ڪتاب جو نالو: بارش سوچي ٿي
مصنف: ايوب کوسو
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 22 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 483 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 218 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران: موھن مدھوش
  • ليکڪ پاران : ھي ڊائري ننڍڙي دَري آھي
  • ايوب ؛ گھٽائن ۾ گھيريل نثرنگار! : نصير مرزا
  • ڪاڳر جي بدن تي لفظن جي بارش : آسي زميني
  • بارش سوچي ٿي

  • بارش سوچي ٿي!
  • وساريل خُوشبوءِ

  • خوشبوءِ جي تنھائي!
  • اي اکيون!
  • خبر ئي ڪانھي!
  • تاريخ!
  • عشق!
  • وحشتناڪ لمحن جا دوزخ!
  • رويَن جي لھجن جا ڦٽ!
  • سوال؟
  • سچ!
  • الميا!
  • دعا!
  • عشق!
  • اَمن ڪٿي آھي؟
  • بدن جي آرسي
  • منظر
  • ھي ڪھڙي موسم آھي!
  • حُسن
  • شڪستن جو آئينو!
  • خوشبو، پيڙا ۽ سوال؟
  • شاعري
  • پاڻ
  • آپگھات
  • ڪچا رنگ
  • راتين جي رڻ ۾
  • قلم جو صليب
  • سڪ ۽ ڇڪ
  • آڱريون
  • انتھا
  • ھُن جي گھر ۾ ڏيئو
  • لاجواب
  • بيوفائي
  • روح تائين اداسي
  • شاعر
  • زندگي
  • حياتي
  • ڇا چئجي
  • اسان
  • انتھا
  • ميار
  • تخليق
  • روز
  • رتن واٽ رابيل
  • مان ڏوھي ھان!
  • احساسن جي تاريخ
  • ڏوھ!
  • گواھ رھجو!
  • کيس چئه
  • پوتر پيار
  • عجيب دنيا!
  • ھڪ سانجھه سمي ڪجھه بي ترتيب خيال!
  • بانوريءَ بھار جي ڳولا!
  • خزان جي بدن جي خوشبو
  • قتل
  • غور ڪري ڏس!
  • يا خُدا !!
  • لھندڙ سج، لڙاٽيل اکيون!
  • احساس
  • برفباري!
  • اداس موسم جون اکيون!
  • سال بدلبا رھيا آھن
  • اويلين موسمن جا ناز!
  • محبتن جي تاريخ
  • 1997ع
  • گل ٽڙيو
  • ڪُٺل ڪويلين جي الوداعي ڪُوڪ

  • تون ڪٿي آھين؟
  • ڊسمبر ڊيگھه جي آتم ڪٿا!
  • بڙ خودڪشي نٿا ڪن!
  • ڳولا ڇو ٿي ماري؟
  • شمشانن جي خاڪ ۾!
  • لاڙ جي سارين جو قسم
  • ڪھاڻي ورجائجي رھي آھي!
  • چُپ جي سازش کي ٽوڙيو!

  • ارپنا

    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نانءُ
    ۽
    اُنھن محبتن جي نالي، جن جو قرض
    ڪڏھن به لاھي نٿو سگھجي،
    فقط ڳائي سگھجي ٿو!


    ڪمپوزر پاران

    انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بارش سوچي ٿي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ ايوب کوسي جي لکيل ڊائري جي ورقن ۽ نثرن ٽڪرن جي چونڊ جو مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو:
    ”ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!“
    هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران: موھن مدھوش

    ھن وقت سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ جيڪي نوان نالا نظر اچن ٿا، انھن ۾ ايوب کوسي جي نانءُ کي پنھنجي سڃاڻپ آھي. ھونئن ته ايوب جو شمار شاعرن ۾ ٿئي ٿو پر ان سان گڏ نثر ۾ به ھن پاڻ ملھايو آھي. ھن صاحب ڪتاب جو ويجھڙائيءَ ۾ ”اڪيلائي جو آسمان“ (شعري مجموعو) ڇپيو ھو. پر ھاڻ ڳالھه پھتي آھي بارش تي ! ھا، اھا بارش جيڪا ڪڏھن ڪڏھن پنھنجا ڪارا ويس ڏيکاري، آسرا ڏيئي، بغير برسڻ جي، منھن موڙي وڃي ٿي. ان وقت بارش جي ڇا سوچ ھوندي . . . . ؟ ان ”سوچ“ جا ڪيترا ئي پيچرا ۽ اڙانگا سفر آھن، جيڪي اسان جي ھن نوجوان شاعر مختلف مرحلن ۾ طئي ڪيا آھن.
    انھيءَ بارش جي انتظار ۾ پيڙائون، ڀوڳنائون ۽ احساسات، جيڪي انھي عرصي دوران جنم وٺن ٿا، انھيءَ وارتا کي بيان ڪرڻ لاءِ ھن نئين ٽھيءَ جي دوست جيڪي لفظن جي کِنوڻين جا تجلا پسايا آھن، تن ۾ ھن جي نيڻ جي آڪاش تي ڏک درد جي بادلن سان گڏ وُٺي جي واءُ جھڙيون آشنائون به آھن ته آئيندي جي اُجري اُڀ جي اميد پڻ آھي.
    . . . . . . ۽ جڏھن بارش اھو سڀ سوچڻ شروع ڪيو ھوندو ته ته ڇا ڇا نه سوچيو ھوندو! ھا اھا سوچ جي ڌارا ڪنھن ڪوٽ جي اونچي ديوار کان مٿيرو ۽ سگھاري آھي، جنھن ۾ شعور جو دخل ته آھي ئي. پر ان سان گڏ اکين ۽ ڪنن جي حساسيت به گھٽ نه آھي. جھڙيءَ طرح جڏھن ڪو انقلابي پنھنجي شعور کان ڪم وٺي ته ديوارِ برلن ۽ ديوارِ چين ته ڇا پر ڪئين مضبوط ڪوٽ به ڊاھي ڍير ڪري سگھي ٿو.
    ھتي ڳالھه ھلي آھي بارش جي سوچڻ جي . . . . ھاڻ اُھا بارش جي مرضي آھي ته ڪٿي برسي. انھي ڏس ۾ ڪويتا پبليڪشن، ايوب کوسي جي لفظن جي بارش کي سنڌ جي چپي چپي ۾ برسائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ”بارش سوچي ٿي“ جي بوندن ۾ پيار، محبت، دک، درد ۽ پيڙاءَ جھڙيون ڀوڳنائون سمايل آھن، ۽ جيڪر اھي برسي پون ته اسان جا سمورا سپنا ساڀيا ماڻي وٺن.

    موھن مدھوش
    حيدرآباد 4 مارچ 2005ع


    ليکڪ پاران : ھي ڊائري ننڍڙي دَري آھي

    ھر شاعر ۽ اديب جي زندگيءَ جي ادبي سفر ۾ ڪڏھن ڪڏھن اھڙو وقت به ايندو آھي، جو مھينن تائين (ڪڏھن ڪڏھن سالن تائين ) به ڪو ڪھاڻيڪار ڪا ڪھاڻي لکي ناھي سگھندو، ڪو شاعر ڪو نظم تخليق ناھي ڪري سگھندو. اِھا ھڪڙي پاڻمرادي ساھي ھوندي آھي ، ڏسجي ته اِھا ساھي ان حوالي سان سُٺي به آھي ته ليکڪ اُن جي ڪري يڪسانيت جي باز کان بچي به پوي ٿو. مون تي ھروڀرو ڪڏھن به ڊگھي ماٺار طاري ناھي رھي، پر جڏھن به مون تي ڪا عارضي اھڙي ڪيفيت آئي به آھي ته مون ان کي به ان حوالي سان انجوائي ڪيو آھي ته نظم تخليق نه ٿيڻ واري عرصي ۾ مون ٽڙيل پکڙيل احساس ميڙي جيئن جو تيئن ڊائري تي لاٿا آھن ! ھي ڊائري انھن احساسن جو ٻيلو آھي ! اِھا لڳ ڀڳ ٻارنھن سالن ۾ لکي وئي آھي ! ڪڏھن بارشن ۾، ڪڏھن اَرھڙ جي اُس ۾، ڪڏھن صبحن ۾، ڪڏھن بيوفا شامن ۾، پَن ڇڻ رُتن ۾، ڪڏھن بھارن ۾، بوريت جي گھڙين ۾، ته ڪڏھن سرھائين جي پلن ۾ ھي ڊائري قلم سان پرڻي آھي.
    ھِنن لفظن، ھنن ورقن ۽ ھنن احساسن جي ڇا اھميت آھي!؟ ڪھڙي ادبي حيثيت آھي؟ يا ناھي!؟ ان تي مون ڪڏھن به ناھي ويچاريو. ڇو جو ھي سڀ ته رڳو اھڙين خاموشين ۾ لکجي ويو آھي، جيڪي پُراسرار خاموشيون گھٽ ۾ گھٽ مون کي ڪڏھن به بي معنى نه لڳيون آھن!
    جڏھن به سوچ سنڌ جيان سڙي آھي، مون لکيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن مون کي لڳو آھي، ته ڄڻ ھي مون نه لکيو آھي، پر خاموشيءَ خود ڪجھه لکي وئي آھي! يا بارش ھنن صفحن تي روئي وئي آھي! “بارش سوچي ٿي!” منھنجو چوٿون ڪتاب يعني چوٿون عشق آھي!
    ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!
    دوستو! جنھن معاشري ۾ محبتون به مسئلا بڻيل ھجن، اتي ته فقط ماتم کي ئي بيان ڪري سگھجي ٿو! جنھن کي ”بارش سوچي ٿي!“ جو عنوان ڏيڻ به يقينن ڪو نئون معجزو ناھي!
    ھي ڊائري، ھي ڪتاب صليبن جي قطارن جي ڪھاڻين سواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي! ھي نثري ٽُڪرا مظلومن جي جسمن جي ڳترن سواءِ ٻي ڪا وڏي ڳالھه ناھي! ھيءُ ڊائريءَ نه فقط اھا ننڍڙي دري آھي جنھن مان سڙيل خوابن، پُسيل مُحبتن ۽ لُٽيل صُبحن جا جنازا نظر اچن ٿا!
    سچ اِھو آھي ته ھي ڪتاب ڪوبه ادبي شھڪار ناھي! بس پنھنجي محبوب ماءُ سنڌ ۽ اُن جي عظيم سنڌي ٻولي سان وابستگي ۽ عشق جي اظھار ۾ لکيل ھڪ ننڍڙو قلمي پورھيو آھي، جيڪڏھن اُھو پورھيو پنھنجي دلربا سنڌ واسين جي دلين کي قبول پيو ته اھو اعزاز پاڻ لاءِ ۽ پنھنجي جذبن لاءِ ڪافي سمجھندس.
    آئون سمجھان ٿو ته؛ ڪُتن جا نَنھن لاھڻ کان وڌيڪ بھتر اھو آھي ته ماڻھو ڊائريون لکي!
    ڪميڻپ کي دل جي آرسيءَ تي سُمھارڻ کان وڌيڪ ڀلو اِھو آھي ته ماڻھو لفظن جي تقدس کي زندگيءَ جو منشور بڻائي ڇڏي ۽ ھيءَ ڊائريءَ به ڪجھه اھڙي ئي ڪوشش جو حصو آھي.
    منھنجي محبوب دوست موھن مدھوش ھِي ڪتاب محبتن جا در کولي وڏي پيار ۽ خوبصورتي جي رنگن سان ڇپايو آھي، موھن جي محبتن جو “احساساتي ٿورو” نه وسارڻ جھڙو آھي، آئون پياري موھن مدھوش جو دل سان ٿورائتو آھيان.

    محبتون سلامت

    ايوب کوسو
    پتو: ٽپال گھر جُهڏو
    شاھ لطيف ميڊيڪل اسٽور جُهڏو،
    ضلعو ميرپورخاص، سنڌ


    ايوب ؛ گھٽائن ۾ گھيريل نثرنگار! : نصير مرزا

    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇا ته غضب جا نثرنگار پيدا ٿيا آھن ؛ راشدي برادران، ڪاڪو تيرت وسنت، شيخ اياز، عبدالواحد آريسر . . . . علي احمد بروھي، ماھتاب محبوب، ممتاز مرزا ۽ انھن نثرنگارن جي نثر ۾، سنڌي ٻولي جا اکر ائين روشن نظر ايندا آھن، ڄڻ ٿر جي صحرا مٿان ستارا پيا جھرڪن ۽ ڄاڻي وٺو ته، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نثر جي ڄمار، ڪا گھڻي ڪونھي . . . . بس اھا محمد ابراھيم جويي صاحب جيتري ٿيندي، ۽ بس سمجھو ته ، سؤ ورھين جي لڳ ڀڳ ھجڻ جي باوجود به جيئن جويو صاحب باغ بھار ۽ سدا جوان انسان . . . . اسان جو ھي سنڌي نثر به ائين ئي تازو توانو ۽ نؤبنو آھي – ھا! گذريل پيڙھي وارن مان، ھي پنھنجو رسول بخش پليجو صاحب به ٺاھوڪو نثرنگار آھي . . . پر الاس! ھو پنھنجي حسين ترين نثر کي گھڻو ڪري ”به ذريعه تقرير“ ھوا ۾ لکي، فضا ۾ اڏائي ڇڏيندو آھي.
    معافيءَ جو طلبگار آھيان، ھتي مونکي ايوب کوسي جي نثر بابت موھن مدھوش جي فرمائش تي ”ٻه اکر“ لکڻا آھن، ۽ اھي به الل ٽپ ، ۽ انھن ٻن اکرن لکڻ کان پھرين ڄاڻي وٺو ته. . . . ھر ٻولي ۾ نثر لکڻ جا ٻه مکيه انداز آھن. ھڪڙو افسانوي ۽ ٻيو غير افسانوي.
    ايوب کوسو . . . . غير افسانوي نثر نگاري جو ڳاڙھو گھوٽ آھي. . . ۽ ان ڏانءَ جي نثر جو سنڌي ٻولي ۾ موجد آھي : شيخ اياز . . . . عبدالواحد آريسر ۽ ان کان پوءِ اعجاز منگي؛ حسن مجتبى . . . . ۽ . . . . ۽ . . . .
    ۽ ايوب جي نثر جو پھريون تيج، مون سندس جيل ڊائري ۾ ڏٺو . . . . ۽ سندس نثر جي پھرين سٽ تي ئي ڇرڪ ڀري بيھي رھيس . . . اُھا ھئي ؛ جيل جي کوليءَ ۾ آڻي اڇلايائون ته ڄاتم : منھنجي اکين کان، آسمان جي پويان لڪي وڃڻ جي اھا شروعات ھئي، ۽ ان ڪال ڪوٺڙي جي ديوارن اندر رھندي، ايوب ۾ نثر ۽ نظم لکڻ جي ڏات، ڄڻ ڏيئا ٿي ٻري پئي. ۽ ان تنھائي سبب ھن جي سوچ ۾ ايڏي ته توانائي پيدا ٿي پئي جو . . . بقول سعيد سومري جي . . . ھن جي شعر ڇال ڏنا ۽ نثر نرت ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    ايوب . . . . ھن وقت آئون ڀانيان ٿو ته، ڏات جي گھٽائن ۾ گھِريل اھڙو سنڌي ٻوليءَ جو قلمڪار بنجي چُڪو آھي، جنھن جي قلم جي چپن تي چنگ. . . . پوري طاقت ۽ صلاحيت سان چُري رھيو آھي . . . . ھن جي نثر ۾ تشبيھن ۽ استعارن جا ايترا ته رنگ آھن جو انھن کي پڙھندي خودبخود جھونگارڻ ٿو لڳان. اَج رنگ لي ھئه مان: رنگ ھري!
    ۽ اي منھنجا پيارا ھمعصر نثرنگار . . . ايوب! تنھنجي نثر ۾ ايڏو ته حسن آھي . . . جو ان کان وڌيڪ حسين لفظ . . . . تنھنجي تعريف لاءِ مون وٽ آھن ئي ڪونه . . . سو بيان ۾ اڌ بند ڪري چوانءَ ٿو . . . . باءِ باءِ دوست، ٽاءِ ٽاءِ دوست

    نصير مرزا
    حيدرآباد
    06 03 2005


    ڪاڳر جي بدن تي لفظن جي بارش : آسي زميني

    ڪويءَ جي دل – درياءَ ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن جون ڪشتيون، سُندر سپنن جا سِڙھ سپنن جا سِڙھ اُڀا ڪيو، ڪڏھن اوڀاريون ته ڪڏھن لھواريون، لھرن جي آڌارا وتنديون آھن لُڏنديون لمنديون: ۽ جيڪي آخرڪار آس – امنگ جي بحر بيڪران ان سان وڃي ٻکبيون آھن.
    شاعر جو من، جيڪو وشال بي انت ساگر سمان ھوندو آھي، اُن مان آننت احساسن جا بادل اُٿندا آھن ۽ اکڙين جي آڪاس تي سليٽي رنگ ھاري، سمورو وايو منڊل مڌمست بڻايو ڇڏين . . . . پر ڪير ڄاڻي اھي بادل ڪھڙي دل ڌرتيءَ تي ٿا برسن، ۽ ڪھڙي انداز ۽ ڪيتري ماترا ۾! اھو ته انھن ڪڪرن جي سرگوشين کي ڪنائي، ڪجھه سمجھي سگھڻ واري صلاحيت رکندڙ تخليقي ذھن ئي ٻڌائي سگھي ٿو. ھڪ تخليقڪار جي حساسيت، اسان جي “سياسي موسمي کاتي” وٽ موجود سماجي اڳڪٿي ڪرڻ وارن روايتي آلات کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ حساس ۽ ويساھ لائق ھوندي آھي. تنھن ڪري ماڻھوءَ جي من جي موسم بابت ھڪ سياسي ماھر کان وڌيڪ دلين جو پارکو، سرجڻھار ٿي وايومنڊل تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن کان پُڇي ٻُڌائي سگھي ٿو ته بارش ڇا ٿي سوچي؟
    ۽ ھن ڪتاب جي ٻنھي ڪنڌين وچان وھندڙ لفظن جي تيز ڌارائن کان پُڇي ڏسو، ته اھي من جي مانسروور مان نڪري، نئين صبح جي سمندر ڏانھن ويندي، راھ ۾ ڪھڙين رنڊڪن سان مُھاڏو اٽڪائينديون آيون آھن ۽ بُوند بُوند بارش برسڻ کان اڳ بارش ڇا ٿي سوچيو؟ ڪو ئي ڄاڻي يا نه ڄاڻي پر اسان ڄاڻون ٿا ته ايوب کوسي جي اکڙين جي آڪاس تان وُٺل ڪاڳر جي بدن تي لفظن جي بارش سوچي ٿي.
    ھي احساسن جي اگھاڙي بدن تر آشنائن جي آرائين مٿان ڪريل بُوندون آھن، يا آدميءَ جي تتل سرير تي ڪنھن مُڏي ڏانٽي، ڪاتر يا ڪھاڙيءَ کي ڏنل لوھار جا ڇنڊا آھن! ھي لفظن جا موتي، ڪنھن نوورَنيءَ جي وارن مان ڇڻي پنن تي پکڙيا آھن يا ڪنھن جوڌي جڳن آڱريون آھن، جيڪي محاذ تي وڃڻ کان اڳ واريءَ رات، ھن پنھنجي سجنيءَ جي سيني تي سِيس نوائي، سندن وارن ۾ ڦيريون ھُيون . . . . ۽ ساڳئي وقت بارش اھو به سوچي ٿي ته سيمائن جي ٻنھي پاسي موجود سئناڻن جي سپاھين جي زالن جا ھي ڳوڙھا ئي ته آھن، جن کي ھوءَ چورائي سرحدن جي ٻنھي پاسي برسي ٿي – پر اھو سڀڪجھه رڳو بارش سوچي ٿي، اي ڪاش! اھو سڀڪجھه انسان پڻ سوچي!

    آسي زميني
    6 مارچ 2005ع
    ”سليٽ“ دانشگاھ، ٽنڊوقيصر
    03003249063


    بارش سوچي ٿي

    بارش سوچي ٿي!

    بارش سوچي ٿي!
    ھي عاشقين کي ڇا ٿي ويو آھي؟ جو سيني رنگن تي قبرن جي ڪُتبن جو گمان ٿيڻ لڳو آھي! ھي باذوقي ڪيڏانھن مُنھن ڦيري ھلي وئي آھي جو وقت سنسان ٿيڻ لڳو آھي!


    بارش سوچي ٿي!
    چنڊ جو پاڇو سمنڊ ۾ وھنجي ٿو، پوءِ به سمنڊ جو پاڻي کارو ھجي ٿو، ماڻھوءَ جي دل ۾ ان جو محبوب وھنجي ٿو ته ماڻھو درياھ کان به وڌ مٺو ٿي وڃي ٿو! آخر اِھو ڪھڙو راز آھي!؟ اِھا ڪھڙي ڳجھارت آھي!؟

    بارش سوچي ٿي!
    اُھو سَڏ کي ٻُڌڻ کپندو ھو، جيڪو پوھ جي رات ۾ اگھاڙن پيرن واري مُسافر ڇوڪريءَ ٻُڏڻ کان اڳ ٻئي ٻانھون مٿي ڪري چنڊ ھيٺان بيھي چيو ھو، “ اي وقت مون کي حوصلو ڏي!” اِھو سڏ ھوا جي ڊگھي ناول کي چورائڻ نه کپندو ھو!

    بارش سوچي ٿي!
    نِرڙ تي ڪاري چنڊ جھڙو تلڪ ھُن الاءِ ته ڇو ھنيو ھو! جڏھن ته بادلن کي مدھوش ڪرڻ لاءِ ھن جي ڳاڙھي چَپَ ھيٺان پنھنجو ڪاسبي جھڙو تِر ئي ڪافي ھو!

    بارش سوچي ٿي!
    آثارِ قديم وارا اُھي نڪن جون ننڊاکيون ڦلڙيون ڇو نٿا مڻين مِٽيءَ ھيٺان ڳولي ڪڍن، جيڪي اروڙ جي اُجڙڻ وقت دفن ٿي ويون ھُيون!

    بارش سوچي ٿي!
    راتين جي الھڙ خاموشين ۾ محبتن جا اظھاريل لفظ گڏ ڪري ڪا تاريخ ڇو نٿي لکي وڃي! ؟ ڇو نٿو انھن لڙڪن کي ميڙي ھڪڙو مُلڪ ٺاھيو وڃي، جيڪي لڙڪ جدائين جي اڪيلائين ۾ اکين مان ڇڻندا رھيا آھن!

    بارش سوچي ٿي!
    موئن جي دڙي جي وارثن کي شايد ڇيرن جا سُر وسري ويا آھن! تڏھن ته آثارن جي مالڪي لاءِ ڪٿان به ڪو آواز، ڪو احتجاج اُڀري ئي نٿو!

    بارش سوچي ٿي!
    جيل جي سيخن جي پويان ھڪ سؤ پندرنھن نظم لکندڙ ڪيمونسٽ شاعر موسى جليل کي خبر ناھي ته ڪھڙي انداز سان قتل ڪيو ويو ھو! جڏھن موسى جليل ڪاغذ تي ته اِھو ئي لکيو ھو ته: “مان ويھي نه – بيھي مرندس!” پر ٿيو الاءِ ڇا ڪا سُڌ ڪانھي!

    بارش سوچي ٿي!
    بنگالي بانوري شاعر قاضي نذرالاسلام ڪيڏو نه سچ چيو آھي ته: “مُحبت ھڪ آھي، پر جن سان ڪئي وڃي ٿي، اھي اڻ ڳڻيا آھن! محبت جو رنگين شراب مختلف پيالن ۾ پي سگھجي ٿو!”

    بارش سوچي ٿي!
    واھوندن ۾ الاءِ ته ڪنھن ڪنھن جا ھٺيلا ساھ شامل آھن جو رات جي مسافرن جي ويجھو ته ننڊ ئي نٿي اچي، ۽ اکين کي ايڏا نشا آھن، جو ايترا نشا ته انھن ستارن کي به ناھن، جن جو جنم ته اکين کان به گھڻو پُراڻو آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ميگھواڙين جي من ۾ ڪھڙا ستارا تا ڦٿڪن، ڪھڙا درياھ ٿا پاسا ورائن!؟ جو جڏھن اھي رقص ڪن ٿيون ته وقت حواسن جي حدن کي ڀُلجي وڃي ٿو، چنڊ پاڻ راسوڙو ٿي چمڪي ٿو!

    بارش سوچي ٿي!
    چيٽ جو چنڊ جنھن مَنَ ۾ مري ويو آھي، اُھو مَن ته ھاڻ قبر جي مِٽيءَ ٿي ويو آھي! پوءِ به ھر چيٽ اڃا پيٽ ۾ اُن جي ملڻ جو موھ رکي ٻنن تي ٿڙندو ٿو رھي، الاءِ ته ڇو!؟

    بارش سوچي ٿي!
    ريٻارين جي راڄ تي سرءُ جي راتين ۾ ستارا کِڙن ٿا! لڳي ٿو ته ڪاري ويس ۾ جيڪو نياپو سمايل آھي، اُھو اڃا به عقلمندن جي سمجھه جي صليب تي ناھي آيو! نه ته تاريخ ائين ويسارن جي ور چڙھي ۾ نه لٽجي ھا!

    بارش سوچي ٿي!
    گونگين ۽ انڌين ڇوڪرين کي به ته دل ھوندي آھي، پوءِ اُھا دل اکين ۽ زبانن وارن کي ڇو نٿي نظر اچي! ڇو!؟

    بارش سوچي ٿي!
    شاعريءَ کي رڳو عورتاڻي جسمن جي جاگرافين تائين محدود ۽ دفن ڪري ڇڏيندڙن کي وڳھه ڪوٽ جي سُورمي ٻاگھيءَ جي چُنيءَ کي به ياد رکڻ گھرجي، جيڪا ھُن مٿي تان لاھيءَ خلجيءَ سان وڙھڻ وقت چيلھه تي سندرو ڪري ٻَڌي ھُئي!

    بارش سوچي ٿي!
    جھڙو عشق سُورج مُکين جي چھرن کي آھي، اھڙو عشق ڌرتيءَ سان ھر ماڻھو کي ھجي، ته پوءِ غداريءَ جو لفظ دنيا جي ڪنھن به ڊڪشنري ۾ ئي موجود نه رھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ڌنارن جي دلين تي اڻ ٽڙيل گلابن جھڙيون ڳالھيون لکيل آھن، جيڪي پنھنجي ئي خوشبوءَ ۾ ٻُڏل آھن، پر اھي سڀ ڪنھن به پني تي نه لکجي سگھبيون، جيڪو ھڪڙو عجيب سانحو ھوندو!

    بارش سوچي ٿي!
    جوڳين کي ته الاءِ ڪنھن اِھو مَن ۾ وڌو آھي ته چيٽ ۾ نانگ بدحواس تي گھُمندا آھن! چيٽن ۾ مُرلين جو ھوائن ۾ نه ھُجڻ ڪنھن به سُر جي سرزمين لاءِ ڪڏھن به سُٺو ٿي نٿو سگھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ٻاجھر جي رٻ تي جيون جا پويان ڏينھن گذاريندڙ، اپاھج ٻارڙا وڃڻ جي ويزا وٺي، جيڪي به پويون نھارون پنھنجين امڙين جي اکين کي سُوکڙيون ڪندا آھن، مُرڪون ستارا ٿي وينديون آھن، جيڪي پوءِ زمانن جا زمانا سُوال ٿينديون، اُڀ ۾ ڌرڪنديون رھنديون آھن!

    بارش سوچي ٿي!
    سُونھي جي دڙي تي اڃا به اُنھن پرديسين ۽ وڻجارن جا پيرا اوجاڳيل آھن، جيڪي انھن ويندڙن جي خوشبوءَ جو گيت به آھن!

    بارش سوچي ٿي!
    اڻپوريون زندگيون گذاري ماڻھو مري وڃن ٿا، سڀني کي اِھا سڌ آھي ته ليڊي ڊيانا کي اڇن پوٺن تي ھاريل چانڊوڪيءَ جھڙو حُسن ھو! پر اُھو حُسن ميڊيا جي پرن جو سھارو وٺي پوءِ پوري ڌرتي مٿان اُڏريو ھو! پر ٿر جي کيتو ڪولھڻ کي به ته اوڀر جي شام ۾ انڊلٺي پُورالي سُونھن ھئي! جنھن کي ته رڳو اُڏندي ٻاٻيھن ڏٺو! لُڏندي روھيڙن ڏٺو! مُرڪندي ٿوھرن ڏٺو! ٽھڪ ڏيندي ڪُونڀٽن ڏٺو! پر دنيا جي اکين کان اوجھل رھي ھو ڄارين مان پيرون چونڊيندي رھي! پيءُ جي ڄنگھن جو سُور گھٽائڻ لاءِ اَڪ ڦلهوريندي رھي! پر اِھو ڪنھن به ڪونه محسوس ڪيو ته کيتوءَ جي بدن ۾ سونڦ جي کيتن جي خوشبوءَ رچيل ھُئي. ڪنھن به ڪونه محسوس ڪيو ته ھُن جي اکين جي گھُور کي کنوڻين کي گھائيندي ھُئي، ڪنھن به ڪونه سمجھيو ته ھُن جي ننڊن ۾ به ڪھاڻيون ھيون، جيڪي اَرھڙ ۾ اُڃيون مري ويون! کيتُو جنھن کي اوڻويھن سالن ۾ نانگ ڪکيو ھو. جنھن جو زھر چوسڻ لاءِ جوڳين جا پيرا وارياسي جي واٽن تي ڪيئن ڏينھن وڇايا پيا ھئا، پر کيتُوءَ آخري تاري جيان اکيون پوري ڇڏيون ھُيون ، ڪنھن به نه محسوس ڪيو ته کيتُو کي به ھزارين حُسناڪيون ھُيون!

    بارش سوچي ٿي!
    زمين پوڙھي ھئڻ جي باوجود پاڻ ۾ عجيب عشق رکي ٿي! اُھو عشق جيڪو جوانين کي ھوڏ ۽ لوڏ ڏيندو آھي، ۽ تتيءَ جيان ٽھڪڻ ان عشق جو مزاج ھوندو آھي! پوءِ سارا شگفتا اِھو ڇو لکيو ته : “مِٽيءَ کي بُک لڳندي آھي ته ڪنھن جي قبر ٺھندي آھي!”

    بارش سوچي ٿي!
    ھوءَ جڏھن اڃا صفا ننڍڙي پتڪڙي ھئي ته ڳالھائي ڪونه سگھندي ھئي، گھر وارن کي ھُن جي گونگي ھئڻ جو گمان وڌي ويو ته ھُن جي ماءُ سنوڻ ڪندي ڪوري برتن ۾ پاڻي وجھي اھو ديوار تي رکي ڇڏيندي ھئي ته جيئن جھرڪيون اُن پاڻي کي پي اوبارو ڪن، ۽ اُھو جھرڪين جو پيتل پاڻي ھُن کي پياريو وڃي ته جيئن ھيءَ به جھرڪين جيان گھڻو ڳالھائي سگھي! الئه ڇو ائين ئي ٿيو! ھُوءَ ايترو ته ڳالھائڻ لڳي جو جھرڪيون پاڻ به حيران رھجي ويون! پر ھُن تڏھن کان ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو آھي، جڏھن کان وڻ سُڪڻ شروع ٿيا آھن! پکين انھن تي ويھڻ ڇڏي ڏنو آھي! لڳي ٿو ته ھُن جي من ۾ به ڪي جھرڪيون مري ويون آھن!


    بارش سوچي ٿي!
    آرين جي اوچتي حملي ۾ بي ھٿيار دراوڙن جڏھن بچاءَ لاءِ جھنگ ڏي مُنھن ڪيو ھو، تڏھن ڇاتيءَ ۾ لڳل گھاءُ کي باھ جو سيڪ ڏيندي نوجوان دراوڙ کان اُن جي نئين ڪنوار دراوڙ ڇوڪري پڇيو ھو: “اي، مُوليا! سُور گھڻو ته ناھي!؟ سانوري رنگ واري نوجوان موليي مُرڪي پنھنجي ڪنوار جو سانورو لسو ڳل ڇُھي چيو ھو ؛ “ . . . سُور گھاءُ جو ناھي جوتي، پر سُور اِھو آھي ته ھو حرامي پنھنجو ڪڻڪ وارو پڪل فصل ڀيلي ڇڏيندا، پنھنجا گھر ساڙي ڇڏيندا ۽ پاڻ ڪجھه به نه ڪري سگھنداسين.! ھو ته پنھنجو مال (جانور) به ڪُھي کائي ڇڏيندا!” ڪجھه سوچي اڻموٽ موليو جھنگ جي اونداھي ۾ ڪھاڙي ساڻ ڪري پنھنجي سردار وٽ پھتو ھو! ۽ درد ۾ ٻُڏل آواز ۾ پڇيو ھئائين: “مُکي! ڇا ٿو چوين؟” مُکيءَ بنا ڪجھه سوچڻ جي چيو ھو: “مُوليا! پاڻ وڙھنداسين، ڀلي کڻي ھُو زور آوز ڇو نه آھن!” ٿڌي رات ۾ مُکيءَ جي حوصلي کي ڏسي مُوليو ائين مُرڪيو ھو ڄڻ آڌيءَ جي اونداھيءَ ۾ چنڊ اُڀري پيو ھجي!

    بارش سوچي ٿي!
    ڇا ته اُھي مھڪيل پل ھُئا، جڏھن دراوڙن جي دلربا ھٿيار “ڪاتر” ھوا کي چيريندي شڪاري جانور ڏي اڏامندي ان کي ڌڪ ھڻي پٽ تي ڪيرائيندي ھئي، ته ھوا ۾ فتح جا ھوڪرا ڪاھي پوندا ھئا، پر اڄ اُھا ڪاتر ڪٿي به ناھي، شڪاري جانور مستيون پيا ڪن، ڪٿي به ھوا ۾ اڄ فتح جا ھوڪرا ناھن، ڄڻ ته سنڌ سُمھي رھي آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ڳوٺن جي مٽي شھرن ۾ مُسافرن جا پير ۽ ھوائون کڻي اچن ٿيون، پر اُن مٽيءَ ۾ ڪيسو ڦلن جي ڇاڻي جھڙو درد ڪٿي به نه ٿو لِڪي! اھو درد ڪا به موسم نٿي ڌوئي سگھي، ڇو جو ان درد کي ڌوئڻ لاءِ اھڙين آڱرين جي ضرورت آھي جيڪي عشق جا خُمار رت جي روپ ۾ پاڻ وٽ رکنديون ھجن!

    بارش سوچي ٿي!
    ھڪ شاعر جو وطن ان جا خواب ھوندا آھن، جيڪي ڄمندا آھن، ٽڙندا آھن ۽ ڇڻندا آھن، ھو ڪڏھن ڪڏھن انھن کي وحشي ھوائن کان بچائي به نه سگھندو! پوءِ به ھُو پنھنجي محافظ پڻي واري روايت تان دستبردار ناھي ٿيندو. آوازن جي ھجوم ۾ شاعريءَ رھندي آھي، جيڪا شاعر جي دل سان سُمھڻ لاءِ بيقرار رھندي آھي، شاعر پنھنجي وطن مان لفظن جون موسمون کڻندو آھي، لفظ شاعر جا ھٿيار آھن ، اھي ھٿيار ھُن کي معتبر به بڻائيندا آھن ته زندانن تائين به پھچائيندا آھن!

    بارش سوچي ٿي!
    اُس کي شاعري جھڙيون اکيون آھن، تڏھن ئي ته ڌرتيءَ اُن تي مھڪي ٿي! تڏھن ئي ته ڌرتي حُسناڪين سان ٻکجي ٿي!

    بارش سوچي ٿي!
    ھي محبت جو نظم جنھن به لکيو آھي، ان وڏو ڪمال ڪيو آھي! ايترو رڌم، ايترو وجد ته ڪنھن کي به ٿي نٿو سگھي، جيترو وجدان محبت کي آھي، محبت جي نظم کان وڏي تخليق ٻي ٿي نٿي سگھي!

    بارش سوچي ٿي!
    اجرڪن جا رنگ اڃا به ساڳيا آھن، اُھي جڏھن جواڻ آڱرين مان ڪپڙي تي اُڪرندا آھن، تڏھن سنڌ سموري ڀٽائيءَ جون سوچون بڻجي ويندي آھي! ھوا ۾ موھن جي دڙي جي مھڪ ڪي نياپا ڇڏيندي ڪي وايون ٿيندي ويندي آھي، اھو سڄو وقت ڇا ته عجيب داستان آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    وڪجي وڃڻ کان وري به ڪَٽجي وڃڻ وڌيڪ ڀلو آھي! ڇو جو ڦٽجي وڃڻ جو درد مختصر عرصي لاءِ ھوندو آھي، پر وڪجي وڃڻ جو عذاب نسلن کي ڀوڳڻو پوندو آھي، ۽ اھو درد صدين تائين پکڙجي نئين تاريخ لکندو آھي، جيڪا ننڍي ڳالھه ناھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ڪاڪ جو منڊل جڏھن مومل جي ماڻجڻ جي حاصلات تي کُٽو ھو ته ڪاڪ جي ڪھاڻي اُنھن مٽي جي ڏيئن تي نئون موڙ ورتو ھو، جيڪي انتظارين جو عنوان بڻجي خوابناڪ راتين ۾ فجر تائين ٻرندا ھئا، ۽ اُنھن ڏيئن مان ڪو ڏيئو جڏھن مومل جي ھٿ مان ڪري ٽُٽي پيو ھو، ته مومل سُومل جي ڇيڳرين اکين ۾ نھاريندي چيو ھو، “لڳي ٿو ھاڻ ڪاڪ جي ڏيئن ۾ به بدحواسي جي موسم اچي وئي آھي، لڳي ٿو ھاڻ ڪوبه ڪنول ڪوبه نئون داستان نه ٻُڌندو! لڳي ٿو ھاڻ باھ تي سڀ کيل کُٽي ويندا! تڏھن سومل وارن ۾ ھٿ ڦيري چيو ھو: “ نه ائين ڪونھي! ڪاڪ تي ايئن ئي سج اُڀرڻا آھن، ائين ئي چنڊ چمڪڻا آھن، ائين ئي ڪنول ٽڙي پڌرا ٿيڻا آھن، ائين ئي ڏيئا ٻرڻا آھن! ڇو جو ڪاڪ ائين ئي ڪنواريون ڄمڻيون آھن، خاڪ تي ماڪ پوندي رھڻي آھي! ڪاڪ جي ھاڪ کُٽڻي ئي ناھي!”

    بارش سوچي ٿي!
    شينھن ڊڀ ناھن چرندا، پر ھتي ته گدڙن کي حڪمرانن واريون ٽوپيون پائيندي ڏٺو ويو آھي! پنھنجي درياھ ھوندي به گٽرن تي ٻنيون آباد ٿينديون نظر آيون آھن، محبوبائن کي طوائفي جا گُر سيکاريندڙ عاشقن کي ھتي مُرڪندي ڏٺو ويو آھي، چٻرن کي طوطن تي بادشاھي ڪندي زمانا ٿي ويا آھن! شينھن ڀلي چشمن جي پاڻيءَ جي ڳولا ڪندا رھن، پر ھرڻين کي بگھڙن جي سلامي ڪندي رھڻ جو الميو ته ڀوڳڻو ئي آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ڪُنواري ڇوڪريءَ جي طوائف پڻي جي پھرين رات، محبت جي درياھ، انسانيت جي سمنڊ ۾ تاريخ جي ساحل کي اُھو ڪربناڪ ڀونڊو آھي، اُھا دردناڪ گار آھي، جنھن کي نه ماپي سگھجي ٿو، نه توري سگھجي ٿو! اُن کي ته فقط محسوس ڪري سگھجي ٿو! پر اُن محسوسات لاءِ به اِھو ضروري آھي ته اھا محسوسات بي غرض ۽ بي چئي ھجي!

    بارش سوچي ٿي!
    اڌ رات ۾ ٻار ڄڻيندي مُئل ناريءَ جي لاش جي آس پاس سياري جي مچ تي سياست جون ڳالھيون ڪندڙ زبانن کي بي شرمائي جي ذائقي تي ھيرائي بدذوق حالتن عجيب قھر ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته دنيا ۾ نه اچي سگھندڙ ٻار جي تڏي ته رانديڪن جي روح جھڙيون خاموشيون ئي سُٺيون لڳن ٿيون ڇو جو گھٽ ۾ گھٽ اھڙين خاموشين ۾ منافقيءَ جي بُوءِ ته نه ھوندي آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ٿاڻي جي ايف آءِ آر جھڙي بي لباس گار ماڻھپي جو عجيب مذاق آھي! جيڪو اڃا تائين جاري آھي، لڳي ٿو ڄڻ ته انسانيت کي طلاق اچي وئي آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ھندستان مان ھر ڀيري ڪا ڇوڪري سڄي دنيا جي حُسن جي مقابلي ۾ حُسن جي راڻي چونڊجي ٿي، ان سچ ۾ منافقيءَ جو ڪو حصو پتي موجود ناھي ته پوءِ اھا ڀلي ڳالھه آھي، پر جيڪڏھن ڪاسميٽڪس جي ڪاروبار جي وڌاءُ لاءِ اھا ھڪڙي منافقي ۽ مشڪري آھي ته پوءِ اھو سڀ ڪنھن بي حيائيءَ کان گھٽ ناھي!

    بارش سوچي ٿي!
    بمن جي چنبن ۾ امن ائين کڄي ويو آھي، جئين بازن جي وراڪن ۾ جھرڪيون کنڀجي وينديون آھن، اھو ڪيترو نه محبوب دؤر ھو روحانيت ۽ سائنس جي تسلسل جو ھڪ ئي وقت ۾ سائنس جي عينڪ اکين تي چاڙھي گليلو زمين ۽ ستارن جي گردشن جا راز پئي ڦلھوريا! ۽ اُن ئي دؤر ۾ سنڌ اندر نوجوان ڀٽائيءَ طنبورو ايجاد ڪري نوان سُر ۽ راڳ پئي ڳوليا! اڄ سائنس عروج تي پھچي به امن کي وڃائي ڇڏيو آھي، پر اُھو ساڳيو طنبورو روحانيت جي راز کي امن جو پرچم سمجھي ماڻھن کي ان عشق جي دعوت ڏيئي رھيو آھي جنھن عشق جي رستن تان امن، پيار ۽ انسانيت جا گلاب ڦُٽن ٿا!

    بارش سوچي ٿي!
    ڪنھن به شھر جو ماتم بھار ناھي ڏسندي، ڇو جو شھر ۾ ته وڏا ۽ گھڻا وڻ به ناھن ھُوندا، نه وري نئين سامايل ڇوڪرين جي خوابن جھڙا پوپٽ به شھرن ۾ اڏرندا آھن، جيڪي بھار جي ڪنھن رابيل کي اھو ٻُڌائي سگھن ته اڄ سُڏڪن جي پڙاڏن ڪنھن پپر جي وڻ ۾ اچي بسيرو ڪيو آھي يا روح جي ڪنھن رڙ اڏامي اچي ڪنھن ٽالھي ۾ ڪو آکيرو اڏيو آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    پنھنجي ئي نشي جي جيڪڏھن اصل حقيقت جي سُڌ پئجي وڃي ته پڪ سان ڪابه عورت ڪڏھن به شراب نه پيئي، نه ئي ڪو ٻيو نشو ڪري!

    بارش سوچي ٿي!
    ڦلاريل موسم ۾ لامن ۾ لڏندڙ پلرا انھن عاشقين جا سڏ آھن، جيڪي رڳو اکين ئي اکين ۾ ڪيون وينديون آھن، اُھي پڌريون ٿيڻ انڪري به ممنوع ھونديون آھن جو غيرت جو ڦاٽڪ جيڪا حد ڇڪي ڇڏيندو آھي اتان کان صرف موت ئي لنگھندو آھي، زندگي اتان اڳتي پير ناھي کڻندي، پر سچ اھو به آھي ته عشق ڪنھن به ڦاٽڪ جي بند ھئڻ تي ساھي ناھي کڻندو، عشق ته پنھنجا رستا پاڻ تخليق ڪندو ويندو آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ديوران تي پيشاب ڪندڙ ڪُتا ڇا اِھو ثابت نٿا ڪرائڻ چاھين ته ديوارون اجايون آھن! يا ھُو اِھو ٻڌائڻ چاھين ٿا ته ھي ديوارون جن مزدورن ٺاھيون آھن انھن جي گھرن کي ته ڪي به ديوراون ناھن؟ ڪا خبر نٿي پوي ته اصل ماجرا آھي ڇا!؟

    بارش سوچي ٿي!
    محبتن جي نالي پويان لڪل دولابن جي ڍينگھرن ۾ ڦاسجي ڦٽيل ڇوڪرين جي راتين جھڙيون ته فقط اھي ٻاٻيھا رڙيون ڪندا آھن جن جو بادلن تان ويساھ کڄي وڃڻ وارو درد ڪابه وڄ سمجھي ناھي سگھندي! ڪوبه روھيڙو ڄاڻي ناھي سگھندو!

    بارش سوچي ٿي!
    اھو ڪنھن کي ٻڌائجي ته 1990ع واري ڏھاڪي ۾ آفريڪي ملڪ روانڊا ۾ ڇا ٿيو ھو؟ انساني ڪشل ڪشيءَ جو ان کان ٻيو وڏو ڪھڙو مثال ھوندو جو فقط ٽن مھينن ۾ اَٺ لک بيگناھ ۽ معصوم انسان نيزن ۽ ڪھاڙين سان قتل ڪيا ويا ھئا ! قتل ٿيندڙ اُھي مفلس ۽ بکايل انسان انھن بيرحم “ھُوتو قبيلي” جي انتھاپسندن جي يلغارن ۾ ماريا ويا ھئا. جن کي ڪوبه روڪڻ وارو نه ھو. ۽ انھن وحشين آزاديءَ سان اگھاڙن پيرن وارن مسافرن، مزدورن ۽ ٻارن جون ڳچيون ڪپي نعرا پئي ھنيا! الميو ته اھو به ھو ته دنيا ان سڄي ڪاروائي کي قبيلن جي نسلي ويڙھ ڄاڻي نظرانداز ڪري ڇڏيو! اقوام متحده جو ادارو به چُپ رھيو! ۽ مظلوم مرندا رھيا! پر اڄ سلامتي ڪائونسل ۽ اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان اعتراف ٿو ڪري ته ؛ “روانڊا جي نسل ڪشيءَ کي نه روڪي سگھڻ، نه سمجھي سگھڻ ۾ اسان جي غلطي ھئي. اسان ان قتل عام جا ذميوار آھيون! ” اِھو اعتراف ڪيڏو نه اذيتناڪ آھي! جيڪو اڄ کان گھڻو اڳ ٿيڻ کپندو ھو. ھاڻ ڇا عنان جو اعتراف ان معصوم رت جو ازالو ڪري سگھي ٿو جيڪو خاموشي ۾ ڪُٺل انسانن جي جسمن مان وھندو پئي رھيو، ڪير اُن بيگناھ معصوم ڪُنواري ڇوڪري جي رت جو ازالو ڪري سگھندو جيڪا پنھنجي ننڍي ڀاءَ کي بچائڻ لاءِ ٻانھون کولي سامھون بيٺي ھئي، ۽ ڪنھن “ھُوتو ” انتھاپسن جي تيز ڪھاڙي ھن جي کاٻي اُرھ کي چيريندي ڪُنواري دل ۾ کُپي ويئي ھُئي! ساھ نڪري وڃڻ بعد به نياڻيءَ جون نوخيز اکيون ائين کليل رھيون جيئن خانه بدوشنجا خيما کُليل ھوندا آھن، ٻيون اھڙيون ھزارين وارتائون جيڪي ٽن مھينن جي غمناڪ اونداھين ۽ چانڊوڪين راتين ۾ ٿيون ھيون، انھن لاءِ اھو اعتراف ڪا به معني نٿو رکي جيڪو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ ٿيو آھي اھو ته ائين آھي، جيئن ڪو گمنام قبر تي گل رکي يا دعا پڙھي ماٺ ۾ ھليو وڃي!

    بارش سوچي ٿي!
    لابارن جي موسم ۾ ڌُوڙ جي بدحواسيءَ جا دورا پون ٿا، ھوا پنن ۾ مِٽيءَ سان گڏ پوپٽن کي رولي ڇڏي ٿي، پوپٽ ھوائن ۾ رلندي سوچين ٿا مسافرين جي روح ھوائن کي الاءِ ته ڪڏھن سمجھه ۾ ايندو؟ مسافرين جو مزاج ڪوبه سمجھي نٿو ناھي سگھندو ، تڏھن ئي ته مسافرن جي چيچن ۾ ڀٽڪي وڃڻ جو ڌاڳو ٻڌل رھندو آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    کپري جي ان نوخيز ميواثي ڪولھڻ کي ھر حال ۾ شاعر جو نظم ته ٿيڻو ئي ھو، ڇو جو گلابن جي ٻنيءَ جھڙو حُسن اُن ڪولھڻ جي رڳن ۾ ليٽيل ھو، ھُوءَ نمن جي ڇانئن جو ناز پئي لڳي، راڳڻين جا سمورا سُر، ھُن جي انھن ڳالھين جي خمارن ۾ جاڳيل ھئا جيڪي ھُو ويگن جي آخري سيٽ تي ويھي ان ڇوڪري سان اوري رھي ھئي، جيڪو ھُن جو محافظ ھو، سچ اھو آھي ته ڇوڪري کي ھُن جي حُسن جي ھڪ جھلڪ جي جادوءَ جي به پروڙ نه ھئي، جيڪڏھن ھن کي خبر ھجي ھا ته ھُو ھُن جو محافظ نه پر ھن جو عاشق ھجي ھا!

    بارش سوچي ٿي!
    ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ھڻي ان کي اذيت ڏيڻ، ان درد کان وڌيڪ اذيتناڪ ھرگز ناھي، جو ھڪ وطن جي ڳچيءَ ۾ غلامي جون سنگھرون وجھي ان کي تماشو ڪيو وڃي. اھو تماشو وڌيڪ ڪرڀناڪ آھي، جنھن کي دنيا جي ڪابه ٻولي چاھي تڏھن به لفظن ۾ بيان ڪري نٿي سگھي!

    بارش سوچي ٿي!
    ھڪ انسان تي ڪُتن جي بڇ جو تماشائي لقاءُ ڏسندڙ نابالغ ماڻھن کي آخر ڪيئن اھو سمجھائجي، ته اوھان جي خاموشين جي ڇِرُن سان اوھان جو اھو وطن مري رھيو آھي، جنھن وطن کي اگھاڙن پيرن جون محبتون روز نئون جنم ڏينديون آھن، ۽ انھن ڪُتن کي ماني به تڏھن ملندي آھي، جڏھن رت وھندڙ ماڻھن جا ھٿ زمين جا اڻڀا وار سنواريندا آھن!

    بارش سوچي ٿي!
    حيدرآباد اندر دردناڪ فسادن جي بي مروت دؤر ۾ اُھو کير وڪڻڻ وارو غريب اڌڙوٽ عُمر وارو سنڌي صبح جي ماتمي گھڙين ۾ ھٺيلي رستي تي ڪيڏو نه بدحواسي ۾ ڊوڙيو ھو، جنھن جي زندگي وڃائڻ ڪارڻ رولاڪ ڇورن جي ھٿن ۾ ڪلاشنڪوفون ھُيون، ھُو نه ڊُڪيو ھو ڄڻ سنڌ ڊُڪي ھُئي! جڏھن ڪلاشنڪوف جو پُورو بسٽ ھُن جي جھوڪ بدن ۾ لٿو ھو، تڏھن ھُن جيڪا اروڙ جي شام جھڙي رڙ ڪئي ھئي، اُھا دانھن ڪاسبو ٽپي اُن ڪنواري ٿوھر ۾ وچڙي وڃي ڦاٿي ھئي جيڪو تازن وسڪارن ۾ ھيمون ڪالاڻيءَ جي نھار جيان اُتاولو ٿِي اُڀريو ھو، اُن دانھن ساھي پٽڻ کان سواءِ پاڻ کي سنڌ جي نقشي ۾ بدلائي ڇڏيو ھو! جنھن مان اجرڪن اندران مينديءَ ۽ رت جي خوشبوءِ پئي اُڀري! ڀرواري ڳوٺ جي ٻن پريمين جڏھن اوڻٽيهين جي اماوس رات ۾ اُن ٿوھر جي اوٽ ۾ ويھي ڀاڪر ڀريندي بوسڪي جھڙيون پاڻ ۾ ڳالھيون ٿي اوريون تڏھن اُڀ جي نکٽن ۾ الھڙ جواني جي عشق جھڙي اُڻ تُڻ ھئي، ننڊاکي پريتما ھٿ سان واريءَ جي ٿڌائيءَ کي ڇُھي پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪي چيو ھو: “رات جي خوشبوءَ الئه ڇو ائين آھي ڄڻ ته ڪپڙن کي باھ لڳي ھجي، ڄڻ ته سائي ٽاريءَ سڙي رھي ھجي!”

    بارش سوچي ٿي!
    وقت پنھنجو لباس لاھي چرين ٻارن جي ڳالھين ۾ گھر اڏي ويھي رھيو آھي، تڏھن ئي ته ڪا فيميل ايس ڊي او – عورت ڪنھن نه ڪنھن ڪنواري ماسترياڻيءَ کي ڪوچ ۾ ويھاري ڪراچي جا تڪڙا تڪڙا سفر ڪري ٿي!سفر جيڪو ناول لکن پيا، ان ۾ دلين جا ھاريل اپاھچ ڳوڙھا اھي مفلس ۽ دربدر ڪردار آھن جن کي ڪابه ھوڏي زبان ناھي، ڪو باغي بدن به ناھي! ۽ اِھو اڄ جي اڻ بيدرد دؤر جو لوسي سانحو آھي، جنھن دؤر ۾ سچائيءَ جو مُلھه چمپل جي قيمت کان به گھٽ آھي!

    بارش سوچي ٿي!
    روپا ماڙي لڳ ھڪڙي ڳوٺ جي اُن نوجوان جي قبر ته ھاڻ ڪنھن کي به ياد ناھي رھي! جيڪو ٽي بي جي مرض وگھي لادوا ٿي مُئو ھو! اھو سياري جي مچ تي ھڪجيڏن جا بحث ٻُڌي چوندو ھو: “دوستو! درياھ جي گلا نه ڪريو! درياھ ته محبوب ھوندا آھن، محبوبن جون ته ثنائون ڪبيون آھن، گلائون نه ڪيون وينديون آھن، ڇو جو محبوب جڏھن به رُسندا آھن ته پرچائڻ ڏکيا ٿي پوندا آھن! دلبرو! درياھن جون گلائون نه ڪندا ڪريو!”

    بارش سوچي ٿي!
    مھاڻن جي ڳوٺ جي اُن دلربا ڇوڪريءَ جي تصوير ته ڪنھن آزاد ديس جي ڪرنسي نوٽ تي ھجڻ کپي، ھوءَ ڄڻ ته ڦلاريل موسم آھي، جنھن جي سخي مُرڪ چپن تي ائين لڳندي آھي ڄڻ ته ڪنھن فاتح جو ٻيڙو سامونڊي بندرگاھ تي ترسيل ھجي! پر ھُن جي مدھوش اکين کي ڏسي الئه ڇو ائين ٿو لڳي ڄڻ ته لاڙ جي ڪنھن ڳوٺ ۾ پن ڇڻ جي اداس شام ڪاھي پئي ھجي!

    بارش سوچي ٿي!
    سڀني بھارن ۾ سڏ رُلندا آھن، سڀني سَڏن ۾ زخم ٽڙندا آھن، سمورن اونھارن ۾ اکيون سڙنديون آھن، سمورن چانڊوڪين ۾ ننڊون ليڙون ٿينديون آھن، سڀني عشقن کي ڀٽڪڻو پوندو آھي ھي ڪيڏي ساري يڪسانيت آخر ختم ڇو نٿي ٿئي، ڇو!؟


    وساريل خُوشبوءِ

    خوشبوءِ جي تنھائي!

    ... چيم تنھنجي اتاولين اکين جو موھ، جادوگريءَ ۽ راڳ، نانگ کي به نچائي سگھي ٿو، تون گل جي خوشبو جي اُھا تنھائي آھين، جنھن کي دُنيا سمجھي ئي نٿي سگھي!

    ... دوست جيئن واھ جي ڪپ تي ويھي پاڻي ڀريندي ڪن ڪومل ڪنوارين آڱرين سان ڪو گھڙو سڄي جو سڄو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو آھي، تيئن مون اڪيلائين جي ڪُن ۾ ٻڏي ڏٺو آھي.
    سنسان رستن تي ھلندي سگريٽ ساڙيندي پھرن جا پھر، زندگي، حادثن، دوستين، رشتن، ناتن ۽ محبتن تي سوچيو آھي، ۽ پنهجائپ جي ڪان ڇانءِ، ڪا خوشبو ڳولي آھي، پر اڪثر رڳو مايوسي ئي ملي آھي!

    ... محبتون ڪنھن لاش جو ڪفن ته ناھن جو ڦاٽي وڃن!

    ... چاھتون سانجھيون ته ناھن جون ميريون ٿي وڃن!

    ... ٽُٽل شيشن جي ٽڪرن تي اگھاڙن پيرن سان ھلڻ جو ٻيو نالو محبت آھي!


    اي اکيون!

    ... اسان تتل ڏينھن ۾ پيرن اگھاڙا ھلندڙ پانڌيئڙا آھيون!

    ... صُبح! ڪو حرامي ٻار نه پر،
    صُبح ڪو سانورو سينھو آھي!
    شام! ڪا گنگھار ڇوڪريءَ نه پر،
    شام، آزاد اڏامندڙ پکين جو گيت آھي!


    خبر ئي ڪانھي!

    ... وسڪاري کان پوءِ ٿر ۾ ھي ٻاجھر ڦٽي آھي يا اُھي ڳوڙھا ڦُٽا آھن، جيڪي ڏڪار جي ڏينھن به وياڪيل ونين ۽ انگ اگھاڙن پيٽ بکايل معصوم ٻالڪن جي نيڻن مان ڪِريا ھُئا!
    خبر ئي ڪانھي!
    خبر ئي ڪانھي!


    تاريخ!

    ... تاريخ فقط وقت جا مؤرخ، شاعر، اديب ئي نٿا لکن! پر ھڪ تاريخ اسان مان ھر شخص روزانو پنھنجي اندر جي ۽ جيون جي يادگيرين جي ڪتاب ۾ به لکي ٿو. جنھن کي ٻيو ڪوبه پڙھي نٿو سگھي. ۽ اُھا تاريخ ان شخص جي نيڻ ٻوٽڻ سان ھميشه ھميشه لاءِ دفن ٿيو وڃي! پر اھا به ته پنھنجي جاءِ تي ھڪ تاريخ ته آھي ۽ پنھنجي جاءِ تي اھو شخص به ھڪ تاريخدان ته آھي!


    عشق!

    ... اسان جو محور اھوئي عشق آھي جنھن ڀٽائي کي به شاعر بڻايو.
    جنھن شيخ اياز کان نئين جنم وٺندڙ صبح جھڙو روز نئون نظم لکرايو!
    جنھن اکين کي اھي انداز ارپي ڇڏيا جو جتي ڏٺائون ته سُڃ ڪري وڌائون!
    جنھن جذبن کي اھو جوڀن ڏئي جو ٽاڪ منجھند کي به جُھڙ ڀانئڻ لڳا!

    ... چاندنيءَ ڪنھن جا پير کڻي ٿي، محبتون ڪندڙ ماڻھن لاءِ اھو ڄاڻڻ ڪو گھڻو اوکو به ڪونھي!!

    ... شام ڊڪندي تي وڃي ڄڻ ه ڪا معصوم نينگريءَ ھجي!


    وحشتناڪ لمحن جا دوزخ!

    ... وحشتناڪ لمحن جي دوزخ لتاڙڻ جو تجربو اسان ماڻھن لاءِ نئون ڪونھي!
    اسان جي خوابن کان ڪاڳر جي قيمت وڌيڪ چڙھي وئي آھي، شام جي سوڳوارين جو شراب اسان کي ڪيئن ۽ ڪيترو بيقرار ڪري ٿو، ڪاش ھي گلابي حُسن ڪو ٿورو ئي ڄاڻي سگھي!
    اکين کان چپن ۽ آڱرين جي ڇھاءُ تائين جي موسم جون سموريون اميدون ڪنھن شمشان گھاٽ جو ٻارڻ ٿي ويون آھن!

    ... لفظ، اکيون، حجاب، خواب ۽ محبتون اسان لئه ڪائناتون رھيون آھن، انھن پويان اسان جا ڪي پنڌ اڃان به اوجاڳن جيان آھن، نه ڄاڻ اھي پنڌ ڪھڙي ماڳ پڄن! نه ڄاڻ انھن پنڌن جو نصيب ڪھڙو ٿئي! پتو ئي ناھي!!

    ... دوست اھو ياد رک ته پيڙا کي پير ناھن ٿيندا. پيڙا کي اکيون ناھن ھونديون!
    ... مطمئن ٿيڻ ۽ مطمئن ڪرڻ ٻئي ڏاڍا ڏکيا ڪم آھن!


    رويَن جي لھجن جا ڦٽ!

    ... اڻ چيل ڳالھين جو به پنھنجو جسم ٿيندو آ
    وقت ڪنھن کي به آرسيءَ ۾ پنھنجو چھرو نٿو ڏسي، پر ھو خود انسانن جي چھرن کي آرسيون بڻايو ڇڏي، ڏينھن جي سيني ۾ سج جو کُتل ڀالو ازل کان ابد تائين ڪو سوال آھي، محرومين جي اکين جي ننڊ ۾ ڪوبه خواب ڪونھي درد وڌوا عورت جو وجود آھي، خواب نيڻن جي ساگر جي ٻيڙيءَ مثل آھن.

    ... عشق اٿيل اکين جي سُور جي ابتدا جي ڪٿا آھي!

    ... رويَن ۽ لھجن جي زنجيرن جا ڦٽ، حادثن جي ڦٽن کان وڌيڪ ايذائيندڙ ٿيندا آھن!

    ... بيچيني ته ھوا جي بدن ۾ به وسيل آھي، ماڻھو جو بيچين ٿيڻ روايتن جي قانون جي خلاف ڪابه نئين بغاوت ڪانھي.

    ... اکيون چون ٿيون ته ڪو ڪو چھرو آسمان جي ٻولي ھوندو آھي ۽ ڪا ڪا دل بھارن جي جھولي ھوندي آھي.

    ... جڏھن کان دل اڪيلائين جو اڱڻ ٿي آھي، تڏھن کان تنھنجي ياد شدت سان ستائڻ لڳي آھي!


    سوال؟

    ... تنھائي ۽ بيخياليءَ جو ديس اگھاڙي عورت جيان ڇو ٿو لڳي؟ ان جو جواب مئل ٻار جي بُت تي به نٿو ملي.
    ڌوڙ کي ڪھڙو درد آھي جو اڏندي ٿي رھي!؟ ان جو جواب ڪنھن به گل جي بدن تي لکيل ناھي! ڪو اڪيلو وڻ ئي شايد ٻڌائي سگھي!
    عرش جو ڪو ڪو ستارو ڪڏھن ڪڏھن خودڪشي ڇو ڪندو آھي؟
    ڪنھن به عاشق جي اوجاڳي ۾ اڃان اُن جو جواب لکيل يا رکيل ناھي. شايد ڪا، جلاوطن موسم ئي ٻڌائي سگھي!


    سچ!

    ... دل چوي ٿي ته پرٿوي جا سمورا معصوم يتيم ٻار ساڻ ڪري ڳليءَ ڳليءَ ۾ ھوڪو ڏيان ، شخص شخص جو گلو جھلي اِھو پُڇان ته انصاف ڪٿي آھي؟
    روشني ڏي نھاري وڏي واڪ چوان.
    اي اڻ ڏٺل سچ! عقيدتمند اکين، دلين ۽ روحن جا سچ ھنن جا حال پُڇ! ھنن جا لڙڪ اگھه! اي وقت سچائي کي معنى ڏي !!


    الميا!

    ... حساسيت اڻ پورائي جي ڌيءَ آھي!

    ... چنڊ جو رستو چڪور کان ڳجھو ڪونھي، پر پوءِ به ڪنھن محبوب جي ٽھڪ جيئن حسين ھوندي به گھڻو پري آھي!

    ... مون کي لڳندو آھي منھنجا سمورا لفظ ڪنھن جون اکيون آھن جيڪي سمھڻ ئي نٿيون ڏين!

    ... آئون مسجد، مندر ۽ چرچ جي جنم وٺڻ جا سبب ڄاڻان ٿو، ڇو جو ھر د‍ؤر جا ماڻھو دلين جا مندر، مسجد، ۽ چرچ ڊاھيندا ۽ ٽوڙيندا رھيا آھن، تڏھن ئي انسان خدا جي وجود تي يقين ڪري پوڄا ۾ پناھ ڀانئي آھي، ڪنھن به دؤر جي ماڻھو ٻئي ماڻھو جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي ناھي ڪئي، اتان کان ئي المين جنم ورتو آھي.


    دعا!

    دعا آھي ته
    ماڻھو جي من کان
    آس پاس کان
    ھي عيدون،
    ھي ديدون،
    ھي اميدون،
    ڪڏھن به نه مُرجھائجن!


    عشق!

    ...وقت حرامي ٻار جي وجود جيان آھي، جنھن لئه سوال سفر ڪندا رھن ٿا.

    ... ڏک عشق جي ابتدا آھي يا انتھا؟ اِھو ڄاڻڻ لاءِ ڪنھن پکي جو جنم وٺي ئي شايد ڄاڻي سگھجي!

    ...سچ جو سج بدن ۾ کڻي ماڻھو دنيا کي ڏسي ٿو ته اھا عورتن جي دلال ماڻھو جي اکين ۽ مُرڪ جيان ٿي لڳي!

    ... عشق اھو ناھي جو ڳاڙھن چپن جو چُميون ماڻھو لاءِ ڦلن جيان ڦٽن، ۽ ڀاڪرن جي ڀرم کي زندگي ملي، عشق اھو آھي جو آڪاش تي ستارن ھوندي به چنڊ اڪيلو لڳي، ھوا، ڪنھن جي ساڙھي جي سَرسَر جو گمان ڏياري، ستارا نيري پاڻي ۾ ڪنول لڳن، چنڊ کلي چوي، “اٿي مون سان ھل” عشق اھو آھي ! باقي جسمن جي واپار جو موسمون ته ھلنديون ئي رھنديون آھن، منافقيءَ ۽ مصلحت پسندي اڄڪلھه ڪاروبار وارو درجو ماڻي چُڪي آھي!

    ...ڪا ماءُ جيئن ڪاغذ مروڙي سروڙي پنھنجي ٻار جو گند اگھائي اڇلي ڇڏيندي آھي ، صفا ائين اڄڪلھه ماڻھن جا ذھن ۽ رويا آھن!


    اَمن ڪٿي آھي؟

    ... رستن تي شام جو مئخانو کلي پيو آھي، جنھن جي ٻک ۾ ڪيئي مسافر آھن! جڏھن ته سڪون صرف مٽي جي بدن کي آھي جيڪو قدمن جي ھيٺان ئي سُتل آھي!
    ڪھڙي لمحي کي ٻانھن کان جھلي پڇجي، اَمن ڪٿي آھي؟ پيار ڪٿي آھي؟ لڳي ٿو وقت صرف پکين جي اکين ۾ رھي ٿو جيڪي گيت ڳائن ٿا، اَسرُ جي جواڻ ڀاڪرن مان اٿي سورج جي آجيان ڪن ٿا! يا وقت صرف گلن جي ڪنواري جسم ۾ رھي ٿو جيڪي ھوا جي چپن کي چُميون پائن ٿا!
    اسين بڊي جي بادل جيئن ڪڏھن وسون ڪو پتو ڪونھي! سڄي رات بدذوقن جي اڳيان نچي اَسرُ جو آرام لاءِ ويٺل ٿڪل ٽُٽل رقاصا جي پيرن کان پري اڇليل گنگھروئن جھڙيون نڌڻڪيون اسان جون آشائون پاڻ ۾ ٻڏي ويون آھن!
    ڪير ڄاڻي ڪھڙي پل ڪھڙو درد وري ڀاڪر وجھي! اسان پنن جي پٺين تي لفظن جا نيٽ وسائي به نامطمئن آھيون، اڻ پورا آھيون، شروعاتي راتين جي چنڊ جيان اڌورا آھيون! درد جا دوزخ اسان جي راھن ۾ آھن، ڪوبه چنڊ ٻانھن ۾ ناھي!


    بدن جي آرسي

    ... اسين نه کٽندڙ سوچ جي ڄار ۾ ڦاٿل ڪنھن ننڍڙي جيوَن جيئن آھيون، ھر شيءِ ھر عمل اسان جي توقع خلاف ٿئي ٿو ۽ ٿيندو پئي رھيو آھي، اڃا تائين اُجري گلاس ۾ پيل وسڪي جھڙي ھر چنچل خوبصورتي جي بدن جي آرسيءَ کي حوس جي نگاھن جون آڱريون ڇھنديون ٿيون رھن! پوءِ جي اُھي آرسيون خوشقسمتي سان ميريون ٿيڻ کان بچي وڃن ته اھُو انھن جو نئون جنم آھي! چڪلن جي درن تي اُجھاميل سگريٽن جھڙيون جوانيون، شاعرن جي خوابن جھڙيون سُڏڪندڙ موسمون، مجبورين جي صليبن تي لٽڪيل گلابي جسمن سان ويساھ گھاتيون، خواھشن جي خوابن جون ڇڪي لاٿل پوتيون، وڪاميل حجاب ڄڻ ته دؤر جي مُنھن تي ڪا ڪاراڻ آھن! ۽ اسين سڀ ڪجھه چُپ چاپ ڏسندا ٿا رھون، اکيون بند ڪريون ته به اھو تسلسل ھلندو ٿو رھي!

    ... اسان جنم جنم کان پاڻي ٿي پوندڙ چنڊ جي پاڇي جيان ليرون ليرون ۽ ڇيھون ڇيھون آھيون! الئه جي ڪھڙي جنم ۾ مڪمل ٿيون! يا ٿيون ئي نه، ڪو پتو ڪونھي!


    منظر

    ... ڏينھن جو ڏاڍي ڌوڙ وسي ٿي ۽ سڄي سڄي رات رستا روئن ٿا، خواب ٿي ويل محبتن جون بيقرار اکيون منظرن ۾ رھجي ويل ڀاسن ٿيون!

    ... مون محبتن، مندرن، چولن، چوڙين، چينچُن ۽ مِٽيءَ کي روئندي ڏٺو آھي، ۽ مون تنھائي ۾ دل جي صفحن تي انھن رنگن، روين ۽ المين جو ناول لکيو آھي، جيڪو فقط آئون ئي پڙھي سگھان ٿو!

    ... نيرو آسمان جنھن شاعر جو گيت آھي، اُھو ھر دؤر جي ماڻھو لاءِ راز آھي، راز رھيو آھي، اسين ڪيئن ٿا مڪمل ٿي سگھون، اڻ پورائيءَ جو احساس اسان جي جيئڻ کان اسان جي محبتن تائين شامل آھي!

    ... اسين سانجھين جي سينڌ ۾ بيقرار موسمن جون ٻُٽيون ٻانھون ڏسندا رھيا آھيون. سفر جي ڌوڙ ۾ اسان جا لٽيل چھرا، ۽ ڌُنڌ جي مُند ۾ اسان جون لُڙاٽيل اکيون ماڪ سان ڌوتل صُبحن جي چھرن جھڙن چھرن جي پيار لاءِ چريائين جي چؤنڪن تي ڪجھه ڳولينديون رھيون آھن!

    ... اسان کي اڪثر ڪنھن ٻار جي رکيل روزي وانگر ٽوڙيو ويو آھي!


    ھي ڪھڙي موسم آھي!

    ... وقت سيلاب جيان لوڙھيندو ٿو وڃي، سواءِ يادن جي اسان وٽ خوشگواري جو احساس اڻ لڀ آھي. مسافري جي مند خوابن کان خيالن تائين عجيب انداز ۾ وچڙي پئي آھي ۽ دل خزان جو لُٽيل شھر ٿي وئي آھي.
    اڄ مون لطيف کي ٻڌو آھي، عابده جي آواز ۾
    پرچن شال پنھوار، ڍولا مارو مون سان،
    پرچن شال پنھوار!
    نه ڄاڻ ڇو مون سوچ ئي سوچ ۾ واريءَ جو صحرا لتاڙيو آھي، ۽ منھنجو وجود آلو ٿي پيو آھي! الئه جي ھي بدن جي ڪھڙي مٽي آھي جا آلو ٿيڻ جي باوجود ڀُري ئي نٿي، قافلن جي ڇڏيل ڌوڙ جا سڏ آئون سُڻان ٿو. پر ڪو جواب ڏيان ان کان اڳي منھنجن چچريل ۽ چپن تي رت مِڙي اچي ٿو. ۽ وقت مونکي لتاڙي وڃي ٿو، آئون ھوا کان پُڇان ٿو، ھِي ڪھڙي موسم آھي؟ ۽ ھوا طوفان جو روپ ڌاري گذري وڃي ٿي، آئون جاڳ جي در تي دستڪ ڏيان ٿو ته منھنجي دؤر جا ماڻھو چِڙي پون ٿا، ۽ ڪائنات جون سموريون ڪنيون گاريون مون تي پٿرن جيئن وسن ٿيون، ۽ منھنجو وجود خواب ٿي وڃي ٿو !


    حُسن

    ... وقت ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڊڪندي مشاھدن جي منزل پويان سوجھري جا پيرا کڻندي مون اھو ڄاتو آھي ته ڪائنات جي ڪابه خوشبو مٽيءَ جي خوشبو کان مٿي ھرگز ڪانھي! حسن ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ پکڙيو پيو آھي. پسڻ ڪم اکين جو آھي. سُرمي جو اکين ۾ سُھڻو لڳڻ، خود سُرمي جو ۽ اکين جو حُسن آھي، ڀٽن ۽ ٿوھرن جو حُسن ٿر جو حُسن آھي. ستارن جي سونھن راتين جي سينڌ جي سونھن آھي. بادلن جو حُسن آڪاش جي اڱڻ جو حُسن آھي! وٺل واريءَ تي ڊيل جو ڊڪڻ، مور جو نچڻ، ڪارونجھر جي ڪور جي ازلي سُونھن آھي. گلابن سان گڏ ميلن جا مفاصلا طئي ڪري ٿوھرن جي ڪنڊا ڪنڊا جسمن تي وسڻ ماڪ جي محبت ۽ ماڪ جو حُسن آھي. سر جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو ٽڙڻ ميري پاڻي جو حُسن آھي. سونھن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو سچ آھي، ۽ اُھا سونھن وقت ڪڏھن به جي چاھي ته به مري نٿو ڪري سگھي!


    شڪستن جو آئينو!

    ... ماڻھو ھن ڌرتي تي ڪيڏو نه اوپرو ۽ ننڌڻڪو آھي! ان جو پتو تڏھن پوي ٿو، جڏھن شمشان گھاٽن تي سج لھي ٿو! جڏھن شام ڪربلا جي پُڪار بڻجي وڃي ٿي، جڏھن زندگي بي لباس ٿي وڃي ٿي، جڏھن وقت مسيحا بجاءِ جلاد بڻجي وڃي ٿو!

    ... انتھائن جون اکيون ڏاڍيون ڀيانڪ آھن!

    ... سچ جو زھر پي جيئڻ عجيب تجربو آھي!

    ... تنھائي شڪستن جي چادر آھي يا شڪستن جو آئينو يا آواز؟ فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي!

    ... زندگي جي اگھاڙين گھڙين جو رڙيون، سڏ ۽ صدائون ٻڌي بيقراري جون سرحدون وڌيڪ ڊگھيون ٿي وينديون آھن. لمحا صليب تي پوندا آھن، درد، شڪستن، وڇوڙن ۽ محرومين جو آواز بڻجي ويندو آھي!
    ٿر ۾ ڪنھن نئين ٿوھر جي ڦٽڻ سان ڪوبه ٿرٿلو پيدا نٿو ٿئي، پر زندگي جي صحرا تي درد جي سج جو ساڙڻ انيڪ سوچن ۽ سپنن کي شھيد ڪري وڃي ٿو، زندگي ٻيھر جڏھن اکيون کولي ڏسڻ جي لائق ٿئي ٿي ته ساڳيو سج چمڪندو، نظر اچي ٿو. اھائي زندگي جي المين جي تاريخ آھي، اھائي زندگي جي ڪھاڻي آھي!


    خوشبو، پيڙا ۽ سوال؟

    ... تو ڪڏھن ڪنھن جي سيني سان لڳي ڪنھن سندر سرھاڻ کي محسوس ئي ناھي ڪيو، ته پوِءِ توکي ڪھڙي خبر ته ڀاڪر جي خوشبو ڇاھي ٿيندي!

    ... معصوم چَپ جڏھن چُميون وڪڻن، معصوم اکيون جڏھن حجاب وڪڻن، معصوم دليون جڏھن سڀڪي وڪڻن، تڏھن ڪيئن ٿو ملي سگھي سچو پيار، سچائي ۽ اعتبار!

    ... پيار جي پيڙا به عجيب ٿيندي آھي! ھر پل ڪو اڻ ڄاتو درد، بيچيني جو نه کٽندڙ سلسلو به ٻيو الاءِ ڇا جو ڇا! ڪنھن ڪنھن ماڻھو جو ڌار ٿي وڃڻ عجيب احساسن جي ڄار ۾ ڦاسائي ويندو آھي. زندگي ته پنھنجي جاءِ تي گذرندي رھندي آھي پر ماڻھو جو من عجيب ڪيفيتن ۾ دربدر رھندو آھي!

    ... اسين سچائيون ٿا ڳوليون، يا سچائيون اسان کي ٿيون ڳولين؟
    اکيون سونھن ٿيون ڳولين، يا سونھن اکيون ٿي ڳولي؟
    دوست!
    ڇا انھن سوالن جا جواب ڏئي ٿو سگھين؟


    شاعري

    ... شاعري من گھري محبوبا آھي، جيڪا وقت ۽ حالتن جي اداسين جي گھاون تي چمين جا پھا ٿي رکي، ڪا اڻڄاتي آٿٿ ٿي ارپي، جنھن جي جھولي ۾ اسان جا درد آھن، جنھن جي ھنج ۾ اسان دل ۽ دنيا جا درد وساريون ٿا، شاعري روح جو اھو گيت آھي، جيڪو نه مري ٿو سگھي، نه فنا ٿو ٿي سگھي، شاعري اھو ڀاڪر آھي جيڪو ڪائنات کي پاڻ ۾ سميٽيو ڇڏي!

    ... اي اياڻا! چنڊ کان نه ڊڄ، چنڊ ته اَمن جو پرچم آھي!


    پاڻ

    پاڻ وفا جي واٽ جا مسافر، پٿرن جا سنگتي، سونھن جا پوڄاري، ذلتن جي شامن ۾ به صبح جا پير کڻندا ٿا وتون، ڏسون ڪٿي ٿا وٺي ھلن، پيار ، سچ جا ھي قافلا، ھي سڪ ۽ ھي سچائيون!


    آپگھات

    حُسن ۽ زندگي کي ھميشه دل جي ۽ ضمير جي اکين سان ڏسجي، ويچارن، آرزوئن، خوابن ۽ واعدن کي وڪڻڻ کان بھتر آھي ته ماڻھو آپگھات ڪري ڇڏي!


    ڪچا رنگ

    ... اسان جي وجود ۾ خوابن جا ڪچا رنگ وقت رڳو ان ڪري ٿو ڊاھي جو وقت جي سيني ۾ دل آھي ئي ڪونه!

    ... انسان جي دل اڏيندي (خلقيندي) فطرت اھو ضرور سوچيو ھوندو ته ھن کي اھڙي ۽ ايتري سگھه ڏيان جو ھي پنھنجون ڪائناتون اڏي سگھي ۽ پنھنجي محبوبن کي پناھون ڏيئي سگھي!


    راتين جي رڻ ۾

    ... مون وڇوڙي ھا جدائين جي راتين ۾ ڪيترائي ڀيرا چنڊ کي اڪيلو ۽ اداس ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي. چنڊ ڏي ڏسي ڪنھن چنڊ جھڙي پرين جي يادگيرين ڪيترائي ڀيرا، راتين جي رڻ ۾ رلڻ تي مجبور ڪيو آھي، مون رات جي پرن ۾ ڪيترن ئي سڏڪن ۽ صدائن کي ٻڌو آھي، جيڪي ڪنھن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رھيا آھن. مون راتين ۾ انھن وعدن کي رلندي ۽ روئندي ڏٺو آھي جيڪي ڪڏھن به وفا ناھن ٿي سگھيا، جيڪي چپن جي ساحل مان نڪري ھوائن جي ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيا آھن، زندگي سگريٽ جي دونھين جي ڇلي سوا ٻيو اُھي به ڇا ٻيو آھي به ڇا!


    قلم جو صليب

    ... حقيقتون ڏاڍيون ظالم ٿينديون آھن!
    سج جي سوجھري ۾ گج جي ٽڪن جي مرڪڻ کان اکين جي اداس روئڻ تائين، مقتل گاھن کان پرين جي گھر جي پيچرن ۽ گھٽي تائين، سوچن ۾ ساڙيل سگريٽن کان ڪنھن ڪنواري ڪومل ڳل تي پھتل ۽ پاتل چُمي جي آلاڻ تائين، تنھا گھاريل راتين کان ڪنھن سنھڙي سريلي ھٿ جي سنھڙين آڱرين ۾ آڱريون وجھي ڪي گھڙيون گذارڻ تائين، رستن تي ھيڪل رلڻ کان ھجومن ۾ گم ٿيڻ تائين، ڪيتريون ئي صدائون، راز، آواز، سڏڪا ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي سوال ڪڍ لڳا ٿا اچن، ڪيترائي رشتا جڙندا ۽ ٽٽندا ٿا رھن! پر زندگي جون وکون اھيئي اٻاڻڪيون! اُھيئي سوال انھن جا اٻاڻڪا جواب وٺيو ٿا ھلن ڪاڳرن جي بي لباس ڇاتين ڏي، ۽ کڻائن ٿا صليب قلم جو!

    ... ھي بيدرد ۽ بي رنگ دؤر آھي دوست، جنھن جي اکين ۾ ٽانڊن ۽ اوپرائپ سوا ٻيو ڪجھه به نظر نٿو اچي.
    ھتي ڪنھن ڪنواري جي گرڀ ۾ حرامي ٻار جو وجود وجھي محبتن جون دعوائون ڪيون وينديون آھن. انسانيت جو گلاب چھرو، رانڀونٽن سان رھڙي انساني قدرن جو شوشا ڇوڙيا ويندا آھن. ڪُونج جھڙين ڳچين کي سڏڪن جا ساز ڏئي ماڻھو ماڻھپي جو پچار ڪندا آھن، ڪھڙي ڀيٽا ڏجي انھن کي؟ ڪھڙا سور اورجن ۽ روئجن انھن جا؟


    سڪ ۽ ڇڪ

    ... توسان چاھت جي شدت جو احساس مون ھجومن مان نڪري اڪيلائين سان اٽڪي محسوس ڪري ڏٺو آھي! تنھنجي سار، ڇڪ، سڪ ۽ بيچيني مينھن وانگر منھنجي اندر جي گھٽي گھٽي ۾ وسي پونديون آھن. چئه! ڪيئن ٿو وساري سگھان توکي!

    ... ٻاھر مينھن وسندو ھجي اکيون ڪنھن کي ڏسڻ گھرنديون ھجن، پر ڏسي نه سگھن، پير پنڌ ڪرڻ گھرن پر ڪري نه سگھن، گرم ڀاڪر ڪنھن کي پاڻ اندر سميٽڻ، ڀرڻ ۽ سمائڻ لاءِ آتا ھجن پر اھو سڀ ڪجھه نه ڪري سگھجي، اھڙي صورتحال ۾ ان سمي يا ته صرف موسيقي سان ئي دل وندرائي ٿي سگھجي، يا صرف سوچي، سڙي ۽ سگريٽ ئي ٿا ڇڪي سگھجن!

    ... اڄ ذھن خالي ٿيل پيو محسوس ٿئي، صفا ان ڪنھن شام جھڙو جنھن ۾ ڪا آس اڌ مُئي ٿي ھجي ڪنھن بي رُخي جو خنجر روح تائين پار ٿيو ھجي!

    ... سَرھائيون ڪڏھن ڪڏھن جي گس ۾ گڏجيو وڃن ته اسان جا صبح ڪنوار ٿيو پون!


    آڱريون

    ... آڱريون تنبوري جي تارن، بانسري جي بدن، سازيني جي سيني تي سُرن ته سُرن جي برکا رقص ڪري!
    آڱريون رول ٻارن وانگي ڪنھن مينھوڳي مند جھڙي حسين ريشمي بدن جي گھٽين ۾ رُلن ته سرور جون ڪيتريون ئي ساعتون اکين جي ڏيھه ۾ لھي اچن!
    آڱريون ڪن ڪاري رات جھڙن زلفن کي سنوارين ته پيار جا سمورا پل امرتا ماڻي ويھن!
    آڱريون ڪينواس جي آڳر تي رنگ ۽ برش جو ساٿ سجائن ته ڪيترائي شھڪار جنم وٺيو پون!
    آڱريون، ٽِڪن ۽ داڳن جو ميل مچائن ته ڪائنات جي اکين ۾ صبح ڦٽيو پوي!
    آڱريون ڪو الزام بڻجي سامھون کڄن ته پيار جي آرسي تي غم جا پاڇا لھيو پون!
    آڱريون ڪا آٿٿ بڻجي اکين جا لڙڪ اگھن ته زندگي جي اوگھڙ ڍڪجيو پوي!
    آڱريون، آڱرين ۾ اچن ته درد وسريو وڃن!


    انتھا

    ... سڪ، سونھن، سمنڊ، سوچ، سُر، سرھاڻ سچ ۽ ماڻھو جي من جي ڪابه ڪنڌيءَ، ڪوبه ڪنارو، ڪابه انتھا، ڪوبه ڇيڙو ناھي ھوندو. اھڙي طرح خيالن ۽ احساسن جي به ڪابه ڪنڌيءَ، ڪوبه ڇيڙو، ڪابه انتھا ناھي ھوندي، انھن جو نه ئي ڇيڙو ۽ نه سرحد ئي ٿي ڪڇي يا ماپي سگھجي!

    ... اکين جو اکين جي حويلين تائين سفر، پيرن جو پيار جي پيچرن ڏي ويندڙ سفر، آڱرين جو تنبور جي تارن بانسري جي زخمي بدن تي سفر، انھن ئي آڱرين جي، رول ٻارن جو مينھوڳي مند جھڙن اڇوت ريشمي جسمن جي گھٽين ۾ رلڻ وارو رولاڪ سفر، ۽ قلم جو ڪاڳرن جي اجري تن تي ھو ڏات جو سفر – ان جي وک وک پنھنجي جاءِ ھڪ تاريخ اُھي ھڪ ڪٿا آھي، ھڪ دور جي سچائي آھي، ڪير ٿو مٽائي سگھي انھن کي! انھن جي قدمن کي!

    ... خوبصورت لباس ۾ ڍڪيل عورت جي اجري تن جھڙي حسين خوشبو بوتلن ۾ بند ڪيستائين ٿي قيد ٿي سگھي! اُھا ھر حال ۾ رھندي ته خوشبو ئي، ان کي فنا ڪري ئي نٿو سگھجي!

    ... ڪڏھن ڪڏھن ڪي رفاقتون ته رُڃ لڳنديون آھن، جنھن لاءِ سفر ڪندي، پيرن ۾ لڦون، اکين ۾ اوجاڳا ۽ دل ۾ درد ٽِڪي پوندا آھن، سپنا سپنا ئي رھجي ويندا آھن، ۽ سموريون سوچون پٿر جھڙيون ٿي وينديون آھن، پر سفر جي ڪٿي به پڄاڻي نظر ناھي ايندي!


    ھُن جي گھر ۾ ڏيئو

    ... سانجھه جي سينڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو تارو شرميلي سپرين جيان جھاتيون پائيندو گم ٿيندو ٿو نظر اچي. ڳوٺڙي جون گليون غمگين دلين جيان اداس پيون ڀاسن، ھن سمي ڪيترين دلين ۾ سانجھي سُڏڪي پئي ھوندي، ان کي ڪٿڻ سمنڊ جو پاڻي لوٽن ۾ وجھي ماپڻ برابر آھي.
    ڏياري جي رُت ڏيئن جي صورت وٺي اڀري پئي آھي، اڱڻن ۾ ڪيترا ديپ ٻريا ھوندا، اھو ڪٿڻ به اوکو آھي. “ھُن” به گھر ۾ ڪو ڏيئو ڪا ميڻ بتي ٻاري ھوندي الائي نه، مان نه ڄاڻان! ڇو جو “ھُوءَ” به اکين ۾ اوسيئڙن جا ديپ ٻاري اکين مان ڪريل لڙڪ جيان ڪٿي وڃائجي وئي آھي!


    لاجواب

    ڇو ۽ ڇا، جي سمنڊ جو ڪو به ڇيڙو ئي ناھي، ڪا ڪنڌيءَ ئي ڪانھي، ڪا ابتدا ڪا انتھا به ڪانھي. ان ڪري اڪثر پنھنجو پاڻ کان پُڇيل سوال لاجواب ئي ھوندا آھن!


    بيوفائي

    اکين جي بيوفائي، بدن جي بيوفائي پوڙھائپ جي سرحد ڏي تيزي سان وڌندڙ ماڻھو لاءِ ڪيڏو نه وڏو اگھاڙو سچ ۽ الميو آھي. اھو اُھوئي ٿو ڄاڻي سگھي.


    روح تائين اداسي

    ... صبح جي مک تي اُڀري آيل سج جي موھيڙي جھڙا سپرين پيار جي سھاڳڻ رُت جون سموريون چُميون شل توکي نصيب ٿين!

    ... سانجھه جي اگھاڙي بدن تي ستارا ڏسي ڪيترن ئي ايامن جي اُڃ ۽ اداسي اکين ۽ روح تائين لھي آئي آھي. دل چوي ٿي انھن ستارن مان ڪو تارو ڇني توڏي اماڻيان. تون جا اکين کان ڏور ھوندي به دل کي ويجھي آھين.


    شاعر

    ... ھو سريلو شاعر آھي الماس اکيون، جيڪي چار ديواريءَ جي ڪُن ۾ قيد رھي چنڊ جي چھري کي حسرت سان ڏسي آليون ٿين ٿيون!


    زندگي

    ... سج جي ٻرندڙ گولي ھيٺ نڌڻڪي زندگي ان چريءَ جو اُھو اجھاميل بدن آھي، جنھن کي ڪنھن جنسي جنوني ڪنھن رات ۾، يا خاموش نٽھڻ اُس ۾ ڪٿي ننگو ڪري لٽيو، تار تار ڪيو ھجي!
    ھا، زندگي اڻ ڄاڻ شھر ۾ کيسو ڪٽجي ويل ان اداس باضمير ماڻھو جي اُھا اداس رات آھي جيڪا ھن ڪنھن پليٽ فارم تي بکيو سُمھي روئندي ۽ بيوسي ۾ گھاري ھجي! زندگي ٻيو آھي به ڇا!


    حياتي

    ... اڻ پورا خواب، اڻ پوريون آسون جڏھن زندگي کي خواب بڻائي ڇڏينديون آھن، تڏھن چھرن جي سمنڊ ۾ ويڳاڻو ٿي گھاريندڙ ماڻھو پنھنجي اندر جي اڪيلائين کي ۽ اداسين کي ڀاڪر ۾ وجھي ٿڪي ٽُٽي ئي سگھندو آھي! جي ان تسلسل جو ناءُ حياتي آھي، پوءِ ان حياتي کي ڪھڙو نانءُ ڏجي! سوالن جو ھڪ نه کٽندڙ سمنڊ منھنجي ڪڍ رلندو ٿو رھي، جنھن کان فرار جون سرحدون ڳوليندو ٿو وتان، پر آجپو اوترو ئي مشڪل آھي، جيترو ڪنھن جو ڪنھن کي پيار ڏئي وري کسي وٺڻ ماڻھو نٿو وساري سگھي!


    ڇا چئجي

    ... مون ويجھڙ ۾ پنھنجن يارن جون اکيون ۽ اندر پڙھي ڏٺا آھن، جتي پئي رڳو ٿي رک اڏامي! ڪھڙيون ويھي ھڪٻئي کي آٿتون ڏجن!
    ھي دؤر جي ذلالتون ۽ شڪستون ناھي ته ٻيو آھي به ڇا! ڪو باشعور پڙھيل لکيل سوچ سمجھه ۽ سُھڻن خيالن وارو ماڻھو (دوست) ڪنھن ميلي ۾ ڳائيندڙ نچندڙ ڇوڪري يا عورت کي ٻين بي شعور ماڻھن سان ڀيڙ ۾ بيھي پنھنجي ڪاڙھن ۾ ڪمايل ڪمائي جا ڪجھه نوٽ ڏئي، ڪي گھڙيون ائين گذارڻ جي ڪوشش ڪري، سُڪون جي ان ڳولا کي ڪھڙو نانءُ ڏجي! ڪو ائين ڪري ٿو ته ڇا؟ ان کي پنھنجو پاڻ کان فرار چئجي، بيوقوفي يا ڪجھه ٻيو! سُڌ ئي ڪانھي!

    ... نقاب ويڙھيل چھرن جون اکيون ڏاڍيون خوبصورت ٿينديون آھن ، جن کي ڏسي دل سدائين اھا دعا گھري آھي ته اکين جا اھي شھر ائين ئي آباد رھن!

    ... جيون جي جھول ۾ جدائين جا گل ٽڙي پون ته پوءِ سواءِ سوچن جي ماڻھو وٽ ٻيو رھي به ڇا ٿو!

    ... درد کان وڏو دنيا ۾ ڪوبه فلسفو ڪونھي ڪو!

    ... من جون موسمون به عجيب ٿينديون آھن!

    ... زخمن جي ٻولي اکيون ئي سمجھي سگھن ٿيون! ۽ اُھي اکيون، اکيون ئي نه رھن پوءِ ڪجي ته ڪجي به ڇا!

    ... گمنامي جو به ھڪ پنھنجو مزو آھي، ظاھر ٿي پوڻ کان ڪجھه لڪو رھڻ وڌيڪ چڱو آھي!! ماڻھو جو بدن ڪپڙن ۾ ئي سٺو لڳندو آھي، ڪپڙن کان بنا رھي به ڇا ٿو! اشتھار ٿيڻ ٿيڻ به ائين ئي آھي!


    اسان

    ... اسان پنھنجا درد لڪائي ٻين جي دردن تي روئندڙ ۽ لڇندڙ ماڻھو ھن صدي جي اکين جا اھي لڙڪ آھيون، جيڪي نه ته سُڪي ٿا سگھن، ۽ نه وري جن جي ڪا منزل به آھي، اسان مان ڪنھن به پنھنجي پرينءَ کي جيڪا آخري چُمي ارپي ھئي، يا اسان جي پرين اسان کي جيڪا آخري چُمي ڏني ھئي ان ۾ ڪيتري سچائي ھُئي، اھو اسان مان ڪوبه نٿو ڄاڻي! ڪوبه نٿو ڄاڻي ڇو جو اسان وقت جي وارياسي ۾ اڃايل ھرڻ جيان ايترا ته ڊڪيا ۽ سھڪيا آھيون جو اسان کان سڀڪي يا ته کسجي ويو آھي يا وري اسان کان سڀڪي وسري ويو آھي! ٻيو ته ٺھيو پر اسان ماڻھن ننڊ اندر به بيچينين کي وار کان به ويجھڙو پسيو آھي، اسان پنھنجا خواب سمنڊ جي ڪناري تي ڄڻ ته وساري آيا آھيون، جن جون صدائون، اتر جون ھوائون روز شام سمي کڻي اداس ڳلين ۾ ڀٽڪن ۽ اسان کي ڳولن ٿيون، ۽ اسان وسريل واعدي جيان پنھنجي پاڻ کي پيا ڳوليون!!

    ... اسان صبحن مان شامون ٿي دوستين، چاھتن، محبتن، رشتن ۽ ناتن جا فريب پسيا آھن، ۽ ھاڻ ته ڪابه شيءَ نئين نٿي لڳي، نه درد نه دوکا، اکيون نه مرڪون نه ماڻا نه نفرتون! ھر شي لڳي ٿو پراڻي ٿيندي پئي وڃي، اسين پڻ پراڻا موئن جي دڙي جھڙا!


    انتھا

    ... جيسين حُسن آھي، سچ آھي، سُر آھن، سُرھاڻ آھي، تيسين سڀڪي آھي، ماڻھو درد ڀوڳي به انھن جي ڇانءِ ۾ زندگي ائين جو ائين گذاريندا رھندا.

    ... انتھا! نه اڳ ڪنھن ڄاتي ھئي، نه ھاڻ ڪو ڄاڻي ٿو! نه ايندڙ ڪو ڄاڻي سگھندو!

    ... چنڊ کي حال ٻڌائي رئندڙ ماڻھو ئي چانڊوڪين جو قدر ڄاڻندا آھن! گھر جو قدر گھر کان ٻاھر ڪڏھن ڪٿي اجنبي ماڳ تي رات جي ڪنھن برسات ۾ پُسيل ماڻھو ئي ٿو ڄاڻي سگھي! نه ڪي اھو جيڪو گھر جي کليل دريءَ مان مينھن وسندي ٿو ڏسي، ان کي برسات ۾ ڀڄڻ جو احساس به ڪھڙو!
    قدر ڌرتيءَ تي آھي به ڪٿي!؟ قدر نه ماڻھو جو، نه جذبي جو، نه محبتن جو! ٻيو آھي به ڇا!

    ... عشق جي ٻانھن ۾ سچائي، سج سامھون چمڪندڙ چوڙي جيان آھي!


    ميار

    ... حُسن ڪائنات جو اھو اڇوت سچ آھي، جيڪو ڪڏھن به ميرو ناھي ٿيڻو!
    اُھي اکيون جيڪي به رسوائي، خواري ۽ سماج جي ڊپ کان ڊڄي وفا وساري ٻوٽجي وڃن، انھن اکين تي ميار به ڪھڙي! اداسين جي نما شام جھڙين راھن تي اسان جون وڃايل ٻارن جھڙيون اکيون ڇا ٿيون ڳولن، ڇا ٿيون چون! ان جو ڪير ٿو جواب ڏئي سگھي! ڪا، ڪل ئي ڪانھي!!


    تخليق

    ... جھڙي ريت ھي ڪائنات حسين آھي ۽ ان پرڪشش سپني جھڙي ڪائنات ۾ ڪائنات جي خوشبوئن، خوبصورت منظرن، ۽ لازوال حسين چھرن سان ڪائنات جي ٻين، شين کي ڀيٽڻ اوکو آھي. تھڙي ريت فنڪار، تخليقي، انسان جي تخليقن، مھڪندڙ مصوري، امر موسيقي ۽ حسين شاعري کي انسان جي تخليق ڪيل ٻين تخليقن سان ڀيٽڻ پڻ ڏاڍو اوکو آھي! ۽ جي وري خوبصورت شاعري ۾ حُسن، مصوري ۽ موسيقي جا سُر ھجن ته پوءِ ڳالھه ئي ڪھڙي ڪجي!!

    ... اوچتو ھُن سان اکيون اٽڪيون، ته ھُن جو چھرو حياءُ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھُو در جي چڪ پويان گم ٿي وئي، ان پل ذھن ۾ خيال آيو ته پڪ ھُن جي پوري لڱن تي لالائي پکڙيل ھوندي، ھن لمحي جي ھن جو بدن ڏسجي ته پڪ سان اُھو روھيڙي جي گل جھڙو ھوندو!


    روز

    ... روز حالتون اُڀن ڪاون تي ھلڻ مجبور ڪن ٿيون، روز آسن جو سج الھي ٿو، روز راڄ ۽ راڙو مچي ٿو، روز يادن جا گل ٽڙن ٿا!
    ھي جيون به عجيب شيءَ آھي ڪا!!

    ... ڪاڙھي ۾ سھڪندڙ ڪنھن ڪُتي جھڙي ھن دؤر ۾ لفظ “ڏک” پنھنجي معنى به وڃائي ويٺو آھي!

    ... تنھنجي اکين جو روئڻ، منھنجي جو روئڻ آھي! پاڻ نما شام جي نيڻن جا نير آھيون!!

    ... شفق جي ٻک ۾ ڪنھن ڀوري بادل جو بدن ڏسي، اڪثر شامن ۾ سوڳواري جو احساس اُڀري ايندو آھي، ۽ اھو احساس جيءَ جي جلاوطني هي جُوءَ ڏي ڌڪيندو ٿو رھي!!

    ... ڪھڙي تار تان ٽُٽا آھيون؟
    ڪھڙي واءُ ۾ وکريا آھيون!؟
    تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين!!


    رتن واٽ رابيل

    ... ھي اھو سماج آھي جتي پيار پاڇولو ۽ بي سھارا، سياست وئيشا جي روح جھڙي بي روح ۽ بي واس، ۽ نوجوانن جا مستقبل، مزارن جي گلن جيان مرجھايل آھن! ھتي گناھ ۽ حقيقت جا ماڻ ماپا، تصور ۽ دستور نھايت گھٽيا، ڇَسا ۽ بي سُرا آھن!
    ھن اماس رات جي آکيري ۾ جڏھن به ڪنھن شھر جي نيڻن جو سپنو ڪا سانوري سُريلڙي ڇوڪريءَ، دلن جي ڌُن، جنون ۽ ڇڪ تي ڪنھن سرڪاري گنجي ڪاموري جي ڀاڪرن کي پنھنجو بدن ارپي ٿي، تڏھن اسان مان ڪونه ڪو “ماٺيڻو” آپگھات جي سرحدن تي اسان کان وڇڙي ٿو. بي سھارو تي وڃائجيو وڃي ٿو، جنھن جي جنازي لاءِ رُتن وٽ رابيل به ناھن ھوندا . ! حقيقت اھا آھي جو اسان اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائي رھيا آھيون، ۽ اھا شايد تاريخي غلطي پڻ ھجي، يا ثابت ٿئي . . . ! !


    مان ڏوھي ھان!

    ... ھو گمنام شاعر جو اھو گيت آھي، جنھن جا ٻول، سُر ۽ ساز، ھوائن ۾ وکري آپگھات ڪري، عرش ڏي اڏامي ۽ اُتان موٽي ڪنھن مور جي بدن تي برسيا آھن!
    ھوءَ بي مروت شامن ۾ مجبورين جي مقتل گاھن آڏو احتجاج ڪندي، پنھنجي گھر جي دروازي آڏو بيھي مون ڏي نھاري ۽ ٻانھون ٻڌي ٿي، ۽ مان ان ويل اکين ۾ سمنڊ روڪيان ٿو، ان سمي شيخ اياز جي سانوري نظم جي ھن سٽ جيان پاڻ ڀانيان ٿو.
    “مان ڏوھي ھان، مان ڏوھي ھان.”

    ... وقت جڏھن ائين اڳيان اگھاڙو ڪري بيھاري ٿو، تڏھن رڙندڙ روحن جون صدائون بي نانءُ گامن تي گمنامي هو لباس ڍڪي پٿرن کي به روئاڙي وجھنديون آھن، ۽ ان سمي شام جي اکين ۾ جڏھن اداس مُنجھيل چيڙون چڳن کي جي آڱريون سنوارن ٿيون سي به سڏڪي پون ٿيون! ۽ انھن کي ڪا ڀيٽا ڏجي ته ڏجي به ڪھڙي!؟

    ... اھي ماڻھو جيڪي ٻين کي روئاريندا آھن، روئندا ته اھي پاڻ به آھن!


    احساسن جي تاريخ

    ... اھا بي ڳالھ آھي ته اھي چھرا اھي اکيون، اھي آڱريون جن سان ڪي رفاقتون رھيون آھن، يا رھنديون اچن. اُھي يادگيرين جي ڏيھه ۾ پَل به پري ناھن رھندا. ياد ته ايندا ئي آھن، جڏھن به رات سمي اڀ جي ٻانھن مان ڪنھن اداس اڪيلڙي ستاري جي ڪا چُوڙي ٽُٽي غفائن ۾ گم ٿئي ٿي، يا ٺريل رات جي جھوليءَ ۾ ڪا چادر اوڍي ماڻھو ڪنھن بيواھ جي روح جھڙي رستي تي نڪري ٿو پئي، يا برسات جي بيوفا رات ۾ وڄ جي اوچتي چمڪاٽ ۽ ھلڪي ڦڙ ڦر ۾ تنھائي جي ڀاڪرن ۾ اچجي ٿو، يا چيٽ جي چنچل چلولي رُت ۾ ٻھراڙين جي اڪيلڙين چانڊوڪين ۾ ماڻھو ڪنھن ڇير جو ڇمڪو، ڪنھن ٽِلي جو آواز ڪنھن چنگ جو سُر سُڻي ٿو ۽ پنھنجي جيءَ ۾ جھاتي پائي ٿو ته سچ پچ نه ڄاڻ ڪيترا خيال ذھن تي بادلن جيان مڙي اچن ٿا، ۽ ان سمي اھي چھرا، اُھي اکيون، اُھي آڱريون، ڪئين قرب، ڪئين خط، ڪئين ڏوراپا ياد اچن ٿا! شايد ان جو نالو ئي رفاقتون آھن، يا شايد ان جو نالو ئي زندگي آھي! جيڪا ڪڏھن درد جي ڌُٻڻ ۾ ، ڪڏھن گلاب ڀاڪرن ۾، ڪڏھن نما شام جھڙي الڪن ۽ سُڏڪن ۾ رھي ٿي! رھندي پئي اچي ٿي. ماڻھو اڪيلائين ۾ ھجومن ۾ ازل کان ائين ئي ڪڏھن اٻاڻڪو ، ڪڏھن اتاؤلو، ڪڏھن گلاب جيان رھندو پيو اچي! ۽ اِھائي شايد انسان جي احساسن جي تاريخ آھي، ۽ ان احساسن جي تاريخ ۾جيڪڏھن ڪا خوشي “چنڊ” آھي ته ٻي طرف “غم” ستارن کان به گھڻا آھن!

    ... وقت ھر دؤر ۾ مقتل گاھن ۽ بيوفائين جا در کولي ڇڏيندو آھي، ان ڪري ئي احساس اوپرا ۽ ڇورا ڇنا ٿيندا آھن! ان ڪري ئي جوانين ۾ پوڙھپڻ جو احساس جاڳي پوندو آھي، ۽ تڏھن ھوا ۽ خوشبو جو بدن پنھنجي وجود تي اڇو ڪفن ويڙھي ماتم ڪندي نظر ايندو آھي!

    ... دکن جي ديس ۾ اکين کي روئارڻ جي ريت ڏاڍي پراڻي آھي، ايتري پراڻي جيتري انسان جي ارتقا جي تاريخ پراڻي آھي، ماڻھو جنھن کي چاھي ٿو، ان کي وڃائي ٿو، اھو تسلسل به اوترو ئي پراڻو آھي، جيترو پيار ڪرڻ جي ريت پراڻي آھي! دک جي ته پڄاڻي ئي ڪانھي!

    ... ھيل برکا جي رت ھرڻين جي اکين جو معصوم حسن چورائي ڄڻ ته نيري امبر ۽ اکين جي آس پاس کي ائين وکيري ڇڏيو آھي، ڄڻ ته جيون ريشمي ڀاڪرن حوالي ٿي ويو آھي، بادلن ۽ بوندن ڪائنات جي ازلي حُسن کي ڪچي ننڊ مان اٿاري حقيقتن جي آرسين آڏو بيھاري ڇڏيو آھي!


    ڏوھ!

    ... پاڻ ڏوھي آھيون! ان ڪري به جو پاڻ ڪنھن به اک ۾ ڳوڙھو ڏسڻ پسند ناھي ڪيو، پاڻ ڏوھي آھيون، ان ڪري به جو پاڻ پيار کي ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳوليو آھي، اھو ڏوھ ڀٽائي کان اياز تائين پاڻ کي ورثي ۾ مليو آھي. پاڻ ڪنھن نچڻي جو ھٿ رپيو ڏئي پنھنجي ھٿن ۾ وٺي عشق کي رسوا، اگھاڙو ۽ پيار کي بازاري ناھي ڪيو، پاڻ ويڪو اکين سان، ويڪو ضميرن سان نفرت ڪئي آھي، پاڻ بيشڪ ڏوھاري آھيون، ڇو جو ھن سماج ۾ انھن شين کي ڏوھ سمجھيو ويندو آھي، روح تي زخم کائي مرڪندڙ ماڻھن جي جيون ڪتاب ۾ لفظ “مايوسي” لکيل ئي ناھي ھوندو، ۽ پاڻ به مايوس ناھيون ٿيا!!

    ... بيوفا، جفائون به جيئرن سان ئي ڪندا آھن، ياد ڪرڻ ۽ وساري ڇڏڻ ٻئي ماڻھو جي من جي وس ناھن ھوندا، ناتا ٽُٽندا ئي يادون ٿيڻ لاءِ آھن، رشتا جڙندا ئي زندگي جي قافلي کي اڳتي ڌِڪڻ لاءِ آھن!

    ... مجبوريون ڪو، نه وڻندڙ رشتو ته ناھن، جنھن کان منھن موڙي ڇڏجي!

    ... ڇو نه اُن چنڊ جون ڳالھيون ڪجن، جيڪو ايامن کان اسان جي، وچ ۾ اسانجين پنھنجن پنھنجن چاھتن جو ساکي آھي، ڇو نه انھن ستارن جون ڳالھيون ڪجن! جن اسان جي اندر ۾ سؤ سؤ ڀيرا جھاتي پاتي آھي، ان وڻن کي به ڪيئن وسارجي جن جي ڇانو ۾ اسان پيار کي ڳوليو آھي!


    گواھ رھجو!

    اڙي ستارا اوھان اسان کي
    يادن سوا ٻيو ڏنو به ڇاھي!؟
    ڏنو به ڇاھي!؟
    ڪڏھن پرين کي، کليل اڱڻ تي،
    اسان لئه لڇندي،
    اسان لئه رئندي،
    اوھان ڏٺو ڪو!؟
    اوھان ڏٺو ڪو!؟
    گواھ رھجو!
    اسان اڪيلو گذاريو ڪيڏو!
    نھاريو ڪيڏو، پڪاريو ڪيڏو!
    او چنڊ تارا،
    گواھ رھجو! گواھ رھجو!

    ... تو ياد ڪيو آھي، دل ڄڻ ته چانڊوڪي رات ۾ چنڊ کي چُميو آھي، ۽ اولھه جي ھوا جو ڪو حسين جھوٽو بدن تي بانوريون آڱريون ڦيري ويو آھي، ۽ تو، تو جھڙيون لطيف جي ٻولي ۾ جيڪي ڳالھڙيون اماڻيون آھن، سي سڀ منھنجون پنھنجون آھن، جن سان نينھن جا ناتا آھن، انھن ڳالھين ۾ لطيف سرڪار جي روضي جي مسافر مجاور ڪبوترن جھڙي اُجرائي آھي، اروڙ جي مٽي جي مھڪار آھي، ۽ شام سمي کوھر تان پاڻي ڀري موٽندڙ نيري جوڙي ۾ جھومندڙ ڪنھن ڪومل سانوريءَ پاڻياريءَ جي پيرن ۽ چنبيلي چپڙن جي جُھونگار آھي!

    ... بدڪاريءَ، بيحيائي ۽ حرامپائي، ڏاڍو عام ٿي پئي آھي، ان صورتحال ۾ خوبصورتين کي تحفظ جون ديوارون ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي!
    الئه جي اھو وقت ڪڏھن ايندو، جڏھن خوبصورتين جي بقا لاءِ بغاوتون ٿينديون!
    مون کي لڳندو آھي ھر ھرڻ تي ھلايل رائيفل، ھر مور تي ھلايل بندوق، ھر پنڇي توڙي جانور تي بيگناھ ھلايل بارود ڄڻ منھنجي سيني تي ھلايو ويو آھي!


    کيس چئه

    ... آزمائشن جي صليبن تي چاڙھڻ کان پھرين اھو سوچي وٺي، ته دل اھا ھستي آھي، جيڪا ڪنھن کي به نٿي مڃي، ان جي عبادت، ان جي پوڄا، ان جا واعدا، فقط من ۾ ويٺل سچ لاءِ ئي آھن! ۽ سچ تي سجدن، عبادتن ۽ پوڄائن کي ڪا معنى بخشي حقيقي سرھائي کان آشنا ڪرائي ٿو!
    کيس چئه! کلائڻ نه سھي، روئارڻ ئي سھي، پر اچي ھا به اسان لئه وڏي ڳالھه آھي!

    ... تون محبتن جون معراجون ماڻين، تنھنجي روح ۾ ريٽا گلاب ٽڙن، تنھنجي ھر تمنا بھارون ڏسي! تنھنجي خوشي ئي منھنجي خوشي آھي!

    ... اھو گلاب چھرو،
    اھا ڪنھن ستم ۽ غضب جھڙي صورت، اڄ شام جو اکين لاءِ ڄڻ ته شام جو ڪو تحفو ھئي، ائين لڳو ته جيڪڏھن شامون ۽ صبح اکين لاءِ اھڙا تحفا رھيا ته پڪ ئي پڪ اکيون روئڻ وساري، کلڻ جون ھيراڪ ٿي وينديون!


    پوتر پيار

    ... اسان ھڪٻئي کان سوين ميل پري رھي به ھي جي ھڪٻئي سان حال اوريندا ٿا رھون، اسان جو اھو ناتو لفظن جو ناتو ناھي رڳو، اسان دراصل اھي اڃايل محبتون پيا ميڙيون، جيڪي صدين جي سفر ۾ انھن چاھ وارن ماڻھوئڙن ۽ اکڙين ھڪٻئي کي ارپيون ھيون، جيڪي زمانا ٿيا، ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان ملي، مٽي ٿي ويون، ۽ اھو تسلسل ھڪ ويڙھي کان ٻي وستي ڏي ايندو پيو ٿو رھي! ۽ ڪائنات ۽ سدا سھاڳڻ ڌرتي جو پاند پالھو نه پيو رھي، محبتون زندگي جو ويس ڍڪيو، ھر سفر ھر پنڌ جي قيد کان آزاد زندھ رھنديون پيون اچن، اسان جا ھي ناتا ان تسلسل جي ڄڻ ته ھڪ ڪڙي آھن!
    ماڻھو، جنھن مٽي مان ڳوھيو ويو آھي، اھا ايتري ئي پوتر آھي، جيتري ڪا ڪنواري اک، جيتري سنڌو جي ھر ڇولي، جيتري پيار جي ھي ٻولي، جيتري اڀرندڙ سج مھل شفق، جيتري برکا جي رُت پوتر آھي، ۽ ان ماڻھو جو پيار پريءَ جي تن کان وڌ پوتر آھي، پر شرط آھي ته اھو واقعي ئي پيار ھجي ڪا گار نه ھجي!

    ... وفا جي راھن تي ھلندڙ ماڻھو من ۾ مير ناھن رکندا، اُھي ته اجرن پکين جيان سانورڙا بانورڙا ھوندا آھن، اُھي ته بس زخم کائي به دعائون ڏيندا آھن!

    ... ڪنھن چريي مَست جي مُٽ ۾ پُسيل شلوار جھڙي ھِن سماج، ھن دؤر ۾ جيئڻ، رھڻ، ڪنھن معجزي کان گھٽ ڪونھي!

    ... اداس اکين جو قسم!
    شام، محبوبا جي ھنج ۾ رتو رت ٿيل سورج پريمي جي ريٽي بدن جو قسم، اسان خود کي وساري محبتن جي پکين کي آزاد ھوا ۾ اڏندو ڏسڻ جي تمنا ڪئي آھي!
    ... ڄڻ ته ڪنھن خواب مان جاڳي پيا آھيون، وقت، دک جي شھر هي دروازي آڏو ڦٽو ڪري ويو آھي، جيڪڏھن ڪو ياد اچي ٿو، ته ايتري شدت سان جو وسارڻ ناممڪن ٿيو پوي! وسوسن جي رات ڊگھي ٿيندي ٿي وڃي، زندگي ۽ وقت جي مساڻ ۾ جلي رھيون آھن، ڪاڏي وڃڻو آھي، ڪھڙي منزل آھي؟ ڪا به ڪل ڪانھي.
    ڄڻ ته ھر شيءِ برف جيئن ڄمي وئي آھي، ۽ سوچون ان برف ھيٺ دٻجي ٺري ويون آھن!


    عجيب دنيا!

    ... ھن ويل غلام نبي مغل جي ڪتاب “نئون شھر” جي ھڪ ڪھاڻي جا ٻه ڪردار ياد پيا اچن، جنھن ۾ ھڪ ڇوڪري پنھنجي پريتم کي وڇڙڻ وارين گھڙين ۾ پنھنجي ھڪ تصوير ڏني ھئي، جنھنجي پٺيان لکيل ھو، “انھي لاءِ، جنھن مونکي ڪڏھن نه وسارڻ جو واعدو ڪيو آھي.” ھڪ رات اھا سٽ پڙھي اکيون ان تي ڄمي ويون ھيون، ۽ پوءِ مون چنڊ ڏي ڏٺو ھيو، ۽ ڪو ياد آيو ھيو، ۽ ائين لڳو ھئم روح جي ڄڻ ته ڪا ديوار ڪري پئي آھي!
    رات جو اڱڻ ۾ سُتي سُتي ڪو ڪتاب پڙھندي، جڏھن به اکيون ٿڪجي ساڻيون ٿي پونديون آھن، تڏھن چنڊ ڏي بي اختيار کڄي وينديون آھن، ۽ الئه جي ڇو چنڊ جي اکين سان اکيون ناھيان ملائي سگھندو. ۽ ان سمي اکين جا سمورا ٿڪ پل ۾ لھي ويندا آھن، آڌي آڌي رات جو اُھي چھرا، اُھي اکيون، اُھي محبتون ، اھي ماڻھو ياد اچي ويندا آھن، جن کي دل وفا وانگي ئي پئي پوڄيو آھي، ۽ پوءِ وري ڪيتري دير تائين ننڊ ناھي ايندي، ھي چاھتون به عجيب دنيا آھن!

    ... اسان سارن جو ھڪ سمنڊ سيني ۾ کڻي جيئون ٿا، ڪڏھن اوچتو ڪنھن سار جي ڇوليءَ اکين جا ڪپر ڇُھي ٿي ته دنيا سمجھي ٿي ته اسان کي ڪو غم آھي، نه ته ھونئن چپن جي ساحل تي مرڪن جون ٻيڙيون ترندي ڏسي ھرڪو سمجھي ٿو ته اسين خوش آھيون!

    ... ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي اسان يادن ۽ آسن جا ڪانڌي آھيون، اِھي يادون جيڪي اسان سان چاھتن ۽ لمحن جي ويس ۾ “حال” ٿي رھيون ۽ ماضي ٿي ويون. اھي آسون جن اسان کي اتساھ ڏنو، ۽ جي وڇڙيون ته وري نه موٽيون، وقت ڪيڏو بي رحم آھي، ان جو اندازو يادون ئي ڏياري ۽ ڪرائي ٿيون سگھن! ويساھ جي واريءَ تي جڏھن به ڪو احساس جو اُڃو حساس ھرڻ تڙپي ٿو، تڏھن وجود جي انگ انگ ۾ ويراني واسو ڪري ٿي، واچوڙا وسن ٿا، واچوڙا رُلن ٿا ۽ اسان . . . . ۽ اسان پراين اکين ۾ڪي پيرا ڳوليندا وتون ٿا! چا اھا چريائي جي حد ناھي!؟

    ... اُجرن صبحن جھڙا اُجڙا حسين دلربا چھرا ڪائنات جون اُجريون اکيون آھن! اھي اکيون روئن ته ڪائنات اداس ٿيو پوي، اُھي جي مرڪن ته ڪائنات مرڪيو پوي! خوشي ھڪ چُمي آھي، جنھنجي آلاڻ ۽ ٿڌاڻ محسوس ڪري سگھجي ٿي!


    ھڪ سانجھه سمي ڪجھه بي ترتيب خيال!

    ... من جو سنگتراش جڏھن احساسن ۽ جذبن جا بُت گھڙيندو آھي، تڏھن ڪائنات ھڪ وڏو سچ لڳندي آھي، پنھنجي وجود جو ھر حصو سُندرتا جي ساک ڏيندو آھي!

    ... اسان جا جاڳيل اکين ۽ بيداز ذھن سان سرجيل خيال ۽ ڏٺل خواب جيتوڻيڪ ڌنڌلا ھوندا آھن، پر پوءِ به اُھي ان گھڙين ۾ محبوبا جھڙو سُرور ۽ سُڪون بخشيندا آھن!

    ... اسان اکين کي گواھ ڪري پيار جو ھڪ سفر طئي ڪندا آھيون، پيرن کي پنڌ پرڻائيندا آھيون!

    ... اسان جي سوچ اسان جي اکين جي ھڪ تاريخ جنمي ٿي، اُھا سوچ ڪڏھن گھٽيون گھمي ٿي، ڪڏھن ستارا لتاڙي ٿي، ڪڏھن گلابن سان سرجي ٿي، ڪڏھن ڪنڊن تي ھلي ٿي، اسان اَسر جي ھوائن جيان بي خيال ڀٽڪي پئون ٿا، ٿڪل ۽ اوٻاسيون ڏيندڙ ستارا اسانجين بيچينين جي تاريخ ڄڻ قلمبند ڪن ٿا!

    ... مِٺي! تنھنجي ڪومل چپن جي ڪومل مرڪ اھا انوکي دادا آھي، جنھن کي جيڪڏھن فطرت به ڏسي ته خوش ٿي مرڪي پوي!

    ... اوچتو حادثن ۽ بيچينين جي رائيفل جي ٽريگر تي وقت ۽ حالتن جي آڱر رکيل آھي، اسين ان آڏو ڊڪي رھيا آھيون! اھا نه ڄاڻ ڪڏھن ڇُٽي!!؟

    ... اھي ماڻھو جن مٽيءَ جي گھڙي جو پاڻي پيتو آھي، ۽ جن اڃ ۽ اس جون اکيون ڏٺيون آھن، اُھي ماڻھو جن جي اکين ۾ عبادت گاھن جھڙو سڪون آھي، اھي ماڻھو جن جي اکين ۾ عبادت گاھن جھڙو سڪون آھي، اھي ماڻھون اَسرُ جي ھوائن جا ٿڌڙا ڀاڪر وجود جي انگ انگ تي محسوس ڪيا آھن، اھي ننڍڙن ننڍڙن المين تي به جُھري پوندا آھن، اھي ڪيڏا نه ريشم جيان حساس ٿين ٿا!

    خوشبوءَ جي به پنھنجي ھڪ تاريخ آھي، سڙندڙ ڳرندڙ ھن سماج ۾ سچ ته اھو آھي، جو خوشبو جو بدن به لٽيل ٿو لڳي! ۽ اسان خوشبوئن لاءِ ترسي ويا آھيون!

    ... ھي درد به ڄڻ ڪي لوڪ ڪھاڻيون آھن! جن جي تاريخ ڪوبه نٿو ڄاڻي!

    ... مان ڄاڻان ٿو، ھتي اُھي اکيون جيڪي لوڪ کان لڪي چنڊ جو عڪس چورائن ٿيون، تن جو مقدر مڪليءَ جي قبرستان جيان بڻيو ۽ بڻايو وڃي ٿو! اُھي چپ جن جون ٻيڙيون ڪنھن ساحل کي ڇُھڻ گھرن ٿيون، سي اڌ راھ ۾ بي لباس ڪري ساڙيون وڃن ٿيون! اسان جي نسل جي ڪچن ذھنن کي نصاب طور ڪوڙي ۽ جڙتو تاريخ جو ٺرو پياريو وڃي ٿو، ته جيئن اسان ڪجھه به نه سڃاڻي سگھون! بغلن ۾ ڪُڪڙ وجھي اوليائن جي مزارن تي پنھنجو وجود بي معنى ڪندا رھون! ڳچين ۾ وٽيل ڪارا ڌاڳا اسان کي غلامي جو احساس ڏياريندا رھن! ان صورتحال ۾ ڪا ٿڌي ھوا اسان جي وجود جو احساس ڏياري ته ڪيئن ڏياري!؟ وقت ڊوڙ جي گھوڙن جيئن اسان کي لتاڙيندو ٿو رھي! درد جي سنگين اسان جي سيني ۾ کُتل آھي!!

    ... محبتن جي ھر سراءِ جي ھر دوار تي لڳل تالو ڏاڍو اجنبيت جو احساس ارپيندو آھي! جڏھن ھر درد جو در اسان جي جيءُ تي کُلي ته پوءِ اجنبيت جو احساس فطري ڳالھه آھي!

    ... ڪا شام جڏھن محبوبا جي زلفن جيئن وکري ٿي ته لڳي ٿو ته دل ۾ ڪجھه ٽُٽو آھي! ڪا آس رُني آھي، ڪنھن پيار ارپي، وري کسي ورتو آھي! ۽ سوچ مسيح جو صليب بڻجي وئي آھي!

    ... رستن تي ھٿ ڦھلائيندڙ نينگرين جي جوانين کي جنسي حوس سان نھاريندڙ نيڻن جھڙا لمحا اڌ چريا ٿي، جڏھن جيون جي بھارن کي لٽيندا ۽ روئاريندا آھن، تڏھن دل جي آڪاش جو چنڊ ڇيھون ڇيھون ٿي، روح ۽ وجود جي زمين کي جلائي ڪنھن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي جيئن بڻائي ڇڏيندو آھي! جنھن جي تاريخ لکڻ لاءِ زمانا گھرجن!

    ... ٽٽل خوابن، رُٺل دلين کي جوڙڻ ، ھٿ جي تِريءَ تي باھ کڻڻ برابر آھي!

    ... درد سان دوستي رکجي يا لمحن کي قيد ڪجي!؟ ان جو فيصلو ڪرڻ ايڏو ڏکيو به ڪونھي! جيڪڏھن جذبا سچا آھن ته پوءِ ھر شيءَ ممڪن آھي!


    بانوريءَ بھار جي ڳولا!

    ... تنھنجي آسن جي گلابي ٻانھن جون رنگين چوڙيون شل سدائين چمڪنديون سُر آلاپينديون رھن!

    ... تنھنجي ارپيل پيار کي پيار ڏيڻ جي لاءِ سوچيان ٿو احساس جي ماٿري جا ڪھڙا گل اماڻيان! پيار جنھن جو ڪو مذھب ناھي، جنھن جو وجود ھميشه باوضو رھيو آھي، ۽ اسان ان پيار جا پانڌيئڙا، جن جو ڪو پنھنجو نه ڪو صبح آھي، نه ڪا شام آھي! اسان ڄڻ ته ڪنھن خواب جي ٻيٽ تي آباد ڪي اوائلي (قديم) انسان ھجون. سج ڪنھن بدمست شرابي جي ڳاڙھين اکين جيان اسان کي نھاري افق جي اولي ۾ الھي وڃي ٿو. اسان ان ٻيٽ جي ڪنارن تي بيھي پيار ۽ امن لاءِ ھوا ۾ ھٿ جيئن لھرائيندا ٿا رھون، پر ڪا به پيار ۽ امن جي نيا (ٻيڙي) نظر جي نرڙ تي نٿي اڀري! ۽ اسان جون سانجھيون سري گھاٽ جي کليل درين جيئان بي رنگ ٿينديون اوندھ ۾ ڄڻ ته ٻڏيو وڃن ٿيون! ڪير ڄاڻي ھوائن ۾ اسان لئه ڪو سنيھو آھي به ڪي نه، اسان پنھنجا پيار زمانا ٿيا، اُجھيل ۽ ٻريل گھرن جي ٽُٽل درن ۽ کليل درين ۾ لُٽائي آياسين، جن جي رک (ڦلھيار) ھوا ۾ گھلي، ھُلي يا وکري وئي ڪا سُڌ ڪانھي! ڪا سُڌ ڪانھي!!

    ... سرد موسم جي سُڪل ڪلين جھڙن گھڙين ۾ تو ياد جا گل اماڻيا آھن، ۽ مون اکين تي رکيا آھن!

    ... درد دل جي اڱڻ تي پيرن جي پنن جيان پاڻھي پاڻ ڇڻندا ٿا رھن! انھن کي روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ ڪونھي ڪو . . ! ھي نظريا، فلسفا، ادب، شاعري، ان درد جي ڳلن تان ڪو ھڪ به ڳوڙھو اگھي ناھن سگھيا، جي ائين ناھي ته پوءِ ڪنھن جي به من جي آرسي ٽُٽل نه پر سلامت ملي!

    ... بيشرمائيون، بيحيائيون ۽ بيوفائيون، جڏھن ڪنڊن مان نڪري رستن، گھٽين ۽ چؤراھن تي رقص ڪنديون اچن ٿيون، تڏھن احساسن جي کوھن جو پاڻي سڪڻ لڳي ٿو. سچائي سُڃ ۾ سمھي ٿي، وفائون جلاوطن ۽ ماڻھپي جون ڀتيون ڀرڻ لڳن ٿيون!

    ... ماڻھو ازل کان بيوفا شين سان محبت ڪئي آھي، ۽ درد پرائيا آھن، ان بيوفائن جي لسٽ ۾ ”زندگي” جھڙي بيوفا محبوبا شايد ئي ڪا ٻي ھجي!


    خزان جي بدن جي خوشبو

    ... جيئن ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ياد جا ڀاڪر ڇڪي احساسن جي انڊلٺي خوشبوءَ ارپيندا آھن. تيئن درد ، آلين اکين جي شھر ۾ خزان جي بدن جي خوشبو کڻي ايندا آھن!

    ... اسان مٽي جي بدن جا ماڻھوئڙا آس جي ڪڪرن ھيٺ ۽ مايوسين جي اُس ۾ جنم جون تاريخون گھٽائيندا ۽ وڃائيندا آھيون! اسان جا خواب، خيال ۽ تصور مئخاني جي مسافرن جيئن ھوش جي ھستي کان ٻاھر محسوس ٿيندا آھن!

    ... اسان کي اسان جي حصي جون مليل محبتون ڪنوار جي رخصتي مھل منظر جيئن رئارينديون آھن ، جذبا شھيد ٿي ويل ھستين جي ارمانن جيئن جلندا ۽ لڳندا آھن، جن ڪڏھن حسين رُتن جا رنگ پسڻ چاھيا، جن ڪڏھن صبحن جي پيرن تي پازيين جا سُر سُڻڻ چاھيا، جيڪي منڪر ۽ ڪافر دل ۽ عشق جا ڀرم رکندي دغا جي ريتن جي سانجھين ۾ اولھه جي سج جيئن الھي ويا!

    ... اسان جو جرم اھو آھي جو اسان آڱر اُڀي ڪري ڳاڙھي سج جي ھئڻ جي ساک ڏني آھي، ريٽي سج جي اڀرڻ جو خواب اکين جي ڳوٺ ۾ پاليو آھي، توڙي جو اسان وڇوڙي جي رات جا اھي لڙڪ بڻجي ويا آھيون، جن کي ڪڏھن ڪڏھن گمنام شاعر جي آڱرين جنميو. ۽ گمنام راڳي جي گلي ان کي آلاپيو!

    ... اڄ دل اٻاڻڪي پئي لڳي، ڄڻ ته زندگي جي بدن تان ڪنھن سمورا ڪپڙا لاھي ڦٽا ڪيا ھجن، ۽ ھُو اگھاڙي ٿي پئي آھي!

    ... اسان سان الميا خوابن جيئن ڳنڍجي ويا آھن، ان المين ۾ بيروزگاريءَ کان بيوفائين تائين، رشتن جي زخمن کان ريتن جي صليبن تائين ھڪ نه کٽندڙ سلسلو سمنڊ جيئن ھلي ٿو پيو!

    ... ٻرندڙ سج سمي اُفق جا ڳاڙھا روپھرا رنگ نه پر اھي اسان جي دلين جا نوحا ۽ مرثيا آھن!

    ... ڪاش! ھن زماني ۾ ڪا اھڙي به دوا ايجاد ٿئي ھا، جيڪا غمن ۾ ٻڏل ۽ ٻڏندڙ ماڻھو کي ڪو ھڪ پل ئي چين ڏئي سگھي ھا، ۽ دلين جون ٽُٽل آرسيون وري جُڙي سگھن ھا!

    ... ڪڏھن ڪڏھن اداس راتين ۾ اھي پرھ جھڙا پل ياد پوندا آھن، جن کي ماڻھو اکين جا اوجاڳا ۽ ڳوڙھا ڏئي پائي ٿو!

    ... اسان ڪتابن جي بند ورقن جي اھا خوشبو بڻجي ويا آھيون، جنھن کي ڪو پڙھي ٿو ته محسوس ڪري ٿو! نه ته اسان درد جي ڍنڍ تي اڏري آيل پيار جي پکين جيئن بي نام آھيون! شامون اسان جون سکيون، صبح اسان جا جذبا ۽ راتيون اسان جا لڙڪ آھن، ۽ اسان جي سوچ، عشق ۾ بيقرار اُن ڇوڪري جي اُھا بيچيني آھي، اھو جذبو آھي جنھن جو بدن ڪاريءَ ڪري ماريل عورت جي اکين جيئن آھي. اسان جي رڳن ۾ پلجندڙ درد، ڀڳل چوڙين ۽ ڪُنواري سينڌ جي اھا ڪھاڻي آھي جنھن کي ڪوڙي غيرت جون ڪھاڙيون ڳولن ٿيون!!

    ... ڪڏھن ڪڏھن لڳندو آھي، اسان عشق جي اُجري رُت جا ڳاڙھا ڳوڙھا بڻجي ويا آھيون. اسان جي وجود جي رڳن ۾ اڻ ميي پيار سان گڏوگڏ ناانصافين، ۽ بيڪار رسمن جو اھو زھر ڀريو ويو آھي، جو اسان ھر شيءِ کي فريب ھئڻ جي گمان سان ڏسڻ تي مجبور آھيون!

    ... ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي ته اسان جون سچائيون، اسان جو محبتون، بارش ۾ پُسيل ڪاڳرن جيان بي رنگ ٿي ويون آھن. جن کي ھوائن جي ھٿن سڪڻ کان اڳ ۾ ڦاڙي وڌو آھي. جن تي روئڻ لاءِ اسان جي اکين وٽ ڪو لڙڪ ئي ناھي رھيو. ڪو لڙڪ ئي ناھي بچيو!

    ...شاعر صدين جو روح ھوندا آھن، جن جو قلم تاريخ جي کاٽ لڳل صفحن کي وري وري نئون جنم ڏيندو آھي، اھو قلم قيدي جي زنجير جيان ھوندو آھي، جيڪا پھريدارن جي ننڊ حرام ڪري وجھندي آھي!

    ... حقيقت اھا آھي جو بيروت هي بدن جھڙي ھن دؤر ۾ اسان اڌ سڙيل سگريٽ جيئن رھجي ويل ماڻھو سچائين جو صبح جھڙو بدن ڳوليندا آھيون! ان جي حاصلات لاءِ پنھنجو پاڻ کي روليندا آھيون، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان سچائين کي پائي گلابن جيان ٽڙي پوندا آھيون، جڏھن ته ھونئن اڪثر بي معنى گھاريندا آھيون!

    ... غم، ڪوڙ، ڪروڌ، ڪرڀ ۽ ڪاوڙ جي نگاھ سان جذبا ناھن پرکيا ويندا. جذبا ته دل جي سچائي ، مروت، پيار ۽ سچي احساسن سان پرکيا ويندا آھن!

    ... ڪاوڙ ڪر، ڀلي ڪر، پر ڪاوڙ به پيار سان ڪر ته ڪجھه مزو به اچي!

    ... مون چنڊ کي پري کان بھارن ۽ وفائن جا ڳيچ ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، اھو مون کي مليل محبتن جيان عزيز آھي!

    ... پھرين منھنجي وجود ۾ رت جي ھڪ قطري، پاڻي جي ھڪ بُوند جيان، پيار جي اُجري احساس جيان، لھي ته ڏس، پوءِ تنھنجو ھر الزام اکين تي! ھونئن ته اسان ۽ الزامن جو ناتو نئون ناھي ، گھڻو پراڻو آھي!

    ... اسان پينگھي ۾ ستل سونھن کي خود سونھن جي نگاھ سان ڏٺو آھي، جي اھو ڏوھ آھي ته پوءِ ھر سزا قبول آھي!

    ... خوبصورتي، ڪائنات جو آواز آھي.

    ... محبتون قيدي جي زنجير جيان آھن، جن کي ڪو جيلر، ڪو پھريدار سَڻي ناھي سگھندو، ڇو جو ان لاءِ احساس کپن!

    ... محبتون سرد ملڪن جي اجري عاشق پکين جيان ، ڀٽڪي به بي مروت ناھن بڻيون!
    ... احساس جي موسم جا سمورا ڪپڙا ڄڻ ته ڪنھن لاھي ڦٽا ڪيا آھن!
    ... تاريخ اھا اَلھڙ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ آھي، جنھن جي اُڀريل اُرھن کي وقت جي بيرحم، سنگدل، ماڻھن جي ھٿن ھر دؤر ۾ ڇڪيو ۽ پٽيو آھي، ۽ انھن اُرھن مان ريٽو رت ٽمندو رھيو آھي!

    ... گلابن جون پنکڙيون فطرت جو خواب آھن! اھو ڄاڻي ته مٿان آڱرين جون اکيون کين ڇرڪائي وجھن، اسان ان ڪري اُنھن کي چپن جي اکين سان چُميو آھي! جي اھو ڏوھ آھي ته پوءِ ھر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيون!

    ... بي رحم، بي حس، رنج ۽ الم جي نماشام جھڙين سنگسار گھڙين ۾ ڪي اکيون، ڪي آڱريون، اھڙيون به وقت وري وري جنميندو رھيو آھي، جيڪي سوڳوار سُونھن ۽ سوريءَ چڙھيل سچ لاءِ احتجاج بڻجن ٿيون، دکندڙ ماحول ۾ ڪنھن پازيب جي صدا باسن ٿيون، مڇريل گھوڙن جي ٽاپن کان طنبُور جي تارن تائين، ڇيرن جي سازن کان آلن وارن جي خوشبو تائين، ھر پيار جي جھولي جھلڻ کان ھر ستم خلاف احتجاج تائين، ھڪ جنگ وڙھن ٿيون! اُنھن اکين، اُنھن آڱرين، اُنھن وجودن اسان جي تاريخ کي اسان جي سامھون اڳيان آڻي بيھاريو آھي!
    ... اسين پنھنجي ڌرتيءَ جا جوابدار آھيون، وقت ۽ حالتون اسان کان ڪنھن تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جي توقع رکن ٿيون!

    ... اسين نه کٽندڙ رات جي ھنج ۾ قتل ٿي ويل صبح جي سج جو غم ڪريون، يا جنسي جنون ھٿان پنھنجي ويڙھن جي لُٽيل سُونھن لاءِ اکيون اشڪبار ڪريون؟ اسان ٽارچر سيلن مان نڪتل پنھنجي جسمن جون ڦاٽل رليون ٽانڪيون يا پنھنجي محبتن جي تاج محلن جي ٽٽڻ ۽ ڀرڻ ڪاڻ دلين جا ويرانا وري وري نھاريون؟ اسان دار جي درن جا سڏ ورنايون يا عشق جي جلاوطن موسم ۾ مينھن جيان وسي وڃون!؟ انھن سوالن جا جواب نه وقت ڪلھه ڏنا ھئا، نه وقت اڄ ڏئي ٿو!!

    ... ڪنھن سوڙھي گھٽيءِ ۾ ڪنھن ننڍڙي معصوم نينگري جي ڪنن مان زوري ڇڪي لاٿل والين کان، ڪنھن ھوٽل جي معصوم پيشه ور ٻار جي زنا تائين، جرم جو جھولو جھولندو رھي ٿو، شام ٿيندي ئي ٻھراڙين جي سُونھن سڃ ۾ بدلبي رھي ٿي، شھر اجنبيت جي احساس ۾ ويڙھجندا ٿا وڃن!


    قتل

    ... ھڪ خوبصورت وجود جو قتل نه فقط ھڪ خوبصورت انسان جو قتل آھي، پر اھو قتل آفاقي عشق جي ڀوري بدن جو قتل آھي. اھو قتل ڇير جي ھڪ سانوري سُر جو قتل آھي، اھو قتل افق جي اکين ۾ اڌ ڪٺل ڳاڙھي سورج جي سيج جو قتل آھي، اھو قتل دلربا آرسي جي محبوب عڪس جو قتل آھي. اھو قتل ھڪ خواب جو، ھڪ تاريخ جو قتل آھي! اھو قتل ڪنھن جي نالي ڪيل چميءَ جو قتل آھي. اھو قتل برکا جي بارش جي ڪوريءَ ۽ ڪنواريءَ ڦُڙي جو قتل آھي. اھو قتل ڪتابن جي ورقن ۾ سُتل نماڻي، خوشبوءَ ، باوضو معصوم اکرن ۽ لفظن جو قتل آھي! اھو قتل ڦڻيءَ ۾ رھجي ويل ڪارن ڪاڪُلن جي ريشمي تارُن جو قتل آھي! اھو قتل ڀٽائي جي مزار جي مجاور پرديسي ڪبوترن جو قتل آھي! اھو قتل سرمي سان سجيل سانورين ۽ بانورين اکين جو قتل آھي! اھو قتل ديس جي آڪاش تي رقص ڪندر چانڊوڪي جي خالق چنڊ جو قتل آھي. اھو قتل دربدر ٿيل دعائن جو قتل آھي! اھو قتل اوسيئڙي جي رات ۾ کڄيل گرم ۽ ٿڌن ساھن جو قتل آھي. اھو قتل مروت جي مئخاني ۾ مرڪندڙ ڪنھن باغي جي بيچينيءَ جو قتل آھي! اھو قتل ڪنھن بدن تان چپن سان اگھيل مدھوشي جو قتل آھي، اھو قتل اڻ چيل لفظن ۽ چاندني م ڪيل وعدن جو قتل آھي!

    ... اسان آڪاش جي وسعتن ، پولارن کان پاتالن تائين وڃائجي ويل صبحن جي اھا ڪھاڻي آھيون، جنھن جي تاريخ ڪنھن جي ڪنواريءَ چيچ ۾ پيل ڇلڙي جيان اڄ به اتاولي آھي، ان تاريخ گھوڙن جي سُنبن سان اڏامندڙ مِٽي جيئن ھڪ طوفان کي سيني ۾ سمائي اسان لئه ڳولا ۽ ڀٽڪڻ جا دروازا کولي ڇڏيا آھن!

    ... بارش ۾ ڀنل ڪنھن بسنتيءَ بدن جھڙين گھڙين کان ڪنھن زھر کائي مرندڙ جواڻ نينگريءَ جي نيڻن جھڙين بي رنگ حقيقتن تائين ھر صبح ھر شام ھر رات اسان تي ھڪ نئون راز کولي ٿي، ۽ اسان درد جي آرسي پنھنجي وجود ۾ ڀڄندي ڀانئيون ٿا!

    ... درد زخمي پکي جي ڀڳل کنڀڙاٽين جيان روح جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ جڏھن رقص ڪري ٿو، تڏھن اسان کي انھن شين سان انھن وجودن سان محبت جاڳي پئي ٿي، جيڪي حاصلات جي حدن کان گھڻو پري رھن ٿا!

    ... درد به ڪڏھن ڪڏھن بي نانءُ بڻجي پون ٿا، اسان اھو به ڄاڻي نه سگھندا آھيون ته آخر اسان کي درد آھي ڪھڙو!؟ امبر جي تارن کان ساگر جي ڪنارن تائين درد ئي درد آھي!!

    ... اسان کي تاريخ جي بي مروت دؤر ڪچي ننڊ مان اٿاري، سج جي سامھون اکيون کولڻ لاءِ چئي آزمائشن جي صليب تي ٽنگي ڇڏيو آھي! اسان جو جرم اسان جا شرميلي ڇوڪرين جھڙا خواب ۽ برکا جي رُت جھڙيون ريشمي حسرتون آھن!

    ... جڏھن چنڊ ھيٺان ليٽي بدن کي کٽ تي بي سھارو ڇڏي دل ڪنھن جي وارن ۾ وچڙي پوي، ۽ ذھن سرد رات ۾ سنگسار ٿيل ماڻھو جي مَن جھڙين گھٽين ۾ پيرجي ڇڻيل پن وانگر رُلي ته پوءِ ننڊ جي بيوفائي تي ميار به ڪھڙي! درد جي ڦُٽڻ تي شڪايت به ڪھڙي!!

    ... چين لاءِ پرائي اکين ۾ پيار جا پيرا ڳولڻ، ڪاڪُلن جي قيدي ٿيڻ جي تمنا جا چنڊ اڀارڻ، ڪنھن بانوري خواب جي اگھاڙي بدن کي آڱرين سان ڇھڻ جي حسرتن جا گل ميڙڻ، يا ته چريائي جي حد آھي، يا سوچي سمجھي درد کي خريد ڪرڻ آھي!

    ... چھرن جي چيچن ۾ مرڪن جا ڇَلڙا سدائين سُونھندا آھن!

    ... فطرت جي ڪک مان سج جو نڪرڻ، صبح جو مرڪڻ، گلن جو ٽڙڻ، ۽ پيار جو نروار ٿيڻ ھر معيار کان مٿانھان آھن، اھي تازي ڄاول ٻار جيئن پويتر آھن!

    ... سج نڪرندو ۽ صبح ٿيندو ئي انھي لاءِ آھي ته ڪائنات جي ازلي حُسن، جنھن کي رات جي چادر لڪائي ڇڏيو ھو، اھو ان روشني ۾ ويجھڙائي کان ۽ چٽي طرح سان اکيون سڏي روح ۾ تازگي لاھي سگھن، ۽ خوبصورتي جو احساس محسوس ڪري روح ريجھائي سگھن!

    ... يقين ڄاڻ اعتبار جون موسمون ناھن مئيون ۽ اڃا ٿر جي واريءَ جي اکين مان روھيڙي جي گل ڦٽڻ جو خيال ناھي ويو. اڃان چنڊ کي چڪور جي اڏرڻ جو اعتبار ۽ اميد آھي، اڃان ھر گلاب ماڪ جي اچڻ جو ويساھ رکي ٿو. اڃان به سرد ملڪن کان اُڏريل پکين ڪنھن نه ڪنھن ڍنڍ جي نيري پاڻي ۽ ڪنولن سان ڪچھري جي آس ۽ سڪ دل مان ڪانھي ڪڍي! اڃان به بيقرار عشق مغرور حُسن سان ناتو ناھي ڇنيو! اڃان به مصور جي آڱرين ۽ رنگن ڪاغذ سان بيوفائي جو ناھي سوچيو، اڃان به اعتبار جي وجود ۾ ساھ جو پکي پَر ساھي ٿو پيو!

    ... مِٺي! تو جا ڀرت جي چادر ڀري مون ڏي اُماڻي آھي، لڳي ٿو تُون ان ۾ پنھنجون اکيون وساري وئي آھين، يا الئه ٽانڪي ڇڏيون اٿئي، جيڪي رات جو مون سان ڳالھائن ٿيون!

    ... جيئڻ جو اتساھ اُھو ڀاڪر آھي، جيڪو زندگي کي محبوبا بڻائي ٿو!

    ... ڪاري رات جي ڪاري بُت تي ستارا به آھن، ته چنڊ به آھي، ۽ اِھا اتساھ جي علامت آھي!

    ... اسان بيحس ناھيون، نظر کڻي نھاريون ٿا ته آس پاس بدذوقي جي بازار نظر اچي ٿي، ماڻھو خواب ۽ خيال وڪڻي جيئن ٿا، ۽ اسان درد ماڻي مُرڪ تاڻي جيئون ٿا، اھو ئي اسان ۾ ۽ ٻين ۾ فرق آھي!

    ... عشق جي اُجري رُت اسان جي بدن ۾ واسو ڪيو وتي! ۽ ان رُت ۾ اسان دنيا کي پنھنجي اکين اسان ڏسون ٿا، اِھائي اسان جي وجود جي ڪھاڻي آھي!

    ... ماءُ جون دعائون الئه جي ڪھڙي صدا کي ڳولھين ٿيون!؟

    ... ھر رُت جي شراب کي اسان جي اکين جي چپن پي ڏٺو آھي، ۽ اُن ڪري ئي اسان بيقراري جي ڀاڪرن ۾ آھيون، اسان جنھن به گل کي چاھيو آھي، اھو اسان جي اکين اڳيان اُن ٽاري تان ٽوڙيو ويو آھي. اسان جنھن به شام کي اکيون ۽ چاھتون ارپيون آھن، ان کي ڪانه ڪا رات ڪارو ڪفن پارائي وئي آھي! ڇا ته عجيب اسان جي خوابن جي ڪھاڻي ۽ مقدر آھي!

    ... تنھنجن ڳالھين ۾ اتساھ جو رنگ پسي لڳيم ته اڃان آس پاس گھڻو ڪجھه پيار ڪرڻ جي لاءِ موجود آھي!

    ... تنھنجي لفظن، آرسيءَ اڳيان آڻي بيھاريو آھي!
    تنھنجو پيار صبح جي بدن جيئن ان ۾ جرڪي پيو!!

    ... اسانجي ھڪ نسل ٻي نسل کي مايوسي ۽ ذلت ڏني آھي!

    ... ڪھڙي ڪھڙي خواب، ڪھڙي ڪھڙي آس جو بدن ڏسجي، ڇو ته زمانا ٿيا آھن، انھن جي روح ۽جسم جون آرسيون ڀور ڀور ٿي ٽُٽي چُڪيون آھن، نه جُھڙ جي جھوليءَ ۾ اسان لئه ڪا بُوند آھي، نه سانجھه جي سينڌ ۾ اسان لئه ڪو تارو به آھي! جڏھن کان اسان، سان نه رھيا آھيون ۽ ھُو، ھُو نه رھيا آھن!

    ... رُڃ جي روح ۾ جڏھن گل ڦٽن، تڏھن اسان جون آسون به بھار جي اچڻ جو يقين ڪن! ھيلتائين رڳو رُڃ ۽ روح جون صدائون آھن، ۽ پنھنجون آسون ڄڻ ته ڪي گمنام گھٽائون آھن!

    ... يڪسانيت جي اُس ڏاڍو ساڙي ٿي، پر افسوس جو اسان جون ڪي پناھگاھون به ڪونه آھن، جي آھن ته به اھڙيون جو بيچيني جو باب بند ئي نٿو ٿئي!

    ... اسان سُڃ جي سُتل سرير تي اگھاڙي سج ھيٺان ھلندا رھون ٿا، ان ڪري آلين اکين جھڙيون حالتون ۽ موسمون اسان کي ڀٽڪڻ ۽ ڀوڳڻ تي مجبور ڪن ٿيون!

    ... ديس جي دغا گھرن ۾ چادرن تي ڀريل ڀرت جھڙيون محبتون اڄ به قيدي جي اکين جيان آھن ، جن ۾ نه کٽندڙ ، نه سمجھندڙ بيقراري جي ڪٿا اُڻيل آھي!

    ... چنڊ جي ھيٺان آڌيءَ جو اڱڻ ۾ ستي چيچ ۾ چڳون وٽيندڙ ڪنھن سانوريءَ جي من جي بيقراريءَ ۽ تتيءَ ۾ کوھ تان گھڙو ڀري ايندڙ ٿر جي اٻاڻڪي نينگريءَ جي نيڻن جيان اسان جو ھر پل. دل جو ھر درد، سانجھه جي ڪا صدا رھجي ويو آھي!

    ... سج، ڪائنات جو ساھ – چنڊ، ڪائنات جي دل آھي!


    غور ڪري ڏس!

    ڪائنات ۾ ڪا به شيءَ بي لباس ڪانھي! گل جو رنگ، گل جو لباس آھي! منظرن جي ساوڪاڻ منظرن جو لباس آھي!

    ... ڇا پکي به ڪي خواب ڏسندا آھن، جي ڏسندا آھن ته پوءِ ڪھڙا؟ جي ان سوال جو جواب ڪو مون کي ڏئي ته ان کي اولياءَ، ولي ۽ پنھنجو مرشد سمجھندس.

    ... خوشبو فطرت جي اُھا تخليق آھي، جنھن جو بدن بادلن جي اکين جيان حسين آھي!
    خوشبو، عشق جي اک جو ڳوڙھو آھي!
    خوشبو، گل جو حسين خيال ۽ خواب آھي!

    ... شام سج سان ٻک وجھي، ٻُڏي وئي آھي، پکين جي پَرن ۾ درد ۽ سفر جو ٿڪ آھي، ان سمي تنھنجي مرڪ، سانجھه جي ول مان ڦٽل ڪو گل ٿي لڳي!


    يا خُدا !!

    اُھي وجود جن کي بک بيحال ڪري ٿي، يا ته انھن کان پيٽ کسي وَٺَ ، يا وري انھن کان بک جو احساس کڻي وڃ! يا خدا!
    اُھي وجود جيڪي سُونھن کي سوڳوار ڪن ٿا ۽ لُٽين ٿا يا ته انھن جي دل کي عشق سان ٽمٽار ڪري ڇڏ! يا وري اُنھن جي اکين ۾ رات لاھي ڇڏ!!

    ... رُڃ وجود ۾ ڇو ٿي رھي؟
    ان جو جواب پائڻ ڏاڍو اوکو آھي، ماڻھو جو من به ساگر تڏھن بڻجي ٿو، جڏھن پيار جو رنگ جيون جي جذبن کي ڇُھي ٿو!

    ... سنگ مرمر تي کڄندڙ پير توڙي جو ڏاڍا سھڻا ھوندا آھن، پر اُھي واريءَ جي ڇھاءُ کان محروم رھي، ھڪ تجربي کان نا آشنا رھندا آھن!

    ... جيون ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪو پل بھار جي گل جيئن ٽڙي ٿو، ته به اھو گمان ويڙھي وڃي ٿو، ان کي به ڪا نه ڪا خزان پڪ سان کڻي ويندي!

    ... اسان ماٺ جي ڪتاب جا سمورا ورق اٿلائي ڏسون ته به حسرتن جي سڙيل شھر مان اٿندڙ دونھين سوا ٻيو ڪجھه به سلامت نظر نٿو اچي ، ان شھر جي بيواھن رستن تي يا ته رڳو درد جي ويراني ڊڪي ٿي، يا وري ڀڳل چوڙين، ٽُٽل والين ۽ سڙيل خوابن جا ٽُڪڙا، روئندي ملن ٿا!

    ... دل جي عجيب اُجاڙ رُت آھي، بيرحم پيرن ھيٺان لتاڙيل گلابن جون پنکڙيون آھن، سرءٌ جا صبح آھن! اکين جا ويران آکيرا آھن ، محبتون ننڍي وھيءَ ۾ وڪجي ويل نينگر جيان نڌڻڪيون ۽ اداس ٿينديون ٿيون وڃن، پيرن کي پنڌ ۽ منزل جو پتو ڪونھي! پرين جي نيڻن جھڙيون شامون موئن جي دڙي جي وجود جي ڪھاڻي لڳن ٿيون! ستارن جي سيج تي سُتل چنڊ ۽ سنگمرمر تي ھلندڙ کڄندڙ ڪومل پير اسان جو درد ڇا ڄاڻن! سانوڻي جي سائي سلي جو درد ھوا ڀلا ڇا ڄاڻي!!

    ... ھر رُت ۾ اسان کي خوابن جي گلابن جو ڪانڌپو نصيب ٿيو آھي، ولھه ۾ سُتل پرين جي پيشاني جھڙا پھر صدا جو سرير بڻجي ويا آھن، ۽ اسان جي عشق جا سجدا خزان جو کاڄ ٿي ويا آھن، ۽ دلبرين جي ديس ۾ درد ڪاھي پيو آھي!

    ... سگريٽ جي ڦلي جيان ڇَڻي ويل راتيون جڏھن سڏينديون آھن تڏھن دل دُکي ۽ ڏکي پوندي آھي!

    ... غربت جي ڪھاڻي، غربت جي تاريخ، ٺريل چُلھن کان جسم جي وڪري تائين ڇا ڇا پسيو ۽ ڀوڳيو آھي؟ ڪاش ان کي ھر ذھن ڄاڻي ۽ سمجھي سگھي!

    ... ٻيو ته ٺھيو پر اسان جو ن محبتون به ويران ٿي ويون آھن! اُنھن جي ڳچي ۾ پارايل گل به لڳي ٿو ته يا سُڪي ويا آھن! يا سُڪي رھيا آھن!

    ... ماتم ته ول ول، گل گل تي لٿل آھي ! اڄ به ديس جي واھن ۾ لاش لڙھندا ٿا رھن! ڪاريءَ جو موت ملڻ جي ڀئو ۾ پيار جون پينگھون لڏڻ جي حسرت دل ۾ ئي رھي رھي مري ٿي وڃي. ھر شام شام ڪربلا جو عڪس ٿي لڳي! وجود خوابن جي خوشبو ماڻڻ لاءِ سانجھه ٿيندي ئي ننڊ جي ٻک جي تمنا ڪن ٿا! پر ڪڏھن ڪڏھن ته ننڊ به اکين سان لائون ناھي لھندي، جي لھندي آھي ته اکيون خوابن کان خالي ڇڻيل اڪن جي ڦلڙين جيئن لڳن ۽ رھن ٿيون!
    صبح ھر سڏ کان بي نياز بيقراري ئي پوکي ٿو !!

    ... سچ اھو آھي ته من ۾ ڪوبه ڦول ڦلاريل ڪونھي! موسم ۾ مئخاني جي در تان ٿي آيل ڪنھن مدھوش وجود جيئن لڳي ٿي!
    اسين دؤر جو درد ڄاڻون ٿا !!
    ... رات گھڻي لڙي چُڪي آھي، سرد رات جي سرد بدن تي ستارا، عاشقن جي اکين جيان اوجاڳي ۾ آھن!


    لھندڙ سج، لڙاٽيل اکيون!

    ... حقيقتن جي آئينن تي وقت دز وجھي ئي نٿو سگھي!
    لڙاٽيل اکيون لھندڙ سج کي روڪي نٿيون سگھن!
    اسين اُس ۾ ھلندي جيون تي سوچيون ٿا، جنھن جي ھٿن ۾ ڪوبه تحفظ جو جھنڊو ڪونھي ڪو! اسين پنھنجي وجود ۾ وڃايل ماڻھو آھيون! سڙيل شھر جي مري ويل ماڻھن جي قبرن تي ڦٽل ڦولن جھڙا چھرا اسان تي اڄ به نا مھربان آھن! ڇو جو اسان جي وجود ۾ موئن جي دڙي جي چاندنيءَ ، موئن جي دڙي جي ناچڻي رقص ڪري ٿي! اسان رات جي ٻک ۾ وڃايل صبح جي ڳولا ۾ سُڃ لتاڙي ۽ ان کي ڏسڻ ڇُھڻ ۽ چُمڻ جي تمنا ڪئي آھي، ۽ ان ڏوھ ۾ اسان نا آشنا ستمن کي پئي سھندا رھيا آھيون، ھڪ صليب کان ٻي صليب ڏي ڌڪبا رھيا آھيون پر اسان جي پيرن ھيٺان ساھ کڻندڙ مٽيءَ اتساھ جو اسان کي ڀاڪر ارپيندي رھي آھي، وڻن جي ٽارن کي ويڙھيل اداسي سان کي گرمي جو احساس ڏيندي رھي آھي!

    ... بيحيائيون ڏاڍو عام ٿي ويون آھن، وقت ڏاڍي تيزي سان پاسا بدلائي رھيو آھي، اڳتي ڇا ٿئي، ڪو پتو ڪونھي!!

    ... ديس جي ھر نينگر – ڪرشن چنڊ جي ناول “محبت ڀي قيامت ڀي” جي مرڪزي ڪردار جيئن درد جو درياءَ پار ڪندو رھي ٿو.

    ... ديس جي ھر نينگريءَ پاويل لوڪنيتڪي جي روسي ناول “پھاڙون ڪي بيٽي” جي مرڪزي ڪردار “نسا” جيئن پھاڙن جو پنڌ جھاڳيندي رھي ٿي!

    ... جڏھن رُتون روئارينديون آھن، تنھائي ڀاڪرن ۾ ڀريندي آھي ته اندر اُٿلي پوندو آھي! اُھي ڳالھيون جيڪي ڪنھن کي سامھون ويھي سڻائي ناھن سگھبيون، سي ڪاڳرن جا ڪُنوارا جسم ڏسي انھن تي اُٿلي پونديون آھن! اِھو به عجيب عشق آھي!

    ... وجود جو ھئڻ ئي محسوسات جا در کولي ٿو!

    ... اُجھيل باھ مٿان رکيل ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيندڙ ڪنواريءَ ڇوڪري جي دونھينءَ سبب اکين مان آيل لڙڪن جو ڏيک ڏيندڙ زندگي ۽ ھي عزت لٽيل ناريءَ جھڙو دؤر عجيب اوپراپ جو احساس ارپي ٿو! ٻيو ته ٺھيو پر چاندني جي پيرن جا پازيب، اُفق جا حنا رتل ھٿ، شفق جو اڇي ڪبوتر جھڙو تن، منظرن جي پراڻن وجودن مان اڀرندڙ خوشبو، ڪارين راتين جا مست ڪاڪُل، محبوبائن کي وڌل ڀاڪرن کان پوءِ اکين جي شھر ۾ لھي آيل مدھوشي، سانجھه ويلي ڪچن گھرن جي جارن ۾ شاھ کڻندڙ ڏيئا، آسمان جي ڪنواريءَ سانوري جي ڪڇ ۽ مٿي تي، لوڏ سان ڇلڪندڙ گھَٽا جا گھڙا، جواني جي جاڳ ۾ ھرڻين جيان بيقرار نظرون، گسن تي زلف ڇوڙي گھلندڙ ھوائن ۽ ورھين کان پوءِ نصيب ۾ لکيل رُٺل محبوبا جو پاتل پھريون ڊگھو ڀاڪر ۽ اکڙين جي آلاڻ، سبب ڄڻ ته قيدي ھجن، ڄڻ ته اجنبي ھجن!

    ... منھنجي اُڃ ۽ تڙپ کي ھيل تائين ڪابه معنى ناھي ملي!

    ... وئيشا جي ٻک مان نڪتل ماڻھو اوچتو در ٽوڙي ايندڙ سپاھي جي اکين ۾ ڪو احساس ڳولي ٿو، احساس جو روپ ھن کي ٿڦڙ جي صورت ۾ ملي پوي ٿو!

    ... قانون ڄڻ ته گڏھ تي چڙھيل بسنت موچي جيئن پنڌ ۾ آھي!

    ... سنڌ جي بدن تي ڦھلجندڙ وئيشا گھر، ڪير ڄاڻي ته ڪھڙي دؤر کي جنم ڏيئي رھيا آھن!

    ... حادثن سان جنگ مايوس ٿي ناھي وڙھبي!

    ... اسين وجود ويران ڪندا رھيا آھيون!


    احساس

    ... جنھن سماج ۾ عشق فقط بدن ماڻڻ جو خواب بڻجي وڃي، جنھن سماج ۾ ٻارن جا رانديڪا ۽ زال جون چُوڙيون وٺي موٽندڙ ماڻھو جو بيگناھ بدن گولين جو کاڄ بڻجي وڃي، جتي چند سالن جي معصوم نياڻين سان زنا ڪري ۽ انھن جي شلوارن سان انھن کي ڦاسي چاڙھيو وڃي، اُتي احساس ڀلا ھوندو ڪٿي!!؟

    ... اسان کي صحرا ۽ واريءَ جي بدن تي بيٺل روھيڙي جي ڳاڙھن گلن جي ڳاڙھين شالن جي سُونھن سلامت ڏسڻ لاءِ سوين لڪ لتاڙڻا آھن!

    ...توڙي جو دلبريءَ جي درن تي اڃا به ڪن ھٿن جون حرڪتون مھربان آھن، توڙي جو نيڻن ۾ نينھن جون نينڍون اڃا به مرڪنديون ملن ٿيون، پوءِ به تلاش جا واءَ رُخ ڦيريندا رھن ٿا، دؤر جا دوزخ ۽ پھر نئين الجهنن سان آشنا ڪرائيندا رھن ٿا!

    ... اکين کي امانتون ڪري ڏنل اسان جون محبتون اگھاڙن پيرن سان اُس ۾ ھلنديون رھيون آھن، ۽ جيڪڏھن انھن ڪڏھن ڪا ڇانءُ ماڻي به آھي ته سگھوئي انھن جا روح روئاريا ويا آھن!

    ... سرد موسم جي سرد صبحن جيان عجيب حقيقتون اسان تي کلنديون رھيون آھن!

    ... ٿر جي وسيع صحرا ۾ ھرڻن، تلورن ۽ ٻاٻيھن کي عرب ملڪن کان آيل شڪارين جون بندوقون ۽ باز جھٽيندا وتن ٿا، ۽ ڪارونجھر جي ڪور تي چانڊوڪيءَ ۾ سُتل اياز جي نظمن جھڙا مور خوابن ۾ ڀي ڇرڪندا رھن ٿا!

    ... شھرن جا ڪئين تيري ميري ڳالھائيندڙ ڇورا ٻھراڙين مان کير ڪڻي ايندڙ ٻالن ڀولن ڇوڪرن ۽ پيرسن پوڙھن جو کير روڊ تي ھاريندا ھڙتال ھڙتال جون ھنڀوڇيون ھڻندا رھن ٿا، ۽ سنڌ جي مٽيءَ جي چپٽي تريءَ تي رکي ھر پيرسن چوندو وتي ٿو.
    “امڙ اڳي ته ائين ڪونه ھو.”

    ... خانگي جيلن ۾ وڏيرن جي ڪمدارن جي کٽن تي سُتل ننگا بي سھارا بدن ۽ ڳاڙھيون اکيون چنڊ جي چلولائين جا سمورا اُجرا احساس ان بسترن جي ورن ۾ وساري ريڊيو تي استاد محمد جمن جي آواز ۾ لطيف جون وايون ٻُڌي روئي پون ٿيون، ۽ پري پري لطيف جي درٻار تي طنبورن جون تارون الئه جي ڪھڙو احتجاج ڪنديون رھن ٿيون!

    ... اسان جنم جنم کان پاڻي تي پوندڙ چنڊ جي پاڇي جيان ليرون ليرون ڇيھون ڇيھون آھيون! الئه جي ڪھڙي جنم ۾ مڪمل ٿيون، يا ٿيون ئي نه!؟ ڪو پتو ڪونھي!!


    برفباري!

    ... ڪڏھن ڪڏھن پنھنجو پاڻ کي پرچائڻ لاءِ پُراڻين محبوبائن جي درن تان به ٿي اچڻ جو حادثو ٿيندو رھي ٿو، جن اڳيان پُڄي ائين لڳندو آھي ته ڄڻ سياري جي برفباري واري ھوائن جي اونداھين رات ۾ اوچتو ڀٽڪي اچي پڳا آھيون، ۽ انھن محبوبائن جو وجود نه ٻاھر جي ٿڌ تي ڪا ڪوساڻ رکي سگھي ٿو، نه اندڙ ۾ ٿيندڙ برفباري کي روڪي سگھي ٿو! ڪنھن مقدس ڪتاب ۾ رھجي ويل ڪنھن ڪنواريءَ جي ڪاڪل جي تند جيان اڪيلائي جو احساس اتي به ڳنڍيو رھي ٿو!

    ... حادثن جون ھوائون دل جي ڪچي گھر جي جاري ۾ رکيل آرزوئن جي ڏيئن کي وسائينديون رھن ٿيون، وقت بدن جي مِٽيءَ ۾ درد جي ٻَٻَر جا چيچڪا پوکيندو رھي ٿو! پر پوءِ به صبح جي آرسي، اکين کي جياپي جو ڪو انوکو احساس پسائيندي رھي ٿي، ۽ اسان جيون جي جوڳي کي ڳلين جي سُڃ ۾ روليندا رھون ٿا، ان تسلسل جي خبر ئي ڪانھي ته ڪھڙي پُڄاڻي آھي !

    ... ڪڏھن ڪڏھن چوڏھين جھڙين راتين ۾ چنڊ جي جوڀن ڏي نھاري سوچيندو آھيان، اسان جا جيون ۽ جوڀن نما شام جيان ڇو ٿيندا ٿا وڃن!؟ اسين ڇوليءَ جي بدن جيئن ڇو ڪنارن جي آس پاس ڇيھون ڇيھون ٿيندا رھيا آھيون!؟ ڇا ۽ ڇو؟ ساحل اسان جي سڏن کان ناآشنا آھن؟ ڇا ڪناري جي واريءَ رڳو اسان سان آشنائي جي سزا ڀوڳي سج جي گولي ھيٺان ائين ئي ٻرندي رھندي، جيئن اسان ۽ اسان جا خواب ٻري رھيا آھن!؟
    رات جي رڻ ۾ چوريءَ چوريءَ حسين چھرن کي چُمندڙ ھوا احساسن جي جھولي تي جھولائي ويندي آھي! ڊپ آھي اسان سان ان وفا جي ڏوھ ۾ ڪٿي ان ھوا کي به ڪاريءَ ڪري نه ماريو وڃي! اسان سان ھن وفا جي ڏوھ ۾ اڳي ئي اھا اربيلي ننڊ به سزا کائي سڄي سڄي رات ستارن جي آس پاس رلندي ۽ جاڳندي رھي ٿي، منزلن جا پير ته اڳي ئي زنجيرن ۾ آھن!

    ... ڪنھن جو ياد ڪرڻ زندگي جي حسين لمحن کي حسين ڀيٽا آھي!

    ... اُھي معصوم آڱريون جيڪي ڏينھن جو سُئي سان ڀرت ڀرن ٿيون ، ۽ جيڪي رات جي خاموشي ۾ تارن جي ڇاٽ ھيٺان پنھنجي پريمي جي ڇاتيءَ ۽ ڳلن تي ڇھاءُ جي ٿڌاڻ سان زندگي جي احساس ۾ پيار جي سُرور جو رنگ ۽ ڀرت ڀرن ٿيون، اسان لاءِ اھي مقدس آھن!

    ... بادلن سان ڍڪيل آڪاش ھيٺان مٿي ۽ چيلھه تي گھڙا کڻي ايندڙ، سائي نيري، گلابي ۽ پيلي پڙن، گج ۽ پانچن تي ڀريل ڪنڊڙي واريون پاڻياريون ڪنھن خوشي جي جمالي جيان اسان لئه محبوب ۽ مقدس آھن! توڙي دنيا جي نظرن ۾ اسان جا اِھي عشق گناھ جي زمري ۾ اچن ٿا! پوءِ به اسان کي پرواھ ناھي!

    ... تازو اردو جي بسنت رُت جھڙي شاعر محسن نقوي کي ڪنھن گس تي گولين جو تحفو ڏئي مھل کان اڳ ماريو ويو!

    ... سوچيان ٿو، فن جي بدن تي جي ائين ئي ڪفن ايندا رھندا ته پوءِ عشق جي رئندڙ رُتن کي ڪير پرچائيندو؟ گوليون جي شاعر اکيون ائين ئي اونداھ ۾ لاھينديون رھيون ته پوءِ معصوم حُسن جي معصوم چھرن جون ڳالھيون ڪير ڪندو!؟ ڪير انھن اکين کي زبان ڏيندو، جيڪي ڦليھار ۾ پيل آخري ننڍڙن ٽانڊن جيان پويان پساھ کڻي رھيون آھن!

    ... اسين ڪويل جي ڪُوڪُو، ۽ چرچن ۾ ڏنل ٽھڪن کي ته نظرانداز ڪري سگھون ٿا، پر لاٿل پوتين، پٽيل اُرھن ، جوانن جي جنازن، مليل محبتن، ڀڳل چوڙين، ڪرندڙ ڪچن گھرن ۽ اُس ۾ سڙندڙ وجودن کي نظرانداز نٿا ڪري سگھون، اسان ڇانئن ۽ ٻانھن جي سھارن کي ته وساري سگھون ٿا، پر، حُسن ۽ سونھن کي لُٽجندو ڏسي تماشو ڏسي نٿا سگھون! ڍير گھرن جي ڪچري تي پيل نئين ڄاول ٻارن جي لاشن جو ذڪر اسين ان ڪري ڪريون ٿا، جو اسان معصوم محبتن جا ڀرم رکڻ ڄاڻون ٿا!

    ... اوچ نيچ جا تصور ھر باغي ماڻھو لاءِ، ٻارن کي پرچائڻ لاءِ ڏنل رانديڪن جھڙا آھن!

    ... سانجھه جي صفحي تي ستارن جو نظم وڇڙيل محبوبن لاءِ گذريل بيقرار پيار جو ياداشت نامو آھي! جنھن کي ھو پڙھن ٿا يا نه ڪا خبر ڪانھي!

    ... ڪنھن ھيراڪ مَڌ شناس ۽ مَڌُ پياڪ جيان، مون ھُن جي شاعري جو شراب ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيتو آھي، جنھن جي نشي کي آئون وساري ئي نٿو سگھان!

    ... اڄ جڏھن زندگي جو وجود بارود جي بُوءِ ۽ اُس سان ويڙھ ۾ رڌل آھي،، اتي ھڪ قلمڪار جو ڪردار ڪيڏي ۽ ڪھڙي حيثيث رکي ٿو؟ ڪاش ڪو انھن آڱرين کي سمجھائي سگھي، جيڪي ڌرتيءَ جا مُحسن مارين ٿيون!

    ... رَت جي تاريخ پنھنجا ڪردار پاڻ ٺاھيندي آھي!
    ... ايمانداريءَ جو بدن ڏاڍو اگھاڙو ٿئي ٿو، ان کي ڇُھڻ ماڻھن لاءِ اڄڪلھه ڀوائتي خواب جو درجو رکي ٿو!

    ... ھر ڳالھه گرڀوتي ٿئي ٿي، ٿيندي آھي، اُنجي ظاھر ٿيڻ بعد مذڪر مؤنث، رنگ ۽ شڪل جو پتو پوي ٿو!

    ... عشق بدن جي بُک تي اچي بيھي رھيو آھي! خوبصورتي ڏاڍي سَستي وڪجي رھي آھي، حُسن ڪاروبار ٿيندو ٿو وڃي!

    ... اسانکي جنونيت ۽ دھشتگردي ورثي ۾ ڇو ملي آھي!؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ مون عشق جي اگھاڙي ۽ ڪاوا ڪاوا ديس جو پيرين اگھاڙو پنڌ ڪري ڏٺو آھي!

    ... عجيب آپگھاتن جي ٻکن مان نڪرندا ۽ گذرندا رھون ٿا!

    ... اي اڻ ڏٺا نامڪمل محبوب ھي سڀ ڇا آھي!؟ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي!؟

    ... سوالن جي سلسلن قيدي بڻائي ڇڏيو آھي !

    ... سماج جي نظرن ۾ ٿيل ھر گناھ، سچائي جي خدائي ۾ ثواب جيان آھي!

    ... جڏھن پُور چانڊوڪي جي ڇير وڄي ٿي، جڏھن تتيءَ ۾ ڪي گھڙا ڀرن ٿيون، اڪ تپن ٿا، ۽ شام سچل جون سٽون ٿيو پوي، چيتي جيئن سُتل سھاڳڻ واريءَ تي جڏھن ٿوھر ٻانھون پکيڙي چنڊ کي سڏن ٿا، جڏھن ٿر جي واري جو روح روھيڙو ٿي پوي ٿو ۽ جڏھن ٿڌي واريءَ کي چوڙين جون سرگوشيون ڪچي ننڊ مان اٿاري وجھن ٿيون، جڏھن ڀٽ ڀٽ ڦُلڙيون ڦلڙيون ٿي رول بادل ڏي واجھائي ۽ نھاري ٿو، تڏھن ھتي ڪو ميڙو مچي ٿو، سينڌن ۾ ڦڻيون اچن ٿيون، اکيون سُرمي جي ڇھاءُ جو گيت سُڻن ٿيون !!

    ... چاھتن جي درن تي، درد، انتظار ۽ اوجاڳن جي موسم ڦٽي پئي آھي، سانوڻ ا صبح الئه ڪڏھن آرسيون ٿيندا، مِٽيءَ جو قدمن سان سنگسار بُت الئه جي ڪڏھن ڦُلڙيون ڦُلڙيون ٿيندو! ؟ في الحال ته رڳو اميدن جون ٻانھون کڄنديون رھن ٿيون، خيالن جون ويران مزارون ڪنھن بادل جي لاءِ ڏسنديون ۽ لڇنديون رھن ٿيون!

    ... ڪنھن کير جھڙي رات ۾ ڪوسن ڀاڪرن ۽ ٿڌين چُمين جون حسرتون کڻي ڪنھن لوڙھي جي ڀر ۾ سرگوشين جون ڪھاڻيون جنمي ڪن مارجي ويل جوانين جون پويون نگاھون اسان جي ڄڻ ته ساھن ۾ آھن!

    ... اسان سوين سڏن کي ته پٺي ڏيندا ئي رھيا آھيون ، پر پنھنجين محبتن کي پُٺي ڏيڻ اسان جي دل جي مذھب ۾ ڪفر آھي! نه معاف ٿيڻ جھڙو گناھ آھي!

    ...اسان چاھيون ٿا ته اسانجو ايندڙ نسل اسان کان وڌ سمجھدار ، باغي ، حقيقت پسند ۽ حقيقت شناس ھجي!

    ... پيار جو صبح جھڙو چھرو جڏھن ڪاراڻ سان ڍڪجي ويندو آھي، تڏھن من جون موسمون مري وينديون آھن!

    ... چاھتون جڏھن بيوفائي جي چوٽي تان ڪرنديون آھن، تڏھن دل تازو بمباري ٿيل بستي جھڙي ويران، تباھ ۽ اجاڙ ٿي ويندي آھي!

    ... عشق جو اڌ رات جھڙو يا جيان رھجي وڃڻ، نه آسمان، ٿو ٽوڙي سگھي نه زلزلو ٿو آڻي سگھي، مگر چاھتن جا شھر ويران ڪيو وڃي، اھو الميو اُس کان به وڌيڪ ساڙيندڙ رھي ۽ لڳي ٿو.

    ... سوچ جي بدن تي گلابن جھڙي جواني اچڻ کان ان تي پوڙھپڻ جا دؤرا پوڻ تائين، صليبن جو ھڪ سفر آھي جيڪو نه ٽُٽي ٿو نه کُٽي ٿو!

    ... سوڳوارين جا داستان ھميشه اڻ پورا رھيا آھن!
    ... آئون حقيقتن کان منھن موڙي نٿو سگھان، ھن ڪائنات جو اوترو ئي ڏوھي آھيان، جيترو ھر حقيقت پسند ماڻھو کي ٿيڻ کپي!

    ... ھوءَ معصوميت جو گيت آھي!
    آئون اُس جو مسافر آھيان! ھُن کي پاڻ سان گڏ ڪيئن وٺي ھلان!؟ اڄ به ڪا ويڙھ ڄڻ ته پاڻ سان وڙھي رھيو آھيان!

    ... ھوءَ خوشبو جيان ائين جو ائين مروت سان ٽمٽار آھي ! منھنجي غلطي رڳو اھا آھي جو مون پنھنجي اکين سان کيس محسوس ڪرايو ته تون (ھوءَ) تپيل ماحول واري رڻ پٽ ۾ سڀن کان بنھه منفرد ڪو بانورو ڪڪر آھين، ڪنھن پازيب جي صدا آھين! ۽ ھُوءَ ڦڙي ڦڙي ٿِي وسندي ٿِي وڃي!

    ... شعور ۽ سج لتاڙجڻ جي ھر وارتا انسانيت جي موت برابر آھي !!


    اداس موسم جون اکيون!

    ... سچ ڪڏھن تخليق ٿيو!؟ اھو سوال عشق ڪھڙو آھي، ۽ ڪيئن آھي!؟ جيان حل جي حدن کان گھڻو پري آھي، مٿي جھڙالو آڪاش ڪنھن حسين وينگس جي مرڪ جيان آھي، ھيٺ ڌرتيءَ ڀاڪرن جي احساس جيان آھي، درد ڦٽين جيان ڦٽن ٿا! اِھو پڻ ھر دؤر جو اگھاڙو سچ آھي! ماڻھو جو من ڪھڙيءَ اداس موسم جون اکيون آھي؟ اھو سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي! ڌوڙ ۾ وھنجندڙ ڳوٺن جيان لمحا روڳي آھن، وقت سنگتراش جي ھٿن مان نڪتل پٿر جھڙو لسو ھوندي به سخت آھي! بلڪل پرين جي ڪاوڙ جھڙو!

    ... ٻڌو ھوسين ته لاھور اُھا محبوبا آھي، جنھن وٽ دل آھي ئي ڪونه! ۽ ان لاھور جي ٻک ۾ مُحسن نقوي جو قتل ۽ موت ان ڳالھه کي سورنھن آنا سچ ثابت ڪري ٿو !!

    ... تھذيبون ۽ ثقافتون صدين جي ڪھاڻي ۽ قومن جو روح ھونديون آھن!

    ... تھذيب ۽ ثقافت تاريخ جي گھرن جي نوڪرياڻي ناھي جو ان کي پل ۾ چوٽي کان جھلي ڌڪي ٻاھر ڪڍي ڇڏجي!
    تھذيب ۽ ثقافت پنھنجو خوبصورت چھرو پاڻ ۾ رھندڙ نسلن کي پنھنج آرسيءَ ۾ ڏسيندي رھندي آھي!

    ... اسان جو پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت کان ڪٽجڻ، دور ٿيندو وڃڻ ڪو سٺو سنوڻ ناھي پر زوال جي نشاني آھي!

    ... اُھا دانگيءَ جنھن تي سنڌ جي ڪنھن حسين سنڌياڻي جي آڱرين جا ڇُھاءُ وسندڙ اوطاقن ک ڪا معنى بخشيندا رھيا آھن، ۽ مھمان نوازي جي ريت کي زندگي ملندي رھي آھي. ڇا اُھا وساريل واٽن جي ڪھائي ئي رھجي ويندي؟ يا اُھي ڇَل جيڪي شادين جا ڳيچ ڳائيندڙ نينگرين جي چپن سان سرگوشيون ڪندا رھيا آھن، ڇا اُھي اُنھن جو آخري ٻوليون آھن؟ يا اُھا مانڌاڻي جيڪا اَسرُ کان اڱڻن تي جياپي جو جمالو جھونگاريندي رھي آھي، اُھا انتھا جي اکين ۾ لھي ويندي؟ ۽ سڀ فنا ٿي ويندو!؟ اُن جو جواب چھرن جي گھنجن ۾ به ملڻ مشڪل آھي!!

    ... سُک ۽ آسائشون حاصل ڪري، اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي معتبر ڇو نه سمجھون، پر اھو تيستائين بنھه خصيص آھي، جيستائين ان جي پٺيان ڪنھن تھذيب جو ۽ ثقافت جو ھٿ شامل ناھي!

    ... سچ ڪلھه به قتل ٿيو ھو، اڄ به قتل ٿئي پيو !
    اھو سڀ پنھنجي جاءِ تي، پر اصل الميو اھا جنونيت آھي، جيڪا زمانا گذرڻ کان پوءِ به آزاد آھي! فڪر ڪندڙ ۽ فڪر ڏيندڙ ذھن مارجڻ لاءِ جنم ناھن وٺندا.

    ... ڪوڙي دنيا ۾ ھن جھڙي سچي وجود سان ڪا ويساھ گھاتي ۽ ڪِن ڪنين خواھشن جي تڪميل بابت سوچ اڄ به بيحد ڀيانڪ ٿي لڳي!

    ... لالچ، لوڀ ۽ ڪينو وجودن لاءِ داغ مثل آھي!

    ... وجودن جون بھاريون مڙني ڀرمن ۽ ادائن سان برقرار رھن، اھائي وڏي ڳالھه آھي!

    ... ڪائنات جي ڊگھي عمر حسين ماڻھن جي ڪري آھي!

    ... آئون بنھه بي چيو آھيان، انسان جي عظمت کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ۽ ڳالھه مڃان ئي ڪونه!

    ... ڪائنات ۾ ڪوڙ آسمان جيڏو ڊگھو ٿي ويو آھي!

    ... ماڻھن کي حرامپائيون ھضم ٿيو وڃن، اسان کي سچائيون رڻ ۾ روليو ڇڏين!

    ... آئون پيار جي پويان بي لباس چانڊوڪيون ساريان ٿو، منھنجو روح آلو ٿي وڃي ٿو!

    ... تو ڪڏھن ڪنھن بيگناھ عورت کي ننڊ ۾ سُتي ڪھاڙين سان وڍجندي ڏٺو آھي!؟ مون اھو منظر ڏٺو آھي، مون وڍيل عورت جون رڙيون نه رڳو ڪنن سان پر روح سان به ٻُڌيون آھن، تڏھن کان وٺي مون کي ائين لڳو آھي ته انصاف آھي ئي ڪونه!
    زندگي جا نظريا فلسفا، ادب، بيگناھ وھندڙ رَت ۾ بنھه بي معنى ۽ ڀوڳ لڳندا آھن!
    رُت جي ڳالھه ھلندي، چُوڙين جي سرگوشين جا ڪھڙا چرچا ڪجن!

    ... خوشبو جو ماتم، ھر دؤر جو الميو آھي!

    ... مون دنيا جي مختلف ملڪن جا سفرناما پڙھيا آھن، ۽ ليکڪن جا لڪايل پھلو محسوس ڪيا آھن! مون ٽي وي يا ڊش جي پروگرامن ۾ دنيا جي ڪن ملڪن جھڙوڪ ڀارت، بنگلاديش ۾ سائيڪل ٽانگي طور مفلس انسانن کي ٽانگي ۾ جُٽيل ڏسي، دل ۾ درد محسوس ڪيو آھي، ماڻھو انھن تي چڙھي پنھنجي منزلن طرف وڃن ٿا، پر ان سائيڪل ٽانگي ۾ جٽيل انسان جي ڪابه منزل ڪانھي! سنڌ جو قسم! جيڪڏھن ڪو اھڙو ملڪ گھمڻ جو موقعو به اچي، ڪيڏي نه مجبوري ڇو نه ھجي، آئون ان پگھر ۾ شل ساھن ۾ ورتل ٿڪل انسان تي سواري نه ڪريان! پنھنجو پاڻ کي گولي ھڻڻ بھتر سمجھان!

    ... ڦلڙيون ڦلڙيون ٿيل آڪاش جھڙين دلين جا وڃائجي ويل چنڊ، نه رڳو وڇوڙن جو داستان آھن! پر اداسين جو ڪو عجيب سفرنامو به آھن! رقص، شاعري ۽ موسيقي، مقدس رڳو ان ڪري آھن جو اتان ئي انسانيت جي ڄم ٿئي ٿي! اتان ئي انسانيت جو احساس ڪر موڙي ڦلن جيان ڦٽي ٿو! بي راھ روين، مذھبن کي غلط نموني پيش ڪرڻ، حوس پرستي، ماڻھن جا اندر ڪارا ۽ کارا ڪري ڇڏيا آھن، ھاڻ ڌرتيءَ کي لڳي ٿو ڪنھن نئين انقلاب جي ضرورت آھي! نه ته سموري ڌرتيءَ گند جو گودام ۽ دلدل ٿي ويندي، ماڻھپو ڳولي به نه ملندو، سڄي خدائي اوڇنگارن ۽ وحشتن جو ڏيک ۽ آلاپ بڻجي ويندي!!

    ...اکين جي سوڳواري کي ڏسندو رھڻ آئينن جي نصيب ۾ الئه جي ڪنھن لکي ڇڏيو آھي!

    ... وجود ۾ عجيب اجنبيت جو واسو آھي! جيئن شمشان گھاٽن تي سج لھندو آھي، تيئن اھڙي اجنبيت ۽ اداسي جو ڏيک من ۾ آھي!
    مون مِٺي ۾ ھڪ دفعو شمشان تي سج ٻڏندي ڏٺو ھو، جيڪو اڃان تائين مون کي وسريو ناھي! ۽ انھي ساڳئي لمحي پريان ڀٽ تي اڏيل مندر وٽان ڍڳين جو چرڻ، چڙن ۽ ٽِلين کي وڄائيندي آيو پئي، مينھن جي موسم جي اِھا سانجھي ڀٽائيءَ جي اکين جھڙي ٿي لڳي، مونکي مِٺي ۾ قديم سنڌ جو ڏيک ھر بار محسوس ٿيو آھي، شل اھو ڏيک ائين ئي سلامت رھي، ڇو جو سنڌ اسان جي ساھن جي ڪھاڻي آھي، سنڌ ڪيڏي نه نماڻي آھي، ڪيڏي نه سياڻي آھي، ڪاش! ان کي ھرڪو ڀٽائي جي اکين سان ڏسندو رھي!

    ... دؤر ڪاري نانگ جيان زھر جي علامت آھي!

    ... سانجھه ٿي آھي، ستارا گھٽين ۾ رانديون ڪري موٽندڙ ٻارڙن جيان موٽي رھيا آھن، ۽ ڪي موٽي آيا آھن، ڳوٺ ھڳاءُ جي چادر ۾ ويڙھجي ويو آھي، گھرن مان اٿندڙ دُونھون وسيل گھرن کي زندگي جي روپ ۾ پسائي رھيو آھي!

    ... منحوس سازشن ۾ ورتل سنڌ جو ھر شھر ڪھاڻين جو ڪتاب ئي نه آھي، اُھي دوزخ ڪھاڻيون اسان جي رَت مان اُڀرن ٿيون! اُھي ڪھاڻيون درد جي دوزخ ڏي ڌڪن ٿيون، اسان جا سمورا شھر وڃايل سڏن جيان سوالي آھن، اھي شھر چؤنڪن تي اُجھيل اکيون به آھن، ته اھي شھر دونھانٽيل دلين جا در به آھن! اھي شھر اسان جون اميدون به آھن، ته اھي شھر اسان جي خوابن جا موتي به آھن!

    ... ڪھڙي سھائي جون ڳالھيون ڪجن!؟
    ھر سھائي يا ته ڳوڙھن ۽ باھ ۾ ورتل آھي، يا وري ويچارن ۾ ويڙھيل آھي! ۽ سوڳوار آھي!

    ... ھي گلابي پل اُنھن جي ٿا نانءُ ڪريون،
    جيڪي ويرانين جو کاڄ ٿي ويا!
    جيڪي پرين جي ڳل تي سياري جي ڊگھي رات جيڏي ڊگھي چُمي ڏيڻ جي آس ۾ جوانين ۾ يا ته پوڙھا ٿي ويا، يا مقتلن جي راھ ڏي ڌڪجي ويا!

    ... قلم ھلي ٿو ۽ احساس ڇڻندا وڃن ٿا!
    ھِيءُ ڪھڙو سرءُ آھي!؟
    تنھن جي به سُڌ ڪانھي!

    ... تنھائين جي ٻکن ۾ سوچيان ٿو، آئون ڪير آھيان!؟
    تڏھن اندر مان ڪوئي ڀڻڪي ٿو، ۽ چوي ٿو،
    تون سوين سال اڳ آباد ھت اُن ماڻھو جو ٻيو جنم آھي، جيڪو ڪنھن آلي رات اندر پنھنجي پريتم جي ڀاڪر ۾ ماريو ويو ھو!

    ...مجبوري جنھن زبان ۾ ڳالھائيندي آھي ، جنھن روپ ۾ سامھون ايندي آھي، اھو ڪيڏو نه ڀيانڪ ۽ ڪنو ھوندو آھي!!

    ... دنيا جو اھو ڪيڏو نه وڏو الميو آھي جو مُبھم ٻارڙن کي خوشيون مھيا ڪري ڏيندڙ ڦوڪڻا اڄ اھي ئي معصوم ٻار پيدا ٿيڻ کي روڪي رھيا آھن!

    ... قدم قدم تي صليبن سان گڏ حسناڪيءَ جو اڻ کٽندڙ پنڌ سامھون آھي، جاڳ جڏھن ڦٽي ٿي، ته جھان جون رنگينيون ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏين ٿيون، ھونئن سڄو ماحول ڏھين محرم جي ڏھاڙي جيان آھي، سڄو ديس اوڇنگارن جو ڏيک آھي، حوس پرستي گلاب جوانيون کائيندي ٿي رھي، لڪن ۾ لڙيل سج ڀٽائي جي اکين جو ڏيک ڏئي ٿو، ۽ سڄي سنڌ ھوشوءَ جي موت کان پوءِ مڙي آيل مايوسي، کڙي پيل خاموشي ۽ ٽڙي پيل ٽاھ جيان آھي! ڇا ڪجي!؟ تاريخ سُرخ اکرن جو نالو ئي ته آھي، ڀنڀور جي ڀُريل ڀتين ۾ پورچي ويل گرم ساھن جون ڪھاڻيون ، مڪلي جي پٿرائين وجود ۾ رھجي ويل سڏ، موئن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويل ڪِن اُجرن صبحن جا سينھا، حجابن جون اڻ چيل ڪٿائون، رڳو تاريخ جو پويون ورق ناھن، پر اسان جي گم ٿي ويل صبحن جو داستان به آھن!

    ... درد، سرد موسم جيئن ڊگھو آھي، ان کي بيان ڪرڻ لاءِ زمانا کپن!

    ... آئون ھن نظام کان انڪاري ۽ مُنڪر آھيان! ھن نظام ۾ چوڙيون ٽُٽن ٿيون، خواب ٽُٽن ٿا، دليون ٽُٽن ٿيون! ھي نظام سُرمي، سڳين ۽ سُونھن جو قاتل آھي! ھي نظام انڌين مائن جي بيگناھ مارجي ويل پُٽن جي قاتلن کي پناھ ڏئي ٿو! ھي نظام معصوم ٻارڙن، ٻارڙين ڪنوارين نارين ۽ کدڙن سان زوري زناء ڪندڙن کي ڪا به سزا نٿو ڏئي! انھن بي رنگ حقيقتن جو درد منھنجي وجود کي لوڏي ٿو!

    ... آئون ڪُسندڙ مورن جي رڙين کان غافل ناھيان! آئون روئندڙ اکين کان نا آشنا ناھيان!

    ... ڪنھن آباد گھر کي ڪنھن تيلي جي ويجھو وٺي وڃڻ انسانيت جي توھين آھي!

    ... ڇا ڪجي! سموريون ڳالھيون آليون آھن!

    ... اسان جي اکين ۽ دلين ۾ رڳو ڪنوارن ڪنولن جھڙا خواب ۽ ڪچين جوانين جھڙيون حسرتون ناھن پر انھن ۾ لُٽيل شھرن جون ڪھاڻيون به آھن، سُڏڪن جي ھڪ ڊگھي تاريخ سان گڏ سوڳوارين جا اڻ چيل ناول به آھن، اسان ويرانين ۾ اُڀرندڙ چنڊ جي ڇيرن جا ساز ۽ سُر وساريا ڪونھن، اسان قيامتن جا ڇھاءُ محسوس ڪيا آھن، اسان مرڪ جي قيمت ڄاڻون ٿا، اسان ڪاڪُلن جي ٻيلي ۾ وڃائجي ويندڙ آڱرين جي چاھ کان نا آشنا ناھيون رھيا ! اسان ڪائنات جو روح لڳندڙ سانورين جي مُرڪن جي سُھائي کي ڪنھن نئين ڪتاب جيان ليکو آھي، اسان سيلاني سج جھڙين نظرن کي پُٺي ڏيڻ ڪائنات جي توھين ڀانيو آھي، اسان اکين ۾ لھي آيل شامن جھڙيون ويرانيون نظرانداز ناھن ڪيون، پر نظر اندازي تڏھن بھتر ڄاتي ھوندي جڏھن سچ، سُونھن ۽ سُرھاڻ جي جياپي جو تصور اڀريو ھوندو، اسان سڙيل گھرن جي رک (ڦلھيار) پنھنجي بدن تي مينديءَ جيان مکي احتجاج جي ريت کي نئين زندگي ڏيڻ جي جستجو ڪري ڪو چين پاتو آھي ! اِھا چريائي اسانکي ھر شيءِ کان وڌيڪ عزيز آھي!!

    ... اسين سڀ روز تماشو ٿي وڃون ٿا، اسان جون چريون اکيون سوين چنڊن جي سوجھري جي حُسناڪي ۾ به دربدر، بي خواب ۽ نڌڻڪيون ٿيون رھنديون اچن! لڳي ٿو اسان جو وجود ئي شايد ڳوڙھن جي بيچين مِٽيءَ مان ڳوھيو ويو آھي!

    ... اڻ ڄاڻ اجنبي خوبصورت اکين جھڙا سانورا صبح ڇو وڻندا آھن!؟ شايد ان ڪري جو سڃاتل اکين جي شھرن ۾ اسان پاڻ کي ھميشه اجنبي محسوس ڪندا رھيا آھيون!!

    ... ماڻھوءَ جي بدن جي مِٽي ڇڻندي ٿي رھي!
    دنيا جي ھر ديس ۾ درد جو رنگ ساڳيو آھي!

    ... اڄ به رڳو پنھنجو حساسپڻو پيارو لڳي ٿو، ڇو جو ان جي ڪري ڪائنات سان شدت سان پيار جاڳي ٿو، ھونئن لڳي ٿو، چئوطرف صحرا آھي، سموريون واٽون ڄڻ ته گم ٿي ويون آھن. ماڻھو ذھنن ۾ گند ۽ بارود ڀري به مطمئن آھن، اسان جھول ۾ گل کڻي، پاند ۾ محبتون ۽ سچائيون سمائي به اداس، دربدر، ۽ نامطمئن آھيون! ڪنھن جي گھر ۾ لڳل کاٽ ۽ اسان جي دل ۾ لڳل کاٽ ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي، پر اسان جي دل جي نظام ۽ رياست جي نظام ۾ ڏينھن رات جھڙو فرق آھي! اسان جي دل جو نظام فلسطين کان ايٿوپيا ۽ آفريڪا تائين ھر دردمند دل سان گڏ ڄڻ ته ڌڙڪي ٿو! پر رياست جو نظام امداد جي آسرن تي اکيون پوري ڇڏي ٿو! اُھو ڀڳل چوڙين، ٽُٽل والين، سڙيل گھرن، سڙيل جسمن ۽ تشدد سان نيراڻ مائل وجودن، لاٿل پوتين، ڦاٽل چولين، لُٽيل عزتن ۽ ڪپيل اُرھن کي پُٺي ڏئي ٿو ۽ اڪثر حرامپائين جي حمايت ڪري ٿو، جڏھن ته اسان جي دل جو نظام انھن لاءِ رڙي ٿو، ڪنھن ٻيلي جي ڪپيل ھڪ ٽار تي به تڻجي ٿو! ھر شڪاري اک ۽ بندوق کي ڪائنات جو قاتل تصور ڪري ٿو! ھر معصوم ٻار ۽ ٻارڙي جي ڦھليل ھٿ کي چُمي ڏيڻ لاءِ تڙپي ٿو! ھر لُٽيل عزت پنھنجي لُٽيل عزت سمجھي ٿو! ھر بيگناھ قتل ٿيل جي قاتل لاءِ قاتل ٿيڻ جو سوچي ٿو! پر ڪجھه به ته وس ۾ ڪونھي! رڳو حسرتن جي خاڪ آھي، خوابن جون مزارون آھن، نا مھربان موسمن جي دؤر جي ڊگھائي اڄ به نسورو عذاب آھي!!

    ... ديوران تي لکيل بيھوده ڳالھين ۽ نعرن کي ڏسي، آئون اڪثر تنھائي ۾ سوچيندو آھيان، ڪو اھڙو ڇو نٿو خوبصورت باغي ھر گھٽي ۾ پيدا ٿئي، جيڪو چُن سان راتين جو اھي نعرا ۽ ڳالھيون ڊاھي ۽ اتي ھي لکي وڃي ته ؛
    اي خوبصورت اکيون روح جياريو!
    اي چنڊ چھرا، اي گلاب جوانيون، دلين جا
    ويران شھر پنھنجي دلربائي ۽ دلبري سان
    اچي آباد ڪريو!
    دوستو دوزخن کي ھٽايو!
    سوڳوارين جا صليب ھٽائي، ماڻھوءَ جي
    وجود کي مُرڪڻ ڏيو!
    پر اي ڪاش ائين ٿي سگھي!
    اسين ته رڳو خوبصورت تصور ئي سجائي ٿا سگھون!


    سال بدلبا رھيا آھن

    ... سال توڙي جو نوان ليکبا آھن، پوءِ به انھن ۾ ڪجھه به نئون ناھي ھوندو!
    موچي جُتيون سبندا رھندا آھن، ڌنار وڻن ھيٺان ننڊون ڪندا آھن! ڪنوارين ڇوڪرين توڙي سھاڳڻين جون اکيون آلين توڙي سڪل پر اُجھيل ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيندي پُسنديون ۽ رئنديون رھنديون آھن! شام جو ورندڙ مال جي کُرن سان مٽي اڏندي رھندي آھي، عاشق اکيون چنڊ کي ڇھنديون رھنديون آھن، رات جي خاموشي پُراسراريت جا صليب ٽنگيل ئي رکندي آھي! نه اچڻ واري ننڊ پرچندي ناھي! گلاب پنھنجي جسمن تان مِٽيءَ ناھن لاھي سگھندا! ڪرائين ۾ پيل چوڙيون ڇمڪنديون رھنديون آھن، يادون نئين پاتل جوڙي جي سراسرھٽ جيان ڌيان ڇڪائينديون ۽ ڪجھه محسوس ڪرائينديون رھنديون آھن، ۽ سال بدلبا رھندا آھن!
    وڻن جي ٽارن تي پکين جون عبادتون سُرنديون رھنديون آھن، ۽ سال بدلبا رھبا آھن!
    سال بدلجڻ جا سڏ تاريخن جي جسمن تي لکبا رھيا آھن! تاريخون ھڪ ھڪ ڪري سال ڄڻنديون ائين ٿيون وڃن جيئن صبح جي روشني جا ھٿ ستارا ڊاھي ٿا وڃن!

    ... شامون، ڪنھن اجنبي پرديسي جواڻ ڇوڪريءَ جي کُليل ڪاڪُلن جي دلربائي جيئن مھڪي، اسان درد جي ديس جي مسافرن کي نھار ارپي نھوڙي وڃن ٿيون! جن جي وجود جي خوشبو بانورين اکين جھڙا صبح به پري ڪري ناھن سگھندا، اسان روڳ جي راھن ۾ حسين تصورن جا مھڪيل گلاب، روح ۽ ذھن ۾ وکيري پنھنجا اونداھا وجود، پنھنجو ويران اکيون ۽ پنھنجا پياسا روح، آباد ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھڪ تمنا ڪندا آھيون، ۽ اڪثر ويرانين جي ور چڙھي ويندا آھيون!


    ... مشاھدن جي اڏندڙ ڌوڙ ۾ مون اھو ڄاتو آھي ته جڏھن سفر سُمھي پوندا آھن، سفر اکين جا ھجن ، پيرن جا ھجن، يا سوچن جا ھجن، جڏھن انھن کي ننڊ ويڙھي ويندي آھي، تڏھن نه رڳو پل، پھر ۽ ڏينھن طويل ٿي ويندا آھن، پر خود حياتي اپاھج بڻجي پوندي آھي!


    اويلين موسمن جا ناز!

    ... وقت ۽ زندگي ساڳي راھ تي ٿا بيٺل نظر اچن ، جتان کان خواھشن ۽ خوابن ۾ به خاموشيون اچي اٽڪيون ھيون، جڏھن نيڻن جي نصيبن جون سموريون ڪھاڻيون ويراڳ جي والا ڪنن ۾ پائي ڪنھن روڳ جو روح بڻجي ويون! ڪچين ڪلين ۽ ڪچين جوانين جون معصوم اياڻيون مُرڪون ۽ نماڻيون ننڊون ڪھڙي سُھائي کي پوڄين ۽ ڇُھن ٿيون، ڪاش انھيءَ کي ڪو سمجھي سگھي! اسان لٽيل سانجھين، وڃايل راتين جي روح ۽ پنڌ جا مسافر نه ڄاڻ ڪھڙن آسرن تي ننڊون ۽ اکيون جلائيندا رھيا آھيون! نه ڄاڻ ڪھڙين ڪھڙين اويلين موسمن جا ناز، نخرا ۽ ستم سھندا رھيا آھيون! دلبرين ۽ ديوانگين سان اسان جو روح ڪيئن اٽڪيو!؟ ان کي سمجھڻ ديوانن جو ئي ڪم آھي! پريشان ڇوڪريءَ جھڙي بارش ئي اسان جي تنھائي جا ڪتاب پڙھي ٿي سگھي! چلولين رُتن جا نيڻ، اسان کي ڪٿي ٿا سُئيڪار ڪن! اسان تاءَ ۽ گھاءَ جي اکين جا خواب آھيون! اسان اڃ جي زمين جا ڦٽيل روح آھيون! سچائي ۽ پيار جي خدائي اسان جو اڄ به انوکو مذھب آھي! جنھن لاءِ جڳ وٽ ڪابه جاءِ ڪانھي!

    ... اسان جون تڪراري، اشڪباري ۽ آسمان جي نيراڻ جھڙيون نويليون محبتون زمانا ٿيا دؤر ، وقت ۽ حالتن جي عقابن رتوڇاڻ ڪري ڇڏيون، اسان جا عشق ڪوڙ جي فتوائن جيان سنگساري جون موسمون سينگاري يادگيري جي اگھاڙي ديس کي آباد ۽ لباوند ڪري ويا! ان کان پوءِ پنھنجي بي چئي دل سان ملڻ،، ان کي پرچائڻ لاءِ ڪيترين بازاري خوشبوئن ۽ بازاري جسمن سان آشنائي جا ورق کليا، اِھو نه ياد ڪجي ته بھتر آھي!

    ... آئون حسين تصورن سان جيون جا انيڪ دوزخ جھڙا لمحا ٽاڙڻ جي جستجو ڪندو آھيان!

    ... بي لباس رات جي اک ۾ چنڊ ڦُلي وانگي آھي!


    محبتن جي تاريخ

    ...درد اڪثر دلربائي ڪندي نظر آيو آھي! درد عشق جي چُمي جو احساس چئجي ته به اجايو نه ٿيندو!
    اسان جي بيچيني جو وڏو ڪارڻ اسان جي اندر مان، اسان جي احساس مان ۽ اسان جي سوچ مان زمانن جو گذرڻ آھي. زمانا جيڪي يادن جو حصو آھن ، زمانا جيڪي بيحسي، درد ۽ وکرڻ جو قصو آھن!

    ... اسان تنھائي جو جھنگ لتاڙيون ٿا ۽ تنھائي ڪنھن سُڏڪي جي روح جيان آھي، جيڪا ٻري ٿي، ۽ يادن جا خيما سڙندا ٿا رھن!

    ... شل خوشبو جي ورکا مُحبتن جي تاريخ ۾ آزاد ڪويلين جيان اڏامندي رھي!

    ... صدائن ۽ اوڇنگارن جي آلاپ جھڙي دؤر ۾ جياپو ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، دل جي سڙيل شھر ۾ جياپي لاءِ جنگ وڙھڻ ڪا ننڍي ڳالھه ڪانھي!

    ... زندگي جنھن به يا ڪنھن به حوالي سان خوبصورت ۽ پيار ڪرڻ لائق لڳي اھو حوالو وڏي ڳالھه آھي!

    ... موضوع توڙي جو انيڪ آھن، پر انھن جا بي مھلا جسم ڇُھڻ مناسب ناھي!

    ... ماڻھو لاءِ پنھنجي تنھائي وڪڻڻ وارو تجربو نه رڳو عجيب پر نھايت گھٽيا پڻ آھي!

    ... بھار سڏ پنڌ تي اچي بيٺي آھي!
    اُھا ھيل ڪھڙن درن تي دستڪون ڏيندي ڪو پتو ناھي! پوءِ به اسان بھار جي آجيان پنھنجن تازن گھاون سان ڪنداسين، ۽ گلن ٽڙڻ جي ڏيک ڏسڻ لاءِ پنھنجين انھن اکين کي آماده ڪنداسين، جن اکين يا ته رڳو رُڃ ڏٺي آھي يا اوجاڳا ۽ بي مھلا جنازا ڏٺا آھن! ۽ اسان بھار جي چنڊ کي انھن دلين ۾ لاھڻ جي جستجو ڪنداسين، جن دلين ۾ صبا جي خوابن جھڙا پرين رھن ٿا!

    ... پيار جو ھڪ پل، در در تي سؤ دفعا پيشاني گسائڻ واري عادت کان سؤ دفعا وڌيڪ حسين، معتبر ۽ روح پرور آھي!

    ... اسان ڍولين جي اکين جي آس پاس چُمين جي ڪھڪشائن جا راز پسندڙ ماڻھو پنھنجي دلين جي اُڀ تي انڊلٺون کڙندي پَسون ٿا!

    ... غير يقينيءَ جي صورتحال رڳو اسان جي ديس ۾ نه پر اسان جي دلين، وجودن ۽ محبتن ۾ به ڪاھي پئي آھي ، جنھن جو علاج ديس جي ڪنھن به شفاخاني ۾ ناھي!

    ... روڳ ۽ سوڳ سموريون حدون پار ڪندا ٿا نظر اچن!

    ... ھر عشق جي قيمت ڀوڳنائن سان ڀرڻي ٿي پوي!

    ... تاريخ ۽ وقت تي ڇڏيل فيصلا اڃان التوا ۾ آھن! اڄ تائين ڪنھن به اک مان ڪريل ڪنھن به لڙڪ جو انصاف ناھي ٿيو، ڪنھن هه روڄ کي ڪابه مناسب ڪور ٽ ناھي ملي سگھي!


    1997ع

    ... آئون سوچ جو صفحو اٿلايان ٿو، اجنبيت منھنجي سامھون ديوار ٿي بيھي رھي ٿي! مون ۾ ڪو سڏ ٻري رھيو آھي، اھو سڏ ڪنھن جو آھي؟ سُڌ نٿي پوي!
    اکين آڏو سوين خدائيون کُلي پَون ٿيون، پوءِ به لڳي ٿو ھر صدا جو بُت ڀُرندو رھي ٿو!
    رات جو تنھائي سوين حسين گلابي بُت لوئي ٿي، ۽ صبح جو شھر شھر ۾ ڳاڙھا گلاب ۽ اڇا موتيا ٻارن ھٿان وڪاڻا وڃن ٿا، ۽ ھر منظر ڌوڙ ۾ لٽيل ۽ ميرو لڳي ٿو!
    رات جا ڏٺل خواب ڄڻ ته پکي چُڳي وڃن ٿا، مُروتن جو ھر شھر روم جيان سڙندو رھي ٿو، ڪو نيرو بانسري وڄائي ٿو يا نه؟ ان جي خبر ڪنھن به ديوار تي لکيل نظر نٿي اچي! بس جيئن ڪلر واري رستي تي گاڏين جا چيڪا ۽ ٽائرن جا نشان رھجي ويندا آھن، تيئن ايامن جا عڪس اسان جي وجودن تي رھجي ويندا آھن!

    ... اڻ وڻندڙ پھلوئن جي حڪمراني طويل ٿيندي ٿي وڃي، جنھنکي ٽوڙڻ لاءِ ڪوبه باغي سڏ ٻُري ئي نٿو، بي عنوان رنگن جون ڀلايون ڪيتريون ڳڻجن!؟

    ... شام پرديسي حسين ڇوڪريءَ جي اکين جھڙي ٿي پئي آھي! جنھن جو رنگ وڇوڙن جھڙو آھي!

    ... تنھائي خاموش تاريخدان آھي، جيڪا اُھي اسانحا اُھي واقعا اُھي الميا قلمبند ڪري ٿي، جن کي قلم جي ۽ لفظن جي زبان نٿي ملي، جيڪي اڻ اظھاريا رھجي ويندا آھن، تنھائي انھن جي خاموش تاريخ لکي ٿي!

    ... بي ترتيبي جون حدون ايتريون ته پري تائين پکڙيل آھن جو ھر شيءِ واھياتپڻي ۾ ويڙھيل ٿي محسوس ٿئي!

    ... جڏھن به خوبصورتين خود فريب جي بازار کولي آھي، تڏھن تڏھن وحشتن جي حوصلا افزائي ٿي آھي، ۽ اھي اڳي کان وڌيڪ ڪنيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون آھن!

    ... نظر جي حد تي سج لھي ويو آھي!
    پوڙھي عورت جي کاڌل بدن جھڙي اداسيءَ پکڙجي وئي آھي، ڪٿي به ڪو الھڙ ڇوڪريءَ جھڙو گيت ٻُريل ناھي، سمورين ڇيرن کي ننڊ اچي وئي آھي! مٽيءَ جي بدن جا رستا بي خواب ٿي رھيا آھن، عيد لاءِ عورتن جي حسين سُھڻن ھٿن تي لاٿل ميندي پنھنجو به رنگ ڌنڌلو اڻ چٽو ڪري چڪي آھي، ٻارن جا عيد لاءِ ورتل رانديڪا به لڳ ڀڳ اپاھج ٿي چڪا آھن، فقيرن ۽ مزدورن لاءِ ڏينھن خودڪشي ڪري چڪو آھي، پوڙھن وڻن تي ڦاٿل پلاسٽ جون ٿيلھيون ۽ بجلي جي تارن ۾ اٽڪيل لغڙ ڌُت موالين جيان مدھوش ۽ ويڳاڻا آھن! بلڪل اسان جي يڪسانيت ۽ ٽوڙ ڦوڙ واري جيون جيان!

    ... دلي تمنا آھي ته شل خوشبو کي ڪڏھن به ننڊ نه اچي، اھا جاڳندي رھي، ڪڏھن به نه سُمھي!

    ... دؤر اڄ به بيوه عورت جي بدن جيان ٿو لڳي، جنھن کان دلفريبي، آڱرين جي سرسراھٽ ۽ ڇھاءُ عرش جيترو پري آھن! زندگي جون آرسيون ته بي مھليون ڀڄنديون ۽ ٽُٽنديون ٿيون رھن، رات اڪثر خودڪشي جي خيال جيئن ڀيانڪ لڳي ٿي، ويرانين ۾ چنڊ به اڪثر بي ڪفن لاش جيان لڳي ٿو، ڪاري درد جون زنجيرون ھر گھٽي ۾ وڄنديون رھن ٿيون! ھر عڪس ھر رقص لمحي لمحي ڊھندو رھي ٿو، روح ۾ وحشتن جو رقص ٿيندو رھي ٿو، ۽ وقت خون جي ڇنڊن مٿان ھلندو رھي ٿو!

    ... جڏھن به آڪاش جي وڻ تان ماڪ جو ٻُور ڇڻندو آھي تڏھن الئه جو ڇو تنھنجي ڪجلين اکين جي گھور ياد پوندي آھي!

    ... چريائين ۾ خدا جو ملڻ ننڍي ڳالھه ڪانھي!

    ... ائبنارمل ماڻھن کي مطمئن ڪرڻ به چريائي جي ھڪ چاڙھي تي بيھي ھٿ ڪڍي تاڙيون وڄائڻ برابر آھي!

    ... آئون دانائن جي چريائين کان ڊڄان ٿو! ڇو جو دانائن جون چريائيون به مطلب سوا نه ھونديون آھن!

    ... پيار جا شھر ٻڏي ويل جھازن جيان جڏھن اوچتو دل جي جزيزي ۾ دريافت ٿين ٿا، تڏھن خزائون به خوبصورت عورتن، خوبصورت ڇوڪرين جي ڪنوارين اکين جھڙيون محسوس ٿين ٿيون!

    ... غور فڪر، آزاديءَ لاءِ جستجو ۽ بي باڪي جو ھر سفر ھڪ روح جي علامت آھي، ان ديس جي دلين، ڳلين، ڪلين ۽ ولين جو آواز آھي، جيڪي وقت کان اڳ سڙنديون ۽ سُڃ ٿينديون رھيون آھن، جتي اسان جي مستقبل جي ھر رات چورايل چنڊ پڄاڻان اونداھي جي ڪھاڻي آھي، جڏھن ته اسان جو سڄو آس پاس ٽي بي جي مريض جي اوٻاسي جھڙو آھي، اسان جي جاڳ کي به لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ڪو ڪارو ڪفن پاتل آھي، خوشبو رڳو اسان جي درد جي ئي آھي، جيڪا رڳو اسان جي ئي ننڊ ڦٽائي ٿي! ڪچين ڳالھين جا روح، ڪچين ننڊن جي خوشٻو اسان جي ھر ڳليءَ جو اگھاڙو نوحو آھي، ۽ ھن ديس جي بيمار موسم جو اگھاڙو عڪس آھي، ۽ پريان رڳو وحشتن جا رقص آھن، شال، ساڃھه، بي باڪي، جستجو ۽ سوچ سمجھه جو ساڃھوند سفر ان وحشتن کي ڪو ڀونڊو ھڻندو رھي!

    ... ستارا بي نُور اکين جا لڙڪ آھن، جن کي لڳي ائين ٿو ته فطرت به وساري ڇڏيو آھي!

    ... اسان اُس ۽ دک سان آشنائي رکندڙ ماڻھو محبتن جي پنڌ ۾، درد جي آڱرين ۾ اڪثر سستي سگريٽ جيئن سڙي صنم خانن کي ڪا معنى ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي! جھڙالا جيءَ به ھوندي به حُسن جي تيز تپش وارن ڏينھن جي مرڪندو رھڻ جا خواب ڏٺا آھن. چريائيون اسان سامن ۽ پراڻين پَرن جيان پاليون آھن، اھي چريائيون جيڪي دانائن جي دنيا ۾ بي ملھه ۾ بي وجود آھن! اسان عاشقي سان عاشقي ڪئي آھي، نَڪ جي ڦُلي کان پيشاني تي لڙي آيل ڪاڪُلن جي سنھڙين تندن تائين، نگاھن جي حجابن کان پوتين جا پلئه ڏندن ۾ وجھي برکا جھڙين شرميلين ادائن تائين جو ھر سج، اسان جي يادن ، اسان جن تخليقن جي لاءِ امانت آھي ، ڪو قرض آھي! جيستائين اسان انھن سان سچا آھيون، تيستائين اسانجين محبتن اسانجين دوستين جا چنڊ اجھامڻا ئي ناھن!

    ... خاموشي ساھ کڻندڙ پراسرار وجود آھي، جنھن کي انتھائي حساس ماڻھن جون اکيون ڏسن ۽ ڇُھن ٿيون!

    ... ڏينھن سانجھين ٿي کُٽن ٿا
    رستا پيرن لئه ڦٽن ٿا
    ڪاوا پيرن ۾ ٽُٽن ٿا
    گل ٽڙي ۽ ڇڻي وڃن ٿا
    ماڻھو مِلي وڇڙي وڃن ٿا
    سال صدين ۾ گم ٿي وڃن ٿا
    ۽ محبتون،
    يادگيرين جي ڏيھه جي،
    تاريخ بڻجي وڃن ٿيون!!

    ... گلن جو ھيڏو سارو حُسن رڳو ان ڪري آڳي جو ھر راز ۽ ھر ڳالھه کان بيخبر ٿي ٽِڙن ٿا، ۽ گل ھر ان ديس ۾ به ڦٽن ٿا جتي اٽي جو ملھه مھانگو ۽ گل جھڙي عورت جو گل جھڙو جسم بنھه سستو وڪامي ٿو!

    ... اُڀ ۾ چنڊ ڪنھن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ جي تاڻيل اُرھ جيان اُڀو آھي، ۽ پگھرجي ويل آڪاش جي پيشاني تان ماڪ جا ڦڙا ائين پيا ڇڻن ڄڻ ته ڪاڙھي ۾ بٺي جي مزدورن جا پگھر ڦڙا پَٽ تي ڪرندا ھجن!

    ... پن ڇڻ جي روح جھڙيون راتيون مدھوش اکين سان سُتل ۽ جاڳندڙ خدائي کي عجيب انداز سان ڏسن ٿيون، ڄڻ ته ڪائنات ۾ ڪا ممنوع موسم ڪاھي پئي ھجي!

    ... ڪائنات ساڳي آھي، ڌرتيءَ به ساڳي آھي، پر فرق رڳو اھو آھي جو ڪن اکين ۾ ڪاريون راتيون رھن ٿيون ته ڪن اکين ۾ روشن صبح وسن ٿا!

    ... اسان تڏھن ئي اڪثر پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا آھيون جڏھن ڪنھن بي لباس حقيقت جو شيشو اسان جي سامھون ٽُٽندو آھي!

    ...اسان جڏھن به پنھنجين ڳالھين پنھنجي وجود جي ھئڻ جي خوشبو جو احساس ھڪ ٻئي وٽ ڇڏيو آھي، تڏھن ڏينھن جا ڏينھن اسان سان عجب ڪيفيتون اٽڪيل رھيون آھن، اسان پنھنجي وجود ۾ ئي ٻين گھڻين شين کان گھڻو ڪٽجي پرتي رھجي ويا آھيون، اسان پنھنجو پاڻ کي به بنھه عجيب لڳا آھيون!

    ... سنڌ ۾ جڏھن پڪل ڪڻڪن ۾ ڏانٽا پوندا آھن، ۽ تتيءَ جي تيز رولاڪ اُس ۾ ڪنوارين ڪولھڻين جون ڇاتيون ڇلڪنديون آھن، ۽ مٽي پگھريل پيشانين جو پاڻي چمندي آھي، تڏھن سڄي ڀُونءِ پيار جي پھرين چُمي جي اجري احساس جيان ٽِڙي پوندي آھي!

    ... چون ٿا سچ ھر ھنڌ موجود آھي!
    بيوه ماءُ جي ھٿن ڀڳل چوڙين سان راند ڪندڙ معصوم ٻار کي ڏسي سچ ڇا ٿو سوچي؟
    ڇا ڪوئي ٻڌائي سگھي ٿو؟

    ... ھوءَ قبرستان ۾ پنھنجي ڪنھن مئل عزيز لاءِ قبر مٿان بيھي ڪا دعا گھري رھي ھئي، ڪاري لباس ۾ خوشبو سان واسيل اھا سانوري ايتري ته حسين ھئي جو ھر حُسن ڄڻ ته ھُن تي ٿي کُٽو! مونکي ائين لڳو ته ھُن جي ڪريل لُڙڪ سان ته خبر ناھي پر ھُن جي وجود، ھُن جي حُسن جي خوشبو سان مٽيءَ ھيٺان سُتل ماڻھوءَ جي مِٽي صدين لاءِ سيراب ۽ گلاب ٿي وئي ھوندي!

    ... تنھائي، يادن جي ماءُ آھي!

    ... ڇا ڪو اِھو ڄاڻي ٿو سگھي ته خيمن ٻاھران سُتل خانه بدوش ڪنواريون ڇوڪريون ڪھڙا ٿيون خواب ڏسن؟

    ... پنھنجو پاڻ کي پاڻ اندر پاڻ لئه اجنبيت ڇو محسوس ٿيندي آھي؟ ڇا اسان ڪنھن جو ڪو ٻيو يا ٽيون جنم ته ناھيون؟ جنھن کي وھندڙ رت وارين ڳلين ۽ ٽُٽل خوابن جي روڄن مٿان ھلڻو پوندو رھيو آھي! جن لاءِ ڄاڻ ڏانئڻ بڻيل رھي آھي!

    ... اداسيءَ جو روح رڳو روڳ ۽ سوڳ جي انتھا ناھي، ان کان علاوه به گھڻو ڪجھه آھي!

    ... منھنجي دل تنھنجي پويان اچي!

    ... ڇا تون مون کي اھو ٻڌائي ٿي سگھين ته ان معصوم ٻار جو موت ائين ٿيڻو ھو، جيڪو ڌرمي جنونيت جي راند ۾ باھ اندر ساڙيو ويو؟ يا اھا نياڻي جيڪا ڪوڙي غيرت جي نالي ۾ ڪھاڙين جو کاڄ ھيٺان وئي؟ يا اھو مزدور جيڪو روڊ تي بيگناھ ڪنھن گاڏي ھيٺان چچرجي مري ويو؟ ڇا ان کي به ائين مرڻو ھو؟ ٻڌائي سگھين ته ٻڌاءِ!

    ... جُڳن کان جياپي جو سلسلو، جياپي جو جلوو، ۽ جياپي جو قافلو ڪميڻپ ڪُھندي رھي آھي!

    ... اجري آسمان تي رنگين بادل ائين ٿا لڳن، ڄڻ ته ڪنوارين اکين ۾ خواب ٽڙيل ھجن!

    ... شانتي ڪٿي به ناھي!
    آسمان اداس آھي، انسان اداس آھي!

    ... ھوءَ منھنجي لکڻ پڙھڻ واري ڪمري ۾ ڪي ڏاڍا سُريلا ٽھڪ ڇڏي وئي، ڀانيان ٿو ڪنھن ڪتاب جي صفحي ۾ اُھي ٽھڪ لڪي ويا آھن! ان ڪتاب جو روح عجيب افراتفري ۾ ھوندو!

    ... دل چوي ٿي
    حُسن ڀلي روح جياري، پر حُسن بيحيائيون نه پکيڙي!
    آڱريون عشق ڀلي ٿين پر آڱريون چغليون نه بڻجن!

    ... شرابين، حرامين ۽ حوس پرستن کي سُونھن پاران چمايل پنھنجا چَپَ، ڇُھايل تَن، ھر حساسيت لاءِ وڏي ڪِني گار آھي، جيڪا ڪائنات جي وسعتن کان به ڊگھي آھي، جيڪا روحن ۾ احساسن ۾ ڀڳل شيشن جيان لھي وڃي ٿي!

    ... مون محسوس ڪيو آھي ته اسان جي اندر ۾ اسان جي وجود ۾ ڪنھن ٻئي حسين وجود جو رھڻ يا بيحد ضروري آھي ، نه ته ان بنا اسان ڪنھن آخري بس جي آخري تنھا مسافر جيان آھيون، جنھن ۾ آڱرين ۾ جھليل سگريٽ به پاڻ کي اوپرو محسوس ڪندو آھي!

    ... سچ ڪنھن به رات ۾ سمھندو ناھي! ۽ نه وري ڪنھن حرامپائيءَ کي سک جي ننڊ سُمھڻ ڏيندو آھي! سڄي ڏينھن جي تيز ھوائن وڻن کي بي چين ڪري وجھندي آھي ۽ شام جو وڻ ڪنڌ جھڪائي، پوڙھن فلسفين جيان پاڻ ۾ ئي گم ٿي ويندا آھن، اھي پل مون تي ڀاري ٿي پوندا آھن، ھونئن به اڪثر ڪري اسان جا واسطا عجيب رنگن، حقيقتن ۽ عجيب پھلوئن سان پوندا آھن. جيڪي وڻن واري ساڳي بي چين صورتحال جيان اسان جا وجود به ويرانا ڪري ويندا آھن، اسان ڪجھه به ماڻي ناھيون سگھندا، ۽ ڪجھه به ڄاڻي ناھيون سگھندا ته اھو سڀ ڪجھه ڇا آھي! ڇو آھي؟

    ... ماڻھو ڏاڍا شريف سڏجڻ جا جتن ڪندا آھن، پر لُچائي حصي ۾ اچي ويندي اٿن!

    ... اکين جي سڃاڻپ کان، دل جي سُڃاڻپ سؤ دفعا وڌيڪ ڀلي آھي!

    ... مدت ٿي آھي دل سان ناھيون کليا، عجيب افراتفرين ۾ رھيا آھيون، حقيقت اھا آھي جو رومانيت جو روح سماج جي بي سُراين روئاري وڌو آھي، آس پاس ڏاڍي غلاظت ڪاھي پئي آھي، محبتون پوڙھين رنڊين جي بي خواب اکين جھڙيون ٿي رھيون آھن، جنھن جي فرياد لاءِ چانڊوڪين کي ياداشت نامي طور ڪئين نظم ۽ غزل اماڻي به ڪو کڙتيل ناھي نڪتو ۽ ائين لڳو آھي ته اسان جي ھر احتجاج تي لٺبازي ٿي آھي ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گيس اڇلائي وئي آھي، جڏھن اکيون وري ڪجھه ڏسڻ جي قابل ٿيون آھن ته ساڳي وحشت ھر جاءِ جھولندي نظر آئي آھي، ان وحشت ڪڏھن ڪارا ڪاڪُل ڳوليا آھن ڪڏھن گلابي چپن کي ڳولي لڌو آھي ۽ ھر حساس ماڻھو کي ڪُٺو آھي. اندر جي احساسن تي اھڙي سرد برفباري واري رات جي حڪمراني آھي جنھن جو ذڪر اردو جي خوبصورت شاعره پروين شاڪر پنھنجي خوبصورت نظم ۾ ڪيو آھي، ڪير ڄاڻي اھا سرد رات اڃان الاءِ ڇا ڇا آڻيندي، ۽ الاءِ ڪھڙا ڪھڙا احساسن جا گل ڇاڻيندي!

    ... دنيا ھڪ چُمي جيتري آھي، جنھن کي اوھان کيسي ۾ به کڻي سگھو ٿا، پر شرط اِھو آھي ته توھان جي وجود ۾ محبت ضرور ھجي!

    ... ھي ھيڏو سارو مغز ھڻي تو آڏو پاڻ کي ڪنھن ڪاليءَ جي مندر جو ڏيئو يا مسجد جو دروازو ثابت ڪرڻ نٿو چاھيان، پر ھڪ حقيقت پسند رويو ٿو ٻڌائڻ چاھيان ڇو جو آئون فرشتو ناھيان، ھڪ عام انسان آھيان!
    ماڻھو گند جو ڍير به ٿي سگھي ٿو، مٽي جو بُت به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن ڀڙوي جي مٿي جي ٽوپي به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن ڪڃري جو دلال به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن وئيشا جي ڪوٺي جو بسترو به ٿي سگھي ٿو، ماڻھو درد جو شھر به ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن ٻھراڙي جي ڇوڪريءَ جي دل، زندگيءَ ۽ پيار به ٿي سگھي ٿو، ماڻھو ڪنھن ڪپيل ٻانھن جي چيچ جو ڇلڙو به ٿي سگھي ٿو، ته ڪنھن ڪافر دل جو قيدي به ٿي سگھي ٿو، انسان ھڪ گلابي چُمي، ھڪ گلابي ٽھڪ جو چور به ٿي سگھي ٿو ، ته ڪنھن ھير جھڙي ٻوليءَ جو ڪوي به ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن انسان، صوفي، پنڊت، پوپ، پادري، اولياءَ مسيح، گوتم ٿي سگھي ٿو ته ٻيو به سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو. ان کي محدود ڪرڻ ان سان وڏي بي انصافي ٿيندي!

    ... مون اھو ڄاتو آھي ته جيڪي ماڻھو پنھنجي جيون جا انيڪ سُندر پل وقت جي بازار ۾ گروي رکي ڇڏيندا آھن، انھن کي پنھنجي احساس جي ڇانءَ به پناھ ناھي ڏئي سگھندي، اھي ويرانين ڏي پنڌ ڪندا آھن، ۽ ٻارن جي رانديڪن جيان وقت کان اڳ ۾ ڀڄي پوندا آھن، سوچيان ٿو ڇا پاڻ به ته ان تسلسل جو حصو ته ناھيون؟ ڇو جو پنھنجا به ته انيڪ پل گروي ئي رکيل ھوندا آھن! اسان کان وڌيڪ خوش اھي پکي رھندا آھن جيڪي اڏارون ڪندا آھن، جن لاءِ ڪابه سرحد ناھي ھوندي، ڌرتيءَ جن جي ماءُ ۽ آسمان جن جو پيءُ ۽ سمنڊ جن جو دوست ھوندو آھي ۽ اسان ھر پل اڻڄاتل وسوسن جا زنجير پائي بي معنى گذاريندا آھيون!
    جڏھن به پنھنجي وجود ۾ ڪنھن ڌاري نه سمجھه ۾ ايندڙ ٻوليءَ جھڙي اجنبيت ڪاھي پوندي آھي تڏھن ماڻھو ڪنھن به شيءَ سان انصاف ناھي ڪري سگھندو، اھو پنھنجي جاءِ تي ھڪ وڏو سانحو به آھي! اسان کان وڌيڪ خوش نصيب اھو سمنڊ آھي جيڪو پنھنجي لھرن جي عشق کان آشنا آھي، جيڪو ھر لھر جي ٻولي سمجھي سگھندو آھي، ۽ پرديسي پکين کي ايندي ڀليڪار ۽ ويندي الوداع چوندو آھي، جڏھن ته اسان سُرندڙ لمحن جا خنجر سھندا آھيون. يا پراڻين ڀتين جيان ڊھندا آھيون! ڇا ڪجي جو وقت جي بارش ازل کان انڌي رھي آھي، جنھن کي نه نيرين اکين سان ڪا دلچسپي ھوندي آھي، نه ڪارن ڪاڪُلن جو احساس ھوندو آھي، اھا ته بس رڳو وسندي رھندي آھي، ۽ زندگيون نشي ڀريل خمار جيان ٻڏنديون ۽ ترنديون رھنديون آھن، اھو به ڪيڏو نه وڏو الميو آھي ، جو ھر ديس ۾ گلاب ته موسمن ۾ ٽڙندا آھن ، پر جوانيون ۽ دليون بي مھليون ڇڻنديون آھن! اھي حَسين ماڻھو جن کي ھڪ وڌيڪ ڏينھن جيئڻ لاءِ ملندو آھي ، يعني رات جي ننڊ جو نشو لھندو آھي ته صبح جو زلف سنواريندي آرسين ۾ پنھنجين سمنڊ جھڙين اکين کي ڏسندا آھن، ان ڳالھه کان بي خبر ته رات الاءِ ڪنھن جو صبح چورائي وئي، ۽ پنھنجي ڪنواري صبح جي دلفريبي ۾ ٻڏل رھندا آھن، اھي به ته پنھنجي جاءِ تي خوشنصيب ليکبا آھن، پر ماڻھو جي خوشنصيبي ڏاڍي عارضي ھوندي آھي، سمنڊ، گل ۽ پکي وڌيڪ خوشنصيب آھن، ممڪن آھي منھنجو اھوفلسفو بنھه غلط به ھجي، ھا، اھڙا چريا جيڪي زندگي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ مسلسل عذاب ڀوڳين ٿا! اھي ئي ھي فلسفو سمجھي سگھن ٿا!

    ... سوڳوارين جا سلسلا نظر انداز ڪري ئي نٿا سگھجن، زندگي کي به ھر رنگ ۾ قبول ڪري ئي نٿو سگھجي، ڇو جو اھا پنھنجو پاڻ سان منافقي آھي!

    ... سچ پڇين ته اسان جي ھن دؤر کان، ھن سماج کان، ھن ماڻھن ۽ ماڻھن جي ذھنن کان ، مسافر خانن جي ڪوٺين ۾ وڇايل بسترا وڌيڪ چڱا آھن!

    ... مايوسي ۽ اداسي توڙي جو ڪو مذھب ڪونھي پر پوءِ به ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو کي اھا اختيار ڪرڻي پوندي آھي، يا خودبخود وجودن تي لھي يا ٺھي ايندي آھي، ان کان ڪنارا ڪشي ڪري ئي ناھي سگھبي! اھو سڀ ڇو آھي؟ ان کي ڄاڻڻ ھر دؤر جي ماڻھو لاءِ ھڪ مسئلو آھي! وجود جي صحرا ۾ بيچينيءَ جي ھوا جو گذر نئين ڳالھه ناھي!

    ... ٽھڪ زندگي جي معنى ڏيندا آھن ۽ زندگي ٽھڪن کي معنى ڏيندي آھي! فيصلو ڪرڻ ٿورو ڏکيو آھي!

    ... پنھنجي اکين جو ڪو ٽُٽل خواب ڪنھن لفافي ۾ وجھي جيڪڏھن بادلن کي پوسٽ ڪري سگھجي ھا، ته يقين ڄاڻ اسان شاعر ماڻھو ائين ھرگز نه ڪريون ھا، پنھنجا ٽُٽل خواب پنھنجي يادن جي ديس کي آباد ڪرڻ لاءِ سانڍي رکون ھا، ۽ انھن تي شعر لکون ھا، جيئن اڄ ڪريون ٿا، جيئن ھر ڀيري ڪريون ٿا!!

    ... ھن زليل، حرامي، رھزن، نابالغ، مدي خارج، غليظ ۽ بدصورت سماج ۾ ڪنھن ڌرمي ٺڳ ٿيڻ کان، ڪنھن دلال ٿيڻ کان، ڪنھن ضمير فروش ٿيڻ کان آئون خودڪشي ڪرڻ بھتر سمجھان ٿو!

    ... اسان ماڻھن وٽ سرھائي ايندي الئه ڇو ڊڄندي آھي، لڳي ائين ٿو ته جڳ جي مئخاني ۾ خوشي ان ڀڳل بوتل جو وجود آھي، جيڪا ڪائنات ۾ پير رکندڙ ان پھرين انسان جي ھٿن مان ان وقت ڪري ھئي، جڏھن ھن رات جي ڏٺل ڪنھن سھڻي خواب جي ساڀيا لاءِ بيخيالي ءَ ۾ ويچاريو ويو!

    ... اڃا، گلابي ۽ نيرا گل مون کي اڻ پورين محبتن جو روح لڳندا آھن؟

    ... جيئن عاشق عورتن کي پنھنجا ماضي شام جو وار سڪائيندي ياد ايندا آھن ، تيئن اسان کي چنڊ راتين ۾ مسافر پرين جا نيڻ، زلفن جا ڇانورا ۽ نما شام جھڙيون ڳالھيون ياد اينديون آھن!

    ... اسان جا درد رستن جي اکين ۾، شھرن جي چؤنڪن ۾ ۽ ڪچين گھٽين ۾ وڃائجي ويل محبوب ماڻھن جي ورڻ جو انتظار ڪن ٿا، ۽ ھر انتظار قيامت ٿي وڃي ٿي، دل جو درد ويتر وڌي وڃي ٿو!

    ... محبت اُھو حوالو آھي ۽ بظاھر بي وجود اھو بت آھي جنھن جي اھميت ڪنھن کان ھرگز گھٽ ناھي!

    ... ڪھڙين ڪٿائن جا ويھي ڪفن ڦاڙجن! ھر ڪفن ۾ پاڻ جھڙي ڪنھن پيار ڪندڙ عاشق ماڻھو جي ڪنھن خواب، ڪنھن پيار جو لاشو آھي، ان ڪري ذھن کي ڪنھن شمشان گھاٽ جي شام ڏي وٺي وڃڻ عجيب چريائي ٿي لڳي، موضوع ڀلي کڻي انيڪ به آھن پر ھر موضوع جي وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل زخمي آھي، جنھن جو ھر صبح ڪنھن ڪنواري اک جو لڙڪ آھي، جنھن جي ھر شام ڪنھن حادثي ۾ مري ويل ڪنھن معصوم ٻار جي ڪپجي الڳ ٿيل رت ھاڻي ننڍڙي آڱر جھڙي آھي، ۽ اھڙي موضوع ھلندي ڪنھن سانوريءَ کان مليل شرم ھاڻي چُمي جي ياد ڀلي کڻي بھار ڇو نه ھجي، پر درد جي پنھنجي دنيا آھي، درد جو پنھنجو وجود ۽ ذائقو آھي، اسين خوابن کان وڇڙون يا خواب اسان کان وڇڙن، پر درد ساڳيو آھي، درد جو رنگ به ساڳيو آھي!

    ... اشڪباري جي اُس ۾ رڳو اکيون ماتمي ناھن لڳنديون ، پر دلين جا ديپ به سوڳوار ٿي ويندا آھن، ۽ سوجھرو سفر ڀُلجي ويندو آھي!

    ... آئون سمجھان ٿو ته صبح جو مرندڙ ماڻھن سان فطرت وڏي بي انصافي ڪري ٿي! ڇو جو صبح زندگي جو نالو آھي!

    ... اسان ، اَسرُ جو ماتم ۽ وحشت ڏيکارڻ لاءِ زوري اٿاريل انھن اکين جا عجيب عڪس، خواب، روپ ۽ رنگ آھيون جن کي دنيا جلدي سمجھي ئي نٿي سگھي!

    ... وساريل خوشبو جي به ھڪ تاريخ ٿئي ٿي، جنھن کي سمجھڻ لاءِ ھي زمانو اڃا نابالغ آھي!

    ... اکين سان محبتون به رڳو اُھي ڪري ڄاڻندا آھن، جن کي سچ ۽ سج کي ڏسڻ جي تمنا ۽ جرئت ھوندي آھي!

    ... آئون سمجھان ٿو ته ماڻھو جو روايتي ماڻھو ٿي وڃڻ به ڪائنات جي رنگن سان منافقي ۽ دشمني آھي!

    ... ڪڏھن ڪڏھن خوشبو به ٿڪل محسوس ٿيندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن خواب به ڪنھن وڇڙي ويل نظر ۽ گذري ويل موسم جو سڏ محسوس ٿيندا آھن، پنھنجي جيءَ جي جلاوطني جي تنھائيءَ ۾ چنڊ به تنھا روئندڙ ٻار جھڙو محسوس ٿيندو آھي، ائين يا اھڙو لڳڻ اسان جي احساسن جي ان ڪھاڻي کي معنى ارپي ٿو جيڪا ساھ کڻي رھي آھي. جنھن کي پنھنجو بدن ۽ پنھنجو وطن آھي!

    ... شايد ئي ڪڏھن ڪنھن اھو سوچيو ھجي ته پکين جا پير پاڻيءَ تي ڪھڙا نظم لکن ٿا ۽ خاموشيءَ جي خيمن ۾ باھ ڪيئن لڳندي آھي!؟ پنھنجي جاءِ تي اھو سڄ اڄ به موجود آھي ته جن اکين کي محبت جي خوشبو وساري ڇڏيندي آھي، اھي اکيون پنھنجو پاڻ لئه به اجنبي ٿي وينديون آھن، انھن اکين جي ڍنڍن تي نه ننڊ جا نيرا گل مڪمل ٿي ٽڙي سگھندا آھن نه وري خوابن جون آڙيون ڪا ساھي پٽي سگھنديون آھن،، شام جو نابالغ ويرانيون ۽ احساسن جون ڪنويليون اڌ ڪٺيون ڪري ماتمن جا سُر پکيڙي ڇڏينديون آھن، تڏھن درد جا لٽيل قافلا دل جي صحرا ۾ ڪيئي پھر ٽڪي پوندا آھن، اکيون پنھنجي خوابن کي ڪفن ڏيڻ وساري ويھنديون آھن، ڪچين ٽارين تي ويٺل شڪارين ھٿان ماريل معصوم پکين جا ٻچا دلبرين کان دور ٿي موسمن جا رنگ وساري ويھندا آھن، پن ڇڻ انھن يتيم پکين ۽ اداس دلين ۾ آکيرا اڏي ويھي رھندي آھي، موسمن جا پير زندگين کي پوڙھو ڪيو وڃن، پر يادگيرين جا سيلاب پوڙھا نٿا ٿين! درد جا درد پوئتي نٿا ھٽن!

    ... وڻجاريون موسمون پنھنجا کُھرا ۽ ريشمي بدن ويڙھي خاموشيءَ سان گذري وينديون آھن، پرڏيھي مسافر پکي موٽي ھليا ويندا آھن، يادون تنھائي جي قبرستان جي قبرن جي ڪُتبن کي وڌيڪ سوڳوار ڪري وجود ۾ ڪو صحرا پکيڙي ڇڏينديون آھن. اسان پنھنجن خوابن جي ڪھاڻين کي آلين اکين سان نه ڀليڪار چئي سگھندا آھيون نه الوداع ڪري سگھندا آھيون، اسان جي احساسن جي ڀُرندڙ شھرن ۾ پوءِ به ٿر جي صبحن جھڙيون سانوريون محبتون ساھ کڻنديون رھنديون آھن، جن جي وجودن جي سرمستي ڪڏھن ڪنھن مور جي ۽ ڪڏھن ڪنھن ڪنواريءَ ڇوڪري جي رقص جيئن جُھومي پوندي آھي. ڪڏھن ڪنھن سانجھه جي ستاري جيان ٽمڪي پوندي آھي ته ڪڏھن وري ڪنھن ديس جي سرحد تي ڪنڊائين تارن وچ ۾ ڪنھن نيري بي موسمي گل جيان ٽڙي پوندي آھي، جنھن جي خوشبو جي تنھائيءَ کي نه ڪا اک ڏسي سگھندي آھي، ۽ نه وري ڪو ڦلڙي وارو نڪ سونگھي يا محسوس ڪري سگھندو آھي. اھا رڳو چانڊوڪيءَ جا پير کڻندي آھي، محبت جون اِھي مروتون وحشي وحشتون ۽ پاڳل نفرتون ڪيئن ٿيون سمجھي سگھن، انھن کي سمجھڻ لاءِ ته آسمان جھڙيون اکيون گلابن جھڙا روح ۽ معصوم ھرڻين جھڙيون دليون کپن! پر ڇا ڪجي جو اڻپورائيءَ جي جلاوطن موسم ھر شيءِ کي تنھا ڪري ڇڏيو آھي، بنجر زمين جي درد جھڙي اھا تنھائي دنيا جو ڪوبه داناءُ سمجھي ناھي سگھيو، شايد ڪو ديوانو ئي سمجھي سگھي!

    ... اڃا ھِن شاعر ھٿن تي ڪن الھڙ ڪاڪُلن جا ڇھاءُ سُتا ناھن، اَڃا ھِن پياڪ چپن جي رستن تي چُمين جا پيرا ڦٽا ناھن، اڃا به وقت بي وقت ھوائن ۾ ڪي ٿڌن ساھن سان اُماڻيل سنيھا ايندا رھن ٿا، جن جا روح معصوم اکين جيان ڏاڍا پيارا آھن، اڃان ٻانھن جي ٻکن کي بارش ۾ پُسيل الھڙ جوانين وارين سانورين جي جسمن جي دلربائي، ڇھاءُ ۽ خوشبو جو احساس ائين وسريو ناھي، جيئن رستا وٺل ماڪ کي وساري ڇڏيندا آھن!

    ... ياد رکج، عظمتون بي اصول ناھن ھونديون!

    ... ياد رکج، ڌرتيءَ جي وجدان کي موت ناھي ايندو!

    ... آئون، چاھ جي رشتن جي مسافريءَ ۾ عداوتن کي دل ۾ جڳھه ئي ناھيان ڏيندو!

    ... پوڙھين راتين جا ڏنل زخم به عجيب آھن! عجب ڪھڙو ڪجي، ھن ديس جا ڏينھن ته ھونئن ئي انڌا آھن!

    ... اسين ھڪ اھڙي دؤر ۾ جيءَ رھيا آھيون، جيڪو قيديءَ جي خواب جھڙو آھي، جيڪو منجھند ٽاڻي لڪن جھڙو آھي! ان ڪري ئي شايد اسان يڪسانيت يا ورجاءَ جي گپ ۾ ترڪندا آھيون، سڄو نسل ان حوالي ۾ ورتل نظر اچي ٿو، محبتن جي اظھار وارن لفظن کان ڏينھن گھارڻ تائين اھو يڪسانيت جو تسلسل وڌيل وارن وانگي بي سُرو لڳندو ۽ رھندو ٿو اچي. الئه ڇو اسان ان کي خالي ٿيل بوتلن وانگي اُڇلائي ناھيون سگھيا، سج امبر جي چپن ۾ سگريٽ جيان سڙندو رھي ٿو، تارا جاڳندا ۽ سُمھندا ٿا رھن، وڇڙيلن جون يادون سرد راتين ۾ سَوڙَ ٿاڻي سمھندي ئي سيني تي چڙھي اچن ٿيون، اڻ پورائي لاءِ جواز گھڙبا رھن ٿا، محبتن جي مزارن تي ٿڌن ساھن ۽ شوڪارن جا گل اڇلبا رھن ٿا، پکين جي پرن ۾ سفر جو ٿڪ سفرنامن جيان تحرير ٿيندو رھي ٿو. ساڳيا ساڳيا رستا پيرن ۾ تڙپندا رھن ٿا، خاموشي جو روح فلسفين جي سوچن جيان ڀٽڪندو رھي ٿو، گھرن جون ديوارون ميريون ٿينديون رھن ٿيون، پراڻا گھاءَ ڪڙيون ٻڌڻ جي باوجود ڏکندا رھن ٿا، ۽ وقت پوڙھي کان پوڙھو ٿيندو رھي ٿو، پر ورجاءُ ۽ يڪسانيت الئه ڇو پوڙھي نه پئي ٿئي . . . .!

    ... ھن ديس ۾ محبتن ۽ دعائن ج ڇا اھميت آھي! قيمت ڪيتري ۽ ڪھڙي آھي؟ اِھو ھر اُھو ماڻھو چڱي ريت ڄاڻي سگھي ٿو جنھن جي اکين خوابن جو بار کڻي ڏٺو آھي، جنھن جي اگھاڙن پيرن پٿرن تي ھلڻ جو ذائقو چکي ڏٺو آھي!

    ... اسان پنھنجين محبتن جا شھر، لارين ۾ چڙھي تقريرون ڪري چندن جيئن رسيدون ڪٽي ماڻھن کان پئسا وٺي ناھن ٺھرايا ، پر اسان اھي پنھنجي خوابن جي مٽي ۽ تمنائن جو پاڻي ڏئي پاڻ ٺاھيا آھن!

    ... اسان جنھن اڻ اعلانيل ڪرفيو جھڙي صورتحال ۾ ساھ کڻون ٿا، اتي رڳو پيار ئي اھا واحد دري آھي، جتان آيل ھوا ۾ خوشبو جو وجود آھي، نه ته رڳو ويرانين جو صحرا آھي، جنھن ۾ چنڊ به سوڳوار آھي!

    ... ڀورڙيون، ساديون ۽ خوبصورت عورتون پنھنجي جسمن جي خوبصورت خوشبو محبتن جي نالي ۾ جنسي جنونين جي جسمن تي ڇڏي، ان پيار جي رنگ ۽ خوشبو کي کڻي ڪيترو به معتبر ۽ پڪو ڇو نه سمجھن پر اصل ۾ اھو کاڌل فريب جنھن پيار جي سمجھوتي جو نالو آھي اھو اوترو ئي بي رحم فريب جو گندو گٽر آھي جنھن ۾ کڻي خوشبو جي بوتل ڇو نه وجھجي پر ھو پنھنجي اصليت کي فنا ڪري يا مٽائي نه سگھندو، ھن د‍ؤر جا سمجھوتا به لڳ ڀڳ اھڙا ئي غليظ آھن!

    ... تنھائيءَ جون انڌيون اکيون جڏھن گھورڻ لڳنديون آھن، تڏھن دل کي پنھنجا چنڊ ياد ايندا آھن، جيڪي محبتن جي آسمانن تي اڀرندا آھن، ۽ جن ج اُڀرڻ تي ھميشه غليظ آڱريون اڀيون ٿينديون آھن، ۽ وحشي، بيوقوف بي رحم ۽ حرامي اکين ۾ اھي چنڊ ڏسي پاڳلپڻو لھي ايندو آھي، ۽ صبح جي ڪا اخبار پنھنجي گڊي ڇاتيءَ تي ڪي وڍيل لاش ڏيکاري ممنوع موسم جي وڃايل دل ۽ ڪڍيل اکين جو احساس ڏياريندي آھي!

    ... ھر شيءِ پنھنجي اندر جي موسم مطابق اُسرندي آھي ، ذھن ۽ دل جڏھن ڪنھن جنگ جا ميدان بڻيل ھجن تڏھن لفظن جون موملون ڪنھن به ڪاغذ جي ڪاڪ تي وار سڪائڻ ناھن اينديون، ڏات به ڳلن، چپن ۽ ڪاڪلن جا رنگ تڏھن چورائيندي آھي جڏھن يا ته ڪنھن پشم جھڙي پرينءَ جون ٻانھون ڳچي ۾ ھجن يا وري وڇوڙي جي واريءَ دل جي سرحد اڳيان واچوڙا ٿي اڏامندي ھجي!

    ... سچ اھو آھي ته اسان تضادن جي ھڪ بي مروت دؤر ۾ عجيب جياپو جيءَ رھيا آھيون، جنھن ۾ سڀ ڪجھه ڄڻ ته ٻيو ٻيو آھي، فريب جو فلسفو ڏاڍو عام ٿي ويو آھي ، اُن گھُٽ ٻُوسٽ ۾ نه رڳو آرام، سُڪون ۽ چاھ جو بدن وڃائجي ويو آھي، پر ھر شيءِ اجنبيت جي پردي پويان اچي وئي آھي، اھو مايوسي جي زبان جو اظھار ناھي پر آئون سمجھان ٿو اسان جي دؤر جو ڪڙو سچ به آھي، اُس سان بدن ۽ اکين جي آشنائي رڳو ھڪ تجربو نه پر ھڪ احساس جو ساھ کڻندڙ سچ به آھي، دنيا وڏي رفتار سان دوزخ ٿي رھي آھي، اھو الميو ھر انسانيت پسند ماڻھو لاءِ پنھنجي ڪنھن خواب جي مرڻ کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آھي!

    ... اسان کي تنھائيءَ جون قبرون کوٽڻ جو ٺيڪو مليو آھي!

    ... ڪربلائن ۾ پنھنجا اگھاڙا پير زندگيءَ جي روشنيءَ کي ڳولن ٿا!!

    ... وئيشائن جا ڏينھن گراھڪن جي اميد ۾ پوڙھا ٿيو وڃن!
    ٻارڙن جا ماسترن ھٿان ڪُٽيل ھٿ شام جو مٽيءَ سان راند ڪندي پنھنجو درد وساريو ڇڏين!
    رات جي ڊيوٽي ڪندڙ نرسن جون تنھائيون بند ڪمرن اندر دير سان ايندڙ ننڊ جي ڪفن ۾ پورجيو فنا ٿيو وڃن!
    رات جا ٺريل پير، چوڪيدارن جا چھرا وڌيڪ سڃاڻپ کان پري ڪيو ڇڏين!
    ۽ پاڻ تنھائين ۾ زندگي جا حسين پل ڳوليندا ٿا رھون!

    ... ھر گذاريل ڏينھن ۾ اکيون پيش منظر جو عجيب ناول پڙھن ٿيون، جنھنجو ڪو به مھاڳ لکيل ناھي، رستا ھجومن جي شور جون ڪھاڻيون پڙھن ٿا، پر دلين جي ويراني ڪو به نٿو پڙھي، ماڻھو اداسين جي سبب تي سوچين ٿا، ۽ سمورا سبب کل جھڙا آھن! بارشن ۾ پُسيل پکين جھڙا آھن! اکين جون جھرڪيون خوابن جا داڻا چڳن ٿيون، پر ڪجھه خواب چريا ھوندا آھن، جن ۾ ماڻھن جون شلوارون لھي وينديون آھن! ڪجھه گاريون ماڻھو رڳو پنھنجو پاڻ کي ڏيندو آھي، جو جو سبب کل جھڙا آھن! آڱرين تي جڏھن شھوت طاري ٿيندي آھي ته تڏھن ھيءَ يا ته ڪاغذن جا بدن ڦلھورينديون آھن، يا بجا ڏينديون آھن! ۽ ان گھڙين ۾ دل جي ڪيفيت پريميءَ سان ڀڄي ويل ڪنواري ڇوڪريءَ جھڙي ھوندي آھي ۽ ڪن ڇوڪرين کي رڳو “ماءُ جا ھٿ ، مندر جا ڪبوتر ۽ شاعري وڻندي آھي!” ڇو جو، سبب پگھر ۾ وھنتل مزدورن جھڙا آھن. فراريت جو دلدل چميءَ جي شاعريءَ کي سمجھي ناھي سگھندو، وجود جو زھر چھرن جا سفر ناما پڙھڻ جي اھليت ناھي رکندو! پکين کي ماري ڀيٽ ڀرڻ جي ڪميڻپ ڪرڻ وارن کان رستن تي فلمي اداڪارائن جون تصويرون وڪڻي پيٽ ڀريندڙ ماڻھو وڌيڪ عظيم لڳندا آھن! ڇو جو، سبب روئندڙ اکين جھڙا آھن. جن کي ھر ڪو ماڻھو ڄاڻي ۽ سمجھي ئي نٿو سگھي!
    منھنجي اڳيان ڀٽائي سائين سامھون مري پيو،
    ڪاڪل ڪُٺي جا، ڪفن تنھين ڪين ٿئي،
    منجھه شھادت سا، لڏي ۽ لاڏ ڪري!
    ھر مٽيءَ کي ڪجھه ڪھاڻيون ھجن ٿيون ۽ بدن جي مِٽيءَ خود ڪائنات جي وڏي ڪھاڻي آھي! زندگي جي ناول ۾ اڪثر ڪري ڪيتريون ئي پروف جون چُڪون ھونديون آھن ڇو جو سبب اپاھج ٻارن جھڙا آھن!
    توکي خبر ناھي ڇو اھو گمان رھي ٿو منھنجي محبت توکان گھٽجي وئي آھي، محبت مري ويل ماڻھو ته ناھي جو آھستي آھستي يادن جي جسم مان نڪري ۽ وسري وڃي، مُحبت رڱيل ڪپڙو به ناھي جو ھوريان ھوريان ان جو رنگ لھي وڃي! محبت گھڻي وڏي شيءَ آھي! بس صرف اھو ذھن ۾ رکجان ته، اسان محبتون ڪيون آھن، ٻار اغوا ڪري ناھن وڪيا! اسان محبتن کي معنى ڏني آھي، چنڊ جو ملھه واپاري ٿي ناھي ڪٿيو! عظيم فلسفي زان پال سارتر جا ھي لفظ ڪڏھن به نه وسارجان ته “ڀروسو رڳوحقيقت تي رکي ٿو سگھجي!” ۽ منھنجي احساسن جي حقيقت اھا آھي ته تون صفا منھنجي دل ۾ آھين!!

    (3 اپريل 1999ع)

    ...رات ، ڪائنات جي اکين جو سُرمو آھي!

    ... حقيقت پسندي عبادت آھي!

    ... ماتمن ۾ دل کي مرڻ نه ڏجي، اھائي وڏي ڳالھه آھي!
    ڪميڻپ احساس ماري ڇڏين آھن،
    رستن ساٿ واري آڱر پري ڪري ڇڏي آھي!
    موسمن خوشبو ارپڻ ڇڏي ڏني آھي!
    ۽
    دل جي ديوانگي جو ڄڻ ته موت ٿي ويو آھي!
    آشنائي ته آرسين سان به ناھي رھي!
    رشتن جو اوپرو لڳڻ ته ھونئن ئي فطري آھي!
    وجود جي تنھائي جو بدن ايترو ته سڙڻ لڳي ٿو،
    جو پنھنجي سڃاڻپ به مشڪوڪ ٿيو پوي!
    اوپرائپ جي اڀي ٿيل آڱرين جو دڳ ڪٿي ڇيھه ڪندو؟
    ڪا سُڌ نٿي پوي!
    ڪا سُڌ نٿي پوي!
    (9 محرم، 26 اپريل 1999ع)

    ... محبتن کان سواءِ دنيا جي قيمت ٽڪو به ناھي، پوءِ به خبر ناھي ڇو دنيا محبتن کي ماريندي ۽ ساڙيندي ٿي رھي!

    ... عاشقيءَ جو روح ۽ جسم اگھاڙو ڪرڻ پراڻي ريت رھي آھي، پر پوءِ به اھو اٽل سچ پنھنجي جاءِ تي موجود آھي ته بنا لائسنس چُمي ڪنھن به سماجي، رياستي ۽ مذھبي ٺيڪيدار جي اجازت وٺڻ قطعي ضروري ناھي سمجھي ۽ اھائي محبتن جي جيت ۽ وڏي عظمت آھي!

    ... ڪيڏا نه خوشنصيب ھئا اُھي ماڻھو جن تي شعور وارا انسان نازل ٿيا . پر ڪيڏا نه بدنصيب آھيون اسان اڄ جا ماڻھو جن تي موجوده وقت ۾ چريا، وحشي ۽ بيوقوف واپاري ماڻھو مسلط ٿيا آھن!

    ... ڪو نئون نظام لاڳو ٿيڻ گھرجي! ڪو نئون انقلاب اچڻ گھرجي، جيڪو ھنن بدمعاشين، حرامپائين، بي سُرائين، ڪم ظرفين، وحشيپڻي ۽ بي شعوري کي ساڙي ڇڏي، ته جيئن انسان آزاد، پنھنجي فطرتي آزادي، تازگي ۽ انسانيت جو اصل روح ماڻي سگھي!
    ڏسجي اڳتي ڇا ٿئي! اسان جون اميدون اڃان ته بي لباس آھن، شايد اڳتي جو ايندڙ انسان ! اُھو سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھي، جنھن جي اسان محروم انسانن شدت سان تمنا ڪئي آھي!

    ... عورت جي اڳٺ تي کُٽندڙ اسان جي ماڻھن جا نظريا ڪيترا معتبر ٿي سگھن ٿا؟ سا ڳالھه ڪنھن کان به لڪل ناھي!

    ... اسان وٽ “وڏا” سڏائيندڙ ماڻھو جُتي جي ڪوڪي کان به ننڍا آھن، ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنھن به دليل جي ڪابه ضرورت ناھي!

    ... ٺري جي موالين جو زالن جون شلوارون پائي صبح جو ننڊ مان اٿڻ يقينن ڪا وڏي ڳالھه ناھي، پر پنھنجي سڃاڻپ کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ يقين سان ننڍي ڳالھه ناھي.

    ... دراوڙن جي نسل جي نياڻين جي ڦاٽل ڪپڙن ۽ اداس ماڻھن جي ڦٽل نندن وارين اکين ۾ درد جا صحرا ڏسي سوچ جي شھرن ۾ باھ ڀڙڪي پوي ٿي، ۽ دل چوي ٿي ته رستن تي نڪري انقلاب جي ڌمال ھڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چاڙھو ڪونھي ! ٻيو ڪوبه رستو ناھي!

    ... وقت رڳو وقت ناھي، پر وقت خود وڏي تاريخ آھي، جنھن ۾ ڪيئي الميا، يادگار گھڙيون ۽ ٻيون ڪيئي ڪٿان جاڳن ٿيون! ڪو پاڻ کي کڻي ڪيڏو به ھوشيار چور ڇو نه سمجھي، پر ھو ڪڏھن به تاريخ جي دل ۾ کاٽ ھڻي نٿو سگھي، ڇو جو تاريخ ڪو سنگ مرمر جو ٺاھيل ڪو بنگلو ناھي، نه وري تاريخ عورتاڻي ھٿن سان ٺاھيل ڪو مِٽيءَ جو گھر آھي، تاريخ ته حيرتناڪ وجود جي خوشبو آھي، جنھن جي وجود کي ڳولڻ لاءِ صديون پوئتي وڃي ڪروڙين راتين جي روح جا پيرا ڳولڻا پوندا، پوءِ اھو راز لھي سگھبو ته انسان جي اصل الميي جي شروعات ڪٿان ٿي ٿئي! تاريخ جي روح ۾ دفن ٿيل اھو شھر ڳولي لھڻ ايڏو ڏکيو ناھي جنھن جو نالو قھر، ظلم ۽ ڏک آھي!

    ... دنيا ۾ انسان جو اصل الميو اِھو به ناھي ته دنيا ۾ وڏي تباھي ٿي آھي، پر اصل الميو اِھو آھي ته جيڪا تباھي ٿي سا ته ٿي، پر اڃان وڌيڪ تباھي ٿي رھي آھي! جنھن تي سوچي انسان جي مستقبل تي روئڻ اچي ٿو.

    ... ڪڏھن ڪڏھن اندر ۾ بھار جو بدن مري ويندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن اوجاڳن جا ستارا اکين تي رکي به درد ۽ پيار جون ڊائريون پڙھڻيون پونديون آھن، ڪڏھن ڪڏھن تنھائيءَ ۾ رستن تي ھلندي ائين لڳندو آھي ته ڪنھن جا ريشمي پير پيڇو ڪري رھيا آھن!

    ... آئون اعتراف ٿو ڪريان ته مون پنھنجي وقت کي به قتل ڪيو آھي، مون جڏھن ھن کي دريافت ڪيو ته ھوءَ ڪو سونف جو فصل لڳي، جڏھن ڪجھه ويجھو ويس ته ھوءَ پکڙجي پري تائين صنوبرن جو ٻيلو ٿي وئي، رستي ھلندي مون ھن کي چيو ؛ “تنھنجي پويان ھلندي منھنجا پير گسي ويا آھن! تون ٻوڙڻ ۽ تارڻ جا اختيار رکين ٿي! ” پر مون ڏٺو زبان ھوندي به ھُن ڪنھن به لفظ جو روح نه ڦلھوڙيو! ان کان پوءِ مون ان سفر ۾ ھُن جي مرڪ دريافت ڪئي، پر ان جي معنى ڌنڌ ۾ ٻڏل ھئي! پوءِ مون اڳيون سفر ھن جي ھلائڻ واري ھٿ طرف ڪيو، جنھن چيو؛ “واپس موٽي وڃ، ھن سفر ۾ سنگسار ٿي ويندين!” مون چيو ان ڳالھه کي به ڏسنداسين! ھڪ صبح جو پنھنجي ان سفر جي صورتحال جي ڳنڍ جڏھن مون پنھنجي ھڪ ڀيري دوست سنڌ جي مشھور ڊرامانويس، ڪھاڻيڪار ۽ ڪمپيئر سان کولي ته ھن مون سامھون چانھه جو ڪوپ ۽ گولڊ ليف جو سگريٽ وڌائيندي چيو ؛ ”انتظار ڪر، ان بارش جو انتظار ڪر جنھن ۾ ڌُنڌ ڌوپجي وڃي ۽ ڪا واٽ چٽي ٿي پوي، تيستائين انتظار ڪر! ” ۽ مون پوءِ انتظار اکين ۾ پوکي ڇڏيو!
    فيصلي جي صحرا ۾ مون ھاڻي سوچي ڇڏيو آھي ته جتي به مُروتن کي معنى نه ملي، تي پنھنجين محبتن کي سنگسار ڪرائڻ بيوقوفي آھي! جڏھن به ڪنھن سرڪش بي چئي ياد رُھنڊا ھنيا ته به ڪو شعر، غزل يا ڪو نظم لکي ڇڏبو، پر بي مروت سفر جا پٿر بهي سبب نه کائبا!

    ... اسان لاءِ چاھتن جون زمينون نپولين يا چنگيز خان جيان فتح ڪرڻ ڪلھه به ڪفر ھو ته اڄ به ڪفر آھي، اسان ته اُھي چريا چاھيندڙ ماڻھو آھيون جن کي چنڊ ھميشه ويرانين، جدائين ۽ تنھائين ۾ ويجھو دوست لڳو آھي، اسان اکين سان محبتون ڪندڙ اُھي عجيب ماڻھو آھيون جن ڀوڳنا لاءِ پنھنجي ڇاتي ھميشه کليل رکي آھي. ستم اھو ناھي ته دنيا وحشت ۾ ٻُڏي رھي آھي، پر ستم اِھو آھي ته لفظن جي حرمت ناھي رھي، پيغامن سان زنا ٿي رھي آھي. پيار جو ڦاٽل چولو انھن محبوب ھٿن ۾ آھي جيڪي سڀ ڪجھه وڃائي پنھنجا زخم چٽي رھيا آھن، اھو ڦاٽل چولو پاڻ کي لڳي ائين ٿو ته ايستائين سبڻ جي جستجو ڪرڻي آھي، جيستائين دل بيوفائي نٿي ڪري ، ۽ لڳي ٿو ته چاھتن ۽ مروتن جا ٽُٽل چنگ به اسان جي انھن دوستن (قلمڪارن) کي ٺاھڻا آھن جن جون خود دليون ڀڳل آھن ، ڇو جو انھن جو قدر اھي ئي ڄاڻن ٿا!

    ... انڌيرا ڊگھا پنڌ ڪرائين ٿا، شامون وقت مان اُڏام روح ۾ لھي وڃن ٿيون ، اکين ۾ وقت مري وڃي ٿو! جنھن کي تاريخ کان سواءِ ٻي ڪابه قبر نٿي ملي! قبرن جي ڪتبن تي چڙھيل دز بارشن جو انتظار ڪري ٿي، پر ڪڏھن ڪڏھن ته بارشون مُند جي آخري ڏينھن تائين نٿيون اچن، جي اچن ٿيون ته به سمنڊن تي يا برن تي وسيو وڃن، وري به مٽي، مٽيءَ کي ڳولي لھي ٿي، جنھن جي روح ۾ ٿڪ ئي ساھ کڻي ٿو! مون تنھائي ۾ سوچيو ته سالم وجود، سالم ذھن ھوندي به احساسن کان اپاھج ماڻھو رومانويت جي روح کي سمجھي ئي نٿا سگھن، اھڙا ماڻھو جيڪي ٻين کي سفر لاءِ گڏ ھلڻ جي نينڍ ڏئي، پاڻ ڪنھن ٻئي جي ذھن تي ھلندي خاموش ٿي وڃن، اتي پاڻ کي رولڻ پنھنجي وجود سان بي انصافي آھي!

    ... اڪيلائي جي ٻانھن جھلي کيس چيو،
    اسان جي رستي ۾ اجايو پنھنجو بدن نه پکيڙي!
    ڇو جو ڪنھن به جلاوطنيءَ جو ڪفن اسان کي ناھي پائڻو!

    ... سبب بي شرم ھوندا آھن!

    ... رستا، ھونئن ئي چرين ٻارن جي اکين جھڙا ٿين ٿا!

    ... خوابن جا پير وڍجي وڃن ته پوءِ تنھائي کي گاريون ڏيڻ چڱي ڳالھه ناھي!

    ... وڇڙڻ تجربو آھي دل کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ جو!

    ... سڙيل خوابن سان نظم سُٺا ٺھندا آھن!

    ... شاعري ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ جي دل جھڙي آھي، جنھن کي سمجھڻ ڀڙوتون ڪندڙن جي وس جي ڳالھه ناھي!

    ... جن دلين ۾ گٽر ريلا ڪري وھن ٿا، تن کي چوڙين وارا ھٿ ڪٿي ٿا صاف ڪري سگھن! انھن لاءِ ته ڪي خاص ٻُھارا ايجاد ڪرڻا پوندا!

    ... ڪڏھن ڪڏھن ته دل کي ڇورو ڇنو رھڻ ڏيڻ ۾ ڪو ڪوبه عيب ناھي ! ڇو جو اڪيلائي جي مشق ڪڏھن به ڪم اچي سگھي ٿي! ھونئن به ساٿ ڏيڻ وارا ڪڏھن به دل ۾ بيوفائي ته پوکي سگھن ٿا!

    ... بي ڌرم ماڻھو شامن سان محبتون ڪندا آھن، اھي خوبصورت اکين ۾ ٽڪي پيل شامون پنھنجن احساسن سان چونڊڻ چاھيندا آھين، پر ھر ڀير زماني جي پيرن ھيٺان زمين جو بدن ٿي لتاڙبا آھن، پر ان ۾ ڪابه عجب جي ڳالھه ناھي، ڇو جو بي انصافي ته فطرت جي روح ۾ ڳوھيل رھي آھي، ان ڪري دنيا جا اڪثر ٻار يتيم رھجي ويندا آھن، جيڪي شين وڪڻڻ وارن کي عجيب حسرتن سان ڏسندا آھن، پر ھو اھو قطعي نٿا ڄاڻن ته شيون وڪڻڻ وارا پاڻ وڏا يتيم آھن. بس فرق رڳو مجبورين جي ھجي ٿو، جيڪي ڏاڍو ظالم ٿين ٿيون ، جيڪي وئيشا گھر آباد ڪنديون آھن، جيڪي دلالي ڪرائينديون آھن، پر افسوس اھو آھي جو انھن مجبورين جي گستاخ زبان کي لغام ڏيڻ جي ڪوشش ھن نظام جا حرامي ٺيڪيدار به نٿا ڪن! جن جي سوچ سُئي جي مٿي جيڏي آھي، ھونئن به پنھنجي بدن جو رت ڌوئڻ حسين سانورين جي مجبوري آھي، تھڙي ريت سچ جي منھن جو رت ڌوئڻ پاڻ جھڙن چرين جي مجبوري آھي، پوءِ جي الزام لڳن ٿا ته پيا لڳن! چنڊ يتيم رڳو انھن کي لڳندو آھي جيڪي پاڻ يتيم ھوندا آھن ، ۽ عقل جي يتيمن جي ديس ۾ ماني مھانگي ۽ انسان سستو ٿي ويندو آھي، اھا ڳالھه ھر ڪنھن جي سمجھه ۾ ناھي ايندي! ڇا به ھجي گھٽ ۾ گھٽ آئون ڪنھن ٽانگي جو گھوڙو ٿيڻ قطعي نٿو چاھيان، جنھن جون واڳون ڪنھن منحوس جي ھٿن ۾ ھجن اھو قبول ئي ناھي!

    ... مون محسوس ڪيو آھي ته اسان ۾ عجيب اُڃ جا پکي رھن ٿا، ان ڪري بھتر اھو آھي ته اسان ڪنھن پيار جي درياءَ جي ويجھا رھون، پسيل آڙين جي پيرن جي ڍنڍن جي پاڻيءَ کي پاتل چميون اسان جا احساس آھن ، محبوب مُرڪن جا ڇھاءَ ۽ عڪس وجود جي وجد جي موجودگي جا گواھ سمجھي عشق ڪيو آھي ان ڪري ئي اسان جي احساسن ۾ چانڊوڪين جون پيشانيون مھڪيل آھن!

    ... ڇا اھو سٺو ناھي ٿيو جو پاڻ ڪنھن جي آڱر جو نشانو ته بڻياسين پر ڪنھن جي دل جو زخم نه ٿياسين! بڪواس ٻُڌي ٻُڌي اندر جو ٻار مارائي ڇڏيوسين، اسان ته اھي ماڻھو ھئاسين جن فقط آڱرين سان چاھ رکيو، آوازن سان عشق ڪيو ، ۽ سونھن ۽ خوشبوءَ جي تحفظ لاءِ خوابن ۽ ننڊن کي جلاوطن ڪيو!

    ... ماڻھن جي جيڪڏھن وس ۾ ھجي ته اھي چنڊ کي به ناشتي ۾ کائي ڇڏين!

    ... وڏي ڪافر منافقي ھن سوسائٽي ۾ ھلي ٿي!

    ... پن ڇڻ ڪنواري آھي اسان جو عشق به ڪنوارو آھي!

    ... پنھنجون زبانون ڪميڻپ جي ذائقي تي ھريل ناھن، ان ڪري پاڻ وحشتن جي انڌين اکين ۾ ڪٽر آھيون!

    ... آئون ان کي عشق ئي نٿو مڃان، جو محبوبا سامھون وار کوليو ويٺو ھجي ۽ عاشق ويٺو بيوقتيون اوٻاسيون ڏي، اھا ڇسائي آھي عاشقي ناھي!

    ... اڃان ڪارونجھر جي ارڏائي سُتي ڪانھي، اڃان ڪراڙ جا ڪنارا ٿڪا ناھن، اڃان وچولي ۾ کليل ڊگھن وارن قيد ناھي قبولي اڃان لاڙ جي جوانين جي ھٿڙن جي چوڙين جي ڇڻڪاٽ جون ڇوليون قبرن جا ڪتبا ناھن ٿيون، اڃان ٿر جي واري جي چمڪي جو ھر نياپو خماريل ڪڪوريل نرالين اکين لاءِ ريشمي احساس جي نرملتا سان ٽٻيل آھي، اڃان اُتر جي اجرڪن جھڙي گسن تي دلربائي ۽ ارڏائي جا روپ ۽ رنگ ڦِٽا ناھن، ان ڪري اسان به آڱريون ميڻ بتيون ڪري ڇڏيون آھن!

    ... عورت جي مُرڪ، مرد جو قد پل ۾ ماپي وٺي ٿي.

    ... جيڪڏھن ٽڙڻ ۾ مزو آھي ته ڇڻڻ جو سرور به گھٽ ناھي!

    ... ڪنھن به قسم جي غلامي قبولي ڇڏڻ، جسماني خودڪشي به آھي ته روحاني خودڪشي به آھي جيڪا لعنت جوڳي به آھي ته شرمناڪ به آھي!

    ... ڀوڳنائن جا چھرا تجربا ٿي ويندا آھن!

    ... بارش ۽ عورت جي معصوميت کي ڪڏھن به مڪمل طرح سان بيان ڪري ناھي سگھبو!

    ... مٽي جي معصوميت ته فقط بارش ئي ڄاڻيندي آھي جيڪا ڪڏھن ڪڏھن ان جي سحر ۾ کوئجي چري به ٿي پوندي آھي!

    ... غريبن جي اپاھج ٻارن کي مرڪي اسان مان ڪنھن ڪنھن وڃي گل ڏنا آھن!؟ اچو ته پنھنجو پاڻ کان اھو سوال پُڇون ۽ پوءَ ڪنھن سان عشق ڪريون!

    ... ڍنڍن جي پکين کي کائيندي ڪنھن کي به اھو ياد ناھي ايندو ته ھن پکي جي دل ۾ ڪا عاشقي ھئي! ھن جي اکين ۾ به ڪو سپنو ھو، ڪا ملڻ جي آس ھئي!
    ... گل بيخال ٿي ٽڙندا آھن، بادل بي چيا ٿي وسندا آھن ، ماڻھو جو مَن به ائين ھئڻ کپي!

    ... شاعري ھئڻ به اھڙي گھر جي جيڪا احساسن ۾ ڪنھن وقت تاريخ جو درد پکيڙي ڇڏي، ڪنھن وقت دل جي مٿان گھوڙا گذاري ڇڏي، ڪنھن وقت اُس مان وٺي پپر جي وڻ ھيٺ بيھاري ڇڏي، ڪنھن وقت ڊسمبر جي ڊگھي سرد رات ۾ محبوبا بڻجي چپن تي باھ جھڙا ٻرندڙ ۽ پنکڙين جھڙا نرم چپ ليٽائي ڇڏي!

    ... منوا! اڃان اھو چيٽ چريو آھي جنھن جي سانجھه ۾ ڏيئو ٻاريندي تنھنجو ھٿ سڙي پيو ھو!

    ... ستارن ڀريون راتيون دل کي صليب تي چاڙھي ڇڏين ته پوءِ باقي بچي به ڇا ٿو!

    ... اُڃ ته ڪنارن جو روح ھوندي آھي جنھن کي اُس جي آوارگي ڪڏھن به سمجھي ناھي سگھندي!

    ... ڪويليون ته چريون آھن گلابن جي خوشبو انھن جي ننڊ ٽوڙي ڇڏيندي آھي، پر خوشبو جي ته پنھنجي ننڊ ڦٽل آھي، اھا سُڌ جڏھن به ڪويلين جي سمجھه ۾ اچي وئي ته اُھي پنھنجا ڪچا پير ٽانڊن تي رکي بھار جي ننڊ به ڦٽائي ڇڏينديون!!

    ... ڀلي کڻي اسان کي بيشڪ خزانا نه ملن پر اسان چاھيون ٿا ته اسان جو درياءَ بنجر نه ٿِئي!

    ... اسان چاھيون ٿا ته مائن جي ڳلن تان ڳوڙھا گلابن جي گلن سان اگھيا وڃن!

    ... اسان چاھيون ٿا ته ڌرتيءَ جي ڪنھن به چانڊوڪيءَ جي اُرھن تي ڪي به ميرا پير نه رکيا وڃن ۽ ڪچين ڪنوارين اکين کي جنازن تي بيوقتو نه روئاريو وڃي!

    ... تون خوشبوءَ جو ٽھڪ آھين يا خوابن جي ڳوٺ جي بھار جو صبح آھين! اندازو لڳائڻ ڏکيو آھي!

    ... جن اکين ۾ ڇتا ڪتا ڀؤنڪندي نظر اچن، انھن مان حسن جي ڀلائي جي اميد رکڻ اجائي آھي!

    ... دلين کي جڏھن ديوانگي جا دورا پوندا آھن تڏھن اھي عشق جي آڱر جھلي حُسن جو ڌرم اختيار ڪنديون آھن!

    ... تنھنجي محبوب زلفن سان پُسيل مُنھن اگھڻ عاشقي جي ديوانگي جو عجيب تجربو آھي!

    ... صحرا جي سُڃ جا ڪتاب ته ڀٽڪيل ڀؤنر پڙھندا آھن!

    ... خوشبو ۽ حُسن جي ڪنوارپ جي ڪميڻپ ڪڍ پيل آھي، شل اھا ڪنوارپ سلامت رھي!

    ... مون تنھنجي مرڪن ۾ پھاڙي ڪنول ترندي ڏٺا آھن، پوءِ تنھنجين ڳالھين ۾ خودڪشي جي خوشبو ۽ سڙي مري ويل خوابن جو درد ڇو آھي؟

    ... تنھائي ۾ تصور چانڊوڪيءَ کي دل جي پاتل ڀاڪر جيان آھي!

    ... ڳوٺ جي چانڊوڪيءَ جھڙيون تنھنجيون اکيون شاعري ٿيڻ لاءِ نه واجھائن ته بھتر آھي، ڇو جو يقين ڄاڻ اھي جيڪڏھن شاعري ٿي ويون ته پوءِ گل ٽڙڻ جي عادت ئي ڀلجي ويندا.

    ... بي رابط موسمن ۾ ڪا سُڌ ناھي ته ڪير ڪير اَڪن جي ڦلين جا ڪتاب پڙھي ٿو!

    ... ڪٺل پکين جون اکيون پرديسي پرين جي ياد جھڙيون ھونديون آھن.

    ... ويساھن جي قبرن جا ڪتبا ٿي ويل ماڻھو دريائن جي درد جي شام ڇو ٿي ويندا آھن؟ اِھا سُڌ انھن آڱرين کي ڪڏھن به پئجي نه سگھندي آھي جيڪي محبتن جي گرمي کان محروم ھونديون آھن!

    ... ڇا چئجي انھن احساسن کي جيڪي پٿرن جي شھر ۾ ڇانءَ ڳوليندي سڙي ويندا آھن، ۽ شام خانه بدوشن جي خيمن جيان روح ۾ پکڙجي ويندي آھي!

    ... دلبريون اوجاڳن جي صفحن تي لکيل ھجن يا سوڳ جي چپن تي ليٽيل ھجن پر انھن جي وجود ۾ روح جي چانڊوڪي نه ھجي اھو ته ممڪن ئي ناھي!

    ... غور سان ڏس، وڻ وڻ جي پن پن تي لفظ “محبت” لکيل آھي!

    ... منوا! تون ڪنواريءَ ھوا جي بيخياليءَ جو تجسس آھين! زمين جي سڏ جو عجب آھين!

    ... مون بارش جي ڦڙي ڦڙي ۾ تنھنجي خوشبو کي گنگنائيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو آھي!

    ...تو مرڪي زمين کي قرضي ڪري ڇڏيو آھي!

    ... جن اکين جي ننڊ چوري ٿي ويندي آھي اھي ئي ڄاڻنديون آھن ته فجر جي ماڪ ۾ پسيل گلاب بازارين جي شور کي پٺي ڏئي ڪتابن جي ورقن ۾ ڪيئن اچي پناھ وٺندا آھن، اھي اکيون اھو به ڄاڻنديون آھن ته ڊگھين اوڇنگارن جي شھرن جون دريون مري ويل ٻارن جي گھرن جي خاموشيءَ جھڙيون بيقرار ڇو ھونديون آھن!

    ... زمينن جا ڌرم نه ھوندا آھن، زمينن جا روح ٿيندا آھن!

    ... محبوبيت سان ڄڻ زنا بي الجبر ٿي ويو آھي!

    ... سونھن جي ڪنوارپ زخمي آھي!

    ... ڪم ظرفن جا پير گلابن جي جسمن تي آھن!

    ... ڪنھن آڏو وڪجي ڪنھن سنڌياڻي جي اگھاڙپ جو تصور ضمير لاءِ خنجر آھي، گھاءُ آھي!

    ... بارشون به عجيب ڇوڪرين جھڙيون ھجن ٿيون جن جي وجود ۾ عجيب بيقراري رھندي آھي!

    ... ڪڏھن ڪڏھن ڪنوارن ساھن جھڙي خوشبو دل ۾ ڪاھي پوي ٿي!

    ... اسان کي محبوب حُسن جي بقا لاءِ ڪارن ھٿن سان اٽڪڻو پوندو!

    ... تاريخ جون تقاضائون نرم ڇاتين تي ھٿ گھمائيندي پوريون ناھن ٿينديون انھن لاءِ رت ولوڙڻو پوندو آھي!

    ... وقت جي بدن جي لوڏ نظر ناھي ايندي پوءِ به اسين ان جو دل ۾ ضرور تقدس رکندا آھيون!

    ... حيدرآباد جي شام انتھائي حسين آھي ايترو حُسن ته اسان جي خوابن ۾ به ناھي!

    ... اسين انڌاري رات ۾ سرگوشين ۾ ڪيل گفتگو جي روح جھڙا ماڻھو آھيون، جن جي سرءُ ڪڍ پيل آھي ، ھوا چُپ رھي ٿي لفظ لکجي وڃن ٿا ، چُوڙيون وڄن ٿيون لفظ لکجي وڃن ٿا، ڪو وساري ٿو لفظ لکجي وڃن ٿا، چنڊ ڍنڍ ۾ تري ٿو، عشق ھانءُ ۾ ٻري ٿو لفظ لکجي وڃن ٿا.

    ... ڪير ڪنھن ۾ ڪيترو موجود آھي، اھي داستان ته رڳو روح جي ريگستان ۾ لکبا آھن، لفظن جا آشرم ان کي بيان ڪن سو ته ممڪن ئي ڪونھي! پگھرجي ويل پيشانين جھڙا بھار جا ڏينھن يادگيرين جو ٻيلو بڻيل رھندا آھن، اھا رُت جي ادا آھي يا محبتن جو سحر؟ ان سوال کي ھر سوچ پنھنجو رنگ ڏيڻ چاھيندي پر عاشقيءَ جي خوشبوءَ جون آڱريون بنا رک رکاءُ جي محبت جي بدن ڏي اشارو ڪنديون!

    ... تاريخ جي اگھاڙين ڇاتين تي وحشتن جا پير آھن، ۽ ڪليءَ ڪليءَ جو ساھ منجھندڙ آھي!

    ... جواڻ نياڻين جي قبرن تي روئندڙ چانڊوڪين جو سوڳ اڃان ساڳيو آھي!

    ... سُڃ ۾ مرندڙ مسافرن جي پيرن جا ڪتاب ڪوبه محقق نٿو پڙھي!

    ... سڀني طنبورن تي پنھنجون آڱريون آھن، سڀني ھٿڪڙين ۾ پنھنجا ھٿ آھن!

    ... ڪنھن ٻار جي ڳل تي ٿپڙ جي نشان جھڙيون ڳالھيون بھار جي مند ۾ ڪبيون ته حُسن سوڳوار ٿي ويندو!

    ... اچ ته اھو ورجايون ته اسان زمين جي پکيڙ جيڏا ٽھڪ ڏئي حُسن کي اھو احساس ڏياريون ته اسان ان جا محافظ آھيون!

    ... تون مون سان جيڪو پيار ونڊين ٿي، اُھو پيار مون لئه ھڪ اھڙو ھڳاءُ آھي جيڪو ساحل جي نرم بدن مان ايندو آھي، جھڙو ان عاشقي مان ايندو آھي جيڪا ڌرتيءَ کي به ڇانءَ سمجھندي آھي، اھڙو ھڳاءُ رڳو انھن درين مان ايندو آھي جن مان لِڪي پرين کي ڏسبو آھي، اھڙو ھڳاءُ ان مٽي مان مھڪي اٿندو آھي جنھن تي باغين جو رت ڪرندو آھي، ۽ انھن سانجھين مان اھڙو بانورو ھڳاءُ اڀرندو آھي جنھن ۾ پھريون اڪيلو تارو ڏسي ڪنھن جي ياد ايندي آھي ۽ دل مان ٽيپو ٽيپو ٿي رَت ڳڙندو آھي!

    ... ھن نگري ۾ اھو ڏينھن ضرور اچڻو آھي جڏھن ھوا جي الھڙ سُرن ۾ ويڙھجي ڀرت ڀريل پوتين کي لُڏي ائين چوڻو آھي ته سج اڀري چڪو آھي!

    ... اگھاڙن پيرن ۾ لکيل پيار جا شھر ڪڏھن به مري نٿا سگھن!

    ... منھنجا من! غم جا سڀ رستا پاڻ تائين اچن ٿا، سانجھين جي خوشبو جو روح ته وري به ڏيئا سمجھن ٿا، پر پاڻ کي ته نه ساحل جي ھوا سڃاڻي نه اھا رات جيڪا احساسن کان آجي آھي، درين مان چنڊ ڏسندڙ اکين جون اڪيلايون به ڏاڍيون عجيب ٿين ٿيون، جن کي پُسيل وارن جي مھڪ ۾ وھنتل ھير به نٿي سمجھي سگھي، سنڌو اڄ به انھيءَ سوچ ۾ ٻُڏل آھي ته جر تي سانجھين جو ڏيئا ٻاريندڙ انتظاريل ھٿن کي ڀٽائيءَ سُر سامونڊيءَ ڇو ارپيو آھي!
    اسين اڄ به ٻيڙين ۾ ٻرندڙ ڏيئن وانگر آھيون ۽ ڄاڻون ٿا ته اُڃ جو ڪو وطن نه ھوندو آھي ، اُھي اکيون جيڪي اجڙيل باغن جي درد کي نٿيون سمجھن سي اھو ڪيئن ٿيون ڄاڻي سگھن ته نئين رُت ۾ ڪھڙو گل ڇڻيو آھي؟ ۽ ڪير سڃي رستن تي پنھنجي خوابن جي خوشبو ڪنھن لاءِ ڇو ڇڏي آيو آھي؟
    اسين تصورن جي موسم ۾ ڪيئن جيئون ٿا! اھا خبر ته ان شھر جي بيحس گھٽين کي به ناھي جن گھٽين ۾ اسان جا پيار اڄ به پيرن اگھاڙا آھن!


    گل ٽڙيو

    ھوا ان کان پڇيو؛ “ڪنھن لاءِ ٽڙيو آھين؟”
    گل چيو: “ھر ان اک لاءِ جنھن ۾ ڪنوارو عشق ڪَر موڙي ڪجھه چوڻ جو آرزومند آھي!”
    ھوا پڇيو: “توکي ويساھ آھي ته تون آرزو جي تڪميل تائين زندھ رھندين!”
    گل مُرڪي چيو؛ “عشق تڪميل تي پڄڻ جو ڪڏھن به قائل ناھي رھيو، عشق دل کي دل جي چميءَ جي ڇھاءَ جي محبوب سرگوشي جو ريشمي داستان آھي!”
    ھوا اھو سوچي ڪن ڪارن ڊگھن زلفن ۾ لڪي وئي ته “عاشقن ۽ باغين کي سمجھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه ناھي!”

    ... صدين کان بيتاب ھوائن ويراڳي شامن ۾ سوين چڙا چُميا آھن، سوين سياحن انيڪ دڙا گھميا آھن، ۽ وھندڙ پاڻي جي بيقرارين اڻ ڳڻيا گھڙا ڇُھيا آھن، پر سچ اھو آھي ته روح ۽ اکين جي موھ ٿڌو ٿي ڪٿي به به سُتو ناھي، اڄ تائين پيرن پنڌ جي پڇا ناھي ڇڏي، ۽ نھارن جي سفر جي ڪابه پڄاڻي ناھي ٿي، روح جي بانسريءَ جي صدا اڃان تائين ماٺ جي ٻوڏ ۾ ناھي ٻُڏي، پوھ جي آسمان ۾ ستارن تي مسافرن جون پيل نھارون ھجن يا ڪنھن درياءَ جي ڪنٺ تي اڏيل ڪنھن گھر جي ٻاھر بيٺل ملاح ڇوڪريءَ لھندڙ سج کي ڏسي مرڪيو ھجي، يا ڪنھن گمنام شاعر جي اکين سرءُ جي آڌيءَ ۾ نئين پرڻيل ڪنوار جي مرڪ جھڙي ڪنھن ستاري کي کڙندي ڏسي ڪنھن کي ياد ڪيو ھجي! ان سار، روپ ۽ منظر کي ڪا معنى نه ھجي ڀلا اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟! ماڪ ۾ پسيل نئين رلين جھڙو ڪنوارو پيار ڪو نظم ڪو ناول نٿو بڻجي ته اھا ڪا وڏي ڳالھه ناھي ، رڻ ۾ ٽڙيل ڪنھن گل کي ڪا اربيلي نھار نٿي ڇھي ته اھو ڪو سانحو ناھي ، مند جو آر ماڻھن ۽ عاشقين جي انتظاري کي سوليءَ ڪيو ڇڏي اھا به ڪا نئين ڪٿا ڪانھي! روح جو آسمان ڪڏھن به پوڙھو نٿو ٿئي، ڪجليون ڪڪريون وسن نه وسن پر زمين آس جو سارنگ من جي ڳچيءَ مان ناھي لاھيندي! نرڙن جي لڪيرن ۾ سُتل ڀٽائيءَ جي سُر معذوري جھڙو زمانن جو درد ڇا ٿيو جو ڪنھن مصور کان اوجھل رھيو، ڇا ٿيو جو بارش ۾ ڪنھن پوڙھي ماءُ جي ڀڳل ٻانھن جو سُور ڪنھن موسيقار جي ڌُن ۾ اچي نه سگھيو! ڇا ٿيو جو ڪنھن ڌنار جي اکين پراڻ جي پوٺن تي ڪِن ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن کي نه ڏٺو! اھو سڀ ڪو نئون الميو ناھي، جتي سپون اُس ۾ سڙن ۽ اکيون راتين ۾ ٻرن اتي اھا ڪا نئين ڳالھه ناھي! پر سچ اھو آھي ته معنى ھر شيءِ کي آھي! اھو سمجھڻ گھرجي ته عشق، سچ ۽ سفر، معنائن جا محتاج ناھن ھوندا، چانڊوڪين جھڙيون معنائون جن جو روح ھجن، اھي سفر اجايا ناھن ، اھي ته گلابن جھڙا آھن!

    ... ڪتاب ۽ ڪفن جي خريداري ۾ فرق اھو آھي ته ڪتاب خوشيءَ سان خريد ڪبا آھن ۽ ڪفن مجبوري ۾ وٺبا آھن!

    ... عشق فقط اُھو انسان ڪندو آھي، جنھن کي پنھنجي وجود ۽ ٻئي انسان جي وجود جو ھوش ھوندو آھي، جنھن کي پنھنجي ۽ ٻئي جي وجود جو ھوش ناھي ھوندو اُھو عشق ڪري ئي نٿو سگھي!

    ... چيس؛ “چانڊوڪيون راتيون آھن! نٿي اچي سگھان، چنڊ لڪي ته پوءِ توکي اچڻ جو چونديس!
    مون چيٽ جي پوري اڀريل مدھوش چنڊ کي ڏٺو، منھنجي مَن ۾ کِل ڪاھي پَئي! ڇو جو مدھوش چَنڊ مون کي جوڳين جي قبيلي جو سردار مُکي ڪرمون جوڳي لڳو، جنھن جي ھڪڙي عقابي نھار ڪنوارين جوڳياڻين جو ھانو ڏڪائي وجھڻ لاءِ ڪافي آھي!

    ... انيڪ اکيون اُميدن سان ھونديون، جيڪي لڙڪن جا ڪچا ٻار ڪيرائينديون رھنديون آھن!

    ... ھي جيڪي سختين جا سفر آھن،
    سي ڄڻ ته بڊي جا ڪڪر آھن!


    ڪُٺل ڪويلين جي الوداعي ڪُوڪ

    تون ڪٿي آھين؟

    ... ميگھا . . . تون ڪٿي آھين؟ ڪٿي آھين تون؟
    آواز جو پڙاڏو ڪنڊن ۾ اٽڪي رتو رت ٿي ويو آھي!
    خبر اٿئي، جڏھن آئون پنجٽيھه مھينا ديوارن پويان گھاري نومبر ۾ ڳوٺ موٽيو ھوس، ته ٺاھوڪي سردي فقيرياڻين وانگي رُلي رھي ھئي، ڳوٺ جون پرڻيل ناريون پنھنجا نوان ڄايل ٻار مون کي ڏيکارڻ آيون ھيون،
    اُھي ائين پئي لڳا ڄڻ ته ڪنھن مسافر سفر ۾ اڇوت صبح کي ڏٺو ھجي!
    پوءِ اوچتو سرد مند جي پھڙين ننڍڙي بارش وسي پئي ھئي،
    اُھا ائين پئي لڳي ڄڻ ته ڪا چري ڇوڪريءَ اسپتال ۾ روئندي ھجي!
    پاڻي نه ھجڻ جي غم ۾ ھارين جي سُڪي ويل ھٿن تي،
    اداس ڳالھين جا آکيرا ٺھيل ھئا،
    شام جو جڏھن آسمان صاف ۽ نيرو ٿيو ته ٻگھن جي دانھن دونھاٽيل ھئي،
    ميگھا . . . مٽي روئي رھي ھئي، ڇو جو ھن جا ٻار (فصل) اپاھج ھئا،
    مون ڪيترن ڏينھن تائين ڪوبه ڪتاب اکين ۾ نه ليٽايو،
    ڇو جو ڪتابن جي خوشبو ننڊ ڀڃي ڇڏڻ جي ھيراڪ پئي ڄاتُم!
    آواز جو پڙاڏو ڪنڊن مان نڪري ڊڀن تي ليٽي پيو آھي،
    ٻارن ۽ جانورن جا پير ۽ کُر اُن کي لتاڙي رھيا آھن!
    سردي وڌي وئي آھي، ۽ من ڪنھن ٻوڏ ۾ ٻڏي رھيو آھي!

    (نومبر 2002 ع ۾ لکيل سٽون)


    ڊسمبر ڊيگھه جي آتم ڪٿا!

    ... ميگھا . . . ڊسمبر، درد جي ڊيگھه جي عجيب آتم ڪٿا آھي،
    منھنجي سامھون ڪو مارئي ھاسٽل جو فون نمبر ملائي،
    ڪنھن سان ائين ڳالھائي رھيو آھي، ڄڻ تيز واءُ ۾ پپر جا پن لُڏندا ھجن، ڄڻ مظھرالاسلام جي ڪا ڪُنواري ڪھاڻي ٽائر ھيٺ اچي وئي ھجي، مون چانھه جو ڍُڪ ڀريو، لڳم ڄڻ ته ٿوھر جو کير نڙي ھيٺ لٿو آھي،
    ميگھا . . . مون کي پڪ آھي ڪا ڇوڪريءَ ھاسٽل روم جو در بند ڪري رُني ھوندي!
    ڪٿي ھن سمي پڪ سان ڪنھن رستي ۾ ڪنھن لاءِ نھار ڇڏي ھوندي،
    ڊسمبر، ڄڻ ته سڀني اکين ۾ ڄمي ويو آھي!
    پکين جون ويجھڙايون ماڻھن کي نٿيون وڻن!
    ان ڪري بندوقون ڀونڪي رھيون آھن،
    ڪنھن ڌراڙ جو وڄايل چنگ شام جي روح کي چيري پيو!
    تون الاءِ ڪٿي آھين!؟

    (ڊسمبر 2002ع ۾ لکيل سٽون)


    بڙ خودڪشي نٿا ڪن!

    ميگھا . . . يقين ڄاڻ ته وڻ محبوبيت جا مسافر خانا آھن،
    اُھي ڪونه ڪو فلسفو رستن کي ضرور ٻڌائيندا آھن،
    بڙ خودڪشي نٿا ڪن! ڇو جو پکي ۽ آکيرا انھن تي وزن نٿا ڪن!
    ماڻھو من تي دردن جو بار کڻن ٿا، ان ڪري آپگھات ڪن ٿا!
    جنوري جي بخملي رات جو اداس چنڊ تمنا جي نرڙ جھڙو آھي،
    ستارا، ڪُٺل پکين جي آخري ڪُوڪ جو ڄڻ ته پڙاڏو آھن،
    ساحلن تي رات پيار جي درد جيان ٿي وئي آھي،
    ڇو جو پاڻي سواءِ انھن جي ننڊ ڪو نوحو آھي!
    ميگھا . . . باھ تي سيڪجندڙ ھٿ پنھنجا ناھن،
    پنھنجا خواب ته اُن ٽرين جا مسافر آھن،
    جيڪا ڪنھن غلط ڦاٽڪ تي بيھي رھي آھي،
    رات ۾ ڪو چريو سيٽي وڄائي پيو،
    لڳي ٿو ھو ڪنھن آرزوءَ جي چوڪيداري ڪري پيو!
    اسپتال ۾ خودڪشي ڪندڙ ناريءَ جو پوسٽ مارٽم ٿئي پيو،
    وائڙن جي شھر ۾ موالي گٽرن تي ننڊون پيا ڪن،
    سچ جي شاھدي ڪوبه نٿو ڏي!
    لڳي ٿو عشق کي اڃان ڊگھو پنڌ ڪرڻو آھي !!

    (جنوري 2003ع)


    ڳولا ڇو ٿي ماري؟

    . . . ميگھا . . . . !
    کڻي پوپٽن جا جنازا ھٿن تي،
    اٿي ويا مسافر ڇڏي ڀاڪرن کي،
    ھوائن ۾ آھي شھيدن جي خوشبو،
    پرين، اڄ اسان جي پُڇا کي ڇڏي ڏي!

    . . . ٻُڌ . . . رات کي خنجر جھڙي تکائي ھئي،
    تڏھن صبح جي آسمان جو رنگ ڳاڙھو ھو!
    جھنگ ۾ ڌنار ڇوڪري جو ڪتن واتان کاڌل لاش پيو ھو،
    رات اُھو مينھن ڳولڻ ويو ھو،
    ٻُڌاءِ! ڳولا ماڻھو کي ڇو ٿي ماري؟
    اس موسم جو اگھاڙو ٽھڪ آھي،
    اُن کي ڀلا بيرُخي سان ڇو ڏسجي!
    فيبروري سوڙھي چوليءَ وانگي ٿي وئي آھي،
    تون الاءِ ڪٿي آھين!؟

    (فيبروري 2003ع)


    شمشانن جي خاڪ ۾!

    ... ميگھا . . . ! جھالتن ۽ بيوفائين کي اُڃ جو مرض آھي!
    ان ڪري ڪراڙي رُڃ اکين جي ڳوٺن۾ رھي ٿي،
    بندرگاھن جي شامن جھڙي رولاڪ بيچيني ڏسائن ۾ وکريل آھي،
    صبح جي پاڪيزگيءَ کي الاءِ ڪنھن پُٺي ۾ ڇُرو ھنيو آھي،
    وقت جي رڳن مان رت ڳڙي رھيو آھي،
    ڪير ھوا کي اداس ڪري ويو آھي!؟
    نه پکي ٻڌائين ٿا، نه اُس ڳالھائي ٿي!
    موسيقارن جي ڌُنن ۾ ميريون راتيون لڪي ويون آھن!
    اُڀ جو ھر ستارو جواڻ سانورين جي ڏنل ٽھڪن جو ڳوٺ آھي،
    اُن ڪري اُن ڏي آڱر اُڀي ڇا لئه ڪريون؟
    چئه! تاريخ کان ڪھڙي ريت منڪريت ڪجي؟
    ڪلھه تاريخ جي رستن تي اکين ڏٺو ھو،
    فاتحن جي محلن ۾ اگھاڙيون غلام ڪنواريون ساقي گري ڪري رھيون ھيون!
    ھاٿين جي پيرن ۾ ٻار لتاڙجي رھيا ھا،
    ننڊ جي ترين ۾ ڪوڪو کُتل ھا،
    ۽ اڄ جي تاريخ جو مٿو به ائين ئي اگھاڙو آھي!
    بيواھن جا لڙڪ شاعريءَ کان سواءِ ڪٿي به پناھ ۾ ناھن!
    چئه! ڪھڙي طرفداري جي دھل تي تاڙي وڄايون؟
    ڪاري رات جي بُت کي سچ جي بليڊن سان چھڪ ڏيڻ کپن،
    فاصلن کي دل جي چيچ جو ڇلو ڇا لئه ڪريون؟
    شمشانن جي خاڪ ۾ پيرن جا ڪيل پنڌ سڏ ڪري رھيا آھن،
    نه پاڙجي سگھيل واعدن جو روح ڪبوترن جي پرن ۾ لڪل آھي!
    مسافرن جون بيقرار راتيون رنل خوشبو جي پويان ڀٽڪيل آھن،
    بَرن جي ٺريل خاموشيءَ کي ڪائي اجرڪ کڻي آئي آھي،
    تنھن ڪري ئي خيمن مٿان ڪويل ڪوڪي پَئي! ٻُڌ . . . !
    جيڪو پاڻ سڄو اکيون ٿي نٿو سگھي،
    ان کي ڀلا ڪنھن جون اکيون نھارڻ جو ڪھڙو حق آھي؟!
    نرتڪين جي جسمن جي وراڪن ۾ ٻاٻيھن جون رڙيون سمايل آھن،
    بارش ٿي انھن جي روح کي ڄاڻي سگھين ٿي!
    استاد اوشوءَ جي اکين ۾ تڏھن ئي ته وڄن جون بيقراريون ھُيون،
    جو ھُن رقص جي دلبري ۾ اکيون وھنجاريون ھُيون!
    چانڊوڪيون به عاشقين جو ڪفن ٿي ويون آھن،
    سُٺو اِھو ٿيندو جو جاڳ جي پوئواري ڪجي!
    ڏيئن کي مرڻ نه ڏجي، لفظن کي ڄمي وڃڻ کان بچائجي!!

    (مارچ 2003)


    لاڙ جي سارين جو قسم

    . . . ميگھا . . . ماڻھوءَ جو روح سامونڊين جي سفر جھڙو آھي!
    خاموشيون ڄڻ ته رستن جا پٿر، ۽ پيرن جا نشان کائي رھيون آھن،
    يادن جي آسمان جون انڊلٺون تميز ۾ ويڙھيل آھن،
    پر سماج جي رويي ۾ تميز جي مھڪ موجود ناھي،
    ھر مرندڙ ماڻھو آخري ڀيرو پاڻي ڇو ٿو گھُري!
    اِھو سوال درياءَ کان ڪو ضرور پڇي!
    ھيٺيون ڌڙ اپاھج ٿيل رقاصا کنوڻين جو ناچ ڏسي روئي ٿي،
    پر وقت درد جي گوري نٿو ٿئي!
    چمڙا چانڊوڪيون کائي رھيا آھن،
    ڀٽائيءَ جي روضي ۾ سنڌ ڪي رڙ رُلي رھي آھي،
    پڇي سگھي ٿو ڪو تاريخ جي ٻانھن جھلي ضرور پڇي!
    ميگھا . . . بيحسين جي قبرن ڌپ وڌائي ڇڏي آھي!
    ڳل تي نوٽ رکي ناچو کي پاڻ وٽ گھرائڻ کان،
    چڱو اھو آھي ته ماڻھو پنھنجي ٻوٿ تي جوتا ھڻي!
    لاڙ جي سارين جو قسم،
    عشق جي آڌين راتين ۾ اڌ ڪُٺل ٻاٻيھا رڙن ٿا،
    ڀنڀوريون دانھون ڪن ٿيون!
    کڙکٻيتا ڍنڍن ۾ ڪِري زندگي وڃائين ٿا!
    ھر ماڻھو ڪنھن تصوراتي روپ پويان ڊوڙي ٿو!
    سوچ جي محور جو ڪو ڪو جسم پٿرائجي وڃي ٿو!
    گھٽين ۾ پُڇائون پار ڪڍي گھُمي رھيون آھن،
    ميگھا . . . امن، بمن جي وچ ۾ اچي ويو آھي!
    جسمن جي ڪَٽيل عضون مان نقشا ٺھي رھيا آھن،
    ٻارن جي پويان ڀيانڪ موت ڊوڙي رھيو آھي!
    سڀاڻي ڇا بچندو!؟ اھا ڪنھن کي به سُڌ ناھي!
    ننڍڙيءَ ڪا نينگري ڪنھن شھيد جي قبر تي ڪري پئي آھي!
    ننڊ ھُن تي ڇانو پکيڙي ڇڏي آھي!
    اِھا علامت آھي دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جي،
    جيڪو نشي جون گوريون کائي سُمھي رھيو آھي!
    ڪو سوچي ڏسي اُڀ ڏي اڏامندڙ پکي امن جا جھنڊا آھن،
    بس اھائي ڳالھه سمجھڻ جي ضرورت آھي،
    جنھن لاءِ اسان کي پيار جو رنگ ڀرڻو آھي.

    (جون 2003ع)


    ڪھاڻي ورجائجي رھي آھي!

    . . . ميگھا . . . بادلن سان ڍڪيل آسمان جولاءِ جو ٽھڪ آھي،
    ائين لڳي ٿو، آسمان ويجھو ٿي ويو آھي،
    بارشون ھيل بدمست ھاٿين جيان ڊوڙيون آھن،
    ڪلھه ھڪڙي ڳوٺ ۾ عجيب سانحو ٿيو ھو،
    صُبح جي ھلڪي برسات جو ترنم لتا جي جھونگار جھڙو ھو،
    ڳوٺ جي جواڻ اداس ناريءَ گاھ لُڻي موٽي ھئي،
    اھو ٻپھري جي ننڊ مان اٿيل اکين جھڙو ٽاڻو ھو،
    سندس مڙس بھانو ڪري بندوق پئي صاف ڪئي،
    ھوءَ سندس حڪم تي تيل جي شيشي کڻي آئي ھئي،
    واپس پُٺ ڏي مُڙي ته مڙس ھن تي فائر کولي ڇڏيو ھو!
    ڪارتوس ھُن جي پُٺي ۾ لڳي پار ٿي ويو ھو،
    ھوءَ ھيٺ نه ڪري پر ائين ئي بيٺي رھي ھئي،
    ھُن پنھنجي مٿي تان نيري پوتي لاھي ان کي ويڙھي،
    زخم وجھي پنھنجي رَت کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئس!
    رڙ ڪري چيو ھئس : “مونکي پاڻي ڏيو!”
    پر ڪنھن سنڌو درياءَ جي پاڻي جو ڍڪ به نه ڏنو ھوس،
    آخري ڀيرو سَس کي چيو ھوس،
    ماسي! تنھنجي پٽ مونکي بيگناھ ماريو آھي،
    پر تو مونکي اسپتال پھچاءِ، بچي ويندس!”
    ڪوبه ھُن جي واھر لئه نه آيو ھو،
    گھر جي عورتن ھُن جي رَت کي لڪائڻ لاءِ،
    رَت تي گپ جو راڳو ڪري ڇڏيو ھو،
    ۽ ھوءَ ويھه منٽ تڙپڻ بعد مري وئي ھئي،
    ھُن جي پيٽ ۾ ڇھن مھينن جو ٻار ھو،
    عجب اھو آھي ته ايف آءِ آر توڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾،
    ڪٿي به ٻار جو ذڪر موجود نه ھو،
    ڪنھن چيو پئي ته ؛ “ٻار جي مٿي ۾ ڇيرو لڳل ھو!”
    شام جو بارش وسي ھئي،
    فجر جو اذان کان اڳ ۾ ھُن کي دفنايو ويو ھو،
    ميگھا . . . اُن ناريءَ جو قصور رڳو اھو ھو ته،
    ھوءَ مڙس کي نه وڻندي ھئي،
    نه وڻڻ جي الزام ۾ مارجي وڃڻ به عجيب الميو آھي!
    اِھوئي دستور ھن مٽيءَ تي بانبڙا پائي رھيو آھي،
    اِھائي ڪھاڻي ورجائجي رھي آھي!
    ٻُڌاءِ! تون ڪٿي آھين!؟

    (جولاءِ 2003ع)


    چُپ جي سازش کي ٽوڙيو!

    . . . سارا . . . . (خودڪشي ڪندڙ شاعرا)
    انڌي ماڻھو رڪشي ۾ ويھندي تازو سفر ڪري لھي ويل
    عورت جي خوشبوءَ کي،
    محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي!
    خاموشيءَ ھُن کي عجيب دڙڪو ڏنو آھي،
    سارا! توکي پرھ جا پکي سڏي رھيا آھن،
    ڪلھه ھڪڙي قبر تي ٿر جو مور نچيو ھو،
    دل ايئن ڀانيو، اُھو تنھنجي مريل ويل ٻار جو روڄ آھي،
    سڀ ڌيئون ڌوڙ ۾ اگربتيون ٿي ٻرن ٿيون،
    اِھو ھن سماج جو بي مروت ناٽڪ آھي،
    اُس ۾ ھلندي چانڊوڪيءَ ۾ گھمندي ماڻھوءَ جو پاڇو،
    ٻاھر نڪر رڳو اھو ڏسڻ چاھيندو آھي ته،
    زندگي خود آھي ڇا!؟
    سارا! بُک ھِن زمين جو پاڇو آھي! اھو بنھه وڏو آھي!
    سڀني جا لڙڪ گڏ ڪري اَمن جو چھرو صاف ڪرڻ گھرجي!
    ٻُڌاءِ! ھنگريءَ جي خودڪشي ڪندڙ شاعر اتيلا جوزف ڪنھن کي چيو ھو ته؛
    “تنھنجي ڇاتيءَ جو اُڀار شينوندءَ جيان لرزي ٿو،
    اِھا رڳو تون آن، جنھن چُپ جي سازش کي ٽوڙيو آ !”
    سارا! جواڻ عورت جي محبت ڌرتيءَ جي روح جو ناول آھي،
    پر اھو روح زمين وانگي لتاڙجي رھيو آھي،
    ماڻھن جي اندر ۾ وحشتن جا جھنگ پکڙيل آھن!
    ديوانگيءَ جا لاش پوٺن تي سڙي رھيا آھن،
    خودڪشيءَ جو فصل پوکڻ وارو الءِ ته ڪير ھو!؟
    اڄ اُن جو ٻج ڌرتيءَ جي دانھن بڻجي ويو آھي!
    سارا . . . ! ٻاجھرين جي ٻيلي ۾ ڪاٺ ٽُڪا ٻولين پيا،
    خارش وارا ڪُتا ٻھراڙين جي ھوا سان زنا ڪرڻ لئه آيا آھن!
    وقت جي پيشاني پگھر ۾ ٻُڏل آھي!
    ھاڻ ھٿن تي ڳاڙھي صبح کڻڻ جي ڳالھه ٿيڻ کپي!

    (آگسٽ 2003ع ۾)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350427
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402567
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ