ڪتاب جو نالو: نيل نديءَ ڪناري
مصنف: آفتاب ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 212 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 113 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڀيٽا
  • سالڪ سنڌ جو : يوسف شاهين
  • آفتاب ۽ سندس ادبي سفر : الطاف شيخ
  • ٻن تهذيبن جي سنگم جو سفرنامو : گلشن لغاري
  • هڪ ساحل ۽ هڪ سار : عمر قاضي
  • ٻه اکر : آفتاب ميمڻ
  • نيل نديءَ ڪناري
  • نِيل - وولگا - سنڌُو - ٽِيمز
  • قصو قاهره جي سفر جو
  • وليم - ٿامس ڊيڪر
  • ديو سنگهه- ڪونجل- سيتا
  • ايمان احمد الرزاق
  • بوسِ - رانجن - سڀاش
  • شيام سُندر پرشاد
  • بطليموس - سَتَ رَپِ - قلوپيٽرا
  • بلاد الشام - صلاح الدين ايوبي
  • يوحنا نبي - مسافرِ شام - حُسيني برهمڻ
  • ڪملا منصور
  • اوسيرِس ـ آئيسس ـ هورس
  • نيلَ ڪُنوار
  • اھرامِ مصر ـ خوفو
  • جيزا جي هڪ شام ـ ابوالهول
  • قاهره جو عجائب گهر
  • جامع الازهر ـ بازار خليلي
  • الوداع.... الوداع.... اي نيل ندي .... الوداع

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: نِيل نَديءَ ڪِناري
    ليکڪ: آفتاب ميمڻ
    پهريون ڇاپو: 2011ع
    ٽائيٽل: خدا بخش ابڙو
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي

    مُلهه: 200/- روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر  


    ملڻ جا هنڌ

    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون : 071 5628368
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، حيدرآباد، فون: 0301-3594679
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي021-32638025
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ سکر- عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد - شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه - عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو - قاسميه لائبريري ڪنڊيارو-نيشنل بوڪ اسٽور بندر روڊ لاڙڪاڻو- نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ لاڙڪاڻو- رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو- رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مهراڻ ڪتاب گهر، گهنٽي ڦاٽڪ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين- جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس- سعيد بوڪ اسٽور لکي در شڪارپور- گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ - زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه - ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 03003319565


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نِيل نديءَ ڪناري“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ محترم آفتاب ميمڻ جو مصر بابت لکيل سفرنامو آهي.
    آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
    مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
    هي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم نديم احمد سولنگي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون آفتاب ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڀيٽا

    هيءَ ڀيٽا آهي نسيم لاءِ، جنهن مون کي پيار ڏنو
    هيءَ ڀيٽا آهي منصور لاءِ، جو مون کي همٿ ڏياريندو آهي
    هيءَ ڀيٽا آهي منهنجي سهڻي ۽ سُلڇڻي ڌيءَ ڪنول لاءِ
    هيءَ ڀيٽا آهي خُرم جي محنت لاءِ
    هيءَ ڀيٽا آهي عليءَ جي زرخيز ذهن لاءِ
    هيءَ ڀيٽا آهي اُسامه جي من موهيندڙ مسڪراهٽ لاءِ
    هيءَ ڀيٽا آهي احمد جي همٿ ۽ محنت لاءِ


    سالڪ سنڌ جو : يوسف شاهين

    اُلهي ته اِنتها، اُڀري ته آفتابُ
    ڪو سالڪ سنڌ جو، ايِ هليو ڪرڻ حسابُ
    اَڻ ڄاتو اِسراري، بند کولي بابُ
    ٿيو لالڻُ لاجوابُ، نيل نديءَ ڪناري.

    پهرين ملاقات دوران جناب آفتاب ميمڻ دل جو حال هيئن اوريو. ”جڏهن گوتَم ٻُڌِ کان پڇيو ويو ته ڇا خدا آهي؟ جواب ۾ گوتم چيو ته ”مون کي ڪا خبر ناهي“. ڀلا خدا جي عبادت ڪئي وڃي؟ گوتم چيو ته اهو وقت انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي. اهو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ آفتاب چيو ته آئون پنج وقت نمازي آهيان. فجر مهل قرآن شريف جو دور ڪندو آهيان. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ڪيان ۽ اصل حقيقت ڇا آهي، ان جي مون کي ڪا خبر ناهي. هو ڳالهين دوران ڪيترائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ويو ۽ آئون مسلسل سندس چهري ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسندو رهيس.
    هن کان اڳ جڏهن آفتاب جو پهريون ڪتاب ”هر پل صليب تي“ پڙهيو هوم تڏهن به مون کي ڏاڍي حيراني ٿي هئي. سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي شخص ڪير آهي؟ هن جي اندر ۾ ڪهڙي اُڻ تڻ، آنڌ مانڌ آهي، هي ڪهڙا ڏُکَ ۽ سُورَ اندر ۾ سانڍي هلي ٿو. منهنجي ڄاڻ مطابق آفتاب هڪ سرڪاري ڪامورو آهي ۽ ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهي چڪو آهي. اڄ به هو هڪ وڏي سرڪاري اداري جو چيئرمين آهي. ان هوندي به آفتاب جو هر پل صليب تي گذري ٿو، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، فقط ايترو سمجهان ٿو ته آفتاب هڪ سڄاڻ سنڌي آهي. هُن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان ڪا وڏي ويڌن ڏٺي آهي، جنهن جو هو اظهار فقط ايترن ئي لفظن سان ڪري ٿو- هر پل صليب تي.
    آفتاب جو نئون ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ پڙهندڙن کي مصر جي حال ۽ ماضيءَ ڏانهن کڻي وڃي ٿو. مصر دنيا جي انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي، جن پنج هزار سال اڳ اولين عظيم تهذيب جو بنياد وڌو. باقي ٻن ملڪن ۾ سنڌ (سنڌو ماٿر) ۽ عراق (سُمير) SUMER کي اهڙو اعزاز حاصل آهي.
    لاتعداد خدائن ۽ فرعونن جي سر زمين مصر مان حضرت موسيٰ کي ان ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو جو هن چيو ته ”الله واحد لا شريڪ آهي- الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه بندگيءَ جي لائق ناهي“. جڏهن ته مصر ۾ اُن وقت حاڪمن کي سجدا ڪيا ويندا هئا، جيڪي پاڻ کي زميني خدا يا فرعون سڏائيندا هئا.
    حضرت موسيٰ کان تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ مصر جي هڪ فرعون ”اخنتون“ AKHNATON (1383 BC) اعلان ڪيو ته ”الله واحد لا شريڪ آهي- الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه بندگيءَ لائق ناهي“. اخنتون اهو به اعلان ڪيو ته مصر ۾ جن به خدائن جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اهي سڀ ڪوڙا آهن ۽ حڪم جاري ڪيائين ته سڀني نقلي خدائن جا بُت ۽ انهن جون عبادتگاهون ڀڃي ڀور ڪيون وڃن. اخنتون جي ڏينهن ۾ موجوده شام، فلسطين، سوڊان ۽ ڪجهه ٻيا علائقا مصر جي قبضي هيٺ هئا. اخنتون اهي سمورا ملڪ آزاد ڪندي اعلان ڪيو ته دنيا جي ٻين قومن کي غلام بنائڻ ۽ انهن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ناجائز عمل بلڪه ڏوهه آهي. هن مصري فوجن کي مقبوضه ملڪ خالي ڪري واپس موٽڻ جو حڪم ڏنو.اخنتون جو اهو فيصلو انساني تاريخ جو انتهائي مٿانهون، بي مثل باب ۽ سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙو واقعو آهي.
    اخنتون کان تقريبن چار سئو سال اڳ حضرت ابراهيم اهو ٻڌايو ته الله واحد لا شريڪ آهي ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت لائق ناهي. حضرت ابراهيم کان لڳ ڀڳ پنج سئو سال اڳ سنڌ جي ماڻهن انساني تاريخ ۾ سڀ کان اول خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ”خدا واحد لا شريڪ آهي، خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت لائق ناهي“.
    2334 قبل مسيح ۾ سمير ۽ اڪاد (موجوده عراق) جي شهنشاهه سارگن سنڌ مان سوين سنڌين کي عراق سڏايو ته جيئن هو هن کي سندس گاديءَ وارو شهر ”اگادي“ جديد شهري منصوبابنديءَ تحت اڏي ڏين. سارگن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي تاريخ جو پهريون شهنشاهه هو، جنهن وچ مشرق جا گهڻي ڀاڱي سمورا ملڪ فتح ڪري اولين عظيم سلطنت جو بنياد وڌو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ سڀ کان اڳتي هئا. زراعت ۾ هنن جو ڪو ثاني نه هو. سنڌين دنيا ۾ سڀ کان اول ڪپهه جي پوک ڪئي، پوءِ ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون ايجاد ڪيون. ان سان گڏ هنن ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻڻ جون ڪاٺ واريون مشينون يا آڏاڻا ايجاد ڪيا. هتي ٺهيل ڪپڙو سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو. سنڌين دنيا ۾ پهريون ڀيرو جديد شهري منصوبابنديءَ تحت شهر اڏڻ جو بنياد وڌو. ان وقت سموري سنڌ دنيا لاءِ ڪاروبار جو مرڪز هئي. هتي سون، چاندي، هيرن جواهرن کان ويندي مهرون ٺاهڻ جو فن عام جام هو. سنڌي پاڻيءَ جا جهاز ۽ وڏا ٻيڙا ٺاهڻ جي فن ۾ به ماهر هئا. قيمتي مال سان ڀريل سنڌين جا جهاز پهرين موجوده بحرين، جنهن کي ان وقت ڊيلمن DILMUN چئبو هو، اتي لنگر انداز ٿيڻ کان پوءِ موجوده عراق ۽ مصر ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
    سنڌين شهنشاهه سارگن جي خواهش مطابق موجوده عراق ۾ واهه کوٽيا، جديد زراعت متعارف ڪرائي ۽ شهنشاهه کي مُهرون ٺاهي ڏنيون ۽ اُر شهر ۾ ”خدا جي وحدانيت جو مرڪز“ کوليو. واضح رهي ته حضرت ابراهيم ان واقعي کان پنج سئو سال پوءِ اُر شهر لڳ هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ان وقت عراق ۾ خدا شمس، اين، اين لل، اينڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. 326 قبل مسيح ۾، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سَون جي تعداد ۾ سنڌي هاري مصر ڏانهن روانا ڪيا، جن پهريون ڀيرو مصر ۾ ڪپهه جي پوک متعارف ڪرائي.
    جناب آفتاب ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مصر جي خدائن هورس HORUS آئيسس ISIS ۽ اوسائيرس OSIRIS جو ذڪر ڪيو آهي. روايت مطابق مصر جي حاڪم خدا اوسائيرس کي سندس ڀاءُ ”ست“ SET قتل ڪري مصر تي قبضو ڪيو. اهو قبضو ڇڏائڻ لاءِ اوسائيرس جي پٽ هورس سندس چاچي ست تي حملو ڪيو ۽ وڏي جنگ کان پوءِ ست کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هورس مصر جو بادشاهه ٿيو. ان واقعي کان پوءِ هزارين سالن تائين جيڪي به مصر جا بادشاهه يا فرعون بڻيا، اهي پاڻ کي هورس يا هورس خدا جو اولاد، زميني خدا يا فرعون سڏائيندا رهيا. مصر جي عوام تي لازم هو ته زميني خدائن کي سجدا ڪندا رهن ۽ سندن هر حڪم جي تعميل ڪن.
    جڏهن سڪندر اعظم مصر تي 331 قبل مسيح ۾ قبضو ڪيو ته هن کي خدا هورس جو درجو ڏيڻ سان گڏ مصر جي عظيم خدا ايمن را Amon-Ra جو پُٽ (Son of God) جو درجو ڏنو ويو. ان بعد سڪندراعظم لاءِ مصر ۾ ڪئين بُت ۽ عبادتگاهون جوڙي هن جي باقاعده عبادت جو انتظام ڪيو ويو. نتيجي طور لڳاتار ٽي سئو سالن تائين سڪندر اعظم جي هڪ خدا جيان مصر ۾ عبادت ٿيندي رهي. ان عرصي دوران يونان ۽ مقدونيه جي ماڻهن وڏي پيماني تي مصر ڏانهن هجرتون ڪيون، جن مصر ۾ هڪ نئين ۽ انوکي حسن جو اضافو ڪيو. قلوپطرا به انهن مهاجرن جي نسل مان هئي، جيڪي يونان کان لڏي مصر ۾ اچي آباد ٿيا هئا.
    سڪندر اعظم جي مرڻ کان پوءِ هُن جا فوجي جنرل مصر تي قابض رهيا ۽ هنن پنهنجو نسلي تعلق خدا هورس، اوسائيرس ۽ آئسس سان جوڙيندي پاڻ کي به خدا سڏايو ۽ مصري عوام کي سندن عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيئن ته خدا اوسائيرس پنهنجي ڀيڻ آئسس سان شادي ڪئي هئي، ان ڪري يونان جي فوجي حاڪمن پڻ پنهنجي ڀينرن سان شادي ڪرڻ جو رواج وڌو، جيڪو ٽي سئو سالن تائين جاري رهيو.
    يونانين کان پوءِ مصر تي روم قبضو ڪيو. روم جي شهنشاهه آگسٽس AUGUSTUS مصر کي سندس ”ذاتي ملڪيت“ قرار ڏنو ۽ حڪم ڪيائين ته ڪوبه شخص هن جي اجازت کان سواءِ مصر ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. شهنشاهه آگسٽس مصري مذهب قبول ڪيو ۽ روم ۾ آئسس ديويءَ لاءِ وڏي عبادتگاهه تعمير ڪرائي، جتي خدا هورس ۽ اوسائيرس جا بُت به عبادت لاءِ رکيا ويا. جڏهن روم جي حاڪمن عيسائيت قبول ڪئي تڏهن آئسس، اوسائيرس ۽ هورس جي بتن جا نالا ڊاهي، انهن مٿان مقدس ميري، جيسس ۽ گاڊ دي فادر نالا لکيا ويا. هتي اهو واضح ڪندو هلان ته روم جي شهنشاهن حضرت عيسيٰ کي صليب چاڙهڻ کان سوا ٽي سئو سال پوءِ عيسائيت قبول ڪئي. مگر عيسائيت قبول ڪرڻ شرط سڄي رومي دنيا ۾ ان معاملي تي گهرو ويڙهه Civil War شروع ٿي ويئي.”ڇا خدا هڪ آهي، ٻه آهن يا ٽي“ ان اختلاف جا اڳواڻ پڻ مصر جا ٻه عالم هئا. هڪ ايريس (ARIUS) ۽ ٻيو اٿينيسس (ATHANASIUS). ايريس جو چوڻ هو ته خدا واحد آهي، لا شريڪ آهي، جڏهن ته اٿينيسيس خدا، خدا جي پٽ ۽ مقدس روح جي ڳالهه ڪئي. ان نظرئي اڳتي هلي ڪيٿولڪ عيسائيت کي جنم ڏنو. اٿينيسيس جو چوڻ هو ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ آهي ۽ ان جُزَ مان پيدا ٿيو آهي، جنهن مان خود خدا پيدا ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت حضرت عيسيٰ کي به خدا جو درجو ڏنو ويو.
    ان وقت روم جو يورپ، اتر آفريڪا ۽ وچ مشرق جي لاتعداد ملڪن تي قبضو هو ۽ رومي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ مغربي رومي سلطنت ۽ ٻي مشرقي رومي سلطنت، جنهن کي بعد ۾ بازنطيني شهنشاهت به چيو ويو. بهرحال، خدا جي وحدت ۽ ڪثرت بابت رومي سلطنت ۾ گهرو ويڙهه Civil War ان وقت تائين جاري رهي، جڏهن مڪي ۽ مديني ۾ آنحضرت محمد صلعم جن وڏي واڪي اهو اعلان ڪيو ته الله واحد آهي، لا شريڪ آهي، نه هو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نه هن مان ڪو پيدا ٿيو آهي. اهو واضح اشارو حضرت عيسيٰ ڏانهن هو، جنهن کي خدا جو اولاد بلڪه خدا جو پٽ سڏيو ٿي ويو.
    جڏهن عربن خدا جي وحدانيت جو نعرو بلند ڪندي بازنطيني ملڪ شام تي ڪاهه ڪئي ته باز نطيني فوج جا پنج لک زره پاتل فوجي عربن جي ٽيهه هزار فوجن هٿان شڪست کائي ويا مگر باز نطيني فوجن پنهنجي شڪست کي فتح سمجهيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اڪثريت خدا جي وحدانيت تي ايمان رکندي هئي. هنن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ گهريو ٿي. اها ساڳي صورتحال مصر ۾ به هئي. جڏهن عربن جون فوجون مصر تي ڪاهي آيون ته اُتي به عربن جو آسانيءَ سان قبضو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مصر جي عوام جي اڪثريت اڳ ۾ ئي خدا جي وحدانيت تي يقين رکندي هئي. مصر وارن باز نطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ لاءِ عرب فوجن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
    مصر تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ عربن هتي اسلام ۽ عربي زبان نافذ ڪئي. عربي زبان ايڏي ته زورائتي انداز ۾ نافذ ڪئي وئي جو مصر جا ماڻهو پنهنجي ٻولي ڪوپٽڪ COPTIC مڪمل طور وساري ويٺا. هو عربي ڳالهائيندي ڳالهائيندي ”عرب“ ٿي ويا ۽ اڄ به مصر کي عرب ريپبلڪ سڏجي ٿو، جڏهن ته مصري ڪنهن به حالت ۾ عرب ناهن. بهرحال عربيءَ جي سخت نفاذ سبب مصر جي ڪوپٽڪ ٻولي ختم ٿي ويئي، جيڪا ٽن هزار سالن کان هتي ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي ويندي هئي.
    هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته عربن ستين ۽ اٺين عيسوي صدي دوران جن به ملڪن تي قبضو ڪيو، اتي رهندڙ قومون گهڻي ڀاڱي پنهنجو وجود ۽ پنهنجو قومي تشخص وڃائي ويٺيون. جن ۾ موجوده لبيا، الجزائر، تيونس، مراڪش ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون قومون شامل آهن. اڄ لبيا، الجزائر، تيونس ۽ مراڪش جا ماڻهو عرب سڏائين ٿا، عربي ڳالهائين ٿا، جڏهن ته هو عرب ناهن.
    عربن جي حملن جو دنيا ۾ ٻن قومن ڏاڍي حوصلي ۽ سمجهداريءَ سان مقابلو ڪيو. هڪ ايراني ۽ ٻي سنڌي قوم. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو ته هتي به عربي زبان ڏاڍي زورائتي انداز ۾ نافذ ڪئي وئي. اهڙا گهڻا امڪان پيدا ڪيا ويا ته جيئن سنڌي قوم عرب بڻجي وڃي. مگر سنڌين پنهنجي ٻولي ۽ قوميت بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا. دنيا کي پهرين تهذيب ڏيندڙ سنڌي قوم پنهنجي ٻوليءَ جو ڀرپور دفاع ڪيو. نتيجي طور سوين سالن تائين عربي ٻولي سنڌ ۾ جاري رهڻ جي باوجود هتي پنهنجا پير کوڙي نه سگهي.
    جيڪڏهن باقي دنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي ته فتوحات جي عمل ۽ هجرتن سبب دنيا جون سوين قومون پنهنجون ٻوليون بلڪه پنهنجو وجود به بچائي نه سگهيون. هجرتون فوجي ڪاهن کان خطرناڪ ٿين ٿيون. هتي مصر ڏانهن ٿيندڙ هڪ وڏي هجرت جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا ارڙهين صدي قبل مسيح ۾ شروع ٿي هئي. اهي مهاجر هائڪ سوز (Hyksos) نالي سان سڃاتا ويا. ابتدا ۾ هي مهاجر ڏاڍا ڏتڙيل، بدحال، لاچار ۽ مجبور هئا جيڪي ٻه سئو سالن تائين مصر جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيندا ويا. نيٺ هو مصر تي قابض ٿي هتي جا فرعون بڻجي ويا ۽ خدائي دعويٰ ڪيائون. هنن حڪمراني سنڀالڻ شرط مصر جي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”ست“ SET جي عبادت ڪئي وڃي، جيڪو مصر ۾ شيطان سمجهيو ويندو هو. جيئن ته فرعون جو حڪم مڃڻ لازم هو، ان ڪري مصر جي ماڻهن مجبور ٿي شيطان ست جي عبادت شروع ڪري ڏني.
    بهرحال، مصر جي تاريخ ڏاڍي حيرت انگيز ۽ پڙهڻ لائق آهي. خاص طور آفتاب ميمن جو ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ اسان کي مصر جي پراسراريت ڏانهن ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ کڻي وڃي ٿو. هن افساني، ناول ۽ تاريخ نويسيءَ جي فن کي وڏي مهارت سان استعمال ڪندي هڪ اهڙو ته دلچسپ ۽ لاجواب ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنهن کي يڪ ساهيءَ پڙهي سگهجي ٿو. هي سنڌي ادب لاءِ هڪ تحفو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هن سالڪ پرائي پٿر تي پنهنجا سور به بيان ڪيا آهن.
    مصر ۾ آفتاب جي بنگلاديش جي هڪ نمائندي انوپ سان ملاقات ٿي، ان ملاقات دوران ٿيل ڊائلاگ ڏاڍا معنيٰ خيز آهن. انوپ شڪايتي انداز ۾ آفتاب کان پڇيو؛ ”اوهان ٽئگور جي ڌرتي ۽ نذرا الاسلام جي جنم ڀوميءَ سان ڪهڙو چڱو سلوڪ ڪيو؟“
    ”تنهنجو اشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي“- آفتاب پڇيو ۽ پوءِ جواب ۾ چيائين: ”اهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اردو دان دانشورن جي کاتي ۾ وجهه. اسان سنڌي ته هميشه بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ جا سهڪاري رهيا آهيون.“ آفتاب سنڌ ۽ سنڌين جو دفاع ڪندي وڌيڪ چيو ته ”اسان (سنڌي) بنگال کي هميشه هڪ ئي خطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ نه اسان تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن بنگالين تسليم ڪيو.“ آفتاب انوپ کي اهو به ٻڌايو ته شيخ مجيب الرحمان جڏهن آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو ته هن حيدر منزل تي جي ايم سيد کي اها گذارش ڪئي ته مون کي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اياز ڏيو، جو اسان جا ماڻهو هن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا. پر سائين جي ايم سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻڻ تي زور ڀريو، جيڪي شيخ مجيب الرحمان کي قبول نه هئا“.
    آفتاب مصري ميزبان ڇوڪري ”ايمان“ سان ڳالهيون ڪندي هڪ هنڌ هيئن چوي ٿو ته: ”اسين پاڪستاني مسلمان مشرق وسطيٰ، دمشق، بغداد، غرناطه ۽ خلافت جي عظمت ۽ شان جي ذهني قيد خاني ۾ رهندا آهيون. خبر اٿئي، اسان جي ڪنهن به شاعرٽيڪسيلا ۽ موهن جي دڙي تي شاعري ڪونه ڪئي آهي. اسان نجات لاءِ غزني ۽ افغانن ڏانهن ڏسندا آهيون، توڙي جو نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري ٺٽي جون عظيم درسگاهون ۽ لکين نادر ۽ ڪمياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. امير گورگان تيمور اسان لاءِ هيرو آهي، ڇو ته اسان پنهنجي حافظي تان اها ڳالهه ميساري ڇڏي آهي ته تيمور دمشق جي درسگاهن توڙي شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ شهر جي اُتر اوڀر دروازي تي کوپڙين جا مينار ٺهرايا، جيڪي سڀ مسلمانن جون هيون.... اسان عجيب ذهنن جا ماڻهو آهيون. اڄ ڏينهن تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته هندستان تي سترنهن ڪاهون ڪري مُلڪان مُلڪ ڀيل ڪرڻ وارو غاصب هيو يا غازي؟“
    هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترائي هانءَ ۾ کُپي ويندڙ تيز تيرَ جيان جملا پڙهڻ لاءِ ملندا، جيڪي آفتاب جي ذهني سگهه، وسعت ۽ مطالعي جي ڄاڻ ڏين ٿا. هن ڪتاب جو آخري چيپٽر ”الوداع- الوداع“ شاعريءَ جيان هڪ حسين تحرير آهي. جنهن ۾ پيار، وصال ۽ وڇوڙي جا ڪيئي انڊلٺي رنگ ڀريل آهن.

    يوسف شاهين
    مئي 8، 2011
    ڪراچي


    آفتاب ۽ سندس ادبي سفر : الطاف شيخ

    هاڻ ڪو سال ٻه ٿيندا جو آفتاب سان اسان جي جهيڙي ۾ ٺاپُر آئي آهي، نه ته آفتاب خاص ڪري منهنجي لاءِ، جهڙو کَريل ٻار هو. ڪٿي به موقعو مليو ٿي ته، مون ساڻس پنهنجي ناخوشيءَ جو اظهار ڪيو ٿي. پيٽارو جا دوست جڏهن ان جو سبب پڇندا آهن ته، کين چوندو آهيان ته: ”بابا هن ڏيپلائي ميمڻ جو نه رڳو ادبي فيملي سان واسطو آهي، پر پاڻ به اديب ماڻهو آهي. ڏاڍو سٺو پئي لکيائين. خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي ويس جو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو اٿس. هاڻ ڊپٽي ڪمشنر يا فلاڻي يا فلاڻي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري پيو ٿئي ته ان مان اسان کي ڪهڙو فائدو؟ اسان کي ته خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن صبح جو اخبار کوليون ته هن جو لکيل ڪالم نظر اچي يا هڪ ڏينهن سندس ڪتاب اسان جي بيڊ سائيڊ تي هجي.“
    هڪ ڏينهن اسلام آباد ويندي آفتاب سان ايئرپورٽ تي ملاقات ٿي وئي.
    ”آفتاب ڳالهه ٻڌ،“ چيومانس، ”ٺيڪ آهي تون Busy آهين پر ههڙن هنڌن تي توکي ڪلاڪ ٻه مليو وڃن. اهڙو سفر دوران هوائي جهاز ۾ به ڪلاڪ ڏيڍ مليو وڃي، تون چاهين ته اُن وقت کي استعمال ڪري ڪجهه نه ڪجهه لکي سگهين ٿو. ان کان علاوه آفيس ۾ ايندي ويندي توکي ايترو ٽائيم ضرور مليو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪو ڪالم يا مضمون نه ته ان لاءِ ڪجهه Points لکي سگهين.“
    هڪ ڳالهه جيڪا آفتاب جي ڪريڊٽ واري خاني ۾ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته، هن کي ڪيترو به کڻي چئو، هو هر صورت ۾ مرڪندو نظر ايندو يا هٿ ٻڌي ”ادا، ڀائو، حاضر سائين، اکين تي، توهان وڏا آهيو، جيڪو حڪم ڪندا ....“ جي تسبي پڙهندو رهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪندو اُها ئي جيڪا پاڻ پسند ڪندو. بقول سندس هڪ جيڏي ۽ ڪليگ فضل قلباڻيءَ جي، ”آفتاب اَرڏو آفيسر آهي.“
    آفتاب اسان کان ڏهه سال کن ننڍو آهي پر پيٽارين جي حيثيت سان هو ڄڻ ته اسان جي هڪ ئي فيملي جو ميمبر آهي. 1992ع ۾ اسان جي پيٽارين ائسوسيئيشن ۾ ڪافي ڏڦير پيدا ٿي پيو. نئين صدر جي چونڊ ٿي. آفتاب کي پنهنجا به ۽ ٻين جا به ووٽ وٺرائي ڏناسين. هو وڏيءَ اڪثريت سان کٽي ويو. ويجهن دوستن چيو: ”ڪمال آهي. هوڏانهن توهان چئو ٿا ته آفتاب وڏو ڦڏي باز آهي ۽ هيڏانهن توهان هن کي پنهنجو وڏڙو چونڊيو آهي.“
    سڀني وراڻيو: ”انهيءَ ڪري ئي ته کيس صدر بڻايو اٿئون جيڪو پيٽارين ائسوسيئيشن جي ٽن هزار دماغ ڦِريل ميمبرن کي مُنهن ڏئي سگهي ۽ هنن وَڻ وَڻ جي ڦڏين ڪاٺين کي سڌو ڪري.“
    ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته آفتاب جيڪو اڄ ڏينهن تائين پيٽارين ائسوسيئيشن جو ننڍيءَ عمر وارو صدر بڻيو، ائسوسيئيشن جي ڪمن ۽ مسئلن کي وڏي دليريءَ ۽ عقلمنديءَ سان منهن ڏنو. ڪنهن چيو ته اهڙيون ”قابليتون“ نه فقط آفتاب ۾ پر DMG (ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ) جي هر آفيسر ۾ ٿين ٿيون. پر منهنجي خيال ۾ آفتاب ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي آهن. هُن کي خبر آهي ته ڪنهن سان ڪيئن هلجي. ڪنهن کي هٿ جوڙ ڪجي ۽ ڪنهن کي لنوائي وڃجي. هو گارگند ڪندي به ويرم نه ڪندو آهي ۽ وڏي اسٽائيل سان جهڙي تهڙي کي داٻي هيٺ آڻي وٺندو آهي. بهرحال آفتاب بوتل وارو جِن به ناهي. هو به هڪ انسان آهي. ڪٿي ڪٿي کائنس غلطي به ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ان جي سَيکت به وڏيءَ دل سان مُرڪندي ڀوڳيندو آهي.
    آفتاب انهن ماڻهن مان آهي جيڪي تمام گهڻو مطالعو ڪن ٿا. هڪ اهو به سبب آهي جو منهنجي هميشه اها خواهش رهي ٿي ته آفتاب ڪو ڪتاب ضرور لکي جو هن جهڙو ماڻهو جنهن جو زبردست مطالعو آهي ۽ جنهن جي دوستي ۽ ڏيٺ ويٺ سوسائٽيءَ جي هر قسم جي ماڻهوءَ سان آهي، اهو پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي جي بنياد تي پنهنجين لکڻين ۾ اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي ٿو.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ”عوامي آواز“ ۾ سندس دلچسپ ڪالم پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس يڪدم فون ڪري چيم: ”آفتاب اهو ڪم اتي ئي ختم نه ٿيڻ کپي. ان کي هاڻ جاري رکجانءِ.“
    آفتاب لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته هو اسان جي پيٽارو جي اولڊ بوائز ائسوسيئيشن Petarians جو فقط هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا صدر بڻيو. هڪ سال 1993 ۽ 1994 ۾ ٻيو ٽرم 2003ع ۽ 2004ع ۾ ڪيائين. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آفتاب جي ڪيترن دوستن کي خبر نه هجي ته آفتاب 12 سالن جو هو ته هن اخبار ’خادم وطن‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ جيئن اهو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو ته هُو اتي جي مئگزين جو ايڊيٽر ٿيو. 1972ع کان 1974ع تائين هن پنهنجي دور جي انقلابي ساٿين ارشاد نبي عباسي، سهيل سانگي ۽ نذير عباسي شهيد سان گڏجي پهريائين ”شاگرد“ ۽ پوءِ ”پرهه ڦٽي“ رسالو به ڪڍيو. ان کان علاوه هن ڪتابن ڇپڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. پر ڄام ساقيءَ جي هڪ ناول ڇپڻ تي سرڪار جي حڪم تي سندس ٻيئي رسالا بند ڪيا ويا.
    بهرحال آفتاب هڪ دفعو وري زور شور سان لکڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس هيءُ ڪتاب ”نِيل نَديءَ ڪناري“ منهنجي ۽ توهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو هڪ سفرنامو آهي. آفتاب جو هيءُ ڪو پهريون ڪتاب ناهي. گذريل سال سندس ”هر پل صليب تي“ ڪتاب ڇپيو. 216 صفحن جو اهو ڪتاب سندس ڪالمن جو مجموعو آهي. جيڪو هن سنڌي اخبارن: عوامي آواز ۽ سوڀ لاءِ لکيا. آفتاب جي سفرنامي جو هيءُ ڪتاب مصر بابت آهي پر ان سان گڏوگڏ آفتاب Flashback ۾ اسان کي سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به وٺي هلي ٿو. مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. هو جتي هيڪاندو سنجيدو ٿيو وڃي، اتي چرچا، ڀوڳ به ڪري ٿو. شاهه ۽ شيخ اياز کي به ياد ڪري ٿو. هيءُ سفرنامي کان وڌيڪ سماجي ۽ معاشرتي تاريخ ۾ هنيل جهاتي آهي.
    آفتاب نوڪريءَ دوران نه فقط مصر پر دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ ڏٺا آهن. منهنجو کيس اهوئي عرض آهي ته هو انهن ملڪن بابت به پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا قلمبند ڪري. سندس لکڻي پنهنجي اسٽائيل جي آهي، سندس ڳالهه ۾ چاشني آهي. ڪٿي ڪٿي ته ائين لڳي ٿو ته هو لکڻ بدران ڳالهائي رهيو هجي. جيڪي آفتاب سان مليا آهن، اهي محسوس ڪري سگهن ٿا ته هن کي زباني ڳالهه ٻڌائڻ جو به طريقو اچي ٿو. پوءِ اها ڳالهه کڻي معمولي هجي پر سندس واتان ٻڌڻ ۾ دلچسپ لڳي ٿي. خاص ڪري سندس داداگيريءَ جي ڪارنامن جون ڳالهيون ـ آخر ته هو هڪ ڦڏي باز ماڻهو ۽ ارڏو ڪامورو سڏيو وڃي ٿو. پر جيڪي آفتاب جي تمام گهڻو ويجهو رهيا هوندا انهن کي اها به ڄاڻ هوندي ته آفتاب جي ظاهري ارڏاين ۽ دڙڪن دَهمانن پٺيان هڪ نرم دل انسان جي هستي به آهي. سندس اوٽ ۾ هڪ Caring ۽ پيارو انسان به آهي جيڪو ڏکويل انسان ذات جو همدرد آهي جنهن کي مون ڪيترا دفعا ٻين جي مجبورين ۽ غمن تي ڳوڙها ڳاڙيندي به ڏٺو آهي. باوجود هيڏانهن هوڏانهن جي ڪوتاهين جي آفتاب هڪ بهادر ۽ بي ڊپو انسان آهي. هڪ سچار ليکڪ ۽ قدر دان آهي. بقول ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي آفتاب پنهنجي جنهن سماج ۾ رهي ٿو، تنهن جي نه رڳو هُو سچي پچي تصوير چٽي ٿو پر ان جي جائز اصلاح به چاهي ٿو. مظلوم توڙي ڏتڙيل عوام جي دردن جو درمان به بڻجي ٿو ته سندس اُمنگن جي آرسي بڻجي انقلابي خوابن جي ترجماني به ڪري ٿو.
    آفتاب کي مشاهدي ۽ تاريخ جي ڳوڙهي ڄاڻ آهي. هو بنيادي طرح هڪ ليکڪ آهي . مون کي پڪ آهي ته هو هن ڪتاب بعد اسان کي ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو.


    الطاف شيخ
    ڪراچي
    30 مارچ 2011


    ٻن تهذيبن جي سنگم جو سفرنامو : گلشن لغاري

    ’نيل نَدِيءَ ڪِناري‘ آفتاب ميمڻ جو ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
    سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ کان شروع ٿي ان تي ئي دنگ ڪري ٿي،توڻي جو ان جي نقش قدم تي عمل پيرا ٿي ٻين به ڪيترن سفرناما لکيا آهن پر شيخ صاحب جي قد ڪاٺ کي نه ڇُهي سگهيا آهن نه ئي اوتري مقبوليت ماڻي سگهيا آهن،ڇاڪاڻ ته سندس سفرنامادلچسپ ۽ معلوماتي هئڻ سان گڏ سياحن لاءِ ڪنهن گائيڊ کان گهٽ ناهن.الطاف شيخ کان پوءِ آفتاب ميمڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ نئين قسم جي ناول نما سفرنامي جو بنياد رکيو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون پهريون ڀيروهن قسم جو سهڻو رومانوي ناول نما سفرنامو پڙهيو آهي جيڪوآفتاب ميمڻ صاحب جي قلم جي ڪاوش آهي.مان سمجهان ٿي ته هن سنڌي ٻولي ۾ سفرنامي کي ناول جو انداز ڏيئي نئين روايت قائم ڪئي آهي.منهنجي خيال ۾ ان طرز تحرير جي ضرور پذيرائي ٿيندي.
    هن ڪتاب کي پڙهڻ ويٺس ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.ڇاڪاڻ ته ايترو ته دلچسپ،معلومات سان ڀرپورخوبصورت۽ پُرڪشش رومانوي انداز تحريراوهان جو پلئه پڪڙي وٺندو۽ پورو پڙهڻ کانسواءِ اوهان جو پيڇو نه ڇڏيندو.
    ” نِيل نَدِيءَ ڪِناري“ نه صرف هڪ دلچسپ ۽ دل کي ڇُهندڙ رومانوي سفرنامو آهي پر ان ۾ تاريخ ، تهذيب ۽ سياست متعلق جيڪي ڀرپور قسم جا تفصيل درج آهن اهي ليکڪ جي وسيع مطالعو۽ بهترين معلومات ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته هو مُشاهدي ۽ مُطالعي کان وانجهيل سيکڙاٽ اديب ناهي.هو پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري ٻاڙَ مصروف زندگي مان وقت ڪـڍي پوري ڪندو رهي ٿو.۽ جيڪڏهن هو ان طرف باقاعدگي سان ڌيان ڏي ته گهڻن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو.
    مون کي سڀ کان وڌيڪ سندس جيڪا ڳالهه وَڻي، اها سندس پنهنجي ديس واسين ۽ ديس سان سندس دلي وابستگي آهي جنهن جو اظهار سندس تحرير مان ڇلڪي ٿو.اهم سرڪاري عهدي تي هجڻ باوجود سندس اَوليتون اهي ئي آهن جيڪي هڪ محب وطن انسان جون هجڻ گهرجن.ورنه عيش و نشاط واري زندگي نصيب ٿيڻ بعد گهڻو ڪري ان لڏي مان انسانيت ئي نڪري ويندي آهي.
    ”نِيل نَدِيءَ ڪِناري“ جو موضوع ئي پڙهندڙ کي هڪ قسم جي سَحَر ۾ مبتلا ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي،مٿان وري قلوپيٽرا جي ڪهاڻي،اسلامي تاريخ جي جرئتمندانه اُپٽار۽ سنڌو، نيل ۽ ٽيمز ندين جو تقابلي جائزو.....!سچ ته منهنجي لاءِ اها شيءِ تمام اهم هئي ۽ اها ڄاڻ مون کي پهريون ڀيرو هن ڪتاب وسيلي ملي ته انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    هن سفرنامي جي سڀ کان خوبصورت، دل لُڀائيندڙ ۽ خوابن جي وادين ۾ وٺي ويندڙ ڪٿا ايمان سان رومانس......! پر انجام صفا حقيقت پسنداڻو...!ان کي ڪو به ڊرامائي رنگ نه ڏيئي آفتاب هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي.
    حسيني برهمڻ واري باب ۾، بيبي معصومه سڪينه ۽ سانئڻ زينب جي ذڪر تي سندس جذباتي ۽ پُرنِم ٿيڻ نج سنڌي ماڻهن جي ئي مزاج جو خاصو آهي.
    ليکڪ وٽ ڪا به اجائي لَٻاڙ ۽ مصنوعي لفاظيت ڪانهي.سندس پاران تاريخي معلومات جا تفصيل ،سندس تاريخ ۾ جَجهي دلچسپي جو مظهر آهن جيڪو موضوع پٽاندڙ به آهي.
    مونکي ”نِيل نَدِيءَ ڪِناري “ ٻن تهذيبن جي سنگم ۽ وڇوڙي جي اداس ڪري ڇڏيندڙ داستان سان گڏ ڪنهن سندر سپني جي قلمبند ڪيل ڪٿا جيان محسوس ٿئي ٿو.
    ڪٿي ڪٿي مون کي آفتاب ننڍي کنڊ جي عظيم ليکڪا قرت العين حيدر جا پيرا کڻندي محسوس ٿئي ٿوپر اها انڌي تقليد نه پر قديم ۽ جديد جو حسين امتزاج محسوس ٿئي ٿو.
    مونکي پڪ آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ ضرور مڃتا ماڻيندو.۽ ها آخر ۾ آئون ليکڪ کي الطاف شيخ صاحب واري لکڻ کي جاري رکڻ واري صلا ح ڏيڻ نه وِسارينديس.


    گلشن لغاري
    گلستان سجاد.حيدرآباد
    پهرين مئي 2011ع


    هڪ ساحل ۽ هڪ سار : عمر قاضي

    هن وقت جيڪو ڪتاب منهنجي ذهن ۾ پنهنجن ڪيترن ئي پهلوئن سميت رنگ ۽ روشنيون پکيڙي رهيو آهي، اهو هڪ سفرنامو آهي. هڪ اهڙي ملڪ جو سفرنامو جيڪو تاريخ ۾ ته تمام گهڻو مشهور رهيو آهي پر تازو عرب دنيا ۾ اُڀريل عوامي انقلاب جي لهر ۾ ان ملڪ جو بظاهر مضبوط حڪمران هڪ ڪک وانگر اڏامي ويو. اهو ملڪ جنهن جي نالي اچڻ سان ذهن ۾ صرف اچرج ۾ وجهندڙ اهرام ئي نه پر اها سموري قديم تاريخ انسان کي درياءَ جي لهرن وانگر لوڙهڻ لڳي ٿي.
    مان صرف انهن فرعونن جي ڳالهه نٿو ڪريان، جن کي جيون سان وهمي محبت هئي پر تکن نقشن واري اها نار جيڪا اڄ به هر عورت جي حسرت ۽ هر مرد جو خواب آهي! تصور جي اکين ۾ ڪجل جي ريک جهڙي اها نار جنهن جو نالو قلوپطره هو، ان جي وارن جي ڇانوَ جهڙي احساس کي پڙهندي انسان سوچڻ لڳي ٿو ته واقعي زندگي ڇاآهي؟موت ڇاآهي؟ ڪارج ڇاآهي؟ ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟ ڇو ڪجي؟
    اهڙيون ڪيئي ڳالهيون نيل نديءَ جي لهرن وانگر ذهن ۾سوالن جا نشان ٺاهينديون وڃن ٿيون. مزي جي ڳالهه اها آهي ته جنهن سفرنامي پنهنجي سيني جي ستار کي ڇيڙي ڇڏيو آهي، ان جو نالو ”نيل نديءَ ڪناري“ آهي. مون کي درياءَ تمام گهڻو وڻندا آهن، ڇو ته انهن جي ڪناري تي ويٺي انسان تصور جي ڪشتيءَ تي ترندو تمام دور نڪري ويندو آهي. هن سفرنامي جي ليکڪ به ساڳيءَ ڪيفيت ۾ اچي هيءُ ڪتاب لکيو آهي. هيءُ ڪتاب جنهن صنف جي نمائندگي ڪري ٿو، اها صنف ادب جي سڀ کان قديم صنف هجڻ جي باوجود موجوده دور تائين پنهنجي مزاج ۾ اها ڪشش رکي ٿي جيڪا شاعري ۽ ناول نگاريءَ کان مختلف ضرور آهي پر مان ان کي ڪنهن به طرح سان انهن کان گهٽ چئي نٿو سگهان. ڇو ته مان تاريخ جي انهن مؤرخن کي پنهنجو محسن سمجهان ٿو جيڪي انساني تاريخ جا اوائلي سياح هئا. اهي مؤرخ جيڪي يونان جي مشهور فاتح سڪندر سان گڏ آيا هئا، انهن جون آبزرويشنس سفرنامن جو صورتون هيون ۽ اڄ اهي سفرناما تاريخ جي طور تي پڙهيا وڃن ٿا. انهن ۾ جنهن بيپرواهه روانيءَ سان جيڪا ٻولي لکيل آهي، ان جي ڪري اُهي سفرناما تخليقي انداز سان لکيل اهڙي تاريخ بڻجي ويا آهن، جن جي ڪري بادشاهن جي درٻارين ۾ لکيل تاريخ وائکي ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اهي قديم سفرناما نه لکجن ها ته هوند اسان عوامي ۽ درٻاري تاريخن جي وچ واري فرق کي ان طرح سان محسوس نه ڪري سگهون ها، جيئن اهو اسان جي نظر ۾ هن وقت واضح آهي.
    جهڙيءَ طرح عظيم اديبن جون آپ بيتيون پنهنجي فن ۽ فڪر سبب جَڳ بيتيون بڻجي ويون، تهڙيءَ طرح ذهين انسانن جا مشاهدا رپورٽن کان مٿي نڪري اهڙا دلچسپ ڪتاب بڻجي ويا، جن کي پڙهندي انسان اها ڳالهه ته وساري ئي ٿو ويهي ته اهي اصل ۾ ڪهڙي مقصد سان لکيا ويا هئا. هونءَ ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن پر سنڌ تي لکيل رچرڊ برٽن جا ڪتاب شاهڪار ڪاوشون آهن. انگريزن ۾ هڪ عادت هوندي هئي ته هو بهتر نظم و ضبط قائم ڪرڻ ۽ مُلڪن کي پنهنجي انتظامي گرفت ۾ رکڻ جي لاءِ ڊائريون لکندا هئا، اهي ڊائريون اڳتي هلي انهن ملڪن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ اهم دستاويز بڻجي ويون پر پوءِ به انهن جو مزاج سفرنامن جهڙو آهي. سنڌ جي اڳوڻي سماج تي لکيل رچرڊ برٽن جي هڪ ڪتاب ۾ جڏهن ماڻهو اها ڳالهه پڙهي ٿو ته ”سنڌي عورتون مڙس جي سامهون يار کي ”ادا“ چئي مخاطب ٿينديون آهن“ ۽ ”سنڌي ماڻهو هر شيءِ کي هٿ سان ڇهندا آهن“، تڏهن ماڻهو پنهنجي مرڪ تي ضابطو رکي نٿو سگهي ۽ سوچي ٿو ته هيتري ساري وقت گذرڻ جي باوجود سنڌي سماج اڃان تبديل نه ٿيو آهي!
    هونءَ ته ڀَلان ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ئي ناهي پر پال ٿاروڪس، وليم لسيٽ هيٽ مون ۽ ايرڪ نيو باءِ جا سفرناما پوريءَ دنيا ۾ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جڏهن ڪوئي وي ايس نائپال جو هندستان جو سفرنامو ”گهايل ثقافت“ پڙهي ٿو ته هندستان جي اصل تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي. دانشورن ۽ صحافين جا سفرناما ته انهن ملڪن جي پيداوار، ماڻهن جي مزاج ۽ سياسي اٿل پٿل يا جمود جو ڀرپور عڪس پيش ڪن ٿا پر جڏهن ڪنهن سفرنامي ۾ تخليقي ادب جو سُر شامل ٿي وڃي ٿو ته ان جي لذت جو درجو ئي ٻيو ٿي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ مان ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان آمريڪي نوبل انعام يافته اديب جان اسٽين بيڪ جو مشهور ڪتاب ”ٽريول وٿ چارلي“ ۽ پر ريبيڪا ويسٽ ۽ ڊي ايڇ لارينس به ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن.پر جيڪي سفرناما مڪمل طور تي تصوراتي حوالي سان لکيا ويا، انهن جي ڪيٽگري ئي الڳ آهي. هومر جي اوڊيسيءَ کان وٺي جوناٿن سفٽ جي گليورس ٽريولس تائين ڪيترائي ڪتاب ڪڏهن به نه پراڻا ٿيندڙ اهي پيارا داستان آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي شعور ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهندا.
    هونءَ ته سفرنامن جا قسم ماڻهن جي مزاجن وانگر انيڪ آهن پر جيڪڏهن ايڪيڊمڪ حساب سان انهن جي ورڇ ڪجي ته انهن کي گهڻو ڪري سماجي، سياسي ۽ بنهه ذاتي قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. آفتاب ميمڻ جو هي سفرنامو سفرنامن جي ٽين قسم سان تعلق رکي ها. ڇو ته هيءُ سفرنامو جنهن جي ابتدا ۽ انتها مصر ۾ هڪ عرب ڇوڪري ايمان سان ٿئي ٿي، ان ۾ مصر جي تاريخ جي مختصر پر ڀرپور جهلڪ سان گڏوگڏ آفتاب ميمڻ جي ڪلاسيڪل لٽريچر جي مطالعي جي آميزش ان سفرنامي جو مزاج مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته جنهن وقت هو ايمان جي نڪ نقشي کي ڏسي ٽراءِ جي هيروئن هيلن کي ياد ڪري ٿو ۽ هيلن جو ذڪر هومر جي ڪنهن سٽ بدران شيڪسپيئر جي ادبي استاد مارلو جي حوالي سان ڪري ٿو ته ان وقت پڙهندڙ ڪنهن ٻئي طرف لڙهڻ لڳي ٿو.
    ممڪن آهي ته ڪنهن کي هي سفرنامو پڙهندي پاڪستان جي مشهور سفرناما لکندڙ ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو هڪ سفرنامو ”پيار ڪا پهلا شهر“ ياد اچڻ لڳي پر هن سفرنامي جي ڀيٽ ان سفرنامي سان هرگز نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته اهو سفرنامو ليکڪ جي حسرتن جا زخم ڏيکاري ٿو، جڏهن ته هن سفرنامي جي دامن تي حسرت جو ڪوئي به داغ ناهي.
    هيءَ محبت جي بيحد سادي ڪهاڻي آهي. محبت جي اها سادي ڪهاڻي جيڪا دريائن جي روانيءَ وانگر روان دوان آهي. ليکڪ لاءِ ايمان به نيل جي ساحل تي هڪ بندر آهي. جهڙيءَ طرح اياز لکيو آهي ته:
    ”آئون نه ويندس ائين
    بندر بندر عاشقيون
    تون به خلاصيءَ جيئن“
    تيئن ايمان سان آفتاب جو عشق به هڪ بندر جي ڪهاڻي آهي پر ليکڪ جو هر لفظ چغلي هڻي رهيو آهي ته هن جي سيني ۾ اڃان به ڪيترين ئي محبتن جون وارداتون عود ۽ لوبان جي واس وانگر دکي رهيون آهن. مان حُجت سان اها تقاضا ڪريان ٿو ته انهن محبتن جا داستان به هو پنهنجي دل مان ائين ڪڍي جيئن ايمان سان محبت جو احوال هن پنهنجي اندر مان ائين ڪڍيو آهي، جيئن پٽ ڪيئان پنهنجي اندر مان ريشم ڪڍندا آهن.

    عمر قاضي
    ڪراچي
    10 اپريل 2011ع


    ٻه اکر : آفتاب ميمڻ

    چوندا ته هميشه ’ٻه اَکرَ‘ ئي آهن، پر ٻه اَکرَ ئي ته آهن جن جي سهاري ليکاري پنهنجي ڪوشش جي سبب ۽ تڪميل جي آکاڻي بيان ڪندو آهي. هي ’ٻه اکر‘ لکڻ ئي شايد ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
    ڏهاڪو سال اڳ مصر ويو هئم. ڪي يادگيريون هيون؛ اُن مهل ته ڪجهه لکيو ڪونه سواءِ آرڊو ڪانفرنس جي ڪارروائي، رپورٽ ۽ اُن سان متعلق ڪي نوٽس يا وري اهرامِ مصر، پٽولمي خاندان جو شجرۂ نسب ۽ ڪجهه فوٽو- ڪجهه خط.. جڏهين محترم امداد اوڍي روزنامه ’سوڀ‘ ڪڍي ۽ اُن سان ’رسالو سوڀ‘ به ڪڍيائين ته مون کي لکڻ لاءِ چيائين. ڪجهه قسطون مَسَ هليون ته سوڀ رسالو بند ٿي ويو. ڀائو امداد اسان جي هڪ ٻئي دوست يعني عبدالڪريم خادم کي اخبار وڪڻي ڇڏي. مون به لکڻ بند ڪيو. جڏهين منهنجي پهرئين ڪتاب ’هر پل صليب تي‘ نور احمد ميمڻ صاحب ڇاپڻ جي ڪئي ته ادي نور احمد مون کي ’آتم ڪهاڻي‘ لکڻ لاءِ اُتساهيو. عرض ڪيم ته اِهو ڪم سرڪاري نوڪريءَ مان فارغ ٿي ئي ڪري سگهندس. ’آتم ڪهاڻي‘ جي حوالي سان مون کي 1947ع جي نوبل انعام يافته فرانسسي ’آندري جيت‘ André Gide (1869-1951) جي ڪتاب ’سِڪا ٺاهيندڙ‘The Coiners جو مرڪزي خيال ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار هڪ ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. بيڪ ورڊ Backward.... فارورڊ .... Forward .... هُن جي جيون ڪٿا هجي ٿي. جا هُن تي گذري ٿي تنهن کي بيان ڪندو وڃي ٿو. وري آسڪر وائيلڊ (1854–1900) جي The Picture of Dorian Gray ذهن تان اصل نٿي لهي. هميشه جوان رهندڙ خوبصورت ۽ معصوم چهرو پر سندس سياهه ڪاري، ڪروڌَ، عياشي ۽ آلودگي تهه خاني ۾ رکيل تصوير تي ئي ڏيکارو ڏيئي ٿي. چهرو..... اهڙو ئي معصوم، خوبصورت ۽ جوان. نه عمر اثر ڪري ٿي، نه ئي سندس جسم ۽ روح جي آلودگي سندس چهري تي ظاهر ٿئي ٿي. نور احمد سان گڏ ادي عمر قاضي به ڏاڍو زور ڀريو پر مون عرض ڪيومانَ ته هيءَ ويراڳي جي باهه ڀَلَ ته پيئي دُکي. اڃان ڀڙڪڻ ۾ ڪجهه دير آهي. اِن وچ ۾ ٻه ڪتاب ٻيا سوچيا اٿم، سي لکڻ ڏيو ۽ ائين ’نيل نديءَ ڪناري‘ جو سفر نئين سر شروع ٿيو.
    اِنهيءَ وچ ۾ محترم دوست ۽ ڀاءُ ادا قاضي اسد عابد ۽ ادي مرحوم سعيد اڪبر قاضيءَ جي فرزند سجاد اڪبر هڪ شام مانيءَ تي گهرايو. ڳالهين ڪندي هِن ڪتاب جو ذڪر نڪتو ته ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ قسط وار ’عبرت‘ اخبار ۾ هلائجي. عبرت اخبار سان نه صرف اُنسيت پراڻي آهي، پر هڪ عقيدت، احترام ۽ پنهنجائپ جو رشتو به آهي. سڀ کان پهرين ’عبرت‘ جو ڊڪليئريشن بزرگوار محترم چاچا محمد عثمان ڏيپلائيءَ ورتو ۽ ڪافي وقت هلايائين به. پوءِ ڏيپلائي صاحب اخبار قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ جناب قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جن کي وڪڻي ڏني. قاضي عابد صاحب هڪ بهترين منتظم ۽ دانشور کان وڌيڪ هڪ اعليٰ درجي جو انسان هيو. عبدالغفور جوڻيجو، محترم پروانو ڀٽي، پير مظهر الحق، شمس جعفراڻي، غفران ميمڻ ۽ ڪافي ٻيا دوست هِن اداري سان وابسته رهيا. ادا اسد پنهنجي محترم والد جي نگراني ۾ عبرت سان شروع کان وابسته رهيو. جنهن مهارت سان قاضي اسد صاحب منهنجي پهرئين ڪتاب کي هڪ نظر ڏسندي ئي پروف جي ڪافي غلطين جي نشاندهي ڪئي، تنهن مون کي وڌيڪ ويساهه ڏنو ته عبرت ئي هِن ڪوشش لاءِ بهترين جاءِ آهي. قاضي صاحب جي خاندان سان اسان جي پراڻي نيازمندي آهي. قاضي محمد اڪبر جو فرزند سليم مرحوم ته منهنجو بهترين دوست هيو. پڙهيل لکيل، همٿ وارو، روشن دل، روشن دماغ ۽ بهترين انسان هيو. محترم عزيز شيخ کي ساڻ کڻي حيدرآباد مان سنڌي ۽ انگريزي اخبار ڪڍيائين ٿي. زندگيءَ وفا نه ڪئي.
    هيءُ ڪتاب سفرنامي کان وڌيڪ ماڻهن جي آکاڻي آهي. مختلف ملڪن کان ايندڙ ساٿين جي واتان سندن ملڪن جي ماڻهن جي سوچ جو عڪس آهي. بنگال جو رانجن بوس ڏکويل آهي ته 7-8 سالن تائين يورپ جي تمام ٻولين ۾ ترجمو ٿيل بنگالي ٻولي جي ڪتاب جي اهميت کي ته اسان مڃون ٿا پر بنگالي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي بجاءِ اسان مٿن گوليون هلايون ٿا. اُتي ئي وري ڀارت جو شيام سُندر پرشاد سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙن جي عقل جو ماتم ٿو ڪري، ته غيرمحسوس طريقي سان ڀارت جي نوڪر شاهي ۽ پاڪستان جي نوڪر شاهي جي ڀيٽ ڪري ٿو، جا اسان جي مُلڪ جي نوڪرشاهي لاءِ باعثِ شرم آهي.
    ملڪ شام جي حوالي سان امام عالي مقام شهيدِ ڪربلا جو ذڪر، حُسيني برهمڻن جو احوال، توڙي عيسائي راهب جي امام عالي مقام سان عقيدت جي احوال جو مرڪزي خيال قمر عباسي صاحب جي شام جي سفرنامي مان کنيل آهي. جنهن کي پوءِ ڪافي اهلِ تشيع دوستن جي تصديق کانپوءِ تحرير ڪيو ويو آهي.
    بي واجبي ٿيندي جي آئون هتي اِهو ذڪر نه ڪريان ته مون کي سڀ کان وڌيڪ پياري دوست الطاف شيخ همٿايو. الطاف جي خيال ۾ هيءَ هڪ بهترين ڪاوش آهي ته، سفرنامو ڊائريءَ کان هٽي ڪري لکيو ويو آهي، جنهن ۾ تاريخ ۽ تهذيبن جي ارتقا، ٺهڪاءَ توڙي تضاد کي ماڻهن جي ميلاپ ۽ ڏيک ويک ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. آئون ادي الطاف جو ٿورائتو آهيان.
    عمر قاضي صاحب هر باب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ راءِ ڏيندو رهيو ۽ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اُتساهيندو رهيو. آئون انهيءَ محبت لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
    ڪتاب جي آخري بابن ۾ ڏنل ڪجهه جُزن کي سهيڙڻ ۾ مون کي ثمرين حسن ۽ نديم احمد مدد ڪئي جيئن ڪتاب جلد مڪمل ٿئي. ثمرين، عمر قاضي ۽ نديم وقتاً فوقتاً مون کي ڪتاب جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ چوندا رهيا. سندن پنهنجائپ ۽ دلچسپي لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان. البته هڪ ڳالهه آهي. منهنجي ذهن ۾ ڪتاب جو ڪينواس اڃان ڪجهه وسيع هيو. ٻاونجاهه سالن جي غير شادي شده مستل ۽ گهانا جي جيڪب جي ڳالهه ڪجهه تشنه رهجي ويئي. پر ائين ڪتاب ڪجهه ضخيم ٿي وڃي ها.
    آئون پنهنجي محترم دوست بيدل مسرور بدويءَ جو ٿورائتو آهيان جو هُن مون کي ٻوليءَ جي بيهڪ جي غلطين ڏي ڌيان ڇڪايو. محترم نفيس احمد ناشاد جنهن قُرب ۽ محنت سان ٻوليءَ جي درستگي توڙي ڪتابت جي غلطين جي دُرستگي ڪئي آهي سا صرف نفيس صاحب ئي ڪري سگهيو ٿي. آئون سندس اِهو ٿورو ڪونه وساري سگهندم. نفيس احمد ناشاد صاحب پنهنجي هڪ ننڍڙي نوٽ سان مسودو موٽائيندي ڪتاب کي ’دردناڪ‘ سڏيو آهي. آئون صرف اِهو چوندم ته نفيس صاحب منهنجي چوري پڪڙي ورتي آهي. ڪنهن کي ٻڌايان ته هي داستان لکندي ڪيترائي دفعا رُنون هوندم. ڪيترائي دفعا جسم، دل ۽ دماغ کي ايڏو ته نستو محسوس ڪيو هوندم جو ساندهه ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُٿڻ جي همٿ ڪونه ٿي هوندم.
    تعارفي ڪلمات لاءِ يوسف شاهين صاحب، الطاف شيخ، عمر قاضي، گلشن لغاري مهرباني ڪئي. محترم يوسف شاهين صاحب جي تعارفي ليک، ”سالڪ سنڌ جو“ نه صرف موضوع ۽ معنوي لحاظ کان ڪتاب جو مڪمل جائزو پيش ڪيو آهي پر ساڳئي وقت تي مصر جي تاريخ جي ڪِن اهم ورقن کي ڦوليو آهي. يوسف شاهين صاحب علمِ مصريات تي دسترس رکي ٿو. ساڻس ملاقات کانپوءِ به تشنگي رهي ته اڃان جي ڪي گهڙيون سندس وِيچارَ ٻڌان ها. هڪ ڳالهه جا محترم يوسف شاهين ڪونه لکي آهي اُها هيءَ آهي ته سائين مون سان متفق آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي نه صرف قائم رکڻ پر وڌائڻ ۽ ويجهڻ ۾ هٿ ونڊائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
    سڀ کان وڌيڪ آئون پنهنجي جيون ساٿي نسيم جو ٿورائتو آهيان. جي نسيم جو ساٿ نه هجي ها ته شايد آئون لکي ڪونه سگهان ها. اڄ جڏهين جيون جو سفر ٽپهريءَ تي اچي پهتو آهي، ته مون کي احساس ٿو ٿئي ته منهنجو رؤن رؤن نسيم جي پيار جو قرضي آهي. نسيم! آئون توکي سمونڊ جي گهراين جيترو پيار ٿو ڪريان. تنهنجو احسان مند آهيان جو تو منصور، ڪنول، خرم، علي، اُسامه ۽ احمد جهڙا پيارا ۽ سهڻا انسان ڄڻيا آهن، جن تي مون کي فخر آهي.

    آفتاب ميمڻ
    مئي 2011ع


    نيل نديءَ ڪناري

    ڪي پُراڻا ڪاغذ ڳوليندي هڪ فائيل جو کوليم ته منجهانئس ڪي فوٽو ۽ پوسٽ ڪارڊ کسڪي پٽ تي ڪري پيا. کڻي جو ڏٺم ته ايمان احمد الرزاق جو فوٽو ۽ سندس موڪليل ڪارڊ هيا. هيڪر ته واپس ٿي رکيم پر ڪنهن اڻڄاتي جذبي جي لاشعوري قوت جي تحرڪ هڪ نظر وري سندس من موهڻيءَ شڪل ڏسڻ لاءِ اُتساهيو. ها.....!! چهرو ئي ته آهي..... شڪل ئي ته آهي..... نه ته ڪرسٽوفر مارلو جي ڊاڪٽر فاسٽس جو ڪردار فاسٽس (جيڪا ڪهاڻي اڳيان هلي گوئٽي جي لازوال ۽ لافاني ڪردار Faust ۾ سموئي) جڏهن پنهنجي روح کي شيطان جي حوالي ڪري ٿو (ته موٽ ۾ هو سندس هر خواهش پوري ڪندو) ڇو ابليس جي نمائندي کي چوي ته مون کي ٽِراءِ جي هيلن سان ملائي.... هيلن (Helen) مجسمه ء وجود ٿي مون وٽ اچي..... ڇا ايڏي سهڻي آهي؟ ۽ جڏهن هيلن آف ٽِراءِ سندس سامهون اچي ٿي ته چوي ٿو:
    “Was this the face that launched a thousand ships?”
    (ڇا هي ئي اِهو تابناڪ چِهرو آهي جنهن جي ڪري هزارين جنگي جهاز لڙي آيا.)
    ها! هيلن جي ڪري ئي ٽراءِ جي جنگ ٿي، جنهن ۾ فاني انسانن سان گڏ لافاني ديوتائن به پاڻ ملهايو. ٽراءِ جي جنگ ئي دنيا ۽ ادب جي لازوال رزميه داستانن ”اليڊ“ (يا اِل يڊ پڙهجي ته وڌيڪ موزُون آهي.) ۽ ”اوڊيسي“ کي جنم ڏنو. جنهن هومر کي عظيم ترين شاعر جو مرتبو ڏنو.
    وري چيائين:
    “Here will I dwell, for heaven is in these lips”
    ۽ وري چوي ٿو ته:
    “Hellen! Make me immortal with thy sweet kiss”
    (مون کي اتي ئي رهڻ ڏي. واس ڪرڻ ڏي. جو تنهنجي چَپن جي مڌرتا ۾ ئي جنت آهي! هيلن پنهنجي پيار ڀري چميءَ سان مون کي لافاني ڪري ڇڏ.)
    ايمان جو چَهرو ڏسندو رهيس. يادن جو واچُوڙو ذهن کي نِسَتو ڪندو رهيو. وقت جو ڦيٿو ڦرڻ لڳو..... Forward..... backward اڳيان... پويان 5 نومبر 2000 لکيل هيو.ِ 05 نومبر 2006 تي هن آخري خط موڪليو هيو ته سندس شادي ٿي رهي آهي. سندس مڱيندو انجنيئر آهي. هن چيو ته هاڻي هوءَ خط لکي نه سگهندي. وري فوٽو کي اٿلائي ڏٺم.
    پويان 5 نومبر 2000 لکيل هيو. نيل نديءَ ڪناري قاهره شهر ۾ هڪ بينچ تي ويٺل منهنجو ۽ ايمان جو فوٽو. پويان لکيل هيو:
    ”مان خوش آهيان جو تو جهڙو پيارو دوست مليو.
    پيار مان.... ايمان.“
    ساروڻيون، ڦُڙا ڦُڙا ٿي مُندائتي مينهنَ جيان وَسڻ لڳيون.
    منهنجو قاهره ۾ آخري ڏينهن هيو. اڌ رات جو دبئيءَ لاءِ جهاز هيو، جتي ٽن ڏينهن لاءِ ٽرانزٽ ويزا وٺي رهڻ جي ڪئي هئم، ته جيئن ڪراچي موٽڻ کان اڳ قاهره جي حسين يادگيرين کي ميساري سگهان.
    متان ايمان جي حسِين قُرَبَ جي چُغلي منهنجي رونءَ رونءَ مان ڦٿڪندي عالم آشڪار نه ٿئي. ڀريل جهولي به ته ڪنهن کي ڪانه وڻي. خالي هَٿَ، خالي جهولي ۽ بي رونق چهرو به شايد ڏسندڙن کي سُڪون ڏيندو آهي. پنهنجي تنگ دامنيءَ ۽ ڏيوالپڻي جي احساس کي شايد گهٽ ڪندو آهي. نيل نديءَ ڪناري هڪ بينچ تي ويٺي ڪون آئسڪريم کائيندي هن عجيب لهجي ۾ چيو:
    ”رات جو وڃين پيو؟“
    ”ها“ ڪنڌ هيٺ ڪندي وراڻيو مانس.
    ڪجهه دير ته ڪنهن به نه ڳالهايو.
    ”ٻُڌ! هُو سامهون جو ڇوڪرا بيٺا آهن، انهن مان ڪنهن کي چوان ته اسان جو فوٽو ڪڍي.تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“ چيائين.
    ”ڀلي (ok)“ جواب ڏنومانس.
    ”صرف، ڀلي..... ok, ..... just“
    تمام جهانن جي اُداسي سندس لهجي ۾ لهي آئي.
    اندر ۾ ڄڻ ڪيئي وَڍَ پيا.
    ڏانهس نهاريم.
    ڏسندو ئي رهجي ويس.
    هن جون نيليون اکيون جي هر وقت پيون چمڪنديون هيون، ڄڻ ڪهڪشائن جي اٿاهه نيلگون سمونڊ ۾ چمڪندڙ ٽمڪندڙ تارا هجن. ايئن چوندي ڪيڏيون نه اداس ۽ بي جَوت ٿي لڳيون. ڄڻ منجهانئن زندگي نپوڙي ويئي هجي.
    ”اي مالڪ! هي مشعل مشعل ٻَرندڙ اکڙيون! هي حياتي سان ڀرپور اکڙيون! هي هردم کِلندڙ اکڙيون سدا روشن رکجانءَ.“ دل ئي دل ۾ رب کي ٻاڏايم.
    ٽهڪ ڏيندي چيم ته: ”چري منهنجو اِهو مطلب نه هيو.“
    سندس چپ ڀُڻڪيا. اکين ۾ آيل نميءَ کي هٿ جي تري سان صاف ڪرڻ جي ٿي ڪيائين ته مون سندس هٿ جهلي پنهنجا اُڃايَل چپ سندس اکين تي رکندي سُرِڙاٽ ڪيو:
    ”تون ته هر دم منهنجي دل ۾ آهين. منهنجي نَسَ نَسَ، منهنجي ساهه ۾ آهين. مون کان ته تنهنجي لمحن لاءِ وڃي ڪنهن کي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چوڻ به جدائي جو عذاب ٿو لڳي. تنهنجي تصوير کان وڌيڪ تازو ته هردم تنهنجو تصور آهي.“
    هن جي چهري تي مُرڪَ موٽي آئي.
    منهنجي پاسيريءَ ۾ ٺونٺ هڻندي، منهنجو هٿ پنهنجي ياقوتي چپن سان ڇُهندي ٽهڪ ڏنائين.
    ”ڳالهيون ٺاهڻ ته ڪير توکان سکي. پر مون کي تنهنجي انهيءَ ڪوڙ سان به پيار آهي.“
    ”چڱو هل ڙي گامون سچار! وڃي ڪنهن کي سڏ ڪري اچ .آئون چوندم ته ڪير لفٽ ڪونه ڪرائيندو. تون اشارو ڪندينءَ تي هيءَ ٽيئي ڄڻا نيل نديءَ ۾ ٽپو پهريائين ڏيندا، سوچيندا پوءِ ته کين ترڻ ته اچي ئي ڪونه ٿو.“ ٽهڪ ڏيندي چيومانس.
    خيال آيم ته جي پڇيائين ته هيءُ ’گامون سچار‘ ڪير آهي ته کيس ڪيئن ٻڌائيندس ته اسان ڪُوڙن جي ديس ۾ هڪ سچ ڳالهائيندڙ هيو! جنهن کي اسان ”چريو“ چوندا آهيون. موقعو نه مهل ويٺو سچ ڳالهائي. اڃان گامونءَ واري دور ۾ نور عباسي ڪو نه هيو، نه ته نور عباسيءَ جو ”واٽ ويندي“ پڙهڻ کان پوءِ گامونءَ کي خبر پوي ها ته جڏهن واٽ ويندي ٻانڀڻ سان ”ڪجهه“ ٿي سگهي ٿو ته سچ ڳالهائڻ تي اسان کيس صرف ”چريو“ چئي مٿس وڏي مهرباني ڪئي آهي.
    ڪيميرا کڻي هوءَ اٿي. ڊيل جيان هلندي وڃي عربيءَ ۾ هڪ ڇوڪري کي ڪجهه چوڻ لڳي.
    نوجوان خوشي خوشي آيو.
    ايمان موٽي اچي مون سان بينچ تي ويٺي. ايئن جو، سندس بنا ٻانهن واري شرٽ مان نڪتل ٻانهون منهنجي ڳَلي جو هار بڻائي، ڳل ڳل سان لڳائي ڪيميرا واري کي Yes ڪيائين ۽ ايئن اسان جو اهو يادگار فوٽو نڪتو، جو چار سال مون ڪنهن فائيل ۾ خطن ۽ ڪاغذن ۾ رکي هڪ ڪنڊ ۾ ڪري ڇڏيو هو.
    ڪهڙي مُنهن سان ڏسان ها سندس فوٽو! هن ڪيئي ڪارڊ موڪليا. خط لکيا. اچڻ جي ڪيائين. مون کيس هتي جي خراب حالتن جو بهانو ڪري اچڻ کان منع ڪئي.
    ڪيئن ٻڌايانس ته، سندس قرب ته خواب ناڪ هيو.
    پر هتي به ڪا آهي، جا مون لاءِ ويٺي آهي. هرجائي آهيان يا ڀوئنرو آهيان، جو آهيان سو آهيان. رشتن ۽ ناتن جي حدن ۽ سُٻَنڌَن جو تعين شايد پنهنجو پنهنجو آهي.
    فوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿي نظر آئي.
    نيل نديءَ ڪناري لڳل بينچ تي ويٺا هئاسين. ويٺي ڳالهيون ڪيوسين. لهندڙ سج جي لالي نيل ندي ۾ وهنجڻ لڳي. لهندڙ سج هونئن به مون کي اداس ڪندو آهي.
    سانجهيءَ ۾ هڪ عجيب سانت آهي.... اداس ڪندڙ.... ڄڻ روشني ئي ڪونه ٿي وڃي جيون جوتِ به پويان پساهه پئي کڻي. اُمنگون، جوش، ولولو ۽ زندگي جي رات جي تاريڪيءَ ۾ جنم وٺن ها ته وان گوگ ٽاڪ منجهند جو شهره آفاق تصويرن جي تخليق نه ڪري سگهي ها.
    فوٽ پاٿ تي ايزل رکي جڏهن سج اچي سوا نيزي تي بيهندو هيو ته وان گوگ جي اندر جي آنڌ مانڌ سندس برش ۽ رنگن مان ترورا ڏيندي نروار ٿيندي هئي. تکا تکا تيز ۽ بي چين ڪندڙ رنگن جي ورکا روشن ڏينهن جيئن مصور جي اندر جو ڏيکارو ڏيندي هئي.
    بي چين ٿي اٿيس.
    ”ڪيڏانهن؟“ ايمان پڇيو.
    ”هل ته نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون. (let us take a walk) “
    هوءَ اٿي. جاگرز (Joggers) پاتل هيا.
    هلندا رهياسين. خاموش. هن ماٺ ٽوڙي:
    ”ٻڌ! آئون عرب آهيان پر مون کي نيل نديءَ جي جاگرافي کان سواءِ ڪا خبر نه آهي. جڏهن اسان جو گروپ نيل جي رات واري ڪروز لاءِ اُسريو پئي ته تو نيل نديءَ تي ايئن پئي ڳالهايو، ڄڻ تو سالن کان علمِ مصر تي تحقيق ڪئي هجي. مون کي ڏاڍو وڻين پيو؛ وري ٻڌاءِ نه!“
    ڪنڌ ورائي کيس ڏٺم. ڇا ٻڌايانس. مصر ۽ نيل نديءَ جون ڪٿائون ايڏيون ته هوش ربا آهن جو جڏهن ورجائيندو آهيان ته لڳندو اٿم ته پاڻ به هڪ ڪردار آهيان... هزارين ميل پکڙيل ويران ريگستان... جتي مينهوڳيءَ کان وانجها واري جا دڙا ڪنهن نيل نديءَ جي سيرابيءَ جي انتظار ۾ صدين کان اڃايل....
    نيل ندي صرف ندي نه آهي، انساني تاريخ ۽ تمدن جي اوسَرَ جو اهڃاڻ آهي. جيئن ’ويدن‘، گنگا، جمنا ۽ نربدا کي ماءُ جو درجو ڏنو. سپت سنڌو کي مهان ڄاڻايو. رومين درياءَ ٽائبرَ کي پيءُ ڄاڻايو. جرمنز رائين درياءَ کي ماءُ ڄاتَو. تيئن قديم مصرين نيل کي ديوتا جو درجو ڏنو.
    ڇا ٻڌايانس، اوسيرس ديوتا جو سزا ۽ جزا جو مالڪ آهي ۽ جنهن جي خدائي ۾ سندس زال آئيسس (Isis) به ڀاڱي ڀائيوار آهي. سندس پٽ هورس (Horus) سج ديوتا آهي، تنهن اوسيرس کي پيدائش ۽ زرخيزي جي علامت سمجهيو ويندو هيو. اوسيرس نيل جي لاهه ۽ چاڙهه تي قدرت رکي ٿو. طاقت جو منبع آهي. سزا ۽ جزا تي اختيار رکي ٿو. تڏهين ته جڏهين نيل درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته اوسيرس کي يعني نيل درياءَ کي ڪنواريءَ جي ڀيٽا ڏيندا هئا.
    جتي سرزمين هند Matriarchal سوسائٽي هئي، يعني عورت جو درجو اُتم هيو اتي رُومي ۽ يوناني وري Patriarchal سوسائٽي جي رجحان جي عڪاسي ڪن ٿا. ته نيل ندي جي وادي وري هڪ نئين روش جي عڪاسي ڪري ٿي. عورت ۽ مرد ڀاڱي ڀائيوار قرار ڏنا ويا. سندس پٽ (هورس) به سج ديوتا جو مظهر. يعني پنهنجي هم عصر توڙي ڪجهه پوءِ ايندڙ سماجي لاڙن کان وڌيڪ ترقي يافته معاشري جو هڪ نمونو هيو.
    عورت ۽ مرد جي شراڪت سان حڪومت جو واضح ترين مثال ته مصر جي فرعونن جو آخري خاندان هيو. يوناني نسل پٽولمي خاندان جنهن کي بطليموسي خاندان ڪري سڏيو ويندو آهي تنهن جا سورهن بادشاهه ٿيا. هر هڪ فرعون به سڏايو ته پنهنجي راڻيءَ سان گڏجي حڪومت ڪيائين. ڪٿي راڻي حڪومت ڪئي ۽ شادي ڪري بادشاهه کي شريڪ ڪيائين ته ڪٿي بادشاهه کي راڻيءَ سان شادي ڪرڻي پئي جو بادشاهت لاءِ ضروري هيو ته راڻيءَ سان شادي ڪري کيس شريڪ حڪومت ڪري. درياءَ بادشاهه به ته آئيسس کان سواءِ نامڪمل هيو.
    پر سڀ کان مزيدار ڳالهه (شايد گهڻن کي اڻ وڻندڙ لڳي) اها هئي ته هر راڻي ۽ هر پٽولمي بادشاهه پنهنجي ڀيڻ يا ڀاءُ سان شادي ڪئي. جڳ مشهور قلوپيٽرا انهيءَ پٽولمي يا بطليموسي خاندان جي چوڏهين حڪمران هئي. پنهنجي حڪومت قائم رکڻ لاءِ قلوپيٽرا پنهنجي هڪ نه پر ٻن ڀائرن سان واري واري سان شادي ڪئي. بطليموسي خاندان ۾ هڪ قلوپيٽرا ڪانه هئي. مشهور زمانه قلوپيٽرا جو اصل نالو راڻي فلوپيٽرا هيو، جا قلوپيٽرا ڇهين جي نالي سان مصر جي واڳ ڌڻي ٿي ۽ پنهنجي ڀائرن بطليموسي چوڏهين ۽ بطليموسي پندرهين سان هڪ ٻئي پٺيان شادي ڪئي. هڪڙي کي خير سان مارائي وري ٻئي سان شادي ڪيائين. روم جي مشهور جوليس سيزر کي روم جي سينيٽ موڪليو هيو ملڪ فتح ڪرڻ پر فاتحن جو فاتح قلوپيٽرا جي زلفن جو اَسير ٿي جنگي جهازن جي ڪمان داري وساري سازو آواز ۽ زلفن جي پيچ وخم ۾ وڪوڙجي ويو. سندس ناجائز تعلق ۽ عشق جي هڪ نشاني پُٽَ جي صورت ۾ ٿي جو صرف چوڏهن سال جيئرو رهيو. تان جو قلوپيٽرا جي ٻي عاشق مارڪ انٽوني جي سالي مصر تي حملو ڪندي کيس ماري ڇڏيو ۽ قلوپيٽرا پاڻ کي نانگن کان ڏنگائي پنهنجو انت آندو. هڪ طرف شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ۾ جوليس سيزر، مارڪ انٽوني، سلطنت روم جي ڪيترن ئي ٻين ڪردارن ۽ قلوپيٽرا کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي نيل ندي جون ڇوليون جوليس سيزر ۽ قلوپيٽرا ۽ وري چئن سالن بعد مارڪ انٽوني ۽ قلوپيٽرا جي شاهي ٻيڙن جي سَجيل رنگ و طرب جي محفلن جي گواهي ڏين ٿيون.
    قديم مصري تهذيب جي ان وقت جي مرد ۽ عورت جي شراڪت جي سماجي پهلو جو هڪ دلچسپ اهڃاڻ اها شاهي مُنڊي ۽ مهر به هئي جا قلوپيٽرا هر وقت پائيندي هئي. مُنڊي علامت هئي سرسبز ۽ شاداب رهڻ جي. ڀرپور زندگي جي. جيون جي. زرخيزي جي. ”مادر شڪمي جي.“ مرد ۽ عورت جي تعلق جي انهيءَ علامت ۽ نشان کي Ankh (انگ) ڪري سڏيو ويندو آهي. علامت ۾ مرد جي مخصوص عضوي ۽ عورت جي عضوي جي ميلاپ کي ڏيکاريو ويو آهي. ڪيترن ئي قديم قبيلن ۾ ”انگ“ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. چون ٿا ته اڄ به آفريقا جي ڪن قبيلن ۾ اها پوڄا جاري آهي. لنگ ديوتا جي شڪل ۽ ”انگ“ ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.
    پر اهي ڳالهيون ته کيس ڪالهه به ٻڌائي چڪو آهيان، صرف انهي وڌاءَ سان ته تون نيل ندي جيان منهنجي روح کي سيراب ڪر.


    نِيل - وولگا - سنڌُو - ٽِيمز

    ”جواب ڪونه ڏنئه، ڇا ٿو سوچين.“ ايمان چيو.
    ”سوچيان ٿو ته ڪهڙو جواب ڏيان؟ نيل ندي جي جاگرافي ٻڌايانءِ يا مصر جي فرعونن جي جاهه و جلال ۽ نامور ٿيڻ جي خواهشن جو ذڪر ڪريان. جوليس سيزر، مارڪ انٽوني، عمرو بن العاص، نيپولين ۽ ٻين فاتحن جو ذڪر ڪريان يا قلوپيٽرا جي لازوال حسن ۽ عشق جي داستانن کي ورجايان يا وري انهن ڪروڙين لکين مجبور ۽ بيڪس مزدورن جو بيان ڪريان جن جي رت ۽ پگهر جي پورهئي اهرامِ مصر جهڙي عجوبي کي تخليق ڪيو. انهن بيوس بيگار ڪندڙ مزدورن جو ذڪر صرف سندن نالي ”فلاحين“ کان سواءِ ڪٿي ڪونهي. پر ڏاڍ ۽ جبر جي علامت فرعونن جي شان و شوڪت سان تاريخ ڀريل آهي. ڪٿان شروع ڪريان، ڪٿان ڇِنان ۽ ڪٿان ڳنڍيان؟ يا انهيءَ نومولود معصوم جي بانس ۽ ڪَکن سان ٺهيل جُهولي جو ذڪر ڪريان، جنهن کي سندس شفيق ماءُ، فرعون جي اهلڪارن هٿان قتل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نِيل نديءَ حوالي ڪيو.“.
    ”يار، تون ته ڏاڍو جذباتي آهين.“ هن مون ڏي ڏسندي چيو.
    ”جذباتي ڪونه آهيان، تاريخ جي بي رحمي هڪ حقيقت آهي.“ وراڻيم .
    ”خبر اٿئه! جڏهين پهريون دفعو گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد ڏٺم ته مون ڇا چيو هيو!!؟“
    ”ٻڌاءِ!“ هن ڄڻ جهونگار ڪئي. ٻوليندي هئي ته ڄڻ لَئَه ۽ سُرَ جي تمام مَڌَرَتا جاڳائيندي هجي.
    ”پهريون دفعو جڏهن اسلام آباد ويم ته بازارون، روڊ رستا، زير زمين بجلي جي لائين، اڇيون کير جهڙيون خوبصورت عورتون جن کي هٿ لڳائيندي ڊپ ٿئي ته متان ميريون نه ٿي پون. سڀ مانڊاڻ ڏسي بي اختيار ٿي چيم: ”ڪيا بات هي!“
    جو دوست گڏ هيو، انهيءَ اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ مانڊاڻ جو نقشو اڃان پيرائتو ڪري بيان ڪيو ته مون چيومانِ ته: ”هتي جي روڊن، رستن ۽ گهٽين مان منهنجي ملڪ جي غريب ماڻهن جي رت جي بوءِ اچي ٿي. هي اربين روپين جي جاهه و جلال ۽ شان و شوڪت واري نمائش، ان ملڪ ۾ ٺهي ڪانه ٿي جتي ٽيٽيهه سيڪڙو ماڻهو افلاس جي حد کان به ڪريل زندگي گذارين ٿا.“
    ”مون کي تنهنجي انهيءَ پهلوءَ جي خبر نه هئي! ڪميونسٽ ته ڪونه آهين؟“ ايمان پڇيو.
    ”ننڍپڻ ۾ ڪٽر قسم جو مُلون هوندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن ته مسجد ۾ وڃي ٻانگ به ڏيندو هئس. فجر جي ٻانگ کان اڳ مسيت ۾ پهچي ٻهاري ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو هيس.“ وراڻيم.
    ”پوءِ!“
    ”پوءِ! ٿورو وڏو ٿيس ته خبر پيئي ته جنهن جامع مسجد ۾ آئون نماز پڙهڻ ويندو هئس، تنهن جو مولوي اهلحديثي ٿي ويو آهي.
    سوچيم، مون کي ڪهڙو فرق ٿو پوي. تان جو هڪ ڏينهن نماز لاءِ نيت جوٽڻ لاءِ تڪبير هڻڻ کان اڳ مولوي مقتدين جو جائزو وٺڻ لاءِ پوئتي ڏٺو. منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ باريش بزرگ کي اشارو ڪيائين.
    بزرگ مون کي شلوار جا پانچا مٿي کڻڻ لاءِ چيو. مون کي کُٽي کنئي جو پڇيو مانس ته ضروري آهي ڇا؟ ۽ مولوين کي نماز وسري ويئي. مون کي ٻانهن مان جهلي ٻاهر ڪڍيائون. ڏاڍي بيعزتي محسوس ڪيم. پاڙي جا چار سنگتي گڏ ڪري مولوي جي گهر واپسي واري رستي تي بيهي رهياسين. مولوي کي ڏاڍي مار ڪڍي سين. وري مسيت ڪونه ويس.
    ”ڇڏ وائڙي مشڪري. هڪڙي مان ٻي. مون کي نيل ندي ۽ ان سان وابسته ڪهاڻين ۾ دلچسپي آهي.“
    ”ايمان! نيل هڪ عجيب ندي آهي. اسان جو سنڌو درياءُ هجي يا گنگا يا جمنا، پر نالا ڇو؟ درياءُ هميشه اتر کان ڏکڻ هلندو آهي پوءِ اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر هلي يا اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه هلي. نيل ندي تمام دريائن جي ابتڙ ڏکڻ کان اتر هلي ٿي.“ کيس ٻڌائيندي چيم.
    ”نيل ڊيگهه ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو درياءَ آهي. جي روس جو درياءَ وولگا، سنڌو ۽ انگلستان جو ٽيمز هڪ لائين ۾ سڌا ڪري رکيا وڃن ته به نيل انهن ٽنهي دريائن جي گڏيل ڊيگهه کان وڌيڪ ڊگهو آهي. جي گنگا، سنڌو ۽ ٽيمز ندي جهڙيون پنج نديون ملائجن ته به مشڪل نيل ندي برابر ٿينديون. نيل نديءَ جي ڊيگهه چار هزار ٻه سئو ميل آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته پنهنجي انهيءَ سفر جي آخري هزار ميلن جي سفر ۾ هي درياءَ هڪ وحشتناڪ صحرا مان گذري ٿو. ڪيئن ٿو پنهنجي آب و تاب برقرار رکي، ڪيئن ٿو روان دوان رهي جو انهن هزار ميلن جي صحرا ۾ نه ته بارش پوندي آهي نه ئي ڪو ٻيو درياءَ اچي نيل سان ملندو آهي. ڪيئي صديون ته اها به خبر ڪانه پيئي ته نيل ندي ڪٿان ٿي نڪري. نيٺ اوڻويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري وڃي ڳولي لڌائون ته نيل يوگنڊا ۾ وڪٽوريه ڍنڍَ سان لاڳيتو ”رون زوري“ جي پهاڙن جي برف پوش چوٽين مان نڪري ٿي. خط استوا جي قريب هوندي به ”رون زوري“ جي سترنهن هزار فٽ بلند چوٽي هر وقت برف سان ڍڪيل هوندي آهي. لاڳيتي ”ڪاگيرا“ ڍنڍ به آهي جنهن جو پاڻي به نيل ۾ شامل ٿيندو آهي. وڪٽوريه ڍنڍ ته دنيا جي ٻي نمبر تي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. اهو نيل ندي جو مٿانهون حصو آهي جو قريب 524 ميل آهي ۽ مٿاهين نيل چورائيندو آهي. يعني وڪٽوريه ڍنڍ، ڪاگيرا ڍنڍ، ايڊورڊ ڍنڍ، رون زوري جي فلڪ بوس برف پوش پهاڙي سلسلي کان البرٽ ڍنڍ تائين. هيٺ هلندي وري ٻيو حصو مٿاهين نيل چورائيندو آهي. يوگنڊا ملڪ کان هلندي سوڊان ۾ ايندي بحرالغزل نالي هڪ درياءَ اچي نيل ۾ شامل ٿيندو آهي. هت زمين ڌٻڻ واري آهي. اڳيان هلي نيل جو ٽيون حصو شروع ٿئي ٿو جنهن کي سفيد نيل چوندا آهن. هتي اچي ايٿوپيا مان ايندڙ نيرو نيل درياءَ، سفيد نيل ۾ شامل ٿيندو آهي. ٻنهي دريائن جو ميلاپ سوڊان جي مشهور شهر خرطوم ۾ ٿيندو آهي. درياءَ جو چوٿون حصو خرطوم کان شروع ٿيندي قاهره تائين وڃي ٿو. انهيءَ حصي ۾ ئي ”اتبارا“ درياءَ اچي نيل نديءَ ۾ شامل ٿئي ٿو. هي حصو خرطوم کان وٺي اسوان (جتي مشهور اسوان بند ٺهيو) تائين ايڏو ته ناهموار آهي جو وچ ۾ ڇهه آبشار ٺهي ويا آهن جي ڏسڻ وٽان آهن. خاص طور اسوان بند جي ويجهو ٺهيل آبشار ته عام سياح به ڏسڻ ايندا آهن. قاهره کان پوءِ ڪجهه اڳيان هلندي نيل جو ڊيلٽا شروع ٿئي ٿو. نيٺ هلندي دمياط ۽ راشده جي بندرگاهه وٽ ڇوڙ ڪري ٿو.“
    ”يار! هاڻ بس ڪر نيل نديءَ جي جاگرافي“ هن چيو.
    ”بس ڪيم“ وراڻيم.
    ”موٽي هلون، ڪافي پسار (Walk) ٿي ويئي آهي.“
    اسين واپس هوٽل ڏي هلڻ لڳاسين. اسان سمورن نمائندن جي رهڻ جو انتظام هوٽل قاهره ۾ ڪيل هيو. قاهره نيل نديءَ ڪناري تي هڪ ٿري اسٽار هوٽل هئي. اندر گهڙندي ئي استقباليه جي ساڄي پاسي آئيسِس نالي سان لائونج هئي جتي هوٽل وارن جي چوڻ مطابق صرف اُنهن غيرملڪين کي شراب مهيا ڪيو ويندو هيو جي غيرمسلم هيا. اها ونڊي اندر ڊسڪا ۾ ڪا نه هئي. پر لابي لاءِ هئي ڇو ته لابي ذري گهٽ عام گذرگاهه جيان هئي. پر هر وقت مصري توڙي ڀرپاسي جي ملڪن جاعربي ۽ آفريقي مسلمان ويٺا چُسڪي هڻندا هيا. اُن وقت به اسان جي گروپ جا چار ڄڻا ويٺا چُسڪيون هڻي رهيا هئا. ٻه ته ماريشس جا هئا.
    هڪڙو هيو شاهه ديو سنگهه گڊيءَ (ءَ کي اي وانگي ڇڪي پڙهجي). شاهه ديوسنگهه کي آئون سدائين قبلا شاهه صاحب ڪري سڏيندو هئس. پهريائين ته ويچاري کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. پوءِ کيس پنهنجي سنڌي نقشي سان واقفيت ڪرايم ۽ ٻڌايو مانس ته اسين سنڌي شاهه نالي کي سيد ۽ آل رسول سان منسوب ڪندا آهيون. شاهه جو منهن توڙي اعمال توڙي اندر اماؤس رات جيان ڪارو ڇو نه هجي پر اسين کين پيرن پئي ملندا آهيون ۽ عزت ڪندا آهيون.
    ”آئون رنگ جو ڪارو آهيان تنهن جي ٽوڪ ٿو هڻين.“ شاهه ديوسنگهه چيو.
    ”آئون وري ڪهڙو ڪشميري بٽ آهيان؟ توکان ٿورو ئي گهٽ سانورو آهيان.“ چيومانس.
    ”پر نڀاڳا! آئون سک آهيان، منهنجو گرُو اسلام ۽ تنهنجي رسول ﷺ جو شيدائي هوندو هيو. اسان جي پاٺَن ۾ به تنهنجي قرآن جون آيتون سربستيون ترجمو ٿي ڇپيل آهن.“
    ”منٽو جي ”کول دو“ پڙهه ته خبر پويئي ته سکن کي مسلمانن لاءِ ڪيتري محبت آهي.“
    شاهه ديو سنگهه گڊيءَ ڳاڙهو ٿي ويو. چيائين، ”مون اردو ادب به پڙهيو آهي ۽ منٽو به پڙهيو آهي. جتي منٽو مسلمان عورت جي سکن ۽ هندوئن هٿان لڄالٽ کي چِٽيو آهي اُتي مسلمانن طرفان ٿيل هندوئن ۽ سک عورتن کي زبردستي مسلمان ڪرڻ ۽ سندن لڄ لُٽڻ کي به ڏيکاريو آهي.“
    ”يار ناراض نه ٿي، مون ته ڀوڳ پئي ڪيو.“ مون چيو.
    هن جواب نه ڏنو.
    مون جملو جاري رکندي چيو ته: ”يار مون کي ته اها شاهه واري ڳالهه انهيءَ ڪري ڪرڻي هئي ته 1971ع واري هندستان پاڪستان جي جنگ ۾ جڏهن هندستان کٽيو ته اسان وٽ سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ ويچارا معصوم سنڌي ڳوٺاڻا اڪثر ايئن چوندي ٻڌا ويا ته سائين اڳيان به سيد جو ٻچو هو. سائين مانڪ شاهه ڪير سڏائي. ويچارا اٻوجهه سنڌي جنرل مانڪ شا کي مانڪ شاهه ڪري سمجهندا هيا ۽ هندستاني فوج جي فتح سيد جي صدقي قرار ڏيندا هئا. آيئي سمجهه ۾! اوهين سک هروڀرو بدنام آهيو، اسين سنڌي به گهٽ ڪونه آهيون.“
    انهيءَ تي ٽهڪ ڏنائين، پوءِ ادب، شعر و شاعري ۽ صنف نازڪ تي بحث ڇڙيو. ڪلاڪ کن ۾ اسان ٻئي بهترين دوست ٿي وياسين. اسان جو هڪ دوست کيس گڊ ڊي (سٺو ڏينهن) چوندو هيو.
    ڪجهه ڏينهنَ کان پوءِ مون کي چيائين ته ”يار هي تون مون کي شاهه صاحب نه چوندو ڪر، تون لا مذهب آهين.“ ان ڏينهن کان پوءِ آئون کيس ديو سڏيندو هئس. هڪ اڌ دفعو ته ديوَ ٻڌي صرف مسڪرايائين پر سندس اکين ۾ شرارت آميز چمڪ مون کان ڳجهي ڪانه رهي. پڇيومانس ته لنوائي ويو، شايد موقعي جي تاڙ ۾ هيو.
    هڪ دفعو ڪافي ڄڻا ويٺا هئا ته گوهر افشاني ڪيائين ته ”مون کي منهنجي گرل فرينڊ ديوَ ڪري ڪوٺيندي آهي ۽ هاڻي هي فريضو احمد انجام ڏيئي رهيو آهي.“
    شيام هڪدم چيو: ”گرل فرينڊ جي جڳهه ورتي اٿس ڇا؟“ اچي ٽهڪڙو متو.
    ”مار پوئيه! مون کي ان سان ته نه ملاءِ.“ مون چيو.
    وڌيڪ ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”نه، هاڻي ته ٻچُو تون مون کي ديوَ چوندين.“
    ٻيو ماريشيسي واسواديپ ڪرم چند ڪونجل هيو. ديوسنگهه اڃان ڪڻڪ رنگو هيو، پر ڪونجل ته ڄڻ دانگيءَ جو ترو. وري سدورو اهڙا ته تيز رنگن جا ڪپڙا پائيندو هيو جو ڏسندي اکيون ڏکنديون هيون. هڪڙو ڪوجهو ٻيو وري کيس حسب نسب جي ٺِڳ هئي. سندس هڪ ڀاءُ اقوام متحده ۾ ڪنهن اهم عهدي تي هيو ته ٻيو وري سندس ئي ملڪ جو پرڏيهي سيڪريٽري هيو. ٻنهي جي انگريزي سٺي هئي، پر ڪونجل هروڀرو چِٻو ٻوٿ ڪري ڳالهائيندو هو. ديو سنگهه سک هجڻ جي ناتي باغ و بهار طبيعت جو مالڪ هيو. وڏا ٽهڪ ڏيندو، اردو، انگريزي، اشارا گاريون سڀ سندس ٻولي ۾ شامل هوندا هيا. ٽيون شام جو نوجوان آفيسر احمد صالح الهاشمي هو. هو هميشه مون ڏي ڪجهه شڪ جي نظر سان ڏسندو هيو جنهن ۾ ڪجهه حسد به محسوس ڪندو هئس. شام جي عربيءَ جو شايد شام جي عربياڻي تي وڌيڪ حق هيو. هيءُ ڪارو ڪوجهو پاڪستاني ڪٿان آيو. پر بااخلاق نوجوان مون کي ڪڏهن محسوس ٿيڻ ڪونه ڏنو. چوٿين فلپائين جي تيري سيتا مال وار مستل (Teresita Malvar Mistal) هئي. پنجاهه سالن جي عمر ۾ به Miss (ڪنواري) هئي. سندس ڪنوارپڻي جي شاهدي ڏيڻ مقصود ڪونهي. مطلب ته غيرشادي شده هئي. سندس داستان دلچسپ هيو.
    چئني جيئن مون ۽ ايمان کي اندر ايندي ڏٺو ته هٿ لوڏي اچڻ جو اشارو ڪيو. ديو سنگهه ته ذري گهٽ رڙ ڪندي سڏيو:
    ”هيڏانهن اچو! سهڻي جوڙي هيڏانهن اچي.“
    (Come here! You good Looking Companions, come here)
    ايمان جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. مون ڄڻ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
    ايمان جو هٿ پڪڙيندي لابي ڏي وياسين. جتي اسان جا ٽي ساٿي بلڊي ميري Bloody Marry (بلڊ ميري، ووڊڪا شراب ۾ ٽماٽن جو جوس وجهي هلڪو ڪارو مرچ ڇنڊي ٺاهبو آهي ۽ روس ۾ توڙي يورپ ۾ مقبول آهي) جا گلاس اڳيان رکيو ويٺا هئا ۽ تيري سيتا جنهن کي پوءِ آئون مذاق ۾ ”ميري سيتا “ چوندو هئس؛ صوفن جو جوس پئي پيتو. اسان ٻئي اچي ساٿين سان ويٺاسين. ويٽر هڪدم ٻه ڪرسيون آڻي ٽيبل سان جوڙيون. ديو سنگهه نه ڪئي هم نه تم، ويٽر کي ٻه ڊبل اسڪاچ آڻڻ لاءِ چيائين. مون کيس اک سان اشارو ڪندي منع ڪئي ته چيائين:
    ”هاڻي، ايمان وٽ مسلماني نه ڏيکار. روز ته اسان سان گڏ پيئندو آهين. هي ٻه ڊبل اسڪاچ به تنهنجي لاءِ آهن. ايمان شريف ڇوڪري آهي.“
    ”ديو سنگهه....!“ مون شڪايتي لهجي ۾ چيو.
    ”بس ڪر يار! تو جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي مڊل ڪلاس (Morality) اخلاق جي نمائش نه ڪرڻ کپي.“
    ديو سنگهه کي ٻه ٽي بلڊي ميري اڳيئي چوٿين آسمان تي پهچائي چڪا هيا. ڇا ٿي ڪري سگهيس.
    ”احمد! نو پرابلم، مون کي خبر آهي ته تون پيئندو آهين.“ ايمان چيو.
    مون گلاس کڻي، چيئرز ڪري چپن کي لڳايو. هڪ ئي ڍُڪَ ۾ اڌ گلاس ختم ڪري ديوَ کي چيم:

    پیتا بغیر اذن، کب تھی میری مجال
    در پردہ چشم یار کی شئہ پاکہ پی گیا۔


    قصو قاهره جي سفر جو

    سن 2000ع ۾ آئون حڪومت سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي هئس. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون جي بارڪون هيون، انهن مان بارڪ نمبر 89 ۾ منهنجي آفيس هئي. ٽپال ڏسندي، پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي طرفان موڪليل هڪ چٺيءَ تي نظر پيم، جنهن ۾ هنن نالا گهريا هئا، جيڪي AARDO جي طرفان مصر ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت جي لاءِ موڪلي سگهجن. نالي موڪلڻ جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ ئي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي وارن چٺي جاري ڪئي هئي. هيڪر ته ان کي هڪ طرف ڦٽو ڪيم، پر وري کڻي ڏٺم. ان ڏينهن آڪٽوبر جي 15 تاريخ هئي ۽ چٺي ۾ لکيل هيو ته 10 آڪٽوبر جي تاريخ تائين نالو ۽ فارم ڀري موڪليو ته 15 تاريخ تي وفاقي حڪومت کي موڪلڻو آهي!! جڏهن تفصيل پڙهيم ته خبر پئي ته وفاقي حڪومت طرفان AARDO سيڪريٽريٽ دهلي کي 20 آڪٽوبر تائين چونڊ ڪري تمام صوبن ۽ وفاق مان صرف هڪ نالو موڪلڻو هيو. 27 آڪٽوبر کان ڏهن ڏينهن جو سيمينار شروع ٿيڻو هيو. سوچيم ته، هڪ ته وفاقي حڪومت طرفان انهيءَ قسم جي ڪوٺ دير سان ئي ايندي آهي ته جيئن گذري وڃي تاريخ، پوءِ بهانو چڱو آهي ته سنڌ کان نالو ڪونه آيو.
    هونئن به وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل سيڪشن آفيسر، ريسرچ آفيسر ۽ ڊپٽي سيڪريٽري پهريان پنهنجو حق سمجهندا آهن. سال ۾ ٻه ٽي ولايت جا چڪر نه هڻن ته ماني ڪو نه وڻين. هن سيمينار لاءِ وفاقي حڪومت ۾ ڳوٺاڻي ترقي ۽ مقامي حڪومتن وارو کاتو لائين ڊپارٽمينٽ هيو. لائين ڊپارٽمينٽ ايئن هوندو آهي، جو مختلف معاهدن تحت مختلف کاتا حڪومت جا نمائندا هوندا آهن. جي تعليم سان وابستو ڪو پروٽوڪول هوندو ته هر ٽريننگ، هر ڪورس، هر سيمينار، تعليم کاتي کي ايندو آهي. يعني ٻاهر واري ڪا ايجنسي هجي يا برٽش ڪائونسل يا جاپان جو ادارو يا يونيسيف جو ڪو ادارو. انهيءَ قسم جو پروگرام جنهن ۾ پاڪستان حڪومت جي نمائندگي کپندي آهي ته هو وفاقي حڪومت ۾ تعليم جي وزارت کي اماڻيندي آهي. ايئن آءِ ايم ايف وارا ناڻي کاتي جي وزارت کي موڪليندا آهن. ايئن ئي AARDO يعني (Afro- Asian Rural Development Organisation) (آفريقا، ايشيا جي ڳوٺاڻي ترقي جي تنظيم) جنهن جو هيڊڪوارٽر دهلي ۾ آهي، سو پنهنجي تمام پروگرامن جي اطلاع ۽ ڪوٺ حڪومت پاڪستان يعني ميمبر ملڪ کي ڳوٺاڻي ترقي ۽ مڪاني حڪومت پاڪستان اسلام آباد جي معرفت موڪليندي آهي.
    ذهن ۾ آيو ته ڪنهن کان فون ڪري اسلام آباد مان پڇي وٺان ته ڪنهن جو نالو اڃا تائين فائنل ٿيو آهي يا نه. هڪ ڊپٽي سيڪريٽري واقف هيو. ان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ اسان کي نالي جو فيصلو ڪرڻو آهي. جي سڀاڻي تائين به موڪلي سگهين ته تون به ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهين ٿو. ساڳئي وقت تي اهو به ٻڌايائين ته پنجاب جو ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي ۽ مقامي حڪومت هڪ رٽائرڊ ڪرنل آهي، انهيءَ کي ئي موڪليندا. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نڀاڳو 65 ورهين جو پوڙهو آهي. رٽائر هوندي به وتي هڪ کان ٻي سٺي نوڪري وٺندو. سول کاتا ڄڻ پاڙي جي سهڻي بيواهه هجن. هر مشٽنڊي جي اک هوندي آهي ان ۾ .اڙي ابا! انهن وٽ ته شگرملن کان وٺي سيمينٽ فيڪٽريون، پئٽرول پمپ، بيڪريون، بئنڪون هر شيءِ آهي. هي ٻه ٽي هزار نوڪريون ته ڇڏيو ته ڪو غريب چٽاڀيٽيءَ جو امتحان ڏيئي آس ۾ ته هجي ته هيءَ نوڪري سندس حصي ۾ ايندي. اها ڪاوڙ ئي هئي، جنهن جي ڪري هڪدم فارم ڀري ليٽر ٺاهيم ته کڻي ٿو وڃان اسلم سنجراڻي صاحب ڏي. اسلم منهنجو سيڪريٽري هيو يعني باس ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، رورل ڊيولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ سنڌ حڪومت. سوچيم ٻه منٽ لڳندا ادا اسلم کان آئون بيٺي پير لکرائي پلاننگ کاتي ۾ کڻي ويندس. اڄ نه ته سڀاڻي سڀ ڪاغذ Fax ۽ T.C.S ڪرائيندم. پوءِ شفقت شاهه ايزدي جيڪو اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هيو، ان کي منٿ ڪندم. سيمينار جو سيمينار ۽ مصر گهمڻ جو گهمڻ . پر سنجراڻي صاحب ته ويندي ئي اهڙي ڪئي جو تاڪَ لڳي ويا. جيئن ئي فائيل اڳيان رکيومانس، مٿي نهاريندي چيائين: ”ڇا آهي؟“
    ”سائين، مصر ۾ هڪ سيمينار ٿئي پيو. سڀان پرئين آخري ڏينهن آهي ڪاغذ موڪلڻ لاءِ. منهنجي سرڪاري ڪرت سان به ساڌ ڪندو آهي.“ چيومانس.
    ”پوءِ آئون ڇا ڪريان؟“ صاحب وراڻيو.
    ”چيف سيڪريٽري ڏي لکي ڏيو ته آئون کڻي وڃي Ok ڪرائيندس.“ جواب ڏنم.
    ”گهڻن ڏينهن جو سيمينار آهي؟“ پڇيائين.
    ”ڏهن ڏينهن جو.“ وراڻيم.
    ”پر توهين ڇو وڃو؟ ٻيو ڪير به ته وڃي سگهي ٿو.“
    جواب ڪونه سُڌَم. اها اميد ڪانه هئي.
    ”چڱو، فائيل رکي وڃ.“ صاحب بهادر حڪم ڪيو.
    ”توهان کي جي نه ڪرڻو آهي ته آئون فائيل واپس کڻي پيو وڃان. توهان جي مهرباني.“
    ائين چئي آئون فائيل کڻي ڀيلو ٻُوٿ ڪري پنهنجي آفيس موٽي آيس. موٽڻ تائين آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هيو ۽ آئون به ٿورو دلگير هئس.ناڪامي، شرمساري ۽ ڪاوڙ. گهر وڃي سمهي رهيس.
    ٻئي ڏينهن آفيس آيس ته رکي رکي اچي وَٽَ پون. ادي اسلم ڏاڍي ڪئي. ڪمال آهي. هي ماڻهو جڏهن ڪجهه مٿڀرا هجن ٿا ته ٻين کي جيتامڙو ڇو ٿا سمجهن. ڀلا جي جواب ڏيڻو هيو ته به جواب ڏيڻ جو هڪ سهڻو طريقو به ٿي سگهي ٿو. ويٺو نه ٿيو. کڻي فون ۾ هٿ وڌم. شفقت شاهه ايزدي 1968ع جو سي ايس پي ڪامورو آهي. هاڻ ويجهڙ ۾ ئي رٽائر ڪيو اٿس. رحيم يار خان ضلعي ۾ خانپور جو رهاڪو آهي. نوڪري جا شروع وارا ڏينهن سنڌ ۾ گذاريائين. ڪوٽڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هوندو هيو. منهنجي پهرين پهرين پوسٽنگ پنجاب ۾ ٿي. هڪ دفعو ڪراچي آيل هئس ته ادا حميد ميمڻ مليو. ٺٽي جو حميد ميمڻ توڙي سندس والد چاچو حاجي صادق علي ميمڻ نه صرف ٺٽي جي ميمڻن جا نڪ هيا پر ايڏا چڱا ماڻهو، بهادر ۽ بي ڊپا، دوستن جا دوست مون گهٽ ڏٺا. حاجي صادق علي ميمڻ، ايوب خان واري دور ۾ ايم اين اي هيو. بابا ۽ چاچا حاجي تمام ويجها دوست هيا. اڄ ڏينهن سوڌو ٺٽي ضلعي ۾ حاجي صادق علي جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. سندس ٻئي نمبر واري پٽ عبدالحميد ميمڻ به پنهنجي وقت ۾ پاڻ ملهايو. ڀٽي صاحب جي ساٿين مان هيو. ايم پي اي رهيو. وقت ۽ حالتن جي تغير کيس آخري وقت ۾ ڪجهه جهيڻو ڪري ڇڏيو. حميد کي اسان کان موڪلائي پنهنجي ازلي ماڳ ويندي به اڄ ڏهاڪو ورهيه ٿيا. ڳالهه پئي ڪيم ته ادا حميد مليو.
    مون کي چيائين ته ”يار! پنجاب ۾ آهين ته شفقت شاهه ايزدي کي ملندو ڪر. ڏاڍو نفيس ماڻهو آهي ۽ منهنجو سٺو دوست آهي.“
    آئون لاهور وڃي شفقت شاهه کي فون ڪري کيس مليس. ڏاڍو قرب ڏنائين.
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ وري مليو ته ٻڌايائين ته حميد آيو هيو ۽ وٽس ٻه ٽي ڏينهن رهي ويو. وري پڇيائين ته آئون حميد جو سڳو ننڍو ڀاءُ آهيان يا سؤٽ. مون پوري ڪوشش ڪئي ته کيس يقين ڏياريان ته اسان جو رشتو ڪونه هيو. روح جو رشتو هيو. شاهه صاحب کي ڪو حميد چئي ويو هو ته آفتاب منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ اسان جو گهر هڪ آهي. هُن کي ڪڏهن به يقين نه آيو ته آئون حميد جو ننڍو ڀاءُ نه آهيان. پوءِ به اسان جي ملاقات ٿيندي رهي. فون کڻندي شاهه صاحب جو نمبر ملايم. سندس سيڪريٽري نالو پڇي هڪدم ملائي ڏنو.
    ”سر! آفتاب ميمڻ ٿو ڳالهايان.“
    ”ها آفتاب! ڇا حال آهي؟“ شاهه صاحب چيو.
    ”سر! مصر وڃڻ ٿو چاهيان.“ خبر نه آهي ته ڇو بظاهر هڪ ڇسي ڳالهه چئي ويٺس.
    ”مون سمجهيو ڪونه!“ شاهه صاحب ٿورو منجهيل لڳو؛ سينيئر هيو، ادب ۽ احترام جو رشتو هيو. اهڙي وائڙائپ سان ڳالهائڻ هڪ چڱي ڪاموري کي سونهين ڪونه ۽ شايد مون اهڙي ئي وائڙائپ سان پئي ڳالهايو. سمجهندي به شاهه صاحب مون کي اڻ سڌي طرح چئي ويو.
    ”سر! معافي ٿو گهران. مصر ۾ آرڊو طرفان هڪ سيمينار آهي. آئون وڃڻ چاهيان ٿو.“
    ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويئي.
    چيائين: ”ٺيڪ آهي. سنڌ حڪومت کان نالو ڏيارائي موڪل.“
    ”سائين! سنڌ حڪومت ته پري جي ڳالهه آهي، منهنجو سيڪريٽري صاحب بهادر به عرضدار کي ڏسي ويهين مان ڇهانوي گريڊ جو آفيسر ٿي ويو آهي.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”سر، مان سيڪريٽري ڳوٺاڻي ترقي وَٽَ ويو هئس، کيس ٻڌايم ته جلدي آهي موضوع به منهنجي ڪم سان ٺهڪندڙ آهي. کيس ڳالهه ڪانه وڻي، ڪونه ڪيائين.“ وراڻيم.
    ”ڇو؟ منهنجو ته خيال هيو ته اسلم تنهنجو سٺو دوست آهي. تون ته هميشه دعويٰ ڪندو آهين.“
    ”سائين! مون ته هميشه اهو چيو هوندو ته هو منهنجو دوست ۽ ڀاءُ آهي. اهو ڪڏهن ڪونه چيم ته هو به مون کي عزيز رکندو آهي. ڀائو اسلم سان هميشه هڪ طرفه ٽريفڪ جي اميد رکجي.“ مون مسڪيني لهجو ڪندي چيو.
    ”چڱو، تون پنهنجي ئي سيڪشن آفيسر کان پنهنجا ڪاغذ ۽ نالو موڪلراءِ.“ ايئن چئي فون رکي ڇڏيائين. مون وري سندس سيڪريٽري کان فون ڪري فيڪس نمبر پڇيو. تمام ڪاغذ فوري فيڪس ڪيم ۽ وري ان ئي وقت T.C.S ڪرايم. ٽي چار ڏينهن اڻ تڻ ۾ رهيا، تان جو هڪ ڏينهن منسٽري مان سيڪشن آفيسر جو فون آيو ته سائين اوهان جو نالو هليو ويو. اسان ٻئي ڪنهن جو نالو وڌو هو ۽ سندس نعم البدل لاءِ هڪ ٻيو نالو هيو پر سيڪريٽري صاحب ٻئي نالا ڪٽي توهان جو نالو لکرايو ۽ چيائين ته سنڌ کي به ڪڏهن وارو ڏيندا ڪريو. هاڻ بس ٻه ٽي ڏينهن ۾ تياري ڪريو. آرڊو مان توهان کي خط ۽ ٽڪيٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ اچي ويندو. آئون ڏاڍو خوش ٿي تيارين ۾ لڳي ويس. خاص تياري هئي Country paper تيار ڪرڻ جي. اهڙن موقعن تي نمائنده ملڪن مان ايندڙن مان اميد رکي ويندي آهي ته موضوع جي مناسبت سان، هو پنهنجي ملڪ جي باري ۾ هڪ ذري گهٽ ريسرچ پيپر ٺاهي کڻي ايندا. ٽن ڏينهن ۾ تحقيق ته خير ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پر صبح سوير اچي رات جو اٺين نائين تائين ڪتابن جي انبارن مان کوٽي کوٽي ڪم جا اعداد و شمار ۽ ٻيون ڳالهيون ڪڍي هڪ پيپر ٺاهيم جو خوشقسمتيءَ سان اتي پسند ڪيو ويو.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ آمريڪن ايڪسپريس مان فون آيو ته توهان لاءِ دهليءَ مان ٽريول ايڊوائيس آئي آهي. يعني ته آئون وڃي پنهنجي شناخت ڪرائي آمريڪن ايڪسپريس مان ٽڪيٽ کڻان. وري انهيءَ ئي مهل ٽپال ۾ AARDO جي دهليءَ واري سيڪريٽريٽ جو خط پهتو جنهن ۾ مون کي ڄاڻ ڏني ويئي هئي ته، منهنجو نالو حڪومت پاڪستان جي عيوضي طور منظور ڪيو ويو آهي ۽ مون کي 26 آڪٽوبر تي قاهره پهچڻو آهي. مون کي پنهنجي فلائيٽ نمبر ۽ پهچڻ جو وقت ڏنل فون نمبرن ۽ فيڪس تي ڏيڻو هيو. جيئن مون کي ايئرپورٽ تي حڪومت مصر ۽ AARDO جو نمائندو وٺڻ لاءِ اچي سگهن. هاڻ اچي ٻه ٽي ڏينهن بچيا. شڪر ڪيم ته امارات ايئر لائينز جي ٽڪيٽ ڏنائون. هڪ ته مصري ۽ اسان جي قومي ايئر لائين تي چڙهڻ کان پيادو پنڌ ڀلو ٻيو ته امارات ايئر لائين ساڳئي ئي ٽڪيٽ ۾ دبئي جو هڪ ڏينهن جو ترسڻ ۽ ويزا ڪري ڏيندي آهي. جي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن لاءِ امارات ايئر لائين جي پينل تي رکيل هوٽلون عام ريٽ کان سستيون ملي سگهيون ٿي ۽ ويزا توڙي ويزا جو خرچ امارات ايئرلائين جي بِلَي. آفيس مان اٿندي آمريڪن ايڪسپريس ويس. ٽڪيٽ کڻندي، واپسي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ آواري دبئي جي بڪنگ هڪ سو ڊالرن ۾ ڪرائي ٽڪيٽ کيسي ۾ وجهي گهر آيس.
    وڃڻ ۾ اڃان ٻه ڏينهن کن هئا. انهيءَ وچ ۾ ڪوشش ڪيم ته انٽرنيٽ تان مصر جي ڏسڻ جوڳين جڳهين جو تفصيل معلوم ڪري ”ضروري ڏسڻ“ جي لسٽ ٺاهيان. پر سڄي ڄمار ترتيب ۾ بي ترتيبي واري طبيعت سان گذاريم سو اهو پڄيو ڪونه ٿيو. تان جو وڃڻ وارو ڏينهن اچي ويو. صبح جو سوير ڀري فلائيٽ هئي.
    رات جو جلدي سمهڻ جي ڪيم- گهر واريءَ ۽ ڪجهه ٻارن پاڻمرادو منهنجي سفر جو سامان بند ڪيو. مون فرمائش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار جوڙا شلوار قميص جا به وجهجو ۽ ٻه ڪوٽيون به هجن. ڇا سوچي کنيم- خبر نه آهي- پر چڱو ڪم آيون.


    وليم - ٿامس ڊيڪر

    ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي جو جهاز هيو؛ پر ٻاهر وڃڻ واري جهاز جي ڪري ٻه – ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻ جي ڪيم. ڪسٽم جي هڪ دوست روانگي لاءِ پنهنجي عملي جي ماڻهن کي منهنجو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي هئي. هُنن مون کي اٺين وڳي صبح جو ڏسي حيران ٿي چيو:
    ”سائين! توهان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ اچو ها. بورڊنگ ڪارڊ ته اسين پاڻهي ڪڍرائي ڇڏيون ها.“
    ڪيئن ٻڌايان ته گهر واري ته پنجين وڳي صبح جو اٿاريو آهي ته متان مون کي دير نه ٿئي.
    امارات ايئر لائين جي جهاز ۾ آرام دهه سيٽ تي وڃي ويٺس. جيئن ئي جهاز رن وي ڇڏي فضائن جي انهيءَ منزل تي پهتو، جتي سيٽ بيلٽ ٻڌي رکڻ واري هدايت جي بتي وسامي ته رنگ به رنگي پوپٽ مثل خوش شڪل ۽ من موهڻيون فضائي ميزبان ٽراليون کڻي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ جهاز ۾ هلڻ لڳيون. انهيءَ کان اڳ گرم خوشبودار ننڍڙا ٽوال کڻي ڏنائون ته هٿ ۽ منهن صاف ڪري وٺجن. رومال نما ٽوال ته خوشبودار هيا پر ميزبانن جي خوش اندام جسم مان نڪرندڙ مِهَڪَ دل و دماغ تي سرور جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. اڃان انهيءَ واس جي نشي ۾ هئس ته هڪ ٻي ميزبان ٽرالي گهليندي اچي ڀرسان بيٺي.
    ”ڊرنڪ سر؟“ موناليزا جي مُرڪَ کان به وڌيڪ من موهيندڙ مسڪراهٽ واريءَ پڇيو.
    ”زهر ڏيندئين تڏهين به پي ويندس.“ دل ۾ چيم.
    پر کيس نهاريندي چيم:‘No Thanks’ نه، مهرباني.
    منهنجي ڀرسان ئي هڪ ٿلهي پيٽ ۽ سنهين ڄنگهن وارو همراهه ٽراليءَ ڏي ششت ٻڌي پيو ڏسي.
    ميزبان فراخ دليءَ واري مرڪ وري ڏانهس اڇلائيندي پڇيو:
    ”Your sir، سائين توهان (ڇا پيئندو.)؟“
    فضائي ميزبان جي موتيءَ داڻن اڇن ڏندن جي نمائش جي موٽ ۾ منهنجي ڀَرَ واري همراه پنهنجا ٻٽيهه ئي پانن ۾ لٿڙيل ڳاڙها ڏند ٻاهر ڪڍندي وراڻيو:
    ”جن ۽ ٽانڪ واٽر.“
    مون ڏي نهاري چيائين: ”توهان ڪونه پيئندا آهيو ڇا؟“
    ”پيئندو آهيان، پر صبح جو صرف کير يا چانهه.“
    ”ها.... ها....“ وڏو ٽهڪ ڏئي ذري گهٽ تاڙو ٿي ملايائين.
    اڃان فضائي ميزبان اتي ئي بيٺي، ساڄي پاسي واري سيٽ تي ويٺل کي جوس جو گلاس پئي ٺاهي ڏنو ته همراهه جن ٽانڪ کي ڳيت ڏئي پي ويو ۽ فضائي ميزبان کان فرمائش ڪيائين ته هڪ ٻيو گلاس ٺاهي ڏي.... انهيءَ کان اڳ جو ڀائو ٽئين گلاس جي فرمائش ڪري فضائي ميزبان اڳيان نِڪري وئي. اڃا سندس وجود جي ٻهڪندڙ خوشبو جَهڪِي به ڪانه ٿي ته پويان ناشتي جي ٽرالي کنيو، هڪ ٻي مھ جبين اچي نروار ٿي. هرهڪ کان سندس پسند پڇندي ويئي ۽ ناشتو سندس سيٽ جي سامهون ٽري تي رکندي ويئي. مون ڇري ڪانٽو کڻي ناشتو کائڻ شروع ڪيو.
    منهنجي ڀرسان ويٺل همراهه کي ڳالهائڻ جي اُڻ تُڻ اچي ٿي. شايد نيراني پيٽ جن ٽانڪ ڪجهه وڌيڪ اثر ڪيو هئس.
    ”توهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟ دبئي“ مون ڏي نهاري پڇيائين،
    ”نه“ وراڻيم.
    ”پر هي جهاز ته دبئي پيو وڃي.“ ٿلهي پيٽ واري چيو.
    ”ها، پر اتان اڳيان قاهره به ويندو“، چيومانس.
    ”اڇا؟ اوهان مصر پيا وڃو.“ عجب مان چيائين.
    ”توهان چوندؤ ته کڻي نه ويندم،“ رکائي مان چيم. (اصل ۾ ماني کائيندي ڳالهائڻ نه وڻندو اٿم.)
    ”ها ها ها....“ وڏو ٽهڪ ڏنائين ”مزيدار ماڻهو آهيو.“
    ”لوڻ مرچ لڳائي ناشتي تي کائيندو ته وڌيڪ مزو ايندَوَ.“ ٻرندي جواب ڏنم.
    ”واهه سائين واهه....! ڪيڏو نه لطيف ۽ سهڻو مذاق ٿا ڪريو.“
    همراهه چيو ”منهنجو نالو امجد آهي. آئون دبئي ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهيان.“
    کيس پنهنجو نالو ٻڌايم. ڪرت به ٻڌايم. اچي شروع ٿيو. ڪاروبار جا فائدا. الاهي ڪيترن ڪامورن جا نالا وٺي ويو ته انهن جو دبئي ۾ ڪاروبار آهي. ڪي شيخ ته ڪي ميمڻ ۽ ڪي سيد ڪامورا هئا. ڇا ٻڌايانس ته آئون انهن مان ڪونه آهيان. ٻڌندو رهيس. تان جو دبئي ايئرپورٽ اچي ويو. دبئي تي جهاز ڏيڍ ڪلاڪ کن بيٺو. امجد صاحب مان الله جان ڇڏائي. هو دريءَ جي ڀرسان ويٺل هيو. ڀرسان سيٽ خالي هئي ۽ لَنگهه (Aisle) واري سيٽ تي يعني راهداري کي ويجهي سيٽ تي آئون ويٺل هئس. هاڻ جو سيٽ خالي ٿي ته آئون اٿي دريءَ جي ڀرسان سيٽ تي ويٺس؛ پر پوءِ خيال آيم ته ٽرانزٽ وارا مسافر به ته ٽرانزٽ لائونج لاءِ لهندا. جيئن ڳوٺن ۾ لاري تي سيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ رومال يا انگوڇو رکندا آهيون، تيئن هٿ ۾ کنيل ناول دريءَ واري سيٽ تي رکيم ۽ ٻين ٽرانزٽ مسافرن سان گڏ لهي پيس. ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن واپس آيس ته ٻه گورا ويٺا هئا، انهن مان ڪوته پڪ دريءَ واري سيٽ جي نمبر تي هوندو. پر ڪتاب ڏسي اشرافن ٻيون سيٽون سنڀاليون. منهنجي اچڻ تي اٿي مون کي جڳهه ڏنائون ته آئون وڃي اتي ويهان. وڃي سيٽ سنڀاليم. ٿوريءَ دير ۾ جهاز جو دربند ٿيو. جهاز هلڻ شروع ٿيو. جيئن ئي فضا ۾ هموار ٿيو ته سيٽ بيلٽ کولياسون، مون کي ڪجهه لڄ محسوس ٿي. ڀروارا شڪل مان برطانوي لڳا ٿي. هڪ ته انگريز لڳم ۽ پوءِ خبر پئي ته اندازو ذري گهٽ صحيح هيو. هڪ انگريز هيو ۽ ٻيو آمريڪي پر هيو اصل ۾ آئرش.
    ”معاف ڪجو! مون اوهان مان ڪنهن هڪ جي سيٽ تي قبضو ڪيو آهي.“ کلندي کلندي چيم.
    ”ڪو فرق ڪونه ٿو پوي اوهان جي چاهيو ته Aisle واري سيٽ تي ويهو جي هتي ويٺا هجو تڏهن به اسان لاءِ ٺيڪ آهي.“ ڀرواري چيو.
    ”مهرباني.“ مون وراڻيو.
    ”معاف ڪجو. جي ذاتي سوال نه سمجهو. توهان انگريز ٿا لڳو.“ مون پڇيو.
    ”ها ۽ اوهين....؟“ پڇيائين.
    ”پاڪستاني، منهنجو نالو آفتاب آهي، احمد چئي سگهو ٿا.“
    ”وليم- رابرٽ وليم، آئون لنڊن جي ڀرسان هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکان ٿو. انجنيئر آهيان. هيءُ منهنجو دوست آمريڪي آهي، ڊيڪر- ٿامس ڊيڪر. اسان ٻيئي دبئيءَ ۾ آرامڪو آئل ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ انجنيئر آهيون.
    ”آئون به انجنيئر آهيان!“ مون چيو.
    ”توهان سان ملي خوشي ٿي.“
    ۽ ائين اسان ڪچهري شروع ڪئي. ٻنهي همراهن کي نه صرف مشرقِ وسطيٰ پر پوري خطي جي باري ۾ ڏاڍي سٺي ڄاڻ هئي. وليم انگريز کان وڌيڪ پاڪستاني هيو. سندس پيءُ اڻ ورهايل هندستان ۾ ريلوي ۾ ملازم رهيو هيو. ۽ اتي ئي هڪ سِکڻيءَ سان عشق ٿي پيس ۽ شادي ڪري ڇڏيائين. زال مڙس، مڙس جي رٽائرمينٽ کان پوءِ انگلينڊ موٽي آيا. سِکڻي جو نالو امرتا ڪور هيو. آخر تائين پنهنجو نالو ۽ مذهب نه ڇڏيائين. پر سندس اولاد گهٽ ۾ گهٽ نالي جي حد تائين ڪرسچين رهيو. وليم ذهني طور لامذهب هيو پر سڀن مذهبن ۽ متن جي لاءِ عزت ڀريو ڳالهائيندو رهيو. سندس خيال ۾ مذهب ذاتي مسئلو هيو ۽ انسان ذات سڀ کان مٿڀري هئي.
    ”توهان وٽ وري فوج حڪومت تي قابض ٿي آهي.“ وليم نواز شريف جي حڪومت جي وڃڻ ۽ پرويز مشرف جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ڏي اشارو ڪندي چيو.
    ”ڪڏهين قابض ڪونهي؟“ مون وراڻيو.
    ”Well said (چڱي ٻڌايئي)“. وليم چيو.
    ”چڱي يا خراب چئي نٿو سگهان. حقيقت بيان ڪئي اٿم.“ مون جواب ڏنو.
    ”پر توهان صحيح ٿا چئو، جمهوريت جو ڪو نعم البدل ڪونهي.“ وليم چيو.
    ”آهي به ۽ ڪونهي به...“ مون ترندي ٻڏندي چيو.
    ”ڇا مطلب؟“ چيائين.
    ”ماءِ ڊيئر وليم- جي اسين پڙهيل لکيل ذهنن وانگيان ڳالهايون ٿا ته، ڳالهه هيءَ آهي ته مغرب جي تمام تر جمهوريت نواز ۽ جمهوريت پسند نعرن جي باوجود، هڪ پاسي صرف نصابي جمهوريت يعني هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي ڳالهه آهي ته، ٻئي پاسي علم سياسيات ۾ يا سوشل اينٿروپولاجي ۾ ماڻهن جي تقديرن جي فيصلي لاءِ نظام جي تشڪيل جي ڳالهه آهي. افلاطون اشرافيه جي حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي ته مارڪس ۽ لينن پورهيت جي تمام وسيلن تي اقتدار جي ڳالهه ڪئي آهي ته ميڪاولي وري بادشاهه جي حڪومت جي دوام جي ڳالهه ڪئي. جيتوڻيڪ ميڪاولي جو پرنس (Prince)، توڙي ڊسڪورس (Discourse)، ’چانڪيه‘ جي ’ارٿ شاستر‘ مان چوري ڪيل آهي. جمهوريت ڇا آهي؟ گونگن ۽ ٻوڙن جي ڌَڻ کي هڪ مَڌُرَ سُرَ واري بانسريءَ جي ليءَ تي مست ڪري هلائڻ لاءِ هڪ جادوگر کپي. ڪڏهين چرچل ته ڪڏهين هٽلر ته ڪڏهين مسوليني. سڀ مقبول عام چونڊيل ليڊر هئا نه؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته تاريخ جي مذاق هڪ کي هيرو ڪيو ته ٻئي کي ولين (Villian). پر ولين جو به ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جي شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ڪيليبان پنهنجي ڪوجهي صورت آئيني ۾ ڏسي رڙيون ۽ رانڀا ڪندو هيو ته ان ۾ ڪيليبان جو ڪهڙو ڏوهه هيو؟ شڪل ٺاهڻ وارو ته ٻيو ڪير آهي؟
    خيام جي رباعي جي هڪ سٽ ٿي ياد اچيم:
    ‘Did then hand of the potter shake’
    (ڇا تڏهين ڪنڀار جا هٿ ڏڪيا هئا (مون کي ٺاهيندي؟).)
    وليم نهاريندو رهيو ۽ آئون ڳالهائيندو رهيس، اندر جا وَڍَ اوريندي چيم:
    ”حڪومت ۽ حڪومتي نظام ڇا آهي؟ ماڻهن جي اشتراڪ جو هڪ ضابطي ۾ مربوط هئڻ جو معاهدو. ائين نه؟ پر نه! اڃا ترسو. ائين آهي به ته ڪونهي به. حڪومتن ۽ حڪومتن جي نظام جي اصليت ڇا آهي؟ رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌَڻ کي سندن اڳيان لُوسڻ جي ڀري رکي، پويان لَٺَ سان سڌو ڪرڻ!سگهاريون ڌريون ماڻهن جو استحصال ۽ حقن جي پائمالي تي پنهنجو ٽڪسال ۽ ڪوڙ جو ڪوٽ جوڙي حڪومتون هلائين ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ فوج، سياستدان، وڏيرا، مير ۽ پير هن ٽڪسال جا ڪل پرزا آهن ته توهان جي ترقي يافته ملڪن ۾ وڏيون ڪمپنيون، جنرل موٽرز، آءِ بي ايم، فورڊ، وسيلن تي قبضو ڪرڻ ڪاڻ هڪ هٽي نظام قائم ڪيو ويٺا آهن.“
    ”عجيب فلسفو آهي تنهنجو- پر غلط به ڪونهي. تاريخ جو اڀياس چڱو اٿئه.“ وليم عجيب لهجي ۾ چيو.
    ”تاريخ! هون!.... تاريخ هڪ مذاق آهي ۽ تاريخ دان ڀولڙو... جو بادشاهن جي ڊگڊگي تي ٺينگ ٽپا ڏي.“ مون وراڻيو.
    ‘I am Impressed” (مان متاثر ٿيو آهيان) ڪٿي پڙهيو آهين؟“
    چيائين،” (Harvard) هار ورڊ؟“
    ”نه“ جواب ڏنم.
    اڃان وليم وري ڪيمبرج جو نالو ورتو ته ٿامس وچان ٽپو ڏيندي چيو: ”آڪسفورڊ يا لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس؟“
    ”نه يار- آئون ته هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پڙهيو آهيان، جتي جنهن کي انگريزي ۾ ڏهن پکين جا نالا، ڏهن ڀاڄين جا نالا، ڏهن ميون جا نالا ايندا هئا. تنهن ٻار کي هوشيار ٻار سمجهيو ويندو هيو.“ مون چيو.
    ”پوءِ..... هي سڀ ڪيئن؟“ وليم عجب مان چيو.
    ”ڪاش! تنهنجو اردو ادب پڙهيل هجي ها. ڪرشن چندر هڪڙو ننڍڙو ناول لکيو هيو، ”دادرپل ڪي بچي.“ خدا سمجهي ٿو ته ٻار ڏاڍو معصوم آهي. هرڪو ٻار کي پيار ڪري ٿو ڇو نه آئون پنهنجو ٺاهيل سنسار ڏسڻ لاءِ معصوم ٻار جي شڪل ۾ هيٺ وڃان. سڀ پيار ڪندا. اهو سوچي خدا عرشِ معليٰ تان هيٺ لهي پنهنجي سنسار ۾ وڃي ٿو. هڪ گهر ۾ معصوم ٻار جي شڪل وٺي پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي ڄم تي هر طرف خوشيون ۽ شادمانيون ٿينديون ڏسي ٿو. جيئن ٿورڙو ئي وڏو ٿئي ٿو ته يتيم ٿي وڃي ٿو. پنهنجن جي هٿان به خوار ٿئي ٿو. نيٺ گهران ڀڄي نڪري ٿو. آخرڪار ساڻس جيڪو سلوڪ ڪن ٿا تنهن جو ذڪر هڪ علحده باب آهي. پر پوءِ کيس اپاهج ڪري پنڻ لاءِ ڇڏي ڏين ٿا. آخري موقعي تي کيس بمبئي جي دادرپل جي هيٺان بي نور نابينا اکين سان پنندي ڏٺو ويو. مون اهو معاشرو صرف ناول ۾ نه پر اکين سان به ڏٺو آهي.“ مون ذري گهٽ روئيندي چيو: ”۽ مون پڪو پهه ڪيو ته هر ناانصافي، هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جنگ جوٽيندس، پر ائين ڪرڻ لاءِ توهان کي طاقت. جي ضرورت آهي. علم ۽ ڄاڻ جي طاقت. انهيءَ جذبي مون کي اُتساهيو.“
    وليم ڏي نهاريم. سندس اکين ۾ لڙڪن جي لار لٿل هئي. ذري گهٽ سڏڪا ڀريندي چيائين:
    ”احمد! ڪٿان کان ڪٿي هليو وئين. ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه هر آدرشوادي جو مقصد آهي. انسان جي عظمت ۽ خدمت ئي هڪ عالمي مسئلو آهي. متن ۽ ڀيدن ۾ ڪي ڪونهي رکيو.“
    ”ڇڏ يار! آئون پاڻ وڦلان پيو- سُورَ آهن جي کُٽن ئي ڪونه ٿا.
    پر تون به ته ٻڌاءِ ڪجهه پنهنجي. مصر ڪيئن پيو وڃين؟ سرڪاري ڪم سان يا گهمڻ.“ پڇيومانس.
    ”گهمڻ! مون کي ۽ ڊيڪر کي Egyptology (علمِ مصريات) سان هميشه کان دلچسپي رهي آهي. هي سحر آفرين رنگا رنگ تهذيب ۽ تمدن هميشه کان مون کي ڇڪيندي آهي. مميون، اهرام، هيءَ عجوبا، فراعين، نيل ندي... اليگزينڊرا، سڪندر ِاعظم، جوليس سيزر، مارڪ انٽوني جهڙا فاتح مصر، قلوپيٽرا جي عيش و عشرت جا داستان، پيغمبرن ۽ نبين جا داستان، ابوالهول، خوفو سڀ عجيب ۽ تضادن جو ڀرپور مظهر جهڙو هتي آهي، شايد ورلي ڪٿي هجي.“ وليم چيو.
    اڃان اهي ڳالهيون پئي هليون ته اعلان ٿيو ته حفاظتي پٽو ٻڌي ڇڏيو جو جهاز قاهره جي هوائي اڏي تي لهڻ وارو آهي.“
    لڳي ٿو ته ابوالهول کي اسان جو ڳالهائڻ نه وڻيو.“ مون کلندي چيو.
    وليم ۽ ڊيڪر وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائون ته توسان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
    هڪ ٻئي کي قاهره جي هوٽلن جا نمبر ڏناسين جتي اسان کي رهڻو هيو. منهنجي رهائش جو بندوبست آرڊو سيڪريٽريٽ وارن ڪيو هيو ۽ هوٽل جو نالو، فون نمبر موڪلي ڏنا هئائون جي مون وٽ هٿيڪا هئا. وليم وارن جي بڪنگ اڳواٽ ئي ڪنهن هوٽل ۾ ڪرايل هئي.


    ديو سنگهه- ڪونجل- سيتا

    ايئرپورٽ تي Arrival Lounge ۾ پهتاسين ته اندر ئي حڪومت مصر طرفان زرعي ترقياتي کاتي جي آفيسر مهمانداري صوفيه نالي هڪ خاتون ۽ آرڊو جو نمائندو رام ديال آيل هئا. ٻنهي جي هٿن ۾ Display Card هيا. هڪ تي منهنجو نالو ۽ ملڪ لکيل هُيو ۽ ٻن ٻين تي ڪي ٻيا نالا لکيل هيا. سڀ کان هيٺان ”آرڊو مهمان“ لکيل هيو، وڃي مليو مانس:
    ”منهنجو نالو آفتاب آهي- آفتاب احمد- پاڪستان کان.“
    ”ڀلي ڪري آيا- آئون رام ديال آهيان- آرڊو سيڪريٽريٽ ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر آهيان. هي مس صوفيه آهي. زرعي ترقياتي کاتي جي آفيسر مهمانداري.“ همراهه هٿ اڳيان وڌائيندي چيو. مون کيس هٿ ڏيئي صوفيه ڏي ڏٺو-
    ”هيلو صوفيه!“
    سوچيم ته الاجي مصرين ۾ هٿ ملائڻ جو رواج آهي يا نه؟ اڃان مون هيلو چئي بس مس ڪئي ته صوفيه پنهنجو کير جهڙو اڇو هٿ اڳيان ڪندي ۽ موناليزا جهڙي مُرڪ سان نهاريندي چيو:
    ”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي- ڇا آئون توهان کي احمد چئي سگهان ٿي؟“
    هٿ ملائيندي ئي سندس نرم نازڪ هٿ جي گرمي محسوس ڪيم. سندس آڱريون ڪيڏيون نه نازڪ ۽ سهڻيون آهن. سانچي ۾ ڄڻ تازيون ئي گهڙيون ويون هجن. مون سوچيو...!! احمد مقصود حميدي ياد اچي ويم. شل ڪا سهڻي عورت ڏسي! پڙهيل لکيل ذهين ۽ نفيس ماڻهو آهي. 1965ع جو سي- ايس- پي آفيسر. حڪومت سنڌ ۾ الاهي اهم عهدن تي رهيو. هاڻ ريٽائر ٿيل آهي. جڏهن جواني جو ٿورو دم خم هئس ته، محفل ۾ ويٺو ڪنهن سهڻي عورت سان ٿوري ئي حُجائپ ٿيندي هئس ته هڪدم سندس پير کڻي هٿڙا گهمائيندو هيو.
    پڇيومانس ته: ”هي ڇا پيا ڪريو؟“
    وراڻيائين، ”يار، هن جا پير ڏاڍا سهڻا آهن.“
    صوفيه جي هٿن ۾ ڏنل پنهنجو هٿ ڏٺم ته خبر پئي ته امان مون کي هروڀرو سهڻو چوندي آهي. صوفيه جي هٿ ۾ منهنجو ٿلهو ۽ ڪارو هٿ ڄڻ مولو شيدي جو هٿ ٿي لڳو. پنهنجي هٿ جي مولو شيديءَ جي هٿ سان مشابهت تي مون کي هڪدم کِل اچي ويئي. کِلندي صوفيه کي چيم:
    ”اهو رواج انگريزن ۾ آهي ته پهرئين نالي سان ڪونه سڏين- اسان وٽ اهڙو تڪلف ڪونه ٿئي. تنهنجي واتان ”احمد“ ٻڌي ته مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو مڌر سُر ڪنين پيو آهي.“
    ”شاعر ته ڪونه آهين؟“ صوفيه مشڪندي چيو.
    ”سهڻي عورت ڏسي به شاعر نه ٿيان ڇا؟“ وراڻيم.
    صوفيه جي ڪنن جو پاپڙيون شفق رنگن جيان ڳاڙهيون ٿي ويون. رام ديال موقعي جي نزاڪت سمجهندي ڳالهه ٻئي پاسي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي چيو:
    ”مسٽر احمد! توهان واري جهاز ۾ ٽي ٻيا به مهمان آهن، انهن جو انتظار ڪريون ٿا پوءِ گڏجي نڪرنداسين.“
    اڃا اهو چئي بس ڪيائين ته مسافرن جي پيهه مان هڪ اڌڙوٽ عمر خاتون اسان ڏي لڙي آئي.
    ”آئون آرڊو جي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ فلپائن کان آئي آهيان. تيري سيتا مالوار مستل (Terresta Malvar Mistel) منهنجو نالو آهي.“
    ”ڀلي ڪري آيا.“ صوفيه کيڪار ڪندي کيس ڀاڪر پائي ملي-
    صوفيه منهنجو ۽ رام ديال جو تعارف ڪرايو. مستل قربائتي نموني ملي.
    اڃا بيٺا هئاسين ته، مسافرن مان ٻه ڄڻا هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي آرڊو ۽ حڪومت مصر جي آفيسر مهمانداري طرفان لڳايل پلي ڪارڊ Play Card ڏسي اچي اسان سان مليا.
    سڀن سان هٿ ملائي چيائون: ”ديو سنگهه گڊيءَ“. ”ڪرم چند“.
    ڪرم چند البته ڪونجل جو نالو به ڳنڍيو ۽ ”فرام ماريشس“ به چيائين.
    ديوَ سنگهه جو هٿ ملائڻ تمام قربائتو ۽ گرم جوشيءَ وارو هيو. مون ته ائين ڀانيو ته اجهو ٿو ڀاڪر پائي. البته ڪرم چند ڪونجل ذري گهٽ اڌ هٿ ملايو ڄڻ مجبوراً رَسم پوري ڪئي هجيس. هيڪر ته دل ۾ آيو ته پڇانس ته برهمڻ ته ڪونه آهين. پر پوءِ پاڻ کي روڪي ويس- بعد ۾ خبر پئي ته همراهه کي حسب نسب جي مٿڀري هئڻ جي بيماري هئي. سندس خاندان ۾ ڪيئي وڏا ڪامورا، سياستدان ۽ شاهوڪار هئا. پر جڏهن سندس اندر ڦوليوسين ته خبر پيئي ته هي به ماڻهو جهڙو ماڻهو آهي، هيءَ ظاهري خول منٽن ۾ لهيو ٿو وڃي.
    ”هلون!“ صوفيه چيو.
    ٻاهر نڪتاسين ته سرڪاري ڪوسٽر بيٺو هيو؛ سڀ سوار ٿياسين. دل ٿي ته رستي تي هلندي صوفيه کان اهم جاين، روڊن رستن جي باري ۾ پڇندو هلان پر پوءِ سوچيم ته آفيسر مهمانداري کي ٽورسٽ گائيڊ ڪري ته نه سمجهان. نه ئي صوفيه رستي ۾ ڪو گهڻو ڳالهائڻ مناسب سمجهيو- البته موبائيل فون تان نمبر ملائي ڪنهن کي اسان جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ ڪجهه دير ڳالهائڻ کان پوءِ اسان کي ٻڌايائين ته گهڻو ڪري سڀ delegates پهچي چڪا آهن.
    رات جي ماني زرعي ترقياتي کاتي جي ڳوٺاڻي ترقي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل جي طرفان هڪ هوٽل ۾ ڪيل هئي، اسان کي پنهنجي هوٽل ۾ Check in ڪري ڪجهه دير کان پوءِ اوڏانهن وڃڻو هيو.سڀ کان وڌيڪ وري سدورو شاهه ديو سنگهه هيو جو ماٺ نه ڪري. سڀن کان تعارف وٺي، وري پنهنجي ماريشس کان قاهره جي سفر جي ڪٿا شروع ڪيائين.
    مون کي ماريشس جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ڪانه هئي. سواءِ انهيءَ جي جو اسان جي ملڪ جون ڪجهه فلمي اداڪارائون هر وقت ماريشس ۾ فلم جي شوٽنگ لاءِ وڃڻ لاءِ آتيون هونديون هيون. ديوسنگهه سان اها ڳالهه ڪيم ته چيائين:
    ”هڪ سبب آهي بهترين سمونڊ ۽ سمونڊ ڪنارا توڙي وڻڪار وارا سِينَ ۽ ٻيو.“
    ”ٻيو ڇا؟“ مون کان رهيو نه ٿيو.
    ”ماريشس ۾ ننڍي کنڊ کان لڏپلاڻ ڪري آيلن جو خاص تعداد آهي ۽ سُکيا ستابا آهن. رنگ ڪونجل کان وڌ ڪارو اٿن. فلمي اداڪارائن جي هڪڙي مخصوص ٽولي جي اتي سٺي مارڪيٽ آهي. مجرو ،عياشي، فلم جي شوٽنگ جي شوٽنگ... سٺي ڪمائي ڪري وينديون آهن.“
    ڇا چوانس.... ڳالهه به غلط ڪانه ڪئي هئائين... ڳالهيون ڪندي اچي هوٽل پهتاسين... مون، ديو سنگهه ۽ ڪونجل کي هڪڙي ئي فلور تي ڪمرو مليو. ڪمري ۾ ايندي ئي عادت پٽاندڙ سڄو سامان کولي الماري، لکڻ واري ميز ۽ ڊريسنگ تي ٺاهي رکيم. سوٽ ۽ قميص ڪڍي House Keeping کي فون ڪيم ته ڪير اچي سوٽ ۽ قميص کڻي وڃي استري لاءِ. هڪ ٿلهي متاري maid آئي ۽ ڪپڙا کڻي ويئي. ويندي و يندي چئي ويئي ته اڌ ڪلاڪ ۾ ملندا- maid وئي ته وڃي باٿ روم ۾ ٽب ڀرڻ لاءِ ٿڌي ۽ گرم وارا نلڪا کولي، ان ۾ خوشبودار جيل (Gel) وڌم. برش ڪرڻ شروع ڪيم- ٽب ڀراڻو ته وڃي آرام سان ڪجهه دير ليٽي پيم.خوشبودار گرم ٽب ۾ وهنجندي ننڍپڻ ياد آيم.
    ڳوٺ ۾ ته اڌ بالٽي به مس ملندي هئي وهنجڻ لاءِ- صابڻ جي گجي، اول ته ٿيندي ئي مس هئي ۽ جي ٿي ته تڪڙي نڪرندي ڪانه هئي. پاڻي به کوهه جو ۽ کارو هوندو هيو- هيڏي ڍير ساري پاڻي سان ته سڄي آڪهه وهنجندي هئي- سو به روز نه.
    ڏهاڪو منٽن کان پوءِ وِهنجي سِهنجي ٻاهر نڪتس. هيٺان وڏو ٽوال ويڙهيل هيو. دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو. سمجهيم ته maidڪپڙا کڻي آئي آهي. بجاءِ ان جي جو کيس اندر اچڻ جو چئي پنهنجي اڌ اگهاڙي جسم جي نمائش ڪيان، دروازي تي ئي ويس ته کانئس اتان ئي ڪپڙا کڻي وٺان. اڌ دروزاو کوليم ته سامهون شاهه ديو بيٺو هيو.
    ”اندر اچ-“ مون ائين چوندي دروازو کولي ڇڏيو.
    ”نه مهرباني- مون سوچيو سفر جو ٿڪ هوندو- سرڪاري ماني آهي- الائي سڻڀي هوندي يا رُکي. آئون ۽ ڪونجل هيٺ لائونج ۾ وڃون ٿا. بار نظر آئي اٿم. ٻه ٽي ڊرنڪس وٺنداسين ته ٿڪ لهي ويندو ۽ ماني به وڻندي.“ شاهه ديو چيو.
    ”پر يار معاف ڪجانءِ! تون ڪو سخت مسلمان ته ڪونه آهين؟ شڪل مان ته ڪونه ٿو لڳين!!؟“
    ”آئون ڪيترو به نرم مسلمان هجان پر ٽوال ۾ هيٺ نٿو لهي سگهان. منهنجا ڪپڙا استري لاءِ ويا آهن. ڄاڻ ايندا هوندا، پائي هيٺ اچان ٿو.“ وراڻيم.
    ”Good هڪڙو ته وڌيو-“ شاهه ديو چيو.
    ”اسان تنهنجو انتظار ڪريون ٿا Isis ۾! هيٺ ڏٺي اٿئه نه؟ لفٽ مان لهندي ئي کاٻي هٿ تي.“
    ”ها! اچان پيو.“ ائين چئي در بند ڪيم.
    اڃان وارَ مس سُڪايم ته وري گهنٽي وڳي. هائوس ميڊ هئي. دروازي تي ئي کانئس ڪپڙا کنيم ۽ سندس مهرباني مڃي در بند ڪيم- ڏهن منٽن ۾ ئي آئون تيار ٿي هيٺ لٿس.


    ايمان احمد الرزاق

    جيئن لفٽ جو دروازو کليو ته، سامهون صوفيه ۽ ساڻس گڏ هڪ انتهائي حسين نوجوان ڇوڪري هئي. هن پري پيڪر جو حُور مثال جمال ڏسي مون کي لفٽ مان نڪرڻ ئي وسري ويو. ٻرندڙ سَونَ جيان سندس ڪلهي تائين آيل اڌ ڪٽيل وارَ، ڳاڙها ياقوتي چپ، وڏا ڪارا نيڻ، ڪشادي پيشاني، جسم جو توازن ۽ زاويا ڄڻ گهڙڻ واري وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ٺاهيا هجن. بُت بڻيو پئي ڏٺم- بي اختيار ذهن تي ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت اُڪري آيو-
    اکين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍَڪِيان،
    توکي ڏسي نه ڏِيهه آئون نه پَسَان ڪي ٻيو.
    اياز نه چيو آهي:
    ڄڻ ديوي آ ڪا پٿر جي!
    صوفيه مون کي خيالن مان ڪڍيو- ”احمد!‘ توهان هيٺ لهڻ لاءِ آيا آهيو يا....؟“ هن هاسيڪار جملو اڻپورو ڇڏيو.
    آئون ڄڻ خواب مان نڪري آيس- ”هيلو صوفيه!“ چيم، ”هيٺ لهڻ لاءِ ئي آيو آهيان.“
    پوءِ ٻاهر اچو- اسان جي هڪ ٻئي Delegate سان ملو- ايمان احمد الرزاق، شام ملڪ مان آيل آهي.“ صوفيه چيو.
    ايتري دير ۾ آئون لفٽ کان ٻاهر نڪري چڪو هئس. لفٽ جي دروازي کان ٿورڙو پاسيرو ٿي ڪنڌ لوڏي ايمان کي ”هيلو“ ڪيم.
    ”چرپر هن جا چپ ٿين ٿا،
    مُرڪي موتين لَپَ ڏين ٿا.“
    اياز جي چوڻي مطابق سندس چپن ۾ ايئن ئي هلڪي چرپر ٿي. موتي داڻن مثل ڏندن ياقوتي لبن جي نقاب ۾ هلڪي جهلڪ ڏيکاري. سندس حسن جو تاب نه آڻي سگهيس. اکيون هڪدم هيٺ ٿي ويون. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيم ته ڪنن ۾ صرف سندس سريلي ”هيلو“ جي آواز جو پڙاڏو هيو. لفٽ جو دروازو بند ٿي چڪو هيو. صوفيه ايمان کي سندس ڪمري ۾ ڇڏڻ ويئي هئي.
    ايمان جي ”هيلو“ جو پڙاڏو ڪنن ۾ گونجندو، روح کي سرشار ڪري ويو. آواز نه هيو ڄڻ سُرن جي مَڌُرتا جاڳائي هجيس. مٿان وري سندس تابناڪ حُسن. کن پل لاءِ ته وسري ويم ته ڪٿي بيٺو آهيان. ها، لائونج جي ڀرسان جا کليل بار هئي اوڏي وڃڻو هيو. شاهه ديو ۽ ڪونجل منهنجي انتظار ۾ ويٺا هئا. پير ڄڻ مَڻَ مَڻَ جا ڳورا پَهڻَ ٿي ويا. ڪنهن روبوٽ جيان هلندو، خالي ذهن سان استقباليه وٽان لنگهي لائونج اورانگهيندو آئيسس (Isis) بار ڏي وَڌيس. چئن ڄڻن لاءِ رکيل هڪ ميز تي ٻن ڪرسين تي شاهه ديو ۽ ڪونجل ويٺا هئا. هڪ ڪرسي سوري آئون به ويهي رهيس. گُم سُم. کين کيڪار ڪيم ۽ نه ئي سندن کيڪار ٻڌم. شاهه ديو الائي ڪيڏيءَ مهل ويٽر کي اشارو ڪيو، جو اچي مٿان بيهي رهيو.
    ”ڇا پيئندين؟“ شاهه ديو پڇيو.
    ”اسان ته وهڪسي پيا پيون.“
    ”وهڪسي...اسڪاچ...ڊبل.“ جهيڻي آواز ۾ ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيم.
    ”پاڻي يا سوڍا.... ۽ برف؟“ ويٽر پڇيو.
    ”صرف وهڪسي. نعمتن ۾ ملاوٽ مون کي ڪانه وڻندي آهي. ها، پر ٿوري برف وِجهِجانءِ.“ مون چيو.
    ”NEAT پيئندين؟“ شاهه ديو حيران ٿيندي پڇيو.
    ”شاهه ديو.... آئون ڀٽ ڌڻيءَ جو فقير آهيان. منهنجي مرشد جو بيت آهي...
    عَاشق زَهر پياڪَ وَهَه پَسئو وَهسَن گهڻو،
    ڪَڙي ۽ قَاتل جا هميشه هيراڪَ...
    ۽ وري ترجمو ڪري ٻڌايم، پنهنجي مطلب جو. لاکيڻي لطيف جو وهه توڙي ڪڙو ۽ قاتل ڪنهن به طرح وهڪسي ڪونه هئي. راهه حق ۾ زهر جي پيالي پيئندڙ سقراط ڏي اشارو هيو. سچائي ۽ حق تي هلندڙن کي ايندڙ تڪليفن جي لاءِ اشارو هيو پر مون کي هروڀرو پنهنجو مطلب ڪڍڻو هيو.
    ” فلسفو پوءِ ٻڌاءِ. ويٽر کي واندو ڪر.“ شاهه ديو چيو.
    ”ڪهڙي پيئندؤ؟ مالٽ يا بلينڊيڊ.“ ويٽر پڇيو.
    خالي ذهن ۽ ويران اکين سان ويٽر ڏي نهارڻ لڳم. هي مون کان ٿو پڇي ته مالٽ يا بلينڊيڊ. هن سدوري کي ڪيئن ٻڌايان ته اسان جي تَرَ ۾ ڇوڏي جي ڪنتري ئي نعمت آهي. پوءِ ڇوڏو ڪنڊيءَ جو يا ڪونڀٽ جو. هي ميون مان، انگورن مان، صوفن مان شراب ٺهڻ ته صرف خيام جي رباعين مان معلوم ٿيو. اسان وٽ نه انگور ٿين نه صوف، نه ئي ننڍي هوندي ڏٺاسين. انگريز جي ڪاريگري ته الاهي پوءِ آشڪار ٿي. پر اهو ديسي راڪيٽ نما ڪنتري به ڪٿي ڪٿي هوندو هيو. معزز ماڻهو آفيم جي ذري چوسيندا هئا يا کير سان پيئندا هيا. اوطاقن ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا وري بوبڪن جي ڀنگ سان چار مغز ۽ بادام گهوٽائي مست الست ٿيندا هئا. ديسي شراب جو رواج شروع ۾ ڪولهين ۾ گهڻو هوندو هيو.
    ”سر! ڪهڙي پيئندؤ؟“ ويٽر وري پڇيو.
    ”جان واڪرس. ريڊ ليبل. ڊبل. صرف ٿوري برف.“ مون چيو.
    ”بليڪ ليبل پي. ڪونجل جي ٽريٽ آهي.“ شاه ديو چيو.
    ”نه يار، بليڪ ليبل پي آنڊا سڙي ويا آهن. اسان وٽ هر ٻيو ماڻهو بليڪ ليبل کان سواءِ ٻي ڪا شراب ڪونه ٿو پئي. هڪڙو شريف ماڻهو هيو آغا محمد يحيٰ خان، سو بليڪ ڊاگ پيئندو هيو.“ وراڻيم.
    ايتري ۾ ويٽر وهڪسي جو گلاس کڻي آيو. گلاس ۾ شراب مٿان برف جون ننڍيون ٽڪيون تريون پي. آڱر وجهي ڪجهه دير برف جي ڳنڍين کي گهمائيندو رهيس. جڏهين برف ڪجهه ڳريل محسوس ڪيم ۽ پاڻياٺ جو مقدار اڌ گلاس جيترو ٿيو ته گلاس کڻي شاهه ديو ۽ ڪونجل ڏي نهاري چيئرز ڪيم ۽ هڪ ئي ڳيتَ ۾ اڌ گلاس ختم ڪري هيٺ رکيم.هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندا، پنهنجن ملڪن جون آکاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيوسين مس ته، هڪدم وقت جي احساس گلاس جلدي ختم ڪرڻ تي اُڪسايو. مون چيو ته ڳالهين لاءِ وقت پيو آهي، ٿورڙي اکين جي پسار ته ڪري وٺون. اڃان ٻيو گلاس مس ختم ڪيوسين ته آفيسر مهمانداري صوفيه اسان کي ڳوليندي اچي لائونج مان نڪتي :
    ”سڀ هيٺ اچي چڪا آهن، صرف توهان ٽن ڄڻن جو انتظار آهي.“ صوفيه چيو.
    ”ڪٿي آهن؟“ ڪونجل اُتاوِلو ٿيندي پڇيو.
    ”سامهون ريسيپشن جي ڀرسان ته ڪي ٻاهر ڪوچ وٽ“ صوفيه وراڻيو.
    ” هلون!“ ايئن چئي ڪونجل بل گهرائي پيسا ڏئي اٿيو.اسان به آخري ڳيت ڏئي اٿياسون. ڪن ساٿين سان لائونج ۾ ملاقات ٿي ته ڪن ساٿين سان ڪوچ ۾ چڙهندي ۽ سفر ڪندي، هڪ ٻئي کي نالا، ڪم، عهدا ۽ ملڪ ٻڌاياسين.
    تڙ تڪڙ ۾ ڪي نالا سمجهه ۾ آيا ته ڪي صفا ڪونه آيا. پندرهن منٽن ۾ خبر پيئي ته اسان منزل تي پهتا آهيون. ڪجهه مصري ڪامورن سان ملاقات ٿي ته وري آرڊو جي آيل ڪجهه آفيسرن سان ملاقات ٿي. ڪونجل ۽ شاهديو جي چوڻ مطابق ماني واقعي رُکي به هئي ته سادي سودي به هئي. نه ڪي ڪورسز نه ئي سِجي ۽ رانون. اجنبي ماحول. اوپرا ماڻهو ملندا رهيا. ڪير ڪير هيو، صفا سمجهه ۾ ڪونه آيو. مس مس ڪري جان ڇٽي. ڏهين وڳي واپس هوٽل تي پهتاسين. ڄڻ اسڪول مان موڪل ٿي هجي. هر ڪنهن بنا هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ جي ڪمري ڏي وڃڻ جي ڪئي. شاهديو کي روڪيم ته يا ته لائونج ۾ هلون يا منهنجي ڪمري ۾ هلي ٻه ٽي پيگ پيون. سخت بوريت پئي ٿي. ڪمري ۾ اچي ڪجهه ڪچهري ڪئي سين ۽ ڪلاڪ کن ۾ شب خير چوندي شاهه ديو پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن کان ڪارروائي شروع ٿي. ساڍي اٺين وڳي رجسٽريشن شروع ٿيڻي هئي. ورڪشاپ جو انتظام هوٽل جي ڀرسان ئي زرعي ترقياتي کاتي جي مرڪزي آفيس ۾ سيمينار هال ۾ رکيل هيو. جي پنڌ وڃجي ته پنج منٽ مس ٿي لڳا پر ڪوسٽر ۾ ڏهه منٽ کن لڳا جو هڪ طرف ٽرئفڪ جي خيال کان ڪوسٽر کي ڪافي ڦيرائي وٺي آڻڻو ٿي پيو. چوڻ ڪاڻ ته ڪانفرنس هال ايئن ٿي لڳو ڄڻ صرف هڪ ئي هال هجي پر پهچي ڏٺوسين ته هي هڪ جديد سهوليتن سان ڀرپور (Complex) هيو، جنهن ۾ هڪ وڏو آڊيٽوريم، ٻه ڪانفرنس هال ۽ هر سينڊيڪيٽ ڪمري ۾ آڊيو، وڊيو، انٽرنيٽ ۽ ملٽي ميڊيا جون سڀ سهوليتون موجود هيون. آڊيٽوريم ۾ 500 ڄڻن لاءِ سيمينار طرز تي آرامده سيٽون لڳل هيون ۽ سامهون وڏو اسٽيج هيو. اسان کي ٻن مان هڪڙي ڪانفرنس هال ۾ وڃڻو هيو، جتي 50 کان 60 ڄڻن لاءِ بيضوي شڪل ۾ ڪانفرنس ٽيبل لڳل هئي.
    رجسٽريشن ۾ اڌ ڪلاڪ کن لڳو. هر نمائندي کي نالي وارو ڪارڊ، هڪ بستو، جنهن ۾ پروگرام جو تفصيل لکيل هو، ڏنو ويو. پنهنجيون پنهنجيون جڳهون والاريون سين مس ته آرڊو جو سيڪريٽري جنرل مسٽر بهار منيپ ۽ آرڊو جا عملدار داخل ٿيا. پروگرام آفيسر هڪدم اعلان ڪيو ته سيشن شروع ڪيو ٿو وڃي ۽ آرڊو جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪيائين ته هو افتتاحي تقرير ڪري. مسٽر بهار منيپ اسٽيج تي رکيل پنهنجي ڪرسي تان اٿي روسٽرم تي آيو.


    بوسِ - رانجن - سڀاش

    ”منهنجو نالو بهار مُنيپ آهي، مان آرڊو جي طرفان توهان سڀن آيل مهمانن کي خوش آمديد چوان ٿو. جيئن ته پروگرام آفيسر مسٽر انور منهنجو تعارف ڪرايو آهي، انهيءَ ڪري مون کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي پر اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايشيا ۽ آفريقا جي ڳوٺاڻي ترقي جو هي ادارو ستاويهن ملڪن جي ميمبر شپ تي مشتمل آهي، جنهن جي سيڪريٽريٽ دهليءَ ۾ آهي. سيڪريٽريٽ جو انتظام سيڪريٽري جنرل جي ذميداري آهي ۽ منهنجي ڪُلهن تي انهيءَ ذميداري جو بوجهه آهي. سيڪريٽريٽ جو مستقل عملو ٽيهارو کن آهي ۽ مختلف پروگرامن لاءِ اسان کي مختلف ماهرن جي مدد حاصل هوندي آهي، جيڪي گهربل مضمون ۾ مهارت رکن ٿا. سڀ کان پهريائين آئون اسٽيج تي ويٺل پنهنجن ساٿين جو تعارف ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو. منهنجي کاٻي هٿ تي مسٽر عبدالله يحيٰ آدم آهي جو آرڊو جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل آهي. منهنجي ڪرسيءَ جي ساڄي هٿ تي مسٽر زوڪي عبدل آهي. مسٽر عبدل مليشيا جي زرعي ماهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هن ورڪشاپ لاءِ اسان جو معاون آهي. مسٽر عبدل سان گڏ مسٽر گپتا آهي. مسٽر گپتا زرعي معاشيات جو ماهر آهي ۽ ڪافي يونيورسٽين ۾ وزٽنگ پروفيسر آهي. مسٽر انور پروگرام آفيسر ۽ مسٽر رام ديال توهان جي معاونت لاءِ هر وقت توهان سان گڏ موجود هوندا.“
    ”آئون مناسب سمجهان ٿو ته توهان کي آرڊو جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندو هلان. ٻي مهاڀاري جنگ دنيا جي نقشي تي وڏيون تبديليون آنديون. نه صرف نوان ملڪ پيدا ٿيا يا آزاد ٿيا پر نوان اهڃاڻ به نروار ٿيا. آفريقا ۽ ايشيا جا نوان آزاد ٿيل ملڪ پنهنجن ملڪن جي پيداواري صلاحيت ۽ اُپت جي ذريعن کي ضرورتن لاءِ اڻپورو سمجهي انهي ويچار ۾ پئجي ويا ته ڪيئن پيداواري صلاحيت وڌائجي ۽ پاڻڀرو ٿجي. پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پيداوار جي وسيلن تي تسلط ڪافي نه هيو، هنرمندي ۽ مهارت به گهربل هئي. بک ۽ بيروزگاري جو واڳون وات ڦاڙيون ڪارن، ڏٻرن انسانن کي ڳڙڪائڻ لاءِ ماندو رهي ٿو. 1955ع ۾ ڪمبوڊيا، تائيوان، هندستان، انڊونيشيا، جپان، مليشيا، نيپال، پاڪستان، سريلنڪا، ٿائلينڊ ۽ ويٽنام ڪجهه بين الاقوامي ادارن جي سهڪار سان جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس جو خاص مقصد هيو ته ايشيا جي آبادگارن کي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آڻجي ۽ زراعت جي شعبي ۾ نه صرف هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو وٺجي پر زرعي اُپت کي وڌيڪ فائديمند ڪيو وڃي. انهيءَ سڄي جاکوڙ لاءِ ٻه ماڻهو خاص طور تي جَسُ لهڻن. هڪ هندستان جو زراعت جو وزير ڊاڪٽر پنجاب رائو ديش مک ۽ ٻيو هندستان ۾ جاپان جو سفير ڊاڪٽر هيروشي ناسو. مختلف گڏجاڻيون ٿينديون رهيون ۽ مختلف ملڪ شامل ٿيندا رهيا. نيٺ 1961ع ۾ دهلي ڳوٺاڻي بهبود ۽ ترقي جي حوالي سان آفريقا ۽ ايشيا جي ملڪن جي هڪ وڏي گڏجاڻي ٿي جنهن جو افتتاح هندستان جي نالي واري صدر ڊاڪٽر راجندر پرشاد ڪيو. ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ آفريقا جي ٽيويهن ملڪن شموليت ڪئي ۽ يونيسڪو توڙي خوراڪ ۽ زراعت جي اقوام متحده جي اداري به ڀرپور حصو ورتو. پوين ڄاڻايل ملڪن کان سواءِ مصر، ترڪي، سعودي عرب، افغانستان، سوڊان، مراڪش، تيونس، لبنان ۽ برما به شرڪت ڪئي. اڳئين سال وري مصر ۾ ٻي ڪانفرنس ٿي ۽ 31 مارچ 1966ع تي آرڊو ۽ هندستان جي حڪومت هڪ باقاعده معاهدي تحت دهلي ۾ سيڪريٽريٽ جي منظوري ڏني. انهيءَ ڪري آرڊو جي سرڪاري طور سالگرهه يا ڏينهن هر سال 5 مارچ تي ملهايو ويندو آهي.“
    ”هي ته هيو آرڊو جو تعارف. رهيو هن ڪانفرنس جو مقصد ته اسان توهان سڀني ساٿين کي ڪوٺ ڏني آهي ته پنهنجن ملڪن جي حوالي سان، توڙي عمومي طور پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربا هڪ ٻئي سان ونڊيون ۽ ڏسون ته زرعي اپت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي جو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل شعبا وڌيڪ مفيد مقصد جي حيثيت حاصل ڪري سگهن. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي کي قابو ڪرڻ ۽ سندس کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ آهي. ايندڙ صدي ۾ انسان ذات لاءِ کاڌ خوراڪ هڪ اهم ۽ سنگين مسئلو ٿي پوندو. ضرورت آهي ته هينئر کان ئي انهيءَ عالمي مسئلي جو تدارڪ ڪجي.“
    ”ورڪشاپ جي مختلف جُزنَ جي شروعات کان اڳ مناسب ٿيندو ته هر نمائندو پنهنجي تعارف سان گڏ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ ٻڌائي. مان سمجهان ٿو ته هر ملڪ جي باري ۾ معلومات انٽرنيٽ تي ملي سگهي ٿي پر ملڪ جي ڄاڻ انهيءَ ملڪ جي ماڻهو کان سندس زباني وڌيڪ دلچسپ آهي. اوهان جو پنهنجي ملڪ جي تعارف ۽ زراعت جي حوالي سان لکيل پيپر توهان پروگرام آفيسر مسٽر انور کي ڏيئي ڇڏيو.“
    ائين چئي مسٽر بهار منيپ پنهنجي جاءِ ورتي. پروگرام آفيسر روسٽرم تي اچي چيو ته: ”هاڻي آئون بنگلاديش جي نمائندي مسٽر انوپ رانجن بوس کي ڪوٺ ڏيندس ته هو پنهنجو تعارف ڪرائي ۽ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ جا معلومات اسان سان ونڊڻ چاهي اُها بيان ڪري.“ انوپ رانجن بوس ڪوميلا جي ڪوميلا ڪوآپريٽو ڪارخاني ۾ پروڊڪشن مئنيجر هيو. ننڍڙو ڪارو، نظر جي ٿلهي عينڪ چڙهيل. خاموش خاموش انوپ بوس. ايندڙ ڏينهن ۾ آئون جڏهين به انوپ سان ڳالهائيندو هُيس يا ڪچهري ڪندو هُيس ته کيس بوس سڏيندو هُيس.
    هڪڙي ڏينهن منجهند جي ماني کائڻ لاءِ ويٺاسين ته بوس منهنجي ڀرسان ٽيبل تي ويٺو هيو .
    ”بوس، ڇا حال آهي؟ انقلابي سرزمين تان ايندڙ منهنجا دوست.“ مون ڏانهنس نهاريندي چيو.
    چيائين: ”منهنجو نالو انوپ آهي، جي مون کي انوپ سڏين“
    ”نه ادا! آئون توکي بوس ئي سڏيندس. تون مون کي سڀاش چندر بوس جي ياد ڏيارائين ٿو. تون مون کي انڊين نيشنل آرمي جي انهن هزارين غيرتمند بهادر جوڌن جوانن شهيدن جي ياد ڏيارائين ٿو جي وطن بدر ٿيا. جهنگن، بيابانن، ڌُٻَڻ جو کاڄ ٿيا. پنهنجن جي ضمير فروشي جو شڪار ٿيا پر وطن تي قربان ٿيا. هي هزارين لکين ڪونڌر ڪُساڻا، وطن بدر ٿيا ته هي ڌرتي سون اُپائيندي، مزدور ۽ بيوس راڄ ڪندا. ڪو بُکيو ڪونه سمهندو. ڪو تَنَ اُگهاڙو نه رهندو.... پر مليو ڇا؟ بي ضمير، ويڪائو نظام جتي رياستي وڏيرن، اميرن، وزيرن ۽ ڪامورڪي لڏي جي سُريتَ آهي. جتي عدل صرف ڪتابن ۾ آهي. انصاف چؤ واٽي تي وڪامجي ٿو. سامراج ويو ته ان کان وڏو استحصالي ٽڪسال گهڙجي ويو. پيداواري وسيلا توڙي ذرائع ابلاغ هڪ هٽي يا مشترڪه مفادات جي نظام جي ور چڙهيو وڃن ٿا. بوس، مون کي انهيءَ دنيا ۾ رهڻ ڏي. پليز مون کي اجازت ڏي ته آئون توکي بوس چوان ۽ خوابن ۾ رهان.“
    بوس مون ڏي حيران حيران نظرن سان ڏٺو؛ مون کي پڪ ٿي ته هن سمجهيو هوندو ته آئون نشي ۾ آهيان.
    ”بوس! توکي خبر آهي ته ڪوميلا جو ڪارخانو پورهيتن جي ملڪيت جي خواب جي تعبير آهي پر اها ملڪيت، عوامي ليگ پورهيتن کي خيرات ۾ ڪانه ڏني. هي پورهيتن جي ڪوآپريٽو ملڪيت جو تصور ئي نه هجي ها، جي بنگال چارو موجمدار پيدا نه ڪري ها. چارو موجمدار هيو ته هڪ موروثي جاگيردار پر جڏهن ڪميونسٽ نظريي جو پرچارڪ ٿيو ته سڀ کان پهرين پنهنجي جاگير کي پورهيتن جي ڪميون (مشترڪ ملڪيت) لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. ڪاش! منهنجي ڌرتي سنڌ ۾ به چارو موجمدار پيدا ٿين ها. جي منهنجي ڌرتي تي هزارين ايڪڙ درگاهن لاءِ وقف ٿيل زمين ئي ڪميون (Commune) ڪرڻ وارو ڪو هجي ها ته سنڌ جو مقدر ٻيو هجي ها. هڪ شاهه عنايت شهيد هو جو پنهنجن جي ئي غداري جو شڪار ٿيو.“
    ”احمد! تون ڪٿان جي ڳالهه ڪيڏانهن پيو ڪرين. نه سڀاش چندر بوس ۽ نه وري چارو موجمدار بنگلاديشي هئا.“ بوس چيو.
    ”يار، تون ڪهڙو بنگالي آهين! اسان بنگال کي هميشه هڪ ئي خِطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ ته نه اسان تسليم ڪيو آهي نه ئي ڪڏهين بنگالين تسليم ڪيو.“ مون چيو.
    بوس نهاريندو رهيو. جواب ڪونه ڏنائين.
    ”بوس! ڪٿي تون اُنهن مان ته ڪونه آهين جي نذر السلام کي بنگال جو قومي شاعر مڃين ٿا، پر بنگالي ٻوليءَ سان دنيا کي روشناس ڪرائيندڙ نوبل انعام کڻڻ واري مها ڪوي رابندر ناٿ ٽيگور کي اوپِرو سمجهنِ ٿا.“ مون اُٻهرو ٿيندي چيو.
    بوس جو منهن هَيڊو ٿي ويو. هڪدم چيائين: ”احمد! مون تي اهڙو الزام ته نه هڻ. مها ڪويءَ جون ڪويتائون هر بنگاليءَ لاءِ ڪنهن مقدس پاٺَ جيان آهن.“
    ”ڇونه هجن! گيتانجليءَ جو خالق نوبل انعام کڻندڙ ۽ شانتي نِڪَيتَن جهڙي علم جي گهر کي جوڙيندڙ انهيءَ کان به مٿي مانَ جو مستحق آهي.“ وراڻيم.
    ”صحيح ٿو چوين.“ بوس چيو. ”پر اوهان ٽيگور جي ڌرتي ۽ نذرالسلام جي جنم ڀوميءَ سان وري ڪهڙو چڱو سلوڪ ڪيو.“
    ”تنهنجو اشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي.“ پڇيم.
    ”اهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اردودان دانشورن جي کاتي ۾ وجهه. اسان سنڌي ته هميشه بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ جا سهڪاري رهيا آهيون.“
    ”جناح صاحب ته سنڌي هيو نه. توهان سنڌي ته ٺٽي ضلعي جي جهرڪن جي پرائمري اسڪول جي داخلا رجسٽر جي آڌار تي، دعويٰ ڪندا آهيو ته محمد علي پٽ پونجو جيڻو جَهرِڪن جي اسڪول ۾ ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيو هيو. جناح صاحب ڪهڙي سبب ڪاڻ متحده بنگال جي منتخب وزيراعظم سهرورديءَ کي هٽائي هڪ غير منتخب خواجه ناظم الدين کي سندس جاءِ تي رکيو. بنگال سان بدسلوڪيءَ جو ٻج ته توهان ڇٽيو.“
    بوس هڪ تاريخي حقيقت بيان ڪري ويٺو. هي جهرڪن ۾ محمد علي جناح صاحب جي پيدائش جي ڳالهه مون ئي ڪئي هئي جو مون پاڻ 1964 ع ۾ اِهو اسڪول رجسٽر ۽ اِها داخلا ڏٺي هئي. رهي سهرورديءَ واري ڳالهه ته اُهابه هڪ تاريخي حقيقت هئي.
    ”اِهو هڪ علحده بحث آهي. تون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ته بنگال ۾ ورهاڱي تي بدترين فساد ٿيا هئا. گانڌي جي مرڻ وَرت رکيو ته سهروردي سندس ئي حڪم تي مشرق ۽ مغرب ۾ فسادن تي قابو پائڻ ۾ لڳي ويو. نئين آزاد ملڪ پاڪستان جي مرڪزيت کان سهروردي پري ٿي ويو. ڪمزور مرڪز کي هزارين ميل ڏور هڪ مضبوط ۽ هر دلعزيز ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ وفادار جي ضرورت هئي.“ مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    بوس مشڪيو: ”هي اجايا بهانا پيو ٺاهين. ڀلا ٻڌاءِ! اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جي اردو سان گڏ بنگالي کي قومي ٻولي جي درجي ڏيڻ جي گهُر ڪئي. صرف هڪڙي مها ڪوي جي گيتانجلي، دنيا جي ايترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جو اردو جا سڀ ڪتاب به ڪونه ٿيا هوندا. چڱو، اِهو ئي ٻڌاءِ ته هڪڙي بنگالي شاعر جو ڪتاب 1913ع کان 1917ع تائين گيتانجليءَ جي نالي سان يورپ جي تمام زبانن ۾ نه صرف ترجمو ٿئي ٿو پر ستن سالن تائين تمام زبانن ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب بڻجي ٿو ۽ انهيءَ ٻولي کي توهان قومي ٻوليءَ جو درجو نٿا ڏيئي سگهو. ها، اسان تي گوليون ضرور هلايو ٿا. خبر اٿئه! ڪيترا جوان شهيد ٿيا ٻوليءَ جي مسئلي تي.“
    ”يار، اسان ته ڪونه ڪيو. پُڇ پنجابي ۽ اردو دان دانشورن کان جن جي تصنيف ته خبر نه آهي ڪهڙي هئي ۽ ادب جي دنيا ۾ مقام ڇا هيو پر دانشور چَوِرائيندا هئا ۽ اسٽيبلشمنٽ جي اک جا تارا هئا.“ ٻيو ڪو جواب سُڌو ڪين سو ائين چئي ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪيم.
    ”نه احمد! تو جهڙي باشعور ماڻهوءَ کي حقيقت کان لنوائڻ نه کپي؛ هي جو مون توهان سنڌين واري ڳالهه ڪئي. هلو، جناح صاحب جو فيصلو ۽ اُهو وقت توهان ۽ اسان ڏٺو ڪونه. نه ئي اسان شاهد آهيون اُن دور جا. صرف پوءِ پڙهيوسين. پر هي بنگلاديش ٺهڻ، مجيب جا ڇهه نُڪتا، يحيٰ جي مارشل لا هي سڀ ته اسان جي سامهون ٿيا آهن. خبر اٿئه ته مجيب الرحمان جڏهين آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو، ته حيدر منزل تي جي ايم سيد کي گذارش ڪيائين، ته مون کي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اياز ڏيو جو اسان جا ماڻهو هِن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا. پر سائين جي ايم سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻڻ تي زور ڀريو جي شيخ مجيب الرحمان کي قبول نه هيا. توهان جا ته رهنما به پنهنجي ذات پات کان مٿي ڪونه سوچيندا آهن.“ بوس شڪايت ڪئي.
    ”سائين جي ايم سيد کان ساڳي شڪايت ته قائداعظم کي به هئي جو سائين سنڌ مسلم ليگ تي سادات کي ترجيح ڏني.“
    وري کِلندي چيومانس: ”پر هاڻي جي منهنجي لڳايل الزام جو بدلو وٺي ورتو هجيئي ته ڪا ٻي ڳالهه ڪيون.“
    بوس اچي کليو. کِلندي چيائين: ”اسان ننڍڙن ڪارن ماڻهن جو جيءَ نه جلاءِ. اسان ماٺ هجون ته بهتر آهي.“
    مون کي بوس جي تعارفي تقرير ياد اچڻ لڳي. ڪيئن نه سادن سهڻن لفظن ۾ هُن اسان کي ٻڌائڻ جي ڪئي ته سُندر بن ۽ ڊيلٽا مُلڪ جو چڱو ڀلو حصو آهن. باقي جو آهي سو ٻوڏن ۽ بارشن ۾. پر ڪيئن نه همت ۽ عزم کان ڪم وٺي هن نئين آزاد ملڪ ٽيهن سالن ۾ معيشت جي اؤسر ۽ مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو آهي، جو اڄ پيداواري اُپت ۾ مغربي پاڪستان سان مقابلو پيو ڪري ۽ ڪنهن ريت اُن کان بهتر آهي.
    بوس کان پوءِ ٻين ملڪن جي نمائندن جو وارو آيو، تائيوان، گهانا، هندستان، ڏکڻ ڪوريا، لبنان، مليشيا، ماريشس، فلپائن، شام ۽ پاڪستان جي نمائندن يعني ڪل ڏهن ڄڻن پنهنجو ۽ پنهنجن ملڪن جو تعارف ڪرايو. سڄو ڏينهن، جنهن وچ ۾ ٻه چانهه جا وقفا ۽ منجهند جي ماني جو وقفو هيو انهيءَ اُپٽار ۾ گذري ويو، پر چئين وڳي ڌاري جڏهين سيشن ختم ٿيو ته اسان هڪ ٻئي سان چڱي طرح واقف ٿياسين. شام خالي رکيل هئي ته هرڪو آساني سان پنهنجو سامان سڙو هٿيڪو ڪري رکي ۽ ڀرپاسي ۾ پسار لاءِ نڪري ۽ پنهنجي مَڪان کان واقفيت حاصل ڪري سگهي.


    شيام سُندر پرشاد

    واپس ڪمري ۾ اچي لَٽا مٽائي سُمهي پيس. ساڍي ڇهين وڳي اُٿي منهن تي ڇنڊا هڻي جاگرز پائي واڪ لاءِ نڪتس. هوٽل کان پنجن ڏهن منٽن جي فاصلي تي نيل ندي هئي. ندي ڪناري يڪي پٽي بهترين ڇٻر هئي. پاسي سان واڪنگ ٽريڪ (هلڻ لاءِ پيچرو) ٺهيل هيو. ڪناري ڪناري ڄڻ سهڻو پارڪ ٺهيل هجي. ٿوري ٿوري فاصلي تي ويهڻ لاءِ بينچون رکيل هيون جتي ڪٿي ته نوجوان جوڙا ته ڪٿي وري پوڙها آرام سان ويٺا نظارو پسَن. اڪيلو ئي نڪتس. اڃان پنڌ ڪندي ويهارو منٽ مس ٿيا ته سامهون کان شيام سُندر پرشاد موٽ کائيندو نظر آيو. شيام ڀارت ۾ منهنجو هم منصب هيو، يعني هريانه رياست ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي. فرق صرف اهو هيو ته هريانه صوبه ۾ يا کڻي هريانه رياست چئجي، ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي کي اسپيشل سيڪريٽري جو درجو به مليل آهي. شيام I.A.S (Indian Administrative Service) آفيسر هيو. ڀارت جي انتظامي ڍانچي ۾ انڊين انتظامي سروس اڻ ورهايل هندستان جي I.C.S ۽ اسان جي سي ايس پي وانگيان آهي. پر ڀارت ۾ چٽاڀيٽي جي چونڊ ۽ ٽريننگ کان پوءِ آفيسرن کي صوبي ۾ موڪليو ويندو آهي. هتي اسان وٽ به ايئن آهي پر ڀارت ۾ مرڪز جو آفيسر جڏهين هريانه صوبي ۾ موڪليو ويندو ته پوءِ اهو اتي ئي هريانه جي انتظامي سروس ۾ سمجهيو ويندو ۽ هريانه ۾ ئي رهندو.
    ”هيلو آفتاب! هاڻي واڪ لاءِ نڪتو آهين“ شيام چيو.
    ”ها! تو پنهنجو واڪ ختم ڪيو ڇا؟ واپس پيو وڃين شايد.“ مون چيو.
    ”ها! پر توسان ڪچهري ڪندي وري به ڪجهه ڪيلوريز (Calories) ساڙي سگهان ٿو.“ شيام وراڻيو.
    آئون ۽ شيام جاگنگ ٽريڪ تي هلڻ لڳاسين. شيام ڪلاڪ کن پنڌ ڪري چڪو هيو سو ٿورڙو آهستي هلڻ لڳو. وري ڪي من ۾ آيس- چيائين:
    ”يار! آئون ڪجهه آهسته هلان پيو، تنهنجو واڪ ته خراب ڪونه ٿو پيو ڪيان.“
    ”يار! هتي زندگي سڄي خراب ڪري ڇڏيم. تون آهسته ۽ تکي هلڻ کي ٿو ڏسين. هلڻ جي رفتار جو فڪر صرف انهن کي هوندو آهي جن کي ڪنهن ماڳ تي پهچڻو هوندو.“ مون ڀڻڪندي وراڻيو.
    ”زندگي جو فلسفو اٿئه يا ناڪامي جو احساس.“ شيام مون ڏي نهاريندي چيو.
    ”ناڪامي جو احساس انهيءَ کي ٿيندو آهي جنهن کي ڪاميابي ماڻڻ جي خواهش هجي. منهنجيءَ نظر ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي امنگ ئي هلاڪو ۽ چنگيز پيدا ڪري ٿي ۽ انهي بيڪار اُمنگ جي ڪارڻ ئي هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽمي بم ڪيرايا ويا. رهيو فلسفو.... ته يار، فلسفو بي معنيٰ آهي. جيون کي رنگن ۽ زاوين جي قيد ۾ بند ڪري جيون ڪٿا کي ڪوجهو ڪيو ڇڏي.“
    وري چيم: ”پر ڇڏ يار! هن وقت ته نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون جتي گنجو، ٺوڙهو اڌڙوٽ عمر مارڪ انٿوني پنهنجي مربي ۽ محسن جوليس سيزر جي حسين سُريت قلوپيٽرا سان شاهي ٻيڙَن ۾ رنگ و نشاط جون محفلون گرم ڪندو رهيو.“
    ”سڙين ٿو ته تون مارڪ انٿوني نه هئين.“ شيام کلندي چيو.
    ”نه يار! ڏک اٿم ته اهڙو سٺو جرنيل وري نڀاڳو ٿيو جو پاڻ کي سهڻو سمجهيائين ته قلوپيٽرا مٿس شايد عاشق ٿي پيئي آهي! نڀاڳي کي انهيءَ عورت جو حِرص سمجهه ۾ ڪونه آيو جنهن هڪ ٻئي پويان پنهنجي ٻن سڳن ڀائرن سان شادي ڪئي ته هوءَ حڪومت جا مزا ماڻي.“ مون چيو، ”۽ وري سيزر کي فتح ڪيائين ۽ پوءِ.... هي گنجو ۽ ٺوڙهو مٿان وري پوڙهو.“
    ”معاف ڪجانءِ! تنهنجو صدر پاڪستان يحيٰ خان به ته پاڻ کي هر وقت حسينائن جي جسم سان گرمائيندو رهندو هيو. فوٽن ۾ سندس ڍُونڍَ ڏٺي اٿم. شرم ڪونه آيس پاڻ کي سپاهي سڏيندي هيڏي وڏي مٽڪي جهڙي پيٽ سان“. شيام چيو.
    مون وڏو ٽهڪ ڏنو، ڪجهه دير لاءِ اسين ماٺ هلندا رهياسين.
    ”دل ۾ ته ڪونه ڪيئه؟“ شيام چيو.
    ”ڇا؟“ مون خالي ذهن وراڻيو.
    ”يحيٰ خان واري حوالي تان.“ شيام چيو.
    ”اڙي نه يار! هونئن به تون ۽ آئون سرحدن جي پار رهندي به هڪ ئي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون. سول سروس چاهي هن وقت ڪيڏي به ويل هجي پر اسين اڃا تائين پاڻ کي I.C.S جا جانشين سمجهندا آهيون. فرق صرف اهو آهي ته توهان برطانوي سامراج جي نمائندي جي بجاءِ هاڻ عوام جا نوڪر آهيو ۽ اسان مقامي سامراج جا نوڪر آهيون. رهيو ويچارو يحيٰ خان ته هو تاريخ جي مذاق جو شڪار وڌيڪ بڻيو. سندس وڏو ڏوهه شايد ون يونٽ ٽوڙڻ هيو. باقي فرق به ته آهي- ڀارت ۾ ڪي- ايم- ڪارياپا پهريون هندستاني آرمي چيف هيو- فيلڊ مارشل..... ملٽري ڪراس... ٻي مهاڀاري جنگ جو سپاهي ته هتي اسان جو سپه سالار خود ساخته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان- توهان وٽ وري سام هرموز جي فرامجي جمشيد جي مانڪ شا، ٻي مهاڀاري جنگ جو هيرو ۽ ملٽري ڪراس سپه سالار هيو ته اسان وٽ آغا محمد يحيٰ. توڙي جو آغا سان تاريخ ڀيانڪ مذاق ڪيو پر گهٽتائي گهوٽ ۾ به ڪانه هئي.“
    آئون يڪساهيءَ ڊگهي تقرير ڪري ويس. شيام موضوع مٽائيندي چيو: ”اڄ تنهنجي تعارفي تقرير ته ڄڻ حڪومتي انقلابي اقدامات جي ساراهه هئي.“
    ”نه ته ٻيو وري ڇا چوان ها. سٺي سرڪاري اهلڪار کي حڪومت جي پاليسين جي واهه واهه ئي ڪرڻ کپي.“ وراڻيم.
    ”مليشيا جي نمائنده خاتون مريم يعقوب جي ڳالهائڻ مان لڳو ته مليشيا زراعت ۾ ڪافي ترقي پيو ڪري.“ شيام چيو.
    ”مليشيا هونئن به پام آئل ۽ رٻڙ جي پيداوار ۾ قدرت جي طرفان ڪافي نوازيل آهي. انهيءَ ۾ حڪومت جي ڪا خاص ڪوشش ڪانهي. تاج برطانيه طرفان ايشيا جي انهيءَ ڏکڻ- اوڀر واري حصي تي قبضي جو خيال ٻن مقصدن لاءِ رهيو. هڪ ته آبناءِ ملاڪا، جتان دنيا جي سامونڊي جهاز رانيءَ جو ٽيون حصو راهگذاري ڪري ٿو ۽ پڻ ڏکڻ چيني سمونڊ جي ويٽنام ڪمبوڊيا سان پسگردائي هئڻ، توڙي رٻڙ، ٽن ۽ کاڄرو تيل، ڪاٺ ۽ معدنيات سان مالامال هئڻ، انهن مقصدن جي پورائي ڪندڙ هيو. انگريزن اِنهن ڪِرتَن کي صنعت طور روشناس ڪرايو ۽ دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستي تي قبضو رکيو.“ مون چيو.
    ”هڪ طرح سان تون صحيح آهين.“ شيام چيو.
    ”هڪ طرح سان نه.... هر طرح سان..... سواءِ هڪ ڳالهه جي جا مون اڃا ڪانه ڪئي. ڇو؟ انهيءَ ڪري ته ڪنهن مستند تاريخدان اڃان انهيءَ کي ان طرح سان ڏٺو ئي ڪونهي. اها هيءَ آهي شيام ڊيئر! ته ڪميونزم چين کان ويٽنام، ڪمبوڊيا، لائوس، مليشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، برما ۽ ويندي فلپائن تائين تمام مضبوطي سان پير کوڙي چڪو هيو. مليشيا جي آزادي جو هڪ وڏو ڪارڻ ڪميونسٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍڙيون رياستون گڏي فيڊريشن آف يونائيٽيڊ ملايا جي صورت ۾ متحده قوت ٺاهڻي هئي. اهوئي ڪارڻ هيو جو برطانيه سنگاپور کي آزادي انهيءَ شرط تي ڏني ته هو فيڊريشن ۾ شامل ٿين. ۽ ايئن 1963ع ۾ سنگاپور مليشيا ۾ شامل ٿيو ۽ مقصد پورو ٿيڻ تي وري علحده ٿيو. هي آکاڻي زيب داستان لاءِ آهي ته تِنڪو عبدالرحمان ئي لي ڪو آن کي چيو ته توهان علحده ٿيو- لي ڪو آن ته سنگاپور ۾ ليڊر ئي ڪميونسٽن جي زور تي ٿيو پر پوءِ انگريز بهادر سان ساٿاري ٿي ڪميونسٽن جي پاڙ پٽيائين. سامراجي پنهنجن ڇاڙتن کي ڪيئن مٿانهون ڪن ٿا، لي ڪوآن اُن جو چٽو مثال آهي. دنيا جهان ۾ سنگاپور ماڊل.... سنگاپور ماڊل.... لي ڪوآن.... لي ڪوآن.... عظيم مُدبَر.... عظيم ليڊر.... ڪجهه حقيقت پر اُن کان وڌيڪ پٺي ٺَپر. لي ڪوآن جي ڪميونسٽ دشمنيءَ ئي سڄي خطي ۾ کاٻي ڌُر جي قتلام کي هَٿي ڏني. سٺ جي ڏهاڪي جي تاريخ تي نظر وجهندين ته مليشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، فلپائين، برما، هر هنڌ ڪميونسٽن جو قتلام ٿيو. انهيءَ دور ۾ آمريڪا ۾ سخت قسم جو ڪميونسٽ مخالف ميڪارٽي ازم هليو - سرد جنگ به زورن تي هئي.ڇڏينس!! الائي ڪٿان وڃي نڪتاسين.“ ائين چوندي مون واپس هلڻ لاءِ پير کنيا.
    هوٽل تي اچي پنهنجن ڪمرن ۾ وڃڻ لاءِ لفٽ ۾ سوار ٿياسين- شيام ۽ منهنجو ڪمرو هڪ ئي فلور تي هيو .
    شيام پڇيو ته: ”هن کان پوءِ ڇا پروگرام آهي؟ “
    چيومانس: ”ڪجهه به نه- شاور وٺندس ۽ هوٽل ۾ ئي هوندس. ڇو؟“
    ”ساڍا ست ٿيا آهن- شاور وٺي جي اڌ ڪلاڪ ۾ وري ملون ته آئون توکي سٺي هندستاني شراب پياري سگهان ٿو.“ شيام چيو.
    ”ملي ته سگهون ٿا- اٺ نه پر ساڍي اٺين وڳي- پر يار، هي هندستاني سٺي شراب ڇا آهي؟ خدا کي مڃ- مون ڊيوٽي فري شاپ تان ٻه بليڪ ڊاگ ورتيون آهن. مون سان اچي پي. هندستاني شراب وري کوٽ ۾ پيئنداسون،“ مون چيو.
    ٽهڪ ڏئي چيائين، ”ساڍا اٺ- بهتر آهي.“
    وهنجي سهنجي سٿڻ قميص پائي تازو توانو ٿي ڪمري مان ئي گهرواريءَ کي فون ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته تون ڏاڍو ياد ٿي اچين. نيڪ بخت مون کي فڪر نه ڪرڻ جو چيو ۽ تاڪيد ڪيائين ته پنهنجو خيال رکجانءِ. فون رکي بوتل، ٻه گلاس ۽ منرل واٽر ڪڍي رکيم ته ڄاڻ شيام آيو. اڃان اهو سوچيم ئي مس ته در تي گهنٽي وڳي. اٿي کوليم ته شيام ئي هيو- کيڪاري کيس ويهڻ لاءِ چيم. ڪمرو ڪافي ڪشادو هيو- پلنگ جي پيرانديءَ هڪ پاسي ٻه سنگل صوفه سيٽ ۽ هڪ ننڍي ٽپائي وچ ۾ پيل هئي. ٻيءَ ڪنڊ ۾ وڏو سارو وارڊ روب جنهن ۾ ئي فرج هئي ۽ ڀرسان ٽي وي رکيل هئي.
    ٻه گلاس ٺاهي، هڪ شيام کي ڏنم ۽ هڪڙو هٿ ۾ کڻي هٿ مٿي ڪري چيم: ”انهن گمنام سپاهين جي نانءِ جن جي قربانين جي ڪارڻ اسين اڄ آزادي ماڻيون ٿا.“
    ”چيئرز“
    شيام ائين چوندي گلاس چپن تي لاتو ۽ هڪ ئي ڳيت ۾ اڌ ڪري هيٺ رکيو- ”يار، مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، تون مون کي سندر پرشاد يا مسٽر پرشاد ڇو نه ڪوٺيندو آهين جيئن هر ڪو مون کي مسٽر پرشاد چوندو آهي.“ شيام چيو.
    ”ٻه سبب، هڪ ته اسين انگريز ڪونه آهيون جو پهرئين نالي سان سڏڻ اسان وٽ معيوب سمجهيو وڃي جيسين گهڻي ويجهائپ نه هجي- ٻيو ته تون به مون کي آفتاب سڏيندو آهين ٻيا سڀ ته احمد چوندا آهن جو منهنجي پٽ جو نالو آهي يا وري منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي. ٽيون سبب به آهي.... شيام سان مون کي نارائڻ شيام ياد ايندو آهي ۽ شيخ اياز ياد ايندو آهي.“
    ” شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ڪير آهن؟“ هن پڇيو.
    ” شيخ اياز منهنجي سنڌي ٻوليءَ جو مهان شاعر آهي ۽ سنڌ واسي آهي، پر نارائڻ شيام به سنڌي آهي، شاعر به آهي پر سرحد جي هُن پار آهي. مون کي توکي شيام چوندي اُنسيت محسوس ٿيندي آهي.“ مون جواب ڏنو.
    يارهين وڳي هيٺ هوٽل جي چيني ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ لٿاسين. هلڪي ڦلڪي ماني کائي هڪ ٻئي کي خداحافظ ڪري ڪمرن ڏي وياسين.
    ڪمري ڏي ويندي شيام جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. ڪيڏي نه حقيقت پسندانه انداز ۾ چيائين ٿي ته:
    ”يار،ا ڄ الائي ٻيو يا ٽيون دفعو بليڪ ڊاگ پيتي اٿم. هندستان ۾ به ولائتي شراب عام مليو وڃي پر آئون افورڊ ڪونه ٿو ڪري سگهان. هڪ ملازم ماڻهو جي صرف سفيد پوشي جو ڀرم رکي سگهي ۽ ٻچا پالي ته به ڪافي آهي. منهنجي ته زال به نوڪري ڪندي آهي. هڪ پرائيويٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهي ۽ شام جو هڪڙي ليڊيز ڪلب ۾ ٽينس جي ڪوچنگ ڪرائيندي آهي. انهيءَ ڪري حالت ڪجهه بهتر آهي. پر، سڪاچ.... نه بابا نه... هي ديسي دارونءَ جي سڄي مهيني جي ڪوٽا ۾ ٻه ساديون بوتلون به (اسڪاچ جون) مسَ ملن. عام طور تي ڪنهن جي دعوت تي ڪونه وڃان. خبر اٿم ته اتي مهانگي شراب هوندي جيڪا موٽ ۾ آئون پياري ڪونه سگهندس.“
    واهه جي ٻڌايائين. ويچاري کي اها خبر ڪانهي ته اسان وٽ ننڍڙا سرڪاري اهلڪار فوڊ انسپيڪٽر، پوليس، ڪسٽم جا انسپيڪٽر ته ٺهيو پر تپيدار به هر ٻئي ڏينهن دعوتون ڪيو اهڙيون ڏهه سڪاچ هلايو ڇڏين. سياسي ليڊر، ڪامورا توڙي هر طرح جا ڪارآمد ماڻهو انهن نچندڙ بوتلن ۽ حسينائن جي ڪارڻ بي نام ۽ گمنام ڪوٺين ۾ رات جي انڌيرن ۾ ديرو ڄمائين ٿا. دل ۾ آيم ته کيس اها آکاڻي ٻڌايان جا مون الائي ڪيترن کي ٻڌائي هوندي.ٻڌايانس ته جڏهين آئون ڊپٽي ڪمشنر هيس ته شام جو هڪ دوست وٽ ويس جو به مون وانگيان ڪامورو هيو. هوا سٺي پئي هلي تنهن ڪري لان ۾ ڪرسيون لڳرايونسين. اڃان ويٺا هئاسين ته اِجهو چانهه ٿي اچي ته هڪ نئين چمڪندڙ ٽيوٽا ڪرولا اچي ڊرائيو وي ۾ داخل ٿي. گاڏي بيٺي ته هڪ ٿلهو متارو بوسڪي جي جوڙي ۾ همراهه هيٺ لٿو ۽ نوڪر جي اشاري ڪرڻ تي سڌو لان ڏي اچي لڙيو. سانجهيءَ جي هلڪي هلڪي روشني ۾ چٽو ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
    مون واري دوست مون ڏي نهاري مشڪي وڏي سڏ چيو: ”ڀوتار اچو، سائين وڏا.“
    همراهه مَٽڪي جهڙو پيٽ کڻندو اچي مٿان پهتو. مون واري دوست اٿي کيس کيڪاريو ۽ هٿ ڏنائين. مون به اٿي کيس ”سائين“ چئي کيڪاريو. هن مون ڏي ٿورو چِتائي ڏٺو ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
    مون واري دوست کيس چيوته: ”اسان جو دوست آهي ماما، ويهو.“
    هن چيو: ”نه، هڪ منٽ توسان ڳالهه ڪرڻي آهي. بيٺي پير ڪيو وڃان ٿو.“
    ائين چوندي کيس ٻانهن مان جهلي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ پنج منٽ کن مس ٿيا ته مون وارو دوست موٽي آيو ۽ رئيس اتان ئي موٽر ۾ چڙهي روانو ٿيو.
    موٽندي ئي اچي ٽهڪ ڏنائين. ”خبر اٿئو ڪير هو؟ ۽ وري چوي ٿو تنهنجي لاءِ ته همراهه کي شايد مون ڪٿي ڏٺو آهي.“
    ”نه“، مون وراڻيو.
    ”اڙي تو وٽ تپيدار آهي.“ هن چيو .
    ”مار پويس، ايڏو دماغ خراب اٿس.“ مون چيو.
    ”تون ته ڪو اڌ مغزي آهين، ڀوڪ بصر جو..... اڙي ڏٺئِه ڪونه! تو اٿي هٿ ملائي ”سائين“ چئي مخاطب ڪيو ۽ هُن توکي ٽن آڱرين سان هٿ ملائي جواب ۾ هڪ لفظ به ڪونه چيو.“ هن چيو.
    ”ابا! وزيرن ۽ ميمبرن کان گهٽ ڪنهن کي لفٽ ڪونه ڏيندو آهي. تو جهڙا ڏهه ڪنگلا ڊپٽي ڪمشنر خريد ڪري ڇڏي.“
    ڪاوڙ به آيم ته خبر به هيم ته هينئر ته ٺهيو پر ورهاڱي کان پهرين به تپيدار ايڏو مضبوط هوندو هيو جو بقول سائين مرحوم امداد محمد شاهه جي ته سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت هڪ تپيدار جي بدلي تان انگريز ڪليڪٽر جي ناڪار ڪرڻ ڪري ٽن ميمبرن جي فلور ڪراسنگ ڪارڻ ٽٽي هئي.... هي ويچارو شيام پرشاد جنهن ديش مان آيو هيو اتي لال بهادر شاستري جهڙا وزيراعظم هيا جن جي گهر ۾ واڻَ جون واڻيل کٽون ۽ چار ڪرسيون هونديون هيون. اتي جا وزير هڪ ٻئي لاءِ اها طعني بازي ڪونه ڪندا آهن ته هن وٽ جي 25 ڪروڙ ڊالر آهن ته ڇا ٿيو. هي ته ڀڳڙن جي مُٺَ آهي. ڇو نه ڪن. افغان جنگ جو پئسو... فوجي ساز و سامان جو پئسو. خدايا!! ڪيڏانهن پيا وڃون. ڪريون ڳالهه ٽراٽڪسي جي ۽ چي گويرا جي ۽ پيون وري سڪاچ وهسڪي. ڀل پوءِ سامهون واري ڪچي بستي ۾ رهندڙن کي هڪ ويلو به ماني نصيب نه ٿيندي هجي. پگهر ۽ رت هڪ ڪري هر هلائي ڌرتي جو سينو چيري اناج اُپائيندڙ هاري جو جوان پٽ ڀلي ڊائيريا ۾ يا مليريا ۾ بي علاج مري وڃي پر اسان ديالو، مهربان سخي عيد تي هاري کي ڪپڙن جو جوڙو ڏاڏي جي نالي خيرات طور ڏيئي معاشي انصاف جو اعليٰ معيار قائم ڪريون!


    بطليموس - سَتَ رَپِ - قلوپيٽرا

    موٽي اچي سمهڻ جي ڪيم. پر رکي رکي شيام جون ڳالهيون ياد اچن ۽ پنهنجي مُلڪ جا حال ياد اچن. سوچ ۽ شرم ۾ پاسا ورائيندو رهيس. ننڊ ڄڻ ڪنهن رُٺل محبوبه جي چولي پاتي هجي. صرف پري کان ڏيکارو ڏئي. نيٺ تنگ ٿي ريموٽ ڪنٽرول کڻي ٽي وي چالو ڪيم. چينل مٽائيندي هوٽل جي اِن هائوس مووي وارو چينل لڳايم. قلوپيٽرا (قلوپطرا) جي پس منظر ۾ هڪ ڊاڪيومينٽري هئي. فلم ڪونه ٿي چئي سگهجيس، اصل ۾ قلوپيٽرا ۽ سندس بطليموسي خاندان تي وڌيڪ هئي. سڪندر اعظم جي مصر فتح ڪرڻ واري دور کان تاريخ جي حوالن سان هئي پر خاصو حصو قلوپيٽرا، بطليموس خاندان جو پس منظر، ان وقت جي رسم و رواج ۽ ويندي قلوپيٽرا جي حڪومت جي خاتمي ۽ بطليموسي حڪمرانن جي مصر تي حڪومت جو انت موضوع هيا. سڪندر اعظم جڏهين مصر فتح ڪيو ته اُتي پنهنجي هڪ جرنيل بطليموس کي حڪومت جون واڳون حوالي ڪيائين. پنجويهن سالن جي سڪندر اعظم مصر فتح ڪيو ۽ ستن سالن جي عرصي ۾ مري ويو. سڪندر اعظم جي موت ۽ موت جي ڪارڻ بابت مختلف رايا به آهن پر هيءُ تسليم شده حقيقت آهي ته سڪندر اعظم دنيا جي عظيم جرنيلن مان هڪ هيو ۽ اِهي تمام فتوحات ڪندي ٻٽيهن سالن جي عمر ۾ مري ويو.
    بطليموس خاندان جا چوڏنهن حڪمران رهيا. بطليموس تيرهين مان بطليموس چوڏهون ۽ بطليموس پندرهون ٻه پٽ هيا ته بيني رِس چوٿين ۽ فلوپيٽرا ٻه ڌيئرون هيون. بيني رِس چوٿين 58 قبل مسيح تائين ٽي سال حڪومت ڪئي ته فلوپيٽرا راڻي قلوپيٽرا جي نالي سان ايڪيهه سال حڪومت ڪئي جنهن وچ ۾ پنهنجن ٻن سڳن ڀائرن بطليموس چوڏهين ۽ بطليموس پندرهين سان شادي ڪري گڏجي حڪومت به هلائي ته جوليس سيزر ۽ مارڪ انٽوني جي طرفان حڪمران ٿي به حڪومت ڪيائين. عجب ڳالهه آهي ته قلوپيٽرا کي سيزر مان جو پٽ ٿيو. جنهن جو نالو سيزيرين رکيو ويو. سو ناجائز اولاد ڪري سمجهيو ويندو هيو ته قلوپيٽرا جو پيءُ يعني بطليموس تيرهون به حرامي ٻار هيو. هر بطليموسي بادشاهه جي ڪهاڻي عجيب هئي. بطليموس پهرئين کي ته سڪندراعظم پنهنجي نمائندي طور مصر جي حڪمراني حوالي ڪري ويو هيو پر سڪندر اعظم جي مرڻ کانپوءِ سن 323 قبل مسيح ۾ هُن پاڻ ئي مصر جي مطلق العنان حڪمران طور واڳون سنڀاليون ۽ پاڻ کي ’ست رپ‘ سڏائڻ لڳو.
    ساساني ۽ ايراني، جي گورنر مقرر ڪندا هئا تن کي ’ست رپ‘ سڏيندا هئا. اڄ به ادب ۾ ’ست رپ‘ وڏي ماڻهو يا گورنر وغيره جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڪٿي ذڪر آهي ته سڪندر اعظم پنهنجي جرنيل بطليموس کي ست رپ ڪري مقرر ڪيو هيو ته ڪٿي صرف اِهو آهي ته بطليموس کي مصر جو انتظام حوالي ڪري اڳيان دنيا فتح ڪرڻ هليو. بهرحال بطليموس پهريون سڪندر اعظم جي موت يعني سن 323 قبل مسيح کان پوءِ ئي ست رپ ڪري لکيو وڃي ٿو. سڪندر جي موت کانپوءِ مقدونيه يا يوناني حڪومت انتشار جو شڪار ٿي ته سن 304 قبل مسيح ۾ بطليموس پهرئين پاڻ کي مصر جو بادشاهه سڏايو ۽ بطليموسي خاندان جي حڪومت جو بنياد رکيائين جنهن مصر تي ٻه سو چوهتر سال حڪومت ڪئي. (304 -30 قبل مسيح). بطليموس ٻئي، چوٿين، ڇهين، ستين، ڏهين، يارهين، تيرهين ته پنهنجي ڀيڻن سان به شادي ڪئي پر بطليموس ٻارهين جو هن خاندان جو آخري حلالي ٻار هيو تنهن وري ماءُ سان شادي ڪئي. سندس ماءُ قلوپيٽرا بيرينيس ٽين بطليموس يارهين جي زال هئي ته وري پٽ بطليموس ٻارهين جي به زال بڻي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته بطليموس ٻارهون سندس ڪُک مان پيدا ٿيل ڪونه هيو. بطليموس ٻارهون آخري جائز وارث سمجهيو وڃي ٿو. بطليموس تيرهين کي حرامي ٻار ڪري سمجهيو ويندو آهي. سندس ئي ڌيءَ جڳ مشهور قلوپيٽرا هئي جنهن بطليموس پندرهين يعني ڀاءُ سان شادي ڪئي ته ساڳئي دور ۾ وري جوليس سيزر جي سُريتِ رهي ۽ وري جڏهين سيزر کي روم واپس گهرايو ويو ته ڀاءُ مڙس کي مارائي اڪيلي سر ملڪ جا مزا ماڻيائين. چئن سالن کانپوءِ جڏهين مارڪ انٽوني آيو ته ڏهه سال هُن جي سُريت رهي ته ڀاءُ بطليموس چوڏهين جي زال به رهي. تان جو سن ٽيهه قبل مسيح ۾ مصر سلطنتِ روم جو حصو بڻجي ويو.
    ائين ٽوٽڪن ۾ ڊاڪيو مينٽري يا فلم هلندي رهي. مون کي رکي رکي ايلزبيٿ ٽيلر ياد آئي جڏهين ويڙهيل غاليچي کي حبشي غلام فرش تي کولي ٿو ته منجهائنس حشر سامان ايلزبيٿ ٽيلر بشڪل قلوپيٽرا نڪري ٿي. ننڍي هوندي فلم قلوپيٽرا ڏٺي سين. 1963ع ۾ هالي ووڊ جي فلم ڪمپني ايم جي ايم ڪروڙين ڊالرن جي خرچ سان فلم ”قلوپيٽرا“ ٺاهي هئي. هيءَ فلم جڏهن پاڪستان ۾ آئي ۽ ڪراچي ۾ اُن جي نمائش جي شروعات ٿي ته، پوري شهر جي فلمي شوقينن ۾ جوش ۽ ولولو هو. اُهي ماڻهو جيڪي بليڪ تي ئي سهي پهرين ڏينهن پهرين شو جي ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اهي ڏاڍو خوش هئا ۽ جيڪي ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿيا هئا، انهن جي چهرن تي اداسي هُئي. ”قلوپيٽرا“ مون پنهنجن اسڪولي دوستن سان گڏ ڏٺي.
    تن ڏينهن ۾ آئون پيٽاري ۾ پڙهندو هئس. فلم ڏسڻ جو شوق به هيو ته فلمون به سٺيون هونديون هُيون. ڪراچي جي دوستن ذڪر ڪيو ته سٺي فلم آهي. هڪ دوست کي ته ڊائلاگ به ياد هئا. جڏهين ٻڌائين ته قلوپيٽرا جوليس سيزر جو هٿ کڻي پنهنجي اُرهن تي رکي لڳائي ۽ وري سندس هٿ کي پويان جو نظارو ڪرائيندي چوي ٿي:
    “My Breasts are full
    And my hips are round
    Such women, they say;
    bear many a children….”
    (منهنجا اُرهه ڀرپور آهن. منهنجا ڍَڳَرَ (Hips) گول آهن. چوندا آهن ته اِهڙيون عورتون زرخيز هونديون آهن.)
    اهو ٻُڌڻ کان پوءِ شوق جي باهه وڌيڪ تيز ٿي. ڪيئن ايلزبيٿ ٽيلر جي اُرهن سان شناسائي ٿي هوندي. پر جملي جي بيهڪ ۽ زرخيزيءَ وڌيڪ حيران ڪيو. نيٺ هڪ ڏينهن آچر جي موڪل ڪري صبح پنجين وڳي پيٽاري مان نڪتاسين ته صبح جو يارهين وڳي وارو شو ڏسي سگهون. ڇا ته حُسن جي حڪايت هئي. وري منهنجي ذهن ۾ ڪنهن ليکڪ جون اُهي سٽون چٽجي ويون، جيڪي هن قلوپيٽرا جي اُن شاهي جلوس جي باري ۾ لکيون هيون، جڏهن هوءَ مارڪ انٽوني سان ملڻ وئي ٿي. ان جلوس جو ذڪر ليکڪ هيئن ڪيو آهي:
    ”طرطوس ۾ داخل ٿيڻ وارو شان اهڙو عجيب و غريب هو جو هر طرف هلچل مچي وئي هئي ۽ جنهن جنهن به ڏٺو ٿي پنڊپهڻ ٿيو ٿي ويو ته ڪا شهزادي آهي يا آسمان جون پريون يا ديويون آسمان تان لهي آيون آهن. هن جي ٻيڙي نهايت ئي پُرتڪلف، خوبصورت ۽ سون سان ڳاڙهي ٿيل هئي. ڇوته ان تي هر هنڌ سون ۽ چانديءَ جو پاڻي چڙهيل هو. ۽ نظر کي دوکو ڏيندڙ چِٽَ چٽيل هئا. پتوار ۽ کينا چانديءَ جا هئا ۽ هڪ ارغوني رنگ جو نهايت ئي سٺي رنگ وارو جهنڊو لڳل هو، جيڪو هوا تي ڦڙڪي رهيو هو. ٻيڙيءَ جي مٿان زربفت جو هڪ شاميانو وڏي نفاست سان چڙهيل هو. جنهن جي منقش جهالر سج جي سنهري ڪرڻن سان ويتر چمڪي رهي هئي. ان جي هيٺان هوءَ پاڻ سون سان مڙهيل، پيرن کان مٿي تائين زيورن سان ٻُٽيل، ڀڙڪيلا ڪپڙا پاتل ۽ جواهرن سان ڍڪيل ديوين جي شان جيان ويٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته سڄي ملڪ جو مذهب يوناني ۽ رومي بت پرستي هو، روم ۽ يونان واسين جي عقيدي ۾ حسن و جمال جي ديوي وينس (زهره) هئي، جنهن جي خوبصورتي جي شهرت هئي. اهڙي خيال مطابق قلوپيٽرا وينس جو ٻيو روپ ڪري ۽ ان ناز سان گڏ عجيب مان مرتبي ۽ وقار سان ان شامياني جي هيٺان ڀرت ڀريل وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺي هئي. خوبصورت ڇوڪرا جيڪي عشق جي ديوتا ڪِيُوپڊ جي روپ ۾ هئا ۽ تير ڪمان ساڻ هُئن، ڀرسان بيٺا پکو هڻندي ناز ۽ نخرا ڪري رهيا هئا. سوين حسين ۽ پرين جهڙيون خوبصورت ڇوڪريون جيڪي آسماني پرين جي ويس ۾ هيون، خدمت ۾ حاضر هيون. گهڻيون ئي حورون ۽ چنڊ جهڙيون ڇوڪريون جل پرين جي ويس ۾ هيون جيڪي پاڻيءَ ۾ لٿل ٻيڙيءَ کي سُڪيءَ ڏانهن ڌڪي رهيون هيون ۽ ڇڪينديون ٿي ويون. بس ائين پئي لڳو ته اصلي وينس آسمان مان لهي آئي آهي ۽ ان جي تخت کي پريون اڏاري کڻي وڃي رهيون آهن.“
    هي اهو ئي شاهي جلوس هو، جنهن مارڪ انٽوني جو دل ۽ دماغ فتح ڪيو. ان کان پهرين هوءَ جوليس سيزر کي فتح ڪري چڪي هئي ۽ سيزر جي موت کان پوءِ به انٽوني جيڪو سلطنت روما جي قبضي هيٺ آيل ملڪ مصر کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ آيو هو پر قلوپيٽرا پنهنجي ذهانت ۽ پنهنجي حسن سان ان کي ائين اسير بڻايو جو موت ئي اُن کي آزادي ڏياري.
    اڄ تائين اُها من موهڻي شڪل اکين آڏو ڦرندي آهي. ڇا ته حسن هيو. پر ڪن جو لکڻ آهي ته قلوپيٽرا رنگ جي سانوري هئي. اِها ڳالهه آئڙي ڪانه ٿي. يوناني نسل بطليموسي سهڻن نقش نگارن ۽ صاف رنگ جا هئڻ کپن. فلم ڏسندي ننڊ پئجي ويم.
    ٻئي ڏينهن وري ساڳيو ئي هال ۽ ساڳيو ئي ماحول. ايندڙ سڄو هفتو مختلف ماهرن جا ليڪچر هلندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ سڄي گروپ کي ٽن ننڍن گروپن ۾ ورهايو ويو هو، جن جي جوڙجڪ هن ريت هئي. پهرئين گروپ ۾ پنج، ٻئي ۾ ڇهه ۽ ٽئين ۾ ڇهه ميمبر نمائندا هئا ۽ باقي ماهر يا ٽيڪنيڪل سپورٽ (مددگار) ميمبر هئا. ٽئين گروپ ۾ وري اسان جي يار ڪونجل گهڻي شوق ۽ لئه بازي ۾ پاڻ ئي چيو ته چيئرمن آئون آهيان تنهن ڪري سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪارروائي سهيڙيندڙ ۽ پيش ڪندڙ به آئون پاڻ هوندس ۽ انهيءَ تي ڪنهن اعتراض ڪونه ڪيو. هر گروپ کي ٽي ٽي Issues ڏنا ويا جن تي هو سڄي ورڪشاپ دوران ڪم ڪندا.

    گروپ اي
    1- ڊاڪٽر محمد شاڪر ماهر مصر
    2- مريم ماس يعقوب چيئرپرسن مليشيا
    3- آفتاب احمد ميمڻ سيڪريٽري پاڪستان
    4- مس شن-ي- وانگ ميمبر تائيوان
    5- جيڪب آنانگ تيتهي ميمبر گهانا
    6- ڪن ووڪ ڪم ميمبر ڏکڻ ڪوريا
    7- عبدالوحيد انور آرڊو عملدار ڀارت

    گروپ بي

    1- زوڪي پلي عبدل ماهر مليشيا
    2- شاهه ديو سنگهه گڊيءَ چيئرمين ماريشس
    3- انوپ ڪمار بوس سيڪريٽري بنگلاديش
    4- چنگ سوهنگ ميمبر تائيوان
    5- غالب- ايم هدا دين ميمبر لبنان
    6- ايمان الرزاق احمد ميمبر شام
    7- تيري سيتا ايم مستل شريڪ چيئرمين فلپائن
    8- راجيشور ديال عملدار آرڊو ڀارت

    گروپ سي
    1- يحيٰ آدم اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ ماهر
    2- وشو اديپ ڪرم چند ڪونجل چيئرمن ۽ سيڪريٽري ماريشس
    3- شيام سندر پرشاد ميمبر ڀارت
    4- ڊاڪٽر مي يونگ هووان ميمبر ڏکڻ ڪوريا
    5- مريم يوحنا ايد ميمبر لبنان
    6- احمد صالح الهاشمي ميمبر شام
    7- نوريسني بنت موسيٰ ميمبر مليشيا
    8- راجيشور ديال عملدار آرڊو ڀارت

    منهنجو نالو گروپ اي ۾ هيو. جي ٽي مسئلا (Issues) اسان جي گروپ کي ڏنا ويا سي هِن ريت هئا:
    پهريون: ميمبر ملڪن ۾ زراعت سان وابسته ڪاروبار کي رڪاوٽ وجهندڙ مسئلن جي نشاندهي.
    ٻيو: زراعت سان وابسته ڪاروباري صلاحيت کي وڌ ۾ وڌ اُپت وارو بڻائڻ لاءِ ڳوٺاڻي ترقي جي هڪ مضبوط ۽ مربوط نظام ۽ سرشتي جي نشاندهي.
    ٽيون: اهڙيون ڪوششون جن کي هٿي ڏيڻ سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪاروباري خود ڪفاليت جو پروگرام ڪارآمد ٿئي تن جي نشاندهي ڪرڻ.
    ايئن ئي ٻين گروپن کي به مختلف مسئلا ڏنا ويا ۽ عام ورڪشاپ پروگرام هلندا رهيا. اڃان ٽي چار ڏينهن مس ٿيا ته اسان آرڊو وارن کي چيو ته مهرباني ڪري هن اسڪول سان گڏ ڪو گهُمڻ ڦرڻ جو اجتماعي پروگرام به ڪيو. مختلف تجويزون ورتيون ويون. نيٺ ايندڙ ڏينهن لاءِ جي چند پروگرام طئي ٿيا تن ۾ اهرام ِمصر جو سير، قاهره ميوزيم، جامعه الازهر، سلطان صلاح الدين مسجد، بازار خليلي، ۽ پراڻي قاهره جو سير هو. باقي نيل ندي ڪروز ڇاڪاڻ ته ڪجهه مهنگو هيو ۽ عياشي جي زمري ۾ آيو ٿي تنهن ڪري انهيءَ کي آرڊو جي سرڪاري پروگرام جو حصو ڪونه ٺاهيو ويو. هاڻ اسان انتظار شروع ڪيو ته ڪڏهين ٿو پروگرام ملي. خدا خدا ڪري هفتي جو پروگرام مليو جنهن ۾ اندرون شهر، جامعه الازهر، صلاح الدين مسجد، بازار خليلي، جيزا جا اهرامَ ۽ قاهره ميوزيم جو سير رکيل هو. مون کي اهرامِ مصر ڏسڻ جي اڻ تڻ هئي. پڇڻ تي خبر پئي ته ٻئي هفتي جي وچ ڌاري منجهند کان پوءِ اهرام مصر جو پروگرام رکيل آهي. اها پڇا ڪرڻ لاءِ مون کي پروگرام آفيسر انور ئي موزون ماڻهو لڳو. انور سان بيٺو اڃان گپ شپ ڪيم ته شاهه ديو لانگهائو ٿيو ۽ اچي اسان سان شامل ٿيو. هن به اهو پروگرام ٻڌو. ڇو ته ڏينهن جو پروگرام ختم ٿي چڪو هيو ۽ اسان شام جي هن اختتامي چانهه تي بيٺا هئاسين سو ترت ئي واپسي جي ڪئي سين.
    هوٽل پهتاسين، ڪمري ڏانهن هلندي شاهه ديو چيو ته هن ۽ ڪونجل پروگرام پئي ٺاهيو ته شام جو ڪيبري تي هلجي.
    چيومانس، ”جيئن چوين. هي ڪيبري ته هر هنڌ ملي ويندو. هتي جي خاص شيءِ آهي ”نيل ڪروز“ ۽ ٻڌو اٿم ته ڪي ڪروز جي ٿورڙا مهنگا ته آهن پر انهن جو بيلي ڊانس ڪنهن به ڪيبري کان سٺو آهي. باقي جيئن چوين.“
    ”چڱو، ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪريون ٿا، پوءِ واڪ تي صلاح ڪنداسون.“ شاهه ديو چيو.
    شام ساڍي ڇهين ڌاري واڪ تي آئون، شاهه ديو ۽ ڪونجل گڏ نڪتاسين. واپسي تائين فيصلو ٿي ويو ته نيل ندي جي مشهور زمانه ڪروز تي هلنداسين. واپسي تي ڪمرن ۾ وڃڻ کان اڳ هوٽل جي ٽريول ڊيسڪ تان معلوم ڪيوسين. هڪ سمارٽ جهڙي نوجوان ڪافي مدد ڪئي. اسان کي مختلف ڪروزن جي باري ۾ معلومات ڏنائين ۽ ٻڌايائين ته مختلف ريٽ آهن. ڪٿي صرف درياءَ جو سير ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقي آهي ته ڪن وڏين جهاز نما ٻيڙين تي بيلي ڊانس، ڪيبري ۽ شراب سان ماني انهيءَ ٽڪيٽ ۾ شامل آهن. پوءِ ٻه ڪلاڪ جو ڪروز، ته وري ٽي ڪلاڪ جو ڪروز. چار پنج ڪلاڪ جو ڪروز ۽ ماني سان، ڪٿي صرف بيئر شامل آهي ته ڪٿي صرف هڪ ويلڪم ڊرنڪ ته ڪٿي انگور جي شراب جي بوتل. ٽڪيٽ جي قيمت ٻيڙيءَ جي سفر جي وقت جي مدت ۽ شراب جي تواضع توڙي بيلي ڊانسر جي مشهوري سان منسلڪ هئي. ڪوشش جي باوجود اسان کي ان ڏينهن لاءِ ٽڪيٽ ڪانه ملي سو ٻئي ڏينهن لاءِ ٽي ٽڪيٽون چيوسين. في ماڻهو اسي ڊالر لڳا ٿي. اڃا بيٺا هئاسين ته تيري سيتا مستل، ايمان الرزاق ۽ انهن سان گڏ تائيوان جي شن-ي- وانگ ۽ چنگ سُو هِنگ اچي اسان مٿان بيٺا.


    بلاد الشام - صلاح الدين ايوبي

    ”هيلو!“
    هڪ سريلو آواز آيو، ڪنڌ ورائي ڏٺم ته مستل منهنجي پويان بيٺي هئي، سندس ڀرسان ايمان هئي ۽ ٿورڙو پويان ئي شن- ي- وانگ ۽ چنگ سو هنگ بيٺا هئا. مون کان ڳالهائڻ وسري ويو. ايمان جون روشن اکيون پنهنجي وجود ۾ پيهيل محسوس ڪيم.
    ايمان به مشڪي ”هيلو“ ڪئي.
    ”ڪهڙو پروگرام پيا ٺاهيو؟“ مستل پڇيو.
    اڃان آئون جواب ڏيان تنهن کان اڳ ڪونجل چيو ته ”سڀاڻي اليگزينڊرا نالي ٻيڙيءَ تي ”نيل ندي جي شام “ نالي هلندڙ پروگرام تي پيا وڃون. اٺين کان يارهين وڳي تائين ڪروز (ندي ۾ ٻيڙي جو سفر) آهي. ماني، بيلي ڊانس وغيره به پروگرام ۾ شامل آهي. آهي ڪو هلڻ وارو. اسي ڊالرن جو ٽڪيٽ آهي. اسان ٽي ته وڃون پيا.“
    مستل ايمان ڏي نهاريو.
    هن ڪنڌ ڌُوڻي ها ڪئي ۽ وانگ ۽ هنگ به هڪدم چيو ته اسان به هلنداسين.
    ايتري دير ۾ مٿان شيام پرشاد ۽ انوپ ڪمار بوس اچي لانگهائو ٿيا. گروپ کي ڏسندي هو به تيار ٿي ويا. پر پهريائين معلوم ڪرڻو هيو ته سڀاڻي لاءِ ٽڪيٽون ملن ٿيون يا نه. ٽريول ڊيسڪ واري کي معلوم ڪرائڻ لاءِ چيوسين ۽ اسان اتي بيٺا ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. ٿوري ئي دير ۾ ٽريول ڊيسڪ واري اطلاع ڏني ته ٽڪيٽون ٿي ويون آهن. اڌ ڪلاڪ ۾ پئسا کپن ته هو ڪروز وارن جي طرفان ڪنفرم ٽڪيٽون اسان کي جاري ڪندو ۽ جيڪڏهن اسان کي پروگرام ۾ ردوبدل ڪرڻي آهي ته سڀاڻي هڪ بجي منجهند تائين ڏهه سيڪڙو سروس چارجز سان ڪينسل به ٿي سگهنديون پر پوءِ واپس نه ٿينديون. فيصلو ٿيو ته ڪونجل وٽ سو- سو ڊالر جمع ڪرايون ٿا جنهن ۾ اوٽ موٽ ليموزين ٽيڪسي ۽ ٻيو ڪو خرچ ٿيو تنهن کي منهن ڏجي. اهو ڪري ٽڙ پکڙ ٿيڻ لڳاسين ته مستل چانهه جي صلاح ڪئي. ٻين جواب ڏنو پر ايمان کي مستل سان گڏ ڏسي مون ها ڪئي ۽ اسين وڃي لائونج جي هڪ پاسي ويٺاسين. لائونج ۾ لباس يا جوتن جي بندش ڪانه هئي. مون کي اڃا سوڌو جاگرز ۽ ٽريڪ سوٽ پهريل هيو. شاه ديو سمجهي ويو ته مون کي ايمان سان اُنسيت آهي ۽ آئون ساڻس ڪجهه وقت ويهڻ ٿو چاهيان. سِک زنده دل هيو سو کانئس رهيو ڪونه ٿيو.
    چيائين، ”ها، تون ته ضرور چانهه پيئندين؟ اکيون ڏاڍيون سهڻيون اٿس.“ شڪر جو اها بڪواس پنجابيءَ ۾ ڪيائين.
    چانهه اچڻ تائين مستل ايمان سان ڳالهائيندي رهي. جيئن ئي چانهه آئي ته ڄڻ مستل کي هوش آيو.
    مون ڏي مشڪي نهاريندي چيائين، ”سوري احمد، آئون ۽ ايمان هتان جي سُوکڙين جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. مون سوچيو ته معلومات وارو حصو ڪجهه پورو ٿئي.“
    ”ڪا ڳالهه نه آهي. مون کي شاپنگ سان ڪا دلچسپي ڪانهي تنهن ڪري به ماٺ هيس نه ته آئون به گهٽ ڪونه ڳالهائيندو آهيان.“ مُرڪندي جواب ڏنم.
    ان کان اڳ جو مستل چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪيٽلي ۾ هٿ وجهي، ايمان هٿ اڳيان ڪري ڪيٽلي کنئي ۽ مون ڏي نهاريندي چيائين ته: ”چانهه کير سان؟ کنڊ يا....؟“
    ”اسان چانهه پيئندا ئي کير لاءِ آهيون. کنڊ لاءِ توهان جي مرضي.“ مون چيو.
    ”مطلب؟“ ايمان ٿورو حيران ٿي ڏٺو.
    ”مطلب ته.....“آئون ٿورو هٻڪيس. مون ڏي نهاريائين.
    ”مطلب ته ..... تنهنجو ڪنهن شيءِ کي هٿ لڳائڻ ئي ان کي مِٺو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.“ مون مُرڪندي کيس شرارتي نظرن سان ڏسندي چيو.
    ۽ مستل وڏو ٽهڪ ڏنو. ايمان جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. سندس چهري تي شرم، خوشيءَ ۽ حيرت جي مليل جليل تاثر واس ڪيو. وارن کي ڪنڌ سان ٿورڙو جهٽڪيندي چيائين، ”ائين چوندا آهن پر ٻڌاءِ، هڪ چمچو ڪافي.“
    مون وراڻيو: ”ڪافي آهي.“
    مستل اچي برصغير جي کوجنا ۾ پيئي. کيس گهڻي خبر ڪانه هئي. آئون کيس مختصر لفظن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندو رهيس. منهنجي ڊائريڪٽر جنرل واري عهدي کي هن تمام اهم عهدو ڪري پئي سمجهيو جيسين مون کيس ٻڌايو ته اهو عهدو ايڏو سينيئر به ڪونهي. ايمان ماٺ ڪري ٻڌندي رهي. آئون به هيڪر بي تڪلفي ڪيو ويٺو هئس سو ڪيڏي ڪيڏي مهل اڻ محسوس طريقي سان سندس چهري جو طواف ته ڪيم پئي پر اهو ڄاڻائڻ جي ڪوشش به ڪيم ته منهنجي ڳالهه صرف هڪ لطيف پيرايو هيو ۽ نه ڪو هندستاني فلمن جي عشق ڪرڻ جي سعي.
    ”احمد! آئون پاڪستان ڪڏهين ڪانه ويئي آهيان، نه مون کي پاڪستان جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ آهي. ٻڌو اٿم ته سٺو ملڪ آهي ۽ پر فضا پهاڙي مقام ڪافي آهن.“ ايمان چيو.
    ”ايمان، جڏهين ڏسڻ چاهين، مون کي ٻڌائجان، آئون پاڻهي بندوبست ڪندس. ڏسڻ وٽان آهي. پر تنهنجو دمشق ته اسان جي ننڍپڻ کان وٺي اسان جي ذهنن تي ڇانيل هوندو آهي. دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ جو بهترين اهڃاڻ..... آهه! دمشق.... اهو شهر جو ڪيترائي دفعا تاريخ جي مذاق جو نشانو بڻيو ته وري عروج ۽ طاقت جو گهر به رهيو.“ مون ڄڻ ٽرانس ۾ ڳالهائيندي چيو.
    ”دمشق ڏٺو اٿيئي؟“ ايمان پڇيو.
    ”نه، مون ٻاهر گهٽ سفر ڪيو آهي.“ مون وراڻيو.
    ”پر ڏسڻ معنيٰ رکي ٿو ڇا؟ محسوس ڪرڻ وڌيڪ طاقتور حقيقت جو اظهار آهي. ڇهه هزار سال قبل مسيح کان آباد رهندڙ هي شهر جنهن کي توهان ”دمشق الشام“ جي نالي سان سڏيندا آهيو ۽ ڳالهائيندي وقت ”دمشق“ يا ”الشام“ جي نالي سان سڏيندا آهيو توڙي جو ”الشام“ ملڪ شام لاءِ به استعمال ڪندا آهيو ڇو ته الشام اتر طرف کي چئبو آهي پر تاريخي حوالي سان شام ملڪ کي ”بلاد الشام“ سڏبو آهي يعني ”اتر جي زمين.“ ساڳئي وقت تي ملڪ شام جي نالي جي توجيهه اها به آهي ته حضرت نوح جي پٽ سام جي حوالي سان ملڪ جو نالو آهي. يعني ”بلاد الشام“ (شام جي مقامي شامي زبان ۾ سام کي شام کي اچاريو ويندو آهي).... پر، مون کي صرف انهيءَ etymology ڪونه موهيو آهي. مون کي انهيءَ به ڪونه موهيو آهي ته”تل رمد“ جي کوٽائي ثابت ڪيو آهي ته هي دمشق جو شهر دنيا جي قديم ترين آباد شهرن مان آهي. انجيل ۽ توريت ۾ دمشق جو ذڪر آهي.“
    ”توکي ته ڄڻ زباني ياد هجي. مون کي به ايتري ڄاڻ ڪانهي دمشق جي باري ۾.“ ايمان چيو.
    ”احمد! ڳالهائيندو هل دمشق جي باري ۾. ڇا ٿي چيوَ ته دمشق جي سحر انگيزي توکي هميشه وڻندي آهي؟ ڇا آهي؟ مان به ته ٻڌان.“ مستل چيو.
    ”بابلي ۽ آسيري تهذيبن جي اثر هيٺ آيل هيءُ خطو سڪندر اعظم جي فتوحات ۾ هڪ اهم حصو رهيو آهي. سڪندر اعظم کان پوءِ سندس فوجي سالار سيليوڪس هتي حڪومت قائم ڪئي. سيليوڪس ۽ سندس پوين حڪمرانن ۽ پٽولمي (جي مصر جا حڪمران هيا) تن جي وچ ۾ هميشه ڇڪتاڻ رهي. تان جو دمشق مان دارالحڪومت مٽجي وري رومين جي قبضي ۾ ويو. يونانين ۽ رومين هتي عمارت سازي، نهرباني ۽ شهري منصوبه بندي ۾ ڪافي ڪم ڪيو. تان جو خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ سن 634ع ۾ ڪسريٰ جي سلطنت جو خاتمو ٿيو. پر دمشق کي عروج خلافت امويه جي دور ۾ مليو. اموين دمشق کي دارالخلافه ٺاهيو. 661ع کان وٺي 750ع تائين قريب نوي سالن جي اموي خلافت دوران اسپين کان وٺي هندستان تائين يورپ، ايشيا ۽ آفريقا تي دمشق جي حڪمراني جو پرچم لهرائيندو رهيو.
    ”تون پاڪستان کان آيو آهين يا شام کان؟“ ايمان مون ڏي نهاريندي چيو.
    ”ايمان! اسين پاڪستاني مسلمان مشرقِ وسطيٰ، دمشق، بغداد، غرناطه ۽ خلافت جي عظمت ۽ شان جي ذهني قيدخاني ۾ رهندا آهيون. خبر اٿئي! اسان جي ڪنهن شاعر ٽيڪسيلا ۽ موهن جي دڙي تي شاعري ڪانه ڪئي آهي پر غرناطه، قرطبه ۽ يروشلم اسان جو پسنديده موضوع رهيو آهي. ترڪي ۾ خلافت عثمانيه ختم ٿي ته باقي مسلم دنيا ته ڇڏيو پر خود ترڪيءَ جي ماڻهن تي به ڪو اثر ڪونه پيو پر سڄي هندستان ۾ باهه ٻري پيئي. خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ ۽ هندستان ڇڏيو تحريڪن نه صرف جيلون ڀريون پر هزارين ماڻهو ۽ خاندان دربدر ٿيا. اسان نجات لاءِ غزني ۽ افغانن ڏانهن ڏسندا آهيون توڙي جو نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري ٺٽي جون عظيم درسگاهون ۽ لکين نادر ۽ ڪيمياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. امير گورگان تيمور اسان لاءِ هيرو آهي ڇوته اسان پنهنجي حافظي تان اِها ڳالهه ميساري ڇڏي آهي ته تيمور دمشق جي درسگاهن توڙي شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ شهر جي اُتر اوڀر دروازي تي کوپڙين جو مينار ٺهرايائين. اڄ به اُن هنڌ تي چوواٽي کي کوپڙين جو مينار ڪري سڏيندا آهن ۽ کوپڙيون مسلمانن جون هيون. مستل! اسان عجيب ذهنن جا ماڻهو آهيون. اڄ ڏينهن تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته هندستان تي سترهن ڪاهون ڪري ملڪان مُلڪ ڀَيلَ ڪرڻ وارو غاصب هيو يا غازي.“ مون چيو.
    ”احمد! صلاح الدين ايوبي ۽ نور الدين زنگي ’دمشق کي ترقي وٺرائي.‘ ايمان چيو.
    ”نور الدين زنگي نه. هو صرف حاڪم رهيو سو به ٿوري وقت لاءِ . ها البت صلاح الدين ايوبي لاءِ چئي سگهو ٿا. مشهور تاريخ دان ابن جُبير مطابق صلاح الدين جي وقت ۾ دنيا ڀر کان طالبِ علم، علم جي حصول لاءِ دمشق ايندا هئا جتي درسگاهون هيون، صلاح الدين جي سرپرستي هئي ۽ امن هيو.“
    ”صلاح الدين ايوبي ته دمشق ۾ مسجدِ اُميه سان لڳ دفن ٿيل آهي.“ ايمان چيو.
    ”ها، هن اسلام جي سپاهي، بهادر، سخي ۽ علم دوست کي يوحنا نبي جي سِر مبارڪ ۽ امام عالي مقام حسين ابن علي جي سر مبارڪ جي مدفن اُميه مسجد جي پاڙي ۾ جاءِ ملي. اُميه مسجد سان لڳ ئي صلاح الدين ايوبي جو مزار آهي.“ مون چيو.
    وري ڳالهه کڻندي چيم: ”اُميه مسجد جنهن کي مسجد جامعه الڪبير به چيو وڃي ٿو، اُموي خليفه وليد بن عبدالمالڪ سن 705 عيسوي يعني سن 86 هجري ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي. مسجد جو نقشو مسجدِ نبوي جي طرز تي ٺاهيو ويو ۽ ڏور ڏيساور کان سوين ماهرين، ڪاريگر ۽ واڍا سڏايا ويا. وليد سان زندگي وفا نه ڪئي. سن 96 هجري ۾ وفات ڪيائين تيسين مسجد جي اڏاوت جو ڪم ڪافي قدر ٿي چڪو هيو جيڪو کائنس پوءِ سن 98 ۾ مڪمل ٿيو. هي وليد بن عبدالمالڪ ئي هيو جنهن جي دور ۾ هڪ پاسي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري ملتان تائين پهتو ته ٻئي طرف طارق بن زياد اسپين فتح ڪيو ته سندس هڪ سالار موسيٰ بن نصير پنهنجن فوجن سان فرانس تائين وڃي پهتو. دمشق شهر اسلام جي هنن سپاهين جي لشڪر جي تياري ۽ سندن عزم ۽ همت کي ڏٺو. وليد بن عبدالمالڪ کي پنهنجن سپهه سالارن جي آڌرڀاءَ ڪندي ڏٺو. ۽ ساڳئي شهر وري وليد جي وفات کان پوِءِ سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالمالڪ جي هٿان خوار ٿيندي ڏٺو. روايتون آهن جن کي ڪافي مسلمان مورخ مڃڻ کان انڪاري آهن ته سليمان بن عبدالمالڪ موسيٰ بن نصير، طارق بن زياد، ۽ محمد بن قاسم کي پاڻ مارايو ۽ اهڙي ته ڪُڌي طريقي سان مارايو جو اڄ يورپ کي پنهنجن گهوڙن جي سُنبن هيٺان ڪُچلڻ واري موسيٰ بن نصير، اسپين جي فاتح طارق بن زياد جنهن اندلس جي ساحل تي لهندي پنهنجيون ٻيڙيون ساڙي مثال قائم ڪيو ۽ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي قبرن جو به نشان ڪونهي. موسيٰ بن نصير کي فرانس جي فتح دوران گهرائي مٿس بدديانتي ۽ خيانت جو مقدمو هلايو ويو ۽ سندس تمام ملڪيت ضبط ڪرڻ کان پوءِ ٽي لک دينار ڏنڊ وڌو ويو. موسيٰ بن نصير وٽ باقي جو بچيو هو سو وڪيائين ته هڪ لک دينار مس ٿيا. دمشق جي صاحبِ حيثيت ماڻهن ڏي ويو ته ڪير سندس مدد ڪري!!
    نيٺ عمر بن عبدالعزيز جي سفارش تي سليمان ٻه لک دينار معاف ڪيا. موسيٰ حج بيت الله لاءِ خليفي کان اجازت ورتي. رستي ۾ سليمان جي ڇاڙتن کيس زندگيءَ جي جنجال کان آزاد ڪيو. ائين ئي ابن زياد ماريو ويو. محمد بن قاسم کي بي گور و ڪفن ماريو ويو. بنو اُميه جا هٿ هميشه رت سان رنڱيل رهيا آهن. هنده زوجه ابوسفيان هجي يا تاريخ ِ اسلامي جو سياهه بخت يزيد ابن معاويه يا سليمان پر صرف اِهي نه. عمر بن عبدالعزيز کان سواءِ بنو اُميه جي سموري تاريخ آل رسول جي قتل گاهه، جاهه و جلال، ڪُشت و خون ۽ ملوڪيت جي بدترين مثال آهي.“ آئون چوندو رهيس ۽ ايمان ٻڌندي رهي.


    يوحنا نبي - مسافرِ شام - حُسيني برهمڻ

    ”يوحنا نبي دمشق ۾ رکيل آهي؟“ مستل عيسائي هئي ۽ کيس شايد خبر نه هئي.
    ”ها مستل! حضرت يحيٰ جنهن کي انجيل مقدس ۾ يوحنا نبي ڪري لکيو ويو آهي، حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پهرين نبوت تي مبعوث ٿيو توڙي جو ٻنهي جي عمر ۾ گهڻو فرق ڪونه هيو. حضرت يوحنا جي تبليغ کان بني اسرائيل متاثر ٿيڻ لڳا. بادشاهه وقت هيروڊيٽس بدڪار ۽ ظالم هيو. هو هونئن به يوحنا نبي جي مقبوليت کان خائف هيو. هيروڊيٽس پنهنجي ڀاءُ جي زال سان ناجائز تعلق رکيو. يوحنا نبي هيروڊيٽس کي ڀري دربار ۾ ملامت ڪئي. عورت جنهن جو نالو سلومي هيو، حُسن ۾ يڪتا هئي. هڪ روايت مطابق هوءَ اسرائيلي مذهب خلاف هئي ۽ ٻي روايت مطابق هُن حسين يوحنا نبيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪڻ چاهيو پر ناڪام ٿي ۽ وري يوحنا نبي جي هيروڊيٽس بادشاهه کي ملامت ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويئي ۽ بادشاهه سان شرط رکيائين ته ساڻس وصال تڏهين ڪندي جڏهين هو يوحنا نبيءَ جو سِر کيس پيش ڪندو. هَوسِ ۽ عشق ۾ انڌي بادشاهه جي حڪم تي يوحنا نبي جو سر مبارڪ طشت تي رکي هُن ملعون ۽ بدڪار عورت کي پيش ڪيو ويو. جو پوءِ اُتي ئي محل جي ڀرسان ايندڙ سالن ۾ ٺهيل گرجا ۾ رکيو ويو. جڏهن وليد عيسائين کان گرجا خريد ڪري مسجد اُميه ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪرايو ته تعميرات تي معمور نگران کي پٿر جي هڪ ٽوڪري ۾ رکيل سر مليو جنهن تي لکيل هيو ته هي سر يوحنا نبيءَ جو آهي. وليد کي اطلاع ڏنو ويو. احترام سان سر مبارڪ مسجد ۾ دفن ڪرايائين ۽ هڪ عاليشان مقبرو به ٺهرايائين ۽ خبر اٿئه ته جڏهين ڪربلا جي لُٽيل قافلي کي ملعون ابنِ زياد يزيد جي دربار ۾ وٺي آيو ته امام عالي مقام جو سر مبارڪ شهيد ڪري آندو هئائين. انهيءَ مسجدِ اُمويه واري هنڌ ئي امام عالي مقام جو سر مبارڪ رکيو ويو. ملعون يزيد کي همٿ ڪانه ٿي جو ٻيو ڪو فيصلو ڪري. اتي ئي دمشق ۾ جنابِ سيده بي بي زينب بنت علي ڪرم الله ۽ همشيره امام عالي مقام ۽ سيده معصومه سڪينه بنت امام عالي مقام جون آخري آرامگاهون آهن.“ مون چيو.
    مستل ۽ ايمان يڪ ٽڪ مون ڏي نهارينديون رهيون. امام عالي مقام ۽ پاڪ بيبين جي ذڪر تي منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون. ايمان ڏي ڏسندي ڀريل آواز ۾ چيم:
    ”ايمان! تون جڏهين واپس وڃين ته ويندي ئي معصومه سيده سڪينه ۽ جنابه سيده بيبي زينب جي مزار تي وڃي منهنجي طرفان دعا گهُرجانءِ.“
    ائين چوندي مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي سندس والد شاهه حبيب کي ڏنل ورندي ياد آئي:
    سچا سامي، سچا سامينَ پنڌَ
    هوتِ وَسي هر هنڌ، هُنين لَڌو هنگلاج ۾
    ۽ آئون جهونگارڻ لڳس.
    ”سچا سامي، سچا سامين پنڌَ“
    نه اکين ۾ ايندڙ آلاڻ کي روڪي سگهيس ۽ نه ئي وري ”سچا سامي، سچا سامين پنڌَ...“ جي تڪرار کي جهلي سگهيس. ايمان ۽ مستل حيران مون ڏي ڏسي رهيون هيون ۽ آئون ”هوت هر هنڌ“ جي وحدت الوجود جي رنگ ۾ معمول ٿيو هست کان نيست ڏي پنڌ جي عجب اسرار جي معنيٰ ڳولڻ ۾ گُم.
    ”احمد! ٺيڪ ته آهين؟ Are you ok.“ ڪُلهي تي هٿ رکندي شيام سُندر پرشاد چيو.
    خبر ئي ڪانه پيم ته ڪيڏيءَ مهل شيام اچي لانگهائو ٿيو ۽ اسان کي ڏسي اسان ڏي لڙي آيو.
    ”آئون ٺيڪ آهيان.“ اکين جي آلاڻ کي هٿ جي تريءَ سان اُگهندي جهيڻي آواز ۾ چيم.
    ”احمد مسافرِ شام جنابه سيده بي بي زينب بنت علي ڪرم الله وجهه ۽ معصومه سيده سڪينه جي ذڪر تي جذباتي ٿي ويو آهي. ائين نه، احمد.“
    ايمان چيو: ”خبر نه آهي ته توهان کي تاريخِ اسلام سان ڪيتري دلچسپي آهي؟“
    ”ڀارت تي اسلام جا اڻ مٽ نقش آهن. هتي ته مسلمانَ سوين سال حڪمران رهيا آهن. ۽ اسلامي تهذيب، توڙي رهڻي ڪهڻي جي ڇاپ خاصي آهي. اسان ته سچ جي تلاش ۾ رهندڙ ماڻهو آهيون. هي هندستان ئي آهي جتي شهزادي سدارٿ محل ڇڏي جوڳ ڪڍيو ۽ شاڪيه مني ٿي راههِ حق جي طلب ۾ دنيا کي تياڳ ڏنائين. هندستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو بادشاهه چندر گُپت موريا راڄ پاٺ ڇڏي جيني ڌرم اختيار ڪيو ته عظيم اشوڪا فتوحات ڪندي چارئي پاسن لاشن جا انبار ڏسي تخت و تاج ڇڏي ٻُڌ ڀڪشو ٿيو. اسان جي مٽيءَ ۾ ته حق جي تلاش آهي. هي جو پُڇين ٿي ته مون کي رسول عربي (ﷺ) جي خانوادي ۽ معصوم شهزادين جي باري ۾ ڄاڻ آهي ته ايمان، تون حيران ٿيندئين ته اسان وٽ هندستان ۾ برهمڻن ۾ هڪ گهراڻو اِهڙو آهي جو پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏائيندو آهي. هي برهمڻ نه ته مندر ۾ ويندا آهن، نه ئي ديوي ديوتائن جي اڳيان سيس نوائيندا آهن. هُو خدا جي وحدانيت جا قائل آهن ۽ سندن عقيدي مطابق برهما انهيءَ قوت لازوال ۽ ازل کان ابد تائين رهندڙ واحد جي علامت هيو جنهن کي پوءِ هندومَتَ ڪٿائن جي آميزش ڪري عجيب شڪل ڏيئي ڇڏي.“ شيام چيو.
    ”برهمڻ!؟“ ايمان ۽ مستل ذري گهٽ هڪ آواز ٿي عجب مان پڇيو.
    ”هندومت جي عقيدي مطابق برهمڻ، برهما يعني لازوال قوت جي سِسي مان جنم ورتو آهي تنهن ڪري هو مانَ وارا آهن ۽ آسماني صحيفه يعني اشلوڪ پڙهڻ، ياد ڪرڻ، هنڊائڻ ۽ مذهبي رسمن جي استعمال تي توڙي مندرن جي رکشا تي صرف برهمڻ جو ئي حق آهي. کتري يا کشتري، سپاهي ۽ سالار آهن جيئن ويش واپاري يا هنر مند توڙي کيتي ڪندڙ آهن. انهيءَ ريت شودر صرف خدمتگار هوندا آهن ۽ نيچ ڪم سندن حوالي ڪيا ويندا آهن.“ شيام سمجهايو.
    ”پر مون پڙهيو آهي ته هاڻي ڀارت ۾ شودر ڪونه چيو ويندو آهي. مهاتما گانڌي شودرن کي هريجن يعني ديوتائن جي اولاد جو درجو ڏنو ۽ شودر جي لفظ جي استعمال جي منع ڪئي.“ مستل چيو.
    ”برهمڻ ته سمجهيوسين پر هي حُسيني برهمڻَ ڪير آهن ۽ اهو لفظ ڪٿان آيو.“ ايمان پڇيو.
    ”اِهو ئي ته ٻڌايم پئي ته هندستان ۾ هڪ گهراڻو پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏائيندو آهي. هو امام عالي مقام جي عقيدت ۾ پاڻ کي حُسيني سڏائيندا آهن. ماه محرم ۾ عزأداري ڪندا آهن. سندن خاص نشاني ڳلي تي تلوار جي ڌڪ سان ڪُسجڻ جيان ڪَٽَ جو نشان هوندو آهي جنهن تي هو فخر ڪندا آهن. اصل قصو خبر نه آهي ته ڪيئن آهي. پر روايت آهي ته جڏهين امام عالي مقام، رسولِ عربي جو ڏوهٽو ڪربلا ويجهو يزيدي لشڪر جي گهيري ۾ آيل هيو ته اُتان هڪ قافلو لانگهائو ٿيو جنهن ۾ هي برهمڻ جنهن جو نالو راهب ٻڌايو وڃي ٿو پنهنجن ستن پٽن سان شامل هيو. جڏهين معصوم ٻارن، عورتن ۽ ڪجهه باريش حسين جوانن کي هزارن جي لشڪر ۾ گهيريل ڏٺائين ته اول يزيدي لشڪر کان ئي پڇا ڪيائين ته هي ڪهڙو قافلو آهي جنهن کي توهان جو هيڏو سارو لشڪر ڪڙو ڏيو ويٺو آهي.
    ”هي آلِ بنو هاشم آهن. نبيءَ جي ڏوهٽي جي سرواڻي ۾ هنن خليفي يزيد بن معاويه جي خلاف خروج ڪيو آهي.“ يزيدي لشڪر جي هڪ سالار وراڻيو.
    ”اوهان تي خدا ۽ خدا جي رسول جي تا محشر لعنت هجي. ڪهڙي قوم جا فرد آهيو جو پنهنجي نبيءَ جي آل ۽ اولاد سان جهيڙو ٿا جوٽيو.“ راهب ٽامڻي ٿيندي چيو.
    ائين چئي راهب قافلي ۾ وڃي پنهنجن ستن ئي پٽن کي ساڻ وٺي امام عالي مقام جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ حاضر رهڻ لاءِ منٿ ڪري اجازت ورتائين. راهب جا ست ئي پٽ شهزادن تان صدقو ٿيا البته راهب زخمي ٿيو. شهادتِ امام عالي مقام کان پوءِ جڏهين معصوم ۽ پاڪ بيبين سان گڏ صرف هڪ بيمار امام زين العابدين مسافرِ شام ٿي روانا ٿي ٿيا ته امام زين العابدين راهب کي اجازت ڏني ته هو پنهنجي مُلڪ روانو ٿئي. يزيدي لشڪر ته بنو هاشم ۽ آلِ رسول (ﷺ) کي ئي خليفي ڏي وٺي وڃڻ جا پابند هيا تن راهب کي وڃڻ ڏنو. راهب مُلڪان مُلڪ ٿيندو اچي هندستان پهتو ۽ پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏرائي عزأداري شروع ڪيائين. سندس خاندان صدين کان اِها رسمِ وفاداري نڀائيندو اچي. خبر اٿوَ!! اداڪار سُنيل دت ۽ سنجي دت انهيءَ حُسيني برهمڻ خانوادي مان آهن.“ شيام چيو.
    ڇو ته مون اِهو ذڪر ڪٿي پڙهيو هيو تنهن ڪري عجيب نه لڳو پر ايمان ۽ مستل ڏاڍيون حيران ٿيون.
    ”مستل جو حيران ٿيڻ واجبي آهي پر ايمان، تون ته مُلڪ شام جي رهندڙ آهين. توکي ته خبر هوندي ته عقيدت ۽ محبت جي هِن راهه ۾ عجيب عجيب مظهر آهن.“ مون ايمان ڏي ڏسندي چيو.
    ”مطلب!“ ايمان پڇيو. شايد ڪو مثال پُڇڻ پئي چاهيائين؟
    ”حلب ڪانه وئي آهين؟ ڪيترو پري آهي دمشق کان. دنيا جي قديم ترين شهرن مان آهي. ائين نه؟ روايت آهي ته حضرت ابراهيم ؑ به حلب ۾ آيو هيو ۽ ڪافي وقت رهيو.“ مون چيو.
    ”ڇو حلب سان ڇا منسوب آهي؟ آئون واقعي ڪانه وئي آهيان ۽ مذهب جو ايڏو مطالعو به ڪونهي.“ ايمان چيو.
    ”حلب ۾ هڪ عمارت کي مشهدِ حُسين چوندا آهن. مسجد ٺهيل آهي. حُجرا ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ شيشي جو هڪ وڏو باڪس رکيل آهي. انهيءَ باڪس جي وچ ۾ هڪ پٿر رکيل آهي. هيءُ مُتبرڪ پٿر آهي جنهن تي امام عالي مقام جو سِرُ مبارڪ رکيو ويو هيو ۽ وهنجاريو ويو هيو. هن پٿر تي وجههءِ تخليق ڪائنات رسول عربي جي ڏوهٽي جو رت لڳل آهي ۽ تا قيامت نشان رهندو. چون ٿا ته جڏهين يزيدي سپاهي آلِ رسول کي قيدي بڻائي حلب جي شهر مان لنگهيا ته هڪ عيسائي راهب ڏٺو ۽ سپاهين وٽ آيو. پڇيائين:
    ”هي ڪير آهن جن کي کنيو پيا وڃو.“
    ”قيدي، خليفي جا باغي.“ جواب مليو.
    ”۽ هي سِر ڪنهن جو آهي؟“
    ”حسين جو.“
    ”حسين ڪير؟“
    ”حُسين ابن علي“
    ”حسين ابن علي! رسول عربي جو ڏوهٽو!“ راهب کان رڙ نڪري ويئي.
    ”ها!“ جواب مليس
    ”توهين انڌا ٿي ويا آهيو. پنهنجي رسول جي ڏوهٽي جو سِرُ ڪٽي هيئن کڻي پيا وڃو!!“
    يزيدي لشڪر ماٺ.
    ”توهان تي خدا جي لعنت هجي! قهر نازل ٿئي توهان تي الله جو! هي ڇا ڪيو اٿوَ؟ بدبختو!!“ راهب رڙندي چيو.
    ”هي سر ڪيڏانهن پيا کڻي وڃو؟“
    ”دمشق“
    ”هاڻي ته رات ٿي ويئي آهي. صبح جو سفر ڪندؤ.“
    ”ها!“
    ”مون کي رات لاءِ هي سِرُ ڏيندؤ.“
    ”نه!“
    ”صرف اڄ رات لاءِ. ڏهه هزار دينار ڏيندس.“
    حرص ۽ طمع جا ماريل يزيدي لشڪري تيار ٿي ويا پر اِن شرط تي ته ڏهه هزار دينار هاڻي ئي ڏيندين ۽ اسين گڏ رهنداسين
    راهب منظور ڪيو. سِڪن جي ڀريل صندوق حوالي ڪيائين ۽ سِرُ مبارڪ کڻي پنهنجي حجري ۾ آيو. سر مبارڪ کي چميائين. وارن مبارڪ کي لڳل ڪربلا معليٰ جي مِٽي پنهنجي اکين کي لڳايائين. پٿر تي سِر مبارڪ رکي غسل ڏنائين.
    انهيءَ پٿر تي امام عالي مقام جو رت مبارڪ لڳي ويو جو اڄ ڏينهن تائين ظاهر آهي. راهب سڄي رات عقيدت سان سِرُ مبارڪ جي سامهون ويٺو رهيو. وقت گذري ويو آهي پر راهِ عشق جي هڪ نشاني ڇڏي ويو مون ٻُڌل ۽ پڙهيل داستان کين ٻڌايو.
    ”ڇا حقيقت آهي؟“ مستل پڇيو.
    ”محبت، عشق ۽ عقيدت ۾ اهڙيون ته عجب نشانيون ظاهر ٿين ٿيون جي اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن. هي جڳهه موجود آهي. پٿر آهي. زيارت آهي. دنيا جي مختلف مُلڪن کان ماڻهو زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ اِهو عقيدو رکي ايندا آهن ته هتي امام عالي مقام جي سر مبارڪ کي غسل ڏنو ويو هيو ۽ غُسل ڏيندڙ عيسائي راهب هيو. مُحبت مذهب جي ويڇي کان مٿڀري آهي.“ مون هنن ڏي نهاريندي چيو.
    شيام ڏي ڏٺم ته لڳم ته کيس ننڊ پئي اچي. مون کي ٿورڙو عجيب لڳو جو هو ڪافي دير کان اچي ويٺو هيو ۽ اسان کيس چانهن لاءِ به نه پڇيو هيو. مون تي فرض هيو ته پڇانس ها.
    ”يار! معاف ڪجانءِ ڇا پيئندين؟“ مون چيو.
    ”ڪجهه به نه. آئون ته ٻاهر سگريٽ وٺڻ نڪتو هئس. واپسي ۾ توهان کي ڏٺم ته سوچيم ته ٻه چار منٽ ويهان ٿو پر ڊگهي ڪچهري ٿي ويئي. هاڻ ته ننڊ جو وقت آهي.“ شيام چيو.
    ”صحيح ٿو چوين. هلڻ جي ڪجي.“
    ائين چوندي مون واچ ڏي ڏٺو. مستل سمجهي وئي ته هاڻ اُٿڻ جي ڪجي. اشارو ڪري ويٽر کي سڏ ڪيائين ته هو بِل کڻي اچي. منهنجي اصرار جي باوجود مستل مون کي پئسا ڏيڻ ڪونه ڏنا. خدا حافظ چئي اسان پنهنجن پنهنجن ڪمرن لاءِ روانا ٿياسين.


    ڪملا منصور

    اڳئين ڏينهن اربع 29 آڪٽوبر تي جيئن ئي ورڪشاپ لاءِ وڏي هال ۾ داخل ٿي سوچيوسين ته هاڻي آرڊو جي طرفان مقرر ڪيل عملدار جو هر گروپ لاءِ علحده رابطي آفيسر جو ڪم به ڏيندو هو سو ايندو ۽ اسين پنهنجي علحده علحده سينڊيڪيٽ ڪمرن ۾ وينداسين ته پروگرام آفيسر انور اسٽيج تي اچي اعلان ڪيو ته:
    ”اڄ حڪومت مصر ۽ آرڊو جي گڏيل دعوت تي اقوام متحده سان منسلڪ هڪ ذيلي اداري جي فني ماهر ۽ معروف Social anthropologist ۽ ليڊز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪملا منصور اسان وٽ آيل آهي. سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ ڊاڪٽر ڪملا منصور اسان سان شامل ٿيڻ وارا آهن. ڊاڪٽر ڪملا جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ چانهه جو وقفو ٿيندو ۽ پوءِ گروپ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل سينڊيڪيٽ ڪمرن ڏي ويندا.“
    اڃان ايترو چئي بس ڪيائين ته مسٽر بهار منيپ ۽ ڊاڪٽر ڪملا منصور اندر داخل ٿيا. ڪملا منصور 45ـ 48 سالن جي متوازن جسم ۽ ڊگهي قد، ڪارن وڏن وارن ۽ وڏين چمڪندڙ اکين سان ڪڻڪ رنگي ڪنهن قدر خوبصورت چوڻ جهڙي عورت هئي. سندس هلڻ جو انداز پر اعتماد ۽ شانائتو هيو. سڌو اچي سامهون رکيل روسٽم جي ڀرسان ميز پويان ٽن ڪرسين مان هڪ تي ويٺي. باقي ٻن ٻين ڪرسين تي مسٽر بهار منيپ سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ يحيٰ آدم اسسٽنٽ سيڪريٽري ويٺا. مسٽر انور روسٽرم تي اچي ڪملا منصور کي خطاب جي دعوت ڏني.
    ”منهنجو نالو ڪملا منصور آهي. مون کي بهتر لڳندو ته آئون پنهنجو ذاتي تعارف به ڪرايان ۽ پنهنجي ڪِرتِ توڙي تعليمي پس منظر به اوهان جي اڳيان رکان، جيئن اوهان مون کي بهتر سمجهي سگهو ۽ جي ڪو سوال ڪرڻو آهي ته انهيءَ ۾ به آساني ٿيندي. جيئن نالي مان ظاهر آهي، ته منهنجو مڙس مسلمان آهي ۽ آئون هندو والدين جي گهر ۾ پيدا ٿي هئس. منصور سان منهنجي ملاقات ليڊز يونيورسٽي ۾ منهنجي ريسرچ اسڪالر هئڻ دوران ٿي ۽ اسان جي شادي ٿي ويئي. نه آئون ڪا عملي هندو آهيان، نه ئي منصور ڪو عملي مسلمان. جي مذهبي حوالي کان ڏسندؤ ته اسان زال مڙس ڪنهن عملي خاني ۾ فِٽ ڪونه ٿينداسين. تعليم ۾ مون ماسٽرس ڊاڪا يونيورسٽي مان ڪئي ۽ پي. ايڇ. ڊي ليڊز مان. منهنجو خصوصي شوق توڙي تحقيق جو حوالو ”عورت جو معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ حصو“ رهيو آهي. اڄ اسان جي ڳالهائڻ جو موضوع ”زراعت ۽ زراعت سان وابسته ڪاروبار ۾ عورت جو ڪردار“ آهي. انهيءَ کان اڳ جو آئون اصل موضوع تي اچان هڪ ذڪر ضروري آهي. اِهو هيءُ ته اسان مشرقي مادرانه معاشرو يا Matriarchial Society رهيا آهيون. عورت گهر جي وڏيرڙي آهي ته لڇمي به آهي. زراعت پيشه معاشري ۾ عورت خاندان جي سربراهه جيان آهي، جتي کيتي ٻاڙي کان وٺي، ڍور ڊنگر پالڻ، مال کي چارو ڏيڻ، ڏُڌ ولوڙڻ، وري مکڻ ٺاهڻ، چيز ٺاهڻ، غرض هر معاشي ضرورت جي پورائي عورت جي هٿان ئي ٿئي ٿي. مرد اناج ۽ ٻين جنسن کي منڊيءَ تائين رسائڻ جي ڪم ۾ وڌيڪ رُڌل آهي. مادرانه معاشري جو هڪ وڏو اهڃاڻ Polyandry به آهي جتي هڪ عورت هڪ کان وڌيڪ مردن سان شادي ڪري ٿي. ايشيا ۽ آفريقا ۾ اُهي معاشرا هيا جتي اِها رسم هئي. ڄڻ مرد شادي ٿي، عورت جي گهر اچي رهندو هيو ۽ ايستائين رهندو جيسين اُها عورت کيس رَکي، نه ته عورت کي حق هيو ته هو ٻيو مرد ڪري. خير هن وقت Polygamy يا Polyandry اسان جو موضوع ڪونهي. نه ئي انهيءَ حوالي سان گناهه ۽ ثواب جو ليکو ڪرڻ. گناهه ته ’برٽرانڊ رسل‘ جي لفظن ۾ جاگرافي سان معنيٰ مٽائيندو آهي يا گناهه جو تصور هر خطي جو پنهنجو هوندو آهي. اسان جو ته موضوع آهي، ”عورت جو زراعت ۽ زراعت سان وابسته ڪاروبار ۾ حصو.“ جي پورهئي جي ونڊ ورڇ جو ڪاٿو لڳائجي ته خبر پوندي ته کاڌ خوراڪ جي تمام وسيلن جي پيدائش ۾ 85% پورهيو عورت جو آهي پر ائين نظر ڪونه ايندو آهي. انهيءَ ڪري نه ته عمل جي سرگرميءَ ۾ عورت جي ڀائيواري گهٽ آهي پر انهيءَ ڪري ته عورت کي پورهئي جي اُجرت گهٽ ملندي آهي. عورت لاءِ معاشري ۾ هڪ عام ٻيائيءَ وارو رويو هوندو آهي. جنسي طور هراسان ڪرڻ به عورت ڏي هڪ ٻيائيءَ وارو رجحان آهي. جتي مصر ۾ ڏيڍ لک ننڍيون صنعتون آهن تن مان 49% زراعت سان وابسته آهن ۽ زراعت سان وابسته انهن تمام صنعتن کي هلائڻ واريون گهڻي ڀاڱي عورتون آهن.“
    ڪملا ڳالهائيندي رهي ۽ تمام پيرائتي طور ثابت ڪندي رهي ته نيل نديءَ جي سيرابي بلڪه اُن سان منسلڪ زمين جي زرخيزي لاءِ جيئن اوسيرِس ديوتا ۽ سندس زال آئيسس ديوي ڀاڱي ڀائيوار آهن تيئن عورت به مرد سان گڏ زراعت ۽ زراعت سان وابسته صنعتن ۾ شانه بشانه هلي ٿي.
    ڪملا منصور جو ليڪچر ۽ سوال جواب ڏيڍ ڪلاڪ کن هلندا رهيا. جيئن ئي سوال جواب ختم ٿيا، ته انور اعلان ڪيو ته هاڻ تمام ڊيليگيٽ چانهه جي وقفي کان پوءِ پنهنجن پنهنجن سينڊيڪيٽ هالن ڏي وڃن. سينڊيڪيٽ جي ڪارروائي چار وڳي شام جو ختم ڪري واپس هوٽل ورڻ جي ڪئي سين.
    اسان تمام ساٿين پروگرام ٺاهيو هيو ته شام جو ڇهين وڳي آئيسِس لاؤنج ۾ڪٺا ٿينداسين. ڪونجل هاڻ اسان جو اڄوڪي پروگرام لاءِ سرواڻ هيو. سڀن کان سو سو ڊالر وٺي رکيا هئائين جنهن مان اسي ڊالر في ماڻهو ته ڪالهه ئي ٽريول ڊيسڪ تي ڪروز لاءِ ڏيئي ٽڪيٽ هٿ ڪيا هئائين. باقي ويهه ڊالر في ماڻهو اسان نوَ ڄڻن يعني شيام، بوس، شاهه ديو، ڪونجل، مستل، ايمان، وانگ، هِنگ، ۽ منهنجي حصي جا يعني هڪ سو اسي ڊالر ڪونجل وٽ بچيل هئا ته لموزين جو ڀاڙو ۽ ٻيو متفرق خرچ اُنهيءَ مان ڪبو. گاڏي لموزين ته ڪانه هئي پر آرام ده آمريڪي ڪرسلرز هيون. ماڻهن جي حساب سان ٻه گاڏيون اچڻيون هيون. ساڍي ڇهين وڳي هوٽل مان روانو ٿيڻو هيو. اسان جي هوٽل کان درياءَ جو گهاٽ جتان اِهي نيل ڪروز توڙي وڏا اسٽيمر ۽ ٻيڙا سفر لاءِ نڪرندا آهن، ڏهن کان پندرهن منٽن جي سفر تي هيو. ڪروز جو وقت شام ستين کان يارهين وڳي تائين هيو. دوستن جي صلاح هئي، ته ساڍي ڇهين ڌاري نڪرجي جو ستين کان اڳ پهچڻ ٿئي. اليگزينڊرا جي مليل پروگرام مطابق جهاز کي ساڍي ستين وڳي لنگر ڪڍڻو هيو. پهريون اڌ ڪلاڪ آڌر ڀاءُ، ويلڪم ڊرنڪ ۽ هڪ ٻه رقص جا آئٽم هيا. هيٺ لاؤنج ۾ دوست ڪٺا ٿيندا ويا. ڪونجل ۽ شاهه ديوَ گڏ ئي آيا. آئون هُنن کان ٻه منٽ پهرين ئي لاؤنج ۾ پهتو هئس جتي ٻيا به ڪجهه ساٿي لابي ۾ ئي بيٺا هئا. جيئن ٻيئي مليا ته شاهه ديو سُرراٽ ڪيو، ته ڪونجل چوي ٿو ته پنجاهه ڊالر ٻن گاڏين جا وڃڻ ۽ پنجاهه اچڻ لاءِ معنيٰ ته هڪ سو ڊالر ته ختم ٿي ويا باقي اسي ڊالرن مان ويٽرز کي بخشش ۽ شراب لاءِ پئسا گهٽ ٿيندا جو اُتي اسڪاچ جي بوتل چاليهه ڊالر ۽ Wine ويهه ڊالر آهي، ته بيئر جو ڏٻو پنج ڊالر آهي تنهن ڪري ڇونه پنجاهه ڊالر في ماڻهو وري کڻي وٺون. هيءَ ڳالهه ڇوته آهستي ۽ اردوءَ ۾ ڪيائين، تنهن ڪري شيام ۽ بوس کان سواءِ ڪنهن نه ٻڌو نه سمجهيو.
    وراڻيومانس ته يار، ايترو خرچ ڪونه ايندو. صرف تون، آئون، ڪونجل ۽ شيام شرابي آهيون. بوس ويچارو بيئر جي ٻن دٻن جي مار آهي. ايمان پيئندي ڪانه. مستل، وانگ ۽ هِنگ به شريفن جيان هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن وائين جي بوتلن وارا آهن ، انهيءَ ڪري هاڻي اِهو نه ڪريو، جي پنجاهه- سو ڊالر وڌيڪ ٿيا ته تون ۽ آئون ڀري ڇڏينداسين. شاهه ديو اِها ڳالهه ڪونجل کي چئي جنهن مڃيندي چيو ته پوءِ جيڪو وڌيڪ خرچ ٿيو سو هو ڏيئي ڇڏيندو ۽ پوءِ اسان ٽيئي يعني شاهه ديو، ڪونجل ۽ آئون پاڻ ۾ ورهائي ڀرينداسون.
    ساڍي ڇهين وڳي ٽريول ڊيسڪ واري ٻڌايو ته لموزين اچي ويون آهن. مون ته ڪالهه ئي کيس سمجهايو هيو ته هي لموزين ڪانهي۽ نه ئي کين لموزين چئبو آهي پر هُن صرف ڏند ڪڍي ڏيکاريا. مون اُنهيءَ تي دوستن کي انڊونيشيا جي جنت نظير جزيري ’بالي‘ جو ٻڌايو ته ڪيئن بالي ۾ جڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ يا ڏينهن لاءِ ڪار ٽيڪسي ڪبي هئي ته اُتي ٽريول ڊيسڪ وارا يا rent-a-car وارا اُنهيءَ کي ڪُرُوزِ چارٽر ڪري چوندا هئا. ڪنن کي ڏاڍو ڀلو لڳندو هيو ڄڻ ڪوجهاز پيا چارٽر ڪريون. ٻاهر نڪري موٽرن ۾ چڙهياسين. شاهه ديو هاسيڪار هڪ هڪ کي جهلي ڪار ۾ ايئن ويهاريو جو شيام، مستل، ايمان ۽ آئون هڪ ئي ڪار ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح جو پوئين سيٽ تي ايمان منهنجي ۽ مستل جي وچ ۾ ويٺل هئي. شيام هڪ بُردبار I.A.S آفيسر هيو. آرام سان وڃي اڳئين سيٽ تي ويٺو ۽ سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيائين. موٽرن هوٽل ڇڏي گهاٽ ڏي وڃڻ شروع ڪيو.
    اسان جي هوٽل ڪارنيش جي علائقي ۾ هئي جو قاهره جو نسبتاً مهانگو ۽ پُرآسائش علائقو سمجهيو ويندو آهي. شهر جا وڏا فائيو اسٽار هوٽل به هِن ئي علائقي ۾ آهن. هڪ هڪ هوٽل جون ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي عمارتون به مختلف جاين تي آهن. ڪارنيش ۾ فرنشڊ اپارٽمينٽس به الاهي ملي ويندا آهن. قاهره شهر ٻن حصن ۾ آهي، جو نيل نديءَ جي مشرقي ۽ مغربي ڪناري جي ونڊ مطابق آهي. قاهره جي مشرقي ۽ مغربي ڪناري کي نيلَ نديءَ تي پنج مضبوط ۽ وڏيون پليون ٺاهي، هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي. ٻنهي ڪنارن سان گڏ وڏين شاهراهن جيان روڊ ٺاهيا ويا آهن. مشرقي ڪناري واري روڊ کي ”ڪارنيش النيل“ چون ٿا ۽ مغربي ڪناري واري روڊ کي ”شارع النيل“ چون ٿا. مصري عجائب گهر، ڪاروباري علائقو وغيره ”ڪارنيش النيل“ تي آهي. نيل ندي جي ٻنهي ڪنارن جي پاسي گهمڻ ڦرڻ لاءِِ سرسبز پارڪ، باغ ۽ تفريح جون جايون آهن. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي گهاٽ آهن، جتان نه صرف ڪروز لاءِ ننڍا وڏا جهاز ملندا آهن پر ٻيڙيون ۽ لانچون به ملنديون آهن. هتي وڏا جهاز به آهن جي اسوان ۽ اسڪندريه تائين به ويندا آهن پر اُهي ٽن کان ستن ڏينهن جي باقاعده پروگرام لاءِ ويندا آهن. انهن جهازن ۾ سوئمنگ پول، ڪلب، جوا خانه، شراب خانه، ۽ هر قسم جي تفريح هوندي آهي، توڙي رهائش لاءِ مختلف درجن جون ڪيبنون ۽ ڪمرا به هوندا آهن. اُهي جهاز نديءَ جي سير کان سواءِ مختلف جاين تي لنگرانداز ٿي، مسافرن کي زميني مقامات جو سير پڻ ڪرائيندا آهن. قاهره کان ٿورڙو ئي پري نيل ندي ٻن شاخن ۾ ورهائجيو وڃي ٿي. اُنهيءَ جاءِ تي ٻه بيراج ٺاهيا ويا آهن، جن کي مصري ’قناطير‘ ڪري ڪوٺيندا آهن. جيتوڻيڪ هيءَ قناطير آبپاشي جي مقصد لاءِ ٺاهيا ويا آهن، پر اُتي پارڪن ۽ باغن جي گهڻائيءَ جي ڪري هيءَ جاءِ قاهره جي باشندن لاءِ مقبول ترين تفريح گاهه آهي. هتي ٻارن لاءِ جهولا ۽ گهوڙا ۽ ٻيون تفريح جون جايون پڻ جام آهن. ڪارنيش واري علائقي جي سامهون ٻه جزيره پڻ آهن، جن کي ’الجزيره‘ ۽ ’روضه‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻنهي ٻيٽن تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪافي جايون آهن. نيل نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وسندڙ هيءَ قاهره شهر پراڻي ۽ نئين عمارت سازيءَ ۽ ٽڪسال جو هڪ سهڻو ميلاپ آهي. نيل نديءَ تي ٺهيل ٻنهي ڪنارن کي ملائيندڙ پُلين تي هر وقت ٽريفڪ جاري رهندي آهي، عمارتن ۾ قديم ۽ جديد جو ميلاپ نظر ايندو. وڌ ۾ وڌ پنجاهه منزله عمارت هوندي سا به ڪا اتفاقي. پراڻي قاهره ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ عمارت نظر ايندي. پراڻو قاهره مينار، گنبذ، قبرستان، مزار ۽ مسجدن سان ڀريل آهي.
    قاهره اصل ۾ ٽن شهرن تي جُڙيل آهي. هڪ حصو ’فسطاط‘ جو حضرت عمر ابن ابي خطاب جي زماني ۾ آباد ٿيو جڏهين سنه 91 هجري بمطابق سن 640 عيسوي عمرو بن العاص مصر فتح ڪيو. فسطاط جي معنيٰ خيمو آهي. هي نالو مسلمانن جي لشڪر جي اُتي خيمه انداز ٿيڻ ڪري ڏنو ويو. قاهره جو ٻيو حصو جو قديم قاهره سڏجي ٿو، اُهو حصو سن 358 هجري يعني 969 عيسوي ۾ فاطمي خليفي المعز جي زماني ۾ قائم ٿيو ۽ ٽيون حصو يعني جديد قاهره قريب ٻه سو سال پراڻو آهي. هي ٽيئي حصا ته نيل نديءَ جي مشرقي ڪناري تي آهن پر هاڻي ته مغربي ڪناري تي شهر ميلن جا ميل پکڙيل آهي ۽ وڌندو وڃي. قاهره جو نالو به اڪثر مسلمان مؤرخن جي مطابق فاطمي خليفي المعز جي دور ۾ ڏنو ويو. قاهره لفظ ’قاهِر‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’فاتح‘ جي آهي ۽ هيءُ لفظ فاطمي حڪمرانن جي فتح کي ظاهر ڪري ٿو. پر ائين به نه آهي ته شهر جو نالو فاطمي خليفن جي دور ۾ ڏنو ويو. مشهور تاريخدان فلپ هيٽي (Philip Haiti) جي چوڻ مطابق جڏهين قريب ٻه سو سال اڳ اُن وقت جو مشهور شهر ۽ گاديءَ جو هند اسڪندريه عيسائي حمله آورن سان جنگين ۾ تباهه ٿي ويو ته اُن وقت قديم شهر ميمفس جي قريب هڪ نئون شهر وجود ۾ آيو ۽ جڏهين اُنهيءَ شهر جو بنياد رکيو ويو ته مشتري ستارو نصف النهار تان لنگهي رهيو هيو ۽ فلڪيات جي ماهرن اُنهيءَ شهر کي القاهره جو نالو ڏنو. هتي عيسائين جي آمد سنه 180 عيسوي ۾ ٿي ۽ پهريون ڪوپٽڪ يا قبطي ڪليسيا تعمير ٿيو.


    اوسيرِس ـ آئيسس ـ هورس

    ايمان جي قربت ۽ سندس جسم مان ايندڙ مَهِڪَ مون کي مدهوش پئي ڪيو. موٽر ڪار جي دريءَ جي شيشي مان ٻاهر رستن، روڊن ۽ وڻڪار توڙي عمارتن ڏي ڏسندي، ذهن کي انهيءَ مدهوشيءَ مان ڪڍڻ جي سعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. شُڪر جو مِستل منهنجي مُشڪل آسان ڪئي. مون کي مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”احمد! ڪروز تي پهرين ڪڏهين ويو آهين؟“
    ”نه!“ مون ايمانداريءَ سان کيس سچ ٻڌائيندي چيو: ”هي ڪروز ته ٺهيو پر اسان وٽ شراب پيئڻ به منع آهي. ناچ معيوب سمجهيو ويندو آهي. توڙي جو شراب جو واهپو ۽ ڊانس پارٽيون نجي محفلن ۾ عام آهن.“
    ”ڀلا هي.... معاف ڪجانءِ.... منافقت ڪانهي.“ مستل چيو.
    ”آهي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي.“ وراڻيومانس.
    ائين هلڪي ڦُلڪي ڳالهه ٻولهه ڪندي اچي گهاٽ تي پهتاسين. ڪافي ننڍيون ٻيڙيون، لانچون ۽ ڪي وڏا شاهي ٻيڙا به بيٺل ڏٺاسين. اليگزينڊرا هڪ وچولي درجي جو ٻيڙو هيو، جتي هيٺ ڊائننگ هال طرز تي وڏو هال هيو جنهن کي ٽن پاسن کان ڊائننگ لاءِ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هيون ته هڪ پاسي آرڪيسٽرا جا سازندا پنهنجا ساز ۽ سامان رکڻ ۾ مشغول هيا. ڪجهه ماڻهو آيا هئا. ڪي ته هال ڏسي پوين پيرن واپس ٿي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي ٽيرس تي هليا ويا جتي باربي ڪيو ۽ عمده بار هئي. ٽيرس تي توڙي اندر هال ۾ هر ايندڙ کي ويٽرز پڇي سندس پسند جو شراب آڻي پئي ڏنو. اسان جي پهچندي ئي هڪ ويٽر اچي اسان کان اسان جي پسند پُڇي. منهنجي چوڻ تي سڀن سواءِ ايمان جي پورٽ وائين جي گهُر ڪئي. ايمان جوس جو چيو. مستل ايمان ڏي نهاريندي مون کي مخاطب ٿي چيو:
    ”احمد! ايمان کي چئو نه. اڄ کڻي هڪ گلاس وائين جو پئي.“
    مون به بنا سوچي ايمان کي چيو. ”Why not?“ (ڇونه؟)
    ايمان هڪي ٻڪي ٿيندي چيو:
    ”احمد! شراب حرام آهي.“
    ”مون کي ڪٿي به اِهو ڏيکاري وڃين ته شراب ائين حرام قرار ڏني ويئي آهي، جيئن سوئر جو گوشت واضح طور حرام قرار ڏنل آهي ته آئون اڄ ئي شراب پيئڻ ڇڏي ڏيندم.“ مون چيو.
    ”چوندا آهن.“ هُن ڀُڻڪيو.
    ”ڪير چوندا آهن. ڏس، منع ٿيل آهي ’خُمر‘ جي حوالي سان. هاڻ ڪي چون ٿا ته خُمر مان معنيٰ تاڙيءَ جو شراب آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته ’خُمر‘ نشي جي معنيٰ ۾ آهي. ڪِن جو چوڻ آهي ته خُمر نشي جي انهيءَ حالت ۾ اچڻ آهي، جتي ٻانهن جيتري فاصلي تي عورت ۽ مرد ۾ تميز نه ڪري سگهجي.“ مون پنهنجي اڻ پوري معلومات مٿس مڙهيندي چيو.
    ”پر احمد....!“
    ”چڱو ڀلا! هيئن ڪر! تون گلاس مان صرف هِڪ سُرڪي ڀرجانءِ. باقي نه پيءُ. باقي مان ئي پي وينديم.“ مستل شرارت مان مون ڏي نهاريندي ايمان کي چيو ۽ ويٽر کي سڀن لاءِ وائين آڻڻ جو چيائين.
    ويٽر ٿورڙي ئي دير ۾ سڀن لاءِ وائين کڻي آيو. مون ويٽر کي هڪ جوس لاءِ چيو ته جيئن ايمان ڀَل پيمانو پنهنجن لبن کي لائي پر پوءِ کيس جوس ئي ڏجي. ايمان ائين ئي ڪيو. هِڪ ننڍڙي سُرڪي ڀري گلاس مستل جي اڳيان رکندي چيائين:
    ”بس! هاڻ ته منهنجي دوست جو ضد پورو ٿيو. هاڻي هي تون ئي پيءُ.“
    مستل جام هٿ ۾ کڻي اُٿي بيهي، مون ڏي جپانين واري انداز ۾ رڪوع جيان نِوڙندي چيو:
    ”احمد! تنهنجو انعام!!“
    ايمان جي سُرخ سفيد رنگ تي لاليءَ جي رنگ سرس واسُ ڪيو. آئون به ڪجهه لڄي ٿيس پر هڪدم پڪائي ڪري چيم ته:
    ”هن شراب کي ٻن خوبصورت هٿن وڌيڪ نشيلو بڻايو هوندو. خدا خير ڪري.“
    ”ڳالهه نه ٺاهي.“ مستل چيو.
    ”نه مستل! تون اڄ به ايڏي سهڻي آهين جو توتي ڪير به عاشق ٿي سگهي ٿو. آئون ته صرف تنهنجن هٿن جي خوبصورتيءَ جي ساراهه پيو ڪريان.“
    ”ڏاڍو بدمعاش آهين، ڪيئن ٿو ڳالهه مٽائين.“
    اڃا اهو چئي مِستل بس مس ڪئي ته انائونسر جو آواز آيو:
    ”خواتين و حضرات! اڄ جي محفل ۾ اليگزينڊرا جي نيل نديءَ جي ڪروز ۾ شامل ٿيندڙ مهمانن کي سعيد غزالي جو سلام. اسان جي اڄ جي پروگرام ۾ سڀ کان پهرين اسان توهان کي اوسيرِس ديوتا ۽ آئيسس ديوي جي بي شمار ڪٿائن مان هڪ تي ناٽڪ پيش ڪنداسين جنهن ۾ هورس جي جنم جي ڪٿا آهي. اُنهيءَ کان پوءِ ميوزڪ جو پروگرام آهي، جنهن جي شروعات ۾ مشهور ڳائڻو مائيڪل ڊيسوزا توهان کي پنهنجي آرڪسٽرا سان گڏ ڪجهه مشهور گانا ٻڌائيندو. توهان مان ڪو دوست ڪا فرمائش ڪرڻ چاهي ته مهرباني ڪري ٻڌائي پر اِهو خيال رکجؤ ته پروگرام جو هي حصو صرف اڌ ڪلاڪ لاءِ هوندو ۽ وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه آئٽم ئي ٿي سگهندا. ڳائڻ جي هِن پروگرام جي پڄاڻيءَ تي اسان مٿي ڊيڪ تي باربي ڪيو جو انتظام ڪيو آهي. مانيءَ جي وقفي کان پوءِ توهان هال ۾ واپس ايندؤ ۽ اسان جي مشهور بيلي ڊانسر فوزيه ڊانس جو مظاهرو ڪندي. بيلي ڊانس کان پوءِ اسان توهان کي مشهور اسپيني ناچ ”فليمنگو“ پيش ڪنداسين، جنهن لاءِ اسپين کان آيل خاص طائفو ڪلهه ئي پهتو آهي.“
    بيس (Base) ۽ ڊرمن جي ڇڻراٽ جي زوردار آواز سان گڏ سامهون ڊانس فلور واري حصي جون بتيون ڌيميون ٿي ويون ۽ هلڪي رنگ برنگي روشني ڇائنجي وئي.
    قديم مصري لباس ۾ مصر جي بادشاهه اوسيرِس جي ڀاءُ ’سَيتِ‘ کي حبش جي ملڪه سان پيار ونڊيندي ۽ راز و نياز ڪندي ڏيکاريو ويو. بتيون اڃان ڌيميون ڪيون ويون. جهيڻي آواز ۽ جذبن جي وهڪري ۾ ٻُڏل جسمن جي ميلاپ کي صرف جسم جي لمس کي محسوس ڪرڻ تائين ڏيکاريو ويو جيئن فحاشي يا اگهاڙپ جي زمري ۾ نه اچي. انهيءَ سان گڏ پس منظر ۾ سعيد غزالي جو آواز ڌيمي موسيقيءَ سان گڏ ايندو رهيو. سعيد ٻڌائي رهيو هيو:
    ” اوسيرِس بادشاهه جي هيءَ آکاڻي اهرامِ مصر جي معبدن مان مليل نشانين، ديوارن جي سنگتراشيءَ ۽ مخطوطات مان ملي ٿي. مصر جو هيءُ بادشاهه فراعين مصر جي پنجين حڪومت مان معلوم ٿئي ٿو. اوسيرِس جي ڀاءُ ’سَيتِ‘ حبش جي ملڪه سان سازش ڪري ٻاهتر (72) ڄڻن جو هڪ جٿو اوسيرِس جي قتل لاءِ ٺاهيو. هُن چالاڪيءَ سان اوسيرِس کي هڪ صندوق ۾ وجهڻ جي ائين ڪئي جو اوسيرِس پاڻ ئي پنهنجن پيرن تي هلي صندوق ۾ ويو ۽ وري مٿان ڍڪ واري ڇڏيائين ته ڏسي ته ڇا هو هِن صندوق ۾ پورو ٿي ويندو. جيئن ئي هُن صندوق جو ڍڪ واريو ته سَيتِ ۽ سندس ساٿين ڪڙو چاڙهي صندوق کي هر طرف کان سيسي (Lead) سان ڀري ڇڏيو ۽ صندوق کي نيل نديءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو . اوسيرِس جي زال آئيسس جڏهين ڳولا شروع ڪئي ته نيٺ کيس اِها صندوق (جا تابوت جي شڪل ۾ هئي) نيل نديءَ جي ڪناري تي ڪِن وڻن جي ڄار ۾ ڦاٿل ملي. آئيسس تابوت کولرايو پر اوسيرِس تيستائين مري چڪو هيو. آئيسس کي پنهنجي پيءُ جي طرفان هڪ جادو مليل هيو، جنهن جي ڪرڻ سان مئل ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ جيئرو ٿي ويندو هيو. آئيسس وار کولي درياءَ ڪناري ويهي اِهو جاپ ڪيو. جاپ ڪرڻ دوران هوءَ رقص به ڪندي ويئي ۽ پنهنجي حسين جسم کي ڪپڙن کان آجو ڪندي ويئي تان جو سندس ڪُندن مثل ۽ شعله بدن جسم تي ڪپڙن جي لِيڙَ به باقي نه بچي. اوسيرِس زنده ٿي ويو. آئيسس پنهنجي دل لُڀائيندڙ جسم جي گرميءَ سان اوسيرِس کي اهڙو ته مدهوش ڪيو، جو هو آئيسس جي جادوءَ جي اثر ۾ مڪمل قابو ٿي ويو. ۽ ائين آئيسس هُن کي جسماني ميلاپ تي آماده ڪيو ته جيئن هو اولاد پيدا ڪري. اوسيرِس تڪميلِ نفس کان پوءِ وري مري ويو پر آئيسس کي ڳڀڻ ڪري ويو. ۽ ائين آئيسس ۽ اوسيرِس جي ميلاپ مان سندن پُٽ ’هورس‘ پيدا ٿيو. آئيسس، اوسيرِس جي جسم کي صحرا ۾ وڃي دفن ڪري ڇڏيو. اوسيرِس جو ڀاءُ ’سَيتِ‘ جڏهين صحرا ۾ شڪار ڪرڻ نڪتو ته هُن کي اوسيرِس جو جسم مليو. سَيتِ کي ڪِروڌ ۽ ڪاوڙ ايڏو ته تپايو جو هُن اوسيرِس جي جسم جا چوڏهن حصا ڪيا ۽ سڀني حصن کي زمين جي مختلف حصن ۾ ڦٽو ڪرايائين. آئيسس کي جڏهين خبر پيئي ته هُن پنهنجي رات ڏينهن جو آرام ڦٽائي اوسيرِس جي جسم جا ٽڪڙا هٿ ڪيا ۽ ڳنڍي ڪري اُن جو شانِ شايان دفن جو بندوبست ڪيو. پر آئيسس کي هِن جي جسم جا تمام حصا مليا سواءِ اوسيرِس جي مخصوص مردانه عضوي جي، جنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ويو هيو ۽ هڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿيو. ديوتا، آئيسس جي هِن قربانيءَ کان ايڏو ته متاثر ٿيا جو هُنن اوسيرِس کي دوام بخشيو ۽ کيس زيرِ زمين جو ديوتا بڻايو. اُن ڏينهن کان اوسيرِس نيل نديءَ جي لاهه و چاڙهه، سيلابن توڙي خشڪيءَ سان منسوب آهي ۽ نيل نديءَ سان وابسته زراعت سان منسلڪ آهي.“
    ڌيمي روشني هاڻ ڪجهه تيز ٿي. ڪٿا جي ڊرامائي تمثيل جو اختتام ٿيو پر سعيد غزاليءَ جي ڪٿا جاري رهي. سعيد جو پُرتاثر آواز آيو:
    ”آئيسس ته ديوي هئي. زمين جي ديوتا گيب ۽ آڪاش جي ديوي ’نت‘ جي پهرين ڌيءَ. اوسيرِس، آئيسس ديو ي جو ڀاءُ هيو. سَيتِ به سندن ڀاءُ هيو. اوسيرِس سان آئيسس شادي ڪئي. ائين ئي شايد رواج هليو جو آئنده صدين ۾ ايندڙ پٽولمي خاندان جنهن مان جڳ مشهور قلوپيٽرا حڪمران هئي تڏهين ڀائر ڀينرن جي شادي ۽ گڏجي حڪومت ڪرڻ کي ديوي ديوتائن جو طرز عمل ليکيو ويندو هيو ۽ حڪمراني لاءِ ڪاميابي سمجهيو ويندو هيو. آئيسس کي مري ويلن جي نگهبان ۽ ٻارن جي محافظ ديويءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. قديم مصرين جو ايمان هيو ته نيل نديءَ ۾ هر سال ايندڙ ٻوڏ آئيسس ديوي جي لڙڪن جي نه رڪندڙ لارَ آهي، جا هوءَ پنهنجي مري ويل مڙس لاءِ ڳاري ٿي. جيئن ته مرده اوسيرِس کي جيئرو ڪري جنسي ميلاپ وسيلي هورس پيدا ڪيل هيو ته انهيءَ نسبت سان هورس کي زنده فرعون ۽ ديوتا ته اوسيرِس کي موت ۾ ديوتا ۽ فرعون جو درجو ڏنو ويو . هورس وڏو ٿي ’سَيتِ‘ کان پيءُ جي قتل جو بدلو ورتو جنهن لاءِ هُن کي ڪافي جنگيون وڙهڻيون پيون. هورس کي انهيءَ نسبت سان جنگ ۽ حفاظت جو ديوتا چيو وڃي ٿو.“
    سعيد جي آواز جو ڊرامائي تاثر سڀ ويٺلن کي پاڻ ڏي ڇڪي رهيو هيو، تان جو روشني تيز ٿي ويئي ۽ سعيد خاموش ٿيو. گڏ ئي ڊرمن ۽ بيس جي ڇڻراٽ جو زوردار آواز آيو. سڀن سمجهيو ته هي آئٽم ختم ٿيو آهي. هال ۾ طرح طرح جي ٻولين ۾ ڀُڻ ڀُڻ شروع ٿي ويئي. هاڻ مائيڪل ڊيسوزا جو وارو هيو. مون کي ساٿين چيو ته ڪا فرمائش ڪر. مون گهڻو ئي نٽايو پر نيٺ فرمائش ڪرڻي پيئي. ياد نٿو اچيم پر شايد ’بيٽلرز‘ يا ’بي جيز‘ جي ڪنهن نمبر جي فرمائش ڪيم ۽ انهيءَ ۾ مون کي شيام مدد ڪئي. ڊيسوزا سهڻو ڳايو ۽ سندس آرڪسٽرا جا سازندا به پنهنجي فن ۾ ڀَڙِِ هيا. جيئن ڊيسوزا جو پروگرام ختم ٿيو ته اعلان ٿيو ته مٿي باربي ڪيو تي ماني تيار آهي.
    اسان به سڀن سان گڏ مٿي ڊيڪ تي وياسين. باربي ڪيو ته هيو پر گڏ عمده بار به هئي. هڪ ٽيبل سنڀاليسين. ڪونجل سڀن سان صلاح ڪري شاهه ديو ۽ مون کي ساڻ کڻي بار تي آيو.
    مون چيو، ”يار هِڪ هِڪ پيگ مان ڪجهه ڪونه ٿيندو. هڪ بوتل ئي ريڊ ليبل جان واڪرز جي وٺ. باقي سڀ ريڊ وائين جي طلب ڪن ٿا. ايمان جوس پيئندي. هِنن پنجن لاءِ ريڊ وائين جون ٻه بوتلون کڻي هلون ٿا. جي وري طالب ٿين ته وٺي لاهينداسين.“
    ڪونجل ائين ئي ڪيو. اسان جي ٽيبل تي اچڻ تائين گلاس، منرل واٽر، برف، سوڊا ۽ ايمان لاءِ جوس جو گلاس اچي چُڪا هيا.
    رات چانڊوڪي هئي. ڊيڪ تان نيل نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وسندڙ شهر ۽ روشنيون سهڻيون پئي لڳيون. ڪروز به هاڻ وچ درياءَ ۾ پئي هليو. چانڊوڪي پنهنجي مڌرتا ۽ سونهن کي نيل نديءَ ۾ ۽ سڄي ماحول ۾ ڄڻ اوتي ڇڏيو هجي. مون کي ’روميو‘ جو ’جوليٽ‘ کي چيل مشهور جملو ياد آيو:
    “Lady, by yonder blessed moon, I vow
    that tips with silver all these fruit tree tops.”
    (مون کي هِن مقدس چنڊ جو قسم، جنهن ميون ڀريل وڻن جي ٽارين کي چانديءَ جي رنگ ۾ رنڱيو آهي....)
    مون کي روميو جو هي قسم ۽ وري جوليٽ جي ورندي ڏاڍي وڻندي هئي. جوليٽ چوي ٿي:
    “O swear not by the moon, the inconstant moon,
    That monthly changes in her circled orb,
    Lest that thy love prove like wise variable.”
    (آهه! چنڊ جو قسم نه کڻ. چنڊ ته پنهنجي محور ۾ ڦرندو آهي ۽ گهٽبو ۽ وڌندو آهي. تنهنجو پيار به ائين ئي نه ٿي وڃي.)
    ”چيئرز“ اوچتو منهنجي ڪنن تي شاهه ديوَ جو آواز آيو. ڪونجل ۽ شاهه ديوَ اِنهيءَ وچ ۾ سڀن لاءِ گلاس ٺاهي ڇڏيا هئا. وائين جي بوتل لاءِ ويٽر کي گهرائي وائين اوپنر به رکيو هئائون.
    ”ڪٿي گُم آهيو؟“ ايمان مشڪندي پڇيو.
    مون کان بي خيالي ۾ نڪري ويو:
    “Lady, by yonder blessed moon I swear…”
    منهنجو ايترو چوڻ ته شيام، بوس، شاهه ديوَ، ڪونجل ۽ مستل تاڙيون وڄايون. مون کي هڪدم احساس ٿيو ته هي پڙهيل لکيل ٽولو آهي. وانگ ۽ هِنگ کي شايد شيڪسپيئر سان واسطو گهٽ هيو. هونئن به چين جي ٻنهي پاسن تعليم مادري زبان ۾ آهي يعني چيني ٻوليءَ ۾. انگريزيءَ جو واس ڪجهه گهٽ اٿن. ساٿين جي تاڙين جي ڦهڪي تي ايمان جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. آئون به کين ڪجهه چئي ڪونه سگهيس. چوڻ چاهيم ٿي پر تنهن کان اڳ شيام چيو:
    ”واهه! مزو اچي ويو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ موقعي جي مناسبت سان ڪنهن سٺي شاعري جي ياد ڏياري آهي. احمد، هو حصو ياد اٿئه جتي جوليٽ کي جڏهين روميو پريم ساگر جي سمونڊ جي وَچَن ۽ نشاني لاءِ چوي ٿو ته جوليٽ پيار ساگر جي لامحدود هئڻ لاءِ چوي ٿي.“
    ”تنهنجو اشارو اوڏي ته ڪونهي جتي جوليٽ چوي ٿي،
    “My bounty is as boundless as the sea,
    My love as deep; the more I give to thee,
    The more I have, for both are infinite.”
    (منهنجو خزانو اٿاهه سمونڊ جيان آهي، ۽ سمونڊ جيان اونهو. جيئن جيئن توسان پيار ساگر ونڊيان ٿي ۽ توکي قرب ڏيان ٿي ته اِها دولت وڌندي وڃي ٿي. منهنجو پيار ۽ سمونڊ ٻئي لا محدود آهن.)
    ”ياد اٿئه!“ شيام حيران ٿيندي پڇيو.
    ”نه يار، هن خوبصورت ماحول ياد ڏياريو آهي“ وراڻيم.
    شاهه ديوَ کان رهيو نه ٿيو. ايمان ڏي شرارت ڀريل نظرن سان ڏسندي چيائين:
    ”ايمان! اسان تنهنجا شڪر گذار آهيون جو تنهنجي موجودگيءَ ۾ هي کهُري ۽ ٿُلهي کل وارو صحرائي ماڻهو نرم دل ۽ خوش ڪلام مهذب ماڻهو ٿي ويو آهي.“
    ايمان هڪدم وراڻيو:
    ”نه، نه. احمد ته ڏاڍو محبت ڪندڙ، دل رکڻ وارو انسان آهي. حساس، نرم دل ۽ رلڻو ملڻو. توهان هي کهُريءَ کَلَ وارو مثال احمد لاءِ نٿا ڏيئي سگهو.“
    شاهه ديوَ وري رهڻ وارو ڪونه هيو. تڪڙا تڪڙا ٻه ڊبل لڳائي چڪو هيو. مون ڏي ڏسندي پنجابي ۾ چيائين:
    ”اوئے بدمعاش! کُڑی نوں قابو کرلیا!“
    ڪنهن سمجهيو ڪونه. نه ئي موقعو هيو. مون ڳالهه ٺاهيندي چيو:
    ”ماني ته کائي ڇڏي آهي. هاڻ هيءَ شراب جي بوتل باقي آهي، هيٺ ٿا کڻي هلون. هِنگ، وانگ، بوس ۽ مستل جو وائين ختم آهي. اُتي ئي ٻيو وائين گهرائي وٺنداسين.“
    چئني ڄڻن هاڪار ڪئي. يعني اڃان وائين پيئڻ منظور آهي. اسان باقي اڌ بوتل وهسڪي کڻي هيٺ هلياسين. ٽيبل تي ويهندي ئي ٻه بوتل وائين لاءِ چيوسين.
    هاڻ بيلي ڊانس شروع ٿيو. بيلي ڊانسر فوزيه عربي ڌُنن تي پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو. ٻن آئٽمن کان پوءِ مائيڪ هٿ ۾ کڻي هاڻي هوءَ مهمانن ۾ آيل جوڙن کي به پاڻ سان گڏ ناچ لاءِ دعوت ڏيڻ لڳي. عربي گيتن تي جهومندي هڪ يورپين جوڙيءَ کي هٿ مان جهلي فلور تي وٺي ويئي. يورپين جوڙو ڪو سٺو ڊانسر جوڙو هيو. هو بيلي ڊانسر جي ساٿ ۾ ئي ٽينگو ڊانس جو بهترين مظاهرو ڪرڻ لڳا. جنهن کي جيئن وڻي. ائين سوچيم ئي پئي، ته هُن ايمان جو اچي هٿ پڪڙيو پر اسان ڏي سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳي ته هِن سان الائي ڪير هوندو. مستل هڪدم مون ڏي آڱر کڻي اشارو ڪيو. پوءِ ته فوزيه لچڪندي ۽ ٿرڪندي مون ڏي آئي. ايمان جو هٿ کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. ايمان مشڪندي منهنجو هٿ پڪڙيندي ٿرڪندي فلور ڏي هلي. ناچ ڏسندي ۽ ڪندي عمر گُذري ويئي. اسڪول ۾ هوندا هئاسين ته رمبا، راڪ اينڊ رول، والز ۽ الاهي پوءِ ٽينگو جي ڌنن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نچندا هئاسين. پوءِ هڪ وقت ۾ جڏهين اسپيني ”فليمنگو“ ناچ ڏٺوسين ته پيرن جي کُڙين سان فرش کي زور سان وڄائي .... ٺڪ ... ٺڪاٺڪ .... ٺڪ .... ٺڪ ٺڪ ٺڪ .... جي لئه تي جسم جي توازن کي سڌو رکي هڪ هم آهنگيءَ سان ڦيري ڏيئي پنهنجي پارٽنر جي ڊگهيري ٿيل هٿ کي ڇڪي پاڻ سان ويجهو ڪري سندس چيلهه ۾ هٿ وجهي وري اسٽيپ کڻڻ جو مزو ئي ٻيو هوندو آهي. منهنجو ته رؤن رؤن ايمان جي قربت لاءِ ڦٿڪيو پئي، سو مون ائين ئي اسٽيپ کڻڻ جي ڪئي. شايد جسم ۽ ذهن جي هم آهنگيءَ جو ڪو مڪينزم هوندو آهي. جيئن ئي پهرين ڦيريءَ ۾ ايمان جي وڌيل هٿ کي ڇڪيم ته هوءَ ڦيري کائيندي اچي منهنجي ٻانهن ۾ پيئي. مون کي هڪ لمحي لاءِ ته ڄڻ ائين لڳو ته ڪائنات رُڪجي ويئي. خوشبو ۽ رنگن حواسن تي واسو ڪيو.
    اپنی بانہوں میں سمٹ آئی تھی وہ قوس قزح
    لوگ تصویر ہی کھینچا کیے انگڑائی کی
    (احمد فراز)
    ايمان ڏي نهاريم ته هُن جو چهرو ٻهڪي رهيو هيو. پنهنجن چپن کي منهنجي ڪنن کي ويجهو آڻيندي سُرٻاٽ ڪيائين.
    ”بيهي ڇو رهين؟“ آئون ڄڻ هوش ۾ موٽي آيس.
    وراڻيومانس، ”مون کي خواهش ٿي ته هي لمحو بيهي رهي. ڪائنات ئي ساڪت ٿي وڃي.“
    مشڪي مون ڏي ڏٺائين. مون کي هُن جي قربت بنهه هوش کان بيگانو ڪري ڇڏيو. مون کي صرف هُن جي جسم جي گرمي، هُن جو لمس، هُن جي ڇُهاءُ، هُن جو چهرو پئي نظر آيو. نه مون کي خبر هئي ته آئون ڪيئن پير پيو کڻان نه مون کي سرت هئي ته چوڦيريءَ ڇا پيو ٿئي. ايمان هُئي ۽ آئون هُئس. هوءَ منهنجي ٻانهن ۾ هئي. ور ور ڪري نڪتي ٿي ۽ ڦيري کائي وري اچي منهنجي جسم ۽ روح کي گرمايائين ٿي. خبر نه پئي ته ڪيڏيءَ مهل فوزيه جو ڊانس ختم ٿيو.
    آرڪسٽرا به هڪ وارو فوزيه جي گاني تي ختم ڪري پر وري شروع ٿيو. مون کي خبر ئي نه پيئي. ڪائنات ۾ ڄڻ اسان ٻه ئي هئاسين جن ستارن جي هُن پار ڪهڪشائن سان هم آهنگ ٿي رقص پئي ڪيو. تان جو تاڙين جي ڦهڪي تي اکيون کولي ڏٺم ته آئون ۽ ايمان ئي پيا رقص ڪريون. دنيا و مافيها کان بي خبر.
    ايمان کي مون کان ڪافي اڳ اِها خبر هئي پر هُن مون کي روڪڻ نٿي چاهيو. آئون ڄڻ واپس موٽي آيس. بيلي ڊانسر فوزيه پنهنجي حسين جسم ۽ سهڻي ڪمر لوڏيندي تاڙيون وڄائيندي آئي ۽ ايمان کي ڀاڪر پائيندي چيائين:
    ”هي صرف پيار ئي ڪرائي سگهي ٿو. هي تنهنجو گهر وارو آهي يا دوست.“
    ”دوست ۽ ..... پيارو“...
    سندس ائين چوڻ ئي هيو ته مون سندس هٿ جهلي چميو ۽ اکين تي رکيو. “Thank You Eeman!”.
    فوزيه مون کي ڳراٽڙي پائيندي ڳل تي هلڪي چمي ڏني. اسان واپس پنهنجي ٽيبل تي وياسين.
    اسان جو پهچڻ ئي هيو ته تاڙين جي ڦهڪي سان اسان جو آڌرڀاءُ ٿيو. سڀن تعريف ڪئي ته اسان ڏاڍو سٺو ناچ ڪيو آهي. ڇا ٻڌايان ته مون لاءِ هي ناچ نه هيو، جيئري ئي جنت جو سير هيو. ايمان جو رؤن رؤن ۽ هر ساهه خوشبوءَ ۾ ڀريل هيو.
    هاڻي فليمنگو ڊانس شروع ٿيڻ وارو هيو. ڪروز به واپسي جو سانڀو ڪيو. ڏهه لڳي ويهه منٽ ٿي چڪا هيا. اڌ ڪلاڪ جي پروگرام سان واپسيءَ جو سفر هيو. اسپيني فنڪارن پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. اسان جي وهسڪي جي بوتل ختم ٿي چُڪي هئي. وڌيڪ شراب پيئڻ لاءِ مون سڀن کان پڇيو. سڀن جي ناڪار جي باوجود مون پنهنجي لاءِ، شيام ۽ شاهه ديوَ لاءِ هڪ هڪ ڊبل ريڊ ليبل جي پيگ لاءِ چيو. هاڻ دنيا جو ڪو به نَشو مون تي ڪو اثر ڪونه ٿي ڪري سگهيو. ايمان جي قرب جي اڳيان هر اثر ”بي اثر“ هيو! اڌ ڪلاڪ کن ۾ فليمنگو ختم ٿيو ته گهاٽ به اچي ويو. سعيد غزالي بوتل جي جِنَ جيان حاضر ٿيو ۽ مهمانن لاءِ الوداعي جملا چيائين ۽ اُميد ڪيائين ته هُنن پروگرام پسند ڪيو هوندو ۽ هو وري ايندا.
    اسان هوٽل واپس ورڻ لاءِ ساڳي رينٽ -اي-ڪار جي موڪليل ٻن گاڏين ۾ چڙهياسين ۽ پندرهن کن منٽن ۾ واپس هوٽل پهتاسين. سڀن هڪ ٻئي کان موڪلايو. مون چيو ته آئون آئيسس ۾ ويهي هڪ ٻه ڊرنڪ وٺندس. شيام ۽ شاهه ديوَ منع ته ڪئي، پر منهنجي ضد کي ڏسي گڊنائيٽ چئي مٿي هليا ويا ۽ آئون آئيسس ڏي وڌڻ لڳس. مون ڏٺو ته ايمان مون ڏي عجيب نظرن سان پئي ڏٺو پر منهنجي نهارڻ تي مستل سان گڏ لفٽ ڏي وڌي ۽ هٿ سان خداحافظ ڪيائين.


    نيلَ ڪُنوار

    جيئن آئيسس ۾ آيس ته ڪُرسي سنڀاليندي ئي هڪ ويٽر اچي مٿي بيٺو. شايد سمجهيو هوندائين ته هيءُ همراهه پهرين ئي ’ٽُن‘ آهي تنهن ڪري شايد خالي ڪُرسي نه سنڀالي ويهي.
    ”بليڪ ڊاگ - ڊبل - آن راڪز.“ مون آرڊر ڏنو.
    ”برف؟“ ويٽر پڇيو.
    ”ٽاپ اِٽ (ڀري ڇڏ).“ چيومانس.
    ويٽر جهٽ ۾ منهنجو گلاس ٺاهي کڻي آيو. مون ننڍيون ننڍيون چُسڪيون ٺاهي پيئڻ شروع ڪيو. مون کي شراب جي طلب ته شايد ڪانه هئي، پر حُسن جي هِن ديويءَ جي جسم جي مَهِڪَ مون کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو هيو.
    واپس پنهنجي دنيا ۾ ورڻ چاهيم پئي.
    رات جي هِن پَهرَ وڏين هوٽلن ۾ اڪيليون عورتون ۽ ڇوڪريون به ساٿيءَ جي تلاش ۾ ڦرنديون آهن. جتي ڊسڪو هوندو آهي، اُتي گهڻو ڪري جوڙي لاءِ يا اڪيلي مرد لاءِ ته في هوندي آهي، پر اڪيلي عورت لاءِ ڪا فيءَ نه هوندي آهي. ڪجهه عورتون ليپاپوچي ڪري لاؤنج جي ڪنهن حصي ۾ ويٺيون به هيون. هڪ ٻه منهنجي ڀرسان به لنگهيون ته متان هيءُ به شڪاري هجي، پر کين ڪهڙي خبر ته هيءُ پاڻ ويچارو شڪار ٿيل آهي. مومل جي مجازي اکين جي اَنبُورَن جو. جو پاڻ ئي ڪُٺَل هوندو سو ڪنهن ڏي ڇا نهاريندو. هتي ته هوش حواس ۽ لذت جو ڪو دخل ئي نه هيو. هڪڙي قداور، سڊول جسم ۽ ڦوهه جوانيءَ جي حسين شاهڪار اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. مون کي مراڪشي لڳي. مون ڏي پنهنجين وڏين ڪارين اکين سان نهاريندي ۽ مُسڪرائيندي پڇيائين:
    ”اڪيلو آهين؟ ڇا آئون توسان گڏ ويهي سگهان ٿي؟“
    ”مون کي معاف ڪجانءِ- هڪ حسين عورت کي جواب ڏيندي ڏک ٿو ٿئيم پر آئون تنهنجي ڪم جو نه آهيان.“ مون کي پنهنجو ئي آواز ڄڻ پولار مان پئي آيو.
    ”پر ويهي ته سگهان ٿي. جي ڪمري ۾ نٿو وٺي وڃڻ چاهين ته ڊسڪو ۾ تنهنجي ساٿي ٿي سگهان ٿي. ڪا فيءَ ڪانه وٺندم.“ مراڪشي حسينه مُشڪندي پنهنجي پيشانيءَ تي آيل آواره وارن کي جهٽڪيندي چيو.
    ”ٻڌ!“
    ائين چئي آئون اُٿي بيٺس ۽ سندس هٿ جهليندي سندس اکين ۾ ڏسندي چيم:
    ”تنهنجو ويهڻ مون کي وڌيڪ اُداس ڪندو. آئون هِن ويلَ جنهن ڪيفيت ۾ آهيان، تون ڪونه سمجهندئين. مهرباني ڪري مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“
    کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ سو ڊالر جو نوٽ ڪڍي سندس هٿ جي تريءَ تي رکندي سندس مُٺ بند ڪندي کيس التجا ڪيم:
    ”هيءَ تنهنجي مهربانيءَ جي فيس يا منهنجي طرفان تحفو. جو به سمجهين. پرپليز! وڃ!!“
    ”منهنجو نالو سعديه آهي. مراڪشي آهيان. هيءُ منهنجو ڪارڊ ته رکي وٺ. انهيءَ تي منهنجا نمبر لکيل آهن. منهنجو هتي فليٽ آهي پاسي ۾. مون کي هِنن سو ڊالرن جي ضرورت ڪانهي پر تنهنجو تحفو سمجهي رکان ٿي. هينئر تون ڏُکي ٿو لڳين. جڏهين به فون ڪندين ته آئون اچي وينديس. وڻيو آهيون اجنبي!“ سعديه اُداس مسڪراهٽ ڏيندي چيو ۽ ڊيل جي چال هلندي ڊسڪو ڏي هلي ويئي.
    آئون ويهي رهيس ۽ بليڪ ڊاگ جون هلڪيون هلڪيون چُسڪيون هڻڻ لڳس. نه ڄاڻ ڪيڏيءَ مهل اکيون بند ڪري جهونگارڻ لڳم:
    اک جلے دیپک، اک مَنِ مورا
    پھر بھی نہ جائے مورے من کا اندھیرا....
    هن گاني ۾ الاهي ڪهڙو درد آهي. جڏهين ياد ايندو اٿم ته اکين مان ڳوڙهن جو آبشار وهڻ لڳندو آهي. آواز ته جهَڪو ئي رکيم، پر اکين ۽ دل تي قابو ڪونه رهيو. اوچتو ئي پنهنجي هٿ تي هڪ نرم و نازڪ هٿ محسوس ڪيم.
    حواسن ڄاتل خوشبوءَ جي واس کي سڃاتو. هي ڇا.....؟
    منهنجي ڀر واريءَ ڪرسيءَ تي ايمان الائي ڪيڏيءَ مهل اچي ويٺي هئي ۽ منهنجي بند اکين مان وهندڙ لُڙڪ ڏسي، کانئس قابو نه ٿيو. منهنجي هٿ تي هٿ رکي پنهنجي هئڻ جو يقين ڏياريائين.
    مون اکيون کوليون.
    ايمان منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي پنهنجي ياقوتي چپن سان لاتو. ور ور ڏيئي چُمندي ويئي ۽ چوندي ويئي: ”احمد .... احمد .... پليز .... نه ڪر، ڇو ڏُکي ٿيو آهين؟ آئون ته ڏاڍي خوش آهيان جو تو جهڙو دوست مليو آهي. تون ڇو اُداس آهين.“
    ”شاڪيهءِ منيءَ ..... يار ...... شاڪيهءِ منيءَ“ ڀُڻڪيم.
    ”ڇا مطلب؟“ هُن پڇيو.
    ”دُکم.... سروم دُکم....“ ڄڻ پاتال مان پئي ٻوليس.
    هُن مون ڏي سواليه نظرن سان ڏٺو. سندس اکين ۾ ڪيئي سوال نظر آيم.
    ”ڇڏ يار! هي منهنجي مٿي جو خلل آهي. آئون ورهين کان گوتم ٻُڌ جي انهيءَ فلسفي ۾ ڦاٿل آهيان ته جو آهي سو ڏک آهي..... ڇڏينس....“ چيومانس.
    ايمان جي اچڻ مون کي ڄڻ زندگيءَ ڏي واپس آندو هجي.
    ”ٻاهر هلون. نيلَ ڪناري پسارَ ڪريون.“ ايمان چيو.
    مون شرارت ڀريل نظرن سان هُن ڏي ڏسندي چيو:
    ”پر هِن وقت ته صرف پيار ڪندڙ جوڙا ئي ڇٻر تي، بئنچ تي ڪنهن ڪنڊ ۾ مصروف هوندا. توسان گڏ هلندي عجيب ٿو لڳي.“
    ”آئون پنجويهن سالن جي جوان عورت آهيان. مون جنهن معاشري ۾ اک کولي آهي اُتي اِهي ڳالهيون معيوب ڪونه سمجهيون وينديون آهن. ثبوت کپيئه ....!!“ ائين چوندي ئي ايمان پنهنجي اڇي کير جهڙي ٻانهن منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي پاڻ ڏي ويجهو ڪندي پنهنجا ياقوتي لَبَ منهنجن چپن تي رکيا. سندس لبن جي مٺاس ۽ وجود جي خوشبوءَ قوس و قزح جي تمام رنگن کي منهنجي اندر ۾ ڀري ڇڏيو. رنگن ۽ خوشبوءَ جي واس مون کي ڄڻ حواسن کان بيگانو ڪري ڇڏيو.
    ”بس! هاڻ اُٿي! ڪجهه واڪ ڪريون. پر هيءُ قربت جو اظهار صرف توکي ٻڌائڻ لاءِ هيو ته مون کي توتي اعتبار آهي. وڌيڪ ڪجهه نه سمجهجانءِ.“ ايمان چيو.
    ”هلو“.
    مون ڳيت ڏيئي گلاس خالي ڪيو ۽ ويٽر کي گهرائي بل ادا ڪري ٻاهر نڪتاسين. هوٽل کان نڪرندي ئي پنجن منٽن جي واڪ تي نيل نديءَ جو سرسبز ڪنارو هيو. اسان واڪ ڪرڻ لڳاسين. فرحت بخش ٿڌڙي هوا شراب جي نشي کي مدهوشيءَ جي حالت مان ٿڌڪار ۽ سڪون ۾ آڻي ڇڏيو. يا ته وري ايمان جو ساٿ هيو جو خُمر مان دلڪشي ۽ رنگيني ڏي وٺي ويو. رات جو هڪ ٿيڻ تي هيو. ٽريفڪ جو گوڙ ذري گهٽ گهٽجي وڃي ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن موٽر ڪار جي آواز تي پهتو هيو. چوڦيريءَ لڳل وڏيون بتيون به هاڻ وسامڻ شروع ٿيون هيون. نديءَ ڪناري سبزه زار تي روشنيون هونئن به ڌيميون هيون. اسان هلڻ لڳاسين. ڪجهه دير ته بلڪل سانت هئي. جذبا لفظن جا محتاج نه هوندا آهن ۽ ايمان مون ۾ پنهنجن لبن سان تمام مڌرتا ڀري چُڪي هئي. اُنهيءَ مٺاس جو احساس منهنجي رؤن رؤن ۾ رچيل هيو. نه ڳالهائيندي به سڀ ڪجهه چئي چُڪي هئي.
    ”ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي!“ ايمان چيو.
    ”ها! تون آهين تنهنجو واس آهي. هر شيءِ چِٽي ۽ روشن ٿي لڳيم. ڪجهه دير پهرين جا اُداسي ڇانيل هئي. اُها ڄڻ هئي ئي ڪانه.“ مون وراڻيو.
    ”پر ٿيو ڇا هيو؟ ڪروز تي ڏاڍو خوش پئي لڳين.“ چيائين.
    ”يار! مون سوچيو به ڪونه هيو ته تون مون کي پسند ڪندينءَ. ايڏو قُرب ڏيندينءَ. خوش ٿيس. پر وري جڏهين پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏي وياسين ته چوڦير مون کي انڌيرو لڳو. لمحن جي خوشيءَ کي آئون دوام ڏيڻ تي قادر ڪونه آهيان. انهيءَ احساس مون کي اندر ۾ وڍَ پئي ڏنا.“ چيم.
    ”مون سان شادي ڪندين؟“ ايمان هلندي هلندي بيهي رهي ۽ منهنجو هٿ پڪڙي مون ڏي نهارڻ لڳي.
    آئون هڪو ٻڪو ٿي ويس. سُڌم ڪونه ته ڇا چوانس. پر پاڻ کي سنڀاليندي چيومانس:
    ”منهنجي شادي ٿيل آهي. منهنجا ڇهه خوبصورت ٻار به آهن.“ مون کيس حقيقت ٻڌائي.
    ”تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون کي انهيءَ حقيقت جو ادراڪ ڪونه هوندو!! يا پنهنجي گهرواريءَ جي پيار، ٻارن جي محبت ۽ ذميواريءَ جي احساس ۽ منهنجي قرب جي طلب جي وچ ۾ ورهايل آهين...... ٻه واٽو؟.....!! ائين نه آهي..... فڪر نه ڪر..... منهنجو پيار لامحدود آهي.... ونڊجڻ سان گهٽبو ڪونه...... شام يا پاڪستان، جتي چوين شادي ڪريون. تون ڀلي پنهنجن ٻارن سان وڃي رهه. تنهنجي قرب جي لمحن کي آئون زندگي ڀر ساهه سان سانڍي رکنديس.... پر، بس، هاڻ هن موضوع تي ڳالهه بند. وري ڪنهن ويل جواب ڏجانءِ. نه ڏنئه، ته به آئون توکي دوش ڪونه ڏينديس. پيار جي تڪميل جسمن جي ميلاپ جي محتاج ڪانهي.“
    ايمان ائين چوندي ئي هڪدم ٿڌو ساهه ڀريندي ۽ ڳالهه مٽائيندي چيو:
    ”توکي ته نيل نديءَ جون ڪيئي ڪٿائون ياد آهن. ڪجهه وري ٻڌاءِ نه.“
    مان هيڪر ته جو ڪجهه ايمان چيو، اُن جي گهرائيءَ ۾ گُم هئس. هيءَ ته ڄڻ صدين جو سفر ڪندڙ لازوال روح هيو. اهڙيون ڳالهيون هِن عمر ۾ ڪيئن ڪري سگهي ٿي.
    ”ڪٿي آهين؟“ سُرَ ۽ تَالَ جو پڙلاءُ ڪَنن تي پيو.
    ”نيل ندي...... ها، نيل ندي.... اڄ جڏهين سعيد اوسيرس ديوتا ۽ آئيسس ديويءَ جي ڪٿا بيان پئي ڪئي ته توکي ياد آهي ته هُن اِهو به چيو هيو ته قديم مصري جڏهين نيل نديءَ ۾ چاڙهه ايندي هئي ته اُن کي آئيسس جي ڳوڙهن جي ڪري درياءَ جو ڀرجڻ ۽ اُٿلڻ سمجهندا هئا. پر هڪ ٻيو پاسو به آهي هِن آکاڻيءَ جو. اوسيرس مرڻ کان پوءِ آئيسس جي جادوءَ جي زور تي جيئرو ٿيو ۽ آئيسس سان جسماني وصال ڪيائين. پوءِ مري ويو. مري ويل اوسيرس پاڻ کي ته زنده فرعون ۾ اوتي ويو. ديوتائن هُن کي نيل جي وادي جي سرسبزي ۽ شادابيءَ جو مالڪ ڪيو، پر مرڻ کان اڳ جو هُن هڪ حسين عورت جي جسم جي لذت آشنائي جو آخري فعل ڪيو تنهن ڪري سندس روح هميشه عورت سان وصال ڪرڻ جي تڙپ ۾ رهيو. جڏهن نيل نديءَ ۾ سوڪهڙو ايندو هو ته قديم مصري تمام وڏي اهتمام سان هڪ مذهبي رسم ادا ڪندا هئا ته نيل نديءَ جو مالڪ پنهنجي آئيسس سان وصال لاءِ آتو آهي. اوسيرس کي ڪنوار جي ضرورت آهي. اوسيرس کي راضي ڪرڻو آهي، تڏهين ئي نيل نديءَ راضي ٿيندي ۽ وَهندي. هر سال نيل نديءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ موجوده قاهره جي ڀرسان اُن وقت جي مشهور شهر ”ميمفس“ جي وڏي معبد ۾ جشن برپا ٿيندو هيو. نيل ڪنوار کي تمام وڏي اهتمام سان سينگاريو ويندو هيو ۽ شاديءَ جي ڳيچن توڙي نيل نديءَ جي قصيدن کي پوڄاري ۽ ٻيا پوئلڳ ڳائيندا، هڪ نوجوان حسين ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ کي نيل درياءَ ۾ ڦٽو ڪري ايندا هئا ته ديوتا خوش ٿئي، نيل ندي روان دوان رهي. هي ڪُڌي رسم هلندي رهي، تان جو عمرو بن العاص، حضرت عمر ابن ابي خطاب جي دورِ خلافت ۾ مصر تي فتح حاصل ڪئي. عمرو بن العاص جو لشڪر ميمفس شهر کان ويجهو ئي خيمه زن ٿيل هيو، جو پوءِ موجوده قاهره جو فسطاط وارو حصو سڏرائي ٿو. عمرو بن العاص کي جڏهين هِن ڪُڌي ڪم جي خبر پيئي ته انهيءَ رسم تي پابندي هڻي ڇڏيائين ۽ گڏ ئي خليفي کي لکي موڪليائين ته نيل ندي سُڪڻ لڳي آهي. قديم رسم مطابق هِن سال به مصرين نيل کي ڪنوار جي ڀيٽا ڏيڻ جي رسم پئي ڪئي پر مون اُن کي سختيءَ سان روڪرائي ڇڏيو آهي. نيل سُڪندي وڃي ٿي. مقامي ماڻهن جي مطابق نيل ندي ۽ ديوتا ناراض ٿي ويا آهن. منجهن تاءُ پيل آهي. توهان ڏي احوال عرض ڪريون ٿا ته ڪهڙو تدارڪ ڪجي. روايت آهي ته خليفة المسلمين عمر ابن ابي خطاب نيل نديءَ کي مخاطب ٿي خط لکيو:
    ”الله جي ٻانهي ۽ مسلمانن جي امير عمر ابن ابي خطاب جي طرفان نيل نديءَ ڏي....
    بعد از حمد و صلوٰة معلوم ٿئي ته تون اِها آهين جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان نه ته وهڻ جو اختيار آهي نه ئي رُڪڻ جو. تون حڪم الاهي جي پابند آهين. آئون الله جو بندو، رسول عربي جو خادم ۽ مسلمانن جو امير ۽ خليفو توکي اُن مالڪ جي نالي تي حڪم ٿو ڏيان ته وَهي وڃ ۽ مصر کي سرسبز ۽ شاداب ڪر ۽ خدا جي مخلوق جو ڀلو ڪر. بيشڪ الله تبارڪ و تعاليٰ جي فرمانبردارن تي الله جي رحمت وسندي آهي.“
    چون ٿا ته عمرو بن العاص جيئن اِهو خط مصرين جي مجمع جي سامهون نيل نديءَ ۾ ڦِٽو ڪرايو ته ڏسندي ئي ڏسندي درياءَ ۾ چاڙهه آيو ۽ ڪنارا ڀرجي ويا.
    ”ها، مون به پڙهيو آهي.“ ايمان چيو.
    ”هن روايت جي به ڪا مستند تاريخ ڪانه ٿي ملي، پر هلندي اچي. نيل سان ته هونئن به ايڏيون ته ڪٿائون وابسته آهن جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو آهي.“ مون چيو.
    ”هيءَ ته ڪٿا آهي. پر هِن نديءَ سان فاطمي خليفن، مملوڪ ۽ وري مشهور جنگجو مملوڪ سلطان ۽ امير البحر بيبرس، توڙي نيپولين جهڙو عظيم فاتح، جو نيل نديءَ جي سحر ۾ گرفتار هيو، انهن سڀن جون ڪٿائون ۽ تاريخي حقيقتون وابسته آهن. نيپولين ته نيل نديءَ جي سحر ۾ ايڏو مبتلا هيو، جو جڏهين هو سينٽ هيلنا جي جزيري تي نظر بند هيو ته به پنهنجي هٿن سان ويٺو نيل نديءَ تي بندن ۽ نهري نظام جا نقشا ٺاهيندو هيو. ويندي نهر سوئيز جا الاهي پوءِ ٺهي اُن جو خاڪو به نيپولين جي ذهني ڪاوش هئي.“
    ”واپس هلون.“ ايمان چيو.
    ”هلو.“ ۽ اسين واپس هوٽل ڏي ورياسين.


    اھرامِ مصر ـ خوفو

    هوٽل واپس اچي اسان هڪٻئي کي الوداع چئي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ڏي وياسين. ٻئي ڏينهن ٻارهين وڳي تائين سرڪاري پروگرام يعني سينڊيڪيٽ هئا. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ٽين وڳي جيزا (Giza) ڏي هلڻو هو. جيزا هاڻي قاهره شهر کي ويجهو ٿي ويو آهي. جيزا، جتي دنيا جي مشهور ستن عجوبن مان هڪ يعني اهرامِ مصر موجود آهن. اِهي اهرام هونئن ته مصر ۾ ڪافي هنڌن تي لڌا ويا آهن پر اوچائي، عمارت سازي ۽ حساب دانيءَ جو بهترين عجوبو جيزا ۾ ٺهيل فرعون خوفو جو آخري آرامگاهه ’هرمِ خوفو‘ آهي. هڪٻئي سان لڳ ئي اهرام آهن، جن ۾ وڏي ۾ وڏو ’خوفو‘، انهيءَ کان ننڍو ’خفرع‘ ۽ سڀ کان ننڍو ’منڪائوس‘ آهي. جيئن سينڊيڪيٽ ڪلاس ختم ٿيو ۽ مانجهاندي تي گڏ ٿياسين ته سڀن کي اُڻ تُڻ هئي ته هاڻ مانيءَ کان پوءِ هوٽل هلي اڌ مُنو ڪلاڪ آرام ڪري، پوءِ ڪوسٽرن ۾ چڙهي دنيا جي هڪ عجوبي کي ڏسڻ هلنداسين. هونئن ته آئون گهڻو ڪري ڪلاس روم ۾ به جينز (Jeans) پائيندو هئس، پر هلڻ مهل الائي ڪهڙو خيال آيو جو شلوار قميص ۽ مٿان واسڪوٽي پاتم. هيٺ لاؤنج ۾ آيس ته گهانا جي جيڪب، مستل، تائيوان وارن دوستن ۽ ايمان ڊريس جي باري ۾ پڇيو. جيڪب ته رکي رکي پڇيو ته ڪيئن ٺهندي آهي ۽ ڪٿان ملندي.
    ”ڇا پاڪستان وڃي مون لاءِ هڪڙو اهڙو جوڙو موڪلي سگهندين ۽ گهڻي قيمت ٿيندي؟“ جيڪب اهڙي ته معصوماڻي انداز ۾ چيو جو مون سندس هٿ جهلي کيس چيو:
    ”قيمت ڪا ڪانهي. جي چوين ته آئون توکي پاڪستان مان موڪلي ڏيندس، منهنجي طرفان تحفو. پر توکي خبر ڪانه پوندي ته شلوار کي استري ڪيئن ٿيندي. منجهس هيءَ رسي جنهن کي اسان اَڳٺ چوندا آهيون ڪيئن پوندو. مون وٽ هڪ ٻيو جوڙو به آهي، جي قبول ڪرين ته هينئر ئي منهنجي ڪمري ۾ هل. اڃان وڃڻ ۾ ڏهه منٽ آهن. تنهنجي لاءِ اَڳٺ وجهي توکي سمجهائي به ڇڏيان.“
    جيڪب کي ٻانهن مان جهلي کيس مٿي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس. هُن اُتي ئي جينز ۽ شرٽ مٽائي شلوار قميص پاتي. رکي رکي سامهون لڳل قد آور آئيني ۾ ڏسي ۽ وَر ورَ ڪري چوي: ”مرسي ..... مرسي merci.....“ ذري گهٽ سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مون چيو:
    ”هاڻ هلو، سڀن کي دير ٿيندي هوندي.“
    جيڪب مون کي ڳراٽڙي پائي ڳلن تي ۽ نرڙ تي چُميون ڏنيون ۽ ٽٽل ڀڳل انگريزيءَ ۾ چيائين ته هو اِها مهرباني ڪڏهين ڪونه وساريندو.
    اسان هيٺ آياسين ته سڀ هلڻ جي تياريءَ ۾ هئا. آرڊو جي عملدار انور سان گڏ هڪ اڌڙوٽ عُمر مصري مهانڊي ماڻهو ويٺل هيو، جنهن لاءِ انور ٻڌايو ته سندس نالو ’غالب‘ آهي ۽ هو قاهره ۾ سياحت کاتي طرفان رکيل گائيڊز مان هڪ آهي. آرڊو وارن اڄ جي ٽوئر لاءِ سياحت کاتي کان کنيو آهي. انور وڌيڪ ٻڌايو ته غالب اهرامن تي ڪافي ڄاڻ رکندڙ آهي ۽ اميد آهي ته سڀ ساٿي سندس ڄاڻ مان فائدو وٺندا.
    رستي ۾ ڳالهيون ڪندا اڌ- مُنَي ڪلاڪ ۾ جيزا پهتاسين. اهرامن ۽ ابوالهول کان ڪجهه پري ئي پارڪنگ جي جاءِ هئي. ڪوسٽرن مان لهي غالب جي سرواڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين ’هرم خوفو‘ تي پهتاسين. سڄي گروپ کي ڪٺو ڪري غالب ٻڌائڻ شروع ڪيو:
    ”مصر ۾ جيزا (Giza)جا اهرام دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهن. انهن اهرامن جي جوڙجڪ عجب ۾ وجهندڙ ۽ وڏي حيران ڪندڙ آهي. اڄ جي جديد دور ۾ جتي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ايڊوانس ناليج آهي. باوجود ان جي انهن اهرامن جهڙو ڪو ٻيو ٺاهي نه سگهيا آهن. توڙي جو جاپاني حڪومت ننڍي پيماني تي ڪوشش ضرور ڪئي پر اڄ تائين ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. انهن اهرامن جي جوڙجڪ (Structure) انسان ذات لاءِ هميشه کان هڪ راز ئي رهيو آهي. 51 صدي قبل مسيح ۾ يوناني تاريخ دان هيروڊٽس پنهنجي لکڻين ۾ عظيم اهرامن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته: ”هڪ لک ماڻهن 20 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هنن اهرامن کي ٺاهڻ ۾ حصو ورتو. ڪن ڪتابن مطابق 120 سالن جي عرصي ۾ اهرامن جي تعمير ٿي.
    مصر جي فرعونن کي پنهنجي لاءِ وڏيون عمارتون ۽ يادگار ٺهرائڻ جو وڏو شوق هوندو هو. ۽ ان لاءِ اهي غلامن کي استعمال ڪندا هئا. مصر جا تاريخي اهرام جوڙائڻ لاءِ غلامن جي فوج کي پٿر ڍوئڻ جي ڪم تي لڳايو ويو. اهي اسوان جي هنڌ تان جتي هن وقت مشهور اسوان ڊيم قائم آهي، اسي لک پٿرن جون هر هڪ اڍائي ٽن وزني وڏيون ڇپون، نو سؤ اسي ڪلوميٽر جي پنڌ تان کڻي قاهره آيا. هرم (اهرام جو واحد) تعداد ۾ نَوَ آهن، جن مان ڇهه ننڍا ۽ ٽي تمام وڏا ۽ جهان ۾ مشهور آهن. اُهي ڇِپون غلامن هڪ ٻئي تي ڄمائي بادشاهه ۽ راڻيءَ جي آخري آرامگاهه جي عمارت جوڙي، جنهن ۾ انهن جا حنوط ٿيل لاش دفن ڪيا ويندا هئا. اصل دفن گاهه ڪافي وڏو آهي جيڪو پٿر جي صرف پنجن وڏين ڇپن سان ٺهيل آهي. انهن مان چار ڇپون چؤديواري ٺاهن ٿيون ۽ پنجين ڇت وانگر انهن تي رکيل آهي. ڇت واري ڇپ جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي اندازي لاءِ ايتري ڄاڻ ڪافي آهي ته اها سنگ مرمر جي آهي ۽ ان جي مٿان ئي هرم جو سڄو وزن آهي. هرم جي چوٽي زمين جي سطح کان چار سؤ پنجاسي فوٽ بلند آهي ۽ ڪيترن ئي لکين ڇپن جو سمورو وزن انهيءَ هڪ ڇپ تي آهي، جن کي هيءَ پنجن هزارن سالن کان وٺي کڻي بيٺي آهي.
    اهرامن کان چند سؤ والن جي فاصلي تي ڪيتريون ئي ڇپون بيقاعدگيءَ سان هڪ ٻئي تي وکريلون پيون آهن. اهي تهه خانا آهن جيڪي زمين کوٽي اندر ئي اندر ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين بنايا ويا آهن. ٽيويهه هزار غلام ٽيهن سالن تائين تقريباً هڪ هزار ميلن کان انهن ڇپن کي پنهنجي پٺين تي رکي ڍوئيندا رهيا. روزانو ٽولن جا ٽولا انهن جي هيٺان اچي چٿبا رهيا ۽ روزانو سوين غلامن جي موت جو اطلاع فرعون جي خدمت ۾ پهچايو ويندو هو. اهي ماڻهو غلامن جي لاشن کي هڪ کَڏَ ۾ پوري انهن جي جاءِ تي ٻين غلامن کي وٺي ايندا هئا. هاڻي ته صرف پٿر آهن جيڪي هڪ ٻئي مٿان انهن جي وسيع ۽ ويڪري اجتماعي قبر تي وِکريا پيا آهن. هيءَ قبر فرعون جي ئي حڪم تي انهيءَ مقبري جي پاسي ۾ ٺاهي وئي هئي. ان جو مقصد هو ته هيءَ ماڻهو جيڪي زندگيءَ ۾ سندس غلام هئا، سي مرڻ کان پوءِ به نه صرف انهن جا جسم بلڪه انهن جا روح به سندس غلاميءَ ۾ رهن.
    مصري اهرامن کي چار ٽڪنڊا پاسا ۽ هڪ چوڪور بنياد اٿس جيڪو 13 ايڪڙ ن تي مشتمل آهي. اهرامن جي اصلوڪي لمبائي 485 فوٽ آهي پر وقت گذرڻ سان ان جي ڊيگهه گهٽجي 450 فوٽ تي رهجي وئي آهي. چوڪور بنياد جو هر پاسو 755.5 فوٽ آهي. اهرام جي ڪُنڊ 51 ڊگري، 51 منٽ ۽ 143 سيڪنڊ آهي. اهرام ۾ تقريباً 2.5 ملين پٿر استعمال ٿيل آهن. پٿرن جا وڏا وڏا بلاڪ مهارت سان اهڙيءَ طرح تراشيل ۽ رکيل آهن جو انهن جي وچ ۾ هڪ ڪريڊٽ ڪارڊ رکڻ جي به گنجائش ڪانهي. تمام بلاڪ چُن جي پٿر سان اوساري ۽ پلستر ٿيل آهن جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ صحرا ۾ تارن جيان چمڪن ٿا.
    هونئن ته اهرامن جي باري ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون حيران ڪندڙ آهن پر سڀ کان پهرين جيڪا شيءِ دريافت ٿي اهو هو قطب نما سان مشابهت جو هجڻ. مطلب ته اهرام جون چارئي ڪنڊون اولهه، اوڀر، ڏکڻ اترجون ڏس ڏين ٿيون.
    وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي اهرام قطب نما جي بانيءَ جي ڄمڻ کان 4000 سال پهرين تعمير ڪيا ويا. انهيءَ قطب نما جي ڪماليت مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٺاهڻ واري کي طرف معلوم ڪرڻ جو ڪو ٻيو طريقو هيو يا وري اُهي ڪنهن انسان ذات لاءِ ٺاهڻ ناممڪن آهي. عظيم اهرام دنيا جي وڏي تعميرات مان هڪ آهن. جنهن لاءِ ماهر تعمير هڪ اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪئي جيڪا ان عظيم عمارت کي وڌيڪ عرصي لاءِ قائم رکي پئي سگهي. چئي سگهجي ٿو ته انهن اهرامن کي ٺاهڻ وارا دنيا جا بهترين ماهر ارضيات هئا جن هڪ بهترين جڳهه ڳولهي.
    اهرام ڇو ٺاهيا ويا؟ ان باري ۾ ڪيترائي رايا آهن. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته 3350 قبل مسيح ۾ فرعون Khufu پنهنجي مقبري لاءِ اهرام ٺهرايو. ڇوته انهيءَ کان اڳ مصر جي ڪيترن ئي بادشاهن جا.جيڪي به اهرام لڌا ويا آهن اُهي زير زمين هئا. ڪجهه تاريخدانن جو اهو به خيال آهي ته عظيم اهرامِ مصر هڪ اڳتي وڌيل تهذيب جو ڇڏيل هڪ ٽائيم ڪيپسول آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان تهذيب جا ڪجهه اڳواڻ انهن اهرامن جي ذريعي مستقبل جي تهذيبن لاءِ ڪو پيغام ڇڏڻ چاهيندا هجن.
    اهرامن جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون پڻ مشهور آهن. Max toth پنهنجي ڪتاب ۾ اهرامن جي باري ۾ هيئن لکي ٿو: ”اهرامن جا پاسا يا ڪنڊون موسمن جي ۽ وقت جي تبديليءَ جا اهڃاڻ آهن. اولهه ۽ اوڀر وارا پاسا روشني ۽ اونداهه کي ڄاڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ۽ اتر ۽ ڏکڻ وارن پاسن مان سردي ۽ گرمي جو پتو پئجي ٿو. اهرامن جو بنياد نمائندگي ڪري ٿو: بنيادي عنصرن هوا، پاڻي، باهه ۽ مٽيءَ جو جنهن سان انساني جسم ٺهيو آهي. انهيءَ کان علاوه اهرام ۾ موجود ٽي چيمبرس نمائندگي ڪن ٿا انسان جي ٽن اهم عضون، دل، دماغ، ۽ جنسي عضون جي.“
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته عرب اُهي پهريان ماڻهو هئا جن اهرامن ۾ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. بغداد جي خليفي مامون الرشيد 820 عيسوي ۾ پنهنجي فوج کي اهرامن جي کوٽائي لاءِ مقرر ڪيو، ته جيئن هو ان جو دروازو کولي ان ۾ اندر داخل ٿي سگهن پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. خليفي کي اِها اميد هئي ته کيس اهرام مان خزانو حاصل ٿيندو ڇوته پراڻين ڳالهين ۽ ڏندڪٿائن مان اهائي خبر پيئي ٿي ته اتي خزانو دفن ٿيل آهي. خليفو خزانو ته نه ڳولهي سگهيو پر بادشاهه جي چيمبر مان انهن کي سنگ مر مر جو ٺهيل تابوت هٿ آيو، جنهن تي ڪابه لکت اُڪريل نه هئي.
    نيپولين بوناپارٽ 1797ع ۾ مصر کي فتح ڪيو ۽ ڪيترن ئي تحقيقدانن کي عظيم اهرامن کي جانچڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ کوجنا جي نتيجي ۾ روز ويٽا اسٽون لڌو جيڪو قديم مصري لکت ڳولڻ ۾ ڪارآمد رهيو.“
    غالب ٻڌائيندو رهيو ۽ اسين خاموش ٻڌندا رهياسين.
    ”خوفو جي اهرام ۾ ٽيويهن لکن کان وڌيڪ بلاڪ استعمال ٿيا آهن، جن مان هر هڪ جو وزن ٽي ٽن کان گهٽ نه آهي ۽ ڪي ڪي بلاڪ ته ويهن ٽنن جا پڻ آهن. هرم خوفو جي وچ منزل ڌاري فرعون خوفو جي آرامگاهه آهي جنهن ۾ ٽي چيمبر آهن. هرم جو اِهو حصو جتي خوفو دفن ٿيل آهي، تنهن جي دروازي نما لنگهه جو اُتر ڏي منهن آهي. اُتر ڏي منهن علامت آهي ته قطب تاري جيان رستو ڏيکاريندڙ آهي. جڏهين مئل فرعون جيئري فرعون جي روپ ۾ ايندو ته اُتر کان راهه نما ٿي ايندو.“
    ”وري هڪ عجيب ترين ڳالهه ٻڌايان ته روشنيءَ ۽ لنگهه جو اهڙو ته انتظام ٿيل آهي جو جڏهين خوفو جي پيدائش جو ڏينهن ايندو آهي ته سج جو پهريون ڪِرڻو خوفو جي مرقد جي اندرئين چيمبر ۾ سندس آخري آرامگاهه تي اچي پوندو آهي. چوندا آهن ته فراعين ديوتائن جي اولاد هئا ۽ خوفو سج ديوتا يعني ’رع‘ ديوتا جو پيارو هيو. جي ديوتائن واري ڳالهه نه به مڃون ته به حساب داني جو ڪمال آهي ته 364 ڏينهن نه پر 365 هين ڏينهن تي اندرئين چيمبر ۾ سج جو پهريون ڪِرڻو اچي پوندو آهي.“
    اوچتو انور جو آواز آيو:
    ”سج لهڻ وارو آهي. جلدي سان ٻه ٻيا اهرام به ڏسي وٺو ته شام جي روشني ۽ رنگن جي بارش ۾ ابوالهول تي ٿيندڙ پروگرام جو لُطف وٺي سگهون. ائين اسين ٻه ٻيا اهرام يعني خفرع ۽ منڪائوس جلدي جلدي ڏسي واپس ورياسين. واپسي ۾ جتي ڪوسٽر بيهاريا هئاسين اُن کان پهرين ئي ابوالهول جو جسيم مجسمو هيو.


    جيزا جي هڪ شام ـ ابوالهول

    ابوالهول جي مجمسي جي هڪ پاسي وڏي ميدان ۾ ٿيئٽر ۾ ويهڻ لاءِ جيئن ڪرسيون رکجن، ائين ئي ڪُرسيون رکيل هيون. جتان کان سامهون واريون ڪُرسيون شروع ٿي ٿيون، تنهن کان اڳ ٻنهي پاسن کان ڪرسين جون ڪجهه قطارون هيون. اُنهيءَ سيٽ اپ کان اڳڀرو هڪ پاسي سازندا ويٺا هئا ته ٻئي طرف رنگ برنگي روشنين ۽ تِروَرن جي کيڏَ لاءِ بتيون ۽ ڪي مشينون رکيل هيون، جن مان ڪن جو مُنهن اسٽيج جي طرف هيو، ته ڪِن کي مختلف طرفن ڏانهن ڪجهه مٿڀرو توڙي آسمان ڏانهن منعڪس ڪيو ويو هيو. سندن هلائڻ وارو نظر ڪونه ٿي آيو. پوءِ خبر پيئي ته رنگن ۽ آواز جي تاثر توڙي پروگرام سان هي ڪمپيوٽر تي هم آهنگ ٿيل سلسلو هيو. جي بيلي ڊانسر آئي ٿي ته رنگن ۽ روشنين جو امتزاج اُنهيءَ طريقي تي ٿيل هيو. جي ابوالهول ۽ خوفو فرعون توڙي اهرامن جي جوڙجڪ جو بيان ٻڌائڻ وارو آيو پئي ته هر ذڪر تي روشنين جو فوڪس، ڪِرڻا، رنگَ توڙي چِٽائي خودبخود پئي تبديل ٿي. اڃان سج شفق جي هُن پار ڪَني هنئي هئي. ڪافي روشني هئي. خبر پيئي ته پروگرام تڏهين شروع ٿيندو جڏهين روشني اونداهيءَ جي آغوش ۾ آرامي ٿيندي. ڇوته مصنوعي رنگ برنگي روشنيءَ جو تاثر تڏهين ئي چِٽو ٿيندو.
    ايمان، مستل، جيڪب، مريم ۽ ٻين ڪجهه دوستن فوٽو ڪڍڻ جي ڪئي. مون ڪيميرا ڪانه آندي هئي. اُتي رکيل ڪافي سارن وقتي کوکي نما دوڪانن مان هڪ تان ڪوڊيڪ جي هڪ Disposable ڪيمرا ورتم. ائين اسان جو فوٽو سيشن شروع ٿيو. جيڪب کي صبح جو جيڪا شلوار قميص ڏني هئم اُنهيءَ کيس اهڙو ته متاثر ڪيو جو سڄي شام ۾ شايد ئي ڪو مون کان پري ٿيو هجي. تنهن وري هڪڙي پولورائيڊ ڪيمرا واري کي سڏي کيس اسان ٻنهي جو فوٽو اهڙي طريقي سان ڪڍڻ جي فرمائش ڪئي جو پس منظر ۾ ابوالهول ۽ ٽيئي اهرام اچي وڃن ۽ ٻه فوٽو هجن جيئن هڪ هو پاڻ وٽ رکي ۽ هڪ مون کي ڏئي. فوٽو نڪتا ته هڪ مون کي ڏيئي چيائين:
    ”هن جي پويان تون هيءُ فوٽو منهنجي نالي ڪر.“
    مون فوٽو جي پويان لکيو:
    ”پياري دوست جيڪب جي نانءُ، جنهن جو اندر چنڊ جيان چمڪندڙ ۽ سج جيان روشن آهي.“
    نالو لکي سندس حوالي ڪيم. پڙهي اکيون آليون ٿي ويس، چيائين:
    ”آئون پنهنجي گهر وڃي ٻارن ۽ زال کي ڏيکاريندس. هيءُ فوٽو ڊرائنگ روم ۾ رکندس ته هڪ پاڪستاني دوست به اٿم جو پنهنجي نالي جيان روشن دل ۽ دماغ رکي ٿو.“
    ”تنهنجي مهرباني، جيڪب.“ وراڻيومانس.
    ايتريءَ دير ۾ ٻيا دوست به اچي ويا. انهيءَ پس منظر کي ايڏو ته پسند ڪيائون جو سڀن وري انهيءَ ساڳي جاءِ تي ائين ئي فوٽو ڪڍايا جو ابوالهول ۽ اهرام صاف نظر اچن.
    ايتري دير ۾ انور ۽ مصري گائيڊ به باقي دوستن سان گڏ اسان ڏي آيا. انور چيو ته: ”اڃان پروگرام ۾ اڌ ڪلاڪ کن آهي، غالب توهان کي ابوالهول تي ڪجهه ٻڌائڻ چاهي ٿو.“
    غالب ۽ انور سڀن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ۽ غالب اسان کي ٻڌائڻ شروع ٿيو:
    ”مصر جي عجوبن مان ابوالهول به ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه آهي. هن مجمسي جي مُنڍي ماڻهوءَ وانگر ۽ ڌڙ شينهن وانگر آهي، جنهن کي ڏسندي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ابوالهول فرعون خوفو جي اهرام ۾ وڃڻ جو هڪ ڳجهو رستو آهي جيڪو 300 فوٽ اولهه طرف آهي. ابوالهول عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خوف جو اَبو. اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو پٿر سان تراشيل هڪ مجسمو آهي. سج جي اڀرندي (اوڀر طرف) منهن ڪري ويٺل هي مجمسو صدين کان 1925ع تائين کاڏيءَ تائين زمين ۾ پوريل رهيو.
    ابوالهول جو مجمسو Megaliths مان ٺهيل آهي. ميگالٿز هڪ اهڙي پٿر کي چون ٿا جنهن مان ڪنهن چُن يا سيمنٽ جي مدد کان بغير وڏا وڏا مجسما اڪيلي سر ٺاهي سگهجن،. جن Megaliths کي جيزا (Giza) جي عجوبن لاءِ استعمال ڪيو ويو انهن جو وزن هر هڪ جو هڪ اندازي مطابق 200 ٽن آهي. مصر جي حڪومت ابوالهول جي اندرين خانن جي کوٽائيءَ کان انڪار ڪيو آهي.
    اهو چوڻ انتهائي ڏکيو آهي ته ابوالهول ڪڏهن ٺهيو. جيئن ته اهو هڪ پٿر تي تراشيل آهي، تنهن ڪري ريڊيو ڪاربان ٽيڪنيڪ سان معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي. جيئن ته ابوالهول تي ڪابه لکت اُڪريل نه آهي، انهيءَ ڪري رسم الخط جي طريقي کي به معلوم ڪري نٿو سگهجي. پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اهو مجمسو خوفو (Khufu) جي زماني ۾ ضرور موجود هيو. مقدس ڪتابن ۾ جيڪي ”خدا هورس جا خادم“ سڏيا ويندا هئا، سي آريا هئا جيڪي مصر جي شروعاتي دور ۾ اچي آباد ٿيا، تقريباً 5550 کان 3050 قبل مسيح ۾ شاهي گهراڻي کان به پهرين. جيتوڻيڪ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ابوالهول پراڻي بادشاهت واري دور يعني 3 صديون قبل مسيح ۾ ٺاهيو ويو. پراڻي بادشاهت کي اهرامن جي دور واري بادشاهت سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ اهي عظيم اهرام ٺاهيا ويا. پراڻي بادشاهت جو وقت 2686 کان 2181 قبل مسيح جو ڄاڻايو وڃي ٿو. انڪري اهو مطمئن ڪندڙ جواب اڄ تائين نه ملي سگهيو آهي ته ابوالهول ڪڏهن ٺاهيو ويو.
    انهيءَ مجمسي کي ماضيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪري ڪافي نقصان پهتو آهي پر اها به هڪ غير يقيني ڳالهه آهي. ڀڳل ٽٽل مجسمي جي حصن تي پاڻيءَ جا نشان اُڀا آهن ته ڪي پاسيرا جنهن سان اها ڳالهه ثابت نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن مجسمي جا حصا واريءَ ۽ هوا جي ڪري نقصان کائين ها ته اهي نشان اهڙا هجن ها جيئن اهرامن تي آهن. بهرحال اسان کي اها خبر آهي ته صحرا ڪڏهن هڪ سرسبز ميدان هوندو هيو جيڪو بعد ۾ بيابان ۾ تبديل ٿيو، اندازاً 10000 کان 5000 قبل مسيح جي وچ ۾. پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته ابوالهول جو مجمسو ان کان به وڌيڪ پراڻو آهي جيترو تاريخدان ٻڌائن ٿا.“
    ايتريءَ دير ۾ انور چيو ته:
    ”لڳي ٿو ته هاڻ پروگرام شروع ٿيڻ وارو آهي، آهستي آهستي ڪرسيون ڀرجن پيون. خاص طور يورپي ته ڪوشش ڪري وقت کان به ڪجهه اڳي اچڻ جي ڪندا آهن، جيئن پروگرام جو ڀرپور لطف وٺجي.“
    غالب انور سان اتفاق ڪيو ۽ اسين ميدان ڏي هلڻ لڳاسين، وڃي پنهنجيون سيٽون سنڀاليوسين. ڏهن پندرهن منٽن ۾ جيئن ئي ڏينهن جي روشني ختم ٿي ته ميوزڪ جي جهڻڪار سان مختلف رنگن جي روشنين ابوالهول جي مجسمي کي روشن ڪيو ۽ انائونسر جو آواز آيو:
    ”مصر جي سحر آفريني کان دنيا واقف آهي. مصر جو ذڪر نيل نديءَ سان وابسته ڪٿائن، اهرامن ۽ ابوالهول کان سواءِ نامڪمل آهي.“
    پروگرام ڇا هيو. ابوالهول، اهرامن، خوفو ۽ مصر جي سحر آفريني جي هڪ صداڪار جي واتان تمام صوتي تاثرات جي مجموعي جي هڪ بهترين پيشڪش کان وڌيڪ. بيلي ڊانسر جي حشر ساماني ۽ رات جي انڌاري ۾ روشنين ۽ رنگن جي ورکا. شام جي ٿڌڙي هير جي لطف اندوزي هئي. روشنين ۽ رنگن جي امتزاج سان سينگاپور ۾ پاڻيءَ جا نچندڙ ڦوهارا ڏٺا هئم، جن جو تاثر اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان ۽ هتي وري روشنين ۽ رنگن جي بارش ڏٺم.
    ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ پروگرام ختم ٿيو. اسان واپس ورڻ جي ڪئي. رات جو ساڍي اٺين وڳي هوٽل پهتاسين. ڪابه سرڪاري ماني ڪانه هئي.
    ننڍا ننڍا گروپ ٺاهي هر ڪو پنهنجي مُنهن نڪري ويو. ايمان، مستل، شيام ۽ آئون گڏ هئاسين.
    ايمان چيو:
    ”احمد! توهان ٽيئي اڄ مون سان ماني کائيندا. آئون ميزبان آهيان. لبناني کاڌو وڻندؤ اَٿو؟ ۽ شيام! اوهان کي گوشت کان پرهيز ته ڪانهي.“
    ”آئون هر شيءِ کائيندو آهيان، منهنجي لاءِ مسئلو نه آهي.“ شيام وراڻيو، ”البته مستل کان پُڇ!“
    ”مون کي ته لبناني کاڌو کائڻ جو شوق آهي. هڪ ڏينهن احمد ايڏي تعريف پئي ڪئي. مون سوچيو ڪڏهين کائيندس.“ مستل وراڻيو.
    ”ٺيڪ. اڌ ڪلاڪ کن ۾ شاوَر وٺي ڪپڙا مٽائي هيٺ ملون ٿا. آئون وٺي هلنديس توهان سڀن کي. پنجن منٽن جو رستو آهي. واڪ ڪندا هلنداسين.“
    يارهين وڳي ماني کائي هوٽل واپس آياسين. ايمان هڪ بهترين ميزبان هئي. توڙي جو مون اڳ به دبئي ۾ لبناني کاڌو آٽوميٽڪ ريسٽورانٽ توڙي صدف هوٽل تي کاڌو آهي پر آئٽمز جي هي چونڊ بهترين هئي. واپس اچي پنهنجن ڪمرن ڏي هليا وياسين.


    قاهره جو عجائب گهر

    اڄ منجهند جي مانيءَ تائين گروپس جي Presentation رکيل هئي. تنهن کان پوءِ ٻين وڳي اسان کي قاهره عجائب گهر ڏي وڃڻو هيو. طبيعت ۾ سستي ۽ بيزاري هئي پر پنهنجي گروپ جي طرفان مون کي ئي Presentation ڏيڻي هئي ۽ گروپ سان گڏ وڃڻو به ضروري هيو. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ اسان ڪوسٽرز ۾ چڙهي عجائب گهر پهتاسين. انور اسان سڀني جا ٽڪيٽ ورتا ۽ اسان هڪ گائيڊ سان گڏ عجائب گهر ۾ داخل ٿياسين.
    مصري نوادرات جو عجائب گهر، مصري عجائب گهر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. قاهره ۾ وڏي تعداد ۾ قديم مصري نوادرات ملن ٿا. هڪ لک ويهه هزار قيمتي نوادرات هن عجائب گهر ۾ رکيل آهن. مصري عجائب گهر قديم مصري تاريخ جو اهڃاڻ آهي، جيڪو فرعوني نوادرات ۽ بادشاهه طوطخ آمون جي خزاني جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز پڻ آهي.
    1830ع ۾ مصري نوادرات ۽ خزانو مصر مان ٻاهر اسمگل ٿيڻ لڳو. ۽ وڏي تعداد ۾ خزانو چوري ٿيڻ لڳو. جنهن کان پوءِ فرانس جي آگسٽ ميريٽ (Auguste Mariette) کي مصر ۾ موڪليو ويو جنهن جي نگرانيءَ ۾ مصري حڪومت 1835ع ڌاري ازبڪيه گارڊن ۾ هن عجائب گهر جي تعمير ڪئي. عجائب گهر ٿوري ئي عرصي ۾ 1858ع ڌاري بولاق منتقل ڪيو ويو ڇو جو عمارت تمام ننڍي هئي ۽ نوادرات تمام گهڻا هئا. 1855ع ۾ جڏهن نوادرات ٻئي هنڌ منتقل ڪيا ويا ته اهو ڪم آسٽريا جي ڊيوڪ ميڪسملن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن فرانسسي ماهر تعمير مارسل ڊورگنون (Marcel Dorgnon) کي نوادرات لاءِ نئين بلڊنگ ٺاهڻ جو ڪم سونپيو. عجائب گهر جي نئين عمارت نيل نديءَ جي ڪناري بولاق ۾ ٺاهي وئي. 1878ع ۾ جڏهن نئين عمارت جُڙي تيار ٿي، ته اُن وقت نيل نديءَ ۾ ٻوڏ اچڻ سبب نوادرات کي ڪجهه وقت لاءِ جيزا (Giza) ۾ اسماعيل پاشا جي محل ۾ منتقل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ 15 نومبر 1902ع ۾ موجوده عجائب گهر (جيڪو تحرير اسڪوائر قاهره ۾ آهي) ۾ تمام نوادرات منتقل ڪيا ويا ۽ ان جي سرڪاري طور تي رونمائي ڪئي وئي. تازو مصري انقلاب (2011ع) ۾ عجائب گهر کي نقصان رسايو ويو، جنهن سبب ٻه مَميون ۽ ڪجهه نوادرات مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.
    گيسٽن ماسپيرو (Gaston Maspero)، ٻيو ڊائريڪٽر آف ائنٽيڪوئيٽيز سروس نامزد ڪيو ويو، جنهن آگسٽ ميريٽ جي ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ عجائب گهر ۾ موجود نوادرات جي ڪئٽلاگ جا 50 واليوم تيار ڪيا ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گهرن کان فنڊ ورتو، جيڪو عجائب گهر جي واڌاري لاءِ استعمال ڪيو. ماسپيرو 1916ع تائين ڊائريڪٽر رهيو.
    موجوده عجائب گهر ٻه ماڙ عمارت تي مشتمل آهي. گرائونڊ فلور ۾ 42 ڪمرا آهن ۽ پهرئين فلور ۾ 47 ڪمرا آهن. عجائب گهر ۾ 107 هال آهن. ان کان علاوه فوٽوگرافي جو سيڪشن پڻ آهي.
    عجائب گهر جا ست حصا آهن:
    • پهرئين حصي ۾ طوطخ آمون جو خزانو رکيل آهي.
    • ٻئي حصي ۾ شاهي گهراڻي ۽ پراڻي بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
    • ٽئين حصي ۾ پهرين وچئين دور ۽ وچين بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
    • چوٿين سيڪشن ۾ جديد بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
    • پنجين سيڪشن ۾ يوناني، رومي ۽ آخري بادشاهت جا يادگار رکيا ويا آهن.
    • ڇهين سيڪشن ۾ سڪا ۽ ريٺي جا ڪاغذ (جنهن کي پائپرس (Papyrus) چوندا آهن) تنهن تي ٿيل لکت رکيل آهي.
    • ستين سيڪشن ۾ صندوقي تابوت رکيل آهن.
    گرائونڊ فلور ۾ مصري قديم دور ۾ استعمال ٿيندڙ لکت لاءِ ڪاغذ ۽ سڪن جو وڏو تعداد رکيو ويو آهي. لکت وارن ڪيترن ئي ڪاغذن جو وڏو حصو پوين ٻن صدين دوران ڦاٽي پيو آهي. لکت وارن انهن ڪاغذن تي ڪيتريون ئي ٻوليون لکيل آهن، جن ۾ يوناني، لاطيني، عربي ۽ قديم مصري لکت به موجود آهي. جيڪي سڪا موجود آهن اُهي ڪيترن ئي ڌاتن جا ٺهيل آهن جن ۾ سَون، چاندي ۽ ڳاڙهسري رنگ جا آهن. سڪا نه صرف مصري آهن، پر يوناني، رومي ۽ اسلامي دور جا پڻ رکيل آهن جيڪي محققن کي مصري تهذيب کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏين ٿا. گرائونڊ فلور ۾ نئين بادشاهت جي دور جي دستڪاري پڻ رکيل آهي جيڪا 1550 کان 1069 قبل مسيح جي آهي. دستڪاريءَ جو وڏو حصو شروعاتي صدين ۾ تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ مورتيون، ٽيبلون ۽ تابوت آهن.
    پهرينءَ فلور تي موجود نوادرات قديم مصر جي آخري ٻن شاهي گهراڻن ۽ فرعونن تيتومسس ٽئين (Thutmosis III)، تيتومسس چوٿين (Thutmosis IV)، آمن هوتپ ٻئين (Amenhotep II) ۽ هشپت جي مقبري سان واسطو رکن ٿا. ان کان علاوه بادشاهن جي واديءَ جا نوادرات پڻ موجود آهن، جنهن ۾ بادشاهه طوطخ آمون جو سامان وڌيڪ آهي. بادشاهه طوطخ آمون جي استعمال جون شيون جنهن ۾ چٽسالي ٿيل صندوق (جيڪا گهڻو ڪري ڪپڙا رکڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي) هاٿيءَ جا ٻه ڏند، سوني جا ڪنگڻ، هار ۽ ٻيا آرائشي زيورَ پڻ موجود آهن. طوطخ آمون جي مقبري مان اسلحي جو سامان ۽ ٻيا اوزار پڻ مليا آهن جيڪي بادشاهه استعمال ڪندا هئا. جيتوڻيڪ هن مقبري ۾ 3500 نوادرات موجود هئا پر دريافت ٿيڻ تائين اُنهن مان ڪافي تباهه ٿي چڪا هئا. طوطخ آمون جي دفن ٿيڻ کان پوءِ مقبري ۾ ڪيترا دفعا چوري پڻ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪافي سامان لٽيو ويو. پر پوءِ به ڳچ سامان بچيو جيڪو عجائب گهر ۾ موجود آهي. بادشاهه جي استعمال ٿيل سامان ۾ طوطخ آمون جو اُهو سونو خول وڌيڪ مشهور آهي جيڪو بادشاهه پنهنجي چهري تي هميشه چاڙهيندو هو. اُهو سونو خول تقريباً 11 ڪلوگرام وزني آهي ۽ خالص سونَ جو ٺهيل آهي، جيڪو بادشاهن جي شان جي عڪاسي ڪري ٿو.
    عجائب گهر ۾ ڪيترن ئي مشهور فرعونن جا لاش به پيل آهن، جن ۾ راميسس ٽين جو به آهي جيڪو هڪ ويڙهاڪ فرعون هو. انهن مَمي ٿيل فرعونن ۾ ڪيترائي فرعون اهڙا آهن جن جي باري ۾ معلومات ناهي ته اُهي ڪڏهن پيدا ٿيا يا انهن جي حڪومت جو دؤر ڪهڙو هو. محققن ٽائيم جو صرف هڪ ڪاٿو لڳايو آهي. آمن هوتپ چوٿين جي تاريخ جو ڪاٿو 1372 قبل مسيح لڳايو ويو آهي. اها خبر به ائين پيئي ته آمن هوتپ ٽيون جڏهن وفات ڪري ويو ته ان جي تاريخ قبر تي لکي ويئي هئي.
    عجائب گهر ۾ لائبريري پڻ آهي جيڪا 1902ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. لائبريري جي نگرانيءَ لاءِ هڪ اعليٰ اختياري ڪونسل جوڙيل آهي. هن لائبريريءَ ۾ پراڻي مصري دور جي تهذيب جو چڱو خاصو مواد پيل آهي. مثلاً تاريخ، رياضي، ادب، آرٽ ۽ ميڊيڪل. هن لائبريريءَ کي دنيا جي خاص مضمونن واري لائبريريءَ ۾ مڃتا مليل آهي.
    لائبريريءَ ۾ 42500 ڪتاب ۽ رسالا عربي، انگريزي، فرانسسي ۽ ڊچ زبان ۾ موجود آهن. هر مهيني 20 کان 30 ڪتاب ۽ رسالا هن لائبريري ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. لائبريريءَ ۾ محققن ۽ شاگردن کي وڃڻ جي اجازت آهي. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي محققن کي پڻ اتي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.
    اسان جو گروپ گائيڊ سان گڏ هلندو رهيو ۽ گائيڊ اسان کي عجائب گهر جي باري ۾ ٻڌائيندو هليو. شيام ۽ آئون ڪجهه پوئتي واري ميڙاڪي ۾ هئاسين پر گائيڊ جو آواز صاف ۽ چٽو پئي آيو. اوچتو مون کي ماحول ۾ اجنبيت محسوس ٿيڻ لڳي. شيام جو هٿ جهلي کانئس پڇيم:
    ”توکي دلچسپي آهي وڌيڪ ٻُڌڻ ۾.“
    ”ڇو؟ تون بيزار ٿي پيو آهين ڇا؟“ شيام چيو.
    ”يار! بيزاريءَ کان وڌيڪ افسوس ٿو ٿئيم، انساني ذهن کي هِنن فضول ڳالهين ۾ ضايع ڪرڻ جو. تاريخ جي وهڪري ۽ تسلسل جي خبر هئڻ کپي. اهرام ڪيئن ٺهيا. حساب داني جو ۽ جيوميٽري جو ڪمال هيو سو سمجهڻ ضروري آهي. لاشن کي حنوط ڪري مَميون ڪيئن ٺاهيندا هئا سو علم ڄاڻڻ ضروري آهي، پر ....... پر ......هيءُ جو مصري فراعينِ مصر جو ذڪر ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا سا ڳالهه صفا نٿي وڻي. غلامانه ذهنيت ۽ تنهن ۾ تفاخر جو احساس ڪنهن قوم کي جُڳائي ڪونه ٿو. پر ڇڏينس! آئون ٻاهر ٿو وڃان. تون جي هلين ته به ٺيڪ نه ته ٻاهر ٿَهلي ٿي ويهي چوڦير ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ڏسڻ ۽ تازي هوا کائڻ هن وقت مون کي وڌيڪ ضروري ٿو لڳي.“
    ”مون کي به مصريات تي ڪو عالم ڪونهي ٿيڻو. ايتري ڄاڻ ئي ڪافي آهي. هلو.“ شيام وراڻيو.
    ۽ اسين آهستي آهستي ڪري ٻاهر نڪري آياسين. هلندي هلندي شيام چيو:
    ”پر يار، هِن سحر ۾ ته اسان به مبتلا آهيون. ڀارت اڃان تائين چندرگپت موريا توڙي اشوڪا جي وسيع سلطنتن جي تفاخر ۾ مبتلا آهي پر اِهو ڪڏهين به ڪونه ٿو ڄاڻائي ته چندرا گپتا آخري عمر ۾ سلطنت جي هوَس جي ڄار مان نڪري جين ڌرم اختيار ڪري دنيا تياڳ ڪيائين يا عظيم اشوڪا ڪالنجر جي لڙائيءَ کان پوءِ لاشن جا انبار ڏسي تلوار ٽوڙي سلطنت ڦٽي ڪري تياڳي ٿيو ۽ ٻُڌ مذهب اختيار ڪري ڪشڪول کڻي ڀڪشو ٿيو. توهان هند و پاڪ جا مسلمان محمود غزنوي، شهاب الدين غوري کي ته ڇڏيو پر اُنهن مغلن جي سحر ۾ به گرفتار آهيو جي ظهير الدين بابر کي ڇڏي صرف هڪ ڪم ۾ ماهر هيا ته ڀاءُ کي ڪيئن مارائجي. پيءُ کي ڪيئن انڌو ڪجي.“
    ”صحيح ٿو چوين شيام! اسان هند و پاڪ جا ماڻهو به غلامانه ذهنيت جي پستيءَ مان نٿا نڪرون.“ وراڻيم.
    ائين اسان ڪافي دير ڳالهيون ڪندا ۽ دل جو غُبار هلڪو ڪندا رهياسين. تان جو اسان جو گروپ واپس ايندي نظر آيو. ڪوسٽرن ۾ چڙهي واپسيءَ جو سفر ڪيوسين.


    جامع الازهر ـ بازار خليلي

    اڄ 3 نومبر تي تمام سينڊيڪيٽز کي پنهنجي مطالعي ۾ آيل جُزئيات تي پنهنجي حتمي راءِ ڏيڻي هئي. 9 وڳي کان 12 وڳي تائين اِهو پروگرام هيو. مسٽر عبدل زوڪي ۽ هڪ ٻئي ماهر ڪمپيوٽر ليپ ٽاپ کنيو، هر هڪ جي ويچارن جو تجزيو ڪري رهيا هئا. جيئن چانهه جي 15 منٽن جي وقفي کان پوءِ هو تمام گروپس جي رپورٽن جو تجزيو پيش ڪن ۽ گروپ ليڊرز جي سهڪار سان انهيءَ مهل ئي آرڊو ڪانفرنس جي طرفان سفارش جو هڪ پيپر ٺاهي ميمبر ملڪن توڙي ٻين لاڳاپيل هنڌن تي موڪلي سگهن. ائين ڪندي ۽ ماني کائيندي اڍائي وڄي ويا. اڄ جي پروگرام ۾ جامع الازهر ۽ بازار خليلي کي ڏسڻ هيو. پروگرام هيئن بيٺو جو پهريان اسان سڀ جامع الازهر هلنداسين. جامع الازهر ۽ الازهر مسجد کي ڏسڻ بعد بازارِ خليلي جا بلڪل لڳ آهي، اُنهيءَ کي ڏسڻ ۽ ڪجهه هلڪي ڦلڪي خريداري ڪرڻ جو پروگرام هيو.
    جامع الازهر، عظيم الازهر مسجد جي قدرتي توسيع آهي، جيڪا تمام قديم ۽ دنيا جي تمام اسلامي تعليمي ادارن ۾ مڃيل يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. جامع الازهر کي تقريباً هڪ هزار سالن کان اوڀر ۽ اولهه جي مسلمانن جي لاءِ هڪ ثقافتي سينٽر پڻ تسليم ڪيو ويندو آهي. الازهر جي تعليمي پاليسي هيٺين بنيادي ڳالهين تي مشتمل آهي:
    1) جامع الازهر تمام مسلمان شاگردن لاءِ هوندي جيڪي اسلامي، تعليم ۽ تعليمي نظم و ضبط کي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا.
    2) جامع الازهر اسلامي دنيا ۾ رهندڙ تمام مسلمانن جي وچ ۾ هميشه ڪوشش ڪندي ته باهمي ٻڌي ۽ باهمي ڏاهپ پيدا ٿي سگهي.
    3) اسلامي تعليم ۽ اسلام لاءِ قربانيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ سخت محنت ڪندي.
    4) پنهنجي نصاب ۾ ۽ ليڪچرن ۾ يونيورسٽي ماڻهن جي وچ ۾ روحاني لاڳاپو ۽ اسلامي قوميت پيدا ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪندي.
    5) يونيورسٽي جو مقصد مسلمانن جي اخلاقي ۽ قدري تربيت، عرب قوم لاءِ هدايت جي روشني، دلي ۽ ذهني طور مسلمانن ۾ مقصدن ۽ اهداف کي پورو ڪرڻ، پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي.
    اهڙيءَ طرح جامع الازهر هر دور ۾ پنهنجي مٿان هڪ وڏو ڪم کنيو آهي، جيڪو هو وڏي فخر سان ادا پڻ ڪندي رهي آهي، جنهن جي ڪري مصر مسلمانن لاءِ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. جامع الازهر جو مقصد مصر ۽ اسلامي دنيا کي اسلامي ثقافت ۽ اخلاقيات سان سينگاريل دانشور ۽ علماءَ ڏيڻ آهي، جيڪي پنهنجي معاشري ۾ خدمت ڪري سگهن ۽ پنهنجي ملڪن جي ترقيءَ ۾ سائنسي ۽ مذهبي بنيادن تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. الازهر ايندڙ نسلن لاءِ اهڙا تعليمي ادارا، استاد ۽ سائنسدان پيدا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي ڄاڻ جي هر شعبي ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃرائين ۽ ماڻهن جي روحاني ۽ دنياوي تربيت، زندگي جي تمام گهرجن مطابق ڪن. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمان ملڪن ۽ مصر جي شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ڏني وڃي ٿي. الازهر يونيورسٽي سائنسي سرگرمين جي لاءِ شاگردن کي سهولتون ۽ معلومات جي ڏي وٺ لاءِ دنيا جي ٻين تحقيقي ادارن ۽ يونيورسٽين جو دورو پڻ ڪرائي ٿي، ته جيئن اهي دنيا ۾ هلندڙ نئين سرگرمين کان واقف ٿي سگهن، جنهن ۾ مختلف ليڪچر، دنيا ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق ۽ مختلف مهارتن جو مشاهدو پڻ حاصل ڪري سگهن. الازهر يونيورسٽي پنهنجي ميمبرن، استادن ۽ ماهرن کي پڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خاص دورا ڪرائيندي آهي ته اُهي دنيا ۾ سائنسي ۽ تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ نيون کوجنائون ۽ مهارتون حاصل ڪري سگهن.
    فاطمي خليفي المعز جڏهن سسليءَ جي رهاڪو جواهر جي اڳواڻيءَ ۾ فاطمي ٽولا مصر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليا، انهن 358هه مطابق 969ع ۾ قاهره جو بنياد وڌو ۽ گڏوگڏ الازهر مسجد پڻ تعمير ڪئي. مسجد ٻن سالن ۾ مڪمل ڪئي وئي. 7 رمضان 361هه مطابق 22 جون 972ع تي پهريون دفعو مسجد ۾ نماز پڙهي وئي. جيڪا بعد ۾ اسلامي دنيا جي تمام بهترين مسجدن ۾ شمار ٿيڻ لڳي. تاريخدانن کي مسجد جي نالي تي ڪافي اختلاف آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن قاهره فتح ڪيو ويو ته هن علائقي جو گهيرو ڪيو ويو هو ان ڪري ان جو نالو رکيو ويو. جڏهن ته ٻين ماڻهن جو خيال آهي ته مسجد جي تعليم ۽ ان جي مرتبي کي ڏسي ڪري ان جو نالو رکيو ويو. الازهر جنهن جو مطلب آهي ته ”الله تعاليٰ جو ادارو“. جڏهن ته ٽين راءِ اها آهي ته مسجد جو نالو حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڌيءَ ”فاطمة الزهرا“ جي نالي سان رکيو ويو آهي. فاطمي ان راءِ کي اهميت ڏين ٿا. هڪ تاريخي حقيقت اِها آهي ته فاطمي خليفن جي دور ۾ جامع الازهر جو بنياد وجهڻ کان سن 972ع ۾ پهريون دفعونماز پڙهڻ ۽ 975ع ۾ شيعه عالم ابوالحسن علي ابن النعمان جي امامت، سندس اهل تشيع عقيدي موجب خطبو ڏيڻ ۽ کيس قاضي القضاءَ يعني چيف جسٽس مقرر ڪرڻ ۽ وري کانئن پوءِ ويندي مملوڪ سلطانن جي دور تائين يعني اڍائي ٽي سو سالن جي عرصي تائين جامع الازهر جي انتظام توڙي وڌائڻ ۾ حُبدارانِِ علي يعني اهلِ تشيع سرگرم رهيا، بلڪه سندن ڪوشش جامع الازهر کي هن اوج ۽ عروج تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي امڪان غالب آهي ته هيءُ عظيم ادارو بيبي جناب سيده ’فاطمة الزهرا‘ جي نالي تي قائم ڪيو ويو، تان جو مملوڪ حڪمرانن هن اداري جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ هر فقهه جي تعليم کي جامع الازهر ۾ سموئي ڇڏيو.
    الازهر يونيورسٽي جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ شروعاتي ساڍن ٽن سالن ۾ ئي يونيورسٽي عالمانه سرگرمين ۽ تعليمي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرائي ورتو. رمضان جو مهينو هئو، 365هه مطابق آڪٽوبر 975ع خليفي المعز جي حڪومت ۾ ، قاضي ابو الحسن علي ابن النعمان الڪيرواني مسجد جي صحن ۾ ويٺو ۽ هُن شيعي فقهه جي حوالي طور ”الاختصار“ پڙهيو، جيڪو سندس والد ابو حنيفه النعمان لکيو هئو. ان تاريخي موقعي تي هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ ابوالحسن کي چيف جسٽس قرار ڏنو ويو. اهو پهريون سيمينار هو جيڪو ان مسجد ۾ ٿيو، ان کان پوءِ ڪيترائي مذهبي سيمينار هن تاريخي مسجد ۾ ٿيندا رهيا ۽ تعليمي ڪاميابيون حاصل ٿينديون رهيون. فاطمي حڪومت دوران الازهر دانشورنه زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهيو ويندي هئي. ان کان علاوه اُتي عورتن لاءِ خاص سيمينار ۽ اخلاقي تعليم جا ڪلاس پڻ ڪرايا ويندا هئا. الازهر يونيورسٽي کي پوين ٻن صدين کان محتسب ۽ ججن جون سرڪاري سيٽون پڻ مليل آهن. اندلس ۽ بغداد ۾ اسلامي ثقافتي مرڪزن جي تباهيءَ کان پوءِ الازهر عرب ۽ اسلامي دنيا لاءِ وڏو مرڪز بڻجي چڪو آهي. الازهر ۾ ٿيندڙ تمام سيمينار خالص تعليمي مقصدن جا هوندا هئا. جيڪي مفت سائنسي بحثن ۽ اسڪالرشپن تي ٻڌل هئا.
    جيتوڻيڪ الازهر يونيورسٽي ايوبي دور تائين پنهنجي تعليم اهڙي طرح جاري رکي جيئن فاطمي خليفن جي هئي. جڏهن ته اها تعليم لساني ۽ مذهبي هوندي هئي. ان کان پوءِ مملوڪ دور حڪومت (648-922 هجري مطابق 1250-1517ع) ۾الازهر يونيورسٽي مسلم دنيا ۾ نيون ذميواريون کنيون. وچ ايشيا ۾ مغلن جي حملن ، اندلس ۾ مسلم حڪومت جي سقوط کانپوءِ الازهر يونيورسٽي انهن عالمن لاءِ هڪ پناهه گاهه بڻجي وئي جن کي پنهنجن ملڪن مان ڏتڙيو ويو. انهن عالمن نائين ۽ ڏهين هجري (چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي) ۾ الازهر کي ٻيهر پنهنجي مقام ۽ مرتبي جي بحالي ۾ وڏي مدد ڪئي. هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته الازهر قدرتي سائنس جي ترقيءَ ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو آهي. الازهر جي ڪجهه استادن سياسي ۽ فڪري بگاڙ جي ڏينهن ۾ طب، رياضي، فلڪيات، جاگرافي ۽ تاريخ تي وڏي محنت ڪئي.
    عثماني خلافت جي دور ۾ الازهر مالي طور خودمختيار هئي، وقف جي ڪري. تمام علماءَ پنهنجي مضمون چونڊڻ ۽ ڪتابن جي حاصل ڪرڻ ۾ آزاد هوندا هئا. جنهن جي ڪري الازهر کي اسلامي ۽ عربي دنيا جي ادارن ۾ هڪ سٺي سڃاڻپ ملي وئي. الازهر اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن کي پنهنجي طرف متوجه ڪيو. اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته عثمانين ڪنهن به ماڻهوءَ کي الازهر جو وڏو امام مقرر نه ڪيو. اها وڏي پوسٽ صرف ئي صرف مصرين لاءِ رکي ويئي هئي. جڏهن نيپولين بوناپارٽ مصر تي حملو ڪيو (1213هجري مطابق جولاءِ 1789ع ۾) ته هن ڏٺو ته الازهر اسلامي دنيا جي وڏين ۽ بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي. پنهنجي جلاوطنيءَ دوران سينٽ هيلينا ۾ پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته: ”الازهر يونيورسٽي پيرس جي Sorobonne جي برابر جي آهي ۽ هن ڏٺو آهي ته الازهر جا عالم تعليم يافته ۽ اشرافيه طبقي طور ماڻهن جا اڳواڻ آهن. جڏهن هن قاهره ۾ پنهنجو پهريون قدم رکيو ته هن هڪ خاص ڪائونسل (ديوان) جوڙي جيڪا گاديءَ جي هنڌ جو انتظام هلائيندي هئي. اها ڪائونسل نَوَ مشهور شيخن تي ٻڌل هئي، ۽ الازهر جي وڏي امام شيخ عبدالله الشرڪوي جي سرپرستي ۾ هئي. ان ڪائونسل جي قيام سان الازهر جي اهميت ۽ سندن عالمن جي حيثيت جي خبر پوي ٿي.
    الازهر فرانس جي قبضي جي مخالفت ۽ انقلابين جي ملاقاتن جي جڳهه هئي. هڪڙي خاص انقلابي ڪاميٽي شيخ محمد السادات جي اڳواڻي ۾ جوڙي ويئي. جڏهن فرانس جي مخالفت ۾ انقلاب تمام گهڻو وڌي ويو. ته وڏي امام ۽ ٻين عالمن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي تعليم کي جاري نٿا رکي سگهون ان ڪري مسجد کي بند ڪيو وڃي.
    اهو پهريون وقت هو جو پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ مسجد کي بند ڪيو ويو هو. جڏهن فرانس ٽن سالن کان پوءِ مصر خالي ڪيو ته الازهر پنهنجون تمام سرگرميون دوباره جاري ڪيون ۽ پنهنجن استادن ۽ شاگردن کي ٻيهر گهرايو ويو. جڏهن محمد علي مصر جي حڪومت سنڀالي (1220 هجري مطابق 1805ع) ۾ ته فيصلو ڪيائين ته مصر کي هڪ جديد رياست ۾ تبديل ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن الازهر تي ڀاڙيو. هن الازهر جي شاگردن کي يورپ وڃڻ جون اسڪالرشپون ڏنيون. اهي ئي شاگرد هئا جيڪي مصر ۾ نئين جاڳرتا جا علمبردار بڻيا. جڏهن 1952ع ۾ انقلاب پنهنجي جڳهه ورتي، ته الازهر ئي اهو سماج هو جنهن نه صرف مصر بلڪه عرب ۽ اسلامي دنيا جي فلاح بهبود جي لاءِ پنهنجو روشن ڪردار ادا ڪيو.
    جامع الازهر جي مختلف حصن کي ڏسندي الازهر مسجد ڏي آياسين. سڄي گروپ ۾ اسان ٽي چار مسلمان هئاسين پر تمام ساٿين نهايت احترام سان سترپوشي ڪئي هئي. ويندي مستل جا هميشه اسڪرٽ پائيندي هئي تنهن به هڪ ڍلو بيگي قسم جو پاجامو پاتو هيو. باقي ٽولي کي مسجد جي چٽساليءَ ۽ عمارت سازيءَ سان دلچسپي هئي. مون باقين کي ڇڏي هڪدم وضو ڪرڻ لاءِ جاءِ جو نشان معلوم ڪري وڃي وضو ڪيو ته جيئن ظُهر نماز کي قضا ۽ عصر کي وقت سر گڏي پڙهان ۽ ڪجهه نفل به پڙهي وٺان.
    نماز ۽ نفل پڙهڻ کان پوءِ خيال آيم ته هتي ئي هڪ ٻيو ميمڻ آيو هيو. جامع الازهر جو طالبِ علم هيو. علم پرائڻ جي طلب ايڏي ته هئس جو سالن جا سال هُن عربي زبان، قديم عربي، مختلف لهجا Dialect توڙي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد سکڻ ۾ عمر گذاري. پوءِ سعودي حڪومت کيس گهرايو ته سندس ڄاڻ مان فائدو وٺي. هڪ وقت اِهڙو به آيو جو عربي ٻولي جا عالم، توڙي الازهر يونيورسٽي ۽ سعودي علماءَ جڏهين به ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا تصحيح جي ضرورت محسوس ڪندا هئا ته علامه عبدالعزيز ميمڻ (جيڪو پوءِ علامه عبدالعزيز الميمني طور مشهور ٿيو) جو چوڻ مستند ۽ حرفِ آخر سمجهندا هئا. ۽ هڪ آئون آهيان جو ڪورو جاهل رهيس. ننڍڙن ٻارن جيان سمونڊ ڪناري بيهي سپون ته ٺهيو رڳو رنگ به رنگا خوشنما پٿر چونڊيندو رهيس ۽ خوش ٿيندو رهيس. اڄ جڏهين جيون سفر جي ٽپهري جي ساعت اچي ويجهي پهتي آهي ته احساس ٿو ٿئيم ته ڪجهه ڪونه پرايم. مون کي ته هر عام مسلمان جيان قرآن شريف جي معنيٰ به ڪانه ٿي اچي. طوطي جيان رٽيل سبق ڪهڙو اثر ڪندو!
    جامع الازهر مان نڪري ٿورو ئي پنڌ ڪري بازار خليلي پهتاسين. صدر ڪراچي ۾ بوهري بازار جون ڳُتيل ڳليون مُنجهائيندڙ لڳنديون آهن، پر هتي ته سوڙهين گهٽين ڪو جو ڄار هيو. هيڪر هڪ پاسي وڃ ته وري واپس ورڻ ڏاڍو ڏُکيو، جيسين ڪو واقف ڪار گڏ نه هجي.
    گهٽين جو حساب ڪجي ته ڪُل ڪيترن ئي ميلن ۾ وڃي ٿينديون. هر طرف مختلف ٻولين ۾ جيئن اسان وٽ ٺيلي وارا ڪندا آهن، ائين هوڪا پيا لڳندا. بازار ۾ هر هنڌ قهوه خانه، شربت، جوس ۽ کائڻ پيئڻ جا ننڍا اسٽال ۽ دوڪان لڳل آهن، جيئن اسان وٽ طارق روڊ تي KFC ۽ مئڪڊونلڊ جي بيمارين کان اڳ هوندا هئا. ساڳيو بند ڪباب پنجن روپين ۾ کائي هر ڪو سُکيو ٿيندو هيو. هاڻ اُن بند ڪباب کي برگر جو نالو ڏيئي سيٺين پڪ ڪئي آهي ته وچولي طبقي کي ائين ڦُرجي جو سڄي عمر پيٽ پورائي جي گهاڻي ۾ پيسبا رهن.
    خان الخليلي عثماني دور خلافت ۾ ترڪيءَ جي بازار طور سڃاتي ويندي هئي، هاڻي هن کي صرف ’خان‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن مارڪيٽ کي مسڪي (Muski) مارڪيٽ طور پڻ سڏيو ويندو آهي. مارڪيٽ 1382ع ۾ فاطمي شهر جي امير جي حڪم تي المسڪي مارڪيٽ جي اولهه طرف گڏوگڏ تعمير ڪئي ويئي، جيڪا قاهره جي خريداري جي حوالي سان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي.
    پر ان کان علاوه هي مارڪيٽ قاهره جي اهم تجارتي مرڪز جي نمائندگي پڻ ڪري ٿي. خان الخليلي ۾ توهان کي غير ملڪي دوڪاندار پڻ ملندا. شايد هن مارڪيٽ جي اجاره داري مملوڪن جي حوالي آهي. جن اوڀر ۽ آمريڪا جي دريافت ۾ يورپين جي حوصلي افزائي ڪئي.
    شروعاتي دور ۾ مارڪيٽ باغين جو ڳڙهه پڻ رهي آهي. سلطان غوري جي ڇاپي دوران 16 صديءَ ۾ هن مارڪيٽ کي ٻيهر ٺاهيو ويو. هيءُ مارڪيٽ هڪ ڪنڊ سان ٽڪنڊي ٺهيل آهي، جيڪا ڏکڻ ۾ باب زويله ۽ اولهه ۾ ازبڪيه طرف وڃي ٿي. خان الخليلي جو بارڊر ڏکڻ ۾ الازهر اسٽريٽ سان اولهه ۾ مسڪي مارڪيٽ سان جڙيل آهي. مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو سڪت البدستان گهٽيءَ وٽان آهي. البدستان جي ڀر سان هڪ سوڙهي گهٽي ۾ El-Fishawi ڪيفي يا شيشي جو ڪيفي آهي، جيڪو آرٽسٽن جي ملڻ جو هڪ هنڌ آهي. هيءَ جڳهه نوبل انعام کٽندڙ Naguib Mahfouz (نجيب محفوظ ) جي حوالي سان پڻ آباد آهي.
    مصري خريدار البدستان جي اتر پاسي ۽ اولهه پاسي کان خريداري ڪندا آهن جتي قيمتون ڪجهه گهٽ آهن. سون ۽ چاندي جي لاءِ الخليلي جي اولهه طرف سونارن جا دڪان آهن. ان کان علاوه پتل ۽ ٽامي جا دڪان پڻ اتي جام آهن.
    خان الخليلي ۾ هر قسم جو سامان هيو. اسان مختلف ٽولين ۾ ورهايل هئاسين. ايمان، مستل، مريم، شيام ۽ آئون گڏ هئاسين. مون پنهنجي لاءِ، گهر واريءَ ۽ نياڻيءَ لاءِ اُٺ جي کَلَ مان ٺهيل سهڻن نقش و نگار وارا ٽي کُسا ورتا. عورتن لاءِ کُسا وٺندي ڏسي گڏ خواتين به اِهي جوتا ورتا. ايمان مون کي پئسا ڏيڻ ڪونه ڏنا ۽ چيائين ته هيءَ منهنجي طرفان پنهنجي گهر واريءَ ۽ نياڻيءَ کي تحفو ڏجانءِ ۽ پنهنجي گهر واري کي هيءُ شعر ضرور ٻڌائجانءِ:
    ”اي گُلَ! تون مون کي ڏاڍو وڻين ٿو جو تومان مون کي اُن جو واس ٿو اچي جو مون کي پيارو آهي.“
    اڳيان هلي مون دريائي ريٺي يعني پائيپرس جا ست ڪاغذ ورتا جن تي رامسيس، نيفريتيني ۽ ٻين مصري ديومالائي ڪردارن جون تصويرون ۽ شڪليون هيون. سوچيم ته ڇهه ٻار ۽ هڪ آئون ۽ گهر واري يعني ستن خاندانن لاءِ هڪ هڪ تصوير فريم ڪرائي سڀن کي ڏيندس ته ٻارن لاءِ هڪ ياد ۽ تحفو هوندو.


    الوداع.... الوداع.... اي نيل ندي .... الوداع

    4 نومبر، يعني اڳئين ڏينهن تي آرڊو ڪانفرنس جو آخري ڏينهن هيو، تنهنڪري رات جو واپس اچي جلد ئي وڃي ڪمرن ۾ آرامي ٿيڻ جي ڪئي سين. مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته ننڊ ڪريان پر ننڊ ته ڄڻ رُٺل محبوب هجي. پاسا ورائيندي جڏهين تنگ ٿيس ته اُٿي ڪمري جي بتي ٻاري فرج کولي ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل ڪڍيم ۽ ڪٻٽ ۾ پيل اڌ کن بچيل بليگ ڊاگ جي بوتل ڪڍيم ۽ ٽي وي کولڻ سان جڏهين هڪ انگريزي فلم ڪنهن چينل تي نظر آئي ته اُتي رکي پنهنجو وهسڪيءَ جو گلاس ٺاهي، آهستي آهستي چُسڪيون هڻڻ شروع ڪيم. نيٺ جڏهين بوتل ختم ٿي ۽ رات جا ٽي وڳا ته مَڌِ جي اثر هيٺ بي سَتو ٿي بستري تي وڃي ليٽيس. نشي ۽ ذهني دٻاءَ هڪدم ننڊ جي مهربان آغوش ۾ آڻي ڇڏيو.
    صبح جو ساڍي اٺين وڳي تيار ٿي آڊيٽوريم پهتاسين. 9 وڳي مصري حڪومت جي خاتون وزير براءِ ديهي ترقي، جا اختتامي تقريب جي مهمانِِ خصوصي هئي، اُها آئي. سيڪريٽري جنرل آرڊو مهمانِ خصوصي جي آڌرڀاءُ کان پوءِ ڪانفرنس جي موضوع تي گروپ جي گڏيل رپورٽ جو تَتِ پيش ڪيو. رپورٽ جو خلاصو هيئن هيو ته، جيئن ته ميمبر مُلڪ صنعتي طور ترقي يافته نه هيا ۽ گهڻي ڀاڱي سندن قومي آمدني ۾ زراعت جو حصو وڌيڪ هيو، سواءِ تائيوان جهڙن چند مُلڪن جي، تنهنڪري اهڙا اُپاءَ وٺجن جو زراعت ۽ زراعت سان وابسته صنعتون ڪيئن ترقي وٺن، جو نه صرف مُلڪ پر في ڪس آمدني کي وڌائي سگهن. ۽ اُنهيءَ ڪوشش ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن، ڪهڙا ڪارڻ آهن، جن جي هئڻ ۽ نه هئڻ سان هڪ موثر ۽ جامع لائحه عمل طئي ٿي سگهي ٿو.
    انهيءَ کان پوءِ مهمانِ خصوصي تمام شريڪ مندوبين کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. فوٽو سيشن ٿيا. يارهين وڳي تقريب ختم ٿي. گهڻي ڀاڱي سڀن جي واپسي جا جهاز شام 6 وڳي کان شروع ٿي ٿيا. صرف 3-4 ڄڻن جي بُڪنگ 5 تاريخ تي هئي. مون ته 5- تاريخ جي واپسي جو پروگرام ٺاهيو هيو. جهاز رات جو يارهين وڳي هيو. سوچيو هئم ته 4-تاريخ جو واندو ٿي، سڪندر ميمڻ کي ڳوليندس، سندس ائڊريس کڻي آيو هئس. سڪندر پيٽاري ۾ منهنجو ڪلاسي هيو ۽ بهترين دوست هيو. خيال هيو ته جي ملي ويو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته سڪندر سان گذاريندس.
    پر هاڻ ته ڪجهه ياد نه رهيو.... نه سڪندر.... نه ٻي ڪا شيءِ...!
    ڪجهه نه پئي وڻيو!! همٿ هئي ڪانه يا وفا جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئس. ايمان ته ٻه ڏينهن اڳ سڀ چئي چُڪي هئي.
    شيام، ڪونجل، رانجن، شاهه ديو، جيڪب ۽ ٻين سڀن کي اڄ ئي وڃڻو هيو. پويان ايمان، مستل، هاشمي ۽ آئون هياسين. ايمان ٻڌايو ته هوءَ منهنجي وڃڻ کان پوءِ به ٽي ڏينهن مصر ۾ رهندي، جو سندس هڪ مامو مصر ۾ رهندو آهي ۽ سندس هڪ ڀيڻ به مصر ۾ پرڻيل آهي.سڄو ڏينهن ويندڙ دوستن کي لاؤنج ۾ الوداع ڪرڻ ۾ مشغول رهياسين. ايمان شام جو اسان کي اِهو چئي نڪتي ته رات جي ماني سندس ڀيڻ جي گهر آهي ۽ هوءَ صبح جو اسان سان ملڻ ۽ هوٽل تان سامان کڻڻ ايندي. هاشمي ۽ مستل وڃي ڪمرن ۾ آرامي ٿيا. جڏهين شيام، شاهه ديو ۽ ڪونجل رات جو ڏهين وڳي واري جهاز ۾ وڃڻ لاءِ ستين وڳي ڌاري هيٺ لٿا ته آئون به هنن کي الوداع ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيس. شاهه ديو ۽ شيام ڀاڪر پائي مليا ۽ پنهنجي ائڊريس ۽ فون نمبر ڏيئي تاڪيد ڪيائون ته آئون سندن ملڪ ضرور اچان ۽ وٽن مهمان ٿيان. ڪونجل به ساڳي فرمائش ڪئي.
    سندن وڃڻ کان پوءِ مون آئيسس ۾ ئي ديرو ڄمايو. ويٽر آيو ته کائنس ووڊڪا جي بوتل آڻڻ جي فرمائش ڪيم. مون ڏي حيران ٿي نهاري پڇيائين:
    ”سڄي يا اڌ يعني پنٽ.“
    ”پنٽ؟“ وراڻيم.”بوتل کڻي اچ- سڄي- جي روسي Absolute هجي ته بهتر.“
    ٻه گلاس پي باقي بچيل ووڊڪا کڻي ڪمري ۾ آيس. مانيءَ جي طلب ڪانه هئي. دل اُداس ۽ اُٻاڻڪي هئي. ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. رکي رکي من موهڻيءَ جي تصوير اکين آڏو پئي ڦري. شام جو وهنجڻ جي عادت به اٿم. اڃان شاور به ڪونه ورتو هئم. سوچيم ته شايد ٿڌي پاڻيءَ جو ڦوهارو طبيعت ۾ ڪجهه فرحت آڻي. غسل خاني ۾ وڃي برش ڪري ٿڌي پاڻي جي ڦوهاري هيٺ بيٺس. وهنجي ٻاهر نڪتس ته طبيعت ڪجهه بهتر محسوس ڪيم. پر وري ووڊڪا ۾ هٿ وڌم. رات جا يارنهن وڳا هئا. اوچتو گهنٽي وڳي، وڃي در کوليم.
    خواب ته ڪونه ٿو پيو ڏسان! يا نشي ۾ هر پاڇو سندس پاڇو ٿو لڳيم! هي ڇا!؟
    ”ايمان....!“ ڄڻ پولار مان پئي ڀُڻڪيم.
    مون کي هٿ سان پاسي ڪري اندر ايندي چيائين:
    ”ها! ڇو؟ توکي حيرت ٿي.“
    ڇا چوانس! حيرت ۽ بي يقيني شايد ننڍا لفظ هئا. ڪيئن ٻڌايانس ته منهنجو مُلهه ايترو ڪونهي. آئون ته ايترو لهان به ڪونه. اوڏيءَ مهل مون کي هڪ پنجابي شاعر جون سٽون ياد آيون.....
    ”راند ڪرڻ وارو بلور توڙي لعل ٻئي آهن ته مڻڪا؛ پر جڏهين صراف اچن ته ٻنهي جي وچ ۾ لکن جو فرق ڪن.“
    هي تون ڀُلي ته ڪانه آهين! آئون ته ڪچو بلور آهيان! بي رنگ.... بي حيثيت.... بي نام..... ڪهڙي صراف آهين جو هِن بي رنگ شيشي کي لعل جو مول ڏنو اٿئه؟
    ”ڇا ٿو پيو ڏسين؟ تون سڀاڻ وڃين پيو.آئون پاڻ کي روڪي ڪانه سگهيس. توسان ملڻ آئي آهيان!“ ايمان اکيون هيٺ ڪندي چيو.
    مون سندس هٿ جهلي چُميو ۽ کيس آهستگيءَ سان صوفي تي ويهارڻ لاءِ هڪ پاسي ڇڪيو. هُن ڪنڌ مٿي کنيو. سندس اکين ۾ آلاڻ هئي. بجاءِ صوفي تي ويهڻ جي هن منهنجو هٿ پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ منهنجي ٻانهن ۾ هلي آئي. مون سندس اکين تي چپ رکي ڪِرندڙ موتي مثل لُڙڪن کي پنهنجي لَبَن سان پيتو. سندس اکيون، نرڙ، ڳل ۽ ڪنڌ کي چُمندو ويس ۽ بي خودي ۾ سندس ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪندو ويس:
    ”ايمان.... ايمان..... ايمان.....!“
    هڪدم جيئن ٻنهي کي هوش اچي ويو هجي. مون کيس صوفي تي ويهاريو ۽ آئون سندس قدمن ۾ ويهي رهيس.
    ”هي ڇا ٿو ڪرين؟ سامهون ويهه.“ هُن چيو.
    ”نه!“ ائين چوندي مون سندس پير کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيا.
    ”جي آئون سامهون ويهندس ته توکان پاڻ کي پري محسوس ڪندس ۽ ويجهو ٿيندم. هي تنهنجي پيرن جو لَمس مون کي تنهنجي هئڻ جو يقين ڏيارائيندو ۽ آئون پاڻ تي قابو به رکي سگهندس.“
    ”پليز!“ هن التجا ڪئي.
    ”نه! ائين ئي رهڻ ڏي.“ مون ضد ڪيو.
    مون سندس پير کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيا. سندس هڪ پير جي تِريءَ کي پنهنجي هٿ جي تِريءَ تي رکي، سندس پير کي هلڪو مٿي کڻي آڱرين کان مُرئيي تائين چُمندو ويس ۽ اکين کي لائيندو ويس. صرف هڪ لفظ ئي پئي ورجايم:
    ”ايمان.... ايمان ..... ايمان .....ايمن.....“
    ايمن ڪٿائن ۾ حُسن جي ديوي به ته هئي! ها.....! هُوءَ منهنجي ايمن هئي. وري ٻئي پير ۽ پير جي تِريءَ کي چُمڻ جي ڪيم. بي خوديءَ ۾ الائي ڇا چوندو رهيس. هُن هيڪر ته مون کي روڪيو پر پوءِ صوفي سان ٽيڪ ڏيئي گُم سُم ويٺي رهي. اِنهيءَ ديوانگي ۾ ڪنڌ مٿي کڻي جو سندس چهري جو واس ڪيم ته ڏٺم ته هُن جي اکين ۾ لُڙڪن جي لارَ لٿل هئي. منهنجي نظرن جي تپش تي هُن مون ڏي ڏٺو ۽ منهنجي چهري کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي چيائين:
    ”ٻُڌ! جسم جو ڇهاءُ ۽ لَمسَ جي لذت اسان کي پاڻ تي شرمسار ڪرائڻ جي حد تي نه کڻي اچي. مون کي تنهنجي لمحن جي خوشي به پنهنجي زندگيءَ کان پياري آهي. روئڻ انهيءَ ڪري ٿو اچيم جو توسان اُنسيت کان مٿي پيار ٿي ڪريان ۽ توکي ته اڃا چڱيءَ طرح ڏٺو به ڪونه. دل ٿي چوي ته سڄي رات ڳالهيون ڪريان. پنهنجي گهر وارن جون، ننڍپڻ جون، خوابن جون..... آئون پنهنجي حواسن کي تنهنجي آواز ۽ اکين جي نشي ۾ رڱڻ گهران ٿي. احمد! مون کي رڱجڻ ڏي!!“
    مون سندس پير کي هڪ دفعو وري چُمي پنهنجي هنج ۾ رکي ڇڏيو. اسان ڳالهيون ڪندا رهياسون. ڪنهن ڪنهن مهل مون سندس هٿ کڻي پنهنجي ڳَل تي لاتو ٿي ته ڪڏهين پير تي هٿ ٿي ڦيريم.
    خبر ئي نه پيئي ته ڪڏهين رات گذري. ڪنهن مهل هُن جو واچ ڏي ڏٺو ته چيائين:
    ”احمد! صبح جا ست پيا ٿين. اڄ 5 نومبر آهي. شام جو تنهنجي فلائيٽ آهي. آئون ڪمري مان جاگرز پائي اچان ٿي. هل ته، ٻاهر هلي نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون. پوءِ واپس اچي ناشتو ڪنداسين لاؤنج ۾. ڪجهه آرام ڪجانءِ. شام جو آئون توکي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ ڪانه هلنديس. مون کان برداشت ڪونه ٿيندو.“
    ائين چئي هوءَ اُٿي. آئون به اٿيس ته جاگرز ۽ ٽريڪ سوٽ پايان. در تي وڃي وري موٽي مون ڏانهس نهاريو. منهنجي چيلهه ۾ هٿ وجهي مون کي پنهنجي وجود جي لَمس ۽ گداز جي لذت ۾ گُم ڪري پنهنجا ياقوتي لَبَ منهنجن چپن تي رکي چُميائين:
    ”هي آخري پيار آهي... جيسين تون منهنجو پيار قبول نه ڪندين... آئون انتظار ڪري سگهان ٿي... پر توتي ڪا پابندي ڪانهي.“
    ائين چئي هوءَ ڊيل جيئن ٽِلندي ڪمري مان ٻاهر نڪرندي ويل چوندي ويئي:
    ”ڏهن منٽن کان پوءِ هيٺ هوٽل کان ٻاهر ملون ٿا.“
    ڏهن منٽن کان پوءِ اسان نيل نديءَ ڪناري پسار لاءِ نڪتاسين. آهستي آهستي هلندا رهياسين ڄڻ ڊپ هجي ته تِکو هلڻ يا جاگنگ ڪرڻ سان وقت جو ڦيٿو تکو ڦرندو. سندس نازڪ ڪمر سان ٽوئرسٽ جيان هڪ بيلٽ هيو، جنهن ۾ هڪ پاسي ڪيمرا هئي. هر ٿوري دير کان پوءِ هُن مون کي ڪڏهين ڪنهن بينچ تي، ڪڏهين ڇَٻر تي، ڪڏهين ڪنهن هنڌ وهڻ لاءِ ٿي چيو ۽ منهنجو فوٽو ٿي ڪڍيائين. نيٺ هڪ هنڌ هڪ بينچ تي اچي ويهي رهياسين. ڳالهيون هُيون جي کُٽڻ جون ڪين هُيون. ايتريءَ دير ۾ سامهون ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ايندا نظر آيا. هڪ آئيس ڪريم وارو لنگهيو.
    ”آئيس ڪريم کائيندين؟“
    ”صبح ساڻ.“
    ”ڇو صبح جو آئيس ڪريم کائڻ منع آهي؟“
    منهنجي دل ٿي چوي.“
    ”پوءِ ته آئون کائيندس.“
    ”ڪون يا ڪَپ؟“ هُن پڇيو.
    ”ڪون آئيس ڪريم. مون کي ڪون جو بسڪٽ وڻندو آهي.“ مون وراڻيو.
    هُن آئيس ڪريم واري کي سڏ ڪري کائنس ٻه ڪون آئيس ڪريم لاءِ چيو. ايتري دير ۾ پريان کان ٽلندا ايندڙ نوجوان به سامهون نديءَ ڪناري لڳل ريلنگ سان لڳي نديءَ جو نظارو ڪرڻ لڳا.
    ”تنهنجو ۽ منهنجو فوٽو ڪڍرايان.“
    ”ڪنهن کان؟“
    ”هنن ڇوڪرن مان ڪنهن کي چوان ٿي. تون نه ته تنهنجو فوٽو ئي مون کي تنهنجي قرب جي ياد ڏيارائيندو.“ ايمان چيو.
    5 نومبر 2000ع..... ايمان...... آئون..... نيل نديءَ ڪناري......
    اي نيل! تنهنجي داستانن ۾ هڪ گمنام داستان جو ڪردار آئون به آهيان.
    الوداع!
    الوداع!
    الوداع! اي نيل الوداع.....
    يادن جو واچوڙو وجود کي وڪوڙي ويو. حسين يادون ئي ته آهن جي جيونَ ڪٿا جو ثمر آهن. نه ته......
    دُکم..... سروم دُکم......
    * 


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350407
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402552
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ