ڪتاب جو نالو: دل جي ڳـالـهـہ
مصنف: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
ڇپائيندڙ: اوسر پيڙهڪا اشاعتاڻو- حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 29 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 236 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 98 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • مُهاڳ
  • پيش‌لفظ
  • مضمون

  • ادب آهي دل جِي ڳالهہ
  • گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي
  • ماڊرن گھر جي ثقافت
  • هنر ۽ فن : ڪاٺ تي ٽُڪَ جو ڪَمُ
  • ثقافتي حقيقت : آزاديءَ جا رنگ ۽ ترنگ
  • ڦليلي ۽ گنجو گام
  • انسان دوست عظيم شاعر : شاهہ عبداللطيف ڀٽائي
  • مدن ڀڳت : 1667ع 1744ع
  • هڪ ناميارو تعليمي عملدار: محمد اسماعيل عرساڻي
  • تنقيدي جائزو : حليم جو ادبي اظهار ۽ اسلوب
  • تهذيب جي جھلڪ : ڀــنــڀــور
  • ڪائناتي عڪس : سنڌي لوڪ سنگيت جا ساز
  • انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي نثر جي عبارت ۽ ٻولي
  • ڊرامہ

  • انسپيڪشن
  • پاڳل پاڳل دنيا
  • شايق لطيفي
  • مختصر ڪهاڻيون

  • ايماندار حاڪم
  • ڌرم، پيار، ۽ وطن

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: دل جي ڳالهہ
    ليکڪ: ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 2018ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزڱ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: اوسر اشاعتاڻو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/500 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    منهنجي پياري والد ”نور محمد عرساڻي“ جي نالي منسوب ڪريان ٿو، جنهن جي جوانيءَ جي رحلت باعث آئون يتيم ٿي ويس ۽ ساري عمر پيءَ جي شفقت لاءِ سيڏائيندو رهيس.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دل جي ڳالھ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي لکيل مضمونن، ڊرامن ۽ مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي. شاهہ لطيف جهڙي مڃيل شاعر مگر تحقيق جي متقاضي شخصيت جي انسان دوستيءَ واري پهلوءَ تي بہ روشني وڌل آهي تہ حليم بروهيءَ جي منفي رويي ۾ بہ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڪل پيار عيان ڪيل آهي؛ سنڌي موسيقيءَ جي سازن بابت بہ ڄاڻ ڏنل آهي تہ سنڌ جي هنرن بابت بہ.
    هي ڪتاب اوسر پيڙهڪا اشاعتاڻو- حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائين احسان احمد عرساڻي صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ

    دل جي ڳالهہ ۾ جيڪي مضمون آهن، انهن مضمونن کي انگريزيءَ ۾ Light Essays چيو ويندو آهي. يعني تہ انهن ۾ تحقيق جي ڏکي واٽ تي هلڻو ڪو نہ پوندو آهي. انهن جو انداز بيان خوش گفتاري هوندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ وندر ورونهن چئجي تہ ڀلو آهي. خوش‌گُفت مضمون Light Essay جو ليکڪ مضمون ايئن لکندو آهي، ڄڻ تہ اوڀاريون لهواريون ڪندو هجي. ان جي برعڪس مقالي وارو مضمون سلسليوار پر تحقيق طلب ۽ اڪثر خشڪ هوندو آهي. ان ڪم ۾ موضوع بہ چونڊيل هوندا آهن. منهنجا اڳوڻا ڪتاب تنقيدي مطالعي جي انداز سان لکيل آهن، پر خوش‌گُفت مضمون جي انداز ۾ بہ منهنجون ڪافي ڪاوشون آهن. انهن مضمونن مان ڪجھہ ڪاوشون هِنَ ڪتاب ۾ درج آهن.
    ان کان علاوه منهنجي ڊرامن مان لکيل ٽي ڊرامه پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ شايق لطيفي شاعري جي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيل آهي، جيڪو اوسر پيڙهڪا جي هڪ ڪاڄ ۾ اسٽِيج ڪيو ويو آهي. انسپيڪشن ۽ پاڳل پاڳل دنيا هلڪي ڦلڪي طرز جا ڊرامه آهن، جيڪي منهنجي ڪتاب جي عنوان جو عڪس پيش ڪن ٿا. ڪتاب جي آخر ۾ ٻه مختصر ڪهاڻيون پڻ شايع ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڌرم پيار ۽ وطن، هڪ سچي واقعي تي مشتمل احساسن جي ڪشمڪش جي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته ايماندار حاڪم مذاحيه ڪهاڻي آهي جيڪا سماج جو عڪس پيش ڪري ٿي.


    پيش‌لفظ

    هيءُ ڪتاب منهنجي پياري بابا سائين ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ جي قلم مان ڦٽندڙ مضمونن، ڊرامن، ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هيءُ سندس پهريون ڪتاب آهي، جيڪو بعد از مرگ منظر تي اچي رهيو آهي. حالانڪہ آئون سنڌي ادبي دنيا ۾ ڪا بہ حيثيت نہ ٿو رکان، پر پوءِ بہ بابا شايد خالصتاً پنهنجي محبت سببان مون ۾ اها اهليت ڀانئي جو پنهنجي ڪتاب جو پيش لفظ لکڻ جو ڪم مون کي سونپيائون. ڪوشش ڪندس تہ آئون سندس اميدن تي پورو لهي سگھان.
    ليکڪ پنهنجي زندگي متحرڪ ليکڪ طور گذاري ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ بقاعدگيءَ سان لکندو رهيو. هُو ”روزانہ عبرت“ ۽ ”پندرهن روزه عبرت“ لاءِ بہ لکندو رهيو تہ ”روزانہ ڪاوش“ لاءِ پڻ لکندو رهيو. ان کان سواءِ ناميارن ادبي رسالن جهڙوڪ ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ پڻ سندس قلمي پورهيو پيوست ٿيندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن سنڌ جي فضا لساني نفرتن سان آلوده ٿي رهي هئي، تڏهن سنڌ جي پراڻن ۽ نون شهرين درميان محبت ۽ رواداريءَ جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ ”روزانہ جنگ“ لاءِ ليکڪ اردوءَ ۾ پڻ قلم جي روانيءَ جو مظاهرو ڪيو. انهن مضمونن مان هڪ جو سنڌي ترجمو پڻ هن ڪتاب جو حصو آهي.
    ليکڪ پنهنجي حياتيءَ ۾ ويهارو کن ڪتاب شايع ڪرائي سنڌي ادب جي مالا ۾ سهڻن موتين جو اضافو ڪري چڪو آهي. اهي تحريرون تمام متفرق کيترن سان واسطو رکن ٿيون، جن ۾ ٻارن جا ناول، سائنس، سائنسي افسانا، جاگرافي، لسانياتي مطالعا، سنڌي ادب جي تاريخ، شخصي خاڪا، تنقيد، ۽ مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. سندس تحريرن جي موضوعات ۾ ايتري ورونهہ سندس گھڻ رخي شخصيت توڙي گھڻ رخي قابليت جي پختي شاهدي ڏي ٿي. ليکڪ جي پهرين تخليق ”سنڌي ادب ۾ تنقيد“ ئي سندس زبردست تعليمي قابليتن جو ثبوت هئي. هن اهو ڪتاب تڏهن شايع ڪرايو جڏهن پاڻ اڃا ايم اي جو شاگرد هو. تمام معياري ۽ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب هوڻ سبب ڪتاب کي هڪدم سنڌي ايم اي جي نصاب جو حصو بڻايو ويو، جڏهن تہ ليکڪ اڃا پاڻ ايم اي جو شاگرد هو. ان ڪتاب کي ساڳي تسليمي هندستان ۾ بہ حاصل ٿي.
    جيتوڻيڪ ليکڪ جي راءِ آهي تہ ادب هوندو ئي دل جي ڳالهہ آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سچ پچ بہ سندس قلب جو آواز ۽ سنڌ جي ٻولي، ادب، ماڳن مڪانن، ادارن، ڪردارن، توڙي هنرن سان سندس بيپناهہ محبت جو خوبصورت اظهار آهن. ليکڪ جي گھڻ رخي قابليت وانگي هيءُ ڪتاب پڻ ڪيترن ئي متفرق اسمن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ هر ذوق جي پڙهندڙ لاءِ ڪجھہ نہ ڪجھہ ضرور موجود آهي. شاهہ لطيف جهڙي مڃيل شاعر مگر تحقيق جي متقاضي شخصيت جي انسان دوستيءَ واري پهلوءَ تي بہ روشني وڌل آهي تہ حليم بروهيءَ جي منفي رويي ۾ بہ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڪل پيار عيان ڪيل آهي؛ سنڌي موسيقيءَ جي سازن بابت بہ ڄاڻ ڏنل آهي تہ سنڌ جي هنرن بابت بہ. ان کان سواءِ سنڌ ۾ شهري تهذيب جي اوسر سبب سنڌ جي بدلجندڙ رهڻي ڪهڻيءَ تي پڻ روشني وڌل آهي. ان کان سواءِ شاهہ لطيف جي ويجھي ساٿي مدن ڀڳت جي انوکي ۽ دلچسپ ڪردار تي پڻ مضمون هن ڪتاب جو حصو آهي.
    پوين سالن ۾ سنڌي پڙهندڙن ۾ نوان حلقا پيدا ٿيا آهن، جنهن سان سنڌيءَ ۾ هر صنف ۽ نوع جي تخليق کي هٿي ملي رهي آهي. گذريل ڪن سالن ورهين کان سنڌي برقياتي ذريعات (Electronic Media) ۾ ڪيترن ئي چينلس جي واڌاري سان سنڌي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي اهميت پڻ وڌي وئي آهي. تاهم سنڌي ڏسندڙن کي سنڌي چينلس تي نشر ٿيندڙ مواد سان اها شڪايت رهندي اچي تہ اهو يڪسانيت سَٽيل ۽ سنڌي قوم جي امن پسنديءَ جي ابتڙ عڪاسي ڪري ٿو. ان صورت ۾ نون موضوعن تي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي اهميت اڃا وڌي وڃي ٿي، ۽ اهڙين ڪهاڻين جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي جن ۾ سنڌ جي امن پسند ۽ شهري تهذيب جي عڪاسي ڪيل هجي، يا جن جو موضوع هلندڙ دور جا مسئلا هجن. هن ڪتاب ۾ شامل ٻہ ڪهاڻيون ۽ ٽي ڊراما اهو خال پُر ڪرڻ لاءِ دلچسپ اضافا ثابت ٿي سگھن ٿا.
    سنڌ صدين کان مختلف نسلن ۽ قومن جي آماجگاهہ رهندي اچي. ڪيئي آيا ۽ سنڌ جي رنگ ۾ رنگجي ويا. پر پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ ڪيئن نون ايندڙن کي پنهنجايو ۽ وري ڪهڙيءَ ريت سنڌ نون آيلن جي نفرتن کي سَٺو آهي، ڪهڙيءَ ريت اسان هڪ ٻي کي ويجھو ايندي ايندي وري دور بہ ٿيندا رهيا آهيون، ڪهڙيءَ ريت نوان ايندڙ سنڌي ٿيندي ٿيندي سنڌي هوڻ کان انڪاري رهندا اچن، انهن جو مليل جليل اظهار هن ڪتاب جي مضمون ”آزاديءَ جا رنگ ترنگ“ ۾ شامل آهي.
    بابا پنهنجي حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ مون کان واعدو ورتو تہ آئون سندس ڪتاب شايع ڪرائيندس. اهو واعدو پُورو ڪندي هيءُ ڪتاب انهن پڙهندڙن جي هٿن تائين رسائي رهيا آهيون، جن کي ليکڪ پنهنجي وطن جو روشن آئيندو تصور ڪندو هو. سندس اها سڌ هئي تہ سنڌ جو نئون نسل سنڌ جي عظيم روايتن ۽ تهذيب کان واقف هجي ۽ سکيي ستابي باوقار مستقبل لاءِ ڪوشان رهي. اها آهي ليکڪ جي دل جي ڳالهہ!


    احسان احمد عرساڻي
    پروفيسر / نشستمان، شعبو جياطب (بايوميڊيڪل) انجنيئرڱ
    انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ، ڄامشورو


    مضمون

    ادب آهي دل جِي ڳالهہ

    ادب ۾ سڀ ڪنهن انسان جي دل وٽان ڳالهہ هوندي آهي. چوندڙ تہ ان کي پنهنجي خيال کان ادا ڪري ٿو، پر ٻڌندڙ ان کي پنهنجي سمجھہ ۽ فهم مطابق ٻڌي ٿو. اهڙي طرح ٻئي ڪنڌ ڌوڻ ڪن ٿا. هڪڙو ٻڌي تہ ٻيو وري چوي. دل جون ڳالهيون هميشہ ڀليون لڳنديون آهن. جيتوڻيڪ اها ڪنهن هڪڙي جي دل جي ڳالهہ هوندي آهي، پر گھڻن تي اهڙي نافت گذريل هوندي آهي. اهڙا انسان ٿورا هوندا آهن جيڪي دل جي ڳالهہ ڪري سگھن. جيڪي ڪجھہ وهيو واپريو، سو چئي بہ سگھن تہ مٿن ڇا ٿي گذريو ۽ وهيو واپريو. فقط اهي شخص سهي سگھن ٿا ۽ وري چئي بہ سگھن ٿا، جن ۾ برداشت جي همت بہ آهي ۽ وري اظهار جي سگھہ بہ آهي. دل جي ڳالهہ کي ڀلي انداز ۾ چوڻ ۽ آکڻ کي ئي ادب جو نالو ڏيون ٿا.
    جڏهن اسين ڀلو انداز چئون ٿا تہ ان جو اهو مطلب ٿيو تہ ”دل“ سان گڏ ”دماغ“ جو بہ استعمال ڪريون ٿا ۽ دل جي ڳالهہ کي سوچي ويچاري ٺاهي ٺوڪي ادا ڪريون ٿا. پر بهرحال آهي اها ئي سا دل جي ڳالهہ. ادب هر ڪنهن جي دل جي ڳالهہ ئي سهي، پر هر ڪنهن جي دل جي ڳالهہ چوڻ سڀ ڪنهن جو جنجال نہ آهي.
    دل احساسن جي ويڙهہ جو هڪ ميدان آهي. محبت ۽ نفرت، اميد ۽ نراسائي حلم ۽ عنصر، عفو ۽ انتقام، خوشي ۽ غم جي زبردست ڇڪتاڻ اتي ٿيندي رهندي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ ئي اديب جو توشو بنجي پوي ٿي. ٻين انسانن وانگر ئي اديب جي دل ۾ امنگن ۽ تمنائن جون موجون اُٿن ٿيون. سندس دل جي ڪشتي بہ ڏک سک جي لَهرن جون ضربون سَهندي آهي ۽ آس نراس جي ڪُن ۾ چڪر ڪاٽيندي رهندي آهي. بلڪ ايئن کڻي چئون تہ هُو پنهنجي اميدن جي باغ جي آبياري پنهنجي ئي رت پت سان ڪندو آهي. کيس فقط هڪڙو ڪو احساس نہ هوندو آهي، بلڪ منجھس هڪ خاص لُڇائيندڙ احساس جاڳندو آهي، جو ئي سندس منزل جو سامان بنجي پوندو آهي، جتان ئي سندس عمل جو دروازو کُلندو آهي ۽ اُتان ئي هن کي تخليق واسطي خاڪا ۽ ڍانچا دستياب ٿيندا آهن ۽ جنهن جي ڪري ئي هو انهن ۾ رنگ ڀريندو ۽ جان وجھندو آهي.
    تخليق جو هڪ ٻيو گُڻ بہ ٿيندو آهي، جنهن گڻ سان اديب لازمي طرح سينگاريل هوندو آهي. اُهو اِهو آهي تہ منجھس سهپ جو مادو هوندو آهي ۽ هُو تخليق جي معاملي ۾ قوت ضبط کان ئي ڪم وٺندو آهي. جتي ٻيا پاڻ کي احساس جي مونجھارن ۾ ڦاٿل، حيران ۽ مجبور ڀانئيندا آهن ۽ جذبات ۾ لڙهي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچندا آهن، اتي اديب پنهنجي احساسن تي قابو پائي وٺندو آهي. بلاشڪ هو بہ جذبات جي پويان پويان هلي ٿو پر اڳيان وڌي انهن جو رستو روڪي ٿو. جيڪڏهن اها هڪڙي صلاحيت منجھس نہ هجي تہ پو اهو تخليقي جوهر کان ئي خالي رهجي وڃي ۽ اديب ئي نہ ٿي سگھي. جيڪڏهن ٻين عام ماڻهن جيان ئي مٿس حالتن جو اثر پئجي وڃي تہ پوءِ هُو حالتُن تي ڪيئن نظر رکي سگھندو؟ جنهن شَي جي تصوير ڪڍڻي هوندي آهي، تنهن کي ويجھڙائيءَ کان تہ جانچبو آهي پر پري کان بيهي بہ ان جو جائزو وٺبو آهي. جيستائين ڪو مصور چار قدم پوئتي هٽي ڪنهن منظر کي نہ ڏسندو وائسندو تيستائين ان جي خد ۽ خال جو صحيح ۽ مڪمل اندازو کيس هرگز نہ ٿي سگھندو. اهو ئي ڪافي ناهي بلڪہ ساڳيو اندازو هڪ قسم جي راحت جو بہ طالبُو آهي. ڇاڪاڻ تہ اوستائين ڪنهن بہ شَي جو نقش دماغ ۾ نہ ويهندو جيستائين تڙپ ۽ جنبش کانپوءِ هڪ سڪون ۽ اطمينان جو گوشو نہ ملي وڃي. دراصل اديب ادب وسيلي پنهنجي بيقراريءَ کي سڪون ۾ بدلائڻ چاهيندو آهي.
    اديب جيستائين ڪچي مال جي ڳولا ۾ هوندو آهي، تيستائين سندس حواسن جون دريون کليل هونديون آهن. هُو خوش بہ هوندو ۽ ناخوش بہ هوندو آهي. هُو کلندو بہ آهي ۽ روئندو بہ آهي. هُو محبت بہ ڪري ٿو ۽ نفرت بہ ڪري ٿو. هُو رفيق بہ هوندو آهي تہ حريف بہ هوندو آهي. هُو هر قسم ۽ هر نوع جي تجربن کي سڏيندو رهندو آهي، هر پاسي ۽ ڪنڊ هر طرف کان وارداتن جي ڪرڻن کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪندو رهندو آهي. ليڪن جڏهن سندس تخليقي سگھہ ڪر موڙي اٿندي آهي، تڏهن هُو پنهنجي جھوليءَ ۾ گڏ ٿيل واقعن کي ڇنڊي ڇڏيندو آهي ۽ سڀني مونجھارن کان آزاد ٿي پنهنجي اندر ۾ اڀري آيل ڪنهن تجربي چوڌاري ليڪ ڇڪي ڇڏيندو آهي.
    اديبَ جِي دل تجربَن ۽ وارداتُن جو مرڪز آهي، پر سندس شخصيت انهيءَ هڪ نقطي ۾ ماپي ويندي ڇا؟ دراصل هُو ان نقطي جي چوگرد ڇانيل آهي. هُو تجربن ۽ وارداتُن کي هر پاسي ۽ ڪنڊ کان ڏسي ٿو. هُو حالتُن ۽ واقعن جو هڪ فاصلي کان اڀياس ڪري ٿو. هُو واهرو بہ آهي تہ رهبر بہ آهي. هُو زندگيءَ جي مسئلن ۾ مبتلا آهي تہ حالتن تي بہ حاوي آهي. هُو ڪناري تي بيهي خير ۽ شر جي جنگ بہ ڏسي رهيو آهي، طُوفانَ جا لوڏا بہ سهي رهيو آهي، سڪون ۾ بہ آهي تہ اضطراب ۾ بہ آهي. زندگي بلاشڪ آرٽ جو سرچشمو آهي ۽ ادب آرٽ جي سڀني ۾ زياده جمهوري صنف آهي. نقاش، موسيقار ۽ سنگتراش جي ڀيٽَ ۾ اديب تمام گھڻن انسانن کي متاثر ڪري ٿو. تمام گھڻين دلين کي وندرائي ٿو. ڪيترا ئي ماڻهو آهن جن کي کلائي ٿو ۽ روئاڙي ٿو، جن جي ڏک ۽ سک ۾ هُو شريڪ ٿئي ٿو. دلين جو حال ڄاڻي وٺڻ تہ ٺيڪ آهي، ليڪن ان کان بہ وڏي ڳالهہ دلين جو حال چوڻ آهي، ڳالهہ چوڻ جو ڍنگ نہ هجي تہ پوءِ ڳالهہ ئي ڳُڙ ٿيو پوي.
    چوندا آهن تہ پهرين ڳالهہ کي توريو تڪيو ۽ پوءِ ڳالهايو. ان امر جي تقاضا اها ئي آهي تہ چوڻو ڇا آهي، اهو تہ ظاهر ئي آهي، پر تورڻ مان هڪڙو ٻيو کنڌو بہ کُلي ٿو تہ چوڻ وارو ڇو چوڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن کي چوڻ چاهي ٿو؟ يعني تہ چوندڙ ڳالهہ چوڻ وقت پنهنجي مقصد ۽ مخاطب جي جذبات جو لحاظ رکي. ڇاڪاڻ تہ اديب جو مقصد دلين جون ڳالهيون چئي دلين کي وندرائڻ ۽ نڀائڻ هوندو آهي. ٻيو تہ ٻُڌندڙ ماڻهوءَ جِي دل وڌائڻ ۽ همت ڏئي کيس اڪارڻ بہ آهي. وٽس دلداري، دلپذيري ۽ دل‌آويزي هوندي آهي. ٻيو سڀ ڪجھہ هوندو آهي، ۽ نہ هوندو آهي تہ فقط دل‌آزاري. ادب زندگيءَ جو اسم اعظم آهي. پراڻو هجي يا نئون، ننڍو هجي يا وڏو، پنهنجو هجي يا پرايو، اهو سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. ادب ايترو گهرو ۽ پراڻو آهي جيتري انسان جي دل، ايترو وسيع ۽ جامع آهي جيترو انسان جو تخيل. ادب جيڏو وسيع ۽ جيڏو پراڻو هوندو، اوترو ئي ان جي اهميت وڌيڪ ليکي ويندي.
    انسان جي دل ڪڏهن کان ڌڙڪي رهي آهي؟ ڪيتري گهري آهي؟ انسان جو تخيل ڪيڏو بلند آهي؟ ۽ ڪيڏو سگھارو آهي؟ انسان انهن سوالن جا جواب ڏئي سگھي تہ پوءِ کيس ادب جي عظمت جو اندازو ٿِي وڃي.


    گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي

    سنڌ جو آڳاٽو جديد تعليمي ادارو
    گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي
    (پلاٽينم جوبلي جي موقعي تي لکيل مضمون)

    گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد جي وڏن تعليمي ادارن مان هڪ آهي، جيڪو شهر ۾ ڦليلي ڪناري جي تاريخي ۽ سهڻي پس منظر ۾ تعمير ڪيل آهي ۽ هاڻي خود ”ڦليلي“ جو نالو بہ مادر علميءَ مان فارغ التحصيل ٿي نڪتل شاگردن ۾ محبت، عزت ۽ دوستيءَ جو عظيم نشان بنجي ويو آهي، جيڪي فخر وچان پاڻ کي Phulelian يعني تہ ”ڦليليا“ سڏائي هڪ ٻئي سان پنهنجي اڻٽٽ لاڳاپي تي مهر تصديق هڻندا آهن.
    سنڌ جي هن مشهور معروف سائنس ۽ آرٽس جي اعليٰ تعليمي اداري کي پنهنجون علمي خدمتون بجا آڻيندي مُني صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر تاحال اسري وسري بہ ڪنهن موقعي تي سالگراهہ ملهائيندي ان جي ڪيل خدمتن واسطي خراج عقيدت جو اظهار نہ ڪيو ويو. هي پهريون ڀيرو آهي جو اداري کي قوم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ پلاٽينم جوبلي ملهائڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڊسمبر جي 5 تاريخ کان 15 تاريخ تائين ڪاليج جي احاطي اندر مختلف دلچسپ، تعليمي ۽ تفريحي پروگرام رٿيا ويا آهن، جشن جي انتظام ۾ هڪ طرف ڪاليج جي انتظاميہ رڌل آهي تہ ٻي طرف وري اداري جي سابق پراڻن شاگردن ڦليلينس جي ايسوسيئيشن منهمڪ آهي. ساڳي وقت سنڌ سرڪار جا ڪارندا جناب وزير اعليٰ عبدالله شاهہ ۽ وزير قانون پير مظهرالحق صاحب بہ پنهنجي سِر انتهائي دلچسپيءَ سان هن جشن کي يادگار بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن، جيڪي ٻئي صاحب موصوف هن اداري جا پراڻا شاگرد ۽ فارغ‌التحصيل آهن. ان کان علاوه سنڌ جي وزير تعليم جناب عبدالسلام ٿهيم جو ساٿ ۽ سهڪار پڻ هن ڏڻ جي انعقاد ۾ ڪافي آسانيءَ جو سبب بنيو آهي.
    گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي خدمات جو سلسلو تمام وسيع آهي، جنهن جو سمورو ڪريڊٽ وقت بہ وقت هن اداري ۾ تعليمي سرگرميون جاري رکندڙ استادن کي ملي ٿو، جن جي جانفشاني ۽ ڪاوش باعث ئي سوين تدريس وٺندڙ شاگرد مزيد اعليٰ تعليم پرائي مستقبل جون اعليٰ هستيون بنجي ويا. ياد رهڻ گھرجي تہ ورهاڱي بعد هيءُ ادارو ماهر استادن ۽ جيد عالمن جي ملڪ ڇڏي وڃڻ باعث تعليم ۽ تدريس کان بلڪل خالي رهجي ويو هو، جنهن جي جاءِ ڏکڻ ايشيا مان لڏي آيل علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ جي سنديافتہ استادن اچي پُر ڪئي. ان ۾ ڪيترن ئي قابل قدر استادن جهڙوڪ پروفيسر آفتاب احمد خان، پروفيسر ناصر رضا خان ۽ پروفيسر شاهد حسين زيدي ۽ ٻين نامورن جا نالا پيش پيش آهن. بهرحال قيام پاڪستان بعد اداري جي اجھامندڙ لاٽ هڪوار وري مشعل بنجي روشني ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن جا ڪرڻا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا ۽ هن وقت بيرون ملڪن کان علاوه خود پنهنجي صوبي ۽ ملڪ اندر هن ڪاليج جا سابق شاگرد اهم ذميواريون نڀائڻ تي مامور رهندا اچن. انهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ پروفيسر، سرجن، ڊاڪٽر، سائنسدان، سيڪريٽري، انجنيئر، قانوندان ۽ ٻيون هستيون شامل آهن.
    ههڙي سونهري موقعي تي عظيم اداري جي وجود ۾ اچڻ جي اسباب ۽ شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر تي روشني وجھڻ اهميت کان خالي نہ ٿيندو. تاريخي لحاظ کان حيدرآباد جو شهر تمام قديم آهي. ان جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ، هندو راجا، ’نيرون‘ تان پيل هو ۽ هاڻوڪي پڪي قلعي واري مقام تي هڪ راجائي ڪوٽ اڏيل هو، جيڪو سموري علائقي جي راڄڌاني هو. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ غلام شاهہ ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران بنيو تہ سلطنت جي صدر مقام لاءِ ساڳي ميداني پَٽَ کي منتخب ڪيائين ڇو تہ هُن انهيءَ کي سرسبز ۽ آباد، معتدل آبهوا ۽ صحت‌افزا مقام هئڻ وارو هنڌ پاتو. ان کان علاوه سندس نگاهہ ۾ اهو فوجي اسٽريٽجي جي لحاظ کان بہ تمام مناسب هو. ٻين خوبين ۾ اهو ماڳ کيس سندس سلطنت جو وچ نظر آيو، جيڪو سري، لاڙ، ساهتي، ٿر ۽ ريگستان، ڪڇ ۽ ڪوهستان کانسواءِ سامونڊي بندرن سان سڌو سنئون ڳنڍيل هو. وڏي ڳالهہ تہ مختلف آبادين جو آماجگاهہ هئڻ باعث ثقافتي مرڪز جي حيثيت ۾ پڻ ڪشش رکندڙ هو! بهرحال شهر اڏڻ لاءِ سندس چونڊ ۽ ڪاوش هر لحاظ کان درست ۽ قابل‌داد هئي، جنهن کي اڳتي هلي تاريخ صحيح ثابت ڪيو. سنڌ جي هن سلطان حڪومت جون واڳون هٿ ايندي ئي شهر جي رٿابندي ڪئي ۽ تخت‌گاهہ لاءِ شاهي قلعي جِي مضبوط اڏاوت جِي تعمير شروع ڪرايائين. هن نئِين وسنديءَ کي مسلمانن جي عظيم هستي حضرت علي ڪرم الله وجھہ جن جي تعظيم ۽ تڪريم خاطر ڏانهس منسوب ڪندي سندن ڀلاري نالي پويان شهر کي ”حيدرآباد“ جي اسم خاص سان معروف ڪيو.
    1843ع ۾ ساڳي قلعي مٿان يونين جيڪ جو جھندو لهرائڻ لڳو ۽ سنڌ تي انگريزي راڄ جي شروعات ٿي. بهرحال ان دور ۾ نئين ترقي، مادي تبديلين ۽ اسرندر تهذيب باعث حيدرآباد جي سونهن ۾ وڌيڪ نکار آيو ۽ شهر خاص جاگرافيائي بيهڪ ۽ اهڃاڻ کانسواءِ پنهنجي منفرد ثقافت باعث هنڌين ماڳين مشهور ٿيڻ لڳو. شهر جي ٻاهرين ڏيک Outlook ۾ نمايان فرق ۽ واڌارو آيو. ڪشادن رستن تي رفتہ رفتہ وڪٽورين ۽ رومن طرز جون محل‌نُما عمارتون کڙيون ٿيڻ لڳيون، جن جي کُڏَن مٿان اڏيل ڊگھا ڊگھا منگھہ (هوادان) اُوچا ڳاٽ ڪڍي بيٺل نظر ايندا هئا. ڪنهن اُتاهين ماڳ يا پري کان نظارو ايئن لڳندو هو، ڄڻ تہ آسمان تان شاهينُون شهر مٿان لامارا ڏئي رهيون هجن!
    سنڌ جي هيءَ عظيم درسگاهہ جنهن جي پلاٽينم جُوبلي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي سا 1917ع ۾ ”سنڌ نيشنل ڪاليج“ جي نالي سان جُڙِي راس ٿي هئي. ڪاليج کي شهر ۾ خاص مڪانيت Location واري پوزيشن حاصل آهي. حيدرآباد جي جاگرافيائي بيهڪ ۾ ڦليلي ۽ گنجو گام نهايت اهم مقام آهن، جيڪي ٻئي ماضيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ جي سڃاڻپ رهيا آهن؛ ايئن سمجھو تہ يڪ جان دو قلب. اداري جي جوڙيندڙن وڏي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ان کي ”لب ڦليلي“ تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن ڪاليج تعمير ٿي ويو تڏهن وڃي شاگردن ۽ استادن کي قلب جو سڪون حاصل ٿيو. کين معلوم ٿيو تہ علمي تحصيل ۽ ذوق مطالعي واسطي ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ موزون جاءِ ڪا نہ ٿي ٿي سگھي. هنن کي سکيا لاءِ هڪ اهڙو گوشو ملي ويو، جنهن کي فطرت سان قربت بہ هئي ۽ اهو شهر کي بہ نزديڪ هو. ٻيو تہ هتي قدرت جي حسن ۽ نکار سان ڀرپور باغات بہ هئا. پاڻيءَ جو روان دوان وهڪرو بہ اتي جو اتي هو. بس قدرتي طور اهڙو ماحول هو جتي شاگرد دلجمعيءَ سان علم جي وسعتن ۾ گم ٿي ويندو هو. ان ڪري مون کي ”ڦليلي“ لفظ جي جيڪا معنيٰ سمجھہ ۾ آئي آهي سا آهي تہ پاڻيءَ جو چشمو يا اها جاءِ جتان ڦوهار ڦاٽ کائي نڪري ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو جاري ساري ٿئي، يا وري باغن جي گھڻائيءَ وارو مقام جتي جھجھا گل ڦل ۽ ميوا اُپجندا هجن! ڦليليءَ پويان اهو حادثو بہ دهرايو وڃي ٿو تہ ڦلان نالي هڪ حسين ڳوٺاڻي نينگر محبت ۾ ناڪام ٿي ان ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو هو، جنهن تان نهر کي ڦليلي سڏيو ويو. بهرحال ڪيئن بہ هجي مگر ڦليلي هڪ بامعنيٰ اسم بامسميٰ آهي، جنهن مان خوشحالي، زرخيزي ۽ روماني ماحول جي علامت اُڀري سامهون اچي ٿي!
    دراصل شهر جي سماجي ۽ تعليمي ڪلچر وارين سرگرمين جي نتيجي ۾ ئي گورنمينٽ ڪاليج وجود ورتو. ان کي حيدرآباد جِي نِجي ثقافت جو نشان چئجي تہ بہ وڌاءُ نہ ٿيندو. دراصل سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪ خاص قسم جي انسانيت پَروَر، رواداري، ڀائيچاري، سهپ، خدمت‌گذاري، پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ واري ثقافت اُسري رهي هئي، جنهن جي آبياريءَ مان ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ متعدد سماجي ۽ خدمتي ادارا وجود ۾ آيا ۽ انهن جي ئي اجتماعي ڪوشش جي نتيجي ۾ وڏا وڏا تعليمي ادارا بہ ظاهر ٿيا. مادي ۽ مالي قربانين ۾ خاص طرح هندو ودوانن جو تمام وڏو حصو آهي. ان بعد پارسي مخير انسانن، دردمند مسلمانن ۽ عيساين بہ انساني ڀلائيءَ جي بي لوث خدمتُن جا ڪجھہ مثال قائم ڪيا. درحقيقت حيدرآباد ۾ نئين اسرندڙ ثقافت تي اسان جي صوفياءِ ڪرام جي تعليمات جو زبردست اثر هو. هتي تصوف جو مذهبي تصور بلڪل نئين رنگ ۾ اسريو، جيڪو سنڌي زندگيءَ جو انگ بنجي ويو. رڳو حيدرآباد جي شهر تي نگاهہ وجھون ٿا تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ورهاڱي کان اڳ سموري شهر ۾ تعليمي سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون. هڪ سوا لک آبادي واري شهر ۾ ڊزن کان وڌيڪ هاءِ ۽ مڊل اسڪول ڪم ڪري رهيا هئا. شهر جي گھٽي گھٽي ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار هو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ اسڪول ۽ درسگاهون هيون، پر پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهہ حيرت کان گھٽ نہ ٿيندي تہ ايڏن سارن ابتدائي ثانوي توڙي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ”خالص سرڪاري“ ڪو بہ ادارو نہ هو! ان کان وڌيڪ حيرانيءَ جو باعث اها ڳالهہ آهي تہ ڪو بہ ادارو تجارتي بنيادن تي ڪم نہ ڪندو هو. تاهم سڀ اسڪول ۽ ادارا اعليٰ ڪارڪردگي ۽ معيار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سرڪار جي درد سري تمام نالي ماتر هوندي هئي. ايڏن سارن ادارن جو انتظام ايئن هلندو هو، جو ڪنهن کي لکا ڪا نہ پوندي هئي. نہ ڪڏهن استادن کي پگھار نہ ملڻ جي شڪايت ۽ نہ ئي انتظاميہ طرفان سرڪار کان خرچ جي پورائيءَ جو مطالبو! شاگردن جون فِيون معمولي هونديون هيون بلڪہ گھڻن اسڪولن ۾ ادارن طرفان غريب شاگردن کي مفت ڪتاب فراهم ڪيا ويندا هئا.
    بهرحال سنڌ جي ثقافتي ڪلچر ۾ اها خاص خوبي شامل هئي، جو انساني خدمتن جي سلسلي ۾ تجارت يا فائدي جي ڪنهن بہ تصور کان اهو پاڪ هوندو هو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هيرانند اڪيڊمي) يونيورسٽي ماڊل هاءِ اسڪول (نؤ وداليہ)، نور محمد هاءِ اسڪول، سٽي ڪاليج (تولارام هاءِ اسڪول)، جامعہ عربيہ (ڪندن مل گرلز هاءِ اسڪول)، ٽرينڱ ڪاليج فارمين ۽ وومين، ميران گرلز هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڪاليج صرف چند درسگاهون آهن جيڪي سڀئي نِجي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٺهي تيار ٿيون هيون. انهن مان گھڻا ادارا آزاديءَ تائين بہ ٽرسٽن جي وسيلي هلي رهيا هئا. اگر انهن بي‌شمار پرائمري اسڪولن جو ذڪر ڪبو جيڪي خيراتي ادارن تحت شهر ۾ چالو هئا تہ پوءِ مضمون تمام طويل ٿي ويندو. ليڪن اڄ بہ انهن ادارن جون عمارتون پنهنجي جوڙائيندڙن جي بي‌مثل ايثار ۽ قربانيءَ جي گواهي ڏئي رهيون آهن!
    حيدرآباد ۾ هاءِ اسڪول تہ گھڻا نڪري چڪا هئا پر شهر واسين کي ڪاليج جي شدت سان ڪمي محسوس ٿي رهي هئي. ان وقت تائين سنڌ کي اڃا پنهنجي يونيورسٽي بہ ڪا نہ هئي. هاءِ اسڪول بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل هئا، جيڪا ميٽرڪ جو امتحان وٺندي هئي. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ وارا ڪاليج بہ ساڳي يونيورسٽيءَ سان ملحق هئا. بهرحال ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ميٺارام گدومل جي سرپرستيءَ ۾ مشهور درمادا ٽرسٽ قائم ڪئي وئي. سيٺ پرتاب راءِ پنهنجي ڦليلي جي ڪپ واري قيمتي زمين کي سڪني ڪَرائي ڪاليج لاءِ وقف ڪيو. ننڍي کنڊ جي مشهور معروف شخصيت ليڊي ايني بيسنٽ ڪاليج جي پهرين بانيڪار آهي، جنهن کان پهرين آڪٽوبر 1917ع تي ڪاليج جو افتتاح ڪرايو ويو ۽ مٿس ”سنڌ نيشنل آرٽس ڪاليج“ جو نالو رکيو ويو. ياد رهي تہ هيءَ اها ئي ايني بيسنٽ آهي، جيڪا انساني برابريءَ جي قائل ۽ آزادانہ روحاني فلسفي (ٿياسافي) جي مبلغ هئي. ننڍي کنڊ جا گھڻا پڙهيل لکيل فرد سندس مڪتبہ فڪر ۾ شامل هئا ۽ گھڻو ڪري ڏکڻ ايشيا جي سڀني وڏن شهرن ۾ سندس نالي پويان ٿياسافي پرچارڪ هال قائم ٿيل هئا. حيدرآباد ۾ صدر ويجھو اڃا بہ بيسنٽ هال قائم آهي، جتي شهرين طرفان سماجي تقريبون عمل ۾ اينديون رهنديون آهن. ايني بيسنٽ پنهنجي مخصوص فڪر کان علاوه برصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي روح روان جي حيثيت ۾ بہ سڃاتي ويندي هئي. ڪاليج جي ڪارپردازن لکپڙهہ هلائي ڪاليج کي امتحان واسطي ”پُونا يونيورسٽي“ سان ملحق ڪرايو، ڇو تہ هُو ٿياسافي تحريڪ جا پوئلڳ ۽ پرچارڪ هئا، جنهن جي روح روان هستي ۽ ان جو تبليغي مرڪز پڻ پونا ۾ هو. ڪاليج ۾ آرٽس ۽ لائبرري سائنس کان علاوه سائنس جو شعبو ۽ ٽائيپ رائٽڱ ۽ شارٽ هينڊ وري ڪامرس ۾ کوليا ويا. ڪاليج جو پهريون پرنسيپال پروفيسر ارنيسٽ ووڊ نالي هڪ انگريز کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اهليت ۽ محنت سبب سنڌ نيشنل ڪاليج جو تدريسي معيار ۽ ان جون تعليمي مشغوليون جلد ئي سنڌ جي ٻين وڏن ڪاليجن سان برابري ڪرڻ لڳيون. 1928ع ۾ ڪاليج جي عمارت ۽ شعبن ۾ وڌيڪ اضافا آندا ويا ۽ منتظمين ان جو نالو بدلائي ڏيارام گدُومل نيشنل آرٽس ڪاليج (ڊِي جِي اين آرٽس ڪاليج) رکيو. ديوان صاحب حيدرآباد جي مشهور هندو خاندان شاهاڻي سان تعلق رکندو هو. سندس سماجي خدمتن جو دائرو تمام وسيع هو، جيڪو سنڌ کان علاوه هندستان تائين ڦهليل هو. سنڌ جي وڏن ننڍن شهرن ۾ مکيہ تعليمي درسگاهون سندس سرپرستيءَ ۾ جُڙِي راس ٿيون. ان ڪري کيس صحيح معنيٰ ۾ سنڌ اندر ”تعليم جو پايو وجھندڙ“ چيو وڃي ٿو. ڪاليج جون آرٽس سائنس جون بلڊنگُون اسيمبلي هال ۽ لائبرريءَ جون عمارتون ۽ هاسٽل اڄ بہ ڏسڻ وٽان آهن، جيڪي خاموش زبانيءَ سان گذريل لاهين چاڙهين جا داستان ٻڌائي رهيون آهن. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد تعليمي ادارن جا پراڻا نالا بدلائي مٿن نوان نالا رکيا ويا ۽ انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ اسان جي هن اعليٰ تعليمي اداري جو نالو صرف ”گورنمينٽ ڪاليج“ وڃي بچيو! البت جڏهن مرحوم پير الاهي بخش سنڌ جو وزيراعليٰ بنيو تہ ٿورن مهينن لاءِ ڪاليج بہ صاحب موصوف جي نالي منسوب ٿي ويو. مگر جيئن ئي هُو صاحب وزير اعليٰ جي عهدي تان سبڪدوش ٿيو تہ هيءُ ادارو وري بہ صرف گورنمينٽ ڪاليج رهجي ويو. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي تہ هن اداري جو ساڳيو ئي پهريون نالو سنڌ نيشنل گورنمينٽ ڪاليج وري نئين سر جياريو وڃي. بهرحال آزاديءَ بعد ڪاليج تمام گھڻو وڌيو ويجھيو آهي ۽ تعليمي خدمات جو دائرو بہ وسيع ٿي ويو آهي. موجوده وقت ان ۾ ماسٽر جي ڊگري تائين سائنس ۽ آرٽس ۾ تعليم جاري آهي. هن ۾ هڪ سَو کان بہ مٿي استاد الڳ الڳ مضمونن ۾ تدريس جا فرائض تندهيءَ سان بجا آڻي رهيا آهن. شاگردن جو ڪثير تعداد ۽ مضمونن جي گھڻائي تہ هر ڪنهن اداري ۾ آهي، جنهن باعث تعليمي معيار گھٽجڻ جي شڪايت سموري ملڪ ۾ عام آهي، پر حقيقت ۾ هروڀرو ايئن بہ نہ آهي. وطن جي تعليمي ادارن مان مختلف علوم و فنون ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ هر سال ماهرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي نڪرندي رهي ٿي. خود هتي بہ گھڻن شاگردن ملڪ جو نالو پيدا ڪيو آهي، جيڪي نازڪ ذميداريون سنڀالي ملڪ ۽ قوم جون خدمتون بجا آڻي رهيا آهن. گورنمينٽ ڪاليج جو موجوده پرنسيپال سيد ناصر حسين زيدي آهي، جنهن جي رهبري ۽ سرپرستيءَ ۾ ”گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد“ جي پلاٽينم جوبلي جو جشن ملهايو پيو وڃي. اسان جي تمنا ۽ دعا آهي تہ شل ان جو حال پنهنجي ماضيءَ کان بہ وڌيڪ تابناڪ ثابت ٿئي ۽ مستقبل ۾ اداري جو صد سالہ جشن عظيم ڪاميابين سان گڏ ملهائجي!
    باغ ۾ گل سدا کڙندا رهن،
    علم جا ڪاروان هلندا رهن،
    اسباب بقا ۽ دوام ڪائنات،
    استاد ۽ ادارا وڌندا رهن!


    ماڊرن گھر جي ثقافت

    (انشائيہ)
    ماڊرن گھر جي ثقافت

    وشال اُڀ هيٺ، روز ازل کان انسان صرف گھر کي ئي پنهنجي ’پناهہ گاهہ‘ تصور ڪندو آيو آهي. ماضيءَ ۾ اُن کي اوٽ ۽ اَجھو بہ سڏيو ويندو هو، تہ وري گھر لاءِ ’ڪکَ‘ جو لفظ بہ عام هوندو هو. سڄو ڏينهن پورهئي ۾ هَڄي سانجھيءَ ڌاري ماڻهو ڪکن ڀيڙو ٿي قرار وٺندو هو. ايئن بہ اڪثر چيو ويندو هو تہ، ”شل پنهنجا ڪک سڀڪنهن کي نصيب ٿين!“. پر پوءِ سائنس جي ترقي انساني معاشري ۾ رنگ ڪري وڌا، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪَشالن جي جاءِ تي آسانيون پيدا ٿينديون ويون ۽ ڪشافتون لطافتن ۾ بدلجڻ لڳيون! زندگي گذارڻ جا بہ ڪيترا ئي ڍنگ نڪري آيا. رهڻي ڪهڻيءَ ۾ جديد ثقافت ڇلڪڻ لڳي، پر ان جي باوجود ’گھر‘ جي بنيادي تصور ۾ ڪو بہ فرق اچي نہ سگھيو آهي. سچي ڳالهہ تہ اها آهي تہ، پنهنجي ديس ۾ تہ ماڻهو چانئٺ جي اندر ئي سک جو ساهہ محسوس ڪري ٿو. ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ غلط ڪارين جا اڻ‌کُٽ سلسلا آهن، جن معاشرتي زندگيءَ کي عذاب بنائي ڇڏيو آهي. پُر رونق بازارن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نہ دام پکيڙيا وڃن ٿا؟ هنڌ هنڌ تي ٺڳيءَ وارا ٺاهہ. بنان روڪ ٽوڪ قيمتن جي ڀرمار، جيڪڏهن تارازيءَ ۾ ڪاني ناهي، تہ توراڙي ۾ ضرور کوٽ هوندي. ريزڪيءَ جو دڪان هجي يا هول سيل، يا پيٽرول پمپ، هر جاءِ تي پيمانو ضرور غلط ملندو. رڪشا جو ميٽر غلط، ٽيليفون جو بل غلط، اسٽور تان مليل دوائون مدي خارج، ليبارٽريءَ جي رپورٽ غلط، بلڊ پريشر جو اوزار غلط، ۽ ميڪ اپ ۾ لڪل معشوق جو چهرو بہ غلط آهي. دوستن جا آسرا ۽ دلاسا محض ڏٽا آهن. دفتر ۾ ڪم لاءِ وڃبو، تہ خدمت جي بجاءِ اُٽلندو عزت نفس تار تار ٿي رهندي. بهرحال ٻاهر جيڪي وهي واپري ٿو، سو انسان کي توائي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    ڏاهن آخرڪار ”دنيا سوڙهي ۽ گھر ڪشادو“ ڇو چيو آهي؟ ڇو تہ راحت لاءِ انسان جو ٺڪاڻو هميشہ کان گھر رهيو آهي.
    ڀلي تہ توهان بلند و بالا مقام تي ڪنهن خوشنما منظر ڏسڻ ۾ محو ويٺا هجو، پر ڪي گھڙيون ڪين گذرنديون جو دل اُچاٽجي ويندي، ۽ اوهان يڪايڪ گھر جو رخ ڪندا. آخر ايئن ڇو آهي؟ گھر ڪچي مڪان ۾ هجي يا پڪي اوساري واري جڳهہ اندر هجي، پر مٿي لڪائڻ لاءِ پنهنجي اجھي جو ڪو مَٽ؟
    پرائيويسي، آزادانہ ماحول، سڪون، چين، آساني ۽ بي اونائيءَ جهڙيون نعمتون فقط گھر جي ڇت هيٺان ميسر ملن ٿيون. سادي گھر سان انهن ڳالهين ۾ ڪمي ڪا نہ اچي. بعضي تہ ان جي چاهت جادوءَ جهڙو اثر ڏيکاري ٿي ۽ ڪيترا فرد چار ديواريءَ جا اسير بنجيو پون، ۽ اهڙا بيمار خانہ (Home Sick) ٿين، جو گھر کان ٻاهر پير ڪڍڻ تي دل ئي ڪا نہ چوين: ۽ جيڪڏهن مجبوراً ڪٿي ڪي چند ڏينهن گذارين، تہ اها جاءِ اوپري بنجي کائڻ لڳندن، ۽ گھر پهچڻ ۾ دير نہ لڳائيندا! شاهوڪار پنهنجي مڪان کي جنت آشيان بنائڻ ۾ وسان ڪو نہ ٿا گھٽائين. ڪئين شداد، زمين تي بهشت اڏيو ويٺا آهن ۽ ڪيترن مسڪينن کي رڳو ڇپر ڇانوَ نصيب آهي پر تہ بہ مزي جهڙي ڳالهہ چئبي، تہ هر بشر کي پنهنجي ڇت هيٺان لطف اچي. غريب توڙي امير، گھر جي پناهہ لاءِ ساڳيو ئي احساس رکي ٿو.
    ڪا غريب عورت، غريب آباد ۾ ننڍڙي ڪچسري جاءِ ۾ رهندي هئي. هُن جي هڪ شاهوڪار مائٽياڻي هئي، جنهن مٿس رحم کائيندي پنهنجي عاليشان عمارت جي ڪوٺڙي، سندس حوالي ڪئي. جيئن اُتي آسائش سان زندگيءَ جا باقي ڏينهڙا گذاري سگھي. پر ٻہ راتيون مس گذريون تہ مائيءَ جو سک آرام ڦٽي پيو. ٿڌا شوڪارا ڀريندي چوندي هئي، ”سبحان الله!، ٻانهي ۽ ٻائي پکي سونهي پنهنجي“. ڌڻيءَ جو شان ڏسو؛ غريب پنهنجي ڇني ۾ خوش ۽ امير پنهنجي محل ۾ خوش! نيٺ هوءَ موڪلائي پنهنجي آستاني تي موٽي وئي.
    دنيا اندر گھرن جا ڪَئين نمونا آهن. بانس جي لڪڙن سان ٻڌل بانسرڪو بہ گھر آهي. ٽارين ۽ پنن سان ڍڪيل ڇنو بہ گھر، ٻيڙين ۾ ٺهيل سُکيل بہ گھر، تہ وڻ جي ٿڙ سان ڪپڙ جي پناهہ ڪيل بہ ڪِن جو گھر سڏجي ٿو! پنهنجي شهرن ۾ سرن ڀتين مٿان ٽين ٽپڙن سان اڏيل ڇتين وارا بي شمار گھر نظر ايندا. مٽيءَ جي لنب واري ڪچي جاءِ بہ گھر سڏجي. ٽيئرن ۽ گارڊرن واريون پڪسريون جايون بہ گھر آهن.
    انگريزي دور ۾ برٽش ۽ وڪٽورين نموني جون محلاتي ڏيک واريون جايون بہ هنڌ هنڌ جڙي پيون هيون، جن نہ رڳو حيدرآباد جي سونهن کي دوبالا ڪيو، پر شهر کي هڪ خاص انداز بہ بخشيو! اِهي جايون ڏکڻ اتر کان هوا جي رخ ۾ بيهڪ رکن ٿيون. انهن جا ڊگھا ڊگھا منگھہ ملائڪن سان سرگوشيون ڪندا هئا، جيڪي اڃا بہ ڪن جاين ۾ سلامت آهن. منگھہ حيدرآباد شهر جو ڄڻ تہ امتيازي نشان بنيل هئا. وڌاورا، ڪٽهڙا، بالڪنيون ۽ کُڏن تي اڏيل سمر هائوس، انهن جايُن جو شان هوندا هئا. ايئن سمجھہ ۾ ايندو هو، ڄڻ تہ اهي گھر ٿڌڙين مٺڙين هوائن ۽ موسمن جو مزو ماڻڻ لاءِ هئا، پر اها بہ ڄڻ تہ ماضيءَ جي ڳالهہ ٿي وئي. ليڪن سڏبا تہ اهي بہ فقط گھر هئا نہ؟ هينئر اهڙا گھر مشڪل سان ٿو ڪو ٺهرائي.
    ها، البت شهر ۾ وسندڙ ڪالونين ۾ بنگلن جو چلامان زور شور تي آهي. اَسي والن تي تعمير ٿيل مختصر جايُن وارا بنگلا بہ آهن تہ وري پنج هزار والن وارا ’شهر نما‘ قسم جا بنگلا بہ ڏسڻ ۾ ايندا.
    اگرچہ انسان، قسم قسم جي ڇپر ۽ مڪان ۾ مقيم نظر اچي ٿو، تاهم اڄ جو مقبول عام گھر فقط ’فليٽ‘ آهي. سمجھہ ۾ ايئن ٿو اچي تہ حضرت آدم جي وڌندڙ بي مهار نسل ۽ مستقل رهائشي احساس سببان ئي فليٽ جهڙي عجيب آشياني، عدم مان وجود پاتو آهي. ڀلا آخر اها آهي ڪهڙي بلا؟ ڄڻ تہ اهڙو ڊگھو منارو آهي، جنهن مان ڪيئي ڳڙکيون نڪتل هونديون آهن. جن پڙهندڙن کي ’ڪم خرچ بالا نشين‘ جو پهاڪو دلنشين هوندو، تن لاءِ اها ڳالهہ سمجھڻ ڪا مشڪل ڪا نہ ٿيندي. رڳو ساڳئي وزن تي ”ڪم جاءِ ۽ زياده ڪارج“ ورجائڻو پوندو. هونئن توهان ڪڏهن ’پولٽري فارم‘ ۾ اندر جھاتي پائي ڏٺو آهي؟ ڪيئن نہ جدا جدا خانن ۾ مرغيون ۽ چُوزا ويٺل نظر ايندا آهن؟ بس ايئن سمجھو تہ هر فليٽ ”ڪڪڙ جو ڊربو آهي“، جن ۾ انسان، سامان هڪ ٻي مٿان سٿيا پيا هوندا آهن. اگر وڻ جو تصور ڪندا تہ فليٽون توهان کي ايئن لڳنديون ڄڻ تہ ڪنهن ٺوٺ ٿُڙَ تي ماڪوڙا ڪيُو (Queue) ۾ مٿي چڙهندا ويندا هجن. هڪ اوينيو يا پلازا، جتي هڪ ئي هنڌ گھڻ ماڙ عمارتن جو جھمڳٺو هوندو آهي، سو مون کي هڪ انساني ’Zoo‘ سمان محسوس ٿيندو آهي. هڪ ڳوٺاڻي پيرسن مرد ڪڏهن شهر ڏٺو ئي ڪو نہ هو. تنهن کي پوٽَس زور ڪري شهر گھمائڻ وٺي آيو. هلندي هو هڪ روڊ تان گذريا جتي قطار درقطار فليٽن جا پلازا هئا. ڪيتريُن دريُن مان ٻارڙا، عورتون ۽ مرد، رستي جي چهل پهل جو نظارو ڪري رهيا هئا. پوڙهو مڙس چوڌاري سلاخن مان نهاريندڙ چهرن تي حيرت کائيندي چوڻ لڳو، ”ابا! هي ماڻهو ڀولن وانگي پڃرن ۾ ڇو بند پيا آهن؟!“
    اها تہ ٿي عام ماڻهوءَ جي سادي مزاج ۽ عقل جي ڳالهہ، پر فليٽ جي گھرن کي پنهنجي حقيقي سونهن ۽ افاديت آهي. انهن گھرن کي زمين تي پٿارڻ بدران آسمان طرف وڇايو وڃي ٿو. ايئن فليٽ مٿان فليٽ، يعني گھر مٿان گھر آهي. ڪِن شهرن ۾ سَو ماڙ کان بہ مٿي عمارتون بلند آهن، جن جي چوٽيءَ تي مشڪل سان نظر پوي! ڪڪر بہ انهن جي وچان گذرن ۽ پنهنجي آلاڻ، نرمائي ۽ ٿڌاڻ مهاڙيءَ تي ڇٽڪاريندا رهن. ڀلي تہ ڪو مڪين ٻاهر نگاهہ وجھي، قدرت جي رنگينيءَ جو مزو ماڻي، يا دريءَ کان ٻاهر هٿ ڪڍي ڇهاءُ جو لطف وٺي.
    ماڻهوءَ کي سَڌَ تہ گھڻي ئي آهي، پر هو اڃا پکيءَ وانگر اڏامي پنهنجي آکيري تائين پهچي نہ ٿو سگھي. ان ڪري بلند قد جاين ۾ اچ وڃ جو ذريعو رڳو لفٽون ٿين، جيڪي فل ٽائيم سروس ۾ هونديون آهن ۽ فليٽ جا رهواسي فقط نمبر دٻائڻ سان بنان دير جي پنهنجي منزل تائين رسيو وڃن! هينئر نيويارڪ هجي يا بيجڱ، هاڱ ڪاڱ هجي يا مدينہ منوره، هر شهر ۾ اهي ئي آسمان سان چوٽيون گسائيندڙ پلازائون نظر اينديون. اڳي ڪي شهر، ڪن خاص طلسماتي ڳالهين ۽ روايتن کان مشهور هئا. پر جڏهن کان فليٽ سسٽم اُڀري نمايان ٿيو آهي، تڏهن کان شهرن جو پنهنجو مخصوص ثقافتي رنگ غائب ٿيندو وڃي. فليٽي گھرن، ملڪن کان سواءِ انسان ۾ يڪسانيت پيدا ڪري، منجھائن طبقاتي فرق مٽائي ڇڏيا آهن. ڏسڻ ۾ ايندو تہ انهن گھرن ۾ غريب کان وٺي شاهوڪار انسان پُرشوق زندگي گذاري رهيا آهن. دراصل جديد ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ ’گھر‘ فقط فليٽ کي ئي سڏي سگھجي ٿو.
    گھر هميشہ هر ڪو پنهنجي طبع ۽ ذوق آهر پسند ڪندو آهي. حيدرآباد ۾ گھڻ ماڙ فليٽن جي رواج کي گھڻو عرصو ڪو نہ گذريو آهي. ليڪن جيڪي ماڻهو اڱڻن جي وائکاين تي هريل هوندا هئا، تن کي فليٽ جي زندگي اڄ سوڌو آزار لڳي ٿي. شل نہ جديد ثقافت، ڪشافت جو روپ ڌاري! ڪرشن چندر جي ڪنهن افساني جو ڪردار بمبئيءَ جي عام فليٽ جو رهواسي هو. مٿانئس جيڪا فليٽ هئي، تنهن جو باٿ روم سندس بيڊ روم جي مٿان ٺهيل هو ۽ نتيجي طور، هو جڏهن بہ ننڊ لاءِ مٿو ٽيڪيندو هو، تڏهن فلش وهڻ جو آواز ٿيندو هو، ۽ هو ويچارو ايئن محسوس ڪندو هو، ڄڻ تہ هن جي مٿي تي ويهي ڪو حاجت روائيءَ کان فارغ ٿيندو هجي. انهيءَ نئين طرز حيات ۾ ڦاٿل، حيدرآباد جا ڪيترا ئي شهري عاجز ڏسجن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هتي جون ڳچ بلند رهائشي رٿائون، ترتيب ۽ تهذيب کان وانجھيون رکيون ويون آهن. اهي صفن صفا ”بليڪ هول“ آهن. ڪارل سيگن جي شهره آفاق ڪتاب ”ڪاسماس“ ۾ ”بليڪ هول“ ڪائنات ۾ اهڙا غرق ٿيل تارا آهن، جن مان روشنيءَ جو گذر نہ ٿو ٿي سگھي. ڪي ماڻهو اجايو فليٽ کي ”گھريتريءَ جو گھر“ سڏي گِلا ڪَن، پر هروڀرو ايئن بہ ڪونهي. ڪيترن علائقن ۾ ڪُشاديون، هوادار ۽ بنگلي جو ڏيک رکندڙ سهڻيون فليٽون بہ ملن ٿيون.
    اڄ بہ شهر جا گھڻا رهواسي فليٽي گھرن جا ئي گرويده آهن. شايد حالات جي نزاڪت کان بہ ايئن هُجي، ڇو تہ اڄوڪي دل دهلائيندڙ دور ۾ چوري ۽ ڊاڪزني عام آهي ۽ کليل ميدانن تي اڏيل بنگلا تہ انهن جو خاص شڪار ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ماڻهو فليٽ کي هن دور ۾ پيتيءَ وانگر محفوظ جاءِ سمجھن ٿا! قديم يوناني مفڪر سقراط جي نگاهہ ۾ گھر هڪ ننڍڙي سلطنت بنيل هو. جنهن جي واڳ مرد جي هٿ ۾ قابو هئي. مگر واهہ ڙي سلطانيءَ جمهور جا زمانا. هاڻي تہ معاشري جو اوائلي ’جمهوري گهوارو‘ گھر کي ئي تسليم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڇا ننڍا ڇا وڏا، سڀئي باشندا هڪ ٻي کان برابريءَ جي تقاضا ڪن ٿا.
    هڪڙي ڳالهہ آهي تہ ماڊرن گھر پنهنجي ثقافت ۾ پراڻن گھرن کان بلڪل مختلف آهن. اڳي گھر ۾ ”گڏيل ڪٽنب“ جو تصور شامل هوندو هو، جنهن ۾ پيءُ ماءُ جو اولاد، پٽن ۽ ننهن سميت گڏ رهندو هو، ۽ اُهي گڏيل گھر، جن ۾ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو اولاد گڏجي رهندو هو، تنهن کي ويڙهو چيو ويندو هو. پر اهي آڪهن وارا گھر يا ويڙها ميرن جي دور کانپوءِ ختم ٿي ويا. هاڻي ’گھر‘ فقط ان کي سمجھيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ فيملي فقط زال مڙس ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن سان رهائش پذير هوندي آهي. مغرب جي ملڪن يا جپان ۾ تہ وري ڪنوارن ۽ پرڻيلن جا بہ جدا جدا گھر ٿيندا آهن. عمر چڙهيل ضعيف بزرگ وري رضا خوشيءَ سان وڃي هاسٽلون وسائيندا آهن. اڄوڪا گھر ڪنوار وانگر حجاب جو پردو رکن ٿا. اڳين گھرن ۾ بيٺڪون ۽ ڪمرا هڪ سمان هوندا هئا، جن ۾ سڀئي فرد گڏجي اُٿندا ويهندا هئا. اونهاري ۾ اڱڻ ۽ سياري ۾ صُفا، سڀني ڀاتين جي سمهڻ لاءِ هوندا هئا. پر هاڻوڪن گھرن ۾ هر مشغوليءَ جا مخصوص ڪمرا ٿين. اڳوڻن گھرن جو ساهہ پساهہ ’اڱڻ‘ هوندا هئا، جن سان آسون اميدون جاڳنديون هيون. ’اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا!‘ ۽ وڏن پَٽن کي ٻهاريندي ۽ صاف ڪندي گھر ڌڃاڻين جون چيلهيون ئي چٻيون ٿي وينديون هيون. ماڊرن گھرن کي بہ ڌڙڪندڙ دل ٿيندي آهي. دل جو ذڪر ڇڙڻ سان ازخود پڙهندڙن ۾ محبت جو جذبو بيتاب ٿي جاڳيو هوندو. ڇو تہ دل جي معاملي ۾ سال ۽ عمر حائل نہ ٿي سگھندا آهن. ايئن آهي، نہ تہ ”سانگي“ ڀلا وڏپن ۾ ڇو اهڙي دانهن ڪري ها؟
    ”آرزو ڪهڙي ڪريون، دل آهي ورهين کان وئي، پنهنجي دل لاءِ سدا پاڻ سِڪُون ٿا يارو!“

    پر دوست! مون کي تہ هتي رنڌڻي ۽ غسل خاني جو ذڪر ڪرڻ مقصود آهي، جن کي اڄڪلهہ فيشنيبل زبان ۾ ڪِچن ۽ باٿرُوم سڏيو وڃي ٿو. اهي پنهنجين فرحت بخش رعنائين سان رومان انگيز ماحول اُڀارڻ ۽ محبتون پيدا ڪرڻ ۾ نهايت ڪامياب ثابت ٿيا آهن. ڪنهن انگريز ناول نگار، حالي زماني ۾، عشق جي نازڪ، ڪچي ڌاڳي واري ٻنڌڻ جو ذڪر ڪندي چيو هو تہ، اڄوڪيون محبتون بہ ڊائنڱ ٽيبل تي جنم وٺن ٿيون، ۽ بيڊروم ۾ هلي ختم ٿين ٿيون. اڄڪلهہ جي گھرن ۾ بيڊرومس، باٿ رومس، ڊرائڱ روم، ۽ سِٽِڱ روم، سڀئي هڪ ٻئي کان الڳ ٿين، مگر ڊائنڱ روم ۽ ڪچن تہ سهولت سان گھر جي بلڪل مرڪز ۾ هوندو اهي، جنهن ڪري ان کي ’گھر جي دل‘ ڪري سمجھيو ويندو آهي.
    ماضيءَ ۾ بادشاهي ۽ راجائي محلن ۾ غسلخانا باقاعده عشرت ڪده هوندا هئا. ٿورو زمانو اڳي، اسان جي شهر جي گھرن اندر فقط هڪڙو غسل خانو ڪافي سمجھيو ويندو هو، جنهن جي ٻي ڪنڊ ۾ هڪ دِڪي بہ ٺهيل هوندي هئي. نل هيٺان بالٽي ڀري رکي ويندي هئي ۽ ان ۾ هڪ لوٽي پيل هوندي هئي. مگر هاڻي باٿ روم جا انداز ۽ اسباب بلڪل مختلف آهن. سرهاڻ ڀري مهڪ، غسلي ۽ آرائشي نرماهٽ، صاف ۽ پاڪيزه ماحول، اهڙو جو گھڙڻ سان ئي انسان تي جادوءَ جو اثر ٿي وڃي. هاڻي وهنجڻ جا اصطلاح بہ جديد ٿيندا وڃن. اڳي همراه غسل لاءِ اندر ويندو هو ۽ تہ ”لوٽي نائي ٿو نڪران!“ پر هاڻي دوستن کي اهو ئي، پر ڪجھہ ٻين لفظن ۾ ٻڌڻو پوي ٿو، ”شاور وٺي اِجھو آيس!“
    ڪو زمانو اڳي، رهائشي ڍنگ بلڪل مختلف هوندو هو. اڄوڪا نوجوان جيڪي فليٽن ۽ ماڊرن گھرن ۾ پلجي وڏا ٿيا آهن، تن لاءِ اهڙن گھرن جو تجربو ئي حيرت انگيز ڳالهہ آهي. بعض ماڻهو تہ پنهنجن وڏڙن کان اڳوڻي سامان، وسيلن ۽ کاڌن جا نالا ٻڌي پيا عجب کائيندا ۽ پڇندا تہ اهو ڇا ٿيندو آهي؟ پراڻي گھر ۾ ٻاهرين دروازي کان اندر گھڙبو هو تہ وڃي دهليءَ ۾ پهچبو هو. جنهن کان پوءِ ڏيڍي لتاڙي اڱڻ تائين اچبو هو. هتان رهائشي جاءِ شروع ٿيندي هئي. اڳ ۾ ورانڊو هوندو هو. ان کان پوءِ صفا يا ڪمرا هوندا هئا، جن جي اندر هڪ هڪ ڪوٺي هوندي هئي. ڪنهن جاءِ جي وڏي صفي ۾ ٻہ ڇٽي بہ هوندي هئي. ڪن ۾ وري اڱڻ کان ڏاڪڻ نڪتل هوندي هئي ۽ مٿي ننڍڙو ڪمرو ۽ اڱڻ بہ اڏيل هوندو هو، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ’ماڙي‘ سڏيو ويندو هو. اڳوڻو رڌڻو رهائش وارن ڪمرن کان دور رکيو ويندو هو. جيئن گھر جون ٻيون جايون دونهي ۽ گرميءَ کان حفاظت ۾ رهي سگھن ۽ رڌ پچاءِ جو شغل بنان رنڊڪ جي قائم رهي. غسل خانا ۽ ڪاڪوسخانا الڳ الڳ اڱڻ وٽ ڇيڙي سان ٺاهيا ويندا هئا. وڏين جاين ۾ اهي ايترو پري پوندا هئا جو شل نہ ڪو ڪمهلو پيٽ ۾ گھمرو پوي. تتي ڏينهن، سياري جي رات يا وري سانوڻيءَ جي مينهن ۾ تہ اصل نافت ٿي پوندي هئي.
    اڳي ڊائنڱ يا ڊرائڱ روم جو الڳ تصور ڪو نہ هوندو هو. البت وڏي بيٺڪ واري ڪمري ۾ ئي ڀتين ۾ جارا ٿيندا هئا، جن ۾ ٽام چيني ۽ ڪاشيءَ جا ٿانوَ سَجائي رکندا هئا. انهن تي ڄارا ۽ لَٽ چڙهي ويندا هئا. جڏهن ورهين ڪرهين ڪو خاص مهمان ايندو هو، تہ گھر جي زال ڏاڪڻ رکي ضرورت جا ٿانوَ لاهيندي بہ هئي ۽ ٻين کي بہ ڇنڊي اُگھي صاف ڪري، وري رکي ڇڏيندي هئي. ٻوڙ مانيءَ کي ڪجھہ ڪلاڪن واسطي محفوظ رکڻ لاءِ کاري هيٺان رکيو ويندو هو. ڪچو گوشت يا پلو وري وڏي صفي ۾ ٽنگيل ڇڪي ۾ رکي ڇڏبو هو ۽ ٻلي ويچاري هميشہ آسائتي، مٿي نهاريندي ڏسبي هئي. ان تان شايد اهو پهاڪو مشهور ٿيل آهي تہ، ”ٻليءَ ڀاڳين ڇڪو ٽٽو“. مون ڪڏهن بہ پنهنجي زندگيءَ ۾ نہ ڇڪي کي ٽٽندو ڏٺو، ۽ نہ ٻليءَ جو ڀاڳ ورندي ڏٺو، ۽ ها، ٻلي مهل ڪمهل کاري جو بہ طواف ڪندي رهندي هئي، ۽ اُتان ڪڏهن ڪڏهن مڙئي جھٽي لڳي ويندي هئس.
    چوندا آهن تہ اڳي برڪت ججھي هوندي هئي. سائين مڃيوسون، پر اها تہ منهنجي بہ اکين ڏٺي ڳالهہ آهي تہ، گھر جي هاج، جنسي آزار جان هوندي هئي. بس ايئن کڻي چئون تہ ”ويلل ڪل!“ هاڻ گيس جا چلها آهن، پر اڳي مٽيءَ جي چلهہ ۾ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪيو ويندو هو. دکيل ڪاٺيءَ کي وڃڻيءَ سان هوا يا وات سان ڦوڪون ڏئي، مچ ٻاريو ويندو هو. زال ويچاريءَ جون اکيون ڳاڙهيون رهٽ ٿي پونديون هيون. جي آلي لَيءِ جون سنهڙيون ڪاٺيون هونديون هيون تہ پوءِ دونهون بہ دونهين جهڙو ٿيندو هو. مٿان وري چڻنگن جي ٺڪائن جو آزار! موسم گرما ۾ تہ گھڻين ڳالهين جي مار پوندي هئي چلهہ جي تپش، دونهين جي گھٽ ۽ دونهين جي ساڙيندڙ چُڀ چُڀ، وري ٻارن جي ويڙهہ ويڙهان، گهپي ۽ ڪلڪل تہ ”امان پهريون لولو مون کي ڏي!“ ۽ ماءُ، خار وچان اماڙيون ڪڍي، هر هر پئي ٻارن کي اُلاريندي هئي، ۽ پڻهن سميت پٽون پاراتا ڪڍندي هئي. زال مڙس جي کٽ ڦٽ ۽ جھيڙ جھيڙان جي جاءِ بہ اهو ئي رنڌڻو هوندو هو. مڙس ٻاهران تپندو ايندو هو تہ ڪسرون وري بہ اچي رنڌڻي ۾ ڪڍندو هو. پاڙي جي مائي سڀائي اندر گھڙندي هئي، تہ سا بہ رنڌڻي جي در اڳيان پيل منجيءَ تي اچي ويهندي هئي ۽ اوڙي پاڙي جون لاکون لاهيندي هئي. زالن جي پنهنجي نوڪ جھوڪ جي بہ اها ئي جاءِ هئي. ڀلا انهيءَ راڙو راڙ کي بہ ڪو محبتي ماحول چئبو؟ رڌنڻي ۽ رڌ پچاءَ سان بہ ڪيترا ئي اصطلاح لاڳو ٿي ويا. مثلاً ”رنڌڻي ۾ رولو“. جيڪڏهن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ڪو ڦيٽارو ٿي پيو يا زال وڃي پيڪن ۾ ويهي رهي، تہ چلهہ بہ ڪا نہ ٻرندي ۽ ماني بہ ڪا نہ پچندي هئي. مڙس ويچارو رولن ۾ اچي ويندو هو. ان تان ’رنڌڻي ۾ رولڙو‘ جو اصطلاح نڪتو. هاڻي جيڪڏهن ڪي ڪارندا پاڻ ۾ اٽڪن ۽ دفتر يا اداري جو انتظام سڄو ئي درهم برهم ٿي وڃي تہ ان کي عرف عام ۾ ’رنڌڻي ۾ رولي‘ سان ياد ڪن. اهڙيءَ طرح چلهہ دکائڻ لاءِ ڇيڻا بہ ٻاريا ويندا هئا. ”ڇيڻاڀور“ خصوصاً ان شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو فتنہ پرداز“ يا شرارتي هوندو آهي. ڪنهن عورت جي لائي چائي واري عادت تان اهو اصطلاح شروع ٿيو ۽ هلندي هلندي معاشري جي ٻين شعبن ۾ بہ چالو ٿي ويو. جيڪڏهن وقت سر چلهہ دُکيل نہ ملي تہ باهہ ٻارڻ ۾ وري ساڳي درد سري ڪرڻي پوندي. ان ڪري ٽانڊا دُکندا رکڻ لاءِ مٿانئن ڇار ورائي ويندي هئي، نہ تہ چلم جي ٽوپيءَ لاءِ ٽانڊو بہ مشڪل سان هٿ ايندو هو. وتائي غريب تہ ماڻس جي چلم لاءِ دوزخ مان ٽانڊو کڻي اچڻ جو قصد ڪيو هو، پر تہ بہ ناڪام موٽي اچڻو پيس.
    هن وقت شهر جي جاين ۾ ڪٿي ڪٿي گھڙا، منجيءَ تي دلا مٽ رکيل نظر اچي ويندا، جن جي گڻن کي سٺن انسانن جي فضيلت سان ڳنڍيو ويندو هو. اسين تہ اهو ئي پهاڪو ٻڌندا هئاسون تہ ”ٿڌو گھڙو پاڻهي پاڻ کي ڇانوَ ۾ ويهاري“. اهو بہ زمانو هو جو ڪنڀرن کان، سياري جي مٽيءَ جا ٿڌا گھڙا ٻولائي وٺبا هئا. گھڙن کي ڪنن مٿان سنهو ڪپڙو چاڙهي ڍڪي، محفوظ جاءِ تي نفاست سان رکيو ويندو هو، جيئن صاف رهي ۽ لٻ لٻاڙ کان بہ بچي رهي. جڏهن اُساٽ ۾ وٽي مان پاڻي نڙيءَ ۾ ڏوگھبو هو، تڏهن اُن جي ڪوري سرهاڻ ڏاڍي لذت ۽ فرحت ڏيندي هئي. پر هاڻ تہ فرجن ۽ واٽرڪولرن جي بلي بلي لڳي پئي آهي. جن گھڙن جو مان ئي وڃائي ڇڏيو آهي! اڳي مايون تہ شربت لاءِ گھرن ۾ ڪرنڦل مان گلن کي چِڪائي گلاب بہ ڪڍنديون هيون. هينئر نازڪ مزاج عورتن کان اهڙيون خجالتون ڪو نہ پُڄن. اول هن وقت اٺ ڪاٺئي ڪم جي جاءِ گھر ۾ اچي ڪٿان؟ جيڪڏهن ڪنهن هاڻوڪي فليٽ اندر اهڙي قمام ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، تہ تماشو لڳي ويندو. اوسي پاسي وارا باهہ جو گمان ڪري فون تي فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيندا تہ اسان جي ڀر ۾ فليٽ کي باهہ وڪوڙي وئي آهي ۽ سڄو فلور سڙڻ جو انديشو آهي.

    ماڊرن گھر جو ڪچن ۽ ڊائنڱ ڪمرو هڪ فرحت‌بخش ۽ روح‌افزا ڏيک پيش ڪري ٿو. اُتي کاڌي جي ميز جي چوڌاري، هشاش بشاش ۽ کلمک چهرا، انتهائي سُڪون سان طعام کائڻ ۾ رڌل ڏسبا آهن. مثل مشهور آهي تہ ”جِن کاڌا پلن جا پيٽارا، تِن جا هينئڙا ويچارا“. پَلن مَڇيُن جا طعام تہ اڃان بہ رڌجن ۽ شوق سان کاڌا وڃن ٿا. پنهنجن دپمپختن سان تہ ڪو لڳيئي ڪو نہ؛ اڃا بہ جيڪي قدامت پسند ماڻهو آهن، سي پراڻين شين سان ”هَنِي مُون“ ڪيو ويٺا آهن، ورنہ نَون کاڌن جو چشڪو تہ هر ڪنهن جي وات کي لڳي ويو آهي. اووِن ۽ فوڊ ڪرافٽرن ۾ نيم پڪل ۽ اُٻاريل هاضم مغربي ۽ چيني غذائون، جھٽ پٽ تيار ٿيو وڃن. هاڻي گھر واري هينئون هپائڻ سواءِ ئي، چرغہ مرغي ۽ فروٽ ڪيڪ تيار ڪريو وٺي، ۽ هوءَ جيڪڏهن ضرورت وقت ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏي، تہ پوءِ ”فلائڱ ساسر“ جهڙي نرم گرم ۽ هلڪي ڦلڪي پليٽ اوهان پاڻ بہ آسانيءَ سان تيار ڪري سگھو ٿا. ڀلا پُڊڱ، جيلي ۽ ڪسٽرڊ جهڙيون سويٽ ڊشون ڪنهن کي نہ وڻنديون هونديون؟ بزرگ اڃا بہ اڳوڻيون مهميرون ياد پيا ڪندا آهن؛ کني، لپئي، پنجوري، سائون ڏريو، ڳڙهاڙيون، ڪُٽيون ۽ ڀوڳاڙا وغيره. ننڍڙن کي ٻڌائي پنهنجي ايام جو ڌڌڪو پيا ويهاريندا آهن؛ ورنہ هينئر اهي خوراڪون شهرين کي ڪٿي ٿيون جيورن.
    ٻيو ڪجھہ هُجي يا نہ هُجي، پر نَون کاڌن پيتن هڪ نئين عالمگير تهذيب کي جنم ضرور ڏنو آهي. ڇا اولهہ ڇا اوڀر، خوراڪ جي عادات ۾ سڀئي قومون يڪسان طور طريقا اختيار ڪنديون پيون وڃن. انسان هميشہ کان خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ رهندو اچي. شايد اها ئي جستجو سندس وجود کي قائم رکي سگھي آهي، جنهن کانسواءِ هن جي زندگي جيڪر بي معنيٰ رهجي وڃي. ”يوٽوپيا“ ماضيءَ وانگر اڃا تائين بہ انسان جو هڪ سهانو خواب رهيو آهي، جنهن جي تعبير جي ڪنهن کي بہ ڪل ناهي. تاهم انسان پنهنجي عافيت جي گوشي لاءِ نت نوان آشيانہ تعمير ڪندو رهي ٿو؛ ۽ ممڪن آهي تہ ايڪيهين صديءَ ۾ ماڳهين گھر جو تصور ئي بدلجي وڃي. هُو ضرور اهڙا گھر ايجاد ڪري وٺندو جيڪي فقط هڪ خول ۾ ئي محفوظ هوندا، ۽ شايد مستقبل جا گھر زمين تي هئڻ بدران فضائن ۾ ئي ترندا رهندا. اهو انسان جو رهائشي مڪان بہ هوندو، تہ ساڳئي وقت وري سندس گھمندڙ سواري بہ هوندو. شاعر جي مطابق تہ:
    انسان رهي ٿو گھر ۾ شاد،
    گھر سان ٿين ديس آباد،
    ديس سارا آهن دنيا جا گھر،
    دنيا ساري آ هڪ گھر سمان!
    انسان ذات آ پوتل لڙهيءَ جيان،
    ايڪي ۽ پيار سان، گر انسان رهن،
    گھر ڀاتين جيئن قومون ميل رکن،
    گرهہ بہ نيٺ سي پنهنجا گھر،
    ڪائنات ۾ کُلندو پنهنجو درُ.


    هنر ۽ فن : ڪاٺ تي ٽُڪَ جو ڪَمُ

    هر ديس ۾ رائج لطيف فن، اتي جي ماڻهن جي عام مزاج جو آئينو آهن. نفسيات جي ڄاڻُن جو اهو ئي چوڻ آهي تہ هر قوم جي سوچَ جو انداز، شعور ۽ سندس آرزو ۽ اميدون سڀيئي لطيف فن ۾ جذب ٿيل هونديون آهن. انهيءَ نڪتہ نگاهہ کان ڏسنداسون تہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ ۾ بہ اَيامن کان وٺي گھڻن ئي فنن جا نمونا هلندا ٿا اچن، جن تي تاريخ جي انقلابن پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. پر تنهن هوندي بہ نفاست ۽ نزاڪت جيئن جو تيئن قائم اٿن، جا ڳالهہ هتي جي ماڻهن جي ذوق ۽ فڪر جي پاڪيزگي ۽ لطافت تي شاهد آهي.
    انساني زندگيءَ جي شروعات کان وٺي لطيف فن ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ وجود وٺندا رهيا. دراصل اُهي انسان جي اندر جو آواز ۽ روح جو پرتؤ آهن. اُهي نہ رڳو انسان جي قلب ۽ ذهن جي تصوير پيش ڪن ٿا، پر انهن جي جلا ۽ تازگيءَ جو بہ ذريعو آهن. علم ادب ۽ فن هميشہ کان مذهب جا سچا ساٿي رهيا آهن. اسلام کان اڳ ۾ مصوري، مجسمہ‌سازي ۽ بت تراشيءَ جي قديم روايت بہ هتي موجود ملي ٿي. ٻڌ ڌرم جي سکيا کي جتي ڪٿي، چين، ٿٻيٽ ۽ وچ ايشيا ۾ اِنهن ئي فنن جي صورت ۾ پکيڙيو ويو. ليڪن اسلام جي تعليم جو روح توحيد ۽ هيڪڙائي حق تي ٻڌل ئي رهيو. ان ۾ بت‌تراشيءَ ۽ مصوريءَ جي ممانعت ڪئي ويئي. اهو ئي سبب آهي، جو مسلمانن هر هنڌ تخليقي جذبي ۽ تسڪين جا ٻيا گوشا تلاش ڪيا ۽ مختلف لطيف فنن کي پنهنجي اظهار جو طريقو بنايو. هو قرآني آيتن جي دلڪش خطاطي ۽ نازڪ گُلڪاريءَ جهڙا ڪمال، مصوري، عمارت‌سازي ۽ سنگ‌تراشيءَ جهڙن فنن ۾ ڏيکارڻ لڳا.

    سنڌ جي مسلمان ڪاريگرن ۽ فنڪارن جو محور عام طرح گُلڪاري ۽ ظروف سازي رهيو آهي، جيڪو نهايت باريڪ نقشن ۽ ڊزائنن سان جڙيل ٿئي ٿو، پوءِ ڇو نہ اُهي ديوارُن تي رنگن سان پينٽ ڪيون ويون هجن يا پٿر تي اُڪر ڪري ٺاهيون ويون هجن يا برتنن ۽ ٽائلس تي رنگ روغن ڄمائي ڪاشيءَ جو ڪم ڪيو هجي يا اجرڪون ۽ چادرون رنگن سان ڇريون ويون هجن يا وري ڪاٺيءَ تي اُها ٽڪُ سان مَنوت ڪاري ڪئي وئي هجي.
    اڄ بہ سنڌ جي ڊيگھہ ويڪر ۾ اهڙيون ڪئين پراڻيون مسجدون قائم آهن، جن جي ڀتين تي نقش ونگار ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. ڀٽ شاهہ ۾ روضي جي لڳ ڀتين تي گلڪاريءَ جو اهڙو تہ ڪم ٿيل آهي، جو ايئن ٿو وسهڻ ۾ اچي، ڄڻ تہ ڪاريگر تازو هاڻي ڪري ويو آهي. ازانسواءِ قديم زماني کان ڪاشِيءَ جي برتنن تي رنگين ظروف ۽ سهڻا گل ٻوٽا ڪڍيا وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي فنڪارانہ حسن ۽ ديده‌زيب لاءِ مشهور آهن. شوخ، چمڪيلا ۽ حسين رنگ انهن جي خصوصيت آهن. ڪاشيءَ جون ٽائلز اڳين زماني کان تيار ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ بہ مختلف ڊزائنون هونديون آهن. خوبصورت گلن ۽ پنکڙين جي نمونن کي سهڻي رنگ ۾ ڀري، سفيد ۽ آسماني پس‌منظر ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اُهي هنرمند ۽ ڪاريگر، نقاش، خاطوبند، ڪاشيگر، سنگتراش، جواهري، پاٽولي، کنهباٽي، منوت گر ۽ واڍڪا ماهر سڏيا ويندا هئا.
    سنڌالاجيءَ جي نئين عمارت نهايت شاهاڻي سهڻي ڏيک واري آهي، جيڪا ڪراچيءَ ڏانهن ويندي سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سپر هاءِ تي ٻاهران ئي ٻاهران نمايان نظر اچي ٿي. مکيہ عمارت ۾ لنگھندي، ان جي شاهي دروازي تي هر ڪنهن جون نظرون کپيو وڃن، جنهن تي عاليشان ٽُڪَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن جي ڊزائين سنڌ جي قديم تاريخي عمارت جي نموني تان جوڙائي وئي آهي.

    سنڌ ۾ هيءُ هڪ پراڻو هنر آهي، جنهن کي نزاڪت، سونهن ۽ باريڪيءَ باعث فنڪاريءَ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اصل ۾ اهو ڪاٺ تي گھڙتِ جو ڪم آهي. ان ۾ ڪاٺيءَ کي سنهي ڪارائيءَ سان چيري رواتيءَ سان صاف ڪبو آهي ۽ پوءِ رُڪ جي رنبين سان ڪاريگر انهن کي کوٽي گل ظاهر ڪندا آهن، جو سارو ئي ڪم صفائي ۽ وڏي ڪاريگريءَ سان تعلق رکي ٿو.
    اسان وٽ آڳاٽي دور ۾ ڪاٺ تي ٽن قسمن جون هنرڪاريون عام هونديون هيون.
    1. ٽُڪَ جو ڪَمُ يا مَنوت ڪاري
    2. ڀرت جو ڪَمُ يا ڀرت ڪاري
    3. گِرهہ جو ڪَمُ يا گِرَهہ ڪاري
    اهي ٽيئي نهايت پراڻا هنر آهن، جيڪي لطيف فن جو اعليٰ روپ ۽ انداز رکن ٿا ۽ گھڻو ڪري عمارت‌سازيءَ سان ئي تعلق رکندا هئا. ميرن ڪلهوڙن توڙي ان کان بہ اڳي ڪاٺ جي جايُن جو گھڻو رواج هو. جن کي تيڪي واريون جايون يا مڪان ڪوٺبو هو. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ انهن مان اڃا بہ ڪي نشانيءَ طور وڃي بچيون آهن. پراڻيُن جايُن ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن توڙي ڇتين جي ڪامن تي بي مثل ٽُڪَ جو ڪم ٿيل هو. ازانسواءِ دُڇٽين جي ٻانهين تي بہ سهڻي منوت ڪاري ٿيل آهي. پراڻين جايُن ۾ سانوڻي ڪاٺ جا ڇتين ۾ تختا رکندا هئا ۽ دروازن جا طاق بہ انهن مان ئي ٺاهيندا هئا. تيڪي جي جاين ۾ بهڻ جو ڪاٺ بہ وجھندا هئا تہ ڪن جاين ۾ وري لوهيڙو ڪامن ۾ ڪم آڻيندا هئا، جيڪو ڪاٺ تمام ڳرو ۽ مضبوط ٿيندو آهي. ليڪن اڪثر جاين ۾ ٽُڪَ جو ڪم فقط ٻٻر جي ڪاٺيءَ تي ٿيل هوندو هو، جو ٻيُون سنڌي ڪاٺيون ان ڪم لاءِ موزون نہ هيون. آڳاٽن درگاهن تي بہ ان هنر جا شاندار نمونا نظر اچن ٿا. شاهہ ڪريم جي روضي جي سڄي چؤڪنڊي منوت تي ٺهيل آهي ۽ شاهہ ڀٽائيءَ جي روضي واري چؤڪنڊي تي بہ ساڳيءَ ريت منوت جو ڪم ٿيل آهي.
    وري جڏهن انگريزي دور آيو، تڏهن حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ تمام عاليشان بلڊڱون تعمير ٿيون، جن ۾ ٻاهران ئي ٻاهران ڪاٺ جا ڇاپرا ڪُنگرين تي جڙيل نظر ايندا ۽ وڏا وڏا ڇڄهرا ۽ ڇڄهريون ٺهيل ٻاهر نڪتل آهن. اُنهن تي مختلف ڊزائينن سان منوت جو ڪم اعليٰ درجي جو ٿيل آهي. اندر گھرن ۾ بہ ڏاڪڻين وٽ ٿنڀن، درن ۽ درين مٿان ٽُڪ جو ڪم جتي ڪٿي نظر ايندو. اُن ۾ پَنَ جي اُٿل، وَٽُ، هيٺ مٿي لهرو ۽ ٻيون باريڪيون ظاهر ٿي بيٺيون آهن. حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ برطانوي دور جي شاهي بلڊڱن جي وڏن درن جي چونڪن ۽ تختن تي اهو ڪم نهايت نفاست سان ڪيل آهي ۾ ٿيل ڪم ان ڪري سونهن ڀريو آهي، جو اُهو اڪثر برماٽيڪ ۽ شيشم جي ڪاٺيءَ تي ٿيل آهي. ساڳي دور جي اڪثر اميراڻن گھرن ۾ فرنيچر بہ اهڙو ئي رکيل هوندو هو. ڪرسيون، ڪوچ، ٽيبلون، آنبوس جي ڪاٺ مان ٺهيل هيون، جنهن تي منوت جو ڪم ٿيل هوندو هو. ڀونر جهڙي ڪاري ڪاٺ تي اهو ڪم تمام سهڻو لڳندو هو.
    ٽُڪَ جي ڪَمَ کانسواءِ ڪاٺ تي هِڪ ٻي بہ هنرڪاري ٿيندي آهي، جيڪا ڀرت جو ڪَمُ آهي. ڪن شين تي ٻئي ڪم گڏوگڏ بہ ٿيل نظر ايندا آهن. ڀرت ڪاريءَ جو ڪم ڪاٺ جي پترين مان ڪيو ويندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ان جي بدران سِپُون بہ استعمال ڪيون وينديون آهن. پراڻي دور ۾ جُنگي جي ڪاٺيءَ مان سنهيون سنهيون پَتِريون ٺاهي، تختي ۾ پورُ ڪري سِرس سان چنبڙائي هڻندا هئا. پر هن وقت ان ڪم لاءِ ديال ۽ ٽاليءَ جي ڪاٺي استعمال ڪندا آهن يا وري ماڳهين پلاسٽڪ جون سنهيون تندون عام جام ڪَتب آنديون وڃن ٿيون. ڀرت جو ڪم بہ تمام نازڪ ۽ محنت طلب ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ساڳي ڪاريگري درڪار ٿئي ٿي. سنڌ جي شهرن ۾ اڪثر اميراڻن گھرن ۾، ڀتين ۾ کُتل ڪٻٽن، الماريُن ۽ پينگھُن تي ڀرت ڪاري ٿيل هوندي آهي. ڪو زمانو هو جو ڀرت جي سامان کي گھڻو ٺاٺ سان رکبو هو. اهو شاندار ليکبو هو ۽ ان سان گھر جِي سونهن ۽ شانُ مانُ پيدا ٿيندو هو.
    انهن هنرن سان گڏ سنڌ ۾ ٽيون هنر گِرهہ‌ڪاريءَ جو ٿيندو هو، جيڪو هن وقت ذري گھٽ ختم ٿي ويو آهي. انَ کي فن لطيف جو اعليٰ نمونو چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ فنڪاريءَ جا باريڪ نڪتا هوندا آهن. ان جون رڳو دروازن جون ڪمانيون، ڇتيون ۽ درين اڳيان ڄاريون ٺهنديون آهن. دراصل اهو هڪ باريڪ ڄاريءَ جو ڪم ٿيندو آهي. پهرين ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ٽڪريون ۽ وِنگڙيون ٺاهيندا ويندا آهن، پوءِ سَلَ چوڙ ڪري حاشي مطابق فِٽ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح وڏي وڏي ماپ جا هموار تختا ٺاهي ڇت جوڙيندا آهن. حيدرآباد سنڌ ۾ کاهي روڊ نزديڪ واڍن جي پڙ جي مسجد آهي، جنهن جي ڇت اٽڪل 400 چورس فوٽ ٿيندي، جيڪا هڪ ساريڪي ڇت گرهہ‌ڪاريءَ جي ڪم جو اعليٰ نمونو آهي. مسجد جي صحن اڳيان درين تي بہ ساڳيو ڪم نظر اچي ٿو. وري حيرت تڏهن وٺندي آهي، جڏهن ڄاريءَ جي اهڙين سنهين ڀتين تي منوت جو ڪَمُ بہ ٿيل هوندو آهي.
    ٽُڪَ يا منوتَ جو ڪم ڪاٺ جي سڀني فنڪارانہ ڪاريگرين سان ڳنڍيل آهي، جيڪو دلڪش ۽ دلنواز هنر هئڻ سان گڏ گھڻي عرق ريزي گھري ٿو. اهو سهڻين جڙاوتُن جي هڪ تخليق سان گڏوگڏ ذهانت ۽ محنت جو گڏيل ثمر پڻ آهي. ان ۾ ڦولدار ۽ لهريدار ڊزائينون عمودي ۽ مخروطي نشانن ۾ محيط ٿين ٿيون. ان ۾ خَطن، نشانن، ۽ ٽٻڪن سان سنهڙين سنهڙين ريکائن کي ظاهر ڪرڻو پوي ٿو. مطلب تہ هيءُ هر لحاظ کان هڪ اعليٰ جَڙَتِ ۽ گھڙتِ جو ڪم آهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ ديسي هنرن ۾ زوال پوڻ شروع ٿيو. فنڪارن ۽ هنرمندن جو اهو قدر ۽ مانُ نہ رهيو جهڙو کين مسلم معاشري ۾ حاصل هو. ليڪن آزاديءَ کان پوءِ وري نئين لهر آئي آهي ۽ انهن فنن جي نئين سر تجديد ٿي رهي آهي.
    اهو يقين سان چئي نہ ٿو سگھجي تہ ٽُڪَ جو ڪَمُ توڙي ڪاٺ جا ٻيا هنرمندانہ فن ڪڏهن کان شروع ٿيا. پٿر تي اُڪَرَ جو فن انساني تاريخ ۾ تمام گھڻي قدامت رکي ٿو. ليڪن ڪاٺيءَ جو فن بہ هزارين ورهيہ آڳاٽو آهي. عيسوي سن کان هڪ هزار سال اڳي، اهو بلڪل ترقي‌يافتہ صورت ۾ مليو آهي. رومي حڪومت جي ديوان ۽ گرجائن، روس جي زار جي محلاتن ۽ چيني شنهنشاهن جي محلاتن ۾ ٽُڪَ جي ڪم جا ڪمالات ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن! پراڻن محلاتن جي ڇتيُن، ٿنڀَن، ڪامن تي بي‌نظير ڪم ٿيل آهي. بادشاهن جا پلنگ، مسهريون، سرخ صندل ۽ ٻي فرنيچر تي منوت جو عاليشان ڪم ٿيل آهي، جيڪي شيون تاريخي يادگارن طور اڃا بہ واسطيدار ملڪن جي عجائب خانن ۾ محفوظ ڪيل آهن.
    سنڌ ۾ ٽُڪ جو ڪم توڙي ڪاٺيءَ تي جَڙَتِ ۽ گھڙتِ جا سڀئي ڪم نهايت آڳاٽا آهن. حيدرآباد سنڌ توڙي ٻين شهرن ۾ صدين کان ڪاريگر پشتان پشت اهو ئي ڪم ڪندا اچن ٿا. حيدرآباد ۾ انهيءَ فن جا اصلوڪا ۽ قديمي ماهر قريشي، سومرا ۽ ڀٽي واڍا آهن. جڏهن اهو شهر سنڌ جو نئون تختگاهہ بنيو، تڏهن غلام شاهہ ڪلهوڙي خداآباد مان لڏائي انهن کي حيدرآباد سنڌ ۾ آباد ڪيو هو. سومرن جا خاندان ان وقت کان ويٺل آهن. انهن ڪاريگر واڍن جي روايت موجب هنن جي وڏن ٽُڪ جو ڪم شڪارپور جي اُستن کان سکيو. بهرحال هي ڪاٺ جي ڪاريگرين وارا هنر مسلمان بادشاهن جي دور حڪومت ۾ گھڻو وڌيا ويجھيا ۽ بام عروج تي پهتا.


    ثقافتي حقيقت : آزاديءَ جا رنگ ۽ ترنگ

    دنيا ۾ ڪل ڪيتريون قومون وسن ٿيون؟ هڪڙي پروفيسر صاحب اهو سوال شاگردن کان پڇي تہ ورتو، پر پاڻ ئي عجب جي تصوير بنجي فرمائڻ لڳو تہ ”ان ڳالهہ جو صحيح علم ڪنهن کي بہ ناهي!“ ايئن ڇو آهي؟ اهو ان ڪري جو ڪالهہ جيڪي ماڻهو ڪنهن مخصوص خطي ۾ رهندي پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا رهيا، وقت گذرڻ سان جڏهن تضاد اُڀري آيا تہ اُهي ورهائجي ٻہ قومون ٿي ويا. سياسي حالات ۽ تهذيبي ابتريءَ جا اسباب پيدا هئڻ جي باعث افراد ۾ منتشر يا متحد هئڻ جو عمل جاري ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ طريقي سان نين نين قوميتن جو ظهور ٿيندو رهي ٿو.
    ملڪن ۽ خطن ۾ قومن ۽ قوميتن جي ورهائجڻ جو سلسلو تاحال جاري آهي. ديني عالمن جي نزديڪ تہ اهل دين ۽ بي دين ماڻهن ۾ دنيا ورهايل آهي. اهو تصور بہ پنهنجي جڳهہ تي اهميت رکي ٿو، پر ڪنهن ڪميونسٽ مفڪر جي اڳيان دنيا ۾ صرف ٻہ قومون وسن ٿيون؛ هڪ سرمايہ‌دار ۽ ٻي پورهيت ۽ نادار. اها تقسيم بہ ڪنهن حد تائين تہ درست مڃي ويندي. پر ڪنهن حياتياتدان Biologist وٽ تہ قوم جو تصور ئي ڪهڙو؟ هُو تہ حياتيات جي سڀني ورنات يا انواع کي يڪ گھرڙاتي Unicellular صورت مان اسريل سمجھي ٿو! ۽ وڻ کي بہ انسان جو سوٽ تصور ڪري ٿو. حياتيات جي ارتقا جو اهو نقطہ‌نظر سائنسدانن کان علاوه گھڻن سارن فلسفين کي بہ پسند رهيو آهي. سنڌ جو عظيم مفڪر عالمہ آءِ آءِ قاضي جڏهن بہ پنهنجي تقرير يا خطاب ۾ وڻ يا جانور جو نالو وٺندو هو تہ تعظيم وچان ’ادو وڻ‘ Brother tree يا ’ادو جانور‘ Brother animal ڪري پڪاريندو هو. هونئن مون کان ڪنهن دوست معلوم ڪرڻ چاهيو هو تہ ننڍي کنڊ ۾ ڪيتريون قومون وسن ٿيون؟ مون جواب ڏنو هو تہ ڀائو آئون تہ اها ئي ڳالهہ ڄاڻان ٿو تہ ارض و سماوات ۾ صرف ٻہ ئي قومون رهن ٿيون. هڪ مرد جي قوم ۽ ٻي عورت جي قوم. دراصل جاندار ۽ نوع حيات صرف مادي ۽ نَر ۾ ورهايل آهن. جيتوڻيڪ اهي ٻہ مختلف خلقتون آهن، ليڪن هڪ ٻي کان بغير انهن جو وجود بي معنيٰ رهجي وڃي ٿو. نسل انساني جي بقا ۽ حيات جو انحصار بہ صرف انهن ٻنهي جي ميلاپ تي قائم ۽ دائم آهي. عورت ۽ مرد تخليق جي اعتبار کان علحده وجود پائين ٿا، ليڪن هڪ ٻي لاءِ ڪشش ۽ رغبت انهن جي فطرت ۾ سمايل ٿئي ٿي. جڏهن بہ ڪنهن عورت ۽ مرد کي هڪ ٻي جي قريب اچڻ جو موقعو مليو هوندو تہ هُو رنگ ۽ نسل جي فرق سواءِ پائدار محبت ۽ ازدواجي رشتي ۾ جڙجي ويا هوندا.
    جڏهن پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو تہ يڪايڪ انتقال آبادي جو بہ سلسلو شروع ٿي ويو. پر ملڪ جي تقسيم عورت ۽ مرد جي محبت ۾ رُخنو وجھي نہ سگھي. اهي هندو ڇوڪريون جيڪي مسلمان جوانن سان پاڙي ۾ رهنديون هيون يا ڪاليج جي تعليم دوران محبت ڪنديون آيون هيون انهن پنهنجي والدين سان گڏ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شادي چاهيندڙ نوجوانن سان ڪري ڇڏي ۽ ساري زندگي محبت ۽ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويون.
    ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ 1947ع ۾ جڏهن مسلمانن جا لٽيل ماريل قافلا اچڻ شروع ٿيا تہ هتي جي ماڻهن ۾ ايثار ۽ اخوت جو هڪ مليل جُليل احساس اُٿلي پيو. ڪجھہ پاڙن جي مقامي ماڻهن ۾ غيرت ۽ حيت تہ ايستائين بہ ڀڙڪي پئي جو قديم اسلامي تمدن ۽ رواداريءَ جي روايت هڪوار زنده هئڻ جو يقين ٿيڻ لڳو هو. ان زماني ۾ جوش ايماني جا قابل رشڪ مظاهرا اڪثر بيشتر رونما ٿيڻ لڳا. مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن ۾ ڪجھہ ٿورا خاندان تہ اسلامي جذبي ۽ عمل ۾ مصيبتن کي ٽوڙي سڀني کان اڳيان نڪري آيا. هنن انصار ۽ مهاجر جو ڀائيچارو قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن جو پاڻ ۾ شادي وهانءُ رچايو ۽ اهڙيءَ طرح اسلامي معاشرت جي روح کي زنده ڪرڻ جو سعيو ڪيو. آهستي آهستي اجنبيت دور ٿيڻ لڳي ۽ سنڌي ۽ مهاجر لوڪ پاڻ ۾ گھلي ملي رهڻ لڳا، ۽ جڏهن ڪڏهن نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي سيني ۾ لڪل پيار جو ڦوهارو اُٿلي پوندو هو تہ سنڌي ۽ مهاجر خاندان رشتيداريءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا هئا ۽ ان ريت تهذيبي ۽ نسلي ميل ميلاپ جو سلسلو هلي پوندو هو، جا هڪ صحتمند روايت هئي.
    ليڪن خبر ناهي تہ ڪيئن تعصب جو آتش فشان ڦاٽي پيو ۽ لاوو ايتريقدر تہ وهڻ لڳو جو نفرتن کي ڪڍڻ نهايت مشڪل ٿي پيو. هيءَ اُها ئي حيدرآباد جي فضا آهي جتي هميشہ کان پيار ۽ محبت جون هوائون لڳنديون هيون. ظاهر آهي تہ اها هوا تہ ڪنهن جي بہ ڪو نہ ٿي ٿئي، اُها تہ هر هڪ لاءِ هڪجھڙو ٺار آڻي ٿي. ليڪن خبر ناهي تہ سنڌ جو ماحول ڪيئن ڪڙي سازش جو شڪار ٿي ويو ۽ فضا ايترقدر تہ مڪدر ٿي وئي جو اُهي محلا جتي بغير ڪنهن فرق جي انساني رشتا ناتا جڙندا آيا هئا، اُتي جا رهندڙ بہ تعصب جي باهہ جي لهس کان پنهنجو دامن بچائي نہ سگھيا. جتي محبت پروان چڙهڻ لاءِ آزاد فضا هوندي هئي اُتي هاڻي آدميت ۽ انسانيت سُڏڪيون ڀرڻ لڳي. هيءُ واقعو جو آئون هتي بيان ڪري رهيو آهيان، سو چند مهينا پهرين رونما ٿيو ۽ جو انهيءَ هولناڪ تعصب جو شاخسانو آهي.
    اهڙي ئي هڪ محلي ۾ سنڌين جا ڪجھہ گھر بہ شروع کان ئي آباد هئا، جتي سنڌي خاندان جي ڪنهن نؤجوان وڏو امتحان پاس ڪري ڊگري حاصل ڪري ورتي هئي. سندس محبت سامهون واري گھر ۾ رهندڙ هڪڙي ڇوڪريءَ سان ٿي وئي هئي، جو هڪ وچولي مهاجر خاندان جو گھر هو. نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري لڪ ڇپ ۾ ملندا رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ شاديءَ جا عهد ۽ پيمان بہ ڪري چڪا هئا. نوجوان کي ڪنهن فرم ۾ هڪ خاصي نوڪري بہ ملي وئي هئي. هن مائٽن تي زور ڀريو تہ هُو شادي ڪندو تہ انهيءَ ڇوڪريءَ سان نہ تہ ڪڏهن بہ نہ ڪندو. ماحول ۾ ڪجھہ اهڙي ڇڪتاڻ هئي جو ڇوڪري وارا خود بہ مهاجر گھر ۾ شاديءَ لاءِ راضي نہ پي ٿيا، پر پوءِ بہ اولاد جي محبت کان مجبور ٿي هُو ڇوڪريءَ وارن جي گھر رشتو گھرڻ لاءِ هليا ويا. پر ٿيو ڇا جو حيلو حجت يا منٿ ميڙ جو تہ ڪو موقعو ئي نہ ٺهيو. بس اڃا هنن ڳالهہ ئي نہ ڪڍي تہ ڇوڪريءَ جو پيءُ برهم ٿي ويو ۽ انتهائي نفرت‌انگيز لهجي ۾ چيائين تہ هُو ڇوڪريءَ کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندو يا ڌيءُ کي ڇو نہ کڻي ڪنهن حيوان جي حوالي ڪرڻو پوي، پر ڪنهن سنڌيءَ سان ان جي شادي هرگز برداشت نہ ڪندو!
    ان بعد ايئن ٿيو جو ڇوڪريءَ جي والدين جلدي جلدي ۾ پنهنجي ئي برادري جي ڪنهن ڇوڪري سان رشتو طئي ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ تي بہ هر وقت نظر رکي وڃڻ لڳي، جيئن هوءَ پنهنجي چاهيندڙ سان رابطو نہ رکي سگھي. ان جي باوجود بہ اُها ڇوڪري هڪڙي چٺي موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان خط ۾ بہ بدنصيبيءَ جي آهُن ۽ ڏوراپن سواءِ ڪجھہ بہ نہ هو.
    شاديءَ جو ڏينهن بہ اچي ويو ليڪن ان رات تي ڪهرام مچي ويو. ٿيو ايئن جو نامراد ۽ مايوس نوجوان ديوار ٽپي ڪنهن طرح سجيل سجايل ڪمري ۾ داخل ٿي ويو، جتي ڪنوار موجود هئي. هڪ ٻي سان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيائون اها تہ خبر ناهي، پر ٻنهي لاءِ ڀڄي نڪرڻ لاءِ راهون مسرور ٿي چڪيون هيون. پوءِ اوچتو نوجوان پستول ڪڍيو ۽ تمام گھڻي تردُدُ کانپوءِ هُن گولي هلائي جا ڪنوار جي ٽنگ ۾ پيوست ٿي وئي. ان کان پوءِ نوجوان پاڻ کي مارڻ لاءِ پورو پورو نشانو تاڻيو ۽ پستول لوندڙيءَ تي رکي گولي هلايائين ۽ هن ايئن ڪنوار سان ڀاڪر ۾ پئي جان ڏني. اهڙيءَ طرح ٻہ خاندان محض تعصب جي بنا تي المناڪ واقعي سان دوچار ٿيا. نوجوان جي کيسي مان ڇوڪريءَ جو لکيل جيڪو خط نڪتو، تنهن جو حاصل مطلب ڪجھہ ان طرح هو تہ هوءَ (ڇوڪري) ڪنهن ٻي سان شادي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي محبوب هٿان مرڻ پسند ڪندي ۽ ايئن هُو ڇو نہ ٻئي ڄڻا خودڪشي ڪري محبت جي داستانن ۾ هڪ مزيد لازوال داستان جو اضافو ڪن!
    ڇا دنيا ۾ اهڙو بہ ڪو علائقو يا خطو آهي جتي هڪڙي ئي نسل جي قوم آباد هجي؟ نہ هرگز نہ. خود جن لوڪن کي عرب سڏيو ويو يا اڃا تائين پاڻ کي سڏائيندا پيا اچن سي بہ هڪ نسل جا ماڻهو نہ آهن. انگلينڊ ۾ بہ جيڪا قوم انگريز سڏجڻ ۾ آئي سا بہ اينگل، نارمن، سيڪسن ۽ مختلف نسلن جي قبيلن سان ملي ٺهي آهي ۽ اهو ئي حال ترڪمان ۽ ايران ۾ وسندڙ قومن جو بہ آهي. ساڳي حقيقت بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ۾ آباد قومن تي بہ صادق اچي ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ بہ ڪا هڪ نسل جي قوم آباد نہ آهي. آثارن ۽ پارن مان معلوم ٿئي ٿو تہ پنج هزار سالن کان بہ اڳي وقفي وقفي ساڻ مختلف نسل جا لوڪ هتي آباد ٿيڻ شروع ٿيا. سڀ کان قديم قوم جيڪا هتي وسندي هئي، جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو سا ماڇي ۽ ميد قوم آهي، جيڪا سامونڊي ۽ دريائي ڪنارن سان گڏ گڏ رهندي هئي ۽ ڪشتي راني ۽ قذاقي انهن جو پيشو ئي بنجي ويو هو. بعد ۾ انهن ماڻهن زراعت جو پيشو بہ اختيار ڪيو. وچ ايشيا مان ڪثرت تعداد ۾ جيڪي قبيلا هتي آيا تن پاڻ کي سمراٽ يا سماٽ چوائڻ يعني معزز چوائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح قديم زماني ۾ عرب ۽ سامي نسل جا ماڻهو بہ هتي اچي آباد ٿيا هئا ۽ اسلام جي اُڀرڻ کانپوءِ تہ اهو سلسلو اڃا بہ وسيع ٿيو. افغانستان، ايران ۽ بلوچستان تہ اهڙا ملڪ آهن، جيڪي سنڌ سان بلڪل ملحق آهن. ترڪ وطن ڪرڻ وارا انسان انهن ئي رستن کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. بلوچ شروع کان ئي ڪثرت تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ٿي رهجي ويا. بلوچ لفظ جي معنيٰ آهي، باهمت ۽ طاقتور. تاريخ جي ابتدائي زماني ۾ ڀارت کان راجپوت ۽ ٻين نسلن جا ماڻهو بہ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. اهڙيءَ طرح اها بہ حقيقت آهي تہ ماضيءَ ۾ سنڌ مان ماڻهو نقل مڪاني ڪري آسپاس جي ديسن ۾ ۽ دور دراز ملڪن ۾ وڃي وسندا رهيا، جنهن جو مثال ڪاٺياواڙي برادريءَ جا ماڻهو آهن. 17 صديءَ ۾ اهي لوڪ خاص ڪري هالا، مٽياري ۽ ٺٽي مان هجرت ڪري ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ وڃي وسيا هئا ۽ ورهاڱي بعد انهن ئي لوڪن جو اولاد پنهنجي وطن ۾ واپس اچي ويو آهي. انهيءَ حقيقت کي جھٽلائي نہ ٿو سگھجي تہ گنگ و جمن وادي ۽ سنڌ جي واديءَ ۾ وسندڙ ڪيترا سارا ماڻهو هڪ ئي نسل سان واسطو رکن ٿا. ان کان علاوه هتي اهڙن قبيلن جي ڪثرت بہ پاتي وڃي ٿي، جيڪي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ بہ مشترڪہ طور وسن ٿا.
    اگر اسين جاگرافيءَ جي نقطہ نظر سان ڏسنداسون تہ سنڌ جو خطو عرب ۽ هند جي ٻہ واٽي تي بيٺل ملندو. سامي، آريا، منگول ۽ گھڻن سارن نسلن جو هيءُ آماجگاهہ هئڻ سبب هتي جي تهذيب ۾ ڪشادگي ۽ لچڪ جو پيدا ٿيڻ هڪ فطري امر هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي زبان ننڍي کنڊ جي اُها واحد زبان بنجي رهجي وئي آهي، جا ٻين ڀيڻن يعني تہ هند جي آريائي زبانن سان مماثلت رکندي بہ اُها بلڪل ئي هڪ انوکي زبان معلوم ٿيڻ لڳي ٿي. ان جو واحد سبب اهو آهي تہ سنڌي زبان اُها واحد زبان آهي جنهن ۾ آريائي ۽ سامي ٻنهي زبانن جا مادا مشترڪہ طور پاتا وڃن ٿا. سنڌ وطن شروع کان ئي انساني نسلن جي اختلاف جو گهوارو رهيو آهي ۽ مختلف نسلن جي ميل ميلاپ ۽ انهن جي سُٺاين ۽ خوبين مان ملي، جيڪا تهذيب اُسري وڌِي وِيجھي اُها ئي سنڌي تهذيب سڏجڻ ۾ آئي.
    تنهنڪري هتي جيڪو بہ اچي آباد ٿيو سو جلدي محبت ۽ رواداري سببان هتي جو ٿي رهجي ويو. سنڌي تهذيب جي جاذبيت هر هڪ کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي ٿي. مختلف نسلن ۽ قبيلن جا ماڻهو هن ڌرتيءَ جي رنگ ۾ ايترو رچي بسي ويا جو انهن جو ڪو بہ وجود باقي نہ رهي سگھيو. هنن جي اجتماعي ۽ قوميتي سڃاڻپ فقط سنڌي بنجي رهجي وئي. البتہ علحده علحده ذاتين ۽ قبيلن جا نالا اڃا تائين زنده هلندا اچن پيا، پر اُهي تہ محض ذاتي سڃاڻ جي هڪ وسيلي تائين محدود رهجي ويا آهن.
    دراصل سنڌ جي تهذيب جو لسٻيلي، سبي، بهاولپور، ديره غازي خان، ڪڇ ۽ مڪران تائين پهرين کان ئي هڪ همئگير اثر رهيو آهي. ڇو تہ هتي جي ماڻهن جو فڪر، لباس، زبان، ادب ۽ شاعري ۽ ٻين تمام گھڻن تهذيبي طور طريقن ۾ يگانگيت پاتي ويندي آهي. پر ان حقيقت کان بہ ڪو انڪار نہ ڪري سگھندو تہ سنڌي مسلم تهذيب، پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ بعد زياده ڦل ڦول ڪڍيا ۽ حقيقي طور تي پروان چڙهي آهي. مهاجر ڀائرن جي هتي آباد ٿيڻ کانپوءِ سنڌي معاشرت ۾ تمام خوشگوار اثرات ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي تهذيب پهرين کان زياده مضبوط ۽ مربوط ٿيڻ لڳي. شروع شروع ۾ تہ مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن درميان هڪ قسم جي ڌاريائپ ڏٺي ويندي هئي، ڇو تہ ٻنهي جي زبان تهذيبي اطوارن ۽ خاص ڪري لباس ۾ نمايان فرق ڏسڻ ۾ ايندو هو. ليڪن هندستان کان ترڪ وطن ڪري ايندڙ باشندا جلدي سنڌي ماحول ۾ گھلي ملي ۽ رچي بسي ويا. سنڌ جي ڌرتيءَ جي سُرهي سڳنڌي خوشبوءِ ۽ سنڌو دريا جي پاڻيءَ شايد پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي تهذيب جو درخت ڏسندي ئي ڏسندي تناور ٿي اُسريو بيٺو. اگر سنڌي مسلمان مهمانواز ۽ وسعت نظر جا حامل هئا تہ مهاجر ڀائي بہ وڏا هنرمند، فراخدل، خوش خلق ۽ خوش اطوار ثابت ٿيا. ڏسندي ئي ڏسندي ٻن نسلن جي ميلاپ ۽ آزاديءَ جي دولت جا ثمرات ظاهر ٿيڻ لڳا. مهاجرن کي هتي اچي هڪ قسم جو سڪون نصيب ٿيو. کين ايئن ڪجھہ محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ تہ طويل ۽ ڪٺن جدوجھد کانپوءِ هنن کي ڪو پنهنجو گھر ملي ويو هجي. سنڌي معاشرو جيڪو اڳوڻين پراڻين روايتن ۾ وچڙي رهجي ويو هو، تنهن کي ان کان ڇوٽڪارو ملي ويو. هاڻي قبيلائي تعصبات ختم ٿيڻ لڳا. ٻن مختلف ذاتين جي رشتيداريءَ خلاف ڳالهہ نہ رهي، جيئن پهرين ٿيندو هو. نسواني آزاديءَ جي هوا هلڻ لڳي. اردو زبان جي واقفيت ۽ مطالعي مان بہ اهل وطن وڏو فائدو ورتو، جنهن مان سنڌي ادب ۾ هڪ نئون تنقيدي انداز ۽ اسلوب پيدا ٿيو.
    لباس تہ انسان تن ڍڪڻ لاءِ ئي ايجاد ڪيو هو. بلاشڪ بري آدميءَ کي ڪهڙو بہ عمدو لباس پهرايو، پر سندس برائيءَ ۾ ڪو بہ فرق نہ ايندو. پر پوءِ بہ فرد جي شخصيت ۾ نکار آڻڻ لاءِ لباس جي جيڪا اهميت آهي ان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگھجي؟ ملڪن ۽ ديسن ۾ لباس بہ موسم آهر ۽ فيشن جي معيار مطابق بدلجندا رهندا آهن. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي تہ ”کائجي دل پسند ۽ پهرجي لوڪ پسند“. يعني تہ ماڻهوءَ کي کاڌو اهو ئي کائڻ گھرجي جيڪو سندس دل چاهي، پر پهرڻ جو معاملو ٻيو ڪجھہ آهي. ڇو تہ سوسائٽيءَ ۾ اُٿڻ ويهڻ ۽ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري لباس فقط اهو ئي پائڻ مناسب آهي، جنهن جو عوام ۾ رواج هجي. جو ٻين ڏسندڙن کي بہ پسند اچي. ٻي صورت، ٻي روش ۾، مختلف لباس هئڻ سان انسان جي پوري شخصيت کلڻ هاب بنجي رهجي ويندي. پر ڪجھہ لباس تہ اهڙا آهن جيڪي بين الاقوامي طور تي پسند ڪيا وڃن ٿا. انگريزي سوٽ پائي توهان ڪنهن بہ ديس ۾ هليا وڃو، ليڪن توهان اجنبي ڪو نہ لڳندا. ساڳيءَ طرح اڄ سلوار ۽ قميص جو سوٽ (يڪسان جوڙو) پائي توهان پاڪستان جي ڪهڙيءَ بہ ڪنڊ ۾ هليا وڃو، ليڪن انهيءَ ڊريس جي سببان توهان جي شخصيت هر جڳهہ باوقار لڳندي.
    پاڪستان کان اڳ ۾ سنڌي مسلمان جو شاهاڻو لباس سلوار ۽ قميص ئي هوندو هو ۽ مٿي تي عموماً اڄ تائين بہ اها ئي زريدار ۽ ستارن واري سنڌي ٽوپي پاتي ويندي هئي. اها سادي کان سادي بہ ملي وڃي ٿي تہ تمام مهانگي اگھہ ۾ بہ دستياب آهي. غريب، وچولو ۽ شاهوڪار طبقو هر هڪ پنهنجي استطاعت جي مطابق ان کي خريد ڪري پائي ٿو. قميص جي مٿان ڪوٽ يا واسڪوٽ پائڻ جو رواج بہ رهيو آهي. ٽوپيءَ کان علاوه سر تي ڦولدار پٽڪو ٻڌڻ جو رواج بہ عام هو. ايتري قدر جو زميندارن کان علاوه بہ عزتدار ماڻهو شوق سان پٽڪو ٻڌندا هئا. عموماً بوسڪي يا سفيد پاپلين ۽ بافتي جي ڪپڙي مان بنايا ويندا هئا ۽ اهڙن اهڙن شاندار نمونن سان ٻڌا ويندا هئا جو مردانہ وجاهت ۽ شان ۾ چار چنڊ لڳي ويندا هئا.
    ليڪن اها ڳالهہ ياد رکڻ جي قابل آهي، تہ سنڌي هندو ڪڏهن بہ سلوار نہ پائيندو هو، کڻي هُو مسلمانن جي وچ ۾ ڇو نہ رهندو هجي. ان حد تائين جو مسلمان ۽ هندو جي سنڌ ۾ سڃاڻپ سلوار ۽ پاجامو ٿي رهجي وئي هئي. سنڌي خواجہ ماڻهو جيڪي شهرن ۽ وڏن قصبن ۾ رهندا هئا تن جي گھڻائي بہ پاجامو ئي پائيندي هئي. مون سيلاٽن کي بہ اڪثر پاجامو پائيندي ڏٺو هو. پنجابي مسلمان آفيسر بہ گھريلو لباس ۾ پاجامو زياده استعمال ۾ آڻيندا هئا. بعض پڙهيل لکيل سنڌي مسلمان بہ هندن جي سنگ ۾ پاجامو پائڻ لڳا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اتفاق بہ ٿيندو هو جو اهڙي شخص کي ڪنهن مجلس ۾ بي اختيار چوڻو پوندو هو تہ ”هُو مسلمان آهي ۽ هندو ناهي!“
    آزاديءَ کان پوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان مسلمان جوق درجوق سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيا. پهرين پهرين تہ هڪ عجب جهڙو منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو. شهرن جي رستن تي عجيب و غريب لباس ۾ ملبوس ماڻهن جا جھرمٽ جمع هوندا هئا ۽ طرح طرح جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هر شخص ٻئي کي اوپري اک سان ڏسندو هو، تاهم سڀني لوڪن ۾ اسلامي شعائر هڪ اهڙي گڏيل شَي هئي، جنهن سان هر فرد ٻئي کي پنهنجو هم مشرب ۽ ڀاءُ سمجھندي مدد ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ايندو هو. نون ايندڙن کي حقيقت ۾ جا چيز عجيب و غريب لڳي رهي هئي سا مقامي ماڻهن جي ڊريس سلوار ئي هئي ۽ ڪجھہ عرصي تائين تہ نوان لڏي ايندڙ ماڻهو ان کي پائڻ کان ڪترائيندا هئا. هيءُ اُهو زمانو هو جڏهن اسان جي ڇوڪراڻي عمر هئي. تاهم ان دور جا ڍير سارا جيڪي دلچسپ واقعات اسان جي مشاهدي ۾ آيا اهي اڃا بہ ذهن مان مِٽجي ڪو نہ سگھيا آهن. ترڪ وطن ڪري ايندڙ هڪ نؤجوان جو واقعو مون کان اڃا تائين بہ ڪو نہ وسريو آهي. اسين چار پنج دوست انهيءَ زماني ۾ شام جو هر روز ڪنهن باغ ۾ سير و تفريح لاءِ نڪري ويندا هئاسون. ان ڏينهن اسين پريم پارڪ ۾ ويٺا هئاسون. روزمره مطابق اسين پنهنجي گپ شپ ۽ کل مذاق ۾ مشغول هئاسون. جو اوچتو ٻي طرف هڪ ليٽيل جوان تي نظر پئي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ هُو ايذاءَ کان ڪنجھي رهيو هو. ويجھو پهتاسون تہ ايئن ئي معلوم ٿيو. هُو اصل ۾ وَٽجي سٽجي رهيو هو. اسان سندس تڪليف معلوم ڪرڻ ۽ مدد ڪرڻ چاهي. پهرين تہ هو ڇوڪرا ڏسي اهو سمجھي ويٺو شايد اسين سندس مذاق اڏائڻ لاءِ آيا آهيون. هُو ڪجھہ زياده ئي دکي ٿيڻ لڳو. ليڪن پوءِ هن جي اها غلط فهمي انهيءَ دم دور ٿي وئي. جنهن جي ڪري بنان ڪنهن جھجھڪ جي هن پنهنجي مصيبت بيان ڪري وڌي ۽ اسان کي مدد لاءِ بہ منٿ ڪئي. هُو ڪامرس جو گريجوئيٽ هڪ گجراتي نوجوان هو، جو ايئن ئي پنهنجي شهر کان نڪري پيو هو ۽ هندستان کان هتي حيدرآباد اچي پهتو. پنهنجي ڪنهن بہ عزيز يا تعلقدار کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي مايوسيءَ کان ليٽيو پيو هو. پيسا ختم ٿي وڃڻ ڪري هُو ٻن ڏينهن کان بکايل بہ هو. هونئن بہ انقلاب جي ابتدائي ڏينهن ۾ ماڻهو مقامي ۽ غير مقامي جي امتياز کانسواءِ هڪ ٻي جي مدد لاءِ ڊوڙي ايندا هئا. اسان بہ اهو ئي ڪجھہ ڪيو. ان نوجوان کي اسان اتان ئي ڪيڪ بسڪوٽ گھُرائي کارايا ۽ چانهہ پيئاري، تازو توانو ڪيو. پوءِ سندس عملي مدد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ سوچ ويچار ڪري فيصلو بيهاريو. گجراتي نوجوان کي اسان پاڻ سان گڏ محلي ۾ وٺي آياسون. اسان جي پاڙي ۾ شاهہ جي هوٽل هوندي هئي. اسان کيس ان مصيبت ماريل نوجوان جو احوال سڻائيندي ٻڌايو تہ اسين چاهيون ٿا تہ صرف ڪجھہ ڏينهن تائين هن جي رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ٿي وڃي. جيستائين هُو پنهنجي ڪنهن عزيز يا برادريءَ جي ڪنهن فرد کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. شاهہ نيڪدل شخص هو، جنهن بخوشي قبول ڪري ورتو. هاڻي هيءُ گجراتي شخص رات جو ان هوٽل ۾ ئي سمهي پوندو هو. صبح جو ناشتو بہ کيس شاهہ صاحب هوٽل مان ڏئي ڇڏيندو هو. محلي مان ٽيهہ روپين جي رقم گڏ ڪري هن جي هٿ ۾ ٿمائي، جيئن کيس اچڻ وڃڻ ۾ دقت نہ ٿئي. اسان هن لاءِ ٻپهرن ۽ رات جي مانيءَ جو انتظام بہ ڪري رکيو هو. ليڪن هُو صبح جو نيرن ڪري نڪري ويندو هو ۽ پوءِ رات جو ئي موٽندو هو ۽ کاڌو کائي سمهي پوندو هو. اسان جي پڙ ۾ ماڻهن جي عام استعمال لاءِ ميونسپالٽيءَ جو نلڪو بہ لڳل هوندو هو. هُنَ ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا پاجامو ۽ قميص ڌوئڻ لاءِ صابڻ گھريو. ڇو تہ کيس پائڻ لاءِ ٻيو ڪو جوڙو ڪو نہ هو ۽ جيڪو پاجامو هو سو بہ هڪ ٻن هنڌان ڦاٽي پيو هو ۽ اها صورتحال ڪافي اڻ وڻندڙ هئي. تنهنڪري اسان جي هڪ دوست از راه همدردي گھران پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قميص ۽ سلوار کڻي آيو ۽ گجراتي نوجوان کي ڏيندي چيو ”ڀائي تنهنجو پاجامو ڦاٽي چڪو آهي، جيستائين تنهنجي نئين ڊريس جو بندوبست ٿي وڃي تون هِي ڪپڙا پائي وٺ“. نوجوان قميص تہ هڪدم پائي ورتي ليڪن اسان جي تمام گھڻي اصرار ڪرڻ جي باوجود بہ هُو سلوار پائڻ تي راضي نہ ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”سلوار پائڻ ۾ مون کي شرم ٿو محسوس ٿئي“. پوءِ هن پنهنجي هٿ سان سُئي سڳي سان پاجامو ٽاڪيو ۽ پائي روانو ٿي ويو. اسين واقعي انهيءَ ڳالهہ تي حيران رهجي وياسون تہ ڀلا سلوار پائڻ ۾ شرم ڇو ٿو اچيس؟“ اسان جا سنڌي مسلمان ڀائر تہ اهو خيال ڪندا هئا تہ انگريز جي پتلون ۽ هندوءَ جي پاجامي کان مسلمان جي سلوار زياده بهتر لباس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ ان سان انسان جي اوگھڙ چڱيءَ طرح ڍڪجي سگھي ٿي. چند ڏينهن کانپوءِ ئي گجراتي نوجوان کي ڪنهن طرح پنهنجي عزيزن جو پتو ملي ويو ۽ هُو ڪراچيءَ ۾ وڃي نوڪريءَ سان لڳي ويو. اسان جي پوءِ ساڻس ڪڏهن بہ ملاقات ٿي نہ سگھي. پر هاڻي هُو ڀائي بہ سلوار پائڻ ۾ يقيناً عار محسوس نہ ڪندو هوندو.
    اهڙو هڪڙو واقعو مون ساڻ بہ ٿيو. پاڪستان جي وجود کي بہ اڃا ڪجھہ سال ئي گذريا هئا. شايد 1952ع جو زمانو هو. آئون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوٽ جي گھر ڪجھہ ڏينهن جي لاءِ وڃي ترسيس. شام جو جڏهن آئون حسب عادت سلوار قميص جو نئون ڌوتل وڳو پائي ٻاهر نڪرڻ لڳس تہ هُو مون کي چوڻ لڳو، ”اڙي ادا اهو ظلم نہ ڪر، هتي سلوار پائي ٻاهر گھمڻ نڪرندين تہ ماڻهو تو کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندا. پينٽ پائي وٺ ۽ پنهنجو پاڻ کي عجوبو بنجڻ نہ ڏي!“ ليڪن آئون پوءِ بہ سلوار ۾ ئي ٻاهر نڪري ويس. ڪنهن منهنجي متعلق ڇا سوچيو هوندو يا ڇا جي ڪري سوچيو هوندو اهو تہ پتو نہ لڳي سگھيو، پر اها حقيقت هئي تہ نہ ڄاڻ ڇو آئون پنهنجو پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪري رهيو هئس.
    حقيقت اها آهي تہ زبان ۽ لباس جي سببان انسان ساري مخلوقات ۾ اشرف مڃيو ويو آهي. ڪنهن لباس کي بہ ڀلا ڀلو يا برو ڇا جي ڪري چئي سگھجي ٿو؟ چاهي اهو ڪنهن بہ قوم جو ڇو نہ هجي! هر قوم جو لباس هن جي پنهنجي حسن ۽ جمال جي ذوق جو ترجمان ٿيندو آهي. دراصل انسان رسم و رواج يا ماحول جي تابع رهندي ڪنهن مخصوص لباس جو خوگر بنجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ئي لباس کي زياده سهڻو ۽ سٺو سمجھڻ لڳي ٿو نہ تہ ڪنهن بہ قوم جو لباس بہ خوبيءَ کان خالي نہ هوندو آهي. مهاجرن جي حسن نگاهہ ۽ ذوق لطيف کي بہ داد ڏيڻ کپي. ڇاڪاڻ تہ هنن مسلمان ڀائرن پنهنجي نئين وطن ۾ ايندي ئي سلوار ۽ قميص کي پنهنجو لباس ڪري ورتو. چند سالن ۾ ئي ماحول جو رنگ بدليل ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. مون ڏٺو تہ وڏا پوڙها بزرگ، معزز ۽ امير ۽ غريب سڀ لوڪ ايستائين جو عورتن ۽ مردن بنان فرق جي ايتري قدر تہ سنڌي لباس کي پنهنجو ڪري ورتو، جو سندن نئين نسل کي اهو ڄاڻي تعجب ٿئي ٿو تہ هندستان مان ايندڙ اسان جي بزرگن جو ڪو بہ ٻيو پهرڻو هوندو هو!
    سنڌ جي باشندن درميان لباس جو فرق تہ بلڪل ئي مِٽجي ويو آهي. ڇا سنڌي هجي ڇا مهاجر، پٺاڻ هجي يا هندو، عيسائي هجي يا وري ايراني، رتبي جي لحاظ کان ننڍو يا وڏو، معاشري جي ڪنهن طبقي سان بہ وابستہ هُجي، هُو سلوار ۽ قميص جو سوٽ زيب تن ڪري فخر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ڀلا صرف سلوار ۽ قميص جو ئي تذڪرو ڇو ڪجي؟ مون تہ سنڌ جي سڀني شهرن، ٻيو تہ ٺهيو ڪراچيءَ ۾ عورتن کي اجرڪ پائيندي ڏٺو آهي. اجرڪ کي عزت، شان ۽ تقدس جو لباس تصور ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ ۾ شوخ رنگ ۽ بيل ٻوٽا هوندا آهن، جنهن ڪري عورتون ان کي شوق سان پائينديون آهن. اجرڪ پائڻ سان هُو پنهنجي حسن کي خود بہ خود نکرندو محسوس ڪرڻ لڳنديون آهن. جيئن ڪنهن وڻ ۾ ڳاڙها گل ٽڙيا هجن ۽ ٽارين مان لڏندڙ پن گلن کي ڍڪڻ جي ڪوشش ۾ مگن هجن. اسان جا مهاجر ڀائر تہ سنڌي لباس کي تمام گھڻو پائين ۽ پسند ڪن ٿا. توهان سنڌ جي ڪنهن بہ شهر مان گذرندا هجو. توهان کي رستن تي گھمندا ڦرندا تمام گھڻا شخص منهن چڙهندا جن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل ملندي. ڇا هي سڀ جا سڀ ماڻهو سنڌي الاصل آهن؟ نہ يار نہ. هي وطني ڀائر تہ ضرور آهن، ليڪن سڀ جا سڀ پراڻا سنڌي هرگز نہ آهن. انهن ۾ مهاجر ڀائرن جو تعداد بہ ڪافي موجود آهي. خود منهنجا ڪيترا مهاجر احباب ۽ هم ڪار رفيق سلوار قميص کان علاوه مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن تي اجرڪ رکندا گھمندا ڦرندا ۽ ڪچهرين ۾ اُٿندا ويهندا آهن. اڃا ڪجھہ ٿورا ڏينهن گذريا آهن جو هڪ اهڙو حسن اتفاق ٿيو، جنهن جو هتي بيان ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نہ هوندو. چند روز اڳي آئون هڪ اهڙي مجلس ۾ شريڪ ٿيس جتي ٻيا بہ ڪيترا سارا پروفيسر صاحبان شريڪ ڪار هئا. هاڻي اهو هڪ رواج بنجي ويو آهي تہ مهذب قومي ڍنگ اختيار ڪرڻ ۽ شخصي وقار وڌائڻ خاطر هر موقعي ۽ مهل تي قومي لباس يعني سلوار ۽ قميص پائڻ پسند ڪيو وڃي ٿو. مون جو چئن ئي پاسي نظر ڊوڙائي، ان ساڳي مانوس لباس ۾ ماڻهو نظر آيا، پر منهنجي نظر يڪايڪ هڪ اهڙي شخص تي مرڪوز ٿي وئي، جنهن جو خاص سبب سندس پوشاڪ هئي. هُو مڪمل ۽ خوبصورت سنڌي ڊريس پهريل هو. خاص ڪري مٿي تي هڪ نهايت عمدي سنڌي ٽوپي پاتل هئس، جنهن هر ڪنهن جي نگاهہ کي ڪشش پئي ڪيو ۽ ان شخص جي وڳي تي اها ٽوپي تمام ٺهڪي پئي. هيءُ اسان جو مهربان دوست ڪفيل احمد خانزادو هو. هُو صاحب پروفيسرن جي پرائيويٽ ڪيڊر جي يونين جو سرڪردو رهي چڪو آهي ۽ انهيءَ سبب استادن جي حلقي ۾ مقبول بہ رهيو آهي. اسان جا شروع کان ئي پاڻ ۾ دوستانہ تعلقات رهيا آهن. منهنجي احبابن جي حلقي ۾ اهڙا اردودان صاحب بہ آهن، جيڪي سنڌي مادري زبان وانگر روانيءَ سان ڳالهائيندا آهن ۽ ڪفيل بہ انهن مان هڪ آهي جو صاحب سنڌي زبان تمام خوبصورتيءَ سان ادا ڪندو آهي. جڏهن اسين بغلگير ٿي ملياسين تہ مون خوش طبعيءَ خاطر کيس چئي ڏنو تہ ”ڪفيل صاحب اڄ تون مون کي جيئي سنڌ تحريڪ جو قومي ڪارڪن پيو لڳين“. منهنجي ڳالهہ تي ڪنهن ٻي دوست ٺوپڪَ ٻڌي چئي ڏنو ”ڏسجئين متان ڪو لڪل گوريلو نہ هجي“. بهرحال اهو مذاق بہ خوب ٿيو. اسين سڀ دوست خوب کلياسون ۽ کلي کلي کيرا ٿياسون. ڳالهہ ٻڌائڻ جو اهو مقصد هو تہ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ئي سنڌي لباس جو حقيقي شان وڌيو آهي ۽ ان جي عزت ۽ منزل وڌائڻ ۾ سنڌ جي نون باشندن جو خصوصي عمل ۽ ڪردار رهيو آهي، جن ماڻهن بغير ڪنهن اعتراض ۽ تفاوت کانسواءِ وطني لباس کي مقبول عام بنايو. اسان جا مهاجر دوست سنڌ کان هندستان ويندا آهن، تڏهن اُتي بہ انهيءَ لباس ۾ هلندا گھمندا آهن، جو هينئر اهو سندن پنهنجو لباس بنجي ويو آهي. هڪڙي دوست اها ڳالهہ ٻڌائي تہ جڏهن هو اجمير ۽ جيپور ۾ هئا، تہ سنڌي هندن کين سلوار ۽ قميص ۾ ڏسي اهو سمجھندي تہ هُو سنڌ مان آيا آهن، سندن گھڻي آئو ڀڳت ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ اهو ئي لباس ايوان حڪومت، ديوان انتظاميہ ۽ مجالس ۽ مشاورت کان علاوه دولتخانن ۽ غريبخانن جو بيڪ وقت امتيازي شان شوڪت بنجي ويو. ڇا حاڪم هجي ڇا وزير، ڊاڪٽر هجي يا پروفيسر يا وري ڪلارڪ ۽ عام ماڻهو يا وري مزدور، هر هڪ فرد جو اهو ئي لباس زيبائش بنجي ويو.
    قبل پاڪستان، سائينءَ جوڙيا سفيد پوش سنڌي عام طرح پڻئي جي سلوار ۽ پاپلين جي قميص پائيندا هئا. پاپلين رنگدار ۽ مختلف ڊزائينين ۾ سوٽي ڪپڙو هوندو هو. خاص ڪري انگلينڊ جي ٽوباءِٽو پاپلين نفاست ۽ جٽاداريءَ ڪري مقبول هوندي هئي. شاهوڪار ۽ زميندار سنڌي مسلمان ڊبل گھوڙا چائنا بوسڪي جي سلوار قميص جو سوٽ پهري پنهنجي اميري شان جو ڏيک ڪندا هئا. ليڪن هاڻي جي ڳالهہ ئي ڪجھہ ٻي آهي. عموماً سلوار ۽ قميص يڪ رنگ ۽ هڪ ئي ڪپڙي مان تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي ميچڱ واسڪوٽ پائڻ جو رواج بہ ٿي ويو آهي. جهڙيءَ طرح انگريزي ڪوٽ ۽ پتلون جو فل سوٽ ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح سلوار ۽ قميص جي سوٽ جي لباس جو رواج بنجي ويو آهي. فيشن جي اندازي سان قميص کي خصوصي طور تي ٺاهيو وڃي ٿو. ڪالر، پليٽ، ۽ جيبن وغيره کي مختلف زاوين کان ڊزائينس بنائي انهن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. لباس جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ عربي ۽ عجمي ڊريسن ۾ سلوار ۽ قميص جو جوڙو خوبصورت ترين ڊريس ٿئي ٿو. انگريزي پتلون بعد انساني قدوقامت ۽ شخصي نکار لاءِ اهو ئي هڪ سٺو ۽ سهڻو لباس مڃيو وڃي ٿو. سموري پاڪستان اندر زنانہ ۽ مردانہ ڪپڙن ۾ سلوار ۽ قميص جي ڪپڙن جي تمام گھڻي طلب رهي آهي. متعدد ڪارخانا نت نوا حسين ۽ پرڪشش ڪپڙا ٺاهڻ ۾ مقابلو ڪندا رهن ٿا ۽ ريڊي ميڊ ڪارخانا ۽ ورڪشاپون نئين ڊزائينن مان سلوار قميص بنائڻ ۾ مصروف رهندا اچن ٿا، پر وري بہ سلوار ۽ قميص جي ملبوسات جي گھر آهي جا ساڳئي وقت وڌندي ئي وڃي پئي!
    سنڌي مسلمان اجرڪ کي اسلامي شعائر ۽ روايات جو پاسدار سمجھي ٿو، (حالانڪ تاريخي طور اها فقط ديسي روايت ثابت ٿي آهي)، جنهن جي سببان سنڌي معاشري ۾ هميشہ ان کي هڪ تقدس حاصل رهيو آهي. اهو رواج بہ هميشہ کان هلندو اچي پيو تہ جڏهن ڪنهن فرد جي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ مقصود هوندو آهي تہ ان جو اظهار اجرڪ پارائي ڪيو ويندو آهي. هاڻي اها اجرڪ بہ ساري پاڪستان ۾ مقبول ٿيندي پئي وڃي. اڃا ڪجھہ ئي ڏينهن گذريا آهن جو ٽي وي تي هڪ اهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو. اسان جي محترم صدر غلام اسحاق خان ۽ اسان جي محترمہ وزيراعظم بي نظير ڀٽو ڪنهن تقريب ۾ تشريف فرما هئا ۽ وڏين وڏين شخصيتن سان مضائقي ڪرڻ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ پئي آيا. ليڪن جيڪا قابل‌ديد ڳالهہ هئي سا اها هئي تہ انهن ٻنهي جون شخصيتون اجرڪ جي باعث زياده تاب ڪري رهيون هيون.
    جيستائين سنڌي ۽ مهاجر تهذيب ۾ يڪسانيت جو سوال آهي تہ اهو اشتراڪ عمل جو پراسيس جاري ۽ ساري هلندو اچي. سنڌ جي نون ۽ پراڻن باشندن درميان هاڻي کانن جو فرق بہ مِٽجندو وڃي. سنڌي ماڻهو هاڻي حليم، ڪڙاهي ۽ نهاري وغيره جهڙا کاڌا گھڻي شوق سان کائين ٿا. ورنہ هو انهن کاڌن جي لذتن کان ايتري قدر محروم هئا جو چکڻ کان بہ دور ڀڄندا هئا. پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃا چند مهينا ئي ٿيا هئا. اسان جي پاڙي ۾ چند قدم اڳيان هڪ جاءِ ۾ بندو خان اچي رهيو هو. هن جا اسان جي ماما سائينءَ سان تمام گهرا واسطا ٿي ويا هئا. هڪ ڏينهن هن گھر ۾ ڪنهن سادي تقريب جو اهتمام ڪيو هو ۽ پنهنجي عزيزن کان علاوه اسان جي ماما کي بہ مدعو ڪيو هو. ليڪن خبر نہ آهي تہ اسان جو مامو سائين دعوت کائڻ کان ڇو ڪترائي رهيو هو. بهرحال پاڻ اسان ننڍڙن کي، پنهنجي وڏي فرزند ۽ مون کي گھُرائي اها تاڪيد ڪيائين تہ هُو خود تہ ڪنهن ڪم ۾ مصروف آهن، تنهنڪري اسين دعوت ۾ وڃي شريڪ ٿيون. اسان وقت تي اتي پهچي وياسون. دڪان ٻاهران گلم وڌا ويا هئا ۽ مٿان چادرون وڇايل هيون. دعوتي حضرات سليقي سان ويٺا هئا. کائڻ لاءِ پليٽون سامهون رکجڻ شروع ٿيون. پر خبر ناهي تہ اسان کي اهو کاڌو ڇو راس نہ پئي آيو. اسان اهو بہ اندازو لڳائي نہ پئي سگھياسون تہ ڪهڙي شڪل رڌل آهي. شايد حليم هو يا وري دال دليو هو، يا ٿي سگھي ٿو تہ اٽي جي ڪوفتن جو سالن هجي. بهرحال ٻوڙ جو رنگ روغن دل کي نہ پئي وڻيو ۽ اسان جي ڪمبختي اها ٿي جو اسين رزق کي ايهين ئي ڇڏي اُتان اهڙو گم ٿياسون جهڙو گڏهہ جي مٿي تان سڱ! بلڪل اهڙيءَ طرح اسان جي مهاجر ڀائرن جي دل کي سنڌي کاڌا ڪو نہ وڻندا هئا. پر هاڻي هنن کي بہ سنڌي کاڌن جو ذائقو وات تي چڙهي ويو آهي، ۽ هُو ٻين کاڌن کان علاوه خالص سنڌي ڊش جنهن ۾ مڇي پلاهہ ۾ رڌل هوندي آهي، سا بہ وڏي شوق سان کائين ٿا. حقيقت اها آهي تہ سنڌ جي نوَن ۽ پراڻن لوڪن جا کاڌا ’يڪ آميزه‘ بنجندا پيا وڃن. ورنہ سنڌي کاڌا لذيذ تہ هوندا هئا ليڪن چٽپٽا ۽ مصالحيدار گھٽ ٿيندا هئا ۽ هاڻي نوان سنڌي بہ ٻوڙ ۾ ڪڙاڻ پهرين کان گھٽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن، ۽ انهن ۾ ادرڪ جو مقدار بہ اڳي کان گھٽ ٿئي ٿو.
    دراصل کاڌن جو تہ اڄ ڪلهہ سموري دنيا ۾ هڪ بين‌الاقوامي ڪلچر اڀرندو نظر اچي رهيو آهي. توهان کي مختلف ملڪن جا ماڻهو هڪ جهڙا کاڌا کائيندا ملندا. چائنيز کاڌا، برگر، سينڊوِچ، سُوپ، ۽ ٻيو فاسٽ فوڊ ساري عالم ۾ جت ڪٿ مرغوب کاڄ بنجي ويو آهي. پنهنجي ملڪ اندر بہ هڪ وسيع تر پاڪستاني معاشري جي تعمير ٿيڻ لڳي آهي. جنهن ۾ ماڻهو پشاوري، لاهوري، سنڌي ۽ هندستاني سڀني قسمن جا کاڌا پسند ڪرڻ لڳا آهن. شاهانہ دعوتن ۽ هوٽلن ۾ چپلي ڪباب، ڪڙاهي گوشت ۽ چرغہ مرغي وغيره جهڙا مختلف کاڌا عموماً کاڌا وڃن ٿا، جيڪي اڄڪلهہ مزيدار غذا ۾ شمار ٿين ٿا ۽ دعوتن ۾ شوق سان طلبين ٿا.
    قومن جو لباس ۽ کاڌا تہ مخصوص ٿيندا ئي آهن، ليڪن جا چيز ڪنهن قوم جي سڀ کان وڏي شناس ٿيندي آهي، سا ان جي پنهنجي زبان ٿيندي آهي. زبان معاشرت ۽ تهذيب جو هڪ حساس مگر طاقتور آلو ٿئي ٿي، جنهن سان فردن ۽ شخصن جي وچ ۾ رابطن جو دارومدار رهي ٿو. جذبات ۽ خيالات جي ترجمانيءَ جو حق صرف زبان سان ئي ادا ٿي سگھي ٿو. پاڪستان کان اڳ سنڌي زبان سنڌ جي واحد عوامي ۽ سرڪاري زبان هئي، جا سنڌ جي گوشي گوشي ۾ گونجندي هئي. اها پوري صوبي جي تعليمي ۽ ادبي زبان بہ هئي تہ پارليامينٽري، دفتري ۽ عدالتي زبان بہ هوندي هئي. ايستائين جو مرڪزي کاتن جا فارم ۽ هدايتون وغيره بہ اسان جي علائقي لاءِ فقط سنڌي زبان ۾ ڇپجي ايندا هئا. بيروني ملڪن جون ڪمپنيون پنهنجي مال کي مشتهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان جو سهارو وٺنديون هيون، ۽ فارماسيوٽيڪل ڪمپنيون پنهنجي دوائن جون خصوصيتون سنڌيءَ ۾ لکنديون هيون. المختصر تہ هتي سنڌ ۾ سنڌي زبان جو چلن عام بنجي رهجي ويو هو. ان حد تائين جو ڪو بہ ڪنهن بہ علائقي جو باشندو اگر سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيندو هو تہ بي اختيار هُو اها ئي زبان استعمال ڪرڻ لڳندو هو ۽ اها سندس فطرت ثاني بنجي ويندي هئي. اسان جا مهاجر ڀائر بہ هڪ نهايت ئي مهذب، ترقي‌يافتہ ۽ ادبي لحاظ کان هڪ زرخيز زبان پاڻ سان گڏ کڻي آيا. اردو زبان کي هڪ وسيع تر زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ اها هندستان ڀر ۾ مقبول ۽ رابطي جي زبان طور رائج هئي. ورهاڱي جي ابتدائي دور ۾ ڪجھہ عرصي لاءِ نون ۽ پراڻن لوڪن کي پاڻ ۾ اظهار خيال ڪندي دقت پيدا ٿيندي هئي. ايتري قدر جو سنڌي ۽ مهاجر هڪ ٻي جي ڳالهہ سمجھي بہ نہ سگھندا هئا. ليڪن اها ديوار ڊهندي ڪا گھڻي دير ڪا نہ لڳي. جنهن جا ڪي ٺوس سبب آهن. اگرچ سنڌ جو عام آدمي اردو زبان کان اڳ ۾ ڪا بہ آشنائي نہ رکندو هو ۽ ٻي طرف اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي زبان هڪ انوکي زبان جي حيثيت رکندي هئي، تنهن هوندي بہ ٻنهي زبانن ۾ گھڻيون ئي هڪجھڙايون بہ هيون. خاص طور ٻنهي جو سرچشمہ حيات هڪڙو ئي هو. يعني تہ ٻئي ٻوليون فارسي ۽ عربي لفظن مان سيراب ٿينديون هيون، ٻئي زبانون اسلامي تمدن جو پسمنظر رکنديون هيون. ان سببان سنڌي توڙي اردو ٻولين جي الفابيٽ جو ماخذ هڪڙو ئي سرچشمو هو. ٻنهي قومن جي تهذيبي ميلاپ جا جلدي مثبت اثرات نڪرڻ شروع ٿيا. تنهنڪري ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ماڻهو روانيءَ سان اردو ڳالهائڻ لڳا. درسگاهن ۾ بہ سنڌي شاگرد شوق سان اردو پڙهڻ لڳا. سنڌي تعليم يافتہ افراد بہ اردو زبان ۽ ادب ڏانهن راغب ٿيڻ لڳا ۽ سنڌيءَ جا عالم اردو لتريچر مان استفادو وٺڻ ۾ منهمڪ ٿي ويا. دراصل اردو زبان جيئن تہ سهل ۽ لچڪدار هئي، جنهن سبب مقامي ماڻهو بہ جلدي ان طرف مائل ٿيڻ لڳا. ان کان علاوه اردوءَ جي پاڪستان گير اهميت جي پيش نظر مقامي اديب ۽ فنڪار اردوءَ جي دلڪشيءَ جا اسير بڻجي ويا. هاڻئ بہ اردو ڊراما لکڻ وارن ۾ سنڌي اديبن جو ڪثير تعداد ان ڳالهہ جو شاهد آهي.

    سنڌي ۽ مهاجر ماڻهن جي معاشرتي لاڳاپن جو اهو اثر نڪتو جو ٻئي ٻوليون هڪ ٻي تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. ايستائين جو مهاجرن جي لب لهجي ۾ بہ سنڌي زبان جا نمايان اثر موجود آهن ۽ خصوصاً ننڍڙن ٻارن ۾ سنڌي لوڪ گيتن جا ٻول اردو زبان جي گيتن کان وڌيڪ ئي مقبول آهن. اردو ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ هڪ ٻي جا الفاظ ۽ اصطلاح گڏجندا مسجندا وڃن. هاڻي تہ هندستان ۾ رهندڙ مسلمان جي اردو زبان ۽ هتي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ نئين نسل جي اردو زبان ۾ هڪ واضح فرق پيدا ٿي ويو آهي. دراصل سنڌي زبان بہ مهاجر ڀائرن جي اولين نہ تہ ٻي زبان ضرور بنجي چڪي آهي. لاتعداد ماڻهو سنڌي زبان کي مادري زبان جي انداز ۾ نہ صرف ڳالهائيندا آهن بلڪہ ڳالهائيندي مخر محسوس ڪن ٿا.
    مطلب تہ سنڌي مهاجرن جي نون نسلن وچ ۾ تهذيب جو اشتراڪ عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي ڪنهن بہ طرح روڪي نہ ٿو سگھجي. ليڪن صرف ظاهري سببن جي لحاظ کان ٻن قوميتن جو ملي هڪ ٿيڻ جو دنيا ۾ ڪٿي بہ مثال نہ ملي سگھيو آهي. اڃا بہ مادي شين، ڪوشا، لباس، ۽ زبان جو ميلاپ وغيره قوميت جا بنيادي جُزا مڃيا وڃن ٿا. حقيقي وجود وٺڻ ۾ تهذيبي ۽ معاشي عوامل ڪارفرما رهيا آهن. اگرچہ سنڌي ۽ مهاجر ٻئي واحد دين اسلام جي فيض ۽ برڪت سان مالامال آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جي فطر و عمل ۾ هڪ فطري يگانگت پاتي وڃي ٿي. مذهب هڪ اهڙو فطري عنصر آهي، جو نون ۽ پُراڻن ماڻهن کي وڏي عرصي تائين هڪ ٻي کان پري رکي سگھي ٿو. تاهم مهاجر ۽ سنڌي نسلن ۾ جيڪو ذهني تضاد موجود آهي، تنهن کي بنياد کان نہ ٿو مِٽائي سگھجي. انهن کي دُور ڪرڻ ۾ يقيناً وقت کپندو. دراصل ماضيءَ ۾ انهن نسلن جي فطري سکيا ۽ قلب جي تاليف جدا جدا ماحول ۾ پروان چڙهي آهي. جنهن سان ٻنهي جي فڪر ۽ نگاهہ ۾ فرق رهجي ويو آهي ۽ ٻنهي ۾ وطن جو تصور مختلف آهي. انهيءَ ڳالهہ جو اندازو سنڌي ۽ اردو ادب، شعر جي ارتقائي منزلن ۽ ٻنهي قومن جي فڪري ۽ عملي تحريڪن جي مطالعي ۽ تجزيي مان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو.
    هندي مسلم تهذيب يا اسلاميات هند جو وطن جو تصور هميشہ کان هڪ الميہ سان دوچار رهيو آهي، جنهن جو هڪ بي ساختہ مگر خوبصورت اظهار اردوءَ جي عظيم ناول ”آگ ڪا دريا“ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. محترمہ قرت‌العين حيدر انتهائي فنڪارانہ طرز تي پنهنجي قوم جي مادي ۽ نفسياتي لاهہ چاڙهہ جو نقشو چٽيو آهي تہ هيءَ قوم ڪهڙين نامسامد حالتن ۾ ذهني ۽ روحاني ٽڪرائن سان الجھندي قدم بقدم اڳتي وڌندي رهي آهي. ناول ۾ انهيءَ رفيق احساس جي هڪ تصوير جھلڪندي نظر اچي ٿي. غريب‌الوطن مسلمانن جو قافلو جڏهن جمنا جي ڪناري تي پهريون ڀيرو لٿو تہ هند جي ڌرتي ۽ لوڪ هنن لاءِ بلڪل اجنبي هئا. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ گڏ مسلمانن جو مقامي باشندن سان خون جو رشتو بہ ٿيندو ويو. هنن هند جي سرزمين جي رهڻي ڪهڻي، بودوباش ۽ نيٺ سندن رسيلي ٻوليءَ کي پنهنجايو، پوءِ بہ خبر نہ آهي تہ ڇو وطن متعلق سندن تصور ماديت کان سراسر ماورا رهجي ويو!
    پاڪستان جي قيام بعد آئون اردو زبان ڏانهن بہ راغب ٿيس. مون اردو ادب جو باقاعدي مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. معلوم ٿيو تہ هيءَ زبان ادب جي معاملي ۾ ڪافي شاهوڪار آهي ۽ ٿوري مشق ۽ ڪجھہ مطالعي کانپوءِ ان ۾ ڪافي قدر آسانيءَ سان اظهار خيال جو رستو کُلي سگھي ٿو. ان جي سحر انگيزيءَ مون کي بہ ڇڪيو ۽ مون جديد اردو ادب سان گڏ گڏ اردو ڪلاسيڪي ادب جو بہ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. سچ پُڇو تہ غالب جي شاعري منهنجي روح ۾ بہ لهي وئي. مڃڻو پوي ٿو تہ غالب جي فن ۾ شعريت جو جادو وڌ کان وڌ آهي. انساني وجود کي نفسيات جي روءِ کان هڪ پکڙيل ڪائنات سان تشبيهہ ڏني وئي آهي ۽ غالب پنهنجي تخيل جي زور تي ان جي وسعتن ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ نامعلوم گوشن تائين انهن کي ڇهي وٺي ٿو. ايتري قدر جو پڙهندڙ سندس شعر ۾ بلڪل گم ٿي وڃي ٿو. نہ رڳو اهو بلڪہ بعض نڪتن جي تهن ۾ پنهنجي وجود جو عرفان حاصل ڪري هڪ ابدي خوشيءَ جو احساس پائي ٿو. هر عظيم شاعر جي اندر هڪ بي پايان تڙپ موجزن هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس ذهن زندگيءَ کي ڪنهن نہ ڪنهن معنويت ڏيڻ جي تلاش ۾ سرگردان رهندو آهي. غالب بہ زندگيءَ جي محرومين جو ذڪر ضرور ڪري ٿو، ليڪن سندس شاعريءَ مان پيدا ٿيندڙ تاثير ياس انگيز هوندي بہ خوش نوا جانفزا ٿئي ٿو. تاهم مون کي غالب جي شاعريءَ ۾ ڪا نہ ڪا ڪمي محسوس ٿيڻ لڳندي هئي، جا منهنجي ذهن جي ڪنهن خالي گوشي کي پُر نہ ڪري سگھندي هئي. مون کي هميشہ اهڙو احساس ٿيندو هو جيئن غالب ڪنهن منزل تي ترسڻ تہ چاهي ٿو پر هُو ترسي نہ ٿو سگھي. سندس ڪلام مان هڪ عجيب ويڳاڻپ محسوس ٿيندي هئي، جيئن هُو ڪنهن کي پنهنجو سمجھي بہ پنهنجو ڪري نہ سگھي. ان ڳالهہ ۾ لطيف جو انداز نظر بہ غالب جي تصور کان مختلف نہ آهي. سنڌي زبان جي هن عظيم شاعر جو احساس بہ انساني تقدير ۽ ڪائنات جي نسبت سان هڪ غم انگيز تاثير ۾ ٻڏل ملي ٿو. لطيف جو ڪلام بہ ماورايت ۽ روحانيت جو ئي عڪاس آهي. تاهم اعليٰ تفڪر جي باوجود بہ هن جا قدم ڌرتيءَ تي ڄميل محسوس ٿين ٿا ۽ ڪنهن ڄاتل سڃاتل منزل طرف ويندا ڏيکائي ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ان جو ڪائنات‌گير غم ۽ احساس بہ پنهنجي هم وطنن جي بدنصيبين جون ارداسون بنجي رهجي وڃن ٿيون. لطيف جو هر تصور ۽ تخيل وطن جي تهذيب جي اڇوتي تمثال ۾ لهي وجود پائي ٿو. هُو عوام جي زندگاني ۽ ان جي ڏکن ۽ خوشين ۾ ئي پنهنجي ذات ۽ وجوديت جي تسڪين کي ڳولي ٿو. هن جي روح جو آواز يا فڪري اُڏام وطن جي سرزمين ۽ ان جي مڪينن سان وچن‌بنديءَ commitment تي ٻڌل آهي. غالب جو احساس غم انساني وجود جي لايعنيت جو عڪاس آهي، ليڪن لطيف جا شعر پنهنجي هم وطنن جي جذبات جو آواز بنجي گونجن ٿا. مثلاً شاهہ لطيف متعدد شعرن ۾ وطن دوستيءَ جي هن طرح ترجماني ڪري ٿو.

    1. ”لوڪو فارسي زبان ۾ تحصيل هرگز حاصل نہ ڪريو ورنہ
    توهان جي ذهينت غلامانہ بنجي ويندي“.
    ياد رهي تہ ارغون ۽ ترخان فرمانروائن جي زبان فارسي هئي، پر سنڌي زبان بہ ان دور ۾ ترقي‌يافتہ ٻولين جي برابر ۽ مڪتبن ۾ تعليمي ذريعو بنيل هئي. ايستائين جو سنڌي زبان ۾ لغت جي ترڪيب ۽ تدوين جو رواج بہ هلي پيو هو. انهيءَ زماني ۾ ٽن ٻولين واري لغت کي سنڌيءَ ۾ ”ٽوايا“ چيو ويندو هو. هڪڙي شعر ۾ شاهہ لطيف رحہ اهڙن شخصن جي نندا ڪئي آهي، جي پنهنجي ذاتي منافعي کي مد نظر رکندي وطن جِي خدمت کي وساري ڇڏين ٿا. هُو چوي ٿو:
    2. ”حيف آهي اهڙن ماڻهن تي جي پنهنجي ديس ۽
    ديس واسين کي وساري ڇڏين ٿا“.
    آئون پهرين ذڪر ڪري آيو آهيان تہ پراڻن ۽ نوَن سنڌي باشندن جيئن تہ مختلف تهذيبي ماحول ۾ پرورش پاتي آهي، ان ڪري ٻنهي جي فڪر و رجحان ۾ تفاوت نظر اچي ٿو. ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ هند جي اڪابرن جيڪي ذهني ۽ فڪري تحريڪون هلايون تن ۾ وطن بابت بنيادي نظرياتي نڪتي جو فرق موجود آهي. سنڌ جي قديم صوفيائي ڪرام جي تحريڪن ۾ مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ مخدوم بلاول جو نالو سَرِ فهرست آهي. ليڪن هنن ٻنهي ديني بزرگن جون تحريڪون تصوفانہ هوندي بہ سندن نگاهہ واضح طور تي وطن پرستي بلڪہ سنڌ دوستيءَ جي نڪتي تي ٽڪيل نظر اچي ٿي. شاهہ عنايت شهيد لانگاهہ جي تحريڪ تہ سنڌي عوام جي ذهن تي اڻ مِٽ اثر ڇڏيا، جنهن بزرگ انقلابي ۽ مادي فڪر جي تجديد ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ کان بہ نہ هٽڪيو. اهڙيءَ طرح شاهہ عنايت رضوي، شاهہ لطيف ۽ خليفي نبي بخش جا ڪلام ۽ اشعار بہ روحانيت ۽ انسانيت پروري تي مبني آهن. تنهن هوندي بہ عوامي جذبات جي عڪاسي ۽ وطن پروريءَ کان مبرا نہ آهن.
    سنڌ جي ننڍڙي صوبي تان نظر کڻي اگر اسين هندستان جي وسيع ۽ عريض خطي تي نظر وجھنداسون تہ اُتي بہ عالمن ۽ فاضلن ڪيترين تحريڪن جو بنياد وڌو، جنهن سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود جون ڪيتريون ئي راهون نڪري آيون. شاهہ ولي الله جي روح اسلام جي تجديد ۽ ديوبند جي احياءُ اسلام جهڙين تحريڪن هند جي مسلمانن کي مايوسين جي انڌيرن مان ٻاهر ڪڍندي سندن ذهنن کي روشنيءَ سان منور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليڪن سر سيد جي ترقي پسندانہ تعليمي ۽ سياسي جدوجھد مسلمانن لاءِ سڀ کان زياده افتخار جو سرمايو ثابت ٿي. ان تحريڪ جي باعث ئي برصغير جي مسلمانن ڪاميابين جون وڏيون وڏيون منزلون طيءِ ڪري وڌيون. تاهم جنهن خطي مان اهي تحريڪون اُٿيون ۽ جنهن زبان ۾ پروان چڙهيون اُتي جي سرزمين سان پنهنجو رشتو ڪنهن طور تي بہ مضبوطيءَ سان جوڙي نہ سگھيون. دراصل گنگ ۽ جمن جو رسم ۽ رواج ۽ ٻولي مقامي مسلمانن جي تهذيب جو ڪنهن حد تائين تہ حصو ضرور بنجي وئي، جو هڪ فطري عمل بہ هو، ليڪن پوءِ بہ هنن افڪار حيات ۾ مخصوص تهذيب يا لسان جي بنياد تي وطن پرستيءَ جو واضح ترين ڪو بہ تخيل پيدا نہ ٿي سگھيو. چنانچہ مسلمانن جي فڪر ۽ نظر ۾ هندي وطن بجاءِ هڪ نظرياتي وطن جنم ورتو.
    پاڪستان ۾ هڪ کان زائد قوميتن جي دعويٰ ڇا جي ڪري ڪئي وڃي ٿي؟ ان جي پٺيان ٺوس حقائق آهن، جنهن کان ڪنهن مورخ واسطي اک چورائڻ مشڪل جهڙي ڳالهہ ٿيندي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ پاڪستان جي آزاد مملڪت وجود ۾ آئي تہ پنج مسلمہ صوبا ۽ مسلم قوميتون ان جي اندر موجود هيون. جيتوڻيڪ اسين سڀ ڪلمي گو مسلمان تہ هئاسون، تنهن هوندي بہ هر علائقو پنهنجي پٺيان هزارن سالن جي علحده تهذيب ۽ شناسائي بہ رکندو هو. بنگالي باشندا لک درجا مسلمان سهي، ليڪن ڇا هنن جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ انفراديت بنگال سان ٻڌل نہ هئي؟ تهذيب ۽ اطوارن ۾ بنگاليءَ جو جيڪو الڳ تشخص هو تنهن کي هُو ڪيئن ٿئي ڇڏي سگھيو؟ شخصيت وانگر تهذيب بہ انسان جو پاڇو ٿئي ٿي، جنهن کي اگر آدمي چاهي تہ بہ پنهنجو پاڻ کان الڳ نہ ٿو ڪري سگھي. هاڻي اٺ ڪروڙ ماڻهو جيڪي منفرد زبان ۽ علحده تهذيبي ورثو رکندا هجن انهن کي ڇا جي ڪري ۽ ڪيئن اصرار ڪري سگھجي ٿو تہ توهين هڪدم پنهنجي سُڃاڻ ڇڏي ڏيو؟ مشرقي پاڪستان جا ماڻهو مسلمان ۽ ڪلمي گو هئا تہ بہ پاڻ کي پنهنجي زمين جي تهذيبي رشتي سان مضبوطيءَ ساڻ جڪڙي بيٺا هئا ۽ ”سونار بنگلہ“ سَندن جسم ۽ جان هو. هُو مسلمان تہ هئا ليڪن بنگالي مسلمان!
    پنجاب کي دريائن ۽ لهلهائيندڙ کيتن جي سر زمين سان ياد ڪيو ويندو آهي. هتي جو جيالو ۽ بهادر انسان ڪڏهن بہ پنهنجي دل مان پنهنجي منفرد ڪلچر کي وساري نہ سگھيو آهي. اگرچ گذشتہ هڪ صديءَ کان بہ زياده عرصي کان پنجاب جي تعليمي ۽ سرڪاري زبان اردو رهي آهي. ان ڪري پنجابي مسلمانن جا علمي ۽ تهذيبي رابطا ٻين علائقن جي نسبت ۾ هند جي اسلامي مڪتب فڪر وارن مدرسن سان زياده گهرا پيدا ٿيا. پنجابي مسلمانن جي علمي ادبي اظهار بہ اردو جي ذريعي فروغ پاتو. اهو ئي سبب آهي جو پنجاب جي قومي تصور ۽ جدوجھد جو پسمنظر اردو جي مسلم افڪار کان علحده نہ آهي. مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن جي باوجود بہ پنجابي عوام ۾ پنجابي زبان لاءِ بيپناهہ انسيت پاتي وڃي ٿي. پنهنجي مادري زبان لاءِ هُو جيڪا قربت ۽ محبت رکن ٿا، تنهن کي ڪنهن بہ طور تي جھٽلائي نہ ٿو سگھجي. انهيءَ ڳالهہ جو ثبوت پنجاب ۾ پنجابي فلمن جي مقبوليت مان بہ بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. پنجابي فلم پنجابي تهذيب ۽ زبان جو واحد ميڊيا رهجي ويو آهي. انهيءَ ميڊيا عوام ۾ پنهنجو قوت اثر مڃائي ڇڏيو آهي. 1965ع ۾ منهنجو سوٽ ڊاڪٽر هو. هُو پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ خدمات تي مامور هو. انهيءَ زماني ۾ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي دفاعي جنگ وڙهي رهي هئي. منهنجو سوٽ فوج ۾ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز هو ۽ ڪافي عرصو هُو انهيءَ جڳهہ تي مقرر رهيو. پاڻ هڪ ڀيري مون کي اهو ٻڌايو هئائين تہ سندس طبيعت جڏهن بور ٿي پوندي هئي تہ هُو موقعو ملندي ساٿين سان گڏ ڪنهن سرحدي شهر ۾ فلم ڏسڻ لاءِ هليو ويندو هو. ان کان علاوه تفريح جو ٻيو ڪو بہ ذريعو وجود ئي نہ رکندو هو. ليڪن هر بار ايئن ٿيندو هو تہ مون کي ”پنجابي فلم“ ڏسڻي پوندي هئي ڇو تہ ايئن ڪڏهن بہ ڪو نہ ٿيو تہ سينيما ۾ پنجابي فلم کان علاوه ڪنهن ٻي زبان جي فلم بہ لڳل هجي. هن چيو تہ ”مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي تہ تمام گھڻن شهرن ۾ مهينن تائين رڳو پنجابي فلمون هلنديون آهن. اگر ڪڏهن ڪا اردو فلم لڳندي هئي تہ چند ڏينهن کانپوءِ ئي لهي ويندي هئي! اگرچ پاڪستاني فلمي صنعت اڪثر ڪري پنجابي فلمن جي ٻلبوتي بيٺي آهي، پر ان حقيقت جي باوجود بہ ملڪ جي اشاعتي ۽ فني ادارن انهن کي ڪڏهن بہ جائز مقام نہ ڏنو آهي. آئون ايئن هرگز ڪو نہ ٿو چوان تہ پنجابي فلمون ڪي خامين کان خالي آهن. البت اها ڳالهہ انتهائي مبالغي آميز آهي تہ پنجابي فلمن جي مقبوليت محض فحاشيءَ جي ڪري آهي، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي هر زبان جي فلم ۾ اشتعال انگيز مناظرن جي ڀرمار جي شڪايت عام آهي. پنجابي فلمي صنعت جيڪا پاڪستان جي سڀ کان طاقتور فلمي ميڊيا آهي، تنهن جي خوبين کي ڪڏهن بہ سنجيدگيءَ سان بحث هيٺ نہ آندو ويو آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ان جي همت افزائي ڪئي وئي آهي. ان جي برعڪس اسان جا سرڪاري سجھاءُ وسيلا موقعو ملندي ئي پنجابي فلمن تان تمسخر ضرور اُڏائين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي پاڪستاني عوام جي اڪثريت جي زبان ۽ پسند جي گويا تحقير ڪندا هجن! ممڪن آهي تہ اهو سڀ ڪجھہ فقط هلڪڙو مذاق، پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيو ويندو هجي، تاهم ان جي پٺيان لاشعوري طور اهو خوف لڪل آهي تہ پنجابي ميڊيا جي ترقيءَ سان ڪٿي اردو زبان جي ترقيءَ تي زد نہ اچي وڃي. پنجابي زبان جا شاعر ۽ اديب جيئن تہ اڪثريتي عوام جي ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا، ان ڪري ان جي پذيرائي بہ اهڙي ئي انداز سان ٿيڻ کپي. ڪٿي اها ڳالهہ ۽ ڪٿي اهو انداز تہ پنجابي فلمن جو اسري وسري بہ رڳو مٿاڇرو ذڪر بہ خاطر ۾ نہ ٿو آندو وڃي!

    دراصل پنجاب جي ڌرتي، اردوءَ جي وڌڻ ويجھڻ ۽ ترقي ڪرڻ ۾ چڱيءَ طرح راس اچي وئي. هتان ئي اردو جا وڏا وڏا اهل قلم، فنڪار، اديب، شاعر ۽ مفڪر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪو هن ڌرتيءَ جو وڏو سُڀاڳ شمار ڪري سگھجي ٿو. جديد دور ۾ غالب وانگر اردوءَ ۾ ٻن شاعرن جو تمام گھڻو چرچو رهيو آهي. هي ٻہ عظيم شاعر علامہ اقبال ۽ فيض احمد فيض آهن. جيڪي ٻئي پنجاب جا فرزند هئا. علامہ اقبال جو نالو وطن عزيز پاڪستان جي قومي شاعر هئڻ جي حوالي سان مشهور ۽ معروف رهيو آهي، پر اها ٻي ڳالهہ آهي تہ هندستان جي قومي نغمن ۾ بہ ريڊيو تان اقبال جا گيت وڄندا آهن. جنهن ۾ ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“ تہ ڀارت جي اڪثر اسڪولن ۾ ٻار صبح جو اسيمبليءَ ۾ ڳائيندا آهن. اقبال جو هڪ اعليٰ درجي جو شاعر ۽ مفڪر هئڻ ۾ ڪنهن کي بہ ڪو اختلاف نہ آهي. هن جو ڪلام حقيقتاً اسان جي ديس واسين لاءِ هڪ قيمتي اثاثي جي حيثيت رکي ٿو، پر غالب جي اسلوب جي ڪجھہ ٻي ڳالهہ آهي، جنهن جي شعريت جو جادو مسحورڪُن احساس جاڳائي ٿو ۽ ٻُڌندڙ جي رڳ رڳ ۾ هڪ قسم جي حيرت زدگيءَ جي ڪيفيت سمائجيو وڃي. اقبال وٽ هڪ ٺوس ۽ مڪمل فلسفہ‌حيات آهي. فني لوازمن جي چستيءَ باعث هُو هڪ فنڪار تہ ضرور آهي، پر پڙهندڙ کي هُو هڪ ”خطيب شاعر“ زياده لڳي ٿو، جيئن هُو فقط فلسفي جي تشريح ڪندو اڳيان وڌي رهيو هجي. اقبال اسان جي فڪر ۽ شعور کي مهميز تہ ڏي ٿو ۽ ڪنهن خاص خوبي کي گرمائڻ جي ڪوشش بہ ڪري ٿو، ليڪن غالب جو ڪلام فلسفيانہ انداز رکندي بہ احساس جي لمس کان ڪٿي بہ عاري نہ ٿو ٿئي. اقبال وانگر فيض احمد فيض بہ فڪر ۽ فن جي لحاظ کان وڏو قداور شاعر ٿيو آهي. سنڌي ادب قديم هجي يا وري جديد دراصل قوميت جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل ٿئي ٿو، جڏهن تہ اردو ادب ۾ وطن پرستيءَ جو روشن خيال ۽ زمين سان وابستگيءَ جو رشتو مبهم لڳي ٿو. اڃا بہ ڪن شاعرن ۾ تہ تهذيبي رنگ جو هلڪو گمان بہ ڪو نہ ٿيندو آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ جي نامور شاعر جو موازنو اردوءَ جي ان وڏي شاعر فيض احمد فيض سان ڪيو وڃي تہ اهو ئي فرق ظاهر ٿيندو.
    انسان جي اندر ۾ ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ تہ بهرحال موجود ٿئي ٿي، پر فنڪار جو وجود ٻاهر جي ماحول ۽ بي انت ڪائنات سان ٽڪرائجي پنهنجي اندر ۾ هڪ عجيب ڪيفيت محسوس ڪري ٿو، جنهن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تخليق وجود پائي ٿي. اياز ۽ فيض ٻنهي جي شاعري محض داخلي نہ آهي، بلڪہ ان ۾ تڙپندڙ انسانيت جو آواز شامل آهي.
    اياز جو ڪلام هڪ صاف ترين وطني ۽ تهذيبي پس منظر رکي ٿو، ليڪن ان جي برعڪس فيض جي شاعري پنجاب جي شاهڪار تهذيب جي روح کان يڪسر خالي آهي. اهڙيءَ طرح هُو فن ۽ زبان جو ماهر ۽ خالق ۽ موجد تہ چوائي سگھي ٿو ۽ سندس ڪلام مان هڪ بين‌الاقوامي نمائندگي تہ ٿئي ٿي پر پوءِ بہ سندس تخيل ڄاتل سڃاتل پنهنجائپ جي احساس کان عاري لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاعر جنهن مظلوم ۽ بيڪس انسان جو ذڪر ڪري ٿو اهو فقط هڪ ”تخيلاتي مهانڊو“ بنجي رهجي وڃي ٿو ۽ ڪنهن بہ حقيقي انسان جو درد ان مان اُڀري نہ ٿو اچي. وقت گذرڻ سان گڏ گڏ فنڪار جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ بہ تيزي ايندي رهي ٿي. پر هاڻي اياز جو فن بہ لهندڙ سج وانگر جھَڪو ڏسجي رهيو آهي. ان ۾ اها پهرين واري تخليقي تابش ۽ جوهر نہ رهيا آهن. جيستائين هن جو پنهنجو آسمان ۽ پنهنجي زمين هئي، تيستائين ان جو انداز بہ منفرد هو. ليڪن نہ ڄاڻ هن ڇو شاهہ لطيف جي ڪائنات کي پنهنجي اندر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد هُو ان ۾ بلڪل وڃائجي ويو. هاڻي پاڻ لطيف جي اسٽائيل ۾ ”اياز جو رسالو“ بہ لکي ورتو آهي. ٽي سَو سال گذري ويا، پر پوءِ بہ لطيف کي ڪو بہ نقاد ميسر نہ آيو. اڃا تائين سنڌي زبان ۾ ڪو بہ اهڙو عالم پيدا نہ ٿيو، جنهن لطيف جي معنوي گهرائيءَ تائين ذهني رسائي حاصل ڪندي سندس ڪلام جي مڪمل شرح لکي هجي! هاڻي اسان جي جديد زماني جي پياري ۽ عزيز شاعر شيخ اياز جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري اهو بهتر آهي تہ هُو پنهنجي رسالي جي شرح بہ خود لکي ڇڏي ورنہ اهي ڳٿيون ڪنهن کان صديون ۾ بہ سُلجھي ڪو نہ سگھنديون.
    آئون پهرين اهو ذڪر ڪري چڪو آهيان تہ جيئن سنڌين ۽ مهاجرن جا ابا ڏاڏا مختلف تهذيبي ماحول جا پرورده هئا، ان ڪري نئين نسل جي فڪر ۽ رجحان ۾ بہ هڪ نمايان فرق موجود رهيو آهي. پاڪستان جو قيام سنڌي مسلمان لاءِ بہ ايتري اهميت رکي ٿو، جيتري ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ. 14 آگسٽ 1947ع سنڌ جي رهاڪن جي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو ڏينهن بہ بنجي ويو. انهيءَ ڏينهن تي سنڌ ديس هندستان جي استعدادي چنگل جي خوف کان هميشہ لاءِ ڇوٽڪارو پائي هڪ اهڙي مملڪت جو حصو بنجي ويو، جتي خصوصاً سنڌي مسلمانن کي پنهنجي لاءِ معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ لاءِ زياده موقعا ۽ روشن امڪان نظر آيا ٿئي. سنڌي مسلمانن کي اهڙو آزاد وطن ملي ويو، جتي کين پنهنجي تهذيبي روايتن مطابق عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ ۾ باقي ڪا بہ رڪاوٽ نہ رهي. اهو ئي جذبو هو جو سنڌي مسلمان سنڌ ۾ ٿيندڙ هر تبديليءَ کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪندا رهيا. اهو ئي سبب هو جو انتقال آباديءَ جو سڀني صوبن کان زياده وزن سنڌ تي پيو، پر جيئن تہ نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ ديني حميت جذبو تروتازو هو، افهام تفهيم جي راهہ نڪري آئي ۽ تيزيءَ سان اشتراڪ عمل جو سلسلو هلي پيو ۽ جلدي جلدي مثبت اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا.
    پاڪستان قائم ٿيڻ سان مرڪزي سرڪار جو رويو سنڌ ۽ ان جي عوام سان استبدادي رهيو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو، نہ رڳو ايترو بلڪ ڪراچي شهر ۽ ضلعي اندر سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم وٺڻ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. هڪ جابرانہ وار ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪراچيءَ مان ٽپڙ کڻايا ويا. سنڌي قوم کان سنڌ تي حاڪميت جو حق تہ کسيو ويو، پر سنڌين جا انساني حقوق بہ پامال ڪيا ويا. مطلب تہ هڪ ٻي پٺيان اهڙا حڪم ڪڍيا ويا جن سان سنڌي عوام جي نہ رڳو تذليل ۽ تحقير ٿيندي رهي بلڪہ انهن جا جذبا بہ مجروح ٿيندا رهيا. پاڪستان حڪومت سنڌ سان اهڙو بهيمانہ رويو قائم رکيو، جنهن جو سنگين مثال تاريخ ۾ حملا آور قومن جو ڪو نہ ملي. اهڙا حڪم نہ چنگيز ۽ نہ هلاڪو ڪڍيا نہ وري نادر شاهہ دهلي تي قبضي بعد ايئن ڪيو هو. دراصل اولين طور اُهي مرڪزي حڪومتون ۽ مارشلائي راڄ هئا، جيڪي سنڌي مهاجر ميل ميلاپ ۾ رخنہ انداز ٿيا هئا. 1956ع ۾ سنڌي شاگرد ميٽرڪ ۾ لازمي اُردو سليس جو پيپر ڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح مهاجر رضا خوشيءَ سان سنڌي سليس جو لازمي امتحان ميٽرڪ ۾ ڏيندا هئا. مهاجر شاگردن جي امتحان ۾ سنڌي مهارت بہ قابل داد هوندي هئي. افسوس جو انهيءَ رضاڪارانہ ماحول ۾ ايوبي مارشل لا ۾ ٽڪا خان جيڪو سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو، تنهن ڏار وڌا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي حڪم ڪيو تہ ميٽرڪ مان سنڌي ٻوليءَ جو پيپر ختم ڪيو وڃي. جنهن تان احتجاجاً علامہ آءِ آءِ قاضي استعيفيٰ ڏئي ويو. پاڪستاني حڪومت شروع کان ئي ڪا بہ اهڙي همئگير پاليسي اختيار نہ ڪئي، جيئن نوان ۽ پراڻا باشندا پاڻ ۾ يڪجتيءَ سان رهي سگھن، ويتر حڪومتي پاليسيون هميشہ نفاق پيدا ڪرڻ واريون رهيون.
    چند سالن کان دشمنانِ وطن اندران ئي اندران يا وري ظاهر ظهور نفرتن جي ڪاروبار کي چوٽ چاڙهڻ ۾ ڪنهن نہ ڪنهن طرح ڪامياب ٿيندا ڏسڻ ۾ پيا اچن. انهن عناصرن نوَن ۽ پراڻن سنڌين ۾ پيل فطري اختلافن ۽ تضادن کي ايتري قدر ڦهلايو جو ميل ميلاپ جو جيڪو وهڪرو جاري هو، اڌ ۾ يڪايڪ رڪاوٽ پيدا ٿي وئي. گذريل مارشلا جو پورو عرصو بربريت ۽ لاقانونيت جو دور دورو هو. ايتري قدر جو دهشتگرد عناصرن کي کُلِي ڇوٽ ڏني وئي. سنڌيءَ ۾ هڪ پراڻو پهاڪو مقبول آهي تہ ”ناناڻا مري ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا“. تنهن وانگي اگر ڪا انڌي منڊي جمهوريت بہ قائم ٿئي ٿي تہ مارشلائي دور جا بد اثرات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ ٿا وٺن. ڪاري ڪُتي اڃان بہ عوام جي پٺيان بنان ڪنهن تفريق جي کائڻ لاءِ ڊوڙي رهي آهي. اسان اڃا تائين بہ گروهي جذبات ۽ متعصبانہ روش تي قابو پائي نہ سگھيا آهيون. اهو تڏهن ممڪن بنجي سگھندو، جڏهن اسان مان هرڪو فريق ٻئي فريق جي حقن جو پاس رکندو. وطن جي سرزمين جي تهذيبي قدرن جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ هر باشندي جو فرض بنجي ٿو. سنڌ جي پراڻن ۽ نون باشندن کي هڪ ٻي جي تهذيبي روايتن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ منجھن هڪ ٻي جي معاشي ۽ معاشرتي حقن کي تسليم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيڻ ضروري آهي. جڏهن اسان سڀني جي تقدير سنڌ جي خطي سان ٻڌل آهي ۽ اسان جي آئندي نسلن جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ سلامتي جو دارومدار سنڌ جي ڌرتيءَ سان وابستہ ٿي چڪو آهي، تہ پوءِ پاڻ ۾ لڙائي جھڳڙي سان ڪو ٽيون فريق تہ فائدو کڻي سگھي ٿو ليڪن اسان کي تباهيءَ کانسواءِ ڪجھہ بہ هٿ نہ ايندو.
    سنڌ ۾ آباد هڪ نسلي طبقو پنهنجي شناخت مهاجر جي نالي سان قائم رکڻ چاهي ٿو. اها بہ هڪ انساني خصلت آهي ۽ انهيءَ فطري امنگ کي ڪنهن طرح بہ دٻائي نہ ٿو سگھجي. البت اهو چٽو تجربو بہ مشاهدي ۾ آيو آهي تہ جڏهن ڪو انساني گروهہ يا طبقو نقل مڪاني ڪري ڪنهن ٻي وطن ۾ وڃي وسي ٿو تہ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هو خود کي بہ انهيءَ سرزمين جو رهاڪو چوائڻ پسند ڪندو آهي. اسان جي سنڌ ۾ وسندڙ بلوچ قبيلا ۽ ٻين قومن جا نالا محض ذات جي زمري ۾ شامل ٿي رهجي ويا آهن. جنهن علائقي ۾ اسين آباد آهيون ۽ هڪ ٻي سان ساٿ ۾ هلي رهون ٿا، پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڌرتيءَ جو باشندو چوائڻ ۽ انهيءَ وطن سان پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ هڪ قابل فخر ڳالهہ ٿئي ٿي. ان ڪري اگر اسين سنڌ صوبي جي نسبت سان پنهنجو پاڻ کي اول پاڪستاني ۽ پوءِ سنڌي چوايون تہ ڪهڙي خراب ڳالهہ ٿيندي؟ اسان جو رسول مقبول حضرت محمد صلي الله عليه و آلهہ وسلم تحقيق مڪي کان مديني هجرت فرمائي آيو ۽ پاڻ حضرت مڪي ۽ پوءِ مدني بہ چوڻ ۾ آيا. مسلمانن ۾ انصار ۽ مهاجر جي تفريق ڪجھہ عرصي تائين هلي، ليڪن پوءِ بہ حضور صلي الله عليه و آله وسلم ”رسول عربي“ جي اسم مبارڪ سان ئي عام معروفيت رکندا هئا ۽ عموماً سموري دنيا جا مسلمان اڄ بہ ”رسول عربي“ جو نالو صدق دلي ۽ محبت سان وٺن ۽ کين ياد رکن ٿا. علي ڳڙهہ جي تعليمي تحريڪ مسلمانن ۾ سياسي بيداري آندي ۽ هند جي مسلمانن جو موهوم تصور ڏنو. پر اها تحريڪ مسلمانن جي هند جي ڌرتيءَ سان مضبوط وابستگي پيدا ڪري نہ سگھي. مولانا ابوالاعليٰ مودودي جي تحريڪ اسلامي ’مسلم اُمه‘ جي وحداني تخيل کي تہ بلاشڪ تقويت ڏني، تنهن هوندي پوري دنيا ۾ علائقائي قوميتن جي ماسوا ان جو ڪٿي بہ وجود نظر نہ ٿو اچي. هڪڙي ڀيري اسان جي ڪنهن ڪليگ اهو اظهار خيال فرمايو هو تہ ”اسين هتي سنڌي بنجڻ لاءِ ڪو نہ آيا هئاسون“. مون جواب ۾ چيو هو تہ ”حضور اگر توهان کي سنڌي چوائڻ ۾ خفت محسوس ٿئي ٿي تہ بلاشڪ نہ چورايو اهو ئي ٺيڪ رهندو، پر سنڌ جو باشندو هئڻ کان توهان ڪنهن بہ صورت ۾ انڪار ڪري نہ ٿا سگھو“.. ۽ هاڻي انهيءَ ڳالهہ کي بہ گھڻا ورهيہ گذري چڪا آهن. ليڪن اسين اڄ اهو ڏسي رهيا آهيون تہ اسان جا ڀائر خاص ڪري نئين نسل جا نوجوان جيڪي ٻهراڙي سنڌ ۾ پلي وڌيا آهن، پنهنجو پاڻ کي فقط سنڌي سمجھن ٿا ۽ سنڌي هئڻ تي فخر بہ محسوس ڪن ٿا! وقت ۽ تاريخ جي دائره اثر کان ڪو بہ ٻاهر نڪري پنهنجو دامن بچائي نہ ٿو سگھي.
    اردو ڳالهائيندڙن لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڪا منفي تحريڪ نہ ٿو چئي سگھجي. اها فلاح ۽ بهبود جي هڪ مخلصانہ جدوجھد جي حيثيت رکي ٿي. تاهم مون کي شڪ آهي تہ ڪٿي اها تحريڪ ٻن نسلن جي وچ ۾ جيڪا تهذيبي آميزش روان آهي، تنهن ۾ ڪو رخنو نہ پيدا ڪري وجھي ۽ پوءِ پنهنجي ئي سنڌ وطن جي تصور کان نوَن سنڌي ڀائرن جو ذهن ڪٿي ڀٽڪي نہ وڃي! اسان جي مهاجر ڀائرن کي هڪ صداقت نہ صرف ذهن نشين ڪرڻ کپي بلڪ دل سان ان کي تسليم بہ ڪرڻ گھرجي تہ جڏهن سر زمين سنڌ کي اسان جي مسلمان ڀائرن پنهنجو وطن بنايو هو تہ هتي اڪثريت سنڌي مسلمان هئي، جا پنهنجي ديس جي اختيار ۽ اقتدار جي ’مالڪ ڪُل‘ هئي. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان هتي جي شهرن ۽ ديهات جي واحد زبان هئي، جا ذريعہ اظهار هئڻ کان علاوه بلديات ۽ سرڪاري کاتن جي زبان هوندي هئي. ويندي پوري علائقي ۾ سنڌي تعليم، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جو بول بالا هو، جنهن ۾ ڪا بہ ٻولي ان جي فريق ۽ شريڪ ڪا نہ هئي. تنهنڪري سنڌي مسلمانن جي پنهنجي زبان ۽ ادب سان محبت ۽ وابستگي ڪنهن بہ طرح سان هڪ منفي جذبو نہ ٿو چئي سگھجي. ليڪن اها ڳالهہ روز روشن وانگر عيان آهي تہ سنڌي مسلمانن اردو زبان کي هميشہ محبت ۽ چاهہ سان اپنايو آهي. بلڪہ بعض فنڪارن ۽ تخليقارن تہ اردو تي پنهنجي مهارت جي مهر ثابت ڪئي آهي. دراصل نون سنڌي مسلمانن کي بہ سنڌي زبان لاءِ ساڳيو ئي جذبو رکڻ کپي. ٻڌو آهي تہ صوبائي اسيمبليءَ جي ڪجھہ ميمبر صاحبن سنڌي زبان ۾ تقريرون ۽ بجيٽ جي سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. منهنجي خيال ۾ انهيءَ طرز عمل کي ڪنهن بہ طور تي حق بجانب قرار نہ ٿو ڏئي سگھجي، ڇاڪاڻ تہ هميشہ کان ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي زبان ۾ تقريرن ڪرڻ جي روايت موجود آهي. ان کان علاوه سنڌي زبان صوبي جي اڪثريت جي زبان آهي. سنڌي ماڻهو بہ ملڪ جي هر اسٽيج ۽ مقام تي سنڌي زبان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ پسند ڪن ٿا. ڪم از ڪم صوبي جي حد تائين تہ انهن جو قانوني ۽ انساني حق بنجي ٿو. جيستائين سنڌي زبان جي سمجھڻ ۽ عام فهم هئڻ جو تعلق آهي تہ اها حقيقت آهي تہ ٻهراڙي سنڌ بشمول حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهہ ۾ هزارين بلڪ لکين مهاجر سنڌي زبان ۾ روانيءَ سان اظهار خيال ڪندا آهن ۽ جيڪي نہ ٿا ڳالهائين سي بہ سمجھي ضرور وڃن ٿا. اگر ڪو ٿوري گھڻي بہ پنهنجي وطني ڀائرن ۽ انهن جي زبان سان مانوسيت نہ ٿو رکي تہ اها صرف هن جي پنهنجي ڪوتاهي ليکي ويندي. ان ڪري سنڌي زبان نہ سمجھڻ جو بهانو فقط هڪ اجايو اعتراض چئي سگھجي ٿو. شروع واري زماني ۾ ڪجھہ ماڻهن جو اهو تاثر هو تہ سنڌي ٻولي مشڪل ۽ دق آهي، جيڪا ڳالهہ قطعي طور تي غلط ثابت ٿي. سنڌي زبان جيئن تہ سامي، آريائي، دراوڙي ۽ منگول زبانن جي ترڪيبي عناصرن سان ملي ٺهي آهي. جنهن ڪري سادگي ۽ پُرڪاريءَ ۾ ڪا بہ ٻولي ان جو مقابلو نہ ٿي ڪري سگھي. هيءَ ٻولي پنهنجي وايوڪيات Phonetics ۽ ٻين لساني خاصيتن ۾ يگاني ۽ منفرد حيثيت جي مالڪ آهي ۽ هيءَ دنيا جي ٻين مقبول ترين ٻولين وانگر پنهنجي جوڙجڪ ۾ Analytical منزل ڏانهن روز گامزن آهي. اها تاريخي حقيقت آهي تہ انگريزي، چيني، عربي ۽ فارسي ٻوليون فتوحات جي سببان بہ مختلف علائقن ۾ رائج ٿي ويون. اهڙيءَ طرح دهليءَ جي سلطان شاهيءَ جي ٻين علائقن طرف پيش قدمي بِهار، دَکَن ۽ هندستان تي پوزيشن سبب اتي اردو زبان جو ڦهلاءُ ممڪن ٿي سگھيو. ليڪن سنڌي زبان ڪِن جاگرافيائي ۽ سياسي سببن ڪري وسيع علائقن تائين پنهنجو اثر ڦهلائي نہ سگھي. تاهم اُها قوم جي ٻوليءَ جي حيثيت سان زنده رهندي اچي ۽ سنڌ جي آسپاس جي علائقن تائين رابطي جي زبان بڻيل رهي آهي. سنڌ ۽ ملحقہ علائقن ۾ قديم دور کان سنڌيءَ کي يڪتائي حاصل رهي آهي. سنڌ ۽ سنڌي زبان کي مسلم دنيا ۽ ايشيا ۽ مغرب ۾ پنهنجي شاهوڪار تمدن سببان پنهنجي انفراديت سان سڃاتو ويندو رهيو آهي. ايئن ئي آهي تڏهن تہ حافظ شيرازي عليہ رحمت برملا اظهار ڪيو هو تہ:
    هنديان را اصطلاح هند مدح
    سندیان را اصطلاح سند مدح
    سنڌي زبان کي سنڌ ۾ وسندڙ سڀني لوڪَن کي پنهنجو ورثو سمجھڻ گھرجي. تنهنڪري نون ۽ پراڻن سنڌين تي فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو سنڌيءَ جي مقام ۽ منزلت کي سڃاڻين ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جو ٻيڙو سنڀالين. خاص ڪري آئون اردودان حضرات کي دردمندانہ اپيل ڪريان ٿو تہ هُو بہ پنهنجي زرين خيالات جي گوهر فشانيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ميدان کي بہ ذريعو بنائين. ان سان ايئن ٿيندو جو ٻن نسلن جي وچ ۾ جو ذهني بعُد پاتو وڃي ٿو، اُهو جلدي ئي ختم ٿي ويندو. سُجھاوَ جي ذريعن ۽ سرڪاري نشر و اشاعت ۾ سنڌي زبان کي پنهنجو پورو حصو تہ ڇا بلڪہ ماڳهين نظر انداز ڪري ڦٽو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل ناراضگي بہ فطري آهي تہ هنن جي پنهنجي زبان کي پنهنجي ديس ۾ ئي وڌڻ ۽ پکڙڻ کان روڪي ان جون راهون يڪسر محدود بنايون ويون آهن! بهرحال اهو اردو پريس جو بہ فرض بنجي ٿو تہ سنڌي زبان کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ آواز بلند ڪري. اگر اردو جي اشاعتي ادارن ۽ قلمڪارن طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ اشاعت تي توجھہ ڏنو وڃي تہ سنڌ جا نوان ۽ پراڻا باشندا هڪ ٻي جي نقطہ نظر کي جلدي سمجھي سگھندا.
    بهر صورت ان ڳالهہ کان انڪار نہ ٿو ڪري سگھجي تہ اسان ۾ اڄ بہ اختلاف ضرور موجود آهن ۽ هڪ ٻي جي خلاف مفادن جو ٽڪراءُ زورن تي قائم آهي. تهذيبي ۽ لساني تفرقن هڪوار وري مٿو کڻڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ڪري تعصب ڀڙڪي اُٿيو آهي. اهو سڀ ڪجھہ ٿي رهيو آهي. پوءِ بہ يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ وقت جو وهڪرو ڪٺي رهندڙ نسلن کي پنهنجي همراه هڪ ٻي سان گڏ وٺي لڙهندو ۽ نيٺ اسين سنڌ جا ماڻهو هڪ ئي قوميت جو حصو بنجي وينداسون. مستقبل ۾ اهو ئي ٿي رهندو. اسان جي بزرگن، سياستدانن ۽ دانشورن تي صرف هڪڙو ئي فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو انهيءَ وچ واري مدت کي گھٽائڻ جون تدبيرون اختيار ڪن، جنهن ۾ نون ۽ پراڻن سنڌين ۾ تهذيبي اشتراڪ جو عمل تيز کان تيز تر ٿي وڃي.


    نوٽ : هيءُ مضمون اردو زبان ۾ لکيو هئم، جيڪو روزانہ جنگ ۾ بہ عنوان ”ثقافت ڪي حقيقت“ جي عنوان سان متعدد قسطن ۾ شايع ٿيو.


    ڦليلي ۽ گنجو گام

    ذوق و جمال جي علامت
    ڦليلي ۽ گنجو گام

    حيدرآباد شهر جي جاگرفيائي حدن ۾ ڦليلي ۽ گنجو گام ٻہ نهايت اهم مقامات آهن. اهي ٻئي ماضي ۾ حيدرآباد سنڌ جي سڃاڻپ رهيا آهن، بلڪ اهو سمجھون تہ هڪ جان ٻہ دليون. حيدرآباد شهر جي سير و تفريح تي نڪرنداسين تہ توهان کي هر هر چاڙهين تي چڙهڻو ۽ اتان لهڻو پوندو. اهو ان ڪري جو سڄو شهر پهاڙي سلسلن تي قائم آهي، جنهن کي گنجو ٽڪر چيو وڃي ٿو. ماهر موسميات ۽ ماهر ارضيات جو چوڻ آهي تہ حيدرآباد شهر جي آبهوا خاص جاگرافيائي ماحول ڪري معتدل آهي، جنهن ۾ شهر جي چودگرد مضافاتي شيون خصوصي طور شامل آهن. خاص طور تي حيدرآباد جو راتيون تہ قابل ذڪر آهن، جيڪي شهر جي رستن ۽ فضا کي مدهوش ڪرڻ واري ٿڌي هوا جي جھونڪن سان مست ۽ بي خود ڪري ڇڏينديون آهن. بلڪل ايئن جيئن يڪا يڪ جنت جي دري کلي وئي هجي. حيدرآباد جون راتيون پنهنجي ٿڌ ۽ راحت پهچائڻ جي خصوصيت جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهن. اهو سڀ ڪجھہ سمنڊ جي قربت ۽ سنڌو درياهہ جي حيدرآباد شهر جي ويجھو کان گذرڻ ڪري آهي. پر آبهوا خشڪ ۽ معتدل بنائڻ ۾ گنجي ٽڪر جي اهميت دخل انداز آهي. ڦليلي واهہ سالن کان حيدرآباد شهر جي راهڪن لاءِ آب حيات وارو واهہ آهي. هيءُ هڪ اهڙو واهہ آهي، جيڪو شهر جي دل آهي ۽ شهر جي ڀر پاسي مان لنگھندي هڪ طرف تہ زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، تہ ٻي طرف حسن و تازگيءَ جي علامت سمجھيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ بهترين تفريحي مقام جي حيثيت سان حيدرآباد جي شهرين جي ذوق وجمال جي تسڪين ڪندي تفريح جو سامان مهيا ڪري ٿو.
    گنجو ٽڪر ۽ ڦليلي واهہ اڄ بہ جاڙين ڀيڻين وانگر پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري شهر کي ويڙهيو ويٺا آهن. پر پهرين وارو آب و تاب نہ رهيو آهي. زماني جي انقلابن کانئن حسن و جوڀن ڦري ڇڏيو آهي. ڦليلي ٻن ميلن کان بہ وڌيڪ ڊگھو واهہ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن کي ملائڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن، جيڪي شهر جي ٻنهي ڪنارن کي پاڻ ۾ ملائين ٿيون ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪن ٿيون. پُل جو هڪ حصو ٽنڊو ٺوڙو، پريت آباد، ڀٽي ڳوٺ، ٽنڊو فضل ۽ ٽنڊو مري جي گنجان آباديءَ کي شهر سان ملائي ٿو. شهر سان ملحق اهي علائقا اڇي موري جي نالي سان مشهور آهن. ٻي طرف مارڪيٽ، هيرآباد، عامل ڪالوني جي اختتام تي ڦليلي وٽ جيڪا پل ٺهيل آهي، ان کي ”ڪاري موري“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    حيدرآباد شهر ۾ ڦليلي جي ٻنهي ڪنارن سان گڏ ڪاري موري کان وٺي اڇي موري تائين خوبصورت باغات هئا. واهہ جي بلڪل ويجھو ڪناري سان منسوب هو. هيءُ باغ ڪاري موريءَ کان شروع ٿي ”اڇي موري“ جي پل تي ختم ٿيندو هو. هيءُ پارڪ شهري تفريح جو هڪ مرڪز هوندو هو. خصوصاً عامل ڪالوني ۽ هيرآباد جا ماڻهو شام وقت هتي تفريح لاءِ ڇڪجي ايندا هئا. ماڻهو هتي ٻيڙيون بہ هلائيندا هئا ۽ واهہ جي موجن کان لطف اندوز پڻ ٿيندا هئا.
    پاڪستان کان پوءِ هيءُ واهہ جيئن جو تيئن قائم تہ آهي، پر ان جو اهو جوڀن باقي نہ رهيو آهي. هڪ اجڙيل صورتحال جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، نہ اهي گل ٻوٽا رهيا نه اها ٻيڙين تي سواري نہ اهي حسين منظر، نہ باغات، شايد مادي ضرورتن جي ڀڄ ڊڪ ۾ ماڻهن جو اهو ذوق جمال بہ ويندو رهيو. شامداس پارڪ جي لاءِ اسان کي اها ڳالهہ بہ سامهون رکڻ گھرجي تہ هندستان جي ممبئي شهر ۾ ”شامداس پارڪ“ ٽرسٽ، قائم آهي. جنهن ڀلي انسان، ماڻهن جي تفريح لاءِ اهو پارڪ جوڙايو هو، جڏهن هُو هن فاني دنيا مان هليو ويو تہ وصيت بہ ڇڏي ويو تہ منهنجي دولت مان هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي، جنهن مان ڪجھہ رقم هر سال ”شامداس پارڪ“ جي منتظمين کي رواني ڪئي وڃي. جيئن ان رقم مان پارڪ جي سار سنڀال ٿيندي رهي ۽ ان جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو رهي ٻڌو تہ اهو ئي آهي تہ سالن جا سال اها رقم بلديہ حيدرآباد جي عملدارن کي باقاعده ملندي رهي. ٿي سگھي ٿو اهو سلسلو اڄ بہ جاري هجي پر اها رقم ڪهڙيءَ طرح خرچ ٿي، ان جو پتو لڳائڻ نہ پنهنجي وس جي ڳالهہ آهي ۽ نہ ئي اهو ڪم اسان جي فرائض ۾ شامل آهي. اوهان چوندا تہ اهو وڏو سانحو آهي تہ شهر منجھان ايڏي وڏي تفريح منڍ مان ئي غائب ٿي وئي آهي تہ سائين ايترا بيشمار سانحا تہ هن شهر سان ٿي گذريا آهن. هڪ پراڻي داستان ۾ ڪنهن درويش جي صدا پڙهي هئي جيڪا هتي ياد اچي رهي آهي. هو بار بار اهو چئي رهيو هو تہ ”اهو نہ پڇو تہ دشمنَ مون کي ڪيترو ماريو آهي، ڇو تہ آئون دوستن جي روين جو ماريل آهيان“.
    گورنمينٽ ڪاليج شهر جو هڪ وڏو ڊگري ڪاليج آهي، ان جو شمار سنڌ جي انهن چند درسگاهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي انگريز دور جا ياد گار آهن، ان جي وسيع و عريض ڪيمپس تي نظر وجھڻ سان يونيورسٽيءَ جو گمان ٿئي ٿو، هُونئن اڄ تائين ان عظيم اداري جي علمي عظمت ۾ ڪا بہ ڪمي نہ آئي آهي. پر اهو سچ آهي تہ اهو قيام پاڪستان بعد بينام ٿي چڪو آهي. ورهاست کان اڳ اهو ادارو سنڌ نيشنل ڪاليج جي نالي سان مشهور هو. بعد ۾ ڪجھہ مخير حضرات خصوصاً هندن ڪاليج جي عمارت جي تعميرات ۾ حصو ورتو تہ ان جو نالو بدلائي اين اِي ڊِي نيشنل ڪاليج رکيو ويو. پر آزديءَ بعد جيئن ئي نالن جي ورهاست شروع ٿي تہ اهو ڪُڻو بہ هڪ خوشنصيب مسلمان جي جھوليءَ ۾ اچي ڪريو. يعني جڏهن مرحوم پير الاهي بخش سنڌ جو وزير اعليٰ بڻيو تہ ڪن ڏينهن لاءِ اهو ڪاليج صاحب موصوف جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. پر جيئن ئي هيءُ صاحب وزارت تان لٿو تہ هيءُ ادارو صرف گورنمينٽ ڪاليج رهجي ويو ۽ اهو نالو اڃا سوڌو قائم آهي. هاڻي جيئن تہ گورنمينٽ ڪاليج تہ سنڌ جا سمورا ئي سرڪاري ڪاليج آهن، لحاذا ڪو بہ مخصوص نالو نہ هئڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪو نہ ڪو استاد يا پوءِ شاگرد مُنجھہ ۾ پئجي ويندو آهي. خصوصاً اهڙي موقعي تي جڏهن ڪو بہ صاحب انهن کان اهو پڇندو آهي تہ اوهان ڪهڙي ڪاليج ۾ پڙهو ٿا؟ تہ جواب ملندو آهي تہ صاحب آئون گورنمينٽ ڪاليج سان منسلڪ آهيان. اها ڳالهہ انهن جي سمجھہ ۾ ناهي ايندي، حيرانيءَ مان ٻيو ڀيرو پڇندا تہ ڀائو ڪهڙي گورنمينٽ ڪاليج سان جڙيل آهيو. هاڻي جي تشريح ڪندي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿي پوندو آهي تہ منهنجو تعلق گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي سان آهي. حيدرآباد جي ان اداري کي شروع کان ئي ڦليلي ڪاليج جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پراڻي نيشنل ڪاليج جا شاگرد يا وري هر دور جا پڙهيل شاگرد اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي (ڦليلين Phulelian) چوائيندي فخر محسوس ڪندا آهن.
    هڪڙي ڳالهہ ٻي ٻڌائيندو هلان تہ حيدرآباد شهر ۾ سنڌ جي هيءَ عظيم درسگاهہ 1917 ع ۾ تعمير ٿي. اداري جي منتظمين وڏي ڇنڊ ڇاڻ بعد ان کي لب ڦليلي تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن ڪاليج تعمير ٿي ويو تہ طالب علم ۽ استادن کي سڪون قلب حاصل ٿيو، ڇو تہ علمي تحصيل ۽ ذوق مطالعي لاءِ ان کان وڌيڪ موضون جڳهہ ٻي ڪا بہ نہ ٿي ٿي سگھي. شاگردن کي حصول علم لاءِ هڪ اهڙو گوشو ملي ويو، جتي فطرت قربت بہ ملي پئي تہ شهري گوڙ گھمسان کان نجات بہ ملي پئي. پوءِ هتي قدرتي حسن ۽ نکار سان ڀرپور باغات بہ هئا تہ پاڻيءَ جي رواني جي وسعتن ۾ مهوٿي ويندا هئا. ايئن ڦليلي لفظ جي معنيٰ جيڪا مون کي سمجھہ ۾ آئي آهي، اهو پاڻي ءَ جو چشمو يا اها جاءِ جتي ڦهارو ڦٽي نڪري جتان پاڻيءَ جو سلسلو روان دوان هجي. جنهن مقام تي باغاب هجن ۽ گل ٻوٽا ڦٽندا هجن. جن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد ۾ بحيثيت سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر هئس انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج لطيف‌آباد جي ميگزين جي اشاعت جو مرحلو زور شور سان جاري هو. جڏهن ان جو نالو رکڻ تي غور شروع ٿيو تہ تمام گھڻا نالا تجويز ڪيا ويا. آئون بہ ميگزين جي اشاعتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شريڪ هئس. مون چيو تہ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، ڦليلي واهہ سال لڳو لڳ آهي، ان ڪري ان جي ميگزين جو نالو ڦليلي رکيو ويو آهي. اهڙي طرح گورنمينٽ ڪاليج لطيف‌آباد بہ جنهن ٽڪريءَ جي دامن ۾ قائم ڪيو ويو آهي، اهو گنجو ٽڪر جي نالي سان منسوب آهي تہ ڇو نہ هن جي ميگزين جو نالو ”گنجو ٽڪر“ رکيو وڃي. خود شاهہ عبدالطيف پنهنجي ڪلام ۾ بہ گنجو گام جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان واديءَ کي سٺن لفظن سان تاريخ جو حصو بنايو آهي. ان ٽڪريءَ جي سلسلي جو اصل نالو گنجو گام آهي، جيڪو گھڻن لاءِ اجنبي آهي. گورنمينٽ ڪاليج لطيف‌آباد جي ميگزين جو نالو ”گنجو ٽڪر“ رکي اسين هڪ وڃايل نالي کي وري بازياب ڪرائي سگھون ٿا. ان ڳالهہ تي اتفاق تہ ڪيو ويو، پر عمل ڪو نہ ڪيو ويو. وڌيڪ تحقيقات مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان علائقي کي ڏسڻ لاءِ ۽ سير سپاٽو ڪرڻ واسطي پري کان ڪافي ماڻهو ايندا هئا. سنڌ جي شاعرن، قصا نويسن ۽ تاريخدانن هتي جي ڪيترن روحاني ۽ تاريخي واقعن کي پنهنجي تحقيقات ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان علاوه جوڳين، سامين، صوفين، گادي نشينن انهن ٽڪرين تي چلا ڪٽيا آهن، ۽ روحانيت جي سمنڊ ۾ سمائجي عرفان جي موتين کي حاصل ڪيو آهي. انهن سٽن کي لکڻ جو مقصد پنهنجي شهر جي تهذيب کي ڄاڻڻ ۽ ان علائقي جي قديم ۽ اصل نالن کي ياد رکڻ ۽ سڃاڻڻ جو احساس ڏيارڻ هو.


    انسان دوست عظيم شاعر : شاهہ عبداللطيف ڀٽائي

    جي نہ سُڃاڻَن سچَ کي ويهہ مَ تَنين وٽ،
    املهہ کي اَڌُ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
    مُهرَ تنين وٽ مَٽِ، جي پارکو پارس جا.
    ارڙهين صديءَ جي اوائلي عرصي ۾ وطن عزيز ۾، هڪ عظيم شاعر ۽ مفڪر جنم ورتو، جنهن کي شاهہ عبداللطيف ڀٽائيرحہ جي سڳوري نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هُو حقيقي معنيٰ ۾ سچ جو ڪوڏيو ۽ پارکو آهي، جنهن جي ڪلام نہ رڳو سنڌي ادب ۽ زبان تي اڻ مِٽِ اثر ڇڏيا، بلڪ سندس محبت ڀرئي پيغام معاشري ۾ امن پيار ۽ نيڪيءَ جا هميشہ قائم رهڻ وارا جذبا پيدا ڪيا.
    هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ساري ڌرتيءَ تي افراتفري ۽ ڏهڪاءُ ڇانيل هو. ماڻهو ويچارا جيئن ٻاهرين حملا آورن جي ڏاڍ ۽ ظلمن هيٺ ڦٿڪي رهيا هئا، تيئن وري اندروني ڌاڙيلن جي ڦرلُٽ ۽ آزار کان بہ پريشان حال هئا. ان دور ۾ انسانن کي زبردستي پورهئي ۾ ڳاهڻ جو دستور عام هوندو هو. شهيد عنايت لانگاهہ جڏهن اجتماعي کيتيءَ جو رواج وڌو ۽ ماڻهن کي استحصال ۽ پرماريت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن مغل ۽ ڪلهوڙا گڏجي مٿس حملہ‌آور ٿيا ۽ کيس بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيائون. ازانسواءِ ساري سماج اندر هٿ ٺوڪيل مذهبي احڪامن جو رواج پيل هو ۽ انهيءَ جي آڙ ۾ ملا شاهيءَ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري آزاد فضا ۾ ساهہ کڻڻ مشڪل بنائي ڇڏيو هو.
    اهڙي پُر آشوب زماني ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي همئگير شخصيت اُسري، جنهن مان پنهنجي دور جو هڪ باڪمال شاعر، وسيع‌المشرب صوفي ۽ انسان دوست فلسفي اُڀريو. هن جھُريل سنڌي تهذيب جي عمارت کي نئين سر اوساريو ۽ سنواريو. حب‌الوطنيءَ جو درس ڏنو، مظلومن ۽ هيڻن جي ترجماني ڪئي، مگر انهيءَ سموري احساس پويان سندس محرڪ جذبو فقط انساني شرافت ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪرڻ هو. هن پنهنجي ڪلام وسيلي لطيف فنن جي آبياري ڪئي. شعرو شاعري ۽ راڳ ۽ موسيقيءَ کي بلنديءَ تي رسايو ۽ انهن جي وسيلي انسانن جي نفس ۾ لطيف حِس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، منجھن امن ۽ آشتيءَ جي جذبن کي پروان چاڙهيو.
    ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ!“
    سچ پچ تہ لطيف جي شاعريءَ کي ان صديءَ جو معجزو يا ڪرشمو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪو نہ آهي. انسانن جا مختلف اُڌما، اُمنگُون ۽ احساس چٽڻ ۾ سندس ڪو بہ مَٽ يا ثاني نہ آهي. سُر مارئي، سارنگ، مومل راڻو، سامونڊي، سهڻي وغيره وغيره ۾ قسمين قسمين جذبن جي عڪاسي ٿيل آهي، جن کي پڙهندي هڪ عجيب ڪيف ۽ سرور طاري ٿيو وڃي. هن وٽ ٻاهرين تصوير سان گڏ اندروني جذبن جو هڪ سهڻو ميلاپ آهي، مگر عوام جي طرفداري هر هنڌ نظر ايندي، جو ڳڻ سموري شاعريءَ ۾ قدر مشترڪ طور شامل آهي. هيٺ ڪجھہ بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.
    مسڪينن ۽ مصيبتن جي ماريل انسانن جي عڪاسي ڪهڙي ڏُکوئيندڙ ۽ دردانگيز انداز ۾ ڪيل آهي؛ ذرا ٻڌو ۽ ٿوري دير لاءِ ان کي پنهنجي تصور ۾ آڻيو!
    ڏُکي ڏَمر ناهِ، بُکي کِلَ نہ اُڄهي،
    اُگھاڙي وهانءُ، وئو ويچاريءَ وسري.
    وري
    جا عمر تو مِلِ عيدَ، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
    وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
    يا
    ڪُڻڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪيو، جھُڙُ پَسيو جھِڄنِ،
    وَر ري وانڍين اڏيا، پَکا سي م پُسن،
    اُتر ڊاهي اُن جا، تہ ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
    وارث وري تَن، اچي شال اولو ڪري!
    شاهہ ڀٽائيءَ کان آڳاٽن توڙي سندس زماني جي شاعرن کي پڙهي ڏسو، جتي مغربي شاعرن فقط اعليٰ سوسائٽيءَ جي ترجماني ڪئي آهي، اُتي مشرق جي شاعرن يا تہ پنهنجي نظمن ۾ بادشاهن جا قصيدا ڳايا آهن يا وري غزلن ۾ شخصي داخلي غم ۽ اندوهہ جو بيان پيش ڪيو اٿن. پر اسان جي شاعر جو عوام سان جيڪو تعهد Commitment آهي، تنهن جو مثال ڪٿي بہ موجود نہ آهي.
    جڏهن سنڌ ۾ اڪثر عالم ۽ انشاپرداز درٻار سان وابستہ ٿي رهجي ويا هئا. مفتي سرڪاري وظيفہ‌خوار بنجي فتوائون ڪڍڻ ۾ مصروف هئا ۽ باقي استاد بہ طاقت کي جائز ۽ برحق سمجھڻ واري فلسفي جي پوئلڳيءَ ۾ پرچار ڪندا رهيا، اهڙي استبداد واري زماني ۾ رڳو لطيف ئي هو، جنهن عوام جي طرفداريءَ ۾ درباري ٻولڙين جي ضمير تي چوٽ هنئي.
    ”جو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
    جو ٻَڌو ٻِن ڳالهيئين، سو ڪيئن چائي ڄام!“
    لطيف بلاشڪ وطن دوست هو، پر سندس وطن پرستي aggressive نہ آهي. مغربي فلسفين ۽ ايران جي شاعرن وٽ وطن پرستيءَ جو تصور جارحانہ آهي، جنهن ۾ ٻين قومن کي هيچ سمجھڻ ۽ مغلوب ڪرڻ جي خواهشن پنهان آهي. مگر ڀٽائيءَ جي وطن دوستيءَ ۾ ماڻهن جي سک سلامتي ۽ ديسن جي سڪار ۽ آسودگيءَ جو تخيل بيان ڪيل آهي.
    سارنگ سارَ لهيج الله لَڳ اُڃَن جي،
    پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان اَنُ ڪريج،
    وطن وسائيج تہ، سنگھارن سک ٿِئي.
    بلڪہ شاهہ لطيف جو ڏک يا همدردي عالمگير وسعت رکي ٿو، جا سڀني مظلوم انسانن لاءِ هڪجهڙي آهي.
    سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!
    شاهہ ڀٽائي رڳو جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ تي اڪتفا نہ ٿو ڪري ۽ پر هن ماڻهن کي جهالت مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي يقين ۾ جا بجا رهبري ڪئي ۽ هڪ باعمل ۽ بامقصد زندگي گذارڻ جو تصور ڏنو. مثال طور:
    اَڇو پاڻي لُڙ ٿيو ڪالوريو ڪَنگن،
    ايندا رَڄَ مَرنِ تنهن سَرَ مٿي هنجڙا.
    لطيف انهيءَ مثال ۾ ٻڌايو آهي تہ جڏهن ڌرتيءَ تان امن ۽ آسودگيءَ جو نالو نشان ميٽجي وڃي ٿو، تہ اهڙيءَ حالت ۾ نيڪ انسانن جو گھارڻ مشڪل بنجي پوي ٿو.
    استبدادي حالت ۾ ماڻهن جي اخلاقي حالت ڏاڍي پست ٿي پوندي آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تہ:
    ”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
    شاعر پکين جي اُڏامَ جو مثال ڏيندي ماڻهن کي محبت ۽ ٻڌيءَ ۾ رهڻ جو سبق ڏنو، جيڪي نفرتن ۽ رقابتن باعث هر وقت فساد ۾ مُبتلا رهنما ٿي آيا.
    وڳر ڪيو وَتن، پِرتِ نہ ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گھڻو.
    يا وري کين هدايت ڪندي چيائين تہ:
    هُو ڇِنَنِ تون مَ ڇِنِ پاءِ اُميري اُنَ سين.
    (هن توهم پرستي ۽ طبقاتي فرق خلاف کلم کلا اظهار ڪيو.)
    ”ڏات نہ آهي ذات تي، جو وَهي سو لَهي!“
    فساد ۽ تعصب کي ننديندي صلح اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪيائين.
    ”نِمي کَمي نِهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏکُ،
    صُلح ۾ سڀ سُکُ، جي سنواريا تون سمجھين“.
    (ماڻهن کي محنت ۽ پورهئي سان سچو رهڻ جي هدايت ڪيائين، جنهن سان حياتيءَ جو مقصد بہ هٿ اچي ٿو ۽ ان مان حقيقي لطف بہ ماڻي سگھجي ٿو.)
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهہ، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهہ، پير نہ لَهينِ پرينءَ جو.
    اهڙيءَ طرح پنهنجي شعرن ۾ انسانن کي خود قرباني ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جو لافاني سبق ڏنو اٿس. هڪ مشهور وائي ”دل ڪر درخت جي دستور“ ۾ تہ انهيءَ ويچار جي نهايت ڀرپور ترجماني ملي ٿي. رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاهہ لطيف هڪ روشن ضمير مفڪر جي حيثيت سان انسانن مان بي عملي ۽ جهالت ڪڍڻ جي ويچار کي عام ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ فطرت جي سادن سودن مثالن مان اشارا ۽ ڪنايا حاصل ڪري پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيائين، جنهن سان سندس شاعرانہ اظهار نهايت ئي ڪامياب ۽ اثرائتو بنجي ويو آهي.
    شاهہ لطيف جو رسالو پڙهبو تہ هُو هڪ اهڙو انسان دوست شاعر نظر ايندو، جنهن جي ڪلام ۾ سواءِ پيار ۽ اَمن جي، ٻي ڪنهن بہ جذبي کي واکاڻيو نہ ويو آهي. سندس سوچ ۽ فڪر جو سلسلو سنئون سڌو تصوف سان ڳنڍيل آهي، جو انهيءَ دور ۾ انسان دوستيءَ جي هڪ عالمگير تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪو هو.
    شاهہ لطيف جي زندگيءَ جو مقصد صوفين وانگر وحدانيت جي فلسفي کي عام ڪرڻ هو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هيڪڙائي“ چئجي ٿو. تصوف ۾ دراصل انساني همدردي ۽ خشنوديءَ جو پيغام آهي، جنهن ۾ رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهبن جي ڀيد ڀاوَ کان سواءِ سمورا انسان برابر سمجھيا ويندا آهن. ان ڪري اسان جي شاعر بہ نهايت رقت ۽ سوز سان وحدت جي پچار ڪئي آهي. هُو چوي ٿو تہ:
    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلِ،
    هو هُلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.
    ان جو مطلب آهي تہ جيئن تہ ڪثرت دراصل وحدت آهي، تنهنڪري سموري انسانذات کي وحدت شمار ڪرڻ گھرجي.
    اهڙيءَ طرح شاهہ عبدللطيف ڀٽائيرحہ هڪ پاسي عوام جي امنگن جو ترجمان آهي تہ ٻي پاسي وري امن ۽ انسانيت جو پيامبر ۽ صلح ڪُل جو داعي آهي. هُو پنهنجي ڪلام وسيلي اهڙي بصيرت پيدا ڪرڻ گھُري ٿو، جو انسان نفسانفسي ۽ ماده پرستيءَ جي ڪشمڪش کان آجا ٿين ۽ هُو پنهنجي زندگيءَ ۾ مقصد کي حاصل ڪرڻ سان گڏ ذهني سڪون ۽ روحاني لطف سان بہ همڪنار ٿي سگھن.


    مدن ڀڳت : 1667ع 1744ع

    مدن ڀڳت نہ رڳو صوفي سنت ۽ بيت گو شاعر هو، بلڪہ هُو پنهنجي دور جو ڏاهو ۽ ڀوڳائي پڻ هو. هن جي والد جو اصل نالو ڌنجي هو ۽ آڪه تولاڻي سڏبي هئي، پر جيئن تہ ننڍي هوندي کان ئي ڌنجي تي چيتن نالو پيل هو، ان ڪري وڏي هوندي بہ ماڻهن ۾ چيتن تولاڻي سڏبو هو. هو اڃا ننڍو ٻالڪ هو، جو ماتا جي بيماريءَ مٿس حملو ڪيو، جنهن ڪري اکين کان جھانوِرو ٿي پيو. مدن پيءُ جو ٻيون نمبر فرزند هو. هن جو جنم پنهنجي ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻ ۾ خميس 12 جنوري 1667ع ۾ ٿيو. هُو ڳوٺ تعلقي هالا ۾ هوندو هو، جيڪو سنہ 1880ع ڌاري دريا جي پائيندڙ ۾ لڙهي ويو، جنهن بعد هنن جو ڪٽنب اول ڪوٽڙي ۽ ان کان پوءِ هالا ۾ لڏي وڃي ويٺا. مدن جي پيءُ جي نظر جيتوڻيڪ ڪمزور هئي، تاهم هو وديا سان چاهہ رکندو هو. هُن شوق پائي ڌرمي سکيا ۽ ويدانيت جو علم ويجھي ڇڪ ۾ ڪنهن ساڌو سنت کان پڙهيو. چيتن کي ساڌن ۽ صوفين جي صحبت مان گھڻي رس راحت ايندي هئي. کيس شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي والد شاهہ حبيب سان گھڻي عقيدت هوندي هئي. مدن کي ننڍي هوندي کان پيءُ هميشہ پاڻ سان کڻندو ۽ سرور ساز وارين روحاني ڪچهرين ۾ گڏ وٺي هلندو هو. ان ڪري فطري طور مدن کي بہ ننڍي هوندي ئي ساڌن، ڀڳتن، صوفين ۽ راڳين سان هڪ قسم جو چاهہ ۽ انسيت پيدا ٿي وئي. اُها مدن جي ويدانتي تعليم ۽ ماحول جو اثر هو، جنهن ڪري هُو وڏي ڏيا ۽ ڪلا جو مالڪ بنجي ويو.
    مدن ڀڳت، پنهنجي وقت جي اهم اڀريل شخصيت هو، هُو وديا رکندڙ ودوان بہ هو تہ هڪ بهترين ڀڳتي وجھندڙ ۽ راڳي بہ هوندو هو. ان کان علاوه هُو شاعر ۽ ڪلام گو بہ هو. انهن سڀني خوبين هئڻ باوجود بہ علمي دنيا ۾ سندس شهرت فقط هڪ ڀوڳائي هجڻ باعث ئي آهي. سنڌي ادبي تاريخ جي لکندڙن مدن کي ڪا خاص اهميت نہ ڏني آهي، هُن جو تذڪرو سطحي انداز ۾ لکيل ملي ٿو، ڄڻ تہ هو ڪو مسخرو يا رواجي مقلد يا پينار هو پر ايئن هرگز نہ آهي. دراصل مدن ڀوڳ جي فني روايت سان ڳنڍيل، پنهنجي وقت جو نهايت ڏاهو شخص هو، جنهن جا گفتا ۽ مقالون وتائي فقير جي انداز ۾ بي نظير ڏاهپ جو ڏانءُ ڏين ٿيون. مدن ڀڳت اهلِ دل ۽ اهلِ فن روحاني بزرگن جي صحبت ۾ هميشہ اُٿندو ويهندو هو. هُن جي خوش طبع ظرافت ۽ مزاح ڀريل گفتن ۽ مقالُن ۾ مهميزُون ۽ رمزُون ڀريل هونديون هيون. اهڙيون روايتون موجود آهن تہ وقت جا ٻہ وڏا اهل الله بزرگ ۽ شاعر ميون عنايت شاهہ رضوي ۽ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي، جيڪي صاحب رسالہ بہ آهن، تن سان مدن ڀڳت جون رهاڻيون ٿينديون هيون ۽ هُو فقط مدن جي ڀوڳ جي. نڪتن مان محظوظ ٿيڻ خاطر ساڻس سوال جواب ڪندا هئا. عام خلق ۾ هُن جا ڀوڳ وارا ٽوٽڪا ڪافي مقبول هوندا هئا. پر ڪِن ڪتابن ۾ بہ مدن جون قيل مقال واريون ڪجھہ روايتون ملن ٿيون، جيڪي سندس وقت جي سالڪن سان ڪيل نوڪ جھوڪ بابت آهن. سندس گفتا ۽ ٻول ڀوڳ جو بهترين نمونو آهن. هيٺ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
    هڪ ڀيري ڪنهن مريد شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي نيازمنديءَ سان عاجزانہ انداز ۾ دل جو حال ٻڌايو ۽ شڪايت ڪندي چيو تہ مدن ڀلي کڻي پاڻ کي مريد بہ ظاهر ڪندو هجي. اصل ۾ آهي تہ تڇ جهڙو بہ ڪين، پر هن کي خوءِ ڏاڍي آهي. ڪٿي واڻيو تہ ڪٿي سيد! سندس مقالُن مان ايئن ٿو لڳي تہ هن کي مسلمان ۽ هندوءَ جي درجي جي خبر نہ آهي. هُو ڳالهائڻ ۾ ڪو، فرق ۽ آداب نہ ٿو رکي!
    شاهہ لطيف نهايت نرمائيءَ مان چيو ”سچ پچ ايئن آهي ڇا؟“
    ”هن مهل مدن ڪٿي هوندو؟“
    ”مرشد سڳورا هينئر هينئر ڀڳتي تان واپس پنهنجي جھُڳيءَ ۾ آيو آهي.“
    لطيف فرمايو:
    ”ڀلا توهان ٽي ڄڻا گڏجي وڃو، ڀلي تہ ٻہ ڄڻا شاهد هجن. کانئس هڪڙي سوال جو جواب پڇي اَچو. ڏسو تہ ڪهڙو ٿو مغالطو يا غلط بياني ڪري؟“
    مريد پڇيو: ”مرشد سائين ڪهڙو سوال؟“
    ”اهو سوال وڃي ڪريوس تہ سيد لطيف ڇا آهي؟ ۽ مدن ڇا آهي؟، ”اهو سولو سادو سوال آهي، ڪا بہ قيل مقال ڪري نہ سگھندو. جيڪڏهن اڍنگو جواب ڏنائين تہ وري کيس ڪڏهن بہ ڪچهريءَ ۾ اچڻ نہ ڏبو“. ٽيئي مريد سڌا جھوپڙيءَ جي در وٽ پهتا ۽ مدن مدن ڪري سڏڻ لڳا! جڏهن تمام گھڻا واڪا ڪري چڪا، تڏهن مدن آهستي آهستي ننڊاکڙو وٽن اچي پهتو. اڙي توهين هن ڪمهل ۾ ڇو آيا آهيو؟ خبر نہ اَٿوَ ڀڳت ڪري هاڻي موٽيو آهيان. هيءُ وقت منهنجي ايڪانت جو آهي!
    ”پر مرشد سڳوري اسان کي تو وٽ هڪڙي سوال جو جواب وٺڻ لاءِ موڪليو آهي، جواب بہ هينئر جو هينئر کپي“.
    ٻڌايو ڪهڙو سوال آهي؟ مدن ڇوهہ مان پُڇيو.
    ”اهو ئي تہ مرشد لطيف سائين ڇا آهي ۽ تون مدن ڇا آهين؟“
    بس ڳالهہ بہ ايتري جو ننڊ ڦٽائي اَٿوَ! وڃي مرشد کي چئوس تہ ”تون ڌوڙ ۽ آئون ڇائي آهيان!“
    مدن تہ ايترو چئي جھُوپڙيءَ جو در بند ڪري وڃي ويٺو، پر مريد تاءُ ۾ اچي ويا. هُو گھٽ وڌ ڳالهائيندا انهيءَ پير اچي مرشد وٽ پهتا!
    شاهہ لطيف کين ڪاوڙيل ڏسي سبب پُڇيو.
    ”الله اسان کي اهڙي زبان نہ ڏي جو اهڙو بيهودو جواب اوهان کي ٻڌايون، جيڪو مدن چيو آهي“.
    آخر لطيف سائين جي اصرار تي هڪڙي مريد ٻڌايو تہ مدن چوي ٿو تہ مرشد لطيف ڌوڙ آهي ۽ آئون ڇائي آهيان.
    شاهہ عبداللطيف اهي گفتا ٻڌي مشڪيو ۽ چيائين اوهان ٽيئي ڄڻا ڀليا آهيو، مدن تہ سَو سيڪڙو سچ چيو آهي. آئون جهان مان برقعو مٽائڻ بعد زمين ۾ دفن ٿي ڌوڙ ٿيندس ۽ مدن پرلوڪ وڃڻ بعد باهہ ۾ سڙي ڇائي ٿي ويندو. ان ۾ ڀلا هن ڪهڙي غلط بياني ڪئي آهي؟ مريد اها تشريح ٻڌي اطمينان سان هليا ويا!


    هڪ ناميارو تعليمي عملدار: محمد اسماعيل عرساڻي

    علمي ۽ ادبي ميدان ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪارنامن کان ڪير واقف نہ هوندو؟ سنڌي معاشرو هن وقت بہ ”عرساڻي“ جي نالي سان اوترو ئي مانوس آهي، جيترو حياتيءَ ۾ سندس اسم معروف هوندو هو. اهو نالو فقط ڪنهن رواجي ليکڪ جو نہ آهي، بلڪ هُو حقيقي معنيٰ ۾ اديب ۽ فنڪار هو. ثقافتي ۽ فني پسمنظر ۾ ڏسبو تہ هُو ماهر تعليم، اعليٰ نصاب‌دان ۽ قابل ڪار ڊرامہ‌نگار جي حيثيت کان بلند مقام تي فائز نظر ايندو. عملي زندگيءَ ۾ هُو ساري عمر تعليم جي شعبي سان ئي وابستہ رهيو.
    ماضي قريب ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪيئي تعليم جا دلداده ۽ هڏ ڏوکي انسان پيدا ٿيا، جن جي اورچائي ۽ جاکوڙ سبب ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جو ڦهلاءُ ٿيڻ لڳو، ۽ ٿوري عرصي اندر پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو ڄار سموري علائقي ۾ وڇائجي ويو. برٽش راڄ ۾ ڪافي عرصي تائين سنڌ ۾ ڪو خاطر خواهہ تعليمي انتظام قائم نہ ٿي سگھيو هو. اهو يا تہ شخصي ايثار يا وري فقط لوڪل بورڊ جي سهاري سان جاري رهندو آيو ۽ قابل ذڪر ڳالهہ اها هئي تہ مسلمان شاگردن جو تعداد انهن ۾ تمام قليل هوندو هو.
    پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، تعليم جي ترقيءَ جا حقيقي موقعا تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن سنڌ ۾ هڪ سرڪاري تعليمي نظام وجود ورتو. ان جي برڪت سان جلدي هڪ اهڙو ذهني انقلاب آيو، جو مختصر مدت ۾ ئي لاتعداد سنڌي شاگرد اعليٰ تعليم پرائي ملڪ ۽ ملت جي خدمت تي مامور ٿيڻ لڳا ۽ اڃا تائين بہ هر سال هزارين لکين نؤنهال ۽ نؤ عمر شاگرد تعليم مڪمل ڪري زندگيءَ جي راهہ ۾ اڳتي وڌندا رهن ٿا.
    اسان جو تعليمي نظام ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جي ٽن مرحلن ۾ ورڇيل آهي. شاگردن کي بنيادي ۽ ثانوي درجن ۾ مادري زبان وسيلي گھڻي ۾ گھڻي معلومات فراهم ڪري منجھن ذهانت پيدا ڪئي وڃي ٿي ۽ هُو آسانيءَ سان تعليمي منزلون پار ڪرڻ جا اهل ٿي وڃن ٿا. پر اها ڳالهہ وسارڻ نہ گھرجي تہ اها ڪاميابيءَ جي سموري حاصلات فقط انهن استادن ۽ عملدارن جي ذهانت ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪي وقت بوقت بنيادي سنڌي تعليم جا نگران ۽ منتظم ٿيندا رهيا. جيڪڏهن هُو پنهنجي بيش بها لياقتن ۽ ڀرپور صلاحيتن سان خدمتون بجا نہ آڻين ها، تہ سنڌي ذهن ۽ ذڪا جو ايترو جلد واڌارو ممڪن بنجي نہ سگھي ها. دراصل اهڙن استادن جي طفيل ئي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پائڻ جو رواج پرائمري ڏاڪي کان ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي سگھيو.
    جيڪڏهن گذريل اڌ صديءَ جي سنڌ جي ثقافتي ۽ تعليمي تاريخ تي نگاهہ وجھنداسون تہ انتظام، محنت ۽ قابليت جي لحاظ کان بلاشڪ اسان کي ڪيئي قابل قدر تعليمي عملدارن جا نالا ڏسڻ ۾ ايندا، مگر انهن مڙني ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي شخصيت يگانہ روزگار معلوم ٿيندي، جيڪا خاص ڳالهہ کيس ٻين کان ممتاز ڪري بيهاري ٿي سا اها آهي، جو هن نہ فقط تعليم عام ڪرڻ ۾ جفاڪشي ڪئي، بلڪہ نصاب ۽ درسيات ۾ توسيع آڻي، معيار جي پد تائين رسائڻ ۾ بهترين تخليقي صلاحيتن جو استعمال پڻ ڪيو. هُو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي زماني جو مثالي تعليمي ماهر ۽ نصابدان هئڻ سان گڏ بي مثل تخليقار ۽ اديب جو مقام پڻ رکندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو تہ سندس همعصرن مان فقط دوچند تعليمي آفيسر ئي اهڙا هئا، جن جي ٻولي يا نصاب ۾ ڪا معمولي ڪنٽريبيوشن شمار ۾ آڻڻ جهڙي آهي. مگر تعليم پکيڙڻ ۾ طبعي هڻ هڻان سان گڏ عرساڻي صاحب جو ذهني پورهيو بہ شامل هو. هُو ٻوليءَ توڙي نصاب تي ماهرانہ دسترس رکندڙ عالم مڃيو ويو.
    عرساڻي صاحب وچولي سنڌ ۾ هالا نوان جي ننڍي شهر ۾ 1906ع ۾ ڄائو هو. جنهن کي ان وقت بہ هڪ وڏي قصبي (Town) جو درجو حاصل هو. سندس والد محمد هاشم جو وقت جي هڪ نالي واري گھِراڻي جو فرد هوندو هو. سو، اول تہ هڪ عريضي نويس هو، پر پوءِ سندس قابليت ۽ مستعدي ڏسندي هالا جي مخدومن کيس پنهنجو معتمد خاص ۽ زمينن جو عام مختيار مقرر ڪيو. سندس چاچن مان پڻ وڏو چاچو تجارت ۾ لڳل هو ۽ ٻيون سرڪاري ملازمت ۾ تہ ٽيون وري زمينداريءَ سان منسلڪ هو. ان وقت هيءُ ڳوٺ جو پڙهيل ڪڙهيل خاندان سمجھو ويندو هو. سندن حويليون ۽ جايون بہ پڪسريون هونديون هيون. مطلب تہ هڪ سکيو ستابو ۽ آسودو ڪٽنب هو. سندن پاڙو شهر جي ڇيڙي وٽ عارباڻي گھٽيءَ جي نالي سان اڃا تائين سڏجي ٿو. جتان اڳي ٻنيون هونديون هيون، ليڪن هينئر نيون ڪالونيون ٺهنديون وڃن ٿيون ۽ هن وقت ان محلي سان ملحق طالب الموليٰ ڪالوني سڏجي ٿي.
    هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن ساري سنڌ ۾ نوان سماجي ۽ تعليمي سڌارا اچي رهيا هئا. انگريزي تعليم جا اسڪول سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رواج پائي چڪا هئا. ننڍڙي اسماعيل بہ هالا ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ۽ انگريزيءَ جا ست درجا حيدرآباد جي نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچي ۾ پڙهيا ۽ 1924ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. هالا ۾ ان دور ۾ تعليم اڃا ايتري ڪا نہ ڦهلي هئي ۽ عرساڻي هندن ۽ مسلمانن ۾ پهريون هالائي شاگرد هو، جنهن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو. جيڪا ان زماني ۾ وڏي ڳالهہ ليکي ويندي هئي، ڇاڪاڻ تہ ميٽرڪ کي مان ۽ مرتبي جي حصول جو ذريعو ليکيو ويندو هو. بي. اي.، بي. ٽي. جي تعليم ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان حاصل ڪرڻ بعد، عرساڻي صاحب عملي زندگيءَ جو آغاز 1935ع ڌاري ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت سان ڪيو. حالانڪ دوران تعليم هُو سنڌ مدرست الاسلام ۽ ٻين اسڪولن ۾ ٽيچر جي حيثيت سان مختصر مدت واريون ملازمتون ڪري پنهنجو نالو روشن ڪري چڪو هو. هُو تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي انتهائي قابليت ۽ جفاڪشيءَ سان فرائض انجام ڏيندو ۽ ڪاميابين سان سرفراز ٿيندو رهيو ۽ 1966ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد هڪ سال تائين، جامعہ عربيہ هاءِ اسڪول جي انتظاميہ جي استدعا تي ان اداري جو هيڊماستر ٿي رهيو. اتي پڻ ساڳي چابڪ دستيءَ سان ڪم ڪندي تعليمي ماحول برقرار رکيائين. ليڪن اکين جي بينائيءَ جو عارضو ٿي پوڻ سبب فرائض تان سبڪدوش ٿي ويو. باقي زندگي بہ ڪوشش ڪندي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائين ۽ ڀرپور زندگي ماڻي 1986ع ۾ وفات پاتائين.
    عرساڻي صاحب جي شخصيت تي جيڪڏهن نظر وجھنداسون تہ اسان کي ان جا ٽي روشن تر پهلو ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي سندس عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ ۽ نيڪناميءَ جو سبب بنيا. اول تہ هن جي عمل ۽ ڪردار ۾ جفاڪشي ۽ اصول پسنديءَ جو انگ شامل هوندو هو. ٻيون تہ هُو اعليٰ درجي جي انتظامي صلاحيت ۽ اهليت جا مالڪ هوندا هئا. ٽيون تہ تدريسي فن، ٻولي ۽ ادب تي بي مثل مهارت رکندا هئا. انهن خوبين باعث هڪ طرف هُو بهترين ماهر تعليم ۽ اعليٰ منتظم ثابت ٿيو تہ ٻي طرف وري معاشري ۾ وڏي شهرت ۽ عزت پاتائين. سندس اَيام ڪاريءَ کي ڏسبو تہ اها ڳالهہ ڀليءَ ڀت معلوم ٿيندي تہ هُو جنهن اداري ۾ رهيو ۽ جتي بہ ڪم ڪيائين. ان کي بلڪل عملي ۽ افادي بنائي ڇڏيائين.
    عرساڻي جواني ۽ عمر عزيز جو وڏو عرصو سنڌ جي دور دراز علائقن ۾ مقصد جي برصوابيءَ لاءِ جهد مسلسل ڪندي گذاريو. نہ فقط ايترو بلڪ ان سان گڏوگڏ هُو ذهني ڪاوشون بہ انجام ڏيندو رهيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي ليول تائين سنڌيءَ ۾ لکجندڙ سبجيڪٽن کي تخليقي جهت ڏانهن موڙيو ۽ اهڙيءَ طرح سان سنڌي نصاب کي هر لحاظ کان سهل ۽ افادي بنائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. تعليم عام ڪرڻ ۽ ترغيب ڏيڻ خاطر هن شاگردن ۽ عوام لاءِ دلچسپ ۽ اصلاحي مگر فني لحاظ کان انتهائي بلند ڊراما تحرير ڪيا، جن معاشري ۽ ادب ۾ بلند مقام پيدا ڪيو.

    عمل ۽ ڪردار
    محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي دوران ملازمت هڪ نهايت ئي بااصول، فرض شناس، تيز فهم ۽ تيز عمل آفيسر ڏٺو ويو. فرض جي پوئواري ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ هُو عملي انسان (Practical man) تہ هو ئي، پر ان کان وڌيڪ هُو هر معاملي کي مشيني ڍنگ (Mechanism) رستي حل ڪرڻ جو عادي هو. انسپيڪشن جو ڪم هجي، محض وزٽ هجي يا تدريس ۽ سکيا جو ڪو فرض مٿس عائد ٿيل هجي، يا ڪنهن نازڪ مسئلي لاءِ ڪو ناگزير قدم کڻڻو هوندو هوس تہ هُو ان کي حيرت‌انگيز طور تي سرعت سان انجام ڏيندو هو. وس ڪندي هن پنهنجي فرائض ۾ ڪڏهن بہ ڪا ڪوتاهي اچڻ نہ ڏني ۽ تعليم جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ بي دريغ سندس قدم کڄندا هئا. مشڪل تر حالتن ۾ بہ هُو پنهنجي مشن کي جاري رکيو ايندو هو. ايتري قدر جو هن جا پنهنجا هم ڪار رفيق بہ سندس ڪاميابين تي رشڪ کائيندا ۽ انگشت بدندان رهجي ويندا هئا.
    اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جي نتيجي خيز رهڻ جو سارو دارومدار فقط استاد جي محنت ۽ توجھہ تي هوندو آهي. جيڪڏهن تدريسي نظام ۾ ڪا گھٽ وڌائي پيدا ٿي ۽ استاد طرفان تساهل جو ڪو برتاءُ ٿيو تہ يقيناً تعليم غير منظم رهجي ويندي. هڪ تعليمي آفيسر جو اصلي ڪم بہ فقط اهو ئي هئڻ گھرجي تہ هُو ڏسي تہ تدريسي عمل هنرمنديءَ ۽ بنان ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو اچي ۽ شاگرد تعليمي سکيا مان حقيقي طور تي فيضياب ٿين. ان ڪري نائب ۽ بالا عملدارن جي فرائض ۾ اها ڳالهہ اولين طور شامل سمجھي وئي آهي تہ هُو وقت بوقت مختلف وقفن درميان اسڪولن جي جاچ ۽ شاگردن جي تعليمي استعداد جي چڪاس ۽ آزمائش پنهنجي سِر بہ ڪندا رهن. استادن کي پڻ سکيا جي خامين کان وقت بہ وقت آگاهہ ڪن ۽ سندن رهبري ڪندا رهن.

    ڪو زمانو هو، جو ناظم تعليمات بہ ازخود هلي اچي هاءِ اسڪول تہ ڇا پر پرائمري اسڪولن ۾ بہ سبق پڙهائيندا ۽ شاگردن جي آزمائش لهندا ۽ امتحان وٺندا هئا. اهو طريقو قابل استادن ۽ هوشيار شاگردن ۾ نہ رڳو همت افزائيءَ جو سبب ٿيندو هو، بلڪہ ڪمزور استاد بہ خاميون دور ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا هئا، جنهن ڪري پڙهائيءَ ۾ هڪ طرف چاهہ ٿيندو هو تہ ٻي طرف تعليم مؤثر بنجندي رهندي هئي. ليڪن هن وقت اهو حال آهي جو ساليانہ انسپيڪشن بہ فقط آگ لاهڻ خاطر ڪئي وڃي ٿي. نہ تہ بيٽ عملدار تہ گھڻو ڪري امتحاني شيٽس بہ گھر ويٺي صحيحون ڪري ڇڏيندا آهن. اڳي برٽش دور ۾ ۽ پاڪستان ۾ بہ ڪجھہ زماني تائين تعليم کاتي جا آفيسر باقاعدي دورا ڪري درسگاهون وزٽ ڪندا هئا ۽ ڪلاسن ۾ وڃي پڙهائيءَ جو جائزو وٺندا هئا. ڊاڪٽر دائودپوٽي جهڙي قابل ذڪر هستي، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي تي فائز هوندي هئي، تنهن جا بہ ڪيئي مثال آهن تہ هُو صاحب بذات خود هاءِ اسڪول تہ ڇا بلڪہ دور دراز هنڌن تي پرائمري اسڪولن ۾ هليو ويندو هو ۽ خود سبق ڏئي ڏيکاريندو هو. ليڪن هينئر اسان جا ڊائريڪٽر صاحبان صرف ثانوي اسڪولن ۾ وڃڻ کان بہ ڪترائين ٿا. شايد هُو ان ۾ پنهنجي گھٽتائي محسوس ڪندا هجن.
    محمد اسماعيل عرساڻي 1935ع کان 1950ع تائين، ٿرپارڪر جهڙي ريگستاني علائقي ۾ عملداري ڪئي، جتي ڏورانهن هنڌن تي اسڪول هوندا هئا. وارياسي برپٽ ۾ انهن ڏينهن ۾ سفر ڪندي تمام گھڻيون صعوبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون، پر عرساڻي، شيڊيول مطابق مهيني جا مقرر ڏينهن گشت ۾ رهي ڪلاسن جو باقاعده جائزو وٺندو رهندو هو. سندس محنت ۽ جاکوڙ تعليم کي مقبول ۽ تدريسي ماحول کي ڪشش انگيز بنايو، جنهن ڪري اسڪولن ۾ بہ ڏينهن بہ ڏينهن اضافو ٿيندو ويو. تعليمي خدمت‌گذاريءَ باعث هُو هندن ۽ مسلمانن ۾ هر دلعزيز بنجي ويو ۽ گھڻا دفعا ايئن بہ ٿيو جو جڏهن سندس بدليءَ جا احڪامات صادر ٿيندا هئا تہ ٿر جا پئنچ، مکي، لوڪل بورڊ جا چيئرمين ۽ چڱا مڙس سڀئي سرڪار تي زور ڀري سندس آرڊر رد ڪرائي دم پٽيندا هئا. ٿرپارڪر کان علاوه هاڻوڪن سانگھڙ، بدين ضلعن، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن، حيدرآباد شهر ۽ ضلع کان سواءِ لاڙڪاڻي ضلع ۾ بہ تعليمي عملدار جي حيثيت ۾ ساڳيءَ ريت سرگرم عمل رهي هن سڌارا آڻڻ ۾ نالو ڪڍيو.
    هن جي ڪاميابين ۾ سندس مستقل مزاجي ۽ اصول پسنديءَ کي گھڻو دخل حاصل هو. هُو جهڙيءَ طرح پاڻ تعليم ۽ سکيا جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهندو هو تهڙيءَ طرح ٻي جي طرفان بہ نظم و نسق ۾ ڪنهن قسم جي فروگداشت برداشت نہ ڪندو هو. هُو توري تڪي ۽ جانچ جونچ بعد ڪو قدم کڻندو هو. درسگاهن جو سڌارو، تعليم جو ڦهلاءُ ۽ صحيح ماحول پيدا ڪرڻ سندس هميشہ کان مطمح نظر هوندو هو. اهڙيءَ طرح هُو فرائض جي بجاآوريءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جو رک رکاءُ نہ ڪندو هو. خصوصاً اسان جي معاشري ۾ جيڪي قدر رائج آهن، تن ۾ کرو ۽ سچو فيصلو ڪِن حالتن ۾ مشڪل صورتحال بہ پيدا ڪري وجھندو آهي. بعض اوقات بالا عملدارن جون سفارشون قبول نہ ڪرڻ باعث انهن طرفان راهہ ۾ رڪاوٽون وڌيون وينديون هيون يا تہ وري ڪڏهن وقت جا ناهنجار صاحب اقتدار سندس فرائض ۾ رخنہ‌انداز ٿيندا هئا. ليڪن هر صورت عرساڻي اڏول هوندو هو ۽ پيش ايندڙ مشڪلاتون سندس جبل جيڏي حوصلي سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي وينديون هيون! ناجائز سفارش نہ مڃڻ جي پاداش ۾ ڪيترا ڀيرا سندس بدليون بہ ڪيون ويون، پر هو نئين عهدي تي تهائين مستعديءَ سان فرائض جي بجا آوريءَ ۾ جنبي ويندو هو!
    انتظامي صلاحيت ۽ اهليت بہ خداداد قابليت ۽ گڻ آهي، جيڪو اسان جي هن دلداده هستيءَ ۾ بي پناهہ طور تي موجود هوندو هو. منجھس معاملہ فهمي ۽ قوت فيصلہ جو ملڪو بدرجہ اُتم موجود هوندو هو. هُو تيز فهم بہ اهڙو ئي هو، جو يڪدم معاملي جي تهہ تائين پهچي ويندو هو ۽ مسئلو بنان دير حل ڪري سگھندو هو. ان دور ۾ ماڻهن جو تعليم ۾ چاهہ جيتوڻيڪ بنهہ گھٽ هوندو هو، پر جذبي جي سچائي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ اڳيان ڪا بہ ڳالهہ مشڪل نہ رهندي آهي. اهي هن جون غير معمولي لياقتون ۽ قوتون ئي هيون، جن سبب هُو معاشري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھيو. سازگار ماحول پيدا ڪرڻ واسطي اول هُو ماڻهن جي رواج ۽ ثقافتي قدرن کي سمجھي ساڻن هلت ڪندو هو ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن سان رلي ملي ويندو هو. هُو تعليمي ادارن ۾ نظم ۽ ضبط جي هر لحاظ کان پابندي ڪرائيندو هو. تدريس ۽ سکيا کي اثرائتي انداز ۾ جاري رکڻ لاءِ هُو ذاتي طور ان سان سٻنڌ رکندو هو ۽ عملي تعليم ۽ سبق جي اجراءُ ۾ خود حصو وٺندو رهندو هو. استادن جي رهبريءَ واسطي هميشہ ڪوشان رهندو هو. مطلب تہ هُو جتي بہ رهندو هو اُتي پنهنجي بهترين صلاحيتن کان ڪم وٺندي تعليمي معيار ۽ انتظام برقرار رکڻ ۾ هڪ مثال قائم ڪندو هو. جن فردن سندس ڪارڪردگيءَ کي ڏٺو هو، سندس اَيام ڪاريءَ ۾ ڪنهن تجربي يا آزمودي کان گذريا هئا، تن جي زبان تي اڄ بہ اهي ئي گفتا هوندا آهن تہ ”عرساڻي صاحب جهڙا آفيسر ڪٿي لڀن؟ عرساڻي چئي کڻي بس ڪر“.
    اعليٰ تعليمي عملدار ۽ ڪارپرداز عرساڻيءَ سان ذاتي طور کڻي ڪيڏو بہ اختلاف رکندا هجن، ليڪن اهي بہ کيس هڪ بهترين منتظم جي حيثيت ۾ تسليم ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن بہ ڪنهن بگڙيل اداري کي سنوارڻ يا ڪنهن درسگاهہ ۾ تعليمي فضا قائم رکڻ لاءِ ڪنهن باصلاحيت ۽ برجستي آفيسر جي ضرورت پيش ايندي هئي تہ يڪدم ان جاءِ تي عرساڻيءَ جو تقرر ڪيو ويندو هو، جنهن جي اچڻ سان ئي اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ چار چنڊ لڳي ويندا هئا! هن جيڪڏهن ڪٿي هيڊ ماستر ٿي فرائض انجام ڏنا يا فقط هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ئي کڻي ڪم ڪيو، پر سندس قابليت ۽ هوشياري جتي ڪٿي جادوءَ جهڙو اثر ڪري گذرندي هئي. هُو هڪ ذهين استاد هو. انگريزي، رياضي، ڊرائڱ، سنڌي، فارسي ۽ جاگرافيءَ تي خداداد ملڪو رکندو هو ۽ انتهائي هنرمندانہ انداز سان سيکاريندو هو. سندس سکيا مان شاگرد پورو پورو حظ حاصل ڪري سگھندا هئا. ڪريم بخش چنا (مرحوم) جيڪو خود معروف ايڊيوڪيشنل آفيسر ٿي رهيو هو، تنهن مون سان ڳالهہ ڪئي تہ اسان جي تعليمي سال ۾ فقط ٽي مهينا رهجي ويا هئا، جو سنڌ مدرسة الاسلام ۾ عرساڻي صاحب اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو. هن انگريزي گرامر ۽ ترجمي جا اصول اهڙي تہ انداز سان سيکاريا جو اُهي منهنجي دل تي ايئن نقش ٿي ويا جو هن عمر تائين نہ وسريا اٿم. اهڙيءَ طرح هالا جي هاءِ اسڪول ۽ ٻين بہ جن اسڪولن ۾ جتي بہ کيس درس و تدريس جو موقعو مليو، اُتي هن خوب پنهنجا استادانہ جوهر ڏيکاريا. سندس تدريس مان نڪتل فردن جي واتان بي تحاشا ايئن ئي ٻڌبو آهي تہ ”عرساڻيءَ جهڙا استاد ڪٿي!“ هُو تربيتي ادارن ۾ زير تربيت استادن سامهون جيڪي ڊمانسٽريشن ليسن هلائيندو هو، سي انتهائي مثالي ٿيندا هئا. پوءِ چاهي اهي انگريزيءَ ۾ هجن يا سنڌيءَ ۾. بلڪہ مادري ٻوليءَ ۾ تہ گويا سادي ۽ آسان ٻوليءَ جي تخليق ڪندو هو. جنهن ڪري موضوع اڃا ئي مزيدار ۽ اثرائتو ٿي پوندو هو. بي ايڊ جي شاگردن کي عملي سبق جيڪي انگريزي يا سنڌيءَ ۾ لکي ڏيندو هو سي لاثاني سمجھيا ويندا هئا. اگر کيس ڪنهن موضوع تي انگريزي يا سنڌيءَ ۾ مضمون لکڻ لاءِ ڏنو ويندو هو تہ اوڏي مهل ئي هُو قلم کڻي تحرير شروع ڪندو هو ۽ هڪ نشست ۾ اتي جو اتي بنان دير لکي پورو ڪندو هو. هن جهڙو ٻيو ڪو بہ زباندان يا استاد نہ ڏٺو ويو آهي. هن جو هر مضمون درجي يا جماعت جي استعداد مطابق بلڪل پورو هوندو هو. ازانسواءِ اهو موزون، با معنيٰ ۽ هر لحاظ کان مڪمل ٿيندو هو. ٻولي ۽ پيشڪش جو تہ ڪو جواب ئي نہ هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو انگريزدان ۽ سنڌي نويس بہ عرساڻيءَ جي مضمون کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نہ سگھندا هئا. عرساڻي وڏو آفيسر ٿيو يا محض ننڍڙو منتظم، استاد ٿيو يا اداري جو سربراهہ رهيو، مگر هڪڙي خوبي منجھس عام هئي تہ هُو هر صورت ۾ پنهنجي فرائض سان جنبيل ۽ انتهائي پرشوق ڏسبو هو!

    ماهر لسان ۽ نصابدان، اديب ۽ ڊرامہ نگار
    جيئن اڳي چئي چڪو آهيان تہ عرساڻي صاحب يقيناً هڪ سچو پچو تعليمي ماهر هو. ليڪن هن نہ تہ ڪڏهن ڪنهن نظريي جي تشهير ڪئي ۽ نہ وري پاڻ کي ڪنهن بحث ۾ ئي اُلجھايو. ڳالهہ ڪندا آهن تہ قديم يونان جي ڪنهن ”جمهوريہ“ ۾ تعليم جو ڪو معقول بندوبست قائم نہ ٿي سگھيو هو. ان ڪري اتي جي حاڪم ”تعليمي نظام“ لاءِ ڪا موزون راهہ ڪڍڻ چاهي ٿئي. روز ڏاهن (فلسفين) جي مجلس ۾ وڃڻ لڳو جيئن مسئلي جو ڪو حل ملي پويس. اُتي کيس وڏا وڏا بحث ٻڌڻا پوندا هئا. تعليم جو روح ڇا آهي؟ تعليم معاشري لاءِ نقصان ڪار ڪيئن ۽ فائديمند ڇو آهي؟ ۽ تعليم جا ٻيا عجيب غريب نظريا. مطلب تہ جيترا عاقل هوندا هئا اوتريون تشريحات ۽ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. جنهن ڪري حاڪم ويچارو ماڳهين بتال ٿي ويو. هڪ ڀيري اهڙو اتفاق ٿيو جو جمهوريہ جو حاڪم سير سياحت لاءِ سرحد کان ٻاهر نڪري ويو. جتي هڪ خانقاهہ ڏٺائين، جيڪا هڪ باريش بزرگ جي زير انتظام هئي. اُتي بهترين تعليم و تربيت جو ماحول هو ۽ نظم و نسق بہ لاجواب هو. حاڪم متاثر ٿي کانئس پڇيو تہ ”اي بزرگ تون سکيا کي ڪهڙي انداز کان هلائي رهيو آهين؟ تنهنجو تعليم لاءِ آخر ڪهڙو نظريو آهي؟“ هن جواب ۾ چيو ”سائين، مون اڃا ان ڳالهہ تي مٿو نہ کپايو آهي. آئون فقط سچائي سيکاريندو آهيان ۽ حالات کي نگاهہ ۾ رکي انتظام سنڀاليندو آهيان!“
    عرساڻيءَ جو جيڪڏهن ڪو نظريو هو تہ اُهو اهو ئي ٿي سگھيو ٿئي تہ ”اگر مادري ٻوليءَ ۾ اثر پيدا ڪيو وڃي ۽ ان کي اثرائتي انداز سان سيکاريو وڃي تہ پوءِ ٻارن جي ذهني پرداخت يقيناً اهڙي ٿي ويندي، جو ڪو بہ علم کانئن بعيد نہ رهندو. مادري ٻوليءَ وسيلي هو آسانيءَ سان هر فن تي عبور حاصل ڪري سگھندا. ڌارين ٻولي: انگريزي، عربي، فارسي يا چيني وغيره بہ ٻار تڏهن گهرائيءَ سان پرائي سگھندو جڏهن مادري ٻوليءَ ۾ پختہ ڪار هوندو. افسوس آهي، جو اسين تعليم جو اهو زرين اصول وساري ويٺا آهيون. اها حقيقت روز روشن جيان ظاهر آهي تہ ڪالهہ جيڪي سنڌ ۾ نامور انسان پيدا ٿيا يا اڄ جيڪي وڏا دانشور، اديب، سائنسدان، ڊاڪٽر وڪيل ۽ پروفيسر ليکيا وڃن ٿا، تن جي اڪثريت اهڙي آهي جن ننڍڙي هوندي مادري ٻوليءَ ۾ ڪاميابيءَ سان تحصيل ڪئي هئي.
    عرساڻي حقيقي معنيٰ ۾ ماهر لسان هو. هن ٻوليءَ بابت نظرياتي بحث نہ ڪيا آهن. بلڪہ هن ٻوليءَ کي نصاب، ادب ۽ ڊراما مطلب تہ هر موضوع مطابق فني طور ڪمال خوبيءَ سان استعمال ڪيو آهي. هن پاڻ کي محض اسڪولن جي انتظام تائين محدود ڪو نہ رکيو، بلڪہ هميشہ اها ئي ڪوشش ڪندو رهيو تہ شاگردن کي حقيقي طور تعليم حاصل ٿي سگھي.
    سکيا ۾ سڀ کان اهم حائل مسئلو اهو ئي آهي تہ تعليمي ابلاغ ٻارن جي ذهن ۽ عقل تائين آسانيءَ سان پهچي وڃي ۽ ان ڳالهہ جو سنئون سڌو واسطو وري قابل فهم نصاب سان آهي، تنهنڪري عرساڻي زردست قلمي پورهيو ڪري نصاب کي سائنٽيفڪ انداز بخشيو ۽ تعليم کي معياري ۽ آسان بنائڻ ۾ مفيد ڪم انجام ڏنو. هن هڪ سو کان وڌيڪ پرائمري ۽ ثانوي نصاب جا ڪتاب لکيا ۽ اڪثر ايئن ٿيندو هو جو نصابي بورڊن طرفان ٿيندڙ چٽاڀيٽين ۾ سندس لکيل ڪتابن کي اولين پوزيشن حاصل رهندي هئي. ازانسواءِ وقت بوقت رائج نصابي ڪتابن ۾ ٻولي ۽ اظهار جي اوڻاين يا خوبين تي هن جيڪي مقالا لکيا سي بہ تعداد ۾ اڪيچار هئا. اُهي سبق ۽ درسيات جي سڌاري ۽ واڌاري جو اهم سبب بنجندا هئا. دراصل لسانيات ۽ ٻوليءَ جي رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ اهي اڄ بہ بيش بها اهميت جا حامل سمجھيا وڃن ٿا، جيڪي زياده تر روزنامہ مهراڻ جي صفحن ۾ ڇپجندا هئا.
    سنڌيءَ جو هُو وڏو اديب ۽ پارکو هو. لکڻ وقت هميشہ پڙهندڙ جي نفسيات، بصيرت ۽ فهم سندس مد نظر رهندو هو. موضوع ادبي هجي يا خالصتاً تعليمي، تحرير ۾ معاشرتي اخلاق ۽ اقدار کي ضرور ملحوظ خاطر آڻيندو هو. ان ڪري سندس انداز بيان بہ مهذبانہ ۽ شائستگيءَ سان ڀريل ٿيندو هو. هُو سونهن سوڀيا واري سنڌيءَ جو قلمڪار هو ۽ اصطلاح، محاوري ۽ زبان جي باريڪين جو گهرو شعور رکندو هو. سندس قلم مان خود بخود چٻيل چٿيل ۽ گھڙيل عبارت نڪرندي هئي. لکڻ وقت اهو ئي خيال آڏو رهندو هوس تہ ڪٿي ڪا گفتي جي بيهڪ يا جملي جي بناوت فطري ڍنگ کان هٽي نہ وڃي. اها دعويٰ آهي تہ سندس تصحيح ٿيل جملو يا عبارت، عموماً آخري سمجھي ويندي هئي. جنهن ۾ مزيد ترميم يا اضافي جو باقي ڪو بہ امڪان نہ رهندو هو. اها مدح سرائي نہ بلڪہ حقيقت آهي. عرساڻيءَ جو تحرير ڪيل ”وتايو فقير“ بہ آهي ۽ ٻين بہ گھڻن ئي اهل قلم ساڳيا واقعا تحرير ڪيا آهن. جنهن دلپذير اسلوب ۾ ان کي عرساڻيءَ بيان ڪيو آهي، تنهن کان وڌيڪ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ اڄ تائين بہ ڪو ان کي نڀائي سگھيو آهي؟ ”نياريون وٿون“ ۾ اهڙيون ساديون سوديون ۽ نهايت معمولي شيون موضوع هيٺ آيل آهن، جن کي روزانو ڏسندي بہ ڪنهن جو توجھہ نہ ٿو ڇڪجي. ليڪن مصنف انهن کي اظهار ۽ معلومات جو ذريعو بنائي، سندن صفتن کي جنهن سليس ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو آهي، سا مصنف جي پنهنجي ئي ڏات آهي. ڪاڪي گرداسمل واڌواڻيءَ ان کي سائنسي مشاهدي جو پهريون بنيادي سنڌي ڪتاب قرار ڏنو آهي. وڏي ڳالهہ تہ عرساڻيءَ جا ڪتاب وڏن ننڍن جي مطالعي لاءِ هڪجھڙي دلچسپيءَ جو سامان رکن ٿا، جو ٻي ڪنهن بہ لکندڙ کي ڏانءُ نہ آهي. ان ڪري کيس وڏن ۽ ننڍن جو هڪجھڙو اديب چئي سگھجي ٿو. هُو نصابدان بہ آهي تہ اديب بہ آهي.
    عرساڻي اصلاحي ۽ اخلاقي تعمير لاءِ مختصر ڪهاڻيون بہ لکيون آهن، پر ڊرامہ کي ان مقصد واسطي ڪاميابيءَ سان نڀايو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڊراما مقصدي تعليمي ۽ اصلاحي ٿين ٿا ۽ وڏن توڙي ننڍن لاءِ هڪجهڙي ڪشش رکندڙ پڻ، تاهم سندس ڊرامہ ۾ ڪٿي بہ واشگاف ۽ ڀُڏي انداز ۾ مقصد جو اظهار ٿيل نہ هوندو آهي. ”ڊزن ڊايالاگ“ سندس ون ايڪٽ پلي جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪن درسي سبقن کي بہ ڊرامائي روپ ڏنو ويو آهي، تہ ڪي وري روزمرهہ جي مشاهدي تي ٻڌل واقعن تي پليز (Plays) بہ شامل آهن. انهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي تہ پسمانده معاشري جي پٺتي پيل نيم باشعور فرد ڪيئن اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي لاءِ تڪليفون پيدا ڪن ٿا. اهو سڀڪجھہ فنائتي انداز سان ٿئي ٿو. جنهن ۾ طنز سان گڏ مزاح جو پهلو بہ رکيل آهي. يعني تہ اصلاح سان گڏ تفريح جو عنصر بہ شامل هوندو آهي. پڙهندڙ ڪردار جي حماقتن تي کِلي ضرور ٿو، ليڪن گڏوگڏ سندس اٻوجھائيءَ تي ترس بہ اچيس ٿو.
    ورهاڱي کان اڳي سنڌي ڊراما ڪثرت سان اسٽيج تي ايندا هئا. پر انهن ۾ هڪڙي خامي خاص طور تي نظر ايندي هئي، تہ انهن ڊرامن جو موضوع تہ سنجيده هوندو هو، پر مزاح ۾ حد درجي جي هلڪائي هوندي هئي. ايتري قدر جو اهو فقط گھٽيا مذاق لڳندو هو. مگر ”بدنصيب ٿري“ هڪ حقيقي ڊرامہ جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ سطحي کل ڀوڳ بدران مزاح، موضوع جي اندران، فطري انداز ۾ ڦٽي نڪري ٿو. ڪردار جو عمل ۽ گفتگو، کلائيندڙ هوندي بہ ان ۾ ڏک جي لس محسوس ٿيندي آهي. سندس ٻين ڊرامن ۾ ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ بلند مقام رکي ٿو.
    ڊرامہ کان علاوه سندس ٻين تصنيفن کي بہ ادبي ميدان ۾ وڏو درجو حاصل آهي، جن ۾ ”سير ريگستان“، ”سنڌي سٻاجھڙا“، ”وتايو فقير“، ”وندر ورونهن“ (اڻ ڇپيل)، ”خيال خاطر“، ”نياريون وٿون“، ”سنڌ جا شاڪر“ ۽ ”سکر سيئي ڏينهن“، جهڙا ڪتاب اچي وڃن ٿا. انهن مان ڪن کي پنهنجي دور ۾ زبردست مقبوليت حاصل ٿي، جن مان ڪجھہ ڪتابن جا تہ هن وقت تائين متعدد ڇاپا نڪري چڪا آهن.
    عرساڻي مضمونن جو بہ هڪ وڏو ذخيرو ڇڏيو آهي، جن جو وڏو حصو ”اخبار تعليم“ ۽ ٽرينڱ ادارن جي ٻين مخزنن ۾ شايع ٿيل آهي. هن مختلف موضوعن تي مضمون لکيا آهن: قديم آثار، سير سياحت، مشاهدا، شخصيات، تعليم و تربيت، سماجيات ۽ اخلاقيات تي هن جون بهترين ڪاوشون آهن.
    بهرحال تعليمي توڙي ادبي شعبي ۾ هُو منفرد حيثيت جو مالڪ آهي. جن محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي نزديڪيءَ کان ڏٺو هوندو، يا کين قربت حاصل ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿي هوندي، سي ان ڳالهہ جي شاهدي ڏيندا تہ هُو نهايت ئي بارعب، پرڪشش ۽ جاذب شخص هو. ايتري قدر جو سندس شخصيت جو مقناطيسي اثر ٻي تي جھٽ اثر انداز ٿيندو هو. هُو هڪ مستقل مزاج انسان هو ۽ هر قسم جي تعلقات ۽ لهہ وچڙ ۾ سڌو سپاتو ۽ کرو Straight forward هوندو هو. هُو ساري زندگي مقصد سان سچو رهيو ۽ محنت جو بلڪل ڪوڏيو، اڻ ٿڪ، ۽ فرائض ۽ عمل ۾ سختيءَ سان پابندي ڪندڙ عملدار هو. تيز روي سندس ڄڻ تہ فطرت ثاني هئي، جيڪا هن جي طبع ۽ روش ۾ شامل هئي. هُو هر ڪم جو جلد کان جلد نتيجو حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. ملازمن ۽ نائبن سان، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ تائين تعلقات رکندو هو. تاهم هنن جي فرائض ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين کان هر ڪا واقفيت هوندي هئس؛ ۽ بحيثيت هڪ ٽيچر جي، هُو استادن سان همدردانہ رويو رکندو هو ۽ سندن مشڪلاتون دور ڪرڻ ۾ هميشہ ڪوشان ڏسبو هو. عرساڻيءَ جي ويجھو اهو ئي ملازم ٿي سگھندو هو، جيڪو انتهائي فرض شناس ۽ پنهنجي فن ۾ غير معمولي قابليت جو حامل هجي ۽ جيڪڏهن وري عرساڻيءَ سان وفاداريءَ جو دم بہ ڀريائين ۽ سندس ادب ۽ تڪريم بہ ملاحظہ خاطر رکيائين، تہ پوءِ اصل سون تي سهاڳي جو ڪم ٿي ويندو هو ۽ عرساڻي دوست کان سواءِ سندس محافظ بہ بڻجي ويندو هو. تعليم، ادب ۽ صحافت جي شعبي سان تعلق رکندڙ چند شخص، سندس دوستيءَ جي حلقي ۾ تا زندگي شامل رهيا. هُو ساري زندگي مستعد رهيو. مگر رٽايرمينٽ بعد کيس مهارت استعمال ڪرڻ جا مناسب موقعا نہ ملي سگھيا. ان ۾ گھڻي حالات جي بي قدري درڪار هئي تہ ڪجھہ وري صحت جي خرابي بہ حائل رهي. بهرحال سندس تعليمي خدمات سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو اڻ مٽ حصو بنيل آهن. نہ رڳو ايترو بلڪ هن جون تحريرون بہ سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي اوسر ۾ حقيقي طور مددگار ۽ معاون ثابت ٿيون.
    المختصر تہ محمد اسماعيل عرساڻي ويهين صديءَ جو هڪ بي مثل سنڌي اديب ۽ طرز نگار ٿي گذريو آهي، جنهن جو مضمون‌نگاري ۽ ڊرامہ‌نويسيءَ ۾ هميشہ نالو ياد رهندو.


    تنقيدي جائزو : حليم جو ادبي اظهار ۽ اسلوب

    ٻوليءَ جي سرچشمي مان اظهار ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو مقصد ۽ مقدار جو حامل ٿئي ٿو. گرامر موجب، ٻوليءَ جو بنيادي ايڪو تہ فقط جملو ئي ٿيندو آهي، جنهن جي يڪتائيءَ مان پورو مطلب نڪري ٿو. اظهار بہ جملي کان الڳ ناهي، پر اهو تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيل خاص مفهوم وارو جملو آهي. گھر يا گھر جي دائري کان ٻاهر واهپ ۽ راهپ جي مڙني مرڪزن اندر هڪ ٻي سان گفتگوءَ ۾ مصروف رهڻ انساني ضرورت جي عام صورت آهي. هر فرد ڳالهہ ٻولهہ يعني وهنوارڪ (Descriptive) وسيلي پنهنجو مقصد چٽو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Expression) چيو وڃي ٿو. سنڌي زبان ۾ ان جو مفهوم اسين ”اظهار“ چوڻ سان ظاهر ڪندا آهيون. جتي اظهار ڳالهائڻ ۾ مقصد کي چٽو ڪندو آهي، اتي ادب ۽ شاعريءَ ۾ اهو وري اسلوب جي صورت اختيار ڪري بيهندو آهي. اظهار، ورجيس (Phraseology) جي ڍنگ ۾ بہ هوندو آهي تہ، وري ان ۾ سادن لفظن ۾ ڏاهپ جا نُڪتا بہ ڀريل ٿيندا آهن. حليم پنهنجي اظهار ۾ سليس ۽ ظرافت‌آميز ٻولن سان مخاطب ٿيندو آهي. اظهار يا اسلوب ڪهڙي بہ رنگ ۾ هُجي، پر ٻوليندڙ يا لکندڙ جي پنهنجي طبع ۽ ذوق جو عڪس ان ۾ نهان هوندو آهي. ايئن ڪونهي تہ سنڌيءَ ۾ ظرافت جا مثال نہ ٿا ملن، پر حليم جي جداگانہ شخصيت وانگر سندس ظرافت جو تجربو بہ منفرد آهي. حليم جي گفتگوءَ جي انداز توڙي ادبي اسلوب ۾ فرق محسوس نہ ٿو ٿئي. هُو اندران ٻاهران هڪ جهڙو آهي، جا انسان جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي.

    هونئن تہ حليم وسيع قلب رکندڙ اديب آهي، جيئن سندس ”هولي“ مضمون ۽ ٻين تحريرن مان ثابت آهي، جن ۾ هن ڏکڻ ايشيائي قومن ۽ مذهبن درميان ڀائيچاري وارا خيال ڪشاده دليءَ سان ظاهر ڪيا آهن. مگر خبر ناهي تہ ڇو هُو سنڌيت متعلق خيال ظاهر ڪرڻ وقت سائي عينڪ پائي ڇڏي ٿو، جنهن ڪري سندس ويچار بہ رنگ چڙهيل نظر اچن ٿا. آئون ڪو نہ ٿو چوان تہ خدانخواستہ هُو سنڌي زبان ۽ سنڌ کان خائف آهي. سندس خيال آهي تہ سهولت هئڻ باعث هُو سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اهو چوڻ هن جو مزاحيہ انداز آهي، ڄڻ تہ بي ساختہ طور قبول ڪيو اٿس تہ هُو سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ هميشہ کان پُر شوق رهيو آهي. ورنہ ٻين زبانن ۾ لکڻ لاءِ کيس کليل ميدان مليل آهي. حليم فراوانيءَ سان سنڌيءَ ۾ خيالات جو اظهار ڪري ٿو، ان ڪري ايئن ڪڏهن بہ نہ ٿو چئي سگھجي تہ سندس فطرت ۾ سنڌي زبان سان رغبت شامل نہ هوندي. اهو سنڌ سان روحاني رچاءُ آهي جو کانئس سنڌ جو ذڪر ڪرائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هُو سنڌيت بابت اٻهرو ڳالهائيندو رهندو آهي. کڻي سندس اندازِ بيان منفي محسوس ٿيندو هجي، پر نفسيات موجب گھڻي انڪار ۾ اقرار پنهان هوندو آهي ۽ گھڻيءَ نفرت ۾ وري پيار رچيل هوندو آهي. ڪجھہ محروميت جي حسرت کان بہ انڪاريت اڀرندي آهي.
    حليم بروهي وقت بوقت پنهنجي مختلف مضمونن ۾ سنڌ جي Demographic Geography بابت اظهار خيال ڪندو رهي ٿو، جن ۾ سنڌيءَ جي بيهڪ ۽ سنڌين جي نسلي تفريق بابت شدمد سان تذڪرو شامل هوندو آهي. هن جي تاريخي مطالعي جا ڪجھہ عڪس صحيح چٽيل چئي سگھجن ٿا، پر سنڌ جي ڏيهي حيثيت ۽ سنڌين جي قومي وجود بابت سندس ڪڍيل نتيجا مبالغي آميز آهن. دراصل مختلف تاريخي دورن ۾ قومن جي لڏپلاڻ ٿيڻ هڪ عالمگير اهڃاڻ رهيو آهي، جيڪو دنيا جي ذري گھٽ سڀني ديسن سان لاڳو رهيو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌ مان بہ مختلف دورن ۾ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي ۽ هر پاسي وارن علائقن ۾ ۽ دُور دراز ڏيهن کان بہ سنڌ ۾ مختلف نسلن جا قبيلا اچي وسندا ۽ آباد ٿيندا رهيا آهن. ان اٿل پٿل اسان جي سر زمين ۽ ديس لاءِ ڪا پُهائي نہ بلڪ سرهائي آندي. حقيقت صرف ايتري آهي تہ صديون اڳ هتي جي مقيم قبيلن گڏجي سڏجي هڪ اهڙي ثقافت کي جنم ڏنو، جنهن سنڌيت جو رنگ اختيار ڪيو هو، جيڪو هڪ قدرتي اسرار Natural Phenomenon آهي. اهڙيءَ طرح ٻاهران ايندڙ قبيلا نہ رڳو سنڌي قوميت ۾ جذب ٿيندا رهيا، بلڪ سنڌ ۾ رهندي سنڌي هجڻ سندن افتخار بنجي پيو. ان ڪري اها حقيقت گوش گذار ڪجي ٿي تہ ماضي قريب ۾ نقل مڪانيءَ سان سنڌي قوم جي مرڪزيت ۾ ڪو بہ ڦيٽارو نہ ٿيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي دائم ۽ قائم وجود کي ڪو بہ چيلينج آڏو نہ آيو هو. سنڌي قوم جي اوسر، ارتقا ۽ ان جو يڪ رنگ تهذيبي صورت ۾ پکڙجڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان صرف ڪو انانيت جو ڦَٽيل ئي انڪار ڪري سگھي ٿو. هزارن سالن دوران رفتہ رفتہ مختلف نسلن جا ماڻهو ميڙن ۽ ٽولن جي صورت ۾ اسان جي سر زمين تي اچي آباد ٿيا ۽ هڪ يڪسان تهذيب کي جنم ڏنائون، جيڪا سنڌيءَ جي نالي سان معروف ٿي. ايئن بہ ٿي سگھي ٿو تہ، سنڌ جي قديم تر جاگرافيائي سرپٽ پنهنجي ڪک مان ڪنهن کي بہ نہ ڄڻيو هجي، پر دنيا جي مڙني ديسن جون قومون بہ ايئن جُڙيون آهن. يڪ نسلي قوم تہ انگريزي قوم بہ ناهي، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ وسندڙ قومون بہ هڪ نسل سان تعلق نٿيون رکن. خود اهل عرب بہ اها دعويٰ نہ ٿا ڪن تہ هُو ڪو سڀئي هڪ ئي نسل جا ڄڻيا آهن.
    حليم بروهيءَ جي طنز جو اهم نُڪتو سنڌي ادب جو ناپيد هجڻ بہ آهي. جديد سنڌي ادب جي جھولي بہ ڪا بلڪل خالي ڪونهي، پر آئون کيس يقين ڏياريان ٿو تہ گھٽ ۾ گھٽ قديم لوڪ رس جي روايات سان جڙيل پهاڪاتي ادب ۾ هزارين سٽون ادبي اظهار جو نمونو آهن.
    اهڙيءَ طرح ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ شاندار ذخيرو بہ سنڌي ادب جو ورثو آهي، جنهن جون تُڪون گفتارُن جو درجو رکن ٿيون. حليم بروهي، نواز ڪنڀر جي تحريري مقاصد مان بہ ظريفانہ طنز جو نُڪتو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جا مضمون لوڪ ڏاهپ تي روشني وجھندڙ آهن. انساني ارتقا جي سموري تاريخ پنهنجي وجود جي دفاع ۽ قدرتي آفتن خلاف مدافعتي عمل ۽ اڳواٽ آثار معلوم ڪري، انهن مطابق حڪمت‌عملي جوڙڻ رهي آهي، جيئن هُو نقصانن کان حتي‌الامڪان بچي وڃي ۽ فائدن جو حصولدار بنجي سگھي. سموري ماضيءَ ۾ انسان اهڙي پيش بنديءَ سان جدوجھد ڪندو آيو آهي ۽ انسانذات جو اڃا سوڌو ساڳيو عمل جاري آهي. هن وقت اهو سلسلو سائنسي وسيلن سان ممڪن بنجي رهيو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ فرد مشاهدي ۽ فطرت‌بينيءَ سان ساڳيو ڪم راس ڪندا آيا، جيڪا روايت دنيا ۾ لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) جي نالي سان مشهور آهي. ’ڪاوش‘ ۾ ڇپجندڙ نواز ڪنڀر جون تحريرون بہ گم ٿيل لوڪ ورثي جي علم کي محفوظ رکڻ جو ڪارج انجام ڏين ٿيون. هن جا مضمون گذريل تمدن ۽ سنڌي لفظيات جي زرخيزيءَ جا ساکي آهن. هن لوڪ ڏاهپ وارن محاورن ۾ پراڻين انساني ريتُن جي عڪاسي ڪئي آهي. دنيا جون سڀ قومون پنهنجي قديم ورثي کي سانڍڻ جون ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون.
    حليم بروهي پراڻن لفظن جي استعمال تي خبر نہ آهي تہ ڇو خفتگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڀ ملڪ پراڻن لفظن کي لغتن ۾ محفوظ رکندا اچن ٿا، نہ رڳو ايترو بلڪہ نئين نسل ۾ تعليم ذريعي انهن جي آشنائيءَ جا جتن ڪندا رهندا آهن. انگريزي ٻاراڻي لٽريچر ۾ رواج مان نڪري ويل لفظن کي آسان جملن جي صورت ۾ آکاڻين ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. نين ڊڪشنرين ۾ پراڻن لفظن کي جيئن جو تيئن داخل ڪيو ويندو آهي. محترم حليم! جن کي توهان اڄ نوان ٿا ڪوٺيو، ڪهڙي خبر تہ اهي گھڻن ڏهاڪن تائين نوان لفظ رهي سگھندا!؟
    اهريءَ طرح مختصر اظهار جي نموني ۾ گفتا بہ ٿين ٿا، جن کي انگريزيءَ ۾ (Phrases) ۽ سنڌيءَ ۾ محاورا چيو ويندو آهي. مون محاورن جا انگريزي ڪتاب پڙهيا تہ منهنجي حيرت جي حد نہ رهي، جو اڪيچار سنڌي ۽ انگريزي محاورا هم معنيٰ آهن، پوءِ يا تہ ٻولين جي اوسر ۾ فطري هم آهنگي آهي يا انگريزي ٻولي پڙهندي، اهي سنڌيءَ ۾ رائج ٿي ويا. حليم جي خوش ذوقيءَ واري عبارت پڙهندي، مون کي هڪ اهڙو محاورو دل تي تري آيو آهي، جيڪو ضرور مهلائتو سمجھہ ۾ ايندو.
    سنڌي زبان ۾ هڪ مشهور محاورو ”ڪڪڙ جي اُها ئي هڪ ٽنگ“ بہ آهي. جنهن جو هم معنيٰ انگريزي محاورو Lame Duck آهي. ڪڪڙ يا بدڪ جو هڪ ٽنگ تي بيهڻ ان جي فطرت هوندو آهي. ان ڪري جيڪو پنهنجي عادت مٽي نہ ٿو سگھي يا سندس حالت بدلجي نہ ٿي سگھي، ان لاءِ اهو محاورو ورجائبو آهي. انگريزيءَ ۾ اها ورجيس تڏهن عام ٿي، جڏهن آمريڪا ۾ ڪانگريس جي ڪنهن ميمبر انتخاب هارايو ۽ وري وچ مدتي چونڊ ۾ بيٺو. تڏهن هارايائين ۽ پوءِ بہ مسلسل هارائيندو رهيو. حليم بروهي ڪنهن مضمون ۾ اهو بہ چيو آهي تہ انگريزيءَ ۾ سهڻا لفظ ۽ سٽون آهن جن جو ترجمو ڪريون تہ پادر کائون، اهي بہ سنڌين جا. اهو سچ آهي، پر اڌ. ڪن سنڌي سُخنوَرَن سهڻا سخن لکيا بہ آهن، پر ويچارا مسڪيني حالت ۾ ڪتابڙا ڇپائي، دنيا مان بي نام گذاري ويا. آئون انهن جا حوالا بہ ڏئي سگھان ٿو. اصل ۾ سنڌيءَ ۾ ايڏي سهڻائيءَ وارا خيال ظاهر ڪري سگھجن ٿا، جهڙا انگريزيءَ ۾ آهن، پر بدقسمتي آهي جو سنڌي معاشري کي صدين کان مذهب يرغمال بنائي رکيو آهي.
    جيتوڻيڪ تصوف کي آزاد فڪر سان ڀيٽيو وڃي ٿو، پر اها بہ حقيقت نہ آهي. تصوف خود، مذهب جي پاڇي ۾ اسريو آهي، ان ڪري تہ ڪو انقلاب پيدا ڪري ڪو نہ سگھيو. اها ڳالهہ بہ عالم آشڪار آهي تہ پيرن ۽ اوليائن تي وڏا وڏا مقبرا ۽ درگاهون بادشاهن ۽ اميرن اڏايون آهن، سي ڪي بنان مفاد جي نہ آهن. انهن استدادي قوتن صوفيانہ خام خياليءَ ذريعي سنڌي انسان جي روحاني ۽ طبعي آزاديءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.
    ظرافت جي جديد فن ۾ جيڪي خوبيون گھُربل آهن، تن جي پتي حليم ۾ بہ آهي. هن جو اسلوب دل‌آويز ٿئي ٿو. هن ورهاڱي کان اڳ واري مشترڪہ ڪلچر جو ذڪر دل‌سوزيءَ سان ڪيو آهي. ڪن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ بہ اهڙا احساس ملن ٿا، جن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري نہ ٿو سمجھان. مون بہ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ”ثقافت جِي حقيقت“ جي سري سان مختلف مقالن ۾ سهائيندڙ يادون بيان ڪيون آهن.
    قبل پاڪستان ڄاول نسل جيڪو هاڻي پيڙهي کائي چڙهيو آهي، تنهن جي يادگيرين مان ننڍپڻ جي ماحول جا خوابن جهڙا خمار لهڻا ئي ڪونهن. اسان جا هڪ جيڏا قلمڪار اهي سونهري يادون تاحيات ڀوڳيندا رهندا. ننڍي ٽهيءَ کي ڪتابن منجھان ورهاڱي کان اڳ واري دور جي کڻي ڪا سَمڪ پوي، پر صرف ڳالهيون پڙهڻ مان گڏيل سماج جي لذت ڪٿان محسوس ٿيندي؟ ڇاڪاڻ تہ هنن ان جو ساءُ چکيو ڪو نہ هو. خود حليم بروهي پنهنجي نفسياتي فطرت ۾ ٽٽندڙ تهذيب جو درد رکي ٿو. تڏهن تہ پنهنجي تحريرن ۾ گھڻي ۾ گھڻو سنڌ ۽ ان جي ڪردارن متعلق ڳالهائي ٿو. هن جي تحرير جو قبلو انڪاريت طرف هوندي، ان جو رخ اثبات طرف هوندو آهي، جنهن کان حليم بي خبر نہ آهي. ماءُ اولاد کي پِٽَ پاراتا ڏيندي آهي، تہ بہ ان ۾ سڪ ۽ پيار هوندو آهي. ڪي مزاح نگار نفسياتي طور Psychologically الجھيل هوندا آهن. حليم بہ نفسياتي طور پنهنجيءَ ذات جي جڪڙ کان ٻاهر نڪري نہ سگھيو آهي. هُو جڏهن ان ڪيفيت ۾ لکي ٿو تہ سندس قلم بہ تندو تيز ٿي وڃي ٿو. حليم جي اسلوب جي سنڌي سرل ۽ سيبتي آهي، ان ڪري ان مان ورهاڱي کان اڳ وارن هندو ليکڪن جي ٻوليءَ جي سڳنڌ اچي ٿي.
    فردن ۽ ادارن تي سندس ظريفانہ نڪتہ چيني چڀندڙ ضرور آهي، پر حقائق کان خالي نہ آهي. بلاشڪ حليم پنهنجي دور جو جينيس ظرافت نويس آهي، جنهن حال جي معاشري جي اوڻاين کي پنهنجي دائري ۾ دلپذير انداز سان نشانو بنايو آهي.


    تهذيب جي جھلڪ : ڀــنــڀــور

    سنڌ جي سر زمين ڪيئي انقلاب ڏٺا آهن ۽ ڪيترن ئي تهذيبي دورن مان گذري آهي. قديم زماني ۾ دراوڙن ۽ آرين هتي پنهنجا آستانا جوڙيا ۽ ايرانين ۽ يونانين بہ مٿس يلغارون ڪيون. ڪوٽ ڏجي، آمري، موهن جي دڙي ۽ رني ڪوٽ جي کنڊرن مان مليل آثار گذريل دور جي عظمت جا شاهد آهن ۽ جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪهڙا نسل هتي آباد ٿيا هئا ۽ ڪهڙين قومن جي حڪمراني. ٻوڌي، هندو ۽ عرب، هڪ ٻي پٺيان تاريخي دورن ۾ هتي آباد دٿيا، جن جا يادگار سنڌ جي وک وک تي قائم آهن. مختلف قومن جي اچڻ سان، سنڌي ماڻهن جي معاشرت ۽ رهڻي ڪهڻي تي انهن جا آثار پوندا رهيا ۽ هو سڀني جون سٺايون ۽ سهڻايون پاڻ ۾ جذب ڪندا رهيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي تهذيب هڪ باغ مثل بڻجي پئي، جنهن ۾ جدا جدا خوشبوئن وارا رنگ برنگي گل هئا. ان تهذيبي باغ جا نشان ڀيٽيندي اسان جا قدم ”ڀنڀور“ تائين بہ وڃي پهچن ٿا.
    ڀنڀور جي واکاڻ چئن ڳالهين کان آهي. هڪ تہ اهو شهر سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو قديم آستانو آهي؛ دريا جو ڇوڙ هن علائقي وٽان سمنڊ ۾ پوي ٿو، انهيءَ ميلاپ باعث هي سر زمين ساڳئي وقت سامونڊي ۽ دريائي تهذيب جو گهوارو بنجي پيئي. گھڻين قومن جي اچ وڃ، رسمن رواجن جي رنگا رنگي، واپار ۽ تجارت جي ريل ڇيل، شين جي گھڻائي سببان خوشحاليءَ جي لهر آئي. جنهن سان قوم جي تهذيب سگھاري بنجي پيئي ۽ ڀنڀور هڪ بين الاقوامي تمدن جو نشان بنجي پيو.

    ڀنڀور جي ٻي واکاڻ ان ڪري آهي، جو سنڌ جو پهريون بي مثل عشقيہ داستان هتان اسريو، جنهن ۾ هتي جي تهذيب جي صحيح طور عڪاسي ٿيل آهي. ان جي نفس مضمون ۾ وسيع انساني برادري توڙي پيار ۽ امن جي قدرن جو پرچار ڪيو ويو آهي. اڄ جي ويهين صديءَ جي سائنسي دور ۾ بہ سنڌ جي انسانن کي قبيلن ۽ ذات نيات جهڙن ننگ انسانيت ويڇن ۾ ورهائيندي فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ ذات جي نسبت سان سنسٿائون ٺاهيون وڃن پيون. سسئي پنهون خالص پيار ۽ محبت جو داستان آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ جي رومان ڀريل فضا جو شاهد آهي، جتي انسانن جي ميل ميلاپ تي ڪا بہ روڪ ٽوڪ ڪا نہ هئي.
    ڀنڀور جي ٽين واکاڻ ان ڪري آهي، جو ان مان سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ان جي وڏائيءَ جو چٽو پٽو ثبوت مليو آهي، ڇو تہ ان جي آثار مان اسان جي لسانيات جي عالمن پختيون شاهديون ڳولي هٿ ڪيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي تہ ان دور ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندي هر انسان کي فخر محسوس ٿيندو هو. عام واهپي توڙي علمي لاڳاپن ۾ سنڌي ٻولي کي وڏو اعزاز حاصل هو. جيڪڏهن اڃا کوٽايون ٿيون تہ يقينن اسان کي ان دور جي سنڌي لٽريچر جي صحيح صورت ملي سگھندي.
    ڀنڀور جي چوٿين واکاڻ ان ڪري آهي، جو هتي هندو پاڪ ۾ سڀ کان پهرين مسجد تعمير ٿي، جڏهن تہ اڃا محراب و منبر جو رواج پيل نہ هو. نسلي، لساني توڙي سياسي حد بندين جي لحاظ کان سنڌ جو خطو، ڏکڻ ايشيا سان گھڻو واسطيدار رهيو آهي.
    هن ديس جا رهاڪو اوائلي دور ۾ ئي قبيلن جا قبيلا اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندا رهيا، ٻيو تہ ٺهيو پر اسلامي تعليم جو، اهو اثر پيو، جو ٻين مذهبن جا مڃيندڙ بہ هتي تعصب ۽ دوئي جهڙي برائي کان نسبتن آجا رهيا. هو گھڻو تڻو تصوف ۽ وحدانيت ڏانهن ڇڪجي آيا ۽ صوفياءِ ڪرام جا پوئلڳ بنجي ويا.
    انهن چئن ئي گڻن کان ڀنڀور واکاڻيل آهي. اسين مهذب دنيا جا فرد ڀلا آثار قديمہ تي ڇو فريفتہ هوندا آهيون؟ جديد تمدن ۾ انساني جلال، حشمت ۽ طاقت گھٽ آهي، جو اسين پٺ ورائي ماضيءَ ڏانهن نهاريندا آهيون؟ بيشڪ انسان جي ڪهاڻي ماضي جي نشانن ۾ دفن ٿيل آهي. ماضيءَ ۾ ليئون پائي ”حال“ جو جائزو وٺندا سون تڏهن مستقبل ۾ ڊوڙ پائي سگھنداسون. علامہ آءِ آءِ قاضي سنڌ جي سڄاڻ قوم کي مهميز ڏيندي چيو هو تہ تاريخ جا نشان الله جا نشان آهن ۽ هن رستن ۽ عمارتن تان اصلي نالن کڻائڻ کان سختي سان تنبيهہ ڪئي هئي. اصل نالا مٽائڻ پنهنجي ساري تهذيب ۽ تاريخ کي صفحہ هستيءَ تان مٽائڻ جي برابر ٿيندو آهي. ۽ جا قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندي آهي، تنهن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو بہ عذاب ٿي نہ ٿو سگھي. انهن آثارن تي غور ڪندا تہ اهي زبان سان پنهنجي زماني جو حال حقيقت بيان ڪرڻ لڳي ويندا. آثار اسان کي پنهنجي سحربيانيءَ سان قوم تي آيل وارداتون بيان ڪري ٻڌائيندا. هو پنهنجي دور ۾ وٺي هلندا ۽ اسين ان تهذيبي دور کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ لڳنداسون ۽ ان وقت جي ڪردارن جي گفتگو دل جي ڪنن سان محسوس ڪرڻ لڳنداسون ۽ سڀئي پراڻيون روايتون ۽ حڪايتون زنده تصوير بنجي، اسان جي سامهون اچي بيهنديون.
    اچو تہ ڀنڀور جي تهذيبي دور ۾ جھاتي پائي ڏسون؛ ڀنڀور جي حَسِين نالي مان ئي پروڙ پوي ٿي تہ هي ديس جي سونهن هو. هيءَ وادي حُسن، عشق، پيار ۽ امن جي وادي هئي. سنڌو ندي ڪنوار بنجي پنهنجي گھوٽ سمنڊ سان هتي ئي وڃي گلوگير ٿيندي هئي. شايد ان ميلاپ جو ئي اثر هو، جنهن هتي ذات پات ۽ قبيلي ۽ قوم، نسل ۽ بڻ جا سڀ سنڌ سيڙها مٽائي ڇڏيا. پيار ۽ محبت هتي پلبا هئا. نسورو نينهن ڌرم ۽ رنگ کي ميٽي ڇڏيندو هو! اها پيار جي ريت هتي پروان چڙهي.
    ڀنڀور ۾ ان وقت بهاريون ئي بهاريون هيون. اندر گھرن ۾ ڇپر کٽون، پلنگ ۽ هندورا سجايل هوندا هئا تہ ٻاهر ٽلندڙ ۽ پاٻوهيندڙ چهرن سان رستا پر رونق هوندا هئا. باغ ۽ بستان ساوڪ سان اکيون پيا ٺاريندا هئا. واس ۽ ڀوءِ واٽهڙن مٿان پئي ڇڻندي هئي پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي رڻ جھڻ جو رس هو، ڄڻ تہ ڪنهن کي پياري جو پيغام ملندو جي بلبلين جا دئارَ پيا اڏامندا هئا، وڻن جون لامون لامن سان عاشق معشوق وانگر ڀاڪر پايو ڇاتيون ڇپر ڪيو بيٺل هيون. واءُ جي جھوٽي لڳڻ سان رنگين ٻور ۽ پنکڙين جو مينهن ڇٽڻ لڳندو هو. فضا ۾ سڳنڌ جو واس ڇٽجي ويندو هو. پوپٽ ۽ ڀنڀوريون اڏامڻ لڳنديون هيون ۽ ساري شهر ۾ اڀ ڀنڀورجي ويندو هو!
    ان ڪري شايد ڀنڀورين جي جھڻ مان نالو ئي شهر تي ڀنڀور پئجي ويو. يعني تہ سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي زمين!
    انهيءَ تهذيبي پس منظر تي سسئي پنهون جو داستان شاهد آهي. ان وقت خوشحاليءَ جو سمو هوندو هو. جو سوداگرن جا قافلا هڪ ٻي جي پٺيان ايندا هئا. هوٽلون، ٽؤنر، هلويون ۽ ڇيريون ڇمڪائيندا ميدان تي لهندا هئا. ان وقت بازار ۾ رنگ برنگي جھرمٽ لڳي ويندي هئي. هو پاڻ سان عطر عنبير، هار سينگار جي شين کانسواءِ ٻيو بہ گھڻو سامان آڻيندا هئا. پنهونءَ جو قافلو جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو هو تہ چوڌاري هٻڪار ڦهلجي وئي هئي. نينگرين کي ههڙي حسين شهزادي ڏسڻ جو اجھل شوق پيدا ٿيو. اسان جي سداحيات شاعر لطيف پنهونءَ جي ڀنڀور ۾ اچڻ کي انهيءَ ساڳي پس منظر ۾ عڪاسي ڪئي آهي ۽ نهايت ئي ڪيف آور اسلوب ۾ ان جو بيان ڪيو اٿس.
    حسن هوت پنهون جي ڪڪوريون ڪوهيار،
    سڃ ڪيئاين سرهي واسيائين وڻڪار،
    ڇپر ڇاٽون مڪيون، عطر ٿيو آوار،
    ڪوڙير ٿيا ڪيترا، نالي تان نثار
    يا
    درد نہ لهي دارؤئين، زلف زور ڏنوم،
    ڪاڪل ڪال ڏٺوم، رخساري تي روپ سين.
    حسن ۽ جواني جتي آزادي سان گڏ ٿيندا هجن تہ پوءِ انهن هنڌن تان اهڙا ئي پيار ۽ محبت جا داستان اڀرندا آهن. اهي حسن ۽ عشق جون لاٽون سنڌ جي ٻين هنڌن تي بہ ٻري رهيون هيون. مون کي ٻڌايو تہ ننڍي کنڊ ۾ سواءِ سنڌ ۾ ٻئي هنڌ بہ ڪٿي ههڙا رنگين رومان ڇو نہ پئي ٿيا؟ سنڌ ۾ روپاماڙيءَ جهڙو شهر بہ هو، جتي ڳاڙهن رتولن لباسن ۾ سون ورنيون سورميون ماڙين ۾ پيون جرڪنديون هيون ۽ ان وقت ڪينجھر ۽ سونهري ڍنڍون جوڀن تي نازان هيون ۽ روپ جا متوالا جوڌا جوان روپا ماڙيءَ جو نظارو ڪيو، ڀنڀور مان واس وٺي وري پيار جي هندوري ۾ لڏڻ لاءِ ڪينجھر جا مهمان ٿيندا هئا.
    ڪنهن مضمون ۾ پڙهيو هئم تہ ڀنڀور لفظ جي معنيٰ ڀڙڀانگ ۽ اجڙيل جاءِ آهي. ايئن بہ هجي ممڪن آهي تہ پوئين دور ۾ ڀنڀور جي ڊٺل ۽ ڦٽل دڙن ۽ ڀٽن کي ڏسي منجھانئس اها ئي معنيٰ ورتي وئي هجي. اسان جي زماني ۾ ئي اهڙو وقت آيو، جو ڪينجھر کي ڪلري سڏيو ويو، جيتوڻيڪ معنيٰ جي لحاظ کان ٻئي لفظ هڪ ٻي جو ضد آهن.
    هاڻي اسان جي عالمن ۽ محققن جو اهو فرض آهي تہ هو تحقيق ڪري ٻڌائين تہ ههڙي سونهن سوڀياواري ڌرتي ڇو نابود ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي! هن آبادي مٿان ڪهڙا نادري قهر نازل ٿيا! ۽ انسانيت جي مظهر جون هي بستيون ڪهڙن ظالمن جي دلين ۾ کٽڪڻ لڳيون. پيار امن ۽ آشتي ڇو ڪنهن کي راس نہ ٿي آئي؟ ثقافت ۽ تهذيب جي عڪس سان ڪهڙن جون اکيون چنجھيون ٿي ويون، جن ڀنڀور کي نابود ڪيو؟
    پر رڳو ڀنڀور ڇو، جيڪڏهن تاريخ جي ورق گرداني ڪندؤ تہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ جي جدا جدا دورن ۾ اهڙا ڪيترا تهذيبي مرڪز اجاڙيا ويا، پر ياد رکڻ گھرجي تہ جاندار تهذيبون جبر ۽ ڏاڍ سان ختم ڪو نہ ٿي وينديون آهن. ديبل جي ڪک مان ڀنڀور اسريو ۽ ڀنڀور جي ڪک مان ٺٽو ۽ ڪراچي پيدا ٿيا هجن تہ عجيب نہ آهي! ڀنڀور سان اسان جي پياري ٻولي جي ڪهاڻي ڳنڍيل آهي، جنهن جو علم ادب پنهنجي اوج تي هو. پنڊت ۽ وڏوان، واپاري ۽ تاجر، ويدن ۽ طبيب پنهنجي پوئين ۾ ٻولي جي جواهرن کي قلمبند ڪري قابو رکندا هئا! عرب تاجرن هتان ڪيترن ئي وکرن ۽ انگن جا نالا ٻڌا ۽ اهي وچ اوڀر جي ماڻهن جي چپن تي عام ٿي ويا، جنهن سان ڀلي ڀت ڄاڻ پوي تہ اسان جو تمدن ڪيڏو نہ ڪشادو هو ۽ اسان جي ٻولي ڪيڏي نہ شاهوڪار هئي! مستقبل قريب ۾ شايد ڪا اهڙي لکيت ملي پوي، جنهن سان اسين پنهنجي ماضي جي جھلڪ ڏسي سگھون! ڪم از ڪم ڀنڀور جي آثار سنڌي ٻولي جي قدامت کي ضرور ثابت ڪيو آهي، تہ اها يارهين صديءَ ۾ ترقي يافتہ ٻوليءَ جي صورت ۾ رائج هئي.
    اڃا کوٽائي مڪمل ڪا نہ ٿي آهي، پر جيڪي شيون هٿ آيون آهن، تن جي بہ خاطري جهڙي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آهي. آرڪيالاجيءَ جا ماهر دڙن جي تهہ وارين توڙي کرچيل مٽيءَ ۽ پٿرن جي نموني مان اقدامت جو اندازو لڳائي سگھندا آهن. پر ان لاءِ لازمي طرح گھڻي جي ضرورت پيش اچي ٿي. جڏهن تہ ان سلسلي ۾ وڌيڪ کوٽائي ٿيندي ۽ شين جو وڏو مقدار هٿ لڳندو، تڏهن ڀنڀور واري تهذيب ۽ ان جي پوري دور تي روشني پئجي سگھندي. عمارتن جي بيهڪ ۽ انهن جي ونگن وڪڙن کي سمجھڻ لاءِ فني ڪسوَٽيءَ جي ضرورت آهي. سردست جيڪي شيون موجود ٿي سگھيون آهن، تن جا چٽ، گھڙت ۽ قالين جون ڪنڊون ۽ گولايون باريڪ بيني سان اڀياس جي گھر ڪن ٿيون. حقيقت ۾ اهي ئي ڪارسازيون آهن جيڪي ڪنهن قوم جي طور طريقن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. گھرو سماجي استعمال ۾ ايندڙ شين جي اڀياس کان پوءِ ئي اسان ان زماني جو نبيرو ڪري سگھنداسون ۽ خبر پوندي تہ ڪهڙين قومن ۽ قبيلن جي محنت ۽ ڪاوش سان تهذيب جو هيءُ رنگارنگي گلدستو ٺهي راس ٿيو.


    ڪائناتي عڪس : سنڌي لوڪ سنگيت جا ساز

    اهو ڪهڙو انسان هوندو، جنهن کي سنگيت جو مٺڙو سُر ڪشش نہ ڪندو هوندو؟ جيئن هر ڪو سهڻو ڏيک دل کي لُڀائي ٿو، تيئن مٺڙو آلاپ ۽ سُر بہ من موهي ۽ چتِ چريو ڪريو ڇڏي! اهو سنگيت ئي آهي، جيڪو ستل امنگن کي بيدار ڪري انسانن ۾ جوش جذبو جاڳائي ٿو ۽ مرده روحن ۾ ساهہ ڦوڪڻ لاءِ نفيل جو ڪم ڏي ٿو. انسانن کي مهذب بنائڻ ۽ سندس مزاج مان حيواني جزو ختم ڪرڻ ۾ سنگيت سڀ کان وڌيڪ متثر ثابت ٿيو آهي. انڪري ئي چوندا آهن، تہ سنگيت جو پڙلاءُ جادو! سُهڻي آواز جي حاصلات کي قدرت جي طرفان هڪ انعام تصور ڪيو ويو آهي، محفلن ۾ گلوڪارن جي آواز جو سحر ڇانئجندي تہ هر ڪنهن محسوس ڪيو هوندو. چون ٿا تہ پيغمبرن کي بہ مٺڙو آواز معجزي طور عطا ٿيو ۽ حضرت دائود عليہ السلام جڏهن زبور خوش‌الحانيءَ سان پڙهندو هو تہ ساري جھنگل جا جانور سندس سامهون سِر اچي جھڪائيندا هئا. جانورن جي ڳالهہ تہ درڪنار مگر اهو علم بني بشر جي قلب ۾ رومانيت جا دريا جاري ڪري سگھي ٿو. يونان جي هڪ ڏاهي فيثا غورث جو چوڻ آهي، تہ ”عالم ارواح راڳن مان ٺهيو ۽ انڪري روح راڳ کان متاثر ٿئي ٿو“. مذهبي مقيدي مطابق خود ڪائنات جي تخليف ”الست بربڪم“ جي سريلي آواز سان ٿي. اهل الله بزرگن ۽ ولين بہ نفس جي پاڪائي ۽ روحاني خوشي ماڻڻ لاءِ سنگيت جو سهارو ورتو آهي.
    دراصل ڪائنات جي هر شَي سنگيت جي جذبي سان سرشار آهي، هوائن جا زوردار جھُوٽا ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ سرسراهٽ، آسمان ۾ ڪڪرن جون گجندڙ گوڙون پنن جي کڙکڙاهٽ، سمنڊ جي وِيرُن مان اُٿندڙ آواز، دريائي لهرن جا مڌم سُرَ ۽ جانورن جا آواز فضا جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ان ۾ موسيقي جا سُر ڀرين ٿا.
    انسان جي فطرت جڏهن ڪائنات جي پوشيده آواز کي سڃاتو، تڏهن ان کي غيب جي پردي مان ڪڍي پنهنجي وندر ورونهن ۽ روماني تسڪين لاءِ سنگيت کي جنم ڏنو ۽ انسان خود پنهنجي آواز ۾ ميٺاج ڀرڻ جي ڪوشش ورتي ۽ سنگيت ۾ رَسُ ڀرڻ لاءِ اوزار بنايا. لوڪ سنگيت هڪڙي فطري موسيقيءَ جي رَوَ آهي ۽ اُهو عوامي ذوق ۽ مزاج جو عڪاس آهي. ديس جي فضائن، ماحول ۽ عام انسانن جي جذبن مان سنگيت وجود ورتو.
    جيئن جيئن انسان تهذيب جي فضا ۾ ساهہ کڻڻ شروع ڪيو، تيئن تيئن سندس ذوق ۽ رغبتن جي تربيت ٿيڻ لڳي. اوائلي دور ۾ انسان جا ويچار لفظن جو روپ ڌارڻ لڳا، تہ انهن ۾ ترتيب ۽ لاڳاپو بلڪل نالي ماتر هوندو هو. ليڪن آهستي آهستي ٻوليءَ ۾ ربط پيدا ٿيو ۽ لفظ ضمير جي اظهار جو وسيلو بنجي پيا. پهرين جذبن کي آواز مليو ۽ پوءِ آوازن کي لفظ. انسان اول نڙيءَ جي مشق سان آوازن ۾ سليقو ۽ ميٺاڄ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ورتي، پر پوءِ وقت گذرڻ سان اوزارن جي مدد ذريعي بہ سُرن جو جادو جاڳائڻ ۾ ڪامياب ويو، جنهن سان سنگيت جي شروعات ٿي.
    دنيا جي مڙني قومن ۾ لوڪ سنگيت جي اوسر ۾ شروعات کان ئي لوڪ رس ڇا عوامي فن مدد گار رهيا آهن، سنڌي لوڪ سنگيت جي چمن کي بہ ساڳئي وقت لوڪ ناچن ۽ لوڪ گيتن جي شاخن چهڪائي دلڪش بنايون تاريخي نقطہ نظر کان لوڪ ناچ سڀني ۾ پراڻو آهي، جنهن ۾ بدن جي لوڏ کان سواءِ ساز ۽ تال بہ شامل هوندو آهي، جن جي لرزش مان بي اختيار انساني جذبات جو اظهار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ٽن قسمن جي رقصن جا نمونا ملن ٿا. هڪڙو گول دائري ۾ بيهي نچڻ، ٻيو آمهون سامهون ٿي نچڻ ۽ ٽيون اڪليو نچڻ. ڪن ناچن ۾ ڪجھہ ٻول دهرائبا آهن تہ ڪي ناچ وري بغير ٻولن جي ٿيندا آهن. ٻولن کانسواءِ ناچ شروعات ۾ تاڙين جي تال تي نچيا وڃن ٿا. پر پوءِ انهن ۾ دهل جو تال ۽ شهنائيءَ جي ڌن بہ شامل ڪئي ويندي آهي، ڇيڄ ۽ جھمر ناچن ۾ ٻول ڪو نہ اچاريا ويندا آهن. هو جمالو ۽ ڏانڊيو رقص مقبول ناچن ۾ شمار ٿين ٿا. جن ٻنهي ۾ ٻول اچاربا آهن، هو جمالو تہ سنڌي ثقافت جو نهايت ئي مقبول رقص آهي. لوڪ ناچن جي رنگار رنگي اهڙي پسجي ٿي، ڄڻ تہ رقص مالها هن ڌرتيءَ تي ڪنهن هنڌ ٽٽي هئي، جنهن جا موتي هن سرزمين تي وکري ويا هجن. منجھن اها صداقت آهي جو انهن جي انگ ۽ چال کي ڏسي صدين جي تاريخ مرتب ڪري سگھجي ٿي. هتي جو هر رقص خاموش زبان آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جو ڪو نہ ڪو داستان معنمر آهي، عوامي انداز جا سڀئي رقص ڄڻ تہ سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي نمائندگي ڪندڙ آهن.
    قدرت سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ اهي رنگ روپ رچايا آهن، جن جي ارزاني لوڪ سنگيت جي شاهوڪاريءَ جو سبب بني آهي. ڌرتيءَ جو هيءُ ڀاڱو سمنڊ، ريگستان، جبل ۽ سرسبز ميدان سان مالامال ڏسجي ٿو. انڪري زندگيءَ جو ڪو بہ اهڙو پهلو نہ آهي جيڪو لوڪ گيتن جو موضوع نہ بنيو هجي. رزم هجي يا بزم هجي، لوڪ گيتن جي گونجار ضرور ٻڌڻ ۾ ايندي. سنڌ جي سچار ماڻهن وانگر هتي جا گيت بہ سنوان سڌا ۽ سچلا آهن. لوڪ گيتن جي سچائيءَ جو اهو حال آهي جو ٻڌڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ تہ سنڌي ماڻهن جو مزاج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا طور طريقا، سندن رسم رواج، سڀئي انهن گيتن ۾ سميٽجي آيا هجن. لوڪ گيتن جي رنگ برنگي مالها ۾ ڪيترا ئي موتي ۽ لعل جڙيل آهن. انهن ۾ سهرا، ڳاهون، ڏوهيڙا، وايون ۽ ڪافيون اچي وڃن ٿيون.
    سنڌ ۾ لوڪ سنگيت ۽ لوڪ شاعريءَ جي ترقي ۽ اوسر گڏوگڏ ٿي آهي. جڏهن بہ ڪو موسيقيءَ جو نئون انداز اڀريو آهي، تہ ان شاعريءَ جي بہ ڪا نہ ڪا مخصوص صنف پاڻ سان گڏ آندي آهي. اسان وٽ ڳيچن کان وٺي ڪافيءَ تائين سڀ، شاعريءَ جو مجموعو بہ آهن تہ سنگيت جون صنفون بہ آهن. سنڌ جو لوڪ سنگيت نهايت وجد آڻيندڙ ۽ روح ڦوڪيندڙ آهي، جنهن ۾ جذبات ڀڙڪائڻ ۽ اشتعال ۾ آڻڻ واري ڪا بہ ڳالهہ نہ آهي. بلڪ ان ۾ سمنڊ جي ماٺائيءَ واري موج ۽ مستي آهي، جنهن ۾ اجايو شور يا طوفان ناهي، بلڪ ان ۾ جھيڻو، وڻندڙ جيءَ کي جيئاريندڙ ۽ سڪون بخشيندڙ آواز پيل آهي، ڇا گھڙي تي وڄت هجي، ڇا الغوزي تي لهرو هجي يا وري دهل جو تال هجي يا مرليءَ جو ساز ۽ سرندي جو آواز هجي، سنگيت جو آواز ڪن تي پوڻ سان ئي لونءِ لونءِ ڪانڊارجيو وڃي. انسان جو روح بيدار ٿيو وڃي، ۽ ٻڌندڙ ۾ شعور جي آگاهي آڻي منجھس پاڪيزه جذبا اُڀاريو ڇڏي. قديم زماني کان سنڌ ۾ ڪيترائي ساز رواج ۾ آهن، جيڪي پنهنجي مخصوص وڄت سان سنگيت جو سمائيندڙ سمون پيدا ڪن ٿا ۽ ناچ ۽ گيتن ۾ آواز جي لهر ۽ اُڀار آڻين ٿا.
    سنڌي لوڪ گيتن ۾ جيتري ناچ ۽ گيتن جي رنگا رنگي آهي، اوتري سازن جي دنيا بہ حسين ۽ دلڪش آهي. هتي تال جي سازن کان وٺي آواز جي سنگيت جا ساز مڪمل صورت ۾ پاتا وڃن ٿا. مختلف قسمن جي سازن جي واقفيت ڏيڻ لاءِ هر هڪ ۾ الڳ طور تي روشني وجھڻ ضروري آهي. سڀ کان پهرين ڦوڪ سان وڄندڙ ساز آهن، جن ۾ بوڙينڊو، شرنائي نڙ، بانسري مرلي ۽ پاوا يا الغوزو اچي وڃن ٿا. انهن سڀني مان پهريون يعني تہ بوڙينڊو قديم آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي آثارن مان بہ مليو آهي. بوڙينڊي کي ڳائڻ جي سنگت ۾ وڄائي نہ سگھبو آهي، بلڪ اهو ساز رڳو هڪ قسم جو هلڪو آلاپ ڏيندو آهي، اڪثر ڪري ڌنار ۽ ڌراڙ جھنگ ۾ مال پهرائيندي ان سان دل وندرائيندا آهي. هيءُ ساز بناوت ۾ تمام سادو سودو آهي، جيڪو چيڪي مٽيءَ جي گول کينهوڙي وانگر ٿيندو آهي. ان کي مٿان هڪ گول سوراخ ٿيندو آهي، جنهن کي چپ تي رکي بانسريءَ وانگر وڄائيندا آهن. نڙ بہ سنڌ جو قديم ساز آهي. نڙ ڊگھي نڙانڊيءَ مان ٺهيل هوندو آهي. ان جي هيٺين اڌ ۾ چار سوراخ ٿيندا آهن ۽ منهن واري ٽونگ کان بانسريءَ وانگر آڏي ڦُوڪ سان وڄائيندا آهن. سُر سان بيت ڏيڻ کي لوڙائو“ چئبو آهي. نڙ جي ايجاد کان پوءِ ڪچهرين ۾ نڙ تي بيت ڏيڻ کي لوڙ جو رواج پيو. ناڙي يعني تہ نڙ وڄائڻ وارا نڙ مان رڳو بہ لهر ڪڍندا آهن. هڪڙو سادي لئي وارو ٻيو ٻٽي لئي وارو لهرو. سادو لهرو اُٺ جي قدم قدم هلڻ جي لئي تي ٻڌل آهي ۽ ٻٽو لهرو اُٺ جي تکي رفتار واري ليءَ سان ٺهڪيل آهي. موسيقيءَ جو ساڳيو ئي انداز ”نڙبيت“ ۾ بہ ملي ٿو.
    بانسري ۽ مرلي ڦُوڪ سان وڄندا آهن، انهن کي هندو مذهب ۾ تقدس حاصل آهي. ڏکڻ ايشيا جي پراڻن سازن ۾ انهن جو شمار ٿئي ٿو. بانسريءَ جي سُرن جو جادو ڪنهن کان ڳجھو آهي؟ ان جو مڌر آواز نهايت لڀائيندڙ ٿئي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڪشش ۾ جلدي ڇڪيو وٺي. پاون يا الغوزن جو رواج بہ سنڌ ۾ گھڻي زماني کان وٺي هلندو اچي. هيءُ ساز ايتري قدر مقبول آهي، جو ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ لاءِ الغوزا نوازن کي خصوصي طور موڪليو ويندو آهي، جتي هُو پنهنجي موهيندڙ سُرن سان موسيقيءَ جي محفل تي ڇانئجي ويندا آهن. سُر راڻو الغوزي مان نڪري ساري ماحول تي وجد طاري ڪري ڇڏيندو آهي.
    ڦُوڪَ جي سازن کانپوءِ تال وارن سازن جو وارو اچي ٿو، جن ۾ گھڙو، گھڙي، دهل، دهلڙي، مگرمان، نغارا وغيره عام طرح سان استعمال ۾ اچن ٿا. ڪي ڪافي ڪلام ڳائيندڙ ”کڙتال“ کي تال جي آواز لاءِ استعمال ۾ آڻيندا آهن. هر تال جي ساز جا جدا ٽيڪا ٿيندا آهن، جن جي بندش تي ڳائيندڙ يا نچندڙ کي قائم رهڻو پوندو آهي. هُو ساز جي آواز جي چُرُپُر جو ساٿ ڏيندا رهندا آهن.
    انهن کانسواءِ لرزش وارا ساز بہ سنڌي لوڪ سنگيت ۾ شامل آهن، جهڙوڪ يڪتارو، دنبورو، سرندو، ڪماچ ۽ چنگ وغيره. اهي ساز جنبش جي مدد سان وڄندا آهن. هٿ جي آڱر سان تارن ۾ لرزش آڻي آواز پيدا ڪيا ويندا آهن. ڦُوڪ تال ۽ لرزش وارن سازن سان گڏجي سنڌي موسيقيءَ جي عمارت تعمير ٿي آهي. سنڌ ۾ موسيقيءَ جي قديم روايتن ۽ فني ڪمالن کي ڏسي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ تہ سنگيت هن ڌرتيءَ تي پهرين جنم ورتو آهي ۽ پوءِ سُرن جي دنيا ٻين ملڪن ۾ جنم ورتو آهي. سنڌ جو ماڻهو تہ سنگيت جو اصل کان وٺي پروانو رهيو آهي. هتي ابتدائي زماني کان سنگيت جا وڏا وڏا فنڪار ۽ ڄاڻو ٿي گذريا آهن. موسيقي ۽ راڳ بابت ڪيترا محاورا ۽ اصطلاح قديم زماني کان سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ رائج آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ اسان جي معاشري ۾ راڳ کي وڏي اهميت حاصل هئي. ننڍي کنڊ ۾ ٽي هزار سال اڳ موسيقي باقاعدي رواج ۾ هئي. ڀارت جي آڳاٽن ڪتابن ۾ موسيقيءَ جي هڪ ڀاڱي کي سنڌي سنگيت جي نالي سان درج ڪيو ويو آهي، ۽ موسيقيءَ جي نظام ۾ ان کي سنڌي پرڪاش جي نالي سان سڏيو ويو آهي. سنڌي ماڻهن جو سنگيت سان شوق ۽ شغف والهانہ رهيو آهي. اهل الله بزرگ پنهنجي تزڪيہ نفس ۽ روحاني تسڪين ۽ لطف لاءِ راڳداريءَ جون مجلسون ڪندا هئا، جن ۾ ”سماع“ کي بنيادي اهميت حاصل آهي. مولوي صاحبان ۽ شرعي عالمن وٽ سنگيت مولود خوانيءَ جي حيثيت ۾ رائج رهي آهي، جنهن ۾ هُو خوش‌الحاني ۽ مٺي آواز سان مولد پڙهندا ۽ حاضرين مجلس تي محويت طاري ڪري ڇڏيندا آهن.


    انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي نثر جي عبارت ۽ ٻولي

    انگريزن جو دور حڪومت، سنڌي ادب جي واڌاري جي لحاظ کان نهايت ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. هيءُ ئي دور هو، جنهن ۾ سنڌي ادب جون جديد صنفون وجود ۾ آيون. برٽش سرڪار جي ڪوشش سان، سنڌي الف ب سال 1851ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ اهڙيءَ طرح سان سنڌي نثر لکڻ جو رواج عام ٿيو. يورپي عملدارن جي شخصي چاهہ ۽ خاص بهره وٺڻ ڪري، سنڌي نثر جي ڪتابن جو هڪ چڱو خاصو تعداد تيار ٿي ويو. اوائلي سنڌي نثر جي ليکڪن ۾ ديوان ننديرام، اڌارام، پرڀداس، قاضي غلام علي، سيد ميران محمد شاهہ، آخوند عبددالرحيم، مرزا علي رضا، صاق علي بيگ ۽ ديوان ڪيولرام جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني ۾ ديوان ننديرام، جو نالو اولين حيثيت رکي ٿو، جو ان دور جو مکيہ ليکڪ آهي. اوائلي دور جي نثري ڪتابن جو وڏو حصو سندس تصنيف ڪيل آهي، جي سڀئي درسي ڪتاب هئا ۽ تعليمي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ لکيا ويا هئا. انهن سڀني ليکڪن مان ديوان ڪيولرام اُوڻيهين صديءَ جي بلڪل آخر جو ليکڪ آهي، جنهن جا ڪتاب ”گل شڪر“ ۽ ”گل“ ادب ۾ نهايت ئي اهم مقام والارين ٿا. سندس ٻولي بہ اڳين ليکڪن کان زياده شائستہ، فصيح ۽ موجوده نثر جي نزديڪ آهي.
    اوائلي دور جي نثر جي عبارت ۽ ٻوليءَ جون جيڪي مجموعي خصوصيتون آهن، جي سڀني نثر نويسن ۾ پاتيون وڃن ٿيون، تن جو ذڪر سلسليوار هيٺ ڪجي ٿو.
    سنڌي نثر جي عام مروج ٿيڻ کان اڳ ۾، اهل سنڌ کي تعليم و تدريس فارسي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. ابتدائي دور جا سڀئي نثر نويس، فارسي تعليم سان آراستہ هئا. انهن جنهن وقت سنڌيءَ ۾ ڪتاب تحرير ڪرڻ شروع ڪيا، تنهن وقت سندن سامهون ڪو بہ صحيح سنڌي نثر جو نمونو موجود نہ هو، جنهن کي مثال بنائي لکن. اوائلي نثر نويس مان ”ديوان ننديرام“ پهريون ليکڪ هو، جنهن سنڌيءَ ۾ ڪتاب جوڙيو. ”تاريخ سنڌ“ هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو هن فارسيءَ جي ”تاريخ معصوميءَ“ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو. جيئن تہ هن جي سامهون ڪو بہ سنڌي نثر جو ڪتاب ڪو نہ هو، تنهن ڪري هن کي سنڌي نثر لاءِ هڪ واٽ گھَڙڻي پيئي، جا ٻين لاءِ مثال بڻي. سنڌي نثر جو جيڪو نمونو، لهجو، زبان ۽ طرز بيان هن اختيار ڪيو، ان کي پوين اديبن مثال ڪري ورتو آهي. ايئن ضرور آهي تہ هر ڪنهن اديب پنهنجي عقل ۽ وس آهر نثر کي عام فهم ۽ وڻندڙ بنائڻ جي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ديوان ننديرام جي سنڌي تحرير، ابتدائي هجڻ جي لحاظ کان نهايت ئي مزيدار ۽ قابل قدر آهي، مگر ان جي مقابلي ۾ کانئس پوين مصنفن جو نثر زياده دلڪش ۽ وڻندڙ معلوم ٿئي ٿو. پوين اديبن ان ۾ وقت بوقت تبديليون ۽ ترميمون پئي آنديون آهن. سنڌي زبان جي موجوه دور جو نثر، جو ايتريقدر شستہ ۽ فصيح معلوم ٿئي ٿو، سو وقت بہ وقت اهڙين ڪوششن سان هن منزل تي پهتو آهي. هيٺ آئون ديوان ننديرام ۽ ديوان آڌارام جي نثر جا ٽڪرا پيش رکان ٿو، جنهن مان معلوم ٿيندو تہ سنڌي نثر ڪيئن درجي بدرجي ترقي ڪئي آهي.
    ديوان ننديرام جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ سال 1854ع ۾ شايع ٿيو. سندس نثر جو نمونو هڪ آکاڻيءَ مان هيٺ ڏجي ٿو.
    ”پروڙيو ٿي تہ ڏونگر گھڻو ڪنجھن ٿا ۽ هاڻي ڄڻيندا. ماڻهو چوڌاري چوڏس پراهان آيا.“
    ديوان اڌارام پڻ ساڳئي ڪتاب جي نثر کي سڌاري سنواري سال 1891ع ۾ شايع ڪيو. هاڻي ڏسو تہ ساڳئي جملي کي ديوان اڌارام ڪهڙي نموني سان ادا ڪري ٿو.
    ”هڪڙيءَ ٽڪريءَ کي اچي سور ٿيا، سا جڏهن ڪنجھڻ لڳي، تڏهن ان جون ڏاڍيون ڪيڪون ٻڌي، اوسي پاسي جا اوريان پريان ماڻهو گھڻئي اچي گڏ ٿيا“.
    ديوان ننديرام ۽ ديوان اڌارام، ٻنهي جا نثري فقرا پڙهڻ سان معلوم ٿيندو تہ پهريون فقرو ايتري قدر تہ منجھيل آهي، جو ڪوشش ڪري سمجھڻ سان بہ ان جو پورو مطلب ذهن نشين نہ ٿو ٿئي. وري پويون فقرو ايتري قدر تہ آسان، سليس ۽ بامحاوره آهي، جو هڪدم سمجھہ ۾ اچي وڃي ٿو. ازانسواءِ انهيءَ آکاڻيءَ جو ديوان ننديرام جيڪو عنوان قائم ڪيو، سو آهي ”آکاڻي ڄڻيندڙ جبل جي“ جو بہ گرامر جي لحاظ کان غلط آهي. وري ديوان اڌارام ساڳيءَ آکاڻيءَ جو عنوان ”آکاڻي ٽڪريءَ جي، جنهن کي سور ٿيا هئا“ قائم ڪيو آهي، جو زياده صحيح ۽ بامقصد آهي.
    ديوان ننديرام جو نثر جيتوڻيڪ ڪچو ڦڪو لڳي ٿو، ان هوندي بہ اها سندس ئي شخصيت هئي، جنهن هاڻوڪي سنڌي نثر جو بنياد وڌو. انهيءَ مثال مان اهو بہ معلوم ٿيو تہ سنڌي نثر درجي بدرجي ترقي ڪري هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي آهي.
    ابتدائي دور جا سڀئي سنڌي ليکڪ فارسيءَ جا استاد ۽ عالم هوندا هئا. ڪن کي تہ پنهنجا مدرسا بہ هئا، جن ۾ هُو شاگردن کي فارسي زبان ۾ تعليم ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سندن سنڌي نثر تي بہ فارسيءَ جو اثر آهي. اهي مدرسا جڏهن پنهنجي مڪتبن ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تعليم ڏيندا هئا، تڏهن شاگردن کي جملي جي هر لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ سڄي جملي جو ترجمو ”تحت‌اللفظ“ ڪري ڏسيندا هئا. اڄ ڪلهہ پڻ پراڻي وضع جي مدرس ۾ فارسي ۽ عربي پڙهائڻ جو اهو ئي دستور هلندو اچي ٿو. مثلاً جڏهن طالبن کي فارسيءَ جي ”ڪريما“ پڙهائي ويندي آهي، تڏهن:
    ”ڪريما بہ بخشائي برحال مال
    که هستم اسير کمن هوا“
    انهن ٻن شروعاتي سٽن جي ”تحت‌اللفظ“ معنيٰ هن طرح ٻڌائي ويندي آهي.
    ”اي ڪريم، بخش ڪر مٿي حال اسان جي،
    جو آهيان ورتل منجھہ ڦاهيءَ حرص جي.“
    اوائلي سنڌي نثر ۾ اهڙا جملا ڪثرت سان هٿ اچن ٿا، جيڪي جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي لحاظ کان تہ نج سنڌي آهن، ليڪن انهن جي بيهڪ عربي ۽ فارسيءَ جي جملن جهڙي آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن بہ ڪتاب جو سڄو نثر آخوند عزيزالله جي نثر وانگر ڪونهي، ان هوندي بہ ڪيترا جملا اهڙا آهن، جي ساڳي انهيءَ بيهڪ جا آهن. ديوان ننديرام جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ اهڙا جملا ڪثرت سان آيل آهن. ان جو سبب بہ شايد اهو آهي جو اهو ڪتاب بہ اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيل آهي. هتي مختلف ليکڪن جي ڪتابن مان اهڙي نثر جا چند نمونا پيش ڪجن ٿا.
    1. ديوان ننديرام جي نثر مان مثال:
    ”وڏي وڏائي ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي ڀال ۽ ڀلائيءَ ساڻ انسان کي اپائي پروڙ ڏنانس. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا، جنهن پنهنجي ٻاجھہ ساڻ ڪيترن ڏينهن کون واڳ وڏي ڀاڱي ملڪ هندستان جي هٿ حاڪم انگريز بهادر نياءَ واري جي ڏني. ويتر هلائيندڙ حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب سر بارٽل فريئر ڪي. ٽي. بي. ڪمشنر صاحب بهادر. ماڻهو هن ڏيهہ جا سڀئي گھڻي سرهائيءَ سان دعا ڪندڙ وڏائيءَ حضور مٿئين جا آهن“.
    مٿئين نثر جي ٽڪري کي صحيح سنڌيءَ ۾ هن طرح لکبو.
    ڌڻيءَ جي وڏي وڏائي، جنهن پنهنجي ڀال ۽ ڀلائيءَ سان اسان کي اپائي پروڙ ڏني. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا، جنهن پنهنجي ٻاجھہ سان هندستان ملڪ جي وڏي ڀاڱي جي واڳ نياءَ واري حام انگريز بهادر جي هٿ ۾ ڏني ۽ ويتر سنڌ جي حڪومت جو هلائيندڙ عادل حاڪم جناب سر بارٽل فريئر. ڪي. ٽي. بي. ڪمشنر صاحب بهادر کي ڪيائين. هن ڏيهہ جا سڀئي ماڻهو، گھڻي سرهائيءَ سان مٿئين حضور جي وڏائيءَ لاءِ دعا گھُرندڙ آهن“.
    2. آخوند عبدالرحيم جي نثر مان مثال:
    ”تنهن کان پوءِ سهنجا سوناري جي مهمان ٿي ڪيو، سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي هئي. اها سبب عشق جي جنهن وقت سار ٿئس ان وقت اٿي گس اٺن جو سڃاڻي هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳي ۽ واٽ تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئا، تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪِرِي پئس باقي اڳٺ چيلهہ ۾ رهئس“.
    انهيءَ نثر جي ٽڪر کي صحيح سنڌيءَ ۾ هن طرح لکبو.
    ”تنهن کان پوءِ سهنجا سوناري، جنهن کيس پنهنجو مهمان ٿي ڪيو، سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي. عشق جي سببان، جنهن وقت سار ٿيس، ان وقت اٿي، اٺن جو گس سڃاڻي، هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳي ۽ واٽ تي جي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئا، تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي، چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪِرِي پيس ۽ باقي اڳٺ چيلهہ ۾ وڃي رهيس“.
    مٿي ڏنل مثالي نثر جي ٽڪرن مان صاف ظاهر آهي تہ ان جملن جي بيهڪ فارسيءَ ۽ عربيءَ جي جملن جهڙي آهي. اوائلي نثر جي انهيءَ خصوصيت سبب ان کي بافهم ۽ سلوڻو چئي نہ ٿو سگھجي، ڇاڪاڻ جو ان جي عبارت رواجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي طرز کان مختلف آهي ۽ صرف و نحو جي لحاظ کان غلط آهي. وقت گذرڻ سان آهستي آهستي سنڌي نثر بلڪل صاف، اصلي ڳالهائڻ ٻولهائڻ واريءَ صورت ۾ لکجڻ لڳو ۽ فارسيءَ جو اثر بلڪل مفقود ٿي ويو.
    سنڌي الف بي، جيئن تہ عربي رسم‌الخط مان جوڙي ويئي، تنهنڪري اهي سنڌي خوانده، جن عربيءَ يا فارسيءَ ۾ تعليم پرائي هئي، سي سنڌي نثر جي عبارت چڱيءَ طرح پڙهي سگھندا هئا. پر جيئن تہ سنڌي نثر پهريون دفعو پريس ۾ ڇپجڻ لڳو، تنهنڪري هر لفظ جو صحيح تلفظ ڏيکارڻ لاءِ اعرابون (زبر، زير، پيش، جزم، شد، مد) وغيره ڏنيون وينديون هيون، جيئن عوام ان جو آسانيءَ سان مطالعو ڪري سگھي. اوائلي نثر وارن ڪتابن جي عبارت ۾ ڪيترن هنڌن اعرابن جو غلط استعمال بہ ڪيو ويو آهي. ازانسواءِ بيهڪ جي نشانين جي بہ ان دور ۾ ڄاڻ ڪا نہ هئي. تنهنڪري گرامر جي لحاظ کان بہ اهو نثر هاڻي جي سنڌي خواندن لاءِ سمجھڻ مشڪل آهي. جڏهن سنڌي ماڻهو رفتي رفتي نئين صورتخطيءَ سان مانوس ٿي ويا، تڏهن اهو اعرابون ڏيڻ وارو رواج بہ ترڪ ڪيو ويو ۽ عربي، فارسي ۽ اردوءَ وانگر بغير اعرابن جي عبارت قائم ڪئي ويئي.
    اوائلي سنڌي نثر جي عبارت ۾ گھڻائي اهڙا لفظ آهن، جن جي صورتخطي هن وقت ٻيءَ طرح لکي وڃي ٿي، يا ڪيترن لفظن جون صورتون ڌار ڌار ليکڪن ٻيءَ ٻيءَ طرح سان لکيون آهن. مثال طور ”انن“ کي هاڻوڪي دور ۾ ”انهن“ لکيو وڃي ٿو ”ته جه“ کي هن دور ۾ ”تنهن جنهن“ لکيو وڃي ٿو، ”تهڪري“ کي هن دور ۾ ”تنهنڪري“ لکيو وڃي ٿو، ۽ ”جڏه تڏه“ کي ”جڏهن تڏهن“ لکيو وڃي ٿو. اهڙا ڪيترائي الفاظ آهن، جيڪي هن دور ۾ ٻيءَ طرح سان صحيح صورت ۾ لکيا وڃن ٿا. مذڪور ڄاڻايل لفظن ۽ ٻين ڪيترن لفظن جون مستقل صورتون درجي بہ درجي وقت گذرڻ سان انهيءَ صورت کي پهتيون آهن. ڪيترن لفظن جون درست صورتون ورنيڪيولر لٽريچر سوسائٽي (1914ع) ۾ بنايون هيون. تنهن هوندي بہ متعدد لفظ اهڙا آهن، جي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن مصنفن طرفان الڳ الڳ صورتخطيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا؛ مثلاً ”قاصائي“، ڪاسائي، صبحاڻي، سڀاڻي، ”جهن تهن“، ”جنهن تنهن“ وغيره. منهنجي خيال ۾ ٻيون نمبر صورت درست سمجھڻ گھرجي.
    اوائلي سنڌي نثر جيتوڻيڪ عام فهم ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي ۽ نج سنڌي آهي، ان هوندي بہ موجوه دور جي نثر جي مقابلي ۾ غير فصيح آهي. ڪيترا الفاظ متروڪ ٿي چڪا آهن ۽ ڪجھہ الفاظ تہ اهڙا بہ آهن، جيڪي مشڪل سان سمجھہ ۾ اچن ٿا. ان جو سبب اهو آهي جو اوائلي دور جي نثر نويسن جو سڄو زور نج سنڌي لفظن تي هو. هن وقت جيڪي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ سنڌيءَ جا ٿي چڪا آهن، جي اسان نہ رڳو تحرير ۾ ڪم آڻيون ٿا، بلڪہ ڳالهائڻ ۾ بہ بي ڌڙڪ استعمال ڪريون ٿا. مثلاً وقت، شَي وغيره تہ اهڙن آسان ۽ سليس لفظن جا بہ ابتدائي دور وارن ليکڪن نج سنڌي هم معنيٰ لفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مثلاً وقت لاءِ ”ٽاڻو“ ۽ ”شَي“ لاءِ ”وٿ“. اهڙن لفظن جا جيڪي سنڌي ترجما يعني نعم‌البدل قائم ڪيا اٿن، سي بلڪل جُڙتو، بي معنيٰ ۽ دقيق بنجي پيا آهن، جن کي هن دور جي نثر ۾ ڪڏهن بہ استعمال ڪرڻ پسند ڪيو نہ ويندو. هيٺ ڪن ليکڪن جي نثر مان چند اهڙا لفظ مثال طور پيش ڪجن ٿا.

    سيد ميران محمد شاهہ
    تفاوت کي ”ول“
    فيصلو کي ”نبير نڇيڙ“
    خرچ کي ”کاپ“
    حوصلو کي ”چيت“
    دراصل يا خاص طرح کي ”نڪڻي“

    پر ڀداس
    خود غرض کي ”پاڻ کي گھُرندڙ“
    اعتبار نہ ڪرڻ کي ”اڻ دل لڳو“ شخصي يا ذاتيءَ کي ”منڊائتو“

    ديوان ننديرام
    ”بي خيالي“ کي ”اڻپُورو“. نئين سٽ کان جوابدار کي ”کولاندر“

    ميان محمد
    پسند کي ”پهت“، استعمال کي ”هير“، قسمن کي ”پريون“
    هن وقت ”بي خيالي“ جي لاءِ ”اڻ پُور“ يا ”اعتبار نہ اچڻ“ بدران ”اڻ دل لڳو“ وغيره ڪٿي بہ ڳالهائڻ ۾ ڪو نہ ٿو اچي. ابتدائي دور جي نثر نويسن ڌارين زبان جي لفظن جا جيڪي سنڌي نعم‌البدل ڏنا آهن، سي هن وقت تائين مروج ٿي نہ سگھيا آهن. تحرير ۾ تہ ٺهيو، مگر زبان تي بہ چڙهي نہ سگھيا آهن، جو انهن جي غير فصيح ۽ دقيق هجڻ جو ظاهر ظهور ثبوت آهي. ابتدائي دور جي ليکڪن جي اها ڪوشش هئي تہ هر ڳالهہ جو مفهوم نج سنڌي زبان ۾ ادا ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ان دور جي نثر ۾ ڪو بہ ڏکيو سنسڪرت جو لفظ يا غير مروج عربيءَ ۽ فارسيءَ جو لفظ ڪم آندل نہ آهي. مثال طور:
    ٻول ڪجي تہ پاڙجي (ننديرام)
    پاڻئون وڏي سان چرچو نہ ڪجي (اڌارام)
    اگھو، ويڄ، مورڳ، جوڳو (پرڀداس)
    پاڻ ڦُرائي بہ ڪم ڪڍجي (سيد ميران محمد شاهہ)
    سيکاريندڙ (ماستر)
    اوائلي دور جا نثر نويس، حيدرآباد، وچولي ۽ لاڙ جي پاسي جا هئا، جنهنڪري ان دور جي نثر ۾ انهن ٽنهي طرفن جي لهجن Dialects جي ٻولي ڪم آندل آهي. ان کان اڳ، جيئن تہ سنڌي نثر لکڻ جو رواج عام ڪو نہ هو، تنهنڪري ”ادبي زبان“ لاءِ ڪو بہ هڪ خاص لهجو مقرر ٿيل نہ هو. ابتدائي دور جي نثر نويسن مان غلام حسين قريشي ۽ قاضي غلام عليءَ جي جوڙيل ڪتابن ۾ لاڙي لفظ ڪثرت سان ڪم آندل آهن ۽ زبان جي ادائگي بہ لاڙي لهجي واري آهي. مثال طور انهن مصنفن جي ڪتابن ۾ نمرو، ٻان ڪرن، سونگ، ڀونڀ، اڏپ، منهہ ۽ ٻيا اڪيچار لاڙي لفظ ملن ٿا. سيد ميران محمد شاهہ، پرڀداس، ننديرام، ميان محمد، مرزا غلام رضا، اڌارام، ديوان نولراءِ، ديوان ڪيولرام ۽ ڪيترا مصنف سنڌ جي وچولي ڀاڱي سان تعلق رکندا هئا، جن جي ڪتابن ۾ وچولي جي زبان ڪم آندل آهي. حيدرآباد ۽ وچولي جي زبان اتي جي مصنفن جي گھڻائيءَ سبب، ادبي ۽ تعليمي ڪتابن ۾ عام طرح سان استعمال ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري ان کي معياري زبان Standard Language قرار ڏنو ويو ۽ اها زبان ”علم و ادب“ لاءِ مخصوص بنجي ويئي.
    اوائلي دور جي نثر نويسن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو، مختلف علمن لاءِ سنڌيءَ ۾ جوڙيل علمي اصطلاحن Technical Terms جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جو سنڌي علم و ادب تي سندن دائماً احسان آهي. انهيءَ ڪم ۾ بہ ديوان ننديرام پيش پيش آهي، ڇاڪاڻ تہ علمي ڪتابن جو وڏو حصو سندس ئي قلم جي زور جو نتيجو آهي. سنڌيءَ ۾ تعليمي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جڏهن پهريون ڀيرو مختلف علمن جهڙوڪ، تاريخ، جاگرافي، حساب، جاميٽري، آلجبرا وغيره جا ڪتاب جوڙيا ويا، تڏهن سڀ کان دقيق مسئلو انهن نون علمن جا اصطلاح بنائڻ جو هو، ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ ڪڏهن بہ ان قسم جا علمي ڪتاب اڳي لکيا نہ ويا هئا. مثال طور رڳو رياضيءَ جي علم متعلق اصطلاح جهڙوڪ اڻپُور، ڏهائي، مُور، وياج، راس، پاڇي، ونڊ، جوڙ، ڪٽ، وڏو عام پورو وڊيندڙ ۽ ننڍي عام ڀڃ اپت وغيره، انهن عالمن جا مقرر ٿيل اصطلاح پڙهي وري جڏهن ساڳين علمي اصطلاحن لاءِ اردوءَ جي لفظن ڏانهن نظر ڪبي تہ معلوم ٿيندو تہ اهي تمام دقيق ۽ ثقيل آهن، جن جي اچارڻ سان نڙيءَ ۾ اٽڪاءُ ٿئي ٿو. اسڪولي شاگردن جو اهڙن لفظن کي سمجھڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ ڪافي وقت صرف ٿيندو، جهڙوڪ خارج قسمت، عدد اعظم مشترڪ، ذواضعاف اقل مشترڪ، ڪسور اعشاريہ، نسب نما، شمار کننده، وغيره. سنڌيءَ جي عام فهم ۽ آسان علمي اصطلاحن کي ڏسي، ان جي جوڙيندڙن جي ذهانت ۽ دانائيءَ کي داد ڏيڻو ئي پوندو. معلوم ٿئي ٿو تہ ابتدائي نثر نويس سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ، قوم جي مزاج ۽ علمي واقفيت کان گھڻي قدر بهره ور هئا. اوائلي دور جي نثر ۾ چند علمي اصطلاح اهڙا بہ آهن، جن کي بعد جي ليکڪن بدلائي، ان جاءِ تي زياده سليس، فصيح ۽ آسان لفظ مروج ڪيا، جنهن ۾ بہ اوائلي دور جي نثر نويسن جي تقليد ڪئي ويئي آهي. مثال طور رڳو جاگرافيءَ جا علمي اصطلاح پيش ڪجن ٿا. اوائلي دور جي نثر نويسن ”ورهيہ چال“ ويڪرائي گھيرا، ڌرتيءَ جي مورت، ڌرتيءَ جي ڇانو وغيره اصطلاح استعمال ڪيا، جي پوئين دور جي نثر نويسن، سالياني گردش، رواني گردش، ويڪرائي ڦاڪ، گھيرا، ڌرتيءَ جي شڪل، ڌرتيءَ جو پاڇو وغيره ۾ تبديل ڪري ڇڏيا. اهي الفاظ اڳئين کان زياده سليس، فصيح ۽ وڻندڙ آهن.
    انگريزن جي اوائلي دور جو نثر، موجوده دور جي نثر کان ڪهڙين ڳالهين ۾ مختلف آهي. ان جو مختصر بيان ڪيو ويو آهي. ان دور جو نثر هاڻوڪي نثر جو بنياد آهي. جيڪي خاص خصوصيتون ۽ خوبيون نثر جون ان دور ۾ ٺهرايون ويون هيون، سي هاڻي بہ ساڳيون آهن. نثر جي سادگيءَ ۽ سلاست کي هن دور ۾ بہ پسند ڪيو وڃي ٿو. بعض نثر نويسن جو فن صرف انهيءَ خوبيءَ سبب ئي مقبول عام ٿيو. اوائلي سنڌي نثر ۾ جيتوڻيڪ ڪجھہ غلط ۽ دقيق الفاظ آهن، ان هوندي بہ، اهڙا لفظ ۽ فقرا ڪثرت سان ملندا، جي سهڻي، سادي ۽ صاف زبان ۾ بيان ڪيل آهن. حقيقت ڪري دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين جو نثر، اوائلي صورت ۾ ايترو شائستہ، فصيح ۽ صاف ڪو نہ هو، پر اديبن ۽ عالمن جي وقت بوقت ڪوششن سان اهو ترقي يافتہ صورت کي پهتو. ساڳي حالت سنڌي نثر سان پڻ لاڳو آهي. اوائلي دور جي نثر نويسن درسي ڪتابن ۾ سليس ۽ مٺي زبان رائج ڪئي. ان زماني کان وٺي هاڻوڪي زماني تائين جيڪي بہ درسي ڪتاب جوڙيا ويا آهن، تن ۾ بہ ڪوشش ڪري زبان جي سادگيءَ ۽ سلاست کي قائم رکيو ويو آهي. هن دور جو جيڪو بہ سنڌي نثر شايع ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ان تي بہ نظر ڪبي تہ معلوم ٿيندو تہ جيتوڻيڪ عربي ۽ فارسي لفظ ڪثرت سان استعمال ۾ آندا وڃن ٿا، اُنَ هوندي بہ نج سنڌي لفظ ڪم آڻڻ کان عار نہ ٿو ڪيو وڃي.


    ڊرامہ

    انسپيڪشن

    ڪردار
    هيڊ ماستر
    پٽيوالو
    عادل خان نالي تعليمي آفيسر، بيٽ عملدار
    جاگرافي، رياضي، سائنس، تاريخ جا استاد ۽ ٻيا استاد
    عزيز، گُلُو، فريد، اڪبر، الياس ۽ ٻيا شاگرد


    هيڊ ماستر پنهنجي اسڪول جي آفيس ۾ ويٺو آهي جو پٽيوالو اچي کيس ٻڌائي ٿو تہ ڪو شخص ساڻس ملڻ چاهي ٿو. هيڊ ماستر ٽنگون ميز مٿان ڊگھيريو ويٺو آهي ۽ ٻِيڙي ڇڪي رهيو آهي. پٽيوالي جي ڳالهہ ٻڌندي، ٽنگون هيٺ لڙڪائيندي ڪڙڪ آواز ۾ چوي ٿو. مان ڇوڪرن جي مائٽن سان رڳو مقرر وقت تي ئي ملندو آهيان، ٻاهر نوٽيس بورڊ تي لکيل آهي. هن ماڻهوءَ کي ٻڌائي ڇڏ.
    پٽيوالو: چڱو سائين... پر... پر سائين هُو ڇوڪرن جو مائٽ ڪو نہ ٿو ڏسجي.
    هيڊ ماستر: تڏهن شاگرد آهي ڇا؟
    پٽيوالو: شاگرد بہ ڪو نہ ٿو لڳي.
    هيڊ ماستر (ڪَڪ ٿي): نہ ڪو مائٽ آهي ۽ نہ شاگرد، تہ مار پويس ڪير آهي؟
    پٽيوالو: هن پنهنجو هڪ ڊگھو نالو پئي ورتو. مون کي تہ رڳو عادل خان سمجھہ ۾ آيو.
    هيڊ ماستر: (رعب مان) اڙي شڪل صورت جو ڪيئن آهي؟ ڄٽ ڄاموٽ ٿو لڳي يا پڙهيل ڪڙهيل؟ شهري آهي يا ڳوٺاڻو؟ سوٽڙِي چڙهيل اٿس يا ڪانچ ڦريل آهيس؟ مصيبت پَوَئي ڪجھہ ٻڌاءِ تہ سهي!
    پٽيوالو: سائين اوهان تہ يڪ ساهيءَ گھڻا سوال ڪري ويئو. سوٽڙي پاتل اٿس. ڇوڪراڻي عمر ڪا نہ اٿس، پر وهيءَ چڙهيل بہ ڪونهي. وار ماين وانگي ڊگھا اٿس. انگريزي پائيپ وات ۾ وجھيو دونهان پيو ڪڍي. هٿ ۾ ننڍڙو ٿيلهو اٿس. جي سڏائيندوس نہ تہ گھڙي ايندو. سائين مون کي تہ ڪو آفيسر ٿو لڳي!
    هيڊ ماستر:(دم جھلي) چڱو اندر وٺي اچينس.
    پٽيوالو: چڱو سائين!
    پٽيوالو: وڃي ٿو هليو. ٿوريءَ دير کانپوءِ دروازو کلي ٿو تہ هڪ جينس جي تنگ پتلون ۽ ٽي شرٽ ۾ ملبوس تقريباً 30 32 ورهين جو شخص داخل ٿئي ٿو، هن جي مٿي جي وارن جون نوڪون، تمام هيٺ ڳلن تائين وڌيل آهن، جي سندس ڊگھين مڇن سان ڳنڍجي ويل آهن.
    آيل شخص هڪدم اسلام عليڪم چوندي هيڊ ماستر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. ”هيڊ ماستر صاحب ڪهڙو حال آهي؟“
    هيڊ ماستر: ڌڻيءَ جا لک احسان آهن، مڙئي وقت چڱو پيو گذري. سائين ٻڌايو منهنجي لائق ڪا ڪار خدمت؟
    شخص: آئون مير واجہ پڳدار قبيلہ کٽائي عادل خان صاحب، تخلص شورش مريدان فيض گنجور مرشد عاليجناب حضور پير ڏٽائي!...!
    هيڊ ماستر:سائين عادل خان بس بس! مون کي اوهان جي خانداني بزرگي ۽ فضيلت تي اعتبار اچي ويو، وڌيڪ اپٽار جي ضرورت نہ آهي.
    عادل خان: هيڊ ماستر صاحب، مون کي سڃاتوَ؟
    هيڊ ماستر:انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ”نہ“.
    عادل خان: ڊگھي عرصي کان پوءِ ملاقات ٿي آهي. ممڪن آهي تہ ان ڪري سڃاڻي نہ سگھندا هجو. ٿي سگھي ٿو تہ بدليل لباس يا منهنجي ڦريل وسيع قطع سببان ايئن هجي.
    هيڊ ماستر:جي مون کي اها خبر نہ آهي. پر ايئن لڳي ٿو تہ ڄڻ تہ توهان سان اڳي ڪٿي ملاقات ضرور ٿيل آهي.
    عادل خان: جيڪڏهن اسڪول جي پراڻي رڪارڊ کي جاچيندا تہ معلوم ٿيندو تہ منهنجو توهان سان تمام گھاٽو سٻنڌ رهيو آهي.
    هيڊ ماستر:اسڪول جي پراڻي رڪارڊ مان! ڇا مطلب؟
    عادل خان: پنهنجي پراڻي شاگرد رفيق ... نہ نہ شاگرد رشيد کي نہ ٿا سڃاڻو ڇا؟ جنهن توهان کي لسين ۽ ڏڌن جا ذري گھٽ ماٽا پياريا هئا! روز جيسين ننڍڙي چونري ڏڌ جي نہ آڻيندو هوس، تيسين مون کي ڪلاس ۾ ويهڻ نہ ڏيندا هئا! توهان جو حافظو ايتري قدر تہ ڪمزور ڪو نہ هوندو!
    هيڊ ماستر:بس، بس اڙي تون آندل آهين نہ، ڇتي ڪورائيءَ جو پٽ!
    عادل خان: (رڙ ڪري) هيڊ ماستر صاحب، توهان قوم جي ٻچن کي پڙهايو ٿا. تعليم جهڙو مقدس پيشو اختيار ڪيل اٿوَ، توهان کي زبان درست ڳالهائڻ نہ ٿي اچي؟ اهو ئي ڄٽن وارو ڪلام، ڪم از ڪم اسان جي پاڪ وطن ۾ اسلامي تهذيب جو پاس رکڻ گھرجي. آئون آندل خان نہ بلڪہ ”عادل خان“ آهيان، اسان کي سڀني ڪرخت سنڌي نالن کي مشرف با اسلام ڪرڻ گھرجي.
    هيڊ ماستر:بيشڪ. بيشڪ ڀلا توهان آخر چاهيو ڇا ٿا؟
    عادل خان: اوهہ! چئبو تہ توهان کي اها بہ خبر نہ آهي. آئون توهان جو بِيٽ عملدار آهيان! اسڪولن جي اسنپيڪشن تي نڪتو آهيان. خيال ٿيم تہ پهرين پنهنجي سابق اسڪول ۾ وڃان، اتي جي حرف باز استادن کي ڏسان!
    هيڊ ماستر:”عادل خان“ آئون توهان کي سڃاڻان ٿو. توهان تمام چئوان ۽ صحابت شاگرد هوندا هئا. برابر ٻڌو هوم تہ عادل خان هن بيٽ جو عملدار ٿيو آهي. پر توهان متعلق تہ مون کي خواب و خيال ۾ بہ ڪو نہ هو.
    عادل خان: استاد صاحب، اهو ان ڪري جو توهان اٺ ڪلاس ڌڪي ڪري پاس ڪرائي ڇڏيا. توهان جي هشيءَ تي ٻيا استاد بہ ڀالن ڀولن ڇوڪرن جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺا آهن. هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا. ٽيوشنون ڪمائڻ لاءِ ڪلاس ۾ پڙهائيءَ کان جواب. ڪڏهن اسڪول کان توهان غائب تہ ڪڏهن استاد غائب. توهان سدائين ذاتي فعخوريءَ کان ڪم ورتو آهي. اهو ڪڏهن بہ سوچيوَ تہ توهان جي مجرمانہ غفلت باعث ڪيترن جو ٻيڙو ٻڏي وڃي ٿو؟ شاگردن جي مصيبت جا ڪارڻ اوهان آهيو.
    هيڊ ماستر:توهان سچ پچ تہ آپي کان نڪرندا پيا وڃو. ننڍي هوندي بہ اوهان هونئن ئي جذباتي ۽ چيڙاڪ هوندا هئا. پر خير عادل خان، اهو تہ ٻڌايو تہ اوهان ڪهڙيون ڪهڙيون ڊگريون حاصل ڪيون آهن؟
    عادل خان جو منهن هڪدم فخر کان ٽڙي پوي ٿو ۽ کنگھڪار ڪندي نڙي صاف ڪري چوي ٿو.
    عادل خان: ماسٽر آف آرٽس تہ آئون آهيان ئي، جو سنڌي، جاگرافي ۽ سياسيات ۾ ايم اي آهيان. تعليمات جو ماهر بہ آهيان، جو ايم ايڊ جي ڊگري اٿم. پر آئون پاڻ کي ماسٽر آف سائنس بہ چوائي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ تہ جاگرافي سائنس بہ آهي ۽ آرٽس بہ آهي. مون کي ٻن ٽن ماڊرن پرڏيهي ٻولين جا سرٽيفڪيٽ بہ آهن ۽ مون ريڊيو ٽيڪنالوجي ۾ ڊپلوما بہ حاصل ڪيو آهي ۽...
    هيڊ ماستر:بس، بس! توهان جي شخصيت همہ‌گير آهي ۽ توهان سڀني انساني علمن جا ماهر آهيو. توهان جهڙا شخص ملڪ جي لاءِ بيش بها سرمايو آهن. مون فقير پُر تقصير هٿان اهڙو شاگرد پاس ٿي نڪتو آهي، سا ڳالهہ اسڪول لاءِ قابل فخر آهي!
    پٽيوالا! صاحب لاءِ اسپيشل چانهہ ۽ سمبوسا کڻائي اچ، ۽ ٻُڌ! صاحب جي ٻنپهرن جي مانيءَ جو بندبست ڪرڻو آهي. ڪڪڙ، چانور ۽ پلو وڃي مارڪيٽ مان خريدي اچ! ۽ هاڻي ڀلا ٻڌايو تہ اوهان جي ٻي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟
    عادل خان: هيد ماستر صاحب. آئون توهان جي چالبازين ۾ هرگز ڪو نہ ڦاسندُس. آفيس ۽ عملي جي رڪارڊ جي پوءِ چڪاس ڪندس، پر پهرين ڪلاس ۾ هلي شاگردن جي ذهني چڪاس وٺندس!
    مطالبو ٻڌي هيڊ ماستر صاحب جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا ۽ قلمدان مان پين ڪڍي آڱرين ۾ جھليندي چوي ٿو: ”توهان کي هروڀرو ڇوڪرن جي پڙهائيءَ بابت معلوم ڪرڻو آهي. مون کي تہ ان ۾ ڪا سازش ٿي سٽيل نظر اچي. گذريل ڏهاڪو سالن کان ڪڏهن بہ ايئن نہ ٿيو آهي. اسين ساليانن امتحانن جون رزلٽ شيٽون بہ صاحبن کان گھران صحيح ڪرائي ايندا آهيون.
    عادل خان: سازش! ڇا جي سازش؟ خدا جي پناهہ! هيڊ ماستر صاحب توهان جي ستم ظريفيءَ جي بہ ڪا حد نہ آهي. خوامخواهہ هڪ سنئين سَوِلي مسئلي کي کڻي منجھايو اٿوَ. آخر سرڪاري فرض جي بجا آوري ڪريان ٿو تہ ان ۾ توهان کي ڪهڙي سازش ٿي نظر اچي؟
    هيڊ ماستر: توهان جي انسپيڪشن جو پروگرام سرڪاري طرح طَي ٿيل آهي يا پاڻ مرادو هتي آيا آهيو؟
    عادل خان: مون هيڊ آفيس کي بہ اطلاع موڪليو آهي. پنهنجو فيصلو سدائين قطعي هوندو آهي. دراصل ڳالهہ هيئن آهي تہ مون کي پنهنجي ذهانت ۽ هوشياري ڏيکارڻ جو موقعو ڪو نہ مليو آهي. ان ڪري پهريائين پنهنجي درسگاهہ کي ٽارگيٽ بنائڻ بهتر سمجھان ٿو. هتي جيئن تہ سڀئي تر جا ماڻهو منهنجا واقف آهن ۽ جِن استادن شاگردن جو ٻيڙو چڱيءَ ريت ٻوڙيو آهي، تن جي بہ خبر اٿم تہ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن. انڪري آسانيءَ سان مان توهان تي پنهنجي علم ۽ قابليت جو رعب ويهاري سگھندس.
    هيڊ ماستر:عادل خان ڀلا ٻڌائي سگھندا تہ هيڏا اُٺ ڪتابن جا توهان ڪڏهن پڙهيا؟ خبر ناهي تہ هيڏيون وڏيون ڊگريون ڪيئن مليون اٿوَ؟ اسڪول ۾ تہ چاڙهو خيرڪو هوندو هُئوَ!
    عادل خان: اڙي بيوقوف! ايتري بہ خبر ڪا نہ ٿي پويوَ نمسڪار ڪريو ماتر ڀوميءَ جي وڏي ۾ وڏي پاٺشالا کي، جتان وديا جي بکيا جو دان هر ڪنهن کي ملي ٿو. حرفت ۽ چالبازيءَ سان گھڻن جا ٻيڙا پار ٿي ويا. هڪ ڇسو ٻڪر ولايت ياترا ڪري آيو، مڪار گدڙ وانگي پاڻ تي جڙتو عالم جو لبادو اوڙيائين ۽ مٿانس قومي دردمنديءَ جي اوڙڪ ڍڪيائين، پوءِ سياسي حربا، ايجيٽيشن، سوديبازي، چاپلوسي ۽ بليڪ ميلڱ جهڙين حرفتن سان وڏي سند حاصل ڪري مراد ماڻيائين، ان کان پوءِ سندس جِي حضوريءَ کي بہ لوهہ ڊگريون وٺي ڏنائين! پوءِ ڪاريهر وانگي سڄي سنسٿا جو ڪرتا ڌرتا بڻجي ويو. هينئر اسان جهڙا بہ ايرا غيرا نٿُو خيرا گھڻا ئي اميدوار آهن. لال سائينءَ جا گھنڊ گھڙيال سدا وڄندا رهن! مولا عليءَ جو نعرو بلند رهي، اسان بہ انهن بورڊن ۽ سنسٿائن مان وڏيون چالون سکيون آهن. اوهان بہ سندرو همت جو ٻڌندا تہ ٻہ ٽي ڊگريون حاصل ڪري وٺندا.
    هيد ماستر:عادل خان تنهنجي دماغ ۾ ڀوسو ڀريل آهي. اسان کي تنهنجي ڪا بہ ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي. خبر نہ آهي تہ ڪهڙيون پيو ازبڪيون بڪين.
    عادل خان: هاءِ هيڊ ماستر صاحب! آئون برابر ازبڪيون ٿو بڪان، ڇاڪاڻ جو مخبوث‌الحواس آهيان. سڀني ماڻهن جو اهو رايو آهي مون لاءِ. اوقات گذر واسطي سڀني بورڊن جا دروازا بند آهن، ڪٿي پنهنجي هم رفيقن جي عصبيت جو شڪار ٿيس تہ ڪٿي وري دوستن جي حسد خباثت باعث نقصان سٺم. هاڻ هلو تہ هلي شاگردن جو آزمائشي امتحان وٺون!
    هيڊ ماستر:هيءُ ڪهڙو تماشو آهي ڇا واقعي عادل خان توهان امتحان وٺندا؟
    عادل خان: يقيناً، ان ڪري تہ هتي حاضر ٿيو آهيان.
    هيڊ ماستر (مٿو کنهندي) چڱو ايئن ئي سهي. مگر ٿوري دير لاءِ آفيس ۾ ئي ترسو، تہ آئون ٻين استادن کي ان سلسلي ۾ ڪي هدايتون ڏئي وٺان!

    ايڪٽ ٻيون:
    هيڊ ماستر جي چوگرد رياضي، سائنس، سنڌي ۽ جاگرافيءَ جا استاد ميٽڱ روم ۾ ويٺا آهن ۽ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري رهيا آهن.
    هيڊ ماستر: 15 سال اڳ ۾ هڪ چرياڻ شاگرد هتان اٺون ڪلاس پاس ڪري ويو هو، جيڪو هاڻي پنهنجو بيٽ عملدار ٿيو آهي. هُو اسڪول جي ماحول کان ۽ پنهنجي افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هُو انسپيڪشن وٺڻ کان سواءِ هرگز نہ ويندو.
    جاگرافيءَ جو استاد: سائين هُو آهي ڪٿي؟
    هيڊ ماستر: سائين اندر ڪوٺيءَ ۾ انتظار پيو ڪري. مون کي رڳو اهو خوف آهي تہ هُو آهي خر مغز، ڪٿي ابتي سبتي رپورٽ نہ لکي موڪلي.
    رياضيءَ جو استاد: (ٽهہ ٽهہ ڪندي کلي ٿو) سائين شاگردن جي ٽيسٽ وٺندو، سائين عادل خان؟ انسپيڪشن ڪرڻ ڏيوس. مون کي يقين آهي تہ پاڻ کي ڪو بہ نقصان نہ رسندو. اسان کي رڳو اهو خيال ڪرڻو پوندو تہ شاگردن کان تمام سولا سوال پڇيا وڃن. سندس مهم کي انشاءالله تہ بلڪل ناڪام ڪنداسون.
    سائنس ماستر:اهو وري ڪيئن؟
    رياضيءَ جو استاد: منهنجو مطلب آهي تہ اسان پنهنجو پاڻ، ڪنهن بہ شاگرد کي ناڪام ٿيڻ نہ ڏينداسون. شاگرد کان سوال ڪنداسون، پوءِ جواب صحيح هجي يا غلط، پر پاڻ ان کي سورهن آنا درست چونداسون.
    سڀئي استاد: (يڪ آواز ٿيندي) اسان سڀ رياضيءَ جي استاد سان متفق آهيون.
    هيڊ ماستر:(تشويش ۾ پوندي) ڏسجو، انديشو آهي تہ متان اخبارن ۾ نہ اها خبر ڇپجي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊائريڪٽر صاحب کي خدا نخواستہ اهو سڀ ڪجھہ معلوم ٿي ويو، تہ غضب ٿي پوندو ۽ اسڪول جي بہ بدنامي ٿيندي تہ منهنجي بہ خواري ٿيندي.
    رياضيءَ جو استاد: سائين اوهان ڪا بہ ڳڻتي نہ ڪريو. توهان هن اسڪول جا هيڊ ماستر آهيو ۽ اسين توهان جا نهايت فرمانبردار آهيون. جيڪو اوهان جي هيڊ ماستريءَ کي چيلينج ڪندو، سو ڄڻ تہ سڄي اسٽاف کي چيلينج ڪندو. اسان سڀني سان جھيڙي ۾ ڪير پڄي سگھندو؟ اڪ جي ماکي ٿوري ئي آهي!
    ايتري ۾ عادل خان پرگھٽ ٿئي ٿو: اڙي! استادو توهان ڇا سمجھيو آهي؟ ڪهڙي پيا سٽ سٽيو، مون کي امتحان وٺڻ ڏيو ٿا يا نہ؟
    هيڊ ماستر: سائين هلو اسين سڀ تيار آهيون.
    عادل خان: ها تہ پوءِ هلو! ڪلاس وڌيا آهن يا اڃا بہ سڀئي شاگرد هڪڙي ڪلاس ۾ ٿا پڙهن!
    هيڊ ماستر: پنج ڪلاس آهن. ستين اٺين ٻنهي جماعتن جا شاگرد ننڍي روم ۾ آهن، توهان ڀلي مٿين درجن جي آزمائش وٺو، جيڪو آفيس جي سامهون وارو ڪلاس آهي.
    عادل خان ويڙهاڪ نموني تمام وڏائيءَ سان، سڀني کان اڳڀرو ٿي هلي ٿو ۽ ڪلاس ۾ بہ پهرين هُو ۽ کانئس پوءِ هيڊ ماستر ۽ تاريخ جو استاد اندر داخل ٿين ٿا. ڪلاس ۾ دستور مطابق هڪڙي ڪرسي ۽ هڪ ميز پيل آهي. شاگرد استادن کي گھڙندي ڏسي، تعظيم خاطر اٿي بيهن ٿا.
    عادل خان: اڙي نادانو ويهي رهو.
    ليڪن شاگرد استاد کي بيٺل ڏسي بدستور بيٺا رهن ٿا.
    عادل خان: ”اڙي دنيا ڀر جا خردماغو ويهي رهو!“
    سڀئي استاد تپرس ۾ پئجي وڃن ٿا. آخرڪار هيڊ ماستر ڇوڪرن کي ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو ۽ عادل خان سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
    هيڊ ماستر: توهان جي انڪسار ۽ خوش اخلاقيءَ واري روش مان پروڙ پئجي وئي تہ اوهان جي طبيعت ۾ تمام گھڻي نرمي آهي. البت شاگردن سان مڙئي نفسيات موجب ورتاءُ ٿا ڪريو. شاگرد برابر لچا آهن.
    عادل خان: (ڏند ڪڍي مشڪندي) دراصل مون پنهنجي ڄاڻ جو مظاهرو پئي ڪيو. ٻارن کان تہ جن بہ ڀڄي ويندا آهن. جيڪڏهن شروع ۾ ئي هنن تي هيبت نہ ويهاربي تہ پوءِ وَٺُ ئي ڪو نہ ڏيندا.
    عادل خان: (يڪايڪ منهن جو رخ ڦيرائيندي) پر توهان استادن کي مون سان ڪا بہ چالاڪي ڪرڻ نہ گھرجي. آئون تمام گھڻو مستعد آهيان ۽ شروع کان ئي ڪيل ڪانٽي سان ليس آهيان.
    هيڊ ماستر: بلڪل ٺيڪ آهي، اوهان بلڪل بجا فرمايو. اوهان ڪو بہ شڪ گمان نہ ڪريو اسان استادن جو مزاج ئي اهڙو آهي، جو شاگردن سان هر حال ۾ خوش رهندا اچون.
    عادل خان: چڱو تمام سٺو هاڻي امتحان شروع ڪريو منهنجو گھڻو وقت ضايع ٿيو آهي، هتي پٺتي پيل علائقي ۾ اهو وقت وڃائڻ بدران آئون جيڪر شهر جي فيشن ايبل بازارن ۾ گھُمي پنهنجي دل ۽ اکين کي سرور بخشان ها. هاڻي شاگردن کان سوال پڇڻ شروع ڪريو.
    هيڊ ماستر:پهرين تاريخ جي آزمائش شروع ٿئي ٿي. سائين توهان ڪرسيءَ تي ويهي رهو تہ بهتر هاڻي پوريون ڪرسيون پيل آهن، اسان سڀ ويهي سگھون ٿا.
    عادل خان: هرگز نہ مان بيهي امتحان وٺندس ڪرسيءَ کي هڻ کڏ ۾.
    تاريخ جو استاد: سائين بيٽ عملدار صاحب، آئون اوهان جي قوت برداشت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نہ ٿو سگھان. معلوم ٿئي ٿو تہ اوهان مستقل مزاج آهيو، ڇاڪاڻ تہ لکيت جي بدران زباني آزمائش وٺو ٿا. ٻيو تہ توهان جي جسماني صحت بہ لاجواب آهي. ان ڪري تہ بيهي امتحان وٺڻ پسند ڪريو ٿا. سچ پچ تہ پهرين نظر ۾ مون توهان کي سرڪس جو رِنگ ماسٽر سمجھيو هو.
    عادل خان: (ورچندي) بند ڪريو اجائي بڪواس. عجيب چالباز استادن سان پلئو اٽڪيو آهي. خوامخواهہ جي ڪُوڙي تعريف سان منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو اٿوَ. توهان لاءِ تہ تيل مالش جو ڌنڌو بهتر هو. ايئن چوندي ڪاوڙ مان ڪرسيءَ تي وڃي ويهي ٿو.
    تاريخ جو استاد:چڱو، هاڻي مان تاريخ جو سوال شاگردن کان پڇان ٿو، ڇوڪرا سڀئي تيار رهو. (ٿوري دير سوچي) ها، ٻڌايو تہ 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ننڍي کنڊ جي ماڻهن، انگريزن خلاف ڪهڙي سنہ ۾ وڙهي هئي؟
    (هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي) چڱو الياس پٽ تون جواب ڏي، تون سڄي ڪلاس ۾ هوشيار شاگرد آهين.
    الياس: سائين... سائين مون کي خبر نہ آهي.
    استاد: پٽ سوال کي چڱيءَ طرح ڌيان سان ٻُڌ. جواب بہ ان ۾ ئي ٻڌايل آهي. مون کي پڪ آهي تہ تو کي ضرور جواب ايندو.
    استاد پٺيان بليڪ بورڊ تي انگ لکي کيس اشارو ڪري ٿو.
    عادل خان: واهہ واهہ، واهہ واهہ، هيڊ ماستر صاحب ڇا ايئن امتحان ٿيندو آهي؟ هي ماستر صاحب پٺيان ڪهڙو سگنل پيو ڏي؟
    هيڊ ماستر: (ماستر کي) تون شاگردن کي وچ ۾ هروڀرو اشارا نہ ڏي، ڪلاس جا شاگرد هونئن ئي هوشيار آهن. پاڻهي جواب ڏيندا. آئنده اهڙي حرڪت ڪندين تہ سسپينڊ ڪرائي ڇڏيندوسئين.
    شاگرد: سائين 1857ع واري جنگ آزادي ڪهڙي سال ۾ ٿي، اهو سوال هو نہ؟
    استاد: (خوش ٿيندي) ها، بلڪل اهو ئي سوال هو.
    شاگرد: سائين، ٻڌايان؟
    استاد: ها! ها! شاباس ٻڌاءِ.
    شاگرد: سائين.... ارڙهن گز ۽ ڪجھہ گرانٺون!
    ٻنهي استادن جي منهن جو رنگ هيڊو ٿي وڃي ٿو ۽ نڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي. ڄڻ تہ گھٽ پئجي وئي هجين. اهڙو ڪُڇن جهڙي ڀِت. ليڪن عادل خان خلاف توقع هڪدم خوشيءَ مان اڀو ٿي وڃي ٿو، هٿن سان تاڙي هڻي، داد ڏيڻ شروع ڪري ٿو.
    عادل خان: ارڙهن گز واهہ! واهہ! اصل ڪهڙو نہ برجستو جواب آهي. خدا جو قسم مزو اچي ويو. ههڙو بامعنيٰ جواب اڄ تائين ڪنهن بہ ممتحن جي گوش گذار نہ ٿيو هوندو. پٽ تو تاريخي نڪتي کي جنهن حسن ۽ خوبيءَ سان مختصر طور بيان ڪيو آهي، ان مان واقعي تاريخ جي استاد جي بہ زبردست قابليت ظاهر ٿئي ٿي. ههڙا افلاطوني جواب ڀلا ٻي ڪنهن اسڪول ۾ استادن سيکاريا هوندا ڇا؟
    هيڊ ماستر: سائين ڏٺوَ نہ اسان جي شاگرد ڪهڙو نہ اوٽ تي مگر بلڪل سهائيندو جواب ڏنو آهي.
    عادل خان: بلاشڪ دراصل اهو جواب آئن اسٽائن جي نظريي اضافيت جي عين مطابق آهي. هن انڪشاف ڪيو آهي تہ هر ڪا شَي بدلجندڙ حالت مطابق جدا جدا ڪيفيتن ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي. زمان ۽ مڪان جون حدون ۽ فاصلا بہ رڳو اضافي آهن، اسان پنهنجي پسند ۽ سهوليت مطابق انهن کي معنائون ڏيون ٿا. اهڙيءَ طرح پيمائش بہ ڪهڙي نموني ۾ بہ ٿي سگھي ٿي. هاڻي جيڪڏهن هڪ صديءَ کي هڪ گز سان ظاهر ڪريون تہ پوءِ ڇوڪر جو جواب بلڪل درست نڪرندو، ڇاڪاڻ جو 18 گز ارڙهن صدين جي برابر ٿين ٿا. باقي رهيو 57 سالن جو سوال، سو وڃي ڪن گرانٺن تي معاملو بيهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ جنگ بہ ڪا هڪڙي هنڌ ۽ مسلسل جاري ڪا نہ رهي، ان ڪري هن شاگرد جو جواب بلڪل درست آهي ۽ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿئي ٿي تہ، هن اسڪول جا شاگرد تاريخ ۾ طاق آهن. تاريخ جي استاد کي آئون ههڙي شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اسين سندس تاريخ دانيءَ جا قائل ٿي وياسون.
    استاد ۽ شاگرد پاڻ ۾ گڏجي خوشيءَ ۾ تاڙيون وڄائين ٿا. تاريخ جو استاد هيڊ ماستر سان سُس پُس ڪندي چوي ٿو ”يار پاڻ تہ ڪجھہ ڪو نہ سيکاريو آهي، ڇوڪرو تہ ٿيو اُلو، پاڻ وارو صاحب بہ واهہ جون پيو بنان پَرَ جون اڏائي“.
    عادل خان: تاريخ جو آزمائشي امتحان ختم ٿيو. مان رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ شاگردن جي تاريخ سان واقفيت نهايت عميق آهي ۽ هاڻي مادري زبان يعني تہ سنڌيءَ جو امتحان شروع ٿيندو. سنڌيءَ جي استاد کي گھُرايو تہ هُو پنهنجا سوال شاگردن کان پُڇي.
    سنڌيءَ جو استاد: ٻڌايو تہ سنڌيءَ جو سڀني کان هر دلعزيز شاعر ڪهڙو آهي؟ جنهن جو ڪلام هر ڪنهن ننڍي وڏي کي ياد آهي! عزيز تون ٻڌاءِ! جنهن جو ميلو ڀٽ شاهہ تي لڳندو آهي. ان شاعر جي نالي جي توکي خبر آهي؟
    عزيز: سائين اهو سدا حيات شاعر حضرت شاهہ لطيف ڀٽائي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ اصل هاڃا ڪري ڇڏيا آهن؟
    عادل خان: اڙي بيوقوف هي ڇا پيو بڪين! شاهہ لطيف شاعريءَ ۾ ڪمال ڪيو آهي يا هاڃا ڪيا آهن؟ ڇورا مون کي پيو پڙهائين ڇا؟
    عزيز: اسان کي سائينءَ ايئن لکايو آهي. سائينءَ چيو آهي تہ سنڌيءَ جي نئين لغت ۾ هاڃا ڪرڻ، ڀيلون ڪرڻ، سڃ واڪا ڪرڻ ۽ راڱا ڪرڻ مان مراد تمام گھڻي ترقي ۽ ڪمال آهي.
    عادل خان: (سنڌيءَ جي استاد کي مخاطب ٿي) اڙي منهنجا بہ ٿا ڪَن ڪپيو ڇا؟ ڇا هيءُ شاگرد سچ چئي رهيو آهي؟
    سنڌيءَ جو استاد: اسان ادبي تاريخ ۾ پڙهيو هو تہ برساتي فقير ان ڪري قابل تحسين آهي، جو هن شاعر مارئي ۽ سسئي ۾ هاڃا ڪري ڇڏيا! هاڻي جيڪڏهن ايئن آهي تہ پوءِ چئبو تہ شاهہ لطيف ٽيهن سرن ۾ هاڃا ڪيا آهن! تڏهن تہ وڏو شاعر ڪري ليکبو. سائين! بيٽ عملدار صاحب! ڀانيان ٿو تہ اوهان مادري زبان ٻوليءَ ۾ ايم. اي. بنان ڪتابن پڙهڻ جي پاس ڪئي آهي! نہ تہ حيرت جي بحر مان اُهي تہ غوطا کائي نڪرو ها جو هوش ٺڪاڻي اچي وڃيوَ ها!
    عادل خان: ٻڌاءِ تہ تون علم و ادب جي ڪهڙن سرچشمن مان سيراب ٿيو آهين!
    سنڌيءَ جو استاد: سائين منهنجي سنڌي دانيءَ تي اجايو شڪ نہ آڻيو. منهنجو استاد بہ استاد هو، جنهن کي سونو ٻلو هروڀرو انعام ۾ ڪو نہ مليو هوس. جي ايئن هجي ها، تہ ڪاٺ جو اُلو جيڪر هٿ ۾ نہ جھلائينس ها!
    عادل خان: اسان جا نالي ۾ نهال عالم ڏينهن رات سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ ڪوشان آهن. هُو سنڌي لفظن کي نيون معنائون ڏئي لغت ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. مون کي خوشي ٿي آهي، جو اسان جا استاد بہ سندن تجربن تي چڱيءَ طرح عمل پيرا آهن. اهو ڏينهن پري ناهي، جو اسان جي ٻولي آسمان جو تارو بنجي ويندي. پوءِ کڻي اها ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي تہ ڇا ٿي پوندو؟
    آئون پنهنجي رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ، هتي جا شاگرد، مادري ٻوليءَ ۾ گھڻي قابليت رکن ٿا. استاد ويچارا ابو بحر ۾ ٽٻيُون هڻي هڻي ساڻا ٿي پيا آهن. اڻ مندائتين ڳالهين کي پاڙهڻ کانسواءِ ڪتاب لکندڙن جي منجھيل سُٽَ کي سلجھائڻ ۾ مغز جو کاپارو ايمانداريءَ سان ڪري رهيا آهن. هاڻي ڀلي جاگرافيءَ جو استاد، پنهنجي مهارت جو مظاهرو اسان جي آڏو پيش ڪري.
    جاگرافيءَ جو استاد: ٻارو مور لفظ ۾ جيڪڏهن اکرن جي الٽ ڦير ڪنداسون، تہ دنيا جو ڪهڙو مشهور شهر ٺهندو؟ گلو تون ٻڌاءِ.
    گلو: سائين نہ ٿو اچي...
    استاد: اڙي نڀاڳا، ڪالهہ ڪو نہ مون ”مور“ لفظ بورڊ تي لکي توهان کي سمجھايو هو، تہ ان کي ابتو ڪرڻ سان، دنيا جو هڪ مشهور ۽ وڏو شهر ٺهي ٿو، جنهن جو نالو پراڻي تهذيب واري زماني کان ساڳيو هلندو اچي؟ هاڻي ٻڌاءِ تہ ري وا رو ميم پيش مُ ڇا ٿيو؟
    گلو: سائين روم.
    استاد: شاباس ويهي رهہ. فريد هاڻي تون اٿي بيهہ ٻڌاءِ تہ ”آمر“ جي پٺيان”ريڪا“ لفظ ڳنڍينداسون تہ ڪهڙي ملڪ جو نالو ٺهندو؟
    فريد: سائين آمريگا نہ نہ ... آمريڪا.
    جاگرافيءَ جو استاد: شاباس تون هوشيار شاگرد آهين. هڪدم صحيح جواب ٻڌائي ڇڏيئي. ڪٿان ڀڻڪو تہ ڪَن تي ڪو نہ پيئي؟
    فريد: نہ سائين نہ، مون پنهنجي عقل سان جواب ڏنو آهي.
    استاد: چئبو تہ عقل دي دوڙ ڪيتي آهي. شاباس! پر ٻيلي وڏي مير وارو عقل نہ هلائجين متان ”خونخوار بگھڙ“ کي ”ويچاري رڍ“ چئي وجھين ۽ منهنجي ڪلاس ۾ ڪارپت وڃائين!
    (سڀئي شاگرد کلن ٿا)
    عادل خان: واهہ استاد واهہ، توهان تہ اصل جاگرافيءَ جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن. هيءُ سوال تہ سي. ايس. پي. جا توهان شاگردن کان پڇيا هئا...!
    جاگرافيءَ جو استاد: سائين، اول تہ انهيءَ ڪواليفڪيشن جو مستحق آئون آهيان، جو ههڙا سي. ايس. پي. جي معيار جا سوال سيکاريان ٿو، پر سرڪار وٽ اسان جهڙن استادن جي بي قدري آهي. ڪنهن فارين ڪنٽري ۾ هجان ها، تہ پوءِ ڏسو ها، منهنجو اسٽيٽس!
    عادل خان: بيشڪ. بيشڪ توهان جو چوڻ بجا آهي.
    جاگرافيءَ جو استاد: جيڪڏهن اڃا چند سوالن پڇڻ جي اجازت ڏيو تہ هوند خبر پئجي وڃيوَ، تہ منهنجا شاگرد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڇا پر سڄيءَ ڪائنات جي هيٺائين مٿائين کان بہ باخبر آهن.
    عادل خان: بلڪل برحق آهي. آئون پنهنجي رپورٽ ۾ لکان ٿو تہ هتي جي جاگرافيءَ جو استاد، ماهر جاگرافيدان ۽ شاگردن جي پنهنجي ڪم ۾ واقفيت بي مثال آهي. هاڻي سائنس جي استاد کي اجازت ڏجي ٿي تہ هو صاحب پنهنجا نوان تجربا ٻڌائي سڀني جو عقل چرخ ڪري!
    سائنس استاد ميز جي اڳيان اچي بيهي ٿو ۽ ٻہ منٽ کن شاگردن تي خاموش نگاهہ وجھي ٿو ۽ پوءِ هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو.
    سائنس استاد: پُٽَ اڪبر ڪالهہ تون پڻهين سان گڏ حيدرآباد ويو هئين ڇا؟
    اڪبر: ها سائين.
    سائنس استاد: پري کان توکي ٽاور جو گھڙيال ضرور ننڍڙو نظر آيو هوندو، پر جيئن جيئن اڳيان وڌيو هوندين، تيئن تيئن گھڙيال بہ وڏو نظر آيو هوندئي؟
    اڪبر: سائين مون کي خبر ناهي.
    سائنس استاد: ڀلا، هاڻي ٻڌاءِ تہ گھڙيال جيئن جيئن پري ٿيندو وڃجي ٿو، تيئن تيئن اهو ننڍڙوڇو ٿو ٿيندو وڃي؟ ڇا سچ پچ ايئن ٿئي ٿو يا اهو رڳو نظر جو دوکو آهي؟
    اڪبر: مون کي گھڙيال پريان پاڻ وڏو نظر آيو ۽ ٽاور وٽ پهتس تہ گھڙيال بلڪل نظر کان غائب هو!
    سائنس استاد: اڪبر! سوچي سمجھي جواب ڏي، اجايو اٻهرو نہ ٿي.
    اڪبر: سائين بابا چوندو آهي، جهڙي گڏهہ سمجھہ تهڙي منهنجي سمجھہ! جواب ٻڌي سائنس ماستر جو منهن لهي وڃي ٿو پر پوءِ يڪدم مشڪندي چوي ٿو.
    سائنس ماستر: جيتوڻيڪ ظاهر ۾ اهو جواب فضول پيو لڳي. پر جيڪڏهن ٿورو ويچار ڪبو تہ جواب تمام محققانہ ۽ درست معلوم ٿيندو.
    عادل خان: اهو وري ڪيئن؟
    سائنس استاد: اهو اجھو هن طرح گڏهہ سدائين غريب ۽ ڏکويل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن کي قدرت سوچڻ ويچارڻ جي قوت ڪا نہ ڏني آهي، ان ڪري هن کي پريان يا اوريان جيڪا شيءِ جيتري نظر اچي ٿي ان کي اوتري سمجھڻ تي هُو مجبور هوندو آهي. دراصل هُو ويچارو نظر جي فريب جو شڪار هوندو آهي. هن شاگرد بہ گڏهہ جو بيان ڪري دراصل نظر جي ڌوڪي جو جواب ڏيڻ چاهيو آهي، جو بلڪل سورهن آنا صحيح آهي.
    عادل خان تاڙي وڄائي ٿو ۽ سندس پويان سڄو اسٽاف ۽ شاگرد تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا.
    عادل خان: اهو جواب بلڪل درست آهي، ان ڪري آئون پنهنجي رپورٽ ۾ اهو رمارڪ درج ڪريان ٿو تہ هتي جا شاگرد سائنس جي ڄاڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هونئن سائنس اسان جو ورثو آهي، هي نيون ايجادون اصل ۾ سڀئي اسان جي وڏن جون دريافت ڪيل هيون. پر مار پوي هنن يهودين، نصارن ۽ انگريزن کي جيڪي سڀئي ٽپڙ ڍوئي ويا ۽ هاڻي اسان مسلمانن بدران بي شرمائيءَ سان هر ڪنهن شَي کي پنهنجي ڏاڏي، ناني جي ايجاد ٻڌائي رهيا آهن!
    سائنس ماستر: سائين برابر اڄ حق جو ڪلمو پڙهيو اٿوَ. مون سان پاڻ مولوي ڇٽي ڳالهہ ڪئي تہ هيءُ جو چون ٿا تہ بجلي ۽ بلب ايڊيسن نالي هڪ نصاري ٺاهيا هئا، سا ڳالهہ بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ تہ پاڻ هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين تہ سوين سال اڳي خيروءَ نالي هڪ صالح ۽ نيڪ شخص بادشاهہ جي محل ۾ اهڙيون بتيون هڻايون، جيڪي پاڻهي ٻرنديون ۽ وسامنديون هيون!
    هيڊ ماستر: هاڻي اجازت ڏيو تہ شاگردن کان رياضي جي آزمائش وٺجي؟
    عادل خان: آئون حسابن جو امتحان هرگز نہ وٺندس. منهنجو وس پڄي تہ اهو ڪم ئي دنيا جي تختي تان حرف غلط وانگر ميساري ڇڏيان! ڪمبختو وسري ويو اٿوَ ڇا تہ ننڍي هوندي حسابن تان آئون ڪيڏيون نہ مارون کائيندو هوس؟ هن ڳجھہ جهڙي ماستر تہ ٻڪي ۽ ٽڪي جي کوڙن تان منهنجي هٿن جا ڏوڏا ۽ آڱرين جون ٽڻيون ڀڃي ڇڏيون هيون! ايڏا ظلم سهڻ کانپوءِ انهيءَ نانگ جو نالو آئون وات مان بہ ڪو نہ اچاريندس!
    هيڊ ماستر: سائين ڀلا انگريزيءَ جي آزمائش!
    عادل خان: اڙي مئا ڪلهہ پر پٽجن هيل. اهي انگريز ناڪاره ٿي ويا. پر پنهنجا ارواح ڇڏي ويا. ناناڻا مري ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا. ٽيسٽ وٺڻ جي ضرورت آئون نہ ٿو سمجھان. اوهان هيترن انگريزدانن جي هوندي شاگرد ٻيو نہ تہ سنڌ جي هڪ سابق گورنر جيتري انگريزي ضرور سکي ويا هوندا! جيڪو غير ملڪي وفدن سان فرفر انگريزي ڳالهائيندي ”آءِ ايم ويري ويري بزي سر، نايئٽ بزي، ڊي بزي، مارنڱ بزي، اينڊ آل ٽائيم بزي، ويري ويري بزي سر“ چوندو رهندو هو! شاگردو اڄوڪو امتحان ختم ٿيو! توهان سڀ هوشيار آهيو. ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻيو، جنهن توهان کي ههڙا لائق استاد ڏنا آهن.
    (سڀئي شاگرد تاڙيون وڄائين ٿا ۽ استاد ڪلاس کان ٻاهر نڪرن ٿا).
    هيڊ ماستر: سائين توهان جي گھڻي نوازش ۽ مهرباني. ههڙو ڄاڻو ۽ قدردان آفيسر اسان پنهنجي نوڪريءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو آهي، جنهن جي پرک استادن جي صلاحيت جو اندازو لڳايو آهي ۽ اسان جي علم ۽ محنت جو کُليءَ طرح اقرار ڪيو آهي. هن قحط‌الرجال جي زماني ۾ تحسين جا ٻہ اکر چوڻ بہ وڏي دل ۽ گردي جو ڪم آهي. شل! اوهان جهڙن حق پرست ۽ گوهر شناس آفيسرن جو سايو اسان تي سدائين قائم رهي، نہ تہ هيءُ دور اهڙو آهي جو ڪيترا مڻيادار ڌڪجن پيا پر گڏهہ گج پايو وڏن وڏن مسندن تي قابض ويٺا آهن ۽ پنهنجي هريڙ جي ڳڙيءَ کي نڪ جي ڏاڍائيءَ سان مشڪ ۽ عنبر پيا چوائين.
    عادل خان: منهنجي تعريف ۾ گھڻو ئي قصيدو پڙهيوَ. هاڻي جلدي ۾ ماني کارايو ۽ سڀ استاد ڦوڙي ڪري منهنجي امداد ڪريو. ٻيا ڪي سڻڀي آساميءَ وارا اسڪول ٻڌايو، جتان رسائي بہ ٿئي ۽ مال مليدا بہ کائڻ لاءِ ملن!

    وضاحتي نوٽ:
    هن ناٽڪ ۾ سماجي ابترين تي طنز ڪئي وئي آهي. واقعات ۽ ڪردار محض فرضي بيان ٿيل آهن، ڪٿي بہ ڪا مناسبت نظر اچي تہ اتفاقي امر ۾ ڄاڻڻ گھرجي.


    پاڳل پاڳل دنيا

    تعارف
    فاروق مٿين وچولي طبقي جو هڪ آسودو شخص ۽ عملدار آهي. هن وڏي عمر ۾ نؤجوان زال عابده سان ٻين شادي ڪئي آهي. جنهن مان کيس ٻہ ننڍڙا ٻار شبو ۽ شمي آهن. فاروق کي اڳين زال مان بہ نؤجوان پٽ آهي. فاروق کي روڊ حادثي ۾ مغز وارو ڌڪ لڳي ٿو ۽ سندس ياداشت هلي وڃي ٿي. هُو ايبنارمل حرڪتون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ايئن معلوم ٿئي ٿو ڄڻ تہ هُو نفسياتي مريض Psychic هجي. فاروق سان هرڪو فرد ۽ تعلقدار فقط پيسو حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس محبت جو ڍونگ رچائي ٿو. ڊرامي جو مقصد آهي تہ دراصل پيسي پويان ڪيئن نہ سڀئي ديوانا آهن؛ ۽ عزازت ۽ مائٽيءَ جو بنياد بہ خلوص بدران رڳو پنهنجي غرض تي رکيل هوندو آهي. فاروق جي گھر جي ڀاتين کان اهڙيون ئي حرڪتون سرزد ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي سندن لالچ کي وائکو ڪن ٿيون. ڊرامہ مزاحيہ انداز رکي ٿو، ليڪن پڇاڙي غم گاڏڙ آهي.



    ڪردار
    نالو: مکيہ ڪردار سان واسطو: عمر: تشريح
    1 فاروق: مکيہ ڪردار؛ 55 ورهيہ : اڌڙوٽ عمر جو شخص
    2 عابده : نؤجوان زال: 25 – 28 سال: خوبصورت ۽ پرڪشش
    3 طفيل: نوجوان پٽ: اڳين مري ويل زال مان
    4 اڪبر: نوجوان سالو: عابده جو ڀاءُ
    5 شمي: ڌيءَ :اٽڪل 5 سال: عابده جي ڌيءَ
    6 شبُو: پُٽُ: اٽڪل 8 سال: عابده جو پُٽ
    7 عيدو: پراڻو گھَرُو نوڪرُ
    8 مقبول: عابده جو سوٽ ۽ سابق مڱيندو
    9 ڪريمداد: مائٽ: اڌڙوٽ عمر
    10 سڦوران: مائٽ: اڌڙوٽ عمر: ڪريم‌داد جي زال
    11 نعيمہ: مرحوم ڀاءُ جي ڌيءَ: نؤجوان: خوبصورت
    12 عبدالله: آفيس ۾ سپريٽنڊنٽ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ: 40 – 45 ورهيہ



    سين پهريون
    هدايتون: گفتگو
    فاروق جي منهن تي ڪاوڙ جا تاثرات اڀرن ٿا. هُو زور سان ڇڏائي اُٿي ٿو ۽ ڊرِپ کي هٿ سان اڇل ڏئي پٽي ڪڍي ٿو. رڙيون ڪري ٿو ۽ واڪا ڪندي چوي ٿو ڇڏيو...
    ”ڇڏيو. توهين سڀ چور آهيو... مون کي لٽڻ ٿا چاهيو... مون کي پنهنجون چاٻيون موٽائي ڇڏيو... مون کي ڏيو چاٻيون...!!“

    عابده ۽ طفيل فاروق کي زبردستي بستري تي ليٽائين ٿا. ڊاڪٽر انجيڪشن تيار ڪري اڳيان وڌي ٿو ۽ تڪڙ ۾ فاروق جي ٻانهن ۾ سئي ٽنبيدي چوي ٿو
    ”فاروق صاحب! اوهان کي آرام جي گھڻي ضرورت آهي.“
    ان بعد ڊاڪٽر ٻين ڏانهن نهاريندي پُر سڪون لهجي ۾ چوي ٿو ننڊ کان پوءِ هن جي طبيعت ڪافي سڌري ويندي ۽ اوهان ڀلي کيس گھر وٺي وڃو. سندس صحت جي بحاليءَ لاءِ گھر نهايت موزون جاءِ آهي.
    فاروق جي ڪنجھڪار جا آواز ماحول ۾ اُٿن ٿا ۽ هُو ننڊ ۾ غش ٿي وڃي ٿو. آ... آه... آ... آ...
    عابده سنجيده لهجي ۾ چوي ٿي ڊاڪٽر صاحب، ڇا سدائين هن جي هيءَ حالت رهندي؟
    ڊاڪٽر شايد ڪجھہ ڦيرو اچي وڃي، پر توهان کي هر وقت سنڀال ڪرڻي پوندي ۽ علاج تي پورو ڌيان ڏيڻو پوندو. آئون سمجھان ٿو تہ ڪجھہ ڏينهن جي آرام کان پوءِ سندس طبيعت مان لوڇ پوڇ ۽ اَجائي چڙ ختم ٿي ويندي.
    عابده ڇا هُو بلڪل پاڻ وساري ويهندو! نوڪريءَ لائق بہ نہ رهندو ڇا؟
    ڊاڪٽر مسٽر فاروق جي نوڪريءَ جو تہ هاڻي سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
    عابده منهن بنائي سڏڪو ڀريندي مون اڀاڳيءَ جو ڇا ٿيندو؟ منهنجي معصومڙن جي پرورش ڪيئن ٿيندي؟
    زير لب مشڪندي ۽ ڪجھہ چٿر واري انداز ۾ عبدالله ڀاڄائي، اوهان ڪو بہ الڪو نہ ڪريو. صاحب کي لک روپيا پينشن ملندي ۽ ماشاالله صاحب جو بينڪ بيلينس بہ ڪافي آهي ۽ جاين جون مسواڙون بہ تہ توهان کي ملنديون!
    اُڇاترائيءَ مان سواليہ انداز سان طفيل آخر منهنجو بہ ڪو حصو لڳندو يا نہ؟ مان بہ تہ آخر سندس ئي اولاد آهيان. وڏو پٽ جو ٿيس!
    ٺٺوليءَ مان عابده ها! وڏو آيو آهي حصي وارو. تون پنهنجي ڪمائيءَ وارو آهين. تنهنجو گھر تڙ جدا. تنهنجو اسان ۾ ڇا لڳي؟ اڳي بہ پڻهين ڪڏهن ڪمائيءَ مان حصو ڏنو هُوَئي ڇا، جو هينئر حق ٿو ڇڪين؟
    طفيل پر بابا تنهنجي اچڻ کانپوءِ مون کان اکيون ڦيريون. ان جي اها معنيٰ ٿي ڇا تہ آئون ڪو پٽ ئي نہ آهيان؟
    عابده ها، وڏو آيو آهي موڀي پُٽُ! مون کي بي نڪاحي ڪري آندو هئائين ڇا؟ معصوم ٻارڙن جو حق نہ آهي، پر تو ڏٽي مُٽي کي گھرجي ٿو. اڃا تہ پڻهين جيئرن کي جيئرو ويٺو آهي.
    ڊاڪٽر سڀني جو منهن حيرت مان تڪي رهيو آهي. هو ٻَئي هٿ کڻي سمجھائڻ واري لهجي ۾ ڏسو! ڏسو!! خاموش رهو. اهي فيصلا گھر ۾ وڃي نبيرجو. مريض جي آرام ۾ اجايو خلل نہ وجھو.
    عابده ڊاڪٽر صاحب! اسپتال مان ڪيڏي مهل رخصتي ملندي؟
    ڊاڪٽر چئن ڪلاڪن بعد هن کي جاڳ ٿيندي ۽ توهان کيس پاڻ سان گھر وٺي وڃجو. منهنجي هدايتن تي ٺيڪ طرح عمل ڪندا تہ يقيناً سندس طبيعت جاءِ اچي ويندي.

    سين ٻيون
    سلو ٽيمپو Night effect

    هدايتون
    هڪ بيڊروم جو نظارو. فاروق بستري تي ويهاڻي سان ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي. سامهون دريءَ مٿان سندس فوٽو ٽنگيل آهي، جنهن کي اکيون ڦاڙي حيرت مان نهاري رهيو آهي. بيڊ جي نزديڪ هڪ پاسي کان عابده ۽ اڪبر ويٺا آهن. شبو ۽ شميم بيڊ جي ٻي پاسي کان بيٺا آهن. هُو فوٽوءَ تان نظرون هٽائي هر هڪ ڀاتيءَ جي منهن ۾ چتائي ڏسندو رهي ٿو ۽ پوءِ هلڪو آواز ڪڍي ٿو.

    نهٺي آواز ۾ فاروق آئون ڪنهن جي گھر ۾ آهيان؟
    عابده پنهنجي ئي گھر ۾ آهيو. ڪا پرائي جاءِ ناهي!
    فاروق توهان سڀ مون ڏانهن چتائي ڇو پيا ڏسو. آئون ڀڄي ٿو وڃان، جو مون تي پهرو بيهاريو اَٿو؟
    عابده نہ نہ، تنهنجي طبيعت ناساز آهي تڏهن تو وٽ ويٺا آهيون، تنهنجي چاڪريءَ لاءِ.
    فاروق توهان سڀ ڪير آهيو؟ نيت ۾ مڙيئي خلل ٿو ڏسجيوَ.
    عابده سڀ تنهنجا پنهنجا ئي آهيون. ڌاريا ٿورو ئي آهيون. آئون عابده، تنهنجي زال آهيان ٻيو ڪير. هيءُ ڀرسان ڀاڻم اڪبر ويٺو آهي. تنهنجو سالو ۽ گھڻگھرو!
    ڪاوڙ مان فاروق ڇو ويٺا آهيو؟ هليا وڃو. هليا وڃو... ٽرو هتان!
    اڪبر اسين طبيعت پڇڻ آيا آهيون. پنهنجي گھر جي ڀاتين کي نہ ٿو سڃاڻين ڇا؟
    زور سان واڪا ڪري فاروق منهنجي گھر جا ڀاتي آهيو! تہ منهن تي نقاب ڇو چاڙهيو اٿوَ؟ توهان منهنجا عزيز نہ آهيو. سڀ ٺڳ آهيو. مون کي ڦُرڻ چاهيو ٿا. نڪري وڃو هتان... نڪري وڃو هتان.
    عابده هاءِ! هاءِ ڪنهن کي ڪو نہ ٿو سڃاڻي. هيءُ تہ ظلم ٿي پيو، هاڻي ڇا ٿيندو!
    شمي ممي پپا کي ڇا ٿيو آهي؟
    شبو مَمي پپا ڇو ٿو دانهون ڪري؟
    عابده اوڇنگارون ڏيئي منهنجي قسمت ڦٽي! مون کي هيءُ ڏينهن بہ ڏسڻو هو! هاڻي چيڪن تي صحيحون ڪير ڪندو؟ مئو طفيل مون کان سڀڪ ڪجھہ ڦُري ويندو!
    فاروق آئون پڪ ئي پڪ غلطيءَ سان ڪنهن پرائي گھر ۾ گھڙي آيو آهيان. جيڪڏهن هتي جا مرد اچي ويا تہ ڇا ٿيندو؟
    فاروق جي لفظن تي عابده تيئن زور سان اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي. ماءُ کي ڏسي ٻار بہ روئڻ لڳن ٿا. اڪبر چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ادي هوش ڌار تون ڪو بہ ڊپ نہ ڪر. ايڏو گوڙ ڪندينءَ تہ هُو ضرور چريو ٿي پوندو. توهين ڪنهن طرح سان وندرايوس تہ گھر ۾ جيءُ لڳيس.
    فاروق ڇا مطلب؟ مان... مان پنهنجو گھر ڇڏي، هن گھر ۾ رهي پوان! ڪهڙو بزدل آهي، جو پنهنجي زال ۽ ٻارن کي پالي نہ ٿو سگھي؟ مون کي زبردستي هن گھر ۾ رهايو ٿو وڃي. هجي نہ هجي، توهين سڀ ڌاڙيل آهيو. مون کي ڦُرڻ ٿا گھُرو. منهنجون چاٻيون ڪٿي آهن؟ مون کي پنهنجون چاٻيون موٽائي ڏيو!
    عابده زور سان آواز ڪڍي سڏي ٿي. عيدو او عيدو! مُئا ڦاٽا ڪٿي غرق ٿي وئين؟
    عيدو ڪمري ۾ اچي ٿو تہ اڪبر کيس مخاطب ٿيندي عيدو، اسين ڪمري مان نڪرون ٿا، تون فاروق کي ريجھاءِ. ٿورو سامت ۾ اچي تہ تون ڪمري کان نڪري، ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏجئين تہ ڀلي تہ آرام ڪري.
    عابده، اڪبر، شمي ۽ شبو ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ رڳو عيدو اندر رهي ٿو.
    فاروق هيءُ ڪهڙي احمق جو گھر آهي؟ ڪمري ۾ روشنيءَ جو نالو نشان ڪونهي. اڃا تائين سج ڪو نہ نڪتو آهي. ڪٿي سج کي بہ تہ ڪنهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد ڪري ڪو نہ ڇڏيائون؟
    عيدو مشڪندي جملو چوي ٿو. هيءُ توهان ڇا پيا چؤ سائين! شام جو تہ توهان کي اسپتال مان هتي آندو اٿئون. هينئر رات آهي رات.
    فاروق تارا ڦوٽاريندي نيم پاڳلن وانگر چوي ٿو. هينئر رات آهي. رات آئي ڪٿان؟ مون کي بيوقوف نہ بناءِ. جيڪڏهن رات هجي ها تہ ڇت تي چنڊ تارا نہ هجن ها! ڀلا ههڙي اونداهي ڪمري ۾ آئون شيوِ ڪيئن ڪندس؟ پنهنجي ڳچي وڍي ويهندس ٻيو ڇا!
    عيدو مشڪي ڳالهائي ٿو ۽ جملو پورو ڪري کهہ کهہ ڪندي کلي ٿو. سائين هونئن تہ توهان روزانو صبح جو شيوِ ڪندا آهيو. اها ڳالهہ بہ وسري ويوَ ڇا؟ کهہ کهہ کهہ ... کهہ!
    فاروق اڙي پر مون کي شيوِ جو سامان ڪٿان ملندو؟ منهنجون تہ چاٻيون ئي وڃائجي ويون آهن. منهنجي هر ڪا شَي غائب آهي. چور مڙئي سامان منهنجو کڻي ويا!
    فاروق جي ويجھو اچي عيدو آهستگيءَ سان وات اڳيان ٿورو هت آڻي چوي ٿو ڄڻ تہ رازدارانہ لهجي ۾ ڳالهائيندو هجي. سائين! سامان تہ هڙئي سانئڻ کڻي ويندي، پر پوءِ اسان غريبن جا بہ پئون ٻارهن آهن. سائين غريب پٽيوالي کان تہ پيسي پيسي جو حساب وٺندا هئا. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٽڪو پنجو ڪندو هوس. مسَ مسَ ڌڻي عقل وڃايو اٿوَ. اصل موج لڳي وئي. واهہ واهہ!
    عيدو مستيءَ ۾ اچي نچي ٿو ۽ ڳائڻ جي انداز ۾ جملا چوي ٿو ڀاڳ ڏي ڀيڙو، تہ دال مان ٿئي سيرو،
    سائي هجي سوائي، تہ ڇو مٽجي ديرو،
    سيد جي ميرو، تہ بہ آهي سوا سيرو،
    طعام مڙئي ڀلو، پر ڀلن ۾ کيرو،
    مطلب ٿين سڀ راس من هجي نہ ميرو،
    ڀاڳ ڏئي ڀيڙو تہ دال مان ٿئي سيرو!
    عيدو اوچتو ڳائڻ بند ڪري ٿو سائين متان، متان گلاس اڇليو اٿوَ!
    فاروق رڙ ڪندي ٽپائيءَ تان گلاس کڻي عيدو ڏانهن اڇلي ٿو. بند ڪر بڪواس. بي غيرت جاهل ٽري وڃ منهنجي اکين اڳيان!
    عيدو تڪڙو ڪمري مان نڪري وڃي ٿو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري ڇڏي ٿو. اوچتو دروازي جي پويان زور زو سان ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي ۽ پوءِ ٺڪاءُ ٿئي ٿو. ڄڻ تہ ڪو دروازو ڀڃندو يا زوريءَ کولڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
    عابده ڊوڙندي اچي ٿي ۽ در کولي ڪمري ۾ وڃي ٿي. وڏي واڪي دروازو ڀڃڻ جو ارادو اَٿوَ ڇا؟
    فاروق سهڪندي سهڪندي بلند آواز ۾ آئون ٻاهر نڪرندس. هتي منهنجو دم ٿو گھٽجي. مون کي ڇڏ تہ ٻاهر هلان.
    عابده ٿورو وڏي آواز ۾ ڊاڪٽر چيو آهي تہ توهان کي آرام جي ضرورت آهي ۽ سڄو وقت بستري تي ليٽيو رهڻ گھرجي.
    فاروق ڪڙڪي سان سڀ بڪواس ٿا ڪريو. تون.. تون ڪير رن آهين؟
    عابده پنهنجي زال کي بہ نہ ٿا سڃاڻو ڇا؟
    فاروق تون... تون... منهنجي زال خوب... خوب!! چڱو ڍونگ رچايو اٿئي. اهڙي بڇڙي زال ۽ منهنجي! مون زندگيءَ ۾ تو کي هتي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ئي ڏٺو آهي! مون کي پنهنجون چاٻيون ڏي.
    عابده چڱو هاڻي گھڻي بڪَ بڪَ ڪَيَوَ. اجايو مٿو نہ هڻو. بستري تي ليٽي پَئو. اسان جو سُک نہ ڦِٽايو.
    فاروق آخر تون ڪير ٿيندي آهين منهنجي؟ هرَ هرَ ڇو ٿي اچي ڏڙهيون ڏين؟ بار بار مون کي بستري تي زوريءَ ڇو ٿي ليٽايو وڃين؟ تون ضرور شيطان جي ناني آهين! يا تہ ڪنهن مظلوم انسان جي زال ٿي ڏسجين.
    عابده ها! مون ۾ تہ سڀ بڇڙايون آهن. هڪڙي تنهنجي اڳين زال سلميٰ پاڪباز هئي. منهنجو صبر تہ آڏو آيو اٿوَ، جو دنيا ۾ هيئن پيا ڪيتو لوڙيو. هاڻي سمهو... سمهو.
    عابده روم کان نڪري ٻہ وکون مس کڻي ٿي تہ اندران وري فاروق جا زوردار آواز ڪن تي پوَنس ٿا، ڄڻ تہ ڪنهن کي دڙڪا ڏئي رهيو هجي! لوفر ڪنهن جاءِ جو... حرامي نڪري وڃ منهنجي ڪمري مان! لوفر... لوفر... بدمعاش... بدمعاش.
    عابده وري پوئين پيرين واپس فاروق جي ڪمري ۾ اچي ٿي.
    عابده ڇا آهي؟ وري ڇا تي گوڙ مچايو اٿوَ؟ رات جا چار پهر تہ سک سان سمهڻ ڏيندؤ يا نہ؟
    ساڳي نوع ۾ فاروق بدمعاش... بدمعاش... لوفر... لوفر ڪٿي جو!
    عابده آخر ڪنهن کي پيا دڙڪا ڏيو؟ ڪمري ۾ اسان کان سواءِ ٻيو آهي ڪير؟
    فاروق سامهون ڀت تي دريءَ مٿان لڳل فوٽوءَ ڏانهن آڱر کڻندي چوي ٿو او هُو ماڻهو!... آخر هُو چوويهہ ئي ڪلاڪ مون ڏانهن ڇو پيو نهاري؟
    عابده پنهنجو هٿ زور سان پيشانيءَ تي هڻندي چوي ٿي يا الله مون تي رحم ڪر... ڀلا هُو بہ ڪو ماڻهو آهي، جنهن کان توهان ڊڄو پيا! اهو تہ توهان جو ئي فوٽو آهي. ڇا توهان پنهنجو پاڻ کي بہ وساري ڇڏيو آهي؟
    فاروق حيرانيءَ مان آڱر پنهنجي ڇاتيءَ تي رکندي وري فوٽوءَ ڏانهن کڻي ٿو ۽ پوءِ تمام ڌيمي لهجي ۾ جملو ورجائي ٿو. نہ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ ڀلا اهو ماڻهو آئون هجان! اگر اهو آئون آهيان تہ پوءِ وري فاروق ڪهڙو آهي؟... اهو تہ گڙٻڙ گھوٽالو ٿي پيو. جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئجي وئي تہ اصل ۾ آئون ڪو ٻيو آهيان تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟... هاڻي مون کي جلدي ڪٿي لڪي وڃڻ گھرجي. منهنجي رَلي ڪٿي آهي؟
    ايئن چوندي بستري تي ليٽي رلي مٿان وجھندي چوي ٿو. هاڻي کڻي ڪير ڪيترا بہ مونکي سڏ ڪري تہ بہ جواب اصل نہ ڏيندوسانس.

    سين ٽيون
    سنيجده ماحول، فاروق پنهنجي ڪمري جي دروازي کي ٿورو کولي سير مان هر هر جھاتيون پائي رهيو آهي. فاروق آهستي آهستي پٻن تي هلندو ٻاهر نڪري ٿو. وڏي ڪمري ۾ شبو ۽ شمي راند روند کيڏي رهيا آهن.
    ٻارن کي آڱر سان اشارو ڪندي جھيڻي آواز ۾ سڏي ٿو. گڏڙي... گڏڙي... هليا... هليا. تون گڏڙي آهين نہ؟ چون چون ڪندين آهين؟
    شمي پيءُ کي ٻاهر نڪرڻ سان چهٽي پوي ٿي ۽ هُو کيس ڀاڪر پائي ٿو. شبو رڙ ڪري: شمي... نہ وڃ... نہ وڃ پپا ماريندو!
    شمي پيءُ سان چهٽندي پپا توهان کي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي؟ پپا... پپا شبو توهان کان ڊڄي ٿو. پپا توهان اسان کي ڪو نہ ماريندا نہ؟
    شمي ڪن ۾ رازدارانہ انداز ۾ پپا... اسان کي ننڍڙو هوائي جهاز وٺي ڏيو. پاڻ ان ۾ ويهي پري... پري گھُمڻ هلنداسون. تمام پري... پري... زون زون زون.
    شميءَ کي ڪلهن تي ويهاري، هڪ هٿ کي لوڏيندي، فاروق ها... ها... گڏڙي هلو... هوائي جهاز ۾ ويهو.
    ٽا... ٽا... ٽاٽا، اسين پري... پري ٿا وڃون... لنڊن گھُمڻ وينداسون.
    فاروق هال ۾ تيز تيز هلي ٿو. ڊوڙڻ وانگر ۽ وات مان آواز بہ ڪڍي ٿو. زون... زون... زون... زون..
    پوءِ لاڳيتو يڪساهيءَ چوندو هلي ٿو. زون زون زون شر شر ڪهڙي شَي آ هوا جي اندر آ رَ رَ رَ هِي تہ ايروپلين آ، مستيءَ ۾ پنهنجي سو مگن آ. زون زون... زون.. شر شر شر.
    فاروق ٻہ ٽي ڀيرا ايئن ڪمري ۾ گھُمريون هڻندو ساڳيو بيت وڏي آواز ۾ اُچاريندو هلي ٿو.
    اوچتو عابده ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ فاروق کي ڊوڙندو ڏسي چوي ٿي هيءُ ڇا پيا ڪريو؟ سڄي ڪمري ۾ ڇو پيا ڊوڙون پايو؟ توهان جي طبيعت ٺيڪ نہ آهي.
    فاروق کي پٺيان جھليندي عابده چوي ٿي شمي لَهُہ. هاڻي پڻهين جي ڪلهن تي چڙهڻ جي عادت ڇڏي ڏي. پڻهين جي طبيعت ٺيڪ نہ آهي.
    فاروق ڇڏيو اسان کي... ڇڏيو اسان کي. اسين جهاز ۾ لنڊن پيا وڃون. تمام پري پري ٿا وڃون. ٽا... ٽا...
    عابده زوريءَ شميءَ کي ڪلهن تان لاهيندي چوي ٿي خدا جو شڪر آهي. توهان پنهنجي ٻارن کي تہ ڪو نہ وساريو آهي. سچ پچ تہ مان ڊڄي وئي هئس. جيڪڏهن توهان وساري ڇڏيو ها تہ اسان جو ڇا ٿئي ها؟
    فاروق عابده کي ڌڪو ڏئي هٽائي پري ڪري ٿو. زوردار آواز ۾ ڳالهائي ٿو. ڇو توهان کي ڪهڙو نقصان ٿئي ها؟ توهان سڀني مون کي هتي ڇو قيد ڪيو آهي؟ وڃي سڀ ٻڏي مرو، ڍنڍ جي تري ۾ پؤ. منهنجو ان ۾ ڇا؟ هليا وڃو سڀ مون وٽان.
    عابده هنن ننڍڙن کي وٺي ڪيڏانهن گھر ڇڏي وينديس؟ مون سان نڪاح ڇو ٿي ڪيوَ. طفيل ماءُ تہ خوب عيش ڪري مري وئي هينئر ڪا وري آءُ ڪمائڻ نڪرنديس ڇا؟ توهان جي پينشن مان تہ گھر هلندو. ٻيو ٿوري گھڻي جائداد جو سهارو وڃي بچيو آهي.
    عابده ٻانهن منهن تي ورائي روئي ٿي. سڏڪن جو آواز نڪري ٿو ۽ پوءِ چوي ٿي منهنجو تہ نصيب ئي ڦٽل هو!
    فاروق وڏا ٽهڪ ڏئي کلي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ها.. هاها... هاها. تون ڪنهن بدبخت جي زال ٿي ڏسجين. تنهنجو مڙس شايد جواري شرابي آهي. هن پڪ تو کي جوا ۾ هارايو آهي. ها نہ؟... ها... هاها... ها.
    عابده جيڪا منهن ٻانهن ۾ وجھيو ويٺي هئي تنهن کان بہ اوچتو ٽهڪ نڪري وڃي ٿو. ۽ عيدو بہ پنهنجي مخصوص نوع ۾ کِلي ٿو. ۽ انهن کي ڏسي ٻار بہ تاڙيون وڄائي کلن ٿا. عابده اوچتو اٿي وڃي ٿي ۽ چيڪ بوڪ کڻي اچي ٿي.
    عابده پين کولي فاروق جي هٿ ۾ جھلائيندي چوي ٿي هتي صحيح ڪريو. اسان کي سڀاڻي شاپڱ ڪرڻي آهي. گھر لاءِ بہ ضروري سامان کپي ٿو ۽ ٻارن کي بہ تہ ڪپڙا وٺي ڏيڻا آهن نہ؟
    فاروق چيڪ غور سان ڏسندي چوي ٿو هي ڇا آهي؟ منهنجي غلاميءَ جو تہ دستاويز نہ آهي؟... چڱو چڱو مون سمجھيو... مون کان اقرار ٿا ڪرايو تہ آئون ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو آهيان. ايئن آهي نہ؟ هڪڙو دريءَ مٿان ٽنگيو پيو آهيان ۽ ٻيو هتي توهان ظالمن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿو پيو آهيان؟
    عابده بي قراريءَ مان چوي ٿي خوامخواهہ جون ڳالهيون ڇڏيو. جلدي... جلدي صحيح ڪريو.
    فاروق چيڪ کي ڏسندي چوي ٿو هيءُ ڇا آهي؟... پنجاهہ هزار! تہ هيءَ رڳو پيسن جي ڳالهہ آهي. ايئن آهي نہ؟... ها... اچي، اچي وٺو صحيح.
    صحيح ڪندي کڻو... بس!
    شبو ممي، پپا کي صحيح ڪرڻ وسري وڃي ها تہ ڇا ٿئي ها؟
    عيدو کهہ کهہ کلندي صاحب کي پين جھلڻ وسري وڃي ها، تہ پوءِ سڄي ملڪيت هٿن مان نڪري وڃي ها.
    فاروق اوچتو رڙ ڪندي وڏو آيو آهين ملڪيت جو تماشو ڏسڻ. سڄو وقت گڏهہ جهڙا ڏند ڪڍيو منهنجي اڳيان بيٺو آهين! نڪري وڃ هتان! بدمعاش ڪنهن جاءِ جو!! جيڏي ڪيڏي مهل مون کي ڏسي پيو کلين. آئون ڪا ڀولڙي پيو نچايان؟ منهنجي مٿي تي سڱ نڪري آيا آهن؟؟ نڪري وڃ.
    فاروق رڙ ڪري اُٿي ٿو ۽ عيدو ڪمري مان نڪري وڃي ٿو ۽ سڀئي کلن ٿا.
    سين چوٿون
    فليش بيڪ انڊور
    شام جو وقت ڪيميرا هڪ ڊرائيڱ رُوم کي ڏيکاري رهي آهي. مقبول 30 سالن جو نوجوان ۽ عابده ٻئي ڄڻا ڊرائڱ‌روم ۾ صوفا تي هڪ ٻي جي سامهون ويٺا آهن. وچ ۾ سينٽرل ٽيبل تي ڪيڪ، بسڪوٽ چانهہ ۽ ڪوپ ساسرون وغيره رکيون آهن. هُو ٽهڪ ڏئي کلي رهيا آهن.
    مقبول کِلندي چوي ٿو عابده! تون ڏاڍي چالاڪ آهين! ها نہ. هُو چريو ڪو نہ ٿيو آهي، پر ڄاڻي واڻي سندس علاج نہ ٿا ڪرايو. توهان مان ڪو بہ نہ ٿو چاهي تہ هُو صحتمند ٿئي ۽ وري توهان جي گردن تي سوار ٿي ويهي.
    عابده مسڪرائيندي مشڪي ۽ اکيون هيٺ ڪري هوش حواس سالم هجنس ها تہ ڀلا تون ۽ مان هيئن آزاديءَ سان هڪ ٻي سان ويهي کِلي ڳالهائي سگھون ها؟
    مقبول ها! ڏاڍو شڪي هوندو هو. منهنجي تہ گھر ۾ موجودگي ڪنهن بہ صورت ۾ ڪا نہ وڻندي هئس. مون کي ڏسندو ئي اهڙيءَ طرح هو، جو وس پڄندي ضرور گولين مان ڪڍيم ها!
    عابده مقبول، ڀلا کيس اها ڳالهہ ٿورو ئي وسري هئي تہ تون منهنجو، مڱيندو هُئين ۽... ۽ اها بہ تہ خبر هئس تہ تنهنجو منهنجو اڳي معاشقو هلندڙ هو.
    مقبول عابده سچ پچ تون ڏاڍي لَڪي آهين، تو جنهن مطلب سان ساڻس شادي ڪئي، سو سڀڪجھہ توکي حاصل ٿي ويو!
    عابده ها! فاروق جيسين جُڙيو جيئرو ويٺو آهي ۽ منهنجي قبضي ۾ آهي، تيسين تہ مون کان ڪو ڪک بہ ڦري نہ ٿو سگھي!
    مقبول کلندي عابده! هونئن بہ تہ فاروق تنهنجي هٿن ۾ رانديڪو هو ٻيو ڇا؟
    تو اهڙيون پوپٽيون پڙهايس جو شادي کانپوءِ ٽن مهينن اندر طفيل کي گھر مان ڪڍائي ڇڏيئي.
    عابده مشڪندي هُو پاڻ ئي گھر مان نڪرڻ لاءِ تيار هو، مون ڀلا ڇا ڪيومانس؟
    مقبول مذاق واري انداز ۾ اهل (نقل) ڪندي ها! تو تہ ڪجھہ بہ نہ ڪيو. تون رڳو فاروق صاحب کي ايئن چوندي هئينءَ ”پيارا مون کي تو سان اُٿڻ ويهڻ ۾ شرم ٿو اچي. هيءُ ڏگھٽ جو گھر ۾ ويٺو آهي. سڄو وقت جتان ٿي لنگھان تہ رڳو مون ۾ اکيون ڦاڙي ويٺو نهاري!“
    ٻئي کلن ٿا. عابده نخرو ڪندي ڏس نہ ڪهڙو نہ شرارتي آهين!
    مقبول محترمہ شرارت نہ ٿو ڪريان. داد ٿو ڏيان. عورت واقعي جيڪي چاهي سو ڪري سگھي ٿي! فاروق تہ تنهنجي آڱرين تي نچندو هو!
    عابده مشڪي جواب ڏي ٿي. ۽ تون... تون پنهنجي ڳالهہ ڇو نہ ٿو ڪرين؟ مون کي ريجھائڻ لاءِ ڪيڏا نہ وس ڪندو هئين! امان جون خوشامدون ڪندو هئين. صبح شام منهنجي گھر ٻاهران چڪر ڪاٽيندو هئين.
    مقبول پر... پر منهنجي ڪلارڪي منهنجي لاءِ بدبختي بنجي پئي. دولت تي هرکجي تون بہ ماءُ جي چوڻ تي، پوڙهي کَکَ سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي وئينءَ. ايئن آهي نہ؟
    عابده سنجيدگيءَ سان مون لاءِ صرف ٻہ واٽون هيون يا تہ محبت تي هلي تو سان شادي ڪريان ۽ سڄي عمر سُڃائي ۽ ڏکن ڏولائن ۾ بسر ڪريان يا تہ وري محبت قربان ڪري فاروق سان شادي ڪريان. ان ۾ جيتوڻيڪ مون کي ڪو دلي سڪون ڪو نہ مليو تہ بہ ڪم از ڪم غربت جي عذاب کان تہ ڇوٽڪارو مليم.
    عابده کي هٿن کان جھلڻ جي ڪوشش ڪندي، مقبول پر... پر مان تہ تو سان اڃا بہ ساڳيءَ ريت محبت ٿو ڪريان. آئون تہ اڃا بہ پِرينِ جو غلام آهيان. سڄي عمر غم ۾ سوڳوار رهندس... ڪڏهن بہ نہ پرڻبس.
    عابده هاڻي ڇڏ انهيءَ چريائيءَ کي. تو کي هر ڳالهہ ۾ رڳو چرچو ٿو سُجھي. پر منهنجو تہ ڏينهن رات سک ڦٽو پيو آهي.
    مقبول هاڻي وري ڇا جو ڊپ اٿئي؟ اڳي بہ ملڪيت جي اڪيلي تون وارث هئينءَ ۽ هاڻي بہ مڙس جي هوندي صرف تون حقدار آهين.
    عابده منهن تي تشويش ظاهر ڪندي مقبول، مُئي طفيل جو ڊپ اٿم. هُو ضرور ڪو فتنو ٻاريندو. فاروق جيڪڏهن چريو نہ ٿئي ها، تہ هن کي ضرور پنهنجي ملڪيت ۾ حصيدار ڪري ها. هونئن بہ مهيني سر مهيني ڪجھہ رقم لڪ ڇپ ۾ موڪليندو هوس. ڊپ اٿم تہ طفيل هتي اچي خوامخواهہ جو هنگامو نہ ڪري وجھي. متان پڻس کي پاڻ سان وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري. ان ڪري ادا اڪبر کي بہ چيو اٿم تہ ڏينهن جو هتي اچي رهي.
    مقبول جيڪڏهن ايئن ٿيو تہ سموري جائداد ۽ پينشن جو حقدار طفيل صرف طفيل ٿيندو.
    عابده ڏس! جيڪڏهن هو ڪا قانوني چاره جوئي ڪري تہ پوءِ آئون زال ماڻهو ڪٿي پئي ڪورٽن جا در ڀيٽينديس؟ ۽ وڪيلن پٺيان رلنديس؟ اڪبر ۾ ڪو بہ افعال ڪو نہ ٿي ڏسان. ڇا تون ڏکيءَ مهل ۾ منهنجي مدد بہ ڪو نہ ڪندين؟
    مقبول عابده، پر مون اڳي ڪڏهن ڪنڌ ڪڍايو آهي؟ آئون هر وقت تنهنجي مدد لاءِ تيار آهيان.
    سوچڻ کان پوءِ وري اوچتو ها! عابده، توکي وسري ويو ڇا؟ سڀاڻي فاروق جي طبيعت پڇڻ ڪاڻ ڳوٺان مائٽ ايندا.
    عابده ها خبر اٿم. وڏا آيا آهن مائٽ. فاروق تہ ڪڏهن اڌ تي بہ پڇڻ ڪو نہ ويندو هئن. چوندو هو تہ انهن ڀينگين سان گهرائپ ڪبي تہ پوءِ ڇُٽي نہ ڇُٽنداسون.
    مقبول ڏس، عابده ڪيئن بہ هُجي، پر تون اُٻهري نہ ٿجئين، خيال رکجئين، جو هُو ايئن نہ سمجھن تہ متان تون ڪو سندس علاج ۽ صحت کان لاپرواه آهين.
    سين پنجون
    Day effect
    ڪيميرا بيٺڪ وارو ڪمرو (هال) ڏيکاري ٿي. ضروري گھَرو سامان رکيل ڏيکاريو وڃي ٿو. عابده ڪمري ۾ هڪ پاسي صوفا تي ويٺل آهي. سادن ڪپڙن ۾ ملبوس سڦوران ۽ سندس مڙس ڪريم‌داد اندر داخل ٿين ٿا.
    عابده کين ڏسندي ئي آڌر ڀاءُ لاءِ اٿي ٿي ۽ کيڪاريندي چوي ٿي ادي سڦوران ڀلي ڪري آئينءَ جيءُ ڪري آئينءَ! ادا ڪريم داد ڀلي ڪري آيا.
    ڪريم‌داد ادي تون تہ خوش آهين نہ؟
    سڦوران يڪساهيءَ سان ادو فاروق ڪيئن آهي؟ بس منهنجو تہ هانءُ ٿو ڇڄي. جڏهن کان ڀاڻم جو ٻڌم تہ ساهہ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيم. دين دنيا ۾ اهوئي تہ ڀاءُ اٿم، اباڻي آڪه مان ٻيو ڪير آهيم! آهي ڪٿي ڀاڻم؟...
    ايئن ڪندي سڏڪا ڀري ٿي ۽ اکين مان ڳوڙها تري اچنس ٿا. سڏڪن جا آواز اچن ٿا. منهنجا ادڙا شل خوش نؤبنو رهين... ٻچڙن سان خوش هجين.
    عابده مڪر ڪندي ۽ مصنوعي طرح روئندي ادي منهنجو تہ ڪو ڌُريون ئي بخت ڦٽل هو. اسان جي سائي ستابي گھر کي خبر ناهي تہ ڪهڙي حاسد جي نظر لڳي...
    سڦوران ادي حادثي جو ٻڌي. منهنجون تہ هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي ٿي ويون. ڪجھہ بہ نٿي سُجھيم تہ هاڻي ڇا ڪريان. پوءِ تہ بس ماٺ نہ ڪرين سڄي رات مصلي تي ويهي رب کي ستايو اٿم تان تہ مٿان اچي صبح ٿيو! هوڏانهن ڀاڻين ڪريمداد ويچاري جا تہ ٻڌڻ سان ٺپ ئي ٺري ويا. اصل هٿن پيرن کي تريون هنيون اٿماس، تڏهن ڪو مس مس هوش آيو اٿس.
    ڪريمداد سنجيده ٿيڻ جي ڪوشش ڪري همدردي لاءِ جملو ڪڍي ٿو پر منهن ۾ مصنوعيت صاف ظاهر اٿس. ها! ها ڇو نہ؟ ادي جو ڏک اسان کي نہ ٿيندو تہ ڀلا ٻيو ڪير مائٽ آهيس؟
    ڪريمداد ٿورو ترسي وري ڳالهائي ٿو هاڻي ڀلا طبيعت ڪيئن اٿس؟
    عابده ادا ڪريم داد گھڙي ساعت دم تہ پٽيو. فاروق اندر ڪمري ۾ آرامي آهي. گھڙي ساعت گذري تہ هلي ٿا ساڻس روبرو ڳالهايون.
    سڦوران مون ٻڌو هو تہ سندس دشمنن جو دماغ خراب ٿي پيو آهي ۽ پوريءَ سمجھہ سان سوال جواب نہ ٿو ڪري؟
    عابده ادي مغز وارو ڌڪ لڳو هوس نه. ان ڪري مڙئي چپيٽ آئي اٿس. پر پوءِ مون شهر جو ڪو بہ وڏو ڊاڪٽر ڪو نہ ڇڏيو. هيستائين هزارن جون تہ رڳو دوائن جو مٿس خرچ آيو آهي.
    ڪريمداد ها! ها ڇو نہ! ڀاڄائي تون ڏاڍي سمجھُو آهين. ڀلا دولت ههڙي نازڪ وقت ۾ بہ خرچ نہ ڪبي تہ ڀلا ڪهڙي وقت ڪم ايندي؟
    عابده ادا، منهنجي تہ ٻچن جو سهارو آهي. فاروق کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪير آهي، جو منهنجو ڀرجھلو ٿيندو؟ توهان کي خبر آهي تہ اڳيئي ڪجھہ طبيعت ۾ ڪاوڙ هوس. هاڻي تہ ويتر ٿوري ٿوري ڳالهہ تي بگڙيو پوي. رات بہ مٿي کي تري هنئين اٿماس. سڄي رات ٽنگن کي زور ڏنا اٿم. مس مس اَسُر ويل ڪا اک لڳس ۽ مون بہ وڃي آرام ڪيو.
    سڦوران عابده تو کي جسُ هجي. تون ڏاڍو ٿي سندس خيال ڪرين! ادي پر ٻڌ تہ سهي، ڪو ماڻهو ڇيڻو اڃا سڃاڻي بہ ٿو يا نہ؟
    شبو ۽ شمي ڊوڙندا اچن ٿا ۽ زور سان سڏ ڪندا ويجھو ايندي چون ٿا پڦو پڦو سڦوران... پڦو سڦوران.
    سڦوران ٻنهي کي ڀاڪر وجھندي منهن ۾ چتائي چوي ٿي منهنجا ٻچڙا صدقي وڃانوَ. پيءُ جي بيماريءَ ۾ ڪهڙو نہ اُٻاڻڪا ٿي پيا آهن! شمي اَمان... شبو بابلا... بابا وٽ ڪو نہ وڃو ڇا؟
    شبو ممي چوي ٿي تہ پپا جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان جي ويجھو نہ وڃو.
    شمي پپا تہ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند هوندو آهي. اسان سان تہ ڳالهائي بہ نہ ٿو!
    عابده شڪجي نٽائيندي ڳالهائي ٿي. ٻار ڏاڍا حرڪتي ٿي پيا آهن سڄو ڏينهن گوڙ ڪري پيءُ کي آرام ۾ خلل وجھن ٿا... وڃو وڃي ٻاهر راند کيڏو.
    ٻار وري ڊوڙندا ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ عابده جي سڏ جا آواز ٻڌجن ٿا. عيدو... او عيدو... اڄ صاحب لاءِ سوپ ٿورو خيال سان تيار ڪجئين ڪالهہ کارو ٿي پيو هو.
    عيدو ٿورو ترسي چوي ٿي ... ها تو انگور آندا يا نہ؟
    عيدو ها، چئو تہ صاحب کي اندر ڪمري ۾ ڏئي اچان!
    عابده نہ... نہ تو کي خبر ناهي ڇا تہ مان هر شيءِ صاحب کي پنهنجن هٿن سان کارائيندي آهيان؟ ڏسي اچ صاحب جاڳيو آهي يا اڃا آرام اٿن؟
    ڪريم‌داد ڀاڄائي تو کي پئسن جي تہ ڏاڍي تنگي هوندي. ادا، فاروق چيڪ تي بہ الائجي صحيح پائي سگھي ٿو يا نہ؟
    عابده نہ نہ، ايئن خدا جي مهربانيءَ سان تندرست آهن. توهان کي دشمنن ڪوڙيون خبرون ٻڌايون آهن. البت ڪنهن ڪنهن مهل دورو پوندو اٿن. پر پوءِ ڊاڪٽر چون ٿا تہ آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويندو.
    سڦوران ادي الله ڪندو، شل ٻچن جون مرادون ڏسندو.
    عابده صوفہ تان اٿندي هلو هلو هاڻي فاروق وٽ هلون!
    عابده جي هٿ ۾ انگورن جي پليٽ آهي. هو سڀئي ڄڻا عابده سڦوران ۽ ڪريمداد ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا. فاروق بستري تي ليٽيل آهي. ڪمري ۾ ماڻهو ايندي ڏسي هڪدم وهاڻي سان ٽيڪ لڳائي اُٿي ويهي ٿو. سڦوران ايندي ئي فاروق جي ڀر سان پلنگ تي ويهي ٿي.
    فاروق کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجھندي سڦُوران ادا، تون خوش تہ آهين نہ؟ اسان دشمنن جي طبيعت ناساز ٻڌي هئي.
    فاروق توهين سڀ هتي ڇو آيا آهيو؟
    ڪريم‌داد ادا هتي سڀ توهان جي طبيعت پڇڻ آيا آهيون. اسان کي آئي بہ اڌ ڪلاڪ ٿي ويو. توهان جيسين ننڊ ۾ هئا، تيسين ٻاهر ڪمري ۾ ويٺا هئاسين.
    فاروق پر... پر مان تہ هتي موجود ناهيان. آئون تہ دريءَ مٿان پيو نهاريان.
    ڪريم‌داد دريءَ ڏانهن نهاري ٿو ۽ ٿورو مشڪندي ها اها، ڇو نہ ڀائو برابر... هِتي بہ آهيو تہ هُتي بہ... نظر نيڪ تہ ڪم مڙيئي راس.
    عابده فاروق جي ڀرسان ويهي انگورن جا داڻا سندس وات ۾ وجھندي پيارا... ڏسو هر وقت ڪهڙيون ٿا. ڪريون. اچي انگور تہ کائيندا وڃو.
    انگور وات ۾ وجھي وري سڦوران ڏانهن نهاريندي منهنجي هٿ کان سواءِ ڪا شيءِ وڻيس ئي ڪا نہ. نڪو ڪو وري کائي.
    فاروق هٿ هٽائيندي تون وري مون وٽ آئي آهين... ها! پاڻ سان تماشائي بہ آندا اٿئي. ڀلي منهنجو تماشو ڏيکارين!
    عابده نهٺائيءَ سان فاروق ڪجھہ هوش ڪريو. ڏسو تہ توهان جي ڀيڻ سڦوران آئي آهي. ادا ڪريم‌داد بہ ويٺو اٿئي. ڇا توهان هنن کي وساري ڇڏيو؟
    سڦوران فاروق ڀر سان ويهي فاروق جي ڪلهن تي هٿ رکي چوي ٿي. ادا، هاڻي طبيعت ڪيئن اَٿوَ؟
    فاروق ڪريمداد کي ڏسندي چڱو... چڱو برابر. مون هن ماڻهوءَ کي سڃاتو. تون اسپتال وارو آهين... مون کي انجيڪشن هڻڻ آيو آهين؟
    ڪريم‌داد وري ڪجھہ هٻڪندي ها... ها... ڇو نہ ... منهنجو مطلب آهي تہ ڌڻي شل توهان کي عافيت ڏي. جلدي نؤبنو ڪري.
    فاروق ٽپائيءَ تان گلدستو کڻي اُلاري ٿو. ڪاوڙ ۾ وڃو هتان... وڃو نہ تہ سڀني جو ميڄالو ڦاڙي ڇڏيندو سانوَ.
    عابده فاروق کان گلدستو هٿ مان کسي رکندي توهان کي تہ هروڀرو چڙ ٿي اچي. اڃا صبح تہ جو سولو سڌو ڳالهايوَ پئي. هاڻي وري وڦلڻ شروع ڪيو اَٿو؟... ترسو توهان جي گوري کڻي اچان.
    عابده ڪمري مان نڪري وڃي ٿي ۽ سڦوران تڪڙ ۾ اُٿي دروازو ٻيڪڙي ٿي.
    سڦُوران ۽ ٿٿان پٿان ٿيندي دادن جا پيءَ جلدي ڪاغذ تي صحيح وٺينس... ڏس متان رنَ نہ اچي وڃي!
    ڪريم‌داد تڪڙ ۾ ڪوٽ جي اندرين کيسي مان اسٽامپ پيپر (دستاويز) ڪڍي فاروق اڳيان جھلي ٿو ۽ پين بہ هٿ ۾ جھلائيس ٿو ۽ سرٻاٽ ۾ اڙي جلدي ڪر چڱا مڙس... جوڻهين زال تہ ناهي بلا آهي بلا. جلدي صحيح ڪر... مصيبت پويس اچي نہ وڃي. ڳوٺ واري جاءِ تہ اسين پنهنجي ڪريون... هتي... هتي صحيح وجھو.

    سڦوران تمام آهستگيءَ سان ڳالهائيندي
    ادا ٻڌو اٿم تہ تون صحيحون تہ روزانو ڪندو آهين. هتي بہ هڪڙي صحيح وجھي ڇڏ نہ ...
    فاروق ڪريمداد ڏانهن ڏسي چوي ٿو جيڪو سندس سامهون دستاويز رکي ويٺو آهي. تون دوزخ جو داروغو آهين نہ؟... تو کي ضرور دوزخ ۾ الاٽمينٽ ٿي گھرجي.
    ڪريمداد اڙي مان دوزخ جو داروغو ٿيس، باقي تون وري ڪو بهشت جو ملائڪ آهين؟... تڏهن هي حال ٿيا اٿئي؟... جلدي ڪر هتي هتي... صحيح ڪر.
    فاروق چئہ تہ گھر مان ڀڄي وڃان پوءِ سڀئي پيا منهنجي جائداد ۽ پينشن لاءِ روئيندا پٽيندا.
    فاروق زور سان ٽهڪ ڏئي کلندي ها... ها... ها ها.
    سڦوران آهستي آواز ۾ اسان جي طرفان وڃي جهنم پئہ. اها دولت جي وارثياڻي ويٺي اٿئي. اسان کي ڪا نہ ٿي گھرجيئي... ڳوٺ واري جاءِ تہ ابي جي آهي. رڳو ان مان هٿ ڪڍ تہ چڱو.
    فاروق هيءُ توهان جي دوزخ جو پروانو آهي نہ؟ ڪٿي صحيح وجھان... ها... ها...
    فاروق صحيح ڪري پوءِ زور زور سان ٽهڪ ڏئي کلي ٿو. ٺيڪ آهي... نہ؟ هاها... هاها... ها.

    ڪريم‌داد تڪڙ ۾ ڪاغذ پنهنجي ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ وجھي ٿو ۽ پين بہ کانئس وٺي پنهنجي کيسي ۾ وجھي ٿو ۽ پوءِ آهستي سان
    واهہ ڙي منهنجا مولا! هاڻي جاءِ جا وارث پاڻ آهيون... ادا فاروق چڱو ٿيو جو مغز وارو ڌڪ لڳئي، جي ٻيو ڪو عضوو کري ها تہ ڀلا اسان کي ڪهڙي ڪم اچين ها؟
    سڦوران هٿ کڻندي دادن جا پيءُ هوش ڌار. ڀتين کي بہ ڪن آهن.
    ڪريم‌داد ڇو نہ ڇو نہ ڀلا هن چرٻٽ تي ڪير اعتبار ڪندو؟
    ڪريم‌داد کهہ کهہ ڪري کلي پيو تہ عابده گوري ۽ پاڻيءَ جو گلاس کڻي اندر اچي ٿي، جنهن کي ڏسي سڦوران ڏکارو منهن ڪندي ادي مون کان ڀاڻم جو حال ڏٺو نہ ٿو ٿئي. الائجي ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪري!
    فاروق اوچتو ڪاوڙ مان وڏ واڪو ڪندي هليا وڃو هتان نہ تہ سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.
    ۽ وري زور زور سان رڙيون ڪندي وڃو، نڪري وڃو هتان.

    عابده هاءِ هاءِ توهان تہ گھڙي تولو گھڙي ماسو. آئون تہ نہ ٿيس جيئرن گڏ. نڪو ٿيس مئن گڏ. ڪيڏو چيو اٿم تہ اجائي ڪاوڙ ڇڏي ڏيو. ڪجھہ صبر کان بہ ڪم وٺو.
    فاروق عابده کي ڌڪ الاريندي واڪو ڪندي بس ڪر ايڪٽڱ.. آئون مداريءَ جو ڀولڙو ناهيان، جو منهنجو تماشو سڀني کي ڏيکاريندين وتين؟ توهين سڀ ٺڳ آهيو. سڀ بدمعاش آهيو... نڪرو هتان... نڪرو هتان.
    اوچتو زور زور سان رڙيون ڪري ٿو ۽ گلدستو کڻي زور سان ڀت تي هڻي ٿو ۽ ڀڄڻ جو زوردار ٺڪاءُ ٿئي ٿو. ڪريم‌داد ۽ سڦوران ڪمري مان تڪڙا تڪڙا نڪري وڃن ٿا ۽ رڳو عابده ڪمري ۾ رهي ٿي.
    عابده نيٺ گلدستو بہ ڀڳوَ. پر ماڻهو ماڻهوءَ جي بہ هاڻي ساڃهہ ڪا نہ رهي اٿوَ. توهان جو جوڳو بندوبست ڪريان نہ تہ مون کي اڃا گھڻو بدنام ڪندؤ.
    سين ڇهون
    Day effect
    فليش بيڪ ۾ ڊرائڱ روم ڏيکاريو وڃي ٿو. شمي ۽ شبو (ٻار) کيڏي رهيا آهن ۽ لاڳو بيڊ روم جي در جي نڪتل سير مان فاروق هر هر نهاري رهيو آهي ٻہ ٽي ڀيرا ايئن ڪري، ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي هلندو ڊرائننگ روم ۾ داخل ٿئي ٿو. شمي ۽ شبو کيس ڏسي ڊوڙندا وٽس اچن ٿا.
    شبو اڙي پپا... پپا پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو آهي.
    شمي پپا توهان ٻاهر ڇو نڪتا، ممي... ماما اڪبر سڀئي فلم ڏسڻ ويا آهن... شام جو ايندا.
    فاروق زوردار ٽهڪ ڏئي ها ها... هاها... ها.
    اڄ مون تي پهريدار نہ آهن. مان آزاد آهيان.... آزاد قيدي!... ڌارين جي ناپاڪ قدمن تان منهنجي وطن جي ڌرتي پاڪ ٿي آهي. آئون آزاد پرديس ۾ پنهنجي مرضيءَ سان هلي چلي سگھندس!
    فاروق بدن سيٽي کرو ٿي هلي ٿو. ساڄي ٻانهن جو هٿ ايئن اُڀو ڪري ٿو ڄڻ تہ هٿ ۾ رائفل جھليل هجيس. هو فوجي پريڊ وانگر قدم کڻي هلي ٿو ۽ گڏوگڏ وڏي واڪي آواز ڪڍي ٿو. ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ اٽينشن!
    وڏي واڪي رڙ ڪري ٿو ۽ سڌو ٿي بيهي ٿو. ٻن ٽن لمحن کانپوءِ هڪڙي ننڍڙي لٺ ڪنڊ مان کڻي ٿو ۽ اک تي رکي بندوق وانگر نشانو چٽي نہ ٿو ۽ وات مان ڇٽڻ جو آواز ڪڍي ٿو. ڊز... ڊز... ٺاٺا. آئون پنهنجي سڀني پهريدارن کي ماري ڇڏيندس ... ۽ پوءِ هميشہ لاءِ آزاد ٿيندس.
    وري لٺ اک تي رکي نشانو چٽڻ وانگر ڪندي ڊز... ڊز.. اهو اٺوڙي بدمعاش مري ويو.
    وري وري ڪري ٿو ۽ ساڳيو لفظ ورجائي ٿو. .... ڊز ڊز... او شيطان جي ناني ۾ مري وئي.
    فاروق وري ٻئي پاسي نشانو چٽي ٿو. ڊز ڊز ٺاٺا اهو دوزخ جو داروغو مري ويو!
    فاروق زور زور سان ٽهڪ ڏئي کلي ٿو ۽ ٻار کيس ايئن بي خطا کلندو ڏسي اُهي بہ کلڻ لڳي وڃن ٿا. وڏي آواز تي ڪجھہ پاڙي جا ٻار بہ اچي گڏ ٿين ٿا. ها... هاهاها سڀ مري ويا... سڀ مري ويا. هاها... هاهاها.
    شمي ۽ شبو آ آ آ هہ هہ هہ مَ.
    کلڻ جو آواز ۽ پوءِ شمي چوي ٿي پپا ڀت تي چچي ويٺي آهي. ان کي ماريو.

    فاروق اڙي هيءَ تہ زهري بلا آهي ۽ انسان جو دشمن نمبر اول. هن کي ضرور ماريو.
    ڀت تي زور سان هڪ پاسي لٺ هڻي ٿو ۽ سڀ ٻار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳن ٿا. شمي چوي ٿي پپا... پپا... او هوءَ فوٽوءَ جي پٺيان آهي.
    فاروق ڦوٽو کي زور دار لٺ هڻي ٿو ۽ ڦوٽو ڀڄي پٽ تي ڪري ٿو. لٺين لڳڻ جو آواز نڪري ٿو. ٺاٺا... ٺاٺا... ٺاٺا
    ٻار آڱر کڻي چون ٿا ٻار... او هوڏانهن چچي ڀڄي وئي.
    فاروق چوڌاري ڀتين تي زور سان لٺيو هڻندو ڦري ٿو ۽ ٺاٺا... ٺاٺا جا آواز نڪرندا رهن ٿا ۽ ٻار تيئن ئي زور سان کلندا ۽ تاڙيون وڄائيندا رهن ٿا. ٿوري دير بعد شبو کي چوي ٿو. شبو: پپا چيچي تہ شوڪيس پٺيان لڪي وئي.
    فاروق غصي مان چوي ٿو زوردار آواز ۾ انسانن جي جاني دشمن کي هرگز ڪو نہ ڇڏيندس.
    فاروق شو ڪيس ريڙهڻ واسطي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو ۽ شوڪيس وڏي ٺڪاءُ سان ڪري پوي ٿو. سامان ڪِري ۽ ڪي ڀڄي پڻ پون ٿا. ٻار سڀ زور زور سان کلن ۽ ٽهڪ ڏين ٿا.
    فاروق لٺ هٿ سان الاريندو لُوهون پائيندو ۽ چوندو رهي ٿو ڪٿي آهي چيچي؟... ڪٿي آهي؟ چيچي؟... ڀڄي وئي ڇا؟... پر ڪيڏانهن ڀڄندي... آئون بزدل ناهيان... ڪٿي بہ ڪو نہ ڇڏيندو سانس.
    چيچي کي ڳولڻ لاءِ ڪنڊن ۾ ڏسي پيو تہ اوچتو عابده ۽ اڪبر داخل ٿين ٿا. عابده حيرت مان اکيون ڦاڙي ڪمري کي ڏسي ٿي چوي ٿي هي... هي گھر جو ڇا حال ڪيو اَٿوَ؟
    شبو ممي... ممي پپا چيچي پيو ماري.
    عابده هي چيچي ٿا ماريو، ڪين تماشو کڻي گھر ۾ لاتو اَٿوَ؟ سڄي پاڙي جا ٻار کڻي گڏ ڪيا اَٿوَ. ماڻهو ڇا چوندا؟ ڪو اسان جي عزت جو بہ خيال اَٿوَ يا نہ؟ مُئو عيدو بہ هن کي اڪيلو گھر ۾ ڇڏي ويو آهي، پٺيان گھر ئي ڀڃي ڀوري ناس ڪري ڇڏيو اٿس. چئبو ظلم ٿيو مون لاءِ... ڪيڏانهن ٻاهر بہ نہ نڪران. گھر ۾ قيدياڻي ٿي ويٺي هجان.
    عيدو اچي ٿو ۽ چوڌاري حيرت مان نهاريندي چوي ٿو اڙي... اڙي هي سڀ ڇا ٿيو آهي؟
    عابده مئا! جيڪي ڏسين ٿو. تو کي گھر سنڀالڻ لاءِ ڇڏي وئي هوس. تون وري هن چرئي چرٻٽ جي حوالي ڪري ويو آهين.
    اڪبر ادي بس، پئسن جو خيال نہ هجي تہ هن چرئي کي هڪ منٽ بہ گھر ۾ نہ سهان. چرين جي اسپتال حوالي ڪري اچانس!
    عيدو هلو... هلو اندر... هلو صاحب... هلو.

    فاروق هيسجي صوفا تي خاموش ويهي رهي ٿو. عيدو کيس ٻانهن کان جھلي زوري اُٿاري ٿو ۽ وٺي وڃنس ٿو.
    سين ستون
    Night effect
    فليش بيڪ ۾ فهيم ۽ اڪبر هڪ ڪمري ۾ ڏيکاريل آهن. ميلوڊي ۽ خوش رنگ ماحول آهي. بيڪ گرائونڊ ۾ ڌيمي ڌيمي انگريزي موسيقيءَ جون ڌنون وڄي رهيون آهن. ٻئي خوش شڪل ۽ خوش لباس نظر اچي رهيا آهن.
    اڪبر نمي ڊارلڱ! تنهنجي جدائيءَ واريون راتيون مون تارا ڳڻيندي گذاريون آهن. تون... توکي خبر آهي تہ ...
    نعيمہ ڳالهہ کي ڪٽيندي ٽهڪ ڏئي کلي ٿي. اڪبر تون سچ پچ تارن جو اڀياس ڪندو آهين! اِٽ اِز ريئلي ونڊرفل تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ضرور گهرائي پيدا ٿي هوندي. مان سمجھان ٿي تہ اِها مشق جاري رهي تہ پوءِ تون ٿورن سالن ۾ ايبسينٽ مائينڊ پروفيسر ٿي ويندين.
    اڪبر ڏس، هميشہ وانگر مون کي ڳالهين ۾ نہ سرچاءِ، ٻڌاءِ ڪڏهن هاسٽل ڇڏي ايندينءَ؟ آخر گھر ۾ تو کي ڪهڙي تڪليف ٿي ٿِئي؟ ڏس نمي!... مون کان تنهنجي جدائي هاڻ سَٺي نٿي ٿئي. اهو منهنجي زندگي ۽ موت جو سوال آهي.
    نعيمہ ڊيئر... پر تو کي تہ هتي جي ماحول جي چڱيءَ پر خبر آهي. ڀلا ههڙي گھر ۾ منهنجي اسٽڊي ڊسٽرب ڪا نہ ٿيندي؟ هتي هر وقت گھَمسان تہ لڳو ئي پيو آهي.
    اڪبر تڏهن مان ايئن سمجھان تہ تو کي مون سان شاديءَ جو ارادو نہ آهي. سچي محبت آڏو تہ ڪا بہ رڪاوٽ نہ ٿي اچي سگھي!
    نعيمہ ڊيئر... عورت زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو پيار ڪندي آهي... پر مون اڃا تہ اهڙو ڪنهن سان بہ اظهار نہ ڪيو آهي... طفيل بہ مون تي گھڻا ئي ڏورا وڌا، ليڪن مون صاف صاف کيس کتو جواب ڏنو... پر اڪبر... تنهنجي لاءِ منهنجي اندر ۾ خراب جذبو تہ نہ آهي.

    اڪبر
    نمي، مون جيڪڏهن تو کي خدا نہ خواهستہ ڪنهن غير مرد سان ڏٺو يا مون سان شاديءَ کان انڪار ڪيئي تہ پوءِ، اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري سمجھجائين. آئون خودڪشي ڪندس.
    نعيمہ ڪنڌ مٿي کڻي مشڪي ٿي بہ بمع طنز انداز ۾ چوي ٿي اڪبر خودڪشي ڇا سان ڪندين؟ پلز کائي يا دريا ۾ ٽپو ڏيندين؟ منهنجي خيال ۾ تہ دريا جي ٿڌين لهرن کي پنهنجي جان سپرد ڪرڻ، نهايت فرحتي آهي!
    اڪبر تڏهن چئبو تہ تون منهنجي ٻڏي مرڻ ۾ خوش آهين؟
    نعميہ او... هو. تون سمجھين ڇو نہ ٿو؟ منهنجو مطلب آهي تہ اهو ڪهڙو نہ خوبصورت موت ٿيندو! با معنيٰ!! پروفيسر نظير هميشہ شاهہ جو اهو بيت پڙهندو رهندو آهي. تن ۾ تؤنس پرينءَ جي پيئان نہ ڍاپان!... چوندو آهي تہ تخليق جو آغاز زمين تي نہ مگر سمنڊ ۾ ٿيو ۽ ان ڪري لهرن کي موجزن ڏسي انسان بي اختيار ان طرف ڇڪجي ويندو آهي!
    اڪبر ان پوڙهي کسٽ پروفيسر جو مون سان ذڪر نہ ڪر. آخر هن جي تو ۾ ڪهڙي دلچسپي آهي؟
    نعيمہ مشڪندي تون تہ هرو ڀرو ٿو شڪجين. پروفيسر چوندو آهي تہ سونهن بہ بي انت بحر آهي، جنهن تي جڏهن نظرون ڄمن ٿيون تہ انسان جو روح خبر ناهي تہ ڪهڙين بلندين تي وڃيو پهچي. بس... هن جي مون سان تہ فقط ڏسڻ تائين چاهت آهي!

    اڪبر
    پر مون کي اهو پروفيسر ڪو بدروح ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ڳالهہ ڳالهہ ۾ بس رڳو ٿڌا شوڪارا پيو ڀريندو!
    نعميہ کلندي بس پنهنجو پنهنجو حسن نظر آهي، مون کي هن جون الاهجي ڇو ٿيون ڳالهيون وڻن.
    اڪبر نمي، تون مذاق ڪري نہ سمجھہ. جيڪڏهن تو مون سان بي وفائي ڪئي، تہ پوءِ سچ پچ توکي مري ڏيکاريندس!
    نعميہ پر تون گھَٻرائين ڇو ٿو. پنهنجي دل ۾ تو لاءِ ضرور جاءِ پيدا ڪرڻي پوندي.. ڊيئر... اڃا اعتبار نہ ٿو اچيئي؟ مرد تہ سدائين پاڻ بي وفا هوندا آهن. عورت تہ قربانيءَ جي پتلي هوندي آهي. آخر شايد مون کي ئي جان جي قرباني ڏيڻي پوي!
    اوچتو پردي پويان فاروق نڪري اچِي چوي ٿو خوب... خوب! ڏاڍا عمده ڊائلاگ آهن! پر هيءَ ڪنهن پاڪستاني فلم جي ڪاپي آهي.
    نعيمہ ڇرڪجي اڪبر کان هٽي بيهي ٿي ۽ ٽيپ رڪارڊ بند ڪري ٿي ۽ فاروق جي ويجھو بيهندي چاچا... چاچا... مان تہ بلڪل هينئر هينئر آئي آهيان.
    فاروق زور ٽهڪ ڏيندي هاهاها.... هاها! هيرو ۽ هيروئن، بنهي جو روماني موڊ آهي... مگر هي منظر ڪنهن فلم تان چورايل آهي.

    اڪبر خارن مان سگريٽ جو دونهون فاروق جي منهن ۾ هڻندو جملو ڳالهائي ٿو ۽ ٻاهر نڪري وڃي ٿو
    او يُو ڊيم فول ميڊمين!

    نعيمہ چاچا، مون کي معاف ڪريو! آئون اڪبر جي ڳالهين ۾ اچي ويس.
    فاروق رڙ ڪري پر... جي سين ڊراپ ٿيڻ گھرجي. مان توهان جي ڪنهن بہ فضول ڊرامي ۾ پارٽ نہ ڪندس.
    نعيمہ چاچا! جيڪڏهن اڪبر سان محبت جو دم نہ ڀرينديس تہ چاچي خرچ ٿورو ئي موڪليندي؟
    فاروق نہ نہ مان، هن ڊرامي ۾ اداڪاري نہ ڪندس. بند ڪر بڪواس.
    نعيمہ ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي آهستي ٻي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي. ايتري ۾ شمي ڪاغذ جون ڪيتريون ننڍڙيون ٽڪريون کڻندي اندر داخل ٿئي ٿي... ڪاغذ جون ٽُڪريون پنهنجي هنج ۾ رکي ٿي.
    شمي هڪ هڪ نوٽ ٻي هٿ ۾ قابو جھليندي هاڻي هن نوٽ مان ڪيڪ وٺنداسون ۽ هن نوٽ جو جهاز وٺنداسون. هن نوٽ مان پپا لاءِ سگريٽ... هَن! پپا سگريٽ کپي؟
    ۽ وري چوي ٿي ۽ هن نوٽ مان پپا وٺنداسون.
    شبو هَٽُ چري. نوٽن مان پپا ڀلا ڪيئن خريدبو؟
    شمي ها... ها ٻيو وري ڇا؟ نوٽن سان دڪان تان پپا خريد ڪنداسون...
    ڪنڌ لوڏيندي پپا توهان اسان کي سڀني کي هڪڙي نوٽ ۾ ورتو آهي نہ؟... ممي کي بہ نہ؟... هان پپا ممي کي نوٽ سان خريد ڪيو اَٿوَ نہ؟
    فاروق ها ها، ٻيو ڇا؟ توهان سڀني کي مون خريديو آهي. توهين سڀ منهنجا غلام آهيو. سڀ منهنجي حڪم تي اُٿي بيهو.
    پوءِ واڪو ڪري وڃي هوڏانهن ڀت سان لڳي بيهو.
    شمي شبو، تون موڳو مٽر آهين. امان چوندي آهي تہ روپين سان سڀڪا شيءِ خريد ڪري سگھجي ٿي...
    فاروق جملو ڪٽيندي وچ ۾ڳالهائي ٿو پوءِ... ڇو نہ ”آئون“ پنهنجي ٻي اڌ کي خريد ڪريان؟
    ۽ پوءِ سڀئي روپيا شميءَ کان ڦري پنهنجي هنج ۾ لڪائي ٿو. ٻارن جي منهن ۾ واري واري سان اکيون ڦاڙي نهاريندو رهي ٿو ۽ پوءِ زور زور سان چوي ٿو. وڃو وڃو سڀئي ڀڄي وڃو... هي سڀ روپيا منهنجا آهن.
    شمي اک تي هٿ رکي روئي ٿي. اُون اُون اُون پپا منهنجا... روپيا ڦري ويو آهي. پپا روپيا ڦري ويو آهي.
    عابده روئڻ جو آواز ٻڌي اندر اچي ٿي ۽ چوي ٿي هنن ڪاغذ جي ٽڪرن کي اوهان ڇا ڪندا؟ شميءَ کي ڏئي ڇڏيو نہ.
    فاروق چرين وانگي اکيون ڦاڙي چوڌاري ڀتين ڏانهن نهاري آڱر جي اشاري سان ڳالهائي ٿو هنن روپين مان آئون ’پاڻ‘ کي خريد ڪندس. پنهنجو ’وڃايل اڌ‘ حاصل ڪندس. تون ڀانئين تہ مان سدائين لاءِ ٻن اڌن ۾ ورهايو پيو هجان؟
    عابده پيشانيءَ تي هٿ هڻي چوي ٿي ۽ پوءِ ٻارن ڏانهن منهن ڪندي چوي ٿي يا الله تون خير ڪر. سڄو وقت رڳو احمقن جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو. ٻارو توهين ٻاهر نڪري وڃي راند ڪريو. هاڻي پڻهين کي وري دورو پوڻ وارو آهي.
    وري فاروق کي چوي ٿي ۽ کيس ڌڪيندي پنهنجي ڪمري ۾ موڪلي ٻاهران در بند ڪري ڇڏي ٿي. توهان هلو پنهنجي ڪمري ۾. هلو هلو اندر... هلو اندر.
    سين اٺون
    Day effect
    سڄي گھر ۾ هلچل، ڊڪ ڊوڙ لڳي پئي آهي. اڪبر، عيدو، شمي، شبو، عابده سڀئي مصروف آهن. نعيمہ ڪرسيءَ تي ڪتاب پڙهي رهي آهي.
    عابده بس! جيسين پينشن وٺڻ لاءِ فاروق گھر مان نڪري تيسين ڌماچوڪڙي لڳي پئي هوندي. اصل نڪ ۾ دَمُ ڪري ڏيندا. سک سان ويهڻ ئي ڪو نہ ڏيندا.
    عيدو صاحب هلو تہ هلي شيو ڪرايانوَ ڏاڙهي وڏي ٿي اَٿوَ. انهن افعالن سان اڪبر پاڻ سان ڪو نہ وٺي هلندوَ.
    فاروق پوءِ... پوءِ مون کي ڪباب کارائيندا؟
    عيدو سائين، سڄي پينشن جا ڪباب کڻي کائجو! پَر، خدا جو قسم هلي شيوَ تہ ڪريو.
    شمي پپا... پپا... پپا ٻاهر ڪٿي گھُمڻ ويندا. مون کي پاڻ سان پينشن تي وٺي هلو.
    پپا... پپا پينشن تي ڏاڍو مزو آهي نہ؟
    فاروق هاها... ڏاڍا مزا ٿيندا. رڪشا ۾ وينداسون. صاف ۽ ڪشادن روڊن تي جانور گھُمندا ڏسنداسون.....!
    شبو وچ مان ڳالهہ ڪٽيندي چوي ٿو پپا توهان رڳو ڪوڙ ٿا ڳالهايو. جانور تہ راڻي باغ ۾ پڃرن ۾ بند هوندا آهن.
    فاروق ٻڌوس ٻڌوس. جانور پڃرن مان نڪري سٺا سٺا لباس پائي روڊن تي نڪري ايندا آهن... ۽ ...
    شمي ۽ شبو يڪ آواز ٿيندي نہ نہ ... ڪوڙ ڪوڙ.
    فاروق چڱو ڀلا جانور نہ ... گاڏين موٽرن جا ايڪسيڊنٽ ڏسنداسون... پوءِ هوٽل ۾ ويهي ڪلفي کائينداسون.
    پر... پر مهانگا ئي ڏاڍي آهي. ٻن هزارن ۾ رڳو هڪڙي ڪلفي ملي ٿي.
    شبو پپا، توهان پينشن تي وڃڻ وقت ايترو خوش ڇو ٿيندا آهيو؟
    نعيمہ چاچا ويچارو مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو تہ قيد مان آزاد ٿي، ٻاهرينءَ فضا ۾ ساهہ کڻي ٿو. ضرور خوش ٿيندو.
    شمي نہ آپا نہ. پپا کي پينشن وٺڻ مهل سڀئي پيار ڪندا آهن. نہ تہ دڙڪا ملندا اٿس.
    فاروق هاها... هلو هلو پينشن وٺڻ مان ماڻهوءَ مان ڦري ڇو نہ روپين وارو ڪمپيوٽر ٿي پوان پوءِ تہ پينشن ئي پينشن هوندي. منهنجي هر وقت سڀ خوشامند ڪندا.
    فاروق وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي ٿو. ها ها... ها ها ها!
    عيدو زوريءَ ٻانهن کان ڇڪيندي چوي ٿو. صاحب هلو هلو ڏاڙهي تہ هلي لاهيو. آفيس ۽ گھر کان تہ هونئن ئي پينشن تي لٿل آهيو. بس سڄو وقت پينشن تہ بنيا پيا آهيو! اڃا وڌيڪ ڇا ڪندا؟
    سڀئي کلن ٿا. عابده چوي ٿي هر مهيني تي تاريخ ٻٽيڪو مچي ٿو. فاروق ٻاهر ڇا ٿو نڪري، اصل تماشو بنجيو پوي.
    اڪبر هتي تہ اڃا ڪجھہ ڪو نہ ٿو ٿئي. ٻاهر تہ هن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شل نہ ڪو ساڻس گُفتو ڳالهائي، پوءِ تہ اصل کانئس جان ڇڏائڻ مشڪل ٿيو پوي. بس مان تہ ڏاڍو ششدر ٿي پوندو آهيان تہ اِجھو ٿو تماشو لڳي. اڳي دفعي خزانچي کي چيائين...
    اهل ڪندي اڙي تو خزاني تي پهريدار ڇو بيهاريا آهن؟ ماڻهن جي رزق کي ڇو بند ڪيو ويٺو آهين؟ سرڪار جا نوٽ آهن. هڪڙا کٽندا تہ ٻيا ٺهندا، تون ڀانئين تہ سڀ غريب تنهنجا محتاج هجن! پوءِ تہ اصل زوريءَ ڇڪي آفيس کان ٻاهر ڪڍيو مانس.
    فاروق وري هال ۾ اچي ٿو ۽ هاڻ شيوَ ڪيل اٿس. چوي ٿو آئون پينشن وٺڻ نہ ٿو هلان. آئون مصروف آهيان. مون کي ڇڏيو تہ پنهنجي وڃايل اڌ کي ڳولي لهان.
    عابده فاروق کي گلي ۾ ٻانهون وجھندي فاروق ڏسو نہ هر دفعي ٻارن وانگي لاڏ ٿا ڪريو. ڀلا منٿن ڪرائڻ ۾ مزو ٿو اچيوَ ڇا؟
    وري ڳل تي هٿ گھُمائيندي آ ها... واه واه شيوَ تہ ڏاڍي سٺي ڪئي اَٿوَ... چمڙي بہ بيبي سافٽ نظر اچي ٿي.
    شبوءَ کي سڏ ڪري ٿي ۽ شيشي مان آفٽر شيوَ لوشن ڪڍي هٿن تي ملي فاروق جي ڳلن تي هڻي ٿي. شبوَ... ڊريسڱ ٽيبل تان آفٽر شيوَ لوشن کڻي اچ. ٿوري خوشبوءِ هڻي ٻاهر نڪرندا ڪريو.
    وري سڏ ڪري ٿي عيدو... او عيدو صاحب کي اندر ڪوٺي ۾ وٺي وڃي ڪپڙا مٽرائينس. آئون استري ڪري رکي آئي آهيان.
    فاروق نہ... نہ ڪپڙا ڪو نہ مٽائيندس. ٻاهر ڪيئن هلي سگھندس. آئون تہ رڳو اڌ آهيان منهنجو ٻيو اڌ تہ خبر نہ آهي تہ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي.
    اڪبر هٿ ٻڌي چوي ٿو ادا فاروق... هٿ ٿو ٻڌانوَ بس. وڃي ڪپڙا مٽائي اچو. انهيءَ لباس ۾ مان هرگز توهان کي ٻاهر ڪو نہ وٺي هلندس. آخر ڪار ماڻهو ڇا چوندا؟
    فاروق هان! تہ توهان سچ پچ ماڻهن کان ڊڄو ٿا؟ مون کي ٻڌايو تہ اوهان ڪهڙن ماڻهن کان ٿا ڊڄو؟ آئون انهن کي ٻڌايان تہ مون کي پرائي گھر ۾ آڻي قيد ڪيو ويو آهي...
    پر... پر هي ڪهڙو عجيب قيدخانو آهي. هتي هر ڪو ئي زبردستي مون کي پنهنجو مائٽ پيو بنائي... پر آئون هتي هرگز نہ رهندس. مون کي ڇڏيو تہ پنهنجن مائٽن ۾ وڃان... ها هتي ڇا ڇا نہ پيو ٿئي... سڀڪجھہ ٿئي پيو. مون کي سڄي خبر آهي.
    اڪبر ها سائين، توهان بلڪل هوشمند آهيو پاڳل رڳو اسين آهيون. هاڻي مهرباني ڪري ڪپڙا مٽائي اچو. ٺهي جڙي نڪرندا تہ ماڻهو اڃا بہ اوهان کي نارمل ڪنڊيشن ۾ ڀائيندا. اڄ فاروق صاحب کي ڪنهن وڏي هوٽل ۾ لنچ کارائينداسون.
    فاروق ها ها، مان لنچ تي ڪباب کائيندس چڪن سوپ پئيندس. ڪلفي کائيندس. رڪشا ۾ گھُمندس. ٻاهر رستن تي جانور هلندا ڏسنداسون. ايڪسيڊنٽ ٿيندا... هاها هلو تہ ڪپڙا مٽايان.
    عيدو هٿ کان وٺي وڃينس ٿو. ٿوري وقفي بعد هو بدليل ڪپڙن ۾ اچي ٿو.
    عابده ها واهہ، ڪهڙا تہ سمارٽ ٿا لڳو جهڙا شو بواءِ.
    اڪبر کي مخاطب ٿيندي اڪبر! پينشن وٺي سڌو گھر اچجو. مون کي پورا پئسا ڏجئين ڏس متان اڳي مهيني وانگر ٻہ سَو روپيا کٽائي ڏينم.
    شبو پپا پپا... منهنجي لاءِ چاڪليٽ وٺي اچجو.
    شمي پپا منهنجي لاءِ گڏي آڻيندا نہ؟
    پپا، پاڻ هوائي جهاز ۾ گڏي کي بہ ويهارينداسون.
    عابده هلو هلو اندر هاڻي گھڻو ڪيوَ. پڻهين اڳيئي توائي توهان وري وڌيڪ توائي ڪريوس.
    اڪبر ۽ فاروق در کان ٻاهر نڪرن ٿا.
    سين نائون
    Day effect
    دروازي جي ٻاهران عبدالله آفيس سپريڊنٽ، بيٺو آهي. هُنَ کي سلوار قميص پاتل آهي ۽ چهري تي مٺ کان ڊگھي ڏاڙهي اٿس ساڻس عيدو ڳالهائي رهيو آهي.
    عبدالله اڙي عيدو نڀاڳا، اندر تہ وٺي هلي ويهار. گھڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. دل پئي ساريم تہ پاڻ واري صاحب جا پِرڪارَ ڏسيو اچان!
    عيدو عبدالله خان... اچُ... اچُ، گھڻن ڏينهن کانپوءِ ڏاڙهي ڏيکاري اٿئي، صاحب پينشن تي لٿو آهي تہ تو بہ مُنهن مَٽي ڇڏيو. هونئن تہ ڪيئن نہ روزانو پيو کڙُ ڪُتر ٿيندو هئين؟
    عبدالله خان صوفا تي ويهي ٿو ۽ مشڪندي چوي ٿو اڙي پِٽيا! هينئر وري نئين صاحب جي چاڪريءَ ۾ لڳو پيو آهيان... ڏينهن ۾ ٻہ ٽي ڀيرا جاءِ تي وڃڻو پويم ٿو. گھر ۾ سامان سڙو پهچائڻ سڀ ڪجھہ منهنجي بلي آهي. اصل مٿي کنهڻ جي فرصت نہ ٿي مليم.
    عيدو واهہ ڙي واهہ، عبدالله خان، مکڻ لڳائڻ ۾ بيشڪ استاد آهين. هاڻي وري نئين صاحب کي کيسي ۾ وجھيو پيو گھُمين باقي اڳوڻي صاحب کي ردي ڪاڳر وانگر ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيئي؟
    جملو چئي کلي ٿو کهہ... کهہ... کهہ... کهہ.
    عبدالله اڙي گھڻو ڪيَئي گامون سچار جا سَڪا. مون کي سڄي خبر آهي. کير ۾ پيل مک وانگر صاحب کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو اَٿوَ. ايئن آهي يا نہ؟
    عبدالله مشڪندي چوي ٿو ڀُلجي تہ ڪو نہ آيو آهيان. البت ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي پهتو آهيان. ڀاڀي تڪليف مون کي ڪهڙي ٿيندي، اڄ فرصت ملي ويم. سوچيم تہ صاحب کي ڏسيو اچان.
    عابده واهہ جو صاحب جي سار لڌي اَٿوَ؟ ٻڏل جي خبر بہ چئن پهرن ۾ پئجي ويندي آهي. پر توهان تہ خبر ناهي تہ ڪٿي غرق ٿيل هئا. پر توهان جو ڏوهہ ڪونهي. جيڪي چُلهہ تي سي دل تي.
    عبدالله کلي ٿو ۽ پوءِ جملو ڳالهائيندي کهہ... کهہ... کهہ... کهہ.
    ها، ها، اها تہ بلڪل حقيقت آهي. پر ڀاڀي اوهان جي همت کي بہ شاباس هجي، جو سڀئي دل وارا کڻي چلهہ تي گڏ ڪيا اَٿوَ!
    عابده ڇا مطلب؟
    عبدالله مطلب ٻطلب منهنجو ٻيو ڪونهي. آئون چوان ٿو تہ فاروق صاحب جي بيماريءَ کانپوءِ توهان سڀني عزيزن کي پاڻ سان رهائي خير جو ڪم ڪيو اَٿوَ.
    عابده ازبڪيون بڪڻ جي تہ اصل کان عادت اَٿوَ. توهان جو مطلب تہ سمجھان ئي ڪو نہ ٿي تہ ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟
    عبدالله ڀاڀي بس، چوڻ تہ ڪجھہ ڪو نہ ٿو چاهيان رڳو پڇيم پئي تہ صاحب جي طبيعت ڪيئن آهي؟ اڃا تائين لغڙ تہ ڪو نہ پيو جھٽي؟
    عيدو چانهہ کڻي اچي رکي ٿو ۽ ڪوپ هٿن ۾ کڻن ٿا. عابده چانهہ ڍُڪ پيئڻ کان پوءِ چوي ٿي خدا جو شڪر آهي، هاڻي بهتر آهي. توهان ڀائرن جون دعائون هونديون تہ پوءِ ڀلا فاروق تندرست ڪيئن نہ ٿيندو؟ ها، پر ٻي ڳالهہ تہ ٻُڌو جي. پي. فنڊ جا ڪاغذ تيار ڪري موڪليوَ يا نہ؟ منهنجي خيال ۾ تہ گھٽ ۾ گھٽ پنج لک جيتري رقم تہ ملندي.
    عبدالله ها...ها، پر طفيل درخواست موڪلي آهي تہ بابي جو دماغ ٺيڪ نہ آهي، ان ڪري جِي. پِي. فنڊ جي رقم پٽ جي حيثيت ۾ کيس ڏني وڃي.
    عابده ڌوڙ پئي آهي مُئي جي منهن ۾. پيءُ جي جيئري ئي ٿو وارث بڻجي. هونئن بہ فاروق گھر ۾ بيٺو ئي ڪو نہ سهندو هوس. لادعويٰ ڪري ڇڏيو هئائينس. آيو آهي ويچارو ملڪيت جو وارث. ادا، توهان کي تہ خبر آهي...
    عبدالله کلي ٿو ۽ چوي ٿو ها ها اهو اصل کان ترڙ نڀاڳو چونڪ چنڊو آهي. اڳي ڪجھہ نصيب ٿيو اٿس جو هاڻي ملڪيت مان ملندس؟ توهان ڪو بہ اُلڪو نہ ڪريو. رقم سموري توهان جي جھوليءَ ۾ وجھندس.
    عابده اُٿي ٿي ۽ چوندي هلي وڃي ٿي عيدو تون عبدالله خان کي فاروق جي ڪمري ۾ ڇڏي اچينس.
    عيدو سائين، چانهہ پي بس ڪيوَ نہ؟ هاڻي اُٿو تہ هلون. صاحب توهان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو. وڌيڪ خدمت پاڻهي اُهو ڪَندوَ. آخر آهيون نہ سندس دادلا؟
    عيدو عبدالله کي ڪمري ۾ ڇڏي ٻاهران در بند ڪري وڃي ٿو. فاروق عبدالله کي ڏسندي ئي پلنگ تان اُٿي ٿو ۽ عبدالله ساڻس بغلگير ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو اسلام عليڪم، ٻڌايو سائين ڪيئن آهيو؟ طبيعت تہ ٺيڪ اَٿوَ نہ؟
    فاروق عجب مان عبدالله کي هيٺ مٿي تائين نهاري ٿو ۽ پوءِ واڪو ڪري چوي ٿو اڙي تون... چريا تون وري ڪيئن هليو آئين؟
    عبدالله ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائي چوي ٿو سائين، ڪجھہ تہ خيال ڪريو. ڪا ديد ڌاريو. پنهنجي پراڻي خدمتگار کي وساري ڇڏيوَ ڇا؟ رڳو ويهہ سيڪڙو ڪميشن پنهنجي هوندي هئي، باقي ساري رشوت جا پيسا سائين جن کي ڏيندو هئس.
    فاروق عبدالله جي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چوي ٿو اڙي هيءَ ڏاڙهي تہ ڏاڍي سٺي هنئين اٿئي، جهڙي پشم! ٻڌاءِ هيءَ نقلي ڏاڙهي وڪڻندين؟
    عبدالله ٿورو ڇرڪي ٿو ۽ اُٿي پريان ويهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر فاروق ٻانهن کان جھلي زوريءَ ويهاريس ٿو.
    فاروق ويهہ تہ سَهي. ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اڄ تو چرئي سان ڪچهري ڪبي. اڙي ڪٿان ڇنائي ڀڳو آهين؟
    عبدالله سائين مڙئي کٽيءَ کنيون هئم، جو هيڏانهن هليو آيس.
    فاروق عبدالله جي ڏاڙهيءَ کي جھلي ٿو ۽ زور زور سان کلي چوي ٿو هيءَ نقلي ڏاڙهي تنهنجي منهن تي ڏاڍي سونهي ٿي. ڏاڙهي وڪڻڻ آيو آهين يا ٻي ڪنهن ڪم سان؟
    زور سان رڙ ڪري چوي ٿو ٻڌاءِ ڇو آئين؟
    عبدالله ڊڄي ڊڄي چوي ٿو ٻڌايان ٿو گھڻا دفعا ارادو ڪيم تہ اوهان کي ڏسيو اچان پر ڊِنَس پئي تہ متان اوهان مون کي نہ سڃاڻو؟
    فاروق هاڻي تون دماغي بيماريءَ سببان ڪجھہ بدلجي ويو آهين. ڀلا پوءِ سڃاڻڻ ۾ ڪيئن ايندين؟
    فاروق وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي ٿو. هاها... هاهاها... هاها.
    عبدالله بہ زور زور سان کلي ٿو. ها ها ها برابر... برابر.
    چريو ماڻهو سدائين ٻي کي چريو سمجھندو آهي. پڪ ئي پڪ توهان بہ مون کي چريو ڪري ويٺا آهيو. سائين مون کي توهان جي حالت جو ڏاڍو ڏک آهي، پر جيڪا رب کي وڻي!
    فاروق ۽ مون کي تنهنجي هن نقلي ڏاڙهيءَ تي ڏاڍو پيار پيو اچي. هڪڙي ڏينهن لاءِ مون کي اڌاري نہ ٿو ڏين؟ آئون پنهنجي گڏڙيءَ سان چور پوليس واري راند ڪندس.
    عبدالله کسڪي دروازي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندي سائين، ڪا عقلمندي جي ڳالهہ ڪريو.
    عبدالله وري ٿورو رڪجي بيهي ٿو ٻڌو اٿم تہ ڀاڀيءَ توهان جو علاج تہ ماڳهين ڪو نہ ڪرايو. توهان پنهنجي سموري پينشن بہ انهن مطلبين جي حوالي ڪري ٿا ڇڏيو. ڪجھہ پنهنجي لاءِ بہ رکو ٿا يا نہ؟
    فاروق ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو وري اها پينشن جي ڳالهہ ڇا مان ماڻهو نہ آهيان؟ پينشن آهيان؟ سمجھي ڇڏ مان پينشن کي پٽي پنهنجي منهن تان لاهي ڇڏيندس. مان پڇان ٿو تون ڏاڙهي ٽنگيو ڇو بيٺو آهين؟
    فاروق الر ڪري ٿو ۽ عبدالله جي ڏاڙهيءَ زور سان لوڏا ڏي ٿو ۽ عبدالله رڙيون ڪري چوي ٿو گھوڙا ڙي مري ويس...
    دَر کي ڌڪا ڏئي ٿو ۽ زور سان رڙ ڪري ٿو اڙي در کوليو... ماري وجھندم.
    ٺا... ٺاٺا... ٺا...
    اوچتو عيدو در کولي اچي ٿو ۽ فاروق کي هٽائيندي چوي ٿو صاحب هي ڇا آهي؟ پنهنجي دادلي جي ڏاڙهيءَ ۾ کڻي هٿ وڌا اٿوَ؟
    عبدالله ٽپ پائي دَرَ مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ غائب ٿي وڃي ٿو.
    سين ڏهون
    Night effect
    فاروق ڊرائڱ/ڊائنڱ روم ۾ اچي ٿو. عابده، عيدو، نعيمہ ۽ شمي موجود آهن.
    فاروق مون کي بک لڳي آهي. مون کي ماني ڏيو، مون ماني ڪا نہ کاڌي آهي.
    عابده عيدُو، فاروق کي ماني ڪو نہ کاريائي ڇا؟
    عابده ڏانهن نهاري مشڪي عيدو چوي ٿو سويل صاحب کي کارائي آيو آهيان.
    فاروق هٻڪي هٻڪي نہ... نہ هي پاڻ کائي ويو... مون کي بک لڳي آهي. مون کي ماني ڏيو.
    نعيمہ ڏانهن نهاريندي عابده چوي ٿي هيءَ تہ وري ٻي مصيبت ٿي، عيدو رات جي ماني کارائي اٿس تہ هاڻي وري بک لڳي آهيس.
    نعيمہ فاروق سان مخاطب ٿيندي چاچا گھڻي کائڻ سان اوهان جي طبيعت خراب ٿي پوندي. اندر وڃي آرام ڪريو.
    شمي نہ آپا نہ، مان ڏسندي عيدو ڊيڊي جي ماني ٽپائي تي رکي پاڻ کائي ويندو آهي.
    عيدو کلندي صاحب کي بک ڪونهي، پر اجايو ضد ٿو ڪري.
    فاروق پر توهان هتي آيا ڇو آهيو؟ ميز گندي ڪري ڇڏيندا. پنهنجي ڪمري ۾ وڃو تہ هينئر ئي ٿي ماني موڪليانوَ.
    فاروق نہ مان هينئر ماني کائيندس. آئون ٽيبل تي ماني رکي کائيندس.
    عابده زوريءَ ٻانهن کان ڇڪي اندر وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، چڱو، هاڻي گھڻو ڪيوَ... هلو پنهنجي ڪمري ۾. اجايو ضد نہ ڪندا ڪريو. اسان جو رت نہ پيئو. چوانوَ ٿي تہ هلو اندر... هلو... هلو.
    مگر فاروق ڪرسيءَ تي زور لڳائي بيهي ٿو. زور سان آواز ڪڍي ٿو. مان ڪو نہ ويندس. مون کي ڇڏيو مان ڪو نہ ويندس. ماني کائيندس.
    عابده عيدو مئا! ڇا پيو ڏسين. ڇڪي اندر ڪمري ۾ وٺي وڃي پورينس تہ اسان جي جان ڇٽي.
    عيدو فاروق کي ڌڪ الاري ٿو ۽ ڪمري ڏانهن ڌڪي وٺي وڃينس ٿو. هلو... هلو... گوڙ نہ ڪريو.
    شمي روئندي اون... هون... اون هون... اون اون... منهنجي بابلي کي نہ ماريو منهنجي بابلي کي نہ ماريو.
    عابده خار مان شميءَ کي ڌڪ هڻندي چپ ڪر ڇوري نڀاڳي. وڏي آئي آهي پيءُ جي ڌيءُ. چپ ڪر تہ ماري نہ ناس ڪريئين.
    شمي زور زور سان روئيندي اون هون... اون هون ممي ماري ٿي.
    فاروق رڙيون ڪري چوي ٿو آئون ڪو نہ ويندس. آئون ڪو نہ ويندس.
    اوچتو مقبول اندر اچي ٿو ۽ عابده کان پڇي ٿو عابده ڇا جو گوڙ آهي؟
    عابده بيزاريءَ مان شمي کي ڌڪ الاريندي چوي ٿي هڪڙو فاروق منهنجي زندگي زهر ڪئي آهي، ٻيو وري هيءَ چنڊي سڄو وقت بابلا بابلا لايو ويٺي آهي. مقبول ڏس نہ، گھڙي گھڙي هيڏانهن هليو اچي، ڀلا گھر گندو نہ ٿيندو ڇا؟
    مقبول ٺيڪ آهي ٺيڪ آهي. مون سمجھيو، تون ٽيمپر لوز نہ ڪر. مان سڀڪجھہ ٺيڪ ٿو ڪريان...
    مقبول فاروق ڏانهن وڌندي چوي ٿو هَلو فاروق صاحب اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟
    فاروق مون کي بک لڳي آهي. آئون ماني کائيندس.
    مقبول مسٽر فاروق هر گھڙي کائڻ سان هاضمو خراب ٿي پوندو. توهان صحت جي اصولن کان تہ واقف آهيو نہ؟ ٺيڪ آهي پر آئون توهان لاءِ هلڪي غذا جو بندوبست ڪريان ٿو
    مقبول ريفريجريٽر ڏانهن وڃي ٿو ۽ هڪ پليٽ ۾ صوف ٿورا انگور ۽ پليٽ ۾ ڀاڄي ۽ ٻہ سلائيس بہ کڻي ٿو ۽ پوءِ فاروق کي چوي ٿو اچو، هاڻي توهان جي ڪمري ۾ هلون!

    عابده اڃا، هاڻي تہ ماني کاڌي اٿس، جيڪڏهن اهڙيون عادتون پوندس تہ پوءِ اسان لاءِ هن گھر ۾ رهڻ جنجال ٿي پوندو.
    مقبول ماني هٿ ۾ کڻي هلي ٿو. عابده، تون سمجھين ڇو نہ ٿي، فاروق کي پرڀائي تہ اندر وٺي وڃانس ٿو، مون کي بہ تہ پيٽ پوڄا ڪرڻي آهي.
    اچو... اچو مسٽر فاروق اچو.
    فاروق پٺيان پٺيان وڃينس ٿو. ٻئي ڄڻا ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا.
    مقبول مسٽر فاروق اوهان کي ڪا شيءِ گھرجي تہ عيدوءَ کي سڏائي حڪم ڪندا ڪريو. باقي ڪمري کان ٻاهر نڪري سڀني کي هروڀرو ڊسٽرب نہ ڪندا ڪريو.
    مقبول صوف جون ٻہ ڦارون انگور داڻا، ڀاڄي ۽ سلائيس هر هڪ پليٽ ۾ وجھي ٿو ۽ فاروق پلنگ تي ٽنگون لڙڪائي ويهي ٿو ۽ پاڻ سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. اچي هاڻي کائو. هن پليٽ ۾ آئون ٿو کان.
    فاروق تڪڙ ۾ ماني کائي پوري ڪري ٿو ۽ چوي ٿو منهنجو اڌ تہ اڳيئي غائب هو، هاڻي سمجھان ٿو تہ باقي اڌ بہ آهستي آهستي گم ٿيندو پيو وڃي. پوءِ تہ آئون ڪنهن کي بہ نظر نہ ايندس پنهنجو پاڻ کي بہ نہ!!
    مقبول هاهاها! بلڪل سچ آهي. اوهان پاڻ تہ حاضر ويٺا آهيو پر اوهان مان ’فاروق‘ گم ٿي ويو آهي ۽ اها ئي ڳالهہ هِنَ گھر جي ڀاتين لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي.
    ڪڙڪ آواز ڪڍي ٿو فاروق تون ڪير آهين؟
    مقبول مشڪي ٿو. مسٽر فاروق پنهنجي پراڻي محسن کي بہ نٿا سڃاڻو؟ مون تہ سدائين اوهان جون خدمتون ڪيون آهن. توهان جي چوڻ مطابق گھر جا ڪم ڪاريون ڪندو هوس. توهان جي دفتر ۾ وڃڻ کانپوءِ پنهنجي آفيس کان موڪل وٺي. مسز فاروق جي خدمت ڪندو هوس. توهان جي خاندان کي ڏکئي ۾ ڏکئي وقت بہ هيءُ بندو ڪم آيو آهي.
    ها سچ پچ... توهان کي خبر ناهي تہ ڇو اعتبار نہ ٿو اچي ... رات جو بہ هتي ئي ٽڪندس.
    فاروق ڪڙڪ آواز ڪڍي ٿو تون ڪوڙو آهين. ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي نہ ٻڌاءِ. آئون تنهنجي سڀ چالاڪي سمجھان ٿو. هتي ڇو آيو آهين؟ مڪار!
    مقبول نظر بچائي فاروق جي پين کيسي ۾ وجھي ٿو ۽ آهستي آواز ۾ چوي ٿو مسٽر فاروق اجايو غصو نہ ڪريو. مان تہ توهان جي بيگم صاحبہ يعني تہ عابده کي پرڀائڻ ايندو آهيان. اوهان جي بيماريءَ کان پوءِ هوءَ گھڻو مغموم ٿي رهي. جيڪڏهن مان نہ وندرايانس تہ دل ٽٽي پونديس.
    فاروق تون ڪوڙ ٿو بڪين، تون منهنجي ڪنهن بہ ڪم نہ آيو آهين!
    مقبول اڙي سائين، جڏهن حادثي وقت بيهوش ٿي پيا هئا، تڏهن بہ اول مون کي خبر پئي ۽ مان ئي هوس، جو اوهان کي اسپتال ڀيڙو ڪيم.
    فاروق ڇا تہ، تون اهو شخص آهين، جنهن مون کي هن پراڻي گھر جي دوزخ ۾ وڌو. آخر مون کي ستائڻ مان تو کي ڇا حاصل ٿيو؟
    مقبول منهن تي شيطاني مرڪ آڻي چوي ٿو اڃا تہ ڪجھہ بہ حاصل ڪو نہ ٿيو آهي پر حاصل ٿي ويندو.
    فاروق پلنگ تان اُٿڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿو اها ڳالهہ آئون پوليس کي ٿو ٻڌايان. اجھو ٿو تنهنجو ڪچو چٺو کولايان.
    مقبول فاروق کي پلنگ تي ليٽائي ٿو. مٿان رلي وجھندي چوي ٿو هاڻي آرام ڪريو. جيتري گھڻي ننڊ ڪندؤ، اوتررو جلد صحتياب ٿيندا. ڏسو هاڻي بلڪل سڏ واڪو نہ ڪجو.
    مقبول دريءَ جي اندران پردو سيري ٿو ۽ نڪري ٻاهران در بند ڪري ٿو. هن جي نڪرڻ سان فاروق رلي بدن تان ڦٽي ڪري اُٿي ٿو ۽ بتي ٻاري ويهي ٿو. اوچتو دروازي جو طاق کولي شمي ظاهر ٿئي ٿي، سندس هٿ ۾ ٽيليفون (رانديڪو) آهي.
    شمي ڊيڊي... ڊيڊي ڇا ويٺا ڪريو؟
    فاروق هن گھر ۾ هڪ چور گھڙي آيو آهي. مون کي ٿاڻي تي فون ڪرڻي آهي.
    فاروق شميءَ کان فون هٿ مان کسي ننڍڙن نمبرن تي آڱر ڦيرائي ٿو ۽ وات سان ڊائل ڪرڻ جو آواز ڪڍي ٿو. ٽر... ٽر... ٽر... هَيلو هيلو پوليس اسٽيشن.
    شمي ڊيڊي مون کي پنهنجي ننڍڙي فون ڏيو نہ.
    فاروق چور ڀڄي ويندو... چور ڀڄي ويندو.
    شمي مون کي ڏيو مان ٿي ڪريان. ڊيڊي، ڪنهن کي فون ڪندا؟
    فاروق پوليس اسٽيشن تي جلدي پوليس کي گھُراءِ نہ تہ چور ڀڄي ويندو.
    شمي پٽ تي پلٿي ماري ويهي ٿي ۽ فون گھُمائي ٿي. هيلو... هيلو... جلدي اچو... ڊيڊي کي سڀ ستائين ٿا. ماني نہ ٿا ڏين.
    فاروق پٽ تي ويهي چوي ٿو هيلو... هيلو... ڪير صوبيدار... ها ها چور هتي گھر ۾ موجود آهي... جلدي اچو... هينئر اچو، ها.
    شمي ڊيڊي فون جي راند ختم ٿي. هاڻي چور کي پڪڙڻ هلنداسون.
    ٻئي غاليچي جي مٿان بانبڙا پائيندا آهستي آهستي چور جي تلاش ۾ رڙهندا هلن ٿا. فاروق چوي ٿو اڙي هن ڪمري ۾ چور ڪونهي.
    شمي فاروق جي وات تي هٿ رکي چوي ٿي. هش... ش ش.. ڊيڊي آهستي ڳالهايو. چور ڀڄي ويندو. چور هوڏانهن ڪمري ۾ لڪي ويو آهي.
    ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گوڏن ڀر رڙهندا ڪمري کان ٻاهر نڪري، ٻي ڪمري ۾ اوندهہ ۾ رڙهندا هلن ٿا. پلنگ هيٺان وڃن ٿا تہ فاروق جو مٿو پلنگ جي پاسي سان ٽڪرائجي پوي ٿو ۽ آهٽ ٻڌڻ سان ڪو شخص هيٺ ٽپو ڏئي لهي ٿو تہ فاروق ٽنگ کان جھلي زور زور سان دانهون ڪري ٿو. چور... چور... چور... چور... پڪڙجي ويو. چور پڪڙجي ويو.
    شمي زور زور سان تاڙيون وڄائي ٿي ۽ ٽهڪ ڏئي چوي ٿي چور پڪڙجي ويو... چور پڪڙجي ويو. واهہ... واهہ بابا، چور پڪڙي ڇڏيو.

    گوڙ تي عابده ٻي ڪمري مان نڪري اچي ٿي ۽ ڏسي ٿي مقبول جي ڄنگھُن کي فاروق زور سان جھلي بيٺو آهي. هوءَ جھڻيي آواز ۾ چوي ٿي
    چپ چپ گوڙ نہ ڪريو. سڀ ننڊ مان اُٿي پوندا. پاڙي جا ماڻهو جاڳي پوندا. هن کي ٽنگ کان ڇڏيو... ڇڏيوس.
    فاروق تيئن ٽنگ کي زور سان جھلي ٿو ۽ زور زور سان واڪا ڪري ٿو چور... چور... چور... منهنجو پستول کڻي اچو. مون چور جھليو آهي.
    دانهن تي ٻيا بہ گھر جا ڀاتي اُٿي اچن ٿا ۽ ڪمري جي بتي ٻري ٿي. عيدو، شبو، نعيمہ مقبول جي ٽنگ جھليل ڏسي کلن ٿا. عابده خفي ٿي رڙ ڪري ٿي وڃو... وڃو سڀ... ٽري وڃو متان بيٺا آهيو تماشو ڏسڻ. شرم نہ ٿو اچيوَ.
    سڀ ڄڻا هڪ هڪ ٿي پنهنجن ڪمرن ۾ هليا وڃن ٿا. مقبول ڪاوڙ مان فاروق کي شوڪي ڏسي ٿو ۽ زور سان اڇل ڏئي هن جو هٿ پري ڪري چوي ٿو هي الاهجي چريو آهي يا اسان کي ٿو چريو ٺاهي. ان ڪري تہ آئون هت ڪو نہ رهندو آهيان نہ.
    فاروق اڙي هيءُ چور تہ ساڳيو آهي، جيڪو ٿوري دير اڳ ۾، منهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو.
    شمي اڙي مقبول چور آهي... مقبول چور آهي. اڳي ڏينهن جو چوري ڪندو هُئين ۽ هاڻي وري رات جو!
    عابده هراسجي چوي ٿي چپ ڪر ڇوري نڀاڳي. چونڪَ چنڊي.
    مقبول ڪمري کان تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    فاروق سڀ گيدي آهيو. چور کي سزا ڏيڻ جي همت بہ ڪا نہ اَٿوَ؟
    شمي ممي تون مون کي ڇو ٿي مارين؟ ڊيڊي چريو ٿي پيو آهي ان ڪري؟
    عابده ڪير ٿو چوي تہ چريو ٿي پيو آهي؟ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏئين، پر منهنجي مٿان پهريداري اڃا نہ ٿو وساري.
    شمي ممي، ڊيڊي چريو ڪونهي.
    عابده مٿو نہ کاءُ اجايو. پڻهين اسان سڀني کي چريو ڪندو.
    سين يارهون
    ٽائيم اٽڪل صبح جا اٺ، اُس جو تڙڪو ڪمري جي دريءَ کان اندر پلنگ تي پئجي رهيو آهي. فاروق اُٿي ويٺو آهي. شمي پنهنجو ننڍڙو ٽيليفون کڻي اندر اچي ٿي. فاروق شميءَ کي ڏسندي ڳالهائي ٿو ۽ هن جي منهن تي تشويش جا اهڃاڻ ظاهر ٿين ٿا.
    فاروق رات چور منهنجو پرس چورائي کڻي ويو... هاڻي... پر هاڻي ڇا ٿيندو؟
    شمي عجب ۾ پڇي ٿي ڪيڏانهن کڻي ويو!
    فاروق ڪهڙي خبر؟ منهنجي تہ سڄي عمر جي پونجي لٽجي وئي. چاٻيون تہ اڳيئي وڃائجي ويون هيون، باقي رهيو پرس سو بہ چور کڻي ويو. منهنجي سڄي دولت ان ۾ محفوظ هئي.
    شمي ڊيڊي ان ۾ تہ پني جا ٽڪر پيل هئا.
    فاروق نہ نہ گڏڙي، هِن گھر ۾ تون ئي تہ عقلمند آهين. تون سڀ ڪجھہ سمجھين سگھين ٿي. پرس گم ٿي ويو ڀلا مان پنهنجي مائٽن وٽ ڪهڙي منهن سان ويندس؟ سڄي عمر جي پونجي لٽجي ويم. بازار ڪيئن ويندس؟ لنڊن جو سير ڪٿان ڪندس؟
    فاروق اوڇنگارون ڏئي روئي ٿو ڳوڙها ڳلن تان ڳڙنس ٿا. شمي پيءُ کي روئندو ڏسي هڪدم ٽيليفون ڦٽي ڪري ڇڏي ٿي ۽ پلنگ تي چڙهي پڻس جي ڪڇ ۾ ويهي ڀاڪر پائيس ٿي ۽ چوي ٿي. ڊيڊي مان توهان کي تمام وڏو وڏو پرس وٺي ڏيندس. ڏسو مون وٽ ڏهہ رپيا آهن.

    فاروق
    بي وقوف! دڪان واري پرس ۾ منهنجي دولت ڪٿان ايندي.
    زور زور سان کلڻ لڳي ٿو. ها ها ها ها!
    شمي ڊيڊي... ڊيڊي پوءِ توهان وري دولت وارو پرس ڪٿان ورتو هو؟
    فاروق ها.. ها.. سچ ٿي چوين... مون دولت جو پرس ڪٿان ورتو؟ اهو تہ وري نئون مسئلو آهي. مون وٽ وري اهڙو پرس ڪٿان آيو هو؟...
    فاروق دريءَ مٿان ڦوٽي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. او... هو ڪير آهي؟
    شمي هو تہ ڊيڊي آهي.
    فاروق ڪنهن جو ڊيڊي آهي؟
    شمي هٿ ڇاتيءَ تي رکي منهنجو ڊيڊي آهي. ڊيڊي تون آهين؟
    فاروق ڏڪي وڃي ٿو ۽ ڇرڪ ڀريندي چوي ٿو آئون آهيان؟... نہ نہ... ايئن ٿي نہ ٿو سگھي. تہ ڇا هاڻي ننڍڙن ٻارن کي بہ خبر پئجي وئي آهي تہ آئون ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو آهيان!... گڏڙي ٻڌ.
    هيڏانهن هوڏانهن نهاري رازدارانہ انداز ۾ پڇي ٿو. تو کي... تو کي خبر آهي تہ مون کي ڪنهن ٽنگيو آهي؟
    شمي پنهنجي ماءُ کي ڪن ۾ آهستي چوي ٿي ممي، ٻيو ڪنهن؟ هڪڙي ڏينهن ممي توهان کي ڪائي ۾ بند ڪري رسيءَ ۾ وجھي مٿي ٽنگي ڇڏيو.
    فاروق ڪائي ۾ بند ڪيائين. رسي وجھي ٽنگيائين؟ يعني تہ مون کي ماري ڇڏيو اٿس؟ مون کي ڦاسي اچي چڪي آهي. پوءِ آئون پلنگ تي ڇو ليٽيل؟ مان تہ مري چڪو آهيان! منهنجو هن دنيا سان ڪهڙو واسطو؟... هاها... آئون بت آهيان.
    ايئن چئي فاروق پلنگ تان اٿي ڀت سان سڌو ٿي بيهي ٿو تہ عابده اندر اچي ٿي.
    فاروق کي هٿ کان جھليندي عابده فاروق ايئن ڀت سان ڇو لڳي بيٺا آهيو؟ اچو ويهو. منهنجي ڀرسان اچي ويهو نہ؟ ناراض آهيو ڇا؟
    شمي ممي ڊيڊي رات چور کي جھليو، ان ڪري تون ڊيڊي کان ناراض آهين نہ؟
    شميءَ کي ڇڙٻ سان عابده چوي ٿي تون وچ ۾ چنهنب ضرور هلائيندينءَ... وڃي ٻاهر راند ڪر. مون کي پڻهين سان ڪم آهي.
    شميءَ جي ٻاهر نڪرڻ بعد عابده وري بہ فاروق کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿي. ويهو نہ بيٺا ڇو آهيو؟

    فاروق نہ... نہ آئون ڪو نہ ويهندس. تون... تون خطرناڪ آهين... الاهي ڇا ڪندينءَ؟
    ايئن چوندي پلنگ تي وڃي ٿو ۽ عابده بہ سندس ويجھو ويهي ٿي.
    عابده ڏسو نہ، مون کي توهان جي ٻارن جو ڪيڏو نہ خيال ٿو رکڻو پوي. ڀلا پينشن مان بہ ڪا پورت پوي ٿي؟ رڳو شبو کي اسڪول موڪلڻ تي روزانو ڏهہ روپيہ خرچ ٿئي ٿو. شمي بہ تہ هاڻ اسڪول ۾ ويهندي. اسان کي بہ تہ ٻاهر گھُمڻ ۾ ڏکيائي آهي. اڳي بہ تہ توهان ڪار وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. ماڻهو آخر مسز فاروق بابت ڪهڙو خيال ڪندا؟ ان ۾ اوهان جي بہ تہ عزت جو سوال آهي. اچي هن چيڪ تي صحيح ڪريو تہ اڪبر بينڪ مان مٽائي اچي.
    فاروق مون کي بينڪ ۾ ڇو ٿا پوريو؟ مون کي قبر ۾ پوريو. مان مري ويو آهيان. منهنجي منهن تان پينشن جو نقاب لاهي ڇڏيو. آئون تنهنجي ڪا بہ ڳالهہ نہ مڃيندس.
    عابده پين هٿ ۾ ڏيڻ جي ڪوشس ڪري ٿي اچي هن چيڪ تي صحيح ڪريو. رڳو ڏهہ لک جو چيڪ آهي. اوهان بہ تہ ڪار ۾ گھُمندا نہ؟... اچي... صحيح ڪريو ڏسو رڳو خالي چيڪ آهي. توهان تہ اڳي بہ صحيح ڪندا آهيو.
    فاروق عابده جي پين واري هٿ کي اڇل ڏي ٿو ۽ پين پري وڃي پوي ٿي. ۽ واڪو ڪندي چپ ڪر. هاڻي آئون تنهنجي ڪا بہ ڳالهہ ڪو نہ ٻڌندس. تو مون کي ماري وڌو آهي. منهنجي گلي ۾ رسي ٻڌي مون کي ڦاسي ڏني اٿئي... رن!
    عابده فاروق تون پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو آهين مون کي تو کي سڌي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو.
    فاروق عابده کي چوٽيءَ کان جھلي مارڻ شروع ڪري ٿو ۽ زور زور سان واڪا ڪندي تون... تون مون کي سڌو ڪندينءَ؟ تو سج چورايو، جيئن آئون اوندهہ ۾ ڪجھہ بہ ڏسي نہ سگھان... تو منهنجون چاٻيون چورائي مون کي محتاج ڪيو... منهنجو پستول چورايو جيئن ڪنهن بہ چور کي ماري نہ سگھان. منهنجو پرس چورائي منهنجي سڄي دولت لٽي. تو کي ڪهڙي خبر هن گھر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترا چور ويٺا آهن. مان ڪنهن ڪنهن کي ڏسان؟ هيءُ گھر آهي يا فلم اسٽوڊيو؟ جتي هر وقت فلمي شارٽس فلمايا وڃن ٿا... نہ... نہ مان اهڙن فضول ڊرامن ۾ پارٽ نہ وٺندس.
    فاروق زور زور سان ڌڪ هڻي عابده کي ماريندو وڃي ٿو ۽ هوءَ رڙيون واڪا ڪري ٿي. گھر جا سڀئي ڀاتي گڏ ٿي وڃن ٿا. بچايو... بچايو... هيءُ منهنجو خون ڪري ڇڏيندو! جھليوس... جھليوس... بچايو بچايو.
    گوڙ تي پاڙي وارن گھَرن مان بہ ڪجھہ ڀاتي اندر گھڙي اچن ٿا. فاروق زور سان رڙيون ڪندو رهي ٿو. مون کي ڦاسي ڪنهن ڏني؟ منهنجا تو ڀاڱا ڪيا آهن. آئون ڪنهن کي بہ منهن ڏيکارڻ جي قابل نہ رهيو آهيان.
    عيدو ۽ نعيمہ اڳيان وڌن ٿا، ليڪن فاروق هڪ پٺيان ٻي شَي هنن ڏانهن اڇليندو پيو وڃي. هو گلاس اڇلي ٿو ۽ عيدو ڦٽجي پوي ٿو. وري پليٽ اڇلائي ٿو ۽ پوءِ گلدستو هنن ڏانهن اڇلائي ٿو ۽ رڙيون بہ ڪندو رهي ٿو. عابده نظر بچائي ٻي ڪمري ۾ ڀڄي وڃي ٿي.
    فاروق وڃو... وڃو... مَڪارو. توهان سڀني گڏجي مون کي زوريءَ پنهنجو مائٽ بنايو آهي... آئون پنهنجي گھر ويندس... پنهنجن مائٽن وٽ ويندس.
    اڪبر فاروق جي ويجھو اچي الر ڪريس ٿو، ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ فاروق خاموش رهہ. تنهنجون خرمستيون هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿينديون وڃن.
    اڪبر ڌڪ هڻيس ٿو ۽ فاروق هيسجي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. عابده ٻي ڪمري مان ڦٽل وار سنواري وري اچي ٿي ۽ رڙيون ڪندي چوي ٿي پاڙيوارا هن مڙسالون جي حالت ڏسو! مون کي ماريو اٿس. سڀاڻي منهنجي ٻارن کي بہ پورو ڪندو. آئون اڄ ئي سموري جائداد پنهنجي نالي ڪنديس.
    اوچتو طفيل گھر ۾ گھڙي اچي ٿو ۽ هٿ ۾ پستول اٿس، رڙ ڪري چوي ٿو ڪير ٿو جائداد کڻي؟ مون کان سواءِ ٻيو ڪير وارث آهي؟
    اڪبر ڌمڪائيندي طفيل، تو کي اسان جي گھر ۾ اچڻ جي ڪيئن همٿ ٿي؟ آئون چوان ٿو نڪري وڃ.
    طفيل خبردار جي اڳيان وڌيو آهين. هڪڙي گوليءَ سان ميڄالو ٻاهر ڪڍي ڇڏيندوسئين. پيءُ جي گھر ۾ اچڻ کان مون کي ڪير ٿو روڪي سگھي؟ تون ڪير ٿيندو آهين؟ چورن وانگي ڇو اچي هن گھر ۾ رهيو آهين؟ فاروق جي دولت تي هٿ صاف ڪرڻ چاهين ٿو ڪميڻا؟ مان چوان ٿو بنان دير جي منهنجي گھر مان نڪري وڃ نہ تہ شوٽ ڪندوسنئين.
    طفيل هوائي فائر ڪري ٿو پاڙيواري کي زوردار آواز ۾ ڪڙڪي سان ٺا ٺا ٺا
    توهان سڀ هتان هليا وڃو، آئون پاڻهي هنن سان اڄ هڪ هڪاڻي ڪندس.
    عابده شرم نہ ٿو اچيئي. پڻهين توکي لادعويٰ ڪري ڇڏيو هو. تو کي جائداد مان پائي ڪا نہ ملندي. اسان کان ڇا وٺڻ آيو آهين. وڃي سرڪار ۾ دعويٰ ڪر.
    طفيل ها، ها سرڪار ۾ دعويٰ ڪئي اٿم. بابي جا خط مون وٽ موجود آهن. حادثي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون کي هزار روپيا مني آرڊر ڪيا هئائين. وڪيل وٽ رجسٽرڊ وصيعت نامو موجود آهي، ان ۾ منهنجو حصو بہ لکيل آهي. تو سمجھيو تہ بابو چريو ٿيو تہ سڄي ملڪيت جي تون مالڪ ٿي وئينءَ. اڄ کان پوءِ تو کي پينشن بہ ڪا نہ ملندي اول بابي کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري سندس دماغي صحت جو ثبوت ڏيڻو پوندئي...
    طفيل زور زور سان کلي ٿو ... ها ها... ها ها ها ها.
    عابده جيڪڏهن پڻهين سان ايڏي همدردي اٿئي تہ پوءِ وٺي وڃي پاڻ سان گڏ ويهارينس مئا، منهنجن معصومن جي وات مان گرهہ ڪڍندي تو کي شرم نہ ٿو اچي؟
    طفيل ٽهڪ ڏيندي مون کي چريي کي پاڻ سان گڏ رهائڻ جي ضرورت نہ آهي. مون کي صرف دولت گھرجي. اهو تنهنجو مڙس آهي. تون پاڻ وٽ رهائينس ۽ خدمت ڪرينس!
    ها ها ها... ها... ها ها ها ها.
    سڀ جھڳڙي ۾ هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهن. سڄي گھر ۾ گھَمسان متو پيو آهي. طفيل ۽ ٻين جو ڪڙڪيدار آواز ڀتين سان ٽڪرائجي ڪمري ۾ چوڌاري گونجي رهيو آهي. ڪنهن کي بہ فاروق جي کڻڪ ڪا نہ ٿي پوي. هو اڪيلو ڀرواري اندرئين ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو ۽ کيس ويندو ڏسي شمي بہ پٺيان پٺيان وڃينس ٿي.
    شمي ڊيڊي... ڊيڊي تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
    فاروق گڏڙي اهي سڀ پرايا ماڻهو آهن نہ. هنن گڏجي مون کي ڦاسايو آهي. مان لڪي ڀڄان ٿو. اڄ مان پنهنجن مائٽن ۾ ويندس.
    شمي ڊيڊي پوءِ وري سڀ توهان کي ڳوليندا.
    فاروق نہ نہ مون گھڻو ڪجھہ سَٺو آهي. هاڻي مان پنهنجي عزيزن سان گڏ رهندس. پنهنجي گھر ويندس. ها، پر ان ڳالهہ جي خبر منهنجي ’ٻئي اڌ‘ کي پوڻ نہ گھرجي. ان کي آئون هتي ئي ڇڏي وڃان ٿو. ڀلي تہ هنن خونخوار ماڻهن سان نبري.
    شمي ڊيڊي... او ڊيڊي... ادا طفيل توهان جي پينشن لاءِ مميءَ کي پيو ماري.
    فاروق مان ڇا ڪريان؟ هو هاڻي مون کي مارڻ شروع ڪري تہ پوءِ؟
    شمي ڊيڊي، توهان پينشن کي ڄامشوري واري دريا ۾ ڇو نہ ٿا ڦٽو ڪريو. سڀ جھڳڙا ختم ٿي ويندا.
    فاروق پر... پر... مان ڇا ڪريان. منهنجو هنن سان ڪهڙو واسطو آئون تہ هاڻي، پنهنجي عزيزن ۾ ويندس. اتي ڪو بہ لُڙ ڪو نہ هوندو!
    شمي هٿ ۾ پرس ڏئيس ٿي ڊيڊي... ڊيڊي، هو ڏسو... توهان جو
    پرس! ڏسو. هتي رکيو اٿن. اچي وٺو. هاڻي جلدي ڀڄي وڃو نہ تہ ادا طفيل توهان کي جھلڻ لاءِ اچي ويندو.
    فاروق گڏڙي تون مون سان گڏ هلين ٿي؟ هلو پاڻ ٻئي گڏجي هلون.
    فاروق شميءَ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو مگر هوءَ متجسس نظرن سان کيس ڏسي ٿي ۽ اوچتو هٽي بيهي ٿي ۽ چوي ٿي نہ... نہ... ڊيڊي نہ آئون ڪا نہ هلنديس آئون ڊڄان ٿي نہ. ممي چوي ٿي تہ ڊيڊي چريو آهي، ان وٽ نہ وڃ.
    فاروق جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا ۽ آهستي ڳالهائي ٿو. ها، هتي منهنجو ڪير بہ ڪونهي. آئون پنهنجن مائٽن وٽ ويندس. هتي منهنجو ڪير بہ ڪونهي. هي پنهنجا بہ پرايا آهن... پنهنجا ناهن پرايا آهن.
    فاروق ايئن چوندو رهي ٿو ۽ ٻاهر در کولي نڪري وڃي ٿو. روڊ جي وچ مان ڪراس ڪرڻ لاءِ هلندو وڃي ٿو. ڪارون هارن وڄائي رهيون آهن. ليڪن هُو پنهنجي ڌُن ۾ بلڪل آهستي وڃي رهيو آهي. گاڏين جابريڪ لڳي رهيا آهن. هارن جا آواز پُون پُون پُون... پين پين پين... ٽين ٽين.. وڄن ٿا. هڪ ڪار جو فاروق سان زوردار ٽڪر ٿئي ٿو ۽ بريڪ لڳي ٿو. هڪ لاش خون آلوده رستي تي نظر اچي رهيو آهي. واٽهڙو ميڙ ڪري بيهن ٿا. ايڪسيڊنٽ ايڪسيڊنٽ ۽ لاش لاش جا آواز ڪن تي پون ٿا.


    شايق لطيفي

    پردو پهريون
    هڪ اڌڙوٽ عمر جو بزرگ ماڻهن ۾ شايق لطيفي جي نالي مشهور آهي. هن جي وضع قطع صوفين جهڙي آهي. منجھيل سنجھيل اڇي ڪاري چاپئين ڏاڙهي منهن تي لٿل آهيس. اڇو ڀورو ڪڻڪائون رنگ اٿس. ٻٽوئان وار ۽ مٿي جون گھنڊيدار وٽيل لڙهيون منهن تي لٽڪي رهيون اٿس. هر وقت ڪاري رنگ جو ڊگھو پهراڻ زيب تن رهيس ٿو. هُو هر سوال جو جواب لطيف جي بيتن ۾ ڏيندو آهي. لطيف جو چاهڪ هئڻ ڪري ماڻهو کيس شايق لطيفي سڏيندا آهن. هُو ننڍڙي پلاٽ تي ڪچي اڏيل اوتاري ۾ تڏي تي ويٺو آهي ۽ پاسي کان يڪتارو بہ رکيو اٿس ۽ پنهنجي منهن ڪجھہ جھُونگاري رهيو آهي.
    عاشق زهر پياڪ، وهہ پسي وهسن گھڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا هميشہ هيراڪ،
    لڳن لَئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
    توڙي چڪن چاڪ، تہ بہ آه نہ سلين عام کي.
    ٻاهر دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو ۽ شايق لطيفي جي خدمتگار سان گڏ سندس ٻہ دوست مارُو ۽ ڏوٿي اندر گھڙن ٿا.
    شايق لطيفي ٻاهران ايندڙ کي ڏسندي...
    اڄ پڻ جڙيم جوڙ دوست پيهي در آيو،
    مکن وٺي ڏکن کي محڪم ڏنو موڙ،
    جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن سين ٿئي!
    ڏوٿي (هٿ ٻڌندي) سائين بهاريون قراريون! اسين تہ هر وقت سائين جن کي سرها ڏسڻ لاءِ تيار آهيون.
    شايق لطيفي:
    ماڻهو گھَرن مال آئون سڀ ڏينهن گھَران سپرين،
    دنيا تنهن دوست تان فدا ڪريان في الحال،
    ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي.
    مارُو: شڪر الحمدالله سائين جن جي طبيعت ڪالهہ کان اڄ مڙئي سڌير ڏسجي ٿي.
    شايق لطيفي:
    ڪهڙي پڇين ٿو ڪالهہ، ڪر نڪا اڄ صباح،
    ونئن تنهين سين واڳيو، جيڪي پسن منجھہ پسان،
    رم رباني راه، مٿي هال هوشيار ٿي!
    خدمتگار: سائين هن جمعرات تي ڀٽ شاهہ هلڻ لاءِ سواريءَ جو بندوبست ڪريون يا نہ؟ اڳي وانگر وري خيال تہ ڪو نہ لاهي ڇڏيندا؟
    شايق لطيفي:
    ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا،
    ڪڏهن اچان اچڻ نہ لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،
    ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجھاندر ڳرهن،
    اهڙائي آهن صاحب منهنجا سپرين!
    ٻاهر دروازي تي ٻيو ڀيرو ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿئي ٿو. هن ڀيري ملا مکڻ پنهنجي شاگرد سان اندر داخل ٿئي ٿو.
    ملا مکڻ: لطيفي صاحب اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟
    شايق لطيفي:
    نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ،
    عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي!
    ملا مکڻ: توهان واعدو ڪيو هو تہ آئنده ساز سرور سان وندر نہ ڪندؤ!
    شايق لطيفي:
    رڳون ٿيون رباب وڄنم ويل سڀ ڪنهن،
    لڇڻ ڪڇڻ نہ ٿيو، جانب ريءَ جباب،
    سوئي سنديم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.
    ملا مکڻ: خبر نہ ٿي پوي تہ توهان هر وقت مدهوشيءَ ۾ ڇو رهو ٿا؟
    شايق لطيفي:
    ڪنڌ ڪٽارو منهن وَٽي عادت جنين اِيءَ،
    تنين تڪون ڏنيون، جُنبي منجھان جيءَ،
    سَرو تَن سَبِي، جن حاصل ڪيو حال کي.
    مارُو: سائين عيد جو سڀاڳو ڏينهن بہ ايهين گذاري ڇڏيوَ، ڪا خوشي ڪا نہ ڪيوَ.
    شايق لطيفي:
    ڏکي ڏمر ناهہ، بُکي کل نہ اُجھي،
    اگھاڙي وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
    ملا مکڻ: اوهان پنهنجي طبيعت ڪنهن حڪيم کي ڇو نہ ٿا ڏيکاريو؟
    شايق لطيفي:
    ڪٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نہ گڏيا،
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکويو.
    ڏوٿي: توهان حڪم ڪريو تہ ڪنهن سٺي حڪيم کي وٺي اچان!
    شايق لطيفي:
    اُٿياري اُٿي ويا، منجھان مون آزار،
    حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار،
    طبيبن تنوار، هڏ نہ وڻي هاڻ مون!
    ٻاهريون دروازو ڪو ٽيون ڀيرو ٺڪٺڪائي ٿو، لطيفيءَ جو خدمتگار گھَٻرائيندو صوبيدار ۽ ٻن سپاهہ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو.
    صوبيدار: توهان مان شايق لطيفي ڪير آهي؟
    شايق لطيفي:
    لوڪان لڪي سڀڪو، لڪان لڪي،
    اُٿي ويٺي اُون، اُن الٽي ڳالهہ جي.
    صوبيدار: تہ تون ئي پاڻ کي شايق لطيفي سڏائين ٿو؟
    شايق لطيفي:
    لڳيءَ جو لطيف چئي نڪو قال نہ قيل،
    لکي لامون کوڙيون، نيڻين وهن نير،
    هينئڙا ٿي سڌير، ڪالهہ قريبن لڏيو.

    مارو صوبيدار ڏانهن ڏسندي: توهان آيا ڪهڙي نيت سان آهيو؟ (شايق لطيفي ڏانهن نهاريندي): آخر هِن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟
    صوبيدار:اهو تہ هُن کان ئي پڇو تہ پرائي پلاٽ تي ڇو قبضو ڪري ويٺو آهي؟
    شايق لطيفي:
    عاشقِ شهر فقير، دَر دَر هڻن سين،
    من عرف الله ڪُل لسانُہ اهڙا ئي امين،
    جتي پَسنِ ڪِينَ، تِتي پَسنِ تَڪيا.
    ڏوٿي: پر صوبيدار صاحب هِيءُ بنان مالڪاڻي وارو پٽ هو. جيئن ٻيا والاري اچي ويٺا، تيئن شايق لطيفي بہ هن ننڍڙي پلاٽ تي اوتارو اڏي اچي ويٺو.
    صوبيدار:نہ نہ هِيءُ پلاٽ سيٺ رمضان کي الاٽ ٿيل آهي. جنهن مٿس زوريءَ قبضي جو فرياد داخل ڪيو آهي. صوبيدار شايق لطيفيءَ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي هلڻ لاءِ اوتاري کان ٻاهر نڪري ٿو! ۽ شايق لطيفي وڏي آواز ۾ ارداس ڪڍندي بيت چوي ٿو.
    شايق لطيفي:
    جا ڀون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لٽيا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
    ڏينهن مڙئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چوي.

    پردو ٻيون:
    صوبيدار شايق لطيفي کي ٿاڻي تي وٺي اچي ٿو. ٿاڻي جي ديوارن تي ڪجھہ چارٽ ۽ ڏوهارين جا نالا نشان لڳل آهن. ٿوري دير ۾ سيٺ رمضان ۽ صوبيدار سامهون پيل ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو. شايق لطيفي ڏانهن ڏسندي چوي ٿو.
    سيٺ رمضان: تہ نيٺ تون پنهنجي ڳالهہ کان نہ مڙين. هيستائين پهچي وئين.
    شايق لطيفي:
    قسمت قيد قوي، نہ تہ ڪير اچي هِنَ ڪوٽ ۾،
    آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ،
    پرچي ڪين پنهوارن ري، جان جسو ۽ جيءُ،
    راجا راضي ٿيءُ، تہ مارن ملي مارئي.
    سيٺ رمضان:اڃا بہ وقت اٿئي جي جاءِ جو قبضو خالي ڪري ڏين تہ اجائي جمالت کان بچي ويندين ۽ تو کي ڪجھہ چڱو معاوضو بہ ڏئي ڇڏيندس.
    شايق لطيفي:
    اِي نہ مارن ريت جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نہ ڪريت،
    پکن جي پريت، ماڙين سين نہ مِيٽيان.
    صوبيدار: (سپاهين کي حڪم ڏيندي) هن کي لاڪپ ۾ وجھي ڇڏيوس.
    شايق لطيفي:
    آتڻ اورانگي ويا اڱڻ، مون افسوس،
    ديوانيءَ سين دوس، ساٿي آهي سيج ۾!
    شايق لطيفيءَ کي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. ڪجھہ وقت کان پوءِ سندس ٻہ ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ اچن ٿا، جن کي ڏسندي چوي ٿو.
    شايق لطيفي:
    يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
    آهي آساني ڪم پوي ئي ڪل پوي.
    ڏوٿي: سائين، ڪيس کٽڻ لاءِ اسان شهر جو هڪ سٺو وڪيل ڪيو آهي. توهان جو ان باري ۾ ڪهڙو فيصلو آهي؟

    شايق لطيفي:
    جان ڪي آڳاهين، تان اتيئي اُڀي آهيان،
    پريت پراڪين، هاڻي مران مَ جئان.
    مارو: سائين چون ٿا تہ ڪو شاهد هجڻ ضروري آهي. ٻيو تہ پڪو دستاويز نہ تہ ڪجھہ ڪچي لکپڙهہ ئي ثبوت لاءِ پيش ڪرڻي پوندي.
    شايق لطيفي:
    نڪو اير نہ پير نڪو اوٺي آئيو،
    مون وٽ آيو ڪو نہ ڪو، ڀائران ڀري پير،
    ڪتابئون ڪير، آڻي ڏيندم اُن جون.

    پردو ٽيون
    عدالت جو ڪمرو: جج صاحب هڪ اوچي ڪرسيءَ تي براجمان آهي. ميز تي سامهون ڊائري، ٽيبل ڪئلينڊر ۽ قلمدان وغيره رکيا اٿس. عدالت جي ڪٽهڙي ۾ شايق لطيفي بيٺو آهي. سامهون ڪرسيءَ تي سرڪاري وڪيل مدعي ۽ جوابدار جا وڪيل ويٺا آهن. جج صاحب جي اجازت ملڻ سان سرڪاري وڪيل پنهنجي جاءِ تان اُٿي ڪٽهڙي وٽ اچي بيهي ٿو ۽ جج صاحب ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو تہ ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي تہ ڪاغذات ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪا آهن، جن سان ثابت آهي تہ ان پلاٽ جو مالڪ سيٺ رمضان آهي. يوئر آنر! ملزم عدالت ۾ موجود آهي. کانئس پڇيو وڃي تہ هُو ڇو ناجائز طور پلاٽ تي قابض آهي.
    جج: تون ڪير آهين؟
    شايق لطيفي:
    پر وَس ٿيس پراڻ، پرين وَس نہ پانهجي،
    لڳو ڪيئن لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
    پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
    شايق لطيفيءَ جو وڪيل عدالت کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ سائين منهنجي مؤڪل جي لطيفي ڪلام سان عشق باعث اها فطرت بڻجي وئي آهي، جو هُو هر سوال جو مطلوب جواب بيت ۾ ٻڌائيندو آهي.
    جج: تنهنجي تعليم ڪيتري ورتل آهي؟
    شايق لطيفي:
    جن کي دؤر درد جو، سبق سور پڙهن،
    فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
    جج: تنهنجي خلاف سيٺ رمضان دعويٰ ڪئي آهي. پنهنجي صفائيءَ ۾ تو کي ڇا چوڻو آهي.
    شايق لطيفي:
    منهن تہ آ هيريائي اُجرو، قلب ۾ ڪارو،
    ٻاهران زيب زبان سين، دل ۾ هَچارو،
    اُن پر ويچارو، ويجھو ناهہ وصال سين.
    سيٺ رمضان جو وڪيل (اعتراض اٿاريندي چوي ٿو) يؤر آنر هر سوال جو بيت ۾ جواب مبهم ٿئي ٿو. ڪا بہ ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي.
    شايق لطيفي:
    هي ڪن گاڏاهان وڪڻي، ڪَنَ ڪي ٻيا ڳنهيج،
    تنين سان سڻيج، سپريان جي ڳالهڙي.
    جج: ملا مکڻ ۽ ٻين شاهدن پڻ تنهنجي خلاف شاهدي ڏني آهي تہ تنهنجي چال چلت نؤجوانن تي خراب اثر وڌو آهي.
    شايق لطيفي:
    آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
    هاڻي کائي سڀڪو سندو ماڻهوءَ ماس،
    دلبر هِن دنيا ۾ وڃي رهندو واس،
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل رهندو هيڪڙو.
    جج: تو پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪو شاهد آندو آهي؟
    شايق لطيفي:
    نڪو ڪيچ ڀنڀور، نڪو مائٽ منڌ جو،
    هُور مڙوئي هن کي، هوتن ڪونهي هور،
    زاري ڌاران زور، هلي ڪو نہ حبيب سين.
    جج: تون مالڪ کي پلاٽ خالي ڪري ڇو نہ نہ ٿو ڏين؟
    شايق لطيفي:
    چور اُڀو ائن چوءِ، تہ آئون اهو ئي آهيان،
    جي اسي اکين هوءِ، تہ لڪي کي ڪو نہ لهي.
    مدعي جو وڪيل: يوئر آنر ملزم تمام هوڏي ۽ ارڏو آهي. عدالت جي سوالن جا جواب سڌيءَ طرح نہ ٿو ڏي.
    جوابدار جو وڪيل: سائين مدعي جي وڪيل جي اعتراض ۾ مون کي صرف ايترو چوڻو آهي تہ شعر ۾ جواب ڏيڻ عدالت جي توهين نہ آهي. تعزيرات پاڪستان ۾ ڪا بہ اهڙي شق نہ آهي. ٻيو تہ بيتن ۾ جواب ڏيندي انهن جو مطلب صاف صاف سمجھہ ۾ اچي ٿو.
    جج: جوابدار جيڪڏهن پنهنجي پٺڀرائيءَ ۾ ڪو ظاهر ظهور ثبوت پيش نہ ڪندو تہ سزا کان بچي ڪو نہ سگھندو.
    شايق لطيفي:
    چڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله،
    پاڻهي وجھي ڪُن ۾، پاڻ اُڪاري اوڙاهہ،
    ..............................................
    مدعي اٿي بيهي ٿو ۽ جج صاحب کان ڪجھہ چوڻ جي اجازت وٺڻ کان پوءِ چوي ٿو.
    مدعي: سائين آئون ان پلاٽ تان هٿ کڻان ٿو ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ سان پلاٽ جوابدار جي نالي ڪرايان ٿو. شهر ۾ هن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي، سا سزا سندس لاءِ ڪافي آهي.
    شايق لطيفي:
    ڪُهن ۽ ڪوٺين، اِي پر سندي سڄڻين،
    سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏهاڻي ڏين،
    ويٺا وِرِهہ وٽين، آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون.
    جج (شايق لطيفي کي) تو کي ڪجھہ چوڻو آهي؟
    شايق لطيفي:
    اُجھي ٻجھي آئيا، وائي ڪن نہ وات،
    سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نہ بات،
    توڻي ڪُسن ڪات، تہ بہ ساڳي سلين ڪين ڪي.
    جج: عدالت ملزم کي سڌيءَ طرح جواب نہ ڏيڻ سبب توهين عدالت جو مجرم سمجھي ٿي. ان ڪري عدالت ملزم کي ست ڏينهن پورهيي سان قيد جي سزا ٻڌائي ٿي.
    شايق لطيفي:
    جيڪي ڏنائون سو سڀ سر ڏئي سَهہ جندڙا،
    مَ چئو ڇنانون، اِي پڻ ڳنڍيون سڄڻين.
    سرڪاري وڪيل: ڪورٽ سڳوريءَ کي التجا ڪندس تہ ملزم جي حالت تي رحم ڪري. حقيقت ۾ مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان جوابدار غير معمولي انسان ڏسجي ٿو. هُو شاهہ لطيف ڀٽائيءَ جو حقيقي پرستار ۽ سنڌي ادب جو عاشق ڏسجي ٿو. ان ڳالهہ کي مدنظر رکندي عدالت کي درخواست ڪجي ٿي تہ ملزم جي سزا معاف ڪئي وڃي. اهو ان ڪري بہ انصاف جي مطابق ٿيندو تہ مدعي پنهنجي دعويٰ تان هٿ کڻي چڪو آهي.
    جج: ڪورٽ ملازم جي حالت تي ترس کائيندي کيس سزا معاف ڪري ٿي.
    شايق لطيفي بلند آواز ۾ بيت پڙهندو ڪورٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    شايق لطيفي:
    ڪِينَ منجھان جو ڪري، سو نہ ساراهين سائين،
    وتعزمن تشاءُ وتذل من تشاءُ آهي سڀ اُتائين،
    نوازيائين نطف منجھان ڪين ڪيائين،
    حرفت حريفن جي ڀيري سڀ ڀڳائين،
    حاسد سڀ حزن ۾، مدعي پاڻ مٺائين،
    اديون عبداللطيف چئي، آهہ پاڻ وڻندڙ سائين.


    مختصر ڪهاڻيون

    ايماندار حاڪم

    ڀلان ڀليءَ جو ڇيهہ ئي نہ آهي. ملڪ تي ڪيئي حاڪم آيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي ويا. ڪنهن جي هاڪ ڪنهن گڻ کان هوندي آهي، تہ ڪنهن جي ڪنهن خصلت باعث هوندي آهي. هونئن تہ حاڪمن جي هر ڪا هلت ماڻهن کي سيبائيندي آهي، پر چون ٿا تہ سچ پچ بہ اسان جي ملڪ جو هڪ اهڙو وزيراعظم ٿيو، جنهن جي شخصيت هر داغ کان پاڪ هئي. هن جي ايمانداريءَ جون ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳالهيون هُيون. هُو واقعي بہ حليم، رلڻو ملڻو ۽ ٿڏي تي انصاف ڪرڻ لاءِ مشهور هو. ايئن سندس دور ۾ ملڪ اندر ڪجھہ سک سهنج ٿيا. اصل حقيقت ڇا هئي سو تہ رب کي ئي معلوم، پر برڪت علي دل سان سندس چاهڪ ۽ فين هو.
    برڪت علي ريڊيو براڊ ڪاسٽڱ ۾ پروڊيوسر هو. هن کي وزيراعظم جي مجلس ڏسڻ جو ڏاڍو اشتياق هوندو هو. چوندا آهن سڪ سچي هوندي آهي، تہ مراد پوري ٿيڻ لاءِ ڪو نہ ڪو سبب بہ گھڙجي ايندو آهي. اوچتو سرڪاري محڪمن ۾ ليٽر پهتو تہ وزيراعظم ضلع هيڊ ڪوارٽر ۾ بہ نہ پر ماڳهين پنهنجي ڳوٺ ڪچهري لڳائيندو، ۽ عوام جون شڪايتون ورنائي انهن سان انصاف ڪندو. ان ڪري هر کاتي مان آفيسرن جي مقرر ٽيم وزيراعظم جي استقباليہ پروٽوڪول ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهچي وڃي ۽ ڪچهريءَ جو مشاهدو پنهنجي اکين سان ڪري، جيئن ملڪ ۾ وزيراعظم جي انصاف جي صحيح تصوير پهچي سگھي. آفيسرن کي منزل مقصود تي رسائڻ لاءِ بس جو سرڪاري انتظام ٿيل هو. برڪت مقرر ڏينهن تي گدگد ٿي پنهنجي ٽيم سان وڃي ڪچهريءَ واري هنڌ منزل انداز ٿيو. وزيراعظم جو ڳوٺڙو ننڍو هو، پري اُتي جھنگل ۾ منگل لڳا پيا هئا. چوڌاري شاميانا هئا. جن ۾ مختلف آفيسن مان آيل عملدارن کي رهايو ويو هو ۽ سندن خاطر تواضح لاءِ بہ سٺو انتظام ٿيل هو. ڪچهريءَ لاءِ قناتن سان هڪ وڏي هال نما جاءِ ٺاهرائي وئي هئي، جنهن ۾ اڳيان ڪرسيون رکيل هيون اسٽيج تي وزيراعظم ۽ آسي پاسي کان سندس ڪارندا براجمان هئا. هيٺ ٻن ٽن، قطارن ۾ ڪرسين تي عملدار بہ ويٺل هئا. گلمن تي درخواست گذار ۽ غريب عوام پنهنجي محبوب اڳواڻ جي ديدار ۾ محو هو ۽ واري واري سان پنهنجون شڪايتون وزيراعظم اڳيان عرض معروض جي صورت ۾ بيان ڪندا درخواست جمع ڪرائي رهيا هئا. برڪت بہ سائينءَ سان مقرر جاءِ تي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ”يار! اهڙي انسان جو اکين سان ديدار بہ ٿيو. مون کي نيڪيءَ جو پتلو ٿو نظر اچي!
    هاڻي وقت اچي ويو جو ڪچهري پنهنجي عملي صورت وارو رخ وٺڻ لڳي. ”سائين حاڪم الله هت آندو اَٿو. اسان جي دعائن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. مختيارڪار اسان جا حق ماريو ويٺو آهي“، عرضدار ٻانهون ٻڌندي چيو.
    ”بابا آئون تو کي سڃاڻان ٿو. تون الله جڙيئي ڪانڌڙي ڳوٺ جو ويٺل آهين. ڪوڙ ڪو نہ ڳالهائيندا آهيو“؛ وزيراعظم جواب ۾ دلاسو ڏنو.
    سائين الله بخش بالا ڪَريوَ! اوهان آهيو جو ننگ وڙ رکو ٿا، نہ تہ مسڪينن کي وڏا ماڻهو ڪٿي ٿا سڃاڻن“.
    ”ڪانڌاڙا ڳالهہ ڪر“.
    ”سائين توهان کي تہ معلوم آهي، تہ واهہ کي گھارو لڳو. حقيقت تہ اها آهي، جو بندَ ۾ هٿ سان گھارو اهڙي پاسي کان وڌو ويو، جو پاڻي رڳو اسان ننڍن کاتيدارن جون زمينون ٻوڙي ڇڏيون. وڏن زميدارن جي زمينن ۾ پاڻي جي ڇٽ بہ ڪا نہ وئي. سرڪار ٻوڏ سٽيل زمينن تان ڍلون معاف ڪري ڇڏيون، پر مختيارڪار آهي جو اسان کان زوريءَ ڍلون وٺڻ ٿو چاهي. پر وڏا زميندار جي ٽن سالن کان باقيدار هئا، جن جي فصل کي ڪا لهس نہ پهتي، تن تان هڙئي بقايائون ۽ ڍلون معاف ڪري ڇڏيون اٿس“.
    ”ڇا اهڙو ظلم؟“ وزيراعظم ناراضگيءَ مان چيو.
    ”اڙي اهو ڪهڙو مختيارڪار آهي؟“
    سائين هاڻوڪو مختيارڪار اي ڊي بلوچ آهي. ڀرسان ويٺل پرسنل سيڪريٽريءَ ٻڌايو.
    اڙي اهو ”الهڏنو بلوچ“ تہ نہ آهي؟ شهدادپور تعلقي ۾ اسان کان بہ رشوت وٺندو هو. آهي تہ هردلعزيز عملدار، پر چنڊو ڇڏي ڪنهن کي ڪو نہ ٿو!“ وزيراعظم ڄڻ تہ انڪشاف ڪيو. تون فڪر نہ ڪر اسين ماڻهو ان مختيارڪار سان پڄنداسون. هاڻي بابا ٻي فرياديءَ کي سڏ ڪر.
    ”سائين توهان ملڪ جا وزيراعظم آهيو. اختيار جا ڪُل مالڪ آهيو. مون سان ڪو انصاف ڪريو. اسان وڏڙن کان اوهان جا خدمتگذار رهيا آهيون“.
    ”بابا پنهنجي شڪايت بيان ڪر“، وزيراعظم جواب ۾ چيو.
    ”سائين مختيارڪار اسان سان رڻ ٻاري ڏنو آهي. اسان سان انصاف نہ ٿيندو تہ پيڙجي وينداسون. زمينون جن تي ٽن سالن کان پاڻي نہ آيو آهي، غير آباد پيون آهن. هڪ گھنٽي تي بہ پوک ڪا نہ ٿي آهي، پر تپيدار تيڻَ تي ڍل ٻڌيو ويٺو آهي، رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪريون ٿا تہ جيلن ۾ بند ڪرائڻ جا دڙڪا ٿو ڏي!
    پرسنل سيڪريٽري وچ ۾ ڳالهايو.
    ”سائين اهو ساڳيو ئي مختيارڪار اي ڊي بلوچ آهي، جنهن جي شڪايت ٿو ڪري“. وزيراعظم خفي ٿي چيو ”اسين پاڻهي ان کي ڏسون ٿا. وري ٻي عرضدار کان اشارو ڪندين پڇيائين ”تنهنجِي ڪهڙي ڪم لاءِ درخواست آهي؟“
    ”سائين مختيارڪار مون مسڪين جي زمين جو کاتو ٻي جي نالي ۾ ڪرائي ڇڏيو آهي! مون سان انصاف ڪيو وڃي“.
    گھڻا ايڪڙ اٿئي؟
    ”سائين پنج ايڪڙ ٻہ گھنٽا“. تپيدار ڪوڙا کاتا ٺهرايا آهن. مختيارڪار وٽ وس ڪيا اٿم، پر آفيس مان لوڌايو ڪڍيو ڇڏي. وزيراعظم درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي چيو: ”عارب ان تپيدار کي بہ ڪو نہ ڇڏينداسون. تنهنجي زمين وري تنهنجي کاتي ۾ ايندي. دل جاءِ ڪر.
    ”ها تہ تون محرم خان آهين شهدادپور شهر ۾ ويٺو آهين. تو کي ڪنهن کان تڪليف پهتي آهي؟؟ سائين مختيارڪار جي سالي شهر واري منهنجي خالي پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي. هاڻي هُو زورآور آفيسر آهي، منهنجي پوليس بہ ڪا نہ ٿي ٻُڌي“.
    ڪچهريءَ ۾ ويٺل سڀيئي مختيارڪار جي ظلمن کي ٻڌندا رهيا ۽ خود وزيراعظم بہ هڪڙي ئي سرڪاري ڪارندي بابت شڪايتون ٻڌي خفي ٿي پيو. نيٺ ڪمشنر جيڪو ڀرسان ويٺو هوس، تنهن کي وڏي سِر چيائين ”مسٽر ربنواز، هيءُ تعلقي عملدار تہ عوام لاءِ آزار ثابت ٿيو آهي. هاڻي جو هاڻي هن جي خلاف سسپينشن جو آرڊر ڪڍيو وڃي ۽ سندس بدعنوانين خلاف انڪوائري ويهاري وڃي!“
    ڪچهريءَ ۾ آيل مهمانن جي وات مان يڪبار واهہ واهہ نڪري وئي. ملڪ جو حاڪم اهڙو وزيراعظم ٿئي تہ سڀني جا ڏک درد دور ٿي وڃن. ٻين محڪمن مان جيڪي آفيسر آيل هئا، سي بہ تعريف ڪرڻ مان ڍاپيا ئي نہ ٿئي. برڪت عليءَ جو منهن بہ فخر کان ٻهڪي رهيو هو ۽ دوستن کي ٻڌائي رهيو هو تہ وزيراعظم انصاف پسند حاڪم آهي. ڏٺوَ ڪيئن نہ ٿڏي تي حڪم جاري ڪيائين! اوچتو برڪت عليءَ کي ڪنهن ڪَن ۾ سُرٻاٽيو. ”يار هڪڙي ڳالهہ ٻڌايئين. اُوهو جيڪو ساڄي پاسي کان ٽئين نمبر قطار ۾ وچ ۾ جيڪو ٿلهو ماڻهو ويٺو آهي، اهو اٿئي اي. ڊِي. بلوچ مختيارڪار، جنهن کي وزيراعظم سسپينڊ ڪيو آهي!“
    برڪت علي ۽ سندس محڪمي جا دوست حيران ٿي ويا. هُو غور سان ان شخص جي چهري ۾ نهارڻ لڳا، جنهن جي منهن ۾ ڪو بہ شڪ نہ هو. پوءِ بہ برڪت عليءَ کي ان شخص تي رحم اچڻ لڳو، جنهن ويچاري جي ملازمت داءُ تي لڳي وئي هئي. دوستن خيال ڪيو تہ اُن سان هلي همدرديءَ جا ٻہ ٻول ڳالهائي اچجن، جيڪو اندر ۾ شايد گھڻو افسرده هجي ۽ پنهنجي ڪَئي تي پڇتائيندو هُجي. ويچاري کي ڪهڙي خبر تہ هُو ايماندار حاڪم جي پڪڙ ۾ اوچتو اچي ويندو.
    هو ٽيئي دوست اي. ڊِي. بلوچ جي اردگرد خالي ڪرسين تي ويهي رهيا، وڏي سر ۾ سلام عليڪم ڪيائون ۽ برڪت عليءَ خوش خير عافيت جا ٻول ڪڍيا، پر مختيارڪار نون آيل شخصن تي ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو. ڇاڪاڻ جو روز مره ڪيترن هنڌن تي ڪيترا ئي نامعلوم شخص خوشامدي انداز ۾ ساڻس دعا سلام ڪندا رهندا هئا.
    برڪت عليءَ ۽ سندس دوستن کي ڏاڍي حيراني ٿي تہ اي. ڊِي. خان ملڻ ۾ ڪا بہ گرمجوشي نہ ڏيکاري ۽ هن جو چهرو ڪنهن تاثر کان بہ يڪسر خالي هو. ڄڻ تہ کيس ڪو بہ صدمو نہ رسيو هُجي. تہ بہ برڪت عليءَ ساڻس همدردي ڪرڻ خاطر ڳالهايو.
    ”سائين اي ڊِي خان صاحب سلام عليڪم“
    ”وعليڪم اسلام“
    ”سائين اسان کي وزيراعظم جا احڪام ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو“. برڪت جي ساٿين يڪ آواز ٿي چيو.
    مگر اي ڊي خان مشڪي دريافت ڪرڻ لڳو، ”ادا توهان سان ڪهڙي پريشاني لاحق آهي؟“
    برڪت علي ڇِرڪي ويو ۽ عجلت ۾ چوڻ لڳو، ”سائين اسان کي ڇا جي پريشاني آهي، پريشاني تہ توهان کي هوندي جو سسپينشن جو لوڏو آيو اَٿوَ“.
    ”بابا ڪنهن جي نوڪريءَ کي لوڏو آيو آهي؟ ڪير سسپينڊ ٿيو آهي؟ ڪو مٿو ڦِريو اَٿوَ ڇا؟“
    برڪت عليءَ عجب مان چيو ”هيءُ جو وزيراعظم هينئر توهان جي خلاف آرڊر ڪڍيو“!
    اي ڊي خان ٽهڪ ڏئي کِلڻ لڳو.

    ”وزيراعظم مون کي سسپينڊ ڪندو تہ سندس خاطر مدارت تي جيڪو اڍائي لک روپيا خرچ ٿيو آهي، سو بل پاڻ ڀريندو ڇا؟“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”بابا ڏسو نہ ٿا ڇا؟ صفا ڪي ڀورڙا آهيو. هيڏي ڪچهريءَ ۾ پوري ملڪ مان 100 سَو عهديدار گڏ ٿيا آهن. 5 هزار عوام گڏ ٿيو آهي. آفيسرن لاءِ ڪيمپون، عوام لاءِ ڀت، شاميانا، ڊيڪوريشن، آفيسرن لاءِ کاڌا پيتا بوتلون ۽ ٻيا لوازمات، انهن جو اڍائي لک روپيا خرچ ڪير ڀريندو؟ اهي سڀ پيسا مون کي ئي تہ ڀرڻا آهن. آئون ڪرسيءَ تي نہ هوندس تہ حڪومت ڪٿان ڀريندي؟“
    ”پر بلوچ صاحب هيءُ جو هينئر آرڊر نڪتو آهي، تنهن جو ڇا ٿيندو؟“
    ”اهو توهان ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ پڙهجَو تہ آرڊر جو ڪهڙو حشر ٿيو“. ڪچهري پوري ٿي وئي سڀ آفيسر پنهنجي پنهنجي ماڳ تي پهتا. برڪت علي پنهنجا فرائض پورا ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ٽن ڏينهن بعد اخبار ۾ هڪڙي ننڍڙي خبر ڇپي، جنهن کي پڙهندي هن کان ڇرڪ نڪري ويو! ”ڊويزنل ڪمشنر اي ڊي خان مختيارڪار خلاف ڪيل شڪايتن بابت انڪوائري جي رپورٽ وزيراعظم ڏانهن ڏياري موڪلي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ مختيارڪار خلاف سموريون شڪايتون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، جيڪي محض مخالفت يا دشمنيءَ جو نتيجو آهن. ان ڪري سسپينشن جي آرڊر تي نظرثاني ڪري عملدار کي ساڳيءَ پوسٽ تي بحال رکڻ جي سفارش ڪجي ٿي“.
    برڪت جي وات مان پاڻمرادو هِي گفتا نڪري ويا! ”واهہ ڙي واهہ ايماندار حاڪم!“


    ڌرم، پيار، ۽ وطن

    انسپيڪٽر رپورٽ پڙهي ڏٺي. ان ۾ لکيل هو تہ عورت پُڇا ڳاڇا مهل پنهنجو نالو ”سيتا“ ٻڌايو هو. هوءَ ٽن ڏينهن کان ناري شالا ۾ ٽڪيل هئي. کيس مندر ۾ باقاعدي پوڄا ڪندي بہ ڏٺو ويو. هن کي مڙس وٽ هلڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو ويو. کانئس حقيقت بيان ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ئي سوال پُڇيا ويا. مگر نالو ٻڌائڻ سوا ڪجھہ بہ ٻڌائي نہ سگھي. هن جي چهري تي مڪمل خاموشي طاري ٿيل هئي. رڳو هٻڪندي وات مان اهو ڀڻڪو نڪتس. هوءَ تارا ڦاڙي حيرت مان ڏسندي رهي ۽ اهڙو ڪُڇيائين جهڙي ڀِتِ. ان ڏينهن کان پوءِ سيتا يڪايڪ گم ٿي وئي. ڪيترن هندن جي گھرن ۾ ڇاپا هنيا ويا، پر ٻانهن هٿ نہ آئي. تنهن زماني ۾ احمد خان حيدرآباد سنڌ ۾ سِي آءِ ڊِي ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو. سياسي هلچلون هلي رهيون هيون. جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ هندو مسلمان ڇڪتاڻ چوٽ چڙهي چڪي هئي. ان ڳالهہ کي تہ هيڪاري مذهبي رنگ اچي ويو. معاملو اهڙو متو جو حڪومت جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. وڏي وزير پنهنجي ساک ۽ عزت لاءِ ضروري ڀانيو تہ ويل ٻانهن کي ڪيئن بہ ڪري ورائجي. احمد خان بالا آفيسر جي سڏ تي ڪراچي پهتو. ڪيس جي جاچَ لاءِ کيس مقرر ڪيو ويو ۽ هدايت مليس تہ ڪيئن بہ ڪري سيتا جو سڳ لهي. سيتا سڀني لاءِ ڳجھارت بڻجي چڪي هئي. هن ٽي سال اڳ ۾ هڪ مسلمان نوجوان عاشق سان شادي رچائي هئي. هن جو نئون نالو خديجہ رکيو ويو. ٻہ ٻار بہ ڄڻيائين ۽ ان کان پوءِ گھر ٻار ۽ مڙس سهسائي واپس پنهنجي ڌرم تي موٽي آئي!! ڀلا ايئن بہ ڪو ٿي ٿو سگھي؟ ڳالهہ هئي اهڙي منجھيل جو اصل سمجھہ کان ٻاهر.
    احمد خان ويس مٽائي شڪارپور پهچي ويو. مسلمان مان ٻانڀڻ جو روپ ڌاريائين ۽ گھٽين ڳلين جي خاڪ ڇاڻيندو رهيو. اهڙو ڪو بہ آشرم يا ٺڪاڻو نہ بچيو هو جيڪو هن نہ ڀيٽيو هجي. پوڄا پاٺ بہ ڪندو هو ۽ ڪنهن کي لکا ئي ڪا نہ ڏنائين تہ هُو ٻانڀڻ جي ويس ۾ ٻيو ڪو آهي. ڪو هيلو نہ ڇڏيائين. عزت آبروءَ وارن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ رکيائين. دڪاندارن ۽ گھورڙن سان بہ گهرو پيو ۽ نيٺ هن کي سيتا جو پڪو سڳ ملي ويو. خبر پيس تہ سيتا کي سنڌ کان ٻاهر نيو ويو آهي. هن کي بنارس شهر پريان هڪ ڏورانهين مندر ۾ موڪليو ويو هو. اهو ان لاءِ ڪيو ويو هو، جيئن هن جي دل دماغ تان پنهنجي مسلمان وَرَ ۽ ٻارن جي ياد ميسارجي وڃي. هن تان مسلمانڪي ڇاپَ لهي وڃي ۽ هُوءَ وري سچي پچي هندو ناري بنجي حياتي گذاري. احمد خان لِڪَ ۾ سِڌو ڪراچي پهچي ويو. ڪيل جاچ جي رپورٽ بالا عملدارن کي ڏنائين. سنڌ سرڪار مرڪزي حڪومت ڏانهن ليٽر لکيو ۽ هن کي پروانا ڏئي يُو پِي موڪليو ويو، جيئن هُو هتي جي سرڪار جي مدد وٺي سيتا کي موٽائي وٺي اچي. احمد خان بنارس ۾ سيتا وٽ پهچي ويو.
    مندر جي اڀرندي ڪُنڊَ کان ڀِت جي آڌار تي زرد مائل چهري سان هڪ عورت ويٺي هئي. ڏرا ڏئي ويل اکيون سندس خوف ۽ پريشانيءَ تي شاهد هيون. انسپيڪٽر غور سان سيتا کي چِتائي ڏسڻ لڳو. جيتوڻيڪ رنگ رُوپ سارو مرجھائجي ويو هئس، تہ بہ چهري جا حسين خدوخال ڍڪجي نہ سگھيا هئا. هوءَ نگاهُون هيٺ ڪريو يڪ ٽِڪَ زمين ۾ نهاري رهي هئي، ڄڻ تہ سندس اکيون پٿر بنجي ويون هيون. انسپيڪٽر جھاتي پائي من جي تهہ تائين رسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيش آيل حادثن جا اثر چهري جي ڀاونائُن ۾ ڳولڻ لڳو!
    آدجڳاد کان هن خاڪي آدم ٽِن شين سان اُنس رهندو اچي ٿو؛ هڪ تہ ڌرم ڪرم ۽ رسم و رواج، ۽ ٻيو پاڻ جهڙي ڪنهن انسان سان پريت جو ناتو، ۽ ٽيون پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار. اهي ٽي ئي محبتون حقيقت جو روپ ڌارينديون رهنديون هيون. ڪو انسان ڪنهن سونهن جي ديويءَ جي محبت تان سڀڪجھہ نڇاور ڪري ڇڏيندو آهي، ڪنهن جي لاءِ فقط ڌرم هن جڳ جي سڀ کان وڏي حقيقت هوندو آهي، ۽ ڪو دلاوَر وري پنهنجي جند جان کي بہ هيچ ڄاڻي وطن تان گھوري ڦٽو ڪندو آهي. سيتا هر ڀيري پنهنجي جيوت ۾ منزل کي پهچي وري ان کي وڃايو هو. زندگيءَ جي هر دور ۾ ڪجھہ عرصي بعد هُوءَ پاڻ کي ساڳي ناري ۽ ساڳي سيتا ڀانئيندي هئي. ايئن سمجھندي هئي تہ کانئس ڪجھہ گُم ٿي ويو هجي. ڄڻ تہ سندس رُوح ايامن لاڪر اڃايل هجي ۽ هُوءَ يڪايڪ اندر ۾ گھٽ ۽ ٻُوسٽ محسوس ڪندي هئي. من پکيئڙي کي بند پڃري مان ڪڍي آزاد فضا ۾ اڏائڻ چاهيندي هئي. سانتيڪي درياءَ ۾ ايئن رکي رکي پٿر اڇلجي ڪِرندو هو ۽ اٿندڙ ڇولين سان هُوءَ بيتاب ٿي ويندي هئي. من جي پيڙا ۽ اُڻتُڻ کي نہ سمجھندي هُوءَ خاموش ٿي ويندي هئي. ڄڻ تہ ماٺ جي مُهُر لڳي ويندي هئس. ڪو زمانو ٿيو جو هُوءَ پنهنجي شهر ۾ ماءُ سان گڏ کِلَ خوشيءَ ۾ گُذاريندي هئي، شهر جي فضا صاف هوندي هئي، هُوءَ آزاد هوا ۾ ساهہ کڻندي هئي، چهري تي گُلَ وانگر تازگي رهندي هئس، ۽ پکيءَ وانگر آزاد گھاريندي هئي. شڪارپُور هن جي جنم ڀُومي هو؛ مٺي ٻوليءَ جو شهر، سنڌي تهذيب جو شگفتہ مرڪز، چهچٽن ۽ باغن جو ديس، جِت کُوهن جو پَوِتر ۽ اوجل پاڻي هوندو هو. شهر اندر وڏن ۽ ڪشادن باغن مان ميون جا انبار لهندا هئا. وڏين سڙڪُن تي گھوڙي گاڏين جي اچ وڃ رهندي هئي، جتي هندو سيٺيون شان و شوڪت سان سوار ٿيندا هئا. شهر کي چوڌاري ڳوٺ ڦِرِي ايندا هئا، جن جي ساوڪ ڀرين ٻنين ۾ سونُ اُپبو هو. جڏهن ڳوٺن مان ريشمي وڳا پهري سهڻن سنجن سان مسلمان سوار ايندا هئا تڏهن شهر جي حسن چمڪ دمڪ اچي ويندي هئي. سانجھيءَ مهل ٻار ٻچا، ننڍا وڏا باغن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هئا، جتي مهڪندڙ گُلن سان گڏ انسانن جا چهرا ٽِڙندا ۽ ٻهڪندا ڏسبا هئا. هتي حُسن ۽ جوانيءَ جي شوق جا ڪيئي داستان اُسريا، جن مان هڪ ڪهاڻيءَ جو هُوءَ بہ هڪڙو زنده ڪِردار هئي.
    هُوءَ ڪردار هئي مگر نامڪمل. هن برهمڻڪي گھر ۾ جنم ورتو هو. سارو ننڍپڻ ڌرمي ماحول ۾ گذريس. گھر ۾ ماءُ سان گڏ اڪيلي رهندي هئي. هنن جو گھر گھٽيءَ ۾ سڀني کان ڇيڙي تي دنگ وٽ هوندو هو ۽ پاڙي کان بنان الڳ ٿلڳ لڳندو هو. گھر سان لڳ کليل ميدان هو. وچ شهر وڃڻ لاءِ باغ کان ڦري ويندڙ سڙڪَ تي پهچبو هو تہ سڀ کان پهرين مندر تي اک پوندي هئي، جتي دڪيءَ اڳيان ٻاوا پلٽيون ماري ويٺا هوندا هئا. سيتا کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ويو هو. هن جي ماتا ڌرمي خيالن جي هئي. ٺاڪرن سان ڏاڍي چِل لڳل هئس. هر وقت ديويءَ ک نمسڪار ڪندي ڪنڌ جھُوليندي هئي، چپن تي ڀڄن جھُونگاريندي هئي. هنن جو نيم هو تہ صبح مهل ٻئي ماءُ ڌيئون مندر هليون وينديون هيون. چائنٺ تي قدم رکڻ سان گھنڊڙين جو مڌر آواز کين مست ڪري ڇڏيندو هو. ديويءَ اڳيان ڀيٽا رکي هٿ جوڙي جوٽون جوٽي ويهي رهنديون هيون. ماءُ پوڄا ۾ بي سُڌ ٿي ويندي هئي. جڏهن پوڄاري وڏي سُرتار ۾ ڀڄن ڳائيندو هو، تڏهن ننڍڙي سيتا وجد مان خودبخود اٿي پوندي هئي. ٻانهون کُلي پونديون هئس، ۽ پوءِ ڪرايون ورائي هٿ گھمائي آهستي آهستي ناز مان ڦيريون پائيندي هئي. هُن جو انداز سڀني ويٺلن کي موج ۾ آڻي ڇڏيندو هو ۽ پوڄاري سرمستيءَ ۾ ڳائڻ لڳندا هئا! پوڄا پاٺ ختم ٿيڻ کان پوءِ مندر کان ٻاهر نڪري سڌو بازار ڏي سودو سلف وٺڻ لاءِ وينديون هيون. رستي تي اچڻ سان سڀني جون نظرون سيتا تي کُپي وينديون. هڪ جيڏيون هن جي چنچلتا ۽ سوڀيا تي رشڪ ڪنديون هيون ۽ وڏڙا مرد عورتون وري هن جي سچي لگن تي موهت هوندا هئا ۽ کيس ڏسي دل ئي دل ۾ آسيس ڏيندا هئا. بس انهن جو ٻاهر نڪرڻ اهو ٿيندو هو! يا تہ صبح جو مندر يا تہ وري شام مهل باغ مان گھمتاري! سڀني پاڙيسرين کي سندن باري ۾ اهو ئي خيال ويٺل هو تہ هن گھر جا ڀاتي چُپ چاپ الڳ ٿلڳ آهن ۽ ڪنهن سان بہ گهرا نہ ٿيندا آهن. نہ هُو ڪٿي گھڻو ايندا ويندا هئا، ۽ نہ وري هنن وٽ ڪو ملڻ جلڻ ايندو هو، سواءِ پوڙهي ماسيءَ جي جيڪا هڪ يا ٻي ڏينهن تي ضرور ڀيرو ڪري ويندي هئي. گھر ۾ ماڻس جو ڌيان صفائيءَ ۾ لڳل هوندو هو، پر ماسي سدائين هن سان اڀاريون لهواريون ڪندي هئي، جنهن جو جواب هُون هان ۾ ملندو رهندو هئس يا تہ وري ڪا مختصر وراڻي پلئہ پوندي هئس. پر ماسي ڳالهہ ڪندي وچ وچ ۾ سيتا کي بہ عجب ڀريا ڪوڏاڻا ڏيندي هئي! ڪڏهن چوندي هئي تہ:
    ڌيئڙي ڌوپ ڀري
    گھر وئي تہ سسڻس ٻري
    ڏيرس گھَلَن گھايو
    سهرس مُور نہ آيو
    هيءَ گھر ورَ ڌيئڙيءَ آيو!
    اهڙا ٻول ٻڌڻ سان ماڻس ڪڙو آواز ڪڍندي هئي! ”ماسي منهنجي ڪِڪيءَ لاءِ مهر ڀريا ٻول ٿي ٻولين يا پاراتا ٿي ڏين؟“
    ”نہ امڙ اها منهنجي آسيس اٿس، ڀڳوان ڪندو تہ ڳاڙهو گھوٽ ملندس! اهڙي تہ گھر سکياڻي ٿيندي جو اولو پاڇو بہ نہ پوندس“. ماسيءَ جي جواب ۾ ماڻس ٿڌو شُوڪارو ڀري چوندي هئي، ”ها! ساري ڄمار تہ ستي جتي ٿي ڪا نہ گھاريندي. منهنجي سيتا ضرور ڪنوار ٿيندي“. جيئن ماءُ جو ڌيان مايا رُوپي سنسار کان وڌيڪ ڀڳتيءَ ۾ لڳل هو، تيئن ڌيءَ جي من تي ننڍي هوندي کان ئي ڌرم جي ڇايا پيل هئي. ايئن سيتا من کي اُجاريندي زندگيءَ جون پندرهن بهارُون گذاري ڇڏيون!! ۽ هُوءَ ڌرم کي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ سمجھڻ لڳي هئي.
    هاڻي هُوءَ ننڍڙي چنچل نينگريءَ جي بدران هڪ سر و قد نازنين بنجي پئي. هُوءَ لاڏ پيار سان پلجي جوان ٿي هئي ۽ جيتوڻيڪ سندس پرورش تي خاص ڌيان ڏنو ويو هو، تہ بہ حُسن ۽ جوانيءَ تي تقدس جا پردا ڪي چڙهي سگھندا؟ هُوءَ سهڻي هئي، بيحد سهڻي. هن جي رنگت ۾ جبلن جي برفاني چوٽين جي اڇاڻ هئي. چنڊ جهڙي پيشانيءَ مٿان ڪارن وارن جو جھُڙالو، جنهن جي وچان وچ نڪتل سِينڌ سنڌوءَ جي پاڻيءَ وانگر جھرڪندي نظر ايندي هئي. هن جي کِلَ ۾ جھرڻن جو ترنُم هو، ڳالهائيندي هئي تہ موتي جھِرندا هئا. هن جي خوبصورت بيضوي چهري جي نوڪدار ۽ نازڪ کاڏي، سندس منهن تي بردباري، پاڪيزگي ۽ معصوميت پيدا ڪري ڇڏي هئي. تقدس ۽ معصوميت ڄڻ ديويءَ جو حُسن هئا. جيئن هُوءَ مندر ۽ بازار ڏي ويندي هئي تہ پري پري کان نوجوان اچي کيس تڪيندا هئا ۽ ڪيترا ڀنورا گلابي مُکڙي ۽ ڦُلاريل جوانيءَ جي مٿان ڦيرا پائيندا ۽ ڀُونڀٽ ڪرڻ لڳندا هئا. پر نگاهن جي هوشناڪيءَ کان هُوءَ ڊڄي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي! هن جا قدم مقرر واٽ تان ڪڏهن بہ ٿِڙي نہ سگھيا!!
    پر اوچتو سندس قدم لڏي ويا. هڪڙي ڏينهن سج لٿي مهل، اڪيلو ئي اڪيلو واٽ تان هلندي، آهستي آهستي قدم کڻندي باغ ڏانهن وڃي رهي هئي. هن کي پريان ڪو گھوڙي سوار نظر آيو. سوار پيچرو لتاڙيندو، گھوڙو اڏائيندو ڏانهنس وڌي رهيو هو. هوءَ ٿورو ڇِرڪ کائي دهلجي بيهي رهي. اهو سوار هڪ مسلمان نوجوان هو، جيڪو هن وٽ پهچي گھوڙي تان لهي پيو. سيتا هن جي جلالي سُونهن کي ڏسندي اتي جو اتي ڄمي وئي. ڳاڙهسِرو ۽ ڪڻڪائون مليل اڇو رنگ، ڪاريون ۽ خوبصورت وڏيون اکيون، جن ۾ بهادريءَ جي چمڪ هئي، مضبوط ٻانهون ۽ جسم، جنهن تي شاندار لباس اوڍيل هو. هن فخر ۽ شان مان چپ کوليا، ”سيتا! مان ڪيڏن ڏينهن کان تو کي ڏسندو رهيو آهيان، پر تنهنجي ڪڏهن بہ مون تي اک نہ پئي!“.
    ڌارين شخص واتان نالو ٻڌي، حيران ٿيندڙ نظرون نوجوان جي حُسن تي کُپندي ئي کُپندي رهجي ويون!! سيتا کان ڪجھہ بہ نہ اُڪليو. هن جا لفظ وات ۾ گھُٽجِي ويا ۽ هُوءَ پُڇڻ ڪُڇڻ سواءِ رستو وٺي ويندي رهي.
    سيتا ڏٺو تہ نوجوان جو نگاهون ايندي ويندي مهل سندس تعاقب ڪنديون رهنديون هيون. ڪڏهن هُو گھوڙي تي سوار رستي تي بيٺل هوندو هو، تہ ڪڏهن وري واٽهڙو ٿي سندس ڀرسان لنگھي ويندو هو. پر سيتا محسوس ڪيو تہ هن جي اکين ۾ الائجي ڪهڙو طلسم آهي، جنهن سندس من ۾ طوفان اٿاري ڇڏيو آهي. هن طوفان کي ٿمائڻ جي ازخود ڪوشش ڪئي، ۽ هاڻي هُوءَ گھڻو وقت گھر ۾ پُوڄا ڪندي گذارڻ لڳي. هڪ ڏينهن سيتا اکيون بند ڪري، هٿ ۾ گھنڊڙي جھلي مورتيءَ آڏو پوڄا ڪري رهي هئي. ٿوري دير ۾ ئي هن جا چپ هلڪي انداز ۾ چُرڻ لڳا. مِٺِڙو ۽ سُريل آواز ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳو. پُوڄا ختم ٿي ۽ هڪ لحظي لاءِ هُوءَ دريءَ وٽ آئي. سوجھري ۾ هن جي سونهن جي تِکَ اڃا بہ وڌي وئي. هوءَ دريءَ جي طاقن کي ڀيڙي هلي وئي، پر هن سهي ڪري ورتو تہ اڳهرو نڪتل سيرَ مان، ڪنهن جون مقناطيسي اکيون اندر ضرور گھُوري ڏسنديون رهيون هيون.
    ان کان پوءِ خبر نہ آهي تہ ارادي سان يا بنان ڪنهن ارادي جي، دريءَ جا طاق اڪثر کليل رهجي ويندا هئا ۽ جڏهن نوجوان جي اکين سان اکيون چار ٿي وينديون هئس، تہ حيا کان نظرون يڪدم جھُڪائي ڇڏيندي هئي ۽ طاق بند ڪري هلي ويندي هئي. سيتا کي ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ تہ ٻاهران ڏسندڙ کي ڪنهن ديويءَ جو درشن مليو هجي، ۽ سندس دل ۾ خوشيءَ جا گُلَ ٽِڙي پيا هجن. نوجوان جي اٿندڙ پيار جي لهر هن جي دل ۾ بہ هلچل مچائي ڏني هئي. نوجوان بہ سيتا جي چپن تان مسڪراهٽ ۽ اکين جي نرميءَ کي پرُوڙي ورتو هو. جيتوڻيڪ ظاهريءَ طرح هُوءَ کيس غصي مان نهاريندي هئي.
    هڪ ڏينهن سندس ماءُ ٻاهر وئي هئي. نوجوان وڃي هن جو در کُڙڪايو هو يا تہ وري سيتا هن کي اندران جھاتي پائي ڏٺو هو ۽ بي اختيار ٿي وڃي در کوليو هوائين. هن کي ڏسندي سيتا جي وات مان صرف ”توهان!“ نڪتو ۽ پوءِ اکيون کڻي هيٺ ڪيائين. هُو اندر گھِڙيو ۽ ٻئي ڪافي دير تائين بُت بنجي بيٺا هئا. ڪجھہ دير کان پوءِ نوجوان پُڇيو، ”تو کي منهنجو هتي اچڻ ضرور ڏکيو لڳو هوندو“. سيتا ڪجھہ بہ جواب نہ ڏنو. ايئن ئي هُوءَ گم سُم ٿيو بيٺي هئي. نوجوان همت ٻَڌندي وري ڳالهايو، ”منهنجي دل ملڻ لاءِ ايترو تہ ڦٿڪي رهيو هئي، جو مان پاڻ روڪي نہ سگھيس“.
    هوءَ گھٻرائجي، ڊگھا ڊگھا ساهہ کڻي رهي هئي. ٿوري ساعت کان پوءِ هن ڀريل آواز ۾ چيو، ”پر ههڙي ميلاپ مان آخر ڇا حاصل ٿيندو؟. توهان مون سان نہ ملو تہ سٺو آهي“.
    ”جيڪڏهن تون ايئن ئي چاهين ٿي تہ مان تو کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ڇو!“
    ”خبر نہ اٿَوَ تہ مان هندو ناري آهيان ۽ توهان مسلمان. پوءِ ٻنهي جو سنٻنڌ ڪيئن جُڙندو؟“، سيتا جھيڻي آواز ۾ وراڻيو.
    نوجوان ڏاڍي اعتماد سان جواب ڏنو، ”سيتا پيار جي سودي ۾ رڳو دلين جو ميلاپ گھُرجي، ۽ بس! باقي مان ڇا ۽ تُون ڪير. سڀئي ڌرتيءَ جا ڄاوا انسان آهيون. جيڪڏهن منهنجي ڪنوار ٿيندينءَ تہ رڳو تون، نہ تہ ساري ڄمار وهانءُ نہ ڪندس!“
    سيتا هٻڪندي هٻڪندي چيو، ”پر.... پر سچو پيار تہ رڳو پرماتما سان ٿيندو آهي....!“
    خاموش ٿيندي ڏسي، نوجوان وري ڳالهايو، ”چري! پيار رڳو من جو موهہ ناهي، پر انسان ۾ تن جي توئنس بہ اوس ٿيندي آهي، عورت ۽ مرد جي ناتي سان ئي پيار امر بنجي ٿو“. ايئن چوندي نوجوان هليو ويو.
    سيتا تي نوجوان جا ٻول گھر ڪري ويا. هن جي نگاهہ سامهون ڪٻٽ تي پئي، جنهن جي شيشي تي دل‌آويز پينٽڱ ٿيل هئي. ڪرشن ماهراج گوپيءَ سان گڏ پينگھہ ۾ جھولي رهيو هو. ٻنهي جا ڪنڌ هڪ ٻي ڏي لاڙيل آهن ۽ آسمان مان گُلن جي ورکا ٿي رهي آهي. ڄڻ تہ ساري ڪائنات مستيءَ ۾ جھومي رهي هجي. سيتا جي پُوريل من جو دروازو کُلي پيو. هن ڀانيو تہ سندس اندر هيل تائين ٻُوساٽيل هو، ۽ هُوءَ پهريون ڀيرو کُليل فضا ۾ ساهہ کڻي رهي هئي. هُوءَ پيار کي سچي روشني سمجھڻ لڳي. هن ڄاتو تہ پيار ۾ ڪو بہ پاپ نہ آهي، بلڪہ پيار ئي سچو ڌرم آهي. جيڪڏهن ايئن نہ هجي ها تہ پرماتما انسان ۾ تڙپ ڇو رکي هئا. هاڻي هوءَ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ صرف پيار کي ئي سمجھڻ لڳي هئي!!
    نيٺ ان جو انجام اهو ٿيو جو سيتا هڪ ڏينهن مسلمان نوجوان سان هلي وئي ۽ شادي رچائي ڇڏيائين. شهر ۾ چوڌاري ٻائيتال مچي ويو. جنهن ٿئي ٻُڌو، تنهن کي ڏندين آڱريون اچي ٿئي ويون، تہ سيتا جهڙي ستياوان جو مسلمان سان ٻنڌڻ ڪيئن ٿيو؟ ڪِن ڏينهن تائين تہ ڪنهن کي ويساهہ ئي نہ ٿئي آيو، پر ڄاتل سڃاتل جايُن تان هن جو غائب رهڻ ان ڳالهہ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو. ماڻهو ان حادثي کي ذهن تان وساري تہ ڪو نہ ڇڏيو هو، پر هاڻي ان جي پچار ڇڏي ڏني هئي. پر.... پر سيتا منزل پائي وري وڃائي ڇڏي. سيارو ويو، بهار آيو. رُت ڦِرِي تہ چاليهي جي باهہ کي سانوڻ جي وسڪاري ٿڌو ڪيو. مند تي مند ورندي ٽي سال گذري ويا، پر ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ سيتا هڪ وار پنهنجو پاڻ ۾ گُم ٿي وئي هجي. هُوءَ وساڻل وساڻل رهڻ لڳي. مڙس ۽ ٻارن سان چاهت هوندي بہ گھر تان هن جو ارواح کڄي ويو. رکي رکي يادُن جا گُل هن جي اندر ۾ ٽِڙندا هئا، ۽ پهرن تائين سندس من ماضيءَ جي ديار ۾ وسندو هو. هن ڀيري هوليءَ جي رنگارنگي آئي، تہ سندس دل تي چِٽيل گُلَ هڪ وار وري تازا ٿي ٽِڙي پيا. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ گھران نِڪري ماءُ سان مِلڻ لاءِ هلي وئي!! ۽ ان ڏينهن کان پوءِ وري سندس وجود هڪ راز بڻجي ويو.
    هن کي پنهنجي وجود جي ڪا بہ سار نہ هئي. هڪ ڏينهن هن پاڻ کي ڌاري ماحول ۾ وڪوڙيل ڏٺو. نون نون انسان مهانڊن، ٻولين، لباس، جايُن ۽ مڪانن مان هن کي عجب جهڙي ڌاريائپ محسوس ٿيڻ لڳي. اڻ مانوس وادي ۽ فضا کان کيس اڄاتو خوف ٿيڻ لڳو. هن لاءِ زمين ۽ آسمان ڌاريا بنجي پيا ۽ ڪنهن بہ شَي ۾ پنهنجائپ جو سواد نہ رهيو. دُوري سندس اندر ۾ جھيرون وِجھي ڇڏيون. ڌاريائپ کان کيس ڪراهت اچڻ لڳي، جنهن سندس چهري تي بہ ماٺ جي مُهر هڻي ڇڏي. هر ڏسندڙ کي هوءَ بيزبان بُت محسوس ٿيندي هئي.
    پوءِ سيتا جي من کي سُڪُون ۽ راهت پهچائڻ لاءِ ڪنهن ايڪانت واري جاءِ ڏانهن آندو ويو. هن جڏهن ٿوروڙو اکيون پٽڻ جي ڪوشش ڪئي تہ کيس اونداهہ انڌوڪار ڇانيل نظر آئي؛ تمام اونهي ماٺ مٺوڙي. ايئن پئي محسوس ٿيس، ڄڻ تہ ڪنهن خوفائتي ويراني ۾ اڪيلي ڇڏيل هجي.... هي .... هي ڇا ٿيو آهي؟ هن جو بدن وساڻل ڇو آهي؟ پنهنجي سامهون کيس اردگرد ڪجھہ بہ نظر نہ ٿئي آيو، ۽ پوءِ ..... آهستي آهستي اکين تان تِروِرا هٽندا ويس. هن سمجھيو ٿئي تہ پڪ ئي پڪ کيس زوريءَ کڻي هتي اڪيلو ڇڏيو اٿن. آسپاس جھنگ هو، جتان رکي رکي ڪُتن جون اونايون کيس ٻُڌڻ ۾ پئي آيون. هراس ۾ چوڌاري نهارڻ شروع ڪيائين تہ اکين جا ڇپر کڄي ڀِرُن ۾ وراڪا پئجي ويس. ڀتين ۾ قطار در قطار ننڍڙا جارا ٺهيل هئا، جن ۾ هڪ ڏيئو اڃا بہ ٽِم ٽِم ٻري رهيو هو. جھَڪِي روشنائيءَ ۾ اکين جا تارا ڦِرندا مڪان جي هيٺاهين مٿاهين کي جانچيندا رهيا. هوءَ سمجھي وئي تہ ڪنهن مندر ۾ آندي وئي آهي. پر هيئن اڪيلو ڇو رکيو ويو؟ هتي هن کي ڇو آندو اٿن؟؟ سامهون آسڻ ۾ ديوتا جي قدآور مورتي ڏسڻ ۾ آيس! هن سوچيو تہ هيڏي مورتي تہ هن پنهنجي شهر ۾ ڪنهن بہ مندر ۾ ڪا نہ ڏٺي هئي. ٺاڪُرن کي پرنام ڪندي هئي، مگر اهي تہ رڳو ننڍڙيون ننڍڙيون مٽيءَ ۽ ڪنجھيءَ جون مورتيون هيون!
    اوچتو هن جي ذهن کي جھٽڪو لڳو ۽ وات مان ڪِيڪَ نِڪري ويس. هن کي ايئن لڳو ڄڻ تہ مندر جون مورتيون ڀُوتن وانگر ناچ ڪري رهيون هُجن. هوا جو سُوساٽ ٿيو ۽ زوردار جھٽڪي سان طاق کُلي پيو. برفاني سرد هوا جي لهر در و ديوار سان ٽڪرائڻ لڳي، ڏيئي جي رهيل ٽِمٽائيندڙ لاٽ بہ اجھامي وئي ۽ چوڌاري ٺُپ انڌيرو ڇانئجي ويو. گھاٽن ڪڪرن سان آسمان ڀريل هو ۽ وِڄَ جي چِمڪاٽَ ۽ گجگوڙ ڪاريءَ رات کي هيڪارِي ڀَوائتو ڪري ڇڏيو. اهڙي سمي ۾ هُوءَ هراسجي پئجي رهي ۽ مٿي کان پيرن تائين ڪنبڻ لڳي.
    مندر جو رکوالو، پوليس جي لباس ۾ آيل آفيسر جي منهن ۾ تجسس سان نهاري رهيو هو. احمد خان سيتا جي مردگي ڇانيل چهري تان سڀڪجھہ پڙهي ورتو هو.
    ”سيتا جي اهڙي حالت ڇو بڻي آهي، ماهراج؟“
    ”هن پنهنجي مُکَ مان ڪڏهن هڪڙو ٻول بہ نہ ٻوليو آهي، جو ڪجھہ سمجھي سگھجي. تپسيا لاءِ کيس هتي آندو ويو، پر سندس آتما وڌيڪ بيچين بنجي پئي“، ماهراج وراڻيو.
    ”پوءِ بہ هن جي من کي ڪهڙي لوچ پوچ آهي؟“، احمد خان وري پُڇيو.
    ”جڏهن کان آئي آهي، تڏهن کان مٿس سڪتو طاري ٿيل آهي“، ماهراج ٻُڌايو.
    احمد خان سيتا جي منهن ۾ نهاري ڏٺو. هُوءَ خاموش هئي ۽ نظرون هيٺ جھُڪيل هئس.
    ”سيتا! تون پنهنجي ڳوٺ هلندينءَ؟ مان تو کي شڪارپور وٺي هلندس، پنهنجي ديس ۾ پنهنجي گھر ۾ تنهنجو مڙس تو سِوا ڏاڍو اُتاولو ٿي پيو آهي، ۽ ننڍڙا تو کي هر وقت سارِين ٿا“.
    سيتا جي بي سُت جسم ۾ ڄڻ تہ ڪنهن روح ڦُوڪي ڇڏيو! هوءَ هيٺ لڙڪيل ڪنڌ مٿي کڻي نهارڻ لڳي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ تہ هن جي اکين ۾ ڪيئي سوال اُڀري آيا هئا. تہ بہ هُوءَ خاموش رهي. رکوالي جون حيرت مان اکيون ڦاٽي ويون!
    ”تعجب آهي سائين، مون سندس من کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏاڍا وَسَ ڪيا. پر هن ڪنڌ مٿي کڻي ڪڏهن بہ نہ نهاريو. توهان جي گُفتن مٿس جادُوءَ جهڙو اثر ڪيو آهي. شايد هُوءَ توهان جي ٻولي سمجھڻ لڳي آهي“.
    انسپيڪٽر مقرر وقت تي سيتا کي وٺي ريل ۾ سوار ٿيو. هُو پوليس جي مخصوص گاڏي ۾ نويڪلا ويٺا هئا. پٺيُن سِيٽُن تي ٻيا بہ سپاهي ويٺا هئا. هر اسٽيشن اچڻ سان ڪجھہ انهن مان لٿا ٿئي تہ ڪي وري نوان چڙهيا ٿئي. سيتا دريءَ واري پاسي کان ويٺل هئي. ڊگھو سفر هو. سڄي مسافريءَ ۾ ٻہ ٽي ڀيرا ٽرينون بدلائڻيون پيون. وقت گذرڻ سان هر لمحي گاڏي پنهنجي منزل کي ويجھو ٿيندي پئي وئي. انسپيڪٽر سيتا کان ڳالهارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رکي رکي هن کائنس گھر ۽ ٻارن بابت پُڇائون پئي ڪيون. پر هُوءَ بدستور خاموش رهندي آئي. رڳو تارا ڦاڙي تڪديندي رهي. دريءَ کان ٻاهر طرحين طرحين نظارا مَٽجي رهيا هئا. وڻ تيزيءَ سان ڊُڪِي ڄڻ پاڻ ۾ ڊوڙ پُڄائي رهيا هئا. ساري ڌرتي ڦِرموٽيءَ وانگر ڦِري رهي هئي. جھنگ جھر، نيون، ڍورا، ٻنيون ٻارا، پليُون، رستا جھٽ پٽ ۾ اکين کان غائب ٿيندا رهيا. ريل پنهنجي مستيءَ ۾ لڏندي لمندي رفتار سان هلي رهي هئي. هاڻي ريل گاڏي سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿي هئي. ڏسندي ڏسندي ٻاهرين نظارن تي سيتا جون اکيون کُپي ويون. اهي نظارا کيس ساهہ سيباڻا لڳي رهيا هئا. ڏٺل وائٺل، ۽ ساهہ پساهہ ۾ هُرندڙ! ڄاتل سڃاتل فضا! ڪرڙ ڪنڊا، ٻٻريون ۽ ليون لاڻا!! هن جي وات مان اوچتو واڪو نِڪِري ويو! ”سنڌ اچي وئي!“
    ڄڻ تہ سيتا جو وجود موٽي آيو. هوءَ سوچڻ لڳي تہ پيار هڪ حقير شَي آهي، صرف ٻن ڌڙڪندڙ دلين جو ميلاپ. اهو پيار ئي انسان کي عرفان جي بلنديءَ تائين وٺي وڃي ٿو، تہ وري ابليس جي پستيءَ تائين ڪيرائي بہ سگھي ٿو. پر وطن سان پيار زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سچ آهي. اهو جذبو فطري ۽ سگھارو آهي. هونءَ تہ شايد انسان جو ڪنهن بہ ٻي سان پيار نہ هوندو آهي، بلڪہ پنهنجو پاڻ سان هوندو آهي. تہ بہ هر ڪنهن پيار جو ماحول سان گھاٽو سنٻنڌ هوندو آهي. سيتا جي اکين جي چوگِرد ڪارا نِير ڄمي ويا هئا. جنهن جو ڏُک ڪنهن زخمي ۽ ڦٿڪندڙ هَرَڻ جو مثل هو. تہ بہ وطن جا وڻ ڏسي سندس منهن تي سدا بهار مرڪَ موٽي آئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350418
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402561
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ