دل مان پوڙھپڻ جي احساس جي سِيرائي، الاءِ ڪيترا سَل ڪندي آھي!؟
    اونهاري جي تتل اس ۾ ان موٽيل عمر عورت الاءِ ڪيترا ڀيرا دروازي مان جهاتي پاتي هئي. شايد ان کان به وڌيڪ ڀيرا آئيني اڳيان، هن پنهنجو پاڻ سان کٽيون مٺيون سرگوشيون ڪيون هونديون!؟ نيٺ ھُوءَ گاڏي وٽ هلي آئي هئي.
    “اسان لاءِ ڪا ڪلفي بچائي اٿئي يا سڀ کپائي ڇڏيئي!؟”
    هن لڄاري مرڪ ۽ ھُجتي نخري مان پڇيو هو.بي تاثر چهري سان ورائي پڇيو هئم:
    “ڪيتريون کپن؟”
    “جيتريون ڏيئي سگهين!”
    هڪ ڪلفي کيس ڏيندي غير جذباتي لهجي ۾ چيم:
    “ادي! پنج رپئي جي آھي.”
    هن کي ڄڻ حقيقت جي نانگ اوچتو ڏنگي وڌو. سندس چهري تي هئيڊ هارجي پيئي. بريزر ۾ رکيل ٻٽونءَ مان پنجن جو سڪو ڪڍي، نفرت مان گاڏي جي ڪاٺ تي اڇليائين ۽ وجود ۾ تازو ڀرجي پيل زهر ڇنڊڻ جي آڪورڊ ڪوشش ڪري وڃڻ لڳي! سندس قدمن تي موٽندڙ حياتيءَ جي نه کڄندڙ بار جا آثار چِٽا ٿي پيا هئا! ڀانيو هئم مون کان ورتل ٿڌي ڪلفي به سندس اندر جي آڳ مٿان تي وانگر ڀنڀٽ بڻي هوندي!
    منجهند جو سج پاڇن کي مختصر ترين بڻائڻ بعد اولھه ڏانهن جهُڪيو هو.اسڪولي ٻارڙا ۽ ملازم واپس گهرن ڏانهن ورڻ لڳا هئا. گاڏي تان گراهڪن جي رش به ڪجهه قدر گهٽجي پيئي هئي. ان ئي ويل روڊ تي بيهندڙ رڪشا مان تون لٿي هئينءَ. سفيد ڪپڙا پائي ڄڻ ٻگلن (پکين) سان ريس ڪئي هُيئي! ڪپڙا، جُتي، جوراب، پرس ۽ ٽشو پيپر تائين، پنهنجي ئي رنگ تي مهربان ٿي هُئينءَ! تنهنجي اوچتي اچڻ تي وکري پيو هئس.
    گاڏي وٽ اچي، سڙٻاٽن ۾ مون سان مخاطب ٿي هُئينءَ:
    “مون صبح جو بابا سان گڏ ڪار ۾ ويندي توکي ڏٺو هو. رات دڪاندار بابا سان تنهنجي شڪايت ڪئي هئي. سٺو ٿيو تون اوڏانهن ڪونه وئين. رڪشا وارو به اسانجي پاڙي جو آھي، جلدي ڪلفيون لڳائي، متان شڪجي پوي. پئسن ۾ ويڙھيل ڪاغذ تي فون نمبر لکيل آھي، تنهنجي نمبر تان ميسيج ڪجان، آءٌ پاڻهين ڪال ڪنديس.”
    مون چپ چاپ تڙ تڪڙ ۾، جهٽ پٽ الاءِ ڪيتريون ڪلفيون کڻي، شيپر ۾ وجهي توکي ڏنيون هيون ۽ تنهنجي گلابي هٿن مان نڪتل ويهن روپين جي ٻن نوٽن کي احتياط سان هٿن ۾ جهليو هو! ايئن ڄڻ کؤنچرا ٻارڙا ڀونتريون هٿن ۾ جهلي، ان اُلڪي ۾ آڱرين تي زور ڏيندا آھن ته متان واپس اُڏري نه وڃن!
    گرمي ۾ تنهنجي آلي بدن جي هڳاءُ جون هُٻڪارون ساهُن ۾ سمائي، چنچل هلڻين سان توکي رڪشا ڏانهن ويندي ۽ ان ۾ ويهندي ڏٺو هئم، رڪشا واري جي نظرن ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ يا وري مون کي هن حالت ۾ ڏسڻ کان ٽارو ڪرڻ خاطر، ڪنڌ ورائي نه ڏٺو هيئي! البت رڪشا واري رڪشا اسٽارٽ ڪري، پهريون گيئر لڳائڻ تائين مون کي غير معمولي نظرن سان ڏٺو هو، ڄڻ توکي ڪلفيون ڏيئي ۽ دلچسپيءَ سان نهاري ڪو وڏو جرم ڪري ويٺو هئس يا وري منهنجي گاڏي تي اچڻ واري تنهنجي ڏوھه ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هئس! منهنجون نگاهون مالڪ جو پيڇو ڪندڙ پاليل جانور جيان، رڪشا سان گڏ گڏ ڊوڙيون هيون. ڀانيان ٿو فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪندڙ دشمن جي جنگي جهاز کي ريڊار ۾ چڪاسيندڙ فوجيءَ جيان، رڪشا ڊرائيور پڻ سامهون لڳل آئيني ۾، مون کي نظر کان اوجهل ٿيڻ تائين، لاڳيتو اک ۾ جهليو هوندو؟!
    واپس ويندي، گراهڪن کي ڪلفيون ڏيندي، توکان مليل ڪاغذ جي ٽُڪري متعلق سوچيندي، من معطر ٿي پيو هو. ڪاغذ جي ان بظاهر بيڪار ٽُڪري سان جذبن جي وشال ڪائنات پيچ پاتل هئي، جنهن ۾ توسان راز وارو رابطو ٿي پوڻ جي رنگين تصور سميت، انوکن احساسن ۽ سُهڻن سپنن جون ڪروڙين ڪهڪشائون جرڪي پيون هيون. اهو ئي سبب هو، جو سخت گرميءَ ۾ گاڏو گهيلڻ باوجود اندر جي ماٿريءَ مٿان ٿڌڙيون گنگهور گهٽائون گُهلي پيون هيون!
    چوڌري اسلم جي دڪان تي کيس حساب ڏيئي، سندس واتان وري سٺي ڪلفي فروش واري داد وصول ڪري گهر ڏانهن روانو ٿيو هئس، تڏھن موبائل فون نه هجڻ واري محرومي دل ۾ ڀڳل ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي هئي.
    گهر ۾ داخل ٿيندي ئي امان ڳل تي چمي ڏيئي، چُنيءَ سان پگهر اُگهندي چيو هو:
    “قُربان وڃان تو تان پٽ! ههڙي گرميءَ ۾ گاڏو ڌڪي موٽيو آھين. وهنجي اچ، پوءِ چانهه پيءُ!”
    باٿ روم ۾ هليو ويو هئس. جسم تي پاڻي هاريندي به تنهنجو تصور دل ۾ ڪتڪائي ڪري رهيو هو. توسان ٿيل اڄوڪي دلرُبا ملاقات جون سُرهيون ساروڻيون سوچن جي جهولن تي لڏي رهيون هيون. بس موبائيل فون نه هجڻ واري محرومي ڌوٻيءَ جي هٿن جيان هانءُ کي نپوڙي رهي هئي!
    ٻه ٽي مهينا اڳ تائين ته اسانجي گهر ۾ ٽي موبائيل فون موجود هئا. پر هڪ مهيني اندر اندر ٽيئي موبائيل ھٿن مان هليا ويا هئا. منهنجو موبائيل، بيلنس نه هجڻ واري فرسٽريشن دوران گٽر ۾ ڪري ناڪاره بڻيو هو، بابا سج لٿي کانپوءِ والڪرٽ وٽان گذرندي شاهينگن هٿان موبائيل ڦُرائي ويٺو هو، جڏھن ته ادي وڏي وارو موبائيل ڪجهه ڏينهن مون استعمال ڪيو هو، پر هلندڙ ڇتين مورين ۾ اهو به سيڪنڊ ھينڊ موبائيلن جي دڪان تي اوڻو پوڻُو کپائي، امان جون دوائون ورتيون هئم. تڏھن کان اسانجي گهر، پاڙي جو پهريون گهر هجڻ جو اعزاز ماڻيو هو، جيڪو جديد دؤر ۾ به موبائيلن جي سهاري بنا هلي رهيو هو!
    باٿ روم کان ٻاهر ايندي سوچيم، امان کي منت ميڙ ڪري پئسا وٺي، اڄ جو اڄ سيڪنڊ ھينڊ ئي سهي، موبائيل ضرور خريد ڪندس ۽ هُن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندس...
    آئيني اڳيان وارن کي ڦڻي ڏيندي، پنهنجو مرجهايل چهرو ڏسي سوچيم:
    “رڳو ٻه ڏينهن اس ۾ گاڏو گهيلڻ سبب حالت برڊ فلو جي شڪار ڪڪڙيءَ جهڙي ٿي پيئي آھي، پر جن ماڻھن جون حياتيون سدائين تتل ايامن جي سخت پورهئي سان پرڻيل هونديون آھن، تن جي رنگت ڪهڙن رنگن جو رنگ ٿي پوندي آھي!؟ متان ايئن ته ناهي، جو انسان جو اصل رنگ اميراڻي آرام ۽ غريباڻي مشقت وچان ڪٿي گم ٿي ويو آھي!؟
    امان سان گڏ کٽ تي چانهه پيئندي، سندس چهري کي ڌيان سان ڏٺو هئم. بلڪل ايئن جيئن ننڍپڻ ۾ کيس خوشگوار مُوڊ ۾ ڏسي، چپس وٺي ڏيڻ لاءِ انگل ڪندو هئس، ايئن ئي کيس چيم:
    “مٺڙي امان پئسا ڏي ته موبائيل وٺان!؟”
    امان مايوسيءَ مان وراڻيو:
    “اڄ بجليءَ جي بِل جي آخري تاريخ هئي. جيئن تيئن ڪري پورت ڪيم. گئس اڃان ڪٽيو پيو آھي. ادي گل محمد جي ڇوڪري جي مڱڻي به سڀاڻي آھي. تنهنجي ۽ پڻھين جي اڄوڪي ڏھاڙي اتي کپي ويندي. مهينو کن صبر ڪر، چاچهين جي ٻارن جي شاديءَ کانپوءِ ڀلي موبائل وٺجان!”
    امان هفتن جي ڳالهه ڪري رهي هئي، پر کيس ڪهڙي خبر ته جن حالتن مان آءٌ گذري رهيو هئس، تن ۾ سيڪنڊن جو صبر ڪرڻ به مون لاءِ مشڪل بڻيل هو! خيال آيو ته چوانس:
    “منهنجو مامو سڏائڻ کي شرمندگي سمجهندڙ مامي گل محمد جي پَڇ ڍائي پٽ جي مڱڻي تقريب ۽ پاڻ کي سوا سير سمجهندڙ چاچي جي پاڻ پرست اولاد جي شادي ڪاڄ ۾، پنهنجو ڪيل غريباڻُو خرچ ڇِڻڪو ئي ڪون ڪندو! اهي پئسا ڏي ته پراڻُو سُراڻو فون وٺي هُن سان ڳالهائي، چپن جا زنگ ۽ دل جا ٿَڪ لاهي سگهان.”
    پر ڪجهه به چئي ڪو نه سگهيو هئس، ڇو ته اسان مٿان امان جي شخصيت ايتري ته حاوي ٿيل هئي، جو ڪو به گهر ڀاتي ساڻس چاهيندي به اختلاف رکي ڪو نه سگهندو هو.
    توسان ڳالهائڻ جي هُرکُر ۽ فون جي اڻھُوند، دل کي چيڀاٽيل حسرتن جو باغيچو بڻائي ڇڏيو. آس نراس جي ميرانجهڙي ماڪ ۾، هڪ خيال تازي هوا جي ٿڌڙي جهونڪي جيان سوچ جون لامون لوڏڻ لڳو ۽ آءٌ کٽ تان اٿي، گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳس. امان حيرت مان پڇيو:
    “بابلا ڪيڏانهن؟”
    “بس ٿوريءَ دير ۾ اچان ٿو.”
    روڊ تي هلندي، سامهون دڪان تي چوڌري اسلم کي اڪيلو ويٺل ڏسي، خوش ٿيئس، ڇو ته ماڻھن ۾ ساڻس مطلب جي ڳالهه ڪري ڪون سگهان ها!
    مون کي ڏسي حيرت مان پڇيائين:
    “ڇو جلد موٽي آئين، خير ته آھي؟!”
    ڪرسيءَ تي ويهندي وراڻيم:
    “چوڌري صاحب مڙوئي خير آھي.”
    پهرين دل ۾ آيو ته امان بيمار ٿيڻ جو ڏٽو ھڻي، سندس همدرديون حاصل ڪريان ۽ پوءِ علاج جي بهاني اُڌار گهران. پر الاءِ ڇو سفيد چشمي جي شيشن پويان ڏسندڙ مهربان ۽ تجربيڪار نيڻن اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيم.
    “چوڌري صاحب موبائيل وٺڻُو اٿم، اُڌار ڪريو، ڏهاڙين مان ڪٽي وٺجو.”
    چوڌريءَ مونکي چتائي ڏٺو. بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سوچيم:
    “رڳو ٻن ڏھاڙين جي ڪاروباري تعلق جي ڀُتل ڪاٺيءَ تي ايترو بار رکڻ مناسب نه هو!”
    پڇتاءَ جي پيڙا لوئڻ لڳي. چوڌريءَ پڇيو:
    “سم اٿئي يا نه!؟”
    سندس جملو ٽوڪ جي ڪنڊي جيان لڳو. سوچيم:
    “پنجابي سم جو پڇي، دراصل مون وٽ “ڪجهه نه هجڻ” جو ڪنگالپڻو مون کي ياد ڏياري طنز ڪري رهيو آھي!”
    خاموش ٿي پيس. چوڌريءَ کيسي ڏانهن هٿ وڌائي، پنهنجو موبائل فون ڪڍي ورتو. سم ڪڍندي چيائين:
    “مونکي هونئن ته توکي بهترين ڪلفي فروش جو انعام ڏيڻو ئي هو. سٺو ٿيو منهنجو انعام تنهنجي ڪم جي شيءِ بڻبو.”
    اچرج مان کيس ڏٺم. هن فون سان گڏ سئو جا ٻه نوٽ ڏيندي چيو:
    “سم به وٺجان ۽ بيلنس به لڳرائجان. تعارف، واعدا ۽ انعام اڌورا هجڻ نه گهرجن!”
    سندس ٿورو مڃي، دڪان کان ٻاهر نڪري آيس. يونيورسٽي لائيف ۾ ڪامريڊن، قلمڪارن ۽ دانشورن طرفان وڏيرن، سيٺين، چوڌرين، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن وغيره کي مليل سڀ گاريون ناانصافي محسوس ٿيون. سوچيم:
    “سٺائي ۽ خرابي انفرادي وصفون آھن. انهن کي طبقاتي، جاگرافيائي، نسلي ۽ لساني پسمنظر ۾ ڏسڻ وڏو ڪوڙ آھي!”
    کيسي مان ٻٽون ڪڍي، پراڻي سم ڪڍي ورتم. بيلنس لوڊ ڪرڻ واري دُڪان ڏانهن ويندي، تو سان فون تي ڳالهائڻ جي کينچلي سپني جو سونو پکي، دل جي پڃري ۾ لڪائي، ڄڻ زمين کان ٻه ٽي فوٽ مٿي هلي رهيو هئس!


    (7)

    سنسان گليءَ ۾ توکي ڏنل پهرين مس ڪال، پهرين پريت جي ممنوع چميءَ جهڙي لڳي هئم.
    ڳپل دير جڏھن تنهنجي بيڪ ڪال ڪونه آئي هئي، تڏھن ياد آيم ته تو مون کي ميسيج موڪلڻ جو چيو هو ۽ آءٌ تو سان ٽيليفونڪ رابطو شروع ڪرڻ جي چارم ۾ مس ڪال هڻي ويٺو هئس. تڏهن ھوش، جوش کي ملهه دسي پڇيو هو:
    “هُن کي فرشتا ٻُڌائيندا ته مس ڪال وارو نمبر ڪنهن جو آھي؟!”
    تڏھن ئي تو کي ميسيج لکيو هئم:
    “مٺا ماڻهو! لڳيءَ کي لعنت چوڻ بدذوقين جي ٻولي آھي! پر توسان دل لڳائي، مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آھي! تنهنجين اکين جي ڪائنات منهنجي دل ۾ پيوند ٿي پوڻ جو عجوبو بڻي آھي! ۽ مون تنهنجي وجود جي واس ۾، عاشقيءَ جا انوکا اسرار پَسيا آھن!
    ڪال نه ڪندئين؟!
    آءٌ تنهنجو ساڳي ويهن جي ٻن نوٽن ۾ ويڙھيل اڇي ڪاڳر تي لکيل نمبر جو محتاج ٿي پيل، ڪلفي فروش.”
    پهريون ميسيج سينڊ ڪندي، ڄڻ توکي پنهنجي دل به سينڊ ڪئي هئم، ڊليٽ ٿيڻ جي ڊپ بنا!
    ڪال ڪرڻ ۾ دير ڪئي هيئي. مون ٻيو ميسيج موڪلڻ ۾ تڪڙ ڪئي هئي.
    “ڊيئر تو سان ڳالهائڻ جي سندر سپني جو مور پکي، دل جي پڃري ۾ بيقرار ٿي پيو آھي. تون ويسارن جي ساون وڻن ۾، مونکي ڪال ڪرڻ جي واعدي جو سبز طوطو اڃان ڏسي نه سگهي آھين!؟ ۽ مون ڪَٺن انتظار جي ڪاون کي اڌورن آسرن جي مانيءَ سان گڏ، دل جي آڱرين سان پيراڻي روٽ جيان ڪيترو نه مهٽيو آهي! پر تون آھين، جنهن اڃان تائين ڪال ناهي ڪئي!
    ڪوري ڪاڳر تي تنهنجي لکيل نمبر جي يارنهن انگن ۾ ٽُٽي ٽُڪرا ٿي ويل- تنهنجو ساڳيو ڪلفي فروش.”
    ميسيج سينڊ ڪندي، ھڪ ايبسٽريڪٽ خيال سوچ جي ٻُوڙن ۾ کُڙڪو ڪيو هو:
    “سائنسي ايجادن جي حيرت انگيز سفر ۾ ڇا ايئن ممڪن ناهي ته ماڻهو ڪڏھن ميسيج سان گڏ پاڻ به سينڊ ٿي ٻئي پار پهچي وڃي!!”
    وري ڪي بيڪار لمحن جا ڪوئا، منتظر دل کي ڪُتري، ويندڙ وقت جي ٻِرن ۾ هليا ويا هئا، پر تنهنجي ڪال ڪو نه آئي هئي.
    سنسان گليءَ ۾ بيمقصد چڪر لڳائي واپس موٽي رهيو هئس. پري کان آصف جي دڪان ڏانهن نگاهون اُڇليون هئم. ٻاهران ڪو به ڄاتل سڃاتل چهرو نظر ڪونه آيو هو. جن ٿَلهن تان ڪڏھن مون سنگتين ساٿين سان گڏ، ڳالهين جا ڳيرا اُڏاريا هئا، انهن پَٽن تي هڪ پينُو فقيرياڻي پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن کي پارُوٿو ڀت کارائي، غربت جي عالمي ڏينهن تي غُربت ۽ دنيا سان گڏيل جنگ وڙھي رهي هئي! اتي ئي ڀرسان هڪ پوڙھو ڪتو، ٻارن جي وات ۾ ويندڙ چانورن تي اکيون اٽڪائي ويٺو هو. مون کي چئن ئي ساهوارن جي زندگيءَ ۾ ڪو خاص فرق محسوس ڪو نه ٿيو! بلڪل ايئن جيئن حڪمرانن جي تبديلين باوجود اسانجو ملڪي نظام ۽ معاشرتي منظر،جمود جو گُونگهٽ هٽائي تبديليءَ جو مُنهڙو ڏسي نه سگهندا آھن!
    ان ئي ويل موبائيل جي رنگ ٽيُون وڄڻ سان گڏ، کيسي ۾ رکيل موبائيل ۾ وائبريشن شروع ٿي هئي، پر اسڪرين تي تنهنجو نمبر ڏسي، منهنجي دل ته شايد ان کان به وڌيڪ وائبريشن ڪئي هئي! وائبريشن ڪندڙ ھٿن سان ڪال رسيو جي آپشن تي آڱر رکي هئم!
    بانسريءَ جي صدا سان مشاهبت رکندڙ تنهنجي آواز، سندم سماعتن سان سرگوشي ڪئي هئي.
    “هيلو!”
    “جي مٺا ماڻهو!”
    “هينئر هينئر ڀاڄائي پاڙي ڏانهن ويئي آھي، ۽ مونکي مٿي ڇت تي اچي توسان ڳالهائڻ جو موقعو مليو آھي، پر توهان ته اڃان تائين پنهنجو نالو به ناهي ٻُڌايو؟”
    “منهنجو نالو شرجيل آھي، پر تنهنجي پهرئين ديدار مون کان منهنجي نالي سميت سڃاڻپ جا سڀ احساس ڦُري ورتا آھن. آءٌ شرجيل کان ڪلفي فروش تائين، تنهنجي نيڻن ۾ موجود نرالي نقطي ۾ وجود وڃائي چڪو آھيان.”
    حيرت مان پڇيو هيئي:
    “نرالو نقطو… ڇا مطلب؟!“
    “اصل ۾ مونکي تنهنجي اکين سان اکيون ملائيندي الاءِ ڇاڇا محسوس ٿيندو آھي…؟؟! جنهن کي لفظن ۾ اظهارڻ ناممڪن آھي.”
    “شروع ۾ ته مون به ڌيان ڪونه ڌريو هو، پر پوءِ محسوس ٿيم، ڄڻ توسان اکيون ملائيندي گهڻُو ڪجهه غير معمولي محسوس ٿيندو آھي. ايئن ڄڻ تنهنجين اکين ۾ موجود چقمق جهڙي ڪا شيءِ مونکي پاڻ ڏانهن ڇِڪيندي هجي! وهم پرست نه هوندي به وهم ٿي پيو هو ته هڪ اجنبي شخص کي ڏسي، ڇو بيخود بڻجي پوندي آھيان؟ متان ڪنهن جادو واري ڌاڳي جي اثر هيٺ اچي ته نه ويئي آھيان؟!”
    تعجب جي برقي تارن ۾ وچڙي پيو هئس. جنهن محبت مونکي غير معمولي گسن تي ڀٽڪايو هو، سا هڪ طرفي هرگز نه هئي!
    چيو هئم:
    “مٺا ماڻهو! تنهنجين اکين ۾ ڏسي، ناقابلِ وضاحت رشتن جي تصديق ٿي پوندي آھي ۽ جنم جنم جي تجديد خاطر اُگهاڙين تلوارن هيٺيان رقص ڪندڙ محبت جو زخمي جسم ڇِرڪندي نظر ايندو آھي!”
    “توهان جيڪي لفظ استعمال ڪريو ٿا، آءٌ ايئن ڳالهائي نٿي سگهان، پر پنهنجي وچان الڳ مذھبن، الڳ قبيلن، اڻ ويجهڙائي ۽ اڻواقفيت جي ديوار هوندي به، پنهنجو هڪ ٻئي کي ايترو ويجهو ٿي وڃڻ يقينن ڪنهن غير معمولي رشتي جي ڪشش آھي!”
    تڏھن سوچيو هئم:
    “پٿرن جي مُون سُون جي رستن تي البيلي محبت جو شيش مهل اڏڻ واري حماقت ۾، آئون هِڪڙو شامل نه آهيان، ڪو ٻيو به ڀاڱي ڀائيوار آھي! طوفانن سان فطري دوستي نڀائيندڙ علائقن ۾ پيار جي ڪچي جهوپڙي رڳو مون نه اڏي آھي، ڪنهن ٻئي به اهڙي رسڪ کنئي آھي!”
    چند سيڪنڊ منهنجو آواز نه ٻُڌي، هيلو چيو هُيئي.
    موٽ ۾ “جي” وراڻيو هئم.
    پڇيو هيئي:
    “خاموش ٿي ويا، ڇو؟”
    وراڻيو هئم:
    “اڳي اهڙي انوکي محبت ۾ مبتلا ٿي وڃڻ جي جوازن جا پڇاڻا رڳو پنهنجو پاڻ کان ڪندو هئس، پر ھاڻ شايد ايئن ڪري نه سگهان. اهو ئي سوچي اظهار جو پاڻي برف ٿي پيو هو! ماٺ ٿي ويو هئس.”
    شايد منهنجو پُرپيچ جواب سمجهي نه سگهي هُيئين، يا وري ڪجهه ٻيو سوچي موضوع بدلايو هُيئي:
    “توهان ڇا ڪندا آھيو؟”
    “ڪلفيون وڪڻندي، توکي حاصل ڪرڻ جا پوهه پچائيندو آھيان!”
    کلي پيئي هُيئين. تنهنجو هڪ هڪ ٽهڪ، دل جي پڌر تي گلن جيان ڇڻيو هو! خوشبوئن ۾ وهنجي، ٿڌا ساهه کنيا هئم. سوچيو هئم:
    “رڳو تنهنجي ٽهڪن جي سرگم تي به زندگيءَ جو سودو ايترو مهانگو ناهي؟!”
    ٽهڪن جي کٽمٺڙن جون ڦانڊون ڦڳائيندي، وري پڇيو هُيئي:
    “شادي شُده آھين؟”
    “توکي لڳان ٿو ڇا؟”
    “افعال ته پرڻيل وارا ڪونه ٿا لڳن، پر ٿي سگهي ٿو، زال مان غير مطمئن هجين!”
    کِلي پيو هئس، صرف توکي کلائڻ لاءِ... پر تنهنجا ٽهڪ سندم سماعتن ۾ سُس پُس ڪري ڪونه سگهيا هئا!
    سنجيدهه ٿي پُڇيو هُيئي:
    “گهر ۾ گهڻا ڀاتي آھيو؟”
    “مون کان سواءِ امان، بابا ۽ ٻه ڀينرون آھن.”
    “۽ گذر بسر جو ذريعو؟”
    سچ ٻُڌي متان تون پري ٿي پوين، ان ڪري ڪوڙ ٺاهڻ متعلق سنجيدگيءَ سان سوچيو هئم، پر تو سان بينام رشتي جي پڪ ٿيڻ پڄاڻان، پنهنجي وچان ڪنهن به ملاوت جي گنجائش باقي ڪونه بچي هئي! صاف صاف چئي ڏنو هئم:
    “بابا گڏهه گاڏو هلائيندو آھي، ۽ مون ڪافي وقت واندڪائيءَ ۾ ويهڻ بعد تو تائين پهچڻ خاطر ئي سهي، ڪلفيءَ جو گاڏو ڌِڪڻ شروع ڪيو آھي!”
    ماٺ ٿي ويئي هُئينءَ. چهري جا تاثرات ڏسڻ بنا محسوس ڪيل تنهنجي ماٺ ماري وڌو هو. منهنجي مفلسيءَ متعلق ٻڌي الاءِ ڇاڇا سوچيو هوندئي! متان ايئن نه ٿئي، جو عارضي رابطن ۽ مختصر رفاقتن جون آڱرين ۾ ڏنل آڱريون وري ڇڏائجي وڃن؟!
    سوالن جي ٻاٻرن ڪنڊن ۾ وچڙي پيو هئس.
    موبائيل اسپيڪر مان تنهنجي ايندڙ جملي ٻُڌڻ لاءِ اُتاولو ٿي پيو هئس.
    “هيلو…لائين تي آھيو؟”
    “ھا لائين تي آھيان.”
    “ڇو ڀلا خاموش ٿي ويا؟”
    تنهنجي معاشي حالت متعلق ٻُڌي ڏک ٿيو. اکين ۾ ڦُٽي آيل ڳوڙھا اگهي رهي هُيس. توهان جهڙا ذھين نوجوان ماسٽرس ڊگري کڻي ڪلفيون وڪڻڻ تي مجبور آھن، ان ملڪ ۾ ميرٽ جي حالت ڇا هوندي؟!”
    ٿڌو ساهه کڻي، تنهنجي اعليٰ ظرفي ۽ حقيقي عظمت جو دل ئي دل ۾ قائل ٿيو هئس، نه ته اسان وٽ ٻين جي غربت کي تماشو بڻائي، پنهنجي رتبي جي برتري جو نماءُ ڪرڻ فيشن بڻيل آھي. پر تون هئينءَ، جيڪا منهنجي غربت جو ٻُڌي، مون لاءِ ڳوڙھا ڳاڙي رهي هئينءَ، نه ته هونئن ماڻهو ته غريبن سان سڳا رشتا به ڇِني ڇڏيندا آھن! جنهن معاشري ۾ روين کان سوچڻ تائين، ٻين جي اوڻاين کي پنهنجي وڏائي سمجهي هاءِ لائيٽ ڪيو وڃي ۽ ٻين جي سُٺائين کي پنهنجي ڪمتري سمجهي لڪايو وڃي، اتي منهنجي غربت تي تنهنجي تبصري، توکي مون اڳيان ويتر مهان ٺاهي ڇڏيو هو!
    “خاموش ٿي ويا ڇو؟ لائين تي ته آھيو نه؟”
    هن ڀيري تو پڇيو هو. وراڻيو هئم:
    “نه رڳو لائين تي آھيان، پر ڪوئل جي ڪُوڪ جهڙي مٺڙي تنهنجي آواز جي ترنم مان ڀرپور لطف اندوز به ٿي رهيو آھيان!”
    وري کِلي پيئي هئينءَ ۽ وري ٽهڪن جا ڪي پکي اُڏريا هئا. چيو هيئي:
    “تنهنجون ڳالهيون شاعرن ۽ پروفيسرن جهڙيون آھن، پر لڳي ٿو توکي مونکان سواءِ ڪو سنجيدهه ٻُڌندڙ ملي نه سگهيو آھي.”
    وراڻيو هئم:
    “توکان سواءِ منهنجي قسمت ۾ ڪو به لکيل ناهي شايد!”
    “اهو توکي ڪنهن ٻُڌايو آھي؟”
    “تنهنجين اکين!”
    “اکيون ته ڪوڙ ڳالهائينديون آھن!”
    “اکيون نه پر چَپ ڪوڙ ڳالهائيندا آھن.”
    “پوءِ اکيون ڇا ڳالهائينديون آھن؟”
    “اُهو جيڪو چَپ ڳالهائي نه سگهندا آھن!!”
    ايئن ئي اُبتين سُبتين ڳالهين جا ڪيئي ڳوٺ لتاڙيندا رهيا هئاسين. تو پنهنجو نالو مينا ڪماري ٻُڌايو هو ۽ اهو به ٻُڌايو هو ته تنهنجو والد اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هو. تنهنجو وڏو وڪيل ڀاءُ تازو جج مقرر ٿيو هو ۽ تنهنجو چاچو پوليس ۾ ايس ايڇ او هو. تو اهو به ٻُڌايو هو، ته کپري سان تعلق رکندڙ تنهنجي ماءُ جو ڀاءُ پوليس ۾ ڊي. ايس. پي هو ۽ هڪ سئوٽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي هڪ پارٽيءَ طرفان ايم. پي. اي چونڊيل هو ۽ تازو اقليتي معاملن جي صوبائي وزارت جو قلمدان مليو هئس.
    تنهنجون ڳالهيون ٻُڌي تنهنجي سماجي حيثيت کان مرعوب ٿي پيو هئس، پر حوصلا افزائيءَ جي حقيقت اها هئي، جو تو ڪٿي به پنهنجي برتري ۽ منهنجي ڪمتريءَ جو احساس ڏياري، مونکي محرومين ۾ مبتلا ڪونه ڪيو هو!
    تو اهو به ٻڌايو هو ته تو وٽ تمام گهڻي محبت ڪندڙ ماءُ موجود هئي، جيڪا توکي گهڻي دير ويجهو نه ڏسي، اداس ٿي پوندي هئي. تو اهو به ٻُڌايو هو ته تو تازو ئي سنڌ يونيورسٽيءَ مان فزڪس ۾ ايم. ايس. سي ڪئي هئي ۽ وانڪائيءَ جي وندر خاطر هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳي هُئينءَ. تنهنجو ننڍو ڀاءُ توکي هر روز موٽر سائيڪل تي اتي ڇڏي پوءِ پنهنجي اسڪول ويندو هو. ڪڏھن ڪنهن ڪم سبب پهچي نه سگهندو هو ته ميسيج ڪري ٻُڌائيندو هو ۽ تون رڪشا کڻي گهر ويندي هُئينءَ.
    “تو کان ڪلفيون وٺي رڪشا ۾ واپس ويندي، رڪشا ڊرائيور آڏيون ساڏيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. نيٺ ڪاوڙ ۾ ڇنڊ پٽي کيس سندس حدون ياد ڏياريم، تڏھن وڃي چُپ ڪيائين.”
    تو ٻُڌايو هو ... ۽ اهو به توکان ٻُڌو هئم ته تنهنجا ماءُ پيءُ توکي پنهنجي برادريءَ جي دبئيءَ ۾ رهندڙ ڊاڪٽر ڇوڪريءَ سان پرڻائڻ جو ارادو رکندڙ ھئا.”
    ڳالهين جي ڳهر ۾، وقت جو احساس ئي پُٺيرو ٿي ويو هو.
    “جتي توسان رڳو ڳالهائڻ ئي ڪيترو نه مزيدار ۽ خوشين سان ٽمٽار هو، اتي توسان جيوَن گڏ گُذارڻ ڪيترو نه سهڻو هوندو؟!” اهو تڏھن سوچيو هئم، جڏھن چيو هيئي:
    “اڄوڪي موبائيل ڪچهري بس ايتري! ڀاڄائي، بابا ۽ ادا وارا ايندا ھوندا، وري سڀاڻي فرصت ۾ ڪال ڪنديس.”
    ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿيڻ جي آواز سان گڏ موبائيل کي حسرت سان ڏٺو هئم، ايئن ڄڻ ڪال ڪٽجڻ جو ذميوار موبائيل ئي هجي!
    تو سان پهرين موبائيل ڪچهريءَ جي مينهن ۾ پُسڻ وارو پاڻي، دير تائين سوچن جي جهوپڙيءَ مان ڦُڙو ڦُڙو ٿي ٽميو هو. تنهنجن چپن سان چلولايون ڪري ايندڙ لفظن، دير تائين سماعتن ۾ سُرهاڻ اوتي هئي! ۽ تنهنجي ٽهڪن جون شھنايون، روح جي ريگستان ۾، گهر وڃڻ تائين وري وري وڄنديون رهيون هيون.
    گهر پهتو هئس ته امان موبائيل فون ڏسي پڇيو هو:
    “اُڌار ڪٿان ورتئي؟”
    ڊيگهه کان بچڻ خاطر وراڻيم:
    “سيٺ کان ورتم.”
    ادي وڏي امينه موبائيل ڏانهن ڏسي پڇيو:
    “ڪئمرا جي رزلٽ ڪيئن اٿس؟”
    جيستائين کيس ورندي ڏيان، ادي ننڍيءَ لالان پڇيو:
    “گيم ڪهڙيون آھن؟”
    جيستائين کيس ٻُڌايان، ادي وڏي جهٽ ڏيئي مونکان موبائل ڦُري ورتو. مخاطب ٿي چيائين:
    ادا هن وڳي ۾ سيلفي مزو نه ڪندي، ترس ڳاڙھا ڪپڙا پائي اچان.”
    ادي لالان کيس ٻانهن کان جهليندي چيو:
    “پهرين آءٌ گيم کيڏنديس... پوءِ تون سيلفي ڪڍندين!”
    موبائل تان ادي امينا جو غير قانوني قبضو ڇڏائڻ ۽ پنهنجو ناجائز قبضو قائم ڪرڻ لاءِ ادي لالان باز جيان جهپو ڏنو هو. ٻنهين وچان ھاٿاپائي شروع ٿي پيئي هئي ۽ مونکي وري موبائل فرش تي ڪري ٽُٽي پوڻ جو خطرو مست اُٺ جي ڏاٺ جيان ڏنگڻ لڳو هو! بابا جي دڙڪن ۽ امان جي نصيحتن جي سهاري، وڏي مشڪل سان موبائل تان ڇيڳرين ادڙين جو قبضو ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو هئس!


    (8)

    آصف جي دڪان اڳيان آيو هئس، ماحول تي اداسيءَ جو رنگ ڇانئيل هو. جتي شام جا پاڇا لڙندي ئي آسپاس جا نوجوان اچي گڏبا هئا ۽ هِتان هُتان جي ڳالهين جا ڳُڙ ھڪٻئي سان شيئر ڪندا هئا. آصف جي والد سميت پاڙي جا چند ٻُڍڙا به دڪان اڳيان ويڪري ٿَلهي تي ويهي خاص طور ويل وقت ۽ حالات حاضره تي تبصرو ڪندا هئا. اُتي ذھني توازن وڃائي ويٺل مستاني ڇوڪريءَ جيان خاموشي کِلي رهي هئي. دوستن جي ڪچهرين وارا پراڻا ٺڪاڻا، جوڳين جي اُجڙي ويل مڙھين جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا. دڪان جو شيٽر پڻ ڪنجوس جي دل جيان بند ٿيل هو!
    آسپاس جي هر شيءَ کي ڄڻ ويرانيءَ جي پيئڻ بلا پِي ويئي هئي. سمجهي نه سگهيو هئس ته آخر ان اداسيءَ پويان ڪهڙي ڪارڻ جو گڏهه ليٽيو هو؟!
    سج لهي چڪو هو. آسپاس بجليءَ جا بلب روشن ٿي پيا هئا. پر آصف جي دڪان جي شيٽر مٿان لڳل وڏو بلب اُجهاميل هو.
    گليءَ ۾ پري پري تائين اوندهه ٿاٻڙجي رهي هئي. دڪان جي اڳيان ٺهيل ٿَلهي تي ويهي رهيس. سامهون ٻيءَ گليءَ جي دڪان تي روشنيءَ ۾ چهل پهل نظر اچي رهي هئي. سوچڻ لاءِ ڪجهه خاص ڪونه هو، بس ايئن ئي بي ترتيب خيالن جي گهوڙن تي چڙھي ويٺس:
    “اڄ هِن گليءَ جون رونقون هوڏانهن منتقل ٿي پيون آھن. سڀاڻي هُن گليءَ جون رونقون هيڏانهن به اچي سگهن ٿيون. هونئن به وڏڙا چوندا آھن ته ڪڏھن ڇَٽ پَٽن تي، ڪڏھن پٽ ڇٽن تي، سو “وارا ڄمارا” ته فطرت جو حصو آھن.”
    کيسي ۾ ھٿ هڻي امرس ٽافي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ملي نه سگهي. زبان جي خشڪيءَ کي ٻُهارو ڏيڻ لاءِ ٿُڪ اڇلائي، وري سوچڻ لڳس:
    “غريب، غريب ئي رهندو آھي ۽ امير، اڪثر غريب ناهي ٿيندو. ‘وارا ڄمارا’ اتي اثر ڇو ناهن ڇڏيندا؟!”
    منجهي پيس. ٻي ٿُڪ ٺهي پيئي، اڇلائي وري سوچڻ لڳس:
    “شايد فطرت وٽ پنهنجو قانون ته آھي، پر انصاف ناهي. ٿي سگهي ٿو انصاف جا اسان وارا تصور ئي غلط هجن!؟ ايئن به ممڪن آھي، جو هتان وارين ناانصافين جو معاوضو هُن جهان ۾ هزار گُنا وڌيڪ ٿي ملي!؟ پر ڇا ٻيو جهان آھي به سهي يا سڀ ڪجهه ھتي ئي آھي!؟ موت ٻيءَ دنيا ڏانهن کُلندڙ دري آھي، ته هوءَ دنيا ڪهڙي هوندي؟! موت حتمي اختتام ئي آھي، ته پوءِ پيدائش پويان ڪهڙو مقصد آھي؟! ڇا هي ڪائنات ايئن ئي آھي يا نه، جيئن انسان ان کي ڏسي سگهيو آھي؟!
    هن ڪائنات جي تخليق پويان ڪهڙو محرڪ موجود آھي؟! خلا ۽ مادي کان سواءِ ٻيون ڪهڙيون صورتون آھن؟!
    ارتقا جو نظريو، ‘بِگ بينگ’ کان پوءِ واري پيتي کولڻ لاءِ ته ٺيڪ آھي، پر اڳتي جي اسرارن پويان ڪهڙا اسباب موجود آھن؟! ڇا ڪائنات کي تفسير ڪرڻ انسان لاءِ ممڪن آھي به يا نه؟ اگر نه، ته پوءِ فلڪيات متعلق انساني علم، سائنس فڪشن کان وڌيڪ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟! جُزئيات ڪُل ۾ ۽ ڪُل جزئيات ۾ پيوِند ٿي پوڻ اگر ممڪن ناهي ته پوءِ شين کي نه اجتمائي شڪل ۾ ڏسڻ درست آھي ۽ نه وري باريڪين ۾ پرکڻ انصاف آھي!؟ محدود کي لامحدود ۽ لامحدود کي محدوديت ممڪن ناهي ته ان جي اصليت جو علم به سواليه نشان ٿي پوي ٿو!؟ فنا مان بقا ۽ لاعلميءَ مان ئي علم کي اٿڻو آھي، ته ڀورائيءَ جي ڀالن وارو فلسفو ڪيئن ٿو بيان ڪري سگهجي!؟ لاتعداد سوال، سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ شاديءَ جي ورهائجندڙ کارڪن تي مِڙي ايندڙ ٻهراڙيءَ جي ٻارڙن جيان اڳيان پويان اچي بيٺا! سڀني سوالن کان جند ڇڏائڻ لاءِ بس ايترو ئي سوچي سگهيو هئس:
    “سائنس جو بنيادي نقص اهو آھي، جو اها پنجن حواسن جي قيد ۾ آهي، جڏھن ته مفروضن، مذھبن کي بيوزن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي! اصل حقيقت بيان ڪرڻ جي شيءِ نه، پر محسوس ڪرڻ جي مام آھي، جنهن لاءِ غير معمولي حسي قوت گهربل آھي! جتي زمان ۽ مڪان بيهجي وڃن ٿا، سائنس اتان ئي اورتي موٽي ٿي. جڏھن ته روحانيت اتان کان اڳتي شروع ٿئي ٿي!”
    ان ئي لمحي گليءَ جي اوندهه ۾ هڪ پاڇولو سُرندي نظر آيو هئم. ويجهو کان گذرندي، مون تي نظر پيئي هيس ته ڇرڪي پرتي هٽيو هو. کيس سڏ ڪيم:
    “ڪهڙو ادا؟”
    شايد منهنجو آواز سُڃاڻي ويجهو هليو آيو هو. تڏھن سڃاتم ته هُو آصف جو ننڍو ڀاءُ هو. ڀرسان ويهندي، خوف مان جهيڻي آواز ۾ پڇيائين:
    “هتي ويٺو آھين، لڳي ٿو تو کي خبر ناهي؟!”
    عجب مان وراڻيم:
    “ڪهڙي خبر؟!”
    چيائين:
    “راحت، شمن ۽ الهداد سان گڏ لکاڏني لڙڪ جو نالو به کنيو هو. ٽيون ڏينهن کيس هتان ئي پوليس گرفتار ڪري کڻي ويئي هئي. چون ٿا لکاڏني لڙڪ کي به پوليس هاف فرائي ڪيو آھي ۽ هن وڏو گند ڪيو آھي.”
    منهنجو هانءُ ڦاٽڻ لڳو. مال جي واڙي تي مزدوري ڪندڙ مسڪين ٻالاڀولي شاعر کي، بدمست اهلڪارن عمر ڀر لاءِ معذور بڻائي وڌو! مون کي سندس زير ڪفالت گهر ڀاتين جي ننڌڻڪائي ۽ مظلوميت جو درد ٻَک وجهڻ لڳو.
    ڀرسان ويٺل نوجوان، خونخوار جانورن جي علائقي ۾ نديءَ تي پاڻي پيئڻ لاءِ ايندڙ هرڻيءَ جيان خوف مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي سڙٻاٽن ۾ چيو:
    “آصف جو نالو به لکاڏني کنيو آھي. اڄ منجهند جو پوليس اسانجي دڪان تي ڇاپو هنيو هو. آصف هٿ ڪونه آيو. ٻاهران ويٺل بابا کي کڻي ويا آھن.”
    مونکي هڪ ئي وقت الاءِ ڪيترن اُلڪن ۽ انديشن جا وڇُون ڏنگڻ لڳا!
    “آصف کانپوءِ منهنجو نمبر اچي سگهي ٿو؟! آصف واندڪائيءَ جي لمحن ۾، لکاڏني لڙڪ جو سنجيده ٻُڌندڙ هوندو هو. سندس ٻيو آپشن آءٌ هوندو هئس. هن موچڙا ڪُٽ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي ۾ شموليت جو به اعتراف ڪيو هوندو، اتي مون ڏانهن سندس ڌيان نه ويو هجي، ايئن ٿي ئي نٿو سگهي!؟ هن منهنجو نالو کنيو هوندو ته پوليس منهنجي پٺيان به لڳل هوندي! عنقريب آءٌ به فل فرائي يا هاف فرائي ٿيڻ لاءِ پوليس حراست ۾ هوندس! ٿي سگهي ٿو آءٌ به پوليس ٽارچر جي عذيت سان اٽڪي وري شڪيل، اسلم ۽ ڪن ٻين بيگناهن جا نالا کڻي کين ٻُوهي ۾ ھڻائي وجهان؟! ٿي سگهي ٿو منهنجي بدران پوليس بابا کي ٿاڻي تي گهيلي بيعزتو ڪري؟!”
    آصف جي ڀاءُ سڙٻاٽن ۾ ڪجهه چيو، پر واليوم ايترو سِلو هو، جو ڪجهه به ٻُڌي ڪونه سگهيس. صرف ايترو محسوس ڪري سگهيس ته ڀتين کي ڪَن ڪهڙين حالتن ۾ نڪري ايندا آھن؟! تڏھن ئي سڙٻاٽن ۾ پڇيم:
    “ٻُڌي نه سگهيس، ڇا چيئي؟”
    هن ڪجهه ڏاڍيان چيو:
    “ڪنفرم ڪونهي، پر ٻُڌڻ ۾ اهو به آيو آھي ته لکاڏني لڙڪ تنهنجو نالو به کنيو آھي!”
    وڍجي پيو هئس. پڪ ٿي پيئم ته لکاڏني لڙڪ، نه رڳو منهنجو نالو کنيو هوندو، پر پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوبا جي خيالي روپن جيان، ڪيئي من گهڙت وارداتون به مون سان منسوب ڪري، پوليس جي ڏنڊن کان وقتي جان ڇڏائي هوندي!؟
    ان وقت يادن ۾، لکاڏني لڙڪ جو بظاهر معصوم نظر ايندڙ چهرو، مون اڳيان بُڇان جوڳو ٿي پيو. ڏند ڪَرٽي سوچيم:
    “اجايو دماغي نَٽ لُوز ٿيل شاعر سان ھمدردي ڪري،پاڻ کي ڏچي ۾ هڻائي ويٺو آھيان.پڪ سان هن پهرين انهن جا نالا کنيا هوندا، جن هن جي شاعري گهڻي ٻُڌي هوندي! سچپُترن جي سنگت ۾، اهي نالا سندس شاعراڻي ذوق ۽ نفيس حافظي جو حصو ٿي ڪون سگهيا هوندا، جن سندس شاعري ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري، کيس ٽاري ڇڏيو هوندو يا وري ڇڙٻ ڏيئي چَلتو ڪيو هوندو!”
    لکاڏني لڙڪ سان ماضيءَ جون ملاقاتون ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪارڻ بڻجي پيون!
    آصف جو ڀاءُ اٿي وڃڻ لڳو. ويندي ويندي بيهي رهيو، ڄڻ ڪجهه ياد آيس، واپس اچي سڙٻاٽن ۾ چيائين:
    “نئون ايس. ايڇ. او خردماغ قسم جو ماڻهو آھي. ڏوهه ختم ڪرائڻ جي ماليا خوليا ۾ ماڳهين سُڪن سان گڏ ساوا به ساڙيو ڇڏي. پر چون ٿا ته پئسي جو پُٽ آھي. توکي صلاح ڏيان ٿو، مُٺ گرم ڪرينس ته پچر ڪونه ڪندو، پر ٿوري تي راضي ڪون ٿيندو!”
    خاموش رهيس.
    “ٿوري تي راضي ڪونه ٿيندو” واري جملي سبب سندس صلاح مون لاءِ ناقابل عمل بڻجي پيئي هئي!
    هن رازداريءَ مان چيو:
    “اسان آصف ۽ بابا وارو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ڪائونسلر صاحب کي ايس. ايڇ. او وٽ موڪليو آھي. 50 هزار گهريا اٿس. اميد ته جلدي مسئلو حل ٿي ويندو، پئسو وري ڪمائي وٺبو!”
    50 هزارن جو ٻُڌي سندس صلاح ۾ بچيل کُچيل دلچسپي به پساهه پورا ڪري ويئي هئي!
    آصف وارن متعلق اڳي به دوستن کان افواهه ٻُڌا هئم ته ريزڪي دڪان جي آڙ ۾ هيروئن کپائيندڙ هئا، پر ان ڏينهن پڪ ٿي پيئم ته ڪٿي نه ڪٿي معاملو گڙٻڙ جو شڪار ضرور هو!
    هُو ڇپي ڇپي وڃڻ لڳو. آءٌ اتي ئي اوندهه ۾ ويٺو رهيس. ان ڏينهن الاءِ ڇو؟ اوندهه مون کي تحفظ جي احساس سان ڀرپور ۽ ساهه سيبائيندڙ لڳي رهي هئي. پر چند ڏينهن کان تنهنجي تصور سان معطر بڻيل من کي، اوچتو آصف جي ڀاءُ جي ٻُڌايل ڳالهين بي رنگ ۽ بد رونق بڻائي وڌو هو. توسان لاڳاپيل رنگين سوچن جي گل ٻاٽيءَ کي، پوليس کان ٻڌجڻ ۽ فرائي ٿيڻ جي خوف جا زهريلا جيت وڪوڙي ويا هئا. لکاڏني لڙڪ کي بددعائون ڏيندو اُٿيو هئس. سامهون گاڏيءَ جون روشنيون ڏسي ڀرواري گليءَ جي اوندهه ۾ هليو ويس.
    گاڏي آصف جي دڪان اڳيان اچي بيٺي هئي، تڏھن پڪ ٿي پيئي هئم ته اها پوليس موبائل هئي. موبائل اڳيان ڪي پوليس وارا به هيڏانهن هوڏانهن چُرندي ڦِرندي نظر آيا هئا. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پوليس جو خوفناڪ ترين تصور سامهون آيو هو. راحت، لکاڏني لڙڪ ۽ ٻين سان پوليس جي ڪيل سلوڪ جو خيال ايندي ئي بدن ۾ سيئوکِڙي ٿي رهي هئي. ڳولي ڳولي گلين جي اوندهه ۾ ٻُڏل پاسن تان گذري گهر پهتو هئس. بلب جي روشنيءَ ۾ بابا جي اکين اندر مچ ٻرندي ڏٺا هئم. جن مان نڪتل ڄڀين ۾ پاڻ کي پُڄرندي محسوس ڪيم. بيچين ٿي امان ڏانهن ڏٺو هئم. اداسيءَ مان پڇيائين:
    “پڻهين ٻاهران ٻُڌي آيو آھي ته پوليس ڪي ڌاڙيل پڪڙيا آھن، جن تنهنجو نالو به کنيو آھي؟!”
    وراڻيم:
    “ڪنهن ڌاڙيل نه، پر هڪ بيڏوهي معصوم شاعر، پوليس جي موچڙن ۾ وِڦلي، منهنجو نالو کنيو آھي.”
    بابا نگاهن جا اُلا اُلاري پڇيو هو:
    “ان شاعر منهنجو نالو ڪونه کنيو، تنهنجو ڪيئن کنيو؟!”
    جواب ڏيئي نه سگهيو هئس. ڪياڙي کَسري امان ڏانهن ڏٺو هئم. بابا ڪڙڪدار آواز ۾ چيو:
    “مون اڳيئي ماڻهين کي ٻُڌايو هو ته پُٽھين جنهن سنگت ۾ هلي پيو، ان جو نتيجو چڱو نڪرڻو ناهي! توکي به چيو هئم پر ڪونه مڃئي نه!؟”
    چپ چاپ جو چيوگم چٻاڙڻ بنا ڪو چارو ڪون بچيو هو.
    بابا، امان سان مخاطب ٿي چيو:
    “هِن وارا سنگتي ڦُرن، ڌاڙن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوهن ۾ نه رڳو شامل رهيا آھن، پر مڃي به چُڪا آھن. پوليس سندن بيانن موجب گينگ جا باقي ڏوهاري پڪڙڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهي آھي. تنهنجو سڀاڳو به شايد دير سوير تُرم ۾ وڃڻ وارو آھي.”
    امان مُنهن ڦِٽائي، بابا کي ڇَڙٻ ڏيندي چيو:
    “ڪهڙي ويل وري آھي! وائِي ته چڱي وار، پُٽ جيل ۾ ويو ته پنهنجو پويان ڪير آھي؟”
    بابا لاپرواهيءَ مان وراڻيو:
    “سڄو ڏينهن گڏهه کي ڪِٽ ڪِٽ ڪرڻ باوجود هن کي ڏکيو ڏينهن ڏسڻ ڪون ڏنوسين، پوءِ به پُٽھين کان پُڇ ته ڪهڙي ضرورت هئي، اهڙي ٻه نمبر سنگت ۾ اڳتي پوئتي ٿيڻ جي؟!”
    امان غمناڪ اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو ھو، اهڙيون اکيون جن ۾ ماءُ جي ممتا سان گڏ، ڏيئي نه سگهيل ڏوراپن ۽ پڇي نه سگهيل سوالن جو درد، اڌ ڪُٺل پکيءَ جيان ڦٿڪي رهيو هو. موٽ ۾ مون به نماڻا نيڻ کڻي نهاريو ھو، اهڙا نيڻ جن ۾ يقين ڏياري نه سگهڻ جو زخمي احساس ۽ شڪي ٿي پيل چپن جي اعتبار وڃائي ويٺل لفظن جي اذيت، گڏگڏ ليٽيل هئا!
    ڪيئن ۽ ڪهڙن لفظن ۾ ٻُڌايان ها ته قادر ۽ فرحت معمولي اسٽيٽ ڪرائم جا مجرم هئا، جن کي پوليس مقابلي ۾ وڏا ڌاڙيل ظاهر ڪري پڪڙڻ جو ڊرامو ڪيو پئي ويو! منهنجو ڏوهه اهو هو، جو آءٌ لکاڏني لڙڪ جي سئو لَکي شاعري ٻُڌندو هئس. لکاڏني لڙڪ جو ڏوهه اهو جو، هُن شاعري ٻُڌائڻ خاطر راحت ۽ قادر سان عليڪ سليڪ رکي هئي ۽ اسان مان گهڻن جو ڏوهه اهو هو جو، اسان وٽ آصف وارن جيان 50 هزار موجود نه هئا!
    ان ئي ويل ادي لالان چاچي زينت جي گهران سهڪندي آئي هئي.روئڻھارڪي آواز ۾ امان کي چيائين:
    “چاچيءَ جي گهر،مونکي ماين کُونڌي ڇڏي،چون تنهنجو ڀاءُ ٻہ نمبري ڪم ڪندو آھي،پوليس سندس پويان لڳل آھي!”
    لڙڪ هاڻين اکين سان ڏسڻ کان وڌيڪ هڪ لفظ نه ڳالهائي نه سگهيو هئس، اهڙيون اکيون جن ۾ اڻ- اظھاريل لفظن جا گهرا گهاؤ، پيوند ٿي پيل هوندا آھن!
    ڪمري ۾ ڪارڙي تتر وانگر ٻوليندڙ پنکي هيٺيان رکيل کٽ تي وڃي ليٽيو هئس. امان ماني کڻي آئي هئي، هڪ لولو کائي ٻه لولا کيس موٽائي ڏنا هئم. امان دلداري ڏيندي چيو:
    “پٽ پريشان ٿي. مونکي به پريشان نه ڪر، ٿي سگهي ٿو پوليس وٽ تنهنجو نالو نه هجي، ڪنهن دشمن افواهه پکيڙيو هجي!؟”
    امان واري ڳالهه ڪجهه حوصلو ڏنو هو، پر الاءِ ڇو؟ دل ۾ اُلڪن ۽ انديشن جي ٽُٽي پيل ڪنڊن کي تسليءَ جي ڪا به سُئي ڪڍي ڪونه سگهي هئي!
    پاسا ورائيندي سوچيو هئم:
    “پوليس ٻڌو ته ڪهڙو سلوڪ ڪندي؟! گهر ۽ پاڙي وارا ڇا چوندا؟! مينا سان شروع ٿيل عشق جو ڇا ٿيندو؟! ۽ هوءَ جڏھن ٻُڌندي ته آءٌ پوليس وٽ فرائي ٿيو آھيان يا وري جيل پهتو آھيان، ته ڇا سوچيندي؟! ڪيئن يقين ڏياري سگهندس ته آءٌ بيڏوهي آهيان!؟”
    بس ايئن ئي عذابي رات گذرڻ لڳي هئي.


    (9)

    راتوڪي رات جي اوجاڳي سبب اکيون ڳاڙھيون هئم. امان ناشتو ڏيئي چيو هو:
    “پڻھين چيو آھي ته اڄ ٻاهر متان نڪرين، متان پوليس وٽ تنهنجو نالو هجڻ واري خبر سچي هجي!”
    ڪنڌ ڌُوڻي “ها” ڪئي هئم.
    ناشتو ڪري ليٽيو هئس ته مِٺاڻ تي مِڙي آيل ماڪوڙين جيان، ننڊ نيڻن مٿان وري ويئي هئي. ٽين وڳي ڌاري امان زوري اُٿاري ماني کارائي هئي. چارج تي لڳل موبائل ۾ ڪال ريڪارڊ چيڪ ڪيو هئم، ڪا به مس ڪال لڳل ڪونه هئي. ڪپڙا سبندڙ ادڙين جي هلايل مشينن جي آوازن کان گهٻرائي ٻاهر وڃڻ چاهيو هئم، پر ٻاهر وڃڻ تي لڳل بابا جي بندش سبب ڪمري ۾ ويهي بور ٿيندو رھيو هئس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گهريلو قيد دوران آزاد چُرپُر جهڙي انمول نعمت جو حقيقي قدر معلوم ٿيو هئم. چُرڻ ڦرڻ کان معذور ماڻھن، جيل جي قيدين ۽ حويلين ۾ بند جوڀن سان حقيقي همدردي محسوس ڪئي هئم.
    سج لٿي ويل بابا آيو هو. سندس اکين ۾ مون لاءِ موجود ککرن جو مانارو بدستور موجود هو. کانئس ٻاهر جو واءُ سُواءُ وٺڻ لاءِ ڳالهائڻ جي رسڪ کڻي ڪونه سگهيس.
    امان باٿ روم مان ٻاهر نڪتي هئي ته بابا کان پڇيائين:
    “پوليس ۽ ڌاڙيلن واري اڄوڪي خبرچار ڏي ؟!”
    “ٻي ته ڪا نئين ڳالهه اڄ ٻُڌڻ ۾ ڪونه آئي آھي، باقي ٻُڌو آھي ته ديدار جي سنگتين مان پوليس پڇا ڳاڇا بعد آصف ۽ مولوءَ کي ڇڏي ڏنو آھي.”
    دل چيو ته بابا جي جملن مان “پڇا ڳاڇا بعد” وارن لفظن جي جاءِ تي “ڏيتي ليتيءَ بعد” وارا لفظ لڳائي درستگي ڪريان، پر بابا جي امڪاني ردعمل سبب خاموش ئي رهيس. امان چيو:
    “پوليس وارا به آخر انسان آھن. بي ڏوهين کي نيٺ ڇڏي ڏيندا؟!”
    لفظ ‘انسان’ سميت امان جي ڳالهايل لفظن ۾ پڻ ڪافي ساري ‘اصلاح’ جي گُنجائش محسوس ٿي هئي، پر بابا جي موجودگيءَ سبب ڳالهائڻ جي جرئت ڪري ڪون سگهيو هئس. امان مونکي حاڪماڻي انداز ۾ مخاطب ٿي چيو هو:
    “پٽ! سڄو ڏينهن گهر ۾ پُورجي ٿڪجي پيو هوندين. وڃ، وڃي شهر گُهم! تون مجرم ته ناهين، جو لِڪو ويٺو هجين!”
    محسوس ڪيو هئم ته اڃان خطرو ٽريو نه هو، پر امان جي ڏنل حڪم کانپوءِ به ٻاهر نه نڪرڻ بزدلي هئي، ان ڪري ٻاهر نڪرڻ جي رسڪ کڻڻي ئي پيئي.
    اسلم جي دڪان تي آيو هئس ته هن پڇيو هو:
    “اڄ ڏھاڙيءَ تي ڪون آئين، ڇو ڀلا خير ته هو؟!”
    بخار هجڻ جو ڏٽو هنيو هئم. هن دلبر انسان پنج سئو جو نوٽ ڏيندي چيو:
    “پُٽ! وڃ، وڃي پنهنجو علاج ڪرائي.”
    دڪان مان نڪري، سيٽ لائيٽ وٽان چڪر لڳائي، گلين مان گُهمي ڦِري نيٺ آصف جي دڪان تي پڳو هئس ته لائيٽ به جهٽڪو هڻي هلي ويئي ۽ هر پاسي رات جي ڪاراڻ پکڙجي پيئي هئي. آصف ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ مونکي ڏسي ڇرڪ ڀري پڇيو:
    “تون؟!”
    وراڻيم:
    “ها آئون…! توکي تنهنجي والد جي آزاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ آيو آھيان.”
    هن خير مبارڪ چئي، رازداريءَ مان مونکي چيو:
    “يار پوليس کل لاهڻ لاءِ ڪاتي تِکي ڪري ويٺي آھي، بابا جي رهائي بدلي سٺ ھزار ورتائون. چون ٿا مولوءَ کي اسي هزار جي ڇُري لڳي آھي!”
    آصف، آيل گراهڪ کي وکر ڏيئي وري ڀرسان اچي ويٺو. رازداريءَ مان چيائين:
    “منهنجي صلاح وٺين ته معاملو ٿڌو ٿيڻ تائين، گهر کان ٻاهر نه نڪر. مون ٻُڌو آھي ته لکاڏني لڙڪ تنهنجو نالو به کنيو آھي. الاءِ ڪهڙي سبب توکي پوليس اڃان گرفتار ناهي ڪيو؟!”
    وري ڪي گراهڪ آيا هئا، هُو کين سامان ڏيڻ لاءِ اٿيو هو ۽ آءٌ به دڪان مان نڪري گهر روانو ٿيو هئس. گهر جي گهٽيءَ تي پهتو هئس ته گهر جو ماحول سوڳوار لڳي رهيو هو. گهر جو ڪاٺ وارو در ٽٽل هو. اندر امان ۽ ادڙين سان پاڙي جون مايون ڳالهائي رهيون هيون. پير ٻيڪڙي ٽٽل در وٽ بيهي، اندرئين گفتگو ڪنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هئس.
    ادي وڏيءَ چيو:
    “ظالمن ٿُڏا هڻي گهر جو در ئي ٽوڙي ڇڏيو!”
    ادي لالان جو جملو اڌو گابرو سمجهي سگهيس:
    مِروئن بابا جي اڇي ڏاڙھيءَ جو خيال به نه...!؟
    امان چئي رهي هئي:
    شرجيل کي به پوليس پڪڙي پڻس سان گڏ کڻي ويئي يا اڃان مُئن کي هٿ ڪونه چڙھيو آھي! خدا خير ڪري، منهنجي مڙس ۽ ٻچڙي جو الاءِ ڇا ٿيندو؟!”
    هوءَ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. تڏھن صورتحال جي سنگينيءَ جو ڀرپور احساس ٿيو هئم. منهنجي غير موجودگيءَ ۾، منهنجي گرفتاريءَ لاءِ پوليس گهر جو در ٽوڙي، اندر گهڙي بابا کي گهيلي کڻي ويئي هئي.
    اندر وڃي امان ۽ ادڙين جي اداس چهرن کي ڏسڻ ۽ اذيت ناڪ سوالن جا جواب ڏيڻ جو ست، پاڻ ۾ ڪونه ساريم. پير پير ۾ ڏيئي واپس مُڙيو هئس. ڀرسان اونداهيءَ ۾ ٻُڏل اڌ ڊٺل عمارت ۾، سِرن جي دِڪي تي ويهي، حالتن تي سوچڻ لڳو هئس.
    گهڙيءَ جي گهوٽالي سمورو ماحول ايترو تڪڙو تبديل ڪري ڇڏيو هو، جو اکين کي اعتبار ئي نه پئي آيو. صرف ٻه ڪلاڪ اڳ ان ئي گهر مان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڏسي نڪتو هئس، جنهن گهر جو هاڻ در ٽُٽل هو ۽ جتي امان پوليس وارن کي پاراتا ڏيئي، مون ۽ بابا جي سلامتيءَ جون دعائون گهري رهي هئي.
    مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ، پوليس وري گهر تي ڇاپو هڻي سگهي ٿي، ان ڪري گهر وڃڻ خطري کان خالي ڪونه هو! اڄوڪي رات ڪنهن دوست وٽ ترسڻ جي حوالي سان سوچڻ لڳس. پر سڀئي مون جهڙا ڏُتڙيل حال محسوس ٿيا، جن وٽ غيرت ۽ پرديداريءَ جا روايتي ۽ غيرروايتي تصور ته موجود هئا، پر اضافي کٽ ۽ بيٺڪ جو بندوبست ڪونه هو، جو ڪنهن مهمان کي ترسائي سگهن، مورڳو گهر ڀاتي به اوور لوڊ حالت ۾ هوندا هئا!
    برادريءَ وارن رشتيدارن وٽ وڃڻ، مون مناسب ڪونه سمجهيو، ڇو ته سندن جهونڙين جي روين ۽ پوليس جي سلوڪ ۾ ڪو خاص فرق ڪون هو. اسان جي صوبي جي پوليس گولين سان جسمن کي فراءِ ڪرڻ تي هريل هئي، جڏھن ته اسانجي برادريءَ جون جهونڙيون لفظن سان هر هر روح کي فراءِ ڪندڙ هيون!
    مايوس ٿي گهر وڃڻ متعلق سوچڻ لڳس. ان ئي ويل پوليس موبائل وري اچي منهنجي گهر اڳيان بيٺي. اڌ ڊٺل عمارت جي وڌيڪ اونداهي ڪُنڊ ۾ وڃي بيٺس. عمارت جي ڊٺل حصي جي وٿين مان ڪي پاڇولا منهنجي گهر ڏانهن چُرندي ڏٺم. گهڻن آوازن جي شور مان صرف هڪ ڳرو آواز ٻُڌي سگهيس، جيڪو پڪ سان ڪنهن ٽرڙي پوليس واري جو هو:
    “مائي تنهنجو حرامي پٽ هاڻي ھاڻي آصف جي دڪان وٽان سِڌو اورتي آيو آھي، آخر ڪٿي لڪايو اٿئي؟!”
    پنهنجي پاڇي کان ڇِرڪڻ لڳس، سوچيم:
    “آصف جي دڪان کان سڌو اورتي اچڻ تائين، پوليس مخبرن جي نظر ۾ ھئس. هينئر الاءِ ڪيئن آھيان؟!”
    وري ڇرڪي آسپاس نهاريو هئم. جڏھن تسلي ٿي پيئي ته آسپاس ڪير به موجود ڪونه هو، تڏھن وري آواز ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئم. هاڻ گهڻا آواز گڏجي پيا هئا، شور وڌي ويو هو. سوچيم:
    “هن عمارت ۾ عام طور چرسي لڪي لڪي سُوٽو هڻندا آھن، آسپاس ڳولا ڪندي پوليس جو ڌيان هن عمارت ڏانهن وڃي سگهي ٿو، جيڪڏھن پوليس وارا هيڏانهن هليا آيا ته؟!”
    مون کُڙين کان هيٺ تائين، پگهر وهندي محسوس ڪيو. پهرين خيال آيو ته پوليس اڳيان پيش ٿي گرفتاري ڏيان ۽ بابا سميت ٻين گهر ڀاتين کي ذلالت ۽ روز روز جي اُبتين پُڇائن مان نجات ڏياريان، پر وري سوچيم:
    “جيڪڏھن مون کي گرفتار ڪيائون ته منهنجي جسماني بناوت ۽ مڇن جا شهپر ڪجهه اهڙا آھن، جو گهٽ ۾ گهٽ ھاف فراءِ کان کان اورتي بخش ڪونه ڪندا، ان ڪري بهتر آھي ته ماحول ٿڌو ٿيڻ تائين پاسيرو ٿي وڃان. پر وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ ڪٿي وڃان؟!”
    پويان ٻئي سوال واسينگ جيان ڦُڻ کڻي ڏنگڻ لڳا! وري سوچ جو لغام ٻئي پاسي موڙيم:
    “بابا کي بيگناهه ٿاڻي تي گهيلڻ ۽ اسان سڀني کي اجايو تنگ ڪندڙ پوليس خلاف عدالت ۾ وڃان، پر وڪيلن جي فيس، رولڙن ۽ پوليس جي امڪاني انتقام جي اندازن دلشڪسته ڪري وڌو!
    پوليس موبائل جي انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ جي آواز سان گڏ دل جي ڌڙڪن به تيز ٿي پيئي. موڙ ڪٽڻ بعد جڏھن پوليس موبائل جي لائٽس جو رُخ سِڌو اڌ ڊٺل عمارت ڏانهن ٿي پيو، ته مون پاڻ کي سُڃ ۾ ڏاڙھيندڙ ڪُتن جي گهيري ۾ آيل پوڙھي پرديسيءَ جيان بيوس ۽ بيرحم حالتن جي حوالي ٿيل محسوس ڪيو! ڊٺل عمارت جي وِٿين مان ڇيرن جيان ايندڙ روشنيءَ جي سنوت کان پاڻ بچائيندو اڳتي ڀڳو هئس. خوشقسمتيءَ سان اڳيان ديوار جو ٽڪرو تازو ڪِريو هو، جتان ٽِپي ٿِڙندو ٿاٻڙجندو ٻي گليءَ ۾ آيو هئس.
    پويان موبائيل بيهڻ سان گڏ مختصر وقفي سان ٻن فائرن جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو هئم. زندگيءَ جي تيز ترين ڊوڙ لڳائي، ڄاتل سُڃاتل گلين مان گُهتون هڻندو الاءِ ڪيترو اڳتي هليو آيو هئس! خوش قسمتي اها هئي، جو ڪٿي ڪنهن ڪثرتي نوجوان سان ٽڪراءُ ڪونه ٿيو هو، ورنه مونکي چور سمجهي جهلڻ جي مشق ضرور ڪري ها.
    هڪ هنڌ هڪ پوڙھيءَ عورت سان ٽڪرائجڻ کان ذري گهٽ پاڻ بچايو هئم. هن پاراتو ڏنو هو يا ماڳهين گار ڏني هئي، افراتفريءَ ۾ سمجهي نه سگهيو هئس. ريلوي ڪوارٽرن وٽان گهُتون هڻندو، سوڙھين گلين ۾ گهڻو اڳتي نڪري آيو هئس. جيئن جيئن رفتار آهستي ٿي هئي، تيئن تيئن ‘ڪيڏانهن؟’ ۽ ‘ڪٿي؟’ وارا سوال قميص هيٺيان گِهڙي ويل وِڇُونءَ جيان ڏنگڻ لڳا هئا! تڏھن ئي دودي جي ياد آئي هئم، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مونسان گڏ پڙھيو هو. جهڏي ڀرسان سندس هلڪي ڦُلڪي زمينداري هئي. تازو ايم. اين. اي جي ايجنٽ کي ٽي لک روپيه ڏيئي تپيدار ٿيو هو. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ رهندڙ هو. سندس رهائش گهڻو پري ڪونه هئي، پر اها خبر نه هئي ته مون مهينو سوا اڳ جنهن رهائشگاهه تي کيس ڏٺو هو، اتي ئي رهائش پذير هو يا وري رهائش گاهه بدلائي چڪو هو؟!
    پاڻ کي ٻرندڙ باهه واري بند گليءَ ۾ بيٺل محسوس ڪيو هئم. اوچتو گهڻُو اڳ هاسٽل جي ڪمري ۾ دودي جا ٻُڌايل جملا ياد آيا هئم:
    “مون کي ننڍپڻ کان ئي، مفرور ماڻھو وڻندا آھن. بابا وٽ اوطاق تي اڪثر روپوش ڪامريڊ ۽ قوم پرست ايندا رهندا هئا، جن جي صحبت مونکي ڪتاب پڙھڻ ڏانهن راغب ڪيو.”
    دودي جي رهائش گاهه ڏانهن تکو تکو ويندي، هڪ سوال پوئتي ڇُٽي پوندڙ بندوق جي ٺَڪاءُ جيان لڳو هئم!
    “دودي جي مڪان کي تالو لڳل هوندو ته؟!”
    بجلي نه هجڻ سبب دودي جو مڪان پري کان اوندهه ۾ ٻُڏل نظر آيو هو. ويجهو وڃڻ سان گيٽ جي دروازي جو کليل تاڪ ڏسي، ايتري خوشي ٿي هئم، جيتري سالن کان وڃايل ڍور لڀندڙ ٿري ڀاڳيي کي ٿيندي آھي! سندس مڪان ۾ داخل ٿي، دروازو اندريان بند ڪيو هئم. در جو کُڙڪو ٻُڌي اڱڻ تي ڪرسي رکي ويٺل دودي سولر لائيٽ جو رخ مون ڏانهن ڪيو هو. حيرت مان پڇيائين:
    “شرجيل تون …!”
    روشنيءَ ۾ اکيون چُنجهيون ڪري وراڻيم:
    “ها آءٌ پر پويان پوليس اٿم، هيستائين به اچي سگهي ٿي!”
    دودي کيڪارڻ لاءِ ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:
    “پوليس ڦڏاين پويان هوندي آھي،تون جڏو،مطلب شريف آھين،پوليس توکي پڪڙي ڇا ڪندي؟!”
    ورراڻيم:
    “بدمعاشن پويان بااثر هٿ هوندا آھن. سندن گرفتاري لاءِ اڌ ڪلاڪ ۾ اٺ ڏهه فون اچي ويندا آھن. پر شريفن کي ڏوڪڙ ڇڏائيندا آھن، ان ڪري پوليس اڄڪلهه شريفن پويان پيل آھي!”
    ان ئي ويل لائيٽ موٽي هئي. اسين ٻئي هلندا، ڪمري ۾ پلنگ تي وڃي ويٺا هئاسين.
    دودي کي توسان هيستائين هليل محبت ۽ پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ متعلق ٻُڌايو هئم، ته حيرت مان ٽِڪ ٻڌي مونکي ڏسڻ لڳو هو، ايئن ڄڻ آءٌ ڪاليج ۾ ساڻس گڏ پڙھندڙ شرجيل مان بدلجي ڪنهن ٻي جُوڻ ۾ هليو ويو هئس ۽ منهنجي مٿي تي سنڱ به نڪري آيا هئا!
    “يونيورسٽي لائيف ۾ تون ڇوڪرين جي معاملي ۾ ڪورو ڄَٽ ھُئين، ڪن قابل رشڪ ڇوڪرين جي به تو ۾ دلچسپي موجود هئي، پر تو کين بيدرديءَ سان رد ڪري، سندن گهمنڊ جو گهر زمين دوز ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻ وري هي مينا وارو چڪر سمجهه کان ٻاهر آھي؟!”
    “سمجهائجي نه سگهندڙ لفظن” جي درد جو زهريلو ڍُڪ، نڙيءَ ۾ جَھلي، بيوسيءَ مان ڳالهايم:
    “مينا سان شروع ٿيل محبت، منهنجي سمجهه کان به مٿاهين آھي، بس هُن جي اکين ۾ ڏسي وجداني ڪيفيت ۾ وڪوڙجي پوندو آھيان. نظرن سان نظرون ملائي رکندئي، هڪ لمحو اهڙو به ايندو آھي، جڏھن آءٌ، آءٌ نه رهندو آھيان.... هوءَ، هوءَ نه رهندي آھي! ان ڪيفيت کي موجودهه لفظن ۾ اظهارڻ منهنجي وس ۾ نه آھي!”
    دودي بي اعتبار نظرن سان ڏسندي پڇيو:
    “جادو وغيرهه جي ور ته نه چڙھيو آھين؟”
    کيس ياد ڏياريم:
    “آءٌ ئي هُن پويان لڳو آھيان، هوءَ نه!”
    دودو سوچ ۾ پئجي ويو. ان ئي لمحي ٻن ٽن گاڏين جي آواز سان گڏ، ٻاهريون در زور سان کُڙڪيو:
    روح پاتال تائين ڪنبي پيس. آھستي چيم:
    “دودا پوليس به ٿي سگهي ٿي!”
    دودي پهريون ڀيرو پوليس معاملي کي سنجيدهه وٺندي چيو:
    “هيڏانهن اچ”
    ساڻس گڏ گڏ هلندو اسٽور روم ۾ آيو هئس. هن جالي تي رکيل سوڙن، رلين ۽ ڪمبلن جي ڍير پويان اشارو ڪري سڙٻاٽن ۾ چيو:
    “ليٽڻ جيتري اسپيس موجود آھي، ليٽي پؤ!”
    سندس حڪم جي تعميل ڪئي هئم. هن در بند ڪري تالو ڏنو ۽ پوءِ گيٽ ڏانهن هليو ويو هو.
    ٻاهريون در کلڻ جي آواز سان گڏ، منهنجي دل به زور زور سان ڌڙڪي هئي. چند گهڙين بعد اڱڻ تي ڪيترن ئي قدمن جي ھلڻ جو آواز ٻُڌو هئم. پڪ ٿي پيئي هئم ته، پوليس منهنجي ڳولا ۾ اسٽور روم ضرور کوليندي ۽ اسٽور روم کلڻ بعد سندن ڌيان سَوَڙن ۽ ڪمبلن جي ڍير پويان نه وڃي؟ ايئن ٿي ئي نٿو سگهي!؟
    دودي جي ڪمري مان گهڻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ايندا رهيا. ڪنائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڪو به لفظ سمجهي نه سگهيس. اڌ ڪلاڪ بعد وري اڱڻ تي گهڻن ماڻهن جي قدمن جا آواز اُڀريا، ۽ پوءِ در وٽ گاڏين جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو. چند ئي گهڙين بعد اسٽور روم جو در کليو. دودي کلندي چيو:
    “هاڻ پگهر اُگهي ٻاهر اچ، پوليس هلي ويئي!”
    مون سان گڏ ڪمري ڏانهن ويندي، دودي چيو:
    شادين جي خريداريءَ لاءِ ڳوٺان مائٽن جون پوريون ٽي گاڏيون ڀرجي حيدرآباد ويون هيون. واپسيءَ ۾ مونسان ملڻ لاءِ هتي هليا آيا. پهريان آءٌ پاڻ به پريشان ٿي ويس. ڀانيم پڪ سان پوليس آھي!”
    دودي جا ٽھڪ سندس سگريٽ جي دُونهين جيان ڪمري ۾ پکڙجي، درين جي وٿين مان ٻاهر نڪرڻ جا رستا ڳولڻ لڳا!


    (10)

    هوٽل تان آندل پراٺا ۽ دهيءَ وارو ناشتو ڪرڻ بعد دودي چيو: “آءٌ هاڻ ٻاهرئين در کي تالو لڳائي وڃان ٿو. ٻه وڳي واپس موٽندي هوٽل تان منجهند جي ماني وٺيو ايندس. کير فِرج ۾ موجود آھي، چانهه جو مُوڊ ٿئي ته بورچي خاني ۾ ھليو وڃجان، اتي ئي کنڊ ۽ پتي به موجود آھن..
    خاموش رهي کيس چتائي ڏٺو هئم. هن کلي چيو:
    “مونکي خبر آھي، ته تون رستن جو رولاڪ آھين. بند ڪمرن جي اڪيلائي توکي ڏاڙھيندي. پر في الحال تنهنجو لڪل رهڻ انتهائي ضروري آھي.”
    هُو هليو ويو هو. سندس وڃڻ بعد تنهائيءَ جي احساس ۾ تنهنجون سدا سُرهيون ساروڻيون، ڪونجڙين جي ولرن جيان دل جي کيت مٿان لٿيون هيون.
    تنهنجين اکين ۾ پاڻ وڃائڻ کان ڪلفيون کڻندي، تنهنجين ٽچ اسڪرين آڱرين ۾ پاتل گولڊن مُنڊيءَ جي چمڪ تائين، توسان لاڳاپيل سمورا تصور، ڪِريم بورڊ جي هول ۾ ڪيرايل ڪُئين گوٽين جيان دل ۾ ڪتڪائي ڪندڙ لڳا هئم!
    ڪلفي گاڏي تي اک ٽيٽ ادا سان، آھستي آھستي همراز هدايتون ڪرڻ واري تنهنجي گلابي يادگيري، خوشبُوءِ جي جهونڪي جيان من کي معطر بڻائي ويئي هئي! موبائل تي ٿيل ڪچهريءَ ۾ تنهنجن لبن تان نڪتل لفظن جا پوپٽ سماعتن ۾ سُرڻ لڳا هئا! سوچن ۾ ئي سهي، تنهنجن لفظن جي اگر بتين جا واس وٺندي، زندگي انڊلٺ-رليءَ تي سمهڻ جي دلفريب سپني جهڙي ٿي پيئي هئي!
    تون ڪهڙن پولارن جو پکي هُئينءَ؟ ويجهو اچي وري ڏُور اُڏامي ويندي هُئينءَ؟! ۽ اکين کان الوپ هوندي به اکين اڳيان اچي ويندي هُئينءَ!؟
    زندگيءَ جي بدترين حالتن ۾ به تنهنجو تصور سُرور جا سِجَ اُڀاري وٺندو هو... جاڳ تي ننڊ جو ۽ ننڊ تي جاڳ جو گمان توسان لاڳاپيل خيالن جو ئي معجزو هئا!
    ان ڏينهن پڻ دودي جي وڃڻ بعد پوليس ۽ گهر سان لاڳاپيل ڏکوئيندڙ سوچن کان جند ڇڏائڻ خاطر، ٿر جي ڪولهي ٻارڙي جيان تنهنجي تصور جا مور-پنک چُونڊڻ لڳو هئس. تنهنجي تصور جي دلبري، ڀاڪر ۾ ڀرڻ بعد دل اوچتو ڪنڊن جي سيج تان اٿي وڃي نيل گگن تي پينگهون ٻڌي لُڏڻ لڳي هئي! سوچيو هئم:
    ”دردناڪ حقيقتن کي هارائيندڙ سهڻن ۽ خوشبودار خيالن کي، سماجي ٺيڪيدارن طرفان ممنوع بڻائڻ به دنيا جي وڏن ھاڃن مان هڪڙو هاڃو رهيو آھي!”
    ان ئي ويل کيسي ۾ رکيل موبائل جي ميسيج ٽيون ڌيان ڇڪايو هو. ميسيج تنهنجو هجڻ واري خوش فهميءَ جو چيگم ڦُوڪيندي، موبائل اسڪرين ڏانهن ڏٺو هئم. ٻئي لمحي مايوسي پلئي پيئي هئي، ڇو ته ميسيج نيٽ ورڪ طرفان آيل هو.
    موبائل فون بيڊ جي سيرانديءَ رکي، وري تنهنجن خيالن سان ڳراٽي پاتي هئم، پر ان ئي لمحي وري موبائل جي ڪال بيل وڳي هئي. اسڪرين تي تنهنجو ئي نمبر مرڪي رهيو هو. تو سان ڳالهائڻ جي سَڌ، اڌوري چميءَ جيان اندر جي عميق گهراين ۾ گم ٿي ويئي هئي، ڇو ته تلخ سچاين جي ڪاريهر ڏنگي وڌو هئم.
    ”جن حالتن مان لنگهي رهيو آھيان، تن کي هُن کان لڪائڻ لئه ڪهڙو ڪوڙ ڪريان؟! سڀ ڪجهه ٻُڌايان ته ڇا هوءَ منهنجي بيڏوهي هجڻ تي يقين ڪندي؟! مون کي مفرور ملزم سمجهڻ بعد سندس دل مٿان ڇا گذرندو ؟! منهنجي باري ۾ سندس احساس ساڳيا رهندا؟”
    خيال، گولين جا ڪڙڪاٽ بڻجي پيا. جن ۾ هينئڙو مور پکيءَ جيان ڇرڪڻ لڳو هو!
    ڪال رنگون وڄڻ لڳيون، هڪ ٻه ٽي... پر هر ڀيري ڪال رسيو ڪرڻ بدران آڱرين کي حسرت سان ڏٺو هئم. پاڻ کان بُڇان ٿيڻ لڳي هئي، سوچيم:
    ”جڏھن فون تي سچ ڳالهائڻ جي جرئت ختم ٿي پوندي آھي، تڏھن انسان ڪال کڻڻ کان نٽائيندو آھي! ڪن لاٽار، نموني بازي ۽ ملاوت، ڪُوڙ جون ئي ننڍيون ڀينرون آھن!”
    تڏھن ئي تنهنجي ڪرشماتي محبت اندر جي اٿاهه گهرائين مان پاڻيءَ جي سرچشمي جيان ٻاهر نڪري آئي هئي. خيالن ئي خيالن ۾ تون اڳيان اچي بيٺي هُئينءَ. تنهنجي چهري جي چنچل چانڊوڪي ۽ تنهنجي نيڻن جي نرالين نگاهن ۾، وجود جو احساس وساري ويٺو هئس
    بيساخته موبائيل کڻي، تنهنجو نمبر ملايو هئم. سامهون ٻئي رنگ تي ئي ڪال وصول ڪري، “هيلو” چيو هيئي.
    جهٽ پٽ مون طرفان ڪال نه کڻڻ جو سبب پڇيو هيئي!
    اندر ۾ سالن کان پاليل ڏٽن، اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر تنهنجي محبت جي ماڪ ۾، ملاوتي خيالن جي ماڪوڙن شايد اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي! تڏھن ئي ته تنهنجي امڪاني ردعمل کان بي پرواهه ٿي، مونسان ٿيل سموري ٽريجڊي سربستي توکي ٻُڌائي هئم! “ها” ۽ “هُون” کان وڌيڪ هڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو هيئي!
    ڳالهه پوري ڪرڻ بعد، تنهنجي ردعمل کي ڄاڻڻ جو تجسس، سندم دل جي ٻِر ۾ واسينگ وانگي ڌوڻون هڻندو رهيو هو، پر تون ماٺ جي ٻانهُن ۾ ٻکيل هُئينءَ!
    “هيلو” ڪري، لائين تي تنهنجي موجود هجڻ جي تصديق ڪئي هئم. “جي!” ته وراڻيو هيئي، پر ماٺ ڇو ٿي ويئي هيئين؟؟!
    اهو معمو ئي مون لئه ڪنڊن جي اُلٽي ٿي پيو هو! ڇا مونکي ڏوهاري سمجهي پنهنجي رويي تي پشيمان ٿي رهي هُئينءَ؟! يا وري مون جهڙي ڪنگال جنونيءَ مان جان ڇڏائڻ لئه ڪا ترڪيب سوچي رهي هُئينءَ!؟
    تنهنجي پُراسرار ماٺ جي تتل ريٽ تي، پيرن اگهاڙي ٻار جيان هلي نه سگهڻ باوجود هليو هئس!
    ڳپل لمحن بعد پڇيو هئم:
    ”ڇا پيا سوچيو؟!
    هن ڀيري مختصر خاموشيءَ پُڄاڻان وراڻيو هيئي:
    ”بس اهو ئي ته تنهنجي مدد ڪيئن ڪجي!؟“
    ڇرڪي پيو هئس. ڪنن کي اعتبار ڪونه آيو هو! ورائي پڇيم:
    ”ڇا چيئي؟”
    ”سوچيان پيئي، ماما ڊي. ايس. پي کي تنهنجي مدد لئه چوان يا وري ايس. ايڇ. او چاچي سان ڳالهايان، پر مسئلو اهو آھي، جو تنهنجو تعارف ڪهڙي رشتي سان ڪرايان! ويتر گهر وارن کي خبر پيئي ته مچ ٻري ويندو! سدائين مونکي ڏسي نڪ ۾ سر وجهندڙ ساڙولي ڀاڄائيءَ ته ٽيون ڏينهن صبح بابا کي چيو: هڪ ڪلفي جي ريڙھي وارو ڪالهه سڄو ڏينهن پنهنجي گهر اڳيان بيٺو هو. دولت دڪان واري ته امان کي چيو ته ريڙھي وارو شڪي ۽ بداخلاق لڳي رهيو هو.”
    تون وري ماٺ ٿي ويئي هُئينءَ. الئه ڇو مون کي ايئن محسوس ٿيو ته شايد تون لڙڪ اگهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئينءَ!
    مختصر ماٺ بعد چيئي:
    ”لڳي ٿو ڀاڄائي مائٽاڻي گهران ڪا نئين سازش کڻي موٽي رهي آھي، وري سڀاڻي ڳالهائينداسين.”
    ڪال ڊس ڪنيڪٽ ٿيڻ بعد سوچيم:
    هوءَ ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل عورت آھي، جيڪا مونکي منهنجين سمورين قباحتن سميت قبول ڪري رهي آھي!
    کوٽي سِڪي جيان دردر ڌڪاريل، مون جهڙي مولائي ماڻهوءَ سان همدردي ڪرڻ، مينا جهڙي مهان عورت جي ئي اعليٰ ظرفي آھي!”
    بند ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ بي ترتيب سوچن جون ساريون ڇڙيندي ٿڪو هئس ته اُٿي وڃي فرج مان کير ڪڍي بورچي خاني ۾ گهڙيو هئس. چانهه تيار ڪري واپس ڪمري ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويهي، سرڪ سرڪ ڪري پيئڻ لڳو هئس. سوچيم:
    ”جتي پنهنجي بي گناهيءَ تي سڳي والد کي به اعتبار ڏياري نه سگهيو هئس، اتي مذھبي، نسلي ۽ طبقاتي فرق باوجود مينا جو فون تي ڪيل منهنجي ڳالهه کي، جيئن جو تيئن مڃي وٺڻ محبت جو معجزو آھي يا وري اسين ڪن رشتن کي دنياوي نالن ۾ اُلجهائي سندن درست تعين ڪري نه سگهندا آھيون!”
    تڏھن لوندڙيءَ وٽان پگهر اُگهندي، سوچيو هئم:
    ”تفاوتن جو منصفاڻُو تعيّن نه ڪري سگهڻ ئي دنياوي علم جو بنيادي نقص آھي!”
    ان ئي ويل گيٽ تي گاڏي اچڻ ۽ ڦيرو کائي بيهڻ جو آواز آيو هو. تيزيءَ سان اسٽور روم ۾ پهچي، جالي تي رکيل سوڙن، رلين ۽ ڪمبلن پويان وڃي لڪيو هئس. چند ئي لمحن بعد در کلڻ جو آواز آيو هو. ان ئي لمحي ساڄي پير تي ڪوئو چڙھيو هئو. اسپرنگ وانگر پير کي زور سان جهٽڪو ڏنو هئم، ڪوئو ڇت کي لڳي، هيٺ ڪريو هو. زوردار رڙ، هنگامي حالت سبب اندر ئي اندر ۾ دفن ڪرڻي پيئي هئي. صرف زوري ليٽايل ٻڪر جهڙو آواز ڪمري ۾ پکڙجي پيو هو! جالي تي رکيل سامان کان وحشت ۽ خوف ٿيڻ لڳو هئم. ڪنهن به وقت ڪو ٻيو ڪوئو يا ڀٽون نڪري سگهيو ٿي!
    ان ئي ويل هڪ نئين مصيبت نازل ٿي پيئي ھئي. ڪوئي زور زور سان اسٽور جو در ٻاهران کُڙڪائي رهيو هو. تڏھن ياد آيم ته ڀوائتي تڙ تڪڙ ۾ اسٽور روم اندر ايندي، اندريان ڪنڊي لڳائي ڇڏي هئم ۽ ھاڻ در کُڙڪائيندڙ کي پڪ ٿي پيئي هوندي ته ڪوئي اندر موجود آھي، هونئن ته اهي امڪان به موجود هئا ته اسٽور جو دروازو کليل ڏسي ڪوئي جالي تي اُتاڇري نظر وجهي هليو وڃي ها!
    دروازو وري زور سان کُڙڪيو ۽ مون پنهنجي پگهر کي کُڙين کان هيٺ ويندي محسوس ڪيو!
    اوچتو سڀئي واهُون وڃائي ويٺل اڪيلي شخص وارو اعتماد موٽي آيو. سوچيم:
    ”احتياط ۽ مُهرين کان ڊڄڻ صرف تيستائين هوندو آھي، جيستائين مٿو اُکرين کان ٻاهر هجي!“
    جالي تان لهي، در وٽ وڃي بيٺس. در وري زور زور سان کُڙڪڻ لڳو.
    دروازو کوليم ته سمورن خدشن سان، سامهون اخبار هٿ ۾ کڻي بيٺل دودي جي ڏانوڻ ڏنل کِل کيٽا ڪري رهي هئي!
    مونکي ڏسي ٽهڪن کي ڇڙواڳ ڇوڙي ڇڏيائين. سندس ٽھڪ ڄڻ اڱڻ تي وسندڙ وڏ ڦُڙي مينهن جا ڦوٽا هئا... هڪ ويو، ٻيو تيار...!
    ڪمري جي بيڊ تي ويهندي پڇيائين:
    جالي تي لڪڻ کان اڳ منهنجي هجڻ متعلق سوچيو هيئي؟
    وراڻيم: “هڪ ته گهرو سوچڻ جيتري مهلت ئي ڪونه ملي؟ ٻيو وري تو وڃڻ وقت ٻڌايو هو ته تون شام ٻه بجي کانپوءِ موٽندين! ۽ ٽيون وري توسان گڏ فور ويل گاڏيءَ جو آواز؟!”
    دودي سنجيده ٿيندي چيو:
    ”هڪ دوست کان پوٽوهار اڄ لاءِ اُڌاري کنئي اٿم، توکي ڳوٺ ڇڏڻو آھي. اصل ۾ ڪي دوست اچڻا آھن، جن ۾ پنهنجو يونيورسٽيءَ وارو يار خليل به آھي، جيڪو اڄڪلهه پوليس ۾ وڏو منشي آھي. اڄ صبح مون کان تنهنجي باري ۾ پڇيو هئائين. ڀانيان ٿو اڄوڪي اخبار ۾ تنهنجي تصوير سميت توسان منسوب ڪيل ڌاڙن ۽ ڦُرن جا ڇرڪائيندڙ الزام پڙھيا هوندائين!”
    دودي ذڪر ڪيل خبر تي آڱر رکي، اخبار مون ڏانهن وڌائي هئي!
    خبر جي هيڊ لائينس تي ئي نظرون، ڄمي برف ٿي ويون هيون. الاءِ ڪيترا ڀيرا ساڳي ساڳي لفظن کي چِتائي ڏٺو هئم.
    سُرخين ۾ ئي لڳيل الزامن، ڇٺيءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي هئي. پاڻ کي ڌاڙيل پرُو چانڊيو سمجهي پاڻ کان ئي ڇرڪڻ لڳو هئس. وڌيڪ تفصيل پڙھڻ جيتري جرئت مون ۾ ڪونه رهي هئي. اخبار دودي کي موٽائي ڏيندي، پگهر اُگهي شوڪارو هنيم. دودي چيو:
    ”پوليس نوڙيءَ مان نانگ، ايئن ئي ٺاهيندي آھي!”
    ڪو تبصرو ڪري نه سگهيو هئس. صرف نماڻين نظرن سان دودي ڏانهن ڏٺو هئم. سامهون ڀت تي لڳل آئيني ڏانهن اشارو ڪندي، چيائين: “قينچي به اتي پيئي آھي، ڊگها شهپر ڪٽي نارمل ٺاهي ڇڏ، باٿ روم مان وهنجي مون وارا اڇا ڪپڙا پائي، مٿي تي مون وارو هيٽ ۽ اکين تي ڪارو چشمو پائي ڇڏ، جيئن توکي هروڀرو ڪير سڃائي نه سگهي!”
    سيج رات ماڊرن شرارتي گهوٽ جون فرمائشون ٻُڌي لنوائيندڙ، ڳوٺ جي نوعمر شرميلي ڪنوار جيان، دودي جي حڪم جي بجا آوري ڪندي نٽايو هئم. پر دودي هجتي دڙڪن سان گڏ چيو هو:
    ”ياد رک ته تون مفرور ملزم آھين، توکي پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لئه ڪيئن به ڪري پنهنجو پراڻُو شيپ بدلائڻو آھي!“
    آئيني اڳيان قينچي هٿ ۾ جهليندي هٿ ڏڪيا هئم. ننڍپڻ کان مُڇن ۽ مردانگيءَ جي حوالي سان ٻُڌل سمورين ڳالهين جا عڪس تصور جي تالاب ۾ ترڻ لڳا هئا! بيوسيءَ مان پوئتي مُڙي، ان اميد سان دودي ڏانهن ڏٺو هئم ته “من شهپرن کي جيئڏان ملي پوي،” پر دودي چيو:
    ”شاباس! جلدي ڪر، توکي ڳوٺ ڇڏي مونکي واپس مهمانن کي به مُنهن ڏيڻو آھي!”
    سالن کان سنگتي بڻيل ۽ چهري تي سدائين ٻن ڪارن نانگن جيان ڦُڻ کڻي بيٺل شهپرن مان هڪ کي قينچيءَ سان پهريون ڪٽ هڻندي، اکيون بند ڪري ڇڏيون هئم، ايئن ڄڻ ڪنواري ماءُ کي ناجائز ڄميل پنهنجي ٻار جو گلو گهٽڻو پوندو آھي!
    ڊگها شهپر مختصر ڪرڻ لاءِ گهڻي مٿا ڪُٽ بعد نيٺ مُڇن کي آخري شڪل ڏيئي، آئيني ۾ پنهنجو جائزو ورتو هئم، تڏھن لمحن لئه پنهنجو پاڻ کي به اجنبي لڳو هئس! تڏھن ئي نواڻ، جهٽ پٽ قابل قبول نه ٿي سگهڻ وارو فلسفو باريڪيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ لڳو هو! سوچيم: “هيراڪ حواسن جي پسند جو محرڪ خارجيت کان وڌيڪ داخليت ۾ ئي پاڙون پکيڙيندڙ رهيو آھي!”
    باٿ روم مان وهنجي، ڪپڙا بدلائي، هئٽ ۽ چشمو لڳائي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هئس. گيٽ تي بيٺل پوٽوهار ۾ ٿيلهو رکي موٽندڙ دودي مرڪي چيو هو:
    ”هن حُليي ۾ مون به ڪونه سڃاتو. پوليس کي مجال آھي، جو توکي سڃاڻي. هونئن به گاڏيءَ جا شيشا بند رکنداسين، وچان ڪا خاص چيڪنگ به ناهي!”
    پوٺوهار گاڏيءَ ميرپورخاص جي حدن کي ڇڏيو هو ته لڙڪ اکين ۾ ڦُٽي آيا هئا. پنهنجي دربدريءَ جو درد هو؟ والدين سان پوليس جي امڪاني سلوڪ جو اُلڪو هو يا وري تنهنجي پويان رهجي وڃڻ جو جهوريندڙ احساس؟! پاڻ کي گاما اسٽيڊيئم جو فوٽ بال محسوس ڪيو هئم، جنهن کي حالتن جا بلوچ رانديگر ٿُڏي رهيا هئا! اهڙو فوٽ بال جنهن جي نصيب ۾ سدائين گول جو وڇوڙو لکيل هوندو آھي!
    ايئن به نه هو ته ڪو ميرپورخاص کي پهريون ڀيرو ڇڏي رهيو هئس. يونيورسٽي ۾ پڙھڻ ۽ گهمڻ لاءِ ٻين شھرن ڏانهن ويندي،منهنجي هن ننڍڙي شهر کان ڏُور منهنجون ڪيئي راتيون گذريون هيون! پر اڄ الاءِ ڇو؟! منهنجي ھن محبوب شهر جي ديوارن کي الوداعي نظرن سان ڏسي، اياڻين اکين جا ڳوڙھا روڪڻ مشڪل لڳي رهيا هئا! سوچيم:
    ”ساڳيو ماڳ ۽ ماڻھو، ڪڏھن کلڻ، ته ڪڏھن وري روئڻ جو سبب ڇو بڻبا آھن؟!”
    تڏھن سوچ جي ڪنهن وکرندڙ ڪڪر مان ڪا ڦُڙي ڪري هئي:
    ”بدليل وقت ۽ اڻساڳي حالتن جا آئينا ئي هوندا آھن، جيڪي ساڳي ماڳن، ڏٺل وائٺل ماڻھن ۽ ڄاتل سُڃاتل شين کي بلڪل مختلف محسوس ڪرائيندا آھن!”


    (11)

    جهڏي ڀرسان ٻھراڙيءَ ۾ دودي جي اوطاق اڳيان، انب ۽ سفيدي وڻن جي ڊگهن پاڇن ۾ رکيل کٽ تي ويٺو هئس. ڳپل دير اڳ دودو مون سان گڏ ماني کائڻ بعد سڀاڻي موٽڻ جو واعدو ڪري، پوٽوهار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي هليو ويو هو. سندس وڏو ڀاءُ مانيءَ وارا برتن کڻي گهر ڏانهن ويو هو.
    سامهون ڍاٽڪي پوشاڪ ۽ اڇا چُوڙا پاتل عورتون مرچ چُنڊي رهيون هيون. اُس ۾ سُڪايل ڳاڙھا مرچ ڏسي تصور ۾، مسڪين پوهيت جو ٿُڪيل رت، ڳاڙها جهنڊا ۽ بيگناهه ماريل عورتن جا رت هاڻا ڪپڙا نظر آيا هئم، پر ڪو خاص خيال ٺھي ڪون سگهيو هو!
    سامهون وهندڙ پڪي واٽر تي مهمانن جي وهنجڻ يا هٿ پير ڌوئڻ لاءِ ٺهرايل پڪي دِڪي تي ويهي، هٿ مُنهن ڌوئندي، ساڄي پاسي نهار ڪئي هئم ته، لاڙ تان لهندڙ سج جي لام، ناري جي شام کي اکيون ڀڃي، بيد مشڪ جي ٻيڙانگيءَ تي ٻولندڙ مسرور ڪوئل جي گيت تي مخمور لڳي رهي هئي!
    رومال سان هٿ مُنهن اُگهي کٽ تي اچي ويٺو هئس. اوچتو پاسي واري کيسي ۾ رکيل موبائل جي رِنگ وڄڻ لڳي هئي. اسڪرين تي تنهنجو نمبر مرڪڻ لڳو هو. وھندڙ واٽر تي لهندڙ سج جي ڪرڻن سبب پکڙيل جهرڻن جهڙا احساس، دل منجهه به پکڙجي پيا هئا! ڪال وصول ڪري “هيلو” چيو هئم.
    پڇيو هيئي:
    ”ڪٿي آھيو؟ ڇا پيا ڪريو؟“
    ”پوليس کان روپوش آھيان، ڪجهه به پنهنجي مرضيءَ سان ڪري نه پيو سگهان!”
    وراڻيو هيئي:
    ”اهو ته اڄوڪي اخبار ۾ به لکيل هو، پر مون اهو پڇيو ته پنهنجي گهر آھيو يا ڪنهن ٻي جاءِ تي آھيو!؟ موجوده مصروفيت ڪهڙي اٿؤ؟”
    تنهنجي طرفان سرد لهجي ۾ “اخبار ۾ لکيل هو” وارو جملو ٻُڌي، الاءِ ڇو دل کي ايئن جُهٻي آئي هئي، جيئن ناراض مالڪ پنهنجي پاليل رڇ جي ناڪيليءَ کي ڪاوڙ ۾ ڇڪ ڏيندو آھي! سوچيم:
    ”ڇا اخبار ۾ پوليس مونکي بدنام ڌاڙيل ڄاڻائي، جيڪو ڪجهه لکيو هو، هوءَ ه ايئن ئي اعتبار ڪري رهي آھي؟!”
    پڇيو هيئي: “ماٺ ٿي ويا ڇو؟“
    ”بس ايئن ئي!”
    ”مون کي خبر آھي ته تون بدترين مصيبتن ۾ ڦاٿل آھين، پر تنهنجين اکين ۾ آخري ٽُٻي هڻڻ بعد الاءِ ڇو مونکي پڪ ٿي پيئي آھي ته تون منهنجي ئي وجود جو وڃايل ٻيو اڌ آھين. پاڻ جهڙا ماڻھو ڪڏھن به ڪو ڏوهه ڪري نه سگهندا آھن، پر سدائين نه ڪيل جرمن جي سزا ڀوڳيندا آھن!”
    تنهنجي ڳالهه ٻُڌي ڇرڪي پيو هئس. تنهنجي اکين ۾ مختلف وقتن تي ٽُٻيون هڻندي، ڪنهن مھل مونکي به ايئن ئي محسوس ٿيو هو، جيئن تون ٻُڌائي رهي هُئينءَ! غير معمولي ۽ بي عنوان رشتن جي معجزن کي دل ئي دل ۾ داد ڏيڻُو پيو هو!
    پڇيو هيئي:
    ”لائين تي آھيو نه!؟“
    ”جي بلڪل“ کان وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائي ڪونه سگهيو هئس. ٻُڌايو هُيَئِي:
    ”توکان گهٽ ئي سهي، پر مصيبتون مون لئه به گهٽ ناهن! توکي يونيورسٽيءَ جي سهيليءَ جو ڀاءُ ڄاڻائي چاچا کي تنهنجي مدد لاءِ چئي ته ويٺيس، پر چاچا ماڳهين اڄوڪي اخبار کڻي مون اڳيان اچي ويٺو. تنهنجي تصوير تي هٿ رکي چيائين: هيءُ ڌاڙيل پوليس کي آڱرين تي نچائي رهيو آھي. تنهنجي بقول ته سندس ڀيڻ تنهنجي سهيلي آھي. تون ھُن جي گرفتاريءَ ۾ منهنجي مدد ڪر، ته جيئن مونکي ايس. پي طرفان انعام ۽ ترقي ملي سگهي!”
    ان ئي ويل اخبار کي ڏسندڙ ڀاڀيءَ وڏو ڇرڪ ڀري دانهن ڪندي چيو:
    ”هي ته اهوئي وڏين مُڇن وارو ساڳيو بداخلاق آھي، جيڪو ٻه ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي گهر اڳيان ڪلفين جو ريڙھو بيهاري بيٺو هو، جنهن جي شڪايت مون گهر وارن سان به ڪئي هئي. دولت دڪان واري به هن کي شڪي سمجهي پاڙيوارن کي خبردار ڪيو هو!“
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    پوءِ ته هرڪو گهر ڀاتي، تنهنجي تصوير ڏسي، مونکي ايئن ڏسڻ لڳو، ڄڻ آءٌ به سندن منجهان نه، پر ٻيلي جي ڌاڙيلن جي ساٿياڻي هجان...! بابا سائينءَ مون کان پڇيو: “هي ڌاڙيل پنهنجي گهر اڳيان ڇو بيٺو هو؟ تو چاچهين کي سندس مدد لاءِ پارت ڇو ڪئي؟!” مون سهيليءَ جي ڀاءُ کان وڌيڪ توسان ڪنهن به قسم جو تعلق ڄاڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀانيان ٿي منهنجي ڳالهين تي ڪنهن کي به يقين ڪونه آيو هو. بابا دڙڪا ڏنا، ادا وڏي ته مونکي ٻه ٿڦڙون به هنيون. پر چاچا مونکي کانئس پري ڪندي، توکي گرفتار ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪرڻ جو منصوبو ٻُڌايو هو. امان رڳو بيوسيءَ وارا ڳوڙھا ڳاڙيا هئا ۽ ڀاڄائيءَ خوب انجواءِ ڪيو هو.“
    تنهنجون ڳالهيون ٻُڌي اُچرج ٿيو هئم. حالتن جي جبر ۽ قسمت جي کيل، ڪيئن نه مونکي هفتي اندر ماءُ جي کاريل واندي بيروزگار مان پهرين ڪلفي فروش ۽ ھاڻ بدنام ڌاڙيل طور مشهور ڪري ڇڏيو هو! تڏھن ئي دل جي پاتال مان مجبورن فرد ۾ جاڳيل سخت ترين بغاوت جي صدا بُلند ٿي هئي: “هاڻ آءٌ سچ پچ ڌاڙيل ٿي، بابا کي گهيليندڙ ۽ امان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندڙ پوليس وارن سان اڳيان پويان حساب برابر ڪندس. مينا کي ٿڦڙون هڻندڙ ھٿن کان ڪنوارين ڳلن جي درد جو بدلو وٺندس! ملڪيت جي ناجائز ذريعن جي تخت تي ويهي، پنهنجي اصلي اوقات کي وساريندڙ چاچيءَ کي سمجهائيندس ته تنهنجي مڙس، هٿن ۾ جهليل قلم جو ناجائز استعمال ڪري، جيئن ڪرپشن سان ملڪيت ٺاهي آھي، ايئن آئون به هٿ ۾ جهليل بندوق جو غلط استعمال ڪري ڌاڙن سان ساڳي ملڪيت ڦُري به سگهان ٿو! گُليل هلائيندي ڏڪندڙ هٿ، جڏھن ڪلاشن ڪوف جي ٽرگر جا ھيراڪ بڻبا آھن ته سندن انتقام جبل لوڏي ڇڏيندو آھي!“
    چيو هيئي:
    ”مون لاءِ هاڻ توکان جُدا هن گهر ۾ رهڻ ڪاوا چٻڻ جيترو ئي مشڪل آھي! اچ مونکي به وٺي وڃ“
    پهريان ته چرچو سمجهيو هئم، پر تنهنجي سنجيدگيءَ جي پڪ ٿي پوڻ بعد چيم:
    ”ڏس مينا! هينئر ته آءٌ پاڻ به دربدر ۽ مفرور آھيان. حالتون ڪجهه ساهي پٽڻ ڏين ته پنهنجي وچان ليٽيل وڇوڙن کي ھٽائڻ جي ڪا ڪوشش ڪجي!“
    چيو هيئي:
    ”توهان حالتون بهتر ٿيڻ تائين صبر جي ڳالهه ٿا ڪريو، پر مون لئه ته سڀاڻي به ڊگهو آھي!“
    چيم:
    ” پر آئون روپوشيءَ مان تو تائين ڪيئن پهچان؟ “
    چيئي:
    رڳو پنهنجو پتو ٻڌائي، آءٌ پاڻ ئي تو تائين پهچي وينديس!“
    لاجواب ٿي پيس. خاموشيءَ جو ڊينگهر گلي ۾ وچڙي پيو.
    چيئي:
    “سڀاڻي اسڪول وڃڻ بدران سڌو تو ڏانهن اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو اٿم، جي تون ڀاڙيو ٿي وئين ته پرينهن واري اخبار ۾ منهنجي خودڪشيءَ جي خبر پڙھي وٺجان!”
    گلي ۾ ڪا ڪنڊري شيءِ ڦاسندي محسوس ڪئي هئم. درد جي درياهه جي ڪا ڇولي هئي، جيڪا لٽڻ لڳي هئي!
    صرف ايترو چيم:
    ”پياري مينا! توسان گڏجڻ لئه ست سمنڊ لتاڙيندي مري وڃڻ مون لاءِ مهڻو ناهي، پر آءٌ ڪنگال اڳي ئي دوستن تي بار بڻجي ضمير کي خراشي رهيو آھيان. ويتر ان حالت ۾ تو کي ڀاڱي ڀائيوار ڪيئن ڪجي؟!”
    لاپرواهيءَ مان چيو هيئي:
    ”پاڻ ڪنهن تي به بار نه ٿينداسين. بس رڳو مونکي تو تائين پهچڻ ته ڏي!”
    چيم:
    ”پوليس کان روپوشيءَ واري حالت ۾، پاڻ مذھب جي تبديلي سميت لو ميريج وارا لوازمات ڪيئن پورا ڪري سگهنداسين؟ سو به تڏھن، جڏھن کيسي ۾ ٽيڊي پائي به نه هجي!”
    وراڻيو هيئي:
    “پئسن جي ڳڻتي نه ڪجان، باقي مونسان پلئو اٽڪائڻ جو خفو کڻڻ نٿو چاهين ته اها تنهنجي مرضي آھي!؟
    منهنجي خودڪشي شايد توکي وفا جو يقين ڏياري وجهي!“
    سوچن جي ساحل تي سونامي برپا ٿي پيئي هئي. صرف ايترو چئي سگهيو هئس.
    ”رڳو اهو ٻُڌائي ته مونکي هاڻ ڪرڻُو ڇاھي؟!”
    چيو هيئي:
    ”آءٌ سڀاڻي سعي سنڀري اسڪول وينديس. خريداريءَ جي بهاني جلد ئي موڪل ڪري، رڪشا ۾ چڙھي، بلديه شاپنگ سينٽر پهچنديس. جتان ضروري شيون خريد ڪرڻ بعد لڳ ڀڳ صبح 10 کان 11 بجي تائين، جتي توهان چوندؤ، اتي حاضر هونديس!”
    ”آءٌ صبح سويل ميسيج موڪلي، توکي منهنجو فائنل پروگرام ٻُڌائيندس.”
    چيو هيئي:
    ”ٺيڪ آھي پر ڏس متان منهنجين ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان نه وٺين! آءٌ سڀاڻي گهران نڪرڻ بعد ڪنهن به حالت ۾ زنده واپس ڪونه ورنديس!”
    تنهنجين ڳالهين ۾ انساني ارادي جي مضبوطي هئي... عورتاڻو ضد هو... يا وري باغي پيار جي ثابت قدمي هئي... پر آئون تنهنجي فيصلن ڪرڻ واري صلاحيت کان زبردست متاثر ٿيو هئس. ان وقت تون مونکي حُسن جي تصوراتي ديوي، نسواني محبت جو سمنڊ ۽ باغي گوريلن جهڙي اڻموٽ لڳي هُئينءَ! مونکي پڪ هئي ته تون پنهنجن فيصلن تي عمل ڪري سگهڻ واري قدرتي صلاحيت سان مالامال هُئينءَ. ارادي ڪرڻ کانپوءِ توکي روڪڻ درياهه جي اڳيان بند ٻَڌڻ جهڙي ئي خودفريبي هئي!
    سڀاڻي توکي ڀڄائڻ واري ڳالهه مايوسيءَ جو مينار لڳي هئي. توکي ميرپورخاص مان کڻي ڪٿي ترسايان؟! اهوئي سوال اُٺ جي وات ۾ ھٿ وجهڻ جيترو ڀوائتو هو! اهو به احساس هئم ته تنهنجا بااثر والدين پنهنجن ‘ڊگهن هٿن’ سان تنهنجي ڳولا ۾ سڄي ملڪ جي ڌُوڙ ڇاڻي ڇڏيندا... ۽ اهو به احساس هئم ته اقليتن سان ظلم ۽ مذھب جي زوري تبديليءَ وارن معاملن تي سياست کان ويندي قلمڪاريءَ تائين وڏو تماشو ٿيندو! پر پوءِ به الاءِ ڇو؟! تنهنجي اکين جي آسمان تي جنهن رشتي جي پُراسرار روشني پَسي هئم، ان ئي رشتي جو وشواس هو، جنهن ڌاڙن ۽ ڦُر جي ڪيسن ۾ ڦاسي دربدر ٿيڻ باوجود، وري توسان پيار جو پرڻُو ڪرڻ وارو ٻيو مشڪل محاظ به کولرايو هو!
    دودي جو نمبر ملائڻ کان اڳ ئي، آءٌ سڀاڻي مشڪلاتن جي رڻ پَٽ جو راهي ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو هئس. دودو پهريون آپشن هو. سندس ساٿ ۽ سهڪار سان تنهنجي ۽ منهنجي لڪڻ لئه شهرجي نسبت ۾ ٻهراڙي وڌيڪ محفوظ محسوس ٿي هئم، پر دودي طرفان دل سان تعاون نه ڪرڻ جي صورت ۾، توکي ڪراچي وٺي هلڻ جو رسڪي منصوبو به تيار هو، جتي پنهنجي مُنهن هوٽلن يا ڪرائي جي مڪانن ۾ ترسڻ يا وري اتي مزدوري سانگي رهندڙ والڪرٽ ۽ ٽالپر ٽائون جي ڪن دوستن کان سهڪار وٺڻ جو ارادو هئم، جن ماضيءَ ۾ مونکي پاڻ سان گڏ فئڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ صلاحيو هو.
    دودي ٽينءَ رنگ تي ڪال کنئي هئي.
    پڇيم: “پهچي وئين؟“
    وراڻيائين:
    ”هاڻي هاڻي پهتو آھيان، ڀلا تون ٻُڌائي ٻھراڙيءَ ۾ سُک اچيوَ ٿو؟“
    چيم:
    ”سک ته اچي ٿو، پر وري سڀاڻي جو ٻيو پروگرام ٺهي چڪو آھي!”
    هجتي سختيءَ مان وراڻيائين:
    ”في الحال صبر ڪر، توتي دهشت گرديءَ جا قلم به لڳايا اٿن. وڪيل دوستن سان صلاح مشوري بعد تنهنجي ضمانت لاءِ ڪوشش ڪندس. دل چوي ٿي تنهنجي گهر وارن جي به خبرچار ڪڍان، پر اجايو پوليس ۽ سندن ڇاڙتن جي نظر ۾ اچي ويندس، ان ڪري ئي في الحال آءٌ به احتياط ڪري رهيو آھيان، تون به لاپرواهي نه ڪر!”
    ان وقت مونکي هن ڌرتيءَ تي، امان ۽ توکان پوءِ، ٽيون نمبر ٻاجهاري هستي دودو ئي محسوس ٿيو هو!
    کيس تنهنجي ڪيل تازي ڳالهه ٻولهه ۽ توسان منهنجي ڪيل واعدي متعلق سربستو احوال ٻُڌايو هئم. هو سوچ ۾ پئجي ويو. مختصر ماٺ بعد چيائين:
    ”منهنجو ٻه لک قرض ڦٻائڻ لئه، مون وٽ نجي جيل هجڻ جو ڊرامو ڪري، عدالتي حڪم تي آيل پوليس سان گڏ ويندڙ منهنجن هارين جا ڪچا گهر خالي پيا آھن. ڊينگهرن جو لوڙھو به ايڏو وڏو آھي، جو ڀلين اُٺ لِڪائي ڇڏ! اهو حاضر آھي.... باقي شهري ڀاڄائيءَ کي ٻھراڙيءَ جي اڪيلائي ۽ ڪچن گهرن سبب بوريت ٿئي ته اها ٻي ڳالهه آھي!”
    چيم:
    ”دودا! ڪاش... زندگي ڪڏھن تنهنجي خلوص جا اهي قرض، مون کي لاهڻ جو موقعو ڏي!”
    زندگيءَ جي بدترين حالتن ۾، دودي کان مليل پيار ۽ پنهنجائپ کي محسوس ڪري اکين ۾ لُڙڪ تري آيا هئا! دودي جنگي سورمي جهڙي لهجي ۾ چيو:
    ”ڪا ڳالهه ناهي، دوستي پوءِ ڪڏھن ڪم ايندي!؟ آءٌ ادا وڏي کي چئي ٿو ڇڏيان، پُراڻ واري ٻنيءَ تي موجود انهن گهرن جي صفائي ڪرائي، کٽن ۽ بسترن سميت گهربل برتن وغيره رکائي ڇڏيندو. صبح سويل توکي بائيڪ تي چاڙھي جهڏي ڇڏيندو، جتان تون ڪرائي جي ڪار کڻي، ڀاڄائي وٺي موٽندين. ڪار جهڏي ۾ ڇڏجو، اتان ادا وڏي طرفان آندل رڪشي ۾ سوار ٿي پُراڻ واريءَ ٻنيءَ تي پهچجو! پنهنجو خيال رکجان. مٿي تي هئٽ ۽ اکين تي چشمو هجڻ لازمي آھي. ڪوشش ڪجان ڪار جا شيشا بند هجن! ڀاڄائيءَ کي نقاب پاتل هجي ته بهتر آھي.”
    “جي ها پيارا” چئي کيس اوڪي بائي چيو هئم. سندس ڳالهيون، تجربيڪار باس جي حڪمن وانگر فول پروف لڳيون هئم!
    سامهون ساون کيتن مٿان آزاد اڏارُون ڪندڙ اڇن پکين ۽ مينهُون چاريندڙ من- موجي ڌنار ڇوڪرن جي زندگي قابل رشڪ لڳي هئم. گذريل ڪجهه ڏينهن کان خود ساخته ئي سهي، پر محدود چُرپر واري زندگيءَ مان اڻ- لَکي بيزاري محسوس ٿي رهي هئي! سوچيم:
    ” بندش جو درد رڳو قيدخانن جي ڪهاڻي ناهي هوندو پر جسمن کان ذهنن تائين، اسيريءَ جي اذيت جا انيڪ روپ هوندا آھن، جن کي باريڪين سان سمجهڻ لاڳاپيل تجربي مان گُذرڻ بنا ايتروئي مشڪل آھي، جيترو ڌرتيءَ وارن لاءِ بليڪ هول جي اندر لڪيل حقيقتن جي ڄاڻ مشڪل هوندي آھي...!”
    خيالن جا ولر واريندي الاءِ ڪيترا پل گذريا هئا. سج به اولهه ۾ وڃي ٽُٻي هنئي هئي. دودي جو وڏو ڀاءُ چانهه جي ٿرماس ڀري اچي پهتو هو. چانهه جو ڪوپ ڀري ڏيندي چيائين:
    ”ادا مون کي فون تي ٻُڌايو هو. آءٌ پُراڻ واري ٻنيءَ تي ويو هئس. اتي مرچ چُونڊيندڙ مزدورن کان خالي گهر صاف ڪرائي آيو آھيان. سڀاڻي سويل موٽر سائيڪل تي توکي جهڏي ڇڏڻ کانپوءِ واپس اچي ضروري سامان ٽريڪٽر ٽراليءَ تي کڻائي اتي رکي ڇڏيندس! تون پنهنجو موبائل نمبر مون کي ڏيئي ڇڏ، جيئن جوڙيءَ سميت تنهنجي آجيان ڪري سگهجي.”
    جملو پورو هڪ هن وڏو ٽھڪ ڏنو. موٽ ۾ آءٌ به مرڪي پيو هئس.
    دودي جي ڀاءُ پنهنجو نالو عاقيل ٻڌايو هو. سندس چوڻ مطابق اسلاميات ۾ ايم اي ڪرڻ بعد ھن نوڪري ڪرڻ بدران راڄن ڀاڳن سان اباڻي اُٿي ويٺي برقرار رکڻ ۽ اوطاق هلائڻ سان گڏ، زمينداري سنڀالي هئي. شعر و شاعري، جاسوسي ڪهاڻيون ۽ ديني ڪتاب پڙھڻ سندس مشغلن ۾ شامل هئا. هن اهو ٻُڌڻ بعد ته آءٌ ڏوهن جي ڪيسن ۾ مفرور هجڻ سان گڏ عشق جي اڻُتُڻ ۾ پڻ ڦاٿل هئس. مونکي وندرائڻ ۽ پاڻ کي اظهارڻ خاطر، شاهه سائينءَ جي عشقيه شاعري ٻُڌائي، منهنجي دل جا ٿڪ لاھڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڀٽائيءَ کانپوءِ ھن شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ ٻين سنڌي توڙي اردو شاعرن جي شاعري، رات جو بستري تي ليٽڻ تائين، لاڳيتو مون کي ٻُڌائي هئي! ۽ آءٌ شاعراڻن لفظن مان ڦُٽندڙ محظوظات جي مينهن ۾، خيالن ئي خيالن ۾ توکي ڳراٽي پائي، دير دير تائين وهنتو هئس، ۽ گڏوگڏ عاقيل جي علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيت کان زبردست متاثر ٿي الاءِ ڪيڏي مهل ننڊ جي ڀاڪر ۾ هليو ويو هئس. پر سمهڻ کان اڳ توکي موڪليل ميسيج ۾ سڀاڻي وارو پروگرام پڪو ڪرڻ سميت برقعو پائڻ جي به تاڪيد ڪئي هئم. موٽ ۾ رڳو انگريزيءَ جا ٻه اکر ‘او’ ۽ ‘ڪي’ لکيا هُيئي.


    (12)

    دودي جي اوطاق کان موٽر سائيڪل تي جهڏي ايندي، عاقيل پڇيو:
    ”ڇوڪري ڪهڙي عمر جي آھي؟“
    چيم:
    “لڳ ڀڳ ويهن کان مٿي ۽ پنجويهن کان هيٺ...”
    پنهنجي ساءِ چيائين:
    ”پوءِ ته استادن جي گُهمايل هوندي!”
    ڪاوڙ جي ممڙي چٽي ويئي هئم، پر خاموشيءَ جي اجرڪ اوڍي ورتم. سوچيم:
    ”پيار ڪندڙ هر عورت متعلق اسانجو سماج ايئن ڇو سوچيندو آھي؟ ڀٽائيءَ ته ايئن ڪونه سوچيو هو!؟“
    ڳپل دير منهنجي چڀندڙ خاموشيءَ کي، شايد بائيڪ هلائيندڙ عاقيل به محسوس ڪيو هو، جو ماحول جي تلخيءَ کي گهٽ ڪندي، چيائين:
    ”تون نيڪ ڪم ڪري رهيو آھين! غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ ثواب جو ڪم آھي.”
    خاموش رهيس. عاقيل بائيڪ کي پڪي روڊ تي چاڙھڻ بعد وري خاموشيءَ ۾ کَڙو اُڇليو:
    ”منهنجي چاچي به هڪڙي هندو ناريءَ کي مسلمان ڪيو هو.“
    هن موٽر سائيڪل جو گيئر بدلائيندي ڳالهه جاري رکي:
    ” ڪم ته ثواب جو ڪيائين، پر برادريءَ وارن ڪولهڻ جي پيٽان پيدا ٿيل اولاد سان نه سڱابندي ڪئي ۽ نه ئي عزيزاڻُو قريباڻُو تعلق رکيو.”
    پڇيم:
    ”توهان پڙھيل لکيل هئا.ڀلا توهان ئي ان غليظ سماجي سوچ کي شڪست ڏيڻ لاءِ چاچي جي اولاد سان سڱابندي ڪريو ها!؟“
    هن جي چهري تي الاءِ ڪهڙا تاثرات اڀريا هئا، ڏسي نه سگهيو هئس. پر هن جي مختصر جوابي جملي، سندس شخصيت جا هيستائين لڪيل سمورا پهلُو، مون اڳيان کولي ڇڏيا هئا. وراڻيائين:
    ”ڏٺل مَک ڪير ڳڙڪائيندو ادا !؟”
    سوچيم:
    ”هن شخص، شاهه سائينءَ جا ڪيترا بيت برزبان ياد ڪيا آھن، پر لطيف وارو ڪامل انسان سندس ڀر مان به ناهي لنگهيو! هن ڪتاب پڙھڻ ۽ ديني ڳالهيون ڪرڻ وارا چڱا ڪم ته ڪيا آھن، پر پرينءَ کي پَسڻ وارو ڪو ٻيو فهم، کيس کيڪاري ناهي سگهيو! هن وٽ ظاهري انسانيت جو رنگ روغن ته موجود آھي، پر باطني طور اندر اُجارڻ وارو فلسفو سندس ساٿي بڻجي ناهي سگهيو! هن وٽ يونيورسٽيءَ جي ڊگري به موجود آھي، پر هن پنهنجي دل کي ڪڏھن به درسگاهه بڻائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي!”
    عاقيل جي ڳالهين وري ڌيان ڇڪايو هو:
    ”مون ٻه ٽي سال کن اڳ هڪ ڪنواري هارياڻيءَ سان اکيون اٽڪايون هيون. سال کن هلايومانس، ماڳهين ڪنڌ ۾ لڳي ويئي، چئي شادي ڪر!”
    پچيم:
    ”پوءِ ڇا ڪيئي؟“
    وراڻيائين:
    ” هڏو چوسي ڪنڌ ۾ ناهي ٻڌبو، نيٺ ته اڇلبو نه!؟“
    سوچيم:
    ”ڪيڏو نه اياڻُو هئس. رڳو ڊگري ۽ ڳالهين جي بنياد تي هن ماڻھوءَ کي معتبر سمجهي رهيو هئس!”
    تڏھن ئي اندر جي گهراين مان ڪٿان هڪ سوال جو ميزائل اڳيان اچي ڪريو هو:
    ”انسان ۾ موجود علم جي ڪٿ آخر ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟!”
    پنهنجي ئي پُڇيل سوال ۾ وچڙي مُنجهي پيو هئس.
    عاقيل ڳالهين جون ڳنڍون کوليندو رهيو:
    ”هوءَ اڪثر پنهنجن برتن ۾ مونکي ڪجهه نه ڪجهه کارائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مون کي اڇوتن جي ٿانوَن ۾ کائيندي، اندر ئي اندر نفرت محسوس ٿيندي هئي، پر هوءَ ضد ڪري مونکي پاڻ سان گڏ کائڻ تي مجبور ڪندي هئي!”
    ذھن جي اڱڻ تي دُکندڙ سوال جي جواب ۾، ڪي لفظ ٺھي پيا هئا:
    ”جيئن ڪن بيمارين جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ انهن بيمارين خلاف جسم ۾ موجود اينٽي باڊيز جي چڪاس ڪبي آھي، ايئن ئي ڇا ڪنهن ماڻھوءَ ۾ موجود علم جي ڪٿ ڪرڻ لئه منجهس موجود عملي ماڻھپي جو معيار ۽ مقدار ماپي نٿو سگهجي؟!”
    عاقيل چئي رهيو:
    ”هوءَ چوندي هئي ته اونچي ذات وارا هندو ۽ اوهين مُسلا، اسان سان ساڳي برتنن ۾ گڏ کائيندي ته ڇيپ ڪندا آھيو، پر مونکي چمي ڏيندي ايئن لڳندا آھيو، جيئن بکايل ڪتو هڏو چوسيندو آھي!”
    عاقيل جي سنگتياڻيءَ جي ڏنل تشبيهه دل کي مهٽو ڏيندڙ ۽ هُوبهُو ٺھڪندڙ لڳي هئم. عاقيل چيو:
    ”ڀانيان ٿو هوءَ مونکي پنهنجي جسم جي لالچ ۾، پنهنجن برتنن ۾ کارائيندي، نيچو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.“
    منهنجي ذھن ۾ هڪ خيال جي کُڙکٻيتي چمڪو ڪيو:
    ”ٻالڪپڻ کان پنهنجي والدين، پنهنجي قبيلي ۽ پنهنجو پاڻ سان نسلي ۽ مذھبي بنياد تي ٿيل نفرت ۽ ڪمتر سلوڪ جو نفسياتي ردعمل ئي هو، جو هوءَ انهي طبقي جي مردن کي پنهنجي جسم تي ڪتن جيان نُوس نُوس ڪندو ڏسي، برتريءَ جي احساس ۾ انجواءِ ڪندي هئي ۽ پنهنجن برتن ۾ کاڌو کارائي نفسياتي تسڪين ماڻيندي هئي!”
    عاقيل چئي رهيو هو:
    ”هڪ ڏينهن اسانجي گهر آئي ته ماڳهين پنهنجي اوقات وسري ويس. کٽ تي چڙھي ويهي رهي. اسانجون مايون هڪٻئي جي مُنهن ۾ ڏسڻ لڳيون. پر اسانجو گلاس کڻي، جڏھن اٿي وڃي گهڙي مان پاڻي پيتائين ته امان کيس ست سُريون ٻُڌائي رواني ڪئي هئي! ان ڏينهن کانپوءِ مون به کيس سندس اصل حيثيت ياد ڏيارڻ شروع ڪئي ھئي! مون مان شاديءَ جو آسرو پلجڻ بعد سگهوئي سندس شادي ٿي ويئي هئي.”
    ”منهنجي ذھن ۾ وري هڪ نئين سوال جو نيرو پکي پرڙا ساهڻ لڳو هو:
    ”لاعلميءَ کي ته علم سان ڌڪارڻ ممڪن آھي، پر پڙهيل لکيل جاهل کي عالم ڪيئن ٺاهجي؟!”
    جهڏي جي رستن تي عاقيل جي پويان موٽر سائيڪل تي ويٺي، اهوئي سوال اندر ۾ آلي ڪاٺيءَ جيان دُونهن ڪندو رهيو هو!
    ڪرائي جي ڪار ۾ سوار ٿيڻ بعد موبائل مان تنهنجي آيل ميسيج ٽھڪ ڏنو هو،لکيو هيئي:
    ”ٺيڪ ساڍا ڏھه وڳي سول هاسپيٽل جي اڀرندئين مين گيٽ تي موجود هونديس. ڪار ويجهو بيهاري رڳو دري کولجان!”
    هٿ ۾ ٻڌل سستي گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو هئم. صبح جا ساڍا اٺ ٿي رهيا هئا.ڪار پڪي رستي تي ڊڪي رهي هئي ۽ ڊرائيور مونکي آثار قديمہ جي ماهر جيان کوٽڻ لڳو هو.
    ” سر توهان ڪير آھيو؟ ڪٿان جا آھيو؟ ميرپوخاص ۾ ڪٿي وڃڻو آھي؟…وغيره وغيره!.“
    انتهائي احتياط سان فرضي قصا گهڙي کيس مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئم. هن بار بار منهنجي ڳالهين جي تصديق لاءِ سندم اکين ۾ نهارون اڇلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اکين مٿان موجود ڪاري چشمي کي لڳي موٽيل نگاهون، وري سامهين روڊ تي وڇائي، اسٽرنگ گُهمائي رهيو هو. تڏھن سوچيم:
    ”سچ ۽ ڪوڙ جي تصديق اکين جي آئيني ۾ ئي بهتر طريقي سان ٿي سگهندي آھي، پر نيڻ-شناسيءَ ۾ غير معمولي مهارت جو هجڻ ضروري آھي!”
    سوچي سمجهي ڊرائيور سان سرد مهريءَ وارو رکيو هئم، جيئن سندس سوالن جي وڌيڪ باؤنسرن کان بچي سگهجي! گفتگو ۾ منهنجي عدم دلچسپيءَ کي محسوس ڪندي هو به خاموش ٿي ويو هو.
    ڊگهڙي ڪراس ڪندي سوچيم:
    ”ھونئن ته روپوش آھيان، پر اڄوڪي چُرپُر ته عام رواجي اٿم. جيڪڏھن جهلجي پيس ته پوليس ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياري ڇڏيندي!“
    بيچين ٿي شيشو هٽائي ٻاهر ڏٺو هئم.ٻاهر ساون کيٽن ۾ واريل پاڻيءَ تي مڙي آيل پکين جا ٽولا چلولايون ڪري رهيا هئا. سوچيم:
    ”پوليس منهنجو خاڪو هروڀرو وڏي ڏوهاريءَ وارو ٺاهي ڇڏيو آھي.في الحال مون مان عام رواجي چرپر رکڻ جي توقع ڪون هوندن. ڪنهنجي وهم ۽ گمان به نه هوندو ته ڪو شرجيل جهڙو بدنام ڏوهاري ڪرائي جي ڪار ۾، هنن رستن تي عام ماڻھن جيان رلندڙ هوندو. هونئن به مونکي جتان جتان وڃڻو آھي، اتي اڄڪلهه نه ڪا خاص پوليس چوڪسي آھي، ۽ نه ئي آئون اڳوڻي حُليي ۾ آھيان!”
    پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيندي اکيون ٻوٽي ڇڏيون هئم.ٻوٽيل اکين جي سنسان واديءَ ۾، حسب معمول تون هلي آئي هُئينءَ. تنهنجي غير معمولي ڳوري رنگت جي زرد چانڊوڪي، خيالن ۾ پيوند ٿي پيئي هئي. بدترين حالتن جي درد کي هارائڻ جو اهوئي سادو فارمولو سوچيو هئم! جڏھن به ويري وقت جي حادثن جو زهر، وجود ۾ وٽجڻ لڳندو هو ته آءٌ اکيون بند ڪري تصور ۾ توکي سجائڻ لڳندو هئس. سوچيو هئم:
    ”هن جو رڳو تصور ئي ايترو سهڻُو ۽ من موهڻُو آھي. سندس حقيقي وجود جو واس ته ماڳهين هوشرُبا هوندو!؟ حُسن جو اهو شاهپارو اڄ واپس موٽندي، منهنجي ڀاڪر ۾ ۽ رڳو منهنجو هوندو!”
    اهوئي سوچي، خوشي ۽ سُرور جي آسمان تي اڏامڻ لڳو هئس. ايڏي خوشي ۽ ايڏو سرور،جنهن کي لفظن ۾ اوتڻ ايترو ئي مشڪل هو، جيترا نئين دؤر جي جوانين اڳيان سُر سامونڊيءَ جا وڇوڙا سمجهائڻ مشڪل لڳندا آھن!
    جرواريءَ (شاخ) وٽ پهچي وقت ڏٺو هئم ته ڏهه ٿي رهيا هئا. مطلب ته اڃان اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻُو هو، پر ڪٿي ۽ ڪهڙي بهاني؟! پهرين سوچيم ته ڪٿي چانهه پيئجي، پر کيسو اهو بار کڻڻ کان قاصر هو!. ڊرائيور پڇيو:
    ”سر ڪٿي هلڻو آھي؟“
    وراڻيم:
    ” مون کي سول جي گيٽ تي لاهي، تون آسپاس موجود رهجان. بس هڪ مريض جي عيادت ڪري ڏھن پندرهن منٽن ۾ واپس موٽندس. منهنجي گهر واريءَ به خريداري ڪري، ساڍا ڏهه وڳي سوِل جي گيٽ تي اچڻ جو چيو آھي. بس تون ٽائيم جي سخت پابندي ڪجان!.“
    سول جي گيٽ وٽ لهي جلدي جلدي اندر ويو هئس. گهڙي ڏهه لڳي 14 منٽ ڏيکاري رهي هئي. ان جو مطلب هو ته اڃان مونکي سورنهن منٽن تائين سول جي اندر ئي اجايو چڪر لڳائڻا هئا.
    هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول کان ٿيندو ڪِڊني سينٽر تي پهتو هئس. جتان نُوس نُوس ڪري پوئتي موٽندي، اڳيان چانهه جي بٺيءَ وٽ ٺهيل ڇپري هيٺان رکيل کٽن مان هڪڙي کٽ تي اچي ويٺو هئس. ڇوڪري جڳ گلاس اڳيان رکندي پڇيو:
    ”سائين چانهه پيئندؤ؟“
    ڪنگالپڻي جي ڀرپور احساس سميت انڪار ڪيو هئم. تڪڙو تڪڙو فون ڪڍي، توکي مسيج روانو ڪيم:
    ”آءٌ سول ۾ ئي موجود آھيان، ساڍا ڏهه وڳي گيٽ تي پهچي وڃجان.“
    عين ان ئي لمحي پري کان پوليس جي گاڏيءَ کي ايمرجنسي وارڊ ڏانهن ويندي ڏٺي هئم. اکين اڳيان جهرڪيون اُڏرڻ لڳيون هُيون. وهمن ۽ وهلُورن جو واچوڙو، عقل، اطمينان ۽ اعتبار سميت سڀ ڪجهه اُڏاري کڻي ويو هو. سوچيم:
    ”ڇا هن طرفان مونسان ڀڄي هلڻ وارو واعدو، پنهنجي صوبيدار چاچي جي ترقيءَ ۾ مددگار بڻجڻ لاءِ مونکي ٻڌرائڻ واري منصوبي جو حصو ته نه آھي!؟“
    ويتر تنهنجي طرفان جوابي ميسيج نه اچڻ شڪ کي پڪ جي پيچرن تي آڻي بيهاريو. هيڪر خيال آيو ته پوئين پاسي کان نڪري ڀڄي وڃان، پر ان ئي لمحي، ڪار جي ڊرائيور جو طنزيه آواز ڪنن سان ٽڪرايو:
    ”سر مريض جو حال پڇي وٺو، هلڻ جو ٽائيم ٿي ويو آھي!”
    سامهون ڏٺم، ڇيڙي واري کٽ تي، ڪار جو ڊرائيور چانهه جو ڪوپ خالي ڪري سگريٽ دکائي چڪو هو. هن شايد لاڳيتو مون کي نظرن ۾ رکيو هو. ڪاري چشمي باوجود منهنجي اُڻ تُڻ ۽ بيچينيءَ کي محسوس ڪري رهيو هو. اهو امڪان به موجود هو ته ڪرايو ڏيڻ بنا رَفُو چڪر ٿيڻ جي خدشي سبب، هن ڪڊني سينٽر تائين منهنجو پيڇو ڪيو هو ۽ مون طرفان مريض جي عيادت وارو ڪوڙ پڌرو ٿيڻ بعد منهنجي ٻھروپ وڌيڪ سندس ڌيان ڇڪايو هو!
    مون ڊرائيور جي نظرن ۾ مشڪوڪ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻه ڀيرا تنهنجو نمبر ملايو هو. هر دفعي نمبر بند آيو هو. نمبر بند ڪري، مون کي ويتر وهمن جي اوڙاهه ۾ اُڇليو هيئي!
    ڏهه لڳي ٽيهه منٽ ٿيا هئا. سامهون ڊرائيور مرڪي رهيو هو، کيس چيم:
    ”ڪار گيٽ تي آڻيو، آءٌ اتان چڙھندس.“
    ڊرائيور وراڻيو:
    “نه، هرگز نه! پاڻ ھِتان گڏجي ڪار تائين هلون ٿا ۽ ڪار ۾ سوار ٿي، گيٽ وٽان توهان جي بيگم کي کڻيو هلنداسين. هن “بيگم” لفظ تي ڪجهه ايئن زور ڏنو، ڄڻ درحقيقت منهنجي ڪا به بيگم ڪونه هئي!
    ڊرائيور سان وڌيڪ کٽراڳ ڪرڻ مناسب ڪون سمجهيم، ڇو ته هُو جيڪڏھن ڪرايو گُھري ها ته خالي کيسي وارو ڪاڪ محل زمين دوز ٿيندي، دير ئي ڪيتري ڪري ها!؟ ۽ خالي بندوق جهڙي منهنجي اصليت به ظاهر ٿي سگهي ٿي! ان ڪري ڊرائيور سان گڏگڏ هلندو اچي ڪار ۾ سوار ٿيو هئس. مون محسوس ڪيو ته ڪار جي سيٽ تي ويهي دروازو بند ڪرڻ تائين، ڊرائيور مونکي نظرن ۾ رکيو هو. ويتر سامهون ڏٺو هئم ته پڪ ٿي پيئي هئي ته تنهنجي وڇايل ڄار ۾ ٻه ٽنگو ڦاسڻ بعد ڦٿڪڻ اجايو هو! ڇو ته اڳاڻو ڏٺل پوليس جي گاڏي، هاڻ سول جي مين گيٽ ڏانهن وڌي رهي هئي. اهوئي ساڳي ٽائيم ٿي چڪو هو، جيڪو تنهنجي طرفان مونکي ڏنل هو!
    پهرين خيال آيو ته ڪار اڃان رفتار ناهي ورتي، ڇو نه دروازو کولي ٽپو ڏيئي ڀڄي وڃان، پر اهو طريقو به رسڪي هو.ان ڪري اوٺا- ٻوڙ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل اڻ تارُو شخص جيان پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪرڻ تي ئي مجبور ٿيو هئس.
    ڪار گيٽ تي پهتي هئي ته حيرت جو هلڪو جهٽڪو لڳو هئم. پوليس گاڏي اڳتي لنگهي ويئي هئي، پر آس پاس ڪٿي به تون نظر ڪونه آئي هُئينءَ! اسان واري ڪار به گيٽ کان ڳپل وکون اڳتي اچي، ساڄي پاسي مڙي هئي. ڊرائيور به زبردست طنز ڪئي هئي:
    ”اڃان تائين ته توهان جي بيگم جو ڪو اتو پتو ناهي، رُٺل آھي ڇا؟”
    ڪاوڙ جي ممڙي چٽڻ لڳي هئم، پر اهو وقت ڪاوڙ ڪڍڻ جو ڪون هو. ڊرائيور کي چيم:
    ”ڪار روڪ“
    پڇيائين:
    ”ڇو؟ لهي ڀڄندين ڇا!؟”
    پهريون ڀيرو کيس ڇڙٻ ڏنم:
    ”پنهنجين حدن ۾ رهو!”
    ڪار مان لهي پوئتي نگاهه ڪئي هئم ته تنهنجي قد ڪاٺ جيڏي عورت، هاڻي هاڻي گيٽ وٽ پهتي هُئي. سندس ٻنهي هٿن ۾ ٿيلها هئا ۽ چهري تي نقاب چڙھيل هو!
    اوندهه ۾ ٽپ ڏيڻ جيان ڊرائيور کي چيم:
    ”ڪار واپس گهمائي اچ، آءٌ بيگم کان ٿيلهو وٺان ٿو!”
    برقعي واري عورت کي ڏسڻ بعد ڊرائيور به منهنجي حڪم جي تعميل ڪئي هئي.
    ”ضروري ناهي ته اها نقاب واري عورت مينا هجي!؟“
    ٽُٽل شيشي جهڙو اهو خيال، دل جي نازڪ هٿن ۾ لڪائڻ باوجود تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي گيٽ ڏانهن وڌيو هئس.
    ويجهو وڃڻ سان، نقاب مان نهاريندڙ اکيون، نه رڳو حسن جي انوکي وصف ٿي پيون هيون، پر سالن جي شناسائيءَ جي چُغلي به هڻي رهيون هيون...!
    مونکي ڏسي ٿورڙو ڇرڪي هُئينءَ، شايد ڊگهن شهپرن بنا ڪاري چشمي ۽ پيلي هئٽ سان پهرين نظر ۾ مونکي سڃاڻي نه سگهي هُئينءَ!
    چيم:
    ”هڪ ٿيلهو مون کي ڏيئي ڇڏ. ڪار سامهون موڙ ڪاٽي رهي آھي!“
    وري چتائي ڏٺو هُيئي، ايئن ڄڻ موجوده مُھانڊي ۾، في الفور قبول ڪري نه پي سگهينءَ!
    ڪار سامهون اچي بيٺي. ڊرائيور ڊِگي کولي، ٻئي ٿيلها اندر رکڻ کانپوءِ ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي ورتي. ڊرائيور جي ڀرواري سيٽ خالي هجڻ کي آڪوَرڊ محسوس ڪرڻ باوجود، آءٌ توسان گڏ پوئين سيٽ تي ويهي رهيو هئس. تنهنجي آلي بدن جي هُڳاءُ ۽ ڪپڙن کي لڳايل هلڪي پرفيوم جي مهڪ سان گڏ، پهريون ڀيرو تنهنجي ويجهڙائيءَ جو کينچلو احساس، جوڀن جي جذبن سان ڇيڙڇار ڪرڻ لڳو هو!
    انڊلٺ جهڙو سهڻُو ۽ مِينهن- ماماڻي جهڙو نفيس هٿ وڌائي، منهنجي آڱرين ۾ پنهنجون آڱريون جڪڙي، منهنجو هٿ پنهنجي گوڏي تي آندو هيئي. ناقابل بيان احساس، برقي ڪرنٽ جي لهرن جيان اندر ۾ ڊوڙڻ لڳا هئا!
    منهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل سستي گهڙيءَ ۾ وقت ڏسي چيو هيئي:
    ”مون وٽ نه موبائل هو ۽ نه ئي گهڙي، دڪاندار کان پڇيل ٽائيم جي ڌُڪي تي هلي آئي آھيان، پر ڪو خاص فرق ناهي!“
    خاموش رهي، تنهنجي گداز هٿ جي ڇُهاءُ کي انجوائي ڪندو رهيو هئس! تنهنجي آڱر ۾ پاتل سوني مُنڊي ڏسي، سوچيو هئم:
    ”جن آڱرين کي قدرت سونَ کان وڌيڪ سهڻُو رنگ ڏنو آھي، تن ۾ سون پارائڻ، سون سان انوکي چَٿر آھي!”
    توکي ڏسي ڊرائيور جون واڇُون به ڦاٽي پيون هيون. سندس نظرون سامهون واري آئيني مان مون تي رشڪ ڪري رهيون هيون!.
    اڳيان روڊ تي پوليس موبائيل بيٺي هئي. ٻه ٽي سپاهي هڪ جيپ ۽ هڪ ڪار جي تلاشي وٺي رهيا هئا. پاڻ واري ڊرائيور اڳئين ڪار جي پويان ڪار بيهاري، سپاهيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪيو هو.
    ٽارچر سيل جي قيديءَ جيان نه گُذرندڙ ۽ اذيتناڪ لمحن جو زهر پيئڻُو پيو هئم. اوچتو مصيبت ۾ ڦاسي پيل لاچار شخص واري جهوريندڙ بيوسي، دل منجهان سيرائيءَ جيان سَل ڪڍندي رهي هئي!
    انتهائي حاضر دماغيءَ سان دري کولي هيٺ لٿي هُئينءَ. سپاهين سان مخاطب ٿي ڪاوڙيل انداز ۾ چيو هيئي:
    ”ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، آءٌ پنهنجي مرندڙ سس جو مُنهن ڏسڻ وڃان پيئي ۽ اوهين وري فضول چيڪنگ جي نالي ۾، اسانجو وقت وڃائي رهيا آھيو، جهڙا اسين لا باڊي سٽيزن نه پر ڪي سچ-پچلا ڌاڙيل هجون!“
    پوليس وارا تنهنجن جملن، خاص ڪري انگريزي لفظن کان گهڻُو مرعوب ٿيا هئا. تڏھن ئي ته هٿ جي اشاري سان ڊرائيور کي وڃڻ جو اشارو ڪيو هئنِ.
    منهنجي ڀرسان سيٽ تي ويٺي هُئينءَ، ته ڊرائيور ڪار کي اڳتي چوريندي چيو هو:
    ”ادي سٺو ڪيئي، تڪڙي جان ڇُٽي.“
    مون توکي چپن سان داد ڏيڻ بدران، تنهنجي آڱرين ۾ آڱريون ٻيڪڙي هلڪو زور ڏنو هو. ان شاباس جي گهرائي صرف تنهنجي ئي سمجهه ۾ ايندڙ ھئي!


    (13)

    شام جا هٿ، آسمان کي نيرو وڳو پارائي رهيا هئا. ڪچن گهرن جي ڪُشادي اڱڻ تي تي رکيل کٽ تي ويٺي هُئينءَ. گهاٽن ۽ ڊگهن ڪارن زلفن، ڪجلين اکين ۽ پيلي وڳي مان شرارتون ڪندڙ تنهنجو هوشرُبا حُسن، مونکي پنهنجي هجڻ جو احساس ارپي رهيو هو. اکين ۾ اکيون پوئي پڇيو هئم:
    “مينا! پنهنجي دولتمند گهراڻي جون سموريون آسائشون ٺُڪرائي، مون ۽ منهنجين مصيبتن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ بعد هي بيمنزل مسافرين جا درد، توکي مبارڪ هجن!!”
    وجود جون سموريون سچايون، اکين ۾ اوتي وراڻيو هُيئي:
    “جڏھن تون ئي منهنجي سڀني سپنن جو مرڪز ٿي پيو آھين، ته پوءِ ڀلا توکان سواءِ ٻي ڪهڙي خواهش ڪريان!
    توکي حاصل ڪري سڀ ڪجهه وڃائڻ وارو سودو، ايترو مهانگو ته ناهي!”
    حيرت مان پڇيو هئم:
    “شاعري به ڪندي آھين ڇا!؟”
    اندر جي عميق گهرائين مان اُٿندڙ پيار ۽ پنهنجائپ جا سمورا جذبا، اکين ۾ تري آيا هُيَئي. نيڻن سان نيڻ ٻَکي، مرڪي پيئي هُئينءَ. تنهنجين اکين ۾ نهاريندي، پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺو هئس. ان ئي ساڳي نقطي جو وري پرتوو پيو هو، جتان زمان ۽ مڪان کان مٿانهين محسوسات جي شروعات ٿيڻ لڳندي هئي! رڳو “تون ۽ آءٌ” کان سواءِ سمورا ساز پِٿون ٿي پوندا هئا.
    ان شام پڻ تنهنجي اکين ۾ ھنئيل ٽُٻي اڳي کان وڌيڪ ڊگهي ٿي پيئي هئي! هڪ عجوبي جهڙي سُرنگ جي ٻي پار، تون فرحت بخش روشنيءَ ۾، ڪائناتي لباس سان نظر آئي هُئينءَ. من موهيندڙ موسيقيءَ جهڙو وڻندڙ آواز، ڪائنات جو گيت بڻجي پيو هو. ناقابل اظھار سرور ۽ سرمستيءَ ۾، ڄڻ پاڻ ٻئي “ھڪ” ٿيندي، ٿيندي وري “ٻه” ٿيڻ لڳا هئاسين! سگهارن هٿن جي اُگهاڙي تلوار، پنهنجي رت سان لانئون لڌيون هيون! اتي ئي توکي وري وڃائڻ جي احساس ۾، ڇرڪ کاڌو هئم. ان ڇرڪ سان گڏ، ھڪٻئي سان مليل پنهنجون نظرون به ڌار ٿي پيو هيون!
    وڄندڙ ڪال بيل وارو موبائل کڻي نمبر ڏٺو هئم. دودي جي نمبر جون ٽي مس ڪالون لڳل هيون! ان جو مطلب هو ته دودي جي ڪيل ڪالز دوران وڄندڙ رِنگ کي نه تو ٻُڌو هو، ۽ نه ئي مون! سڀ ڪجهه غير معمولي ۽ حيران ڪندڙ هو!
    توڏانهن ڏٺو هئم،آليون اکيون اگهي رهي هُئينءَ. اکيون ملڻ واري ڪيفيت جي تجربي متعلق پڇيو هئم ته اُچرج مان لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهيون ٻڌايون هُيئي، جيڪي تنهنجي اکين ۾ ٻُڏڻ ۽ ترڻ دوران، مون محسوس ڪيون هيون! فرق رڳو اهو هو جو ڪيفيت جي ان انوکي تجربي جي احساسن جو اظھار ڪرڻ وقت، بار بار مُنجهي رهي هُئينءَ، ايئن ڄڻ ان اظھار لاءِ توکي ڪنهن به ٻوليءَ مان لفظ ڪونه ملي رهيا هئا! اهو به ٿيو هو، جو “هڪ” مان “ٻه” ٿيڻ وقت تنهنجي اکين مان لڙڪ لڙيا هئا، جن جي آلاڻ تنهنجي اکين منجهه اڃان موجود هئي!
    حيرت مان پڇيو ھيئي:
    “توسان نظرون ملندي، ڪڏھن ڪڏھن عجيب محسوس ٿيندو آھي. پر ڪڏھن ته مورڳو اکين ۾ نهاريندي، وقت بيهي رهندو آھي. آسپاس جو احساس ئي ناهي رهندو! اهو ڇا آھي؟ اهڙين پُراسرار ڪيفيتن متعلق اڳي ڪٿي ايئن ٻڌو اٿئي!؟”
    وراڻيو هئم:
    “اهڙن پُراسرار واقعن، ڪيفيتن ۽ رشتن جي نوعيت متعلق هونئن ته گهڻُو ڪجهه ٻُڌو اٿم. پر سنڌ جي هڪ لوڪ قصي ۾ ٻن پيار ڪندڙن جون اکيون ملڻ دوران، بي سُڌ ٿي پوڻ سبب، وچان رکيل ٿال جا داڻا، جهرڪا چُڳي وڃڻ واري روايت ته ڪافي مشهور آھي.”
    پنهنجي ساءِ چيو هيئي:
    “سالن کان ننڊ وارن خوابن ۾، هڪ اهڙي محبوب کي ڏسندي رهندي آھيان، جيڪو هُوبهو تو جهڙو آھي. انهن رنگين خوابن جا سحرانگيز احساس، جاڳڻ کانپوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيفيت تي ڇانئيل رهندا آھن.”
    ان ئي ويل وري دودي جي نمبر تان ايندڙ ڪال جي رنگ ٽيُون وڳي هئي.
    ڪال وصول ڪيم ته دودي ٽھڪ ڏيندي چيو هو:
    “پهريون ڏينهن آھي، خبر اٿم ته ڪال کڻڻ جيتري فرصت ڪون هوندي، پر سج ته لهڻ ڏيو!؟”
    دودي جو رومال ۾ ويڙھي هنئيل چرچو، مٿي وارو لڳو هئم، کلي پيو هئس.
    دودي سنجيدهه ٿيندي چيو هو:
    “آءٌ هڪ دوست جي ڪار کڻي جلد پهچان ٿو، تون ڀاڄائيءَ سميت تيار رهجان. تنهنجا ساهرا تمام سگها ماڻھو آھن. سندن متحرڪ ٿيڻ کان اڳ ئي، ڀاڄائيءَ جو مسلمان ۽ نڪاح جو رجسٽر ٿيڻ ضروري آھي!”
    “ٺيڪ آھي” چيو هئم ته ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿي پيئي هئي.
    دودي واري ڳالهه ٻُڌي، مسلمان ٿيڻ ۽ نڪاح پڙھجڻ وارن لوازمات متعلق معلومات وٺڻ لڳي هُئينءَ!
    دل ۾ ديني جذبا جاڳي پيا هئا. پنهنجي مذھب جي اعليٰ خاصيتن متعلق توکي ليڪچر ڏيڻ لڳو هئس، اهو سمجهندي به ته توکي منهنجي مذھب سان نه پر رڳو مونسان دلچسپي هئي ۽ مونکي تنهنجو مذھب تبديل ڪرائڻ کان وڌيڪ، توکي پنهنجي زال بنائڻ جو سپنو لُڀائي رهيو هو! مذھب جي تبديليءَ جو معاملو رڳو سماجي ۽ قانوني تحفظ حاصل ڪرڻ هو.
    ڪچي گهر جي واڙي کي باٿ روم طور استعمال ڪندي، توکي يقينن تڪليف ٿي هوندي، پر روپوشيءَ جي حالت ۾ پاڻ ٻنهي کي سڀ ڪجهه سويڪار ڪرڻو ئي پيو هو! وهنجي نئون جوڙو پائي تيار ٿي هُئينءَ ته تنهنجو عاليشان حُسن، ڌرتيءَ تي شاعريءَ جي دريافت جو نئون راز محسوس ٿيو هئم! ۽ تنهنجو رنگ، سونَ جي ڪيمسٽريءَ کي ري ڊفائن ڪرڻ ۾ مددگار هجڻ جو وسيلو لڳو هئم!
    هٿ هٿ ۾ ڏيئي، گهٽيءَ تي بيٺل سرنهن جي وڻ هيٺان اچي بيٺا هئاسين. هڪ ٽاريءَ تان ڪوئل ڪوڪي اُڏاڻي هئي ته ٻي ٽاريءَ تي طوطن جو هڪ جوڙو اچي ويٺو هو. سامهون ساون کيتن مٿان جُهڪيل نيري آڪاش تان اُڏامندي نظر ايندڙ آڙيون ڏسي، دل تاڙيون وڄائي فطرت کي داد ڏنو هو! مرچ چُنڊيندڙ آڱرين جي ڇلن سان اکيون ڀڄندڙ سج جي روشني ۽ سائي گاهه جي ڀرين ۾ زندگيءَ جي مشقتن جا لاش کڻي ويندڙ وجودن کي حيرت مان ڏٺو هُيئي. ڀرسان وهندڙ پڪي واٽر ڪورس ۾ الف اُگهاڙو وهنجندڙ مستاني ڇوڪري کي ڏسي، پُٺيري ٿي هُئينءَ! حيا جي هُرکر ۾، وڌيڪ دلرُبا ۽ جاذب نظر آئي هُئينءَ! لڄاري ماحول جي دُونهن کي، ڳالهه بدلائڻ واري آرٽ جو ڦُونڪو ڏيئي، پڇيو هيئي:
    “دودو ڪڏھن ايندو؟!”
    تنهنجي شرميلي وجود جي سمورين باريڪين جا پنا پڙھندي ۽ انجوائي ڪندي، مستاني ڏانهن آڱر کڻي، وراڻيو هئم:
    “دودي جي ڦِٽي آھي، جو هن همراهه جي موجودگيءَ ۾ هيڏانهن ايندو؟!”
    مزيدار کل جي کٿوري کولي چيو هيئي:
    “ذليل ڪٿان جا؟!”
    انوکي ڪيفيت ۽ هُجتي لهجي ۾ چيل، تنهنجي ان جملي جي جزئيات ۾ جرڪندڙ رنگن کان، تمام گهڻُو محظوظ ٿيو هئس. سامهون ڪچي ڦُڙهه مٿان ايندڙ ڪار ڏسي چيو هئم:
    “لڳي ٿو دودو آھي، پر جيستائين پڪ ٿئي تيستائين هل ته واپس اندر هلي ويهون، ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو!؟”
    گهر جي گهٽيءَ تي ڪار جو هارن وڳو هو ته اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو هئس. قميص جي چال مان جهليو هُيئي:
    “سائين ٻاهر متان نڪرين، ضروري ناهي ته دودو هجي!”
    بيهي رهيو هئس.
    “آھي ڪو مڙس ماڻھو!؟”
    ٻاهر سڏ ٿيو هو. پريشان ٿي مون ڏانهن ڏٺو هيئي! کِلي پيو هئس. وڏي واڪ وراڻيو هئم:
    “جيڪڏھن مرد آھين ته اندر هليو اچ، عورت آھين ته گهٽيءَ تي بيٺو رهو ۽ جيڪڏھن ٽين جنس آھين ته واٽر ۾ وهنجندڙ مستاني سان گڏ وڃي موج ڪر!؟”
    مونجهاري ۽ حيرت مان، مون ڏانهن ڏٺو هيئي. ڀڻڪي ۾ ٻڌايو هئم:
    “دودو ئي آھي، پاڻ کي پريشان ڪرڻ لئه آواز بدلائي مذاق ڪرڻ جي اٽڪل ڪري رهيو آھي.”
    ان ئي ويل دودو گهر جي گهٽيءَ منجهان، آڱر ۾ ڪار جي چاٻي گهمائيندو ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ظاهر ٿيو هو.
    ***

    توکي مسلمان ڪندڙ ۽ پنهنجو نڪاح پڙھندڙ مولويءَ کي دودي چيو هو:
    “نڪاح نامي سميت ٻيا ضروري ڪاغذ تيار رکجان. سڀاڻي کڻي ويندس.”
    “انشاءِ الله”
    دودي منهنجي ڪن تي ڪن رکي ڀُڻڪو ڪيو هو:
    “ميان کي 2000 مٺائيءَ جا ڏيئي ڇڏ.”
    تنهنجي ئي ڏنل هزار جي نوٽن جي دستيءَ مان به نوٽ ڪڍي ميان کي ڏنا هئم. هن نوٽ وٺندي چيو هو:
    “ڇوڪرا وڏو ثواب جو ڪم ڪيو اٿئي. مون ۽ دودي کي به ڌڻي تعاليٰ نيڪ ڪم ۾ تنهنجي مدد ڪرڻ جو موقعو ڏئي! رحمت جو دروازو کوليو آھي.”
    دودي پنهنجي ساءِ چيو:
    “سبحان الله!”
    ميان صاحب مونکي مخاطب ٿي چيو هو:
    “هاڻ ٻئي ماڻھو نماز پڙھجو ۽ روزا رکجو! رب حج نصيب ڪندو.”
    “آمين” چئي کانئس موڪلايو هئم.
    توسان گڏ ڪار جي پوئين سيٽ تي ويٺو هئس. ڪار جون اندريون بتيون بند هيون. ٻاهر ڌونئري چانڊوڪيءَ ۾ گونگن وڻن جا پاڇا، اڳتي ڊوڙندڙ ڪار سبب پوئتي ڊڪندي نظر اچي رهيا هئا! تنهنجو نفيس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، چاڪليٽي آڱر تي زبان رکي، پنجن ئي حواسن سان توکي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئم. مذھب بدلائڻ کانپوءِ، تنهنجي هوشربا وجود جي حسناڪين ۾ نه واڌارو ٿيو هو ۽ نه ئي گهٽتائي ٿي هئي! بس تون ايئن ئي هُئينءَ، جيئن اڳي محسوس ٿيندي هئينءَ، البت مون سان نڪاح جي ٻولن ۾ ٻڌجڻ بعد ڪنهن پل ملڪيت پسندي ۽ سماجي تصورن سان وچڙندڙ سوچن ۾، توکي لوڪ کان لڪائڻ وارو خيال به چُهنڊڙيون پائڻ لڳو هو!
    واپسيءَ ۾ دودي جا ديني جذبا وڌيڪ پُرجوش ٿي پيا هئا. هن غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ سان ملندڙ ثواب سميت روزن کان نمازن بلڪه جهاد تائين، ديني فرضن جي فضيلتن متعلق ڳالهيون ڪيون هيون. هن اهو به ٻُڌايو هو ته عيد کانپوءِ پاڻ ديني تبليغ لاءِ جماعت سان گڏجي پنجاب جي سفر تي اُسهڻ وارو هو.
    هن فخر سان سمجهايو هو:
    “ڀاڄائيءَ جي مسلمان ٿيڻ جو ٻُڌڻ کانپوءِ نه رڳو سندس پونئيرن جو گهڻو تڻو زور ٽٽي پوندو پر قانوني ۽ سماجي طور به پاڻ بهتر پوزيشن ۾ هونداسين. مقامي ايم. پي. اي مذھبي قسم جو ماڻهو آھي. پنهنجي تمام گهڻي مدد ڪندو.”
    شارٽ ڪٽ خاطر ڪار کي، ڪچي رستي ڏانهن موڙيندي، دودو ايم. پي. اي جي تعريف جا وڌيڪ ڍُڪ ڀرڻ لڳو هو:
    “هزارين ايڪڙ ٻني اٿس، پر پاڻ هروقت سادگيءَ سان تسبيح سوريندي نظر ايندو آھي. هيءَ ٻني به سائينءَ جي آھي.”
    ٿورو اڳيان ڊرائيونگ سيٽ وٽان اندر ايندڙ ھوا سان گڏ هلڪي بدبوءِ اچڻ لڳي هئي، ته دودي شيشو بند ڪري ٻُڌايو هو:
    “پوئين ٻوڏ دوران پاڻي سائينءَ جي ٻنيءَ کي ٻوڙڻ لڳو هو، ته هن پنهنجي بنگلي تي آيل سرڪاري امداد واري اٽي جا ڪٽا پاڻيءَ جي سامهون رکي، رخ موڙائي پنهنجي ٻني بچائي ورتي هئي. اهو اٽو اڃان تائين ڌَپ ڪري رهيو آھي.”
    تعجب مان پُڇيو هُيئي:
    “پوءِ به توهان کيس سٺو ماڻھو سمجهي رهيا آھيو؟!”
    تنهنجو جملو دودو سمجهي نه سگهيو هو، پڇيائين: “جي...؟”
    توکي ٺُونٺ ھنئي هئم. منهنجو مقصد سمجهندي، ڳالهه کي سنڌو ڏنو هيئي:
    “سٺو ماڻھو آھي، تڏھن ئي سرڪار ايتري امداد سندس هٿن ۾ ڏني هئي.”
    دودي حيرت پکيڙيندڙ لهجي ۾ چيو:
    “هڪ سال تائين ته سندس نوڪرن کي به سندن گهرن جو سامان وٺڻو ڪو نه پيو هو. سائينءَ جي گهوڙن به داڻي طور دال کاڌي هئي. پر سائينءَ نوڪرن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪئي هئي ته سرڪاري امداد جو هڪ ڪڻُو به وڪامڻ نه گهرجي ۽ نه ئي منهنجي بورچيخاني ۾ استعمال ٿيڻ کپي.”
    هن ڀيري سرگوشيءَ ۾ چيو هيئي:
    “انهي کي چئبو آھي، رهئو ھلال، ٻوٽي مُردار!”
    دودي پنهنجي ٺڪاڻي اڳيان ڪار روڪي چيو هو:
    “رات ڪافي گذري چڪي آھي، آرام ڪريو. سڀاڻي ملنداسين.”
    دودو ڪار ۾ پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو هو ته آءٌ تنهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اڱڻ تي آيو هئس. پهرين ڀاڳڀري رات هئي، جنهن ۾ توکي ڀاڪر پائي، هڪئي بستري تي ليٽڻ جو رنگين سپنو ساڀيان ماڻي رهيو هو. زندگيءَ جي ايندڙ حسين ترين لمحن جو رڳو تصور ئي اندر ۾ ڪتڪايون ڪرڻ لڳو هو.
    واڙي ۾ ناڙا ڇوڙ ڪري، گهٽيءَ کي ڊينگهرن سان بند ڪري موٽيو هئس، ان کان اڳي ئي مڇرداني ۽ بسترو لڳائي ليٽي پيئي هُئينءَ. ڀانيان ٿو ايندڙ رنگبرنگي لمحن جو اڳواٽ احساس هيئي، جو پاڻيءَ جي بالٽي ڀري رکي هُئي ۽ توليو به کٽ جي پاڳي تي لٽڪي رهيو هو.
    چو طرف چوڏھينءَ جي چنڊ جي مزيدار روشني نچي رهي هئي. شبنمي هوائن سان چلولايون ڪندڙ سنڌ جي ٻھراڙي، وِلهه جي اجرڪ اوڍي ٺري پيئي هئي! ويڪري کٽ تي لڳل،ڪُشادي مڇردانيءَ مان وِٿي ٺاهي اندر گهڙيو هئس. پرفيوم جي مهڪ، تنهنجي بيقرار جوڀن جي خوشبوءِ سان گڏجي منهنجو سواڳت ڪيو هو! سنهي ڄاريءَ مان ڇڻندڙ سوجهري ۾، تنهنجو چهرو آسماني چنڊ جو هم شڪل محسوس ٿيو هئم. هڪ عجيب خيال سرگوشي ڪئي هئي:
    “حسن جي عالمي مقابلي بدران سونهن جو ڪائناتي مقابلو ٿيو ته، مينا جو اصل حريف چنڊ ئي ثابت ٿيندو!”
    توسان گڏ ليٽندي،سمورا ٿڪ ڊليٽ ٿي پيا هئا ۽ زندگي قهقشان جي کٽولي تي وڇايل انڊلٺي رليءَ مٿان سجايل گلابن جي سيج ڀاسڻ لڳي هئم! ڳراٽي پائي،توکي ڏنل پهرين چُميءَ جو ذائقو، مجازن جا سمورا فلسفا نئين سر لکڻ لڳو هو! تنهنجي چقمقي ٻانهن جي ڇُهائن کان سڊول سَٿرن جي اُھائن تائين ۽ جوڀن جي گستاخين سان ڀرپور تنهنجي ريشمي چپن کان سونهري بدن جي گسن تائين، سرور، مستي ۽ مزي جي ننڍڙن ننڍڙن ذرن ۾ ٽُٽي وکري ويو هئس! تنهنجي ساهُن جي سرگم تي رقص ڪندڙ لمحن ۾، چکڻ کان ڏسڻ تائين ۽ سُنگهڻ کان ڇُھڻ تائين، توکي رجنيش اوشوءَ جي فلسفي ۾ ميڙيندي محسوس ڪيو هئم ته، فطرت جي هٿن زندگي، محبت ۽ سونهن جا سمورا رنگ، تنهنجي وجود جي وراڪن ۾ ويڙھي رکيا هئا! اهو به احساس ٿيو هئم ته جيڪڏھن تون نه ملين ها ته جيڪر منهنجي اندر جا اُھي سڀئي ناقابل بيان احساس، ڪڏھن به مون سان ملاقات ڪري ڪونه سگهن ها! جن جو خزانو کلڻ لاءِ قدرت توکي ئي پيٽرن ڪوڊ طور تخليق ڪيو هو!


    (14)

    پهريون ڀيرو تنهنجي هٿن جي پڪل لذيذ ماني کاڌي هئم. گئس جي چُلهي تي رڌپچاءُ ڪرڻ جي هيراڪ هٿن کي ٻٻرن جي ڪاٺين تڪليف ضرور ڏني هوندي، پر پنهنجن هٿن سان پڪل ماني، مون سان گڏ کائيندي سهاڳڻين جيان ٻهه ٻهه ٻھڪڻ ۽ واهه واهه وهسڻ لڳي هُئينءَ!
    اڳاڻو عاقيل ڀاڄيءَ سان گڏ لوارڙي ڇيلڙي واري ٻڪري به ڏيئي ويو هو، جيئن پاڻ کي صبح سويل پائوڊر واري چانهه پيئڻي نه پوي. ٻڪريءَ جو گاهه ۽ بورچي خاني جون ڪاٺيون پهچائڻ جي ذميواري سندس هڪ هارياڻيءَ کي سونپيل هئي.
    ماني کائي هٿ ڌوئي، توسان روح رچندي ڪچهري ڪرڻ لڳو هئس ته پريان ديويءَ هيٺيان ٻڌل ٻڪريءَ جو چِٽ-ڪٻرو ڇيلڙو، ماءُ وٽان ڊوڙندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو، پنهنجي کٽ تي چڙھي آيو هو. پيار ۽ شفقت سان کيس ڀاڪر ۾ ڀري، نرم وارن واري نازڪ چمڙيءَ تي هٿ گُھمائي، ننڍڙن ٻارن جيان ڇيلڙي ۽ پاڻ کي بهلائڻ لڳي هُئينءَ. تنهنجي چهري تي معصوميت ۽ مامتا جا تاثرات، چؤماسي جي ڪڪرن جيان ٺھڻ ۽ ڊھڻ لڳا هئا! ان ئي ويل گهٽيءَ تي ڪار جي بيهڻ جو آواز ڪنايو هُيئي.
    چند گهڙين بعد دودو ظاهر ٿيو هو. سندس چهرو اُجهاميل اُجهاميل هو. سامهون واري کٽ تي ويهندي، چيائين:
    ”يار باهه ٻري ويئي آھي. ميڊيا کان انساني حقن جي تنظيمن تائين، هرڪو ڀاڄائيءَ جي لو ميريج کي ڀُنگ خاطر اغوا يا وري زوري مذھب بدلائڻ جو اشو بڻائي، پنهنجي دانشوري چمڪائي رهيو آھي! چيف منسٽر، آءِ جي کي ڇوڪري بازياب ڪرائڻ لاءِ ٻاهتر ڪلاڪن جي مهلت ڏني آھي. ڪن هندو تنظيمن جلد ڇوڪري بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾، ملڪ مان لڏي وڃڻ ۽ ڇوڪريءَ جي والد پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي ڏني آھي. آمريڪا ۽ يورپ جي سفارتڪارن پاڪستان ۾ اقليتن سان ٿيندڙ سلوڪ تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو آھي.”
    هن اخبار مون ڏانهن وڌائي هئي، پر جهٽ ڏيئي کڻي ورتي هُيئي. پهرئين ئي پيج تي تنهنجي تصوير سان گڏ ان باڪس خبر جي شروعات هيئن ٿيل هئي:
    ”ميرپورخاص ۾ هندو سيٺ جي ڌيءَ ڏينهن ڏٺي جو اغوا، والدين کي بيهوشيءَ جا دورا.
    چند ڏينهن کان هڪ ڪروڙ لاءِ ڌمڪائيندڙ بدنام ڌاڙيل شرجيل عرف شرلُو تي اغوا جو شڪ ظاهر.“
    وڌيڪ پڙھڻ بدران، اخبار کي اڇليو هيئي، وڪيٽ ڪيپر کان ڊراپ ٿيل آسان ڪيچ تي ڪاوڙيل فاسٽ باؤلر جيان!.
    ”هي ڪهڙي بڪواس آھي، مون پنهنجي مرضيءَ سان شرجيل سان شادي ڪئي آھي. مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو. شرجيل ريڙھو هلائيندڙ مسڪين پورهيت آھي. ڪير ٿو چوي ته هي ڌاڙا هڻندڙ ۽ ڀُنگون وٺندڙ آھي.هن جي اکين ۾ مونکي هروقت ڏوهاري اکين جي وحشت بدران بيگناهه ڦاسي چڙھيل انسان جهڙي معصوميت ۽ پڪڙيل پکين جهڙي نماڻائي نظر ايندي آھي!“
    دودي بيوسيءَ مان وراڻيو هو:
    ”ڀاڄائي اها ته صرف توکي ۽ مونکي ئي خبر آھي. ٻين کي ڪيئن ٻُڌائجي ۽ ڪيئن قائل ڪجي؟!“
    چيو هيئي:
    ”ڪيسن جو قانوني بندوبست ٿيڻ تائين،شرجيل ڀلي روپوش هجي،مون کي وٺي هلو ته پريس ڪانفرنس ڪري بدحواس ميڊيا، بي پرک سول سوسائٽي ۽ لڪير جي فقير دانشورن اڳيان حقيقتون پڌريون ڪريان.“
    دودي اداس لهجي ۾ وراڻيو هو:
    ”جهڙي نموني بدمست پوليس جو ريڊ الرٽ جاري آھي، ان مان لڳي ٿو ته پريس ڪانفرنس تائين پهچڻ کان اڳ ئي اوهان کي پڪڙي مائٽن حوالي ڪيو ويندو. ٽي. وي چينلن تي هلندڙ بريڪنگ نيوز جي هيڊ لائين هوندي:
    ”ڌاڙيلن سان مُبينا پوليس مقابلي دوران مينا ڪماري بازياب.... بدنام ڌاڙيل شرجيل عرف شرلو ساٿين سميت فرار...!”
    اڍنگي نموني کلي پيو هئس. پڇيم:
    ”تنهنجي حوالي سان ڇا لکيل هوندو دودا؟“
    وراڻيائين:
    ”گهڻُو ڪري فُل فرائي ڪندا.ٻي ڏينهن وارين اخبارن ۾ ڇرڪائيندڙ سُرخين هيٺيان بقايا ڄاڻايل ڪالم ۾ ڪجهه هيئن لکيل هوندو:
    پوليس تفتيش موجب،مقابلي ۾ مارجي ويل دودو،جهڏي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهندڙ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ھو. ڪافي وقت کان ميرپور خاص ۾ ڪرائي جي مڪان ۾ رهندو هو،جتي مشڪوڪ ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. دودو سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي خول ۾ ڌاڙن ۽ اغوا جي وارداتن ۾ بدنام ڌاڙيل شرجيل جو سهولتڪار بڻيل هو.مينا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائڻ دوران پوليس سان ڌاڙيلن جي ٿيل مقابلي دوران، گولين جو کاڄ بڻجي ويو.“
    مون دودي جي چهري تي خوف جي مبهم پاڇن سان گڏ ڪي ٻيا تاثرات به ڏٺا هئا، پر الاءِ ڇو سدائين دوستاڻن دولابن جا هيرا هضم ڪندڙ منهنجي البيلي دلڙي، دودي جي حوالي سان ڪنهن به شڪ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪون هئي!؟
    کيس ياد ڏياريم:
    ”نڪاح نامي وارا ڪاغذ به اڄ ملڻ جو واعدو آھي!.“
    مايوسيءَ مان وراڻيائين:
    ”مون جهڏي وڃي ميان کي ڪال ڪري ڪاغذ ڏيڻ جو چيو هو، پر چيائين: ٺپو وڃائجي ويو آھي.جلد ٺھي ايندو. ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر، ڪاغذ تيار ڪري آءٌ پاڻ ئي توکي ڪال ڪندس. ڀانيان ٿو اڄوڪي اخبار ميان کي به لوڏي وڌو آھي!”
    دودي جي ڳالهه دل سان لڳي هئم: “اڄوڪي اخبار ميان کي به لوڏي وڌو آھي.”
    تنهنجي ڪاوڙ ۾ اڇلايل اخبار ڏانهن ڌيان ويو هئم. جنهن کي کٽ جي پاڳي ڀرسان بيٺل ڇيلڙو چٻاڙي رهيو هو.
    اخبار کي ڇيلڙي جي وات مان ڇڪي ڇڏائيندي، ڪُنڊ وارو ڪاڳر جو ٽڪرو ٽُٽي پيو هو.
    هڪ ٻي خبر تي نظر اٽڪي پيئي هئم. وڏي آواز سان سرخيون پڙھڻ لڳو هئس.ڀانيان ٿو سُرخين مان هي جملا، مون جيان توکي به تلوارن جيان لڳا هئا:
    ”زوري مذھب مٽرائڻ ڏوهه قرار: پنج سال سزا ملندي،ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي مذھب تبديل ڪرڻ کي زوري مذھب تبديل ڪرائڻ تصور ڪيو ويندو. زوري مذھب تبديلي تي واقعي جي ايف. آءِ. آر ۾ اغوا، زنا، زوري شادي ڪرڻ ۽ نابالغ سان شاديءَ جا ايڪٽ لاڳو ڪيا ويندا. اهڙي ڏوهه جي ڪيس ۾ ٺاهه يا ضمانت ٿي نه سگهندي. اقليتي ماڻھو جي زوري مذھب تبديل ڪرائڻ ۾ سهولتڪار کي ٽي سال سزا ملندي. لاجسٽڪ مدد ڪندڙ کي به پنج سال سزا ڏني ويندي. 18 سال کان وڏي عمر واري جي مذھب مٽائيندڙ کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪري مختلف مذھبن جي ڀيٽ جي اسٽڊي ڪرڻ ۽ سوچي فيصلو ڪرڻ لاءِ 21 ڏينهن ڏنا ويندا. اهڙي واقعي جي ٻار يا دماغي معذور شخص جا تفصيل ميڊيا ۾ رپورٽ نه ڪيا ويندا.
    سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل اتفاق راءِ سان منظور.“
    اخباري سرخين، پڙھندڙ ۽ ٻُڌندڙن کي ڄڻ گُھٽو ڏيئي ڇڏيو هو. الاءِ ڪيئن چيو هئم:
    ”بااثر ماڻھو ونگاري پوليس معرفت رضا خوشيءَ کي “زوريءَ” ۾ بدلائيندي دير ئي ڪيتري ڪندا ؟! مذھبن جي ڀيٽ جي اسٽڊي جي نالي ۾ خاص هند تي ترسائڻ لاءِ21 ڏينهن، اصل ۾ بيوس فرد کي ذهني ۽ جسماني ٽارچر وسيلي من پسند بيان ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ خاطر رکيا ويا آھن!”
    غمگين خاموشي ڇانئجي پيئي هئي. اداسيءَ جي ڪنڊن کي ڄڻ پاڻ-وندرائيندڙ چپن سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندي، چيو هيئي:
    ”سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ٿيل اهو بل عملي جامو پائڻ ۾ وقت لڳائيندو!“
    دودي ڪنڌ ڌوڻي تنهنجي راءِ سان اتفاق ڪيو هو. پر الاءِ ڇو مونکي ايئن محسوس ٿيو هو، ڄڻ اهو بل مون ۽ توکي مُڏي ڪاتيءَ سان ذبح ڪرڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو هو. مونکي اهو به محسوس ٿيو هو ته نظرين جي نمائش ڪندڙ معاشرن ۾ خود نظريا، ري ايڪشن ڪندڙ انجيڪشن ٿي پوندا آھن! مون کي اهو به محسوس ٿيو هو ته فسطائيت سانڊي جيان هرروز نوان روپ مٽائي رهي هئي. مون اهو به سوچيو هو ته سمورا نظريا ۽ سمورا فلسفا، اجتماعي سچائين جي لباس پائي، باريڪين ۾ ڪيئي ڪوڙ لڪائيندڙ هوندا آھن! مون کي اهو به مضحڪہ خيز خيال آيو هو ته
    ” قدامت ۾ جدت موجود آھي ۽ جدت ۾ قدامت موجود آھي. بس رڳو اجتماعيت ۽ جزئيات جو اُبتو فرق ڏسڻ ۾ ناهي ايندو!”
    اهڙين ڪيفيتن ۾ مونکي اهڙا ئي خيال ايندا ھئا. ان ڏينهن پڻ مٿيان خيال ايندي، شايد منهنجو چهرو به مضحڪه خيز ٿي پيو هو، جو سامهون ويٺل دودي چرچو ڪرڻ جي ڪوشش ۾، ماحول جي بي سُرائي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي هئي:
    ”ويامندڙ ٻڪريءَ جيان مُنهن چِٻو نه ڪر، ڪجهه ڪون ٿيندو.“
    مرڪي وراڻيو هئم:
    ” ڪونه رهين نه؟! نيٺ تنجڻ ڳوهه جيان لِٻرڪو ڪري وئين نه!؟ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو چڱو چرچو ڪرڻ جا، چار آنا ڏيان ها، پر کيسي ۾ کُلي چار آني آھي ڪونه.“
    دودي مرڪي ساڳي نوعيت جو وار ڪيو هو:
    ”چار آنا ته وڏا آھن. مون ڪاليج لائيف کان هيستائين تنهنجي کيسي ۾ ڪڏھن ٽيڊي پائي به ڪونه ڏٺي آھي.“
    سدائين دودي جي چرچن تي مرڪي پوندڙ مون جهڙي زندهه دل شخص کي به ان ڏينهن الاءِ ڇو؟ دودي جو پويون مذاق ناگوار لڳو هو. شايد تو اڳيان منهنجي مفلسيءَ جي بدترين تشريح ڏکي لڳي هئم. تڏھن سوچيو هئم:
    ”تنقيد يا چرچي ۾ ڪنهن سان منسوب ڪيل غير حقيقي خامي ايتري ڏکي ناهي لڳندي، جيتري حقيقي خاميءَ جي ڪيل نشاندهي!.“
    وري مختصر خاموشيءَ وقت کي ڏنگ هنيو هو. پر جلد ئي چُنيءَ جو پلئو دودي اڳيان اُڇليندي، ايلاز ڪيا هُيئي:
    ”ادا پئسن جو کُٽڪو نه ڪريو. شرجيل، مون ۽ منهنجن ساھُرن کي ظالمن کان بچائڻ لاءِ سٺن وڪيلن سان رابطو ڪري، قانوني حق ڏيارڻ لاءِ اسانجي مدد ڪريو!.“
    دودي وراڻيو هو:
    ”رب سَڻائي ڪندو ڀاڄائي!.“
    ان وقت تنهنجو چهرو ۽ مظلوم لهجي ۾ ايلاز ٻُڌي دل ميڻ جيان پگهرجڻ لڳي هئي ۽ اکين ۾ بُوندون ڀرجي آيون هيون.لمحن لاءِ مونکي ايئن محسوس ٿيو هو، ڄڻ آءٌ پنهنجي خاندان سميت پوليس وارن،ميڊيا جي ماڻھن،اقليتي حقن جي طرفدارن، سياسي مدارين ۽ نمائشي دانشورن جي بيرحم تماشي ۾ رت ڳاڙي رهيو هئس. جيڪي چؤطرف خونخوار جانورن جهڙن ڏندن ۽ نُنهَن کي، لبرل ازم، سيڪيولرازم، صنفي برابري، پرامن رياست، انارڪي، اقليتي مامرا ۽ مذھبي جبر وغيرهه جهڙن ماڊرن لفظن ۽ اصطلاحن تي سِراڻ چاڙھي، اسان جي وجود ۾ وري وري کُپائي رهيا هئا!.
    توکي آٿت ڏيڻ بعد دودي صلاح ڏني هئي:
    ”هتي اوهان هونئن ته محفوظ آھيو، پر مصيبت پڇي ناهي ايندي، احتياط ضروري آھي.“
    پاڻ ٻنهي سندس چهري ڏانهن چِتائي ڏٺو هو. هن ڳيت ڏيئي توکي مخاطب ٿي چيو هو:
    ”پنهنجي خرچ پکي وارا پئسا پاڻ وٽ رکو ۽ باقي ڳڻي ٿيلهي ۾ وجهي تالو لڳائي، ٿيلهو امان وٽ رکي ڇڏيو. ممڪن هجي ته ڳهه ڳٽا به ٿيلهي ۾ هڻي ڇڏجو. جيئن خدا نه ڪري، پر جيڪڏھن توهان تي پوليس جو ڇاپو لڳي ته اهي پئسا اوهان جي قانوني مدد ۾ ڪم اچن.“
    ساڻس سهمت ٿيندي چيو هيئي:
    ”هينئر ئي ٿيلهو ڏيان ٿي،کڻيو وڃ ادا.“
    دودي وراڻيو هو:
    ايئن نه ڀاڄائي! اڄ شام جو عاقيل بيل گاڏي وٺي ايندو.سج لٿي کانپوءِ ان ۾ چڙھي، توهان پاڻ امان کي هٿوهٿ امانت ڏيئي ڇڏجو. توکي ڏسڻ ۽ مهماني ڪرڻ واري امان جي فرمائش به پوري ٿي پوندي. رات جي مانيءَ تائين شرجيل اوطاق ۾ عاقيل سان ڪچهري ڪندو رهندو. ان بعد عاقيل اوهان ٻنهين کي وري بيل گاڏيءَ تي هتي ڇڏي ويندو.“
    چيو هُيئي:
    ”ادا جيئن توکي مناسب لڳي!.“
    آءٌ دودي کي ويجهو کان سڃاڻندو هئس. بنا شڪ جي هو هيستائين منهنجو وفادار دوست رهيو هو، پر مونکي خبر هئي ته دولت ۽ عورت، ٻئي سندس ڪمزورين ۾ شامل هيون. ان ڪري تنهنجي پاڻ سان آندل ملڪيت ماڻس وٽ رکڻ ۽ مونکي اوطاق ۾ ڇڏي توکي گهر وڃڻ جي صلاح ڏيڻ تي ڇرڪي پيو هئس. مگر موجودهه ڏُکن ۾ دودي جي ڏنل ڏورڻن سبب ڪجهه به چئي ڪونه سگهيو هئس.
    ”پنهنجي موبائلن مان سمون ڪڍي اڇلي ڇڏيو، اڄ ڪلهه موجود ٽيڪنالوجيءَ ۾ ايڪٽو موبائل نمبر جي مدد سان توهان تائين آرام سان پهچي سگهجي ٿو.“
    دودي هدايت ڪئي هئي.وراڻيو هُيئي:
    ”مونکي خبر آھي،تڏھن ئي ته گهران نڪرڻ ويل سم ۽ موبائل ٻئي جهوري ڇڏيا هئم. باقي سائين ته مرضيءَ جو مالڪ آھي.“
    دودي ويندي ويندي چيو هو:
    ”شرجيل توهان به سم ڪڍي واٽر ۾ لوڙھي ڇڏجو ۽ گهر جي اندر ئي رهجو.مون کي ڪجهه چوڻو هوندو ته عاقيل جي واتان ميسيج موڪليندس.“
    دودي جي وڃڻ بعد موبائل مان بيٽري ۽ سم ڪڍي ٽوڙڻ بعد موبائل گهر جي ڪاٺين پويان لڪائي ڇڏيو هئم. تنهنجي ڀرسان کٽ تي اچي ويٺو هئس. شيمپوءَ سان تازو ڌوتل تنهنجن ڀنڀن ڪاڪلن جو هُڳاءُ، اخبار ۾ پڙھيل ۽ دودي جي ٻُڌايل ڳالهين مان ٺھي پيل مايوسين جا ڪارا ڪڪر هٽائڻ لڳو هو. منهنجي آڱرين ۾ آڱريون ملائي پڇيو هُيئي:
    ”منهنجي ڪري ئي پريشان ٿي پيو آھين نه؟!”
    مرڪي چيو هئم:
    ”تنهنجي ڪري ئي ته خوشين ۽ سُکن سان شناسائي ٿي آھي، ورنا اڳي ته سورن جي سنگت ۾، سُکن جون سَڌون ئي وسري ويون هيون.“
    مرڪي اکين ۾ نهاريو هيئي. ڪجلين اکين ۾ حياتيءَ جو سمورو حسن ته نظر آيو هئم، پر اهو پراسرار نقطو نروار ٿي نه سگهيو هو، جنهن ۾ پاڻ ٻئي ٻن مان هڪ ۽ هڪ مان وري ٻه ٿيڻ جي انوکي تجربي مان گذرندا هئاسين ۽ پنجن حواسن کان به اڳتي ڪجهه غير معمولي محسوس ٿيندو هو!.
    چيو هئم:
    مينا تنهنجي ڀاڪر ۾، زندگيءَ جي سمورن حادثن جا درد، چڙھندڙ سج جي اُس ۾ ماڪ جيان تحليل ٿي پوندا آھن! تون پنهنجي چپن جي چمين سان، ماضيءَ ۾ مون کي مليل محرومين جي ڏُکندڙ يادن جا ڪنڊا چُنڊي ڇڏيندي آھين! مون تنهنجي گوڏي تي ڪنڌ لاڙي وسايل لُڙڪن جي برسات ۾، رتورت دل جا داغ ڌوئڻ جي حسرت ڪئي آھي!.
    پنهنجي هنج ۾ مونکي ننڍڙي ٻار جيان ليٽائي، مٿو پنهنجي گوڏي تي رکي، منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي هُئينءَ. سڄي زندگي ايئن ئي گذري وڃڻ جي تمنا، دل جو بورينڊو وڄائڻ لڳي هئي! اهڙين ئي خود فريب تمنائن جا کٽمٺڙا چوسيندي، الاءِ ڪيڏي مهل اک لڳي ويئي هئم. توسان اک لڳڻ کانپوءِ آيل افراتفرين ۾، پهريون ڀيرو ڏينهن جي ننڊ جو ايئن مزو ورتو هئم. تون به منهنجي ڀرسان ليٽي، رات واري اوجاڳي کي کونگهرن ۾ اُڏائڻ لڳي هُئينءَ!


    (15)

    ڍڳي گاڏيءَ مان لهي، تون دودي جي گهر هلي ويئي هُئينءَ. پويان اوطاق جي اڱڻ تي، عاقيل سان ڪچهري ڪرڻ لڳو هئس. وڻن جي لامن مان لڙڪي ڇڻندڙ چانڊوڪيءَ ۾ ھو چئي رهيو هو:
    “دنيا ۾ پئسن کانسواءِ انسان اپاهچ آھي!”
    محسوس ڪيو هئم ته مفادن جي پاڻيءَ ۾ ترندڙ انڌي مڇيءَ جهڙي موجوده سول سوسائٽيءَ جي پڇ ڍائي ذھنيت، عاقيل جي اکين مٿان پڻ هٿ ڏيئي ڇڏيا هئا. هو انسان هوندي به انسانيت جي ڪائناتي قدرن کان پاسيرو هو ۽ جدت کي پسند ڪرڻ جي باوجود به ذھني طور مڪروهه قدامت جو قيدي بڻيل هو!
    عاقيل رات جي ماني کڻڻ لاءِ گهر روانو ٿيو هو ته پويان اڪيلائيءَ جي لمحن ۾، وهمن ۽ وهلُورن جا ڪيئي واچوڙا ورائي ويا هئم:
    “تاريخ جي هر دؤر ۾ ملڪيت ۽ نسواني حسن جي مالڪي سدائين جان جي جوکم جو سبب رهي آھي ۽ تاريخ ڪڏھن به پنهنجو پاڻ کي دهرائڻ کان غافل ناهي رکيو!
    اڄ دودي ۽ عاقيل کي به سونهري موقعو مليو آھي، مونکي مارڻ بعد مينا ۽ سندس دولت ڦٻائڻ جو! ڇا هاڻ مينا دودي جي حويليءَ جو سينگار ٿي پوندي!؟”
    ڇرڪي پيو هئس. گهڻُو اڳ ڄام شوري جي رات ۾ دودي جو چيل جملو ياد آيو هئم:
    “مرد لاءِ حسين عورت ۽ بنا محنت ملي پيل دولت، قدرت جو بيمثال گفٽ هوندا آھن!.”
    ڄڻ روح جي بليڪ هول ۾ ڪرڻ لڳو هئس، آڏو، اُبتو، هيٺ، مٿي، لهوارو، سِڌو- بس سمورين دِشائن عدم جي اوٺي وات ۾ وڃي آپگهات ڪري ڇڏيو هو!
    دودي ۽ سندس گهر ڀاتين جي هٿن جي ڪات ڪهاڙن جا خيالي عڪس، رت ڇاڻ تي ڇِري پوندڙ خونخوار جانورن جي ڏندن سان ملندڙ- جُلندڙ تصورن ۾ تحليل ٿي پيا هئا. سليقي سان سوچڻ واري سرڪش گهوڙي جي واڳ هٿن مان ڇڏائي ويئي هئي.
    “ٿي سگهي ٿو مون ۽ مينا ٻنهي کي ماري دولت جي ٿيلهي تي ئي قبضو ڪيو ويندو.اسان جا لاش ڪنهن آڏي ساڏي کڏ ۾ اڇلي پوريا ويندا. جتي گهڻو عرصو زميني ڪيڙن جا شادي ڪاڄ هلندا رهندا ! اسان جي جسمن جا جُذا، زمين جي زرخيزيءَ وسيلي ڪنهن وونئڻ سان پيوند ٿي پوندا، جنهن جو سفيد ڪپهه چُنڊيندي ڪا پرديسياڻي پورهيت، چپن ئي چپن ۾، وڇوڙي جو گيت ڳائيندي! ۽ ايئن اسين ڪڏھن وري هن ديس جي هوائن جو حصو ٿي پونداسين!؟”
    وڻن جا پُٺا ٽپريندڙ ھوا جي جهونڪي سان اُٿندڙ آواز تي ڇرڪي پيو هئس. فرسٽريشن ۽ بيقراريءَ ۾ وِچڙندو، کٽ تان اٿي ٿورو پرڀرو وڃي ناڙا- ڇوڙ ڪئي هئم. پيشاب جي سوساٽ سان گڏ ڪيئي اُبتا- سبتا خيال به مڇرن جيان من ۾ ڀُون- ڀُون ڪرڻ لڳا هئا:
    “ڇا مون ۽ مينا جي وڇوڙي جي رت هاڻي چُني، اڄوڪي رات کي ئي اوڍڻي آھي؟! ڇا مرڻ کان اڳ هڪ دفعو ئي سهي، هوءَ مونکي ۽ آءٌ هُن کي وري ڏسي به سگهنداسين يا الاءِ نه؟!.”
    اُٿي اڳٺ ٻَڌندي،پريان نظر ايندڙ دودي جي گهرن جا ڌُنڌلڪا، لڪي وار ڪندڙ نقاب پوش قاتلن جيان لڳا هئم.
    لمحن لاءِ ايئن لڳو هئم، ڄڻ رتورت ڪاتن، ڪهاڙن ۽ ٻين ننڍن وڏن هٿيارن جي اُگهاڙي رقص کي،جيون جون دشمن ديويون ۽ ديوتا محظوظيت مان ڏسي رهيا هئا! ۽ اُتان ئي ڪٿان ڪنهن به وقت، موت جو ڏُومي هٿ مون ڏانهن وڌڻ وارو هو!
    چانڊوڪيءَ ۾ نظر ايندڙ پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪي پيو هئس.
    ڪنوسرو ڏيئي ڪو آواز جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر هر پاسي پُراسرار ماٺ جو گهوريندڙ مُهانڊو نهاري رهيو هو. واپس وري اچي کٽ تي ويٺو هئس، سوچيم:
    ڪاش اهي خيال اڳ اچن ها ته جيڪر مينا کي ھيڏانهن وٺي اچڻ جي غلطي ڪون ڪريان ها؟! دودي کي ڊاج ڏيئي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل ڏانهن نڪري پوان ها. ايئن آسانيءَ سان سندس وڇايل ڄار ۾ نه ڦاسان ها؟!”
    ان ئي ويل ڪتيءَ پويان ڊوڙندڙ ڪتي جي قدمن جي آواز ٻُڌي ڇرڪ ڀريو هئم ۽ روح تائين ڌنڌوڙجي پيو هئس. ڀانيان ٿو عجيب و غريب آواز چپن تائين ايندي ايندي وات ۾ ئي وڃاڻُو هو. سوچيم:
    “شڪر آھي جو آسپاس ڪو به موجود ناهي، نه ته جيڪر منهنجي نارملٽي به شڪي ٿي پوي ها. پر ڇا هينئر جيڪو ڪجهه سوچي رهيو آھيان، اهو نارمل آھي؟ يا وري اوچتو آيل غير معمولي حالتن جا درد، هضم ڪري نه سگهندڙ لاشعور، اڻ- سيبائيندڙ خيالن جي اُلٽي ڪري رهيو آھي! يا وري مينا کي وڃائي ويهڻ واري لاشعوري خوف جا مونجهارا ئي آھن، جيڪي مونکي لاڳيتو شڪ ۽ وهم جي ٿوهرن سان وچڙائي رهيا آھن!
    رڳو ايئن به ناهي ته منهنجون موجوده سوچون هڪطرفي ماليا خوليا جو پرتوو ٿي پيون آھن، پر حالتن جي هٿن وهمن تي حقيقتن ۽ حقيتن تي وهمن جو رنگ هاري وڌو آھي! ان ڪري ڪيئن چئجي ته جيڪو ڪجهه سوچي رهيو آھيان، سو وهم آھي يا وري حقيقت!؟”
    دودي جي گهر وٽان ايندڙ قدمن جو آواز ٻُڌي وري وکرڻ لڳو هئس:
    “ايندڙ همراهه منهنجو قاتل به ٿي سگهي ٿو! مون کي مارڻ لاءِ ڪهڙو بم گُھربل آھي؟ بس رڳو ڇُرو، ڪهاڙي يا پسٽل سان به ڪم ٿي ويندو...
    ذھن کوکلي لوهي دٻي جيان ٿي پيو هو، جنهن ۾ مُنتشر خيالن جون ٺڪريون ٺڙڪڻ لڳيون هيون. قدمن جو آواز جيئن جيئن ويجهو آيو هو، تيئن تيئن خواب گاڏڙ خيالن ۾ ڪي شبها ۽ شبيهون ٺھڻ ۽ ڊھڻ لڳيون هيون! ڪيئي رت هاڻا ڪات ۽ ڪهاڙا، امڪاني قاتل جي رت پياڪ ٻٽيءَ جا ڏند محسوس ٿيڻ لڳا هئا!.
    “وڻن پويان لڪي حالتن جو جائزو وٺان” ان ئي سوچ ۾ کٽ تان لهي وڻن جي پويان وڃڻ لڳس. هڪ وڻ جي ٿُڙ آڏو بيهي ايندڙ ھمراهه جو جائزو ورتم، جيڪو هاڻ وڻن جي ڊگهن پاڇولن جي تاريڪيءَ کان اڳتي نڪري، چانڊوڪيءَ ۾ چٽو نظر اچڻ لڳو هو. مون کيس چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هُو عاقيل هو ۽ سندس هٿ ۾ گهران آندل مانيءَ وارا برتن هئا. کٽ تي برتن رکي هُو آسپاس نهارڻ لڳو هو. ان جو مطلب هو ته هن وٽ في الحال هٿيارن سان مونکي مارڻ جو منصوبو موجود ڪو نه هو، سوچيم:
    “مون کي مارڻ لاءِ زهر جو استعمال به ڪري سگهجي ٿو. شايد تڏھن ئي ته دودي رقم سندس گهر ڇڏڻ جي صلاح سان گڏ رات جي ماني پنهنجي گهر کائڻ لاءِ زور ڀريو هو؟! زهر وارو طريقو وڌيڪ آسان ۽ ڪنهن حد تائين محفوظ آھي.”
    وري هڪ ٻئي خيال اچي آڱر جهلي هئي:
    “کاڌي ۾ زهر هوندو ته به زوري اُڏي مُنهن ۾ ته ڪونه پوندو؟!”
    وڻ جي اوٽ مان نڪري عاقيل جي ڀر واري کٽ تي وڃي ويٺس. سوچيم:
    “وڻن ۾ پيشاب ڪرڻ جو بهانو گهڙي وٺان، پر وري خيال آيو:
    “عاقيل شڪ ڪندو ته پيشاب لاءِ بنا پاڻيءَ ايترو پري ڇو ويو آھيان.”
    عاقيل چيو:
    “آءٌ ته ماڳهين پريشان ٿي پيس. سوچيم همراهه ڪيڏانهن ويو؟!”
    خيال آيو:
    “پريشان ٿيندين ڪونه؟! مون جهڙو سستو ۽ قيمتي شڪار هليو ويو.”
    پر اندر ئي اندر ان خيال جو گلو گُهٽي ڇڏيم. هڪ چڱو بهانو ملي ويو، چيم:
    “پيٽ ۾ سور اٿم. چهل قدمي ڪرڻ لاءِ ٿورو اڳتي نڪري ويو هئس.”
    عاقيل اٿي وڃي بدنو کنيو ۽ هٿ ڌئارڻ لاءِ مون ڏانهن وڌيو. پهرين سوچيم ته عاقيل کي گڏ ماني کارائڻ لاءِ زور ڀريان. کاڌي ۾ زهر هوندو ته هرگز ماني ڪونه کائيندو، پر وري سوچيم:
    “هن جيڪڏھن گهران ماني کائي اچڻ جو بهانو ڪري ورتو ته مون وٽ ماني نه کائڻ جو ڪهڙو جواز بچندو؟!”
    عاقيل ويجهو پهچي چيو:
    “ادا هٿ اورتي ڪر ته پاڻي لڳايان.”
    وراڻيم:
    “عاقيل يار پيٽ ۾ گهڻو سور آھي. ماني ته وڻي ڪونه ٿي.”
    عاقيل زور ڀريندي چيو:
    ”ٻه ٽي گرهه ته کائو ڀلا؟!”
    سوچيم:
    “ٻن ٽن گراهن ۾ ئي ڪم ٿي ويندو!”
    پر ان خيال جو اندر ئي اندر گلو گُهٽيندي وراڻيم.
    “سور عادتي آھي. هڪڙو گرهه کاڌم ته اُڦٽ ماريندو. توهان ماني واپس کڻي وڃو.”
    عاقيل ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي چيو:
    “اسين به هيڪل گهراڻي ويٺا آھيون. هتي ته گوري به ڪونه ملندي!”
    هُو واپس وڃي کٽ تي ويٺو ۽ سگريٽ دُکائي سوٽا هڻندي، چيائين:
    “ڪافي دير ٿي چڪي آھي. بک سبب پيٽ ۾ ڪوئا ڪُڏي رهيا آھن.آءٌ ته سگريٽ پورو ڪري ماني کايان ٿو، باقي تنهنجي مرضي توسان!”
    تڏھن ئي پڇتاؤ جي پاڻيءَ ۾ ٻُڏندي سوچيو هئم:
    “ڪيڏو نه اياڻُو آھيان، محسن دوستن تي اجايا شڪ ڪري، انومانن جي اتاڪي ڪُتيءَ کان انڌا گُلر ڄڻائي رهيو آھيان!”
    ان ئي ويل شام وارو تنهنجو چيل جملو ياد آيو هو:
    “رات وارو ويلو ته دودي جي گهران ٽري ويندو، پر صبح لاءِ سامان گهرائجان. ڇو ته بنا دروازي واري بورچيخاني ۾ رکيل اٽو ڪتا خراب ڪري ويا آھن!”
    ان جو مطلب هو ته توسان گڏ واپس پهچڻ بعد به ماني ملڻ جو آسرو ڪونه هو.
    مارجي وڃڻ ۽ تنهنجي ڦُرجي وڃڻ جي نفسياتي دڙڪن سبب پيٽ جي گُندلي پويان لڪي ويٺل بک جو ٻارڙو، وري روئڻ لڳو هو. سوچيم:
    “رڳو خوف جي اُلرن، فن جي محظُوظات، سونهن جي نظارن ۽ ڳالهين جي ڳهر سان بک کي ٽارڻ ممڪن هجي ها ته جيڪر دنيا جون سڀ ملون بند ٿي وڃن ها!”
    عاقيل سگريٽ وسائي، اُٿي وڃي برتن رکيل کٽ تي ويٺو. پنهنجي ساءِ چيائين:
    “ماني ٺرڻ بعد ذائقو ڇڏي ويندي.”
    منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. دل چاهيو ته بنا صلاحڻ جي ساڻس گڏ وڃي ماني کايان.پر تهذيب جي نالي ۾، سماج جي سيکاريل مصنوعيت روڪي وڌو:
    “هينئر هينئر ماني کائڻ کان انڪار ڪيو اٿئي، هاڻ وري بنا سڏڻ جي ماني کائيندين؟ نڪ صفا ڪو لُوسڻ جو اٿئي ڇا؟ وڍيا ويهه ته موريا ٽيهه؟!”
    پاڻ تي اخلاقي مارشل لا لڳائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر پيٽ ۾ بُک جو پُرتشدد احتجاج وڌڻ لڳو. بار بار هڪ سوال جو ڏينڀُو ڏنگيندو رهيو:
    “عاقيل وري ماني کائڻ لاءِ صلاحيندو يا الاءِ نه؟!”
    عاقيل واري واري سان ماني، ٻوڙ ۽ چانورن تان ڍڪ لاٿو. هرسُو وڻندڙ هٻڪار پکڙجي پيئي.پيٽ ۾ وڌيڪ وٽ پوڻ لڳا. بک جو ناقابل برداشت احساس، وات ۾ ٺھي پيل ڏيڍ تولي جي ٿُڪ ۾ گهڙي آيو. ٿُڪ ٿُڪيندي سوچيم:
    “امير ۽ غريب جي بُک هڪجهڙي هوندي آھي، بس ڍؤ ۽ بک جون حالتون ۽ سبب مختلف ٿيندا آھن!.”
    عاقيل وڏي چمچي سان ڏُونگهي مان ٻوڙ ڪڍي پليٽ ۾ وجهڻ لڳو. پليٽ ۾ ڪرندڙ ٻوٽين جو هرهڪ ٺُڙڪو بُکي پيٽ کي سِڪائڻ جون ستم ظريفيون ڪرڻ لڳو. هڪ حسرت هانءُ کي نپوڙڻ لڳي:
    “ڪاش! عاقيل وري ماني کائڻ لاءِ صلاحي!”
    عاقيل مانيءَ مان گرهه ڀڇڻ لاءِ ھٿ وڌايو، ايئن لڳم ڄڻ اڄوڪي رات پيٽ ڀرڻ جون سموريون اميدون به، عاقيل جي ڏندن هيٺيان اچڻ واري گرهه جيان ذرو ذرو ٿيڻ واريون هيون!
    مانيءَ مان ٽُڪر ڀڃندي، ڄڻ کيس ڪجهه ياد آيو. رسمي صلاح ھڻندي، چيائين:
    “اچو ته ماني کائون.”
    مون کٽ تان اٿندي وراڻيو:
    “هاڻ ته پيٽ جو سور به گهٽجي رهيو آھي ته بک به وڌي رهي آھي. ذائقي کي ٿورو تبديل ڪري ڏسون ڀلا؟!”
    عاقيل کٽ تي منهنجي لاءِ جڳهه ٺاهيندي چيو:
    “اچ اچ هن اوطاق تان نيراني پيٽ وڃڻ سٺو سنوڻ ناهي.”
    عاقيل سان گڏ ماني کائيندي سوچيم:
    “ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان” جهڙي سماجي چوڻي جن چپن تان پهريون ڀيرو تِرڪي هوندي، انهن چپن زندگيءَ ۾ شايد ڪڏھن به بک مري ڪونه ڏٺو هوندو!
    ماني کائڻ بعد ٺلها ٿانوَ گهر ڏانهن کڻي ويندي، عاقيل چيو:
    “تون بائونڊري وٽ هلي بيهي، آءٌ ڀاڄائيءَ کي ڍڳا گاڏيءَ ۾ ويهاري پهچان ٿو.”
    بائونڊريءَ تي تنهنجو انتظار ڪندي، سوچيو هئم:
    “ساعتن ۾ صديون سمائيندڙ اوسيئڙا، واڳونءَ جي وات ۾ ھُجڻ کان به وڌيڪ اذيتناڪ هوندا آھن!”
    عاقيل جي ڍڳا گاڏيءَ تي توکي صحيح سلامت ڏسي، ان کان به وڌيڪ خوشيءَ کينچل ڪئي هئي، جيتري سول اسپتال جي اڳيان، ڪار جي پوئين سيٽ تي توسان گڏ ويهندي، بدن ۾ ڪتڪائي ٿي هئي. سوچيو هئم:
    “دلواريون ۽ قيمتي شيون پهريون دفعو ملڻ وقت ايتري خوشي ناهن ڏينديون، جيتري وڃائجي وڃڻ جي احساس مان وري موٽي ملڻ وقت محسوس ڪرائينديون آھن!”
    توکي پهريون ڀيرو ڏسڻ کان هيستائين، وري وري وڃائڻ جي خدشن باوجود، تنهنجي هيستائين جي رفاقت زندگيءَ جي انمول دريافت محسوس ٿي هئم. پر دودي جي گهر وڃڻ واري تنهنجي ٽن ڪلاڪن جي دُوريءَ، پاڻيءَ ۾ پوندڙ ڪچي گهڙي جيان ايترو ته ڀوري ڀُڪا ڪري وڌو هو،جو دودي جي اوطاق تي عجيب ۽ ايبنارمل خيال آيا هئم، جن کي لاشعوري طور پوليس جي خوف ۽ اخباري سُرخين جي تلخ ترين اثرن ويتر وڌايو هو.
    وياڪل چانڊوڪيءَ ۾ ڍڳا گاڏيءَ جا لوڏا کائيندي، توکي ايئن محويت سان ڏٺو هئم،جيئن ڪو خبطي سائنسدان سالن جي ناڪام تجربن پڄاڻان، پهرئين ڪامياب ٿيندڙ تجربي کي ڏسندو آھي! چنڊ جي ڪرڻن ۾ ڪيتري نه سهڻي ۽ من موهڻي لڳي هُئينءَ. وري وڃائجي وڃڻ جي اُلڪن سان گڏ، پنهنجي هٿن ۾ تنهنجو هٿ جهلي، توکي ڇُھائن ۾ ايئن محسوس ڪيو هئم، جيئن ڪو ڇڙو نابين لوڪ کان لڪايل پنهنجن زيورن تي وڏي وڇوٽيءَ کانپوءِ هٿ ڦيريندو آھي! يا وري انڌپڻ سبب سُڃاڻڻ جي بهاني، ڪنهن جوان عورت جي ٻانهن کي ڇُھندو آھي!
    اڳتي ڊُڪندڙ ڍڳن پويان گهيلجندڙ گاڏيءَ تي، آسپاس نگاهه ڪئي هئم ته صبح جي ڊوڙ ڪندڙ فوجين جيان وڻن جا پاڇولا پوئتي ڊُڪندي ڏسڻ ۾ آيا هئم. ڏُور ساون کيتن ۾ گدڙن جي اونائڻ جا آواز، جهنگلي فطرت جون ٻوليون ٻُرائي رهيا هئا! ڪچي رستي ڪناري وهندڙ پڪي واٽر ۾ ٽٻيون هڻندڙ چنڊ جو عڪس،ناچُو ڇوڪريءَ جيان رقص ڪري رهيو هو. اولهه جي هٺيلي هوا ۾، مٿي تان سرڪي پيل پٽوريون ۽ ڦڙ ڦڙ ڪندڙ پَڙا درست ڪندڙ جوان ڍاٽياڻين جيان،کجين جي لُڏندڙ لامن مان ڇڻندڙ چانڊوڪي، ڄڻ چنڊ جي ڪنجري مان نڪتل سونا ڌاڳا زمين تي وڇائي رهي هئي! ڪمند جي فصل ۾ گهڙي پوندڙ آوارهه هوائن جي چُوڙين جا ڇِڻڪا، مخمور جوڀن جي پيرن ۾ پاتل ڇيرن جي ڇمڪي جيان لڳا هئم. شبنمي هوائن ۾ هندورو بڻجي پيل سنڌ جي خاموش ٻهراڙيءَ جي تصوير، محبوبه جي مرڪ جهڙي دل آويز لڳي رهي هئي. دل چاهيو هو، آسپاس جي وڻن تي لوڪ کان لڪي، ڪچڙي ننڊ مان خواب چورائيندڙ پکين جيان، هلندڙ گاڏيءَ ۾ ئي، تنهنجي هنج ۾ ليٽي پوان! پر ليٽي نه سگهيو هئس، رڳو تنهنجي جوڀن جي رس- چَس سان ڀرپور پينڊين ۽ سَٿرن تي هٿ گُھمائي، قدرت طرفان جوانيءَ جي ڪوڊ ۾ لڪايل زندگيءَ جو فلسفو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئم!
    ڍڳن کي چهبڪ ڏيکاري ۽ هُش ھُش ڪري ھڪليندڙ عاقيل، گاڏي روڪيندي پُڇيو هو:
    “هاڻ آءٌ واپس وڃان ٿو. ٻيو ڪو حڪم احڪام؟!”
    گاڏيءَ تان لهندي وراڻيم:
    صبح 11 وڳي کان اڳ جهڏي مان 10 ڪلو اٽو ۽ اخبار وٺي اچجان!”
    وڏي لوڙھي جي گهٽيءَ کي چڱي طرح ڊينگهر ڏيئي، واڙي ۾ پيشاب ڪري اڱڻ تي آيو هئس ته تون بستري مٿان مڇرداني لڳائي، اڳ ئي اندر ليٽي چڪي هُئينءَ.
    اندر گهڙيو هئس ته پيار ۽ مستيءَ منجهان مونکي چنبڙي پيئي هُئينءَ، ايئن ڄڻ بکايل جهرڪي داڻن جي ٻوريءَ کي چُھنب سان ٽوڙي اندريان ڪجهه ڪڍڻ جي جستجو ڪندي آھي! هڪٻئي جي وجود ۾ وروڪيل مسرتن ۽ حسرتن کي دريافت ڪرڻ جي مزيدار مشغلي دوران، ھڪٻئي جو هٿ ونڊائڻ لڳا هئاسين! وِلهه ۾ وهنتل ٿڌڙي رات، تنهنجي ڀُوري بدن جي حرارت تي هٿ سيڪڻ لڳي هئي! چنڊ تنهنجي سونهري بدن ۾ پيوند ٿي پوڻ جا جاڳندي خواب ڏسڻ لڳو هو! منهنجي جسم جي وار وار مان، تنهنجن مينڌي هاڻن هٿن جي لمس جون تمنائون پگهر جيان ڦُٽي نڪتيون هيون! منهنجي هيڻي حال جا سمورا درد، خوف ۽ خدشا، ڊيل وانگر چمين سان چُڳي رهي هُيئين! لذتن کي ڦُلوريندي،جوانيءَ جو ڪوڊ کولڻ دوران ڀانيان ٿو، ھڪ ئي وقت زندگيءَ جو فلسفو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئينءَ! تنهنجي هر چميءَ جو چَسڪو،منهنجي اندر ۾ هوندي به هيستائين مون کان اڻسُڃاڻُو بڻيل جذبن کي جاڳائڻ لڳو هو.جڏھن سنگمرمر جهڙن سفيد پر نشتري ڏندن سان، مستيءَ ۾ منهنجي ڳل تي چڪ پائي،منهنجي برداشت جو امتحان ورتو هُيئي ته رت نڪرڻ باوجود، لذتن ۽ سرور جي انتهائن ۾، نہ توکي زبان رت ۾ آلي ٿيڻ جو احساس ٿيو هو ۽ نہ ئي منهنجو درد مون کي چُهنڊڙي پائي سگهيو هو! اهوئي زندگي ۽ موت وچان موجود مخفي راز جي ڪوڊ جو پهريون نقطو هو،جنهن ۾ درد کي لذتن ۾ ڪنورڊ ٿيڻُو پوندو آھي! ڇهون نقطو پاڻ ٻنهي هڪٻئي جي اکين ۾ پسيو هو.۽ باقي وچ وارا چار ڳجها نقطا، اڃان احساسن ۾ اچي ڪون سگهيا هئا!؟.


    (16)

    واڙي ۾ رکيل بالٽيءَ جي پاڻيءَ سان وهنجي، آسماني رنگ جو وڳو پائي،مون سان گڏ ساڳي کٽ تي اچي ويٺي هُئينءَ. صبح جي تازي هوا تي سُڪندڙ وارن مان ڇڻندڙ ڦُڙو ڦُڙو پاڻي، منهنجن پيرن تي ڪري ٿڌڙا ڪڍي رهيو هو. تنهنجي هنيل راتوڪي چَڪ سان، منهنجي ڳل تي پيدا ٿي پيل زخم کي ڏسي، افسوس مان چيو هيئي:
    ”قربان وڃان منهنجا مٺا! مونکي ته پتو ئي ڪون پيو ته ڪو ڏند ايترا کُپي ويندا؟ تو به ٻڙڪ ٻاهر ڪونه ڪڍي؟!“
    وراڻيم:
    ”پاڻ ٻئي سمورن حواسن سميت لذت جي گلن جا جهول ڀري رهيا هئاسين. اهڙين ڪيفيتن ۾ ڪلاشنڪوف جون گوليون ۽ ڪهاڙين جا ڌَڪ به ڌيان ڇِڪائي نه سگهندا آھن، ڀلا گلابي چپن سان ڳراٽي پاتل ڏندن جو رهنڊون ڇا ڪنديون؟!“
    پشيماني ۽ شرمندگيءَ جي شال ۾ ويڙھجي چيو هُيئي:
    ”تنهنجي ڳل جو اهو زخم ڏسي ماڻُھو ڇا سوچيندا، عورت آھي يا گڏھڙي آھي؟!“
    مرڪي وراڻيم:
    ”زخم ٿيڻ جو ڪو نہ ڪو ٻيو سبب ٻُڌائينداسين! گهٽيءَ جو ٽارو چڀڻ يا وري اوندهه ۾ واڙي واري ڪاٺيءَ جو لڳڻ!“
    مرڪي پُڇيو هُيئي:
    ” ۽ ٻالاڀولا ماڻھو اعتبار ڪري وٺندا ؟!“
    وراڻيم:
    ”ٻيا ڪن نه ڪن، باقي دودو سمجُهو آھي، سمجهي ويندو!.“
    اوچتو اداس ٿي پيئي هُيئين.تنهنجي چهري تي اُداسيءَ جا پاڇا، جيترو ڊگها ٿيندا هئا، تنهنجي شخصيت اوتري ئي پُرڪشش ٿي پوندي هئي!!
    چيو هُيئي:
    ”اڙي يار! دودو ته رڳو زمين، نوڪري، ڊگري، ڇنڊ ڦُوڪ ۽ ڪپڙن ۾ ڍَڪيو پيو آھي!؟“
    ڇرڪي پيو هئس.دودي ڇا ڪيو هو، جو سندس حوالي سان اهو ڪمنٽ ڪيو هُيئي؟! منهنجن راتوڪن وهمن ۽ وسوسن مان ڪو پاڇولو، حقيقتن جي هٿن ۾ ته ڪونه هليو ويو هو؟ رات ڍڳا گاڏيءَ تي واپس ايندي،تنهنجي اداس خاموشيءَ به مون اڳيان ڪن سوالن جا آئينا آندا هئا، پر آسپاس جمالياتي حُسن جي هُٻڪار سبب مٿن ڌيان ڌري ڪون سگهيو هئس!
    اتاولو ٿي پڇيم:
    ”ڇا ڏٺئي دودي ۾؟!“
    وراڻيئي:
    ”ڇڏ يار! ڪنهنجو ليمڪ کائي گلا نه ڪجي.“
    ويتر بيقرار ۽ مُتجسُس ٿي پيو هئس. شڪايتي نظرن سان توکي ڏسي پڇيو هئم:
    ”مون کي به نه ٻُڌائيندئين مٺي؟!“
    سوچ ۾ ٻُڏي ويئي هُئينءَ، ايئن لڳم ڄڻ ڪجهه نه ڪجهه مون کان لڪائڻ متعلق سوچي رهي هُئينءَ. دودي جي اوطاق تي ڏنگيندڙ راتوڪن خيالن وري ذھن جي ڪنن ۾ سُس-پُس ڪئي هئي:
    ”ڇا دودو رات مونکي بيخبر رکي پنهنجي ئي گهر ۾ موجود هو؟ ۽ مينا سان سندس ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون، جيڪي هوءَ مون کان لڪائي رهي هئي!؟“
    پهريون ڀيرو پنهنجو پاڻ کي توکان گهڻُو دُور دُور بيٺل محسوس ڪيو هئم. شايد ريشمي محبتن کي نه رڳو شڪ جي قينچي ڪٽيندي آھي، پر لڪايل ڳالهين جون نوڙيون به نانگ ٿي ڏنگينديون آھن. رشتن جي بقا لاءِ صاف گو ۽ ھمراز هجڻ به هڪڙو شرط آھي!.“
    پنهنجي ساءِ چيو هُيئي:
    ”يار ڇا ٻُڌايان؟! هر انسان جي اندر بصر جي ڳنڍ جيئن الاءِ ڪيترائي تهه هوندا آھن! جيڪي رهي معلوم ٿيندا آھن يا وري وهي ظاهر ٿيندا آھن! دودي جو ٻاهريون تهه اهو آھي، جو هُو يونيوسٽيءَ جو ڊگري هولڊر، مهذب ۽ ماڊرن انسان آھي. هن جي پاڻ سان هيتري همدردي ۽ مدد ڪرڻ به سندس انمول انساني خوبين جو حصو آھي پر....!”
    جملو پورو ڪري مون ڏانهن ڏٺو هُيئي. خاموش رهي رڳو توکي نظرن سان تڪيو هئم!
    ”دودي جو ٻيو روپ رات سندس گهر ڏسي افسوس ٿيو هوم.“
    تنهنجو جملو ٻُڌي وري اندر جي آسمان تي،شڪ جي کنوڻ سيلهو هنيو هنيو هو:
    ”دودي يقينن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي آھي، جيڪا مينا مون کان لڪائي رهي آھي! آخر ڇو اهڙي انسان جي سهاري اڃان ويٺا آھيون. هن وشال دنيا ۾ هتي نه ته، ڪنهن ٻئي هنڌ داڻُو پاڻي لکيل هوندو. ڀلا اوڏانهن نڪري ڇو نٿا هلون؟!“
    مون کي اداس ۽ گُم سم ڏسي، پيار مان ڳل تي ٿڦڪي ڏيئي چيو هُيئي:
    ”دودي جي گهر وارن جي ڪهاڻي ٻُڌندين ته چهري تان موجودهه اُلجهن اُڏامي ويندئي.رڳو حيرتن جي انڌيرن ۾ هٿوراڙيون پيو هڻندين؟!“
    التجا آميز لهجي ۾ چيم:
    ”ٻُڌائيندئين ڪونه؟ “
    وراڻيو هُيئي:
    ”رات دودي جي گهر وڃي معلوم ٿيو ته دودي جي مرحوم والد جون ٻه شاديون ٿيل هيون. هڪ ڏاڏي ٻوٽي، جنهن مان دودي ۽ عاقيل کان به وڏيون ٻه ڀينرون آھن. 50 سال ٽپي وڃڻ باوجود جبري ڪنوارپ جا ڪپڙا پارايل اٿن، ڇو ته دودي جي فيمليءَ ۾ خانداني برتريءَ سان گڏ، ملڪيت ورهائجي وڃڻ جي خدشن سبب ڌيئرن کي جبري ڪنوارپ جي اوڙاهه ۾ اُڇلڻ جو رواج آھي! رات مون ٻنهين جي چهري تي پوڙھپڻ جي لڪيرن ۾ جلايل جوڀن جا دردناڪ داستان پڙھيا هئا!.
    دودي جي والده، ستر اسي سالن جي ڄمار ۾ آھي، پر ڪڏھن گهر کان ٻاهر ڪونه نڪتي آھي.سندس پوڙھا ڀائر به ساڻس ملڻ ايندا آھن ته گهر ٻاهران مال جي واڙي وٽ ٺھيل ڪمري ۾ ڏھن منٽن جي ملاقات ڪري هليا ويندا آھن.
    دودي ۽ عاقيل جي زالن جي حالت ڏسي لڳو ڄڻ تازو گيريج مان اُٿيون هجن.کين پنهنجن والدين جي گهر وڃڻ جي اجازت به ڪونهين. سڀني عورتن مان هر ڪنهن لاءِ سال ۾ ٻن عيدن تي ٻه سادا وڳا ۽ ٻه مضبوط جتيون وٺي اچڻ جو روراج آھي ۽ بس!
    گهر ۾ تعليم جي اڻھوند سان گڏ، ٽي وي، ريڊيو ۽ موبائل جي به منع ٿيل آھي. انهن مظلوم عورتن پنهنجي لاءِ انهن پابندين کي قدرتي زنجير سمجهي، ڄڻ ته قبول ڪري ورتو آھي! مون جڏھن کين نئين دنيا جي عورتن جون ڳالهيون ٻُڌايون هيون ته سندن اکين کان حيرت ۾ ڇنڀجڻ وسري ويو هو. اڻپورين تمنائن جي لاتعداد لاشن، سندن چهري کي درد جي انوکن ڪُتبن وارين قبرن جو قبرستان ٺاهي ڇڏيو آھي! جنهن جي مجاور اکين ۾ مقتول نسوانيت جو رت، جديد دنيا کان ڪيئي سوال پڇي رهيو آھي؟!“
    جملو پورو ڪري خاموش ٿي ويئي هُئينءَ. اهڙي خاموشي جيڪا سموري ماحول کي ملول ڪري وجهندي آھي.
    تڏھن دل بيساخته توکي چمي ڏيڻ چاهي هئي. پڇتايو هئم ته اڳاڻُو وهمن ۾ وچڙي، تنهنجي لڪايل ڳالهين کي غلط سمجهي رهيو هئس. پر تنهنجي چهري تي وري ڪي لڪائڻ وارا آثار اُڀريا هئا ته پڇيم:
    ”رات دودي جي گهر ٻيو ڇا ٿيو هو؟!“
    ڇرڪي پيئي هُئينءَ. چپن تي ايندڙ لفظن کي، لڄاري لوئيءَ ۾ لڪائي چيو هُيئي:
    ”اهو ٻُڌائڻ سٺو نٿو لڳي.“
    ويتر وهمن ۽ وهلورن جي وات ۾ ھليو ويو هئس.پاڻ کي توکان گهڻو پري پري محسوس ڪيو هئم.سوچيو هئم:
    ”ازدواجي زندگيءَ ۾ ايئن ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون پٿر بڻجي، آھستي آھستي محبت کي سنگسار ڪنديون آھن. تڏھن ئي ته شادي محبت جي ۽ محبت شاديءَ جي دشمن هوندي آھي!.
    منهنجي ناگواري ۽ روسامي کي شايد پهريون ڀيرو سنجيدگيءَ سان ورتو هُيئي جو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي چيئي:
    ”توسان ڪوڙ ڳالهائڻ محبت جو جرم لڳيم ٿو،پر سچ ڳالهائڻ به گناهه وارو ٻارڙو هنج تي کڻڻ جيان اُڳرو آھي.ڇوته سڄي عمر غير مرد کان لڪايل ۽ رواجن جي قتل ڪيل عورت جو راز مون وٽ امانت آھي!“
    تسلي ٿي پيئي هئم ته تنهنجون لڪايل ڳالهيون، دودي جي گهر ڏٺل عورتن جون ۽ مٿئين تسلسل جو حصو هيون. پر وري به چيم:
    ”مون کي نه ٻُڌائيندئين مينا؟!“
    ٻُڌايو هُيئي:
    ”دودي جي ٻي ماءُ ۽ ان جي 25 سالن جي ڇوڪريءَ جا گهر ۾ اڃان الڳ برتن رکيل آھن. ڇو ته دودي جي والد هڪ اڇوت هندو ناريءَ کي مسلمان ڪري ٻي شادي ڪئي هئي. جنهن ڪري اڳوڻي زال ۽ سندس اولاد، مسلمان ڪيل ماءُ ۽ ڌيءَ سان نه رڳو اڃان تائين نفرت ڪندڙ آھن، پر هٿ سان توري تڪي سيڌو سامان ڏيڻ کان ويندي، رؤين ۽ مهڻن سان کين روز روز ماريندڙ به آھن! دودي جي ننڍي ڀيڻ آسيت جي ماءُ جيئري کي ڏسي، مون کي ايئن لڳو ڄڻ هوءَ رڳو نالي ۾ جيئري آھي، پر مرڻ کان اڳ ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا مري چڪي آھي! مون کي ايئن به لڳو ته هڪ ڀيرو موت اچڻ واري ڳالهه، فلسفياڻي سطح تي ڪن فردن جي حوالي سان بلڪل غلط ثابت ٿيندي آھي!؟”
    زندگيءَ کي ايئن باريڪين سان پرکڻ واري تنهنجي غير معمولي صلاحيت جو دل ئي دل ۾ اعتراف ڪندي،سوچيو هئم:
    ”مون ڪهڙا ڪهڙا وهم پي ڪيا پر حقيقت ته مورڳو ٻي آھي! رات به اجايو وهمن ۾ وچڙي پيو هئس. پر نه ڪنهن هٿيار سان ۽ نه ئي ڪنهن زهر ڏيئي ماريو! بس ڪالهه کان الاءِ ڇا ٿي ويندو اٿم، حقيقتن ۾ وهمن جا ڪنڊا وچڙيل نظر ايندا آھن. خيال طوفاني هوائن ۾ اُڏندڙ صحرائي ريت جي ذرڙن جيان ٽِڙپکڙ ٿي پوندا آھن!“
    ڪجليون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو هيئي. بيچين ٿي پيو هئس. چيو هُيئي:
    ”دودي جي وڏين ڀيڻن مون کان شھرن جي زندگي ۽ منهنجي پيار پرڻي متعلق پڇيو هو. جڏھن کين ذرو پرزو ٻُڌايو هئم ته عجب مان ڦاٽل سندن اکين منجهه، مونکي مري ويل سپنن جا مردهه چُرپُر ڪندي نظر آيا هئا! جڏھن ته دودي جي ننڍي ڀيڻ عجت عرف عجوءَ جون اکيون حسرتن جو قبرستان ۽ بغاوتن جو پوسٽر ٿي پيون هيون! سندس اڻجهل جوڀن جا جلوا، ڪاروڪاريءَ جي ڪهاڙين کي للڪاريندڙ لڳا هئم! هن مونکي پنهنجي هٿن سان ٺاهيل چانهه پيئڻ لاءِ صلاحيو هو ته وڏين ڀيڻن هن ڏانهن ايئن نهاريو هو، ڄڻ ھن ڪو ڪبيرو گناهه ڪري وڌو هو. پر آءٌ عجو سان گڏ هلڻ لڳي هئس ته دودي جي ماءُ پنهنجي پهاڄ جيئري جي اڇوت پس منظر متعلق ٻُڌائي، مون مان به اها اميد رکي هئي ته آءٌ به سندن جيان جيئري ۽ عجو کي ڌڪارينديس!.
    عجو ۽ سندس ماءُ جو ڪمرو گهر جي ٻين ڪمرن جي نسبت پراڻو هو.منجهس رهندڙن سان ٻين گهر ڀاتين جي نفرت ۽ ناانصافي ڪمري ۾ موجود سامان مان سيِنڊون هڻي رهي هئي!؟
    چانهه پيئڻ بعد جڏھن جيئري بورچيخاني ڏانهن هلي ويئي هئي ته عجو ٻڌايو هو:
    ”گهر پويان ٻڌل مينهن ۽ ڍڳين جا ڀاڻا هرروز مون ۽ امان کي صاف ڪرڻا پوندا آھن!“
    چيم:
    ”آئون ادا دودي کي چونديس ته نه رڳو توکان اهو ڪم نه وٺي، پر تنهنجي شادي به جلد ڪرائي!.“
    شادي جو لفظ ٻُڌي کن پل لئه ته سندس اکين منجهه مجازن جا پوپٽ اُڏرڻ لڳا هئا پر چند لمحن بعد هوءَ خوف جي کَڏ ۾ ڪري پيئي هئي، ايلاز ڪندي چيائين:
    ”ادي خُدا جي نالي دودي کي ڪجهه نه چئجو، هُو مونکي ماري ڇڏيندو! جيئن هُن منهنجي وڏي ڀيڻ....!“
    جملو اڌورو ڇڏي هوءَ ڏڪڻ لڳي هئي. ڇرڪي پيئي هيس:
    ”ڇا عجو جي وڏي ڀيڻ به هئي؟ ڇا ڪيو هو دودي ان کي؟!“
    پويان سوال اندر مان ديوين جي ٽارين جيان ڦُٽڻ لڳا هئا. عجوءَ کي سڏي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريو هئم. کيس وارن تي پيار ڪرڻ بعد همرازيءَ جو يقين ڏياري مٿيان سوال پڇيا هئم ته هن ٻڌايو هو:
    ”دودي منهنجي وڏي ڀيڻ کي لوڙھي تان جهاتي پائي، پريان ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ مرد هاريءَ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو هو ته ٻي رات کيس ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري، هن ئي گهر ۾ ئي پوري ڇڏيو هو.“
    سندس اکين ۾ خوف جا وسندڙ ڪڪر ٺھي پيا هئا. سندس لڙڪ اگهندي پڇيم:
    ”ڀلا ڪنهن پوليس کي ڪون ٻُڌايو؟.“
    وراڻيائين:
    ”ادي هتي گهر ۾ دودي ۽ عاقيل کانسواءِ ٻاهر جو پکي به ناهي ايندو. هتي جون ڳالهيون هتي ئي دفن ٿي وينديون آھن.“
    مونکي محسوس ٿيو هو ته صدين کان سنڌ جي ٻھراڙين جون حويليون، ٽارچر سيلن، قتل گاهن، ۽ ڪُڌن ڪرتوتن کي لڪائڻ جي ماڳن جو، هُوبهُو آئينو رهيون آھن، جن کي سدائين غيرتن ۽ نقابن جي رنگ روغن سان لوڪ کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي!
    مون عجو جو موڊ خوشگوار بنائڻ لاءِ موضوع بدلايو هو. شهري زندگيءَ جي گليمر کان ازدواجي حسناڪين تائين، مون کيس گهڻُو ڪجهه ٻُڌائڻ شروع ڪيو هو ته ھن جي وجود ۾ سالن کان دٻايل جذبن جي گل ٻاٽي وري ڦُٽڻ لڳي هئي. مونکي ويجهو سُرندي چيائين:
    ”مون لاءِ اهڙو مرد ڳول جيڪو مونکي هتان کڻي وڃي.آءٌ سڄي حياتي نوڪرياڻي ٿي تنهنجي گهر جو ڪم ڪار ڪنديس، بس تون مونکي هن قيد مان ڪڍائي.“
    هن جملو پورو ڪيو هو ته لائيٽ هلي ويئي هئي. هن مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. رازداريءَ مان ڪن تي چپ رکي چيائين:
    ”خدا جي واسطي مون کي هتان وٺي وڃج. دودو ۽ عاقيل ڏسندا ته ماري ڇڏيندا، آءٌ ايندڙ جمعي واري ستين رات چنڊ اڀرڻ کان اڳ، گهر جي پوئين ڪنڌي ٽپي ڪچي رستي تي اينديس. بس خدا جي واسطي ڪنهن کي موڪلجان ته مون کي کڻي وڃي! ٻيو ڪير نه اچي ته به تون پنهنجي مڙس سان گڏ گاڏي کڻي اچجان. آءٌ هلي اينديس، بس ڪيئن به ڪري مون کي هتان وٺي وڃج!
    عجو جي لهجي جي صدا ۾ ايتري التجا ۽ ايترو ته درد سمايل هو، جو آئون کيس چاهيندي به انڪار ڪري ڪونه سگهيس! رڳو کيس ڳلن تي پيار ڪيم. پوءِ ته بس هوءَ ساخ آيل پيلي انب جيان ڇڻي پيئي! ڀانيان ٿي هن مون کي تصوراتي مرد جيان بند اکين ۾ سجائي، منهنجي بدن جو واس وٺڻ شروع ڪيو هو.ان وقت هوءَ مون کي مجازن جي ماريل مومل لڳي هئي، جنهن سومل کي گڏ سمهاري راڻي جون سڪون لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي! هن منهنجي بدن جي سهاري، پنهنجي نسوانيت جو رس ڪيئن نپوڙيو هو؟ اهو هڪ عورت جو ٻي عورت وٽ امانت ڇڏيل راز آھي!.“
    ان ئي ويل گهٽيءَ تان عاقيل کي بائيڪ تي ايندي ڏٺو هيوسين! هن جهڏي کان گهرايل سامان موٽر سائيڪل تان لاٿو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڀرسان رکيل کٽ تي ويهندي، اخبار مون ڏانهن وڌائي هئي،جيڪا تو کڻي ورتي هئي.هڪ خبر جون سرخيون پڙھڻ لڳي هُئينءَ:
    ”مينا جي اغوا ۾ ملوث بدنام ڌاڙيل شرجيل عرف شرلو کي گرفتار ڪرائيندڙ لاءِ ڏهه لک انعام مقرر.
    مينا جو ڏس يا بازيابيءَ ۾ مدد ڪندڙ کي پڻ پنج لک انعام ڏنو ويندو.آءِ جي سنڌ پوليس.“
    تنهنجون سُرخيون پڙھندي،مون عاقيل جي چهري تي به اهڙا ئي تاثرات ڏٺا هئا، جيڪي ڪالهه دودي جي چهري تي اُڀريا هئا! منهنجو وهم هو يا وري حقيقت جو مونکي ايئن لڳو هو ڄڻ اڄوڪي اخبار جي سرخين دودي ۽ عاقيل کي، مون ۽ تنهنجي متعلق نئين سر غور ويچار ڪرايو هوندو!
    عاقيل کي چيم:
    ”تنهنجي موبائل تان دودي جو نمبر لڳائي ڏي، ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم.“
    عاقيل دودي جو نمبر لڳائي،موبائل ڪن تي رکي انتظار ڪيو هو.چند سيڪنڊن بعد مايوسيءَ مان چيائين:
    ”دودي ڪال کڻي ڪون پيو.“
    عاقيل کان موبائل کڻي،دودي جو نمبر ري ڊائل ڪري ڪال رسيو جو انتظار ڪيو هئم، ڪال ختم ٿيڻ تي هئي، جو دودو ڪال رسيو ڪري بيزاريءَ مان ڳالهائڻ شروع ٿي ويو هو:
    ”ادا آئون ايس پي آفيس ۾ آھيان، ٿورو انتظار ڪري به نٿو سگهين؟”
    دودي ڪال ڪٽي ڇڏي هئي ۽ هن تي موجود منهنجو بچيل- سچيل اعتبار جو ڪچو ڌاڳو به ڪٽجي پيو هو!.
    ”ڇا هُو مونکي گرفتار ڪرائڻ ۽ مينا کي ”بازياب“ ڪرائڻ لاءِ پوليس سان ڊيل ڪرڻ لاءِ ايس پي آفيس ۾ موجود ته نه هو؟! عاقيل جي نمبر تان ويندڙ ڪال ڏسي، هن منهنجو آواز ٻُڌڻ بنائي عاقيل سان مخاطب ٿي بيساخته حقيقت بياني ڪري ته نه وڌي هئي!؟“
    سوال ڄڻ هٿوڙا هئا، جيڪي وهم جي واڍي هٿن ۾ جهلي هانءُ تي هرهر هنيا هئا!


    (17)

    شام جا پاڇا ڊگها ٿي رهيا هئا. تون مختصر سامان سهيڙڻ بعد اڱڻ تائين پهتل نم جي پاڇي ۾ رکيل کٽ تي، منهنجي ڀرسان اچي ويٺي هُئينءَ. آڏي اک سان مون کي ڏٺو هُيئي. تنهنجي اکين ۾ سنج رکيل گهوڙي جي نيڻن جيان اڻڏٺل منزل جي سفر جا سعيا هئا! پڇيو هيئي:
    ”ميرپورخاص کان ڪار ۾ هيڏانهن ايندي، تو دودي جي ڪيتري نہ تعريف ڪئي هئي ۽ هاڻ وري دودي جي حوالي سان هي ڳالهيون ڪري رهيو آھين!؟“
    وراڻيو هئم:
    ”جيڪي ماڻھو انتهائي باريڪين سان، ڪنهن جون خوبيون کوٽي تعريف ڪري سگهندا آھن، اهي ئي جزئيات سان حقيقي خاميون کولي، ڪنهن کي نقاد واري نظر سان ڏسي به سگهندا آھن! اصل ۾ حالتون ۽ واقعا ئي آھن، جن مونکي مجبور ڪيو آھي ته دودي کي ايئن ناقداڻي نظر سان ڏسان ۽ شڪ جي ساهميءَ ۾ توريان! جتي سندس وزن ايترو هلڪو ٿي پيو آھي، جو وڌيڪ مٿس اعتبار ڪري ئي نٿو سگهجي.“
    ”اڳ ۾ ٻُڌائين ها ته جيڪر پئسن وارو ٿيلهو سندس گهر، ماڻس وٽ ڇو ڇڏيون ها؟ هاڻ پُٺ ۽ مُٺ بنا خالي هٿين ڪيڏانهن هلنداسين؟.“
    وراڻيو هئم:
    ”مون ان وقت ئي دودي جي اکين ۾ لالچ جا پاڇا ڏسي ورتا هئا،جڏھن هن توکي رقم، گهر رکڻ جي صلاح ڏني هئي.پر ان وقت چوان ها ته توکي به اعتبار ڪونه اچي ها.پر توکي ٻُڌايل عجوءَ جي ڳالهين ۽ اڄ صبح عاقيل جي نمبر تان ڪيل ڪال کانپوءِ پڪ ٿي پيئي اٿم ته هو هڪ ئي وقت منهنجي گرفتاري ۽ تنهنجي بازيابيءَ جو انعام حاصل ڪرڻ سان گڏ، ماڻس وٽ رکيل رقم وارو ٿيلهو به ڦٻائڻ چاهي ٿو.“
    چيو هيئي:
    ”دودو پنهنجي هڪڙي ڀيڻ جو به قاتل آھي، ان ڪري هن مان ڪجهه به ايڪسيپٽ ڪري سگهجي ٿو.“
    توکي ياد ڏياريو هئم:
    ”هڪ نه پر چئن ڀيڻين ۽ هڪ ويڳي ماءُ جو قاتل!“
    ٿورڙو سوچڻ بعد، مونسان متفق ٿيندي، ”ھا“ چيو هُيئي. ۽ پوءِ ٻانهن جي رنگت کان شرمائيندڙ سونهري گهڙيءَ ۾ وقت ڏسي پڇيو هيئي:
    ”هاڻ ڇا پروگرام آھي؟.“
    وراڻيم:
    ”بس رات جي انڌاري ٿيئي ته ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري هلون. لڳي ٿو هڪ هڪ لمحو، دودي ۽ پوليس جي وڇايل ڄار کي ويجهو آڻي رهيو آھي. هر ساهه خطري جو سائرن ٿي پيو آھي!“
    چيو هُيئي:
    تنهنجا خدشا جيڪڏھن درست آھن ته ايئن ئي هوندو پر ٿي سگھي ٿو، اڄ دودي جو ايس پي آفيس ۾ هجڻ جو سبب ڪو ٻيو ڪم هجي؟!.“
    وراڻيو هئم:
    ”ايئن به ٿي سگهي ٿو؟!“
    آرس موڙي نيري آسمان ڏانهن ڏٺو هُيئي،جتان گذرندڙ جيٽ جهاز جو ڇڏيل ڌنڌلو ليڪو تحليل ٿي رهيو هو، بيساخته چيو هيئي:
    ”پنهنجي زندگيءَ جون خوشيون، هن لڪير کان به وڌيڪ غير جٽادار رهيون آھن!.“
    آسمان جي وسعتن ۾ تري،پنهنجو وجود وڃائيندڙ ڪڪريءَ ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي، وراڻيو هئم:
    ”۽ هاڻي لڳي ٿو پنهنجا ٺڪاڻا ۽ پنهنجا سهارا ڀي ايئن ئي لالچن جي فضائن ۾ وکري رهيا آھن،جيئن هُن اڪيلي ڪڪريءَ جا ڌنڌلا نشان!.“
    ڪجهه چوڻ بنا بس رڳو نماڻن نيڻن سان مون ڏانهن نهاريو هُيئي.تنهنجي اکين مان اروڙ جي پٽن جهڙي ماٺ جهاتيون پائي رهي هئي. پڇيم:
    ”پوليس کوجي ڪتن جيان پنهنجي ڪڍ لڳل آھن. ٿي سگهي ٿو جلد پاڻ کي گرفتار ڪري،هڪٻئي کان هميشه لاءِ جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي! اچ ته انهيءَ کان اڳ هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري، امڪاني وڇوڙن جي اڳيان لڙڪن جي دريائن جون رڪاوٽون اڏي ڇڏيون ۽ دل جي اُلڪن ۾ اُٿلي آيل دردن کي سُڏڪن جي سنگيت سان وقتي طور سُمهارڻ جي ڪوشش ڪريون!.“
    هنجهون هاري روئڻ لڳي هُيئين.ٻارن جيان رڙين مان رسو ڪڍي ڇڏيو هُيئي.توکي ڀاڪر ۾ ڀري ماٺ ڪرائيندي چيو هئم:
    ”ماٺ....ماٺ ٻاهر ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ھارين، تنهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو ته ڇا سوچيندا؟!.“
    مون کي پاتل ڀاڪر تي زور وڌائيندي، روئڻھارڪي آواز ۾ وراڻيو هُيئي:
    ”هڪڙيون حالتون ڏکوئيندڙ، ٻيو اندر ۾ اداسيون ۽ ٽيون وري تنهنجا دردناڪ لفظ، آخر روئڻ کي روڪجي ته ڪيئن روڪجي؟!.“
    تنهنجن ڀنڀن وارن تي آڱريون گُھمائي، چيو هئم:
    ”مينا! نہ محبتن ۾ وڇوڙا نوان آھن ۽ نه ئي دوستين ۾ ويساهه گهاتيون نيون آھن!؟ بس تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائڻ لاءِ هن وقت شايد تنهنجو ۽ منهنجو انتخاب ڪري آھي!.“
    روئڻ تي ضبط ڪندي، لڙڪ اُگهي چيو هيئي:
    ”شرجيل! محبت جي هن مقام تي، تو کانسواءِ جيئڻ مهڻُو ٿي پيو آھي! خدا نه ڪري پر جي جدائي آئي به سهي، ته اها جيئري مونسان گهڻُو عرصو ٻک وجهي هلي ڪونه سگهندي!“
    وري تنهنجي روئڻ جي خوف کان توکي دلداري ڏني هئم:
    ”تو پنهنجي مرضيءَ موجب رضا خوشيءَ سان مونسان مذهب تبديل ڪري نڪاح ڪيو آھي. منهنجي حوالي سان پکيڙيل سمورا افواهه بڪواس آھن. ان ڪري پاڻ کي تنهنجن بااثر مائٽن ۽ جاهل پوليس وارن کان ڊڄڻ جي قطعي ضرورت ناهي! ڪورٽ ۾ سندن ظلم جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڪيرائي وجهنداسين. قانون ڪٿي نه ڪٿي ته پاڻ کي انصاف فراهم ڪندو؟! بس ڪورٽ ۾ تنهنجي بيان جي ئي وڏي اهميت هوندي، جنهن سان ئي آءٌ مري يا تري سگهندس!؟“
    وراڻيو هيئي:
    ”تون ته بيان جي ڳالهه ٿو ڪرين، پر تنهنجي خوشين جي عيوض، منهنجي حياتيءَ جو سودو به صفا سستو آھي!؟”
    تنهنجي محبت ۽ خلوص جي يقين سان ڦُٽي پوندڙ جذبا، اکين ۾ آلاڻ بڻجي ظاهر ٿي پيا هئا. نرم نرم آڱرين سان منهنجا لڙڪ اُگهي، پڇيو هُيئي:
    ”گهر سولو ويٺو هُئين. اجايو منهنجي ڪري گهروارن سميت مصيبت ۾ ڦاٿو آھين!.“
    وراڻيو هئم:
    ”مصيبتون ته منهنجون دائمي دوست آھن، پر پنهنجي بدنصيبيءَ ۾ توکي شريڪ ڪري وڏو گناهه ڪيو اٿم.“
    منهنجي قميص جي کُليل بٽڻن مان ظاهر ٿيندڙ ڪارن وارن سان ڀرپور ڇاتيءَ تي ٿڦڪي هڻي، چيو هُيئي:
    ”تو ته هڪ غير مسلمان کي مسلمان ڪري وڏو ثواب کٽيو آھي!.“
    مزاح سان ڀرپور تنهنجي پوئين جملي تي پڻ مُرڪي ڪونه سگهيو هئس، ڇو ته مجموعي طور ماحول سُر سامونڊيءَ جي وڇوڙن جيترو ئي اُداس اُداس ٿي پيو هو. سوچيم:
    ”مجموعي طور ته سوڳوار ماحول ۾، مشڪل ئي سهي پر ذاتي طور مسرتن جا مڻيان چُنڊي سگهجن ٿا، مگر اندر جي اُداسين ۾ سمورو سنسار اداس، اوپرو ۽ اڻوڻندڙ لڳندو آھي!.“
    ” ان ئي ويل هڪ رنگبرنگي پوپٽ اڏري اچي تنهنجي ٻانهن تي ويٺو هو. ذري گهٽ دانهن ڪندي ڪندي، مدد طلب نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو هيئي، ايئن ڄڻ پوپٽ منهنجو موڪليل هو ۽ منهنجي حڪم تي ئي واپس وڃڻو هو. بيساخته مرڪي پيو هئس.
    سگهوئي پوپٽ اڏري واپس روانو ٿيو هو. اوچتو آيل خوشي ۽ حيرت جو تاثر اکين ۾ اوتي، مون ڏانهن ڏسي چيو هيئي:
    ”ڏس ڪيئن نه اک ڇنڀ ۾ آيو ۽ کن پل ۾ اُڏري ويو.“
    بيخياليءَ مان وراڻيو هئم:
    ”مقدر ۾ نه لکيل محبتن جيان!.“
    ٻانهن جي ان حصي ڏانهن آڱر رکي چيئي:
    ”هتي ويٺو هو.“
    وراڻيو هئم:
    ”گُل سمجهي ويٺو ھو ۽ لمس جو مزو وٺي اُڏري ويو.“
    شلوار جو پانچو ٿورڙو مٿي ڪري،پينڊيءَ تي موجود ڳاڙھي داغ تي هٿ رکي چيو هيئي:
    ”رات مڇر چڪ پاتو هو،اڃان سوزش بيٺي آھي.“
    شرارتي حسن جي جلون سان ڀرپور ڪڻڪ رنگين پينڊين مٿان، جوڀن جي مستيءَ جو اهڃاڻ بڻجي پيل ڪارن وارن جي نفيس جهالر، نسواني حسن ۽ بيقابُو جوانيءَ جي ڪشش جي انوکي تشريح ڀاسي هئم.تنهنجي پينڊيءَ جو ديدار، برقي ڪرنٽ جيان جسم ۾ ڊوڙي ويو هو. ڀانت ڀانت جا احساس ۽ ناقابل بيان جذبا جاڳي پيا هئا. بس اهڙا جذبا، جيڪي هيستائين مون ۾ ۽ منهنجا هوندي به، مون لاءِ اجنبي هئا، پر تنهنجي حسن جي هزارين روپن مان رڳو هِڪڙي روپ جي جهلڪ ئي کين متحرڪ بڻائي ڇڏيو هو. سوچيو هئم:
    ”منهنجي اندر ۾، مون کان به مخفي ڪجهه اهڙو موجود آھي، جنهن کي رڳو مينا ئي محسوس ڪرائي سگهندي آھي.جڏھن ته مينا ۾ موجود گهڻو ڪجهه اھڙو به آھي، جنهن کي رڳو آءٌ ئي سمجهي سگهان ٿو! ماڳهين ايئن ته ناهي جو “هڪ” کي “ٻن” ۾ ورهائيندي، قدرت کان ڪي ٽيڪسٽ مسنگ ٿيون آھن!؟.“
    ان ئي ويل هڪ کان وڌيڪ گاڏين جو آواز ٻڌي ڇرڪي پيئي هُيئين.کٽ تان اٿي گاڏين جي آواز واري طرف ڪنايو هُيئي.گاڏيون گهرن جي چوڌاري ڪڙو ڏيئي چڪيون هيون.پريشان ٿي مون ڏانهن ڏٺو هيئي.تنهنجن ڊگهن ڪاڪلن ۾ لڪي وڃڻ وارو عجيب خيال، ان وقت به الاءِ ڪيئن من ۾ موٽي آيو هو؟!.
    ست اٺ پوليس وارا بندوقون تاڻي، ويجها پهچي چڪا هئا.هڪ وردي پوش آفيسراڻي رعب مان چيو:
    ”ٻئي ٻانهون مٿي ڪر.“
    سندس حڪم جي ايئن جو ايئن تعميل ڪئي هئم. هنن مون کي سوگهو ڪرڻ واري اسٽائل ۾، منهنجي اکين تي ڇڪي پٽو ٻڌو هو ۽ پوءِ بي احتياطي ۽ بيرحميءَ سان گهيليندا ٻاهر هليا هئا.اگهاڙڻ پيرن ۾ گهٽيءَ وٽ ٻٻر جو ڪنڊو لڳو هو، پر ڪڍڻ واريون آڱريون ڪونه هيون. ڪنن تنهنجي آواز جا ڪي جا ڪي جملا ٻُڌا هئا:
    ”ظالمو بدماشو شرجيل منهنجو مڙس آھي. جنهن سان مون شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي.“
    هڪ ٿلهي آواز چيو هيئي:
    ”مائي توکي خبر آھي ته، جنهن کي تون مڙس چوين ٿي،سو اصل ۾ سنڌ جو بدنام ڌاڙيل شرجيل آھي!.“
    وراڻيو هيئي:
    ”بڪواس....بڪواس....!؟”
    پوليس موبائل جي پوئينءَ سيٽ تي ويهاريو هئن ته ڪنن پريان ٻي ڪنهن گاڏيءَ وٽان ايندڙ تنهنجي آواز جا ڪي جملا جهٽيا هئا:
    ”اڙي دودا! پوليس جا ڪُٽڻ، دلال، ڀڙوا، لعنتي، پنهنجي ڀيڻ جا قاتل...ٽَڪن جي لالچ ۾ هيڏي وڏي ويساهه گهاتي ڪجي؟! توکي شرم......!”
    تنهنجو آواز،گاڏيون اسٽارٽ ٿيڻ جي شور ۾ وڃائجي ويو هو ۽ مون پهريون ڀيرو ڏسڻ جي حس بنا دنيا کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هٿن ۾ لڳل پوليس جي هٿ ڪڙيءَ جيان، دل ۾ وري آزادي کسجڻ جي درد جون ٽانچڻيون چڀيون هئم! ۽ پوليس جي امڪاني اذيتن جا سوالي نشان ”؟؟“ احساسن ۾ ڪنڊا بڻجي ٽُٽي پيا هئا.
    ڳپل دير بعد ڀرسان ويٺل پوليس واري ٻي کي چيو هو:
    ”هتان جي ٿاڌيل مشهور آھي!.“
    اندازو لڳايو هئم ته ٻيلهاڙو شاخ وٽان گذري رهيا هئاسين.سگريٽ جي دُونهين جي بوءِ محسوس ڪرايو هو ته آسپاس ڪوئي سگريٽ ڇڪي رهيو هو. نابين جي حواسن سان دنيا کي ڏسڻ جو شروعاتي تجربو، “هجڻ” ۽ “محسوس ڪرڻ” جو فلسفيانه فرق سمجهائڻ لڳو هئم، جنهن جي باريڪين ۾، روح ۽ مادي کان، حقيقتن ۽ نظر جي فريبن تائين گهڻُو ڪجهه موجود هو!.
    آسپاس جي آوازن احساس ڏياريو هو، ته منهنجي مٺڙي شهر ميرپورخاص ۾ پهتا هئاسين. سوچيم:
    ”هي اهو ئي دلفريب شهر آھي، جنهن جي رستن تي ٻالڪپڻ کان جوڀن تائين، منهنجي جيون جون سدا بهار ساروڻيون ليٽيل آھن. هنن ئي رستن تي ڪڏھن امان جي آڱر جهلي، ادڙين سان گڏ کيٽا ڪري هليو هئس. هن ئي شهر جي گلين ۾، ڪڏھن دوستن سان گڏ لغڙ اُڏايا هئم ۽ ڪرڪيٽ کيڏي هئم. ڪنهن وقت ۾ ڪرائي جي سائيڪل تي چڙھي، هن شهر جا سمورا رستا دل جي ڦِيٿ سان ماپيا هئم. جرواريءَ جي جُوءُ کان بلديه جي بازار تائين ۽ لوڪُوءَ جي گسن کان پهنور ڪالونيءَ جي ڪسن تائين، هن شرارتي شهر جو عڪس ڄڻ ته منهنجي دل جي آئيني ۾ سدائين رقص ڪندڙ رهيو آھي.مينا به هن ئي محبوب شهر جو مونکي ارپيل انمول تحفو آھي، پر اڄ پوليس جي قافلي ۾، مونسان گڏ هوندي به مون کان ڌار ڪئي ويئي آھي! ۽ هُتي وري هوءَ امان،جنهن جي ڀاڪر ۾، زندگيءَ جا سمورا ٿڪ لهي پوندا هئم،سا به اڄ الاءِ ڪهڙي حال ۾ آھي؟! ۽ هُو منهنجو پورهيت بابا، جنهن هن ئي شهر جي رستن تي پگهر هارڻ عيوض مليل اجرت سان، منهنجي پالنا ڪئي هئي، اهو پڻ پوليس جي وحشي هٿن ۾ پهچڻ بعد هينئر الاءِ ته ڪهڙي حال ۾ هوندو؟! ۽ ھُو منهنجو گهر، جتي بابا جون ڀونڪليل اکيون، گاهه کائيندڙ گڏه جي ڏاٺ جو آواز،ادي لالان جون چلولايون،ادي امينه جي مشين جي ٺُڪ ٺُڪ، ۽ امان جي ٻاجهارين نگاهن جون يادون پکڙيل آھن. اهو گهر به آسپاس ڪٿي چند منٽن جي مفاصلي تي موجود هوندو.پر اڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڏينهن اهڙو به آيو آھي، جو آءٌ چاهڻ باوجود اوڏانهن وڃي نٿو سگهان!.“
    منهنجي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا هئا، پر منهنجي اکين مٿان ڏنل ڪاري ڪپڙي سبب ڪنهن کي نظر به اچي سگهيا هئا يا الاءِ نه؟! پر جيڪڏھن ڪنهن ڏٺا هوندا ته به ان جو سبب، پنهنجي شهر ۾ بيگناهه قيدي هجڻ ۽ پنهنجن پيارن سان ملي نه سگهڻ جي ڏکوئيندڙ احساس بدران پوليس جي موچڙن جو خوف سمجهيو هوندن! ڇو ته پوليس موبائل ۾ پڻ منهنجي آسپاس سڀئي اکين وارا انڌا موجود هئا! سوچيم:
    ”مقدر جي ڪاتب جي ننڍڙي پروف غلطيءَ سبب اڄ ڪيئن نه ان بي احساس مخلوق جي تحويل ۾ بي يار و مددگار موجود آھيان، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تفتيش جو نالو استعمال ڪري مون کي ذھني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻائيندي! مينا جا بااثر مائٽ مينا کي مغوي ۽ مونکي ڌاڙيل قرار ڏيارڻ لاءِ پئسن کان ويندي اثرورسوخ تائين، سڀيئي حيلا هلائيندا يا وري ڪورٽن جي چڪرن ۾ پوڻ بدران ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي مونکي ماريو ويندو! پوليس جي قهري ڪرتوتن جون ٻُڌل سڀيئي ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون هئم.
    الاءِ ڪٿي پهتا هئاسين؟ پر گاڏيءَ کي بريڪ لڳڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻ سگهوئي منهنجن عذابن جي شروعات ٿيڻ واري هئي!


    (18)

    مون کان تنهنجي اغوا سميت ڌاڙن ۽ ڦُرن جا اعترافي بيان وٺڻ لاءِ، پوليس ذھني ۽ جسماني عذاب جي اُڀن ڪاون مٿان ايترو گهيليو هئم، جو بدن بيسارو،روح رتو رت ۽ سوچون ٿوهرن کي ڀاڪر ۾ ڀري بيٺل ڀٽن جهڙيون ڀڙڀانگ ٿي پيون هيون! پر اهو تنهنجو محبوب تصور ئي ته هو،جنهن هن هيڏي ساري عذاب کي سهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي هئي.جڏھن به اذيتن جون ميخُون کُپڻ لڳنديون هئم ته تنهنجي تصور جي سي. ڊي هلائي ڇڏيندو هئس.۽ ايئن عام حالتن ۾ به ناقابل برداشت عذاب، هيستائين ڪٽي پار پيو هئس. تڏھن ئي ته تشدد جا ڪيئي طريقا آزمائڻ بعد ٿڪجي پوندڙ پوليس جي جاچ ٽيم جي انچارج ڏند ڪرٽي چيو هو:
    تون انتهائي سخت جان قسم جو ماڻھو آهين، جيئري جرم ڪون قبوليندين.تو جهڙا چالاڪ مجرم پنهنجي پويان ڄر گهيلي ڇڏيندا آھن! ڪو به ثبوت ناهي ملندو. بس تو جهڙن ڏوهارين کي اسين هاف يا فل فرائي ڪندا آھيون.“
    سندس جملي ڇرڪائي وڌو هو.
    ڇا هاڻ فرائي ڪندا؟“
    روح جي گهراين مان نڪرندڙ دانهن چپن تي اچڻ بعد ماٺ جو ميٽ کائڻ لڳي هئي.شايد تڏھن دانهون به گونگيون ٿي پونديون آھن، جڏھن پنهنجي “اڻ ٻُڌڻ جوڳو” هجڻ جو احساس اڳيان هوندو آھي! سوچيو هئم:
    “ھاف فرائي ڪيائون ته مرندس ڪونه پر کري پوندس. سڄي عمر سُور کائڻا پوندا. عمر ڀر جي محتاجي ۽ پروَسي پلئي پوندم...!”
    وري به زور واري دانهن چپن تي اچي اجهامي پيئي هئي! سوچيو هئم:
    “غربت ڪيتري به سهي، پر ايتري ڏُکوئيندڙ ناهي هوندي جيتري معذوري.ان ڪري عمر ڀر جي اپاهچ پڻي کان هڪ ڀيري جو موت ئي بهتر آھي. پر مرڻ بعد ڇا ڪنهن فرشتي کان اهو پڇي سگهندس ته ايڪويهين صديءَ جي مهذب سڏائيندڙ دنيا ۾، جتي ڪن خطن جا رهواسي جانور جي حقن لاءِ قانون ٺاهي رهيا هئا،اتي اسين سنڌ ۾ قانون جي رکوالن کان ڦرائي ٿي رهيا هئاسين!.“
    خردماغ پوليس اهلڪار سان مخاطب ٿي چيو هئم:
    ”فرائي ڪرڻو ئي آھي ته پوءِ فل فرائي ڪجو، ڇو ته هاف فرائي ٿيڻ بعد وري ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي ملاقات ٿي سگهي ٿي!.“
    خردماغ اهلڪار تپي ڳاڙھو ٿي پيو هو. ساٿين سميت مون مان پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ جي آخري ڪوشش ڪرڻ کان اڳ، ڪٺور انداز ۾ چيو هئائين:
    ”تنهنجو اهو شوق به پورو ڪريون ها پر بدقسمتيءَ سان معاملي کي ميڊيا ۽ ڪورٽن ۾ وچڙائي ويٺا آھيون.تڏھن ئي ته تون اهي ٻولڪيون پيو ڪرين! نه ته هينئر سولو ڳالهائي به ڪونه سگهين ها!؟“
    ان کانپوءِ هن مون تي وري حيواني تشدد شروع ڪيو هو. مون خيالن ئي خيالن ۾، وري ننڍڙي ٻار جيان تنهنجي تصور پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي! اصل ۾ پوليس تحويل ۾ پهچڻ بعد مون کاڌو کائڻ گهٽائي ڇڏيو هو،جيئن سچ پُترا لڳندي يا ايذاءُ ايندي ئي جلد هوش و حواس وڃائي ويهان ۽ سمورن عذابن مان جان ڇُٽي پويم.ان ڪري جيستائين هوش ۾ هوندو هئس،ذھني طور تنهنجي تصور وٽ شرن وٺندو هئس،جڏھن ته هوش وڃائڻ بعد به ورديون پاتل وحشي مخلوق کان پري ٿي پوندو هئس. ٻنهين حالتن ۾ منهنجو جسم منهنجي روح جي نمائندگي ڪندڙ ڪونه هوندو هو! سوچيو هئم:
    ”مئلن ۽ بتالن سان ڪنهن جو به ڪو تڪرار ناهي ٿيندو.ڇا سمورا مسئلا هوش ۽ سمجهه جي پيداوار هوندا آھن؟!.“
    خيالن جي کٽولي تي پاسو ڦيريو هئم، ته تشدد سبب چُور چُور ٿيل جسم مان درد جون ڪنڊيدار ٽاريون ڦُٽڻ لڳيون هيون.بيساخته نڪتل رڙ، چپن تائين هلي آئي هئي. پهري تي موجود بيرحم سپاهيءَ ٽنگ تي ٿڏو هڻي پڇيو هو:
    ”ڇا ٿيو راڻا؟ ڌاڙا هڻڻ سولا آھن يا اولا؟!“
    ٿڏي لڳڻ سان جاڳيل درد جي زبان کي ڪپي ضبط جي صندوق ۾ رکي ڇڏيم. سپاهيءَ سان ڳالهائڻ بدران نيم بيهوشيءَ جي ناٽڪ کي ڊگهو ڪرڻ لڳس. سپاهي ٻه ٽي ڪچيون گاريون ڏيئي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
    سوچيم:
    ”هن وردي پوش انسان جي وجود ۾ انسانيت جي اڻھوند سبب رحم جي جذبي به شايد خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، جو منهنجي اذيتن سان پنهنجي بدذوق دل کي بهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.هن لاءِ آءٌ شڪار ٿيل زخمي جانور کان وڌيڪ اهميت نٿو رکان. شايد ٻڪريءَ جي گوشت جي ڪٿ ڪرڻ وارن لاءِ ٿڻن جي ڪا به اهميت ناهي هوندي!“.
    خاردار سوچن ۾ وچڙڻ لڳو هئس ته وري تنهنجي تصور کي ٻک وڌا هئم،جيڪو هميشه جيان،آئيني ۾ پنهنجو پاڻ تي عاشق ٿي پوندڙ حويليءَ جي حُور جيان پُرڪشش لڳي رهيو هو. تصور ئي تصور ۾ توکي ڪي ميارون ۽ ڪي ڏوراپا به ڏنا هئم. ڇو ته ٻُڌو هئم ته تو پوليس اڳيان لکت ۾ ڏنل بيان ۾ مون هٿان پنهنجي اغوا ٿيڻ جو قصو ٻڌايو هو.دل جهري پيئي هئي.روح رهڙجي پيو هو. تنهنجي بيوفائيءَ جو زخم، پوليس ٽارچر کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ لڳو هئم. پر دل اعتبار ڪرڻ لئه هرگز تيار ڪونه هئي. سوچيو هئم:
    ”هوءَ جنهن کي ڏسي رڳون رباب ٿي پونديون اٿم. جزئيات ڪُل ۾ قابو ٿيڻ لڳندي آھي. فطرت جي جاميٽريءَ جو قائدو سمجهڻ ۾ آسان ٿي پوندو آھي،سا مون سان بيوفائي ڪيئن ٿي ڪري سگهي!؟ منهنجو وڃايل ٻيو اڌ، مون کان ڌار ٿيڻ جي پرواني تي ڪيئن ٿو صحيح ڪري سگهي؟!.“
    تڏھن دل جي غفائن مان آواز آيو هو:
    ”ايئن وري ڪيئن ٿيندو؟! ايئن ٿي ئي نٿو سگهي!!.“

    **

    ميرپورخاص جي جيل جي گهٽ ۽ پوسٽ واري ماحول جا ڏينهن ۽ راتيون تنهنجي وڇوڙن جا ويس اوڍي گذري رهيا هئا. اهوئي ساڳيو شهر هو،جنهن جي پُرهجوم رستن تي آوارگيون ڪندي،ڪڏھن دوستن سان گڏ هليو هئس ۽ ھُن رنگين بازار ۾ توسان اکيون اٽڪيون هيون! پر اڄ هنن ديوارن ۾، قيد خاني جا عذاب سهڻ لاءِ صرف تنهنجون ڪي يادگيريون ئي دل ۾ ڪتڪايون ڪري رهيون هيون! آسپاس تنهنجي هجڻ جو احساس، روح جي لامن تان لڙڪي پيل گلن جي خوشبُوءُ ٿي پيو هو! سمورو اندر زخم زخم هجڻ باوجود تنهنجي تصور جي آئيني ۾، پنهنجو پاڻ ڪائنات جي مرڪ ڀاسڻ لڳو هئم!
    جيل ۾ ئي ڪنهن کان سنگت جا احوال ٻُڌا هئم ته لڙڪ روڪي ڪونه سگهيو هئس.شمن کان الهداد تائين گهڻا تڻا هاف يا فل فرائي ٿيا هئا ۽ سندن خاندان، دربدري ءَ جي بيابان ۾ انصاف جي انڌي سج کي ڀُونڊا ڏيئي رهيا هئا! جيل ۾ ئي ڪنهن ٻڌايو هو ته گهڻن ڏينهن کان منهنجو گهر به ويران ٿيل هو ۽ گهر وارن جو به ڪو پتو ڪونه هو ته اهي ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟!
    سوچيم:
    ”پوليس ماڳهين بابا کي فل يا هاف فرائي ته ناهي ڪيو، جو گهر وارا بدحالي ۽ لوڪ جي مهڻن کان تنگ ٿي، انسانن جي سمونڊ ۾ ڪٿي ٽُٻي هڻي لڪي ويا آھن!.“
    بيساخته اکين مان لڙڪ نڪري آيا هئا. امان، ادي وڏي ۽ ادي ننڍيءَ سان گڏ ڪلهن وٽان ڦاٽل قميص پاتل بابا جي رحم جوڳي تصوير اکين اڳيان ڦِرڻ لڳي هئي، جنهن ۾ پُٺيرو بيٺل بابا، گڏهه کي گاهه ڏيئي رهيو هو.الاءِ ڇو ان وقت مون کي ايئن لڳو، ڄڻ آئون گاهه هئس، جنهن کي اکپُور حالتن جو انڌو گڏهه ڏاٺ هيٺيان چٻاڙي رهيو هو!!
    هڪ رهزن اکين وارو قيدي ويجهو سُري آيو، مڇ وٽيندي چيائين:
    ”مڙس ماڻھو ٿي چريا، جيلون مڙسن جو ڏاج هونديون آھن! مون کي ڏس،زال ۽ ڌيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ جو ڪيس هلي رهيو آھي، پوءِ به تو وانگر پِچڪان ته نٿو!؟.“
    مون لڙڪ اُگهي سندس اکين ۾ نهاريو، جتي پڇتاؤ ۽ ڏک بدران فخر ۽ خوشيءَ جي چمڪ موجود هئي.سوچيم:
    ”هڪ جهڙين حالتن ۽ هڪجهڙن واقعن ۾ هڪجهڙا ڪم ڪرڻ باوجود، انساني محسوسات جي مٽي ايتري مختلف ڇو هوندي آھي؟!.“
    ان ئي ويل آصف سان ملاقات جو سڏ ٿيو هو.گهڻن ڏينهن بعد لوهي سيخن جي هُن پار، ڪنهن حجتي چهري کي ڏسي اندر ۾ اڻجهل خوشي کلڻ لڳي هئي!
    ”ڪيئن آھين شرلُو؟“
    وراڻيو هئم:
    ”ٺيڪ ٺاڪ “
    پر اسان ٻنهي کي خبر هئي ته ٺيڪ ٺاڪ ۾، ڪجهه به ٺيڪ ٺاڪ ڪونه هو. شايد اسان سڀني کي ڪڏھن ڪڏھن ڪوڙن ماڻھن جيان ڪوڙن لفظن کي به مجبورن قبول ئي ڪرڻُو پوندو آھي!
    بيتاب ٿي آصف کان پڇيو هئم:
    ”منهنجي گهر وارن جي ڪا خبرچار؟!“
    وراڻيائين:
    ”ڪافي ڏينهن کان تنهنجي گهر جو دروازو بند آھي. ڪا خبر ناهي ته گهر وارا ڪيڏانهن ويا.....چ...ون...؟!“
    هُو وات چٻي، خاموش ٿي ويو، ايئن ڄڻ مون کان ڪجهه لڪائي رهيو هو! کانئس وڌيڪ پڇڻ مناسب ڪونه سمجهيم.
    ”مينا جي بااثر والدين مون واري سڄي ڪاوڙ منهنجي گهر وارن مان ته ناهي ڪڍي؟! پوليس جي ظلم ۽ لوڪ جي مهڻن ۾، منهنجي گهر وارا ڪٿي لڪيا هوندا؟!“
    انيڪ وهمن ۽ وسوسن جي مٽيءَ ۾، پاڻ کي جيئري درگور ڪري ڇڏيم. بيمروت ماٺ جي ٻٻر کي ڇانگهيندي،آصف چيو:
    ”جيڪو ٿيو سو ٿيو، پر آئيندي جو سوچيو اٿئي؟!“
    وراڻيم:
    ”منهنجي سوچ جا سمورا دروازا مينا جي وجود ڏانهن کُلن ۽ بند ٿين ٿا؟!“
    چيائين:
    ”ان مينا پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته تو کيس ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو!.“
    نانگ جي ڏنگ وگهي مرندڙ شخص جيان ڦٿڪي پيو هئس. وراڻيم:
    ”ڪاري ڏُڌي اڇو نڪرڻ جي نفي ڪندڙ اهڙو بيان مينا ڏيئي نٿي سگهي. ڪا ٻي هوندي، جنهن کي برقعي ۾ مينا ڄاڻائي من پسند بيان ڏياريو ويو هوندو.“
    آصف ٽڪ ٻڌي مونکي ڏسڻ لڳو. مختصر ماٺ بعد چيائين:
    ”اگر ڪورٽ ۾ به ايئن ئي بيان ڏياريو ويو ته توکي ڪير سزا کان بچائي سگهندو؟!.“
    لاجواب ٿي پيس. چيائين:
    ” تون ننڌڻڪو ملزم آھين. مينا جي مائٽن جا هٿ تمام ڊگها آھن. منهنجي معلومات مطابق،توکي سزا ڏيارڻ لئه پوليس کان وڪيلن تائين سمورا بندوبست ٿي چڪا آھن! بس تنهنجي بچڻ جو هڪ ئي رستو بچيو آھي!.“
    ٻُڏڻ ويل آخري سهاري لئه هٿوراڙيون هڻندڙ شخص جيان ڦٿڪي پڇيم: “ڪهڙو” وراڻيائين:
    ”اصلي مينا جو سچو بيان ۽ ماهر وڪيل جون خدمتون ئي توکي سزا کان بچائي ۽ مينا سان ملائي سگهن ٿا.“
    نااميديءَ مان چيم:
    ”پر اهو ڪيئن ٿيندو؟“
    وراڻيائين:
    “تنهنجو صرف هڪ واعدو
    ”ڪهڙو؟“
    ”اهو ته رهائي ۽ مينا ملڻ بعد تون انهن ماڻھن جي ڪم ايندين، جيڪي تنهنجي لاءِ مهانگي وڪيل جو بندوبست ڪندا ۽ رهائي بعد گهر گهاٽ، کاڌي پيتي ۽ اوڍ ويس جو بندوبست ڪندا.“
    آصف وارن متعلق گهڻو اڳ هيروئن کپائڻ جي ٻُڌل سُڌل افواهن تي هاڻ سچ جو گمان ٿيڻ لڳو.
    آصف چيو:
    ”هن وقت تون آزادي ۽ مينا کان 99 سيڪڙو پري آھين. اگر اسين اهي ٻئي توکي ڏياري سگهياسين ته اهو تنهنجو نئون جنم هوندو. ڇا تون نئون جنم ڏيارڻ وارن لئه ڪم نه ڪندين، سو به هِرکائيندڙ پگهار تي!؟“
    مختصر ماٺ بعد اُٺن تي به کڄي نه سگهجندڙ بيوسيءَ جي بار ۾ وراڻيم:
    ”ها مونکي قبول آھي!.“
    آصف چيو:
    ”اسين تنهنجي لاءِ نامور وڪيل هٿ ڪريون ٿا، جيڪو عدالت ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته تون ڌاڙيل ناهين. تو مينا سان لو ميريج ڪئي آھي. مينا جي مائٽن ۽ پوليس طرفان لڳايل الزام ڪوڙا ۽ منگهڙت آھن. وڪيل اها ڪوشش به ڪندو ته مينا جلد جج جي اڳيان پيش ٿئي ۽ بنا ڪنهن دٻاؤ جي ڏنل بيان ۾ تنهنجي بيگناهي ثابت ڪري!
    اسان کي اميد آھي ته اگر ايئن ٿيو ته مينا جو بيان سموري جُڙتو ڪيس جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو!.“
    اندر جي اوندهه ۾ اميدن جا ڪيئي کُڙکٻيتا اُڏرڻ لڳا.
    ملاقات جو وقت ختم ٿيڻ ڪري، آصف کي وڃڻُو پيو هو ته مونکي وقت ۽ آزاديءَ جو حقيقي احساس ٿيڻ لڳو!


    (19)

    عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿيندي ئي آسپاس نهاريو هئم. ان ڀورڙي اميد سان ته تون ڪٿي نه ڪٿي نظر ايندينءَ. پوئين ملاقات ۾، وڪيل اها پڪ ڏني هئي ته ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي توکي ضرور پيش ڪيو ويندو،ڇو ته پوين ٽن شنوائين تي توکي پيش ڪرڻ کان نٽائڻ سبب جج سخت ڪاوڙيل هو. هن اهو به ٻڌايو هو:
    ”لڳي ٿو پوليس ۽ مائٽن کي ڇوڪريءَ تي ڀروسو ناهي، ان ڪري ڇوڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کان لنوايو پيو وڃي. پر ايندڙ شنوائيءَ تي ڇوڪري پيش نه ٿي ته سڄو ڪيس هيٺ مٿي ٿي ويندو.“
    وڪيل اهو به پڇيو هو ته
    “ڪيئن ٿو ڀائين مينا ڪورٽ ۾ تو کي پنهنجو مڙس تسليم ڪندي؟”
    ”مون کي مينا تي ايترو ئي يقين آھي، جيترو سڀاڻي سج اڀرڻ تي!!”
    سينيئر وڪيل پٺي ٽپري چيو هو:
    “ته پوءِ دلجائي رک نوجوان-پيار زندهه باد.“
    گهڻن ڏينهن بعد کلي پيو هئس.وڪيل ويندي ويندي چيو هو:
    “ڏس ته مان ڪيئن ٿو کين سوڙھا ڪريان!“
    پر اڄ ڪورٽ جي احاطي ۾ داخل ٿيندي ئي توکي ڏسڻ لاءِ منهنجي دل سوڙھي ٿي رهي هئي. ڪيترن ڏينهن جي سڪ ھئي، جنهن کي دل ۾ دٻائي رکيو هئم. ڪيترين راتين جا اوجاڳا هئا، جن کي ننڌڪ هينئڙي سان سلهاڙي ڇڏيو هئم. اويلن وڇوڙن جا ڪيترا زخم هئا،جن کي ڳڻڻ بنا ئي اندر جي انڌار ڀُونئري ۾ لڪائي رکيو هئم. دردن جا ڪيترا انبار هئا، جيڪي وجود جي واٽن تي وڌي وڻ ٿيا هئا.ڳُجهين ڳالهين جون ڪي ڀريون هيون، جيڪي پيٽ جي ورن ۾ وروڪيل هُيون!!
    عدالت ۾ گهڻي رش لڳي پيئي هئي، شايد ميڊيا سميت سڀني کي تنهنجي بيان ٻُڌڻ سان دلچسپي هئي. ڀرسان هڪ پوليس وارو ٻئي کي چئي رهيو هو.
    ”هن سامهون بيٺل ڇوڪريءَ جو به اڄ بيان ٿيندو،جنهن لو ميريج ڪئي آھي ۽ ٻُڌو آھي ته ان صدمي ۾ ڪالهه سندس امڙ گذاري ويئي.“
    مون کي انهن والدين تي سخت ڪاوڙ آئي، جن لاءِ پنهنجي اولاد جون خوشيون شاڪ بڻبيون آھن.سوچيم:
    ”اهڙا نازڪ دل والدين پنهنجي اولاد کي پهريان ايتري آزادي ڇو ٿا ڏين!“
    مون ساڄي طرف نهاريو، برقعي ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري پُٺيري بيٺي هئي.
    سپاهي وري ڳالهاڻُو:
    ”۽ جنهن سان شادي ڪئي اٿس، اهو ڀنگي آھي ۽ ڪجهه مهينا اڳ مسلمان ٿيو آھي.“
    الاءِ ڇو مونکي سيئوکري محسوس ٿي. نفرت ۽ بُڇان ۾ ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺم. ڇوڪريءَ ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسڪڻ لڳي. وڏي ادي امينه هڪ ڀنگيءَ سان گڏ ڪورٽ جي احاطي ۾، عدالتي سڏ ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪري رهي هئي.
    چڪر اچڻ لڳا، پر تنهنجي ڪرشماتي تصور سان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيم.ان ئي ويل سينيئر وڪيل ڀرسان اچي ڀڻڪو ڪيو هو:
    ”ڇوڪري موجود آھي،عنقريب سڏ ٿيندو.ڏسجان ڇوڪري ساڳي نه هجي ته مون کي اکين ئي اکين ۾ اشارو ڪجان.“
    **
    عدالت جي ڪمري ۾ توکي گهڙندي سڀني عيد جي چنڊ جيان ڏٺو هو. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي.تون ڪيتري نه ڏُٻري ۽ ٿڪل ٿڪل لڳي رهي هُئينءَ! توکي ڏسي، منهنجي دل جي ڳوٺ منجهان هڪئي لمحي خوشبُوئن جا ڪيئي قافلا اٿي پيا هئا!
    سوچيو هئم:
    ”بس هاڻ سورن جو سج لهڻ وارو آھي. جيئن ئي مينا ڳالهائڻ شروع ڪندي، مون ۽ ساڻس ٿيل ناانصافين جا بکيا اُڊڙڻ لڳندا. هوءَ نه رڳو والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪندي، پر جج آڏو منهنجي آزاديءَ لاءِ پڻ ٻاڏائيندي ۽ ايلاز ڪندي!!”
    جج جي سوال جي جواب ۾ تو کنگهي گلو صاف ڪيو هو.ڳالهائڻ چاهيو هُيئي، پر ڳالهائي نہ سگهي هُيئين.جج چيو:
    ”هتي توهان سئو سيڪڙو محفوظ آھيو. شاباس... بنا خوف جي ٻڌايو.“
    چيو هُيئي:
    ”ان ڏينهن بازار مان خريداري ڪري جيئن ئي موٽيس ته روڪ رقم ۽ زيورن سميت ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو.....!!”
    تنهنجا لفظ پگهريل شيهو هئا، جيڪي ڪنن ۾ عذاب بڻجي داخل ٿيڻ لڳا.
    جج مون ڏانهن آڱر کڻي توکان پڇيو:
    ”اهوئي ڌاڙيل هو نه جنهن توکي اغوا ڪيو هو؟“
    نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريو هيئي:
    هجتي ڏوراپن کي لڙڪن ۾ لڪائي تنهنجي نيڻن سان نيڻ ملايا هئم.ڪيترن ڏينهن بعد نگاهون نگاهن سان مليون هيون، ڄڻ به ستارا هڪٻئي ۾ تحليل ٿي پيا هئا. اکين ۾ اوتجي آيل سنگسار محبت جو درد، رياستي انتظام ۽ قانون اڳيان گونگو ٿي پيو هو.تنهنجي اکين ۾ اڳ ڏٺل انهن پُراسرار نقطن جا سحر وري روح پاتال ۾ پيوند ٿي پيا ھئا، پر هڪ سطح اهڙي به آئي هئي، جتان مون کي ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ڪي غيبي هٿ پنهنجي محبت جي مورتيءَ کي وري مسمار ڪري رهيا هئا.هڪ وجود جا ٻہ حصا ٿيڻ دوران ڳڙندڙ رت کي اذيتن جون ڳجهون پيئڻ لڳيون هيون.پڪ ٿي پيئي هئم ته جنم جنم کان اڻپُورتا جي پنڌ ۾، تون وري مون کان وڃائجي رهي هُئينءَ!
    ڪيترو نه ناقابل يقين ۽ دردناڪ لمحو هو،جو تون دنيا جي هڪڙي منصف اڳيان ان شخص کي هڪ ڌاڙيل طور شناخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئينءَ، جنهن سان تنهنجي ڪن جنمن جي شناسائي هئي! ڪجهه ڪُڇڻ بنا بيهوش ٿي پَٽ تي ڪري پيئي هئينءَ. نهنجا وارث توکي ٻاهر کڻي وڃڻ لڳا هئا.ظاهري طور ته توکي مون کان جدا ڪيو ويو هو، پر اصل ۾ تون مون کان جُدا ٿي نه سگهي هُئينءَ! بس ڪيئي ڪم اڌورا ڇڏي ايندڙ جهَٽپَٽيي مهمان جيان اويلي آئي هُئينءَ ۽ سويلي هلي ويئي هئينءَ! ملي جدا ٿي هُئينءَ ۽ وڇڙي ملي هُئينءَ! توکي حاصل ڪري وڃايو هئم ۽ وڃائي حاصل ڪيو هئم. تون کُليل اکين جو خواب هُئينءَ يا وري يا وري نه ٻُڌائڻ جهڙو خيال هُئينءَ! جيئن به هو، تون منهنجي هُئينءَ ۽ آئون تنهنجو هُيس. بس رڳو وري وري وجائجڻ جي وادين ۾ خونخوار جانورن هٿان زخمي ٿي، مون هر ڀيري توکي وڃايو هو!
    ”ڇوڪري ايتري ته حراسيل آھي، جو ڌاڙيل ڏسي بيهوش ٿي پيئي. سندس بيان مڪمل ۽ ڏوهه ثابت ٿي چڪو آھي. هاڻ ڪورٽ سڳوري جلد مجرمن کي وڌ کان وڌ سزا جو فيصلو ٻُڌائي.“
    مخالف وڪيل ڪورٽ کي استدعا ڪئي هئي.
    ان ئي ويل منهنجا پير ٿڙڻ لڳاهئا.ھيٺ ڪرڻ کان اڳ سامهون بيساکين تي بيٺل معذور بابا کي ڏٺو هئم،جنهن جي اکين مان اڄ ڪو به ڏينڀو مون ڏانهن ڪو نه اُڏاڻو. بس اهي ئي ٻه اکيون هيون، جيڪي مون کي بي قصور سمجهي رهيون هيون ...!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350393
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402547
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ