ڪتاب جو نالو: منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني
مصنف: سيد يار محمد شاهه
ڇپائيندڙ: شاهه ڪلچرل سوسائٽي- مٽياري
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 06 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 223 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 64 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پاران شاهه ڪلچرل سوسائٽي مٽياري
  • پنهنجي پاران ٻه اکر
  • هڪڙو اکر...
  • اڌورا خواب...
  • پيش پريان : يار محمد شاهه منهنجي نظر ۾...
  • روحاني سفر, تحرير: سيد يار محمد شاهه
  • يار جي ياريءَ کي 50 سال : شفق حيدر موسوي
  • 25-12-2017 : شام جا 7:30 منٽ
  • ڪجهه ناياب يادون
  • دور بلوغت
  • سياست سان وابستگي
  • سماج سيوڪ
  • بحيثيت شاعر
  • فلمسازي
  • دوستي
  • اسٽيج ڊراما
  • ٽي وي دنيا
  • فلم سازي
  • چيئرمين پاڪستان فلم پروڊيوسرس ايسوسي ايشن
  • يادگار ماڻهن جون يادگار ڳالهيون
  • ماما لالو
  • گل ڀٽي
  • غلام حسين ميمڻ
  • نواز علي سمون
  • مشتاق جسڪاڻي
  • محمود صديقي
  • منصور بلوچ
  • شفيع محمد شاهه
  • عبدالڪريم بلوچ
  • ايس گل صاحب
  • حسين علي شاهه فاضلاڻي
  • فريد نواز بلوچ
  • گلاب چانڊيو ۽ منظور مراد
  • شاهه اسد
  • زاهد معصومي
  • ساقي صاحب
  • بطور سماج سيوڪ
  • هي سامان ڪيڏانهن ويندو

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني
    ليکڪ: يار محمد شاهه
    موضوع: آب بيتي
    ڇاپو پهريون: مئي 2018ع
    ٽائيٽل ڊزائيننگ: غلام شهباز علي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: ممتاز علي سمون
    پاران: شاهه ڪلچرل سوسائٽي- مٽياري
    ڇپيندڙ: نواز علي سمون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/300 روپيا

    ملڻ جو هنڌ
    نواز علي سمون (اخباري نمائندو ۽ ڊسٽريبيوٽر مٽياري بس اسٽاپ مٽياري)
    فون نمبر: 0307-2622920
    پوسٽل ايڊريس: سيّد يار محمد شاهه، ڄاموٽ محلا مٽياري، ضلع مٽياري سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    آئون هيءُ ڪتاب منسوب ڪريان ٿو پنهنجي مرحوم والد سيد غلام مهدي شاهه جي نالي، جنهن هن علائقي ۾ انسانن ۽ جانورن جي به خدمت ڪئي ۽ اسان کي به انسانيت جي نالي اهڙو بڻايو جو اڄ اسان سندس وڇايل تڏي تي محمد و آل محمد جي هر معصوم جي ڄم ۽ شهادت جا ڏهاڙا باقاعدگيءَ سان ملهائيندا رهون ٿا ۽ دين ابراهيم جي پيروي تي پنهنجي نسل کي هلائڻ لاءِ پنج ئي وقت نماز جا گڏ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
    ”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
    هي ڪتاب شاهه ڪلچرل سوسائٽي مٽياري پاران ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پاران شاهه ڪلچرل سوسائٽي مٽياري

    ساٿيو وڏي خوشيءَ سان اسان شاهه ڪلچرل سوسائٽي مٽياري طرفان سائين يار محمد شاهه جو هي قيمتي ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ سال 2018 ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، هن کان اڳ سائينءَ جون جيڪي تخليقون “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان ڪتابي صورت ۾ توهان وٽ پهتيون آهن، انهن ۾ سڀ کان پهرئين “ڀڄي جند ڇڏاءِ” (نواز علي سمون ۽ يار محمد شاهه جون شارٽ اسٽوريون)، ٻيو ڪتاب سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو ٽي وي اسڪرين پلي “قاتل ڪير”، ٽيون ڪتاب “گلڻ جا گفتا” (ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم)، چوٿون ڪتاب “جڙيو جيون جن”، پنجون ڪتاب “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” (عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪالم)، ڇهون ڪتاب “جهونو جوڳي پارٽ 2” (عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪالم)، ستون ڪتاب “جوڳي نمبر 3” (عوامي آواز ۾ ڇپيل ڪالم)، اٺون ڪتاب “پکي پرديسي” (ناول)، نائون ڪتاب “شوبز ۾ ياري شاهه” (عوامي آواز مئگزين ۾ شايع ٿيل شوبز جي تاريخ)، ڏهون ڪتاب “ڪهاڻي سنڌي فلم جي” (عوامي آواز مئگزين ۾ شايع ٿيل سنڌي فلمن جي تاريخ) ۽ هاڻ يارهون ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. ان کان علاوه “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان منهنجا شارٽ اسٽوريز جا ڪتاب “ڀڄي جند ڇڏاءِ”، “سڀاڻي ڇا ٿيندو”، “ٻنهي کي مزو”، “اچ ته خبر پوي” شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنج عدد دعائن جون ڪتابڙيون به سائينءَ جون تحرير ٿيل شايع ٿي چڪيون آهن.
    اهڙي طرح سائينءَ جا سمورا ڪارناما جنهن ۾ ڪنهن جو به چندو شامل نه هوندو آهي، سائين پنهنجي ئي کيسي تي “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” “سنڌ والينٽيئرس ورڪز پروگرام” “سنڌ فلم ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن” يا چيئرمين پاڪستان فلم پروڊيوسرز جي حيثيت ۾ چار سال پنهنجي ئي کيسي تي خدمت ڪندو رهيو آهي، اهڙي طرح جيڪي سماجي خدمتون آهن اهي به ڪنهن کان لڪل نه آهن، جهڙوڪ علائقي کي تعلقي، سب ڊويزن ۽ ضلعو مٽياري کي قائم ڪرائڻ ۽ ان جي فروغ لاءِ اڃان تائين ڪم ڪرڻ، سنڌ جي اصلي اجرڪ کي بچائڻ ۽ ان لاءِ ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ، نقلي اجرڪ جا نقصان سنڌي عوام کي ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ کان علاوه تعليمي جاڳڙتا جي پليٽ فارم “لطيف انٽرنيشنل ايجوڪيشنل” طرفان جدوجهد ڪري 45 علائقي جا بند اسڪول کولرائڻ، ۽ “باغ جنت” جي نالي تعليمي جاڳڙتا جي مهم کي سڄي سنڌ تائين ڦهلائڻ لاءِ ٽيلي فلم ٺاهي ماڻهن ۾ علم جي جاڳرتا لاءِ جدوجهد اڃان تائين جاري آهي، ان کان علاوه سائين هزارين ڪهاڻيون لکيون آهن، فلمي ڪهاڻيون، گانا ۽ ڌنون سون جي تعداد ۾ سائينءَ جي ڪتابن ۽ ڪيسٽن ۾ موجود آهن، اهڙي طرح فلم ۽ ٽي وي ڊراما ٺاهڻ جا سمورا سامان به سائينءَ وٽ موجود آهن، پر وقت ايڏو تيزيءَ سان اڳتي نڪري آيو آهي جو “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جا سڀ ساٿي ٽڙي پکڙجي ويا هليا آهن، باقي رٽائرمنٽ کان پوءِ مشتاق قاضي عرف اڄڪلهه فيس بڪ جو مشهور “البيلو قاضي” ۽ آئون نواز علي سمون سائينءَ جي ماضيءَ جي جاکوڙ ۾ گڏ هئاسين ۽ اڄ تائين سائينءَ سان گڏ آهيون، باقي سيف الدين قاضي ۽ غلام محمد خاصخيلي جيڪي پڻ اسان جي ڊرامن جا ۽ سماجي خدمتن جا ساٿي هئا، اهي هر جمعرات سائينءَ جي طرفان ڇهن سالن کان هلندڙ “دعا” جي گڏجاڻي ۾ ايندا آهن ۽ اتي گڏبا آهيون.
    سائينءَ جا خيال ۽ جذبا اڃان جوان آهن، جڏهن ته اسين سڀ رٽائر ٿي ايترا مصروف ٿي ويا آهيون جو سائينءَ جو عوامي آواز ۾ ڇهن سالن کان ڇپجندڙ هفتيوار ڪالم “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ” پڙهڻ لاءِ به سائين پاڻ زوريءَ سنگت کي پڙهي ٻڌائيندو آهي، باقي دنيا سائينءَ کي پڙهندي به آهي ۽ گهر ويٺي ماڻهو سائينءَ کان دعائون به وٺندا آهن، اسان جي خواهش آهي ته سائينءَ جي قلم جو قيمتي پورهيو جيڪو اڃان تائين منظر عام تي نه آيو آهي، اهي آهن سائينءَ جا سفرناما ۽ سائينءَ جي شاعري، اسان جي ڪوشش آهي ته عنقريب اهي ٻئي ڪتاب به سائينءَ جي تخليقي سرمائي ۾ شامل ڪجن، دعا آهي ته سائين پنهنجي پراڻي خواب “لطيف ايجوڪيشنل چينل” کي هٿ سان شروعات ڪرائي ۽ سڄي سنڌ ۾ تعليم گهر گهر پهچائڻ جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رکندو. مٽياري جي سڀني سرنديءَ وارن سان گڏجي مٽياري ضلعي کي حيدرآباد جي برابر ترقي يافته ضلعو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿئي، اها سندس دعا به آهي ۽ ڪوشش به جنهن ۾ اسين باقي بچيل ساٿي گڏبا آهيون، اميد ته توهان سائينءَ جي هيءَ آب بيتي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا ۽ سائينءَ جا ڇپيل ڪتاب جنهن کي به گهرجن اهو هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪري.

    دعاگو

    نواز علي سمون
    جنرل سيڪريٽري و اطلاعات سيڪريٽري
    شاهه ڪلچرل سوسائٽي


    پنهنجي پاران ٻه اکر

    مون هي ڪتاب پنهنجي پراڻي دوست نثار احمد لنڊ جيڪو پي ٽي وي ۾ 28 سال ڊائريڪٽر نيوز جي نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيو ۽ اچانڪ اسان جي سلام و دعا تازي ٿي، هن منهنجا ڪجهه ڪالم ۽ ڪتاب پڙهي مون کي چيو ته تون پنهنجي مڪمل سوانح حيات لک. مون چيو ته يار اڪثر منهنجن ڪتابن ۽ منهجن انٽرويوز ۾ منهنجي بابت ڪافي تفصيلي ڄاڻ منهنجي ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن تائين پهتل آهي، پوءِ به هن جي دل رکي مون ادي ممتاز کي هٿ ڪري هي سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اندازا چار مهينا هليو ۽ هاڻ اڄ تاريخ 23 اپريل 2018 تي پڄاڻي طرف وڃي رهيا آهيون.
    مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو، جڏهن ته دعائن وغيره جون ڪتابڙيون به پنج کن ڇپائي ۽ ورهائي چڪو آهيان.
    مونکي جڏهن مرحوم ابراهيم جويو صاحب جنهن کي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ٻه اکر لکي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو هوم ته پاڻ فرمايائون ته يار محمد شاهه کي ڪنهن به اهڙي سهاري جي ضرورت نه آهي، ان ڏينهن کان پوءِ مون پنهنجي پاران ٻه اکر لکڻ جي زحمت ڪنهن به نازڪ دوست کي ڏيڻ ئي مناسب نه سمجهيو، بس جيڪي پنهنجا حال احوال آهن اهي پڙهندڙن اڳيان پيش آهن، باقي زندگي ۾ ٻالڪ پڻ مٽياري ۽ حيدرآباد ۾ گذريو، جن ۾ بچپن جي هم ڪلاس دوستن جا نالا ۽ ذڪر به ڪري چڪو آهيان ۽ حيدرآباد ۾ مرحوم ابوبلاول ۽ رشيد خمار، نادر بلوچ منهنجي نابالغ فنڪار کي بلوغت جو رستو ڏيکارڻ وارا ساٿي هئا، جن کي جڏهن آئون فلمساز ٿيس ته پنهنجين فلمن ۾ موقعو ڏنم، اسٽيج ڊراما ڪيم يا ٽي وي ڊراما، انهن کي ضرور چانس ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، باقي ڪراچي جي فني سفر ۾ جيڪي مونکي ساٿي مليا، انهن جو ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، خداوند عالم جي حياتي ۽ همت نصيب ڪئي ته انشاء الله زندگي جي تمام سفرن جو به احوال قلم بند ڪندس، ۽ هڪ آخري ڪتاب ته مون مذهب مان ڇا پرايو...؟؟؟ ضرور پنهنجي پوئين لاءِ رهنمائي دين جو حق به ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، باقي هن وقت ٽي وي چينلن جو لائسنس وٺڻ جو ماهر ٿي چڪو آهيان ۽ اها خبر اٿم ته پاڪستان ۾ ڪوبه ٽي وي چينل جو لائسنس نه جاري ٿئي پيو ۽ نه ڪير وڪڻي سگهي ٿو، ان ڪري گذريل پنجن سالن کان ان چڪر ۾ به گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي آهي جنهن جو حاصل ڪلام اهو آهي ته ٻيو نمبر لائسنس اڄ به ملي سگهي ٿو، پر اسان پاڻ ٻيو نمبر ٿيڻ ئي نٿا پسند ڪريون.
    بس هن حياتيءَ تائين جيڪا تربيت اولاد کي ڏني اٿئون يا ڏيئي رهيا آهيون، ان ۾ الله پاڪ کان دعا آهي ته الله سائين جيڪو رزق حلال نصيب ڪيو اٿئي، اهو اسان جي مرڻ کان پوءِ به اولاد کي به رزق حلال ئي نصيب ڪجان ۽ هي گهر ۽ هي در رسول پاڪ جي صدقي انهن جي آل جي پورهئي جي تبليغ جو گهر آهي ۽ انشاء الله تعاليٰ دين الاهيءَ جي تبليغ ۾ منهنجي خاندان جو هر فرد هميشه پيش پيش هوندو، ۽ پنهنجي پاڙي واري هر غريب امير کي سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو ڏک نه ڏيندا ته سدائين سکيا هوندا.
    آخر ۾ دوستن کي پنهنجي راءِ ۽ تنقيد موڪلڻ جي گذارش آهي جيڪا هن ايڊريس تي ضرور موڪليندا.


    دعاڳو:
    توهانجو سيد يار محمد شاهه
    ڄاموٽ محلو مٽياري ضلع مٽياري.
    فون نمبر: 0222760264 – 03008276688


    هڪڙو اکر...

    پنهنجي نون پراڻن پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهي ته هيءَ پنهنجي آتم ڪٿا لکي مون ڪوبه وڏو تاريخي ڪم نه ڪيو آهي، بلڪه آئون پنهنجي لاءِ هڪ اکر ۾ سڄي زندگي جو فسانو به بيان ڪري سگهان ٿو، پر گذريل 60 سال سنڌ امڙ جو کائي پي، جيڪو پورهيو ڪيم، جيڪو مان مليو اهو هن ڌرتي ماءُ جي امانت آهي، اهو تجربو اهو مشاهدو صرف انهن لاءِ جيڪي مون وانگر جاکوڙ ڪري رهيا آهن.
    هڪ اکر اهو آهي ته نالو اٿم يار محمد شاهه ولد سيد غلام مهدي شاهه ڄاموٽ مٽياري، تعليم ايم اي ايل ايل بي، نوڪريون ڇهه کن ڪيم، وڪالت ٽي سال ڪيم، زمينداري 55 سال ڪيم، سماج سيوڪ اڃان تائين آهيان، ٽي وي ايڪٽر 1974 کان آهيان، هزارين ڊرامن ۾ ڪم ڪيم، سوين ڊراما پي ٽي وي لاءِ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر لاءِ لکيم ۽ ٺاهيم، 1979 کان فلم ساز آهيان، ڇهه کن فلمون جن ۾ سنڌي فلمون “علي گوهر”، “محب شيدي”، “مسٽر شڪارپوري” ٺاهيم، اڙدو فلمن ۾ “مهلت” ۽ پشتو فلم “گرهستي” جو فلمساز ٿيس ۽ سنڌي فلم “چهچٽو” اڌ ۾ ڇڏيم ۽ گذريل ٽي سال اڳ تعليم جي ٽيلي فلم “باغ جنت” ٺاهيم، جيڪا اڃان صرف ٽن ضلعن ۾ ريليز ٿي آهي.
    پاڪستان فلم انڊسٽري جو پهريون سنڌي فلمساز هئڻ جي حيثيت ۾ فلمسازن جي تنظيم جو چار سال چيئرمين رهيس، 1997 ۾ لاهور ۾ نواز شريف جي ايڊوائيز ملڪ احد جي اميدوارن کي شڪست ڏيئي ڪامياب ٿيس، سنڌي فلم انڊسٽري کي بچائڻ لاءِ گهڻئي ڪوشش ڪيم، سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ مهراڻ ٽي وي جو بنيادي ڪم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪئميرا سنڌي چينلن لاءِ (PDF 150) متعارف ڪرايم، جنهن کان پوءِ چينل ڌڙا ڌڙ کلڻ لڳا، 8 ڪتاب لکيم ۽ 11 ڪتاب توهان جي هٿ ۾ آهي، سنڌ جي وڏن ماڻهن پير سائين پاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، جي ايم سيد ۽ شاهه نواز جوڻيجو منهنجا سرپرست ۽ استاد به رهيا، جڏهن ته هندستاني اداڪار دليپ ڪمار سان ملاقات ۽ انٽرويو به ڪيم.
    انڊيا ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري جو وفد به وٺي ويس، ايران سان پاڪستاني فلمن جو مشترڪه سلسلو هلائڻ جي ڪوشش جاري آهي، ڪجهه وقت ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر به رهيس، ڪيترن رسالن ۾ “شوبز ۾ ياري شاهه”، عوامي آواز ۾، “ٽي وي او ٽي وي” سهڻي رسالي ۾، اهڙي طرح قرباني جيلاني جي رسالي “ناٽڪ” ۽ اخبارن برسات، هلال پاڪستان، آفتاب، ڪاوش، عوامي آواز ۾ سياسي ڪالم لکيم ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي چيئرميني لاءِ بيٺس پر مخدوم صاحب ۽ ڀٽي صاحب جي چوڻ تي هٿ کنيم.
    علائقي جي غريب عوام جي هر مسئلي تي ساٿ ڏنم، سوين بيروزگارن کي نوڪريون وٺي ڏنم، ۽ شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ مٽياري ۾ سول ڪورٽ منظور ڪرائڻ، تعلقو، سب ڊويزن ۽ ضلع تائين جاکوڙ ڪرڻ، ۽ گذريل چئن سالن کان اڙدو ٽي وي چينل آڻڻ جي ڪوشش ۽ فلمون ٺاهڻ جون ڪوششون جاري آهن، ۽ عنقريب هڪ بين الاقوامي فلم ٺاهڻ جي انشاء الله تعاليٰ شروعات ڪرڻ وارو آهيان جيڪو عالم انسان و انسانيت جي لاءِ هڪ اهم پيغام هوندو.
    دعا ڪريو ته خداوند عالم مونکي اها سعادت نصيب ڪري ته آئون قرآن ۽ رسول پاڪ جي پروگرام يعني دين الاهي جي روح کي روحن تائين پهچائڻ لاءِ رب کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان. (آمين)


    اڌورا خواب...

    الله پاڪ منهنجي زندگي جون حد کان وڌيڪ خواهشون پوريون ڪيون، پر مهارت ڪنهن به هڪ ڪم ۾ مونکي مڪمل نصيب نه ٿي، يعني اداڪار آهيان پر اداڪارن جي تنظيم وارا مونکي خالي اداڪار نه سمجهندا آهن ۽ نه تقريبن ۾ مدعو ڪندا آهن، اهڙي طرح رائيٽر، ڊائريڪٽر، فلم ساز، سياستڪار ۽ سماج سيوڪ به ٻيو ڪجهه سمجهي نه سڏيندا آهن، مونکي پنهنجي صلاحيتن تي صدارتي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڪلچر ڊپارٽمنٽ ۽ اسلام آباد وارن ٽي چار دفعا منهنجي بائيوگرافي گهرائي، پر ايوارڊ جي جاءِ تي دوستن کي ئي نوازيو ويو.
    مونکي پهرئين فلم “چهچٽو” نه مڪمل ٿيڻ جو به افسوس آهي ته پنهنجي پهرئين مڪمل سيريل “ڪفن پوش” نه ريليز ٿيڻ جو به ارمان آهي، جنهن ۾ منهنجا ٻارنهن لک روپيا ٻڏي ويا، فلم “علي گوهر” ۽ “محب شيدي” مور نه ڪڍي سگهيون، پردي تان ڪاپي ٿي ريليز ٿي ويون، مونکي ارمان آهي ته مون پنهنجو سنڌي ٽي وي چينل “لطيف انٽرنيشنل” جي نالي سان کولڻ چاهيو، نه کولي سگهيس، اهڙي طرح اخبار ڪڍڻ، تقسيم ڪار ادارو ۽ فلم سازيءَ جو ادارو ڪجهه وقت کوليم پر مستقل بنياد تي نه هلائي سگهيس، حالانڪه الله سائينءَ مونکي هر نعمت سان نوازيو آهي، فلم ٺاهڻ ۽ ٽي وي ڊراما ٺاهڻ جو هر سامان مون وٽ موجود آهي، هن وقت ۾ پاڪستان ۾ ٽي وي لائسنس حاصل ڪرڻ ۽ چينل کولڻ ۽ هلائڻ جو تجربو به رکان ٿو، پر ان سلسلي ۾ به ڪابه مستقل مزاجي نصيب نه ٿي، بحرحال ننڍيون ننڍيون خواهشون جيڪي اڻ پوريون رهجي ويون انهن جو ايترو ارمان نه آهي پر ارمان اهو آهي ته آئون “جيڪ آف آل، ماسٽر آف نن” آهيان.
    مون جڏهن “باغ جنت” ٺاهي ڪراچي پريس ڪلب ۾ صوبائي وزير نثار کهوڙو هٿان افتتاح ڪرايو ته هن ۽ سڀني صحافين اهو چيو ته ان فلم جي نمائش سڄي سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٿيڻ گهرجي، مون صرف ٽن ضلعن ۾ سي به ڊي سي فياض عباسيءَ جي تعاون سان شو پيش ڪري سگهيس، جڏهن ته تعليمي جاڳڙتا لاءِ اها فلم سڄي سنڌ ۾ ريليز ڪرڻ جي حسرت آهي.
    اهڙي طرح اجرڪ جي ڊاڪيوميٽري “اصلي اجرڪ نقلي اجرڪ” محترمه سسئي پليجو جي چوڻ تي ٺاهيم، ادي منظور ڪناسري جڏهن هو ڊي جي ڪلچر هو ته هن شرميلا فاروقي کي اها ڊاڪومينٽري ڏيکاري ٻڌايو ته هيءَ اسان جي اداري جي چوڻ طرفان شاهه صاحب ٺاهي آهي، ان لاءِ اجازت ڏيو ته کائنس خريد ڪريون، پر هن ويچاري وراڻيو ته اها قبول نه آهي، اسين پاڻ ٺاهينداسون. ان کان پوءِ وري سائين سردار علي شاهه صوبائي وزير ثقافت کي اجرڪ ڪلبن ۾ رکڻ ۽ ميڊيا تي هلائڻ لاءِ مفت ڏنم، منهنجو مقصد اهو آهي ته اصلي ۽ نقلي اجرڪ جي ذريعي سنڌي عوام کي ڄاڻ ڏيان ته اصلي سنڌي اجرڪ ڪيئن ٿي ٺهي ۽ نقلي اجرڪ ڪيئن ٿي ٺهي، مقصد اهو هو ته سڄي سنڌ ۾ هن وقت مهاجرن جي ٺاهيل اجرڪ تي ئي اسان ثقافتي ڏهاڙا ملهايون ٿا ۽ انهن جي ئي ڪاروبار کي فروغ ڏيون ٿا، پر سائين کي اها ڊاڪيومينٽري مفت ۾ ڏيندي چيم ته سائين هيءَ ڊاڪيومينٽري توهان ثقافت جي لائبريري ۾ ان لاءِ رکو ۽ ڏيکاريو ته جيئن ايندڙ دور جي سنڌين ۽ تاريخ دانن کي خبر پئي ته اسانجي اصلي اجرڪ ڪهڙي هئي...؟؟؟، ڪيئن ٺهندي هئي...؟؟؟، ۽ ڪيئن مهاجر ان جي جاءِ تي هڪ نقلي اجرڪ تيزاب ۽ طوطئي زهر جهڙن مصالن مان ٺاهي نسلن کي سلو پوائزن به ڪيو ۽ اصلي سنڌي اجرڪ به ڪيئن گم ٿي ويئي...؟؟؟ پر سائينءَ وٽ پنجن ئي سالن ۾ اها ڊاڪيومينٽري ڏسي مونکي موٽ ڏيڻ جو وقت به ميسر نه ٿي سگهيو.
    اهڙي طرح جيڪي خواب اڌورا رهجي ويا انهن ۾ ايران ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري کي پاڻ ۾ گڏ ڪرڻ جا 20 سال ڪوشش ڪيم، پر اسان جا اداره ان ملاپ کي منظور نه ڪندا رهيا، پر ڪوشش اڃان به جاري آهي.
    مٽياري کي چو طرف قبرستان گهيريو ويٺا آهن، ترقيءَ جي گنجائش گهٽ هئي، ان ڪري “نيو مٽياري ٽائون” جو خواب ڏسي به ڪوشش ڪيم، مقامي سرمائيندارن کي به آماده ڪيم، پر جيئن ته حيدرآباد 14 ميلن جي فاصلي تي آهي، ۽ اسان جي سڀني سکين ستابن نوڪرين ۽ تعليم جي بهاني مٽياري کي ويران ڪري، وڃي شهر وسايا ۽ اندرون ٻهراڙيءَ جا ماڻهو جن جو مٽياري سان ڪوبه جذباتي لڳاءُ نه آهي، تن اچي مٽياري جي داخل ٿيندڙ رستن تي دڪان سجايا ۽ شهر اندران ويران ٿي ويو آهي، پر ڪوبه وڏو ماڻهو جيڪو مٽيارين جي نالي ۾ سياست ڪري رهيو آهي، ان نازڪ ۽ اهم اشو ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، اها به حسرت اٿم ته شفقت علي شاهه ڄاموٽ تازو مٽياري ۾ وڏي اسپتال قائم ڪئي آهي، من ان کي اسٽاف لاءِ ڪالوني ٺهرائڻ جو خيال اچي، اهڙي طرح اڄڪلهه شهر ۾ مهانگا اسڪول به کلي رهيا آهن، هزارين ٻار به پڙهن ٿا، من ڪو گڏجي نيو سٽي جو رجحان پيدا ٿئي، ڇو ته هاڻ مٽياري ضلعو آهي ۽ ضلعي جا ڪي به لوازمات هت موجود نه آهن، بلڪه شهر اڃان ٽائون لائق به نه آهي، ته به قدرت هن کي ضلعو بنائي ڇڏيو. حسرت آهي ته هن کي به سنڌ جو خوبصورت ضلعو بنائجي. خدا ڪري ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڀني ساڄاهه وندن کي ڪا سمجهه اچي ۽ ايندڙ نسل بچائڻ لاءِ هاڻ شهر مهاجرن سڌاري ڇڏيا ۽ ڦري ڇڏيا، اهي لڏي ويل واپس اچي پنهنجا اباڻا ڪک آباد ڪن ته تاريخ ۾ سندن نالا سنهري لفظن ۾ لکجي سگهجن ٿا.


    پيش پريان : يار محمد شاهه منهنجي نظر ۾...

    (عبدالمنان ميمڻ کان خبرون ٻڌندا)

    (عبدالمنان ميمڻ، حنان ميمڻ، سلام ميمڻ، غفران ميمڻ ۽ سبحان ميمڻ اهي نالا ڪاليج تائين گڏ هئا، ۽ قربت ساڻن هڪ فيملي ميمبر جهڙي هئي، پر واٽون ويهه ٿيون، ڪو ڪيڏانهن ويو، ڪو ڪيڏانهن ويو، پر سڄي دنيا ڪافي سالن تائين اسلام آباد مان، سنڌيءَ مان ريڊيو تي اهو آواز ضرور ٻڌو هوندو ته عبدالمنان ميمڻ کان سنڌيءَ ۾ خبرون ٻڌندا، جيڪي هن وقت هن منهنجي باري ۾ ڪيون آهن، سي هيٺ پڙهندا، پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عبدالمنان ميمڻ مون کان عمر ۾ وڏو آهي، ان ڪري منجهانس وڏي ڀاءُ جي شفقت جو آساس ايندو آهي، پاڻ جڏهن کان منهنجن لکيڻن تي خوبصورت راءِ، تعريف ۽ تنقيد ڪندو هو ته سچ پڇو ته هن مونکي سندس راءِ پڙهڻ جو موالي ڪري ڇڏيو، ۽ اهو نشو اڃان تائين پرائيندو اچي، الله ڪري ته اهڙا پر پيالا پيارڻ وارا پرين هميشه گهوٽيو ويٺا هجن ۽ اچي اچي سر سيد جو بچي، هڪڙي پوک ته ٻي پچي، اهڙا آواز قبر تائين ڪنن تي پوندا رهن، خدا منان کي سلامت رکي جو سندس خوبصورت انداز جي همت افزائي جي ٻن ٻولن جو مونکي سڄو هفتو شدت سان انتظار رهندو آهي، خدا سندس صحت سلامت رکي ۽ اسان تي سندن دست شفقت هميشه قائم رهي. پاران: سيد يار محمد شاهه)...
    سائين يار محمد شاه سان منھنجي پھرين ملاقات 1965 ۾ حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ ٿي ھئي. جتي ھو منھنجي ننڍي ڀاءُ حنان ميمڻ سان گڏ پڙھندو ھو، يا شايد ھڪ ٻه ڪلاس ھيٺ ھجي. حنان ان سال ڪاليج جي شاگرد يونين لاء نائب صدر جي عھدي جي چونڊ ۾ بيٺو ھو، ۽ آئون سندس ورڪ لاء آچر ۽ ٻين موڪلن وارن ڏينھن کانسواء لڳ ڀڳ روزانو ڪاليج ۾ ويندو ھوس. آئون ورڪ جي ڪارڊن جو ٿيلهو کڻي، جيڪو نئون ماڻھو ڏسان تنھنکي ووٽ لاء راضي ڪرڻ خاطر وٽس ھليو وڃان.
    ھڪ ڏينھن چار پنج ماڻھو گڏ ڏسي اڳتي وڌي وڃي مليوسان. تعارف ڪرائڻ مھل ٻڌايائون ته مٽيارين جا سيد آھيون، منجھن شھاب الدين شاه حسيني جيڪو پوء قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏوگڏ غوث علي شاه جي وڏ وزارت ۾ صوبائي وزير جي حيثيت سان زراعت بابت سندس صلاحڪار ٿيو، ٻيو غلام علي شاهه پاشا جيڪو وفاقي سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو ۽ وڏو عرصو سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٿي رھيو، ٽيو ذوالفقار شاهه جيڪو
    ايڊيشنل آء جي رھيو، چوٿون مرحوم امداد شاهه “باقر پوٽه” جيڪو روڊ حادثي ۾ گذاري ويو (مثيارين جوئي ھڪ ٻيو امداد شاه ڄاموٽ جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ھو سو به روڊ حادثي ۾ گذاري ويو ھو) ۽ ھڪ وڏي گھير واري تاڪئي کن جي شلوار ۽ بوسڪيءَ جي قميص پاتل سائين يار محمد شاه ڄاموٽ شامل هئا. مون ساڻن ملاقات جو مقصد بيان ڪيو ته يارمحمد شاه ڏاڍي فضيلت ڀريئي انداز ۾ چيو ته "سائين اميدوار توھان آھيو...؟؟؟" مون سمجھيو ته ڪارڊ تي تصوير ڏسي ڀليو آھي، جو اسان ٻنھي ڀائرن جي شڪل ۾ تمام گھڻي ھڪجھڙائي هئي (اڃا به گھڻا ماڻھو ڀلبا آھن)، پر جڏھن حنان کي ملائڻ لاء وٺي آيس ته يار محمد شاه ساڻس زوردار ڀاڪر پائي مليو. حقيقت ۾ ھو اڳ ئي ھڪٻئي جا واقف ھئا جو حنان به شيعو آھي ۽ عاشوري دوران مجلسن ۾ سندن ڪافي ملاقاتون ٿيل ھيون.
    ان کانپوء مٿي ذڪر ڪيل سڀ سيد 1965 واري جنگ سبب ٿيندڙ بليڪ آئوٽ باوجود منجھائن واري واري سان ڪڏھن ھڪ جي ته ڪڏھن ٻئي جي، پر ھڪ ئي گاڏيءَ ۾ روزانو سندس ورڪ تي اچڻ لڳا ۽ نيٺ کٽرايائونس، جو سچل ڪاليج ۾ پڙھندڙ مٽياري ۽ ھالا جي شاگردن کانسواء حيدرآباد شھر ۽ ٻين پسگردائيءَ وارن علائقن جي تمام گھڻن ڇوڪرن تي به سندن سٺو اثر رسوخ ھو، جن جا ووٽ حنان کي ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هيائون.
    ان کانپوء آئون ٽنڊي ڄام ۾ ايم ايس سي زراعت جي پڙھائيءَ، ۽ بعد ۾ سرڪاري نوڪريءَ سبب پھرين اسلام آباد ۽ پوء ڪراچيءَ ۾ مصروف ٿي ويس، ان دوران يار محمد شاهه کي فلمون ٺاھڻ ۽ ٽيليويزن ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو، پاڻ ڪيترن ئي سنڌي ۽ اڙدو فلمن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائون. ڪن فلمن جا فلمساز، ھدايتڪار، ڪھاڻيڪار، مڪالمه نگار، نغمه نگار ۽ ڌنون ترتيب ڏيڻ ۾ موسيقارن جي رهنمائي ڪندڙ به رھيا. ڪافي عرصي تائين فلم پروڊيوسرس ايسوسي ايشن جا چيئرمين به رھيا، ۽ ان حيثيت ۾ پاڪستاني وفد جي مھندار طور مختلف ملڪن جا دورا ڪري اتي جي فلمي دنيا جي نامور شخصيتن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون. اھڙي ئي ھڪ شخصيت فلمي دنيا جي بي تاج نه پر تاجدار بادشاه دليپ ڪمار جي به هئي (تاجدار ان ڪري جو دليپ ڪمار ڪيترائي ايواڊ حاصل ڪيا، جيڪي وٺڻ مھل کيس شاندار تاج پڻ پارايا ويا ھيا، جن مان ڪن تي سون ۽ قيمتي ھيرن جي جڙات به ٿيل هئي)، دليپ نه رڳو شاهه صاحب جي اخلاق ۽ گفتگو جي انداز کان متاثر ٿيو، پر فلميات بابت سندس زبردست ڄاڻ تي به حيرت سان گڏ خوشيءَ جو اظھار به ڪيو هئائين، ۽ شاه صاحب جي دعوت تي پاڪستان اچڻ جي حامي به ڀري هئائين. ساڳي طرح روس ۾ به سندس شاندار پذيرائي ٿي ھئي.
    ھڪ ڏينھن ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال جي ھڪ ڪلينڪ ۾ پنھـجي واري جو انتظارڪري رھيو هوس ته ڀر واري ھمراه کان عوامي آواز جي پراڻي اخبار جي آچر واري ميگزين وٺي، پنا اٿلائڻ لڳس (پراڻي ان ڪري چيم جو آچر تي ڪلينڪ بند ھونديون آھن)، اوچتو يار محمد شاه جي مضمون تي نظر پئي ته مون سوچيو ته ھن اداڪار ۽ وڏي گھير واري سٿڻ پائيندڙ وڏيري جي مضمون جو معيار ڪھڙو ھوندو...؟؟؟، ان وقت تائين سندس مٿي ذڪر ڪيل خوبين ۽ ڪارنامن جي سڌ ڪانه ھيم، سو ٻين مشھور ليکڪن جا مضمون ۽ ڪي تبصرا پڙھندو رھيس، پر ڊاڪٽر ھڪ ته آيو دير سان، ٻيو مريضن جي گھڻائيءَ سبب منھنجي واري ۾ اڃا گھڻي دير ھئي، تنھنڪري ويٺس يار محمد شاه جو ڪالم پڙھڻ. ان وچ ۾ اخبار واري ھمراهه جو وارو اچي چڪو ھو، جيڪو ميگزن مونکان وٺڻ کانسواء ئي ھليو ويو، ھونئن به اخبار پراڻي هئي، يا شايد پڙھي چڪو ھوندو، يا مرڳوئي اخبار متان ٽئين ماڻھوءَ جي ھجي.
    ھاڻي شاه صاحب جو ڪالم پڙھڻ شروع ڪيم. مونکي ويسر جو مرض گھڻو آھي، تنھنڪري اخبار کي بابي جي ملڪيت سمجھي، مضمون جي اھم نقطن تي کيسي مان پين ڪڍي نشان ڪندو ويس، ته جيئن شاهه صاحب کي انھن بابت پنھنجي راءِ کان آگاه ڪري سگھان. گھر وڃي پھريون ڪم اھو ڪيم ته اخبار جي گھورڙئي کي فون ڪري چيم ته ايندڙ آچر کان ھر ھفتي عوامي آواز پھچاءِ. ايستائين ته سڀ ٺيڪ پر ھڪڙو آئون ميسيج ٽائيپ ڪرڻ ۾ صفا جڏو، ٻيو مضمون ۾ نشان تمام گھڻا هئا، جو ھر نقطو نھايت ئي اھم ھو، جن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي ھئي، تنھنڪري ٽائيپ جو ڪم وڌڻ سبب ڏکيو لڳم.
    نيٺ ڪجھ ٻارن جي مدد سان ۽ ڪجھ شاهه صاحب جو موبائل فون ھٿ ڪرڻ ۾ لڳل ھفتي کن جي وٿيءَ سبب، پنھنجي مدد پاڻ جي اصول تي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيم ۽ پنھنجي راءِ ڊرافٽ جي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيم، جيڪا نمبر ملڻ شرط ان تي موڪلي ڏنم. ان مھل رات جا يارھن کن ٿيا هئا. آئون ميسيج موڪلي، دوائونن کائي سمھي رھيس، مون ڀانيو ته شاهه صاحب به مضمون کان وڏي ۽ بيڪار تبصري کي واندڪائيءَ ۾ پڙھندو، ۽ مون وانگر ٽي چار ڏينھن ته لڳائيندو، پر تڏھن منھنجي حيرت جي حد نه رھي، جڏھن صبح جو اٿڻ سان ئي سائينءَ جو جواب ڏٺم، جيڪو ھن رات جو ئي موڪلي ڇڏيو ھو. منھنجو خيال ھو ته منھنجي ڪچي ڦڪي لکڻيءَ تي چڱو خاصو دٻنامو آيو ھوندو، پر ھتي ٻاجھاري ٻوليءَ ۾ خوشيءَ جو اظھار ٿيل ھو، پر ترسو... اھا خوشي ٿوري ئي دير ۾ ڪافور ٿي ويئي جو سائين نيٺ به ته وڏيرو آھي...! لکيائين ته “سائين السلام عليڪم... توھان تمام سٺو ۽ صحيح تجزيو ڪيو آھي، جيڪو آڪسيجن وانگر مون لاء اتساه جو باعث آھي”. ايستائين ته سڀ سٺو لڳو، پر جڏھن آخر ۾ لکيائين ته “ڇا آئون پڇي سگھان ٿو ته ھي ڪھڙي مھربان لکيو آھي...؟؟؟” تڏھن وڻ وڄي ويم، حقيقت ۾ غلطي منھنجي هئي جو پھريون ڀيرو ڪو تبصرو ڪرڻ جي شوق ۾ ھيڏي وڏي شخصيت سان مخاطب ٿيڻ مھل ذھن تي ڇانيل رعب ۽ پراڻي مھربان سان ايتري گھڻي وقت کانپوءِ، بحال ٿيل رابطي جي خوشيءَ منھنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون، جنھنڪري پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو نالو لکڻ وسري ويو ھيم. سندس جواب پڙھي يڪدم فون ڪيومانس، جنھـجو جواب ڪونه آيو، پر ڪجھ گھڙين کانپوءِ پاڻ خرچ ڪري فون تي ڪافي دير ڳالھايائون. اھو ئي شفيق لھجو جنھن ۾ فون اٽينڊ نه ڪرڻ تي معذرتون ۽ وضاحتون، ته وھنجڻ ويو هوس، تنھنڪري فون کڻي نه سگھيس. ٻي وڏي ڳالھ ته ھيتري ساري وقت کانپوء رابطو ٿيڻ باوجود به ڳالھيون ھلندي منھنجو آواز به سڃاڻي ورتائون، جنھنجي مون جڏھن تعريف ڪئي ته وراڻيائون ته “سائين، ڪمال آھي...! توھين به ڪي وسارڻ جھڙا آھيو...؟؟؟” پوء ته آئون ھر ھفتي سندن شاندار ڪالمن تي پنھنجي ناقص راءِ موڪليندو رھيس ۽ وٽائن سدائين همٿائيندڙ جواب ايندا رھيا.
    نيٺ ڪالمن جو اھو سلسلو مڪمل ٿيو ته ھڪ شاندار سياسي ناول قسطوار شايع ڪرايائون، جنھن ۾ پڙھندڙن جي دلچسپي برقرار رکندي، وڏيرڪي ذھنيت جو چٽو نقشو پيش ڪيائون، ان ۾ کين ان ڳالھ وڏي مدد ڏني جو پاڻ وڏيرو ھوندي کيس انھن جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڀليءَ ڀت پروڙ هئي پر روشن خيال هئڻ ناتي اھڙن منفي روين جي چڱي کل لاٿائون. سندن مطالعي ۽ ڳوڙھي مشاھدي جي قوت به سندن مددگار ٿي. ناول ۾ ھڪ ھندستاني ڇوڪريءَ کي اڏيري لال جي ياترا ڪرڻ ۽ پنھنجي جنم ڀومي ڏسڻ لاء ان جي ڳولا ۾ ايندڙ ڏکيائين جھڙوڪ انٽيليجينس وارن جو پيڇو، ۽ اوباش نوجوانن طرفان اغوا جي ڪوشش ۾ ليکڪ سندس فيس بوڪ واري شناسا ۽ پوء پاڪستان اچڻ تي سندس سفر جي ساٿيءَ جي ڪردار سان کيس بچائڻ لاء ڪيل مدد کي، اھڙي نموني پيش ڪيو آھي، جھڙو توھان علامتي ڪردارن وارو ناول نه پيا پڙھو، پر حقيقي واقعو پيا ڏسو.
    ناول تي ليکڪ جي شروع کان ئي مضبوط جڪڙ رھي آھي، وچم نون ڪردارن جو شامل ٿيڻ ۽ اڻھن جو منظر مان غائب ٿيڻ به نھايت ئي منطقي آھي، ۽ پڄاڻي به اھڙي شاندار جو لڳي ٿو ته ڪٿي به ڪو جھول ڪونھي. ناول زبردست لکيو ويو آھي.
    ان وچم سائينءَ مونکي پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جو ڪتاب ۽ ٻيا به سندس ڇپيل ڪافي ڪتاب، تڪليف ڪري، خاص ماڻھوءَ ھٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي باوجود ان جي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ پيش نه ڪيو ويو آھي معلوماتي ۽ دلچسپ هئڻ سان گڏوگڏ سائينءَ جي جرعت ۽ عقلمنديءَ جو داستان به آھن. مون ڪيترن ئي نقادن سان به ان ڪتابن بابت ڳالھايو، جن سڀني جي راءِ ھڪ ئي ھئي ته ڪتاب ۾ نه فني نقص آھي، ۽ نه ئي وري ڪا اجائي ڊاڙ، اھو ان ڪري ٿا چئون جو اسين کيس ذاتي طرح سڃاڻون ٿا، ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ به بلڪل ائين ئي آھي. ان کانسواء ڪافي سالن کان يار محمد شاه جو ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن تي تبصرو به شايع ٿيندو اچي، جيڪو ھر خميس تي عوامي آواز جي ايڊيٽوريل صفحي تي “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” جي عنوان سان باقاعدگيءَ سان ڇپبو آھي، ان ۾ سڄي ھفتي جي اھم واقعن تي سندس بي لاگ تبصرو پڙھڻ وٽان ھوندو آھي، نه رڳو گذريل واقعن تي سندس جائزو متاثر ڪندڙ ھوندو آھي، پر وقت جي نبض تي اھڙو ھٿ اٿس، جو سندس اڳڪٿيون به گھڻي ڀاڱي سچيون ثابت ٿينديون آھن.
    پاڻ ايران، عراق، سعودي عرب ۽ ڪن ٻين ملڪن ڏانھن زيارتـن، مقدس فرض ادائگين ۽ گھمڻ وغيره لاء ويندا رهندا آھن، ته سندن ڪالم نه ڇپجڻ جي صورت ۾ آئون فون ڪري چوندو آھيانس ته موالي پيو ڳالھايان. جڏھن چوندو ته “اڻ پيتي جا نشا ٿيا اٿئي ڇا...؟؟؟”، ته منھنجو جواب ھوندو ته “جي نشو ٿئي ھا ته فون ئي ڇو ڪريان ھا، ٻاڙ لڳي اٿم جو توھان پنھنجن ڪالمن جو موالي ڪري ڇڏيو آھي.” تڏھن چوندو ته ملڪ کان ٻاھر آھيان، فلاڻي تاريخ تي ورندس ۽ ڪالم وري شروع ڪبو، ۽ گذريل ھفتن جي يڪي ڪسر ڪڍبي، پوءِ واقعي ايندڙ ڪالم ٻين کان اڳرو ھوندو.
    ڪڏھن ڪڏهن سوچيندو آھيان ته ايڪسائيز وارا يا ڪا ٻي ايجنسي ٻڌي نه وڃيس، جو مون جھڙا الائي ڪيترا موالي ٺاھيا هوندائين، 50 کن ته آئون به سڃاڻان.
    دعا آھي ته سندن قلم کي اڃان وڌيڪ زور نصيب ٿئي ته جيئن سندن پڙھندڙ شاهه صاحب جي لکڻين مان فيض پرائيندا ئي رھن.

    منان ميمڻ
    ڪراچي 6 مئي 2018ع


    روحاني سفر, تحرير: سيد يار محمد شاهه

    منهنجو والد صاحب موسي محلا جي موسيٰ مسجد ۾، فجر نماز تي اسان ٻنهي ڀائرن کي پنج يا ڇهه سالن جي عمر ۾، زبردستي نماز پڙهڻ لاءِ وٺي هلندو هو، وضو ڪرائي پاڻ نماز پڙهڻ شروع ڪندو هو، ۽ اسانکي به سندس نقل ڪرڻ جو چوندو هو، جڏهن ته اسان سندس ٿورو ساٿ ڏئي، وري سجدي ۾ ئي سمهي رهندا هئاسين، پاڻ سڀ نفل نمازون پڙهي واندو ٿيندو هو، ته نلڪو هلائي مسجد جي ٽينڪيءَ ۾ نمازين لاءِ پاڻي ڀري، ان کانپوءِ گهر هلڻ لڳندو هو، ته پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي، اسانکي جاڳائي گهر وٺي هلندو هو. ان وقت اسانجو والد اهل سنت سان تعلق رکندو هو، پر محرم جي عزاداريءَ ۾ سمورا موسا سادات جيڪي اڄ به ڄاموٽن جي نالن سان مشهور آهن، محرم مهيني ۾ پڙ تي 10 ڏينهن تڏي تي ويهي، کير ۽ گوشت کائڻ ڇڏي ڏيندا هئا، سندن نوڪر جن ۾ خيرو جمعدار ۽ سندس ڀائر پڙ تي نغارا وڄائيندا، ۽ ربايون پڙهندا، ۽ مڱڻهار شهنائين تي جڏهن حسيني ڀيروي وڄائيندا هئا، ته اسان ٻار به پيا روئيندا هئاسين، ان کان پوءِ والد صاحب جڏهن اهل شيعت وارن وڏن عالمن جون مجلسون ٻڌي شيعو ٿيو، ۽ اسانکي سخي هاشم شاهه جي درگاهه تي اسان شيعن لاءِ مخصوص ٿيل مسجد ۾، جمعي رات لالٽين جي روشنيءَ تي نمازون پڙهائيندو هو، اسان ات به جلدي سمهي پوندا هئاسين، محرم ۾ وڃندڙ نغارن ۽ شهنائين ۾ اهڙو سرور هوندو هو جو آئون بنا سمجهڻ جي به دل سان روئيندو هوس.
    دين ڌرم ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، مائٽ مارون ڪڍي نمازون پڙهائيندا هئا، محرم ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ نياز لنگر روز ٿيندا هئا، بابا سائين حيدرآباد ۾ مولا جي قدمن تي زوار ميون خان، عبدالله فقير، مولوي ثمر حسين، سائين عبد علي شاهه، جهانيان پوٽن ساداتن ۽ ٽنڊي آغا جي مرزائن خاص ڪري مرزا سڪندر بيگ ۽ ٻين سان مولا علي جي قدم گاهه تي گڏجي عزاداري ڪندا هئا، گنج بخش شاهه جو پڙ جيڪو 200 سالن کان بابا جي ناناڙن جو پڙ آهي، ات جيڪا به عزاداري ٿيندي، يا شهر ۾ جيڪي به مجلسون ٿينديون هيون، بابا هر هنڌ وٺي ويندو هو، علامه رشيد ترابي کي روبرو ٻڌوسين، ۽ علامه اظهر حسين زيديءَ کي ٻڌندا هئاسين، ان کان پوءِ علامه عبدالحڪيم بوترابي جڏهن پڙهندو هو، ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ويجهو حبيب هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو، ته اڪثر بابا جي طرفان ماني يا فروٽ وغيره کڻي آئون ڏيڻ ويندو هوس، ان کان پوءِ اسان وٽ مٽياري واري بنگلي ۾ مولوي عبدالڪريم جروار، منظور ڪهاڙو ۽ ٻيا به اچي مهينن جا مهينا رهندا هئا، ۽ بابا به ڪتاب کڻيو انهن سان ويٺو بحث ڪندو هو، باقر پوٽن ساداتن جڏهن مسجد زين العابدين قائم ڪئي، بابا ان ۾ ڀرپور حصو ورتو، ۽ هڪ پلاٽ مدرسي لاءِ وٺي ڏنائين، اڄ ماشاء الله ات وڏو مدرسو آهي، جتي عالم تيار ٿي وري قم ايران ۾ اعليٰ سندون حاصل ڪرڻ ويندا آهن.
    اسان اڄ جمعي نماز پنهنجن پوٽن ۽ پٽن کي وٺي اتي پڙهڻ ويندا آهيون، بابا ضلعي مٽياري ۾ ۽ سموري سنڌ ۾ جنهن کي علم لاءِ ڪاٺي کپندي هئي، اها وٺي ڏيندا هئا، امام بارگاهون قائم ڪرائيندو هو، انهن پڙن تي محرم ۾ گهوڙا سينگاڙڻ لاءِ وٺي ڏيندو هو، مولوي ۽ نوحه خوان به وٺي ڏيندو هو، ان کان علاوه حيدرآباد ۾ گنج بخش شاهه جو پڙ جي عزاداريءَ وارو سلسلو، ۽ مٽياري ۾ محرم جي ڏهه ڏينهن کان علاوه منهنجا پٽ بابا مهدي شاهه جي بنگلي تي سڄو سال آل رسول جي شهادتن جون مجلسون ۽ جشن ملهائيندا رهن ٿا ۽ ان کان علاوه ڪراچيءَ واري بنگلي تي پهرئين محرم جي رات ۽ مٽياري واري ۾ پهرئين کان ڏهين تائين عشرو، پنجين تاريخ ٽنڊو آدم واري ٻنيءَ تي ۽ درگاهه ڀٽ شاهه تي نياز ننگر ڪرڻ ۽ 13 محرم تي سنجهوري واري زمين تي امامن جو ٽيجهو ڪرڻ، ٽنڊو آدم واري زمين تي هر مهيني پهرئين سومار تي درود پاڪ، معصوم ٻارڙن سان گڏجي پڙهڻ ۽ آخر ۾ سوره فاتحه يعني الحمد شريف جي هڪ هڪ آيت ٻارڙن سان گڏ ترجمي سميت ٽي ٽي دفعا پڙهي، دعا گهرڻ کان پوءِ 520 ٻارن کي خرچي ڏيڻ، ۽ خيرات جي ماني کارائڻ، اهڙي طرح سنجهوري واري ٻنيءَ تي هر مهيني جي پنجين تاريخ پنجتن جو نياز، هارين جي معصوم ٻارڙن کي کارائڻ ۽ هڪ ذاڪر جي معرفت ٻارن کي پنجتن پاڪ جو تعارف سمجهائڻ ۽ نياز کارائڻ، اهڙي طرح گذريل ٻارنهن سالن کان مٽياري واري بنگلي تي هر جمعرات دعائي ڪميل پڙهائڻ ۽ نياز وغيره تقسيم ڪرائڻ، اهڙي طرح جمعرات جو درگاهه سخي هاشم شاهه تي به نياز امام حسين جو اهتمام ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
    منهنجي هن اندر جي تبديلي مولا مونکي ايران ۾ روضه امام رضا تان روحاني دنيا جي زندگي جي شروعات 1982-83 تي ڪئي، جڏهن مونکي مولا رضا جي واقفيت ات وئي کانپوءِ ٿي، ان کان اڳ غير ملڪي سفر 1977ع ۾ افغانستان ۾ جشن ڪابل ڏسڻ هر سال 20 ڏينهن لاءِ باءِ روڊ پشاور کان ويندا هئاسين، جن ۾ آئون نعيم شاهه ۽ حسين رضا شاهه منهنجو ماسات ۽ ان وقت جو پيارو دوست، جنهن مون سان گڏ زمين جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ هٿيار به ڏنا ۽ دشمن کي هڪل ڪري، للڪاريم ته هن دشمن مون تي دونالي بندوق سڌي ڪئي ۽ مون وٽ هٿ ۾ رائيفل به حسين رضا جي هئي، چيلهه ۾ ٻڌل پستول به سندس هو، ان وقت به منهنجي هڪ پاسي ماما لالو ۽ ٻئي پاسي حسين رضا شاهه هو، ۽ اڪثر ڪوهه مري لاهور ويڪيشن ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته به هو گڏ هوندو هو. ايران 1983ع ۾ ڀاءُ سان گڏ وڃڻ ٿيو، امام رضا جنهن کي اسان سڀ امام ضامن چوندا آهيون، ۽ مشڪلاتن ۾ ڊگهي سفر تي، يا شادي رات گهوٽ ڪنوار، ۽ الڪيشن ۾ بيهڻ وارو اميدوار به امام ضامن ٻانهه ۾ ٻڌندا آهن، بي نظير صاحبه جڏهن جلاوطني کانپوءِ ڪراچي پهتي ته کيس امام ضامن ٻڌل هو، ڪارساز وٽ هيڏو وڏو ڌماڪو ٿيو، سوين جيالا ۽ گس ويندا ماڻهو مارجي ويا، پر بينظير صاحبه محفوظ رهي، ۽ لياقت باغ واري حملي دوران کيس امام ضامن ٻڌل ڪونه هو.
    1983ع ۾ امام علي رضا جي روضي وٽ سوني سبيل ۽ حاجت پوري ٿيڻ واري “دري حاجت” آهي، جت انهن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جا اهي مريض جن کي ڊاڪٽر لاعلاج قرار ڏئي ڇڏيندا هئا، اهي گلي ۾ ۽ ٻانهه ۾ پلاسٽڪ جي ڏوري پائي، پاڻ کي ان دري سان ٻڌي ڇڏيندا هئا، ۽ جنهن جي نصيب ۾ شفا لکيل هوندي هئي، ان لاءِ آسمان مان نور جي لهر ايندي هئي ۽ سوين ٻڌل پلاسٽڪ جي رسين مان صرف ان مريض جي ڏوري ٽٽي پوندي هئي ۽ لاعلاج مريض فورن چاڪ تندرست ٿي اٿي بيهندو، ۽ اهو معجزو ڏسي ٻيا بيمار ان جي جسم کي هٿ لاهڻ خاطر مٿس حملي آور ٿيندا، ۽ حرم ۾ ڪم ڪندڙ ان کي بچائي اندر وٺي ويندا، ۽ غسل ڪرائي، نوان ڪپڙا پارائي، لاٿل ڪپڙن جون ليڙو ليڙو ڪري اهي بيمارن ۾ تقسيم ڪندا، جيڪي تبرڪن پنهنجي جسم کي لڳائيندا ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويندا.
    مون روز معجزن بابت ٻڌو پي، ته ات زمين تي پيل لاعلاج مريضن ۾ هڪ پوڙهي عورت لاش مثل هئي، جنهن کي ڀر ۾ ويٺل مريض چمچي سان پاڻي وات ۾ وجهندا هئا، ته اهو به ويچاري جي وات مان نڪري ايندو هو. هڪ ڏينهن هڪ معذور ٻار تي معجزو آيو ۽ هو معذوري مان اٿي چاڪ ٿي بيٺو، مونکي ٻڌايو ويو، مون پنهنجين اکين سان ڪونه ڏٺو، بلڪه ان لاش جهڙي عورت کي ڏسندي دل ۾ چيم ته هي ويچارا عقيدي جا ماريل آهن، هيءَ لاش جهڙي پوڙهي چاڪ ٿي پئي، ته پوءِ آئون به مڃيان، بس ان وقت آئون سوني سبيل جو پاڻي پي سامهون پٽ تي ويهي رهيس، ان وقت هڪ ٻار مونکي زيارتن جي ڪتابڙي ڏيئي هليو ويو، آئون اهي زيارتون پڙهڻ لڳس، ۽ بار بار منهنجي ان پوڙهي عورت ڏانهن اک کڄي ٿي ويئي، اوستائين مون دل ۾ به اهو پي سوچيو ته هي سڀ شيعه فرقي وارن جا ٺاهيل عقيده يا وهم آهن، اچانڪ منهنجي نگاهه آسمان ڏانهن کڄي ويئي، مون ڏٺو ته هڪ نور جي لاٽ تيزيءَ سان عوام ڏانهن وڌي، خبر نه آهي ته اها پلاسٽڪ جي اها ڏوري جيڪا پوڙهيءَ جي گلي ۾ ٻڌل هئي، اها به ٽٽندي مون نه ڏٺي، مون ان لاش جهڙي عورت کي بجليءَ وانگر اٿندي، ۽ پنهنجي پيرن تي بيهندي، ۽ درود پاڪ فل زور سان پڙهندي، ۽ “دري حاجت” ڏانهن ويندي ڏٺو، ۽ اهو به مون گنهگار اکين ڏٺو ته اها عورت جنهن وقت درود پڙهي، زور ڏيئي ته زمين کان ڪجهه مٿي کڄي ٿي ويئي، مونکي پنهنجي ڪيفيت جي صرف اها يادگيري آهي ته منهنجا هوش خطا ٿي ويا، ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ روئي رهيو هوس، ۽ چرين وانگر ان عورت جي پٺيان ڊوڙندو ويس، جنهن کي محافظ اندر وٺي ويا ۽ آئون در تي ويهي روئندو رهيس، ڪافي دير ڀت کي ٽيڪ ڏيئي روئيندي روئيندي ساڻو ٿي ويس ۽ ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، ٿوري دير کان پوءِ محافظ اندران ان نوراني چهري واري عورت کي ٻاهر وٺي آيا، جيڪا ڪجهه دير اڳ هڪ لاش وانگر هئي ۽ اها هاڻ معجزي سان هڪ تازي تواني عورت جي روپ ۾ منهنجي سامهون بيٺل هئي، کيس اندران نوان ڪپڙا پارايا ويا هئا، ۽ هٿ ۾ تحفن جا ٿيلها به هئا، جڏهن ته ڪجهه محافظ سندس ليڙون ليڙون ٿيل وڳي مان اڳڙيون ٻين مريضن ۾ ورهائي رهيا هئا، پر مونکي پنهنجو به هوش نه هو، ان کان پوءِ مون رات جو اندر محراب ۾ تلاوت ڪلام پاڪ پئي ڪئي ته ڀر ۾ هڪ نوراني شڪل وارو تسبيح پڙهي رهيو هو، منهنجي ڪلام پاڪ ۾ سجدي جي جاءِ آئي، ۽ مون قرآن شريف ٺپي، ڀر ۾ رکي، ان شخض کي احساس ڏياريو ته آئون سجدو ٿو ڏيان، ۽ توهان جي ڀر ۾ قرآن پاڪ رکان ٿو، هن جنهن مرڪ سان مونکي ڏٺو، مونکي ڏاڍو عجيب لڳو، ۽ مون سجدو ڏيئي، نهاريو ته اهو شخص غائب هو، ان کان پوءِ آئون تمام گهڻو محتاط ٿيس، ۽ پوءِ ڀاءُ کان اچي اهو پڇيم ته امام رضا جي روضي ۾ جيترا ماڻهو هر وقت حرم ۾ موجود آهن، جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن وقت به آسانيءَ سان ذري چمي نٿو سگهي، جڏهن ته ايترا ماڻهو ٻاهران اندر ايندي نظر نٿا اچن، ته ڀاءُ چيو ته لازمي نه آهي ته اندر زيارت ڪرڻ وارا به سڀ انسان هجن، پوءِ مونکي هر لمحي خوف ٿيڻ لڳو، ۽ ڀاءُ کان امام ضامن يعني امام علي ابن موسيٰ رضا جي سڄي ڪهاڻي پڇيم، ۽ امام رضا جو سمورو قربانيءَ ۽ حڪومت وارو دور ۽ عباسين جو سندن والد صاحب امام موسيٰ ڪاظم رضا کي 14 سال قيد ۾ رکڻ، ۽ ڌوڪي سان شهيد ڪرڻ کان پوءِ امام رضا کي به زهر ڏيئي شهيد ڪرائڻ، ۽ قم ۾ معصوم قم جي تاريخ به پڙهيم ۽ ٻڌم، جيڪا امام رضا جي همشيره ۽ وڏي هستي هئي، هڪ خاص حديث ٻڌائي وڃي ٿي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اسان جي اولاد مان طوس جي علائقي ۾ هڪ فرزند پيدا ٿيندو، جنهن جو رتبو ايڏو هوندو جو ان خطي تي زيارت خاطر پير رکڻ واري لاءِ جنت واجب ٿي ويندي، ۽ اهوئي ان دور جي بيمار روحن ۽ بيمار جسمن جو معالج پڻ هوندو، اها شي آهستي آهستي منهنجي عقيدي ۾ ايندي ويئي، ان کان پوءِ جڏهن به سنڌ مان آئون عراق، شام، ايران زيارتن لاءِ روانو ٿيندو آهيان ته پنهنجي مرشد سخي هاشم شاهه ۽ اسان جي بزرگ ميون سيد حاجي ۽ ڀٽ شاهه ۾ لطيف سرڪار، سندن والد حبيب سائين ۽ سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز ۽ لڪي شاهه صدر، داد شهيد، بلالي بادشاهه ۽ هٽڙيءَ وٽ شاهه حسين سرمست شهيد جي زيارت ڪري، موڪلائي، انهن جا سلام کڻي وڃي، انهن هستين کي ڏيندو آهيان، ۽ جڏهن هر سال عمري تي به ويندو آهيان، ته اتي به انهن هستين کان موڪلائي، انهن جا درود سلام وڃي عرض رکندو آهيان، امام رضا جو اهڙو راضپو ٿيو جو پنج سوال دنيا جا صرف پنجن هفتن ۾ پورا ڪرايائين، ۽ ٻنهي ڀائرن جي شادي جا نڪاح 125 ورهين جي آيت الله امام رضا جي حرم واري وڏي مسجد ۾ پڙهائي، ۽ ان وقت بخدا جنهن وقت مون سڀني ڪمن جي پوري ٿيڻ تي شڪر جو نفل ٿي پڙهيو ته ڪنن وٽ آواز آيو ته ٻيو ڇا کپئي، دل ڏڪي ويئي ته هي آواز ڪٿان آيو، ان کان پوءِ رضا اهڙو راضي آهي، جو سندس محبت ۽ احسان لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهان، بس ايترو ٻڌائيندس ته اڄ منهنجي صحيح سان ڪيترن کي ايراني ڪائونسليٽ مان ويزا ملندا آهن، ۽ مونکي هر سال سرڪاري مهمان طور امام خميني جي ورسيءَ ۾ سڏايو ويندو آهي، بحرحال اهوئي سمجهه ۾ آيو ته جيڪو خدا ڏسي نٿو سگهجي، اهو حضرت عليءَ جي بقول سڀني آل رسول جي شهيدن جي قربانيءَ جو فڪر ڪبو ته الله جي سونهن، طاقت، رحم، برداشت ۽ درگذر جهڙيون سموريون وصفون آل رسول ۾ ڏسڻ ۾ اينديون، جنهن جي لاءِ خود خدا ڪلام پاڪ ۾ فرمايو آهي ته اي رسول... آئون تنهنجي هر ٻچي کي، هر قسم جي نجاست کان پاڪ رکڻ ٿو چاهيان. بس مونکي سمجهه ۾ اچي ويو ته الله کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڳولهجي، وضو ڪرڻ دروازو آهي، نماز الله جي اڳيان بيهڻ جو طريقو آهي، باقي ان کان پوءِ خدا کي جيترو ويجهو محسوس ڪبو، اوتروئي ويجهو ٿيندو، اهڙي طرح دين جي تمام گهڻن باريڪين جي مطالعن کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته جيڪڏهن الله جي قربت ۽ سڌو رستو حاصل ڪرڻو آهي ته صرف الله، قرآن پاڪ، رسول پاڪ ۽ سندس آل جي پيرويءَ ۾ ئي مڪمل دين آهي، الله پاڪ جڏهن نظر ئي نه ايندو ته پوءِ علي عليه السلام وارو فڪر طاري ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ پاڻ هڪ سواليءَ جڏهن کائن پڇيو ته ڇا توهان الله ڏٺو آهي...؟؟؟ ته حضرت عليءَ وراڻيو ته جيڪو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، سو منهنجو خدا نه آهي، پر آئون بنا ڏٺي به خدا جي عبادت نه پيو ڪريان، يعني خدا شهه رڳ کان وڌيڪ ويجهو آهي، پر کيس ڏسڻ جو تصور گناهه ۽ ڪفر ۾ شامل ٿو ٿئي، مولا عليءَ وڌيڪ چيو ته آئون دوزخ جي خوف کان ۽ جنت جي لالچ لاءِ نماز ڪونه ٿو پڙهان، خدا کي سجدو ڪونه ٿو ڪريان، بلڪه آئون پنهنجي ان خدا جي عبادت ٿو ڪريان، جيڪو منهنجي ايمان ۾ آهي ئي عبادت لائق.
    اهڙي طرح منهنجي روح تي قرآن پاڪ جو وڏو اثر آهي، ۽ آئون روزانو ترجمي سميت قرآن پاڪ پڙهندو آهيان، پنج ئي وقت پنهنجي سڀني ڀاٿين کي پڙهائيندو آهيان، ۽ هر شهيد جي ولادت ۽ شهادت ملهائيندو آهيان، وڌيڪ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته مدرسه قائم ڪرڻ ۽ دعائن جو ماحول قائم ڪرڻ، معصوم ٻارن کي ديني تبليغ ڏيارڻ، ۽ بيروزگارن کي نوڪري ڏيارڻ، ۽ هر سواليءَ کي خالي نه موٽائڻ منهنجي روحاني عادت آهي، جنهن ڪري آئون پنهنجي ذهن جو احتساب هر وقت ڪندو رهندو آهيان، ۽ ڪابه نگيٽو سوچ ذهن ۾ رکڻ نه ڏيندو آهيان، بلڪه جيڪي گهر ڀاتي تفريحن ڪا گلا يا مسخري وغيره ڪندا آهن، ته اها به مونکي ناگوار گذرندي آهي، اڄڪلهه 71 ورهين جي عمر ۾ الله جي ذات اهو سيکاريو آهي، ته هر بيماري ۽ دنيا جا ڏک سڀ وضو، نماز، صدقي ۽ خيرات سان ڏور ٿي سگهن ٿا، ۽ آئون پنهنجي خاندان ۾ به سڀني کي اهائي تبليغ ڪندو رهان ٿو، بس هن وقت ۾ الله جي ذات وٽ اهو سوال آهي ته جيڪي 520 ٻار مون وٽ هر مهيني درود پڙهڻ اچن ٿا، انهن جي لاءِ ڪا ديني رهنمائي ڪرڻ واري شخصيت موڪلي، ته اهي ٻوٽا جيڪي هاڻ وڻ ٿيڻ لڳا آهن، اهي وڃي ڪا سٺي زمين وسائين، ۽ بهارين وارا باغ آباد ٿين ۽ خداوند عالم منهنجي اولاد کي هر طرح جي شيطاني ماحول کان محفوظ رکي ۽ حرام و حلال جي تميز ڏي ۽ حق کي حاصل ڪرڻ ۽ حق کي چوڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت ۽ طاقت نصيب ڪري. (آمين)


    يار جي ياريءَ کي 50 سال : شفق حيدر موسوي

    (زندگي جي ايڏي ساري سفر ۾ مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، سنجهورو، ڪراچي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو جان محمد، لاهور اهي پاڪستان جا شهر آهن، جن ۾ ٻالڪ پڻ کان وٺي هن گهڙيءَ تائين ڪئين سفر جا ساٿي مليا، ۽ پنهنجا نقش منهنجي زندگيءَ تي چٽي ڇڏيائون.
    آئون حيدرآباد ۾ نعيم شاهه سان گڏ ماڊل اسڪول ۾ ان وقت جي جگري يار غلام علي شاهه پاشا جيڪو اڳتي هلي چيف سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو، ان جي ڪلاس جو مانيٽر شفيق موسوي هو، جنهن جي خلاف غلام علي شاهه اسان کي دانهن ڏني، ته هو مونکي روز ڪلاس ٽيچر کان دڙڪا ڏياري، مار ڪڍرائيندو آهي، هڪ ڏينهن آئون ۽ نعيم شاهه شفيق کي سبق سيکارڻ لاءِ وڃي ماڊل اسڪول جو در جلهي بيٺاسون، ته شفيق اچي ته پادر هڻونس، جيئن ئي شفيق آيو ته اسان کيس ٻانهن کان جهلي چيو ته تون ڪير آهين...؟؟؟ ۽ ڪنهن جو پٽ آهين...؟؟؟ جڏهن هن وافقيت ڪرائي ته آئون سيد جمن شاهه جو پٽ آهيان، ۽ ڪلو پڪوڙائي جي پٺيان عبرت اخبار واري گهٽيءَ ۾ وچ روڊ تي جيڪا ٽڪنڊي بلڊنگ آهي، اها اسان جي اوطاق آهي، ۽ گهر اسان جو ڪلو پڪوڙائيءَ جي دڪان جي مٿان آهي. ٿورو غور ڪيوسين ته احساس ٿيو ته سندن وڏن سان اسان جي ويجهڙائپ آهي، بحرحال ان رشتي جڙڻ سان دشمني دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي، ۽ پوءِ اسين سڀ پاڻ ۾ لنگوٽيا يار ٿي وياسون، جن ۾ شفيق، نعيم، ذوالفقار، حسين رضا، ڊاڪٽر قلندر بخش، مخدوم رفيق الزمان، مير احمد علي اهي حيدرآباد جي جوانيءَ جا ساٿي هئا، جن سان جون جولائي واري ويڪيشن ۾ ڪوهه مري، باڙه (پشاور) ۽ جشن ڪابل لاءِ افغانستان ويندا هئاسون.
    سڀ دوست شادين ۽ نوڪرين کان پوءِ پنهنجي پنهنجي دنيا وسائي ويهي رهيا، پر شفيق اسان جو اهو دوست آهي جيڪو سڄي سنڌ جا ڏک ڏور ڪرڻ جي، هر جدوجهد ۾ سرواڻ آهي. تعليم سان سندس قلبي ۽ ڪاروباري لڳاءُ ايترو آهي، جو حيدرآباد ۾ گل سينٽر ۾ “امسا يونيورسٽي” ڪجهه اسڪول حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به اٿس، پر پاڻ گذريل 30 سالن کان پنهنجي مڪمل فيمليءَ سان آسٽريليا ۾ رهندو آهي، جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته سنگت کي گڏ ڪرڻ، سندس اوليت ۾ شامل هوندو آهي.
    اڄڪلهه ڊاڪٽر قلندر بخش گهڻي ڀاڱي سندس پاڪستاني وزٽ ۾ ڪمپني ڏيندو آهي پر ٻيا سڀ ڪي گذاري ويا، ڪي وڇڙي ويا پر هي يار سنڌ سان ۽ اسان جهڙن اٻوجهن سان پيار ۽ محبت نڀائيندو اچي، خدا کيس هميشه ڪامياب ڪري ۽ سندس سنڌ جي لاءِ ڪيل جاکوڙ جا سٺا نتيجا هو پنهنجين اکين سان ڏسي. (آمين) طرفان: سيد يار محمد شاهه.)
    سيد يار محمد شاهه سان منهنجي ياري کي 50 سالن کان به وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، ۽ هاڻ اسان هڪٻئي کي ائين سڃاڻون ٿا جيئن هڪ هٿ ٻئي هٿ کي، پر جڏهن مان سندس تعليم متعلق ٺهيل ٽيلي فلم “باغ جنت” کي سي ڊيز تي ڏٺو ۽ خاص طور تي سندس لکيل ڪتاب “شوبز ۾ ياري شاهه”، “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر”، “پکي پرديسي” ۽ ٻيا ڪتاب جڏهن پڙهيم، ته انتهائي اچرج ۾ پئجي ويس، ۽ پاڻ کي خوش قسمت سمجهيم ته اهڙو مدبر، اونهي ۽ عميق سوچ ۽ فڪر رکندڙ ذهين ماڻهو منهنجو بهترين دوست آهي.
    سندس فلم، ٽي وي ۽ ڊرامن ۾ شوق جو ته علم هو، ۽ اها سائين يار محمد شاهه جي انتهائي وڏي حاصلات آهي، ته پهريون سنڌي ماڻهو سڄي پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو چيئرمين به رهيو.
    مان ان ڳالهه جو به شاهد آهيان ته سنڌي ٽي وي چينلن کي قائم ڪرڻ جو ڏکيو ڪم سڀني کان پهرئين محترم يار محمد شاهه جي ئي ڪاوش آهي، ۽ هڪ نه پر ڪيترن ئي ٽي وي چينل قائم ڪرڻ ۾ سندس ڪردار اهم آهي.
    ليکڪ، اداڪار، تخليقڪار ۽ عملي طور سنڌ جي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سيد يار محمد شاهه انهن سڀني خصوصتن سان گڏ هڪ اعليٰ انسان به آهي، جنهن انيڪ نيڪي جا به ڪم ڪيا آهن. الله پاڪ هن کي اڃان وڌيڪ توفيق ڏي.


    25-12-2017 : شام جا 7:30 منٽ

    اڄ قائد اعظم جي ڄمڻ جي ڏينهن، مختلف ٽي وي چينلن تي ماهر پنهنجا پنهنجا مقالا پڙهي قائد اعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس ڄم تي خوشين جو اظهار ڪري رهيا آهن، ۽ ان خوشيءَ ۾ مان پنهنجي خوشي هن ريت ٿو شامل ڪريان ته دوست نثار احمد بلوچ جيڪو هينئر پي ٽي وي اسلام آباد تان ڊائريڪٽر نيوز جي حيثيت ۾ 28 سال سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو آهي، ساڻس واٽس اپ تي هڪ سال کان نيڪ پيغامن جو تبادلو ٿيندو رهيو، پر مونکي اها خبر نه هئي ته آئون ان نثار بلوچ سان ايڊ ٿي ويو آهيان، جنهن کي عشق ۽ هڪ بيماري جي انجام ۾ چند مهينن جو مهمان بنجي زندگي خوش گذارڻي هئي، ڊاڪٽرن جو اهوئي چوڻ هو ته سندس زندگي مختصر آهي جيترو خوش گذاري ۽ شادي ڪرڻ چاهي ته کيس شادي ڪرائي وڃي، سندس نالي وارو والد صاحب ميمبر قومي اسيمبلي رئيس حاجي عطا محمد لنڊ بلوچ جيڪو پڻ باغي ليڊرن ۾ شامل ٿيندو هو ۽ مير علي بخش سان گڏ ڀٽي صاحب واري آئين تي صحيح ڪرڻ بدران جلاوطني اختيار ڪئي، جنهن مديني واري کان دعا گهري، پنهنجي پٽ لاءِ حياتي گهري ۽ اهو پٽ پي ٽي وي نيوز پروڊيوسر بڻيو، ڌيئرن ۽ پٽڙن جو پيءُ ٿي 28 سالن جي سروس تان رٽائر ٿي، اسلام آباد ۾ سيٽل آهي ۽ هڪ سال کان منهنجي نمبر تي واٽس اپ ۾ تصوير سميت سٺا پيغام موڪليندو رهندو اچي، پر مون کيس سندس چوڻ کان پوءِ سڃاتو ۽ پوءِ جڏهن ان وچ ۾ منهنجي ڪيل سموري ڪاوش جنهن ۾ ڪتاب ۽ ٽيلي فلمن کان علاوه تازو منهنجي گذريل سالگرهه 22 نومبر 2017ع تي ڌرتي ٽي ويءَ منهنجو لائيو 2 ڪلاڪ انٽرويو نشر ڪيو، اهو سمورو وزن نثار مٿي تي کڻندي چيو ته اهو دوست جيڪو تنهنجا ڪتاب ڪمپوز ڪندو آهي ممتاز علي سمون، جنهن جي لاءِ تو پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته آئون ڳالهائيندو آهيان ته هو لکندو آهي، ان کي هٿ ڪري پنهنجي مڪمل آب بيتي جو ڪتاب ڇپرائي ڇڏ. مون لوائنيدي چيو ته ادا جيترا به ڪتاب ڇپيا آهن، انهن جي مهاڳ ۾ منهنجا انٽرويو ڇپيل هوندا آهن، ۽ 35 سالن کان ميڊيا جي دنيا ۾ آهيان، ٽي وي ، فلم، اسٽيج ۽ صحافتي دنيا ۾ “جيڪ آف آل، ماسٽر آف نن” پاڻ کي پيدائشي طور سمجهندو آهيان، ۽ سند حاصل ڪري ڪڏهن به ڪا مڪمل تخليق جي نصيب ۾ نه آئي. تعارف سنڌين ۽ پاڪستانين وٽ منهنجو گذريل 40 سالن کان مڪمل آهي، باقي وقت ۽ حالتن جيڪي منظرنامه مونکي نصيب ڪيا آهن، تن مان ڪجهه نصيحتون ۽ ڪجهه تجربا ايندڙ نسل لاءِ، قلم ڪرڻ جي ڪوشش اڄوڪي تاريخ ولادت قائد اعظم تي جيڪو سنڌ جو هو ۽ سنڌ جو سڏبو رهبو، ان جي ڄم جي خوشيءَ ۾ هڪ سچي پاڪستانيءَ جو تصور ۽ منشور مغض ۾ پيدا ڪري، دوست نثار جي حڪم مطابق ميان ممتاز سمي کي خوشامدون ڪري، ڪمپيوٽر تي ويهاري، اها آب بيتي اڄوڪي تاريخ ۾ شروع ڪيون ٿا، الله ڪري ته تڪميل تي پهچي، ۽ انشاء الله آئون زندگيءَ جون ڪي بامقصد ڳالهيون ۽ تجربا پنهنجي ماضيءَ مان، مستقبل جي ايندڙ نسل لاءِ ڪي نصيحت ڀريا، ڄاڻ ڀريا نقطا نماڻائيءَ وارا، سمجهائي سگهيان يا ڏيئي سگهان.
    ان ڪهت جي ترتيب هن ريت ٿا رکون ته ٻالڪ پڻ کان ويهن ورهين تائين ٻالڪ پڻ جي عنوان سان، ۽ 20 کان 40 تائين بلوغت جو سفر، ۽ 40 کان 60 تائين ڪلائيميڪس جي تياري، لکڻ جي نيت ڪريون ٿا. ان تقسيم سان دوستن جي دماغ تي بار گهٽ رهندو، ڇوته منهنجي اندر کي به گهڻو ڪري رپيٽيشن نه وڻندي آهي، هر روز نئين ڌن ۽ نئون سبجيڪٽ سوچيندو آهيان، لکندو آهيان، ٺاهيندو آهيان، اهو ڏهن سالن جي ٻار جيان پنهنجي پاڙي ۾ پتلي تماشو ڏيکارڻ وارن جي پٺيان، بينڊ باجن وارن جي پٺيان، ۽ ميلي ملاکڙي ۾ ايندڙ سرڪس وارن جا نقل ڪري، پاڻ کي رنگ ماسٽر ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. دوستن ۾ پنهنجي هم ڪلاسين خصوصا منهنجي اداڪاريءَ، قلمڪاريءَ ۽ منتظم جي صلاحيتن کي جنهن دوست عملي ساٿ ڏنو، اهو وقت ۽ اها تخليق، ان محسن دوست جي ئي عنايت آهي، جنهن جو نالو غلام حسين ميمڻ آهي. جيڪو هن وقت ايڇ ڊي ايم اي جي وڏي پوسٽ تان رٽائر ٿي، ڪنهن اسٽيٽ ايجنسي وٽ پورهيو ڪري رهيو آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان سڀ پورهئي جي ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. هر وقت جي پنهنجي پنهنجي تقاضا ۽ حالتون هونديون آهن، جيڪي ان وقت جي جڙندڙ پس منظر تي اثر انداز ٿي، پنهنجو منظر نامون تيار ڪنديون آهن. اسان جيڪي ڏٺو، جيڪي ٻڌو ۽ جيڪي پڙهيو اهي ئي اسان جا استاد هئا، جن اسان جي فطري لاڙن کي جنهن رخ موڙيو، تنهن رخ مڙي وياسون، ۽ اڄ جن نالن ۽ عنوانن سان سڏيا ۽ سڃاتا وڃون ٿا، اهو انهن ئي قصن ڪهاڻين ۾ سمورو سچ موجود آهي.
    خانداني غربت ٻالڪ پڻ ۾ منهنجي اندر ۾ تخليق ٿيندڙ تمنائن جي وسيلن ۾ رڪاوٽ نه بنجندي هئي. منهنجو قوت ارادي ۽ ان ڪم سان مستقل مزاجي، جيڪو هر حال ڪرڻ لاءِ جان جي بازي لڳائي بيهي رهندو هوس، اهو جنون ته اها تخليق مڪمل ڪرڻي آهي اڄ به مون ۾ موجود آهي، ۽ ان دور ۾ ڪيترا واقعا ۽ داستان منهنجي زندگيءَ کي گهڙڻ لاءِ خدائي نظام مان صبح ۽ شام منهنجي نصيب ۾ اچي، منهنجي تربيت ڪندا رهندا هئا. ٻالڪ پڻ ۾ ڊرامن جا شوق، صرف ڪجهه ميلي ملاکڙي جا ڊرامه ڏسي، ۽ اسڪول ۾ شاگردن جي ڪيمپ فائر ۾ ننڍا ننڍا مزاحيه ڊرامه جن ۾ نمايان حصو وٺي سڪون محسوس ڪرڻ ۽ ايوارڊ ماڻڻ کان پوءِ ان ۾ انتها تائين وڃڻ جي سوچ ۽ جدوجهد شروع ٿي ويندي هئي، پر اچانڪ ڪا نئين تخليق پنهنجي دليلن سان اچي قائل ڪري منهنجو رخ موڙي، پاڻ ڏي کڻي ويندي هئي، جن ۾ پنهنجي پهرئين اداري “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي پليٽ فارم تان اسٽيج ڊراما ٺاهڻ، فلمي ميلا منعقد ڪرائڻ، سنڌي فلمون ٺاهڻ، اڙدو فلمون ٺاهڻ، پاڪستان جي فلمسازن جي تنظيم جو چار سال چيئرمين رهڻ ۽ سنڌ اندر قائم ٿيندڙ سمورن سنڌي ٽي وي چينلن جو بنيادي ڪارڪن طور سڃاتو رهندڙ، ۽ هن وقت پنهنجي اڙدو ٽي وي چينل “اسٽار ايشيا نيوز” جي جنرل منيجر جي حيثيث کان علاوه ايراني فلم ساز اداري سان هڪ فلم پاڪستان ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش هلي پئي ته ٻئي طرف پنهنجي نيوز چينل جي ڪرنٽ افيئرس کي بهتر بنائڻ، ۽ بهترين مارڪيٽنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
    ٻالڪ پڻ جي مزاج کي جاري رکندي اها عادت وري پيو ورجايان، جيڪا غلام حسين لکندو هو، ۽ آئون ڳالهيندو هوس، هينئر فرق ممتاز علي لکي ٿو ۽ آئون ڳالهايا ٿو. 30 سال گذري ويا، انيڪ يادون فلمن جي صورت ۾، ڊرامن جي صورت ۾، تحريڪن جي صورت ۾، ڪتابن جي صورت ۾، اسٽيج ۽ ريڊيو ڊرامن جي صورت ۾ ۽ تازو تعليمي جاڳڙتا لاءِ ٺاهيل فلم “باغ جنت” جي ذريعي، بند اسڪول کولرائڻ جي جدوجهد جو سلسلو، به صلاحيتن آهر جاري آهي، 45 اسڪول ته سابق ڊي سي مٽياري فياض عباسي صاحب جي تعاون سان کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون، پر وڏيرن جي مداخلت، ماسترن جون بدليون ڪرائي وري اسڪول ويران ڪري ڇڏيا. ساڳي طرح سنڌ جي ثقافت ۽ اڪيلي سڄاڻپ “اجرڪ” جنهن سان لڳاءُ 20 سالن جي عمر کان شروع ٿيو، بحيثيت ليڊر جي اجرڪ جي ڪاريگر ۽ دڪاندارن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ اجرڪ کي سنڌ ۽ دنيا تائين پروموٽ ڪرڻ جا وسيلا استعمال ڪري، ڪيترن ڏتڙيلن کي سٺي مقام تائين پهچايو ۽ اجرڪ کي نصاب تائين پهچايو، پر نقلي اجرڪ سان وڙهندي وڙهندي هاڻ جنگ هارائي ويٺو آهيان، ڇو ته هر هنڌ، هر گهر ۾، هر ثقافت ڏهاڙي تي استعمال ٿيندڙ اجرڪ نقلي زهر ۽ مهاجر جي ٺاهيل اجرڪ آهي، جنهن اجرڪ جي ڇاپي ۾، اجرڪ جي ثقافت جو خون ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ثقافت جي پختڳي ختم، ان جاءِ تي انهيءَ ئي ڇاپي ۾ دشمن جي ٺاهيل زهريلي ۽ ڪمزور اجرڪ، جيڪا چمڪيلي ۽ سستي هئڻ جي ڪري آسانيءَ سان هر ماڻهوءَ وٽ روز پهچي وڃي ٿي، جڏهن ته اسان سنڌي پنهنجي سنڌي اصلي اجرڪ جي سڃاڻپ هاڻ مڪمل طرح وساري ويٺا آهيون، ۽ هاڻ اسان جي وڏن کي غور سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ اجرڪ اصلي آهي يا نقلي، جڏهن ته نئين نسل کي ان جذبي سان ڪوبه تعلق نه ٿيندو، ۽ ثقافت جو اهو ڇاپو مهاجر پاڻ مڃرائي، هن وقت بيڊ شيٽون، يونيفارمون، مطلب ته هر جڳهه تي پنهنجي اجرڪ کي قبول ڪرائڻ، ۽ وڪرو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن.
    اسان وٽ اها خوشي آهي ته اهو ڇاپو اجرڪ اسان سنڌين جي آهي. ان اجرڪ تي گذريل دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه ان تي مٽياري ۾هڪ سيمينار دوران مونکي ڊاڪيومينٽري ٺاهي ڏيڻ جي ٺاهڻ جي خواهش ۽ اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ مون اها ڊاڪيومينٽري ٺاهي ان اداري جي ان وقت جي ڊي جي مانجهي خان جي حوالي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ محترمه شرميلا فاروقي جنهن پڻ ان ڊاڪيوميٽري جي خلاف پاڻ ڊاڪيوميٽري ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، پر اهو اعلان ئي رهجي ويو ۽ هيءَ ڊاڪيومينٽري مون محڪمه ثقافت جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي هٿ ۾ ثقافت جو تحفو ڏيندي چيو ته سائين هيءَ توهان پنهنجي اجرڪ ڪلب ۾ ڏيکاريو، ۽ نئين نسل کي ڏيکاريو ته اصلي اجرڪ ڪهڙي آهي ۽ نقلي اجرڪ ڪهڙي آهي...؟؟؟ پر حقيقت مڃڻي پوندي ته مهاجر ان ڇاپي کي خوبصورت انداز ۾ بين الاقوامي سطح تي مارڪيٽ ڪيو آهي، جنهن سان هرڪو ماڻهو اجرڪ جي نالي سان ئي ان ڊريس جي نشاندهي ڪري ٿو. ان تباهيءَ مان سنڌ جي اصلي اجرڪ، اصلي ڪاريگر، اصلي هنر ۽ ڪاروبار کي جيڪو ڌڪ لڳو آهي يا نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو تدارڪ ڪنهن به اداري، سجاڳ ذهن يا حڪومت وٽ نه آهي تنهن جي معني ان وقت جي، ان نقصان کي به ٻين شين وانگر هضم ڪري وڃجي، سڀني کي خبر آهي ته سنڌي اجرڪ کي بچائڻ لاءِ منهنجي اها ڪوشش ان وقت ڀٽي صاحب جي دور ۾ شروع ٿي جڏهن سنڌ جو گورنر مير رسول بخش ٽالپر هو جنهن ان تحرڪ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ هلال پاڪستان اخبار ان زهريلي مصالحي سان مرندڙ مزدورن جون تصويرون ۽ احوال تفصيلن سان ڏنا، نيٺ آئون به اجرڪ جي جنگ سائين سردار علي شاهه جي هٿن ۾ هارائي ويٺس ۽ اها ڊاڪيومينٽري جيڪا مون کيس ڏسڻ لاءِ، اجرڪ ڪلبن ۾ رکڻ لاءِ، ٽي وي چينلن تي ثقافتي ڏهاڙن تي هلائڻ لاءِ ڏني، سا سال گذري ويو پر هن پاڻ به نه ڏٺي آهي، بلڪه ثقافت جي نالي سائين جيڪي ٻيا اربين روپيه خرچ ڪيا ان تي انڪوائريون شروع ٿي ويون آهن، سچا ڪامريڊ ۽ سچا وطن پرست اقتدار ۾ اچي وري وطن جا ويري ۽ استحصالي بنجي ويندا آهن، تنهن ڪري اهڙا سٺا اسيمبلي ۾ ڌرتيءَ لاءِ ڳالهائيندڙ خدا ڪري هميشه اپوزيشن ۾ هجن.
    تعليم تي ڪوبه ڪمپرومائيز ڪرڻ پنهنجي ضمير جي خلاف بغاوت سمجهڻ گهرجي، ان ڪري احساس ۾ اها شي شامل آهي ته، سنڌ جي تعليم ئي سنڌ جي وجود جي دشمن بنجي بيٺي آهي، ۽ ڪمزوري ۽ جهالت علم کان محروميءَ سبب صلاحيت واري اڙدو، پنجابي ۽ پٺاڻ کي سنڌين جي ڪارخانن ۽ ادارن ۾ اهم پوسٽون ملي رهيون آهن، ويتر جيڪي تيل ڪپمنيون سنڌ جي اندر پنهنجو ڄار وڇائي رهيون آهن، جن ۾ مزدور جي نالي ۾ پٺاڻ سيٽ ٿيندو وڃي، جيڪو ٽرانسپورٽ، تيل، ڪوئلو ڪڍائيندو، رسائيندو ۽ پهچائيندو، ان ڪري اها وقت جي سياسي جيڪا به صورتحال آهي، يا سي پيڪ جي شروع ٿيڻ سان جيڪا ترقي ٿيڻ واري آهي اها سڄي ڄاڻ روزنامه ڇهن سالن کان عوامي آواز جي هفتيوار ڪالم “جهوني جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” ۾ لکندو رهندو آهيان.
    ٻالڪ پڻ ۾ ناٽڪ منڊليون “شاهه ڪلچر سوسائٽي” جي پليٽ فارم تان قائم ڪئي سون، ته ان ناٽڪ منڊلي جي پليٽ فارم تي شهر ۽ علائقي جا مسئلا سامهون ايندا هئا، ۽ انهن کي حل ڪندي ڪندي وڃي سياستدانن ۽ وڏيرن جي ڳچيءَ ۾ پياسون، ۽ پنهنجي ڪجهه ڪامريڊ دوستن جي آسري تي، ڪن جون پٽڪيون لاٿيوسين ۽ پنهنجيون به لهرائيون سين. علائقي ۾ سنڌي مهاجر جهيڙي کان پوءِ پوري علائقي ۾ ڪنٽرول ڪري، سڀني کي پرامن نيڪالي ڏياري روانو ڪيوسين. جنهن کان پوءِ علائقي جي بلدياتي اليڪشن، اسان چرين ڪامريڊن جي ور چڙهي ويئي، ۽ اسان شهر ۾ ورهين کان ڪنٽرول ڪندڙ ساداتن جي خلاف سندن گهرو ملازم سندن ئي مقابلي ۾ بيهاري، هڪ نئين انقلاب جي شروعات ڪئي سون، جنهن جي نتيجي ۾، اليڪشن ۾ اسان کي عوام جو ڀرپور تعاون ۽ ساٿ مليو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ سياسي قوت بنجي، وڏيرن جي به ضرورت بنبا رهياسين.
    ادبي لڏي ۾ پير بهائو الدين سرهندي ۽ سندن سڀ موجود رفيق، ان وقت به اسان جي ادبي نشستن، مشاعرن ۾ موجود هئا، جنهن ۾ اسان روز نيون تخليقون، شاعري، افسانه ۽ ڌنون پيش ڪندا ۽ داد ڏيندا وٺندا رهندا هئاسين، پنهنجي شهر ۾ مسئلن يا تفريحن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت ڪو نه ڪو پلان شهر ۾ جاري رکندا رهياسين، جنهن ۾ پهرئين ڇتري اسان سڀني جي “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” آهي، جنهن جي هيٺيان اسان جا سڀ باصلاحيت ساٿي، پنهنجي صلاحيتن سان ئي نروار ٿي آيا، ۽ جن جي جدوجهد سان مٽياري تعلقو، پوءِ سڀ ڊويزن ۽ پوءِ ضلعو قرار ڏنو ويو. مطلب ته هتي جيڪا تعمير ٿيندي هئي، ان ۾ سمورا ساٿي گڏجي پنهنجي صلاحيت آهر ان ميڙاڪي کي ڪامياب ڪندا هئاسين، لکڻ وارو لکندو هو، منتظم بندوبست ڪندو هو، وقت اسان کي ڌڪي اچي يونيورسٽي ۾ ليڊر بڻائي، شاگردن جي يونين جي چيئرمين جي اميدوار جي حيثيت ۾ مخدوم رفيق الزمان سان گڏ، پنهنجو هڪ زبردست گروپ ٺاهي، پاڻ اميدوار ٿي، سنڌ جي وزيراعلي مرحوم غلام مصطفٰي جتوئي سان ملڻ وياسون، جنهن اسان کي ڀٽي صاحب جي چوڻ تي گهرايو، جيئن ته سندن خيال هو ته سنڌ يونيورسٽي هميشه جيئي سنڌ جي هٿ ۾ رهي آهي، ۽ جيڪڏهن سپاف يعني پ پ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته پوءِ سندن وڏي ڪاميابي ٿيندي. اسان کي جتوئي صاحب مرحوم طالب المولي سائين سان ٽيليفون ملائي ڏنو جنهن اسان کي ٻڌايو ته بابا اها ڀٽي صاحب جي خواهش آهي، توهان مون وٽ هالا اچو ته پاڻ تفصيل سان ڳالهايون، جنهن کان پوءِ منهنجي جگري دوست مرحوم محمد نعيم شاهه باقر پوٽه سان گڏ مخدوم رفيق الزمان سان گڏجي طالب الموليٰ سائين سان، صبح جو ناشتي کان وٺي رات جو يارهين بجي تائين ڪچهري ڪئي سون، جتي اسان کي ٻڌايو ويو ۽ قائل ڪيو ويو ته هر حال ۾ هٿ کڻجي، ۽ ان جي عيوض ڪجهه وٺجي، اسان اخلاقن بنا ڪجهه وٺڻ جي هٿ کنيو، ۽ طالب المولي سائين جي حڪم جي پيروي ڪئي، ڇو ته ان خاندان سان منهنجي قلبي وابسطتگي آهي ۽ رهندي، منهنجو والد صاحب سيد مرحوم غلام مهدي شاهه مخدوم طالب المولي سائين جو پڳ مٽ يار رهيو، پر منهنجو ڏاڏو حاجي يار محمد شاهه پڻ مخدوم الله بچايو وڏي سان دوست ۽ قريب رهيو، ان گهراڻي سان ايترو تعلق رهيو جو خليق الزمان کي اوائلي دور ۾ تقريرون ڪرائڻ، لکي ڏيڻ، ۽ ميڊيا ۾ پروموٽ ڪرڻ، سندس لاءِ جلسا جلوس ڪرائڻ، ڪنهن به لالچ کان سواءِ دوستيءَ جي بنياد تي ڪيا ويندا هئا، جڏهن يونيورسٽي ۾ هٿ کنيوسين، تڏهن گهڻو ڪجهه آفر ڪيو ويو، پر عملي طور خليق الزمان ليبر انسپيڪٽر جو آرڊر مون کي هٿ ۾ ڏنو، جيڪو مون کيس واپس ڪيو، ان کان پوءِ جيڪي به ڪندو رهيس محبت ۾، ان جو ڪوبه مخدوم خاندان کان مون معاوضو نه ورتو، صرف محبت ورتي، ۽ اڃان به مخدوم خاندان جي ٻچي ٻچي مان مونکي اها مائٽاڻي محبت ملندي رهي ٿي، ۽ خدا ڪندو ته منهنجي ٻچن کي به ملندي رهندي، ڇو ته اهو ڏينهن آئون وساري نه سگهندس، جڏهن طالب المولي سائين مونکي چيو ته تنهنجي پيءُ کي لطيف سرڪار جو بيت ٻڌائجاءِ جنهن ۾ سائينءَ چيو آهي ته “پاڙي ناهه پروڙ. ته ڪا رات رنجا گذري ..... پاڙي ويڄ هئام، تان مون مور نه پڇيا” ان وقت صورتحال اها هئي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ آئون مختلف شاگرد تنظيمن جي طرفان يونين جو چيئرمن ٿيڻ جو اميدوار هوس، ۽ پيپلز پارٽيءَ يا سپاف جا مشهور دوست ۽ جيالا روشن پنهور ۽ ليڊيز ونگ سموري منهنجي طرف هئي، ۽ منهنجي سامهون مختيار سهرياڻي هيو، جنهن کي مرحوم ڄام صادق علي ۽ منهنجي ڪزن غلام قادر شاهه ڄاموٽ، جيڪو بينظير صاحبه جو باڊي گارڊ ۽ يوسف رضا گيلانيءَ جو وزيراعظم ٿيڻ تي اسسٽنٽ به هيو، پر مٿس نوڪرين جي خرد برد جو الزام هڻي کيس هميشه پيپلز پارٽيءَ کان پري ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ سندس وڏو ڀاءُ امير علي شاهه ايم اين اي آهي، ۽ سندس ڀائيٽيو علي حسن شاهه پيپلز پارٽي ضلع مٽياري جو صدر آهي، ساڳي وقت هي اهو دور آيو آهي جو ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جيڪو اسان جي خاندان جو پڳدار ۽ سردار هڪ باصلاحيت ۽ سنڌ جي وڏيرن لاءِ تعليم يافته وڏيرو ۽ آئيڊيل هو، جنهن مخدوم طالب المولي سان جيڪي سندن مرشد به آهن، انهن جي مقابلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرئين دور ۾ طالب الموليٰ بطور سينئر نائب چيئرمين پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبلي جي لاءِ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي عروج، مخدوم صاحب جي حيثيت، ۽ ڄام صادق علي جي حرفت سان، مخدوم صاحب وڏي اڪثريت سان اها سيٽ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ اهي ٻئي خاندان هڪٻئي جا سياسي حريف به رهيا، پر مرحوم امداد علي شاهه جيڪو ڀٽي صاحب جو پسنديده مقرر ۽ گهرو دوست به هو، ان جي اچانڪ حادثاتي موت کان پوءِ ان جاءِ تي سندس ڀاءُ امير علي شاهه کي اها صوبائي سيٽ ملي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين مٽياري بدران حيدرآباد جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مٽياري جي سادات تنظيم جي چيئرمين سيد شهاب الدين شاهه سان گذريل ٽن اليڪشنن کان قومي اسيمبلي جو مقابلو ڪندو رهي ٿو ۽ هميشه کٽندو رهي ٿو، جڏهن ته حسيني شهاب الدين شاهه جو خاندان باقر پوٽه به سنڌ جي سياست ۽ طاقت ۾ پنهنجو نالو رکن ٿا، سندن خاندان ۾ مٽياري جي پهرئين پهرئين صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جيڪا مرحوم مراد شاهه کي نصيب ٿي، اها سيٽ ايوب خان جي اليڪشن دوران مخدوم صاحب جي اميدوار سيد قمرالزمان شاهه کان وڏي مقابلي سان کٽي هئي، جنهن ۾ مرحوم جيئندل شاهه جيڪو ذوالفقار علي شاهه جو چاچو هيو، ۽ مخدومن جو قريبي ساٿي به هيو، مريد به هيو، پر پاڻ ساڻس جيڪو صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اهو ڦيرائي قمرالزمان شاهه جي حق ۾ ڪيو، جنهن تي باقر پوٽه سادات مخدوم صاحب جو ساٿ ڇڏي، پنهنجي سوٽ مراد شاهه سان اچي بيٺا، ۽ قمرالزمان شاهه سان ڄاموٽ خاندانن ٽڪيٽ نه ملڻ جو پورو پلاند ڪيو، ۽ مخدوم صاحب جي شهر هالا جون پولنگون وڏي اڪثريت سان کٽيون، ڇو ته هڪ طرف هڪ علائقي ۾ ڄاموٽن جي انگريزن جي زماني کان وٺي سياسي حيثيت رهي آهي، ۽ انگريزن سان سردار محمد علي شاهه جي ايڏي قربت رهي آهي، جو حر موومينٽ ۾ انگريزن امن و امان لاءِ سندس سهارو ورتو، ۽ طالب الموليٰ سائين جي جڏهن پڳدار چاچي انتقال ڪيو ته پوءِ پاڻ مخدومحمد زمان سائين جيڪي سندن ڀائيٽيا هئا، ۽ مزاجن هو صوفي فقير جي حيثيت ۾ مشهور درگاهه محمد فقير کٽياڻ، جيڪو سندن مرشد به آهي، جي صحبت ۾ مڪمل صوفي طريقي جا هئا، ۽ امام حسين جي محبت م خيرپور هز هائينيس جي عزاداريءَ واري ماحول ۾ پاڻ کي لڪائي به مجلسن ۾ ويهندا هئا، ۽ بقول منهنجي والد صاحب جي پاڻ نه چاهيندا هئا، ته ڪٿي سندس اچڻ جي خبر پوي، ۽ ماحول منتشر ٿئي، ان ڪري پاڻ چادر ويڙهي عزادارن جي جتين ۾ ويهڻ پسند ڪندا هئا، ۽ جڏهن کين گريو (روئڻ) ڪرڻ سان هال پئجي ويندو هو، ته بابا سندن چوڻ مطابق مٿن ٽوال وجهي ڍڪي ڇڏيندو هو، ته جيئن ڪنهن کي خبر نه پوي، پر جڏهن سندن پڳ ٻڌڻ جو مسئلو سامهون آيو، ته پاڻ ان ڳالهه کان لئوائيندا رهيا، هڪ ڏينهن پاڻ فقيرن سان گڏ حيدرآباد ٽرين ۾ عمرڪوٽ وڃڻ لاءِ سوار ٿيا، ته سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جيڪو انگريزن جي دوستي جي ڪري پنهنجو ڏهڪاءُ رکندو هو، تنهن جي حڪم تي ريل بيٺي ۽ سائين محمد علي شاهه طالب المولي کي هڪ رات وٽس قيام ڪري پوءِ وڃڻ لاءِ چيو، پاڻ مجبورن ساٿين سميت اچي ويا، ۽ اها رات ڄاموٽ صاحب جي ڪينٽونمينٽ واري بنگلي تي قيام ڪيائون، جتي سائين محمد علي شاهه کين سرور نوح جي پڳ ٻڌڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ طالب الموليٰ سائين باقاعدي پڳ ٻڌي، ۽ مريدن سان رابطو رکي، هر سوموار تي “ماهوار سومار” کي جاري رکي سروري سسٽم کي بحال ڪيو. اهڙي طرح جڏهن پير صاحب پاڳاري ۽ سندس ڀاءُ نادر شاهه کي انگريزن جلاوطن ڪري برطانيه منتقل ڪيو، ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن کين واپس آڻڻ لاءِ ماحول پئي جڙيو، ته انگريز سرڪار ٻئي شهزادا معرفت ڄاموٽ محمد علي شاهه پاڪستان آندا، ۽ ان وقت ڪجهه مريدن ۽ خاص خليفن طرفان جيڪي احتجاج ٿيا، انهن کي ڄاموٽ محمد علي شاهه پنهنجي صلاحيتن سان نبيري، خاص خليفن سان ملاقاتون ڪرائي، پڳداري نظام بحال ڪرارائي، کين گدي نشين ڪرارايو، ان کان پوءِ پير سائين پاڳارو مرڻ تائين چوندو هو ته محمد علي شاهه مرحوم اسان کي والد وانگر سنڀاليو ۽ سندس پٽ ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ منهنجو اڪيلو دوست آهي، ۽ اهو افسوس ته ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي انتقال تي پاڻ ميڊيا وارن احوال اوريندي چيائون ته مرحوم زلفي... منهنجو اڪيلو دوست هليو ويو، ۽ ان کان پوءِ پاڻ به سال اندر هي جهان ڇڏي هليا ويا، پر پنهنجي هٿن سان پنهنجي اڪيلي دوست جي پٽ محمد علي شاهه کي پڳ به ٻڌرائي ويا، پر اهڙو واءُ وريو جو اڄ اهو محمد علي شاهه جنهن جي نصيب ۾ پاڳارو ۽ سندس قوت سندس سڃاڻپ به هئي، اها ختم ڪري محمد علي شاهه آصف زرداري جي هٿ تي بيعت ڪري، پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سينيٽ جي سيٽ ماڻي ويو ۽ هاڻ آصف زرداريءَ وٽ مخدوم خاندان ۽ ڄاموٽ خاندان کيڏڻ لاءِ اهي مهرا آهن، جن سان هو مهرن، وساڻن ۽ شيرازين وانگر سياسي کيڏ کيڏيندو رهندو. ٻنهي خاندانن وٽ هاڻ وڏن جو اثر رسوخ ئي وڃي بچيو آهي، جيڪو پڻ هاڻ شعور ۽ انساني آزادي جي نظر ٿي رهيو آهي.


    ڪجهه ناياب يادون

    منهنجو قصو اتي ئي نه رهجي وڃي، ان ڪري پنهنجي ٻالڪ پڻ جو سلسلو جاري رکندي، “ڪجهه ناياب يادون” پنهنجي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهن. جهڙوڪ ننڍي هوندي شهر جي هم ڪلاس دوستن سان گڏ، جيڪا شاهه ڪلچرل سوسائٽي ٺاهيسون، ان ۾ جيڪي ساٿي هئا، انهن جا نالا لکڻ تاريخي فرض ٿو سمجهان، خاص ڪري غلام حسين ميمڻ، نواز علي سمون، اسرار احمد مغل، ظهير الدين شيخ، پير بهائو الدي، پير آغا، پير شهاب، سيد گل حسن شاهه، سيد محمد علي شاهه، مٺو ڏاهري ۽ ماما لالو، جيڪو هو ته منهنجو نوڪر، پر هن مونکي نپايو، پاليو، ڏک سک جو ساٿي رهيو، جڏهن آئون ٻالڪ پڻ ۾ يعني 1970 ۽ 71 ۾ ٽنڊو آدم واري زمين تي وڃڻ لڳس، ته ان وقت اسان وٽ ڪابه سواري نه هئي، ۽ آئون ۽ ماما لالو مٽياري کان بس ۾ چڙهي ٽنڊو آدم شهر ۾ لهندا هئاسين ۽ اتان کان ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ 7 ميل پنڌ ڪري، ڪاڙهي تتي جو وڃي ڀڳل اوطاق تي ترسندا هئاسون، جتي باٿ روم تي به رلي ٽنگيل هوندي هئي، ڏاڏا شاهه محمد شاهه جيڪو منهنجي والد صاحب جو مامون هو، جنهن جي ورثي مان اها زمين اسان حاصل ڪئي، جيڪا ان وقت صرف 12 هزار روپين جا سال، پوڻا ٽي سو ايڪڙ ٻني مقاطي تي ڏنل هئي، ۽ جيڪا مون مزدوري ڪري پوکڻ شروع ڪئي، ۽ گاهه، ڄامڀو ابتدا ۾ مونکي ڪاشت ڪري کيسو هلائڻو پيو، جڏهن ته والد صاحب پنهنجي ڀاءُ يعني منهنجي چاچي مرحوم حاجي پريل شاهه کي اها ٻني ڏئي ڇڏي هئي، پر ان چاچي جي نه شادي ٿيل هئي ۽ نه ئي زمينداري سان ڪا دلچسپي هيس، حالانڪه پنهنجي دور ۾ هو ناليوارو شوقين ۽ يارويس ۽ شڪاري وڏيرو مشهور رهيو، سندن تعلقات اسانجي وڏي حاجي يار محمد شاهه جا دوست، عمرڪوٽ جا صوفي فقير، راڻي پور جا پير، چانگ ۽ ڪيريا سندن ويجها دوست هئا، ۽ چاچي جو نالو علائقي ۾ طاقتور وڏيري جي حيثيت ۾ مشهور هو، مسوڀرڳڙي ۽ جيئندل ڪوٽ ۾ سندس 300 ايڪڙ زمينداري هئي، جنهن جو اڌ اڄ منهنجو ٽيو نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر نديم شاهه جيڪو ايل ايم سي (لمس) ۾ سرجن آهي، ان کي حصي ۾ ڏني سون ۽ ان کي نوڪري وٺي، ڏيئي، شادي ڪرائي بيٺل ووڻ جي فصل سان ڏني سون جيڪا هو سنڀالي رهيو آهي، جڏهن ته چاچا جي سياسي ڄاڻ جو عروج سڄي سنڌ تي حاوي هو، جنهن وقت ايوب خان، فاطمه جناح سان اليڪشن وڙهيو، تڏهن مخدوم طالب الموليٰ ۽ سائين پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جن جي چوڻ تي چاچا ٿر ۽ اتر جا سوين لوڪل باڊيز جا ميمبر ايوب خان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ هٿ ڪري، هنن وڏن ماڻهن جو ايڏو مان مٿانهون ڪيو، جو راڻي باغ ۾ جڏهن ايوب خان اليڪشن جو جلسو ڪيو، ته اسٽيج تي پير غلام رسول شاهه، منهنجي چاچي جي نالي ايوب خان کي چيو ته سڀ کان وڌيڪ توهان جا ووٽر ان ڪاري کٿيءَ واري حاجي پريل شاهه هٿ ڪري، ٽي ڏينهن اڳ اسان وٽ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تي ايوب خان کيس اسٽيج تي گهرايو ۽ گلاب جو گل جيڪو ايوب خان جو نشان هو، اهو چاچا جي اوڍيل کٿيءَ تي پنهنجي هٿن سان هنيائين، چاچا جي اٿي ويٺي ۽ شوق شڪار يا دوستي ياري کان اسان جا پنهنجا خوفزده هوندا هئا، سو جڏهن مرحوم امداد شاهه پهريون دفعو ڀٽي صاحب سان گڏ پيپلز پارٽيءَ ۾ ليڊر ٿي، نروار ٿيو ۽ پنهنجي علائقي ۾، پنهنجن ڀائرن سميت لوڪل باڊيز جي چيئرمني لاءِ بيٺو ته ان وقت باقر پوٽو سيد مرحوم مراد شاهه جيڪو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو هو، ان جو شاگرد هو امداد شاهه، ۽ ان کي بنا مقابلي آڻڻ لاءِ مرحوم مراد شاهه سخي هاشم شاهه جي ميلي جي ٽئين ڏينهن، جڏهن ختمو ٿيندو آهي، ۽ اسان سڀ مريد پنهنجي مرشد کي ڏن ڏيڻ ويندا آهيون، ات اسان چاچا سميت موجود هئاسين، ۽ مرحوم مراد شاهه، امداد شاهه ۽ سندس پيءُ چاچا انور شاهه کي ميڙ وٺي، اسان جي مرشد سائين حاجي بقادار شاهه مرحوم کي اچي چيو ته حاجي پريل شاهه کي چئو ته پاڻ ۽ پنهنجن همراهن کي، امداد شاهه وارن جي حق ۾ هٿ کڻارائي، ۽ ان جي عيوض اسان کيس جيئندل ڪوٽ ۾ بنا مقابلي چيئرمني ٿا ڏيون، ان کان پوءِ چاچا جيئندل ڪوٽ جو چيئرمين ۽ امداد شاهه تعلقي جو چيئرمين چونڊجي سياست ۾ آيو، ۽ اڳتي هلي ڀٽي صاحب سان سندس ليول تي پاڪستان جو ليڊر بنجي، تقريرون ڪندو رهيو، سندس موت قائم علي شاهه سان گڏ ڪراچي مان ايندي منهنجي سنڌوءَ مرحوم غلام عباس کوکر صاحب ايس اي هائي ويز جي گاڏيءَ ۾ حيدرآباد ويجهو ٿيو، جنهن ۾ امداد شاهه انتقال ڪري ويو، ۽ اڄ اها ئي سيٽ ۽ سياست امير علي شاهه ڄاموٽ جي نصيب ۾ اچي ويئي، جڏهن ته منهنجي چاچي جي زمين به هو اٽڪل سان پوڻا ٻه سو ايڪڙ مقاطعو کڻي ويا ۽ سندس انتقال کان پوءِ وڪرو ڏيکاري، اڃان تائين قبضو ڪريو ويٺا آهن، جنهن ۾ سمورو عمل صرف آفتاب علي شاهه جو آهي، نه ئي سندس ڀائرن جو، پر چاچا کي ايڏو مفلوج ڪيو ويو هو، جو هن وڃي صوفي فقير وسايا، ۽ پوءِ انتقال تائين انهن سان ئي گڏ رهندو هو، سندس انتقال کان پوءِ منهنجو والد صاحب ۽ اسين ان جو اولاد بابا جي ٻنهي مامن، والده، پڦي ۽ ڀاءُ حاجي پريل شاهه جو حصو به آفتاب علي شاهه وارثن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، مڪمل ملڪيت تي ڌڻي تي ويهي رهيو، پوءِ جڏهن بابا جي والده ۽ پڦي اسان وٽ آيون، ته پوءِ انهن جي ورثي مان بابا جي ملڪيت مون ڄاموٽ ذوالفقار جي معرفت شرعي فيصلو ڪرائي ورتم، ان کان پوءِ 80 ايڪڙ اڃان تائين ڄاموٽ صاحب سان اسان جو گڏيل کاتو آهي، ۽ ٻي زمين منهنجي ڀاءُ جاني شاهه مرحوم علي حيدر شاهه ولد مرحوم جيئندل شاهه سان مٽ سٽ ڪري اسان جي بابي جي نيلام ۾ وڃايل زمين اسان ٻيڻي قيمت ڏيئي، ۽ ورثي ۾ مليل زمين مٽياري شهر مان ڏيئي، علي حيدر شاهه کان اها زمين حاصل ڪري، منهنجي ڀاءُ نور مصطفيٰ شاهه عرف جاني شاهه سنڀال هيٺ آندي، جڏهن ته منهنجي ٻي ڀاءُ ڊاڪٽر نديم شاهه کي منهنجي چاچي واري بچيل ٻني پوڻا ٻه سو ايڪڙ ڏناسون، جڏهن ته سنجهوري ۽ ٽنڊوآدم ۾ زمين مٽياري وارين زمينن جي مقابلي ۾ ڪمزور زمينون آهن ۽ پاڻي به پڇڙيءَ ۾، ۽ ورهاست ۾ به ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ٻني ڏني ويئي، ڇو ته ان فيصلي ذريعي اها ملڪيت حاصل ڪرڻ وقت منهنجي عمر اندازن 24 سال کن هئي، ۽ اسان غربت جا ماريل نفعي نقصان کي ڪونه ڏٺوسين ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کي اڪيلي سر پي ڪرڻو پيو، جنهن ۾ نقصان به ڏنو ويو، پر هاڻ آئون الله جي ذات جو شڪرگذار آهيان، جنهن جي حڪمت اها هئي جو اڄ کان 40 سال اڳ جڏهن اها مٽيارين واري زمين نمبر ون زمين هئي ۽ هو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا، اڄ اها سم ڪلر ٿي ويئي ۽ منهنجي ٽنڊوآدم ۽ سنجهورو واري زمين ۾ ڪمند ۽ ڪيلا ۽ باغات موجود آهن، ۽ الله جي فضل سان مون سڀ ڪجهه پنهنجن پٽن ۽ نياڻين کي شاديون ڪرائي، ملڪيت ڏيئي وٺي، هينئر دعا جو در بنجي گهر ويٺا آهيون، پر ان وقت جڏهن اها زمين سنڀالڻ لاءِ ات هڪ ڪامريڊ هاري نالي سارنگ جيڪو مونکي ان عمر ۾ سيد، ڄاموٽ ۽ طاقتور سمجهي ٻنيءَ تي وٺي ويو، ان وقت ڳوٺ ويران، مسجد ۽ اوطاق ڊٺل ۽ مونکي سارنگ ڳوٺ غلام محمد ٿهيم، جنهن جي نالي هيو، ان جي پٽ محمد علي ٿهيم جيڪو پڻ منهنجي ٻنيءَ تي هاري هيو، ان جي اوطاق تي وٺي هلي ويهاريو، ۽ سڀني سان تعارف ٿيو، ٻن ڏينهن کان پوءِ هارين جو هڪڙو وفد ستن ڄڻن جي صورت ۾، سارنگ جي قيادت ۾ مون وٽ مٽياري آيو، ۽ اچي چيائون ته، ڀر واري زميندار حاجي دريا خان شوري ۽ سندس ڀاءُ حاجي گل محمد شوري جو منڇي جيڪو اسان جي ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر آهي، پر هن اسان جي ٻارن ۾ اکيون وڌيون تنهن ڪري اسان ٻار اسڪول موڪلڻ بند ڪيا، ته هن وڃي مٿي دانهيون آهي، جنهن ۾ پوليس اسان جا 17 ڄڻا گرفتار ڪري شهدادپور وٺي ويئي آهي، آئون ساڻن گڏ شهدادپور ويس، تعليم جي ان وقت جي آفيسر جو نالو احمد شاهه هو، جيڪو سيوهڻ سان تعلق رکندو هو، ۽ منهنجي وڏي عزت ڪيائين ۽ منهنجي شخصي ضمانت تي هارين کي ڇڏي ڏنائين ۽ مون هارين کان پڇيو ته توهان کي پنهنجي پسند جو ڪهڙو ماستر گهرجي، جنهن کي توهان قبول ڪريو ۽ ٻار به ڇڏيو، هنن مونکي هڪ غريب سادات ماستر نواب شاهه جي علائقي جو جنهن جو نالو ياد نٿو اچي، ان کي آڻڻ لاءِ چيو، آئون ٻئي ڏينهن ان وقت جي تعليم جي ڊائريڪٽر سائين پناهه علي شاهه موسوي وٽ هلي ويس، جيڪو مونکي سڄاڻندو به هو ۽ ڀائيندو به هو، ڇو ته مونکي مڊل اسڪول سيکاٽ ۾ جيڪا ماستري ڏني، سا سائين پناهه علي شاهه ئي ڏني هئي، ۽ ان کان اڳ ٽنڊو جان محمد ۾ ڪاليج ۾ جيڪا ڪلارڪي ڪيم، اها مرحوم سائين غلام مطصفيٰ شاهه جيڪو ان وقت جو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن هو، ان ڏني.
    پناهه علي شاهه ايڏي عزت ڏني جو ٻئين ڏينهن هاري خوش ٿي، مٺائي کڻي آيا ۽ ٻڌايائون ته اسان جو گهربل ماستر سيد اچي ويو آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته توهان کيس ٻنيءَ ٽڪرو به پوکڻ لاءِ ڏيو، ڇو ته هو ٻارن لاءِ به سٺو آهي ته ڳوٺ وارن لاءِ به، پوءِ اهو اسڪول آباد ٿيو، ۽ اڄ هن ڳوٺ ۾ چار اسڪول آهن. مون جيڏي مهل ان علائقي ۾ پنهنجي اينٽري ڏني ته چو طرف منهنجي لاءِ هڪڙو عزت ڀريو ماحول ملڻ شروع ٿيو، ۽ مون ڄاموٽن وانگر اتي فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا، فيصلا ۽ منهنجي قرب ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جو رستو به ڏيکاريو، مٿان وري اهي سڀ جا سڀ پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ هئا، ته مونکي کين ڀٽي صاحب جو نظريو سمجهائڻ ۾ تڪيلف ڪانه ٿي، ان ڪري هارين کان چوڪيداري سسٽم، پنهنجي حفاظت ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جو فڪر بيدار ڪيم، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن هو مون سان مهاڏو اٽڪائڻ لڳا ۽ باقاعدگيءَ سان مون سان خوشحال ٿيڻ کان پوءِ وڙهڻ به لڳا، جيئن هنن جي پريڪٽس هئي ته ڪمزور مقاطعي دار کي چوريون ڪري، تڪليفون ڏيئي، ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا هئا، تيئن مون کي به ڪمند پوکڻ لاءِ دشمن ٿي بيهي رهيا ۽ ان وقت سندن چڳي مڙس ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مرحوم عبدالسلام ٿهيم وٽ منهنجي خلاف وڃي دانهيائون، ته سيد اسان کان ٻنيون ٿو ڦري، عبدالسلام به ڪامريڊي جي عروج تي هو پر هو سچو ۽ انصاف پسند، بردبار وڏيرو ۽ انسان هو، جيتوڻيڪ تعليم گهٽ هيس پر دور انديشي ۽ درگذر وڏو هيس، ان فورا هارين جي ان وفد سان گڏ مون سان ڳالهائڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ پهتو، پر هن جي بردباري اها هئي جو هارين منهنجي مخالفت ۾ جنهن اوطاق ۾ ماحول ٺاهي، ميڙاڪو ڪري، پنهنجي وڏيري کي منهنجي خلاف ڪرڻ لاءِ وٺي آيا هئا، تنهن انهن جي اوطاق ۾ وڃڻ بدران منهنجي اوطاق ۾ اچي ويهي، منهنجي ئي نوڪر کي چيو ته وڃي شهر مان سائين يار محمد شاهه کي وٺي آءُ، جيستائين نوڪر مونکي وٺڻ آيو، ۽ آئون ٽنڊوآدم ۾ جمن شاهه جتيءَ واري منهنجي اباڻي، ڏاڏاڻي جڳهه تان آيس، تيستائين عبدالسلام منهنجن هارين کان سڄي داستان پڇي پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏيو هو، جنهن وقت آئون پهتس ته ان وقت عبدالسلام هنن کي چيو ته سائين مقاطعي دار يا ڪمزور ڪونهي جو توهان حسب عادت داٻا ڏيئي سائين کان ٻني ڇڏائيندئو يا سائين کي ڀڄائيندئو، مونکي چيائين ته سائين آئون توهان وٽ هنن جي شڪايت تي هلي آيس ۽ توهان جي اوطاق ۾ ويهي، توهان جي غير موجودگيءَ ۾ هنن کان اصل حقيقت پڇي ان نظرئي تي پهتو آهيان ته توهان هنن کان زوريءَ ڪمند پوکرائڻ چاهيو ٿا، ان ۾ توهان کي ٻني مٽا سٽا ڪرڻي به آهي، اها توهان جي ملڪيت آهي ۽ توهان جو انتظام آهي، توهان جي مرضي جيئن کپنائو، تيئن ڪريو ۽ جيڪو فصل کپنائو اهو ڀلي پوکيو، پر آئون رڳو هنن جي پارت اها ٿو ڪريان ته هنن کان ٻني نه ڦرجو، تڏهن مون چيو ته ڪونه هڪڙو ماڻهو چئي وڃي ته سائين يار محمد شاهه مون کان ٻني ٿو ڦري ته آئون ان کي ڏهوڻ تي ڏيندس، عبدالسلام کلي چيو ته اهو توهان جي غير موجودگيءَ ۾ آئون هنن کان پڇي، ڪري سڀ ڳالهه سمجهي ويو آهيان، هاڻ هنن کي هدايت ٿو ڪريان ته توهان ڪمند جو فصل جيئن چاهيو پوکيو، جنهن کان چاهيو ان کان پوکرايو، جيترون چاهيو اوترو پوکيو، ۽ ان کان پوءِ عبدالسلام ۽ ان جو خاندان خاص ڪري اڄ ڪلهه سڄو راڄ سنڀاليندڙ ۽ سانگهڙ جو اڌ ضلعو پ پ کي طاقت بنائي ڏيندڙ عبدالرحمان ٿهيم جتي اسان جي هارين کي پنهنجي ڀائرن وانگر ڀائيندو آهي ته فيصلو اسان جي باري ۾ به انصاف سان ڪندو آهي، ۽ اڃان تائين اهو خاندان اسان سان نڀائيندو اچي، باقي هارين، غريبن کي مون غلطي ڪري جيترو پاڻي ٻنيءَ ۾ هو، ان مان پوڻا ٽي سو ايڪڙ جو اڌ مس به آباد ٿيندو هو، ڇو ته پاڻي ڄام برانچ مان نڪرندڙ، نڌرا شاخ جي پڇريءَ ۾ هئڻ ڪري سدائين سٽن ۾ هوندو هوس، منڌ ۾ هڪڙا ابڙا، ٻيا ٿهيم، ٽيا شورا، گس تي شاخ جو پاڻي جيڪو بچائيندا هئا، اهو پڇڙيءَ ۾ ايندو هو ته منهنجو فصل آباد ٿيندو هو، هاڻ آئون صفا الڙ، اڻ ڄاڻ زميندار هوس، پنهنجي ڀاءُ جاني شاهه جيڪو مٽيارين جو پهريون نمبر سڌريل زميندار طور، پاڻ کي مڃرائي چڪو هو، جنهن جا ڪيلا ۽ باغات وڏي اگهه ويندا هئا، پر انهن وٽ پاڻي روهڙي ڪئنال مان سڌو پيو ايندو هو، ان ڪري سڀ وڏا فصل آباد ڪري، وڏي آمدني کڻندو رهندو هو، جڏهن ته آئون هڪڙو اڻ ڄاڻ، پوءِ پڇڙيءَ ۾، ٽيو اٿياڪ ۾ هارين سان اڻ بڻت، چوٿون وري پاڻي وارا زميندار به پاڻيءَ جا چور ۽ مونکي تنگ ڪرڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏيندا هئا، خاص ڪري مختيار شورو جيڪو اڄ مونکي ڀائرن وانگر ڀائيندو آهي ۽ جڏهن سندس پيءُ منهنجي ٻنين تي قبضو ڪرايو، ۽ وڪرو ڪري ورتو، تڏهن به مختيار ۽ سندس ڀاءُ سڪندر پنهنجي پيءُ کي منٿ ڪئي هئي ته سائين يار محمد شاهه سان ڦڏو نه ڪريو، پر ڦڏا منهنجي نصيب ۾ لکيل هئا ۽ منهنجي ڦڏن جي ڪري مخدوم طالب الموليٰ، پير صاحب پاڳارو، ڄاموٽ ذوالفقار، عطا محمد مري، مخدوم اعجاز، شاهنواز جوڻيجو، فدا حسين وارن کي به مونکي ۽ منهنجن فيصلن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. هڪ دفعو ته شورن سان جيڪو مقابلو ٿيو اها هڪڙي وڏي جنگ هئي، جيڪا جهول رستي تي جتي هن وقت ۾ جتي ڪاٽن فيڪٽريون گهڻي تعداد ۾ آهن، ات منهنجي زمين تي شورن، ٿهيم، ماڪوراڻي راڄ جي ذريعي مون سان مقابلو ڪيو، ۽ آئون به مٽياري مان 400 کن ماڻهو، گاڏين ۾ هٿيارن سان کڻي وڃي، دوبدو مقالما ڪري، قبضو ڇڏائي، فيصلو ڪرائي، ٻني وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيس، جڏهن ته ان کان اڳ مٿي ذڪري ڪري چڪا آهيون ته شورن مهاجر واري ٻني ڪيئن حاصل ڪئي، ڪيئن مون کان مخدوم صاحبن وٽ فيصلو ڪري، ٻني ورتي ۽ ڪيئن مونکي شاهنواز جوڻيجي اها ٻني ڪهڙو فيصلو ڪري، ڪيئن ڏياري اهو سمورو ذڪر پاڻ اوائل ۾ ڪري چڪا آهيون، پر ان زمينداري دوران شهر ٽنڊوآدم ۾ شاهه اسد وارن سان گڏ، ادبي ڪچهريون، مشاعره ۽ ڊرامن جي زندگي به جاري هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هادي بخش بلوچ جيڪو حر شاگرد تنظيم جو اڳواڻ هو، جنهن کي ڀٽي صاحب ڪسٽم آفيسر ڪيو هو، ان شاهه اسد سان گڏجي ٽنڊو آدم ۾ ڊرامون “دودو چنيسر” اسٽيج تي ڪرڻ لاءِ گڏجي هڪ تحريڪ هلائي، وڏي ليول تي ڪارڊ کپايا ويا، ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وزيراعليٰ هو، پهرئين ان کي بطور مهمان خاص آندو پئي ويو، پر پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ضلع سانگهڙ مرحوم امداد الله انڙ خاص مهمان طور آيو، ان ڊرامي کي آئون شاهه اسد سان گڏجي ڏينهن رات ڪري، سٺو ڊرامون پيش ڪرڻ جي سچي ۽ دل سان جدوجهد ڪري رهيو هوس، ڇو ته مون ڏٺو پئي ته شاهه اسد اهو ڊرامون مرحوم مراد علي مرزا، الله بخش شاهه بخاري، سڪندر بلوچ وارن جي معرفت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وڃي ريڪارڊ ڪرائي، ان ۾ ريڊيو تائين سوتي اثرات يا بيڪ گرائونڊ ميوزڪ وجهي ڪيسٽ کڻي آيا، ان ڪيسٽ جيڪا چڪريءَ ۾ ٽن ڪلاڪن جي هئي، ۽ ڪنهن به فنڪار ان آواز تي ڪابه ريهرسل مڪمل نه ڪئي هئي، ان ڊرامي ۾ ٻاگهل جو ڪردار ميدم لکي يعني حميرا چنا جي والده ۽ مرحوم غلام محمد چنا جي اهليه شاندار ڪردار ادا ڪيو، پر سڄي ڊرامي کي مڪمل طرح پيش ڪرڻ تائين ڪنهن به فنڪار سنجيدگيءَ سان ريهرسل نه ڪئي هئي ۽ نه ئي کين آواز جي ٽائيمنگ جي خبر هئي، ان ڪري جنهن وقت ڊرامون شروع ٿيو ته مون پٺيان وڃي، لائيٽ واري همراهه تي ڪنٽرول ڪيو، ڇو ته اسٽيج تي ان لائيٽ دوران آواز اداڪارن جي اداڪاريءَ سان ميچ ان ڪري نه پئي ٿيو جو مون عرض ڪيو ته ڪنهن جي به ريهرسل ڪانه ٿيل هئي، سڀ آواز هڪ پاسي، شڪل ٻئي پاسي، ان ڪري مون لائيٽنگ وارن تي ڪنٽرول ڪري، ان عيب کي مڪمل طرح پوري ڊرامي سان لائيٽ کي رنگين ۽ ڊارڪ ڪري، هنن جا عيب لڪرائي، ڊرامي کي ڪامياب ڪرايو، ۽ اهو ڊرامون آئون وڏي فخر سان چوندس ته ڏسڻ وارن لاءِ ان وقت ان ريڪارڊ ڪرڻ جي ڪري، بيڪ گرائونڊ ميوزڪ جي ڪري، لائيٽنگ جي ڪري، هڪ سئنيما اسڪوپ فلم محسوس ٿي رهي هئي.

    ان کان علاوه ٽنڊو آدم ۾ مٽيارين کان پوءِ جيڪي نوان دوست مليا، انهن ۾ مشتاق جسڪاڻي صاحب ته منهنجي مجبور بنجي ويو، جو آئون هڪ لمحو به ان کان سواءِ نه هلندو هوس، ۽ زمين تي مهينن جا مهينا هو مون سان گڏ هوندو ۽ پنهنجي تجربي کان مونکي ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، خاص ڪري سندس “رنگ محل” فلم وارو تجربو ۽ فلم “وفا ياران دي” ٺاهڻ وارو تجربو جيڪا فلم اڳتي هلي “مسٽر شڪارپوري” جي نالي سان منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي، پر ويهه سالن کان پوءِ جڏهن جسڪاڻي صاحب ۽ سندس ٽنڊي آدم واري ڪمپني ريٽائرڊ ٿين لڳي هئي ته منهنجي اچڻ سان ٽنڊي آدم جي ان ماحول ۾ فني جاڳڙتا ٿيڻ ڪري، سٺو چوٻول ٿيڻ لڳو، هن ڏينهن مون وٽ محمد بخش چانگ، امداد راهي، گلفام، ذاڪر حسين گڏجي آيا ۽ مونکي سنڌي فلمي ميلي جو دعوت نامون ڏنائون، جنهن جو مهمان خاص مصطفيٰ قريشي ۽ منهنجو چاچو ايس گل صاحب يعني حاجي فضل علي شاهه ڄاڻايائون. منهنجي دير سان تيار ٿي اچڻ تان ڪامريڊ نوجوانن چانگ صاحب جي قيادت ۾ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ۽ مونکي عام وڏيري وانگر ئي ليکيو، پر جڏهن پوءِ ڪچهري ۽ سچائي هڪٻئي جي سامهون آئي ته پوءِ اهي دوست منهنجي بالغ فني سفر کي اڳيان هلائڻ وارا رهنما ۽ رب جي طرفان مددون محسوس ٿيون، ڇو ته آئون جيڪي اسٽيج شوز ڪري، ڪارڊ کپائيندو هوس، شو ڪرائيندو هوس، مهمان گهرائي ترسائيندو هوس، پبلسٽيون ڪرائيندو هوس ۽ فلم “علي گوهر”. “محب شيدي” ۽ اڙدو فلم “مهلت” جون شوٽنگون ڪرائيندون هوس ته هر مهاذ تي، هر عمل تي مون کان پوءِ ان پراجيڪٽ جي اڳواڻي چانگ صاحب جي هٿ ۾ هوندي هئي، ڇو ته اسد الله شاهه جي دور جو ذڪر ڪري چڪا آهيون، ان دور ۾ شاهه اسد جي سمورن پراجيڪٽس کي، چاهي اهي فلمون هجن، اسٽيج ڊراما هجن يا ٻيا ڪي شوز هجن، پر محمد بخش چانگ، امداد راهي ۽ گلفام شاهه اسد جي شهه رڳ هوندا هئا، ۽ ان ڪري جيڪا وٽن ڄاڻ ۽ جذبو هيو ان وري مونکي بلوغت عطا ڪئي، جنهن ڪري مون چانگ صاحب جي اڳواڻي ۾ فلم “علي گوهر” ان ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ جتي هاڻ آئون پاڻ کي زميندار به مڃرائي چڪو آهيان، ڳوٺ ۾ مسجدون ۽ اسڪول آباد ڪري، هارين ۾ سجاڳي به آڻي چڪو آهيان، ۽ ٽي وي جي مقبوليت به منهنجي هارين جي لاءِ باعث عزت هوندي هئي، ان ڪري مونکي هارين جي سامهون ڏاڙهي لڳائي، اداڪاري ڪندي، زمينداري ڪرڻ ۾ به ڪا مشڪلات پيش نه ايندي هئي ۽ نه وري رويو مٽائيندو هوس، ابتدا ۾ هاري مون سان ڳالهائڻ وقت منهنجو گيٽ اپ ۽ ميڪ اپ ڏسي ڦڪا ۽ شرمندا ٿيندا هئا، پر اهو منهنجو روز جو ڪم ڏسي هو عادي ٿي ويا، ۽ پوءِ سڀ هاري منهنجي فلمن جا ڌاڙيل به هوندا هئا، هاري به هوندا هئا، پوليس وارا به هوندا، مطلب ته چپ چپات ۾ سڄو ڳوٺ جو ڳوٺ آٽوميٽڪ ايڪٽر ٿي ويو، ۽ مونکي فلم “علي گوهر” کان وٺي اڄ جي “باع جنت” تائين انهن جي گهرن ۾، انهن جي ٻنين ۾، انهن سان گڏ شوٽنگ، اداڪاري ۽ ڊائريڪشن ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿيندي آهي، چانگ صاحب وارن ٽنڊو آدم ۾ منهنجي شخصيت کي نروار ڪرڻ ۽ اثر رسوخ وڌائڻ ۾ ۽ منهنجي سموري فني سفر ۾ نيڪ نيتي سان ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ اڄ به ڏيندا رهن ٿا، ٽنڊو آدم جي زمينداري مون ٻارنهن هزارن جي مقاطعي کان شروع ڪئي ۽ الله جي فضل سان ڪروڙن تي پهچائي پنهنجي هڪڙي ڪاٽن فيڪٽري به پنجتني جي نالي سان کولي، پنج سال هلائي، سٺي آمدني ٿي، ڌنڌو ڪونه ڄاتوسين، منافعي ۾ وڪڻي وڃي زمينون ورتيوسين، جيڪو ڪم ڄاڻندا آهيون، ماشاءَ الله اڄ منهنجو ٻيو نمبر پٽ عمار ياسر سموري اسٽيٽ سنڀالي ٿو ۽ ڪوٽڙيءَ کان وٺي، نواب شاهه تائين ليبر انسپيڪٽر به آهي، ترقي ٿيڻي اٿس، الله وڌائيس، سموري زمين کي باغات ڪري ڇڏيو اٿس، ۽ سنجهوري ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ غلام مجتبيٰ شاهه عرف سائين علي کي به زمينداري ۾ مدد ڪري، مٿي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو ويچارو پنهنجي طرفان پي ٽي وي نيشنل تي جيڪي ست سال نوڪري ڪري، بطور معاون پروڊيوسر نيشنل چينل پي ٽي وي جو هلائن جو سٺو تجربو رکندو هو، پر بدنصيبيءَ سان سندس هڪڙوئي پٽ چار سالن جو هڪ ميلاد دوران ڇت تان ڪري شهيد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ اهو منهنجو پٽ ۽ ان جي اهليه جيڪا منهنجي محسن ۽ پيءَ برابر سائين عالم شاهه جي وڏي نياڻي آهي، ان وقت اها به آغا خان ۾ ڪراچي ڊينٽل ڊاڪٽر هئي، پر هڪڙو پٽ هلي وڃڻ تان ٻئي زال مڙس دماغي توازن وڃائي ويٺا ۽ اچي موڳا ٿي، مٽيارين ۾ ويهي رهيا، الله سائينءَ پنهنجن پيارن جي صدقي پهرئين سال ئي هڪ پٽ علي عباس ۽ ٻئي سال محمد حسين جي نالي ۾ موٽائي ڏنا، جنهن کان پوءِ منهنجو پٽ ۽ وڏي ننهن دنيا ۾ اٿڻ ويهڻ لڳا، ۽ هاڻ ماشاء الله ٽي وي ڇڏڻ کان پوءِ پهريون دفعو گذريل ٻن سالن کان زمينداري سکڻ لاءِ پاڻ همت ڪري، سنجهوري واري ٻنيءَ ۾ هٿ وڌائون ۽ اتفاق سان سڌرڻ جو اهوئي رويو ٿيس جيڪو مون پنهنجي ڀاءَ جاني شاهه جي ڀلي ٻني ۽ پاڻيءَ جو سوچڻ بدران ان جهڙا فصل پوکڻ لاءِ جڏهن 55 ايڪڙ ڪيلو پوکيو ۽ هارين کي گهر ويٺي اڌ ڏنو، باقي زمين ويران ٿي ويئي، پاڻي سڀ ڪيلو کڻي ويو، هاري اڌ پئسا وٺي، پيا گهمندا هئا، ڇو ته ڪيلي جي مزدوري ٺيڪيدار ڪرائيندو هو ۽ مون بيوقوفيءَ ۾ يا هنن جي ئي نصيب ۾ هارين کي ڪيلي جو ٻين فصلن وانگر اڌ حصو پئي ڏنو، جڏهن ته ڪيلي تي خرچ ايندڙ لاکون روپيه مون ڪيا، ۽ جڏهن ڪيلو ٺيڪيدار کنيو ته ان هارين جي ڪم کي قبول ڪرڻ بدران پنهنجي مزدورن جي ذريعي ڪيلي جون گڏون ڪڍرايون، ته هاري واندا ٿي ويا ۽ گهر ويٺي لاکون روپين جا مونکان وٺي، وڻج واپار ڪرڻ لڳا، مالن جا ڌڻ وٺڻ لڳا، منهنجي آس پاس ۾ مهاجرن جون زمينون ورتائون، بحرحال ان کان پوءِ به هو مون سان ۽ منهنجي پٽ سان مهاڏو اٽڪايو، اسان کي طاقتور بنائيندا پيا اچن ۽ سڌرڻ پيا سيکارين، ۽ اسان جو اولاد به الله ڪندو پنهنجا پير جهلي اها زمينداري ٽوٽل ليبر تي ڪندو، ۽ سنجهوري واري ٻني هارپي تي ڪمائيندا. سڀ هڪٻئي کي سڄاڻي ويا آهيون ۽ ٿهيم ۽ شورا گڏ پيا هلون، ڇو ته هاڻ گذريل ڇهن سالن کان سوائي هڪ ڇوڪري جي جيڪو اولاد وانگر نپائي وڏو ڪيوسين، ۽ پنهنجي مرحوم منڇي علي بخش جنهن منهنجو 30 سال ساٿ ڏيئي، مونکي زميندار ۽ خوشحال بنائڻ سان گڏ، منهنجي فلمن ٺاهڻ ۾ به منهنجو ساٿ ڏنو. مختيار شوري وارا جڏهن به آئون ڪو شو ڪندو هوس ته کائن فرنيچر وٺندو هوس، ڪڏهن زمينداري ۾ ٽريڪٽر ۽ پاڻيءَ جي به هجت ڪندا آهيون، اڄ هو منهنجي پٽ عمار ياسر کي هر طرح سان پنهنجن ٻچن وانگر ڀائي ٿو ۽ هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏئي ٿو. ٿهيمن ۾ منهنجي نپايل اڄڪلهه خادم حسين ٿهيم جنهن کي به علي بخش ٿهيم وانگر پنجن سالن کان نپائي، پرڻائي، ڪاروبار ڏيئي، پنهنجو اڳواڻ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان وري سندس مامي ماستر عبدالله ٿهيم سان تعلق رکرايو، جيڪو هڪ صوفي انسان آهي، جنهن هڪ دفعو پنج ڪروڙ درود پاڪ حضور پاڪن جي دربار ۾ موڪلڻ جو هڪ اجتماع ڪرايو، جنهن ۾ سندس مرشد جيڪو شاهپور چاڪر ۾ رهندو آهي، اهو خاص مهمان ۽ ٻيا به رسول پاڪ جي تعريف ڪرڻ وارا شاگرد ۽ مولوي هئا، اڄ کان ست سال اڳ اهو منظر ڏسي مون پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي طرفان قائم ڪيل مسجد ۾ ٻار پڙهائڻ، نماز باقاعده پڙهڻ ۽ هر ماهه پهرئين سومر تي درود پاڪ معصومن ٻارڙن کان پڙهائي، انهن ۾ خرچي ۽ ماني تقسيم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو هاڻ وڃي ان جاءِ تي پهتو آهي جو اهي درود پڙهڻ وارا ٻار، جن ۾ نياڻيون وڌي ويون آهن ۽ تعداد 5 سئو کان مٿي آهي، پر الله ڄاڻي الله جو اهو باغ ڄاڻي جنهن درود پاڪ مون کان پڙهارائي جيڪو هر ماهه آئون ٻه ڪلاڪ کن انهن ٻارن سان مسجد ۾ گڏ با آواز بلند دورد پاڪ پڙهندو ۽ آخر ۾ سورت فاتحه يعني الحمد شريف جي هڪ هڪ آيت ٽي دفعا بمع ترجمو ٻارن کان پڙهائي، آخر ۾ دعائون گهرائي، لنگر تقسيم ڪري، خرچي ڏيئي، ٻار روانا ڪندو آهيان. هاڻ اهي ٻار الله سائين ڪيڏانهن ڪندو، اهو پاڻ الله ڄاڻي، اسان جي دعا آهي ته جن کي ست سال درود پڙهي، سورت فاتحه جيڪا الله سائين پنهنجي محبوب نبي پاڪ کي تحفي طور ڏنو، جيڪو هن پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ دهرائيندي چيو آهي ته “اي منهنجا محبوب، اسان جيڪو توکي ستن آيتن وارو تحفو عنايت ڪيو” الله سائين ڏسي پيو اهي ست سال اهي معصوم ٻار ٻاڪاري الله کي ايلاز ٿا ڪن ۽ ان ڳوٺ جو اهو اسڪول جنهن کي ڳوٺ وارن باٿ روم بنائي ڇڏيو، جنهن تي مون پنهنجي تازي فلم “باغ جنت” ٺاهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار منهنجي پوٽي ياور عباس شاهه ڪيو ۽ ان پهريون دفعو اداڪاري ڪئي پر سموري فلم ۾ پنهنجي مڪالمن ۽ تاثرات سان تمام سٺو اثر ڇڏيو، پر جڏهن ڪراچي ۾ فلم “باغ جنت” جو پريس شو، ان وقت جي تعليم جي وزير نثار احمد کهوڙي جي هٿان پريس ڪلب ڪراچي ۾ ڪرايو، جنهن اسان کي وڏو مان ڏنو، پر اتي ئي سندس تقرير دوران مون آهستگيءَ سان کيس چيو ته سائين مهرباني ڪري ان زبون ٿيل اسڪول جي مرمت ڪرائي، ڳوٺاڻن کي اهو هڪ اسڪول چالو ڪرائي ڏياريانو ته وڏو احسان ٿيندو، نثار صاحب به آهستگيءَ سان ڪنڌ مون ڏانهن ڪري چيو ته اهڙا ته هزارين اسڪول بند پيا آهن، آئون هڪ کي اعلان ڪريان ته ٻيا ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا ۽ ان کان پوءِ جڏهن ٽنڊوآدم ۾ ڊپٽي ڪمشنر خشڪ صاحب فلم “باغ جنت” جي شو جو مهمان خاص ٿي آيو ۽ هن متاثر ٿي ان وقت جي ايس ڊي ايم اعجاز جتوئي صاحب کي فورا اسڪول جو معائنو ڪري، رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو، اهڙي طرح مون ان اسڪول کي قائم ڪرڻ لاءِ استادن تي به بار وڌا، پر تعليم جي کاتي تي صرف حڪمرانن جي حجت هلي ٿي، سا به انهن جي يونين جي شرطن مطابق، ان ڪري فلم ٺهندي به پنج سال ٿي ويا، پر اسڪول نه ٺهيو، مون نيت ڪئي آهي ته ان فلم کي سڄي سنڌ ۾ نمائش ڪري، تعليمي جاڳڙتا مهم جو آغاز اڪيلي سر ئي ڪندس.
    مون قصو ٽنڊي آدم جي زمينداري ۽ هاري نظام جو پي ڪيو، جنهن پڻ منهنجي زندگيءَ تي ۽ منهنجي خاندان تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، ۽ ٽنڊو آدم منهنجي بلوغت جو اهو اسڪول آهي جنهن ۾ آئون نالي وارو فنڪار، فلمساز ۽ سماج سيوڪ ٿي اڀريس، جيتوڻيڪ مون ڳالهه پي ڪئي ته ٽنڊو آدم جي هارين کي علائقي جو زميندار رئيس حاجي گل محمد شورو جيڪو اڄڪلهه اسان جي علائقي جي نامور سياستدان مختيار شوري جو والد صاحب هو، جنهن مون سان ٻه ٽي جنگيون ڪري، مونکي به سنڌي وڏيرو ۽ زميندار ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ۽ آخر ۾ ڪيسن جي ڪري مونکي ڪارو ڪوٽ پائي، وڪالت به ڪرڻي پئجي ويئي، پر سنڌ ۾ سول ميٽر جو انت خانگي فيصلا يا وڏيرڪا فيصلا ئي ٿيندا آهن ۽ مون سان به ائين ئي ٿيو، مخدوم خاندان جي تعاون سان آئون چاچا شاهنواز جي حڪمت عملي سان زمينون وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويس ۽ وڏيرن سان صلح ڪري، علائقي جي رسمن ريتن کي قبول ڪري، زمينداري شروع ڪيم.
    انهن ڏينهن ۾ آئون تازو سنڌ يونيورسٽي جي چيئرمني دوران اخبارن ۾ ايندڙ مطالبن ۽ بيانن جي ڪري، نامور شاگرد اڳواڻ به ٿي چڪو هوس، ۽ ماڻهو مونکي منهنجي نالي سان ئي سڃاڻندا هئا، ۽ جيئن ته مٽيارين ۾ ڄاموٽن جي ٽڪ ڀريل اڳ ئي موجود هئي ۽ سڀ سياستدان ٿيڻ جي چڪر ۾ هئا تڏهن مون سوچيو ته اتي ڪنهن به قسم جي عزت ماڻڻ کي هي منهنجا مائٽ بدراشت نه ڪندا، ان ڪري ئي مون ٽنڊو آدم جي علائقي ۾ سماجيت به ڪئي، پر ات ٽنڊو آدم شهر جيڪو اڪثريت مهاجرن جي، سياسي قوت جماعت اسلامي جي ۽ چو طرف ڄامن، جوڻيجن، ڏيرن، شورن ۽ ورياهن جي اثر و رسوخ ۾ هو ۽ هميشه ٽنڊي آدم جي ميئرشپ يا چيئرمني سنڌين کي ئي نصيب ٿيندي هئي، پر هن سال ڏيرن ۽ جوڻيجن جي اختلاف سبب ۽ پنهنجي پارٽي سان بي وفائي ڪرڻ جي ڪري هي شهر اليڪشن ۾ جماعت اسلامي جي هٿن ۾ هليو ويو، اهڙي طرح ضلع سانگهڙ آهي ته پير پاڳاري ۽ حرن جي اثر هيٺ، پر جيئن ته وڏي پاڳاري جي انتقال کان پوءِ، هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، پير پاڳاري جا پنهنجا خاص ماڻهو به پ پ ۾ هليا ويا آهن، اهڙي طرح مختيار شورو به جڏهن صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ماڻي نه سگهيو تڏهن هن به وڃي موجوده پير پاڳاري جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري پوزيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڳهه ۽ گهربل مان نه ملڻ جي ڪري، واپس پ پ ۾ آيو پر هاڻ هن پاڻ کي غير متحرڪ رکيو آهي، ان ڪري ايندڙ صوبائي جي سيٽ به مشڪل سان مليس، ۽ هو پاڻ به هاڻ ڪاروباري ذهنيت کي وڌيڪ اهميت ڏيئي رهيو آهي، ۽ مون به جڏهن محسوس ڪيو ته اتي اهڙي کچڙي پڪل آهي، جنهن ۾ ساڙ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، ان ڪري خاموشيءَ سان پنهنجي ادبي ۽ فني زندگي ڏانهن متوجه ٿيس. حالانڪه ڪجهه وقت لاءِ علائقي جي هر مسئلي ۾ هٿ وجهي آئون غريب پروري ڪندو هوس.
    جيئن ته منهنجي ٽنڊو آدم واري زمين ۾ صرف ٿهيم ذات جا ماڻهو منهنجا هاري هئا تن جي ڪري مرحوم عبدالسلام ٿهيم جيڪو ان وقت پيپلز پارٽيءَ جو ليڊر ٿي اڀريو هو تنهن وٽ گڏجي علائقي جي غريبن جا فيصلا پڻ ڪندا هئاسون، اچانڪ ڀر واري زميندار مختيار شوري جو والد صاحب مرحوم گل محمد شورو ۽ سندن عزيز ڪريم داد شورو مون سان هڪ قديم اسان جي اباڻي زمين جنهن جا کاتا ٽنڊي آدم جي مرين، مٺو خان ۽ سندن ڀائرن جي نالي هئا ۽ اسان جي وڏن جي ڏنل زمين وٽن قبضي ۾ هئي جنهن ۾ کاتن نه بدلجڻ ڪري اسان وٽ الڳ خريدار ۽ هنن وٽ الڳ خريدار ويندا هئا، هڪ دفعي جو واقعو جيڪو ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي ڪري مون سان وابسطه ٿيو هيو، اهو هن ريت هيو ته مٽيارين ۾ اسان ڪامريڊن جو طاقتور گروپ هو، ۽ سمورن سيدن پيرن جي گروپ هڪ رات سائين پير نور شاهه مرحوم جي بنگلي تي شهر ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ اميدوار بيهارڻ جي گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سڀ موروثي سادات پنهنجي پاڙي جون سيٽون پاڻ کڻي اچي ويٺا، ۽ جيئن ته مونکي سڀ سادات، خاص ڪري ڄاموٽ صاحب ليڊر سڏيندو هو، ان منهنجو هئڻ ضروري سمجهيو ۽ مونکي ويهاري سڀني جي سامهون اليڪشن ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ چيو، مون سڀني جي سامهون چيو ته سڀ اهي موجود آهيو، جيڪي مٽياري ۾ رهندا ئي نه آهيو، بلڪه پنهنجي شهر کي پوئتي پيل ۽ نڌڻڪو سمجهي پنهنجي نسل کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي شفٽ ٿي ويا آهيو، ۽ هتي صرف هتي جا غريب خاصخيلي، ميمڻ، شيخ ۽ ٻيا رهن ٿا، ۽ خصوصا شيدي به ڪافي تعداد ۾ توهان جا پنهنجا ماڻهو رهن ٿا، تنهن ڪري هي سڀ سادات جيڪي پنهنجي پاڙي جي ميمبري پنهنجو خانداني حق سمجهن ٿا، اهي سڀئي هتي دائمي رهندڙ ذاتين جي غريب ڪلاس مان، هڏ ڏوکي نوجوان چونڊي انهن کي ڪائونسلري ڏياريو، باقي چيئرمني به ان کي ڏياريو جيڪو دائمي طرح هتي رهندو هجي، ۽ ماڻهن جي سڏ سور ۾ ماڻهن سان گڏ هجي، باقي هر اهو سادات جنهن وٽ هڪ ميمبري آهي، اهو چيئرمني جو خواب کڻي توهان جي سڏ تي آيو آهي، جيڪڏهن سڀ متفق ٿي ڪنهن اهل نوجوان ۽ هتي رهندڙ سادات کي چيئرمين نامزد ڪندا، ته پوءِ ٻيون سيٽون پنهنجن پاڙي وارن غريبن کي ڪم ڪار لاءِ ڏيندا، ته شهر ۾ ترقي ۽ سڌارو ٿيندو، باقي توهان هت چانهه پاڻي پي، پنهنجن بنگلن ۾ وڃي الڳ سياستون ڪندا، ۽ هڪٻئي جي مقابلي ۾ چيئرمني حاصل ڪرڻ لاءِ بيهي رهندا ته پوءِ آئون اعلان ٿو ڪريان، ته جيڪو به ان ميمبري کي پنهنجي ماروثي ٿو سمجهي، آئون ان جي خلاف سندن نوڪر يا پاڙي جو ڪو غريب اميدوار بيهاريندس.
    سڀ خاموش ٿي ويا، ڄاموٽ صاحب مونکي چيو ته تون ٻڌاءِ ته ڪنهن کي چيئرمين ڪريون، ته مون چيو ته اهي سڀ جيڪي ويٺل آهيو، پنهنجو پنهجو نالو جيڪو دل ۾ رکيو ويٺا آهن، اهو ظاهر ڪن ۽ پوءِ اتفاق راءِ سان انهن ۾ جيڪو تعليم يافته، باصلاحيت يا عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ، ۽ هتي در کولي ويٺل هجي، ان کي چيئرمين بڻايو. ان وقت ڄاموٽ صاحب مونکي ٻانهه کان وٺي سائين نور شاهه جي ڊائننگ هال ۾ وٺي ويندي، سڀني کي چيو ته هي توهان جي سامهون نٿو ٻڌائي، آئون ساڻس پنهنجي منهن ڳالهايان ٿو، جڏهن هو مونکي ڪمري ۾ وٺي هليو، ۽ ساڳيو سوال ڪيائين ته چيئرمين ڪنهن کي ڪجي...؟ ته مون فورا چيو ته نور شاهه مرحوم هر وقت مٽياري ۾ رهي ٿو، ۽ مسئلن کي منهن ڏيندو رهي ٿو، ان ڪري ان کي چيئرمين ڪيو وڃي، جنهن تي ڄاموٽ صاحب مونکي چيو ته نه...، تون چيئرمين ٿي، تڏهن مون چيو مانس ته آئون شاگرد سياست مان سنڌ جي سياست ڇڏي آيو آهيان، هن علائقي ۾ ۽ هن علائقي ۾ توهان ۽ مخدوم صاحب غريبن لاءِ استحصالي قوت آهيو، ان ڪري مون ڪڏهن به اليڪشن وڙهي، ته پوءِ منهنجو مقابلو توهان سان، يا طالب الموليٰ سان ٿيندو، باقي هي ننڍي سياست ۽ چيئرمني کان آئون وڏي سياست ڇڏي آيو آهيان، ۽ الله گواهه آهي ته آئون نبي پاڪ جي ان سنت تي عمل ٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن موجب پاڻ فرمايو اٿن ته خدمت جي ابتدا پهرئين پنهنجي گهر، پوءِ پاڙي ۽ پوءِ شهر ۽ پوءِ صوبي جي ڪجي. بحرحال ان وقت سائين مصلحتن خاموش ٿي ٻاهر آيو، ۽ ميٽنگ برخواست ٿي، ۽ سڀني وڃي پنهنجا اميدوار بيهاريا، ۽ مون سڀني جي خلاف پنهنجا ڪامريڊ جيڪي گهڻو ڪري انهن جا ئي نوڪر يا غريب پاڙيسري هئا، جن ۾ باقر پوٽو خاندان جي پڳدار سان اسان جو ڪامريڊ ۽ صحافي نواز علي سمون مقابلي ۾ بيٺو، جڏهن ته جلال شاهه جي مقابلي ۾ اسرار مغل بيٺو، سيد حسيني شاهه جي مقابلي ۾ غلام حسين وڏيرو بيٺو، پير الهيار شاهه جي مقابلي ۾ عبدالڪريم پٺاڻ ۽ پير غلام شاهه جي سامهون لالو منگواڻو بيٺو، مطلب ته اسان جي ڪامريڊن جڏهن جلسا جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، ته سڀني کي سر سان لڳي ويئي، ۽ سڀئي اسان کي جدا جدا منٿون ڪرڻ لڳا، اسان جو سياسي صلاحڪار ان وقت ادو “جي اين مغل” پڻ هو، جنهن جي ڪري ميڊيا ۾ اسان جو سچ ضرور ڇاپيو ويندو هو.
    هڪ رات ڄاموٽ ذوالفقار مرحوم مونکي سندس شاهه عالم وسيءَ واري بنگلي تي سڄي رات ويهاري، اهو زور ڀريو ته پاڙي واري سيٽ تي تون فارم ڀر. مون کيس ٻڌايو ته اتي آئون حاجي امجد شاهه کي بلا مقابلا آڻڻ ٿو چاهيان، باقي باقر پوٽن ۾ منهنجو پڳ مٽ يار نعيم شاهه آهي، ان جي سامهون به استو علي محمد خاصخيلي سندن ئي ماڻهو خاصخيلي جماعت طرفان منهنجو اميدوار ٿي بيٺو آهي، اهڙي طرح اسان سڀني سيٽن تي مقابلو ڪيو، پر ڄاموٽ صاحب جي خواهش مون پوري نه ڪئي، جنهن تان سائين جن جي ناراضگي ۾ ٽنڊو آدم واري زمين جيڪا مٿي ڄاڻائي اٿم، ته مٺو خان وارن جي هئي، قبضو مون وٽ هو، وڏن جي ورهاست ٿيل هئي، اهي ڄاموٽ صاحب وٽ روز وفد جي صورت ۾ ويندا هئا، ته يار محمد شاهه وارن کان اسان کي وڏن جي سودي ٿيل زمين جو کاتو مٽرائي ڏيو. ان وقت سائين ڄاموٽ صاحب پنهنجي ڪاوڙ جو بدلو وٺندي، انهن کي اجازت ڏني ته توهان ڀلي اها زمين وڪرو ڪري ڇڏيو، جن اها زمين گل محمد شورو کي وڪرو ڪري، جڏهن دستاويز تي لکي ڏنو ته مونکي به اطلاع مليو، آئون مٺو خان جن جو پڳدار دائو خان وٽن وٺي ويس، جن ٻڌايو ته اسان کي ڄاموٽ صاحب اجازت ڏني آهي، تڏهن اسان وڪرو ڪيو آهي، مونکي اعتبار نه آيو ۽ مون کائن 24 ڪلاڪن جي مهلت گهري، جڏهن مٽياري ۾ اچي ڄاموٽ صاحب سان اليڪشن جي تڪرار کان پوءِ پهريون دفعو فون ڪري پڇيم، ته ڇا توهان ئي مرين کي اجازت ڏني آهي، ته پاڻ چيائون ته ها، پر توسان اها اڃان گهٽ ٿي آهي، تڏهن مون جواب ۾ چيو ته انشاءَ الله اها حاصل ڪري، پوءِ توهان جي بنگلي ۾ حاضر ٿيندس. ان ڪري اهي اسان جا ذاتي جهيڙا اسان کي وري هڪٻئي کان جدا ڪري ويا، ۽ مون ٽنڊو آدم ۾ جيڪي به ڪيو، ان ۾ مون کي ڀٽي صاحب جي نظريات جي سپورٽ هوندي هئي، ۽ آئون علائقي جي هارين ۾ اهوئي شعور ۽ جاڳڙتا مهم جاري رکندو پي آيس، ات جڏهن گل محمد شوري وارن اها منهنجي زمين زوريءَ قبضو ڪري حاصل ڪئي، ته پوءِ آئون مجبورن مخدوم خاندان ڏي ويس، ان وقت ۾ مخدوم خاندان سياسي طرح شورا برادري جي قومي ڪنونشن جيڪو ڄام شوري ۾ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي مهمان خاص طور وڃڻو هو، تن شورن جو بيان ٻڌي انهن کي ٻني ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ۽ منهنجي خلاف عبرت اخبار ۾ ڌيان طلب ڇپيو ته طالب الموليٰ سائين جي حڪم مطابق هيءَ زمين اسان خريد ڪئي آهي، ۽ جيڪا يار محمد شاهه مختلف طريقن سان قبضو ڪرڻ ٿو چاهي، اهڙي شڪايت منهنجي ۽ هڪ مهاجر جي زمين بابت به مخدوم صاحبن جي فيصلي هيٺ پهچي ويئي، ان وقت آئون مخدوم صاحبن جي سڀني فرزندن سان امين فهيم کان سواءِ قريب ترين دوست هوس، ۽ سڀئي مون سان محبت ڪندا هئا، انهن ڏينهن ۾ چاچا شاهنواز جوڻيجو به انهن ۾ هڪ خاص مددگار جي حيثيت ۾ ايندو رهندو هو، ۽ ڪيترا فيصلا خليق الزمان ۽ امين فهيم جي ڪري ساڻن گڏجي ڪندو هو، ان وقت منهنجا ٻئي فيصلا جيڪي منهنجي طرفان خليق الزمان زور ڏيئي، منهنجي حق ۾ ڪرائن لاءِ وڏن سائين جن کي چوندو رهندو هو، تن جڏهن شاهنواز کي منهنجا فيصلا ڪرڻ لاءِ چيو، تڏهن چاچا شاهنواز مونکي چيو ته ڀائيٽيا (چاچا مونکي پيار مان چوندو هو) اهو فيصلو مخدوم هائوس بدران، منهنجي بنگلي تي ڪرائيندي ته بهتر ٿيندو ۽ پوءِ منهنجا اهي فيصلا چاچا شاهنوار جي ڳوٺ ۾ ٿيا، جن ۾ مونکي هن زمين واپس وٺرائي ڏني، پر جيتري ۾ هنن خريد ڪئي هئي، ان کان ٻيڻي رقم تي مونکي وٺڻ لاءِ چيو ويو، ۽ جيڪو منهنجي فصلن جو نقصان ٿيو اهو به مونکي ڀري ڏنو ويو، جڏهن ته مهاجرن واري ٻني شورن کي ڦٻي ويئي، ڇو ته اهو مون سان تپيدار جو فراڊ ٿيل هو، ۽ مون به ان تان هٿ ڍرو ڪيو هو، باقي مرين واري ٻني مونکي ملي، ۽ شورن سان منهنجو ڀائرن وارو رستو شروع ٿيو.
    پيپلز پارٽيءَ جي عروج جي دور ۾ مٽياري ۾ اسان “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” کان پوءِ سماجي سيوا لاءِ سماجي تنظيم “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” قيام به عمل ۾ آندو هو، جنهن ۾ سڀ ساڳيان ساٿي گڏ ٿي ڪم ڪندا هئاسون، اهي جيڪي اليڪشن ۾ بيٺا هئا، انهن جو انجام جيڪو ٿيو، اهو هن ريت هيو ته اسان جي اميدوارن کي وڏيرن اغوا ڪرڻ، مارون ڪڍڻ ۽ قرآن ڏيئي بيان ڦيرائن لاءِ چيو، پر هر ڪارڪن جو اسان وٽ به قرآن تي قسم کنيل هيو، جنهن جي ڪري هر وڏيري کي هنن چيو ته توهان اسان سان جيڪو وعدو ڪيو آهي، ته ٽي سيٽون وٺندئو ۽ ٻه ڏيندئو ته پوءِ اسين توهان جي حق ۾ هٿ کڻنداسين، ورنه اسان جو به قسم کنيل آهي.
    ان رات اسان پنهنجن اميدوارن کي پاڻ اغوا ڪري، لڪائي رکيو، پر پير نور شاهه ۽ سيد خدا ڏنو شاهه اسان جا اميدوار لالو منگواڻو جيڪي مخدوم صاحبن جا مريد آهن، عبدالڪريم پٺاڻ جيڪو غريب هوٽل وارو هو، معاهدي مطابق ٻئي ڏينهن اسين اهي اميدوار اليڪشن آفيسر جي سامهون پيش ڪري هٿ کڻايون ها، ۽ هو پنهنجن اميدوارن کي هٿ کڻائين ها، جنهن ۾ اسان کي ٻه، ۽ هنن کي ٽي سيٽون نصيب ٿين ها، پر هنن اسان جي اميدوارن کي زبردستي مار موچڙو ڪري، مائٽن هٿان زبردستي اسان جي خلاف بيان ڏيارڻ لاءِ لڪائي وڃي ٻانهون پيرن جي حوالي ڪيون، جڏهن ته معاهدي مطابق صبح جو اسان سان هو گڏجي هلن ها، پر صبح جو سوير جي اين مغل صاحب مونکي اچي ٻڌايو، ته هو دغا ڪري اسان جي ئي اميدوارن کان، سندن اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا آهن، يعني هو اسان جا نه بلڪه هنن جا ئي ماڻهو ٿي، هنن جي حق ۾ هٿ کڻندا، ان وقت آئون تيار ٿي نڪتس، منهنجو ڊرائيور استاد مرحوم منظور خاصخيلي، سائين پير نور شاهه جي پٺيان ۽ ٻي گاڏي سائين الهيار شاهه ۽ جلال شاهه جي پٺيان لڳي، ۽ اسان سندن فل اسپيڊ ۾ پيڇو ڪري هالا ڪورٽ جي احاطي مان، ٻئي اميدوار هٿن مان ڦري، گاڏين ۾ کڻي اچي مخدوم هائوس تي، طالب الموليٰ سائين ۽ امين فهيم وٽ پيش ڪيا، جن فيصلو ڪيو ته يار محمد شاهه سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو آهي، اهو پورو ڪيو وڃي، پر مٽيارين مان خدا ڏنو شاهه ۽ هالا ۾ ويٺل اسان سان گڏ سائين نور شاهه، اسان سان سياڻپ ڪري اسان جي همراهه غلام حسين وڏيري کان مرحوم فضل علي شاهه، جيڪو پير نور شاهه جو ڀيڻويو پڻ هو، ان جي حق ۾ اسان غلام وڏيري کان هٿ کڻايو، جڏهن ته هنن کي اسان جي همراهه جي حق ۾ جلال شاهه کان هٿ کڻائڻو هيو، پر هنن وڏيرڪي سياڻپ سان صرف اسان جي همراهه کي هٿ کڻايو، جنهن ۾ سندن عزيز بنامقابلي چونڊجي ويو، جڏهن ته ٻين سڀني سيٽن تي ڀرپور مقابلو ٿيو، ۽ هر پولنگ تي اسان جا اعتراض ۽ سندن جهيڙا اسان سان جاري رهيا، ڪجهه سيٽون اسان کٽيون، اڪثريت هنن جي هئي، چيئرمني ساڳي پير نور شاهه کي ملي، ۽ پير نور شاهه کي پيپلز پارٽيءَ ۾ آڻڻ لاءِ مون مخدومن کي به چيو، ۽ ماحول به تيار ڪيو، ڇو ته مٽياري ساداتن جيڪو سادات اتحاد قائم ڪيو هو، ان ۾ سائين نور شاهه کي اهميت ئي نه ڏني ويئي هئي، ۽ ان وقت ئي مون پيپلز پارٽيءَ ۾ سائين قائم علي شاهه تائين پنهنجن وسيلن سان اهو مشورو ڏنو، ته پير نور شاهه کي اڪيلو ڪيو ويو آهي، ۽ هو پ پ جو حامي آهي، ان تي هٿ رکيو وڃي، ان کان پوءِ سڀ حالتون اهڙيون ٿيون جو سائين نور شاهه پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ۽ عملي سياست پنهنجي پٽ امير شاهه جي ايم پي اي ٿيڻ تائين جاري رکندو آيو، پر الله جنت نصيب ڪريس، بلدياتي اليڪشن ۾ اسان ساڻس دوبدو مقابلو ڪيو، جيڪا هڪ مريد جي حيثيت ۾ منهنجي جوانيءَ جي غلطي هئي، ۽ شهرين ۽ غريبن سان ڪيل واعدو پارڻ جي مجبوري به هئي، بحرحال سائين جي انتقال کان ڏهه سال اڳ مون کائنس پيرين پئي، پنهنجي بي ادبي جي معافي ورتي هئي، ۽ ساڻس سٺو رشتو نڀائيندو رهيس، ۽ اولاد سميت اڃان تائين هن گهراڻي سان پنهنجي وابستگي هڪ مريد جي حيثيت ۾ رکندو اچان، ۽ اسان جو موجوده گادي نشين پير الهيار شاهه جيڪو پڻ منهنجي هٿن جو ٻار هو، پر هن وقت هو اسان جو مرشد ۽ درگاهن جو گادي نشين آهي، ان سان اسان جي اخلاقي نيازمندي قائم آهي، جڏهن ته ان بلدياتي اليڪشن ۾ مون سندس مقابلي ۾ به اميدوار بيهاريو هو، جنهن جي حق ۾ کين هٿ کڻڻو هو، اهو معاهدو پير نور شاهه مرحوم ڪيو، پر صبح جو سندن ارادا بدلجي ويا هئا، ۽ منهنجي اميدوار کي حراسمينٽ ڪري هٿ کڻائڻ لاءِ هالا ڪورٽ ۾ پهچي ويا، ۽ مون ات وڃي پير نور شاهه جي هٿ مان لالو منگواڻو ۽ سائين الهيار شاهه جي هٿ مان عبدالڪريم پٺاڻ ٻئي پنهنجا اميدوار هالا ڪورٽ مان ڦري، پنهنجي گاڏيءَ ۾ چاڙهي غائب ڪيم، ۽ ان کان پوءِ ٻنهي کي چيم ته توهان هلو مخدوم صاحبن وٽ ته فيصلو ڪريون، جيڪو آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان.
    ٻڌائڻ اهو پئي چاهيم ته پير الهيار شاهه اڄ اسان جي لاءِ دل مان سموري ڪاوڙ ڪڍي، ٻچن مائٽن وانگر هڪ گهر جي حيثيت ۾ اسان سان نڀائيندو اچي، ۽ سندس ٻچا پڻ اسان سان پنهنجي عزيزن وانگر هلن ٿا، جڏهن ته سائين نور شاهه جو اولاد سان اسان جو تعلق به ساڳي محبت وارو آهي، پر ويجهڙائپ ۽ حجت پنهنجن واري نه آهي، تازو مرحوم جو ٻارهو ڪيو ويو، ۽ اسان مريدن کي ڪم ڪار لاءِ ۽ صلاح سوليءَ لاءِ دستور موجب سڏيو به نه ويو، نتيجن بدانتظامي جي ڪري مرحوم جي ٻارهين ۾ ڪيتريون شڪايتون ڌارين ۽ پنهنجن کي ٿينديون رهيون، مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي، جيڪا پڻ آئون تاريخ جو حق سمجهي تحرير ڪريان ٿو، سائين پير نور شاهه مرحوم جي طرفان هر سال ڏهين محرم جو، جنهن وقت سڄي شهر جا ماتمي جلوس، سخي بادشاهه تي اچي ويندا هئا، ته مغرب جي اذان وقت دعا ٿيندي هئي، ته ان وقت سائينءَ جي طرفان نياز ۾ 200 کن ديڳيون تقسيم ڪرڻ لاءِ، عوام اڳيان رکيون وينديون هيون، جيئن دعا ختم ٿيندي هئي، ته ماڻهو اهو نياز ديڳين مان ٽوالن ۽ ٿيلهين ۾ کڻي هاريندا، بي ادبي ڪندا ويندا هئا، ۽ سفيد پوش بيٺا اهو نظارو ڏسندا هئا، پر اهڙي حالت ۾ سفيد پوشن ۽ عزادارن کي اهو نياز صحيح معنيٰ ۾ نصيب نه ٿيندو هو، ۽ بي ادبي ۾ تقريبا گهڻي ڀاڱي غير مسلم باگڙي، جيڪي ان پريڪٽس جا ماهر ٿي چڪا هئا، يعني سڄي ديڳ لاهي، ڀاڻ جي ڪٽي ۾ اٿلائي کڻي هليا ويندا هئا، جنهن جي ڪري مونکي نياز جي بي حرمتي جي تڪليف ٿيندي هئي، ۽ آئون هر سال سائين جن کي ان نياز کي احترام سان کارائڻ لاءِ يا ورهائڻ لاءِ چوندو هوس، پر اها ڳالهه نه مرحوم مڃي، نه سندس اولاد ان ڳالهه تي توجهه ڏنو، نتيجو اهو ٿيو جو سندس ٻارهين تي سفيد پوش ۽ معززين بنا ماني کائڻ جي هليا ويا، ۽ اهي ئي ساڳيان هريل جيئن ئي ماني ٽيبل تي لڳي ٿي، ته هو ٿيلهيون ڀري کڻي هليا ويا، ۽ دعوتي ۽ سفيد پوش ڏسندا رهيا، بحرحال منهنجو فرض آهي ته هن خاندان جي اصلاح لاءِ آئون سندن هر غمي خوشي ۾ ساٿ ڏيندو رهان، اصلاح ڪندو رهان، ڇو ته سائين سخي هاشم شاهه اسان جو مرشد هو، ۽ جنهن بنگلي ۾ موسيٰ محلي يعني ڄاموٽ محلي ۾ جتي منهنجو بنگلو آهي، ان جي هڪ ڪمري ۾ اڄ کان سوين سال پهرئين جڏهن سخي هاشم شاهه، ميون سيد حاجي ۽ حبيب سائين (لطيف سرڪار جو والد) ان ئي جاءِ تي ڪچهرا ڪندا هئا، ۽ سخي هاشم شاهه جي دعا سان حبيب شاهه کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فرزند عطا ٿيو هو، جيڪو پڻ پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ انهيءَ ئي جاءِ تي موسيٰ محلي ۾ ست سال قيام ڪري چڪو هو، جتي سندس صوفي فقير سڄي سنڌ مان اچي ساڻن ڪچهرا ڪندا هئا، وايون ڳائيندا هئا، ۽ سندن انتقال کان پوءِ صوفي فقيرن جو اهو سلسلو جاري هوندو هو، جيڪي پيدل سنڌ مان ايندا هئا، ۽ ان جاءِ تي وايون ڳائي حاضري ڏيندا هئا، ۽ منهنجو والد صاحب انهن کي ڪڻڪ جو ڏريو پاٽين ۾ کارائيندو هو، جڏهن اهي ويندا هليا هئا، ته آئون انهن جو نقل ڪندي، گيڙو پوشاڪ، قندُري ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي، آئون به هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ، پيدل مانيون ٻڌي سفر تي نڪتس، اڃان اڌ ميل سفر ڪري ٿاڻي جي ڀر ۾، هڪ جهنگ وٽ قيام ڪري طعام کاڌوسين، ته ڀاءُ کي مائٽن جا موچڙا اچي ياد پيا ۽ اهو مونکي ڇڏي ڀڃي ويو، نتيجن آئون به آيس ۽ مون به ان عمل جا پادر کاڌا. اهو ذڪر ته لطيف سرڪار هن اسان جي آستاني تي 7 سال قيام ڪيو، ان جي تصديق ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان لطيف جو پنجابي ٻوليءَ ۾ انڊيا مان آيل ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيل اڄ به موجود آهي ته لطيف سرڪار مٽيارين جي موسيٰ ساداتن ۾ ست سال قيام ڪيو.
    ٻالڪ پڻ ۾ انيڪ واقعا مون کان سرزد ٿيا، جن مان خاص خاص جيڪي ياد اچن پيا، تن ۾ اسڪول لائيف ۾ آئون اسڪائوٽ ڪيمپ لاءِ به گهران بنا اجازت ڀڄي نڪتس، ۽ اسڪول جي طرفان اسان ٻه شاگرد آئون ۽ ٻيو مرحوم منظور خاصخيلي منهنجو ڊرائيور ۽ استاد به جيڪو ڪلاسي به هو، ٻئي گڏ حيدرآباد ۾ لطيف آباد جي پوڻي ستين نمبر ۾ هڪ اسڪائوٽ ڪيمپ ڪئي ويئي هئي، جڏهن ته ان زماني ۾ ات چوطرف جهنگ ئي جهنگ ۽ ويراني هئي، ان جهنگ جي وچ ۾ اسان جا تنبو هڻي، ڪيمپ لڳائي، ٽي ڏينهن مختلف تربيتون ملنديون رهيون، جن ۾ رات جو ڪيمپ فائر تي ٽيبلو پيش ڪياسون، ۽ ٻي اسڪائوٽ جي ضروري تربيت حاصل ڪري، ٽن ڏينهن کان پوءِ واپس اچي مائٽن جا پادر کاڌاسين.

    اهڙي طرح “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جو وجود به اسڪول دوران عمل ۾ آيو، جنهن ۾ ٻه اسٽيج ڊراما “راز” ۽ “بدلو” باقر پوٽن جي بنگلي ۾ ڪياسون. جن ۾ مرحوم محمد نعيم شاهه، ذوالفقار شاهه، حسين رضا شاهه، مرحوم امداد شاهه ۽ گل حسن شاهه، محمد علي شاهه، اسرار احمد مغل، غلام حسين ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته اسڪول ۾ به ڪيمپ فائر ٿي ته ان ۾ مون جسماني ڪرتب به ڏيکاريا، ۽ ٽيبلو به پيش ڪيا، جنهن تي مونکي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. ان کان پوءِ هڪ دفعو ڏينهن جي ٽائيم تي هائي اسڪول ۾ اسٽيج ڊرامون پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ مون ٺڳ جو رول ادا ڪيو، جنهن جي شڪايت مائٽن کي ملي، ان تان به مار ملي، وري جڏهن 1964 ۾ مئٽرڪ ۾ داخل ٿياسون، تڏهن سڀ ڊراما پسند دوست هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪري “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جو وجود عمل ۾ آندوسين ۽ انهن جي طرفان پهريون اسٽيج ڊرامون ۾“ٺڳيءَ جو ٺاهه” هائي اسڪول جي پلي گرائونڊ تي پيش ڪيوسين، جنهن جو مهمان خاص لاءِ سائين پير نور شاهه کان واعدو ورتوسين، ۽ سڀ ساٿي چندو ڪري ڊيڪوريشن وغيره کڻي آياسين، اسڪولن مان بينچون ۽ ڪرسيون ڪڍيوسين، جن سيدن پيرن کي، وي آئي پي سمجهي، اڳيان ويهڻ جا دعوت نامه ڏناسون، انهن وٽان صوفا به کنياسون، ڊرامون ون ايڪٽ هو جنهن جو ليکڪ، هدايتڪار ۽ مرڪزي ڪردار مون ڪيو، ڊرامي جو نالو “ٺڳيءَ جو ٺاهه” هو، ۽ هي ڊرامون منهنجي طرفان ڏنل اخبار ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان، ۽ اداڪارن جي ڀرتي جو هو، جنهن ۾ مختلف مزاجن جا ماڻهو اداڪاريءَ جي لاءِ اچن ٿا جن ۾ ٻين اداڪارن ۾ غلام حسين ميمڻ، سيف الدي قاضي، اسرار احمد مغل، نواز علي سمون، پير بهائوالدين سرهندي، پير آغا عبدالرحيم جان سرهندي، پير وهاب الدين سرهندي، گلزار کوسو، مٺو ڏاهري، ماما لالو (اصلي) ۽ ٻيا دوست شامل هئا، جيئن ته ڊرامو ون ايڪٽ هو، ۽ پهريون دفعو ايڏي وڏي ليول تي شهر ۾ ڊرامو ٿي رهيو هو، ان ڪري مهمان خاص دير ڪئي ۽ عوام ۽ ٻيا وي آئي پيز ڪافي انتظار ڪري چڪا، ته مون ڊرامون شروع ڪري ڇڏيو، ڊرامون رات جي 10 بجي شروع ٿيو، فجر تائين هلندو رهيو، ۽ جيڪي شهر ۾ نالي وارا چرچي باز هئا، جن ۾ ابراهيم حجام، سڪيلڌو حجام سنڀري ٽوڪون هڻڻ لاءِ اچي ويٺا، تن کي اسان جي طرفان اسٽيج تان اهڙا جواب مليا جو هنن جي بولتي بند ٿي ويئي، ۽ ڊرامون ايترو ڄمي ويو، جو بس اسٽينڊ تان ويندڙ ٽريفڪ بيهي رهي، ماڻهون بسن مان لهي آيا، گهرن مان مائٽ اولاد کي ڳولهڻ آيا، اهي به ڊرامون ڏسڻ ۾ مهو ٿي ويا، ۽ مهمان خاص سائين پير نور شاهه کي اچانڪ مون اداڪاري ڪندي ڏٺو ته هو ورانڊي ۾، پائي جي پٺيان، لڪي ڊرامون ڏسي رهيو هو، مون نموني سان ڪنهن کي چيو ته وٺي اچي سائينءَ کي ويهاريو، پر آئون جيئن ته مرڪزي ڪردار ڪري رهيو هوس، ۽ سڀ مون وٽ انٽرويو ڏيڻ لاءِ اچي رهيا هئا، ۽ جن کي ڇڏي آئون سائين کي وٺڻ لاءِ وڃي نه پئي سگهيس، ۽ سائين آخر تائين بيهي ڊرامون ڏٺو، ڊرامي ختم ٿيڻ تي اسٽيج تي اچي ڀاڪر پائي، مونکي چيائين ته تون کي خبر نه آهي، ته آئون ٽن ڪلاڪن کان بيهي ڊرامون ڏسي رهيو آهيان، دير جي معافي ٿو وٺان، مون سمجهيو ته ڪا ٻاراڻي ڳالهه آهي، سو وڃي ڪجهه دير لاءِ ٿي ايندس، پر هتي اهڙو مزو آيو جو نه ٿڪ جو احساس ٿيو ۽ نه ئي وري وقت جو ڪو احساس ٿيو، ان کان پوءِ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي طرفان مٽياري ۾ گورنر رحمان گل ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ مهمان خاص هيو، ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا سمورا نامور فنڪار ميلي تي آيل هئا، اسان مٽياري ۾ سائين محبوب علي شاهه جي ڪارخاني واري پلاٽ ۾ ڊرامون “ڏکايل دليون” جيڪو مون ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي لکيل ڪتاب “عبرت ڪده” تان متاثر ٿي لکيو، جنهن جو تت اهو هو ته آئون چرين جو ڊاڪٽر آهيان، پير بهائو الدين منهنجو ڪمپائونڊر آهي، معاشري جا بگڙيل نوجوان سندن والدين جي معرفت مون وٽ اسپتال ۾ علاج لاءِ اچن ٿا، جنهن ۾ معاشري جا سڀ ڏک سور گهاريندڙ ڪردار اچن ٿا، آخر ۾ جڏهن صحافي انهن جو انٽرويو ڪرڻ اچن ٿا، ۽ انهن جي چريائپ وارين ڳالهين تي ٽهڪ ڏين ٿا، ته ڊاڪٽر به بيوس ٿي چريو ٿي پئي ٿو، ۽ مريضن کي چوي ٿو ته هي توهان کي معاشري جو سٺو انسان بنجڻ ڪونه ڏيندا، هر هنڌ توهان کي تماشو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا، توهان کي تڪليفون به هنن ڏنيون آهن، ۽ توهان کي به انتقام هنن کان ئي وٺڻو آهي، اڄ کان توهين آزاد آهيو، ائين چئي ڊاڪٽر مريضن جي هٿن ۾ مري وڃي ٿو ۽ پير بهائو الدين آخر ۾ روئيندو چوي ٿو ته ڊاڪٽر تون ئي ته هنن جو ماءُ پيءُ هئين، تون هنن کي ڪنهن جي آسري ڇڏيو پيو وڃين...؟؟؟، لاش چرين جي هٿن ۾ آهي ۽ پير بهائو الدين تي گانو “او دور ڪي مسافر، هم ڪو ڀي ساٿ لي لي، هم رهه گئي اڪيلي” بيڪ گرائونڊ ۾ هلايو ويو، ان منظر تي اهي شائقينن به روئيندا رهيا، جن کان پهريون دفعو ويهه رپيا ۽ پنجاهه رپيا ٽڪيٽ ورتي هئي سون، جنهن مان خرچ مس ڪڍي سگهياسين، پر ان وقت ڀٽ شاهه جي ميلي مان واپسيءَ تي حيدرآباد جي ريڊيو جا سڀ فنڪار ۽ پروڊيوسر اهو ڊرامون ٽڪيٽ وٺي، بيهي ڏسڻ لڳا، جن ۾ مرحوم سيد صالح محمد شاهه، الهه بخش شاهه بخاري، عبدالحق ابڙو، مراد علي مرزا ۽ ٻيا شامل هئا، جن پڻ اسٽيج جي پٺيان اچي، مونکي داد ڏيندي چيو ته اهڙو زبردست ڊرامون تون اسان سان گڏ حيدرآباد ۾ اوپن ايئر ٿيٽر ۾ گڏجي ڪر. ان کان پوءِ ٻالڪ پڻ ۾ آئون “ڪراچي هوٽل” حيدرآباد ۾ پنهنجي دوست نواز علي سمي سان گڏ وڃي ويهندو هوس جتي ان وقت جي سنڌي فنڪارن جن ۾ مشتاق چنگيزي، مصطفيٰ قريشي، عبدالحق ابڙو، صالح محمد شاهه، انور سولنگي، مشتاق مغل ۽ عبدالڪريم بلوچ سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. ڪراچي ٽيليويزن جو وجود عمل ۾ اچي چڪو هو، ۽ جنهن تي روز هڪ سنڌيءَ ۾ پروگرام نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ هڪ ڏينهن ۾“ناٽڪ رنگ” ته ٻئي ڏينهن “ڪچهري” وري “ٻارن جو پروگرام” نوجوانن جي ڄاڻ جو پروگرام “پرک” ۽ آبادگارن جا زرعي پروگرام به هلندا هئا، پر بلوچ صاحب “ناٽڪ رنگ” ۾ اڄ جا سڀ نامور سنڌي پروڊيوسر، فنڪار ۽ رائيٽر متعيارف ڪرايا، جيئن مرحوم طارق اشرف پنهنجي “سهڻي” رسالي جي ذريعي سنڌ جا سمورا نامور شاعر ۽ ليکڪ نروار ڪيا، تيئن پي ٽي وي تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو، جنهن سنڌي زبان ۽ ثقافت ۽ فنڪارن جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي هر شعبي کي بين الاقوامي سطح تي ممتاز مرزا سان گڏ ثقافت جي سيڪريٽري حميد آخوند سان ملي ڪري، علڻ فقير، مائي ڀاڳي، زرينه بلوچ، مصري جوڳي، خميسو خان، الهه بچايو کوسو، اقبال جوڳي ۽ ٻين ڪلاڪارن کي سنڌ جي ڪلا سميت نروار ڪيو. انهن ڏينهن ۾ بلوچ صاحب مون سان دوستي رکي ۽ مون ڪراچي هوٽل واري ماحول ۾ پاڻ کي ان وٽ بطور فلمساز پيش ڪيو، ۽ فلم ٺاهڻ جي خواهش ڪئي، عبدالڪريم بلوچ روز مون سان رات جو ڪچهري ڪندو هو، عبدالرحمان ميمڻ جيڪو سندس دوست هو ۽ ڪراچي ٽيليويزن تي فلم ايڊيٽر پڻ هو، اسان ٽئي ڄڻا روز ڪا نه ڪا ڪهاڻي ٺاهيندا هئاسون، ان دوران اتفاق سان مرحوم مظفر حسين سومرو جيڪو سائين شهاب الدين شاهه ۽ سائين فيروز دين شاهه جو قريبي ساٿي هو. جيڪو لاهور فيملي پلاننگ جي محڪمي ۾ نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ وڃي رهيو هو، آئون به فارغ هوس ۽ مون خواهش ظاهر ڪئي ته سائين مونکي لاهور وٺي هلي، هن آمادگي ڏيکاري ۽ آئون حسب معمول لڪي، بنا اجازت جي، ڪپڙن جي بيگ ڀري، لاهور لاءِ ان سان گڏجي ويس، ان زماني ۾ لاهور ۾ بيل باٽم پتلون پاتي ويندي هئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٽاپ ٽيڊي پائي ويندي هئي، سڄي سفر ۾ لاهور پهچڻ تائين اهو سوچيندو رهيس ته، پنهنجي چاچي حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ عرف “ايس گل” ۽ “گل حيدر” کي ڪيئن آماده ڪريان ته هو مونکي فلم ۾ چانس ڏياري، جڏهن ته هو اسان جي خاندان جو پهريون فرد هو جنهن انڊيا ۾ وڃي اداڪاري ڪئي، فلمسازي ڪئي ۽ برصغير جي مشهور هيروئن راگني کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو، جيڪا ساڻس گڏ گلبرگ ۾ رهندي هئي، ۽ پاڻ اداڪار، موسيقار ۽ فلمساز جي حيثيت ۾ ڪئين ڪارناما ڪيائون، پر آخر ۾ کين سنڌ ۾ اچي سنڌي فلمون ٺاهڻيون پيون. مون چاچا کي آماده ڪرڻ لاءِ ڪئين ڳالهيون گهڙيون، پر جڏهن هوٽل مان وٽس ملاقات لاءِ ويس ته پاڻ اچڻ جو سبب پڇيائين، مون ٻڌايومانس ته ڪاليج جي موڪل آهي، ويڪيشن گذارڻ لاءِ ڪجهه دوستن سان گڏ آيل آهيان، پاڻ ان وقت ڊرائيور ۽ گاڏي ڏنائين ته وڃي هوٽل تان سامان کڻي اچي هتي بنگلي ۾ رهه، آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڊرائيور سان گڏ وڃي، سامان کڻي بنگلي تي آيس جتي مون لاءِ هڪ ڪمرو مخصوص ڪيو ويو. صبح ساڻ خان صاحب مرحوم اميد علي خان گويو جيڪو کين رياض ڪرائڻ لاءِ 8 بجي صبح جو اچي ويو هو ۽ مون اچانڪ سندس ڪمري ۾ رڙيو ٻڌيون ته آئون خوفزدهه تي ويس، پوءِ آهستي سندس ڪمري ڏي آيس ته پاڻ خان صاحب اميد علي خان گڏ ڪلاسيڪل راڳ ۾ پلٽا هڻي رهيا هئا، آئون خاموشي اختيار ڪري پاسو وٺي ويهي رهيس، ۽ چاچا سان صبح جو ناشتو ڪيم، چاچا اميد علي خان کي گهر ڇڏڻ لاءِ نڪتو ته مونکي به پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ وهاريائين، خان صاحب اميد علي خان کي ڇڏڻ کان پوءِ، سندن مال روڊ تي پيٽرول پمپ پٺيان قائم آفيس ۾ اچي ويٺاسون، اتي سندن سيڪريٽري شاهه جي ۽ مشهور اداڪار ۽ صحافي اسد جعفري ويٺل هئا، جن کي چاچا ڪجهه پئسا ۽ گاڏي ڏيئي چيو ته توهان وڃي هن کي سڄو شهر گهمايو، ۽ آئون پاڻهي ٻي گاڏي ۾ گهر هليو ويندس، توهان شام جو هن کي اتي ڇڏڻ اچجو، هو جڏهن مونکي گاڏي ۾ وٺي شهر ۾ هلڻ لڳا، ته مون کان پڇيائون ته ڪيڏانهن هلجي، ته مون وراڻيو ته مونکي اسٽوڊيوز ۾ وٺي هلي فلمن جون شوٽنگون ڏيکاريو، جڏهن اسان باري اسٽوڊيو ۾ پهتاسين ته ان وقت مشهور فلم “بدنام” جو گانو “بڙي بي مروت هين يه حسن والي” اداڪاره زمرد تي شوٽ ٿي رهيو هو، مونکي ڪرسي رکي شوٽنگ ڏسڻ لاءِ ويهاريو ويو، ۽ چاچا جي اسٽوڊيو ۾ آفيس به هئي، ۽ وڏي عزت به هئي، تنهن ڪري سڀ مونکي عزت ڏيڻ لڳا، ان وقت جي مشهور اداڪاره رخسانه منهنجي ڀر ۾ ڪرسي رکي اچي ويٺي، ان کان پوءِ وري ٻئي سيٽ تي محمد علي ۽ زيبا جي فلم “انسانيت” جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، ۽ هدايت ڪار ايس سليمان زيبا سان هڪ طرف ڪارنر ۾ ڇيڙخاني به ڪري رهيو هو، جڏهن ته محمد علي ۽ زيبا جي ان وقت اڃان شادي ڪانه ٿي هئي.
    شوٽنگ وقت هڪ هدايتڪار جهانگير جيڪو ان وقت فلم “الفت” ٺاهي رهيو هو، ۽ ان فلم جا ڪجهه سيٽ به هن ئي اسٽوڊيو ۾ لڳل هئا، نمايان اداڪارن ۾ حبيب ۽ ٻيا شامل هئا، مون اسد جعفري جي معرفت هدايتڪار جهانگير کي سندس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي، جنهن منهنجو جائزو وٺي، مون سان ها ڪئي، پر شرط اهو وڌو ته مونکي ايس گل صاحب چوندا ته پوءِ توهان لاءِ ڪردار ڪڍي وٺبو، مون گهر اچي چاچا سان ماني کاڌي، ان وقت چاچا جي سموري فيملي جن ۾ پٽن جو تعارف ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان، هڪ فاروق شاهه جيڪو اڳتي هلي پي آئي اي جو ڊي جي ٿيو، ۽ ٻيو حسنين شاهه جيڪو آغا خان ۾ اڄ به فزيشن آهي، ۽ سندس شادي ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي نياڻي سان ٿي، اهو اڃان تائين مون سان نڀائيندو اچي، ۽ ان مونکي ۽ چاچا کي قريب ترين ڏٺو، خير قصو لاهور جو آهي ته لاهور مان نڪرون، مون مانيءَ جي ٽيبل تي سڀني فيملي فردن جي وڃڻ کان پوءِ چاچا کي چيو ته توهان مهرباني ڪري هدايتڪار جهانگير کي چئون ته هو مونکي سندس فلم “الفت” ۾ ڪو ڪردار ڏي، تنهن تي چاچا سنجيده ٿي ويو، ۽ مونکي هڪ ڪلاڪ جو اهڙو ليڪچر ڏنو، جو مون سوچيو ته هاڻ هڪ لمحو به آئون هن گهر ۾ نه رهندس، پاڻ ڪمري ۾ ويا ته مون ڊرائيور کي چيو ته هو مونکي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي اچي، بنگلي کي الوداعي نظر وجهندي چاچا کان موڪلائڻ کان سواءِ، اکين ۾ لڙڪ آڻي، ٿڌو ساهه ڀري، پاڻ مرادو چيم ته چاچا هڪ ڏينهن توهان کي منهنجي ضرورت ضرور پوندي، ۽ پوءِ ٽرين ۾ ابن صفي جو ناول پڙهندي، اچي حيدرآباد نڪتس. ان کان پوءِ وري شاهه ڪلچرل سوسائٽي جي ساٿين کي گڏ ڪيم، پر ان وچ ۾ مونکي پنهنجي خانداني حيثيت جو به احساس ٿيڻ لڳو، ته اسان ٽي ڀائر آهيون ۽ ڇهه ڀينرون، والده ۽ والد صاحب جيڪو ڪن ماڻهن جي سازش ۾ ۽ پنهنجي شوق شڪار ۾ هميشه گهر کان پري رهيو، گهوڙا، ڪڪڙ، ڪتا، باز، تتر سندس شوق رهيو، ان شوق ۾ هو اڪثر لاهور يا اتر ۾ وقت گذاريندو هو، ۽ زمينون تقريبا مقاطعي ۾ يا وڪرو ڪري چڪو هو، سندن ماما سيد خدا ڏنو شاهه ۽ سيد شاهه محمد شاهه جن جون زمينون هيون، نياڻيون هيون، پر پٽڙا ڪونه هئا، پٽن جي جاءِ تي هو اسان کي پٽ سمجهي پيار ڪندا هئا، ۽ اسان به سندس خدمت ڪندا هئاسون، والد صاحب باقي 40 ايڪڙن جو هڪڙو ٽڪرو هو، جيڪو هڪ زوراور هاريءَ جي قبضي ۾ هو جيڪو بابا کي صرف پنهنجي گهوڙيءَ لاءَ ٻاجهر جا ٻه ٽي مڻ ڏيندو هو، مون جائزو ورتو ته هاڻ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ گهرجي، سو جڏهن ان ٻنيءَ تي شوق سان ڪڻڪ جو فصل پوکيم، ۽ خواب ڏٺم ته فصل لهندو ته آئون هيئن ڪندس يا هونئن ڪندس، پر فصل لهڻ تي بابا ۽ امان پنهنجي پسماندگيءَ جو احساس ڏياريندي چيو ته فصل گهر ۾ ايندو، تونکي جيڪا ضرورت هوندي اها ڏني ويندي، مون بغاوت جو علم بلند ڪيو، ۽ ان وقت گهر ڇڏي حيدرآباد ۾ گنج بخش شاهه جي پڙ ۾ پنهنجي پيءَ جي ڀڦي جنهن کي اسان ڏاڏي به چوندا هئاسون، پر هو تعويذ ٽوڻا ڪري جيڪو ڪمائيندي هئي، اهو مون تي خرچ ڪندي ۽ منهنجو چاچو مرحوم پريل شاهه، جيڪو ان وقت مخدوم طالب الموليٰ ۽ پير غلام رسول شاهه جيلاني جو قريب ترين هو، ۽ فاطمه جناح واري اليڪشن ۾ ايوب خان جي مدد ۾ طالب الموليٰ سائين کي ٿرپارڪر جا ڪيترا ميمبر هٿ ڪري آڻي ڏنا، مون چاچا جو پاسو جهليو، ان زماني ۾ چاچا مونکي روز 500 روپين جي خرچي ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته ڪنهن ٽانگي يا رڪشا ۾ چڙهڻ بدران، وڏي گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهندا ڪريو، پر آئون نئين نئين سائيڪل هلائڻ سکيو هوس، سو کائنس پئسا وٺي لڪ ۾ وڃي سائيڪل هلائيندو هوس، ۽ ان وقت ۾ سچل آرٽس ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا به ورتي هيم، اوچتو مونکي نوڪري ڪرڻ جو جنون جاڳيو، ميٽرڪ پاس هوس، بابا جي پياري دوست مرحوم نيهال شاهه جنهن جي نالي سان حيدرآباد ۾ نيهال شاهه جو پڙ به مشهور آهي، ان وٽ نوڪريءَ لاءِ ويس، جيڪو سائين جي ايم سيد جو فرزند مرحوم امداد شاهه وٽ وٺي هليو، جنهن ان وقت ۾ ڊائريڪٽري ايجوڪيشن مرحوم سائين غلام مصطفيٰ شاهه کان مونکي ٽنڊو جان محمد جي ڊگري ڪاليج ۾ ڪلارڪي جو آرڊر وٺي ڏنو، جنهن ۾ هڪ سو ڏهه روپيا ميٽرڪ پاس جو پگهار ٿيندو هو، پر هنن مونکي هڪ سو ويهه رپيا انٽر وارو پگهار ڏيئي منظور ڪيو، آرڊر کڻي آئون ٽنڊو جان محمد وڃڻ لاءِ ريل ۾ چڙهي اچي اسٽيشن تي لٿس، وائڙن وانگر وات پٽي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هوس ته اوچيو ته هڪ همراهه اچي مون کان هٿ مان بيگ ڦري هليو ويو، آئون تڪڙو تڪڙو سندس پٺيان اچي رسيس، ته هو هڪ ٽانگي وارو هو، جو سڄو ٽانگو کدڙن سان ڀريو ويٺو، ۽ منهنجي ويهڻ جي جڳهه به ڪانه هئي، پر پوءِ به بيگ رکيو مونکي سڏي رهيو هو، ۽ کدڙا به تاڙيون وڃائي مونکي گڏ هلڻ لاءِ سڏي رهيا هئا، آئون ڪنڌ هيٺ ڪري ٽانگي ۾ ويٺس، کدڙا شهر ۾ لهي ويا، آئون شهر کان ٻاهر ٽنڊو جان محمد جي ڊگري ڪاليج ۾ اچي لٿس، ۽ گيٽ وٽ هڪ ڇولن وارو گاڏو لڳايو بيٺو هو، جنهن کان مون ڪاليج بابت پڇيو، اتي هڪ خانداني سهڻو ڇوڪرو مير ظفر الله نالي بيٺو هو، جيڪو اڳتي هلي منهنجو دوست به ٿيو ۽ منهنجو ٽنڊو جان محمد ڇڏڻ جو جواز به بنيو، مون ڪاليج ۾ جوائننگ وٺي، اڪيلي ۽ ويران هاسٽل ۾ قيام ڪيو، ان وچ ۾ شهر مان ڊراما گروپ ڇوڪرا مون سان اچي مليا، ۽ روز منهنجو دعوتون ڪرڻ لڳا، هڪ ناٽڪ منڊلي وارا اسٽيج ڊرامون “پٿر ڪي صنم” جي نالي سان ڪرڻ جي تياريءَ ۾ شاگردن اسٽيج ڪرڻ لاءِ تياريءَ ۾ منهنجو تعاون حاصل ڪيائون، ۽ مون اسٽيج ڊرامي واري ڏينهن، پنهنجو پاڻ کي ان ڊرامي جي خالق، مالڪ، ڪارڪن سمجهي اداڪارن کي سمجهاڻي، موسيقارن کي سمجهاڻي ڏيئي، ڊرامون فلمي انداز تي، ٽائيٽل سميت پيش ڪيو، هيروئن جو ڪردار کدڙو ڪري رهيو هو، جيڪو سچو بچو شهر جو هڪ سهڻو کدڙو هيو، اسٽيج تي جنهن وقت بطور طوائف هو هيرو جي اڳيان ڊانس ڪري رهيو هو، ته ان وقت عوام مان کيس 100 جا نوٽ ڏيکاريا ويا، هو اسٽيج ڇڏي اوڏانهن هليو ويو، ۽ اسان مجبورا کيس عوام کان اسٽيج تي آندو ۽ اهڙي طرح شهر جي ڊراما ڪندڙ ٽولا به منهنجا دوست ٿي ويا. ان کان پوءِ مير ظفر الله سان دوستي حد کان وڌي ويئي ۽ سڄو ڏينهن هو مون سان گڏ هوندو هو، هڪڙي ڏينهن چيائين ته ائين نه ٿئي جو توهان جي بدلي ٿي وڃي ته آئون توهان سان گڏيو هليو هلان، يا توهان منهنجي ڪري نوڪري ئي ڇڏي ڏيو، ان جو اهو اکر منهنجي دل تي اهڙو ويٺو، جو مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڇا ڪرڻو آهي...؟؟؟، ٻئي ڏينهن ڪنهن کان به موڪلائڻ کان سواءِ، سامان ٽانگي ۾ کڻي، جڏهن ريلوي اسٽيشن تي پهتس ته پوءِ اوچتو سڄي شهر کي خبر پئجي ويئي، ڪاليج وارا ۽ مير ظفر الله وارا اچي مونکي منٿ ميڙ ڪرڻ لڳا، ته توهان نه وڃو ۽ اسان کي معاف ڪريو، مون چيو ته توهان سچ چيو، ۽ مونکي هاڻ هتي وڌيڪ رهڻو نه آهي، بحرحال مير ظفر الله ۽ اسان ٻنهي جيمس آباد اسٽيشن تائين هلندي ريل ۾ گيٽ وٽ هڪٻئي کان روئي موڪلايو ۽ جدا ٿيو.
    ڳوٺ واپس اچي جلدي پنهنجي ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هنيم، ۽ ان وقت وري سائين پناهه علي شاهه ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد پڻ هيو، جنهن منهنجي گذارش قبول ڪئي ۽ مونکي ٽنڊو ڄام هائي اسڪول جيڪو زرعي يونيورسٽي جي پٺيان هو، جڏهن ٽرانسفر ٿي ته ان وقت جون جولاءِ وئڪيشن شروع ٿي چڪي هئي، ۽ اسڪول ۾ اسٽاف ۾ صرف آئون اڪيلي سر جونيئر ڪلارڪ هوس، پر استادن جا پگهار ٺاهڻ ۽ منٿلي بلن کي منهن ڏيڻ، ۽ خزاني آفيس مان پگهار کڻي اچڻ ايتريون نيون ذميواريون مٿي تي اچي ويون، جن جو ڪوبه تجربو مونکي نه هو، ڇو ته جڏهن ٽنڊو جان محمد ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس، ته ان وقت مونکي پنهنجي چاچي پريل شاهه طرفان هر مهيني جي آخر ۾ ڪجهه ڏوڪڙ ملندا هئا، جنهن مان آئون ميرن ۽ ٻين سکين ستابين سان اٿندو ويهندو هوس، جن مان مير ظفر الله جو سوٽ يا مامو مير جميل منهنجو گهرو دوست هو، ۽ مون جيڪو بنگلو مسواڙ تي ورتو هوم، ان ۾ کاروڙي جو سادات ۽ اڄ جو نامور سياستدان علي مردان شاهه، جيڪو ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ مسواڙ واري جاءِ تي مون سان گڏ رهندو هو، ۽ منهنجي چاچي پريل شاهه پنهنجي سڀني واسطيدارن کي منهنجي پارت به ڪئي هئي، جنهن ڪري صوفي فقيرن يا ٻين وٽان منهنجي لاءِ تحفا، مکڻ، ماکي ۽ کٿيون وغيره ڏيڻ ايندا هئا، جنهن جي ڪري شهر تي منهنجو اثر ظاهر ٿيو، ۽ هڪ شاگردن جي اليڪشن ۾ مون بيڪ گرائونڊ ۾ رهي ڀرپور حصو ورتو، ۽ پنهنجا بيهاريل اميدوار مير صاحبن جي تعاون سان ڪامياب ڪرايم، هاڻ منهنجي حيثيت ان شهر ۾ هڪ ڪلارڪ جي نه بلڪه مٽيارين جي ڄاموٽ خاندان جي هڪ فرد جي هئي، جنهن جي لاءِ تاثر اهو هو ته هي شوق ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، پر هاڻ وري هت ٽندو ڄام ۾ اڪيلائي، کيسي ۾ پئسو به نه، ۽ ڪم جي ڄاڻ به نه، ڇو ته ٽنڊو جان محمد ۾ سڀني جو دادلو هئڻ جي ڪري ڪوبه ڪم نه پئي ڪيو، ۽ نه سکيو، صرف آئوٽ ورڊ بڪ سنڀاليو ويٺو هوندو هوس، ۽ ڪجهه ٽائيپ سکڻ جي ڪوشش به ڪندو هوس، پر هت معاملو الڳ هو، نه ڪو اوهي نه ڪو واهي، شاگرد ۽ استاد به موڪل تي، ۽ آئون اڪيلو ٻه ٽي رپيا ڀاڙي جا هٿ ڪري، اچي ويٺس، هڪ ڏينهن ياد اٿم ته واپسيءَ لاءِ پئسو ڀاڙي جي لاءِ ڪونه هيو، ۽ اسڪول ويران، نه ڪو واقف ڪار ڪو هو، ائين استادن جو پگهار کڻي اچڻ جو ٿيلهو، جيڪو هو ته خالي پيو، پر مون توڪل ڪري تلاشي شروع ڪئيس ته متان ڪو ڪنڊ پاسي ۾ رپيو اٺ آنه ملي پون ۽ بس الله سائينءَ به ايترو ٻڌو هڪ رپئي جو نوٽ ويڙهيل ۽ ٻيو اٺ آنه جو سڪو مون کي هٿ آيو، ۽ اهو ڏينهن ٽنڊو ڄام جي اسڪول کي آخري ۽ الوداعي ڪري، بنا استعفا ڏيڻ جي گهر اچي ويس، پوءِ وري “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي طرفان شهر ۾ ڊرامه ڪرڻ لاءِ دوستن سان گڏجاڻيون شروع ڪيوسين، جيئن ته مالي حالت اڃان تائين خاندان جي مستحڪم نه ٿي هئي، منهنجو ننڍو ڀاءُ نور مصطفيٰ شاهه عرف جاني شاهه جيڪو ننڍي هوندي کان ئي ڪنجوس ۽ واپاري ذهن، جاکوڙي مزدور هو، جنهن شيون شڪليون، بيدا، ڪڪڙ وڪرو ڪري، پي گهر جي پورت ڪئي، ۽ مون تي به ذميواري هوندي هئي ته آئون ڪجهه نه ڪجهه آڻيندو رهان، ان وقت اسان جي والد صاحب جا ماما هر هڪ سيد شاهه محمد شاهه ۽ سيد خدا ڏنو شاهه ٻئي اڪثر ٽنڊوآدم ۽ سنجهورو پنهنجي زمينن تي ويندا هئا، سائين شاهه محمد شاهه درويش سڄي زندگي گهوڙي تي سفر ڪندو هو، ۽ ماڻهن کي ڌاڳا وٽي ڏيندو هو، جڏهن ته سائين خدا ڏنو شاهه شوقين، خوشحال ۽ ڏيا وارو هو، جيڪو جڏهن بيمار ٿيو ته آئون سندس خدمت ۾ ساڻس گڏ ڪار ۾ ٻنيءَ تي شهر ۾ وڃڻ لڳس، جتان هو مونکي جيڪي ڪجهه بطور خرچي يا ڪا شي شڪل وٺي ڏيندو هو ته آئون پنهنجي ڀاءُ ڀيڻن لاءِ کڻي ايندو هوس، اسان جي ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ اسان ڀائرن ڀينرن کي پورهيا ڪري پاليو، بکون ڪاٽي پاليو، پر هر حال ۾ علم جاري رکيو، ان وچ ۾ منهنجو ٽيون نمبر ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر نديم شاهه عرف غلام شبير شاهه جيڪو هن وقت لمس ۾ سرجن آهي، ان کي مون پٽ وانگر پاليو، ۽ پڙهايو، ۽ ٽنڊوڄام مان نوڪري ڇڏڻ جي ڪري، هاڻ صرف سائين خدا ڏنو شاهه ۽ منهنجو چاچو حاجي پريل شاهه منهنجي مالي ضرورتون پوريون ڪندا هئا، پر وڌيڪ تنگي هئڻ جي ڪري، وري سائين پناهه علي شاهه کان نوڪري مڊل اسڪول جي ماستري سيکاٽ مڊل اسڪول ۾ ورتم، جتي اسان جي مرحوم استاد سائين احمد سونارو، جنهن کان اسان تمام گهڻو متاثر هئاسون، ڇو ته هو به اڌ چريو ۽ چرين جي اسپتال ۾ رهيل مريض هو، ان جو سبب هن مس مريزم ۽ هيپناٽيريزم سکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ سندس طبعيت خراب ٿيڻ جي ڪري، سندس وارثن کيس چرين جي اسپتال ۾ ڪجهه وقت علاج لاءِ رکيو هو، حالانڪه هو چريو نه اسين سڀ چريا هئاسين، هو انتهائي ذهين هو، ۽ هر ماڻهو سان ان جي نفسيات مطابق ڳالهائيندو هو، جيئن اسان جي ڪلاس ۾ ايندو هو ته ڪڏهن به ڪرسيءَ تي ويهي، اسان کي نه پڙهائيندو هو، پر ڪتاب هٿ ۾ کڻي، انگريزي جو سبق پهرئين ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ هڪ آکاڻيءَ وانگر ائين ٻڌائيندو هو، جو اهو سبق برزبان ياد ٿي ويندو هو، پوءِ سائين ڏکيا اکر به آسانيءَ سان لکائيندو هو، جنهن ڪري سائين جو انداز پڙهائڻ وارو ۽ ياد ڪرائڻ وارو ۽ سٺو شاگرد ٿيڻ لاءِ سندس ليڪچر اسان کي اهڙو ياد ٿي ويو جو مون به ماستري ڪرڻ دوران، سندس نقل ڪيو، ۽ آئون به ڪڏهن ڪرسيءَ تي ويهي نه پڙهائيندو هوس، جيئن ته سيکاٽ مٽيارين جي لڳ، ۽ سيکاٽ جا سمان اسان سان مائٽ اولاد وانگر آهن، ۽ انهن جا ٻچا جيڪي مون وٽ پڙهندا هئا، ۽ مرحوم محمد هاشم ابڙو بائوديري وارو وڏيرو ان جا فرزند به پڙهندا هئا، ۽ تر ۾ سڀ واسطيدار هئڻ جي ڪري وڏي عزت ڏيندا هئا، ۽ مون اسڪول ۾ 14 آگسٽ کي اهڙي اهتمام سان ملهايو، جنهن ۾ شاگردن کان ٽيبلو ۽ گيت به ڳارايا، جو شهري تمام گهڻو متاثر ٿيا، ۽ مون سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان وچ ۾ وري سائين پناهه علي شاهه ويو هليو، ۽ استادن جي رڊڪشن ۾ جيڪي استاد هٽايا ويا، تن ۾ آئون به شامل هوس ۽ اچي ڳوٺ اچي وري “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي سرواڻي ڪري سنگت کي ساٿ ڪيو، پر انهن ڏينهن ۾ سائين حسيني شهاب الدين شاهه واري خاندان سان منهنجي وري نعيم شاهه جي دوستي جي ڪري، وڏي ويجهڙائپ هئي ۽ شهاب الدين شاهه فيملي پلاننگ ۾ ايف پي او مٽياري ٿي، چارج ورتائين ته مونکي ميل آرگنائيزر ڪري رکيو، روز فارم ڀري، ماڻهن جا نالا لکي، مردن جا نس بندي ۽ عورتن جا ڇلا چاڙاهائڻ وارا هزارين نالا لکي، ڪوڙ جا پيٽ ڀريندا هئاسون، انهن ڏينهن ۾ آئون مزاحيه خاڪا يا انڊيا جا گانا ٻڌائي منصوبه بندي جي خوبصورت ڇوڪرين کي جيڪي روز نيون نيون اينديون هيون، تن کي وندرائيندو هوس، پوءِ هڪ دفعو جڏهن مٽياري ۾ شهاب الدين شاهه سڄي ضلعي جي خانداني منصوبه بندي جي آفيسرن کي سڏيو ته ان ۾ چار سو کن ليڊيز ۽ اترائي مرد آفيسر شامل ٿيا، مون کي تفريحي پروگرام پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن فنڪار کي آڻڻ لاءِ چيو ويو، انهن ڏينهن ۾ آئون بابا جي دوست ۽ برصغير جي وڏي گائيڪ بڙي غلام علي خان جي ننڍي ڀاءُ امانت علي خان جيڪو سائين پير حاجي محمد زمان شاهه وٽ رهندو هو ۽ سندس رکيل هير ۽ عابده پروين کي راڳ سيکاريندو هو، آئون به سندس شاگرديءَ ۾ راڳ سکندو هوس، ان وقت وٽس طبلي تي مرحوم الله رکيو طبلي نواز موجود هو، ۽ مشهور سنگر سينگار علي سليم جيڪو پڻ استاد جو شاگرد هو، انهن کي آئون هن محفل ۾ وٺي آيس، جيئن ته سڀ نوجوان هئا ۽ ڪلاسيڪل ته سمجهندا ئي ڪونه هئا، پر جيئن استاد شروع ڪيو ته سڀني رڙيون ڪري، ڪو غزل ڳائڻ ۽ پڪو راڳ بند ڪرڻ جي فرمائش ڪئي، استاد وري “لال ميري تپت رکيو ڀلا” جهونگاريو ته ان کي به بند ڪري، ڪو غزل ٻڌائڻ جي فرمائشون ڪيون ويون، مجبورا مون استاد کان هٿ ٻڌي معافي ورتي، ۽ مون پاڻ فلمي گانا ۽ مهدي حسن جا غزل ڳائي محفل مچائي، خاص ڪري جنهن وقت مهدي حسن جو اهو غزل عورتن ڏانهن هٿ کڻي ڳائڻ لڳس ته “حسن تيرا اي صنم، خاڪ ۾ مل جائي گا، جس پي تجهه ڪو ناز هي، وه فنا هوجائي گا”، بس اڃان ٻه سٽون چيم ته نوجوانن جون سيٽيون ۽ ونس مور شروع ٿي، اهڙي طرح آئون ان ڏينهن کان پوءِ خانداني منصوبه بنديءَ جي پروگرامن ۾ مزاحيه خاڪا به ٻڌائيندو هوس ۽ مهدي حسن ۽ مڪيش جا گانا ۽ غزل به ٻڌائيندو هوس، جنهن ۾ مرحوم فيروز گل ۽ رجب علي به مون سان گڏ انهن محفلن ۾ هوندا هئا. اهڙي طرح نوڪري ۽ شهرت شروع ٿي، ۽ فن کي تسڪين ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو.
    انهن ڏينهن ۾ ڀٽو صاحب پاڻ پنهنجي دور کي، انقلاب کي شروع ڪري چڪو هو، ۽ اليڪشن ٿي چڪي هئي، پاور تي تڪرار هلي رهيو هو، ان وقت ۾ ڀٽي صاحب جي نظريات جو آئون لاشعوري حامي ٿي ويو هوس، ۽ مون ان نظرئي جي بنياد تي “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” هڪ ڊرامون “واهه سائين واهه” لکيو ۽ پيش ڪيو، جنهن ۾ مون ڏيکاريو ته وڏيرڪي نظام ۾ هڪڙو وڏيرو جنهن کي پهرئين شاديءَ مان ڪو اولاد نه آهي ۽ ٻي شاديءَ مان جيڪو پٽ آهي، اهو 22 سالن جو ٿي ويو، پر ان جو طهر نه ٿي سگهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته هو دادلي زال جو دادلو پٽ آهي، رئيس ڀت ڪري راڄ گهرائيندو آهي، ۽ جيڏي مهل ان جي سنت جي تياري ٿيندي آهي، ۽ حجم پاڪي ڪڍندو آهي ته هو روئڻ شروع ڪندو آهي ته سندس ماءُ جو طرف وٺڻ تي وڏيرو طهر ڪرڻ کان پٽ کي بچائيندي بچائيندي بالغ ڪري ويهي رهيو، وٽس منشي ڀيڄو مل جي نالي سان هڪ هندو هوندو آهي، جيڪو غلام حسين ڪردار ادا ڪيو، ۽ وڏيرو گل حسن شاهه (مشهور صحافي سيد فدا حسين شاهه جو والد) جنهن کي ٻيو نوڪر مرحوم اسرار احمد مغل ڪاميڊين چوندو آهي، ته سائين هاڻ ڇوڪرو طهر نه ويٺو ته راڄ ڀاڳ پاڻ کان ڪاوڙجي ويندو، ڇو ته اهي چون ٿا ته، رئيس واڻئي منشي جي صحبت ۾ اچي واڻيو ٿي ويو آهي. وڏيري صلاح پڇيس ته هن چيو ته سائين هيل ڀت نٿا ڪريون، صاحبزادي کي ٺڳيءَ سان ريجهائي طهر ڪري، پوءِ طهر وليمو ڪنداسين، جيئن ته اهو ڪردار وڏيري جي پٽ جو نواز علي سمون ڪري رهيو هو، جيڪو هڪ وڏيري جي پٽ جي مشابهت سان به هو، ۽ اهو ڇوڪرو ان وقت ڊرامون به ڏسي رهيو هو، ۽ هن محسوس ڪيو ته اها ڪهاڻي منهنجي پئي هلي، ڪاوڙ ۽ کل ۾ اسان جڏهن اسٽيج تي سينسر جو خيال رکندي، اٽڪل سان اسٽيج تي نواز علي سمي کي طهر ويهارڻ جو ماحول ٺاهيو، ان وقت وٺ وٺ جي ماحول ۾ سيف الدين قاضي سندس ڀاءُ ارشاد قاضي، ان سچيوشن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻي اچن ٿا، جيئن جيئن اسان ڏيکاريو پي ته حجامن جا اوزار مڏا ٿي ڀڄي رهيا آهن، تيئن عوام کي ايڏو مزو ۽ کل پي آئي، جو ماڻهن کلي کلي بينچون ڀڄي ڇڏيون، ڇو ته اهو منظر ته هڪ چڳو ڀلو، ٿلهو ٿمڀرو همراهه اسٽيج تي طهر ويهارڻ لاءِ، حجامن جي ڪوشش ۾ پاڪيون ۽ ڇريون ڀڄن ٿيون، ۽ ننڍا پاٽوڙا ڀڄن ٿا، ته پوءِ ڇوڪري کي ٻڌڻ لاءِ وٿاڻ مان زنجيرون ۽ ٺڪر جا ڪونڊا آڻي رکيا ويا، جنهن تي زبردستيءَ زنجيرن سان ٻڌي وڏيري جي پٽ کي ويهاريو ٿو وڃي، ۽ وڏيرو روايت موجب ٺڪر جي پاٽ ۾ پير وجهي، قرآن مٿي تي رکي، الله کي ستائي رهيو هو، ۽ بار بار حجام کي دڙڪا به ۽ پئسا به ڏيئي رهيو هو، جنهن وقت حجام کان پاڪيون ۽ ڇريون ڀڄي پيون، ته ان وقت وٿاڻ مان ڪتر ڪرڻ وارو ڪات گهرايو ويو، جنهن سان سنت ڪامياب ٿي، پر حجام سڄو رت سان ڀرجي ويو، ان ڊرامي ۾ اسان ڀٽي صاحب جو نظريو به پيش ڪيو، ۽ هزارين ماڻهون اهو ڊرامون ڏسڻ آيا، جنهن تي نامور اخبار هلال پاڪستان ۾ مڪمل فيچر لکندي، اسان جي پياري دوست ۽ محسن ۽ صدارتي ايوارڊ يافته صحافي جي اين مغل صاحب هيئن لکيو ته ان ڊرامي اونچن ايوانن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، اهڙي طرح “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” ۽ “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” جي ساٿين جي ساٿ سان علائقي ۾ ڊگري ڪاليج ٺهرائڻ، مٽياري تعلقو ۽ سب ڊويزن کان ضلعو ڪرائڻ تائين پهچائڻ جي تحريڪ، اجرڪ جي بچاءُ جي تاريخ، مرحوم مير رسول بخش گورنر سنڌ سان گڏ سنڌ ليول تي هلائي ۽ اصلي اجرڪ کي بچائڻ لاءِ ڪارخانيدارن، هنرمندن جي حقوقن جي لاءِ پنهنجو نئون پليٽ فارم “مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن” جو وجود عمل ۾ آڻي، مٽيارين جون آفيسون جيڪي حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيون هيون، انهن کي به مٽياري شفٽ ڪرڻ لاءِ احتجاج جاري رهيا، ان ٻاراڻي دور ۾ وڏيون ۽ ننڍيون ڪيتريون اڃان ڳالهيون آهن، جيڪي اڳتي ياد آيون ته وري لکنداسون پر هي اڄوڪو ٻالڪ پڻ وارو چيپٽر، جيڪو اسان مختلف نشستن ۾ هيستائين پهچايو آهي، ان کي اڻ پورو سمجهي في الحال مڪمل ٿا ڪريون، ۽ پاڻ هاڻ هيٺ بلوغت جي دور جون يادگيريون سهيڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين.


    دور بلوغت

    جيئن ته اسان ڄاڻايو ته مخدوم صاحبن سان محبت، ڀٽي صاحب جي حڪم تي اليڪشن مان هٿ کڻڻ، مٽياري جي ساداتن جي سامهون بلدياتي اليڪشن ۾ بيهڻ، ۽ علائقي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، بيروزگارن کي نوڪريون ڏيارڻ، ۽ شهر جي ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان ماهوار هڪ يادداشت نامون پيش ڪندا هئاسون، جنهن ۾ عوام کي ڄاڻايو ويندو هو ته هن وقت پنهنجي علائقي جا حل طلب هيٺيان مسئلا آهن، جيڪي پاڻ سڀ گڏجي علائقي جي بااختيار ۽ هڏ ڏوکي ماڻهن سان گڏ ادارن مان تعاون حاصل ڪري، هن مهيني اندر جيڪي حل ٿي سگهيا سي حل ڪنداسون، ۽ پوءِ عملي جدوجهد ڪري، جيڪي مسئلا حل ڪندا هئاسون، ان لاءِ سڀني علائقائي بااثر قوتن جو شڪر ادا ڪري، هر مهيني نئون پمفليٽ پيش ڪري، عوام کي ذهني طرح سماج سيوڪ بنائي، غريب ڪلاس کي مٿي آندوسين، جنهن مان اسان جي ئي دوستن هڪ ايڪشن ڪميٽي ٺاهي، سائين عالم شاهه عوام تحريڪ وارو جيڪو منهنجو وڏو به آهي، ۽ سندس ٻه نياڻيون منهنجي ٻن پٽن جي گهر ۾ آهن، ۽ جڏهن آئون لٽرري دنيا ۾ رائيٽر ۽ سماج سيوڪ ۽ فنڪار متعارف ٿيس، ته سائين عالم شاهه جي معرفت مونکي سائين رسول بخش پليجي سان ۽ سائين جي ٻين ساٿين سان اٿڻ ويهڻ جو موقعو مليو، جن ۾ اڄ به ڊاڪٽر رجب ميمڻ (سابق وائيس چانسلر ۽ سابق ايڊوڪيٽ جنرل قاسم ميرجت اڃان تائين قربت ۽ محبت ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته سائين عالم شاهه سان جڏهن قربت وڌي، ۽ پاڻ جيل ڪاٽيندو هو ته اسان ساڻس ملاقاتون ڪري، گڏجي سنڌ جي مسئلن تي اپٽار ڪندا هئاسون، جنهن جي ڪري علائقي ۾ جلال شاهه ڄاموٽ، جنهن جي خلاف ڪڏهن اسان اميدوار بيهاريا هئا، ان کي هاڻ باقاعده سياست جو شوق ٿيو هو، ان ڪري اسان جي ٽيم تي مشتمل هڪ ايڪشن ڪميٽي ٺاهي، مٽيارين جي مسئلن جي حل لاءِ سائين عالم شاهه ۽ ٻيا گڏجي، جلال شاهه جي تعاون سان مسئلن کي حل ڪندا رهيا، پر مون ان وقت سنڌ ليول تي سنڌ والينٽيئر ورڪرس پروگرام جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪري، سڄي سنڌ جي باسمجهه، باهمٿ، سنڌ پرست دوستن جي ذريعي هر شهر ۾ وڃي، تبليغ جماعت وارن وانگر پنهنجو بسترو پنهنجي ماني، علائقي جي ماڻهن جا ڏک سور ٻڌڻ، قانوني، تعليمي ۽ طبي مشورا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ابتدا ۾ اسان پنهنجي ٽيمن سان ٽندو آدم ۽ ان جي آس پاس ۾ اها شروعات ڪئي، ۽ “فرياد سنڌ” جي نالي سان اخبارن ۾ انهن علائقن جي مسئلن جي نشاندهي، ۽ وفد جي ڪارڪردگي به ٻڌائيندا هئاسين، پر جڏهن سائين عالم شاهه مونکي قائل ڪيو ته اسان اهو ڪم اڳ ئي ڪندا آيا آهيون، ۽ بدين، لاڙ جي علائقن ۾ اسان هارياڻيون، شاگردن ۽ مزدورن جي تعاون سان، اهو سلسلو عوامي تحريڪ طرفان جاري رکيو پيا اچون، تڏهن منهنجو شوق سماجي سيوڪ تان هٽي ويو، ڇو ته ان عمل سان منهنجو جذبو سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ، ۽ سنڌي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ هو، پر جيئن ته عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي قيادت ۾، سنڌ جي هر مسئلي تي جيڪا جاکوڙ ڪري رهي هئي، ۽ جيترا ساٿي سڄي سنڌ ۾ هنن سان گڏ هئا، مون پاڻ کي انهن جي سامهون زيرو محسوس ڪيو، ۽ اها خوشي محسوس ڪئي ته جيڪو مقصد منهنجو هو، اهو ته الله جي طرفان ٻين جي ذريعي پورو ٿي رهيو آهي، ان ڪري مون سماج سيوڪ تان توجهه هٽائي تخليقي دنيا، ادب ۽ شاعري ۽ ڌنن ڏانهن توجهه ڏنو.
    جيتوڻيڪ ان وچ ۾ مٽيارين ۾ ٻه ڊراما “شادي تادي” ۽ “ اذان ۽ آهه” پيش ڪيو هو، انهن ڏينهن ۾ منهنجو دوستيءَ جو سلسلو ٽنڊو آدم ۾ شاهه اسد هدايتڪار جي ڀاءُ سيف الله شاهه سان ٿيو، جن سنڌي فلم “رنگ محل” ٺاهي هئي، ۽ منهنجي اٿي ويٺي انهن سان وڌي، جن وٽ تبليغ جماعت جو ماحول هو، ۽ منهنجو ٻيو دوست سيد انور شاهه جيڪو ٽنڊي آدم جو هو ۽ هن وقت مٽياري شگر مل ۾ منيجر آهي، ان وقت انهن سان گڏ تبليغ جماعت وارن سان چلو ڪٽڻ لاءِ پهرئين رائيونڊ وياسون، جتان اسان جي تشڪيل سرگودها لاءِ ٿي، هڪ هفتي لاءِ سرگودها جي مختلف مسجدن ۾ تبليغ وارن سان گڏ رهياسون، پر تبليغ وارن جي انداز جي مونکي آخري ڏينهن تي، جڏهن آئون تبليغ وارن جي اثر هيٺ مسجدن ۾ سمهي سمهي الله جي قربت ۾ ايترو ويجهو ٿيو هوس، جو روئڻ بيهندو ئي نه هو، قرآن کوليا ته به روئڻ، نماز پڙهان ته به روئڻ، ۽ جنهن مهل بيان ٻڌا، تنهن وقت به روئڻ، اهو سهرو تبليغ جماعت جي مشهور اڳواڻ ٽنڊي آدم جي ڀائي الله بخش جي سر تي آهي، جنهن جي قائل ڪرڻ تي آئون ويس، پر سرگودها ۾ آخري ڏينهن تي جنهن مهل بيان مهل آئون گهڻو روئي رهيو هوس ته مون محسوس ڪيو ته منهنجا ٻئي اڳواڻ، سيف الله شاهه ۽ انور شاهه ڪنڌ گوڏن ۾ هڻي کلي رهيا هئا، تڏهن مونکي ڏک ٿيو هي مونکي وٺي آيا آهن، ۽ آئون رويو رويو ساڻو پيو ٿيان، ۽ هي پيا کلن، ته مون جڏهن آهستي ڪري هنن کان پڇيو ته ڇو ٿا کلو، ته پوءِ هو وڌيڪ کل ۾ خطا ٿي، مسجد ڇڏي ڀڄي ويا، ۽ آئون به ٻاهر نڪري ساڻن حجم جي دڪان تي وڃي مليس، جنهن کان پوءِ مون قسم وڌا، ته ٻڌايو ته اصل ڳالهه ڇا آهي ته هنن ٻڌايو ته ڀائي الله بخش چيو ته هي هڪڙو شيعو، ٻيو پهريون دفعو ٿو هلي، ۽ آئون جڏهن بيان ۾ دوزخ جي ڳالهه ڪري خوف ڏياريان ۽ پنهنجي شڪل روئڻ هارڪي ڪريان ته توهان به منهنجو ساٿ ڏجو، پر اڃان هو شروع مس ٿو ٿئي، ته تون بي خطا رويو ڏين، جنهن ڪري اسان کي اڳواٽ کل اچيو وڃي، بس ان کان پوءِ نه ڪو مونتي تبليغ جو اثر ٿيو، ۽ نه ئي مون رنو، ها تبليغ جماعت مان جيڪا هڪ شي اهم مونکي نصيب ٿي، جيڪا منهنجي زندگي ۾ اڃان تائين مدد ڪندي اچي، اهو آهي منهنجو ذهن تي ڪنٽرول ڪرڻ...، واقعو هن ريت آهي ته جڏهن رائيونڊ پهتا هئاسون ته هڪ پروفيسر جنهن پنهنجي حياتي رٽائرمنٽ کان پوءِ رائيونڊ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئي، تنهن سان منهنجو تعارف ڪرايو ويو، ته هن مون تي توجهه ڏيئي الياس پالن پوريءَ جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو، جڏهن ته ان وقت رئيس قيصر خان راڄڙ ميرپورخاص وارو هڪ ڪامريڊ ۽ ڪميونسٽ وڪيل امان الله، جيڪو تازو جيل مان نڪتو هو، تنهن کي به سنوارڻ لاءِ هو تبليغ ۾ وٺي آيا، آئون شيعو ۽ هو ڪميونسٽ، ٻئي تبليغ وارن سان گڏ هئڻ جي باوجود به سڀني جون گلائون گڏجي ڪندا هئاسون، ۽ رات جو جائزو وٺندا هئاسون ته ڪٿان ٽرڪ ۾ سامان ٿو اچي، ۽ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هنن جي اڳواڻن سان ملڻ ٿا اچن، رات جو رائيونڊ ۾ هڪ کليل هوٽل ۾ چانهه پيئڻ وياسون، جتي امرتسر تان ٽيليويزن تي بليڪ اينڊ وائيٽ انڊين فلم هلي رهي هئي، اها ڏٺي سون، هوٽل واري ٻڌايو ته اسان جا تبليغ وارن سان جهيڙا ٿيل آهن، اسان جا ماڻهو ماريا ويا هئا، ان ڪري اسين هنن کي هتي هوٽل تي اچڻ ڪونه ڏيندا آهيون، بحرحال منجهند جو ويلو وڏن عالمن پاڻ سان ويهاري کارايو، ۽ مون نوٽ ڪيو ته سڄي پاسي نهاريا ته کٻي پاسي ويٺل مولوي ٻوٽيون کڻي منهنجي پليٽ ۾ وجهيو ڇڏي، وري کايو کٻي پاسي ڏانهن نيهاريا ته سڄي پاسي وارو مولوي به ائين ڪريو ڇڏي، بحرحال وڌيڪ قربت ۽ ميزبانيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس، هٿ ڌوئي جنهن وقت هال ۾ اچي رهياسون، ته مون ان وقت ان پروفيسر کي ڪنڊ ۾ پٺ ڏيئي ڪجهه کائيندي ڏسي، سوچيو ته ڪهڙا ماڻهو آهن پاڻ طعام لڪيو پيا کائين، بس اهو منهنجو سوچڻ هيو، فاصلو به چاليهن گزن تائين هيو، پر پروفيسر ان وقت ڇرڪ ڀري جيڪي کائي رهيو هو، اهو سڌو کڻي مون وٽ آيو ۽ مونکي چيائين ته اچي کاءُ، مون هن جي اکين ۾ عجيب قسم جو جلال ڏٺو، ۽ خوفزده ٿي ويس ته هن منهجي ذهن جي سوچ کي ڪيئن پڙهي ورتو، ان وچ ۾ مونکي سيف الله شاهه ۽ انور شاهه چيو ته ميان تون خوش نصيب آهين، جو هي تو لاءِ کڻي آيو آهي ۽ توکي چئي رهيو آهي، پر تون کائي ڇو نٿو...؟؟؟، مون ڏٺو ته صرف ٻه بسڪيٽ ۽ سليماني چانهه جو مگ هن جي هٿ ۾ هو، مون کي وڏو خوف ٿيو ۽ سمجهيم ته هتي اهڙا بزرگ آهن جو ذهن ۾ جيڪي سوچيون ٿا، اهو به محسوس ڪريو ٿا وڃن، ان وقت کان وٺي مون ڪميونسٽ امان الله جو به ساٿ ڇڏيو، ۽ پاڻ به غلط سوچڻ ڇڏي ڏنو، ۽ الله جي فضل سان اها قوت منهنجي ذهن ۾ اڄ به قائم آهي، ۽ نماز ۾ ڪم ايندي آهي. مونکي سيف الله شاهه سان گهڻي محبت هئي، هو ڳائيندو به هو، آئون به ڳائيندو هوس، مون اڪثر ڪيترا سبجيڪٽ ساڻس فلم ٺاهڻ متعلق ڊسڪس ڪيا، ۽ سندن “رنگ محل” واري تجربي مان ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي، ساڳئي وقت هڪڙي ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ ايراني هوٽل ۾ آئون ۽ نواز علي سمون ويٺا هئاسين، ته ان وقت مرحوم مشتاق جسڪاڻي جنهن کي آئون “رنگ محل” فلم ۾ بطور حجام ۽ ڪوڪڙيءَ جي ڏسي پسند ڪري چڪو هوس، اهو سامهون ويٺو هو، مون ساڻس وڃي ملاقات ڪئي، ۽ پنهنجو تعارف ڪرايو، ۽ ان وقت منهنجي ذهن ۾ آيل فلم جي ڪهاڻي ۽ گانا جنهن جو نالو مون رکيو هو “بشني باشا” جيڪا هڪ جيب ڪتري جي ڪهاڻي آهي، جنهن جا گانا ۽ ڌنون به مون ٺاهيون هيون، اها جسڪاڻي صاحب کي ٻڌايم پاڻ به ڀرپور داد ڏنائين، پر ٻڌايائين ته هو اڄ ڪلهه سندس پنجابي فلم “وفا ياران دي” جي نالي سان ٺاهي رهيو آهي، جيڪا هن اسان جي پياري دوست عبدالحڪيم کوسو نامور وڪيل ۽ اداڪار جي ذاتي زندگيءَ تي سنڌي ۾ “ڌنار” جي نالي سان شروع ڪئي، پر سنگت جي صلاح سان سڄي پاڪستان ۾ ريليز ڪرائڻ لاءِ اسان سندس نالو پنجابي ۾ “وفا ياران دي” رکيو آهي، ۽ ان جي آخري شوٽنگ رهيل آهي، ۽ جسڪاڻي صاحب ٻڌايو ته هو ئي ان فلم جو هدايتڪار، رائيٽر، شاعر ۽ اداڪار آهي، جڏهن ته هيروئن اڄ جي اولڊ ڪريڪٽر ڪندڙ ۽ اداڪار نبيل جي والده افشان قريشي آهي، هوءَ فلم جي هيروئن ۽ عبدالحڪيم کوسو ۽ مراد بلوچ هيرو آهن ساڳي وقت نامور پشتو اداڪار بدر منير، شهباز دراني، محبوب عالم، ملڪ انوکو، انور سولنگي پڻ ان فلم ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، مونکي جسڪاڻي صاحب قائل ڪيو ته هو مونکي گيسٽ اداڪار طور پنهنجي فلم ۾ کڻندو، پر ان کان اڳ آئون پنهنجي فلم جو افتتاح، سندس ڊائريڪشن ۾ ڪرايان ۽ ٻه عدد گانا به ريڪارڊ ڪرايان، مونکي شوق ته عروج تي هو، پر مالي حالتن جو سلسلو اڃان بهتر نه ٿيو هو، ڇو ته منهنجي والد صاحب جي ٻنهي مامن يعني شاهه محمد شاهه ۽ خدا ڏنو شاهه جي انتقال کان پوءِ، انهن کي نرينه اولاد نه هئڻ سبب سندن ملڪيت اسان ڏانهن منتقل ٿي، پر ٽندو آدم واري زمين صرف ٻارنهن هزار روپين ۾ سال جي مقاطعي تي پوڻا ٽي سو ايڪڙ ڏنل هئي، جڏهن ته سنجهوري ۾ 500 ايڪڙ 25 هزارن ۾ وريام فقير جي والد صاحب محمد بچل فقير ۽ موٽو مل کي ڏنل هئي، ڏاڏن جي انتقال کان پوءِ مونکي ڪجهه مقاطعي جا پئسا ملندا هئا، جيڪي وٺي آئون خواتين وارثن تائين پهچائيندو هوس، ۽ ڪجهه خرچ پنهنجي لاءِ به رکندو هوس، اهڙي طرح اڃان آئون پاڻ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي سيٽ ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوس، ته مٿان وري هي شوق ۽ جسڪاڻي صاحب شرطيه معاهدو تنهن منهنجي دل ٽوڙي وڌي، ۽ جسڪاڻي صاحب جي گهاٽي دوست منهنجي نئين دوست سيف الله شاهه جنهن جو مامو نامور شاعر موسيٰ ڪليم ۽ هدايت ڪار ايس وائي احمد يعني بابو ڀائي جن “رنگ محل” ٺاهي هئي، اهي ساڻس گڏ هئا ۽ پاڻ مونکي موسيٰ ڪليم سان ملائڻ لاءِ ڪراچي هوٽل وٺي آيا، موسيٰ ڪليم کي هائي نيڪ ۽ وار اڇا، شخصيت مونکي فلمي لڳي، ۽ پهرئين نشست ۾ جيڪا خيال جي ڏي وٺ ڪئي سون، ان ۾ اسان پهرئين فلم “غيرت جو سوال” گڏجي ٺاهڻ جي شروعات ڪئي، موسيٰ ڪليم مقامي اداڪارن جن ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، شهباز دراني، آئون ۽ سابق ڊي آئي جي ذوالفقار علي شاهه اداڪار هئاسون، ابتدا ۾ ڪهاڻيءَ تي ويٺاسون، ان بهاني ڪراچي هوٽل ۾ روز ٽيبلن تي شوقين فلمون ٺاهيندا، ريليز ڪندا، هڪڙي چانهه جي ڪوپ تي چار ڄڻا ويهندا، ۽ شام جو اٿڻ وقت امام الدين کي جيڪو هوٽل جو بيرو هو، ۽ سڀني فلمي مريضن جو پاليندڙ هو، ڇو ته هڪڙي ڪوپ اسپيشل واري ۾ پاڻي وڌيڪ وجهندو هو، جنهن مان پيئڻ وارا چار ڪوپ ٺاهيندا هئا، ۽ لکڻ لاءِ پنا به وٺي ڏيندو هو، انجام ڪار ان هوٽل مان نڪرندڙ نامور اداڪار ڪراچيءَ جي ماڊرن ۽ ايسٽرن اسٽوڊيوز ۾، سنڌي فلمن جو بنياد مشهور فلم “شهرو فيروز” جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سنڌي فلمن جا افتتاح ۽ گانا ٺاهڻ لڳا، خبرون اخبارن ۾ ڪور تي اچڻ لڳيون، مون موسيٰ ڪليم سان گڏ اڃان “غيرت جو سوال” ٺاهڻ جي تياري پي ڪئي ته ان وقت “مٺڙا شال ملن” سنڌي فلم، سعيد هارون ايسٽرن اسٽوڊيو جي مالڪ ٺاهي، جنهن ۾ عبدالغفور جو ڳايل شيخ اياز جو ڪلام “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” شامل هو، ۽ فلم سپرهٽ هئي، جنهن کان پوءِ اڙدو فلمساز به سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويا.
    موسيٰ ڪليم ان وقت سنڌي فلم انڊسٽري جو گاڊ فادر ليکيو ويندو هو، پارٽيون ڦاسائڻ، افتتاح ڪرائڻ، گانا رڪارڊ ڪرائڻ، منهنجي ٻالڪ پڻ جي دوست مرحوم ابو بلاول کي لاهور ۾ “شيدي ان لاهور” جي نالي سان فلم ۾ چانس ڏياريائين، اها فلم ته ٺهي ڪانه سگهي، پر ان کان پوءِ وڏي فلم “کوٽي سڪي” ۽ ٻين ۾ ابو بلاول کي چانس مليو، ۽ سنڌي فلم “بادل ۽ برسات” ۾ ٻيو نمبر ڪردار ڪيائين، اهڙي طرح رشيد خمار کي به ساٿ ڏيندو هو، عابد نويد کي به گڏ کڻي هلندو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ هو پنهنجي پراجيڪٽ تي مونکي به گڏ کڻي هلندو هو، اچانڪ جڏهن اسان رونا ليليٰ جي آواز ۾ پهريون گانو فلم “غير جو سوال” جو “دلبرا لڪين ڇو ٿو” ريڪارڊ ڪرايو ته ان ۾ شاعري تي اختلاف ٿيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته “ٿاڻي وڃي رپورٽ لکائيندس، صوبيدار سان چغلي کائينديس” مون ان تي اعتراض ڪيو ته اهو سنڌي جملو نه آهي، چغلي ماني ڪانهي جو کائجي، چغلي هڻبي آهي کائبي ڪانهي، پر هو سينئر هو بضد رهيو، مون خاموشي اختيار ڪئي، جيئن ته هو پاڻ اڙدو اسپيڪنگ هو، شاهه اسد ۽ سيف الله جو مامون هو، رشيد هميراڻي جنهن کي سنڌي فلم“رنگ محل” ۾ هنن هيرو طور کنيو هو، اهو به سندس ڀاڻيجو هو، انهن کي به اڳيان ڪرڻ وارو موسيٰ ڪليم هو، پر هو سوچيندو هو، اڙدو ۾ ۽ ڪم سڄو سنڌي ۾ ڪندو هو، ان ڪري ٻوليءَ جي گڙبڙ رهندي هئي، ۽ آئون برداشت ڪري ويندو هوس، اچانڪ ٻن گانن رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ، موسيٰ ڪليم مشورو ڏنو ته ڇو نه پاڻ هن فلم کي پنجابي ۾ ٺاهيون، ۽ پوءِ سنڌي ۾ به ڊب ڪريون، ان ڪري لاهور کان وڏا اداڪار صبيحه خانم، ڪيفي، عشرت، افضال، ننها ۽ ٻيا کڻي، فلم مڪمل ڪرڻ جو پلان ترتيب ڏيڻ لڳو، ان وقت مون وٽ آمدني ڪجهه ٻنيءَ مان، ڪجهه ٻنيءَ جي وڪيل ٽڪري جي مليل رقم مان ڪم کي هلائيندو رهيس، پر جڏهن لاهوري ايڪٽرن جي پيمنٽ، هوائي جهازن جون ٽڪيٽون، فائيو اسٽار هوٽلن جا ڪمرا، ٻڌم ته ارواهه کڄڻ لڳو، ۽ ڀڄڻ جي نيت ڪيم، ان وقت مرحوم شاهه اسد جيڪو اسان جي فلم ۾ بطور شاعر محبوب ترمذيءَ جي نالي سان منهنجي معاونت به ڪري رهيو هو، ۽ موسيٰ ڪليم جو بهترين شاگرد ٿي، هر ڳالهه تي ڪم ڪندو رهيو، ۽ جڏهن مون ارادتن جهڳڙي بدران پئسن تان هٿ کڻي، ان پراجيڪٽ تان ڀڄڻ جو سوچيو، ته ان وقت شاهه اسد سان گڏ “موج ٽنڊوي” سونارو ٽندو آدم وارو، جيڪو فلم ۾ ڪاميڊين به هو، اهو شاهه اسد، موسيٰ ڪليم کي ٽنڊو آدم جي رئيس غلام عباس مري وٽ آيا، ۽ ساڳيو خواب ان کي ڏيکاريائون، جنهن جو بيڪ گرائونڊ مذهبي هو، ۽ سندس والد حاجي جان محمد مرحوم نيڪ نمازي، پورهيت ۽ پئسي وارو هو، پر هن پٽ کي فلم ۾ هٿ وجهڻ شرط ئي پاڻ کان پري ڪيو، جڏهن ته مون جيترا ڏينهن گانن ۽ اسڪرپٽ جي تياريءَ ۾ يونائيٽيڊ ۽ سلاطين هوٽل صدر ڪراچي واري ۾، روزانه رات جو جيڪي دوست فجر تائين محفل مچائي ويهندا هئا، تن ۾ سعيد هارون، موسيٰ ڪليم، ايس وائي احمد، دستگير ڀٽي، مشهور صحافي عبدالقادر نظاماڻي، موسيقار غلام علي، فيروز گل، عبدالرحمان ميمڻ، عبدالڪريم بلوچ ۽ ٻيا سڀ منهنجي ڪمري کي، ان وقت انڊسٽري جي نگاهن جو مرڪز سمجهي ايندا هئا، ۽ مون وٽ کين ويهارڻ لاءِ ٻه ڪمرا ڪرائي تي هوندا هئا، يعني فلم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فلم ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي، ۽ اسان الهه تلهه چٽ ڪري واپس ڳوٺ اچي سماج سيوڪ کي سنڀاليو.
    ان وچ ۾ جسڪاڻي صاحب جا ڪافي فون ايندا رهيا ۽ منهنجي فلم جو افتتاح ڪرڻ لاءِ سڏيندو رهيو، تيستائين آئون ڪجهه ڪجهه فلمي دنيا کي سمجهي چڪو هوس، ۽ پاڻ کي هاڻ وري ڪنهن نئين نقصان لاءِ تيار ڪرڻ جو سوچي، پاڻ کي مليل زمينون انهن کي آباد ڪرڻ ۽ ڀاءُ کي ميڊيڪل ۾ ڊاڪٽر چونڊائڻ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڳوٺ ۾ بابا جي 40 ايڪڙ ۽ ڏاڏا وارن وٽان مليل 65 ايڪڙ ڏيئي، زميندار بڻائي گهر کي هلائڻ جهڙا ٿي وياسون.
    مون جڏهن ٽنڊو آدم ۾ پير رکيو ته ان وقت مرحوم مشتاق جسڪاڻي، سنگر دين محمد شيخ، شاهه اسد، سيف الله شاهه، سهتو خان ورياهه، عبدالله ورياهه، فيض علي شاهه، نياز حسين مري، موج لال چند (فلم ساز جلال چانڊيو، پرو ۽ شهيد)، منهنجي ادبي نشستن کي سنوارڻ ۽ فنون لطيفه کي بلوغت کي پهچائڻ ۾، ان سٿ جو ڀرپور ساٿ رهيو پر منهنجي خواهشن کي پورو ڪرڻ وارا مزدور ساٿي، جن ۾ محمد بخش چانگ، امداد راهي، گلفام ۽ ٻيا اهي مزدور هئا، جيڪي منهنجي هر پراجيڪٽ جي مزدوري ڪندا هئا، ۽ مونکي ڪامياب ۽ مانائتو ڪرڻ ۾ انهن جو پگهر ۽ پورهيو شامل هو، مثلا جيڪڏهن مون اسٽيج شوز ڪيا ته به انهن جي ڪارڊن جي ڪليڪشن ڪرڻ، اسٽيج سينگارڻ، مهمانن جي آجيان ۽ الوداع تائين، هي گروپ منهنجي مشينري هو، جنهن تي اڄ به مونکي فخر آهي، ڇو ته مون کان پوءِ چانگ صاحب ڪيتريون ٽيلي فلمون، وڊيو گيت مالائون، اسٽيج ڊراما ۽ ڪيترا شوز ڪيا، ۽ اڄ ٽنڊو آدم جي هر وڏي ماڻهوءَ جي شادي غمي جي تقريب يا سياسي ميڙاڪي ۾ به چانگ صاحب جي صلاح ۽ صلاحيت ضرور شامل هوندي آهي، جڏهن ته امداد راهي صحافت جي دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي، پنهنجي خاندان وارن کي به ان فيلڊ ۾ لاٿو، پر اڄ پاڻ ضلعي سانگهڙ جو هڪ نامور صحافي ۽ ڪي ٽي اين جو رپورٽر پڻ آهي، مون سان محبت قائم رکندا اچن، الله ڪري مرڻ تائين نڀائيندا رهو، انهن جا قصا فلمن، ڊرامن ۽ شوز جي متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۾ دهرائبا رهبا، مثال جي ڳالهه هنن مون سان پهريون تعلق رکيو ته ان وقت هو ٽنڊو آدم جي سئنيما ۾ سنڌي فلمن جو ميلو منعقد ڪري رهيا هئا، ۽ ان جي مهمان خاص لاءِ منهنجي چاچي ايس گل کي به سڏيو ويو هو، ۽ ساڳي وقت اداڪار حبيب جنهن جو ناٺي گلو شاهه هنن جو ساٿي ۽ مددگار هو، ان جي ڪري اڪثر اداڪار حبيب هنن وٽ ايندو هو، ۽ هي انهن سان شامون ملهائيندا هئا، منهنجي ۽ شاهه اسد جي ڏنل ڄاڻ مان چانگ صاحب جيترو پرايو، ان مان اداڪار حبيب فائدو وٺي سندس فلم “الهه بچايو” جيڪا اڙدو فلم “ريشمي رومال” هئي جنهن جي سنڌيءَ ۾ ڊبنگ ڪئي ويئي هئي، اهڙي نموني سان “باغي” به ترجمو هو جنهن جون ڊبنگون ۽ ڪجهه شوٽنگون چانگ صاحب ڪرائي ڏنيون، ساڳي وقت شاهه اسد جي “جيئي لطيف” ۽ منهنجي فلم “علي گوهر” ۽ “محب شيدي” ۽ اڙدو فلم “مهلت” ۾ پاڻ معاونت سان گڏ، منهنجي هر ڪم جي نگراني ڪندو رهيو.
    آئون جڏهن ٽنڊو آدم جي حلقي ۾ زميندار طور متعارف ٿيس ته ان وقت منهنجي مالي حالت ڪا خاص نه هئي، منهنجو نوڪر ماما لالو جنهن مونکي ٻالڪ پڻ ۾ آڱر کان وٺي هلڻ سيکاريو، پاڻ ڪڏهن به جتي پير ۾ نه پاتائين، ۽ ڪپڙن جو وڳو جڏهن ڦاٽڻ جهڙو ٿيندو هوس ته پوءِ لاهيندو هو، ۽ ان کان پوءِ اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جهڙو ڏينهن هوندو هو، جنهن ڏينهن آئون ڪپڙن جو ٻيو وڳو اڳٺ وجهي، باٿ روم ۾ رکي ۽ کيس غسل ڪري ڪپڙا پائي اچڻ لاءِ چوندو هوس، ۽ اهو ڏينهن ماما لالو تي ڳرو گذرندو هو، ڇو ته هو پٽ ۽ مٽيءَ تي ويهڻ وارو ۽ سڄو ڏينهن موالين جي حاضري ڀرڻ وارو، سڀني دلين کي خوش ڪرڻ وارو، ۽ گلي مان ايڏو سريلو ۽ مٺو جو رات جو پوئين پهر اٿي الله کي ايلاز ڪرڻ لاءِ جڏهن لطيف سرڪار ۽ ٻين صوفين جا راڳ، پنهنجي سر ۾ ڳائيندو هو ته اوڙي پاڙي وارا گهرن جا ڀاٿي دل و جان سان کيس ٻڌندا هئا، اڪثر سر راڻو ڳائيندي روئندو رهندو هو، هونئن ته ماما لالو جون ايتريون سارونيون منهنجي سيني ۾ آهن، جو ايمانداريءَ سان مٿس لکڻ شروع ڪيان ته ڪئين ڪتاب لکي سگهان ٿو، مسٽر عبدالمنان عباسي جيڪو منهنجي طرفان ڪي ٽي اين لاءِ ٺاهيل پروگرام “ماما لالو” ۾ مشهور ٿيو، اهو ماما لالو جي دل سان عزت ۽ خدمت ڪندو هو، ۽ مون وٽ شاهه اسد جي معرفت آيو، ۽ پوءِ “محب شيدي” ۾ معاون هدايتڪار رهيو، ۽ پوءِ مون کيس ۽ سندس سڀني دوستن کي ڪي ٽي اين جي پروگرام “ٽاڪوڙا” ۽ “ماما لالو” ۾ متعارف ڪرايو، اهو تاريخي سچ لکڻ جو مرحلو اچي ويو آهي، ته پوءِ سنڌ واسين جو حق آهي ته آئون پنهنجي ان سچ جي تاريخ به قلمبند ڪري ڇڏيان، جيڪا ڪي ٽي اين ۽ ان جي پس منظر سان تعلق رکي ٿي، اصلي ماما لالو جي ڪهاڻي کي في الحال بريڪ ٿا هڻون. ٿيو هيئن جو ناز سهتو صاحب جي محبت ۾ اسان سنڌ جي ثقافت، موسيقي کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا هئاسون، منهنجي صلاحيتن کان ناز صاحب ۽ ظفر صاحب ان زماني ۾ ايترو متاثر ٿيا، جو منهنجو هڪڙو وڏو انٽرويو ڪاوش لاءِ سندن جاءِ تي ورتائون، جنهن ۾ سڄو ڏينهن ختم ٿي ويو، پر منهنجو انٽرويو پورو نه ٿيو، اهو ڪاوش جو ابتدائي عروج هو، جنهن ۾ منهنجو انٽرويو ٻن ايڊيشنن ۾ مڪمل ساڍا ٽي وڏا پيج ڇاپيا ويا، ناز سان محبت قائم هئي، ۽ ڪاڪا وڊيو تي گانن جي تياري ۽ ڪليڪشن جو سلسلو به هلندڙ هو، ان وچ ۾ ناز صاحب جي ڪوشش سان علي قاضي صاحب سان هڪ نشست ٿي، جنهن ۾ هڪ سنڌي فلم “ڪارو ڪاري” ٺاهڻ جو پروگرام طي ٿيو، ۽ زوار نقوي جي معرفت گڏجي اسان ادي نورالهدي شاهه کان فلم لکائڻ لاءِ نشست ڪئي، ٻن نشستن کان پوءِ جڏهن اديءَ پنهنجون لکيل سينون ٻڌايون ته پوءِ ٻاهر نڪري علي صاحب جيڏي مهل گاڏيءَ ۾ واپس وڃڻ لڳاسون ته چيائين ته بي بي صاحبه ته ڪا نئين ڳالهه لکي ڪانه، جيڪا مون ٻڌائي، ان تي کڻي ڪجهه سينون لکيون اٿس، مون ڏٺو ته علي صاحب مطمئن نه آهي ۽ اديءَ کان آئون گهڻو واقف هوس، ان ڪري سوچيم ته اهو ساٿ اڳتي هلي ڪا تخليقي شي نه آڻي سگهندو.
    ان وقت آئون پي ٽي وي کان روزانه وارو ڪلاڪ سنڌيءَ جو خريدڻ ۽ سنڌي پروگرام ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس، مون علي قاضي صاحب کي به ان ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو، پاڻ پنهنجي سر قيصر نظاماڻيءَ سان گڏ هڪ ٽي وي چينل آڻڻ لاءِ هڪ ڏيساوري دورو ڪري چڪو هو، ۽ آئون انهن ڏينهن ۾ ايران زيارتن لاءِ هڪ مهيني لاءِ ويو هوس، واپس اچڻ تي مونکي گهر ۾ اطلاع مليو، ته علي قاضي صاحب فون ڪندو رهيو آهي، ۽ اخبارن مان ڪي ٽي اين چينل جي نشر ٿيڻ جي خبر به ملي چڪي، بحرحال علي صاحب سان ملاقات ٿي، نشستون هليون، ابتدائي زرعي پروگرام “گلڻ خان”، فلمي پروگرام “فلمي دنيا” ۽ اليڪشن جو خاص پروگرام “اليڪشن آکاڙو” ريڪارڊ ڪري ڏنو، ان کان علاوه روز جي بنياد تي ڏهن منٽن جو هڪ خاڪو “ٽاڪوڙا” منهنجي طرفان ٺاهڻ جي ذميواري قبول ڪئي ويئي، ۽ ان وچ ۾ علي قاضي صاحب بي انتها خرچ ڪري، ڏوڪڙ گهڻي ڀاڳي ضايع ڪري چڪو هو، ۽ مختلف نون ماڻهن کان ڊراما ريڪارڊ ڪرائڻ جو ٺيڪو ڏيئي، نامور پي ٽي وي انجنيئرن جا قائم ٿيل مهانگا اسٽوڊيو ڪرائي تي بمع ٽيڪنيشن حاصل ڪري چڪو هو، ۽ سموري رقم جيڪا هن چينل لاءِ رکي هئي، اها انهن ادارن ڏي هلي ويئي، وٽس هڪ ننڍي ڪئميرا جنهن کي سوني جي “پي ڊي ون ففٽي” چيو ويندو هو، انهن کي خريد ڪري ان تي سندس پروگرام “اڄ جي ڳالهه” ريڪارڊ ڪندو هو، ۽ ڪئميرا مين مرحوم مصطفيٰ اها ريڪارڊنگ ڪندو هو، مونکي منهنجن پروگرامن مان سٺي روزي ملندي هئي، انهن ڏينهن ۾ هڪ عيد پروگرام جي ٽن ڏينهن جي نشريات لاءِ نامور فنڪار ميزبان ٿيا، جنهن ۾ هڪ ڏينهن آئون به هوس، ۽ ٻيا مهنگا ڊراما ريڪارڊ ٿيا ۽ نشر ٿيا، اشتهار اڃان گهٽ ملندا هئا، ان وقت علي قاضي صاحب هڪ ڏينهن جڏهن مونکي خبر پئي ته مالي بحران وڌي ويو آهي، خرچ تمام گهڻو ٿي ويو آهي، ان وقت هن مونکي اسٽوڊيوز جي خرچن کي بچائڻ لاءِ مونکان پڇيو ته ڇا پاڻ ڊرامه “پي ڊي ون ففٽي” ڪئميرا تي ريڪارڊ ڪري سگهون ٿا...؟؟؟ جيڪا ان وقت صرف نيوز ۾ ڪم ايندي هئي، ۽ ٺهي به ان لاءِ ئي هئي، مون کيس مرڪي جواب ڏنو ته جيڪڏهن بي سري کي چئبو ته ڪا ڌن ٺاهي ڏي، ته هو يڪدم ٺاهي ڏيندو پر جيڪڏهن ڪنهن سريلي کي چئبو ته ڌن ٺاهي ڏي ته هو سوچ ۽ سمجهه کان ڪم وٺي، صحيح راڳ ۽ راڳڻيون استعمال ڪري ۽ شاعريءَ مطابق ڌن ٺاهڻ ۾ وقت وٺي ڇڏيندو، تڏهن هن مونکي اداس لهجي ۾ طعنو هنيو، ته توهان به ته پي ٽي وي وارا ئي آهيو...، اها طنز ٻڌي مونکي ڏک ٿيو، ۽ مون مصطفيٰ ڪئميرامين کي چيو ته تون هڪ ڏينهن جي شوٽنگ لاءِ مون وٽ اچ، گهر پهتس ته منان عباسي پنهنجي آڊيو ڪيسٽ جا باڪس کڻي منهنجي گهر شانتي نگر ۾ ويٺو هو، ۽ مونکي اهي ڪيسٽون جيڪي هن ناز پروڊڪشن طرفان بسن ۾ مقبول ڪيون هيون، جن ۾ مزاحيه گانا ۽ خاڪا به شامل هوندا هئا، اهي ٻڌايائين ته مون انهن مان ڪجهه خاڪا ۽ گانا کڻي اداڪاره نسرين ناز کي گهرائي، لائيٽون ۽ مائيڪ بليو ايپل اسٽوڊيو مان پنهنجي دوست گوهر نقوي صاحب کان، جيڪو پي ٽي وي جو چيف انجنيئر هو، کان وٺي آيس ۽ مون 3 عدد خاڪا ۽ 3 عدد گانا ڪمرن ۾، آئوٽ ڊور ۾ ڏينهن جو ۽ رات جو شوٽنگ ڪري، منان، نسرين ناز ۽ ٻين کي کڻي، مختلف ورائٽين جا خاڪا ٺاهي کيس ڏيکارڻ لاءِ نڪتس، ان وقت مونکي گوهر صاحب چيو ته اهو ڪم نان پروفيشنل آهي، ڊرامن کي پروفيشنل ڪيمرائن سان ڀريو ويندو آهي، نه ڪي خبرن واري ڪيمرا سان، اهو طريقو نان پروفيشنل آهي، جڏهن ته سندس اسسٽنٽ باقر رضوي جيڪو اڄ وڏو انجنيئر آهي، ۽ تقريبا گهڻن ٽي وي چينلن جو انجنيئر به آهي، ماهواري سڀني کان چيڪ اپ ڪرڻ جو معاوضو به وٺندو آهي، ان کي مون جڏهن آماده ڪيو پئي تڏهن ان به ساڳي گوهر صاحب واري ڳالهه ڪئي، پر مون باقر کان پڇيو ته ڇا هن ڪيمرا سان ايڏي رزلٽ خراب ايندي...؟؟؟، هن وراڻيو ته هن جو لينس به ننڍو ۽ ميگنيٽ به ننڍو آهي، ۽ هن کي نائيٽ ۾ ججهيون لائيٽون ڏيڻيون پونديون آهن، پر اهي ڳالهيون پاڻ پروفيشنل ئي سمجهي سگهيون ٿا، نه ڪي ڏسڻ وارو، ۽ تو وارو مالڪ علي قاضي صاحب ان ڳالهه کي سمجهي ئي نه سگهندو، ان ڳالهه منهنجي همت وڌائي ۽ مون باقر جي تعاون سان اهو 17 منٽن جو پروگرام شوٽ ڪيو، ۽ علي قاضي صاحب کي جڏهن ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيس، ته ان وقت ڪي ٽي اين اداري جو اصل ماهر ۽ ماسٽر مائينڊ ريحان صاحب، جيڪو “جيو” ۾ به ڪم ڪندو هو، ۽ اسان جا سڀ شعبا سندس مرضيءَ جا محتاج هئا، تنهن کي ڏيکارڻ لاءِ مون ڪيسٽ نور صاحب وٽ رکي ڇڏي، ۽ کيس چيم ته علي صاحب کي ٻڌائي ڇڏجو ته ڏسي ڇڏي، آئون واپس وڃڻ لڳس، علي صاحب مونکي فون ڪيو ته اچو ته ڏسون، مون چيو مانس ته ريحان صاحب کي ويهاربو ۽ ان کي اهو نه ٻڌائبو ته يار محمد شاهه هي سڀ ڪهڙي ڪيمرا تي ريڪارڊ ڪري آيو آهي، بلڪه اهو ٻڌائبو ته يار محمد شاهه هي گند ڇاپي آهي، ۽ چوي ٿو ته هرو ڀرو عيد تي مزاحيه پروگرامن ۾ هلايو، توهان ڏسو هلڻ جهڙا هجن ته هلايون...؟؟؟
    طي ٿيل پروگرام مطابق ريحان صاحب جيڪو ڪنهن اداري جي طرفان اسان جي پٺيان بجيٽ ختم ڪرائڻ، ۽ سنڌي ٽي وي چينل هلائڻ کان اڳ ئي ناڪام بنائڻ لاءِ ئي ويٺو هو، ۽ منهنجا ساڻس بحث ٿيندا رهندا هئا، پر علي صاحب ڀائرن سميت کائنس مرعوب هو، ان ڪري هو اسان کي خاموش ڪرائي ڇڏيندو هو، ايتري قدر جو برصغير جو نامور مارڪيٽنگ جو ماڻهو ريحان مرچنٽ آئون اشتهارن لاءِ وٽس وٺي آيس، پر کيس ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو، ۽ پاڻ نقلي ريحان جي چوڻ تي اسان کي مارڪيٽنگ کان به پري رکيائين، ۽ اصلي ريحان سان ملڻ کان لنوايائين، جنهن جي اشتهارن تي اڄ به سڀ اخبارون ۽ ٽي وي چينل هلي رهيا آهن.
    علي قاضي صاحب ۽ اسان جڏهن گڏجي مون وارا ٺاهيل تجرباتي ٽڪرا ڏٺا، ۽ علي صاحب خراب منهن ڪري ريحان صاحب کي محسوس ڪرايو، ته مونکي پسند نه آهن، توهان ٻڌايو ته هلڻ جهڙا هجن ته عيد تي هلايان...؟؟؟، ڏسڻ کان پوءِ ريحان ڪابه غلطي ڪڍي نه سگهيو، هڪ هنڌ منان ۽ نسرين جي گاني دوران ڀت تي هڪ لائيٽ هارڊ ٿي ويئي هئي، جنهن جي نشاندهي ڪيائين باقي چيائين ته هي هلائي سگهجي ٿو. ريحان جي وڃڻ کان پوءِ علي صاحب جي اکين ۾ پاڻي آيو، ۽ مونکي ڀاڪر پائي، ڇاتيءَ تي کڻندي چيائين ته يار محمد شاهه توهان اڄ ڪي ٽي اين کي بچائي ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ پاڻ فورا ڪمپيوٽر ۽ ڪيمرائن جا آرڊر ڏيئي ڇڏيائين، مون به اجازت گهري ته مونکي به پنهنجي ڪيمرا وٺڻ جي اجازت ڏيو ته آئون به پنهنجي سسٽم تي توهان جو مٽيريل شوٽ ڪندو رهان، ان فراخ دليءَ سان اجازت ڏني، ۽ منان جي خاڪن کي عيد تي هلائڻ جي اجازت به ڏني، مون اچي منان کي مبارڪ ڏني ۽ خاڪن جي پروپگرام ۾ مزيد ٻيا خاڪا وجهي، ان پروگرام جي شوٽ جي ٽائيمنگ سترنهن منٽ هئي، ۽ مون مزيد خاڪا وجهڻ لاءِ هن جي ساٿين کي دادو مان گهرايو، پنهنجي گهر ۾ ترسائي ماما لالو جي پهرئين قسط، جنهن جو گانو يعني ٿيم سانگ جنهن جا ٻول هئا “آهي سورن ۾ ويچارو ماما لالو، ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃي، هيڏانهن وڃي هوڏانهن وڃي يا ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃي” اهو ماما لالو اصلي جو جملو هو، جيڪو بار بار سڀني جي کيس ڪم ڪار لاءِ سڏڻ تي وات مان نڪري ويندو هو، ته مون پني تي لکي ان وقت ڌن جو ميٽر ٺاهي، منان کي چيو ته هن بيٽ تي ناز پروڊڪشن مان وڃي ڪو ميوزڪ ٽريڪ هٿ ڪر، جيڪو هن رات وچ ۾ هٿ ڪيو ۽ دادوءَ جا مشڪرا فنڪار گهرائي، منهنجو گهر ڀري ڇڏيو.
    هڪ ڏينهن نور جوکيو صاحب جنهن جا سڀ فيملي وارا منهنجي بي حد عزت ڪندا هئا، ۽ آئون به کيس ڪلچرل رپورٽون لکرائي، ڪلچرل رپورٽر بنائي سنڌي فنڪارن سان سنگت ڪرائي چڪو هوس، پر علي قاضي صاحب ڪي ٽي اين جي ڪمن ۾ سندس گهڻي مداخلت نه پئي چاهي. هڪ ڏينهن آئون ۽ علي صاحب ڪمرو بند ڪري، ميٽنگ ڪري رهيا هئاسين ته نور جوکيو پروڊيوسر مرحوم منظور مگسي کي اسڪرپٽ سميت وٺي آيو، در کولڻ تي ٻڌايائين ته هو ڊرامي جي لاءِ پي ٽي وي پروڊيوسر کي وٺي آيو آهي، علي صاحب ناراض ٿيندي چيس ته آئون ڪنهن به پي ٽي وي پروڊيوسر سان ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان، تون روز روز ماڻهو وٺيو بيٺو آهين، ۽ هن وقت به اسان ميٽنگ ۾ آهيون ڇو مداخلت ڪيئي...؟؟؟، گيٽ آئوٽ. مون ٻاهر نڪري ڏٺو ته نور کي اکين ۾ لڙڪ هئا، مون ڀاڪر پائي کيس چيو ته تون دل نه لاهي، هڪ ڏينهن توکي آئون ان شيشي جي گهر ۾ ويهاريندس، جڏهن مون گهر ۾ ڏٺو ته دادوءَ مان مشڪرا، سانگهڙ مان مشڪرا، ۽ مختلف علائقن کان آيل اسٽيج مشڪرا گهر ۾ موجود هئا، ته مون نور کي ۽ منان کي ويهاري مسخرن جو ملاکڙو ڪرايڻ جي تجويز ڏني، ۽ پوءِ لياقت لائبريري جي آڊيٽوريم ۾ ان جي لائيو ريڪارڊنگ ڪئي ويئي، هاڻ عيد تي اسان وٽ ماما لالو جي پهرئين قسط ۽ مسخرن جي ملاکڙن جون ٽي قسطون عيد تي هلائڻ لاءِ تيار هيون، مون سمورو ڪريڊٽ نور صاحب جي نالي ڪندي، علي قاضي صاحب ۽ سندس ڀائرن کي ٻڌرايو ته هي سڀ ڪوششون، ڪاوشون ۽ جاکوڙ نور صاحب جي آهي، ان کانپوءِ نور صاحب کي هو پاڻ سان گڏ ڪرسي تي ويهارڻ لڳا، جڏهن عيد الاضحيٰ ۽ عيد الفطر جي پروگرامن ۾ ڪتب ايندڙ بجيٽ تي ڊسڪس ڪئي، ته اطهر صاحب جيڪو فرق ٻڌايو اهو زمين ۽ آسمان جيترو هو ۽ مون ان موقعي تي قاضي صاحبن کي احساس ڏياريو ته اهو سڄو ڪريڊٽ نور جوکئي جو آهي، الله جي فضل سان اڄ نور جوکيو پنهنجي صلاحيتن سان قاضي صاحبن جا ٽئي چينل ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي، ۽ ڪروڙين روپيا ڪمارائي ڏيئي رهيو آهي، ۽ ويچارو شروع ۾ منهنجي اولاد وانگر مون سان رويو رکندو هو، ۽ منهنجي محرم واري مجلس تي پنهنجي اسٽاف سميت نياز کائڻ محرم جي پهرئين تاريخ ضرور ايندو هو، موٽ ۾ ٻئي ڏينهن آئون سندس حڪم تي ڪي ٽي اين اسٽوڊيو ۾ وڃي تحت اللفظ محرم جا ٽي ڏينهن هلائڻ لاءِ بنا معاوضي، عبادت سمجهي ريڪارڊ ڪرائيندو هوس، جڏهن ته ڪي ٽي اين جو پهريون محرم به مون پنهنجي طرفان مڪمل علماءِ، نوحه خواني، ڏهن ڏينهن جا سمورا پروگرام بنا معاوضي نياز سمجهي، پاڻ ارينجمنٽ ڪري، ريڪارڊ ڪري، پهريون محرم سڄو هلايا، اتفاق سان هالا ۾ هڪ امام بارگاهه ۾ نوحو ريڪارڊ ڪرائيندڙن ٽيبل پوش، جنهن تي علي ولي الله لکيل هو، ان لاءِ پاڻ مونکي مٽياري فون ڪري چيائون، ته اسان کي دبئي مان فون آيو آهي، ته هي شيعن جو چينل آهي ڇا...؟؟؟ تنهن ڪري اهو لفظ ڪٽيو، مون ٻڌايو ته آئون محرم کان پوءِ ايندس، توهان کي تجويز ڏيا ٿو ته اهو ڪم مون ارادن نه ڪيو، ۽ نه ئي ائين پڙهڻ ۾ پيو اچي، پر جنهن کي ڏکيو لڳو آهي، ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ايڊيٽر کي چئو ته ان جو نعمل بدل شاٽ لڳائي ڇڏي، پر اهو سندس وس ۾ نه هيو، ۽ پاڻ نه ڪري سگهيا، ۽ ان پهرئين اختلاف اسان جي محبت کي ۽ ڪاروبار کي پري ڪيو، اداري ۾ مون ايترا شوقين ۽ مفت خور ڀرتي ڪري ڏنا، جو اهي بنگلا، موٽرون، ڪارون، مانيون ٽڪيون کارائي ڪي ٽي اين جا پروگرام مفت ۾ ريڪارڊ ڪرائيندا هئا، خاص ڪري جن ۾ جهنڊي وارا پير مرحوم سائين پير مظهر الحق ۽ سندس فرزند امداد شاهه جيڪو اڳتي هلي ڪي ٽي اين جو ڊائريڪٽر به ٿي ويو، ۽ مون ان جي ڊائريڪشن ۾ به ڪم ڪيو ۽ منان جي ٽيلي فلم ۾ به ڪم ڪندي بي عزت محسوس نه ڪئي، ۽ اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ جيڪي شوز ڪيا ويا ان ۾ پهريون دفعو ڀٽي صاحب جي جلسي کان پوءِ عورتون، مرد وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا ۽ قاضي صاحبن پنهنجو سفر جاري رکيو، ۽ اڄ تائين ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن، ۽ جيئن ته منهنجو هاڻ وٽن هئڻ مهنگو به هو، ۽ سندن معيار مطابق به نه هو، حالانڪه ماما لالو جڏهن مونکي ريڪارڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ته مون منان عباسي کي پيش ڪيو ۽ علي صاحب کي منٿ ڪئي ته هن کي ئي ڊائريڪٽر جو شوق آهي، ۽ اهو پروگرام هن جي ئي معيار جو آهي، ۽ خالص عوامي پروگرام آهي جنهن جي تاعيد سندن مارڪيٽنگ انچارج اسلم لغاري پڻ ڪئي. اسانجي پاڻ ۾ ٻي اڻ بڻت جو سبب زرعي پروگرام “گلڻ خان” عروج تي هو، اسان کي اينگرو يوريا وارن گهرائي، پروگرام مڪمل اسپارنسر ڪيو، ريٽ به طي ڪيو، مون ۽ اسلم صاحب صحيح ڏيئي اچي علي صاحب کي ٻڌايو، جيڪو پهرئين ته ڏاڍو خوش ٿيو، پر پوءِ جيڏي مهل ڪلڪيوليٽر کڻي حساب ڪيائين ته هن پروگرام کي ٻه دفعا رپيٽ ڪرڻ واري ٽائيمنگ جو اندازو لڳائي هن افسوس ڪيو ته توهان سان گهٽ پئسا طي ڪيا ويا آهن، اسان کيس قائل ڪيس ته رپيٽ ڪرڻ چينل جي مجبوري آهي، ڪلائنٽ جي ضرورت نه آهي، پر پوءِ به علي صاحب مونکي چيو ته توهان وڃي کين سمجهايو ته توهان ٻڌڻ ۾ غلطي ڪئي آهي، ان جا پئسا الڳ لڳندا، مون انڪار ڪيو. اهڙي طرح ٽيو واقعو اسان يارن ۾ وڇوڙي جو هن ريت آيو ته ڪنگ ڪيسٽ ڪمپني وارا مارڪيٽ مان ڪيمرائون خريد ڪري رهيا هئا، ان وقت علي صاحب جو دادلو ۽ ڪنگ وارن جو مددگار ممتاز مون کي مليو، جنهن چيو ته اسان ٽي وي چينل لاءِ سامان پيا خريد ڪيون، توهان اسان جي مدد ڪندئو، منان اسان کي ٻڌايو ته ڪي ٽي اين کي شروع ڪرڻ ۾ توهان جو وڏو هٿ آهي، ته مون چيو ته هڪ سنڌي چينل جي کلڻ جي حيثيت ۾ مونکان جيڪا مدد گهرندا مان ضرور مدد ڪندس، ممتاز اها ڳالهه اچي علي قاضي کي ٻڌائي، جنهن تي علي قاضي ڏکارو ٿي اها دانهن به نور جوکيو صاحب کي ڏني، جنهن مونکي سندس ڏک سڻايو، اهڙي ريت ڪي ٽي اين ۽ مالڪن جون سڀ ضرورتون پوريون ٿينديون رهيون، ۽ آئون هاڻ سندن ڪم جو نه رهيس، ان ڪري منهنجا پروگرام بند ڪري مونکي نوان آئڊياز ڏيڻ لاءِ چيو ويو، پر مون ڏٺو ته هاڻ منهنجي کين بلڪل ضرورت نه آهي، ۽ گاڏي روڊ تي هلي پئي آهي، نور جوکيو صاحب به شيشي جي ڪمري ۾ ويهي رهيو، ۽ هاڻ هن کي اسان جي مجلس جو نياز کائڻ جي فرصت به نه آهي، اهڙي ريت ڪي ٽي اين جي ڪهاڻي مختصر ڪري ٻڌائڻ مان مقصد ماما لالو کي، انهن جي حوالي ڪري ۽ ڪي ٽي اين ۽ ماما لالو لازم ڪرائي، پاڻ پنهنجي دنيا ۾ هليا وياسون، هاڻ قصو اڳتي نشست ۾ وري اتان ٽنڊو آدم کان کڻنداسون، جتي ماما لالو مون سان گڏ پنج ميل پيدل پيتي کڻي، منهنجي ٻنيءَ تي هلندو هو، جتي اسان مهينن جا مهينا مشتاق جسڪاڻي ۽ شاهه اسد سان فلمون ۽ ڌنون روز ٺاهيندا، روز ڊاهيندا هئاسون.
    جيئن ته اڳيان ڪجهه ترتيب ٻئي طريقي جي ڏينداسون، پر زندگيءَ تي ماما لالو (اصلي) جو وڏو قرض آهي، جيڪو لاهي نٿو سگهان، پر ڳائيندو ته رهان...، هو ٻالڪ پڻ ۾ جڏهن اسين سيداڻا ڇوڪرا پاڻ ۾ پنهنجا غريب پاڙيسري ڇوڪرا ساڻ کڻي پيا گهٽين ۾ وڙ ڪندا هئاسون، ڪنهن سان مسڪري، ڪنهن سان جهيڙو، ڪڏهن ڪرڪيٽ، ڪڏهن گلي ڏڪر، ڪڏهن والي بال، ڪڏهن ڪوڏي ڪوڏي ته ڪڏهن ملهه به. هڪ دفعو ملهه وڙهندي ماما لالو جو ڀاڻيجو محمد حسين ميربحر جيڪو عمر ۾ مون کان گهڻو وڏو هو، تنهن سان ملهه وڙهندي مون ان کي جيڪو ڌڪو ڏنو ان ۾ هن مسڪين جي ٻانهه ڀڄي پئي، جنهن کان پوءِ اهي شوق ڇڏياسون، ماما لالو شهر جي هڪ ٻئي مشهور غريب، مزدور لونگ شوپانگ جيڪو طاقتور به هو، جو اڍاڻي مڻ واريون چار ٻوريون کڻي ويندو هو، ڪوڪن واري تختين تي سمهي، ڇاتيءَ تي پٿر ٽوڙائيندو هو، مطلب ته ماما لالو کي گڏ کڻي هو شهر ۾ اڪثر مزاحيه ۽ منفرد ائٽم پيش ڪري ماڻهن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا هئا، ۽ مونکي انهن جي فنڪاريءَ مان مزو ايندو هو، آئون ۽ اسان جو عزيز شبير شاهه ۽ ٻيا گڏجي اهي حرڪتون ڏسندا هئاسون، ڪڏهن ڪڏهن ته ماما لالو وارا اصلي نانگ ٽوڪريءَ ۾ وجهي، ڪنن ۾ والا ۽ مرلي هٿ ۾ کڻي، شاهي بازار ۾ دڪاندارن وٽ پنڻ ويندا ۽ نانگ ڪڍندا هئا ته ماڻهو خوفزده ٿي، هنن کي انعام ڏيئي روانو ڪندا هئا. هڪ دفعي مٽياري بس اسٽيڊ تي لونگ شوپانگ صوبيدار جهڙي وردي پائي، جنهن تي ڦل به لڳل هو، آفيسر ٿي هڪ گاڏيءَ ۾ ويهي چيڪنگ ڪرڻ لڳو، ۽ ماما لالو سنجيدگيءَ سان پوليس ورديءَ ۾ ٽرڪن وارن کي بيهاري، ڪاغذ کڻي اچي صوبيدار صاحب کان چيڪنگ ڪرائڻ لاءِ چوندو رهيو، هڪ ٽرڪ وارو جيڪو مٿي ڦريل هو تنهن جيڏي مهل صوبيدار کي ڪاغذ ڏنا ته لونگ شوپانگ جيڪو اڻپڙهيل هو، تنهن رعب سان ڊرائيور کي ڏسندي ڪاغذ ابتا جهليا، ۽ جڏهن ڊرائيور کي چيو ته “يه ڪاغذ ٺيڪ نهين هين” ته ڊرائيور ڪاوڙ ۾ چمبو هڻندي چيس ته “انڌا... الٽا پڙهه رها هي، پڙها لکا هي يا نهين...؟؟؟”، لونگ ڪاغذ هن کي هٿ ۾ ڏيئي ٻئي در کان ڀڄندي چيو “ڀڄ ماما لالو ڀڄ” هي ڇتو ٿي پيو اٿئي.
    ان کان علاوه ماما لالو منهنجي ٺاهيل ڌنن ۾ پنهنجي گلي سان سر وجهندو هو، جنهن کان پوءِ منهنجو ننڍي هوندي کان ڌنون ٺاهڻ وارو شوق تڪميل تي اچڻ لڳو، جڏهن مون ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، تڏهن پي ٽي وي تان اسان جي اشرف اسڪوائر واري فليٽ تي ايندڙ سڀ فنڪار ۽ پروڊيوسر ماما لالو کي پيار ۾ ماما لالو ئي چوندا هئا، ۽ ماما لالو به سڄي رات سندن خدمت ڪندو هو، هو اسان سان گڏ پي ٽي وي تي به هلندو هو ته پروڊيوسر اقبال لطيف، منظور قريشي، فيض ٻگهيو، محمد بخش سميجو ۽ ٻيا به کيس ننڍڙي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ جيئن ته ماما منهنجي هر اسٽيج ڊرامي ۾ يادگار ڪردار، وڏي اعتماد سان ڪيا، ان ڪري کيس ڪابه هٻڪ يا جهجهڪ نه ٿيندي هئي، پاڻ فلم “علي گوهر” ۽ “محب شيدي” ۾ به ننڍا رول پر جاندار طريقي سان ڪيائين، ان کان علاوه ماما اڪيلي سر جڏهن مون سان گڏ ٽنڊوآدم ۾ هلندو هو، ته آئون کيس 1971ع واري زماني ۾ هڪ رپيو خرچڻ لاءِ ڏيئي ويندو هوس، ته واپسيءَ تي هو ٻارنهن آنا مونکي واپس ڪندي چوندو هو ته هنن کي آئون ڇا ڪريان...؟؟؟، مون چئي آني جو ڪي ٽو سگريٽ جو پاڪيٽ وٺي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ماما کي جتي پائڻ جو چوڻ معنيٰ کيس ڀڄائڻ برابر هوندو هو، ۽ ماني پوري سوري کائيندو هو، نشي ۾ ڀنگ، چرس جيڪي به موالي مٽياري جي اوطارن ۾ پيئندا هئا سي سڀ کيس وٺي ويندا هئا ۽ ڀنگ به گهوٽرائيندا هئا، ۽ صلفيون به ٺهرائيندا هئا، پر کيس ڪوبه وڏو نشو اثر نه ڪندو هو، جيتوڻيڪ نشو نه ملڻ تي هو ڪچو ڌتورو به پٽي کائيندو هو،
    پاڻ ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ خود ساخته جلاوطني ڪري، قبرستانن ۾ ڏينهن جا ڏينهن لڪي، جن ٿي وڃي ويهندو هو، ۽ رات جو ان رستي تان اونداهه ۾ گذرندڙن جي اڳيان اوچتو ظاهر ٿي، ڪڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته ڪڏهن سگريٽ گهرندو هو ۽ ماڻهو کيس جن سمجهي ڇرڪي ڀڄي ويندا هئا، پاڻ قبرن سان گڏ قبرستانن ۾ ستو پيو هوندو هو ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه ملندو هوس ته ڪڙا ٽوهه ڪچا پٽي کائيندو هو، اهڙي طرح منهنجي ٽنڊوآدم، مٽياري ۽ ڪراچيءَ جي بيٺڪن تي منهنجي لاءِ ماما لالو ماءُ پيءُ ۽ ڇپر ڇانو ۽ روح جو آساس هو، دنيا ۾ اهوئي مونکي اڪيلو بي مطلب ساٿي مليو جنهن جي من ۾ ڪابه تمع نه هوندي هئي، آئون به سندس جهان ڇڏڻ کان پوءِ سندن ٻچن سان نڀائيندو اچان، ۽ الله ڪندو ته منهنجا ٻچا به انهن سان نڀائيندا رهندا.
    هاڻ قصو هن طرح سان ڪريون ته پنهنجي زندگيءَ جي سڃاڻپ وارن شعبن کي الڳ الڳ ترتيب سان ساروڻين ۾ ٿا سمايون، يقيننا انصاف ڪري نه سگهنداسون، پر زندگيءَ جي انيڪ ڳالهين کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين.
    سياست جيڪا مون کان نه پڳي ۽ آئون ان ۾ جيترو به ڪردار ڪري سگهيو آهيان، ان کي درج ڪرڻ ۽ ريڪارڊ ۾ ضروري ٿو سمجهان ته پهرئين عنوان آهي “سياست سان وابستگي”.


    سياست سان وابستگي

    مون ڄاموٽ خاندان ۾ اک پٽي ته اسان جو خاندان ڄاموٽ خاندان جي ڀيٽ ۾، غربت ۾ سندن نوڪر برابر به نه هو، سندن رويو به اسان سان اهڙوئي رهيو ڄڻ اسان سندن غريب پاڙيسري هئاسون، پر الله جنت نصيب ڪري وڏي سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ کي، ۽ مرحوم سندس ڀاءُ حاجي جيئندل صاحب کي جن اسان کي پنهنجو به سمجهيو ۽ هٿ به رکيو، ٻالڪ پڻ ۾ جڏهن اسان پنهنجي ٽٽل ڦٽل گهر ۾ پنهنجي ماءُ جي اڳيان پيالين ۾ چانهه پيئندا هئاسون، ته ان وقت سردار محمد علي شاهه گهر ۾ ايندو هو، ۽ اسان سان گڏ ننڍڙي منجي تي ويهي امان کان ڀاڄائي چئي چانهه جي پيالي وٺي پيئندو هو، ۽ جڏهن ٻاهر وڃڻ لڳندو هو ته آئون منهنجو ڀاءُ سندس پٺيان لڳندا هئاسون، ۽ هو اسان کي ان وقت به هڪ رپيو جيڪو اڄ جي هڪ هزار برابر آهي، خرچي ڏيندو هو، جنهن مان اسين کوڙ شيون وٺي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ کائيندا هئاسون، پر جڏهن وڏي محمد علي شاهه جهان ڇڏيو ته ٻين به اسان سان رويا جارحانه ڪري ڇڏيا ۽ مونکي پنهنجي غربت جي ڪري، احساس ڪمتري جو احساس ٿيو، منهنجي وڏي همشيره به پورهيا ڪندي هئي، ماڻهن جا ڪپڙا سبندي هئي ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ نور مصطفي شاهه عرف جاني شاهه جيڪو اڄڪلهه ايران ۾ مقيم آهي، ۽ پنهنجن ٻارن کي ديني علوم سان آشنا ڪري چڪو آهي، ۽ ٻار ٻالغ ٿي ايراني شهريت حاصل ڪري چڪا آهن، ان وقت گهر جو خرچو انهيءَ جي آمدنيءَ تي هلندو هو، پر مون جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بطور شاگرد پير پاتو، ته منهنجو ننڍپڻ جو ساهه کان وڌيڪ پيارو ساٿي مرحوم محمد نعيم شاهه، جنهن مونکي هائي اسڪول مان دوستيءَ لاءِ هٿ ڪيو ۽ مرڻ تائين ساٿ رهيو، سندس اهليه ادي پروين هن وقت خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر آهي، ۽ منهنجي اهليه گهريلو عورت آهي، پر اسان جا احساس ۽ تعلقات ساڳيا قائم آهن، الله ڪندو قائم رهندا.
    مون ڄاموٽن جي رويي سبب احساس محروميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ باقر پوٽه يعني نعيم شاهه وارو خاندان جن مونکي اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا پائڻ سيکاريو، جڏهن ته اسان اسڪول ۽ ڪاليج کان پوءِ يونيورسٽي ۾ پهتاسون، جيئن ته آئون ننڍي هوندي کان ئي محفل جو مور، کلائي، ڳائي ريجهائيندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن جهيڙا جهٽا به ڪري وٺندا هئاسون ۽ شاگرد سياست ۾ اڳيان اچڻ لڳاسون، ان کان اڳ مونکي شاگردن جي سياست جو جيڪو تجربو هو، اهو سچل ڪاليج ۾ 1965 ۽ 66 ۾ جڏهن هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، تڏهن اسان سچل ڪاليج جا ڇوڪرا جن ۾ ان وقت جي اين مغل جنهن کي طارق اشرف (منهنجي مامي جو پٽ سهڻي رسالي وارو) نقلي غلام نبي ۽ اديب غلام نبي مغل کي اصلي غلام نبي مغل چوندو هو، ان کان علاوه مير اسلم، ڄام ساقي ۽ ان دور جا نامور شاگرد اڳواڻ، اها اليڪشن گڏ وڙهيا پر جنگ جي سبب اها اليڪشن سليڪشن ۾ تبديل ٿي ويئي پر مون وٽ اهو پهريون شاگرد سياست جو تجربو اچي ويو، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن شاگرد سياست ۾ آئون پنهنجن دوستن سميت، جنهن ۾ هر شاگرد تنظيم جي عهديدارن جو مون سان ساٿ هيو، سڀني جي چوڻ تي آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ يونين جي صدارت لاءِ اميدوار ٿي بيٺس، ته ان وقت سپاف جو چيئرمين روشن پنهور هو، ۽ ليڊيز ونگ ۾ سراج صاحب جي خاندان هڪ ادڙي انيس رحمان جيڪا اڄڪلهه اسان جي دوست عبدالرحمان ٿهيم جي اهليه آهي، ان وقت اها ڇوڪرين جي سپاف جي صدر هئي، مطلب ته منهنجي مخالف مختيار سهراڻي جو ريڪارڊ ان وقت ۾ صحيح نه هو، جنهن تي امر جليل هڪ ڪهاڻي به لکي چڪو هو، ته هڪ صوبيدار نعره تڪبير هڻي ڪيئن هندو عورتن جي بي حرمتي ڪندو هو، جيڪو اڳتي هلي بي اي پاس جي ڊگريءَ کان سواءِ ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جو شاگرد ٿيو، ۽ مون سان اليڪشن به وڙهيو، منهنجي هٿ جوڙ سان سڀ تنظيمن منهنجو ساٿ ڏنو، ان وقت بشير انصاري پ پ جو خاص ماڻهو غني انصاري جو ڀاءُ اسان جو سياسي صلاحڪار به هو، پر مخدوم رفيق الزمان سان جڏهن دوستي ٿي، ۽ هو ان اليڪشن ۾ منهنجي ورڪ ڪرڻ لڳو ته منهنجي حلقي ۾ پ پ جو اثر وڌي ويو، تڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وزيراعليٰ هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي کاتي ۾ ڀٽي صاحب ممتاز کي هٽائي هن کي رکيو هو، رفيق الزمان مونکي چيو ته پاڻ جتوئي صاحب سان ملي، پ پ جي همدردي حاصل ڪري، مختيار کي هٿ کڻائي بنا مقابلا اچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، مون سنگت سان صلاح ڪئي، ڪثرت اهائي موزون صلاح سمجهي، پر “جيئي سنڌ” تنظيمن وارا به مون سان وابسته هئا، انهن جي نمائندن جي طرفان موٽ سٺي ڪانه ملي پوءِ به آئون رفيق الزمان سان جنهن وقت وزير اعليٰ هائوس ۾ جتوئي صاحب سان ملڻ لاءِ پهتس، ته ان وقت اندر ساڻس ملاقات وارو شخص سردار ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ هو جيڪو هڪ بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي، تڪڙا قدم ڀري اندرا نڪري رهيو هو، ۽ مونکي ۽ رفيق الزمان کي رسيو ڪرڻ لاءِ جتوئي صاحب پاڻ در وٽ اچي بيٺو هو، جيئن ته ڪن سببن جي ڪري ڄاموٽ صاحب سان ان وقت ڳالهه ٻولهه بند هئي، پاڻ پير صاحب جي جماعت جو يعني فنڪشنل ليگ جو سنڌ جو صدر هو، پر کيس اهڙا ٽيليفون به مليل هئا جيڪي ٽيليفون ڊائريڪٽري ۾ ئي درج نه ڪيا ويندا آهن، ۽ پاڻ جي ايڇ ڪيو سان لاڳاپيل ادارن سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ۽ سينيٽر هئڻ جي ڪري نيشنل ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهندو هو، ۽ آفريڪا جي جهنگلن ۾ ان وقت عرب شهزادن وانگر شينهن جو شڪار ڪرڻ ويندو هو، پاڻ متاثرڪن شخصيت هو، سنڌي وڏيرن جو آئيڊيل وڏيرو هو، جيڪو هر پوشاڪ ۾ سمارٽ لڳندو هو، جيئن ته سندس والد مرحوم سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جي به شخصيت وڻندڙ هئي، ۽ پاڻ پهريون سولين هو جنهن انگريز دور ۾ امن و امان قائم رکڻ ۾ انگريز حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو، جنهن جي ڪري کيس پهريون سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سنڌ به مقرر ڪيو ويو هو، ۽ سندن وفات کان پوءِ ذوالفقار علي شاهه به فوجين کي شڪار ڪرائي ساڻن قربت قائم رکندو هو، آفيسرن کي مانيون کارائڻ، دسترخوان جي سياست به سندس سڄاڻپ هئي، ۽ پاڻ علائقي جي تعليمي ۽ ٻين سڀني مسئلن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو، شگرمل کان پوءِ فلور مل، الڪوهل مل ۽ هاڻ ميڊيڪل يونيورسٽي جيڪا زير تعمير آهي، اهي سڀ سوچون ۽ ارادا سندس ئي هئا، جيڪي سندس ڀاءُ ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ پورا ڪري رهيو آهي، پر سندس فرزند محمد علي شاهه پاڳاره گروپ ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ زرداري صاحب جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو آهي ۽ ان جي عيوض اڄ هو پيپلز پارٽيءَ جو زرداري صاحب جي مهرباني سان مخدومن جي مقابلي ۾ سينيٽر ٿي چڪو آهي پر ان وقت وزيراعليٰ هائوس ۾ ڄاموٽ صاحب ٻاهر ويندي ويندي مونکي حيرانيءَ سان ڏسندي لنگهي ويو ته هن کي ملڻ لاءِ وزيراعليٰ مونکي جلدي روانو ڪري، پاڻ در تي اسان کي وٺڻ ڇو آيو آهي...؟؟؟ ڄاموٽ ذوالفقار تي به آئون ڪئين ڪتاب لکي سگهان ٿو، بحرحال اندر پهتاسون، جتوئي صاحب ڀاڪر پائيندي پڇيو ته ڇا... ڊي سي حيدرآباد يا ايس پي حيدرآباد وٺي آيو اٿائو...؟؟؟ رفيق الزمان وراڻيو ته نه... اسان ته توهان سان پاڻ ملڻ آيا آهيون، ته هن ٻڌايو ته ڀٽي صاحب جي فرمائش آهي، ان ڪري مون ڊي سي حيدرآباد کي ۽ ايس پي کي توهان کي گڏ وٺي اچڻ لاءِ چيو آهي، اسان ٻنهي حيران ٿي هڪ ٻئي کي ڏٺو، ۽ سوال ڪيو ته سائين اسان جي ڳولها ڇا جي لاءِ هئي...؟؟؟، جتوئي صاحب وراڻيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ توهان کي خبر آهي ته هميشه “جيئي سنڌ” جو هولڊ رهيو آهي، ۽ سپاف وارا سنڌ يونيورسٽي يونين تي قبضو ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهن، هن وقت مختيار سهراڻي اسان جو اميدوار آهي، جنهن کي ڄام صادق علي، مسعود نوراني ۽ ڄاموٽ غلام قادر جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته سڀ شاگرد تنظيمون سپاف جا سڀ اڳواڻ به اسان سان گڏ آهن، ان ڪري توهان اسان کي پنهنجو اميدوار سمجهو، ۽ مختيار سهرياڻي کي هٿ کڻايو ته اسان سپاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريون، يا ته خاموشيءَ سان انتظار ڪريو، اسان اليڪشن کٽي پوءِ به توهان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿينداسون. جتوئي صاحب وراڻيو ته اهو منهنجو نه بلڪه ڀٽي صاحب جو حڪم ۽ فرمائش آهي، تڏهن اسان جتوئي صاحب کي ٻڌايو ته اسان به اڪيلا نه آهيون، دوستن جو وسيع دائرو آهي، سڀني سان صلاح ڪري پوءِ جواب ڏينداسون.
    ان کان پوءِ جتوئي صاحب فورا مخدوم طالب الموليٰ سائين سان فون تي ڳالهايو، جنهن اسان سان ڳالهايو، ۽ حڪم ڪيو ته توهان جا سڀ شرط مڃيا ويندا، پر ڀٽي صاحب جي خواهش توهان کي ضرور پوري ڪرڻي پوندي، اهو مون لاءِ ۽ جتوئي صاحب لاءِ وڏو آزمائشي مرحلو آهي، تنهن ڪري توهان مون وٽ هالا اچو ته پوءِ روبرو ڳالهيون ڪنداسون. اداس چهرا کڻي ٻئي ٻاهر نڪتاسون، رات ٿي چڪي هئي، ٽٽل دل سان رات گذاري، صبح جو ناشتي تي آئون نعيم شاهه ۽ رفيق الزمان سائين طالب الموليٰ سائين سان مخدوم هائوس هالا ۾ ناشتي تي پهتاسون، ۽ سڄو ڏينهن ڪچهريءَ کان پوءِ رات جو يارهين بجي تائين فيصلا ڪندا رهياسون.
    طالب الموليٰ سائين ڏينهن جو گهڻو حصو منهنجي پيءُ سان گهاريل زندگيءَ جي خوبصورت واقعن جو ذڪر بار بار ڪندو رهيو، جنهن مان مون محسوس ڪيو ته بابا ۽ طالب الموليٰ سائين پاڻ ۾ ڀائرن کان به وڌيڪ ويجها هئا. آخر ۾ مون سائين کي جواب ڏنو ته قبلا مونکي موٽ ۾ ڪجهه به نه گهرجي، ڇو ته آئون ان مهدي شاهه جو پٽ آهيان، جيڪو توهان جو 30 سال ساٿي رهيو، ۽ هر سير و تفريح ۽ شوق شڪار کان وٺي مجلسون ٻڌڻ تائين، توهان جو رفيق هو، ۽ موٽ ۾ توهان کان ڪجهه به نه ورتائين، ان ڪري آئون به توهان سان ڪنهن به قسم جو سودو نه ڪندس، بلڪه حڪم جي تعميل ڪندس، ڇو ته هيءُ شاگرد سياست جو آخري سال آهي، جڏهن ته مونکي تعلقي هالا ۾ اوهان جي زير سايه نسلن سان گڏ رهڻو آهي.
    پاڻ فرمايائون ته توهان جي خاندان کي پنهنجن جي ئي طرفان ڪچليو ويو آهي، ۽ توهان کي هو پنهنجي برابر ئي نٿا سمجهن، ان ڪري آئون توکي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرارائي، هالا ۾ رکارائي، تنهنجي خاندان جو اثر و رسوخ وڌائي، اڳتي اچڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، جيئن تون اڳتي هلي ڄاموٽ خاندان ۾ برابري سطح تي پنهنجي زندگي گذاري سگهين، پر مون وري به هٿ ٻڌندي چيو ته واپار وڏن ئي نه سيکاريو آهي، قرباني اسان جو ڪم آهي، ۽ خانداني فخر به آهي، ان ڪري هي غريب جو ٻار توهان کان صرف دعائون گهرندو، بحرحال پاڻ پوءِ به مون کان اسسٽنٽ ڪمشنر جي اميدوار لاءِ درخواست ورتائون ۽ ڊائريڪٽ سليڪشن ۾ جيڪي اي سي ۽ ڊي ايس پي کنيا پئي ويا، انهن ۾ مونکي ٻڌايائون ته تنهنجو نالو شامل آهي، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي پوسٽ لاءِ مرحوم منهنجو جگري يار نعيم شاهه سندس مامي محبوب علي شاهه کي وٺي ويو ۽ مخدوم صاحب مجبورن ان کي به آسرو ڏيئي روانو ڪيو، پوءِ جڏهن مونکي خبر پئي ته ان وقت مون وٽ وري راڻو خان ڀٽو جيڪو سپاف جو چيئرمين هو، سپاف جا سڀ شاگرد اڳواڻ آيا ۽ چيائون ته تون ڀلا مخدوم صاحب کان سپاف جي چيئرمني وٺ ته اسان سڀ تنظيمون تنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهيون، ان وقت طالب الموليٰ سائين سان جيڪو واعدو ڪيو هوم، ان موجب ٻئي ڏينهن جتوئي صاحب کي وڃي هٿ کڻڻ جو پنو هٿ ۾ ڏنوسين، جنهن چيو ته حڪم ڪيو ته توهان کي ڇا ڏيون...؟؟؟ مون کيس وراڻيو ته اهو آئون توهان تي ٿورو نه پيو ڪريان بلڪه طالب الموليٰ سائين جي حڪم جي تعميل ٿو ڪريان، ائين چئي آئون واپس سنڌ يونيورسٽي آيس، اخبارن ۾ منهنجي هٿ کڻڻ جي خبر نمايان اچي ويئي، پر جيئن ته تاريخ هٿ کڻڻ واري گذري چڪي هئي، ان ڪري اليڪشن ٿي، ۽ مون ويهي مختيار سان دنيا کي ڏيکاريو ته آئون هن جي حق ۾ آهيان، پر دوستن ۽ ڀيڻ انيس رحمان ۽ ٻين ڀيڻن گڏجي مونکي جيترا ووٽ ڏنا، ان مطابق صرف 17 ووٽن تان مختيار مون کان سيٽ کٽي ويو.
    ان کان پوءِ مونکي جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر جي لاءِ سائين جن کان واضع فيصلو وٺڻو پيو ته پاڻ وڏا پريشان ٿيا، مون عرض ڪيو ته مون تي شاگردن جو زور آهي، آئون سپاف جو چيئرمين ٿيان يا توهان مونکي جيڪڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر کڻائڻ جي پڪ ٿا ڏيو، ته پوءِ آئون ان ڳالهه تان هٿ کڻي وڃان. ان فيصلي ۾ سائين ان وقت “سبي ميلو” جي صدارت لاءِ وڃي رهيا هئا، مخدوم صاحب جي بنگولي جي در وٽ سائين پير گاڏيءَ ۾ ۽ پير ٻاهر رکيو فڪرمند بيٺا هئا، ۽ منهنجي ڳالهه جو پاڻ جواب ڏيڻ بدران مرحوم اسد الله شاهه ٽکڙائي کان پڇيائون ته يار محمد شاهه کي ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي...؟؟؟، تنهن مشورو ڏنو ته توهان ميلي تي وري به جتوئي صاحب سان ڳالهائجو، ۽ يار محمد شاهه کي انٽرويو ۾ وڃي ويهڻ گهرجي، پر مون وضاحت گهري جيڪا نه ملي، ۽ نه آئون انٽرويو ۾ ويٺس، ۽ اها سيٽ اسان واري پير ضياءُ نوشهري وارو جيڪو پڻ اسان جو دوست هو، ان کي اها نصيب ٿي، اسين دوست هڪٻئي جا پانچا پٽڻ ۾ مخدوم صاحبن وٽ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهياسين، پر جيئن ته آئون سنڌ جي سياست ۾ پير چائي چڪو هوس، اخبارن ۾ منهنجا بيان ايندا هئا، وري جڏهن مٽياري واپس اچي سماج سيوڪ ٿيس، “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” ۽ “مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن” جي پليٽ فارم تان علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ لڳس، ۽ ان وچ ۾ جيڪا بلدياتي اليڪشن ٿي، جنهن جو مٿي تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان، ان کان پوءِ علائقي جي سياست بدران سماجيت ۾ پنهنجي ڪردار کي ايڏو نروار ڪيم جو اڄ به جيڪي علائقي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيهندا آهن، ته اهي مشورا ۽ مدد وٺڻ مون وٽ ضرور ايندا آهن.
    ان کان اڳ هڪ دفعو “جيئي سنڌ” جي جوش ۽ ولولي ۾ سائين جي ايم سيد سان سڄي رات سانگهڙ کان وٺي مٽياري پهچڻ تائين گڏ هئاسون، ۽ ان وقت شهاب الدين شاهه وارا به سائين سان گڏ هئا، ۽ ان رات 3 بجي به سائين جو وڏو استقبال ڪيو ويو، ۽ مون ان رات پنهنجو پهريون جوشيلو انقلابي شعر سر ۾ پڙهيو، جنهن جا ٻول هئا “جاڳو سنڌيو، جاڳو جاڳو” ۽ ٻئي ڏينهن سائين جي ايم سيد، سائين شهاب الدين شاهه جي بنگلي تان گرفتار ٿيو ۽ وفات تائين جيل ۾ ئي رهيو، ان کان علاوه سياست ۾ منهنجي ٻي ڪابه مصروفت نه رهي، پر خليق الزمان کي جڏهن سنڌ جو نائب صدر ٿيو، تڏهن ساڻن تمام گهڻي قربت هئي، ۽ آئون سندن فيصلن ۾ به ويهندو هوس، ۽ چاچا شاهنواز سان گڏ فيصلا به ڪندو هوس پوءِ خليق سائين جڏهن پارٽي جي جلسن لاءِ نڪرندو هو، ته آئون کيس تقريرون به لکي ڏيندو هوس، جيڪي پاڻ ياد ڪري پڙهندا هئا.
    هڪ دفعو محبوب شاهه کين منهنجي باري ۾ چيو ته آئون اصل ۾ مير رسول بخش ۽ ڪامريڊ شيخ علي محمد واري ٽولي ۾ آهيان، ۽ ان جي پارٽي ۾ شامل آهيان، ان ڪري آزمائش طور مونکي مٽياري ۾ جلسا رکائڻ لاءِ چيو وڃي ۽ پوءِ خليق الزمان هنن جي چوڻ تي مونکي جلسا مٽياري ۾ رکرائڻ لاءِ چيو، مون مٽياري ۾ جڏهن سندن پهريون جلسو رکرايو، جنهن ۾ منهنجا ڪامريڊ ساٿي تقريرون ڪندا رهيا، ۽ ڪمپيئر قاضي سيف الدين واري سان سڀني کي سڏيندو رهيو، جنهن وقت هن سيد مظفر شاهه عرف جيئل شاهه کي تقرير لاءِ سڏيو، جنهن جو نالو مون نه ڏنو هو پر جيئل شاهه تقرير ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهائي، مخدومن کي چيو توهين هيئنر بندوقون کڻي ووٽ وٺڻ آيا آهيو، پر اليڪشن کان پوءِ اهي بندوقن وارا اسان کي توهان جي بنگلي ۾ اچڻ ئي ڪونه ڏيندا، جڏهن ته اسان جو عوامي ليڊر ڀٽو صاحب فرمائي ٿو ته آئون توهان جو ڪم نه ڪريان ته مونکي گلي کان وٺي چئو، ان ڪري توهان به اسان جو ڪم نه ڪيو توهان کي اسين به گلي کان وٺي چونداسون.
    ان وقت خليق الزمان فل ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ شهاب الدين شاهه ۽ محبوب شاهه کيس چيو ته هيءُ يار محمد شاهه جو بڇيل آهي، ان کان اڳ ئي مون مخدومن کي چيو ته آئون سائين وارن جا جلسا رکائيندس، ياري نڀائيندس پر سياسي جهنڊو پاڻ تي ڪونه هڻائيندس، پر هنن مونکي اسٽيج تي سڏيو، مون قاضي سيف الدين کان هنن جي سامهون فل ڪاوڙ ۾ جيئل شاهه عرف مظفر شاهه جي تقرير ڪرڻ لاءِ پڇيو ته هن جو نالو تون کي ڪنهن ڏنو، هن بي خياليءَ ۾ سائينءَ وارن جي سامهون چئي ڏنو ته توهان ئي ته ڏنو هو، حالانڪه منهنجي ملائڪن کي به خبر نه هئي، پر ان جو رد عمل خراب نڪتو، ۽ خليق الزمان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته توهان مٽيارين جا ماڻهو پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهيو ٿا ڇڏيو، جنهن تي مٽياري جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جاڳي پئي، ۽ ماڻهو احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مون خليق الزمان کي سمجهايو، جنهن منهنجو چوڻ ورتو ۽ ان کان پوءِ پاڻ منهنجي طرفان رکايل جلسا اجرڪن جي هنرمندن وٽ، خاصخيلي برادري وٽ، ميمڻ برادري وٽ، ڪڇي برادري وٽ، ٽيڪسي ڊرائيورن وٽ ،بالڪل عوامي تقرير ڪري، ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    اهڙي طرح عملي سياست جو دور منهنجو ختم ٿيو ۽ سماج سيوڪ جو دور جنهنجون يادگيريون سماج سيوڪ عنوان ۾ ڪنداسون.


    سماج سيوڪ

    جيئن ته ٻالڪ پڻ کان وٺي دوستن سان گڏجي پنهنجي علائقي جي هر مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن سياسي سپورٽ جي، سماج سڌارڪ ساٿين سان گڏ، جيڪي مون سان شاهه ڪلچرل سوسائٽي ۾ اسڪول کان گڏ هئا، ۽ ان کان پوءِ وري بلوغت ۾ مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن ۾ به مون سان گڏ شهر جي انهن معززين به ڀرپور ساٿ ۽ تعاون ڪيو، جيڪي پنهنجي زماني ۾ شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قومي خدمتگار ادارو استعمال ڪندا هئا، جن ۾ مرحوم سائين شهزادو شاهه، مرحوم چاچا غلام رسول شاهه (صدر الدين)، چاچا ستار ڏنو شاهه (صدر الدين) ۽ عطاءُ الله انصاري (اسد الله شاهه باقر پوٽه)، سائين پير حاجي محمد زمان شاهه، اهي منهنجا سرپرست ۽ بزرگ هئا، جن سندن جوانيءَ جي جدوجهد ۽ شهر سڌارڻ لاءِ جيڪي تجربا ڪيا، انهن سان منهنجي رهنمائي ڪيائون.
    مٽياري ٽائون ڪميٽي کي سڌارڻ لاءِ اسان جي مرشد گهراڻي سائين پير الهيار شاهه، ان کان پوءِ پير بقادار شاهه، ان کان پوءِ سائين حاجي محمد زمان شاهه، ۽ مرحوم سائين پير نور شاهه جن بطور چيئرمين جي ريڪارڊ ڪم ڪرايا، ان کان پوءِ مرحوم حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ به چيئرمين رهيو هو، جيڪو ساڳي وقت مون وانگر فنون لطيفه يعني فلم انڊسٽري ۾ بحيثيت اداڪار، موسيقار، فلمساز ۽ هدايتڪار جي وابسته هئڻ جي باوجود به مٽياري جي لاءِ ڪم ڪندو هو، هڪ دفعو سائين پير نور شاهه جو چونڊيل چيئرمين حفيظ الله ميمڻ کي متفقه طور تي هٽائي سائين فضل علي شاهه کي موقعو ڏنو ويو، جنهن وڏيون اسڪيمون پاس ڪرايون ۽ پگهار نه وٺندو هو، ۽ يادگار خدمتون سندس ريڪارڊ ۾ آهن. ان کان پوءِ مٽياري جي چيئرمني هميشه پير صاحبن وٽ ئي رهي، جيتوڻيڪ باقر پوٽه ۽ ڄاموٽ گڏجي به اها حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا، جنهن ۾ هڪ دفعو مرحوم مراد شاهه منهنجي دوست نعيم شاهه جو والد پنهنجي ئي عزيز اميد علي شاهه مرحوم کي شڪست ڏيئي، چيئرمين چونڊيو هو ۽ نعيم شاهه جي ڪري ان چيئرمني مان مون کي اسڪالر نصيب ٿي هئي، پر جيئن ته شهر ۾ ڊراما ڪرڻ ۽ اجرڪ جي ڪاريگرن، ٻيڙي جي مزدورن ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن جا مسئلا حل ڪرڻ به اسان جي اداري جو ڪم هو.
    “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” ۾ مٽياري جا مٿيان نالي وارا بزرگ سڀ اسان جي سرپرستي ڪندا هئا ۽ اسان مٽياري کي پهرئين تعلقو، پوءِ سب ڊويزن ۽ پوءِ ضلعو ڪرائڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي، تنهن ۾ جيڪي ساٿي مون سان جاکوڙ ۾ وفدن جي صورت ۾، تحريڪن ۾ يا بيان بازي ڪرڻ ۾ گڏ هئا تن جا نالا هن ريت آهن، غلام نبي مغل، نواز علي سمون، غلام حسين ميمڻ، اسرار احمد مغل، سيف الدين قاضي، مشتاق قاضي، پير بهائو الدين سرهندي، سيد گل حسن شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد فدا حسين شاهه، پير آغا عبدالرحيم جان سرهندي، پير شهاب الدين سرهندي، غلام محمد خاصخيلي، مٺو ڏاهري، ولي محمد سمون، ولي محمد ميمڻ (سينيٽري انسپيڪٽر) ۽ ماما لالو شامل هئا. اسان هر مهيني پمفليٽ ذريعي ماڻهن جو تعاون حاصل ڪنداهئاسون ۽ پمفليٽ جي ذريعي ئي ماڻهن کي مسئلن جي حل جي ڪاميابي جو خوشخبريون ڏيندا هئاسون ۽ هر مسئلي ۾ تعاون ۽ آگاهي پنهنجو فرض سمجهندا هئاسون، ان ڪري شهري اسان سان ٻڌجي ويا ۽ هر ڏک سور جو مداوا اسان کي ئي سمجهيو ويندو هو.
    اسان جڏهن مٽياري ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ڪورٽ منظور ڪرائي ته ان وقت بلڊنگ جي اڻاٺ سبب اها نالي مٽياري جي هئي، ڪم حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ جي بلڊنگ ۾ ڪندي هئي، اسان روڊ بند ڪري، تحريڪون هلائي، ان کي مٽياري شفٽ ڪرڻ پئي چاهيو، ته مخدوم خليق الزمان وارن مخالفت ڪري، ان کي روڪيو، ڇو ته ان وقت ۾ اسان جي اداري جي عملي جدوجهد مٽياري کي تعلقو ڪرائڻ بابت هلي رهي هئي، ۽ اسان جا مطالبا ۽ بيان روز اخبارن ۾ هوندا هئا.
    هڪ ڏينهن خليق الزمان سائين طنزيه پڇيو ته ڪڏهن ٿا ڪورٽ کي شفٽ ڪرايو...؟؟؟، تڏهن مون چيو ته سائين اهو اسان جو حق آهي، توهان وٽ هميشه اسان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ رهي آهي، پر ترقياتي ڪمن ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي، حالانڪه جڏهن مخدوم رفيق الزمان ضلعي حيدرآباد جو ناظم مقرر ٿيو هو، تڏهن مٽياري ان ۾ شامل هو ۽ ان وقت ڪجهه پليون ۽ ڪجهه لنڪ روڊ رفيق الزمان جي تعاون سان مٽياري وارن کي نصيب ٿيا، جن جا پٿر اڄ به لڳل آهن، پر ڪيتريون اسڪيمون اڳتي جڙي نه سگهيون، وري هن حڪومت جي پڄاڻيءَ تي ڪجهه اسڪيمن جا افتتاح رفيق الزمان ڪري، همدرديون تازيون ڪيون آهن.
    اسان مٽياري ۾ ۽ سنڌ ۾ سماج سيوڪ مشهور هئاسون، مٽياري تعلقي لاءِ قاضي مشتاق (فضل الله) جيڪو هاڻ اي سي ٿي رٽائر ٿيو آهي. ۽ “البيلو قاضي” جي نالي سان فيس بڪ تي اڄ به مٽيارين جون يادگيريون ڏيندو رهندو آهي، ان ۽ سندس مامي قاضي عبدالقادر جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو آفيس سپريڊنٽ هوندو هو، ۽ هر ڊپٽي ڪمشنر هن کان سواءِ هلي نه سگهندو هو، ان جي تعاون سان اسان جيڪا تعلقي جي تحريڪ شروع ڪئي، ان کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچائڻ ۽ پنهنجي تعلقي جي اسڪيم کي مطالبي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي صوبائي اسيمبلي ميمبر سائين امير علي شاهه ڄاموٽ، جنهن حفيظ پيرزاده جي تعاون سان مٽياري کي انٽرميڊيٽ ڪاليج منطور ڪرائي ڏنو هو، ان جي تعاون سان اسان تعلقي جي تحريڪ ڪامياب ڪرڻ پئي چاهي، پر جيئن ته ان وقت ۾ آئون مخدوم خاندان جي ويجهو هيس ته امير علي شاهه وارا، ممتاز ڀٽي صاحب جي ڪري ان وقت مخدوم خاندان کان پاسيرا هئا، جيڪو اول ڀٽي صاحب جي مرضيءَ سان سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو، سنڌي ٻوليءَ جي بل کان پوءِ سنڌي مهاجر فساد ٿيا، ۽ ايم ڪيو ايم انهن جي روين جي ڪري وجود ۾ آئي، جنهن ڪري ڀٽي صاحب موقعو ڏسي ممتاز ڀٽي کي هٽائي، مخدوم صاحب جي خوشيءَ خاطر غلام مصطفيٰ جتوئي کي سنڌ جو وزيراعليٰ بنائي ڇڏيو. پر امير علي شاهه وارا اسان جي هر سجاڳي واري قدم کي مخدومن جي چال چوندا هئا، حالانڪه اسان خود سمجهي چڪا هئاسون ته مخدوم صاحب ڪنهن به صورت ۾ اسان کي مٽياري تعلقو ڪرڻ نه ڏيندا، ان وقت ۾ سائين جي ايم سيد جو ساٿي علڻ خان عرف محمد سومار ٿيٻو، جيڪو جيئي سنڌ ۽ جي ايم سيد جو اهم اڳواڻ سمجهيو ويندو هو، جنهن مون سان محبت ايتري وڌائي جو بحيثيت استاد ۽ محسن جي مون وٽ مٽياري ۾ رهندو هو، ۽ منهنجي مٽياري بابت جاکوڙ تي نظر رکندو هو، ۽ وفد جي صورت ۾ اسان ڪنهن به اداري وٽ ويندا هئاسين، ته هو اسان سان گڏ هلندو هو، انهيءَ سلسلي ۾ اسان چاهيو پي ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ امير علي شاهه تعلقي جو مطالبو ڪري، ۽ علڻ خان جي معرفت اسان ان وقت مخالف ڌر جي اڪيلي ميمبر سائين ظفر علي شاهه وٽ هلي وياسين، ۽ کيس اسان جي تعلقي جي مطالبي کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ، ۽ حمايت ڪرڻ جي گذارش ڪئي سون، جنهن چيو ته اصل ۾ اهو حق امير علي شاهه جو آهي اسين سندس حمايت ۾ سڀ دوست آڻي سگهون ٿا، توهان کيس آماده ڪريو ته هو اجلاس ۾ ڳالهائي، ان وقت اسان تعلقي جي مڪمل فزيبلٽي ٺاهي، سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ هر سينيٽر تائين هٿ ۾ پهچائي، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ امير علي شاهه جي ڳالهائڻ جو وارو هو ته ان ڏينهن اسان اسيمبليءَ ۾ ڏٺو ته هر ميمبر جي هٿ ۾ اسان جي تعلقي جي فزيبلٽيءَ جا پيپر هئا، ۽ سڀني اسان سان واعدو ڪيو ته توهان جو ايم پي اي ڳالهائيندو ته اسان حمايت ڪنداسون.
    ان وقت امير علي شاهه اسيمبليءَ جي ورانڊي ۾ مليو جتي علڻ خان، قاضي مشتاق ۽ مون ساڻس حال احوال ڪيا، ۽ هر صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جي هٿ ۾ اسان جي تعلقي جي ڪاپي ڏيکاريندي ٻڌايوسين ته هي سڀ تيار آهن، توهان ڳالهايو ته سڀ حمايت ڪندا، پر سائينءَ چيو ته اها مخدوم صاحبن جي سوچ آهي، جيڪي اسان کي ڪڏهن به مٽياري کي تعلقو نه ڪرڻ ڏيندا، پر اهو ڳالهائڻ منهنجو حق آهي، پر آئون حمايت پارٽيءَ وارن سان ڳالهائڻ کان پوءِ ئي حاصل ڪري ڳالهائيندس، تنهن ڪري آئون اڄ نه ڳالهائيندس، ان کان پوءِ اسان سائين ظفر علي شاهه سان ملياسون جنهن چيو ته آئون کيس سمجهايان ٿو، اسان ملڪ جي سڀني چونڊيل ميمبرن تائين پنهنجو ڪيس پهچائي چڪاسون، پر پنهنجي ميمبر جنهن جي حق ۾ سڄي ڳالهه هئي، تنهن کي آماده نه ڪري سگهياسون.
    ان کان پوءِ وري هڪ دفعو مٽيارين ۾ اسان هڪ تقريب رکائي، جنهن ۾ اسان شهر جي مسئلن خاص ڪري امن و امان جي سلسلي ۾ سڀ مقامي سادات موجود هئاسون، ۽ نالي وارن چورن ۽ پاٿاريدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اي سي ۽ ڊي ايس پي کي چيوسين، جيڪي ان کلي ڪچهري ۾ جيڪا ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ اسان ۽ اي سي صاحب ڌڻي بخش ڪاڪا جي تعاون سان منعقد ڪئي ويئي هئي، جتي شهر ۾ ٿيندڙ بدامني جو جواب ڏيندي ڊي ايس پي ٻڌايو ته اسان انهن چورن ۽ پاٿاريدارن کي گرفتار ڪريون ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن سادات جو فون اچيو وڃي، ان ڪري اسين انهن کي ڇڏيو ڏيون، جنهن سبب بدامني وڌي آهي، تنهن تي مون اٿي اعلان ڪيو ته تون انهن چورن جا نالا کڻ ۽ انهن جي لاءِ فون ڪري ڇڏائيندڙن جا به نالا کڻ، اڄ کان پوءِ هتي ويٺل اهي سڀ سادات پاڻ به لکي ڏيندا، ته انهن چورن سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي، ۽ نه رهندو، کين گرفتار ڪيو ويو ته اسين پوليس ۽ انتظاميه سان تعاون ڪنداسون.
    ان کان پوءِ سڀني پنهنجن پنهنجن واسطيدار چورن، پاٿاريدارن جا نالا پوليس وٽ لکرايا، جن ۾ گهڻي ڀاڳي انهن ساداتن جا نوڪر ئي هئا ۽ سڀني صحيحون ڏنيون، ان کان پوءِ پوليس شام تائين نوي عدد چور ۽ پاٿاريدار گرفتار ڪيا، ته سڄي شهر ۾ وٺ وٺان پئجي ويئي، ۽ سڀ سادات ۽ ميمڻ وفد جي صورت ۾ سائين امير علي شاهه وٽ ويا، جنهن هڪ هنگامي ميٽنگ سڏائي، ان فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينهن مٽياري هائي اسڪول جي هال ۾ هڪ شهري گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ سندس لاءِ جيڪا تقرير لکي ويئي هئي، ان ۾ به اسان جي دوستن جو ذهن شامل هو، جن شهر ۾ قتل ٿيندڙ مرحومه حاجياڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو به شامل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سائينءَ کي ڪا کڙڪ پئجي ويئي ۽ سائين امير علي شاهه اهو سپاسنامو اڳواٽ گهرائي پڙهي ۽ پوءِ ڦاڙارائي ٻيو سپاسنامو هٿ سان لکرايو، جڏهن اسان کي خبر پئي ته سائين سڀاڻي اچي اسان جي ڪيل ڪوششن کي ختم ڪرائيندو، ۽ سائينءَ جي نظر ۾ ته اها مخدوم هائوس جي پلاننگ آهي، ۽ منهنجي حلقي ۾ دست اندازي آهي، آئون ان رات جو وٽس هلي به ويس، سندس والد صاحب يعني چاچا انور شاهه ۽ آفتاب علي شاهه، علي گوهر شاهه موجود هئا، مون کيس ٻڌايو ته توهان سڀاڻي اسان واري ڪيل ڪوشش جو خاتمو ڪرڻ پيا اچو، ۽ تعلقي متعلق به اسان جي ڪيل ڪوششن تي پاڻي وجهڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو ته پوءِ اسان سڀ شهري ان وقت توهان جي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪنداسون، جنهن تي سائين چيو ته توهان اسان جا نوڪر چاڪر گرفتار ڪرايا آهن، ۽ اهو سڀ مخدوم هائوس جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. مون چيو ته انهن کي ته ڪا خبر به ڪانهي هي شهرين جون پنهنجون گهرجون ۽ مطالبا آهن، جيڪي اسان گڏجي حل ڪندا آهيون، ۽ توهان جي به تعاون جي آجيان پنهنجن پمفليٽس جي ذريعي ڪندا رهندا آهيون.
    بحرحال ٻئي ڏينهن سائين آيو ۽ تقرير ڪئي، ان وقت قاضي سيف الدين اسان جو تيار ٿيل پمفليٽ هال ۾ ورهايو، ۽ سائين امير علي شاهه ڄاموٽ تقرير ۾ چيو ته ڪالهه منهنجو هڪڙو ڪاوڙيل ڀاءُ مون وٽ آيو، ۽ مونکي جيڪي ڪجهه چيائين، ان تي اسان جو هڪ دوست جيڪو ات ويٺل هو نالي انجنيئر اسلم ميمڻ جيڪو محمد رحيم ميمڻ جي خلاف گفتگو ٻڌي ناراض ٿيو، آئون ان کان معافي وٺي چڪس، هت آئون ان جو نالو نه وٺندس ته اهو ڪهڙو ڀاءُ هو...؟؟؟، سائينءَ وڌيڪ چيو ته اڳ مونکي تقرير ڪرڻ نه ايندي هئي، منهنجو دوست علي نواز شاهه جيڪو پڻ ان وقت تقريب ۾ ويٺل هو، جنهن جي نالي چيائين ته اهو هميشه چوندو آهي ته امير علي شاهه کي تقرير ڪرڻ ڪونه اچي، ۽ صرف حضرات پاڻيءَ جو گلاس چئي ويهي رهندو آهي، پر ان وقت امير علي شاهه ڪاوڙ ۾ اسٽيج تي ويٺل هيڊ ماسٽر غياث الدين قاضي کي چيو ته ڪاليج جي منظوريءَ وارو پنو مونکي ڏيکاريو، جڏهن قاضي صاحب اها گزيٽ جي ڪاپي کڻي سائينءَ وٽ مائيڪ تي آيو، ته سائين اها ڪاپي ان جي هٿ مان وٺي بي خياليءَ ۾ اسٽيج تان مون ڏي کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته توهان ٿا چئو ته مون ڪو ڪم نه ڪيو آهي، هي ڏسو مون ڪاليج منظور ڪرايو آهي، خاموشيءَ سان پڙهي وري کيس واپس ڏيندي وڃي سيٽ تي ويٺس، ته ڀر ۾ ويٺل شهاب الدين شاهه حسينيءَ طنزيه چيو ته ڪالهه تون هن کي چيڙائي آيو آهين، ۽ اڄ هو الائي ڇا ڇا پيو ڳالهائي.
    ان کان پوءِ سائين ڪاوڙ ۾ تقرير ڪندي چيو ته اي سي ڪاڪا کي ڪهڙي جرئت آهي، جو هن اسان جا ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، بحرحال ان وقت سائينءَ جا حمايتي منهنجا ڪارڪن به مونکان لئوائڻ لڳا، لائيٽ ريفريشمنٽ تي سندس ڀاءُ آفتاب علي شاهه مونکي چيو ته، معاف ڪجو، ادا کي اهو نه چوڻ گهرجي ها، تڏهن مون چيو ته جنهن ماڻهوءَ چيو ته مونکي تقرير ڪرڻ ڪانه ايندي آهي، تنهن کي اڄ منو ڪلاڪ تقرير ڪرڻ اچي ويئي، پر مون سندس رويي تي ڪابه ڪاوڙ نه ڪئي آهي، اهڙي طرح جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب مخدوم هائوس ۾ پهريون وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو، جنهن ۾ مير رسول بخش سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو، ان وقت سڄي پاڪستان جا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، سينيٽر ۽ صوبائي وزير ۽ ميمبر موجود هئا، جنهن وقت ڀٽو صاحب مخدوم هائوس ۾ داخل ٿيو ۽ ماڻهن سان هٿ ڏيندي جنهن وقت اسان جي قريب آيو، ته مون تعلقي جي درخواست اڳيان ڪئي، پاڻ پڇيائين، مون ٻڌايو ته مٽياري کي تعلقو بنائڻ جي مڪمل فزيبلٽي بمع درخواست آهي، پاڻ ان وقت بلو مس واري پين سان لکيائين “اپرووڊ” ۽ پوءِ اها درخواست پنهنجي اي ڊي سي کي ڏيئي ڇڏيائين، ان کان پوءِ اسان ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجو (بدين وارو) هوندو هو، جيڪو علڻ خان جو دوست به هو، اسان ان وٽ وياسون ۽ کيس ٻڌايوسون ته ڀٽي صاحب اسان جي تعلقي جي درخواست اپرووڊ ڪئي هئي، جنهن تي هن طنزيه مسڪرايو ۽ اها درخواست گهرائي، ۽ اسان کي ڏيکاري ته ان اپرووڊ جي ڀر ۾ ڀٽي صاحب ڳاڙهي پين سان لکيو ته (It will not Aproved up to the interest of Makhdoom Talib-ul-Mola) اها مخدوم طالب الموليٰ جي راضپي تائين نه اپرووڊ ڪئي وڃي. اسان جي اداسي ڏسي هن دلداري ڏيندي چيو ته توهان شينهن کي ٿا چئو ته اسان کي ٻيلو ورهائي ڏي، پر ان جي لاءِ توهان کي ان ٻيلي ۾ هڪڙو ٻيو شينهن پيدا ڪرڻو پوندو، اسان سوچن ۾ مايوسي کڻي هليا آياسين، پر سماج سيوڪ جدوجهد تيز ڪري، تعلقي جا مطالبا هر تنظيم جي طرفان ڪرائڻ لڳاسون.
    ان کان پوءِ ايترو ٿيو جو مٽياري جي لاءِ منظور ٿيل سول ڪورٽ جي بلڊنگ مٽياري ۾ منتقل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون، پر جيستائين پيپلز پارٽيءَ جو دور هو تيستائين اسان تعلقو ڪرائي نه پي سگهياسين. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ جڏهن ضياءُ الحق جي حڪومت هئي، ڄاموٽ صاحب شهزادي شاهه جي معرفت مون وٽ پاڻ هلي آيو ۽ مون تي ان لاءِ هٿ رکيائين جو کيس خبر هئي، ته سڄي شهر جي غريب عوام ۽ سجاڳ ذهن تعليم يافته طبقو اسان سان گڏ آهي، ان ڪري کيس وري فنڪشنل ليگ لاءِ ڪم ڪرڻو هو، سو هن اسان جي ضرورت محسوس ڪندي اسان تي هٿ رکيو، ۽ پوءِ مون تعلقي جي سموري صورتحال سندس سامهون رکي، ۽ اهو ٻڌايو جيڪڏهن هن ٻيلي جا شينهن ٿيڻ پسند ڪريو، ۽ تعلقي حاصل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏيو ته اسان سڀ سماج سيوڪ توهان سان گڏ هونداسون، ۽ ان کان پوءِ جيئن ته سائين کي شگرمل قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي قانوني تقاضائون پوريون ڪيون، انهن ۾ به سائينءَ سان وک وک تي آئون گڏ هوس، پر سندن ئي دور حڪومت ۾ جڏهن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ٿيو ته، مٽياري شگرمل جا فنڊ رڪجي ويا، جن لاءِ ڄاموٽ صاحب ڪافي جدوجهد ڪئي پر حاصل نه ٿي سگهيا، ان وچ ۾ اسان ساڻس گڏجي علائقي جي تمام گهڻن مسئلن ۾ سندس ساٿ حاصل ڪيو، پاڻ تعليم ۾ گهڻي دلچسپي رکندا هئا، ۽ اڪثر ان سلسلي ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ تي به منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيئي مسڪينن کي نوڪريون وٺارائي ڏيندا هئا.
    بينظير جو دور آيو ان دور جي به خاتمي ٿيڻ وقت وري شهزادي شاهه مرحوم جو فرزند ظهير علي شاهه مرحوم (سيڪريٽري ايڪسائيز) جيڪو ڄاموٽ صاحب جو قريب ترين هو، ان جي تعاون سان آصف زرداري ۽ بينظير صاحبه جيڪي پڻ ظهير شاهه سان ويجهڙائپ رکندا هئا، انهن جي هڪ مسئلي کي پير پاڳاري جي حلقي مان حل ڪرائي ڏيڻ ۾ ڄاموٽ صاحب کان ظهير شاهه تعاون حاصل ڪري، آصف زرداري جي حق ۾ فيصلا ڪرائي ڏنا، ته هڪ هفتي اندر مٽياري شگر مل جا فنڊ ريليز ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ ابتدائي طور ڄاموٽ صاحب ۽ مون گڏجي علائقي جي بيروزگارن کي مل ۾ نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو، اهڙي طرح مونکي به ٽي پي ٽي جو ڪانٽريڪٽ مليو، ۽ زميندارن کي ٽراليون ٺاهي ڏيڻ ۽ ڀاڻ دوائون ڏيڻ لاءِ مون “مٽياري ٽريڊرس” جي نالي هڪ دڪان کوليو جتان زميندارن کي ٽالهيون ٺاهي ڏيڻ کان علاوه ڀاڻ وغيره به ڏيندو هوس، پر ان وقت مل ۾ ٻه عدد ڪردار اڪبر پنجابي ڪين منيجر، ۽ مسعود چوڌري ايم ڊي هوندو هو، جن جي ڪوشش سان مٽياري شگر مل ۾ پنجابي انتظاميه گهڻي شامل ٿي ويئي، ۽ سائين جي لاءِ ڪافي مشڪلاتون ۽ روز مسئلا هوندا هئا.
    هڪ دفعو جڏهن شفقت علي شاهه صوبائي وزير اطلاعات هو ته مل انتظاميه ۾ ليبر هڙتال ڪري انتظاميه کي يرغمال بنائي، مل تي قبضو ڪري ڇڏيو، ان وقت آئون ۽ سائين عالم شاهه گڏجي ڄاموٽ صاحب وٽ وياسون، رات جو وقت هو، سائين عالم شاهه ان وقت پاڪستان قومي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري پڻ هو، جنهن ۾ سڀ سياسي جماعتون جنرل ضياءُ الحق جي خلاف جدوجهد ڪري رهيون هيون، ۽ پليجي صاحب جي بدران نمائندگي سائين عالم شاهه ڪندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو عزت ڏيندا هئا، ان وقت سائين ڄاموٽ صاحب وٽ جيڏي مهل اسان رات جو ويٺاسون ته ان مل جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ جيڪا پريشاني دور ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي، ان ۾ زرار خان ڊي ايس پي چاهيو ته زبردستي اندر داخل ٿي قبضو ڪندڙن تي ڪنٽرول ڪجي، پر ڄاموٽ صاحب ائين ڪرڻ کان منع ڪئي، ۽ مشهور ٺيڪيدار دائود خان پٺاڻ کي گهرائي، ساڻس ڳالهائي کيس سائين منٿ ڪندو رهيو، جنهن چيو ته آئون سڀاڻي لاهور ويندس ۽ جيڪي قبضو ڪريو ويٺا آهن، انهن جي چڱي مڙس کي وٺي ايندس ۽ پوءِ قبضو خالي ڪرائينداسين.
    ان کان پوءِ آئون ۽ سائين عالم شاهه جان جي بازي لڳائي، رات جو ڏهين بجي قبضي ڪندڙن وٽ مل ۾ پهتاسون، جن ۾ سنڌي مزدور پير صاحب جا مريد ۽ جماعت جا مزدور به، ڄاموٽ صاحب جا پنهنجا خاص گهرو نوڪر ۽ مزدور سڀ مزدور ليڊرن وٽ يرغمال ٿيو ويٺا هئا، جنهن وقت يرغمال ڪندڙ ليڊر اسان سان ڳالهائي مطالبا پيش ڪري رهيا هئا، ته ان وقت مل جي اندر ڀت کان ڌماڪو ٿيو، جنهن تي سڀ ڇرڪي اوڏانهن ڀڳا ۽ هٿياربندن هٿيار کنيا، ڇو ته اسان سڀني سمجهيو ته ڄاموٽ صاحب پنهنجي همراهن جي هٿان مل جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو حملو ڪرايو آهي، اسان به جلدي نڪري آياسون، ۽ سائين عالم شاهه ۽ آئون رات جو اڍائي بجي نيازي ٽرانسپورٽر جي مالڪ عصمت الله نياز وٽ حيدرآباد چينل جي ڀر ۾ سندس گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏي تي پهتاسون، سائين عالم شاهه جي هن بي حد عزت ڪئي، ۽ اسان کي اها پريس ڪانفرنس ڇپيل ڏيکاري، جيڪا صبح جو هنن کي ڪرڻ هئي، ان وچ ۾ ليبرس وٽ شگرمل وارن ڊپٽي ڪمشنر جي معرفت ڏيتي ليتي ڪري قبضو ڇڏائڻ جو معاهدو ڪيو، ۽ اهو قومپرست ليڊر ان معاهدي جو ٽياڪڙ ٿيو، جيڪو اسان صبح جو جڏهن نيازي صاحب جي ڏنل واعدي مطابق شگرمل پهتاسون ته قبضو خالي ڪرائي چڪو هو، ۽ اهو مزدور ليڊر اتان وڃي رهيو هو، ۽ اسان کي چيائين ته اسان کي رات ئي حڪم ٿيو ته سائين يار محمد شاهه ۽ سائين عالم شاهه اچن پيا، انهن کي عزت ڏبي، هو توهان جا مطالبا پورا ڪرائي ڏيندا، ۽ توهان مل جو قبضو ڇڏي ڏجو، پر اها ڳالهه اسان کان لڪائي ويئي ته ڪيس جي صورت ۾ قبضي وارن کي گهڻو ڏنو ويو، ڪن ٻڌايو ته ويهه لک روپيا تنظيم کي ڏنا ويا معرفت انتظاميه جي.
    آئون جڏهن صبح مهل سائين ڄاموٽ صاحب وٽ پهتس، ته ان وقت ڪافي آفيسر ۽ علائقي جا زميندار موجود هئا، مل جو قبضو خالي ٿي چڪو هو، پر اهو نالي وارو قومپرست اڳواڻ جيڪو ڊي سي صاحب جي طرفان قبضي ڇڏڻ جي طي ٿيل رقم وٺڻ لاءِ ويٺو هو، اهو اٿي مون سان مليو ۽ ڀاڪر پائڻ وقت ڪن ۾ چيائين ته اسان توهان جي حڪم تي ئي رات قبضي مان هٿ ڪڍيا، ۽ نيازي صاحب به فون ڪري ڇڏيو هو، پر مل وارن جيڪي ڏيڻو ڪيو آهي سو وٺڻ آيو آهيان، تڏهن مونکي ڏک ٿيو ته سڀ ڪجهه اسان جي صلاح کان سواءِ ڪيو پيو وڃي، مون جڏهن ڄاموٽ صاحب سان ڀاڪر پاتو ته مونکي آهستي چيائين ته “وري... ان جي ڪن ۾ ڇا پئي چيئي...؟؟؟ ۽ ڇا پئي سيکارئيس...؟؟؟” مل کي خون پسينو ڏيئي چالو ڪرائڻ تائين پهريون ٽرانسپورٽر ۽ پهريون زميندار اڄ به ريڪارڊ تي آئون هوندس، پر ان وقت ڄاموٽ صاحب جي جملي کان پوءِ اهڙي دل ٽٽي جو وري مل جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏني.
    ان وچ ۾ وري جڏهن طالب الموليٰ سائين وارن جو دور عروج تي آيو ته مونکي سندن قربت ۾ ڪافي ويجهڙائپ نصيب ٿي، ۽ پوءِ سندن تعاون سان مون مٽياري جي خدمت ڪئي، پر جيڪا ڳالهه ڄاموٽ صاحب بابت آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان، جيڪو ڀٽي صاحب ناراضپو ڏيکاري طالب الموليٰ سائين کي محمد علي سوسائٽي واري بنگلي ۾ فورس جي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيو هو، جتي ڄاموٽ صاحب پير پاڳاري جي چوڻ تي مون کي وٺي هليو، ۽ سندس مقصد پاڳاري جي حڪم تي ناراض طالب الموليٰ کي مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ڪرڻو هو، ان وقت اسان جي گهر ۾ ممتاز ڀٽي جي نياڻي جي شادي امير علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ غلام قادر شاهه سان ٿي رهي هئي، ۽ ڄاموٽ صاحب مونکي ان ٽيليفون تان مخدوم صاحبن سان ڳالهارايو، جيڪو ٽيليفون ڊائريڪٽريءَ ۾ نه هوندو آهي، پاڻ بظاهر مخدوم صاحب جي طبعيت پڇڻ لاءِ هليا پئي ۽ مونکي نمبر ملائي ڪن تي فون رکي ٽائيم وٺڻ لاءِ چيائون، ٻئي طرف مخدوم شفيق الزمان مرحوم جيڪو منهنجو پيارو دوست هو، اهو ئي موجود هو کيس ٻڌايم ته ڄاموٽ صاحب مخدوم صاحبن جي طبعيت پڇڻ لاءِ اچڻ ٿو چاهي، ٽائيم ڏيو، شفيق الزمان مون کان ڪجهه ٽائيم ورتو ۽ ڄاموٽ صاحب مونکي فون جي ڀر ۾ ويهاري مٽياري ۾ غلام قادر شاهه جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هليو ويو، جتي سڄي حڪومت لٿل هئي. مونکي شفيق الزمان ٻئي ڏينهن شام جو پنجين بجي اچڻ لاءِ چيو، مون اچي ڄاموٽ صاحب کي شاديءَ ۾ خلاصو ڪري ملاقات جو ٽائيم ٻڌايو ۽ ٻئي ڏينهن آئون ۽ ڄاموٽ صاحب مخدوم صاحب سان ملڻ لاءِ محمد علي سوسائٽي واري بنگلي تي پهتاسون ۽ ڄاموٽ صاحب مونکان پڇيو ته ڪيئن ڳالهائجي ۽ هو ڇا چوندو....؟؟؟ مون چيو ته توهان جيڪي ڪجهه چوندا ان جو جواب هو هيئن ڏيندو ته “الله مالڪ آهي، وقت ايندو ته پري نه هونداسون.” سائينءَ حيران ٿيندي پڇيو ته ڇا مطلب...؟؟؟، مون وراڻيو مطلب ته ها.... ۽... لا..... ۽ پوءِ جڏهن اسان مخدوم هائوس پهتاسون ته ات موجود نوڪر گلو جي معرفت سائين جن وٽ حاضر خدمت ٿياسون، چانهه ٺهي آئي، پيئڻ جي دوران ٻئي وڏا ماڻهو صرف مون تي طنز ڪري رهيا هئا ته پئسا گڏ ڪيا اٿس، دعوت نٿو ڪري وغيره وغيره، تڏهن مون محسوس ڪيو ته منهنجو هاڻ ويهڻ مناسب نه آهي، ٻنهي کي خلاصو ڇڏجي، مون گذارش ڪئي ته قبلا مون کي ڪجهه فون ڪرڻا آهن، اجازت هجي ته آئون هيٺ فون ڪريان، ائين چئي آئون هليو آيس ۽ گلو سان ڪجهه دير تائين ڪچهري ڪيم ته ڄاموٽ صاحب کي مرڪندي ايندو ڏٺم، هن چيو ته هلون، مون چيو ته توهان بيهو ته آئون سائين کان اجازت وٺي اچان ٿو، آئون جيئن مخدوم صاحب جي در تي پهتس ته پاڻ خوشيءَ ۽ مدهوشيءَ جي عالم ۾ اهڙي سر ۾ ڳائي ۽ شاعري ٺاهي پني تي لکي رهيا هئا، جو منهنجي بيهڻ جي وجود جو احساس به کين نه ٿيو، پر آئون احترامن خاموش بيٺو رهيس، جڏهن پاڻ شعر مڪمل ڪيائون، تڏهن مونکي ويجهو سڏي ڀاڪر پاتائون، ان کان پوءِ ائون کائن موڪلائي، ڄاموٽ صاحب سان گاڏيءَ ۾ روانو ٿيس، ڄاموٽ صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو ته جيڪي تو جملا چيا، مخدوم صاحب بالڪل اهي ئي جملا چيا، ته وقت ايندو ته هڪٻئي کان پري نه هونداسون، ان جو مطلب ڇا ٿيو...؟؟؟، مون چيو ته ان جو مطلب ته آئون توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته ها.... ۽ .... لا.... معني اقرار به آهي ته انڪار به آهي، تنهنجي رمز سهڻا مان سمجهان.
    ڄاموٽ صاحب مغرب جي ٽائيم تي ريس ڪورس ۾، پير صاحب پاڳاري جي اسطبل وٽ، گاڏي بيهاري مونکي اندر وٺي وڃڻ لڳو ته ان وقت پير صاحب جو گرجدار آواز منهنجي ڪن تي پيو، زلفي اهو ڪير آهي تون سان گڏ...؟؟؟ آئون گهبرائجي بيهڻ لڳس، ڄاموٽ صاحب منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي وٺي ويندي چيو ته منهنجو مائٽ آهي، ويجهو اچي پير صاحب کي پيرين پوڻ لڳس ته پاڻ منهنجي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي، مونکي پري ڪيائون ۽ چيائون تون مائٽ آهين، پيرين نه پوندو ڪر، ڀاڪر پائيندو ڪر.
    ان وقت سندن پيجارو ٽائيپ گاڏي جي بانٽ تي هڪ ٽري رکيل هئي، جنهن ۾ ٿرماس ۽ ڪافيءَ جا مگ، هڪ انگريز ليڊي ۽ هڪ انگريز مرد پڻ بيٺا هئا، پير صاحب ڄاموٽ صاحب کي پاسي تي وٺي وڃي ڳالهائڻ لڳو، ۽ پير صاحب پريان منهنجو جائزو وٺندو رهيو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته ذڪر منهنجو پيو هلي، پير صاحب ويجهو آيو، ۽ آئون موڪلائڻ لڳس ته مون هٿ ٻڌي چيو ته قبلا سائين اجازت...، ته پاڻ وري منهنجون ٻانهون پڪڙي چيائون ته تنهنجا قبلا هالن ۾ آهن، آئون تنهنجو مائٽ آهيان، مونکي مائٽ چئو، مون هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر اهو لفظ پير صاحب جي سامهون مونکان ادا نه ٿي سگهيو، ۽ آئون بار بار قبلا چوندو رهيس.
    ان کان پوءِ پير صاحب پاڳاري سان هر ڇنڇر تي ڪنگري هائوس ۾ يارنهين بجي کان هڪ بجي تائين ڪچهري ٿيندي هئي، پر خاص طور جيئن ته اسان ٻنهي جو ستارو هڪڙو ئي آهي يعني “عقرب”، يعني آئون به 22 نومبر تي ڄائو هوس، ۽ پير صاحب به ساڳي تاريخ تي جنم ورتو هو.
    هڪ دفعي خان محمد جيڪو سندن حاضريءَ ۾ هو ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق عليءَ وٽ صوبائي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪنهن محڪمي ۾ به هو، اتفاق سان مون ڪا درخواست ڏني ان تي منهنجي دستخط کڻي اچي پير صاحب کي ڏيکاريائين ته سائين هيءَ دستخط ڏسو، سائين کلي پيو ۽ چيائين ته منهنجي ۽ هن جي ڄم جي تاريخ به ته ساڳي آهي، پر نالو منهنجو شاهه مردان شاهه آهي، ۽ آئون به ايس گولائيءَ سان ڪڍي پوءِ ايم شاهه لکندو آهيان، ۽ هن جي به صحيح ذري گهٽ مون سان ملي ٿي، مون ان ڏينهن پنهنجي دستخظ جي ايس مٽائي ڇڏي ۽ اڄ تائين آئون اها استعمال ڪندو آهيان.
    پيپلز پارٽي سينيٽ جي چونڊن لاءِ هٿ پير هڻي رهي هئي، ٽيڪنو ڪريٽ واري سيٽ لاءِ مون پنهنجي خواهش ڪئي جيڪا مون ڪجهه صحافي ۽ ڪجهه بينطير صاحبه جي ويجهن جي معرفت خواهش ڪئي، مونکي جواب مليو ته اسان وٽ ووٽ نَوَ آهن ۽ پنڌرنهن ووٽن تي سينيٽر ٿيندو، ڇهه ووٽ پير صاحب پاڳاري کان وٺو ته توهان کي سينيٽري ڏيون، مون جڏهن پير صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڻ لفظ هڪڙو ڳالهايائون، چيائون ته ٺيڪ آهي، آيا توکي...، وڃي تون ڳالهائين، جڏهن مون انهن وسيلن کي استعمال ڪيو، جنهن ۾ منهنجا پنهنجا سينئر دوست ۽ عزيز شامل هئا، انهن ان وقت يار محمد شاهه جي بدران رسول بخش پليجي صاحب جو نالو ڏنو، جنهن جي لاءِ ڀٽو صاحب بينظير صاحبه کي وصيت ڪري ويو هو، ته جڏهن به مشڪل ۾ اچين ته مشورو ۽ مدد رسول بخش پليجي کان وٺي سگهين ٿي، پر هو ڪڏهن به تون سان ڪونه گڏبو، دوستن وري به منهنجو نالو ڪٽي هن جو نالو ڏنو ۽ مونکان انهن دوستن پڇيو ته بينظير صاحبه چوي ٿي ته پير صاحب پاڳارو انهن ووٽن ڏيڻ جي عيوض اسان کان ڇا وٺندو...؟؟؟، تڏهن منهنجي ضمير گوارا نه ڪيو ته آئون ان ماڻهوءَ کان وڃي اهو سوال ڪريان، جنهن ماڻهوءَ منهنجي هڪ جملي تي بنا معاوضي جي چيو ته اهي ووٽ آيا توکي. بحرحال اهو سنگت جو فيصلو هو ته يار محمد شاهه جي بدران رسول بخش پليجي جي لاءِ راهه هموار ڪري ايوان ۾ آڻجي، پر هنن اهو ڪونه سوچيو ته رسول بخش پليجو پ پ ۽ پاڳاري جي ووٽن تي سينيٽ ۾ آيو ته پوءِ هو نظرياتي طرح ڪنهن جي حمايت ڪندو...؟؟؟، مجبورا اها سيٽ حسين شاهه راشدي جي نصيب ۾ آئي، ۽ پير سائين بادشاهه جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا به خلاصي ڪچهري ٿيندي هئي، ان ۾ هر موضوع سان گڏ ڄاموٽ ذوالفقار جي ڪردار تي به ڳالهايو ويندو هو، سائينءَ مرحوم کي اهو ارمان هو ته مون ڄاموٽ کي سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ جو صدر مقرر ڪيو آهي، پر اڄ تائين هو پنهنجي شهر مٽياري ۾ به آفيس نه کولي سگهيو آهي، اهڙي طرح ڪجهه ڏک ڄاموٽ صاحب وٽ به هوندا هئا، جو کيس محمد خان کان اڳ وزيراعظم جو آسرو هو، ان کان پوءِ شگرمل جا فنڊ روڪرايا ويا، جيڪي بينظير جي دور ۾ معرفت ظهير علي شاهه رليز ڪرايا ويا هئا، ۽ اڄ تائين جماعت وارا چوندا رهيا ته ڄاموٽ صاحب کي اها مل پير پاڳاري جي ڪري نصيب ٿي آهي، ان ڪري ان ۾ جماعت جو حصو آهي، ۽ ٻين وانگر درگاهه تي حصو ڏيڻ گهرجيس، جڏهن ته ڄاموٽ صاحب ۽ سندن ستن ميمبرن وٽ اهو احساس هو ته اها منظور به ڄاموٽ ڪرائي، ۽ ان جا فنڊ به بينظير دور ۾ ڄاموٽ جي ڪري رليز ٿيا، پر جماعتي اڄ ڏينهن تائين مهڻان ڏيندا رهيا آهن ته ان مل جو حصو درگاهه کي يا پير سائين کي نٿو ڏنو وڃي.
    قصو مختصر هيئن ٿا ڪريون ته مون سان ٿيل ڪچهرين مان، پير سائين پاڳاري ڄاموٽ صاحب کي صرف منهنجي سينيٽري واري ڳالهه ٻڌائي آهي، ۽ ميار ڏني هئي ته يار محمد شاهه وري نه آيو آهي. ڄاموٽ صاحب اها ميار هڪ عزيز جي فوتگيءَ تي مونکي ڏيندي پڇيو ته ڪڏهن ٿا سينيٽر ٿيو....؟؟؟، مون چيو سائين اسان جي حيثيت ئي نه آهي، اسين توهان جا خادم ۽ غريب مائٽ ئي ڀلا آهيون، پر ڄاموٽ نه ٿينداسون، ڇو ته ڄاموٽ تون اڪيلو آهين، جڏهن ته تنهنجي خاندان ۾ سڀ ڄاموٽ آهن، پر آئون خالص موسيٰ سادات آهيان، ۽ اسان جو پڳدار تون اڪيلو آهين.
    اهو قصو بعد جو آهي جيڪو پير سائينءَ سان وري ڪجهه ملاقاتون ٿيون پر اسان جيئن ته ضلعي سانگهڙ ۾ وريام فقير سان گڏ اڄ به زميندار آهيون، ۽ پير سائين بادشاهه جي خليفن سان نيهن نڀائيندا اچون ۽ پٽڙن کي سنجهوري واري زمين ڏني اٿئون، جيڪي پڻ وريام فقير ۽ سندس پٽن سان نڀائيندا اچن.
    ٻئي طرف پنهنجي مخدوم صاحب سان گفتگو هلي پئي، ان کان پوءِ مخدوم صاحب فرمايو ته ڀٽو صاحب جيڪو سائين خليق الزمان جي دعوت تان ۽ ڪمري ۾ هلي اچڻ تان ناراض ٿيو، ۽ قانوني طريقو اختيار ڪري گهر تي ايف سي ايف وارا بيهاري ڇڏيا هئا، تنهن جي باري ۾ پاڻ مخدوم صاحبن مونکي عيد جي ڏينهن، جڏهن آئون سڀني باقر پوٽن ساداتن سان گڏجي عيد ملڻ ويس، ته سائين سڀني جي سامهون مونکي چئي ڏنو، يار محمد شاهه...! ڀٽي صاحب کي سڀ خبر پئجي ٿي وڃي، توهان به ڪڏهن ڄاموٽ صاحب سان ته ڪڏهن اسان سان، بحرحال ان رات جنهن وقت تون ۽ ڄاموٽ صاحب واپس ويا، ته ان وقت وزيراعليٰ سنڌ جتوئي صاحب مونکي فون ڪيو ته توهان کي ڀٽي صاحب فورا اسلام آباد سڏايو آهي، ۽ آئون توهان سان گڏ پيو هلان، توهان مهرباني ڪري تيار ٿيو، اسان ٻئي جڏهن جهاز ۾ چڙهي اسلام آباد ڀٽي صاحب وٽ آئون ۽ جتوئي صاحب اسلام آباد پهتاسون ته در کلڻ شرط ڀٽي صاحب اٿي بيهي مخدوم صاحب کي جملو چيو ته اهو يار محمد شاهه ڪير هو...؟؟؟ جيڪو ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ کي توهان وٽ (مخدوم صاحب) وٽ وٺي آيو هو...؟؟؟ تنهن تي مون چيومانس ته اهو منهنجو اولاد وانگر آهي، جهڙو منهنجو پٽ رفيق الزمان آهي، تهڙو ئي يار محمد شاهه آهي، باقي طبعيت پڇڻ سڄي دنيا پي آئي، ڄاموٽ ۽ يار محمد شاهه ان سلسلي ۾ گڏجي آيا هئا، هن مونکي خوف ڏياريندي چيو ته ميان يار محمد شاهه...! ڪابه ڳالهه ڀٽي صاحب کان لڪي نٿي سگهي...، تڏهن مون به جرئت ڪندي چيو ته قبلا سائين... آئون ڄاموٽ صاحب کي توهان جي ئي بنگلي تي توهان وٽ وٺي آيو هوس، نه ڪي توهان جي ڪنهن فرزند کي سندس در وٺي ويو هوس، اهو ڀٽو صاحب جنهن توهان سان اسلام آباد ۾ جڏهن توهان خليق سائين جي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ پاڻ ويا ته ڀٽي صاحب ملڻ کان لنوايو ۽ خليق سائين جي شاديءَ ۾ نه آيو، منهنجي ان عمل سان ڀٽي صاحب رد عمل ۾ امين فهيم سائين سان ملاقات ڪري، توهان کي راضي ڪيو ۽ کين وزير مملڪت بنايو، خليق الزمان کي پيپلز پارٽي سنڌ جو نائب صدر بڻايو، ۽ توهان وٽ خصوصي طرح خليق سائين جي شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ هالا هلي آيو، جنهن لاءِ وري توهان خصوصي دعوت جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ پڻ آئون توهان سان گڏ هوس، منهنجي ان عمل سان توهان جي خاندان کي ڪو نقصان نه پهتو، ۽ اڄ تائين مون توهان کان پنهنجين قربانين ۽ وفائن جي بدلي ۾ جيڪي ڪجهه ورتو، يا حاصل ڪيو آهي اهو اوهان کي ۽ رفيق سائين کي معلوم آهي. جنهن تي پاڻ سمجهيائون ته آئون ناراض ٿيو آهيان، ان وقت مونکي سڏ ڪري، ويجهو ويهاري، ڀاڪر پائي چيائون، تون ناراض ٿيو آهين...؟؟؟، تون اسان کي رفيق الزمان جهڙو آهين، ان ڪري جيڪو مون محسوس ڪيو، اهو توکي ٻڌايم.
    ان کان پوءِ مون عملي سياست ڇڏي ته سماجيت به پنهنجي چند دوستن تائين محدود رکي، نالي ماتر اڄ به “مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن” جي ساٿين سان گڏ علائقي جي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا رهندا آيا آهيون ۽ رهنداسين، دعا ڪريو ته ضلع جا سڀ بند اسڪول کولرايو جو اسان جي ضلعي جي تعليم بالڪل تباهه ٿي ويئي آهي، تازو ڀٽ شاهه ۾ ان سلسلي جو سيمينار به ڪوٺايو ويو.
    بطور ڪالمسٽ، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊرامه رائيٽر ۽ ناول نگار:
    ابتدائي دور 1963 ۾ “نگار” اخبار ۾ آئون فلمي خبرون پڙهندو به هوس، ۽ ڪڏهن ڪڏهن خط به لکي ڇڏيندو هوس، جيڪو هو شايع ڪندا هئا ته مونکي خوشي ٿيندي هئي. هندستان جو فلمي شاعر شڪيل بدايوني جڏهن انتقال ڪري ويو ته پوءِ مون هڪ خط به عنوان “لتا اب تو آجا، دارالبقا سي شڪيل بدايوني ڪا خط” ان ۾ مون لتا جي ڳايل سڀني گانن جا ذڪر ڪندي شڪيل بدايوني طرفان کيس ميار ڏيندي چيو هو ته، جنهن ههڙا درديلا ۽ سهڻين ڌنن وارا يادگار گانا ڳايا، اها لتا وري ڪيئن ٿي جديد دور جي آزاد شاعري، يا اگهاڙي شاعري جا گانا ڳائي...؟؟؟، ان خط فلمي حلقن ۾ منهنجي پذيرائي ڪئي، ان کان علاوه لاهور مان ماهوار فلمي رسالا “مصور”، “منصور” ۽ “شمع لاهور” انهن ۾ به فلمي خبرون لکندو هوس، ڪالم به لکندو هوس پر سنڌي صحافت ۾، ابتدا ۾ مرحوم شيخ علي محمد جي صحبت ۾ جڏهن سياسي سوجهه بوجهه ۾ بلوغت محسوس ڪئي، ۽ هر موضوع تي ڳالهائي سگهڻ جي سگهه سمجهيم ۽ علڻ خان ۽ شيخ علي محمد جي معرفت مرحوم مير رسول بخش ٽالپر سان به قربت ٿي ۽ سياسي سمجهه وڌي ته پوءِ “آفتاب” اخبار ۾ هفتيوار ڪالم “تنهنجو منهنجون ڳالهيون” جي عنوان سان معاشري جي مسئلن جي اپٽار ڪندو هوس، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” ۾ جي اين مغل صاحب جي تعاون سان پڻ آرٽيڪل ڇپبا هئا، ان کان پوءِ يوسف شاهين صاحب جي اخبار “برسات” ۾ باقاعده ڪالم لکندو هوس، جنهن ۾ دليپ ڪمار جي ڪراچي ريڊ ڪراس يعني فاطميد وارن جي طرفان فنڊز گڏ ڪرڻ لاءِ اچڻ تي هڪ ملاقات عبدالڪريم بلوچ جي معرفت ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ٿي، جنهن ۾ بلوچ صاحب کيس ٻڌايو ته هيءُ وڏيرو به آهي، فلمساز به آهي، اداڪار به آهي ۽ اندرون سنڌ مان توهان سان ملڻ آيو آهي، تنهن تي دليپ ڪمار وڏي گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پائي چيو ته “سنڌي ماڻهو ڍاڍو تڪڙو ماڻهو، خوشحال ماڻهو” تڏهن مون کلي وراڻيو ته اهي خوشحال سڀ پارٽيشن ۾ هندستان لڏي ويا، اسان سڀ مولائي ماڻهو هتي رهجي ويا آهيون، وري ٻئي ڏينهن هوٽل “انٽرڪانٽينيٽڪل” ۾ بلوچ صاحب قربان جيلانيءَ جي قيادت ۾، اسان سنڌي فنڪارن جو وفد وٺي ملاقات ڪرائي، جنهن ۾ محمود صديقي، فريد نواز بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، هارون رند، شهباز دراني، منظور مراد، شهزادي، سڪينه سمون، گلاب چانڊيو، نواب مهدي، عدنان جيلاني شامل هئا، دليپ صاحب جي ڊائريڪشن ۾ فوٽو سيشن ٿيو، جنهن ۾ هن سڀني کي ترتيب سان ويهاري، ليڊيز ۽ پاڻ بلوچ صاحب سان صوفا تي ويهاريائين، ٻين کي صوفا جي پٺيان بيهاريائين، ۽ ڪجهه اڳيان پٽ تي به ويٺا، فوٽو گرافر کي بيهاري پاڻ اسان سڀني جي منهن ۾ نهاري چيائين ته هاڻ توهان سڀ رليڪس ٿي وڃو، فطري انداز سان مرڪو، مصنوعي مرڪڻ ڇڏي ڏيو ۽ رليڪس ٿيو، دليپ صاحب اهو سبق سيکاريو جيڪو اڄ تائين اسان ٻين کي به سيکاريندا اچو، بحرحال ڪچهري دوران جڏهن دليپ صاحب کي محمود صديقيءَ چيو ته اسان ۽ يار محمد شاهه سنڌي فلم “علي گوهر” ٺاهي رهيا آهيون، توهان اسان جي فلم ۾ مهمان اداڪار طور شموليت ڪري، اسان جي همت افزائي ڪريو، جنهن تي پاڻ ورايائين ته منهنجي ملڪ ۾ خبر نه آهي، ته ڪيترين ٻولين ۾ فلمون ٺهن ٿيون، جيڪڏهن آئون مدد ڪريان ته انهن جي ڪريان، باقي ڪو خير جو فلاحي ڪم هجي، ته اسان حاضر آهيون. ان وقت ئي مون کيس ياد ڏياريو ته توهان اسان جي سنڌ جي ليڊر محترم رسول بخش پليجو صاحب کي هڪ ملاقات ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ٿر ۾ ڪا اسپتال يا ڪو فلاحي ڪم ڪيو ويو، ته آئون ان ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندس. دليپ صاحب حيرانگيءَ سان منهنجو هٿ پڪڙي ۽ هٿ ۾ ڏيئي ويهي رهيو، ۽ چيائين ته مون ائين ته نه چيو هو، بحرحال جڏهن کائنس تفصيلي انٽرويو ڪري آئون ٻاهر نڪتس، ته پاڻ ناظم جيوا کي منهنجي لاءِ پيغام ڏنائين، هن اچي مونکي ٻاهر چيو ته دليپ صاحب چوي ٿو ته توهان ٿر ۾ اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ڪوبه پروگرام ڪريو ۽ جيڪي فنڪار چئو ته آئون وٺي ايندس. ناطم جيوا مونکي وري سندس آفيس ۾ اچي ان پروگرام کي طي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ان کان پوءِ ناظم جيوا سان ڪوشش جي باوجود به اهو پروگرام طي نه ٿي سگهيو، پر مون بحيثيت صحافي دليپ صاحب جو اهو انٽرويو “برسات” رسالي ۾ ڇپرايو. اهڙي طرح آئون ان کان پوءِ قربان جيلاني جي رسالي “ناٽڪ” ۾ به شوبز جون خبرون ۽ تنقيدون تبصرا لکندو هوس، آفتاب اخبار ۾ لکڻ کان پوءِ ڪاوش ۾ “گلڻ جا گفتا”، عوامي آواز ۾ “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” اڙدو اخبار “جهان پاڪستان” ۾ “عوام اناڙي” ۽ اڙدو اخبار “انجام” ۾ “سياسي ڪالم” لکندو رهيس، جڏهن ته شوبز جي صحافت جي حوالي سان پنهنجي مامي جي پٽ طارق اشرف جي نامور رسالي “سهڻي” ۾ “ٽي وي او ٽي وي” جي عنوان سان شوبز جون خبرون ۽ پروگرامن تي تبصرا لکندو هوس. ان کان علاوه انعام عباسي جي رسالي “جياپو” ۽ ڪجهه ٻين رسالن ۾ به لکندو رهندو هوس.
    پي ٽي وي جو مزاحيه خاڪن جي پروگرام “چهچٽو” جيڪو ٽي سال هليو، جنهن ۾ هزارين خاڪا منهنجا هئا، جڏهن هالا ۾ “چهچٽو شو” ڪيوسين ته هزارين ماڻهو ڏسڻ آيا، مخدوم طالب الموليٰ مهمان خاص هيو، ۽ منهنجي دوست پروڊيوسر منظور قريشيءَ اتي اعلان ڪندي چيو هو ته “چهچٽو” جو ٻيو نالو يار محمد شاهه آهي، جنهن هزارين خاڪا ڏنا پر ڪڏهن به پنهنجي نالي جي تقاضا نه ڪيائين، ان کان پوءِ مزاحيه خاڪن جو پروگرام “رس چس” جيڪو ارڙنهن مهينا هليو، پروڊيوسر فيض بگهيو، بيدل مسرور، عبدالحق ۽ اقبال لطيف ان کي پروڊيوس ڪيو، جڏهن ته ٻيو مزاحن خاڪن جو سنڌي پروگرام “کل ڀوڳ” تيرنهن قسطون پروڊيوسر اقبال سعيد انصاري پيش ڪيو، جڏهن ته منهنجو قانون جي ڄاڻ تي مشتمل ڊرامه سيريز “قلم نمبر” جنهن ۾ هر قسط ۾ PPC (پاڪستان پينل ڪوڊ) کي هر قسط ۾ ڊراما ٽائيز ڪيو، ۽ ڪل 13 قسطون پيش ڪيون، مرڪزي ڪردار آئون، لطيف منو، شهنيلا قريشي، سحر قريشي ۽ نواب مهدي ڪندا هئاسون، جڏهن ته پروڊيوسر اقبال لطيف هو، هيڊ ڪوارٽر منهنجي ان ڊرامي کي ايڏو پسند ڪيو جو عوام کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهو اڙدو ۾ ٺاهي نشر ڪرڻ لاءِ منظور ڪيو، پر ان وقت پي ٽي وي تي هلندڙ هڪ اڙدو ڊرامه سيريل جنهن ۾ ڪورٽ ڪهاڻين تي مشتمل ڊرامه هلندا هئا، مرڪزي ڪردار طلعت حسين ڪندو هو، هڪ قسط ۾ ڪا گڙ بڙ ٿي ته “ڪنٽيمنٽ آف ڪورٽ” جو مقدمو پي ٽي وي تي ٿي پيو، جنهن جي ڪري اقبال لطيف ڊڄي ويو، مون سمجهايو مانس ته هنن قانون ٽوڙيو آهي، پاڻ قانون سيکاريون ٿا، پر هو ايترو ڊنل هو جو 500 قسطن واري چانس کي ڇڏي ڏنائين، ۽ مونکي گهپلو ڪرڻ لاءِ يعني مزاحيه اڙدو ڊرامه سيريل “ گهپلو” لکي ڏيڻ لاءِ چيائين.
    مون پهرئين قسط لکي ڏني، جنهن ۾ مون کان علاوه نامور مزاحيه اداڪار شڪيل، لياقت سولجر، حنيف راجه، خواجه اڪمل، شهزاد رضا ۽ ٻيا ان وقت جا ناليوارا ايڪٽر شامل هئا، مون 25 منٽن جي قسط لکي، پر هن شوٽ ڪري، فائنل ايڊيٽنگ ڪري، مونکي ٻڌايو ته ڏيڍ قسط (45 منٽ) ٿي آهي، جڏهن ته مون مخالفت ڪئي ته قسط پوري ڏيکارڻ سان ئي ماڻهن کي ڊرامون سمجهه ۾ ايندو ۽ وڻندو ۽ هيڊ ڪوارٽر وارن کي سمجهه ۾ ايندو، پر هن اضافي ريڪارڊنگ ڪٽڻ کان انڪار ڪيو، ۽ مون سندس ان رويي تي اختلاف ڪيو، جنهن ڪري هو ڊرامون ريڪارڊ ٿيل اتي ئي رهجي ويو، ان کان علاوه اڙدو مزاحيه خاڪن جو پروگرام “سن تو سهي” اقبال لطيف پيش ڪيو، منهنجي اڙدو ڊرامه سيريل “سچ گيا بچ” جيڪا پروڊيوسر سميع بلوچ پروڊيوس ڪئي، جنهن ۾ مون ياسر نواز، تنوير جمال، بهروز سبزواري، خواجه اڪمل ۽ ٻين نامور فنڪارن کي موقعو ڏنو.
    اهڙي طرح فيض ٻگهيو، بيدل مسرور ۽ اقبال لطيف اڪثر عيد پروگرام، مزاحيه ڊرامه يا شوز مون کان لکرائيندا هئا، مون هزارين ڪهاڻيون، فلمي اسڪرپٽ لکيا، پر ذڪر انهن جو ڪيم جيڪي نشر ٿيا، جيتوڻيڪ منهنجو مشهور اسڪرپٽ “ڪفن پوش” جنهن جي ڊرامه سيريل تي منهنجا 10 لک روپين کان وڌيڪ خرچ اچي ويا، پر ان کي اڄ تائين ريليز نه ڪري سگهيس. ساڳي وقت ڪي ٽي اين ۾ منهنجي تحرير ۾ مزاحيه خاڪن جو پروگرام “ٽاڪوڙا” ۽ “اليڪشن آکاڙو” “فلمي دنيا” ۽ “گلڻ خان” زرعي پروگرام ڪي ٽي اين جي ابتدائي سڃاڻپ هئا، ان کان علاوه فلم “علي گوهر” جي ڪهاڻي، منظر نامه، مڪالما، گانا ۽ ڌنون به منهنجون ٺاهيل هيون، ان کان پوءِ نگار ايوارڊ يافته فلم “محب شيدي” جي ڪهاڻي محمد بچل ميمڻ جي، جڏهن ته مڪالما ۽ منظر نامه ۽ ٽائيٽل سانگ “جاڳي سنڌ جيئي لطيف، امن زنده باد...، ڌاڙيل مرده باد، دهشتگرد مرده باد” منهنجو ڌن سميت ٺاهيل هيو، ان کان پوءِ پاڻيءَ جي کوٽ دوران ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي غلام علي جي آواز ۾ منهنجو مشهور گانو “او سنڌو دريا، تو ۾ سنڌين جو ساهه، وري شل ڀريو وهين، وري شل تار وهين” جيڪو آمريڪا ۾ به انساني حقوقن جي تنظيم جي سڏ تي واشنگٽن ۾ سنڌين طرفان جيڪا تقريب منعقد ٿي هئي، ان ۾ “ڪانگريس بلڊنگ” ۽ “هوٽل ايڪسلسر” ۾ به وڏي شاندار طريقي سان پيش ڪيو، ۽ سنڌين ان گاني کي ڀرپور موٽ ڏني، جنهن جي چوٿين مصرا سنڌين جي قومي اتحاد بابت هئي، جيڪا ان کان اڳ گاني ۾ شامل ڪندي، ٻئي سنڌي چينل “ڪي ٽي اين ۽ سنڌ” وارا لهرائي رهيا هئا، پر جڏهن سنڌي ليڊرن اتحاد جو سڏ ڏيئي گڏيل ريليون ڪڍيون، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پليجو صاحب، قادر مگسي، ڄام ساقي، بشير قريشي گڏيل ريليون ڪڍيون، ته ان وقت اهو گانو ٻين ٻن مصرائن سميت لڳايو ويو، جيڪي هن ريت آهي، ٽيو نمبر مصرع: “سنڌي سڀئي گڏجي ويندا، تن جا ويري وڍجي ويندا، آهي امڙ جي اها دعا...، او سنڌو دريا تو ۾ سنڌين جو ساهه، وري شل ڀريو وهين، وري شل تار وهين”، چوٿين نمبر مصرع: “مرويسون مرويسون سڀئي چئو، سنڌ نه ڏيسون، هڻو هوشوءَ واري اها صدا” اهو گانو مختلف سي ڊي ڪمپنين وارن به بنا اجازت جي ڪڍيو، جڏهن اهو گانو پهريون دفعو سنڌ ٽي ويءَ وارن منهنجي اجازت کان سواءِ هلايو، جنهن جي پهرئين مصرا “سنڌ جا سلا شل ساوا رهن، سانگي جهانگي سدائين ڌاوا رهن، وارو ڪري تون وري وري آ، تو ۾ سنڌين جو ساهه” ان باري ۾ مونکي هڪ فلم جي شوٽنگ جي دوران نور جوکئي فون ڪري اطلاع ڏنو ته توهان جو سنڌو دريا وارو گانو توهان اسان کي نه ڏنو، پر اڄ توهان جو اهو گانو سنڌ ٽي وي تي شام جو هلڻ وارو آهي، جنهن کان پوءِ شام جو منهنجي نياڻيءَ مون کي فون ڪري چيو ته بابا توهان وارو سنڌو دريا وارو گانو سنڌ ٽي وي تي هلي رهيو آهي، ۽ مون رد عمل ۾ ان وقت ئي اياز پليجو، رسول بخش ٿيٻو ۽ ماما يوسف لغاري کي پنهنجو وڪيل ٿيڻ لاءِ چيو، ۽ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر کي سنڌ ٽي وي تي نوٽس ڏئي، حرجاڻو ڀرائڻ لاءِ چيو، ڇو ته اهو گانو مون پنهنجي زير تڪميل فلم “سنڌ نه ڏيسون” جي لاءِ ريڪارڊ ڪرايو هو، جيڪو توهان بنا اجازت استعمال ڪري قانوني ڏوهه ڪيو آهي، ان کان پوءِ اسان جي عزيز عنايت شاهه مونکي فون ڪري ڊاڪٽر صاحب سان ويهي فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو، مون عنايت شاهه جي فليٽ تي فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب...! اهو گانو منهنجي فلم جي نالي ۽ منهنجي نالي سان هلائيندو، ۽ ان کان پوءِ ٽوٽل 9 عدد پروگرام مون کان ٺهرائڻ لاءِ معاهدو به ڪيو ويو، پر صرف گانو رپيٽ ڪري هلائيندي منهنجو نالو ان ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي ڪنهن به واعدي جي وفا نه ڪيائين.


    بحيثيت شاعر

    جيئن ته سترنهن سالن جي عمر ۾ مون جيڪا ڌن سميت پهرئين شاعري اڙدو ۾ ڪئي، ان جا ٻول هن ريت هئا “جب تم ني هي ڀلا ديا، هم ياد ڪرڪي ڪيا ڪرين، دل ڪو لگا ڪي ٺيس توڙديا، فرياد ڪرڪي ڪيا ڪرين” ان کان پوءِ جڏهن سائين جي ايم سيد واري جدوجهد سنڌ ۾ پکڙي، ۽ سائين ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ هوندي، سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون ۽ وڏا جلسا عام ڪيا، مٽياري ۾ حسيني شهاب الدين شاهه وٽ سندن آخري منزل ٿي، جنهن کان پوءِ پاڻ مرڻ تائين هائوس اريسٽ رهيا. ان رات سندن استقبال ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ جيڪو قومي نغمو مون ٺاهيو ۽ ڳايو، ان جا ٻول هئا “جاڳو سنڌيو، جاڳو جاڳو سنڌيو”.
    اهڙي طرح پنهنجي لکيل فلمي اسڪرپٽ “بشني بادشاهه” جا گانا ۽ ڌنون به ٺاهيم، عابده پروين جيڪا ان وقت ۾ “گڊو” جي نالي سان مٽيارين ۾ اڃان نامعلوم زندگي گذاري رهي هئي، ان کي سنگر بنائڻ لاءِ ان جي گهر وڃي، مرحوم ميهار درزي جي معرفت جيڪو ان وقت عابده پروين کي خانصاحب اميد علي خان جا ڳايل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارا غزل ياد ڪرائيندو هوس، ان “گڊو” جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، ۽ ان کي پنهنجي فلم جو سنگر بنائڻ لاءِ مونکي منٿ ڪري ،گڊو” جي گهر وٺي هليو، مون ٻه گانا هڪ ڪلب سانگ، ٻيو سيڊ سانگ ان کي ٻڌايا جن مان پاڻ سيڊ سانگ جيڪو غزل جي طرز تي هو، جنهن جي شاعري هن وقت ياد نه پئي اچي، اهو “گڊو” کي ڏاڍو وڻيو ۽ اهو ڳائڻ لاءِ چيائين، پر اها فلم ڪتابن ۾ ئي رهجي ويئي.
    اهڙي ريت پي ٽي وي ۾ جڏهن “چهچٽو” ايندو هو ته ان ۾ به گانا گڏجي ٺاهيندا هئاسين، الوداعي گانو ۽ ان جي ڌن ٺاهي منطور قريشي کي ڏنم، جنهن کي ڏاڍي پسند آئي ۽ هن اها وڏي فخر سان سڀني کي ٻڌائيندو رهندو هو، پر جڏهن هن جا مون سان ۽ عاشق عارباڻي سان اختلاف ٿيا، ته اسان ڪجهه وقت لاءِ “چهچٽو” مان آئوٽ ٿي وياسون، ته پوءِ آخري گانو هن پنهنجي ايڊيشن سان، شاعريءَ سميت پنهنجو ڪري هلايو، اتفاق سان ان ڏينهن منهنجو ساڻس ٺاهه ٿي چڪو هو، ۽ مون ڏٺو ته ارشد محمود، دين محمد شيخ ان گاني جي موسيقار فتح علي خان سان ريهرسل ڪري رهيا هئا، جيڪا ڌن منهنجي ئي ٺاهيل هئي، ۽ هو ويچارا خاموشيءَ سان منهنجي چهري ۾ ڏسندي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڌن ڳائي رهيا هئا، مون انهن جي سامهون پيل پني تي شاعر جو نالو پڙهيو ته لکيل هو “شاعر منظور قريشي”، آئون خاموش ٿي ويس، ۽ پوءِ ساڻس سمجهوتو ڪري، “چهچٽو” جا ٽي سال مڪمل به ڪياسون، ۽ وري “چهچٽو” کي ئي اڙدو ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پائليٽ به ٺاهيوسين، جيڪو ان وقت اليڪشن جي نتيجن جي دوران هلندو رهيو، پر ٽيم ۽ پروڊيوسر سڀ هڪٻئي مان ٿڪجي پياهئاسون، ڇو ته مسلسل ٽي سال “چهچٽو” هلندو رهيو، ۽ اسان سڀ ساڳئي ڪم مان بيزار ٿي پيا هئاسين، ان کان پوءِ منظور قريشي جي بدلي اسلام آباد ٿي ويئي ۽ آئون ايس گل صاحب جي طرفان سندس ٻي سنڌي فلم “سهڻا سائين” ۾ مصروف ٿيس، ۽ ان کان پوءِ پنهنجي فلم “علي گوهر” جو به مرحلو مڪمل ڪري، وري آئون ٽي وي رائيٽر ٿي، جڏهن بلوچ صاحب جي تعاون سان “رس چس” جيڪو تقريبا “چهچٽو” وانگر ئي مزاحيا خاڪن جو پروگرام هو، ۽ مرحوم فيض ٻگهيو جيڪو هاڻ مڪمل پروڊيوسر هو، ان کي پروگرام ڏياري، ريهرسل ڪرائي چڪو هوس، ته اوچتو پروڊيوسر جي ٽريننگ لاءِ فيض ٻگهيو کي هڪ مهينو اسلام آباد وڃڻو پيو، ته وري ٻئي طرف منظور قريشي جيڪو ٽن سالن کان پوءِ واپس بدلي ٿي ڪراچي ٽي وي آيو ۽ اهي ئي پروگرام بلوچ صاحب مونکان پڇڻ کان سواءِ فيض ٻگهئي جو نالو ڪاٽي، الوڪيشن منظور قريشيءَ جي نالي ڪري ڇڏي، پر انهن ٽن سالن ۾ اسان وڏا اداڪار ۽ فلم ساز ٿي چڪا هئاسين ۽ اهو سڄو تذڪرو پاڻ مٿي ڄاڻائي به آيا آهيون، قصو اڳتي هلايون ته جڏهن ته مون اڳيان هلي پنهنجي پي ٽي وي رائيٽر جو سلسلو جاري رکيو، ۽ “رس چس” مزاحيه خاڪن واري پروگرام ۾ هر قسط ۾ هڪ مزاحيه گانو بمع ڌن به ٺاهي ڏيندو هوس، جنهن جو اصلاح بيدل مسرور ۽ موسيقار ظفر علي ۽ فتح علي ڪندا هئا. ان کان پوءِ “کل ڀوڳ” ۾ به مزاحيه قواليون ۽ گانا ٺاهي ڏيندو هوس.
    اهڙي طرح ڪتابن ۾ سوين غزل، ڪلام سنڌي اڙدو ۾ رجسٽرن تي موجود آهن، جن جي باري ۾ دوست ٿا چون ته حياتي ۾ ئي ان کي ڇپائي ڇڏيو، سو انشاءَ الله هن کان پوءِ ان ڏي به توجهه ڏبو.


    فلمسازي

    جيئن ته مونکي ٻالڪ پڻ کان ئي فلم ٺاهڻ، ان جي اسٽوري ٺاهڻ، ان جا گانا ٺاهڻ، مرڪزي ڪردار ڪرڻ ۽ ڊائريڪشن ڪرڻ سان گڏ فلمسازيءَ جو به شوق هوندو هو، ڇو ته منهنجي گهر ۾ منهنجو آئيڊيل ايس گل صاحب موجود هو، جيڪو فلمسازي ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو، ۽ برصغير جي نامور فلمساز ۽ هدايتڪار ايس ايم يوسف ۽ ٻين سان فلمسازيءَ ۾ حصو رکندو هو، ۽ پاڻ ان فلم ۾ بطور ولين به ڪم ڪندو هو، بس قدرتي طرح مونکي به اهوئي شوق هوندو هو ته آئون به ڪا يادگار فلم ٺاهيان، جنهن جي ڪري پهرئين فلم “چهچٽو” جيڪا ڀٽ شاهه جي ميلي تي مون “ٻه دٻا” يعني ٻه هزار فٽ شوٽ ڪئي، جنهن ۾ ملهه پهلوان سيد سمن شاهه، سرور جتوئي، الهجڙيو سمون به شامل هئا، ۽ سرڪسن ۽ ٿيٽرن ۾ لطيف مني، فيض علي شاهه ۽ شفيع پنڃارو جا ڪجهه خاڪا به شوٽ ڪيا هئا، انهن ڏينهن ۾ مشهور فوڪ سنگر جلال چانڊيو عروج تي هو، جهڙو “چهچٽو” گهر گهر ۾ مشهور هو، تهڙي طرح سنڌ ۾ جلال چانڊيو به مشهور هو، جڏهن مون “چهچٽو” فلم شروع ڪئي ته شاهه اسد جيڪو منهنجي ڇڏيل فلم “غيرت جو سوال” جو تجربو حاصل ڪري، پاڻ ڊائريڪٽر ٿي چڪو هو، ۽ ان وقت ان فلم “جلال چانڊيو” ٺاهي، جنهن جو فلمساز لالچند هو، جنهن به ان فلم ۾ هڪ ڪردار ڪيو، جڏهن ته مون ۽ چاچا فضل ان فلم ۾ “جلال چانڊئي” جي سامهون ڪو ڪردار ڪرڻ کان لنوائي ڇڏيو، پر فلم سپرهٽ ويئي، ته مون ان وقت نصير فقير، جيڪو ان وقت اسان جي علائقي جو نامور ڌاڙيل ٿي مئو هو، جنهن تي مون فلمي ڪهاڻي مڪمل ڪئي، ته ان وچ ۾ فلم “جلال چانڊئي” جي آمدني مان شاهه اسد وري لالچند سان گڏجي، ان وقت جي نامور ڌاڙيل “پرو” تي رنگين فلم “پرو” ٺاهي، جنهن ۾ مون ذاتي طرح دوست جي حيثيت ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ فلم ۾ “پرو” جي ڀاءُ “علي گوهر” جو ڪردار پڻ ادا ڪيو، جڏهن اها فلم حيدرآباد جي ڪوهنور سئنيما ۾ لڳي، ته اها سپرهٽ فلم ٿي، جنهن وڏين اڙدو فلمن کي به حيدرآباد ۾ هلڻ نه ڏنو، ۽ سڄي سنڌ ان جي ڀرپور آجيان ڪئي.
    آئون هڪ ڏينهن زاهد معصومي سان گڏ اها فلم ڪوهنور سئنيما حيدرآباد ۾ ڏسڻ ويس، فلم تمام سٺي لڳي، منهنجو ڪردار ننڍو هو، پر پروءَ “منصور بلوچ” مرندي، منهنجي جهوليءَ ۾ آخري مقالمو چيو ته “علي گوهر” ڀاءُ پٺيان جي پارت اٿئي، ان کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ وري “علي گوهر” به “پرو” وانگر ئي مشهور ڌاڙيل ٿي گذريو هو، فلم جي اختتام تي زاهد معصوميءَ مشورو ڏنو ته توهان فلم “نصير فقير” جي بدران فلم “علي گوهر” ٺاهيو، ۽ اها “پرو” جو پارٽ 2 هوندي، مون ساڻس گڏ اچي ٻن ڏينهن ۾ فلم “علي گوهر” جي ڪهاڻي مڪمل ڪئي، ۽ پنهنجي دوست سينئر ساٿي مشتاق جسڪاڻي کي سڏايو، ۽ اسڪرپٽ مڪمل ڪيو.
    اڳتي هلي فلم “علي گوهر” جو پارٽنر محمود صديقي ٿيو، ۽ هدايتڪاريءَ لاءِ محمود صديقيءَ زاهد معصوميءَ کي چيو، حالانڪه مون ان عمل جي مخالفت ڪئي، ۽ چيو ته پاڻ ٽئي گڏجي ڊائريڪشن ڪنداسون، ۽ نالو آخر ۾ زاهد جو ڏينداسون، پر هن ضد ڪيو، اڳيان هلي جيڪي مسئلا اسان لاءِ زاهد معصوميءَ پيدا ڪيا، انهن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو، لطيف سرڪار تي فلم جي پهرئين ڏينهن جي پهرئين شوٽ، جنهن ۾ آئون ۽ مرحومه ميڊم شهزادي شامل هئاسين، زاهد معصوميءَ اها سين شوٽ شروع ڪئي ته جيڪو شوٽ ڪرڻ جو انداز زاهد معصوميءَ جو هو، اهو ڪنهن ٽي وي ڊرامي وانگر هو، جنهن تي منهنجو اسسٽنٽ مرحوم شاهد وحيد ۽ ڪئميرامين بشير بيگ پاڻ ۾ صلاح ڪري، مونکي خلاصو وٺي چيائين، ته هن طريقي سان اها فلم ٻن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندي، ڇو ته زاهد صاحب ٽي وي ٽيڪنڪ تي پيو فلم شوٽ ڪري، ۽ زاهد صاحب کي فلم بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، جڏهن اها ڳالهه مون محمود صديقي کي سمجهائي، ته ان منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪندي، ان وقت ئي مرحوم شاهد وحيد کي منهنجي اڳيان خلاصو وٺي چيو، ته هي هدايتڪاريءَ جو ڪريڊٽ تنهنجي نالي ٿا ڪريون، ۽ پوءِ فلم ٽن مهينن اندر مڪمل ٿي، ريليز ٿيڻ تي هئي ته سنڌي مهاجر هنگاما ٿيا، ان وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ خميسو جانوري وارن فلم “نادر گوهر” ٺاهي هئي، ۽ ايور ريڊي فلمز پبلسٽي اسان واري “علي گوهر” جو سٺو ڪريڊٽ ان فلم “نادر گوهر” کي ڏيئي چار پئسا ڪمايا، ۽ اسان کي اهو چئي روڪيو ويو ته توهان جي ههڙي خوبصورت ۽ مهنگي فلم انهن حالتن ۾ ڌڪجي وڃي ها، ان ڪري جڏهن حالتون بهتر ٿينديون ته پوءِ اها فلم ريليز ڪنداسون.
    ان کان پوءِ جڏهن حالتون ڪجهه بهتر ٿيون ته اسان جي اها فلم “علي گوهر” ايوريڊي فلمز جي بينر هيٺ، ستيش آنند جي معرفت، حيدرآباد جي مشهور سئنيما فردوس ۾ ريليز ڪئي سون، ته وري حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ تي گوليون هليون، جنهن ڪري وري فلم هنگامن جي نذر ٿي ويئي، اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فلم جي وڊيو به چوريءَ نڪري ويئي، ۽ اسان جي فلم مور به نه ڪڍي سگهي. جنهن کان پوءِ وري ٻي فلم ٺاهڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن ڌاڙيل “محب شيدي” جيڪو اسان جو پاڙي جو ۽ غريب نوڪرن وانگر هيو، ننڍيون ننڍيون چوريون ڪرڻ ۽ دشمنيءَ ۾ ٻه ٽي قتل ڪرڻ کان پوءِ گم ٿي ويو ۽ پوءِ مسلسل وڏن ان وقت جي ناليوارن ڌاڙيلن سان گڏجي پاڻ به ناليوارو ڌاڙيل بنجي ويو، ۽ سرڪار طرفان مٿس 50 لک روپيه انعام پڻ رکيو ويو.
    هڪ شام جو اسان دادو ۾ شاهه اسد سان گڏ “مخدوم بلاول ايوارڊ” جي تقريب ۾، ايوارڊ وٺڻ لاءِ ويٺا هئاسون، مرحوم استاد بخاري، محمد بخش سميجو، مشتاق چنگيزي، رشيد چارڻ، منان عباسي ۽ زاهد معصومي به مون سان گڏ هئا، ته ات مشتاق چنگيزيءَ ٻڌايو ته موسيٰ ڪليم ۽ مصطفيٰ قريشي فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، تاج محل هوٽل ۾ ڪمرو وٺي، ڪهاڻي ۽ گانا لکي رهيا آهن، جڏهن اها خبر شاهه اسد ٻڌي ته هن فورا مونکي آماده ڪيو، ۽ اسان قلندر تي وڃي دعا گهري ۽ واپس اچي دادو ۾ پريس ريليز ڪڍيو، جڏهن ته اسان جي ڳوٺ ۾ يونس سنائي هڪ نوجوان ٽولي علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو، بچل ميمڻ سان گڏجي پنهنجي طرفان فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جو اعلان اخبار ۾ ڏئي چڪا هئا، آئون جڏهن مٽياري پهتس ته رات جو علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو مون وٽ گڏجي آيا، ۽ چيائون ته توهان جو به فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جو اعلان اخبار ۾ آيو آهي، ۽ اسان به اعلان ڪيو آهي پوءِ ڇو نه گڏجي فلم ٺاهيون، بحرحال علمدار شاهه جي چوڻ تي مون ان وقت وري فلمسازي ڪئي، جڏهن آئون ان فيلڊ کان پاسيرو ٿي، مٽياري ۾ شگرمل جو ڪاروبار، ٽراليون ٺاهي ڏيڻ، ڀاڻ ۽ دوائون ڏيڻ جو دڪان “مٽياري ٽريڊرس” جي نالي سان هلائي رهيو هوس، ۽ سنجيدگيءَ سان ڪاروباري ٿي چڪو هوس.
    مون علمدار کان اهو واعدو ورتو ته هو مونکي ڪاروبار ۾ به تعاون ڪندو، ۽ آئون سندس فلم ۾ ڀائيوار ٿيندس، اها فلم به ڀائيواريءَ جي ڪري ڪيترن مسئلن جي ور چڙهي، ۽ ان وقت جيئن ته “محب شيدي” تازو مارجي ويو هو، ان ڪري اخبارن ۾ اسان جي خلاف بيان اچڻ شروع ٿيا، ته اسان ڌاڙيلن کي هيرو بڻائي پيا پيش ڪريون، ۽ ايتري قدر مخالفت ٿي جو سنڌ حڪومت کي ٽيليگرام ٿيا، ته ان فلم کي نه پاس ڪيو وڃي، پر مون هر ممڪن ڪوشش ڪري فلم سنسر ڪرائي، ۽ ريليز ڪئي، ۽ ان جو به انجام اهوئي ٿيو، ته فلم ٽي هفتي پي ايف سئنيما بدين مان وڊيو نڪري ويئي ۽ 40 هزار وڊيو پرنٽون سکر جي گلفام وڊيو نالي ريليز به ٿي، هڪڙي ڏينهن ۾ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويون، ۽ ان وقت موري ۾ به اسان جي فلم ٻه سو روپيا بليڪ تي ٽڪيٽ هلي رهي هئي ۽ اها فلم شوقين هوٽلن تي پنج روپيه چانهه جي ڪوپ تي مفت ۾ ڏسي رهيا هئا، نتيجن اها به فلم مور نه ڪڍي سگهي، ۽ ان ۾ به منهنجا ۽ منهنجي ڀائيوارن جا پئسا ٻڏي ويا، جيئن ته فلم کي ريليز ڪرڻ لاءِ مون اسد الله شاهه جي چوڻ تي حيدرآباد جي مارڪيٽ ۾ “سخي فلمز” جي نالي سان، ڊسٽري بيوشن جي آفيس کولي، پنهنجي اداري طرفان فلم ريليز ڪئي هئي، ۽ ٽوٽل 5 پرنٽون سنڌ ۾ هلي رهيون هيون، ته وڊيو نڪرڻ کان پوءِ فلم شهر شهر پهچي ويئي، اهڙي طرح وري شاهه اسد جي چوڻ تي “محب شيدي” جي ريليز کي يقيني بنائڻ لاءِ پراڻي فلم “وفا ياران دي” سنڌيءَ ۾ فلم “مسٽر شڪارپوري” جي نالي سان ٺاهي، ريليز ڪئي، جنهن ۾ به پئسا ٻڏي ويا. ان کان پوءِ جڏهن آئون لاهور فلم انڊسٽري جو چيئرمين ٿيس، ته مون انهن دوستن (ميان خالد فيروز ۽ چوڌري ڪامران اعجاز) سان گڏجي فلم “مهلت” بطور فلمساز ٺاهي هئي، ان کان علاوه “عقابون ڪا نشيمن” ۽ پشتو فلم “گرهستي” ۾ بطور فلمساز منهنجو نالو ريڪارڊ تي آهي، جڏهن ته آخري فلم مون تعليم متعلق جديد ٽيڪنالاجي تي “باغ جنت” اڙدو سنڌي ۾ ٺاهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ نثار کهوڙي جي هٿان افتتاح ڪرائي، ٽن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي تعاون سان ريليز ڪئي آهي، پر اڃان ڪنهن سئنيما ۾ ريليز نه ڪئي آهي، ۽ هاڻ هڪ فلم مشهور ٽي وي سيريل “چهوٽي سي دنيا” جي طرز تي ٺاهڻ جي تياري ڪندي، اسڪرپٽ لکرائي رهيو آهيان.


    دوستي

    جيئن ته آئون موسيٰ سادات يعني ڄاموٽ خاندان جو فرد آهيان، ۽ پنهنجي پسماندگي ۽ غربت جو احوال مٿي ڪري چيو آهيان، ڪلاس ۾ جيڪي ساٿي ابتدائي زندگيءَ جو ضروري حصو ٿيا، ۽ جن سان جوان ٿيڻ جا سڀئي جوڀن گڏجي گذارياسون، جن ۾ ادب، سماجيت، سياست ڪرڻ تائين اسرار احمد مغل، غلام حسين، نواز علي سمون انهن مان هن عمر تائين به ساٿ ڏيندا رهيا، ۽ مرحوم اسرار اسان جي هن باقي بچيل ٽن جي محفل کي جن ۾ چوٿون سيف الدين قاضي، هر جمعرات منهنجي بيٺڪ تي اچي دعاءِ ڪميل پڙهڻ وارو جناب غلام محمد خاصخيلي جيڪو هم ڪلاس به هيو، پر صرف هڪ سال فيل ٿيڻ جي ڪري رهجي ويو، ۽ سيف الدين قاضي اسان کان ٻن سال پوئتي هيو، پر اسان جون وندرون ساڳيون ۽ سنگت ساڳي، جنهن ۾ فنون لطيفه ۽ رانديون رونديون به گڏجي ڪنداهئاسون.
    اسڪول جي ننڍن ننڍن ڊرامن توڻي اسڪائونٽس ڪيمپ فائر ۾ جيڪي خاڪا وغيره ٿيندا هئا، انهن ۾ اڪثر آئون اسرار احمد مغل، سيف الدين قاضي، غلام حسين ميمڻ گڏجي ڪم ڪندا هئا. اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي هر پروگرام جن ۾ ڊراما، اسٽيج شوز، فلمي ميلا، سيمينار منعقد ڪرڻ، يا ڪنهن مزدورن، ڪاريگرن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ۽ شهر ۾ ٻڌي اتحاد سان پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جو شعور ڏيڻ، ۽ وفدن جي صورت ۾ هر اداري مان وڃي شهري مسئلا حل ڪرائڻ جي جدوجهد لاءِ ٻيو پليٽ فارم “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” به وڏو محاذ هو، جنهن تي اسان سان گڏ شهر جي ٻين سجاڳ دوستن ۽ سينئر استاد ۽ سرپرست جهڙوڪ سائين شهزادو شاهه مرحوم، عطا الله انصاري مرحوم، اسد الله شاهه باقر پوٽو ۽ سائين پير حاجي محمد زمان شاهه، چاچا غلام رسول شاهه وڪيل، سيد گل حسن شاهه، محمد علي شاهه، پير بهائوالدين سرهندي، پير آغا عبدالرحيم جان سرهندي، پير شهاب سرهندي، ولي محمد کٽي، مٺو ڏاهري، ولي محمد ميمن سينيٽري وارو، جمعون ساٽي، عبدالرزاق پنجابي ۽ ماما لالو اهي سڀ گڏجي کل ڀوڳ ۾ شهر به سڌاريندا هئاسون، ۽ دل به وندرائينداهئاسون، يعني مشاعره، ڊراما ۽ شهر جي صفائي، اسڪولن جي نظرداري، وڻڪاري، بيروزگارن کي نوڪري ڏيارڻ، تعلقي ٿيڻ کان وٺي ضلع مٽياري ٿيڻ تائين هر اشو ۽ هر مسئلي ۾ گڏجي، هنن دوستن سان ڪئين يادگار ڪم ڪيا، ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون.
    ٻين دوستن ۾ منهنجو ٻالڪ پن جو دوست محمد نعيم شاهه ۽ منهنجو ماسات حسين رضا شاهه، ان کان پوءِ ذوالفقار علي شاهه جيڪو بعد ۾ ڊي آئي جي بنجي ريٽائر ٿيو، انهن سان منهنجي دوستي ڀائرن کان وڌيڪ هئي، ۽ نعيم شاهه تازو هن فائي دنيا مان هليو ويو، جيتوڻيڪ منهنجي شادي، سندس شادي اسانجي زندگيءَ جا اهم واقعا ۽ اهم موڙ آهن، ۽ اسان هر محاذ تي گڏ تفريحون ڪيون، گڏ شاديون ڪيون، زيارتون ڪيون، پر هن دفعي جڏهن اسان جا مٽيارين جا سڀ ڪامريڊ ساٿي سڀني سيدن جي ميمبرن جي سامهون اليڪشن ۾ بيهرياسون ته ته غريب شهري اسان ڏانهن لاڙو رکڻ لڳا، ته ان وقت اپر ڪلاس يعني سيد ڪلاس ۽ سرمائيڪار ڪلاس، جن هميشه شهرين کي غلام، قيدي ۽ گهٽ درجي جو سمجهندا هئا، سي انهن جي جڏهن درن تي ووٽن لاءِ اچڻ لڳا، تڏهن اسان عوام کي ٻڌايو ته اسان کٽڻ لاءِ نه بيٺا آهيون، بلڪه انهن کي توهان جي درن تي آڻڻ لاءِ بيٺا آهيون، بحرحال ان اليڪشن ۾ منهنجو پيارو دوست محمد نعيم شاهه سيدن جي جن محاذ تان بيٺو، ان سان اسان جي محاذ جو دوبدو ٽڪر هو، ان ڪري محمد نعيم شاهه جي مقابلي ۾ استو علي محمد خاصخيلي، جيڪو سندن ئي نوڪر هو، ۽ رازڪو ڪم ڪندو هو، ان کي مقابلي ۾ بيهاريو ويو، ۽ پوءِ جڏهن فيصلا ٿيا ته پوءِ اسان ان کي هٿ به کڻايو، بحرحال نعيم شاهه جي ۽ منهنجي وچ ۾ اهو دور خراب گذريو، باقي ان کان پوءِ عزاداري ۽ رشتيداري نڀائيندي نڀائيندي، هو مونکي اڪيلو ڇڏي هليو ويو، جيئن ٻه سال اڳ اسرار احمد مغل به اسان کي ائين اوچتو ڇڏي هليو ويو ۽ تازو محمد علي شاهه به ڇڏي هليو ويو، غلام حسين ميمڻ حيدرآباد رهڻ جي ڪري پري ٿي ويو، باقي مٽياري ۽ آس پاس ۾ مخدوم رفيق الزمان سان يونيورسٽي ۾، ۽ ڀٽائي پير نازڻ سائين، ناز لطيفي ۽ ٻين سان ڀٽ شاهه ۾ عزاداريءَ لاءِ محرم ۾ مجلس ۾ وڃڻ ڪري ويجهڙائپ قائم ٿي جيڪا اڃان تائين قائم آهي ۽ انهن جي ئي معرفت آغا قربان جيڪي اصل ۾ افعانستان جا پٺاڻ ۽ بادشاهي گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهن ۽ ڀٽائي پيرن سان سندس عزازت به آهي، ۽ منهنجي محبت ۽ قربت ۾ آغا قربان اڃان تائين سماجي تعلق ۽ عزاداري جو سلسلو جاري رکندو اچي، جيڪو اڃان تائين قائم آهي، باقي شوبز جا سڀ ڃاتل سڃاتل فنڪار منهنجا ساٿي آهن، دوست نٿو چئي سگهجي، انهن ۾ دوست هڪ محمود صديقي هو، جنهن سنجيدگيءَ سان مون سان دوستي رکي، ۽ مرڻ تائين شانتي نگر ۾ گهر قائم ڪرائڻ وارو محمود صديقي مونکي ڇڏي هليو ويو، باقي ٻي دنيا ۾ به سڀ فنڪار ساٿي آهن، جن ۾ شاه اسد مرحوم، مشتاق جسڪاڻي مرحوم، زاهد معصومي مرحوم اهي آهن، جن سان مون زندگيءَ جون قيمتي راتيون گذاريندي ڪيتريون ئي تخليقون جنم ڏنيون، جيئن مٽياري ۾ نواز علي سمون موجود هوندو آهي، 40 سالن کان هر اسڪرپٽ ۾ لکائڻ، صلاح ڏيڻ ۽ شاديءَ کان وٺي ٻار پرڻائڻ تائين، ۽ هاڻ 70 ورهيه گذرڻ کان پوءِ ڏاڏا نانا ٿي وياسون، هڪ ٻئي ۾ اکيون وجهيون ويٺا آهيون ته ڪير ٿو پهرئين وڃي، حالانڪه هن جي زندگي 40 سالن کان اخبار کپائڻ ۾ گذري ويئي، شام جو مون سان گڏ ويهي ٽي وي ڏسندو آهي، ڪڏهن ڳالهائيندو هو ته هڪ محبوب دوست وانگر ٻڌندو، ٻڌائيندو ۽ سماجي هر ضرورت جو ساٿ به ڏيندو هو، پر عمر جي هن حصي تي هن جي دنيا ايتري آهي، جيڪا مٽيارين ۾ منهنجي شام گذري ٿي، سا اڄ به نواز سان ئي گذري ٿي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جو مواد ختم ٿي ويو آهي، تنهن ڪري هو ريموٽ هٿ ۾ کڻيو ويٺو چينل مٽائيندو ۽ خبرنامه ٻڌندو آهي، جڏهن ته آئون پنهنجي پراڻي بيماريءَ جو شڪار ڌن ٺاهڻ، شاعري ٺاهڻ، اسٽوري ٺاهڻ يا عوامي آواز اخبار جو هفتيوار ڪالم “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” لکندو رهان ٿو.
    ان کان علاوه لاهور ۾ بحيثيت فلمسازن جي تنظيم جو چار ساله چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪيترا فلمساز، هدايتڪار، اداڪار، رائيٽر، موسيقار ويجها آيا، گڏ ڪم ڪياسون، سڀئي ملڪ جا ناليوارا، پر ڪجهه اهڙا به محسن هئا، ۽ آهن، جن کي وسارڻ گناهه ٿيندو جيئن ته مرحوم يوسف خان فلم انڊسٽري جو نامور هيرو ۽ اداڪارن جي تنظيم “ماب” جو تاحيات چيئرمين رهيو، ۽ انڊسٽري جي ڪنگ جي حيثيت ۾ مرڻ تائين سندس دبدبو قائم رهيو، جنهن کي نواز شريف به گوڏن تي هٿ رکي نمي ملندو هو، ڇو ته يوسف خان ميان صاحب وڏي جو دوست هو، ان ئي مونکي 97 ۾، جڏهن اسان ٻئي تاشقند فلم “عقابون ڪا نشيمن” ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور کان گڏ وياسون، ۽ جيئن ته لالا جي (يوسف خان) جو دٻدٻو اهڙو هو جو لاهور واري محلي اسلام پور ۾ فجر جي ٽائيم تي يوسف خان کي گهران وٺڻ لاءِ پنج گاڏيون در تي بيٺيون هيون، ۽ آئون به پنهنجي پجارو ۾ اڳيان چوڌهري ڪامران اعجاز، جيڪو ان فلم جو فلمساز ۽ ميان صاحب جو ڀائيوار هو، ۽ اڄ اهو لاهور انڊسٽري جو اڪيلو وارث آهي، فلم توڙي ٽي وي لاءِ نالي واريون سيرليون جن ۾ جيو کي قائم ڪرڻ واري ابتدائي سيريل “مهندي لگي هاٿ” جيڪا هزارين قسطن تي مشتمل هئي، ان کان پوءِ جيو کان علاوه هر چينل تي ڪامران جا ڊراما به هلندا آهن، ۽ سال ۾ هڪ عدد فلم به ڏيئي ڇڏيندو آهي، انڊيا جون فلمون وٺي ريليز به ڪندو آهي، ۽ لاهور جا سڀ غنڊا کائنس ڊڄندا به آهن، ۽ اهڙا ڪرمنل هن جي هٿ ۾ به آهن.
    مونکي ان گهڙي کان جيڪا عزت ڏنائين، سا اڄ 25 سال گذرڻ کان پوءِ به ساڳي محبت ۽ عزت ڏيندو آهي، ان کان علاوه نالي وارو فلم ساز ميان خالد فيروز، جنهن مونکي سندس فلم “سب ڪي باپ” جنهن جو هدايتڪار جان محمد جمن هو، جنهن منهنجو پي ٽي وي جو ڊرامو “لبيڪ” ڏٺو هو، جنهن ۾ مون “راجا ڏاهر” جو يادگار ڪردار ڪيو هو، جيڪو ڊرامو دنيا جي 36 زبانن ۾ ڊب ٿي، سڄي دنيا ۾ هلي چڪو هو، ان ڪردار ۾ منهنجي ڊائلاگ ڊليوري انڊيا جي مهان ايڪٽر پرٿوي راج سان مشابهه هئڻ ڪري هدايت ڪار جان محمد جمن مونکي پنهنجي اڙدو فلم “سب ڪي باپ” ۾ بطور ولين کنيو، جڏهن ته منهنجي سامهون ان وقت جا نامور اداڪار سعود، محسن خان (ڪرڪيٽر)، شفيع محمد شاهه، معين اختر، اسماعيل تاره، انيتا، سبيتا ۽ ٻيا هئا.
    بحرحال ڳالهه دوستي جي پئي هلي، ان شعبي کي ختم زوريءَ ٿا ڪريون، ڇو ته “دوست هوتا نهين هر هاٿ ملاني والا” ڇو ته زندگي جي مختلف شعبن ۾، مختلف مرحلن ۾، مختلف ماڻهن سان واسطو پوندو رهيو، ڪن سان سالن تائين ۽ ڪن سان مهينن تائين ۽ ڪن سان ڏينهن تائين. بس اڳتي هلي يادگار دوستن جون ڪي يادگار ڳالهيون لکڻ جي ڪوشش ڪنداسون، پر في الحال زندگي جي ماصيءَ تي جيڪي نالا هن وقت دماغ تي به موجود آهن تن ۾ پير مظهر الحق ۽ سندس ڀاءُ مونکي پنهنجو ڀاءُ ۽ فيملي ميمبر سمجهندا آهن ۽ آئون به گذريل 30 سالن کان ساڻن اهو ئي رشتو قائم ڪريو اچان، ڇو ته ٽي وي ۽ فلمن جي دور ۾ پير معظم جيڪو ان وقت ڪسٽم آفيسر هو، اهو منهنجا ڪيترا ناز نخرا ۽ خرچ برداشت ڪندو هو، ۽ اڃان به ڪري ٿو، سندس ٻيو ڀاءُ ادا منور ۽ وڏو ڀاءُ ادا مظهر الحق به مونکي ڀائر وانگر ئي ڀائيندا آهن، انهن جي علائقي جو دوست ڊاڪٽر قلندر بخش به جوانيءَ جو سڄو ساٿي رهيو آهي، ان کان علاوه سائين شهاب الدين شاهه جو سالو شفيق حيدر موسوي جيڪو هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ آسٽريليا ۾ ٻچن سميت مقيم آهي، ان اسان کي گڏ رکڻ، ۽ زندگي جي پرلطف بهارن کي گڏجي گذارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ان کان علاوه تازو پي ٽي وي تان رٽائرڊ ٿيندڙ دوست نثار بلوچ جنهن جو به تفصيلي ذڪري ڪري چڪو آهيان، اڄ جي دوستن ۾ شامل آهي، ان کان علاوه اڄڪلهه حيدرآباد جي اسٽيج ۽ ثقافتي دنيا کي هلائيندڙ رفيق عيساڻي به سائين عالم شاهه جي معرفت مون سان دوستي رکي ۽ اڃان تائين عزت سان اهو رشتو قائم آهي، ٻيا حيدرآباد جا اهي ٽي ڪردار جن جو به ذڪر ڪيل آهي، جن ۾ مرحوم ابو بلاول، رشيد خمار ۽ نادر بلوچ شامل آهن، جن پڻ اسان جي نابالغيءَ واري فنڪاري جنون جي دور ۾ گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ ساٿ ڏنو، مون به پنهنجين فلمن، اسٽيج ڊرامن ۽ شوز ۾ کين ڀرپور موقعو ڏنو، ان کان علاوه حيدرآباد جو شهباز بلوچ به پي ٽي وي جي “رس چس” کان وٺي مون سان گڏ رهيو ۽ متاثر ڪندڙ اداڪاري ڪندو هو، اهڙي طرح اڄ جا ناليوارا فنڪار علي گل ملاح، سهراب سومرو به مون سان بي انتها پيار ڪن ٿا، عزت ڏين ٿا، الله ڪري ته انهن کي اها معراج نصيب ٿئي، جيڪا فن جي دنيا ۾ وڏن فنڪارن کي نصيب ٿيندي آهي.


    اسٽيج ڊراما

    اهو ذڪر مختصر مٿي ٿيل آهي ته اسڪول ۾ جيڪي ننڍا ڊرامه ٿيندا هئا، انهن ۾ اسان پنجين جماعت کان وٺي حصو وٺندا هئاسون، ۽ پهريون ڊرامون، هائي اسڪول مٽياري جي ڊرائننگ هال ۾، ڏينهن جي ٽائيم ٿيو، جنهن ۾ آئون ڇوڪري ٿيو هوس، جنهن جي چغلي منهنجي ڀاءُ جاني شاهه گهر ۾ هڻي، مونکي پادر کارايا، ۽ اهو ڪردار ۽ اهي پادر ئي منهنجي هن فن جي گهاڙيٽي جي شروعات هئا، جن مان اڳتي هلي آئون اداڪار، رائيٽر، هدايتڪار، فلم ساز، ڌن ساز، اسڪرپٽ رائيٽر، شاعر، پيءُ، پٽ ، دوست، ڏاڏو، نانو ٿي به ويس، ميٽرڪ کان پوءِ پهريون دفعو مٽياري هاءِ اسڪول ۾ ڪو فنڪشن ٿي رهيو هو، ان ۾ قاضي سيف الدين حصو وٺي رهيو هو، محترم سائين حاجي خان جيڪو منهنجو ۽ قاضي سيف الدين جو استاد هو، جيئن ته سيف الدين جو اسڪول ۾ آخري سال هو، ۽ آئون ميٽرڪ جو امتحان ڏيئي، اسڪول ڇڏي چڪو هوس، ان ڏينهن اسڪول ۾ ڪو پروگرام ڪنهن سلسلي ۾ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ مختلف فنڪار به آيل هئا، ۽ ننڍا خاڪا به تيار ڪيا ويا هئا، اتي مون جرئت ڪري سائين حاجي خان کي عرض ڪيو، ته سائين آئون به ڪجهه ٻڌائيندس، سائين سابقه اسڪول ٽيچر هئڻ جي ناطي منهنجي صلاحيتن کان واقف هو، تنهن فورا مونکي موقعو ڏنو، ۽ ڏهه منٽن جو واعدو ٿيو، پر 45 منٽ آئون مختلف خاڪن ۽ آوازن سان ماڻهن کي کلائڻ ۽ وندرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
    ان کان پوءِ اهڙا کلائيندڙ اڪيلا پروگرام گهڻن هنڌن تي ڪرڻا پيا، اسڪول، ڪاليج يا اهم ڏينهن جي موقعن تي ڪندو رهيس، “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان جيڪي اسٽيج ڊراما باقاعده مٽيارين ۾ ٿيا هئا، ۽ ريڪارڊ قائم ڪيو هئائون، انهن جو ليکڪ، هدايتڪار، مرڪزي ڪردار آئون هوندو هوس، باقي سڀئي سنگت جا جيڪي نالا مٿي ڄاڻايا اٿم، اهي ئي ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ڪندا هئا، جنهن ۾ پهريون سپرهٽ ون ايڪٽ ڊرامون “ٺڳيءَ جو ٺاهه” هاءِ اسڪول مٽياري جي گرائونڊ تي ڪيوسين، ان کان پوءِ ٻيو ڊرامون سائين محبوب علي شاهه مرحوم باقر پوٽه جي ڪارخاني واري پلاٽ، جنهن ۾ هن وقت امام بارگاهه آهي، تي اسٽيج لڳائي ڊرامون “ڏکايل دليون” ڪيوسين، جيڪو آئون ڄاڻائي چڪو آهيان ته ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي ڪتاب چرين بابت ڪهاڻين تي مشتمل “عبرت ڪده” مان متاثر ٿي ڪهاڻيون ڪڍيون.
    ان کان پوءِ ٻه ڊراما هڪڙي ڏينهن ٻه ٻه ڪلاڪ جا هڪڙو مزاحيه ۽ هڪڙو ڏک وارو “شادي تادي” ۽ “اذان ۽ آهه” ڪيا، ان ۾ يادگار واقعو اهو آهي ته ڊرامون حسب معمول ساڳين دوستن کي ڪرڻو هو، ۽ سڀني ريهرسل ڪري ڊرامي جي ڏينهن تائين ڀرپور ساٿ ڏنو، جڏهن ته هڪ اهم ڪردار شرابي پيءَ جو، جيڪو نشي خاطر پنهنجي ڌيءَ جو سودو وڏيري سان ڪري ٿو ڇڏي اهو ڪردار محترم سائين غلام محمد خاصخيلي ريڊيو صداڪار ۽ نيوزڪاسٽر ياد ڪيو هو، پر عين ڊرامي جي وقت هن کي شدت بخار هئڻ جي ڪري اهو ڪردار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو ڪردار مون پاڻ ڪيو.
    ان کان پوءِ جڏهن ڀٽي صاحب جو ابتدائي شعوري دور سامهون آيو، ته ممتاز ڀٽو جڏهن وزيراعليٰ هو، ته ان وقت سنڌي مهاجر فساد ٿي پيا، جنهن ڪري اسان اهو ڊرامو جنهن ۾ پس منظر ئي سنڌي مهاجر جا تعلقات هو، ته سنڌي مهاجر فساد جي ڪري اهو ڊرامو ڪينسل ڪرڻو پئجي ويو، جنهن جو نالو “ڌريان ئي ڌاريا” هو، ان کان پوءِ جڏهن ڀٽي صاحب جو عوامي دور شروع ٿيو، ڪامريڊ، جيالا، ڪارڪن پيدا ٿيا ته ان وقت اسان ڊرامون “واهه سائين واهه” ڀٽي صاحب جي منشور کي سامهون رکندي، ان وقت جي حڪومتي ڪارڪردگي کي ڊرامي جو حصو بنايو، جنهن جي بيحد پذيرائي ٿي، جنهن لاءِ سينئر صحافي جناب جي اين مغل صاحب هلال پاڪستان ۾ وڏا پيج ڏيئي سرخرو هنيون ته ڊرامه “واهه سائين واهه” اونچن ايوانن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
    ان کان پوءِ مٽيارين ۾ اسٽيج ڊرامون ڪرڻ جو موقعو نه مليو، ڇو ته پي ٽي وي تي متعارف ٿيڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ٿي ۽ “چهچٽو” جي شهرت ۾ رستن تي هلي نه سگهندا هئاسون، ان وقت مزاحيه خاڪن جو ٽي وي پروگرام “چهچٽو” سپرهٽ هو، ۽ اسان ان جو پهريون اسٽيج شو ٽنڊو آدم ۾ ڪيو، ان کان پوءِ هالا ۾ جنهن جو خاص مهمان مخدوم طالب الموليٰ هو، ان کان پوءِ حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ڪيوسين، جنهن جو مهمان خاص پير خالد جان سرهندي چيئرمين ضلع حيدرآباد هو، ان کان پوءِ وري ٽندوآدم ۾ جڏهن “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان پي ٽي وي جي ايوارڊ يافته فنڪارن کي “لطيف گولڊ ميڊل” ڏنا، ته ان موقعي تي هڪ اسٽيج ڊرامون “اچ ته خبر پئي” پيش ڪيوسين، جنهن ۾ مرحوم مايه ناز سنڌي فلمي اداڪار ساقي صاحب به شامل هو، ٻين ۾ ابو بلاول، رشيد خمار، يعقوب ذڪريا، شهنيلا قريشي، سحر قريشي، لطيف منو، شفيع پڃارو شامل هئا.
    ان کان پوءِ جڏهن “ديوارين” جنهن سنڌي فنڪار، رائيٽر، ڊائريڪٽر اڙدو ميڊيا ۾ متعارف ڪرايا ۽ مڃرايا، ۽ پوءِ مارڪيٽ ٺهي ته نورالهديٰ شاهه جو ڊرامون “جنگل” ميدان ۾ آيو، جنهن ۾ مون به ،چوٽي سائين” جو يادگار ڪردار ادا ڪيو، ۽ جيئن ته هر ڪامياب ڊرامي جي پڃاڻي تي شوز ڪرڻ جو رواج هوندو هو، اسان به ڊرامه “جنگل” جي پڃاڻي تي حيدرآباد اوپن ايئر ٿيٽر ۾ “ايڪ شام جنگل ڪي نام” جي عنوان سان منصور بلوچ سان گڏجي اسٽيج شو ڪيو، جنهن ۾ ڊرامي جي فنڪارن کان علاوه ٻيا سنگر ۽ ڪاميڊين به آيا، ۽ ان پروگرام ۾ به فنڪارن کي ايوارڊ ۽ تحفا پڻ ڏنا ويا.
    ان کان پوءِ نيوميجسٽڪ سئنيما حيدرآباد ۾ هڪ ميوزيڪل شو “سانگين سندو سنگيت” جنهن ۾ شاديءَ جي ڪاڄ وانگر گهوٽ لطيف منو ۽ چاچو مشتاق جسڪاڻي ۽ مامون فيض علي شاهه ۽ ٻين سينئر فنڪارن سان گڏ منصور بلوچ ۽ مون گڏجي اهو شو پيش ڪيو.
    ان کان علاوه ٽنڊوآدم ۾ “سنڌي فلمي ميلو” منعقد ڪيوسين جنهن ۾ اسٽيج تي سڀني سنڌي فنڪارن کي سڏيوسين، جنهن ۾ سڀ فنڪار آيا ۽ ان پروگرام جا ڪارڊ ڄام ذوالفقار ولد ڄام صادق علي جيڪو ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هو، ان جي تعاون سان اهو پروگرام ڪري رهيا هئاسون، ۽ سڀ ڪارڊ ڄام ذوالفقار کي ورهائڻ لاءِ ڏناسين، پر فنڪار پهچي ويا، جن کي هڪ ڏينهن اڳي ٽنڊو آدم جي ويجهو راهو شاخ کان گاڏين، بسن، دهلن شرنائين جي جلوس ۾، ٽنڊوآدم شهر مان وٺي، ريسٽ هائوس تي قيام ڪرايوسين، سڄو شهر اٿلي پيو، ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيج تي فنڪار ويٺا رهيا، مشهور صحافي ۽ اسان جو وڏي ڀاءُ مثل جي اين مغل صاحب به آيل هيو، صحافي فنڪارن کان انٽرويو وٺندا رهيا، ۽ اسان حال خالي ڪريو ويٺا هئاسون، ته ڪيڏي مهل ٿا ڄام ذوالفقار وارا ماڻهو ڪارڊ کڻي اندر اچن، ساڳئي وقت ضلعي سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر غلام علي شاهه پاشا، جنهن کي صدارت ڪرڻي هئي، اهو به ڄام صاحب سان گڏ اسان جي تقريب ۾ آسرو ڏيئي، عين وقت تي مجبوري ٻڌائ،ي ٻئي ڄڻا نه آيا، ۽ اسان مجبورا ڏٺو ته خاص مهمان، صدارت ڪندڙ ۽ ڪارڊن وارا شرڪاءُ نه پهتا، ته پوءِ دروازا کولي مفت ۾ بيٺلن سڀني شهرين کي اچڻ ڏنوسين، ۽ پوءِ هڪ سئنيما شاهه ٽاڪيز ۾ وڏي ليول تي اسٽيج شو ٿيو، ۽ فنڪارن کي وڏي پذيرائي ملي، ساڳئي سلسلي جو شو جنهن ۾ لڪي ڊرا جي ذريعي ڪافي انعامات پڻ عوام کي مفت ۾ ڏناسون، جيڪو شو ٻي سئنيما ۾ ڪيوسين.
    اهڙي طرح اسٽيج شو جي سلسلي ۾ جڏهن پنهنجي ٽي سال اڳ ٺاهيل تعليم جي فلم “باغ جنت” جنهن جو مقصد سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ هو، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ضلع مٽياري جناب فياض حسين عباسي جيڪو منهنجو مومن ڀاءُ ۽ پيارو دوست ۽ همت وارو آفيسر هو، جنهن جي تعاون سان مون ضلع ۾ بند پيل 45 اسڪول کولرايا، شاگرد ۽ استاد پهچرايا ۽ ان سلسلي ۾ گرلز ڪاليج جي اسٽيج تي هڪ شو منعقد ڪري علائقي جي بهترين استادن، بهترين اسڪولن، بهترين شاگردن، معذور شاگردن، سينئر ريٽائرڊ استادن ۽ علم دوست شهرين کي ايوارڊ ۽ نقد امداد به ڪئي سون، ساڳئي قسم جا شوز ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوآدم ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي تعاون سان ڪياسون، ۽ ايوارڊ ۽ امدادو به ڏنيوسين.
    ان کان علاوه ڪراچي ٽيليويزن جي طرفان پروڊيوسر منظور قريشيءَ ٻه اسٽيج ڊراما پي ٽي وي لاءِ لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيا، جيڪي ابراهيم ڀائي آڊيٽوريم ڪراچي مان براهه راست نشر ٿيا، جن جو مرڪزي ڪردار مون ڪيو، ان کان علاوه هن وقت صرف اهو ياد پيو اچي، ته عابد نويد جيڪي “چهچٽو شو” بدين ۽ دادو ۾ ڪيا، انهن ۾ به اسان حصو ورتو هو، ان کان علاوه سابق آءِ جي سنڌ محمد بچل سانگري جنهن غوث علي شاهه جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ هو ته حيدرآباد پوليس جو “بڙا کهانا” پروگرام ۾ مونکان اسٽيج ڊرامون ڪرارايو، مون لطيف منو، سحر قريشي ۽ ٻين کي کڻي ناليوارا مزاحيه خاڪا گڏي، جيڪو اسٽيج ڊرامون پوليس جي سامهون، پوليس جي خلاف پيش ڪيو، جنهن تي منهنجي تمام گهڻي پذيرائي ٿي ۽ پوءِ وري جڏهن ارباب رحيم وزيراعليٰ سنڌ هو، ته وري به محمد بچل سانگريءَ ساڳئي ڏينهن تي مونکان اهڙوئي پروگرام ڪرايو، جنهن کان پوءِ پاڻ ته رٽائرڊ ٿي ويو، پر سندس ڀاءُ جڏهن سبي بلوچستان جو ايس پي هو ته ان مونکي ڀاءُ جي فرمائش تي اهو پروگرام اٿي اچي ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪو منهنجي صحت ۽ عمر جي ڪري وس کان ٻاهر هو، پر هن جي حجت ۽ فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ آئون سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح کي وٺي اهو پروگرام به ڪري آيس، اهڙي طرح جيڪي آمريڪا جي واشنگٽن شهر ۾ سنڌي ورلڊ ڪانگريس طرفان ٻه سال پروگرام ٿيا، انهن ۾ آئون ون مين شو به ڪندو هوس ته مهمان بنجي سنڌ جا ڌک سور ٻڌائڻ وارن ۾ به شامل هوندو هوس.
    بحرحال اهي اسٽيج جي دنيا جون يادگيريون هيون، جنهن ۾ هڪ هڪ پروگرام جو تفصيل لکان ته هزارين داستان وري سامهون اچي ويندا، زندگي جو اهو چيپٽر جنهن مونکي اعتماد ڏنو، همت ڏني، ان جو ذڪر ضروري هو، وري ڪا ان سلسلي جي ياد آئي ته اڳيان هلي لکنداسون.


    ٽي وي دنيا

    جيئن ته آئون مٿي ڄاڻائي چڪو آهيان ته آئون پنهنجي چاچي حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ عرف ايس گل صاحب کان ننڍي هوندي کان گهڻو متاثر هوس ۽ پاڻ کي فلم ميڪر ئي تصور ڪندو هوس ۽ ان ڪري فلمي ڪهاڻيون ۽ گانا لکڻ ۽ ڌنون ٺاهڻ منهنجي تنهائي جو شغل رهيو. آئون جڏهن لاهور کان واپس آيس ۽ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” ذريعي ڊرامه ڪري، پنهنجي فني تخليق ۾ پاڻ کي اخباري بيانن ۽ فلمي اعلانن جي ذريعي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، تنهن وقت آئون پنهنجي وڏن جي ورثي مان آيل ٽنڊوآدم واري زمين جي آمدني مان مناسب زندگي گذاري رهيو هوس، ته مونکي هڪ رات حيدرآباد ۾ ٽي وي تي اڙدو ڊرامو جنهن ۾ منظور قريشي هيرو ۽ ان وقت جي اڙدو اداڪاره شائسته قيصر هيروئن هئي، ٻنهي کي رات جو ٽي وي تي ڏسي مونکي شوق جاڳيو ته مون جيڪا فلم “بشني باشا” سوچي آهي، ان ۾ هنن ٻنهي کي هيرو ۽ هيروئن طور کڻان، بي چيني ۾ پوري رات ننڊ به نه آئي، الله جي فضل سان مون وٽ ڪار به هئي، ۽ منهنجو ڊرائيور منظور خاصخيلي هو، جنهن جو ذڪر آئون ڪري چڪو آهيان ته هو منهنجو ڪلاس ميٽ به هو.
    صبح ساڻ انهن ڪپڙن ۾ جنهن ۾ ستو هوس، گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪراچي لاءِ روانو ٿيس، ۽ آئون وري پٺئي سيٽ تي سمهي رهيس، ڪراچي ٽيليويزن اسٽيشن تي پهتاسون ته مون سوچيو ته منظور قريشيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ، عبدالرحمان ميمڻ جيڪو پي ٽي وي تي ايڊيٽر هو ۽ منهنجو بلوچ صاحب جي معرفت دوست ٿيو هو، ان وقت بلوچ صاحب شايد ڪوئٽه ۾ هو، مون عبدالرحمان ميمڻ لاءِ رسيپشن تي چٺي ڇڏي، جنهن ۾ لکيم ته توهان رات جو مون سان ملاقات ڪريو، پر انهن ئي افعالن ۾ چٺي ڇڏي، رسيپشن تان ٻاهر نڪري رهيو هوس، ته مون کي منظور قريشي سامهون ايندو ڏسڻ ۾ آيو، وڌي مليوسانس، تعارف ڪرايومانس، هو مونکي انهن کي افعالن ۾ پنهنجي آفيس ۾ وٺي هليو، اسپنچ جي چپل پير ۾ ۽ گهنجيل ڪپڙا منهنجي شخصيت کي نمايان نه پئي ڪري سگهيا، پر منظور قريشيءَ خانداني تعارف کان پوءِ مونکي ڀرپور عزت ڏيئي ويهاريو، ۽ مون کائنس رات جو ڪچهري ڪرڻ جو ٽائيم ورتو، اها رات اسان جي اين مغل صاحب جي جيڪب لائين واري فليٽ ۾ جتي آئون اچي رهندو هوس، ات منظور کي رات جو دعوت ڏني ته ان ۾ مرحوم فيض ٻگهيو، جيڪو ان وقت منظور جو اسسٽنٽ هو، اهو به آيو، مون ڪچهري ڪندي کيس ٻڌايو ته آئون توهان کي ۽ شائسته قيصر کي پنهنجي فلم “بشني باشا” لاءِ هيرو ۽ هيروئن طور کڻڻ چاهيان ٿو ۽ ان فلم ۾ توهان ڪم ڪريو، مون ان وقت ڪهاڻي ٻڌائي ۽ گانا به ٻڌايا، منظور مونکان بي حد متاثر ٿيو، ۽ اهو چيائين ته جيڪڏهن آئون ڪو فلمي ڪاٽڪو هجان ها، ته يڪدم توهان سان ها ڪري، ۽ توهان کي پئسا خرچ ڪرڻ تي آماده ڪري ڇڏيا ها، پر جيئن ته توهان خانداني ماڻهو آهيو، ۽ باصلاحيت آهيو، ان ڪري پاڻ پهرئين دوستي رکي هڪٻئي جي ويجهو اچون، ۽ منهنجي به سرڪاري نوڪري آهي، ان لاءِ حالتون درست ڪري، پوءِ فلم لاءِ گڏجي سوچينداسون، في الحال بحيثيت دوست جي سفر شروع ڪريون ٿا.
    ان کان پوءِ هڪ ڏينهن سپرهائي وي جي مڊوي تي يوسف شاهين جي هوٽل ۾ ملاقات ٿي، ان وقت منهنجو بابا به مون سان گڏ هيو، ۽ سندس تعارف منظور سان ڪرايم، منظور مونکي پاسو وٺي چيو ته آئون هڪ ڊرامو جيڪو امرجليل جو لکيل آهي، نالو اٿس “شڪست کان پوءِ” ان جو مرڪزي ڪردار ان وقت جو نامور اداڪار ۽ هيرو ۽ سنڌي ليڊر اقبال ترين آهي، توهان ان جي سامهون هڪڙو وڪيل جو ڪردار آهي، جيڪو ڪرڻ لاءِ تعاون ڪريو. جيئن ته جڏهن آئون عبدالڪريم بلوچ سان گڏ “ڪراچي هوٽل” حيدرآباد، ۽ “انٽرنيشنل هوٽل” ڪراچي ۾ ويهي ڪچهريون ڪندو هوس، ته بلوچ صاحب مونکي ڪيترا دفعا ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، هڪ دفعو جڏهن هو ڊرامو “ماءُ” (ميڪسيم گورکي جو لکيل ڪتاب) تي ڪم ڪري رهيو هو، ۽ مونکي ٽي وي اسٽيشن تي وٺي آيو، ان وقت منهنجي ملاقات نور محمد لاشاري، اداڪار وسيم ۽ اڙدو اداڪاره ببو جيڪا انڊيا مان آئي هئي، ان سان ٿي، پر مونکي ننڍي اسڪرين تي ڪم ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونه هو، ان ڪري بلوچ صاحب جي آفر مون ڪڏهن قبول ڪانه ڪئي، ڇو ته ذهن ۾ آئون فلمساز هوس ۽ وڏي اسڪرين منهنجو خواب ۽ منهنجي دنيا هئي، پر جڏهن منظور قريشيءَ دوستي وڌائڻ لاءِ ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جو چيو ته آئون راضي ٿيس، پوءِ ڪراچيءَ ۾ منظور جي طارق روڊ واري ننڍڙي پلازه “بالي” ۾ روز رات جو وڏيون نشستون ٿينديون هيون، ۽ اسان جي دوستي وڌي ويئي، ان کان پوءِ ٽي وي تي توڻي سندس گهر جيترو وقت به ڪراچي ۾ هوندو هوس، ته ساڻس گڏ ئي هوندو هوس، ۽ رات جو جيڪي به سبجيڪٽ ٺهندا هئا، ته کيس ٻڌائيندو هوس، ڊرامي “شڪست کان پوءِ” ۾ پهرئين ڏينهن ريهرسل دوران اقبال ترين مونکي پنهنجي رويي سان تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، اک ڀڄڻ، پير کي ٿڏو هڻڻ ۽ ريهرسل ۾ چهري سان منهنجي مڪالمن تي طنز ڪرڻ، جڏهن ته مڪالما امر جليل جا خوبصورت لکيل هئا، ۽ جنهن انداز جي منهنجي ادائيگي هئي، ان مان اقبال ترين خوش نه پئي ٿيو، ٻئي ڏينهن ريڪارڊنگ جي سيٽ تي جيڪو منهنجي زندگي جو پهريون ڊرامو، پهريون شوٽ هئي، جنهن وقت آئون اقبال ترين سان سين ڪري رهيو هوس، ته ان وقت هن مونکي دوران ريڪارڊنگ ڪنفيوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون جيڪو مشتاق جسڪاڻي سان عرصو گذاريو هو، ان مان جيڪي مون پرايو هو، اهو اعتماد مونکي هاڻ ڪم اچڻ لڳو هو، جو مون به هڪ سين ۾ اقبال ترين سان اهي ئي ڪيو، جيئن مون سان هو گذريل سين ۾ دوران ريڪارڊنگ پير کي ٿڏو، ۽ اک ڀڳي، ان وقت ڪئميرا مون تي هئي، ۽ مون برداشت ڪيو، جڏهن سندس وارو آيو ته مون اٿي ڪرسي کي ڦري سندس مايوسيءَ تي ۽ خودڪشي جي سوچ تي، دلداري ڏيڻ وارا مڪالما ڳالهائڻ لاءِ ڦري اچي، ان وقت ان ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ ايڪشن سان دلداري ڏني، ته هن کان مڪالما وسري ويا، ڇو ته اهو عمل جيڪو هو ته خاموش، پر مون هن سان ريهرسل دوران نه ڪيو هو، پر ريڪارڊنگ دوران ڪرڻ تي هن جو ردعمل اهو هو ته سين ڇڏي بيهي رهيو، ۽ چيائين ته اهو اوهان ريهرسل ۾ ته نه ڪيو هو، مون کان مڪالما ڇڏائجي ويا، ان وقت منظور قريشي مٿان نڪري آيو، ۽ کيس چيائين ته اهي اٿئي اسٽيج جا اداڪار، جن وٽ ٽي وي اداڪارن کان وڏو اعتماد هوندو آهي، ان کان پوءِ هن مونکي ڀاڪر پاتو، ۽ مون کيس ياد ڏياريو ته شاگرد جدوجهد ۾ به ڪجهه وقت گڏ هئاسون، پر هتي توهان مون کي سڃاڻڻ کان لنوائي رهيا آهيو، بحرحال هن معذرت ڪئي، ۽ ان کان پوءِ هو پاڪستان کان سگهوئي آمريڪا هليو ويو، ۽ پوءِ وري جڏهن آئون آمريڪا ويس ته دوستن جي معرفت ساڻس ملاقات ٿي، ان کان پوءِ پاڻ اڪثر پاڪستان ايندو رهندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات به ٿي ويندي آهي.
    منظور قريشيءَ سان ٻيو پراجيڪٽ سندس ستن قسطن تي لکيل ڊرامو “دنيا ديواني” هو، جنهن ۾ پهريون دفعو منهنجي محمود صديقي، فريد نواز بلوچ، لطيف منو، ماجد جهانگير، يوسف علي، صلاح الدين تنيو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي، ۽ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ان ڊرامي جي آئوٽ ڊور شوٽ ڪرڻ لاءِ منظور قريشي سڄو قافلو وٺي مون وٽ مٽياري اچي ترسيو، ۽ پوءِ هڪ سين ۾ جنهن ۾ محمود صديقي کي پاڻيءَ ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ ٽپو ڏيڻو هو، ان وقت محمود صديقي بي خياليءَ ۾ ٽٻي هڻڻ وانگر نڪ جهلي ٽپو ڏنو، جنهن تي منظور قريشيءَ ري ٽيڪ ڪري چيس ته نڪ تي هٿ ڏيڻ سان ائين ٿو لڳي، ڄڻ تون وهنجڻ جي ارادي سان پاڻيءَ ۾ ٽپو پيو ڏين، جڏهن ته اسان کي ڏيکارڻو آهي ته تو اها خودڪشي ڪئي آهي، ۽ اهو منظر لطيف منو لڪي ڏسي رهيو آهي، جيڪو وڃي تنهنجي گهر ڀاتين کي ٻڌائيندو، پر اتفاق سان ست دفعا محمود صديقيءَ ٽپو ڏيندي چيو ته هاڻ هن ڀيري نڪ نه جهليندس، پر اهو هن کان ٿي نه سگهيو ۽ اهو منظر ڪهاڻيءَ کي هيئن موڙ ڏيئي ويو، ته اها خودڪشي نه بلڪه لڪي ڏسندڙ لطيف مني کي ڌوڪو ڏيڻو هو، ۽ ان کان پوءِ جيئرو ٿي، لڪي اچي مون وٽ رهڻو هو، ۽ اهڙي طرح اهو ڊرامو ان غلطيءَ سبب ستن قسطن بدران ڇويهه قسطن جو ٿي ويو، ۽ مونکي معاشري ۾ سڃاڻپ ملي، ۽ ٽي وي تي هيڏن وڏن فنڪارن ۽ پروڊيوسرن سان دوستي وارو ماحول به مليو، اڪثر آئون رات جو سڀني دوستن کي مدعو ڪندو هوس، پهرئين ڀائون غلام نبي جي فليٽ تي ، ان کان پوءِ 1984 ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي سامهون اشرف اسڪوائر ۾ سيف الدين قاضي، جنهن کي آئون “دنيا ديواني” ۾ منظور قريشي وٽ بطور ادڪار متعارف ڪرارائي، ۽ ان جي صلاحيتن کي مڃرائي چڪو هوس، جنهن کان پوءِ مزاحيه خاڪن جو پروگرام “چهچٽو” شروع ٿيو، جنهن ۾ سيف الدين قاضي مون سان گڏ ايندو هو، ۽ حصو وٺندو هو، ان سان گڏ 600 روپيه مسواڙ تي اشرف اسڪوائر ۾ فليٽ ورتوسون، جنهن ۾ سيف الدين ۽ مون ٻن ڪمرن ۾ ٻه گلم ۽ بسترا رکي، بيٺڪ بنائي سون ۽ دوستن جو ٺيهو ٺاهيوسين، جتي روز رات جو محفلون مچنديون هيون.
    “چهچٽو” جنهن اسانکي ايڏي شهرت ڏني جو ٽن سالن ۾ اسين سنڌ جا مقبول عوامي فنڪار ٿي وياسون، ان وقت صرف هڪڙو ئي چينل هوندو هو، جنهن تي اڌ ڪلاڪ جو روزانو سنڌي پروگرام هلندو هو، ۽ اسان جي “چهچٽو” جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ماڻهو هوٽلن ۽ گهرن ۾ انتظار ڪندا هئا، جڏهن ته اسان کي اڙدو فيملين وارا به پنهنجي گهر وٺي ويندا هئا، ته دعوتون ڪندا هئا، آٽو گراف وٺندا هئا، اسان سان تصويرون ڪڍرائيندا هئا، اهڙي طرح اسان سنڌ جا مقبول فنڪار ٿياسون، مونکي ياد آهي ته ان دوران مرحوم محمد بخش سميجو جيڪو پهرئين پروڊيوسر هو وري ٻن سالن لاءِ رورڊ ڪري کيس اسسٽنٽ بنايو ويو، جڏهن مونکي ڏسندو هو، چوندو هو ته توهان ايڏا سريلا هيرو يا ولين اچو توهان مسخرا ٺهيوئي نٿا، پر جڏهن “چهچٽو” هلي رهيو هو ته “ناٽڪ رنگ” به شروع هو، جنهن ۾ سميجو صاحب ڊراما ڪندو هو، اچانڪ ٽن سالن کان پوءِ جڏهن “چهچٽو” بند ٿيو، منظور قريشي جي ٽرانسفر اسلام آباد ٿي، جيڪو مونکي اتان ويهي يادگار خط لکندو هو، ۽ جدائي جا احساس به شامل ڪندو هو، تنهائي جا اڌما به سهيڙي اسلام آباد جا منظر به لکندو هو، ۽ اهي يادگار خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهن، ڪڏهن خطن جي ذريعي دوستن جون يادگيريون لکڻ جو موقعو مليو، ته اهي به شايع ڪرائيندس.
    اهڙي طرح مون جڏهن محمد بخش سيمجو جي آفيس ۾ انٽري ڏني، ۽ کيس سندس جاسوسي ڊرامي “تلاش” ۾ بڪ ڪرڻ لاءِ چيو، ته هن وراڻيو ته توهان “چهچٽو” ۾ ايڏا مقبول مسخرا ٿي ويا آهيو، جو هاڻ ڪير به توهان کي سنجيده رول نه ڏيندو، ان ڪري دعا ڪريو ته ڪو مزاحيه ڊرامون اچي ته پوءِ توهان کي بڪ ڪنداسون.
    ان وچ ۾ پي ٽي وي تي مشهور راڳي، ليکڪ، شاعر ۽ پروڊيوسر بيدل مسرور ڪوئٽه مان بدلي ٿي ڪراچي آيو هو، ۽ شفيع محمد شاهه لاهور ۾ پاڻ کي مڃرائي، “تيسرا ڪناره” مان ايوارڊ ماڻي، پي ٽي وي ايوارڊ يافته فنڪار ٿي ڪراچي واپس آيو هو، ۽ هتي هر سنڌي اڙدو پروڊيوسر کيس بڪ ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو هو، ۽ مرحوم ايڏا ناز نخرا ڪندو هو جو جهڙو تهڙو پروڊيوسر کيس کڻي پيو پڇتائيندو هو، ان وقت محمد بخش سميجو ڪنهن ٻئي پروگرام سان واڳيل هو، جڏهن ته “ناٽڪ رنگ” جون ڪجهه قسطون بيدل مسرور کي ڪرڻيون هيون، جنهن ان ڊرامي ۾ مونکي ۽ شفيع محمد شاهه کي گڏ بڪ ڪيو، هڪ ماضيءَ جو واقعو شفيع محمد شاهه بابت ياد آيو آهي، تاريخ ۾ اهو رقم ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، هڪ دوست جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو ۽ قتل ٿي ويو هو، جنهن جو نالو بشير چنڙ هو، اهو ان وقت انٽرنيشنل هاسٽل ڄامشورو ۾ رهندو هو، شفيع محمد شاهه ساڻس گڏ هاسٽل ۾ رهندو هو، آئون ان وقت “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” مٽياري جي طرفان اسٽيج ڊرامو “ڏکايل دليون” ڪري رهيو هوس، جنهن بابت اخبارن م پڻ ايندو هو، هڪ ڏينهن حيدرآباد جي ڊيلڪس هوٽل ۾ ماني کائي رهيو هوس، ته شفيع محمد شاهه بشير چنڙ سان گڏ مونکي مليو، ڏاڍو سادو سودو شريف ۽ شرميلو نوجوان هو، بشير چنڙ چيو ته يار... توهان اسٽيج ڊرامون پيا ڪريو، هن شاهه آرسيءَ تي اداڪاري ڪري ڪري مونکي ڪمري ۾ ڏاڍو تنگ ڪيو آهي، اصل ننڊ به نٿو ڪرڻ ڏي، مهرباني ڪري هن کي پنهنجي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪو چانس ڏي، مون چيو ته اسان جي ريهرسل مٽياري ۾ پئي هلي، هن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، ان کان پوءِ ڊرامي “واهه سائين واهه” ۾ هڪ ڊانسر جي ضرورت هئي، ان وقت مشهور اسٽيج ڊانس ڊائريڪٽر مرحوم شميم ڪاظمي هڪ ڇوڪري ڊانسر وٺي آيو، جنهن جي لاءِ ٻڌايائين ته هيءَ هندواڻي آهي ۽ سندس نالو “شيلا” آهي، هن کي ڊرامي ۾ ڊانس ڪرايو، مون هن ڇوڪريءَ تي وڏي محنت ڪئي، پر ڇوڪري اسٽيج تي ڊانس ڪندي، جنهن وقت مرحوم اسرار مغل جيڪو ان ڊرامي ۾ مزاحيه نوڪر هو، ۽ ساڻس گڏ سيف الدين قاضي به مزاحيه نوڪر هئا، جيڪي وڏيري گل حسن شاهه (مشهور صحافي فدا حسين شاهه جو والد) جي سامهون ڊانس ڪري رهيا هئا، ۽ شيلا انهن جي ڊانس تي بار بار کلي رهي هئي، جنهن تان آئون کيس بار بار اشارن ۾ دڙڪا ڏيندو رهيس، ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو ته اها شيلا هندواڻي ڪجهه وقت مون سان ٽيليفون تي رابطو رکندي رهي، ۽ هڪ ڏينهن اهو وقت ماضي ٿي ويو، پر اها شيلا اڳتي هلي ٽي وي جي مشهور اداڪاره سڪينه سمون ٿي، جنهن جو شفيع محمد شاهه سان بي انتها پيار هوندو هو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن شفيع محمد شاهه ۽ آئون بيدل مسرور جي ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسون، جنهن ۾ آئون هڪ اداري جو باس ۽ شفيع محمد شاهه مون وٽ هڪ فوٽوگرافر آهي، اتفاق سان هڪ منظر ۾ جڏهن ٻئي پهريون دفعو هڪٻئي جي سامهون ٿياسون، ته ان وقت جيئن لاهور ۾ اڙدو اداڪار تاثرات ڏيئي، پوءِ مڪالمو چوندا هئا، جڏهن ته ڪراچي ۾ “ناٽڪ رنگ” جا پروڊيوسر اداڪار کي تاثرات ڏيڻ بدران يڪدم مڪالمو ڳالهائڻ لاءِ چوندا هئا، ڇو ته هڪ ته ڊرامي جو ٽائيم صرف اڌ ڪلاڪ هوندو هو، ٻيو ته مٿي پروڊيوسر ڪئميرا جي ڪٽنگ پنهنجي آڳرين سان ڪندا هئا، سو صرف ڳالهائڻ واري اداڪار تي ڪٽ ڪري فوڪس ڪندا هئا، ان ڪري “ناٽڪ رنگ” ۾ اداڪاري ڪندڙن جو انداز لاهورين کان مختلف هوندو هو، ۽ گهڻو ڪري سڀ ريڊيو جا فنڪار هوندا هئا جن پنهنجي ڊائلاگ ڊليوري سان “ناٽڪ رنگ” جي فنڪارن کي “ديوارين”، “جنگل”، “چهوٽي سي دنيا” کان پوءِ بين الاقوامي فنڪار بڻائي ڇڏيو، ۽ اڄ به سنڌي فنڪار، سنڌي پروڊيوسر، سنڌي رائيٽر ميڊيا تي حاوي آهن.
    بيدل مسرور جي ڊرامي ۾ شفيع محمد شاهه منهنجي جملي کان پوءِ تاثرات لاءِ ٽائيم ورتو ۽ نڪ کي آڳر هڻي زڪام صاف ڪرڻ جو پرفارمنس ڪيو، جنهن تي مون به آئوٽ آف اسڪرپٽ جملو چيس، ته ڇا فلو اٿائو، ته ٽيبليٽ وٺي ڇڏيو، ۽ واقعي منهنجي ان جملي کان پوءِ شفيع محمد شاهه اقبال ترين وانگر اداڪاري روڪي مونکي ڏسڻ لڳو، ڇو ته اهو مون پنهنجي طرفان چيو هو، جيئن هن مونکي گهوري ڏٺو، ته مون فائيل کيس ڏيندي وڌيڪ چيو ته زڪام لاءِ ٽيبليٽ وٺي ڇڏ، ۽ هي فائيل ڏس، نئين اسائنمنٽ آهي، توکي ڪلائينٽ جي فوٽوگرافي ڪرڻي آهي، ۽ بيدل مسرور به بنا ڪٽ ڪرڻ جي ريڪارڊ ڪري هيٺ آيو، ۽ چيائين ته سين ڏاڍو نيچرل ٿي ويو، شفيع محمد شاهه کي اهو ناگوار گذريو، ڇو ته هو ان وقت پي ٽي وي ايوارڊ يافته وڏو فنڪار هو، اهڙي طرح بيدل مسرور جي ڊرامي کان پوءِ “چهچٽو” شروع ٿيو، ۽ ٽن سالن کان پوءِ ختم ٿيو، منظور قريشي اسلام آباد ٽرانسفر ٿيو، ۽ اسان جي دنيا تبديل ٿي ويئي، ۽ ڪوبه اڙدو سنڌي پروڊيوسر بڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
    ان وقت ۾ منهنجي قربت فيض ٻگهيو جي معرفت مرحوم هارون رند سان ٿي، جيڪو ان وقت ڊرامو “جنگل” جنهنجي رائيٽر نورالهديٰ شاهه هئي، ان جي اسڪرپٽ تي ٻئي ڄڻا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ آئون اڪثر هارون صاحب کي ڇنڇر ڏينهن ڪراچي کان ڪوٽڙي ڇڏي پوءِ مٽياري ايندو هوس، ۽ سڄي واٽ ڪچهري ڪندا هئاسون، ۽ وري سومر جي ڏينهن کيس ڪوٽڙيءَ مان کڻي ڪراچي ويندا هئاسين، فيض ٻگهيو جي ڪوشش سان مونکي هارون صاحب “جنگل” ۾ چهوٽي سائين جو ڪردار ڏنو جنهن جي باري ۾ هو مونکي تفصيل سان سمجهائي رهيو، هو آئون دل سان ٻڌندي هون...... ها.......هون....... ڪري رهيو هوس، ته هن مونکي چيو ته اهو انداز زبردست آهي، ۽ تون پنهنجي ڪردار ۾ اها هون... ها... ضرور رکجاءِ ۽ پوءِ واقعي جتي “جنگل” سپرهٽ ڊرامو ٿيو، اتي منهنجو ڪردار به نمايان هو، ۽ هون... ها.... واري تڪيي ڪلام جي ڪري گهڻو مقبول ٿيو، منهنجون سينون گهڻو ڪري انور سولنگي جيڪو منهنجو ڪمدار هو، نواب مهدي جيڪو منهنجو والد صاحب ٿيو، مادام زرينه بلوچ، مشتاق مغل ۽ ياسمين گل (جيڪا اڳتي هلي سائين پپو شاهه جي اهليه ۽ سينيٽر به ٿي ۽ اڄ به آهي) جيڪي منهنجي مظلوم هارين ۽ ڳوٺاڻين جو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، ساڳئي وقت هن ڊرامي ۾ محمود صديقي، منصور بلوچ، فريد نواز، عثمان پيرزادو، سڪينه سمون، ميڊم شهزادي، روشن عطا، شفيع محمد شاهه، يعقوب ذڪريا، گلاب چانڊيو، منظور مراد، يوسف علي، غفار ميمڻ ۽ ان وقت جا ٻيا ناليوارا فنڪار شامل هئا.
    هن ڊرامي جو يادگار واقعو درج ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ڇو ته ان جو به تاريخ سان تعلق آهي، جيئن ته ادي نورالهديٰ شاهه جي هن لکيل ڊرامي جي پڄاڻي سندس تحرير مطابق مون تي ٿيڻي هئي يعني ڪهاڻي موجب “ظالم مري وڃي ٿو، ظلم قائم رهي ٿو”، نواب مهدي ۽ ٻيا سڀ نگيٽو ڪردار پنهنجي انجام کي پهچن ٿا، ۽ آخر ۾ منهنجا مريد ۽ خادم موکي مرشد جي پڳ ٻڌائين ٿا، ۽ آئون آخري جملا هن ريت چوان ٿو ته آئون به پنهنجي پيءَ جي نقش قدم تي هلندس، يعني جيڪو ڪردار وڏي پير سائين جو ماڻهن ڏٺو، ۽ چهوٽي سائين جي روپ ۾ منهنجو ڪردار ڏٺو، معنيٰ ٻئي ظلم جي علامت هئاسون، ۽ منهنجي حلف نامي مان رائيٽر جو ڏسندڙ کي پيغام به اهو هو ته ظلم قائم آهي، ظالم مري ويو، پر واقعو هيئن ٿو جو هڪ ڏينهن شوٽنگ دوران آئون محمود صديقي، عثمان پيرزادو ۽ شفيع محمد شاهه ڊفينس ۾ عثمان پيرزاده جي هڪ دوست سان ملڻ لاءِ ان وقت وياسون، جنهن وقت اسان جي شوٽنگ بريڪ هئي، جيئن ته اسان هارون صاحب جي هر خوشي، هر ممڪن طريقي سان پوري ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا هئاسين، پاڻ شگر جو مريض هو، ان ڏينهن اسان کي چيائين ته واپسي تي منهنجي لاءِ برگر وٺيو اچجو، پر جيئن ته اسان کي هڪ ڪلاڪ بدران ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا، ان وچ ۾ هن پاڻ برگر گهرائي کائي ڇڏيو، اسان جيئن ٽي وي تي آياسون ته مونکي ميڪ اپ روم ۾ فيض ٻگهيو مليو، جنهن چيو ته متان هارون رند جي منهن تي چڙهيو آهين، فل ڪاوڙ ۾ اٿئي، شوگر هيٺ مٿي ٿي پيس، ۽ پنهنجي طرفان برگر گهرائي کائي ڇڏيائين، واقعي جنهن وقت مون پنهنجي ياد ڪيل سين ريڪارڊ پئي ڪرائي، ته هو فل ڪاوڙ ۾ مٿي ويٺو هو، ۽ هيٺ آئون ميڊم زرينه بلوچ، مشتاق مغل، غفار ميمڻ ۽ ياسمين گل سان اداڪاري ڪري رهيو هوس، ته هو بار بار مونکي ٽوڪيندي سين جا ويهارو کن ري ٽيڪ ڪرائي، چيو ته تون اها هون.... ها.... غلط پيو چئين، جڏهن آئون بيزار ٿيس، تڏهن مون به چيو ته سائين شايد مون کان وسري ويئي آهي، توهان هيٺ اچي مون کي ڪري ڏيکاريو ته پوءِ آئون ڪريان، ته پاڻ ناراض ٿي چيائين ته اهو منهنجو ڪم نه آهي، بحرحال جهڙو تون خراب ڪرين پيو، اهڙو آئون هلائي ڇڏيندس.
    ان کان پوءِ هن ميڊم نورالهديٰ شاهه جي ان اسڪرپٽ سان ڇيڙخاني ڪري پڃاڻي وارو منظر مٽائي ڇڏيو، ۽ جڏهن نورالهديٰ شاهه کي خبر پئي، ته هن پنجن پيجن تي اعتراض نامو لکي ممتاز مرزا کي موڪليو ته منهنجي شاندار اسڪرپٽ سان، منهنجي پڇڻ کان سواءِ هٿ چراند ڪئي ويئي آهي، ۽ هاڻ پي ٽي وي تي يا هارون رند کي ڪڏهن به ڊرامو لکي نه ڏينديس، جيئن ته مرحوم جو جواب اهو هو ته يار محمد شاهه جونيئر فنڪار آهي، ۽ ٻيا پي ٽي وي ايوارڊ يافته فنڪار آهن، جنهن ڪري مونکي ڪمرشلي طرح پڄاڻي انهن تي ئي ڪرڻي آهي، جنهن ڪري مون منظر مٽايان آهن.

    ان کان پوءِ هارون رند صاحب ورهين تائين مون سان ڪم نه ڪيو، جن ڏينهن ۾ تاجدار عادل پروگرام منيجر هيو، انهن ڏينهن ۾ مون هڪ آئيڊيو پاس ڪرايو، جنهن جو عنوان هو “مهران ٽاڪيز”، جنهن جو مقصد هيو ته سنڌي ۾ ٺهندڙ سڀني سنڌي فلمن جي تاريخ ڏيان، پر اچانڪ هڪ ڏينهن تاجدار عادل مونکي ٻڌايو ته اهو تو وارو پروگرام هارون رند پاڻ ڪرڻ ٿو چاهي، مون چيو ته منهنجو مقصد سنڌي فلمن جي تاريخ محفوظ ڪرڻ هو، نه ڪي ذاتي ڪريڊٽ هو، تنهن ڪري هارون رند کي اجازت ڏيو ته ڀلي وڃي اهو پروگرام پروڊيوس ڪري، جڏهن هن اسڪرپٽ غلام حيدر صديقي ۽ مرحوم رشيد صابر کان لکرايو، ۽ پهرئين سنڌي فلم “ايڪتا” جو پوسٽر هن پاڻ هٿ سان ٺهرايو، ۽ هر زنده پروڊيوسر، هدايتڪار، اداڪار، رائيٽر جون تصويرون ۽ تمام تفصيلي معلومات حاصل ڪئي، پر هو مطمئن نه ٿيو، ۽ منهنجي شانتي نگر واري گهر هڪ ڏينهن هليو آيو، ۽ چيائين ته آئون هنن جي اسڪرپٽ مان مطمئن نه آهيان، ۽ اهو پروگرام تون مون سان گڏ ڪر، ۽ ميزباني جا فرائض به انجام ڏي، ۽ تون سان گڏ هڪ ڇوڪري صوبيه آغا جيڪا پروڊيوسر آغا صاحب جي ڌيءَ آهي، مون صرف هڪ شرط تي حامي ڀري ته آئون اسڪرپٽ جو اصلاح ڪندو رهندس، پر نالو بحيثيت اسڪرپٽ رائيٽر انهن ٻنهي جو اچڻ گهرجي، اهڙي طرح نالو انهن جو هليو ۽ ميزباني مون ڪئي، اٽڪل ٻاونجاهه قسطون ريڪارڊ ڪيون، ۽ اهي ئي مون “عوامي آواز” اخبار ۾ قسط وار مواد ڏنو، جيڪو فرانس مان آيل اسڪالر سنڌي يونيورسٽي جي معرفت مون وٽ پهتو، جنهن ٻڌايو ته هو ريجنل ٻولين ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، ان ڪري سنڌي فلم جي تاريخ مونکي ڏيو، مون ان کي سنڌي فلم جي معلومات ڏني، ۽ “عوامي آواز” ۾ ڇپيل پنهنجي مواد جي قسط وار معلومات ڏني، ۽ اڳتي هلي انهن ڪالمن جو ڪتاب “ڪهاڻي سنڌي فلم جي” جي عنوان سان شايع ڪرائي مارڪيٽ ۾ آندو، ان کان پوءِ ڊاڪٽر محمود مغل به مونکان ان ڪتاب بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ پاڻ به عبدالحميد آخوند جي معرفت ڪتاب لکيو، جنهن جي قيمت ٽي هزار روپيه آهي، جيڪو عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي.
    ڊاڪٽر محمود مغل هڪ بهترين جذباتي دوست آهي، جنهن جي ڊرامي “ڄاتل اڻڄاتل” ۾ ڪم ڪرڻ تان پي ٽي وي ايوارڊ به مليو، جنهن جو هدايتڪار محمد بخش سميجو هو، جنهن ۾ مون سان گڏ ممتاز ڪنول، پير معظم ۽ ٻيا هئا، جيئن ته انهن ڏينهن ۾ پير معظم جنهن سان اسان جي ڀائرن واري دوستي آهي، ان وقت ۾ هو پي ٽي وي اداڪار ٿي چڪو هو، ۽ محمد بخش سميجي جي ڊرامن ۾ اسان سان گڏ ڪردار ڪندو هو، ساڳئي وقت سندس طرفان سنگت تي بي انتها خرچ، رات جو فليٽن تي، ۽ ڏينهن جو ٽي وي تي ڪندو هو، ۽ ان سخي ماڻهو جي ديري تي هر وقت ميڙا لڳل هوندا هئا، ڪراچي ۾ اداڪار، پروڊيوسر، صحافي ۽ ڪسٽم وارا سندس فليٽ تي ايندا رهندا هئا، ڇو ته پاڻ ڪسٽم ۾ آپريزر رهيو، ان کان اڳي پاڻ دادو شگر مل ۾ به نوڪري ڪيائين، ۽ ڪافي عرصو بينظير صاحبه جو بحيثيت باڊي گارڊ به رهيو، اسان جي صحبت ۾، جنهن ۾ محمود صديقي، زاهد معصومي اڪثر سندس ڳوٺ به ويندا هئاسون، ۽ سندس هر محفل ۾ حصو به وٺندا هئاسون، سندس ڀائر به اڄ تائين اسان کي ڀائر سمجهندا آهن، الله ڪري ساڻن اسان جو اولاد به نڀائيندو اچي، سو ڳالهه پي ڪيم ٽي وي جي ته پير معظم اسان سان هر ان ڊرامي ۾ هوندو هو، جيڪو محمد بخش سميجو ڪندو هو، جيئن ته مون مٿي ڄاڻايو ته محمد بخش سميجي مونکي مزاحيه ڪردار کان پوءِ بحيثيت سنجيده اداڪار قبول ئي نه پئي ڪيو، پر جڏهن “جنگل” ۾ چهوٽي سائينءَ يعني ظالم پير ۽ وڏيري جو ڪردار ڪري، مون پنهنجي مسخري واري ڇاپ پاڻ تان هٽرائي ڇڏي، ته ان کان پوءِ محمد بخش سميجو هر سنجيده ڊرامي ۾ مونکي ولين ٽائيپ جو رول به ڏيندو هو، جن ۾ خاص ڪري “انتها” وڏي مقبوليت حاصل ڪئي.
    ان کان پوءِ ڪيترائي ڊراما اڙدو ۽ سنڌي ۾ محمد بخش سميجو صاحب سان ڪياسون، ۽ ساڻس دوستي به نڀائيندا هئاسون، ۽ اسڪرپٽ، شوٽنگ ۽ ايڊيٽنگ تائين ساٿ ڏيندو رهيس، الله جنت نصيب ڪريس، هو اسان کي پي ٽي وي تي اڪيلو ڪري ويو، پر اڙدو ۾ جڏهن هارون رند مونکي “جنگل” ۾ شهرت ڏياري، ته ان کان پوءِ اڙدو پروڊيوسرن به اسان ڏانهن توجه ڏيڻ شروع ڪيو، اهو ڪريڊٽ مرحوم عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند جو آهي، جن اسان کي اڙدو ڊرامن ۾ اهم رول ڏيئي، اڙدو ميڊيا ۾ اسان جو مقام پيدا ڪيو، خاص ڪري “ديوارين” جنهن جو رائيٽر عبدالقار جوڻيجو جنهن ڊرامو “راڻيءَ جي ڪهاڻي” لکي هارون رند کي ڏنو، هارون رند حسب معمول اسڪرپٽ ۾ اصلاح ڪندي، وڏيري دودي خان جو ڪردار جيڪو عبدالقادر ڏيکاريو هو ته هو اهو وڏيرو آهي، جيڪو سهڻا ناچو ڇوڪرا پاڻ وٽ رکندو آهي، ۽ انهن کان رقص به ڪرائيندو آهي، جڏهن ته پي ٽي وي ۾ اهڙي شي هلائي نٿي سگهجي، ان وقت منهنجي اشرف اسڪوائر واري فليٽ تي، جتي روز سڀ فنڪار، پروڊيوسر ۽ ڪيترائي صحافي ايندا رهندا هئا، ات فيض ٻگهيو، هارون صاحب ۽ آئون رات جو تنهائيءَ ۾ اسڪرپٽ “راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جو اصلاح ڪندا هئاسون، جنهن ۾ هاشم جو ڪردار جيڪو منصور بلوچ ڪيو، ۽ جيڪو اڳتي هلي سپرهٽ ٿيو اهو ڪردار اندازن “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ صرف ٽن قسطن تي، ۽ ٽن سينن تي مشتمل هو، پر جيئن ته آئون ساڻن گڏ هر ڪردار جي ادائيگي ۽ ڊائلاگ ڊليوري ڪري ڏيکاريندو هوس، ۽ ان وقت اسان ٽنهي کان جيڪي مڪالما ٺهندا هئا، اهي لکندا هئاسون، نتيجي ۾ جنهن وقت مون هاشم جو ڪردار ڪري ڏيکاريو، ته هارون رند ان ڪردار کي وڌائيندو ويو، ۽ اهائي سوچ منهنجي، منصور بلوچ جي ۽ فيض ٻگهيو جي هوندي هئي، ته منصور بلوچ پروڊيوسر تي تمام گهڻو خرچ ڪري چڪو آهي، ان ڪري هن ڊرامي ۾ کيس سٺو ڪردار ملڻ گهرجي، جڏهن اسان ٽنهي جي ڪاوشن سان اهو اسڪرپٽ ريڪارڊ ٿي نشر ٿيو، ته ٽن قسطن کان پوءِ رائيٽر عبدالقادر جوڻيجي ميرپورخاص جي پريس ڪلب ۾ پريس بيان ڏنو ته منهنجي اسڪرپٽ سان ڇيڙخاني ڪئي ويئي آهي، ۽ ان نشر ٿيندڙ ڊرامي سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي، ان وقت اسان “چهچٽو” ۾ مصروف هئاسون ۽ هڪ ئي وقت ۾ ڪوبه آرٽسٽ ٻن سنڌي پروگرامن ۾ حصو نه پئي وٺي سگهيو، پر منهنجي سموري سنگت “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ ڪم ڪري رهي هئي.
    ڊرامون جڏهن شهرت جي بلندين تي پهتو ۽ نائين قسط نشر ٿي ته ان وقت هڪ ڏينهن عبدالقادر جوڻيجو پي ٽي وي تي آيو ۽ ڪاريڊور ۾ ويٺو هو ته مون هارون رند ۽ فيض ٻگهئي کي وڃي چيو ته هو ڪاوڙيل ماڻهو آيو آهي، هلو ته پرچائي اچونس، جنهن جي هارون صاحب مخالفت ڪئي پر مون منٿ ڪئي ته سائين نالو ۽ معاوضو عبدالقادر کي ئي نصيب ٿي رهيو آهي، ان ڪري باقي آخري قسطون جيڪي آهن، عبدالقادر کي گهرائي چئوس ته انهن تي نظر وجهي ۽ تعاون ڪري، بحرحال هارون صاحب راضي نه ٿيو، اسان کي چيائين ته ڀلي توهان وڃي وٺي اچوس، آئون ۽ فيض ٻگهيو کيس وٺي هارون صاحب وٽ آياسون، جنهن شڪوه شڪايت ڪرڻ کان پوءِ اسڪرپٽ عبدالقادر کي ڏيندي چيو ته هي آخري ٽي قسطون نظر مان ڪڍي اچو، پر ٻن ڏينهن کان پوءِ هن اسڪرپٽ واپس ڪندي ٻڌايو ته توهان صحيح لکيو آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن به درستگيءَ جي ضرورت نه آهي، اهڙي طرح اهوئي ڊرامو جيڪو فيض ٻگهيو جي تعاون سان شهرت جي بلندين تي پهتو ۽ اڙدو ۾ “ديوارين” جي نالي سان پي ٽي وي جي تاريخ جو هٽ ڊرامو ثابت ٿيو، جنهن ۾ منصور بلوچ، هارون رند، عبدالقار جوڻيجي کي به پي ٽي وي ايوارڊ مليا، ۽ ان وقت جي صدر ضياءُ الحق دنيا جي سفيرن سان گڏ ڊرامي “ديوارين” کي اسٽيج شو ۾ تبديل ڪرائي ڏٺو، ۽ ڏيکاريو، جنهن کان پوءِ ادي نورالهديٰ شاهه جو ڊرامون “جنگل” به انهن ئي ڪردارن تي مشتمل هو، منهنجو اضافو ان ڊرامي ۾ ٿيو، ۽ اهو ڊرامو به پي ٽي وي جي سڃاڻپ بنجي ويو، ان کان پوءِ اسان سنڌي فنڪارن کي اڙدو ڊرامن ۾ وڏي عزت ۽ شان مان سان موقعا ڏنا ويندا هئا، شفيع محمد شاهه جا نخرا ته اڙدو وارا کڻندا هئا بلڪه سنڌي پروڊيوسر محمد بخش سميجو کان سواءِ شفيع محمد شاهه کان لنوائيندا هئا، اتفاق سان بشريٰ انصاري جو مڙس اقبال انصاري جيڪو اسلام آباد مان بدلي ٿي ڪراچي آيو، ۽ سندس مقبوليت هڪ سٺي ۽ ڄاڻو ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ٽي وي ميڊيا ۾ اڳ ئي هئي، ڪراچي ۾ پهريون ڊرامون “ڪارروان” جڏهن ريڪارڊنگ ڪيائين، ۽ آئوٽ ڊور جي سهولت لاءِ مون کي محمود صديقي جي چوڻ تي هڪ ظالم صوبيدار جي ڪردار مليو، جيڪو ٿاڻي جي ذريعي سڄي ڳوٺ جي غريبن تي ظلم ۽ جبر ڪندو رهي ٿو، ۽ وڏيري جي تابعداري ۾ رهي ٿو، “ڪارروان” منهنجو اقبال انصاري سان پهريون ڊرامو هو، جنهن وقت آئون ٿاڻي واري سيٽ تي ٽنگون ٽيبل تي رکي، پوليس واري ڏنڊي هٿ ۾ گهمائي رهيو هوس، ۽ ڊائيلاگ به ياد ڪري رهيو هوس، ان وقت هو مونکي مٿان ڪئميرا ۾ ڏسي رهيو هو، جيڪو مون ڪونه ڏٺو، پر خبر ان وقت پئي جنهن وقت راحت ڪاظمي کي جوابدار جي حيثيت ۾ رسن سان ٻڌي پوليس وارا مون وٽ اچن ٿا، ۽ آئون ان ڏنڊيءَ سان کيس مار ٿو ڪڍان، پر ٿيو هيئن جو هن جنهن وقت اسان کي ريڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته آئون ٽنگون ٽيبل تان هيٺ لاهي، سڌو ٿي ويهڻ لڳس، ۽ ڪالر ٺاهي اٽينشن ٿي ويس، ته اقبال انصاريءَ مونکي چيو ته “يي نقلي اداڪاري نهين ڪرو”، بلڪه چيائين ته جيئن ٽنگون مٿي رکي، ٻهراڙيءَ جي ظالم صوبيدار وانگر ويٺو هئين، تيئن ويٺو رهه، ۽ اتان ئي راحت ڪاظمي سان مڪالما ڳالهائي، ختم ڪري پوءِ اٿي ڏنڊي سان مار ڪڍينس، ۽ مون ائين ئي ڪيو، جنهن جو مونکي سٺو داد مليو، اهڙي طرح اقبال انصاري جي ٻئي ڊرامي “برزخ” ۾ ميانوالي جو ٽرانسپورٽر جو رول ڪيم، ۽ ان وقت به جيڪو اسڪرپٽ هن مونکي ڏنو هو، اهو سندس سامهون آهستي پاڻ مرادو، ٽرانسپورٽر جي ميانوالي پنجابي طرز تي مڪالما ياد ڪري رهيو هوس، ته هن مونکي ڪجهه به نه چيو ۽ اهائي سندس خوبي هئي جو سٺي ڪم جي همت افزائي ڪندو هو، تعريف نه ڪندو هو، پر جيئن ته آئون سنڌي ادبي سنگت جو گهڙيل هوس، ۽ اصولن سڀني کي ويهاري، سڀني جي واري سان ٻڌي ۽ واري سان تنقيد ۽ تعريف ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو هوس، ائين ئي ڊرامي “ڪارروان” جي قسط جڏهن سڀ فنڪار گڏجي اقبال انصاري جي گهر، يا محمود صديقي جي بيٺڪ تي، يا منهنجي بيٺڪ تي ڏسندا هئاسون، ته پوءِ خاموشيءَ سان ڊرامو ڏسندا هئاسون، ۽ پوءِ سڀ واري سان پنهنجي راءِ ڏيندا هئا، ۽ اها ڳالهه اقبال انصاري کي وڻندي هئي، جنهن ڪري “برزخ“ جي دوران به اهو سلسلو جاري رکيوسين، جنهن ڏينهن منهنجي پهرئين سين “برزخ” جي ريڪارڊ ٿيڻي هئي، جيڪا مرحوم ملڪ انوکو ۽ ٻين سان هئي، ته ان وقت شفيع محمد شاهه، محمود صديقي، ملڪ انوکو، شڪيل، نثار قادري، يوسف علي، ۽ ٻيا مونکي جونيئر سمجهي ڊائيلاگ ڊليوري سيکاري رهيا هئا، ان وقت سيٽ تي پيل هڪ بينچ تي اقبال انصاري اخبار منهن تي ڏيو، بظاهر ته ستو پيو هو، پر سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو، ان وقت اخبار هٽائيندي اچانڪ سڀني کي دڙڪا ڏيئي چيائين، ته سڀ ڊائريڪٽر ٿي اچي بيٺا آهيو، آئون اڃان ويٺو آهيان، ۽ يڪدم مونکي چيائين ته ڇا جيڪا ڊائلاگ ڊليوري، ان ڏينهن آفيس ۾، اسڪرپٽ وٺي پاڻ مرادو پڙهي رهيو هئين ڇا اها توکي وسري ويئي...؟؟؟، تڏهن مون چيو ته هيترا سڀ سينئر سمجهائي رهيا آهن، ان ڪري سندن سٺي صلاح وٺڻ ضروري آهي، پر ٿيو ائين جو اها سين جيڪا ٽي ڪئميرائون شوٽ ڪري رهيون هيون، ۽ هن کي اها سين مختلف ڪٽنگ سان شوٽ ڪرڻي هئي، پر اقبال انصاري جي همٿ ڏيارڻ تي مون اها ٽنهي ڪئميرائن کي، اک ۾ رکي پنهنجي پرفارمنس سان، ون گو ۾، بنا ري ٽيڪ جي، اهڙي يادگار سين ڪئي، جو بيٺلن سڀني سينئر فنڪارن ۽ ٽيڪنيشنس تاڙيون وڄائي داد ڏنو، ان کان پوءِ هر وڏي فنڪار کان جنهن وقت ري ٽيڪ ٿيندو هو، ته انهن کي طنز ڪندي چوندو هو ته يار محمد شاهه هڪڙي سين ڪري توهان کي پوئتي ڇڏي ويو، توهان ته هن کي پئي ڊائريڪشنون ڏنيون، ۽ هاڻ پنهنجي جان ڇڏايو، پوءِ اهي سڀ سينئر وري مونکي ٽوڪيندا هئا ته هڪڙي سين ڇا سٺي ڪئي سڄو ڏينهن پيا اسان کي مهڻا ملن.
    ان کان پوءِ منهنجي محبت ۽ صحبت اقبال انصاري سان تمام گهڻي وڌي ويئي، ۽ مون پي ٽي وي ۾ کيس پنهنجو استاد ڪري قبول ڪيو، ڇو ته هو هڪ مڪمل ڄاڻو پروڊيوسر هو جنهن کي ٽي وي ڇڏڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ به ڪم مليو، پر ٻن سالن کان پوءِ واپس اچي جيو، اي آر وائي، ايڪسپريس ٽي وي چينلن جو هيڊ به ٿيو، منهنجي ساڻس قربت سندس پي ٽي وي ڇڏڻ کان پوءِ گهٽجي ويئي، پر مون بعد ۾ جيڪي ڪيو، ان ۾ سندس ڏسيل راهه مونکي هر راهه تي ڪم آئي، جيتوڻيڪ قاسم جلالي جيڪو پڻ اسان سنڌين کان لنوائيندو هو، ۽ ڪاظم پاشا به اسان کي بڪ ڪرڻ لائيڪ نه سمجهندا هئا، پر هڪ دفعو “شڪست ڪي بعد” نالي ڊرامي ۾ موکي ۽ گلاب چانڊيو کي ڪاظم پاشا چانس ڏني، پر سندس ڊرامي “جانگلوس” ۾ مونکي جنهن ڏينهن ريڪارڊنگ ۾ گهوڙي سواري ڪرڻي هئي، ان ڏينهن منهنجي طبعيت ٺيڪ نه هئي، ۽ مون معذرت ڪري اسڪرپٽ واپس ڪيو، ته هن جيڪا نفرت وڌائي، سا سالن تائين قائم رهي، ۽ اهو مون وارو ڪردار مرحوم فريد نواز بلوچ کي ڏنو ويو، جنهن جي پٽ ياسر نواز سان اڳتي هلي ڪاظم پاشا جي ڌيءَ ۽ مشهور پي ٽي وي ميزبان ندا پاشا سان شادي ٿي، اتفاق سان هڪ دفعو اقبال انصاري جي هڪ “عيد پلي” ۾ جيڪو بشريٰ انصاري جو لکيل هو، جنهن ۾ مون چانڊيو صاحب جو اڙدو کي سنڌي لهجي ۾ هڪ مزاحيه ڪردار ڪيو، جيڪو مقبول ويو ۽ فورن ٻي عيد تي به وري اهڙوئي ڊرامون مون کان ڪرايو ويو، پر اقبال انصاري پي ٽي وي ڇڏي چڪو هو، اي آر وائي تي هيڊ هو ته ان وقت ڪاظم پاشا پي ٽي وي تي هوندي به پنهنجي ڌيءَ جي نالي سان پرائيويٽ پروڊڪشن ڪندو هو، ايورنيو انٽرٽينمينٽ جي طرفان شميم صاحب جيڪو سجاد گل ۽ فلم ڊسٽري بيوٽر ستيش آنند يعني ايور ريڊي ۽ ايور نيو جو گهٽ ۾ گهٽ پنڌرنهن پنڌرنهن سال منيجر رهيو، سندن فلمن جو فلمساز به شميم خورشيد جي نالي سان پاڻ هوندو هو، ۽ سندن ٽي وي ڊراما به پاڻ ئي ٺهرائيندو هو، ان وقت هو ڪاظم پاشا سان گڏ ڊرامه اسڪرپٽ “جي مسنٽر جي” جيڪو سياسي مزاحيه پهريون ڊرامو هو، جنهن ۾ محمود اسلم، بهروز سبزواري، ذوالفرنين حيدر ۽ مون يادگار ڪردار ڪيا هئا، اهو جنهن وقت اسڪرپٽ اقبال انصاري کان اپروو ڪرايو ويو هو ته ان ڪاظم پاشا کي سنڌي ڪردار لاءِ مون کي بڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ ڊرامي ۾ سنڌي لهجي وارو ڪردار ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ بحيثيت منسٽر جي P. A جي مون اهو ڪردار 52 قسطن تائين ڪيو، ڊرامون مقبول منهنجي ٽون جي ڪري ويو، ۽ خاص ڪري ٻه لفظ مقبول ٿيا، جيڪي سنڌي ۾ برا سمجهيا ويندا آهن، مثلا ذوالقرنين منهنجو پٽيوالو هو، ۽ آئون ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ کيس “لک لعنت” ۽ بار بار “لوسي” چوندو هوس، جنهن جو مطلب هو خراب نه سمجندا هئا، بلڪه ان تي لافٽر يا ٽهڪ ڏيندا هئا، ۽ ان کان پوءِ پي ٽي وي تي ڪاظم پاشا به جيڪي اڙدو ڊرامه ڪندو هو، ته مونکي هر ڊرامي ۾ سٺو ڪردار ڏيندو هو،
    جڏهن ته ذڪر شروع ڪيوسين قاسم جلالي جو جيڪو اڙدو لابي جو نالي وارو پروڊيوسر هو، جنهن سنڌين کي گهٽ چانس ڏنو، هڪ ڏينهن مشهور ڊرامي “ماروي” جيڪو اڙدو ۾ ڪنهن عالمي اداري جي چوڻ تي عورتن جي حقوقن لاءِ فاطمه ثريا بجيا لکيو هو، ان ۾ هڪ ظالم وڏيري جو ڪردار جيڪو هن جي ڪنهن به اڙدو فنڪار تي فٽ نه پئي آيو، اهو مونکان ڪرايو ويو، ۽ اهو ڊرامون دنيا جي ڪيترن ئي زبانن ۾ ڊب ٿي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ نشر ٿيندو رهيو، ان کان پوءِ قاسم جلالي هڪ ٻيو تاريخي ڊرامون “لبيڪ” جيڪو انڊيا واري بابري مسجد جي مسئلي تان شروع ٿئي ٿو، ۽ راجا ڏاهر جي دور تائين ان جو پس منظر پهچي ٿو، جنهن ۾ راجا ڏاهر جو ڪردار مون کان ڪرايو ويو، جڏهن ته محمد بن قاسم جو ڪردار مشهور فلمي هيرو بابر علي ڪيو، جيڪو سندس پهريون ڊرامون هو، هي منهنجي زندگي جو اهو ڪردار هو، جنهن جو هڪ يادگار منظر ۽ ماحول ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان، ته راجا ڏاهر جي دربار ۾ پي ٽي وي جا نامور فنڪار موجود هئا، ۽ قاسم جلالي جي مهمانن جو تعداد به 100 کن هو، پي ٽي وي جو اسٽوڊيو ڊي وڏو آهي ۽ هن پنهنجي مهمانن ۽ صحافين کي اهو منظر ڏيکارڻ لاءِ کين مدعو ڪيو هو، اتفاق سان چارئي وڏا ڪئميرامين ان ڏينهن ريڪارڊنگ لاءِ موجود هئا ۽ اهو جلالي صاحب جو ۽ منهنجو پهريون واقعو هو، جو ايڏي وڏي سين جيڪا اندازن ڏهن منٽن جي هئي، جنهن جي ريهرسل به مڪمل ٿيل نه هئي، جيئن ته سڀني کي اعتماد هو ته ڪٽنگ ۾ اها سين ڪري وٺبي ۽ مختلف زاوين کان اهي ڪئميرائون تبديل ڪبيون رهبيون، پر جيئن ته موومنٽ هن طرح هئي ته آئون تخت تي ويٺل آهيان، ۽ وزراء شڪست جون خبرون کڻي منهنجي سامهون اچي بيٺان آهن، ۽ آئون ڪاوڙ مان پنهنجي تخت تان اٿان ٿو، ۽ چار عدد ڏاڪا هيٺ لهي اچي هڪ هڪ جي سامهون ڳالهائي، انهن کي دڙڪا ڏيئي واپس ڏاڪا چڙهي وڃي تخت تي ويهان ٿو، جيئن ته راجستاني ٻولي ۽ هندي مليل اڙدو ٻولي جا ڏکيا مڪالما مون وڏي شوق سان ياد ڪري ڇڏيا هئا، ۽ جنهن وقت سين اسٽارٽ ٿيو ته پهرئين منظر لاءِ قاسم جلالي مونکي اسٽيج تي مڪالما پورا ڪري، وري ٻڌايو ته ڪٽ ڪنداسون ۽ ڪئميرائن جي فريمنگ تبديل ڪنداسون، پر خبر نه آهي مون ۾ ڪهڙو جنون هو جو اهو سمورو منظر آئون چئن ڪئميرائن کي پنهنجي پنهنجو فريم ڏيندو، مڪالما چوندو ڏهن منٽن جو سين ون گو ۾ مڪمل ڪري، واپس اچي تخت تي ويٺس ۽ اها سين بنا ڊائريڪشن جي، ڪئميرامينن جي تعاون سان منهنجي جرئت سان، الله سائينءَ بنا ري ٽيڪ جي مڪمل ڪرائي، جنهن تي بي تحاشا داد مليو، ۽ اخبارن ان ريڪارڊنگ جو تفصيلي تبصرو به لکيو ۽ منهنجي پذيرائي به ڪئي، جڏهن ته هڪ ٻئي منظر ۾ راڻي باغ ڪراچي ۾ هاٿيءَ تي سوار ٿي، اچان ٿو ۽ جنگ جو منظر آهي، جنهن ۾ تير مختلف طرفن کان مون تي هلايا پيا وڃن ۽ آئون تلوار سان انهن تيرن کي پري ڪندو پيو وڃان، اچانڪ هڪ تير اچي منهنجي ڳل کي لڳو ۽ ان جي چهنب اندر گهڙي ويئي، جنهن تي رت بي تحاشا ڳل تان وهڻ لڳو، ته مون ان وقت سين روڪڻ بدران ڪئميران مين کي شوٽنگ جاري رکڻ لاءِ چيو ۽ منظر ۾ منهنجي ڳل تان رت وهندو رهيو، ۽ اهو اصلي منظر به ان ڊرامي جو يادگار حصو هو، ان کان پوءِ جلالي صاحب کي مون تي اعتماد به آيو، ۽ کيس منهنجي ڪري جيڪي اخباري داد مليا، ان کان پوءِ هن مونکي پنهنجي قربت ۾ اهڙو قائم رکيو، جو هن تاريخي ڊرامي “بابر” جنهن جي سموري شوٽنگ مون اڏيري لال ۾ درگاهه جي ورانڊن ۾ ڪرائي ڏني، جتي لائيٽ ڪٽرن سان محل ڏيکاري، اهڙا منظر شوٽ ڪرايا جو ماڻهن سمجهيو ته اسان ڪنهن محل ۾ شوٽنگ ڪئي آهي، پر ڊراما “بابر” ۾ مون کي جيڪو ڪردار ڏنو ويو، اهو مون نه قبوليو، ڇو ته ان وقت آئون اقبال انصاري جي سيريل “زنگار” ۾ اهم رول ڪري رهيو هوس، جنهن ۾ لاهور جو توقير ناصر ۽ ڪراچي جو قربان جيلاني مون سان گڏ هئا، ۽ مرڪزي ڪردار ان ۾ به منهنجو ٽپيڪل لائيٽ ڪاميڊين جو هو، بحرحال ان کان پوءِ جڏهن تاريخي ڊرامون “ٽيپو سلطان” ٺاهيو پي ويو، ته ان ۾ ٽيپوءَ جي استاد “غازي خان” جي نالي سان مرڪزي اهم ڪردار مون کان ڪرايو ويو، جنهن پڻ مونکي پذيرائي ڏني، ان کان علاوه اداڪاره مشي خان جو پهريون ڊرامون “عروسه” جنهن ۾ مون جعلي پير جو ڪردار ڪيو هو، اهڙي طرح قاسم جلالي مون کان سندس ذاتي ڪم به وٺندو هو، ۽ سٺا ڪردار به ڏيندو هو، ۽ ٽي وي تان ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به مون کي چانس ڏيندو هو، اتفاق سان جڏهن مون پنهنجي اڙدو چينل “امنگ” جي تياري ۾ ڊرامن جي شوٽنگ ڪري رهيو هوس، جنهن ۾ هدايتڪار ڪاظم پاشا هو، مشهور ڊرامي “جي منسٽر جي” وانگر ساڳين اداڪارن تي مشتمل، هڪ سٺي رائيٽر کان ڊرامون “نو منسٽر نو” مون لکرايو، ۽ ڪاظم پاشا کان ڊائريڪٽ ڪرايو جيڪو ان وقت مون وٽ پي ايم جي پوسٽ تي ڪم ڪندو هو، ڊرامي “نو مسٽر نو” ۾ اتفاق سان هڪ بنگالي ڪردار نڪري آيو، انهن ڏينهن ۾ قاسم جلالي جيڪو آمريڪا ۾ پنهنجي پٽ وٽ رهندو آهي، سو گهمڻ آيو هو ۽ اسان کي خبر هئي ته هن پي ٽي وي جي هڪ ڊرامي ۾ بنگالي جو يادگار ڪردار ڪيو هو، ان ڪري اسان کيس بحيثيت اداڪار ڪاسٽ ڪيو، ۽ اهو بنگالي ڪردار ڪري، مون لفافو سندس کيسي ۾ وڌو، ۽ پاڻ دعائون ڏيندو هليو ويو.

    ان کان علاوه ساڻس هڪ فيملي ميمبر جي به حيثيت ۾ وقت گذريو، ڪئين انيڪ يادون هونديون، پر سلسلو هلي پيو ڊرامن جو، ڊرامي “لبيڪ” ۾ راجا ڏاهر جي ڪردار ۾ جيڪو مون پرٿوي راج وارو اسٽائل ۽ آواز ڪيو هو، جنهن جي ڪري اڙدو فلمن ۾ جان محمد جمن مونکي بطور ولين متعارف ڪرايو، ڇو ته مون ڊائلاگ ڊليوري انڊيا جي نامور اداڪار ۽ راج ڪپور جي والد پرٿوي راج جي مغل اعظم ۾ ڪيل ڪردار وانگر ڊليوري ڏني، جنهن کي انڊيا جي رسالي “شمع” ۾ هيئن ساراهيو ويو ته پاڪستان جي ان اداڪار اسان جي مهان اداڪار جي نقل اهڙي انداز ۾ ڪئي آهي جو اها هن جي پنهنجي اداڪاري ٿي لڳي، جڏهن ته هن ڊائيلاگ ڊليوري پرٿوي راج جي آواز وانگر ڪئي، پر هن ۾ پنهنجو مختلف رنگ ڏيئي پنهنجي ڇاپ لڳائي آهي، ڊرامي “لبيڪ” کي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڊب ڪري ڏيکاريو ويو، پاڪستان ۾ جيئن ته ان ۾ فلمي اداڪار بابر عليءَ جو پهريون ڊرامون هو، جنهن ۾ هن محمد بن قاسم جو ڪردار سٺي نموني ڪيو هو، ۽ اهو ڊرامون هر سال رمضان ۾ جڏهن به محمد بن قاسم جو ڏهاڙو ملهائبو هو ته اهو ڊرامو پي ٽي وي نشر ڪيو ويندو هو، منهنجي ان ڊائلاگ ڊليوري جي ڪري مشهور هدايتڪار جان محمد جمن مونکي پنهنجي اڙدو فلم “سب ڪي باپ” ۾ ولين جو چانس ڏنو هو، جنهن جو فلمساز ميان خالد فيروز اڳتي هلي منهنجو پڳ مٽ يار به ٿيو، بقيه سندس ذڪر اڳتي فلمن جي ذڪر ۾ ڪنداسون، هت ٽي وي ذڪر ۾ ٻڌائڻو اهو هو ته مون ٽي وي ڊرامن ۾ جيڪو مقام حاصل ڪيو، ان جي پٺيان مرحوم عبدالڪريم بلوچ جي به وڏي سپورٽ هئي، جنهن مونکي پهريون دفعو بحيثيت اڙدو رائيٽر جي چانس ڏنو، ۽ منهنجي ان ڊرامي جو نالو “سچ گيا بچ” هو، جيڪو ڪراچي ٽي وي جو پهريون سوشل ۽ فڪشن ڊرامون هو، جنهن ۾ مون ان وقت جڏهن آصف زرداري وفاقي وزير هو، ۽ ان ۾ مون سموري سياست جي اپٽار ڪئي هئي، ان وقت اسان جو دوست پروڊيوسر ۽ خانداني ماڻهو سميع بلوچ اسلام آباد کان بدلي ٿي ڪراچي آيو هو، بلوچ صاحب جي ايم هو ۽ منهنجو اسڪرپٽ “ سچ گيا بچ” پاس ڪري چڪو هو، اهو اڙدو ۾ پروڊيوس ڪرڻ لاءِ سميع بلوچ کي ڏنو ويو، جنهن ۾ مون ياسر نواز کي مرڪزي ڪردار جو چانس ڏياريو، ۽ سندس والد فريد نواز کي به ڪردار ڏياريو، ساڳئي وقت مشهور اداڪار تنوير جمال جنهن تي پي ٽي وي تي ڪم ڪرڻ تي بندش هئي، اها بندش لهرائي کيس ڊرامي ۾ ٻيو نمبر مرڪزي ڪردار ڏياريو، پر ڊرامي ۾ منهنجو ۽ بهروز سبزواري جو مرڪزي ڪردار هو، ۽ آئون چالاڪ ۽ بهروز بهولو هوندو آهي، پر سندس گرو (مرحوم مشتاق جسڪاڻي) مرڻ وقت سندس ڪيمياگريءَ مان سون نه ٺاهي سگهيو، بلڪه بهولي جو آڳوٺو ان سون واري ڪرمنڊل تي رکيل گرم سفوف ۾ وجهي ساڙي ڇڏيو، جيڪو سڄو آڳوٺو ڪارو ٿي ويو، جنهن تي گروءَ کيس چيو ته سون نه ٺهيو، پر سڄي دنيا جو سچ تنهنجي آڳوٺي ۾ اچي ويو، هاڻ تونکان دنيا جي ڪابه ڳالهه لڪي نه سگهندي، ان کان پوءِ گرو مري وڃي ٿو، ۽ بهولو شهر ۾ نوڪري ڪرڻ اچي ٿو، ات آئون ٺڳ آهيان، ريلوي اسٽيشن تي مسافرن سان ٺڳيون ڪندو آهيان، هن کي به نوڪري ڏيارڻ جي آسري تي، ماني ٽڪي کارائي سڀ مال ڪڍي ٿو وڃڻ چاهيان، ته ان وقت هو بي خياليءَ ۾ مونکي اهو آڳوٺو لڳائي ٿو، ۽ آئون سڪتي ۾ اچي وڃان ٿو، ۽ آواز ۾ پنهنجي سڀني ڏوهن جي حقيقت کيس ٻڌايان ٿو ته تنهنجا چورايل پئسا ۽ سون منهنجي کيسي ۾ آهي، آئون وڏو بشني آهيان، پوءِ هو منهنجي تلاشي وٺي سامان کڻي وڃي ٿو، ۽ آئون پاڻ مرادو وڦلندو رهان ٿو، پر جڏهن بيرو پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي مونکي هوش ۾ آڻي ٿو، ته ان وقت مونکي ڪا خبر ڪانه پئي، ته هو ڪير هو...؟؟؟ ۽ مون ڇا پئي چيو...؟؟؟ ۽ هو ڪيڏانهن ويو...؟؟؟، بحرحال آئون هن کي هٿ ڪريان ٿو ۽ کائنس معافي وٺي کيس پنهنجو ڀاءُ بنائي نوڪري ڏيارڻ جو آسرو ڏيئي، پوءِ هن جو آڳوٺو ٻڌي جنهن وقت به جنهن وڏي ماڻهو کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهيندو آهيان، ته بهولي کي ان ماڻهوءَ سان هٿ ملائڻ لاءِ چوندو آهيان، ۽ اها گفتگو کيسي ۾ پيل ننڍي ٽيپ ريڪارڊ تي، ريڪارڊ ڪري، پوءِ هر قسط ۾ ڪنهن نه ڪنهن وڏي ماڻهو کي بليڪ ميل ڪري مالدار ٿيندو رهان ٿو، جڏهن ته بهولو معصوم هئڻ جي ڪري، منهنجي ان سڄي گيم کي سمجهڻ بدران، مونکي پنهنجو محسن ۽ ڀاءُ سمجهندو رهي ٿو، پر جڏهن ڊرامي جي نائين قسط نشر ٿي ته ان ۾ فريد نواز جيڪو منسٽر هو، ۽ عوام جي همدرديءَ حاصل ڪرڻ خاطر وڏا اعلان ڪري رهيو هو، ان وقت بهولو کيس ڀاڪر پائي، آڳوٺو لڳائي ٿو ته منسٽر سڪتي ۾ اچي، اهي ڳالهيون ڪري ٿو، جيڪي ان جي دل ۾ عوام جي خلاف هونديون آهن، ۽ اهو ٻڌي پريس وارا حيران ٿي وڃن ٿا، ۽ سرڪار اهو ڊرامو نائين قسط تي ئي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اتفاق سان وزير واري تقرير ان هفتي ئي جناب آصف زرداري جي ڪيل تقرير سان مشابهت رکي رهي هئي، جنهن جي ڪري هيڊ ڪوارٽر اعتراز واري ڊرامو نائين قسط تي بند ڪري ڇڏيو.
    ان کان علاوه پي ٽي وي تي ٻين پروڊيوسرن اقبال لطيف، منظور مگسي، ذوالفقار نقوي، فيض ٻگهيو، اقبال سعيد انصاري، بادل جمالي، بيدل مسرور سان ڪم ڪرڻ ۽ ڪجهه عرصي لاءِ دوستي به نصيب ٿي، باقي يادگار ڊراما جن تان مونکي ايوارڊ مليا، هڪڙو آغا رفيق جو لکيل “ڄاتل اڻڄاتل”، جنهن جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو، ٻيو امر جليل جو لکيل “دل جي دنيا” جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو، پر مونکي ياد آيو ته ڊرامي “لبيڪ” ۾ راجا ڏاهر واري ڪردار لاءِ پي ٽي وي ايوارڊ ۾ نامزد ڪيو ويو هو، پر بلوچ صاحب مخالفت ڪري چيو ته تاريخي ڊرامن کي پي ٽي وي ايوارڊ ۾ شامل نه ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ تاريخي ڊرامن کي ايوارڊن ۾ شامل نه ڪيو ويو.
    اهڙي طرح جلالي صاحب يادگار ڊراما ڏيئي، يادگار ڪردار ڪرايا، اقبال انصاريءَ پڻ يادگار ڪردار ڪرارايا، سنڌي پروڊيوسر محمد بخش سميجي به ڪئين ڊراما ڪرايا، جن جا نالا پوري طرح ياد نه ايندا، پر جن مان شهرت ملي ۽ اخبارن لکيو، دعوتون ٿيون، انهن ۾ “انتها”، “ڪونج”، “شڪست کان پوءِ”، “جيت” ۽ “سمجهوتا”، اڙدو ۽ سنڌي ڊرامون “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه”، “ڇانورو” جنهن ۾ سڪينه سمون سان گڏ هيرو هوس، وغيره وغيره.
    پي ٽي وي تي 1974 کان وٺي هيل تائين جيترا ڊراما ڪيا انهن جا به ڪئين يادگار قصا هوندا، پر بيدل مسرور، فيض ٻگهيو ۽ اقبال سعيد انصاري منهنجي مزاحيا خاڪن جو پروگرام “رس چس” ارڙنهن مهينا ڪيو ۽ “کل ڀوڳ” تيرنهن قسطون پروڊيوس ڪيون ۽ اقبال لطيف منهنجي اڙدو مزاحيه خاڪن جي پروگرام “سن تو سهي” پروڊيوس ڪيو، اقبال سعيد انصاريءَ جي اڙدو ڊرامي “لهرين” ۾ مون مين ڪردار ڪيو جنهن کان پوءِ مونکي فلمون وري آڇ ٿيڻ لڳيون پر لاهور وڃڻ ۽ خالص اداڪاري لاءِ وقت ڏيڻ منهنجي وس ۾ ۽ شوق ۾ نه هو، آئون هميشه پاڻ کي سٺو فلم ساز بنائڻ جو ئي سوچيندو هوس، سو جڏهن فلم “سب ڪي باپ“ ۾ مون ولين جو رول ڪيو، ۽ فلم ساز ميان خالد فيروز جيڪو ڪراچي ۾ آيو ۽ جان محمد جمن جي گهر مون سان ملاقات ٿيس، پر جڏهن فلم “محب شيدي” جو نگار ايوارڊ وٺڻ آئون لاهور ويس ته مون سان گڏ مرحوم زاهد معصومي به ٽرين ۾ هليو، اتي نگار ايوارڊ جي تقريب ۾ ميان خالد فيروز مونکي مليو، ۽ ڀر ۾ ويهاريائين پوءِ مون محسوس ڪيو ته هو لاهور فلم انڊسٽري جو ڪنگ هو، ۽ سڀ کيس ئي گهڻي عزت ڏيئي رهيا هئا، پر جنهن وقت چيئرمين سسنر بورڊ سجاد حيدر شاهه گيلاني اسٽيج تي آيو، ۽ مونکي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو ته هن منهنجي فلم جي تعريف ڪئي، ۽ عوام کي ٻڌايو ته شاهه صاحب جي ٺاهيل فلم “محب شيدي” هڪ ڌاڙيل جي زندگي تي مبني آهي، پر معاشري جي هر سوال جو جواب هن فلم ۾ آهي، ان ڪري اهڙيون فلمون ٺاهڻ گهرجن، اهو ٻڌي ميان خالد فيروز ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ مونکي دعوت ڏيئي رائل پارڪ ۾ پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، جتي ان وقت سڀ نگار ايوارڊ يافته فنڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر آيل هئا، جن سان تعارف ڪرائڻ لاءِ جڏهن هڪ وڏي فلمساز مونکي ايس گل صاحب جي ڀائيٽي جي حيثيت ۾ ملاقات ڪئي، ته مونکي تمام گهڻي عزت ملي، ۽ هر ڪنهن مونکي اداڪار ۽ گل صاحب جي ڀائيٽي جي حيثيت ۾ پنهنجائپ محسوس ڪرائي ۽ ايس گل صاحب جي ڪري ميان خالد فيروز به متاثر ٿيو، ۽ ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي ۽ ميان خالد فيروز جي دوستي اڳتي هلي، فلمسازي ۾ ڪيئن گڏياسون ۽ فلمسازن جي تنظيم جو آئون سندس تعاون سان چيئرمين به چونڊيس، اهو ذڪر پاڻ اڳتي هلي فلمي ماحول ۾ ڪنداسون.
    ذڪر هلي پيو ٽي وي ڊرامن جو سو مون اوائل ۾ ئي چيو هو ته ڪيتريون ڳالهيون ياد اينديون، ۽ ڪيتريون نه به اينديون، ان ڪري وقت جيڪا به سڃاڻپ ڏني، معاشري جيڪا عزت ڏني اها پي ٽي وي رائيٽر ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ ملي، ڇو ته مون ۾ سڀئي صلاحيتون ٿوريون ٿوريون موجود هيون، پر مهارت ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ نه هئي، ان ڪري شاعري، قلمڪاري ۽ اداڪاري جو شوق به يڪ وقت پورو ٿيندو رهندو هو، ابتدائي مراحل ۾ “چهچٽو” جي ڏنل شهرت جي بلندي تي هوس، ته ان وقت ۾ سنڌيءَ ۾ هڪ پروگرام “مهراڻ جا موتي” ٿيندو هو جنهن جي ميزبان ادي مهتاب اڪبر راشدي هوندي هئي، هڪ انٽرويو منهنجو نشر ٿيو، جنهن ۾ منهنجا لکيل خاڪا به نشر ٿيا، جن ۾ ان وقت صلاح الدين تنيو ۽ ٻين ادڪاري ڪئي، انٽرويو دوران جيڪا صلاح ادي مهتاب ڏني اُها اِها هئي ته ادا توهان ۾ سڀئي صلاحتيون موجود آهن، پر سڀ کان پهرئين پنهنجي ڪنهن به هڪ صلاحيت کي، پنهنجي سڃاڻپ بنايو، ته پوءِ توهان جون ٻيون تخليقون از خود مقام ماڻينديون، ۽ ان ڏينهن کان پوءِ مون عهد ڪيو ته پي ٽي وي تي پهرئين پاڻ کي بطور اداڪار مڃرائيندس، ۽ ان کان پوءِ بطور رائيٽر، اهڙي طرح دنيا ڏٺو ته آئون پي ٽي وي ايوارڊ به ماڻي چڪس، ۽ اي گريڊ پي ٽي وي جو رائيٽر به ٿي ويس، ۽ تمام گهڻو ڪجهه علم، عقل ۽ دوستي ان شعبي مان نصيب ٿي، جيئن ته هاڻ پي ٽي وي جا ڊراما بند ٿي چڪا آهن، ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ جڏهن ڪو عزت ڀريو ڪردار ملندو آهي، ته ڪندو آهيان يا پنهنجي لاءِ پاڻ سوچيندو آهيان، بحر حال مون سوين ڪردار ڪيا ۽ لکيا، ۽ جنهن ۾ تازو منهنجي پنهنجي ڪاوش “باغ جنت” آهي، جنهن ۾ مون هڪ نگيٽو وڏيري جو مختصر ڪردار ڪيو، ۽ اها فلم سنڌ جي بند اسڪولن کي کولرائڻ، استادن، شاگردن جي حاضري يقيني بنائڻ منهنجو عزم آهي، ۽ رهندو، يعني پيدائشي طور آئون نسلن سماج سيوڪ به آهيان، اهو ثقافتي طرح آبائي مصروفيت به آهي، پر پسماندگيءَ جي ڪري منهنجي پسند جو ڪلاس غريب ڪلاس رهيو آهي، ان ڪري پنهنجي هر ڪامياب صلاحيت کي آئون سماج سيوڪ ۾ به استعمال ڪندو رهندو آهيان.


    فلم سازي

    جيئن ته مون شروع ۾ عرض ڪيو ته آئون پنهنجي چاچي ايس گل صاحب کان متاثر ٿي، ٻالڪ پڻ کان ئي پاڻ کي فلم ميڪر يعني فلم ساز محسوس ڪندو هوس، ۽ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ مون فلم “بشني باشا” جو مڪمل اسڪرپٽ لکيو، ۽ گانا ۽ ڌنون به ٺاهيون، ۽ عابده پروين کي به ٻڌايا، پر اها فلم نه ٺهي سگهي، ۽ اهو منهنجو خواب ئي رهيو، ٻي فلم “سڌري وڃ” جي نالي سان لکي، جيڪا چرين جي ڊاڪٽر جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر چرين جي اسپتال مان چرين کي ڪڍي کليل فضا م وڃي، انهن جو علاج ڪري انهن کي انسان بنائي ٿو، پر پنهنجي محبوبا کي به مريض جي چريائپ جي ڪري ان جي محبوب سمجهي، ان کي به قربان ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ڀٽ شاهه جي ميلي تي ڪانفرنس هال ۾ اسٽيج تي چرين جي هٿن ۾ گذاري وڃي ٿو، اها فلم به نصيب ۾ نه هئي، ۽ پوءِ اڪثر عادتن فلمن جون ون لائينون يا خلاصو لکي ڇڏيندو هوس، پر عملي طرح پهرئين فلم “چهچٽو” جيڪا صرف ٻه هزار فٽ ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ اداڪار لطيف منو، مرحوم شفيع پنڃارو، فيض علي شاهه، مشهور ملهه پهلوان شمن شاهه ۽ الهجڙيو سمون تي شوٽ ڪري سگهيس.

    عملي طرح پهرئين فلم “علي گوهر” جنهن جو تفصيلي ذڪر مٿي ڏيئي آيو آهيان، ۽ ٻيو نمبر فلم “محب شيدي” ۽ انهن ٻنهي جي وڊيو ڪاپي نڪري وڃڻ جي صورت ۾، مالي نقصان کي ڪور ڪرڻ لاءِ شاهه اسد جي چوڻ تي، مرحوم عبدالحڪيم کوسو جي دٻن ۾ بند پيل، بليڪ اينڊ وائيٽ پنجابي فلم “وفا ياران دي” جيڪا شاهه اسد سنڌيءَ ۾ جيئن تيئن ڪري ڊب ڪئي، ۽ فلم جو نالو “مسٽر شڪارپوري” رکي، عيد تي عمر شريف جي اڙدو فلم “مسٽر چارلي” ۽ سلطان راهي جي فلم “يادگار” جيڪا ستيش آنند ريليز ڪئي، ۽ مون لاڙڪاڻي ۾ حاجي ڳهڻو جتوئي جنهن جي ايمپائر سئنيما هئي، ان ۾ لڳائڻ جو ايگريمنٽ ساڻس ڪيو، پر جيئن ته فلم ڪافي پراڻي، بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ پوسٽر ۽ فوٽو سيٽ تي هٿ جا رنگ ڏنل، ۽ فلم ۾ به شاهه اسد جي چوڻ تي ليبارٽري مان هڪ ڪلر ڏياري، جنهن کي “رشين ڪلر” چوندا هئا، فلم ريليز ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ ختم ٿي ويا هئا، عيد رات گاڏي وڪڻي، پرنٽون ڪڍرائي، هڪڙي پرنٽ شاهه اسد لاڙڪاڻي کڻي ويو، حالانڪه سئنيما جي مالڪ اسان جي فلم جا پوسٽر ۽ فوٽو سيٽ ٻه ڏينهن اڳي اڇلايا هئا، جيڪا خبر اسان جي فنڪار قلندر بخش ڪلو جيڪو ان سئنيما ۾ منيجر هو، تنهن اطلاع ڏنو، ۽ ان وقت لاڙڪاڻي جو ڪمشنر حاجي هارون ميمڻ مٽيارين وارو هو، جنهن کي مون رات جو ٻي بجي ننڊ مان اٿاري حقيقت ٻڌائي ته حاجي ڳهڻو مون سان ايگريمنٽ ڪري، عيد کان ٻه ڏينهن اڳ، منهنجي فلم لڳائڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان وقت ئي ڊي ايس پي ۽ اي سي کيس هٿ ڪري آيا، ۽ مون سان مٽياري ۾ فون تي ڳالهايو، جنهن کان پوءِ هو فلم لڳائڻ تي مجبور ٿيو، فلم عيد جي ڏينهن ٽنڊومحمد خان، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ بري طرح ناڪام ويئي، جڏهن ته سنڌي فلم انڊسٽري ۾ منهنجي ڪامياب فلمن “علي گوهر” ۽ “محب شيدي” جي ڪري جيڪا عزت هئي، ان کي به نقصان پهتو، مون گهڻو ئي شاهه اسد کي جهليو، پر هن ضد ڪري هڪڙي فلم “محب شيدي” جا ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ، ٻي فلم “مسٽر شڪارپوري” منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي، ۽ نتيجي ۾ رقم به ويئي ته عزت به ويئي، اهڙي طرح جڏهن آئون سنڌي فلمن جي لاءِ جاکوڙيندو هوس، ۽ ڪراچي ۾ قائم فلمسازن جي تنظيم جي آفيس بمبينو سئنيما ۾ مظفر حسين جيڪو ٽپيءَ جو پيءُ ۽ حاڪم علي زرداري جو منيجر هو، ان جي تعاون سان سنڌي فلمن کي ٻيهر قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هوس، ۽ لک پڙهه به ڪندو هوس، مرحوم ايس گل، حسين علي شاهه فاضلاڻي، عبدالحڪيم کوسو ۽ شهباز دراني کي کڻي، هڪ تنظيم “سنڌي فلم ڊيولپمينٽ آرگنائزيشين” قائم ڪري ڇڏي، جڏهن اسلام آباد لک پڙهه ڪيم ته لاهور انڊسٽري وارن وٽ منهنجي عزت ٿيڻ لڳي، جڏهن تاشقند ۾ ميان خالد فيروز سان دوستي ٿيڻ کان پوءِ سندس فلم “عقابون ڪا نشيمن” ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويس، ۽ نامور اداڪار يوسف خان ۽ ميان خالد فيروز سان وڌيڪ قربت ٿي ته ٻنهي مونکي ان سال، جيئن ته فلم سازن جي تنظيم جي چيئرمين جي چونڊ جو وارو ڪراچي وارن جو هو، تن مونکي فلم سازن جي تنظيم جو چيئرمين چونڊرايو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسون. بحرحال انهن جي صحبت ۾ اچي مون هڪ فلم “مهلت” جنهن جو هدايتڪار اقبال ڪشميري ۽ اداڪارن ۾ نديم، جاويد شيخ، ارباز خان، حيدر سلطان، معمر رانا، شفقت ڇيما، ريشم، پير معظم ۽ آئون هئاسين، فلم ميان خالد جي صلاح سان هندستاني “سوداگر” فلم جي هوبهو نقل ڪري ٺاهي ويئي، جيڪا فلاپ ويئي.
    ان کان پوءِ فلمسازي جي نالي کي زنده رکڻ لاءِ ۽ چيئرمني جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ ٻي فلم “گرهستي” پشتو فلم به منهنجي نالي سان هلي، اهڙي طرح فلم سازي جي ڪهاڻي مختصر آهي پر فلمسازن جي تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت ۾ جيڪو وقت گذريو، ان ۾ پاڪستان فلم انڊسٽري جون ڪئين يادون وابسته آهن جيڪي اڳتي هلي ڪنداسون.


    چيئرمين پاڪستان فلم پروڊيوسرس ايسوسي ايشن

    (1997-98, 2000,2001, 2002, 2003)

    آئون پهريون سنڌي فلم ساز آهيان، جنهن پاڪستان فلم پروڊيوسرس ايسوسي ايشن جي چيئرمين جي حيثيت ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ مقابلو ڪري نواز شريف جي صلاحڪار ملڪ احد جي گروپ کي شڪست ڏيئي فلم سازن جي تنظيم جي چيئرمني وڏي اڪثريت سان ماڻي.
    جيئن ته فلم ساز جي رجسٽريشن کان پوءِ بطور فلم ساز فلم “علي گوهر”، “محب شيدي”، “مسٽر شڪارپوري”، “مهلت” ۽ پشتو فلم “گرهستي” جي فلم سازي نصيب ٿي، جڏهن ته هڪ اعلان ڪيل سنڌي فلم “نصير فقير” نه ٺاهي سگهيس ۽ فلم “چهچٽو” صرف 2000 فٽ شوٽ ڪري بند ڪري ڇڏيم، ان کان پوءِ ٻيو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي مختصر تاريخ هن ريت آهي، اسان سنڌي فلم ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٺاهي، ۽ ڪراچي ۾ بمبينو سئنيما جي مٿان مظفر حسين (منيجر آصف زرداري ۽ والد ٽپي) جي آفيس ۾ فلمسازن جي تنظيم جي ڪراچي جي حصي جي ميٽنگون ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ماهوار گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ مون سنڌي فلم انڊسٽري کي بچائن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، لکپڙهه ڪئي، ان مان متاثر ٿي، ڪراچي جي سڀني سنڌي اڙدو فلمسازن مونکي اڳيان ٿي قيادت ڪرڻ لاءِ چيو، جيئن ته ڪراچي ۾ 3 عدد اسٽوڊيو هڪ ماڊرن، ٻيو ايسٽرن ۽ ٽيو انٽرنيشنل اسٽوڊيو فلمون ٺاهيندا هئا، ۽ ڪراچي ۾ ناليوارا فلمساز ۽ تقسيم ڪار موجود هئا، سنڌ ۾ ٺهندڙ فلمن جو سنسر بورڊ به ڪراچي ۾ ئي هوندو هو، جيڪڏهن ڪنهن فلم تي “فل بورڊ” اعتراض ڪندو هو، ته اها فلم چيئرمين سنسر بورڊ اسلام آباد جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جيڪي اسلام آباد ۾ ٻيهر فلم هلائي، ڏسي، پاس ڪري، پوءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ فلم ريليز ٿيندي هئي، ناليوارا فلمساز ۽ اداڪار ٿوري شهرت ۽ معياري ڪم خاطر ڪراچي کي ڇڏيندا، لاهور جي انڊسٽري کي وڃي وسائيندا هئا، جن ۾ محمد علي، نديم، وحيد مراد، جاويد شيخ، غلام محي الدين، زيبا، ديبا، شميم آرا، بابره شريف، چڪوري، مشتاق چنگيزي، مصطفيٰ قريشي، ملڪ انوکو، شفيع محمد شاهه، نرالا، لهري ۽ ٻيا به شامل هئا.
    اسان سنڌي فلم سازن ۾ اهو پهريون شخص آئون ۽ منهنجو چاچو ايس گل هئاسين، چاچا ايس گل صاحب جي اڙدو فلم “التجا” ۽ “درنده” لاهور ۾ ٺاهي، ۽ ڪيترن فلمن ۾ معاون فلم ساز، اداڪار ۽ موسيقار گل حيدر جي نالي سان رهيو، ٻين سنڌي اداڪارن ۾ مصطفيٰ قريشي، سڪندر (نواب شاهه وارو) ساقي صاحب (عبداللطيف)، مشتاق چنگيزي جنهن چڪوريءَ سان شادي ڪري، ان وقت ڪراچي فلم انڊسٽري کي ويران ڪيو، جنهن وقت هو ۽ سنڌي فلم انڊسٽري بام عروج تي هئا، ۽ مشتاق چنگيزي کي سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار ۽ چڪوري کي نرگس سمجهيو ويندو هو، جڏهن ٻنهي جو عروج هيو، ۽ ڪجهه سنڌي فلمون سپرهٽ ٿيون، ۽ هنن پنهنجو ريٽ به وڌايو، پوءِ هنن ڪراچي انڊسٽري کي ٺڪرائي، لاهور هليا ويا، جتي مشهور هدايتڪار ۽ اداڪار ڪيفي مشتاق چنگيزيءَ کان چڪوري ڦري ويو ۽ وڃي پاڻ شادي ڪئي، جڏهن ته مشتاق چنگيزي هڪ ٻن اڙدو فلمن ۾ مختصر رول ڪيا، ۽ سڀ ڪجهه لٽائي، سنڌ ۾ موٽي اچي فلم “چماٽ” شروع ڪيائين، جيڪا نه ٺهي سگهي، ۽ سنڌي فلم ساز ابڙو صاحب کان سنڌي فلم “پڪار” ٺهرائي، جيڪا ٿر جي ماحول تي ٺهي، پر فلم ڊيد فلاپ ٿي، ۽ چنگيزي هن فلم ساز جا پئسا ٻوڙي ويهي رهيو.
    ساقي صاحب ۽ مصطفيٰ قريشي، سڪندر، ايس گل صاحب پنهنجو خوبصورت دور لاهور کي ڏيئي، خوبصورت اداڪاريءَ سان پنهنجي تاريخ رقم ڪئي، جڏهن ايس گل صاحب رٽائرڊ ٿي، ڪراچي ۾ اچي سنڌي فلم “حاضر سائين” ۽ “سهڻا سائين” ٺاهيائين، تڏهن مون ساڻس ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ منهنجو لائيسنس رنيو ٿيڻ ۾ دير ٿي، ته “علي گوهر” ۾ ۽ فلم “محب شيدي” ۾ بطور فلمساز سندس لائيسنس استعمال ڪيم، ۽ پاڻ کي معاون رکيم، اها خبر هيم ته ايس گل صاحب هڪ دفعو لاهور ۾ فلم سازن جي تنظيم جي چيئرمني لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو هو، پر پنجابي فلمسازن جي منٿ ميڙ ڪرڻ تي پاڻ هٿ کڻي ويو، پر جڏهن آئون فلم ساز ميان خالد فيروز جي فلم “عقابون ڪا نشيمن” جنهن جو هدايت ڪار سيد نور هو، ۽ ٻين اداڪارن ۾ جاويد شيخ، يوسف خان، ريما، رابعه دراني، جان ريمبو، بابر علي، اسماعيل تارا شامل هئا، ان ۾ مونکي ميان خالد جيڪو نگار ايوارڊ کان وٺي، منهنجو ويجهو دوست ٿي چڪو هو، تنهن پنهنجي پر ۾ مونکي بطور “مين ولين” کنيو هو، پر سيد نور سندس هڪ دوست کي، جيڪو لنڊن مان سندس لاءِ ڪافي تحفا کڻي آيو هو، هن مون وارو ڪردار ان کي ڏيڻ جي سازش سٽي هئي، ۽ مونکي سائيڊ ۾ رکڻ ٿي چاهيو، جڏهن اسان اداڪار يوسف خان سميت تاشقند ايئرپورٽ تي پهتاسون، جيئن ته يوسف خان سان منهنجي پهرئين ملاقات، ان ڏينهن فجر مهل لاهور ۾ اسلام ڪوٽ ۾ سندس گهران کڻڻ مهل ٿي، هو مونکي ٽي وي اداڪار طور سڃاڻي چڪو هو، پر جڏهن ايس گل صاحب جي ڀائيٽي جي حيثيت ۾ تعارف ٿيو، ته پوءِ سندس ڪچهري صبح جو ڇهين بجي لاهور کان شروع ٿي، ۽ رات جو يارهين بجي تائين هوٽل تاشقند جي ان ڪمري تائين رهي، جنهن ۾ ڀٽو صاحب ۽ لال بهادر شاستري هندستاني وزيراعظم رهيا هئا، ۽ جنهن کان پوءِ ايوب خان کان ڪاوڙجي ڀٽو صاحب عوامي ليڊر ٿي، سندس سامهون آيو، ان ڪمري ۾ اتفاق سان يوسف خان کي ترسايو ويو، سندس نوڪر نثار ساڻس گڏ هو، ۽ اسان رات جو يارهين بجي تائين بنا بريڪ گفتگو جاري رکي، ۽ رات جو يارهين بجي يوسف خان مونکان باٿ روم ۾ وڃڻ جي اجازت گهري، جيئن ته ان وچ ۾ مذهبي، سياسي ۽ شوبز بابت ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪندا رهياسون، ۽ مونکي سندس ڄاڻ ۽ حيثيت جي خبر پئجي ويئي، ۽ هن کي منهنجي. رات جو مونکي خبر پئي ته ٽيم ۾ آندل 114 ڄڻا جن ۾ سيد نور، ميان خالد سندس ساٿي فلمساز شامل هئا، جيڪي اسان جي صحبت تي ايڏي ڪچهري تي حيران هئا، جيئن ته يوسف خان کان سڀ خوفزده رهندا هئا، پر منهنجي صحبت ڏسي هو طي ڪري ويا ته شاهه صاحب لالا جي کي ڪنٽرول ڪري ويو آهي.
    اڄ جو نامور فلم ساز، ٽي وي ڊراما ميڪر ۽ فلمسازن جي تنظيم جو اڳواڻ چوڌري ڪامران اعجاز، جيڪو لاهور جي مشهور پهلوان “اڇو پهلوان” جنهن جي نالي تي فلم “اڇا شڪر والا” به چوڌري ڪامران اعجاز ٺاهي هئي، ۽ پاڻ اڄ به لاهور ۾ انڊسٽري جي ڪنگ جي حيثيت رکي ٿو، ميان خالد، يوسف خان ۽ ٻيا نامور کائنس هر قسم جي مدد وٺندا رهندا هئا، ڪامران اعجاز مونکي بي انتها عزت ڏني، ۽ اڄ تائين ڏيندو رهي ٿو، انهن نشستن ۾ ميان خالد مونکي چيو ته هن دفعي ڪراچي مان فلمسازن جو چيئرمين چونڊجڻ جو وارو آهي، ان ڪري جيڪڏهن تون يوسف خان کي جيڪو تنهنجو مريد ٿي چڪو آهي، تنهن کي آماده ڪري وئين، ته پوءِ هن سال فلمسازن جي تنظيم جو تون چيئرمين چونڊجي ويندي، مون جنهن مهل پاڻ مرادو يوسف خان سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هن فورا چيو ته “مرشد آپ چيئرمين هوگئي، لاهور ڪي ساري ووٽ آپ ڪو ملين گين اور ڪراچي سي آپ ڪوشش ڪيجئي” اهڙي طرح جڏهن لاهور واپس آيس، ۽ اهو 1997 اهو پهريون سال هو، جو فلمسازن جي تنظيم ۾ باقاعدي قانوني اليڪشن ٿي رهي هئي، ان کان اڳ هر سال لاهور وارا گڏجي، پنهنجي پئسن تي ماڻهن کي فلمسازن جو چيئرمين بنائيندا هئا، پر اڪثر ميان خالد فيروز، ملڪ احد، جمشيد ميان، ميان ارشد ۽ سندس ٽولي مان ڪو فلمسازن جي تنظيم جو چيئرمين ۽ ڊسٽري بيوٽر (تقسيم ڪار) چونڊيندا هئا.
    پهريون دفعو گذريل چيئرمين شوڪت زمان جنهن مونکي چيئرمني لاءِ نامزد به ڪرايو، پر اوچتو ملڪ احد جي سازش تحت، ڪراچي جي نامور صنعت ڪار ۽ فلمساز غفار دانا والا کي منهنجي مقابلي ۾ بيهاريو ۽ مقابلو عروج تي پهچي ويو، مون ڪراچي ۾ هوٽل “انٽرڪانٽينينٽل” ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ڪراچي جي فلمسازن جون دعوتون شروع ڪيون، لاهور جي ايورنيو اسٽوڊيو ۾ ۽ وڏين هوٽلن ۾ روز اسان جا جلسا ۽ تقريبون ٿيڻ لڳيون، پريس ۾ روز بيان، حمايتون ۽ اشتهار اچڻ لڳا.
    هڪ ڏينهن وائيس چيئرمين جي اميدوار لاهور جي مشهور فلمساز ۽ راڊو ڪمپني جي مالڪ سهيل راڊو جي گهر منهنجي تعارفي تقريب ٿي، جنهن ۾ ٻه ٽي سو انڊسٽري جا ماڻهو موجود هئا، اڳيان مصطفيٰ قريشي، نديم ۽ ٻيا سڀ ناليوارا فنڪار موجود هئا، جڏهن ته اسٽيج تي “خبرين” جو مالڪ مشهور صحافي ضياءُ شاهد، يوسف خان، ميان فيروز مون سان گڏ موجود هئا، جڏهن منهنجي تقرير جو وارو آيو ته مون ابتدائي جيڪي لفظ چيا، اهي هن ريت هئا. “قلندر ڪي نگري سي آيا هون، داتا ڪي دربار ۾، داتا ڪي لاج رکنا، قلندر تمهاري لاج رکي گا”. ان کان پوءِ مون کي بي انتها داد مليو، مون جرئت سان سچ چيو ته سنڌ منهنجي سڃاڻپ آهي، ۽ لاهور جي فلمن کي ڪراچي ۽ سنڌ مان وڏي پذيرائي ملندي آهي، ۽ ماڻهون ڳوٺن مان بسن جي ڇتين تي چڙهي، سلطان راهي ۽ لالا سڌهير جون فلمون ڏسڻ ايندا آهن، اسان هر پنجابي ۽ اڙدو فلم جو شاندار استقبال ڪندا آهيون، پر توهان اڄ ڏينهن تائين اسان جي سنڌي فلمن کي پنجاب ۾ ريليز ٿيڻ جو موقعو به نه ڏنو آهي، منهنجي جذباتي تقرير کان پوءِ ضياءُ شاهد اٿي اعتراف ڪيو ته اها اسانجي ڪوتاهي آهي، ۽ اعلان ڪيو ته اسان يار محمد شاهه جي تعاون سان 20 تاريخ يعني اليڪشن کان ٽي ڏينهن اڳ ريگل سئنيما ۾ “سنڌي فلمي ميلو” منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان کي اخبارن وڏي ڪوريج ڏني، ۽ اداڪارن، فلمسازن اٿي مون سان ملاقات ڪئي، منهنجي تقرير کي ساراهيو، مصطفيٰ قريشيءَ اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو ته اڄ ڪنهن سنڌيءَ پهريون دفعو هنن جي سامهون اها جرئت ڪئي آهي، آئون توکي سلام ٿو ڪريان، ۽ پاڻ ان معاملي ۾ گڏ هونداسين.
    ان کان پوءِ مون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي فلمسازن کان فلمون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪابه ڪاميابي نه ٿي، صرف اسد الله شاهه جون ٽي فلمون جن جا به پوسٽر ۽ فوٽو سيٽ سلامت نه هئا، جن جا نالا هئا “پرو”، “شهيد” ۽ “جيئي لطيف” جيڪي ڪراچي جي ڊسٽري بيوٽر حاجي شفيع وٽ گروي هيون، جنهن وڏي رقم هڪڙي ڏينهن جي شوز لاءِ گهري، ۽ ٻئي طرف مون وٽ پنهنجيون ٽي فلمون “فلمي ميلي” لاءِ هيون، پر ميان خالد فيروز ۽ انهن جي ٽولي ۾ موجود پنجابي پرستن مونکي “سنڌي فلمي ميلو” منعقد ڪرڻ جي تاريخ اليڪشن کان پوءِ ڪرڻ جي صلاح ڏني، ڇو ته هنن جي سوچ مطابق ان طريقي سان متان اسان کي ووٽ گهٽ ملن، بحرحال سڄي دنيا ڏٺو ته ملڪ احد گروپ کي يار محمد شاهه سنڌي هئڻ جي ناتي، لاهور ۾، سندس شهر ۾، يوسف خان جي مدد سان، ڪيئن شڪست ڏني، جنهن تي سڀني اخبارن وڏي ڪوريج ڏني، ۽ مصطفيٰ قريشي جو هي بيان ليڊ ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته پنجاب هڪ دفعو ٻيهر ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ يار محمد شاهه کي سيني سان لڳايو، ڄڻ سنڌ کي سيني سان لڳايو، اليڪشن تائين روز جهيڙا جهٽا ٿيندا رهيا، اليڪشن واري ڏينهن به ملڪ احد گروپ فائرنگ ڪري هراسمينٽ وڌي، پر چوڌري ڪامران اعجاز ڀرپور دفاع ڪيو، ۽ رات جو جڏهن سجاد گل به مخالف گروپ جي اڳواڻي ڪندي نتيجا حاصل ڪرڻ وارن ۾ شامل هو، ۽ سهيل راڊو جو نتيجو بحيثيت وائيس چيئرمين جي ڪاميابي جو اعلان کڻي ٻاهر نڪتو، ۽ يوسف خان کي مبارڪباد ڏيندي طنزيه چيائين “شاهه صاحب ڪا ڪيا هوگا” ته يوسف خان ان وقت مونکي ڀاڪر پائي سجاد گل کي چيو ته “اس ڪا وائيس چيئرمين ڪامياب هوگيا هي تو يه ڪيون نهين هوگا” انهيءَ وقت ميان خالد فيروز منهنجي ڪاميابي جو نتيجو کڻي اندران نعرو هڻي “جيئي شاهه صاحب، يار محمد شاهه زنده باد” ۽ پوءِ هار، دهل شرنائيون ۽ نعري بازي شروع ٿي ويئي.
    اهڙي طرح ان رات جناح روڊ تان پنجاهه گاڏين جو جلوس ۽ اسان اڳيان سينگاريل وڏي گهوڙي گاڏي ۾ هئاسون، سڄي شهر ۾ فائرنگ جا آواز گونجندا رهيا ۽ اسان جو قافلو اچي داتا گنج بخش جي دربار تي پهتو جتي اسان کي پڙ ڳچيءَ ۾ وڌا ويا ۽ دعائون گهريون ويون. ٻئي ڏينهن هر اخبار جي طرفان اسان کي دعوت هئي ۽ مختلف وقتن تي سڀني جي دفترن ۾ وياسون ۽ پريس سان لهه وچڙ ۾ رهياسون، جڏهن جنگ اخبار لاهور جي طرفان ڏنل دعوت ۾ انهن جي ڪانفرنس هال ۾ ويٺا هئاسون ته ان وقت سڄي فلم انڊسٽري جا نامور فلمساز، اداڪار، رائيٽر، هدايتڪار سامهون ويٺل هئا، اسٽيج تي آئون، يوسف خان، ميان خالد فيروز ۽ جيو جا باني موجود هئا، سڀني تقريرون ڪيون، آخر ۾ سڀني اهو مطالبو ڪيو ته اسان جي فلمن ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي، ۽ اسان هندستاني فلمن کان متاثر ٿي، نقل ڪري فلمون ٺاهيندا آهيون، سڀني جي تقريرن کان پوءِ آخر ۾ جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون چيو ته آئون ننڍڙو توهان جون فلمون ڏسي ڏسي وڏو ٿيو آهيان، ۽ هن وقت وڏي مقابلي جو دور آهي، پر دنيا ۾ صرف هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جا منظر نامه هر دور ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا، ان ڪهاڻيءَ جو رائيٽر آهي الله سائين، جنهن جا مک اداڪار آهن حضرت آدم هيرو، ناني حوا هيروئن ۽ شيطان ولين آهي، جيڪو ٻنهي کي ڏک ڏيئي وڇوڙو وجهندو آهي، ۽ ٻئي يعني آدم ۽ حوا ڏک جا گانا ڳائي، آخر ۾ بديءَ کي شڪست ڏيئي نيڪي جي فتح سان ملاپ ڪندا آهن، اولاد جو سلسلو جاري ڪندا آهن، پر اصل ۾ سئنيما تي هلندڙ پردن تي منظر نامه جن کي اسان اسڪرين پلي چوندا آهيون، سڄي گيم ان ۾ رکيل هوندي آهي، ڪهاڻي اهائي هڪڙي پر ڪالهه اها تلوارن ۽ پوءِ بيل باٽم ۽ اڄ اها اسٽار ٽريڪ جي نالي سان هلي رهي آهي، يا اسڪرين پلي جي مقابلي جو دور آهي، جنهن ۾ ريموٽ ٻارن جي هٿ ۾ آهي، ۽ جيڪو منظر منٽ کان وڌي ٿو ته ٻار ريموٽ سان منظر مٽائي ٿا ڇڏين، اهڙي طرح منظرنامي جي مقابلي جي دور ۾ ڪهاڻي بجاءِ اسڪرين پلي سکڻ، سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، مونکي پنهنجي خيالن جي ڀرپور موٽ ملي ۽ اخبارن ٻئي ڏينهن منهنجي ان ڳالهه کي وڏي ليڊ ڏني، اهڙي طرح ان ماحول ۾ آئون فلمسازن جي تنظيم جو پهريون سنڌي چيئرمين چونڊجي ويس، ۽ مون اسلام آباد ۾ ادارن سان ملي فلم انڊسٽري جو ٽيڪس معاف ڪرائڻ جو اعلان ڪرايو ۽ پوءِ 1997-98 ۾ آئون ئي بلامقابله چيئرمين رهيس، وري 2001-02 ۾ ٻيهر تنظيم جو بلامقابله چيئرمين رهيس.
    2004ع ۾ هندستان فڪي (FICCI) ڪنونشن ۾ سڀ نامور فلمساز بمع اداڪار شان، جاويد شيخ ۽ ميڊم سنگيتا سميت وياسين، ۽ اتي پنهنجن فنڪارن جي هر طرح سان مون پذيرائي ڪرائي، سنڌي هئڻ جي ناتي سنڌي فلم سازن ۽ سرمائيڪارن طرفان مونکي ڀرپور موٽ هئي، ڌرمينڌر جي گهر ۾ سٺي دعوت ملي ۽ ات سني ديول ۽ ڌهرمينڌر جي ٻنهي ڀائرن سان به سٺي دوستي ٿي جن ۾ هڪ فلمي رائيٽر هو، جنهن منهنجا آئيڊيا ٻڌا ۽ رات وٽن رهڻ جي صلاح هنئي، پر اسان جو شيڊول ٽائيٽ هو، ان کان پوءِ فڪي ڪنونشن ۾ مون يش چوپڙا کي “وير زاره” فلم ٺاهڻ جهڙي هڪ ڪهاڻي هٿ ۾ ڏني، ۽ رات جو شاهه رخ جي چوڻ تي سندس فلمي گانا ايمپائر اسٽوڊيو ۾ ڏٺاسون، بحرحال موقعو مليو ته اڳتي انڊيا جي ان سفرنامي جو تفصيلي ذڪر ڪبو، پر اسان کي پاڪستان ۾ لاهور وارن انڊيا جا ساٿي ۽ غدار جي لقبن سان به نوازيو، اهڙي طرح مون سان اهڙو واقعو اڳ به پيش اچي چڪو، جڏهن آئون ۽ مشهور صحافي جي اين مغل صاحب سنڌين جي تنظيم ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ويا هئاسون، ۽ اسان کي ان تقريب ۾ جڏهن اسٽيج تي ويٺا هئاسون ته ان وقت هندستان جي هڪڙي وفد، اسان کي هندستاني جهنڊي جهڙا اسڪارف ڳچيءَ ۾ وڌا، ۽ ادارن جي ماڻهن اهي اسان جا فوٽو ڪڍي هتي اخبارن ۾ ڏياريا، جنهن تي مون کي ان وقت مخدوم خليق الزمان جهڙي ماڻهوءَ سنڌ مان، ۽ يوسف خان وارن جي گروپ لاهور مان مطالبو ڪيو ته اهي سڀ هندستاني ايجنٽ آهن، يعني ٻنهي تقريبن يعني (انڊيا ۽ آمريڪا) ۾ شرڪت تي اسان خلاف پاڪستان ۾ هندستاني ايجنٽ هئڻ جا الزام لڳايا ويا، بحرحال فلمسازن جي تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت ۾ مون ايران جو به دورو ڪيو، فارابي سئنيما فائونڊيشن جيڪو ايران جو وڏو فلمي ادارو آهي، ۽ بين الاقوامي فلمون ٺاهيندو آهي، انهن سان پاڪستان مان پنهنجي طرفان فلم “معجزا” جو معاهدو ڪيو، ۽ پاڪستان ۽ ايران جي مشترڪه فلمسازيءَ جي ڪوشش شروع ڪئي، ان وقت مشهور صحافي مشاهد حسين پاڪستان جو وفاقي وزير اطلاعات و نشريات هو، جنهن کي مون ٻنهي ملڪن جي فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن کي مشترڪه منصوبه بندي جي لاءِ ايلاز ڪيا، ته هن مونکي ٻڌايو ته اسان جي ادارن ۾ ڪي اهڙيون قوتون به آهن، جيڪي ڪڏهن به نه چاهيندا ته ايران ۽ پاڪستان جا تعلقات پاڻ ۾ ويجها ٿين، ڇو ته انهن قوتن تي جيڪي گهڻي ڀاڳي مذهبي قوتون آهن، تن تي آمريڪا ۽ سعودي عربيه جو اثر وڌيڪ آهي، ان ڪري پاڪستان کي ڪڏهن به ايران سان ڳنڍجڻ نه ڏنو ويندو، ۽ ان کان اڳ جڏهن شيخ رشيد اطلاعات و نشريات جو منسٽر هو، ان سان به ايراني فلمون ۽ ٽي وي ڊراما پاڪستان ۾ هلائڻ جي ڳالهه ڪيم، پر ان به اهڙي قسم جو جواب ڏنو، ته ڪي ادارا ان حق ۾ نه آهن، بحرحال مون پنهنجي ملڪ جي فلم انڊسٽري کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ گهڻي ڪجهه ڪيو، پر جيئن ته هيءَ انڊسٽري ان زماني جي عياش ۽ بليڪ مني وارن وياج خورن جي منڊي هئي، جنهن ۾ هيرا منڊي جون فنڪارائون هيروئن ۽ معاشري جا عياش، پنجابي ملڪ ۽ گجر فلم ساز ٿي ايندا هئا ۽ پنهنجون ذاتي ڪهاڻيون پنهنجي ذاتين تي “ملڪ ۽ گجر) تي فلمون ٺاهيندا هئا.
    ابتدا ۾ انڊيا مان آيل فلمسازن، اداڪارن، هدايتڪارن، فلم ٺاهڻ جو معيار هندستان جي ليول تي آڻي ڇڏيو هو، پر 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ جيڪي ڪهاڻيڪار ۽ فلمساز آيا، تن ۾ خاص ڪري شباب ڪيرانوي جنهن جو پنهنجو اسٽوڊيو به هو، هو ڪابل يعني افغانستان ۾ وڃي انڊيا جون نيون ريليز ٿيندڙ فلمون، ڪاپي ڪري اچي اڙدو فلمون ٺاهڻ لڳو، جنهن کان پوءِ معياري فلمون بند ٿي ويون، ۽ وري سلطان راهي جي پنجابي فلمن جو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ “مولا جٽ” ۾ مصطفيٰ قريشي سان ٽڪر جو رول ڪيائين، ۽ مصطفيٰ قريشي به ان کان پوءِ فلم انڊسٽري تي ڇائنجي ويو، اهو پاڪستاني فلم انڊسٽري جو دور جهالت جي عروج جو دور هو، جنهن ۾ گجرن ۽ ملڪن جي دشمنين تي مشتمل ڪهاڻيون ٺاهي، فلمون ٺاهيون وينديون هيون، ۽ ٽڪيٽون هٿ سان وٺي يا ته سئنيما کي ڊبل ڪري، فلم جي ڪاميابي ڏيکاري ويندي هئي، يا وري دشمني ۾ ٽڪيٽون وٺي حال خالي ڇڏي ڏبو هو، ۽ ميڊيا رپورٽ ڪندي هئي ته فلم ڊيڊ فلاپ ويئي، اهو سلسلو سلطان راهي جي قتل ٿيڻ تائين جاري رهيو، ان کان پوءِ آهسته آهسته لاهور فلم انڊسٽري پنهنجي ڪرتوتن جي ڪري، اسٽوڊيوز ۾ شراب خوري، عياشي ۽ جوا وغيره جهڙين برائين جي ور چڙهي ويئي، ۽ هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويئي، مون کي هڪڙو منظر ياد ٿو اچي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، لاهور جي فلم انڊسٽري جو عروج به ڏٺم، ۽ ان انڊسٽري جو چار سال چيئرمين به رهيس، پر جڏهن قصو ختم ٿيو ته آئون موٽي ڪراچي جي شوبز ۾ ٽي وي دنيا سان منسلڪ ٿي ويس، ۽ پرائيويٽ ڊرامن ۾ به حصو وٺڻ لڳس.
    منهنجو هڪڙو شاگرد جيڪو اڄ جو وڏو هدايتڪار آهي، پنج درجا پاس علي اڪبر پٺاڻ، جنهن کي آئون فلم “مهلت” جي دوران کپري مان وٺي آيو هوس، هو بطور معاون ڪم ڪندي سکي ويو، ۽ اڄ ڪراچي جو وڏو ڊائريڪٽر آهي، ان وقت هو پنجاب ٽي وي جو پروگرام منيجر هو، جڏهن آئون مشهور هدايتڪار جاويد فاضل جي ٽي وي سيريل “زيور” ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور ويو هوس، جتي منهنجي شوٽنگ ايورنيو اسٽوڊيو جي ان هال ۾ ٿي جنهن ۾ اسان جي فلم “مهلت” جو به سيٽ لڳو هو، پر اڄ ايورنيو موهن جو دڙو هو، هر طرف ڪاري وارا ڪک، ويراني ۽ صرف رائيٽر رشيد ساجد پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوندو هو، ۽ ڪو بيروزگار فنڪار اچي ساڻس ڪچهري ڪندو هو، منهنجي شوٽنگ مصطفيٰ قريشي، صبا پرويز سان ان فلور ۾ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ اسان جي فلم “مهلت” جي شوٽنگ به ٿي هئي، لنچ بريڪ تي آئون ٻاهر نڪتس ته فلم انڊسٽري جا نامور هدايتڪار جيڪي بيروزگار هئا، ۽ روزي جي تلاش ۾ ويران اسٽوڊيو ۾ ڪرسيون لڳايو، منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو انتطار ڪري رهيا هئا، مصطفيٰ قريشي مونکي ٻڌايو ته اهي سڀ سينئر هدايتڪار جن ۾ الطاف حسين، اقبال ڪشميري، حسن عسڪري، ايم اڪرم ۽ ٻيا موجود هئا، تن لاءِ مصطفيٰ قريشي صاحب مونکي چيو ته توهان، توهان جي شاگرد علي اڪبر پٺاڻ کي پارت ڪريو ته هنن بيروزگارن کي پنجاب ٽي وي جون ڊرامه سيريلون ڏي ته ويچارا وڃي ڪو روزگار ڪري ٻچا پالين، مون علي اڪبر کي جيڪو ات مون سان روز ملڻ ايندو هو، کي پاسو وٺي چيو ته هي ڏينهن، هڪ ڏينهن تو تي به اچي سگهي ٿو، تون به هنن وانگر ڇٽ کان پت تي اچي سگهين ٿو، ان ڪري هنن جي ٻچن جون دعائون توکي نصيب وارو ڪري سگهن ٿيون، ۽ واقعي هن منهنجو چوڻ ڪيو، ۽ اڄ هو ڪراچي ۾ وڏو نصيب وارو هدايتڪار آهي.
    مون فلم “مهلت” ۾ ميان خالد فيروز ۽ ڪامران اعجاز سان ڀائيواري تي ٺاهي، پر ميان خالد فيروز پنهنجي هلڪڙي طبعيت جي ڪري منهنجي دل ۾ پنهنجي پوک ساڙي ڇڏي، ۽ دوستي نفرت ۾ تبديل ٿي ويئي، سبب سندس رويو ۽ ڪنجوسي هئي، جڏهن ته سندس نسبت چوڌهري ڪامران اعجاز مونکي ڀائرن وانگر پيار ڏنو، ۽ اڃان تائين سنڌ مان جيڪي سيزن جا انب آئون فلمسازن ۽ ٻين دوستن کي موڪليندو آهيان، اهي به ڪامران جي معرفت تقسيم ٿيندا آهن، ۽ سنڌڙي انب جهڙي مٺڙي محبت هن سان سچائي سان قائم آهي، ۽ قائم رهندي.
    فلم انڊسٽري لاهور جي به تباهه ٿي ويئي ۽ ڪراچي جي به، ۽ هان وري نئين ٽيڪنڪ تي فلمون ٺهڻ شروع ٿيون آهن، جن ۾ اداڪار صلاح الدين تنيو جو پٽ فهد جيڪو ڪي ٽي اين جي هڪ پروگرام کان شروع ٿيو، ۽ اڄ هو پوري پاڪستان جي ٽي وي ۽ فلم تي ڇانيل آهي، سندس مشهور پروگرام “جيتو پاڪستان” ۾ هو ڪروڙن جا انعام روز ڏيئي رهيو آهي، ۽ پنهنجو پروڊڪشن ادارو به اٿس، جنهن ۾ هو هر ٽي وي چينل لاءِ پروڊڪشن ڪندو آهي، هڪ سنڌي اداڪار ڊاڪٽر علي سندس ڀائيوار آهي، ۽ سڀ ٽي وي چينل ڪروڙن جا قرضي اٿس ۽ هو پاڻ پنهنجي پروڊڪشن اداري کان علاوه فلمسازي پڻ ڪري رهيو آهي. سندس سپرهٽ فلم “ايڪٽر ان لا” مون ڏٺي، جنهن ۾ موکي سندس اداڪاري تمام گهڻي پسند آئي، سندس وڏي ڀاءُ خالد تنيو جي گهر واري ياسر نواز جي ڀيڻ آهي، ۽ خالد تنيو مون سان گڏ بيدل مسرور جي پروڊيوس ٿيل امرجليل جي لکيل ناٽڪ رنگ جي سيريل “دل جي دنيا” ۾ مون سان مرڪزي ڪردار ڪيو هئائين، جنهن ۾ بيدل جي گهر واري بينا به هئي، ۽ مون سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، ياسر نواز جيڪو هن وقت ۾ نمبر ون هدايتڪار آهي، جنهن پڻ منهنجي ڊرامه سيريل “ڪفن پوش” ۾ بطور هيرو ڪم ڪيوم جيڪا اڃان تائين ريليز نه ٿي سگهيم ۽ ان جو داستان پوءِ بيان ڪيو ويندو.
    “مهلت” اسان جي فلم جيڪا ميان خالد فيروز، چوڌري ڪامران ۽ اسان ٽئي فلم ساز هئاسون، جنهن جي ستر فيصد شوٽنگ مون کپرو، اڇرو ٿر ۽ ڀٽ شاهه ۽ مٽياري ۾ ڪرائي، ۽ پوءِ ميان خالد سان سندس رويي ۽ ڀائيواري جي طريقي تان اختلاف ٿيا، ۽ پراڻي دوستي ناراضگي ۾ بدلجي ويئي، اهڙي طرح بطور فلم ساز ۽ چيئرمين فلم سازن جي تنظيم ۾ رهندي، مون فلم انڊسٽري جون آخري بهارون ۽ فضائون ڏٺيون، جن ماڻهن سان سٺو ۽ يادگار وقت گذريو انهن جو ذڪر به هيٺ ڪريون ٿا.


    يادگار ماڻهن جون يادگار ڳالهيون

    جيئن ته منهنجي اڳ ڇپيل ڪتابن ۽ اخبارن ۾ منهنجي قسط وار آب بيتي ايندي رهي آهي، ۽ تقريبا گهڻو مواد ان کان اڳ ڇپجي چڪو آهي پر جيئن ته هي منهنجي پنهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني آهي، ان ڪري ان کان اڳ به انهن محسنن جي نالي سان پهريون ڪتاب “جڙيو جيون جن” لکي چڪو آهيان، پر وري به سڀني کي ياد ڪندي يادگيرين ۾ شامل ڪري توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا.


    ماما لالو

    منهنجا سڀ عزيز، دوست ۽ فنڪار ڄاڻن ٿا ته ماما لالو منهنجي زندگيءَ جو اهم حصو هو، جنهن ٻالڪ پڻ کان وٺي مونکي پاليو، سانڊيو ۽ هر فيلڊ ۾ مون سان گڏ رهيو، چاهي اها زمينداري هجي، سماجي سيوڪ هجي، يا ڌرتيءَ جي قوم پرست جاکوڙ هجي، فلمون هجن يا ڊراما ماما ڊرامن ۾ ۽ فلمن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار به ڪيا، ۽ منهنجي مٽياري واري بيٺڪ ۽ ٽنڊو آدم واري زمين ۽ ڪراچي جي بيٺڪ تي جيڪي به ايندا هئا، انهن جي ڀرپور خدمت دل سان ڪندو هو، جنهن ۾ ڪراچي ۾ جڏهن شوبزنس جي سلسلي ۾ رهندا هئاسون، تڏهن ماما لالو اڌ رات جو اٿي پنهنجي سريلي آواز ۾، جڏهن راڻو ڳائيندو هو، ته پاڙيوارا به گهرن ۾ اٿي ان الاپ مان لطف اندوز ٿيندا هئا ۽ جڏهن ماما لالو مون سان گڏ ڪراچي نه هلندو هو ته پاڙي وارا سندس پڇندا ضرور هئا.
    منان عباسي جيڪو اڳتي هلي ڪي ٽي اين جو ماما لالو ٿيو، جنهن جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آهيان، تنهن ڪڏهن به ماما لالو کي اهو مان نه ڏنو جيڪو ماما لالو جي نالي مان ڪمايو هئائين، بحرحال اهو به مون وٽ هڪ معاون اسسٽنٽ ۽ مددگار رهيو، سندس ذڪر به ضرور ڪندس. ماما لالو هن جهان ۾ ڪونهي، پر سندس سمورو ڪٽنب مون سان واڳيل آهي، ۽ نسلن تائين رهندو، بس ماما لالو جو هن ستر سالن جي زندگيءَ تي سٺ سال جو اثر رهيو، ان ڪري حقيقت اها آهي ته مان ان محسن، محبوب ۽ مهربان جا قصا ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳايان.


    گل ڀٽي

    هي به اسان جو گهرو نوڪر آهي، جنهن مونکي ۽ منهنجي ڀائرن کي منهنجي پٽن ۽ پوٽن کي اولاد وانگر نپايو، ۽ گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ اسان تي نظر رکيو ويٺو آهي ۽ ڀلو برو به سمجهائيندو آهي، اڄ به هو اسانجي مٽيارين واري اوطاق تي بابا کان پوءِ اسان جو وڏو ٿيو ويٺو آهي، الله کيس حياتي ڏي، تندرستي ڏي، بس آئون کيس جڏهن سردي ۽ گرمي ۾ فجر جي وقت غسل ڪري، فجر نماز پڙهندي ڏسندو آهيان، ته سمجهندو آهيان ته الله سان هن جو خصوصي تعلق آهي، ڇو ته هو ٻيون نمازون صفا نه پڙهندو آهي، سواءِ جمع ۽ عيد جي ڏينهن، ۽ سڄو ڏينهن نوڪرن ۽ منهنجن پوٽن کي پيار ۽ دڙڪا ڏيندو رهندو آهي. خدا سندس سايو اسان سڀني تي قائم رکي.


    غلام حسين ميمڻ

    ننڍ پڻ ۾ اسڪول مان جن ساٿين هن عمر تائين ساٿ ڏنو آهي تن ۾ غلام حسين، مرحوم اسرار احمد مغل، سيف الدين قاضي، غلام محمد خاصخيلي سڄي زندگي جي مصروفيتن کان علاوه دعائن ۽ دعوتن ۾ گڏ رهيا. غلام حسين اوائل ۾ جيڪي موکي سوچون ڊرامه لکڻ، اسٽيج تي پيش ڪرڻ جون اينديون هيون، اهو غلام حسين لکندو يا ڇپرائيندو ۽ اسڪرپٽ وغيره لکندو ۽ ورهائيندو به هيو، پر شاهه ڪلچرل سوسائٽي ۽ مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن جو هو اهم روح هو، ۽ دوستي اڃان قائم آهي، هو حيدرآباد ۾ ايڇ ڊي اي ۾ 30 سال کن ٽيپ ڪمائي، واندو ٿي ڪنهن بلڊر جي ور چڙهي اسٽيج ايجنسي پيو هلائي، اسرار اچانڪ الله ڏانهن هليو ويو، باقي سيف الدين قاضي، غلام محمد خاصخيلي ۽ نواز علي سمون اڃان دعا ۾ جمعرات گڏ هوندا آهن، جڏهن ته نواز علي سمون زندگيءَ جا 45 سال ساٿ ڏنو، جنهن جو تفصيل هيٺ ٿا ڏيون.


    نواز علي سمون

    اسان جڏهن “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان اسٽيج ڊرامون “ٺڳيءَ جو ٺاهه” جي تياري ڪري رهياسون، ته ان وقت نواز علي سمون هڪ ٻئي دوست غلام حسين وڏيري سان گڏ مون وٽ آيو، ۽ سنگت ۾ شامل ٿي ويو، ۽ کيس ڊرامي ۾ منهنجي آفيس جي پٽيوالي جو ڪردار ڏنم، ان ڏينهن کان وٺي هر سوچ جيڪا مونکي قلم بند ڪرڻي هئي، اهو افسانو هجي، فلمي ڪهاڻي هجي، ڊرامون هجي يا شاعري هجي، يا سماجي مسئلن جي اپٽار تي ڪا قلمڪاري ڪرڻي هجي، ته هو روزانه صبح جو اخبارن جي هاڪري ڪندي، ٻن ڪلاڪن لاءِ منهنجي اوطاق تي ايندو، وري ٻه ڪلاڪ لک پڙهه ڪنداسون، وري هو ويندو ۽ شام جو پنجين بجي پهچي ويندو، ۽ پوءِ اهو سلسلو جاري رهندو آيو، جنهن ۾ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” وارا ساٿي يا “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” جا سماج سيوڪ اچي گڏبا هئا، ته شهر جي سڌاري جون صلاحون گڏجي ڪندا هئاسون، ان ۾ ڪو شڪ نه اهي ته هن به بطور قلمڪار چار کن ڪتاب شايع ڪرايا، ۽ سندس عوامي ٻولي ۽ مشاهدي جي ڪري مقبول به ويا، ان کان پوءِ هو شادي بعد ڪجهه ذاتي ۽ فقهي مسئلن جي ڪري، اسان جي جسماني طرح بيٺڪ ۾ اهو روح شامل نه رهيو، جنهن جي ڪري اسان جي وچ ۾ ڪا ديوار نه هوندي هئي، پر پوءِ به اڄ تائين نڀائيندا اچون، ۽ انشاءَ الله نڀائيندا رهنداسون.


    مشتاق جسڪاڻي

    منهنجو جسڪاڻي صاحب سان تعلق سندس ٽنڊي آدم جي دوستن سيف الله شاهه ۽ لال چند جي ڪري ٿيو، جن جي تعاون سان هن شاهه اسد جي افساني “جواري” تي ٺاهيل سنڌي فلم “رنگ محل” ۾ حجام جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هن بالڪل اوريجنل ڪيو هو، منهنجو مطلب آهي ته هو اداڪار نه بلڪه حقيقي حجام لڳي رهيو هو، ان ڏينهن اتفاق سان نواز سمون مون سان گڏ هو، 1969ع ۾ايراني هوٽل ۾ مشتاق جسڪاڻي صاحب کي ڏٺو ۽ سندس ڪامياب ڪردار تي هلي وڃي کيس مبارڪ ڏنم، هو اسان سان ڪچهري ڪرڻ ويٺو، ته ٻڌايائين ته سندس پنجابي فلم جيڪا هو پهرئين پنهنجي دوست ۽ فنڪار عبدالحڪيم کوسو جي زندگي تي “ڌنار” جي نالي سان ٺاهي رهيو هو، پر هاڻ اها پنجابي ۾ “وفا ياران دي” جي نالي سان ٺاهي رهيو آهي، مون هڪ نشست ۾ پنهنجي فلم “بشني باشا” جي ڪهاڻي ۽ گانا ٻڌايا، هن ٻڌايو ته آئون توهان جي فلم ضرور ٺاهيندس، ۽ ان جا گانا ۽ افتتاح جلدي ڪنداسون، جسڪاڻي صاحب سان 35 سال جيڪا صحبت رهي، ان ۾ سڀ کان اول آئون سندس ذاتي تڪليفن کي دور ڪرڻ، ۽ کيس روزگار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، هو ڏينهن رات مون سان گڏ هوندو هو، ۽ آئونٽنڊو آدم ٻنيءَ تي جڏهن رهندو هوس، تڏهن ات بجلي نه هئي ۽ لالٽين تي ويهي ڪچهري به ڪندا هئاسون، ۽ اسڪرپٽ به لکندا هئاسون، خبر ناهي ته ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪيتريون فلمي ڪهاڻيون، ٽي وي ڊراما ۽ شاعري لکي ۽ ڪٿي ڪٿي ڇڏي، بحرحال مون جسڪاڻي صاحب مان فلمي ۽ ٽي وي دنيا جي تجربي جي معلومات حاصل ڪئي، جيڪا مونکي ٻنهي شعبن ۾ ڪم آئي، عملي طرح جڏهن هو ڪنهن سبب ٽي وي کان لنوائي ويهي رهيو هو، ته ان وقت آئون پي ٽي وي تي مڃيل فنڪار ٿي چڪو هوس، ان کان اڳ جڏهن هارون رند “راڻي جي ڪهاڻي” جي تياري ڪري رهيو هو، ته نواب مهدي جسڪاڻي صاحب جو اسڪرپٽ کڻي، ٽنڊوآدم منهنجي جڳهه تي ساڻس اچي مليو، ۽ ڪردار جي باري ۾ ڳالهائي، کيس هلڻ لاءِ منٿ ڪيائين، پر جيئن ته جسڪاڻي صاحب جنهن کي آئون استاد چوندو هوس، ۽ پوءِ سڀئي دوست کيس آخر تائين انهيءَ ئي نالي سان سڏيندا هئا، سندس قلم ۾ وڏي طاقت هوندي هئي، شاعري ۾ سندس اهو گانو فلم “سوڍا پٽ سنڌ جا” جو “پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري” اڄ به ريديو پاڪستان تي وڄندو آهي، يا ان عنوان تي ٻه ٽي ٽي وي پروگرام به نشر ٿي چڪا آهن.
    آئون کيس لاهور به موڪلي چڪس، جتي مهينو کن قسمت آزمايائين، مشهور مسخرو رنگيلو کائنس متاثر ٿيو، ۽ کيس پنهنجين فلمن ۾ به ڪردار ڏيارڻ جو وعدو ڪيائين، مون جسڪاڻي صاحب کي چيو ته توهان جو گهر الله سنڀاليندو، پر مونکان جيڪي پڄي سگهندو، سو ڪندو رهندس پر توهان لاهور ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، نالو نروار ڪري پوءِ واپس ايندا، هن ان مهيني ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين تي مونکي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ سندس سٺين اميدن ۽ ملاقاتن جون ڳالهيون پڙهي، آئون “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي دوستن کي ٻڌائي رهيو هوس ته هاڻ استاد جسڪاڻي لاهور جي مارڪيٽ ۾ سيٽ ٿي ويندو، ته اچانڪ ان وقت در کليو ۽ جسڪاڻي صاحب اچي بيٺو، ۽ ٻڌايائين ته مشتاق چنگيزي لاهور مان واپس آيو ته آئون به ان سان في الحال گڏجي آيو آهيان، پاڻ مونکي مشتاق چنگيزي جي جدوجهد ٻڌائيندي ڄاڻ ڏنائون ته چڪوري چنگيزي کي ڇڏي ڪيفي سان شادي ڪري ڇڏي، ۽ چنگيزي هڪ لوهه جي فيڪٽري ۾ رات جو مزدوري ڪندو هو، ۽ ڏينهن جو چڪوريءَ کي ڏسڻ لاءِ اسٽوڊيو جي گيٽ تي بيٺو هوندو هو، ۽ چڪوري ڪيفي سان گڏ ڪار ۾ هن جي سامهون لنگهندي رهندي هئي، ۽ هيءُ لڙڪ اگهندو رهندو هو.
    هڪ ڏينهن چڪوريءَ کي اڪيلو ڏسي هن همٿ ڪري ويجهو وڃي کيس پنهنجي پيار جو احساس ڏياريو، جنهن تي چڪوريءَ کيس چماٽ هڻي ڪڍي، جنهن کان پوءِ چنگيزي صاحب هتي فلم “چماٽ” ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، ۽ جسڪاڻي صاحب به لاهور تان هٿ کڻي وري مون سان گڏجي ويو.
    “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ منهنجي منٿ تي ڪم ڪرڻ لڳو، تڏهن آئون “چهچٽو” ۾ قابو هوس، ۽ پوءِ هي رات جو اشرف اسڪوائر واري منهنجي فليٽ تي مون وٽ ايندو رهندو هو، پر جڏهن ٻنهي جا ڊراما گهٽبا هئا، ته واپس مٽياري يا ٽنڊو آدم واري ٻنيءَ تي نوان خيال جوڙيندا هئاسون، مون اڳ ٻڌايو آهي ته منهنجي فلم “نصير فقير” جي ڪهاڻي به اسان ٻنهي گڏجي لکي ۽ “علي گوهر” جي ڪهاڻي به گڏجي لکي سون، انهن ڏينهن ۾ مون پي ٽي وي تي قانون جي ڄاڻ ڏيندڙ (پي پي سي) پاڪستان پينل ڪورڊ “قلم نمبر” نالي سان ڊرامه سيريز ڪئي پئي، جنهن جو پروڊيوسر اقبال لطيف هو، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ايماندار صوبيدار آئون، منهنجي گهر واري شهنيلا قريشي، جمعدار لطيف منو ۽ سپاهي سحر قريشي هئا، ان ۾ به مون کيس سٺا ڪردار ڏياريا، اچانڪ “راڻي جي ڪهاڻي” هٽ ٿي ويو ۽ اڙدو ۾ “ديوارين” جي نالي سان نشر ٿيو، جسڪاڻي، انور سولنگي ان ۾ ڍولڻ ۽ مکڻ جي ڪردار ۾ سڄي ملڪ ۾ مقبول ٿي ويا، خصوصا جسڪاڻي صاحب جو اهو تڪيو ڪلام سڀني جي زبانن تي هوندو هو “بات هي سمجهه ڪي، بات هي ڪي جهٽ هي”، ان کان پوءِ جسڪاڻي صاحب ڪردارن جي چونڊ ڪري ڪم هندو هو، منهنجي فلم “علي گوهر” ۾ به ڪم ڪيائين، ۽ منهنجي اڙدو سيريل “سچ گيا بچ” ۾ به ڪم ڪيائين، مطلب ته منهنجي هر تخليق ۾ جسڪاڻي صاحب مون سان گڏ رهيو، پر جڏهن ٻيا سنڌي چينل کليا، ته ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي پاڻ پنهنجن ٻارن ٻچن سميت ڪم ڪندو رهيو، سندس فرزند ۽ سندس نياڻي به اڄ تائين سنڌي ڊرامن ۾ گهڻو ڪري “سنڌ ٽي وي” تي ڪم ڪري رهيا هئا، مرحوم مونکي جيڪي به گر سيکاريا انهن ۾ “نگيٽو گر” زياده هوندا هئا، پر آئون مرحوم کي پنج وقت نماز پڙهڻ جو عادي ڪري چڪو هوس، جيتوڻيڪ هو سيف الله شاهه جي دوستيءَ ۾ اڳي به پڙهندو هو، پر وري ڪافي وقت معاشري کان، سنگت کان ناراض رهي، الله کان به ناراض ٿي ويو هو، ۽ نمازون ڇڏي ڏنائين، پر اسان جي صحبت ۾ وري نماز شروع ٿي، آخري ڏينهن ۾ ڪجهه سال ان ڪري پري رهياسون، جو هو سنڌ ٽي وي تي مصروف رهيا، ۽ آئون ڪجهه وقت اڙدو فلم انڊسٽري ڏانهن هليو ويو هوس، سندس انتقال جي خبر مونکي ميسيج سان ملي ۽ سندس اولاد سان فون تي عليڪ سليڪ ٿيندي رهندي آهي، جسڪاڻي صاحب نه صرف منهنجو پر شاهه اسد ۽ ٻين ڪيترن جو به استاد هو، جيڪو اسان کي هر پل ياد آهي. خدا کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.


    محمود صديقي

    آئون اڳ ڄاڻائي چڪو آهيان ته محمود صديقي سان منهنجي ملاقات ڊرامون “دنيا ديواني” ۾ منظور قريشي جي معرفت ٿي، ان کان پوءِ شوبز جي سڄي زندگيءَ دوران آئون ڪراچي ۾ پهرئين 1983ع ۾ اشرف اسڪوائر ۾ آيس، تڏهن محمود پنهنجن روز وارن دوستن کي وٺي مون وٽ ايندو هو، ۽ رات جو پتي راند رهندا هئا، ٽي وي جا پروڊيوسر اقبال لطيف، اقبال سعيد انصاري، فيض ٻگهيو، محمود صديقي، زاهد معصومي ۽ ٻيا ڇنڇر جي ڏينهن جيڪا راند شروع ڪندا هئا، اها آچر جي صبح تائين هلندي هئي، ۽ پوءِ گهڻو ڪري سندن زالون کين وٺڻ منهنجي فليٽ تي اينديون هيون، ۽ مونکي سڀني جا دڙڪا کائڻا پوندا هئا، مرحوم محمود صديقي جيڪو به پراجيڪٽ ٺاهيو هو، ان ۾ مونکي شامل ڪرڻ چاهيندو هو، ۽ تقريبا اسان جيڪي به ٽي وي ڊراما گڏ ڪيا، انهن جا پروڊيوسر به اسان جا دوست هوندا هئا، جن ۾ هارون رند، محمد بخش سميجو، اقبال انصاري، اقبال لطيف خاص ڪري شامل هئا.
    محمود صديقي جي ئي ڪري مونکي شانتي نگر ۾ جايون وٺڻيون پيون، ۽ موجوده منهنجو بنگلو به پاڻ ئي وٺرائي ڏياريائين، ۽ اسپتال داخل ٿيڻ تائين هو مون سان ڀائرن وارو رشتو نڀائيندو رهيو.
    محمود ڪيترن ڏکوئيل جي مدد ڪندو هو، پر بردبار ايڏو جو پنهنجي ڪابه ڪمزوري يا تڪيلف دوستن کي نه ٻڌائيندو هو، سندس ٻي اهليه بلقيس “بملا” جيڪا هندواڻي ۽ ايئرهوسٽس هئي، ۽ ان کي مسلمان ڪري ٻي شادي ڪيائين، جيڪا ايئرهوسٽس ۽ مقبول پي ٽي وي اداڪاره به هئي، بحرحال اها محمود جي محبت ۾ مست هوندي هئي، ۽ روز محمود جا پادر به کائيندي هئي ۽ محمود جي پهرئين گهرواري جا ۽ ٻين ڀائرن وغيره جا طعنا، ٽمڪا ۽ تڪليفون سهي به محمود جو ساٿ ڏيندي هئي، انهن ٻنهي جي زندگي تي ڪئين ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، بحرحال جنهن بملا محمود جي زندگيءَ ۾ بي انتها بهارون ۽ خوشيون ڏنيون، اها محمود جي انتقال کان پوءِ چارلي چپلن وانگر هڪ پراڻن ڪپڙن جي هڙ هٿ ۾ کڻي، انتهائي ضعيف ۽ پسمانده حالت ۾ مون محمود جي انتقال کان پوءِ سندس گهر مان ويندي، ٽيڪسي ۾ هميشه لاءِ ويندي ڏٺي، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ هوءَ گذاري ويئي، جنهن جو لاش سندس هندو مائٽن جي گهران کڻي اچي ڪجهه دير محمود جي گهر رکيائون، ۽ اتي ئي پاڙي ۾ جنازي نماز ٿي، جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ ٿياسون، ۽ پوءِ محمود جو ٻيو ڀاءُ منظور به گذاري ويو، ۽ شانتي نگر ۾ سندس ٽيو ڀاءُ اعجاز جاءِ وڪڻي هميشه لاءِ هليو ويو، مونکي شانتي ۾ اڪيلو ڪري ويو، ۽ هاڻ اها رات پالي ۽ دوستن جي بيٺڪ نه هئڻ سبب آئون به مصروفيت کان سواءِ ڪراچي نه وڃڻ چاهيندو آهيان، محمود سوين دوست ۽ هزارين يادون اسان جي دلين ۾، ۽ سنڌي فن جي تاريخ ۾ ڇڏي ويو هليو، پاڻ پي ٽي وي جو بهترين اداڪار جو ايوارڊ به ماڻيائين، جڏهن ته ڊرامه “جنگل” ۾ بهاول خان جو ڪردار ڪرائڻ لاءِ ٽي ڪلاڪ هو چهري تي ميڪ اپ ڪرائيندو هو، جنهن ۾ اڌ رنگ جي ڪري سندس اڌ چهرو بگڙيل ۽ وات ٽيڙهو ڏيکاريو ويندو هو، ان يادگار ڪردار تي سندس ايوارڊ حق هو، پر پي ٽي وي چيو ته اهو ميڪ اپ جو ڪمال هو، ۽ پوءِ مون يار جي ان حق تلفي کي ختم ڪرڻ لاءِ ۾شاهه ڪلچرل سوسائٽي” طرفان پي ٽي وي ايوارڊ حاصل ڪندڙن کي لطيف گولڊ ميڊل جي تقريب ڪري، کيس سونو ٻلو ڏيئي هن جي ۽ پنهنجي تسڪين ڪئي. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي، اسان سندس وفائن جو حق ڪٿي ٿا ادا ڪري سگهون.


    منصور بلوچ

    منصور بلوچ پهرئين سنڌي فلم “تنهنجون ڳالهيون سڄڻ” ۾ هيبت خان جو ڪردار ڪيو، جنهن ۾ کيس مڃتا ملي، مون به هڪ دفعو کيس ٽرين ۾ سفر ڪندي ڏٺو، ان کان پوءِ هو وري ٻي فلم “محبوب مٺا” ۾ ولين ٿي آيو هو، ۽ منهنجي نظر ۾ هي سنڌ جو ان وقت جو سٺو اداڪار هيو، جڏهن ساڻس ٽي وي ۾ سلام دعا ٿي، جيڪا گهري دوستي ۾ تبديل ٿي ويئي، مون “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ سندس ڪردار بابت مٿي ڄاڻ ڏني آهي، هو جڏهن به ڳوٺ ۾ چار پئسا گڏ ڪندو هو، ته ڪا نه ڪا فلمي ڪهاڻي ٺاهي، ڏوڪڙ کڻي ڪراچي ايندو هو، ۽ پنهنجي سنگت جن ۾ خاص ڪري يوسف علي مرحوم، محمود صديقي مرحوم، زاهد معصومي مرحوم وارا گڏجي ثناءَ الله عباسي جي بيٺڪ تي ڪچهريون به ڪندا هئا، ۽ منصور بلوچ کين پنهنجي ٺاهيل ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهيندو هو، ته هو کيس ڇيڙيندي چوندا هئا، ته بابا پهرئين سئنيما ۾ فلم ڏسنداسون، پوءِ تنهنجي ماني کائينداسون، پوءِ رات جو تنهنجي ڪهاڻي ٻڌنداسون، ۽ مرحوم “راڻي جي ڪهاڻي” تائين پنهنجي ڪهاڻي کي ائين ئي پيو هلائيندو هو پر جڏهن “راڻي جي ڪهاڻي” هٽ ٿي ۽ “ديوارين” ٺهي، اسلام آباد ۾ ضياءَ الحق جي اڳيان اسٽيج شو ٿيو، ۽ منصور بلوچ کي ان سال جو بهترين پي ٽي وي اداڪار جو ايوارڊ مليو، ته پوءِ لاهور فلم انڊسٽري جو نامور هدايتڪار ملڪ يونس جنهن فلم ساز سرور ڀٽي جي فلم “مولا جٽ” سپرهٽ ٺاهي هئي، پنهنجي ٻي فلم ۾ منصور بلوچ کي بڪ ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي تاج محل هوٽل ۾ اچي رهيو، ۽ منصور بلوچ سان ملاقات ڪيائين، ان وقت منصور بلوچ کي مرحوم يوسف عليءَ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ چار لک رپيا وٺجاءِ، جڏهن ته ان وقت سلطان راهي ۽ اداڪار نديم به ٻه اڍائي لک وٺندا هئا، سرور ڀٽيءَ منصور بلوچ کي ڪردار ۽ پنجاهه هزار ڏيڻ جي آڇ ڏني، جيڪا هو ٺڪرائي آيو، تڏهن مون چيس تون بظاهر پاڻ کي سردار سڏائين ٿو، ۽ آصف زرداري سان سندس علائقي ۾ مقابلو ٿو ڪرين، تنهن ڪري پنهنجو وزن قائم رک، صرف جيڪو به توکي بڪ ڪرڻ اچي ته ان کي چئو ته پئسن جي ڳالهه نه آهي، ڪردار مرڪزي هئڻ گهرجي، ان کان پوءِ ادي نورالهدي شاهه جي ڊرامي “جنگل” ۾ پاڻ دليپ ڪمار جي آواز جي نقل سان ڪردار کي ڄمائي ويو، ۽ “مهراڻ خان” جي شاندار ڪردار تي کيس ڀرپور موٽ ملي، ان کان پوءِ پاڻ لاهور هليو ويو ۽ انهن ئي پروڊيوسرن جي پٺيان لڳو، جن کيس ننڍا ننڍا رول ڏنا، ڪوبه اهڙو ڪردار اڙدو پنجابي فلمن ۾ نه ڪري سگهيو، جيڪو يادگار هجي، بلڪه شاهه اسد جڏهن فلم “پرو” ٺاهي، ته “پرو” جي ڪردار لاءِ منصور کي کنيائين، ۽ مونکي پرو جي ڀاءُ “علي گوهر” جو ڪردار ڏنائين، اها فلم هٽ ٿي ته مونکي “علي گوهر” ٺاهڻ دوران منصور بلوچ اچي منٿ ڪئي ته “پرو” ۽ “علي گوهر” ڀائر هئا، ۽ تون مونکي به کڻ، تڏهن مون ٻڌايومانس ته تون “پرو” ۾ پنهنجي ڀاءُ “علي گوهر” يعني منهنجي هنجه ۾ مرندي ٿو چئين ته “علي گوهر” پٺيان جي پارت اٿئي، سو پنهنجي دوست زاهد معصومي جي صلاح تي مون فلم “نصير فقير” ٺاهڻ بدران علي گوهر “پرو” جو پارٽ ٽو سمجهي ٺاهي آهي، يعني هيءَ فلم تنهنجي مرڻ سان شروع ٿئي ٿي، ان کان پوءِ هو مون سان هميشه ڪاوڙيل رهيو، ۽ پري رهيو، جڏهن ته ڊرامي “جنگل” جي ڪاميابي کان پوءِ اسان حيدرآباد راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ اسٽيج شو “جنگل ڪي نام ايڪ شام” گڏجي ڪيو، جنهن مان کيس سٺي، مالي مدد ملي، ۽ ان کان پوءِ پاڻ اڪيلي سر ڪراچي ۾ اسٽيج شو “مهراڻ خان ڪي ساٿ ايڪ شام” ڪيائين.
    ان کان پوءِ جڏهن آئون ڪراچي ٽي وي تي وري مصروف ٿي ويس، ته هي وري لاهور هليو ويو جتان مايوس ۽ ناڪام ٿي وري اچي هارون رند ۽ مرحوم منظور مگسي سان صلح ڪيائين، ۽ پوءِ جڏهن سندس لاهور ۾ اڌ ۾ ڇڏيل پنجابي فلم “پجارو گروپ” جو فلم ساز، هدايت ڪار ۽ ڪئميرا مين عضنفر جيڪو گذريل ويهن سالن کان ڪي ٽي اين تي مين ڪئميرا مين به آهي، اهو منصور کي سندس ڳوٺ سرهاڙي مان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ فلم جي تڪميل ڪرڻ لاهور وٺي ويو، ۽ اتي ٽن ڏينهن ۾ باٿ روم ۾ هن کي اٽيڪ ٿيو ۽ گذاري ويو، جڏهن اسان کي اطلاع مليو ۽ آئون صبح ساڻ سندس ڪلهي ڪانڍي ٿيڻ لاءِ نواب شاهه وڃي رهيو هوس، ته مونکي ياد آيو ته هڪ ڏينهن مونکي هن ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي اسان ۾“جنگل ڪي نام ايڪ شام” مان هن جيڪي ڏوڪڙ ڪمايا، ان مان پنهنجي پٽ جي طهر به ڪرڻي هيس، ۽ گهر جي جاءِ به ٺهرايائين، جڏهن آئون سندس ڀاءُ رجب علي جي بيٺڪ تي شهر نواب شاهه ۾ پهتس، ۽ سندس انتظار ڪيم، ته پاڻ آيو پر اهو ريسپانس نه ڏنائين، جو آئون ساڻس گڏ سندس ڳوٺ وڃان، ان جي نسبت رجب مونکي تمام سٺڙي عزت ڏيئي واپس روانو ڪيو.
    منصور مونکي اتي ويٺل ئي ڇڏي هليو ويو، اڄ جڏهن آئون سندس لاش کي ڪلهو ڏيڻ، سندس ڳوٺ بڇيري ۾ پهتس ته سندس گهر، اوطاق ۽ تدفين جي جڳهه ڏسي مون کي لڙڪ اچي ويا، ۽ پوءِ سوچيم ته سردار منصور بلوچ پنهنجي سرداري ۽ حيثيت کي شهر ۾ ڪيئن نمايان ڪريو ويٺو هو، ٻهراڙي جي وڏيرن وانگر حجام جي دڪان تي ڏاڙهي ٺهرائي، رنگ ڪرائي، اتي ئي پالش واري کي بوٽ پالش لاءِ ڏيئي، ۽ ڌوٻيءَ وٽان ڪلف وارا ڪپڙا کڻي، پائي ٻه سنهري سگريٽ جا پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي، ميرا ڪپڙا ڌوٻيءَ کي اڇلائي ڏيئي، ٽيڪسيءَ تي چڙهي ٽي وي تي ايندو هو، يا مون وٽ ايندو هو، بحرحال هو بقول مرحوم هارون رند جي ته منهنجو آئيڊيل سنڌي ڪردار هو، جيڪو مون هاشم خان جي نالي ۾ “ديوارين” ۾ زنده ڪيو، جڏهن آئون لاهور فلم انڊسٽري ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ پنهنجي بادشاهي ۾ هر اسٽوڊيو ۽ دفتر ۾ ويهندو هوس ته فائيٽر مون وٽ ايندا هئا، ۽ خاص ڪري نصرالله بٽ ۽ ان جي ٽيم وارا فائيٽر منصور کي ياد ڪندي، مونکي سندس اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، جو مونکي ڏاڍو رنج ٿيندو هو، بحرحال هن سنڌ ۾ ته انا پرستي ۾ ڪي يادگار واقعا ڇڏيا پر لاهور انڊسٽري ۾ پنهنجي پسماندگي ۽ غربت جون به ڪئين ڪهاڻيون ڇڏيون.
    آئون بڇيري پهتس ته سندس لاش اڃان تائين لاهور مان نه اچي سگهيو هو، ۽ مونکي سندس ننڍو ڀاءُ مظهر مليو، جنهن ويهڻ لاءِ چيو، آئون الوداعي اکر چئي واپس هليو ويس. اڄڪلهه سندس فرزند گل منصور بلوچ جنهن کي به اسٽوريون ٺاهڻ ۽ ڊائريڪشن ڪرڻ جو شوق، اداڪاري کان وڌيڪ رهيو آهي ۽ هن شمن ميرالي واري ٽيلي فلم ۾ به ڪم ڪيو، پر جيئن ته هو رڳو اداڪار ٿيڻ بدران رائيٽر، ڊائريڪٽر به ٿيڻ جي جدوجهد ڪندو رهي ٿو، خدا ڪري ته هو پنهنجي پيءَ جا ۽ پنهنجا اڌورا خواب هڪڙي ڏينهن پورا ڪري.


    شفيع محمد شاهه

    جيئن ته منهنجو به نالو ڄمڻ وقت هڪ ڪن ۾ يار محمد شاهه ۽ ٻئي ڪن م شفيع محمد شاهه رکيو ويو هو، مون تي والد صاحب جي والد حاجي يار محمد شاهه جو نالو رکيو ويو, ۽ جيئن ڏاڏا حاجي يار محمد شاهه کي حاجي هئڻ ڪري حاجن حاجن چوندا هئا، تيئن ٻالڪ پڻ ۾ مونتي به اهو نالو پئجي ويو, ۽ اڃان تائين گهر ۾ يا پاڙي وارا حاجن شاهه به چوندا آهن, پر اسڪول جي داخلا کان پوءِ آهستي آهستي يار محمد شاهه هاوي ٿي ويو, ۽ لک پڙهه ۾ يار محمد شاهه سڏيو ويندو آهيان, پر اڳتي هلي جڏهن ڄاڻ ۾ ستارن جي ڄاڻ آئي ته پوءِ سيد يار محمد شاهه لکڻ بهتر سمجهيم, ۽ اڄ تائين سيد يار محمد شاهه ئي لکائيندو آهيان, پر شفيع محمد شاهه جو نالو منهنجي زندگيءَ ۾ استعمال نه ٿيو، پر جڏهن اداڪار شفيع محمد شاهه سان جيڪا پهرئين ملاقات ٿي، اها مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، بشير چنڙ زولاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي جو هيڊ آف ڊپارٽمنٽ هو، جڏهن هو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ بطور شاگرد رهندو هو ته شفيع محمد شاهه ساڻس گڏ ڪمري ۾ رهندو هو، ۽ هر وقت آرسيءَ جي سامهون ڊائلاگ ڳالهائي بشير کي تنگ ڪندو رهندو هو، جنهن مونکي حيدرآباد جي هوٽل ڊيلڪس ۾ شفيع محمد شاهه کي اسٽيج ڊرامي ۾ چانس ڏيڻ لاءِ چيو، ان کان پوءِ وري مون اهو ذڪر ڪيو ته شفيع محمد شاهه لاهور ۾ ۽ اسلام آباد ۾ فن جي بلندين تي پهچي، مشهور ڊرامي “تيسرا ڪناره” مان ايوارڊ ماڻي، واپس ڪراچي آيو، ۽ مون سان گڏ هڪ ناٽڪ رنگ بيدل مسرور جي ڊائريڪشن ۾ ڪيائين، ان کان پوءِ اڪثر ساڻس مذهبي ۽ معلوماتي بحث مرحوم ممتاز مرزا جي آفيس ۾ ۽ دوستن جي ٻين نشستن ۾ ٿيندا رهندا هئا.
    پي ٽي وي تي اسڪرپٽ پروڊيوسر ۽ نالي وارو اديب، شاعر، ميزبان، براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جيڪو پڻ اسان سڀني کي ساهه ۾ سانڊيندو ۽ پيار سان پاليندو هو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اڄ ثقافت جا جيڪي به رنگ نروار آهن، انهن ۾ فنڪار، فن ۽ سنڌ کي سنوارڻ ۾ ممتاز مرزا صاحب ۽ عبدالحميد آخوند صاحب جو وڏو پورهيو شامل آهي، هو فوڪ سنگرن کي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ به وٺي ويندا هئا ۽ سنڌ جي موسيقي ۽ ثقافت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متعارف ڪرائيندا هئا ۽ ملڪ اندر بزرگن ۽ اوليائن جي هر ميلي ملاکڙي ۽ قومي ڏينهن تي ڪراچي توڙي اسلام آباد ۾ به انهن کي وڏي پذيرائي ڏياريندا هئا، انهن ڏينهن ۾ شفيع محمد شاهه جي بيٺڪ ممتاز مرزا جي آفيس ۾ گهڻي هوندي هئي، محمود صديقي ۽ آئون به گڏ ممتاز مرزا جي محفل مان مزا وٺندا هئاسين ۽ علم پرائيندا هئاسون، هو اسان کي ڇيڙي، پاڻ ۾ اٽڪائي لطف اندوز ٿيندو رهندو هو. شفيع محمد شاهه سان گڏ پهريون ڊرامون ته بيدل مسرور وارو ئي ڪيم، ان کان پوءِ ڪجهه ناٽڪ رنگ جا به ڊراما مون ساڻس گڏ ڪيا، گهڻو ڪري سميجو صاحب ۽ اقبال انصاري جي ڊرامن ۾ گڏ هوندا هئاسون، هڪڙو يادگار واقعو جڏهن اڙدو ڊرامون “سمجهوتا” محمد بخش سميجو آئوٽ ڊور ۾ ريڪارڊ ڪري رهيو هو، جنهن ۾ آئون ۽ شفيع محمد شاهه دوبدو هئاسون، مغرب جو وقت هو، منظر سج لهڻ جي ڪري مڪمل ريڪارڊ نه ٿي سگهيو، جنهن جي ڪري لانگ شاٽ وٺي سميجي صاحب چيو ته هن سين جو ڪلوز ورڪ اسٽوڊيو جي انڊور ريڪارڊنگ ۾ ڪنداسين، جيئن ته سميجو صاحب شفيع محمد شاهه جا تمام گهڻا ناز نخرا برداشت ڪندو هو، هڪ ڏينهن ڊراما “سمجهوتا” جي رهيل سينن جا جملا ياد ڪرڻ لاءِ کيس ڪافي وقت ڏنو ويو، ۽ آئون مڪالما ياد ڪري آيو هوس، ان وقت جڏهن شفيع محمد شاهه ڪافي ري ٽيڪ ڏنا ۽ ان کان پوءِ ٽائيم وٺي، مڪالما ياد ڪري ۽ تياري سان جڏهن سين شوٽ ڪري رهيا هئاسين، ته وري به اهم موڙ تي شفيع محمد شاهه ري ٽيڪ ڏنو، ۽ شرمندي کي ڪور ڪندي چيائين “شاهه مڪالما ياد نه اٿم، نه ته اتي ڇڏياء جتي پاڻي به نه ملنئين” جيڪو جملي ٻڌي سڀني کيس ٿوري گهڻي تنقيد ڪئي، بحرحال جنهن به سيٽ تي يا سين ۾ اسين جڏهن به گڏ هوندا هئاسون، تڏهن هو مونکي اکين جي اشارن مان پنهنجي اداڪاري جو داد يا تنقيد ضرور گهرندو هو، ۽ آئون به اشارن ۾ کيس تنقيد يا داد ڏيئي ڇڏيندو هوس.
    قربت بطور فنڪار ايڏي هئي جو واقعي وڏيون محفلون گڏ ڪندا هئاسون پر شاهه صاحب جتي وڏن وڏن پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن کي رت رئاڙي ڇڏيندو هو، ات هن جو مون سان هڪڙو پيار زندگي جو وڏو احسان آهي جيڪو صرف آئون ڳائي سگهان ٿو، لاهي نه سگهندس، واقعو هن ريت آهي ته مون کيس ۽ سڪينه سمون کي ٽنڊو آدم ۾ “لطيف گولڊ ميڊل” واري تقريب ۾ سڀني پي ٽي وي ايوارڊ يافته فنڪارن کي گولڊ ميڊل ۽ سلور ميڊل ڏنا ۽ هنن کي به مدعو ڪيو هو، ان دفعي پي ٽي وي ايوارڊ وارن مرحوم محمود صديقي جو بهترين اداڪار وارو ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري، پوءِ واپس وٺي صرف اهو دليل ڏنو ته ڊرامي “جنگل” ۾ محمود صديقيءَ بهاول خان جو ڪردار تمام سٺو ڪيو، پر اهو ان ۾ ميڪ اپ جو ڪمال هو (اهو ذڪر مٿي ڪيل به آهي)، ۽ دوست جي ان دل آزاري کي دور ڪرڻ لاءِ مون ان سال جي سڀني بهترين پي ٽي وي ايوارڊ حاصل ڪندڙن فنڪارن، رائيٽرن ۽ ڊائريڪٽرن کي سونا ٻلا “لطيف گولڊ ميڊل” ڏنا، پر شفيع محمد شاهه ۽ سڪينه سمون ان ايوارڊ تقريب ۾ نه آيا، انهن ڏينهن ۾ انهن جي جوڙي هر وقت گڏ هوندي هئي، ان ڪري اسان سڀني کي سندن نه اچڻ جو ڏک ٿيو هو، وري مون ٻيو پروگرام حيدرآباد جي نيوميجسٽڪ سئنيما ۾ “سانگين سندو سنگيت” جي عنوان سان ڪيو، ان ۾ به شفيع محمد شاهه ۽ سڪينه سمون کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ مدعو ڪيو، پر وري به هو ڪونه آيا.
    هڪ ڏينهن جڏهن آئون فلم “محب شيدي” جي تياري ڪري رهيو هوس، مارڪيٽ ۾ خبر عام هئي ته اوچتو شفيع محمد شاهه مونکي پي ٽي وي جي رسيپشن تي مليو، ۽ ٽوڪيندي چيائين ته مونکي پنهنجي فلم “محب شيدي” ۾ ڪردار ڏي، مون چيومانس ته ٻه دفعا واعدو ڪري ايوارڊ وٺڻ به نه آئين، هاڻ فلم ۾ وري بڪ ڪري ويٺو روز رئان ڇا...؟؟؟ هن مون کان ان وقت ڪردار پڇيو، مون چيومانس ته فلم ۾ پازيٽو وڏيري جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو معاشري ۾ اسان جو سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ آهي، اهو ڪردار آئون پاڻ ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن تون اهو ڪردار ڪرين ته آئون توکي ڪردار بابت ٻڌايان، مون اتي بيٺي بيٺي کيس سندس ڪردار ٻڌايو، پاڻ ڪردار ٻڌڻ کان پوءِ ايڏو متاثر ٿيو جو هڪ رپيو وٺي ان تي لکي ڏنائين ته مونکي مڪمل پيمينٽ ملي ويئي، ۽ پوءِ شوٽنگ جي تاريخون پڇيائين ۽ واقعي شوٽنگ واري ٽائيم تي اسان جي ساٿي اداڪار منظور مراد کي پاڻ سان گڏ کڻي، پنهنجي طرفان ٽيڪسي ڪري اچي لوڪيشن تي پهتو، ۽ چار ڏينهن مسلسل شوٽنگ ڪيائين، ۽ فلم جو هيرو گلاب چانڊيو جنهن کي مون وڏي قرباني ڏيئي اهو ڪردار ڏنو هو، گلاب چانڊيو شفيع محمد شاهه کي اسان طرفان وڌيڪ عزت ڏيڻ تان ناراض ٿيڻ لڳو، ۽ پوءِ فلم ريليز ٿيڻ تائين مون سان ناراض رهيو، ۽ مونکي مشڪلاتون ڏيڻ واري ٽيم ۾ حصو به رهيو، حالانڪه اسان سندس طي ٿيل معاوضو به کيس ڏئي چڪا هئاسون، بحرحال “جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن”، هو اڄ به منهنجو فنڪار ساٿي آهي ۽ اسان هڪٻئي جي عزت ڪيون ٿا.
    شفيع محمد شاهه فلم “محب شيدي” جي شوٽنگ ڪري موڪلائي وڃڻ لڳو ۽ ٽيڪسيءَ جو ڪرايو به نه ورتو ته مون ان وقت سندس امانت “لطيف گولڊ ميڊل” جيڪو مون وٽ رکيل هو، اهو مون پنهنجي مرحوم والد صاحب جي هٿان کيس پارايو ۽ اصلي پٽ جي قيمتي لونگي جيڪا موکي شاديءَ ۾ پارائي ويئي هئي، اها جڏهن ڪردار لاءِ کيس پائڻ لاءِ ڏني ويئي ته اها کيس ايڏي پسند آئي جو پاڻ موکان اها گهري ورتائين، ۽ ان جهڙو ٻيو حصو به هٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چيائين، شايد اڄ به سندس گهر ۾ اهو لونگيءَ وارو پهريون حصو فريم ۾ سندس گهرواريءَ لڳرائي ڇڏيو آهي، هو ان ڏينهن هليو ويو ته وري ٻيو مرحلو فلم جي ڊبنگ جو شروع ٿيو، انٽرنيشنل اسٽوڊيو ۾ آئون سڀني جي ڊبنگ ڪرائيندو هوس، شاهه اسد گڏ هوندو هو ۽ شفيع محمد شاهه کي روز فون ڪري ڊبنگ جي لاءِ وقت گهرندو هوس، هڪ ڏينهن ٻڌايو مانس يار تنهنجي شڪل جي مٿان ٻئي ڪنهن جو آواز سوٽ نه ڪندو، ان ڪري آئون چاهيان ٿو ته تون پنهنجي آواز ۾، پنهنجي ڪردار جي ڊبنگ ڪري وڃ، ته مهرباني ٿيندي. هن فون تي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته آئون سمجهي ويس، تون ڇا پيو چئين، تون اهڙو ڏنگو ماڻهو آهين جو منهنجي ڪردار جي پاڻ به ڊبنگ ڪري ڇڏيندين، ۽ پوءِ خواري منهنجي ٿيندي، تنهن ڪري آئون سڀاڻي اچي ڊبنگ ڪرائيندس، پوءِ هن اچي ڊبنگ مڪمل ڪرائي، مون کان هڪ رپيو به نه ورتائين. بحرحال مون ساڻس دل و جان سان محبت ڪئي، ۽ هن به منهنجي تمام گهڻي عزت ڪئي، خدا کيس جنت نصيب ڪري، هو شوبز جي ڪيترن دوستن لاءِ آزاريندڙ هو، پر اسان جي محفلن جو مور هو، سندس ڳالهيون هميشه سنڌي ۽ اڙدو فن جي تاريخ ۾ نمايان رهنديون.


    عبدالڪريم بلوچ

    عبدالڪريم بلوچ سان منهنجي پهرئين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن رحمان ميمڻ جيڪو هالن جو رهاڪو هو ۽ بطور فلم ايڊيٽر پي ٽي وي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ بلوچ صاحب جو تمام ويجهو دوست هو، سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي، مونکي جيئن ته ڪراچي هوٽل ۾ ويهڻ وارن سان گڏ ويهندي چڳو وقت ٿي ويو هو، ۽ بلوچ صاحب هر ڇنڇر تي ڪراچي کان حيدرآباد ايندو ۽ ريڊيو پاڪستان جي دوستن سان ڪراچي هوٽل ۾ ڪچهري ڪندو هو، پوءِ “ناٽڪ رنگ” جي لاءِ اتان ئي فنڪارن کي بڪ ڪندو هو، جنهن ۾ ان وقت جا سڀ ريڊيو فنڪار جن ۾ سيد صالح محمد شاهه (ڪچهري پروگرام) ڪندو هو جيڪو “فتح خان” جهڙو ريڊيو جو پروگرام وانگر مشهور ته نه هو، پر “ڪچهري” سڄي سنڌ جا سگهڙ ۽ فوڪ فنڪار ۽ ثقافتي پورهيو ڪندڙ پورهيت متعارف ٿيندا رهندا هئا، اهڙي طرح سندس ٻيا دوست عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، زرينه بلوچ ۽ ان دور جا نامور ريڊيو صداڪار هن ٽي وي تي پهچائي ڇڏيا، جڏهن ته مونکي ان ننڍي اسڪرين سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، مونکي ٻالڪ پڻ کان ئي فلمون ٺاهڻ جو جنون هو، عبدالرحمان ميمڻ جي معرفت بلوچ صاحب ۽ منهنجون نشستون ٿيڻ لڳيون، جن ۾ بلوچ صاحب پنهنجي ٺاهيل فلمي ڪهاڻيون روز مونکي ٻڌائيندو هو ۽ پوءِ اها محبت ۽ صحبت حيدرآباد مان شفٽ ٿي ڪراچي صدر ۾ هوٽل انٽرنيشنل سٽي جنهن جو مالڪ بلوچ صاحب جو دوست هو، ان جي ڪمري ۾ يا آئون جيڪو روم وٺندو هوس، ان ۾ روز ڪچهري ٿيندي هئي، ۽ نئين ڪهاڻي جنم وٺندي هئي، آهستي آهستي سنڌي فلمن م ڪم ڪرڻ وارن اداڪارن، موسيقارن، ڊانس ڊائريڪٽرن توڻي سڀني متعلقه شعبن وارن کي ڄاڻ ٿي هئي، ته اسان فلم ٿا ٺاهيون ته ات روز ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. پر جڏهن بلوچ صاحب جي بدلي ڪوئٽه ٿي ويئي ته پوءِ آئون به موسيٰ ڪليم وارن جي ور چرهي ويس، ۽ هوٽل يونائٽيڊ هوٽل صدر ڪراچي واري ۾ روز ڪمرن ۾ وڏيون فلمي نشستون ٿيڻ لڳيون، جيڪي سڄي رات هلنديون هيون ۽ صبح ڪري سڀ گهر ويندا هئا، اچڻ وارن ۾ ان وقت موسيٰ ڪليم (شاعر، رائيٽر ۽ فلم ساز)، سندس ڀاءُ ايس وائي احمد (بابو ڀائي، هدايتڪار)، غلام علي (موسيقار)، ضامن علي (موسيقار)، فيروز گل (موسيقار)، دستگير ڀٽي (صحافي)، قادر نظاماڻي (صحافي)، شاهه اسد (هدايتڪار) ۽ سعيد هارون (هارون فيملي جو ايسٽرن اسٽوڊيو اونر) شامل هوندا هئا.
    بحرحال عبدالڪريم بلوچ مونکي پي ٽي وي تي پنهنجي دوست جي حيثيت ۾ رکيو، ۽ منهنجي هر خوشي پوري ڪئي، ۽ موکي اي گريڊ پي ٽي وي اسڪرپٽ رائيٽر به بنائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ مون “چهچٽو” ۾ هزارين خاڪا ڏنا ۽ “رس چس” موکي بلوچ صاحب ڏنو جيڪو ارڙنهن مهينا هليو، ان ۾ به سوين خاڪا ڏنم، ابتدا ۾ پروڊيوسر فيض ٻگهيو هو، جڏهن مون ان سان ريهرسل ڪري خاڪا طي ڪري ڇڏيا، ۽ ريڪارڊنگ شيڊول طي ڪري رهيا هئاسون ته اچانڪ فيض صاحب کي مهيني جي ٽريننگ جي لاءِ اسلام آباد وڃڻو پيو.
    ان وچ ۾ ٽن سالن کان پوءِ منظور قريشي اسلام آباد مان ٽرانسفر ٿي ڪراچي پهچي رهيو هو، جيئن ته هو اسان کي دوستيءَ ۾، حالتن ۾ جت ڇڏي ويو هو، اسان ان کان پوءِ ڪافي ترقي ڪئي هئي، يعني اسان اڙدو ڊرامن جا ايڪٽر به ٿي ويا هئاسين، فلم ساز به ٿي ويا هئاسين، ۽ فلم “علي گوهر” جي ڊبنگ جي دوران منظور قريشي اسلام آباد مان ڪراچي گهمڻ آيو هو، ته محمود صديقي کيس مون وٽ انٽرنيشنل اسٽوڊيو ۾ ڊبنگ تي وٺي آيو، ۽ مون کيس گذارش ڪري چند فائٽرن جي جملن جي ڊبنگ ڪرائي، ۽ هن موکي مان به ڏنو، پر ڪم مشڪل ئي سمجهائين، پر دوستي جاري هئي، ۽ هو اڪثر اسلام آباد جا ڏک سک خطن جي ذريعي مون سان ونڊيندو رهندو هو، پر انهن ٽن سالن ۾ اسان جيڪا ترقي ماڻي، اها جيئن ئي منظور قريشي بدلي ٿي، ڪراچي اسٽيشن تي پهتو، ۽ منهنجي پوزيشن ڏٺائين، ۽ بلوچ صاحب فيض ٻگهئي جي بدران مون وارو پروگرام “رس چس” منطور قريشي کي پروڊيوس ڪرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو، جڏهن مون اهو آرڊر پڙهيو ۽ منظور قريشي جي رويي کي نوٽ ڪيو، ته هو ائين ئي سمجهي پيو ته “چهچٽو” وارا جتي ڇڏي ويو هوس اتان ئي اچي وري نئين سنئين کڻي خاڪن جو پروگرام شروع ٿو ڪريان.
    ان وقت پي ٽي وي پروڊيوسرن جا رويه ڪنهن ڪچي جي صوبيدار کان گهٽ نه هوندا هئا، سو مونکي اچي فڪر ٿيو ته جيڪا انڊراسٽينڊنگ ماضيءَ ۾ ختم ٿي ويئي ۽ هن وقت اسان فيض ٻگهيو سان گڏ اهو مزاحيا خاڪن جو پروگرام “رس چس” جي نالي ڪري رهيا آهيون، اهو اخبارن ۾ به اچي چڪو هو، پر آرڊر تبديل ٿيڻ کان پوءِ مون بلوچ صاحب کي وڃي سمجهايو، ته فيض ٻگهيو منهنجي اسڪرپٽ تي ڪم ڪيو، ريهرسل ڪرايون، اهو اچي ته ان سان ئي اهو پروگرام ڪجي، باقي منظور صاحب اسان جو محسن ۽ استاد به آهي، پر سندس رويو اهوئي ساڳيو هوندو، ۽ اسان ڪافي بدلجي ويا آهيون، بلوچ صاحب وراڻيو ته توهان کي ۽ منظور کي آئون هڪ ٽيم مثل سمجهندو آهيان، ۽ منظور توهان جو ويجهو دوست به هو، ان ڪري مون اهو پروگرام ان جي حوالي ڪيو، بحرحال آئون کيس ٻيو پروگرام ٿو ڏيان، ڀلي فيض ٻگهيو ٽريننگ تان اچي ته پوءِ توهان گڏجي “رس چس” پروگرام ڪجو، جنهن تان منظور قريشي ايترو ناراض ٿيو جو دوستن کي چوندو هو ته مون يار محمد شاهه ۽ مير محمد لاکو کي اداڪار بنائي وڏي غلطي ڪئي.
    اهڙي طرح ٻيو پروگرام “کل ڀوڳ” مزاحيا خاڪن جو، اهو به بلوچ صاحب منظور ڪيو ۽ اقبال سعيد انصاري هالن وارو سان گڏ 3 مهينا اهو پروگرام ڪيو، ان کان پوءِ بلوچ صاحب جي تعاون سان مون اڙدو ڊرامه سيريل “سچ گيا بچ” لکيو ۽ پروڊيوسر شاعر سميع بلوچ اسلام آباد مان جڏهن بدلي ٿي ڪراچي پهتو ته بلوچ صاحب کي چئي اهو ڊرامون ان کي ڏياريم، اهڙي طرح قانوني ڄاڻ جو ڊرامون (PPC) پاڪستان پينل ڪوڊ “قلم نمبر” لکيم، منظور ڪرايم ۽ اقبال لطيف کي ڏياريم، اهڙي طرح بلوچ صاحب جيئن آفيس ۾ پهچندو هو ته مونکي ڪچهري لاءِ گهرائيندو هو، شام تائين ساڻس گڏ ويٺو هوندو هوس، اڪثر لنچ کائڻ لاءِ يوسف شاهين جي دفتر ۾ ويندا هئاسون، جتي بورچي تازي تازي ماني ڪڍي ڏيندو هو، ۽ اتي لنچ ڪندا هئاسون.
    بلوچ صاحب مونکي ڀائرن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو، سندس وڏو ڀاءُ ساقي صاحب (عبداللطيف)، چاچا فضل جو 60 سالن جو ساٿي هو، ۽ ان ئي ساقي صاحب کي پروموٽ ڪيو هو، ۽ ڀائرن وانگر رکيو هو، ان لحاظ جي ڪري هو مونکي چوندو هو ته اسان توهان جو نمڪ کاڌو آهي، ۽ اسين توهانجي خاندان جو حصو آهيون.
    الله جنت نصيب ڪريس، يار محمد شاهه کي پي ٽي وي ۾ عام فنڪار بدران خانداني ۽ باصلاحيت فنڪار ۽ رائيٽر طور نروار ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. هن کي فلم گڏجي ٺاهڻ جو شوق هو، پوءِ موکي جڏهن فلم ساز ڏٺائين ته پوءِ هو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ جڏهن دليپ ڪمار پاڪستان آيو، ڪراچي ٽيليويزن تي انٽرويو ريڪارڊ ڪرائڻ آيو، ته پوءِ هن منهنجو ساڻس تعارف ڪرائيندي چيو ته هي اسان جو سنڌي اداڪار ۽ فلمساز آهي، ۽ اندرون سنڌ مان خاص ڪري توهان سان ملڻ آيو آهي، جنهن تي دليپ ڪمار چيو ته “سنڌي ماڻهو ڏاڍو تڪڙو ماڻهو، خوش ماڻهو” تڏهن مون جواب ڏنو ته “سائين اهي خوش ۽ خوشحال هندو ماڻهو سنڌ مان لڏي ويا، باقي اسان جهڙا مولائي وڃي رهيا آهن” وڏو ٽهڪ ڏنائين ۽ وري ٻئي ڏينهن بلوچ صاحب پاڻ سان گڏ سنڌي فنڪارن جو وفد وٺي، هلي هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ۾ دليپ ڪمار سان ٻه ڪلاڪ تفصيلي ڪچهري ڪرائي ۽ تصويرون به ڪڍرايون، جيڪي منهنجا يادگار لمحا ۽ دليپ صاحب اسان کي تصوير ڪڍڻ سيکاري.


    ايس گل صاحب

    جيئن ته اسان ايس گل صاحب جو تعارف مٿي ڏيئي چڪا آهيون، پر ساڻس وابسته ڪجهه يادون درج ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، هڪ ته ننڍي هوندي مون ان وقت جڏهن پاڪستاني فلم “باره بجي” لڳي هئي، ۽ سئنيما ۾ مون ڏٺي هئي، جنهن ۾ ساقي صاحب جو مرڪزي ڪردار هو، اتفاق سان ٻئي ڏينهن مٽياري ۾ ساقي صاحب انهيءَ چيڪ واري شرٽ ۾ جيڪا سڄي فلم ۾ پاتل هئس، ايس گل صاحب سان گڏ مٽياري ۾ آيو، اسان ٻار هئاسون پر کين تعجب سان ڏسندا رهياسون، جڏهن آئون 1964ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ وٽس لاهور ويو هوس ته هن مونکي گهمڻ ڦرڻ جي سهولت ڏني، پر جڏهن اداڪاري جي ڳالهه ڪيم ته مونکي پنهنجي دوست جهانگير جيڪو ان وقت فلم “الفت” ٺاهي رهيو هو، جنهن کي آئون اداڪاري لاءِ چئي آيو هوس، جنهن چيو هو ته گل صاحب اجازت ڏي ته آئون توهان لاءِ ڪو ڪردار ڪڍي سگهيان ٿو، پر جڏهن چاچا ماني جي ٽيبل تي منهنجي خواهش ٻڌي، ۽ مونکي هدايت جو اهڙو ليڪچر ڏنو جو آئون بنا موڪلائڻ جي واپس موٽي آيس ۽ دل ۾ چيم ته چاچا توهانکي هڪڙي ڏينهن منهنجي ضرورت پوندي، ۽ اهو ٻڌايو اٿم ته کيس منهنجي ضرورت 15 سالن کان پوءِ پئي، جڏهن آئون “چهچٽو” جي ذريعي بي انتها مقبوليت ماڻي چڪو هوس، پوءِ سندس فلم “حاضر سائين” ۾ سندس مدد ڪيم، ۽ سندس فلم “سهڻا سائين” ۾ مزاحيه ولين جو ڪردار به ڪيم، ان کان پوءِ ٻي فلم “بهادر” جيڪا هو نواب ڪيفي سان گڏ ٺاهي رهيو هو، اها نه ٺهي سگهي، ان تي ساڻس گڏ ڪم ڪيم، پاڻ منهنجي فلم “علي گوهر” ۾ هڪ منسٽر جو مختصر رول به ڪيائون.
    اهڙي طرح هڪ اهڙو احسان جيڪو آئون وساري نه سگهندس، اهو آهي ته جنهن گهر ۾ منهنجا پٽڙا رهن ٿا، اها سندس جاءِ هئي، جيڪا مون وائيف ۽ نياڻي موڪلي گهري، ته هن بنا معاوضي ڏيئي ڇڏي، ان وقت پاڻ فالج زده هو، ۽ گهر ۾ بيڊ تي هوندوو هو، ۽ آئون سندس تنهائيءَ کي وندرائڻ ويندو هوس، پاڻ کي جيڪي اولاد پئسا ڏيندو هوس اهي غريب فنڪارن ۽ موسيقارن جي بيواهن کي لڪائي ڏياري موڪليندو هو، جنهن تان سندس فرزند فاروق شاهه ناراض ٿيندو رهندو هو، ۽ هر ٽن مهينن کان پوءِ سندس لاءِ نوڪر بدلي ڪندو رهندو هو، مونکي چاچا جاءِ مفت ۾ ڏني هئي، پر فاروق شاهه ڄامو ٽ ذوالفقار جي معرفت مونکي چيو ته بابا جو دماغ صحيح نه آهي، اسان ٻن ڀائرن جي ملڪيت آهي، توهان کي جاءِ جو معاوضو ڏيڻو پوندو ۽ مون کان ان جاءِ جا ساڍا ٽي لک روپيه ڄاموٽ ذوالفقار جي معرفت ورتا ويا، جڏهن ته جنهن وقت اسٽامپ وينڊر مرحوم حفيظ الله مٽيارين جو دستاويز تي ايس گل صاحب کان صحيح وٺي رهيو هو ته هن مرحوم ان وقت کائنس پڇيو ته يار محمد شاهه کان پئسا ته ڪونه ورتا اٿائو...؟ جنهن تي پريان بيٺل فاروق شاهه ڪنڌ جو اشارو ڪري اسٽامپ وينڊر حفيظ الله کي “نه” جو اشارو ڏنو، جنهن پڻ تائيد ڪندي چيو ته “نه... يار محمد شاهه کان پئسا نه ورتا ويا آهن.”
    اهڙي طرح هڪ پراڻي جاءِ جيڪا شهر ۾ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جي آفيس جي حيثيت ۾ مون وٽ پنڌرنهن سال هئي، اها به جڏهن پاڻ ٺيڪ ٺاڪ هو، ته مونکي گهٽ پئسن ۾ وڪرو ڪري ڏني هئائين، ۽ جڏهن آئون شادي ڪري زال گهر وٺي آيو هوس، ته منهنجي مائٽن مان پهريون ايس گل صاحب ئي هو، جنهن منهنجي گهر واري جي مٿي تي هٿ رکي خرچي ڏني، ان کان علاوه پاڻ وڏي جي هئڻ باوجود مونکي پنهنجو ويجهو ايترو رکندو هو، جو سندس آخري ايامن ۾ ڪئين ڏک جيڪي کيس ملندا هئا، ۽ آئون ڏسندو هوس هن جا لڙڪ، پوءِ آئون به پنهنجا لڙڪ اگهي هليو ويندو هوس، ان کان اڳ جو منهنجي انٽري وٽس بند ڪئي ويئي، پر سندس ٻيو فرزند ڊاڪٽر حسنين شاهه ۽ سندس اهليه جيڪا سابق وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي نياڻي آهي، اهي مونکي ۽ منهنجي ٻچن کي عزيزن وانگر پنهنجو ئي سمجهن ٿا، جڏهن ته تازو حسنين شاهه جي پٽ جي شاديءَ ۾ فاروق شاهه رسمي مسڪراهٽ سان هٿ ڏيئي، ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. الله ڪري خوش هجن.


    حسين علي شاهه فاضلاڻي

    جيئن ته فاصلاڻي صاحب اڏيرو لعل ۽ جهرڪن سان به تعلق رکندو هو ۽ فلم “عمر مارئي” ۾ جيڪو عمر بادشاهه جو محل هو، اهو پاڻ اصلي محل پنهنجي اڏيري لعل واري ٻنيءَ تي ٺهرايون هئائين، اهڙي طرح اسان کي به جڏهن کيس پهريون دفعو ڏسڻ جو موقعو مليو، ته هو حيدرآباد جي فردوس سئنيما ۾ ڪنهن خاتون سان گڏ فلم ڏسڻ آيو هو، جيئن ئي انٽرويل ۾ ٻاهر نڪتو ته ماڻهن جا ميڙ لڳي ويا، آئون به انهن ۾ شامل ٿي کيس عجوبو سمجهي ڏسڻ لڳس، پر ساڻس پهرئين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن منهنجو دوست ۽ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جو ميمبر قاضي فضل الله عرف مشتاق قاضي مونکي سندس لطيف آباد واري بنگلي تي وٺي هليو، سندس ان بنگلي ۾ به سئنيما هال هو، ۽ اهو بنگلو سندس ٻين بنگلن وانگر خوبصورت هو، سندس هيرآباد عامل ڪالوني ۾ ٺاهيل بهترين بنگلو جنهن جهڙو ڪنهن امير جو به نه هو، جنهن ۾ زير زمين به سئنيما هال ۽ مٿي ڪمرا به ڪاٺ جي درن جا اهڙا ٺهيل هئا، جو چاهي ته ڪمرا ڪري، چاهي وڏو هال ڪري، اهو بنگلو جڏهن پاڻ وڪائين ته اسان جي خاندان جي مشهور شوقين چاچا حاجي جيئندل شاهه ڄاموٽ خريد ڪيو، ۽ جنهن جي انتقال کان پوءِ اهو بنگلو ڪافي وقت حاجي فضل علي شاهه يعني ايس گل صاحب وٽ رهيو، ان کان پوءِ وري انهن وڪرو ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح سندس ٻيو بنگلو گاڏي کاتي ۾ ٺهيل هو، جيڪو پڻ ٽن طبقن تي خوبصورت ڪمرن جو، ۽ وال پيپر جي ڊيزائن سان ٺهيل هو، پاڻ اهو به وڪرو ڪري مخدوم طالب الموليٰ سائين وارن کي ڏنائين، ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته سائين اهڙيون خوبصورت شيون ان وقت ٺاهيندو هو، جنهن وقت وٽس ڪا دولت يا مري ويل مائٽ جي ورثي مان زمين ملندي هئي، ۽ کيس گهٽ ۾ گهٽ سندس مري ويل وارثن جي ويهارو کن هزار ايڪڙ زمين ملي، پر پاڻ پنهنجن شوقن شغلن ۾ ۽ پتي راند ۽ مجرو ڏسڻ ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيائون.
    پاڻ چار شاديون ڪيائون جن مان فرزند به اٿس، وڏو شاهه جهان سندس نقل ڪندي چار شاديون ڪيون، ۽ ٻين به ٻه ٻه شاديون ڪيون.
    پاڻ جڏهن لطيف آباد واري بنگلي ۾ مون سان ملاقات ڪئي، ان وقت وٽس سنڌي فلم “هاري” جو اسڪرپٽ ۽ رونا ليليٰ جي آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل گانا به موجود هئا، ان مونکي گانا ٻڌايا ۽ اسٽوري به ٻڌائي، اسٽوري ۾ مزاح جي کوٽ هئي، جيڪا پاڻ موکي لکي ڏيڻ لاءِ چيائين، ۽ فلم ۾ بطور هيرو به ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ “هاري” جو مک ڪردار پاڻ ٿي ڪيائين، پر انهن ڏينهن ۾ وٽس مالي گهٽتائي هئي، جنهن جي ڪري پاڻ پارٽي پي ڳولهيائين، ۽ مونکي به لاڳت ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، اتفاق سان جڏهن مون سنڌي فلم سازن جي تنظيم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ پهرئين گڏجاڻي ايس گل صاحب جي بنگلي تي ڪئي، جنهن ۾ ايس گل صاحب، فاضلاڻي صاحب، مرحوم شهباز دراني، عبدالحڪيم کوسو ۽ آئون شامل هئاسين، اتي فيصلو ٿيو ته سڀ حصيدار بنجي، هڪ نئين خوبصورت سنڌي فلم ٺاهينداسين.
    ان کان پوءِ فاضلاڻي صاحب پاڻ بنگلي تي وٺي هليو، ۽ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ٻي فلم ڇو ٿا ٺاهيو، مون واري فلم “هاري” ٺاهيون، اهڙي طرح ايس گل صاحب به مونکي پاڻ مرادو سندس زير تعمير فلم “بهادر” جنهن جا گانا تيار هئا، اسٽوري لکيل هئي، ان ۾ به مونکي مرڪزي ڪردار آڇيو ويو هو، ۽ ايس گل صاحب به مونکي قائل ڪيو ته پهرئين فلم “بهادر” مڪمل ڪريو، تڏهن مون ان تنظيم مان ئي هٿ ڪڍيا، ڇو ته سڀ منهنجا بزرگ هئا، ۽ سندن خواهشون پنهنجون پنهنجون فلمون مڪمل ڪرائڻ جون هيون، جڏهن ته ٻين دوستن چيو ته مڪمل ڪا ٻي سنڌي ۽ نئين فلم ٺاهجي.
    ان کان پوءِ مرحوم سان منهنجي عليڪ سليڪ جاري هئي ۽ جڏهن فلم “محب شيدي” جو افتتاح ڪراچي جي هوٽل انٽرنيشنل سٽي ۾ ڪيم ته ان وقت نگار اخبار جو مالڪ الياس رشيدي ۽ حسين علي شاهه فاضلاني صدارت ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص لاءِ محمد هاشم چانهيو آف ٽنڊوآدم صلاحڪار وزيراعليٰ ڄام صادق علي ۽ ساڳئي عهدي تي فائز اسان جو دوست مرحوم عبدالحڪيم کوسو به موجود هو، بحرحال حسين علي شاهه فاصلاڻي وري جڏهن اسان ٽنڊو آدم ۾ سنڌي فلمي ميلو منعقد ڪيو، ته هو اتي به اسان وٽ آيو، ۽ پوءِ اڪثر مون وٽ ايندو رهندو هو، سندس پسماندگي عروج تي هئي، هزارين ايڪڙ زمين جا وڪرو ٿي ويا، ۽ ان جي رقم هن گهڻي ڀاڱي پتي راند ۾ ضايع ڪري ڇڏي، جڏهن ته پاڻ نه سگريٽ پيئندو هو، ۽ نه وري شراب. عورت ۽ پتي راند جي شغل ۾ ويهه هزار ايڪڙ زمين وڃائي، پٽن جي نفرت حاصل ڪيائين، ۽ آخري ايام ۾ جڏهن اڏيري لعل وارو اهو بنگلو جيڪو عمر بادشاهه جو محل هو، اهو ۽ ان سان لڳ زمين 80 ايڪڙ وڪرو ڪري، ڪراچي جي هوٽل تاج محل ۾ اداڪار علي اعجاز ۽ اداڪار ننهو جيڪي ان رات، ان هوٽل ۾ فلم “دبئي چلو” جي شوٽنگ لاءِ دبئي وڃڻ وارا هئا، پر ٻه راتيون حسين علي شاهه ساڻن مسلسل ويهي پتي راند رهي، سڀ ڪجهه هارائي ڇڏيو، هو دل جو دورو کڻي حيدرآباد جي راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ٿيو، اتي پنهنجا پٽ به پڇڻ نه آيس، مرحوم حفيظ الله قاضي جيڪو اسان جو هائي اسڪول جو ٽيچر به رهيو، اهو ان وقت حيدرآباد جو مشهور وڪيل هو، ۽ فاضلاڻي صاحب جو ويجهو ڀائرن وانگر هو، جنهن سندس اسپتال جو خرچ ڀريو، آخري ڏينهن ۾ جڏهن وٽس جيڪو به فلم بابت سامان پيل هو، جهڙوڪ ٽرالي، لائيٽون وغيره، اهي مونکي وڪرو ڪري ڏنائين، جيئن ايس گل صاحب به سموري زندگي جو بچيل فلمي سامان مونکي وڪرو ڪيو هو، اهڙي طرح شاهه اسد به سندس قطب آندل فلمن جو سامان مونکي ڏنو، ۽ آئون ڪنهن ثقافتي ميوزيم ۾ انهن جي نالي سان ڪارنر قائم ڪري ان ۾ رکڻ ٿو چاهيان.
    حسين علي شاهه پنهنجي پهرئين فلم “عمر مارئي” جي انڊيا ۾ گولڊن جوبلي ۽ سنڌ ۾ گولڊن جوبلي کان پوءِ، ٻي سنڌي فلم “پرديسي” ٺاهي، جيڪا پڻ سپرهٽ ويئي، پر جيڪا هن وڏي غلطي ڪئي، اها هئي فلم “عمر مارئي” کي وري “مارئي” جي نالي سان اڙدو ۾ نئين فلم ٺاهي، اها ۽ ٻي سندس اڙدو فلم “استادون ڪا استاد” ٻئي ڊيڊ فلاپ ويون، جڏهن ته بحيثيت اداڪار فلم “آگ ڪا دريا” ۾ ايس گل صاحب سان گڏ ايس پي جو ڪردار پڻ ادا ڪيائين.
    شاهاڻي زندگي بسر ڪرڻ وارو انسان آخر ۾ هڪ لاوارث جي حيثيت ۾ انتقال ڪيو، جنهن جو اڄ نه سندس وارث ڏهاڙو ملهائين ٿا، نه سنڌي ثقافت وارا، بحرحال تاريخ ۾ اهو سچ سدائين لکيل هوندو ته پهرئين سنڌي فلم “عمر مارئي” جو خالق حسين علي شاهه فاضلاڻي هو.


    فريد نواز بلوچ

    فريد اسان جو پيارو دوست ۽ سٺو سمارٽ، خوش اخلاق سهڻو انسان هو، جڏهن هو چيمبر آف ڪامرس ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۾ آفيسر هو، ته ان وقت سندس بيٺڪ تي سڀ سڙيل فنڪار اچي سهڙبا هئا، ۽ مولائي پنهنجي وس آهر سڀني جي خدمت ڪندو رهندو هو، صبح کان شام تائين ڪراچي هوٽل وارا ٿڪل فنڪار به ٻيو ٺڪاڻو سمجهي اچي پنهنجون پنهنجون باهيون ڇنڊيندا هئا، خاص ڪري يعقوب ذڪريا، قاسم فاني، عبدالحق ابڙو، مرحوم امداد پٺاڻ جيڪو اداڪار محمد علي کان ايڏو متاثر هو، جو وارن جي اسٽائل اها، هلڻ جي اسٽائل اها ۽ هر وقت ان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هن جو ايڏيون ڳالهيون هونديون هيون، جنهن مان ڪتاب لکي سگهن ٿا.
    هڪڙي ڳالهه جيڪا سندس مشهور آهي ۽ فريد سڀني کي اها ڳالهه ڏاڍي اسٽائل سان ڪري ڏيکاريندو هو، مثلا امداد هڪ ڏينهن چيو ته آئون ڪلفٽن تي وڃي رهيو هوس، ته زيبا ڀاڀي ڪار ۾ اچي لنگهي ۽ بريڪ هڻي مونکي چيائين ته “علي... پيدل ڪيون جارهي هو.” تنهن تي مون چيو ته “ڀاڀي... مين محمد علي نهين هون.” ۽ پوءِ هوءَ شرمنده ٿي “ساري” چئي وڃڻ لڳي ته مون چيو “ڀاڀي... ڪوئي بات نهين، بڙي بڙي لوگ دهوڪه کها جاتي هي.” اهڙي طرح قاسم فاني به اسان جو پيارو، سينئر ساٿي آهي، ۽ هن جون به ڪئين ڳالهيون جيڪي فريد نواز سنگت کي کلائڻ لاءِ ٻڌائيندو هو، فريد منظور قريشي جو ابتدائي دور جو هيرو به هو، اڪثر جڏهن آئون پي ٽي وي تي منظور قريشي جي حلقي ۾ شامل ٿيس ته اڪثر شام پالي ۾ فريد به گڏ هوندو هو، ۽ منظور جي ڊرامي “ناٽڪ رنگ” جي “دنيا ديواني” ۾ فريد نواز به اسان سان گڏ هو، اهڙي طرح هو منظور جو لاڏلو فنڪار به هو، جنهن سان فيملي وانگر هلندو هو، ۽ رات جو ڪڏهن ڪڏهن منظور جي گهر ۾ محفلون به ٿينديون هيون، اتي به فريد فيملي ميمبر وانگر گڏ هوندو هو، فريد کي فلمن ۾ هيرو يا ولين ٿيڻ جو گهڻو شوق هو، اتفاق سان هڪ اڙدو فلم “گناهگار” لاهور ۾ مشهور ڊائريڪٽر اقبال رضوي هن کي ڏني، جنهن ۾ هي ولين هو، جڏهن ته ان فلم جو هيرو ٽنڊو محمد خان جو اڙدو اسپيڪنگ لطيف شيخ جيڪو اسٽل فوٽوگرافر به هو، اهو به ان فلم ۾ بطور هيرو بڪ ٿيو، پر بدنصيبي سان فلم ڊيڊ فلاپ ٿي، جنهن کان پوءِ فريد لاهور جي هڪ اڌ ٻي فلم ۾ ڪم ڪري واپس موٽي آيو، ۽ هتي تاريخي ۽ جاندار ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين، جنهن کان پوءِ جڏهن “ديوارين” ۽ “جنگل” ۾ سندس ڪردار هٽ ٿيا، ته پوءِ اڙدو پروڊيوسرن به کيس اهم رول ڏيڻ شروع ڪيا، مون مٿي ڄاڻايو آهي ته فريد نواز بلوچ کي ڪاظم پاشا پنهنجي ڊرامي “جانگلوس” ۾ منهنجو ڇڏيل ڪردار فريد نواز کي ڏنو، جنهن ڪردار به خوبصورت ڪيو، ۽ ڪاظم پاشا جي ايڏو ويجهو ٿيو جو اڄ جي مشهور اي آر وائي جي ميزبان ندا پاشا جيڪا ڪاظم پاشا جي ڌيءَ آهي سا فريد نواز پنهنجي پٽ ياسر کي پرڻايائين، ياسر به اڃان عروج نه ڏٺو هو، بلڪه فريد نواز هن کي سڀني پروڊيوسرن وٽ وٺي ويندو هو، اتفاق سان بلوچ صاحب جنهن وقت منهنجو ڊرامون “سچ گيا بچ” اڙدو ۾ پاس ڪيو ته مون ان ۾ فريد نواز سان گڏ ياسر نواز کي به مرڪزي ڪردارن ۾ شامل ڪيو.
    ان کان پوءِ ٻئي پي پٽ منهنجي ڊرامي “ڪفن پوش” ۾ به هئا، جنهن ۾ مون مرڪزي ڪردار ياسر نواز کان ڪرايو، پر اهو ڊرامون مڪمل هئڻ جي باوجود به هر چينل، هر اداري سان ڊيل ڪرڻ جي باوجود به نشر نه ٿي سگهيو، ۽ منهنجا ان ۾ لکين روپيا سيڙجي ويا ۽ ڊرامو نشر نه ٿي سگهيو، جڏهن ته منهنجي پي ٽي وي واري ڊرامي “سچ گيا بچ” ۾ ياسر نواز، تنوير جمال، فريد نواز، بهروز سبزواري، مونا جوڻيجو، خواجه اڪمل ۽ مون ڊرامي “سچ گيا بچ” ۾ مرڪزي ڪردار هئاسين ۽ ڊرامي بابت تفصيل مٿي ڏيئي آيا آهيون.
    فريد نواز پي ٽي وي جو اهو فنڪار هو، جنهن سان هر سنڌي، مهاجر پروڊيوسر محبت ڪندو هو، ۽ عزت سان کيس ڪم ملندو هو، سندس حسرت هئي ته هو پنهنجي پٽ ياسر نواز ۽ دانش کي ڪنهن مقام تي ڏسي، بطور هدايتڪار ياسر نواز پهرئين ٽيلي فلم ٺاهي، جيڪا “هم ٽي وي” جي ٽيلي فلمن واري مقابلي ۾ شامل هئي، ان ۾ پهريون نمبر آئي، ۽ دانش کي به بطور ايڪٽر مرحوم اکين سان ڏٺو، ۽ جوانيءَ ۾ هو اهي سڀ پنهنجا ارمان ۽ خوشيون ڏسي، اچانڪ هڪ ڏينهن دل جو دورو پوڻ سبب اسان سڀني کي ڇڏي هليو ويو. خدا کيس جنت نصيب ڪري.


    گلاب چانڊيو ۽ منظور مراد

    گلاب چانڊيو ابتدائي دور ۾ جڏهن اسان منظور قريشي وٽ “چهچٽو” ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين، ۽ جيئن ته منظور جو تعلق نواب شاهه سان آهي، ۽ گلاب چاندئي جو تعلق به نواب شاهه سان آهي، پر ان وقت هارون رند جي “راڻي جي ڪهاڻي” پي هلي، ۽ گلاب ان ٽيم جو ساٿي هو جيڪا هارون صاحب سان ثناءُ الله عباسي جي جاءِ تي شام واري ڪچهري ۾ منصور بلوچ سان گلاب چانڊيو گڏ هوندو هو، ۽ هو آهستي آهستي هارون صاحب واري ٽيم ۾ شامل ٿيو، ۽ “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ ڪردار کنيائين، ان کان پوءِ هو ننڍا رول ڪندو هو، مون کيس پنهنجي ڊرامي “قلم نمبر” ۾ هڪ ڌاڙيل جو ڪردار ڏنو، ۽ جنهن کي مون وڏي ٽريٽ مينٽ ڏيئي ايڏو اهم ڪردار بنايو جو ان کان پوءِ آئون به کيس پنهنجي فلم “محب شيدي” ۾ بطور هيرو کڻڻ لاءِ آماده ٿيس، حالانڪه “علي گوهر” ۾ علي گوهر جو مرڪزي ڪردار مون ڪيو هو، ۽ گلاب سائيڊ ڪردار ڪيو هو، جيئن ته “محب شيدي“ اسان جو گهراڻي جو نوڪر به هيو، تنهن ڪري مون اهو مرڪزي ڪردار ڪرڻ کان لنوايو، مون وٽ ٻه چوائسز هيون، هڪ منظور مراد جيڪو سنڌي فلمن ۾ به سٺا ڪردار ڪري چڪو هو، پي ٽي وي تي به سٺا ڪردار ڪندو هو، ۽ اسان جي خدمت اشرف اسڪوائر ۾ جڏهن گڏ رهندا هئاسون، تڏهن هي اسان جي فلم “علي گوهر” ۾ به هو، ۽ گلاب چانڊيو به “علي گوهر” ۾ گڏ هو، پر منظور اسان کي وڌيڪ ويجهو ۽ محبت ڪندڙ هو، پاڻ اسان کي جيڪا شي گهربي هئي، اها پنهنجي گهران کڻي اچي ڏيندو هو، اسد الله شاهه جي چوڻ تي منهنجي اشرف اسڪوائر واري فليٽ تي فلم “مسٽر شڪارپوري” جي سنڌي ۾ ڊبنگ ڪري رهيا هئاسين ته وي سي آر، ٽي وي وغيره منظور گهران کڻي ايندو هو، بحرحال منظور به اسان جو گلاب وانگر ئي سٺو دوست آهي، جيڪو پي ٽي وي کان وٺي ڪي ٽي اين تائين اسان سان گڏ رهيو، هو اڄ به سنڌي ڊرامن ۾ سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تي مرڪزي رول ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گلاب ڪجهه وقت سڀني جو نور نظر هو، پر وري هو زميندار به ٿيڻ لڳو، ان ڪري نواب شاهه گهڻو وڃڻ ٿيندو هوس، جنهن ڪري اڪثر بڪنگ نه ملندي هيس، وري جڏهن اچي تعلقات بحال ڪندو هو، ته سڀ اک ۾ رکندا هئس، ۽ ڪردار ملندا هئس، پاڻ بهترين اداڪار ۽ ثقافتي رسمن جو پاسدار آهي، مطلب ته جيئن آئون سيزن ۾ سڀني دوستن کي پنهنجي باغ جا انب رسائيندو آهيان، تيئن گلاب به اڪثر ڪراچي جي دوستن کي انب رسائيندو آهي، ان کان علاوه صحت ۾ ڪمزور ٿي وڃڻ جي ڪري هاڻ ڊرامن ۾ بڪنگ گهٽ اٿس، بحرحال گلاب اسان جي ٽيم جو سٺو دوست آهي، ۽ منظور مراد به اسان سان نڀائيندو اچي، ٻنهي جو هڪ پس منظر مون سان وابسته آهي، ته جڏهن آئون اشرف اسڪوائر ۾ رهندو هوس ته هي ٻئي ڄڻا به هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي گڏجي رهيا، ٻنهي ڄڻن اتي جي رهاڪو هڪ اڙدو فيملي مان ٻن ڀينرن سان شاديون به ڪيون، ماشاءَ الله اڄ ٻنهي جا ٻچڙا به شادي شده ٿي ويا آهن.


    شاهه اسد

    اسد الله شاهه جيڪو مرحوم موسيٰ ڪليم جو ڀاڻيجو ۽ منهنجي ٽنڊو آدم جي پياري دوست سائين سيف الله شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو، جمن شاهه جتي محلي ۾ اسان جا گهر هڪ ٻئي جي سامهون هئا، ۽ شام جو روز اسان ڪڏهن گهٽيءَ ۾ ته ڪڏهن ٻنهي جي اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪندا هئاسون، ۽ شاهه اسد اچي ويهندو هو، پر جڏهن سيف الله شاهه ڪراچي هوٽل ۾ موسيٰ ڪليم سان منهنجي ملاقات ڪرائي ۽ هن کي ٻڌايو ته آئون هڪ سنڌي فلم ٺاهڻ ٿو چاهيان، ان کان پوءِ اسان جي موسيٰ ڪليم سان بيٺڪ شروع ٿي، ابتدائي ڪوشش ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪراچي جي اسٽوڊيو ۾ رونا ليليٰ جي آواز ۾ گانا ريڪارڊ ڪرڻ واري مرحلي ۾ بطور معاون اسد الله شاهه اسان سان گڏ هو، کيس شوق هو ته اسان سندس گانا پنهنجي فلم “غيرت جو سوال” ۾ شامل ڪيون، ۽ جڏهن موسيٰ ڪليم منهنجي حيثيت کان وڌيڪ دائرو وڌايو، اڃان اسان جي ابتدا هئي، فلم جي اداڪارن ۾ چڪوري، چنگيزي، شهباز دراني ۽ آئون شامل هئاسين، ته موسيٰ ڪليم اسان کي ان ڪهاڻي ۾ لاهور جا وڏا فنڪار وجهي فلم سنڌي ۽ پنجابي ۾ ٺاهڻ لاءِ دباءُ وڌو، پاڻ ان وقت جي وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادو سان ڳالهائي فلم جو ٽيڪس معاف ڪرائڻ ۾، ان ڪري ڪامياب به ٿي ويو جو فلم جي ڪهاڻي صادق آباد ۾ رهندڙ سنڌي ۽ پنجابي وڏيري جي دوستيءَ تي مشتمل هئي، جنهن ۾ سنڌي وڏيرو ڌاڙيل ٿي پنهنجي نياڻي پنهنجي پنجابي دوست کي پالڻ لاءِ ڏيئي ويندو آهي، ۽ سندس پٽ وري پنجابي وڏيري جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ پاڻ ۾ سنڌي پنجابي ڀائي ڀائي ٿي رهڻ جو نعرو هڻندا آهن، جنهن جي ڪري مون فلم جي بجيٽ وڌي ويندي محسوس ڪئي، ۽ پوءِ شاهه اسد کي ٻڌايم ته هيءَ فلم منهنجي ڳلي ۾ پئجي ويندي، آئون ايترو سرمايو مهيا ڪري نه سگهندس، بلڪه مونکي هن عمر ۾ ئي حسين علي شاهه فاضلاڻي وانگر زمينون وڪڻڻيون پونديون.
    آئون اها فلم ڳچيءَ مان ڪڍي ڳوٺ هليو آيس، مون کان پوءِ شاهه اسد ۽ ٽنڊي آدم جي مزاحيه اداڪار موج سوناري رئيس غلام عباس آف ٽنڊو آدم کي قائل ڪري، فلم “غيرت جو سوال” ٺاهڻ لاءِ لاهور جا ايڪٽر صبيحه خانم، ڪيفي، ننها، عشرت، افضال جٽا ۽ ٻيا پنجابي اداڪار کڻي فلم مڪمل ڪئي، جيڪا سنڌ ۾ سٺي ڪامياب ويئي پر جڏهن سنڌي فلم “غيرت جو سوال” پنجابي زبان ۾ “شهزور” جي نالي سان پنجاب ۾ لڳي ته ماڻهن ان نعري جي مخالفت ڪئي، ۽ سنڌي پنجابي ڀائي ڀائي جي خلاف سئنيما ۾ اٿي کڙا ٿيا، ۽ اسڪرين کي پٿر هڻي فلم لهرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائون، پر شاهه اسد ان فلم مان تمام گهڻو سکيو ۽ ان فلم ۾ پاڻ بطور شاعر محبوب ترمذي ۽ بطور معاون هدايتڪار شاهه اسد جو نالو نروار ڪيائين، جڏهن ته سندس نالو اسد الله شاهه هو، هو اڳتي هلي سنڌي فلمن جو ڪامياب هدايتڪار ٿيو، جڏهن مون فلم “چهچٽو” ڀٽ شاهه ۾ شوٽ پي ڪئي ته هن بليڪ اينڊ وائيٽ فلم “جلال چانڊيو” جي تياري پي ڪئي، وري مون کي پنهنجي ٻي فلم “پرو” ۾ “علي گوهر” جو ڪردار ڏنائين، ان وقت اسان هر ڪم ڪار گڏجي ڪندا هئاسون، آئون پنهنجا گهر، پنهنجون اوطاقون به کيس شوٽ ڪرڻ لاءِ ڏيندو هوس، باقي سندس فلم “شهيد” جي دوران آئون پي ٽي وي جو مصروف اڙدو اداڪار ٿي چڪو هوس، ان کان پوءِ جڏهن پاڻ فارغ هو ۽ ڪافي وقت ويهي گذاريائين ته پوءِ “محب شيدي” جنهن جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آهيان، ته مصطفيٰ قريشي ۽ موسيٰ ڪليم تاج محل هوٽل ڪراچي ۾ ڪمرو وٺي “محب شيدي” فلم جي ڪاغذي تياري ڪري هئا، ته مونکي دادو ۾ منان عباسي طرفان شهيد بلاول ايوارڊ وٺن واري تقريب ۾ مشتاق چنگيزيءَ ٻڌايو ته محبت شيدي جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن کان پوءِ شاهه اسد پنهنجي مامي جي خلاف محاذ کڙو ڪري، مونکان فلم “محب شيدي” ڪيئن ٺهرائي...؟؟؟، ان جو انجام ڪهڙو ٿيو...؟؟؟، اهو مٿي ڄاڻائي چڪو آهيان، پر وري مرحوم جي مدد ڪرڻ لاءِ مون ٽنڊو آدم ۾ فلمي فيسٽول به ساڻس گڏ ڪيو، ۽ سندس تعليم تي ٺاهيل ٽيلي فلم “شاگرد” ۾ به ڪم ڪيو، پر جڏهن هن “شمن ميرالي” تي سنڌ ٽي وي لاءِ فلم ٺاهي ته ان وقت اسان جا رستا بالڪل جدا هئا، جيڪي آخر تائين جدا ئي رهيا، ۽ سندس اچانڪ انتقال تي اسان کي صدمو پهتو، ۽ سندس جنازي ۾ شريڪ ٿي سندس لاءِ دعاگو ٿياسون.
    مون ڪي ٽي اين جي پروگرام “فلمي دنيا” لاءِ سندس يادگار ۽ مڪمل انٽرويو ريڪارڊ ڪري نشر ڪيو، جيڪو هو ته ڇهن قسطن تي مشتمل، پر ڪي ٽي اين ان جون صرف چار قسطون هلايون.
    مرحوم هڪ اهليه ۽ ٻه نياڻيون پٺيان ڇڏيون، ۽ منهنجي دل و دماغ تي هر وقت شاهه اسد ۽ جسڪاڻي صاحب سان گذاريل وقت جون ڳالهيون جن تي به ڪئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا سي اڄ به محفل ۾ ويهي، سنگت سان ڪچهرين ۾ مرحومن جون ساروڻيون ساريندا آهيون، خدا ٻنهي کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سندس صلاحيتن جو آئون مداح هوس ۽ هو مونکان تعليم ۽ تجربي ۾، معاشي حيثيت ۾ ڪمزور هئا. ان کان پوءِ جڏهن مون ساڻس سندس فلم “پرو” ۾ علي گوهر جو ڪردار ڪيو، ته سندس ڪم دوران پيشانيءَ تي هڪ چمڪ ڏسي، مون محسوس ڪيو ته هي ڏات وارو هدايتڪار آهي، جيڪو منظرنامو شوٽ ڪرڻ وقت ان جي سين جي ڪٽنگ دماغ ۾ رکي، شاٽ محفوظ ڪري ٿو، جڏهن ته شاٽ ڊويزن پيپر تي لکي پوءِ ڪئميرامين سان ڊسڪس ڪري، ان سڄي منظر کي مختلف زاوين کان شوٽ ڪرڻ جو ٻڌايو ويندو آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وٽ لکيل هوندو آهي، پر شاهه اسد جنهن اسپيڊ سان اهو منظر شوٽ ڪندو هو، جنهن ۾ ماسٽر شاٽ وٺڻ کان پوءِ ڪلوز ورڪ به پنهنجي حافظي جي بنياد تي تيزي سان ڪري ڇڏيندو هو، ۽ سندس اها ئي يادگيري کيس ايڊيٽنگ جي ٽيبل تي ياد اچي ويندي هئي، ۽ اهي شاٽ ياد ڪري، ڳولهي، ايڊيٽر سان گڏ منظر نامو جوڙي ويندو هو.
    فلم “محب شيدي” جو هڪڙو منظر روشن عطا جو، سخي هاشم شاهه درگاهه مٽياري تي شوٽ ڪرڻ دوران مون سان ٽي وي جو مقبول، ڄاڻو ۽ شاطر ڊائريڪٽر زاهد معصومي گڏ بيٺو هو، جنهن کي مون شاهه اسد جي چمڪندڙ پيشاني ڏيکاريندي چيو “ڏس... اها چمڪ هن جي پيشانيءَ تي هاڻ نروار ٿي آهي، ۽ جيئن هي ڪم ڪري پيو تيئن تون ۽ آئون ڪري نه سگهنداسين”. شاهه اسد منهنجي فلم “محب شيدي” جي دوران مونکي گهڻن آزمائشن ۾ وڌو، ۽ پهرئين مرحلي ۾ منهنجا ڀائيوار فلم ساز علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو انهن کي مون کان الڳ ڪيو، ۽ پاڻ روز هنن سان رات پاليون ڪري، منهنجي خلاف ڳالهائيندا هئا، پوءِ مون ڏٺو ته هي ڳوٺ وارا رشتا هن ٽڪراءُ ۾ آڻي، مون کان فلم ڇڏائڻ ٿو چاهي، ۽ پوءِ فلم کي ۽ هنن کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ ٿو چاهي، شوٽنگ مڪمل ئي ڪانه ٿي ته مون مٽياري جي شوٽنگ دوران ٻنهي ڀائيوارن کي چيو ته هيءَ فيلڊ ڏکي آهي ۽ اڃان اسٽوڊيو ورڪ، ايڊيٽنگ، ڊبنگ ۽ ريليز جا مرحلا اچڻا آهن، انهن ۾ به خرچ ٿيندا، ۽ سنسر ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکڻي پوندي، توهان مهرباني ڪري هيءَ ڀائيواري هن ئي مرحلي تي ختم ڪريو ته جيئن رشتا ٽٽڻ کان بچي وڃن ۽ فلم ريليز ٿيڻ کان پوءِ توهان جيڪو هيستائين خرچ ڪيو آهي، اهو آئون اوهان کي ڀري ڏيندس، ان کان پوءِ شاهه اسد هڪ گروپ جي شڪل ۾ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪندي، مونکي نشانو بنائي، هنن کي مونکان جدا ڪيو ۽ گلاب چانڊيو جيڪو شفيع محمد شاهه سان سٺو رويو رکڻ ڪري مونکان ناراض ٿي چڪو هو، هاڻ هن پاڻ به منهنجي رهيل ڪم ۾ ساٿ ڏيڻ نه پئي چاهيو، بلڪه اهو گروپ مون وٽان زاهد معصومي کي به وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ پوءِ هي گڏجي روز رات جو محفلون مچائيندا هئا ۽ زاهد رات جو دير سان اچي، مونکي ٻڌائيندو ته رڳي توهان جون گلائون ڪندا رهياسون، جيئن ته فلم “محب شيدي” اڃان صرف 60 فيصد مڪمل ٿي هئي ۽ 40 فيصد رهيل هئي، جنهن جي شوٽنگ جي لاءِ آئون تيار نه هوس، ڇو ته مونکي پڪ هئي ته هاڻ هي منهنجا پنهنجا دوست سڀ اسد الله شاهه جي چڪر ۾ اچي ويا آهن، ۽ مونکي آئوٽ ڪري فلم سندس حوالي ڪرڻ ٿا چاهين، جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان ان کي ريليز ڪندو، ۽ جنهن جي ويچارن ڀائيوارن کي خبر به نه پوندي، پر مون پنهنجي صلاحيتن سان انهن حالتن ۾ دشمني کڻي، جنهن ۾ گلاب چانڊئي، منظور مراد کي به سندس حصي جو ڪم مڪمل ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ منظور جڏهن مون کي عزت ڏيئي، اهو ڪم مڪمل ڪرايو ته هو ۽ سندس وائيف جيڪا منظور جي سالي به هئي، ان جي گهر وڃي منظور سان وڙهيا، اهڙي طرح شاهه اسد مون کي ڦاسائڻ ۾ پورو هو، پر الله مونکي بچائڻ ۾ لڳو پيو هو، ان دور جو نامور ايڊيٽر اي سعيد جيڪو “علي گوهر” ۾ به منهنجو ايڊيٽر هو ۽ منهنجي صلاحيتن کان گهڻو متاثر هو ۽ چوندو هو ته تون منظرنامو لکڻ ۽ ايڊيٽنگ و ڊائريڪشن قدرتي طور تي ڄاڻي ٿو، پر مزدوريءَ کان لنوائڻ خاطر اهي ليبل نٿو لڳائڻ چاهين، ۽ هن ڏٺو هو ته مون پنهنجي فلم “علي گوهر” جو شوٽ ٿيل گهڻو مٽيريل کڻي، ان مان “محب شيدي” جو آخري حصو مڪمل ڪيو، شهر ۾ ۽ قلبن ۾ گانا پڪچرائز ڪري، جڏهن فلم سنسر بورڊ لاءِ ڏني ته شاهه اسد ان ڏينهن بيهوش ٿي گاڏي ۾ ئي سمهي رهيو، ۽ مونکي سنسر بورڊ ڪراچي وارن چيو ته توهان جي خلاف سنڌ حڪومت کان ليٽر آيل آهن ته توهان تازو مرندڙ ڌاڙيل کي هيرو بنائي پيش ڪيو آهي، ان ڪري توهان جي فلم سنڌ ۾ سنسر نه ٿيندي، اسلام آباد وڃي سنسر ڪرايو، مون ان وقت انهن جي فون تان چيئرمين سنسر بورڊ گيلاني صاحب کي عرض ڪيو ته مون کي فلم جو سرٽيفڪيٽ، فلم ڏسي پوءِ ڏجو، هتي هنن کي چئو ته انتظاميه جا سڀ وڏا اهم آفيسر ۽ ممبر گهرائي، فلم ڏسي، جيڪو اعتراض لڳائڻو اٿن، اهو لڳائي توهان ڏي موڪلين، ۽ پوءِ شام جو فلم جو وڊيو به توهان وٽ پهچي ويندو ۽ ان کي ڏسي پوءِ توهان پاڻ انصاف ڪجو، بحرحال ان وقت ڊائريڪٽر انفارميشن نصرالله اي رحمان منهنجي لاءِ فرشتو ثابت ٿيو، جنهن وقت منهنجي فلم سنسر ڪندڙ ٽيم جنهن ۾ نگار اخبار جو مالڪ الياس رشيدي ۽ ڪنگ فلم جو حاجي شفيع جيڪو پڻ اداڪار حبيب جي فلم “ريشمي رومال” پنجابي واري “باغي” جي نالي سان سنڌي ۾ ڊب ڪري، ۽ ٿوري شوٽ ڪري عيد تي منهنجي فلم “محب شيدي” جي سامهون لڳائڻ وارو هو، ۽ ان سان ئي اسان جو ٻن ڏينهن کان پوءِ عيد ريليز جو مقابلو هو، انجام ڪار فلم ڏسندڙن پهرئين نالي تي اعتراض ڪيو، جنهن جي دفاع ۾ نصرالله اي رحمان سرڪاري نمائندو هئڻ جي باوجود به چيو ته پنجاب ۾ ۽ سنڌ ۾ نامور ڌاڙيلن تي فلمون ٺهنديون رهيون آهن، اهڙو بل اسيمبلي پاس ڪندي ته پوءِ اعتراض توهان جو جائز ٿيندو، جيئن ته اصولن فلم ساز کي فلم سنسر ٿيڻ وقت ويهڻ نه ڏنو ويندو آهي ۽ آئون ٻاهر تسبيحون پڙهي رهيو هوس، ان کان پوءِ وري ساڳي ٽيم منهنجي فلم جي گاني “شهرن ۾، ڳوٺن ۾ آهي ڌماڪو محب شيدي جو” تي اعتراض ڪري سڄي گاني مان “محب شيدي” جو نالو ڪڍائڻ جي رٿ ڏني ۽ نصرالله اي رحمان ٻاهر اچي مونکي ٻڌايو ته هي صفا دشمني تي لٿل آهن، مون کي خبر آهي ته گاني مان اهو نالي وارو ٽڪرو ڪٽجي نٿو سگهجي، بلڪه گانو ڪٽجي ويندو، پر آئون تنهنجو طرف وٺان پيو ته هنن کي تڪليف پئي ٿئي، ان ڪري في الحال تون خاموش رهي، فلم سنسر ڪرائي، ريليز ڪري وٺ، مون کي اميد آهي ته تون کي سٺي موٽ ملندي، ۽ هنن جي ڊب ٿيل فلم “باغي” تنهنجي فلم سامهون هلي نه سگهندي ۽ الله سائينءَ جي مهرباني ٿي، جنهن عزت رکي، پر مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته شاهه اسد اها فلم ريليز کان پوءِ هڪ ٿرڊ پارٽي کي بدين ۾ پي ايف سئنيما ۾ هلائڻ لاءِ ڏني، ته ان وقت ان فلم سان گڏ اسان جو ڪوبه ايجنٽ ات ڪونه موڪليو ويو هو، ڇو ته فلم لڳائيندڙ ان ايجنٽ شاهه اسد کي ٻي فلم ٺاهڻ جو آسرو ڏنو هو، ۽ نتيجي ۾ اسان جي لکن جي فلم اڃان مور به نه ڪڍي سگهي هئي، ته بدين ۾ صرف ڏهه هزار روپين جا سئنيما پروجيڪٽر واري کي ڏيئي، اسان جي فلم جي ويڊيو ڪڍي چورائي ريليز ڪئي ويئي، ۽ اسان جي چيلهه ڀڄي پئي، جڏهن 40 هزار ويڊيو ڪاپيون سڄي سنڌ ۾ ريليز ٿي ويون، جنهن شهر ۾، سئنيما ۾ فلم “محب شيدي” جي ٽڪيٽ 200 روپيه بليڪ تي هجي، ۽ ان ئي شهر ۾ اچانڪ 5 رپيا چانهه جي ڪوپ تي ماڻهن کي هوٽل تي فلم ڏسڻ لاءِ ملي، ته پوءِ موڙي ڪيئن نڪرندي، ۽ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين، آخر ۾ شاهه اسد وري اسان کي ٻي فلم ڳچيءَ ۾ وڌي جيڪا “مسٽر شڪارپوري” جي نالي سان اسان بليڪ اينڊ وائيٽ دٻن ۾ بند ٿيل، نامڪمل فلم “وفا ياران دي” پنجابي ۾ “محب شيدي” جا وڃايل پئسا ڪڍڻ لاءِ اها ڌوڙ پاتي، جنهن ۾ پرنٽ کڻڻ لاءِ عيد رات، گاڏي وڪڻي، پرنٽ ڇڏائي، شاهه اسد کي لاڙڪاڻي موڪليم، بالم ڀائي کي ٽنڊو محمد خان ۽ منهنجي هڪ منيجر اشرف کي سکر موڪليم، جتان سڀ پهرئين ڏينهن واپس اچي ويا، شاهه اسد گهڻي دليل ڏنا، پر فلم گهر ويهاري ڇڏيو، ۽ اسان ان شوق تان ئي هٿ کنيو، فلم شاهه اسد جي معرفت اشفاق ۽ اقبال ڊسٽري بيوٽر کي بقيه سنڌ هلائڻ لاءِ ڏني، ۽ مون ان کي “علي گوهر” ۽ “مسٽر شڪارپوري” به ڏيئي ڇڏي، جنهن مان سال جي اندر وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرنهن هزار آمدني ٿي هوندي، ان کان پوءِ امام بخش جنهن جي چاچي فلم “دشمن” ٺاهي هئي، ۽ امام بخش به ان فلم جو ڊسٽري بيوٽر ٿي رهيو هو، ۽ هڪ پنجابي فلم لاهور ۾ جاويد شيخ جي معرفت اڌ ۾ رهيل هين ته شاهه اسد جي آئيڊيا تي فلم “قادر خان” منهنجي گهر ۾ شروع ٿي، گانن جي ريهرسل ٿي، پر شاهه اسد امام بخش کي مون کان الڳ رکيو، ۽ پاڻ فلم شروع ٿيڻ کان اڳ صرف گانا ئي ريڪارڊ ڪرائي، فلم جا طي ٿيل ڏوڪڙ وٺي الڳ ٿي ويو، ۽ امام بخش وري اڙدو فلمن جو ڊسٽري بيوٽر ٿي ويو، جنهن منهنجي فلم “مهلت” به ريليز ڪئي، ۽ ڪجهه ٻيون به اڙدو پنجابي فلمون ريليز ڪيون، جن مان کيس لکين روپين جو نقصان پيو، ۽ پاڻ مفلسي جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ مون پنهنجون ٽنهي فلمن (محب شيدي)، (علي گوهر) ۽ (مسٽر شڪارپوري) جون پرنٽون امام بخش کي ڏيئي چيو ته تون وڃي پنهنجي روزي ڪمائي، ۽ ان کان پوءِ ان حيدرآباد ۾ تقسيم ڪار ادارو کوليو، ڪجهه ٻيو فلمون به هٿ ڪيائين، ۽ خبر نه آهي پوءِ هو ڪٿي گم ٿي ويو، بحرحال شاهه اسد زندگي جي خوبصورت دور ۾ سنڌ جي نالي واري فلم ساز، هدايتڪار ۽ تقسيم ڪار جي حيثيت ۾ سٺو دور ڏسي، جڏهن صفا مايوس ٿي، ڪنڊ وسائي ويهي رهيو، تڏهن مون سندس لاءِ ٽنڊو آدم ۾ “سنڌي فلمي ميلو” منعقد ڪرائي مدد ڪئي، ۽ جڏهن پاڻ ويڊيو فلم “شاگرد” ٺاهيائين ۽ مونکي ان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين ته مون ان ۾ ڪم ڪيو، جنهن جا هو مختلف شهرن ۾ شوز ڪري، ڏوڪڙ ڪمائيندو رهيو ۽ اها فلم سنڌ ٽي وي تي به هلائي ويئي. اچانڪ هڪ ڏينهن خبر پئي ته هو هليو ويو، سندس آخري ڪاوش سنڌ ٽي وي لاءِ ٺاهيل فلم “شمن ميرالي” هئي. بحرحال سٺي ڳالهه اها آهي ته شاهه اسد هڪ اهڙو سنڌي تخليقڪار هو، جيڪو رائيٽر، شاعر، هدايتڪار، تقسيم ڪار جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، سنڌي شوبز جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو نمايان لکرائي ويو، ان دور کان پوءِ سنڌي فلم سازيءَ جو دور ئي ختم ٿي ويو.


    زاهد معصومي

    جنهن وقت ۾ پي ٽي وي تي اسان جو مزاحيا خاڪن جو پروگرام “چهچٽو” عروج تي پهچي چڪو هو، ان وقت زاهد معصومي جيڪو ڪراچي ٽيليويزن جو پروڊيوسر هيو، ۽ سندس زال اداڪاره ممتاز ڪنول هئي، کيس ان مان هڪ پٽ انيڪ جي نالي سان هو، جنهن فلم “علي گوهر” ۾ جلال خان (محمود صديقي) جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيو، ۽ فلم جي آخري منظر ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ زاهد معصومي جيڪو امريڪا وڃڻ وقت پي ٽي وي جي نوڪري ڇڏي ويو ته پٺيان سندس زال ممتاز ڪنول آمريڪا مان کيس اڪيلو ڇڏي، واپس اچي سندس رهيل پئسا پي ٽي وي کان حاصل ڪيا، جنهن جي ڪري جڏهن زاهد واپس آيو ته کيس پي ٽي وي بطور ملازم قبول نه ڪيو، ڇو ته سندس اهليه سندس صحيح ڪري، جي پي فنڊ وغيره وٺي چڪي هئي، ۽ هوءَ کائنس آمريڪا ۾ ئي جدا ٿي، طلاق به وٺي چڪي هئي، اهڙي طرح زاهد جڏهن واپس آيو ته آئون اشرف اسڪوائر ۾ رهندو هوس، سندس گهر اڳ ئي اتي هو، سندس والده ايجوڪيشن سان تعلق رکندي هئي، ۽ سندس پٽ انيڪ سميت کيس به سنڀاليندي هئي، پر اسانجو ماحول ان جي لاءِ اوطاق بنجي ويو ۽ هو مستقل مون سان رهڻ لڳو، ۽ آئون سندس هر جائز، ناجائز ضرورتون پوريون ڪندو رهيس، ان وچ ۾ هو پي پي جي دور ۾ بينظير صاحبه سان ملي، کيس متاثر ڪري، پي ٽي وي جي لائبريري مان مٽيريل کڻي، ڀٽي صاحب تي سندس شهادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان، هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهي، جنهن ۾ سڀني نامور سياستدانن جن ۾ ولي خان، بينظير صاحبه، ميدم نصرت ڀٽو، الطاف حسين ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو شامل هئا، بحرحال هن پنهنجي صلاحيتن سان جيئن بينظير صاحبه کي پهرئين ملاقات ۾ متاثر ڪيو، تيئن ڊاڪيومينٽري ڏسڻ شرط بينظير صاحبه کيس پي ٽي وي ۾ نائين گريڊ جي يعني جي ايم جي پوسٽ ڏيئي ڇڏي، جنهن تي ڪيترن سينئر پروڊيوسرن اعتراض داخل ڪيا، ۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب کيس هڪ ڪمرو به ڏيئي، سنڌي ناٽڪ رنگ جا ڊرامه ٺهرائڻ جي اجازت ڏني، پر هو انتهائي تيز ۽ شاطر انسان هو، ان وچ ۾ بي بي سي چينل وارا هڪ ڊاڪيومينٽري شوٽ ڪرڻ آيا جن ڪراچي جي “آواري ٽاور هوٽل” ۾ ٻه ٽي فلور وٺي ڇڏيائون، جتي هو اداڪارن ۽ ٻين جا انٽرويو وٺي يونٽ ۾ شامل ڪري رهيا هئا، زاهد معصومي به پنهنجي صلاحيت سان انهن کي ابتدا ۾ ئي ڪسٽم وارن کان اهڙو فائدو وٺي ڏنو جو انهن کيس ڪوآرڊينيٽر جي پوسٽ، هڪ ٽيڪسي ڪار، هڪ ڪمرو “آواري هوٽل” ۾ ڏيئي لوڪيشنز فائنل ڪرڻ جو ذمو ڏيئي ڇڏيو، ۽ پوءِ هو پنهنجي اوور پرفارمنس جي ڪري اها ٽيڪسي ڪار پاڻ کڻي وڃي خيرپور صوبائي وزير پرويز شاهه سان گڏ هلڻ لڳو، ۽ ٽيڪسي کي ڌڪي نقصان وڌائين، ۽ وري پرويز شاهه کي به اهڙو تنگ ڪيائين جو هو کيس الوداع ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو، ان کان پوءِ جيئن تيئن ڪري بي بي سي وارا کائنس گاڏي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ هو وري منهنجي ۽ محمود صديقي جي ڪمزوري بنجي ويو، ۽ اسين سندس ڊيوٽي ۾ شامل ٿي وياسون، جڏهن فلم “نصير فقير” ٺاهي رهيو هوس ته هو مون سان گڏ هو، ۽ جڏهن “پرو” ڏٺي سين، تڏهن هن مونکي چيو ته جيئن ته “پرو” هيرو آهي، ۽ فلم ۾ هو سندس ڀاءُ علي گوهر آهي، سو بهتر اهو ٿيندو ته “پرو” هٽ آهي ۽ “علي گوهر” به اهڙو ئي مشهور ٿي، پوءِ مارجي ويو هو، تنهن ڪري “نصير فقير” نه ٺاهي، “علي گوهر” فلم ٺاهي، ۽ مون حيدرآباد کان مٽياري پهچندي اها ڪهاڻي مڪمل ڪئي، ۽ ٻن ڏينهن ۾ لکي ڇڏي، ۽ پوءِ مشتاق جسڪاڻي کي گهرائي، گانن سميت مڪمل ڪري، ڪراچي اداڪارن کي بڪ ڪرڻ لاءِ آياسين.
    هڪ رات محمود صديقيءَ کي فلم “علي گوهر” جي ڪهاڻي ٻڌائيسون ۽ جڏهن کيس فلم ۾ جلال خان جو مک ڪردار ڪرڻ لاءِ چيوسين ته هن فلم ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي آفر ڪئي ۽ اسان اها قبول ڪري ورتي، ان ڏينهن کان کيس پنهنجو سينئر ساٿي ۽ پارٽنر فلم ساز سمجهڻ لڳاسين، جيڪو پي ٽي وي جو بهترين اداڪاريءَ جو ايوارڊ حاصل ڪري، مبارڪباد وصول ڪري رهيو هو، پر جيئن ته آئون کائنس جونيئر اداڪار هوس ۽ منهنجي شهرت ۾ “چهچٽو” ۽ “جنگل” هئا، جڏهن ته محمود صديقي سنڌي ناٽڪ شروع ٿيڻ کان وٺي اداڪاري ڪندو پي آيو، ۽ هن مونکي بطور هيرو ۽ پاڻ کي بطور ولين قبول ڪرڻ ۾ عار پي محسوس ڪيو، بحرحال اسان جڏهن ڀائيواري جو ايگريمنٽ پي لکيو، ته اوستائين اسان ٻنهي جي ذهن ۾ هدايتڪار جو نالو نه هو، پر اسان ٻنهي جي تسڪين اڪيلو زاهد هو، ۽ مون چاهيو پي ته زاهد کي آخر ۾ جڏهن فلم “علي گوهر” جي شوٽنگ تي وڃڻ لڳنداسين ته پوءِ سندس هدايتڪاري جو اعلان ڪنداسين، پر ايگريمنٽ دوران محمود صديقيءَ جلد بازي ڪري، اعلان ڪيو ته هدايتڪار زاهد معصومي هوندو ۽ ان ڏينهن کان وٺي سڄو ڏينهن هو منهنجي خرچ تي هئڻ باوجود به مونکي ٽوڪيندو رهندو هو، جڏهن فلم جي شوٽنگ جو مرحلو سر تي اچي پهتو ۽ آئون ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس بڪ ڪري، ٽيم جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس، ته ان وقت ڪراچيءَ مان محمود صديقيءَ فون تي ٻڌايو ته سڄي بس ڀري بيٺي آهي، فنڪار ويٺا آهن، ٽيڪنيشن ويٺا آهن، پر ڪجهه فنڪار زاهد جي گهر ويٺا آهن، ۽ زاهد هنن جي قيادت ڪندي مطالبو ڪري رهيو آهي، ته اڌ پيئمنٽ ڏيو ته پوءِ شوٽنگ تي هلون، جنهن تي منهنجي ساڻس ڏند چڪ به ٿي آهي پر آئون ڪوشش ڪري فنڪارن کي، مطمئن ڪري وٺي ٿو اچان، پوءِ رات جو دير سان ٽيم ٻارهين بجي ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس تي پهتي ۽ زاهد جو رويو هڪ پروفيشنل وانگر هو جيڪو اسان تي آرڊر هلائي رهيو هو، صبح جو جڏهن پهريون شاٽ منهنجو ۽ ميڊم شهزادي جو لطيف سرڪار جي صحن ۾ شوٽ ٿيڻ لڳو، ۽ هن اهو منظر ٽي وي ٽيڪنڪ وانگر ٿي شوٽ ڪرڻ چاهيو ته منهنجو اسسٽنٽ شاهد وحيد ۽ ڪئميرامين بشير بيگ پاسي تي وڃي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا ۽ اها گفتگو مون ٻڌي ورتي، جن جو مطلب هو ته هنن جي ڊائريڪٽر زاهد کي ته فلم شوٽ ڪرڻ ئي نٿي اچي، هڪڙو هڪڙو جملو ڪري ڪئميرا تبديل ڪندو رهندو ته پوءِ اها فلم ٻن سالن ۾ به مڪمل ڪانه ٿيندي. ان وقت مون شاهد وحيد جنهن کي بحيثيت معاون هدايتڪار ۽ هڪ اڙدو فلم جي هدايتڪاري جو تجربو هو، لاهور ۾ توڻي ڪراچي ۾ هو ڪيترن وڏن هدايتڪارن سان بطور معاون هدايتڪار ۽ ايڊيٽر به ڪم ڪندو رهيو هو، ان ڪري مون پاسو وٺي کيس چيو ته جيڪڏهن هدايتڪاري جو ٽائيٽل توکي ڏيون ته ڇا تون اها ذميواري قبول ڪندين...؟؟؟. هن چيو ته مون کان جيڪو به توهان ڪم وٺندئو مان حاضر آهيان، پوءِ مون پاسو وٺي محمود صديقي کي سمجهايو، جيڪو خود زاهد مان پريشان ٿي چڪو هو، ۽ جڏهن کيس احساس ٿيو ته واقعي هن کي ته فلمي ٽيڪنڪ ئي نٿي اچي، ته پوءِ هن پاسو وٺي زاهد کي چيو ته تون اڄ کان فلم جو ڪوآرڊينيٽر آهين، جڏهن ته هدايتڪاريءَ لاءِ اسان شاهد وحيد کي اڳيان رکون ٿا، هن کي اها ڳالهه ناگوار گذري ۽ پوءِ جيئن شاهه اسد منهنجي لاءِ “محب شيدي” ۾ مسئلا پيدا ڪري، فلم روڪڻ ٿي چاهي، تيئن زاهد به پنهنجي انتقام جا هر حربا استعمال ڪيا ۽ محمود صديقي کي وک وک تي منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ چيو، پر الله منهنجي مدد ڪئي ۽ فلم “علي گوهر” مڪمل ٿي ۽ ريليز ٿي، ۽ هڪ مهيني اندر ان جي به وڊيو چوريءَ نڪري ويئي ۽ فلم جي موڙي نه نڪري سگهي، پر زاهد معصومي اسان ٻنهي جي لاءِ لازم و ملزوم ٿي ويو، ۽ جڏهن هن کي ڪينسر ٿي ته پوءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ حيدرآباد وڃي رهيو ۽ اتي ئي انتقال ڪري ويو. پاڻ نگيٽو سوچ رکندڙ وڏو ڄاڻو، ذهين، شاطر، متاثر ڪندڙ ۽ بهترين انگلش ڄاڻندڙ هو، جنهن آمريڪا ۽ بينظير صاحبه کي به چڪرائي ڇڏيو، ان مان اندازو لڳايو ته هو ڪيترو هوشيار هوندو.
    سندس زندگي جا مون سان وابسته وڏا وڏا نقصان ڏيندڙ واقعا شامل آهن، پر هڪ دفعو مون بنگلو ٺهرائي، ڊيڪوريٽ ڪيو ته اتفاق سان هن اسلام آباد کان ڪراچي ايندي جهاز ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان حرڪت به ڪئي، ۽ مشڪوڪ حالت ۾ پائليٽن جي ڪئبن ۾ وڃي نڪتو، جتان هنن کيس ٻڌي، ٽارچر ڏنا ۽ روڪي ڇڏيو، جڏهن سندس والده کي فون ڪيائون ته تنهن بيزاريءَ مان چيو ته ها ڀلي ماري ڇڏيوس، جنهن کان پوءِ ادارن ان کي هڪ رات ٽارچر سيل ۾ رکي واپس ڪراچي موڪليو، گهر ۾ اچي ماءُ ۽ ڀاءُ سان وڙهيو، جن وري حيدرآباد واري ڀاءُ ڏانهن ڏياري موڪليو، اهو وري مون وٽ وٺي آيس ۽ هو پنهنجي چريائپ جي ڪيفيت ۾ مون سان وڙهيو ۽ منهنجو تيار ٿيل بنگلو، جنهن جو فرنيچر ڀڄڻ، پردا ڦاڙي ۽ ٽي وي ڀڄڻ لڳو ته اسان کيس واپس ٻڌي حيدرآباد نفسياتي ڊاڪٽر حميد ميمڻ وٽ وٺي آياسون، جنهن انجڪيشن هڻي اهڙي ننڊ ڏياريس جو ڇهه مهينا ڀاءُ جي گهر پيو هو، ۽ ان کان پوءِ وري تيار ٿيو ته سندس اڳوڻي زال ممتاز ڪنول کيس ۽ سندس پٽ انيڪ کي سهارو ڏنو، مون کيس پاڻ سان گڏ جڏهن به ڪو ڪم آيو ته کيس ڪردار ضرور ڏنو هوندو، جيئن فلم “سب ڪي باپ” ۾ جنهن ۾ آئون ولين هوس، هدايتڪار جان محمد جمن کي چئي کيس اهم ڪردار فلم “کل نائيڪ” جي گنجي ولين واري ڪردار ۾ هوبهو ٺاهي پيش ڪيم، ان کان علاوه جڏهن مون پي ٽي وي تي قانون جي ڄاڻ ڏيندڙ پروگرام “قلم نمبر” پي ڪيو ته ان ۾ به کيس ٻن ٽن قسطن ۾ ولين يا باس جا ڪردار ڪرايم. ان وچ ۾ محمود صديقي به گذاري چڪو هو ۽ آئون به هن کان پري هوس، ۽ هي پنهنجي ڀاءُ جي حيدرآباد جي گهر ۾ ڪينسر جو علاج ڪرائيندي گذاري ويو. اسان جي زندگي ۾ يا اسان کي فني شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ وارو هو به اسان جو وڏو استاد هو، خدا کيس جنت نصيب ڪري. هو عزادار حسين ضرور هو ۽ هميشه حسيني تبليغ جاري رکندو هو.


    ساقي صاحب

    مرحوم عبداللطيف عرف ساقي صاحب عبدالڪريم بلوچ جو وڏو ڀاءُ هو ۽ ڪراچي پورٽ تي مزدوري ڪندي ڪندي دنيا جون ڪيتريون ئي زبانون سکي ويو هو، منهنجو چاچو ايس گل صاحب جڏهن گونگين فلمن لاءِ نيوميجسٽڪ سئنيما ۾ پردي جي پٺيان برصغير جي نامور موسيقار غلام حيدر سان گڏ موسيقي ڏيندو هو، ته ان وقت ساقي صاحب ايس گل صاحب سان گڏ هلندو هو، کيس لاهور ۾ وڃي اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو، ايس گل صاحب کيس پنهنجي واسطيدارن ڏانهن موڪليو، ساقي صاحب بطور هيرو فلم “باره بجي” ۾ آيو، ان کان پوءِ ڪيترين ئي فلمن ۾ نامور ولين جي حيثيت ۾ ڪيترين فلمن ۾ يادگار ڪردار جهڙوڪ “ناگن” ۾ جوڳي ۽ فلم “علائوالدين ڪا بيٽا” ۾ جادوگر، اهڙي طرح “شهيد” “فرنگي” ۽ ٻين به ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ ڪم ڪري، فلم انڊسٽري جو مقبول ڪريڪٽر ايڪٽر به بنجي ويو، جنهن کان پوءِ جڏهن پي ٽي وي ڪراچي جا ڊراما مقبول ٿيا، خاص ڪري جڏهن “ديوارين” ڊرامون شروع ٿيو ته پاڻ ڪراچي آيو، “ديوارين” ۽ “جنگل” ۾ يادگار ڪردار ڪيائين، پاڻ گهڻو ڪري هر وقت چاچا فضل علي شاهه عرف ايس گل صاحب سان گڏ هوندو هو، مون ساڻس قربت تڏهن وڌائي، جڏهن ايس گل صاحب پنهنجي سنڌي فلم “حاضر سائين” ٺاهي رهيو هو، ۽ مون پنهنجي “چهچٽو” جي ساٿين سميت سندس حڪم تي دعوت کاڌي، ان کان پوءِ ايس گل صاحب ٻي فلم “سهڻا سائين” جي تياري شروع ڪئي، ته آئون گڏ هوندو هوسانس.
    ساقي صاحب سان ٽي وي تي بطور ساٿي اداڪار ملاقات ٿيندي رهندي هئي ۽ “ناٽڪ رنگ” جي ڪيترن ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيوسين، “جنگل” ۾ به گڏ هئاسون، پر جڏهن ايس گل صاحب فلم “سهڻا سائين” جي شوٽنگ ڪري رهيو هوس ته آئون چاچا جي معاونت به ڪري رهيو هوس، هڪ منظر دوران مون مرحوم ساقي صاحب ۽ پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين اداڪار نظر جيڪو پڻ پنهنجي دور جو لاهور انڊسٽري جو نامور مصروف مزاحيه اداڪار هو، انهن ڏينهن ۾ هو به ريٽائرڊ زندگي گذاري رهيو هو ۽ چاچا جي خواهش تي سنڌي فلم “سهڻا سائين” ۾ ڪم ڪرڻ آيو هو، ان وقت منهنجو دوست سيف الدين قاضي ۽ ان جي ٻي گهر واري به ان سين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، آئون کين مڪالما ياد ڪرائيرهيو هوس ۽ سنڌي جملن جي ادائيگي به سيکاري رهيو هوس ته ايس گل صاحب جيڪو پريان ويهي منهنجي ان پورهئي کي غور سان ڏسي رهو هو، هو اٿيو ۽ هدايتڪاري واري “ڪيو شيٽ” موکي هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته هيءَ سين توهان شوٽ ڪرايو، منهنجي دل ۾ تمام گهڻي خوشي ٿي، ۽ ماضيءَ جي اها جهلڪ ياد آئي، جڏهن 1964ع ۾ آئون گهران لڪي، وٽس اداڪار ٿيڻ لاءِ ويو هوس ته پاڻ مونکي اهڙو ليڪچر ڏنائين جو آئون کائنس موڪلائڻ کان سواءِ ئي سندس گهران روئي نڪتس، ۽ سندس بنگلي تي آخري نظر وجهندي دل ۾ چيو هوم ته “چاچا.. هڪ نه هڪ ڏينهن توکي منهنجي ضرورت ضرور پوندي” ۽ اڄ 15 سالن کان پوءِ چاچا کي منهنجي اها ضرورت پئي، منهنجي شهرت کان ۽ صلاحيت کان متاثر ٿي، هن مونکي پنهنجي فلم ۾ بطور هدايتڪار سينئر اداڪارن کي ڊائريڪشن ڏيئي، سين شوٽ ڪرڻ لاءِ چيو، ان کان پوءِ مون سندس فلم ۾ بطور ولين ۽ ڪاميڊين جي به ڪردار ڪيو، مون سان گڏ صلاح الدين تنيو ۽ عبدالغفار تبسم (شاعر) ٻئي هيرو هئا، جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ نسرين ناز، مشتاق جسڪاڻي، روشن عطا، گلاب چانڊيو، منظور مراد، بينا، قمر ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا.
    انهن ڏينهن ۾ ساقي صاحب مون سان ايڏو قريب ٿي ويو هو جو مونکي لڳندو هو ته هو منهنجي خاندان جو وڏو آهي ۽ منهنجي لاءِ هر وقت برو ڀلو سوچيندو رهندو آهي. هڪ منظر آئون وساري نه سگهندس، اهو هو “چهچٽو” ۾ هڪ خاڪي دوران هدايتڪار منظور قريشي ۽ ساقي صاحب وارن هڪڙي مذاق رٿي مون سان ڪئي جو آئون پراڻا ڪپڙا وٺڻ وارو دڪان دار آهيان، ساقي صاحب پنهنجو ڪوٽ وڪرو ڪرڻ مون وٽ اچي ٿو، جنهن وقت ريڪارڊنگ ٿي رهي هئي ته هو منهنجي ڀر ۾ بيٺل هو ۽ ڪوٽ ويڙهيل سندس هٿ ۾ هو، پر ان هٿ ۾ ساڳئي وقت هڪ زنده نانگ به هو، جيڪو منهنجي گوڏي کي لڳو، ۽ منهنجو ساهه هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو، منظر جي پڄاڻي تي ساقي صاحب کي جملو چوڻو هو ته ٽيهه رپين ۾ ڪوٽ ۽ هيءُ نانگ فري ۾ اٿئي، جنهن تي مونکي ڇرڪڻو هو، اهائي خاڪي جي پنچ لائين هئي، بحرحال مون پاڻ تي پورو ڪنٽرول ڪيو ۽ گوڏي تي رکيل نانگ جي وجود کي محسوس ڪرڻ جي باوجود به ڇرڪيس ڪونه ۽ جڏهن سين اوڪي ٿيو ته پوءِ پنهنجي خوف جو اظهار ڪيم ته سڀ کلڻ لڳا.
    مرحوم پنج وقت جو نمازي، نيڪ ۽ فرشتا صفت انسان هو، اڪثر منهنجي ۽ هارون صاحب جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي، ته هو کيس هدايت ڪندو هو ۽ سڄي دنيا کي فخريه ٻڌائيندو هو ته اسان هنن جي گهر جو نيمڪ کاڌو آهي.
    مون هڪ اسٽيج ڊرامو ٽنڊو آدم ۾ ڪيو، جنهن جو نالو هو “اچ ته خبر پوئي” جنهن ۾ سڀ “چهچٽو” جا اداڪار ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ساقي صاحب ان ۾ بطور ڊي ايس پي منهنجي هدايتڪاريءَ ۾ ڪم ڪيو، ۽ ڀرپور ساٿ ڏنو، وري جڏهن اسان ٽنڊو آدم، هالا ۽ حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ “چهچٽو” شو ڪيوسين ته به مرحوم مون سان گڏ هو، آخري دفعو مون کيس ايس گل صاحب جي زمين ڳوٺ ريڇل لڳ ٽنڊوالهيار جي اوطاق تي آئون ۽ مشتاق جسڪاڻي گڏ وياسون، ان وقت اسين ٻئي ٽي وي جا مقبول اداڪار هئاسون ۽ هو ٻئي فلمن جا ماضي جا اداڪار هئا ۽ هو ٻئي جهنگ ۾ خاموش ويٺا هئا، اوچتو اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ جسڪاڻي صاحب کي ساقي صاحب، ۽ مونکي ايس گل صاحب ماضيءَ جا داستان ٻڌائيندو رهيو، پاڻ لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ته کيس هارٽ اٽيڪ ٿيو جنهن کان پوءِ پاڻ ته هيءُ جهان ڇڏي ويو پر سندس پورو خاندان اڄ الله جي فضل سان لاهور ۾ سيٽ آهي، هڪ پٽ ڪراچي ۾ به اٿس ۽ چاچا جي ۽ ساقي صاحب جي ريڇل واري زمين تي ويٺل اها تنهائيءَ جي گهڙي مونکي محسوس ٿيندي آهي ته انهن جي ان وقت جي تنهائي جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي، ڇو ته اڄ آئون به پنهنجي 50 سالن جي پراڻي ساٿي نواز علي سمي سان گڏ ويٺو واجهائيندو آهيان، ته ڪو دل گهريو اچي ته اسان به داستان دهرايون.


    بطور سماج سيوڪ

    جيئن اسان مٿي به ڄاڻايو آهي ته بطور سماج سيوڪ مون پنهنجي زندگي ٻالڪ پڻ کان ئي غريبن سان گڏ گذاري، ۽ انهن جي حقن جي جدوجهد ڪئي جن ۾ اجرڪ ۽ ان جي ڪاريگرن جا مسئلا، مير رسول بخش مرحوم سان گڏ سنڌ ليول تي هائي لائيٽ ڪيا، “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” جو بنياد ميٽرڪ ۾ وڌو ۽ عملي طرح اسٽيج ڊراما مٽياري ۾ ڪيا، پهريون ڊرامون “راز” پوءِ “بدلو” ان کان پوءِ 1965ع ۾ هائي اسڪول ۾ “ٺڳيءَ جو ٺاهه” ان کان پوءِ “ڏکايل دليون” ۽ “شادي تادي” “اذان ۽ آهه” ۽ آخر ۾ “ڀٽي صاحب جي انقلاب تي مشتمل ڊرامون “واهه سائين واهه” جنهن جي لاءِ ادي جي اين مغل پنهنجي اخبار “هلال پاڪستان” ۾ فيچر ڏنو ۽ عنوان لکيو ته ڊرامي “واهه سائين واهه” اونچن ايوانن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، اهڙي طرح ٽنڊو آدم ۾ “چهچٽو شو” “لطيف گولڊ ميڊل” ۽ “فلمي ميلو” ۽ اسٽيج ڊرامون “اچ ته خبر پوي”، جڏهن ته حيدرآباد ۾ پهرئين اوپن ايئر ٿيٽر ۾ “چهچٽو شو” ۽ پي ٽي وي ڊرامي “جنگل” جي ڪاميابي کان پوءِ “جنگل ڪي نام ايڪ شام”، ٽيو نيوميجسٽڪ سئنيما ۾ “سانگين سندو سنگيت” جهڙا يادگار اسٽيج شوز به ڪيا، ان کان علاوه ڪراچي ۾ پي ٽي وي جا پهريان لائيو، رنگين اسٽيج ڊراما منظور قريشي جي هدايتڪاريءَ ۾ به ڪيا، جن ۾ مرڪزي ڪردار منهنجو ئي هوندو هو ۽ “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سجاڳ شهرين جا مسئلا شهرين سان گڏجي هر مهيني پمفليٽن ذريعي آگاهي ڏيئي، گڏجي مسئلا حل ڪندا هئاسين، ۽ ان تنظيم جو نالو “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” رکيوسين، جنهن کان پوءِ اها سماج سيوا سڄي سنڌ تائين ڦهلائن لاءِ “سنڌ والينٽيئر ورڪس پروگرام” جو انعقاد ڪري، ڳوٺن ۾ تبليغي جماعت وارن وانگر پنهنجا بسترا، پنهنجي ماني، ڳوٺاڻن جا مسئلا ٻڌي، انهن کي اخبارن جي ذريعي هائي لائيٽ ڪرڻ، ۽ ڳوٺاڻن ۾ ٻڌي جو جذبو ۽ قانوني ڄاڻ ۽ پنهنجو رابطو قائم رکڻ جو سلسلو ضلع مٽياري ۽ ضلع سانگهڙ ۾ ڪيوسين، پنهنجي اداري طرفان ٽنڊو آدم ۾ هڪ نرسري قائم ڪري، هر اسڪول، هر اسپتال، هر ٿاڻي، هر سرڪاري آفيس ۾ هر سال ٻوٺا پهچائڻ، لڳرائڻ ۽ انهن جي پوئواري ڪرڻ کان علاوه اسڪولن جي فرنيچر، پيئڻ جي پاڻيءَ، يونيفارم، لائيٽ جو انتظام ۽ ڊرينيج قائم ڪرائي، پنهنجن هٿن سان بنا ڪنهن کان چندو وٺڻ جي جذبي جي بنياد تي گڏجي ڪندا هئاسين، ۽ اڃان تائين جيتوڻيڪ سڀ ساٿي وڇڙي ويا، پر آئون ۽ نواز علي سمون، سيف الدين قاضي، غلام محمد خاصخيلي، “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” “مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” جا بچيل ڪارڪن اڄ به پاڻ کي ان منشور جو پابند سمجهي، جڏهن به شهري سطح جي ڪا ذميواري ايندي آهي، ته فرض سمجهي پوري ڪندا آهيون، گذريل ڪجهه سال اڳ مٽيارين ۾ ڊپٽي ڪمشنر فياض عباسي هو ته اسان تعليمي جاڳڙتا ۽ بند اسڪول کولرائڻ، استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي يقيني بنائڻ جي جدوجهد لاءِ اسان جي نئي اداري “لطيف ايجوڪيشنل چينل” جي پليٽ فارم تان ضلع جا 45 بند اسڪول کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسون، ۽ پنهنجي ٽيلي فلم “باغ جنت” جڏهن ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ نثار کهوڙي هٿان افتتاح ڪرايوسون ته هن چيو ته هيءَ فلم سنڌ جي هر يونيورسٽي، ڪاليج ۽ اسڪول ۾ هلڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ اسان اها مڪمل فلم ضلع ٽنڊوالهيار، ضلع سانگهڙ ۽ ضلع مٽياري ۾ به هلارائي، اهڙي طرح اجرڪ کي بچائڻ لاءِ ٺاهيل ڊاڪيومينٽري “اصلي اجرڪ ۽ نقلي اجرڪ” جنهن ۾ ٻنهي جي ٺهڻ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، اها ميڊم سسئي پليجو وزير ثقافت جي حيثيت ۾ ٺاهڻ لاءِ چئي ۽ ٻئي دور ۾ سندن جاءِ تي آيل سائين سردار علي شاهه ۽ دوست منظور قناسرو ڊي جي ڪلچرل جي هٿان اها مفت ۾ ثقافت کاتي کي اجرڪ ڪلب ۾ ۽ سنڌ جي دفن ٿيندڙ تاريخ ۾ حصو بنائي رکڻ لاءِ ڏنم، جتان ڪابه موٽ ڪانه ملي، اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو، اهڙي طرح جڏهن علائقي ۾ مٽياري جي سول ڪورٽ منظور ٿي، وري تعلقو منظور ٿيو، وري مٽياري سب ڊويزن ٿي، ۽ ارباب رحيم جي دور ۾ مٽياري ضلعو به ٿيو، انهن ڏينهن ۾ اسان مٽياري تعلقي کان وٺي ضلع تائين جيڪا به جدوجهد ڪئي، ان ۾ سردار ذوالفقار علي شاهه مرحوم جو ڀرپور ساٿ هو، پر هميشه اسان جو ساٿ ڏيڻ کان امير علي شاهه جيڪو ان وقت ايم پي اي هو ان اهو چئي انڪار ڪندو رهيو ته اها مخدومن جي سازش آهي ۽ هو مونکي اسميبلي ۾ ڏٺو ڪرڻ ٿا چاهين، تنهن ڪري آئون اسيمبلي ۾ تعلقي بابت نه ڳالهائيندس، حالانڪه اسان جڏهن هالا ۾ مخدوم هائوس جي هڪ دعوت ۾ ڀٽي صاحب کان درخواست ڏيئي تعلقو منظور ڪرايو، ۽ اهو پنو ڪڍرائڻ لاءِ جڏهن آئون مرحوم علڻ خان ٿيٻي جي قيادت ۾، ان وقت جي هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجو جيڪو بدين جو هو ان سان مليو هوس، ته هن درخواست وارو پنو اسان کي ڏيکاريو، جنهن تي ڀٽي صاحب بلو پين سان اپرووڊ لکيو هو، ۽ وري ان جي مٿان ئي ساڳي تاريخ ۾ ڀٽي صاحب اندر وڃي مخدوم صاحبن جي پريشر تي لکيو ته It will not Approved, up to intereste of Makhdoom Talib-ul-Mola جنهن کان پوءِ محمد خان کلي اسان کي چيو ته شينهن کان ٻيلي جو اڌ وٺڻ لاءِ توهان کي ٻيلي ۾ ٻيو شينهن لاهڻو پوندو، ۽ ان کان پوءِ مون سردار ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ سان گڏجي تعلقو ڪرائڻ، سب ڊويزن ڪرائڻ ۽ مٽياري ضلع کي بچائڻ لاءِ مخدوم هائوس جي هر مخالفت جو مقابلو ڪيو، ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ اسان جي هر طرح سان مدد ڪئي، ۽ مخدومن جا سڀ نوجوان مونکي اڄ به پنهنجي ڀائرن ۽ فيملي ميمبرن وانگر پيار ڪندا آهن، ڇو ته مون ئي سندن چوڻ تي ڀٽي صاحب جي خواهش پوري ڪئي، ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ کٽيل سيٽ سپاف کي ڏيئي ڇڏيم، ۽ ان جي عيوض موکي ڪيڏيون آفرون ٿيون پر مون بدلي ۾ ڪابه شي نه ورتي، بلڪه اڄ به سندن ڪا حجت هوندي آهي ته آئون پوري ڪندو رهندو آهيان.
    سماج سيوڪ جا سڀ ساٿي پنهنجي حصي جو ڪردار ڪري وڃي پنهنجو گهر ۽ معاشرو جوڙڻ ۾ مصروف ٿيا، ۽ آئون اڄ به پنهنجي شهر جي پسماندگيءَ تي پنهنجن وڏن ۽ ڪامورن کي تنگ ڪندو رهندو آهيان. حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو. سڀ وڏا ماڻهو ٿوري تعليم ۽ ٿورو پئسو هٿ اچڻ کان پوءِ مٽياري کي ويران ڪري وڃي شهر وسائي ويٺا آهن ۽ اڄ مٽياري ۾ آس پاس جا ماڻهو لڏي اچي، مٽياري جا ٽئي اسٽينڊ ڀري، وچ شهر کي ويران ڪري ويهي رهيا آهن.
    هاڻ اميدون آهن ته ايندڙ دور جي تعليم يافته نوجوانن ۾ ڪاش هتي هزارين ٻار جيڪي اڄ مهنگن اسڪولن ۾ پڙهڻ ٿا، انهن مان صرف ڏهه ڄڻا تيار ٿي، مٽياري ضلعي کي سنڌ جو ڪامياب ۽ خوبصورت ضلعو بنائڻ چاهين، ته هتي الله جون سڀئي نعمتون موجود آهن، ڇو ته هي ضلعو لطيف سرڪار جو ضلعو آهي، هي ضلعو سخي هاشم شاهه جو ضلعو آهي، هي ضلعو مخدوم سرور نوح جو ضلعو آهي، ۽ ٽنهي جا نسل هتي ئي سياست ڪري، ميمبريون ماڻيندا آهن، ڪاش هڪ دفعو حڪومت طرفان ملندڙ سڀ فنڊ استعمال ڪري، سڀ بند اسڪول کولارائي، هزارين اسڪولن کان محروم ٻارڙا اسڪولن تائين پهچائين، ته هتي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، انمل اعمال، به النيت (يعني اعمالن جو دارومدار نيتن تي آهي) جهڙي نيت تهڙي مراد. اڄ سڀ مالڪي رکندڙ خاندان ختم ٿي ويا، انهن جا فرزند پنهنجي ڪردارن جي ذريعي وڏن جي نقش و نگار کي مٽائي، ثقافت کي مٽائي، نئين دور جي تقاضائن موجب زرداري صاحب جي اڳيان پٿلي ماريو ويٺا آهن، يا وري وڏن جا احسان جتائي عزت وٺڻ ۾ پورا آهن. ڪاش هو پنهنجي وڏن ۽ علائقي کي مالڪيءَ سان اڄ به ڏسن، پاڻ ۾ اتحاد ڪن ته ضلعو انهن جي ئي هڪ رياست آهي ۽ رهندي.


    هي سامان ڪيڏانهن ويندو

    جيئن ته منهنجي اندر ۾ فلم ٺاهڻ يا ٽي وي ڊراما ٺاهڻ يا اسٽيج ڊراما ٺاهڻ جو شغل شوق رهيو آهي، ان سلسلي ۾ اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي پروگرامن کي ڪرڻ ۽ شوٽ ڪرڻ لاءِ جيڪو به سامان مونکي ملندو هو، ته آئون خريد ڪري رکندو هوس، جنهن ۾ سڀ کان پهرئين نامور فلم ساز آفتاب منگيءَ جنهن ڪراچيءَ ۾ اڙدو فلم “مسافر” ٺاهي هئي، پاڻ انگلش فلمن جو پاڪستان ۾ وڏو ڊسٽري بيوٽر ۽ سکر جي سياستدان علي حسن منگي جو فرزند هو، هن اسان کي پنهنجي فلم جي لاءِ ٻه عدد Mount ڏنا، جن سان فلمن جا ڏکيا شاٽ ڪئميرا فڪس ڪري ڀريا ويندا هئا، اهي ڏنا جن جي ان وقت قيمت ويهه هزار کن ٿيندي جيڪا اڄ پنجاهه هزار به ٿي سگهي ٿي، ان کان پوءِ حسين علي شاهه فاضلاڻي جنهن پنهنجي اسٽور ۾ موجود پنهنجي سڀني فلمن لاءِ قطب ايندڙ لائيٽون، ٽرالي ۽ ڪرين موکي وڪرو ڪري ڏني، جيڪي پڻ مون وٽ موجود آهن، ان کان پوءِ ايس گل صاحب جنهن ٻاهرئين ملڪ مان فلم جو ٽائيٽل ٺاهڻ ۽ جادو جا افيڪٽ ٺاهڻ لاءِ اٽلي مان هڪ مشين گهرائي جنهن جي قيمت موکي خبر نه آهي پر جڏهن هن پنهنجي فلم واري ڪئميرا، سائونڊ وارو ناگرا سسٽم ۽ فلمي وڏا ٽيپ رڪارڊر ۽ لائيٽون ۽ انهن جا اسٽين موکي وڪرو ڪري ڏنا جيڪي پڻ مون وٽ موجود آهن. ان کان پوءِ منهنجي فلمن “علي گوهر” ۽ “محب شيدي” لاءِ ورتل ڌاڙيلن ۽ پوليس جون ڊريسون ۽ هٿيار، اهڙي طرح شاهه اسد جا به فلمن جا قطب آيل سامان مون وٽ موجود آهن، جن جي هاڻ رکڻ جي جاءِ به مون وٽ نه آهي، مون کان پوءِ منهنجا نوڪر يا اولاد انهن کي اڇلائي ڇڏيندا، مون مٽياري ۾ قائم ٿيندڙ ڪلچرل ڊپارٽمنٽ جي بلڊنگ اندر هڪ ڪارنر کي مرحوم ايس گل ۽ حسين علي شاهه فاضلاڻي جي نالي مخصوص ڪري سڀ سامان ات رکڻ لاءِ سسئي پليجو کي ان وقت چيو هو جنهن وقت هوءَ ان بلڊنگ جو افتتاح ڪري رهي هئي، منهنجي حمايت ۾ ان وقت جي ايم پي اي امير علي شاهه هاشمي به اهو مطالبو ڪيو، پر سسئي پليجو پنهنجي تقرير ۾ جواب ڏنو ته اها بلڊنگ مخدوم صاحبن جي نالي سان مخصوص ڪئي ويندي ڇو ته اها انهن جي ئي فنڊن سان منظور ٿي آهي، پر اڄ به اهو سامان منتظر آهي ڪنهن محسن مٽياري واري جو جيئن ته اڄڪلهه جي پاور واري پارٽين ۾ هاڻ سردار محمد علي شاهه سينيٽر جي حيثيت ۾ اچي چڪو آهي ۽ اهو جيڪڏهن مرحومن (ايس گل ۽ فاضلاڻي صاحب) جي نالي اهو ڪارنر قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته منهنجو اهو ثمر اتي سانڊهائجي ته تاريخ تي به هڪ سٺو نشان قائم رهندو، يا وري موکي ٻڌايو وڃي ته هي سامان ڪيڏانهن ويندو...؟؟؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350402
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402549
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ