ڪتاب جو نالو: سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ
مصنف: يوسف جميل لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 19 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 267 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 73 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • شل خواب سدائين کِلندا رھن
  • ٻه اکر
  • ڌرتي جو سڏ
  • منهنجو خواب
  • سماجي قدرن جي اهميت ۽ افاديت
  • سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ
  • ڇا سنڌ کي چورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏجي
  • سنڌ اندر اِعتِدالي سياست جو ڏيوالِپڻو
  • تبديل ٿيندڙ سنڌ جي سياسي صورتحال
  • اچو تہ ڌرتي جو قرض لاهيون
  • اسان جي معاشرتي اصولن جو زوال
  • سياست ۽ شعور جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو
  • ڪــــــــتـاب ڇــــــــو پـــڙهجـــــن
  • خوشــحال سنــــــڌ جو خــــواب
  • مزدور جو درد مزدور ئي سمجهي سگهي ٿو
  • واڄـــٽ ڪــن وڻجــار
  • باشـعور ۽ لاشـعور فــردن ۾ فــرق
  • سنڌ جي شعور کي سھڪار جو سڏ
  • سنڌو دريا جي بقا جي جنگ
  • سنــڌ جي تعليـم تـي تجـرباتي حــربا
  • بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر
  • گهوري جان جتن تان
  • ڪتب خاني سان دل منهنجي
  • موت ۽ منهنجي اندر جو وهم
  • سنڌ اندر ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند
  • عطائي ڊاڪٽر
  • عجيب اتفاق
  • وزير تعليم ڏانهن کليل خط
  • عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط پهريون
  • عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط ٻيو
  • عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط ٽيون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ” سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي، ڪالمن ۽ مضمونن جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آهي.
    يوسف جميل لغاري جي هن ڪالمن جي مجوعي ۾ اهي ڪالم شامل ٿيل آهن جيڪي مختلف حالاتن، واقعن ۽ عنوانن تي لکيل آهي، سندس هر هڪ عنوان جو مرڪز سنڌ ۽ سنڌ جا سور آهن، سندس هي ڪالم روزاني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل آهن.
    يوسف جميل لغاريَء جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ۽ مضمونن جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون.
    پيارا يوسف جميل لغاري سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شل خواب سدائين کِلندا رھن

    ھڪڙي باشعور ۽ ساڃاھ وند ماڻھو جي ھڪ اھم خاصيت ھيءَ آھي تہ ھو پنھنجي آسپاس جي ماحول، سماجي سياسي صورتحال ۽ ملڪي قومي حالتن تي تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڏاھپ ڀري اک سان انھن جو تجزيو ڪري ٿو. تنقيدي نظر انقلاب يا آزادي جي ابتدائي وک ھوندي آھي. ان ڪري ئي سڄي دنيا اندر تنقيدي شعور جي سگھ ۽ اھميت کي مڃيو وڃي ٿو.
    اسان جو باشعور دوست، ساڃاھ وند ساٿي ۽ قومي قافلي جو ھمسفر يوسف جميل لغاري پڻ اھڙو انسان آھي، جيڪو شين، ماحول ۽ حالتن تي تنقيدي نگاھ رکي ٿو. سندس زير نظر ڪتاب "سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب" انھي تنقيدي نگاھ جي ميڙيِ چونڊيِ آھي. رڳو ڄار پاتال منجھان موتي نہ ميڙيندا آھن، اکيون بہ ماڻڪ ميڙينديون آھن. حُسن، شعور، ساڃاھ، سڀيتا ۽ ادراڪ جا ماڻڪ موتي. ھن ڪتاب م پڙھندڙن کي آڇڻ لاءِ ھو اھي وڙ ۽ وٿون کڻي آيو آھي.
    جيتوڻيڪ ھيءَ ھڪ ننڍو ڪتابڙو آھي، پر ان م عقل، ادراڪ، سچائي، انسان پروري، عوام دوستي ۽ سنڌ پرستي جون اتم، اعلاء وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن.

    يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.

    ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي. ھيءَ ھڪ بھتر سھيڙ آھي. جنھن سان پڙھندڙن کي ھيءَ سھولت حاصل ٿي آھي تہ اھي ھڪ ھنڌ تي ئي ھيءَ سڀ ليک مطالعي ھيٺ آڻي سگھندا. ھنن لکڻين کي پڙھندي ھو سماجيات، سياسيات ۽ علميات جھڙن موضوعن کان واقفيت ۽ آگاھي حاصل ڪري سگھندا. اسان جي ھن دوست ليکڪ جي ھيءَ وڏي خوبي آھي تہ ھو ھڪ پڙھيل ڪڙھيل، گھڻ پاسائون مطالعو رکندڙ ۽ دردِ دل سان آشنا انسان آھي. ان ڪري ھو عميق نگاھ سان مامرن جي تور تڪ ڪري ٿو. کيس سنڌ جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن جو وڏو اونو آھي. سندس اھا اون اجائي نہ آھي. سڌريل قومون پنھنجن سماجي، معاشرتي ۽ قومي قدرن سنڀالينديون آھن. ھو سنڌ جي تعليم جي باري م پڻ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي م ورتل آھي.

    ھو علم جي اھميت کان آگاھ آھي. تنھن ڪري علم جي واڌ ويجھ چاھي ٿو. جنھن لاءِ لازمي آھي تہ تعليمي سرشتو سڌريل، روشن خيال، عوام دوست ۽ قوم دوست ھجي. ھو سياسي مامرن بابت پڻ ھڪ سجاڳ ذھن سياسي ڪارڪن طور اظھار ڪري ٿو. ھو سنڌي قوم جي آزاد آئيندي ۽ سنڌ جي ملڪي حيثيت جو گھورو آھي. ھڪ تاريخي ملڪ ۽ جداگانا قوم کي گھڻو وقت ڀنڀلائي ۽ دٻائي مسلسل محڪوم نہ ٿو رکي سگھجي. ھڪ ڏينھن نيٺ اھا قوم محڪومي ۽ غلامي جا گسيل ۽ زنگيل چادر لاھي ڦِٽي ڪندي. سنڌ جي آڪاس تي ڪنھن سونھري سحر جي نمودار ٿيڻ جي آس سندس لفظن، تمنائن ۽ ارادن مان جھلڪندي رھندي آھي. اھڙيون آسون اوھان کي ھتي بہ ڏسڻ ۾ اچي وينديون. ھو نعريباز ليکڪ ناھي، پر ساڳيي وقت ھو فراريت پسند ليکڪ بہ ناھي. ھو ھڪ ارپيل ۽ وابستگي رکندڙ ليکڪ آھي. ڪنھن محڪوم قوم جي ليکڪ کي فراريت پسند ٿيڻ بہ نہ گھرجي. محڪوم قومن کي ڪميٽيڊ، آدرشي ۽ سياسي ليکڪن جي ضرورت ھوندي آھي.

    يوسف جميل لغاري پڻ ھڪ آدرشي ۽ پنھنجي قوم کي ارپيل نوجوان آھي. سندس ھيءَ لکڻيون پڙھي آئون خوش ٿيو آھيان. مون کي اميد آھي تہ ھو پنھنجي قوم ۽ وطن لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رھندو.
    سنڌ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز لکيو ھو تہ

    جي گھر گھر نعرو گونجي
    ڌرتي زندھ باد تہ ٻيو ڇا گھرجي
    خواب ھجن آزاد تہ ٻيو ڇا گھرجي

    آئون سانجھي ويلي سڏڪندڙ خوابن کي کلندو ڏسڻ گھران ٿو. شل خواب سدا آزاد ھجن، سدا کلندا رھن. سپني جي آزادي انسان جي آزادي آھي. انھيءَ ڪري ئي آمريتون ۽ بيٺڪي قوتون ماڻھن جي سپنن کي بہ قيدي ڪرڻ گھرنديون آھن. پر اسان ھر قيد جو انت آڻڻ ٿا گھرون. اسان آزادي جي سپنن جا ساکي ۽ آزادي جا متوالا آھيون. ھيءَ ڪتاب آزادي جي رستي تي ٻاريل شمع آھي.

    نواز خان زئور
    ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
    ميرپور بٺورو.


    ٻه اکر

    انسان اشرف المخلوقات آهي پر تڏهن جڏهن اُن ۾ باقي انسانيت جو اونو هجي، ڦٿڪندڙ، لُڇندڙ، اُڃن ۽ بکن ۾ پاھ ٿيندڙ ماڻهن لاءَ لوچ هجي ۽ انهن لاءَ تڙپنا هجي، رڳو تڙپڻ بہ نہ پر عمل جي ميدان ۾ انهن لاءَ اڳڀرو هجي.
    آئون جنهن لاءَ لکان پيو اهو بہ هڪ اهڙو نوجوان آهي جنهن لاءَ مون وٽ لکڻ لاءَ لفظ ناهن، هن جڏهن مون کي چيو تہ منهنجي ڪتاب بابت ڪجھ لکي ڏيو، مون سوچيو تہ مان هن نوجوان ليکڪ لاءَ ڇا لکان، هُو عمر جي ان حصي ۾ قوم جي حالتن جي لاءَ لڇي ۽ لوچي رهيو آهي جنهن حصي ۾ نوجوان انبن ۽ ڏاڙهن جي رس چوسڻ جا هيراڪ هوندا آهن جن وٽ مقصد صرف شراب و شباب مان لذيتون وٺڻ هوندو آهي پر قوم ۽ وطن بي معني هوندو آهي.
    يوسف جميل لغاري اهڙي ڦوھ جواني ۾ وطن ۽ قوم لاءَ باقي چيزن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي.



    آزاد اڪبر شر
    ٺري ميرواهه


    ڌرتي جو سڏ

    سڀن سامراجين اڳيان سينو تاڻي
    اڙي يار يوسف اُٿي پئو تون هاڻي

    اديب ۽ شاعر پنهنجي وقت جا منصور هوندا آهن جيڪي اُتان جي آزادي جي خاتمي لاءَ گڏيل ۽ رائج قانون کي ٽوڙي مروڙي بغاوت جا جهنڊا جهولائيندا آهن ۽ هر دور جي فرعون جو ديده دليري سان مقابلو ڪندا آهن ۽ ڪڏهن بہ پنهنجي مقصد تان نہ هٽندا آهن، غلامي ۽ چاپلوسي جي بدران ڪنڌ ڪپائڻ کي فخر جي ڳالھ سمجهندا آهن، اُهي اديب جيڪي پنهنجي ديس جو درد رکندڙ هوندا آهن سي ائين کڻي سمجهو تہ قوم جو اثاثو هوندا آهن.
    سچي اديب جو وجود ظالم جي اک ۾ ٻٻر جي ڪنڊي جيان چڀندو آهي سندس هر ٻول، هر سٽ، هر لکڻي قهر جي ڪوٽن ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن حالاتن جون مصيبتون، اذيتون ۽ پيچيدگيون ڏمر بڻجي ڪري ڪجھ وقت لاءَ ماٺار ۾ ڪم ڪرڻ لاءَ مجبور ڪنديون آهن پر پوءَ بہ اسان جي اڄ جو جديد اديب ۽ شاعر جڏهن بہ پنهنجي ديس ۾ ڪائي آلي اک ڏسندو آهي تہ سندس سک ڦٽي پوندو آهي ۽ وري جڏهن ڪو مرُجهايل مُک پسندو آهي تہ سندس نيڻن سانوڻ جي برسات جيان وسڻ لڳندا آهن، اسان جو هي دوست بہ اهڙي ئي نفيس مزاج جو مالڪ آهي.
    سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن هر حال ۾ پنهنجي ڌرتي جي قرض لاهڻ لاءَ لکندا رهيا آهن، ڏکين حالتن سان منهن ڏنائون ۽ ماڻهن کي جيئڻ جو گس ڏنائون، اسان شاعر ۽ اديب پنهنجي مارن جي يادن کي پنهنجي زندگي جو حاصل مطلب سمجهون ٿا ۽ انهن جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي ويهندا آهيون ۽ وري نہ ئي ڪڏهن ڪنهن وقت جي فرعون اڳيان جهڪندا آهيون، ائين ئي جئين اسان جو هي يار يوسف جميل لغاري آهي، اسان جو هي يار اسان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني هر موڙ، هر مورچي، هر مزاحمت جي ميدان تي اڳ ڀريو ۽ نمايا نظر ايندو رهيو آهي، سندس فڪر جو محور ۽ مرڪز هميشه سنڌ رهيو آهي.
    سندس ڪالمن منجهان معاشرتي بغاوت، غلط ڪمن ڪارن توڙي ريتن رسمن خلاف ڪروڌ ۽ تعليم بابت سڄاڳي جا پهلو واضع ۽ چٽا نظر اچن ٿا، هن يار هر ميدان تي پاڻ ملهايو آهي، سندس قلم سان ڪيل جدوجهد نيٺ هڪ ڏينهن رنگ لائيندي ۽ هن ديس مٿان برپا ٿيل ڪارن ڪڪرن کي ختم ٿيڻ تي مجبور ڪندي، تنهن ڪري توهان سڀني کي بہ گهرجي تہ نراسائي ڇڏيو، اُٿو سمجھ سان، محنت سان، علم سان ۽ نيڪ ارادي سان نئي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي ديس جي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيو ۽ ڌرتي جي هر سڏ تي لبيڪ چئو ۽ ڌرتي جو ساٿ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ڇڏيو ڇو تہ هي ڌرتي تهذيبن جي ماءُ آهي.

    اسان سنڌ خاطر سر ڀي ڏينداسين
    ڪنڌن جا هي ڪُنگرا اڏائي ڀلي ڪو
    (پيرل قنبر)

    آغا سلمان سيلاني
    ٺري ميرواهه


    منهنجو خواب

    هي ڌرتي جيڪا مجموعي طور دنيا جي ٻين سڀني قومن، تهذيبن ۽ ارتقا جي مرحلي کي پار ڪندڙ ملڪن جي اُستاد رهي آهي، آءُ ان ڌرتي جو هڪ يگانو عاشق ۽ پتڪڙو ليکڪ آهيان، هن ڌرتي پنهنجي خمير مان محمد ابراهيم جويو جهڙي حلالي فرزند کي جنم ڏنو، رسول بخش پليجو جهڙي ڏاهي کي جنم ڏنو، ڪامريڊ سوڀو گيچنداڻي جهڙي سنڌ پرست کي جنم ڏنو، وڏي ڳالھ تہ اِها آهي جو هن ڌرتي جو هڪڙو سچو، پڪو عاشق مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد بہ هو، جنهن ڌرتي سان عشق ڪرڻ وارو فرد ڏاهپ جي بلند درجن تي هجي ڇا ٿا سمجهو اُها ڌرتي ڪيڏي نہ سونهاري، پياري ۽ اهميت واري هوندي.
    منهنجي سنڌ جيڪا هن مھل مون کي دردن، پيڙاهن ۽ تڪليفن منجھ نظر ٿي اچي، جنهن ۾ هر هڪ فرد سماجي مونجهاري ۽ انتشارن جي ور چڙهيل محسوس ٿي ٿو، اُن سنڌ لاءَ آءُ لکندو آهيان، اُن سنڌ جي سحن ۾ رهي آءُ لفظن کي جوڙيندو آهيان، فڪر جي ڦرهي کي هٿ ڪري سهڻا جملا ۽ ڪالم ٺاهيندو آهيان، منهنجا ڪالم ۽ مضمون سنڌ جي هر هڪ فرد، سنڌ جي هر هڪ ڪنڊ ۽ سنڌ جي هر هڪ درد توڙي پيڙاھ جي نشاندهي ڪندڙ هوندا آهن، ڇو تہ هي منهنجي ڌرتي آهي جنهن تي لکڻ کانسواءَ منهنجو عشق مڪمل ٿي نہ ٿو سگهي.
    آءُ هر روز ڪجھ نہ ڪجھ لکندو رهندو آهيان، ڪجھ نہ ڪجھ سوچيندو آهيان، ڪجھ نہ ڪجھ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڇو تہ حالتون ئي اِهڙيون آهن جو هتي سڀ کان وڌيڪ تڪليفون شعور رکندڙ فرد کي ئي ملنديون آهن، جنهن فرد کي پنهنجي ديس جو فڪر هوندو آهي اُن ئي فرد کي حالتون اِهڙيون خراب محسوس ٿينديون آهن جو اُن ماڻهو جي سوچ ڪروڌ سان ڀرجڻ لڳندو آهي ۽ اِهڙي ريت ڪجھ فرد لکڻ واري ڪِرت سان وابسطہ ٿي ويندا آهن ۽ لکڻ کي عبادت سمجهي ڪري هر روز ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن.
    هي ڌرتي جنهن جا ماڻهو انتهائي سادا سٻاجهڙا، مهمان نواز ۽ ٻين کي دلين ۾ جڳهيون ڏيندڙ آهن ليڪن اُن جي باوجود هتان جي ماڻهن جي سادگي کي ڏسندي ڪجھ چالاڪ لومڙي صفت قومن ۽ انهن قومن ۾ وري بگهڙ صفت فردن هتان جي سٻاجهڙن سان ڪافي ويساھ گهاتيون ڪيون آهن جنهن سبب هاڻ هتان جي سٻاجهڙي ماڻهو وٽ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ جو حوصلو گهٽ آهي، ڇو تہ جهڙي ريت دنيا ترقي ڪري پئي ۽ جديد کان جديد تر اوزار ۽ آلا تيار ٿي ڪري بازارن ۾ وڏي تعداد ۾ اچن پيا تهڙي ريت اسان جي سنڌ ۽ سنڌين کي بہ جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ لاءَ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، تعليم ۾ اڳڀرو ٿيڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري هن ڌرتي جا درد گهٽ ٿيندا.
    منهنجو خواب آهي تہ سنڌ ڌرتي دنيا جي نقشي تي پيار، محبت ۽ رواداري واري ڌرتي طور مشهور ٿي، سندس مهمان نوازي جا ڳڻ پري پري جي علائقن ۽ ملڪن تائين ڳايا وڃن، سندس قدرتي وسيلن ۽ شاهڪار نمونن جا تعريف تاريخ جي سونن ورقن ۾ درج ڪيا وڃن، انسانيت جا اعليٰ مثال دنيا اسان مان سکي ۽ هي ڌرتي عالم انسانيت، ترقي بني آدم توڙي سندس فلاح ۽ بهبود جو مرڪز ثابت ٿي، جئين منهنجي سائين مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جو خواب پورو ٿي سگهي.
    هي ڪتاب جيڪو هن مهل اوهان جي هٿن ۾ پيل موبائل جي اسڪرين تي پڙهجي ٿو پيو سو سڄو سارو منهنجي من جي آند مانڌ ءِ پيڙاهه جي قصن سان ڀريل آهي، پوري انساني تاريخ مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته پوري عالم جا احساسات، جذبات، اميدون، محبتون، نفرتون ءِ خواهشون هڪ جهڙيون آهن، انهي حوالي سان هاڻ آءُ اها ڳالهه ڪندس ته هي احساسات ڀلي ڇو نه مون لکيا آهن پر انهن احساسن ۾ اوهان کي پنهنجو درد محسوس ٿيندو، ڇو ته اوهان جا ءِ منهنجا احساسات فطرتن هڪجهڙا آهن، بس فرق آهي ته حالتن ءِ واقعاتن ۾ فرق آهي، توهان ڪٿي ءِ آءُ ڪٿي.
    آءُ ڪتابن کي ڪنهن پبلشر کان پبلش ڪرائڻ کان وڌيڪ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکرائڻ پسند ڪندو آهيان ان سان هڪ ته اهو فائدو آهي جو ڪتاب کي ڇپرائڻ جا پئيسا بچي ٿا پون ٻيو ته وري جنهن تنهن کي ڪتاب پڙهڻ يا خريد ڪرڻ جي منٿ نٿي ڪرڻي پوي، جنهن کي پڙهڻو هوندو اهو پاڻ ڊجيٽل انداز ۾ شايع ٿيل ڪتاب کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر کان کڻي ڪري پڙهي وٺندو، اسان جو ڪم علم ورهائڻ آهي پئيسا ڪمائڻ نه.
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي هن کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب اپلوڊ ٿي ڪري پڌرا ٿي چڪا آهن، جن پهريون نالي” خوابن جا پاڇا“ ڪهاڻين جو ءِ ٻيو نالي” واڄٽ ڪن وڻجار“ مضمونن جو آهي، سنڌ سلامت جي بدولت علم ءِ ادب جي انيڪ پاڪيزه ذهن رکندڙ فردن سان واقفيت ٿي.
    آءُ پنهنجي قابل احترام، محسن،استاد، قومي اڳواڻ سائين نواز خان زئور صاحب جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان جن جي شفقت، محبت ءِ پنهنجائپ منهنجي من ۾ ادب سان لڳاءُ پيدا ڪيو، منهنجي هن ڪتاب لاءٌ سندس لکيل الفاظ منهنجي لاءَ سون جي دروازي جي مثل آهن، آءُ عـــمر ڀر لاءَ سندس مشڪور رهندس.
    منهنجي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل سڀ ڪالم روزاني پاڪستان طرفان ڇاپيا ويا آهن، هتي سڀئي ڪالم جامع طور پڙهندڙن جي سولائي خاطر گڏ ڪري پڌرا ڪجن ٿا.


    يــوسف جميــل لـغـاري
    ٺري ميرواهه


    سماجي قدرن جي اهميت ۽ افاديت

    مختلف فردن، ڪٽبن ۽ قبيلن جو مجموعو ملي ڪري سماج کي تشڪيل ڏين ٿا، سماج کي جوڙڻ وارا بہ حضرت انسان آهن ۽ سماج کي بگاڙڻ توڙي فنا ڪرڻ وارا بہ حضرت انسان ئي آهن، اهڙي ريت دنيا جي جوڙيل ڪنهن بہ مهذب سماج سان جڏهن اسان پنهنجي سماج جي ڀيٽ ڪري ڏسون ٿا تہ اُن مھل اسان کي پنهنجو سماج انتهائي ڏٻرو، ڏتڙيل ۽ کنڊر محسوس ٿي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ اسان وٽ سماجي قدرن جو گهٽجڻ آهي، اسان جو سماج جنهن جا اسان توهان حصو آهيون، اُن سماج ۾ سماجي قدر ڪيتري قدر قابل اهميت آهن ان ڳالھ کان اوهان بذات خود بہ واقف آهيو، اسان وٽ تہ اهو الميو آهي جو ماڻهو ڪنهن کي ڪو رستو ڏيڻ بجاءَ اڃا ڪنهن جي رستي يا لنگ تي قبصو ڪرڻ کي بهتر سمجهن ٿا، سرڪاري پلاٽن ۽ عمارتن کي مفت جو مال سمجهي ڪري انهن مٿان قابص ٿيڻ لاءَ هر روز نت نيان هربا هلائن ٿا، اسان وٽ سماج اندر ڪجھ اهڙا ئي سماجي قدر قائم ٿيل آهن.
    ان جي برعڪس ٻاهرين ملڪن ۾ جيتري قدر اُتان جا ماڻهو سماجي ڪمن ڪارن ۾ اڳڀرا رهن ٿا اُهي وري ايترا ئي سماج جي قدرن کي عام ڪرڻ لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇو تہ اُهي ڄاڻن ٿا تہ سماج جو بنيادي عنصر يا سماج کي جوڙيندڙ بنيادي پهلو آهي ئي انسان، سماج جو سنئو سڌو واستو انسان سان آهي، ان لاءَ جڏهن سماج جو بنيادي پهلو پنهنجي عقل، فهم ۽ ڏاهپ کي استعمال ڪندي سماج جي بهتري لاءَ ڪم ڪندو تہ يقينن ان بهتري مان کيس بہ فائدو پوندو ۽ سندس ايندڙ نسل بہ ان مان لاڀ حاصل ڪندو، انسان ازل کان آزادي پسند آهي، آزادي مطلب ڪن معتبرن اصولن ۽ ضابطن سان بنا ڪنهن رنڊڪ توڙي پريشاني سان پنهنجي زندگي گذارڻ، اهڙي ريت مهذب معاشرا پنهنجي اندر موجود فردن کي اهو حق ڏيو ويٺا آهن، کين بنا ڪنهن پريشاني جي سڪون ۽ آرائش واري زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو جنهن سبب کيس دلي توڙي ذهني سڪون تقريبن هميشه ميسر هوندو آهي ۽ اُتان جا فرد ماضي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي مستقبل تي نظر رکندي اهم فيصلا ڪندا آهن.

    اسان عمومن طور تي مستقبل کي وساري ڪري پنهنجي شاندار ماضي جا مثال هميشه ڏيندا رهندا آهيون، اسين پوري حياتي اهو چوندي گذاريندا آهيون تہ اسين هيترو خوشحال هياسين، هيتري ملڪيت هئي، هيتري عزت هئي، مطلب ماضي جا نہ کٽندڙ قصا پوري زندگي مرڻ گهڙي تائين اسان جي جان ناهن ڇڏيندا، انهي سبب ڪري اسان وٽ ڪا بہ تخليق جنم نٿي وٺي، ڪائي نواڻ نہ ٿي اچي، ڪا ئي بهتري برپا نہ ٿي ٿئي، اسين جڏهن ماضي جي ڀيٽ ۾ مستقبل کي وڌيڪ اهميت ڏينداسين تہ يقين ڪريو اسان جو آئيندو روشن ٿي پوندو، اسان جو معاشرو زبون حالي مان نڪري خوشحالي طرف پنهنجو سفر ڪرڻ شروع ڪندو، هر جڳھ تي پيار محبت جي فضا قائم ٿيڻ لڳندي، نفرتون ڪنهن لفافي ۾ بند ٿي ڪري سمنڊ جي تري ۾ وڃي دفن ٿينديون، فضائون خوشحالي جا گيت چوڻ لڳنديون، هر طرف هٻڪار ٿي ويندي ۽ انسانيت پنهنجو ڳاٽ اُچو ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏيندي تہ اسين اڄ بہ مھذب ۽ تهذيب يافتہ قوم آهيون.
    ۽ اهو پيغام پڻ ڏيندي تہ اسين ان تهذيب جا وارث آهيون جنهن تهذيب جي ماتحت دنيا جي ٻين تهذيبن پنهنجي اُوسر ڪئي آهي، جڏهن دنيا جا ماڻهو غارن راتيون گذاريندا هئا تہ تنهن مھل اسان جا وڏڙا شاندار قسم جي جوڙيل عمارتن ۾ آرامي ٿيندا هئا ۽ بدن تي ريشم جو ڪپڙو اوڍي ڪري هلندا هئا، پوري دنيا سمجھ، ڏاهپ، توڙي وڻج واپار هتان جي ماڻهن کان سکي، ان کان علاوه مهمان نوازي جا اعلي گُر دنيا جي مهذب قومن هتان کان سکي ڪري پنهنجي معاشرن ۾ وڃي ڪري انهن تي عمل ڪيو جنهن سبب انهن جا معاشرا ترقي وٺڻ لڳا، اسان جي سهپ پوري دنيا کي صبر ڪرڻ جو سليقو سيکاريو، اسان جي علم پوري دنيا کي حساب ڪتاب ڪرڻ جو ڏاءُ سيکاريو، اسان جي درسگاهن پوري دنيا کي مطالعي جو رهجان وارو طريقو سمجهايو، اسان جي ڪتابن دنيا کي سيهڙڻ جو طريقو سيکاريو، اسان جي نقش نگاري دنيا کي نقشا ٺاهڻ ۽ رنگن سان راند ڪرڻ جي سکيا ڏني، اهڙي ريت پوري دنيا تي پنهنجو تهذبي ارثر ڇڏيندڙ اسان جو سماج اڄڪلھ سماجي ويڳاڻپ جو شڪار آهي آخر ائين ڇو آهي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا آهن؟

    پوري دنيا کي ترقي جي راهن کان متعارف ڪرائڻ وارو سماج اڄڪلھ المناڪ حالت ۾ توهان اسان ۽ سڀني ڏانهن وانجهائي رهيو آهي ڇو تہ اسين بہ انهي ئي سماج جو حصو آهيون، جيڪڏهن سماج صحتمند هوندو تہ يقينن انهي ۾ صحتمند ۽ ڪارڳر لاڙا جنم وٺندا، تخليق جون راهون هموار ٿينديون، نواڻ اچڻ شروع ٿيندو، محبتون عام ٿيڻ لڳنديون جنهن سان انسان ذات کي زندگي گذارڻ ۾ سولائي ٿيندي، ڇو تہ ڪنهن مفڪر چيو هو تہ انسان عمر سان نہ پر فڪر سان پوڙهو ٿيندو آهي، اسان جي سماج جا نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا فرد انهي فڪر واري ڦرهي ۾ ڦري ڪري وقت کان اڳ پوڙها ٿي چڪا آهن، ڪي جسماني طرح تہ ڪي وري ذهني طرح پوڙها بڻجي چڪا آهن، اچو تہ سماج کي بهتر بنائڻ لاءَ پنهنجي صلاحيتن کي قطب آڻيندي هڪ صاف ۽ اجرو معاشرو جوڙيو جيڪو هر قسم جي ڪيني ۽ قدورت کان پاڪ صاف هجي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    19 آگسٽ 2018


    سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

    هر روز الاءَ تہ ڪيترا خواب نيڻن ۾ سمائجي ڪري ساڀيان لاءَ پاڻ پتوڙن ٿا، هر هڪ خواب جفا ۽ وفا جي راھ تي هلندي ڪنهن ڪشمڪش جي اوتڻ ۾ اچي ڪري قربان ٿي ٿو، نماڻيون اکيون هن سماج جي ٺهيل دقيانوسي دستورن اڳيان مجبور ٿي ڪري مايوس ٿين ٿيون، ان سڀ ڪجھ هوندي بہ اندر مان هڪ آواز، هڪ صدا بلند ٿئي ٿي تہ اِها ڪاري رات هاڻ وڌيڪ پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪري نہ سگهندي، چوندا آهن تہ ظلم جي رات کڻي ڪيتري بہ طويل ڇو نہ هجي پر ان کي صبح ٿيندي ئي ختم ٿيڻو هوندو آهي، اهڙي ريت هر رات جي ختم ٿيندي ئي نئي سج سان گڏ نئي اميد پڻ پيدا ٿيڻ لڳي ٿي جيڪا خوابن کي قوت بخشڻ جو باعث بڻجي ٿي.
    پنهنجو ديس، وطن ۽ ڏيھ پکين کي بہ پيارو هوندو آهي، سڄو ڏينهن اڏامون ڪري وري بہ سانجهي ويل سڀئي پکي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا، اِها ورڻ واري ريت جي پاڻ سان بہ ڪجھ دلفريب ۽ دلربائي رشتو جڙيل آهي، سانجهي ويل جڏهن شام جا پاڇا نمودار ٿيڻ لڳن ٿا تہ ان مھل من اندر ماٺ ٿيل سڀ سور جاڳي پون ٿا، درد مهمان بڻجي ڪري دل جي دروازي تي دستخط ڏيڻ لڳن ٿا، سڄو سور بڻيل وجود هڪ دفعو وري ڏکارو ٿي پوي ٿو، ڏکارو هوندي بہ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بہ هڪ ڪمال جي ڪاريگري آهي، دنيا ۾ تہ اڄڪلھ هر ٽيون فرد ڪنهن نہ ڪنهن شعبي ۾ ڪاريگر هجي ٿو، ڪو درد ڏيڻ ۾، ڪو ڏکارو ڪرڻ ۾، ڪو تڪيلف ۽ اذيتن ڏيڻ ۾ تہ وري ڪو اميدن تي پاڻي ڦيرڻ ۾ ڪمال جي ڪاريگري رکي ٿو.
    انهن ڪاريگرين جي آڏو جڏهن ڳوٺ جا سٻاجهڙا نوجوان شڪار بڻجي ڪري سامهون پهچن ٿا تہ پوءَ انهن کان عجيب و غريب سوال ڪيا وڃن ٿا، اهڙي نوعيت جي آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي جو ماڻهو سوال جي جواب ڏيڻ بجاءَ پنهنجي جان ڏيڻ کي بهتر سمجهندو آهي، لفظن سان شخصيت جي تزليل ڪئي وڃي ٿي، کاٻي اک سان ڏٺل سڀ خواب کن پل ۾ ڌوڙ ٿي ڪري مٽي ۾ ملي وڃن ٿا، احساس اُسرڻ بجاءَ مروڙجي وڃن ٿا، هن سماج جا اِهي ئي ناروا سلوڪ نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي زندگي جي روشني کي اجهامڻ جو سبب بڻجن ٿا، اهڙا سلوڪ ازل کان زندگي جي مهڪ ۽ خوشبو سان ساڙ ڪندڙ آهن، سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب جڏهن اکين ۾ لهي اچن ٿا تہ پوءَ اندر ۾ هڪ آند ماند پيدا ٿئي ٿي.
    ائين محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻڪ سماج اندر موجود هر ڪا ڪرڙي اک مون ڏي نهاريندي هجي، هر ڪا سهاڳڻ پنهنجي سهاڳ وڃائڻ کان پوءَ مون کي ميار ڏيندي هجي، هر ڪا پکي شڪاري جي هٿ سان شڪار ٿيڻ کان پوءَ مون کي ان ڏوھ جو ڏوهي سمجهندي مون کان حساب طلب ڪندو هجي، هر وڻ، ٽڻ ۽ ساھ وارو جاندار آڪسيجن جي ڪمي جي شڪايت مون سان ڪندو هجي، هر ڪا ڳلي هر ڪا واهڻ، هر ڪا وستي پنهنجي اڪيلائي جو داستان مون سان سلڻ چاهيندي هجي، جڏهن بہ سانجهي ويل خواب سڏڪڻ شروع ڪندا آهن تہ آڪاش مٿان نمودار ٿيل ڪڪر روئڻ شروع ڪن ٿا، کنوڻ واڄٽ ڪري دانهون ڪرڻ شروع ڪري ٿي، سڄو سنسار سوڳ وار ٿيڻ لڳي ٿو.

    ائين جڏهن زماني جا سڀ وهم ۽ وسوسا گڏجي ڪري ڪنهن هڪ ذهن کي يرغمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن تہ اُن وقت ٽٽندڙ اميدون خوابن سان سلهاڙجي ڪري سڏڪڻ لڳن ٿيون، ڪائنات جون سڀ تخليقون بي اثر ۽ بي سواديون ٿي وڃن ٿيون، سڀئي شاعريون ۽ ڊائريون ڪنهن ڪوري ڪاغذ جيان خالي ۽ اڻپوريون ٿي ڪري سانوڻ جي مينهن وانگر جذبن سان کيڏڻ جي شروعات ڪن ٿيون، اِها شروعات جيڪا نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي ارمانن ۽ احساسن جو جنازو کڻي چڪي آهي، نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن اميدن جو قاتل آهي، اِها شروعات جيڪا آدم جي پٽ هابيل، ڪابيل کي ماري ڪئي هئي سان ان شروعات جي اڃا پڄاڻي نہ ٿي سگهي آهي، اِها شروعات تہ اڃا اڳ کان بہ اڳڀري ٿي ڪري معصوم مکڙين جي مسڪراهٽ کي کسي رهي آهي، نا اميدي جو فصل جيڪو تيار ٿي ڪري هر ڪنهن اک مان سانجهي ويل خواب کي سڏڪڻ تي مجبور ڪري ٿي، سان گهڙي طويل هجڻ جي باوجود بہ پنهنجي ختم ٿيڻ جي خوف سان ٽمٽار هجي ٿي.

    اُنداهيون ڪجھ وقت تہ ڪنهن کي يرغمال بڻائي سگهن ٿيون پر انهن کي هميشه ڪنهن تي فوقيت حاصل ناهي ٿي، تاريخ گواھ آهي تہ جڏهن بہ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر حد کان وڌيو آهي تڏهن بغاوتن جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن بغاوتن جي اڳيان هر ڪنهن جابر توڙي ظالم حڪمران پنهنجا ڳوڏا کوڙيا آهن، انڌاري رات کي شڪست نصيب ٿي آهي ۽ فتح هر حال ۾ حق ۽ سچ جي ٿي آهي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    12 آگسٽ 2018


    ڇا سنڌ کي چورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏجي

    لفظ سياست جي مفهوم تي فڪر ڪندي هڪ ڳڻتي ورائي ٿي وڃي تہ ڇا سياست يا جهموريت هڪ ئي خاندان جي ساڳين فرد کي مسلسل چونڊڻ جو نالو آهي يا عوام کي خوشحالي جي دولاب ۾ رکي ڪري هر دفعي انهن سان چالاڪي ڪرڻ جو نالو سياست آهي، اگر ائين ناهي تہ پوءَ سنڌ اندر انهن مظلوم ماڻهن جي آواز کي طاقت نصيب ڇو نٿي ٿئي جيڪي حڪومتي دورن ۾ رڙيون، دانهون ۽ ڪوڪو ڪن ٿا، انهن جي دانهن جو درمان ڇو نٿو ٿئي، سندن آوازن کي ٻڌڻ بدران دٻايو ڇو ٿو وڃي، کين هيسايو ۽ دٻايو ڇو ٿو وڃي، اليڪشن کان پهريان پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سوشل ميڊيا تي ٻاريل باھ پوري سنڌ جي عوام کي اهو تاثر ڏنو تہ سنڌ جا ماڻهون پاڪستان پيپلز پارٽي کان بيزار آهن ۽ وري جڏهن هاڻ اليڪشن ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي سياست تي هڪ نظر ڦيرائجي ٿو تہ اهو پتو پوي ٿو تہ سنڌ جي اڪثر اهم تڪن تي پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، آخر سوچڻ جهڙي ڳالھ اِها آهي تہ سنڌين جي پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف اجتماعي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪيڏانهن وئي، اِها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ حقيقي روپ ۾ سامهون ڇو نہ آهي، سنڌ جي عوام پاڻ سان ٿيل نا انصافين جو ازالو ووٽ جي طاقت کي استعمال ڪندي ڇو نہ ڪيو، وري بہ ساڳين ڀوتارن ۽ لٽيرن کي پاڻ مٿان قابص ڪري آخر ڪار سنڌ جا ماڻهو چاهن ڇا ٿا، هڪ طرف پنهنجي پوري زندگي قومي سياست کي ارپيندڙ سائين جلال محمود شاھ توڙي سائين زين شاھ جهڙا اهم سنڌ پرست ناڪام ٿين ٿا تہ وري ٻي طرف اياز لطيف پليجو، محترم علي قاضي، استاد لياقت ميراڻي توڙي مولانا راشد محمود سومري صاحب جهڙا اعلي ظرف اڳواڻ بہ حڪومتي چالاڪي جو شڪار ٿيندي پنهنجن تڪن تا سوڀ حاصل نٿا ڪن، عام ماڻهو جهڙي ريت اليڪشن کان مطمئن آهن تهڙي ريت سنڌ جا اهم اڳواڻ ۽ سنڌ پرست فرد اليڪشني چالاڪين سبب فڪر ۾ ورتل آهن ڇو تہ هن اليڪشن کي هڪ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت عمل ۾ آندو ويو آهي، اليڪشن ٿيڻ کان تمام جلد ئي آر ٽي ايس سسٽم جو خراب ٿيڻ ۽ نتيجن جو دير سان اعلان ٿيڻ مطلب تہ هن اليڪشن کي اليڪشن نہ پر سليڪشن چئي سگهجي ٿو، ڇو تہ مٿان ويهي ڪري جن جي حق ۾ فيصلا ڪيا ويندا اُهي فيصلا عام ماڻهون کي صدقنا آمنا چئي ڪري قبول ڪرڻا پوندا، اهڙي ريت هن دفعي واري اليڪشن مونجهارن مٿان مونجهارن پيدا ڪري رهي آهي.

    هڪ طرف تمام سياسي پارٽين جي پاڻ ۾ گڏجاڻين جو فيصلو ٻي طرف ڪجھ سياسي پارٽين جو اليڪشن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ٽي طرف وري اهڙا امڪاني ڪم جن جي صادر ٿيڻ سان هزارين سوال جنم وٺن ٿا ۽ ذهن ۾ شڪ جو پهلو سگهارو ٿي ٿو تہ اهڙي ماحول ۾ ملڪ جي بهتري جي ڪهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي، ڪهڙي ريت اهو سمجهجي تہ هاڻ سنڌ جا سور ساڳيا نہ رهندا، اهو ڪين مڃي وٺجي تہ هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ ڪراچي جي رستن تي سنڌ جي نياڻين جي تذليل نہ ٿيندي، اهو ڪين مڃي وٺجي تہ هاڻ ڪراچي ۾ روڊن تي استادن تي لٺيون نہ وسايون وينديون سندن تذليل نہ ڪئي ويندي، کين گهر کان بي گهر نہ ڪيو ويندو، اهو سڄو ڪار وهنوار ڪهڙي ريت دم ٽوڙيندو ڇو تہ وري بہ اُهي ئي ساڳيا حڪمران ڪامياب ٿيا آهن جن کي پوري قوم رد ڪيو هو، جن عام ماڻهو جي تقدس کي نہ سمجهندي کيس ويڪائو چيو هو سندس ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو هو ۽ کيس ڇولا وڪڻڻ واري تجويز ڏني هئي، هاڻ اُهي ساڳيا حڪمران ڪهڙن اصولن تحت سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور تي سنڌ جي مفادن تي جنگ لڙندا، يقنن اهڙو ڪجھ ڪونہ ٿيندو سنڌ جا سور متان اڳ کان وڌيڪ ناسور ٿين ۽ پوري سنڌ انهن ماڻهن کي پاراتو ڏي جن سنڌ جي حقيقي وارثن ۽ ڀٽائي جي گيتن جهڙي شفاف شخصيت رکندڙ فردن کي ڪامياب ٿيڻ لاءَ ساٿ نہ ڏنو، ان لاءَ سنڌ کي اهڙن چورن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، سو اچو تہ سنڌ جي مفادن لاءَ پنهنجي جنگ وقت جي فرعونن سان جوٽيون ۽ کين اهو احساس ڏياريون تہ اسان پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهيون، هي ڌرتي اوهان جهڙن چورن جي ناهي بلڪ هي ڌرتي انهن فردن جي لاءَ آهي جن کي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو اُنو رهندو آهي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    29 جولاءِ 201


    سنڌ اندر اِعتِدالي سياست جو ڏيوالِپڻو

    سوشل ميڊيا هن مهل جيڪي معجزا ڪري رهي آهي ان جو فائدو يقنن سنڌي عوام کي پوندو ڇو تہ سوشل ميڊيا جي طاقت سان ڪرپٽ حڪمرانن جا چهرا تيزي سان نروار ٿي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو کي سندن ڪارڪردگي بابت چڱي خاصي سُڌ پئجي رهي آهي، ٽيڪنالاجي کان پري هجڻ سبب سنڌ ڌرتي جو عام ماڻهو سياست جي چالبازين ۽ چالاڪين کان گهڻو عرصو پري هيو جنهن سبب سندن ذهن ۾ بغاوت واري لھر جي اڀرڻ جا موقعا گهٽ هئا پر هاڻ جديد ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ سان هن مهل سنڌ جو هر عام توڙي خاص فرد سنڌ جي سياست جي تبديل ٿيندڙ صورتحال کان وقت بہ وقت واقف ٿي رهيو آهي ۽ سندس ذهن ۾ بغاوت وارو عنصر ڏينهن بہ ڏينهن بالغ ٿيندو رهي ٿو ۽ اهڙي ريت هر عام توڙي خاص ماڻهو سنڌ پرست دوست ۽ سنڌ دشمن عنصرن کان واقفيت حاصل ڪري رهيا آهن.
    هر ڏينهن سوشل ميڊيا تي ڪنهن نہ ڪنهن اميدوار جي ويڊيو ليڪ ٿي ڪري سامهون اچي ٿي جنهن ۾ سندس تڪ جي ماڻهن طرفان سندس آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس ڪارڪردگي بابت سوال اٿاريا وڃن ٿا، حالانڪ اهو عمل گهڻن ماڻهن ۽ خاص طور تي ان اميدوار سان لاڳاپيل فردن لاءَ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي پر ان جي باوجود اهو عمل مجموعي طور سنڌ اندر بغاوت واري فزا کي تسلسل بخشي رهي آهي ۽ عوام ۾ سوال اٿارڻ ۽ آڏي پڇا ڪرڻ واري قوت سگهاري ٿي رهي آهي، حقيقتن کي مدنظر رکي ڪري اگر ڏسجي تہ واقعي سنڌ اندر هن مھل تائين جهڙي ريت عام ماڻهون لاءَ بنيادي سهولتن جو فقدان پيدا ڪيو ويو آهي تهڙي صورتحال شايد دنيا جي ٻي ڪنهن بہ خطي ۾ نہ هجي، خوشحال سنڌ جي ماڻهن کي ڏکارو ڪيو ويو آهي، لازم آهي تہ اهي سڀ ميارون توڙي ملامتون انهن ئي حڪمرانن تي ئي واجب ٿين ٿيون جيڪي ڪي ئي سال حڪومتي ڌارا جا حصا بڻجي ڪري سنڌ جي خوشحالي لاءَ ڪو مناسب حڪمت عملي پيدا نہ ڏئي سگهيا آهن يا وري عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءَ ڪا بہ آساني فراهم نہ ڪري سگهيا آهن، جهموريت جي دعويدارن کي اهو هر گز نہ وسارڻ گهرجي تہ پنهنجي تڪ جي اميدوار کان سوال ڪرڻ هر هڪ ووٽر جو بنيادي حق آهي ڇو تہ انهن ووٽرن جي ووٽ جي طاقت سان ئي تہ اهي نمائدا ايوانن تائين پهچن ٿا ۽ حڪومت جو حصو بڻجن ٿا.
    هاڻ جڏهن انهن مسلسل سنڌ تي پورا ڏھ سال جهموري حڪومتي طور تي حڪومت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي نمائدا پارٽي جا دعوٰه ڪندا رهيا آهن ان جي باوجود پوري سنڌ ۾ ڪو اهڙو مثالي ادارو قائم نہ ڪري سگهيا آهن جنهن جو مثال ڏجي ها، پوءَ ڀلي نہ ڇو اهو ادارو تعليم جو هجي يا، صحت جو يا وري زراعت جو، پر دراصل حقيقت ۾ هنن کي بجيٽن جي صورت ۾ مليل ڏوڪڙن منجھ هڪ روپيو بہ عوام جي چڱائي لاءَ ڪتب قطعي طور ڪونہ آڻڻو هو ان لاءَ هنن ان پئيسي کي ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آڻي ڪري پنهنجا بئينڪ بئلنس ڀريا، هاڻ جڏهن سندس حڪومت ڪونہ رهي آهي ۽ هڪ دفعو وري کين عوام ڏانهن لاڙو ڪرڻو پيو تہ ان جي لاءَ هاڻ کين هر جڳھ تي تذليل ۽ خواري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
    پوري سنڌ کي موئن جي دڙو جهڙو بنائڻ جي باوجود بہ جيالا ايترا تہ نڪ جا پڪا آهن جو اڃا تائين پنهنجي جماعت جي سنڌ اندر ڪامياب ٿيڻ جي توقع رکيو ويٺا آهن، جيالن جي اها مها منافقت آهي جو کين سنڌ ڌرتي جا اجتماعي ڏک، ڏوجهڙا ۽ تڪليفون نظر نٿيون اچن کين پنهنجا انفرادي مفاد سنڌ جي اجتماعي مفادن کان وڌيڪ پيارا آهن تڏهن ئي تہ اڃا تائين منافقت واري رويي کي اپنائيندي پنهنجي پارٽي جا گُڻ ڳائن پيا، پر وري بہ ڀلو ٿي سوشل ميڊيا جو جنهن وقت سر منافقن جا چهرا پڌرا ڪيا، انهن فردن کي بہ جس هجي جيڪي پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائدن جو احتساب ڪري رهيا آهن، انهن کان سندس ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن.
    اصل ۾ عوام منجھ پهريان خوف وارو عنصر گهڻو حاوي هو، خوف ۾ مبتلا هجڻ سبب عام ماڻهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو هو ۽ ان جي برعڪس ڀوتار توڙي وڏيري کي پاڻ کان وڌيڪ طاقت ور ۽ سگهارو سمجهندو هو، ان خوف جي هجڻ جي ڪري انهن کان ڪجھ بہ پڇڻ کان قاصر هوندو هو، پر هاڻ سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ سان عام ماڻهو جي اندر جو اهو خوف ختم ٿيڻ لڳو آهي کيس اهو پڪ ٿي چڪو آهي تہ اِهي ڀوتار يا وڏيرا سندس ڪجھ بہ بگاڙي ڪئين ٿا سگهن، کيس اهو پڪ ٿي چڪو آهي تہ اصل طاقت ۽ سرچشمو آهي ئي عوام، ان لاءَ هاڻ سنڌ جو عام ماڻهون پنهنجي اندر بغاوت واري لھر کي سمائيندي پنهنجي تڪ جي اميدوار کان آڏي پڇا ڪرڻ جي صلاحيت پنهنجي اندر منجھ رکي ٿو، سنڌ جي ماڻهن صدين کان خوشحالي جي آسري تي ووٽ ڏئي ڪري پنهنجو پاڻ ڦرايو آهي ڪڏهن ڪنهن ڀوتار جي هٿ تي ووٽ ڏئي ڪري، ڪڏهن ڪنهن مٽ مائٽ جي هٿ تي، ڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن چڱي مڙس جي هٿ تي ووٽ ڏئي ڪري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪيو آهي، ان جي عيوض کيس انهن ئي عوامي نمائدن وٽان بک، بدحالي توڙي بي روزگاري ملي آهي، پنهنجا حق گهرڻ تي تشدد، پنهنجي ڌرتي جي ڳالھ ڪرڻ تي کيس غدار جي لقبن ۽ عقابن سان نوازيو ويو آهي.
    سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشھور آهي تہ ٽہ ڏينهن چور جا تہ چوٿون ڏينهن ڀاڳئي جو بہ هوندو آهي، هاڻ ائين سمجهو تہ هي چوٿون ڏينهن هلي رهيو آهي، هاڻ چورن جا ٽہ ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، ڀاڳئي گهڻو ئي ڀوڳيو، ڀاڳئي گهڻو ئي انتظار ڪيو تہ حالتون تبديل ٿين پر ائين نہ ٿيو ان لاءَ هاڻ ڀاڳين هٿ ۾ ٽچ موبائل کڻي ڪري چورن کي نروار ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ڪري هن وقت پوري سنڌ ۾ چور موبائل فون کان ائين لنوائڻ لڳن ٿا جئين ڪائون ڀڄي ڪمان کان.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    9 جولاءِ 2018


    تبديل ٿيندڙ سنڌ جي سياسي صورتحال

    سنڌ جا ماڻهو جيتري قدر مهمان نواز ۽ محبتي رهيا آهن ان جي نسبت سياسي شعور جي حساب سان ڏاڍا اياڻا ۽ سٻاجهڙا رهيا آهن جنهن سبب هڪ ئي قوت صدين کان وٺي ڪري کين ذهني طور يرغمال بڻائي ڪري سندن بنيادي سهولتن جو فقدان پي پيدا ڪيو، ان فقدان جي نروار ٿيڻ سبب سنڌ جي مجموعي صورت هن مھل انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي ۽ سنڌ جو هر هڪ شعوري فرد هن مهل سنڌ بابت فڪر مند آهي ۽ سنڌ جي خوشحالي چاهي ٿو.
    سنڌ جي ماڻهن سان وڏيون وساھ گهاتيون ڪيون ويون آهن، کين خوشحالي جا سنهري خواب ڏيکاري ڪري هميشه ڏکارو ڪيو ويو آهي، اقتدار ڌڻي هجڻ جي باوجود بہ سنڌ ۾ ڪو بہ مثالي ترقي نظر نہ ٿي اچي، هن دفعي اليڪشن جي صورت حال اڳ واري صورت حال کان مختلف نظر اچي پئي، هن دفعي جي اليڪشن ۾ سنڌ جون گهڻ گهريون طاقتون اڀري ڪري سامهون اينديون، هن دفعي سنڌ جي سياست جو رخ تبديل ٿيندو ۽ سنڌ دوست شخصيتن کي اڳتي اچڻ جو بهترين موقعو آهي.
    سنڌ جي سياسي حالتون ان طرف اشارو ٿيون ڪن تہ هن دفعي اقتدار ڌڻي ڪنهن هڪ پارٽي يا ڌر جا فرد نہ ٿي سگهندا هن دفعي واري حڪومت گڏيل حڪومت ٺهندي، گڏيل حڪومت ٺهڻ جا چٽا امڪان وفاقي حڪومت جي ٺهڻ ۾ بہ نظر اچن ٿا پر سنڌ ۾ تہ گڏيل حڪومت ٺهڻ جا چٽا ۽ واضع امڪان نظر اچن پيا، هن دفعي سنڌ اندر سياسي وايو مڊل اڳ واري اليڪشنن کان مختلف آهي.
    حُرن جي روحاني پيشوا جي ڊي اي کي جوڙي ڪري پنهنجي ئي بنيادي پارٽي فڪشنل ريت کي پاڻ پوئتي ڌڪي ڇڏيو، فڪشنل ليگ جي جاءَ تي جي ڊي اي جي تشڪيل مان اهو تاثر وٺي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ اڄ تائين فڪشنل ليگ پاڻ کي مضبوط نہ ڪري سگهي آهي ان جي لاءَ کي کيس هن دفعي جي ڊي اي جو ويس پارايو ويو آهي، ان کان علاوه محترم اياز لطيف پليجو صاحب جي قومي عوامي تحريڪ بہ سنڌ اندر پنهنجون پاڙون ايتري مضبوط نہ ڪري سگهي آهي جو ان کي انفرادي طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بجاءَ جي ڊي اي جو پاسو وٺڻو نہ پوي ها، ان سان گڏوگڏ ذلفقار مرزا صاحب جهڙي ريت پ پ پ کان علحدگي ڪري پنهنجو بنياد پي ٺاهڻ چاهيو ان جو اچانڪ جي ڊي اي جو حصو بڻجڻ بہ يقنن هڪ علامتي امڪان آهي.
    تحريڪ انصاف سنڌ هن مهل اندر ايتري سگهاري نہ بڻجي سگهي آهي جو کيس سنڌ جي سياسي متبادل جو لقب ڏجي ها، جي ڊي اي بہ سنڌ جي سياست جو متبادل هر گز نہ آهي ڇو تہ جي ڊي اي جو تصور صرف اليڪشن تائين محدود آهي، اليڪشن کان پوءَ جي ڊي اي جا سڀ ميمبر پنهنجي اصلوڪي سياسي جماعتن ڏانهن رخ ڪندا، سنڌ اندر هن مھل پاڪستان پيپلز پارٽي جي متبادل طور جيڪا سياسي پارٽي سامهون اچي رهي آهي سان آهي تبديلي پسند پارٽي، ڇو تہ هن مهل جهڙي ريت ٿوري عرصي ۾ تبديلي پسند پارٽي سنڌ اندر پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيو آهن تهڙي ريت شايد ٻي ڪا بہ پارٽي نہ ڪري سگهي آهي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي گهڻو اڳ کان وٺي ڪري هر دفعي جي اليڪشن ۾ حصو وٺندي آئي آهي پر کيس اڄ تائين اُها سوڀ نصيب نہ ٿي سگهي آهي جيتري ان منجهان سنڌ جي ماڻهن کي توقع هوندي هئي، پر ان جي برعڪس تبديلي پسند پارٽي تمام گهٽ وقت ۾ پوري سنڌ جي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، هاڻ ڏسڻو اِهو آهي تہ پاڪستان پيپلز پارٽي کي هن دفعي اليڪشن ۾ وڌ کان وڌ شڪست ڪهڙي پارٽي طرفان ڏني وڃي ٿي.
    سنڌ جا ماڻهون ويڳاڻپ واري حال ۾ رهي رهي هاڻ بي حال ٿي چڪا آهن، پهريان کين اهو بهانو هوندو هيو تہ کين متبادل سياسي پارٽي نہ آهي، حقيقت جي بنيادن تي جيڪڏهن سنڌ جي سماجي صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هتان جي عوام جو معاشي استحصال ڪيو ويو آهي کين غلامي واري زنجير ۾ جڪڙي ڪري کين تڪليفن مٿان تڪليفون ڏنيون ويون آهن، سندن روزگار جا دروازا بند ڪري کين بينظير ڪارڊ جي پئسن جو عادي بڻايو ويو آهي، سندس روڊ رستا بند ڪري کين حادثن جي ور ڪيو ويو آهي، سندن صحت جي سهولتن کي اڻ لڀ ڪري کين ڌڻي وٽ جلد پهچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو آهي، سندن تعليم تباه ڪري کين جهالت ۾ اونداهي واري غار جي حوالي ڪيو ويو آهي.
    مجموعي طور ايتريون ساريون تڪليفون، ڀوڳنائون ۽ ويساه گهاتين سهڻ جي باوجود بہ هتان جو عوام جهموريت تي يقين رکي ٿي، ووٽ ذريعي پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻ واري فهم تي اعتبار ڪري ٿي ۽ هاڻ سنڌ اندر سياسي شعور اڳ کان وڌيڪ سگهاري ٿي چڪي آهي، هن مھل سنڌ جو هر هڪ باشعور توڙي لاشعور فرد سنڌ جي بهتر مستقبل لاءَ فڪر مند آهي، ان پنهنجي فڪر کي عملي طور ظاهر ڪرڻ لاءَ اليڪشن جو انتظار ڪري رهيو آهي، اليڪشن جي ايندي ئي گهڻا سنڌ شناس فرد ساڳين چهرن ۽ آزمايل سياسي اڳواڻن کي گهر ڀيڙو ڪندا، ڇو تہ اصل سرچشمو ۽ طاقت عوام ئي آهي، عوام جنهن کي چاهي ان کي اقتدار ڌڻي بڻائي سگهي ٿي ۽ جنهن کي چاهي ان کي گهر ڀيڙو ڪرائي سگهي ٿي.
    سنڌ مان جهڙي ريت نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي ڪري پنهنجي حيثيت وڃائي چڪيون آهن اهڙي ئي ريت پاڪستان پيپلز پارٽي جو مستقبل نظر اچي پيو، ڇو تہ پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيتريون ويساه گهاتيون هن سياسي پليٽ فارم جي بنيادن تي سنڌ جي عوام سان ٿيون آهن ايتريون ويساه گهاتيون تہ نواز جي دور حڪومت ۾ بہ سنڌ سان نہ ٿيون هيون، هن وقت سنڌ جو هر فرد ساڳين چهرن ۽ آزمايل ڀوتارن کان بيزاري جو اعلان ڪيو ويٺو آهي، هن دفعي ڀوتارن جي شڪست جا چٽا امڪان واضع نظر اچي رهيا آهن.
    اِها بہ هڪ حقيقت آهي تہ سنڌ تڏهن ئي ترقي واري راھ اختيار ڪري سگهي ٿي جڏهن نوا چهرا ايوانن تائين پهچندا، جڏهن نئي قيادت سنڌ مان اڀري ڪري سنڌ جي دردن جو حل تلاش ڪندي، اقتدار ڌڻي جڏهن تبديل ٿيندا تڏهن ئي ڪا ڪارڳر حڪمت عملي جڙي سگهندي جنهن جي وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي وارو خواب ساڀيان ماڻيندو، باقي آزمايلن کي وري آزمائڻ ناداني جو هڪ اعلي ۽ نادر نمونو آهي، هن دفعي سنڌ جا ماڻهو اياڻا نہ پر سياڻا ٿي ڪري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا تڏهن ئي سنڌ خوشحالي طرف سفر ڪندي ۽ اسان وٽان فرسوده سياست جو خاتمو اچي ويندو.


    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    21 جون 2018


    اچو تہ ڌرتي جو قرض لاهيون

    انسان تي فطري طور ڪجھ ذميواريون قدرت واري طرفان از خذ نافذ ڪيون ويون آهن جن ۾ سر فهرست ذميواري آهي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ۽ سندس بقا لاءَ پاڻ پتوڙڻ، اسان جي ڌرتي، سنڌ ڌرتي جنهن تي اسان جنم ورتو آهي، جنهن تي اسان جي وڏڙڻ پنهنجي پوري زندگي گذاري آهي، اُها ڌرتي هن وقت سياسي طور هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا آهي، اُن ڌرتي جي فردن کي صدين تائين شهيدن، پيرن توڙي مرشدن جا واسطا ڏئي ڪري ڦريو لٽيو ويو آهي، هن وقت اُن ڌرتي جي رهواسين کي هڪ دفعو ٻيھر ساڳيا چهرا، ساڳيا واسطا ڏئي ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.

    گهڻي ٽائيم کان وٺي ڪري ان ريت سنڌ جي عوام کي ذهني طور يرغمال بڻائي ڪري سندن حق ڦٻايا ويندا هئا، کين ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏئي ڪري مصنوعي خواب ڏيکاريا ويندا هئا، سنڌ جو عوام ازل کان وٺي ڪري سٻاجهڙو رهيو آهي جنهن سبب کين سندن ان سٻاجهڙائپ گهڻو ئي نقصان ڏنو آهي، ان جي باوجود وقت هتان جي عوام کي گهڻن ئي حقيقتن کان آشڪار ڪيو آهي، هاڻ هن وقت سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۾ شعور جي جهلڪ نظر اچي ٿي، هن دفعي واري صورت حال، اڳ وارين صورت حالن کان مختلف نظر اچي ٿي هر ڪو سمجهي چڪو آهي تہ هتان جي حڪمرانن کي عوامي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفاد عزيز آهن.

    سنڌ ڌرتي جي هاڻوڪي حالت تي هر قلم ڌڻي توڙي باشعور فرد فڪر مند آهي پر ڇا سندن اِها فڪر سنڌ جي هاڻوڪي حالت کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندي، يقنن اهو فڪر تڏهن ڪارڳر ثابت ٿيندو جڏهن ان فڪر کي عملي طور سنڌ جي خوشحالي لاءَ قطب آڻبو، سنڌ ڳڻتي جوڳي حالت مان تڏهن ئي ٻاهر نڪري سگهي ٿي جڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بهتر مستقبل لاءَ هن دفعي ووٽ وسيلي پنهنجا حڪمران درست نموني چونڊن، انهن حڪمرانن جو بائڪاٽ ڪن جيڪي کوکلن دعوائن تي ڪامراني جا ڪوٽ ٻڌن ٿا، عوام جي جذبن سان کيڏي ڪري کين اونداهي جي غار ۾ ڌڪيلن ٿا، هاڻ ڌرتي جي قرض لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي.

    جنهن ڌرتي منجهان اسان کي انيڪ قدرتي وسيلا جهڙوڪ تيل، گيس توڙي اڻ کٽ مادنيات ميسر ٿئي ٿي جن جي وسيلي مختلف ايجادون پايا تڪميل تائين پهچن ٿيون ۽ زروريات زندگي جون آلاتون تيار ٿين ٿيون، هاڻ ان ڌرتي کي اهنجن ۽ صدمن کان ٻاهر ڪڍڻ لاءَ اسان توهان کي سوچي سمجهي ڪري پوءَ فيصلو وٺندو پوندو، ڇو تہ زمين کي بجر بہ حڪمران ئي بڻائيندا آهن ۽ زمين کي جنت جي ٽڪري بہ حڪمران ئي پنهنجن پاليسين تحت بڻائيندا آهن، اِن لاءَ هن دفعي بهتر حڪمراني جي چونڊ اسان جي ڌرتي کي بجر بنائڻ کان بچائي وٺندي.

    هن سماج جو هر هڪ باشعور ۽ ذميوار فرد جڏهن پنهنجي مٿان بهتر حڪمراني واري چونڊ جي ذميواري محسوس ڪندو تڏهن ئي اهو فرد بهتر حڪمراني جي عمل ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ ڌرتي جي قرض لاهڻ لاءَ پاڻ ملهائيندو، ان جي برعڪس هن معاشري جا جيڪي فرد غير سنجيدگي توڙي لاغرصي واري زندگي گذاري رهيا آهن جن کي پنهنجي مستقبل توڙي پنهنجي ڌرتي جي مستقبل جي ڪنهن بہ حساب سان ڪا ڳڻتي نہ آهي يقين رکو اُهي فرد اڳتي هلي ڪري گهڻن ئي ڀوڳنائن کي ڀوڳئيندا، کين پچتاءُ اچي پلئہ پوندو، ان لاءَ کين سگهو ئي ترت اپاءُ وٺڻ گهرجن
    ڌرتي جنهن کي جيجل ماءُ جو خطاب ڏئي ساڻس اسان مخاطب ٿيندا آهيون، جنهن جي ڪوڪ ۾ اسين پرورش وٺندا آهيون، موت کان پوءَ جنهن جي سحن ۾ اسين ابدي طور آرامي ٿيندا آهيون، لازم آهي اسين ان جي بهتري لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ان جي رهواسين جي فلاح، بهبود توڙي ڪامراني لاءَ پاڻ کي متحرڪ رکون، سستي ۽ ٽوٽائپ کي ترڪ ڪريون، اسان جي ان بي سستي، لاغرصي ۽ منهنجو ڇا وڃي واري فطرت اجتماعي طور اسان جي قوم کي ڪافي سارو نقصان ڏنو آهي ۽ اسان جي ڌرتي دردن جو ديس بڻجي وئي آهي، خوشحالي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن پاڪيزه توڙي شفاف ذهن رکندڙ فرد ايوانن ۾ پهچندا جن جي اولين ترجيع ڌرتي کي پر سڪون بنائڻ هجي، جن جا خواب نوجوانن جي جذبن تي اڏيل هجن، جن جا ڪم اسان توهان لاءَ قابل فخر هجن.

    تڏهن ئي وڃي ڪري هي ڌرتي عالم انسانيت لاءَ بقا جو ڪم ڏئي سگهي ٿي، جتي بني آدم جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي، هن وقت ملڪ اندر لاقانونيت جي جيڪا فضا قائم ٿيل آهي انهي جو وڌ ۾ وڌ شڪار بہ اسين سنڌي ٿئون ٿا، اسان جي استادن کي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، اسان جي نياڻين جي سرعام تذليل ڪئي وڃي ٿي، اسان جي جوانن کي جبري طور کنڀي ڪري لاپتا ڪيو ٿو وڃي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪا سڌار يا بهتري نٿي آندي وڃي، اسان جون اسپتالون صحت جي بنيادي سهولتن ڏيڻ کان انڪاري آهن، هر شعبو هر ادارو تباهي ڪناري پهچي چڪو آهي، هي سڄي تباهي، سڄو نقصان صرف سنڌ جي کاتي ۾ ليکي ٿي وڃي
    ان سڄي ڪار گذاري جا ذميوار اسان جا حڪمران آهن، اُهي اقتدار ڌڻي هجڻ جي باوجود بہ سنڌ جي بقا توڙي سندن حقن جي تحفظ لاءَ هڪ ٻڻڪ بہ ٻاهر نٿا ڪڍن، جنهن سبب سنڌ دشمن قوتون اڃا وڌيڪ سگهاريون ٿينديون ٿيون وڃن ۽ وري ڀوڳنا سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻي ٿي پوي، سنڌ جا نسل در نسل فرد در بدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿين ٿا، اچو تہ سنڌ کي ان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪڍي ڪري خوشحالي واري گس تي آڻيون، سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان بڻايون جتي سنڌ ڌرتي جي هر هڪ فرد کي سک، سڪون، امن و امان ۽ شان و شوڪت گذارڻ جو موقعو ملي، خوشحال سنڌ جا ماڻهو دنيا آڏو سنڌ توڙي سنڌين جي شان ۽ مان کي چار چنڊ لڳائي ڪري کين وڌيڪ مهذب ۽ معتبر قوم ثابت ڪندا، اچو تہ ڌرتي جي قرض کي لاهيون، پراڻن ڀوتارن، وڏيرن توڙي لٽيرن کي اسميبلي حالن تائين پهچڻ جو موقعو ئي نہ ڏيون..

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    9 جون 2018


    اسان جي معاشرتي اصولن جو زوال

    دنيا هر گهڙي، هر سيڪنڊ، هر پل ۾ تبديلي طرف سفر ڪري رهي آهي، جديد کان جديد تر ملڪ اڃا وڌيڪ جديد ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن، پر اسان جي بد قسمتي اِها آهي جو اسان ان خطي جا رهواسي آهيون جتي جديد ٿيڻ کي ڇڏي ڪري قديم ٿيڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، اسين دنيا سان گڏ هلڻ جي بجاءَ دنيا کي پنهنجا پراڻا ڪارنامہ ٻڌائڻ ۾ مصروف عمل هوندا آهيون، جنهن سبب اسان جي معاشري جِي بهترين جوڙجڪ نہ ٿي ٿئي، ماڻهن جي سوچڻ واري سگھ ترقي نہ ٿي وٺي، جديد خيال توڙي جديد لاڙا جنم نہ ٿا وٺن.

    آخر سبب ڇا آهي جو اسان جا معاشرتي اصول صدين کان وٺي ڪري ساڳيا ئي آهن، انهن اصولن ۾ ڪا نواڻ اچي ئي نٿي، ارتقا جو سفر اڳتي وڌي ئي نٿو، پاسداريون ٿين ٿيون پراڻن ريتمن توڙي رسمن جون، پراڻن روايتن کي جياريون ٿو وڃي، قديم کان قديم تر اصولن کي قديم ٿيڻ ڏنو ئي نٿو وڃي انهن جي روحن ۾ ساه ڦوڪي ڪري وري کين جياريو ٿو وڃي، حالانڪ دنيا جا مهذب معاشرا نت نون اصولن ۽ ضابطن کي جوڙڻ ۾ مصروف عمل آهن.

    اسان وٽ سياست جهڙي مهذب عمل ۾ غير مهذب توڙي غير اخلاقي ٻولي ڳالهائيندڙ فرد صدين کان قبصو ڄمايو ويٺا آهن، سندن هٽ ڌرمي نون چهرن کي اڳتي اچڻ لاءَ ڪو گس ئي فراهم نٿي ڪري، نت نوان حربا هلائي ڪري نئي جوش نئي ولولي کي ٿڌو ڪري ماٺ ڪرائي ٿا ڇڏين، ڀوتارڪو ذهن پنهنجي بادشاهت کي ختم ٿيڻ ئي نٿو ڏي، عوام سان ويساه گهاتي ڪئي وڃي ٿي سان بہ بار بار، افسوس جو مقام آهي.

    جهموريت جي دعويدار حڪمرانن پاڪستان ۾ ڪهڙي نواڻ آندي آهي، بلخصوص سنڌ کي هنن جهموري حڪومتن ۾ ڪيتري ترقي نصيب ٿي آهي، سڀ ڪجھ اوهان جي سامهون آهي، اسان جا شهر ٻهراڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، اسان جو اسپتالون تباه ٿي چڪيون آهن، تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم اڻ لڀ ٿي چڪي آهي، اسان جون يونيورسٽيون بينل اقوامي معيار تي پوريون نٿيون لهن، اسان جي استادن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، اسان جي نياڻين جي تقدس کي روڊن تي سرعام پائمال ڪيو ٿو وڃي، اِهو ڪهڙو ظلم آهي، ڇا اسين سنڌ واسي ايترا گهنگار آهيون، ڇا اسان ايترا ڏوهي آهيون.

    ان سڀ ڪجھ جي ٿيڻ جي باوجود بہ اگر هن دفعي وري انهن ساڳين اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي اسان توهان اسيمبلي ھالن تائين پهچايو تہ پوءَ پڪ ڄاڻو سنڌ صدين تائين پوئتي هلي ويندي، سنڌ اهڙي هڪ اونداهي کوھ جي حوالي ٿي ويندي جنهن اونداهي واري کوھ مان کيس اسان جا پوئنر بہ ڪڍي ڪونہ سگهندا، ان لاءَ اچو تہ هاڻ وقت سر فيصلو ڪريون، آزمايلن کي وڌيڪ نہ آزمايون، هي وقت آزمايلن کي آزمائڻ جو ناهي بلڪ کين تبديل ڪرڻ جو آهي.

    وقت جي پڻ اِها تقاضا آهي تہ سنڌ جي عوام جي دردن، پيڙاهن ۽ سورن جو باب هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، کين هاڻ دنيا سان گڏ هلڻ وارو رستو ملڻ گهرجي، سنڌ ڌرتي کي پنهنجو هر وسيلو فطري طور ميسر آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ هر قسم جي قابليت ۽ نکار آهي، بس اگر جي ڪنهن شئي جي ڪمي آهي تہ اُهو آهي وقت سر فيصلو ڪرڻ واري سگھ، پر هاڻ اِها سگھ پاڻ ۾ پيدا ڪرڻي پوندي تڏهن ئي وڃي ڪري هتان جي ماڻهن جي دردن جو ڪو درمان ٿي سگهندو.

    جهموريت جون پاڙون عوام ۾ کٿل آهن، عوام چاهي تہ سياست جو رخ کن پل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، هي حڪومتي ڪارندا ۽ ٺڳ حڪمران سڀ جا سڀ عوام اڳيان بي وس ۽ لاچار آهن، بس رڳو هاڻ پاڻ سڃاڻڻ جي دير آهي، پنهنجي ووٽ جي طاقت کي سمجهڻ جي دير آهي، علي قاضي چواڻي جڏهن عوام ڪو فيصلو ڪندي آهي تہ پوءَ ان فيصلي کي خدا جي ذات ئي روڪي سگهي ٿي باقي ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي، اهڙي ريت هن دفعي عوام ڀوتارڪي ذهنيت رکندڙ فردن کي پنهنجي حلقن کان تڙي ڪري ٻاهر ڪڍي تہ جئين نئي معاشري جي جوڙجڪ پاڪيزه ۽ صاف سٿري سوچ رکندڙ فردن جي اڳتي اچڻ سان ٿي.

    ڪالھ واري سنڌ ۽ اڄ واري سنڌ ۾ ڪيترو فرق واضع نظر اچي ٿو، ڪالھ واري سنڌ ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول قائم هو، اڄ واري سنڌ ۾ بد امني، گنڊا گردي توڙي ڦر لٽ وارو ماحول قائم آهي، سنڌ کي کنڊرات بنائڻ وارا اصل ۾ اِهي ئي جهموريت جا دعويدار حڪمران آهن جن پوري سنڌ کي موئن جي دڙي مثل بڻائي ڇڏيو آهي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    03 جون 2018


    سياست ۽ شعور جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو

    سوشل ميڊيا جي ظهور ٿيڻ کان پوءَ اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد هن مهل قلم ڌڻي لڳو پيو آهي، سوشل ميڊيا جو اگر جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هر فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو ڏاءُ رکي ٿو ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ عمومن فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن يا وري سوشل ميڊيا وسيلي ٻين جون تحريرون پڙهندا رهندا آهن.

    هاڻ جڏهن سوشل ميڊيا وسيلي لکڻ توڙي پڙهڻ جو رهجان اڳ کان وڌيڪ نمايا ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود بہ اسان جي معاشري جا اڪثر فرد سنڌ ڌرتي جي ڀلي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڇو نہ ٿا ڪن، هر روز سيڪڊن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان باخبر ٿيندي بہ تحرڪ ڇو نہ ٿا وٺن، اڃا تائين سندس اِها ڪن لاٽار ڪهڙي لاپرواهي واري ظمري ۾ شمار ڪجي، ڇا اڃا شعور جي ڪمي آهي؟
    ڇا اڃا تائين اسان جو سماج بالغ پڻي کان پٺتي پيل آهي؟

    ڇا اسان ايترا لاغرص ۽ لاپرواھ بڻجي چڪا آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي اهجن، دردن ۽ تڪليفن تي اسان کي ڪو ايذاءَ نہ ٿو اچي

    آخر سبب ڇا آهي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان اڄ تائين سوشل ميڊيا کي مثبت نموني استعمال ڪرڻ جو گُر ئي ناهي سکيو، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان کي سوشل ميڊيا جو صحي استعمال سيکاريو ئي ناهي ويو، ڪٿي اسان جي ذهنن تي ٻيا هاوي تہ ناهن، ڪٿي اسان جون سوچون ٻين سوچن جي غلامي ۾ تہ نہ پلي رهيون آهن، اگر ائين ناهي تہ پوءَ آخر سبب ڇا آهي، اسان انفراديت واري خول مان ٻاهر ڇو نہ ٿا نڪرون، اسان اجتماعيت واري لڪير ۾ سڀ گڏ ڇو نہ ٿا ٿيون.

    اسان وٽ هر فرد پاڻ کي عقل ڪُل توڙي ڏاهو ڇو ٿو سمجهي، مڃون ٿا اسان وٽ ڏاها بہ انيڪ درجنن ۾ موجود آهن پر ان جي باوجود بہ سندن ڏاهپ اسان جي سماج کي جوڙي ڇو نہ سگهي آهي، سندن ڏاهپ اسان جي سماج کي انفراديت واري خول مان ٻاهر ڇو نہ ڪڍي سگهي آهي، سندن ڏاهپ اسان جي سماج جي اڳيان هيڻو ۽ ڪمزور ڇو ٿو ٿي وڃي، ڪٿي ائين تہ ناهي تہ اِها ڏاهپ جنهن سبب اُهي ڏاها سڏجن ٿا، ان ڏاهپ جا بنياد ئي ڪچا توڙي ڦڪا هجن، جنهن سبب سندن ڳالهين ۾ ڪو وزن نہ ٿو هجي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اِها ڏاهپ مصنوعي ڏاهپ هجي، ڇو تہ فطري ڏاهپ اڳيان قدرت جا قانون بہ تابع ٿي پوندا آهن.

    ڪجھ دوستن جو خيال آهي تہ شعور کي سياست کان پري رکجي، حالانڪ سياست شعور جو محور ۽ مرڪز آهي، سياست کان هٽي ڪري شعور جي اهميت ئي ختم ٿي وڃي ٿي، جيڪو شعور بند ڪمري ۾ ويهي ڪري سماج جي براين تي قلم جي نوڪ کي استعمال ڪري ان شعور مان ڀلائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، اُهو شعور جيڪو پنهنجي ارگرد جي ماحول کان بي خبر رهي ان شعور مان هن سماج کي ڪهڙي بهتري نصيب ٿيندي، اُهو شعور جيڪو ٻين تي آڱر سڌي ڪرڻ کان پهريان پنهنجو جائزو ئي نہ وٺي ان شعور کان ڪهڙي طوقع رکي سگهجي ٿي، حالانڪ هن وقت سماج جي هاڻوڪي حالت کي مد نظر رکندي وقت جي اِها تقاضا آهي تہ سماج جي اندر هر اُهو فرد جيڪو پاڻ کي شعوري فرد سڏرائي ٿو ان کي هن سماج جي بهتر جوڙجڪ ڪرڻ لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

    مسئلن کي اجاگر ڪرڻ بجاءَ سندن حل تلاش ڪيا وڃن، هن وقت سنڌ اندر ڪجھ ڌريون احتجاجن ۽ هڙتالن واري سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، حالانڪ هن ملڪ ۾ اڄ تائين احتجاجن توڙي هڙتالن ڪرڻ جي عيوض ڪنهن بہ قسم جو تدارڪ ڪونہ ٿيو آهي، ڪنهن بہ مظلوم کي احتجاج ڪرڻ کان پوءَ انصاف ناهي مليو، جڏهن معاشري جي هر فرد کي اهو بخوبي خبر بہ آهي تہ هت ڪنهن بہ قسم جي ڪا مزاحمت توڙي هاءَ گهوڙا ڪم نہ ٿي اچي، ان جي باوجود بہ وري بہ ساڳي هاءَ گهوڙا وارو عمل ورجايو وڃي تہ پوءَ ڪهڙو فائدو.
    هن وقت سڄي سنڌ سورن منجھ جڪڙيل آهي، پوري سنڌ جو ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ اسان وٽ موجود نہ آهي جنهن کي مثالي ڪري اسان دنيا آڏو پيش ڪريون، اسان وٽ ڪو شهر يا ڪو اهڙو ڳوٺ موجود ناهي جيڪو پوري طرح سان خوشحال هجي ۽ ان ۾ هر قسم جون بنيادي سهولتون موجود هجن، هن مهل سنڌ اندر هر ڳوٺ، هر شهر، هر وستي توڙي هر واهڻ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، هر شهر ۾ ڪنهن نہ ڪنهن حد تائين ڪجھ شعور رکندڙ فرد موجود هوندا، پر افسوس اهو ٿو ٿي تہ سندن شعور پنهنجي شهر توڙي ڳوٺ جي ڀلي جي خاطر شايد ڪم نہ ٿو اچي.

    اگر جي شعور کي سياست کان الڳ ڪجي ٿو تہ پوءَ اهو شعور ڪنهن بہ ڪم جو نہ ٿو رهي، سنڌ ۾ اهڙا انيڪ شعوري سڏرائيندڙ ليکڪ توڙي اديب ويٺا آهن جيڪي وڏين بنگلن توڙي گاڏين کان ٻاهر اچڻ کان علاوه ئي سنڌ جي هاڻوڪي حالتن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا آهن، ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي ڪري مزدورن جي سورن جون آکاڻيون لکندا آهن، پيٽ ڀري ڪري پيٽ بکين ماڻهن جا درد قلم بند ڪندا آهن، ڀلا اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي هن قوم کي ڪهڙي ضرورت آهي، سندن هجڻ يا نہ هجڻ جو اسان توهان تي ڪهڙو فرق پوي ٿو.

    اسان جي سماج جو بهترين جوڙجڪ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن هر اهل علم، باشعور فرد پنهنجي فطري صلاحيتن کي پنهنجي ڌرتي جي ڀلي جي خاطر قطب آڻي، جڏهن اسان توهان جون فطري صلاحيتون پنهنجي ڌرتي جي ڪم اينديون تڏهن ئي بهترين سماج جي اڏاوت ٿي سگهي ٿي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    21 مئي 2018


    ڪــــــــتـاب ڇــــــــو پـــڙهجـــــن

    جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي.

    اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي.

    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميشه مطالعو ڪرڻ سان ايندو آهي، مطالعي ڪرڻ سان شين جي مختلف پهلوئن جي خبر پوندي آهي، ڪتابن وسيلي ڪار آمد حڪمت عمليون توڙي تجويزيون هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سفر ڪنديون آهن، ڪتاب پاڻ خاموش هوندي، پنهنجي پڙهندڙ کي چڱي خاصي معلومات فراهم ڪندي آهي، ڪتابن جو عشق منهنجي نظر ۾ سڀني عشقن کان اعلي ۽ اتم عشق آهي، هي هڪ اهڙي قسم جو عشق آهي جنهن ۾ محبوب سان ملاقات ڪرڻ جو ڪو بہ خاص وقت مقرر ناهي ٿيل هوندو، جنهن مهل دل چيو ڪتاب کولي، اکرن کي پسجي، پنهنجي نيڻن کي ٺارجي ۽ ذهن کي فرحت جوڳو بڻائجي.

    ٻالڪپڻ واري دور ۾ جنهن وقت عقل توڙي سمجھ ذهن ۾ سلامي ڀرڻ لڳي تہ تنهن مهل ٻين ٻارن وانگر مون رواجي طور راند روند توڙي گهمڻ ڦرڻ کي اوليت نہ ڏني، واندڪائي واري وقت گهر ۾ موجود ڪتابن واري ڪٻٽ کي کولي ڪري انهي منجهان ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هيس، ائين هلي هلي ڪري وري ڪنهن دور ۾ ٻالڪ رسالن ۾ ڪهاڻيون لکي ڪري موڪليندو هيس، ائين ادب جي دنيا سان آءُ ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ڳنڍيل رهيس، ادب جي دنيا سان منهنجو ائين جڙيو رهڻ جو جيڪو بنيادي ڪارڻ هو، اُهو هو ڪتابن جو لاڳيتو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن منجهان علم جا سُرڪ ڀرڻ.

    مطالعي ڪرڻ سان فڪر جا نوا گس ملندا آهن، سوچڻ لاءَ نوا عنوان ملندا آهن، ڪچهرين ۾ بحث ڪرڻ لاءَ نوا سبب ملندا آهن، ڪتاب اسان کي وقت جي انهن وهڪرن جو احول ڏيندا آهن، جيڪي وهڪرا اسان توهان ڪونہ ڏٺا هوندا آهن، انهن انمول گهڙيون بہ اسان سان حالي احوالي ٿيندا رهندا آهن جيڪي گهڙيون تاريخ کي جوڙيندي گذريون آهن، اسان ڪتابن وسيلي انهن امر، توڙي انقلابي ڪردارن جي جدوجهد بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون، جيڪي انقلابي اڳواڻ اسان توهان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي ويا آهن، اسان انهن ماڳن ۽ وٿاڻن بابت پڻ ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون جن وٿاڻن ۽ وستين کي آباد هوندي اسان ناهي ڏٺو، جهڙوڪ موئن جو دوڙو، هڙاپا، ٽيڪسيلا وغيره.

    ڪتاب ڪنهن نہ ڪنهن نموني اسان جي زندگي سان جڙيل رهن ٿا، اسان جون سُوچون ڪتابن ۾ سڏڪنديون آهن، اسان جا ارمان ڪتابن ۾ لفظن جو روپ ڌاري ڪري گم ٿي ويندا آهن، اسان جا احساس زماني جي بي رخين جو تاب نہ سهندي ڪتابن جي ورقن ۾ اچي پناه حاصل ڪندا آهن، پيار جا انيڪ وچن، واعدا، قول توڙي قرار ڪتابن جي ذينت بڻجي ڪري دنيا آڏو پڙهڻ لاءَ ميسر ٿيندا آهن، ڪتاب خاموشين جا تاڪ ڀڄي ڇڏيندا آهن، ڪتاب اندر جي اولڙن کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن، ڪتابن سان لڳاءُ شعور جي علامت آهي، ڪتاب پڙهندڙ فرد شعوري فردن جي فهرست ۾ ڳڻيو ويندو آهي.

    جيڪي فرد ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ هوندا آهن، انهن جو ذهن هميشه چست رهندو آهي، سندن دماغ ۾ هر روز انيڪ خيال پرواز ڪندا رهندا آهن، سندن ذهن ۾ نت نوا خيال توڙي تخليقي ڪم اُسرندا رهندا آهن، ڪتابن جو قدر هن مهل مغرب جي ملڪن ۾ ساڳي ريت برقرار آهي، ان جي بنسبت اسان جي سنڌ ۾ بہ هن مهل ڪتاب پڙهڻ جو رهجان بہ ڪنهن قدر موجود آهن، هر روز نت نوا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن پيا ۽ ان کان علاوه نئي ٽهي جا نوجوان بہ قومي، انقلابي توڙي پيار محبت جا ڪتاب بہ انيڪ تعداد ۾ پڙهن پيا، منهنجو ڪجھ عرصو پهريان سنڌ يونيورسٽي ۽ سکر آي بي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو هيو اُتي بہ مون اُتان جي شاگردن طرفان ڪتاب پڙهڻ جو سٺو رهجان ڏٺو، جتي مون سان اُتان جي ڪافي دوستن مختلف ڪتابن بابت پنهنجا قيمتي رايا بحث ڪيا ۽ انهن منجهان پرايل سبق تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    12 مئي 2018


    خوشــحال سنــــــڌ جو خــــواب

    سنڌ ڌرتي جو هر هڪ حلالي پٽ، سنڌ ڌرتي کي خوشحال توڙي سر و سبز ڏسڻ جو خواهشمند آهي، اسان توهان مان ڪوئي بہ اهو هرگز نہ چاهيندو تہ سنڌ ڌرتي تي اڃا تائين، پيري مريدي توڙي ڀوتارڪي نظام تحت يلغار جاري رهي، هاڻ گهڻو ٿي چڪو آهي، گهڻيون ئي ستم ظرفيون ۽ بي ڌيانيون برداشت ڪيوسين، هاڻ متحد ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي.

    وقت جي پڻ اها تقاضا آهي تہ هن وقت نئي قيادت کي سامهون آڻجي، اُن سياسي پليٽ فارم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جنهن جو ماضي بي داغ هجي، جنهن وٽ ڌرتي توڙي ڌرتي ڌڻين جو درد هجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي سان بي پناه محبت هجي، جنهن کي ڌرتي جو فڪر هجي، جنهن وٽ پنهنجي سوچ فڪر کان وڌيڪ ڌرتي ڌڻين جو فڪر گڏ هجي
    حالتن جو جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هن وقت تائين سنڌ ۾ موجود هر هڪ سياسي پارٽي سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي، هر ڪو اقتدار ڌڻي بڻيو آهي، مگر ڪنهن بہ سياسي پارٽي عوام جي مفادن لاءَ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو کين ڪرڻ کپندو هو، هر هڪ پارٽي صرف جو صرف پاڻ کي اڳتي آڻڻ واري ڊوڙ جي ڪري سنڌ ڌرتي جي بنيادي حقن توڙي سندن هر هڪ فرد جي بنيادي حقن کان ڪناره ڪشي ڪئي آهي
    جنهن سبب هر حالتن توڙي واقعاتن جي پذير ٿيڻ مهل جيڪا ڀوڳنا ڀوڳڻ نصيب ٿي آهي سو اُها ڀوڳنا صرف هتان جي عوام کي ئي ڀوڳڻ لاءَ مليو آهي، سندن ووٽن جي عيوض سندن اميدن توڙي خوابن جا جنازا ڪڍيا ويا، ڪڏهن کين ڇولا کپائڻ واري تجويز ڏني وئي تہ ڪڏهن وري کين سندن نهايت ئي اهم جز ووٽ خلاف اهو چئي تذليل ڪيو ويو تہ ” آءُ ووٽ تي پيشاب ڪندو آهيان.

    جهموريت جو اهو ڍنگ ۽ ويس پائي ڪري هتان جي عوام جي جذبن کي هميشه مختلف نمونن سان ٺيس پهچايو ويو آهي، کين اهميت ڏيڻ بجاءَ، پاڻ کان ڪوه ڏور پري ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هن وقت سنڌ جي عوام ۾ انتهائي اهم قسم جو مونجهارو ڇانيل آهي، سنڌ جو هر فرد هڪ نئي سياسي پليٽ فارم ۽ متبادل کي تلاشي رهي هئي جنهن وسيلي اهو فرد پنهنجي سياسي قبلن کان جهموري طرح سان بدلو وٺي سگهن ها.

    سنڌ ڌرتي جي هر هڪ فرد جي اها ويڳاڻپ واري حالت ڏسي ڪري شايد قدرت واري کي سندن تقدير سنوارڻ واري سَٽ سُهجي، ان سنڌ ڌرتي جي تقدير بدلائڻ خاطر هتان جي عوام کي” تبديلي پسند پارٽي“ جي نالي سان کين متبادل فراهم ڪيو، هاڻ هتان جي عوام کي همٿ پاڻ ڪرڻي آهي.

    هاڻ اهو بحث ڪڏهن بہ نہ ٿيندو تہ سنڌ جي ماڻهن کي سياسي متبادل ميسر ڪونہ آهي، هاڻ سنڌ هڪ نئي راھ تي گامز ٿيندي، جتان سندن خوشحالي جي سفر جو آغاز ٿيندو، ڇو تہ هاڻ هتان جو هر فرد پنهنجي ڌرتي کي سر سبز ۽ خوشحال ڏسڻ جو خواهش مند آهي، اسان جو سماج ڊگهو عرصو عليل رهيو آهي.

    اسان جي عظيم ۽ شاهوڪار ڌرتي جي هر هڪ فرد کي مختلف طور ۽ طريقن سان مسئلن ۾ جڪڙي ڪري سندن سوچڻ واري سگھ کي يرغمال ڪري رکيو ويو هو، پر هاڻ هر وستي، هر وٿاڻ توڙي هر شهر ۽ ڳوٺ جو فرد معاشري ۾ تبديلي جو خواهش مند آهي، ڇو تہ گهڻو ٿي چڪو آهي، گهڻا ئي آسرا ۽ ڏٽا ملي چڪا آهن، گهڻا واعده ۽ وچن هن قوم سان ڪيا ويا آهن پر وري ٿيو ائين آهي جو اُهي واعده ۽ وچن وفا ناهن ٿيا پر انهن جي برعڪس انهن واعدن ۽ وچنن جي عيوض هتان جي عوام کي نئي ڀوڳنا نصيب ٿي آهي.

    سنڌ کان علاوه پاڪستان جي ٻي ڪنهن بہ ٻي صوبي ۾ عوام کي ايتري دربدري ۽ ويڳاڻپ ناهي نصيب ٿي جيتري اسان جي شاهوڪار سنڌ ڌرتي جي فردن کي نصيب ٿي آهي، کين هر طرح سان اڪيلو ڪيو ويو، ڪڏهن کين قبيلائي جهيڙن ۾ جڪڙي ڪري رکيو ويو تہ وري ڪڏهن کين ذاتي مفادن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪري سندن قومي مفادن جو جنازو ڪڍيو ويو آهي.
    پر تاريخ شاهد آهي تہ جڏهن بہ ڪنهن قوم پاڻ ۾ ايڪو ڪري، هڪ ٿي ڪري ڪنهن فرعوني طاقت خلاف جنگ جوٽڻ جي ڪوشش آهي تہ وقت انهن جي ٻڌي اڳيان ڳوڏا کوڙي ڪري کين فتح جي تاج سان نوازيندي رهي آهي، دنيا ۾ اهڙا کوڙا سارا مثال ملن ٿا.


    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    6 مئي 2018


    مزدور جو درد مزدور ئي سمجهي سگهي ٿو

    لفظ مزدور کي جڏهن سوچجي ٿو تہ ان مهل يڪ دم ذهن جي اندر هڪ اهڙن فردن جو عڪس جڙي اچي ٿو، جيڪي پنهنجي ڪڙم ڪٽب، قبيلي توڙي گهر ٻار کان ڪٽجي ڪري پيٽ گذر لاءَ پرديس جا در وڃي کڙڪائن ٿا، انهن منجھ ڪجھ فرد پرديس کي پنهنجو ازلي گهر سمجهي اتي ئي سڪونيت اختيار ڪن ٿا تہ وري ڪن کي گهر جي اُڪير لڳي ٿي، ڳوٺ جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳن ٿيون، مٽ مائٽن جي سڪ لڳڻ شروع ٿئي ٿي، ۽ اهڙي ريت ماني جي ٻن وقتن لاءَ پوري ڏينهن جي روشني سان جنگ لڙن ٿا تڏهن ئي وڃي ڪري کين کائڻ لاءَ ڪي ٻہ گرھ نصيب ٿين ٿا.

    اڄ پوري دنيا ۾ پهرين مئي کي مزدورن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو، مزدور طبقو، هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو پوري دنيا جي ڪار وهنوار کي هلائڻ جو هڪ اهم سبب آهي، مزدورن جي محنت سان ئي اسان توهان سڀ فرد روز مره جي مختلف شين کي ٺهيل ٺُڪَيل حالت ۾ خريد ڪري استعمال ڪندا آهيون، اڄوڪو ڏينهن شڪاگو جي انهن مزدورن جي ياد جي نسبت سان ملهايو ويندو آهي جن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءَ وقت جي فرعونن سان منهن مهاڏو اٽڪايو هو.

    جيتوڻيڪ ڪنهن بہ عنوان سان پوري سال جي اندر هڪ ڏينهن کي مخصوص ڪري ملهائڻ ڪنهن قدر ٺيڪ عمل آهي، پر ان جي برعڪس اگر جي جنهن ڏينهن کي ملهايو وڃي ٿو ان ڏينهن جي مناسبت کي ڏسندي ان سان منصوب ٿيل فردن جي ظاهري حالت کي غور ۽ فڪر ۾ آڻيندي انهن فردن جي بهتري لاءَ ڪي ڪارڳر حڪمت عمليون جوڙجن تہ اهو وڌيڪ بهتر ۽ مناسب رهندو، مزدور سان صرف اظهار يڪجهتي نہ ڪجي پر سندن دردن ۽ سورن جي حل لاءَ بہ ڪي رستا ڳولجن، سندن معاشي زندگي کي بهتر بنائڻ لاءَ منصوبا جوڙجن، تڏهن ئي وڃي ڪري کين ڪا چڱائي نصيب ٿيندي
    مزدور طبقو اڄ تائين پنهنجي پگهر جو نظرانو ڏئي ڪري مختلف شين کي پايا تڪميل تائين پهچايندو رهيو آهي، اسان جي زندگي سان جڙيل هر هڪ شئي کي مزدور طبقو ئي ترتيب ڏئي ڪري استعمال جي قابل بڻايندو آهي ۽ وري اسان انهن کي صرف چند پئسه ڏئي ڪري سندن محنتن جو ازالو ڪندا آهيون جيڪو سراسر نا انصافي آهي، انهن کي اسان جو همدرديون بہ گهربل هونديون آهن، انهن کي اسان طرفان آڇيل قرب جا ٻہ ٻول بہ گهربل هوندا آهن، ڇو تہ مزدور طبقي جو هر هڪ فرد اسان توهان وانگر هڪ عام انسان ئي هوندو آهي ان لاءَ انهن وٽ بہ اُهي ئي ساڳيا جذبا توڙي محسوسات هوندا آهن جيڪي جذبا ۽ محسوسات اسان توهان پاڻ محسوس ڪريون ٿا.

    مزدورن جا ڏک هن ڏيھ جي سمجهڻ کان وڌيڪ آهن، دنيا جي وجود ٿيڻ کان وٺي ڪري اڄ تائين مزدور طبقو سان خاطر خواه انصاف نہ ٿي سگهيو آهي، ڪڏهن کين پنهنجو غلام سمجهي ڪري نہ ڄاڻ الاءَ ڪيتري حد تائين لوڙايو ويو آهي تہ وري ڪڏهن سندن اجوري کي هڙپ ڪري کين جسماني توڙي روحاني طرح رنجھ پهچايو ويو آهي، مزدور طبقي سان وڏا هاڃا ٿيا آهن، انيڪ ويساه گهاتيون ٿيون آهن.

    اڄوڪو هي ڏينهن ڪنهن بہ حساب سان سندن دردن کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجي نہ سگهندو، هي ڏينهن بہ ٻين ڏينهن وانگر گزري ڪري پنهنجي اختتام تي پهچندو، مزدور طبقي جو حقيقي درد صرف هڪ مزدور ئي سمجهي سگهي ٿو، مزدورن جي سوچ ۽ ويچار ۾ پنهنجي حالت کي بدلائڻ جو فڪر شايد هڪ پل لاءَ بہ اجاگر نہ ٿو ٿئي تنهن جي ڪري ئي مزدور روز ازل کان وٺي ڪري اڄ تائين مزدور ئي رهيو آهي
    توهان جڏهن ڪنهن مزدور جي زندگي جو مشاهدو ڪندئو تہ توهان کي سندس زندگي مڪمل طور تڪيلفن ۽ اذيتن سان ڀريل محسوس ٿيندي، اوهان کي مزدور جو اندر ٻہ اڌ ٿيل محسوس ٿيندو، اوهان کي سندس خواهشون اڌوريون نظر اينديون، اوهان کي سندس هٿ زخمي ٿيل نظر ايندا، اوهان کي سندس زندگي ڪنهن ٿڪل مسافر جي حالت جهڙي لڳڻ لڳندي.

    مزدورن جو اڄ ڏينهن تائين استحصال ٿيندو رهيو آهي، کين صرف هڪ ڪم ايندڙ جز سمجهي ڪري وقت آهر استعمال ڪيو ويو آهي، وڏي ڳالھ تہ اِها آهي جو جمهوريت جا دعويدار هن ملڪ جا سياستدان بہ مزدور لاءَ ڪو ڪارڳر منصوبو اڄ ڏينهن تائين جوڙي نہ سگهيا آهن سواءَ هن ڏينهن تي موڪل ڪرڻ جي، هن ڏينهن تي موڪل جو اعلان ڪري مڙئي حڪومتي باشنده مزدورن سان اظهار يڪجهتي جو ڍونگ ڪندا رهندا آهن،

    رياست جيڪا والدين مثل هوندي آهي، اگر اُها ئي رياست پنهنجي مسڪين ماروئڙن کي وساري ويهي کين دردن جي دٻڙ ۾ ڦاسائي ڇڏي، تہ پوءَ ڀلا ڪنهن در دانھ ڏجي، مزدور جن کي سنڌي ۾ ڪڙمي بہ چئجي ٿو، اُهي ڪڙمي ويچارا ٽاڪ منجهند جو پنهنجي ٻارن ٻچن سميت زمينن، فيڪٽرين توڙي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا آهن، سندن ان محنت جي عيوض مختلف شيون ايجاد واري مرحلي مان گذري ڪري پايا تڪميل تائين پهچن ٿيون، سندن سموري زندگي مختلف شين کي ترتيب ڏيڻ ۾ گذري وڃي ٿي، اڃا بہ ائين کڻي چئجي تہ ٻين شين کي ترتيب ڏيندي ڏيندي سندن زندگي بي ترتيب ٿي وڃي ٿي.

    مزدور طبقو هن مهل سڀ کان وڌيڪ احساس ڪمتري جو شڪار آهي، معاشري جي ٻين فردن جي ڀيٽ ۾ مزدور کي اڄ بہ هڪ وقت جي ماني کائڻ کان پوءَ ٻي وقت جي ماني لاءَ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي، مزدور جو ٻار، معاشري جي ٻين ٻارن وانگر پنهنجي والدين سان رانديڪن لاءَ انگل ڪرڻ کان عاري آهي، کيس اهو حق ڪنهن بہ قيمت تي حاصل نہ آهي تہ هو پنهنجي والدين اڳيان ڪي فرمائشون يا حڪم صادر ڪري سگهي
    ڇا اسان ۽ توهان مزدورن سان اظهار عقيدت طور هڪ ڏينهن ملهائي ڪري سندن دردن جو درمان ڪري سگهو ٿا، ڇا اسان ۽ توهان مزدورن جو هڪ ڏينهن ملهائي ڪري سندن زندگي کي خوشحال بڻائي سگهون ٿا، ڇا اسان ۽ توهان مزدورن جو هڪ مخصوص ڏينهن ملهائي ڪري سندن زندگين کي پيڙاھ مان ڪڍي سگهون ٿا، ڇا اسان ۽ توهان مزدورن جو هڪ ڏينهن ملهائي ڪري ساڻس انصاف ڪري سگهون ٿا.
    اچو تہ مزدورن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ڪري، سندن بهتري لاءَ ڪي ڪارڳر حڪمت عمليون جوڙيون، سندن ٻارن ٻچن کي تعليم جي زيور سان آرائستہ ڪريون، سندن معاشي حالت کي بهتر بنائڻ لاءَ انهن کي روزگار جا بهترين موقعا ميسر ڪريون، ڇو تہ هن ڌرتي جو هر هڪ فرد بنيادي طور پاڻ بہ مزدور آهي ان لاءَ هڪ مزدور جي درد کي هڪ مزدور ئي سمجهي سگهي ٿو.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    1 مئي 2018


    واڄـــٽ ڪــن وڻجــار

    مزاحمت ڪجي يا وري نئي حڪمت عملي جوڙجي، مسئلن تي ڳالهائجي يا ان جي برعڪس سندن حل تلاش ڪيا وڃن، توهان ڇا ٿا سمجهو، هن اڄڪلھ واري صورت حال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي يا وري تجويزون ۽ صلاحون پيش ڪجن، جن تي عمل پيرا ٿي ڪري من ڪا ڀلائي نصيب ٿي هن درد وندي ديس جي ماروئڙن کي.

    اسان وٽ هر ماڻهو اديب، هر ماڻهو ليکڪ، هر ماڻهو شاعر، هر ماڻهو شعوري فرد، پر پوءَ بہ مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءَ وڌندا ٿا وڃن، ڪڏهن سوچيو اٿئو، اصل سبب ڇا آهي، بنيادي ڪارڻ ڇا آهي، آخر ائين ڇو آهي، مسئلن جا نوا رڪاڊ هر روز ڇو قائم ٿيندا ٿا وڃن.

    ڪير سوچي، ڪير لوچي هن قوم لاءَ، هن قوم کان تہ سوچڻ واري سگھ بہ کسي وئي آهي، سندن ذهنن کي مفلوج بڻائي ڪري کين صدين تائين غلامي واري طوق ۾ بند ڪري رکيو ويو آهي، آخر کين سوچڻ بہ ڇو ڏنو وڃي، ڪهڙا ڪم يا منصوبا سندن منشا مطابق طئي ڪيا وڃن ٿا جو کين اهميت ڏني وڃي.

    بادشاهي برقرار رهي، ڏاڍ جبر توڙي هڪ هٽي پائده باد رهي، عوام جي لاءَ حد اِها مقرر ٿيل آهي جو کين وقت آهر استعمال ڪري اليڪشن مهل وڏا واڪا ڪرائبا، جلسا جلوس ڪرائبا، کين پولنگ اسٽيشنن ۾ هڪ ٻي سان گرما گرمي ڪرائي مڙئي ميلو متل رکبو، هنن کان وقت آهر ڪم وٺبو ۽ پوءَ بس فل اسٽاپ تي بريڪ هڻبي، وري نئي اليڪشن تائين کين منهن نہ ڏيکاربو.

    معاشري جي هر هڪ فرد کي زندگي گهارڻ لاءَ بنيادي طور تي ٽہ مکيہ سهولتون گهربل هونديون آهن، نمبر پهريو معياري تعليم، نمبر ٻيو سٺي صحت، نمبر ٽيون انصاف، هاڻ اگر جي پنهنجي جوڙيل هن سنسار طرف نظر ڪجي ٿو تہ اهي ٽئي بنيادي سهولتون اسان کي عام ماڻهو جي پهچ کان ڪوه ڏور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

    تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڪري اسان کي جهالت جي طرف ڌڪيو ٿو وڃي، نئي نسل کي محنت ڪرڻ بجاءَ ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري سندن مستقبل کي داءَ تي لڳايو ٿو وڃي، نوجوانن جي اندر ۾ پلجندڙ فني صلاحيتن کي اجاگر ٿيڻ کان پهريان ئي دفن ڪيو ٿو وڃي، سندن سنهري مستقبل جي خوابن کي تڪميل تائين پهچڻ کان پهريان ئي تباه و برباد ڪيو ٿو وڃي.

    ان کان علاوه هر هڪ فرد کي ڪنهن بيماري جي لاحق ٿيڻ مهل سندس نصيب ۾ خانگي اسپتالن جو رخ ڪرايو ٿو وڃي، ڀلا هر ڪنهن فرد جي وس ۾ اهو تہ ممڪن ناهي جو اهو خانگي اسپتالن جو رخ ڪري ۽ اتان ڪجھ ڏوڪڙن جي عيوض پنهنجي لاءَ صحت آبي خريد ڪري سگهي، اسان وٽ هر فرد سرندي وارو تہ ناهي نہ، اسان جي ارد گرد ڪجھ مسڪين ۽ اٻوجھ بہ تہ رهن ٿا.

    وري اگر جي قانون ۽ انصاف جي حاصلات تي غور ۽ فڪر ڪجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ انهن پنڌن ۽ چڪرن ۾ ڪي ئي خاندان حاضرويون کائي ڪري راھ رباني وٺي چڪا آهن، هتي ترت انصاف اڻ لڀ آهي، ننڍي ۾ ننڍي نوعيت جي ڪيس کي اڪلڻ ۾ ڪافي سارا ڏينهن لڳيو ٿا وڃن جنهن سبب انهن فردن جي ذاتي زندگي ڪنهن حد تائين تنگ دستي واري گذري ٿي، انصاف ملڻ جي اميد ۾ گهر جو الھ تلھ وڪڻي ڪري پٽ تي ايندڙ کوڙ سارا خاندان اسان توهان جي سامهون مثال طور موجود آهن.

    هر ادارو، هر شعبو ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهي، مهارتن کي اجاگر ڪرڻ وارا ادارا بي مهارتا فردن جي هٿ وس آهن، جيڪي پنهنجا نوازي واري رسم جي پالنا ڪندي، نا اهل ۽ نا ڪاره فردن کي بہ ادارن جا واڳ ڌڻي بڻائي ڪري اسان توهان جي مستقبل سان هٿ چراند ڪن ٿا، هر ڪرپٽ ۽ مها چور فرد کي ٽڪي جو ڪو فڪر يا خوف نہ آهي، ڪنهن بہ ڪاموري وٽ هن ڌرتي جي واڳ ڌڻين جي روشن مستقبل جوڙڻ جي ڪا بہ حڪمت عملي موجود نہ آهي، هر ڪو بس صرف پاڻ چمڪائڻ جي چڪر ۾ آهي.
    هر تڪليف، هر ڀوڳنا، هر اهنج توڙي سهج صرف جو صرف هتان جي عوام جي نصيب ۾ لکيل آهي، چند ڏوڪڙن عيوض عزتون پائمال ٿين ٿيون، شريف ماڻهن جي عزت نفس کي ڇهيو رسايو وڃي ٿو، هر اهل ۽ قابل ماڻهو کي هيڏي هوڏي دربدر ڪري کيس نفسياتي طور انتهائي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ٿو وڃي، نئي نسل کي اڳتي آڻڻ بجاءَ کين آواره ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڪري کين آوارگي جو درس ڏنو ٿو وڃي، پوءَ وري ٿيڻو ڇا آهي، نسلن جا نسل تباه، مستقبلن جا مستقبل تباه، شهر تباه، ڳوٺ تباه، هر وستي توڙي واهڻ تباه، پنهنجي ديس ۾ ويٺي هر فرد ويڳاڻو ۽ دربدر، هن هيڏي ساري حال جو ڪنهن سان حال اورجي، ڪنهن در دانھ ڏجي، ڪنهن کي پنهنجو همدرد سمجهي سور سلجن، بس خاموش لڙڪن سان هن ڌرتي جو هر فرد جهنگ جوٽيو ويٺو آهي.
    هن هيڏي ساري لاتعلقي جي هوندي بہ اگر جي هن دفعي اسان توهان ايندڙ اليڪشن ۾ ترت ۽ لائڀاتا فيصلا نہ ڪيا ۽ وري انهن ئي ساڳين چهرن کي ڪامياب ڪرائي ايوانن تائين پهچايو تہ پوءَ پڪ ڄاڻو سنڌ پوري هڪ صدي تائين دنيا جي ڀيٽ ۾ پوئتي هلي ويندي، هاڻي واري اليڪشن اسان توهان کي آخري موقعو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي تقدير جو فيصلو پنهنجي مرضي مطابق ڪري سگهون ٿا، ڇو تہ تاريخ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي ڪنهن کي بخش ناهي ڪندي، اگر جي هن دفعي بہ اسان سست روي توڙي ٿڌائپ کان ڪم ورتو تہ پوءَ اسين تاريخ جا گنهگار ٿي پونداسين، پنهنجي ايندڙ نسل جا گنهگار ٿي پونداسين، اسان کي پنهنجي صفائي ۾ ڪجھ بہ پيش ڪرڻ لاءَ باقي نہ بچندو، ان لاءَ اچو تہ وڻجار بڻجي ڪري واڄٽ ڪريون.

    روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
    29 اپريل 2018


    باشـعور ۽ لاشـعور فــردن ۾ فــرق

    اسان جي معاشري ۾ عمومن طور تي علم، عقل توڙي ڏاهپ جي جاءَ تي لفظ باشعور ۽ لاشعور کي استعمال ڪيو ويندو آهي، پڙهيل لکيل فردن ڏانهن باشعور لفظ ۽ اڻ پڙهيل حضرات ڏانهن لفظ لاشعور کي منسوب ڪيو ويندو آهي، جنهن مان اهو تاثر چٽو پيدا ٿيندو آهي تہ اڻ پڙهيل فرد ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ باشعور نہ ٿو ٿي سگهي ۽ وري پڙهيل لکيل فرد هر حالتن توڙي صورتن ۾ باشعور ئي آهي ۽ رهندو
    حالانڪ، ائين قطعي ڪو نہ آهي، لفظ شعور کي اگر جي سولن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪجي تہ پوءَ ائين کڻي چئي سگهجي ٿو تہ” هر هڪ بري ڀلي عمل جي تميز توڙي سڃاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي جائز حقن جي ڄاڻ توڙي پرک رکڻ کي شعور چئي سگهجي ٿو“، ان کان علاوه شعور جون ٻيون بہ ڪافي ساريون وصفون آهن.

    شعوري فرد بڻجڻ لاءَ تعليم هڪ بهترين توڙي بنيادي ڏاڪو آهي ڇو تہ تعليم سان فرد کي مخلتف جڳهن، ملڪن، شهرن توڙي قومن جي رهڻي ڪهڻي توڙي حالتن جي سُڌ پوي ٿي جنهن جي آڌار تي اهو فرد ان قوم، شهر يا ملڪ بابت ڪا بہ راءَ جوڙي سگهي ٿو.

    وري ان جي برعڪس ڪنهن فرد جي لاشعور هجڻ لاءَ اهي حدون مقرر ڪرڻ بہ ڪنهن حساب سان بهتر نہ آهن، شعور عمومن طور تي ماڻهو جي پنهنجي زندگي جي جاگوڙ واري حالتن مان پيدا ٿيندو آهي، ڪافي فرد بنا الف، ب، پڙهيل هوندي ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن بابت چڱي خاصي معلومات رکندا آهن، اهڙا عمل سندن مشغلا هوندا آهن
    پڙهيل لکيل فردن مان وري اگر جي ڪو فرد حالات حاضره کان بخوبي واقف بہ هجي، سندس عملي ڪردار جي ڪنهن تائين هن معاشري کي گهرج بہ هجي پر ان جي برعڪس هو صرف پنهنجي ذاتي زندگي گذارڻ ۾ مصروف عمل هجي ۽ صرف جو صرف پنهنجي ذات تائين محدود هجي تہ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڀلا لاشعور چئبو، اهڙي فرد کي ڪهڙن اصولن ۽ ضابطن تحت اسان توهان شعوري فردن جي ڳاڻاٽي ۾ ڳڻينداسين.

    اهڙا ڪافي سارا فرد اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، هي پڙهيل لکيل فردن جو هڪ اهڙو گروھ آهي جيڪي هميشه پاڻ ڪجھ ڪرڻ بجاءَ ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکي ڪري هلائڻ واري اميد تحت زندگي بصر ڪري رهيا آهن، ان مزاج جي اعلي صفت انسانن کي هر مفاد، هر سهوليت، هر وسيلو صرف جو صرف پنهنجي قطب آڻڻ جو فڪر هوندو آهي.

    سندن ان ذاتي خواهشن واري ڄار کين ايترو تہ سوگهو ڪري رکيو آهي جو کين پنهنجي قوم جي انهن مسڪين فردن جي هڪ پل بہ ياد نہ ٿي اچي جيڪي ويچارا قهر واري گرمي ۾ سڄو ڏينهن تتل اس هيٺيان مزدوري ڪن ٿا، کين هڪ پل لاءَ بہ انهن بي پهچ، غريب توڙي لاوارث فردن جا چهرا ياد نہ ٿا اچن جيڪي ويچارا پنهنجي مريض ماءُ، پي يا ڀيڻ کي اسپتالن جي درن تي ويهي ڪري علاج جو منتظر هجن ٿا.

    اهڙا شعوري فرد سڏجندڙ معزز مڪمل طرح سان ذاتي خواهشن جي خول ۾ بند ٿيل هوندا آهن، سندن ذاتي زندگي ڪنهن قدر عام ماڻهن جي زندگي گذارڻ کان بهتر هوندو آهي پر ان جي باوجود سندن مزاج ۾ اڃا وڌيڪ، اڃا وڌيڪ جو حرص سمايل هوندو آهي جيڪو سندن پچر مرڻ گهڙي تائين ڪونہ ڇڏيندي آهي.

    هي ڌرتي پيار، محبت توڙي ڀائي چاري جو چمن رهي آهي، هن ڌرتي جا انمول ۽ ڪارائتا فرد اڄ تائين اُهي ئي ليکيا ويا آهن جن پنهنجو هر وسيلو توڙي واهڻ هن ڌرتي جي ڀلي خاطر استعمال ڪيو آهي، هن ڌرتي سان نفسياتي طور ان شعوري ۽ لاشعوري جي جيڪا کيڏ کيڏي وئي آهي، اُها کيڏ تمام جلد ختم ٿيندي، شعور جي پوشاڪ پهريل ذهني طور لاشعور ۽ بيمار ذهنيت وارا مدلل تمام جلد چٽا ۽ واضع ٿيندا، تاريخ ۾ کين کين هڪ سٽ جيتري بہ جاءَ نصيب نہ ٿيندي.
    هن قوم جي هاڻوڪن حالتن کي مد نظر رکندي هر اهل علم، پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد کي گهرجي تہ هو هن ڌرتي جي ڀلي جي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سندس ڪردار جو هر هڪ پهلو اهو ثابت ڪري تہ هو واقعي ۾ ئي شعوري فرد آهي، سندس من ۾ هتان جي ماروئڙن جي لاءَ حب ۽ اڪير آهي، کيس ڀٽائي جي هن نگري سان بي انتها محبت آهي.

    باقي اگر اڃا بہ جي ڪو فرد شعور ۽ لاشعور هجڻ جو فيصلو، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل واري بنيادن تي ڪري تہ پوءَ پڪ سمجهو تہ ان فرد کي پاڻ شعور جي ضرورت آهي، اهو فرد پاڻ لاشعوري واري اونداهي جي گهيري ۾ آهي کيس اتان ڪڍڻ لاءَ ترت ڪار آمد فيصلا ورتا وڃن تہ جئين اسان جي معاشري جو اهو فرد بي سبب پوئتي نہ رهجي وڃي .


    روزاني هلال پاڪستان
    25 اپريل2018


    سنڌ جي شعور کي سھڪار جو سڏ

    سنڌ جيڪا هزارين سالن کان علم، هنر، ڏاهپ، فن، تهذيب و تمدن سميت جملي خاصيتن جي حامل ۽ هر طرح فطري نعمتن ۽ عظمتن سان ڀرپور ۽ سينگاريل رهي آهي نہ صرف ايترو پر فلسفي، نظرين، مهذبن ۽ تهذيبن جي ڏس ۾ سنڌ هميشه پوري دنيا جي قومن جي رهبري ۽ رهنمائي پڻ ڪئي آهي، هن ڌرتي پنهنجي خمير مان اهڙو عظيم سرجهڻار ۽ مهان سورما پيد پي ڪيا جن هڪ طرف پنهنجو لازوال تخليقي ۽ تعميري ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي سينڌ کي پئي سنواريو آهي تہ ٻئي طرف وري سنڌ جي قومي تشخص جي بقا، حدن ۽ سرحدن جي حفاظت سان گڏ ڌرتي جي چانڊاڻ ۽ مانڊاڻ کي زنده رکڻ لاءَ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي.

    هن مھل ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ سنڌ اندر خاص طور تي شاگرد طبقي لاءَ ڪو اهڙو ادارو ميسر نہ آهي جنهن جي گهمڻ سان کين پوري سنڌ جي جهلڪ نظر اچي، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم ڪردارن کان وٺي ڪري سنڌ جي وستي توڙي واھڻ جي کين معلومات ملي سگهي، ان فقدان کي مد نظر رکندي اسان جي ڪجھ مخصوص مخلص ساٿين ۽ علم، ادب، سنڌي ثقافت، سنڌ ۽ لطيف سان محبت ڪندڙ ساٿين خيرپور ضلعي جي تعلقہ سوڀوديري جي قديمي شھر رسول آباد ۾ شاھ لطيف ميوزم ۽ لائبريري نالي هڪ اهڙي اداري کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن کي اجرڪ ۽ مختلف ثقافي رنگن ڊزائين سان سينگاريو ويندو، شاھ لطيف جي بيتن سان سهڻا پورٽريٽ پوري عمارت ۾ لڳائڻ سان گڏ سنڌ جي عظيم شخصيتن جا الڳ الڳ ڪارنر ٺاهي، سندن مجسما، سندن زندگين جا خاڪا، انهن تي ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابي شڪل ۾ مواد گڏ ڪري هر هڪ جي ڪارنر ۾ رکيو ويندو.

    ان کان علاوه هر هڪ ڪردار سان گڏ موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏجي جو قلعو ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت ويڊيوز جي صورت ۾ ڊاڪومينٽري ٺاهي ڪري ان کي هر وقت اسڪرين تي هلايو ويندو تہ جئين هر ايندڙ ويندڙ فرد توڙي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ان طريقي سان ڀرپور معلومات حاصل ڪري سگهن، ان سان گڏوگڏ هڪ وڏي سينٽرل لائبريري پڻ ترتيب ڏني ويندي جنهن ۾ لطيف، تاريخ، مهذب، سائنس، ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب گڏ ڪري رکيا ويندا تہ جئين اُتي مطالعي جا شوقين پنهنجي علمي اُڃ اُجهائي سگهن، اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽي جي شاگردن کي عمومي طور اُهي جڳهون گهمڻ لاءَ ملنديون آهن جتان کين ذري برابر بہ ڪو تاريخي معلومات ملي نہ سگهندو آهي تنهن سبب سندن ٽوئر صرف ڏينهن گذارڻ کان علاوه ٻي ڪنهن شئي جو سبب بڻجي نہ سگهندي آهي.

    سنڌ جي ڳچي ۾ پيل هار جا مڻيا هيرن ۽ موتي مثل آهن جن جي چمڪ ۽ ڌمڪ هڪ ٻي کان نرالي ۽ انڊلٺي رنگن سان ڀرپور آهي سنڌ جي معلوم تاريخ جي انهن هيرن ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي، مخدوم بلاول، صوفي شاه عنايت شهيد، سچل سرمست، دولھ دريا خان، سورھ بادشاھ، مها راجہ ڏاھر، روحل، بيدل، بيڪس، سامي سميت ڪيترائي سنڌي قوم جا مهان انسان ٿي گذريا آهن جن بقا باهمي، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم واري اصول ۽ آفاقي نظريي جي پاسداري ڪندي پنهنجي تمام عمر گذاري، هاڻ اِها وقت جي تقاضا پڻ آهي تہ سندن پيار محبت واري فلسفي توڙي تعليم کي دنيا آڏو مھذب نموني سان پيش ڪجي تہ جئين اُن کي ڏسي ڪري پوري دنيا کي اهو يقين اڃا پڪو ٿي تہ واقعي ئي سنڌ سڀني تھذيبن ۽ درسگاهن جي بنياد رھي آهي.

    هن اداري کي قائم جو ڪرڻ مقصد اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽي جي شاگردن لاءَ اهڙو ادارو ٺاهڻ جتي هو گڏيل طور جامع معلومات حاصل ڪري سگهن. سنڌ جي ثقافت، اخلاقي قدرن، خوبصورت ۽ معياري روايات مذهبي رواداري، تصوف ۽ قديم تاريخي ماڳن مڪانن بابت سنڌ جي نوجوانن کي معلومات ميسر ڪري ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي مھان سورمن ۽ عظيم انسانن جي فن، فڪر ۽ جدوجهد کان کين ڀرپور نموني واقف ڪرڻ جي يقيني ڪوشش ڪرڻ. پڙهيل لکيل شاگردن سان گڏ عام ماڻهون ۽ اڻ پڙهيل لاءَ سنڌ شناسي جو سامان ميسر ڪرڻ تہ جن ۾ تصويرون، مجسما، ويڊيوز جي صورت ۾ خاڪا، انٽريوز، ليڪچر پروگرام، تقريرون، ۽ ڊاڪومينٽريون شامل هوندا، سنڌ اندر اهڙو مرڪز قائم ڪرڻ جتي استاد شاگرد، شاعر، اديب، مختلف شعبن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙ ماڻهون گڏ ٿي سگهن ۽ گڏيل تعميري، تخليقي، معلوماتي، ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام پڻ منقعد ڪري سگهن. مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندڙ شاگردن ۽ اسڪالرن لاءَ سھل ۽ آسانيون پيدا ڪرڻ تہ جئين انهن جو تخليقي توڙي علمي ڪم ۾ ڪنهن بہ قسم جا ڪا رنڊڪ پيدا نہ ٿئي، ڀٽائي جي هن ڀون جي ازلي ۽ تاريخي ورثي جي وارثي جو حق اسان سڀ پنهنجو اخلاقي ۽ قومي فرض ڄاڻيندي رضاڪارنہ بنيادن تي ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ان لاءَ اسان سمجهون ٿا تہ اگر گڏيل باهمي تعاون، مستقل مزاجي ۽ سھڪار سان اهڙي اهم قومي فريضي جي ادائگي سرانجام ڏبي تہ ان جا نتيجا انتهائي مثبت، غير معمولي، يقيني ۽ ديرپا هوندا، ان لاءَ پوري سنڌ مان اوهان سڀني کي پنهنجي ساٿ سان گڏ ساٿي سمجهندي هن قومي، تاريخي ۽ تعميري ڪم ۾ سھڪاري ٿيڻ جي اميد ڪريون ٿا.

    انهن دوستن طرفان ” شاه لطيف ادبي ۽ ثقافتي فورم“ پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن جو مقصد شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تعميري، تخليقي ۽ فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي ان کان علاوه لطيف جي شاعري ۾ موجود فلسفي تي مختلف ميڙاڪن ۾ روشني وڌي ويندي آهي .

    روزاني ڪاوش هائيڊ پارڪ 23 سيپٽمبر 2018


    سنڌو دريا جي بقا جي جنگ

    سنڌ سان وفاق طرفان ناانصافيون هاڻوڪيون ناهن انهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهن، ليڪن ان جي باوجود جهڙي ريت گذريل ڪجھ ڏينهن کان وزيراعظم عمران خان ۽ چيف جسٽس ثاقب نثار ڀاشاه ڊيم کي اڏڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، يقينن اهو عمل انتهائي ڏک ڏيندڙ آهي ڇو تہ جڏهن پوري صوبي جا ماڻهون ان رٿا کي رد ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ جو عام ماڻهو بہ اِها ڳالھ سمجهي ٿو تہ سنڌو دريا تي ڊيم اڏجڻ سان سنڌ جو پاڻي اڃا گهٽ ٿيندو ۽ سنڌ جو زمينون بنجر ٿينديون، سنڌ ڏڪار طرف ڌڪجي ويندي ۽ عام ماڻهو جو جئيڻ جنجال ٿي پوندو، سنڌو دريا ۾ پهريان کان ئي پاڻي جي اڻاٺ آهي ۽ پُڇڙي واري علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين پاڻي نٿو پهچي جنهن سبب سنڌ جا مورک اڃن مرن ٿا.

    ليڪن الاءَ ڇو تبديلي جي ڳالھ ڪندڙ وزيراعظم کي اِها ڳالھ سمجھ ۾ ئي نٿي اچي تہ سنڌ جا ماڻهو ڪنهن بہ صورت ۾ سنڌو تي ڪو بہ ڊيم قبول نہ ڪندا ان جي عيوض پوءَ ڀلي کين ڪيتريون ئي تڪليفون ڇونہ برداشت ڪرڻيون پون، عمران خان جهڙي ريت ڊيم جي اڏاوت بابت مهم هلائي رهيو آهي ۽ وري مٿان سنڌ جي ماڻهن سان ويساھ گهاتيون ڪري رهيو آهي تهڙي ريت ٿي سگهي ٿو تہ اڳتي هلي ڪري کيس سنڌي قوم مان مڪمل مايوسي نصيب ٿئي، جيتريون سيٽون هن دفعي واري اليڪشن ۾ کٽيون اٿس، ٿي سگهي ٿو ايندڙ اليڪشن ۾ اُهي بہ نہ کٽي سگهي ڇو تہ هن وقت سندس اِهي فيصلا سنڌ اندر موجود سندس پارٽي جي ڪارڪن ۽ عهديدارن جي ساک کي متاثر ڪن پيا ۽ سندس همدردن توڙي ڪارڪن ۾ اضافو ٿيڻ بدران گهٽتائي اچي پئي.

    سموري سنڌ جا ماڻهو اجتماعي طور اِن ڊيم جي اڏاوت جي خلاف هِن وقت حالت احتجاج ۾ آهن، پوري سنڌ اِن رٿا کي اجتماعي طور رد ٿي ڪري، قومي تحريڪ جا ڪارڪن، قومپرست پارٽيون، مذهبي پارٽيون، سياسي توڙي سماجي تنظيمون وزيراعظم جي اِن منصوبي جي نفي ٿا ڪن، افسوس سان اِهو لکڻو ٿو پوي جو وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان کان اُهي واعده ۽ اقرا وسري ويا آهن جيڪي اُن حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان سنڌي قوم سان ڪيا هئا، ڪراچي کي روشنين جو شهر بنائڻ وارو واعدو، خوشحال سنڌ جي ضمانت وارو واعدو، سنڌ سان يڪجاءَ طور ورتاءُ ڪرڻ وارو واعدو، مطلب تہ کانس هر طرح جا قول ۽ اقرار وسري چڪا آهن جن تي اعتبار ڪندي سنڌ جي ماڻهن کيس ووٽ ڪيو ۽ سنڌ اندر پاڪستان تحريڪ انصاف ڪجھ سيٽون کڻي ڪامياب ٿي.

    هاڻ جڏهن ڳالھ سنڌ جي ماڻهن جي بقا ۽ فنا واري صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي تڏهن اهو مڃڻ تہ رب جي رضا ۾ راضي رهي ڪري کيس ڊيم ٺاهڻ ڏنو وڃي ۽ اڳتي هلي ڪري پنهنجي ٻچڙن کي پنهنجي اکين جي سامهون مفلس، لاچار ۽ بيمار مرندو ڏسجي ان لاءَ بهتر آهي تہ هر اُن رٿا، منصوبي، يا حڪمت عملي جو وقت سر مخالفت ڪري پنهنجي ڌرتي کي ابدي بقا فراهم ڪجي، سندس سينڌ کي ميرو ٿيڻ کان بچائجي، سنڌو دريا سنڌ ڌرتي جي حُسانڪين جو وسيلو آهي سنڌو جو سُڪجڻ يا سندس پاڻي ۾ لاٿ اچڻ سنڌ جي ساوڪ کي ختم ڪري کيس بجر بڻائي ٿي جنهن سبب سنڌ جي حُسناڪي متاثر ٿئي ٿي، ماروئڙن جا تڪليف وڌن ٿا، سندن حياتي گنڀير کان گنڀيرتا ڏانهن سفر ڪري ٿي.

    ان لاءَ سنڌ اندر پاڪستان تحريڪ انصاف جي هر هڪ ڪارڪن توڙي پارٽي جي عهديدارن کي گهرجي تہ اُهي معتبرانہ طريقي سان پنهنجي وزيراعظم توڙي پارٽي جي سربراھ کي اهو لکت ۾ موڪلي ڏين تہ سائين جيڪڏهن اوهين اِن رٿا کي اسان جي منشا مطابق اتي ئي رفا دفعا نٿا ڪريو ۽ پنهنجي ڳالھ تي اٽل رهي ڪري سنڌ جي ماڻهن سان هڪ مها دوڪو ٿا ڪريو تہ پوءَ سائين اسان جي اڄ کان وٺي اوهان کان ۽ اوهان جي پارٽي کان لاتعالقي آهي، اسين پنهنجي بنيادي رڪنيت ۽ عهدي کان استعفيٰ ڏيندي اوهان جي هن ساٿ کي خير باد ٿان ڪريون، باقي اسان جو جئيڻ مرڻ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان هوندو ڇو تہ اسان لاءَ سنڌ وطن آهي.

    روزاني هلال پاڪستان
    جمع 28 سيپٽمبر 2018


    سنــڌ جي تعليـم تـي تجـرباتي حــربا

    سنڌ حڪومت جهڙي ريت سنڌ جي تعليم تي تجرباتي حربا وقت بہ وقت هلائيندي رهندي آهي، اهڙي ريت ڪجھ سال پهريان سکر آي بي اي کي سنڌ جي اندر تعليم جي معيار جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ کيس هڪ ميگا پراجيڪٽ ڏنو ويو، جنهن جو نالو مختصرن سيٽ رکيو ويو، هن پراجيڪٽ تحت پوري تعلقي منجھ پرائمري جي پنجين ڪلاس ۽ مڊل جي اٺين ڪلاس جي ٻارن کان هر سال ٽيسٽ ورتي ويندي آهي، ٽيسٽ جي نوعيت اِها هوندي آهي تہ اُها آبجيڪٽو ٽائپ هوندي آهي.

    سکر جي واحد يونيورسٽي جنهن جو نالو کڻڻ شرط ئي اصول ۽ ضابطا ذهن تي اُڀري اچن ٿا، اگر سندس ڪنهن خامي جو تذڪرو ڪجي ٿو تہ ان اداري ۾ پڙهندڙ اسان جا يار وڏيون اکيون ڪري اسان طرف ڌڪارت واري نظر سان ڏسن ٿا، انهن کي ڪير سمجهائي تہ سهڻا سائين هي ادارو آخرڪار انسانن جو تخليق ڪيل آهي ۽ غلطيون ڪرڻ انسان جو فطري عمل آهي، هن اداري کي ملائڪ ٿورئي ٿا هلائين جو هنن کان غلطي نٿي ٿي سگهي، پاڻ هتي ان سيٽ پراجيڪٽ جي مجموعي ڪارڪردگي تي روشني وجهنداسين.

    سڀ کا پهريان هن پراجيڪٽ جا واڳ جن واڳ ڌڻين جي حوالي ڪيا ويا انهن دوستن جو انهن تعلقن سان ايترو خاص لڳ لاڳاپو ڪو نہ هو، جهڙوڪ مثال طور ٺري ميرواه تعلقو جن دوستن کي ڏنو ويو اُهي بنيادي طور تعلقي گمبٽ جا رهواسي هئا، هر روز ٺري اچڻ توڙي وڃڻ عيوض سندس وقت توڙي وسيلا خرچ ٿيندا رهيا، ان کان علاوه ٻي تعلقي جي هجڻ سبب کين مختلف اسڪولن ۾ استادن جي ناز نخرن سان پڻ منهن ڏيڻو پيو، ٽي ڳالھ تہ کين اسڪولن جي صحي دڳ پنڌ توڙي روٽ جي مڪمل سڌ ڪا نہ هئي جنهن سبب ڳپل وقت جو بي وجا خرچ ٿي پوندو هو.

    ان کان علاوه مختلف اسڪولس جن کي سينٽر منتخب ڪيو ويو هيو اُتي انهن ۾ بہ ڪافي پيچيدگيون ڏسڻ وٽان مليون، جهڙوڪ ڪنهن اسڪول جون جوابي ڪاپيون ان اسڪول جي داخلا جي تناسب سان گهٽ نڪتيون، وري ڪٿي داخلا جي تناسبت کان وڌيڪ جوابي ڪاپيون ميسر ٿيون، ڪٿي ڪن ڪاپين ۾ ٻولي جو تضاد نڪتو، پورو اسڪول سنڌي ميڊيم وارو آهي تہ اُتي وري ڪاپيون انگريزي يا اردو ميڊيم وارو نڪتيون، مطلب تہ اهڙا تضاد هر روز هر ڪنهن نہ ڪنهن اسڪول ۾ نڪرڻ شروع ٿيا جنهن جي سبب انهن جو منفي تاثر استادن، شاگردن ۽ والدين جي ذهنن تي پوڻ لڳو، ان کان علاوه اُتر جي اسڪول کي ڏکڻ واري سينٽر اسڪول ۾ رکيو ويو تہ وري ڪٿي اولھ وارن اسڪولن کي اوڀر واري سينٽرن ۾ رکيو ويو مطلب تہ سڄو سسٽم ئي ڌرم ڀرم، خاص طور تي نياڻيون ان ڳچ پنڌ واري مفاصلي ۾ تڪليف زده ٿيون.

    شروع شروع ۾ پوري تعلقي منجھ هر هڪ اسڪول جي استادن ۾ هڪ عجيب قسم جي خوف واري لهر ڇائجي وئي، هر ڪنهن کي ان ڳڻتي اچي ورايو تہ اگر جي ان جي اسڪول جي پڙهائي جو تناسب گهٽ آيو تہ شايد سندس اسڪول کي بند ڪيو ويندو يا وري ڪجھ استادن جو اهو خيال پڻ هو تہ اگر جي انهن جي شاگردن هن ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري تہ متان کين ڪنهن انعام يا وري اسڪالرشپ ڏني وڃي، اهڙي ريت ان خوف جي سبب هر هڪ سينٽر ۾ استادن گڏيل طور هر هڪ ٽيم جي سٺي نموني مهمان نوازي ڪئي ۽ ڪچهري ئي ڪچهري ۾ هن ٽيسٽ جي اصليت بابت سوال پڇي ڪري پنهنجا مونجهارا ختم ڪرڻ لڳا، اهڙي ريت هي پراجيڪٽ مسلسل چوٿين سال کان وٺي ڪري هر سال جي فيبروري مهيني ۾ ورجائي ويندي آهي.

    هاڻ تہ استاد بہ سمجهي چڪا آهن تہ هي ٽيسٽ سڄو سارو ٽوپي ڊرامو آهي، مسلسل چار سال سنڌ جي تعليم جو ڪاٿو هڻندي اڃا تائين سنڌ حڪومت اِها سٽ ڪانہ سٽي سگهي آهي تہ هاڻ اڳتي لاءِ کين ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي جنهن تحت سنڌ جي خاص طور تي ٻهراڙي جي تعليم سڌري سگهي، هن ٽيسٽ تي هر سال حڪومت لکين رپيا خرچ ڪري ٿي پر بدلي ۾ کيس ملي ڇا ٿو ؟
    آڳوٺو
    سنڌ جي اسڪولن کي ڇا ٿو ملي ؟
    آڳوٺو
    سنڌ جي شاگردن کي ڇا ٿو ملي ؟
    آڳوٺو
    هر سال ٽيسٽ جو ورجاءُ ٿيڻ جي باوجود بہ هن ٽيسٽ ۾ هر سال غلطيون ٿين ٿيون، جنهن جي ڪري اسڪولن مان سندن ٻارن کان ورتل ٽيسٽ جي صحيح نيتيجو لاڳاپيل استادن ڏانهن نٿو موڪليو وڃي، ڪافي دفعا ائين ٿيو آهي تہ هڪڙي اسڪول جو رزلٽ ٻي اسڪول ڏانهن موڪليو ويو، ٻي اسڪول جو رزلٽ ٽي اسڪول ڏانهن، مطلب مڙئي سڄي ڪم کي گهن چڪر ڪري اير ڦير ۾ وجهي وقت پہ ٽپايو ويو
    هڪڙي پاسي سکر آي بي اي معياري تعليم جو نارو بلند ڪري پنهنجو ڳاٽ اُچو ڪري ٻين آڏو سرهائي سان پيش اچي ٿي تہ ٻي طرف ٻهراڙي جي اسڪولن جي معيار جاچڻ خاطر سندس اِها بي ڌهاني ڪهڙي ذمري ۾ شمار ڪجي؟
    ڇا کيس صرف پراجيڪٽ جي تڪميل ٿيڻ جو انتظار آهي ؟
    ڇا کيس صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ جي ڳڻتي آهي؟
    ڇا کيس سنڌ جي ٻهراڙي جي تعليم بابت ڪا ڳڻتي يا فڪر ڪونہ آهي؟
    اگر جي آهي تہ پوءِ ان ٽيسٽ جي پوري پنجن سالن جي عرصي ۾ ان ٽيسٽ جي طريقڪار کي درست ۽ پر اثرائتي ڇو نہ بڻائي سگهي آهي؟
    آخر هن ٽيسٽ ۾ هر سال غلطيون ڇو ٿيون ٿين، انهن غلطين جو اثر اهو ٿو ٿي جو اسان کي تعليم جي اصلوڪي نوعيت ۽ حالت جي صحي خبر نہ ٿي پوي، اسين هميشه جيان ٻڏتر جا شڪار رهو ٿا.

    اگر سکر آي بي اي هن پراجيڪٽ بابت هڪ پرسنٽ بہ سنجيده آهي تہ پو۽ هن سيٽ پراجيڪٽ کي مڪمل طور تي شفاف ۽ اثر انداز ڪرڻ لاءِ هيٺين نقطن تي غور ڪري
    سڀ کان پهريان هن ٽيسٽ جو تعلقہ ڪو آرڊينٽر ۽ ٽيم جا ٻيا فرد ان تعلقي جا منقعد ڪري، ۽ انهن لاءِ تعليم جو شرط اهو هجي تہ تعلقہ ڪو آرڊينٽر گهٽ ۾ گهٽ ۾ ايم فل ۽ باقي ٽيم ممبران ماسٽرس يا وري ڪنهن مخصوص شعبي ۾ آنرس جي ڊگري رکندڙ هجن، ان کان علاوه پوري ٽيم کي هڪ هفتو ٽرينگ ڏين، جنهن ۾ استادن سان درپيش مسئلا، ٽيم جي ڪم جو نوعيت، ٽيسٽ وٺڻ دوران درپيش ايندڙ مسئلا ۽ انهن جا حل ڊسڪس ڪيا وڃن تہ جئين آئيندا نئي مرحلي ۾ ڪنهن بہ مسئلي سان آشنا نہ ٿيڻو پوي.

    ان کان علاه ٽيسٽ وٺڻ جي تاريخ کان ٻہ مهينا اڳ اسڪولن جي موجوده داخلا جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن سي بہ ميڊيم وائيز، پو۽ انهن انگن اکرن موجب جوابي ڪاپيون ٺهرايون وڃن، ان کان علاوه تعلقي جي سڀني هيڊ ماسترن جي هڪ گڏيل گڏجاڻي منقعد ڪئي وڃي جنهن ۾ انهن جي رضامندي سان سينٽرس مقرر ڪيا وڃن ۽ وري انهن سينٽرن ۾ انهن جي راءَ مطابق لاڳاپيل اسڪول ڳنڍيا وڃن تہ جئين ڪنهن کي بہ ٽيسٽ ڏيڻ وقت ڪنهن بہ تڪليف کي منهن نہ ڏيڻو پوي.

    اسڪولن جي ڪاڪردگي رپوٽ سيڪريٽري ڏانهن اماڻي وڃي جنهن اسڪول جا انگ اکر گراف ۾ ڊائون طرف ويندا هجن تہ ان اسڪول خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، تڏهن ئي تہ تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي، باقي رڳو هر سال خالي ٽيسٽ وٺي وري پورو سال گم شم، وري نئي سال ظاهر ٿيڻ مان ڪو فائدو تہ ٿي ئي ڪو نہ ٿو، ها باقي هر سال وقت جو ذيان ڏاڍو معتبر طريقي سان ٿي ٿو سو بہ آي بي اي جي مقدس نالي سان.


    بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر

    سڀ ٻوليون بنيادي طور تي اظهار ڪرڻ جون هڪ نادر نمونو آهن ليڪن ان سڀ ڪجھ جي هوندي ڪجھ ٻوليون پنهنجي آس پاس ڳالهائي ويندڙ ٻولين جو اثر قبول ڪري وجهنديون آهن جنهن سبب سندن اصلوڪي صورت ۾ بگاڙ اچڻ شروع ٿيندو آهي يا وري ڪجھ ٻوليون اِن جي ڪري بہ ٻين ٻولين جو اثر قبول ڪنديون آهن جو انهن وٽ لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي، سنڌ اندر جيتوڻيڪ هن مهل مختلف قبيلن، ذاتين ۽ برادرين جا ماڻهون رهائش پذير آهن، ڪجھ قبيلن، ذاتين يا برادرين ۾ اڃا تائين سندن اُها ئي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ٻولي سندن بنيادي ٻولي آهي مطلب تہ جيڪا ٻولي سندن وڏن سنڌ اندر اچڻ کان اڳ ڳالهائي هوئي يا ڳالهائيندا ايندا هئا.

    جئين تہ پوري سنڌ جي مجموعي طور تي زبان سنڌي ڳالهائي ويندي آهي ۽ سنڌ اندر رهندڙ سڀئي ذاتيون هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيڻ وقت هڪ ٻي سان سنڌي ٻولي ۾ گفتگو ڪندا آهن پوءَ ڀل ڇو نہ اُهي فرد پنهنجي گهر اندر سرائيڪي، بلوچي يا پٺاڻڪي ڳالهائيندا هجن، اهڙي ريت هن وقت سنڌ اندر رهندڙ بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙ فردن جي بلوچي زبان تي سنڌي ٻولي جا اثر چٽا ۽ واضع نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ اِهو اثر ٻين ٻولين بہ قبول ڪيو هوندو ليڪن ٻين ٻولين تي اِهو اثر اڃا ايترو واضع نظر نہ ٿو اچي جيترو بلوچي ٻولي تي نظر اچي رهيو آهي، اچو تہ ان اثر تي هڪ نظر وجهون ۽ اهو معلوم ڪريون تہ بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر ڪئين آهي.

    بلوچي ٻولي ۾ هڪڙو لفظ ڳالهايو ويندو آهي” پاڙو“، جيڪو سنڌي ۾ پڻ لفظ ” ڳوٺ“ جي جاءَ تي قطب ايندو آهي حالانڪ مختلف ماڻهن جي مجموعي کي ڳوٺ سڏبو آهي ۽ وري هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ئي برادري يا وري رهائيش پذير مختلف برادرين جا الڳ الڳ پاڙا هوندا آهن، هاڻ بلوچي ٻولي وٽ لفظ” ڳوٺ“ جي جاءَ تي پنهنجو لفظ” حلخ “ موجود آهي، حلخ مطلب ڳوٺ، ليڪن بلوچي ٻولي کي ڳوٺ اندر موجود ٻين پاڙن کي بيان ڪرڻ لاءَ لفظ نہ آهي جنهن ڪري بلوچي ٻولي پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود مختلف پاڙن کي بيان ڪرڻ لاءَ سنڌي ٻولي کان مدد وٺندي لفظ” پاڙي“ کي قطب آڻي ٿو جنهن وسيلي هُو پنهنجي ڳوٺ جي مختلف پاڙن کي واضع ڪري ٿو ۽ جهڙي معنيٰ ۽ مفهوم سان لفظ پاڙو سنڌي ۾ قطب اچي ٿو بلڪ اِهڙي ئي معنيٰ ۽ مفهوم سان ساڳيو لفظ بلوچي ٻولي ۾ پڻ قطب اچي ٿو.

    بلوچي ٻولي ۾ هڪ ٻيو لفظ آهي” ڪنگو“ جيڪو سنڌي ٻولي جي لفظ” ڦڻي“ جو ٻيو يا متبادل نالو چئي سگهو ٿا، هاڻ اِهو ڪنگو/ڦڻي ٻئي لفظ سنڌي ۾ قطب ايندا آهن ڪٿي ڪنگو چيو ويندو آهي تہ وري ڪٿي کيس ڦڻي چيو ويندو آهي، بلوچي ٻولي اِن ساڳي شئي کي پنهنجي ٻولي ۾ لفظ” ڪنگو“ طور سمائي ڇڏيو آهي، بلوچي ۾ اِن شئي کي ڦڻي چوڻ جي بجاءَ ڪنگو چيو وڃي ٿو حالانڪ ڪنگو بذات خود سنڌي ٻولي ۾ قطب اچي ٿو ليڪن اِن جي باوجود بلوچي ٻولي وٽ ان لفظ جي نہ هجڻ سبب ائين کڻي چئجي تہ اُن سنڌي ٻولي کان سندس متبادل لفظ کي اڌارو وٺي ڪري پنهنجي ٻولي ۾ سمائي ڇڏيو آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو تہ واقعي سنڌي ٻولي جو اثر بلوچي ٻولي تي باقاعده آهي ۽ وري بلوچي ٻولي سندس اِن اثر کي فراغ دلي سان قبول ڪيو آهي.

    اهڙي ريت بلوچي ٻولي ۾ ڪافي سارا اِهڙا لفظ آهن جيڪي بنيادي طور تي سنڌي ٻولي جا الفاظ آهن ليڪن انهن کي ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم سان بلوچي ٻولي ۾ پڻ قطب آندو وڃي ٿو، اِهڙي نموني جا ڪجھ الفاظ هيٺ بيان ڪجن ٿا.

    کٽ رلي واچ پنا اڇو ڳاڙها نارنگي صوف ڪيلا منڊي صابڻ ٿنڀا رستا بٽڻ ڪڙٻ لوسڻ ڦٽي رائي ساڳ ڀينڊي ديڳڙي ويلڻ پنڊي ڪرسي وغيره وغيره.

    مٿي بيان ڪيل چند لفظن کي پڙهي ڪري اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر تمام تر گهرو ۽ گهاٽو آهي، مٿي بيان ڪيل لفظن کان علاوه اڃا بہ کوڙ سارا اِهڙا لفظ آهن جيڪي بلوچي ٻولي ۾ قطب ايندا آهن، سڀني لفظن کي هتي لکڻ جي گنجائش نہ آهي اِن لاءَ فل حال ڪجھ ئي لفظ سمجهاڻي طور قطب آندا آهن، سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ پنهنجي اندر مختلف ٻولين جي لفظن کي سمائي ڪري رکيو آهي ۽ انهن بنيادن تي اوهان اِهو اعتراض بہ ورائي سگهو ٿا تہ مٿي بيان ڪيل فلاڻو لفظ سنڌي ٻولي جو بنيادي لفظ ڪونہ آهي، اِهڙي ريت اوهان جو اعتراض درست بہ ٿي سگهي ٿو ليڪن هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت بہ ضروري آهي تہ بلوچي ٻولي ۾ قطب ايندڙ سنڌي لفظ سڌي طرح سنڌي ٻولي کان ئي اثر طور قبول ڪيا ويا آهن پوءَ ڀلي ڇو نہ اُهي لفظ ٻين ٻولين جا هجن، ڇو تہ سنڌ اندر رهندڙ بلوچي ڳالهائيندڙ آبادين جو سنئو سڌو سماجي ڳانڍاپو ۽ لاڳاپيو سنڌي ڳالهائيندڙ فردن سان گهڻو آهي جنهن جي ڪري سندن ٻولي تي بہ اثر سنڌي ٻولي جو گهرو ۽ گهڻو آهي.

    ڇو تہ علاقائي زبانون علاقائي آبادين تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن، ڪجھ ٻولين جا اثر گهرا ۽ ديرپا ثابت ٿيندا آهن تہ وري ڪن ٻولين جا اثر وقتي ۽ ناپيد ثابت ٿيندا آهن، جيڪا ٻولي ڳالهائڻ سان گڏ لکي ويندي آهي اُها ٻولي پنهنجي بقا جي جنگ کٽي ويندي آهي ۽ وري جيڪا ٻولي لکڻ جي بجاءَ صرف ڳالهائي ويندي آهي(جهڙوڪ بلوچي) تہ اُها ٻولي پنهنجي بقا جي جنگ ۾ شڪست کائيندي آهي، بلوچي ٻولي کي لکڻ مهل اردو جي رسم الخت کي قطب آندو ويندو آهي ڇو تہ اڄ ڏينهن تائين بلوچي ٻولي جي پنهنجي بنيادي الفا بيٽ/رسم الخت ايجاد نہ ٿي سگهي آهي جنهن کي استعمال ڪندي بلوچي ٻولي کي ڳالهائڻ سان گڏ لکيو بہ وڃي ۽ سندس لکت کي محفوظ ڪري کيس هميشه لاءَ امرتا بخشي وڃي، سنڌ اندر هن مهل بلوچي ڳالهائيندڙ فردن ڳچ انگن ۾ موجود آهن ليڪن سڀ جا سڀ بلوچي ٻولي کي لکڻ کان قاصر آهن ۽ لکڻ واري معامري ۾ نج سنڌي ٻولي کي قطب آڻيندي هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيندا آهن.

    روزاني هلال پاڪستان
    تاريخ 26 آڪٽوبر 2018


    گهوري جان جتن تان

    سنڌ جي مستقبل جي بابت سوچيندي ڪڏهن اِهو فڪر ورائي ويندو اٿم تہ اسان جو آئيندو الاءَ ڇا ٿيندو، اسان توهان مان اڪثر ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سوشل ميڊيا جو صحي استعمال ڪرڻ ڪونہ سکي سگهيا آهن اِهي ماڻهو جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڪئين ملائي سگهندا.

    هڪڙا آهن معاشري جا نالي ماتر شاعر حضرات، جيڪي پنهنجي هر هڪ ڦڪي، مٺي توڙي ڪچي تخليق تي بہ پنهنجو فوٽو اپلوڊ ڪري مڙئي پيا ماڻهن کان واھ واھ جو داد حاصل ڪندا آهن، هاڻ اِهڙن شاعرن کان ڪهڙن انقلابن جي اميد ڪجي، سندن تخليق مان ڪهڙا گل ڦٽندا، هنن ويچارن کي تہ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان پيار آهي، تڏهن ئي تہ پنهنجن فوٽن جي هڻا مار لاهيو ويٺا هوندا آهن، ٿيڻ ائين کپي ها تہ شاعر حضرات پنهنجي تخليق سان گڏ اُن عنوان سان ڪو ملندڙ جلندڙ تصوير گوگل کان کڻي ڪري اپلوڊ ڪن تہ جئين اُها تصوير سندن لفظن جي عڪاسي ڪري ۽ ٻين کي سندن شاعري منجھ سمايل رمز سمجھ ۾ اچي سگهن.

    پر ائين ڪندا ڇو

    ويچارن کي پاڻ بہ تہ ڏيکارڻو آهي
    پاڻ بہ تہ وڻائڻو آهي

    آخرڪار معاشري جا نالي ماتر مهان شاعر جو آهن، افسوس ٿيندو اٿم اهڙن شاعرن جي شاعري فيس بڪ تي ڏسي ڪري جن جا ٻوٿ ٻن لفظن جي سجاوٽ سان هر روز پيا اپلوڊ ٿيندا آهن، اهڙن شاعرن مان معاشرتي اصلاح جي ڪا بہ اميد نہ ٿي رکي سگهجي ڇو تہ اِهي ويچارا پنهنجي پاڻ منجھ قيد آهن.

    اِهي ماڻهو خود پرستي جي بيماري ۾ مبتلا آهن، اِهڙن کي شاعر سمجهڻ بہ شاعري جي توهين ۾ شمار ٿيندي.

    انهن کان علاوه هڪڙو ٻيو گروھ آهي، جيڪي صاحب پڻ اِن ساڳي ڪرت سان لاڳاپيل آهن، مطلب تہ ڏينهن ۾ ڪي چار يا پنج فوٽو اپلوڊ ڪري ڇڏيندا، فوٽو بہ وري ماشاءَالله اَهڙا جو ڏسڻ شرط ئي اندر سڙي وڃي تہ ٻيلي هي بہ ڪو فوٽو آهي جو اپلوڊ ڪيو اٿس، مطلب تہ عجيب و غريب فوٽو

    مثال طور هڪڙا لکندا آهن

    Traveling to Karachi

    هاڻ ان صاحب کان پڇجي تہ صاحب ڇا ڪراچي ٻين ڪانہ ڏٺي آهي ڇا

    جو تون ڏسڻ يا گهمڻ ٿو وڃي تہ وڏي ڳالھ ٿي وئي، وڏي ڳالھ تہ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪو اهڙو ڪم/عمل ڪجي جو ٻين نہ ڪيو هجي تڏهن ئي اهو ڪم وڏي ڳالھ چورائبو آهي، ها وڏي ڳالھ تڏهن ٿي ها جڏهن لکي ها

    Traveling to UK or Traveling to Germany

    هاڻ چئجي ها تہ ها يار واقعي وڏي ڳالھ آهي، چاچا چگيز خان (ڪاٺير) جو پٽ آمريڪا وڃي پيو، يا فلاڻي ماستر، ڪلارڪ يا پٽيوالي جو پٽ جرمني وڃي پيو، هاڻ هي ڳالھ وڏي نوعيت جي ليکجي ها ۽ قابل فڪر بہ هجي ها

    وري ٻيا لکندا آهن

    Eating Biryani with Ali and 60 others at Dubai hotel

    هاڻ ان صاحب عقل کان پڇجي تہ ادا برياني کائڻ ۾ ڪهڙي وري وڏي حڪمت جهڙي ڳالھ رکيل هئي جو تون اِن عمل کي بہ فيس بڪ تي رکي آزار وڌايو، هر ڪو برياني کائيندو آهي يا وري هر ڪنهن جي کاڌل هوندي آهي آخرڪار ان اسٽيٽس رکڻ ۾ نواڻ ڪهڙي آهي، وري جاهلاڻو عمل اِهو تہ ويٺو هوٽل ۾ اڪيلو هوندو مگر اِهو اسٽيٽس 60 ڄڻن کي ٽيگ ڪري ڇڏيندو.

    واھ ڙي فيس بڪ تنهنجا ڪرشماتي معجزا

    اهڙن فيس بڪ يوزرس تي وڏي باھ چڙهندي آهي، اصلي پارو مٿي چڙهڻ لڳندو آهي، ادا توهان کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻو آهي تہ ماڻهن جي اصلاح ڪريو يا وري اِهڙيون شيون ٻين سان ونڊ ڪريو جن مان ٻين کي ڪو فائدو پهچي

    ڪا تربيت ٿي
    ڪا نواڻ اچي
    ڪا نئي سوچڻ جي راھ هموار ٿي
    يا وري ڪنهن لاءَ ڪو فائدو وارو دڳ لڀي پوي

    ائين ٿورئي ٿيندو آهي تہ هر گهڙي هر منٽ بس صرف پنهنجا ڌنڌلا، ڪارا، ڦڏا ۽ چٻا فوٽو پيا اپلوڊ ڪجن ۽ ٻين کي پيو ذهني اذيت ڏجي

    يقينن ائين توهان کي بہ فيس بڪ تي ڪجھ مها مهانڊن جا مهانڊا ڏسي ڪري وڏي باھ چڙهندي هوندي

    ڌڻي کي مڃو، پنهنجي ڏيکاءُ کان پرهيز ڪريو، ها پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪريو تڏهن جڏهن ڪنهن خاص مقام، جڳھ يا خصوصي گڏجاڻي ۾ شرڪت جو موقعو توهان کي نصيب ٿي يا وري زندگي ۾ ڪا ڪميابي نصيب ٿي، يا وري ٻين لاءَ ڪو اصلاحي يا معلوماتي عنصر هجي جنهن جي اپلوڊ ڪرڻ سان اهو سمجهو تہ ان عمل سان ٻين ۾ اتساھ يا محنت جو جذبو اُڀرندو پوءَ ڀلي اپلوڊ ڪريو، باقي اجائي سجائي جاهلاڻا وندر کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجو ۽ ٻين جو وقت برباد نہ ڪريو نہ تہ تاريخ اوهان کي
    ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي معاف نہ ڪندي.


    ڪتب خاني سان دل منهنجي

    جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي.

    اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي.

    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميشه مطالعو ڪرڻ سان ايندو آهي، مطالعي ڪرڻ سان شين جي مختلف پهلوئن جي خبر پوندي آهي، ڪتابن وسيلي ڪار آمد حڪمت عمليون توڙي تجويزيون هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سفر ڪنديون آهن، ڪتاب پاڻ خاموش هوندي پنهنجي پڙهندڙ کي چڱي خاصي معلومات فراهم ڪندي آهي، ڪتابن جو عشق منهنجي نظر ۾ سڀني عشقن کان اعلي ۽ اتم عشق آهي، هي هڪ اهڙي قسم جو عشق آهي جنهن ۾ محبوب سان ملاقات ڪرڻ جو ڪو بہ خاص وقت مقرر ناهي ٿيل هوندو، جنهن مهل دل چيو ڪتاب کولي، اکرن کي پسجي، پنهنجي نيڻن کي ٺارجي ۽ ذهن کي فرحت جوڳو بڻائجي.

    ٻالڪپڻ واري دور ۾ جنهن وقت عقل توڙي سمجھ ذهن ۾ سلامي ڀرڻ لڳي تہ تنهن مهل ٻين ٻارن وانگر مون رواجي طور راند روند توڙي گهمڻ ڦرڻ کي اوليت نہ ڏني، واندڪائي واري وقت گهر ۾ موجود ڪتابن واري ڪٻٽ کي کولي ڪري انهي منجهان ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هيس، ائين هلي هلي ڪري وري ڪنهن دور ۾ ٻالڪ رسالن ۾ ڪهاڻيون لکي ڪري موڪليندو هيس، ائين ادب جي دنيا سان آءُ ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ڳنڍيل رهيس، ادب جي دنيا سان منهنجو ائين جڙيو رهڻ جو جيڪو بنيادي ڪارڻ هو، اُهو هو ڪتابن جو لاڳيتو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن منجهان علم جا سُرڪ ڀرڻ.

    مطالعي ڪرڻ سان فڪر جا نوا گس ملندا آهن، سوچڻ لاءَ نوا عنوان ملندا آهن، ڪچهرين ۾ بحث ڪرڻ لاءَ نوا سبب ملندا آهن، ڪتاب اسان کي وقت جي انهن وهڪرن جو احول ڏيندا آهن، جيڪي وهڪرا اسان توهان ڪونہ ڏٺا هوندا آهن، انهن انمول گهڙيون بہ اسان سان حالي احوالي ٿيندا رهندا آهن جيڪي گهڙيون تاريخ کي جوڙيندي گذريون آهن، اسان ڪتابن وسيلي انهن امر، توڙي انقلابي ڪردارن جي جدوجهد بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون، جيڪي انقلابي اڳواڻ اسان توهان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي ويا آهن، اسان انهن ماڳن ۽ وٿاڻن بابت پڻ ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون جن وٿاڻن ۽ وستين کي آباد هوندي اسان ناهي ڏٺو، جهڙوڪ موئن جو دوڙو، هڙاپا، ٽيڪسيلا وغيره.

    ڪتاب ڪنهن نہ ڪنهن نموني اسان جي زندگي سان جڙيل رهن ٿا، اسان جون سُوچون ڪتابن ۾ سڏڪنديون آهن، اسان جا ارمان ڪتابن ۾ لفظن جو روپ ڌاري ڪري گم ٿي ويندا آهن، اسان جا احساس زماني جي بي رخين جو تاب نہ سهندي ڪتابن جي ورقن ۾ اچي پناه حاصل ڪندا آهن، پيار جا انيڪ وچن، واعدا، قول توڙي قرار ڪتابن جي ذينت بڻجي ڪري دنيا آڏو پڙهڻ لاءَ ميسر ٿيندا آهن، ڪتاب خاموشين جا تاڪ ڀڄي ڇڏيندا آهن، ڪتاب اندر جي اولڙن کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن، ڪتابن سان لڳاءُ شعور جي علامت آهي، ڪتاب پڙهندڙ فرد شعوري فردن جي فهرست ۾ ڳڻيو ويندو آهي.
    جيڪي فرد ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ هوندا آهن، انهن جو ذهن هميشه چست رهندو آهي، سندن دماغ ۾ هر روز انيڪ خيال پرواز ڪندا رهندا آهن، سندن ذهن ۾ نت نوا خيال توڙي تخليقي ڪم اُسرندا رهندا آهن، ڪتابن جو قدر هن مهل مغرب جي ملڪن ۾ ساڳي ريت برقرار آهي، ان جي بنسبت اسان جي سنڌ ۾ بہ هن مهل ڪتاب پڙهڻ جو رهجان بہ ڪنهن قدر موجود آهن، هر روز نت نوا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن پيا ۽ ان کان علاوه نئي ٽهي جا نوجوان بہ قومي، انقلابي توڙي پيار محبت جا ڪتاب بہ انيڪ تعداد ۾ پڙهن پيا، منهنجو ڪجھ عرصو پهريان سنڌ يونيورسٽي ۽ سکر آي بي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو هيو اُتي بہ مون اُتان جي شاگردن طرفان ڪتاب پڙهڻ جو سٺو رجحان ڏٺو، جتي مون سان اُتان جي ڪافي دوستن مختلف ڪتابن بابت پنهنجا قيمتي رايا بحث ڪيا ۽ انهن منجهان پرايل سبق تي پڻ. خيالن جي ڏي وٺ ڪئ


    موت ۽ منهنجي اندر جو وهم

    موت هڪ اهڙو تہ ڳوڙهو عنوان آهي جنهن بابت سوچيندي دماغ جا سڀئي در بند ٿيو وڃن، جڏهن موت بابت ڪِن ڪتابن جو اڀياس ڪجي ٿو تہ دماغ خشڪ ٿيو وڃي، ڇو تہ پڙهيو ويندڙ مواد هميشه ذهن تي پنهنجا اثر ڇڏيندو آهي، اِهڙي ريت هن عنوان کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻڪ ڏاهپ، عقل ۽ فهم وقت کان اڳئي ختم ٿيندا هجن موت بابت هر هڪ فرد، ڏاهي، فلاسافر ۽ دانشور جا پنهنجا پنهنجا الڳ رايا ۽ نقطا نظر آهن، ليڪن اُن جي باوجود اِهي سڀ فرد هِن ڪيفيت/حالت کان انروني طور خوفزده ٿيندا آهن.

    ڀلا ڪير چاهيندو تہ اهو عيش عشرت واري زندگي کان محروم ٿي؟؟؟

    ڪير چاهيندو تہ هُو پنهنجي خوبصورت زال کي اڪيلو هن دنيا ۾ ڇڏي ڪري پاڻ وڃي قبر ۾ قابو ٿي.

    ڀلا ڪير چاهيندو تہ هن دنيا جون سڀ رونڪون سندس اکين کان اوجهل رهن ؟؟؟

    يقينن ڪير بہ نہ ليڪن موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، ڪنهن بہ وقت آدم کي سڏ ٿي سگهي ٿو ۽ تنهن ئي گهڙي دم ٻاهر، همراھ پورو روزاني سوين، هزارين موت ٿين ٿا، ڪجھ حادثاتي طور، ڪجھ غفلتن جي عيوض، ڪجھ درد ۽ پيڙاهن کان پنهنجي جند آزاد ڪرائڻ لاءَ خودڪشي جي صورت ۾، ڪجھ وري ٻين هٿان قتل ٿيڻ جي روپ ۾ مطلب تہ هن درتي تي هر پل آدم جي خون جي هولي پئي هلندي آهي جيڪا رُڪجڻ جو تہ نالو ئي نٿي وٺي آءُ موت کان انتهائي درجي تائين خوفزده ٿيندو آهيان، مون کي اِهو گمان ٿيندو آهي تہ جيڪڏهن آءُ وقت کان اڳي مري پيس تہ پوءَ شايد منهنجو وجود، منهنجي شخصيت ۽ منهنجي ڏات فنا ٿي ويندي، آءُ پنهنجي ڏات کي بقا ڏيڻ جي لالچ ۾ موت واري فهم ۽ فڪر کان الاهي پري هليو ويو آهيان، مون موت کي ايتري قدر تہ وساري ڇڏيو آهي جو اگر جي ڪڏهن قسمت سان مون کي موت ياد پوندو آهي تہ آءُ صفا ڳاڙهو ٿي ويندو آهيان، منهنجي جسم ۾ رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي، منهنجي دل جي دڙڪن تيز ٿي ويندي آهي مون انيڪ ڏاهن، دانشورن ۽ عالمن کان ان بابت پڇيو آهي تہ آخرڪار مون سان ائين ڇو ٿو ٿي، آءُ موت کان ايترو خوفزده ڇو آهيان ليڪن ڪنهن بہ اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ناهي ڏنو، بس سڀني مجموعي طور ائين ئي چيو آهي تہ” تون کي پنهنجي زندگي سان گهڻو پيار آهي جنهن سبب تون کي فنا ٿيڻ جو خوف جاڳي پيو آهي“، هڪڙي ڏاهي تہ صفا ڪمال جو جواب ڏنو ۽ چيائين” اِهو سڄو ڪجھ تنهنجو وهم آهي، تون کي موت کان خوف نہ پر تون کي هڪ وهم جو اثر آهي.

    وهم جو علاج تہ حڪيم لقمان وٽ بہ ڪو نہ هو اِن لاءَ اسان تنهنجي لاءَ ڪجھ بہ نہ ٿا ڪري سگهون دانشورن، ڏاهن ۽ اهل علم جي فردن جا اِهڙا رايا ٻڌي ڪري هاڻ آءُ هن ٽياس تي اچي ٽنگجي پيو آهيان تہ آيا اِهو سڀ ڪجھ منهنجو وهم آهي يا خوف ؟


    سنڌ اندر ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند

    تعليم جو شرع جيتوڻيڪ سنڌ اندر تمام گهٽ آهي، ليڪن اُن جي باوجود ڪافي سارا شاگرد وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڊگريون حاصل ڪن ٿا، اُن جي باوجود وري جڏهن سنڌ حڪومت نوڪريون ڏيڻ جي ڪري ٿي تہ اُن مهل سندس اميدن تي پاڻي ڦيريو وڃي ٿو ۽ ميرٽ جا جنازا ڪڍيا وڃن ٿا، ڪجھ وقت پهريان وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ صاحب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ اميدوارن کي بہ نوڪرين جا آڊر ڏنا ۽ اُهي آساني سان معاشري اندر ڊاڪٽر بڻجي ويا، ان کان علاوه وري هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل امتحانن ۾ بد عنوانين ۽ پنهنجا نوازي جا بہ چرچا عام ٿيڻ لڳا آهن جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ اندر ميرٽ جو ڪو بہ خاڪو موجود نہ آهي.

    سنڌ جا ماڻهو مجموعي طور تہ شديد تڪليفن، سورن ۽ صدمن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سندس ضروريات زندگي جا مڙني وسيلا غاضبن وٽ يرغمال بڻيا پيا آهن ليڪن اُن جي باوجود بہ سنڌ اندر حڪومت طرفان ڪو بہ اهڙو ئي منصوبو يا حڪمت عملي موجود نہ آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي تہ سنڌ حڪومت جو هي قدم ساراھ جوڳو آهي يا سندس گڻ ڳايا وڃن، سنڌ جا ماڻهو هميشه جيان پنهنجي ووٽ جي عيوض تڪيلفون ۽ در بدريون موٽ ۾ موصول ڪن ٿا ۽ خدا جي رضا ۾ راضي رهڻ جا عادي ٿي ويا آهن.

    تعليم سان شعور ايندو آهي، شعور وسيلي چڱي ۽ بُري جي تميز پيدا ٿيندي آهي ۽ اِها تميز وري بهترين معاشري اڏڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، اسان جي معاشري قدرن جو هن مهل ڏيوالپڻو تہ توهان اسان جي سامهون آهي ليڪن اِن جي باوجود تعليم کي ڄڻڪ حڪومتي ايجنڊا ۾ شمار ئي نٿو ڪيو وڃي، هر ڏينهن تعليم جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ۽ پنهنجا نوازي جو عنصر گهٽجڻ بجاءَ اڃا وڌيڪ سگهارو ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو سڄو سارو اثر ميرٽ تي پئجي رهيو آهي ۽ ميرٽ سان هٿ چراند هر دفعي ڪئي ٿي وڃي، لفظ ميرٽ کي ايترو تہ خوار ۽ خراب ڪيو ويو آهي جو ڄڻڪ هاڻ اسان وٽ اِهو لفظ ميرٽ مشڪوڪ ٿيڻ لڳو آهي.
    هڪ طرف 2012 ۾ ماستري جي ورتل ٽيسٽن ۾ بدعنوانين ۽ جڳاڙن جون خبرون عام ٿيڻ لڳيون آهن تہ وري ٻي طرف سنڌ اندر سنڌ کان علاوه ٻين صوبن جي ڊوميسائيل رکندڙ فردن کي بہ نوڪريون ڏيڻ جون افواهون بہ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سنڌ جي مجموعي طور پڙهيل لکيل گروھ کي ڪٿي بہ ڪنهن سرڪاري نوڪري ملڻ جو پڪو ۽ چٽو امڪان نظر نہ ٿو اچي تہ وري ٻي طرف تعليم جي طرف ماڻهن جو رهجان بہ گهٽجڻ لڳو آهي جنهن جو مکيہ سبب ئي اِهو آهي نوڪرين جو نہ ملڻ ۽ ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند ٿيڻ جا قضا، اهڙي ريت وري بہ نقصان جو منهن سنڌ جي ترقي ۽ واڌ ويجھ کي ڏسڻو ٿو پئي، سنڌ جديد ٿيڻ بجاءَ قديم ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي.

    هر سال يونيورسٽين مان انيڪ هوشيار ۽ قابل شاگرد پاس ٿي ڪري ڊگريون وٺي وڃن ٿا ليڪن حڪومت طرفان انهن جي بهتر مستقبل لاءَ ڪوبہ جوڳو انتظام يا بندوبست ناهي ٿيل جنهن سبب اڪثر قابل ۽ هوشيار شاگرد گهر ڀيڙو ٿي ڪري پنهنجي مستقبل کي تباھ ڪري ٿا ڇڏين ۽ سندن تخليقي صلاحيتون ڪار آمد ٿيڻ بجاءَ بي ڪار ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان ڪجھ اهڙا پروگرام يا حڪمت عمليون جوڙي جن جي وسيلي هر سال يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن کي پنهنجي قابليت جي آڌار تي جانچي ڪري کين سندن لاڳاپيل شعبي ۾ روزگار فراهم ڪيو وڃي تہ شايد سنڌ اندر تعليم جي اهميت جي گراف ۾ واڌارو ٿي ۽ ميرٽ جي تقدس پڻ بحال ٿي جنهن جي بنياد تي ماڻهن جو تعليم جي طرف لاڙو وڌي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا جو تناسب گهٽجڻ بجاءَ وڌي پوي، ليڪن افسوس تہ حڪومت سنڌ انهن مڙني سڀني پهلوئن کان مڪمل طرح سان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آهي.

    هن مهل سنڌ اندر پڙهيل لکيل نوجوانن جي اڪثريت مايوسي جو شڪار آهي ۽ اِن فڪر ۾ مبتلا آهي تہ سندس مستقبل ڇا هوندو، روشن يا اونداهو، ڇو تہ سنڌ حڪومت کين مستقل نموني سان روزگار جا وسيلا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، ڪجھ عرصو پهريان روزگار ڊاٽ ڪام نالي ٺاهيل ويب گاھ بہ هن مهل سنڌ جي ڪنهن هڪ بہ نوجوان کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو سبب نہ ٿي سگهي آهي، مطلب تہ حڪومت جو اهو تجربو بہ ناڪام ثابت ٿيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بہ هميشه جيان ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ ڪامورا شاهي جي اشارن تي هلندي نا اهل فردن کي ٽيسٽن ۾ پاس ڏيکاري نوڪرين سان نوازي پئي، آخرڪار انهن کان پڇي ڪير، انهن جو احتساب ڪري ڪير، سڀ جا سڀ حڪومتي ڪارندا اگهور ننڍ ستل آهي ۽ سنڌ اندر ميرٽ سان هٿ چراند ٿيندا رهن ٿا جيڪي تاريخ جي صفن ۾ نئي تاريخ رقم ٿيندي رهي ٿي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن وقت انهن نا انصافين ۽ نا جائزين جو حساب انهن ڪرپٽ ۽ بي ضمير ڪامورن توڙي سياستدانن کان طلب ڪندي.


    عطائي ڊاڪٽر

    ڪجھ عنصر سماجي سڌار جي بجاءَ سماجي بگاڙ جو سبب بڻجندا آهن تهڙي ئي ريت اڄڪلھ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار اسان جي شهر جي اوس پاس جي علائقن ۾ وڌي ويو آهي، هي آزار اِهڙو تہ ناسور بڻجي چڪو آهي جو هاڻ هِن مان جان آجي ڪرائڻ هر ماڻهو تي ڄڻڪ فرض علت بڻجي چڪو آهي.

    عطائي ڊاڪٽر جيتوڻيڪ اُنهن کي چئجي ٿو جيڪي بنا ڪنهن سَند/سرٽيفڪيٽ جي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏرائن، ليڪن هاڻ ڪجھ اِهڙا بہ عطائي ڊاڪٽر نمودار ٿيا آهن جيڪي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج يا ميڊيڪل اسڪول کان هيلٿ ٽيڪنيشن، ڊسپينسري يا وري نرسنگ جو ڪو هلڪو ڦلڪو ڪورس وغيره ڪري پاڻ کي اچي ڊاڪٽر سڏائي انساني جانن سان کيڏن ٿا، نتيجتن طور انيڪ جانيون سندن هٿن سان ضايع ٿين ٿيون ۽ ڪافي ماڻهو موت جي منهن ۾ وقت کان پهريان هليا وڃن ٿا.

    ڪجھ ڏينهن پهريان تعلقا نارا جي ڪجھ عطائي ڊاڪٽرن خلاف اُتان جي ڪورٽ ايڪشن کنيو ۽ ڪافي سارن عطائي ڊاڪٽرن کي اِن ڪورٽ جي ترت ايڪشن اُتان ڀڄڻ ڀيڙو ڪيو، هاڻ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا انهن خلاف ترت قدم کڻجن يا انهن کي انساني جانن سان کيڏڻ ڏنو وڃي؟

    انسان پنهنجي وس آهر ڪافي ڪمزور ترين ۽ اڄڪلھ جي دنيا جي تقاضائن مطابق سهپ جو انتهائي ڪچو آهي، انهن عطائي ڊاڪٽرن طرفان مهيا ڪيل غلط اعلاج سندن سر جو سانگو سندس سر تان لاهي ٿو، کين موت طرف ڌڪي ٿو.

    ڇا چند ڏوڪڙن عيوض سستو علاج غريب ماڻهو کي مهانگو پلئي نہ ٿو پئي؟

    ڇا انهن ڪينسر نما عنصرن خلاف وقت جي آڌر تي تحريڪ نٿي هلائي سگهجي؟

    ڇا اِنهن سيکڙاٽ ڪمپائوڊرن کي ڊاڪٽرن سمجهي ڪري اسان پنهنجي توڙي پنهنجي ٻچن جي زندگين سان ڪونہ ٿا کيڏيون؟

    جيڪڏهن عطائي ڊاڪٽرن کي ائين ئي خود مختياري ۽ آزادي ڏئي ڪري اسان پنهنجي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو تہ يقينن اِهي اڳتي هلي ڪري اسان جي سماج لاءَ ناسور ثابت ٿيندا ۽ اِن لاءَ اچو تہ انهن جي نشاندهي ڪري کين اهو احساس ڏياريو تہ توهان جن ٻن ڏوڪڙن جي لالچ ۾ انساني زندگين سان کيڏ کيڏيو پيا اِهو عمل سماجي ڏوھ آهي ۽ سماجي ڏوھ پوري سماج کي نقصان ڏيندو آهي.

    اِن لاءَ اچو تہ اُنهن عنصرن کي وقت سر سڃاڻي ڪري سندن خلاف ڪا حڪمت عملي جوڙيو تہ جئين اسان جو سماج وڌيڪ غلاضتن ۽ گندگين کان پاڪ رهي سگهي ۽ اسان جو هي چمن ڪنهن گلشن وانگر نکري ۽ چمڪي توڙي جو کيس هن مهل انيڪ مشڪلاتون درپيش آهن.


    عجيب اتفاق

    ڪيڏو نہ عجيب اتفاق آهي جڏهن ڪو فرد قوميت جي مفهوم کي وساريندي پنهنجي برادري کي قوم سڏڻ شروع ڪري، اِهو لمحو انتهائي درجي جو اذيت ڏيندڙ هوندو آهي، آءُ دوستن سان هڪ هوٽل تي ويٺو هيس تہ اُتي ٻہ همراھ اچي ڀرسان ويٺا، ڪنهن سنجيده عنوان تي بحث ڪري رهيا هئا، سندن گفتگو مان ائين معلوم ٿي رهيو هو تہ شايد انهن جي برادري جي ڪجھ ماڻهن جو ٻي ڪنهن برادري جي ڪجھ ماڻهن سان ڪو تنازو هلي رهيو هو، هِي ٻئي صاحب انهي تنازي تي ٽيڪا ٽپڙي ڪري رهيا هئا.

    سندس گفتگو مان هڪ لفظ مون کي بار بار اندر منجھ ڇيهو رسائي پيو، ۽ آءُ انهن جي ناداني تي اندر ئي اندر ڳوڙها ڳاڙي رهيو هيس، هي ٻئي صاحب ڏسڻ وائيسڻ ۾ نج سنڌي لڳي رهيا هئا ۽ سندس گفتار توڙي ٻاهري ڏيک مان اِهو چٽو صاف نظر اچي رهيو هو تہ هُو ڪنهن بہ صورت ۾ پٺاڻ، پنجابي يا بنگالي توڙي برمي ڪونہ هئا، ليڪن اُن جي باوجود هي ٻئي صاحب پنهنجي گفتگو ۾ پنهنجي برادري جي ڳالھ ڪرڻ مهل اِهو جملو ورجائي رهيا هئا تہ” اسان جي قوم هي ڪم ناهي ڪيو،“ اسان جي قوم ۾ اهڙا فرد ڪونہ آهن، اسان جي قوم جا ماڻهو انتهائي شريف آهن.

    هتي هنن جي گفتگو ۾ لفظ قوم کي ذات ۽ برداري جي جڳھ تي قطب آندو پي ويو، حالانڪ حقيقتن هنن ٻنهن دوستن جي قوم بنيادي طور تي سنڌي قوم آهي، ليڪن الاءَ ڇو کين پنهنجي اِن غلطي جو احساس نہ پي ٿيو، انهي ساڳي لفظ کي بار بار ورجائيندي هُو منهنجي صبر جي پيماني کي اڀرڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا.

    آخر مون سندن ڳالھ کي ڪٽيندي کين قوم جي مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پهريان ٿورو ڊپ ٿيو ڇو تہ اسان وٽ ماڻهو اصلاح کي تمام گهٽ صورتن ۾ قبول ڪندا آهن، ليڪن وري اهو خيال ذهن تي تري آيو تہ جيڪڏهن مون هنن جي هن وقت اصلاح نہ ڪئي تہ هي دوست هي غلطي نہ ڄاڻ اڃا الاءَ ڪيترو دفعو ورجائيندا ۽ هي غلطي سندن نسل در نسل فردن ۾ منتقل ٿيندي رهندي، سو ساڻن معذرت ڪري اهو چيم تہ” قبلا محترم اوهان ڪجھ دير کان وٺي ڪري جنهن مسئلي تي ڳالهائي رهيا آهيو مون کي ان سان ڪو غرض ڪونہ آهي ليڪن توهان پاران گفتگو ۾ هڪڙو لفظ ورائي ورائي ڪري غلط استعمال ڪيو ٿو وڃي جيڪو عمل مون کي ڏکائي ٿو.“

    منهنجا اِهي لفظ ٻڌي ٿورا پريشان ٿيڻ لڳا، مون ڳالھ کي جاري ڪندي کين چيو” سائين اسين سنڌ اندر رهندڙ سڀئي فرد مجموعي طور سنڌي آهيون، اسين سڀ هڪ قوم آهيون، توهان پنهنجي ڳالھين ۾ پنهنجي برادري/ذات کي قوم چئي رهيا آهيو، قبلا توهان ٻئي مون کي تہ هڪ ئي قوم جا فرد ڏسڻ ۾ ٿا اچو ۽ يقينن اوهان ٻئي سنڌي آهيو، جنهن جي حساب سان اوهان ٻنهي جي قوميت هڪ ئي ٿي، مطلب سنڌي، پوءَ بہ اوهان الاءَ ڇو هڪ ٻي کي الڳ الڳ قوم ڪري پيش پيا ڪريو“، منهنجي ڳالھ انهن ٻنهي فردن مان هڪ کي مڪمل طور تي سمجھ ۾ آئي جنهن منهنجي ڳالھ سان اتفاق ڪندي چيو تہ” هائو سائين اسين واقعي پنهنجي گفتگو ۾ اِها غلطي ڪري رهيا هئاسين ليڪن هاڻ ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي، انشاءَ الله آئينده ائين نہ ٿيندو.“

    منهنجي سمجهاڻي ڏيڻ جو فائدو اِهو پيو تہ انهن دوستن مون طرفان پيتل چانھ جو بل پاڻ ادا ڪيو ۽ کلندي کيڪاريندي مون کان موڪلائيندي پنهنجي وٿاڻن طرف روانا ٿيا، آءُ سندن حال تي سوچيندي ڪي ئي ساعتون هوٽل تي ويٺو رهيس.


    وزير تعليم ڏانهن کليل خط

    جناب سيد سردار علي شاھ صاحب
    اسلام عليڪيم - جئي سنڌ
    جناب اعلي اميد اٿم تہ اوهان خيرت سان هوندا، اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو منهنجو مقصد وقت جي حساب سان انتهائي سنجيده ۽ اهم آهي
    جناب اعليٰ
    جئين تہ ڪجھ مهينا پهريان جناب وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ صاحب ڪجھ ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا هئا، جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي اڪثريت ٽيسٽ ۾ فيل ٿي هئي، ليڪن اِها سندن خوش قسمتي هئي يا وزير اعليٰ سنڌ جو معجزو هو جو سائين جن اِهو حڪم نامو جاري ڪيو تہ ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيل ڊاڪٽرن کي بہ نوڪريون ڏنيون وڃن.

    سائين منهنجا ائين توهان بذات خود ميرٽ جا جنازا تہ نہ کڻو، فيل ٿيلن کي بہ ڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن ملڪ يا حڪومت نوڪريون ڏنيون آهن جو اوهان جي حڪومت ڏي پئي؟

    ان کان علاوه وري ساڳي ئي وزير اعليٰ صاحب جي حڪم نامي تحت هاڻ وري ويجهڙائي ۾ نون ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن منجھ اِهو پراڻو خدشو پڻ موجود آهي تہ وري بہ ساڳيو طريقو اختيار ڪري فيل ۽ پاس ٿيندڙن کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڪري آڊر ڏنا ويندا، اگر اِهو ساڳيو ئي طريقو ۽ تماشو رهيو تہ پوءَ يقين مڃون تہ سنڌ مان لفظ تعليم باقي وڃي ڊڪشنرين ۾ بچندو

    توهان سان هن واقعي جو ذڪر ڪرڻ ان لاءَ مناسب سمجهيم جو توهان کي اصل وارتا هاڻ ٻڌائي رهيو آهيان.

    ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سکر آي بي اي پوري سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۽ خاص طور تي بي ايڊ پاس فردن کان جي اي ايس ٽي جي نوڪري واسطي ٽيسٽون وٺڻ واري آهي، اصل ڳالھ اِها تہ هڪ طرف توهان جو سخي وزير اعليٰ مراد علي شاھ صاحب فيل ٿيندڙ کي بہ نوڪريون ڏي پيو تہ وري ٻي طرف توهان جي ئي وزارت جي قلمدان ۾ اسان سان ناجائزي ٿئي پئي.

    ناجائزي ڪئين ؟؟؟
    اچو تہ ان جي وضاحت ٿو ڪريان

    نا جائزي ائين تہ سائين هن مهل جي ايس ٽي جي نوڪري خاطر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪافي سارن اهڙن اميدوارن اپلائي ڪيو آهي جن يونيورسٽين مان بي ايڊ آنرس ڊگري ڪئي آهي، اُن جي باوجود توهان جي حڪومت طرفان انهن شاگردن لاءَ اهڙو ڪو خاص رليف نہ رکيو ويو آهي جنهن مان اِهو تاثر ملي تہ آيا بي ايڊ آنرس جي ڊگري رکندڙ فردن کي خاص اوليت ڏني وئي آهي، هن مهل هڪ طرف هڪ سال جي بي ايڊ ڊگري رکندڙ فرد آهن تہ وري ٻي طرف بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فرد، ان لاءَ هجڻ ائين کپي ها تہ اوهان جنهن مهل سکر آي بي اي کي نوڪرين خاطر ٽيسٽ وٺڻ جو ٺيڪو ڏنو اُن مهل توهان سکر آي بي وارن کي ان ڳالھ جو پابند بڻايو ها تہ اُهي بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فردن ڪنهن خاص يا مخصوص حصي ۾ اوليت ڏين ها جنهن مان اهو تاثر پيدا ٿي ها تہ انهن کي اوليت ملي آهي جنهن سان وري بي ايڊ آنرس ڊگري جي اهميت بہ وڌي ها.

    هڪ طرف اُهي شاگرد آهن جن پنهنجي زندگي جا چار اهم سال اِن ڊگري جي حاصلات لاءَ ڏنا ۽ وري ٻي طرف اُهي فرد آهن جن ڪجھ ڏوڪڙن جي عيوض بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، هاڻ الميو اِهو آهي تہ هَن مهل اَنهن ٻنهي ڊگري هولڊر فردن ۾ ذرو برابر بہ فرق نہ آهي.

    ٻئي فرد ٽيسٽ ۾ ويهي سگهن ٿا ۽ ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا
    ڇا نرسنگ ۽ ايم بي بي ايس جي ڊگري هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي؟؟؟
    ڇا ڊسپينسري ۽ نرسنگ ڀلا هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي؟؟؟
    ڇا هيلٿ ٽيڪنيشن ۽ نرسنگ ڀلا هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي؟؟؟
    ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي تہ هڪ ڊپلوما هولڊر فرد ۽ ڊگري هولڊر فرد هڪ ئي پوسٽ لاءَ هڪ جيترا اهل هجن؟؟؟
    لازمن نہ، ڇو تہ انهن ڊگرين ۽ ڊپلومائن ۾ وقت، ڪورس ۽ سبجيڪٽن جو وڏو فرق هوندو آهي، ڪٿي ڊپلوما ۽ ڪٿي ڊگري.

    ڇو تہ ريگويلر ڊگري ۽ جڳاڙي ڊپلوما ۾ وڏو فرق هوندو آهي، پر پوءَ بہ الاءَ ڇو توهان جهڙي باشعور فرد کي اهو فرق نظر نہ آيو جو اوهان هڪ ڪاليج جي ڊپلوما مثل ڊگري ۽ يونيورسٽي جي مڪمل آنرس ڊگري کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي.

    جناب اعليٰ

    توهان طرفان اهليت کي ماپڻ ۽ جاچڻ جي اِن معيار سنڌ اندر بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ ڪافي فردن ۾ عجيب قسم جو مونجهارو ۽ دل شڪستا رويو پيدا ڪيو آهي ۽ ان لحاظ سان بي ايڊ آنرس ڊگري جي ساک کي بہ ڇهيو رسيو آهي، هاڻ بہ وقت ويو ناهي بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فردن لاءَ ڪا آساني يا بهتري فراهم ڪري توهان انهن جي اندر ۾ پليل مونجهاري ۽ مايوسي کي ختم ڪري سگهو ٿا، اگر ائين ڪريو تہ اڃا بهتر، جي نہ ٿا ڪري سگهو تہ پوءَ يقينن اوهان کي بہ ٻين سياستدانن وانگر عام رواجي سياستدان تسليم ڪندي سنڌ جو نوجوان اوهان طرفان مايوس ٿي ويهي رهندو ۽ سنڌ جي عظمت تي لکيل اوهان جي نظمن ۽ شعرن کي ڏيکاءُ سمجهي پنهنجي پاڻ سان سمجهوتو ڪري وٺندو.

    سنڌ سلامت - ساٿ سلامت


    عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط پهريون

    پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو.
    _______________________________________________________________________________
    ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت سان منهنجي فيس بڪ وسيلي عليڪ سليڪ مطلب دعا سلام ٿي، ڪجھ ڏينهن هڪ ٻي سان خير و عافيت پڇڻ کان پوءَ اُن عورت هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائي، ۽ اِهو پڻ چيو تہ آءُ اوهان جو لکيل تحريرون فيس بڪ تي پڙهندي آهيان، اوهان منهنجي درد جو احساس بخوبي ڪري سگهو ٿا.

    اُن عورت ٻڌايو تہ اسين ڀٽائي آباد جا رهواسي آهيون ۽ آءُ هن مهل هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهيان جنهن وسيلي پنهنجي گهر ڀاتين جو گذر و سفر ٿيندو آهي، منهنجو مڙس ڪجھ سالن کان وٺي ڪري فالج جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، اسان کي ٻن ڌئيرن جو اولاد آهي، جن جو خرچو وغيره بہ سڀ منهنجي پگهار جي آڌار تي آهي، آءُ هن ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ هر گهز قطعي بہ ڪنهن بہ قيمت تي ڪم ڪرڻ نہ ٿي چاهيان پر ڇا ڪريان، هڪ مڙس جي مفلسي ماريو آهي تہ ٻيو وري ٻچن جي پيٽ پالنا اچي ڳچي مان ورتو آهي؟

    مون کانس سندس ڪمپني ۾ ڪم نہ ڪرڻ جو سبب پڇيو؟

    اکين مان لڙڪ لاڙيندي وراڻي: ” اِهو قصو انتهائي تويل آهي، نہ پڇو تہ بهتر“، مون کيس ٻڌائڻ تي زور ڀريو ۽ اهو بہ چيو تہ ٻڌايو ٿي سگهي ٿو متان آءُ ڪٿي اوهان جي مدد ڪرڻ جو اهل ٿي پوان، منهنجي گهڻي اسرار کان پوءَ وراڻي: ” ڪجھ سال پهريان منهنجي مڙس کي فالج جو اٽيڪ ٿي پيو، ان اٽيڪ کان پهريان منهنجو مڙس ڪراچي جي هارون آباد واري علائقي ۾ هڪ دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن کيس فالج ٿيو اُن مهل اسان وٽ جيڪي ڪجھ بچت ڪيل ڏوڪڙ پيل هئا سي بہ سندس علاج تي خرچ ڪري ڇڏياسين، ليڪن اِن جي باوجود بہ سندس طبعيت ۾ ڪو خاص فرق يا بهتري نہ آئي، آخر ڪار گهر جي خرچي پاڻي لاءَ پئيسا درڪار هئا جيڪي اسان وٽ مورڳو بچيا ئي ڪونہ هئا، مون پنهنجي مڙس جي جاءَ تي اُنهي ساڳي نجي ڪمپني ۾ ملازمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تہ جئين گهر ۾ ڪجھ پئيسا اچن ۽ گهر جو چرخو هلي سگهي، مون جنهن ڏينهن اُن ڪمپني ۾ ملازمت اختيار ڪئي اُن ڏينهن کان وٺي ڪري اڄ ڏينهن تائين سڪون جي ننڍ ناهيان سمهي سگهي، جنهن جو سبب آهي اُتان جو هڪ راشي آفيسر، جيڪو مون سميت نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي ڇوڪرين ۽ عورتن سان جنسي کيڏ کيڏي چڪو آهي، سندن مجبورن جون ڪاٿو لڳائي ڪري کين مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري سندس عزت نفس کي مجروع ڪندو رهي ٿو.


    عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط ٻيو

    حيدرآباد جي هڪ نجي اسڪول ۾ مون نوڪري لاءَ اپلاءَ ڪيو، انٽريو ڪال آئي آءُ تيار ٿي ڪري ٻي صبح جو اُن شاندار اسڪول جي صحن ۾ پهتس، انٽريو ٿيو، جيڪو يقينن منهنجي حساب سان بهترين ٿيو، انٽريو کان پوءَ آءُ اُن اسڪول جي ٻاهران ٺهيل لان ۾ پنهنجي خيالن ۾ گم سم ڪجھ گهڙيون ويهي رهيس تہ اچانڪ اُتي هڪڙي ڇوڪري بي ڌڙڪ منهنجي ڀرسان اچي ڪري ويهي رهي، ڪجھ گهڙين جي خاموشي کان پوءَ مون سان گفتگو جو آغاز ڪندي مون کان منهنجو نالو ۽ منهنجي شهر جو نالو پڇيائين، مون کيس ٻڌايو ۽ پوءَ وري پنهنجو نالو ۽ پنهنجي تعليمي قابليت وغيره بہ ٻڌايائين، مون کي حيرت اُن مهل ٿي جنهن مهل مون کي چيائين تہ منهنجا ابو ۽ امان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، گهر ۾ ٻہ ڀائر آهن سي بہ معذور ۽ لاچار، آءُ انهي مفلسي کي منهن ڏيڻ لاءَ هن اسڪول ۾ آئي آهيان تہ جئين هتي نوڪري ملي سگهي ۽ اسان جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي.

    ڪجھ ساعتون چپ رهي ڪري وري پنهنجي ڳالھ کي جاري رکندي وراڻي:” جيتوڻيڪ اسين هن مهل انتهائي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ليڪن اِن جي باوجود آءُ هاڻ هن اسڪول جي طرفان ملندڙ نوڪري کي ڪنهن بہ قيمت تي قبول ڪونہ ڪنديس“، سندس ڳالهيون ٻڌي ڪري مون کي ڪنهن قدر حيرانگي ٿي تہ آيا ڪا چري آهي صفا جو آئي بہ نوڪري ڪاڻ آهي ۽ هاڻ وري جڏهن کيس شايد نوڪري ملڻ تي آهي تہ وري چئي ٿي تہ آءُ نوڪري ڪانہ ڪنديس، مون کانس اِهو پڇيو تہ آخرڪار اوهان نوڪري جي آفر کي ڇو ٿا ٺُڪرايو، ڪهڙو سبب آهي جو اوهان پنهنجي ئي عمل جي نفي ڪري رهيا آهيو ۽ پنهنجي روزگار تي پاڻ ئي لت ڇو ٿا ڏيو؟

    نماڻن نيڻن سان مونڏي نهاري ڪري چوڻ لڳي:” عورت کي دنيا جي هر بازار ۽ ميلي ۾ ويڪائو مال سمجهيو ٿو وڃي، هتي آءُ جنهن خوابن کي ساڻ کڻي ڪري آئي هيس هاڻ اُهي چڪنا چور ٿي چڪا آهن، هتي منهنجو انٽرو وٺندڙ صاحب مون کي اهو چيو تہ تون کي هڪ شرط تي هتي نوڪري پڪي ٿي ملندي جيڪڏهن تون مون سان دوستي رکي ۽ جئين اسان تو کي چونداسين تئين تو کي ڪرڻو پوندو ۽ اگر جي جيڪڏهن تنهنجو جواب نہ آهي تہ پوءَ مهل سان وڃي ڪري ٻيو ڪو در کڙڪائي هتي اسان وٽ تنهنجي لاءَ جڳھ ناهي.

    هاڻ توهان ئي ٻڌايو آءُ ڇا ڪريان؟
    پنهنجي بي وسي جي دانهن ڪنهن کي ڏيان؟

    پنهنجي گهر جي ڀاتين جي مفلسي جي ڳالھ ڪنهن فرشتي صفت انسان سان اوريان جيڪو منهنجو مدد بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪري يا پنهنجي عزت جو سودو هنن رهزن صفت انسانن سان ڪيا؟
    اِها ڪٿا ٻڌائيندي سندس اکين مان بي دڙڪ لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، اکين مان وهندڙ لڪڙن سان منهنجي سامهون اُٿي ڪري هلي وئي ۽ آءُ خاموش تماشائي بڻجي ڪري سندس بي وسي تي سوچيندو رهيس.


    عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط ٽيون

    نازيہ لاهور جي هڪ ڪاليج مان ايم بي اي ڪئي هئي، ايم بي اي ڪرڻ کان پوءَ ستت ئي کيس هڪ بئينڪ ۾ ملازمت ملي، سندس ملازمت ملڻ تي سندس والدين انتهائي خوش هئا ڇو تہ کين نازيہ کان علاوه ٻي ڪا بہ اولاد وغيره ڪونا هئي، هنن جو اباڻو ڳوٺ ملتان جي آس پاس هو ۽ هي بنيادي طور سرائيڪي هئا، جڏهن لاهور لڏي آيا هئا تہ انهي مهل نازيہ جي والدين کي اڪيلي سر نياڻي سميت هجرت ڪرڻ جي عيوض ڳوٺ وارن طرفان انتهائي ڳالهيون ٻڌڻيون پيون هيون، ليڪن نازيہ جي والد بنا ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جي ڌي کي پڙهائي ڪري اِن قابل بڻايو تہ جئين اُها سندن زندگي جو ڀرجهلو ٿي سگهي.

    نازيہ جي بئينڪ ۾ ملازمت دوران سندس دوستي احسن نالي ڇوڪري سان ٿي، احسن پاڻ اصل لاهور جو رهاڪو هو، احسن بہ ساڳي بئينڪ ۾ نازيہ سان گڏ ملازمت ڪندو هو، سندس دوستي وقت سان گڏ هنن جي هڪ ٻي سان ويجهڙائپ بہ وڌائي ڇڏي، آخرڪار هڪ ڏينهن احسن نازيہ سان گڏ هڪ رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي هن نازيہ کي بہ رنگين ڳالهيون ٻڌائي ڪري راضي ڪري ورتو، نيٺ اُها اڀاڳي گهڙي بہ اچي پهتي جنهن ڏينهن نازيہ احسن جي گهر جي دروازي تي آئي، احسن وڏي بي باڪي سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، کيس ڪمري ۾ ويهاري ڪري سندس خدمت ۾ سٺا سٺا طعام آڻي ڪري رکيائين، جن کي ڏسي ڪري نازيہ کي اهو احساس جاڳيو تہ واقعي احسن ساڻس گهڻو پيار ڪري ٿو ۽ سندس خيال رکي ٿو.


    احسن ماني وغيره کائڻ کان پوءَ شراب جي هڪ بوتل کڻي آيو، جنهن مان ٻہ گلاس ٺاهي هڪ پنهنجي اڳيان رکيائين ۽ ٻي نازيہ کي ڏنائين، نازيہ شراب پئيڻ کان نهڪر ڪئي مگر احسن کيس پنهنجي پيار جا واسطا ڏئي ڪري کيس پئيڻ تي مجبور ڪيائين، نازيہ جنهن وقت شراب جو گلاس خالي ڪيو تہ تنهن مهل کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻڪ سندس مٿو سڄي ڪري تمام گهڻو وزي ٿي چڪو آهي کيس چڪر اچڻ لڳا ۽ هُو نيم بيهوشي واري حالت ۾ اُن ڪمري ۾ بيڊ تي سمهي ڪري، هيڏانهن احسن هو جنهن کي ڄڻڪ شراب تہ ڪو اثر ئي ڪونہ ڪيو هو، ڇو تہ اِهي ڪم سندس معمول جا هوندا هئا.

    گهڙي کن سواءَ ۾ ڪمري ۾ بگهڙن جي هڪ لوڌ اچي لٿي، جن حوا جي ڌي جي لڄ کي لٽندي سندس ماس کي پي پٽيو، ۽ سندس عظمت ۽ عزت جا جنازا پي ڪڍيا، احسن کيس پيار جي سهانا سپنا ڏيکاري سندس عزت جو سودو ٻن ٽڪن جي عيوض بي ضمير ماڻهن سان ڪيو، احسن پنهنجي انارڪي (لاهوري) صفت طبعيت جو مظاهرو ڪندي هڪ معصوم جي خوابن جو جنازو ڪڍيو، نازيہ تي بگهڙ جي لوڌن ايڏي تہ وڏي وڄ ڪيرائي جو کيس ٻي ڏينهن صبح جو هوش آيو ۽ جڏهن کيس هوش آيو تہ تنهن مهل اُها پنهنجي پاڻ کان، پيار جي الفاظن کان، هن معاشري کان نفرت ڪرڻ لڳي، سندس ذهن ۾ اِهو گمان محفوظ ٿي ويهي رهيو تہ” مرد ذات عورت جي وجود کان صرف پنهنجي نفسي خواهش جو تڪميل چاهيندو آهي کيس عشق، وفا ۽ محبت جي اڃا خبر ئي ناهي“، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نازيہ وري پنهنجي زبان مان هڪ لفظ بہ ناهي ڳالهائي سگهي ڇو تہ هُو هن مهل پنهنجي ابي ۽ امان جي قبرن جي وچم مدفون ٿيل آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350442
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402569
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ