ڪتاب جو نالو: صوفي لاڪوفي
مصنف: پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 نومبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 121 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • What is God
  • سنڌ سلامت پاران
  • ‘حال’ جو حال، شڪتي، قوت ۽ طاقت
  • ارپنا!
  • تعارف: پيهي منجهه پاڻ
  • مھاڳ: هن پروگرام کي ضرور وقت ڏيو...
  • ويچار واٽ
  • تصوف جو بڻ بنياد
  • مهاتما گوتم ٻُڌ
  • وحدت الوجود
  • تصوف، نه ڪنهن مذهب جي ميراث
  • ساهه جي سائنس
  • صوفي لاڪُوفي
  • Transcendental Meditation
  • خدا ڪٿي آهي،Where is God?
  • شاهه لطيف جو لُطفُ الَلَطيف
  • تصوف: هڪ رويو، هڪ ڪردار
  • شاهه لطيف جي سَاڃَاهه
  • شاهه جي شاعري ۾ ڏک جو ڪارج
  • سچل سچ سمورو
  • ساميءَ جي سکيا جو سارُ
  • روحانيت – هڪ جڳ مذهب
  • آخري گذارش
  • شرڌانجلي

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : صوفي لاڪُوفي
    ليکڪ: پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : ڊاڪٽر پارس ناگپال
    قيمت : 400 /= رپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    What is God

    The eternal one life, underneath all the forms of life.

    What is Love?
    To feel the presence of that one life, deep within your self and within all creatures.

    TO BE IT.
    Therefore, all Love is Love of God.

    (“The Power of Now” by Echart Tolle)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صوفي لا ڪوفي“ اوهان اڳيان پيش آهي. تصوف، تصورِ الوهيت؛ شاهه لطيف ۽ صوفين کي سمجھڻ لاءِ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال آهي. مهاڳ ۾ امر جليل لکي ٿو:
    ”اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن.“
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا جي سائين نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ‘حال’ جو حال، شڪتي، قوت ۽ طاقت

    سڀ ڪجھ حال آهي هي لمحو، ساعت ۽ هي گهڙي سڄي خوبصورتي، قوت ۽ ڪم جي سگهه هي هلندڙ ساعت آهي، جا اسين ڪڏهن محسوس نٿا ڪيون. سڀ ڪجھ ”هاڻي“ آهي، جتي توهان موجود آهيو، گهر ڪلاس، ٻني ٻارو، آفيس، رستو، باغ، نهر، يا سمنڊ– هي گهڙي ڀرپور جيئون، انجي اهميت سمجھون، جو ڪرڻو آهي پوري توجه، دل دماغ، شوق، اتساهه سان ڪيون. ڏسو پنهنجي پسگردائي کي، ڪيئن زندگي زنده آهي، آسمان کي به ڏسو، بادلن جي خوبصورتي يا اُس جو حسن، هوا ۽ پنن جون پاڻ ۾ سرٻاٽيون، گلن جو کلڻ ٽلڻ ۽ پوپٽن، ڀنڀورين ۽ پکن جون لاتيون لنوڻ!! ڪيڏي سندر آهي هي زندگي. حياتي ڀرپور ۽ زور دار طريقي سان وهي رهي آهي، هڪ پر سڪون نندي هلي رهي آهي، پنهنجي پياري رفتار سان زندگي روان دوان آهي. چاهه، اتساهه ۽ شوق سان ان کي جيئو، حصو وٺو ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ ڪوتعميري ڪاج ڪيو. پنهنجون ڪارون ڪيو، وس ڪري ٻين کي همٿايو ۽ مدد ڪريو. ڪلهه، سڀاڻي کي ڇڏي فقط هن ساعت کي پڪڙيو، کنيل ڪم پوري اتساهه سان ڪيو، خوش رهو ۽ ڪارائتو ٿيو. سڄي حياتي ساب آ، معنيٰ مطلب واري آ، جيئو پريشان نه – سدا سرها هجو.


    ارپنا!

    پنهنجي محترم، مربي ڀاءُ امر جليل ۽ مهنديار آغا سليم جي نانءُ!
    جن جي قربت آ، هيرن جوٿال!
    ساڻ انهن سڀني سالڪن جي نالي، جي پاڻ وڃائي پرين پائڻ جا جتن جوٽن ٿا ۽ خالق هڪ کي مخلوق سموري ۾ پسي پنهنجو تن، من ۽ ڌن سندن خدمت ۾ لڳائن ٿا.

    He prayeth well, who serveth well,
    Both man and birds and beast.
    S. Coleridge))

    وقت اها ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي،
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجھر ساڻ سويل،
    هندو مومن سان ملي، ڪر ڀلائي جا ڀير،
    متان ٿيئي اويل، اولهه سج نه اُلهي.
    (سچل سرمست رح)


    سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو،
    ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار،
    نرآڪار آڪار، ڌاري آيو جڳ ۾.
    (سامي)

    صُوفي لاڪُوفي، ڪو نه ڀائينس ڪير
    منجھان ئي منجھ وڙهي، پڌر نه آهيس پير
    جنين ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.
    (شاهه رح)

    پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولي لهج پاڻ کي،
    پاڻ منجھان ئي پاڻکي، پوندي ڄاڻ سڃاڻ،
    مکڻ اکر هڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ،
    اهواٿي اهڃاڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو.
    (سچل سرمست رح)


    تعارف: پيهي منجهه پاڻ

    توهان صوفي مت يا تصوف جي باري ۾ سوين ڪتاب پڙهو، تصوف جي باري ۾ سوين حوالا ياد ڪريو ۽ پنهنجن تقريرن ۽ مضمونن ۾ اهڙن حوالن جو ذڪر ڪيو، پر اوهين صوفي ٿي نه سگهندا. گيڙو ڪپڙا پائڻ، وار وڌائڻ، چرس جا سوٽا هڻڻ ۽ گدلو نظر اچڻ سان صوفي ٿي نه سگهبو آهي. غارن ۽ غفائن ۾ تپسيا ڪرڻ سان ماڻهو صوفي نه ٿيندو آهي. سوانگ رچائي پنهنجي ذميدارن کان جند ڇڏائڻ سان صوفي ٿي نه سگهبو آهي. اڃا ڪو اهڙو جنتر منتر پيدا نه ٿيو آهي جنهنجو ورد ڪرڻ سان صوفي ٿي پئجي. اسين اندران پنهنجي وجود ۾ صوفي ٿيندا آهيون، تصوف جا در تڏهن کلندا آهن جڏهن اسين باطني حسد، ساڙ، نفرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، لالچ ۽ بدلي جي ڀاونائن کان آجا ٿيندا آهيون. جڏهن اسين پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ جي خوشفهمي مان آزاد ڪندا آهيون، تڏهن انسان جي ذهن مان ڀيد ڀاؤ نڪري ويندا آهن. هو پاڻ کي آجو ۽ آزاد محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو Citizen of Universe، ڪُل جڳ جا رهاڪو ٿي پوندا آهن. هو هڪ آهي، هو هڪ آهي، هو هڪ آهي.
    علم رکڻ وارن سوچ ويچار ڪرڻ وارن جڏهن پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي ۾ ملن، مولوين، پادرين، پنڊتن ۽ ٻانڀڻن جي اجاره داري مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندن Revolt، بغاوت مان اسري آيا، اسلامي تصوف، هندو تصوف، عيسائي تصوف ۽ يهودي تصوف شروع ٿي ملن ۽ علم رکڻ وارن جي وچ ۾ مذهب جي باري ۾ تشريح جي ڇڪتاڻ. ان لحاظ کان مهاتما گوتم ٻڌ مونکي نج صوفي Puritan Sufi لڳندو آهي. ڏئي سگهو ته دنيا کي سک ڏيو، ڏک نه ڏيو. جيڪڏهن ڪجهه ٺاهي نٿا ٺاهي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ڊاهڻ کان پاسو ڪريو.
    پوکيو:- پوکي نه ٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ پوک کي باهه ۾ ڀسم نه ڪريو. اختلاف رکڻ وارن جو احترام ڪريو. دادگيري ۽ قتل غارت گيريءَ سان پنهنجي ڳالهه مڃائي نه سگهبي آهي. پاڻ کي برتر ثابت ڪري نه سگهبو آهي. ڳالهه مڃائبي آهي دليل سان، محبت سان، ۽ نوڙت سان، تلوار سان رشتا ڪٽبا آهن ڳنڍبا نه آهن. الله تي هڪ هٽي Monopoly اجارا داري قائم ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. گُهٽ آهي، ٻوسٽ آهي.
    تصوف جي باري ۾ مان فقط ڪنهيي سان اندر جو حال اوريندو آهيان. ڪنهيو اهو جنهنکي اسان انسانن انيڪ نالا ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ ٻيو ڪنهيو منهنجو ڀاءُ، منهنجو دوست پروفيسر ڪنهيو ناگپال.

    امر جليل
    2018-03-18


    مھاڳ: هن پروگرام کي ضرور وقت ڏيو...

    اڄڪلهه ڊيجيٽل باڪس کي ملائي ٻه سئو کن ٽي وي چئنل ٿيو وڃن. ڪهڙو ڏسي ڪهڙو ڏسجي؟ هر چئنل چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ٿو جنهن جو ڪهڙو پروگرام ڏسي ڪهڙو ڏسجي؟
    ڪو زمانو هو. پنجاهه پنجونجاهه سال اڳ جڏهن اسان وٽ هڪ بلئڪ ائنڊ وائيٽ چئنل شروع ٿيو هو، جيڪو شام جو چار پنج ڪلاڪ هلندو هو. ان ۾ روزانو سنڌي پروگرام لاءِ اڌ ڪلاڪ هوندو هو. ان اڌ ڪلاڪ ۾به پنج منٽ خبرون ۽ پنج منٽ اشتهار (ڪمرشل) هلندا هئا، باقي ويهه منٽ ڪنهن ڏينهن “ڳوٺاڻي ڪچهريءَ” ته ڪنهن ڏينهن فصلن جي سڌاري جو پروگرام“کيتي سرسيتي”هوندو هو، اسان سڀني کي وڻندو ڊرامي جو پروگرام هو. هفتي جي ان ڏينهن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪبو هو، جنهن ڏينهن شام جو اڌ ڪلاڪ لاءِ ڊرامي جي قسط هلندي هئي. ان پروگرام کي ڏسڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳ اچي ٽي وي اڳيان وهبو هو ته متان ڪو ڊائلاگ مِس ٿي وڃي، ڊرامي جي قسط پوري ٿيڻ تي اهڙو اڌ ڪلاڪ ٻيو ويهي ان جي اداڪارن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪبي هئي.
    اسانجا پڙهيل ڳڙهيل سنڌي، حڪومت تي به ڇوه ڇنڍيندا هئا ته ڇا سنڌي ماڻهو انسان نه آهن جو هنن جي وندر لاءِ هنن جي صوبي جي ٽي وي تان اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ پروگرام نٿو ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ اخبارن ۾ خط به ڇپبا هئا ته ائين ڪرڻ سان حڪومت عوام ۾ ساڙ ۽ ٻيائي ٿي پئدا ڪري. اردو قومي زبان ضرور ڪئي وئي آهي ۽ سڀني کي قبول آهي پر صوبائي ٻوليون به ته اهم اهن ۽ هر هڪ کي پياريون آهن. انهن کي ٽي وي تي وقت نه ڏيڻ سان نفرت پئدا نه ڪريو. اهو ئي حال اسان جي ريڊيو پاڪستان جو هو. سنڌي پروگرام لاءِ نه برابر وقت هوندو هو. دل چوندي هئي ته اڌ ڪلاڪ وڌيڪ سنڌي گانا ڏنا وڃن پر هرگز نه. نتيجي ۾ اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ رڪارڊ وٺي فوني (گراموفون) تي ٻڌبا هئا. ٿرپارڪر وارو پاسو “اندين ريڊيو اسٽيشن احمد آباد بڙودا” تان ڏينهن جو ڳپل حصو سنڌي گانا، ڊراما ۽ خبرون ٻڌندا هئا- جيڪي ڪافي Misguiding ۽ اشتعال پئدا ڪرڻ جهڙيون هونديون هيون. ظاهر آهي انڊيا اهڙين حالتن مان فائدو وٺي ٿو. اسان جا اديب، مفڪر، جرنلسٽ پنهنجي حڪومت کي ان بابت آگاهه ڪندا رهيا ٿي پر حيرت آهي ته ان معاملي ۾ اسان جي حڪومت هڪ طرف نٺر هوندي هئي ته ٻئي طرف اسانجي اسيمبلين جا سنڌي نمائندا اهڙا گونگا ٻوڙاهوندا هئا جو ان بابت احتجاج به نه ڪندا هئا.
    بهرحال اهي ماضيءَ جون ڳالهيون آهن، جڏهن فلم ڏسڻ لاءِ تيار ٿي رڪشا يا بس ۾ چڙهي اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ اڳ ريگل يا نشاط سئنيما پهچبو هو. ڊگهي قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ خريد ڪبي هئي. پوءِ گاڏي وارن کان چونئرا يا ريوڙيون وٺي کائبيون هيون، ان بعد اچي سئنيما هال ۾ وهبو هو. اشتهارن ۽ رسيس سميت ٽي ڪلاڪ فلم هلندي هئي جنهن کان پوءِ سيٽيون وڄائي اچي گهران نڪربو هو. يعني فلم پٺيان اڌ ڏينهن ضايع ٿي ويندو هو. بعد ۾ وڊيو ڪئسٽ نڪتا ته گهر ويٺي فلم ڏسڻ جو شوق پورو ٿيڻ لڳو. ڪجهه وقت ۽ ڪجهه خرچ جو به بچاءُ ٿيو. اڄ ٿو ڏسجي ته ويهارو کن چئنلن تي ته رڳو انگريزي ۽ اردو فلمون پيون هلن. سو به چوويهه ئي ڪلاڪ! ڪهڙي ڏسي ڪهڙي ڏسجي! پنج ڇهه ته رڳو سنڌي چئنل آهن جن تان هر وقت جي خبرن کان علاوه راڳ، گانا، ڊراما، فلمون، ادبي ۽ مزاحيه پروگرام ڏينهن رات پيا هلن.... ڪهڙي چئنل جو ڪهڙو پروگرام ڏسي ڪهڙو ڏسجي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سرڪاري چئنل PTV جنهن کي هر وقت سنڌ جا ماڻهو وقت وڌائڻ لاءِ منٿون ڪندا هئا اهو اڄ جيتوڻيڪ چوويهه ئي ڪلاڪ پيو هلي ۽ ان جا هڪ بدران چار چئنل آهن پر انهن کي ڪو پڇي ئي ڪونه ٿو. ملڪ ۾ نظر ايندڙ سوين خانگي چئنل وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سنڌي چئنل KTN، سنڌ ٽي وي ۽ ڪشش کان ئي واندڪائي ناهي جو ٻيا ڏسن.
    هاڻ انٽرنيٽ، واٽس اپ، فيس بڪ جي مشهور ٿيڻ تي ماڻهن ٽي وي ڏسڻ به گهٽائي ڇڏي آهي. مٿين شين جو واهپو اڄڪلهه جي سمارٽ فون سان هجڻ ڪري هر ڪو پنهنجو موبائيل فون هٿ ۾ جهليو ويٺو آهي. هڪ ئي ٽي وي چئنل ڏسڻ بدران هر ڪو پنهنجو پسنديده پروگرام ڏسي ٿو ۽ ٽي وي چئنلن جا مالڪ پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ لاءِ ڳولي ڳولي اهي بهترين ائنڪر آڻين ٿا جن جا پروگرام گهڻي کان گهڻا ماڻهو پسند ڪن، جيئن اخبارن جا مالڪ بهترين ڪالم لکندڙن کي پنهنجين اخبارن ۾ جاءِ ڏين ٿا. ڪاوش اخبار خبرن ۽ وقت تي گهر گهر پهچڻ ۾ کڻي سڀ کان بهتر آهي ۽ تمام وڏي تعداد ۾ ڇپجي ٿي پر آئون ڏسان پيو ته ڪيترا مون جهڙا عاجز جماليءَ جو ڪالم پڙهڻ لاءِ “عبرت” به خريد ڪن ٿا ۽ مهتاب راشدي، مشتاق باگاڻي، آدرش (شڪارپور جي ارشاد شيخ) ۽ نور احمد جهنجهيءَ جو ڪالم پڙهڻ لاءِ “عوامي آواز” اخبار کي ترجيح ڏين ٿا. بلڪه آئون ته انهن جي ايڊيٽرن کي جس ڏيندس جن اهي ڪالم نويس ڳولي لڌا آهن ۽ انهن کي سندن اخبارن ۾ لکڻ لاءِ راضي ڪيو اٿن.
    اهڙي طرح KTN ٽي وي چئنل جيتوڻيڪ تمام گهڻو ڏٺو وڃي ٿو پر ڪجهه پروگرامن لاءِ مون کي “مهراڻ” ۽ “سنڌ” ٽي وي به کولڻي پوي ٿي. مهراڻ ٽي وي ان جي مالڪ مورائي صاحب جي ڪري جيڪو “حالات حاظره” تي بيحد حقيقت پسنديءَ سان ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو. ۽ مون کي نجم سيٺي ۽ ٻين ڪيترن پراڻن ائنڪرن ۽ جرنلسٽن کان بهتر ۽ کرو لڳي ٿو. صحيح معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري مورائي صاحب جو هي پروگرام مِس نه ڪندو آهيان ۽ ڪنهن رات ننڊ نه ايندي آهي يا بوريت محسوس ٿيندي آهي ته به مهراڻ ٽي وي کولي “دانش مهدي” جو پروگرام ڏسندو آهيان. سندس ڳالهائڻ جي انداز ۽ شعر پڙهڻ تي اڪثر کل ايندي آهي ۽ هو جيڪي گانا پيش ڪندو آهي اهي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جا يادگار هوندا آهن. خبر ناهي مورائي صاحب هن شخص (دانش مهديءَ) کي ڪٿان ڳولي لڌو! ائين ته سنڌ ٽي وي جي مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر کي به شاباس هجي جنهن امر جليل کي هر هفتي پروگرام پيش ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو آهي ۽ هن کي فري هئنڊ ڏنو آهي ته هو بلڪل آزاد نموني سان پنهنجي مرضي مطابق ڳالهائي، نه ته ڪيترا اخبارن ۽ ٽي ويءَ جا مالڪ ڊڄندا رهن ٿا ۽ ڪالم نويسن ۽ ٽي وي ائنڪرن تي پابنديون مڙهيندا رهن ٿا.
    امر جليل جو پروگرام مون کي سڀ ۾ Best لڳي ٿو جو هو اسان جي دل وٽان ڳالهيون ڪري ٿو. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته اهو هر وقت ڌيان ۾ رکندو آهيان ته امر جليل جو پروگرام مِس نه ڪريان. منهنجو ڪو اهو مطلب هرگز نه آهي ته سنڌ ٽي وي وارا يا مهراڻ ٽي وي وارا ڪو فقط اهو هڪ ٻه بهتر پروگرام ڏين ٿا. جيتوڻيڪ ان غلط فهميءَ ۾ آئون به مبتلا هوس. اهو ان ڪري جو اسان وٽ وقت ڪٿي آهي جو اسان ڪنهن به ٽي وي چئنل جا سڄو هفتو صبر سان ويهي سڀ پروگرام ڏسون ۽ اندازو لڳايون. ان جو مشاهدو مون کي به هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو ۽ هاڻ مون لاءِ سنڌ ٽي وي جو هڪ ٻيو پروگرام “صوفي لا ڪوفي” پڻ فئوريٽ بنجي چڪو آهي.
    اهو ائين ٿيو جو گذريل مهيني ملائيشيا کان ڪراچي پهتس ته جيسين سامان جهاز مان لهي ايئرپورٽ جي اندر پهچي، هڪ اعليٰ آفيسر مون کي سڃاڻي پنهنجي آفيس ۾ اچي وهاريو ۽ هو پاڻ منهنجو سامان آڻڻ لاءِ ويو. سندس آفيس ۾ ٽي وي هلي رهي هئي ۽ مون ٽيبل تان رموٽ کڻي ان اميد تي هلندڙ چئنل بدلائي “سنڌ ٽي وي” رکيو ته متان امرجليل جو پروگرام هلي رهيو هجي.
    امر جليل جو ته ان وقت پروگرام نه هو پر هڪ ٻيو صاحب شاهه لطيف ۽ گرونانڪ جي قولن ۽ شعرن بابت سمجهاڻيون ڏئي رهيو هو. انهن سان گڏ هو ويدن جون ڳالهيون، قرآن جون آيتون، بابا بلهي شاهه ۽ رابندر ناٿ ٽئگور جا شعر ۽ انهن جون سنڌيءَ ۾ سمجهياڻيون ٻڌائي رهيو هو. منهنجي چانهه به ٺري وئي، آئون هن شخص جي ڳالهين ۾ ايترو محو ٿي ويس. اتي منهنجو سامان اچي ويو ۽ آئون ڪسٽمس مان ٿيندو اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺس.
    سڄي واٽ سنڌ ٽي وي تان هلندڙ هن ليڪچر بابت سوچيندو رهيس... ڇا ته ڄاڻ سان ڀريل هو ۽ ڳالهائڻ وارو ڪيڏو ته سٺي نموني سان سمجهائي رهيو هو. دل ئي دل ۾ آئون سوچڻ لڳس ته بنا شڪ جي اسان وٽ وڏا وڏا قابل ماڻهو به پيا اهن... پر هي ڪهڙو پروگرام هو... آيا هفتيوار آهي يعني هر هفتي اچي ٿو يا ڪو هي مهمان پهريون دفعو آيو آهي. جيئن هن کان اڳ هڪ چئنل تان اقبال ترين اچي رهيو هو جيڪو آمريڪا کان ڪافي سالن بعد سنڌ اچڻ تي، سنڌ جي حالتن بابت ٻڌائي رهيو هو. افسوس جي اها ڳالهه ته اهو پروگرام آخر تائين نه ڏسڻ ڪري، نه پروگرام جو نالو معلوم ٿي سگهيو ۽ نه ان شخص جو نالو، جيڪو ڳالهائي رهيو هو. پر اهو مون ضرور محسوس ڪيو ته هي شخص وڏو قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ جنهن نموني سان هو هندي، سنسڪرت، پنجابي ۽ عربي جا شعر، چوڻيون ۽ قرآن جون آيتون ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو آهي ان مان هو سنڌي ٻولي يا Comparative Religion Studies جو پروفيسر ۽ مفڪر لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو هندو هجي... پر هندو هجي ها ته هن کي اسلام جي ايتري ڄاڻ ڪيئن هجي ها. پر جي مسلمان آهي ته هن کي سنسڪرت، هندو ۽ سک ڌرم ۽ ويدن جي ڪيئن ڄاڻ ٿي سگهي ٿي... بهرحال مون کي ان ماڻهوءَ کي وري ٻڌڻ جي ڏاڍي آنڌ مانڌ پيدا ٿي ۽ سوچيم ته گهر پهچي سنڌ ٽي وي اسٽيشن تي فون ڪري معلوم ڪندس ته هي شخص ڪير آهي.
    پر افسوس جو مون کان اها غلطي ٿي وئي ته گهر پهچي اها ڳالهه وسري وئي. ٻن ڏينهن بعد صبح جو ياد آئي ته يڪدم سنڌ ٽي وي جو فون هٿ ڪري فون ڪيم. ٻه ٽي دفعا ته گهنٽيون وڄنديون رهيون پر ڪنهن فون نه کنيو. پوءِ مس مس ڪنهن کنيو ته وڏي ڇڙٻ مان هيلو ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ شخص ليڪچر ڏئي رهيو هو ان بابت پڇڻو آهي.
    “الائي ڪير هو؟” هن بيرخيءَ مان جواب ڏنو.
    مون هن شخص جو چهرو ڪجهه ياد ڪري چيو ته سائين هو ڀريل جسم جو هو...
    هن پاسي کان ڳالهائيندڙ شايد بيزار ٿي لڳو، منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو: “سائين هتي سڀ ٿلها ٿنڀرا آهن، سواءِ منهنجي.”
    “ڊاڪٽر راڄپر به عجيب ٽيليفون آپريٽر رکيا آهن.پاڻ ڪهڙو بااخلاق ۽ هي سندس ڪم وارا ڪهڙا!” دل ۾ چيم، ۽ اهو سوچيم ته ڪريم راڄپر کي ضرور ٻڌائيندس ته هي ڪهڙو آپريٽرآهي، پر پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس ته “ڀائو! توهان ڪير آهيو، آپريٽر آهيو؟”
    “نه بابا”، هن وراڻيو، “اڃان ڪو به نه آيو آهي. آئون چوڪيدار آهيان. شام جو فون ڪجو.”
    اهو ٻڌي سمجهي ويس ته غلطي منهنجي آهي جو ٽي وي ۽ اخبارن جي آفيسن ۾ زندگي شام بعد ايندي آهي. هاڻ شام جو فون ڪندس. شام ٿي ته ڳالهه وسري وئي. ٻه چار ٻيا ڏينهن گذري ويا ته پوءِ مون ان خواب جي پچر ئي ڇڏي ڏني... هي واقعو مون لاءِ جهڙوڪر خواب ئي ته هو جنهن ۾ ڪنهن کي ڏٺو هوم ۽ خوابن ۾ نظر ايندڙن سان ضروري ناهي ته ملاقات به ٿئي.
    پر پوءِ، حيرت جي ڳالهه آهي جو منهنجي سنڌ تي ويءَ تان “صوفي لا ڪوفي” پروگرام ڏيڻ واري صاحب- سائين ڪنهيالال ناگپال سان هفتي ڏيڍ بعد اوچتي ملاقات ٿي وئي. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو جو اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪنهن همراهه جو پار پتو، نالو نشان معلوم نه هجي ان کي هن دنيا جي ميلي ۾ ڳولي لهڻ - ائين هو ڄڻ بهه مان سئي ڳولهڻ. يعني بيحد ناممڪن ڳالهه. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان ايترو واقف نه آهيان. بس اي ميل کولي ۽ لکي وٺان ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ کڻي کوليندس جنهن ۾ فوٽو Upload ڪرڻ لاءِ به ڪنهن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. سو ان ڏينهن فيس بڪ کليو پيو هو ته اوچتو هڪ سلام دعا جو ميسيج آيو... طرفان “ڊاڪٽر ناگپال”. هونءَ ته آئون ورلي ڪو جواب لکندو اهيان پر ان ڏينهن اتي جو اتي لکيم ته “پنهنجو فون نمبر منهنجي نمبر تي Sms ڪجو.”
    ٻه منٽ به نه ٿيا ته ڊاڪٽر ناگپال Sms ڪرڻ بدران مون کي رنگ ڪيو. خوش خير عافيت بعد سائينءَ کان پڇيم ته “ميڊيڪل جا ڊاڪٽر آهيو.”
    ان تي پاڻ ٻڌايائون ته هو انگلش جا پروفيسر آهن ۽ هو سنڌ ٽي وي تان “صوفي لا ڪوفي” پروگرام نشر ڪندا آهن. مون کي ان وقت به ڌيان ۾ نه آيو ته هي ڊاڪٽر ناگپال اهو ئي آهي جنهن کي مون ايئرپورٽ تي ٽي وي تي ڏٺو. اهو ان ڪري جو ان وقت تائين مون کي نه پروگرام جي نالي جي خبر هئي ۽ نه هن شخص جي نالي جي.
    “آئون توهان ڏي پنهنجو هڪ پروگرام واٽس اپ ڪري رهيو آهي. ان کي ڏسي ضرور راءِ ڏجو.”ڊاڪٽر صاحب چيو. جواب ۾ مون جهيڻي هائوڪار ڪئي جو هن عمر ۾ ڪٿي آهي ڪنهن کي همت ۽ صبر جو ويهي ڪلاڪ اڌ جو پروگرام چڱي طرح ڌيان سان ڏسي راءِ ڏئي. ايتري ۾ هن جو واٽس اپ اچي ويو ۽ نه چاهيندي به جهڙو کڻي ان وڊيو کي هلايان ته هي همراهه ته اهو ئي اڇي مٿي، چشمي ۽ ٽاءِ وارو جنهن جا پار پتا سنڌ ٽي وي جي چوڪيدار کان پئي پڇيم ته هي ڀريل جسم وارو همراهه هو. مون کي بيحد خوشي ٿي. هي پروگرام جيتوڻيڪ اهو نه هو جنهن جو ذرڙو مون ايئرپورٽ تي ڏٺو. پر هي پروگرام به ايترو ئي ڄاڻ وارو، مثالن ۽ شعرن سان ڀرپور هو. مون يڪدم ڊاڪٽر ناگپال کي فون ڪري چيو ته سائين مون ته توهان کي خبر ناهي ڪهڙن بر پٽن ۽ جهنگلن ۾ پئي ڳوليو. توهان ته مون کي گهر ويٺي ملي ويائو! ڊاڪٽر ناگپال سان ان ڏينهن کان وٺي منهنجي فون تي خبر چار هلندي رهي ٿي. لڳي ٿو ته هن ان قسم جا ٽيهارو کن پروگرام ڪيا آهن جن مان هن ڪيترائي مون کي واٽس اپ ڪيا. ڊاڪٽر صاحب مون کان ٻئي ڏينهن ئي پڇيو ته اهي مون کي ڪيئن لڳا.
    “سائين توهان جي ان پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪا راڳ يا گانو ناهي جيڪو آئون هلندي چلندي يا لکندي پڙهندو ٻڌندو وتان،” مون وراڻيومانس، “توهان جو هڪ هڪ پورگرام سڪون، گهري سوچ ۽ Full Concentration سان ٻه ٻه ٽي دفعا ٻڌڻ جهڙو آهي، جيئن ان ۾ توهان جون ٻڌايل انمول ڳالهيون ۽ نصيحتون، عالمن جا قول ۽ چوڻيون، هينئين سان هنڊائي سگهجن، وڏي ڳالهه ته توهان جا ڳالهه ڳالهه تي ٻڌايل سنسڪرت، فارسي، اردو ۽ هندي سنڌيءَ جا شعر آءُ لکڻ چاهيان ٿو. سچ ته اهو آهي ته توهان جو هڪ هڪ پروگرام مون لاءِ هڪ بهترين گفٽ آهي. هن قسم جي پروگرامن مان هر ٻڌڻ وارو پرائي سگهي ٿو.”
    دراصل مون کي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته ڊاڪٽر ناگپال جا هي پروگرام . “صوفي لا ڪوفي” ۽ امر جليل جا “ڪلاس روم” يو ٽيوب تي موجود آهن. آئون ڊاڪٽر ناگپال جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي اهو به ٻڌايو ته انهن کي ڪيئن Save ڪجي ۽ وڊيو بدران آڊيو Mp3 ۾Convert ڪجي جيئن آئون ايئرفون ذريعي ڪار ۾ ٻڌي سگهان. خاص ڪري ايئرپورٽ تي، جڏهن اعلان ٿئي ٿو ته PIA جي اڏام ٻه ڪلاڪ Late آهي ته پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ کي برو ڀلو چئي گناهه حاصل ڪرڻ بدران ايئرپورٽ جي ڪنهن سانتيڪي ڪنڊ پاسي ۾ ويهي، ڪن ۾ ايئرفون وجهي، ڊاڪٽر ناگپال جي انيڪ “صوفي لا ڪوفي” پروگرامن مان هڪ ٻڌي سگهان.
    ڊاڪٽر ناگپال سان فون تي ٿيل ڪچهرين ۾ سائينءَ جن ٻڌايو ته هن جو سڄو نالو ڪنهيالال ناگپال آهي. “ناگپال” هن جو ادبي نالو آهي. سندن والد سندرداس پڻ وڏا عالم ۽ ڄاڻو ٿي گذريا آهن جنهن کي سنڌيءَ کان علاوه گرمکي، سنسڪرت، هندي، ارٿ جي وڏي ڄاڻ هئي. ڊاڪٽر ناگپال جو جنم 15 اپريل 1951ع تي پنهنجي ڳوٺ شهداد ڪوٽ ۾ ٿيو جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. ان بعد انٽر لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج مان ڪئي. باقي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان هڪ ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ ٽاپ پوزيشن ۾ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مئڊم امينا خميساڻي ۽ سائين اڪرم انصاريءَ جهڙا ماڻهو انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر هئا.
    گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب مختلف ڪاليجن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايو. نوڪريءَ جي شروعات هن ڪنڌ ڪوٽ ڊگري ڪاليج کان ڪئي. پاڻ ڪراچيءَ جي “ڊي جي سائنس ڪاليج” ۾ به يارهن سال هيد آف انگلش ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 2007 ۾ پروفيسر ناگپال سي آءِ اِي سي ۾ ڊائريڪٽر طور 2011 تاء ڪم ڪيو بعد ۾ رٽائرمينٽ تائين ويهين گريڊ ۾ لياري ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج سان پرنسپال طور سلهاڙيل رهيو.CSS جي چٽاڀيٽي امتحان لاءِ هن 32 بئچون پڙهايون آهن ۽ پڙهائي پيو ۽ SIUT ۾ پڻ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي B.S کي پڙهائي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب هڪ سٺو اديب، شاعر ۽ ڪمپيوٽر جو ڄاڻو آهي. سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيئن ته سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب: “جيون تاءُ تتيءَ جو”. هڪ تصوف جو ڪتاب: “پنهنجو پاڻ سڃاڻ” ۽ “گنج شاهه لطيف”. هڪ ڪتاب اردوءَ ۾ هن امر جليل تي لکيو آهي: “امر جليل: شخصيت اور فن.”
    انگريزيءَ ۾ سندن ڪيترائي ڪتاب آهن جيئن ته شاعريءَ جو هڪ ڪتاب بعنوان: Life’n Dreams جنهن جي 3 ايڊيشن هن ڪتاب سان گڏ ڇپيل آهي.
    ان کان علاوه شاگردن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ هن انگريزي سکڻ بابت ڪجهه ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر ڪنهيا لال ناگپال جي خاص دلچسپي ادب، فلسفو ۽ روحانيت آهي.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته پاڻ ٻن سالن کان سنڌ ٽي وي تي هفتيوار پروگرام “صوفي لا ڪوفي” ڪندو اچي. ان کان اڳ هن ساڳي چئنل تان تعليم بابت پروگرام “ايجوڪيشن آن فوڪس” ڪندو رهيو. ان کان علاوه هو “آواز ٽي وي” تي پڻ هر هفتي “پنهنجو پاڻ سڃاڻ” نالي سان پروگرام ڪري چڪو آهي.
    پنهنجي پڙهندڙن کي، آئون اهو ضرور چوندس ته هو ڊاڪٽر ناگپال جهڙي Learned ماڻهوءَ جي مٿين پروگرام کي ضرور وقت ڏين ۽ هن ڪتاب کي غور ۽ پيار سان دل لائي پڙهن ۽ ڪجهه حاصل ڪن.

    الطاف شيخ
    ڪراچي
    1 جنوري 2018


    ويچار واٽ

    انسان کي اشرف سندس روح الاهي ۽ سوچيندڙ دماغ ڪري ٿو، ته هو خود کي، خالق کي ۽ هن هرپل وڌندڙ ڪائنات کي سوچ سمجھ ۽ عقل ادراڪ سان پروڙي پنهنجي زندگيءَ جي معنيٰ مقصد ويچاري سگهي ٿو. پنهنجي لاءِ ڪا منزل مقصود طئي ڪري سگهيٿو ۽ جي هو ائين نٿو ڪري ته انسان ڇاجو؟ کائڻ پيئڻ، ٻار ٻچا پيدا ڪري نسل وڌائڻ ۽ مري وڃڻ ته سڀ جانور ۽ جاندار پکي پکڻ به پياڪن. هڪ هندي دوهو آهي:
    نندرا ڀوڄن ڀوڳ ڀئه
    اِهه پسون پرک سمان
    نرن گيان نج اڌ ڪٿا
    گيان بنا پسون جان.

    ننڊ، کاڌو، سيڪس ۽ ڀئه؛ پيار اهو ته ماڻهو ۽ جانور سڀ پيا ڪن، پر جي شعور سمجھ ۽ ڏاهپ نه آهي ته ماڻهوءَ کي پسون ئي سمجھڻ کپي، ته هي شعور شروع ٿيندو ته سڀ کان اول انسان آهيون ۽ سڀ ۾ اهو الک لکي سڀ کي سمان معنيٰ هڪجهڙو سمجھون. ٻار، ٻڍو، مرد، عورت، مذهب، مسلڪ، پنٿ، فرقو سڀ پوءِ. هڪ خالق جي سڀ خلق، مالڪ جو ڪٽنب، اَلخلق عيال الله،خالق منجھ خلق، خلق سڀ خالق ۾. سامي سڏ ويچاريو.
    ڳولا ڪرين جنهنجي، سوئي تون سلطان،
    پيهي پس تون پاڻ ۾، پنهنجي سونهن سڃاڻ،
    ناحق ٿيو نادان، ليئا وجھين لوڪ ۾.
    (بيدل رح)

    ٻيائي ٻولي ڪري، ڀوري ڀرم نه ڀُل،
    هوت تنهنجي هنج ۾، ناحق روه نه رُل.
    (دلپت صوفي)

    آهين خود خدا، ٻيائي توکي ٻيو ڪيو!

    پنن منجھ پيهي، تو حرف نه لڌو هڪڙو،
    توکي ڪَلَ ڪلِيهي، قاضي ڪتابن جي؟
    (سامي)

    نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي،
    نڪي ٺاهه ٺڳئي جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي،
    سچل ٻاجھون عشق الله جي، ڪوئي هنر نه سکيا سي.
    (سچل سرمست رح)

    اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
    اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
    (شاهه رح)

    هنڊائج هنيئن سان، الف سندي اوڙ،
    ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجھان تو معلوم ٿئي.
    (شاهه رح)

    علمون بس ڪرين اويار، اڪو الف تيري در ڪار.
    (بلا شاهه)

    شاهه سائين جو سنڌين لاءِ خاص طور ۽ انسانن لاءِ عام طور پيغام:
    ڦِريا پسي ڦِيڻ، کرن کير نه چکيو،
    دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
    (ڏهر 3)

    ان تي ويچاريو ته سچ عجيب سامهون ايندو، انگريزي ۾ چئبو.

    The nearer he goes to earthly pleasures
    the more thirsty he feels. Seas can’t
    quench this thirst even, Ambrosia of NAM (ALLAH)
    only can quench it. Control mind and senses.

    نفس اماره کي نفس لوامه ڪرڻ لاءِ هي سچ سهي ڪرڻو پوندو ته زمين جا جسماني مزا جيترا وٺندين اوترو ويندين پوڍائو ۽ بکايل ٿيندو، جو سمنڊ به تنهنجي اِها تاس، اها پياس ۽ اها اڃ نٿا اجھائي سگهن.
    بس هڪ الک جو نانءُ ئي تو کي ڍاپيو ڪري ڍءُ ڏئي سگهي ٿو.
    ته لطيف سرڪار طريقو به ٻڌائين ٿا.
    جسي ۾ جبار جو، خفي خيمون کوڙ،
    جلي تون زبان سان، چارئي پهر چوڙ،
    فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور،
    ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اي اَمل اتائين سپجي.
    (يمن ڪلياڻ 5)

    ته ڀلا اهو ضروري آهي؟؟
    جواب وٺون ٿا مولانا رومي کان! پاڻ مثنوي ۾ فرمائن ٿا ته؛ جيڪو پٽ پاڻ ۾ پيءَ جي ڪا به نشاني نٿو رکي ته ان کي پٽ نه پر غير سمجھڻ گهرجي، انجو مطلب ڪجھ هينئن ٿيندو ته جيستائين انسان حقيقت ۽ معرفت جو علم حاصل نٿو ڪري تيستائين هو آدم جي اولاد ڪيئن سڏبو؟ اهي ته آدم جون نشانيون آهن جنهن لاءِ هن کي ملائڪن سجدو ڪيو هو.
    ته هي حقيقت ۽ معرفت جو علم، جائي اصل صوفن جي منزل مقصود آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ هي ڪوشش ڪريان ٿو، تصوف تي ڏاڍا الزام آهن ۽ اڄ جي اسپيس ايج ۽ ڪارپوريٽ دنيا ۾، جتي سوچ ئي تجارتي آهي ۽ هر عمل پئسي جي فاعدي لاءِ ڪيو وڃي ٿو، هت ماڻهو پنهنجو اصل سڪون ۽ انسانيت وڃائي هڪ Commodity ٿي چڪو آهي، ته ڏينهن رات وڳوڙ، وسوسي، انتشار ۽ اسٽريس ۾ گهاري، مختلف بيمارين ۾ سڙي ڳري مري وڃي ٿو!.
    ان جي اصل خدمت ٿيندي هنکي پنهنجي اصل روحانيت ۽ سڪون آرام ڏانهن موٽائي، اندر ۾ خوشي ڳولي لهڻ سيکارجي، هو ته سڀ ٻاهر پيو ڳولي، سڪون پئسي ۾، چين ملڪن ۾ ۽ خوشي مادي حاصلات ۽ ڪاميابين ۾، جي اصل ۾ ناڪاميون ۽ پريشانيون آهن، ويندي حق پائڻ جا سمورا رستا به ٻاهر ۽ ظاهر اسمن ۾پيو ڳولي ۽ رب کان پري پيو ٿيندو وڃي. بلي چيو، رب تان تيري اندر وسدا وچ قرآن اشاري يا.
    هي حديث شريف “من عرف نفسہ فقط عرف ربہ”
    اهو سمجھڻ سمجهائڻ لاءِ هي حقير ڪوشش ڪيان پيو ته پهريائين ماڻهوء جو تصورالوهيت (Concept of God) درست ٿئي ٻيو تصوف جي صحيح فڪر، خيال ۽ عمل جي خبر پوي، هي ٻئي مضمون نهايت منجھيل ۽ منجھايل ڪيا ويا آهن، انهن ٻنهي کي سڻائو ڪري ماڻهو جو ماڻهپو موٽائجي، انکي اشرف هجڻ جي بشارت جو سبق ورجائجي ته انسانيت جي خدمت ئي اعليٰ مقام آهي، وارو نُڪتو نڪري نروار ٿئي.
    خدمت ڪر خلق جي پاند ڳچي ڳل پائي.
    ماڻهو چون دنيا ڀلائيندڙ آهي، هي سون چاندي ڦاسائيندڙ آهي، هي اولاد، عزيز اقارب اٽڪائي مالڪ کان پري ڪيوڇڏن ٿا. ته انجو هڪ سٽ ۾ جواب آهي، فارسيء ۾؛
    چيست دنيا از، خدا غافل بدن،
    نه قماش و نقره، و فرزند وزن.

    خدا کان غافل بدن (من، مغز) ئي دنيا جي غفلت آهي. نه ئي سون ۽ چاندي ۽ نه اولاد، زال.
    ماڻهو ڪمال جو غافل رهي ٿو، جو گرو نانڪ صاحب تنبيهه ڪن ٿا.
    گهٽ ۾ هئه سوجھت نهين، لعنت ايسي جند،
    نانڪ اههِ سنسار ڪو، ڀيا موتيا بندُ.

    تنهنجي اندر ٿو وسي پر توکي خبر ناهي، لعنت آ اهڙي غفلت ۾ رهندڙ جند تي، نظر نه ٿو اچي ته هن جهان جي اکين ۾ ڪارو پاڻي، موتيو لهي آيو آهي.
    هي منهنجي ڪاوش آهي ته اهي ٻه ڳالهيون واضع ٿين، هن بي معنيٰ مايوسي، گمراهي ۽ ذهني انتشار ۾ وڪوڙجي ڪيترا اڻاساجيء آپ گهات ڪيو ڇڏين يا بي مزي، جيئري مئل ٿي، زمين تي بار ٿي هلن ٿا.
    ڏينهن رات جي ٻن پڙن ۾ هر ماڻهو پيو پيسجي ۽ هيءَ چڪي پئي سدا هلندي رهي، جنڊ پيو پيهي ۽ ماڻهو پيا مرن!.
    چلتي چاڪي ديک ڪي ديا ڪبيرا روءِ،
    دو پاٽن ڪي بيچ ۾ ثابت بچا نه ڪوءِ.

    ته سندس پٽ ڪمال ڪبير صاحب کي جواب ڏنو، ته ڪيئن بچجي.
    چاڪي چاڪي سڀ ڪهين، ڪيلي ڪهي نه ڪوءِ،
    جو ڪيلي سي لاگ رهي، بال نه بيڪا هوءِ.

    جنڊ جي وچ ۾ هڪ ڪلي لڳل هوندي آهي، ان ڪِلي سان چنبڙيل انَ جا داڻا ثابت ئي رهندا آهن، ته هن ڏينهن رات جي هلندڙ ٻه پڙي جنڊ ۾ جا پسائي ٿئي پئي، ان ۾ رب جي نالي واري ڪِلي لڳل آهي، جي جيءَ ان ڪِلي ۾ ڳنڍيل آهن، جڙيل آهن، سي ته ثابت ئي رهندا، سلامت هوندا، جي مان کي ماري تون هي تون جو ورد ورائن ٿا.
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات.
    (شاهه رح)
    علم ڪتابن مان ملندو آهي پر معارفت صرف عشق مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو به فقط انسان کي ئي بخشيل آهي، فقط ان لاءِ ئي کيس اشرف المخلوقات سڏجي ٿو. ها صرف انسان ڪنهن به دين، ڌرم، فقي، فرقي، رنگ نسل ۽ قوم جو هجي، پنهنجي اندر صفائي ۽ ٻيائي ختم ڪري، هڪ سان عشق ذريعي هڪ ٿي سگهي ٿو. زنده پرين پائي سگهي ٿو، اصل سڪون، سچي خوشي، آنند تخليقي ۽ تعميري طاقت، گهري شانتي پائي، پاڻ ۾ مڪمل ۽ ڍاپو ٿي جيون جو اصل مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو.
    آءُ ان سچي علم کي جو پڻ ڪتابي آهي پنهنجي نالي لکي ڪو ڪوڙو مان شان پائڻ نٿو چاهيان ۽ نه ئي ان نالي شهرت ۽ شان مان ڪجھ ملندو، مٽي آخر مٽي ٿيندي، نه نالو نشان رهندو، شان ۽ مان ڪنهنجو-؟ مٽيءَ جو؟ نه سڀ هن هَڪَ جو – ڪهه نانڪ سڀ تيري وڏيائي، ڪوئي نانءَ نه جاڻي ميرا.
    هون به عرض رکان ته ماڻهو صرف پاڻ کي چاهيندو آهي پاڻ کي ئي اهم ۽ ڪائنات جو مرڪز سمجهندو آهي، اها آهي ته اوديا، معنيٰ اڌوري ڄاڻ پر جيسين پاڻ نٿو سڃاڻي، تيسين مان مان ئي ڪندو رهي ٿو. دنيا جا سمورا ڪتاب ڇا آهن.....Listen to me ها مونکي ئي ٻڌو! مونکي گرؤ اها سکيا ڏني ته، “لوڪن ڪي چترائي، اُپما، تي بيسنتر جارِ”ماڻهو جي واه واه کي وڃي باهه ۾ ساڙ، ڇاڪندي، اجايو مٿو ڦري ويندءِ، جي ٻه قدم اڳتي وڌيو آهين اتان به ڪري پوندين ته مان ڄاڻو، ڏاهو ۽ اڪابر ٿي ويس!
    سو هي ڪتابي علم، جو سمجھ ۽ سرت وڌائي سگهي ٿو. بنهه ضروري آهي، اوهان اڳيان انهن اصلي ذخيرن ۽ صاحب ڪتابن جي نالن سان رکان ٿو، جن پنهنجي پنهنجي نموني پئي لڌو آهي، لوچيو آهي ۽ هي املهه ماڻڪ موتي اڳيان آندا آهن.
    باقي حاصل ته صاحبِ نظر جي بخشش سان ئي سچ پلئه پوندو، پرين پائي سگهبو، جي من اتي ويچي، ڪجھ ڪين ٿي، ڪنهن ڪامل مرشد جي لڙ لڳي وياسي ۽ بخشش ٿي ته پئون ٻارنهن!

    • نانڪ ندري ندر نهال

    • اُٺ فريدا گون ڪر دنيا ويکڻ جاءِ
    مت ڪو بخشيا مل وڃئي، تون به بخشا جاءِ

    • ڪرمي آوي ڪپڙا، ندري موک دئار.

    تصوف کي پاڻ روحانيت کان وڌيڪ عرفانيت جو درجو ڏيون ٿا ۽ انسان (جنن) جي پيدائش جو مقصد اها عرفانيت واري عبادت حاصل ڪرڻ آهي ۽ جنهن فنافي الله جو درجو ماڻيو آهي اهوئي صوفي چوائڻ جي لائق ٿئي ٿو. صوفي پهريائين سچو موحد ٿي، وحدت جي عميق ۾ ٽپي پوي ٿو، جتان نڪري هو ڪشف المحجوب ٿي، سچو لاڪوفي ٿئي ٿو، جو بس خدا جو بندو آهي، ٻيو ڪجھ نه– ڪونه ڀائينس ڪير؟ چئي جوئي آهيان سوئي آهيان، ڪوڪئين چوي ڪو ڪيئن چوي.. اهو صوفيءَ جو مسلڪ ناهي ته دين ڌرم، نالي، مسلڪ ۽ قوم ٻولي ۾ اٽڪي پوي، جڏهن اکيون بند ڪري مراقبي يا سماڌي ۾ وڃي ٿو ته پنهنجي هستيءَ ئي وساري ڇڏي ٿو ۽ وهم جي اک ٻيائي طرف ٻوٽجي وڃي ٿي، هر جاءِ پرين پسڻ ۽ انجي هستي ۾ پاڻ گم ڪري فنافي الله ٿئي ٿو، هن اڳيان سڀ ڪجھ عيان ٿيو پوي ۽ انهن جي صحبت ڪندڙ ئي هن راز تصوف کي سهي سمجھي سگهن ٿا.
    یک زمانہ صحبتِ با اُولیا
    بہت از صد سال طاعت بی ریا۔
    (مولانا روم)

    لطيف سرڪار جن ڇا عجب ڏسيو آهي.
    قاتل ڪمائي ڪري وِههُ ماکي جي ڪن
    وٽان ويهي تن، پيج ڪي پياليون.

    ويهڻ ويڄن وٽ جي سکين ته سگهو ٿئين
    اڳين عادت مَٽِ، ته اگها عاجز نه ٿئين

    ان سنگ ۾ رهڻ لاءِ پهرين ادب سکڻو پوندو ۽ اهو ادب احترام ئي علم سيکاريندو. ياد رکو ‘با ادب با نصيب، بي ادب بي نصيب’ ان علم مان ڪهڻي سان گڏ رهڻي سکبي جا اصل حڪمت ۽ ڏاهپ جا ڏس ڏيندي، هيءَ حڪمت، زهد معنيٰ پرهيزگاري ۽ تياڳ سيکاريندي، جيسين ترڪ نه ڪبو ته طريقو به هٿ نه ايندو. ته طريقت جي منزل ماڻڻ پهريون مقام آهي، جنهن ترڪ بعد الاهي محبت لاءِ دل خالي ٿيندي، چيائون:
    هر تمنا دل سي رخصت هوگئي
    اب تو آجا ڪه خلوت هوگئي.

    ۽ پوءِ رب جي قرب جو مرتبو ماڻي سگهبو، سچ هي آهي ته ان علم جو مرڪز ماڻهو جي دل آهي، جي اها دوئي، حسد، هوس، حرص کان پاڪ ٿئي، ۽ ماڻهو ‘مان’ فنا ڪري فرشتن وارا آداب بجا آڻي ۽ سندس سلوڪ، اخلاق ۽ صدق جي اعليٰ صفتن جو آئينه دار ٿئي ته علم اوهان جي اندران ڦٽي نڪرندو جيئن ڪو آبشار! جي ان ۾ بس الف ئي رهي، ٻيو ڪجھ نه.
    هنڊائج هينئين سان الف سندي اوڙ
    ته ڪتابن ڪوڙ منجھان تو معلوم ٿئي.
    (شاهه رح)

    ته هن علم تصوف جو نزول خاص، ڪشف جي ڪرامت آهي ان لاءِ وليم جيمز به چيو ته؛ “صوفياڻي واردات ۽ تجربا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.” ڪا ٻولي الک کي لَکائي نٿي سگهي، ڇا لفظ جذبا ۽ انڀوءِ ٿي سگهن ٿا؟ بنهه نه! هي اسرار جو علم محسوس ڪري ان مان گذري ته سگهجي ٿو انکي بيان ڪري نٿو سگهجي.
    صوفين لاءِ ذوالنون مصري جو چوڻ آهي ته “جن الله عزوجل کي هرشي مٿان، سڀ کان عظيم، اعليٰ ۽ اڪبر ڪري سمجهيو ته الله رب العزت به انهن کي هر شي کان مٿاهون ڪري، کين ترجيح ڏني.” ته تصوف جو علم ماڻهو کي صفتن ۽ گڻن سان آراسته ڪري کيس عام سوچ، بحث ۽ تڪرار کان مٿاهون ڪري، عارفاڻو ذهن عطا ڪري ٿو، جو بس هڪ مالڪ ۽ خالق جي مدح، صفت، واکاڻ ۽ ڪيرت ۾ رڌل رهي ٿو پوءِ اها ڪهڙي به زبان، مذهب ۽ فقي پنٿ ۾ ٿيندي هجي. هنجو ذهن صاف، دل اوجل ۽ اندر آئينو ٿئي جو جنهن ۾ هو هر شيءِ ۾ خالق ۽ مالڪ ئي موجود ڏسي ٿو. جيئن؛
    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار
    جيءَ سڀ ڪنهن جيء ۾، درسن ڌارون ڌار
    پرينم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان؟
    (شاهه رح)
    هڪ قصر در لک ڪوڙئين ڪنس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون

    ڏسڻ ڏسين جي، همہ کي حق چوين
    شارڪ! شَڪُ مَ ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.
    (شاهه رح)
    ته اهو ڏسڻ سکڻ لاءِ صوفين جي صحبت ضروري آهي، باقي دنيا دارن سان ياري ته هتِ هُت خواري جو باعث آهي.
    صحبت صالح ترا صالح ڪُند
    صحبت طالع ترا طالع ڪُند.
    جهڙو سنگ تهڙو رنگ
    ‘حق موجود’
    آءُ دل جي گھراين سان عزت ماب، امر جليل ۽ هر دلعزيز مئيرين انجينئر ۽ گهڻ گهري ليکڪ مانواري سائين الطاف شيخ جو شڪر گذار آهيان جنهن وڏا وڙ ڪري مون غير معروف ماڻهو تي عزت جا مٽ اُپٽيا تعارف ۽ مهاڳ لکي مون کي احسانمند ڪيو.
    Thank you Sir
    


    تصوف جو بڻ بنياد

    منهنجي فڪر ۾ بنياد سنڌ ۾ آهي ۽ تصورالوهيت جا ماخذ آهن‘ويد’،دنيا جا پهريان ڪتاب، جيئن مان شروع ۾ عرض ڪيو ته هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت مونکي محسوس ٿي جڏهن آءُ سنڌ ٽي وي نيوز تي ان عنوان ‘صوفي لاڪُوفي’ جي سري هيٺ هفتي وار پروگرام شروع ڪيو. هي هڪ حق سڃاڻڻ ۽ تصوف سکڻ سيکارن جي ادني ڪوشش هئي ۽ آءُ ان لاءِ پاڻ کي وقف ڪري چڪو آهيان جا رضا ۽ مثيت سمجھان ٿو. جن شخصيتن کي ان پروگرام ۾ مدعو ڪري حال احوال اوريندا هئاسي، ان ۾ گهڻائي نالي وارن شخصيتن، قلمڪارن ۽ اڪابرن جي هئي، جن جو مان ٿورائتو آهيان ۽ جن مان مون گھڻو ڪجھ سکيو پر افسوس اهو ٿيو ته گهڻائي انهن دوستن جي هئي جن وٽ تصوف ۽ مذهب ۾ ڪو فرق نه هو. ڏاڍو ڏک ٿيو، وس آهر ڪوشش پئي ڪئي اٿم ته انکي سنهنجو ۽ سرل ڪري ڏيکارجي، منهنجي ڳالهائڻ ۾ لطيف، سچل، روحل، بيدل سان گڏ بابا گرو نانڪ، ڪبير، رويداس ۽ مولانا روم وغيره شامل هوندا آهن ته سڄڻ چون سائين ته هندن کي پيو ٻڌائي، اهو ته تصوف ناهي، سائين ته هندو آهي، صوفي ناهي! ۽ هر هندو يا ڪو به غير مسلم نجس آهي، ناپاڪ آهي، ڪافر آهي ۽ دوزخي آهي. آءُ ان سلسلي ۾ پنهنجي طرفان ڪجھ نه چوندس صرف قرآن مجيد جو رفرنس ضرور ڏيندس، جنهن ۾ الله! الحمدالله رب العالمين آهي. يا قُل هُو الله احَد الله الصمد آهي. سڀني جورب مالڪ مختار، ۽ بي نياز آهي سڀ جو سهارو آهي ۽ وري مالڪ يوم الدين پڻ اهو هِڪَ ئي آهي. ۽ فقط جنهن کي ئي جنت ۽ دوزخ ۾ موڪلڻ جو اختيار آهي. هو الرحمٰن اَالرحيم نهايت ڪريم، ٻاجھارو ۽ بخشيندڙ پڻ آهي. قرآن مجيد جي سوره 2، البقره جي آيت نمبر 62 کي غور سان پڙهيو وڃي ۽ وري سوره 5، المائده ڌڻي سڳورو پنهنجي رحمت ۽ جزا جا در کولي اعلان ٿا ڪن ته، ايمان وارو هجي يا ڪو به يهودي، عيسٰي يا ستاره پرست، ڪير به جو 3 ڳالهين کي مڃي ٿو.

    1. الله جي توحيد
    2. يومِ حساب، قيامت
    3. خوش اخلاق، خدمت ۽ نيڪي ڪرڻ وارو

    تن لاءِ سندن جزا، اَجر مون وٽ محفوظ آهي ۽ کين ڪنهن به قسم جو خوف، ڀئه ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
    مونکي وڌيڪ وضاحت يا دليل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ته رب سڀ جو ساڳيو ۽ بهترين عدل ڪندڙ منصف آهي جو هر هڪ لئه سندن عملن تي جزا سزا يا بخشش ڪرڻ جومالڪ مختار آهي.
    “عملان اُتي هون نبيڙي، کڙي رهن گيان ذاتان.”
    (بلي شاهه)
    صوفي جي دل پڻ سڀني لاءِ ساڳي محبت، قرباني ۽ بخشش ڀري آهي، جنهن جو متوئي انساني عشق ۽ خوش اخلاق سلوڪ آهي.
    بري دا ڀلا ڪر غصه منهه نه هنڊاءِ.
    (بابا فريد گنج شڪر)
    جو بس پنهنجي نفس سان وڙهي ٿو، پاڻ کي ئي برو سمجھي ٿو ۽ جھاد بن نفس جو مجاهد آهي.
    منجھائي منجھ وڙي پڌر نه آهيس پير.
    (لطيف)

    صوفي ڪير به ٿي سگهي ٿو، ٻڌ، مسيحي، هندو ۽ سک، هر مذهب ۾ تصوف آهي پر تصوف ۾ ڪو مذهب ناهي.ان لاءِ هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت ٿي ۽ ٻيو تصورالوهيت به فقن، پنٿن جو پنهنجو پنهنجو ڏٺم!!.
    اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو ڳالهائي پر اهو ڏسو ته ڇا ٿو ڳالهائي.
    اهو نه ڏسو ته ڇا ٿو ڳالهائي پر اهو ڏسو ته ڪري ڇا ٿو ۽ ڪيئن ٿو ڪري؟
    اهو به نه ڏسو ته ڇا ٿو ڪري يا ڪيئن ٿو ڪري پر اهو ڏسو ته نيت ڇا اٿس، ڪنهن فاعدي لاءِ ٿو ڪري؟
    هي Corporate تجارتي، ليکي چوکي ۽ فاعدي جي دنيا آهي نيت ئي اصل عمل جو آئينو آهي.
    نانڪ ڪو خود خصم مهروان، الله نه وسري، دِل جيءَ پراڻ.

    تصوف جي تعليم من ڪرڻ سان جا اندر آشتي، آنند ۽ سانت پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي وڌائڻ لاءِ صبح شام جي مراقبو (transcendental meditation) ڪجي ته نه فقط خود اندر تخليقي قوتون وڌن پر ماحول سڄو سڪون ۽ امن جو بڻجي پوي، هي تجربو ڪيل عالمي علم آهي نه شخصي!!.

    UNITY IN DIVERSITY:
    ته ان سڪون، شانتي لاءِ سڀ ۾ پرين پسڻ ضروري ٿيو پوي. ڪيڏا نه مذهب آهن، ڪيڏيون قومون ٻوليون ۽ ڪيڏا وري هڪ مذهب ۾ فرقا، ڌرم ۾ پنٿ ۽ رليجن ۾ Sects وغيره وغيره پوءِ نفرت، ساڙ، ڪينو ۽ مارا ماري، دهشت ۽ بيماري يا وري خودڪش حملا! نظر جو فرق آهي، نظريو ڀلي مختلف هجي انکي قبول ڪرڻ جي سگهه، برداشت هجي. پاڻ ڇو ٺيڪيدار ٿي قبضو ڪرڻ چاهيون ٿا. بس مان سهي ۽ آخري؟ هي هٺ، غرور، اهنڪار، ماڻهوءَ ۾ تيسو، انتشار ۽ وڳوڙ پيدا ڪري ٿو پر جي سڀ ۾ پرين پسي، ته پيار اچي وڃيس، پيار ته خوشي آهي، سڪون ۽ آنند آهي، هميشه باغ بهار، بسنت بهار ۽ نظر ۾ نينهن کڻي، ڪل خير... صلح ڪُل ٿي، هڪ دعا هڪ آسيس ٿيو پئون! دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!!..
    سبق ته سولو سرل ۽ سڻائو آهي، دل دماغ به مڃي ٿو.
    وحدت مان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل
    حق حقيقي هيڪڙو ٻولي ٻيءَ مَ ڀُل
    هي هلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين!!..

    پر انجي ابتو ٿو پاڙهيو وڃي، دماغ کي ڌوئي، نفرت، ڪينو، حسد، ساڙ، سيکاري، مرڻ مارڻ جا ڏس ڏانو ٿا ڏنا وڃن. ڀلا اهو سبق ۽ انجو جواب ٻڌو!!..
    ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامن پنڌ
    هوت ته آهر هنڌ، هو وڃن ڇو هنگلاج ۾؟

    سچا سامي، سچا سامن پنڌ
    هوت ته آ هر هنڌ، پر هنن ڏٺو هنگلاج ۾.

    توهان کي ڪهڙو اعتراض؟ ڇا اتي ناهي؟
    هر هنڌ حاضر ناظر آهي ته پوءِ.

    ته مسجد تي ڪهڙو به فقو لکيل هجي، مندر ڪهڙي به اوتار جو هجي، چرچ ڪهڙي به مسلڪ جي هجي، اسان سڀني کي هڪ واحد خالق جي عبادت ڪندي ڏسون ٿا. ڪو ڪيئن ڪري! ڪو ڪيئن ڪري! هون به هي ته بندي ۽ مالڪ وچ ۾ جو مسئلو آهي، اسان کي دخل ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان کي ته پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ وهنوار جو فڪر هئڻ گهرجي، پنهنجو حساب ڪتاب ڏيڻو آ، نه ٻي جو؟؟..
    جھ جھ جائون، تهان تيري سيوا، تم سِئه ٺاڪر اور نه ديوا.
    (رويداس)
    اري لوگو! تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا الله جاني!

    جيڪو اندر ۾ سانڍينداسي، اهو ئي اسانجو ذهن، طبعيت ۽ صحت ٺاهيندو، هي ساڙ، حسد، نفرت ۽ فڪر ڳڻتي ئي BP، مٺا، پيشاب، السر ۽ دل جا دورا ڏيو ڇڏي! خوش ٿيو، سدا کلندا رهو، کلائيندا رهو.
    ڳڻتي ڇو ۽ ڇا لاءِ - ؟
    ڳڻتي مان ڇا ورندو؟
    ڇا علاج ٿيندو يا اُپاءُ آ؟
    يا.. ٻيو نقصان ۽ پاڻ بيمار ٿيندو.

    ڇو اجائي ڳڻتي ڪرين ٿو؟ ڪنهن کان هرو ڀرو ڊڄين ٿو؟ ڪير توکي ماري سگهي ٿو؟ روح ته نه پيدا ٿيندو آهي ۽ نه وري مرندو آهي. جو ٿيو سو سٺو ٿيو، جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو به سٺو ٿي رهيو آهي، ۽ جيڪو ٿيندو، اهو به سٺو ٿيندو!!..
    تون ماضيءَ جو پڇتاءُ، مستقبل جي ڳڻتي نه ڪر، حال (هلندڙ) وقت هلي رهيو آهي، تون ان ۾ دل لاءِ، جيءُ، تنهنجو ڇا ويو جو تون روئي رهيو آهين؟ تو ڇا آندو هو، جو تو گم ڪري ڇڏيو؟ تو ڇا پيدا ڪيو هو، جو ناس ٿي ويو؟ نه تون ڪجھ کڻي آيو هئين ۽ نه وري تون ڪجھ کڻي ويندين، خالي هٿئين آيو هئين خالي هٿئين ئي هتان هليو ويندين، ته پوءِ افسوس ڳڻتي ۽ پشيماني ڇا جي؟؟..
    جيڪو وَرتئه هتان ئي وَرتئه، جيڪو ڏنئه هتي ئي ڏنئه، ان مالڪ کي موٽائيندين.جيڪو اڄ تنهنجو آهي، سو ڪالهه ڪنهن ٻي جو هو ۽ سڀاڻ وري ڪنهن ٻي جو ٿيندو، تون اڄ ان کي پنهنجو سمجھي خوش ٿي رهيو آهين، بس اها خوشي ئي تنهنجي ڏکن جو ڪارڻ آهي. ڦيرو، تبديلي دنيا جو واحد سچ آهي، جنهن کي تون موت سمجهندو آهين، اها ئي ته زندگي آ، پر تون امرتا کي نٿو ڄاڻين، هي مال ملڪيت، ڪڏهن ڪروڙ پتي ته ڪڏهن ڪنگال، هتي سڀ گذري ويندو. ان سچ کي سمجھ.
    تنهنجو منهنجو، پنهنجو پرايو، ننڍو وڏو، سڀ دل تان لاهي ڇڏ، هي خيال سڀ ڪڍي ڇڏ، پوءِ ڏس سڀ تنهنجو آهي ۽ تون سڀني جو آهين، نه هي جسم تنهنجو آهي ۽ نه تون ان جسم جو آهين، هي مٽي باهه پاڻي ڌرتي ۽ آڪاش جو ٺهيل پتلو آهي، جو آخر ان ۾ سمائجي ويندو، پر تون، تنهنجي آتما اجر، امر آهي، لازوال آهي ته تون ڪيئن مرندين؟ پنهنجو پاڻ ان مالڪ تي توڪل ڪر، ان حوالي ڪر، پورو پيش پئه ته هو تنهنجو آهي، هر وقت تو سان اهو سهارو آهي ته سڄي ڳڻتي، فڪر ۽ چنتا کان آزاد ٿي ويندين، هو ئي اصل مضبوط ۽ اڻموٽ سهارو، آٿت ۽ جھل اٿئي، جيڪو ڪرين ڪمائين انجي حوالي ڪر، هت دل، موهه نه لاءِ ته سدائين بي فڪر ۽ بي پرواهه ٿيندين، ڄمڻ مرڻ کان مڪت ٿيندين، خوش رهه ۽ خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي، ڳڻتيءَ جهڙي بيماري ڪانهي. توهان جا اڌ فڪر ڳڻتيون ۽ ڳارا، وڏا ٽهڪ ڏئي، دل کولي کلڻ سان گم ٿي ويندا! ڪڏهن کليا آهيو؟ ياد ڪيو... ڏينهن ۾ ڪيترا دفعا کلندا آهيو؟ بنهه ڪو نه، ياد به ناهي ته ڪو کلڻ به ٿيندو آ؟؟..
    اڄ جي ماڊرن ميڊيسن آهي.
    Laughter Therapy
    کلو ۽ خوش ٿي وڃو، وري وري کلو، هر هر کلو، پڙهو نه پيارا کلو، وڏا کليل ٽهڪ ڏئي کلو، کلي کلي کيرا ٿي پئو، ڪتاب بند ڪيو کلڻ شروع ڪيو، ها هونءَ ئي، ڪا ڳالهه نه گهرجي، ايوين ئي کل کل ڪري کلو، کي کي کي.. ها ها کلو، کلو ته کل ايندي، ٻيا به کلندا، لڄ نه ڪيو کلو، کلڻ هڪ نعمت ۽ شڪرانو آهي، کِلُو..
    سوچ فڪر ۽ (پئراڊائم) نظريو:
    توهان اهوئي آهيو جيڪو پاڻ کي سمجھو ٿا، جيڪو سوچيندا اهوئي ٿيندا، ڀلا سچل سرمست کي ٻڌون ته هو پنهنجي لاءِ ڇا ٿو سوچي؟
    جهڙو ڀايم پاڻ کي تهڙو آهيان آءُ
    باقي رهيو نانءُ، سچو مون صاحب جو.

    پَسي ڀت ڀليوس، تان آءُ آدمي آهيان
    وچان جان ويس، ساڳيو سچو آهيان.

    ته صحيح سوچڻ، مثبت خيال ۽ معارفت واري سوچ اِتي پهچائيندا ۽ شيطاني حيواني خيال حيوان ئي ڪندا، ته مرضي پنهنجي آهي جو ٿيون! هر دماغ هڪ الڳ ڇاڻي آهي A unique filter جنهن مان خيال ڇڻي ماڻهو ٺاهن ٿا. اڄ ڏسڻ جو انداز بدلائڻو آهي، جنهن کي جديد سائنس ۾ Quantum Psychology سڏجي ٿو.
    دنيا کي اذيت، عذاب سمجهندا ته اهڙي لڳندي پر جي باغ بهار بسنت ۾ ٽڙيل گلن جو باغ ڏسندا ته اوئين نظر ايندي، سک دک به گهڻو ڪري اسان جي سوچ مطابق ملن ٿا. سڀ ٻاهر، جو آهي سو ته سچ آهي، ان کي قبولڻ ۽ بدلڻ جو پنهنجو هنر آهي، جو هر هڪ وٽ الڳ آهي، گرمي ته 45 ڊگري آهي سڀ پيا سڙون، بجلي نه هوندي پيا ٻرئون، پر جي وڻ جي ڇانو ۾ لڳندڙ ٿڌي هوا جو خيال ڪيون، لڙيل پاڇن ۾ وڻ مان ويٺل رولو ڪانوَ جي ڪان ڪان جو روماني مزو ماڻيون ته ڪنهن جھليو آهي ڇا؟ واه واه! اڙي چريا اسان کي گرمي بي حال ڪري، ٻوسٽ ۾ وجھي ڇڏيو آهي تون وري ڪهڙا روماني نظارا پيو ڏيکارين! ڀلا لاهور وڃڻ لاءِ ريل ۾ چڙهيا آهيون يار اڃان روهڙي آئي آ، لاهور ڪڏهن ايندو، پريشاني، بي چيني وڌندي پئي وڃي، هي سفر ته کٽي ئي نٿو... مٿان رات به اچي وئي، گاڏي ڪنهن دوزخ ۾ گهري وئي آهي، پئي ٿي هلي، سفر کٽي ئي نٿو، لاهور اچي ئي نٿو. پر جي سيٽ تي لوڊو رکي کيڏون، تاش جا پتا ورهائي برج تي دماغ هلايون يا ڪو ڪتاب، اخبار ۽ سندر ڪهاڻي ٻڌون، جيون تي ويچاريون، ڪنهن فلسفي فڪر تي بحث ڪيون ته لاهور پاڻ ئي اچي اڳيان بيهندو.. اهو فرق آهي حياتيءَ گهارڻ جو، دک ۽ سک ته سڀني وٽ ساڳيا آهن، ائين ئي پيار جا سور، عشق جا ڏنڀ ۽ جدائيءَ جا آرا، جي لونءَ لونءَ زخمي ڪري چاڪ چڪائين ٿا! پوءِ ڪي پِٽن ۽ پاراتا ڏين ته، ڪي چريا وري ان عشق کي آسيس ڪن، دعائون ڏين، ظالم محبوب کي، جنهن اندر ڪوري ماس پٽيو آ.
    عشق ڪي چوٽ تو پڙتي هئه دلون پر يڪسان
    ظرف ڪي فرق سي، آواز بدل جاتي هئه.

    ته جيئڻ سکڻو پوندو، هي هنر آ، جو سمجھڻو پوندو ۽ ڏک کي سک، بيزاريءَ کي بهاري ڪرڻي پوندي، نه ته اجائي روئڻ رڙڻ ۽ پاراتن پٽڻ مان ڇا ورندو؟؟؟
    ڏُک:
    • ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري
    جني جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.

    (شاهه رح)
    • دک دارون، سُک روگ ڀيا
    جان سُک تامَ نه هوئي.

    (بابا گرو نانڪ)
    • ڏکن ڏيکاريوس، ڏونگر ڏس پرينءَ جو.

    هي ڪهڙو اڻپروچ، ورتاءُ آهي ڏکن سان.مون به 1980ع ۾ جا شاعري ڪئي هئي ان جون سِٽون ٿيون ياد اچن ٿيون.
    ڏکن وڏي ڏات اومٺڙا ڏکن وڏي ڏات
    سون مان ڪندن، منجھ ڪوٺاري، ڄرڪي ٿئي ڄات.

    ته ڏک ئي جيون آهن، ڏک ئي وڏي سوغات، سوکڙي آهن ۽ ڏک ئي پرين جو ڏس ڏين ٿا. هن ڏکن جي فلسفي کي پورو سمجھڻ ضروري آهي.
    ڏک ڪٿان ٿو اچي؟
    ڏک جو بنياد بڻ ۽ جوڙجڪ ڇا آهي؟
    ڏک ڪيئن ڏور ڪجن-؟
    ڏکن کي سکن ۾ ڪيئن مٽجي؟
    ڏکن کي نرواڻ پد معنيٰ ڇوٽڪاري جو سبب ڪئين سمجھجي؟
    ڏنا جي ڏاتار، مون جهوليءَ پائي جھليا. ڇا فڪر آهي؟

    


    مهاتما گوتم ٻُڌ

    تصوف جي دنيا مان مها صوفي، هڪ يوگي ۽ فلسفي، جيڪو آزاد ذهن، روشن دماغ ۽ صاف دل، مهان ڏاهو ۽ ڪرم يوگي هو. ايترو سيڪيولر جو هن وٽ خدا جو تصور ئي ڪونهي، جنهن لاءِ ڀيد ڀاؤ، ذات پات، فقي پنٿ کان بنهه آزاد، فطري قانون سان ٻڌل، مڪافات عِمل جو سورهيه سچار!!..
    جو ڪندين سوئي توکي موٽي ملندو
    جيڪو پوکيندين اهو ئي لڻندين
    جهڙو عمل تهڙو نتيجو.

    Every action has equal and opposite reaction

    خون پوکي خون ئي لڻڻو پوندو،
    گل پوکينداسي ته گل ئي جهولي پوندا.

    اهنسا، هرايذاءَ رسائي کان پري، ٽوٽل Non-Violence جي تصوير، ڪرم نه ٺاهيو، اڳرائي نه ڪيو، ڏاڍ، ظلم، زور، زبردستي ۽ قهر نه ڪيو. ڪيس ڪندؤ ته ڪيس سهڻا پوندا!
    خبردار – هوشيار ۽ سمجھدار!

    اصل نالو شهزادو سدارٿ، ڪپل وستو جي راجا جي گهر (563 BC) ڌاري لُمبني جا هينئر نيپال ۾ آهي، گوتم خاندان قبيلي ۾ پيدا ٿيو، نسل ساڪيا ۽ سندس راڄڌاني ڪپل وستو اتر اوڀر هندستان ۾ آهي. سورنهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي همعمر سوٽ سان شادي ڪيائين، کيس هر ڏک مرض ۽ بد صورتيءَ کان پري رکي، جنت جي ماحول ۾ حسن ۽ فرحتي پسگردائي م رکيو ويو هو، آخر ٻاهر نڪرڻ تي هن دنيا جي بدصورتي، بدحالي، ظلم، بيماري، ٻڍاپي ۽ موت کي ڏسي ڏاڍو ڏکيو ٿيو. ماڻهن جي گهڻائي، تڪليف، مرض، ظلم ۽ گهرج جو شڪار ڏٺائين، جي دولتمند هئا اهي به سکيا نه هئا، اهي انتشار ۽ ناخوشيءَ جو بَکُ هئا. سڀني کي بيماري ۽ موت وڪوڙيون بيٺو هو!!..
    دنيا جي هر خوشي عارضي ۽ اڌوري هئي، جا جلدي ختم ٿي ماڻهوءَ کي اڪيلائي، اداسي، بيماري ۽ موت جي حوالي ڪيو ڇڏي ته سڄي مخلوق کي هن تپاسي چيو.
    سروم دُکم دُکم

    هن دک، درد، مرض،۽ موت جي نگري ۾ ڪو به سکي ناهي. سڀ ڏک ۽ ڏک ۾ آهن، پهرين پٽ جي پيدائش بعد ئي، هو سڀ سُک تياڳ ڪري سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. راجائي عيش عشرت ڇڏي هڪ پينو ٿي، گيڙو اوڍي نڪري پيو ۽ ڪيترن گيانين ۽ درسن ڏيندڙ سان مليو، ڳالهه ٻولهه ڪئي پر ڪنهن مان به متاثر نه ٿيو. هن محسوس ڪيو ته، سڀ جو ترڪ ڪري سنياس وٺڻ ضروري آهي ته سچ کي پائي سگهجي ۽ هن ائين ڪيو، گهڻا تسيا، بک ۽ روزن رکڻ بعد هن محسوس ڪيو ته تن کي تڪليف ڏئي ڪجھ حاصل نٿو ٿي سگهي ته پوءِ عام ماڻهو وانگر کائڻ پيئڻ شروع ڪيائين ۽ سنياس ڇڏي ڏنائين. چپ ۾ ڌيان لڳائي، غور فڪر سان پپل جي وڻ هيٺان ماٺ ۾ رهيو ته سڀ پن ڇڻي اچي سندس جھوليءَ ۾ پيا، سڄي رات گيان ڌيان ۾ رهيو ۽ صبح جو سهي ڪيائين ته مون اهو سچ پائي ورتو آهي ۽ هو ٻُڌ معنيٰ روشني يا نور سان منور ٿي ويو آهي Enlightened One هن وقت سندس عمر 35 سال هئي. هن سڄي اُتر هندستان جو سير ڪيو، نئين سچ جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ جو پاڻ ڌرم بدلائي ٻوڌي ٿيڻ پيو چاهي تنهن کي قبول ڪندو ويو ۽
    (483 BC) ۾ جڏهن انتقال ڪيائين ته هزارين پوئلڳ سوگوار سندس مَتي تي هلندڙ هئا، هن ڪجھ به لکت ۾ ڪو نه ڇڏيو سندس ڳالهيون ياد ڪري سندس پوئلڳن ڪتاب لکيا، سندس سکيا جا خاص 4 ساڌن ڳڻيا ويا جي اخلاقي ۽ ثقافتي لحاظ کان متاثر ڪن ٿا.
    1. انساني حياتي ڏک جو تاچي پيٽو آهي.
    2. ماڻهوءَ جو غرض ۽ خواهش ان جو اصل ڪارڻ آهي.
    3. ان انفرادي غرض ۽ خواهش کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ان ترشنا، منشا جا من ۾ اٽڪي پئي ٿي کي ترڪ ڪري ‘نرواڻ’ ڇوٽڪارو وٺي سگهبو.
    4. هي نرواڻ جي حالت، جنهن ۾ خود غرضي ۽ خواهش ختم ٿئي (ختم نه ٿيندڙ ترشنا) جا 8 اصول آهن جي هيٺيان آهن.
    1) صحيح سوچ، صاف خيال
    2) صحيح ڳالهائڻ، مٺي زبان
    3) صحيح عمل يا ڪم، ڪرم
    4) حلال روزي – ايمانداري جي ڪمائي
    5) سچو عمل – ڪوڙ کان انڪار
    6) صحيح سنگت–ويچار ۽ خيال مثبت
    7) سچي رهڻي ڪهڻي– سادگي
    8) ڌيان يا مراقبو – سچ سان ملڻ، معرفت
    اهنسا، ڪنهن کي به نه مارڻ، امن پيار ۽ سڀ جو ڀلو، بنا ڪنهن به فرق جي ماڻهوءَ جو مانُ ۽ سنڀال جيئري پکي پکڻ ۽ جاندار جي ، ان سوچ لکين ماڻهن ۾ ٻڌازم پکيڙيو، سريلنڪا، برما، (ملائيا) انڊونيشيا، تبت، افغانستان، چائينا، ڪوريا ۽ جاپان ۽ هر خطي کي متاثر ڪيائين ۽ دنيا جو وڏو مذهب ٺهي پيو. ٻي سان ائين نه ڪيو جو جيڪر ڪوئي توهان سان ڪري ته ڏک ٿئي.
    ته فلسفو اهو ٿيو ته جيئڻ لاءِ هزار خواهشون ڪرڻيون آهن ته خواهش ڪجي پر خواهش کي ترشنا ٿيڻ نه ڏجي، ماڻهو عام زندگي جيئي معنيٰ گهر ٻار، ڌنڌو نوڪري ۽ ڪاروبار هلائي، دل ۾ جي خواهشون پيدا ٿينديون رهن ته ڪنهن کي به ترشنا جهڙي مجبوري نه ٺاهي جو اُڃ ان سواءِ لهي ئي نه ۽ پوءِ مايوس، اداس ٿي ناراض رهي، پاڻ کان خفا، اصل ڊپريشن ۾آڻي! ڪرم ڪندي جو اڪرم جو فلسفو آهي، گيتا انکي ڏاڍي زبردست نموني نڀايو آهي ته ڪرم ڪندي اَڪرم ٿيو. وڏا ڪم ڪيو پر نشڪام معنيٰ انجي ڦل جي چاهنا سان چنبڙي نه پئو، جيئن چئبو آهي نيڪي ڪر اور دريا ۾ ڊال، ته اهو ڪم يا ڪرم تو کي ٻڌندو نه، تون سدا آزاد ۽ ڇٽل رهندين، تنهنجي ڪنهن سان به ڪيل نيڪي توکي ياد نه هجي، ته نشڪام آ!!..
    اسان ته مهڻا ڏئي ماري ڇڏيندا آهيون، تعنا ڏئي، جٺ ڪري، جڳ ۾ ڍنڍورو ڏينداسي، ته دک ته پنهنجي هٿين کڻي ورتوسي، ڪنهن مان به ڪا اميد رکڻ، ڏک وٺڻ جي برابر آهي. پاڻ ٻي جي اميد تي هر طرح پورا اچون ته ڪم ڪري وساري ڇڏيون، مون ان اميد کي جا، ٻي مان رکون ٿا ۽ روئون ٿا، پنهنجي انگريزي شاعري ۾ چيو.
    No Hope; No Tears

    ته اها خواهش، اها اميد ئي ڏک جو ڪارڻ آهي، ڇڏ ته ڇٽين، سڀ هن لاءِ ڪر ۽ هن ۾ مگن رهه، ماڻهن ۾ نه، بس هن هڪ ۾! ماحول ۽ ماڻهن لاءِ پريشان نه ٿيو، جو ٻئي بي اختيار آهن جي توهان ڪو رد عمل نه ڪيو ته ڪوئي ڪجھ نٿو ڪري سگهي. توهان کي ڪو ڪونه ٿو ٻڌي سواءِ توهان جي خيالات جي، توهان کي ڪو محدود به نٿو ڪري سگهي سواءِ توهان جي ڊپ جي، ۽ توهانتي ڪو به قبضو نٿو ڪري سگهي سواءِ توهان جي قبوليت جي؛ سڀ ڪجھ ته توهان جي اندر آهي؛ اختيار ۾ آهي.

    


    وحدت الوجود

    سوهي، سوهو، سو اجل سو الله، سو پرين سو پساهه، سو ويري، سو واهرو
    پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
    پاڻهي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

    هي بيت سڄي مخلوق ۽ خالق جي هڪ هجڻ جو دليل آهي. هن پنهنجي جلوي، پنهنجي ۽ پنهنجي جمال کي ڪثير ڪري ڇڏيو!
    اَنا احمد بلا ميم، هر دوئي هيڪ ٿيا
    الاَنسان سري و اَنا سري!

    وارو وحدت جو سبق سکڻ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ کي وحدت الوجود، هڪ جي ڪثرت يعني:
    وحدت مان ڪثرت ٿي – ڪثرت وحدت ڪُل
    حق هقيقي هيڪڙو – ٻولي ٻيءَ مَ ڀُل
    هي هُلاچو هُل باالله سندو سڄڻين.
    اميد ته وحدت الوجود کي پڪڙي ورتو يا اڃان چٽو ڪجي ته پوءِ وري ٿا پڙهون ٻه بيت شاهه رح جا.
    1. هڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪنس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون

    ڪوڙئين ڪايائون، تنهنجو لکن لک هزار
    جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ ۾، درسن ڌارون ڌار
    پرينم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چُوان!

    ته هي آواز جو بس وراڪو آهي، اصل آواز ته هڪ ئي آهي، هيو، ۽ ڪائنات ته انجي گونج پئي ڪري، پاڻ نه سڃاڻي الڳ ڪري، ڀرمجي ڀلجي پئي جهيڙا فساد ڦهلائي! نه ته هن سواءِ ته ڪو آهي ئي ڪونه.
    پڙاڏو سوئي سڏ، وروائيءَ جو جي لهين
    هُئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    پر پاڻ سڀ کي الڳ الڳ پيا سمجھون، جو هر شيءِ جو وجود سڀاءُ ۽ سلوڪ جو الڳ پيو نظر اچي، ته انکي شاهه سائين شرڪ پيو سڏي!
    ڏسڻ ڏسين جي، همہ کي حق چوين
    شارڪ! شڪ مَ ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

    ساڳيوئي بڻ بنياد سڀ کان اول سنڌ ۾ئي رکيو ويو، جتان پوءِ سڀ مذهب توحيد جي وائي ورڻائي ۽ هي نظريو آيو وحدت الوجود، هت انکي ويدانت يا ادويت واد فلسفو چيو ويو، ادويت جي معنيٰ آهي “جو ٻه نه آهي” ته ان ويدانت تي گهڻن ئي قلم آزمائي ڪئي پر سڀ کان سٺي ۽ مڃيل ڪوشش شنڪر آچاريه ڪئي جو مالابار جو هڪ ودوان برهمڻ هيو. 8 صديءَ ۾ هن چار ويدن جي فلسفي ادويت کي سمجھايو ۽ ان سان گڏ شرح لاءِ اپنشد، ڀگوت گيتا ۽ برهم سوتر رکيا، هن برهم سوترن کي ويدانت سوتر به سڏجي ٿو. هن جي مصنف جو نالو وري بادريان Badryan آهي، جنهن جو سولو تت ۽ خلاصو ٿيندو ته؛
    برهم ۽ ڪائنات هڪ آهن، هي جھان سمورو بس برهم جي ليلا معنيٰ راند ۽ سانگ آهي، جو هن پاڻ وندرائڻ لاءِ رچايو آهي، پنهنجي حسن کي ڦهلايو آهي.
    It’s all but projection of One

    ته ادويت واد فڪر ۾ ٻيائي جي ڪا گنجائش ناهي، حقيقت مطلق هڪ آهي Absolute Truth One ان کان سواءِ ٻيو ڪنهن جي به حقيقت ناهي، ڪائنات برهم ئي آهي ۽ برهم ئي خود ڪائنات آهي، باقي سڄو نماءَ جو نظر پيو اچي هن نظر جو دوکو، مايا يا ڀرم آهي. وجود بس هڪ آهي ۽ اهو برهم آهي، جو حقيقت مطلق آهي، هڪ، هڪ ۽ بس هڪ. وحدت الوجود کي سمجھڻ ٿورو ڏکيو آهي، جو اسان جا دماغ ڄمڻ سان هٿيڪا ڪيا وڃن ٿا جنهن کي انگريزي ۾ چئونProgrammed يا Brain washed سڄي ٻارپڻ ۾ ڀرنگي وانگر ڀون ڀون ڪري، اسان آزاد ذهن جو قدرت جو املهه عطيو ٻار آڻي ٿو ان کي پنهنجن سوچن جو غلام ڪريو ڇڏيون، آزاد ذهن جي آواز کي اڄ اسين ڪفر، دهريت ۽ ڪميونسٽ وغيره جا الزام مڙهي ملحد ۽ واجب قتل قرار ڏيون ٿا. مثال طور سچل سرمست جا هي سچ، ڪو قبولي؟!
    سچو سائين هيڪڙو ناهي شڪ گمان
    ڪاٿي پڙهي پوٿيون، ڪاٿي پڙهي قرآن
    ڪڏهن ڪرشن ڪانُ، ڪڏهن احمد عرب ۾.

    بندرابن ۾ بيٺڪ ميري، رمز سچل دي الٽ اَروپڙي
    گنگا جمنا وڄ سنان، نانڪ لڇمڻ ميرا نام.

    سچل سارو سچ ٿيو، منجھان ڪثرت ڪُل
    الف مان آدم ٿيو، ڪري هنگامو هُل
    هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ٻي ڪنهن ڀُل.

    خلق الاشياء فهوعينها، اهو آڻ عمل
    ٿج گلابي گل، مر مارنئي منصور جان.

    ته رب جي هن راز کي جو منصور دُهرايو ته کيس قتل ڪري ساڙي، سندس رک اڏائي وئي، هيءَ هيو رب جي عشق جو اسرار، ته سچ چوڻ جي سزا ڀل ڏين پر سچل وڏي واڪي پيو سچ چوي.
    پسي ڀت (خودي/جسم جي) ڀليوس، تان آءُ آدمي آهيان
    وچان جان ويس (پاڻ کان پري/فنا) ته ساڳيو سچو آهيان.

    هي وحدت جي وائي، هر صوفي ورائي آهي. ڪهڙي به ديس ۽ ٻوليءَ جو هجي، وحدت الوجود جو راڳ پيو رڳن ۾ وڄي.
    تن تسبيح، من مڻيون، دل دنبورو جن
    تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن
    وحده لاشريڪ لہ، اهو راڳ رڳن
    سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت اُن جي.
    (آسا 4)
    ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو
    تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لخطي جيتري.

    ته اها خبر وصل بعد ٿي پئي، جڏهن پاڻ فنا ڪيو ويو! ته وحدت جي وادي ۾ تون ئي تون ٿو گونجي، ميران ٻائي جو هي ٻه سٽو ڪيڏو سندر آهي:
    ساجن هم تم ايڪ هنئه، ڪهڻ سڻڻ ڪودو
    من ڪو من سي توليئي، دو من ڪبهون نه هو.

    هت مڻ جو وٽ کڻي جي ڪا جنس توري وڃي ته اها هڪ مَڻ چئبي ۽ نه ٻه، ته هي فنا کائڻ جو راز سمجھڻ ته پرين ۾ هستي گم ڪرڻ ئي بقا پائڻ آهي. گرو نانڪ صاحب ان فقيري لاءِ چيو.
    فقيري چيست؟ ابتدا فنا است، انتها بقا است

    ته ٻن جو تصور ختم! فنا ٿيڻ جي شروعات ڪئي سي ته آخر ۾ بقا ئي بچندي، جو هو ته قائم دائم آهي، سدا ساڳيو، سچ، امر، اجر اجوني ۽ سدا ٿر رهڻ وارو اڪيلو سچ!
    جاڪارڻ جڳ ڍونڍيا، سو تو گهٽ هي مانهه
    پردا ديا ڀرم ڪا، جانتي سوجهت نانهه

    وحدت الوجود جي هن فلسفي کي صديون اڳ اسان يونان جي فيلسوفن وٽ به پڙهون پيا، پارمينڊس هڪ يوناني مفڪر چوي ٿو ته حقيقي وجود فقط هڪِ آهي جوازلي ۽ ابدي آهي Truth of Being هو 514 قبلِ مسيح يونان جي Elea ۾ پيدا ٿيو ۽ مشهور فلسفي فيثا غورث جو 6 صدي قبلِ مسيح جو شاگرد هو، پارمينڊس هڪ Non – Confirmist وانگر پنهنجو الڳ رستو اختيار ڪيو ۽ هڪ الڳ نظريو ڏنو، جو اڳتي هلي ‘سچ جو نظريو’ جي نالي مشهور ٿيو. سندس اهڙي سوچ ۽ ذهانت ڪري خود افلاطون Plato به سندس نالو احترام سان وٺندو هو. سندس وجود Being جو فلسفو هڪ سيڪيولر ۽ عملي هو. جيتوڻيڪ هو زينوفينس Xenophenes کان اهو فلسفو ورتو پر هو هڪ مذهبي انداز ۾ پر چارڪ هو، جڏهن ته پارمينڊس انکي ان مذهب مان آجو ڪري منطق تي بنياد رکيو، جو هر هڪ لاءِ ئي سچ جو نظريو ثابت ٿيو. اڄڪلهه به تصوف سان ساڳي جُٺ آهي، هر مذهبي مفڪر انکي پنهنجو سچ ثابت ڪري ٿو. جڏهن ته هي هڪ خدا ۽ سمورن بندن، بلڪ ڪائنات جي توحيد جو فڪر آهي. جنهن کي مذهب تائين محدود ڪري ماڻهو نه منجھايا وڃن. زينوفينس جيئن ته هڪ شاعر ۽ گائڪ هيو، جو بنجاري وانگر ڳلي ڳلي ۾ ڳائيندو هو يا ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، جي مذهبي مرثيا يا Hymns هوندا هئا پر سندن بنياد هڪ خدا جو تصور ۽ گهڻن خدائن جي پرستش کان انڪار هيو. هن ماڻهن جي روايتن عقيدن ۽ انڌ شرڌا تي حملا ڪيا، ديوتائن جي خلاف ڳالهايو، جو ديني ديوتائن جون شڪليون ۽ خصلتون ماڻهن جهڙيون هيون ۽ انهن لاءِ به چوري، زنا، ٺڳي ۽ دولاب جون ڪيتريون ڪهاڻيون هيون. جيئن هندو مئٿالاجي ۾ اڄ به عام آهي، اهي پڙهيون، ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ هن انهن ديوتائي مٿس کي مڪمل رد ڪيو ته خدا هڪ آهي جو ڪنهن به طرح انسان جهڙو نه آهي، جيئن هندو ويدن ۾لکيل آهي “نه تسيہ پرتيما استي” خدا جي ڪا به شڪل صورت ناهي پر پوءِ به ديوتائن جون مورتيون خدا ڪري پوڄيون وڃن ٿيون. زينوفينس جي سوچ ويدن جو فڪر هئي “ايڪو سته دويتو ناسي” صرف هڪ خدا آهي ٻيو ڪو به ناهي، ناهي يا “ايڪو ادويتم” هن جهڙو ڪو به ناهي. هن هڪ جو ئي ڪائنات تي حڪم هلي ٿو – زينو لاءِ هي ڪائنات ئي خدا آهي. جو هو ڪائنات کي زنده حقيقت سمجهي ٿو جا محسوس ڪري، انسٽنڪٽو Instinctive سوچي ٿي. سڄي ڪائنات تي غور ڪيو ته فقط هڪ هستي جي موجودگي محسوس ٿيندي، اهو هڪ خدائي آهي جنهن ۾ ڪا ڦير گهير يا تبديلي نٿي اچي، هي Absolute Truth جو تصور ڪائنات جي نظم وضبط مان ثابت ٿئي ٿو، هتي “هم اوست” سڀ هو آهي جو صوفي تصور پيدا ٿئي ٿو.
    پارمينڊس ان ۾ سائنسي سوچ ۽ دليل شامل ڪيو ۽ ان فڪر کي اڳتي وڌايو، مثال هتي هر شيءِ ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي، جو هاڻي آهي سو پهريائين ڪونه هو، ڪا به شيءِ هميشه ساڳي حالت ۾ نٿي رهي پر بدلبي رهي ٿي. مثلاً ماڻهو جانور ۽ هر جاندار پيدائش کان مٽبو، بدلبو آخر موت جو بک ٿيو وڃي، ته اهڙي عارضي ڪائنات ۾ آخر سچ ڇا آهي، جو نه بدلجي، نه ختم ٿئي ته اهو پارمينڊس ٻڌايو حقيقي وجود يا Being جو نظريو، جو اصل کان قائم ۽ دائم ۽ نه مٽجندڙ نه تباهه ٿيندڙ آهي.
    ان کي لفظن ۾ چئي نٿو سگهجي، ڏيکاري نٿو سگهجي، هو بيان کان ٻاهر آهي ته هيئن آهي هونءَ نه آهي، سندس نه ماضي آهي ۽ نه ئي حال يا مستقبل يا بس هنجو وجود قائم آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ اسين Is – ness (Am-ness) چئي سگهون ٿا.
    هي آهي وحدت الوجود جي ابتدائي شڪل ۽ فلسفو جنهن کي ابن العربي، شيخ اڪبر هڪ اسلامي فڪر جي شڪل ڏني، هن فڪر ۾ ائين ئي چيل آهي ته هن ڪائنات ۾ جيڪي به شيون موجود آهن انهن جو پنهنجو ڪو وجود ڪونهي پر اهي سڀ مظهر آهن هڪ خدا جو ۽ الله کانسواءِ ڪنهن جو به وجود قائم دائم ڪانهي، سڀ وجود ڪن قانونن تحت هلن پيا جي سڀ قاعدا قانون خدا ۾ موجود آهن. هي مادي شڪليون ان قانونن جون ظاهري مظهر آهن، هنن وجودن اچڻ کان اڳ هي خدا ۾ موجود هيون ۽ هيئن سندس مرضي مطابق خدا جي وجود جوئي مظهر آهن، هن سڄي ڪائنات جو ڪارڻ پڻ خدا آهي ۽ ڪارڻ نتيجي ۾ موجود هجي ٿو. بلڪل تهڙي طرح خدا هن ڪائناتي ڪارڻ ۾ موجود آهي ۽ ان کان جدا يا الڳ نه آهي. جيئن چيل آهي “المخلوقات عين وجود الحق” يعني مخلوق سموري ئي خالق جو وجود آهي. روح بابت فڪر ۾ ابن العربي جو خيال آهي ته انساني روح وري روح ڪائنات کان جدا نه آهي پر انجو حصو به نه آهي، ڇو جو روح جا حصا نٿا ٿي سگهن، هي جزن ۾ ورهائجي نٿو سگهي پر ڪُل آهي. ها باقي انساني روح ڪائنات جو انفرادي عڪس ضرور آهي، خالق کي مخلوق کان جدا سمجھڻ ائين آهي جيئن اسين ڪنهن شي جي هڪ رخ کي ان کان الڳ ڏسون ۽ سمجھون، انساني روح پنهنجي پنهنجي اصل ڪُل کان جدا ٿي هتي حيران پريشان ۽ بي چين آهي ۽ پنهنجي اصل جي جدائي ۾ روئي ۽ رڙي ٿو ۽ هو هتان نڪري ڪُل ۾ شامل ٿيڻ يعني محبوب جي وصل لاءِ بيقرار آهي، هو هن خاڪي جهان ۾ جا تڙپ، بيقراري ۽ اڃ محسوس ڪري ٿو تنهن کي ئي ‘عشق’ چئجي ٿو، پنهنجي اصل جي تانگھ، تڙپ ۽ هجر، ورهه جا ويڻ جي شاهه جي شاعريءَ ۾ صوفي ڪلامن ۾ چٽا ۽ واضع آهن. هن فلسفي کي سمجھڻ بعد ئي اهي ڪلام واضح ۽ وائکا ٿيندا نه ته ڳجھ ڳجھاندر جون ڳالهيون لڳنديون.
    شنڪر آچاريا ۽ ٻين ان فلسفي کي ادويت واد جو نالو ۽ آتما پرماتما (روح ۽ ڪُل) جي لفظن ۾ ساڳي فڪر کي واضع ڪيو ۽ ملڻ ۽ وصل لاءِ ڀڳتي معنيٰ عشق ئي آخري سچ ڪري سمجھايو، باقي جوڳي يا جوڳ جنهن جي معنيٰ به وصل آهي لاءِ پهريان تپسيا ۽ تياڳ يا ويراڳ جا نظريا ڏنا جنهن کي صوفين چاليها ڪڍڻ، جسماني تسا، مجاهدن ۽ ترڪ جي لفظن سان ياد ڪيو؛ جي اڳتي هلي ترڪ جي ترڪ ڪرڻ معنيٰ هر پنهنجي خواهش ڇڏي مڪمل پيش پوڻ، رضا ۾ راضي رهڻ جو عاشقن وارو عشقي سبق سکيو.
    “ساچ ڪهون سن ليهه سبي، جن ‘پريم’ ڪيو تنهي پرڀ پايو”
    (گرو گوبند سنگهه)

    • عشق لڳئي ته ڪر آمين، نه منجھ ڪفر نه منجھ دين.

    • سچل ٻاجھون عشق الله جي ڪوئي هنر نه سکياسي.
    (سچل سرمست رح)

    مذهب عشق از همہ دينها جدا است
    عاشقان را مذهب و ملت خدا است.
    (مولانا روم)

    هينئر هر صوفي ڪلام سولو لڳندو جي عشق وارو عيني ياد رهي. لطيفي هي تمنا ۽ دعا سمجھ ۾ ايندي، غور سان پڙهجو سڄڻو! ته هي اڃ، پياس ۽ طلب ئي اصل وصال آهي، شل نه لهي.
    ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
    من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.

    آءُ ڏورئين شال مَ لهئين، تن مَ مليئن تون
    لونءَ لونءَ منجھان مون، لوچ تنهنجي نه لهي.

    آءُ ڏورئين شال مَ لهئين، پرين هئين پري
    هڏ نه ساهه سري، تن تسلي نه ٿئي.

    ڀلا ڪو پنهنجي تن کي تسلي نه ملڻ جي به دعا گهرندو ڇا؟ وڇوڙي کي پسند ڪندو ڇا؟ ساهه نه سرڻ جي به صدا هڻندو ڇا؟ ڪو سور لاءِ ٻاڏائيندو؟؟..
    صدا هيم سور جي، اڳيان ڪوهياري
    جو نجس نيکاري، سو پرين وڌم پاند ۾.

    ته هي درد ئي ته دارون ٿو ٿئي، جدائي جا سور ۽ ڏک ئي ته پتو ڏين ٿا پرينءَ جو.
    ڏيکاريس ڏکن، ڏونگر ڏس پرينءَ جو.

    باباگرو نانڪ جي به چون ٿا ته،
    دُک دارون سک روگ ڀيا
    جان سُک تام نه هوئي.

    هي ڏک ئي منهنجي دوا دارون آهن جن ۾ تون مالڪ ياد اچين ٿو، اُهي سُک گهوريا جن ۾ تون وسريو وڃين، تنهنجي تام، طلب نه ٿي ٿئي.
    ڏک سکن جي سونهن
    گهوريا سک ڏکن ريءَ
    جنهين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري!

    ته لطيف فراق ۽ ڦوڙائي جي طلب پيو ڪري ، وصال ته وچان اچي پرين پري ڪيو ڇڏي، غور ڪيو، لطف وٺو لطيف جي هن لطيف اللطيف فڪر جو، هن بيت کي ويچاريو سڄڻ!
    ڦِرِي آءُ فراق! مونکي وصالان وچ پيو
    جي ٿي چڪيم چاڪ، سي پرين گڏجي پوريا.

    ته عاشق چاڪ چڪڻ ۾ خوش آهي، جو هر سور جي سٽ پرين پاسي وٺي ٿي وڃي، توڙي چڪن چاڪ ته به آڳ نه سلن عام سين، بلڪل ساڳي ڳالهه ڀڳت ڪبير ٿو ڪري ته خدا مونڏي اچڻ لاءِ چيو ته هت وئنڪٺ (سرڳ، جنت) تنهنجو انتظار ٿي ڪري ته ڪبير هيٺيون جواب ڏنو.
    “رام پروانا ڀيجيئا، واچ ڪبيرا روءِ
    ڪيا ڪرون تيري وئنڪٺ ڪو، جهان ساڌ سنگت نه هوءِ”

    مون کي تنهنجي ياد، سار ۽ پچار ۾ مزو ٿو اچي جا ساڌ سنگت، صحبت صوفين مان ملي ٿي، تنهنجي سرڳ جي ڪا چاهه ناهي، تنهنجي فراق ۾ پچڻ لڇڻ ۽ سارجا سور سهڻ ۾ مزو آهي.
    کامان پچان پڄران، لڇيان ۽ لوچيان
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان
    جي سمنڊ منهن ڪيان ته سرڪيائي نه ٿئي.

    ته ايڏي تڙپ، لوچ ۽ لوڇ، اهڙي اڃ جو سمنڊ سُرڪ ۾ ڳهي وڃي. پرين جو پيار، عشق جو آزار آهي، جو جيءَ ڏني ريء نه ٿئي.
    عشق نه آهي راند، جو ڪنس ڪي ڳڀرو
    جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند
    سسي نيزي پاند، اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي.

    اهڙي قرباني ڪر ته پرين ملئي، سٽاءَ ته ڏسو جيءَ، جسي ۽ جان جي هيڪاند نه ٽٽي، ته فنا ڪٿان ملندي ۽ بقا ڪيئن ٿيندين، هي صدقا ۽ قربانيون پئسن تي ڪرڻ مان پرين ڪو نه پلئه پوندا، هيءَ ئي اهو فهم آهي جنهن سان پرين پسجي.
    نمازون ۽ روزا، اي پڻ چڱو ڪم
    اي ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

    اهو فهم سکڻ آهي
    اکيون سي ئي ڌار جنهن سان پسين پرينءَ کي
    ٻي ڏي ڪين نهار، سڄڻ رسيارو گهڻو.

    ٻن ترارن جاءِ ڪانهي هڪ مياڻ ۾
    خودي ۽ خداءِ، ڪيئن ماپندا من ۾.

    اسان ته هن دنيا ۾ اهڙو مست آهيون جو پرين ته پارٽ ٽائيم جاب آهي. هي رنگينيون، مزا ۽ خوبصورتيون!! لطيف سائين چئي اهي ڦيڻ آهن، جا کير ڏهڻ تي مٿان جمع ٿيندي آهي، بس اهي ڏسي ڏسي هٿ ڪرڻ جي ڊڪ ۾ لڳل، آخر مريو وڃون، ڪجھ هٿ نه ايندو.
    ڦريا پسي ڦيڻ، کرن کير نه چکيو،
    دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا.

    ڪبير صاحب چئي ٿو:
    اي جو دنيا سحر ميلا
    دستگيري نانهه.

    هي جادو جو ميلو آهي دنيا، جادوگر جي هٿان ٺهيل نوٽ، ڊالرز،جي ڪنهن کي به ڪو نه ملندا. ته هيءَ دستگيري معنيٰ هٿ اچڻ جي دنيا ناهي، ڪيئي دارا، سڪندر، قارون، راوڻ ۽ هرنا ڪشپ هليا ويا، خالي هٿين.
    پر پاڻ کڻي وڃڻ جي طلب ۾ لڳل آهيون.
    طمع جي تنوار متان ڪرين مڱڻا
    ڌڪي ڪندءِ ڌار، ڏئي ماڻڪ مٺ ۾.

    ها ها توکي ڏيندو، جو داتا آهي، ماڻڪ به ڏيندو پر ڪهڙي ڪم جو! نيٺ به پٿر ئي هوندو. تون جڏهن هتان هليو ويندين. مرزا قليچ بيگ چيو.
    دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو
    آخر مليو نه رب هِڪُ، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو؟؟

    پر ڪو سمجھي، هن تماشائي مايا کي سهي ڪري وجھي ۽ رب کان رب گهري، انجي طلب ۾ تڙپي، لڇي، کامي، پچي، پڄري ته پڪ سمجهو. ‘طلب هو ته مِلُ هو.
    هي دنيا جا شراب (پيئڻ جون شيون، ڊرنڪس) ڇا ڍءُ ڏيندا؟اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃو تن کي،جي فلسفي کي سهي ڪيون.اهو فلسفو طلب جو، اڃ جو ائين سمجھيو ته!پنهون پاڻ پيار ته اُڃ سان اُڃ اجهائيان.جيڪو ٿيندو ان طلب مان، جا پوءِ ‘پاڻ سڃاڻڻ’ ۾ ڪم ايندي. پاڻ سڃاتو ته پرين سڃاتو، هي وحدت الوجود وارو فڪر فرحي هٿ ڪري، ماٺ مطالعو ڪيون ۽ پنون (وجود جو) اهو پڙهون جنهن مان پسجي پرينءَ کي. سسئي، پنجن سرن ۾ ڏونگر ڏاريا، رُڃ وجود جي لتاڙي ته خبر پيس ته پنهون ته پاڻ هئي. خدا ڪٿي ٻاهر ناهي، ڊڪ ڊوڙ وڻڪار وڃڻ اجايو آهي. هِت ڳولهه هوت کي، هو ٻئي پار ڪون ٿو وسي، ها نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.پهريائين هي ٻاهرين دوئي، ٻيائي لاهه، جَرُ ڪجُر اکين مان صاف ڪر، هڪ، هڪ هر هڪ ۾ هڪ ڏس، همہ کي حق چوين، بس هِڪُ ڏس، هي دين ڌرم جا فرق ڦٽي ڪر.
    پڇين جان دوست ته پاسي ڪر پرهيز کي
    جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.

    ته رب جي راهه پائين ۽ پاڻ کي پرک، ته هوت ته پنهنجي هنج ۾ آهي، ڇو ٿي ڏونگر ڏورئين؟؟
    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ
    پرين ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

    هو ڪيچ وارو پنهون نه پر اصل پنهون ته پاڻ هيس، بس ڀرم ڀلايو، ساڳي ڳالهه مومل راڻي جي به.
    ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻان ويا ٻئي.

    سسئي آبري جو فقط هڪ سر، هن راز کي ملڻ جي سگهه ڏئي ٿو.
    هتان کڻي هُت، جن رکيوسي رسيون
    ساجن سونهن سرت، وکاڻ ئي ويجهو گهڻو.

    بس من لڳائڻ، عشق لڙائڻ جي ڳالهه آهي، هِت نه پر هُت.
    رانجھا رانجھا ڪردي، مين آپي رانجها هوئي.

    ته هي وائي.
    تون تون ڪرتا تون ڀيا، مجھ ۾ رها نه مون.
    جب آپا پِرڪا مٽ گيا، جت ديکون تت تون.

    ٻيائي واري ٻي جڏهن وسري وئي ته تون ئي تون نظر آئين. جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن صاحب سامهون ته شاهه سائين سيکاري ٿو!!..
    ڪونهي اُت ڪوهيار جت تو ڀوري ڀانئيو
    پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار
    ڌاريا ڀائنج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون.

    پنهون ڇڏيو پوءِ، جانب جبل ڳولين
    تيلانهين تُنگون ڪرئين، جيلاهين تون جوءِ
    ساجن سڃ نهارئين، ڏکي ڏوهه ڪيوءِ
    هاڙهي هوت نه هوءِ، وري پڇ ويٺين کي.

    ۽ ساڳي پٽي جوڳين ۽ ناٿن کي به پيو پڙهائي.
    ناٿ جنهين ننڌ، تت نه نهاريو جوڳيين
    ڪي ڪُويسا هيا ڪاپڙي، ڀُريا پرانهين پنڌ
    هو هنهين هنڌ، ٿي هنهين ويا هنگلاج ڏي
    ناٿ جنهين هنڌِ، تت پڻ نهاريو جوڳيين
    سي سو سياهيا ڪاپڙي، پريا پراهين پنڌ
    هو هئو هن هنڌ، هُن هنگلاجان هٿ ڪيو.

    جن اجھيو تن نه ٻجھيو، ويٺي گڏين وير
    ڏوري ڏٺائون ڏک سين، پاڻ منجھان ئي پير
    لٿو تن لطيف چئي، جُسي جو زنجير
    ڪين ڏٺو هو ڪاپڙين، ڪابل ۽ ڪشمير
    سچ جنين جو سيرُ، تن گهر ويٺي ئي گڏيو.

    ته گهر ويٺي به پرين پائي سگهجي ٿو ته تيرٿ تڪيا ڇا جا؟؟
    گهر ويٺي پرين پائڻ لاءِ سرمست عشق جي ضرورت آ، ائين جو.
    شال نه وسرين تون، لوڪ سڀوئي وسري.

    جي ڪيفيت، هر وقت حضور قلب، سدا ساڻ سپرين ۽ ان مدهوشي ۾ ٻڌل رهڻ لاءِ صوفين شرابن جو تصور ڏنو جو وجد ۽ پاڻ وساري ‘هنئيون حاضر’ هجڻ جي علامت آهي. دنيا کان بيخبر پرين کان باخبر! هُن کي هر هنڌ هر وقت ۽ هر حال ۾ ساڻ هجڻ، ڏسڻ نه محسوس ڪرڻ ۽ حضورئي ۾ حاضر هجڻ ئي سڀني چِلن ۽ مشاهدن ۽ مشقتن کان بهتر ۽ گهر ويٺي پرين پائڻ آهي.
    هي مُنڌ شراب جو تصور گهڻو پراڻو آهي. يوناني ديوتا اولمپس تي جو شراب جو خمار آهي تنهن کي Nectar جو جُز ۽ عرق جي معنيٰ ۾ اچي ٿو، تنهن جو استعمال آهي. داروڙن جو ديوتا ‘شو’ جنهن کي مهيشور به چئجي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي مها ايشور ان کي شراب جو ديوتا پڻ سڏيندا آهن. ان شراب کي سوم رس سڏجي ٿو. ان لفظ مهيشور کي سنڌي ۾ مهيسر چئبو آهي جو شاهه سائين پڻ استعمال ڪيو آهي.
    جي اٿئي سڌ سُرڪ جي، ته ونءَ ڪلالڪي ڪُوءِ
    مهيسر جي منڌ جي، هُت هڏهين هوءِ
    جان رمز پروڙيم روءِ، تان سر وٽ سرڪي سڳڻي.

    يوناني ديو مالا ۾ Dionus شراب ۽ انگور جو ديوتا آهي. هن جا مريد جڏهن شراب پي مدهوش ٿيندا هئا ته پاڻ وڃائي هن ديوتا ۾ گم ٿي ويندا هئا، ديوتا سان هِڪ ٿي ويندا هئا. اهڙي طرح شاهه سائين چيو.
    “منڌ پيندي مون ساجن صحيح سڃاتو”

    ۽ هي منڌ ۽ ميخانو عشق جو دُڪان آهي. ڪلال اهو پرين آهي جو پاڻ پياري ته اڃ سان اڃ اجھڻ جو تصور سمجھ ۾ اچي ٿو نه ته اها اڃ سمنڊ پيئڻ بعد ۾ سرڪيائي نه ٿي!
    پرهه جا پياڪ جڏهن ورن ٿا ته ميخانو ئي پي وڃن ٿا پر ڍاپو نٿو ٿئي، هي هڪ بيت ڪافي آهي؛
    جُه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سُڃ
    سائي ٿيندي اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪِي.

    ايڏا پياڪ جڏهن هڏڪين ۾ پون ٿا جو هڏڪيءَ مٿان هڏڪي ۽ خمار لهي ئي نه! گرو نانڪ صاحب چيو:
    نشا ڀنگ، شراب، چرس، افيم ڪا، اُتر جاءِ پرڀات
    نام خماري نانڪا، چڙهي رهي دن رات!

    عشق جو نشو لهڻ جو ناهي، ڏينهن رات جي هر پهر ۾ پرين پاسي هجڻ ۽ ان جي نام، اسم اعظم ۾ مست رهڻ، جيئري پائڻ يا گهر ويٺي پائڻ جو عمل آهي، جو اڄ جي افراتفري، مايوسي، فرسٽريشن ۽ ڊپريشن جو علاج آهي. نه ڍاپندڙ پياڪ لاءِ شاهه سائين ميخاني جي ماڪ مٿان وجھڻ جا خوبصورت تصور پيو ڏئي، هر نشي جي پيالي بعد اڃان آڻ جي وائي پيو ڪڍي.
    گهٽن ۾ گهٽڪن، وٽيون پين وِهه گاڏيون
    “بر خيز بده ساقي” پيارِ کي پرين
    پڪين نه پرچن، مٽ تڪياؤن منجهيان.

    وجھج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪ
    ٿيندي سڌ سڀ ڪنهن، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ
    پره جا پياڪ، جُه سي اڱڻ آئيا.

    تصوف جو رستو جو بين الاقوامي ۽ هر ماڻهو لاءِ هڪجھڙو آهي جو هن ۾ ڪنهن به فرق فقي، ذات پات جو جهنجھٽ ناهي. جي آيا سي اگهيا واري سڀ لاءِ بسم الله واري واٽ آهي. يعني بندي ۽ خالق ۾ سڌو رابطو؛ جو عشق جي، سڪ جي سڳي ۾ جڙي ٿو، هي تصور پهريون دفعو Plotinus نالي فلاسافر A.D205 ع ۾ پيش ڪيو، هن خدا جو تصور سراپا حسن و جمال طور پيش ڪيو، اهڙو محبوب جو عاشق جي دل کسي وٺي ۽ هو سندس وصل لاءِ بيقرار، بي چيني ۽ بي آرام ٿي پوي، ان نظام نينهن جي ڪري هي ڪائنات قائم آهي، اسلام جا اوائلي مفڪر، صوفي جن کي ‘اخوان الصفا’ چئبو هو سي ان فڪر کان بيحد متاثر ٿيا ۽ پنهنجن رسالن م ان جي تفصيلي سمجھاڻي ڏني آهي، ته بندي جو عشق حقيقي ئي اصل ماڳ آهي ۽ هي عشق مجازي جي دوکي کان پيا خبردار ڪن.
    مجازي موهي ڪڏهن ويندءِ نڪري.

    ان کان اول ڪٿي به ڪنهن به شاعر وٽ، محدث وٽ، خدا سان عشق جو تصور نٿو ملي، اهو پلوٽينس ئي هو جنهن چيو، روح کي پنهنجي منبع کان وچڙڻ ڪري، ان ڏانهن واپس وڃڻ جي ڇڪ، تڙپ، ۽ ڪشش رهي ٿي. خدا جي ايڏي محبت، جا عاشق جي انا، خودي ۽ ‘پاڻ’ کي فنا ڪيو ڇڏي، اها فنائي شاهه سائين جي ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ تفصيل سان چٽيل آهي.
    سرجدا ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾
    سي مَرُڪن پچار، حاضر جنجي هٿ ۾.

    اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم
    سوء سسنئان اڳرو، سندو دوسان دم
    هي هڏو ۽ چم، پِڪَ پريان جي نه پڙي.

    جي مٿي وٽ مڙن، ته سڀ ڪنهن سڌ ٿئي
    سر ڏني سٽ جڙي، ته عاشق ائين اچن
    لڌا تي لپن، ملهه مهانگا سپرين.

    ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت
    اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.

    ڪوٺي ڪهي سپرين، ڪوٺي ڪهڻ ساڻ
    نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي ڪرمَ پاڻ
    ڄُل وڃائي ڄاڻ، عاشق! اجل سامهون.
    (سُر ڪلياڻ)

    تصوف ۾ موت، اجل جو مطلب طبعي موت ناهي پر اندر جي انا، مان ۽ پاڻ وڃائڻ جومطلب آهي، جنهن بعد بندو وصل لائق ٿئي ٿو. هينئر شاهه چٽو ۽ واضع ٿي سجھ ۾ ايندو.

    سور تماري جي مران، تان مون ڏوهه م ويج
    ڊبن ڀري هٿڙا، دارون دوست! ڪريج

    ڪانڊين ٽانڊن ٻاٻرين، پچان مر پيئي
    جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي
    ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.

    پتنگ چائين پاڻکي، پسي مچ مَ موٽ
    سهائي سپرين جي، گهڙ ته ٿئين گهوٽ
    اڃان تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.

    اڃان تنوران ڪالهه، ڪڍيا سون سڄڻين
    پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وڌان
    محبتين مٿان، مچ مورائين نه لهي.

    سهسين جئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا
    وهِ وڃائي پاڻ، ڏي ڏٻائون ڏڱرين.
    (سُر يمن ڪلياڻ)

    ۽ ٻيا ڪيترا بيت، جي توهين پاڻ پڙهي عشق جو آنند وٺي سگهو ٿا ته پلوٽينس لئه روح جو مالڪ لاءِ سڪڻ ۽ سڏڪڻ ئي اصل تصوف آهي ۽ پاڻ سڃاڻڻ ئي مالڪ ملڻ جو ڏس ڏانو آهي.
    جو مون پڙهيو پاڻ لئي، سبق سابق جو
    پهرين سڃاتم پنهنجي، نفس جو نِهو
    جتِ عرفان اصل ۾، ٿي روحن روز ڪيو
    وري ورق پيو، گڏيم وڍِ وصال جو.

    ته پڙهڻ ۽ علم جو غرور، ۽ نه ئي چاليها ۽ تسا تن ڏئي فخر ۽ شان حاصل ڪرڻ جو ماڳ آهي. بس هڪ سان هڪ ٿيڻ جو هنر، جي مرشد سيکاريو ۽ مهر سان ورق وريو ته پوِءِ ٿيو سفر سجايو.
    تهڙا چاليها نه چاليه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو
    ڪهڙي ڪاتب ڪرئين، مٿي پنن پيہ
    جي ورق وارين ويهه، ته اکر اهوئي هيڪڙو.

    پوءِ صلاح ٿا ڏين هر وقت نام ۾ رهڻ، اسم اعظم سان اور اورڻ جي، پنهنجي پاڻ ۾ ورونهن، پاڻ کي پڙهڻ، پرکڻ ۽ الک لکڻ!!..
    تن کڏي، من حجرو، ڪيم چاليها رک
    ڪوهه نه پوڄيو پوڄئين، اٺئي پهر الک؟
    تان تون پاڻ پرک، سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون.

    ته اٺئي پهر ان ڪار ۾ رڌل رهڻ سان پرين پاڻ مان پائبو. هو ڪٿي ڪونهي بس تنهنجي اندر آهي نائين نيڻ نهار، جي اتي ڌٺوسي، پاڻ سڃاتوسي، ته رب هر هڪ روپ ۾ نظر ايندو.
    جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

    وحدت الوجود جي موجود ابن العربي جو قول آهي ته: “منهنجو مذهب محبت آهي ۽ منهنجي شريعت به محبت آهي.” تصوف ڪو نظريو يا مذهبي فرقو ناهي، اهو ته فرد جو فرد سان حسن اخلاق آهي.

    


    تصوف، نه ڪنهن مذهب جي ميراث

    صوفي ازم، مسٽزم، روحانيت، معارفت ۽ ويدانت

    هن لفظ کي نئون رنگ، نوان اصطلاح ۽ نيون معنيٰ ڏئي خاص طرح مغرب وارن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. هر هڪ پنهنجي پنهنجي طور طريقي سان ان کي ٻڌائي، سمجھائڻ بدران منجھائڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ پوءِ بحث مباحثا ۽ غلط روايتون شروع. اڄ هن نئين ڪارپوريٽ دنيا ۾ هن کي بلڪل نڪمو ۽ ناڪاره ڪري عجيب پروپئگنڊا ڪئي وڃي ٿي. پر پاڻ کان اِهو سَٺو، سهيو نٿو وڃي. روحانيت جا اڻڄاڻ جوڳي جي نئين دنيا ۾ انکي Yoga جون مشقون ڪري، جسم تندرست ۽ جانٺو جوان رکڻ لاءِ پورا جيمخانا ۽ ڪلبن جا قيام ڪيون ويٺا آهن، ڪي مذهبي رنگ، ته ڪي طبعي صحت جا ساٺ ڏئي عجيب مونجھارا منڊي ويا آهن.
    هن ڪتاب جو مطلب ان کي سلجهائي، سنواري، سرل ڪري اڄ جي نوجوان ۽ ايندڙ نسل لاءِ به راهه روشن ڪري وٺجي. ته صوفي لاڪُوفي معنيٰ ڪنهن ٻنڌن ۾ ٻڌجڻ سواءِ هڪ روحاني انسان ٿئي ٿو، سچل سائين جي وصف آهي، هندو مومن ناهيان اويار، جوئي آهيان سوئي آهيان، ڪو ڪئين چوي ڪو ڪيئن چوي! ته ان سچ کي سمجھڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ آءُ هتي آغا غلام نبي صوفي جو سچل سر مست تي لکيل ڪتاب تان ٽڪرو کڻان ٿو، جو منهنجي سوچ ۽ فهم مطابق آهي.
    “انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته تصوف جي علم کي عرب نئون عملي جامو پهرائي، ان جا جرمس ساري دنيا ۾ صوفي جي نالي سان پکيڙي ڇڏيا، مگر درحقيقت ائين چوڻ جو اهو مطلب نه آهي ته ڪو تصوف جو علم به صوفي لفظ وانگر عرب جي عملي دنيا جو ظهور آهي، نه نه هرگز نه، جنهن زماني ۾ عرب جي صوفين مس پرڙا تي ساهِيا، تنهن سمي بلڪ ان کان گهڻو اڳ هند جي نگريءَ ۾ يوگين ۽ صوفين پرواز ٿي ڪيا. من موهن هند جي رهبر ڪرشن جي گيتا، يوگ وديا ۽ تصوف جي پوري پوري شاهدي ڏئي رهي آهي. ڇا گوتم جي اهنسا تصوف نه آهي ته ڇا آهي؟ جن جو ويدن سان واهپو هوندو انهن کي معلوم هوندو ته هنن پاڪ شاسترن جو هڪ هڪ لفظ واقعي تصوف (يوگ) جي خوشبوءَ سان معطر آهي، ڪرشن جي مرلي، من موهيندڙ صوفين جي موسيقي علم جي ثابتي ڏئي رهي آهي. مطلب ته تصوف دنيا جي ڪا ڪنڊ ڪين ڇڏي آهي.
    مغربي دنيا جي تاريخ تي ٿي نظر اڇلائجي ته حضرت عيسيٰ (Jesus Christ) جي پياري پياري صوفياڻي زندگي ٿي اکين اڳيان ڦري.
    “جيڪڏهن ڪو کڻي هڪ ڳٽي تي چماٽ هڻي ته ان کي صبر سان ٻيو ڳٽو ڦيرائي ڏيو.” (قول حضرت عيسيٰ).
    واقعي اها هن نماڻي پيغمبر جي صوفيانه خيالن جي هڪ زبردست ثابتي آهي. عيسائي مذهب جا ناستڪ فرقي وارا صوفي نه هئا ته ڇا هئا. انهيءَ فرقي جو اصول ئي روحاني طاقت (آتمڪ ٻل) وڌائڻ جو هو. آخر اهو فرقو آهستي آهستي ويو آهي پيورٽن ۽ پائٽسٽ ۾ بدل سدل ٿيندو.
    مغربي ايشيا جي موسيقي علم جي مست مهراڻ جي موج، برهه جي بي بايان بحر مان تصوف جي علم جا موچارا موتي، جي زماني تي ظاهر ڪيا ته حضرت موسيٰ پيغمبر (Prophet Moses) جي زماني ۾ ظاهر ڪيا، سو وري ڪيئن جو هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ جھنگ ۾ اڪيلو سير لاءِ ويو، جتي هوا جا صاف ۽ سڳنڌ ڀريا جھوٽا، نهرن جي شفاف ۽ پاڪ پاڻيءَ جا پريم ڀريا پڙلاءَ، سر سبز شاخن تي پکين جون لطف ڀريل لاتيون، روح لاءِ راحت بخش هيون، پر حضرت موسيٰ جو ڌيان ڪنهن ٻي ڌن ۾ هيو، اتي الهام ٿيس چئي ‘يا موسيٰ قي’ (اي موسيٰ ٻڌ) حضرت موسيٰ جو آواز هڪدم انهن عجيب آوازن ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ اهي پريم سان پر پڙلاءُ سندس زبان تي رهوار رهيا، جن مان طرحين طرحين جا سر ٺهندا ويا، جي سندس ماڻهن ۾ پڻ مروج ٿي باقاعده راڳ جو رنگ وٺندا ويا، نه فقط ايترو پر انهي آواز ‘موسيٰ قي’ مان لفظ موسيقي ان فن (علم) تي پئجي ويو، جنهن کي انگريزي ۾ Music ۽ فرينچ ۾ ميوزيڪي سڏجي ٿو. ۽ حضرت موسيٰ جي پوئلڳن علم موسوقي سان واهپو رکيو ۽ انکي ايسيني فرقو ڪري ڪوٺيندا هئا، مٿين ذڪر مان معلوم ٿيو ته تصوف جو صوفي لفظ وانگر ڪنهن خاص زمين جي ٽڪر کي شرف مليل ڪونهي بلڪه ساري زماني جي زيست وارن جي باطن جو علمي خزانو آهي.
    در حقيقت تصوف جي ڄاڻ ڪنهن به حد اندر بند ڪين آهي (لاڪُوفي)، نڪي بند رهندي، اهڙي ڄاڻ جي ڄاڻيندڙ کي سڏين ٿا صوفي.
    جز گم شدن شنو آ شڪارا
    آن صوفي باصفاء نبا شد.

    (اي آشڪار! اهو صفائي وارو صوفي نٿو ٿئي جو گم نٿو ٿئي)
    انکي سرمست جي وڏي طالب نانڪ يوسف پنهنجي سرائيڪي سنڌي بيت ۾ هئين آندو.
    “گم هو ڪي ويک نظارا آپ سارا
    محبوب ڪي صورت مين.”

    هن سچ کي سمجھڻ لاءِ ته اصل انڀؤ، تجربو گهرجي ٿو هي Applied Science آهي جنهن جي ليبارٽري انساني جسم آهي، جنهنجو تعلق ڪنهن به مذهب، مسلڪ، ڌرم، پنٿ، رنگ روپ ۽ قوم سان ڇو نه هجي. مرشد (ٽيچر) جي رهنمائي ۾ پنهنجي اندر ليبارٽري ۾ وڃڻ جو گم، گُر کان سکي ته سڄي ڪائنات عالمِ ڪبير Macrocasm پنهنجي اندر جي عالم صغير Microcasm ۾ ڏسي سگهي ٿو. هي جڳ پراڻو علم آهي جنهن سان توحيد جو، نفس کي سمجھڻ جو، ۽ سڀ ۾ سائين ڏسڻ جو ڏسُ ملي ٿو. هينئر آمريڪا ۾ ان تي هڪ يونيورسٽي MUM ٺهيل آهي، جنهن جا سائنسي استاد Quantum Physics کي اندر جي Supreme Consiciousness کي نئون نالو Unified field چئي هر ممڪنات جو مرڪز سڏن ٿا. وجوديت کي آسان ڪري سمجھائيندڙ هي فڪر هاڻي اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڪورسز ۾ شامل آهي جنهن مان هڪ نه انيڪ انسان، قومون ۽ علائقا مستفيد ٿي سڪون، امن، پيار ۽ تخليق جي اڪيچار قوتن کي اجاگر ڪري چڪا آهن، وڳوڙ، مونجھارا، انتشار ۽ سرير جون نفسياتي ۽ طبعي بيماريون ٺيڪ ڪري دنيا کي امن، خوشحالي ۽ صحت جا تحفا ڏين پيا، پر پاڻ اڃان ذهني مدي خارج سوچ ۾ هن ڊائنامڪ سائنسي ۽ ترقي يافته سوچ نه پر عمل کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسان ته سڀني انسانن کي هڪ سمجھڻ وارو سبق به اڃان نٿا سکون، رب العالمين ۽ رحمت العالمين ته چئون ٿا پر عالمن وار عالم جي سڀني انسانن کي هڪ ڪٽنب، هڪ پروردگار جا بندا نٿا مڃون، ڪهڙو عقل آهي، هر مذهب ائين ٿو چئي ڪُل خلق عيال اللهAll Human beings are One family يا مانک ڪي جات ايڪ پهچانبو گرو گوبند سنگهه All Human are One Race ته هي سڀ ڪنهن لاءِ؟ زبان سان مڃون، عمل کان انڪار ڪيون. رب چئي ٿو ته مان تنهنجي شهه رُڳ کان ويجھو آهيان ۽ اسين ان کي ٻاهر پيا ڳوليون، ڪجھ سچل سائين جون سٽون ان سمجھ سمجھڻ لاءِ حاضر آهن جو هي پهريون سبق آهي، نه پڙهيوسي ته ڪتاب ئي سمجھ ۾ نه ايندو، فقط ان لاءِ دنيا ۾ دهشتگردي، مارا ماري ۽ خودڪش ڌماڪن جو راڄ آهي؛ جو پاڻ انسانن کي ڪڏهن به ڳنڍيو نه، پر مذهب ڌرم ۽ رليجن جي نالي ۾ ورهايو، وڌيڪ سيڪٽ ٺاهي ڌار ڌار ڪيو ۽ اڄ جا گلوبل ٽيررزم(Terrorism) آهي، سا اسان جي ئي نتيجي عمل جو ڦل آهي. جيتوڻيڪ هو سچو سياسي چڪر وڌيڪ آهي.
    Cause & effect – Every action has equal and opposite reaction

    جو پوکينداسي، اهوئي لڻڻو پوندو، نفرت، ويڇا.

    ۽ ورهاست ڪري محبت پيار ۽ ايڪي اتفاق جا ميوا ڪٿان پيدا ٿيندا.
    هلو هلو ڪوريين، نازڪ جنين نينهن
    ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
    يا
    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    تني جي ويڙهي پاڻ ئي ايندو پاتشاهه.

    مٿيون گلوبل وليج محبت جو علاج آهي، دهشت جو ٽوڙ. ته لطيفي فڪر کي اڄ سنڌ به ڇڏي پئي ۽ هتي جي ڇوڪري به دهشتگرد سوچ کان متاثر ٿي، خودڪش ڌماڪو ڪرڻ وڃي پئي. شڪارپور جهڙي تهذيبي شهر ۽ قلندر جهڙي بين الاقوامي نگري ۾ ڌماڪا ڪيا ويا. بنا مقامي مدد جي ڪيئن ممڪن آهن؟ اسين شارڪ ۽ انڌا ٿيندا ٿا وڃون جو رب مڙيئي هيڪڙو جنهن ۾ ڦند نه ڦير نه ڏسون ۽ لطيفي حل وارو محبتي عالمي ڳوٺ به ڪن نه ڪيون.
    ته مون پئي ڳالهه ڪئي سچل سرمست سرڪار جي ڪجھ بيتن جي، ته اچو ٻڌون ۽ مڃيون، مڃيون نه پر عمل ڪيون صاف نيت سان ماڻهن سان عشق پروردگار پسڻ بعد هِڪُ سمجھڻ، وحدت جي وائي،
    عشق جنهان ڪو غمزا لايا، اهي اور ڪتاب نه پڙهسن
    وچ ڪفر اسلام مذاهب، عاشق ڪڏان نه اڙسن
    مار نغارا حق دا سچل، سولي سر آ چڙهسن.

    ملان جي ڪردار تي فرمايو:
    مسجد دي وچ، ڪاڻ ٽڪر دي، ڏيندي بانگ صلاتان
    منهن چٻي، ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن خلواتان
    عام ليکي روزي رکندي، هڻ کاوڻ ديان آفاتان
    سچل راهه نه اها سچ دي، برهه واليان ٻيان باتان.

    صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
    ڪٿي انا الحق چئي، ڪٿي ڦيرائي فرمان.

    يا هي اڌ سٽ ئي ڪافي آهي:
    “محبوب ڳولي ڏس من ۾”

    ڀلا هيٺين آيتهءَ ڪريما کي ڪيترو عمل ۾ آندو، غور فڪر سان سوچيو.
    دريء منجھان دوست ڏٺوسون لالڻ پاتو ليو
    صحي سڃاتم، يار يقينئون ٿيو
    خلق الاَشيَاءَ فهُو عَيَنُهَاء، شڪ وچون سڀ ويو
    کڻي وڃان آءُ خوشيءَ سان، سرتيون جي سنهن ڏيو
    عقل مت شرم سڀ، نينهن انهن جي نيو.

    ڌوڻي منجھ ڌيان، آهي آڌوتن جو
    گم ٿي گر گم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان
    اصل کان اشنان، گنگا جمنا تن جو.

    نه مان ڪيڙو کڙڪو تسبيح، نه ڪيڙم زهد عبادت
    نه ڪي مندر مسجد ويڙس، نه ڪيڙم تقويٰ طاعت
    سچل جو ٿيو بخت سوايو، جو ڪيڙي عشق عنايت.

    مذهب سڀني ۾ ڪجھ عمل معنيٰ ڪرڻيون آهن Dos+ ۽ Don’ts جون هدايتون آهن. اسان ظاهراً ڪرڻيون ته ڪيون پيا پر هدايتون ٻڌون ئي ڪونه، مثلاً؛ هڪ بي گناهه انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي ۽ هر هڪ چئي پيو، پڙهي پيو ۽ ٻڌائي پيو ۽ گڏوگڏ هِت هزارن سِرن جا لابارا لڻبا رهيا آهن، تاريخ جا ورق ورائي ڏسو، ساڳي طرح امن برداشت ۽ قرباني جو سبق ڏيندڙ عيسيٰ جا پوئلڳ صليبي جنگن کان وٺي نيو ورلڊ آرڊر ۾ عراق، شام، افغانستان ۽ سڄي ٽئين دنيا ۾ ڪهڙا ڪيس پيو ڪري، هندن جا پنٿ ۽ ويڇا پيا هڪ ٻي کي مارين ۽ وڙهن، انڊين پنجاب، ڪشمير، آسام روهنگيا، فلسطين ۽ مصر ۾ ڪيتري خونريزي ٿي رهي آهي، ڌرم ڪٿي آهي رڳو اڌرم ۽ انياءُ آهي ۽ اڄ جيڪي دهشت جا واقعا لنڊن، نيو يارڪ، پيرس ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ٿي رهيا آهن، سي سڀ ڪهڙي هدايت جو عمل آهن، ته انهن فرقن کي ڦِٽي ڪرڻ لاءِ سچل سائين چئي ٿو.
    وقت اها ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجھر ساڻ سويل
    هندو مومن سان ملي،ڪر محبت جا ميل
    متان ٿيئي اويل، اولهه سج نه اُلهي.

    عمر جو سج وڃي ٿو لهندو پر پاڻ ان فرقن ۾ پيا ڦٿڪون. رب ڳولڻ يا ڪائناتي قوت Cosmic Energy پائڻ لاءِ بس اندر امن ۽ سک جي دنيا ۾ وڃڻو آهي.
    پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولي لهج پاڻ کي
    پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندي ڄاڻ سڃاڻ
    مکڻ اکر هڪڙو سوئي کير سنڀاڻ
    اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو.

    ته ان سٽ کي جا پيرولي آهي ته ڪيئن پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندي ڄاڻ سڃاڻ، مان هتي هيل سلاسي 1 جو سڻائو سبق لکان ٿو جو Ph.D ڪيلن کي به سمجھ ۾ نٿو اچي، جي اهو ڦهلايو وڃي، بحث ڪري هن کي ذري ذري ۾ سهي ڪجي ته ڌرتي جنت ٿي پوندي، جا هينئر مذهبي نفرتن، ويڇن ۽ تعصبن ۾ رتورت ٿي پئي آهي.
    اسان پيدائشي ماڻهو آهيون، ڪو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. ثبوت گهرجي ته حاضر آهي جو اسان جو ذهن تعصب ڀري ڇڏيو آهي. ثبوت آهي ڪو به نئون ڄاول ٻار، جنهن جو ڪو به نالو ڪونهي، ذات، مذهب، فقو، پنٿ، ملڪ يا قوم ڪونهي. هاڻي اهو ٻار جنهن کي ملي اهو ان کي پنهنجي پٽي پڙهائي، ان جو هڪ مذهب، پنٿ، ٻولي، قوم وغيره ڪري، هن جو دماغ ڀريندو رهي ٿو. مثلاً؛ گند تي اڇلايل ٻار ڪو، ڪميونسٽ کڻي ته سيڪيولر ٿي پوندو، هندو کڻي ته هندو ۽ آمريڪي کڻي وڃي ته، آمريڪن شهري ٿي انگريزي ڳالهائيندو، ڇا ائين سچ ٿو چوان؟؟ غور ڪيو ته مڃو، پيدائشي انسان پنهنجي اصليت انسان ئي رکي ته سڀ انسان سندس ڀائر آهن پر هتي ائين ناهي ته هيل سلاسي 1 کي ٻڌون.
    Sprituality does not come from religion. It comes from our soul.
    “We must stop confusing religion and spirituality, religion is a set of rules, regulations, and rituals created by humans which were supposed to help people spiritually. Due to human imperfection religion has become corrupt, political, divisive and a tool of power struggle. Spirirtuality is not theology or ideology. It is simply a way of life pure, and original as given by the Most High. Spirituality is a network linking us to the Most High, the Universe and each other.”

    


    ساهه جي سائنس

    سماڌي، مراقبو يا ميڊيٽيشن ۽ معارفت
    صوفي ازم، تصوف جي ٿيوري گهڻا مونجھارا، خيال ۽ فقا فرقا پيدا ڪيا، جن ماڻهن کي الجھائي ويڙهائي اڃان پري ڪيو. تصوف، جو هيڪڙائي وحدت جي وادي ۾ سموري انسانيت کي پيار جي سڳي پوئي هڪ ڪرڻ جو علم آهي، سڪون، خوشي، صحت ۽ تخليق جي سپريم سائنس آهي.
    جا قوت جي سرچشمي Unified field يا جاڳرتا ۽ ڄاڻ جي ساگر جو نالو آهي. هڪ عملي سائنس آهي.Transcendental Meditation هن ڌيان لڳائڻ Concentration جي عمل کي آڳاٽي سنڌ ۾ Raja Yoga ڪري سڏيندا هئا. انجي تعارف ۽ عمل کي سمجھائڻ جي آءُ هڪ ڪوشش ڪريان ٿو، جنهن بعد ئي هي مضمون ۽ فلسفو سهي، سمجھي ڪري عملي طرح سکي سگهجي ٿو. هي پاڻ سڃاڻڻ جو عمل آهي جو نهايت فطري، سادو ۽ بغير ڪنهن مشقت جي آهي. جنهن لاءِ 5 سالن جي ٻار کان عورت يا مرد ويندي 80-90 سالن جا پوڙهاپڻ ڪري اصل اطمينان، سڪون، خوشي ۽ تخليقي سمهيل سرچشما پاڻ ۾ جاڳائي سگهن ٿا.
    دماغ جي مٿين جاڳرت حالت ۾ اسين جي اکيون ٻوٽي اندر سانت ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسي ته وڏي خيالن، ويچارن ۽ فڪرن جي ڪُن ۾ ڪري پونداسي ۽ گهڻا سڄڻ، مرد عورتون پوءِ اهو عمل بند ڪيو ڇڏن ۽ دانهن ڪري چون ته اسان گهڻي ڪوشش ڪئي، گهڻا ڏينهن ڪئي پر خيال رڪجن نٿا، سانت اچي نٿي، اڃان وڌيڪ مونجھارا پيدا ٿين ٿا ۽ پوءِ هو عمل ئي بند ڪيو ڇڏن، پاڻ تي قابو پائڻ سڀ کان ڏکيو عمل آهي، پاڻ سان وڙهڻ، من کي مڃائڻ اصل جوانن جي جنگ يا جهاد اڪبر آهي. شل ڪو ڪري!!..
    ان لاءِ پهريائين ساهه جي سائنس کي سمجھڻو پوندو، اندر ٿوري صفائي ڪرڻي پوندي، جاءِ ٺهندي ته من ويهندو، محبوب ايندو. پهريائين پاڪائي، صفائي، سٺائي خيالن ۾ آڻڻي پوندي، صوفيءَ کي اسم اعظم ۽ نام جي ڪمائي لاءِ ورق وجود جو ڌوئي صاف ڪرڻو پوندو.
    If one is unchaste, spirituality goes away انساني جسم ايڏو اشرف آهي جو هو جيئري ئي پرين پائي سگهي ٿو. جنهن لاءِ فرشتن مالائڪن کيس سجدا ڪيا، جو هو اهو عمل نٿا ڪري سگهن فقط انسان، بنا ڪنهن ذات مذهب، رنگ نسل ۽ قومي فرق جي، هر انسان جو اهو پيدائشي حق آهي، ان لاءِ ئي انکي پيدا ڪيو ويو آهي ته هو جيئري معارفت جي منزل ماڻي، دنيا جي دوکي، دولاب ۽ خوبصورت ٺڳيءَ کي سمجھي، سڀ ڪم ڪار، فرض ۽ سماجي ذميواريون نڀائيندي حق کي حاصل ڪري.

    ساهه جي سائنس:
    ساهه کڻڻ جيئن فطري، خودمختيار ۽ سڻائو، بي خبر عمل آهي، اڀياس ڪرڻ سان ڌيان لڳائڻ Meditate ڪرڻ به ائين ئي بنا ڪوشش ٿي ويندو، پر ساهه کي صفائي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ سائنس آهي جنهن کي پراڻيام چئجي ٿو، جو مٿي ۾ ڀريل مضر ۽ منفي سوچ جي گند کي صاف ڪري، صحتمند، مثبت ۽ صاف ذهن رکڻ ۾ وڏي مدد ڪندو، جنهن بعد ڌيان لڳي وڃڻ ۾، مراقبي لاءِ، سڻائي ٿي پوندي، پهريائين رڳن کي صاف ڪرڻ لاءِ ان عمل کي ڪرڻو آهي جو ڏاڍو فرحت بخش آهي، ڀلا ڪري ڏسو، 5 سال جو ٻار به ڪندو.
    پنهنجي نڪ جي سڄي ناس کي بند ڪيو، کٻي ناس مان ساهه ڇڪيو آرام سان، پورو ڀرجي ته انکي ٻي آڱر سان بند ڪيو ۽ اهو ساهه سڄي ناس کولي ٻاهر آهستي ڪڍو. هي عمل 5 دفعا ڪيو ۽ سڄي ڏينهن ۾ پنج دفعا ڪيو، ڪري ته ڏسو نه (منهنجو پاڻي پيل تڪليفده ڪن، صاف ٿي مونکي آرام ڏنائين بنا دوا ڊاڪٽر جي، هي اڄ جو تجربو جو مان ڪيو آءُ لکان پيو) خوشي سان ڪيو، ڀلا کٻي ناس کي بند ڪيو، سڄي مان ساهه کڻو ۽ ڀرجڻ بعد کٻيء ناس تان اڱر هٽائي ساهه آهستي آهستي ڇڏيو، وري ٻيو پاسو ائين 5 دفعا ڪيو، صبح شام ٻه پهري، ٽه پهري، رات، هفتي ۾ جو آرام ۽ صفائي رڳن ۾ محسوس ڪندا، ان لاءِ کڻي مونکي دعا جي في ڏجو، جي سچ نڪتو ته يوگا ڪم جو آ، پوءِ مراقبي کي به سکجي جو صحت، خوشي، تخليق ۽ سڪون جو خزانو آهي.
    سڄو ڪمال ڌيان لڳائڻ Concentrate ڪرڻ جو آهي. هڪ عام مثال ڏيان، جڏهن ٻار هئاسي ته آتشي ڪائو ۽ هڪ ڪاغذ کڻي اس ۾ سج جي روشني کي پني تي Concentrate ڪندا هئاسي، ڪجھ دير ۾ اهو پنو سڙڻ لڳندو هو ۽ پاڻ ائين تماشو ڪري کلندا هئاسي يا ڪنهن دوست جو هٿ پڪڙي ان کي جادو ڏيکاريندا هئاسي، اس جي سموري شڪتي جڏهن مڙي آتشي ڪائي جي مدد سان ان تريءَ تي گول دائري ۾ گڏبي هئي ته هٿ سڙڻ لڳندو هو. دوست رڙ ڪري ڇڏائيندو هو ۽ پاڻ کلندا هئاسي، ‘ڏٺئه منهنجو جادو’، واهه واهه، ته هاڻي به هي جادو ڪري سگهون ٿا، بلڪل جادو، بس پنهنجي دماغ کي خيالن کان خالي ڪري، اندر جي توجه هڪ نڪتي سويدا يعني ڀرون ٻنهي جي وچ ۾ مرڪز ڪنداسي؛ هتي پچوٽري گلينڊ هوندو آهي جتان بهترين صحتمند رتوبت جاري ٿيندي آهي، ته توهان جي پوري، توجه توهان ۾ گهرو سڪون سمجھ ۽ خوشي جاڳائيندي، جا اول ئي رکيل آهي، پر پنهنجن اجاين سوچن ۽ نفي روين سان ان کي تباهه ڪيو ڇڏيون، هن مشق سان آهستي آهستي جيترو به اندر وينداسي، خيال ٻيا اچن به ته لفٽ نه ڪرائجي، پاڻ سانت خالي ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي، جيئن سمنڊ جو پاڻي متاڇري تي ڪيڏو گوڙ ڪندو آهي، لهرن مٿان لهرون ۽ گج ٺهي ڪناري تي ايندو آهي، وري رڙيون ڪندو پٺتي ويندو آهي، پر اها خبر آهي نه، ته سمنڊ اندر گهرائيءَ ۾ انتهائي خاموش، چپ سانت ۽ خوشيءَ جو هندورو آهي. جيترو پهچنداسي اوترو صحتمند خوشحال ۽ تخليقي ۽ يادگيري ۾ ڀڙ ٿينداسي، مان اڪثر چوندو آهيان.Happiness lies within. Peace is inside, your joy is within not without. هي ڪري ڏسڻ جو ڪم آهي، ٻڌڻ ٻڌائڻ جو بنهه نه.
    يهه ڪرني ڪا ڀيد هئه، نهين ٻڌي بيچار
    ڪٿني تج (چوڻ ڇڏ)، ڪرڻي ڪرو (عمل ڪر)، تان ڪڇ پاوهه سار (ڪبير جي)

    پر انهي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سڌو ٿي ڪرنگهي کي سڌو پر آرماده رکڻو پوندو، ڇاتي ڪنڌ ڳچي هڪ سڌي لائين ۾ پر بدن بلڪل آرامده، ڪا ڇِڪَ، تناؤ نه، آرام ۾ هڪ سانت جي ڪنڊ ۾ ويھي اکيون وات (۽ ڪن به، جي ممڪن هجي ته) بند ڪري پنهنجي اندر ۾ ايندڙ طوفان خاموش ڪيون، سڪون ۾ اچون، اندر چپ ٿيون ۽ ماٺ جو مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪيون، ڪو زور نه، ڪا افرٽ نه، خالي سڪون ۽ سانت جي تلاش، ماٺ جو مزو، آهستي آهستي اچڻ شروع ٿيندو. مايوس بلڪل نه ٿيو، صبح 20 منٽ، شام 20 منٽ ڪندا رهو، مون لاءِ هي ٿورو ڪيو، ڪنهن نه ڪنهن سڪون واري جڳهه، ڀلي دريا جي ڪناري تي، ڪنهن پهاڙ تي يا گهر جي ڪمري جي اڪيلي ڪنڊ ۾ ويهو، ساهه جي مشق سان پاڻ کي هڪ هنڌ جمع ڪيو ۽ ڌيان لڳايو.
    اها ئي صحت آهي، جا توهان جي اِندرين فڪرات Tension, Stress, Strain کي ختم ڪري توهان جو BP، اَلسر، مٺا پيشاب ختم ڇا ڪندا، ٿيڻ ئي نه ڏيندا. جهڙي من، مغز جي حالت هوندي، جسم جي به اهڙي حالت ٿيندي، هي اصول آهي انساني حياتي جي آرام يا پريشانيءَ جو. اسانجي جسم ۾ 120 ٽرلين گهرڙا (Cell) آهن جي ڏاڍ خوش خرم آهن، پر اسانجي پريشاني ۽ فڪرات انهن کي نٻل ۽ ساڻو ڪري ڇڏن ٿا. پوءِ بيماري شروع ٿئي ٿي. گذريل جي چنتا ۽ سڀاڻي جو فڪر ڇڏيو، کِلو خوش رهو اها ئي صحت آهي.
    پاڻ وڃايل وقت تي افسوس ڪندا رهندا آهيون يا مستقبل جي منصوبابندي ۾ فڪرمند رهندا آهيون، اڄ ۾ ڪوبه ڪونه ٿو جيئي، ڇا سمجھ آهي، جڏهن ته:
    Past is History
    Future is Mystry
    Present is your present (gift)
    Live & Enjoy.

    هي ننڍڙي ڳالهه، ننڍڙو هنر آهي. هلندڙ وقت ۾ خوش رهو سڄي حياتي خوش گذرندي، هتي ڪجھ به قائم دائم ناهي ته پريشاني ڪنهن جي، ڇا لاءِ ۽ ڇو؟ جيئو کِلو ۽ خوش رهو. اڃان وڌيڪ عرض ڪيان ته ٻين کي خوش ڪيو ته خوشي موٽي اچي توهانکي ملندي.
    برو ڪندا ته برو ٿيندو ۽ ڀلو ڪيو ته ڀلو ٿيندو، هر عمل جو ساڳيو رد عمل. جو پوکجي ٿو، لڻڻو به اهوئي پوندو، پوءِ نٿا مڃون ٻي جي برائي ۽ نقصان ۾ پنهنجي ڀلائي پيا سمجھون، پر موٽي اهو ملندو جيڪو ڏيون ٿا. ته ان عمل Action کي اهڙو درست ڪيون جو سڀ درست نتيجا ماڻڻ لاءِ ملن، جسماني يوگا جي چشتي بعد، هينئر هر بري عمل تي ڪنٽرول ڪرڻ جو وارو آهي، ته سٺا، نيڪ ۽ ڀلو ڪندڙ عمل ڪٿان پيدا ٿين ته اسان کي انجا مثبت نتيجا ملن حاضر آهي.
    سوچ، فڪر، خيال يا ويچار:
    هر عمل جو خام مال اتان جڙندو آهي، پهريائين ويچار يا سوچ ايندي آهي ته پوءِ عمل ڪندا آهيون، ته اڄ کان هميشه مثبت، ڀلي، نيڪ سوچ رکون ۽ بري خيال کي نه آڻيو، ته نه صرف عمل پر هر سيل جسم جو، اندر جو آنند، منهن جي مڻيا ۽ سچي جسم جو سرور ان خيال جو نتيجو آهي. خيال ان تائين Vibration به پهچي ٿو جنهن لاءِ سوچيون ٿا ۽ اتان رد عمل به اچي ٿو. ٻاهرين طرح اهو سمجھ ۾ نه ايندو پر ائين آهي، سوچيندا ته پنهنجي تجربي ۾ ڏسندا ۽ جي ننڍا آهيو ته اڳتي نظر ايندو، ته ياد رکُون اسان جو عمل ۽ سوچ هر عضووي ۽ هر سيل خليي تي اثر انداز ٿئي ٿي، جي سدا نرمل، صاف شفاف ۽ سهڻا خيال رکندا آهن، تن جي منهن ۾ مڻيا بکندي آهي، هونءَ به چون Face is mirror of mind شخصيت جو تعارف منهن ئي هوندو آهي، پنهنجي سڄي شخصيت کي مثبت ۽ سٺن سوچن سان سينگاريو، ميڪ اپ (Make up) ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي.
    ذهن خيالن جي کاڻ آهي، نرڙ کي هٿ هڻي چوندا آهيو منهنجي نصيب ۾ ناهي. اهو نصيب به ذهن آهي، سوچ آهي، جي هي سائنسي سمجھ سکي وتي سي ته فطرت تي به قابو پائي سگهبو آهي. ان کي ڇڏيو، پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ ۽ خوش ڪرڻ سکون.
    جي اسان پريشان رهنداسي، ننڍي ننڍي ڳالهه تي فڪرمند ۽ مايوس ٿي وينداسي ته سڄو جسم ناڪاره ٿيندو، يقين ڪيو هَلائيندڙ مشين جو ڊرائيور اسان جو دماغ آهي، سوچ جا گهوڙا جي آهستي مثبت ۽ سهڻا قدم کڻندا ته هر ساهه، هر عضوو خوش، صحتمند ۽ مزي ۾ هوندو، اجايا غلط ويچار، منفي سوچون، ساڙ، حسد، گلا ۽ غيبت پنهنجي سڄي شخصيت کي ڊاهن ٿيون ۽ هر خليو، جز ڳري ٿو، سڙي ٿو، پوءِ بيماريون اچيو وٺن. يقين ڪيو، اهو سوچن جو نتيجو آهي، پاڻ خوش رهڻ چاهيون ٿا، صحتمند رهڻ چاهيون ٿا ته پرسڪون زندگي جيئڻ چاهيون ٿا، اهو اسان جي هٿ ۾ آهي، سوچ ۾ آهي، هي سوچن جي سائنس نفسياتي ماهر Psychologist/Psychiatrist يا مائينڊ سائنس جا ماهر ڄاڻن ٿا پر مان سڀني پڙهندڙن کي تجربي جي نينڍ ڏيان ٿو، اڄ نه هاڻي کان مٺا خيال، ٻئي جو ڀلو ڪرڻ واري سوچ ۽ خوشي جا احساس رکو، خوشي ڊوڙندي ايندي، خوشي ٻاهر شين ۾ ناهي توهان اندر آهي، صحيح سوچو، صبر شڪر ۽ اطمينان ۾ رهو، واندا آهيو ته ٻي جي ڪم اچو. پئسا آهن ته ڪنهن جي مدد ڪريو، جو ڪجھ اٿو، ڏيو، ڏئي ڏسو اهو به موٽي ايندو ۽ توهان وڌيڪ خوش سگهارا ۽ مطمئن ٿي جيئندا، ڪري ڏسو، ٻه ڏينهن ڪيو، سٺائي ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ناهي، ڪيو! سٺي سوچ، سٺو موڊ ڪندي، سٺو وايو منڊل ٺهندو، سٺو جسم ٿيندو ۽ ملڻ وارا سٺا ٿيندا ۽ جنهن لاءِ سٺو سوچيوسي، اتان به سٺا خيال واپس ايندا ۽ Thought, feeling, attitude, action, habit هي آهي توهان جي Personality شخصيت جنهن جو پورو جوڙ جڪ سوچ، جذبا، رويا، عمل ۽ عادتون ٺاهن ٿيون. هن مان هر هڪ عنصر کي سوچيو ۽ صحيح ڪيو، مثبت، سٺي صحتمند سوچ، صحتمند سماج ٺاهيندي، هي اڪيلي شخص جي ڳالهه ناهي، توهان جي شخصيت سڄي گهر، ماحول ۽ پاڙي تي اثر انداز آهي، جي سڀ محبتي ٿيون ۽ ڳوٺ محبتي ٺهي ته پاتشاهه پاڻهي هلي ايندو. اسان جا عمل اسان جي تقدير ٺاهن ٿا. يقين ڪيو هر ڪم نصيب جوڙي ٿو. سچ آهي عمل ئي اسان جي منهن مهانڊي ۽ هٿن جي ڀاڳ لڪيرن کي ٺاهي ٿو.
    عمل سي زندگي بنتي هئه، جنت ڀي جهنم ڀي
    يه خاڪي اپني فطرت ۾، نه نوري هئه نه ناري هئه.

    هي مٽيءَ جو ٺهيل انسان فطرت ۾ ڪجھ ناهي، عملن سان ئي پنهنجو نصيب ۽ جنت دوزخ ٺاهي ٿو، سڀ توهان جي هٿ ۾ آهي، توهان مان اهي لهرون نڪرن ٿيون جي ماحول ٺاهن ٿيون.
    هي دانشورن جا لفظ ٻڌو، ويچاريو ۽ عمل ڪيو.

    سوچ ۽ خيالن جي صاف آهن، پيار، رحم، مدد، يقين، ڀروسو همدردي پيدا ٿئي ٿي؛ جي ماحول مٽائي ڇڏن ٿيون، توهان کي ڏسي ٻيا به بدلبا، چئو نه، نصيحت نه ڪيو، خود سٺو عمل ڪيو، سٺائي ورهائيو، ٻيا خود بخود ڪندا، گهر درست ٿيندو، پاڙو، شهر، صوبو ۽ ملڪ به سڌري پوندو. هِڪ کان شروع ڪيو، You are the architect of your destiny پنهنجي نصيب جا ٺاهيندڙ توهان خود آهيو، يقين ڪيو.
    If you suffer, it is because of you
    If you feel blissful, it is because of you,
    Nobody else is responsible, Only you & you alone
    you are your hell, and you are your heaven.
    OSHO
    جي ڏکيا آهيو ته پنهنجي عمل جي ڪري آهيو ۽ جي سکيا ستابا آهيو ته به پنهنجي عملن جي ڪري آهيو. توهان جي حالت جو ٻيو ڪو به ذميوار ناهي، بلڪ فقط توهان، توهان خود. توهان ئي پنهنجو دوزخ آهيو ۽ توهان ئي پنهنجي جنت پاڻ آهيو.
    وري ٻي دانشور جو ويچار آهي:
    توهان کي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، ڪوبه توهان کي روڪي نٿو سگهي، توهان جو پئه ڊپ، بس توهان جا خيال آهن. ڪوبه توهان کي هلائي نٿو، سواءِ توهان جي عقيدي جي، سڀ ڪجھ توهان جي اندر آهي.
    مهاتما ٻڌ:
    توهان جي دماغ کي، ڪچري گند جو دٻو نٿو چئجي
    جنهن ۾ نفرت، ساڙ، حسد، ۽ غصو گڏ ڪيو وڃي
    پر هي ته هيرن جو دٻلو آهي، جنهن ۾
    پيار، خوشي، سخاوت (ڏيڻ) ۽ خوبصورت يادون سهيڙجن ٿيون.

    بابا گرو نانڪ:
    ڌرم مقبرن ۽ مزارن جي زيارت ۾ ناهي
    نه ئي مساڻ جي ياترا ۾ آهي.

    نه ئي واٽن تي ويهي فڪر ڪرڻ ۾ آهي
    نه ئي جھنگ جھاڳڻ ۾ آهي.

    نه ئي پاڪ هنڌن تي اشنان ڪرڻ ۾ آهي
    جي تون مذهب جي حقيقت ڄاڻڻ چاهين ٿو ته
    دنيا جي براين ۾ رهي پاڻ کي آجو رک
    سٺائي نيڪي ۽ خوشي ورهاءِ
    ته سڀ سوچ مان سرجي ٿو اهو سچ صحيح ڪجي.
    ته ان سوچ فڪر يا خيال کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ، ڀلي ٻيا خيال اچن، اچي، اچي ختم ٿين ۽ هڪ ئي خيال باقي رهي ته اهو ٿيو مراقبو، ڀلا اوم، الله اچاريو، اهڙو ڌرڻو، ڌيان لڳائڻ ۽ مراقبو ڪرڻ ئي نج ۽ اصل روحاني عمل آهي.
    جنهن مان سڄي ڪائناتي ڄاڻ، تخليقي هنر، بهتر ياداشت، صحت مضبوط ۽ ان سڀ کان وڌيڪ ڪائنات قوت Cosmic Energy جنهن کي نالا ڏئي ماڻهو جهڳڙا قتل ۽ فساد ڦهلائن ٿا، تنهن سان سڌو رابطو ٿي وڃيٿو ۽ سچ حق جي خبر پئي ٿي ۽ پوءِ صدا اچي ٿي، حق موجود – ڀلا صوفي شاعري کي هيئن سمجھون ته ڪيڏي سڻائي آهي. راج يوگ چئي ٿو ته:
    هن ڌيان، سماڌي، مراقبي سمياما ۾ ايڏي مضبوط قوت ارادي آهي، غير مفتوح طاقت پيدا ٿئي ٿي جو جوڳي چئي ٿو ته مان جيڪر سمنڊ پي وڃان، پهاڙن کي پنهنجي زور تي هلائي ڦيرايان. لطيف ان Preservance کي هيئن بيان ڪيو.
    جي سمنڊ منهن ڪيان ته سرڪيائي نه ٿئي.

    ۽ ٻيا اهڙا اڪيچار بيت جي ماڻهو جي سمجھ سوچ کان مٿاهان آهن سي ان سمياما ۾ چئي ويو، جاڳرت خيال ۾ محسوس ڪيائين ته هي ماڻهو ڇا سمجهندا، جو اصل قرآن، اسم اعظم ته توهان جي اندر ڏينهن رات موجود آهي.
    • ڦرهيءَ تان فرقان جي ڪاٽيائون قرآن

    • جني ڏٺو هوت تن دين سڀيئي دور ڪيا

    • همہ کي حق چوين

    • نڪا دل دوزخ ڏي نڪو بهشت گهرن
    نڪو ڪم ڪفار سين نڪا مسلماني من.

    ته ويچاري چيائون ماڻهو گمراهه ٿيندا ۽ پنهنجو رسالو کڻي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڦٽي ڪيائون، ته ان ڪيفيت ان حالت جو نالو آهي سمياما، سماڌي مراقبو يا وصل. جيئري پسڻ پرينءَ جو، پوءِ لکي ڇڏيائون ته:
    نمازون ۽ روزا اي پڻ چڱو ڪم،
    اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.

    ته پرين پسڻجو، عمل پراڻيام سان ڌوئي، ورق وجود جو صاف ڪرڻو آهي ۽ پوءِ اندر وڃي ديرو دوست جو پسڻو آهي ته چئه وجود ئي وڻڪار، هاڻي وڃ گمان، مون سهي سڃاتا سپرين.
    • اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،

    • پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هيا.

    جڏهن سماڌيء ۾ پاڻ فنا ڪيائون، بس هُو ئي هو، تون ئي تون جي ڄاڻ پئي ته چيائون “هن سواءِ باقي ڪجھ ناهي” لاموجود الالله.
    • نابودي نيئي عبد کي اعليٰ ڪيو

    • جيلانهن ٿيا نابود تيلانهن گڏيا بود کي

    • ڪڏهن ڪا نه سئي ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين.

    • مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
    ڪبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجھ جي.

    • خالق چئه مَ خام تون مَ ڪي چئه مخلوق.

    هي ويچارڻ سمجھڻ جي سٽ آهي، سڀ هن مان Projection آهي تخليق ناهي. ڪُن فيڪون پاڻ پيدا ڪرڻ جو عمل آهي.

    • انا احمد بلا ميمي هر دوئي هيڪڙو
    جيڪي آ پڙاڏو سو هيو سڏ، هي هو آهي هيڪڙو.
    نڪا ابتدا عبد جي, نڪا انتها
    جن سڃاتو سپرين سي وڃڻ کي ويا

    • ساهڙ سا سهڻي سائر پڻ سوئي

    • راڻو ئي راڻو، ريء راڻي ٻيو ناهه ڪوءِ،

    • ڪانهي ٻي تنوار ملڪ مڙيوئي مينڌرو.

    سچل سائين به نه ٻڌائڻ جھڙي ڳالهه ٻڌائي:
    جا نه چوڻ جهڙي سا مون چوان ڪيئن
    قصو آهي هيئن، هي هو ٿيو هڪڙو.

    سجدو سونهين تن، جنين پرک پرين جي
    باقي منجھ مسجدن، ماڻهن مٿا گسائيا.

    ته پرک پرينء جي ڪيئن ٿئي؟ تنهن جا ڏس به ڏنا اٿون.
    پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي
    پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندي ڄاڻ سڃاڻ
    مکڻ اکر هڪڙو سوئي کير سنڀاڻ
    اهو اٿئي اهڃاڻ ڳهلا انهي ڳالهه جو.
    واضع ٿا ڪن ته.
    پسي ڀت (جسم) ڀليوس تان آءُ آدمي آهيان
    وچان جان ويوس ساڳيو سچو آهيان.

    ان سمياما کي حاصل ڪرڻ لاءِ پهريان صوفي کي خاص رهت رهڻي پوندي A sort of discipline جو ڪنهن سان ساڙ ۽ حسد نٿو ڪري، سڀ جو دوست آهي، جو سڀ تي مهربان آهي، جنهن جو پنهنجو ڪجھ ناهي (سڀ سائينء جو آهي) جنهن ‘مان’ ۽ ‘انا’ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جو هر وقت، هر هنڌ ۽ هر حال ۾ مطمئن آهي، جو پنهنجو هر ڪم بهترين طريقي سان ڪري ٿو (حلال، محنت سان روزي) جنهن جو پاڻ ۽ خواهش تي پورو ضابطو آهي، جنهن جو ارادو، ايمان مضبوط آهي ۽ ‘مون’ کي مڪمل پيش ٿيل آهي Unconditional surrender to divine will اهڙو صوفي ئي عاشق، ڀڳت ۽ جوڳي آهي.
    صبح شام ڌيان لڳائڻ، مراقبي ڪرڻ بعد ۾ هر وقت سندس خيال هڪ رب ۾ ئي سمايل آهي، جو هر ساهه ان کي ساري ٿو. پيار ئي سڀ کان وڏوabsorbing خوش ڪن عمل آهي.
    • رڳون ٿيون رباب، وڄڻ ويل سڀ ڪنهن.
    • عاشقن الله ويرو تار نه وسري.
    • ستاسي سونهن ننڊ عبادت ان جي.
    • تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن. وغيره وغيره
    هينئر پيار منڌ ۽ عشق جا سڀ بيت سمجھ ۾ اچڻ گهرجن، جن جو وجود ربي وڻڪار آهي، هر ساهه چاهه ۾ آهي، جي جاڳندي ته ڇا ستي به سار ۾ رهن ٿا، انهن اڳيان سڀ ظاهر آهي، ڪشف المحبوب يعني سڀ حجاب پردا لٿل آهن. فطرت تي قدرت رکن ٿا ۽ جو چاهي ڪري سگهن ٿا، جنهن کي لوڪ ڪرامت سڏن ٿا، پر هو حڪم ۾ رهن ٿا، ڪڏهن پاڻ نٿا پڏائن ۽ ڪري به چون، “رب ڪيو پاڻ ته گنهگار بندا آهيون.”
    • همرا ڪيا ڪڇو نه هوءِ، ڪري هئه رام هو ئي هئه سوءِ

    • جو تڌ ڀاوي (وڻي) سائي ڀليڪار، تون سدا سلامت نرهنڪار (رب عظيم).

    


    صوفي لاڪُوفي

    تصوف جو تت، سار، جوهر

    هر ڪنهن ٻنڌن، هر بند کان آجو، چيائون صوفي لاڪُوفي، ڪونه ڀائينس ڪير؟ ڪير نه سمجھي سگهندو صوفي جي رمز کي ته مومن آ ڪافر آ، هندو آ يا مسلم آهن، لطيف سرڪار سمجھائي ٿو.
    • صوفي سير سڀن ۾، جيئن رڳن ۾ ساهه

    • لهرن لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو

    • ڏسڻ ڏسين جي همہ کي حق چوئين

    • ڀڇين جان دوست ته پاسي ڪر پرهيز کي
    جني ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

    سنڌي کي ڪهڙو سمجھايان جو لطيف کلي پٽ چئي ٿو.
    نڪا دل دوزخ کي نڪو بهشت گهرن
    نڪو ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من.

    وري ٿو اعلان ڪري.
    • جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن صاحب سامهون

    يا جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ ۾ درسن ڌارون ڌار. ساڳيو جيءَ، ساڳي جوت سڀني ۾ ساڳي آهي پر رنگ، نسل، مذهب، عقيدو، ذات، قوم الڳ الڳ آهي. پر آهي سڀ ۾ ساڳيو، گرو گرنٿ صاحب چئي.
    سرب مهه جوت، جوت هئه سوءِ
    تسدي چانڻ سرب ۾ چانڻ هوءِ

    سڀ گوبند (حق) هئه، سڀ گوبند هئه
    گوبند بن نهين ڪوئي.

    ته هي اصل احديت، توحيد، هيڪڙائي هڪ ئي تصوف جو بنياد آهي، صوفي جي سمجھ آهي جا عام ماڻهوء کان الاجي ڇو مٿي، ڏکي ۽ نه سمجھ ۾ ايندڙ آهي. هڪ حق نٿو نظر اچي، ٻيائي ۾ ڀلي ٿا ڦوڙا پيا هڻون. ٻه مثال ٻيا.
    سون، تاج ٺهيل آهي سون جو، نڪ ۾ ڪوڪو سون جو، دُهري، هسڙي، هار، واليون، منڊيون ۽ چوڙيون، ڪنگڻ يا ٻيا ڪي به زيور! سون تي ڪو شَڪُ، اصل سڀ کي سون نظر اچي ٿو، پوءِ هن جنسار ۾ ٻيائي ڇو ٿي نظر اچي.
    ڀلا بجليءَ جا بلب، راڊون، وڏا سينگاريل تخت، قسمين قسمين رنگين لائيٽيون ۽ ننڍڙا مرچ ۽ سنها پٽا، سڀ ۾ ساڳي 120 وولٽيج جي بجلي ٻري ٿي يا ڪو ٻيو آهي، جي سڀ ۾ ساڳي بجلي ڊوڙي ٿي ته ٻرن ٿا، رنگ روشنيون ڏين ٿا ته پوءِ صوفي سير سڀن ۾ ڇو نه ٿو سمجھ ۾ اچي ۽ قالب ۾ عورت مرد ٻار، ٻڍو، عيسائي، سک، پارسي ۽ هندو ٻيا ٻيا ڇو ٿا لڳن؟؟..
    ڇو ته ٻيا ٻڌايا ويا آهن ۽ اسان ايترا ڀورڙا آهيون جو رڳو پنهنجي ئي مسلڪ مذهب ۾ مالڪ کي ڏسون ٿا ۽ وڏي واڪي قبضي جو اعلان ڪيون ته اسان سچا، ٻيا سڀ ڪوڙا ۽ فتويٰ جاري ۽ وري چئون ته فيصلي جو اختيار صرف رب کي آهي ۽ ڪيون پاڻ، بس هندو شُڌِ، پاڪ آهي باقي سڀ اَشُڌ، ناپاڪ. صوفي آهي جو چوي ٿو:
    بليا ڪي جاڻان مين ڪوڻ؟
    جوئي آهيان سوئي آهيان،
    مين تان اڪِ خيال هان
    لڀسان نال خيال.

    ۽ پاڻ موڇون وَٽيون خبردار! تصوف جو تت پهريائين پهريائين اسان کي مهراڻ ڪناري الهام ٿيل ڪتاب ويدن ۾ ملي ٿو.
    ايڪم سته، دويتو ناسي – هو فقط هِڪُ آهي ٻيو ناهي ناهي. ايڪم ادويتم – هو هڪ ئي آهي، جنهن جهڙو ٻيو ڪو ناهي، ڪو شريڪ ناهي.
    تت توم اسي– اهو تون آهين ۽ جڏهن سماڌي مراقبو لڳائي اندر ڳولي لڌائين ته چيائين.
    اهم برهم اسمي – مان ئي برهم (حق) آهيان. وري چيائين.
    انا الحق – ۽ تعريف ڪيائين سبحاني ما اعظم شاني ته اعلان ٿي ويو، من خدايم من خدايم من خدا ته هم اوست جو نعرو حق کي پڌرو ڪرڻ آهي، باقي ته هن سواءِ ڪجھ ناهي، بس هو ئي آهي، هڪ هوئي آهي باقي، لاموجود اِلالله.
    هاڻي ماڻهو جي تاريخ آهي ته جڏهن سمجھ آيس، Evolution ارتقا ڪندي سوچڻ شروع ڪيائين ته اهو فڪر ملي ٿو.

    سامي هن کان ڪو وڏو ناهي انترگيان
    ته بنا ڪنهن ڀگوان جي، اُتم آ انسان
    ماڻهو آ مهان، پنهنجو ڀڳوان پاڻ آ.

    مان ڪير آهيان؟
    مان ڇا آهيان؟
    مان ڪٿان آيو آهيان؟
    مان ڪاڏي ويندس؟
    آخر منهنجو مقصد مطلب آهي ڇا؟ جواب 3 هنڌ.
    ته ان سوالن جا جواب هڪ فلاسافر ٽولي ڏنا، Know thyself معنيٰ پنهنجو پاڻ سڃاڻ، خود شناسي يا آتم گيان ته پيٿاگورس، سقراط، افلاطون، ارسطون، پلاٽينس، زينوفينس وغيره وغيره يوناني حڪمت جا ابا، مها ڏاها شروع ٿيا.
    ٻيو وري مذاهب آيا. هر مذهب ساڳيو سچ، پنهنجي پنهنجي دور وقت انوسار پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏنو، مختلف پيغمبر، رسول، نبي ۽ اوتارا آيا ۽ مختلف ڪتابن ۾، آهي ساڳيو سچ پر ڦريل ٻولين ۾ مختلف مثالن سان آهي، جي ڳولائو سچ جا آهن تن سڃاڻي صحيح ڪيو آهي، تن ان کي هڪ دين جو نالو ڏنو آهي، دين ته هڪ ئي هلندو پيو اچي، حضرت آدم کان اڄ تائين قائم دائم رهندو، ٻيائي جي وڇوٽيءَ ماڻهو منجھايا، ويڙهايا ۽ مارايا آهن، ڪو ورلو سچ صحيح ڪري ٿو ته صوفي سڏائي ٿو.
    ته ٽيون هنڌ آهي صوفي سنت، ولي، قطب، اولياءَ وغيره وغيره! هنن جو مراقبو سماڌي، ميڊيٽيشن وري وڃي هنڌ ڪيو، پپل جي وڻ هيٺ، بڙ جي پاڙ ۾ سماڌي لڳائي اسان کي اول اول گوتم ٻڌ ملي ٿو، جو صوفيءَ جي شروعات آهي، اڄ تائين سماڌي مراقبي لاءِ پرسڪون جڳهه ۽ ساڳيو پوز گهرجي، ته وڃي نرواڻ حاصل ڪيائين، يعني اندر جاڳي پيو Awakened Soul ۽ روشن منور ٿي پيو، چيائونس Enlightenedمعنيٰ بُڌا.
    هاڻي اچ ته حضرت آدم جي پيدائش کي ڏسون سڄي مخلوق ۾ اهو نبي پهريون ۽ اشرف ڇو آهي جو فرشتا به پيا سجدا ڪن ۽ چون نرنارائڻي ديهه The best of all creations ته هي پيدائش قرآن مجيد جي 38 سورة جي 72 آيت ۾ ڪجھ هيئن سمجھايل آهي.
    مٽيءَ جي قالب جڏهن سنواري رب ڪريم پنهنجو روح ڦوڪيو ته سڀني ملائڪن کي حڪم ڪيائون ته هن اڳيان سجدي ۾ ڪري پيو.
    “جڏهن مان هِن ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان”
    ان کان اول نه – ته هيءَ روح ان امر ربيءَ جو حِصو آهي ته ان کي جيڪو پنهنجي اندر پر گهٽ ڪري جاڳائي ۽ ظاهر ڪري، ته روشن ٿي پئي ٿو. بڌا ٿي پئي ٿو، ولي ۽ اوليا سڏجي ٿو، جنهن اڳيان ڪائنات جا سڀ حجاب هٽايا وڃن ٿا ۽ ڪشف المحجوب ٿي پئي ٿو. سڀ ڄاڻي ٿو، سڀ ڏسي ٿو سڀ تي قدرت رکي ٿو. فقط تڏهن چوي ٿو اهم برهم اسمي، همہ اوست ۽ اَنا اَلحق. اهو ڦوڪيل روح هر هڪ چيتنا Consciousness supreme آهي جا اونهو اندر ستل آهي.
    سب گهٽ ميرا سانئيان، سوني سيج نه ڪوءِ
    بلهاري تهه گهٽ ڪَئه، جنهن گهٽ پرگهٽ هوءِ.

    هتي ڪشنچند بيوس جو ڪلاسيڪي بيت رکڻ نهايت معنائتو ٿيندو.
    رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهي
    دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته انهيءَ جي راه سان آهي
    عشق چئون يا پريم چئون، نيشا ته انهيءَ جي چاه سان آهي
    ساڌو بڻون يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آگاه سان آهي،
    اکرن جي اوجھڙ ۾ اڙجي، مفت نه دل آزاري ڪر
    جان وجھي بي جان اکر ۾، ڪجھ مطلب تي ڌيان به ڌر.

    


    Transcendental Meditation

    هاڻي اڄ جي 21 صديءَ ۾ انتي پهچڻ لاءِ Transcendental Meditation سيکاري وڃي ٿي، سڄي يورپ، آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ اهڙا ادارا، اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون ٺهيون پيو آهن. جنهن ۾ اهو علم ڏنو وڃي ٿو ۽ هڪ تعليمي سرشتو به شروع ڪيو اٿائون جنهن کي CBE چئي ڪورس ۾ رکيو وڃي ٿو. نه صرف ڪورس پر ان علم کي عام ڪرڻ جا ڪيترا سينٽر ٺهيل آهن جن ۾ TM ٽيچرز عام مرد، عورت، ٻار، ٻڍي کي سيکارن پيا. 5 سالن جي ٻار کان 95 سالن جي ٻڍي تائين اهو آهي.
    Natural
    Easy
    Effort less
    طريقو اندر وڃي ان روحاني خزاني Supreme consciousness کي جاڳائڻ ٿا، جن کي اَمر ربي آتما يا روح چئجي ٿو. ان سان اندر علم، سانت ۽ الاهي قوت جاڳي ٿي، جا خوشي، تخليقي قوت، يادگيري جا سڀ سرچشما کولي ڇڏي ٿي، ٻاهرين جسماني بيمارن کان آجو ٿي، جسم توانو ۽ روح منور ٿئي ٿو. هي رڳو ڳالهيون نه آهن. ان تي سائنسي ليبارٽرن ۾ وڏي ريسرچ Analysis & Met Analysis ٿئي پئي ته ثابت ڪجي اها دعوا صحيح آهي يا غلط.
    650 سائنسي ريسرچ ڪيون ويون آهن.
    250 يونيورسٽن ۾ اها ريسرچ ٿي آهي جي.
    33 ملڪن ۾ رائج آهن.
    دماغ جي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ، ان جي جوڙ ۽ ربطه ۾ فرق ۽ ڌيان مراقبي ۾ TM دوران ڪهڙيون مثبت تبديليون اچن ٿيون ان جا گرافڪ ثبوت دنيا جي مڃيل سائنسي سينٽرز مان ملن ٿا. سڄي مڪمل ڪار ڪردگي Holistic Improvement ۽ دانشورانا صحت Intellectual Performance جنهن مان تناؤ گهٽجي ٿو Decreased Anxiety ۽ بهترين تعليمي حاصلات ملن ٿيون Increased Academic Achievments.
    هن عمل سان انفرادي، اجتماعي، قومي ۽ بين الاقوامي امن، خوشحالي، ترقي ۽ عالمي امن، ڀائيچارو ۽ پيار پيدا ٿئي ٿو. هي اڄ جي وڳوڙ ڀريل، دهشت واري دنيا جو واحد حَلُ آهن، سائنسي تصوف ۾TM – Transcendental Meditation ته اها چيتنا، ڦوڪيل روح، آتما يا Supreme Consciousness ئي انسان جي علم ۽ ارادي جي سگهه آهي، علم، ارادي، خودمختياري جو مرڪز اهو روح سدا الاهي روح سان جڙيل رهي ٿو. ۽ ان ڳانڍاپي کي الڳ نٿو ڪري سگهجي، جنهن لاءِ صوفين پاڻ پڙهڻ، سينيء جو علم يا علم لُدني چيو يا آتم گيان ۽ خودشناسي اهو علم ويدن جي علم، ڪتابي علم کان اوچو آهي، اهو حق جو علم آهي الف جو پڙهڻ آهي ۽ الف جي اوڙهنڊائڻ جو لطيفي سڏ، اهو ئي آهي.
    هنڊائج هينئين سان الف سندي اوڙ
    ته ڪتابن جي ڪوڙ منجھان تو معلوم ٿئي.

    حضرت عنايت خان چئي ٿو ته انسان جي روح جي اصليت اها ئي آهي جيڪا الله جي روح جي آهي، ته ڇا آهي انسان ۽ ڇا آهي الله؟؟ جي جواب ۾ چئي ٿو ته روح پنهنجي محدود سرت سان انسان آهي ۽ روح لامحدود سرت سان الله آهي. هر انسان جي سرت آدم آهي ۽ انسان جي اعليٰ سرت الله آهي (حضرت عنايت خان، صوفي ميسيج، ص:1:44) جيئن ته شڪتي Energy پنهنجي Nature ۾ وڌندڙ آهي ۽ ڦهلبي رهي ٿي ته الله جي ذات به لامحدود ڦهلجي ڪائنات ٿي پئي آهي.
    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وجدت ڪل
    حق حقيقي هيڪڙو، ڀول نه ٻي ڪنهن ڀُل
    هي هلاڇو هُل، باالله سندو سڄڻين.

    جيڪو به ظهور آهي سا دويت ۽ ڪثرت آهي ۽ دويت ئي ادويت، وحدت آهي، (حضرت عنايت خان، صوفي ميسيج، ص:11:51).
    ته ان اصل کي سمجھڻ روح کي ڄاڻڻ وارو آتم گيان آهي ته اسان اول به هئاسي هاڻي به آهيون پوءِ به رهنداسي، Energy ته ڪڏهن ناس نه ٿيندي آهي ته لطيف سرڪار چيو.
    نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها
    جن سڃاتو سپرين سي وڃڻ کي ويا.

    مري به نٿا مرن، جو روح/آتما ته امر آهي، ان کي سڃاڻڻ وارو موت کي اورانگهيو اڳتي وڃي (وڃڻ کي ويا)، ته هن بيت ۾ عبد جسِم نه روح جو ذڪر آهي جو اصل الله جي روح جو حصو آهي جنهن لاءِ کيس “روحي” به سڏيو ويندو آهي.
    مٿين حوالو ڏنل آيت ڪريم 38:72 ٻڌايو ته رب پنهنجي قوت Faculty وجھي انسان ۾ سموري ڄاڻ Knowledge ۽ ارادو خود مختيار Will independent وڌو، ماڻهو ان استعمال سان اشرف ۽ اُتم آهي. سندس سائنسي مراقبو اڄ جي دنيا ۾ TM ئي سندن مادي ۽ موجوده اقتصادي ترقي، واڌاري ۽ خوشحالي جو خزانو آهي. The only worldly progress, prosperity, coherence, brotherhood and world peace is established if such centres are established in nook and cranny of all countries, esp Asia & South Asia, I stress and emphasize. هي آهي روحاني ۽ مادي ترقي جو معجزو. انسان جنهن کي مڪمل تڪميل لاءِ ٻنهي طرف وڌڻ گهرجي، روح جو ميلاپ يا يوگ، رب سان عشق ۽ انسان جي خدمت ۽ مادي ترقي ۾ نهايت سجاڳ، ڄاڻو ۽ ذهين ٿي مادي ترقيءَ ۾ به اڳتي ڪري پاڻ کي مڪمل مطمئن، خوش خرم ۽ سڀ جو ڀرجهلو، سهارو ۽ مددگار ٿي سگهي ٿو! ته اڄ جي 21 صدي ۾ تصوف جو ڪارج ٻٽو ۽ ٻه رخيو آهي، هن دهشت، وحشت، بيزاري، بي قراري ۽ خودڪشين جو جواب بس اهڙو تصوف آهي جو روحاني ۽ مادي ترقي جو موجد آهي. صوفي کي سمجھڻ لاءِ، سندس فڪر ۽ رويو ڄاڻڻو پوندو ته ڪهڙي طرح سوچي ٿو. آءُ هتي وحدت الوجود جي باني بزرگ شخصيت ابن العربي شيخ اڪبر جو هڪ نظم ترجمو ڪري پيش ڪيان ٿو.
    Alone with Alone
    هِڪ سان هِڪُ:
    مان ئي عالمن جو سچ آهيان،
    هن جنسار جو خالق آهيان،
    مان ئي جز ۽ مان ئي ڪُل آهيان،
    مان ئي لامڪان جو مڪان، زمين جنت وچ ۾ قائم دائم آهيان،
    مون تو ۾ سمجھ، ان سمجھ لاءِ وڌي ته،
    تون مون کي سمجھي سگهين،
    جڏهن تون مون کي سمجھين ٿو ته پاڻ کي سڃاڻي ٿو،
    پر تون، مون کي پاڻ انڀؤ ڪري ڪو نه سگهندين،
    فقط منهنجي اکين سان ئي تون مونکي پسي سگهندين،
    ۽ پاڻ کي ڏسي، سڃاڻي سگهندين،
    تون هن پنهنجي اکين سان ته مونکي بنهه ڪو نه ڏسي سگهندين،
    مون ته تو کي گهڻي ئي دفعا پاڻ پسايو آهي،
    پر تون مونکي پسي ڪو نه سگهيو آهين،
    مون ڪئي دفعا پاڻ کي سڳنڌ ڪيو آهي،
    پر تو مونکي نه سنگهيو آهي،
    خوش ذائقه کاڌا کائي به تو مونکي نه چکيو آهي،
    آخر تون مون تائين پهچي ڇو نٿو سگهين؟
    جن شين کي ڇهين ٿو؛ جن سرهاڻ کي تون واسين ٿو،
    هن سرن سنگيت ۾ به تون منهنجو انڀؤ نٿو ڪرين؟
    تو لاءِ منهنجي خوشي، سڀني آنندن کان انوکي آهي،
    مان سڀني حسين نظارن کان وڌيڪ خوبصورت آهيان،
    آءُ رحمتن جو جمال آهيان، مونکي پيار ڪر،
    فقط مونکي چاهه، پنهنجو پاڻ کي به مون ۾ چاهه، فقط مون ۾،
    پاڻ کي بس مون سان ڳنڍي ڇڏ،
    ٻيا توکي پنهنجن غرضن لاءِ چاهن ٿا،
    پر مان تو کي تنهنجي لاءِ چاهيان ٿو،
    ۽ تون، تون مونکان ڏور ڀڄين ٿو.
    پيارا پرين! تون مون سان سٺو نٿو هلين،
    جي تو مونڏي اچين، پاڻ گڏين،
    ته مون کان وڌيڪ ته توسان ڪوئي گڏ ناهي.
    مان ته تو کي توکان به وڌيڪ ويجھو آهي،
    تنهنجي ساهه پساهه کان ويجھو، تنهنجي روح جي قريب ترين،
    ڪير آهي جو مخلوق ۾ توسان وڌيڪ وڙ ڪري،
    مان توکان ريسارو آهيان،
    چاهيان ٿو ته ٻيو ڪنهن جو به نه ٿيءَ،
    ويندي پنهنجو به نه – بس منهنجو،
    مون لاءِ جوتون مون ۾ آهين پر توکي اها ڃاڻ ناهي،
    پيارا پرين! اچ ته وصل جي طرف وڌون،
    پر جي وڇوڙو واٽ تي آيو ته جدائي جلائي ڇڏينداسي،
    اچ ته هٿ ۾ هٿ ڏئي هلون، سچ جي حضور ۾ گهِرون،
    ته هو پنهنجو قاضي ٿي، اسان مٿان پنهنجي مُهر هڻي،
    اسانجي وصل کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏي!!..




    جان جان طالب مسجد منبر ڪين ڪرين ويرانا
    تان تان راهه قلندر واري ڪين ملي مردانا
    ڪشف قلوب قبور سڀيئي، هي پڻ ڌوڙ ديوانا
    مرد سچا جي محبت وارا، سولي سر سمانا
    ٻاجھوہ راهه عاشقي سچا، ٻيا سڀ ڪوڙ ڪرانا
    قلندر دارمي رقسم!

    


    خدا ڪٿي آهي،Where is God?

    مولانا جلال الدين رومي:
    مون ڪارون ڪيون ته خدا کي مسيحي صليب تي پسان پر هو اتي نه هو.
    مان مسلمانن جي مڪي وڃي ڪعبو ڏٺو، پر خدا اتي به نه هو،
    مان پوءِ يهودن جي مڙهي سينا گاگ ويس،
    ۽ هندن جي مندر ۽ بتخاني ۾ کيس ڳوليم، پر خدا سندن سمجھ عقل کان مٿي هيو. مون فلسفين ڏانهن کان پڇيو هو پر هو به نه ٻڌائي سگهيا.
    پوءِ مون پنهنجي دل ۾ ليئو پاتو پنهنجي اندر جي پاتال ۾ ڏٺو، هو مون کي مليو، مون کيس ڏٺو،
    ته هو ٻيو ڪٿي به نٿو رهي،
    فقط انساني قلب ۾ سندس واسو آهي.



    رومي پنهنجي شاعري ۽ صوفين جي صحبت بابت چئي ٿو.
    ڇا توسان اهو ڳجھ سليان؟،
    اسين حسين چور آهيون،
    جي دليون چرائن ٿا، ڪڏهن نه مڙن ٿا،
    ڇو ته هو هُن هڪ جا دوست آهن،
    درس ۽ واعظ جو دور ختم ٿي ويو،

    هاڻي فقط دلن کٽڻ جو ڪم ڪيون ٿا،
    جن کي بنا دير سنگهر ۾ سوڙهو ڪيون ٿا،
    زهر کي ترياق ۾ مٽيون ٿا،
    زحمتن کي رحمتن ۾ مٽيون ٿا،
    سڀ سنڱ سنڱاوٽيون ٽوڙي،
    ۽ پرين پيارا، پڻ پنهنجو وجود پٺتي ڇڏي،
    مبارڪ آهي اها شاعري جا مون کان سرجائي وڃي ٿي،
    جا مان ڪيان نٿو، پر مون کان ڪرائي وڃي ٿي.


    


    شاهه لطيف جو لُطفُ الَلَطيف

    نومبر 17 مقالو، ڀٽ شاهه عرس، ادبي ڪانفرنس

    جامي مثنوي مولانا روم لاءِ چيو هو ته:
    هفت قرآن است، در زبان پهلوي.

    مثنوي کي ستن قرآنن برابر سڏيو اٿس.
    سنڌ جي تهذيبي روايت آهي ته نياڻي کي اسين ست قرآن چئون، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ نياڻي کي ڪهيو وڃي ٿو، ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، لتاڙيو وڃي ٿو سندس آدر، عزت ۽ عصمت، احترام کي اڄ جو جاهل مڙد نٿو مڃي، هڪ عورت جو پٽ ٿي عورت تي ڪهاڙي يا بندوق کڻي ته شرم ۾ ٻڏي مرڻ گهرجي! ان عورت کي لطيف سورميون ٺاهي سدا امر ڪري ڇڏيو، رهندڙ دنيا تائين عورت کي بهادري، همت، جدوجهد، اور چائي، محبت ۽ ايثار، سهپ جو سمبل ڪري لطيف محفوظ ڪري ڇڏيو. شاهه جي رسالي جون ست سورميون 7 قرآن ٿي تا قيامت سندس عظمت جو دستاويز ٿي رهنديون، هر سورمي ماڻهوءَ لاءِ سرموڙ مهندار ٿي پنهنجي ڪردار سان راهه روشن ٿي ڪري.
    مارئي:
    مغلن جي ڏينهن ۾ جڏهن سنڌتي ڪيس ٿيا ته مارئي جو ڪردار ۾ شاه آزادي جو پيغام ڏٺو؛ سسئي جهد ۽ جفا جي علامت ٿي.
    ساڻيهه جي سڪ جو بي مثال سنڌي ثقافتي ڪردار آهي جو وڏي شان سان، ڳاٽ اوچو ڪري چئي ٿي.
    ڪارا ڪراين ۾ سون اسان کي سوءِ.
    يا
    ڪراين ڪروڙ جا، ڪوڙا چوڙا جن.

    ڪارن ڌاڳن کي جي غريب مارن ٻانهن ٻڌا، سي سون کان وڌيڪ ٿي سڏي، سون ته سوءِ آهي سکڻو سور آهي، چئي: اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائن سون تي. اهو سنڌين جو وڙ ناهي، شان ناهي، تمدن ناهي ته سون تي رشتا مٽايون ۽ پئسن کي ياري تي ترجيح ڏيون، محل ماڙن کي پکن تي واري ڇڏڻ ۽ ساڻيهه ۾ ساهه لاءِ چئي ميا ئي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي،ايڏي ڌرتيءَ سان محبت دنيا لاءِ دستور ڏيڻ آهي.

    سسئي:
    جو بي مثال ڪردار جو پنجن سرن ۾ جاکوڙ، جھد، ڪوشش اورچائي ۽ اڻ ٿڪ ڳولا جو اهڃاڻ بڻجي، ماڻهو کي همت، حوصلو ۽ ڪڏهن نه هارڻ جو سبق سيکاري ٿي. هن ڳولا ۾ مري امر ٿيڻ جو سبق سيکاري ٿي. ڪيئن نه سڄي جابلو سلسلي ۾ هلندي جبل کي جک ٿي هڻائي، ڌمڪائي ٿي ته:
    “اڳيان ٽڪر ٽر، متان روه رتيون ٿئين”

    • پي پيالو اڃ جو اڃ سين اڃ اٿيار،
    پنهون پاڻ پيار ته اڃ سين اڃ اجھايان.

    • بک وڌائون بگرين جوڳي ڪندا جنڃ.
    طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اڃ
    لاهوتي لطيف چئي من ماري ڪيو مڃ
    سامي جھاڳي سڃ، وسنئن کي ويجھا ٿيا.

    (آسا)

    • سدا سائر سير ۾ اندر لهي نه اڃ
    پسڻ جو پرين جو سا سڀائي سڃ
    تيلا مرن اڃ، سدا سائر سير ۾.

    • ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي
    اندر جنين اڃ، پاڻي اڃو ان کي

    پاڻ سڃاڻڻ جو سونهون.
    • پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن
    ساهان اوڏو سپرين لوچي تان نه لهن
    دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مٺن جئن.

    واٽ: هتان کڻي هت جن رَکيو سي رسيون، ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجھو گهڻو.
    • ڪونهي ات ميهار، جت تو ڀوري ڀانئيو
    پنڌ م ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار
    ڌاريا ڀانئج ڌار، پچ پريان ڪر پاڻ تون.

    هي آهي سمورو وجودي وجدان:
    • وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
    ٿي ستي ٻڌ سنڌرو، پرت پنهون سين پار
    نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

    • پيهي جان پاڻ ۾، ڪيَم روح رهاڻ،
    نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

    سهڻي:
    مروج تمدن کي ٽوڙي شاهه انوکو آواز ڏنو آهي، هڪ شادي شده عورت جي پيار کي سڀ پنهنجو ڪن ٿا، مٿان اهو چوڻ ته:
    • “ساهڙ ڌارن سهڻي نسوري ناپاڪ”

    • ساهڙ ڌاران سهڻي آڌوتي آهي

    دنيا جي تهذيبن کي للڪار ۽ سوايو ڪري ڇڏي ته:
    “هنئهن هوند مُئي پر
    ٻُڏيء جا ٻيڻا ٿيا”

    مري جيئڻ جو ڏس ته مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات، ماڻهو جي سچي پسند ۽ صحيح شخصي آزاديءَ جو بنيادي حق کي مڃايو اٿس، عشق جي ابجد کي دل جي مدرسي ۾ اهڙو پڙهائي پاڪ ڪيو اٿس، آهي ڪو دل وارو جو منهن مڙي.
    ڪهڙي منجھ حساب هئڻ منهنجو هوت ريء
    ڪا نه گهرجي مون، حياتي هوتن ري.

    هي سڏ ورنايو:
    • “پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار”
    • ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
    آهي نجو ئي ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙي.

    هي لطيف اللطيف احساس، ٽاڪوئان جذبا ۽ وحدت جا سبق، جو سمجھي، سو گونگي جيئن مزو ماڻي.
    هو جي جرڪيا جرتي سي تان سڀ حباب
    چنبو وجھي چور کي آءَ ڇڙ عقاب
    ديد وڃاءِ مَ دوست جي هلي منجھ حجاب
    ڪسرت آهي قرب ۾ ادغام ۾ اعراب
    فنا وجھي فم ۾ ڪارڻ ٿي ڪباب.

    سائين هي وائي پنهنجو وصال کان اڳ مڙئي پيا جهونگاريندا هئا ته ڪهڙي منجھ حساب هئڻ منهنجو هوت ريءِ ۽ نيٺ حساب پورو ڪري وڃي حق سان حاصل ٿيا. جنين من ميهار، هلڻ تنين حق ٿيو. هي خاص مضمون آهي.
    سياري سِہَ رات جا گهڙي وسندين مينهن
    هلو ته پڇون سُهڻيءَ جا ڪرڄاڻي نينهن
    جنهن کي راتون ڏينهن ميهار ئي من ۾.

    سڀت پچار پرينء جي، سڀت هوت حضور
    ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟

    توحيد جي سمجھاڻي:
    لهرن لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو
    تڙن جي تلاش، لاهه ته لالن لڳ ٿئين.

    عشق جو هي اوسيئڙو به هت آهي:
    جي قيام ملن، ته ڪر اوڏا سپرين
    تهان پوءِ سڄن، واڌايون وصال جون

    نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪ
    عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.

    اڪير اوسيئڙو اڪنڍ ۽ اڳانڍو
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين
    سهسين سجن الهي، واجھائيندي ويام
    تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سهان.

    ماڻهو لاءِ اڻٿڪ اورچ ۽ مسلسل جھد جوٽڻ جو جيئرو جاڳندو جوش!
    جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
    وڃي ڀون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.

    جان جان هئي جيئري، ويٺي نه ويساند
    لڙهي لهرن پاند، ميائي ميهار ڏي.

    شاهه لطيف ترڪَ جو تارڪ ناهي، عام صوفي خيال ۾ هي دنيا ڪوڙ دوکو آهي جنهن کي ترڪ ڪجي، ابتڙ انجي شاهه سائين طلب جو طالب آهي، طلب ئي پيار آهي، طلب ئي منزل آهي ۽ طلب ئي وصال آهي. ياد يار ئي حياتِ جا ودان آهي.
    مونکي جياريو پريان جي ڳالهه ڪري
    ڊٺو اڄ اڏيو، هئينڙو ڪوٽ برج جئن.

    وسن ۽ وهسن، ڏهاڙي ڏسڻ لئه
    جئن جئن پرين پسن، تيئن تيئن نشا نينهن جا.

    وسن ۽ وهسن، ڏيهاڻي ڏسڻ لئي
    ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن
    ڍاپيون نه ڍاپن، پسڻ منجھان پرينء جي.

    وسڻ اکڙين جيئن، جي هؤند سکين مينهن
    ته هوند راتو ڏينهن، بس بوندنئون نه ڪرين.

    اُهو آهي سڪڻ ۽ طلبڻ پر ڇا؟ ڪيئن ۽ ڪهڙي طلب؟
    طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا
    ڌڪي ڪندءِ ڌار، ڏئي ماڻڪ مٺ ۾.

    مال ملڪيت جي نه پر سپرينء جي صرف – ڪهڙي ڪيئن؟
    ماڻهو گهرن مال، مان سڀ ڏينهن گهران سپرين
    دنيا تنهن دوست تان فدا ڪيان في الحال
    ڪيس نانء نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

    پرين ڪيئن گهربو آهي، طلب ڪيتري ڪجي جو ملي پئي.
    ساري رات صبحان جاڳي جن ياد ڪيو، ياد ڪيئن ڪيو؟
    تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
    تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن
    وحده لاشريڪ لہ، اهو راڳ رڳن
    سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت ان جي.

    تن کڏي من حجرو، ڪيم چاليها رک
    ڪههُ نه پوڄيو پوڄين، اٺئي پهر الک
    تان تون پاڻ پرک، سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون.

    اسين اِها پرک ڪيون ته سڀ جي سامهون پاڻ آهي، نه مذهب، نه فقو، فرقو، نه پنٿ، نه قوم، هو سڀ جو سانجھو آهي، سڀ لئه سامهون آهي، جيڪو جتي پڪاري، اتي هو موجود. بس طلب سچي ۽ سڄي هجي، جا ڀل ڪباب ڪيو ڇڏي.
    رڳون ٿيون رباب، وڄڻ ويل سڀ ڪنهن
    لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جباب
    سوئي سنڌيدم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

    بس هُو، صرف هو، ڪيان ٿي ڪارون ته ٻڪي ٻيئنون نه ٿئي.
    تن جنهين جو طالبو، سانڀاران سيئ
    من پريان نيئي، ٻگهيو پاڻ ڳري.

    ته پرين پڻ ياد ڪري، هي عشق جي آڳ لاءِ حڪم آهي.
    پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ
    واقف ٿي وساءِ، آڳہ نه ڏجي عام کي.

    نوري:
    عشق انسان مان آڪڙ ڪڍي کيس نماڻو، نهٺو ۽ عاجز ڪري ٿو، نوري نماڻائي جي علامت ٿي پئي، سندس رمز آهي سڀ لاڏ، عزت ۽ پٽ راڻي جا درجا هوندي پاڻ کي عيبدار سمجھي، ڪين ٿي پئي.
    تون سمو آءَ گندري مون ۾ عيبن جوءِ
    پسي راڻين روءِ متان مانڱر مٽئين.

    پر ان نوڙت کيس اعليٰ مقام تي نيو، جيئن گرو نانڪ صاحب چيو:
    آپس ڪو جو ڄاڻي نيچا، سوئو گنيي سڀ تي اوچا.

    ته هتي لطيف سرڪار لکي ٿو:
    نوري جي نياز جو عجب اجھل هوءِ
    سمو سر سڀن ۾ مي مورڇيو سوءِ
    اچيو اڀيين پوءِ، حجت ڀڳي راڻيين.

    ته نوري جي نياز تماچي کي ايڏو موهي ڇڏيو جو سڀ راڻيون هٿ ٻڌي پويان بيٺيون ٿي رهن ۽ سندس سونهن ۽ سوڀيا جا نظارا ته ڏسو، لطف کي جھٽجو:
    هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيء ڪونر ترن،
    ورئي واهوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي.

    هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراءِ
    اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءُ
    لڳي اتر واءُ، ڪينجھر هندورو ٿئي.

    لِيلا:
    ساڳي طرح ليلا جو ڪردار وڃايل جي ڳولا آهي، ڪاميابي لاءِ ڪارون ڪرڻ آهي، ناڪامي ۾ مايوسي ۽ اڻاسو ٿي هنياءَ نه هاري پر وس ڪري، ڪوشش، جھد ۽ وينتيون ورائي، نا اميد ڪڏهن نه ٿئي.
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.


    مومل:
    جهان، هي به ته هڪ مومل جو ڪاڪ محل آهي جنهن تي موهجي ماڻهو سڀ ڪجھ وڃائي، هٿين خالي رمندو رهي ٿو. هي دورنگي دنيا جا مزا، دلنواز ڏيک ۽ هر کائيندڙ مجاز جا مزا! ڇا آهن؟ ڪيئن آهن؟
    بيکاريء کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي
    ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي
    ڪا جا انگ اڙي، جيئن ڇٽا ڦٽ چڙي پيا!.

    مومل جي قصي ۾ روحانيت جي معراج ۽ لاهوت ها هوت جا ڏس ٿا ملن، هي مستقبل جي جھلڪ چئو پر هي روحاني دنيا جي عميق جو عڪس آهي.
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي ڏينهن اُڇل
    نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن
    نڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرين کي.

    هي زمان مڪان کان ٻاهر اندر جا اسرار آهن جتي بس وصل ئي وصل آهي، جي آيا سي اگهيا جو مقام، اتي آنندThe field of all possibilities & invinciblity. Taranscendental consciousness
    سورٺ:
    سورٺ جو سنيهو تصوف جو نج راز آهي، اصل اسرار! سورٺ هڪ راڳڻي آهي جا ڀئرو راڳ جي ٽئين زال آهي ۽ رات جي ٻي پهر ۾ ڳائبي آهي، هن سُر ۾ راءِ ڏياج جو ڪردار خود شاهه سائين آهي جو ميوزڪ سان اهڙو عشق ڪندو هو ۽ دم به راڳ ٻڌندين ڌڻي حوالي ڪيائين:
    محلين آيو مڱڻو کڻي ساز سري
    لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري
    هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل جاءِ ٻري،
    سسي تنهن سلطان کان اچي گهوٽ گهري
    جهونا ڳرهه جهري، پوندي جهان جهروڪ ۾.

    عشق جو مارڳ ۾ اهي اچن، سرجني جا سٽ ۾.
    مٿو مور نه پاريان، تنهنجي تند تنوار
    سر ۾ سڃڻ ناهه ڪو، موٽ مَ مڱڻهار
    ڪينهي ڪنڌ ڪپار، لڄيندي ٿو لاهيان.

    هِڪُ سر ته ڪجھ ناهي، سنگيت جي ديوي کي جيڪر سوسر لاهي ڏجن.
    سو سرن پائي، جي تند برابر توريان
    اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي
    سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناه ڪي.

    شاهه وٽ سروڍڻ، جيئري مرڻ ۽ اڄ آديسي مَرُ جو مطلب پنهنجي مان، خودي، هو مئي کي ختم ڪرڻ يا نفس اماره کي مارڻ ۽ خوديءَ کي کائين جا ڏنل اصطلاح سمجھڻا پوندا. اصل جنگ اندر ۾ آهي، وڏو جهاد پنهنجي پاڻ کي کٽڻ آهي، پاڻ مارڻ آهي. جنهن کي جهاد بن نفس ۽ جهاد اڪبر جا نالا ڏنل آهن. جنهن لاءِ نفس جوهو، جنگ عظيم، ڏکي ۽ ڏاڍي آهي، ڪي وريام ڪن. مولانا روم مثنوي ۾لکيو:
    سهل شيري دان ڪ صفحا بشڪند
    شير آنست آن ڪ خودار بشڪند.

    ته پاڻ کي شڪست، جيتڻ ۽ پاڻ پائڻ، شير جي طاقت جو ڪم آهي، هون شير قطارن کي تهس نهس ڪري سگهي ٿو پر پاڻ کي ڪيئن ماري.
    ته سک رمز وجود وڃاوڻ دي
    نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.

    ڇو ٿو ڪاڳر ڪوريئن ويٺو وڃائين مس
    ڏور تئائين ڏس، جئائين اکر جڙيا.

    ته اتي ڪو ڏس جتان اکر جڙيا، ته سڀ اهوئي هو آهي، تون ڪٿي نه آهين، ها جي انجو پيار تو پائي وتو، دل الاهي انس سان محبتي مهراڻ ٿي پئي ته اندر ائين جي، اجرندو پوءِ پنن پڙهڻ جي گهرج ناهي، ته لطيفي لات هڪ طلب، اڃ ۽ اڪير، اڪنڊ پيدا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيان ٿو. من لڳائي هر هر پڙهو، پڪ ڪيو ته “نيون من لائين پريان سندي پار ڏي”، اهو ئي بس اندر جو آنند، صحت، اطمينان ۽ خوشي جو هندورو هجڻ آهي، پر پيارا سائين ورائي ورائي پڙهجو، ٻڌايو ۽ غور ڪجو، اندر اوتجو، لطيفي لطف للطيف! اهو جادو آهي پيار ڪهڙو؟ ههڙو.
    تون حبيب تون طبيب، تون دردن جو دارون
    دوا آهن دل کي تنهنجون تنوارون
    ڪيان ٿي ڪارون ته ٻُڪي ٻئينون نه ٿئي.

    تن جنهنجو طالبو، سانڀاران سيئي
    من پريان نيئي، ٻگهيو پاڻ ڳري.

    اها طلب ايڏي ته مضبوط ۽ ڀرپور آهي جا طالب کي به مطلوب ڪيو وجهي ٿي.
    تو جنين تات تن پڻ آهي تنهنجي
    فاذڪرني اذڪُرڪُم اي پروڙج بات
    هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرين جي.

    ته پرينء جي پر پڇڻ لاءِ سر کي سٽ ۾ رکڻو پوندو.
    مري جي، ته ماڻيين، جانب جو جمال
    ٿيئين هوند حلال، جي پند اها ئي پاريين.

    اهو پرين توهان جي اندر شبد، ناد يا ڪلمي جي آواز ۾ اندر موجود آهي، جنهن ۾ ئي خودي، نفس ۽ مان کي ختم ڪرڻو آهي، بابا گرو نانڪ جن چيو:
    شبد مَرههُ، ڦرجيوهه سدهي، تان ڦر مرڻ نه هوئي
    امرت نام سدا من ميٺا، شبدي پاوئي ڪوئي.

    لطيف سرڪار به ان طرف اشارو ڪيو آهي.
    مر ته موچاري ٿيين، جيڻ آڏو جت
    هاري ڪر همت، ته ڏئي دم دوست لهين.

    هن راز کي پروڙي پاڻ سڃاڻ يا پرين پائڻ جي سوجھ سمجھ پئي ٿي ۽ اهو ئي ماڳ آهي.
    صوفي ڪيئن عمل ڪري ٿو، شاهه ڀٽائيءَ جي رهنمائي:
    قاتل ڪمائي ڪري وههُ ماکي جي ڪَن
    وٽان ويهي تن پيجَ ڪي پياليون.

    هن بيت کي مختلف پڙهڻن ۾ عجيب انداز ۾ سمجھايو ويو آهي، آءُ پنهنجي سمجھ ۽ سوجھ سان ان کي شاهڪار رهبر بيت سمجھان ٿو، روحانيت، تصوف يا جوڳ لاءِ پهريائين اندر اجارڻو پوي ٿو، وهه کي ماکي ڪرڻ، نفس اماره کي نفس مطمئنا ڪرڻ لاءِ قاتل ڪمائي ڪرڻي آهي؛ جو پڙهڻ بحث ڪرڻ سان ٿي نٿو سگهي، اندر تون اجار پنا پڙهيندين ڪيترا؟ حسد، هرس، لالچ، هوس جي زهر کي ڦيرائي اطمينان، شڪر پيار پاٻوهه جي ماکي ڪرڻ.
    ڪروڙين ڪتاب ۽ سمورو علم ته تنهنجي اندر سمايو ويو آهي، قرآن مجيد شاهد آهي ته علم ڏئي موڪليو ويو آهي. پر ڪو پاڻ پڙهي، پاڻ کي پڙجھي ته پرينء کي پائي. هتي پڙهڻ نه ڪڙهڻ جي ضرورت آهي، پاڻ سڄي ڄمار پيا پڙهون.
    پڙهيو پيا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻان ڏوهه چڙهن جي ورق ورائين وترا.

    ته قلوب ۾ ڪيئن ڪڙهجي؟ هڪ اهڙي بٺي چاڙهي رکبي جنهن ۾ مان ۽ آئون کي ٽڪرا ڪري ٽَڪائبو، تيسين پيو ٽڪي جيسين ڳري گم نه ٿئي ۽ پوءِ ابتڙ ۾ مٽجي ظاهر ٿئي، ڪاوڙ ٽڪجي رحم ٿئي، سزا ٽڪي جزا ٿي پئي، حسد پسند ٿي پئي، نفرت محبت ۽ انتقام قرباني ۾ مٽجي پئي، اهڙا ماڻهو اٿو. هي هوا ئي ڳالهه ناهي، ادا! نا ممڪن ڪجھ نه هوندو آهي، ڀل چئو اهو ٿي نٿو سگهي پر مان عرض ڪيان ته سڀ ٿي سگهي ٿو، ويندي ماڻهو ماڻڪ ٿي سگهي ٿو، نه ته سچل سائين نه چئي ها “ايجھا ڪم ڪريجي الله آپ بڻيجي”، ڪيئن ٿبو؟ جڏهن ڏنل بيت سمجهنداسين، شيطاني ڪمن کي رحماني عملن ۾ بدلائي وجهنداسين، ان عمل کي چئبو “وِههُ ماکي جي ڪَن” ته اهڙي ڪمائي کي چئبو قاتل ڪمائي، جا ابتڙ ۾ مَٽي ڇڏي،All negatives turn to be positives نفي اثبات ۾، ڪيئن ڪبو؟
    پهريائين پنهنجي مٿي ۾ سڪون شانتي ۽ خاموشي آڻڻي پوندي، اصل مسئلن کان وڌيڪ پاڻ اجائي گلا، غيبت، حسد، ساڙ ۽ اڻ سهپ ۾ پيا ٿا پچون، ان کي اڄ نه پر هاڻي کان بند ڪيو. پاڻ کي شانت ڪيو، بس مثبت سوچ، ڀلائي ۽ سڀ جي خبر جا خريدار ٿي پئون ته اسان مان اهڙيون وائبريشن نڪرنديون جي، ٻين کي پڻ شانتي، سک ۽ سڪون جو احساس ڏينديون. هي سائنسي عمل آهي، سڄو وايو منڊل پرسڪون مثبت ٿي پوندو، خوشيءَ ۾ ٻهڪندو. جي توهان سچا پچا خوش آهيو، پاڻ ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ پيا ڏند ڪڍي کيڪاريندا آهيون ۽ اندر ڀڳل ڀريل اداس اڻاسا ۽ اٻاڻڪا رهندا آهيون، ڇو؟ آخر ڇو؟
    ته هي عرض وراڻيو:
    هميشه خوش رهو– شڪايت نه، شڪرگذاري ۾ اچو
    ها اهو توهان جي هٿ ۾ آهي، ٻارن کي ڏسو ته پوءِ؟ توهان به ٻار ٿي پئو. خوشي، ملهه مهانگي ناهي مفت ۾ ملندي آهي. خوش ٿي پئو، هاڻي هيئنر ۽ سدا، توهان جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪجھ نٿي ڪري سگهي، ها توهان کي بيمار ڪري سگهي ٿي. ٽينشن مان السر، شگر، بلڊ پريشر پيدا ٿيندو آهي ٻيو ڪٿان به نه.
    تحقيق ڪيو لنوايو نه! ته پوئتي هٽو خوشي ڏانهن، جي اڳتي وڌيو اهي کڻي ته هارٽ اٽئڪ ۽ برين هيمريج اڳيان بيٺا آهن، ته بيماريون نٿيون مارن، اسان ٿا پاڻ ڳڻتي جهڙي عظيم بيماري کڻي انهن کي مدعو ڪيون، هر ڪاوڙ، غصي، غضب ۽ ساڙ حسد ۾ پچڻ سان اندر جا کلندڙ سيل گهرڙا جهرندا، مرندا، ڳرندا رهن ٿا، جي ڪيري پٽ ٿا ڪن.
    خوش رهڻ، صحتمند هجڻ ۽ پرسڪون رهڻ اسان جي هٿ ۾ آهي، ڳوڙهو سوچيو صحيح ٿو چوان، پوري تحقيق ڪري ڳالهايان ٿو. شڪر گذاري هڪ خوشي آهي، شڪايت ڏک؛ توهان گهڻن کان خوش نصيب آهيو ته شڪر ڪيو، خوش رهو.
    ڇونٿا خوش رهو، پروگرام ٺاهيو، ها جي رب کي مڃيندڙ آهن انهن لاءِ اضافي نسخو آهي مالڪ جي سار، بيغرض پيار، ڪنهن غرض، نوڪري، ۽ ڪاميابي لاءِ نه، پيار پيار لاءِ ٿيندو آهي، هڪ ٻي نفسياتي ڳالهه:
    جنهن لاءِ سوچيندو اهڙا ٿي پوندو.
    رب جي صفت، پروردگار جي گڻن جو چنتن، ذڪر، سمرن ڪندا ته آهستي آهستي اهڙا ٿيندا ويندا، رب منهنجو سدا مهروان آهي، صاحب سدا بخشيندڙ آهي، ڪرم ڪندڙ، عطا ڪندڙ، سخي داتا بس پيو ڏئي، بخشي عطا ڪري پر ڏئي نه پچاري، ڏهاڙي پيو ڏئي، اسان به ڏيون، بخشيون، معاف ڪيون، جيئن رب اسان جا ڏوهه ڏسي به ڪاوڙ نه،پر روزي پيو رسائي ته پاڻ به ڪيون، ڪوشش ته ڪيون!.
    بابا گرو نانڪ چيو:
    آکان جيوان وسري مِرجاءِ.

    سندس يادئي زنده ٿي رکي، جي وسريم ته مري ويندس ۽ ڪفر اسلام جي بحث کي بند ٿو ڪري سلطان باهو رح:
    جودم غافل، سودم ڪافر، سانون مرشد ايوين پڙهيا هُو.

    ته جيئڻ آهي سندس ياد:

    مونکي جياريو پريان جي ڳالهه ڪري
    ڊٺو اَڄ اڏيو هينئڙو ڪوٽ برج جيئن.

    ان ذڪر سان، ان ياد سان، ان سمرن سان توهانجي اندر ته فقط خوشي سڪون پيدا ٿو ٿئي پر نفي خيالن کان پڻ نجات ٿي ملي ۽ سٺيون وائبريشن ٿيون نڪرن جي هر درد مونجھاري ۽ اڻاسائي جو علاج آهن.

    ويٺي جني وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
    پاڻ تنين سين گڏ اڏا اوڏي پکڙا.

    ته هي صحبت جو ڪمال آهي نه پڙهڻ پرجهڻ جو، هي سينا به سينا، نظر سان نهال ڪرڻ جو عمل آهي ته جي انهن سان ملاقات ٿي، سندس درشن ديدار ٿئي ته:
    يڪ زمانه صحبت با اوليا؛ بهتر از صد سال طاعت بي ريا. (مولانا روم)
    سائنسي طرح هي ڳانڍاپو اصل لاشعوري سجاڳيField of supreme consciousness جي جاڳرت ڪرڻ ۾ آهي جتي خاموشي ۾ مراقبي سان پهچي سگهجي ٿو يا اها ياد، عشق جي مڌ ۾ هُن مرڪز تي پڄائي سگهي ٿي. جو سانت سڪون ۽ خوشي جو هندورو آهي. جتي پڄڻ بعد پريشانيون ختم ٿين ٿيون ۽ خوشي گؤنچن وانگر ڦٽيو پوي، هي ئي علم جو مقام آهي!
    هن کي Transandedtal Meditation چئجي ٿو. آءَ يورپ هالينڊ، نيدرلينڊ جي Meru معنيٰ مهارشي يورپين ريسرچ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري آيس18th July کان 2nd August 2017 تاءِ؛ ته ڪهڙي طرح اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن کي ڪلاس جي شروع ۾ ۽ آخري ڪلاس بعد 20-20 منٽ ميڊيٽيشن ڪرائڻ سيکارجي، ته سڄي قوم صحتمند، باصلاحيت، پرامن ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيڻ جي لائق ٿي پوندي، هي ڊگهو پر مڪمل مَٽجڻ جو واحد طريقو آهي، جنهنکي سڄي يورپ، آمريڪا ۽ انگلينڊ ته رائج ڪيو آهي باقي اسان کي ته خبر به ناهي ته CBE ڇا آهي.Consciousness Based Education هي هر هڪ لاءِ ضروري آهي هن لاءِ پڙهڻ يا ڊگري وٺڻ جي ضرورت ناهي هي عملي تصوف جو تجربو آهي، جنهن کي صوفي مراقبو سماڌي يا ڌيان ڪرڻ چوندا آهن، مهاتما گوتم پهريون صوفي هو جنهن ڪري ڏيکاريو، اڄ به ٻوڌي هر هنڌ ڌيان ڪندا وتن ۽ سيلون، چين، جاپان، هت ٽيڪسيلا ۽ هندستان ۾ الاهي مرڪز ملن ٿا. هي اسان جي آڳاٽي علم جو خزانو آهي جنهن کي پاڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر هنن ڌارين استعمال ڪندي وڏي ذهانت ۽ چستي، ڦڙتيء سان حياتي کي اڳتي وڌايو آهي. پاڻ مذهبن، فقن، فرقن، پنٿن ۽ گُرن جي گفتن ۾ اٽڪي، مذهب جي ٻاهرين شڪل تي پيا وڙهون، مرون ۽ ماريون! ان جي اصل جوهر کي نٿا سمجھون؛ نه ڪيون نه ڪرايون، بس صوفي ئي واحد استاد آهن جي هن مارا ماري، عدم برداشت ۽ دهشت واري رتو ڇاڻ کي پيار عشق پنهنجائپ ۽ ڌيان ڪرڻ سان سانت سڪون ۾ آڻي بچائي، جيءَ دان ڏين ٿا.
    بابا گرو نانڪ سمجھايو:
    جنم مرڻ دوههون ۾ ناهن، جن پراپڪاري آئي
    جيءَ دان دي ڀڳتي لائن، هرسنئه لين ملائي.

    ته هي جيئدان وٺون ۽ ڏيون:
    محبت، نيڪي، ڀلي کي پنهنجو ڪيون، بي غرض پيار ۾ اچي پهريائين پاڻ پچايون ته جهان جرڪي پئي.

    


    تصوف: هڪ رويو، هڪ ڪردار

    سي فاني ٿيا ”في الله“ ۾، جن وڃايو وجود
    نه تن قيام نه قاعدو، نڪي ڪن سجود،
    جيلانهين ٿيا نابود، تيلانهين رسيا بود کي.

    (آسا 1)

    تصوف هڪ رويوآهي، هڪ ڪردار آهي،۽ اهو اخلاص آهي، جو بندي کي پنهنجي پاڻ سڃاڻڻ بعد، سڄي ڪائنات ۾ رڳو هڪ وجود نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ميٺ، محبت سَوائِي ٿيو پوي، انسانن جي خدمت، خالق جي خدمت ٿيو پوي.
    ساميءَ واري سٽ جيان:
    خالق خلق ۾، خلق منجھ خالق

    بابا فريد چيو:
    فريدا خالق خلق مهه، خلق وسي رب مانهه،
    مندا ڪس نون آکيئي، جو تس ٻن دُوجا ناه.

    ته ان ‘دُوجا’ جي وهم کي ختم ڪرڻ تصوف آهي. ‘دوئي’، ‘ٻيائي’ جي گند کي صاف ڪرڻ اندر اجارڻ آهي،لطيف سائين چيو آهي:
    صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

    جيئري پرين پسڻ ئي معرفت آهي. ڳالهيون پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جون نه آهن.
    بُلا شاهه چيو آهي:
    علمون بس ڪرين او يار!
    اڪواف تيري درڪار


    لطيف سائين چيو آهي:
    اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
    اندر تو اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

    ‘الا ڏاهي م ٿيان’ جومطلب آهي، علم جي سياڻپ. ڄاڻ ۽ تڪبر کڻي پرين نه پائي سگهبو. فرمايائون:
    “ڄاڻي ته به نه ڄاڻ، هي در اٻوجهن جو”
    يا
    “ان در سيئي رسيا، جن وڃايو وجود.”
    (شاهه)
    سِک رمز وجود وڃاوڻ دي
    نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.
    (بيدل)
    ته ٻڌڻ ٻڌائڻ سان نه، پڙهڻ پڙهائڻ سان نه، هي ته فنا جو مقام آهي. انڀئي جو ماڳ آهي. بيکم ٿو چئي:
    ‘بيکم’ بات آگم ڪي، ڪهڻ سڻڻ ڪي ناهه،
    جو ڪهي سو جاني نهين، جو جاني سوڪهي ناهه.

    ڪبير صاف فرمايو آهي:
    ايهه ڪرڻي ڪا ڀيد هئه، نهين ٻڌي بيچار،
    ڪَٿنِي تَج، ڪرني ڪرو، تان ڪڇ پاوه سارِ.

    هي عمل جي منزل آهي، ٻڌائڻ بند ڪر، اندر جهاتي پاءِ “ڏي ٽپي لَههُ ۽ ٽُول، اصلي عين اندر دا کول” اهو ڪم صرف سڪ سبيل سان ٿيندو، عشق ئي انڌو ڪري، ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏئي فنا کائي سگهي ٿو، عقل دليل ته ڀڄي بر ٿيندو. هي عمل آهي، “پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ”.
    علامه اقبال چئي ٿو:
    “بندہ عشق ازخدا گیرد طریق،
    می شود بر کافر و مومن شفیق”

    حديث قدسي آهي:
    “الخلق عيال الله”

    حالي چيو:
    یہ پہلا سبق تھا کتاب هدیٰ کا،
    کہ ہے ساری مخلوق کُنبہ خدا کا

    خواجا فريد فرمايو:
    رک تصديق نه ٿي آواراه،
    ڪعبه قبلا دير دوارا،
    مسجد مندر هيڪڙو نور.

    شاهه صاحب جي اها سٽ ته:
    “جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.”

    دراصل ‘هڪ وجود’ جي موجود هجڻ جو ڏس آهي، ۽ ان مان ٺهيو “لاموجود الالله”، اهو ابن العربيءَ جو فلسفو چيو ويندو آهي. وحدت الوجود يعني ڪائنات ۾ جو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تنهن جو پنهنجو ڪو به وجود نه آهي، پر اهو سڀ خدا جي وجود جو هڪ مظهر آهي. آءُ ان کي ڪلاس روم ۾ چوندو آهيان، ‘اک جيڪو ڏسي ٿي، اهو سڀ ڪوڙ آهي، اصل نه، پر رُڃ آهي، آهي سچ هڪ، پر نظر ڪثرت ۾ پئي ڪيترا ڏسي:
    وحدت مان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
    يا
    لهرن لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.

    اها ئي ڳالهه گرنٿ صاحب ۾ آئي آهي:
    “سڀ گوبند هئه، سڀ گوبند هئه،
    گوبند بن نهين ڪوئي”

    تصوف جو هي جوهر ڪو نئون نه آهي، اهو قبل مسيح واري وقت کان رائج آهي، جڏهن پارمينڊس (Parmenides) 514 ق. م. ۾ يونان جي ڏاهي چيو هو ته، “‘آدجگاد’ کان حقيقت هڪ ‘being’ وجود آهي، جنهن سواءِ ٻيو ڪنهن جو وجود ڪونهي.” هي وحدانيت جو پهريون آواز هو، ان بعد زينوفينس (Xenophanes) جو فقرو ٿو ملي ته: “ڪائنات ۾ ئي خدا آهي.” ۽ اهو ڪائنا کي خدا جي زنده حقيقت ڪري ٻڌائي ٿو، هن ۾ فقط هڪ هستي موجود آهي، جا وقت جي ڦير گهير ۾ نٿي اچي. منجھس ڪا تبدليلي نه ٿي ٿئي، ۽ ‘سڀ گوبند هئه’ جو پهريون پرچار هن ڪيو جنهن کي چئون، ‘هم اوست’ يعني ‘سڀ هو آهي.’ هن جي موجودگي ‘Isness’ ئي واحد سچ آهي. ان حقيقي وجود، خدا کي پائڻ لاءِ ڇا ڪجي وارو بنيادي سوال ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. اچو ته ان کي پرکيون، پُرجهون ۽ اصل جوهر تي پهچون.
    صوفين وٽ اصل علم عرفان ۾ آهي، جنهن ۾ وجود جو وجدان ٿئي ٿو. اهو ڪتابي علم سان نٿو ملي سگهي، اهو صرف عشق سان ئي ملي سگهي ٿو، ڇو جو، عقلي علم ڪتابن مان معرفت فقط عشق مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. عشق جي وري آخري ڪيفيت اها آهي ته، وجود خود سراپا ڪائنات بڻجي پئي. اهو احساس چٽو ٿئي ٿو ته، جو ڪجهه به آهي، اهو محبوب حقيقي آهي، ٻيو ڪجھ به ان سواءِ ڪونهي. ان کي لطيفي لات ۾ هيئن چئي سگهجي ٿو:
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
    منجھيئي ڪاڪ ڪڪوري، منجھيئي لڊاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناه ٻيو.

    ان علم کي نه سمجهندي، عام ماڻهو وجود جي رڃ ۾ مرگهه ترشنا وانگر ڊُڪي ڊُڪي ساڻو ٿيو پوي. تاريخ پڙهو؛ يونان جو افلاطون معروضي خيال پرست هو، هيگل جدلي ماديت وسيلي ‘مطلق عقل’ تائين پهتو، اينگلز ۽ مارڪس ان کي معاشي طرح وڌايو. ‘وجوديت’ جا باني زان پال سارتر، البيئر ڪاميو ۽ ڪريڪي گارڊ جا فلسفا پڙهندي پڙهندي، اڄ جو انسان وجود جي بحث ۾ اٽڪي پيو آهي. وجود مان مراد، خود جي وجود جو احساس آهي، پر اهو مڪمل نه آهي، اهو اڻپورو ۽ اڌورو آهي، منجھس کوٽ آهي. سڄي زندگي ماڻهو جي کوٽ پوري نٿي ٿئي، ۽ ماڻهوءَ کي ويڳاڻو، وياڪل ۽ اداس ڪري ڇڏي ٿي. کيس اها به خبر نٿي پوي ته، آخر اها ڪهڙي ڪمي آهي، جا کيس هرشيءَ هوندي به، اڃايل ۽ اڻاسو ڪري ٿي ڇڏي، ۽ پوءِ وقت جي تيز وهڪري ۾ هرڪو لڙهي وڃي ٿو.
    ان سوال، اڃ، طلب جو جواب صرف ‘تصوف’ وٽ آهي، ته ڪير آهين؟ ۽ ڪنهن کي ٿو ڳولين؟ پنهنجو پاڻ سڃاڻ. خود آشنائي حاصل ڪر.
    اسان سڪون جن کي، سي ته اسين پاڻ،
    يا
    رانجھا رانجھا ڪردي، مين آپي رانجھا هوئي.
    يا
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي ته سور هئا.

    اهڙيون سوين سٽون صوفي سالڪن وٽ ملنديون ته، بي خبر تون غير کي ڳولين ٿو، اصل امُل ته تون خود آهين، پر تون ڄاڻين نٿو.
    گرنٿ صاحب فرمايو:
    “من تون جوت سروپ هئه، اپنا مول پڇاڻ”
    ياوري
    • سبحاني مان اعظم شاني
    • انا الحق
    • اهم اوست
    • من خدايم،خدايم، من خدا
    • تتو مسي
    • تت توم اسي، وغيره وغيره
    آخري ٻه فقرا ويدانيت جا آهن، جا پڻ ان هيڪڙائي ۽ سچ جا پار پتا ڏسي ٿي. وحدت الوجود کي هتِ ‘ادويت واد’ چئجي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته، جيڪو ٻه نه آهي. هي هن فڪر جو بڻ بنياد آهي، جنهن جهڙو ٻيو نه آهي.
    • ايڪم ادويتم (وحده لاشريڪ لہُ)
    • ايڪم سته دويتو ناسي (لاالا ال الله)
    • برهم ستيم، جگم مٿيا (جهان ڪوڙو آهي ۽ الله سچ آهي)
    ويدانيت کي فلسفي جي فڪر ۾ آڻڻ وارو ‘شنڪر آچاريا’ آهي، هي اٺين صديءَ ۾ مالابار ۾ هڪ برهمڻ هو، ويدانيت جو بنياد ‘اُپنشد’، ‘برهم سوتر’ يا وري ويدانيت سوتر ۽ ڀڳوت گيتا آهن.
    اُپنشد ۾ آهي ته، هيءَ ڪائنات سراسر دوکو ناهي، پر حقيقت آهي، ڇو جو هيءَ ذاتِ حق جو مظهرُ آهي، پاڻ غير حقيقي ان لاءِ آهي، جو عدم آهي، يعني سندس وجود نه آهي، پر برهما ته وجود آهي. ان ضد کي سمجھي ته ڄاڻبو، اهو ته، ڪائنات کي مستقبل حقيقي سمجھڻ سڀ کان وڏي ناداني آهي، جا دوکو ڏئي ٿي ۽ ماڻهو رڃ ۾ ڀٽڪي ٿو، جتان ڪجھ پلئه پوڻو نه آهي. ڪبير صاحب چيو آهي، “اي جو دنيا، سحر ميلا، دستگيري ناهي” هن سحر (جادو) مان هٿ ڪجھ به لڳڻو ناهي. خالي هٿئين رمڻو پوندو، دارا هجي يا سڪندر، قارون هجي يا بل گيٽس، ڪوئي ڪجھ نه کڻي سگهندو. هيءَ ڪائنات سج جا ڪرڻا آهن، سچ جي سج مان نڪري نروار ٿيا آهن، تيئن خدا هر هنڌ حاضر ناظر آهي، هرشيءَ ۾ جلوه گر آهي، ته اهڙي گيان (عرفان) سا ئي سالڪ معرفت ماڻي سگهي ٿو، جڏهن سندس اندرين اک کُلي.
    ڏي ٽٻي لَههُ ٽول، اصلي عين اندر دا کول.

    قرآن شريف ۾ آهي:
    “هوالاول وآخر و الظاهر و الباطن وهو بڪُلِ شيءِ عليم”
    مطلب: بس اهو ئي هرشيءَ جي شروعات آهي. هر شيءَ جو ظاهر آهي ۽ هر شيءَ جو باطن آهي. (اهو ئي اهوئي) هو هر شيءَ جي ماهيت کان واقف آهي. يعني تصوف ۽ ويدانيت جو حاصل اهو ٿيو ته، وجود بس ‘هڪ’ آهي، ڪائنات نماءُ آهي. Becoming يا ڪثرت وجود آهي. وجود جي وحدت جو هر زمان ۽ مڪان کان مٿانهون آهي. هي مادي وجود، روح جو پردو (حجاب) آهي. جيئن پاڻ بُت تي ڪپڙا پائيندا آهيون، جيئن پاڻ بُتَ تي ڪپڙا پائيندا، تيئن هي ڪائنات وجود حقيقي جا ڪپڙا آهن. مادي وجود وري فطرت يعني زمان ۽ مڪان ۾ قابو قيد آهي. روح ڇا آهي؟ حق مطلق آهي، خود آگهي، پاڻ سڃاڻڻ جي علم، شعور ۽ عشق سوڄاڻي، سمجهي ۽ پائي Realize ڪري سگهجي ٿو. روح فريب نظر يا رڃ نه آهي، پر هن روپي (شڪلين واري) سنسار ۾ قيد آهي. روپي سنسار حق مطلق (برهما) جو پاڇو آهي. هن دنيا جوظهور حق جي ڪري آهي، ۽ ان حق جي ڪري هي موجود آهي، ان لاءِ صوفي چون ‘حق موجود، سدا موجود’، ‘هي حق سچ آهي، باقي دنيا مايا آهي’، ‘نه سچ نه ڪوڙ’، ‘آهي به، ته ناهي به’، مطلب دنيا جي حقيقت درياءُ وانگر آهي، درياءَ جو هڪ وهڪرو آهي، هڪ وقت ۾نظر ته اچي ٿو، پر ڏسو ته وهي وڃي ٿو، هر ڀيري نئون آهي. تصوف روح جي سائنس جو نالو آهي، ۽ اها مڪمل Applied Science آهي. جي جسم جي ليبارٽريءَ ۾ مرشد (استاد) جي رهنمائيءَ ۾ اندر انڀؤ (تجربو) ڪن، ته اهو سچ پائي سگهجي ٿو. تصوف، انسان جي اصليت يعني ڪرداري سائنس جو نانءُ آهي. جهالت ۾ انسان هن مايا جي هن روپي سنسار کي سڀ ڪجھ سمجهي، کوهه ۾ ڪريل ڏيڏر، سڀ ڪجھ ان کوهه کي سمجھي، زندگي بي مقصد گهاري ڇڏي ٿو. تصوف، ڪائنات جي ماهيت کي سمجھڻ ۽ پنهنجي ذات جي حقيقت ڄاڻڻ جو علم آهي. ان کان سواءِ، سنسار جا سڀ مزا چکي به ماڻهو ماندو، اڌورو، اڃايل ۽ اٻاڻڪو رهي ٿو. موهه جو مانڊاڻ ڪوريئڙي جي ڄار وانگر پاڻ اڻي ۽ پاڻ ئي منجھس ڦٿڪي ڦٿڪي مريو وڃي، هٿ ڪجھ نه اچي. اها اگهور، ماياوي ننڊ فقط موت اچڻ وقت ئي لهي ٿي ۽ ماڻهو اصل سجاڳ ٿي پوي ٿو، ته ڇا هي سڀ سپنو هيو؟ ۽ پوءِ ساڀيان ۾ رويو پوي.
    رتِي جي رهاڻ، جيءَ اڙايم جت سين.
    (شاهه)
    ته هي مزا ۽ شيون ويا وهارڪ آهن. جن جو وجود حسي يا وهمي آهي، ظاهر ۾ مشهود (موجود يا حاضر) پر اندر ۾ معدوم (ناپيد يا لامجود) آهن.
    مصري شاهه خوبصورت بيان ڪيو ته:
    عيش دنيا جا، مڙوئي مان وارا ملوڪ،
    سک هڪ ساعت جو، ۽ ساري عمر جو سور.

    سڀ حاصلات وقتي آهي، ڪيترو به مادي حاصلات، مال مزا هجن، پر وجود جو خال ويندو وڏو ٿيندو، کوٽ وڌندي، هوس وڌندي ۽ ان هٻڇ جو ڪٿي ڪو انت ناهي ٿيڻو. هي ترشنا جي باهه آهي، جنهن کي مزن ۽ هوَس جو تيل اڃا پڙڪائيندو، نه ڪي وِسائيندو. ان مان اڻپورائيءَ تي ڪروڌ پيدا ٿيندو ۽ ماڻهو ۾ ڪوڙي انا ۽ تڪبر ڀربو ويندو،پوءِ ڏيکاءُ ۽ نماءُ جوڪوڙو ڪاروبار شروع ٿي ويندو. اندر کوکلو ٿيندو ويندو، ۽ روح کان پري ٿيندو ويندو ۽ غير انساني عادتون سندس وٽ ڪثرت سان اينديون وينديون. ماڻهو اوپرو ٿي، مرون لڳندو. علاج ڪهڙو؟ علاج آهي، اَهم ورتي (نفس کي فنا ڪرڻ) يعني نفس اماره کي نفس مطئمن ۾تبديل ڪرڻ، يعني آتما يا نفس کي ايڏو بلند ڪرڻ جو هو پرم آتما ڪائناتي خدا سان هم آهنگ ٿي وڃي، پوءِ کيس ڪائنات ۾ هر طرف خدا جو ئي جلو نظر ايندو، ۽ هو خواهش کان پاڪ ٿي پوندو. پوءِ ڪا به مادي شيءَ هن جي خواهش لائق نه رهندي، بس ڌڻيءَ جي يڪتائي سندس خود پرستي (اهمورتي) کي فنا ڪري ڇڏيندي. اهو سڀ مراقبي، ڌيان يا سماڌيءَ ۾ ملي سگندو، جا، اپلائيڊ سائنس جي ليب آهي. جتي اها حقيقت ۽ سچ مٿس منڪشف (ظاهر) ٿئي ٿو، ته هر شيءَ ۾ ‘الاواحد’ جو جلوو آهي. اهو ئي حقيقي علم آهي،عرفان آهي، باقي جيسين هن ڪثرت کي سچ ۽ حقيقت کي سمجهنداسين، تيسين کوهه واري ڏيڏر وانگر ڦاٿا پيا هونداسين.
    مولانا روم فرمائي ٿو:
    علم چہ بود؟ آنکہ رہ بنمایدت
    زنگ گمراہی ز دل بردایت

    شيخ سعدي فرمائي ٿو:
    سعدی بشوے نقش دوی راز لوحِ دل
    علیمکہ راہ حق نہ نماید، جہالت است۔

    مذهب ۽ تصوف:
    عام طرح اهو سمجھيو ويندو آهي ته، تصوف مذهب مان نڪتل آهي، ۽ ان لاءِ گهڻا دليل ۽ جواز آندا ويندا آهن. بيشڪ ان جي پاڙ اتي آهي. پر، Ph.D. ڪا پرائمري تعليم نه چئبي. اهڙيءَ طرح مذهب ۽ تصوف به آهي. David Emile Durkhiem ٿو چوي ته: “تصوف جون پاڙون مذهب مان ناهن، بلڪه انسان جي وجود ۾ آهن.مذهب ۽ تصوف ٻئي سچائيءَ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر مذهب سماجي ظهاري رسمن جو شڪار ٿي، صرف عقيدي تي هلي ٿو، جڏهن ته، تصوف انسان جي ماهيت ۽ روحانيت جي اعليٰ قدرن جي جستجو ۾ رهي ٿو.”
    پاڻ سڃاڻڻ جو طريقو مٿين ڏسيل مراقبي جي رياضت ذريعي ٿئي ٿو ۽ ماڻهو مادي ڊوڙ مان نڪري، آفاقي سوچ ۾ اچي ٿو. هن مان غرور، انا، ڪروڌ، تڪبر، وڏائي ۽ هٻڇ نڪري، عاجزي، انڪساري، درگذر، صبر، ڪهل، همدردي، پيار ۽ معاف ڪرڻ ۾ مٽجي ٿي. جنهن ۾ ماڻهوءَ جو شعور زمان ۽ مڪان کان مٿانهون ٿيو وڃي. ڪائناتي جماليات سان سندس روح سرشار ٿيو پوي ۽ هُو همه گيريت جي وجدان ۾ اچيو وڃي. کيس ڪشف حاصل ٿئي ٿو، جڏهن سندس سيرت اندر جي توجھ، ان جي اندر خود بخود وڄندڙ ڪلمي، ناد يا شبد سان جڙي ٿي، جو کيس اندر جي نور، جوت ۾ سندس داخلي جوت جو ميلاپ ٿئي ٿو. تڏهن هو خود شناسي يا آتم گيان جو رس وٺي ٿو ۽ خود کي انا الحق وغيره نالن سان ڍءُ نه جهلي، ڪڏهن اٿلي پوي ٿو ۽ چئي ٿو ته:
    پٺي ڄڃ مَ ڄُل، منجھ تماشي نه ٿئي،
    گهوٽ ڪري ٿو پاڻ کي، ڪر هنگاما هُلُ.
    (سچل)
    پر جيسين هو زمان ۽ مڪان ۾ محدود آهي، ته دنيا ئي حساب ڪتاب ۽ نفعي نقصان ۾ڪڏهن روئي ته ڪڏهن کلي ٿو. هن کي ‘To Have’ جو ماڳ سڏجي ٿو، پر جڏهن هُو خودشناسي ۾ اچي ٿو، تڏهن ‘To be’ جو ماڳ ماڻي ٿو. هي وجوديت صوفي جو مقام آهي، جو سالڪ کي حاصل ڪرڻو آهي.
    ايرڪ فرام پنهنجي ڪتاب “To have or to be” ۾ هن بحث جي اپٽار ڪئي آهي ته، انسان مادي حاصلات ۽ شين جي تعلق ۾ نپوڙيو وڃي ٿو ۽ شين جي مالڪيءَ ‘To have’ جي هوَس ۾ ساري ڄمار وڃايو ويهي. پر محبت، انسانيت، خدمت، همدردي، سڪون، اطمينان، رشتا، خلوص ‘To be’ جي دائري ۾ اچن ٿا. هي منزل ماڻڻ بعد غرور ۽ انا ختم ٿيو وڃي، نفس پرستي ۽ ڪروڌ ورائي طاقت ۽ قلبي سڪون ۾ مٽجيو پوي ۽ هو خود ٻاجهارو، معاف ڪندڙ، پُر سڪون ۽ سڀ ۾ سائين پسيندڙ ۽ پرين پيارو ٿي پوي ٿو. جنهن لاءِ مون عرض ڪيو ته، تصوف ڪو نظريو نه، پر رويو ۽ ڪردار آهي. انسان جي وصف جي اهم خاصيت ان جي روحاني زندگي آهي، يعني انسان هجڻ جي خاصيت ‘To be/not to have’ ڇو جو مادي دنيا واري ‘To have’ هوس، لالچ ۽ ٽپڙ گڏ ڪرڻ جي ڊڪ ڊڪان کيس کوهيو ڇڏي ۽ ماڻهو جانور بڻجيو پوي، منجھانس انساني خصلتون وينديون ختم ٿينديون، ان لاءِ اڄ جي دنيا کي تصوف جي ضرورت آهي، شديد ضرورت آهي. جو ماڻهوءَ ۾ شدت پسند، ساڙ، انتقام ۽ مادي هَوس جي بدران رواداري، سهپ، برداشت ۽ خدا ترسي جهڙا گڻ پيدا ڪري؛ کيس خلق خدا جي خدمت ۾ تڪميل ڳولڻ سيکاري، ڪائناتي روح ۾ پنهنجي جزي يعني روح کي ڪُل روح ۾ سمائي، سڀنيءَ ۾سائين ڏسي، سچو موحد ٿي، پنهنجي ڪم ڪار بي غرضي، محبت ۽ خدمت وفاداريءَ ۾ انجام ڏئي هڪ سگهارو ۽ مڪمل وجود ٿي سگهي ٿو.
    پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
    (شاهه)

    پڇين جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
    جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دؤر ڪيا.
    (شاهه)

    ڏس عشق جو انصاف، سڀ مذهب ڪيائين معاف.
    (سچل)


    تصوف هڪ ڪردار:
    صوفيءَ جي فقيري ۽ درويشي، شاهن کان وڌيڪ بي پرواهه ۽ بي غرض ٿئي ٿي. چون فقيري، ته ڪهڙي دلگيري، ڪڏهن مايوس ۽ بيزار نه ٿيندا. شڪر، صبر، قناعت، سادگي ۽ راضپو سندن شان ۽ سليقو آهي. پنهنجي غريبيءَ تي فخر ڪرڻ وارا هي فقير ‘ڪجھ نه گهرجي’ جي نعمت سان مالا مال ٿي سُکي حياتي گذارين ٿا.
    چاهه مِٽي چنتا گئي، منوئا بيپرواه،
    جس ڪو ڪُڇو نه چاهيئي، سو ئي شهنشاه.

    صوفي، موهه مايا ۾ نٿو ڦاسي. سڪندراعظم جي سنڌ جي صوفين ڏاهن موڪليل اشرفين جي ٿيلهن کي هنن اهو چئي موٽايو ته، هن پينو جا پيسا نه گهرجن، جو ملڪ حملا ڪري زوري پيو پني. چاهه ۽ خواهش ئي وڏي غريبي آهي. گهرج جو پورائو ڪڏهن ٿيڻو ئي ناهي. هڪ مان ٻي گهرج جنم وٺي ٿي ۽ اها زنجير ڪڏهن نٿي کٽي، ته صوفي عارف مطمئن، باهمت، اطاعت گذار ۽ خادمِ خلق ٿئي ٿو. هو قناعت ۽ صبر سان رهي، وٺڻ ۽ کسڻ بجاءِ ڏيڻ ۽ تياڳ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
    عظمت ان ۾ ناهي ته، توهان ڪيترو حاصل ڪيو، پر وڏائي اها آهي ته، ٻين جي خوشيءَ لاءِ توهان پنهنجا سک ڪيترا قربان (تياڳ) ڪري سگهو ٿا. صوفي، هٻڇ نه، سخا جو صاحب ٿئي ٿو.
    سچ ۽ حق لاءِ جهد ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلي ۽ خلق جي بهبود لاءِ جنگ جوٽڻ ۽ سر قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو.
    نهايت بي غرض، لالچ، حرص ۽ هوس کان پاڪ، پنهنجي ڪم سان وفادار ۽ ديانتدار، محنت ۽ عظمت جو جيئرو جاڳندو مثال ٿي، قرباني ۽ تياڳ سان رشتا نڀائي ٿو. محبت ۽ عشق سندس ملڪيت آهي، ڪم کي ڀلي ۽ خدمت لاءِ ڪجي، نفعي لالچ لاءِ نه ڪجي. نشڪام ڪرم، عبادت، بنالالچ ۽خوف جي مالڪ جي رضا لاءِ ڪري پيو. عبد جو معبود لاءِ چاهه، طالب جو مطلوب لاءِ سڪڻ ۽ پچڻ، اڻ کٽ پياس ۽ پيار آهي جا صوفي جي زندگي آ.
    دل ئي رب جي رهائش گاهه آهي، صوفيءَ وٽ دل جو نهايت اعليٰ مقام آهي.
    مولانا روم ٿو چئي:
    “دل بدست آور ڪه حج اڪبر است
    از هزار ڪعبه يڪ دل بهتر است.”
    يا
    ڪعبه بنگاه خليل آذر است
    دل گذر گاه جليل اڪبر است.

    ته ڪعبة الله تي حضرت ابراهيم جو ڪرم آهي پر دل ته خود پروردگار اعليٰ اڪبر جي ڏنل آهي.
    جي تو پريان دي سِڪَ، هنيانءَ نه ڊاهه ڪهين دا.
    (بابا فريد گنج شڪر)

    


    شاهه لطيف جي سَاڃَاهه

    Understanding Shah Latif
    شاهه سائين گهڻن رخن جو آفاقي شاعر هوندي الڳ الڳ طرح سمجهايو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ڪٿي انقلابي ته ڪٿي ڪٽر مذهبي، ڪڏهن جاکوڙي ته ڪڏهن سورمو سرموڙ، سچ ته گهڻ طرفو موضوعاتي مامرو ٿيو پوي، جهڙو فڪر ۽ نظر تهڙو اپٽار ٿيو پوي.
    پر شاهه سائين صحيح سمجھڻ لاءِ سندس وقت، همعصر ۽ پسنديده شخصيتن ۽ شاعرن کي سمجھڻو پوندو. سندس فڪري فلسفو آهي وحدت الوجود يا اديويت فڪر ۽ عام طرح تصوف يا صوفي ازم ڪري چيو ويندو آهي. انجي اپٽار، وضاحت ۽ تاريخ ۾ ويندس ته الڳ ڪتاب ٺهي پوندو پر پنهنجي پوري ڄاڻ، ڏات ۽ ڏانءَ سان سرل ڪري پيش ڪيان ٿو.
    منهنجي اڳيان تصوف، ويدانت يا مسِٽسزم جو تعلق ڪنهن به طرح مذهب ڌرم يا رليجن سان ڪونهي پر انجو تعلق انساني روح ۽ جذبن سان آهي جو لاجڪ يا ريزن ۾ به پورو ادراڪ ڪندو. It’s purely a Science of Soul لفظ سائنس مان سمجھي ويا هوندا منطق، دليل، تجربو ۽ ثبوت، لطيف سائين جي لفظن ۾:
    پڇيوئي جان دوست تان پاسي ڪر پرهيز کي
    جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
    (حسيني 8)
    ڪهڙي ڪام ڪاپڙي، ٿا اهڙي روش رون
    نه ڪا دل دوزخ ڏي، نڪو بهشت گهرن.
    نڪو ڪم ڪفار سين، نڪا مسلماني من
    اڀا ائين چون ته پرين ڪجو پنهنجو.

    منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان
    ڦرهيءَ تان فرقان جي، ڪاٽيائون قرآن
    اڏامي اُت ويو، عقل ۽ عرفان
    سڀوئي سبحان، ڪاڏي ڪيان نيتيان.

    ته هاڻي غور ڪيو مذهب دين ڌرم ڪٿي آهي. آهي ته بس عشق سو به:
    خوديءَ کائيندڙ:
    جي خوديءَ کي کائين، هلو ته تڪيا پسون تن جا.

    مرڻ کان اول ماريندڙ:

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات.

    چئي:
    اڄ آديسي مَرُ، سڀان مرندو سڀڪو.

    1. ته پهريون، ڳالهه مذهب کان الڳ، هر ماڻهو ۾ روح ساڳيو، عشق ساڳيو، ذات اُها مَاُنک (ماڻهو) ڪي جات ايڪ پهچانبو (گرو گوبند سنگھ)
    جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن صاحب سامهون.



    2. ٻيو عشق!
    • عشق لڳئي ته ڪر آمين، نه منجھ ڪفر نه منجھ دين
    • جنهن دل پيتا عشق دا جام، سو دل مستون مست مدام
    • سچل ڳالهه عشق جي سچي، ٻيا سڀ پنڌ اجايا.
    (سچل سرمست)
    • عاشقن الله جي محبت رکي من، سندي سڪ پرين،
    تن ۾ آهي تن جي.
    (شاهه، يمن ڪلياڻ 7)
    هاڻي هن مذهب ۽ عشق جي جهيڙي کي مولانا روم جي فارسي شعر سان بنهه بند ٿا ڪيون جو مثنوي سائين جو ماخذ هئي.
    مذهب عشق از همہ دينها جدا است
    عاشقان را مذهب و ملت خدا است

    معنيٰ:
    پنهنجو مذهب دنيا کان جدا عشق آهي
    پنهنجي قوم ۽ مذهب عاشقن لاءِ الله آهي.

    3. ٽيون آهي دل جي صفائي، تزڪيئه نفس، انا ۽ خودي ختم ڪرڻ سڀ کان وڏو ۽ ڏکيو جهاد آهي جهاد بن نفس، پاڻ مارڻ جون تصوف ۾ 3 فناعون، جي جنيد بغدادي عشق پائڻ لاءِ مقرر ڪيون سي، آهن. فنا في لاشيخ، فنا في الپيغمبر، فنا في الله، من مارڻ، شاهه سائين پنهنجي پياري دوست محمد زمان لنواري واري کان به اهو مشورو پاتو ته:
    ڪين آهين، ڪين ٿي، وڃين ڪين ڪماءِ
    لاڳاپا سڀ لوڪ جا ‘لا’ سين وڃين لاهه
    تهان پوءِ سلندياس، ڳالهه پريان جي ڳجھ جي.

    ته شاهه ڪين ٿي پيو، پڇيائين ‘سائين شيعا آهيو يا سُني؟’ وراڻايون: ‘ٻنهي جي وچ ۾’: چيائون، ‘سائين وچ ۾ ته ڪجھ ڪونهي’ فرمايائون: ‘لطيف اهو ڪجھ ڪونه آهي’. ته:
    صوفيءَ صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو
    تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

    صوفي لاڪوفي ڪونه ڀائينس ڪير؟
    منجھان ئي منجھ وڙهي پڌر نه آهيس پير
    جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهَرو.

    ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو
    تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لخطي جيتري.

    ۽ پاڻ آهيون مان ۽ مان ڪبير ڀڳت چئي:
    تون تون ڪرتا تون ڀيا، مُجھ ۾ رها نه مون
    جان آپا پرڪا مِٽ گيا، جت ديکهون تت تون.

    ته صفائي ڪري اندر تون اجيار، انهن سان مِلُ، جي خوديءَ کي کائين هلو ته تڪيا پسون تن جا.
    4. صالحن، بزرگن، درويشن جي دوستي مان ئي اهو ملندو. مولانا روم:
    يڪ زمان صحبتِ با اوليا، بهتراز صد سال طاعت بي ريا.

    ته سو سالن جي بغير عشق ڪيل عبادت کان بهتر آهي هڪ ساعت جي اوليا سان صحبت، جا نظر سان نهال ڪري ٿي.
    نانڪ نَدري نَدرِ نهال.

    اُٺ فريدا گون ڪر، دنيا ويکڻ جاءِ
    مت ڪو بخشيا مِل وَڃئي، تون به بخشا جاءِ.

    ته اِها صحبت با اوليا ئي سالڪ کي سڌاري، سنواري، روح جي رمز رسائي ٿي. اهڙو ڳنڍي ٿي (يوگ) جو عاشقن الله ويرو تار نه وسري، دنيا ۾ رهڻ جو نئون ڍنگ سکجي.
    هينئون ڏجي حبيب کي، لنڱ گڏجن لوڪ.
    (شاهه عبدالڪريم)

    5. ان ڳانڍاپي کي قائم ڪرڻ لاءِ جي سور سختيون ملن ته جهوليءَ پائي جهلجن، هيءَ سور جو شاهه سائين وٽ الڳ ئي فڪر آهي، نهايت نئون رخ:
    جن کي دؤر درد جو، سبق سور پڙهن
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ جو.

    ڀلا ڪو سور به گهرندو آ ڇا؟ پاڻ سڀ سُک طلبيون ۽ پرينءَ کان پري رهون، ٻيو ته شاهه وٽ سور ڇو ضروري آهن، جو گهُري صدا هڻي ٿو وٺي؟ جواب ڏئي پيو پر پاڻ غور نٿا ڪيون. شاهه کي اکين سان نه پڙهندا ڪيو، هي دل من ۽ روح جو مطالعو آهي، پنا ناهن پڙهڻڻا، جي اها اور اورجي ته:
    هنڊائج هينئين سان، الف سندي اوڙ
    ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجھان تو معلوم ٿئي.

    ڪروڙين ڪتاب تو مان نڪرن، شاهه تي لکيل ڪتاب ڳڻيون پر شاهه اڃان مٿي، نه سمجھڻ، نه سلڻ جهڙو. ته اهو سور ٿو سيکاري.
    صدا وڌيم سور جي، اڳيان ڪوهياري
    جو نجس نڪاري، سو پُنهون وڌم پاند ۾.

    ته پرين جي سور نجس ناپاڪ کي ڪڍي، اجرو ڪيو، انکي يونان ۽ انگريزي ادب ۾ چئون Catharses. ته سور جي هر سٽ پرين پاسي ٿي ڪري. آخر ۾ آءُ سور جو هڪ شاهڪار بيت، جو سمجھڻ لاءِ پيا جهونگاريو، وري ويچاريو، فڪر جي ڦرهي تي آڻيو.
    سورائتي (سورن واري) سڏ ڪري، سڏ ڪري سورن کي
    سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سور سان.


    


    شاهه جي شاعري ۾ ڏک جو ڪارج

    سڄي ڪائنات تي ڏک آسمان وانگر ڇانيل آهي. انسان جو انسان سان پڪو رشتو ڏک جو آهي. ڳوڙهن جي ٻولي سڄي دنيا ۾ سمجھي وڃي ٿي، جو سور سڀ جا سانجھا آهن. خوشي ته وقتي آهي ۽ ڦرڪري اڏامي وڃي ٿي پر سور سدا جا آهن، جي ڄمڻ سان شروع ٿين ٿا ۽ موت تائين ساٿ نڀائن ٿا. يعني ڄمڻ به سور ۽ مرڻ به سور باقي وچين وٿي به سورن جا باب جنهن سان حياتي جو ڪتاب ڀريو پيو آهي، سک ته ڪڏهن ڪاما وانگر ڪٿي ڏنل آهن نه ته دک تي ئي فل اسٽاپ آهي.
    “مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن مون وٽ وٿاڻان” ته لطيف سائين وٽ ڏکن جا انبار آهن. هون ته اڳ گوتم ٻڌ به اعلان ڪيو “سروم دکم دکم” ۾ گرو نانڪ ديو چيو “ نانڪ دکيا سڀ سنسار” ۽ بابا فريد گنج شڪر چيو “مين جاڻيا دک مجھ ڪو، دک سبائي جگ، اُچي چڙهه ڪي ويکيا تان گهر گهرايها اگِ.
    پر سائين سرڪار جي شاعري ۾ ڏک ڪمال تي آهن، ڏکن جو ڪارج آهي اجرو ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ نجس جو نکرڻ! جيئن پرين پسي سگهجي جو اهو ته مڃيل مقولو آهي.
    “پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون
    جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.”

    انگريزي ادب ۾ يونان جي ارسطو اهو ٻڌايو ته ڏکن وارا ڊراما يا غمگين فلمون پنهنجي کيسي مان پيسا ڪڍي ڇو ڏسندا آهيون، اتي روئندا به آهيون ته آخر ڇو؟ جو ان ڏکن ۽ محرومين وارن ڪردارن سان اسان ۾ همدردي ۽ رحم جا جذبا پيدا ٿين ٿا. اهي ڪردار اسان ۾ Empathy ذريعي ڪهل، قياس ۽ ترس پيدا ڪن ٿا جي بيشڪ اعليٰ جذبا ۽ انساني اقدار جي عظمت آهن ته جيئن ماڻهو معاف ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي اعليٰ عهدي تي پهچي. ان کي ادبي ٻولي ۾ Catharses چئجي ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي ڌوئي اجرو ڪرڻ، جيئن مون مٿي بيت ڏنو ته پاٺيون جان نه ڪجن روئي ڌوئي اکڙيون، ته ان ئي تصور کي کڻي شاهه سائين جو سٽاءُ پڙهجي ٿو.
    “ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري” يا “سو سکن ڏيئي، ورهه وهايم هڪڙو” گرو نانڪ جو آواز ٿو اچي:
    دک دارون سک روگ ڀيا
    جان سک تام نه هوئي.

    ته ڏکن ۾ ئي طلب وڌي ٿي سک ته مورڳو هڏئي ڀڃيو ڇڏين. آرسي، اڻاسو ۽ نڪمو ڪيو ڇڏين ۽ سورن جاڳائي سمئي.
    سور مَ وڃيجا سڄڻ جيئن سانگ ويا
    پرين پڄاڻان آءُ اوهان سين گهاريان.

    3. زندگي مسلسل سور آهي، خوشي آهي ڏک جي غير موجودگي، جا بنهه ايتري ٿوري آهي جو نه برابر، ارسطو ماڻهو کي هوشيار ڪيو آهي ته: وس ڪري ان سور ۽ عذاب کان پاڻ کي بچائي، جيتري ڄمار وڏي، اوتري سورن جي ڀري ڳري، جوانن کي ڪهڙي خبر ته تمنائن جي ٽٽڻ جو انذاءُ ڪيڏو ڏاريندڙ آهي؟ آرزوئن جو اڌورو رهڻ سان، جيءَ ڪيئن ڀڃي ڀُري ٿو، خواهشن جو اُڃو رهڻ ڪيڏو نه تڪليف دهه آهي، جنهن سان زندگي بي معنيٰ ٿيو پوي، جيءَ اڻاسو ويڳاڻو ۽ اٻاڻڪو ٿيو پوي، زندگي زهر ۽ موت ماکي ٿو لڳي پر اها مايوسي گناهه آهي، زندگي درد سان اٽڪڻ، مهاڏو ڏئي وڙهڻ جو نالو آهي. ڏکن جي ڀلاري پاسي کي ڏسڻو آهي. ياد آهي Uses of Adversity ۾ پڙهيو هوسين ته ڏيئي جي وٽ ۾ ڪاربان جو قهر ڪري ٿو تنهن کي ڪٽي، وري تيز توانو ڪجي ٿو. اهو ڪٽڻ وارو ڏک سک آهي. پينسل لکندي لکندي اکر ٿلها ۽ اڍنگا ڪيو ڇڏي، وري شارپنر ۾ وجھي سانچي ۾ گهڙڻ جو درد کيس سُهڻو ۽ خوشنما ڪيو ڇڏي، شاهه سائين به ايڏو اوچو ماڻ ڏنو آهي ڏکن کي، سورن ئي واٽ سڻائي ڪئي. پهاڙن جو پنڌ پيرن کي ڦٽي رکي ٿو پر هڪ اٻلا ناري سسئي کي ڇا ته پنجن ئي داستانن ۾ معراج ڏني آهي. للڪار ٿي ڪري.
    اڳيان ٽڪرَ ٽرُ، متان روهه رتيون ٿئين.

    آهي ڪو اهڙو ٻيو انداز، ڪو دلاسو ڏيندڙ آواز؟ جهڙو هي سسئيءَ جو سور تي فتح پائڻ، آءُ ڪجھ بيت ڏيان ٿو جيڪي پنهنجي سمجهاڻي پاڻ آهن، بس پُرجھو!
    ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو،
    سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
    (حسيني 6)

    ڏيهاڻي ڏمر ڪري، مٿي محبت مون
    تنهنکي اچي تون، پريم! ڪوُه نه پَليين.
    (سهڻي)

    ڏونگر ڏکوئيون، تو ۾ اورڻ آئيون
    جي اچن ڦوڙائيون، ڏجن دلاسا تن کي.
    (ڪوهياري)

    ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجَرو
    وڃن گوندر گڏيون، لوڪَ نه آڇن پاڻ
    سورن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينهن ڪيو.
    (حسيني 12)

    ڏکيءَ ڏمر ناهه، بُکي کِل نه اُڄهي
    اگهاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
    (معذوري 2)
    ڏکيءَ ڏورڻ پاڻ، تي ويچاريءَ وڌو
    ڏيل جنهنجو ڏک سين سڀوئي سڌو
    هيڙس اڳ لڌو، پوءِ ٿي ڪري پنڌڙا.
    (معذوري 5)
    ڏکي! ڏک وسار، سيڄ ڦٽي ڪر سسئي
    پٽين پير نهار، ته آرياڻي اُتان لهين.
    (معذوري 6)
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري
    جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
    (سسئي 6)

    شاهه اسان کي ڪهڙو نه سبق سٺو سيکاري ٿو، جي ڪو سمجھي!
    سکين ٿي مَ سنري، پسي ڏک مَ ڏر
    پٽي ڪر مَ پنهنجو گهوري! اڏِ مَ گهر
    ماري! هڏ مَ مَرُ مڇڻ جيءُ جيارئين.
    (سسئي آبري 1)

    ته نه سکن ۾ ڦونڊجي ۽ نه ڏکن کان ڊڄجي، نه جيجي نه مرجي. ان پيروليءَ کي جو پروڙي سو سڏ سُڻي ساهڙ جا، هنن ڏکن جي دنيا مان پار پوڻ جو هيلو به اتي سيکاري پيو.
    هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون
    ساجن، سونهن، سرت، وکان ئي ويجھو گهڻو.

    ڏکن دردن ۽ سورن کان نه سهمجي. اهي ته اڳتي ڌڪڻ لئه چهبڪ آهن، بس هي رمز رکو، جو وکان وترو ٿي هلندا رهو، سڀ ملي ويندو. ڇا ته هي بيت ۽ انجو دلاسو آ:
    پسي ڏونگر ڏاه! جم هلڻ ۾ هيڻي وهين
    لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچن ڪاه
    پڇي پورج سسئي! بلوچاڻي باه
    ان وڙائتي ورجي، آسر هڏ مَ لاهه
    جو اکنئون اوڏو آه، سو پرين پرانهون مَ چئو.

    واهه واهه، جو اکين ۾ اٽڪيل، دل ۾ ڌڙڪي پيو، تنهن کي پرانهون ڪيئن ٿا ڀانئيو، معنيٰ جاڏي ڪڍو ته به واه واه! پر هئي اهڃاڻ سڻائو!
    وري پڇ ويٺين کي، سندا پنهونءَ پار
    ساڄن سڀ ڄمار، ڏکي! ڏورج ڏيل ۾.

    اها درد جي دانهن دل ۾ ورائي ڏکي پنهنجي ڏيل ۾ ڳولهه پر دير نه ڪَر! حاصل ڪر حال کي، هي صوفن جو حال وجود جو وجدان آهي، ان ڏکيءَ ڪيفيت ۾ رهڻ کي حال جو حاصل چئبو آهي. آهي رڳو سور سان ياري، ڦوڙائي فراق جي ڏکن ۾ جالڻ جا جتن، ويندي مرڻ کي پيا سڏ ڪن.
    مرڻ مون سين آءَ ته پٺيءَ لڳي تو پنڌ ڪيان
    يا
    اڄ آديسي مَرُ، سڀان مرندي سڀڪا

    ۽ چيائون ته:
    فردا منڌ ڦٽي ڪئي، نقد کنيو نار
    هي جا واڳ ولهيءَ جي، ويرم ڏي مَ وار
    جانڪي مٺيءَ مار، جانڪي ميڙ مُٺيءَ کي.

    سڀاڻ نه ايندو ۽ منڌ (عورت) حال ۾ هَلُ ويرم نه وار ۽ ڪهڙي مٺي ٻوليءَ ۾ شاهه سائين چئي ٿو ته هن ڏکي مُٺي کي يا ته مار، يا وري پاڻ سان ملاءِ، ته درد جو درياهه جھاڳڻ آهي، سورن ۾ سڪڻ آهي جو:
    سڪڻ ۽ سوري، اکر مڙيئي هيڪڙو
    ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني ريء نه ٿئي.

    هونءَ به نينهن جو شينهن ته کائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي، پريتڻو ته مريتڻو آهي، مرڻ جو ماڳ آهي، سورن ڏکن کان به اڳتي:
    سوريءَ سڏ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون
    وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
    يا
    عشق نه آهي راند جو ڪنس ڪي ڳڀرو
    جيءَ جسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند
    سِسِي نيزي پاند اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي.

    ساڳي ڳالهه ڀڳت ڪبير ۽ گرو نانڪ جي به ڪئي.
    يه تو گهر هئه پريم ڪا، خاله ڪا گهر نانهه
    سيس اتاري ڀونءَ ڌري، تو بيٺي ڇپت مانهه.
    (ڪبيرداس)
    جي تينون عشق کيلڻ دا چاءُ
    سر ڌر تلي، تي گلي ميري آءُ
    ات مارگ پير ڌريجي، سرديجي ڪاڻ نه ڪيجي.
    (گرو نانڪ صاحب)
    ته سورن جي سٽ ۽ درد اهنج ايذاءَ عذاب جا اورڻ آهن عشق جا ماڳ، جو گرو ٿو چئي سَر تِريءَ تي رک ۽ پوءِ هن ڳلي ۾ اَچُ، ته اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار. ته سور پچار ڪرڻ جو سڏ، ڏکن جي ڏيهه هلو ۽ اڻ ٿڪيا اورچا هلندا رهو.
    جني سُک نانهه ڪو، چارڻ سي چئجن
    رڃن راهه پڇن، مٿن ڪلهي ڪينرا.

    ڇا ته رومانس آهي چارڻ ۾! ڪو سک نه پر راهه رڃن ۾ پيا پڇن! وڃائجڻ ۾ مزو ۽ پڄرڻ سان پيار.
    سورائتي سڏ ڪر، سڏ ڪري سورن کي
    سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سور سين.

    کامان پچان پڄران، لڇان ۽ لوچيان
    تن ۾ تؤنس پرين، جي پيان نه ڍاپان
    جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.

    ته اچو هاڻي وارو ڪيو “پچڻ گهڻان پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ. جو ڏس مرشد ڏئي ٿو پر سک نه طلبيو جي وارننگ سان.
    سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.

    سدا آباد رهو اندر ۾ اڌ ٿيل!!

    


    سچل سچ سمورو

    هي روحانيت جو مڪمل مضمون آهي، جنهن کي 2017ع سچل سرمسترحجي عرس تي لکيل مقالن ۾ بهترين مقالي جو ايوارڊ مليو.

    بزرگ شيخ مشائخ يارو، نا محروم ٿياسي
    نڪي قاضي نڪي ملان، معلم پير بڻياسي
    نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي
    سچا ٻاجھون عشق الله جي، ڪوئي هنر نه سکياسي.

    .....ته هي سمورو سچ سرل لفظن ۾ چيل ته اڄ جي ٺڳيءَ جي ٺاهن کي سمجھون ۽ ظاهري رنگ رساءِ کي صحيح ڪري سچ ۽ حق کي سڃاڻي ان جي عشق ۾ گرفتار ٿياسي ته سڄي مخلوق پنهنجو ئي ديدار ٿي، دلبر کي هرجاءِ پئي ڀاسندي چيائون “جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏنهن صاحب سامهون”.... ته خلق خدا جي خدمت جو شعار، پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ سان پيار جي تنوار جا غريبي، ايثار، بخشش ۽ معاف ڪرڻ پئي سيکاري.
    پر سچ کي فقط اهي سالڪ صحيح ڪري سگهن ٿا. جن خودي کائي فنا کاڌي، وجود کي نابود ۾ وڃائي بود پاتائون. “جيلانهن ٿيا نابود تيلانهن گڏيا بود کي” سچل سائينءَ جي فارسي لفظن ۾:
    جزگم شدن شتو آشکار
    آن صوفي باصفاءَ نباشد.

    جنهن کي نانڪ يوسف سؤلوڪري سڻايو:
    گم هوڪي ويک نظارا آپ سارا، محبوب ڪي صورت ۾

    اهو ئي حاصل آهي، حق آهي ۽ تصوف آهي، باقي سڀ ڳالهيون پنڌ اجايا آهن:
    سچل ڳالهه عشق دي سچي، ٻيا سڀ پنڌ اجايا

    ته اهو عشق جي منزل تي آهي..... نه ڪتابي علم وٺڻ سان يا ڳالهيون ڪرڻ ٻڌڻ سان.
    گرونانڪ صاحب چيو: “گلي جوگ نه هوئي ايڪ درشت ڪرسم ڪر جاڻي جوگي ڪهيئي سوئي”...... ته ڳالهين سان رب جو حاصل (جوگ) نه ٿيندو. جيسين هر هنڌ اهو نظر نه اچي. بيو ڪو نه، بنهه نه، سچل سائين اهو سچ ايئن ٿو سَلي:
    پاڻ پنهنجو پاڻهي صورت منجھ سڃاڻ
    الله الله چو چوين پاڻ ئي الله ڄاڻ
    تون ئي ٻڌندڙ تون ئي ڏسندڙ شاهد آ قرآن
    ناهي شڪ گمان سچو سائين هيڪڙو.

    پر بنا سمجھ، آتم گيان جي اهو ڪفر ٿو لڳي. جنهن فتويٰ تي منصور، سرمد، مخدوم بلاول، شمس تبريز وغيره کي ماريو ويو. سواءِ پاڻ پر تزڪيه نفس سواءِ اها سمجهه ڪٿي ۽ همه است، انا الحق، من خدا، سبحاني مااعظم شاني جا فقرا ڪٿان سمجھ ۾ ايندا. اهو تصوف اسلام کان گهڻو اڳ شروع ٿيو. حضرت موسيٰ جي “يا موسيٰ قي” ۽ حضرت عيسيٰ جو عالم سان عشق جو “هڪ ڳل تي چماٽ هڻڻ واري کي ٻيو ڳل ڏيو.” ڇا ٿو سيکاري، ۽ پنج هزار اول ڏنل ويد چون “تتومسي” (اهو تون آهين) ۽ آشڪار ٿي چيائين “اهم برهم اسمي” معنيٰ ٿي “همه اوست، تت توم اسي”.... ۽ سچل سائينءَ ان سچ کي ورجايو:
    آهيان مان اسرار اديون، مونگي ڪير ٿيون ڀانئيو.

    نوري ناري ناهيان آهيان رب جبار
    مرشد ٻانهو نه چيو، سچل تون سردار.

    معنيٰ ته آهين خود خدا، ٻيائي توکي ٻيو ڪيو. جو پاڻ سڃاڻ جي عمل مان گذرندي ڏٺائون، ته مان ڪير آهيان، ڪجھ نه، منهنجي ظاهر باطن ۾ ته پاڻ حق ئي موجود آهي، مان ته آهيان ئي نه، نه، بنهه نه، ديوان آشڪار ۾ هيئن آشڪار ڪن ٿا:
    چيستم من نيستم، پنهان عيان باشد خدا
    غرق در در ياري حيرت ما وشمائي ميڪنم.

    ترجمو: ڇا آهيان، مان ڪجھ نه آهيان، ظاهر باطن خدا آهي. حيرت جي درگاهه ۾ غرق آهيان، توهان ۽ اسان ويٺو ڪيان، ڪيڏي نظر صاف آ، اندر آئينو ڪيل...... هي آهي ڪثرت وحدت ڪل. يا “ع” ۽ “غ” جو نڪتو گم ڪرڻ وارو عمل.
    سائي صورت عين ڪي، سائي صورت غين
    سمن نقطا دور ڪر تو، وه عين ڪي عين.

    صوفي آغا گل حسن پنهنجي تحقيقي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته، “همه اوست ۾ وري گرونانڪ صاحب جو خيال حد کان اونهو ويل ٿو ڏسجي. هن بزرگ هستيءَ وري ان جي ضد (مقالبه) واري چيز جي تاثير کي ٻيو نه بلڪ اهو ساڳيو ڪري سڏيو آهي، جنهن ۾ مايا جي خود هستي مٽيو حق ٿي ٿئي.” چيائين “آپ ست، ڪيا سڀ ست.” پاڻ به ست (حق) آهي ۽ جو ڪجھ هن ڪيو آهي سو به سچ حق آهي؛ يعني جيڪڏهن اوهان کي يقين آهي ته هو ست آهي ته هن جو ڪم به ست (سچ) آهي نه ڪوڙ.... انهيءَ منزل تي مايا به ڪوڙي ثابت ٿي نه ٿي سگهي، يعني ڪوڙ آهي ئي ڪونه، جو ڪجھ آهي سو سچ آهي. ستنام، حق موجود، همه اوست”.
    سچي تيري کنڊ سچي برهمنڊ، سچي تيري لوءَ، سچي آڪار
    سچي تيري صفت سچي صلاح، سچي تيري قدرت سچي پاتشاهه.
    ته مقصد آهي خودشناسيءَ جو هنن صوفن سبق پئي پڪو ڪرايو آهي. “ڪير آهين ۽ ڪنهن کي ٿو ڳولين، پنهنجو پاڻ سڃاڻ” ته ڀرم ۽ ڪوڙ جا ڪوٽ ڪري پوندا. “راجھا رانجھا ڪردي مين آپي رانجھا هوئي”...... اِهو سچ سچل سائينءَ تمام چٽو چيو آهي، ڪمال چٽو ۽ قرآني آيتن سان مثبت ڪري سمجھايو آهي. هي حديث ٻڌو، سائينءَ جي سٽن ۾:
    تون ئي مالڪ ملڪ جو پنهنجو ڀانءِ مَ پاڻ
    لاخير في عبدي اهو اٿي اُهڃاڻ
    صورت منجھ سڃاڻ، پاڻ پنهنجو پاڻهي.

    ته علم اليقين، عين اليقين کان سچو سائين، حق اليقين جي منزل ڏي ٿو وٺي هلي. سندس بيتن جي صحيح سمجھ نه هجڻ ڪري اسين گمراهه پيا ٿيون. جيئن وڏي ۾ وڏي سٽ جا گمراهه ٿي ڪري سا هت سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ته جيئن سمورو سچل جو سچ صحيح ٿئي. “لاخير في عبدي” حديث شريف جو مطلب آهي ته “ٻانهي مان خير ڪونهي” ته ڇا ڪجي؟. “تخلقو باخلاق الله” (عادتون وٺو، عادتون الله جون) ...... ته وٺو ڪيئن؟ هي علم اليقين کڻي، عين اليقين لاءِ پنهنجي شهه رڳ کان ويجھو ويٺل مولا سان مِلو، ان کي ايئن چئجي ٿو ته سچ، حق سڃاڻڻ جو اڪيلو ۽ بين الاقوامي رستو آهي پنهنجي اندر وڃڻ. هر هڪ مرد عورت لاءِ نه دين ڌرم جو جهڳڙو، نه فقهي پنٿ جو پٽڪو ۽ نه قوم زبان جو ذيان. ته اهي انڀو اچڻ ئي حق اليقين آهي ۽ پوءِ ئي چئبو حق موجود. جنهن لاءِ ارشاد آهي، “ليس في الدارين الاهو” (جهانن ۾ سواءِ “هو” جي ٻيو ڪونهي)...... جنهن کي صوفي سڏن “لاموجود الالله”. پر پڙهڻ سان نه، ٻڌڻ سمجھڻ سان به نه، ته ڪرڻ سان، فقط ڪرڻ سان، ها خود ڪرڻ سان.
    سچل سائينءَ جي سموري سچ کي صحيح ڪرڻ لاءِ اڄ سندس بارگاهه ۾ اهو تجربو رکان ٿو، جو هر هڪ اهو انڀو خود ڪري، سچل سائينءَ جي سچ کي پاڻ پروڙي سگهي..... نه ته سالن کان پيا اچون، نچون، کائون پڙهون ۽ ٻڌون! هي ته من جي موج آهي، روح جو رَجڻ، ڍءُ ڪرڻ ته رهجي ويو، تڏهن ته اٻاڻڪا اڌورا ۽ اڻاسا ٿا لڳون پاڻ کي. تا اهو عمل آهي مراقبو، سماڌي يا Transcen dental Meditation......علم سڄو توهان جي روح جي رمز آهي، جو ڪتابن جي ڪوڙ مان نٿو ملي سگهي. ڪتابن جا ڏسيل راز تيسين سمجھ ۾ نه ايندا، جيسين اسان اتي پهچي اهڙو انڀو به ڪيون. ڪتاب اهڙو ڏس ڏين ٿا، ان لاءِ اتساهه پيدا ڪن ٿا، شعور کي جاڳائي مراقبي ڪرڻ لاءِ جيئري مرڻ لاءِ تيار ڪن ٿا، “موتو قبل الانت موتو.” (مرڻا اڳي جي مئاسي مري ٿيا نه مات، هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيئا)..... ته مرڻ کان اول مرڻ ۽ جيئڻ کان اول جيئڻ ڇا آهي، يا “سِکُ رمز وجود وڃائڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻا دي”...... ته ها هي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي حاجت هتي ناهي، وجود ڪيئن وڃائجي؟ ۽ اهڙا اڪيچار گفتا ۽ گيان، عرفان، فقط اندر جي Supreme Consciousness جاڳائڻ سان ممڪن آهي.
    پهريون ڏاڪو آهي پنهنجو پاڻ کي سمورن سچاين سان رب جي رضا اڳيان پيش ڪرڻ، بنا ڪنهن شرط ۽ هون ها جي....... اسلام جي معنيٰ آهي رضا اڳيان پنهنجا سڀ مطالبا ڦٽي ڪرڻ Surrender completely to the will of God unconditionally ان کي ويد چون، شرڻاگتي، شرڻ پوڻ پنهنجو من، خودي، انا، هومئي کي رب اڳيان ختم ڪرڻ.
    ٻيو ڏاڪو آهي اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ پهرئين ۾ سمجھوسين ته مطلب آهي رضا ۾ راضي رهڻ ۽ ٻئين ۾ اهڙي سوچ پوري طرح اختيار ڪرڻ ...... پر سوچ سان نه ٿيندو...... ته ٽيون ڏاڪو آهي وجود جي سچائي کڻي هن سوچڻ جي حدن کي پار ڪري پنهنجي اندر جي الوهيت سان ملڻ، وجود جي وقت ۽ خلا جي رنڊڪن کي اُڪري وڃڻ، جتي بس لفظ الاهي رضا جو آنند آهي...... ان ۾ هڪ ٿيڻ کي وجود وڃائڻ چئبو. اهڙي تڪميل کي گرونانڪ صاحب چيو “شيد مره ڦر جيوه سدي، تان ڦر مرڻ نه هوئي” يا “سي مري ٿيا نه مات”...... جي رمز سمجھڻ ۾ ايندي اهوعمل صرف ۽ صرف مراقبي ڪرڻ سان ممڪن آهي، مراقبي ڪرڻ سان، ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ سمجھڻ سمجھائڻ سان نه، بنهه نه.
    يهه ڪرني ڪا ڀيد هئه، نهين ٻُڌي بيچار
    ڪٿني تج، ڪرني ڪرهه، تان ڪڇ پاوه سار.
    (ڪبير)

    بيکم بات اگم ڪي، ڪهڻ سڻڻ ڪي نانهه
    جو ڪهي سو جاني نهين، جو جاني سو ڪهي نانهه.
    (بيکم)

    ته هي چپ جو پنڌ آهي، چئي ٻڌائي نه سگهبو، ڪري مزو ماڻي سگهبو، ته مراقبي سکڻ جا اڄ سينٽر کلي ويا آهن. آمريڪا ۾ ته پوري يونيورسٽي آهي “MuM” ۽ سڀني سڌريل ملڪن جي اسڪول سليبس ۾ شامل آهي “Transcendental Meditation” (ٽرانسيڊينشيل ميڊيٽيشن)....... هي الاهي آواز سان پنهنجي اندر ۾ هم ڪلام ٿيڻ جو هنر آهي. اهو ئي يوگن، سامن، صوفين ۽ سنتن جو مرڪ، مشق ۽ عظمت آهي. ان سان “توحيد” سمجھ ۾ ايندي. جا سموري تخليق کي هڪ ڪري ۽ ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ ڏيکاري ٿي، سراپا پيار، ٻاجھ ۽ ڏيڻ ڏيکاري ٿي، دنيا کان بيپرواهه ٿي، انسان جي ايڪتا ۽ بي غرض خدمت ۽ سچو پيار سيکاري ٿي. جنهن جي اڄ جي وڳوڙ، ويڇي، وير ۽ وروڌ ۾ ورتل ساڙيلي دنيا کي سخت ضرورت آهي. پوءِ ئي سچي معنيٰ ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي شاعري سمجھ ۾ ايندي. پوڊائو، نامڪمل ۽ نامطمئن اڻاسو جيءُ، آسودو ۽ سُکي ٿي پوندو. ٻڌون آپي رانجھا هوئي؟؟
    ذات صفات هڪائي آهي، ڀول نه وجھين ڀولي
    سوئي اندر سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجي چولي
    تو ۾، مون ۾، هن ۾ هرجا، سچ سچو ٿو ٻولي.

    بيشڪ سچو سچ ٿو چئي، پر اسان ڪيئن مڃون؟ جيسين پاڻ نه ڏسون ۽ اهو ڏسڻ جو عمل شروع ڪيون. مراقبو، سماڌي يا TM (ٽرانسيڊينشيل ميڊيٽيشن) بيشڪ اهو سچ صحيح ڪري سگهون ٿا. روز 20 منٽ صبح، 20 منٽ شام، پرسڪون ڪنڊ ۾ ويهي مراقبي جي شروعات ڪيون. ڪيستائين؟ هڪ هندي دوهي ۾ چيل آهي “تين برس ڪي اڀياس سي برهم روپ هو جات”...... “برهم روپ” معنيٰ خود خدا يا انا الحق/همه اوست. هي رڳو نعرو ناهي پر حقيقت آهي جهڙي Applied Science ڪيو ۽ پوءِ مڃيو.
    آءُ سالڪ ڪر صحيح هن طلسمات کي
    ڀڃ دوئي تا ڪل پوي ئي، دور ڪر درجات کي.

    هيءَ ماڻهن جي درجا بندي دور ڪري، مرد عورت نه، ٻانهو مالڪ نه، هندو مومن نه، بس هن دوئي کي ڀڃ ته هِڪَ جي ڪل پوئي. “هنڊائج هنيئين سان الف سندي اوڙ، ته ڪتابن جي ڪوڙ منجھان تو معلوم ٿئي.” اهو مراقبو آهي، پنهنجي جيءَ (Conscienceness) ۾ وڃڻ، وجود کي جاڳائڻ ۽ اندر جي الوهيت ۾ گم ٿيڻ...... ته آواز ايندو “سَچُو آ سبحان پر آدمين لکي آدمي”...... ته ان اسرار تي سبتو ڪري سمجھڻ لاءِ سچل سائينءَ جو هڪ بيت آڇيان ٿو. غور جي گذارش آهي:
    پاڻان پاڻ ڪيوسي بيشڪ، هر صورت سيلاني
    سڀ ڪا صورت منجھي آهي، آهيان لامَڪاني
    ڪور نڪو اسلام رهيو، آءِ لٿي هيءَ حيراني
    سچل نام گم ٿيو باقي، رهيو سر سبحاني.

    نوٽ: بيتن جو ورجاءُ، يادگيري ۽ سمجهه وڌائڻ لاءِ آهي، تڪليف لاءِ معذرت.

    


    ساميءَ جي سکيا جو سارُ

    اڄ جي دنيا جو انتشار، ماڻهوءَ جي مونجھ، ذهني دٻاءُ ۽ وڳوڙي وايو منڊل شاهد آهي ته اڄ جو انسان، پوءِ اهو ڪهڙي به کنڊ، قوم، مذهب يا ملڪ جو رهواسي هجي، عجيب قسم جي ذهني ڪشمڪش، نفسياتي مونجهارن ۽ جسماني روڳن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو. ٽيئن دنيا جو بدنصيب انسان غريب، بيروزگار، معاشي بدحالي، نا انصافي، ظلم، جبر ۽ غلط تعليم ۽ تربيت سبب وڌيڪ ذهني مريض ۽ روحاني روڳي ٿي، ڇرڪائيندڙ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي. سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي ناهمواري، استحصال ۽ ظلم جو شڪار ٿي هو اندر ۾ ڀڄندو، ڀرندو ۽ ڳرندو رهي ٿو. ڪڏهن طبعي ته ڪڏهن پنهنجي هٿين خودڪشي ڪيو ڇڏي، نه ته مذهبي مت ڀيد، لساني جهڳڙي ۽ نسلي ٻارڻ ۾ ٻريو وڃي.
    روس جي ٽٽڻ کان پوءِ استحصالي قوتون فيل مست ٿي سڄي دنيا ۾ پورهيتن، مظلومن ۽ هارين کي لتاڙينديون رهن ٿيون. سرمائيدار دنيا هڪ هٽي ڄمائي، سرمائي جو ڍڳ ڪري، سڄي دنيا کي پرماريت جي منڊي ٺاهي ويٺا آهن. غريب ملڪن کي ڳاٽي ڀڳا قرض کڻائي ۽ فوجن کي امداد ڏئي پنهنجو رز خريد گماشتو ڪيون ويٺا آهن ۽ ان کي سڏين: Global Village/Communication Age سياست، معيشت کي ڪنٽرول ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اڄجو سرمائيدار، وڏيرو ۽ جاگيردار پنهنجا سڀ حيلا هلائي، مسڪين پورهيو ڪندڙ، دنيا هلائيندڙ ۽ دنيا پاليندڙ هاريءَ، مزدور کي محڪوم ڪيو ويٺو آهي.
    اسان جي ملڪن ۾ جمهوريت ته جهڙي سندن سريت آهي ۽ فوجي گماشتا جيئن وڻين ويٺا ڪٺ پتلي تماشا ڏيکارين، اهو تماشو ايڪهتر سالن کان هلندو پيو اچي. هاڻي سياست جي دنيا کي ڇڏي، وچون طبقو پنهنجن مونجھارن ۾ ٻٽو ڦاٿل آهي. هيٺين طبقي سان رهڻ نٿو چاهي، مٿيون کيس قبول نٿو ڪري، پوءِ به هو هٿوراڙيون هڻي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کوهي ٿو. قرض تي گهر، قسطن تي سڄو سامان، لِيز تي گاڏي ڪڍائي پاڻ کي وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪوريئڙيءَ جو ڄار اڻندو رهي ٿو ۽ پوءِ ان ۾ ڦٿڪڻ شروع ڪري ٿو. پريشاني، دٻاءُ ۽ نفسياتي مونجھارن ۾ وڃي ٿو بدحال، بيمار ۽ بيوس ٿيندو!! پوءِ السر، شوگر، بلڊپريشر ۽ هارٽ اٽيڪ جا مهمان به اچڻ شروع ٿين ٿا، جي وقت کان اول کيس ابد جي ماڳ ڏانهن گهليو وڃن، جي انهن کي نٽائي رهي به پئي ته اهو رهڻ به ڪهڙو! سڄو مايوس، بدحال ۽ کائڻ پيئڻ کان محروم ٿي سڪندو رهي ٿو. لاچار، لاغر، لاحاصل ٿي جيئڻ به ڪو جيئڻ آهي!
    ته ائين ڇو آهي؟ ڄاڻي واڻي، سوچي سمجھي پاڻ کي کڏ ۾ ڦٽي ڪرڻ ڪهڙي سمجھ آهي؟ هي مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جو دور آهي. پئسو ئي سڀ ڪجھ آهي ۽ ماڻهو ملڪيتن وارن جي ئي عزت ڪن ٿا. جيئڻو ته پوءِ به هن ئي جهان ۾ آهي ته ان جي معيار مطابق جيئجي! شان، مان ۽ وڏائيءَ سان پوءِ قرض به لهي پوندا، ڪجھ پريشانيون ته کڻڻيون ئي پونديون. اهو روايتي تعليم جي ڏنل سياڻپ، چٽاڀيٽي ۽ تڪراري قومي لسان مت ڀيد جو نتيجو آهي. جيسين صوفين جي پيار، هڪجهڙائي ۽ وحدت ڏانهن ورون – ته اهو ائين آهي. ماڻهو رستي ۾ ئي موڪلايو وڃي ۽ پويان پوءِ اڃان پريشان! ته سمجھ جو ڦيرو آهي، دک کي سُک ۽ سُک کي دُک سمجھڻ جي غلطي آهي. فانيءَ کي لافاني ۽ موت کي ڪوڙ سمجھڻ جو متو آهي. زندگيءَ کي بقا ۽ جاوداني سمجهِي سؤ سالن جون رٿائون ۽ سٽ سٽيا وڃن ٿا، پر پڪ ته پل جي به ناهي. حياتيءَ جهڙي بي وفا ۽ بي بقا محبوبا ته پَڪ مڻيادار موت، گهوٽ اڻموٽ، لازوال ۽ لافاني ور (ڪنت) موت پرڻائي کڻي ويندو، پر پنهنجي ابتي سمجھ! ته موت ته اڃا پري آهي، جو پاڇي جيان پٺيان پيو هلي، سو نظر نٿو اچي.
    جل ۾ فوٽو جيئن، لهرن لڳي اَڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
    (سامي)
    ته جل جي فوٽي يا پاڻيءَ جي بُلبلي تي ماڻ آهي، پروسو آهي! واهه انسان! ته موت وساري اهڙي غفلت جي حياتيءَ ۾ مدهوش رهڻ وارن کي بس اهي صوفي، سنت ۽ ڪامل درويش ئي اٿاري، سجاڳ ڪري اصل ماڳ ۽ منزل لاءِ تيار ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ڪڏهن نه ڪڍڻ گهرجي ته اُهو ٿيو هن جهان جو تياڳ ڪرڻ – بنهه نه! اهو ابتو ۽ انڌو تصوف آهي جو دنيا کان موڙي، رهبانيت ۽ ويراڳ جي واديءَ حوالي ڪري ٿو! بنهه نه. ته دنيا ۾ رهي، دنيا جا سڀ فرض پوري جوابداري ۽ بهتر انداز سان پورا ڪندي، ٻين محتاجن، لاچارن ۽ ڏڏن جو ڏڍ ٿي همت ۽ حوصلي سان حياتيءَ جي ويڙهه وڙهي، مظلومن لاءِ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائي، سوئي صوفي لاڪوفي آهي، جو مذهب، قوم، زبان ۽ نسل کان مٿانهون، مالڪ وانگر سڀني لاءِ ساڳيو ٿي، ڏيندڙ ۽ بخشيندڙ، وڏي دل حوصلي وارو، معاف ڪندڙ، رحم ۽ ڪرم ڪندڙ، لاهوتي هجي. دنيا جو حرص، هوس، بغض، ڪيني ۽ ميڙڻ جي آزار کان آجو، قرباني، تياڳ ۽ بخشش ڪندڙ داتا آهي. وٺندڙ نه، پر ڏيندڙ آهي. پان پڏائيندڙ نه، پاڻ وڃائيندڙ، لاطمع خدمتگار، غريب ۽ سڀ جو دوست ٿي رب لاءِ جيئندڙ، سڀ ۾ رب کي ڏسندڙ، لامڪان لاڪوفي آهي:
    جز وڃايو جوڳئين ڪُل سين آهين ڪم،
    آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
    (شاهه)
    ڌرين ڪوهه پيار، سامي مايا موهه سان؟
    اٿي سڀ اوديا سندو، اڻ هوندو اسرار.
    جيئن نانگ نوڙي ۾، سپني جو سنسار،
    ڪر نه جيءُ خوار، مرگ ترشنا جي جل ۾.

    ته هتي جيءُ خوار ٿي، رُڃ پٺيان ڊڪندو، ساڻو ٿي مريو وڃي، پر گهرج اُڃ ڪڏهن پوري نٿي ٿئي. ان کي سامي چوي اوديا، بي سمجھي يا جهالت، جو مايا نظر جو دوکو ٿي ماڻهوءَ کي پتلي تماشي وانگر نچائي ٿي ۽ جادوءَ جي اسرار مان ڪجھ پلئه ته پوي نٿو ۽ انسان ڪجھ به نٿو کڻي وڃي، بس پڇتاءَ ۽ افسوس جا ڳوڙها ڳاڙيندي مريو وڃي.
    مثال ٿو ڏي چوي:
    اڻ هوندي ڀولي، وڌو جيءَ ڀرم ۾،
    جئن کستوري ناڀ ۾، مرگهه ٻاهر ڦولي.

    ته هي فاني جيو، پاڻ کي لافاني سمجهي، قيامت تائين جا جوڙ پيو جوڙي، منصوبا ميڙي، اربن کربن جون موڙيون پيو ميڙي، ساميءَ کي کِل ٿي اچي، چوي ٿو:
    حيرت ائون هاسي، اچي هڪ اچرج تي،
    سامي ڄاڻي پاڻ کي، ابناسي ناسي؟
    ڪپڙي ۾ آڪاس پيو، ڦاهيءَ ري ڦاسي؟
    پاڻيءَ ۾ پياسي، مري پپوٽو مَت ري.

    حيرت ائون هاسي، اچي هڪ اچرج تي،
    خاوند پنهنجي خيال ۾، پيو ڦاهيءَ ري ڦاسي؟
    ڀوي نت ڀلن جا، گنگا، گيا، ڪاشي؟
    خود ري خلاصي، ڪير ڪري ڪرتار جي؟

    آخري لائين اوکي ٿي پئي ته جو ماڻهو پنهنجن ئي خيالن ۾ بنا ڦاهيءَ ڦاسي ٿو، سٽ سٽي سٽجي وڃي ٿو، اهو ڄاڻي ئي نٿو ته هو خود خدا آهي، پوءِ تيرٿن ڪرڻ لاءِ گنگا، گيا ۽ ڪاشي ڇو ٿو ڀٽڪي؟ ڀلا خود خدا جي خلاصي به ڪو ڪري سگهي ٿو ڇا، سواءِ خود جي!
    سچل سرمست چيو:
    “ٻانهون ڀانءِ م پاڻ، تون هين مالڪ ملڪ جو”

    “الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ”

    “اوهي ڪم ڪريجي، جس وچ الهه آپ بڻيجي”

    ته اهو خود ڪرتار، خدا يا الله ٿيڻ جو عمل ڇا آهي؟ اهو سبق سکڻو پوندو جو سڀني مذهبن سيکاريو آهي، پر ماڻهو ڀرمن ۾ ڀلجي، بندو گندو ٿي، پاڻ کان ٻاهر مالڪ کي ڳوليندو ٿو رهي، ڀٽڪندو ٿو رهي، ڌڪا، ٿاٻا پيو کائي، پر سمجهي سڻي ڪو نه ٿو، شاهه چئي ٿو:
    “نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوس جو.”

    “ڏسڻ ڏسين جي، همه کي حق چوين.”

    Man is fashioned after the image of God.” “
    (Old Testament)
    “Kingdom of God is within you.”
    (New Testament – Holy Bible)

    “مان تنهنجي شهه رڳ کان به ويجهو آهيان.” (قرآن مجيد)
    هر مندر ايهه سرير هئه، گيان رتن پرگهٽ هوءِ (گرو گرنٿ صاحب)
    اي من! تون جوت سروپ هئه، اپنا مُول پڇاڻ، ته پاڻ سڃاڻ تو ئي نور ۽ حق آهين “اناالحق” – سوهم (سو مان آهيان)
    هاڻي اسان کي اصل روحانيت جو سار ۽ تت سمجھڻو پوندو ته بندو ڪيئن خدا، عبد ڪيئن معبود يا هم اوست، سنسڪرت ۾ چون تتو مسي (تون اهو آهين) يا تت توم اسي – تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ سولي ٻوليءَ ۾ چوان ته خودي ختم ڪري جڏهن بندو اسمِ اعظم يا بانگ آسماني ۽ ڪلمي الاهيءَ ۾، جو سندس اندر وڄي رهيو آهي، پاڻ گڏي ٿو ته عشق جو سفر، طلب جي تام ۽ اندر جي اُڃ اُجھي ٿي.
    “اندر جني اُڃ، پاڻي اڃو تن کي.”

    “تن ۾ تونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.”

    اهي لطيفي اشارا، ان اُڃ جو ذڪر ڪن ٿا جا ان انهد شبد ۽ ڪلمي الاهي جو اندر خود به خود وڄي رهيو آهي. پرينءَ کي پائڻ جي پياس ئي روح جي اُڃ آهي، جا پرين ملڻ بنا نٿي اُجهي ۽ جيءُ نٿو ڍاپجي سگهجي.
    ته اهو آهي آتما جو پرماتما ۾ سمائجڻ، قطري جو دريا ۾ ڪرڻ، ته پوءِ قطرو گم، دريا باقي، ته بندي جي فنا بعد الله باقي يا باقي باالله چئبو، پر بندو الله نه چئبو. اها تصحيح ضرور ڪرڻ گهرجي ته ڪفر جون ڪنگريون ۽ اجائي فتوائون ڊهي پٽ پونديون.
    ته اهڙي ميلاپ جي طلب ئي اصل جنت آهي، جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو:
    “رڳون ٿيون رباب وڄن ويل سڀڪنهين.”

    سچل سائين چيو:
    “وسريو روزو، ناهي ياد نماز مونکي،
    ڪيڙو مست پرينءَ جي، ناز مونکي.”

    “ته ويدن جو ويچار سو سنڌيءَ ۾ سڻايو” جي دعوا ڪندڙ سامي واقعي ئي ويدن جو پورو وستار سليو آهي، روحانيت جي ڪنجي ڏئي، اهو آتم گيان يا پاڻ سڃاڻڻ جو علم، جنهن ڄاڻڻ بعد ڪجھ ڄاڻڻ باقي نٿو رهي، جو ئي دين ڌرم جو حاصل آهي، ماڳ آهي ۽ منزل آهي، رب پائڻ جو نسخو آهي. مرزا قليچ چيو:
    دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو؟
    آخر مليو نه رب هڪ، ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو؟
    اهو آهي الله آپ بڻيجي جو رستو. سامي چئي ٿو:
    “سامي سڀ ۾ سار، جن ڄاتو آتم تت،
    رکي نه من ممت، ڄاڻي روپ سڀ تنهنجا.”

    “جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن صاحب سامهون” واري لطيفي واٽ سامي هيئن صحيح ڪئي:
    پاري ۾ پاڻي تيئن وياپڪ (موجود) وسي وس ۾.
    نانا روپ رچي ڪري، سيک لکائن سار،
    چيٽي (ڪِئلي) ۽ ڪنچر (هاٿي) ۾، اٿي اونڪار (الله)،
    ساکي اکٽ ڀنڊار، ڪن ڀاڳ ڀرين ڀاڱي پيو.

    ته اچو ته تفصيل سان ان روحاني سائنس کي سمجهون:
    حيرت آئون هاسو، اچي هڪ اچرج تي،
    سائي ڦولهي آتما، کنڊ کي پتاشو،
    ڳهڻو ڍونڍي سون کي، مٽيءَ کي ڪاسو،
    پاڻي پياسو، سامي رهي نت نير جو.

    مٿين شعر ۾ جنس پنهنجي اصل کي پئي ڳولي، پتاشو کنڊ کي، ڳهڻو سون کي ڳولي ٿو، تيئن هيءَ آتما يعني روح پنهنجي اصل پَرماتما يعني پنهنجي خالق کي ويٺي ڳولي. ماڻهوءَ جي اصل اشانت ۽ بي سڪوني گهڻي ڀاڱي انهيءَ ڪارڻ آهي ته هو پاڻ کي صرف جسم سمجهي، جسم جي ئي پالنا جا جتن ڪري ٿو، کيس سٺا کاڌا ۽ سهڻيون پوشاڪون پهرائي ٿو. هار سينگار، عطر عنبير ۽ ٺٺ ٺانگر فقط جسم لاءِ، جنسيات جا مزا ۽ تفريح، سڄي دنيا جا سير ۽ مال ملڪيت ۽ عياشيءَ جا سمورا سامان رڳو جسم لاءِ – روح ته جهڙوڪر آهي ئي ڪونه – ته پوءِ سڄي هڻ هڻان بعد، اڪيلائي پلئه پوي ٿي، ان ۾ ويڳاڻو ۽ موڳو ٿي، هيءُ جيءُ اداس ٿيو پوي ته آخر مونکي ڇا گهرجي؟ ڪهڙي اڻپورائي آهي؟ ڇا کٽي ٿو آخر؟ سڀ ڪجھ هوندي به من ۾ خوشي ۽ اندر ۾ آرام ڇو ڪونهي؟ ٻيو ڀلا ڇا ڪريان جو پورڻتا ۽ تڪميل جو احساس ٿئي؟ اصل خوشي ۽ سچو آنند پلئه پوي؟ آخر ڇا؟ ته اهو آهي اندر جو سچ ته روح اڃارو آهي، بکيو آهي، ويڳاڻو آهي، وهلور ٿو وڃي، پر پاڻ کي خبر ئي ڪانهي. ان کي وري ڇا گهرجي؟ ڇا کائيندو ۽ چا پيئندو ۽ ڪيئن ڍاپبو؟ ان جا جواب روحانيت جي سائنس ڏيندي جا پاڻ اطلاق سائنس آهي ۽ جنهن کي پاڻ نقد مذهب چئون. هونئن مذهب جنت دوزخ جي تخيل سان، مئي پُڄاڻان معاوضو ڏيندڙ، اوڌر وارو مذهب آهي. آرام مادي آسائشي شين مان ملي ٿو پر سڪون غير مادي روحاني آهي جو فقط پيار مان پائي سگهجي ٿو. پر ماڻهو پئسي ۽ مادي شين ۾ سڪون ڳولي اڻاسا ٿيو پون. سڪون ياد ۾ سار ذڪر ۾ ۽ سمرن جي روحانيت ۾ آهي باقي جسماني مزا ۽ آرام ته بنهه عارضي ۽ کن پل لاءِ ئي اچي وڌيڪ بي آرامي، اُڃو ۽ اڻاسا ڪيو ڇڏن. هي سچ سمجھڻو پوندو.

    


    روحانيت – هڪ جڳ مذهب

    (Spiritualism – A world Religion)
    روحانيت سڪون بخشيندڙ، جيئري مالڪ ملائيندڙ، ماڻهوءَ کي مڪمل تڪميل ۽ پورڻتا ڏيندڙ نقد مذهب آهي، جو تمام انسانيت لاءِ ساڳيو هڪجهڙو ۽ مالڪ وانگر مڪمل آنند جو سرچشمو آهي، جنهن ۾ ڪو به ڀيد ڀاؤ ڪونهي، ڪهڙي به مذهب، فقهه، قوم، ٻوليءَ ڌرم يا آچرڻ جا انسان آهيون، هتي رب مڙيوئي هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير وارو حساب آهي. ته ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي يا لطيف سرڪار چيو ته:
    پڇين جان دوست، ته پاسي ڪر پرهيز کي،
    جني ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.

    ته دين سڀئي ڇڏي Total surrender unconditionally to the will of God
    هڪ جي اوٽ وٺو ۽ سڀ ۾ حق جو هڪ ڏسو ته ٺهراءُ ۽ اسٿرتا اچي ويندي. مالڪ جي عشق جي غذا کائي سندس صفتن جو ورناءَ وارو پاڻي پي دم دم، ساهه ساهه ۾؛ سائينءَ سار جو لباس پهري آتما يا روح پاڻ ئي ڍاپجي ويندو ته اندر جي آنڌمانڌ، هر کر ۽ اڻ تڻ ختم ٿي ويندي. ماڻهو هميشه مالڪ جي موج ۾ رهي اتي آنند کي ماڻي ٿو، ته اها سُتي ملندي درويشي دوستيءَ مان، جنهن کي سامي چئي ساڌ سنگت – چوي:
    جنين لنو لائي، سامي ساڌ سنگت سان،
    تات تني جي من مون، مٽي پرائي،
    رهي نه رائي، چنتا، چاهه اندر ۾.

    سڀ جي گهر (اندر) آهي، پريم پدراٿ رام ڌن (ربي ذات صفات)،
    سامي ڏسي ڪو ڪو منهن مڙهي پائي (اندر وڃي)،
    ستگر لکائي ته ڏسي پد اکين سان (مشاهدو ماڻي).

    ته سندن من ۾ نه ڳڻتي نه گهڻي جي گهرج يا چاهت رهي ٿي، سرنهن جي داڻي جيتري به نه، ته دک ڪٿان آڻيندو! دک ته خواهشن جي ڇاهه جو ثمر آهي. پرائي تات، هٻڇ، لوڀ، لالچ ئي نه رهي ته ڳڻتي، فڪر ڪنهن کي وٺي ۽ ڪنهن جو وٺي؟
    جن سڃاتو سچ، ملي ساڌ سنگت سان،
    سدا تن جي من ۾، ٻري محبت مچ،
    ڪڍي ڪلپت ڪچ، سامي چڙهيا سير تي.

    سنت ڪبير جو هڪ دوهو آهي ته:
    چاهه گئي چنتا مِٽي، منوئا بيپرواهه،
    جسڪو ڪڇو نه چاهيئي، سو ئي شهنشاهه.

    ته سڄو رولو چاهه جو آهي، جنهن مان چنتا نڪري ٿي، گهرجن کي ختم ڪري، ڪجھ نه گهرجڻ واري شهنشاهيءَ ۾ ڪو ورلي پهچي ۽ پنهنجي اندر جي پورڻتا ۾ خوش رهي، هڪ سان جڙي وڃي ته سدا آنند جو رس ماڻي، جنهن جي اڪيلائي وندر ٿي پئي ته هو ڪنهن جو به محتاج نٿو رهي. سڀ دوست، ڪونه ڪوڌاريو سُجهي – صلح ڪُل!
    جنهين پليو پاڻ، ملي ساڌ سنگت سان،
    تنهن جو ويري ڪو نه ڪو، صلح ٿي سڀ ساڻ،
    سامي سدائين رهي، نانا کون نرٻاڻ،
    گاوي راڳ ڪلياڻ، چڙهي سهج سمير تي.

    جو خود تي فتح پائي، نفس اماره، لوامه کي لنگهي نفس مطمئنه ٿي پوي ته سدا ويٺو راڳ ڪلياڻ ڳائي معنيٰ سدائين پاڻ ۾ جڙيو رهي. ان اسٽيج کي ويد سهج اوسٿاچون ٿا، جتي آتما ان انهد شبد سان ملي هڪ ٿئي ٿي. اهو آهي معراج ماڻڻ ته اها روحاني سائنس آهي ڪيئن؟ سا سموري ساميءَ سلوڪن ۾ سمجهائي آهي جو ويد اپنشد جو ڳوڙهو گيان آهي، سو سرل ڪري، سنڌيءَ ۾ سمجھايو اٿس. مختصر ڪري ان جو اختصار پيش ڪجي ٿو.
    انساني جسم اهو قلعو آهي، محل آهي جنهن ۾ مالڪ خود موجود آهي. ياد رهي ته آدم کي الله خود خلق ڪري پنهنجو روح ڦوڪيو. هي ته اهو امر ربي ٿي انسان جي عظمت جو ثبوت رهيو ۽ ارشاد ٿيو ته، آءُ انسان جو راز آهيان ۽ انسان منهنجو (راز آهي). ويدن ۽ اپنيشد ۾ ڪجھ هيئن بيان آهي ته: هي جسم جنهن ۾ خلقڻهار خود موجود آهي، انسان جي اشرف هجڻ جوڪارڻ آهي ۽ صرف انساني جسم کي ئي اهو شرف مليل آهي ته هن ۾رهي زندگيءَ ۾ پنهنجي خالق کي پائي سگهي ٿو. جيو ۽ برهم (خالق) هڪ آهن، پر حدن ۽ محدود دائرن ۾ قيد جيو پاڻ کي الڳ فقط جسم سمجهي ٿو. من پران ۽ خوديءَ وغيره جي حد بندين ۾جڪڙجي برهم کان الڳ، اوديا ۾ غلطان آهي. وديا يا معرفت دوران ئي هو پاڻ کي ان حد بندين ۽ مايا ڄار کان الڳ ڪري آزاد يا مڪت ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن آپو، من ۽ مايا مان نڪري ٿو تڏهن ئي لاحد ۽ لامڪان ٿي، پاڻ کي پورن برهم سمجهي ٿو. اهو آهي آتم گيان يا پاڻ سڃاڻڻ.
    “بنا آتم گيان، ممت نه مِٽي من جي،
    توڙي سڀ ساڌن ڪري، پڙهي ويد پراڻ،
    گيتا ۾ ڀگوان، ارجن کي ايئن چيو.”
    (سامي)
    ڪنڊلني اها ستل شڪتي (طاقت) آهي جا جڳتر (جهان) کي پيدا ڪري ۽ پالي ٿي. ان ستل شڪتيءَ کي اٿارڻ لاءِ ئي جوڳيءَ جو سمورو جتن ۽ جوش وارو جوڳ آهي. ڪنڊلي جو بيان ويدن، اگمن، پراڻن، اپنيشدن ۽ سنتن جي ٻاڻين ۾ اچي ٿو. اها ٻن ويڙهن (ڪنڊلي هنديءَ ۾) جي ٺهيل آهي، جنهن لاءِ ڪنڊلي سڏجيس ٿو. مولا ڌار چڪر جي وچ ۾ تيز روشنيءَ جي وچ ۾ سندس گهر آهي. اها جيون شڪتي چئبي، جا شبد برهم سان ڳنڍي پئي آهي، جنهن کي عيسائي Word يا Logos چون.
    In the beginning was the word,
    And the word was with the God.

    ويد انکي ناد چون ۽ گورو نانڪ ان کي شبد يا نام چئي ٿو. جنهن جي سڄو جهان خلقيو، مانڊاڻ منڊيو، سو شبد اسان جي اندر، بنا وڄائڻ وڄي رهيو آهي، جنهن لاءِ کيس انهد چئجي ٿو. ليه يوگ ۾ اهڙو بيان ڏنل آهي ته ڪنڊلني جڏهن پنهنجي گهر يعني مولا ڌار چڪر مان اٿي ٿي ۽ مٿي چڙهڻ جي ڪري ٿي ته اها چرپر آواز پيدا ڪري ٿي. آواز ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ جڏهن هڪ شيءَ ٻئي سان ٽڪرائجي ٿي ته آواز ٿئي ٿو، پر جڏهن بنا ٽڪرائجڻ جي، جو آواز نڪري ان کي سنسڪرت ۾ اناهت چئبو آهي، جنهن کي سامي انهد چيو آهي:
    انهد جو آواز، ٻڌو جنهن گرگيات سان،
    پرچي ڪيو، تنهن پنهنجو، بنا ڪلپت ڪاج،
    مايا جو موٿاج، ڪڏهن ٿئي ڪينڪي.

    ان انهد آواز ٻڌڻ بعد، جو فقط مرشد مهر سان اندر اندرين ڪنن سان ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو ته، هي گڏاها ڪن ڏئي ٻيا ڪن وٺيج، ٻيا ڪن وٺڻا پوندا، ته اها عجيب ڪشش واري ڌن ئي سالڪ کي مٿي ڇڪي مالڪ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ اهو سڀني لاءِ ساڳيو عمل، سڀ جي اندر سمايل آهي. نه مذهب، نه قوم، نه زبان، نه جنس ۽ نه رنگ جو فرق، ڪهڙي به ڌنڌي يا ڪم ڪار ڪندڙ لاءِ ڪو به فرق نه آهي. اهو آهي رب العالمين، جو سڀ لاءِ ساڳيو ۽ سڀئي سندس اڳيان هڪجهڙا آهن، جو سندس عشق ۾ غرق ٿئي ۽ سندس طلب ۾ تنواري ته چون طلب هو ته مِلَ هو:
    انهد جو جهڻڪار ٻڌو جنهن ٻانڀڻ چئي،
    مٽيو تنهن جي من مون وڌنکيد وهنوار،
    چڙهي سهج سمير تي، ڏسي دٻ ديدار،
    پائي پدا پار، مشڪي ڪشڪي ڪينڪي.

    ته ان آواز، شبد ۽ نام پائڻ بعد منزل معرفت شروع ٿئي ٿي، جا حقيقت سان هڪ ڪري ٿي. ان آواز بعد من جون خواهشون ۽ گناهه جون لذتون آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ٿين ٿيون ۽ گهڻي اڀياس بعد من صاف ٿي، خودي وڃائي مالڪ سان ملڻ لائق ٿئي ٿو.
    هي انهد شبد مختلف هنڌن تي مختلف آوازن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، ڪڏهن مرلي، سڱي نگاري (نغارو)، ڪڏهن تال، ڪڏهن سنک ته ڪڏهن ڪنگري جو آواز ٿي سالڪ کي مست ڪري وجداني ڪيفيت ۾ وجھي ٿو، جو سندس نشو لهي ئي نٿو. اهو منڌ هميشه خمار ۾ رکي ٿو. گورو نانڪ جي چيو:
    نشا ڀنگ، چرس، آفيم، شراب ڪا، اتر جاءِ پرڀات،
    نام خمازي نانڪا، چڙهي رهي دن رات.

    لطيف سرڪار چيو:
    منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.

    ته ڪنڊلي جڏهن هرديه (دل) چڪر وٽ اچي ٿي تڏهن انهد جو آواز شروع ٿئي ٿو. جڏهن ڪنڊلي پيشانيءَ جي وچ ۾ اجنيه چڪر کولي ٿي تڏهن شبد اناهت کلي ٿو، يعني مرشد جو آواز سالڪ ٻڌي سندس هدايتن مطابق مٿي چڙهڻ جوعمل شروع ڪري ٿو. اها سڄي سائنس گورو گرنٿ صاحب ۾ تفصيل سان سمجهايل آهي، جنهن سڄي انسانيت لاءِ اهو بين الاقوامي سچ سهيڙيو آهي ۽ اتي پهچي ئي مالڪ ‘هڪ’ سڀني جو ساڳيو، سڀ لاءِ مهربان مشفق ۽ بخشيندڙ داتا محسوس ٿئي ٿو. چيائون مانک (انسان) ڪي جات ايڪ پهچانبو– گورو گوبند سنگهه
    ته ماڻهو هڪ ذات ٿي پئي ٿو. سنڌي صوفين به ورائي ورائي چيو:
    ڪهڙي پڇو ٿا ذات، جي آئيا سي آگهيا.

    ڏات ذات تي ناهي، جي به، ڪنهن به مذهب مسلڪ جا اتي پهتا ته اگهيا. بس مرشد ڪامل هجي، جنهنجو اهو سفر ڪيل هجي ته اهو ئي فقط پهچائي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ساميءَ وٽ پورو باب لکيل آهي. ستگورو:
    گورک وڄائي، سڱي سهج آڪاس ۾،
    ورلي ڪنهن جوڳيءَ کي، سمجھ منجھ آئي،
    سامي جنهنجي ستگورؤ، ممتا مٽائي،
    وڃائي وائي، رهي نرت نگر ۾.

    اندر سرت (روح) جون ٻه شڪتيون ٿين ٿيون: ٻڌڻ ۽ ڏسڻ، ٻڌڻ اُن اناهت جو آواز، جو مٿي نوري نظاري ڏي وٺي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو نرت نگر ۾ مالڪ جو نور پسي ٿو:
    نرڀئه نگارو، اکنڊ وڃي ٿو، آد جو،
    ٻڌي ڪو ٻانڀڻ چئي، ڀاگوان ڀارو،
    مٽيو جنهن جي من مون، اوديا انڌارو،
    ڄاڻي جڳ سارو، چمتڪار چيتن جو.

    منجهين تن تنوار، وڄي ويل سڀڪنهن،
    چنگ تنبورا ڪيترا، آهن ساز اپار،
    اٺئي پهر اندر ۾، سامي پرينءَ پچار،
    ڪنهن ڪنهن مڱڻهار، سوجهي هن سرود جي.

    ته اها آهي اٺئي پهر پرين پچار، حاصل حيات. “سُتا ئي سونهن ننڊ عبادت ان جي”. اِها ڌُنِ، ڏينهن رات، هر ويلي هر وقت بنا وڄائي پئي وڄي. مست مدهوش ڪري، جنهن جهڙو مزو ۽ آنند هن پوري ڪائنات ۾ ڪونهي. ان کان اجپا جاپ به چئجي جو بنا جپڻ جي پيو هلي. واهه انسان جي عظمت، جو فقط انسان مرد، عورت، ٻار، ٻڍو ڪهڙي به نسل، رنگ ۽ مذهب جو، ان جو آنند پائي، محبوب جو اندرين اکين سان مشاهدو ماڻي سگهي ٿو:
    انڌو ٿي پسيج مشاهدو محبوب جو.
    (شاهه)
    انڀئه اگم پري گرؤ لکائي گيات سان،
    جنهن ۾ وڄي واچ ري بين مهامڌري،
    ٻڌي من مگن ٿيو، رهي نه ڀلي بري،
    سامي مليو سري، ستهه سڌ سرپ سان.

    ان ڌن، آواز، شبد ۽ نام مطلق رگ ويد جي اپنيشد جوڪ/ناد بنڌو ۾ لکيل آهي ته:
    “يوگي سڌ آسن ۾ ويهي، ويشنوي مدر استعمال ڪري، سڄي ڪن دوران دائمان اندريون آواز ٻڌڻ جي ڪري. آواز جو هن طرح ٻڌندو سو کيس ٻاهرين آوازن کان ڇوٽڪارو ڏيندو. سڀني رڪاوٽن کي دفع ڪري هو پندرهن ڏينهن ۾ تريا (چوٿون پد جتي نوراني نور وسي ٿو) جي حالت کي پهچندو. اڀياس جي شروع ۾ هو گهڻيئي زوردار آواز ٻڌندو، اهي آهستي آهستي سوکيم (مدهم) ٿيندا ويندا.”
    ٻاهرين شين کان بيپرواهه يوگيءَ کي پنهنجي واسنائن (هوس جي خواهشن) تي قابض ٿي، دائمان ناد (آواز) ڏي چت کُپائڻ گهرجي، جو آخر ۾ من جو (شيطان جو) انت آڻيندو. وڏي اڀياس بعد يوگي ٻاهرين اثرن کان آجو ٿي، شبد سان هڪ ٿي وڃي ٿو. جيئن کير پاڻيءَ سان، لهرون سمنڊ سان ۽ جلدي هو چد آڪاس (معراج جي منزل) ۾ ڌڄا کوڙي ٿو.
    جوڳي لفظ جوڳ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳنڍڻ، جوڙڻ، جو اهو جوڙي وٺي آتما کي پرماتما سان، روح کي رب سان. ته اهو چئبو جوڳي. ان جا تفصيل، رستا نهايت سرل آهن. بس سمجھو سچي عشق ۽ رب سان ساهه ساهه ۾ سار جو ڪم آهي، جو ڪري سو پائي.
    سسي اندر ساهه، ٿو وائي وشن جي ڪري،
    ٻڌج ڪي ببيڪ سان، هيء ڳجھ اندر جي ڳاهه،
    ته روح منجھين ئي راهه، اٿي ملڻ جي مينگهو چئي.

    ڀڳتي تحريڪ منهنجي نظر ۾ هڪ عوامي انقلاب هو، مذهبي بنياد پرست، سختي، ورڻ آشرم ۽ ٻاهرين ڪرم ڪانڊ، تيرٿ، جپ تپ، پراڻيام، ورت ٻليدان ۽ ظاهري پاٺ پوڄا، واس ڌوپ، ڪنڀ ميلن ۽ ڪاشي ياترائن ۾ ڪرٽ سان سرير ڪٽائڻ وغيره ساڌتن جو – جو پوري من، دل سان ايشور شرڻ اچي آپو، اهم ۽ خودي ختم ڪري، سندس ڀڳتيءَ ۾ مگن رهي، سڀ ۾ سندس روپ ڏسي، سڀ سان پريم ۽ شيوا واري واٽ وٺڻ سان ماڻهوءَ جو ڪلياڻ ڪرڻ ڪافي آهي. اندر ۾ ايشور سان عشق رکي، دم دم ياد ۾ رهي، هٿ ڪم ۾ دل يار ۾:
    گهر ۾ راهه رهي، مورک ڦولهي دهه دسا،
    جپ تپ ساڌن، جوڳ ۾ سامي ديهه دهي،
    ناحق دک سهي، ٿو پٺي ڏيئي پاڻ کي.

    منجھين لوڪ لکين، تون پاڻ نه ڪرين پڌرو،
    اٺئي پهر عجيب جي، منجھين سڪ سڪين،
    چاڪن منجھ چڪين، ته پاڻ ٻڌني پٽيون.

    اها پندرهين ۽ سورهين صدي هئي، جي سنت پرش، درويش ظاهر ٿيا، تن سڄي مذهبي مت ڀيد کي اونڌو ڪري انسان کي انسان ڪيو ۽ هڪ رب کي پريم ڀڳتيءَ سان پائڻ سيکاريو. سامي جن ويدن جي واڻي سنڌي ۾ پيو سمجھائي، سي ويدانت 900 ق. م. کان 1200 ق. م. جا اندازاً چيا وڃن ٿا. انهن جي وضاحت اپنيشدن ۾ ملي ٿي. (300 ق. م. کان 200 ق. م.). شنڪر آڇاريه جو ويدن جو وڏو شارح چئجي ٿو، سو آهي سکن (788ع – 820ع). موجوده هندو حياتيءَ جي گائيڊ، ڀڳوت گيتا 100 ق. م. کان 100ع، جا اڄ هر گهر ۾ ۽ ڪورٽ ۾ پڻ موجود آهي. ڀڳتي تحريڪ جا سنت ڪبير 1440ع – 1518ع، رويداس، تلسيداس 1523ع – 1623ع ۽ ميران ٻائي 1498ع – 1565ع جا پرچار ۽ گورو نانڪ 1467ع کان 1538ع تائين ذهنن تي بي انداز اثر انداز ٿيندا رهيا. سنڌ ۾ فارسي صوفي شاعرن جو تمام گهڻو اثر پئي رهيو آهي. انهن ۾ عطار 1180ع – 1220ع، مولانا روم 1207ع – 1273ع ۽ حافظ 1326ع – 1390ع، جنهن سان فڪر ۾ بيحد ڦيرو اچي ٿو، پر آءُ ذڪر ڪندس 1173ع ۾ پنجاب جي ڪوٺيوال ۾ جنم وٺندڙ سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ جي پهرين شاعر بابا فريد گنج شڪر جو، جنهن جو سڀني تي جهجهو اثر آهي ويندي گورو نانڪ. پاڻ سندس نائين پيڙهي شيخ ابراهيم کان سندس ڪلام وٺي گورو گرنٿ صاحب ۾ درج ڪيو. رب کي خلق ۾ آڻي حقوق العباد جو سولو سبق پڙهايو اٿس، چوي:
    فريدا خالق وسي خلق مهه، خلق وسي رب مانهه،
    مندا ڪسنو اکيئي، جو تس بن دوجا ناهي.
    (ڪثرت مان وحدت ٿي، وحدت ڪثرت ڪُل)
    خلق منجھ خالق، خالق سڀ خلق ۾،
    سمجھي ڪو سامي چئي، ورلو هرجن هِڪُ،
    مهر ڪري مالڪ، جنهن تي پرچي پاڻهي.

    وري بابا فريد سولو ڪيو، چيائين:
    “جي تو پريان دي سِڪَ، هنياءُ نه ڊاهه ڪهين دا.”

    ٻن اکرن ۾ سڄو تصوف سميٽجي ويو. جي خالق خلق ۾ آهي ته خلق کي ڏکائڻ معنيٰ خالق کي ڏکائڻ، ته ماڻهو ماري، پوءِ ڪهڙي به نالي هيٺ، خالق خوش ڪري ڪين سگهبو.
    “مين ناهين، ڪڇ هنئه نهين، ڪڇ آهه نه مورا،
    اوسر لجا راک ليهه، سڌنا جن تورا.”

    سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ صوفي سنت، جو چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ سيوهڻ شهر ۾ ڄائو، تنهن جو ڪٿي به ڪو ذڪر فڪر عام جام ڪونه ٿو ملي، سو آهي ڀڳت سڌنو ڪاسائي، جنهن جا سنڌي ڪوين تي هن مٽيءَ جا رنگ ۽ خوشبو واري صفت سميت اثر حاوي آهن.
    پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاهه ۽ شاهه حسين جڏهن ته سنڌ ۾ اسانجي ٽمورتيءَ جا رنگ ئي نرالا آهن: شاهه لطيف (1689ع– 1752ع)، سچل سرمست (1739ع – 1826ع) ۽ سامي چين راءِ ولد بچو مل لُنڊ (1743ع – 1850ع)، جو پنهنجي گورو جو نالو استعمال ڪندو رهيو: ڪٿي مينگهو، ڪٿي ٻانڀڻ ۽ هر جاءِ سامي سندس ئي گورو جا نالا آهن.
    ڀڳتي تحريڪ جي درويشن جي واٽ:
    ڪنهن کون ڪين لهي، اوديا ڪلف اندر جو،
    توڙي تيرٿ تپ ڪري، دک بک سڀ سهي،
    تياڳ ڪري گهر ٻار جو، غفا منجھ رهي،
    ساڌو سرن پوي، ته سکي ٿئي سامي چوي.

    ڌرم، مذهب جي ظاهري نيمن متن جو روحانيت ۾ انڪار، ان لاءِ ڪيو ويو آهي جو اصل مقصدِ حيات تي پهچڻ کان لاچار آهن. هينئر ڪجھ اهڙن درويشن جي شعرن جو اڀياس ڪنداسين جنهن سان هن جڳ - مذهب، روحانيت ۽ مالڪ ملڻ جي راهه روشن ٿي سگهي، جو ئي ساميءَ جو سار آهي. مٿين شعر ۾ چوي ٿو اندر جا اوندهه آهي، اهو آهي پنهنجي دنياوي غلاظتن (اوديا ڪلف) جو تالو لڳل آهي ۽ اهو ٻاهرين صفائين سان صاف نه ٿيندو، جهڙوڪ تيرٿ ياترا يا پاڻ کي ورت، اپواس ڪري بک ڪڍڻ يا دنيا ڇڏي مڙهي مساڻ وسائڻ سان اندر جي صفائي نه ٿيندي، نه ويد شاستر پڙهڻ سان. لطيفي سمجھ به اهو ٿي سمجھائي، اندر تون اُجار پنا پڙهندين ڪيترا، ته اندر ڪيئن اجارجي.
    سڪ ري صفائي، اچي ڪين اندر کي،
    توڙي سڀ ساڌن ڪري، پائي سر ڇائي،
    اها ڳالهه سمجھ ۾، ڪنهن ورلي کي آئي،
    گرگم جنهن لائي، سامي لنو سروپ سان.

    ته به عشق، پريم ۽ سڄڻ جي سڪ ئي صفائي ڪري سگهي ٿي، ٻاهرئين طور طريقا ڇائي پائڻ آهي، جنهن سان پرين پسي نه سگهبو. اندر جو عشق ۽ دل جو ايمان، جو بنا شرڪ هڪ سان پريم رکڻ، اندر هڪ پسڻ بعد ئي سڀ ۾ ساڳيو جلوو پسي سگهجي ٿو. سڀ جي دل ۾ ساڳيو سائين وسي ٿو.
    دل بدست آورکہ حج اکبر است،
    از ہزاراں کعبہ یک دل بہتر است۔

    (مولانا روم)
    دلا طواف دلاں کُن کہ کعبہ مخفی است،
    کہ آں خلیل بنا کرد، واین خدا خود سخت۔

    (مغربی)
    ہزار زہدوعبادت ہزار استغفار، ہزار روزہ رانماز ہزار،
    ہزار طاعت شب ہا ہزار، قبول نیست گر خاطری بیا زاری۔

    (مغربی)
    پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾،
    پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجھ ٻجهن،
    سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سپيرين جي.

    پريم بنا پرڪاس، ڪنهنکي ٿيو ڪينڪي،
    ايئن چئي ٿو نامديو، ڪبير ائون روداس،
    ڪري ڏس ڪلپت ري، سامي انن اڀياس،
    ته چيتن چد آڪاس، پرگهٽ ٿيئي پاڻهين.

    هنن ٻن سلوڪن ۾ ساميءَ سڄي ٻاهرين ڪرم ڪانڊ جي طريقن کي رد ڪندي ڀڳتي تحريڪ جي سنتن جو حوالو ڏنو آهي، جن جي واٽ ساڳي اندر ڳولهڻ ۽ جڳتيءَ سان پيرين پائڻ واري ساڳي سمجھ وٺڻ آهي ته، آءُ هِت ان سمجھ جو سربستو ذڪر لکان ٿو.
    سڌو رستو بين الاقوامي، هر پڙهيل اڻ پڙهيل لاءِ هڪجهڙو.
    Equal for all, the way to God.
    ڪُل ٽي لفظ آهن:
    1. نام، شبد، ڪلمئه الاهي، اسمِ اعظم
    2. ستگورو، مرشد، پيرڪامل، گورمت
    3. سمرن، ذڪر، اڀياس، ورد مالڪ مهر سان
    زندگيءَ جو حاصل پرين پائڻ آهي ته ان جو رستو ٽن لفظن ۾ مڪمل وضاحت ۽ سمجھ سان صحيح ڪري سگهجي ٿو. هن تي هلڻ لاءِ ڪنهن به مذهب، فرقي، متي، پنٿ، قوم، ٻولي، ملڪ يا جنس رنگ جوڪو شرط ناهي. هي جڳ مذهب جي اندر ۾ الاهي واٽ سڀ لاءِ ساڳي، کليل ۽ بين الاقوامي آهي. جو وهي سولهي. اها پاڻ ڪل مالڪ جي ٺاهيل آهي جا عالم انسانيت لاءِ عام آهي، رحمت ۽ وڏي بخشش آهي. سڀ کي سڏي ٿي، جي آيا سي آگهيا. جو اندر سڀ پسي، دِليئون دنيا ڇڏي، دعوت عام آهي، اصل آدجڳاد کان ويساهه (ايمان) جو اهو ئي رستو ٿو رهندو اچي، پر جن کي پروڙ پوي.
    ويساسيءَ والٽ لڌو ساريءَ وِسُ جو،
    پرچي ڏٺائين پاڻ ۾، ڇڏي اونگهه آلس،
    رهي مايا موه کون، خلاصو خالص،
    سامي ٿي ثالث، وَرِتي وِڌِ ويچار سان.

    من مٿرا، دل دوارڪا، ڪايا منجھ ڪاشي،
    چيتن وسي چت ۾، الک ابناسي.

    جن کي جاني ياد آن، ياد ڪريان نت تن کي،
    سامي مليا سپرين، پرچي تن پرساد،
    تن من ارپيان ڀاو سان، ڇڏي واد وواد،
    ايها آدجڳاد، واٽ بڻي ويساهه جي.

    سامي اُن ربي آيت طرف اشارو ٿو ڪري ته: “تون مونکي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.” ۽ ٻڌائي ٿو ته جيڪو مايا موهه ڇڏي دل جو خالص ٿي مالڪ کي ياد ڪري ٿو. هر وقت دل ۾ سندس سمرن ڪري ٿو، من جي مڻين سان، رڳون سڀ رباب ٿي، سارن ٿيون سڀ ويل، ته ان ذڪر جومالڪ ٻيڻو اجر ڏئي اسان کي پڻ ياد ڪري ٿو، پر پيار سان. ڪبير چيو:
    مالها مجھ سي لَڙِ پڙي، ڪاهي سمري موهه،
    من ڪا مڻڪا ڦيردي، ترت ملاؤن توهه.

    ته رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهن وارو لطيفي ورد رکي ته اهو ٿيو پهريون لفظ سمرن/ذڪر ڪرڻ. نام – اسم اعظم جو اندر اورڻ، پر اهڙو سمرن هر ڪنهن جي وس جو ناهي، نه ته جيڪر هر ڪوئي ڪري پار پهچي سگهي. ايڏو پيار رب سان رکڻ فقط مرشد جي مهر ڪرم سان ئي ملي سگهي ٿو.
    گورو نانڪ جو واڪ:
    آکان جيوان، وسري مِرِجاؤ،
    آکڻ اوکا، ساچا نائو.

    فرمائن ٿا جي رب جو نانءُ چوان ٿو ته جيئرو آهيان ۽ جي وساريان ٿو ته مري ٿو وڃان. ايڏو پيار! وري ٻئي سٽ ۾ چا ٿا ڇون ته اهو نانءُ اهڙي طرح جپڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ته ٻئي لفظ طرف وڃڻو پوندو.
    2. ستگورو، مرشد ڪامل، سامي ٿو چوي:
    ساڌو جن سوري جنهن کي ڪري ڪڇ ۾،
    تنهن جي ڪس قلوب مان، ڪڍي سڀ ڪوري،
    سامي ڏسي سپرين، اکن کون اوري،
    هر دم هندوري، جھولي پريم اگم جي.

    جنهن به خوش نصيب کي اهڙو ساڌو، ستگورو، پير ڪامل پلئه پوي، جو پنهنجي هنج ۾ وهاري سندس قلب مان ڪلپت، ٻيائي، شرڪ ڪوري ڪڍي وٺي، ڪهڙي نه سندر سولي ۽ سرل سنڌيءَ ۾ ساميءَ اها ڳالهه ڪئي آهي. اگم جنهنجو آد انت ۽ ڳجھ نه ملي سگهي، تنهنجو گم يا راز ستگورو ئي ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي اندر معرفت ماڻي، پيو پريم هندوري ۾ لڏي، ته اهو سڀ ڪمال صرف ستگورو مرشد مڻيادار ڪري سگهي ٿو، ته جنهن کي مرشد مليو، تنهن جي اندر الله پر گهٽ ٿيو، پر مرشد ڪامل جو اندرين نور (جوت)، ان شبد، ڪلمي الاهي يا ٻاڻيءَ جو اڀياسي ۽ ڀيدي (رازدار) هجي، اهو ئي اندر ۾ مالڪ ملائي، ٻاهرين ڊڪ ڊوڙ ۽ ڌڪن کائڻ کان بچائي سگهي ٿو. چون:
    سڀ گهٽ ميرا سانئيان، سوني سيج نه ڪوءِ،
    ٻلهاري تس گهٽ ڪي، جان گهٽ پرگهٽ هوءِ.

    هاڻي جسم جي سائنس سمجھنداسين ته هي الاهي ڪيئن آهي، اتي اها ٻاڻي يا ڪلمي الاهي ڪٿي وڄي ٿو، وغيره. ڪُل ڏهه (10) دروازا آهن هن محل ۾ داخل ٿيڻ جانون کليل ۽ ڏهون بند آهي. ٻه اکيون ٻه ڪن، ٻه ناسون (نڪ) هڪ وات دن ۽ هيٺ گُديا اندر وڃڻ لاءِ سولو رستو آهي ٻن اکين پٺيان اندر ٽيئن اک جا ڏسي سگهندي. جو، جو ڏهون در بند آ.
    “پرين سي پسن ٻئي جن ٻوٽيون”
    (شاهه)
    اکين ٻاجهون ويکڻا وڻ ڪنان سڻڻا.
    (گورو نانڪ جِي)
    اتي جا انهد ڌن بنا وڄڻ پئي وڄي، تنهن کي مرشد جي مهر سان ٻڌي سگهبو، پر جڏهن پوري يڪسوئي ٿئي، يعني من جو ڀٽڪڻ، ٻاهريان خيال سڀ ختم ڪري، اندر يڪجاءِ/ٿِر ٿئي. جوڙي ميڙي پاڻ کي جڏهن پوري ايڪا گرتا، يڪسوئي ايندي، تڏهن اهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، جن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي: ساميءَ جا اشارا:
    اٺئي پهر عرش ۾، جپن ريءَ زبان.

    تنهن ۾ لائي لال ٿيا، طمع ريءَ تاڙي.

    چڙهي جنهن عشق تي، ٻڌو وحدت واڪ.

    ته اهو عشق آهي ڏهون ڳجھو درُ، جتي وحدت واڪ وڄي ٿو. بنا وڄائڻ واڄو وڄي ۽ بنا زبان پيو جاپ جپي، اتي جو ڏهه هزار سجن جيڏو نور/جوت آهي سو نهايت سِيتل، وڻندڙ ۽ لڀائيندڙ آهي.
    3. مالڪ جي مهر سان ست سنگ:
    اڻ هوندي بازي، تنهنجي ڪري سڏ ٿي،
    لپت جي ڪلنڪ سان، سامي تو ساجي،
    ڪڍين پانهنجي پاڻهي، ٿو منٿ موتاجي،
    رڙهي ٿيئن راضي، پٺُ ڏيئي تون پاڻ کي.

    هيءَ اڻ هوندي بازي جي مايا مان ڪري – نڪري؟ جنهن تي راضي ٿئي؟ ڪيئن راضي ٿئي، جو پورن سرڻ وٺي يعني جو دل مان خودي ڪوري ڪڍي، پيش پوي ۽ هر حال ۾ راضي رهي، تنهن تي مالڪ مهر ڪري، هن درنگي دنيا ۾ ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽي پوي. ان لاءِ ست سنگ يعني سچو ساٿي، ڪامل مرشد جي صحبت ضروري آهي جو سيني سان سينو سنواري، نظر وجھي نهال ڪري. “نانڪ ندري ندر نهال”، ڪري ڇڏي. هو سدائين سڌ سروپ ۾ رڱجي رهي.
    ساڌو جن جو سچو، ڪري اپديش انڀئي،
    سامي چئي سڀ کي، الٽي گهر اچو،
    ڪَڏي (ڪڏهن) ٿئي ڪينڪي، ڪلپت منجھ ڪچو،
    رهي رنگ رچو، سُتههَ سڌ سروپ جي.

    ته: 1. نام، ڪُنَ، اسم اعظم، جو سڄي جهان ۽ سڀني انسانن ۽ حيوانن وغيره جو رچيندڙ آهي، انکي پنهنجي جسم اندر ڳولهي، محبوب جو مشاهدو ماڻي وٺجي جو خياتيءَ جو حاصل آهي.
    2. ان لاءِ هڪ ڪامل مرشد جي ضرورت آهي جو بخشش ڪري.
    3. پوري طرح پاڻ وڃائي پيش پوڻ سان، اهڙي مالڪ جي مهر ملي جو سدا ان جي رنگ ۾ رڱيو رهجي. ننڊ به عبادت، ڪم ڪرڻ به عبادت ٿي پوي.
    ڪرپا ڄاڻي ڪِرُ، سنت دواري سِڪَ سان،
    ديکيا دردوندن جي، سمجھي ڪر صبر،
    سامي بَڪَ مَ سِرُ، در در ديوانن جان.

    ته الاهي مهر سان ڪو درويش الله لوڪ ملي ته سندس بعيت ڪري، بخشش وٺ. هر حال ۾ خوش رهي شڪايت جي ٻڙڪ نه ٻول ۽ صبر شڪر ۾ هڪ جي اوٽ ۾، هڪ سان ڳنڍجي رهه. در در پنهنجو مٿو نه ٽيڪ، پاڻ نه کوءِ:
    جنهن کي لَکائي، ست گور لَکَ اَلَکَ جي،
    تنهن پرچي پانهنجي پاڻ سان، لنو سپجي لائي،
    مِٽي تنهن جي من مون، ٻانڀڻ چئي ٻيائي،
    رهي سدائين، سُڃ وسئن جي وچ ۾.

    ته جنهن کي به مرشد مڻيادار اَلک، جنهن جو نه رنگ، نه روپ، نه ريک الک آهي، اهڙي مالڪ جي لَکَ لکائي، تنهن ٻاهر جا سڀ ساڌن ڦٽي ڪري اندر اور پيو اوري، ٻيائيءَ واري وائي بنهه ڇڏي، هينئر کيس هر هڪ ۾ اهو ئي هڪ الک پيو لَکي. جڏهن ٻيو ڪو آهي ئي نه، ته ويري (ڪير) ۽ سڄڻ ڪير؟ ته وسنئن ڪنهن جي ۽ سڃ ڪنهن جي، سدائين موج پيو ماڻي، مالڪ جي اور پئي اورجي:
    محبتن ميلاپ پرچي ڪيو جن پانهنجو،
    پئن پئارن پريم جو، پيالو عين اَماپ،
    لنو لنو لال گلال ٿي، جپن اجپا جاپ،
    ميٽي سڀ سنتاپ، سامي ماڻن سانت کي.

    اڪيلائي جن جي وندر آهي، سانت جو مزو جن کي مليو، اهو ئي اجپا جاپ يعني ان اسم اعظم، نام ۾ رتل رهن ٿا. “عاشقن الله ويرو تار نه وسري”، انکي چئبو، لنو لنو ۾لال آهن، سواءِ پريم جي ٻيو سودو ڪين سِکن ۽ پاڻ ۾ مڪمل ٿي، پرچي پُر رهن ٿا، انهن ئي منزل ماڻي حياتي هاج هٿ ڪيو:
    پرچي ڏنو پهه، مرشد خاص مريد کي،
    اٿندي وهندي عشق سان، اور انهيءَ ۾ رهه،
    وٺي راهه رنِدِيءَ جي، سڀڪي سر تي سَههُ،
    ته اچي پاڻ اَلَههُ، مطلب ڪندءِ من جا.

    صبح، شام اڌ ڪلاڪ سانت ۾ چپ ڪري ويهو، اندر مان تخليقي قوت جاڳي پوندي، سڀ ڪجهه ممڪن ٿيندو.
    


    آخري گذارش

    ته هن سڄي ڪتاب جو حاصل ڇا ٿيو، ڇا طئي ٿيو، سمري.
    1. سڀ کان اول پاڻ انسان آهيون ۽ سڄي دنيا جي انسانن جاڪٽنب ڀاتي. مذهب، رنگ، نسل، قوم، ٻولي، فقي ۽ ذات پات جي فرق بنا. عورت، مرد، ٻار، ٻڍو اسانجي فيملي آهي. انهن سان پيار سندن سنڀال ۽ وس آهر سارلهي سندن خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض اولين آهي.

    2. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي خوشي، ضرورتن ۽ گهرجن لاءِ مدد ڪندي سڀ کان وڌيڪ مظلوم، محڪوم ۽ پيڙيل، ڏتڙيل طبقي سان گڏ بيهي، هڙهان، هڏان ۽ وڙان مدد ۽ مشڪل ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هجڻ گهرجي، جيئن هڪ گهرڀاتي ڪندو آهي.

    3. دنيا کي نه, اول پاڻ کي بدلڻو پوندو، چڱائي، نيڪي، اخلاق ۽ انسانيت تي تقرير نه ڪبي انجو عملي مثال ٿي ڏيکاريو. ائين ئي ٻار سکندا ۽ ٻين تي اثر پوندو. ڌيان، مراقبو به ان لاءِ ته خود مان شانتي، سڪون جو لهرون نڪري سڄي وايو منڊل کي سانت ۽ پرسڪون ڪن، ماحول مواقف ۽ تخليقي ٿي.

    4. گذريل عظمت تي فخر کائڻ کان بهتر حال جي بدحالي کي مٽڻ جو ضروري عمل ڪرڻ، سندرو ٻڌي تعليم، صحت ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ ڪاهي پوڻ. شعور، صفائي ۽ سچ لاءِ وڙهڻ، حق لاءِ لڙڻ ۽ ڪڏهن به ڪمزور نه پوڻ، اورچائي سان هن راهه تي هلڻ، جيئن ٻيا به متاثر ٿي خود شامل ٿين ۽ قافلو وڌندو رهي.

    5. مٿين ڪمن ڪرڻ ۾ مستقل مزاجي، همت، حوصلو ۽ اورچائي جو هجڻ ضروري آهي. پاڻ تي يقين رکي، منفي قوتن کي روڪجي، جي پاڙون پٽي نه سگهجي ته تنقيد ۽ سخت ناپسندي جو اظهار ڪجي، سچ ۽ حق تي هجڻ لاءِ وڏي گلا ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو، نراس نه ٿجي ڀل سڀ برو چون، پاڻ ۾ اعتماد ۽ ڀروسو اڻ ٿڪ هجي، نيٺ فتح، ڪاميابي حق جي آهي.

    6. پيار ڏيو، پيار وٺو ۽ سمورا سڄا، سارا، پيار ٿي پئو!


    شرڌانجلي

    نوٽ:
    منهنجي شاعري جو ڪتاب “جيون تاءُ تتيء جو” جون 83 ۾ شايع ٿيو هو. جنهن مان آخري صوفي اشعار پيارن پڙهندڙن جي ذوق لاءِ وري دهرايان ٿو. جيئن انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب (Life’n dreams) به هن سنڌي ڪتاب سان گڏ ڇپيو آهي. توهان جي پياري مطالعي لاءِ پيش آهي.
    دعائون

    هي بيت (دوهن) جي شرڌانجلي ڀيٽ ڪريان ٿو پنهنجي سمپورن پتا، وديا جي ڀنڊار
    سوامي سندر داسجن کي،
    جن جي ستسنگ ۾ مون هندي ديو ماليءَ ڪٿائن کان واقف ٿيس ۽ پنهنجي تڇ سمجھ هوندي کائن سنسڪرت، هندي، پنجابي ۽ ويدانتي ارٿ مان پوري ريت فيضياب ڪونه ٿي سگهيس.
    (بيت)

    تون ئي پنهنجو ساز آ، تون ئي پنهنجو ناد
    تون ئي پنهنجو سوال آ، تون ئي پنهنجو جواب
    چکين پنهنجو پاڻ کي، تو ئي منجھ سواد
    اصلون آد جڳاد، محبوب تنهنجي من ۾.

    محبوب تنهنجي من ۾، تون ئي جمنا گهاٽ
    تون ئي تيرٿ ياترا، تون ئي پنهنجي نماز
    ڳولين ڇو هر واٽ، مڙهي مندر مسيت ۾؟

    مڙهي مندر مسيت ۾؟ ڪونهي پيار ته رڳو اقرار
    اصلون عاشقن تي، سدا چڙهيل ويراڳ
    ننڊ ۾ ڀي آ جاڳ، دل ۾ ديرو دوس جو.

    دل ۾ ديرو دوس جو، روح اندر راڱا
    ڀڃي ٿيا ڀاڱا، پيار پچائي پنهنجا.

    پيار پچائي پنهنجا، ڪيڏا ڪرين ڪيس
    لونءَ لونءَ تو آسيس، آهي سندي سڄڻين.

    آهي سندي سڄڻين، لوئي به سائي
    ڪبير ذات الاهي، ڳولهي ماڻهوءَ من ۾.

    ڳولهي ماڻهوءَ من ۾، هي ٻڌ انهد ڌُن
    رب ڪونهي ڪو بن، خالق وسي خلق ۾.

    خالق وسي خلق ۾، چيو بابا فريد
    تون ئي من مريد، خلق ذات الله جي.

    خلق ذات الله جي، پر ڪيئن ڳولهجي ڪنت
    پڇيو ڀيڻ نانڪي، اڳيان گرونانڪ سنت
    جواب مليو ٽي ويس ڪجن، ڪونه ڪجي ڪا چنت
    نوڻ سئه اکر کوڻ گڻ، جھبا مڻيا منت.

    ميران جهڙو من هجي، پوڄا جهڙا پيار
    چڪور جهڙو چِتُ هجي، ڀل چنڊ وسي ٻي پار
    وهه به امرت ڌار، اهڙو چاهه چريو ڪيو.

    (بيت)
    ڪنهن جي ڪنهن جي سار ڪيان
    پن سرءُ جان وڇڙيل پيار.

    ننڊ رلي وئي پنبڻيون ڳوريون رات لڙي وئي يار
    پوءِ به پيار پچار، جرڪي ٿي هن جيءَ ۾.

    مندر مندر ڀٽڪين ڇو ٿو گسائين لِلاٽ
    اندر تو چمڪاٽ، جهاتي پاءِ تون جيءَ ۾.

    جهنجهرڪي جو جهانجھ جهير وجھي ٿي جيءَ
    پل پل تو پڙلاءَ، پلئه پوي تو ريءَ.

    اڱڻ اڱڻ ٿو ڀٽڪين، چوڏهين جا او چنڊ
    ڏنگيل ٿو ڏسجين، ڪنهن ڏاڍي جي ڏانو جو.

    ڳوڙهن ڳوڙهيون ڳالهيون، ساري ڪيئن ساريان
    پلٽي پاڻياران، سٽ سٽ تنهنجي سور جي.

    ور ور وائي وات، مانيءَ ڀور ڳڀي جي
    عشق ڪهڙي ذات، فاقن سندي من ۾!

    وڏ ڦڙا وس مينهن، اڃان سڄڻ سار مون
    تو ڪنهن لاتو نينهن، رڪجي نٿو رڪجين.

    تارن ڳڻين تون، ياد اچين ٿو حرفتي
    تو ڪيئن وسريس مون، چوڏهين چانڊوڪين ۾!

    (بيت)
    مرگهه ترشنا جيئن من، رلي ٿو هن رڃ ۾
    پريت سڄي سڃ، پاتي آهي ڪنهن جيءَ ڳري؟

    چارئي پهر ميڙي، سنڌيا آئي سانت ٿي
    پکي ماڳين موٽيا، مٿان وئي رات ٿي
    مندر سنک وڳا، مسجد سمهڻي بانگ ٿي
    تن تنهنجي تات ٿي، جانجھ وڄي ٿي جيءَ ۾.

    پاڻ ملون ته وقت بيهي، تنهنجو ضد هيو
    پر ائين ڪو نه ٿيو، وسري ويس تو وتري.

    ڪاري رات اُماس، ڪرشن پک آڌي
    جيءَ پنهنجي ڪاتي، ورهه پنهنجو وترو.

    ورهه وڃايو سورداس، چت نه آيس چنتا مڻي
    تو ڪيئن پرين پاتي، هي هرڌي پريت پڻي.

    ڪارا نيڻ ڪٽورا، ڇلڪن ڀرجي نينهن
    رشين مُنين مُون وئي، سالن تپسيا ڏينهن
    جوڀن ونتيون جوانڙيون، کنوئن سندا انگ
    چُک چک منجھ ڏنگ، هئه هئه ڪان قلوب ۾.

    نانگ نوڙيءَ تي نينهن، تڳايو تلسيداس کي
    گيان بڻايو شينهن، خالق رامائڻ کي.

    هرڻ ڀڄي حيران ٿي، خستوري کڻي دُن
    اهڙي ساهه سڳنڌ، آهي ڪهڙي بن
    ڄاڻي ڪونه ڳهيلو، پاڻ ئي خوشبوءَ ڪن
    تيئن ئي ماڻهوءَ من، ڀٽڪي ٿو ڀونءَ ڀونءَ ۾.

    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350405
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402552
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ