ڪتاب جو نالو: برسات کانپوءِ
مصنف: اختر حفيظ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 536 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 288 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • آئون ڪهاڻي ڇو ٿو لکان؟
  • ڪهاڻيون

  • 1. لاحاصل
  • 2. چِتا
  • 3. رچنا
  • 4. گُلن وارو
  • 5. نيڻ
  • 6. عڪس
  • 7. لِيڪو
  • 8. فساد
  • 9. پن ڇڻ
  • 10. برسات کانپوءِ
  • 11. خط
  • 12. وڃايل ڪهاڻي
  • 13. سِڪو
  • 14. ندي جو نوحو
  • 15. ٻه شهر
  • 16. هڪ شهر جو قصو
  • 17. پٿرايل پيار
  • 18. سُرخيون

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪيانوي (91) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “برسات کانپوءِ” نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ اختر حفيظ جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست سارنگ چانڊيي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ لک قرب محترم اختر حفيظ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    امان جي نالي
    جنهن زندگيءَ ۾ هر ڏک ۽ تڪليف کي
    وڏي بهادريءَ سان منهن ڏنو آهي


    • آئون ڪهاڻي ڇو ٿو لکان؟

    مون کي ڪهاڻي لکڻ سٺو لڳندو آهي، جڏهن به آئون ڪا ڪهاڻي لکي پوري ڪندو آهيان ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي. مون لاءِ ڪهاڻي لکڻ ڪنهن ايڊوينچر کان گهٽ نه آهي. آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته آئون ڪهاڻيون لکي ڪا ادب جي خدمت ڪري رهيو آهيان پر آئون ڪهاڻي انهي ڪري لکندو آهيان جو پنهنجي ڪيفيتن يا زندگي جي مختلف وارتائن کي ادب جي انهي صنف ۾ سٺي نموني اظهاري سگهان ٿو يا سماج ۾ ٿيندڙ مختلف واقعن کي لکت ۾ آڻي انهي کي دنيا تائين پهچائڻ چاهيان ٿو، سماج کي ڪهاڻي وسيلي ڦهلورڻ چاهيان ٿو ۽ ڪهاڻي لکڻ ڄاڻان ٿو. علي بابا لکيو آهي ته “ڪنهن جي مري وڃڻ سان ڪهاڻي ناهي مرندي.” سنڌ جي ڪهاڻي تي ڪافي عرصي کان بحث هلندو رهيو آهي ته اها جمود جو شڪار آهي، مري وئي آهي. ڪنهن جي ڪهاڻي لکڻ يا نه لکڻ سان ڪهاڻي نه مرندي آهي بلڪه جڏهن سماج مري وڃي ته ڪهاڻي مرندي آهي. اسان جي سنڌي ادب جي سٺن ڪهاڻيڪارن جڏهن ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني ته انهن اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي. ڪهاڻي سگهاري يا ڪمزور ٿي سگهي ٿي پر اها مرڻ جي عمل مان نه گذرندي آهي. مون کي ياد آهي ته مون جڏهن پهرين ڪهاڻي لکي هئي ته انهي کي ڇپائڻ لاءِ بي چين ٿي ويو هئس، نيٺ جڏهن اها ڪهاڻي ڇپجي وئي ته مون انهي کي بار بار پڙهيو هو. ڪهاڻي ڇپجڻ جي خوشي ڇا هوندي آهي اها مون کي ان ڏينهن خبر پئي هئي. ڳوٺ ۾ مونکي امان يا ٻيا مٽ مائٽ ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا, تنهن کان پوءِ مون کي شوق ٿيو ته آئون ڪهاڻي لکان ۽ مون ٻاراڻي ادب لاءِ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون پر اهي ته ٻاراڻا قصا هئا، جن کي مون قلمبند ڪيو هو، پوءِ جڏهن ٻين ماڻهن ۽ پاڻ تان ڪهاڻين کي گذرندي محسوس ڪيم ته خبر پئي ته اصل ڪهاڻيون ته اهي آهن، جيڪي هن سماج جي چوڌاري ڦري رهيون آهن.
    تنهن کان پوءِ مون ڪهاڻي ڏانهن سنجيدگي اختيار ڪئي. منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي. سعادت حسن منٽو جهڙو افسانا نگار ننڍي کنڊ ۾ نه آهي، انهي پنهنجي ڪهاڻين لاءِ چيو هو ته “زماني جي جنهن دور مان اسين گذري رهيا آهيون. جيڪڏهن توهان انهي کان ناواقف آهيو ته منهنجا افسانا پڙهو. جيڪڏهن توهان انهن افسانن کي برداشت نٿا ڪري سگهو ته انهي جو مطلب آهي ته زمانو برداشت جوڳو نه آهي. مون ۾ جيڪي برايون آهن، اهي هن دور جون برايون آهن. منهنجي لکڻي ۾ ڪو نقص نه آهي. جنهن نقص کي منهنجي نالي سان ارپيو ٿو وڃي اهو اصل ۾ موجوده نظام جو نقص آهي.” منٽو جي ڳالهه سچ آهي، ڪهاڻيڪار يا تخليقڪار کي گاريون ڏيڻ کان بهتر آهي ته سماج جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪجي. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار اهي آهن جن کي نه صرف مون ڏٺو آهي پر محسوس به ڪيو آهي. مون وٽ ٻهراڙي جي ڪهاڻي نه آهي مون پنهنجين ڪهاڻين کي شهري زندگي جي وڌيڪ ويجهو رکيو آهي، انهي جو هڪ سبب اهو به آهي ته مون گهڻو وقت شهر ۾ گذاريو آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو مون شهري زندگي يا ڪنهن ٻئي هنڌ به ڏٺو آهي، انهي کي ڪهاڻي جي صورت ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيون ذهن ۾ ائين جنم وٺنديون آهن جو آئون منجهي پوندو آهيان ته پهرين ڪهڙي ڪهاڻي لکان پر ڪڏهن ڪڏهن وري اها حالت هوندي آهي ته چاهيندي به نه لکي سگهندو آهيان. منهنجيون ڪهاڻيون ڪي هن دور جون شاهڪار ڪهاڻيون نه آهن نه ئي مون کي اها خوش فهمي آهي ته مون کان بهتر ڪهاڻي ڪو نٿو لکي سگهي پر آئون ڪهاڻيون لکندو رهندس مون کي اڃا وڌيڪ ڪهاڻيون لکڻيون آهن.
    سٺي ڪهاڻي لکڻ اڄ به مسئلو آهي. ڪهاڻي لکڻ لاءِ ماڻهو کي جنهن مرحلي مان گذرڻو پوندو آهي اهو فقط هڪ ڪهاڻيڪار ئي سمجهي سگهي ٿو. ڪهاڻيون رڳو سماج ۾ موجود سوالن جا جواب نه ڏينديون آهن بلڪه اهي سماج کان به سوال ڪنديون آهن. انهي ڪري ڪن ڪهاڻين جي پڄاڻي سوال تي به ٿيندي آهي. اهي اديب يا اهي “دانش-ور” جيڪي ڊمانڊ تي ادب يا ڪهاڻي چاهين ٿا، اهي انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکن ته ادب رڳو نعري بازي يا مقابلي بازي ناهي بلڪه ادب جا پنهنجا ئي رستا هوندا آهن. جنهن جي ڪري انهي کي غلام بڻائڻ تمام ڏکيو آهي. اليگزينڊر ڊوما جو چوڻ آهي ته “توهان ماڻهن کي قيد ڪري سگهو ٿا، انهن تي مقدمو هلائي سگهو ٿا. انهن کي سزا ڏئي سگهو ٿا پر توهان خيالن کي قيد نٿا ڪري سگهو، جيترو انهن کي دٻايو ويندو خيال اوترو تيزي سان وڌندا ويندا.” انهي ڪري سنڌي ڪهاڻي ۾ جيڪي به اهڙي قسم جا تجربا ٿيا آهن اهي ايڏا ڪامياب نه ويا آهن. آئون سنڌ جي ڪهاڻي کي عالمي معيار جي ادب جي ڪهاڻي سان ڀيٽيندو آهيان ۽ اسان وٽ واقعي به اهڙا ڪهاڻيڪار آهن، جن کي انهي صف ۾ بيهاري سگهجي ٿو. جن سنڌي ادب ۾ اهڙيون ته ڪهاڻيون لکيون آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ سنڌي ادب جي سگهاري هجڻ جو احساس پختو ٿيڻ لڳي ٿو پر بدقسمتي اها آهي ته سٺا ترجمي نگار نه هجڻ ڪري اهو ادب ٻاهرين دنيا تائين نه پهچي سگهيو آهي. ڪهاڻيڪار سماج ۾ موجود انهن روين جي نشاندهي ڪندا آهن جيڪي اتي موجود هوندا آهن. جيئن ته انهن جون ڪهاڻيون سماج جي دائري کان ٻاهر نٿيون هجن، انهي ڪري ڪردارن کان وٺي پلاٽ تائين ڪهاڻيون ماڻهن جي وجود سان ڳنڍيل هونديون آهن. جن ۾ سماجي براين کان وٺي هر قسم جو گند شامل هوندو آهي پر انهي جو مطلب اهو نه آهي ته سڄي جو سڄو سماج گندو آهي پر ليکڪ سماج جي انهن پاسن کي ڏيکاريندو آهي جيڪي عام ماڻهو کي نظر نه ايندا آهن.
    منهنجي ڪهاڻين تي هر ماڻهوکي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي، ڪهاڻي تي ڳالهائڻ يا انهي تي تنقيد ڪرڻ اسان وٽ ڄڻ ته عيب ليکيو ٿو وڃي پر مون پنهنجي ڪهاڻين تي ٿيندڙ تنقيد کي برداشت ڪيو آهي ۽ انهي جو دفاع به ڪيو آهي. جيئن ڪهاڻي لکڻ جو سلسلو هلڻ گهرجي، ائين تنقيد جو سلسلو به جاري رهڻ گهرجي. انهي لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو ڪهاڻي جي سموري آرٽ کان واقف هجي. باقي ٺلهيون الرون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. اسان وٽ ته ڪهاڻي تي اهي به تنقيد ڪرڻ شروع ڪندا آهن جن ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به نه پڙهي آهي ۽ پاڻ کي مها تنقيد نگار سمجهن ٿا. آئون هي ڪتاب پنهنجي ماءُ جي نالي ڪري رهيو آهيان، جنهن اسان سڀني ٻارن کي تمام گهڻو پيار ۽ شفقت ڏني آهي. هن زندگي جي تڪليف کي پاڻ اڪيلي سر برداشت ڪري به اسان کي سکيو رکيو آهي. هن ڪڏهن زندگي سان ڪا شڪايت نه ڪئي آهي بلڪه هر ڏکي وقت سان اکيون اکين ۾ ملائي انهي جو مقابلو ڪيو آهي.

    اختر حفيظ - حيدرآباد
    email:akhterhafez@gmail.com


    ڪهاڻيون

    1. لاحاصل

    هن چيو مون تي ڪهاڻي لِکجانءِ، سوچيان ٿو ته ڪٿان کان شروع ڪريان..... هن جي اکين کان جيڪي ڪنهن شاعر جي خواب جهڙيون هيون،هن جي اسٽرابيري جهڙن چپن کان جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته خدا انهن کي فقط چمڻ لاءِ خلقيو آهي،هن جي کِل کان جيڪا ڪنهن وهندڙ آبشار جيان لڳندي هئي يا هن جي اڻکُٽ ڳالهين کان يا وري انهيءَ جي ڇٽي کان جيڪا برسات هجي يا نه هجي هر وقت هن وٽ هوندي هئي. جنهن تي ڪجهه پوپٽ ٺهيل هئا ۽ انهن پوپٽن کي ڏسي ائين لڳندو هو جيڪي رنگ انهن جي پرن تي آهن محبت جا رنگ به ايترا ئي حَسين هوندا. هن تي ڇا ڪهاڻي لکان هوءَ ته پاڻ هڪ هلندڙ ڦرندڙ،کلندڙ مُرڪندڙ ڪهاڻي هئي.
    مون هن جي اکين کي غور سان ڏٺو آهي شيشي جيان صاف هيون، جڏهن هو روئيندي هئي ته سندس اکيون هن جي لڙڪن سان ڀِڄي وينديون هيون ۽ ايترو روئيندي هئي ڄڻ ته اها ميڻ جي ٺهيل هجي،جيڪا روئيندي روئيندي وِگهري ويندي پر پوءِ اوچتو کلندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ هي ڪائنات وري تخليق ثيڻ لڳي هجي.
    جڏهن اسين پهريون ڀيرو ملياسين ته هن جي پُراسرار شخصيت آهستي آهستي منهنجي اڳيان کلندي وئي ۽ مونکي ائين محسوس ٿيو ته آئون هن سان محبت ڪرڻ لڳو آهيان ۽ سچ به اهو ئي هو. هن کي سج جي لڱ ساڙيندڙ اُس ڪونه وڻندي هئي،انهي ڪري هر وقت هو ڇٽي پاڻ سان گڏ رکندي هئي ۽ اڪثر سج کان شڪايت ڪندي هئي ته اهو ايڏو گرم ڇو آهي ۽ آئون چوندو هئس ته منهنجي وس ۾ هجي ته آئون انهي سج کي برف جو گولو ٺاهي ڇڏيان جيڪو توکي تنگ ڪندو آهي،هوءَ انهي ڳالهه ته کلي پوندي هئي. تڏهن ائين لڳندو هو ڄڻ تيز برسات ڳڙن سان وسڻ لڳندي هجي ۽ جڏهن هو کلي بس ڪندي هئي ته لڳندو هو ڄڻ تيز برسات آهستي آهستي بيهي رهي هجي. اسين ٻئي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو هئاسين. جڏهن اسان هڪٻئي جا دوست ٿياسين ته سٺا دوست ٿي وياسين، هوءَ مون سان ۽ آئون هن سان هر ڳالهه ونڊيندو هئس.
    جڏهن برسات تمام تيز پوندي هئي ته اسين ٻئي اڪثر هڪ ڇٽي هيٺ هلندا هئاسين، ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ به هوءَ مون کي پنهنجي گهر تائين پاڻ سان وٺي هلندي هئي. اسين ٻئي تيز برسات ۾ مينهن ڪڻين کان بچندا آهستي آهستي وکون کڻندا برسات جي بوندن ۾ وهنجندڙ وڻن کي ڏسندا، آسمان ۾ چمڪندڙ کنوڻ کي ڏسندا،گلن ٻوٽن جو هوا ۾ رقص ڏسندا هلندا ويندا هئاسين پر مون کي هميشه لڳندو هو ته اسان جو يونيورسٽي ۽ هن جي گهر تائين جو سفر ڪجهه ئي لمحن ۾ کٽي ويندو هو،جڏهن ته يونيورسٽي کان هن جو گهر ڪافي پري هو. مونکي ياد آهي ته اُن ڏينهن برسات ايتري تيز نه هئي پر لاڳيتو وسي رهي هئي، هوءَ مونکي پاڻ سان گڏ پنهنجي ڇٽي هيٺ گهر ڏانهن وٺي پئي وئي. اسين آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين هن اوچتو پڇيو” ڇا محبت جو حاصل ٿيڻ ضروري آهي؟”
    “نه ضروري ته ناهي پر اها حاصل ٿي وڃي ته بهتر آهي” مون چيو هو.
    “مون ٻڌو آهي ته جيڪا محبت حاصل ناهي ٿي سگهندي، اها ئي ڪامياب محبت آهي” هن مرڪندي چيوهو.
    “اهو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي پر آئون انهي خيال سان اتفاق نٿو ڪريان”
    “ها تون به صحيح آهين”
    انهي ڏينهن رستي ۾ اسان جي اها ئي ڪچهري ٿي هئي، جنهن ۾ هوءَ رڳو محبت بابت سوال جواب ڪري رهي هئي. برسات واري پُسيل رستي تي هلندي هلندي هن جو گهر اچي ويو هو ۽ آئون هن کان موڪلائي هليو ويو هئس. مونکي اها ته پڪ هئي ته هن کي جنهن سان محبت هئي، اهو آئون ڪونه هئس،هن مونکي انهي ماڻهو جي باري ۾ ٻڌايو هو جنهن سان هن جو يونيورسٽي ۾ اچڻ کان اڳ مڱڻو ٿي چڪو هو.
    مون کي ڪافي وقت تائين ته اهو لڳندو رهيو ته هن کي انهي ماڻهو سان محبت آهي پر پوءِ هن پاڻ ئي ٻڌايو ته هوءَ انهي سان پيار نٿي ڪري بس انهي سان ته مڱڻو ٿيل اٿس. اسان جي دوستي جو رشتو تمام گهرو هو، هو مونکي پنهنجي هر ڳالهه ٻڌائيندي هئي ۽ مون وٽ ڇٽي هجڻ جي باوجود به هوءَ مونکي پنهنجي ڇٽي ڪونه کولڻ ڏيندي هئي ۽ پنهنجي ڇٽي هيٺ هلڻ لاءِ ضد ڪندي هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته کيس ڏاڍو عجيب لڳندو جڏهن هوءَ اهڙي ماڻهو سان شادي ڪندي جنهن سان هن کي محبت ئي ناهي.
    هن کي چمپا جا گل تمام گهڻا وڻندا هئا، جڏهن هن جي دل شام جو گهمڻ لاءِ چوندي هئي ته هو شهر جي پراڻي پارڪ ۾ ملڻ لاءِ چوندي هئي ۽ اتي چمپا جا گل جام هوندا هئا. آئون هن جي اچڻ کان اڳ هن لاءِ اهي گل کڻي بيٺو هوندو هئس. هوءَ گل ڏسي ائين مُرڪندي هئي جيئن گل ٽڙندا آهن. مونکي ته اها خبر هئي ته اسان ٻنهي جو ساٿ ڪجهه وقت لاءِ هو پوءِ اسان جا رستا جدا هوندا. انهيءَ ڪري هن جي ڪنهن به ڳالهه تي ناراض ڪونه ٿيندو هئس. اسان جو آخري سيمسٽر ٿيڻ وارو هو هوءَ مون وٽ پنهنجي ڊائري کڻي آئي ۽ چيائين ته کيس ڪجهه لکي ڏيان.
    “آئون توکي ڇا لکي ڏيان توکي ته خبر آهي آئون توکي ڪيئن ٿو سمجهان” مون چيو هو.
    “ها خبر ته اٿم پر وري به يادگيري لاءِ تنهنجا هٿ اکر کپن” هن ڊائري مون ڏانهن وڌائيندي چيو هو.
    بس پوءِ مون هن لاءِ ڪجهه ڪمينٽس لکيا هئا،جيڪي پڙهي هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ اسان جو سيمسٽر ٿي چڪو هو. آئون هن سان آخري ڀيرو ڇٽي هيٺ هن کي گهر ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هئس،انهي ڏينهن برسات ڏاڍي تيز وسي رهي هئي، مونکي ائين لڳو ته اها برسات منهنجي اندر ۾ وسي رهي هجي. آسمان مان زمين تي ڪرندڙ هر ڦڙو مونکي منهنجو لڙڪ لڳي رهيو هو. منهنجي دل تمام گهڻي اداس هئي، مون کي لڳو پئي ته رستي تي بٺيل اهي وڻ ٻوٽا به اداس هئا. جيڪي برسات ۾ ڀِڄي رهيا هئا. آسمان تي نظر وڌم ته اهو به ڪارن ڪڪرن جو لباس پائي ڄڻ ته ماتم ڪري رهيو هو. اسين ٻئي انهي وقت خاموشي سان هلي رهيا هئاسين.مون محسوس ڪيو ته اداسي هن جي چهري تي به ظاهر ٿي رهي هئي جنهن جو هن اظهار ڪونه ٿي ڪيو.
    “اڄ هي پنهنجي آخري واڪ آهي نه؟” هن پڇيوهو.
    “ها آخري “ مون کان ڄڻ ته لفظ ڪونه پئي نڪتا.
    “پوءِ تون هليو ويندين هن شهر مان”
    “ها ظاهر آهي هتي رهي ڇا ڪندس”
    “وري مون سان ملڻ ڪونه ايندين ڇا”
    “ڪجهه چئي نٿو سگهان خبر ناهي ته زندگي ڪٿي وٺي وڃي”
    “پراڄ شام تون مون سان شهر جي پراڻي پارڪ ۾ ملجان،ڪم آهي توسان”
    “ڪهڙو ڪم؟”
    اهو اتي ئي ٻڌائينديس”
    اسان جو پنڌ کٽي پيو هو. هوءَ پنهنجي گهر هلي وئي هئي. آئون پنهنجي ڇٽي کولي تيز برسات ۾ موٽي آيس،شام ٿي ته انهي ساڳي پارڪ ۾ هن جو انتظار ڪرڻ لڳس منهنجي هٿ ۾ هميشه جيان چمپا جا گل هئا. هوءَ آئي مون هن کي گل ڏنا هئا.
    “تنهنجي ذهن ۾ اڪثر اهو سوال جنم وٺندو هوندو ته آئون ڪنهن سان محبت ٿي ڪريان”
    “ها تو ڪڏهن ٻڌايو به ته ڪونهي”
    “مون کي توسان ئي محبت آهي” هن منهجو هٿ پڪڙيندي چيو هو.
    “مون سان؟” مون حيرت مان پڇيو هو.
    “ها توسان ئي آهي تڏهن ته هيترو وقت توسان گذاريو اٿم پر آئون توسان زندگي گذاري نٿي سگهان” هن اداس ٿيندي چيو هو.
    “پوءِ مونکي ڇو پئي ٻڌائين اهو سڀ ڪجهه”
    “ڇو ته وري الئه ملي سگهون يا نه انهي ڪري مون کي نه چاهيندي به انهي ماڻهو سان زندگي گذارڻي آهي، جنهن سان مون کي پيار ناهي. پر تون مون تي ڪهاڻي ضرور لکجانءِ ڇو ته تون ڪهاڻيون سٺيون لکندو آهين ۽ انهي ۾ سڀ ڪجهه لکجان” هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو هو.
    مون هن جا ڳوڙها اگهيا،هن جي چپن تي پهريون ۽ آخري ڀيرو چمي ڏني ۽ چيم ته آئون هن تي ڪهاڻي ضرور لکندس،اها اسان جي آخري ملاقات هئي. پوءِ آئون هن سان ڪڏهن به نه ملي سگهيو آهيان.اڄڪلهه آئون هن تي ڪهاڻي لکڻ جو سوچي رهيو آهيان پر اڃا تائين هن تي ڪهاڻي لکي ڪونه سگهيو آهيان. ڇو ته جڏهن به هن تي ڪهاڻي لکڻ جو سوچيندو آهيان ته قلم منهنجي هٿن ۾ ڏڪڻ لڳندو آهي ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون آهن.


    2. چِتا

    اڄ يشونت صبح سان ئي مندر جون ڏاڪڻيون ٻُهاري ڌوئي چمڪائي ڇڏيون. اڄ شُڪروار هو ۽ شُڪروار تي سڄو ڳوٺ مندر ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ هر ماڻهو پوڄا پاٺ ۾ لڳي ويندو هو. ڪي ڀڳوان اڳيان پاپن جو پراسچت ڪندا هئا ته ڪي وري پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪرائڻ لاءِ ڀڳوان جو درشن ڪندا هئا. اهو مندر هڪ نديءَ ڪناري آباد هو. اڄوڪي ڏينهن تي مندر ۾ ڪافي رونق هوندي هئي پر يشونت مندر جي صفائي ڳوٺاڻن لاءِ ڪونه ڪندو هو، پرهواهو سڄو اهتمام وديا لاءِ ڪندو هو. جيڪا سندس پريميڪا هئي. انهي ڪري هو صبح کان ئي هن جو انتظار ڪرڻ لڳو پر هُن جو ته هاڻي ڪو ڏس پتو ڪونه هو.
    يشونت ۽ وديا انهيءَ ئي مندر جي چاڙهين تي کيڏندي وڏا ٿيا. انهيءَ ئي ڳوٺ جي گهٽين ۾ هلندي هلندي جوان ٿيا پر هاڻي ته يشونت جي نه ته جواني رهي ۽ نه وري سندس پريميڪا. . . .
    وقت جي گهوڙي سفر ڪندي هن جي وارن ۾ چاندي ۽ چهري تي پيريءَ جا آثار واضح ڪري ڇڏيا هئا. هن جا ڊگها پشم جهڙا وار هميشه هن جي پيشاني کي پيا چمندا هئا پر هن جو عشق اڃا به جوان هو. سندس جهونين اکين ۾اڃا به وديا جو عڪس ليئا پائيندي نظر ايندو هو ۽ هو ساهن جي سمرڻي تي وديا جو نالو سوريندو رهندو هو.
    هو مندر جون چاڙهيون انهي ڪري صاف ڪندو هو ڇو جو کيس آسرو هو ته وديا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور پوڄا ڪرڻ ايندي، پر اهڙا ڪيترائي شُڪروار گذري ويا ۽ وقت ورهين ۾ تبديل ٿيندو رهيو پر وديا جا پير مندر جي اڱڻ کي نصيب نه ٿيا.
    جڏهن وديا ۽ يشونت جي پريم ڪهاڻي شروع ٿي ته هر شُڪروار تي وديا پوڄا ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ اکيون بند ڪري ڀڳوان اڳيان پوڄا ۾ لڳي ويندي هئي پر يشونت جون نظرون وديا جي گوري چهري تي ڄمي وينديون هيون. هُو من ئي من ۾ وديا کي پوڄڻ لڳي ويندو هو ۽ جڏهن هوءَ يشونت کان پوڄا نه ڪرڻ جو سبب پڇندي هئي ته هو چوندو هو ته “منهنجي ديوي ته تون آهين ۽ تون منهنجي من ۾ آهين ۽ پوڄا ته من سان ٿيندي آهي. “
    هن هميشه وديا کي ديوي سمجهيو. ٻئي اڪثر ڪري نديءَ جي پرئين ڪناري يا وري مندر جي پٺئين پاسي ٻنين ۾ ملندا هئا، جتي نمن جا قدآور وڻ هئا، جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ اهي آسمان سان ڳالهيون ڪندا هجن. جتي هر پاسي ٻنهي جي ٽهڪن جا آواز گونجڻ لڳندا هئا، تڏهن ته سمي گذرڻ جي خبر ئي ڪونه پوندي هئي پر جيڪو انتظار هاڻي يشونت کي هو، جنهن ورهين جو فاصلو ته طئي ڪيو هو پر هر پل کيس عجيب پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ يشونت هن لاءِ بانسري وڄائيندو هو ۽ هوءَ پنهنجو مٿو هن جي هنج ۾ رکي خاموشي سان بانسريءَ مان نڪرندڙ مڌر آواز کي ٻڌندي هئي. هن جا سڀئي سُر فقط وديا لاءِ هئا.
    هاڻ به جڏهن هُن جي ياد ستائيندي اٿس ته هو نديءَ ڪناري وڃي پنهنجي درد کي سُرن ۾ مٽائي غم ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سندس درد سُرن جي صورت ۾ بانسري مان نڪري هن اڳيان ئي رقص ڪرڻ لڳندا آهن ۽ وشال نديءَ جون لهرون به ڄڻ ته ماٺار ۾ اچي سندس سُرن کي ٻڌڻ لڳنديون آهن. انهي وقت هن جون بانسريءَ جي بدن تي سفر ڪندڙ آڱريون بيهي رهنديون آهن، سندس گلو ڀرجي ايندو آهي ۽ هو ماٺ جي چادر ۾ ويڙهجي ويندو آهي، پوءِ بس رڳو نديءَ جي ڇولين جي موسيقي سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندي آهي. مندر جي چاڙهين تي هو وديا ۽ پنهنجي ننڍپڻ کي راند ڪندي ڏسڻ لڳندو آهي.
    جڏهن به نِمون ٻُور جهلينديون آهن ۽ انهن جي سڳنڌ ماحول کي مهڪائيندي آهي ته کيس وديا جي سرير مان نڪرندڙ خوشبو اچڻ لڳندي آهي. هن جي بدن ۾ اهڙي ئي خوشبو هوندي هئي ۽ اها هلڪي هلڪي سڳنڌ هن جي سڄي بدن کي مهڪائي ڇڏيندي آهي ۽ هو جڏهن انهي مهڪ کي محسوس ڪندو آهي ته ائين لڳندو اٿس ته وديا هن جي آسپاس هجي، هو نگاهون کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهي پر کيس پنهنجي وجود کانسواءِ ڪوبه نظر نه ايندو آهي.
    هن جي پريم ڪٿا ڳوٺ وارن کان وسري چڪي هئي. يشونت اڇوت هو ۽ وديا اوچي ذات واري هئي. هو اڇوت هجڻ جي سزا ڀوڳي رهيو هو پر جڏهن ٻنهي کي پيار ٿيو ته ڪو به هڪ ٻئي لاءِ اڇوت يا برهمڻ نه رهيو. ڇو ته ٻنهي کي خبر هئي ته پيار جي ڪا ذات ناهي هوندي اهو مذهبن کان مٿانهون هوندو آهي پر جڏهن انهيءَ قصي جي خبر وديا جي گهروارن کي پئي ته انهن يشونت کي مارڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ اوچي ذات وارا زور هئا. يشونت تي حملو ڪيو ويو، کيس ڪجهه زخم رسيا ۽ نيٺ سندس پتا جان بخشرائي ۽ وديا کي چيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ يشونت سان ملي ته يشونت مارجي ويندو ۽ ائين ڪجهه ڏينهن اندر وديا جي زبردستي شادي ڪرائي وئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ ڳوٺ ڇڏي شهر هلي وئي. يشونت لاءِ جسم جي زخمن کان وڌيڪ وديا جي نه ملڻ وارو گهاءُ گهرو هو، جنهن کي وقت جو مرهم اڃا تائين نه ڀري سگهيو هو.
    هن جون اکيون وديا کي موت کان اڳ ڏسڻ لاءِ آتيون هيون. اڇوت هجڻ جي ڪري کيس سدائين ڌڪار نصيب ٿي. هاڻي هو ڳوٺ جو ناليوارو مساڻي (شمشاني) هو. انهيءَ کان پهرين هن جو پيءُ چتائون ساڙيندو هو. پتا جي ديهانت کانپوءِ اهو ڪم کيس ورثي ۾ اڇوت هجڻ ڪري مليو. هيستائين سندس هٿ ڪيتريون ئي اسٿيون انهن جي مالڪن حوالي ڪري چڪا هئا پر کيس لڳندو هو ته هو پاڻ به هڪ هلندڙ ڦرندڙ چتا آهي، جيڪو انتظار ۽ آسري جي آڳ ۾ روز جلندو رهي ٿو ۽ هن جي خوابن جي چتا کي ته زماني گهڻو اڳ ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن جي جلندڙ ماس جي بدبوءِ اڃا تائين هن کان وديا جي سرير جي بُوءِ کي ختم نه ڪرائي سگهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته سڀئي انسان ساڳئي رت ۽ گوشت جا ٺهيل آهن ۽ هر ماڻهو جي چتا کي ساڳي باهه ساڙي رک ڪندي آهي ته پوءِ هو گهٽ ذات ڪيئن آهي؟ تڏهن هو اوچي ذات وارن کي گهٽ ذات سمجهڻ لڳندو هو. جن انسانن کي ورهائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن وديا جو خيال ايندو هئس ته کيس لڳندو هو ته اڇوت نه هجڻ به ڏوهه آهي. ڇاڪاڻ ته سندس پريميڪا به اوچي ذات واري هجڻ جي سزا ڀوڳي رهي هئي.
    اڄ به هن جو ڏينهن مايوسي ۾ گذريو. ڏينهن کي هاڻي شام جا پاڇا ورائي چڪا هئا ۽ هن کي اڄ ڪنهن چتا کي باهه ڏئي انهي جو گند صاف ڪونه ڪرڻو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڏياري اچڻ واري هئي. جڏهن وديا هن سان هوندي هئي ته هولي، ڏياري سڀ تهوار رنگين لڳندا هئا. هاڻي ته ڄڻ اهي سڀ شيون هن لاءِ بي معنى هيون. بس ڏياري جي رات هو مندر جي ڏاڪڻين کي ڏيئن سان سجائيندو هو، جتي ڪڏهن وديا سان ويهي هن ڏيئا ٻاريا هئا ۽ ڏيئن جي جهيڻي سهائي ۾ وديا جو چهرو چنڊ جيان چمڪي پوندو هو. هاڻي ته هو به ڏيئن سان گڏ جلندو هو. جڏهن هو مندر جي چاڙهين جا سڀ ڏيئا روشن ڪندو هو ته کيس لڳندو هو ته هر ڏيئي جي جوت مان وديا کيس مرڪي ڏسندي هجي. انهي مهل ڪجهه گهڙين لاءِ سندس ڪارن چپن تي مرڪ روشن ٿيندي هئي. انهي کانسواءِ هن کي سڄو جڳ ڪاراڻ ۾ ٻڏل نظر ايندو هو. جڏهن اهي ٻئي گڏ هوندا هئا ته ڳوٺ ۾ لڳندڙ ميلي ۾ وديا پنهنجي ساهيڙين سان اتي ايندي هئي ۽ ٻئي ماڻهن کان بي خبر ٿي ميلي ۾ گم ٿي ويندا هئا. هو هن کي اڪثر گجرا وٺي ڏيندو هو يا وري بنديا. . .
    هن کي لهندڙ سج هميشه وديا جي بنديا جيان لڳندو هو. سندس وس پڄي ها ته آسمان جي چهري تان سج کي لاهي وديا جي پيشاني تي هڻي ڇڏي ها. اڃا به کيس گلي ۾ اهو سڳو پاتل هو، جيڪو هُن کيس ميلي مان وٺي پارايو هو. هو انهيءَ سڳي کي پنهنجن هٿن سان ڇُهي ان جو لمس محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    هن جون راتيون جهوپڙي ۾ پاسا ورائيندي ڪٽبيون هيون. جتي چنڊ ڪڪرن جي هنج مان پنهنجو چهرو لڪائيندو ۽ ظاهر ڪندو پنهنجي ٿڌي روشني هن جي جهوپڙي مٿان ڇاڻيندو رهندو هو. هو چنڊ سان به ته شڪايت نٿي ڪري سگهيو، بس اندر ئي اندر پنهنجي اڇوت هجڻ تي پاڻ تي ملامت ڪندو رهندو هو. هن کي چتا ساڙڻ عيوض جيڪي ڪجهه به ملندو هو، هو اهو ٻين اڇوتن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. انهي ڪم ڪار ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو شنڪر به شامل هو ۽ اُهو کيس پيار مان بابا سڏيندو هو ۽ سندس گهڻو خيال پڻ رکندو هو. رات جو جڏهن هو سمهڻ لاءِ جهوپڙيءَ ۾ ويندو هوته شنڪر سندس ٽنگن ۽ جسم کي زور ڏيڻ شروع ڪندو هو. اڄ رات جڏهن هو ٿڪل ٽٽل وجود سان پنهنجي جهوپڙي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويو ته شنڪر کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڪچهري ۾ لڳي ويو.
    “بابا ڇا نرڳ ۾ اهڙي ئي باهه هوندي آهي، جهڙي پاڻ شمشان گهاٽ تي چتا ساڙڻ مهل ڏيندا آهيون” شنڪر پڇيو.
    هن لاءِ اهو سوال اوپرو انهي ڪري به هو جو انهي کان اڳ کانئس ڪنهن به اهڙي قسم جو سوال نه پڇيو هو.
    “پٽ نرڳ جي باهه ڪيڏي به تيز ڇو نه هجي پر جنهن وڇوڙي جي باهه ڏٺي آهي، انهيءَ لاءِ نرڳ جي باهه ڪجهه ناهي. اها انهيءَ کي ساڙي نٿي سگهي” هن وراڻيو.
    “بابا سچ پچ ڀڳوان ڀلن ماڻهن کي سُرڳ ۽ بُرن کي نرڳ ۾ جاءِ ڏيندو آهي؟” شنڪر وري سوال ڪيو.
    “ٻچا انسان پنهنجو نرڳ ۽ سُرڳ پنهنجي اندر کڻي هلندو آهي، جيڪو سٺو آهي ۽ ٻين جي چڱائي چاهي ٿو انهيءَ لاءِ هي جڳ سُرڳ آهي ۽ بري لاءِ سُرڳ به نرڳ ٿي سگهي ٿو.” هُن پير ڊگهيڙيندي چيو، “ڀڳوان ڪنهن کي به نرڳ يا سُرڳ ناهي ڏيندو پر انهي جي چونڊ ته ماڻهو پاڻ ڪندو آهي ۽ پوءِ ڀڳوان رڳو مندر ۾ ته ڪونهي، اهو ته اسان جي من ۾ آهي ۽ انهيءَ کي اهو ئي پسي سگهي ٿو جنهن جي من ۾ سچائي هجي.”
    “بابا توهان جڏهن نديءَ ڪناري بانسري وڄائيندا آهيو ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ انهن سُرن مان درد سُڏڪا ڀري رهيو هجي، ائين ڇو آهي؟ توهان کي ڪا تڪليف ڪو ڏک آهي؟”
    يشونت لاءِ اها ڳالهه تمام حيرت جوڳي هئي، ڇو ته انهي درد جي خبر ته فقط هن کي ئي هئي، شنڪر انهيءَ کي ڪيئن محسوس ڪيو. شنڪر ٻه ٽي ڀيرا يشونت کي نديءَ ڪناري بانسري وڄائيندي ٻڌو هو ۽ اهو سچ به هو، سندس سرن ۾ درد ڪٿا هئي.
    هن هڪ ڊگهي آهه ڀريندي چيو ته “پٽ جنهن جي من ۾ زخم هوندا آهن ته اهي درد بڻجي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نڪري ايندا آهن. انهن سرن ۾ منهنجو درد ئي ناهي پر ڪنهنجو انتظار ۽ ياد به شامل آهي. بس ائين سمجهه ته بانسريءَ جي سرن ۾ منهنجو اندر وڄندو آهي ۽ اهو درد سرن جو ويس مٽائي وشال آڪاس ۽ فضا ۾ پکڙبو آهي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي.” هو ماٺ ٿي ويو.
    “بابا توهان جي من جو درد ڪڏهن ختم ٿيندو؟” شنڪر معصوميت مان چيو، “ڀڳوان ڪري توهان جي درد کي شانتي ملي.”
    “شنڪر پٽ هاڻي ته اهو منهنجي موت کانپوءِ ئي ختم ٿيندو، بس منهنجي من ۾ ڪنهن جي يادن جي چتا جلي رهي آهي.” کن دير جهوپڙيءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ پوءِ يشونت، شنڪر کي پيار مان چيو، “گهڻي دير ٿي وئي آهي، هاڻي تون سمهي رهو.”
    شنڪر وڌيڪ هن کان ڪجهه به نه پڇيو ۽ سمهي رهيو. ٿڪاوٽ سبب شنڪر کي جلد ننڊ اچي وئي ۽ يشونت پنهنجي اوجاڳيل اکين سان شنڪر کي ڏسڻ لڳو ۽ من ئي من ۾ سوچڻ لڳو ته ڪنهن کي ته سندس تڪليف جو احساس ٿيو.
    ٻئي ڏينهن شام جو سندس طبيعت ڪجهه خراب ٿيڻ لڳي ۽ هن نديءَ ڪناري وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شنڪر کي چئي ويو ته ڪا به چتا اچي ته انهي کي ساڙي ڇڏي. هُو وڃي نديءَ ڪناري ويٺو. پکي پنهنجن واهيرن ڏانهن وري رهيا هئا. سرخ سج پنهنجي وجود کي آهستي آهستي ميساري رهيو هو ۽ ندي پنهنجي مستيءَ ۾ وهي رهي هئي. چوڌاري ماٺ هئي، انهي ڪري نديءَ جو گجگوڙ ڪندڙ آواز آسپاس واضح هو. هن بانسري پنهنجي چپن تي رکي ۽ پنهنجيون آڱريون بانسريءَ تي ڦيرائي وڄائڻ لڳو. بانسري وڄائيندي وڄائيندي هڪدم بيهي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. هن کي وديا جي سرير جي خوشبو سڄي ماحول ۾ محسوس ٿيڻ لڳي. اڄ اها خوشبو کيس ڪجهه وڌيڪ محسوس ٿي رهي هئي. هو انهي پاسي وڌڻ لڳو جتان هوا جا جهوٽا اها خوشبو آڻي رهيا هئا. هن کي لڳو ته وديا هن جي آسپاس آهي ۽ اڄ هن کي اهو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو هو. هو هلندي هلندي شمشان گهاٽ اچي پهتو، جتي شنڪر ڪنهن چتا کي باهه ڏئي چڪو هو، جيڪا سڙي رک ٿي چڪي هئي. هن پنهنجون مُٺيون ڀري اها خاڪ کنئي، “شنڪر هي ڪنهن جي چتا هئي؟” هن بيچين ٿيندي پڇيو.
    “بابا وديا نالي ڪنهن عورت جي هئي. شهر مان کڻائي آيا هئا ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هي سندس اباڻو ڳوٺ آهي.” شنڪر وراڻيو.
    هن تي ڄڻ وڄ ڪري پئي ۽ کيس سڄي دنيا گهمندي محسوس ٿي. هو گوڏن ڀر ويهي انهي رک کي ڦلهورڻ لڳو، ڄڻ وديا جي وجود کي ڳولي رهيو هجي پر اتي رک کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان رک پنهنجي چهري تي مَلڻ لڳو.
    “هيءَ منهنجي وديا جي چتا آهي.” هو رک مليندي پنهنجي منهن چوڻ لڳو. انهن ئي لمحن ۾ هن جي ساهن جي سمرڻي ٽُٽي پئي. سندس بُت بيجان بڻجي هڪ پاسي ڍرڪي پيو.
    شنڪر بابا بابا چئي کيس سڏيندو رهيو پر هُن کي ڪو به جواب نه مليو ۽ پوءِ شنڪر جون اکيون به آليون ٿي ويون. انهي ئي رات هُن يشونت جي چتا ساڙي، جنهن ۾ وديا جي رک ملي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن جڏهن وديا جي مائٽن هن جي اسٿي نديءَ حوالي ڪئي ته هن يشونت جي اسٿي به نديءَ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي ۽ ٻئي اسٿيون گڏوگڏ ترنديون ويون ۽ هن اها بانسري پاڻ وٽ سنڀالي رکي، جنهن مان ڪڏهن خوشين ۽ غمن جا سُر نڪتا هئا، جنهن کي فقط شنڪر ئي ٻڌي ٿي سگهيو.


    3. رچنا

    جنهن وقت آئون سمنڊ ڪناري پهتي هيس، انهي وقت سورج ديوتا سمنڊ ۾ ٽُٻي ڪونه هنئي هئي، بلڪه اهو وشال آڪاس تي موجود هو. ننڍا ننڍا اڻ ڳڻيا ڪڪر پشم وانگر آسمان تي پکڙيل هئا پر سج جي روشني جي ڪري اهي ڪجهه ڳاڙهسرا نظر پئي آيا. سرخ سج سِپ ۾ پيل ڪنهن موتي جيان چمڪي رهيو هو ۽ اها سرخي ڄڻ ته شام جي چهري تي به نظر پئي آئي. هوا ڪجهه گهميل هئي. سمنڊ جي وجود مان اٿندڙ هر ڇوليءَ ڪناري سان ٽڪرائجي رهي هئي.
    آئون ڪناري تي ٿڌي ۽ آلي واريءَ تي آهستي آهستي وکون کڻي رهي هيس. منهنجي پيرن جا نشان واريءَ مٿان واضح ٿيندا پئي ويا، جن کي سمنڊ مان اٿندڙ لهر ميساري ٿي ڇڏيو. چوڌاري هر وجود جي ڪنن تائين گوڙ شور پهچي رهيو هو. ٻارڙا پنهنجي دنيا ۾ گم هئا ۽ ماڻهن جا چهرا خوشگوار لڳي رهيا هئا. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿ هٿ ۾ ڏئي چهرن تي مُرڪ سجائي چهل قدمي ڪري رهيا هئا. منهنجو هٿ جهلڻ وارو ڪوبه نه هو ۽ نه ئي وري مون کي انهي جي ضرورت هئي.
    انهن ڏينهن ۾ آئون مجسمن بابت تحقيق ڪري رهي هيس. آئون پنڌ ڪندي ڪجهه اڳيان نڪري ويس ۽ منهنجي ڪنن ۾ وائلن جو آواز ٻُرڻ لڳو. اها واقعي به ڏاڍي پياري ڌن هئي. منهنجا قدم انهي آواز ڏانهن وڌڻ لڳا، مون ڏٺو ته پريان هڪ نوجوان شخص جنهن جي اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل هو اڪيلو وائلن وڄائي رهيو هو. هو مسلسل وڄائيندو رهيو ۽ پوءِ هن هڪدم حرڪت ڪندڙ آڱريون روڪي ڇڏيون ۽ فضا ۾ وکرندڙ سُر خاموش ٿي ويا.
    هو اُٿيو ۽ هن پنهنجي اسٽڪ سنڀالي ۽ پوءِ وڏي احتياط سان اسٽڪ کي زمين تي هڻندو روڊ پار ڪري گذري ويو. انهي وقت سج اڄوڪي ڏينهن کي الوداع چئي غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن آئون جڏهن انهي ساڳي جاءِ تي پهتيس، جتي هو ويٺل هو. مون ڏٺو ته هو ساڳي ريت وائلن وڄائڻ ۾ مصروف هو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ هن جون حرڪت ڪندڙ آڱريون رڪيون ۽ موسيقي بند ٿي وئي.
    “توهان هٿ روڪي ڇو ڇڏيا؟ وڄايو، توهان تمام سٺو وڄائيندا آهيو.” مون کان اهو جملو ڄڻ ته بي اختيار نڪري ويو.
    “ڪير آهي؟”هن هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڦيريندي چيو.
    “توهان مون کي نٿا سڃاڻو، بس آئون ته توهان جا سُرن ٻُڌڻ آئي آهيان.” مون چيو.
    “منهنجا سُر ته اداسي جا سُر آهن توهان کي ڪيئن وڻي ويا ۽ هونئن به آئون وائلن پنهنجي دل کي راحت ڏيڻ لاءِ وڄائيندو آهيان.” هُن اسٽڪ کنئي ۽ چيو “هاڻ مون کي هلڻ گهرجي.”
    هو هليو ويو ۽ آئون کيس روڪي نه سگهيس ۽ روڪيان به ڪهڙي ناتي سان ها. اسين ٻئي ته هڪٻئي لاءِ اوپرا هئاسين. مون کي ٻئي ڏينهن تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ اسڪلپچرسٽ (مجسمه ساز) سان ملڻو هو. آئون انهيءَ جي گهر پهتيس ۽ جيئن در کليو ته حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته هي اهو ئي ماڻهو هو جنهن سان منهنجي ملاقات سمنڊ تي ٿي هئي.
    “يس ڪير آهي؟” هن در کوليندي پڇيو.
    “جي آئون ياسمين. . . . . “
    “ها ها اندر اچو پليز. . . . .”
    آئون اندر داخل ٿيس هن جي گهر ۾ هر پاسي مجسما ئي مجسما هئا. مٽيءَ جي سڳند به ڪمري مان اچي رهي هئي. ڪجهه مجسما ته مڪمل هئا پر ڪي اڃا تائين اڻپورا هئا ۽ ڪن جي مٽي سُڪي چڪي هئي. ديوارن تي خوبصورت تصويرون هيون، جن مان هڪ فريم ٽيڙو هو. اها ڪنهن عورت جي تصوير هئي جيڪا ٻار کي کير پياري رهي هئي.
    آئون آهستي آهستي وکون کڻندي هن جي ڪمري جو جائزو وٺي رهي هيس. ڪافي بي ترتيب ڪمرو هو. مون کي حيرت انهيءَ ڳالهه تي هئي ته هڪ نابين ماڻهو ايترا سهڻا مجسما ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي.
    “توهان کي شايد حيرانگي هجي ته هڪ بي نور ماڻهو ائين مٽيءَ مان مجسما ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي؟” هن پاڻ ئي منهنجي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال جو جواب ڏنو ۽ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين “اصل ۾ هي سڀ مجسما مون انهيءَ وقت ٺاهيا هئا جڏهن آئون دنيا کي ڏسڻ جي قابل هئس. آئون پيدائشي نابين ڪونه آهيان. ڪجهه عرصو پهرين هڪ حادثي ۾ مون پنهنجيون اکيون وڃائي ڇڏيون ۽ پوءِ آئون ڪوبه مجسمو ڪونه ٺاهي سگهيو آهيان. انهيءَ ڪري هتي توهان کي ڪجهه اڻپورا مجسما به نظر ايندا هوندا. معاف ڪجو مون توهان کان چانهه جو ڪونه پڇيو.”
    “نه انهيءَ جي ڪابه ضرورت ناهي. ڇا هاڻ توهان جي دل مجسما ٺاهڻ لاءِ ڪونه چوندي آهي؟”
    “منهنجين آڱرين هميشه مٽيءَ مان ڪنهن ڪنهن صورت کي تراشيو آهي. اها مٽي به عجيب آهي انهيءَ ۾ اڻ ڳڻيون صورتون لڪل آهن، بس انهيءَ کي تلاشڻ وارو ڪو هجي. اڄ به دل چوندي آهي آئون مٽيءَ کي خوبصورت شڪل ڏيان پر منهنجي دنيا جنهن ڏينهن کان بي نور ٿي آهي ڄڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.” هن مايوسي ۾ چيو.
    “پر اونداهي جو ته ڪوبه پنهنجو وجود ناهي هوندو، بس اتي سوجهرو ناهي هوندو.” مون ديوار تي لڳل تصوير کي سڌو ڪندي چيو، “جيڪي هٿ وائلن جي تارن تي ڦرندي آلاپ پيدا ڪري سگهن ٿا شايد اهي مٽيءَ مان وري به ڪنهن شڪل کي تخليق ڪري وٺن.”
    “ته ڇا توهان. . . . . . . جنهن سان آئون سمنڊ ڪناري مليو هئس.”
    “ها آئون اها ئي ڇوڪري آهيان، جنهن توهان جي سرن ۾ هڪ پيڙا ۽ درد کي محسوس ڪيو آهي. بهرحال اصل ڪهاڻي ڇا آهي انهيءَ کان وڌيڪ مون کي توهان جي ڪم ۾ دلچسپي آهي.”
    پوءِ مون سندس فن بابت ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون. جيڪا اصل ۾ منهنجي اسائنمينٽ هئي ۽ ائين منهنجي اسائنمينٽ طويل ٿيندي وئي. ڪڏهن ڪڏهن هن سان سمنڊ ڪناري ڪجهه گهڙيون چهل قدمي لاءِ به ملي وينديون هيون.
    هڪ ڏينهن اسين ٻئي سمنڊ تي هئاسين ته هن پڇيو، “ياسمين تو ڪڏهن لهندڙ سج کي غور سان ڏٺو آهي.”
    “ها آئون ته روز ڏسندي آهيان.”
    “ڪيئن لڳندو آهي؟”
    “تمام سٺو. لهندڙ سج سان ماڻهو اکيون ملائي سگهي ٿو، انهي جي موڪلاڻي مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.”
    “ها تون صحيح ٿي چوين ۽ مون جهڙي ماڻهو لاءِ سوين سج به هجن ته به ڪجهه نٿو ڏسي سگهان، جڏهن آئون رچنا سان . . . . . . “ هن بي اختيار ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو ورتو ۽ ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏنائين.
    “رچنا اها ڪير آهي؟” مون چيو “توهان ڳالهه پوري ڪيو.”
    هُن کن دير لاءِ ويچاريو ۽ پوءِ چيو “رچنا منهنجي زندگيءَ ۾ انهي وقت آئي جڏهن منهنجين اکين ۾ روشني هئي ۽ جڏهن منهنجي زندگي بي نور ٿي ته هوءَ مون کي ڇڏي هلي وئي.” هن کن دير رکي وري چيو “حالانڪه مون چاهيو ٿئي ته آئون هن جي اکين سان هيءَ دنيا ڏسان پر.... پر هوءَ هلي وئي.” هو اداس ٿي ويو.
    مون کي سندس ڳالهه ٻُڌي حيرت ٿي، چيم “پر ائين ته ڪوبه ناهي ڪندو جنهن سان ماڻهو محبت ڪندو آهي، انهيءَ کي ته هر حال ۾ ۽ هر گهڙيءَ ۾ گڏ هجڻ گهرجي. ڇا هن کي فقط توهان جي اکين سان پيار هو؟”
    “آئون انهي باري ۾ ته ڪجهه نٿو چئي سگهان،” هُن چيو “پر هڪ عرصي کان مون کي هن جو ئي انتظار آهي. ائين لڳندو اٿم ته هن جي واپسي مون ڏانهن ئي ٿيڻي آهي. شايد اها وڇوٽي ڪجهه وقت لاءِ هجي ۽ هوءَ مون لاءِ روشني بڻجي اچي.” هو هلندي هلندي بيهي رهيو.
    “ها شايد ائين ٿئي.” مون ڄڻ ته هن کي حوصلو ڏيڻ لاءِ ائين چيو. پوءِ اسين اتان هليا آياسين.
    آئون سڄي رات رچنا جي باري ۾ سوچيندي رهيس، جيڪا کيس انهيءَ ڪري ڇڏي وئي جو هو ڏسي نٿو سگهي.
    مون کي هُن سان همدرديءَ هئي يا ٻيو ڪجهه، بهرحال اسين ڪافي سٺا دوست ٿي وياسين ۽ هر روز سمنڊ ڪناري ملندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هن جي گهر به ملاقات ٿيندي هئي.
    مون کي الائي ڇو ائين لڳڻ لڳو ته جيڪا همدردي مون کي هن سان پهرين هئي سا پيار ۾ بدلجي وئي هئي. آئون جنهن شام هن سان ڪونه ملندي هيس ته بي چين ٿيڻ لڳندي هيس.
    آئون اهو ته نه ڄاڻي سگهيس ته هن کي مون سان محبت هئي يا نه پر مون کي پنهنجي باري ۾ چڱي ريت خبر هئي.
    هڪ ڏينهن شام جو جڏهن آئون هن جي گهر پهتيس ته هن جا ٻئي هٿ مٽي سان لٿ پٿ هئا شايد هن وري مجسما ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
    “هي ڇا آهي توهان ڇا پيا ڪريو؟” مون پڇيو.
    “آئون بس..... مجسمو ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان. بس ڪنهن خوبصورت چهري جي ڳولا آهي. آئون پنهنجي آڱرين سان انهي چهري جي نقش کي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو پوءِ ئي اها ڪوشش ڪامياب ٿي سگهي ٿي.” هن مٽي ۾ هٿ ڦريندي چيو.
    مون کي هڪدم خيال آيو ته اهو مجسمو منهنجو هجڻ گهرجي “ڇا توهان منهنجو مجسمو ٺاهڻ چاهيو ٿا؟”
    “تنهنجو مجسمو؟”
    “ڇو آئون به ته سهڻي آهيان، توهان ڪڏهن محسوس ناهي ڪيو ڇا؟”
    “نه نه اهڙي ڳالهه ناهي هون به فرينچ مجسما ساز رودان چيو آهي ته دنيا جي ڪابه عورت جڏهن محبوب جي ٻانهن ۾ ايندي آهي ته اها حَسين ٿي ويندي آهي”
    “ته پوءِ ٺاهيو نه منهنجو مجسمو” مون پنهنجو چهرو هن اڳيان ڪندي چيو.
    هن آهستي آهستي چيڪي مٽي ۾ ٻُڏل هٿ منهنجي چهري ڏانهن وڌايا ۽ هن جون آڱريون پهرين منهنجي پيشاني کي ڇهنديون اکين، چپن ۽ کاڏيءَ ۽ پوءِ سڄي چهري تي ڪجهه گهڙين لاءِ مسافت ڪنديون رهيون.
    منهنجي چهري تي پهريون ڀيرو ڪنهن وجود ايتري دير تائين هٿ ڦيريا هئا. پوءِ مون چهري تي لڳل مٽي صاف ڪئي.
    هو هٿ هٽائي وري انهي بي جان ۽ بي شڪل مٽيءَ کي صورت ڏيڻ لڳو ۽ ڪجهه ئي وقت ۾ هن مٽي مان هڪ خوبصورت چهرو ٺاهي ورتو... ۽ آئون ڏسي حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته اهو مجسمو منهنجو نه بلڪه ڪنهن ٻي ڇوڪري جو هو.
    “ڪيئن ٺهيو آهي مجسمو؟” هن خوش ٿيندي پڇيو.
    “ تمام سٺو” ٻيو آئون چئي به ڇا ٿي سگهيس.
    مون اتان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. آئون هن کان موڪلائي اداسيءَ واري ڪيفيت ۾ جيئن ئي هن جي گهر جي در تي پهتيس ته سامهون اها ئي ڇوڪري بيٺل هئي، جنهن جو هن مجسمو ٺاهيو هو.
    آئون سمجهي ويس ته اها هن جي رچنا هئي، جنهن جو کيس انتظار هو ۽ جنهن جي شڪل اکيون نه هوندي به هُو ٺاهي چڪو هو.


    4. گُلن وارو

    آئون جنهن شهر ۾ نوڪريءَ ڪندي آهيان انهي کان گهڻي واقف ڪونه آهيان مونکي هن شهر ۾ ڪجهه ئي وقت ٿيو آهي، پر واقف ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. هتي اچي خبر پئي ته شهر هڪ جهڙا ڪونه هوندا آهن بلڪه هر شهر جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو رويو هوندو آهي. ائين هي شهر به پنهنجي رويي ۽ مزاج وارو آهي. هي شهر پنهنجي مزاج ۾ ڪافي رکو آهي بلڪه بي رحم آهي. هتي هر ماڻهو کي تڪڙ هوندي آهي تمام گهڻي تڪڙ ... ماڻهو کي هلندڙ بس ۾ چڙهڻو پوندو آهي ۽ هلندڙ بس مان لهڻو پوندو آهي. هر ماڻهو ٻئي کان گوءِ کڻڻ ٿو چاهي سڀني کي پٺتي ڇڏڻ ٿو چاهي. انهي ڪري هتي رشتا پٺتي رهجي ويا آهن. زندگي پوئتي رهجي وئي آهي. ماڻهو شايد اهو ٿا سمجهن ته وري صبح ڪونه ٿيندو، ٻيو ڏينهن ايندو ئي ڪونه. هتي هر ڪو ٻئي کي لتاڙڻ ٿو چاهي ۽ انهي ميڙ ۾ هڪ ڏينهن اهي به لتاڙجي ويندا، ڌوڙ ٿي ويندا.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪافي ڏهاڪا اڳ هي شهر ائين نه هو. هاڻ ته هي والاريل شهر آهي. دنيا جهان جا قبضاگير هتي اچي گڏ ٿيا آهن. جن شهر جي صورت ئي بگاڙي ڇڏي آهي. اڳ هتي سڪون هوندو هو. هاڻ گهر ساڳيا آهن پر گهرواسي مٽجي ويا آهن. آئون ته بس هتي نوڪريءَ ڪرڻ آئي آهيان ۽ روزگار لاءِ علائقي يا شهر کان اهم ته نوڪري هوندي آهي ۽ انهي کان به وڌيڪ اهم اهو پگهار هوندو آهي جيڪو هر مهيني ماڻهو کي ملندو آهي. هتي برسات ايتري ناهي وسندي پر جڏهن وسندي آهي ته ڪافي دير تائين وسندي آهي. آئون آسمان مان ڪرندڙ برسات جي بوندن جي سرگم کي ٻڌندي آهيان، دل کي سڪون ڏيندڙ آواز هوندو آهي پر برسات ۾ وهنجندي مونکي مزو ناهي ايندو، انهي ڪري پنهنجي فليٽ جي دري مان برسات کي وسندي ڏسندي آهيان. انهن ٻارن کي ڏسندي آهيان جيڪي مينهن مان مزو وٺندا آهن. انهن وڻن کي به جيڪي برسات جي ڦڙن ۾ وهنجي وڌيڪ نکري ويندا آهن. آئون انهن ماڻهن کي به ڏسندي آهيان جيڪي نه چاهيندي به برسات ۾ ڀڄي ويندا آهن. برسات جي هر بوند ڄڻ ته پاڻ سان زندگي کڻي ڌرتي جي پيشاني کي چمي ڏيندي آهي. سڄي شهر جون گليون ۽ لنگهه برسات جي پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن. ها جڏهن برسات ڪجهه جهڪي ٿيندي آهي ۽ رستن تان پاڻي آهستي آهستي گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي ته آئون واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهيان. ماڻهن کي ڏسندي آهيان انهن جا چهرا پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان جن تي عجيب خوف ڇانيل هوندو آهي.
    هتي منهنجي وڻندڙ جاءِ سمنڊ آهي .....سمنڊ.... ڪيڏي گهرائي آهي سمنڊ ۾، سمنڊ چاهي ته پاڻ ۾ سڀ ڪجهه سمائي سگهي ٿو. جيئن هن جي ڀاڪر ۾ آسمان سمايل آهي. ماڻهو هتي رڳو مزو وٺڻ لاءِ ايندا آهن، ڪو به سمنڊ سان ناهي ڳالهائيندو انهي کي پنهنجي دل جو حال ناهي ٻڌائيندو پر آئون سمنڊ سان ڳالهائيندي آهيان. ڏينهن ۾ ٿيل سموري وارتا سمنڊ آڏو بيان ڪندي آهيان. ڇو ته سمنڊ کي آئون پنهنجو دوست سمجهندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته سمنڊ کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان ۽ انهي مٿان شرارتون ڪندڙ ڪڪرن کي پنهنجي پرس ۾ رکي ڇڏيان ۽ جڏهن من چوي ته انهن سان راند کيڏان ۽ وري جڏهن سمنڊ تي واپس اچان ته انهن کي آسمان تي وکيري ڇڏيان پر آئون ته فقط انهن کي ڏسي ٿي سگهان ڇهي به نٿي سگهان. سمنڊ جي ماٺار ڪيڏو سڪون ڏيندي آهي، اها هتي اچي خبر پئي آهي. رات جو آئون آسمان تي تارن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان پر تارا اڪثر آسمان تان غائب رهندا آهن. جڏهن شهر جي بجلي ويندي آهي ۽ شهر کي اونداهي ٻکيندي آهي ته آسمان تي آهستي آهستي تارا ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن مون کي آسمان ڪنهن سهاڳڻ جي گج جيان لڳندو آهي، جنهن تي ستارا ٽوئنرن جيان ٽانڪيل هوندا آهن.
    منهنجي فليٽ جي سامهون واري فليٽ ۾ هڪ اڌڙوٽ عمر جو ماڻهو رهندو آهي. مونکي انهي جي باري ۾ گهڻي خبر ناهي بس هن کي ڏسندي آهيان، هو اڪثر پنهنجي فليٽ ٻاهران آرام ڪرسي تي ڪتاب يا اخبار پڙهندي نظر ايندو آهي. هن مون سان ڪجهه به ناهي ڳالهايو. بس آئون کيس سلام ڪندي آهيان ۽ هو ڪتاب ۾ کتل ڪنڌ مٿي کڻي ڪنڌ لوڏي جواب ڏيندو آهي پر سندس منهن تي سدائين سنجيدگي رهندي آهي. مون ڪڏهن به هن جي چپن تي مرڪ ناهي ڏٺي. خبر ناهي هو اڪيلو ڇو آهي؟ ڪڏهن به هن جي فليٽ تي ڪنهن ماڻهو کي ايندي نه ڏٺو اٿم. ها مونکي پاڙي مان خبر پئي هن جو پٽ جنهن ڏينهن هٿياربندن هٿان مارجي ويو هو، انهي ڏينهن کان هو ائين چپ آهي. هڪ ڏينهن منهنجي فليٽ جي لائيٽ خراب ٿي پئي هئي. هن جي فليٽ جو در کڙڪائي لائيٽ جي پڇا ڪئي هيم. تڏهن هن صرف پنهنجي منڍي فليٽ جي در مان ٻاهر ڪڍي ڪنڌ ذريعي ناڪار ڪئي هئي پر اکر نه ڪڇيو. پوءِ بس انهي ڏينهن کان پوءِ هن سان ڪو به رابطو نه ٿيو ۽ هو اتي ئي آرام ڪرسي تي نظر ايندو آهي. آئون جنهن رستي تان آفيس ويندي آهيان انهي جي سگنل تي هڪ ٻارڙو روز گل کڻي بيٺو هوندو آهي ۽ اهو مونکي گل وٺڻ لاءِ چوندو آهي. آئون انهي کان گل وٺندي آهيان، هن مونکي پهرين ڏينهن کان گل ڏيڻ شروع ڪيا هئا، گل ڏيڻ وقت هن جي چهري تي مرڪ ائين ظاهر ٿيندي آهي ڄڻ ته گل هن جي هٿن ۾ هينئر ئي ٽڙيا هجن. هو تمام سهڻو آهي جيئن سڀئي ٻار ٿيندا آهن پر هو ڳالهائي نٿو سگهي. مونکي ائين لڳندو آهي هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، اهو گلن وسيلي چوندو آهي. هو اسڪول ناهي ويندو بس هن جو وقت انهي سگنل تي گل کپائيندي گذري ويندو آهي. مونکي به هن کان گل وٺندي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي. سڄو شهر ڳالهائيندو آهي، گوڙ ڪندو آهي، بڪواس ڪندو آهي پر خبر ناهي ڪيترا ٻار هوندا جيڪي ڳالهائين ئي نٿا، ڪيڏو سٺو ٿئي ها جو هي سمورو شهر گونگو ٿي وڃي ۽ فقط ٻارن کي ئي زبان هجي جيڪي ماٺ آهن.
    هن شهر ۾ دهشتگردي جو راڄ به آهي. انهي ڪري هر ماڻهو جو ساهه ڄڻ ته مٺ ۾ هوندو آهي. خبر ئي ناهي پوندي ڪنهن پاسي کان ايندڙ گولي ڪنهن جي زندگي ختم ڪري ڇڏي. گولين جا آواز ۽ ماڻهن جو موت زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيندا آهن. دهشتگردي جي ڏانئڻ جڏهن شهر جي وجود ۾ پنهنجا ڪاڻيٺا کُپائيندي آهي ته پوءِ شهر جي رستن تي رت سان ريٽيل وجود نظر ايندا آهن. ڪنهن جو سهاڳ اجڙي، ڪو يتيم ٿئي، ڄڻ ته زندگي جي ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي. گولين سان پروڻ ٿيل ڪيترائي لاش اباڻن قبرستانن ڏانهن روانا ٿيندا آهن پر زندگي ۽ وقت ڪنهن لاءِ به ڪونه بيهندا آهن، زندگي جو ڪم ته گذرڻ آهي وري رستن ۽ گهٽين ۾ زندگي نظر ايندي آهي. ماڻهو مرندا آهن، وڇڙندا آهن ۽ زندگي هلندي رهندي آهي. گلن وارو ٻارڙو ڄڻ ته منهنجو دوست ٿي ويو آهي، جيتري دير به منهنجي گاڏي سگنل تي بيهندي آهي ۽ آئون هن سان ڪچهري ۾ لڳي ويندي آهيان. آئون هن جي اشارن جي ٻوليءَ ڪجهه ڪجهه سمجهڻ لڳي آهيان. پوءِ هن کان گل وٺي فليٽ تي گلدان ۾ سجائي رکندي آهيان ۽ ٻئي ڏينهن وري ٻيا گل انهي گلدان کي سينگاريندا آهن. منهنجي پلازا ۾ ته ماڻهو هڪ ٻئي کان ائين منهن موڙي هلندا آهن، ڄڻ دشمن هجن. انهي ڪري آئون هتي اڪيلائي جو شڪار آهيان پر ٻيو ڪو حل به ناهي انهي ڪري بس ڪوشش ڪندي آهيان ته گهمڻ ڦرڻ وڃان ۽ پنهنجي منهن نڪري پوندي آهيان، شهر جي گلين ۽ بازارن ۾ مونکي به خوف ٿيندو آهي ته ڪنهن ٽارگيٽ ڪلر جي گولي مونکي به لڳي سگهي ٿي پر ڇا ڪجي ائين فليٽ ۾ بند ٿي رهڻ مون کي وڻي ئي نٿو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آئون پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪپڙا خريد ڪري رهي هيس ته مون کي هن ننڍڙي ٻار جو به خيال آيو ته هن لاءِ ڪجهه وٺان پوءِ مون هن لاءِ به پينٽ شرٽ ورتا ۽ هو جڏهن ٻئي ڏينهن مون کي شام جو گل ڏيڻ آيو ته مون هن کي اهي پينٽ شرٽ ڏنا، پهرين ته هن انڪار ڪيو پر پوءِ جڏهن مون کيس زور ڀريو ته هن اهي ڪپڙا وٺي ڇڏيا. هن واعدو به ڪيو ته هو جلدي اهي ڪپڙا پائي مون کي ڏيکاريندو. انهي ڏينهن شام جو آئون آفيس ۾ هيس ته اوچتو تيز برسات شروع ٿي وئي. مون برسات جهڪي ٿيڻ جو انتظار ڪيو، جڏهن برسات جهڪي ٿي ته آئون ڊرائيور سان گهر لاءِ نڪري پيس. برسات سبب وري رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو هو پر آهستي آهستي گهٽجي رهيو هو.
    اسان جي گاڏي سگنل تي بيٺي مون هيڏانهن هوڏانهن هن ٻارڙي کي ڏسڻ لا نظرون ڦيرايون هو روڊ جي ٻئي پاسي ڪنهن کي گل وڪڻي رهيو هو، هن کي اهي ئي ڪپڙا پاتل هئا جيڪي مون کيس وٺي ڏنا هئا. هو انهن ڪپڙن ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. جيئن هن منهنجي گاڏي کي ڏٺو ته مون ڏانهن وڌڻ لڳو ته اوچتو اتي فائرنگ شروع ٿي وئي، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جنهن کي جتي وجهه مليو پئي اوڏانهن ٿي منهن ڪيائين.
    مون به خوف وچان ٻئي ٻانهون مٿي کي ڏئي گاڏي ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. ڪجهه دير ۾ فائرنگ بند ٿي پر ڪجهه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ماڻهن ۾ افراتفري پئجي وئي. مون پنهنجي ڪار جي در مان ڏٺو آس پاس ماڻهن جا لاش وکريل هئا ۽ هو گلن وارو ٻار به ٽارگيٽ ڪلر جي گولي جو کاڄ ٿي چڪو هو. هن جي هٿن مان گل ڪري روڊ تي وکري ويا هئا ۽ هن جي نازڪ جسم مان رت ڦڙو ڦڙو ٿي برسات جي پاڻي سان ملي رهيو هو. هو بي ست اتي ئي پيو هو، آئون هن کي ڏسڻ لاءِ ڪار مان لٿيس ٿي پر تيستائين پوليس ۽ ميڊيا وارا پهچي ويا جن سڄي علائقي کي گهيري ورتو ۽ آئون هن تائين نه پهچي سگهيس. پوءِ آهستي آهستي گاڏيون هلڻ لڳيون. منهنجي گاڏي به هلي پئي مون ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته هن ٻارڙي جي لاش کي پوليس وارا کڻي رهيا هئا ۽ هن جي هٿن مان ڪريل گل گاڏين هيٺيان لتاڙجي چڪا هئا.
    اڄ پهريون ڀيرو هن ٻاڙري هٿان مون کي گل ڪونه مليا. منهنجيون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، آئون اڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيس. اهو هن شهر ۾ پهريون موت هو جنهن منهنجي اکين ۾ لڙڪن جو سيلاب آڻي ڇڏيو هو. اڄ به آئون انهي سگنل وٽان گذرندي آهيان، دل چوندي آهي ته هو منهنجي گاڏي ويجهو اجهو اچي بيهندو ۽ مون کي گل اچي ڏيندو پر هاڻ اتي گلن وارو ناهي. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن اتان گذرندي مونکي هن جو گلن جيان ٽڙيل چهرو نظر ايندو آهي.


    5. نيڻ

    آئون روز انهيءَ ماڻهو کي شهر جي انهيءَ پراڻي لان ۾ ڏسندي هيس،جتي آئون شام جو واڪ ڪرڻ لاءِ ويندي هيس ۽ اُتي هر ماڻهو ڪجهه گهڙين لاءِ آرام ڪرڻ ايندو هو. اهو لان شهر جي پراڻي باغ ۾ هو. اُتي ٻارڙا پنهنجي مستي ۾ مگن هوندا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن راند ڪندي نظر ايندا هئا. مون کي انهي لان ۾ چهل قدمي ڪندي ڪافي عرصو ٿي چڪو هو. آئون اڪيلي ئي ڪجهه وقت گهاري هلي ويندي هيس. مون کي هن ماڻهو بابت ڪا به خبر نه هئي ته هو ڪير هو؟ نه ئي مون هن جي باري ۾ ڪنهن کان پڇيو ۽ نه وري ڪنهن مون کي هن جي باري ۾ ٻڌايو. هو منهنجي اچڻ کان اڳ ئي انهي بئنچ تي ويهي خاموشي سان ڪتاب پڙهندو هو، جتي آئون ڪجهه گهڙين لاءِ ساهي پٽيندي هيس پر هن کي منهنجي موجودگي جو ڄڻ ته احساس ئي ڪونه هوندو هو. هو وقفي وقفي سان ڪتاب مان نظرون ڦيرائي هڪ نظر آسپاس نهاري وري نظرون ڪتاب ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. مون کي هميشه ائين لڳندو هو ته هن جي چشمي پويان چمڪدار اکين ۾ ڪا ڪٿا لڪل هجي. چشمي جي ڪري هو ڪافي سنجيدو نظر ٿي آيو. هن جي مٿي ۽ هلڪي ڏاڙهي ۾ اڌواڌ اڇا وار واضح هئا. ڏاڙهي ترتيب سان ڪٽيل هئي،جيڪا هن جي چهري تي تمام سهڻي ٿي لڳي. اڪثر ڪري هو سگريٽ پيئندي به نظر ايندو هو.مون ڪئين ڀيرا ڪوشش ڪئي ته هن سان ڳالهائجي پر هو ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو ته گم هوندو هو جو دل کيس تنگ ڪرڻ لاءِ ڪونه چوندي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي دنيا ڪتاب ۽ اهو سگريٽ هو جيڪو اڪثر سندس سنهڙين آڱرين ۾ جهليل هوندو هو. مون هن کي هڪ ٻه ڀيرا لان جي مالهي سان ڳالهائيندي ڏٺو هو. ٻه ٽي ڏينهن هو انهي بئنچ تان غائب رهيو. مون مالهي کان پڇيو ته خبر پئي ته هو بيمار هو پر پوءِ هو ساڳي جاءِ تي نظر آيو.
    ٻئي ڏينهن مون کي هن سان ڳالهائڻ جو بهانو ملي ويو ۽ آئون انهي بينچ تي ويهي رهيس. انهي وقت به سندس نظرون ڪتاب ۾ کُتل هيون.
    “توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟” مون کانئس ڊڄندي ڊڄندي پڇيو.
    انهي وقت هن هڪدم ڪتاب مان نظرون ڦيرائي ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي ائين ڏٺو ڄڻ پڇي رهيو هجي ته مونکي هن جي طبيعت بابت ڪنهن ٻڌايو.
    “آئون ٺيڪ آهيان!” هن ڪجهه رکائي سان جواب ڏنو۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
    “آئون توهان کي روز هتي ڏسندي آهيان،مون کي ته توهان جي نالي جي به خبر ناهي پر الائي ڇو ائين لڳندو آهي ڄڻ توهان ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهيو پر...”
    “پر ڇا؟” هن منهنجي ڳالهه ڪٽي ڇڏي ۽ ڪتاب مان نظرون ڦيرائڻ بنا ئي مون کان سوال پڇي ورتائين.
    “پر شايد توهان کي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي،آئون انهي بابت ڪو دليل ته نٿي ڏئي سگهان پر مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي،ٿي سگهي ٿو آئون غلط هجان،شايد توهان وٽ ڪجهه آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪونه چئي سگهيا آهيو،ڪا ڪٿا آهي” آئون اها ڳالهه ڪري چپ ٿي ويس ۽ هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳيس.
    “ڪٿا! ڪٿا ته هر ڪنهن جي اندر ۾ هوندي آهي. هتي تون جيڪي ماڻهو ڏسي رهي آهين اهي پنهنجي اندر ۾ ڪا نه ڪا ڪهاڻي ضرور کڻي هلن ٿا ۽ انهي جو سرو ڪنهن ٻئي وجود سان جُڙيل هوندو آهي. باقي تون جيڪو منهنجي باري ۾ سمجهي رهي آهين اهو صحيح آهي “ هن ڪتاب جو پنو ورائيندي چيو.
    “آئون گذريل پنجويهه سالن کان هتي اچي رهيو آهيان. تون پهرين ڇوڪري آهين جنهن منهنجي باري ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي،منهنجو نالو ڪمال حسن آهي” هن اها ڳالهه ڪري ڪتاب بند ڪري ڇڏيو ۽ انهن ٻارڙن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي دنيا کان بي خبر راند ۾ مصروف هئا. هن جو نالو ٻڌي مون کي عجيب خوشي محسوس ٿي.
    “ڪمال حسن!مون سندس نالو خوشي واري انداز ۾ ورجايو،توهان اهي ئي ڪمال حسن آهيو نه،ناليوارا ڪهاڻيڪار! مون توهان جون ڪهاڻيون پڙهيون آهن ۽ بار بار پڙهيون آهن پر هاڻي ته ڪافي عرصي کان توهان ڪا نئين ڪهاڻي ناهي لکي، توهان ته هاڻ بلڪل به گم ٿي ويا آهيو.”
    منهنجي لاءِ اها خوشي جي ڳالهه هئي ته آئون هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار سان ويٺي کيس ٻڌي رهي هيس.
    مون هن جون جيڪي تصويرون ڏٺيون هيون اهي سندس جوانيءَ جون هيون جن ۾ هو ڪلين شيو هو.
    “ڪمال صاحب توهان هاڻ ڪهاڻيون نٿا لکو؟”
    ڪهاڻي!هن هلڪي آواز ۾ چيو “جڏهن ڪهاڻيڪار پاڻ ڪهاڻي بڻجي وڃي ته انهيءَ کان ڪهاڻي ناهي لکبي،بس ائين سمجهه ته اڄڪلهه ڪهاڻي مون کي لکي رهي آهي. اهي ڪهاڻيون به عجيب هونديون آهن. جڏهن ماڻهو چاهي دنيا جا سمورا رنگ ۽ خوشيون انهن ۾ وجهي ڇڏي ۽ جڏهن چاهي تڏهن پنن تي پنهنجو غم اوتي ڇڏي ۽ هر محرومي ڪردارن جي جهولي ۾ وجهي ڇڏي پر جيڪڏهن تو منهنجين ڪهاڻين کي غور سان پڙهيو آهي ته تو کي هر ڪردار جي وجود ۾ منهنجو عڪس سمايل نظر ايندو،آئون جيڪو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهيان، اهو مون پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن کي ڏنو آهي.” هو ماٺ ٿي ويو ۽ مون هن جي لهجي ۾ اداسيءَ جي تاثر کي محسوس ڪري ورتو.
    “ڇا آئون تنهنجو نالو پڇي سگهان ٿو؟” هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “آئون پرهه آهيان” مون چيو “توهان ڪجهه وڌيڪ پنهنجي باري ۾ ٻڌايو نه،مون توهان جا انٽرويوز پڙهيا آهن پر مون کي ائين لڳندو آهي اهي اڻپورا آهن. توهان کي ڏسي ائين لڳندو آهي، ڪا ڪهاڻي انهن اکين ۾ به آهي. جيڪا دنيا تائين ناهي پهتي. آئون اها ٻڌڻ چاهيان ٿي، جيڪا اڃا تائين ڪورن پنن جي وجود تي ناهي لٿي.”
    انهي مهل هن پنهنجي کيسي مان سگريٽ ۽ لائيٽر ڪڍيو، هن سگريٽ دکايو ۽ پنهنجي آڱرين ۾ جهلي پيئڻ لڳو.
    “ڇا رکيو آهي منهنجي ڪهاڻي ۾ .... ڪجهه به ناهي” هن سگريٽ جو ڪش هڻندي ڳالهه ڪئي. مون کي لڳو ته هو پاڻ تي طنز ڪري رهيو هو.
    “ڇا توکي اکيون پڙهڻ جو فن ايندو آهي؟” هن ڪجهه وقفي کان پوءِ پڇيو.
    منهنجي لاءِ هن جو سوال ڪجهه ڏکيو هو، هڪدم چئي ڏنم ته نه مون کي ناهي ايندو.
    “نه ائين ناهي توکي انهي فن کان ڪجهه واقفيت آهي نه ته گذريل پنجويهه سالن کان مونکي ڪنهن به اهو سڀ ڪجهه ناهي چيو جيڪو تون چئي رهي آهين. آئون هڪ هارايل وجود آهيان،مون زندگي ۾ گهڻو ڪجهه هارايو آهي،پاڻ کي بلڪه پنهنجي محبت کي به هارائي چڪو آهيان،هتي ته آئون ڪنهن جو انتظار ڪرڻ ايندو آهيان منهنجو هر پل خاص ڪري شام انتظار ۾ ٿي گذري، هاڻ ته آئون پنهنجا پير پيري ۾ پائي چڪو آهيان پر منهنجو انتظار اڃا به جوان آهي” هن اها ڳالهه ڪري سگريٽ اجهائي ڇڏيو ۽ آخري ڪش جو دونهن هن جي چپن جي واٽ وٺي هوا ۾ وکري ويو. شام پنهنجا قدم رات ڏانهن وڌائي رهي هئي ۽ لان جا بلب روشن ٿي چڪا هئا. مون کي اندازو ٿي چڪو هو ته هن کي سندس محبوبا جو انتظار هو.
    “منهنجي خيال ۾ مون کي هاڻ هلڻ گهرجي.” هو اٿيو ۽ آئون به اٿي بيٺيس. اسين ٻئي لان مان نڪري رستي تي آياسين ۽ آهستي آهستي خاموشي سان هلندا رهياسين، انهيءَ دوران نه ڪجهه هن ڳالهايو ۽ نه وري مون هن کان ڪجهه پڇيو ۽ هو مون کان موڪلائي هليو ويو. آئون انهيءَ رات رڳو ڪمال حسن بابت ئي سوچيندي رهيس ته هن جي زندگي سان جڙيل اهڙي به ڪهاڻي آهي، جيڪا هو اڃان ناهي لکي سگهيو. ٻئي ڏينهن هو مون کي ساڳي جاءِ تي مليو، جتي معمول موجب هو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ منهنجي اچڻ شرط ڪتاب بند ڪري ڇڏيائين.
    “ڪمال صاحب! آئون اڄ توهان جي پوري ڪهاڻي ٻڌي پوءِ ئي هتان وينديس.” مون ڪجهه حجت واري انداز ۾ چيو.
    “پر مون سوچيو آهي ته آئون اها ڪهاڻي نه لکندس ڇو ته آئون اها ڪهاڻي دنيا کي ٻڌائڻ نه ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون منهنجي باري ۾ ڪجه نه پڇين ها ته آئون توکي ڪجهه به نه ٻڌايان ها. انهن ڏينهن ۾ آئون يونيورسٽي جو شاگرد هئس، اهو منهنجي زندگيءَ جو يادگار زمانو هو، اتي ئي مون کي هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وئي ۽ هن کي مون سان پيار هو، اسين ٻئي ڪئمپس جي رستن تي زماني کان بي پرواهه ٿي هلندا هئاسين، منهنجيون شامون رنگين هيون ۽ راتيون صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ گذرڻ لڳيون. هن کي آئون مٺيءَ جي نالي سان سڏيندو هئس. دنيا کيس ڪهڙي نالي سان به سڃاڻي پر هوءَ منهنجي لاءِ مٺي آهي ۽ مٺي رهندي.”
    هن جڏهن پنهنجي محبوبا جو نالو چپن تي آندو ته هڪ دٻيل مرڪ هن جي چپن جا ڪنارا چمڻ لڳي.
    “شروع شروع ۾ ته هر وقت هن جون نگاهون مون کي ڳولينديون هيون. پوءِ آهستي آهستي هوءَ منهنجين ڪهاڻين جو حصو ٿي وئي، نه فقط ڪهاڻين جو حصو بلڪه منهنجي وجود جو حصو به بڻجي وئي. هن جي اکين ۾ آئون پنهنجا عڪس ڏسڻ لڳس ۽ مون کي لڳندو هو ته هن جو ڀاڪر ئي منهنجي پناهگاهه آهي، پر پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪجهه بدلجڻ لڳو، اسان ٻنهي ۾ وڇوٽيون ٿيڻ لڳيون، هن کي بس فيصلا ٻڌائڻ جي عادت هئي، هڪدم فيصلا ٻڌائڻ لڳي ويندي هئي، آئون ڪڏهن سمجهي نه سگهيس ته هوءَ ائين ڇو ڪري رهي هئي.” هو چپ ٿي ويو، انهيءَ مهل مون ڏٺو ته ڪمال حسن جي چهري تي اداسي ۽ غم جون آڏيون ڦڏيون لڪيرون اڀري رهيون هيون.
    “ڇا هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي هئي؟” مون پڇيو.
    هن پنهنجو چشمو لاٿو ۽ هڪ آهه ڀريندي چيو “هوءَ چوندي هئي کيس ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي ۽ آئون هميشه هن کي انهيءَ خوف مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. هميشه هن جي فيصلن آڏو جهڪي ويندو هئس، هر ملاقات ۾ ائين ئي لڳندو هو ته اها اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿيندي. هوءَ لمحن ۾ فيصلا ٻڌائي هلي ويندي هئي ۽ آئون هن اڳيان انهيءَ ڪري ڪو نه ڪڇندو هئس ڇو جو مون کي خبر هوندي هئي ته هوءَ مون ڏانهن ئي ورڻي آهي، پر هاڻ الئه ڪٿي گم ٿي وئي آهي. انهيءَ عرصي دوران سڀ ڪجهه بدلجي ويو، نه بدليو ته فقط منهنجو انتظار. اسين آخري ڀيرو هتي ئي مليا هئاسين ۽ هن مون کي وري هتي ئي ملڻ لاءِ چيو هو پر گذريل پنجويهه سالن کانپوءِ منهنجو هر لمحو انتظار ۾ گذري ٿو.” هن وري چشمو اکين تي چاڙهي ڇڏيو.
    “توهان کي ائين نٿو لڳي ته توهان جو انتظار بي معنيٰ آهي؟ مون پڇيو.
    “نه بلڪل به بي معنيٰ ناهي. هو مون کي وقت ڏئي دير سوير ايندي ضرور هئي پر هن دفعي ڪجهه وڌيڪ دير ٿي وئي آهي، مون هن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجي حياتي هن جي ڳولا ۽ انتظار ۾ ته گذري رهي آهي پر هن کي منهنجي دل کانسواءِ ٻي ڪهڙي بهتر پناهگاهه ملي سگهي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن هن جا رويا مون کي اهو احساس ڏيارڻ لڳندا هئا ته آئون صليب تي ٽنگيل آهيان، جتان منهنجو رت ڦڙو ڦڙو ڪري وهي رهيو آهي، آئون سدائين هن وٽ محبت جو سرو ڳولڻ ويندو هئس ۽ هوءَ هميشه مون کي فيصلن جي ڌاڳن ۾ منجهائي ڇڏيندي هئي ۽ آئون چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس.” هو وري ماٺ ٿي ويو ۽ کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايائين ۽ آرام آرام سان ڪش هڻڻ لڳو.
    “ڇا هو توهان جي لفظن کي به اهميت ڪونه ڏيندي هئي، منهنجو مطلب آهي توهان جي زبان مان نڪتل لفظ بي معنيٰ ته نٿا ٿي سگهن؟”
    “لفظ ڇا هوندا آهن؟” هو طنز ڪري رهيو هو. “مون وٽ هن کي سمجهائڻ لاءِ هزارين دليل، سوين لفظ، ڪهاڻيون قصا هئا پر جيڪڏهن ڪو انهن لفظن کي اهميت ئي ڪونه ڏيندو ته انهن جي ڪهڙي معنيٰ هوندي؟ حالانڪه هن کي اها به خبر هئي ته مون کي زخمي ڪرڻ لاءِ لفظ ئي ڪافي هئا ۽ جڏهن آئون هن کان ڌار ٿيڻ جو سوچيندو هئس ته الڳ نه ٿي سگهندو هئس ڇو ته هن جا لڙڪ مون کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هلڪڙي مرڪ به ماضي جي هر تڪليف ڀُلائي ڇڏيندي هئي، پر هوءَ منهنجن لڙڪن کي ڪڏهن به ڪو نه سمجهي سگهي.” هن سگريٽ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، جنهن جو ڦلو آهستي آهستي رک بڻجي رهيو هو. مون سندس اکين کي غور سان ڏٺو، مون کي لڳو ته جيڪڏهن هن جي محبوبا کيس هنن لمحن ۾ ملي وڃي ته هن جي اکين ۾ لڪل ڳوڙهن جو طوفان وهي ويندو. هن جي نيڻن ۾ ڪنهن ٻار جي اکين جهڙي معصوميت نظر پئي آئي.
    “آئون هميشه سوچن وسيلي خوبصورت خواب اڻندو رهيس، اهي خواب جيڪي رڳو اسان جي ننڍڙي دنيا لاءِ هئا، مون کي ياد آهي ته اسين سڀئي موڪلون گذاري واپس موٽيا هئاسين، جڏهن آئون ڪئمپس ۾ داخل ٿيس ته منهنجي من ۾ هڪ عجيب خواهش جنم ورتو ته آئون ڪجهه دير لاءِ انڌو ٿي وڃان ۽ جيئن هوءَ منهنجي سامهون اچي ته اکين جو نور واپس اچي وڃي ته جيئن سڀني کان پهرين آئون هن کي ئي ڏسان ۽ جڏهن آئون هن سان مليس ته هن کي ڪا به خوشي محسوس نه ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته محبت هڪ پڃرو آهي، سهڻو سنهري پڃرو جيڪو ڏسڻ ۾ ڪافي خوبصورت آهي پر انهيءَ جو قيد ساڳيو آهي ۽ پوءِ قيد جو ڪو رنگ تي ناهي ٿيندو.” مون ڏٺو انهيءَ وقت هن معصوم ماڻهو جي چهري تي ڪرڀ ڇائنجي رهيو هو.
    “مون هڪ فيصلو ڪيو آهي ته مرڻ کانپوءِ آئون پنهنجيون اکيون عطئي طور ڏئي ڇڏيان، ٿي سگهي ٿو منهنجين اکين وسيلي ٻيو ڪير هن کي ڏسي سگهي ۽ منهنجيون اکيون ئي هن کان سوال ڪري سگهن ته هن مون کي انتظار جي ڪرڀ ۾ ڇو مبتلا ڪيو؟”
    مون کي ڪمال حسن جي اها ڳالهه حيران ڪندڙ ۽ وڻندڙ لڳي ته مرڻ کانپوءِ به هو انهيءَ عورت کي ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو، جنهن کيس اڪيلائي جي ڪُن ۾ لوڙهي ڇڏيو. “آئون سمجهندو هئس ته آئون سندس آئينو آهيان پر اهو سڀ غلط فهمي هئي. هوءَ منهنجي دل جي ڪشڪول ۾ پيار جا ڪجهه به سڪا نه وجهي سگهي، منهنجي حياتي انهيءَ آس تي گذري وئي ته هوءَ هڪ ڏينهن ضرور ايندي پر هاڻ لڳي ٿو ته مون وٽ ايترو وقت ناهي بچيو، بس اها ئي منهنجي ڪهاڻي آهي، جنهن جي فقط توکي ئي خبر آهي، ٻيو انهيءَ کي جنهن کي اڄڪلهه منهنجي خبر ناهي!” اهو چئي هو اٿي هليو ويو ۽ آئون کيس آهستي آهستي قدمن سان ويندي ڏسي رهي هئس.
    ٻئي ڏينهن مون کي پنهنجي نابين ماءُ جي علاج جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر سان ملڻو هو. منهنجي ماءُ هڪ حادثي ۾ اکيون وڃائي چڪي هئي ۽ ڊاڪٽر انهيءَ انتظار ۾ هئا ته آپريشن لاءِ ڪٿان به اکيون مليون ته منهنجي ماءُ کي روشني ملي ويندي. انهيءَ شام آئون ڪمال حسن سان نه ملي سگهيس ۽ ٻئي ڏينهن ڪمال حسن جي موت جي خبر اخبار ۾ پڙهيم ته منهنجين اکين مان بي اختيار لڙڪ وهي آيا. ڇاڪاڻ جو هو انتظار ڪندي ئي هن دنيا مان هليو ويو پر آخري گهڙين تائين کيس پنهنجي محبوبا نه ملي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي ماءُ جي اکين جو آپريشن ٿيو ۽ هن جي اونداهي زندگي ۾ روشني وري آئي. مون کي ڊاڪٽر ئي ٻڌايو ته منهنجي ماءُ جن اکين سان هي جهان ڏسي رهي آهي، اهي ڪمال حسن جون اکيون آهن. مون فيصلو ڪيو پنهنجي ماءُ کي هن جي قبر تي ضرور وٺي وينديس. جنهن جو موت سندس زندگي ۾ روشني جو ڪارڻ هو.
    هڪ شام جڏهن آئون پنهنجي ماءُ سان قبرستان پهتيس، جنهن جي مٽيءَ هيٺ هڪ معصوم ۽ عظيم ڪهاڻيڪار دفن ٿيل هو. منهنجي ماءُ جي نظر جيئن ئي ڪمال حسن جي ڪتبي تي پئي ته هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي ۽ هن جا ڳوڙها قبر جي مٽيءَ ۾ جذب ٿي رهيا هئا، هوءَ پنهنجي هٿن سان قبر جي مٽيءَ تي هٿ ڦيرائڻ لڳي. مون کي ائين لڳو ته منهنجي ماءُ هن کي ورهين کان سڃاڻندي هجي. پوءِ آئون سمجهي ويس ته ڪمال حسن جي مٺي منهنجي ماءُ ئي هئي. جنهن جو هو آخري لمحن تائين انتظار ڪندو رهيو. منهنجي ماءُ هن معصوم ڪهاڻيڪار جي قبر کي هن جي ئي اکين سان ڏسي رهي هئي. جنهن پنهنجي دل ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻي عورت کي پناهه نه ڏني.


    6. عڪس

    هن کي آئينو ڏسڻ کان ڊپ ٿيندو هو، انهيءَ ڪري عرصي کان هُن پنهنجي شڪل آئيني ۾ ڪونه ڏٺي هئي. جڏهن به هن کي وار ٺهرائڻا هوندا هئا ته هو حجام کي گهر گهرائيندو هو ۽ انهيءَ کي بنا آئيني جي سنوارت ڪرڻ لاءِ چوندو هو. جڏهن سندس دوست هن جي شڪل بابت مذاق ڪندا هئا ته بظاهر هو خوش نظر ايندو هو پر حقيقت ۾ دوستن جي چرچن کيس وڌيڪ احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو هو. هن کي پنهنجي بدصورتيءَ جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن هن يونيورسٽي واري دور ۾ پنهنجي ڪلاس فيلو سان محبت جو اظهار ڪيو، کيس اڄ به انهي ڇوڪريءَ جا چيل لفظ ياد آهن، جنهن کان هن جي اظهارِ محبت تي کل نڪري ويئي هئي ۽ هِن هُن کي چيو ته “پنهنجي شڪل آئيني ۾ ڏٺي اٿئي، آئيني ۾ شڪل ڏسين ته اهو به ڀڄي پوي” انهي ڏينهن کانپوءِ ڇوڪريءَ جا چيل لفظ سندس دماغ ۾ ڦرڻ لڳا هئا ۽ هڪ ڏينهن هو آئيني ۾ پنهنجي شڪل جو جائزو وٺي رهيو هو ته اوچتو کيس ڇوڪريءَ جا چيل لفظ ياد آيا ۽ هو اڃا چڱي ريت پاڻ کي آئيني ۾ ڪونه ڏسي سگهيو هو ته اوچتو آئينو ٽڪرا ٽڪرا ٿي هٿن مان فرش تي ڪري پيو، ڪجهه دير لاءِ ته هو بلڪل به وائڙو ٿي ويو پر ٻئي لمحي هن سوچيو ته اهو فقط هڪ اتفاق ئي ٿي سگهي ٿو. فرش تي آئيني جا ٽڪرا پنهنجي اندر هن جو ئي عڪس سمائي وکريا پيا هئا. هاڻي ته کيس يونيورسٽي جي تعليم پوري ڪئي عرصو ٿي چڪو هو ۽ هڪ آفيس ۾ نوڪريءَ به ڪري رهيو هو. آفيس ۾ هن جو ڪو به دوست نه هو، بس جيئن ڪم ختم ٿيندو هو ته فليٽ تي وري ايندو هو ۽ هن انهن دوستن سان به ملڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪي هر وقت هن جي شڪل متعلق چرچا ڪندا هئا.
    هڪ ڏينهن جڏهن صبح جو هو آفيس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته غسل خاني ۾ منهن ڌوئڻ وقت پنهنجي چهري کي آئيني ۾ ڏٺائين، ڪجهه ئي لمحن ۾ اهو آئينو به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ سڄو ڏينهن آفيس ۾ انهي حادثي بابت سوچيندو رهيو. پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هن انهي حادثي کي فقط هڪ اتفاق ئي سمجهڻ ٿي چاهيو پر وري خيال آيس ته اتفاق مسلسل ڪونه ٿيندا آهن. انهي کانپوءِ هن پنهنجي صورت آئيني ۾ ڪونه ڏٺي هئي ۽ پنهنجي بدصورتي لڪائڻ لاءِ هن ڪجهه ڏاڙهي به ڇڏي ڏني هئي پوءِکيس اهو وهم ٿي پيو ته جيڪڏهن هاڻي هن پنهنجي شڪل آئيني ۾ ڏٺي ته مري ويندو. انهي ڪري بس ۾ سفر ڪندي به احتياط ڪندو هو ته آئيني ۾ نه ڏسي.
    هو جنهن فليٽ ۾ رهندو هو،انهي جي سامهون واري فليٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ سان شفٽ ٿي هئي،کيس اها خبر نه هئي ته اها عورت ڪير آهي ۽ ڇا ڪندي آهي؟ هواڪثر ڪري ٻارڙيءَ کي چاڙهين تي راند ڪندي ڏسندو هو، ٻارڙيءَ کيس ڏسي مرڪندي هئي ۽ هو به چهري تي ڦڪي مرڪ آڻي کيس ڏسي گذري ويندو هو.
    هڪ ڏينهن هو پنهنجي فليٽ تي ٽي وي ڏسي رهيو هو ته ٻارڙي فليٽ جو در کليل ڏسي اندر هلي آئي.
    “تو اندر ڪيئن آئينءَ؟” هن هڪدم پڇيو، ٻارڙي ڪجهه دير مرڪي پوءِ جواب ڏنو.
    “دروازي مان” ٻارڙي هن جي ڀر ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ لڳي.
    “چاچا توهان کي ڪارٽون وڻندا آهن؟” ٻارڙي پنهنجي معصوم آواز ۾ پڇيو.
    “ها!وڻندا آهن” هن ننڍڙي جي دل رکڻ لاءِ ها ڪري ڇڏي.
    “پوءِ چاچا ڪارٽون وارو چئنل لڳايو نه” ٻارڙي اسرار ڪيو.
    هن ٻارڙي جي خواهش جو احترام ڪندي چئنل تبديل ڪري ڇڏيو. ٻارڙي ڪارٽون ڏسي لطف اندوز ٿيڻ لڳي.
    ايتري ۾ ٻارڙي جي ماءُ کيس سڏ ڪيو”عائشه، عائشه” ٻارڙي جي ماءُ ٻارڙيءَ کي ڳوليندي فليٽ اندر هلي آئي.
    “عائشه تون هتي ويٺي آهين،آئون توکي هيٺ چاڙهين تي پئي ڳوليان.” ماءُ کي ڏسندي ٻارڙي سندس پاسو جهليو.
    “معاف ڪجو عائشه توهان کي تنگ ڪرڻ لاءِ هلي آئي”عورت ڪجهه شرمسار ٿيندي چيو.
    “نه نه اهڙي ڳالهه ناهي” هن چيو.
    “توهان هتي اڪيلا رهندا آهيو؟” عورت گهر جو جائزو وٺندي پڇيو.
    “ها في الحال ته اڪيلو رهندو آهيان.” هن جواب ڏنو.
    “توهان جو نالو؟ عورت پڇيو.
    “ عابد..... عابد علي “
    “آئون سيما آهيان” اهو چئي هوءَ عائشه سان ٻاهر نڪري ويئي، هڪ شام جڏهن هو گهري ننڊ ۾ ستل هو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، هو اکيون مهٽيندي اٿيو،اوٻاسيون ڏيندي اڌ بند ۽ اڌ کليل اکين سان هن جيئن ئي هن در کوليو ته در تي عائشه بيٺل هئي ۽ هن جي هٿن ۾ ننڍين اکين واري خوبصورت گڏي هئي، عائشه بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي اندر هلي آئي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
    “چاچا توهان کي چاڪليٽ وڻندا آهن؟” عائشه پڇيو.
    “نه آئون چاڪليٽ ڪونه کائيندو آهيان.” هن هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيندي جواب ڏنو.
    “مون کي جام وڻندا آهن پر امان منع ڪندي آهي.”
    “ڇو منع ڪندي آهي؟”
    “بس!امان چوي ٿي آئون چاڪليٽ کائي کائي ٿلهي ٿي وينديس،چاچا! آئون ٿلهي ته ڪونه آهيان نه؟”
    “نه بلڪل نه” عائشه جي معصوم ڳالهين کي ٻڌي هن کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ٻار زندگيءَ ۾ خوشين کي جنم ڏيندا آهن.
    “چاچا توهان منهنجي گڏيءَ ڏٺي آهي؟”عائشه گڏي هن ڏانهن وڌائيندي پڇيو.
    “ها سٺي آهي، بلڪل تو جهڙي آهي.” هن گڏي ڏسي عائشه کي واپس ڪري ڇڏي.
    “عائشه تون چاڪليٽ کائيندينءَ؟” عائشه ڪنڌ لوڏيندي ها ڪئي ۽ پوءِ هو عائشه کي چاڪليٽ وٺي ڏيڻ لاءِ دڪان تي وٺي ويو ۽ جڏهن هو عائشه کي هنج تي کڻي موٽي رهيو هو ته عائشه جي ماءُ در تي پريشان بيٺل هئي. سيما جيئن ئي عائشه کي هن جي هنج تي ڏٺو ته چيائين “اڇا ته هيءَ توهان سان آهي” هن عائشه کي هنج تان لاٿو ۽ ماءُ حوالي ڪيو. انهي ڏينهن کانپوءِ ننڍڙي عائشه هن جي اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ هن سان روز ملڻ ايندي هئي. جنهن ڏينهن عائشه ڪجهه دير ڪندي هئي ته کيس بيچيني ٿيڻ لڳندي هئي. هن کي عائشه ئي ٻڌايو هو ته سندس ماءُ هڪ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي ۽ عائشه به ساڳئي اسڪول ۾ هئي. هڪ ڏينهن سيما پريشانيءَ واري حالت ۾ هن جي فليٽ تي آئي ۽ چيائين “عائشه کي تيز بخار آهي، توهان ڪجهه دير لاءِ هن وٽ ويهو آئون ڊاڪٽر کي وٺي ٿي اچان.”
    “توهان تڪليف نه ڪريو، آئون ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان.”هن جو لهجو ڪافي همدرديءَ وارو هو. هو تڪڙيون وکون کڻندو ڊاڪٽر ڏانهن ويو ۽ ڪجهه دير ۾ ڊاڪٽر کي وٺي سيما جي گهر ويو، جتي سيما عائشه کي مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکي رهي هئي. ڊاڪٽر عائشه کي ڏسي ڪجهه دوائون لکي هليو ويو. انهي دوران هو سيما کان عائشه جي طبيعت بابت پڇندو رهيو.
    هڪ ڏينهن سيما هن وٽ آئي ۽ چيائين ته “عائشه توهان کي ياد پئي ڪري” هو عائشه کي ڏسڻ ويو، سيما ساعت ۾ هن لاءِ چانهه ٺاهي آئي ۽ پوءِ پلنگ تي ويهي عائشه جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي.
    “توهان به مون وانگر اڪيليون رهنديون آهيو؟ منهنجو مطلب آهي ته توهان جو گهر وارو” اهو سوال ٻڌي سيما جو چهرو ڪجهه ڏکارو ٿي ويو.
    “ها آئون به اڪيلي آهيان،عابد صاحب جيڪو وقت اسان کي رشتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيندو آهي. اهو ئي وقت اسان کي رشتن جي زنجيرن مان آجپو به ڏياريندو آهي، منهنجي مڙس مون کي طلاق ڏئي زال واري رشتي کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.”
    سيما جي اها ڳالهه ٻڌي هن چپن ڏانهن وڌندڙ ڪوپ کي روڪي ڇڏيو ۽ ڪوپ پاسي تي رکي ڇڏيائين.
    “عابد صاحب!جڏهن ماڻهوءَ ۾ تڪليف سهڻ جي سهپ ناهي هوندي ته اهو لڙڪ وهائڻ لڳندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو تڪليف برداشت ڪرڻ جو عادي ٿي ويندو آهي ته لڙڪ اکين مان ڪو نه وهندا آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي سڪي ويا هجن.” هن سيما کي غور سان ٻڌيو ۽ پڇيو.
    “توهان جي علحيدگيءَ جو سبب؟”
    “سبب؟ “سيما جي چهري تي هڪ طنزيه مرڪ ظاهر ٿي..... “سبب نه هجن ته به پيدا ڪرڻا پوندا آهن، منهنجي مڙس کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ٿي ويئي. هن مون کان شادي جي اجازت گهري،اجازت نه ڏيڻ جي صورت ۾ هن طلاق لفظ ٽي دفعا چئي منهنجي وجود تي طلاقيل عورت جي مهر هڻي ڇڏي. بس هاڻ ته عائشه ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهي پر الائي ڇو شاديءَ جهڙي تلخ تجربي مان گذرڻ کانپوءِ به اهو احساس ٿيندو آهي ته عورت کي مڙس جي پناهه ۾ هجڻ گهرجي.” هو سيما جون ڳالهيون ٻڌي فليٽ تي هليو آيو، اها هن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن اجنبي عورت سان ڊگهي ۾ ڊگهي ڪچهري هئي.
    ٻئي ڏينهن عائشه ماءُ سان گڏ هن جي فليٽ تي آئي ۽ عائشه هن کان چاڪليٽ جي فرمائش ڪئي، هن عائشه لاءِ ورتل چاڪليٽ عائشه کي ڏنا ۽ پوءِ عائشه ميگزين کڻي انهيءَ کي ڏسڻ لڳي ۽ چاڪليٽ به کائيندي رهي. سيما هن سان ڪچهري ڪرڻ لڳي.
    “عابد صاحب لڳي ٿو توهان گهر جي صفائي جي معاملي ۾ ڪافي لاپرواهه آهيو.” سيما ڇت جي ڪنڊن ۾ جمع ٿيل ڄارن کي ڏسندي چيو.
    “ها! مڙئي سستي جي ڪري” هن جواب ڏنو.
    “ته پوءِ ٺيڪ آهي آئون سڀاڻي گهر جي صفائي ڪري ڇڏينديس.”
    “نه نه توهان هرو ڀرو تڪليف نه ڪريو آئون انهي ماحول ۾ رهڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان.”
    “عابد صاحب! توهان کي شايد خبر ناهي ته گهر ۾ ڄارن جو هجڻ سٺو سنئوڻ ناهي،سڀاڻي آئون توهان جي گهر کي ضرور صاف ڪنديس.”
    هو سيما کي وڌيڪ منع نه ڪري سگهيو. ٻئي ڏينهن جڏهن سيما هن جي گهر جي صفائي ڪري ورتي ته کيس سڄي گهر ۾ هڪ به آئينو نظر نه آيو. تڏهن سيما هن کان پڇيو “ڪمال آهي، توهان جي گهر ۾ هڪ به آئينو ناهي” هو ڪجهه پريشان ٿي ويو ۽ چيائين “بس ائين ئي مون کي آئيني جي ضرورت نٿي پوي ۽ هونئن به آئينو خوبصورت ماڻهن لاءِ هوندو آهي.”
    “عابد صاحب! آئينو ته هر ڪنهن لاءِ هوندو آهي. ڪير ڪهڙو آهي؟ ڪيئن آهي؟ اهو آئينو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۽ توهان کي ڇو ٿو لڳي ته توهان سهڻا نه آهيو.” هن کي سيما جا اهي لفظ ٻڌي ڪافي حيرت ٿي ته سيما کي هن جي بدصورتي ڇو نٿي نظر اچي. شايد انهي ڪري جو هوءَ پاڻ خوبصورت هئي.
    “عابد صاحب!اڄ مون کي توهان سان خاص ڳالهه ڪرڻي آهي” سيما وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “ڏسو هڪ مرد لاءِ ته اڪيلي سر زندگي گذارڻ ايڏي ڏکي ناهي، جيتري ڪنهن عورت لاءِ هوندي آهي. اڪيلي عورت ڀلي ڪيڏي به شرافت جي زندگي گذاري پر تڏهن به انهي تي زماني جون آڱريون کڄنديون رهنديون آهن ۽ آئون پنهنجي ڌيءَ کي پيءُ جي شفقت ڏيڻ چاهيان ٿي، انهي ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته آئون وري شادي ڪريان.” هن کي سيما جو اهو فيصلو ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي.
    “ها ٺيڪ آهي ۽ هونئن به عورت مرد وٽ ئي محفوظ رهي سگهي ٿي پر اهو ڪير آهي؟”
    “بس آهي ڪير انهي سان آئون توهان کي سڀاڻي ملائينديس. بلڪه انهي جي تصوير توهان کي ڏيکارينديس.”
    ٻئي ڏينهن سيما هن وٽ شام جو ڪا پيڪ ٿيل شيءِ کڻي آئي ۽ سيما هن کي چيو ته “هن ۾ آهي انهي ماڻهو جي تصوير جنهن سان آئون شادي ڪرڻ ٿي چاهيان، هاڻ توهان اکيون بند ڪريو ۽ جڏهن آئون چوان ته اکيون کولجو. هن سيما جي چوڻ تي اکيون بند ڪيون. سيما پيڪ تان پنو لاٿو ۽ هن کي اکيون کولڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ چيائين “هيءَ آهي انهيءَ جي تصوير” هن جيئن ئي اکيون کولي پنهنجو عڪس سيما جي هٿن ۾ جهليل آئيني ۾ ڏٺو ته سندس دل بيهي رهي ۽ آئينو سيما جي هٿن مان ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. سيما وائڙي ٿي آئيني جي ڀڳل ٽڪرن کي ڏسڻ لڳي، سيما ڊڄندي ڊڄندي هن جي چهري کي هٿ لاٿو ته هن جو ڪنڌ لڙي پيو. سيما اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ۽ سندس اکين مان وهندڙ لڙڪ آئيني تي ڪرڻ لڳا. جنهن جي هر ٽڪر ۾ هن جو عڪس هو.


    7. لِيڪو

    هُو رات سمهي نه سگهيو، اڄ صبح جيئن ئي هُو ڪچي ننڊ مان جاڳيو ته کيس جسم ۽ مٿي ۾ هلڪو سُور محسوس ٿي رهيو هو. هُو ڪافي عرصي کان بارڊر تي ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. جتي کيس ورهين کان سُتل بارڊر تي اکيون کولي رکڻيون پونديون هيون ۽ تمام ٿورو وقت ننڊ ڪرڻ لاءِ ملندو هئس. هُو روز صبح جو انهن پکين کي پنهنجن آکيرن مان اڏامندي ڏسندو هو جيڪي دنيا کي لڪيرن سان ورهائيندڙن ۽ لڪيرن جي چوڪيداري ڪندڙن جي ڪنهن به حڪم جا پابند ڪونه هئا. ڪڏهن ڪڏهن هن جي دل چوندي هئي ته هو به ڪو پکي هجي ها ته ائين ئي فضا ۾ اڏامندي ڪيترائي ماڳ مڪان ڏسي ها پر اهو ته فقط خواب هو جيڪو اڃا تائين سندس اکين ۾ پلجي رهيو هو. هن کي ته بس سرحد تي بندوق تاڻي دشمن جي حرڪت کي ڏسڻو هو جتان رات ڏينهن گولين جا آواز سندس ڪنن ۾ گهڙي اندر ۾ بي چيني پيدا ڪندا هئا.
    هو اتي اڪيلو ته ڪونه هو بلڪه ڪيترائي ٻيا فوجي به مختلف چوڪين ۾ پنهنجي حياتي بارود ۽ بندوق سان گڏ سنڀالي گذاري رهيا هئا. اڄڪلهه بارڊر تي ڪجهه وڌيڪ ڇڪتاڻ هئي ۽ ڪافي جهڙپون ٿي رهيون هيون. هن جي چوڪيءَ ۾ ٻيا به سپاهي هئا پر هن جي فقط هڪ ئي سپاهي سان لڳندي هئي. جيڪو هر وقت پنهنجي اک دشمن فوج جي هر ننڍي وڏي حرڪت تي رکندو هو. هن لاءِ گوليون هلائڻ ته ڄڻ ڪا ٻاراڻي راند هئي. هو هن سان ڪچهري ڪندو هو ۽ هو به مختلف ماڻهن جون اهلون ڪري کيس کلائيندو هو.
    پرئين ڀر هڪ ڳوٺ هو ۽ ڳوٺ بارڊر تي هجڻ ڪري هنن جي گولين کان محفوظ نه هو پر تڏهن به اتي جا ماڻهو پنهنجي زندگي اهڙين ڏکين حالتن ۾ گذاري رهيا هئا. هو پنهنجي چوڪي ۾ ويهي صبح واري چانهه پي رهيو هو ۽ سندس ذهن گذريل سال ٿيل جهڙپ ڏانهن وري ويو، جنهن ۾ هن هٿان هڪ ٻار مارجي ويو هو ۽ انهي ڏينهن کان هن کي پنهنجي نوڪري ۽ پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي.
    جڏهن به ڪجهه گهڙين لاءِ ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته سندس اکين آڏو رت ۾ ٻڏل انهي ٻار جو لاش اچي ويندو هو ۽ هو هڪدم اکيون کولي ڇڏيندو هو. هن کي خبر هئي ته بندوق جي نالي مان نڪرندڙ گولي انڌي هوندي آهي ۽ اها ڪنهن به ماڻهوءَ جي معصوميت کي ڪونه ڏسندي آهي پر گولي هلائيندڙ انڌو ناهي هوندو،هن لاءِ اهو وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو ۽ انهي ڪري هو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندو هو.
    کيس لڳندو هو ته هو فقط ماڻهو مارڻ لاءِ هتي موڪليو ويو آهي. انهي واقعي کي وسارڻ لاءِ هن سپاهي سان ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي.
    “رات واري جهڙپ ته ڪافي زوردار هئي، تنهنجو هٿ ته رائيفل جي ٽريگر تان هٽيو ئي ڪونه ٿي”هن چيو.
    “بس سر!دشمن کي جواب ته ڏيڻو آهي نه “
    “هڪ ڳالهه ٻڌائي توکي گولي هلائيندي ڪڏهن رحم ايندو آهي؟” هن مرڪندي پڇيو.
    “سر توهان کي ته خبر آهي جنهن سپاهي کي رحم ايندو هجي انهي کي ڊڄڻو چئبو آهي ۽ اسان کي ته بس اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته بارڊر تي موجود ملڪ جا فوجي دشمن آهن ۽ انهي ڪري منهنجيون آڱريون هر وقت رائيفل جو ٽريگر دٻائڻ لاءِ تيار رهنديون آهن” اها ڳالهه ڪري هو رائيفل جي نالي مٿان لڳل هدف مان ڏسڻ لڳو.
    هن کي خبر هئي ته سپاهي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي،ڇاڪاڻ ته هر فوجي جو مقصد ٻئي فوجي کي مارڻ يا وري امرتا ماڻڻ هوندو آهي.
    هن وڌيڪ سوال نه ڪيا ۽ دوربين مان نظرون ڇاڻيندي سرحد کي ڏسڻ لڳو جتي ڪابه چرپُر نظر نه آئي ۽ ڀر واري ڳوٺ ۾ ماڻهو ڪم ڪار سان لڳل هئا. انهيءَ مهل چوڪي ۾ ميجر داخل ٿيو. هن کيس هڪدم سليوٽ ڪيو.
    ميجر هنن جو انچارج هو ۽ شڪل شبيهه جو بڇڙو،سندس مٿي تي رهيل سهيل وار هميشه پگهر جي ڪري چهٽل رهندا هئا ۽ کاٻي اک هيٺيان زخم جو نشان هو۽ دُهل جهڙي پيٽ کي سدائين بيلٽ ذريعي دٻائي رکندو هو.
    “ڪئپٽن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نه” هن پچيو
    “يس سر!اڃا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي،دشمن جي هرحرڪت جو جائزو ورتو پيو وڃي” هن جواب ڏنو.
    “ها ائين ئي ٿيڻ گهرجي رات واري جهڙپ ۾ اسان جا ڪجهه سپاهي زخمي ڪيا اٿن. ڪتن کي چُرڻ جي مهلت به نه ڏيو،اڄڪلهه ڪجهه وڌيڪ ڀونڪڻ لڳا آهن. ڪير به هجي انهي کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو.” ميجر وٽ دشمن فوج لاءِ ڪافي ڪروڌ هو. هُو ڪجهه دير جائزو وٺي هليو ويو.
    هن کي ميجر کان پهريون ڀيرو نفرت تڏهن ٿي، جڏهن هڪ ڀيرو ميس ۾ ماني کائيندي ميجر کيس ٽوڪيندي چيو ته “توکي ههڙي ماني گهر ۾ به ڪونه ملندي هوندي” اهو جملو ڄڻ ته گرم گولي بڻجي هن جي دل ۾ لهي ويو هو.
    “هي ميجر سمجهندو آهي ته هو جڏهن ٻين فوجين کي ڪتو چوندو آهي ته ڇا اهي اسان کي فرشتو چوندا هوندا. “ هن وري ڪچهري شروع ڪري ڏني.
    “سر ائين ته آهي پر هاڻ هتي اچي ويا آهيون ته فرض ته نڀائڻو آهي.”
    کيس لڳندو هو ته اها بهادري ناهي، ڇاڪاڻ ته اُهي سڀ بارود جي ڍير تي ويهي ۽ پنهنجن ڪلهن تي بندوق تاڻي معصوم ماڻهن جي زندگين جو ڏيئا اجهائي رهيا هئا. هن کي ائين لڳندو هو ته جبلن ۾ ڪوئن وانگر ٻرون ٺاهي ويهي رهڻ سان ڪو به سورهيه ناهي ٿي ويندو.
    هو اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪري چڪو هو ته لانگ بوٽن هميشه بيگناهن ۽ معصوم ماڻهن کي چيڀاٽيو آهي هن کي خبر هئي ته تاريخ ۾ ڪنهن فوجي جا لانگ بوٽ انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪونه وڌيا آهن ڇو ته بظاهر ته هر فوجي پنهنجن ماڻهن کي بچائيندو آهي پر پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هن کي پنهنجا هٿ ٻين انسانن جي رت ۾ رڱڻا پوندا آهن ۽ ٻنهي پاسي انسانن جو ئي خون وهندو آهي.
    “تنهنجي خيال ۾ دهشتگرد ڪير هوندو آهي”هن ڪجهه ساعت کان پوءِ سپاهي کان سوال پڇيو.
    “سر اهو ئي جيڪو ماڻهن ۾ دهشتگردي پکيڙي، ماڻهو ماري هٿيارن وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ خوف پکيڙي”
    “پوءِ انهي حساب سان ته اسين به دهشتگرد آهيون نه اسين به ماڻهن کي قتل ڪندا آهيون،انهن کي ڊيڄاريندا آهيون. جارج برنارڊ شا پنهنجي ڊرامي “آرمز ائند دا مين” ۾ لکيو آهي ته هر ڏهن فوجين مان نو بيوقوف هوندا آهن پر آئون چوان ٿو ته ڏهن مان ڏهه ئي بيوقوف هوندا آهن.”
    “سر! اڄ هي توهان ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو؟”
    “ها توکي به اهي ڳالهيون عجيب لڳنديون هونديون.”
    “ڇا توهان کي ڌرتي لاءِ وڙهندي امر ٿيڻ جي خواهش ناهي.”
    “نه آئون معصوم ماڻهن کي بي دردي سان قتل ڪري امر ٿيڻ نٿو چاهيان نه ئي مون کي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري تمغا حاصل ڪرڻ جو شوق آهي.”
    “سر پوءِ توهان آرمي ۾ ڇو آيا؟ توهان کي ته اسڪول ۾ استاد يا فلاحي اداري ۾ هجڻ گهرجي ها”هن صلاح ڏيندي چيو.
    “بس يار منهنجي پيءُ جي خواهش هئي ته فوج ۾ ڀرتي ٿيان پر هتي اچي خبر پئي ته اسان جا حاڪم رڳو اسان کي استعمال ڪندا آهن،ڪڏهن ڌارين خلاف ته ڪڏهن پنهنجن جي سينن تي ئي گولين هلائڻ جو حڪم ڏيندا آهن.”
    “سر ائين ته ناهي فوج ته هميشه دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي آهي. “
    “تون ته ڪو صفا درويش آهين. ڇا تو کان اهو خطو وسري ويو؟ اهي ته اسان جا دشمن ڪونه هئا پر فوجين جا هٿ انهن جي سسين لاهڻ لاءِ ۽ معصوم عورتن جي لڄ لٽڻ لاءِ وڌيا هئا. انهي وقت اهو خطو لانگ بوٽن هيٺ لتاڙجي رهيوهو. آئون پاڻ کي خوشقسمت ٿو سمجهان ته آئون انهن آپريشنز ۾ ڪونه هئس. اڄ به انهن گهٽين ۾ انهن ماڻهن جو رت سُڪل آهي، جن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ ڪيترن معصوم ٻارن جون دانهون انهن گهٽين ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ گونجيون هونديون. تڏهن اسان پنهنجو وحشي چهروانهن آڏو ظاهر ڪيو هو. هن کي لڳو ته هو ڪجهه وڌيڪ جذباتي ٿي رهيو آهي ۽ ماٺ ٿي ويو.
    انهي مهل هڪ سپاهي چوڪي ۾ آيو ۽ هن کي هڪ لفافو ڏئي ويو. جنهن ۾ سندس مڱيندي جو خط هو. جنهن سان هو ڪيتري عرصي تائين ڪونه ملي سگهيو هو۽ هن جا خط هن وٽ انهن پهاڙن جي چوٽين تي به کوڙ سارو فاصلو طئي ڪري پهچي ويندا هئا،هن خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو.
    “پرين!
    سدائين کلندو رهين، عرصو ٿيو آهي تو منهنجي ڪا به سار ناهي لڌي، ڇا توکي وسري وئي آهيان يا وسارڻ ٿو چاهين. انهي ڪري خط نٿو لکين. تون ڪيئن آهين انهن بندوقن ۽ بارود جي گهيري ۾ ته توکي بلڪل به آرام ڪونه ايندو هوندو پر آرام ته مون کي به ناهي. اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته بارڊر تي ڪافي ڇڪتاڻ آهي. توکي ياد آهي ته تو چيو هو ته پاڻ اهڙي هنڌ گهر ٺهرائينداسين جتان نديءَ کي وهندي ڏسي سگهون، انهي جي موسيقي ٻڌي سگهون. مون کي انهي وقت جو تمام گهڻو انتظار آهي پر اڄڪلهه ته ڄڻ نديءَ جي وجود ۾ ساهه ئي ناهي. شايد انهي نديءَ کان وڌيڪ اسانجي اکين ۾ پاڻي آهي ۽ هتان جي هر اک کي نديءَ وهڻ جو انتظار آهي. تو چيو هو ته هاڻ جڏهن تون ايندين ته چانڊوڪي رات ۾ مون سان هٿ هٿ ۾ ڏئي نديءَ ڪناري دير تائين وک وک سان ملائي هلندين، تون ڪڏهن ايندين؟ شايد تڏهن جڏهن نديءَ جي واري جيڪا سج جي تپش ۾ جلندي رهي ٿي. انهي کي زندگي ملي وڃي ۽ نديءَ پنهنجي مستي ۾ مگن ٿي وهڻ لڳي. انهي کان اڳ جو اسانجي اکين ۾ بچيل پاڻي به سُڪي وڃي تون هليو اچ” تنهنجي.....
    هو خط پڙهي ڪجهه اُداس ۽ پريشان ٿي ويو. هن جي اکين آڏو سندس مڱيندي جو چهرو ڦرڻ لڳو.
    “سر ڇا ٿيو گهر ۾ سڀ خير آهي نه؟سپاهي پڇيس.
    “ها سڀ ٺيڪ آهي”
    ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو هو ته سرحد جو هي ليڪو جنهن تي هو بيٺل هو اهو ڌرتي جي سيني تي نه پر ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي آهي ۽ جيستائين اهو ليڪو انهن جي دلين ۽ دماغن تان نه ڊهندو، تيستائين هي بارود ۽ گولين جي جنگ جاري رهندي ۽ جنگ رڳو پنهنجي بدصورت چهري ذريعي تباهي آڻيندي آهي. هن کي لڳو ٿي ته حاڪمن ماڻهن جي دلين تي ليڪا ڪڍي ڇڏيا آهن. جن انسانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هو فيصلو ڪري چڪو هو ته آرمي ڇڏي ڏيندو ۽ هو انهن ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪندوجيڪي ڏاڍ اڳيان جهڪن نٿا. هن جو سڄو ڏينهن عجيب ڇڪتاڻ ۾گذريو ۽ نيٺ شام ٿيڻ لڳي،سج ٽڪرين مٿان آهستي آهستي ٿڌو ٿيڻ لڳو،انهي وقت وري فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ پوءِ فائرنگ وڌندي وئي،ٻنهي پاسي فضا ۾ گولين جا آواز گونجڻ لڳا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ۾ خوف ڇانئجي ويو ۽ اهي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا.
    هن پنهنجي پوزيشن سنڀالي ۽ ميجر به هن جي چوڪيءَ ۾ پوزيشن سنڀالي جتان کان دشمن کي ۽ ڳوٺ کي نشانو بنائڻ آسان هو. هن فائر شروع ڪيا.
    ميجر ڪئپٽن کي چيو ته ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ۽ ٻار توڙي جوانن کي نشانو بنائي هن ميجر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن فائرنگ کان انڪار ڪري چڏيو.
    “يو بلڊي جونيئر اٽ از ماءِ آرڊر! ڀلي ٻار آهن ته ڇا ٿيو اسان لاءِ صرف دشمن آهن. “
    “ساري سر! آئون ائين نٿو ڪري سگهان” هن انڪار ڪيو.
    فائرنگ مسسل هلندي رهي،ميجر جي اکين ۾ هن لاءِ رت لهي آيو ۽ هن ٻئي پاسي وڃي مورچو سنڀاليو،انهي مهل ڪئپٽن جي پٺي کي هڪ گولي سندس جسم چيريندي آرپار ٿي وئي، هو اتي ئي ٺري پيو. هن آخري سُڏڪو ڀريو ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. اها گولي ڪنهن ٻئي جي نه پر ميجر جي بندوق مان نڪتل هئي، ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪئپٽن جي امر ٿيڻ جي خبر عام ٿي وئي.


    8. فساد

    ايوڌيا کان ايندڙ ٽرين ۾ هندن جي مارجڻ کانپوءِ وڳوڙين گجرات رياست ۽ احمد آباد ۾ مسلمانن لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏي هئي. احمد آباد جو سڄو شهر قبرستان پئي لڳو. هر گهٽيءَ ۾ لاش وکريل هئا ۽ گهٽي جي دنگ تائين لاشن جون ڊگهيون قطارون هيون. شهر ۾ وڳوڙي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماري رهيا هئا، جتي ڪٿي چچريل جسم نظر اچي رهيا هئا. ڪنهن مهل شهر تي ڊگهي خاموشي طاري ٿي ٿئي وئي پر اوچتو ئي وڳوڙين جا ٽولا گهرن ۾ ڪاهي پوندا هئا ۽ وري شهر لاشن کي پناهه ٿي ڏنائين. هر گهر ۾ ماتم متل هو، ماڻهن کي پنهنجي پاڇي ۾ به وڳوڙين جون شڪليون ٿي نظر آيون، ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ڪو هو موت کي مات ڏئي شام جو گهر واپس موٽي ايندو ۽ جيڪڏهن ڪو ڏينهن جو موت جي راڪاس کان بچي ٿي ويو ته رات کيس موت جي هنج ۾ سمهاري ڇڏيندي هئي. شهر جا رستا رت سان رنڱيل هئا ۽ ڪيترن ئي روڊن تي بيگناهه ماڻهن جي رت جا تهه چڪا هئا. لاشن جي بو هر هنڌ پکڙيل هئي. ڪيترن ماڻهن لاش ڏسي منهن ڦيري ٿي ورتو پر لاشن جون اڻ کٽندڙ قطارون هيون، ماڻهن جي نگاهه هڪ لاش کان هٽي ٿئي ته ٻئي لاش جو عڪس اکين ۾ ٿي جرڪيو. رات ڏينهن هڪ ٿي چڪا هئا، ڇو ته ڏينهن ڏٺي به وڳوڙين ڪئين ماڻهن کي قتل پئي ڪيو پر رات وڌيڪ ڊڄاريندڙ هئي، رات جي تاريڪي ۾ وڳوڙي ڪات ۽ ڪهاڙا کڻي ماڻهن کي قتل ۽ انهن جي جوان ڇوڪرين جي لڄ لٽڻ لاءِ پهچي ٿي ويا.
    ڪئين ڪنواريون ڇوڪريون پيٽ سان ٿي چڪيون هيون ۽ ڪئين ٻار مائرن جي پيٽ ۾ زخمي ٿيا ۽ سندن مائرن جا پيٽ ئي انهن لاءِ قبرون بڻجي ويا. رات ڪيترين ئي حياتين کي ڳڙڪائي ٿي وئي، جنهن ڪري شهر جا قبرستان ڏينهون ڏينهن وسيع ٿي رهيا هئا پر گهڻائي اهڙا هئا، جن کي قبر جي مٽي ۽ ڪفن به نصيب نه ٿيو. اخبارون چچريل لاشن ۽ لڄ لٽيل عورتن ۽ رک ٿي ويل گهرن جي خبرن سان ڀريل هيون. بيگناهه ماڻهن جا لاش اخبارن جي زينت بڻيل هئا. اخباري مالڪن جا پيٽ ڀرجڻ لڳا، ماڻهن جي موت جون خبرون سڀني اخبارن وڏين وڏين سرخين ۾ ٿي ڇاپيون، هزارين ماڻهن مختلف ڪئمپن ۾ پناهه ورتي، جن کي موت اڃا ڇُهي نه سگهيو هو.
    هڪ ڪئمپ احمد آباد جي اترين پاسي به لڳائي ويئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن پناهه ورتي، اتي موجود هر ماڻهو جي دل ۾ وڳوڙين کان بدلي وٺڻ جي باهه ٻري رهي هئي پر ڪنهن کي به همت نٿي ٿي.
    اڄ صبح جو محمد علي ڪئمپ ۾ فجر جي نماز پڙهي، دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ وڳورين کي پٽڻ لڳو. “اي رب انهن کي برباد ڪري ڇڏ، تون هنن کي بخش نه ڪجان،” اهو چئي هن دعا پوري ڪئي، محمد علي شهر جي هڪ مسجد جو پيش امام هو، هن جي ٻنهي پٽن کي وڳوڙين ڇرين جا وار ڪري ماريو هو ۽ انهن جا لاش مسجد ٻاهران اڇلائي ويا. هڪ رات جڏهن هو سومهڻي جي نماز پڙهائي گهر ڏانهن موٽي رهيو هو ته هن جو گهر باهه ۾ سڙي اڱارا ٿي چڪو هو، جنهن ۾ هن جي زال ۽ ٻيا گهر ڀاتي ڦلهيار ٿي ويا. تنهن کانپوءِ هن جي اکين ۾ وڳوڙين لاءِ رت لهي آيو ۽ ڪا به اهڙي نماز نه هئي، جنهن ۾ هن وڳوڙين کي نه پٽيو هجي.
    ڪئمپ ۾ اڪرم چريو به هو. جيڪو انهن ئي فسادن دوران چريو ٿيو هو، اڪرم چريي جي ڌيءَ کي وڳوڙين هن جي اکين آڏو ماريو هو، تنهن کانپوءِ هن کي ڪو به هوش نه هو. پنهنجي ڌيءَ جي موت کانپوءِ هن پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر نيٺ هو ذهني سگهه وڃائي ويٺو. انهي کانسواءِ هن کي ڪير به سهارو ڏيڻ وارو نه هو، سندس زال آڳاٽي گذاري چڪي هئي، هو سڄي ڪئمپ ۾ هر وقت ڦيرا پيو ڏيندو هو ۽ سندس ڪڇ ۾ پنهنجي ڌيءَ جي ٺاهيل گڏي هئي، جنهن کي هر وقت پاڻ سان رکندو هو ۽ انهي سان ئي راند پيو ڪندو هو. ڪنهن مهل انهي گڏي کي لولي ڏئي سمهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پوءِ جڏهن گڏي جون اکيون کليل ڏسندو هو ته پنهنجن هٿن سان ٿيپڙڻ لڳندو هو. هو ڪئمپ ۾ هر وقت پنهنجي ڌيءَ کي ڳوليندو هو. “تون منهنجي ڌيءَ آهين” هو ڪنهن ڇوڪريءَ کي گلي لڳائي سوال ڪندو هو، “ٻاهر نه نڪرجان ٻاهر ڪتا ويٺا آهن توکي کائي ويندا” هو ڪيترين ئي ڇوڪرين جي مٿي تي هٿ رکي انهن کي شفقت ڀريل نظرن سان ڏسندو هو ۽ انهن جي ئي چهرن ۾ پنهنجي ڌيءَ جو چهرو ڳوليندو هو. زليخا جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪئمپ جي چائنٽ تي پير رکيا هئا، زليخا جي مٿي تي هٿ رکي هو چوندو هو ته “تون منهنجي ڌيءَ آهين نه؟ تنهنجي گڏي ڏس مون سنڀالي رکي آهي.” اڪرم چريو ڪنهن مهل ماڻهن کي وڏي آواز ۾ ڇڙٻون ڏيندو هو،”اوهين هنن کي گرفتار ڪندا يا نه جن منهنجي ڌيءَ کي ماريو آهي” زليخا اڪرم چريي کي سهارو ڏئي اٿاريو ۽ هن کي هڪ جاءِ تي سمهاري ڇڏئين.
    زليخا تي مسلسل ماٺ ڇانيل هئي. هو هميشه گوڏن تي مٿو رکي ڪجهه نه ڪجهه سوچيندي رهندي هئي پر ڪنهن ڪنهن مهل اڪرم چريي جي رڙ خاموشي جي ٺاهيل گهر کي هڪ ئي ڌڪ سان ڊاهي ڇڏيندي هئي، هو گهڻو ڪري پنهنجي انهي ساهيڙي بابت سوچيندي هئي، جنهن جي ڇاتين ۽ جسم جي ٻين عضون تي چاقن جا جهير ڏنل هئا، هن زليخا جي اکين آڏو اسپتال ۾ دم ڏنو هو. جيڪا هن کان اڃا تائين نه وسري هئي، يا سندس مائٽن جا لاش اکين آڏو ڦرندا هئا. زليخا جي ڪئمپ ۾ پهچڻ جو سبب هن جي مائٽن جو موت هو، هڪ ڏينهن زليخا جڏهن گهر موٽي رهي هئي ۽ جيئن ئي گهر ۾ گهڙي هن جي ماءُ پيءُ جا لاش گهر جي اڱڻ ۾ پيل هئا. پوءِ هن اها رپورٽ به ٿاڻي تي لکرائي پر پوليس انهي واقعي کي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيو. پوءِ هو ڪئمپ هلي آئي. هر ماڻهو هن جي خاموشي کي محسوس ڪندو هو پر هن کي ڪنهن جي پرواهه نه هئي. هو مسلسل گوڏي تي مٿو رکي ويٺي هوندي هئي ۽ هن جي ذهن ۾ سوچن جو سيلاب اٿل ڏيندو هو، جڏهن هو ڪئمپ ۾ ٻارن کي راند ڪندي ڏسندي هئي ته هن جي خشڪ چپن تي ڦڪي مرڪ ظاهر ٿيندي هئي.
    ڪئمپ ۾ سڪينه به هئي. جنهن کي وڳوڙين مڙس اڳيان اگهاڙو ڪري لڄ لٽي به پوءِ هن جي مڙس کي مٿي ۾ سريا هڻي ماري ڇڏيو ۽ سڪينه کي اگهاڙو ڇڏي ڀڄي ويا. هن مڙس کي بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر نه بچائي سگهي، ڪئمپ ۾ هو پنهنجي چئن ورهين جي پٽ کي راند پئي ڪرائيندي هئي پر ڪيڏي مهل هن جون نظرون مڙس جي انهي لاش تي ڄمي ٿئي ويون، جنهن جو ميڄالو سريا لڳڻ ڪري ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي هن جي پٽ وڌيڪ ڦلهورڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، انهي مهل هو ڇرڪي ٿي پئي. هن جو پٽ گهر هلڻ تي ضد ڪندو هو ۽ هن کي ماٺ ڪرائڻ لا چوندي هئي ته پٽ جلدي هلنداسين.
    عنايت خاتون ڪئمپ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ آئي هئي، جنهن جي ننهن پيٽ سان هئي ۽ وڳوڙين انهي کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ سندس پٽ رستي ۾ ئي موت جي ور چڙهي ويو، جنهن جو لاش شام جو گهر پهتو. تنهن کانپوءِ عنايت خاتون ايترو رني جو هن جي اکين جو نور چٽ ٿي ويو، پوءِ هن کي ڀاءُ ڪئمپ وٺي آيو، جتي هو پنهنجي مرڻ لاءِ دعا گهرڻ لڳي پر موت هن کي اڃا نصيب نه ٿيو هو.
    نوجوان ڇوڪرين مان ڪيتريون اهڙيون هيون، جيڪي پنهنجيون لڄون بچائي نه سگهيون ۽ گهڻن کي اهو خوف هو ته اهي هتي غير محفوظ آهن، وڳوڙي ڪنهن وقت به ڪئمپ تي حملو ڪري سگهيا ٿي. زينت ڪلهه ئي هن ڪئمپ ۾ شامل ٿي هئي، جنهن جو مڙس ماستر هو ۽ هن کي سندس ئي گهر ۾ وڳوڙين ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي هئي پوءِ زينت جي لڄ لٽي هن جي نازڪ عضوي تي ڏنڀ ڏئي کيس بيهوش ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏهن زينت کي هوش آيو ته هو ڪئمپ ۾ هئي، جتي هن جي چوڌاري ڪيترائي اوپرا چهرا هئا، زينت جي شادي کي اڃا 3 مهينا ئي مس ٿيا هئا ۽ مڙس کي لڳل ڪهاڙين جا ڌڪ هو پاڻ به محسوس ڪندي هئي.
    ڪئمپ ۾ ڪافي زخمي به هئا، جن جو انڌومنڊو علاج ٿي رهيو هو، گهڻين ماين ڪئمپ ۾ ئي ٻار ڄڻيا ۽ گهڻيون ئي موت حوالي ٿيون. وڳوڙي رام جي نالي تي ماڻهن جو رت وهائي رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي ڪئمپن تي وڳوڙين جي حملن جون خبرون به اچي رهيون هيون ۽ اتان ڇوڪرين کي اغوا ڪري مندرن ۾ زوري شاديون رچايون ويون. ڊاڪٽر احمد علي کي انهي ڪري زهريلي انجيڪشن هڻي ماريو ويو، ڇاڪاڻ ته هن زخمين جو علاج پئي ڪيو. رات جي ڪاراڻ سڄي شهر جي گهٽين ۾ ائين پکڙجي چڪي هئي، جيئن وڳوڙي شهرين کي مارڻ لاءِ شهر جي هر گهٽي ۾ پکڙيل هئا. شهر جون بتيون روشن ٿيڻ لڳيون، زليخا کي رات ٿيڻ جو ڪو خاص احساس نه ٿيو، اڪرم چريو وري اٿيو ۽ ڪئمپ ۾ روشن ٿيل بتين ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو “اسان کي روشني گهرجي. ڪٿي آهي روشني؟ ها! هي روشني آهي... اهڙي روشني گهرجي، منهنجي ڌيءَ جي گڏي لاءِ ٿوري روشني گهرجي.... ۽ ها ڪجهه انڌن کي به روشني گهرجي، جيڪي انسان جي وهندڙ رت کي نٿا ڏسن، منهنجي ڌيءَ جي رت کي نٿا ڏسي سگهن.” هو زليخا ڏانهن وريو، ته ڪئمپ ۾ اوچتو ڀاڄ پئجي ويئي، هر ماڻهو کي پنهنجي سر جي اچي لڳي، ڪئمپ ۾ وڳوڙي ڪاهي پيا ۽ ڪئمپ تي حملو ٿي ويو. هنن جي رستي ۾ جيڪو آيو ٿئي، ته ڪات، ڪهاڙن انهن جي جسمن مان ساهه جي ڏوري ڌار ٿي ڪري ڇڏي. زليخا گهٻرائڻ لڳي، اڪرم چريي کي زليخا ٻانهن مان جهلي ڀڄڻ جي ڪئي پر هو اتان نه چريو ۽ اهو تماشو ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ٿلهي ۽ گنجي وڳوڙي زليخا جي چني ۾ هٿ وجهي چني سرڪائي ورتي، هو خوف ۾ پيلي ٿي ويئي، اڪرم چريي جي چهري تي ڪئين ڪاوڙ جون ريکائون اڀرڻ لڳيون، هن زليخا کي ڇڏائڻ لاءِ وڳوڙي جي گلي ۾ هٿ وڌا، وڳوڙي پنهنجا هٿ زليخا مان ڍارا ڪيا ۽ هن جو تيز ڌار وارو خنجر اڪرم چريي جي سسيءَ تي ڦري ويو ۽ هن جي رڙ نڙي ۾ ئي اٽڪي پئي. سندس ڪڇ ۾ پيل گڏي هيٺ پٽ تي ڪري ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي وئي ۽ هن جو هٿ پنهنجي ڌيءَ جي گڏي تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ڪيترن ئي پيرن هيٺ چيڀاٽجي زخمي ٿي پيو پر گڏي تائين نه پهچي سگهيو ۽ هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.
    زليخا ڪئمپ کان ٻاهر نڪري ڊوڙڻ لڳي، پر هن کي ائين لڳو ته ڪير سندس پٺيان اچي رهيو آهي، هو شهر جي ويران رستن تي مسلسل ڊوڙندي رهي، پوءِ ڊوڙندي ڊوڙندي هو پريان ڪچي آبادي ڏانهن نڪري آئي، هن جون وکون آهستي ٿيڻ لڳيون. ڪچي آبادي ۾ لائيٽ نه هجڻ ڪري مڪمل اونداهي هئي، هو ڊجندي هڪ اهڙي بند گهٽي ۾ داخل ٿي جتان نڪرڻ جو گس نه هو، هو بند گهٽي جي ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهي، اڃا هن تي خوف طاري هو ۽ اڪرم چريي جي موت وارو منظر هن جي اکين آڏو ڦرڻ لڳو، انهي مهل هو سڄي ڏڪي ٿئي وئي. ڪجهه دير کانپوءِ هن جي ساهه جڏهن هڪ سريکا ٿيا ته هن محسوس ڪيو ته گهٽي جي ٻنهي پاسي گهرن جون قطارون آهن، گهر جي درين جي ٽٽل تاڪن مان بتين جي جهيڻي روشني ظاهر ٿي رهي هئي پر اها ايتري نه هئي جو گهٽي کي روشن ڪري سگهي. هن جي ساڄي هٿ تي پهريون گهر هو جيڪو هن کي بلڪل ويجهو هو پر انهي مان ڪا به روشني ٻاهر نٿي آئي، پگهر هن جي جسم کي آلو ڪري ڇڏيو هو، هن پنهنجيون ٻئي ٻانهون ڇاتي تي ڏئي ڇڏيون. هن کي اهو ڊپ ٿيڻ لڳو ته ڪو ماڻهو گهر مان نڪرندو ۽ هن کي ماري ڇڏيندو. هن پنهنجيون نظرون انهي بند گلي ۾ ڊوڙايون پراتي ڪير به موجود نه هو، پريان کان ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز آيو پئي، ايتري ۾ ڪنهن جي پيرن جو آواز هن جي ڪنن تي پيو، هن محسوس ڪيو ته انهن پيرن جو رخ انهي گلي ڏانهن آهي، ڪجهه دير کانپوءِ گهٽي ۾ روشني ٿيڻ لڳي، هن کي لڳو ته وڳوڙي هتي پهچي ويا آهن پر گهٽي ۾ هڪ پوڙهي ظاهر ٿي، جنهن جي هٿ ۾ بتي هئي. جيڪا زليخا جي ويجهو ٿيندي وئي، اها پوڙهي انهي گهر جي در کي اچي بيٺي جيڪو زليخا کي ويجهو هو، زليخا خوف وچان ڀت ۾گهڙڻ لڳي ۽ انهي دوران اتي چرپر ٿي پوڙهي بتي کي هيڏانهن هوڏانهن گهمايو ته بتي جي روشني زليخا جي چهري تي وڃي پئي. پوڙهي جيئن ئي بتي کڻي زليخا ڏانهن وڌائي ته پوڙهي جو گهنجن سان ڀريل چهرو ظاهر ٿيو ۽ زليخا جي چهري تي خوف وچان اڀري آيل پگهر جا ڦڙا بتي جي روشني ۾ چمڪڻ لڳا.
    “تون ڪير آهين؟” پوڙهي اوريان ايندي پڇيو، زليخا جي چهري تي خوف جا پاڇا لهندا ۽ چڙهندا ويا. هن کان آواز نٿي نڪتو.
    “آئون توکي ڪجهه ڪونه ڪنديس،”پوڙهي هن کي آٿت ڏيندي چيو،” تون منهنجي ڌيءَ جهڙي آهين،” پوڙهي ائين چئي وڌيڪ ويجهو ٿيندي وئي ۽ هن زليخا جي مٿي تي هٿ رکي کيس گهر هلڻ لاءِ چيو.
    “تون گهٻرائي نه، هليا منهنجي گهر هل توکي ڪجهه ڪونه ٿيندو” زليخا جو ڊپ ڪجهه گهٽ ٿيو ۽ هو اٿي بيٺي، پوڙهي گهر جو در کوليو ۽ هن کي اندر اچڻ لاءِ چيو. زليخا گهٻرائيندي اندر آئي ۽ گهر کي وائڙي ٿي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ پوڙهي زليخا کي کٽ تي ويهڻ لاءِ چيو، هو گهٻرائيندي کٽ تي ويٺي پوڙهي مائي هن لاءِ پاڻي آندو، هن پاڻي هڪ ساهي ۾ ختم ڪيو.
    “تون ڪير آهين؟ ۽ هتي ڪيئن پهتي آهين؟” زليخا ڪو به جواب نه ڏنو ۽ پوڙهي کي ڏسندي رهي، پوڙهي زليخا کان وري پڇيو
    “تون هتي ڪيئن پهتين؟”
    “آئون... آئون ... ڪئمپ ۾ وڳوڙي اچي ويا هئا، آئون اتان ڀڄي نڪتي آهيان ۽ .. ۽” ... هن جا لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيا، ڪجهه دير لاءِ ٻئي ڄڻيون ماٺ رهيون.
    “تون ويهه آئون تنهنجي لاءِ ماني کڻي اچان.” ساعت ۾ پوڙهي ماني کڻي آئي ۽ زليخان ماني کائڻ لڳي، هن ماني کائي دنگ ڪيو ته پوڙهي کان زليخا پڇيو.
    “تون هيتري رات جو ڪيڏانهن وئي هئين؟” پوڙهي کان زليخا پڇيو.
    “آئون پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ وئي هيس” پوڙهي جواب ڏنو.
    “ڪٿي رهندي آهي، تنهنجي ڌيءَ جو تون رات جو ملڻ وئي هئين؟”
    “هو هوڏانهن قبرستان آهي نه اتي رهندي آهي” پوڙهي وراڻيو.
    “ قبرستان ۾ پر .... “
    “ها! قبرستان ۾ رهندي آهي، اتي ئي هن جي قبر آهي. آئون هن سان روز رات جو ملڻ ويندي آهيان” پوڙهي زليخا جي ڳالهه کي ڪٽيندي جواب ڏنو.
    “ڇو تنهنجي ڌيءَ کي ڇا ٿيو؟ “
    “تون جنهن کٽ تي ويٺي آهين، انهي کٽ تي وڳوڙين منهنجي ڪنواري ڌيءَ جي لڄ لٽي ۽ هن کي ماري ڇڏيو. انهي مهل پوڙهي جي ٿڪل اکين مان لڙڪ ٽمڻ لڳا، هن پنهنجي چُني سان لڙڪ اگهيا ۽ وري ڳالهائڻ لڳي
    “هو به تو جهڙي هئي، ساڳيون اکيون ۽ نڪ نقش، اهڙا ئي هئا، تون به انهن جي ستايل آهين، خدا انهن تي عذاب آڻيندو، آئون هتي اڪيلي رهندي آهيان. تون چاهين ته رهي سگهين ٿي. تون منهنجي ڌيءَ جهڙي آهين، رات ڪافي ٿي وئي آهي تون هاڻي آرام ڪر.”
    انهي و قت پاڙي ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، پوڙهي پنهنجي گهر جي تاڪ مان ڏٺو ته گهرن کي باهه لڳي پئي هئي. وڳوڙي اتي به پهچي ويا، پوڙهي جهٽ ۾ در بند ڪيو. زليخا جي چهري تي گهٻراهٽ واضح ٿيڻ لڳي، پر انهي مهل ڀڄڻ جو ڪو به رستو نه هو، اوچتو گهر جي در جو تاڪ ٽٽو ۽ پوڙهي کي وڳوڙي ڌڪو ڏئي اندر گهڙي آيا. زليخا ڏٺو ته انهن ٽنهي وڳوڙين ۾ اهو گنجو ۽ ٿلهو وڳوڙي به هو، جنهن اڪرم چريي جي سسي تي خنجر وهايو هو، جيڪو هن جي هٿ ۾ هو ۽ رت سان ٻڏل هو. هن جون اکيون رت هاڻي ٻوٽي وانگر پئي لڳيون.
    ٻيا وڳوڙي گنجي جي اشاري تي زليخا ڏانهن وڌيا. هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڳوڙين جي ٻانهن جي گرفت زليخا کان وڌيڪ مضبوط هئي. فرش تي ڪريل پوڙهي هٿن جي سهاري تي اٿڻ لڳي ۽ زليخاکي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي پر انهي کان اڳ گنجي وڳوڙي جو خنجر پوڙهي جي پيٽ کي چريندو سندس آنڊن ۾ گچي ويو ۽ پوڙهي اتي جو اتي ٺري وئي. وڳوڙين زليخا کي کٽ تي ليٽائي سندس هٿن کي قابو ڪيو، زليخا ڇڙيون هڻندي ۽ رڙيون ڪندي رهي. پوءِ گنجو وڳوڙي زليخا مٿان چڙهي ويٺو ۽ هن جي ڇاتين کي پنهنجي هٿن سان مهٽڻ لڳو. آهستي آهستي هن جا هٿ زليخا جي سلوار ڏانهن وڌيا. وڳوڙي هن جي اڳٺ جون ڳنڍون کولي سلوار هيٺ سرڪائي ڇڏي ۽ زليخا جو هانوءَ ڏاريندڙ رڙيون انهن وڳوڙين جي ٽهڪن ۾ دٻجي ويون.


    9. پن ڇڻ

    اها پن ڇڻ رُت هئي.....سڄي آرٽس فيڪلٽي ڇڻيل پنن سان ڀريل هئي. فيڪلٽيءَ جو سِرُن سان جڙيل ٻاهريون فرش پنن سان ايترو ته ڍڪيل هو جو مشڪل سان ئي سِرُون ظاهر ٿينديون هيون. جڏهن هوا جا هٿ انهن پنن کي هٽائيندا هئا تڏهن خبر پوندي هئي ته انهن بي جان پنن هيٺ ترتيب سان جڙيل سِرُن جو فرش آهي،جيڪو پيرن جي آواز ۽ آهٽ کان اوپرو نه هو. فيڪلٽيءَ جا سڀئي وڻ جيڪي بهار ۽ اونهاري ۾ ساون پنن سان سينگاريل هوندا هئا،اهي بلڪل به اڌورا هئا ۽ انهن جون خشڪ ٽاريون انهيءَ انتظار ۾ هيون ته ڪڏهن ٿيون اُهي خوبصورت پنن جو ويس ڍڪين. انهن رستن تان نوجوان ڇوڪريون اڪثر وڏين کُڙين وارن سينڊلن سان پنن کي لاپرواهي سان لتاڙينديون ڪلاس ڏانهن مُنهن ڪنديون هيون ته پنن جي ڀُرڻ جو آواز خاموشي کي چيريندو انهن جي ڪنن ۾ ۽ آسپاس گونجڻ لڳندو هو پر ڇوڪريون انهي عمل کان بي خبر ٿي کِلنديون تاڙيون ملائينديون ۽ ڇوڪرن کي تڪينديون گذري وينديون هيون ۽ پن وري ذرا ذرا ٿي پکڙي ويندا هئا.
    جمال اڪثر ڪري فيڪلٽيءَ ۾ ڪلاس ٻاهران پپر جي جهوني ۽ قدآور وڻ هيٺ رکيل بينچ تي ويهي رهندو هو پر هن موسم ۾ ته پپر جو اهو وڻ به پنن کان خالي هو،تنهن هوندي به جمال انهي بينچ تي ويهندو هو. چانڊوڪي راتين ۾ پپر جي وڻ جا چمڪدار پن وڌيڪ سُهڻا ٿي ويندا آهن ۽ هر پن ۾ ڄڻ ته چنڊ جو عڪس نظر ايندو آهي. هُو اتي ئي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو هو،جنهن بينچ تي جمال ويهندو هو، انهيءَ جي بلڪل سامهون ئي فائين آرٽس جو شعبو هو ۽ اتي ٺهيل دڪن تي گهڻو ڪري هن جون ڪلاس فيلو قطار ڪري ويهندون هيون ۽ هُو وقفي وقفي سان پنهنجي ڪتاب مان نظرون ڦيرائي انهن ڇوڪرين جي حرڪتن کي نوٽ ڪندو هو جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آڻينديون هيون. انهن جا بحث ڪي فڪري بحث ڪونه هوندا هئا، اهي بس مختلف ڇوڪرن،ميڪ اپ ۽ فيشن بابت ڳالهائينديون هيون ۽ هونئن به ڇوڪرين جي هاسٽل تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪرن جي هاسٽل تي ڇوڪريون ئي بحث جو اهم موضوع هوندا آهن. ڪير ڪنهن کي ٿو پسند ڪري ڪنهن ڪهڙي ڇوڪريءَ کي پرپوز ڪيو اها انهن جي روز جي ڪچهري هوندي هئي.
    جمال هڪ نظر آسپاس جي ماحول تي وجهي وري پنهنجو ڌيان ڪتاب ۾ لڳائي ڇڏيندو هو. هُو به عجيب طبيعت جو مالڪ هو،اڪيلائي کيس گهڻي وڻندي هئي. گهڻو وقت ڪتاب پڙهڻ، وقتائتو ۽ توري تڪي ڳالهائڻ سندس مزاج هو.انهي انوکي مزاج جي ڪري سندس دوست به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. هن کي ٻاهرين دنيا کان وڌيڪ ڪتابي دنيا وڻندي هئي. انهي ڪري هُو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪتابن کي زبان ملي وئي هجي. اڄ هو انهي بينچ تي ويٺو سفوڪليز جو ڊرامو”ڪنگ ايڊيپس ريڪس”پڙهي رهيو هو.
    آرٽس فيڪلٽي ڄڻ ته حُسن جو جزيرو هئي،جنهن ۾ هڪ کان هڪ سُهڻي ڇوڪريءَ موجود هئي. اڃا اکيون هڪ کي ڏسي ڪونه ڍاپنديون هيون ته حُسن جو ڪو ٻيو مجسمو اکين ۾ پنهنجا عڪس چٽڻ لڳندو هو.ٻين شعبن جا ڪيترائي ڇوڪرا روز آرٽس فيڪلٽيءَ جو طواف ڪرڻ ايندا هئا. جنهن ڏينهن اهي طواف نه ڪن ته ڄڻ انهن جو ڏينهن اجايو ويو.
    جڏهن ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه منٽ هوندا هئا ته جمال ڪلاس ۾ گهڙندو هو ۽ ڇوڪرين واري پاسي پٺين قطار ۾ ويهي رهندو هو. ڪلاس جون سڀ نه پر ڪجهه ڇوڪريون هن سان ملنديون رهنديون هيون ۽ هُو انهن کي دوست بدران فقط ڪلاس فيلو ئي سمجهندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي محرومي بڻجڻ ڪونه ڏنو. هن لاءِ ڇوڪرين جو ملڻ کلي ڳالهائڻ معمولي ڳالهيون هيون.
    شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن هن جو ڪوبه دوست ڪونه هو ته صائمه هن سان دوستي رکڻ چاهي پر هن جي صائمه سان دوستي نه ٿي سگهي. هونئن به صائمه ايڏي سهڻي نه هئي سندس اکيون چيني عورتن وانگر ڇڪيل،چهرو بلڪل سپاٽ جنهن تي مڪائي جي داڻن جهڙن موهيڙن جا نشان واضح هوندا هئا ۽ چپ سنهڙي سُڪل ڪاٺي جهڙا هئا. جن تي هُو اڪثر ڪري برائون رنگ جو لائينر هڻي ايندي هئي.
    صائمه کي جڏهن جمال مان آسرو لٿو ۽ ٻيو ڪير به نه مليس ته هوءَ بلڪل به بدلجي وئي. جيڪا بنا گائون ۽ ميڪ اپ ڪري تيار ٿي ڪنهن جي ڳولا ۾ هوندي هئي تنهن هاڻ ميڪ اپ ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪاري رنگ جو گائون ۽ اسڪارف پائي اچڻ لڳي. جنهن ۾ هوءَ بلڪل ڪا راهبه لڳندي هئي.
    جمال کيس صائمه بدران راهبه سڏيندو هو ۽ هوءَ مئل مُرڪ سان ڏسي هلي ويندي هئي. اڄ به جمال ڪلاس شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ ساڳي جاءِ تي وڃي ويٺو جتي ڪيترين ئي ڇوڪرين جي بدن ۽ وارن جي خوشبو هن تائين پهچي رهي هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪرن جي زبان تي فضيلا جو نالو هو، جيڪا ڪلاس جي ڪجهه خوبصورت ڇوڪرين مان هئي ۽ حد درجي جي مغرور به هئي. محرومين جي ماريل ڇوڪرن مان ڪم ڪڍائڻ هن لاءِ مسئلو نه هو پر جن ڇوڪرن کي پڄي ڪونه سگهندي هئي،انهن جي ويجهو به ڪونه ويندي هئي. هوءَ سموري ڪلاس جي محورِ نظر هئي. فضيلا به جمال وانگر ڪلاس ۾ آخر ۾ ايندي هئي ۽ جيئن ئي ڪلاس ۾ گهڙڻ لاءِ پهرين چاڙهي تي پير ئي مس رکندي هئي ته سڄو ڪلاس سندس شان ۾ تاڙيون وڄائي کيس ڀليڪار ڪندو هو پر هوءَانهي عمل کان بي پرواهه ٿي پهرين قطار جي پهرين ڪرسيءَ تي ويهي رهندي هئي.
    فضيلا شڪل شبيهه جي واقعي به پياري هئي.ڀوريون اکيون،گول چهرو،ڪڻڪائو رنگ،نڪ وچٿرو ۽ ڄاڙي ۾ پيل چُگهه ته کيس وڌيڪ حَسين لڳندو هئس. جمال کيس ڪلاس جي قلوپطرا سڏيندو هو.جمال ۽ فضيلا ۾ ڪنهن حد تائين مذاق جو رشتو هو. اڄ فضيلا کي پيلي رنگ جا ريشمي ڪپڙا پاتل هئا جيڪي هوءَ بسنت واري ڏينهن تي پائي آئي هئي ۽ جمال کيس ڏسندي چيو هو”اڄ تون بسنت لڳي پئي آهين” انهي مهل فضيلا جي چهري تي خوشگوار مرڪ هئي. اڄ انهن ڪپڙن مان بريزر جو هُڪ ۽ ڪلهن ڏانهن ويندڙ ڏيوريون صاف نظر اچي رهيون هيون جنهن کي سڀ نوٽ ڪري رهيا هئا.فضيلا گهڻو ڪري گهرا رنگ پائيندي هئي،سندس جُتي کان وٺي پين تائين هر شيءِ ميچنگ هوندي هئي ۽ چهري اڳيان ڇڏيل وارن جي چَڳ کي هر هرهٿ سان ٺاهيندي رهندي هئي.فضيلا ليڪچر دوران چيلهه تائين ويندڙ گهاٽن وارن جي چوٽيءَ ۾ مٿان کان پين کپائي ڇڏيندي هئي جيڪا سندس هاڻ عادت ٿي چڪي هئي.
    ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ هر شاگرد ڪچهري ۾لڳوپيوهو. جيئن ئي پروفيسر نواز ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته سڀني جي چپن تي ماٺ جي مُهر لڳي وئي. ڪجهه دير لاءِ سڀئي شاگرد اٿي بيٺا ۽ پروفيسر نواز هٿ جي اشاري سان سبن کي ويهڻ جو چيو. پروفيسر نواز ڪلاس کي رومانٽڪ پوئٽري (رومانوي شاعري) پڙهائيندو هو.جمال جي هن سان ڪونه لڳندي هئي. جمال جو چوڻ هو ته سر نواز کي ڪهڙي خبر ته شاعري ڪيئن پڙهائبي آهي،هُو ته شاعريءَ به نثر واري نموني پڙهائيندوآهي. انگريزي ادب جا جيڪي به رومانوي شاعر ڪيٽس،بائرن،شيلي،وليم بليڪ،کان وٺي يوناني شاعره سيفو تائين جمال جا سڀ پڙهيل هئا.پروفيسر نواز شاعريءَ کي پنهنجو ئي رنگ روپ ڏئي پڙهائيندو هو. انهي ڪري جمال ۽ پروفيسر نواز اٽڪي پوندا هئا.پروفيسر نواز جي خراب عادت اها هئي ته هو پنهنجي راءِ کي مٿڀرو سمجهندو هو جڏهن ته شاگرد جي صحيح راءِ کي تي چڙي پوندو هو. اڄ جڏهن پروفيسر نواز شيلي جي شاعري پڙهائي رهيو هو ته جمال سندس ڪيل تشريح مان مطمئن ڪونه ٿيو ۽ هڪدم چئي ڏنائين ته سر توهان غلط پيا وڃو ته هن ڪتاب ميز تي رکيو ۽ ٿلهن شيشن وارو چشمو لاهي رومال سان صاف ڪري وري اکين تي چاڙهيندي ڪنهن قدر سخت لهجي ۾ ڪلاس کي مخاطب ٿيندي چيائين.”جيڪڏهن ڪير ڪلاس مان وڃڻ چاهي ته انهيءَ کي اجازت آهي” جمال پروفيسر جي ڳالهه سمجهي ويو ۽ ڪلاس مان ٻاهر نڪري ويو. هن کي شاعريءَ تي کوڙ ڄاڻ هئي ۽ انهي حوالي سان هو ٻه ٽي ڀيرا ڪلاس ۾ ڳالهائي به چڪو هو هو ائين ڳالهائيندو هو ڄڻ سڀئي شاگرد پٿرائجي ويا هجن.
    هو ڪلاس مان ٻاهر نڪري ساڳي پپر جي وڻ هيٺ اچي ويٺو جتي هاڻ هلڪي هلڪي اس اچي چڪي هئي. هن خاموشي سان سڄي ماحول جو جائزو ورتو. فيڪلٽيءَ ۾ موجود جمعدار سُڪل پنن کي ميڙي رهيا هئا، جيڪي هر هنڌ پکڙيل هئا. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ سندس دوست فهيم اچي مليس ۽ اڄوڪي ڪيل حرڪت تي نصيحتون ڪرڻ لڳو. فهيم جمال جو اهو دوست هو جيڪو ڇوڪرين ۾دلچسپي رکندو هو ۽ ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ تي عاشق هو پر انهي کيس کنگهيو به ڪونه ٻيو ۽ ٽيون ڪلاس فري هو. فهيم ڇوڪريون تاڙڻ لاءِ اتان اٿيو ۽ جمال لائبريري مان ڪي ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. لائبريري ۾ گهڙندي ئي هن کي ناهيد ملي. ناهيد هڪ امير پيءُ جي ڌيءَ هئي جيڪا وندر خاطر پڙهي رهي هئي. ناهيد جڏهن ويڪري نڪ ۾ ننڍڙو ڪوڪو ۽ ويڪرن چاڪن واري چولي سان فيڪلٽي ايندي هئي ته شاگردياڻي گهٽ پر ڪنهن ڪوٺي جي طوائف وڌيڪ لڳندي هئي.جمال کي ناهيد ڪجهه دير ويهڻ لاءِ چيو ۽ اهي ٻئي لائبريري جي چاڙهين تي ويهي رهيا،جتان وقفي وقفي سان ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. ناهيد فقط وقت گذارڻ لاءِ ڇوڪرن سان ڪچهريون ڪندي هئي.
    “جمال توکي اڃا تائين ڪنهن سان محبت ناهي ٿي ڇا؟”ناهيد پڇيو
    “نه اڃا تائين ته ناهي ٿي”جمال ساعت کان پوءِ جواب ڏنو.
    “ڇو ناهي ٿي؟” انهي مهل ناهيد وارن ۾ لڳل ڪلپ ڪڍي وار وکيري ڇڏيا جيڪي جمال جي ڪلهي کي ڇهي رهيا هئا.
    “انهي جي مون کي خبر ناهي ۽ هونئن به اهو سوال اجايو آهي”جمال ڪجهه رکائي سان جواب ڏنو.
    ناهيد جهڙيون ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ آئيڊيل جي ڳولا ۾ اينديون آهن ۽ انهن جي ڳالهائڻ کان وٺي هر عمل مصنوعي هوندو آهي. اهڙين ڇوڪرين جي اکين ۾ رڳو مفادن جا خواب هوندا آهن جمال جي جواب تي ناهيد ڪجهه دير ماٺ رهي ۽ پوءِ چيائين”عجيب ڳالهه آهي تون هيترين ڇوڪرين سان ڪمپني ڪندو آهين تڏهن به ڪنهن سان پيار ناهي ٿيو.”
    “ناهيد محبت اهڙو عمل آهي جيڪو چاهجي ته لمحن ۾ به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن چاهجي ته صدين ۾ به نٿو ٿي سگهي.”
    جواب معقول آهي”ناهيد ٽوڪ ڪندي چيو.
    جمال کي هن جي ڇڙواڳ طبيعت بلڪل به ڪونه ٿي وڻي ۽ هو هن جي ڳالهين مان بيزار ٿي رهيو هو ۽ ناهيد کان موڪلائي لائبريبري جي ريفرنس هال ۾ هليو ويو. جتي ڪي شاگرد پڙهائي ڪري رهيا هئا ۽ ڪي فقط ڇوڪرين جي ڪري ٽائيم پاس ڪري رهيا هئا. جمال ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو ۽ ڪي شيون نوٽ به ڪندو ويو. اڄ ٻيا ڪلاس نه ٿيڻ ڪري هن جو سڄو وقت لائبريري ۾ گذريو. جنهن مهل لائبريري بند ڪرڻ جو وقت ٿيو ته لائبريرين پنکا ۽ بتيون بند ڪيون ۽ سڀئي شاگرد پنهنجا ڪتاب سنڀالي آهستي آهستي سُرڻ لڳا. جمال ريفرينس سيڪشن مان نڪري پاڻي پيئڻ لاءِ ڪولر ڏانهن وڌيو ته سندس نظر آسيه تي پئي جيڪا فضيلا سان بيٺي پاڻي پي رهي هئي. آسيه جمال جي اها ڪلاس فيلو هئي جيڪا سدائين ڪاري برقعي ۽ اسڪارف ۾ ويڙهجي ايندي هئي. فقط سندس هٿ ۽ اکيون ظاهر هوندا هئا پر اڄ ته جمال آسيه جو سڄو چهرو ڏسي ورتو هو ۽ هن جي چيري جهڙن ڳاڙهن چپن جي مٿئين چپ تي ڪاري رات جهڙي تر کي به ڏسي ورتو هو. انهي کان اڳ نه ته جمال ۽ نه وري ڪلاس مان ڪنهن هن جو چهرو ڏٺو هو. آسيه پاڻي پي آسيه وري چهرو ڍڪي ڇڏيو ۽ فضيلا سان پرئين پاسي هيٺ لهندڙ ڏاڪڻ ڏانهن هلي وئي. جمال کي ٻين ڇوڪرين کان خبر پئي هئي ته آسيه سخت گير گهراڻي جي ڇوڪريءَ آهي انهي ڪري آسيه بنا برقعي ۽ اسڪارف جي ڪونه ايندي هئي.
    شروع شروع ۾ ته هن جا گورا ۽ ڀريل هٿ جيڪي ريشمي ڪپهه جهڙا نرم لڳندا هئا اهي به ڍڪي ايندي هئي. جمال ڪولر ويجهو وڃي پاڻي پيئڻ لڳو ته کيس گلاس مان آسيه جي چپن جو ڇهاءُ محسوس ٿيڻ لڳو. فيڪلٽي بند ٿي ته هو هاسٽل ڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجي ڪمري تي پهتو پر سڄي واٽ هن جي ذهن ۾ آسيه جو چهرو گهمي رهيو هو ۽ خاص ڪري چپ مٿان ڪارو تر..... هن ڪٿي پڙهيو هو ته جن ڇوڪرين کي چپ مٿان تر هوندو آهي اهي شدت سان محبت ڪنديون آهن. هو ڪمري تي پهچي آسيه بابت سوچڻ لڳو ۽ هن بابت سوچيندي کيس ننڊ وٺي وئي. جڏهن سندس اک کلي ته رات پنهنجا خيما کوڙي چڪي هئي. آسمان جي بدن تي ڪئين ستارا اڀري آيا ۽ سڄي شهر جا بلب روشن ٿي ويا. هن کي اڄ اٿڻ کانپوءِ مونجهه محسوس ٿي رهي هئي ۽ هو هوا وٺڻ لاءِ ڇت مٿي هليو ويو جتان سڄي شهر کي ڏسي رهيو هو. جيڪو بتين سان روشن هو. هن هڪ نظر آسمان تي وڌي جيڪو ستارن سان ڀريل هو ۽ کيس ائين لڳو ته اهي سڀ ستارا آسيه جو تر هجن. هو اڃا انهي ڪيفيت ۾ هو ته پٺيان فهيم اچي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين” اڙي ڇا ٿيو اٿئه ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين؟”
    “ڪجهه نه بس ائين ئي هوا کائڻ لاءِ آيو آهيان” هن آسمان ڏانهن نهاريندي جواب ڏنو.
    “ٻڌ اڄ اڪبر جي فليٽ تي هلڻو آهي،سڀاڻي ته موڪل آهي ۽ اڪبر پروگرام به رکيو آهي.”
    “ڪهڙو پروگرام” جمال آسمان مان نظرون هٽائيندي پڇيو.
    “يار جيڪو هر هفتي ڪندو آهي.”
    جمال هلڻ کان ناڪار ڪئي پر فهيم کيس زوري وٺي ويو،اڪبر وڏيرڪي سسٽم جي پيداوار هو جيڪو دوستن لاءِ هر هفتي وسڪي جي دعوت ڪندو هو ۽ هر هفتي ڪا نه ڪا ڇوڪريءَ به فليٽ تي گهرائيندو هو. جمال ۽ فهيم اڪبر جي فليٽ تي پهتا جيڪو پوري تياري سان اتي موجود هو.
    “يار جمال ڪٿي آهين رڳو ڪتابن جي دنيا ۾ گم آهين”اڪبر هن سان ملندي چيو.
    “جمال ته آيو ئي ڪونه پئي،زوري وٺي آيو آهيانس” فهيم چي.و
    حال احوال ٿيا ۽ اڪبر پيگ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو،جڏهن پيگ تيار ٿيا ته فهيم ۽ جمال جي حوالي ڪيائين پوءِ ٽنهي روايتي انداز سان گلاس ٽڪرايا ۽ پيئڻ شروع ڪري ڏنائون.
    “اڪبر رڳو وسڪي آهي يا؟” فهيم ڍُڪ ڀريندي چيو.
    “چريا سڀ ڪجهه آهي،هتي وسڪي آهي ۽ هوڏانهن.......” هن ڪمري ڏانهن اشارو ڪيو ۽ پوءِ ٻئي ٽهڪ ڏئي تاڙيون ملائيندا رهيا.
    جمال جو ڌيان هنن ٻنهي ڏانهن ڪجهه گهٽ هو ۽ وسڪي به آرام سان پي رهيو هو.
    “جمال ڇا ڳالهه آهي،توکي ماٺ ڇو لڳي وئي آهي” اڪبر سگريٽ دکائيندي پڇيو ۽ جمال کي سگريٽ آڇيائين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
    “نه نه اهڙي ڳالهه ناهي” هن وري گلاس چپن تي آڻيندي هڪ ڍڪ ڀريو.
    “ڀلا ٻڌ ڪير آهي؟”فهيم ڀرون مٿي ڪندي سوال ڪيو.
    “ڪير به هجي تنهنجو انهي سان ڪهڙو ڪم پاڻ کي ته .....”اڪبر سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏني پر فهيم سمجهي ويو.
    “پوءِ ڀلا پهرين ڪير ويندو” فهيم پيگ جو آخري ڍُڪ ڀريندي پڇيو.
    “اڄ جمال کي ٿا موڪليون.”
    جمال هونءِ ته ڪيترين ڇوڪرين جون قربتون حاصل ڪري چڪو هو پر اڄ ڏينهن تائين هن ڪنهن به ڇوڪريءَ جي بدن کي ڪونه ڇُهيو هو.
    “يار ڪجهه لائيف انجواءِ ڪرڻ به سک رڳو ڪتابي ڪيڙو لڳو پيو آهين” اڪبر وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “ها يار انهي ۾ ڇا آهي ۽ هونئن به هر خطي جا گناهه ۽ ثواب الڳ الڳ آهن. هڪ عمل ڌرتيءَ جي خطي تي گناهه ته ٻئي خطي لاءِ فيشن يا انجوائيمينٽ آهي.”
    جمال انهي دوران گلاس خالي ڪري ڇڏيو. اڪبر ٻيو پيگ ٺاهڻ لاءِ بوتل اڳيان وڌائي پر هن منع ڪيو.
    “وڃ جمال وڃ اسان جو وارو اڃا ناهي آيو” اڪبر سگريٽ ايشٽري ۾ اجهائيندي چيو.جمال ڪجهه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ هر هر آسيه جو چهرو هن جي اکين آڏو اچي رهيو هو.
    “ميان مرد ٿي مرد اهي نامردن واريون ڳالهيون ڇڏ” اڪبر جو اهو مهڻو کيس تمام خراب لڳو ۽ هُو هڪدم اٿي بيٺو ۽ ڪمري ڏانهن وڌيو هن آهستي آهستي ڪمري جو در کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. جتي پلنگ تي گهاٽن ۽ ڪارن وارن سان هڪ ڇوڪريءَ پريان منهن ڪريو مٿي کي ٻانهن جو ٽيڪ ڏئي ليٽي پئي هئي ۽ ڪنهن مئگزين جا پنا اٿلائي رهي هئي. جمال جيئن ئي در بند ڪيو ته ڇوڪريءَ مڙي ڏٺو. جمال جڏهن ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته کيس ائين لڳو ته ڪجهه وقت لاءِ هُو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٽنگجي ويو هجي،ڇو ته پلنگ تي ليٽيل ڇوڪريءَ سندس ڪلاس فيلو آسيه هئي.


    10. برسات کانپوءِ

    هن کي برسات سٺي لڳندي هئي، انهي ڪري هوءَ هر وقت آسمان جي اکين مان ڦڙين جي وسڻ جو انتظار ڪندي هئي ۽ پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ بيهي آسمان جي جهولي مان ڪرندڙ بوندن کي ڏسندي هئي. جيڪي زمين کي آلو ڪنديون، انهيءَ ۾ ضم ٿي وينديون هيون. ٻاهر هوا به وڻن جي پنن سان کيڏڻ لڳندي هئي ۽ پنن جا سرڙاٽن جا آواز سڄي ماحول ۾ گونجندا رهندا هئا، برسات کي ڏسندي ئي هن جي گلابي چپن تي مرڪ ظاهر ٿيندي هئي.
    سارنگ جنهن سان سندس ملاقات ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي هئي. هو کيس برسات جي ٺهيل ڇوڪريءَ سڏيندو هو ۽ هوءَ هن کي سدائين مرڪندڙ چهري سان ڏسندي هئي، جنهن تي ڏاڙهون جي داڻن جهڙا گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جا موهيڙا هئا. هن جي مرڪ به عجيب هئي. هوءَ کلندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڳڙن سان برسات ٿيندي هجي ۽ اُداس ٿيندي هئي ته ڄڻ گجگوڙ ڪندڙ برسات اوچتو بيهي رهي. سارنگ هن شهر ۾ ڪجهه عرصو اڳ آيو هو، ڪافي سهڻو شهر هو، خوبصورت ٽڪرين وچ ۾ سهڻن وڻن ۽ ڪشادن روڊن وارو شهر، جنهن جي اوچين ٽڪرين تي ڪڏهن ڪڏهن برف جو سفيد پهراڻ به نظر ايندو هو.
    سارنگ سياري جي مند ۾ پهتو هو ۽ انهن ئي سرد ڏينهن ۾ تيز هوائن سان برسات وسڻ جو سلسلو شروع ٿيو، هن کي هڪ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ ملي هئي، جتي سحر به هئي.
    سارنگ سان سحر جي ملاقات پهرين ڏينهن ئي ٿي هئي. انهي ڏينهن سارنگ بس جي انتظار ۾ بيٺل هو ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي. سحر هن کي ڇٽي شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ائين ٻنهي وچ ۾ واقفيت ٿي وئي. سحر ڇٽي بنا ئي ايندي هئي، يونيورسٽي مان واندو ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن برسات ئي پوندي هئي ته سحر سارنگ کي گهر تائين هلڻ جو چوندي هئي. هن جو گهر سارنگ جي رهائش کان ٿورو ئي پريان هو. ٻئي تيز برسات ۾ هڪ ئي ڇٽي هيٺ آهستي آهستي وکون کڻندا روانا ٿيندا هئا. هو هميشه انهي ڳالهه جو خيال رکندو هو ته سحر مينهن ۾ نه پسي ۽ هن کي بچائڻ لاءِ سارنگ پاڻ ڀڄي ويندو هو. انهي ڏينهن جڏهن ٻئي بس مان لٿا ۽ موسم ڪافي جهڙالي هئي ۽ برسات به شروع ٿي چڪي هئي، هو سحر سان گڏ کيس گهر تائين ڇڏڻ پئي ويو ته سحر پڇيس.
    “توکي هي شهر ڪيئن لڳو؟”
    “ڪافي سٺو آهي پر مون کي ائين لڳندو آهي ته هن شهر جي سيني ۾ دل ناهي، تو ڪڏهن غور ڪيو آهي ته تنهنجي شهر ۾ شام کان پهرين رات ٿي ويندي آهي. جنهن شهر ۾ شام نه ٿيندي هجي، انهيءَ جي رات به مزو ناهي ڏيندي.” هن چيو.
    “هتي شام کان پهرين ئي رات ٿي ويندي آهي، انهي باري ۾ مون ته ڪڏهن به ناهي سوچيو، پر اها آهي عجيب ڳالهه” سحر ڪجهه اچرج ۾ چيو.
    “ها مون محسوس ڪيو آهي ته اڃا آسمان تي هڪ تارو کڙندو ئي مس آهي ته هتي قبرستان جهڙي خاموشي ۾ سڄو ماحول وڪوڙجي ويندو آهي ۽ اسان جي سنڌ جا شهر ته جاڳندا رهندا آهن.” هن ڪجهه خوشي واري تاثر ۾ چيو.
    “مون ٻڌو ته سنڌ ڪافي گرم آهي، اتي رهڻ ڪافي ڏکيو آهي.”
    “سحر ڌرتي گرم هجي يا سرد انهي سان پيار ڪبو آهي، انهي جي مٽي کي پاڻ کان ڌار نه سمجهڻ گهرجي، تو حيدرآباد جي شام جي باري ۾ ٻڌو هوندو، هڪ دفعو تون اها شام ڏسي وٺين ته توکان سڄي حياتي اها نه وسرندي. اها ماڻهو جي من ۾ لهي ويندي آهي ۽ اتان جون هوائون ڪنهن شاعر جي خوبصورت خيالن کان وڌيڪ آزاد آهن. هوا جي هٿن توکي هڪ دفعو ڇهي ورتو ته تون چاهيندينءَ ته هميشه انهي جي ٻانهن ۾ هجين.
    برسات ڪجهه جهڪي ٿي چڪي هئي پر تڏهن به اهي ڇٽي هيٺ هئا، آسمان تي ڪارا ڪڪر اڃا به هڪ ٻئي کي ڀاڪر پايو بيٺا هئا. سج ڪڪرن جي ڪاراڻ ۾ منهن لڪائي سرد ٿي چڪو هو. هوا جا سرد ۽ تيز جهوٽا ٻنهي جي جسمن سان ٽڪرائيندا گذري رهيا هئا. وڻن جي پنن تي ڪرندڙ بوندون انهن کي غسل ڏئي رهيون هيون. هنن جي وکن جي رفتار اڃا به آهستي هئي، چوڌاري برسات جي وسڻ جو گوڙ واضح ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سارنگ هن کان موڪلائي هليو ويو، سارنگ لاءِ هن شهر ۾ رهڻ هڪ عجيب تجربو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو پنهنجي شهر جي مزاج کي هن شهر سان ڀيٽيندو هو ته سڀ ڪجهه کيس مختلف نظر ايندو هو.
    اڄ رات جو هن کي اهي سڀ دوست ياد آيا جيڪي هن سان ڌرتي جا مسئلا بحث هيٺ آڻيندا هئا، هو حيدرآباد ۾ روز رات جو دير تائين روڊ تي دوستن سان وقت گذاريندو هو پر هتي ڪو به اهڙو ماحول نه هو ۽ هو محدود ٿي ويو هو، صرف سحر هئي جنهن سان ڪجهه وقت گذرندو رهيو. ٻئي ڏينهن هو چانهه پيئڻ لاءِ هڪ ريسٽورينٽ ۾ وڃي ويٺا.
    “سارنگ توهين ماڻهو هر ننڍي ننڍي مسئلي تي تمام گهڻو سوچيندا آهيو سڀ اخبارون اوهان جي احتجاجن ۽ مظاهرن جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن اسين ته ائين ڪونه ڪندا آهيون.” سحر چيو.
    “هڪ سوچيندڙ ذهن ئي ذهانت جي علامت هوندو آهي، اسين انهي ڪري سوچيندا آهيون جو اسان وٽ اهو سڀ ڪجهه ناهي جيڪو اوهان وٽ آهي شايد اوهان کي لڳي ٿو ته زندگي اهائي آهي جيڪا اوهين گذاري رهيا آهيو....... پر ائين ناهي. زندگي جو غربت وارو ۽ عذاب ڀريو چهرو تو ڏٺو ئي ناهي، اهو هڪ بکايل ٻڌائي سگهي ٿو، اهو هڪ سياسي ڪارڪن ٻڌائي سگهي ٿو. جنهن جي سڄي حياتي جيل جي ڪال ڪوٺڙي يا پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذري ٿي يا اهو ٻار ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو ڪچري ۾ پنهنجو رزق ڳوليندو آهي ۽ رات جو فٽ پاٿ جي سيني تي بنا چادر جي سمهي ٿو. ڇا اڃا به اسان کي نه سوچڻ گهرجي.”
    “نه پر وري به اوهين هر معاملي تي حساس لڳندا آهيو” سحر ڳالهه کي جاري رکيو.
    “اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اُتي هر صبح هڪ نئين مسئلي کي منهن ڏيندا آهيون، سڄو سماج طبقاتي نظام جي ور چڙهيل آهي پر اسين مسئلن کان منهن نه موڙيندا آهيون ۽ نه وري انهن آڏو جهڪندا آهيون، تو ڪڏهن پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري جي دريءَ مان سواءِ برسات جي ڪجهه ٻيو ڏٺو آهي، هن ئي شهر ۾ انهن پيرين اگهاڙي ٻارڙن کي ڏٺو آهي، جيڪي اميرن آڏو هٿ ڦهلائي بيهندا آهن پر انهن کي هڪ سڪو به ناهي ملندو. انهي ڪري جو تون انهي باري ۾ نٿي سوچين ڇو ته تنهنجي دنيا الڳ آهي ۽ اسان جي الڳ....” سارنگ ڳالهه ختم ڪئي.
    سحر کي پهريون دفعو احساس ٿيو هو ته ڪمري کان ٻاهر رڳو برسات ناهي وسندي بلڪه ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو هن کي نظر ئي ناهي آيو. هڪ اهڙي دنيا جنهن کان هوءَ ۽ ٻيا ماڻهو نظرون چورائيندا رهيا آهن. هن کي سارنگ جي اکين ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتي لاءِ سچائي نظر ايندي هئي. “توکي ته پنهنجي ٻولي به ناهي ايندي، انهي باري ۾ تو ڪڏهن ڪا ڳڻتي ڪئي آهي يا ڪا پشيماني ٿي آهي توکي.....” سارنگ ساعت کانپوءِ پڇيو.
    “نه انهي ۾ پشيماني يا پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي.” سحر لاپرواهه ٿيندي چيو.
    “تو ڪڏهن انهي باري ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ غور ڪيو آهي؟ هن چيو.
    “نه مون ناهي ڪيو ڇو ته انهي باري ۾ سوچڻ فضول آهي.”
    “پر اسان لاءِ ٻوليءَ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اسين انهيءَ لاءِ وڙهيا آهيون. انهي جي بقا لاءِ قربان ٿيا آهيون. جيڪڏهن مون کي منهنجي ٻوليءَ نه اچي ته آئون شرمندو ٿيندس ۽ اهو منهنجي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو، ڇو ته اها مون کي سڃاڻپ ڏئي ٿي، جيڪي نسل پنهنجي ٻوليءَ کي وساري ڇڏيندا آهن، انهن کي ڌرتي به وساري ڇڏيندي آهي ۽ اُهي هميشه لاءِ يتيم ٿي ويندا آهن. اسان جون مائرون جڏهن ٻارن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لوليءَ ڏينديون آهن ته ننڊ کي به سڪون ملي ويندو آهي.”
    سارنگ کي ڪئين دفعا ائين به محسوس ٿيو ته سحر کي لڳي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ جيءَ رهيا هئا، جتي ڪا زندگي ناهي بس تڪليفن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي پر هنن کي خبر نه هئي ته اڻ ڄاڻائي ڪيتري خطرناڪ هوندي آهي. زندگي جون سڀ تلخ حقيقتون رڳو سنڌ سان واڳيل نه هيون پر هن به زندگي جو اهو روپ هتي ڏٺو هو، جيڪو هتان جي ماڻهن ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ائين هن کي هتي ڪجهه وقت گذري ويو ۽ هن کي ڪافي ڪجهه سمجهه ۾ اچي چڪو هو. سحر سان اڪثر ڪري ملڻ ٿيندو رهندو هو.... پر اوچتو وري سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ لڳو. هن سارنگ سان ويڇا وڌائي ڇڏيا ۽ ڪنهن امير ماڻهو سان وقت گذارڻ لڳي، کيس خبر پئي هئس ته اهو ماڻهو ٻاهر وڃي رهيو آهي ۽ سحر کي به پاڻ سان وٺي ويندو. سارنگ لاءِ سحر جو اهو رويو ڪجهه عجيب هو پر هن سحر سان ڪا شڪايت نه ڪئي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سحر وري بنا ڇٽي جي کيس بس اسٽاپ تي نظر آئي ۽ هن کيس پنهنجي ڇٽيءَ آڇي. هن کي خبر پئجي چڪي هئي ته اهو ماڻهو جيڪو سحر سان پيار جو دعويدار هو، اهو کيس ڇڏي پاڻ ٻاهر هليو ويو. انهي ڏينهن جڏهن هو سحر سان ڪچهري ڪري رهيو هو ته سحر چيس “سارنگ تو صحيح چيو هو ته هن شهر جي سيني ۾ دل ناهي، بلڪه هتان جي ماڻهن جي سيني ۾ به دل ناهي.” هوءَ ڪافي اداس پئي لڳي.
    سارنگ کي ائين لڳو پئي ته هو هتي ضايع ٿي رهيو آهي. هن لاءِ سنڌ وڃڻ وڌيڪ اهم هو. هن جيڪو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو اهو هو اُتي ئي ڪري ٿي سگهيو. انهي ڪري هن واپسي جو فيصلو ڪيو، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن واپسي ۾ ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. هن پنهنجي فيصلي بابت سحر کي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هو آخري دفعو سحر سان مليو.
    “ته ڇا تنهنجو اهو آخري فيصلو آهي.” سحر ڪجهه پريشاني ۾ چيو.
    “ها! هاڻ منهنجي واپسي آهي، مون سوچيو آهي ته آئون پنهنجن ماڻهن ۾ رهي ڪم ڪنديس. آئون هتي صرف پنهنجي سُک لاءِ آيو هئس پر انهن جي درد کي وساري نه سگهيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ٻين لاءِ جيئندو آهي ته پاڻ به جيءَ سگهندو آهي.”
    “ائين نٿو ٿي سگهي ته تون هتي رهي پوين ۽ آئون به توسان......” سحر ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏني.
    “نه اهو ممڪن ناهي، اسان ٻنهي جا مقصد ٻيا آهن. ڪي لڪيرون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪڏهن به مٽجي ناهن سگهنديون. اسان جي وچ ۾ به ڪجهه اهڙيون لڪيرون آهن، جيڪي تاريخ مٽائي ناهي سگهي. اسين اوهان لاءِ غير مهذب آهيون پر وقت ثابت ڪندو ته اسين ڇا آهيون، هاڻ مون کي هلڻ گهرجي..... ۽ ها هي ڇٽي تون رکي ڇڏ. وري زندگي موقعو ڏنو ته توسان ضرور ملبو. تيستائين شايد تون پنهنجي ٻوليءَ به سکي وٺين.”
    هو کيس ڇٽي ڏئي آهستي آهستي وکون کڻي هلندو ويو ۽ سحر مسلسل هن کي ڏسي رهي هئي ۽ پوءِ هو تمام پري هليو ويو. انهيءَ وقت سج پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو، آسمان بلڪل صاف هو، ڪوبه ڪڪر آسمان تي آوارگي ڪونه ڪري رهيو هو، نه جهڙ هو نه هوا، نه طوفان پر پوءِ به برسات ٿي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته سحر پنهنجي ئي لڙڪن جي برسات ۾ ڀِڄي رهي هئي.


    11. خط

    انهن ڏينهن ۾ شهباز هڪ مئگزين ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هڪ مسواڙ جي ڪمري ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گذاري رهيوهو. هن جي ڪمري ۾ ڪابه شيءِ ترتيب ۾ نه هئي. هن جي چوڌاري اخبارون،مئگزين ۽ ڪتاب هئا،جيڪي بنا ترتيب جي ڪمري ۾ وکريل هئا. ڪيترن ئي ڪتابن تي دز ڄميل هئي. جڏهن هُو ڪو به ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندو هو ته پهرين کيس ڪتاب تي ڄميل دز جو تهه صاف ڪرڻو پوندو هو۽ پوءِ ڪتاب جا پنا اٿلائي پڙهڻ لڳي ويندو هو. ڪتابن کانسواءِ ڪي اڻپورا خط به هئا،جيڪي هُو اڃا تائين نفيسا کي ڪونه ڏئي سگهيو هو،اهي سڀ خط ميز تي سندس خوابن وانگر وکريل هئا.
    هن جي وڏي ۾ وڏي عياشي ڪتاب وٺڻ هئي،هيستائين هو ڪافي ڪتاب پڙهي چڪو هو.شهباز کان جيڪي ڳالهيون نفيسا کان ملاقات ۾ رهجي وينديون هيون هُو انهن کي خوبصورت لفظن جو ويس ڍڪائي خطن وسيلي نفيسا تائين پهچائيندو هو. هيستائين هو نفيسا کي کوڙ سارا خط لکي چڪو هو ۽ ڪجهه نفيسا جا لکيل خط به هن وٽ سنڀاليل هئا.
    هن جو نفيسا سان تعلق مئگزين ذريعي ٿيو،جنهن ۾ هوءَ آرٽيڪل لکندي هئي. اڄ ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ آفيس ۾ نفيسا جو فون آيو ۽ شهباز کي شام جو سمنڊ ڪناري ملڻ لاءِ چيائين،جتي اُهي اڪثر ملندا هئا. نفيسا هن کان ڪيترا ڀيرا ڌار ٿي چڪي هئي ۽ وري پاڻ ئي فون ڪري کيس ملڻ لاءِ چوندي هئي يا وري آفيس هلي ايندي هئي.
    شهباز جيئن ئي آفيس کان ڪمري تي پهتو ته هن جون اکيون هر هر گهڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيون. کيس شام ٿيڻ جو بي چينيءَ سان انتظار هو. هن کي لڳو ته ڄڻ وقت جي پيرن ۾ ڪنهن زنجير وجهي ڇڏي هجي،نه ته جڏهن هُو نفيسا سان ويهندو هو ته کيس وقت هوا جي گهوڙي جو سوار لڳندو هو. نفيسا به عجيب مزاج جي ڇوڪري هئي. ڪڏهن ته هوءَ مظهرالاسلام جي ڪهاڻين جو ڪردار لڳندي هئي، جنهن جي اکين ۾ معصوميت هميشه ليئا پائيندي رهندي هئي ۽ ڪنهن مهل هوءَ بلڪل بيحس لڳندي هئي،تڏهن شهباز کي ائين لڳندو هو ته نفيسا جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل ڄمي چڪي آهي. بنا سبب جي ڪاوڙجڻ ،ننڍن ننڍن ڀوڳن تي اکين ۾ لڙڪ آڻڻ،فون ڪري اهو چئي ڇڏڻ ته “اڄ کانپوءِ مون سان نه ملجانءِ”
    انهن روين جي ڪري نفيسا هن لاءِ ڳجهارت بڻيل هئي. کيس نفيسا سان ڪيل سڀ ملاقاتون ياد هيون. هن کي ياد آهي ته اهو شام جو وقت هو ۽ سج ڪنهن سهاڳڻ جي بنديا جيان سهڻو لڳي رهيو هو،سج جي ڳاڙهاڻ جي ڪري آسمان جو چهرو به ڪنهن قدر ڳاڙهو لڳي رهيو هو. سمنڊ مان اٿندڙ ڇوليون بي جان واريءَ کي آلو ڪنديون وري سمنڊ جي آغوش ۾ ضم ٿي پئي ويون. سمنڊ مان پيدا ٿيندڙ شور پنهنجي آسپاس خاموشي کي ڀٽڪڻ به نٿي ڏنو....پريان ڪجهه ٻارڙا واريءَ مان گهرڙا ٺاهي رهيا هئا،جيڪي انهن کان وڌيڪ معصوم لڳي رهيا هئا پر هر ڀيري سمنڊ مان اٿندڙ ڪا لهر انهن گهرڙن تائين پهتي ٿئي ۽ انهن کي ميساري ٿي ڇڏيائين ۽ ٻارڙا وري نوان گهرڙا ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ٿئي ويا. نفيسا پنهنجين آڱرين سان آلي واري جي جسم تي ڪي آڏيون ڦڏيون لڪيرون ڪڍي رهي هئي. اهي بلڪل انهن لڪيرن جهڙيون هيون،جيڪي ڪاوڙ مهل نفيسا جي پيشاني تي اڀري اينديون هيون. شهباز خاموشيءَ سان کيس ڏسي رهيو هو.
    “نفيسا هي تون اجايو لڪيرون ڇو ٺاهي رهي آهين” هن ڊگهي ماٺ کانپوءِ پڇيو.
    “لڪيرون اجايون ته ڪونه هونديون آهن،انهن جي ڪا نه ڪا معنى ضرور هوندي آهي” نفيسا هٿ سان سڀ لڪيرون ڊاهيندي جواب ڏنو.
    “معنى!لڪيرن کي ته اسين معنى ڏيندا آهيون نه ته انهن جي ڪابه معنى ناهي.” شهباز نفيسا جي لهندڙ سج جهڙين اکين ۾ ڏسندي چيو.
    “ڏس نه هر ڪنهن وٽ لڪيرن جي پنهنجي معنى هوندي آهي،انهيءَ ڪري اهي بلڪل به بي معنى ڪونه آهن، ڪي ماڻهو هٿن جي لڪيرن ۾ قسمت ڳوليندا آهن ته ڪي وري قسمت جي لڪيرن کي پاڻ جنم ڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو ڌرتي جي سيني تي لڪيرون ڪڍي انهيءَ کي سرحد جو نالو ڏئي ڇڏيندا آهن. جڏهن اهي ئي لڪيرون عورت جي چهري تي ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ته جواني پنهنجا پيرا ڊاهڻ لڳندي آهي ۽ بدصورتي ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي.”
    شهباز نفيسا جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ پوءِ لهندڙ سج کي ڏسڻ لڳو جنهن جو عڪس پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيو هو. ائين ٿئي لڳو ڄڻ سج ڦڙو ڦرو ٿي پاڻي ۾ ملي رهيو هجي.نفيسا جي ڪٺورتا ۽ ڪوملتا جي صحيح خبر شهباز کي ڪونه پوندي هئي،ڪنهن مهل هوءَ بي جان پٿر وانگر لڳندي هئي ته ٻئي لمحي نرم دل ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن مجبوري سبب شهباز نفيسا کي فون ڪونه ڪري سگهيو ته انهي ملاقات ۾ نفيسا منهن ڦٽائيندي چيو ته”تون رات هيلو به نٿي ڪري سگهين،مون سڄي رات تنهنجي فون جو انتظار ڪيو ۽ سڄي رات آئون اکين ڏانهن وڌندڙ ننڊ کي روڪي اوجاڳو ڪندي رهيس” انهي وقت نفيسا جي اکين مان لڙڪ ڳڙي سندس پنبڻين کي پسائيندا هن جي ڳلن تان ترڪڻ لڳا.
    انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پئي نفيسا کي هر حال ۾ فون ڪرڻو آهي. هن کي ياد آهي ته هُو ڊسمبر جي سخت سرد راتين ۾ ٽيليفون بوٿ واري قطار ۾ بيهي پنهنجو وارو اچڻ جو انتظار ڪندو هو ۽ جڏهن نفيسا کي هيلو ڪندو هو ته نفيسا جو وينا جهڙو خوبصورت آواز هن جي ڪنن ۾ ٻُرندي ئي سرديءَ جو احساس ڀُلائي ڇڏيندو هو.
    هن کي نفيسا جي اکين ۾ لڙڪ بلڪل به ڪونه وڻندا هئا. جڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪري نفيسا جي اکين ۾ لڙڪ ايندا هئا ته هو پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪندو هو، هن پنهنجي ماءُ کان ٻڌو هو ته جيڪو ماڻهو دل جي رشتي جو احترام ناهي ڪندو، انهي سان دل لڳائڻ پاڻ کي وڌيڪ اذيت ڏيڻ آهي.
    بهرحال نفيسا هن کي هيستائين ڪيترائي عذاب ڏئي چڪي هئي ۽ هو به اهي عذاب خوشي سان سهڻ جو عادي ٿي چڪو هو. انهي ڪري هن ڪڏهن به نفيسا کي ائين نه چيو ته هن جا رويا خراب آهن ۽ نه وري هن خطن ۾ انهن روين جو ڪو ذڪر ڪيو. هڪ ڀيري هُو نفيسا سان ڪچهري ڪري رهيو هو ته نفيسا کيس ٻڌايو ته هن کي اڄڪلهه موت جو خوف ٿيڻ لڳو آهي.
    “شهباز تو ڪڏهن موت کي پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ڪيو آهي.”
    “ها بلڪل هر وقت محسوس ڪيو اٿم،جهڙيءَ ريت زندگي هڪ حقيقت آهي اهڙيءَ ريت موت به ته هڪ سچائي آهي ۽ انهيءَ کي آئون پاڻ کان ڌار محسوس ئي نه ڪندو آهيان، موت ته اسان جي پيدا ٿيڻ وقت ئي اسان سان جنم وٺندو آهي.”
    “ته ڇا زندگيءَ ۽ موت ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو ساهن جي تسلسل ۾ وقفو” نفيسا مايوسي واري ڪيفيت ۾ پڇيو.
    “ها! ائين ئي سمجهه پر زندگي رڳو ساهن جي تسلسل جو نالو به ناهي.” شهباز پُر اعتماد ٿي جواب ڏنو.
    “شهباز ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ موت جا هٿ منهنجو گلو دٻائي رهيا هجن” اها ڳالهه ڪندي نفيسا جي چهري تي موت جو خوف ظاهر ٿيڻ لڳو.
    “اهو تنهنجو وهم آهي،تون موت بابت ڪافي رومانٽڪ ٿي لڳين پر زندگيءَ جي ديوي جو مُرڪندڙ چهرو ڪونه ٿي ڏسين.”
    “پر اهو رومانس ناهي توئي ته هينئر چيو موت به زندگيءَ وانگر حقيقت آهي.”
    “آهي پر جيڪڏهن موت جو خوف نه ڪجي ته به اچڻو آهي انهي ڪري زندگيءَ جي لمحن کي حَسين بنائڻ لاءِ انهي کي موت جي آئيني ۾ نه پر زندگيءَ جي آرسي ۾ ڏسڻ گهرجي.”
    هن جي اها ڳالهه ٻڌي نفيسا جي چهري تي مُرڪ ظاهر ٿيڻ لڳي،شهباز وٽ نفيسا جي ته هر سوال جو جواب موجود هو پر نفيسا هن لاءِ پاڻ هڪ اهڙو سوال هئي جنهن جي جواب جي هُو هر وقت ڳولا ڪندو رهندو هو پر هن کي ڪڏهن به ڪو به جواب نه ملي سگهيو.
    زندگيءَ ۾ کوڙ سارا سوال هوندا آهن جن جو جواب ناهي هوندو ۽ جيڪڏهن هوندو آهي ته اهو وري ٻئي سوال کي جنم ڏيندو آهي. هيستائين هُو نفيسا کي تحفي طور ڪجهه شاعريءَ ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب ڏئي چڪو هو. هن جي نظر ۾ ڪتابن کانسواءِ ڪو به سٺو تحفو نه هو. انهي ڪري هن ڪڏهن عام ماڻهن وانگر نفيسا کي چوڙيون ۽ بريس ليٽ وٺي ڪونه ڏنا. هڪ ڀيري هُونفيسا لاءِ ڪجهه ڪتاب وٺي آيو ۽ هُن اهي وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيائين”ڪتابن ۾ رڳو افسانوي ۽ خيالي ڳالهيون هونديون آهن،جيڪي اسان کي حقيقتن کان پري ڪري ڇڏينديون آهن،منهنجي لاءِ لفظ بي معنى ٿي چڪا آهن. اهي لفظن سان جڙيل بي جان قصا آهن”
    “پر نفيسا افساني ۾ ڪٿي نه ڪٿي حقيقت جو رنگ ضرور شامل هوندو آهي”
    هوءَ هن جي ڪنهن به دليل کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. کيس حيرت انهي ڳالهه تي هئي ته هوءَ ڪڏهن ڪڏهن شهباز جي لفظن ۽ خطن کي به ڪا اهميت ڪونه ڏيندي هئي،جيڪي هُو هن کي پاڻ پڙهي ٻڌائيند هو ۽ اهي خط هُو اڪثر ڪري انهي وقت لکندو هو جڏهن شهر جا سڀ ماڻهو ننڊ ۾ خوابن جي سفر تي ويندا هئا. شهباز کي اهي ماڻهو ڀانئين ڪونه پوندا هئا جن وٽ لفظن جي اهميت نه هئي. پر نفيسا ته انهيءَ ڳالهه کان چڱي ريت واقف هئي. هن جي انهيءَ افيئر جي خبر هن جي هڪ ويجهي دوست کي به هئي جڏهن شهباز دوست کي نفيسا جي روين بابت ٻڌائيندو هو ته هو کيس چوندوهو ته “ميان اهو حوصلو توکي آهي جو هن جا تلخ رويا برداشت ڪرين ٿو،بهرحال اهو هڪ غير معمولي ڪيس آهي.”
    اها شهباز کي به خبرنه هئي ته هن جي وجود ۾ ايڏو سهپ جو مادو ڪٿان آيو هو،شايد نفيسا سان قائم ڪيل رشتي کيس ايترو صبر عطا ڪيو هو. هُو سدائين پنهنجي دوست کي چوندو هو ته ڇا به هجي پر هوءَ مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي. جنهن سان آئون ڪڏهن به نفرت نٿو ڪري سگهان،حالانڪه شهباز کي اها خبر هئي ته نفرت به انسان جي وجود ۾ محبت سان گڏوگڏ هلندي آهي پر محبت جو احساس حاوي هجڻ ڪري اها اڳيان هلي ظاهر ٿيندي آهي. هُو نفيسا لاءِ روز ڪونه ڪو نظم ياد ڪندو هو ۽ جڏهن کيس ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ته نفيسا خاموشيءَ سان هن جا نظم ٻڌندي هئي پر ڪنهن وقت شهباز کي ائين لڳندو هو ته نظم ٻڌندي ٻڌندي هوءَ ڪا پٿر جي مورت ٿي چڪي هجي،جنهن تائين سندس دل جو آواز نٿي پهچي سگهيو.
    آخري ملاقات ۾ نفيسا چيو هو ته “جڏهن آئون توسان ملندي آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي ماڻهن جون نظرون منهنجو پيڇو ڪنديون هجن ۽ اها اذيت مون کان برداشت ناهي ٿيندي انهيءَ ڪري آئون توسان آخري ڀيرو ملڻ آئي آهيان.”
    “ته ڇا تون مون کي وري اڪيلو ڪرڻ آئي آهين” هن هڪدم پڇيو.
    “ها ۽ هميشه لاءِ” شهباز نفيسا جي چهري کي غور سان ڏٺو جنهن تي ڪا به پريشاني يا پشيماني جي ريکا ڪونه هئي. نفيسا وٽ يادگيري طور شهباز جا ڪجهه خط،نظم،ڪتاب ۽ ڪجهه چميون هيون. انهي وقت هن کي ائين لڳو ته نفيسا ڪا واريءَ جي ٺهيل ڇوڪريءَ آهي جيڪا سندس ڇُهڻ سان ذرا ذرا ٿي ويندي پر اڄ سندس اوچتو فون اچڻ ڄڻ ته زندگيءَ ۾ اها بهار موٽي آئي هجي جنهن جو کيس ڪيترن ڏينهن کان انتظار هو. هُو شام جو روز انهي اميد سان سمنڊ ڪناري ويندو هو ته نفيسا ضرور موٽي ايندي. اڄ هن فيصلو ڪيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ هو کيس خط ڏيندو ۽ اهي شڪايتون به ڪندو جيڪي هن اڃا تائين زبان تي ناهن آنديون،هُو پنو کڻي لکڻ ويٺو.
    “معصوم اکين واري!
    هيترا ڏينهن توسان ڪونه مليو آهيان ته مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون ذرا ذرا ٿي هن ڪمري ۾ وکري ويوآهيان ۽ آئون پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر وري وکري ويندو آهيان. مون کي الائي ڇو هر وقت اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته آئون توکان هارائجي ويو آهيان. آئون جيڪو جبل سان ٽڪرائڻ جو حوصلو رکان ٿو پر تنهنجي اڳيان اچي منهنجا حوصلا پست ٿي ويندا آهن. مون فيصلو ڪيو آهي ته اڄ آئون ڪنهن ٻار وانگر تنهنجن گوڏن تي مٿو رکي روئي پوندس ۽ پنهنجا سڀئي لڙڪ وهائي ڇڏيندس جيڪي مونکي سمهڻ ڪونه ٿا ڏين. مون کي لڳي ٿو ته منهنجين اکين مان ڳوڙها پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وهي ويندا ۽ اڄ آئون توکي اهي سڀ شڪايتون به ٻڌائيندس جن جو بار هاڻي آئون نٿو کڻي سگهان. مون هميشه تنهنجا لڙڪ اگهيا آهن پر تو ڪڏهن به منهنجي اکين ۾ جهاتي پائي ناهي ڏٺي ته آئون ڪيترن لڙڪن کي انهن ۾ سمائي ويٺو آهيان. بهرحال! آئون هر وقت توکي پاڻ سان محسوس ڪندو آهيان ۽ اڃا تائين به رسول حمزاتوف جو اهو نظم پڙهندو آهيان جيڪو توکي تمام گهڻو وڻندو آهي. توکي ڪجهه ٻيا نظم به ٻڌائڻا آهن ۽ ڪي اڻپورا خط به تنهنجي حوالي ڪرڻا آهن جن کان پوءِ مون کي لڳندو ته آئون مڪمل ٿي چڪو آهيان.”
    هن خط لکي پورو ڪيو ۽ گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺو نفيسا کي ڏنل وقت ۾ ڪجهه دير هئي هُو تيار ٿيو ۽ لکيل خط کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هن کي روڊ پار ڪري سامهون واري اسٽاپ تان بس پڪڙڻي هئي،هُو ڏاڍو خوش هو ۽ انهي ڪري هو بي احتياطي سان روڊ ڪراس ڪرڻ لڳو اڃا هُو هلندڙ گاڏين وچان روڊ پار ڪري رهيو هو ۽ وچ تي ئي هو ته هڪ تيز رفتار ڪار هن مٿان چڙهي وئي هن جي هٿ ۾ پيل خط وارا پنا ڇڏائجي روڊ جي سخت جسم تي وکري ويا ۽ ٻئي لمحي سندس جسم مان وهندڙ رت جا ڇنڊا انهي خط تي وڃي پيا. هُو ريڙهيون پائي ڪجهه دير لاءِ انهن پنن کي سنڀالڻ لڳو پر انهيءَکان اڳ جو هن جا هٿ انهيءَ خط تائين پهچن ها موت جا هٿ هن جو روح قبض ڪري چڪا هئا ۽ خط هميشه لاءِ نفيسا جي هٿن تائين پهچڻ کان رهجي ويو.


    12. وڃايل ڪهاڻي

    هن کي ڪتابن سان ڪافي دلچسپي هئي، انهيءَ ڪري گهر جي لائبريري ۾ کوڙ سارا ڪتاب رکيل هئا. جن مان ڪافي ته هوءَ پڙهي چڪي هئي ۽ ڪجهه ڪتاب اڃا تائين پنهنجو وارو اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪتابن کانسواءِ هن جي زندگي ڄڻ ته اڻپوري هئي. هوءَ هر مهيني نوان ڪتاب خريد ڪندي هئي. هن تازو سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي. هن جي وڏي عرصي کان خواهش هئي ته هوءَ ڄامشوري ۾ اچي رهي ڇو ته هن ٻڌو هو ته هتان جون هوائون ماڻهو تي سحر طاري ڪري ڇڏينديون آهن. اهو کيس سندس خوابن جو شهر ٿي لڳو ۽ هن کي لڳندو هو ته هن شهر جا پٿر به هتي رهندڙ وجودن وانگر ساهه کڻندا آهن. ڄامشورو هن لاءِ ڄڻ ته هڪ خيالي دنيا هئي، خاص ڪري سنهري پٿرن وچ ۾ قائم اها يونيورسٽي جنهن کي هن ائين ئي ڄاتو جيئن هن جي تصور ۾ هئي. انهيءَ ڪري هوءَ اتي اچي ڏاڍي خوش هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هوءَ ريڙهي تان ڪي پراڻا ڪتاب ڦلهوري رهي هئي ته سندس نظر هڪ ڊائري تي پئي، ڊائري ڪافي سال پراڻي هئي. جنهن ۾ ڪجهه خط، ڪجهه ڇپيل ڪهاڻين جون ڪٽنگز ۽ ڪجهه نظم لکيل هئا. هن اها ڊائري خريد ڪري ورتي. اڄ هن جو ارادو انهيءَ کي پڙهڻ جو هو. جڏهن هوءَ شام جو واندي ٿي ته انهيءَ کي پڙهڻ لڳي. ڊائري جي پهرئين صفحي تي ڪنهن عورت ليليٰ جو نالو لکيل هو ۽ کيس حيرت تڏهن ٿي، جڏهن هن ڊائري تي لکيل پتو پڙهيو، ڇو ته ڊائري تي جيڪو پتو لکيل هو، اهو سندس ئي هاسٽل جو هو، فقط ڪمري جو نمبر تبديل هو. پهرين ته هن سوچيو ته انهيءَ ڇوڪريءَ بابت هوءَ هاسٽل جي ڪنهن ملازم کان پڇا ڪري پر ڪنهن کان.... هتي ته سوين ڇوڪريون آيون ۽ رهي هليون ويون. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ڪير هنن ڪمرن ۾ رهي ويو آهي؟ هن اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو.
    هن ڊائري جا ورق اُٿلائڻ شروع ڪيا ۽ هڪ ويڙهيل خط کولي پڙهڻ شروع ڪيائين، جنهن جي بلڪل مٿي لکيل هو “منهنجي ڪهاڻي!” هيٺ ڪجهه هي سٽون لکيل هيون “ائين ڇو لڳي رهيو آهي ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ اهو وقت اچي بيهي رهيو آهي جيڪو ڪڏهن گذري ختم ئي ناهي ٿيڻو. توکي خبر آهي ته تون منهنجي اها ڪهاڻي آهين، جنهن کي آئون پڙهڻ ۽ سمجهڻ ٿو چاهيان پر الئه ڇو سمجهي نه ٿو سگهان، شايد تون دنيا جي اها ڪهاڻي آهين، جنهن جي الفابيٽ ڪنهن ڪتاب ۾ درج ناهي. منهنجي وجود جي ڪهاڻي به عجيب آهي، توکان ٻاهر آئون رهي نه ٿو سگهان ۽ پنهنجي اندر شايد تون مون کي رهائڻ نه ٿي چاهين، تون منهنجي محبت کي ڪهڙو به نالو ڏين، منهنجي خطن کي به ڀلي ساڙي ڇڏ پر ڇا خطن سان گڏ اهو سڀ ڪجهه به سڙي رک ٿي ويندو جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ آهي، اهو ته تون به ڄاڻين ٿي ته تون صرف ئي صرف منهنجو خواب آهين، جنهن کي آئون کليل ۽ بند اکين سان ڏسندو آهيان. تنهنجو خيال.”
    هن خط پڙهي پورو ڪيو. هن کي اندازو ٿي چڪو هو ته خط ڪنهن قدر شڪايتي لهجي ۾ لکيل هو ۽ هن وري ٻيو خط کوليو. انهيءَ ۾ شڪايت نه هئي بلڪه لکندڙ پنهنجي محبوبا جي تعريف ئي لکي هئي. انهيءَ خط ۾ جيڪو جملو کيس وڻيو هو، اهو ڪجهه هيئن هو “توکي خبر آهي تنهنجي مرڪڻ سان ڪائنات وري جنم وٺڻ لڳندي آهي.” هن ٻيا خط پڙهيا ۽ هر خط ۾ هو مختلف نالن سان پنهنجي محبوبا کي مخاطب ٿيو هو. جيئن “خواب جهڙي، جانان، غزل” هن کي سڀئي خط ڏاڍا وڻيا.
    هن جڏهن خط پڙهي پورا ڪيا ته ڪهاڻين ڏانهن وري، اهي ڪهاڻيون به ساڳي ماڻهو جون لکيل هيون ۽ انهن تي هيٺ رسالي جو نالو به ظاهر ٿيل هو. ڪهاڻين وارو پنو گهڻو وقت گذرڻ ڪري جتان ڪٿان ڀُري رهيو هو ۽ هوءَ احتياط کان ڪم وٺي رهي هئي، هن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. “هوءَ ڪنهن شاعر جو خواب آهي يا خواب جهڙي آهي، هن جي اکين لڙڪن سان وضو ڪيو، جن کي ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ آسمان سندس اکين ۾ لهي آيو هجي. هن جو پيار ڄڻ ته جر ڦوٽو، جنهن ۾ لمحن لاءِ رنگ اُڀريا ۽ غائب ٿي ويا. بس کيس ائين لڳو ڄڻ وقت جي وڻ تان پيار جا سڀ لمحا ڇڻي چڪا آهن.” هوءَ ڪهاڻي پڙهندي پنهنجي منهن ورد ڪندي رهي، کيس خطن ۽ ڪهاڻين ۽ سرجيل خيال تمام بهترين لڳا، اهڙا خوبصورت خط انهيءَ کان اڳ هن جي نظر مان ڪونه گذريا هئا، هن سوچيو ته جيڪڏهن انهيءَ ماڻهو سان ملي سگهجي ٿو ته ڇو نه ملاقات ڪئي وڃي. هوءَ هر انهيءَ ليکڪ سان ملاقات ڪري انهيءَ کان آٽوگراف وٺي چڪي هئي، جيڪو کيس سٺو ٿي لڳو ۽ هن کي خيال آيو ته هن ڪهاڻيڪار بابت فقط انهيءَ رسالي جو ايڊيٽر ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپيون آهن. ٻئي ڏينهن هوءَ رسالي جي ايڊيٽر سان ملڻ وئي. ايڊيٽر ڪنهن ڪم ۾ مصروف هو، انهيءَ ڪري کيس انتظار ڪرڻو پيو. ڪجهه دير ۾ ڪمري اندر هڪ جهونو ماڻهو داخل ٿيو، جنهن کي ٿلهن شيشن وارو چشمو پهريل هو ۽ جنهن جي مٿي تي ڪجهه ئي وار بچيل هئا. هن کي ڦڻي ائين ڏنل هئي ڄڻ هو پنهنجي گنج کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. هو سگريٽ به پي رهيو هو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيندي هن سگريٽ وسائي ڇڏيو ۽ نرم مزاج سان پڇيائين “جي توهان کي مون سان ڪم آهي؟”
    “مون کي هڪ ليکڪ جي باري ۾ پڇا ڪرڻي آهي، انهيءَ جو نالو خيال آهي ۽ اڄ کان تقريبن پندرنهن سال اڳ هن جون ڪهاڻيون توهان جي رسالي ۾ ڇپيون آهن.”
    ايڊيٽر کيس غور سان ٻڌو ۽ چيائين “ڏسو محترمه هتي ڪئين ليکڪ ڇپبا رهن ٿا پر اسان وٽ ڪنهن جو رڪارڊ ناهي ۽ توهان ته انهيءَ ليکڪ بابت پڇا ڪري رهيون آهيو، جيڪو اڄ کان پندرنهن سال اڳ ڇپيو آهي. ٻارنهن سال ڪو گهٽ عرصو ته ناهي، اهو ڪافي مشڪل ڪم آهي.”
    “پر توهان ڪوشش ته ڪريو، هي انهيءَ جون ڇپيل ڪهاڻيون آهن.” هن ڪهاڻيون ايڊيٽر حوالي ڪيون. ايڊيٽر پهرين چشمي ذريعي انهن کي ڏٺو ۽ پوءِ چشمو لاهي وڌيڪ غور سان ڏٺو ۽ ذهن تي زور ڏيندي چيو “خيال! ها هي ته ڪافي پراڻو ليکڪ آهي، انهن ڏينهن ۾ ڪافي لکندو هو پر هاڻي ته گمنام ٿي چڪو آهي، ڪافي سٺو ڪهاڻيڪار آهي يا هو!؟”
    “ڇا مطلب هو؟” هن پريشان ٿيندي پڇيو.
    “ڏسو هنن ڪهاڻين کانپوءِ هن جي ڪا به ڪهاڻي اسان تائين ناهي پهتي ۽ نه وري مون هن جي ڪا ڪهاڻي ڪنهن ٻئي مئگزين ۾ پڙهي آهي، مون کي ياد ناهي ته آئون هن سان مليو هجان، هن جون ڪهاڻيون اسان وٽ اينديون هيون ۽ اسين ڇاپي ڇڏيندا هئاسين. مون کي ته سندس اصل نالي جي به خبر ناهي. خيال ته هن جو ادبي نالو ٿو لڳي.” اها ڳالهه ٻڌي هوءَ ڪجهه مايوس ٿي وئي.
    “خير آئون ڪوشش ڪندس ته انهيءَ جو ڏس پتو ملي پوي پر توهان کي هروڀرو انهيءَ گمنام ليکڪ جي ڳولا ڇو آهي؟”
    “ڇو ته مون کي هر انهيءَ ماڻهو سان ملڻ جي خواهش هوندي آهي، جيڪي خوبصورت خيالن کي جنم ڏيندا آهن ۽ هي ڪو ننڍڙو ماڻهو نٿو لڳي، توهان کي جيئن ئي هن بابت ڪا خبر چار ملي ته مون کي منهنجي فون نمبر تي اطلاع ڪجو.” هوءَ ايڊيٽر کي پنهنجو نمبر ڏئي هلي آئي. انهيءَ ڏينهن شام جو کيس پنهنجي گهر وڃڻو هو، جتي هوءَ هر ٻئي هفتي ويندي هئي، شام ڌاري هوءَ جيئن ئي پنهنجي گهر جي در تي پهچندي هئي ته مالهي وحيد کيس تازن گلن جو گلدستو پيش ڪندو هو ۽ هوءَ مرڪندي هن جي هٿن مان گل وٺي پنهنجي ڪمري ۾ رکندي هئي. صبح جو اڃا ننڊ پيل هوندي هئي ته وحيد هن جي سيرانديءَ کان رکيل گلدان ۾ گل سجائي ڇڏيندو هو ۽ هن جي نظر پهرين انهن گلن تي پوندي هئي، جنهن سان سڄو ڪمرو مهڪيل هوندو هو. وحيد هن جي غير موجودگي ۾ به هن لاءِ روز گل رکندو هو. هو انهن وٽ ڪافي عرصي کان ملازم هو ۽ هر وقت گلن ۽ ٻوٽن سان وقت گذاريندي نظر ايندو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو وحِيد لان ۾ گلن ۽ ٻوٽن جي صفائي ڪري رهيو هو ته هوءَ انهيءَ سان ڪچهري ۾ لڳي وئي.
    “وحيد اهو ٻڌائي ته هي گل ڪومائجي مري ڇو ويندا آهن؟” هن پڇيو.
    وحيد پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا ۽ چيائين “مئڊم! گل مرندا ناهن بلڪه اهي ٻين ٽڙندڙ گلن تي قربان ٿي ويندا آهن، اهي نئين زندگي بڻجي ايندا آهن.” وحيد جي جواب کيس لاجواب ڪري ڇڏيو.
    “مئڊم! توهان هي جيڪي پوپٽ ڏسي رهيون آهيو، اهي رڳو رنگين پرن وارا جيت نه آهن بلڪه ائين سمجهو ته اهي محبتن جا سفير آهن.” هن وري ڳالهايو.
    “وحيد تون ته ڪنهن ڪنهن مهل بلڪل فلسفي لڳندو آهين، تنهنجي اندر سچ به ڪو فلسفي لڪل آهي.”
    “نه مئڊم! آئون ته بس اهو ئي ڳالهائيندو آهيان جيڪو زندگي مون کي سيکاريو ۽ ڏيکاريو آهي. آئون ته هنن گلن ۽ پوپٽن کي پڙهندو آهيان، هي ئي منهنجا دوست آهن.” وحيد ڪجهه موتئي جا گل پٽي هن کي ڏنا.
    “هي وري ڇا؟” هن پڇيو.
    “ڪجهه گل ته ٽارين تي سٺا لڳندا آهن پر جڏهن اهي ڪنهن خوبصورت وجود جي هٿن ۾ ايندا آهن ته اهي وڌيڪ سهڻا ٿي پوندا آهن.” هن مرڪندي چيو ۽ وري ڪم ۾ لڳي ويو. وحيد بظاهر ته مالهي هو پر هن کي لڳندو هو ته هو جيڪي ڳالهيون ڪندو آهي، اهي ڪتابي آهن، جن مان هميشه هن کي گلن جي سڳنڌ ايندي هئي. هن کي جڏهن وقت ملندو هو ته هوءَ وحيد سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ هو به هر دفعي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏيندو هو جيڪا هن لاءِ معنيٰ خيز هوندي هئي. هن کي لڳندو هو ته وحيد جيڪو آهي، اهو ناهي بلڪه هن جي اندر هڪ ٻيوماڻهو به آهي جيڪو به هن وانگر معصوم لڳندو هو. هن انهيءَ ماڻهو کي فقط هن جي خوبصورت ڳالهين جي آرسي ۾ ڏٺو هو. هڪ دفعي هن وحيد کان محبت بابت سوال پڇيو. تڏهن هن صرف ايترو ئي چيو ته سندس حصي ۾ ڪنهن جي به محبت نه آئي. انهيءَ ڪري هن گلن سان محبت شروع ڪري ڏني.
    هن کي وحيد هميشه هڪ بيچين روح ٿي لڳو، ٻن ڏينهن کانپوءِ هوءَ هاسٽل موٽي آئي ۽ هن وري انهن ئي خطن کي پڙهڻ شروع ڪيو. هوءَ انهيءَ ڳالهه جو اندازو ڪري چڪي هئي ته خيال جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو هو، موٽ ۾ انهيءَ خيال کي ايتري محبت نه ڏني، هر خط ۾ ڪا نه ڪا شڪايت ضرور هئي ۽ هو هڪ مجبور ۽ معصوم ماڻهو نظر ٿي آيو. بهرحال هن طئه ڪيو هو ته هوءَ ڪيئن به ڪري انهن وڃايل ڪهاڻِين جو سرو ڳولي لهندي. هن سان ايڊيٽر اڃا تائين ڪو به رابطو نه ڪيو هو، انهيءَ ڪري هن ايڊيٽر سان فون تي رابطو ڪيو پر هن ٻڌايو ته اڃا تائين سندس ڪم ناهي ٿي سگهيو پر هن اهو به چيو ته هو مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ڪا خبر ملي ته کيس انهيءَ وقت فون ڪري آگاهه ڪندو. هن کي ايڊيٽر جي ڳالهين مان ائين لڳي رهيو هو ته هو انهيءَ ڪم ۾ سنجيده ناهي پر هن وٽ انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به نه هو. انهيءَ ڪري هن وري ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ مناسب سمجهيو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ايڊيٽر هن کي فون ڪيو ۽ خيال بابت ٻڌايو ته انهيءَ جو اصل نالو وحيد آهي ۽ هُن هن جي شهر جو نالو کڻي چيو ته اتي هو ڪنهن گهر ۾ مالهي آهي ۽ گمنام زندگي گذاري رهيو آهي. ايڊيٽر اهو به ٻڌايو ته اها ڄاڻ کيس خيال جي ويجهي دوست ڏني. هوءَ بلڪل به حيران ٿي وئي ته وحيد ئي خيال آهي، جنهن جي ڳولا ۾ هوءَ نڪتل هئي پر هن کي خوشي به ٿي ته سندس ڳولا ڪامياب رهي. هن فيصلو ڪيو ته هوءَ هڪ ٻن ڏينهن ۾ گهر ويندي ۽ وحيد سان تفصيلي ڪچهري ڪندي ۽ انهيءَ کان آٽوگراف به وٺندي.
    هڪ شام جڏهن هوءَ ڊائري کڻي گهر پهتي ته وحِيد هن کي در تي گل ڏيڻ نه آيو ۽ ڪمري ۾ به تازا گل رکيل نه هئا. هن پنهنجي ماءُ کان وحيد بابت پڇيو ته هن ٻڌايو هو ويو هليو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ انهيءَ بابت ڪجهه به نه ٻڌائي ويو. هوءَ ڪافي مايوس ٿي وئي ڇو ته جڏهن هوءَ هن سان ڪچهري ڪندي هئي ته انهيءَ کي سڃاڻي نه سگهي ۽ جڏهن هن کيس سڃاتو ته هو خبر ناهي ڪٿي گم ٿي ويو. هوءَ ڪمري جي دريءَ وٽ اچي بيٺي جتان هوءَ لهندڙ سج کي ڏسي رهي هئي ۽ هن کي لڳو ته هڪ ليکڪ جي ڪهاڻين جو سج به لهي چڪو هو.


    13. سِڪو

    آئون اڃا تائين چوڪ تي انهي دوست جي انتظار ۾ آهيان، جنهن سان مون کي ضروري ڪم آهي. ڪافي دير ٿي چڪي آهي پر اڃا تائين ڪ نه پهتو آهي، منهنجي ٽرين جو به وقت ٿي رهيو آهي، بس ڪجهه دير ئي ته آهي پر خير اڃا ڪجهه دير انتظار ڪري سگهجي ٿو. اڃا اهو سوچيم پئي ته منهنجي نظر انهي فقيرياڻي تي پئي جيڪا خيرات گهرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهي هئي. هن زور سان صدا هنئي. “خدا جي نالي ڪجهه ڏئي وڃ”. مون هن جي صدا ٻڌي منهن ڦيري ڇڏيو پر هو وري به ساڳي ڪار لايو بيٺي هئي. “اي سخي خدا جي نالي.”
    “هاڻي معاف ڪر هل هتان، جان ڇڏ..” مون کيس سخت لهجي ۾ جواب ڏنو.
    پوءِ هوءَ منهن ڦٽائيندي ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندي آهستي آهستي هلي ويئي ۽ سامهون فوٽ پاٿ تي پنهنجي ٻارن سان ويهي رهي. سندس ننڍڙا ٻار ڇوڪري ۽ ڇوڪرو سندس ڪستي ۾ پيل سڪن سان کيڏي رهيا هئا. ڇوڪرو تقريبن چئن ورهين جو هو پر ڇوڪريءَ ڪافي ننڍي هئي. فقيرياڻي پنهنجو چولو مٿي ڪري ننڍڙي کي کير پيارڻ لڳي. انهيءَ دوران ڪيترائي ماڻهو فقيرياڻي جي جهولي ۾ خيرات اڇلائيندا ٿي ويا. ڪنهن مهل ننڍڙو ٻارڙو به خيرات لاءِ ماڻهن پٺيان ٿي لڳو پر هر ڪنهن کيس ڌڪاري ٿي ڇڏيو ۽ ماءُ کيس هر هر پنڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي. ماءُ جا هنڌان هنڌان ڦاٽل ڪپڙا سندس جوان جسم کي ظاهر ڪري رهيا هئا. هن جي ڪارين اکين ۾ روڊ تان لنگهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جا عڪس نمايان ٿي رهيا هئا. هوءَ لاڳيتو ٻارڙيءَ کي کير پياري رهي هئي ۽ سندس ٻارڙو مختلف ماڻهن کان خيرات وٺڻ لاءِ پيرن تي ڪريو ٿي پر ڪنهن ماڻهو به خيرات ڏيڻ نٿي چاهي، هو مايوس ٿي جوان ماءُ جي پاسي ۾ ويهي ڪستي ۾ پيل سڪا ڳڻڻ ۾ مصروف ٿي ويو. آئون انهن کي روز انهي ساڳي جاءِ تي ڏسندو آهيان پر اڄ کين غور سان ڏٺو اٿم.
    هن پنهنجي ننڍڙي کي کير پياري بس ڪئي ۽ وري صدا هڻڻ لڳي. “اي سخي رب جي نالي” ڪنهن مهل مون کي هن جي اکين ۾ ٿڪاوٽ نظر ٿئي آئي. ٻارڙو خيرات نه ملڻ ڪري مايوس ٿي ٿئي ويو پر ماءُ کيس هر هر خيرات وٺڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي ۽ پاڻ سندس ننڍڙي ڌيءَ کي هنج ۾ کيڏائي رهي هئي. ٻارڙو روڊ تي هلندڙ گاڏين جي پرواهه ڪرڻ بنا ماڻهن جون ٽنگون جهلي رهيو هو. پوءِ وري مون کي خيال آيو ته هاڻي مون وارو دوست شايد نه اچي ۽ هاڻي مون کي هلڻ گهرجي پر نه اڃا ڪجهه دير انتظار ڪرڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو اچي وڃي. منهنجو ڌيان وري ٻارڙي ۽ فقيرياڻي ڏانهن وري ويو، آئون پنهنجا کيسا ڦلهورڻ لڳس، شايد ڪٿي ڪو سڪو هجي، انهي ٻارڙي کي ڏيان پر هو ته مون ڏانهن وڌي ڪونه ٿو ۽ نه وري مون هن ڏانهن وڌڻ پئي چاهيو، سڪي کي کيسي مان ٻاهر ڪڍي ڏٺم پر وري کيسي ۾ وجهي ڇڏيم، دل چاهيو پئي اهو سڪو انهي ٻار کي ڏئي ڇڏيان پر الائي ڪهڙي قوت هئي جيڪا مون کي روڪي رهي هئي. وري سوچيم ته ٻيا خيرات ڪو نه ٿا ڏين ته پوءِ آئون ڇو ڏيان ۽ وري جڏهن منهنجي نظر ڪجهه سڪن سان ڀريل ڪستي تي پئي ته من ۾ خيال آيو ته انهي ۾ هڪ سڪو منهنجو به هئڻ گهرجي...... پر آئون هن کي خيرات ڇو ڏيان. اهو ڪو هڪڙو ٻار ته ناهي جنهن کي خيرات ڪونه پئي ملي يا جيڪو ماڻهن جي پيرن هيٺيان ٿڏجي پيو. اهڙا ته ڪافي هوندا، وري اهو خيال تنگ ڪرڻ لڳو ته هي خدا جي نالي تي ڌندو ڪري رهيا آهن. انهن کي هڪ ٽڪو به نه ڏيڻ گهرجي. هي شهر الئه ڪيترن اهڙن فقيرن کي پناهه ۾ رکيو ويٺو آهي، جيڪي پنڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا پر هن ٻار کي ڪهڙي خبر ته هي ڪهڙو ڌندو ڪري رهيو آهي. هن کي سندس ماءُ ماڻهن جي پيرن ۾ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، انهي ۾ هن معصوم جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ مون وري پنهنجو سڪو ڪڍي تري تي رکي ڇڏيو ۽ ڪنهن مهل انهي کي پنهنجي مٺ ۾ دٻائي ٿئي ڇڏيم پر اها همت اڃا نه ٿي سگهي ته انهي ٻار کي هي سڪو ڏيان. وهمن جي زنجير منهنجي ذهن کي جڪڙي ڇڏيو. آئون ڪو به فيصلو نه پئي ڪري سگهيس پر جيڪڏهن آئون خيرات نه ڏيان ته ڇا ٿي پوندو؟ ڪو ڏوهه ته نه ٿي پوندو پر هڪ سڪو ڏيڻ ۾ ڇا آهي؟ جنهن سان آئون فقط هڪ سگريٽ ئي خريد ڪري سگهان ٿو، جيڪو ڪجهه دير ۾ دونهن ۽ خاڪ بڻجي غائب ٿي ويندو، آئون هڪ عجيب ڇڪتاڻ ۾ گهيرجي ويس.
    انهن ئي لمحن ۾ منهنجو ڌيان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ڇڪجي ويو، هر مهيني ارادو ڪندو آهيان پر ڪو نه ڪو ڪم نڪري ايندو آهي ۽ وري هن وسيع شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ڦاسي پوندو آهيان. اڃا گذريل مهيني ارادو ڪيم هئم ته ڳوٺ ويندس پر هڪ ته نوڪري اهڙي آهي جو موڪل نٿي ملي ۽ جي ملي ٿي ته فقط ٻه ڏينهن لاءِ ...... انهي کان اڳ جڏهن وڃڻ چاهيم پئي ته ويجهو دوست گذاري ويو. هي شهر به عجيب هوندا آهن، ڪيڏي به وڏي ميڙ ۾ ماڻهو هجي تڏهن به اڪيلائي جو احساس هميشه ڏنگيندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ساهه ئي بند ٿي ويندو. دل ته چوندي آهي ته هميشه لاءِ ڳوٺ هليو وڃان پر ٻارن جي ڪري شهر جي دوزخ ۾ رهيو پيو آهيان. اڄ وري ارادو ڪيو اٿم ته ڳوٺ نڪري وڃان پر ڪالهه جنهن دوست کي وقت ڏنو هو، اهو اڃا تائين ناهي پهتو، جنهن سان ضروري ڪم به آهي، جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ٻارن ۽ زال جون شڪايتون کڻي وري شهر جي گهٽين ۾ پاڻ کي غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر هميشه ائين ٿيندو آهي، ڄڻ گهٽيون منهنجو پيڇو ڪري رهيون هجن ۽ آئون انهن کان پڄندو پڄندو ٿڪجي پوندو آهيان ۽ وري ڪوشش ڪندو آهيان ته انهي مصنوعي دنيا جو حصو ٿيان پر هر ڀيري ناڪامي ٿيندي آهي. منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي زال ۽ ٻارن جون شڪايتون ختم ڪريان پر تڏهن به هر ڀيري ڪجهه شڪايتون رهجي وينديون آهن. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته آخري ڀيري جڏهن آئون ڳوٺ ويو هئس ته جمال اها شڪايت ڪئي هئي ته کيس ڪتابن جي ضرورت آهي ۽ مون واري ننڍڙي حميده به ٿڌ لڳڻ ڪري بيمار ٿي پئي هئي، پوءِ مس مس وڃي ٺيڪ ٿي هئي، هاڻي ته ڪافي مهينا ٿي ويا آهن ڪا خبر چار نه لڌي اٿم، ڪو نياپو نه موڪلي سگهيو آهيان، ها باقي پئسا هر ڀيري موڪلي ڇڏيندو آهيان پر هر مسئلو پئسو موڪلي ڇڏڻ سان ته حل ناهي ٿي ويندو. اهي پئسا منهنجي زال ۽ ٻارن لاءِ ته ڪافي آهن پر منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ڪجهه ٻيا گهر ڀاتي به ته آهن، جن جا مسئلا حل نه ڪرڻ جي ڪري ڳوٺ جا مهڻا سهڻا ٿا پون ۽ ڪنهن جا طعنا سهڻ جي سگهه مون ۾ ته بلڪل به ناهي. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري ڪنهن مجبوريءَ سبب بابا کي خرچ نه ڏئي سگهيو هئس ته منهنجي زال کي چئي ڏنائين “هاڻي سڀ پئسا هو تنهنجي تريءَ تي ٿو رکي.” انهي ڏينهن کانپوءِ ڇا به ٿي پوي بابا جي خرچ جا پئسا الڳ ڪري رکندو آهيان.
    مون واري زال کي ته بنا پئسي جيئڻ جي عادت آهي، هن کي ته بس اها ڳڻتي هوندي آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿئي. ڪئين ڀيرا سوچيم ته ٻارن کي شهر وٺي اچان پر هتي ٻارن کي وٺي اچڻ سان خرچ ٻيڻا ٿي ويندا. هڪ ڀيري اها ڳالهه بابا جي اڳيان رکي به هئم ته ماڳهين ڪاوڙجي پيو، ٻه ٽي ڏينهن ته ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين، نيٺ ٻارن کي اتي ئي رهڻو پيو ۽ آئون هتي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو آهيان، ڀتين سان ڳالهائيندو آهيان، جيڪي منهنجن جذبن کي سمجهي نٿيون سگهن. شهر الئه ڇو مون کي سک ڪونه ڏئي سگهيو آهي ۽ هونئن به آئون ڳوٺ ۾ تارن جي چادر هيٺ ۽ اڪيلي چنڊ جي ٿڌي روشنيءَ ۾ سمهڻ وارو ماڻهو، شهر جي روشني ۽ انهي جي ڊيڄاريندڙ اونداهي ۾ سمهي ڪو نه سگهندو آهيان. مون کي جيتري خوشي ڳوٺ وڃڻ تي ٿيندي آهي، اوتري شايد ڪنهن ٻئي موقعي تي ٿيندي هجي. منهنجي گهر واري جنهن جون اکيون هر لمحي گهر جي چانئٺ تي وڇايل هونديون آهن، تنهنجا به منهنجي مٿان ڪيترائي ٿورا آهن، جيڪي آئون ڪڏهن لاهي سگهندس،الئه نه. کيس ڪڏهن به ڪا چڱي شيءِ نه وٺي ڏئي سگهيو آهيان، بس هن کي ته پنهنجي خوشي کان وڌيڪ منهنجي خوشي پياري آهي. هتي ٻارن کانسواءِ رهڻ به ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، جڏهن آئون گهر جي در تي پهچندو آهيان ته ٻئي ٻار اچي چنبڙي پوندا آهن. رات جڏهن ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڪيم ته اهو به سوچيم ته ٻارن ۽ زال لاءِ ڪجهه وٺي ويندس پر انهي مهل ئي هڪ دوست کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه پئسا ڪڍي ورتا. حميده ته سدائين شڪايت ڪندي آهي ته “بابا اوهان ڪجهه به نٿا وٺي اچو” انهي وقت منهنجي ڪنن ۾ ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز گونجڻ لڳو۽ ڏٺم ته فقيرياڻي جي ٻارڙي روئي رهي آهي. جنهن کي هو ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
    انهي مهل مون پنهنجي گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو ته دوست کي ڏنل وقت ۾ فقط پنج منٽ بچيا هئا، منهنجو ساهه اڃا به انهي ٻارڙي ۾ ٽنگيو پيو هو. جيڪو ماڻهن کي اڃا تائين منٿون ڪري رهيو هو پر ڪنهن مهل ته مون کي ائين ٿئي لڳو ڄڻ منهنجو ساهه انهي ٻارڙي ۾ نه بلڪه انهي سڪي ۾ آهي، جيڪو اڃا تائين منهنجي مٺ ۾ هو ۽ گرمي جي ڪري پگهرجي چڪو هو ۽ آئون پنهنجو ڌيان ٻارڙي تان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ هئس. ان باوجود به انهي تان هٽائي نه سگهيس ۽ وري گهڙي ڏٺم ٽرين جو ٽائيم ٿي چڪو هو، دوست هاڻ ڪونه ايندو! پاڻ کي مطمئن ڪيم ۽ اتان وکون سورڻ لڳس ته ساڳيو ٻار منهنجي اڳيان اچي هٿ جهلي بيهي رهيو، مون هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو، هن جي اکين ۾ به اها ساڳي معصوميت هئي، جيڪا پنهنجي ٻارن جي اکين ۾ مون ڏٺي آهي. سڪو اڃا به منهنجي مٺ ۾ هو، فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته ڇا ڪريان، وري هڪدم ٻار کي چئي ڏنم “معاف ڪر” ٻارڙو اهو جواب ٻڌي هليو ويو ۽ آئون تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اسٽيشن ڏانهن وڌڻ لڳس، وري سوچيم ته مون کي اهو سڪو هن کي ڏيڻ گهرجي ها. پر خير آهي، آئون هلندو هلندو اچي اسٽيشن پهتس، ٽڪيٽ واري لائين ۾ لڳي ٽڪيٽ ورتم ۽ ٽرين ۾ ويهڻ جي تياري ڪيم، دريءَ جي ڀر واري سيٽ خالي هئي، انهي تي ويهي رهيس پر نه چاهيندي به منهنجو ڌيان انهي ٻارڙي ڏانهن ڇڪجي ٿي ويو، جنهن کي آئون سڪو نه ڏئي سگهيس. آئون سڪي کي تري تي رکي غور سان ڏسڻ لڳس، وري سوچيم ته ڪٿي اهو ٻارڙو ماڻهن جي ميڙ ۾ وڃائجي نه وڃي........يا ڪنهن........... منهنجي ذهن کي عجيب وسوسن ورائي ورتو. ريل گارڊ آخري سيٽي وڄائي ۽ ريل گاڏي کي سائي جهنڊي ڏيکاري. ريل آهستي آهستي رڙهڻ لڳي. آئون اڃا تائين هن ٻار بابت سوچي رهيو هئس، مون کي انهي ٻار کي ڏسڻ گهرجي، هڪدم فيصلو ڪيم ته آئون هن کي هي سڪو ضرور ڏيندس. آئون ريل مان لهي پيس. ريل مان لهي آئون ساڳئي چوڪ ڏانهن تڪڙيون وکون کڻندو اتي پهتس ۽ ڏٺم ته انهي فوٽ پاٿ جي چوڌاري ميڙ متل هو، جتي اها فقيرياڻي ويٺل هئي. آئون انهي ميڙ ڏانهن وڌيس ۽ ماڻهن کي هٽائيندو ميڙ ۾ داخل ٿيس، جيئن ئي منهنجي نظر انهي فقيرياڻي تي پئي ته گهٻرائجي ويس. فقيرياڻي پنهنجي ڇوڪري جي لاش تي ڳوڙها وهائي رهي هئي، شايد هن جو ٻار ڪنهن گاڏي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو هو. ماءُ جا لڙڪ هن جي اکين مان ڪرندا سندس ٻار جي رت ۾ جذب پئي ٿيا، ٻار جي لاش کي ڏسي منهنجي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي. انهي مهل منهنجي هٿ ۾ پيل پگهريل سڪو پٿريلي روڊ تي ڪري پيو ۽ کڙڪندو انهي ٻار جي هٿ وٽ وڃي پهتو، جيڪو ڪجهه دير اڳ هميشه لاءِ ٿڌو ٿي چڪو هو.


    14. ندي جو نوحو

    شام ٿي چڪي هئي،سڄي شهر تي سُرمئي رنگ جي چادر ويڙهجي وئي هئي. اهو رنگ ڄڻ ته هر وجود کي اداس ڪري ڇڏيندو هو. اُهي ٻئي نديءَ ڪناري ويٺل هئا. نديءَ ڇا هئي ڄڻ ته ڪنهن صحرا جو ڏيک هو،ورهيه ٿيا درياهه جو پيٽ پاڻي سان نه ڀراڻو هو. هر پاسي چمڪندڙ واريءَ جا ذرا هئا،ڪٿي ڪٿي وشال نديءَ جي پيٽ ۾ ڪجهه پاڻي جا دُٻا هئا،جيڪي سينورجي ويا هئا پر هڪ وڏي نديءَ ۾ انهن جي ڪهڙي حثيت هئي. آسمان سج جي هلڪي روشني جي ڪري ڳاڙهسرو نظر پئي آيو، جڏهن ندي وهندي هئي ته نيري آسمان جو عڪس نديءَ ۾ائين نظر ايندو هو ڄڻ ته آسمان انهي نديءَ جي هنج ۾ آرام ڪري رهيو هجي ۽ اهو پنهنجو چهرو نديءَ جي اکين ۾ پيو ڏسندوهو. ڪناري جي ٻنهي پاسي درياهه کان آشنا ٻيڙيون ڄڻ ته بيواهه هيون، ڪنهن مهل هوا لڳي ٿي ته واري جا ذرا آسپاس وکري ٿي ويا.
    “سسئي تو ڪڏهن نديءَ کي پنهنجي مستيءَ ۾ وهندي ڏٺو آهي؟”لطيف پڇيو.
    “ها!ڪافي وقت اڳ ڏٺو هئم،جيڪا هوا هن وقت واري اڏائي رهي آهي،اها هوا نديءَ جي وجود سان کيڏندي رهندي هئي،هاڻي ته هر پاسي واريءَ کي ڏسي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي” هن اداسي مان چيو.
    “هي نديءَ اسان جي ڌرتي جي سينڌ آهي،جنهن کي هتان جو هو ماڻهو سالم ڏسڻ ٿو چاهي ۽ ٻيو هي رڳو اسان لاءِ پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي بلڪه ماءُ آهي، ائين سمجهه ته ٿڃ آهي ۽ هن جو پاڻي هتان جي هر ماڻهن جي رڳن ۾ رت بڻجي وهي ٿو، مون ڪيئي ڀيرا هتان لهندڙ سج جو منظر ڏٺو آهي پر هاڻي آئون هتي انهيءَ سج کي ڪونه ڏسي سگهندو آهيان جنهن جو عڪس نديءَ ۾ ناهي” لطيف سج ڏانهن کڄندڙ نظرون ڦيرائيندي چيو.
    “توکي ڇا لڳندو آهي،هي درياهه وري ائين وهندو؟وري ساڳي مستي ۾ جنهن ۾ ڪئين خوشيون ۽ ڪئين رنگ شامل هوندا هئا ۽ وري هر ماڻهو ائين خوش ٿيندو، جيئن هو ڪنهن دور ۾ هو؟”سسئي پڇيو.
    “ها آئون مايوس ڪونه آهيان پر انهيءَ لاءِ وڙهڻ جي ضرورت آهي،پنهنجي پاڻيءَ لاءِ هڪ وڏي ويڙهه جي ضرورت آهي. مون هڪ سنڌ انهيءَ مهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي آهي جنهن جي اکين ۾ انهيءَ ڪري پاڻي هو جو نديءَ ۾ پاڻي ناهي۽ هڪ سنڌ اها آهي جيڪا منهنجي ۽ تنهنجي اکين ۾ آهي. جيڪا بظاهر ته خوشحال آهي پر اصل ۾ ائين ناهي. مون جيڪا سنڌ مُهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي هئي جنهن لاءِ ڪُل ڪائنات هي نديءَ آهي،اها سنڌ به اسان جي آهي. جنهن ۾ اُڃ آهي،بُک ۽ بدحالي آهي ڇا تون نه چاهيندين ته انهيءَ مزدور ۽ هاري جي اکين ۾ انهيءَ سنڌ جا خواب هجن جنهن ۾ ڪو بُکيو ۽ اُگهاڙو نه هجي.”
    “پر جنهن ويڙهه جي تون ڳالهه ڪري رهيو آهين،اها ته اسين هارائي چڪا آهيون ڇا ٿيو آهي هيستائين؟ڪوبه ناهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي اسان جو آواز جن ڪنن تائين پهچي ٿو، اهي ٻوڙا آهن،ڪير آهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي ۽ وراڻي ڏئي؟انهي ۾ ته ويڙهه جي ڳالهه ئي اجائي آهي.”
    “سسئي اڃا ويڙهه شروع ئي ڪٿي ٿي آهي،اڃا ته فقط اعلان ٿيو آهي ۽ تون چوين ٿي ته اسين هارائي ويا آهيون. آئون يا ڪو به باضمير ماڻهو ظلم خلاف پنهنجا چپ سِبي نٿو سگهي ۽ نه ئي آئون پنهنجا چپ سبڻ چاهيان ٿو. جڏهن ظلم ۽ جبر خلاف آواز نه اٿاربو ته ظلم وڌندو آهي پر گهٽجي نٿو سگهي،آئون ڌرتي ۽ پاڻي لا وڙهندي ماريو وڃان ته نه رڳو تون پر هر ماڻهو مون تي فخر ڪندو پر ظلم سهي بزدل ٿي مرڻ مون کي قبول ناهي ۽ پوءِ جڏهن جبر خلاف هڪ به آواز اٿاربو آهي ته لکين خاموش زبانون کُلي پونديون آهن ۽ اهو آواز حاڪمن جي نڙيءَ تي ننهن بڻجي گهُٽو ڏيندو آهي. آئون به اهڙي زبان ٿيڻ چاهيان ٿو جيڪا ظلم جي ديوارن ۾ نه رڳو ڏار وجهي پر انهيءَ کي ڪيرائي پَٽ ڪري ڇڏي.”
    سسئي محسوس ڪيو ته اها ڳالهه ڪندي لطيف جي اکين ۾ چمڪ ۽ اعتماد گڏ اڀري رهيا هئا.
    “پر ائين نٿو ٿي سگهي ته سڀ ڪجهه حالتن تي ڇڏي ڏيون ۽ سڀ ڪجهه آهستي آهستي ٺيڪ ٿي وڃي، ٿي سگهي ٿو اهو وقت تمام ويجهو هجي جو هن نديءَ جو پاڻي ڪنارن کي وري چمڻ لڳي.”
    “حالتن جي سڌرڻ ۽ سٺي وقت جي انتظار ۾ نسل ختم ٿي ويندا. جيڪي ماڻهو حالتن جي سٺي ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن،اهي به ظلم ۾ ايترا ئي ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن جيترو ظلم ڪندڙ هوندو آهي. ڳالهه رڳو هن نسل جي ناهي پر ايندڙ نسل جي به آهي. آئون پنهنجو نالو غدارن ۾ لکائڻ نٿو چاهيان. اهو چوڻ ته تاريخ پنهنجو حساب پاڻ وٺندي اها اجائي ڳالهه آهي. انهي کان بهتر آهي ته اسين پاڻ ڪا جدوجهد ڪري نئين تاريخ لکون. جيڪا ظالم لاءِ عبرتناڪ هجي. دنيا ۾ ڪوبه انسان ڪمزور ناهي پر پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿو ۽ ڪوبه ظالم ايترو طاقتور ناهي بلڪه اسين پاڻ کي ڪمزور سمجهندا آهيون،انهي ڪري اهو اسان کي زور آوار لڳندو آهي. جڏهن ڪمزورن جو آواز هڪ ٿيندو ته اها اهڙي طاقت بڻجي اڀرندو آهي، جيڪا اُڀ به ڏاري سگهي ٿي ۽ انهيءَ آواز ۾ تنهنجو ۽ منهنجو آواز به شامل هجڻ ضروري آهي.”
    “پر تون ته ڄاڻين ٿو ته اسان وٽ ڪنهن احتجاج ۽ آواز کي موٽ ناهي ملي،انهيءَ ڪري اها ڪوشش فضول آهي،ڪجهه به نه ٿيندو ۽ ائين سڀ ڪجهه هلندو رهندو.”
    “ائين مايوسي ۾ نتيجا ڪڍي ويهي رهڻ اجائي ڳالهه آهي،قومن جي تقدير عام ماڻهو به مٽائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ماضي ۾ آواز کي نه ٻڌو ويو ته ڇا هميشه لاءِ ائين ٿيندو رهندو؟ جڏهن تاريخ آرس ڀڃي اٿندي آهي ته سڀ ڪجهه مٽجي ويندو آهي. مون ته ڇا بلڪه تو به انهن مائرن،پيرين اگهاڙن ٻارن ۽ ليڙون ليڙون ٿيل وجودن کي اُس ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ احتجاج ڪندي ڏٺو آهي ۽ انهن جو آواز ڪڏهن ناهي مرڻو،اهو آواز تاريخ ۽ وقت جي ڪنن ۾ هڪ چيخ بڻجي لهندو. اهو ئي آواز اسان جي نجات جو ذريعو بڻبو،ڇا اسين هن نديءَ ڪناري ويٺا آهيون ته توکي ائين نٿو محسوس ٿئي ته هي ندي پنهنجو نوحو ٻڌائي رهي هجي،جيڪڏهن تون اهو نوحو ٻڌي نٿي سگهين انهي جي حالت ته ڏسي سگهين ٿي ڇا هن جي ورهين کان خاموشي اسان سان اها شڪايت نٿي ڪري ته هي وري تار ٿي وهڻ ٿي چاهي،جيڪو ماڻهو نديءَ جو نوحو ٻڌي به ڪجهه نٿو ڪري ته انهيءَ کي هن ڌرتي تي جيئڻ جو ڪوبه حق ناهي” هن جي اکين ۾ ڪاوڙ اڀرڻ لڳي.
    “اهو ته صحيح آهي پر اهو سڀ ڪجهه ايترو سولو به ناهي جيترو نظر اچي ٿو.”
    “آئون ڄاڻان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه آسان ناهي پر اها ويڙهه انهي ڪري نه وڙهجي جو ڪم ڏکيو آهي،جيڪي انهي خوف کان ويڙهه ناهن ڪندا،اهي سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن. تو کي ياد آهي مون توکي چيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته چانڊوڪي رات ۾ جڏهن هي ندي پنهنجي مستي ۾ وهندي هجي ۽ جهونگاريندي اڳيان وڌندي هجي ته آئون تنهنجو هٿ پڪڙي هلان ۽ صبح تائين هتي ئي ويٺا هجون” اها ڳالهه ڪندي هن جي چپن تي مرڪ تري آئي۽ سسئي جي چهري تي به هلڪي هلڪي مرڪ اُڀري آئي.
    “ها اهو ته آئون به چاهيان ٿي ته هر چانڊوڪي رات ۾ پاڻ ٻئي هتي اچون ۽ زندگيءَ جا حَسين پل گذاريون پراها تمنا الئه ڪڏهن پوري ٿيندي؟” هوءَ ڪجهه اُداس ٿي وئي.
    “ها مون کي به انهي وقت جو انتظار آهي پر اسان جي انهي خواهش کان وڌيڪ ماڻهن جا ڏک وڌيڪ اهم آهن ڇا ٿيو جيڪڏهن اسان جي اها خواهش پوري نه ٿي،ٿي سگهي ٿو ايندڙ نسل اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ۽ ڏسي سگهي جنهن کان اسين محروم آهيون. جيڪڏهن اسان جي قرباني سان هر ايندڙ نسل خوش ٿي حياتي گذاري سگهي ٿو ته اهو سودو ايڏو مهانگو ناهي پر انهي لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي،انهي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهندو”
    سج آسمان تان غائب ٿي چڪو هو،شام رات سان گلي ملي رهي هئي. آسمان تي موجود چنڊ آهستي آهستي روشن ٿي رهيو هو پکين جي پنهنجن آکيرن ڏانهن واپسي جاري هئي،لطيف ۽ سسئي اٿي بيٺا.
    “سسئي! هو ڏس اڄوڪو سج به لهي ويو پر اسان کي نئون سج اڀارڻو آهي،اهڙو سج جيڪو انقلاب جي علامت بڻجي نروار ٿئي،جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي اکين ۾ آهي ۽ جڏهن اهو سج اُڀرندو ته هي نديءَ وري ڪڏهن به پنهنجو نوحو نه ٻڌائيندي. جيڪڏهن تون مون سان آهين ته تنهنجي هر وِک به مون سان کڄڻ گهرجي”هن پنهنجو هٿ سسئي ڏانهن وڌائيندي چيو.
    “آئون به اهڙو آواز ٿينديس جيڪو آسمان ڏاري وجهي”سسئي پنهنجو هٿ لطيف جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. پوءِ ٻئي وِک وِک سان ملائي هڪ نئين منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. هنن جي پيرن جا نشان واريءَ تي نروار ٿي رهيا هئا،جيڪي انهي ڏسا ڏانهن پئي ويا جتان نئون سج نروار ٿيڻو هو.


    15. ٻه شهر

    شهر جي گهٽين ۾ ائين ئي بنا ڪنهن سبب جي گهمڻ ۾ هڪ عجيب مزو آهي.... هاڻي انهن گهٽين ۾ رلڻ منهنجي عادت ٿي چڪي آهي ۽ عادتون لڳي وڃن ته پوءِ ڪيئن ٿيون ڇڏي سگهجن، جيئن ئي صبح جو سج جي چٽي روشني شهر جي گهٽين کي روشن ڪندي آهي. انهي کان منهنجي آوارگي جو وقت شروع ٿي ويندو آهي ۽ هنن گهٽين ۾ گم ٿي ويندو آهيان، جتي هڪ الڳ دنيا آباد آهي. ڪنهن گهر جي در تي بيٺل سهڻي ڇوڪري کي پنهنجي خيالي محبوبه سمجهڻ ۽ وڏا وڏا وهم سنڀالي هلڻ منهنجي اها ئي عادت آهي. جيڪا شهر جي گهٽين تائين محدود آهي پر ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن، آئون انهن گهٽين ۾ اڪيلو ئي آوارگي ڪونه پيو ڪريان، بلڪه هڪ ٻيو ماڻهو به آهي، جيڪو منهنجي ننڍڙي ۽ خوبصورت دنيا ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آئون کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان ائين اڪيلو گهمندي ڦرندي ڏسي رهيو آهيان پر هڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته هي اڌڙوٽ عمر جو همراهه جيڪو پنهنجي قد بت ۾ چڱو ۽ شڪلائتو آهي. اهڙا ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهي. انهي کان اڳ مون کيس هن شهر ۾ ناهي ڏٺو پر هو مون وانگر گهٽين ۾ آوارگي ڇو ڪري رهيو آهي؟ هلندي هلندي بيهي رهندو آهي ۽ پنهنجي چپن تي هلڪي مُرڪ آڻي وري هلڻ لڳندو آهي. شايد هو ڪجهه ڳولي رهيو آهي پر ڇا ڳولي رهيو آهي؟ اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هيترن ڏينهن ۾ ناهي ملي سگهي؟ انهن سڀني سوالن مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو. هڪدم فيصلو ڪيم ته اڄ انهي ماڻهو سان ملاقات ڪبي. هلندي هلندي هو هڪ اهڙي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان منهنجو گذر گهٽ ٿيندو آهي، نيٺ مون کي پنهنجي آوارگي وارو ارادو ملتوي ڪرڻو پيو ۽ هن ماڻهو کي وقت ڏيڻ پئي چاهيم. آئون هن جي پٺيان انهي ئي گهٽي ۾ داخل ٿيس جتي هو بت بڻيو بيٺو هو، سوچيم ته اڄ هن سان ضرور ڪچهري ڪبي. مون هن جي ڀر ۾ وڃي کيس چيو.
    “ ٻڌو....” هن منهنجي سڏ کي نه ٻڌو هو ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل هو وري چيم،” ٻڌو” هو هڪدم پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ موٽي آيو. هن مون کي چتائي ڏٺو، کيس منهنجو ائين مخاطب ٿيڻ نه وڻيو، ساعت کانپوءِ ماٺ کي ٽوڙيندي پڇيائين”ڇا ڳالهه آهي؟”
    “آئون توهان کي روز هنن گهٽين ۾ گهمندي ڏسندو آهيان، انهي ڪري سوچيم ته اوهان سان ملاقات ڪجي. منهنجي خيال ۾ توهان انهن گهٽين ۾ ڪجهه ڳولي رهيا آهيو؟ يا توهان ائين ئي مون وانگر آوارگي ڪري رهيا آهيو؟ توهان کي ڪنهن جي ڳولا آهي؟”مون پڇيو.
    هن جي خشڪ چپن تي مرڪ جي آلاڻ تري آئي،مرڪڻ مهل ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هوءَ ورهين کانپوءِ مرڪيو هجي. مسڪرائڻ وقت سندس چهري ۾ پيل گُهنج کيس وڌيڪ خوبصورت بڻائي رهيا هئا.
    “توکي ڪيئن خبر پئي ته آئون ڪجهه ڳولي رهيو آهيان.” هن هلڪڙي آواز ۾ مخاطب ٿيندي پڇيو....
    “اهو منهنجو اندازو آهي.”
    “ها! واقعي آئون ڪجهه ڳولي رهيو آهيان.”
    “پر توهان جي اهڙي شيءِ آهي جيڪا هن شهر جي گهٽين ۾ وڃايل آهي؟ “ منهنجي انهي سوال تي هن کي هڪ دفعو وري ماٺ وڪوڙي وئي ساعت کانپوءِ چيائين
    “مون کي منهنجي خوبصورت ماضي ۽ حسين يادن جي ڳولا آهي. جيڪي هت ئي هنن گهٽين ۾ گم آهن.”
    ماضي، حسين يادون؟! اهي سڀ ڳالهيون منهنجي لاءِ نيون هيون..”پر ماضي ته ڪنهن کي ناهي مليو.”
    “ها پر انهن کي ڳولڻ ۾ ڇا آهي؟” هو ڪافي اعتماد سان ڳالهائي رهيو هو.
    “هن گهٽي ۾ منهنجو ساهه منجهي رهيو آهي، منهنجي خيال ۾ هاڻي هتان نڪرڻ گهرجي” مون چيو.
    آئون هن سان گهٽي مان نڪرڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس ته هن وٽ ڪيتريون ئي خوبصورت يادون آهن، جن جي ڳولا ۾ هو نڪتل آهي.
    “تنهنجو هن گهٽي ۾ ساهه ڇو منجهڻ لڳو هو؟ “
    “ائين ئي شايد سوڙهي گهٽي آهي، آئون انهي گهٽي ڏانهن تمام گهٽ ويندو آهيان.”
    “ها! توکي اها گهٽي انهي ڪري سوڙهي لڳندي هوندي جو منهنجي ماضي جو گهڻو حصو ۽ يادون انهي گهٽي ۾ رهنديون آهن”
    آئون ماٺڪو هن سان هلندو رهيس.
    “توکي هي شهر ڪيئن لڳندو آهي؟” سندس اوچتي سوال مون کي پريشان ڪري وڌو.
    “سٺو لڳندو آهي.”
    “ڇو؟” سندس ٻيو سوال مون لاءِ وڌيڪ ڏکيو هو بنا سوچي سمجهي چئي ڏنم”انهي ڪري جو هي منهنجو شهر آهي.”
    “تنهنجو شهر آهي...”
    “ها! منهنجو شهر آهي.” مون وڌيڪ اعتماد سان چيو شايد هن کي منهنجو جواب نه وڻيو، انهي ڪري هو طنز ڪري رهيو هو.
    “پر هي شهر مون کي ڇو وڻندو آهي.... خبر اٿئي؟ انهي ڪري جو هي هن جو شهر آهي.” منهنجي سبب پڇڻ کان اڳ ئي هن جواب ڏئي ڇڏيو.
    “هن جو شهر.... آئون سمجهي نه سگهيس؟ هو ڪير آهي؟ “
    “هو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي.” سندس عجيب ڳالهيون منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. هو اوچتو بيهي رهيو ۽ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي نم جي وڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين.
    “اچ ٿورو هن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي آرام ڪريون.” هو مون کي انهي وڻ جي ڇانوَ ۾ وٺي ويو، جيڪو هن شهر جو سڀ کان پراڻو نم جو وڻ آهي. اسين ٻئي انهي وڻ هيٺ ويهي رهياسين. هو نم جي ٿُڙ کي ٽيڪ لڳائي ويٺو. هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ٿوري دير کانپوءِ هن پنهنجيون ٿڪل اکيون جن ۾ ورهين کان اوجاڳا آباد هئا کوليائين پر بند اکيون به خوبصورت پئي لڳيون.
    “هن وڻ هيٺ منهنجيون ڪيئي يادون رهنديون آهن. هاڻي هن وڻ جي ڇانو ايڏي ٿڌي ڪونهي پر هوءَ جڏهن ايندي هئي ته ڇانو تمام ٿڌي لڳندي هئي.” هن چيو.
    هن ڀيري آئون سمجهي ويس ته هي ماڻهو سڄي واٽ جنهن جو ذڪر ڪندو آيو آهي، اها هن جي محبوبه آهي.
    “منهنجي خيال ۾ هاڻي ٻئي پاسي هلڻ گهرجي. هو اٿيو ۽ اسين وري هلڻ لڳاسين.
    “تون هو موڙ ڏسي رهيو آهين. اتي به هڪ ياد منهنجو انتظار ڪري رهي آهي، جنهن سان مون کي ملڻو آهي.”
    اسين انهي موڙ وٽ پهتاسين جتي مون کي ڪجهه نظر نه آيو. هو پوڙهو اتي بيهي رهيو ۽ مسڪرائي وري هلڻ لڳو.
    “هتي مون هن جي اکين جي ساراهه ڪئي هئي، انهي ڪري آئون بيهي رهيس، هن جون اکيون ڪنهن سمنڊ جيتريون گهريون ڪو نه هيون پر پوءِ به خوبصورت هيون، ڪنهن جهڙيون آهن؟ ها! بلڪل ڪنهن ننڍڙي سپ جهڙيون”
    هو پاڻ کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش پئي لڳو. هو اڃا تائين پنهنجي ماضي جي سحر ۾ گم آهي.... پر ڇا هو هن کي ڇڏي وئي؟ يا مري چڪي آهي؟ آئون پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ پڇي ڏسجي پر ٻي لمحي سوچيم ته اهو مناسب ڪونهي، ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏي. منهنجي آوارگي جو وقت هاڻي ختم ٿيڻ وارو هو، ڇو ته سج پنهنجي سڄي گرمي شهر جي جهولي ۾ وجهي رهيو هو پر مون هن کي ڇڏڻ ڪونه پئي چاهيو، هو هڪ گهر جي در وٽ بيهي رهيو، شايد هي هن جو ئي گهر هو. هن پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي چاٻي ڪڍي، گهر جو در کولي مون کي اندر اچڻ جو چيائين آئون بنا ڪنهن حجاب جي اندر داخل ٿيس. هو گهر جون چاڙهيون چڙهي مٿئين ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو، آئون هن جي پٺيان هلندو ڪمري ۾ داخل ٿيس ۽ هن مون کي ويهڻ جو چيو. آئون ڪرسي تي ويهي رهيس، ڪمرو ڪافي سٺو سينگاريل هو. هو به ڀر ۾ رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو.
    “هي منهنجو ۽ هن جو ڪمرو آهي پر هاڻ اسين هتي ٽي ڄڻا رهندا آهيون” هن چيو.
    “ ڪير ڪير؟ “
    “هڪ آئون، ٻيو هن ياد ۽ ٽئين منهنجي اڪيلائي.” انهي مهل هن جي چهري تي اداسي جون ريکائون اڀري آيون. منهنجي ڀر ۾ پيل ميز تي مٽي جا رانديڪا رکيل هئا. هڪ فريم ميز تي رکيل هو، جنهن ۾ ڪابه تصوير نه هئي ۽ هڪ گلدان جنهن ۾ گلاب جا گل پيل هئا. هن پنهنجا هٿ ميز ڏانهن وڌايا ۽ ميز تي پيل رانديڪن مان هڪ رانديڪو کڻي مون کي ڏيندي چيائين.
    “هي سڀ رانديڪا آئون هن کي ٺاهي ڏيندو هئس. توکي اڃان تائين منهنجي هٿن مان مٽي جي خوشبو ايندي، هي هٿ سونگهي ڏس.” هن هڪدم پنهنجا هٿ مون ڏانهن وڌايا... هن جي هٿن جي لڪيرن تي جواني جو سفر ختم ٿي چڪو هو ۽ پيري پنهنجي سفر جي شروعات ڪري چڪي هئي. سندس هٿن کي غور سان ڏٺم، جن ۾ زندگي جي لڪير تمام ڊگهي هئي.
    “ڪيئن آهي نه منهنجي هٿن ۾ مٽي جي خوشبو؟”
    “ها... ها! بلڪل” کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چيم.
    هن جي اکين ۾ چمڪ نظر اچي رهي هئي. ساعت لاءِ ڪمري کي ماٺ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. مون فريم ڏانهن هٿ وڌايو،
    “هي خالي ڇو آهي؟ انهي ۾ توهان تصوير ناهي لڳائي؟”
    “ها تصوير! منهنجي خيال ۾ تصويرون مئل ماڻهن جون فريمن ۾ لڳايون وينديون آهن ۽ پوءِ هو مري ته ڪونه وئي آهي جو هن کي فريم ۾ قيد ڪري رکجي.”
    “توهان ڳالهيون ڏاڍيون سٺيون ڪندا آهيو، دل چوي ٿي ته توهان کي ٻڌندو رهان. “ مون چيو.
    “هو به ائين ئي چوندي آهي.”
    “پر هو آهي ڪير؟ “ مون پڇيو.
    “تون انهي ڳالهه کي ڇڏ! الئه ڇو هو لنوائي ويو.
    “اهو ٻڌائي توکي هن شهر جي موسم ڪيئن لڳندي آهي؟”
    “موسم ٺيڪ آهي”
    “نه! ٺيڪ ڪونهي هتي جي موسم ۾ اداسي آهي... هن شهر ۾ هاڻي اها خوبصورتي ناهي موسمون ئي رسي ويون آهن. هتي ڪا به موسم ناهي ايندي؟”
    خبر ناهي ڇو هن کي هتي ڪنهن موسم جو احساس نٿو ٿئي.
    “ائين ته ڪونهي.” مون چيو.
    “هتي هر موسم ايندي پر هتي هڪ موسم نٿي اچي... اها هن جي نالي سان آهي. تو هڪڙي ڳالهه محسوس ڪئي آهي. هتي جون هوائون بند ٿي ويون آهن. “
    “ها! اها ڳالهه آهي،”
    هو ڪرسي تان اٿي دريءَ وٽ وڃي بيٺو، جتان شهر جو نقشو چٽو نظر پئي آيو.
    “هن شهر کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هتي اها دلڪشي ناهي رهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته هي شهر منهنجي يادن جو شهر نه پر درد جو شهر ٿيندو پيو وڃي.”
    اها ڳالهه ڪندي کيس اداسي ورائي وئي، هن جي اکين ۾ اداسي سفر ڪرڻ لڳي.
    “هن شهر جا رنگ هاڻي هلڪا ٿي چڪا آهن. وقت هن شهر جي رنگن کي ڦٽائي ڇڏيو آهي... پر تڏهن به هي شهر مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ڇو هتي منهنجيون يادون به ته رهنديون آهن ۽ انهن کي آئون ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.”
    هو دريءَ کان هٽي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ تمام هلڪڙي آواز ۾ چيائين “توکي خبر آهي، منهنجي اندر به هڪ شهر آباد آهي. جيڪو منهنجي دل ۾ آهي.”
    “دل جو شهر؟”
    “ها دل جو شهر! جنهن شهر ۾ درد ڪونهي ڪو به غم ناهي، انهي شهر ۾اداسي به ناهي، اهو شهر هن جي خوبصورت ڳالهين ۽ يادن جو شهر ٺهيل آهي. انهي شهر جي باغيچي ۾ جيڪي گل ٽڙن ٿا، انهن ۾ هن جي بدن جي خوشبوءِ آهي. انهي شهر کي ڪير به اجاڙي نٿو سگهي، ها!انهي شهر ۾ موسم فقط هڪڙي آهي، اها هوءَ پاڻ آهي. هو جتي هجي اتي ڪنهن به موسم جي ضرورت ناهي. جڏهن مون ڏٺو ته هي شهر ڪجهه تبديل ٿي رهيو آهي... انهي ڪري مون پنهنجي دل ۾ هڪ شهر آباد ڪري ورتو، هاڻي هو اتي رهندي آهي... هو تمام خوش آهي.” هو چپ ٿي ويو.
    سندس ڳالهيون هيون ته عجيب پر ٻڌڻ ۾ ڏاڍو لطف پئي آيو. آئون سوچڻ لڳس، هن ماڻهو جو ماضي ڪيڏو نه خوبصورت هوندو، کيس شايد محبوبه جون يادون ئي جياري ويٺيون آهن. هن هڪ ڊگهو شوڪارو ڀريو ۽ ڪرسي تي ويهي رهيو.
    مون کي ڪافي وقت ٿي چڪو هو، آئون ڳالهيون ٻڌي رهيو هئس، ڪرسي تان اٿي انهي دريءَ کان ٻاهر نظر ڊوڙايم جتي ڪجهه وقت اڳ ۾ بيٺل هو. پر مون کي منهنجو شهر ائين ئي نظر آيو، جيئن سدائين نظر ايندو آهي... آئون سڀ اهي ڳالهيون محسوس نه ڪري سگهيس، جيڪي هن محسوس پئي ڪيون شايد انهي ڪري جو مون وٽ ايتريون يادون ڪونه هيون، شام ٿي چڪي هئي، جيڪا آهستي آهستي رات جي سفر تي رواني ٿيڻ لڳي.
    آئون هن جي ڀر ۾ بيهي رهيس ۽ چيم” هاڻي آئون هلان ٿو. “
    “ڇا تون بيزار ٿي ويو آهين؟”
    “نه... ڪافي وقت گذري چڪو آهي” مون چيو.
    “پر اڃا مون کي توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون آهن” هن چيو.
    اسين ٻئي گهر کان ٻاهر نڪري آياسين.
    “نوجوان جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرين ته تون مون سان وقت گذاريندين؟” هن جو لهجو التجا وارو هو... مون به هن کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو.
    “ها بلڪل ڇو نه،” هو ڪافي خوش ٿيو.
    هن پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن ڪيون ۽ چيائين “هي ڏس شام ڪيڏي اداس آهي... پهرين ائين ڪ نه هو. هن شهر جي شام ڪڏهن ايڏي اداس ناهي ٿي، هي جيڪي تون گهٽيون ڏسي پيو، انهن ۾ پهرين هن جا ٽهڪ گونجندا هئا” هن چيو.
    پر اڃا اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته هو ڪٿي آهي، ڪٿي ائين ناهي ته هن جو ڪو وجود ئي ڪونهي ۽ هي رڳو پنهنجي دل خوش رکڻ لاءِ اهي سڀ وهم کڻي پيو هلي پر ائين به ٿي سگهي ٿو، هو هن کي هميشه لاءِ ڇڏي وئي هجي. اهي سڀ سوال مون کي بيچين ڪري رهيا هئا... انهي ڪري نيٺ وري پڇيم” هو ڪٿي رهندي آهي؟”
    “توکي مون ٻڌايو نه ته هوءَ منهنجي دل جي شهر ۾ رهندي آهي.”
    سندس جواب مون کي مطمئن نه ڪري سگهيو. اسين مسلسل هلندا رهياسين، مون کي خبر نه هئي ته هو مون کي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي؟ شايد هو مون کي پنهنجي محبوبه جي گهر وٺي وڃي رهيو هو. اسين ٻئي شهر جي هڪ ويران پليٽ فارم تي اچي پهتاسين، جيڪو شهر جو سڀ کان پراڻو پليٽ فارم هو، جيڪو هاڻي ويران ٿي چڪو هو ۽ هتي هفتي ۾ فقط ٻه دفعا گاڏي ايندي هئي. شام نيٺ موڪلائي رات ۾ تبديل ٿي وئي. اسين پليٽ فارم تي رکيل بئنچ تي ويهي رهياسين. منهنجي خيال ۾ هو گاڏي جي انتظار ۾ هو، ڇو ته اڄ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن گاڏي ايندي هئي. اسين ٻئي رات جي خاموشي ۾ ماٺ ڪريو ويٺا هئاسين.
    “توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويس. هن خاموشي کي ٽوڙيو، هن کي سدابهار جا گل وڻندا آهن، آئون روز هن کي اهي گل ڏيندو هئس، اڃا تائين به هن لاءِ اهي گل رکندو آهيان.” هن پنهنجي شرٽ جي کيسي مان اهي سدا بهار گل ڪڍي ڏيکاريا، جيڪي ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ جي چهري وانگر تازا هئا. مون کي پري کان ريل گاڏي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ريل سيٽيون وڄائيندي انهي ويران پليٽ فارم تي اچي بيٺي، گاڏي مان گهڻائي ماڻهو لٿا پر چڙهڻ وارو ڪو به نه هو. هڪ خوبصورت عورت ڪمپارٽمنٽ کان لٿي ۽ ڪنهن کي ڳولڻ لڳي... مون کي لڳو ته اها هن کي ڳولي رهي آهي پر هن جو ڌيان انهي پاسي بلڪل ڪو نه ويو. هو ماٺ ٿي مسافرن کي ڏسندو رهيو اها ڪنهن ٻئي سان هلي وئي. گاڏي ڪجهه دير بيهڻ کانپوءِ رڙهڻ لڳي ۽ ڊگهي سفر ڏانهن رواني ٿيندي اونداهي ۾ غائب ٿي وئي... پر هن جي محبوبه ڪو نه آئي.
    “تون ڇا ٿو سمجهين آئون هن پليٽ فارم تي هن جي انتظار ۾آيو آهيان.” هن هڪ ڊگهي وقفي کانپوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “ ها! بلڪل توهان انهي لاءِ ته آيا آهيو.”
    “آئون انهي لاءِ ڪونه آيو آهيان.”
    ويران پليٽ فارم جي بلڪل سامهون قبرستان به هو هن انهي قبرستان ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “هو قبرستان ڏسي رهيو آهين، جتي سوين ماڻهو هميشه لاءِ آرامي ٿي چڪا آهن. ماڻهو چون ٿا ته اتي هن جي قبر آهي.”
    انهي مهل سندس اکين مان ڳوڙها پنبڻين جي ڪنارن سان ٽڪرائيندا سندس چهري جي سرن جي واٽ وٺي ڪجهه اتي خشڪ ٿي ويا ۽ ڪجهه سخت فرش تي ڪري خشڪ ٿي ويا.
    “اڄ ڏينهن تائين آئون هن جي قبر تي نه وڃي سگهيو آهيان. جيڪڏهن آئون هن جي قبر تي هليو ويس ته مون کي اهو يقين ٿي ويندو ته هوءَ مري وئي آهي ۽ آئون نٿو چاهيان ته مون کي اهڙو يقين ٿئي ۽ جيڪڏهن مون کي يقين ٿي ويو ته منهنجي دل ۾ جيڪو شهر آباد آهي، اهو هن شهر وانگر اجڙي ويندو ۽ پوءِ هو ٿڪل وجود سان اٿيو قبرستان ڏانهن ڏٺائين ۽ ڪنڌ ڦيرائي رات جي تاريڪي ۾ غائب ٿي ويو ۽ آئون انهي ويران پليٽ فارم تي اڪيلو رهجي ويس. انهي مهل مون کي ائين لڳو ته هو وڃڻ وقت هڪ شهر منهنجي دل ۾ به آباد ڪري ويو.


    16. هڪ شهر جو قصو

    اڄ هن جي واپسي هئي. ڇو ته هو جنهن ڪم سان شهر آيو هو اهو پورو ٿي ويو هو. انهيءَ ڪري هن اڄ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن وقت هو تيار ٿي رهيو هو انهيءَ وقت گهڙي جا ڪانٽا پوري هڪ تي بيٺل هئا. انهيءَ کان اڳ جو هو بس اسٽاپ تي پهچي ها کيس خبر پئي ته بسن جي هڙتال آهي ۽ انهيءَ ڪري هن ٽرين ذريعي گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هو ريلوي اسٽيشن ڏانهن نڪري پيو. هو ڏهن منٽن ۾ اسٽيشن پهچي ويو. جتي ڪا به هلچل ۽ رش نه هئي نه ته کيس ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻو پيو ۽ نه وري انتظار ڀوڳڻو پيو. هو ٽڪيٽ وٺي پليٽ فارم تي آيو. جتي خاموشي ۽ ويراني لامار ڏئي رهي هئي.
    هن کي ويران پليٽ فارم تي ڪو به مسافر نظر ڪو نه آيو، صرف هڪ ڪانسٽيبل آهستي آهستي وکون کڻندو هن اچي رهيو هو. ڪانسٽيبل هڪ هلڪي مرڪ چپن تي آڻي هن ڏانهن ڏسندي گذري ويو. ڏينهن ڪافي گرم هو، سج جي سڄي گرمي شهر جي هنج ۾ لهي رهي هئي. پليٽ فارم تي رکيل بئنچون به خالي هيون، هن سوچيو ته ڪجهه وقت انتظار گاهه ۾ گذارجي، هو ڪانسٽيبل ڏانهن وڌيو.
    “حيدرآباد ويندڙ ٽرين ليٽ آهي ڇا؟” هن پڇيو.
    “سائين ٽرين ته ٽي ڪلاڪ ليٽ آهي، توهان کي ته خبر آهي اسان جون ٽرينون ڪڏهن به وقت تي ڪونه اينديون آهن ۽ جنهن ڏينهن اينديون ته اهو معجزو هوندو.” ڪانسٽيبل ڪجهه خوشگوار انداز ۾ چيو.
    “آئون تيستائين ويئٽنگ روم ۾ ويهي سگهان ٿو” هن پڇيو
    “ها!سائين ڇو نه ٽرين هونئن به ليٽ آهي، توهان ڪجهه آرام ڪري وٺو.” ڪانسٽيبل جواب ڏنو.
    ڪانسٽيبل کيس وئيٽنگ روم ڏانهن وٺي ويو ۽ کيسي مان چاٻي ڪڍي تالو کوليائين ۽ دروازي جو زنگيل ڪڙو کولڻ لڳو، ڪڙو آواز ڪندو کلي ويو. ٻئي در کولي اندر داخل ٿيا. ڪانسٽيبل ڪمري جي بتي لاءِ بٽڻ آن ڪيو ته هڪ زرد بلب مرده روشني سان روشن ٿيو. هن ڏٺو ته ڪمري جي ڀتين کي سم کائي رهيو هو ۽ ڇت تي ٿيل چن به جڳهه جڳهه تان لهي چڪو هو پر ڪجهه اڃا به ڇت سان چهٽل هو. چوڌاري ڪنڊن ۾ ڪاري رنگ جا ڄارا ڄميل هئا جن ۾ ڪوريئڙا به حرڪت ڪري رهيا هئا. سم جي ڪري ڀتين جو پلستر به ڀُري رهيو هو. ڪمري ۾ رکيل فرنيچر تي دز جا تهه ڄميل هئا ۽ ڪمري ۾ فقط ٻن تاڪن واري دريءَ هئي. ڪانسٽيبل پنکو هلايو، پنکي جي هلڻ سان انهي تي جمع ٿيل دز سڄي ڪمري ۾ وکري وئي. پنکي جي رفتار اها هئي جو انهي جا پر واضح نظر پئي آيا.
    “سائين اصل ۾ هي ڪمرو ايترو استعمال ناهي ٿيندو بهرحال توهان هتي آرام ڪري سگهو ٿا.” ڪانسٽيبل چيو.
    “ها بس ٺيڪ آهي، مون کي پاڻي گهرجي.”
    “آئون هينئر ئي پاڻي موڪليان ٿو ۽ ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌايو.” ڪانسٽيبل چيو.
    “نه في الحال پاڻي گهرجي.” هن چيو.
    ڪانسٽيبل ڪمري مان هليو ويو ۽ هو ٻئي هٿ چيلهه تي رکي وري ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو، ڪرسي تي لڳل دز کي آڱر لڳائي جاچ ڪيائين ۽ پوءِ کيسي مان ٽشو ڪڍي ڪرسي صاف ڪري ويهي رهيو. رات ننڊ نه ڪرڻ ڪري ڪجهه ٿڪ هئس، ڪرسي آرامده هئي ۽ هن ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. اڃا کيس اکيون بند ڪئي ڪجهه منٽ ئي ٿيا هئس ته ڪمري ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو پاڻي جو جڳ ۽ گلاس کڻي داخل ٿيو ۽ هن پاڻي جو جڳ ميز تي رکندي چيو “سائين هي وٺو پاڻي.”
    هن جي اک کلي وئي ۽ ڇوڪري ڪلهي تي رکيل ڪپڙي سان ميز صاف ڪئي ۽ چيائين “سائين چانهه کڻي اچان؟”
    “ها چانهه سٺي هجي ته کڻي اچ.” هن گلاس ۾ پاڻي ڀريندي چيو
    “سائين زبردست چانهه ملندي، هڪدم ڪڙڪ، بس اجهو کڻي آيس.”
    “ها پر کنڊ الڳ سان هجي.” هن چيو.
    “حاضر سائين” نوجوان هليو ويو ۽ هو آرام سان چپن تي پاڻي جو گلاس رکي پيئڻ لڳو. پنکي جي هوا تيز نه هئڻ ڪري سندس جسم تي پگهر جا ڦڙا جسم کي پسائي رهيا هئا. هن گلاس رکيو ۽ اٿي دريءَ ڏانهن وڌيو ۽ هوا لاءِ دريءَ کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر دري ڪافي عرصو بند رهڻ ڪري ڪافي سخت ٿي چڪي هئي ۽ تاڪ هيٺ جمع ٿيل دز به انهي جي کلڻ ۾ رڪاوٽ هئي پر هن ڪافي زور لاتو ته ٻئي تاڪ کلي پيا ۽ ڪمري ۾ روشني سان گڏ هوا به داخل ٿي. جيڪا هن جي پگهريل جسم کي ڇهڻ لڳي ،اها کيس اڻوڻندڙ نه لڳي. هو وري ڪرسي تي آهلجي پيو ۽ اکيون پوري آرام ڪرڻ لڳو. انهي دوران پاڻي ٽمڻ جو آواز سندس ڪنن تائين پهتو جنهن جي ڪري هو بي آرامي پئي ٿيو. هن پهرين ته ان عمل کي نظرانداز ڪيو پر پوءِ اکيون کوليائين شايد غسل خاني جو ڪو نلڪو يا پائيپ وهي رهيو هو، هو اٿيو ۽ غسل خاني ڏانهن وڌيو،اتي نلڪي مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن نلڪي جي ٻنجي زور سان بند ڪئي۽ وري ڪرسي تي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اڃا ڪجهه ئي لمحا مس ٿيا ته هن جي ڪنن تائين ڪنهن جي قدمن جا آواز پهتا.
    “ها چانهه رکي ڇڏ، آئون پاڻ ٺاهي وٺندس.” هن بند اکين سان ئي جواب ڏنو.
    “پر تنهنجو ڪوپ ته هميشه آئون تيار ڪندي هيس.” هڪ ڄاتل سڃاتل آواز هن جي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو، هن اکيون کوليون ته سامهون وينا بيٺل هئي. هو هڪدم اٿي بيٺو.
    “وينا تون...؟” هن ڪجهه خوش ۽ حيران ٿيندي چيو.
    وينا پنهنجو سامان پاسي تي رکيو ۽ ڪرسي صاف ڪري ويهي رهي ۽ هو به ويٺو. وينا سندس يونيورسٽي جي محبوبا هئي، ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيا ۽ ڌار به ٿي ويا.
    اڄ اتفاقن ڊگهي عرصي کانپوءِ مليا هو هميشه وينا سان ملڻ چاهيندو هو پر وينا ملڻ نه چاهيندي هئي، هن لاءِ وينا جي هر ڳالهه حرف آخر هوندي هئي. وقت جي دز هيٺ سڀ ڪجهه دزجي چڪو پر وينا لاءِ پيار اڃا ساڳيو هو. سڀ ملاقاتون، قصا وقت جي دز جي نظر نه ٿيا.
    “ڪيئن آهين؟” وينا چيو.
    “ٺيڪ آهيان تون ٻڌائي ڪيئن آهين؟” هن پڇيو.
    “توکي ڪيئن پئي لڳان.” وينا سوال ڪيو.
    “صحيح پئي لڳين پر ڪجهه ٿڪل به لڳين پئي.”
    “ها رات جي اوجاڳي جي ڪري، اصل ۾ منهنجي دوست جي شاديءَ هئي، انهي ڪري هتي آئي هيس ۽ خبر پئي ته ٽرين ليٽ آهي، تون حيدرآباد پيو وڃين؟” هن پڇيس.
    “هاٰ! ڪنهن ڪم سان آيو هئس” هن جواب ڏنو ۽ پاڻي جو گلاس ڀري وينا کي ڏنائين وينا پاڻي پي ماٺ ٿي هن کي ڏسندي رهي.
    “ائين ڇا پئي ڏسين؟”
    “بس ڪجهه نه، اهو ته پاڻ ٻئي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ گڏ ويٺا آهيون، عجيب اتفاق آهي نه.” وينا چيو.
    “ها! اسين هميشه حادثاتي طور مليا آهيون، اڄ اسين ٺيڪ چار سالن کانپوءِ مليا آهيون، اسين اڄ کان ٺيڪ چار سال اڳ اپريل جي يارنهن تاريخ تي مليا هئاسين ۽ اڄ به يارنهن اپريل آهي.” هن ڪجهه رکائي۾ چيو.
    “توکي تاريخون هميشه ياد رهنديون آهن، اڄ به هيتري عرصي کانپوءِ توکي اها تاريخ ياد آهي، تون حسابن جو ڪافي پڪو آهين، مون کي ته اهي شيون ياد ناهن رهنديون.
    “توکي گهڻو ڪجهه ياد ناهي رهندو، شايد تون ياد رکڻ نه چاهيندي آهين. اصل ۾ ماڻهو محبتون ياد رکڻ چاهيندو آهي ته تاريخون به ياد ٿي وينديون آهن.” هن طنزيه لهجي ۾ چيو.
    “نه اهڙي ڳالهه ناهي، توکي ائين لڳندو آهي، چڱو اهو ٻڌائي ڇا پيو ڪرين؟”
    “ڪجهه خاص نه بس نوڪري پيو ڪريان ۽ وقت گذري رهيو آهي.” هن جو جواب ڄڻ ته بيزاري مان هو.
    انهي دوران چانهه وارو ڇوڪرو اندر داخل ٿيو، “سائين توهان جي چانهه حاضر آهي.” هن چانهه رکندي چيو.
    “هي چانهه تون کڻي وڃ ۽ هڪ ڪوپ وڌيڪ تيار ڪري پوءِ کڻي اچ.”
    “ٺيڪ آهي سائين” ڇوڪرو ائين چئي هليو ويو.
    “يونيورسٽي جا ڏينهن ياد ايندا اٿئي؟” وينا مرڪندي پڇيو.
    “ها مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي اسان جي حادثاتي ملاقات جو وقت به ياد آهي، اسان جي هر ملاقات حادثاتي هئي ۽ اڄوڪي ملاقات به حادثاتي آهي. چوندا آهن ته محبت رڳو هڪٻئي کي نه بلڪه هڪ ئي ڏساءَ جي ڏسڻ جو نالو آهي ۽ اسان ڪڏهن هڪ ڏساءَ ۾ ڏٺو ئي ناهي. يونيورسٽي ۾ اسان جون بسون مخالف ڏسائن ۾ هلنديون هيون، اسان جا شهر به مختلف ڏسائن ۾ آهن ۽ اڄ اسان جون ٽرينون به مخالف ڏسائن ڏانهن وينديون.” هوچپ ٿي ويو ۽ وينا کيس ماٺ ٿي ٻڌو پئي.
    “ڇا گذريل چار سالن ۾ ڪنهن سان.......... منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان دوستي نه ٿي؟”
    “توکي خبر ناهي ته مونکي دوست ٺاهڻ ڪونه ايندا آهن ۽ مون کي ڪنهن جي ڳولا ناهي.” هن وينا سان نظرون ملائيندي چيو.
    “سرمد اڄڪلهه شاعري ڪونه ڪندو آهين ڇا؟ تنهنجا نظم رسالن ۾ ڪونه ٿا ڏسجن.” وينا موضوع مٽائي ڇڏيو.
    “لکندو آهيان پر ڇپائيندو ڪونه آهيان.”
    “ڇو؟”
    سرمد ڪجهه دير لاءِ وينا کي خاموش نظرن سان ائين ڏٺو ڄڻ ته وينا کي انهي سوال جي جواب جي خبر هجي ۽ چيائين “ڇو ته منهنجي هر نظم جو محور تون آهين ۽ آئون دنيا لاءِ نه پر تنهنجي لاءِ لکندو آهيان، توکي خبر آهي آئون هر نظم پهرين توکي ٻڌائيندو هئس، ڇا ڪاڻ ته اهي ڪلهه به تو لاءِ هئا ۽ هاڻ جڏهن انهن کي ٻڌڻ لاءِ تنهنجو وجود ئي منهنجي آسپاس ناهين ته انهن کي شايع ڪرائڻ ضروري ناهي.” هن ڪجهه اداسي مان ڳالهايو ڪجهه گهڙين لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ماتم ڪندي رهي. انهي دوران چانهه وارو آيو ۽ چانهه رکي هليو ويو. وينا چانهه ٺاهي ۽ سرمد کي ڏني.
    “آخري دفعو مون توکي فون ڪيو هو ته تو ٻڌايو هو ته تنهنجو مڱڻو ٿيڻ وارو آهي پوءِ ٿي ويو؟” هن چانهه جو ڍڪ ڀريندي پڇيو.
    “ها ٿيڻو هو پر نه ٿي سگهيو، ڇو ته ڪن رشتن کي قائم رکڻ لاءِ سچائي ضروري آهي ۽ ڪوڙن رشتن جي عمر ناهي ٿيندي.” اها ڳالهه ڪري هن ڪوپ چپن تي رکي ڇڏيو.
    “۽ اسان جي رشتي جي باري ۾ ڇا خيال آهي انهي جو بنياد ته ڪوڙ تي نه هو، پوءِ به اسين اوپرا ٿي رهياسين، تو ڪڏهن انهي باري ۾ سوچيو آهي.” سرمد پڇيو.
    “انهي کان ته اسين ٻئي انڪار نٿا ڪري سگهون ته اسان جو رشتو سچائي تي قائم هو تڏهن ته اسان جي ملڻ جا اتفاق ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ به اسان هتي نه ملون ها” وينا چيو.
    “ها ورهين ۾ هڪ دفعو ملڻ جو اتفاق، جيئن اڄ ٿيو آهي يا ماضي ۾ ٿيندو آيو آهي. توکي خبر آهي اسين لمحن جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ عرصي تائين الڳ رهندا آهيون ۽ جڏهن ڪجهه لمحن لاءِ محبت ونڊيندا آهيون ته وري جدائي جي ديوار ٻنهي جي وچ ۾ اڏجي ويندي آهي ۽ هڪٻئي لاءِ اسين وري اوپرا ٿي ويندا آهيون. محبت قائم رکڻ لاءِ فاصلا قائم رکڻ ضروري ڪونه هوندا آهن. اسان هميشه لمحن جي محبت شيئر ڪئي آهي” هن چانهه مان آخري ڍڪ ڀريو ۽ ڪوپ پاسي تي رکي ڇڏيو.
    “مون کي خبر آهي ته اسين وري ڪٿي ملياسين ته تون ائين ئي چوندين ڇاڪاڻ ته مون هميشه توکي فيصلا جو ٻڌايا آهن.”
    “مون هميشه اهو چاهيو ته اسان جا فيصلا گڏيل هجن پر تو ڪڏهن موقعو ئي نه ڏنو، مون کي هميشه تنهنجي فيصلن کان خوف رهندو هو، ڇو ته اهي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به وقت ظاهر ٿي ويندا هئا. آئون ته توکان اهو به پڇي نه سگهندو هئس ته تون ائين ڇو ڪندي آهين. اسان جو هر ملاقات موڪلاڻي جي نئين شروعات هوندي هئي.” هو چپ ٿي ويو. وينا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ ڪوپ جي ڪناري تي آڱر ڦيرائڻ لڳي.
    “تون صحيح آهين، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، خبر ناهي ڇو ائين ٿي ويو” هن نظرون مٿي کڻندي چيو.
    هو اٿيو ۽ ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهي دريءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو. “مس وينا! محبت ۾ ٻه ۽ ٻه چار ناهن ٿيندا، اها ڪنهن فارمولي تحت ناهي ڪبي. اها نه ته مشروط هوندي آهي ۽ نه وري مجبور ٿي ڪبي آهي، جيڪي ماڻهو مشروط محبت ڪندا آهن، انهن کي ڪجهه حاصل ناهي ٿي سگهندو، اهي سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن.” هن ڳالهه پوري ڪئي ۽ وينا ڏانهن مڙي ڏٺو، جيڪا اڃا به ڪوپ جي چوڌاري آڱر ڦيرائي رهي هئي.
    “سرمد توکي ته خبر آهي آئون ڪيئن رهي آهيان توکان وڌيڪ مون کي ٻيو ڪير به نٿو سڃاڻي شايد آئون پاڻ به نه، تون صحيح چوندو هئين ته تون منهنجي وجود جو حصو آهين، هيتري عرصي ۾ مون تو کي وسارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، تو کان پري رهي تو کان فراريت اختيار ڪيم پر اڄ به مون کي ائين لڳندو آهي تون منهنجي وجود جو حصو آهين. اهو سچ آهي ته منهنجي ڪري تو تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، پر عذاب مون به ڀوڳيو آهي.” وينا ڪجهه ڏکاري ٿيندي چيو ۽ چانهه جو رهيل ڪوپ رکي ڇڏيائين هو وري ڪرسي تي اچي ويهي رهيو ۽ ڪجهه دير لاءِ ٻئي ماٺ ڪري ويٺا رهيا.
    “اسان جو رشتو به عجيب رهيو آهي. آئون سمجهندو هئس ته منهنجي زندگي توسان گڏ گذرندي پر خير ضروري ته ناهي ته هر خواب کي سچائي ۽ ساڀيان جو چهرو ملي.”
    “تون چوندو هئين ته اسين پنهنجو هڪ گهر ٺهرائينداسين، اهو ته تنهنجو پراڻو خواب هو ڇا اهو به پورو نه ٿيو آهي؟”
    انهيءَ سوال تي سرمد جي چهري تي هڪ طنزيه مرڪ اڀري ۽ هن چيو”وينا انهي گهر جو خواب اسان ٻنهي ڏٺو هو ۽ مون ته پنهنجا خواب حالتن هٿان قتل ٿيندي ڏٺا آهن. منهنجا جيڪي خواب توسان سلهاڙيل آهن، اهي آئون ڪنهن ٻئي سان شيئر نٿو ڪري سگهان. ٺيڪ آهي اهي پورا نٿا ٿي سگهن پر انهن تي ڪنهن ٻئي جو حق ناهي” سرمد جي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي هئي اها وينا به محسوس ڪري پئي سگهي.
    “آئون اهو نٿي چوان ته مون توکان وڌيڪ اذيت برداشت ڪئي آهي پر هڪ سچ اهو به آهي ته زندگي ۾ جيڪڏهن مون ڪنهن کي حاصل ڪرڻ چاهيو آهي ته اهو تون ئي آهين.”
    “پر وينا تو مونکي منهنجي حصي جي محبت ناهي ڏني.....”
    “ڇا محبت جا به ڪي حصا ٿيندا آهن؟ انهن کي حصن ۾ ته ناهي ورهائي سگهبو. منهنجي محبت جو هڪ حصو تنهنجي لاءِ وقف ٿيل ناهي بلڪه منهنجي وجود ۾ جيتري به محبت آهي اها سموري تنهنجي لاءِ ئي رهي آهي” وينا سرمد جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ۽ سندس ڳالهائڻ ۾ ڪجهه تلخي به هئي.
    “توکي خبر آهي هڪ عرصي کان آئون پنهنجو پاڻ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر اڃا تائين وکريل آهيان. جنهن ڏينهن تو رابطو ختم ڪيو هو .آئون انهي ڏينهن کان وکريل آهيان. وقت به مون کي سهيڙي ناهي سگهيو.” انهي وقت به هو پاڻ کي وکريل ئي محسوس ڪري رهيو هو.
    “تو کان ڌار ٿي پوءِ ئي مون کي خبر پئي ته آئون هڪ بي رنگ تصوير آهيان. جنهن جا سڀ رنگ تو وٽ رهجي ويا آهن، ڪڏهن ائين لڳندو اٿم ته ڄڻ بي سبب جيءَ رهي آهيان. جيڪڏهن تون وکريل آهين ته آئون به صحيح سلامت نه آهيان” وينا جي اکين ۾ ڪجهه نراسائي ظاهر ٿيڻ لڳي.
    هن پنهنجي گهڙي ۾ وقت ڏٺو ٽرين جي اچڻ جو وقت ٿي چڪو هو. ٻنهي جي ڳالهين ۽ شڪايتن ۾ وقت ڪيئن گذري ويو کين خبر ئي نه پئي.
    “منهنجي خيال ۾ هاڻي اسين وري ڪونه ملي سگهنداسين، انهي ڪري جو اتفاق ۽ حادثا بار بار ڪونه ٿيندا آهن.” هن چيو.
    انهيءَ وقت چانهه وارو ڇوڪرو چانهه جا ڪوپ کڻڻ آيو، هن کيس بل ڏنو ۽ هو هليو ويو. ٻنهي جون ٽرينون پليٽ فارم تي پهچڻ واريون هيون. “سرمد تنهنجي آڱرين ۾ سگريٽ ناهي” وينا چيو.
    “سگريٽ! سگريٽ ته مون انهيءَ ڏينهن ڇڏي ڏنا هئا جنهن ڏينهن تون منع ڪيو هو.... ۽ هونئن به آئون ڪو چئن سموڪر نه هئس ها! تنهنجي چپن چٻاڙڻ جي عادت اڃا ناهي وئي؟”
    وينا هڪدم چپ چٻاڙڻ بند ڪيا ۽ چيائين “نه چٻاڙيندي آهيان بس تنهنجي سامهون هوندي آهيان ته پاڻهي ئي ڏندن ۾ اچي ويندا آهن.”
    ٻنهي جون ٽرينون پليٽ فارم تي بيٺيون. ڪي مسافر لٿا ڪي چڙهيا اهي ٻئي به اٿي بيٺا ۽ ٻاهر نڪتا ۽ ٽرينن ڏانهن وڌيا، وينا هلندي هلندي بيهي رهي.
    “سرمد اسين هن مخالف ڏسائن ۾ ويندڙ ٽرينن کي ڇڏي هميشه لاءِ ڏساءَ ۾ هلي نه ٿا سگهون؟ “ وينا جي سوال ڪجهه لمحن لاءِ هن کي پريشان ڪيو.
    “هاڻ شايد دير ٿي چڪي آهي، اسان کي پنهنجين پنهنجين ٽرينن ڏانهن ئي وڃڻ گهرجي. وري ملڻ جو حادثو ٿيو ته حال احوال وٺنداسين، آئون هاڻ هلان ٿو” ائين چئي سرمد پنهنجي ٽرين ڏانهن وکون کڻڻ لڳو. وينا هن کي ويندي ڏسي رهي هئي ۽ سندس خوبصورت اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. ڪجهه قدم اڳتي وڃي سرمد بيهي رهيو ۽ وينا کي پٺيان مڙي ڏٺائين جيڪا اتي ئي بيٺي ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي. هو هن ڏانهن آيو ۽ چيائين “آئون هميشه چوندو هئس ته تنهنجا لڙڪ زمين جا ستارا آهن، انهن ۾ منهنجو ئي چهرو هوندو آهي.” هن وينا جا لڙڪ اگهيا ۽ ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي هميشه لاءِ هڪ ڏساءَ ڏانهن نڪري ويا.


    17. پٿرايل پيار

    اُهي ٻئي فيڪلٽيءَ مان نڪري هاسٽل ڏانهن وڌڻ لڳا. انهيءَ مهل هوا ڪافي تيز هئي، جنهن پوري شهر کي پنهنجين ٻانهن ۾ ٻکي ڇڏيو هو. ڪنهن مهل هوا جو ڪو تيز جهوٽو شبانه جي رئي کي سندس وارن تان سرڪائيندو پئي ويو ۽ وارن جي خوشبو احمد کي ڇُهندي وري هوا ۾ وِکري ٿئي وئي. وڻن مان ڪي زرد پيلا پراڻا پن ورهين جو ناتو ٽوڙي ٽارين کان ڌار ٿي مٽيءَ ۾ پنهنجو وجود وڃائي رهيا هئا ته ڪي وري هوا جي رحم ڪرم تي رستي جي ڪنارن تان ٿڙندا ٿاٻڙندا ٽڙي پکڙي پئي ويا. پريان سج ڪڪرن جي اوٽ ۾ پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ سج جو ڪو ڪرڻو ڪڪرن جو نازڪ تهه چيري پنهنجي هجڻ جي شاهدي ڏئي رهيو هو. شبانه هوا مان تنگ ٿيندي پنهنجن وارن ۾ هٿ ڦيرائي انهن کي سُلجهائڻ لڳي پر واءُ کيس هر هر تنگ ڪري رهيو هو. رستي جي ٻنهي ڪنارن سان لڳل وڻن مان هوا جي ڪري جيڪو شور پيدا ٿي رهيو هو. اهو اڻوڻندڙ نه هو پر اوچتو هوا ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ساهي پٽڻ لاءِ بيهي ٿي رهي. احمد ۽ شبانه هاسٽل ڏانهن ننڍڙيون ننڍڙيون وِکون کڻندا وڌندا پئي ويا ۽ ٻنهي جي چوڌاري گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
    “احمد تون مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟” شبانه خاموشيءَ جي سلسلي کي ٽوڙيندي پڇيو.
    “تون اهو ڇو پڇي رهي آهين؟” احمد مُرڪندي پڇيس.
    “بس ائين ئي.” شبانه وارن کي پوئتي ڪندي جواب ڏنو.
    “نه! آئون پاڻ کي ته وساري سگهان ٿو پر توکي وسارڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي.”
    “احمد! وقت هر شيءِ کي ميساري ڇڏيندو آهي ته پوءِ هي پيار ڪهڙي بلا آهي!” هوءَ مسلسل ڳالهائيندي وئي.
    شبانه جا اهي جملا احمد جي ڪنن ۾ گرم شيهي وانگر لهي رهيا هئا ۽ کيس اهي سوال ڪافي عجيب به لڳي رهيا هئا پر هن شبانه جي سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا.
    “شبانه، محبت ڪا عمارت ته ناهي، جنهن کي وقت ميساري ڇڏي.”
    اڪثر ڪري شبانه جا اهڙا سوال احمد کي پنهنجي وجود تي ڏنڀ وانگر محسوس ٿيندا هئا پر هو هن کي ڪجهه به نه چوندو هو ۽ هميشه کيس چري ڇوڪريءَ چئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو.
    “ مون کي وسارڻ لاءِ توکي ڪيترو عرصو لڳندو.”
    “مون کي خبر ناهي پر ايتري خبر اٿم ته مون توکي وسارڻ يا ڇڏڻ لاءِ محبت ناهي ڪئي، ها باقي تنهنجي ڇڏي وڃڻ تي آئون خودڪشي نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته جنهن کي ڏسي آئون جيئڻ سکيو آهيان، انهيءَ لاءِ مرڻ منهنجي لاءِ ڀيانڪ تصور آهي.”
    “توکي ائين ناهي لڳندو ته هڪ ڏينهن آئون توکي ڇڏي هلي وينديس؟”
    “ها لڳندو آهي، ته تون اوچتو ويٺي ويٺي مون کي چئي ڇڏيندينءَ ته آئون توکي اڄ ڇڏڻ لاءِ آئي آهيان ۽ هونئن به مون کي ڪنهن مهل اهو به خوف ٿيندو آهي ته تون مون وٽ منهنجي نه ٿي ايندي آهين ۽ جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي به وئينءَ ته آئون توکي روڪي به نه سگهندس.”
    “ڇو نه روڪيندين؟” هن هڪدم پڇيو.
    “انهيءَ ڪري جو شايد تون مون سان وري اهڙي محبت نه ڪري سگهين پر آئون پنهنجي محبت ۾ تو لاءِ کوٽ نٿو آڻي سگهان ۽ آئون وقت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. توکي ته خبر آهي ته آئون ارادن جو ڪيترو مضبوط آهيان.”
    “ضدي به آهين.” شبانه ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    هنن ٻنهي جون ڳالهيون نه کُٽيون پر پنڌ کُٽي پيو ۽ ٻئي هاسٽل پهچي ويا. احمد شبانه جي اکين کي غور سان ڏٺو، جنهن لاءِ هو چوندو هو ته انهن ۾ سندس ننڍڙي دنيا آباد آهي.
    “شبانه آئون ارادن جو ڪيترو به مضبوط هجان پر تنهنجي اڳيان مون رڳو جُهڪڻ سکيو آهي.” اها ڳالهه ڪندي احمد ڏکارو ٿي ويو ۽ جنهن کي ڪنهن حد تائين شبانه به محسوس ڪيو ۽ پوءِ هو شبانه کان موڪلائي هليو ويو. شبانه هاسٽل اندر پنهنجي وجود کي انهيءَ ڪمري حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ويهي هوءَ ڪهاڻيون لکندي هئي.
    هوءَ ڪهاڻيون ڏاڍيون سٺيون لکندي هئي. هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو هو ته هن جي ڪردارن کي مايوسي ۽ اُداسي ورثي ۾ مليل آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ائين به محسوس ٿيندو هو ته اڪيلائيءَ ۾ هن جون سڀئي ڪهاڻيون هن سان ڳالهائڻ لڳنديون آهن ۽ پوءِ هوءَ انهن سان ڪچهريون ڪري انهن کي پنهنجي اندر ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي، هوءَ پنهنجين ڪهاڻين لاءِ اهو چوندي هئي ته منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي اندر مان جنم وٺن ٿيون ۽ منهنجين ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي وجود جو ئي حصو آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳندو هو ته ڪهاڻيون لکندي لکندي هوءَ به هڪ ڪهاڻي ٿي چڪي آهي. جيڪا هميشه پنهنجي بُت تي اُداسي ويڙهي ٿي هلي ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس ڇا آهي؟ انهيءَ جي کيس به خبر نه هئي. هونئن ته هن جي دنيا تمام مختصر هئي جيڪا هاسٽل جي ڪمري تائين محدود هئي پر احمد جي اچڻ سان هن اها ڳالهه محسوس ڪئي هئي ته ٻاهرين دنيا ايڏي خراب نه آهي جيترو هوءَ انهيءَ کي سمجهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪمري ۾ قبر جهڙي اونداهي ۽ موت جهڙي ماٺ به هن سان هم بستر ٿيندي هئي. هن انهيءَ ڪمري ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون هيون. هن کي خاموشيءَ سان به ايتري محبت هئي، جيتري پنهنجين ڪهاڻين سان هئي. انهيءَ ڪري هوءَ احمد کي چوندي هئي ته جڏهن خاموشي مون سان ڳالهائيندي آهي ته آئون انهيءَ کي غور سان ٻُڌندي آهيان ۽ ائين ڀائيندي آهيان ته اها به ڪهاڻي ٻڌائي رهي هجي.
    احمد ئي پهريون ماڻهو هو جيڪو هن جي مزاج کي سمجهي سگهندو هو. انهيءَ ڪري هوءَ احمد جي تمام گهڻو ويجهو ٿي وئي هئي. هوءَ ايترو ته ويجهو اچي چڪي هئي جو کيس اهو ڊپ ٿيڻ لڳندو هو ته ڪٿي اها قربت ڪنهن وڇوٽيءَ جي علامت ته ناهي ۽ ٻيو کيس اهو خوف به ستائيندو هو ته هوءَ جنهن خاندان سان تعلق رکي ٿي اُتي پيار ڪرڻ ۽ ڪنهن جي تصوير اکين ۾ سجائي هلڻ کان ٻيو ڪو وڏو ڏوهه آهي ئي ڪونه، ڪڏهن ڪڏهن ته احمد کيس اهو چئي چيڙائيندو هو ته تون به هڪ اڇوت سان پيار ڪري ويهي رهي آهين ۽ هو انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندي هئي. شبانه کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته هن ڪيئن احمد سا ن پيار جو اظهار ڪيو هو پر هو چوندو هو ته محبت کي لفظن ذريعي اظهارڻ جي ضرورت ناهي هوندي، انهيءَ کي رڳو محسوس ڪرڻ گهرجي. احمد کي شبانه جون ننڍڙيون اکيون جيڪي گهاٽين پنبڙين سان ڍڪيل هيون هميشه ڪنهن خط وانگر نظر اينديون هيون، جنهن ۾ لکيل هر تحرير کي هو پڙهي وٺندو هو پر شبانه ڪڏهن به احمد جي اکين کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عجيب ڳالهه اها هئي ته ٻئي هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت ڪرڻ باوجود روز اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته اهي ٻئي ڌار نٿا ٿي سگهن ۽ هر ايندڙ صبح شبانه کي احمد سان ملڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. احمد جي هڪ جهلڪ کيس هن سان گڏ ويهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. احمد کي سدائين مرڪندڙ چهرا وڻندا هئا.
    سو هو اهو ئي چاهيندو هو ته شبانه پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن وانگر اُداس ۽ مايوس نه رهي بلڪه انهيءَ جي چهري تي هميشه مُرڪ رهي پر الئه ڇو ويٺي ويٺي اُداسي شبانه جي چهري تي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيندي هئي ۽ احمد وري ڪا اهڙي حرڪت ڪري ويهي رهندو هو جو شبانه جي گلابي چپن تي مرڪ رقص ڪرڻ لڳندي هئي.
    احمد ڪافي دفعا انهيءَ جو سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُداسي شبانه جي چهري تي ڇو ايندي آهي پر هن کي ڪو به جواب نه ملي سگهيو. هن کي زندگيءَ جا رنگ شبانه جي چنيءَ تي چٽيل رنگن جيترا ئي خوبصورت لڳندا هئا. انهيءَ ڪري شبانه کي احمد جي اکين ۾ ڪڏهن به ڪو مايوسيءَ جو ترورو نظر نه آيو ۽ نه وري هن کي شبانه سان ڪا شڪايت ڪرڻ جي عادت هئي، حالانڪه هن وٽ ڪيتريون ئي شڪايتون هيون، جيڪي هن ائين سنڀالي رکيون هيون جيئن عورتون چنيءَ جي پلاند ۾ پئسا ٻڌي رکنديون آهن.
    شبانه کي هن جو چهرو سدائين آئيني وانگر صاف نظر ايندو هو پر هن سان ملڻ کانپوءِ کيس الئه ڇو بي چينيءَ جو احساس ٿيڻ لڳندو هو، جيڪو کيس هر لمحي تنگ ڪندو رهندو هو.
    ٻئي ڏينهن هو وري فيلڪٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ ويهي پاڻ ۽ پنهنجي پيار بابت ڳالهائڻ شروع ٿي ويا.
    “توکي ائين ناهي لڳندو ته جڏهن ماڻهو پيار ڪندا آهن ته ڪائنات جا رنگ وڌيڪ خوبصورت ٿي ويندا آهن، هي ڪائنات وڌيڪ نکري ويندي آهي ۽ سڀ ڪجهه وڻڻ لڳندو آهي!”
    “ها! ائين ته آهي، آئون به انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي آهيان. مون کي ائين لڳندو آهي ته تون نه هوندي به منهنجي آسپاس هجين ۽ ڪنهن مهل ائين به محسوس ٿيندو آهي ته تون ساهه بڻجي منهنجي وجود ۾ سمائجي ويو آهين ۽ ........” هوءَ اوچتوماٺ ٿي وئي.
    “تون اوچتو چپن کي خاموشيءَ سان سبي ڇڏيندي آهين نه، انهيءَ کان مون کي ڊپ لڳندو آهي. تون ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويندي آهين ته خوف منهنجي اندر پاسا ورائڻ لڳندو آهي.” احمد ڪجهه پريشان ٿيندي چيو.
    “احمد تون ته اجايو پريشان ٿي ويو آهين، بس مون کي لفظ ڪونه پئي مليا، انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيس.”
    “تو کي لفظ نه ملن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، تون ته لفظن سان کيڏندي آهين، پوءِ تو وٽ لفظ ڪيئن ٿا کُٽي سگهن!”
    “احمد توکي خبر ناهي ڇا ڪڏهن ڪڏهن لفظ به ساٿ ڇڏي ويندا آهن پر خير ڇڏ انهن ڳالهين کي.”
    هن احمد جو هٿ جهليو ۽ هن جي سنهڙين ۽ نرم آڱرين احمد جي تريءَ تي مسافت شروع ڪري ڏني ۽ هوءَ هن جي تريءَ تي اُڀريل لڪيرن کي غور سان ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ کي انهن لڪيرن ۾ ڳولڻ لڳي.
    “شبانه محبت لڪيرن ۾ ناهي هوندي، اها اندر ۾ هوندي آهي. جڏهن تون مون کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندينءَ نه ته توکي خبر پوندي ته توکي واقعي به مون سان محبت آهي.”
    “مون کي پنهنجن خوابن سان محبت آهي ۽ آئون چاهيان ٿي ته اُهي سڀ خواب پورا ٿين پر لڳي ٿو ته اُهي پورا نه ٿي سگهندا ۽ هونئن به خواب جڏهن ذرا ذرا ٿي ويندا آهن ته انهن کي وکرڻ کان ڪير به بچائي نه ٿو سگهي.” اها ڳالهه ڪندي شبانه کي وري اُداسي وڪوڙي وئي.
    “ها! پر اکين کي ڪير سمجهائي ته اُهي خواب نه ڏسن، جيئن اسين خوابن جي وس ۾ نه آهيون، ائين خواب به اسان جي وس ۾ نه آهن.” احمد جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي ته شبانه اُٿي بيٺي.
    “منهنجي خيال ۾ اسان کي هاڻ هلڻ گهرجي.”
    “منهنجين ڳالهين مان بيزار ٿي پئي آهين ڇا؟”
    “نه اهڙي ڳالهه ناهي، سڄي فيڪلٽي خالي ٿي پئي آهي، هاڻ اسان کي به هلڻ گهرجي.”
    “تنهنجي دل جي فيڪلٽي ته خالي ناهي ٿي نه!” احمد ٽوڪ ڪندي پڇيو.
    “نه اڃا تائين ته ناهي ٿي.”
    هو ٻئي هاسٽل ڏانهن روانا ٿي ويا. احمد شبانه کان موڪلائي هليو ويو. شبانه جيئن ئي ڪمري ۾ پهتي ته بيچينيءَ جي ور چڙهي وئي. انهيءَ حالت ۾ هن پاڻ کي بستري جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هن جي اک کُلي ته هن جي چوڌاري اونداهي ۽ خاموشي هئي.
    هوءَ ڪمري جي بتي ٻاري دريءَ وٽ بيهي رهي. جتان هن کي پوئين تاريخن جو اڻپورو چنڊ نظر پئي آيو، جيڪو پنهنجي سهائي ڇاڻي رهيو هو. پريان سندس نظر ڪنهن تاري سان ٽڪرائي ۽ انهيءَ وقت هن کي احمد سان ڪيل سڀ ملاقاتون ياد آيون، جيڪي ڳڻپ کان ٻاهر هيون پر وري هن سوچيو ته، جنهن کي هوءَ ته حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر حالتون کيس هن کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون پر هاڻ هن کي پنهنجي ويجهو آڻي ائين هن کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ به غلط هو ۽ هن جي اکين ۾ هن هميشه پنهنجي لاءِ پيار ڏٺو هو، جنهن هن سان ڪڏهن ڪا به شڪايت ناهي ڪئي، انهيءَ کي.....انهن سڀني خيالن شبانه کي مُنجهائي ڇڏيو۽ هوءَ بلڪل به پاڻ کي بي وس محسوس ڪري رهي هئي.
    ڪيترائي ڀيرا هن سوچيو ته هوءَ احمد کي ڇڏي هلي ويندي پر وري به الئه ڪهڙي قوت هئي جيڪا هن کي احمد اڳيان اهو سڀ ڪجهه چوڻ نه ڏيندي هئي. هن کي اها پڪ هئي ته وڇوٽيون ئي سندس مقدر آهن.
    هوءَ ٻئي ڏينهن احمد سان ملي.
    “احمد اڄ موسم سٺي آهي نه.” هن آسمان جو جائزو وٺندي چيو.
    “موسمون ٻاهر ته هونديون ئي ڪونهن، اهي ته اندر ۾ هونديون آهن. جڏهن اندر جون موسمون سٺيون هونديون آهن ته هر موسم سٺي لڳندي آهي پر مون کي لڳي ٿو ته آئون تنهنجي اندر جي موسم کي تبديل نه ڪري سگهيو آهيان.”
    احمد کي هميشه ائين لڳندو هو ته شبانه جي اندر ۾ بهار نٿي اچي سگهي. هن شبانه جي خاموشيءَ کي محسوس ڪندي پڇيو، “شبانه تون ماٺ ڇو ٿي وئي آهين”
    “احمد آئون پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ورڻ ٿي چاهيان”
    آئون سمجهي نه سگهيس، ماضيءَ ڏانهن ڪيئن ٿي وري سگهين؟”
    “توکي خبر ناهي، اسين ٻئي قطعي ملي نٿا سگهون، هڪ خوف هميشه منهنجو پيڇو ڪندو رهيو آهي. اُهو اِهو ته آئون ڪڏهن به توکي حاصل نه ڪري سگهنديس.” شبانه جي اکين مان ڳوڙها ڪرندا ڳلن تائين پهتا ۽ اتي ئي پنڌ ڪندي بيهي رهيا.
    “شبانه ڇا توکي مون تي اعتبار ناهي، يا تون مون کي انهيءَ ڪري ڇڏي رهي آهين جو آئون اوچي ذات وارو ناهيان. بس اهو ئي ڏوهه آهي منهنجو؟” احمد مايوس ٿيندي پڇيو.
    “نه!ائين ناهي، آئون ڏوهاري آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون اوچي ذات واري ٿي پئي آهيان ۽ انهيءَ ڪري وقت اسان ۾ وڇوٽيون وجهي رهيو آهي.” احمد شبانه کي بُت بڻيو ٻُڌندو رهيو.
    “احمد انهيءَ ۾ تنهنجو ڪو به ڏوهه ناهي، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، آئون چاهيان ٿي ته انهيءَ مايوسيءَ ۽ اُداسي جي دنيا مان نڪري اچان پر وقت وري مون کي اتي بيهاري ڇڏيو آهي، جتان تون منهنجو هٿ جهلي مون کي ڪڍي آيو هئين ۽......” لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هوءَ اُٿي بيٺي ۽ احمد کي هڪ نظر ڏسي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي احمد جي نظرن کان اوجهل ٿي وئي، احمد کي ائين لڳو ته سندس پيار پٿرائجي ويو هو.


    18. سُرخيون

    جميل جڏهن نئون نئون شهر آيو هو ته هن کي شهر تمام وڏو نظر ايندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته هو هيڏي وڏي شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ وڃائجي ويندو. جن مان گذرندي سندس ساهه منجهڻ لڳندو هو پر هاڻ کيس هي شهر تمام ننڍڙو ٿي لڳو. ايترو ننڍو جو هن جي تري ۾ سمائجي وڃي. هن کي شهر ۾ رهندي اهو احساس اڏوهي بڻجي کوکلو ڪري رهيو هو ته هتي سڀئي ماڻهو پنهنجن چهرن تي ماسڪ چاڙهي هلن ٿا. جن کان جميل ڪافي خوفزده هو. جڏهن کيس ڳوٺ ياد ايندو هو ته سندس چهرو ڪجهه سرهو ٿيندو هو. هن سمجهيو هو ته شهر کيس ٻانهون کولي ڀليڪار ڪندو پر ائين نه ٿي سگهيو. هن جي ڳوٺ ڇڏڻ جو سبب رڳو بيروزگاري نه هو پر اهي قبيلائي جهيڙا به هئا، جن جي ڪري ڳوٺ ۾ زندگي مهانگي ٿي پئي هئي. جتي هر وقت بندوق جي گولي ڪنهن معصوم زندگي جي تاڙ ۾ رهندي هئي. ڳوٺ ۾ گولين جا آواز ٻڌي هن کان ڇرڪ نڪري ويندا هئا ۽ هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته بندوق جي نالي مان نڪتل هرگولي هن جي وجود ۾ گهڙي وئي هجي ۽ سندس جسم رتورت ٿي چڪو هجي. جڏهن گولين جا آواز هن جي ڪنن تائين پهچندا هئا ته هو ٻئي هٿ ڪنن تي ڏئي ڇڏيندو هو پر تڏهن به اهي آواز سندس ڪنن ۾ گهڙي ايندا هئا ۽ هن جي روح ۾ بيچيني پاسا ورائڻ لڳندي هئي. کيس لڳندو هئس ته جيڪي ماڻهو انهن بکايل گولين جو شڪار ٿيا هئا اهي سندس اندر ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا هجن. ڳوٺ ۾ بندوق جي نالي مان نڪرندڙ انڌي گولي ڪنهن به پهر جي پابند نه هئي. ڏينهن توڙي رات جو ڪيترائي وجود پاڻ کي وڃائي ڇڏيندا هئا.
    هن سوچيو ته شهر پهچڻ کانپو هي شهر کيس پناهه ڏيندو پر هتي پهچي به سندس اڪيلائي ختم نه ٿي. هو جنهن اخباري اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو اتي ڪيتريون ئي خبرون ڳوٺن جي باري ۾ اينديون هيون، جيڪي روز هن جي اکين آڏو گذرنديون هيون. جڏهن هو انهن خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ويهندو هو ته قتل ٿيل ماڻهن جي رت جا ڇنڊا سندس وجود تي محسوس ٿيڻ لڳندا هئا. اخباري اداري ۾ جيڪي سماج کي سڌارڻ جا دعويدار هئا ۽ جيڪي چوندا هئا ته اخبار سماج جو آئينو آهي، انهن ڪڏهن به انهي آئيني ۾ پنهنجو چهرو نه ڏٺو ۽ سڀئي ڪنهن اهڙي خبر جي وجهه ۾ هوندا هئا جنهن کي وڏين وڏين سرخين سان شايع ڪري سگهن يا وري ڪو جذباتي ڪالم لکي اخبار جو پيٽ ڀري سگهن.
    جميل مٿان هڪ نااهل نيوز ايڊيٽر هو. جيڪو سدائين اهو چوندو هو ته “بس بابا قلم ذريعي مڙئي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي” پر جميل کيس اخباري چٻرو سڏيندو هو. جيڪو هر وقت اکيون ڦاڙي ٻين کي ذليل ڪرڻ لا سرگرم رهندو هو. هونئن ته اها اخبار نااهلن سان ڀري پئي هئي پر نيوز ايڊيٽر نااهلي ۾ سڀني کي مات ڏيو ويٺو هو.
    جميل سان رضيه به ڪم ڪندي هئي، جيڪا عورتن جي اشوز تي اسٽوريون ڪندي هئي. رضيه جو تعلق ٺيڪ ٺاڪ گهراڻي سان هو پر هن صحافت کي پيشي طور چونڊيو. پوري اداري ۾ جميل ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن سان هن جي لڳندي هئي. جنهن مهل به جميل ۽ رضيه ڪنهن معاملي تي پاڻ ۾ ويهي ڳالهائيندا هئا ته نااهل نيوز ايڊيٽر پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ نڪ تي آڻيندي ڪرڙين اکين سان ٻنهي کي غور سان ڏسي پو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته کيس ڇوڪرين ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي يا وري پنا کڻي ڪنهن خبر جو پوسٽ مارٽم شروع ڪري ڇڏيندو هو.
    اخبار ۾ خبرن ذريعي ماڻهو کي ڪيئن ذليل ڪيو ويندو هو. انهي کان جميل چڱي ريت واقف هو. نيوز ايڊيٽر کان وٺي پروف ريڊر تائين سڀ ڪرپشن جي گٽر ۾ ٻڏل هئا. پر هر ڪو هڪٻئي تي الزام هڻندي ڪونه ٿڪبو هو ته فلاڻو ههڙو... هيئن ٿو ڪري... فلاڻي خبر هلائڻ جا هيترا پئسا ورتا.... پر ڪنهن به پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نٿي ڏٺي ته اهي ڪيترا بدبودار هئا. ڪيترا ڀيرا جميل سوچيو ته اداري کي ڇڏي هليو وڃي پر غربت هن کي ڪٿي به ساهي پٽڻ نٿي ڏني. شهر ۾ هن کي رهڻ لا فقط هڪ قبر جهڙو ڪمرو هو، جنهن ۾ هن سان هڪ روم پارٽنر به هو. جيڪو ماستر هو ۽ هر وقت تعليم جي تباهي ۽ اهميت بابت بڪ بڪ ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هو جميل اڪثر چوندو هو ته “ميان اڄ جي تعليمي معيار تي لک، جيڪڏهن تون نٿو لکي سگهين ته آئون ئي توکي لکي ٿو ڏيان” جميل هائوڪار ڪري ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سندس دوست کي به شاگردن وانگر نٽائڻ جي عادت هئي.
    جميل هونئن به انهي ڪمري ۾ ڪافي راتيون گذاريون پر ڪا به اهڙي رات نه هئي جنهن ۾ هو سڪون سان ستو هجي. هو جڏهن به بستري تي ايندو هو سندس ذهن ڳوٺ ڏانهن اڇل کائيندو هو. جتي هن جو پوڙهو پي، بيمار ما ۽ ڀيڻ هئا. جيڪي انهن جهيڙن ۾ پنهنجا ساهه ڳڻي رهيا هئا.
    کيس چڱي ريت ياد هو ته جڏهن هو ٺهي سنڀري شهر ڏانهن اچي رهيو هو ته چاچي الهه بخش اکين مان ڳوڙها وهائيندي چيو “پٽ اتي وڃي اسان کي وساري نه ڇڏجان” هتي اچي هن کان ڪير به نه وسريو هو پر کيس ائين ٿي لڳو هو پاڻ کان ئي وسري ويو هو. اڃا به بيمار ما جي کنگهه ياد ٿي آيس ته کيس پريشاني گهيري ويندي هئي. هن کي اهو به خوف هو ته ڪٿي گهر جهيڙن جي ور نه چڙهي وڃي. جن هن کي شهر جي مصنوعي دنيا حوالي ڪري ڇڏيو هو. هو رضيه سان اڪثر گهر جي حالتن بابت ڳالهائيندو هو.
    اڄ هو جڏهن آفيس آيو ته کيس انهن ئي خبرن ۾ هٿ وجهڻا پيا، جيڪي سندس ئي ڳوٺ سان لاڳاپيل هيون. هن خبرن کان بيزار ٿيندي خبرن کي هڪ پاسي رکيو ۽ مٿو جهلي ويهي رهيو. رضيه کيس پريشان ڏسي پڇيو “ڇا ڳالهه آهي؟ تون پريشان ڇو آهين”
    “پريشانيون جڏهن مقدر ٿي وڃن ته ڪنهن کي ڏوهه ڏجي؟” هن چيو.
    “ڏس جميل، هتي ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، تون اجايو پريشان نه ٿي، پاڻ کي ڪمزور نه ڪر” رضيه کيس آٿت ڏني.
    رضيه هتي آئون جيڪي به سرخيون ٺاهيندو آهيان انهن مان ڪا به اهڙي خبر ناهي جيڪا هن سماج جي سڌاري لا هجي. ايتري ۾ نيوز ايڊيٽر جميل کي سڏ ڪيو. “جميل صاحب توهان وٽ جيڪڏهن ٽائيم هجي ته مهرباني ڪري هيڏانهن اچو” نيوز ايڊيٽر هڪ ڏينهن اڳ واري اخبار جا پنا اٿلائي رهيو هو ۽ هڪ خبر کي دائرو ڪڍندي پڇيائين “هي خبر تو ٺاهي آهي؟”
    “ها سر، هي مون ئي ٺاهي آهي”
    “توکي خبر آهي تو جنهن ماڻهو خلاف خبر هلائي آهي اهو منهنجو گهرو دوست آهي”
    “پر سر، خبر ته خبر هوندي آهي ۽ هو تمام ڪرپٽ ماڻهو آهي، ماڻهن جي احتجاج ڪرڻ تي مون کي اها خبر لڳائڻي پئي”
    “بهرحال اڄ کانپو ڪا به اهڙي خبر جيڪا منهنجي ذاتي دوست متعلق هجي، اها ڇاپڻ کان پهرين مون کي ڏيکاريندو ڪر، هاڻ توهان وڃي سگهو ٿا.” نيوز ايڊيٽر پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو ۽ هو وري انهن خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ويهي رهيو. جيڪي اڳ ۾ ئي سرخ هيون. ٻئي ڏينهن هو جڏهن شهر جي پراڻي چوڪ تي بيٺو هو جتي اڪثراحتجاج ٿيندا هئا کيس رضيه ملي جيڪا ڪنهن رپورٽ جي سلسلي ۾ ڪٿان کان اچي رهي هئي، رضيه کيس چانهه جي صلاح ڪئي.
    “پر رضيه مون وٽ....” هن پنهنجا کيسا ڦلهوريا، جن ۾ سگريٽن کانسوا ڪجهه به نه هو.
    رضيه مرڪي چيو، “خير آهي آئون ٿي توکي چانهه پياريان”
    ٻئي ڪئنٽين ۾ وڃي ويٺا. رضيه چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ جميل سگريٽ ڪڍي دکايو. جنهن جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو ۽ سگريٽ جو دونهون ڇلن جي صورت ۾ غائب پئي ٿيو.
    “جميل تون سگريٽ ڇو پيئندو آهين؟”
    “سگريٽ! سگريٽ ته مون کي پيئندا آهن ۽ هونئن به مون کي لڳندو آهي، آئون پاڻ به هڪ سگريٽ ٿي چڪو آهيان، جنهن مان وقت جا چپ هميشه ڪش هڻندا رهندا آهن” سندس انداز طنزيه هو.
    “ڀلا ڳوٺ ته خير آهي نه ؟”
    “اسين جتي رهندا آهيون نه، اتي ماڻهن جي شڪل ۾ اسان جي چوڌاري جانور رهندا آهن. جيڪي معصوم ماڻهن جو گوشت ڳجهن وانگر پٽي کائڻ جا عادي ٿي چڪا آهن. اتي زندگي کي ڪا به معنيٰ ناهي. معنيٰ آهي ته فقط موت کي..” هن جو لهجو نفرت انگيز هو. هن آخري ڪش هنيو ۽ سگريٽ اجهائي چانهه پيئڻ لڳو.
    “تنهنجي امان ڪيئن آهي؟” رضيه ساعت کانپو پڇيو.
    “اها ڪيئن ٿي ٿي سگهي، جنهن کي کنگهه سڪون سان ساهه کڻڻ نه ٿي ڏئي. تو اڃا منهنجي ڀيڻ کي ناهي ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ ڪنوار ٿيڻ جا خواب هئا ۽ هن جو مڱيندو ڪنهن سردار جي گولي جو کاڄ ٿي ويو ۽ هاڻ هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جا والاري ڇڏي آهي. منهنجو پي سدائين ٻين جي فيصلن ۾ گهيلبو رهيو آهي ۽ منهنجي ته خبر اٿئي. آئون اخبار ۾ ذليل ٿيندو آهيان. هي اخبارون اسان کي ڪجهه نٿيون ڏئي سگهن. ها باقي نااهلن لا هتي گهڻو ڪجهه آهي. جن هن سماج کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي جيڪي ايڊيٽرز آهن، اهي به بانس وانگر کوکلا ٿي چڪا آهن. مون کي ائين لڳندو آهي ته پي جي موت وقت مون وٽ ڪفن خريدڻ جيترا پئسا نه ٿي سگهندا. هو مسلسل ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيو ۽ ماٺ ٿي ويو.
    “سڀ ٺيڪ ٿي ويندو” رضيه کيس آٿت ڏيندي چيو.
    “سڄي حياتي انهي آسري ۾ گذاري سگهجي ٿي پر هتي ڪجهه به ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. ڪيترائي نسل انهي آسري ۾ گذري ويا. اسان وٽ جن ٻارن جي هٿن ۾ گل هئڻ گهرجن انهن وٽ هٿيار آهن پر اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن لا فقط اها خبر آهي”
    رضيه ڏٺو ته جميل جي اکين ۾ مايوسي اڀري رهي هئي. هن چانهه جو آخري ڍڪ ڀريو ۽ کيس هلڻ لا چيو. ٻئي ٻاهر نڪتا. جتان رضيه هن کان موڪلائي هلي وئي. انهي ڏينهن موڪل تي هجڻ ڪري هو شهر جا اهي رستا ماپڻ لڳو، جيڪي سدائين کيس اڪيلائي جو احساس ڏياريندا هئا ۽ رات جو جڏهن شهر جا زرد بلب سجاڳ ٿيا ته سڄو شهر روشن ٿي ويو پر اها روشني ماڻهن جي اندر کي روشن نٿي ڪري سگهي. رات جو فقط شهر جا بلب ئي نه جاڳندا هئا پر هو به انهن سان گڏ جاڳندو هو. رستي تي هلندي ڪنهن مهل کيس اهو به احساس ٿيڻ ٿي لڳو ته سڀئي بلب وات ڦاڙي هن جا چٻرا ڪڍي رهيا هجن. هو سست وکن سان هلندو اچي پنهنجي ڪمري تي پهتو، جتي هن جو روم پارٽنر دنيا کان بي فڪر ٿي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو.
    هو گهر ڀاتين لا ڪافي پريشان هو. پريشانيون چچڙ جيان سندس وجود تي چهٽيل محسوس ٿينديون هيون. ڪافي ڀيرا هن سوچيو ته گهر ڀاتين کي شهر ڀيڙو ڪري پر هتي رهائش، کاڌو پيتو، اهو سڀ هن لا ممڪن نه هو. سرڪاري نوڪري لا هن هڪ ٻن جاين تي درخواست ڏني هئي پر اتان ڪو به جواب نه آيس. هڪ هنڌ آسرو ٿيس پر انهن ايترا پئسا گهريا جو هو اوڏانهن وري وڃي ئي نه سگهيو. هن جڏهن به مستقبل ڏانهن ڏٺو ٿي ته مايوسي کانسوا ڪجهه به نظر نٿي آيس. هو حالتن جي وس ٿي چڪو هو، جيڪي کيس مايوسي جي ڪن ۾ ڌڪي رهيون هيون، ٻئي ڏينهن جڏهن هو آفيس پهتو ۽ فيڪس تي پهتل خبرن کي ڦلهورڻ شروع ڪيو جيڪي کيس روز ذهني پيڙا ڏينديون هيون.
    “جميل هڪڙو منٽ هيڏانهن اچ” هن رضيه کي ڏٺو....
    “اڄ الائي ڇو ايتري اداس آهي ....هون!..” هن چيو.
    “هڪ منٽ... توکي چيم نه ته خبرون ڇڏ” رضيه کي ڪاوڙ ڇو هئي.... هو حيران هو ۽ ٻي گهڙي جيڪا خبر هن جي اکين ۾ چڀي رهي هئي سا هيئن هئي. “نوجوان صحافي جميل احمد جو والد جهيڙي ۾ مارجي ويو” هن کي لڳو ته عرصي کان هن جي وجود ۾ ڀٽڪندڙ موت جون خبرون اڄ سندس وجود ۾ پنهنجا ڪاڻيٺا کپائي چڪيون هيون. هن رضيه کي بيوس اکين سان ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ به لڙڪ هئا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468546
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ