ڪتاب جو نالو: اُٿي رائو ريل
مصنف: پروين موسيٰ ميمڻ
ڇپائيندڙ: محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 05 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 179 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 51 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب جو تعارف
  • ڀاڱو پهريون : ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم

  • ٻولي ڇا آهي؟
  • ادب جي تعريف
  • قديم سنڌي شاعري
  • نثر جي ادب ۾ اهميت
  • نثر ۽ نظم ۾ فرق
  • ڀاڱو ٻيو : نثر جون اهم صنفون- هڪ جائزو

  • مضمون نويسي / مقاله نگاري
  • ناول نويسي
  • افسانو/ ڪهاڻي
  • ناٽڪ/ ڊرامو
  • سفرنامو ڇاکي چئجي ٿو؟
  • سنڌي سفرنامي جي ارتقا ۽ اوسر
  • ادب ۾ سوانح نگاريءَ جي اهميت
  • سنڌي نثر جون سوانح عمريون/ آتم ڪهاڻيون/ خاڪا/ روزنامچا/ خط
  • ڀاڱو ٽيون: ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات

  • ترجمي جو عمل ۽ سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجما
  • ادب ۾ تنقيد جي اهميت
  • ادبي تنقيد جو عمل، نقاد جا فرض ۽ جوابداريون
  • سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا ۽ اوسر
  • حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فن/رسالو، مقصديت ۽ پيغام
  • لطيفيات ۾ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو
  • ڀاڱو چوٿون : سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون

  • سو وَڙُ سي ئي ڪَن
  • شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثرنويس
  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ خدمتون
  • ڊاڪٽر غلام علي الانا جون سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات ۾ خدمتون
  • مبارڪ علي شيخ اياز ۽ ”اُٿي اور الله سين“: هڪ جائزو
  • مطالعو: انساني بقا ۽ تڪميل جو اهڃاڻ
  • ببليو گرافي

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آھن


    ڪتاب جو نالو : اُٿي رائو ريل
    موضوع : تنقيد ۽ تحقيق
    ليکڪا : پروين موسيٰ ميمڻ
    سال اشاعت : سيپٽمبر 2008
    ڇاپو : پھريون
    ڪمپوزنگ : اسدالله ڀٽو (3010894-0321)
    تعداد : -/1000 (هڪ هزار)
    ڇپائيندڙ : انور خان ميمڻ
    محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي
    ڇپيندڙ : الرزاق پرنٽنگ ايجنسي، حيدرآباد

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    قيمت: -/170 روپيه

    اسٽاڪسٽ
    يونيورسل بڪ ڊپو- حيدرآباد
    نسيم بڪ ڊپو- حيدرآباد
    سنڌي ادبي بورڊ اسٽال، تلڪ چاڙهي حيدرآباد
    قليچ ڪتاب گهر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، قاسم آباد
    نيوفيلڊس ڪتاب گهر، نسيم نگر چوڪ قاسم آباد
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    آئيڊيل ڪتاب گهر، رابعه اسڪوائر، حيدرآباد
    فڪشن هائوس، رابعه اسڪوائر، حيدرآباد
    نيشنل بڪ فائونڊيشن حيدرآباد


    انتساب

    سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان چاهه رکندڙن، عالمن، استادن، شاگردن، شاعرن، اديبن ۽ انهن پڙهندڙن جي نالي،
    جي هن ماده پرست دور جي نفسانفسي واريءَ ڊوڙ جي باوجود به هن ٻوليءَ ۽ ادب کي جيئارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا اچن.


    ٿَڪيائِي ٿَرَ ٿيل، چَڙِهه چُڪيائي چوٽِين،
    هَلندي هوت پُنهونءَ ڏي، ڀؤ مِڙيِئي ڀيل،
    اُٿي رائو رِيل، ويٺن تان وارِي وَري.

    (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح)
    (8-13، سر سسئي آبري)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اُٿي رائو ريل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا محترمه پروين موسيٰ ميمڻ جي تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن جو مجموعو آهي.
    ”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
    هي ڪتاب 2008ع ۾ محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترمه پروين موسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب جو تعارف

    ”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي.
    سنڌي ادب جي استاد جي حيثيت سان ادبي تاريخ جو موضوع گهڻي عرصي کان منهنجي زير مطالعه رهيو آهي ۽ خاص طور نثر جي مختلف صنفن تي مون اڳ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ موجوده وقت سنڌي نثر جي ترقيءَ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي اسڪالر طور ڪم ڪندي، اهو موضوع منهنجي ذاتي دلچسپيءَ جو باعث آهي. انهيءَ ڪري منهنجا گهڻا تڻا ليک سنڌي نثر جي متعلق آهن.
    ڪتاب ۾ پيش ڪيل مضمونن/ مقالن جي باري ۾ آئون ڪا وڏي دعويٰ نٿي ڪريان، پر اهو بلڪل چوان ٿي ته هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن، جيڪي انشاءَ الله هر طبقهءِ فڪر جي قارئين لاءِ فائديمند ٿيندا. مٿي ڄاڻايل موضوعن کان سواءِ ڪجهه موضوع اهڙا به آهن، جن تي لکڻ چاهيندي به وقت جي ڪميءَ سبب لکي ڪانه سگهيس، جن ۾ ”ٻاراڻو ادب“، ”صحافت ذريعي سنڌي نثر جي ترقي“، ”لسانيات“، ”ادب ۾ آيل نوان رجحان“ ۽ ڪجهه ٻيا موضوع آهن، جيڪي انشاءَ الله هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ شامل ڪيا ويندا.


    پروين موسيٰ ميمڻ
    اسسٽنٽ پروفيسر
    ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڊگري ڪاليج
    حيدرآباد، سنڌ.


    ڀاڱو پهريون : ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم

    ٻولي ڇا آهي؟

    سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي اهميت:
    ٻولي ڇا آهي ۽ علم ادب ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته علم، ادب ۽ ٻوليءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڪهڙيءَ ريت جُڙيل آهي؟ ٻوليءَ جي وسيلي انسان پنهنجن خيالن ۽ افڪارن جو اظهار زباني ۽ تحريري طور ڪري ٿو. ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي ته ان سان گڏ ٻولي ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو پڻ آهي ۽ هر اها ٻولي، جنهن کي ڪو ننڍو ۽ وڏو انساني گروهه مادري زبان طور ڳالهائي ٿو، سا هڪ بالغ ۽ مڪمل ٻولي آهي. جيتري قدر اها ان گروهه جون ضروتون پوريون ڪري ٿي، اوتريقدر اها هڪ سڌريل ٻولي آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته،
    ”ٻولي چئبو آهي اهڙن تلفظي ۽ معنادار آوازن کي، جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان (ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ) کي پنهنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي“. (1)
    جيئن ته ٻولي انساني اظهار جو ذريعو هئڻ سان گڏ سماجي گروهن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ ۽ واڌ ويجهه جو وسيلو آهي، انهيءَ ڪري ٻولي ۽ سماج جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو مضبوط آهي ۽ ٻولي سماج جي پيداوار هئڻ ڪري انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انهيءَ ڪري دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون آهن. هرڪا ٻولي پنهنجي پنهنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي رهي آهي. هر ٻوليءَ جو بنياد، ان جي بنيادي اکرن (حروف تهجي) آئيويٽا تي ٻَڌل آهي. ان کان سواءِ ان ٻوليءَ جو پڙهڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ مشڪل آهي. يعني ته ٻولي ذهني ۽ عملي شعور آهي.
    ”لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گهاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولي ان جو وسيلو آهي. خاص ڪري سهڻا سهڻا لفظ جنهن سان ڏات ڌڻي هڪ سگهارو فارم يا گهاڙيٽو اختيار ڪري ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي جذبن، سوچن تي اثرانداز ٿي، منجهس انسان جي تخليقي صلاحيت تي حيرت، فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا اڀاري ٿو“. (2)
    معنيٰ ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لکندڙ جي تحرير ۾ اثر تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن هو پنهنجو مدعا ۽ مطلب سهڻي نموني ظاهر ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو ۽ حقيت ۾ هُو اها ڪاميابي فقط ۽ فقط ٻوليءَ جي سهڻي استعمال ذريعي حاصل ڪري ٿو، جنهن سان هُو پنهنجي تقرير ۽ تحرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اتان ئي ادب جي شروعات ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جميل جالبي جي لفظن ۾ اهو بلڪل صحيح لڳي ٿو ته،
    ”جڏهن انساني ارتقا جي تاريخ هڪ اهڙيءَ منزل تي پهچي ويندي آهي، جتي محسوس ڪرڻ وارو انسان، سوچڻ وارو ذهن ۽ پنهنجي ما في الضمير کي ٻين تائين پهچائڻ وارا فرد ان زبان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ سهولت محسوس ڪندا آهن. تڏهن ادب جي تخليق پنهنجو منهن ٻاهر ڪڍندي آهي“. (3)
    ان مان اها چٽائي ٿئي ٿي ته، ٻولي ادب جي ظاهر ٿيڻ ۾ وڏي وٿ آهي. عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ واضح فرق آهي، سائين جي ايم سيد انهيءَ فرق تي لکن ٿا ته،
    ”هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪ ٻئي سان لاڳاپي قائم رکڻ لاءِ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ، جذبن جي اظهار لاءِ عام ٻولي هوندي آهي، جا شروع ۾ خام ۽ اڻ پوري هوندي هئي، پر جڏهن ماڻهو بدويانه زندگيءَ مان ترقي ڪري، دريائن جي ڪنارن يا شهرن ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳندا آهن، تڏهن هُو آهستي آهستي ان کي قلمبند ڪرڻ لاءِ رسم الخط ايجاد ڪري لکندا آهن، جنهن ۾ بعد ۾ قصن ڪهاڻين، پهاڪن، شعرن، افسانن، علمي ڳالهين ۽ واقعات جو وڏو ذخير ڪَٺو ٿيو وڃي، جنهن جي مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب ۽ ساهت سڏجي ٿو“. (4)
    اڳيان اهو به ڄاڻائين ٿا ته،
    ”هر قوم جي ڪلچر ۽ سڀيتا جو ذخيرو سندس ادب جي ذريعي محفوظ رهي ٿو. ماڻهن جو ڪوبه مجموعو زبان ۽ ادب کان سواءِ قوم بنجي نٿو سگهي، ساڳيءَ ريت زبان ۽ ادب قوم جي وجود کان سواءِ رهي نٿا سگهن“. (5)
    هاڻي اها ڀليءَ ڀت خبر پوي ٿي ته ٻوليءَ جي سماجي، قومي، علمي ۽ ادبي اهميت ڇا آهي؟ اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي ڪري انسان اشرف المخلوق جي مٿانهين درجي تي قائم آهي ۽ اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي بياني ۽ تحريري قوت سکڻ سان قومن ۽ سماجن جو سڌرڻ ۽ مهذب ٿيڻ عمل ۾ آيو آهي ۽ ان سان ادب جو بنياد پيو آهي.
    سماجن جي سڌرڻ، سنورجڻ، وڌڻ، ويجهڻ ۾ ٻوليءَ وسيلي علم ۽ ادب جي پکيڙ ٿئي ٿي. ڪنهن به سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي. اهو ادب ئي آهي، جنهن جي تخليق سان سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي ۽ اها تبديلي ان ٻوليءَ جي ادب جا تخليق ڪار شاعر ۽ اديب آڻين ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي پرک ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته،
    ”سنڌي ٻولي هڪ ادبي ٻولي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اها جهلڪ ۽ اهو عڪس سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب وسيلي پسي سگهجي ٿو“. (6)

    ڪاڪو ڀيرومل مهرچند ته ايئن به چوي ٿو ته،
    ”ٻوليءَ ۾ انسان جي جيوت جي آتم ڪهاڻي (Auto bio graphy) سمايل آهي“. (7)
    معنيٰ ته اها فخر جوڳي حقيقت آهي ته سنڌ جي قديم خطي جي اهم، آڳاٽي ۽ اوائلي بنيادي ٻولي ”سنڌيءَ“ جي ادب ۾ هن خطي جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ سمايل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ موجوده پَدَ تي ڪهڙيءَ ريت پهتي آهي ۽ ان ۾ ڪيترو علم ادب سرجيل آهي؟ اسان جي ڇپيل نثر ۽ نظم جو معيار ڪهڙو آهي؟ اهو موضوع هن ڪتاب جي تقريبًا ٻين مقالن جو احاطو ڪري ٿو. هتي مختصرًا اهو ڄاڻ ڏينديس ته سنڌو لکت قديم آهي، جنهن جا اوائلي نشان قديم ماڳن جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيا آهن. ماهرن موجب ته، ”موئن جي دڙي واري تهذيب ۾ رائج ٻولي قديم سنڌي ٻولي آهي، جنهن کي ”سئنڌوئي“ يا ”سئندب“ سڏيو ويو آهي“.

    ڊاڪٽر فهميده حسين موجب،
    ”سئنڌوئي اها ٻولي آهي، جنهن مان سنڌو ماٿريءَ جون سڀ ٻوليون ڦُٽي نڪتون آهن. سنڌي به انهن مان هڪ آهي. سئنڌوئي سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ آهي“. (8)
    اها به حقيقت آهي ته آڳاٽن ماڳن مان مليل مهرن تي اڪريل نشانين تي تحقيق اڃان جاري آهي، پر مڪمل طور ڪي حتمي نتيجا اڃان سامهان نه آيا آهن ته به اهو چئي سگهجي ٿو ته،
    ”سنڌي ٻولي تڏهن کان آهي، جڏهن کان خدا پاڪ سنڌ خطو خلقيو آهي“.
    پنج هزار سال يا ست هزار سال ان جي عمر ڪونهي، بلڪه ان جي قدامت ڪٿڻ لاءِ مٿيون جملو ئي صحيح آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو وجود سنڌ خطي جي خلقڻ کان ئي قائم آهي. هيءَ شانائتي ٻولي، سهڻن پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، استعارن، خيالن جي بلندي ۽ سهڻي اسلوب سان سينگاريل آهي.
    ”بيان جي اظهار، ايجاز ۽ اختصار پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ ساخت ايتري وسيع ڳوڙهي ۽ مڪمل آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به ماڊرن هند-آريائي ٻولين ۾ نٿو ملي. سنڌي فعل جي ڦيرن، جنس، عدد ۽ زمانن موجب اُنهن جي گردانن، ضميري پڇاڙين ۽ اعرابن جو، جن يورپي علم-زبانن جي ماهرن مطالعو ڪيو آهي، تن پڻ سنڌيءَ کي ٻين جديد هند-آريائي ٻولين کان گهڻو ترقي يافته ۽ مڪمل ڪري مڃيو آهي“. (9)
    اڄ سنڌي ٻولي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ وڏي پئماني تي استعمال ٿي رهي آهي. موجوده دور جي ضرورت مطابق ڪمپيوٽر جي حوالي سان به ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي. علمي طور سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. ادبي طور سنڌي ٻوليءَ جو نثر ۽ نظم سنڌوءَ ۽ گنگا جي اوجل جل جي ڌارا جيئن آهي، جنهن جو پاڻي ڪُجسو ۽ بيٺل ڍنڍ جيئن نه، پر سُبڪ رفتار بلند ۽ اونهائيءَ وارو آهي، جنهن کي پڙهڻ، لکڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ سان اکيون ٿڌيون ٿيون ٿين ۽ دل ۽ دماغ کي راحت ۽ تراوٽ ٿي اچي.
    سنڌي ٻوليءَ جي صدين جي سفر جي تاريخ ان جي نثر ۽ نظم جي نادر تصنيفات ۾ موجود ۽ محفوظ آهي، جو اسان جو قيمتي سرمايو آهي، جنهن جي حفاظت، اشاعت، ترقي ۽ ترويج لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ هر سنڌ واسيءَ جو فرض هئڻ گهرجي. ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته موجوده اليڪٽرانڪ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي سائنسي طور برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وڃن.


    حوالا
    (1) سيوهاڻي حڪيم فتح محمد، ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1974ع، ص- 3
    (2) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“،
    ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1993ع، ص-227
    (3) جالبي جميل ڊاڪٽر: ”تاريخ اردو ادب (جلد اول)، مجلس ترقي اردو ادب، لاهور، 2005ع، ص- 10
    (4) سيد غلام مرتضيٰ ”سنڌوءَ جي ساڃهه“، سن اڪيڊمي، دادو، ص- 75
    (5) ايضاً ص- 75
    (6) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”مقالا“ (انسان زبان ۽ ثقافت) سنڌي ادبي بورڊ، 1998ع، ص- 64
    (7) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2004ع
    (8) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: (شيخ اياز آڊيٽوريم سنڌ يونيورسٽي ۾ 25 مارچ 2009ع تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ليڪچر ”شروعاتي سنڌي شاعري“ جي هڪ سوال جي وضاحت ۾ چيو)
    (9) سيد جي ايم، ”سنڌوءَ جي ساڃهه“، سن اڪيڊمي، دادو، ص- 39


    ادب جي تعريف

    انساني اظهار جو اهم ذريعو يعني ادب سندس ئي تقرير/تحرير آهي. کيس ڌڻيءَ سڳوري زبان سان ڳالهائڻ جي طاقت ڏني ته ڪيترين ئي ٻولين جي سکڻ جي قوت ڏني، جنهن سان هُن پنهنجي دل ۽ دماغ جي ترجماني ڪئي ۽ هو مهذب شمار ٿيو.
    ادب جي شروعات ٻوليءَ جي حوالي سان ته ٿي آهي، پر ماهرن انهيءَ جي لاءِ ڪهڙا اصول وضع ڪيا آهن؟ انهيءَ لاءِ لفظ ادب جي وصف جي وضاحت ڪجي ٿي.
    “Literature a body of written works, the name is often applied to those imaginative works of poetry and prose, distinguished by the intentions of their author and the excellence of their exeacution, literature may be classified, according to a variety of systems including language national origin, historical period and subject matter.” (1)
    انسائيڪلوپيڊيا جي مٿئين وصف موجب مختصرًا ادب نثر ۽ نظم جو امتزاج هئڻ سان گڏ مختلف موضوعن تي مبني آهي. ڏيهي عالمن لفظ ”ادب“ جي تفصيلي وضاحت هن ريت ڏني آهي:
    علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ لفظ ”ادب“ کي عربي زبان جو ڄاڻائيندي وضاحت ڪئي آهي ته ”مادبة“ مان نڪتل هيءُ لفظ ”دعوت“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ عباسين جي خلافت واري وقت ۾ ادب جو لفظ تهذيبي ۽ تعليمي معنائن ۾ عام جام استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ڪيترن ليکڪن جا ڪتاب ۽ رسالا ادب جي عنوان سان مقبول ٿيا. (2) علامه آءِ آءِ قاضيءَ موجب ادب، تاديب، تربيت، گهڙجڻ ۽ گسڻ پيسڻ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو.
    مولوي فيروزالدين ادب جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته،
    (ا د -ب) (1) هر شيءِ کي نگاهه جي حد ۾ رکڻ (2) علمِ زبان جنهن ۾ نحو، لغت عروض، انشاء معاني ۽ بيان وغيره داخل هجن (3) زبان جو سرمايو يا لٽريچر (6) فارسي ٻوليءَ جي لغت ۾ ادب جي معنيٰ ”فضيلت ۽ حليمت“ ڏني ويئي آهي، جنهن کي چڱين خصلتن جي ڄاڻ چئي سگهجي ٿو. (3)
    ادب انساني حياتيءَ جو آئينو به آهي ته سندس زندگيءَ جي تفسير پڻ. جنهن جي نثر ۽ نظم (ٻن شاخن) ۾ نه فقط مصنف جي شخصيت جي جهلڪ سندس قلبي وارداتن ۽ ذهني ڪيفيتن سميت پسجي ٿي، پر هر ليکڪ جي دور جي سماج جون حالتون چٽيون پٽيون ڏسجن ٿيون. سماج جي انيڪ رخن جي نمائندگي ڪندڙ هن زباني ۽ بياني خزاني کي ”لطيف فن“ چيو ويو آهي، جيڪو قومن جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو مڪمل اهڃاڻ آهي.
    ”اهو تمام علم جيڪو ڪتابن وسيلي اسان تائين پهچي ٿو، ادب آهي.“ (ميٿيو آرنلڊ)
    ”بهترين ادبي ڪارنامو سمنڊ جي لهرن وانگر آهي، چاهي توهين ان جو جهڙيءَ ريت مطالعو ڪريو.“ (گوئٽي)
    ”ڪنهن به قوم جو ادب ان جي اخلاقي حالتن جو ترجمان آهي. (ڪارلائيل)
    ”اعليٰ ادب اهو آهي، جيڪو اعليٰ کان اعليٰ خيال قارئين تائين پيش ڪري. (رسڪن)
    ”خيالن ۽ احساسن جو اهو تمام سرمايو، جيڪو تحرير ۾ اچي چڪو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ترتيب ڏنو ويو آهي، جو پڙهندڙ کي مسرت ۽ خوشي ملي، اهو ادب آهي.“ (نارمن)
    Literature is a kind of intellectual light which, like the light of sun may some times enable us to see what we do not like (Jonson)
    ادب جي اهميت ۽ افاديت ڪيترن عالمن ۽ اديبن جي قولن ۽ چوڻين مان پرکي سگهجي ٿي. تهذيب، اخلاق، صداقت، سکيا، وندر، علم، سمجهه ۽ شعور جو خزانو ادب انساني حياتيءَ لاءِ ڪتابن جي سوغات معرفت رهبري ۽ رهنمائي آهي، جنهن ۾ ٻولي ۽ ادب جي باهمي عمل (Interaction of language and literature) معرفت ڪيترائي اثرانگيز ۽ انمول فن پارا انساني حياتين کي سنئين دڳ تي لائي ويا آهن.
    ”ٻولي ۽ ادب ٻيئي پنهنجي پنهنجي دائره عمل ۾ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا.“ (5)
    يعني ته ادب جي اظهار ۾ ادبي ٻولي ۽ ادب جو دائرو هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. ادبي ٻولي هنڌائتن اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، گفتارن، تشبيهن، استعارن، علامتن سان سينگاريل هجي ٿي.
    ثعالبي موجب عربن پنهنجي علم ادب کي ٻارهن شاخن ۾ ورهايو آهي، جيڪي اصولي ۽ فروعي ۾ ورهايل آهن، انهن ٻارهن شاخن مان گهڻيون ٻوليءَ جي استعمال تي مبني آهن، جيئن صرف نحو، اشتقاق، لغت، قافيه عروض، معاني بيان، علم بديع عروض، علم الخط انشا، شعر ۽ تاريخ، قوانينِ ڪتاب، قوانين قرائت وغيره. علم ادب جا ٻه قسم آهن. ديني ۽ دنياوي. ديني علمن ۾ مختلف مذهبي/ڌرمي ڪتاب ۽ دنياوي علمن ۾ سائنسي، علمي، فني ۽ ادبي ڪتاب آهن. ادبي تصنيفن ۾ ”نثر“ ۽ ”نظم“ جا ڪتاب اچن ٿا، جيڪي ”تخليقي“ ۽ سادي ادب طور ورهايل آهن. دنيا جو هر ادب نظم کان شروع ٿيل آهي، جو ڪاغذ جي ايجاد ۽ جديد ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ ادب جي بقا فقط حافظي جي صورت ۾ هئي، انهيءَ ڪري نظم کي ترجيح هئي. قلمي، ليٿو، ٽائيپ ۽ موجوده وقت ۾ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي ڇپائيءَ ذريعي ڪتابي علم وڏي ترقي ڪئي آهي، جنهن سان ادب جي ترقيءَ جون راهون روشن ٿيون آهن.
    قومن جي تهذيبن ۽ تمدن کي پرکڻ لاءِ زبان، رسم ورواج، مذهب ۽ رهائش جو بغور مطالعو انهيءَ قوم جي علم ۽ ادب وسيلي ڏسبو آهي. سنڌي ادب ۾ سنڌي قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي صدين جي تاريخ سمايل آهي، جيڪا نثر توڻي نظم ۾ تمام سهڻي نموني سان پسجي ٿي. نظم واري حصي ۾ ڳاهون، ڳيچ، بيت، وايون، ڪافيون، غزل، دوها، قطعا، چوسٽا، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم، هائڪا، ٽه سٽا، ترائيل، سانيٽ، سنگيت منظوم ڊراما وغيره شامل آهن ته نثر جي حصي ۾ ڏندڪٿائون، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويوز، تقريرون، ساروڻيون، مقدما، مهاڳ، خط، ڊائريون وغيره ملن ٿيون. جيئن ته دنيا جي هر ادب ۾ لوڪ ادب، اوائلي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ اخلاقيات جا سبق، محنتون، جدوجهدون، جاکوڙون، سورمن جون سورهيائيون، اميدون، بهادريون، يقين جون قوتون، نيڪ مقصد جي حاصلات جون ڪوششون، ناصحانه نموني بيان ڪيل آهن. سو سنڌي لوڪ ادب جا خزانا به اهڙين ڪاوشن کان خالي نه آهن، انهيءَ اهم ادبي ورثي جي حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن، جن ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جي تحقيقي رٿا 1955ع مطابق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي رهنمائيءَ ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جا تقريباً 45 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا. ٻين به ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن هن ڏس ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جن ۾ ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ماستر الهبچايو سمون، عبدالحسين شاهه موسوي، ماستر محمد ابراهيم عباسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، نارائڻ داس ڀارتي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (پي ايڇ ڊي مقالو ”سنڌي لوڪ ادب جو ارتقائي جائزو“ آهي)، عثمان اديب، امداد حسيني، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ٻيا آهن، پر اڃان به هن قيمتي اثاثي جي کوجنا، حفاظت ۽ اشاعت جي اشد ضرورت آهي.
    سنڌي ادب جي نثر ۾ پڻ ڪافي ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف صنفن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. نثر جي هن حصي ۾ تاريخ، تنقيد، تحقيق، لسانيات، لطيفيات ۽ لغت کان علاوه نثر جي ادبي صنفن ۽ ٻين موضوعن تي معياري ۽ مقداري مواد موجود آهي، جنهن جي ڪٿ لاءِ پڻ ضخيم ڪتاب جي گهرج آهي.
    دنيا جي ڪابه ترقي يافته قوم علمي ۽ ادبي خزاني کان خالي ناهي هوندي، جنهن ٻوليءَ ۾ وافر مقدار ۾ علمي ۽ ادبي تصنيفات نه آهن، سا سڃي ۽ سکڻي ٻولي آهي. ۽ اهڙو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو، جنهن جي ترجماني انهيءَ سماج جي سڄاڻن، سمجهوئن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن معرفت نه ٿيندي. انهيءَ ڪري ادب تي پيل پابندين سان نه فقط لکندڙ متاثر ٿئي ٿو، پر انهيءَ سان سڄو سماج جڪڙجي قيد ٿئي ٿو، ڇو ته سماجي حياتيءَ جي تبديلين جا اثر به فرد واحد کان اجتماعيت تي ٿيندا آهن. فردن جا انفرادي عمل سماج جي اجتماعيت جي مختلف رخن تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ اهڙن عملن جو آئينو ادب جي مختلف تحريرن وسيلي پسبو آهي. معنيٰ ته سچو اديب/شاعر پنهنجي پنهنجي دور جو مڪمل ترجمان آهي ۽ سندس گرفت ماضي، حال ۽ مستقبل تي هوندي آهي. سماج جون معاشي، سياسي، علمي، ديني حالتون ادب ۾ واضح ڏسجن ٿيون ۽ سنڌي ادب ۾ پڻ ساڳيءَ ريت سنڌ جي هر دور جي سماجي تاريخ سمايل آهي.

    حوالا
    (1) The New Encyclopadia Britanica (Literary sketches) P 398, 2005
    (2) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ”ايڏو شان شعور“، قاسمي چيئر، ڄامشورو، ص 112-113
    (3) فيروزالدين مولوي، ”فيروز اللغات“ ص 77، فيروز سنز لميٽيڊ 1971ع
    (4) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر، سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ، سنڌ الاجي 1982ع، ص 9
    (5) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو باهمي ميل“ (مقالو)
    ٽه ماهي مهراڻ 1/ 1975ع، ص 119


    قديم سنڌي شاعري

    قديم دور جو علم ادب زباني روايتن ۽ بيانن تي مشتمل هو، جنهن جي ورڇ نثر ۽ نظم طور ٿي آهي. دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب نثر ۽ نظم تي مشتمل آهي. لفظ ”شعر“ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. شعر جهالت يا نادانيءَ جو ضد آهي. شعر جي الهامي جذبي کي وڏو درجو ۽ عزت حاصل آهي. سٺو شعر مقصديت ۾ اعليٰ ۽ اخلاقي هجي ٿو. ڀٽ ڌڻيءَ جي موجب ته:

    جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهن،
    نيومن لائين، پريان سنڌي پار ڏي.
    ۽ شيخ فريد الدين عطار مطابق ته:
    شاعري جزويست از پيغمبري،
    جاهلانش کفر دانند ازخري.

    هڪ عربي قول آهي ته ”شاعر خدا جا شاگرد آهن“. شعر چوڻ يا لکڻ قدرتي علم ۽ ڏات آهي يا ڏانءُ. انهيءَ کي مرزا صاحب جي لفظن ۾ ڏسنداسين ته ”شعر علم به آهي ته هنر به آهي“. (1) بلڪل صحيح لڳندو. هيءُ منظوم ڪلام جذبي ۽ تخيّل تي آڌاريل هوندي بحر وزن، قافيه ۽ رديف يعني موزونيت جو محتاج آهي.
    سنڌي ادب جي نظمي حصي جي پرک ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جو احوال سومرن جي دور کان اڳ نامڪمل ملي ٿو. جڏهن ته هن خطي جي قدامت جي پيش نظر يقيناً سنڌي شاعري انهيءَ کان اڳ موجود هئي ۽ دنيا جي هر شاعريءَ وانگر سنڌي شعر پڻ تسلسل سان قائم رهيو هوندو. ڏٺو وڃي ته هر شاعر ۽ اديب پنهنجي دور سان گڏ کانئس اڳ جي ماحول کان متاثر ٿيل هوندو آهي. جيئن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي قاضي قادن شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ جا ڪجهه اثر آهن ته پوءِ آخر قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم ڪهڙي شاعريءَ کان متاثر هئا؟ ۽ اهو پراڻو شعر ڪٿي موجود آهي ۽ انهيءَ شعري ارتقا جون ڪڙيون ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ملي سگهن ٿيون؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته چند اهم نقطن جي زيرنظر انهن ڪڙين کي ملائجي.
    سومرن جي دور جي مليل شاعريءَ ۾ ڳاهه، ڳيچ، گنان ۽ سينگار شاعري ملن ٿا، انهيءَ کان اڳ هڪ بيت عرب دور جو سنڌي شعر جي قدامت طور ملي ٿو، جيڪو مختلف روايتن مطابق ڪجهه ٿوري گهڻي فرق سان هن ريت موجود آهي:

    اره بره کنکره، کراکري مندره،
    اره اصره ککرا، کي کرده مندره.

    هن بيت تي ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين رايا ڏنا آهن ۽ اهو بيت ٻن ڪتابن ”روضة العقلاء و نزهة الفضلاء“ ۽ ”مجمع التواريخ والقصص“ ۾ آيل آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل نمونن مطابق آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب دمشق ۾ حضرت بلال رضي الله جي مقبري جي اندرين ديوار تي هيءُ بيت لکيل ڏٺو ۽ سندس راءِ موجب ممڪن آهي اهو ڪنهن حبشي زبان جو هجي، پر ”ڪنهن به حالت ۾ هيءُ اوائلي سنڌي بيت ٿي نٿو سگهي“. (2)
    ڊاڪٽر الانا صاحب به مٿئين بيت کي سنڌي ٻوليءَ جو بيت نٿا مڃين.
    ٻين عالمن هن بيت کي سنڌي شعر جي قدامت لاءِ تاريخي وٿ قرار ڏنو آهي ته گڏوگڏ اهو به ڄاڻايو آهي ته انهيءَ تي تحقيق ڪرڻ گهرجي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب ظني پڙهڻيءَ سان هن بيت جو تعلق لاڙ جي منڌرا قوم سان ڏيکاريو آهي. منهنجي خيال ۾ هن بيت جي ظني پڙهڻي ۽ گمانن تي تڪيو رکڻ جي بجاءِ جيڪڏهن ”روضة العقلاء“ ۽ ”مجمع التواريخ“ جي مصنفن جي ٻين تصنيفن کي جانچيو وڃي ۽ دمشق ۾ موجود (ممڪن آهي قدامت سبب هن تاريخي بيت جي صورت مٽجي ويئي هجي) هن بيت جو عڪس حاصل ڪري، عربي ٻوليءَ جي ديوانن ۽ ٻين ڪتابن مان ڄاڻ وٺجي ته بهتر ٿيندو. جيڪڏهن اهوبيت رسول پاڪ جن جي تعريف ۾ چيل آهي ته ان جي موجودگي اهڙن ڪتابن ۾ ضرور هوندي. حضرت بلال سان هن بيت جي نسبت معلوم ٿيڻ سان ڪجهه وضاحت ٿي سگهي ٿي. پوءِ ئي هن بيت جو تعلق سنڌي ٻوليءَ سان جوڙڻ جي باري ۾ ويچاري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش انهيءَ حوالي کي، ”سنڌي ٻوليءَ جو عربي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان پهريون لکيل نمونو ڄاڻايو آهي.“ (3)
    مٿي ڏنل تفصيل مطابق سومرن جي دور کان اڳ جو سنڌي شاعريءَ جو احوال اسان وٽ نٿو ملي، باقي سومرا دور جي شاعراڻي سرمايي تي نظر وجهڻ سان قديم شاعريءَ تي روشني پوندي. سومرن جي دور کان ڳيچ، ڳاهون ۽ گنانن جي شاعري ملي ٿي. فني لحاظ کان گنانن جي هيئت، مواد، موضوع ۽ مضمون ۾ سنڌي اوائلي شعر جا اهڃاڻ موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ سان گڏ گنانن ۾ گجراتي، هندي، ڪڇي، لاڙي ۽ ملتاني محاورن جو استعمال شامل آهي. جدا جدا ٻولين جي محاورن وارن گنانن کي ڊاڪٽر نبي بخش معتبر سڏيو آهي. گنانن جا مثال هن ريت آهن:

    چيتن هارا تمهين چيتجو
    ڪريو خوب ڪمائي
    انت ڪال ايڪلا چلڻا
    ساٿ ڪوئي باپ نه مائي (4)

    پير صدرالدين جا گنان مڪمل سنڌي نموني جا آهن.

    اُٿي الله نه گهرين بندا، تون ستين سڄي رات،
    نڪا جهوري جيوَ جي ٻانها، نڪو سمر ساٿ،
    شاهه مڃيئڙو تني کي، جيڪي صبوحڙي جاڳن. (5)

    ”گنانن ۾ سنڌي اساسي شاعريءَ وانگر تمثيلن ۽ علامتن جي ذريعي عشق جا اسرار ۽ فلسفياڻا نڪتا بيان ڪيل آهن. موضوع جي لحاظ کان تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار آهي. دوهي، وائي ۽ ڪافيءَ جي نموني لکيل آهن. ”گنانن ۾ بيشمار ديسي تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايا ملن ٿا، جن مان ڪي سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن“.(6)
    ”پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبيرالدين جا گنان سنڌ جي آڳاٽي شعر جي مطالعي جي لحاظ کان اهم ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جتي جتي گنانن جي شاعري ۽ رسم الخط جا نمونا موجود آهن، اتي ٻيهر قديم نسخن ۽ ڪتابن کي تحقيق جو معيار بنايو وڃي. برٽش ميوزيم لائبريري، انڊيا آفيس لائبريري ۽ اسماعيلي جماعت خانن جي اهم لائبريرين مان مدد وٺڻ سان ممڪن آهي ڪنهن آڳاٽي مستند قلمي نسخي مان ڪا نئين تحقيق سامهون اچي. انهيءَ لاءِ برما، هندستان، سريلنڪا، برطانيا، ڪئناڊا ۽ ٻين ماڳن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
    سومرن جي دور جو جيڪو ٻيو شعري مواد اهم آهي، اهو ڳيچ ۽ ڳاهون آهن. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته:
    ”جيڪو سنڌي شعر پهرين چوڻ ۾ آيو، سو ٻين ملڪن جي شعر وانگر قصن ۽ جنگين بابت هو، جيئن هندستاني ڀاشا ۾ اوائل جو شعر دوهرن ۾ هو ۽ مضمون جنگي يا ڌرمي هو، تيئن سنڌيءَ ۾ به دوهرا يا ڏوهيڙا هئا يعني ٻه سٽون يا ٻه مصرع“.(7)

    ڳاهه هڪ قسم جا واقعاتي ۽ بياني بيت آهن، جن جا موضوع رزميه، هجويه ۽ عشقيه آهن، جيئن:
    ڳاهه: آهيان سنڌ جو سورمو، مون کي ڊپ نه ڊاءُ،
    ڏورئون ڏوري، مون ڏٺو هيءُ پرينءَ جو تلاءُ. (8)
    سومرن ۽ گجرن جون لڙائيون، سومرن جي علاؤالدين جي لشڪر سان جنگ، ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ ۽ عشقيه قصن ۾ ليلان چنيسر، عمر مارئي، مومل مينڌرو ۽ ٻيا واقعا ڳاهن ۾ ملن ٿا. پروفيسر محرم خان، ”سومرن جو دور 923ع کان ڄاڻايو آهي“. پاڻ اپڀرنش جي هڪ ڳاهه جو نمونو هيم چندر جي تصنيف (1088- 1172ع) جي حوالي سان ڏنو اٿن. هيءَ ڳاهه ڊاڪٽر حسن هندي ادب جي تاريخ ۾ پڻ ذڪر ڪئي آهي. (9)
    ڳيچ تمام قديم آهن، جن جو پتو نٿو پئجي سگهي ته ڪڏهن چيا ويا، پر يقيناً هيءُ جهوني شاعريءَ جو سرمايو سنڌي شاعريءَ جو ابتدائي ۽ اوائلي نمونو آهي. ڳيچ سنڌي ثقافت، سماجي لاڙن، ذهني ڪيفيتن ۽ نفسياتي رجحانن سان گڏ مذهبي حالتن، عقيدن، عادتن، رسمن ۽ رواجن جي ڄاڻ ڏين ٿا.
    ڳيچ:
    سعيو ٿيو سجايو،
    هوت ڀنڀور ۾ آيو. (10)
    ڳيچ جي حوالي سان سڀ کان قديم نمونو مائي مرکان شيخڻ جي ڳيچن جو ملي ٿو. سومرن جي دور جي هيءَ بزرگ خاتون 1300ع ڌاري وفات ڪري ويئي. هن خاتون جا جوڙيل پيراڻا، سنڌي ٻوليءَ جو املهه سرمايو آهن. هن جي ٻولي تمنا ۽ آس ڏيکاريندڙ سادن لفظن سان ڀريل آهي، جيئن ڳيچن ۾ ٿيندو آهي. مثال طور:

    مريدني تنهنجا ڏِسِ ۾ آوارا ڄاما،
    شيخ ني تنهنجا ڏيهه ۾، کؤنري ۾ ڄاما،
    پورڙيون ڪيئيم، پير ڀانڊاري،
    تنهنجو ساٿ سلامت آيو،
    تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو. (11)
    ازانسواءِ ٻين به ڪيترين گمنام عورتن جا چيل بي حساب ڳيچ ملن ٿا. ڳاهه جي صنف ۾ ڀاڳو ڀان، سمنگ چارڻ جا نالا اهم آهن. ماموئي فقيرن جي بيتن کان علاوه شيخ حماد جمالي، اسحاق آهنگر ۽ پراڙ جو هڪ بيت ملي ٿو. سما دور ۾ قاضي قادن جي ڪلام جي اهميت تمام گهڻي آهي. مخدوم نوح، سيد علي ثاني شيرازي، شاهه ڪريم، درس علاؤالدين سومرو، عثمان احساني جا نالا شروع شاعريءَ ۾ اهم آهن.
    پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ جو ڪافي ڪلام ملي ٿو ۽ اڳيان هلي سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان سنڌ سيراب ٿي.
    سنڌ صوفين جي سرزمين رهي آهي. هتي تمثيلي قصن ۽ واقعن کي عروج، سماع ۽ ذڪر جي محفلن ذريعي مليو آهي، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين ڪمال تي پهتو. عرب دور کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن جون ترجيحون بدليون ۽ تصوف جي موضوع پنهنجا اثر سنڌ ۾ مضبوط ڪيا. ذڪر و سماع جي سلسلن ذريعي سنڌي بيت ۽ ڪافيون منظوم ٿيون. سنڌي ذاڪر ۽ قوال سنڌ ۽ ملتان وارن خطن ۾ مشهور ٿيا. شيخ فريد شڪر گنج ۽ غوث بهاءُ الدين جن جي دوهن ۾ سنڌي لفظ ملن ٿا. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جن ته سماع کي حياتيءَ جو لازمي جز قرار ڏنو.
    جيئن ته سنڌ جي ايراضي تمام وسيع هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ماحول ۽ علم ادب تي مختلف ٻولين، ماڻهن ۽ مذهبن جا اثر ٿيا. ”برصغير جي علم ادب جي قديم تاريخ ۾ ويدن، مهاڀارت، رامائڻ ۽ اپنشدون هتان جي ماڻهن کي متاثر پڻ ڪيو آهي. سنسڪرت، پالي، اپڀرنش، عربي، فارسي، هندي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ٻولين جا اثر سنڌي ٻوليءَ تي رهيا آهن. ڪرشن ڀڳتي،
    رام ڀڳتي، ناٿ پنٿني ۽ نرگن هندي ادب خاص ڪري شاعريءَ جون اعليٰ تحريڪون رهيون آهن، جيڪو سنڌ ۾ پهتل جوڳين جو ذڪر قاضي قادن کان ٿيندو شاهه لطيف تائين پهتو. ”ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي، رحمٰن، ڪالو ۽ ٻين جا دوها سنڌيءَ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا.“ (12)
    ڪيترن مسلمان شاعرن هنديءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جيئن رحمٰن، ملڪ محمد جائسي ۽ امير خسرو وغيره. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته:
    ”گرو گرنٿ جي واڻي سنڌ ۾ عام جام پڙهي ويندي هئي ۽ گنج جي نسخي ۾ پڻ هندي ڪلام جا دوها ۽ ڀڄن موجود آهن. اهڙيءَ ريت هندو ويدانت جي فلسفي جا ڪيترا خيال تصوف ۾ شامل ٿي ويا“. (13)
    مٿئين تمهيد جو مطلب ته هندوستان ۾ موجود ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل سنڌي ٻوليءَ جي خزاني جي تحقيق سان مثبت نتيجا سنڌي شعر جي قدامت جي باري ۾ ملي سگهن ٿا. جيئن قاضي قادن جو پويون ڪلام ديوناگري لپيءَ ۾ مليو آهي، ايئن ممڪن آهي ته ڪا نئين کوجنا سامهون اچي. انهيءَ کان سواءِ سنڌي شاعريءَ تي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا به اثر آهن.

    جيئن ته:
    1- سنڌ خطي جي قدامت قديم آثارن جي کوٽائيءَ سان واضح ٿي چڪي آهي. انهيءَ لحاظ کان هن پرڳڻي جي علم ادب جو آڳاٽو مواد ضرور موجود هوندو. ضروري آهي ته قديم سنڌي شاعريءَ جي کوجنا لاءِ هيٺين نڪتن تي ڌيان ڌريو وڃي.
    2- موجوده وقت ۾ مليل احوال مطابق سنڌي شعر جا جيڪي اوائلي نمونا دستياب ٿيا آهن، سي سومرن جي شروعاتي دور ۽ عربن جي آخري وقت جا آهن. 187هه جي بيت جي پڙهڻيءَ جي باري ۾ ڪي حتمي نتيجا نه مليا آهن، انهيءَ لاءِ عربي ٻوليءَ جي تصنيفات کي ڏسڻ گهرجي.
    3- باقاعده سنڌي شاعري سومرن جي دور کان ڳاهن، ڳيچن، گنانن ۽ سينگار شاعريءَ ذريعي ملي ٿي، جنهن جو وجود درحقيقت انهيءَ دور کان آڳاٽو آهي. ضروري آهي ته لوڪ ادب جي نثري ۽ نظمي مواد ۽ گنانن جي مواد تي وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي.
    4- سنڌي قديم شعر تي موضوع، مواد، هيئت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هندي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا ڪجهه اثر آهن، انهيءَ ڪري انهن ٻولين جي شاعريءَ کي پرکڻ سان سنڌي شعر جي قدامت معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
    5- آڳاٽي سنڌي شعر جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ديوناگري لپيءَ جي مختلف پراڻن نسخن مان پڻ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
    ڏٺو وڃي ته اهي سڀ تحقيقي مرحلا گهڻين انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن سان عمل ۾ اچي سگهن ٿا، جن ۾ قابل ماهرن جي محنت ۽ وڏو ناڻو گهربل آهي ته حڪومت ۽ ٻين وڏن علمي، ادبي ادارن جي سهڪار جي پڻ سخت ضرورت آهي ته جيئن اسين هن مانائتي ٻوليءَ جي قديم ورثي جي کوجنا ۾ ڪامياب ٿي سگهون.

    ورتل حوالا
    (1) بيگ مرزا قليچ: ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع، ص 227
    (2) دائودپوٽو عمر بن محمد علامه: ”قديم سنڌي شاعري“، نئين زندگي سيپٽمبر 1958ع
    (3) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، 1999ع، ص 72.
    (4) ايضاً ص- 198.
    (5) ايضاً ص- 199.
    (6) خواجه نورافروز ڊاڪٽر: ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2005ع،
    ص- 240-241
    (7) بيگ مرزا قليچ: ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع، ص 237-238
    (8) بلوچ نبي بخش: ”سنڌي بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1971ع.
    (9) پروفيسر محرم خان: ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري“ (تاريخي جائزو)، ڪينجهر-8 2002ع، ص- 55
    (10) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: ”بيت“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص-9.
    (11) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص146.
    (12) عباسي تنوير ڊاڪٽر: ”شاهه لطيف جي شاعري“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص-40.
    (13) ايضًا ص- 45.


    نثر جي ادب ۾ اهميت

    نثر جي ادب ۾ اهميت کان اڳ ”نثر“ جي وصف جي چٽائي ڪجي ٿي:
    ”نثر بياني عبارت آهي جنهن جي تقريري توڻي تحريري طور افاديت ۽ اهميت ادب ۾ مڃيل آهي“.
    ”ادب عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو مختلف قسم جي مفهوم جو حامل آهي. اسلام کان قبل عربي زبان ۾ ضيافت ۽ مهمانيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ بعد ۾ انهيءَ ۾ هڪ ٻيو مفهوم به شامل ٿيو، جنهن کي اسين مجموعي لحاظ کان شائستگي چئي سگهون ٿا. اسلام کان اڳ خوش بيانيءَ کي اعليٰ ادب سڏيو ويو. جديد دور ۾ ادب جي معنيٰ مخصوص قرار ڏني ويئي آهي.
    ادب ”آرٽ“ جي هڪ شاخ آهي، جنهن کي ”لطيف فن“ سڏي سگهون ٿا“. (1)
    ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ نثر ادب جو اهم حصو آهي. ادب ۾ ڪم آيل نثر عام تحرير کان مختلف هجي ٿو. عام تحرير ۽ ادبي تحرير ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي. عام تحرير هر فرد جيڪو خواندو آهي، لکي سگهي ٿو، پر ادبي لياقت فقط ۽ فقط اديب ۽ شاعر ۾ هوندي آهي. هڪ اديب پنهنجي فن پاري کي سهڻي ترتيب ۽ ترڪيب ۽ لفظن ۽ جملن جي ربطگيءَ سان پيش ڪري ٿو. ادبي ٻولي ۽ عام ٻوليءَ جي فرق کي سمجهائيندي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته،
    ”عام ٻولي“ عالم ۽ عام جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ وسيلو آهي، مگر ”ادبي ٻولي“ خاص عالمن ۽ پڙهيلن يا قدرتي ڏات ڏنلن جي خاص ٻولي آهي. ادبي ٻوليءَ جو درجو ”عام“ ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي، انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي ادب ۽ ساهت سڏبو آهي. ٻولي انهيءَ درجي ۾ اچي، هڪ گلزار پُر بهار بنجيو پوي ٿي“. (2)
    ادبي ٻولي لکڻ هر ليکڪ جو ڪم نه آهي، اها فطري ڏات به آهي ته ڏانءُ پڻ. پر سٺو ليکڪ شائستگيءَ کي ملحوظ رکندي، پنهنجي موضوع کي سهڻائيءَ سان پيش ڪرڻ لاءِ نثر جي مڙني ضرورتن ۽ ادب جي اصولن کي مدنظر رکندو، ڇو ته ادب جو واسطو لطافت ۽ مقصديت سان آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۾ نرميءَ جي اهميت به اُتم آهي. ايتريقدر جو جيڪڏهن ڪٿي اتفاق سان سخت ڪلمات لکڻ جي حاجت درپيش اچي، ته به احتياط هٿان نه ڇڏجي. تنقيد جي لحاظ کان ڏسنداسين ته بعض اوقات تنقيدنگار سخت رويو رکندا آهن ته کانئن گٿا لفظ پڻ ڪتب اچي ويندا آهن، جيڪو ادب جو رستو نه آهي. حاجي هدايت الله مشتاق اهڙي نثر کي ننديندي لکي ٿو ته:
    ”جڏهن سخت ڪلمن جي مضمونن لکڻ جي ضرورت ٿئي ته ان کي ڪمال احتياط ۽ نرميءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. ڪنهن جي بنسبت سخت ڪلمو ۽ حقارت جا مضمون لکڻ جائز نه آهن، پر سخت ڪلامي انشاء جي ادبن جي ابتڙ آهي“. (3)
    يعني اهڙو نثر پائيدار ۽ وڻندڙ آهي، جنهن ۾ نرمي، لطافت ۽ تاثر جي قوت مضبوط هجي. اثرانگيزيءَ جي حوالي سان جيڪڏهن اسين سنڌي نظم جي حصي جي پرک ڪريون ته ڪي قديم ۽ جديد شاعر اهڙا رهيا آهن، جن جي شاعري صدين تائين اثر قائم رکڻ جي قدرت رکي ٿي، جيئن شاهه عبدالڪريم، مخدوم محمد زمان، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، ابراهيم منشي ۽ چند ٻيا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌي نثر جي مثال ۾ ڏسنداسين ته ڪجهه نثرنگارن جو نثر بلڪل مختلف، منفرد، اثرائتو ۽ عرصي کان ادب ۾ جڳهه والاريندڙ رهيو آهي، جيئن شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي،
    شمس الدين بلبل، ليکراج ڪشنچند عزيز، عطاحسين شاهه موسوي، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، موهن ڪلپنا، ماهتاب محبوب، تنوير عباسي، آغا سليم، نسيم کرل، امر جليل، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻيا نالا آهن، جن پنهنجي خيالن، تجربن ۽ مشاهدن کي جاندار لفظن، سهڻن اصطلاحن ۽ استعارن جي صفت سان امر ڪيو آهي.

    حوالا
    (1) سيد سبط حسين، احمد نديم قاسمي (تحرير ۽ ترتيب) ”انسائيڪلوپيڊيا اردو“، فيروز سنز لميٽيڊ لاهور، 1968ع، ص-63.
    (2) سيوهاڻي حڪيم فتح محمد، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1974ع، ص- 9.
    (3) هدايت الله حاجي مشتاق ”هدايت الانشاء“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1972ع، ص-6.


    نثر ۽ نظم ۾ فرق

    نثر ۽ نظم ٻيئي ادب جون اهم شاخون آهن، پر ٻنهي ۾ ترتيب، تنظيم، پيشڪش ۽ ٻين خاصيتن سبب ڪافي فرق آهن. بظاهر ته نثرنگار ۽ شاعر ٻيئي تخليقڪار هوندا آهن، پر ته به سندن سرحدون الڳ الڳ مقرر ٿيل آهن. نثر ۽ نظم ۾ اسلوبِ بيان ۽ مواد جي گهرج جي لحاظ کان گهڻو تفاوت آهي.
    شاعر جا تجربا منظوم شڪل ۾ بحر ۽ وزن ۾ نمودار ٿين ٿا ته نثرنگار پنهنجن خيالن، تجربن ۽ مشاهدن کي پوري غور ۽ فڪر سان پنهنجي اظهار جو ذريعو بنائيندو آهي. حاصل مطلب ته نثر ذهني وسعتن جو امين آهي ته شعر جو دارومدار جذبي ۽ تخيل تي آهي ۽ شعر منظوم ڪلام ته نثر موزون مقرر ڪيل آهي. نثراڻو نظم نثر ۽ نظم جو امتزاج آهي، جو نثر جو اهڙو قسم آهي، جو شاعريءَ سا لاڳاپيل هوندي به نثر جو اهم حصو آهي. تمام گهڻيءَ مقبوليت سبب ادب ۾ هن صنف جي خاص اهميت آهي، انهيءَ کي ”نثري نظم“ (Prose Poem) سڏيو وڃي ٿو. مختصر، مائيدار، معنيٰ دار لفطن سان عام فهم ۽ آسان نموني خيالن جو اظهار هن صنف جي اهم خوبي آهي، جنهن ۾ وزن ۽ قافيي جون پابنديون نه هوندي به ڇڙواڳيءَ جي اجازت نه آهي. مڪمل تاثر، لساني ۽ فطري آهنگ ۽ ڀرپور بيان جي قوت ضروري آهن. موجوده وقت جديد شاعريءَ ۾ ”نثري نظم“ گهڻي قدر رائج آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لالچند امرڏنومل جي ”سدا گلاب“ کان پوءِ نارائڻ شيام، شيخ اياز، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، شيخ عبدالرزاق راز، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني، بشير مورياڻي، سڳن آهوجا، ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر ادل سومرو، تاج جويو، نصير مرزا، ڊاڪٽر سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، مريم مجيدي، نجمه ع.ق شيخ، شبنم موتي، نذير ناز، شبنم گل، پشپا ولڀ، گوري ولڀ، شگفته شاهه، ارم محبوب، گلبدن جاويد ۽ ٻين لکيو آهي. شيخ اياز جا ڪجهه ڪتابن جا مجموعا نثري نظم تي مشتمل آهن (جن جو تفصيل هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي مضمون ۾ ڏنل آهي)
    نثر ۽ نظم ۾ فرق جي حوالي سان وري به اهو چئبو ته باقاعده نثر هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. نثر ۾ شعريت اچي سگهي ٿي، پر منجهس شعر سمائي نٿو سگهجي. نثر ۾ جيڪڏهن شاعراڻه انداز وڌيڪ ٿي وڃي ته ان کي شاعرانه نثر ڀلي چئون، پر شاعري بحر ۽ وزن تي مبني آهي ۽ شاعر پنهنجي مواد کي موضوع مطابق تخيلي پرواز سان سڌو سنئون تخليق ڪري ٿو، جڏهن ته نثرنگار پهرين کان موجود مواد تي تخليق جي تعمير ڪري ٿو.


    ڀاڱو ٻيو : نثر جون اهم صنفون- هڪ جائزو

    مضمون نويسي / مقاله نگاري

    مضمون جي صنف جي نثري ادب ۾ هڪ مڃيل حيثيت ۽ اهميت آهي. مضمون لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي. ضمنًا يا ”ارادو ڪيل“، ”گڏ ڪرڻ“ ۽ ”آڻڻ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”مضمون“ ته انگريزي ۾ (Essay) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ “Essai” تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوشش ڪرڻ آهي. مضمون ڪنهن خارجي موضوع تي داخلي ڪيفيت جي ترجماني هڪ ڪوشش جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ مضمون نگار جي اهليت، ذهانت ۽ جذباتي ۽ احساساتي لڳاءَ ۽ فڪر انهيءَ موضوع جي باري ۾ ظاهر ٿين ٿا.
    مضمون نويسيءَ جي صنف فرانس مان دنياوي ادب ۾ آئي آهي ۽ مشهور ۽ اوائلي مضمون نگار مانيٽن پنهنجن مضمونن کي سندس شخصيت جي چترڪاري چوي ٿو. انهيءَ مان بلڪل ظاهر ٿئي ٿو ته مضمون نويسي ليکڪ جي ”داخلي ڪيفيت“ جي ترجمان آهي. لارڊ فرانسز بيڪن، مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ ”بيڪنز ايسيز“ سان انقلاب آندو، سندس فلسفيانه 58 مضمون 1577ع کان 1621ع تائين جا لکيل هئا، جن جا موضوع حياتيءَ جي اهم رخن سان وابسته آهن ته اهي تحريري طور طويل به نه آهن. جامعيت، اختصار، انفراديت، اسلوب بيان جي سهڻائي ۽ موضوع جي مواد سان مماثلت مضمون جون اهم خوبيون آهن، جيڪي انهن مضمونن ۾ بدرجهءِ اتم موجود آهن. (تفصيل لاءِ مقالات الحڪمت سنڌي ترجمو پڙهو) فرانسيسي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي، جتان ئي هيءَ صنف سڄيءَ دنيا جي ادبن ۾ رائج ٿي. ميٿيو آرنلڊ مشهور اديب ۽ نقاد فرانسيسي ادب جي مضمونن کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته،
    The power of French literature is in its prose writers (essay writers) and the power of English literature is in its poets. (Matthew Arnold)
    فرانسيسي ٻوليءَ مان مضمون جي صنف انگريزي ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ عام ٿي. دنيا جي تقريبًا سڀني سڌريل ٻولين جي ادب ۾ مضمون نويسي رائج آهي ۽ اڄ تائين مختلف ٻولين ۾ هزارن جي تعداد ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيل آهن، جن مان ادب جا قارئين لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن.
    مضمون جي هيئت ۽ وصف بابت مختلف رايا آهن. شروع دور ۾ ڏندڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا، نقل، مختصر داستان، سوانح ۽ تاريخ، مضمون نويسيءَ ۾ شمار ٿيا، جيئن پرچرڊ (گريٽ ايسيز آف آل نيشن جو مرتب) پنهنجي آتم ڪهاڻي ۽ افسانن کي مضمون نويسيءَ جو حصو سڏيو آهي ته سنڌي نثر جي تاريخ ۾ منگهارام ملڪاڻي صاحب به ساڳيءَ ريت اهڙي نموني ڪجهه تاريخي ڪتابن ۽ سفرنامن کي مضمونن جا ڪتاب سڏيو آهي. وسعت حامل هئڻ جي باوجود جديد مضمون نويسيءَ ۾ اختصار کي ملحوظ رکيو ويو آهي. ڪنهن هڪ موضوع تي جامع خيالن جو عڪس ئي ”مضمون“ لفظ جي وضاحت آهي. موجوده هلندڙ رائج نظريي مطابق مضمون هڪ مناسب طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن جي ڊيگهه ٻن صفحن کان وڌ ۾ وڌ ٽيهن صفحن تائين هجڻ گهرجي. موضوعن جي لحاظ کان ان ۾ تنقيدي، تاريخي، سماجي، سياسي، اصلاحي، تعليمي، فڪري، شخصي، سوانحي، مزاحيه، طنزيه، سائنسي، علمي، ادبي، فلسفيانه، مذهبي، منطقي ۽ ٻين نمونن جي موضوعن تي مضمون لکي سگهجن ٿا، پر انهيءَ ۾ ليکڪ جا ذاتي رايا ۽ ويچار هجڻ گهرجن، جن مان سندس تحرير جي قابليت ۽ لياقت نمايان ٿئي ٿي. مضمون ٻوليءَ جي لحاظ کان صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي، موضوع مطابق لفظ ڪتب آڻڻ ئي مضمون نگاريءَ جو فن آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب لکي ٿو ته،
    ”تاريخي مضمون هجي ته ٻولي به تاريخي ڍنگ جي هجي، نه شاعراڻي ۽ نه جاهلاڻي. سياسي مضمون هجي ته سنجيده ۽ مدبرانه طرز ۾ لکيل هجي، نه ظريفانه ۽ غيرشريفانه نموني. ظريفانه مضمون هجي ته ظرافت جي خلاف منجهس دل آزار جملا ۽ ڪميڻا جملا نه هجن. بهار جو ذڪر هجي ته بهار جي خوشحالي ۽ آباديءَ سان واسطو رکندڙ اسباب بيان ڪيل هجن. خزان جي خبر ڏجي ته خزان جي خرابيءَ ۽ برباديءَ جو پورو پورو نقشو ڇڪيل هجي“. (1)
    مضمون نثر ۾ لکيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري لکندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو نثر جي اصولن جو ڄاڻو هجي. بظاهر ته مضمون هڪ آسان صنف آهي ۽ عام طور اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هر پڙهيل جنهن کي ادب تي ٿوري به گرفت آهي، مضمون لکي سگهي ٿو، پر ايئن نه آهي. بظاهر سولو به هوندي سٺو ۽ معياري مضمون لکڻ ڏکيو آهي، انهيءَ ۾ فقط ڪنهن موضوع تي سرسري راءِ نه ڏني ويندي آهي، پر انهيءَ موضوع جي اهميت علمي ۽ ادبي انداز سان بيان ڪري قاريءَ کي پنهنجن خيالن سان متفق ڪرڻو آهي. اها موضوع جي وضاحت ۽ اهميت مضمون نگار تڏهن پيش ڪري سگهندو، جڏهن کيس پوري ڄاڻ ۽ لکڻ تي عبور حاصل هوندو. ادبي ۽ علمي طور ڪنهن موضوع تي پنهنجن خيالن کي چٽي نموني پيش ڪرڻ ۾ مضمون جي صنف جي اهميت هيڪاري وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ”اهي خيال هڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل هجن“. (2)
    نه فقط اهي هڪ موضوع سان لاڳاپيل هئڻ گهرجن، بلڪه اهي (Positive) يعني هاڪاري ۽ مثبت پڻ هئڻ گهرجن، جو ادب مثبت خيالن کي فوقيت ڏيئي، سماج جي سڌاري جو پيغام ثابت ٿئي ٿو ۽ مضمون معرفت اهو پيغام سهڻي تحرير جو به محتاج آهي.
    موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ ڏانهن توجهه گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن مضمون لکيا به وڃن ٿا ته ڇپيل مجموعن جي صورت ۾ موجود انگ ٿورو آهي. منگهارام ملڪاڻي صاحب جي ”نثر جي تاريخ“ ۾ 183 کان 285 صفحن تائين مضمون نويسيءَ جو باب ڏنل آهي، جنهن ۾ پاڻ مضمونن کي، داخلي يا شخصي مضمونن ۽ خارجي يا غيرشخصي مضمونن ۾ ورهايو اٿن. پوئين حصي ۾ صحت تندرستي، تاريخ، تنقيد، سير ۽ سفر جا ڪتاب پڻ شامل ڪيا اٿن، ته ڌرمي، اخلاقي ۽ پنگتي مضمونن جي ڪتابن ۾ ڪيترائي ڌرمي جيئن ”تحفه اسماعيليه“، ”اشعارالقرآن“، ”انجيل“، ”ٿياسافي“، ”ڀڳتن جون ساکيون“، ”مهاتمائن جا درشن“ نموني جا ڪتاب مضمون نويسيءَ جو حصو ڄاڻايا اٿن.
    هاڻي ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اڄ اسين مٿين نمونن جي ڪتابن کي مضمون نويسيءَ ۾ آڻيون ٿا ته پوءِ اسان کي اها واويلا بند ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سَوَن جي تعداد ۾ ديني، تاريخي، تنقيدي، علمي، قومي، اخلاقي، سياسي ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب لکجي رهيا آهن، پر جيئن ته موجوده دور ۾ مضمون جي صنف لاءِ هڪ واضح چٽائي ٿي ويئي آهي ته مضمون هڪ مناسب ڊيگهه واري تحرير آهي، انهيءَ لحاظ کان انهن ڪتابن کي مضمونن جو حصو شمار نٿو ڪري سگهجي. مٿين سڀني موضوعن تي مضمون به لکيل موجود آهن، پر ڪنهن به هڪ موضوع تي لکيل مڪمل ڪتاب مضمون نويسيءَ جو حصو شمار نه ٿيندا. سنڌي ادب ۾ موجوده وقت جيڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي، سا گهڻي ڀاڱي ادبي طرز جي مضمونن جي آهي. باقي موجوده وقت سفرناما، آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون ۽ ڪالم نثر جون الڳ الڳ ادبي صنفون شمار ٿين ٿا. مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنياوي ادب ۾ ڪافي احوال ملي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکڻ جي طريقي، طوالت، قسمن، ادبي ۽ علمي حيثيت ۽ ٻين فني رخن جي باري ۾ احوال گهٽ ملي ٿو.
    ”جديد تحقيق مطابق مضمون/ مقالي کي ترتيب مطابق ٽن حصن ۾ ورهائي لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پهرين موضوع جو تعارف ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجهائڻ ته ٽئين حصي ۾ سڄي ڄاڻ جو نچوڙ پيش ڪيو ويندو آهي. مضمون ۽ مقالي جي صنفن ۾ هڪ واضح فرق آهي. مقالو ۽ مضمون ٻيئي نثر جون اهم صنفون آهن. بظاهر ٻنهي ۾ ڪنهن هڪ موضوع تي ليکڪ پنهنجن خيالن ۽ ويچارن کي پيش ڪري ٿو، پر مقالي ۾ ساڳئي موضوع تي ٻين جي ڏنل خيالن ۽ نظرين تي بحث ڪري، دليلن سان پنهنجي موقف کي چٽائيءَ سان اڳيان آڻيندو آهي. مضمون ڪنهن به خارجي موضوع تي مضمون نگار جو سرسري اظهار خيال آهي ته مقالو پنهنجي موضوع جو اصولي ۽ عملي تجزيو آهي، جنهن ۾ فني ڇنڊڇاڻ سان گڏ تنقيد ۽ تحقيق جو حق ادا ٿئي ٿو. مقاله نگار لاءِ ضروري آهي ته هو مستند (ريفرينسز) حوالن کي چڪاس ۽ ڌيان سان پيش ڪري. دليلن جي وضاحت سان گڏ سندس پيش ڪش ادبي جي بجاءِ علمي هئڻ گهرجي ۽ مقالي مان سندس ذاتي نظريا، ڄاڻ، مطالعو، مشاهدو ۽ پُردلائل انداز جهلڪن. مضمون ۾ مضمون نگار جو شخصي ۽ ادبي عڪس موجود هوندو آهي ته مقالي ۾ مقاله نگار جي علميت پوشيده آهي“. (3)
    سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکجڻ ڪڏهن کان شروع ٿيا ۽ مضمونن جي شروعات طبعزاد مضمونن سان ٿي يا ترجمن سان؟ انهيءَ لاءِ اردو ٻوليءَ جي حوالي سان ذڪر ڪنداسين، ڇو ته اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون جي صنف تقريبًا گڏ گڏ 19 صديءَ جي آخر کان شروع ٿي آهي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ کي ”مضمون نگاري“ ۽ گهڻوڪري ”انشا پردازي“ سڏجي ٿو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”انشا پردازي“ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته،
    ”اڳئين زماني ۾ فارسي زبان ۾ انشا پردازيءَ جو گهڻو رواج هو. قابل تعليم يافته انشاپردازيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍندا هئا. قابل انشاپرداز کي ”منشي“ سڏيو ويندو هو. هُو فارسيءَ ۾ مضمون لکندا هئا، ڄڻ موتي ويهي پوئيندا هئا ۽ اهي هر ڪنهن مضمون لکڻ تي قادر هوندا هئا ۽ ان وقت اصطلاحي طور سهڻيءَ عبارت ۾ لکيل خطن جي مجموعي کي ”انشا“ سڏيو ويندو هو، جيئن ”انشاء ابوالفضل“ فارسيءَ ۾ ابوالفضل جي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جيڪو وڏي درجي جو ڪتاب آهي ۽ اڃان به اهڙي ئي مجموعي کي ”انشا“ سڏجي ٿو“.(4)
    اڳيان اهو به ڄاڻايو اٿن ته ”انشاپردازي فقط خطن جي مضمونن تائين محدود نه آهي، پر اها مضمون نويسيءَ جي اهڙي قابليت آهي، جوصرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي“. (5)
    اردو ٻوليءَ ۾ انشائيه جو لفظ فارسيءَ مان آيل ٿو ڀانئجي ته به اهو بلڪل واضح آهي ته ننڍي کنڊ جي مقامي ٻولين هندي، بنگالي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي مضمون نگارن جيئن ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ، ڪارلائيل، رسڪن، ليمب، ميٿيو آرنلڊ ۽ ٻين جي مطالعي سان جديد مضمون نويسي شروع ٿي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات تقريبًا 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. سر سيد احمد خان جا مضمون اوائلي شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن ”تهذيب اخلاق“ اردو انشاپردازيءَ ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جي ”نيرنگ خيال“ ۾ منفرد مضمون ملن ٿا. ان کان سواءِ علامه سيد سليمان ندوي، عبدالحليم شر، ڊاڪٽر وزير آغا، ڊپٽي نذير احمد، خواجه حسن نظامي، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، مرزا فرحت الله بيگ ۽ ٻين شروع دور ۾ مضمون لکيا.
    سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات به لڳ ڀڳ 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. 1853ع ۾ عربي-سنڌي آئيويٽا مقرر ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي ادب جون مختلف صنفون تحريري طور ميدان ۾ آيون، جن ۾ مضمون نويسيءَ کي هٿي اخبار نويسيءَ جي معرفت ملي.
    ”جيئن ادب جون ٻيون شاخون گهڻوڪري ڌرمي ۽ اخلاقي لکڻين سان شروع ٿين ٿيون، تيئن سنڌي مضمونن جي شروعات به ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي ڪتابن سان ٿي، جن ۾ لکندڙن پنهنجا رايا ۽ خيال ڏيئي پنهنجي دماغي شخصيت ظاهر ڪئي. اهڙو پهريون ڪتاب سماجڪ سڌاري جو هو. ديوان ڪوڙيمل جو ”پڪو پهه“ (1862ع ڌاري) ۾“. (6)
    ”پڪو پهه“ ڪتابڙي ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ عنوان سان ڊگهو مضمون ڇپيو ۽ هيءُ ڪتابڙو جديد سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات شمار ٿئي ٿو. پوءِ هڪدم ڪيترين ئي اخبارن ۽ مخزنن جيئن ”سنڌ سڌار“، ”معين الاسلام“، ”پرڀات“، ”جوت“، ”سرسوتي“، ”اخبارِ تعليم“، ”ڀارت واسي“، ”روح رهاڻ“، ”هيت الامين“، ”الوحيد“، ”الجامع“، ”بهارِ اخلاق“، ”مسلمان“، ”مسافر“، ”معاون“، ”نورالاسلام“، ”توحيد“، ”سنڌو“، ”مسلني“، ”مهراڻ“ ۽ ٻين مخزنن معرفت انيڪ مضمون ڇپيا، جن اخبارن جا منتظم پڻ مضمون نويس هئا، انهن ڇپيل مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ اندو، ۽ ٻيا به مجموعا ڇپيا، جن ۾ ”گل ڦل“، ”ادبي آئينو“، ”ادبي غنچو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”ادبي گلشن“، ”سنڌو“، ”گهرو علاج“، ”گلشنِ بهار“، ”ورق“، ”گلزار چنبيلي“، ”تهذيب اخلاق“، ”مقالات الحڪمت“، ”تيرهن ڄار مڪرن جا مار“، ”ڦول مالا“، ”ثمر حيات“، ”چڻنگون“، ”ڪچ ڪوڏيون“ وغيره. 1947ع کان اڳ جي مضمون نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڏيارام گدومل، ڏيارام منشاراماڻي، ليکراج ڪشنچند عزيز، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ديوان ڪوڙومل، محمد هاشم مخلص، شمس الدين بلبل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، عثمان علي انصاري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علي خان ابڙو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مولوي دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، رام پنجواڻي، هرومل سدارنگاڻي، ميران محمد شاهه، پرمانند ميوارام، آغا تاج محمد خان، پروفيسر عطامحمد حامي، لالسنگهه اجواڻي، لالچند امرڏنو مل، تولارام ٻالاڻي، صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ميلارام واسواڻي، نارائڻ داس ملڪاڻي، نماڻو، ڊاڪٽر هرنامداس، گوبند ڀاٽيا، پروفيسر ڀمڀاڻي، غلام محمد شاهواڻي، منوهرداس ڪوڙومل، منگهارام ملڪاڻي، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الهبچايو يارمحمد سمون، عطا حسين شاهه موسوي، محمد صديق مسافر، ڀڳوان تولاڻي، علي احمد بروهي، ايم آر مائيداساڻي، ڏيارام وسڻمل، منگهارام واسواڻي، پروفيسر خوشي رام، علي نواز وفائي ۽ ٻيا هئا.
    1947ع کان پوءِ به مضمون نويسيءَ جو فن جاري ۽ ساري رهيو. ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپبا رهيا، پر ڪتابي صورت ۾ گهٽ آيا ۽ هن دور ۾ مضمون نويسيءَ کان وڌيڪ مقاله نگاريءَ جو رجحان وڌي ويو. 1950ع کان پوءِ مقالاتي ادب ۾ گهڻي ترقي ٿي. جڏهن کان سنڌي ادب جي سڄاڻن لکيل علم ۽ ادب جي پرک شرع ڪئي، تڏهن کان تحقيق ۽ تنقيد جا رجحان شروع ٿيا. 1875ع ۾ سيد فاضل شاهه ”ميزان الشعرا“ لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي تي تحقيق ڪري سندن سوانح ۽ فن جي باري ۾ ”مقدمه لطيفي“ لکيو، جنهن جي جواب ۾ محمد بخش واصف ”شرح لطيفي“ لکيو. اهڙيءَ ريت تنقيدي ۽ تحقيقي لکڻين کي اهميت ملي ۽ انيڪ ڪتاب تحقيق ۽ تنقيد، تاريخ، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي تجزياتي نموني لکجڻ ۾ آيا. ڪيترا ئي تحقيقي مقالا يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ منظور ٿيا آهن. ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي کان علاوه ايم.اي فائينل جا مونوگراف به تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ۾ شامل آهن. ازانسواءِ ٻيا به ڪافي ڪتاب هن ڏس ۾ لکيا ويا آهن.
    موجوده وقت هن ليک جي نسبت سان انهن مقالن کي موضوع جي دائري ۾ آڻجي ٿو، جيڪي مضمون جيان مناسب طوالت جا آهن ۽ مختلف اخبارن، مخزنن ۽ مقالن جي مجموعن ۾ شايع ٿيا آهن. مثال طور فقط لطيفيات ۾ لکيل مقالن کي ڏسنداسين ته اهي پڻ بي حساب آهن. جيئن: ”شاهه جي شاعريءَ جي خوبين تي ڪٺو ويچار“ لال چند امرڏنو مل، ”شاهه جي سنڌڙيءَ جي تهذيبي اهميت“ جي ايم سيد، ”شاهه جي صوفيانه شاعري“ ڊاڪٽر دائودپوٽو، ”شاهه لطيف سنڌي قوم جو رهبر اعظم“ محمد ابراهيم جويو، ”هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي“ ”مخدوم طالب الموليٰ، ”شاهه جو پيغام هر دور لاءِ“ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ”شاهه جو بڻ بنياد“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”شاهه لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم جا اهڃاڻ“، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ”مفتي منجهه ويهار“، ”شاهه جو رسالو ۽ قرآن پاڪ“ ڊاڪٽر خالد، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس“، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”شاهه جا پهاڪا، ڊاڪٽر اياز قادري، ”شاهه جي بيتن جي تلاش“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سر ليلان چنيسر جو معنوي مفهوم“ الحاج رحيم بخش قمر، ”سر ليلا چنيسر جو روحاني راز“ پروفيسر عنايت الله زنگيجو، ”شاهه جي ڪلام ۾ اخلاق جو اڀياس“ ڊاڪٽر نسرين لطيف، ”شاهه جا سورما“ معمور يوسفاڻي، ”سر رامڪليءَ ۾ تاريخي اهڃاڻ“ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ”ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪ“ محمد حسين ڪاشف، ”شاهه جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ”عاشق اهڙين اکرين لنگهيا لامڪان“ ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو، ”شاهه عبداللطيف ۽ ڪلام تصوف“ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“ ڊاڪٽر درشهوار سيد، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“ ڊاڪٽر فهميده حسين، ”سر سورٺ جي ڪردار جو جائزو“ ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ”مٿي مارڳ ماڪ“ ڊاڪٽر سحرامداد، ”سورٺ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار“ ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ٻيا ڪيترائي لطيفيات جا مقالا آهن.
    مقاله نگاريءَ جي ترقيءَ ۾ معاون ادبي ميڙ ۽ علمي ڪانفرنسون آهن، جن ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرسون خاص طور اهم آهن. 1988ع ۾ اهڙي اهم ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي هئي ۽ ڪجهه هندوستان ۾ پڻ ڪانفرنسون ٿيون آهن. موجوده وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان انٽرنيشنل ادبي ڪانفرنسون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (ڊين فئڪلٽي آف آرٽس) جي سرپرستيءَ ۾ ٿي رهيون آهن، جن ۾ پراڻن محققن سان گڏ نون اسڪالرن به معياري مقالا پيش ڪيا آهن. اهڙيءَ ئي ريت ڏيئي مان ڏيئي جيان هيءَ لاٽ روشن رهندي.
    مضمون نگارن ۽ مقاله نگارن مان جن ورهاڱي کان پوءِ ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ لطف الله بدوي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، مولائي شيدائي، غلام محمد شاهواڻي، محمد ابراهيم جويو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر درشهوار سيد، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موهن لال شرما، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، هري موٽواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر سنتنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، بدر ابڙو، امداد حسيني، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطامحمد حامي، محمد بخش مجنون، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ثريا ڏيپلائي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن. حاصل مطلب ته اڄ به جهجها ۽ معياري مقالا لکجي رهيا آهن ته چند سٺا مضمون پڻ لکجن پيا. ضرورت آهي ته ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي مجموعن جي صورت ۾ ڇپائي، مضمونن جي کوٽ کي پورو ڪندي، مضمون نويسيءَ کي هٿي ڏني وڃي. هتي سنڌي ٻوليءَ جي چند اهم مضمونن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿو.
    ”مقالات الحڪمت“ جي عنوان سان شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ لارڊ بيڪن جي مضمونن کي 1877ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندن ٻيو مضمونن جو مجموعو ”تهذيب الاخلاق“ پڻ تمام اهم آهي، جنهن جا مضمون عام رائج موضوعن تي مختصر ۽ اثرانگيز آهن. ”مقالات الحڪمت“ جا مضمون ڏاهپ ۽ حڪمت جا سخن آهن، جي اخلاقي، روحاني ۽ انساني عملي پهلوئن جي نمائندگي ڪن ٿا ته سندس سمجهه وڌائڻ ۽ شعور کي جلا بخشڻ ۾ معاون آهن. عام فهم ۽ اثرائتي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هنن مضمونن جي وڏي افاديت آهي. ليکڪ سک ۽ ڏک جي موضوع تي لکي ٿو ته،”سکن ۾ پرهيز وڏي نيڪي آهي ته ڏکن ۾ همت ۽ صبر ڪاميابيءَ جي معراج آهي. جيئن سک اڪثر ڊپن ۽ خرابين کان خالي ناهن، تيئن ڏُک به اڪثر سرهاڻين ۽ اميدن کان خالي ناهن، ٻيئي گڏ آهن.“ (7)
    مشهور مضمونن جو مجموعو ”گل ڦل“ ٻن ڀاڱن ۾ 1928ع ۽ 1936ع ۾ شايع ٿيو. مضمونن جوهيءُ مجموعو پرمانند ميوارام جي اخبار ”جوت“ ۾ شايع ٿيل ٽيهن سالن جي مضمونن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ 60 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 73 مضمون ڇپيا. اهي مضمون تاريخي، اخلاقي، سياسي، معلوماتي، سائنسي، ادبي، سوانحي ته ڪجهه ناصحانه نموني جا پڻ آهن. نثرنويسيءَ جي مڙني خوبين سان معمور هيءُ مختصر مضمون پرلطف، اثرانگيز ۽ معلوماتي آهن. عنوان هن ريت آهن: ”چرچائي پکي“، ”پلو“، ”ماکيءَ جي مک“، ”تارن ڀري راتڙيءَ جو سنيهو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”جهنگل جو شيل“، ”ماءُ ته ههڙي“، ”سگهڙ زال“، ”تند نباتار“، ”صبر جن جو سير تير نه گُسي تن جو“، ”هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن“، ”آهي ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي“، ”ويل ويل هٿ نه ايندي، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”موهن جو دڙو“، ”ڪوهستان جو سير“، ”مصر ڏيهه جا يادگار“. مطلب ته ٻين به گهڻن موضوعن تي مضمون ڏنل آهن.
    گلدستو، ليلارام پريمچند ۽ ڏيارام وسڻمل 1907ع ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي جي مضمونن جا عنوان ”تاج محل“، ”اڪبر جو موت“، ”پريم“، ”سچو سينگار“، ”راڳ“، ”وويڪ“، ”گورستان مان گذر“ وغيره آهن، جن جا مضمون نگار ڪيولرام سلامت راءِ، بولچند ڏيارام، بولچند ڪوڏومل، نولراءِ اڌارام، ڪوڙومل چندن مل، مرزا قليچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند، محمد صديق ميمڻ، تاراچند شوقيرام آهن.
    ادبي آئينو، ليکراج ڪشنچند عزيز جي ادبي مضمونن جو انعام يافته مجموعو 1941ع ۾ ڇپيو، جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ڊگري ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب چڱي مشهوري ماڻي آهي. ليکڪ هنن مضمونن کي سندس پريشان خيالن جو مجموعو ۽ خيالي بياني، مذاقي ۽ فلسفياڻه مضمون سڏيو آهي، پر ڪتاب جي مڪمل جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ٻين به گهڻن موضوعن تي آهن. علمي، ادبي، اخلاقي، سماجي ۽ مزاحيه مضمون پڻ آهن، جن ۾ خاص طور انساني خواهشن، نفساني سوچن، خودپسندي، لالچ ۽ هوس سان گڏ سندس ڏاهپ ۽ سمجهه جي رُخ کي ظاهر ڪندي، کيس خاص طور پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪيل آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
    ”عشق جي غلبي ۽ محبت جي جوش جو اهو سهڻو مثال آهي ته ڪنهن جي طلب جي تار ۾ طالب کي وهڻ وه ٿي اچي ۽ ڪشالن کان ڪڪ نه ٿي پوي، ڇوجو جيسين پانڌيئڙو جيءَ کي جفا ڏيئي، ساهه جو سانگو پلي، جهڙيون نه جهاڳيندو، تيسين سنسار ساگر ۾ مطلب جا موتي هٿ نه ايندس“. (8)
    ”سير ڪوهستان“ ۽ ”لاڙ جو سير“ الهبچايو يارمحمد سمون جو ”سير ڪوهستان“ 1942ع ۾ شايع ٿيو ۽ سندن ”لاڙ جو سير“ انهيءَ کان پوءِ ڇپيو. ”سير ڪوهستان“ ۾ آيل ويهه مضمون هڪ ئي علائقي جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي انتظام ۽ عوام جي زندگيءَ جي حالتن جي باري ۾ آهن، جيڪي هڪ علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ تمدن کي بيان ڪن ٿا. اندازِ بيان تحقيقي ۽ علمي آهي ته هن مجموعي جي اهم خوبي ٻوليءَ جو سهڻو استعمال آهي. انيڪ هنڌائتا پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تجنيس حرفيءَ سان سجايل جملا ۽ موقعائتا بيت ڪتب آيل آهن. هن ڪتاب کي سنڌي لغت جو خزانو ۽ نج نبار سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد مضمونن جو مجموعو سڏي سگهجي ٿو، جنهن جو هڪ مضمون ”ڪوهستاني ڪچهري“ ٻارهين ڪلاس جي نصاب ۾ ڏنل آهي. ٻوليءَ جو مثال هن ريت آهي:
    ”وڏي خوبي جا ڪوهستانين ۾ آهي، سا هيءَ ته پنهنجي پهلوانن جو وڏو احترام ڪندا آهن. هنن جي نالي ۽ يادگار زندهه رکڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪن. گيدپڻيءَ جو طعنو نه فقط گيديءَ کي هڻن، پر سندس سڄيءَ ڪُرَ کي لوئين، گيديءَ جي گلا ڪن، مانجهين جا مائيٽ، وڏيون رقمون ڏيئي، پنهجن جون ساراهون چوائين اها ئي تعليم آهي جا پهاڙي جوانن ۾ مردانگيءَ جو آنگ وڌائي ٿي“. (9)
    ساڳيءَ ريت لاڙ جو سير پڻ يارنهن مضمونن تي مشتمل لاڙ جي علائقي جي علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آهي. هنن مضمونن جي ٻولي پڻ تمام وڻندڙ ۽ اثرانگيز آهي.
    ادبي گلشن، 1946ع ۾ نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي ترتيب ڏنو. هن ڪتاب جي اعليٰ مضمون نگارن ۾ لطف الله آخوند، بولچند ڏيارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر دائودپوٽو، منگهارام ملڪاڻي، محمد صديق ميمڻ، محمد بخش واصف، غلام حسين قريشي ۽ ٻيا شامل آهن.
    ڪچ ڪوڏيون عنوان سان مضمونن جو مجموعو سيد عطا حسين شاهه موسويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ”حضرت انسان“، ”دل جا دليل“، ”ڪاري عينڪ“، ”شڪار“، ”ڪوڙ“، ”نشو“ ۽ ٻيا مضمون آهن، جي سهڻي اسلوب بيان باعث وڻندڙ آهن ته مواد، موضوع سان ٺهڪندڙ آهي. ڪچ ڪوڏيون، سنڌي مضمون نويسيءَ جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بهترين ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ليکڪ جو ٻيو مضمونن جو مجموعو ”ڪشڪول“ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
    ڪَک هيٺان لک، ڪريم ڏني راڄپر جو لکيل آهي، جنهن ۾ ”ڪُڪڙ“، ”امداد باهمي“، ”کيتي سر سيتي“، ”ٻار ۽ ڀاڄيون“، ”جو وهي سو لهي“، ”گداگري“، ”ڪک هيٺان لک“ ۽ ٻيا مضمون آهن. هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ شايع ٿيو.
    رتيءَ جي رهاڻ، علي نواز وفائيءَ جي تاريخي، تنقيدي، سماجي، سياسي، علمي، ادبي، منطقي، ناصحانه، مزاحيه، طنزيه ۽ لطيفيات ۾ لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. شاهه صاحب جي هن بيت مان ڪتاب جو عنوان چونڊيو ويو آهي:
    اديون! آئون اڄاڻ، مون سڱ سُڃاڻي نه ڪيو،
    هوند نه سَٺيم هيڙي، ڪوهياري جي ڪاڻ،
    رتيءَ جي رهاڻ، جِي اڙايم جَتَ سين.
    (سر سسئي آبري، 5-19)
    مٿي ڄاڻايل موضوعن مطابق مضمونن جا عنوان هن ريت آهن: ”تاريخ ساز شخصيتون“، ”سنڌ جا ڳوٺ“، ”اخبارون ۽ قلم“، ”ڏات ڌڻي ۽ ڏيهه ڌڻي“، ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“، ”مينهوڳيءَ جا ماريل“، ”هيڻن جا حق هضم ڪرڻ،، ”سياسي ادب“، ”چونڊن جي چرپر“، ”صلح ۽ سانت“، ”ادب ۽ زندگي“، ”ٻوليون“، ”سنڌي پهاڪا“، ”قصيدو“، ”قلم ۽ اهل قلم“، ”ڪک هيٺان لک“، ”خوشامد“، ”تون ته ڪو قياس ڪر“، ”خليفو خيرو“، ”مستقبل جو معاملو“، ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“، ”ڪپر پڇن ڪوڙيون“، ”نوريءَ جو نياز ۽ نوڙت“ ۽ ٻيا آهن. گهڻا تڻا مضمون هڪ کان ٻن صفحن جا آهن. هر مضمون جي آخر ۾ نصيحتي نڪتا، قول ۽ چوڻيون پڻ ڏنل آهن. پير علي محمد راشدي، قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ عبدالحليم جوش طرفان پيش لفظ ۽ مهاڳ لکيل آهن. مولانا دين محمد وفائي جي هن فرزند جو ٻيو ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ آهي. ليکڪ جي تحرير جو نمونو هن ريت آهي:
    ”قلم بذات خود هڪ عجيب شيءِ آهي. ان جا ڪيئي قسم هوندا آهن. اهو لکندڙ تي دارومدار آهي ته اهلِ قلم، قلم کان ڪهڙو ڪم ٿو وٺي ۽ صاف شفاف پني جي سيني تي ڪهڙا ٿو جوهر جرڪائي، هونئن ته هر ڪنهن لکندڙ جي پنهنجي پنهنجي ادا، نمونو ۽ طرز تحرير هوندي آهي. ڪي اديبانه انداز ۾، سمورين لکڻين کي ادا ڪندا رهندا آهن، ڪي وري عام فهمي جي فرحتي فضا جا خدا، ڪي نج صحيح ۽ صاف اکرن جا استاد، ڪي وري ملاوٽ جا متوالا، ڪي وري نظم کي نثر ۾، ڪي نثر کي نظم ۾ پيا لکندا رهندا آهن“. (10)
    ”انسان جي اصليت کي پرکڻ لاءِ، هزارين ڪسوٽيون قائم ڪيل آهن. هن وقت اصليت ۽ ڪسوٽين جو پاڻ ۾ تڪرار ۽ ٽڪر شروع آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي، جيڪو معاشرو ورثي ۾ مليو آهي، ان ۾ اصليت جو احوال شروعات کان وٺي خارج ٿيل آهي. باقي نقل جا ناز نخرا، نوان رنگ ۽ ڍنگ، زندگيءَ جي هر شعبي تي حاوي ٿيل آهن ۽ انهن جي ئي معاملن جا منجهائيندڙ مچٽ مڃيل آهن“. (11)
    سڏن مٿي سڏڙا، علي احمد بروهيءَ جي هن علمي، ادبي، تاريخي، سوانحي ۽ سماجي مضمونن جي مجموعي جو عنوان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت مان چونڊيل آهي:
    واڪو هڏ مَ لاهِه، سڏن مٿي سڏڙا،
    مان تنهنجي ڪاءِ، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿئي.
    (سر حسيني، 10-3)
    ڪتاب ۾ آيل مضمونن مان ڪجهه سوانحي مضمون جيئن ”وتايو فقير“، ”چندارام“ علامه آءِ آءِ قاضي، ”ڀائي ڪنور“، ”مولانا عبدالغفور سيتائي“، ”سردار محمد ايوب“، ”سيد جمال الدين بخاري“، ”راڳ جي راڻي عابده پروين“، ”امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ“ آهن ۽ ٻين موضوعن تي ”سنڌي لوڪ ادب“، ”سنڌي ٻولي“، ”سنڌ جون رسمون ۽ رواج“، ”واريءَ سندو ڪوٽ“، ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“ ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. مضمون نگار جو اسلوبِ بيان هن ريت آهي:
    ”ڏسڻ ۾ هي ٿو اچي ته سنڌي دنيا جي اڪيلي زبان آهي جا الله سان پنهنجو ذاتي رشتو ۽ رستو قائم ڪري سگهي آهي. اڳ ته آئون سمجهندو هيس ته فقط ڀٽائيءَ جا بيت ”آيتون“ آهن، پر هاڻي مرحوم احمد ملاح جي سنڌي تفسير پرهڻ بعد اکيون ٿيون کلن ته هن ٻوليءَ جو هر ٻول عارفاڻو ۽ هر اکر نورنامون آهي. مون کي ته هاڻي هي شڪ به ٿو پوي ته عربي دراصل اڳوڻي ۽ پراڻي سنڌي آهي، جا الله کي وڻي ويئي ۽ پوءِ پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ ڪتب آندائين. الله نه ڀلائي ته ڏاڏو آدم به سنڌي هيو. گهٽ ۾ گهٽ سندن پاپ ۽ پڇتاءَ ته ٻيئي سنڌين جهڙا هيس. (12)
    ”سنڌ هڪ مهمان نواز ملڪ آهي. مهمان نوازي هن ملڪ جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي. هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. اڄڪلهه جي مهمانيءَ ۾ ڪجهه مقصد ۽ مطلب به سمايل ٿا ڏسجن. ڪي پيرن فقيرن کي مهماني کارائي ثواب دعا لاءِ کانئن هٿ کڻائين. ڪي وري وزيرن وڙن کي ست رڇيون کارائي، پنهنجي مشڪل ڪشائي ڪرائين. ڪي وري اهڙا سائين جا سنواريا، جو جن کي جيسين ڪو ٽيئڙ يا ٻرو نه چڙهي، تيسين ڳنڍ کي ڇيهه مور نه ڏين. ڪي وري سوداگر قسم جا مهمان نواز، جو ڪنهن کي ديڳ جي کرڙ کارائيندي ايئن پيا ٽڳرندا، ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هنئي اٿائون. پر آئون صدقي وڃان انهن سٻاجهڙن تان، جي آئي وئي کي پڇ پاڻي پياريندي نه ذات پڇن نه پار پَتا نه ماني کارائيندي ڪا سودي بازي يا ڏيتي ليتي ڪن“. (13)
    هٻڪار، جي عنوان سان مختلف مضمون نگارن جي مضمونن جو مجموعو ڊاڪٽر نواز علي شوق 1975ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ (پڪو پهه مان ٽڪرو) ”سچ“، ”قلندري ميلو“، ”وهيو“، ”پريم“ ”آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق“، ”جيوت چٽاڀيٽيءَ جو سلسلو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”نالا“، ”گنجي ٽڪر جو سير“ ”جي نوٽن جو مينهن وسي“، ”انسان“، ”شڪارپور“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”مهمان نوازي“، ”وقت“، ”گداگري“، بي زبان دوست“، ”گهرجون“، ”مانيءَ جهڙو مٿو“، ”شڪار“ ۽ ٻيا چند مضمون شامل آهن، جن جا مضمون نگار ڪوڙومل کلناڻي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل ۽ صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ملڪاڻي، ميوارام ڀمڀاڻي، سيد ميران محمد شاهه، عطا حسين شاهه موسوي، ڪشنچند عزيز، پير علي محمد راشدي، محمد اسماعيل عرساڻي، هرمل سدارنگاڻي، ڪريم ڏنو راڄپر، عطا محمد حامي، گوبند ڀاٽيه، محمد بخش مجنون ۽ عطامحمد ڀنڀرو آهن. هي مضمون علمي ۽ ادبي طور تمام افاديت وارا آهن. هن ڪتاب جي اهم خوبي مرتب جو مضمون نويسيءَ جي باري ۾ شروع ۾ ڏنل ليک آهي، ۽ سڀني مضمون نگارن جي مضمونن کان اڳ انهن جا تعارف ڏنل آهن.
    چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا، 1980ع ۾ شايع ٿيل اهم ڪتاب نصاب ۾ پڻ مقرر رهيو آهي. هن ۾ آيل سڀ مضمون ۽ مقالا نامور عالمن ۽ اديبن جا لکيل آهن. اهي مضمون عام فهم ۽ دلچسپ آهن ته مقالن جو مدلل انداز اثرائتو آهي. آيل ليک هن ريت آهن: ”ادب ۽ زندگي“، ”بارانِ رحمت“، علامه آءِ آءِ قاضي، ”گنجي ٽڪر جو سير“ ميران محمد شاهه، ”ڪوئل“، ”شڪار ڪندڙ پکي“، ”پلو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”خوشامد“ پرمانند ميوارام، ”لاڙ جي هڪ رات“ الهبچايو يارمحمد سمون، ”ڪوهستاني ڪچهري“ استاد عرس سمون، ”ماءُ جي دل“ محمد صالح ڀٽي، ”ڪوڙ“ عطا حسين شاهه موسوي، ”گل جي زباني“ ليکراج عزيز، ”نوٽڻ ۽ ملاکڙو“ منو تولارام گدواڻي، ”سنڌ جا سورهيه“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”شاعر جي عظمت“ ڊاڪٽر حيدر لغاري، ”پتلين جو تماشو“ غلام حسين شيخ.
    مضامين خليل، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ادبي مضمونن جو هيءُ ڪتاب سندن وفات کان پوءِ 1982ع ۾ عبدالقيوم صائب ترتيب ڏيئي ڇپايو. هن ڪتاب جي مُنڍ ۾ ڊاڪٽر ابراهيم صاحب جي پنجين سنڌ مشاعره ڪانفرنس“ 1944ع ۾ ڪيل تقرير ڏنل آهي ۽ ان کان پوءِ هيٺين شاعرن جي فن تي لکيل سندن سوانحي، علمي ۽ تنقيدي مضمون آهن، جن ۾ خليفو گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد محمد فاضل شاهه، مرزا قليچ بيگ، حافظ محمد حيات شاهه ۽ صائب آهن. سندن طرزِ تحرير جو مثال هن ريت آهي:
    ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل مرحوم ڪٿي ڪٿي موزونيت کان بنهه ڪري پيو آهي ۽ اڪثر لفظن جي بيهڪ کي گهٽ وڌ ڪري ٿو. مگر ياد رکڻ گهرجي ته اها شاعريءَ جي ابتدائي حالت آهي جنهن ۾ سڀئي مشهور زبانن جا استاد ايئن ڪندا هئا.“ (14)
    ”مرزا قليچ مرحوم جو فقيريءَ ڏي گهڻو لاڙو ڏسجي ٿو. نهٺائي، نوڙت ۽ خلق سندس ڪلام مان پڌرو آهي. صوفياني مذاق رکڻ ڪري فقيري سندس هر هڪ شعر مان پڌري پسجي ٿي.“ (15)
    مٿي مختصراً ڪجهه مضمونن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آهي. ٻيا به گهڻائي ڪتاب مضمونن ۽ مقالن جا لکيا ويا آهن (جن جو تفصيل مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۾ ڏنو آهي) مضمونن/ مقالن جي چند اهم ڪتابن ۽ مصنفن جا نالا هن ريت آهن:
    ”ڦول ڦليل“ ديوان ڏيارام، ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ترتيب) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”ادبي غنچو“ رام پنجواڻي، ”هيري جون ڪڻيون ساڌو هيرانند، ”ويچار“ لال سنگهه اجواڻي، ”گلزار نثر“ ڀيرومل مهرچند، ”جوهر نثر“ منگهارام واسواڻي، ”ادبي تحفو“ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”ادبي گلشن“ نارائڻ داس ملڪاڻي، ”چونڊ نثر ۽ نظم“ غلام محمد شاهواڻي، ”چڻنگون“ تيرٿ وسنت، ”گلزار نثر ۽ نظم“ محمد صديق مسافر“، ”ڦلن مٺ“ لال چند امرڏنو مل، ”ورق“، گوبند ڀاٽيه، ”پنگتي انقلاب“ ديوان واڌومل، ”ثمر حيات“ پروفيسر عطامحمد حامي، ”ڪلاڪار جي دنيا“ پروفيسر خوشي رام. ”خيال خاطر“، ”سنڌي سٻاجهڙا“ اسماعيل عرساڻي، ”ويچار“ هرمل سدارنگاڻي، ”ڳالهه ٻولهه“ گرداس واڌواڻي، ”هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن“ رسول بخش پليجو، ”سڏن مٿي سڏڙا“ علي احمد بروهي“ ”چار مقالا“، اسماعيل عرساڻي، ”رتيءَ جي رهاڻ، ”پلئه پايو سچ“ علي نواز وفائي، ”سنڌ ي شعر جي ڪسوٽي“ ڪماري ڪيسواڻي، ”مضمون ۽ مقالا“ علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، ”ڪٺمال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ماهتاب محبوب، ”نرتي تند نياز سين“، ”مقالا“ (بين الاقوامي ڪانفرنس 1988ع جا مقالا) سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ”شاهه لطيف جي شاعري“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”مون مطالع سپرين“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ پرويسر تنوير جوڻيجو، ”چڻن چُڻڪن چت ۾“، ”ٻولي منهنجي ماءُ“ پوپٽي هيراننداڻي، ”ادبي اهڃاڻ“ ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ”پائي پٽ ڪڻا“ ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ”لهرون لهرون لفظ “ سعيده بشير چانڊيو، ”وکر سو وِهاءِ“، ”اٿي رائو ريل“ (زيرِ موضوع ڪتاب) پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

    حوالا
    (1) سيوهاڻي حڪيم فتح محمد، آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1974ع، ص- 118.
    (2) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“، سنڌ الاجي 1980 (مهاڳ)
    (3) ميمڻ پروين موسيٰ، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع، ص 12-13.
    (4) سيوهاڻي حڪيم فتح محمد ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع، ص 120-121،
    (5) ايضاً ص- 117.
    (6) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص- 184.
    (7) بيگ مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص- 50.
    (8) ليکراج عزيز ڪشنچند، ”ادبي آئينو، سنڌي اديبن جي مجلس 1986ع.
    (9) سمون الهه بچايو يارمحمد ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ 1975ع، ص- 39.
    (10) وفائي علي نواز، ”رتيءَ جي رهاڻ“، وفائي اڪيڊمي ڪراچي 1978ع، ص- 21.
    (11) ايضًا ص- 69 ۽ ص- 59.
    (12) بروهي علي احمد، ”سڏن مٿي سڏڙا“، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 1987ع.
    (13) ايضاً ص- 28.
    (14) شيخ محمد ابراهيم خليل، ”مضامين خليل“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1982ع، ص- 12.
    (15) ايضاً ص- 113.


    ناول نويسي

    ”ناول“ (Novel) نثر ۾ ڪهاڻي، جيڪا خيالي شخصن جي ڪارنامن ۽ خدمتن متعلق هجي ۽ انهن جي ڪمن ۽ تصورن کي پيش ڪري انساني زندگي ۽ ڪردار جي وضاحت ڪري.“ (1)
    ”ناول لفظ اطالوي زبان جي لفظ ”ناوس“ (Novus) مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نئون. ”ناوس“ وياڪرڻ ۾ اسم آهي. ان جي صفتي صورت آهي ”ناولس“ (Novelus) (2)
    لفظ ناول جي معنيٰ آهي (Newness, Strangness) نئين شيءِ يا عجيب شيءِ. ادبي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ افسانوي ڪردارن جو نثر ۾ بيان ۽ اها ڪهاڻي جيڪا مختصر ڪهاڻيءَ کان تمام وڏي هجي.
    “A Prose narration or Tale of a ficitional character of greater length than the short story” (3)
    ناول جي ادبي صنف ٿيڻ کان اڳ طويل قصا، داستانون، ڏندڪٿائون ۽ مافوق الفطرت بيان رائج هئا، جيڪي حياتيءَ جي سچي پچي ۽ جيئري جاڳندي عڪاسي ڪرڻ کان قاصر هئا. تخيل جي پرواز سان گڏ انهن ۾ وڌاءَ جو عنصر هو، جن کي انگريزيءَ ۾ (fabulous) فيبوليس چيو ويو. محققن موجب ”ناول جو دائرو ڪهاڻيءَ اندر اچي ٿو“. (4)
    ”ڊراما جي تاريخ ناول جي ابتدائي تاريخ مڃي وڃي ٿي“ (5)
    باوجود انهيءَ جي ته داستان کي به ناول جي اوائلي صورت قرار ڏنو ويو آهي ته به ”ناول“ جي نئين صنف نثر جي مٿين سڀني صنفن کان منفرد ۽ الڳ آهي. شروع دور جي ناولن ۾ قصي ۽ داستان گوئيءَ جو ڪجهه عنصر ملي ٿو، پر هڪدم ناول جي فني هيئت مقرر ٿي ۽ انهيءَ ۾ ماپا ۽ اصول قائم ڪيا ويا، جنهن سان هن نثري صنف جي هڪ نئين صورت مقرر ٿي.
    حاصل مطلب ته ناول اهو نثري بيان آهي، جو حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ تي مبني هوندو آهي. انساني زندگين جي خيالن، جذبن، وسوسن، قولن، فعلن ۽ حالتن تي محيط احوال ئي ناول جو دائرو آهن، جنهن ۾ حالتن کي سلسليوار هڪٻئي سان ڳنڍي پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ڳانڍاپو ڪهاڻيءَ جي سلسلي کي وڌائيندڙ هوندو آهي ۽ انهيءَ سان ئي پلاٽ جي تشڪيل ٿيل هجي ٿي.
    ناول نگار پنهنجي تخليق ڪيل ڪردارن ۽ تصوراتي واقعن ۽ حادثن ذريعي بيان کي طول ڏيڻ سان گڏ فني ضرورتن جو پورائو ڪندي پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو. هُو مبلغ نه پر ادبي سماج سڌارڪ آهي، سو سنئون سڌو چوڻ جي بجاءِ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي ڪردارن وسيلي حياتيءَ جي تلخ حقيقت تان پردو کڻي ٿو. هن فني تخليق ۾ ڪيتري قدر حقيقت سمائي سگهجي ٿي، انهيءَ لاءِ ٽي.ايس. ايلٽ لکي ٿو ته،
    ”انسان گهڻي حقيقت برداشت نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري شايد انهيءَ کي ناول ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ٿورو مختلف ڪري انهيءَ ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو ته متان انسان ان کي سڌيءَ طرح برداشت نه ڪري سگهي. تنهن ڪري اڻ سڌيءَ طرح ۽ سُٺي نموني کيس برداشت ڪرايو وڃي ٿو“. (6)
    ڪهاڻي، ڪردارنگاري، پلاٽ، مڪالمه نگاري، زمان، مڪان ۽ ٻين فني جزن سان ناول جڙي ٿو، جنهن کي هيئت جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن عملي، ڪرداري، تصويري، ڊرامائي ۽ موضوعن جي لحاظ کان اصلاحي، تاريخي، سفري، جاسوسي، رومانوي، مزاحيه، جنگي، سائنسي، اخلاقي، معاشي، سماجي، سياسي، نفسياتي، ديني ۽ ٻيا قسم آهن. ناول ۾ اخلاقيات ۽ مقصديت جو دائرو قائم رکڻ اهم آهي. غيرضروري ڊيگهه ۽ ورجاءُ پڻ ناول جي سونهن کي متاثر ڪري ٿو. ناول ۾ سيرت نگاري، منظر نگاري، حقيقت جي عڪاسي، سهڻي عبارت آرائي، ۽ ٻين فني جزن جو آهنگ ته اهميت رکي ٿو، پر ناول انساني زندگيءَ جو اڀياس هئڻ سبب انساني اُمنگن، خواهشن، جذبن ۽ عملن جي عڪاسي ڪندڙ هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ موجب، ”ناول جي دنياوي ادب ۾ ابتدا سموئل رچرڊسن جي ”پاميلا“ 1740ع کان ٿي آهي، پر انسائيڪلوپيڊيا اردو ۾ اها وضاحت هن ريت درج ٿيل آهي:
    ”ناول جي ابتدا بُڪاشيو (Bocacio) جي ڪتاب (NOVALLASTO RIA) سان ٿي، سورهين صديءَ ۾ ناول جي طرز جي ڪهاڻين جي شرعات ٿي ۽ ارڙهين صديءَ تائين ناول انگريزي ادب جو اهم حصو بنجي ويو. اوڻويهين صديءَ ۾ سر والٽر اسڪاٽ تاريخي ناول نگاريءَ جو بنياد وڌو.“ (7)
    درحقيقت شروع دور جا ناول حياتين جي حقيقت نگاري هوندي به فني طور جديد ٽيڪنيڪ مطابق نه هئا، ڇوجو اهو ناول جو ابتدائي وقت هو. آهستي آهستي انهيءَ ۾ فني ماپا ۽ اصول مقرر ٿيا، سو جان بيئنس جو ”پلگرمس پراگريس“، سيموئيل رچرڊسن جو ”پاميلا“ يا سيموئل جانسن جو ”راسيلاس“ آکاڻي ۽ داستان نموني جا آهن، پر ته به ناول جي ابتدا شمار ٿيا آهن، جو اهي انساني جذبن، احساسن ۽ سوچن جي ترجماني ڪن ٿا.
    گڏيل هندوستان جي ٻين ٻولين ۾ لڳ ڀڳ ساڳئي دور ۾ ناول لکيو ويو.
    ”اردو ۾ ناول نويسيءَ جي روايت انگريزيءَ مان آئي. اردو جو پهريون ناول پنڊت رتن ناٿ سرشار جي ”فسانهءِ آزاد“ 1880ع کي چيو وڃي ٿو، پر درحقيقت اهو ناول جي ٽيڪنيڪ تي پورو نٿو لهي. فني لحاظ کان مرزا هادي رسوا جو ”امراءُ جان ادا“پهريون ناول سڏائڻ جو مستحق آهي.“ (8)
    ساڳيءَ ريت اسان ڏسنداسين ته سنڌي ٻوليءَ ۾ 1870ع ۾ ”راسيلاس“ جي ترجمي کان پوءِ پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ 1887ع مرزا قليچ بيگ جو آهي، جنهن کي اڄ به جديد ناول نگاريءَ جي حوالي سان فني طور مضبوط نٿو سمجهيو وڃي. فقط ٽن سالن کان پوءِ يعني 1890ع ۾ مرزا صاحب ”زينت“ ناول لکيو، جيڪو نه فقط ناول نگاريءَ جي اصولن مطابق اهم ترين ناول آهي، پر سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هن ناول جو درجو ڪلاسڪ ناول جو آهي. انهيءَ مان اهو اندازو بلڪل ٿئي ٿو ته شروع دور ۾ هر هنڌ اوائلي ناول فني طور مضبوط ڏسڻ ۾ نٿا اچن، پر آهستي آهستي ناول نگاريءَ ۾ فني اصول ۽ ماپا مقرر ٿيا ۽ اڳيان هلي دنيا ۾ ناول جي صنف ايتري ترقي ڪئي، جو ناول ڪمرشلائيز ٿي پيو. بهترين ناولن تي فلمون ٺهڻ لڳيون. ناول نگارن کي انعامن سان نوازيوويو ۽ ناول ادب جي اهم ترين ۽ بهترين صنف شمار ٿيڻ لڳو.
    دنيا جي مشهور ناول نگارن جيئن سموئيل جانسن، سر رچرڊسن، چارلس ڊڪسن، ٿامس هارڊي، هينري فيلڊنگ، سروانٽس، جوناٿن سفٽ، والٽر اسڪاٽ، سر هنري رائڊر هيگرڊ، ٿيڪري وليم، جارج ايلٽ، اي ايم فاسٽر، آئورل آئويس، بارٿاڪلي، فاسٽ پيري لوئي، دوستو وسڪي، هرمن هريس، آسڪر وائيلڊ، ڪرسٽوفر، پال سارتر، هال ڪين، البرٽ ڪاميو، پرل بڪ، وڪٽر هيوگو، گارشيا مارڪيز، ميري ڪاريلي ۽ خليل جبران جا اهم ناول سندن ملڪ ۽ قوم کان علاوه ترجمي جي صورت ۾ پوريءَ دنيا ۾ پکڙيل آهن. انگريزي ٻوليءَ جي بين الاقوامي اهميت ۾ هڪ سبب ترجمي جو عمل آهي انگريزيءَ ۾ انيڪ ٻولين جا ڪتاب ترجمو ٿيل آهن ته انگريزي ٻوليءَ مان ٻين ٻولين ۾ پڻ ڪافي ڪتاب ترجمو ٿيا آهن. برصغير ۾ ناول جي صنف انگريز دور ۾ متعارف ٿي. انگريزي ٻوليءَ مان ڪافي ناول 1947ع کان اڳ ترجمو ٿيا. ان کان سواءِ ڏيهي ٻولين اردو، بنگالي، گجراتي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ناول نگارن ناول لکيا. بنگالي ۽ اردو ٻوليءَ جي ناول نگارن جو سنڌيءَ جي لکندڙن تي اثر ٿيو، جن ۾ بئڪم چندر جٽرجي، رابندرناٿ ٽئگور، شرت چند چٽرجي، رميش چندردت (بنگالي)، عبدالحليم شر، مرزا هادي رسوا، سجاد ظهير، منشي پريم چند، ڪرشن چندر، منشي نهالچند، خواجه احمد عباس، سعادت حسين منٽو، سردار جوگيندر سنگهه، عصمت بيگ چغتائي، خديجه مستور، انور سجاد، نسيم حجازي، قرة العين حيدر، صديق سالڪ، جميله هاشمي، رشيد جاويد (اردو) راڌا ڪرشن پرشاد (هندي) گجانند ماڊگولڪر(مرهٽي) امرتا پريتم (پنجابي) ۽ ٻين ڪيترن جي ناولن جا ترجما ٿيا. طبعزاد ناول مرزا صاحب جي دلارام (1887ع) کان پوءِ شروع ٿيا. 1890ع ۾ مرزا صاحب جو ”زينت“ ۽ 1892ع ۾ ”عجيب ڀيٽ“ ديوان پريتمداس جو ڇپيو. اهڙيءَ ريت 1947ع تائين ترجمن سان گڏ سنڌي ناول نگارن ڪافي طبعزاد ناول لکيا. انهيءَ دور ۾ قسطوار ناول ڇپجڻ جو رواج مختلف مخزنن ذريعي عام هو، جنهن سان قارئين جي دلچسپي وڌندي هئي. طويل ناولن جي رواج ذريعي تجسس ۽ شوق کي وڌايو ويو. مکيه سيرومل جو ”هردل عزيز عرف چندر ڪانتا باسنتني“ (28 ڀاڱا)، ”ڀوتناٿ جي جيوني“ (24 ڀاڱا) سلسليوار شايع ٿيا ته هريسنگ سکر واري جو ”چندر ڪانتا ۽ سندس پنکڙيون“ (45 ڀاڱا) ۽ ”اسٽار آف مينگريلا“ جو ترجمو ”ستاري منگريلا“ جي عنوان سان قسطوار ڇپيا، جن ۾ غيرفطري ڳالهيون، سنسني خيز واقعا ۽ ڊيڄاريندڙ منظر هئا، پر منجهن ڪردارنگاريءَ کي گهڻو اجاگر ڪيو ويو هو، جنهن ڪري انهن جا مايا راڻي، تيج سنگهه، ڪماسيني جهڙا ڪردار ماڻهن کي متاثر ڪري ويا.
    ”پهريان ڪتاب جن سان سنڌي ناول نويسيءَ جو بنياد پيو، سي انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا ويا هئا.“ (9)
    ڊاڪٽر جانسن جو ”راسيلاس“ (1759ع انگريزيءَ ۾ لکيل)، ساڌو نولراءِ آڏواڻي ۽ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي 1870ع ۾ تقريبًا هڪ صديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. حڪومتي سرپرستيءَ ۾ ٿيل هن ترجمي تي مترجمن کي انعام (روڪ رقم) ڏنو ويو. سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هيءُ پهريون ناول شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کان پوءِ جي ناول نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل، رام پنجواڻي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ديوان پريتمداس، مکيه سيرومل، ايس سي شهاڻي، پرمانندا ايسرداس، ميلارام واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام ولايتراءِ، ويرومل ملاڻي، دولت ٽهراماڻي، چوهڙمل، شيوڪ ڀوڄراج، آسانند مامتورا، ڪاڪو ڀيرومل، هيرانند شوقيرام، موٽومل مينگهارام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لال چند امرڏنومل، منگهارام ملڪاڻي، منوهرداس ڪوڙومل، ڏيارام گدومل، دوارڪا شرما، گوبند مالهي، نارائڻ داس ملڪاڻي، نانڪرام ڌرمداس، محمد عثمان ڏيپلائي، وشنو شرما، عبدالرزاق عبدالسلام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڪرشن ڄيٺانند، ڏيارام سڀاڻي، ڏيارام گدومل، نانڪ هنڱوراڻي، بهاري ڇاٻڙيا، پرڀداس، نرمل جيوتاڻي، نهچل واسواڻي، هيرانند سوڀراج، جڳت آڏواڻي، حڪيم عبدالخالق مورائي، ڄيٺانند ٿڌيمل، شامداس هيمنداس، مهراج ديودت ڪندارام، بي اين کٻڙ، پارومل، فتحچند واسواڻي، ايشوري جوتواڻي، مينگهراج موٽواڻي، ڪرشن ڄيٺانند، تيرٿ سڀاڻي، چندر سين، ديوسڀاڻي، هري هنڱوراڻي، نوتن ڪرپالاڻي، ٽهلرام آسوديمل، پيتامبر ڪشناڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي، گلي سدارنگاڻي، موهني دوداڻي، چندرا آڏواڻي، نانڪ هنڱوراڻي ۽ ٻين ناول لکيا.
    مٿين ناول نگارن ۾ گهڻا تڻا هندو ناول نگار آهن، جن مان ڪافي جا پنهنجا ڇپائيءَ جا ادارا هئا، جنهن سبب ناول جي گهڻي ترقي ٿي. اهڙن ادارن ۾ ڄيٺمل پرسرام جي ”نئين سنڌ لائبريري“، ليلارام ولايتراءِ جي ”ايس جي ڪو آپريٽو سوسائٽي“، ميلارام واسواڻيءَ جي ”سندر ساهتيه سوسائٽي“، ڏيارام سڀاڻي جي ”آشا ساهت منڊل“، ڄيٺانند لعلواڻي جي ”ڀارت جيون ساهتيه منڊل“، ”جڳت آڏواڻيءَ جو ”ڪهاڻي ساهتيه منڊل“، ديوان ڪوڙيمل جو ”ڪوڙيمل ساهتيه منڊل“، بهاري ڇاٻڙيا جي ”نئين زندگي پبليڪيشن“ کان علاوه ٻيا به ڪيترا ادارا سنڌ ۽ هنڌ ۾ هئا. سکر جي ماستر هريسنگهه، شڪارپور جي ماستر پوڪرداس، حيدرآباد جي مکيه سيرومل ساگراڻي جي ادارن ۽ ڪراچيءَ مان ”سناتن ڌرم سڀا“ طرفان سراج سوڀراج جي ماهوار مخزن ۽ ”سرسوتي“ مخزن ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۾ قسطوار ناولن جي اشاعت سان بي حساب ناول ڇپيا.
    1947ع کان اڳ ترجمو ۽ طبعزاد چند اهم ناولن ۽ ناول نگارن جا نالا هن ريت آهن: ”راسيلاس“ (ديوان نولراءِ ۽ منشي اڌارام)، ”دلارام“، ”زينت“، ”گلن جي ٽوڪري“، ”ٽي گهر“، ”راحيل“، ”جولئن هومز“، ”مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا“، ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“، ”صحت النسا“، ”لڇمي“، ”سچي محبت“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”سندباد جهازي“، ”رابنس ڪروز“، ”ايرڪ“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، ”سئڊ فورڊمرٽن“، ”شرلاڪ هومز جا عجيب و غريب ڪم“ مرزا قليچ بيگ، ”عجيب ڀيٽ“ (ديوان پريتمداس)، ”سون ورنيون دليون“، ”سچ تان صدقي“، ”چوٿ جو چنڊ“ (لالچند امرڏنومل)، ”موهني ٻائي“، ”آنند سندريڪا“، ”وريل ۽ نعمت“ (ڪاڪو ڀيرومل)، ”طلسم“ (ڪاڪو ڀيرومل ۽ ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي/بولچند ڪوڏومل)، منگهارام ملڪاڻي صاحـب موجـب، ”طلسم جو پويون اڌ ڪاڪي ڀيرومل ترجمو ڪيو ته پهريون اڌ شوقيرام آڏواڻي جي بجاءِ بولچند ڪوڙومل ڪيو آهي. اهڙي پڌرائي پرمانند ميوارام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪرام ”جوت“ اخبار ۾ ڪئي هئي. ڪتاب تي بولچند جو نالو ڏنل ڪونه هو. ساڌوهيرانند ”سرسوتي“ مخزن جو مهتمم هو، سو سندس ئي نالي ۾ ڇپايائين“. (10)
    ”دکي اٻلا“ (موٽومل مينگهراج)، ”جڙتو شهزادو“، ”حياتيءَ جو پهريون دور ۽ ”ٻيو دور“ (خانبهادر محمد صديق) ”دادا شيام“ (شيوڪ ڀوڄراج)، ”حورِ دمشق“ (غلام احمد نظاماڻي)، ”انتقام“ (مرزا علي نواز)، ”مالهڻ“، ”وڌوا“، ”غريبن جو ورثو“ (نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي)، ”عبرت“، ”نسيما“، ”ستيءَ جي سيتا“، ”سندري“، ”درس آموز“ (حڪيم عبدالخالق خليق مورائي)، ”شاعر“ (آسانند مامتورا)، ”گورا“، ”اتحاد“ (گُلي سدا رنگاڻي)، ”قيدي“، ”شرميلا“، ”اسان جو گهر“، ”چانديءَ جو چمڪو“، ”پدما“ (رام پنجواڻي)، ”سنگدل شهزادي“، ”حُورِ بغداد“، ”آخري امداد“، ”عصمت جي قيمت“، ”فتح اسپين“، ”روم جي راڻي“، ”نورِ توحيد“، ”سسي نيزي پاند“، ”غازي احمد شاهه ابدالي“، ”سمرقند جو صوف“، ”مجاهدِ ڪشمير“، ”مصطفيٰ ڪمال“، ”شيرِ ايران“، ”گلستان حسن“، ”ڏاهري رنگ محل“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”نول لڪشمي“ (تيجورام شرما)، ”حسد جي هاڃ“ (نانڪرام ڌرمداس)، ”گم ٿيل صندوقڙي“ (منگهارام ملڪاڻي)، ”چندر مکي“، ”روهني“، ”آنند مُٺ“ (ديوان ڪوڙيمل)، ”راڻي پدماوتي“، (شامداس هيمنداس)، ”دکي انسان“ (موٽومل گدواڻي) ”راجپوتي تلوار“، ”ويرڪماري“ (دوارڪا پرشاد شرما)، ”نل دمينتي“ (ڏيارام گدومل)، ”رجني“، (پارومل)، ”رڪمڻي“ (ميلارام)، ”زندگي“
    (جڳت آڏواڻي)، ”آشيرواد“ (شيوڪ ڀوڄراج)، ”جهان آرا“ (عبدالرزاق عبدالسلام)، ”بلو کوکر“، (ايس سي شهاڻي)، ”نورجهان“ (ڊاڪٽر گربخشاڻي) ”شاعر“ (آسانند مامتورا)، ”زنده دل“ (چندو جئسنگهاڻي)، ”بينا“، (نرمل جيوتاڻي)، ”ڏکن پٺيان سُک“ (ٽهرام آسوديمل)، ”ميونسپل ڪائونسلر“ (ڄيٺانند لعلواڻي)، ”آرام محل“ (نانڪرام ڌرمداس) ۽ ٻيا ناول ڇپيا آهن.
    گڏيل هندوستان جي ورهاڱي سان ادب ۾ هڪدم تبديلي آئي. سنڌي ناول جي ڇپجڻ ۾ وڏي ڪمي آئي. بين الاقوامي طور مهاڀاري لڙاين جا اثر پڻ ادب تي پيا ته برصغير جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جا اثر ڏيهي ٻولين تي پيا. ناول ناڻي جي کوٽ ۽ ڇڪتاڻ وارين حالتن سبب گهٽ لکجڻ لڳو. سنڌ ۾ ته ناول جي اشاعت ۾ معاون ادارا گهڻي ڀاڱي هندن جا هئا ۽ هندن جي لڏپلاڻ سبب اهي ادارا بند ٿي ويا. افساني جي صنف جو مختصر هئڻ ۽ هر رسالي ۽ اخبار ۾ باآساني شايع ٿيڻ سبب افسانا نويسيءَ کي وڌيڪ پذيرائي ملي. بهرحال ماٺار جي باوجود سنڌ ۾ ڪافي وقت ايڪڙ ٻيڪڙ ناول لکيا پئي ويا ته هندوستان ۾ پڻ ناول لکيا ويا ۽ موجوده وقت چڱا معياري ناول شايع ٿيا آهن ته سٺا ترجما پڻ ٿيا آهن. 1947ع کان پوءِ جن سنڌي ناول نگارن ترجمو ۽ طبعزاد ناول لکيا، انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، ڪلاپرڪاش، لعل پشپ، سراج الحق ميمڻ، سڳن آهوجا، آنند ٽهلراماڻي، لڇمڻ ساٿي، آغا سليم، علي بابا، امرجليل، راز بلڙائي، قاضي فيض محمد فيض، ڊاڪٽر غلام علي الانا، رشيد ڀٽي، انور هالائي، ڊاڪٽر نجم عباسي، ماهتاب محبوب، ماڻڪ، گل نصرپوري، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر قاضي خادم، ناصر مورائي، الهه بخش ٽالپر، فضل احمد بچاڻي، بادام ناتوان، نورالدين سرڪي، محمدعلي ڀٽي، نصير اعجاز، عمر ميمڻ، لڇمڻ ڪومل، غلام نبي مغل، سڳن آهوجا، هري موٽواڻي، گوبند مالهي، ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو، الطاف شيخ، انجم هالائي، طارق عالم، ملڪ آگاڻي، بيدل مسرور، نور گهلو، ابن حيات پنهور، سومار علي سومرو، نظام عباسي، ستار، زيب سنڌي، يوسف شاهين، م.ن مخزون، نظير شيخ، عرفان مهدي، عمرالدين بيدار، شيخ محمد حسن، گل نصرپوري، شيخ عبدالرزاق راز، قبول ابڙو، الله بخش ٽالپر، غلام علي کوکر، قاضي عبدالڪريم، پرويز ميمڻ، صغران گل ڀٽي، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي ۽ ٻين ڪن ناول نگارن ناول لکيا آهن.
    چند ناولن جا عنوان هن ريت آهن: ”سانگهڙ“، ”جپاني گُڏي“، ”آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“، ”دکن جا مجاهد“، ”امڙ“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”پڙاڏو سو ئي سَڏُ“، ”مرڻ مون سين آ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ (سراج الحق ميمڻ)، ”رُنم رت ڦڙا“ (بادام ناتوان)، ”جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات“، ”سيلاب زندگيءَ جو“ (پوپٽي هيراننداڻي)، ”ٽُٽل ساز“، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (سندري اتم چنداڻي)، ”شيشي جي دل“، ”حياتي هوتن ريءَ“ (ڪلاپرڪاش)، ”کاهوڙي کجن“ (ڄام ساقي)، ”لڙهندڙ نسل“، (ماڻڪ)، ”رهجي ويل منظر“ (طارق عالم ابڙو)، ”پيڙا“ (رشيد ڀٽي)، ”اوڙاهه“ (حليم بروهي)، ”ٻولي“ (شيخ محمد حسن)، ”درياءَ جي ڪپ تي“ (گل حسن نصرپوري)، ”همه اوست“، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”روشنيءَ جي تلاش“، ”اڻپورو انسان“ (آغا سليم)، ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“، ”عورت ۽ پيار“، ”بنديوان“ (غلام نبي مغل)، ”اداسيءَ جون آهون“، (الله بخش ٽالپر)، ”ڪاروانِ زندگي“ (انجم هالائي)، ”راتيون جاڳن جي“ (ناصر مورائي) ”ازابيلا“ (لطف الله بدوي)، ”پيار ۽ پڇتاءُ“ (گل محمدچنا)، ”ڪُندن“ (الهڏنو ڪاڪا)، ”نئون سفر“ (غلام علي کوکر)، ”چاهتن جي ٽواٽي تي“، ” آءِ لو يو“ (بيدل مسرور)، ”نيروليءَ جو ڪُن“ (ملڪ آگاڻي)، ”بلنديون“، ”پيار جي ڪهاڻي“ (ڊاڪٽر نجم عباسي)، ”نئون آدمي“ (شيخ عبدالرزاق ’راز‘)، ”مون کي هوائن ۾ ڳولجان“ (طارق خشڪ) ”زوال“، ”پيار“، ”سونهن جي ديوي“، ”درد جي خوشبو“، ”جواري“، ”پيار ۽ سپنا“ (قاضي خادم)، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ (امر جليل)، ”عاشي“، ”تصوير جو خون“، ”سڌارت“، ”روح جي ڳولها“ (فضل احمد بچاڻي)، ”عشق“ (مصطفيٰ نانگراج)، ”نينگرو عشق ۽ بغاوت“، ”غلامن جو ٻيڙو“، ”دل جو بندر“ (نصير اعجاز)، ”جي ماريا نه موت“ (ڊاڪٽر تنوير عباسي)، ”مسيح ۽ ماڻهو“ (فضل محمد)، ”طاهره“ (ابودانش)، ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ (پرويز)، ”سيتا هرڻ“، ”غدار“، ”ڌاريو“ (وليرام ولڀ)، ”شريف ڊاڪو“، ”ڪاليجي ڪڪي“، ”باغي“ (محمد بخش جوهر)، ”زندهه لاش جو سفر“ (عابد لغاري)، ”ميرو ڌاڙيل“ (طارق اشرف)، ”سوري آ سينگار“ (عبدالجبار جوڻيجو)، ”لاش“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ”ڌرتيءَ جي جنگ“ (قبول ابڙو)، ”ڪاروان“ (انجم هالائي)، ”ڪوماڻو ڪنول“ (عبدالقيوم صائب)، ”خواب خوشبو ڇوڪري“ (ماهتاب محبوب)، ”ڪارو ڪارونڀار“ (عبدالحق عالماڻي)، ”جنسار“، ”ٻاويهه سو ٻاويهه“، ”اڻ ڄاڻ“ (قاضي فيض محمد فيض)، ”دوزخ مان دري“ (محمد انور بلوچ)، ”منهنجا معصوم سڄڻ“ (وينا شرنگي)، ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“، ”پرهه جا پياڪ“ (ريٽا شهاڻي) ۽ ٻيا ناول لکيل آهن.
    ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ۾ پڻ سنڌي ناول لکيا ويا آهن، جن ۾ گوبند مالهي جا ”آنسو“، ”زندگيءَ جي راهه تي“، جيون ساٿي“، ”عشق ناهي راند“، ”شرم ٻوٽي“، ”چنچل نگاهون“، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”سوريءَ ڀانئين سيج“، لڇمڻ ساٿيءَ جا ”اڏري وڃ ڙي ڪونج“، ”کيچلي“، ”ستل واديون“، ”آسمان“، ”آسمان روشن آهي“، رام پنجواڻيءَ جا ”ڌيئر نه ڄمن“، ”زندگي ۽ موت“، داس طالب جو ”چيخ“، موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اجالو“، موهن ديپ جو ”خالي هٿ“، هري موٽواڻيءَ جو ”ابو“، ”اجهو“، چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو ”اگني“ ۽ ”پهاڙي چوٽيون“ نرنجن دوداڻي جو ”سنڌ جي زينت“، موهن ڪلپنا جا ”درد جو دريا“، ”زندگي“، ”آواره“، ”جلاوطن“، ”رڃ ۽ پاڇا“، وشنو ڀاٽيا جو ”دردن ماري دل“، گلاب هنڱوراڻيءَ جو ”ڀومي“، آنند گولاڻيءَ جو ”مجو“، شيام جئسنگهاڻيءَ جو ”ڪچا ڌاڳا“، ”جيون جو سنگرام“ ۽ ٻيا ڪيترا ناول 1947ع کان پوءِ لکيا ويا آهن.
    سنڌي ناولن ۾ سنڌي سماج جي ڪيتري حد تائين عڪاسي ڪئي ويئي آهي؟ انهيءَ جو اندازو ناولن جي موضوعن، مواد ۽ ٻوليءَ مان ڪي قدر ٿئي ٿو. ڪردارن جي واتان چوايل مڪالما جن سان ناول جي واڌ ويجهه ٿئي، منظر نگاري، جنهن مان ماحول جي عڪاسي ٿئي ۽ هڪ تصور ۽ تخيل قائم ٿئي، انهن سڀني جي ميلاپ سان ئي مڪمل تاثر قائم ٿيندو آهي. هر قوم ۽ سماج جا مذهبي ۽ اخلاقي قدر، ريتون رسمون، سوچون، ويچار، جذبا، احساس انهيءَ قوم ۽ سماج جي ادب ۾ واضح هوندا آهن. سنڌي سماج جا عڪس سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ ملن ٿا. هندو توڙي مسلمان سنڌي ليکڪن پنهنجي پنهنجي طور سماجي قانونن ۽ قاعدن جي ٻنڌڻن ۾ حياتي گهاريندڙ فردن جي اوٽ ۾ سنڌين جون سوچون، وهم، وسوسا، رواج رسمون، تهذيب ۽ تمدن ڄاڻايا آهن. هندو سنڌي سماج ۽ مسلمان سنڌي سماج جون گهرجُون ۽ مسئلا بيشڪ الڳ الڳ ۽ ڪجهه قدر مختلف آهن ته به ناول نگارن ٻنهي سماجن جي مسئلن سان گڏ قوم جي ذهني سجاڳيءَ جا اسباب ۽ همت، جرئت وڌائڻ ۽ ڪارگر جيون جيئڻ جا سبق قومي هيروز ۽ ٻين ڪردارن ذريعي ادب ۾ آندا آهن.
    ورهاڱي کان اڳ ناولن جا مخصوص موضوع هئا. شروع ۾ ناصحانه، اصلاحي، معاشرتي، قومي ۽ ديني ناول لکيا ويا. قوميت، آزاديءَ جي تحريڪ، مسلم هندو نااتفاقي مذهبي اختلافن سان گڏ سياسي شعور جي پختگيءَ سان هڪدم ”اتحاد“ جو موضوع ادب ۾ آيو، پر قوميت جو جذبو وري به مؤثر رهيو. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:
    ”1947ع ۾ جيترا ناول سنڌي ادب ۾ لکيا ويا، اوترا هن کان اڳ ڪڏهن به نه لکيا ويا. ناولن جو گهڻو انداز قومي جذبي تي آهي“. (11)
    ”ورهاڱي جي ڇڪتاڻ سبب ادب ۾ اهم اٿل آئي، ليکڪن وٽ نوان موضوع آيا. ناول ۾ فلسفيانه خيالن ۽ شاعراڻه تخيل سان گڏ سياست، مذهب، قوميت ۽ ٻيا موضوع آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. مسلمان ۽ هندو ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي بهادري ۽ شان شوڪت کي بيان ڪرڻ تي زور ڏنو، انهيءَ ڪري نفاق پيدا ٿيو ۽ جلد ئي انهيءَ نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ ادب ۾ اتحاد جي موضوعن تي زور ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت منفرد موضوعن سبب ناول نويسيءَ جو عروج آيو“. (12)
    وقت جي اهڙين حالتن، اديبن کي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان روشناس ڪرايو. هندو مسلم تصادم، قوميت جي احساسن ۽ لڏپلاڻ جي مسئلن ۾ تخليق ڪارن پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ عوام کي همت لاءِ اُتساهيو.
    جيئن ته، ادب ڏيهي ۽ پرڏيهي ادبي روين ۽ لاڙن چاڙهن سان گڏ هلندو آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ آيل موضوع انهيءَ دور ۽ وقت جو آواز هوندا آهن ته به سڄاڻ اديب جي گرفت ماضي، حال ۽ مستقبل تي به مضبوط هوندي آهي. ناول نثر جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ طوالت سبب حياتيءَ جي حقيقت نگاري وڌيڪ سهڻي نموني ڪري سگهجي ٿي. سو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي سنڌي ادب ۾ آيل موضوعن مان انيڪ موضوع ناول ۾ پڻ آهن، جن ۾ تعليم جي کوٽ، رسمن رواجن جا اسراف، بي جوڙ ۽ غلط شاديون، حق بخشائڻ، ڪارو ڪاري، طلاقون، پيري مريدي، ضعيف الاعتقادي، بيروزگاري، اقتصادي ڦرلٽ، مذهبي پابنديون، طبقاتي ڇڪتاڻ، وڏيراشاهي، ڪامورڪو نظام، سرمائيداري سرشتا، اخلاقي تنزليون، ذات پات، اوچ نيچ، رنگ نسل، اميري غريبيءَ جا فرق، بنيادي انساني حقن جو استحصال، پاڪستان جو ورهاڱو يعني بنگلاديش جو ٺهڻ، مارشل لائي حالتون، ون يونٽ، لساني فسادات، سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا ۽ ٻيا انيڪ سماجي ۽ اخلاقي مسئلا زير قلم رهيا آهن.
    شروع دور جا گهڻا تڻا ناول ترجمي تي ٻڌل هئا، جن ۾ مترجم ناول نگارن جي اها ڪوشش هئي ته سندن ترجمو اصل جو هڳاءُ ڏئي، جنهن ۾ ڪي مصنف ته تمام گهڻا ڪامياب ٿيا آهن، جنهن جي لاءِ هنن ٻوليءَ ۽ اسلوب تي خاص ڌيان ڌريو آهي، جيئن ”سون ورنيون دليون“ ۾ لالچند امرڏنومل ڪمال جي عبارت آرائي ڪئي آهي، جڏهن ته ناول جو پسمنظر ۽ ڪردارن جا نالا به پرڏيهي آهن ته به سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جي جڙاءَ سان ناول سينگاريو پيو آهي. ساڳيءَ ريت طبعزاد ناولن جي ڪجهه ناول نگارن پڻ موضوع مطابق ٻوليءَ جي خوبيءَ تي خوب توجهه ڏنو آهي. هيٺ ڪجهه ناولن (ترجمو/ طبعزاد) مان حوالا پيش ڪجن ٿا ته جيئن قارئين سنڌي ناولن جي موضوعن، ماحول، مڪالمه نگاري، ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ کي پروڙي سگهن.

    ترجمو ٿيل ناول
    راسيلاس (ڊاڪٽر جانس- مترجم: ديوان نولراءِ ۽ اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي)
    ”ڏاهي ماڻهوءَ جي هاڻوڪي حالت اهائي آهي. جو سک الله تعاليٰ پنهنجي مهربانيءَ ساڻ اسان کي ڏاڍو ويجهو ڪري ڏنو آهي، تنهن جي پٺيان وڃي ڏورڻ، اهڙي ڪا ٻي بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه ڪانه آهي. سک ملڻ جو رستو هيءُ آهي ته خدائي قانون وانگر رهجي جهان جي ابتڙ هلڻ سک کان رهت ٿيڻ آهي. راسيلاس ڏٺو ته سک جي واٽ جي نڪا پڙهيل کي سڌ، نڪو اڻ پڙهيل کي سماءُ.“ (13)
    ”عقل سج جهڙو آهي، ڇاکون ته سج جو سوجهرو سدائين رهي ٿو ۽ هڪجهڙو آهي، مٽجي ڪين ٿو. خيال ۽ وهم ڪرندڙ تاري جيئن آهي پر هلي ٿورو ۽ ڪُريتو“. (14)

    گُلن جي ٽوڪري (مترجم: شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ)
    ”بابا مون کي پنهنجي ڪابه ڳڻتي ڪانهي، جيڪا اٿم سا اوهان جي اڇن وارن جي. خدا ڪري ته شل آءٌ اوهان جي اهڙي موت ڏسڻ جو وڌيڪ ڏک نه ڏسان“. (15)

    ٽئلسمين عرف غازي صلاح الدين (مترجم: هيرانند شوقيرام ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي)
    ”سر ڪينٿ، ڪتي جي حالت ڏسي پنهنجي حالت تي ويچار ڪرڻ لڳو. چي هيءُ منهنجو سچو سنگتي اهڙي وقت مون کان موڪلائي پرلوڪ ٿو پڌارجي، جنهن وقت ٻين سڀني جي ڦٽڪار ۽ لعنت مون تي پئي پوندي. انهن ڳالهين هن مڙس جي اندر کي اهڙي ته جهوري لاٿي، جو رئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو. ڏک وچان سڏڪا ڀري ايترو زاروزار رنائين، جو ڪنهن کي به جيڪر مٿس رحم اچي وڃي“. (16)

    سون ورنيون دليون (آءِ ايڊهر- مترجم: لالچند امرڏنومل)
    ”آلڊ ينهوفر کي اهو ئي وسواس، ته هيءَ ٻال-هچا ڪهڙي پاپي جيوَ کان ٿي هوندي؟ ويچار آيس ته متان ڪنهن ٻئي جيوَ جو ڪيتو، هيءُ اُبهم ته ڪونه ٿو لوڙي؟ هن گهڻو ئي سمجهايس ته ههڙي نازڪ وقت تون اهي ڳهيلائيءَ جون ڳالهيون نه ڪر، پر هوءَ ڪام-وس ڪامڻ هوڏ ڇو ٿي ڇڏي؟“ (17)

    بغاوت (خليل جبران- مترجم: يوسف سنڌي)
    ”دنيا ۾ شروع کان وٺي اڄ سوڌي اهو دستور هلندو پيو اچي ته موروثي شرافت سان چهٽيل خاندان قوم جي خلاف پادرين ۽ مذهبي پيشوائن سان ڳٺ جوڙ ڪري، هڪٻئي جي مدد ۽ حمايت ڪندا رهيا آهن. لبنان جا رهواسي سدائين خاموش رهيا آهن، ڇو ته جنهن دل جي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄميل هوندا آهن، سا ٽٽي نٿي سگهي. حاڪم قانون جي تعميل ڏانهن سڏي ٿو ۽ پادري مذهب جي پيرويءَ ڏانهن سڏي ٿو ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جسم فنا ٿي وڃي ٿو“. (18)
    ”ڪو به شخص تيستائين راهب نٿو ٿي سگهي، جيستائين هو پاڻ ۾ انڌي ۽ ٻوڙي جا گُڻ پيدا نٿو ڪري سگهي. آئون ديول مان ان ڪري نڪتو آهيان ته جيئن انڌو، ٻوڙو ۽ بي زبان نه ٿيان، پر ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ وارو انسان ٿيان“.(19)

    سڌارت (هرمن هريس- مترجم: فضل احمد بچاڻي)
    ”سڌارت، تون لائق ۽ تيز فهم شاگرد آهين، اهو سبق به سکي ڇڏ پيار خريد ڪري سگهجي ٿو، خيرات وٺي سگهجي ٿي، حاضر ڪري سگهجي ٿو، پر چورائي نٿو سگهي“.
    ”راءِ جي ڪا اهميت ڪانهي. رايو عمدو هجي يا خراب، عاقلاڻو هجي يا احمقاڻو، قبول به ٿي سگهي ٿو ۽ رد به ٿي سگهي ٿو. آءٌ جا تعليم ڏيان ٿو، سا منهنجي لاءِ نه آهي، منهنجي تعليم جو مقصد آهي مڪتي ۽ نرواڻ، دکن دردن کان نجات“. (20)
    ”گووند دوست! دنيا ناقص ۽ نامڪمل نه آهي، جا اسين ڀايون ٿا، بلڪه دنيا هر گهڙيءَ هر وقت مڪمل ۽ ڪامل آهي. هر هڪ ٻار جي اندر ۾ هڪ پوڙهو موجود آهي، هر کير پياڪ ٻار جي اندر ۾ فنا لڪل آهي، موت ۾ ابدي زندگي آهي. هر هڪ شيءِ خير آهي ڪامل آهي پاڪ آهي“. (21)
    (ناول فلسفيانه ويچارن ۽ حياتيءَ جي ڳوڙهن مسئلن جي اپٽار ڪندڙ آهي. فقير صفت صوفي طبيعت رکندڙ برهمڻ زادي سڌارت جي باري ۾ جرمن ليکڪ جوهيءُ ناول پوريءَ دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ کپيو آهي. شيخ اياز کي هيءُ ڪتاب تمام گهڻو پسند آيو، جنهن جو اظهار جمال ابڙو سان ڪيائون ۽ جمال صاحب جي آتم ڪٿا ۾ اهو احوال ڏنل آهي)

    سيتا هرڻ (قرة العين حيدر- مترجم: ولي رام ولڀ)
    ”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو“.
    ”نه عامل کتري ٿيندا آهن، پر هن لڏپلاڻ جي ڪري سڀ طبقا هيٺ مٿي ٿي ويا. عاملن ۽ برهمڻن کي به اُتي فٽ پاٿ تي دوڪان کولڻا پيا. پراڻيون ريتون رسمون، پير فقير، درگاهون، مندر، سڀ هتي رهجي ويا. هتي جو اصل مذهب صوفي ازم هو. انهيءَ صوفي ازم جي اثر ڪري اسان ڪٽر قسم جا مذهب پرست ڪڏهن به نه رهيا آهيون“. (22)

    طبعزاد ناول

    زينت (مرزا قليچ بيگ)
    (هن اصلاحي ۽ سماجي ناول ۾ سنڌي قوم جي سڌاري ۽ علم حاصل ڪرڻ بابت ويچار ڏنل آهن ته مرزا صاحب جي ذاتي زندگيءَ ۽ طبع جو عڪس پڻ آهي.)
    ”غير قومن جون مناسب ڳالهيون هٿ ڪجن، پر انهن جي نامناسب ڳالهين تي هلڻ ضروري ڪونهي. پڙدي جي نسبت ۾ منهنجو مختصر مطلب هي آهي ته زالن کي اصل ديوارن جي اندر بند رکڻ ۽ بلڪل نڪرڻ کان روڪڻ اجايو آهي. جڏهن نڪرن، تڏهن مناسب پردو هجين. ايئن ڪرڻ ڪري ديني حڪم به بجا آڻي سگهجن ٿا ۽ هن جهان جي توڙي خدا تعاليٰ جي به زياده خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري سمجهه وڌي ٿي، سک وڌي ٿو ۽ قدرت جي اوير سوير اتفاق مهل مشڪلات ۾ ڦاسڻ کان به ڇٽجي ٿو“. (23)
    ”جتي بهترين ڪتابن (Best Books) جي ڳالهه نڪري ٿي، اُتي ’زينت‘ جو نالو اول اچي ٿو“. (24)

    نورجهان (ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي)
    (تاريخي ڪتابن جي مدد سان گربخشاڻي صاحب مغل بادشاهه جهانگير ۽ نورجهان جي سچي واقعي کي ناول جي صورت ۾ آندو آهي.)
    جهانگير: پيارا دوست! مهرالنساء کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي. علي قلي بيگ جي مرڻ بنان کيس حاصل ڪرڻ محال آهي. ملڪ هجي يا تخت، مهرالنساء جي نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪبو تخت طائوسيءَ کي؟ ڇا ڪبو سلطاني سيج کي؟ محبوب بنا اهي مڙيئي عين عذاب آهن. آئون پيو پچان ۽ پڄران، لڇان ۽ لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي دل اندر ديرو ڪري“. (25)

    سانگهڙ (محمد عثمان ڏيپلائي)
    (تاريخي، قومي ۽ سياسي ناول سانگهڙ ۾ پير صاحب پاڳارو ۽ سندن حرن ۽ انگريزن جا سچا واقعا ناول جي صورت ۾ ڏنل آهن.)
    ”پير پاڳاري صاحب ڪانگريسي ليڊر کي چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب! وطن جي آزاديءَ جي اهم مقصد تي اسين متفق آهيون، البت اسان جون راهون جدا جدا آهن. اوهان ڪانگريسين جي اها پاليسي بلڪل خراب آهي، جو پاڻ کان سواءِ ٻئي کي اصل برداشت نٿا ڪريو. اها جمهوري سياست نه آهي، بلڪه ڊڪٽيٽرشپ آهي. انهيءَ ڊڪٽيٽرشپ ئي دنيا جو امن خطري ۾ وڌو آهي. ”جيئو جيئڻ ڏيو“ اهو ئي جمهوريت جو بنياد آهي.“ (26)

    ميرو ڌاڙيل (طارق اشرف)
    (ميرمحمد خان مان ميرو ڌاڙيل ٿيل سترنهن سالن جو قيد ڪاٽيندڙ جي سچي ڪٿا ناول جي روپ ۾ طارق اشرف ٽيپ ڪري، پوءِ ڪتابي صورت ۾ آندي آهي.)
    ”ايس پي ماکي چيو؛ ”ميرا توتي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، تون لاڪپ مان ههڙيءَ ريت ڀڄي وئين، جو لاڙڪاڻي پوليس جو نڪ ڪپجي ويو. انهيءَ لاڪپ کي ٽي چوڪيون آهن ۽ لاڪپ شهر ۾ آ، ايڏي پوليس هوندي تون وچ شهر مان ڀڳو آن. اسان کي تنهنجي مٿان الزام ٺاهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. تون سج لهڻ کان اڳ ڀڳو هئين. رپورٽ رات جو ٻين وڳي ٺاهي ويئي آ. توتي ڪيس ئي نه پئي ٺهيو، ڇاڪاڻ ته تون بند لاڪپ کولائي ڀڳو آن، پر مڃان ٿو تون جوان آن، ماکي تنهنجو قدر آ“. (27)
    ”قادربخش سڪندر علي ڀٽو کي اهو به چيو ته، ميري اهو چيو آ ته ذوالفقار علي ڀٽو (خارجا) وزير آ، ته مان به بادشاهه آهيان. وڃي پنهنجي بابن کي سلام ڏي. جيڪڏهن سڀاڻي تون هتي رهندين ته مان فقط هڪڙو ڪارتوس خرچ ڪندم، تنهنجو لاش رت ۾ ڳاڙهو پيو هوندو.“ قادربخش ۽ بهادر منهنجا دشمن هئا. مان تي ڪوڙا الزام هڻي ماکي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي نگاهن ۾ ڪيرايائون. ناحق جيل ۾ اُماڻيائون. مان کانُ بدلو ورتو سڪندر علي ڀٽي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو، مان جي دل جو مطلب پورو ٿيو.“ (27)

    وشواس (موهن ڪلپنا)
    (شيلا، شيکر ۽ شاردا جي چوگرد گهمندڙ هن رومانوي ۽ اصلاحي ناول ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ يقين/ وشواس جي قوت جي اهميت ظاهر ڪئي ويئي آهي.)
    ”شاردا منهنجي جيون ۾ آئي، ليڪن شاردا اڳيان وشواس جي ڪا معنيٰ ئي نه هئي. هن ڄڻ ايئن ٿي سمجهيو ته وشواس نالي جي چيز صرف ڪتابن ۾ ئي لکڻ جي آهي، تڏهن مون هن کي اڃا اهو نه ٻڌايو هو ته منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪوئي آيو هئو، جنهن منهنجي سموري جيون ۾، وشواس جي ديپڪ سان، هڪ انوکو پرڪاش ڦهلايو هئو“. (28)

    مرڻ مون سين آ (سراج الحق ميمڻ)
    (سنڌيت ۽ قوميت جي جذبي تي ٻَڌل هن ناول ۾ سنڌ جي ارغون ۽ ترخان دور جي پس منظر ۾ سنڌي قوم لاءِ بهادري ۽ همت جو پيغام آهي.)
    ”ساموئي جا پَٽَ سنڌ جي تاريخ جيان هر سنڌيءَ لاءِ هڪ عجيب ڇڪ ۽ ڪشش جو ڪارڻ رهيا آهن. اهي ئي پٽ هئا، جتي سنڌين، عربن، تغلقن، غزنوين، غورين ۽ پوءِ ترڪن سان وڏا مامرا ۽ مقابلا ڪيا هئا. هت ڪوپن ۽ ڪونڌرن ثابت ڪيو هو ته جيڪڏهن سنڌي پنهنجيءَ تي اچن، پنهنجا ويڇا وساري، فقط سنڌ جي ازلي، ابدي رشتي ناتي ۾، ٻه ته ٻارنهن بڻجي وڙهن ته ڪوبه ڌاريون هنن جي اڳيان بيهڻ ۽ مقابلي ڪرڻ جو سَتُ ڪونه ساريندو.“
    ”سانوڻ بُت بڻجي سنڌ جي هنن نياڻين ڏانهن نهاريندو رهيو، سندس اکين جي لڙڪن ۾. هنن جون صورتون ستارا بڻجي چمڪنديون رهيون. پيرسن کنگهار ڪري چيو، ”ابا اسين سنڌي ڏاڍا ويساهه وسوڙا آهيون، پر تو اسان کي ويساهه موٽائي ڏنو آهي. هنن ست سهاڳڻين جو تو ۾ ويساهه، سمجهه ته سموري سنڌ جي سهاڳڻين جو ويساهه آهي. سو جيئن رام سيتا موٽائي امر ٿي ويو، تيئن تون به سنڌ موٽائي امر ٿي ويندين. وڃ! سموري سنڌ جون دعائون ۽ پرارٿنائون توسان ساڻ آهن“. (29)

    اونداهي ڌرتي روشن هٿ (آغا سليم)
    (سنڌ جي صدين جي مختلف دورن جي تهذيب ۽ ثقافت جي تاريخ ناول جي نموني ۾)
    ”ڏات رت پيئندي آهي، ننڊون ۽ سپنا ڏات کي ڏان ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي“.
    ”بو علي سنڌي سکيو ۽ سارنگ کان سرندو به سکيائين. پهرين اوندهه ۾ ٿي هٿوراڙيون ڏنائين، پر پوءِ آڱرين ۾ روشني اچي ويس ۽ ان روشنيءَ ۾ هن ۾ سرن کي سڃاڻڻ جي ساڃهه اچي ويئي.“
    ”اسٽئڪ سارو ڏينهن پيو اکر گڏ ڪندو هو. هن اکر جي معنيٰ ڇا ٿيندي، هن کي سنڌيءَ ۾ ڇا چوندا آهن. برٽن هنن کي پنهنجا شعر به ٻڌائيندو هو. برٽن جا شعر ٻڌي سارنگ سوچيندو هو ته انگريزي ٻولي ڪهڙي نه شاهوڪار آهي. ڪيڏا شاعر، ڪيڏا فيلسوف ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي صورتخطي به ڪانه هئي. سنڌين پنهنجي مادري ٻولي ڇڏي، ڌارين ٻولين ۾ ڪتاب لکيا هئا“.
    ”هو هر روز رات جو فلپ سان ملڻ ويندو هو. ڪمشنر فلپ ۽ هو ٻئي گڏجي ڪتاب لکندا هئا. فلپ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ پئي چاهيا. هو ڪيڏو نه خوش هو. ڄڻ سنڌيءَ جي صورتخطي نه ٺهي هئي، پر هن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي صورتخطي ٺهي هئي. سڀئي انگريز نيپئر نه آهن، جنهن سنڌ کي رت سان وهنجاريو هو، پر انگريزن ۾ فلپ به آهي، جنهن مياڻيءَ ۽ دٻي جي ميدانن ۾ وهايل سنڌين جي رت جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيا. سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ ٿي چاهيائين“. (30)
    مٿي ڏنل حوالن مان قارئين کي ناولن جي موضوعن ۽ مواد سان ته شناسائي ٿي هوندي، پر گڏ کين ناول نگارن ۽ مترجمن جي فن جون صلاحيتون پڻ ڏسڻ ۾ اينديون. سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي انيڪ رخن جي عڪاسيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي حوالي سان سهڻن لفظن ۽ جملن جو تناسب به شامل آهي. ڊاڪٽر نورافروز چواڻيءَ ته ”سنڌي ناولن ۾ مڪالما يا گفتگو پُرمعنيٰ وزندار ۽ موقعي جي مناسبت سان مختلف ڪردارن جي واتان چورايا ويا آهن“. (31)

    حوالا
    (1) ”اردو انسائيڪلوپيڊيا“، فيروز سنز لاهور، تيسرا ايڊيشن 1984ع، ص985.
    (2) Encylopaedia of Americana, Amrican corporation, NewYork, 1955.
    (3) The concise Oxford Dictionary of English Literature” Great Britain Oxford University Press p.377
    (4) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1982ع، ص-26.
    (5) ايضًا ص- 25.
    (6) Hancy Hale “The Realities of fiction” London Macmillan co. ltd 1963, p.67
    (7) اردو انسائيڪلوپيڊيا“، فيروز سنز لاهور، 1984ع، ص985.
    (8) ايضًا ص- 985
    (9) ملڪاڻي منگهارام: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-69.
    (10) ايضًا 70-71.
    (11) پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر: ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، 1982ع، ص-193.
    (12) ميمڻ پروين موسيٰ: ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص-165.
    (13) ديوان نولراءِ ۽ اڌارام ٿانورداس: ”راسيلاس“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص-108.
    (14) ايضًا ص- 89
    (15) بيگ مرزا قليچ: ”گلن جي ٽوڪري“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص-55.
    (16) هيرانند شوقيرام ۽ ڀيرومل مهرچند: ”ٽئلسمين عرف غازي صلاح الدين“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-69.
    (17) جڳتياڻي لالچند امرڏنو: ”سون ورنيون دليون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1972ع، ص-222.
    (18) سنڌي يوسف: ”بغاوت“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1990ع، ص-52.
    (19) ايضًا ص- 27.
    (20) بچاڻي فضل احمد: ”سڌارت“، نيوفيلڊس پبليڪيشن 1991ع، ص- 46-30.
    (21) ايضًا ص- 113.
    (22) ”وليرام ولڀ: ”سيتا هرڻ“، روشني پبليڪيشن 1997ع، ص- 61-65.
    (23) بيگ مرزا قليچ: ”زينت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1995ع، ص- 78-79.
    (24) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع، ص- 24.
    (25) گربخشاڻي ڊاڪٽر: ”نورجهان“، ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، 1971ع، ص- 173.
    (26) ڏيپلائي محمد عثمان: ”سانگهڙ“ ، نيو فيلڊس پبليڪيشن 1998ع، ص- 102.
    (27) طارق اشرف: ”ميرو ڌاڙيل“، سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1980ع، ص-162- 140- 141.
    (28) موهن ڪلپنا: ”وشواس“ سنڌي ساهت گهر“، 1978ع، ص- 77.
    (29) ميمڻ سراج الحق: ”مرڻ مون سين آ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1988ع،
    ص- 228-197.
    (30) آغا سليم: ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1978ع،
    ص- 13-47-134.
    (31) خواجه نورافروز ڊاڪٽر: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گلشن پبليڪيشن 1999ع، ص- 234.


    افسانو/ ڪهاڻي

    افسانو/ ڪهاڻي ادب جي اهم تخليقي صنف آهي، جنهن ۾ فرضي ڳالهين جي اوٽ ۾ صداقتن جي ترجماني ڪئي وڃي ٿي. حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ جو بيان ثابت ٿيل ڪهاڻيءَ جي صنف جون مختلف نوع سان وصفون بيان ڪيل آهن.
    ”افسانو هڪ اهڙو ادب پاره آهي، جو ڪنهن به حڪايتي انداز ۾ لکيل ٿئي ٿو، مگر خالصتًا حقيقت تي مبني نه آهي. هڪ ناول يا ننڍي ڪهاڻيءَ کي افسانو چئجي ٿو“. (1)
    ”مختصر ڪهاڻي اها آهي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن جي اندر پڙهي سگهجي“. (ايڊگرايلن پو)
    ”افسانو هڪ تمام وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي، جنهن ۾ هاڻوڪين جديد صنفن ناول ۽ مختصر ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڳين دور جا روماني قصا، ڳاهون، ساديون ۽ ترڪيبي آکاڻيون ۽ حڪايتي نظم به اچي وڃن ٿا“. (2)
    ”مختصر ڪهاڻي نثري افساني (Prose Fiction) جو هڪ قسم آهي هڪ اهڙو ايجاز ۽ اختصار جو فن آهي، جنهن جا سڀئي فني پهلو گڏجي هڪ ڀرپور واحد تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا“. (3)
    ”انساني زندگي جي جذبن، حادثن، آزمائش جي گهڙين مان ڪنهن به هڪ گهڙيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي (Short story) آهي“. (4)
    ”افسانو هڪ جديد نثري صنف آهي پراڻن قصن ۽ آکاڻين جو افساني جي پس منظر سان تعلق ناهي. افسانو هڪ اهڙو ننڍو داستان آهي، جو هڪ ئي نشست ۾ پڙهي ختم ڪري سگهي ٿو، جيڪو هڪ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هجي، جيڪي ڳالهيون هڪ تاثر بنائڻ ۾ مدد نه ڪنديون هونديون، سي افساني ۾ ضمني طور به نه اينديون“. (5)
    محققن جي ڄاڻايل مٿين وصفن جو اختصار شيخ اياز جي لفظن ۾ اهو آهي ته ”هيءَ زندگي گهڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، ته ٻئي پاسي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جهلڪ آهي“.
    حاصل مطلب اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته نثري ادب جي تحريري طور رونما ٿيڻ کان اڳ بياني روايتن جو رواج هو. تحرير جي گرفت ۾ اچڻ کان پوءِ ادب نثر جي مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو ۽ وقت سان جيڪا صنفن جي ورهاست ٿي، انهيءَ ۾ جديد مختصر ڪهاڻي ويهين صديءَ جي شروع ۾ سنڌي ادب ۾ آئي. شروع دور جا افسانا آکاڻي نما هئا، پر جلد ئي افسانه نويسيءَ جو جديد فن مرتب ٿيو، جنهن ۾ مڪان، زمان ۽ عمل جي اتحاد سان حقيقت نگاريءَ جا رنگ ڀري، ڪردارنگاريءَ جو توازن عمل ۾ آندو ويو. اختصار ۽ اثرانگيزيءَ کي اولين حيثيت ڏيئي، افساني کي غيرفطري ماحول مان آزاد ڪرائي حياتيءَ جي هڪ پهلوءَ کي اجاگر ڪندڙ تحرير جو روپ ڏنو ويو. آکاڻي نما افساني کي جديد ٽيڪنيڪ سان سجائي ان جي آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيتون ڏنيون ويون.
    ”سنڌي ادب ۾ ابتدائي ڪهاڻيون هندي، اردو، بنگالي ۽ فارسيءَ تان ترجمو ڪيون ويون. سڀ کان پهرئين نثر ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ديوناگري ۾ لکيل آهن، جن کي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي سنڌي گرامر 1849ع ۾ درج ڪيو آهي“. (6)
    انهيءَ کان پوءِ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ نموني جون آکاڻيون شايع ٿيون. پهريون سنڌي افسانو ”شريف بيگم 1914ع مرزا قليچ بيگ جو شمار ٿئي ٿو، جنهن جو حوالو رانجهن خان ميمڻ ”سنڌي افسانو“ (مونوگراف) ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر تهمينه مفتي موجب، ”هن افساني جو ذڪر مستند پراڻين ادبي تاريخن ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي رانجهن خان هن حوالي جي ڪا فهرست ۽ تصديق ڏني آهي، فقط سن 1914ع ڄاڻايو اٿس، انهيءَ ڪري هن ڪهاڻيءَ بابت کوجنا جي ضرورت آهي“. (7)
    1915ع ۾ لکيل نانڪ رام ڌرمداس جي ڪهاڻين ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“ کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اخلاق آموز آکاڻيون سڏيو آهي“. (8)
    ساڳيءَ ريت چند ٻيون به آکاڻي نما ڪهاڻيون شايع ٿيون. هڪدم ننڍي کنڊ جي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو 1914ع کان لڳل عالمگير جنگ سبب برصغير جي وڏي خطي تي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن منهن ڪڍيو. انگريز حڪومت جي راڄ ۾ علمي طور جديد انگريزي تعليم جو سرشتو قائم هو ته تمدني ۽ تهذيبي طور به قومن جي سماجي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ تبديليون آيون ۽ ادب ۾ پڻ نوان رجحان آيا ڪيترن ملڪن جو ادب انگريزي ٻوليءَ معرفت برصغير ۾ پهتو ته ڏيهي ٻولين جي ادب ۾ نوان لاڙا روشناس ٿيا، جنهن سبب جديد ڪهاڻيءَ جي پرڏيهه ۾ ٿيل ترقي يافته شڪل هتي به متعارف ٿي. 1925ع کان 1947ع تائين جي عرصي ۾ جديد ڪهاڻيءَ لاءِ فني طور ترقيءَ جون راهون هموار ٿيون. هن دور جي ڪهاڻين ۾ لعل چند امرڏنومل جون ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“، ”ڏکن ڏڌي زندگي“، ”نؤورنيءَ جو خون“، ”لڄاوتي“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڪهاڻي ”گونگي ڪنوار“، ڀيرومل جي ”پريم جو مهاتم“، ڄيٺمل جي ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“، امرلعل هنڱوراڻيءَ جون ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي“، ”ادو عبدالرحمان“ ”هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز“ ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو گناهه“، مرزا نادر بيگ (فرزند مرزا قليچ) جون ”مس رستم جي“، ”موهنيءَ جي ڊائري“، ”ماءُ جو قهر“، ”انقلاب“، ”اڇوت“، ”گهر جي ڇڪ“، آسانند مامتورا جون ”لکيو ڪين ٽريو“، ”آرسي“، ”ڳنوارڻ“، ”جا آگيا“، عثمان علي انصاريءَ جي ”ململ جو چولو“، ليکو تليساڻيءَ جي ”منجري ڪولهڻ“، شيخ اياز جون ”سفيد وحشي“، ”کلڻي“، ”مسافر مڪراني“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ”نيت جو ڦل“، ”اقبال جي ڀيڻ“، ”شاهدي“، ”شانِ مسلم“، ”فريبي دنيا“، ”زماني جي گردش“، ”معصوم مجاهده“، ”جنات جو خلل“، ”سدرو شهزادو“، ”منشاراماڻي“ جي ”گهوٽ راجا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون ڇپيون، جن مان ڪي ترجمو هيون ته ڪي طبعزاد. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو وڏو تعداد بنگالي ۽ اردو ڪهاڻين مان هو ته ڪجهه انگريزيءَ مان پڻ هيون. مطلب ته ترجما گهڻا ٿيا طبعزاد ڪهاڻين جو تعداد گهٽ آهي. ڪجهه افسانوي مجموعا پڻ شايع ٿيا، جيئن پرڀداس ڀيرومل جا ”هيرا جواهر“، ”اندر جا اڌما“ (ٻه مجموعا)، ڄيٺمل جو ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“، آسانند مامتورا جو ”پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون“، ”آرسي“، عثمان علي انصاريءَ جو ”پنج“، گوبند مالهيءَ جا ”سرد آهون“، ”سورج مکي“، ”هوءَ موٽي آئي“، ”ريگستاني ڦول“ (ترتيب ڏنل)، شيخ اياز جو ”سفيد وحشي“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ”گلشنِ عبرت“، لطف الله بدويءَ جو ”دستهءِ گل“، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جو ”مرڪندڙ اکيون“، عيسيٰ نظاماڻيءَ جو ”تاريخي افسانا“ (ترتيب) شايع ٿيا.
    ترجمن ۾ هندي، مرهٽي، اردو، بنگالي، ڏيهي ۽ ٻين ٻولين جي ليکڪن جيئن رابندر ناٿ ٽئگور، گنجيدرمتر، نارائڻ پرساد، سريندر بئنرجي، بئڪم، پرشاد چترجي، منشي پريمچند، ڪشور ساهو، رڻبير سنگهه، ڪملا ڪانت ورما، ڪنيالال منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، خواجه احمد عباس، ابراهيم جليس، خليل جبران، منٽو ۽ پرڏيهي ڪهاڻيڪارن ۾ الاسڪان، موپاسان، چيخوف، ٽالسٽاءِ، گورڪي، پشڪن، اوهينري، پرل بڪ، ميري ڪاريلي، گالسوردي ۽ ٻين جي ڪهاڻين جا ترجما سنڌيءَ ۾ ڪيا ويا.
    1947ع کان اڳ جي طبعزاد ۽ مترجم ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪارائن ۾ ڀيرومل مهرچند، لال چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، پرڀداس، نانڪرام ڌرم داس، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، رام پنجواڻي، آنند گولاڻي،
    سوڀو گيانچنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، شيخ عبدالستار، عثمان علي انصاري، آسانند مامتورا، پرمانند ميوارام، مرزا نادر بيگ، نانڪي گدواڻي، مائي واساڻي، ايشور چندر، ايشوري جوتواڻي، ايم آرمائيداساڻي، خوشيرام واسواڻي، ڊي ڪي منشاراماڻي، چندرا آڏواڻي، حيشو ڪيولراماڻي، محمد عيسيٰ نظاماڻي، لڇمڻ راجپال، ڀڳونتي ديالاڻي، محمد صديق مسافر، عبدالله عبد، ڀون پنجواڻي، ليکو تليساڻي، بهاري ڇاٻڙيا، ڪيرت ٻاٻاڻي، لطف الله بدوي، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، سڳن آهوجا، محمد خان غني، شيخ عبدالستار، نورالدين سرڪي، خانچند درياڻي، ڪشن کٽواڻي، پير
    حسام الدين راشدي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ ٻيا آهن.
    مٿي ڄاڻايل ليکڪن مان ڪي 1947ع کان اڳ جي افسانا نويسي جو پايو وجهندڙ هئا.
    ”1943ع ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌ سرڪل“ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي بڻايو ويو ۽ پروفيسر رام پنجواڻي ان جو چيئرمين مقرر ٿيو. ان سرڪل سنڌي ادب جي خاطر خواهه خدمت ڪئي. 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌي هندو ليکڪن جو هڪ وڏو ٽولو هندوستان هليو ويو، جنهن جي ڪري سنڌي ادب جي اوسر ۽ ارتقا کي ڪي قدر ڌڪ رسيو، جنهن جو اثر سنڌي افساني تي پڻ پيو.“ (9)
    ورهاڱي کان پوءِ 1948ع کان 1953ع تائين جي سالن ۾ افسانن توڻي افسانوي مجموعن جو تعداد گهٽ آهي. ڪل 6 مجموعا شايع ٿيا، جڏهن ته 1947ع ۾ ئي 12 ڪتاب ڇپيا هئا ۽ پوءِ تقريبًا هر سال ۾ پنجن کان پندرهن تائين يا ان کان مٿي افسانوي مجموعا شايع ٿيندا رهيا. (ڊاڪٽر بشير احمد شاد طرفان 1947ع کان 1987ع تائين سنڌ ۾ ڇپيل افسانوي مجموعن جو وچور ’مقالا‘ ڪتاب ۾ ص 129 کان ڏنل آهي).
    1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو. حالتن جي تبديليءَ سبب افسانا نويسيءَ ۾ نه فقط نوان موضوع متعارف ٿيا، پر فني جوڙجڪ، مقصديت، ٻولي ۽ ٻين افسانوي خوبين تي نظر رکي ويئي. سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ افسانن کي پڙهڻ ۽ تبصري ڪرڻ جو رواج قائم ٿيو، جنهن سان لکندڙن جي اصلاح ۽ رهنمائي به ٿي ته ذوق ۽ شوق سان گڏ افسانن لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڇپجڻ جي رفتار به تيز ٿي. 1953ع کان 1990ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو ترقي يافته دور شمار ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن ڪهاڻيڪارن شاندار ڪهاڻيون لکيون. سنڌي ادب ۾ معياري ڪهاڻيءَ جاءِ والاري. ڪيترائي نوان موضوع متعارف ٿيا. 1947ع کان اڳ عالمي جنگيون، معاشي بدحالي، هندو مسلم فساد، آزاديءَ جي جدوجهد، قوميت، مذهبيت، علاقائيت ۽ ٻيا موضوع هئا ته ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جي افراتفري، ذهني ڇڪتاڻ، نئين آبادڪاريءَ سبب سنڌ کي درپيش مسئلا، ون يونٽ جو قيام، سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، مختلف مارشل لاز، قلم جون پابنديون، وارنٽ، جيلون، سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي طرفان استحصال ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع آيا، جن ۾ مزاحمت جو زور وڌيڪ هو. سماجي ڏاڍاين جي هن دور جو مزاحمتي ادب غيرت، سرڪشي، خودداريءَ سان گڏ قوميت جي جذبي سان ڀرپور هو. انيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين ڪهاڻيون شايع ٿيون. مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ وڏي ترقي ٿي، ورهاڱي کان پوءِ جي ڪهاڻين جي مجموعن جو وچور ڏبو ته اهي پنج سؤ کان به مٿي ٿي ويندا.
    ترجمن کان علاوه طبعزاد هزارن جي تعداد ۾ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن جا به انيڪ مجموعا ڇپيا آهن، جن ۾ ”سفيد وحشي“، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”عبرت ڪده“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”آبحيات“ غلام رباني آگرو، ”بلو دادا“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”روشن ڇانورو“ ثميره زرين، ”اي درد ھلي آءُ“، ”اٺون ماڻھو“ سراج ميمڻ، ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”پڪار“ پوپٽي هيراننداڻي، ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“، ”چوٽيھون در“، ”ڊمي“ نسيم کرل، (ھاڻي ھي ڪھاڻيون ھڪ ڪتاب ۾ ”نسيم کرل جون ڪھاڻيون“ جي عنوان سان آھن). ”دل جي دنيا“، ”جڏھن مان نه ھوندس“، ”ٽيون وجود“، ”منھنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”سنڌو منھنجي ساھ ۾“ امر جليل، ”مرڪ ۽ مامتا“ ڪلا پرڪاش، ”سمنڊ اپسمنڊ“ قاضي خادم ”ڊاڪ بنگلو“ شيخ راز ”سوکڙي“ ”اباڻو گھر“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”جيڪي منھنجي من ۾ آھي“، ”ايڏو سور سھي“ ڊاڪٽر نجم عباسي، ”پسي ڳاڙھا گل“ رسول بخش پليجو، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”سيمي“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”راڻا جي راجپوت“، حميد سنڌي، ”ڌرتي ڌڪاڻا“، ”آيل ڙي اولاڻا“ علي بابا، ”مٺي مراد“، پل صراط“، ”لهر لهر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”واٽون راتيون ۽ رول“، ”ويندڙ وھي لھندڙ سج“ عبدالقادر جوڻيجو، ”ھاري ڪھاڻيون“، ”ھاري انقلاب“ حيدر بخش جتوئي، ”چنڊ جا تمنائي“، ”ڌرتي روشن آھي“ آغا سليم، ”هڪ حوا، ڪيئي ڪهاڻيون“ فهميده حسين، ”نئون شھر“، ”رات جا نيڻ“، ”رات منھنجي روح ۾“، ”اونداھا رستا ۽ دونھاٽيل گھٽيون“، ”سٺ ستر اسي“ غلام نبي مغل، ”سونھن پٿر پيار“، ”درد جا ڏينھن درد جون راتيون“، ”بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ طارق اشرف، ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق شورو، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”ڪيڏارو“ نورالهديٰ شاهه، ”الزام“، ”اوڙاھ“ حليم بروھي، ”مورتي“ زيب ڀٽي، ”من جي پاتال مان“ طارق عالم ابڙو، ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ زيب سنڌي، ”ڪشمڪش“ سليم ڪورائي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نور گھلو، ”پيار جي گھٽ“ الطاف شيخ، ”من تنھا منزل“ ڪرم الاھي چنڊ، ”رھيل قرض“ ظفر حسن، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق شورو، ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“، شوڪت حسين شورو، ”امن جي نالي“، ”ڪافر ديوتا“ رسول ميمڻ، ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ شبنم گل، ”مٽيءَ سندو مامرو“ رفيق سومرو، ”اجهاميو ٻرن“ (انعام يافته) سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ ٻيا افسانوي مجموعا آهن.
    مطلب ته افساني جي صنف ۾ ورهاڱي کان پوءِ ئي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ فن، موضوع ۽ ٻوليءَ تي توجهه سان گڏ ٻين جدتن ۽ نون لاڙن اچڻ سان اعليٰ پئماني جا افسانا لکيا ويا آهن. سنڌي سماج جي گهڻن رخن جي عڪاسي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ملي ٿي. ممڪن آهي ته ڪجهه موضوعن ۾ صحيح نموني معنويت واضح نه ٿي هجي ته به گهڻي ڀاڱي سنڌي سماج جي اوڻاين، چڱاين، سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جا نقش چٽيل آهن. ڳوٺن ۽ شهرن جي مسئلن جا تفاوت الڳ الڳ پيش ٿيل آهن ته زميندارن، ڪامورن، پيرن، ڌاڙيلن جا هارين نارين، غريبن، اٻوجهن ۽ مريدن تي ڪيل ظلم ۽ سختيون به بيان ٿيل آهن. ڏاڍ، ڏمر ۽ استحصال خلاف واڪا آهن ته وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام خلاف جاکوڙ ۽ مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ اُتساهيو ويو آهي. آزاديءَ ۽ بنيادي حقن جي حاصلات کي اهميت ڏني ويئي آهي. ڪهاڻيءَ جي عبوري دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين تي ٿيل ظلمن (جن سبب عوام پوئتي پيل آهي) کي موضوع بنايو ويو ته تعميري دور ۾ واضح مقصدن تحت مختلف نوان موضوع آندا ويا، جن ۾ قومي سجاڳي ۽ غيرت جي للڪار آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ موجب ته:
    ”هن دور ۾ اڪيچار سنڌي ڪهاڻين ۾، قوم جي مختلف تهذيبي، روحاني، سماجي ۽ نفسياتي مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي. قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ادب کي هڪ ڪامياب وسيلي طور پڻ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي ذريعي عوام جا ستل جذبا، قومي احساس ۽ اُمنگ بيدار ڪيا ويا آهن، جن ۾ مختصر ڪهاڻي ۽ ناول ۾ ان جو مؤثر ترين ۽ شانائتي نموني سان استعمال نظر اچي ٿو“. (10)
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي مطالعي مان اها ثابتي ملي ٿي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي شعور پيدا ٿيو، جنهن جو مکيه سبب حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ جو پروان چڙهڻ آهي. سنڌي ادب ۾ انهيءَ جي ابتدا ويهين صديءَ جي برصغير جي حالتن، عالمي جنگين ۽ بين الاقوامي ادب جي اڀياس سان ٿي.
    گورڪي، ترجنيف، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ڪيترن پرڏيهي اديبن ادب ۾ حقيقت نگاريءَ کي ترجيح ڏيئي ادب کي افاديت وارو ڄاڻايو ته بئڪم چندر جئرجي، شرٽ، رابندرناٿ ٽئگور بنگالي اديبن ۽ اردو ٻوليءَ جي ڪيترن اديبن پڻ دنياوي حالتن سبب خيالي ڳالهين جي بجاءِ سماجي حقيقتن کي اهميت ڏني. 1947ع کان پوءِ ڪيترن ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪارائن جا نالا افسانا نويسيءَ جي ميدان ۾ ملن ٿا، جيئن: شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر نجم عباسي، الطاف قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، محمد حسين ڪروڙپتي، غلام رباني آگرو، قمر شهباز، عبدالرزاق راز، ابن حيات پنهور، بشير مورياڻي، عبدالجبار جوڻيجو، عبدالحئي قريشي، عبدالحق عالماڻي، حميد سنڌي، جمال رند، شمشيرالحيدري، عثمان علي انصاري، ع.ق شيخ، حفيظ شيخ، نور عباسي، بيدل مسرور، رسول بخش پليجو، شوڪت حسين شورو، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، طارق اشرف، رشيد آخوند، مدد علي سنڌي، علي بابا، طارق عالم، عبدالقادر جوڻيجو، خواجه سليم، فضل احمد بچاڻي، نثار حسيني، غياث جوڻيجو، فدا حسين بلوچ، محمد بخش مجنون، محمد نواز مخزون، قاضي خادم، نورالدين سرڪي، ارباب سنڌي، دادا سنڌي، عبدالقيوم صائب، يوسف سنڌي، سرور علي سرور، ناصر مورائي، محسن ڪڪڙائي، گلزار علي خواجه، نعيم دريشاڻي، محمد دائود بلوچ، علي گل عباسي، الطاف شيخ، ڪيهر شوڪت، منير احمد ماڻڪ، مشتاق شورو، اخلاق انصاري، رزاق سهتو، قبول ابڙو، ساقي سجاولي، سليم چنا، نذير شيخ، نور گهلو، ممتاز عباسي، سليم ڪورائي، زيب سنڌي، بشير احمد شاد، غلام نبي سڌايو، هدايت پريم، بادل جمالي، شرجيل، ظفر حسن، رسول ميمڻ، ممتاز مهر، ڪرم الاهي چنا، رفيق سومرو، اشتياق انصاري، بدر ابڙو، مختيار جانوري، روشن علي تنيو، عبدالواحد هاليپوٽو، سڪندر چانڊيو، فيروز ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن.
    هندستان جي ليکڪن ۾ ايشور چندر، گنوسامتاڻي، لعل پشپ، رام پنجواڻي، نارائڻ ڀارتي، اتم، هيرو شيوڪاڻي، آنند ٽهلراماڻي، برج موهن، موهن ڪلپنا، جگديش لڇاڻي، گل آسناڻي، منوهر لال، داس طالب، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، هريش واسواڻي، موهن ديپ، آنند کيماڻي ۽ ٻين سنڌي افساني کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو.
    ”هند توڙي سنڌ ۾ سنڌي عورتن پڻ افسانانويسيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي، جن ۾ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلاپرڪاش، ريٽا شهاڻي، ويناشرنگي، بيگم زينت عبدالله چنا، ثميره زرين، رشيده حجاب، خيرالنساء جعفري، ماهتاب محبوب، تارا ميرچنداڻي، اندرا شبنم، جميله نرگس، ثريا ياسمين، اقبال شيخ، ثريا ڀٽي، رضيه کوکر، نيلوفر جويو، انيس ميمڻ، فهميده ميمڻ، سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، نذير ناز، ثريا ”سوز“، ج.ع منگهاڻي، تبسم ماهتاب قريشي، تهمينه مفتي، ليليٰ بانا، سيما عباسي، زبيده ميتلو، نسرين جوڻيجو، سلمه صديق قاضي، ۽ ٻيون آهن“. (11)
    سنڌي ادب ۾ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڪهاڻيڪارائون موجود آهن، جن جي قلمي سرمايي سان سنڌي افسانوي ادب جو مان مٿانهون آهي، جن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ وقت جي وهڪري مطابق انهيءَ دور جي سياسي ۽ سماجي موضوعن مطابق لکيو ته وٽن مقصدي پهلو پڻ نمايان آهي. شيخ اياز نج سنڌي ڪردارن کي آندو آهي ته سندس اسلوب بيان لطافت سان معمور آهي. غلام رباني آگرو ٺيٺ سنڌي لفظن سان حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندي ”آب حيات“ جهڙو (مجموعو) سنڌي ادب کي ڏنو. جمال ابڙو مقاميت ۽ ارضيت جو فنڪار آهي، سندس ڪهاڻين کي وڏي مقبوليت ملي، خاص طور ”پشوپاشا“ سنڌي ادب جي اهم ڪهاڻي آهي. حفيظ شيخ جي ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ شاهڪار ڪهاڻيءَ جو درجو رکي ٿي. (موجوده وقت بي اي جي نصاب ۾ شامل آهي) اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ ڪافي مقبول ٿي، جنهن تي پنهنجي وقت ۾ گهڻا تبصرا ٿيا ۽ هر جڳهه پسند ڪئي ويئي. آغا سليم، امر جليل ۽ نسيم کرل سنڌي افسانانگاريءَ ۾ هڪ منفرد ۽ اهم مقام رکن ٿا. آغا سليم رومانويت ۽ ٻوليءَ جي سهڻي استعمال سبب، امرجليل ڪردارنگاري ۽ مڪالمابازيءَ سان گڏ اڇوتن موضوعن ۽ ڇرڪائيندڙ پڇاڙيءَ سبب ته نسيم کرل واقعات نگاري کي سهڻي نموني سان ڪهاڻيءَ ۾ اجاگر ڪيو آهي. قوميت ۽ سنڌيت تي امر جليل، نجم عباسي، سراج ميمڻ، شوڪت شورو، ۽ ٻين لکيو آهي. هند توڙي سنڌ جي سنڌي افساني ۾ ڏيهي پرڏيهي ادبي قدرن ۽ حالتن موجب ڪئين نوان لاڙا آيا آهن جن ۾ اشاريت يا علامت نگاري، ظاهريت، وجوديت، خود وجوديت، سرئيلزم ۽ رمزيت خاص مشهور آهن.
    موجوده وقت ضروري آهي ته ڪهاڻيءَ جي صنف جي واڌ ويجهه ۽ نون ڪهاڻيڪارن کي ڪهاڻيءَ جي فن ۽ اصولن سان واقفيت ڪرائڻ لاءِ افسانانويسيءَ جي باري ۾ سيمينار/گڏجاڻيون ڪوٺايون وڃن. ميڊيا ذريعي سٺين ڪهاڻين ۽ ناولن تي تبصرو ڪري، ڪمرشلائيز ڪرڻ لاءِ انهن کي ناٽڪ جي صورت ۾ فلمايو وڃي. سٺين ڪهاڻين تي انعام ڏنا وڃن. پرڏيهي سٺين ڪهاڻين جي ترجمن کي به همٿايو وڃي ته جيئن موجوده وقت جيڪا ڪجهه ماٺار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، انهيءَ ۾ فرق اچي ويندو ۽ ڪهاڻي وري نئين سر جِي اٿندي، پر وري به ايئن چونداسين ته قديم ۽ جديد روين ۽ نون فني اصولن سان سنڌي افسانو اڄ به لکجي رهيو آهي. مقدار ۾ ڪميءَ جي باوجود به ان جو معيار ڪجهه سالن کان وڌندڙ آهي.

    حوالا
    (1) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص- 9
    (2) ايضًا ص- 10
    (3) ايضًا ص- 169
    (4) امرجليل، ”سهڻي امرجليل نمبر“، سهڻي پبلشرز الهندو ڪَچو حيدرآباد، 1973ع، ص- 208
    (5) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص- 68
    (6) ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت آکاڻي نويس“ ڪينجهر، (قليچ نمبر) 1991ع سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ص 70
    (7) ايضًا ص- 71
    (8) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006، ص- 69
    (9) ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“، ”سنڌي افسانو، آزاديءَ کان اڄ تائين“ (مقالا)، سنڌي ادبي بورڊ 1988ع، ص- 126
    (10) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص- 262
    (11) ميمڻ پروين موسيٰ، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع، ص-344


    ناٽڪ/ ڊرامو

    ناٽڪ/ ڊرامو ڇا آهي؟ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ناٽڪن ۾ ڪهڙا فرق آهن، ناٽڪ جي شروعات ادبي طور تي ٿي يا عملي طور؟ ادب ۾ ناٽڪ جي صنف جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ سنڌي ناٽڪن جو معيار ڪهڙو آهي؟ ڇا سنڌي ناٽڪن سان ادب کي ڪا هٿي ملي آهي؟ اهڙا ڪيترائي سوال ۽ انهن جا جواب هن موضوع جي باري ۾ ذهن ۾ اچن ٿا. انهن تي بحث ڪرڻ سان ادبي قارئين کي وڏي معلومات ميسر ٿيندي، پر جيئن ته صفحن جي ورهاست سان هيءُ هڪ مقالو آهي، اهو تفصيل گهڻو نٿو ڏئي سگهجي، ته به هتي قارئين جي سهولت لاءِ مٿين سوالن جي جوابن تي مختصر روشني وجهجي ٿي.
    ”شاعري، موسيقي، نقاشي، سنگتراشي ۽ ٻين لطيف فنن وانگر ڊرامو به احساسن ۽ امنگن جي لطيف نزاڪتن ۽ پراسرار زندگيءَ جو اظهار آهي. شاعر، موسيقار، نقاش، ڊرامه نويس ۽ فنڪار هڪڙي فارم (Form)، هڪڙي گهاڙيٽي کي جنم ڏئي ٿو، جنهن ۾ هُن جا احساس، اُمنگ ۽ جذبا هڪ صورت، هڪ شڪل، هڪ روپ وٺي بيهن ٿا، جنهن کي ”فني هيئت“ (Artitistic form) چئجي ٿو. ڊرامو يا پلي هڪ فني هيئت آهي، جنهن ۾ زندگيءَ بابت ڊرامه نويس جي احساسن ۽ جذبن جو اظهار ٿئي ٿو“. (1)
    ”ڊراما قديم زماني جي سانگ يعني اهل ڪرڻ ۽ نقليات مان بتدريج اسريو ۽ هاڻي اسڪرين ڊراما به ان جي مقبول عام صورت آهي“. (2)
    ”ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، ڇوجو اهو رنگ-ڀوميءَ (stage) تي ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي. ناٽڪ جي ڪاميابي ان کي اسٽيج تي ڪري ڏيکارڻ کان سواءِ مڪمل ٿي ڪانه سگهندي“. (3)
    يوناني لفظ ”ڊراءِ“ مان نڪتل ”ڊراما“ جي معنيٰ عمل/ايڪشن آهي. موجوده وقت لفظ ”ڊرامو“ گهڻي ڀاڱي رائج آهي. ڊرامو انساني چرپر جي فطري عمل جو نقل آهي، جنهن جي پيش ڪرڻ ۾ سڄو دارومدار نقاليءَ تي منحصر آهي، پر جيئن ته ڊرامو لکي ۽ ياد ڪري پوءِ ئي پيش ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري انهيءَ کي مرڪب فن (Compound Art) سڏيو ويو آهي، جنهن کي هڊسن هن ريت واضح ڪري ٿو ته،
    “It must be remembered that the drama is not a pure literature. It is a compound Art, in which the literary element is originally bound up with the elements of stage setting histrionic interpretation.” (4)
    مٿي ڏنل حوالي سان اها چٽائي ٿئي ٿي ته ناٽڪ ادب جو حصو هوندي به مڪمل طور ادب نه آهي. هيءُ هڪ مرڪب فن آهي، جو لفظن ۽ ٻوليءَ جو تابع هوندي به سنگيت، ناچ، اداڪاري ۽ ٻين ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي ويءَ جي گهرجن جو محتاج آهي، پر ته به ناٽڪ نج ادب نه هوندي به ادب سان لاڳاپيل آهي، ڇوجو ناٽڪ نه فقط لکيو وڃي ٿو، پر ياد ڪري پيش به ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان لفظن جي چونڊ ۽ جملن ۾ انهن لفطن جي احسن استعمال ۽ ادائگيءَ جي خاص اهميت آهي ته جيئن اثرانگيزي پيدا ٿئي، تڏهن ئي اهو ناٽڪ ناظرين ۽ سامعين جي توجهه جو مرڪز بڻبو. ناٽڪ/ڊرامو اهو دل وٺندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ اداڪار پنهنجي پارٽ ۾ کوئجي وڃن ۽ سندن عمل بلڪل حقيقت محسوس ٿئي ۽ اهو ان وقت ٿي سگهي ٿو جڏهن انهيءَ تحرير ۾ جان هجي ۽ ڊائيلاگ اثرائتا، موضوع سان ٺهڪندڙ، مڪمل انصاف ڪندڙ ۽ لمحي لمحي تي ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺندڙ هجن. مڪالمن جي ادائگيءَ ۾ اداڪار جي اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جو دارومدار به سندس ذاتي ايڪٽنگ جي قوت سان گڏ مڪالمن جي جانداريءَ تي هجي ٿو. غيرضروري ۽ موضوع کان هٽيل مڪالما ناٽڪ جي ناڪاميءَ جو دليل آهن.
    منهنجي نظر ۾ ناٽڪ/ڊراما لکڻ ۽ خاص طور معياري لکڻ هڪ تمام وڏو فني ۽ ادبي مرحلو آهي، جنهن ۾ ناٽڪ نويس کي نه فقط ادبي لحاظ کان ٻوليءَ تي گرفت ۽ تخليقي قوت جي مضبوطي هجي، پر کيس ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ ٿيٽر جي ڪيترين گهرجن، حدن، پابندين ۽ اهم نقطن کي ذهن ۾ رکي، لکڻ جي سمجهه به هئڻ گهرجي. ناٽڪ جي موضوع، مواد، مقصديت ۽ ٻوليءَ تي خاص توجهه ڏيڻ ناٽڪ نويس جي اهم ضرورت آهي. پر فقط سٺو ناٽڪ به لکڻ سڀ ڪجهه نه آهي، جيستائين ناٽڪ نويس ۽ ناٽڪ کي پيش ڪندڙ سڄي ٽيم جنهن ۾ پروڊيوسر، هدايتڪار، اداڪار ۽ معاونين پاڻ ۾ تعاون نٿا ڪن، تيستائين ناٽڪ سامعين ۽ ناظرين جي ذوق مطابق تيار ٿيڻ مشڪل امر آهي ۽ ماحول ۽ معاشري جي نمائندگيءَ سان گڏ معياري پيشڪش جي ٻين گهرجن جو پورائو نه ڪندڙ ناٽڪ ڪڏهن به ڪا جاءِ والاري نه سگهندو.
    جيئن ته ناٽڪ لکڻ سان گڏ اسٽيج/ رنگ ڀومي تي عملي طور پيش ڪرڻ لاءِ هوندو آهي ۽ هن اليڪٽرانڪ دور ۾ اهو ريڊيو ۽ پوءِ ٽي وي جي ذريعي هنڌ هنڌ هر جڳهه تي ڏٺو وڃي ٿو، اسٽيج، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي ناٽڪ جي اوسر ٿئي ٿي، جن سڀني جو مختصر جائزو اڳيان ڏنو ويندو. مجموعي طور ناٽڪ جي فن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اهو چونداسين ته هيءُ هڪ عظيم فن آهي، جنهن جو واسطو انساني زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل سان آهي. ارسطوءَ جي لفظن مطابق بلڪل صحيح آهي ته،
    ”ناٽڪ ۾ آئيندي جا اهڃاڻ ملن ٿا“. (5)
    قسمن جي لحاظ کان ناٽڪن ۾ الميه، طربيه، مزاحيه، تنقيدي ۽ ٻين نمونن جا ناٽڪ هجن ٿا، سبق آموز ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ معاشري جي سماجي، سياسي، علمي، ديني ۽ ٻين مسئلن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ناٽڪ جي فني خوبين ۾ پلاٽ، ڪهاڻي، آغاز، انجام، ٻولي ۽ پيشڪش اهم آهن. ناٽڪ جي شروعات قديم يونان ۽ قديم هند کان ٿي آهي. يونان ۽ هندوستان وارن ناٽڪن کي پيش ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا اسٽيج ٺاهيا ۽ وٽن اعليٰ پايي جا ناٽڪ نويس هئا، جن ناٽڪ لکڻ جا اصول مقرر ڪري، شاهڪار ناٽڪ دنيا کي ڏنا، جيڪي پوريءَ دنيا ۾ مقبول ٿيا.
    گڏيل هندوستان ۾ سنڌي ناٽڪ هندي، اردو، گجراتي ۽ ٻين ٻولين جي اثر هيٺ لکجڻ لڳو. سنڌ ۽ هند ۾ انهيءَ وقت انيڪ ناٽڪ منڊليون قائم ٿيون. انهن ڊراميٽڪ سوسائٽين جو تعداد پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب هڪ سؤ کان به مٿي هو. 1923ع ۾ ”رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊراميٽڪ ڪلب“ خانچند درياڻي، هيرانند آڏواڻي، لعل چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ منگهارام ملڪاڻي قائم ڪئي، جنهن ناٽڪ جي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو ۽ ٻين ناٽڪ ڪمپنين ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر سوسائٽي“ (1894ع)، ”ڌرم اپڪار ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1897ع)، ”حيدرآباد پليڊرس ڪلب“ (1905ع)، ”چانڊڪا اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1907ع)، ”حيدرآباد نيشنل ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽي“ (1924ع)، ”سنڌي ساهتيه منڊل بمبئي“ (1948ع)، ”سنڌي سڀا دهلي“ (1953ع)، ”سنڌو ڪلاڪيندر دهلي“ (1950ع)، ”سنڌ نئون جيون سڀا دهلي“ (1953ع)، ”ڪلاڪار منڊل ڀوپال“ (1954ع)، ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل سرڪل“ (1957ع) ۽ ٻين ناٽڪ منڊلين بهترين سنڌي ناٽڪ اسٽيج تي آندا آهن.
    سنڌي ناٽڪن جي شروعات 19صديءَ جي آخر کان ٿي آهي، جن کي ٻن دورن ۾ ورهائي، هڪ نظر وجهنداسين. پهرين دور ۾ اهي ناٽڪ اچن ٿا، جيڪي 1947ع کان اڳ ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش ٿيا ۽ ٻئي حصي ۾ 1947ع کان پوءِ جا لکيل ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي وي جا ناٽڪ آهن.
    مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته برصغير ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ناٽڪ منڊليون هيون، جيڪي اسٽيجن تي ناٽڪ پيش ڪنديون هيون. شروع دور ۾ ڌرمي ناٽڪ جيئن ”راس ليلا“ ۽ ”رام ليلا“ نموني جا کيل ڪري ڏيکاربا هئا. ڌرمي ناٽڪن بعد رومانوي، سماجي، مزاحيه، طنزيه، سنسني خيز ۽ لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل نمونن جا ناٽڪ پيش ڪيا ويا، جن ۾ مختلف موقعن مهلن تي راڳ يا گانا به هوندا هئا. ابتدائي وقت ۾ زنانا پارٽ نوخيز ڇوڪرن کان ادا ڪرايا ويندا هئا، جو ڇوڪرين جو اسٽيج تي اچڻ عام نه ٿيو هو. ملڪاڻي صاحب موجب ته،
    ”1937ع کان انارڪلي ڊرامي ۾ انارڪليءَ جو نائيڪا وارو زنانو پارٽ پهريون ڀيرو هڪ حسين ڇوڪريءَ نئن ميرچنداڻيءَ کان ڪرايو ويو، جا شڪل شبيهه ۾ اهڙي حسين ۽ شاندار ٿي لڳي، جو شڪ ناهي ته سچي انارڪلي به کانئس بهتر ڪانه هوندي“. (6)
    مٿين ناٽڪ منڊلين انيڪ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا، جن مان ڪافي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا ته ڪن ناٽڪن جا ڳٽڪا الڳ پڻ ڇپيا. پهريون سنڌي ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو ”ليليٰ مجنون“ (1888ع) شمار ٿيندو آهي، (جو هندي ڏوهيڙن، منظوم شاعريءَ تي مشتمل آهي) ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته ”مرزا صاحب جي ناٽڪ 1880ع کان اڳ ”پهريون ناٽڪ امام بخش خادم جو ”هير رانجهو“ (1879ع) آهي“. (7)
    اهو به لکيو اٿن ته ”سنڌي ناٽڪ صدي 1880ع کان 1980ع تائين ملهائڻ ۾ مرزا صاحب جو ڊرامو نظر ۾ رکيل هو. پروفيسر لطف الله بدويءَ ”ڪليات خادم“ جي مهاڳ ۾ ثابتي ڏني آهي ته پهريون سنڌي ناٽڪ امام بخش خادم جو آهي“.
    مرزا صاحب 1880ع کان پوءِ انيڪ ڊراما طبعزاد ۽ ترجما لکيا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي شيڪسپيئر جا اهم ترين ڊراما شامل آهن. مرزا صاحب 1887ع ۾ ”خورشيد“ لکيو، سندن ٻين ناٽڪن ۾ ”حسنا دلدار“ (1897ع- شيڪسپيئر جي ڊرامي ”مرچنٽ آف وينس“جو ترجمو) ازانسواءِ ڪنگ ليئر جو”شاهه ايليا“، سمبلائين جو ”شمشاد مرجانه“، ٽوجينٽلمين آف ويرونا جو ”عزيز ۽ شريف“ روميو جوليٽ جو ”گلزار ۽ گلنار“، ”هيملٽ جو ”شهزادو بهرام“ جي عنوان سان ترجما ”گل بڪاولي“ (1894ع)، ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ (1895ع)، ”نورجهان ۽ جهانگير“ (1896ع)، ”نادر شاهه“ (1897ع)، ”نيم طبيب خطره جان“ (1897ع)، ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ (1899ع)، ”شهريار شهربانو“ (1918ع)، ”شيرين فرهاد“ (1918ع)، ”جمشيد ۽ حميده“ (1918ع)، ”بدر منير ۽ بينظير“ 1918ع)، ”موهني“ (1924ع) ۽ ٻيا ڪجهه طبعزاد ته ڪجهه ترجما آهن.
    ٻين ناٽڪ نويسن پڻ ڪافي ناٽڪ لکيا، جن ۾ ڪشنچند بيوس جا ”خوبصورت بلا“، ”سورداس“، ”هرشنچندر“، ”پريت پڄارڻ“، ”هار جيت“، ليليٰ رام سنگهه جو ”سورج راڌا“، لالچند امرڏنومل جا ”عمر ماروي“، ”سسئي پنهون“، ديوان ليلارام جو ”دروپدي“، ڀيرومل جو ”حرص جو شڪار“ عثمان علي انصاريءَ جو ”گمراهه دوست“، خانچند درياڻيءَ جا ”جيئري تي جيئري“، ”گلاب“، ”موتئي جي مکڙي“، ”رتنا“، ”زمينداري ظلم“، ”زماني جي لهر“، ”بک جو شڪار“، ”ملڪ جا مدبر“، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جا ”ٻي زال“، ”اڪيلي دل“، ”ناخلف پُٽ“، ”پاپ جو ڪيتو“، ”انارڪلي“، ”قسمت“، ”ايڪتا جو آلاپ“، ”شانتا“، نانڪرام ڌرم داس جا ”نيڪ انجام“، ”فريبي فتنه“، پروفيسر رام پنجواڻي ”مومل راڻو“، ”احمد چاڳلا جا ”خوني“، ”ڀوت“، ”ديش جو دشمن“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ”نورجهان جو پٽ“، ”سجائي موڙي“ ۽ ”ڪانگريس“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”بدنصيب ٿري“ 1939ع، مرزا گل حسن ڪربلائيءَ جو ”ماڳ جي محبت“ ۽ ٻيا 1947ع کان اڳ لکيا، ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا ويا.
    شروع ۾ لکيل ناٽڪ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، پوءِ ڪجهه ناٽڪ گڏ ڪري مجموعن جي صورت ۾ ڇاپيا ويا. پهريون ڇپيل ناٽڪي ڳٽڪو ”چار چهچٽا“ (1933ع) آهي، جنهن ۾ ”فسادي ڦوڪڻو“، ”راجا رام موهن ”راءِ“ ۽ ٻيا ناٽڪ شامل آهن. انهيءَ کان پوءِ ”اتهاس“ (1935ع)، ”انڊلٺ“ (1939ع- هن ۾ ست ناٽڪ آهن ته گڏ ناٽڪ جي اصولن جو تفصيل مهاڳ ۾ ڏنل آهي)، ”آزاديءَ جي ڪوڏي“ (1938ع)، ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ (1937ع)، ”پنگتي پردا“ (1938ع)، ”رنگ برنگي کيل“ (1940ع)، ”ٻه پردا“ (1941ع)، ”ڪانگريس“، ”سجائي موڙي“ (45-1944ع) ۽ ٻيا مجموعا آهن.
    پاڪستان دور ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن ذريعي بي حساب سنڌي ڊراما لکيا ۽ پيش ڪيا ويا آهن. ريڊيو ڊراما ريڊيو اسٽيشنن جي قائم ٿيڻ سان شروع ٿيا آهن. ويهين صديءَ ۾ ريڊيو جي ايجاد کان پوءِ پهريون انگريزي ريڊيو ڊرامو بي بي سي لنڊن تان 15 جنوري 1925ع تي نشر ٿيو. سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات تقريبًا 1950ع کان ٿي آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان اڌ ڪلاڪ جا ۽ پوءِ 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ ڪلاڪ جا سنڌي ڊراما نشر ٿيندا هئا.
    ”ريڊيو تان پهريون سنڌي ڊرامو ”روٽي“ عنوان سان نشر ٿيو، جو سيد منظور نقوي اردوءَ تان ترجمو ڪيو هو“. (8)
    اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي ڊرامن ۾ فني طور فرق هئڻ سان گڏ تحريري طور پڻ تفاوت هوندو آهي. ڊرامي جي پيشڪش جي گهرج مطابق ئي ڊراما نگار لکندو آهي.
    ”ريڊيو ڊرامو One act play يا Short play (ننڍڙو ناٽڪ) جي صوتي تصوير آهي، جنهن ۾ ڪا هڪ صورتحال يا هڪ واقعو هوندو آهي. هن ڊرامي ۾ غيرضروري سين ۽ غيرضروري ڪردار ٿين ئي ڪونه. ريڊيو ڊرامو صوتي اثرات، لهجي ۽ پس منظر موسيقيءَ جو نالو آهي، ان جي لاءِ اک جي نه، پر ڪن جي ضرورت آهي. لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي ڊرامي جي ماحول، سٽاءَ، ڪردارنگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻي ان جي مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ٺاهيندا آهن، جنهن ۾ لهجي معرفت نفسياتي حالتن۽ ڪيفيتن کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ صداڪاري آهي. صداڪار يا فنڪار جي عظمت ۽ وڏائي لهجي جي سچائي آهي. صوتي اثرات ماحول جي تصوير چٽين ٿا ته پس منظر موسيقي احساسن ۽ امنگن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي آهي، جيڪا الميه ۽ طربيه نموني جي هوندي آهي“. (9)
    وري به ائين چئبو ته ڊرامي جي ٻين لوازمات کان وڌيڪ پهرين اهميت ڊرامي جي لکڻ جي آهي ۽ لکڻ لاءِ اديب جي پهرين گُهرج لفظ آهن، جن ذريعي هو ناٽڪ جي مواد جي تشڪيل ڪري ٿو. اثرائتن لفظن جي ذريعي جڏهن هُو خيالن جي ترجماني ڪرائي ٿو ته اهي لفظ ادبي ۽ ڪردار جي سماجي حيثيت مطابق هئڻ اهم آهن. ناٽڪ ادب جي اهڙي صنف آهي، جيڪا لکڻ سان گڏ عام جي اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪري ڪمرشلائيز به ٿئي ٿي. هڪ پيشه ورانه تحرير ۽ ادبي تحرير ۾ فرق هجي ٿو. خالص ادب جي تخليق ڪمرشلزم سان گڏ پيش ڪرڻ مشڪل امر آهي. پر وري به سٺن ناٽڪ نويسن، ناٽڪ ذريعي سماجي اوڻاين جي اُپٽار ڪري، سڌاري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ناٽڪ کي بي جا بيهودگيءَ کان بچائي، وندر سان گڏ سکيا ۽ بهتريءَ جو وسيلو بنايو آهي، پر ڪٿي ڪٿي غيرمعياري ناٽڪ پڻ پيش ٿين ٿا، جن ۾ ادب ۽ شائستگيءَ کي ملحوظ نٿو رکيو وڃي، پر ٿئي ائين ٿو ته اهڙا غيرمعياري ناٽڪ جٽادار نٿا ٿين.
    سنڌي ريڊيو ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون تمام مقبول ٿيون، جن جي لکندڙن ۾ سيد منظور نقوي، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، قاضي خادم، يوسف پنهور، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، سحر امداد، علي بابا، امر جليل، آغا سليم، قمر شهباز، غزاله شاهين ڀٽو، يوسف شاهين، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا آهن.
    اداڪارن ۾ عبدالرحمٰن ابڙو، محمد صديق مغل، بلقيس سيد، غزاله رفيق، مهتاب چنا، قربان جيلاني، قيصر نقوي، شهزادي، عبدالحق ابڙو ۽ ٻين ڪم ڪيو.
    ڊرامن ۾ ”آخري رات“، ”پنرو بدام“، ”واٽون ۽ نيڻ“، ”لاکو ڦلاڻي“، ”پڙاڏو سو سڏ“، ”چنڊ ۽ رلي“. ”خبردار“، ”جهيڙو“، ”جادو“، ”رنگ“، ”موسم ۽ مجبوري“، ۽ ٻيا آهن.
    ٽيليويزن ڊراما، قومي نشرياتي رابطي هيٺ ته پوري پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي نشريات شروع ٿيڻ سان اردو ٻوليءَ ۾ ڏيکاريا ويندا هئا، پر
    ٽي ويءَ تي سنڌي ڊرامو 1970ع کان شروع ٿيو. پهريون سنڌي ڊرامو ”زينت“ مرزا قليچ بيگ جي ناول کي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي ٽي ويءَ تي پيش ڪيو ويو. (ٽن قسطن ۾). انهيءَ کان پوءِ ڪافي ليکڪ ٽي ويءَ تي لکڻ لاءِ ميدان ۾ آيا. ٽي وي تي لکڻ جون به فني طور مختلف گهرجون آهن، جن ۾ ڪي سنڌي ناٽڪ نويس ته تمام گهڻا ڪامياب آهن. نورالهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجو جو مثال اهم آهي. سندن لکيل قسطوار ناٽڪن پوري پاڪستان ۾ (اردو ٻوليءَ) ۾ ريڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي. سنڌيءَ ۾ پڻ تمام اهم ناٽڪ لکيائون.
    سنڌي ٽي وي پلي رائيٽرز ۾ علي بابا، عبدالڪريم بلوچ، بيدل مسرور، امر جليل، شميرالحيدري، مراد علي مرزا، شوڪت شورو، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، قمر شهباز، ممتاز مرزا، نورالهديٰ شاهه، رحمت الله ماڃوٺي، قاضي خادم، يوسف شاهين، عزيز ڪنگراڻي، ممتاز بخاري، منور سومرو، عثمان ميمڻ، سحر گل ڀٽي، ۽ ٻيا آهن. موجوده وقت مشهور ڊرامن ۾ ”ڳاڙهي“، ”دام“، ”آڙاهه“، ”گهر بي گهر“، ”زنجيرون“، ”خالي هٿ“، ”ڪڏهن ته ملنداسين“، ”ڪتڪتائي“، ”نازو“، ”پٿر دنيا“، ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ ۽ ٻيا انيڪ ناٽڪ آهن.
    اداڪارن ۾ نسيم مغل، غزاله رفيق، روبينه قريشي، پروين عيساڻي، قيصر نقوي، زرينه بلوچ، شهزادي، بينا بيدل، مهتاب چنا، عبدالرحمٰن ميمڻ، ممتاز ڪنول، زبير نوناري، سعيد عابد، رشيد هميراڻي، قربان جيلاني، اي آر بلوچ، ريحانه تبسم، حسين ساريو، يحييٰ ڀٽو، عباس گل، صدف ڀٽو، اقرا گل، نينا ناز، بختاور ايس ڀٽي ۽ ٻين ڪيترن جو ڪم شامل آهي ۽ موجوده وقت مختلف چئنلز جيئن سنڌ ٽي وي، ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي ۽ ڪشش تان سنڌي ڊراما اچي رهيا آهن.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ڊرامو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ ذريعي وڌيڪ عام ٿيو آهي. اسٽيج تي گهٽ پيش ٿئي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جي ڊراميٽڪ سوسائٽين، اسٽيج ڊراما پيش ڪيا. هي سڀ سوسائٽيون 1917ع تائين قائم ٿيون هيون. فلمن جو رواج به ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ پيو. پهرين ”خاموش فلمون“ ٺهيون، پوءِ ته سئنيما جي صنعت وڏي ترقي ڪئي.
    ”خاص طور هندوستان ۾ خانچند درياڻي هن ڏس ۾ پهريون قدم کنيو هو. هن پنهنجي ترجمو ڪيل سنڌي ناٽڪ ”انسان ڪين شيطان“ کي ”انسان يا شيطان“ جي عنوان سان سان اردوءَ ۾ ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن جي سهاري سان فلمايو، جيڪا فلم سڄي هندوستان ۾ ڏيکاري ويئي ۽ پوءِ درياڻي صاحب زرعي کاتي جي نوڪري ڇڏي، فلمن جوڙڻ جي ڪمپني ڪڍي جيڪا سنڌين جي پهرين ڪمپني هئي. (10)
    پاڪستان دور ۾ ڪجهه سنڌي فلمون ٺهيون، جيئن ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“، ”پرديسي“، ”بادل“ وغيره، پر اهي فلمون گهڻيون ڪامياب نه ٿيون. هڪ ٻه مشهور ٿيون.
    1947ع کان پوءِ جي اهم ناٽڪن ۾ ”خورشيد“، ”شاهدي“، ”واڀيئڙو“، محمد عثمان ڏيپلائي، ”آزاديءَ ڏانهن“، ”هاري ۽ تعليم“ محمد ابراهيم جويو، ”هئڊروجن بم کان پوءِ“ ابن حيات پنهور، ”اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن“ ”گهاتو گهر نه آيا“ سراج الحق ميمڻ، ”ليلان چنيسر“ منظور نقوي، ”شڪست لاءِ“، ”شڪنتلا“ (ترجمو) رشيد احمد لاشاري. ”ڪاليداس جي سنسڪرت ناٽڪ شڪنتلا جو دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هندستان ۾ شڪنتلا هڪ بهترين ادبي تخليق شمار ٿئي ٿو. هن ناٽڪ جو سنڌيءَ ۾ پهريون ترجمو (پنهنجي لفظن ۾) مرزا قليچ ڪيو ۽ ٻيو (لفظي ترجمو) ڪلياڻ آڏواڻيءَ ڪيو ۽ ٽيون ترجمو رشيد احمد لاشاري 1958ع ۾ ڪيو آهي، جنهن ترجمي کي اصليت تي قائم رکندي به نج سنڌي لفظن سان سينگاريو آهي. سڄي مسودي کي ڇپائيءَ کان اڳ ڊاڪٽر دائودپوٽو سنسڪرت جي اصل نسخي سان ڀيٽيو آهي.“ (11)
    ان کان سواءِ ”کلندي کلندي مري ويو“، ”نئون صبح“، ”انقلاب“، ”فراق جي وادي“ چنا شبير ناز، ”ماستر“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”وڻجارا“ سندري اتمچنداڻي، ”بليٽن“ ماهتاب محبوب، ”جهڪندڙ اوچايون“ موهن ڪلپنا، ”هندوستان ڇڏي وڃو“، ”دعوت نامو“ ڪيرت ٻاٻاڻي، ”تعبير“، ”سورج مکيه“، ”فيصلو“، ”موت کان پوءِ“ ممتاز مرزا، ”ويهين ورهين کان پوءِ“، ”پڙاڏو سو ئي سڏ“، مراد علي مرزا، ”رضيه سلطانه“، ”تخت طائوس“ غلام محمد گرامي، ”روپ ٻهروپ“، ”دولهه دريا خان“، ”دودو چنيسر“، ”تماشو“، ”خواب جو سورج“، ”پرهه جا مسافر“، ”پوياڙيءَ جا پاڇا“، ”بري هن ڀنڀور“ آغا سليم (پويان چارئي ناٽڪ ٽي ويءَ تي پيش ٿيا). ”چنڊ ۽ ماني“، ”منو“، ”موتئي جهڙو من“، ”روپ ٻهروپ“، ”هيکل جندڙي“، ”دنگي منجهه دريا“ علي بابا (هي سڀ ناٽڪ ٽي ويءَ تي پيش ٿيا، جن ۾ ”دنگي منجهه دريا“ کي ميونخ (جرمني) ۾ ٽيون بين الاقوامي انعام مليو). ”معمو“، ”منزل“ شمشيرالحيدري ”اونڌهه ۽ روشني“، ”ماءُ“ (انعام يافته)، ”مٽيءَ جا ماڻهو“ امرجليل، ”ڪهاڻي هڪ رات جي“، ”ڪار“، ”ڪنگلو“، ”شڪست“ قمر شهباز، ”عمر مارئي“، ”ابوالحسن“، ”ڪاڪ محل“، ”پرمتڙيو“ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“، ”فيصلو“، ”ستارن بنا رات“ ممتاز مرزا، ”ٻرندي رهندي لاٽ“ شوڪت حسين شورو، ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“، ”دودي سومري جو موت“ (منظوم ڊراما) شيخ اياز، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ نثار حسيني، ”مقروضن جو موت“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”چنڊ ۽ رلي“ غزاله شاهين ڀٽو، ”لڙڪ لڙڪ زنجير“ (مجموعو) قاضي خادم، ”چڱو ۽ مدو“ محمد سومار شيخ، ”ڳاڙهو لاليٽن“ نجم عباسي، ”مئڪبيٿ“ (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو) مرزا حبيب الله، ”عاشق زهر پياڪ“ رشيد ڀٽي، ”ناٽڪ“ (ستن ڊرامن جو مجموعو) محمد عثمان ڏيپلائي، ”بدنصيب ٿري“ محمد اسماعيل عرساڻي، ”اسٽيج ڊراما“ (10 ناٽڪ) ڊاڪٽر يوسف پنهور، ۽ ٻيا ڪافي ناٽڪ آهن. (آخري چند ناٽڪ ڇپيل موجود آهن).
    ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ڇپيل ناٽڪن جو تعداد 1880ع کان 1980ع تائين 740 ڄاڻايو آهي. مٿي ڄاڻايل فهرست ۾ غزاله شاهين جي ڪتاب ”چنڊ ۽ رلي“ کان سواءِ ٻيا سڀ ڇپيل ڪتاب آهن. ٽڙيل پکڙيل ناٽڪ مختلف رسالن ۾ ڇپيل ته ملندا، پر ڪتابي صورت ۾ اهو انگ تمام محدود آهي. حقيقت ۾ ناٽڪ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ اها اهم ضرورت آهي ته لکجڻ کانپوءِ انهن کي ڇپايو وڃي. عبدالقيوم ”صائب“ ناٽڪ جي ڇپجڻ کان پيش ٿيڻ کي اهميت ڏيندي لکي ٿو ته ”ڪيترائي سهڻا ڊراما ڇاپجڻ کان گهڻو پوءِ اسٽيج تي آيا آهن ۽ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ٻيا وري ڇاپي هيٺ اچي سگهيا آهن، پر اسٽيج ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي پيش ٿي نه سگهيا آهن“. سندن نظر ۾ ڇپجڻ کان وڌيڪ اهميت ڊرامي جي پيش ٿيڻ جي آهي. نُڪتو اهو بلڪل وزنائتو آهي، پر آئون سمجهان ٿي ته ڊرامي جي پيش ٿيڻ سان گڏ ڇپجڻ سان نه فقط ادبي طور سٺي لکڻ جي پرئڪٽس عمل ۾ ايندي، بلڪه ڊرامي جي بقا ۽ معيار به ڇپجڻ سان وڌندو. شيڪسپيئر جا ڊراما جيڪڏهن اڄ ڇپيل صورت ۾ موجود نه هجن ها ته آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ها. ڇپيل ناٽڪن سان نون لکندڙن جي رهنمائي ٿيندي آهي. بهرحال اها به حقيقت آهي ته ڇپيل ناٽڪ جيستائين پيش نٿو ٿئي، تيستائين اهو فقط ادب جو حصو شمار ٿيندو ۽ ان جو اهو مقصد حل نه ٿيندو آهي، جنهن لاءِ اهو لکيو وڃي ٿو.
    موجوده وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي مختلف ڪئبل چئنلن تان سنڌي ناٽڪ نه فقط سنڌ، پر هند ۾ به تمام مقبول آهي ۽ پوريءَ دنيا ۾ ڏٺو وڃي پيو. ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته اڃان به ناٽڪن جي معيار تي خاص طور ٻوليءَ تي توجهه ڏجي ۽ موضوعن ۾ به نواڻ ضروري آهي. موضوعن جي ورجاءَ سان پڻ ناٽڪ جو زوال ايندو. ڪمرشلائيز ڪرڻ سبب معيار کي ڪيرائڻ غلط آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي اچارن سان گڏ گرامر تي پڻ ڌيان گهٽ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ٻولي ۽ ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. 1947ع کان پوءِ جا چند اهم ڇپيل ناٽڪ هن ريت آهن:
    بدنصيب ٿري: هن ناٽڪ جا مصنف مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آهن. ادبي بورڊ هن ناٽڪ جو ٻيو ڇاپو 1974ع ۾ شايع ڪيو. هيءُ مشهور ناٽڪ عرساڻي صاحب، عثمان علي انصاريءَ جي چوڻ تي لکيو. تعليم بالغان جي تحريڪ جي شروعات ۾ خواندگيءَ جي فائدن ۽ ناخواندگيءَ جي نقصانن کي عام تائين ڄاڻائڻ لاءِ مقصدي طور هن ناٽڪ کي لکي، اسڪولي شاگردن معرفت اسٽيج تي 1939ع ۾ ميرپورخاص ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پهريون دفعو 1946ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، جو گهڻو وقت نصاب ۾ پڻ شامل رهيو آهي. تعليم جي کوٽ سبب، سنڌ جو مسلمان گهڻو پوئتي پيل هو. هندو ۽ پنجابي طبقي جي وياج خوري ۽ هوشياريءَ سبب اڻ پڙهيل سنڌي مالي طور تمام ڪمزور ۽ وياج ۾ گهيريل هو. اهوئي هن ڊرامي جو مقصد هو ته سنڌين خاص طور ٿر جي علائقي جي سنڌين ۾ علم جي سجاڳي پيدا ڪئي وڃي. ٿري ٻوليءَ جي لفظن ۽ محاورن جي استعمال سان ماحول مطابق عڪاسي ڪيل آهي.
    ”کبرون مڙيئي کير. ويٺڙا الله الله ڪريون، ڏوڪري ويچاري بنهه مري ٿي. وڃي سنيهو ڏي ته چنيسر کي چوئي ته تو جو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجڙ“. (12)
    ملڪاڻي صاحب هن ناٽڪ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”خود ساختو ناٽڪ ”بدنصيب ٿري“ جن به ڏٺو هو، سي لکندڙ ۽ کيل ڪندڙن جي ساکن مان ڍاوا ئي نٿي. سڌاري جي مراد سان لکيل هوندي به منجهس ٽپ ٽپ تي ٽهڪ ڀريل هو. عبارت ۽ رٿا جي لحاظ کان شاهڪار هو“. (13)
    آخري رات: ممتاز مرزا جي ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪن جو مجموعو زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1979ع ۾ ڇاپيو، جنهن ۾ ”آخري رات“، ”پنرو بدام“، ”واٽون ۽ نيڻ“، ”لاکو ڦلاڻي“ ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”ماءُ ۽ محبت“ ”ريڊيائي ڊراما ته ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“، ”فيصلو“، ”ستارن بنا رات“، ٽي وي ڊراما ڏنل آهن. ريڊيو ڊرامن جي فن جي باري ۾ مراد علي مرزا ۽ ٽي وي ڊرامن جي فن جي باري ۾ عبدالڪريم بلوچ مهاڳ لکيا آهن.
    ممتاز مرزا جو نالو سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب سان گڏ لطيفيات ۽ سوانح نگاريءَ جي مَدَ ۾ تمام اهم آهي. کين سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي ورثي جي سٺي ڄاڻ هئي. آخري رات ڊرامي جو موضوع موهن جي دڙي جي تباهي آهي. ”پنرو بدام“ ۽ ”لاکو ڦلاڻي“ جا واقعا سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب مان ورتل آهن. الميه ڊرامو ”واٽون ۽ نيڻ“ شاهه صاحب جي رسالي ”سر سامونڊي“ مان اخذ ڪيو ويو آهي. لکاڻو ڦلاڻيءَ مان هڪ ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو:
    ”دوستو! اوهين سڀئي شاهد رهجو ته لاکي وٽ پنهنجي انجام جي ڪيڏي نه عزت آهي. اوهان وقت اچڻ تي پنهنجي ٻارن کي ٻڌائجو ته لاکو جيترو جنگ جي ميدان ۾ سورهيه هو، اوترو ئي پنهنجي واعدي پارڻ ۾ سخي“. (14)
    ماڻهوءَ جو ڀاڳ: محمد ابراهيم جويو صاحب جي 1980ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ سندن لکيل ڪهاڻين سان گڏ ننڍا ٻه ناٽڪ ”آزاديءَ ڏانهن“ 1950ع (ٽي پردا)، ”هاري ۽ تعليم“ 1953ع (پنج پردا) ڏنل آهن. ٻنهي ناٽڪن جو مقصد سنڌي قوم جي علمي سجاڳيءَ جي ڪوشش آهي. تحرير جو نمونو هن ريت آهي:
    ”اي معصوم انسان! آءٌ علم آهيان، ڄاڻ آهيان، خبر آهيان، ايئن هرگز وسهي ويهي نه رهج ته جيڪڏهن تو لکڻ پڙهڻ ۽ حسابن جي جوڙ ڪٽ سکي ورتي، ته تون ڪو ڄاڻو، باخبر، با علم ٿي چُڪين، اهي انگ اکر ته فقط ٻوليءَ جي تحريري صورت آهن. اي سمجهدار انسان! ياد رک ته اها هرڪا چيز جيڪا تنهنجي جسماني توڙي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي، جيڪا توکي تنهنجي آزاديءَ جو واٽون ڏيکاري ٿي، جيڪا تنهنجي زندگي موٽائي توکي هٿ ۾ ڏئي ٿي ۽ جيڪا تنهنجي زبون حال زندگيءَ جي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن ئي دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ جون خوشخبريون توکي ڏسي ٿي، اها ئي چيز ”علم“ آهي“. (15)
    ”ادا حمزا! هاري حقدار واري جوان چيو ته جيسين زمين قائم آهي، جيسين اوهان جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائيءَ جون پيون بٽيون ٿينديون، تيسين اوهان اهڙا ئي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا پيا رهندؤ تيسين ته اوهان جي پيٽ جي پورت ٿيندي ته اوهان جا ٻچا ڪو علم پڙهي سگهندا“. (16)

    اسٽيج ڊراما: ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جا لکيل ڏهه اسٽيج ناٽڪ ڏنل آهن، جيڪي ”سنڌڙيءَ تان صدقي“، ”هوشو“، ”عمر مارئي“، ”ڪاڪ محل“، ”سسئي پنهون“، ”ابوالحسن“، ”پرمتڙيو“، ”گويه اعظم“، ”اڃا ڪي آهين“، ۽ ”مهمان“ آهن، جن ۾ ”سنڌڙيءَ تان صدقي“ سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ کي لڳل باهه جي واقعي جي پس منظر ۾ ترخان دور تي آهي ”ابوالحسن“ الف ليليٰ مان ورتل ۽ ٻيا سنڌ جي لوڪ داستانن مان ته ڪجهه سماجي ۽ مزاحيه ناٽڪ آهن. ناٽڪ ”سنڌڙيءَ تان صدقي“ ۾ ناٽڪ نويس سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ سنڌين جي ٻوليءَ جي بچاءِ لاءِ جدوجهد ڄاڻائي آهي.
    ”امير خان: ڪيهر انهيءَ ضد تان لهي وڃ! ڇو ته اسان جي سزا اڃان به سخت ۽ سنگين آهي. آئون هاڻي ئي توکي ٽياس تي ابتو ٽنگائي سگهان ٿو. تنهنجون اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏئي ڇڏيان. تنهنجو سَنڌ سَنڌ الڳ الڳ ڪري ڪپيان ۽ ٺٽي شهر جي خاص چونڪن تي ٽنگائي ڇڏيان، مگر تنهنجو ڏوهه انهن سزائن کان به وڌيڪ سنگين آهي، ڇو ته تو سرڪاري زبان فارسيءَ خلاف بغاوت ڪئي آهي“. (17)
    ”ڪيهر: انهيءَ موت ڀر وڃي ٻين ڪانئرن کي ڪنباءِ! هي ڪيهر آهي ڪيهر! جيڪو سنڌ مٿان پنهنجو ڪنڌ قربان ڪندو، پر اوهان جي آڻ اصل نه مڃيندو. سنڌين کي سک جو ساهه پٽڻ ڏي ته هو سنڌ کي سَرهو ڪن. سنڌي ٻوليءَ جا ٻنڌڻ آجا ڪر ته سنڌي انهيءَ کي وڃي ساهه سان سانڍين“. (18)
    ناٽڪ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ”ناٽڪ“ عنوان سان محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ستن ناٽڪن جو مجموعو 1985ع ۾ ڇاپيو، جنهن جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه لکيو آهي. هن مجموعي ۾ ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“، ”سجائي موڙي“، ”شاهدي“، ”نجومي“، ”ڏڪار“، ”واڀيئڙو“، ”مرزا غازي بيگ“ ناٽڪ شامل آهن.
    ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“ ۾ دهلي ۽ لاهور جي علائقن جو ذڪر آهي. جهانگير جي دور جي هن سچي واقعي کي ناٽڪ نويس سهڻي اسلوبِ بيان، جاندار مڪالمن ۽ ڪردارنگاريءَ سان پيش ڪيو آهي. ”سجائي موڙي“ سورنهن ايڪٽن تي مشتمل اصلاحي ناٽڪ ۾ ڪراچي ۽ لنڊن جا منظر آهن. علم لاءِ واجهائيندڙ نوجوان مجيد جي باري ۾ هيءُ ناٽڪ آهي. مجيد کي سيٺ يعقوب پڙهڻ لاءِ پئسا ڏئي ٿو ۽ هُو ڪليڪٽر ٿي اڌارا ورتل پئسا جڏهن واپس ڪرڻ اچي ٿو ته کيس سيٺ يعقوب چوي ٿو ته،
    ”ڇا تو ڪو به اهڙو بيڪس ڳولهي نه لڌو، جنهن کي بيڪسيءَ جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍين؟“ (19)
    ”آئون پنهنجي ڏنل موڙي سجائي سمجهندس. جيڪڏهن منهنجي موڙي رڳو هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ڪيو، جنهن کي ساري ضلع جي ماڻهن تي ضابطو هجي ۽ هُو انهن کي سڌارڻ جو پڪو عهد ڪري ته اهڙي سجائي موڙي ٻي ٿي نٿي سگهي“. (20)
    ”شاهدي“ مزاحيه ۽ طنزيه ناٽڪ، ڪورٽ ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ پيشه ور شخص جي اٽڪلن، هيراڦيرين ۽ حاضردماغيءَ تي مبني آهي. ناٽڪ نويس انهيءَ ۾ سماجي اوڻاين تي چٿر ڪندي، ڪوڙن شاهدن جون حرفتون، وڪيلن جون اٽڪلون ۽ انتظاميه جون مصلحتون ۽ مجبوريون سهڻي نموني پيش ڪيون آهن.
    ”نجومي“ اصلاحي ناٽڪ ويساهه جي وسوڙيلن ۽ اعتقاد جي ڪمزورن جي اک کولڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ نجوميت جي دعويٰ ڪندڙ ۽ اٻوجهه عوام کي لٽيندڙ جو نقشو چٽيو ويو آهي.
    ڏڪار، ون يونٽ جي دور جو ناٽڪ آهي. ليکڪ موجب ان وقت سنڌ کي ”سابق سنڌ“ لکيو ويندو هو. هن ناٽڪ وسيلي ون يونٽ سبب پيدا ٿيل سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ”ڏڪار“ جو شمار ون يونٽ خلاف لکيل ادب ۾ ٿئي ٿو.
    واڀيئڙو: وحدانيت جو درس ڏيندڙ مختلف ۽ منفرد نموني جو ناٽڪ ڀڄ ۽ ڪڇ جي علائقي جي مسجد، مندر ۽ بازار جي منظرن تي مشتمل آهي. ٿري ۽ ڪڇي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ناٽڪ جو اصل موضوع شرڪ کان بچاءُ آهي.
    مرزا غازي بيگ، ٻن ايڪٽن جو ناٽڪ قنڌار جي شڪارگاهه ۽مرزا غازي بيگ جي درٻار جي منظرن تي محيط آهي. تاريخي ڪردارن جي مڪالمه نگاريءَ معرفت ناٽڪ نويس صحافتي ۽ ادبي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. ماضي، حال ۽ مستقبل جي ميلاپ سان ملڪي انتظام کي سڌارڻ جي صلاح ڏنل آهي.
    مطلب ته سنڌي ناٽڪ نويسي ادب جو اهم حصو آهي، جنهن ۾ ناٽڪ نويسن سنڌي سماج جي احسن طريقي سان عڪاسي ڪئي آهي. نامور سورهيه اڳواڻن جي ڪارنامن، لوڪ قصن ۽ داستانن سان گڏ سنڌ جي اهم سماجي مسئلن کي ناٽڪن معرفت آندو آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي، ديني، علمي، ادبي، اخلاقي حالتن ۽ اهم مسئلن کي نمايان ڪيو ويو آهي. حقيقت نگاريءَ سان سماج جون ريتون رسمون، اوڻايون، چڱايون ۽ اهم گهرجون پيش ڪيون ويون آهن. اهم سنڌي ناٽڪن کي سنڌي ناٽڪ صديءَ جي سؤ ساله جشن ۾ 1980ع ۾ زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو هو، جن ۾ ”ليليٰ مجنون“ مرزا قليچ بيگ، ”انڪوائري آفيسر“ مرزا قليچ بيگ، ”ٽي پارٽي“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ”زمينداري ظلم“ خانچند درياڻي، ”شاهدي“، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ”تماشو“ آغا سليم جا ناٽڪ شامل هئا. جن جو ڪتاب ”سووينئر سنڌي ناٽڪ صدي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ڇپايو. سووينئر مطابق، ”غلام رباني آگرو، مراد علي مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ميرمحمد نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو، الياس عشقي، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، علي محمد چنا، محمد علي ڀٽي، حميد سنڌي، ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ۽ ٻين جي تعاون سان اهو هفتو ملهايو ويو“. (21)
    سنڌي ناٽڪ ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ آهي، پر موجوده وقت ڪجهه معيار ڪسو ٿي رهيو آهي. ضروري آهي ته ناٽڪن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ وقت ادبي خوبين کي سامهون رکيو وڃي. سٺن ناٽڪ نويسن ۽ اداڪارن کي انعام ڏنا وڃن. چڱن ناٽڪن کي ڇپائڻ جي ريت عمل ۾ آندي وڃي.

    حوالا
    (16) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما تعارف مراد علي مرزا) ، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 18-19
    (17) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1982ع، ص- 10
    (18) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثرجي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 108
    (19) William Henary Hudson: An introduction to the study of literature, page.169
    (20) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما جو تعارف: مراد علي مرزا)، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 18
    (21) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 145
    (22) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2006ع، ص- 7
    (23) ممتاز مرزا ”آخري رات“ (ريڊيو ڊراما تعارف: مراد علي مرزا) زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 19
    (24) ايضًا ص- 10-12
    (25) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص-134
    (26) رشيد احمد لاشاري (مترجم) شڪنتلا ازڪاليداس، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1974ع، ص- 8
    (27) عرساڻي محمد اسماعيل ”بدنصيب ٿري“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1974ع
    (28) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993ع، ص- 165
    (29) ممتاز مرزا ”آخري رات (ناٽڪ ’لاکو ڦلاڻي‘)، زيب ادبي مرڪز 1979ع، ص- 117
    (30) محمد ابراهيم جويو، ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ ، سسئي پبليڪيشن سلطان آباد، 1980ع، ص- 17
    (31) ايضًا ص- 30
    (32) پنهور محمد يوسف ڊاڪٽر، ”اسٽيج ڊراما“، زيب ادبي مرڪز 1980ع، ص- 30
    (33) ايضًا ص- 38
    (34) محمد عثمان ڏيپلائي، ”ناٽڪ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1985ع، ص-47
    (35) ايضًا ص- 48
    (36) سووينئر ”سنڌي ناٽڪ“ مهراڻ آرٽس ڪائونسل 1980ع (مهاڳ)


    سفرنامو ڇاکي چئجي ٿو؟

    لفظ ”سفرنامو“ جي معنيٰ ته پنهنجي سفر جو هٿ اکر لکيل احوال يا ٻين لفظن ۾ ڪنهن به شخص جو پنهنجي ذاتي گهمڻ ڦرڻ ۽ سفر جو احوال سندس ئي قلم مان ڪتابي صورت ۾ هجي. سفرنامي کي اردو ٻوليءَ ۾ ”سفرنامه“ ۽ انگريزيءَ ۾ (Travelogue) چيو وڃي ٿو.
    جيڪڏهن اهو احوال رپورٽ جي نموني آهي ته انهيءَ کي ”رپورتاز“ پڻ چيو ويو آهي. رپورٽيج/رپورتاز نموني جا سفرناما سنڌي ادب ۾ پڻ لکيل آهن. ماهتاب محبوب جي ”اندر جنين اڃ“ سفرنامي تي موهن ڪلپنا لکيو آهي ته،
    ”هيءُ سفرنامو بهترين ”رپورٽيج“ جي حيثيت رکي ٿو“. (1)
    ڊاڪٽر انور سديد مطابق ”رپورٽيج نموني جي لکڻيءَ کي هڪ الڳ نثري صنف شمار ڪيو ويو آهي“. (2)
    سفرنامو نثر جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ آتم ڪهاڻيءَ وانگر فرد واحد جي ڪٿا سندس ئي زباني بيان ڪيل هوندي آهي، پر ته به آتم ڪهاڻيءَ ۽ سفرنامي ۾ وڏو فرق آهي. آتم ڪهاڻي حياتيءَ جي وڏي حصي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لکندڙ جي حياتيءَ جا انيڪ رُخ سامهان اچن ٿا. جڏهن ته سفرنامي ۾ هڪ مخصوص عرصي جو حال احوال ليکڪ جي پنهنجي زباني هوندو آهي، پر انهيءَ ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته اهو احوال خاص طور گهمڻ ڦرڻ، مختلف هنڌن، جڳهين ۽ ملڪن جي معلومات تي مبني هجي ٿو. يعني سفرناما نگار جي ذات دنيا جي مختلف ماڳن ۽ ملڪن جو جيئن مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي، اهو هُو بياني صورت ۾ قارئين ڏي قلمبند ڪري پهچائي ٿو ۽ ان احوال جي عام ۾ مقبول ٿيڻ ۽ پسند اچڻ ۾ وڏو ڪمال سفرناما نگار جي ذاتي خوبين جو آهي. سندس ذهانت، حافظو، ٻوليءَ جو تحرير ۾ شانائتو استعمال ۽ سفرنامي جي لکڻ جا ٻيا فني لوازمات شامل آهن، جن مطابق هو قاريءَ کي گڏ کڻي هلي ٿو.
    سفرنامو نه فقط معلومات وڌائڻ ۾ معاون آهي، پر ادب جي واڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن مان قارئين کي مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ملڪي حالتن، ماحول، تاريخ، جاگرافي تهذيب ۽ تمدن ۽ انيڪ نين شين، ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ سماجن جي ڄاڻ ملي ٿي.
    دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ سفرناما لکيا وڃن ٿا. برصغير جي ٻولين ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي سفرناما لکيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي شروعات چند مضمونن سان ٿي، جيڪي ڏيهي سير سفر جي ذڪر تي آڌاريل آهن، پوءِ پرڏيهه جي سفر تي ڪتابي صورت ۾ سفرناما لکيا ويا. موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ سفرناما ڪيترن ئي ليکڪن جا لکيل موجود آهن. عام طور سفرناما ڏيهي ۽ پرڏيهي گهمڻ ڦرڻ ۽ سفر جي احوال تي هجن ٿا، پر جيئن ته پنهنجي ملڪ جي باري ۾ عمومًا قارئين کي ڪافي خبرچار هوندي آهي، پنهنجي خطي جي زبانن، تاريخي جڳهين، ڪرنسي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج، ماڻهن جي عقيدن، ريتن رسمن متعلق اندروني حال جي خبر چار، عام اخبارن، رسالن ۽ ماڻهن جي ميل جول مان معلوم ٿي ويندي آهي، پر ٻاهرين ملڪن جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ عام ته ڇا، پر پڙهيل قاريءَ کي به گهٽ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو پرڏيهه نٿو وڃي. انهيءَ ڪري سفرنامي جي قارئين جو وڏو طبقو ٻين ملڪن جي احوال کي پڙهڻ پسند ٿو ڪري. تنهنڪري عرف عام ۾ ”سفرنامو“ لفظ مان عام طور اهوئي مطلب شمار ڪيو ٿو وڃي ته اهو ڪتاب جنهن ۾ لکندڙ پنهنجي پرڏيهه گهمڻ ڦرڻ جو مطالعو ۽ مشاهدو قلمبند ڪري پيش ڪيو هجي ۽ اهو غيرملڪي معلومات سان معمور هجي.
    ڪامياب سفرنامو ڪهڙو قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ انهيءَ لاءِ ايئن چونداسين ته سفرنامو فقط ڪامياب اهو ڪونهي، جيڪو غيرملڪي حال احوال ۽ خبر چار ڏئي ٿو، بلڪه سفرنامي جي لکڻ جا ڪي اصول وضع ڪيل آهن، جن تحت ئي ڪو ڪتاب سفرنامو شمار ڪري سگهجي ٿو. ”سفرنامو“ ادبي صنف آهي ۽ ادبي لکڻين جي اصولن ۾ ٻوليءَ جو شانائتو استعمال يعني ”حسن تحرير“ هئڻ ضروري آهي. شائستگي ۽ اخلاقي حدن ۾ سهڻي اسلوبِ بيان سان موضوع ۽ مواد جي مطابقت مطابق لکيل تحرير ئي ادب جو حصو بنجندي آهي. جيستائين سفرناما نگار ادبي ضرورتن جو پورائو نٿو ڪري، تيستائين سندس سفري تحرير ۾ قاريءَ لاءِ ڪابه رغبت نه هوندي، ادبي قارئين جو هڪ ذوق هجي ٿو، انهيءَ گهرج تحت ئي اديب سماج جي نمائندگي ڪندو آهي. سفرناما نگار کي قاريءَ جي انهيءَ ذهني اپروچ مطابق لکڻو پوي ٿو ته گڏوگڏ کيس فني ضرورتن کي به مدنظر رکڻو آهي، جيئن جيڪڏهن ڪو سفرنامانگار ”اٽليءَ“ جو احوال ٿو لکي ته جيڪڏهن هو ان ملڪ جي معلومات ڏکين ۽ ثقيل لفظن ۾ ۽ مشڪل جملن ۾ ڏيندو ته ڄڻ لڳندو ته قاري اٽلي ملڪ جي جاگرافي پڙهي رهيو آهي، پر جيڪڏهن هُو انهيءَ معلومات کي پنهنجي تجربي ۽ ذاتي احوال سان دلچسپ ۽ پرلطف بنائي، آسان ۽ عام فهم ٻولي ۽ ادبي انداز سان پيش ڪندو ته اهو احوال قاريءَ جي دلچسپيءَ جو باعث بڻبو ته گڏوگڏ مختلف هنڌن تي موقعائتا پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، شعر، مثال ۽ تشبيهون ڏيڻ سان پڙهندڙ جي دلچسپي قائم رهي ٿي ته انهيءَ ملڪ جي تاريخي هنڌن جو تفصيل، اتي جي ماڻهن جون سوچون، ويچار، عقيدا، ڀرم، مذهب، رهڻي ڪهڻي ڏيڻ سان اهو احوال قاريءَ لاءِ نه فقط نئون هوندو، پر ليکڪ جي سهڻي اندازِ بيان ۽ اسلوب باعث هو پنهنجي پڙهندڙن جو هڪ وڏو طبقو پاڻ سان گڏ کڻي هلندو. اهڙيءَ ريت جو قاري سفرناما نگار جو هم خيال ٿي ويندو آهي، جنهن جي لاءِ سنڌي ادب ۾ خاص طور الطاف شيخ جو نالو فخر سان کڻي سگهجي ٿو. سنڌي ادب جي هن اعليٰ سفرنامانگار تمام وڏي تعداد ۾ سفرناما لکيا آهن. سندس سفرنامن جي ٻولي ادبي ۽ شانائتي ته اندازِ بيان پرلطف ۽ اثرانگيز آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب جي قارئين جو وڏو انگ الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي ۽ پسند ڪري ٿو.
    فني ضرورتن جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته به اهو مڃيل آهي ته ڪو به سفرنامو جيڪو فقط ايئن ئي حال احوال تي مبني آهي (پر فني طور ڪمزور آهي) ته ادب ۾ جڳهه والاري نه سگهندو. سفرنامو اهو ڪامياب آهي، جنهن ۾ سفرنامي جي فن جي پهرين ضرورت ”سفر جو احوال“ يعني موضوع جي مواد سان مطابق کي اهميت ڏنل آهي. ٻي گهرج، شانائتو طرزِ تحرير قائم هئڻ آهي. ٻين ملڪن جي جامع ۽ اثرائتي معلومات، سچائيءَ ۽ ادبي اسلوب سان ڏيندڙ سفرنامو ادب ۾ جڳهه والاري ٿو. حاصل مطلب ته سفرنامو فڪشن جي ٻين صنفن جي نسبتًا حقيقتن ۽ سچائين کي کولي بيان ڪندڙ ”بياني صنف“ آهي، جنهن ۾ پڙهڻ سان گڏ ڏسڻ (vision) جو تاثر پڻ اهم آهي.
    (منهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۾ ڪافي سفرنامن تي تنقيد ۽ تبصرو ڏنل آهي، جنهن سان پڙهندڙن کي ادبي ۽ علمي طور ڪامياب سفرنامن جي ڄاڻ ملندي. مٿي ڄاڻايل اهو ڪتاب موجوده وقت ڪنهن به بُڪ اسٽال تي دستياب نه آهي، باقي دائودپوٽا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي (سنڌي شعبو) ڊفينس ڪراچي جي لائبريرين کان علاوه مختلف ڪاليجن جي لائبريرين ۾ موجود آهي).


    حوالا
    (1) مهتاب محبوب: ”اندر جنين اڃ“ (مهاڳ) نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1977ع
    (2) سديد انور ڊاڪٽر: ”اردو ادب کي مختصر تاريخ“ عزيز بڪ ڊپو لاهور، 1998ع


    سنڌي سفرنامي جي ارتقا ۽ اوسر

    سنڌي سفرنامي جي شروعات منگهارام ملڪاڻي صاحب موجب مضمونن ذريعي ٿئي ٿي. ملڪاڻي صاحب مضمون نويسيءَ جي باب ۾ چند سفري مضمونن ۽ هن موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جو ذڪر ڪندي، انهن کي ”خارجي يا غيرشخصي مضمونن جا مجموعا“ جو عنوان ڏنو آهي. لکن ٿا ته،
    ”مضمون نويسيءَ جو ٻيو مکيه نمونو آهي خارجي يا غيرشخصي (Objective Essays) جنهن ۾ لکندڙ جي باطني خيالن ۽ احساسن تي ايترو زور نه ڏنل هوندو آهي، جيڏو زندگيءَ جي ظاهري بيانن ۽ احوالن تي، درحقيقت ادب جي ڪنهن به شاخ ۾ داخلي ۽ خارجي (Subjective and Objective) جو سنڌو رکڻ ڪيترين حالتن ۾ مشڪل ٿي پوندو آهي، ڇو ته ادب ۾ گهڻوڪري اهي ٻئي جزا، شخصي ۽ غيرشخصي موجود هوندا آهن. هن فقري ۾ انهن مضمونن جو ذڪر ڪبو، جنهن ۾ لکندڙ جي شخصيتن جو انگ گهٽ آهي ۽ گهڻي ڀاڱي بياني پنگتي ۽ تاريخي احوال آهن“. (1)
    اڳيان لکن ٿا ته،
    ”سير سفر جي بياني ڪتابن مان پهريون لعل چند امرڏنيمل جو ”مسافريءَ جو مزو“ ۽ ”سير جو رنگ“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ هن صاحب ڏکڻ هندوستان جي مکيه شهرن ۽ پهاڙن جا سندر بيان ڏنا هئا، جو پنهنجي سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي ۾ 1915ع ۾ ڇپايو هئائين.“ (2)
    ملڪاڻي صاحب جي حوالي سان هتي سفرنامي جي باري ۾ ٻه وضاحتون سامهون اچن ٿيون. هڪ ته سفرنامي جي ابتدا مضمون جي طريقي سان ٿي آهي ۽ ٻيو ته سفرنامو ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کان اڳ ڊگهي مضمون جي صورت ۾ يا قسطوار مختلف مخزنن معرفت ڇپيو آهي. حقيقت ۾ امرڏنيمل جي مٿئين قسطوار احوال کان اڳ پهريون جو ڊگهو مضمون سير ۽ سفر جي احوال تي مشتمل سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو، سو مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ آهي، جو طويل مضمون هڪ مخصوص هنڌ جي باري ۾ 1885ع ۾ لکيو ويو، جنهن کي موجوده دور ۾ سفرنامو ته نه، پر منهنجي نظر ۾ سفرنامي جي ارتقائي صورت ضرور چئي سگهجي ٿو. مرزا صاحب ڏاڙهياري جبل جي پنهنجي گهمڻ جي احوال ۾ جبل ۽ ان علائقي جي باري ۾ تفصيل هن مضمون ۾ ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي انهيءَ نموني جا سفري مضمون لکجڻ عام ٿيا، جن سان ئي باقاعده سفرنامي جي صنف جي شروعات ٿي. اهڙن اوائلي سير ۽ سفر جي مضمونن ۾ اهي مضمون پڻ اچن ٿا، جيڪي ’جوت‘ اخبار ۽ ٻين مخزنن ۾ شايع ٿيا ۽ ”گل ڦل“ جي مضمونن جي مجموعي ۾ ڪتابي صورت ۾ پڻ آيا، جيئن ”يورپ جو سير“، ”سيلون (لنڪا) جو سير“، ”ڪوهستان جو سير“، ”ٿر جو سير“، ”دهلي بادشاهن جو محلات“، ”حيدرآباد جو شهر 1836ع“، ”مصر ڏيهه جا يادگار“ وغيره.
    حاصل مطلب اهو چونداسين ته سفرنامو باقاعده طور موجوده شڪل ۾ لکجڻ کان اڳ مضمون نويسيءَ جي انداز سان شروع ٿيو. سير ۽ سفر تي مشتمل اهڙن مضمونن جي اخبارن ۽ رسالن معرفت پذيرائي ٿي، جن کي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو.
    ڀيرومل جو ”سنڌ جو سيلاني“ 1923ع ۾ ڇپيو، جو سنڌ جي اهم هنڌن جي احوال تي مبني آهي. 1926ع ۾ پاڻ ”لطيفي سير“ ۾ شاهه صاحب جي سفر جي احوال کي ترتيبوار لکيائين. 1926ع ۾ نارائڻ داس ملڪاڻي ”ڪشمير جو سير“ ۽ منوهرداس ڪوڙومل، هندوستان جي سفر تي مبني باتصوير سفرنامو ”هند جو سير“ 1929ع ۾ لکيو، جنهن ۾ سڄي هندوستان ۾ ڪيل سندس سفرن جا بيان ڏنل هئا، ان سان گڏ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪشمير ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سير تي سفرناما لکيا هئائون. 1942ع ۾ الله بچايو سمون ”سير ڪوهستان“ لکيو.
    ”جو نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ”ڪشمير جو سير“ کان پوءِ سنڌي سير ۽ سفر جي ادب جو عاليشان مثال هو“. (3)
    ڏيهي سفر جي احوالن کان پوءِ پرڏيهي سفر جي بيانن کي خاص اهميت ڏني ويئي، جن ۾ تيرٿ سانولاڻيءَ جو دورِ مشرق 1943ع ۾ ڇپيو، جو هندوستان سان گڏ چين ۽ جپان جي سير سفر جي احوال تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سفرنامي جي صنف ۾ ورهاڱي کان اڳ لکيو آهي (جڏهن پنهنجو ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڏنم ته پاڻ ورق گرداني ڪندي سفرنامي جي حصي تي پهچي مون کان سوال ڪيائون ته منهنجي 1946ع ۾ لکيل قسطوار سفرنامي جي توهان کي خبر آهي؟ ۽ مون کي ان بابت ڄاڻ هئي، سو هائوڪار ڪيم ته هڪدم چيائون ته اها بلڪل بهتر ڳالهه چئبي ته توهان کي موضوع متعلق معلومات آهي)
    ڊاڪٽر نبي بخش جو اهو مختصر سفرنامو ”هندوستان کان آمريڪا تائين“ جي عنوان سان ٽه ماهي مهراڻ 1946ع ۾ قسطوار ٽي قسطون ڇپيو. هن سفرنامي تي ادبي تاريخن ۾ فقط ملڪاڻي صاحب جي راءِ ملي ٿي. منگهارام ملڪاڻي هن قسطوار سفرنامي جي باري ۾ راءِ ڏيندي لکن ٿا ته،
    ”منجهس ڪراچيءَ کان بمبئي، ڪولمبو، منيلا، سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان سئن فرانسيسڪو تائين سڄي سفر جا دلچسپ آزمودا ۽ نظارا بيان ڪيل هئا.“ (4)
    اهڙيءَ ريت ٻيا پڻ ڪجهه سير ۽ سفر جا احوال مختلف مخزنن ذريعي ڇپبا رهيا. لطف الله سورتيءَ جو لکيل ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ قادربخش نظاماڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ آغا بدر عالم دراني پاڪ هنڌن جي معلومات تي مبني ”مسافرِ حجاز“ 1950ع ۾ لکيو.
    قاضي عبدالمجيد عابد ”سفر يورپ جي ڊائري“ 1960ع ۾ لکيو جو خطن تي مشتمل آهي. درحقيقت اهي خط سفر جي باري ۾ قاضي صاحب ”عبرت“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي لکيا، جن ۾ يورپ جو تفصيلي ذڪر هو، انيڪ اهم جڳهين جيئن لنڊن ميوزيم، ٽاور آف لنڊن، ميڻ جي مجسمن جو ميوزيم، شاهي خاندان جون مشهور عمارتون، ويسٽ منسٽر هال ۽ ٻيون جڳهيون آهن، جن کي قاضي صاحب دلچسپ نوع ۾ لکيو، جو ڪتابي صورت ۾ 1960ع ۾ ڇپيو ۽ ڪيترن سالن کان هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ پڻ مقرر آهي، ازانسواءِ خطن تي مشتمل ٻيو سفرنامو ”سير ۽ سفر“ آهي، جو پڻ ”الوحيد“ اخبار ۾ قسطوار شايع ٿيو. پروفيسر غلام مصطفيٰ جي آمريڪا جي سير جي احوال تي مبني آهي. هن سفرنامي ۾ دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۽ علمي ادارن جي معلومات سان گڏ، گهمڻ جي هنڌن جو ذڪر آهي. قاضي صاحب جو سفر پنهنجي گهرواريءَ جي ڪينسر جي بيماريءَ جي علاج جي سلسلي ۾ هو ته پروفيسر غلام مصطفيٰ صاحب آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين طرفان دعوت تي ليڪچر ڏيڻ ويا هئا. سندن ليڪچرز جا موضوع اسلام، تاريخ ۽ تعليم هئا.
    انهيءَ کان پوءِ اڄ تائين گهڻا سفرناما لکيا ويا آهن، جيڪي پوريءَ دنيا جي انيڪ ملڪن بابت آهن. ڪيترائي سفرناما هڪ ئي ملڪ جا آهن، جيئن: هندوستان جي سفر تي ڪافي سفرناما نگارن لکيو آهي. هاڻي ڏٺو وڃي ته هندوستان ساڳيو آهي ۽ ان جا اهم شهر جيئن دهلي، بمبئي، آگرو، پونا، ۽ ٻيا به ساڳيا آهن ۽ نه ئي انهن جي تاريخ، جاگرافي، قديم مقام، تهذيب تمدن، موسمون، رسم ۽ رواج تبديل ٿيا آهن ته پوءِ ايترا سارا ليکڪ هڪ ملڪ جي باري ۾ ڇو لکي رهيا آهن ۽ سندن اهي سفرناما ڪيئن پڙهجن پيا؟ فقط هندوستان جي باري ۾ ماهتاب محبوب جا ٻه سفرناما آهن ته سليم قريشي، عبدالحئي پليجو، جي ايم سيد ۽ مريم پليجو ۽ ٻين هندوستان جي باري ۾ لکيو آهي ته انهيءَ جي لاءِ اهو چونداسين ته دنيا ساڳي، ملڪ ساڳيا، پر هر هڪ جي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ مشاهدي جو انداز الڳ آهي ته گڏوگڏ انهيءَ جي باري ۾ بيان ڪرڻ، پنهنجي محسوسات جيئن ٻين کي محسوس ڪرائڻ جون ڏانءُ پڻ هر ليکڪ جو الڳ آهي، بلڪه غلام نبي مغل جو چوڻ سؤ سيڪڙو صحيح آهي ته،
    ”سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ، جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، عبدالحئي پليجو ٻُڌائي ڇڏي، پر جيڪا معلومات عبدالحئي پليجو نٿو ڏئي، اها معلومات الطاف شيخ ڏيو ڇڏي“. (5)
    معنيٰ ته قاري ساڳئي ملڪ جي مختلف ليکڪن جي لکيل سفرنامن کي به فقط انهيءَ ڪري پڙهي ٿو، جو هر ليکڪ جي ڏنل معلومات ۽ اندازِ بيان مختلف هوندو آهي.
    سنڌي ادب ۾ لکيل اهم سفرنامن مان چند هن ريت آهن: ”سير ۽ سفر“ پروفيسر غلام مصطفيٰ، ”سفر يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد عابد، ”آمريڪا جو سير“ ڪريم ڏنو راڄپر، ”مائوءَ جي ملڪ ۾“، ”ونڊ سر محل جو مسافر“ عبدالجبار جوڻيجو، ”سون ورني ڌرتي“ سليمان شيخ، ”ٽي مسافر، ٽي شهر“ اختر بلوچ، اياز لطيف پليجو ۽ مريم پليجو، ”دنيا پنهنجي ديس پرايا“ اياز لطيف پليجو، ”اندر جنين اڃ“، ”سرهي سرهي سار“، ”راهون چنڊ ستارا“ ماهتاب محبوب، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ شيخ اياز، ”ڀڳوان جي ڀونءَ“ بدر ابڙو، ”هوائن جي آڌار“ ڊاڪٽر فهميده حسين، ”خيما کاهوڙين“ اشتياق انصاري، ”بهادر گڏيا بهادرين“ جي ايم سيد، ”ديس پرديس“ سليم قريشي، ”نائيجريا ۾ سورنهن سال“ ڊاڪٽر احمد علي قريشي، ”ديسين وٽ پرديس“ قاضي عمر، ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ”سهسين ٿيا سارنگ“ عنايت بلوچ، ”چار گهڙيون چين ۾“، ”هوچي منهه جي ڏيهه ۾“ احمد علي رند ڊاڪٽر، ”مسافر“، قربان علي منگي، ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ طارق عالم ابڙو، ”سفر من اندر“ نصير مرزا، ”قدم ڪاپڙين جا“ امداد علي سرائي، ”اڍائي سال انگلينڊ ۾“ لعل جوڻيجو، ”سامي سفر هليا“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ شيخ عزيز، ”ميهڙ کان ماسڪو تائين“ شيخ محبوب علي ڊاڪٽر، ”جهولي لال“ آغا سليم، ”نيري آسمان هيٺ“ محمد خان سيال، ”لنڊن جو سير“، ”نيويارڪ جو سير“ شوڪت حسين شاهه بخاري، ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ مور ساگر، ”افغانستان ۾ ڪجهه ڏينهن“ ڊاڪٽر خليل لاکو، ”لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين“ ڊاڪٽر لائق زرداري، ”ڪراچيءَ کان ڪربلا“ ”حسين بخش ناريجو، ”نئين دنيا نوان رنگ“ محمد خان جروار، ”روس جو سير“ جواهر لال نهرو (مترجم)، آزاد قاضي.
    عبدالحئي پليجو ڪافي سفرناما لکيا آهن، جن ۾ ”هي وري نه ورندو وڻجارو“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ديس بديس“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”ٻنو ٽو ٽوڪيو“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”پليجو رائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل سفرناما آهن. عبدالحئي پليجو صاحب جو ”عالمي عجائبات“ پڻ هڪ منفرد ڪتاب آهي، جو جاگرافي، جيالاجي، انٿاپالاجي، آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي موضوعن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ سفرنامي جو هڳاءُ پڻ ڏئي ٿو. سفرنامو سڏجي يا دنيا جي عجائبن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏيندڙ معلوماتي ڪتاب هر لحاظ کان فٽ آهي.
    هندوستان جي ليکڪن جا لکيل سفرناما گهڻي ڀاڱي سنڌ جي باري ۾ آهن ته چند ٻيا پڻ آهن. لوڪرام ڏوڏيجا جو پهريون سفرنامو ”سڪارٿو“ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“ آهي. روس جي باري ۾ سندري اتم چنداڻيءَ لکيو ”روس جي نئين سڀيتا جو سفر“. سنڌ جي باري ۾ موتي پرڪاش جو سفرنامو ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ ورهاڱي جي وقت جي وڇڙيل هندوئن جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي ته ريٽا شهاڻيءَ جا ”کٿوريءَ جي کاڻ“، ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“، ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“ آهن. ڪلا پرڪاش جو ”جي هينئڙي منجهه هُرن“ سنڌ جي باري ۾ اهم آهي. هن ۾ سفر جي احوال سان گڏ خاڪا پڻ ڏنل آهن، جن ۾ شخصيتن جي نالي ۽ شخصي خوبين مطابق بابن جا عنوان آهن، جيئن ”سنڌين جي ڳولها“ ظفر حسن، ”روح جا رشتي دار“ عابده پروين ۽ غلام حسين شيخ ۽ ٻين شخصيتن جا خاڪا آهن. ”جڙيل جن سان جند“ هري موٽواڻيءَ جو 1988ع ۾ ڇپيو، جيڪو پڻ سنڌ جي احوال سان گڏ ڌرتيءَ جي سڪ جي لازوال داستان آهي.
    سنڌي سفرناما نگارن ۾ جنهن ليکڪ کي سنڌي سفرنامن جو سرتاج ليکڪ چئي سگهجي ٿو، سو بلاشبه الطاف شيخ آهي. سندس سفرناما نه فقط دنيا جي وڏي حصي جي معلومات تي مشتمل آهن، پر وڏي تعداد ۾ پڻ آهن ته گڏوگڏ الطاف شيخ ئي اهو سفرناما نگار آهي، جنهن سنڌي قارئين جو سفرنامي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق ۽ شوق وڌايو آهي. سندس پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ 1971ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ اهو سفرناما لکڻ جو سفر جاري رکيو اٿس. چند ٻين موضوعن تي پڻ ڪجهه ڪتاب لکيا اٿن، پر سندن مقبوليت سنڌ، هند ۽ سنڌي ادب ۾ خاص سفرنامانگار طور آهي. الطاف جي لکيل سفرنامن مان چند جا نالا هن ريت آهن: ”وايون وڻجارن جون“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“، ”پيار جي گهٽ“، ”ڇاجو ديس ڇاجو ويس“، ”ڳالهيون تنهن جپان جون“، ”خدا ڏي خط“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“، ”جاني ته جهاز ۾“، ”سانڀاهو سمونڊ جو“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”بندر بازاريون“، ”الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان“، ”بهترين سفرناما“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”مس سدا بهار چنبيلي“، ”ڪويت ڪنارا“، ”سمنڊ جي سيوين“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”بندر ديسان ديس“، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”سانباهو سمونڊ جو“، ”مڪليءَ کان ملاڪا“، ”سينگاپور ويندي ويندي“، ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“، ”جتي جر وهي ٿو جال“، ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“، ”اي روڊ ٽو مدينه“، ”آل ابائوٽ سينگاپور“، اوهريا جي عميق ڏي“، ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنيا آهي ڪاڪ محل“، ”خبرون کيڙائن جون“، ”سوزيءَ سان پيار“، ”يادن جي انڊلٺ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”جپان رس“، ”ڀلي پار تان ڀيرو“، ”ملير کان مالمو“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”مليشيا منهنجي من ۾“، ”ڪراچي کان ڪوپن هيگن تائين“، ”هيلنسڪيءَ جي حسينه“، ”جتي برف پئي ٿي جام“، ”لنڊن تائين لفٽ“، دنگيءَ منجهه درياهه“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”نيو هالا کان نيويارڪ تائين“، ”ايران ڏي اڏام“ آهن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ پنجاهه کان مٿي سفرناما لکندڙ هن ليکڪ کي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن. تازو کين اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد پاران 2008ع ۾ سفرنامي ”نيو هالا کان نيويارڪ تائين“ تي بهترين سفرنامي جو ادبي ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران مئي 2009ع ۾ کين ”لائيف اچيومينٽ“ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. موزون، مناسب ۽ شائسته ٻوليءَ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ سلسليوار داستانون آهن ته سوانحي خاڪا پڻ آهن. مزيدار ٽوٽڪا آهن ته ڳنڀير سوچون پڻ نمايان آهن. معياري ٻولي، خوش مزاجي، تخليقي جذبي، ديس واسين جي محبت ۽ داستان گوئيءَ سان هو پنهنجي قاريءَ کي متاثر ڪري ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا ئي سفرناما لکيا ويا آهن، جن جو معيار به سٺو آهي ۽ ايترا سفرناما پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ لکيل ڏسڻ ۾ نٿا اچن. سفرنامي جو ادبي معيار جيڪڏهن اوچو هوندو ته لامحاله اهو قاريءَ کي پسند ايندو، نه ته پوري دنيا هاڻي انٽرنيٽ ذريعي ايتري ته ويجهي ٿي ويئي آهي، جو ڏورانهيون ڏور ٿي ويون آهن ۽ ڪابه شيءِ نئين نه رهي آهي. سو ساڳيا ساڳيا ملڪ، ۽ هڪ جهڙا احوال پڙهڻ لاءِ قاريءَ کي قطعي ڪونه اُتساهيندا، جيستائين انهن ۾ جدت، ندرت ۽ ادبي اوچائي نه هوندي.
    ڪجهه سفرنامانگارن مطابق سفرنامو جيترو چٽپٽو ۽ رنگين هوندو، اوترو ئي مقبول ۽ معروف ٿيندو، سو سستي ۽ وقتي شهرت لاءِ اهڙن ليکڪن سفرنامي کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ ادبي خوبين کي گهٽ اهميت ڏني ويئي آهي ته شائستگيءَ طرف پڻ توجهه نه آهي، پر ادبي نقطهءِ نگاهه کان اهڙا سفرناما جٽادار ڪونهن ۽ انهن جي اڳيان هلي ادب ۾ ڪا جڳهه بيهي نه سگهندي آهي. اهڙا سفرناما ايڪڙ ٻيڪڙ ملندا، بلڪه سنڌي ادب ۾ نه هئڻ جي برابر آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جي سفرنامن ۾ تقريبًا دنيا جي هر ملڪ جو احوال ملي ٿو. يورپ، آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، هندوستان، نائيجيريا، لبيا، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، جپان، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ملڪن سان گڏ پاڪستان جي علائقن جي سفر جي احوال تي پڻ سٺا ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ اشتياق انصاريءَ جا ڪتاب ”انڊس ايڪسپيڊيشن“، ”ڌرتي ماتا“ آهن ته بدر ابڙو صاحب ”سنڌوءَ جو سفر“ لکيو. بدر ابڙو جي مهم جوئي، ٽن هفتن جي سفر تي مشتمل هئي، جنهن ۾ ”سنڌوءَ جي ڪناري آباد سوين ماڻهن جا انٽرويو ڪيا ويا ته ڪيترائي اهم تاريخي ماڳ مڪان هن سفرنامي ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن جيئن بابا فريد جي درگاهه، خواجه خضر جو آستانو، معصوم شاهه جو منارو، آدم شاهه جو مقبرو، سکر پتڻ، مسجد منزل گاهه، تونسه بئراج، جناح بئراج، ڪينجهر، قديم غارون، سنياسيءَ جي غار، پير پٺو ماڳ، درياهه پير ماڳ، ملير ماٿري، منگهو پير ۽ ٻيا هنڌ آهن.
    انور پيرزادو مهاڳ ۾ لکي ٿو ته،
    ”هي ڪتاب ظاهر ۾ ته هڪ سفرنامو آهي، پر بدر ان کي تحقيق جو هڪ ڳٽڪو بنائي ڇڏيو آهي، جيئن ته ان جو موضوع سنڌو درياءُ آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪتاب سنڌي ماڻهن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آهي“. (6)
    اڳيان هن موضوع تي روشني وجهندي لکن ٿا ته،
    ”اسڪائي ليڪس ۾ نيرڪيس سنڌو درياءَ جو سفر ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قديم سفرنامن اسان جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود بابت دستاويز مهيا ڪري اسان تي احسان ڪيو آهي“. (7)
    سفرنامن مان مليل معلومات انهيءَ ماڳ مڪان جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت آهي. انهيءَ لحاظ کان بدر ابڙي جو مٿيون ڪتاب اهم آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ماڻهن جي هڪ ٽيم 1989ع جي 3 نومبر کان 24 تاريخ تائين ٻاويهن ڏينهن ۾ اٽڪ کان ڪراچي تائين دريائي سفر ڪيو.
    اسان جي سفرناما نگارن جي لکڻيءَ ۾ هڪ خوبي ٻي به اهم آهي ته طرزِ تحرير ۾ سندن حيثيت هڪ سياح وانگر آهي. هو ٻين ديسن جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب ۽ تمدن جي ڄاڻ ته ڏين ٿا، پر دنياوي سماجن ۾ آيل سياسي، سماجي، مذهبي ۽ فڪري لاڙن کي بحث هيٺ نٿا آڻين. هڪ سياح وانگر سندن نقطه نظر آزاد آهي. هو دلچسپ نوع ۾ قاريءَ جي وندر ورنهن ۽ علمي ۽ ادبي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ لکندا اچن. سندن تحريري اسلوب سيبائيندڙ، هلڪو ڦلڪو ۽ قاريءَ کي لطف انداز ڪندڙ آهي. کين خبر آهي ته سندن سفرنامي کي پڙهندڙ هڪ عالم کان عام شخص پڻ آهي، سو هو پرڏيهي مسئلن ۾ نه پاڻ ڦاسن ٿا ۽ نه ئي پڙهندڙ کي منجهائين ٿا، جنهن جي ڪري هڪ وڏو طبقو سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙ آهي، انهيءَ ئي ڪري اڄ انيڪ سفرناما لکيا وڃن ٿا ۽ موجوده وقت سنڌي سفرنامي جو سفر ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ آهي.

    حوالا
    (3) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“،روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص- 271-272.
    (4) ايضًا ص- 272.
    (5) ايضًا ص- 274.
    (6) ايضًا ص- 239.
    (7) عبدالحئي پليجو، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، سهڻي پرنٽرز حيدرآباد 1991ع، (مهاڳ)
    (8) بدر ابڙو، ”سنڌوءَ جو سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع، (مهاڳ) ص-19.
    (9) ايضًا (مهاڳ).


    ادب ۾ سوانح نگاريءَ جي اهميت

    سوانح حيات جو احوال فردن جي زندگيءَ جي تاريخ آهي ۽ انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو تاريخي حيثيت رکي ٿو ته به تاريخ ۽ سوانح ۾ واضح فرق آهي. تاريخ جو بنياد واقعن تي ۽ سوانح حيات جو بنياد احساسن ۽ جذبن تي هوندو آهي. پر ڪنهن به فرد جو سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکيل دلچسپ احوال اڳيان هلي نه فقط ادبي تاريخ ۾ حيثيت ماڻي ٿو، بلڪه مرزا قليچ صاحب جي لفظن ۾ ته، ”ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ان جي مهندارن جي سوانح عمرين جو مجموعو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ان وقت جي واقفيت ۽ ايندڙ وقت جي هدايت ملي سگهي ٿي“. (1)
    سوانح نگاري ڇا آهي ۽ ادب ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي، انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته ماهرن هن ادبي صنف جي وضاحت ڪهڙيءَ ريت ڪئي آهي؟
    Biography: The history of the life and character of an other person a life history of an object, biographical writings in general, or as a department of literature.” (2)
    ڪارلائل موجب ته:
    Biography is the only true history.
    ”سوانح“ لفظ ”سانحه“ جو جمع آهي، جنهن جو مطلب واقعو يا حادثو آهي ۽ ”سوانح عمري“ ڪنهن شخص جي زندگيءَ جو حال احوال آهي ته ”سوانح نگار“ اهو واقعه نويس يا حال احوال لکندڙ آهي. مطلب ته سوانح ذاتي واقعن ۽ احوالن تي مشتمل تحرير آهي، جنهن ۾ سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، خاڪا، روزنامچا اچي وڃن ٿا. سوانح عمري ۽ خاڪو ڪنهن به شخص جي باري ۾ لکيا وڃن ٿا، جڏهن ته آتم ڪهاڻي خط ۽ ڊائريءَ جو لکندڙ پنهنجي ذات جي باري ۾ احوال لکندو آهي. آتم ڪهاڻيءَ جي صنف پڻ سوانح عمري جيان ادب ۾ مقبول ترين آهي، جنهن جي وصف هن ريت آيل آهي:
    “Auto biography: Biography or memories of a person’s life written by himself”. (3)
    آتم ڪهاڻي حقيقت ۾ فقط فرد واحد جي پنهنجي ڪٿا ڪانهي، بلڪه اها انهيءَ دور جي پڻ ڪٿا آهي، جنهن دور ۾ اها آتم ڪهاڻي لکي ويئي. جارج برنارڊشاهه سؤ سيڪڙو صحيح چوي ٿو ته:
    “The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and all times”.
    اسان اهو بلڪل چئي سگهون ٿا ته، آتم ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي، معاشي، علمي ۽ادبي حالتن جون دستاويز آهن، جن سان حال ۾ ماضيءَ کان متعارف ٿي مختلف ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ ملڪن جي معلومات ملي ٿي ته پڙهندڙ کي اها به خبر پوي ٿي ته اهڙن معروف ماڻهن پنهنجي حياتيءَ جو هڪ هڪ پل ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت همت، حوصلي، محنت ۽ اعليٰ سڀاءَ جي خاصيتن سان گهاريو آهي. تڏهن ئي اڄ هو “Legend” آهن ۽ اهڙي احوال پڙهڻ کان پوءِ هُو پاڻ به وڏو انسان ٿيڻ جا جتن ڪري ٿو.
    سوانحي ادب پڙهڻ سان قومن جي اڳواڻن، رهبرن، رهنمائن، مهندارن، عالمن، اديبن، شاعرن، استادن، بلڪه ڪيترن ئي طبقن جي اهم شخصيتن جي گڻن ۽ خاصيتن جي خبر پوي ٿي. اهڙن قومي هيروز جو احوال عام جي رهنمائي ۽ ترقيءَ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو. فقط مذهبي لحاظ کان ئي ڏسنداسين ته پيغمبرن، اوليائن، درويشن، بزرگن جي باري ۾ لکيل احوال کي پڙهڻ کان پوءِ دل ۾ نه فقط عقيدت، عزت ۽ محبت جا جذبا ۽ احساس پيدا ٿيندا آهن، پر دلي طور تي مَنُ مثبت لاڙن ڏي موٽ کائيندو آهي.
    حضرت آدم عليہ السلام کان محمد مصطفيٰ ﷺ تائين ڪيترن پيغمبرن جيئن حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت يوسف، حضرت دائود، حضرت لقمان ۽ ٻين نبين جو احوال قرآن پاڪ ۾ قصص الانبياء طور رهنمائي ڪري ٿو ته اهڙا احوال ڪتابن معرفت تفصيلي پهتا آهن. اهڙيءَ ريت هن دنيا ۾ گهڻا ئي اڳواڻ، روحاني رهبر، فلاسفر، شاعر ۽ مفڪر آيا آهن، جن جي تعليم ۽ فرمانن جي باري ۾ سوانحي احوال لکيا ويا آهن. اهڙن مثالي انسانن جي باري ۾ پڙهڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته ڪي گڻ منجهن طبعي هئا ته ڪي هنن همت ۽ محنت سان پيدا ڪيا. اهو همت ۽ محنت وارو احوال ۽ خاصيتون پڙهڻ عام خلق جي لاءِ فائديمند آهي. اهڙين شخصيتن جون جڏهن آتم ڪهاڻيون/ خودنوشت سوانح پڙهجن ٿيون ته انساني حياتي وڌيڪ اُتساهيندڙ، هرکائيندڙ ۽ محنت و عظمت جو ميدان لڳي ٿي. آتم ڪهاڻي انساني اندر جو آواز ۽ کليل راز آهي. هيءُ هڪ اهڙو ڳجهه آهي، جنهن کي هرهڪ جي اڳيان زباني بيان ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن لکڻ وارو سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ تحريري طور پيش ڪري ٿو ته ادبي خزاني ۾ هڪ اهم اضافو ٿئي ٿو ۽ اهو فقط لکڻ واري جي حيثيت، مرتبي، سمجهه، ڏات، ڏانءُ ۽ سچائيءَ تي مشتمل آهي. نثري صنف سوانح نگاريءَ جو هيءُ رخ پوري دنيا جي ادب ۾ مڃيل آهي. دنيا جي انيڪ رهبرن، رهنمائن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، عالمن، شاعرن، اديبن ۽ ٻين ميدانن جي قومي هيروز جون آتم ڪهاڻيون اڄ ڏينهن تائين نه فقط انهن ملڪن ۾، پر ترجمي جي صورت ۾ به پوريءَ دنيا ۾ پڙهيون وڃن ٿيون.
    آتم ڪهاڻي ڪامياب اها شمار ٿيندي، جنهن ۾ تصنّع کان پاڪ سچوپچو احوال پيش ڪيل هجي ٿو. پاڻ پڏائڻ، مصنوعيت، هلڪڙائي يا بلڪل عام نموني سان لکيل ڪٿا ۾ ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي. اسلوبِ بيان ۾ اديبانه انداز هئڻ ضروري آهي. پنهنجي باري ۾ سچ لکڻ، خود جا عيب ثواب کولي، عام جي اڳيان پيش ڪرڻ. دل گردي جو ڪم آهي، پر فقط سچائي ۽ واقعات نگاري به سوانح جا اهم حصا نه آهن، تحرير ۾ جاذبيت، سلاست، رواني، بيانِ فڪر ۽ فن جو ڳانڍاپو ۽ انساني خاصيتن جي اپٽار اهم آهن. شروع دور جي سوانح ۾ هيرو مافوق الفطرت معلوم ٿيندو هو، پر اڄ جي جديد ادبي لاڙن مطابق هڪ عام پر خاصيتن واري انسان جي خوبين توڙي خامين ٻنهي کي توري تڪي سهڻائيءَ سان پيش ڪرڻو آهي، تڏهن ئي اها سوانح مستند هئڻ سان گڏ ادب ۾ پڻ درجو حاصل ڪري ٿي. ڪي سوانح ۽ آتم ڪهاڻيون دنيا ۾ تمام متاثر ڪُن رهيون آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته،
    ”برٽينڊرسل جي سوانح حيات دنيا جي بهترين ۽ عظيم ترين ڪتابن مان آهي. هن شخص جي معصوميت، سچائي، انسان دوستي ۽ بي تڪلفي کيس هن صديءَ جو هڪ مڃيل نامور ڏاهو ۽ سڄاڻ ڄاڻائي ٿي“. (4)

    حوالا
    (1) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع، ص 13.
    (2) Dictionary of the New English Language p-158.
    (3) Ibid p 115.
    (4) ڊاڪٽر تنوير عباسي: ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (سفرنامو) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهرين ڇاپو 2000ع.


    سنڌي نثر جون سوانح عمريون/ آتم ڪهاڻيون/ خاڪا/ روزنامچا/ خط

    ”سنڌي ادب ۾ سوانحي احوال جي ابتدا اوڻيهين صديءَ کان ٿي آهي. انهيءَ کان اڳ مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتابن ۾ شخصيتن جي سوانح جا احوال ملن ٿا. مير قانع ۽ پوءِ محمد ابراهيم خليل ”مقالات الشعراءِ“ ۽ ”تڪمله مقالات“ ۾ شاعرن جون سوانح عمريون لکيون“. (5)
    انگريز دور ۾ سوانحي ادب جي باقاعده شروعات ٿي، جنهن ۾ هن دور جي اهم ليکڪن جيئن ديوان ڪوڙومل، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، لطف الله بدوي، لال چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، شمس العلماء دائودپوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمد صديق مسافر، خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين هن ڏِسَ ۾ لکيو آهي، شروع ۾ چند سوانحي مضمون لکيا ويا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا، پوءِ ته هڪدم سوانح تي مشتمل ڪتاب لکجڻ ۾ آيا. اهڙن لکيل سوانحي مضمونن کي ترتيب ڏئي شايع ڪيو ويو ته مختلف ٻولين مان پڻ سوانح جا مضمون ۽ ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. اڳيان هلي 1947ع کان پوءِ ته هن صنف تمام گهڻي ترقي ڪئي. آتم ڪهاڻي لکڻ جو رواج مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ تان شروع ٿيو ۽ موجوده وقت سنڌي ادب ۾ ڪافي آتم ڪهاڻيون موجود آهن.
    سنڌي ادب ۾ سوانحي تذڪرن، خاڪن ۽ آتم ڪهاڻين تي مشتمل چند اهم ڪتاب هن ريت آهن: ”لطائفِ لطيفي“ مير عبدالحسين سانگي (فارسيءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو موجود آهي)، ”جواهر الانسان“، ”امام غزالي“، ”حضرت سليمان عليہ السلام“، ”مولانا جلال الدين رومي“، ”خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانح حيات“، ”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ماڻهو“، ”سنڌ جا ستارا“، ”حالاتِ اولياء“، تاريخ محمدي“، ”يوسف ۽ فاطمہ“ مرزا قليچ بيگ، ”قربِ قليچ“، ”سڄاڻ زالون“ محمد صديق مسافر، ”آريه ناري چرتر“، ”ڀڳتن جون ساکيون“، ”ساميءَ جا سلوڪ“، ”مهاتمائن جا درشن“ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي، ”شاهاڻو شاهه“، ”سچل سونهارو“، ”حضرت محمد رسول الله“ لالچند امرڏنومل، ”يوسف مصري“، ”ڪرست جي پيروي“، ”سندباد سيلاني“ پرمانند ميوارام، ”گوتم ٻڌ“، ”ميران ٻائي“، ”سنڌي سونهارا“، ”پيغمبر اسلام“ ڄيٺمل پرسرام، ”لنواريءَ جا لال“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”سنڌ جو سيلاني“، ”مرزا قليچ بيگ جي حياتي“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”حيات النبي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”حياتِ سعدي“، ”فاروقِ اعظم“ مخدوم محمد صالح ڀٽي، ”شاهه عبدالڪريم بلڙائيءَ جو احوال“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”اسان جو پيارو رسول“ محمد بخش واصف، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”رسول پاڪ“، ”خلفاءِ راشدين“ غلام محمد شهواڻي، ”سائين قطب شاهه“ جهامنداس ڀاٽيه، ”تذڪره لطفي“ لطف الله بدوي، ”ترخان نامو“ سيد ميرمحمد جادل ٺٽوي (مترجم) ميرزا عباس علي بيگ، ”انسانيت جو سرتاج“ ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو، ”بدري اصحاب“ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ”مشاهيرِ اسلام“،
    مولوي عبدالرحيم مگسي، ”دربارِ قلندر“ عنايت الله ڀٽي، ”قومي اڳواڻ“
    ايم آرمائيداساڻي، ”سانگهڙ جا سٻاجهڙا“ سردار محمد بخش ناريجو، ”حضرت ابوبڪر صديق“ مولوي عبدالخالق خليق مورائي، ”رشي ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ پروفيسر شيوارام، ”عزيز شخص ۽ عالم“ پوپٽي هيراننداڻي، ”شاهه-سچل سامي“ محمد ابراهيم جويو، ”بلوچن جا بحري ڪارناما“ رحيمداد مولائي شيدائي، ”کهڙن جا مخدوم“ پروفيسر عطامحمد حامي، ”يادِ رفتگان“ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”جديد سياست جا نَوَ رتن“، ”جنب گذاريم جن سين“ سائين جي ايم سيد، ”تذڪره مشاهيرِ سنڌ“ (ٽي جلد) مولانا دين محمد وفائي، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پير حسام الدين راشدي، ”تذڪره شهباز“، ”گهڙيون گهاريم جن سين“ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”عالمن جو آفتاب“ (سهيڙيندڙ) خانم خديجه دائودپوٽو، ”مسڪين جهان خان کوسو“ محمد بخش مجنون، ”مائوزي تنگ“ رسول بخش پليجو، ”غالب“، پروفيسر ايم مجيب، ”وطن جي آزاديءَ جو امام“ (تاج محمد امروٽيءَ جي سوانح) سيد محمود شاهه بخاري، ”سوانح حيات قاضي علي اڪبر درازي“ علي مردان، ”جهڙا گل گلاب جا“، غلام رباني آگرو، ”سورداس (مترجم) گورڌن محبوباڻي، ”پريم تنهنجا پار“ (فاضل راهوءَ جي سوانح) عبدالله ملاح، ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ جي-الانا، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، (ڊاڪٽر الانا جي هن پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ لاڙ جي عالمن، مشاهيرن، اديبن، شاعرن جو سوانحي احوال ڏنل آهي). ”محمد ايوب کهڙو جرئت مندانه سياسي زندگي“ ڊاڪٽر حميده کهڙو (مترجم منصور قادر جوڻيجو)، ”سڄاڻ جون سمرتيون“ (منگهارام ملڪاڻيءَ جو سوانحي احوال)، ريٽا شهاڻي، ”سڄڻن لڌي سار“ (قاضي فيض محمد جي سوانح) ”گلاب هڪڙو“، ”ڀلا ڀونءَ نه وسرن“ ماڻڪ ملاح، ”هڪ سؤ سنڌي سپوت“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر“ ڊاڪٽر قاضي خادم، ”زندگي کليل ڪتاب“ (انٽرويو، ڪالم، يادگيريون) ماڻڪ ملاح، ”شهيد انا الحق حسين بن منصور حلاج“ غفار ڀٽو، جيءَ جهروڪا (خاڪا) ماهتاب محبوب، ”مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي“ پروفيسر محبوب علي چنا، ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“، ”واٽ ويندي“، ”ڏيئا تيل ڦليل جا“، ”وتايو فقير“ علي احمد بروهي، ”ڪارا منهن موچارا منهن“ (خاڪا) ”اکين ڏٺو ڪنن ٻُڌو“، ”پڇاڻو“، ”يادگيريون“، ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر، ”لاڙڪاڻو امر شخصيتون“ عبدالستار ڀٽي، ”چارلس نيپيئر کان ميان محمد سومري تائين“ مومن بلو، ”فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ”اسين مسافر پيار جا“ (خاڪا) ڊاڪٽر ادل سومرو، ”ڇو، ڇا ۽ ڪيئن“ عبدالقادر جوڻيجو، ”خيرپور جي ميرن جو سنڌ جي سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ ڊاڪٽر عطامحمد حامي، ”سون برابر سڳڙا، ”سامي ساگر بوند ۾“ ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو، ”پورب ڄائي“، (بينظير ڀٽو جي سوانحي ڪٿا) (مترجم) نظاماڻي، ”تاريخ جا اڏيندڙ (مترجم) محمد بخش سومرو، سدا ساوا پن“ (مترجم) ولي رام ولڀ، ”سنڌ جا شهيد“ لطيف سنڌي، ”هڪڙو پيارو ماڻهو“، قاضي منظرحيات، ”شڪارپور سونهن جو شهر“ خليل مورياڻي، ”سنڌ جا عوامي ڪردار“ دادا سنڌي، ”شڪليون“، (خاڪا) عبدالقادر جوڻيجو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ”ضلعو نوابشاهه تاريخي شهر ۽ شخصيتون“، ”ايڇ ايم خوجا: هڪ مثالي استاد“ ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ”سنڌ جا عظيم ويڄ“ ڊاڪٽر اديب انقلابي، ”شڪارپور صدين کان“ ڊاڪٽر عبدالخالق راز، ”ويا سي وينجهار“ غلام محمد گرامي، ”تاريخ جون بدنام عورتون“ (ترجمو) علي اظهار، ”نواب سر غيبي خان چانڊيو“ حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو، ”لفظ ڳالهائين ٿا“ سيد اڪبر، ”بوستان“، ”گلستان“ (شيخ سعدي) مترجم: محمد قاسم سومرو، ”ڇا ته شخص هو“ عبدالواحد آريسر، ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“ نصير مرزا، ”صوفي شاهه عنايت شهيد“، ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ يوسف سنڌي، ”وتايو فقير“ عبدالقادر منگي، ”تاريخ سجاول“ عزيز جعفراڻي، ”محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو“، ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“، ”شيخ اياز: هڪ مطالعو“، ”تنوير عباسي: هڪ مطالعو“، ”ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو“، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سيد سمن سرڪار“ محمد سومار، ”سنڌ جو امير“ اختر عباسي، ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“ محبوب علي چنا، ”يادن جا ديرا کوسن جا پيرا“ نظام الدين کوسو،
    ”آديسي اُٿي ويا“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”همايون نامو“ احمد خان آصف، ”سردار بهادر محمد بخش“ علي اڪبر درازي، ”مرد مومن“ عنايت الله زنگيجو، ”علامه آءِ آءِ قاضي“، ”حضرت بهاءُالدين“ پروفيسر علي نواز جتوئي، ”خليفو ميان صوبدار“، ”قاضي احمد دمائي“ سائين بخش جوڻيجو، ”سنڌ جو سيد“ محمد امين کوسو، ”جي ايم سيد“ قمر ڀٽي، ”جي ايم سيد“ عبدالواحد آريسر، ”جي ايم سيد ڊاڪٽر دُرشهوار سيد جي نظر ۾“ ڊاڪٽر درشهوار، ”پير بادشاهه“ عبدالعزيز، ”عمر بن محمد دائودپوٽو“ غلام مصطفيٰ دادوي، ”خان محمد پنهور“ ناصر پنهور، ”سنڌ جو سورمو مولانا تاج محمد امروٽي“ عبدالرحمٰن جتوئي، ”سرها گل سنڌ جا“ عابد لغاري، ”حضرت عثمان مروندي“ علي نواز شاهه، ”خدايار ميان سرفراز“ مرزا عباس علي بيگ، ”ٻري جن ٻاري“ خان محمد پنهور، ”شهيد الله بخش سومرو، آزاد قاضي، ”آواز جي دنيا جا ساٿي عرف ماڻهو ميگهه ملهار“ جعفر علي خاصخيلي، ”آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر“، ”باهيون بيراڳين جون“، ”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ“ تاج جويو، ”حضرت سچل سرمست“ خوش خيرمحمد هيسباڻي“، ”منهن تنين مشعل“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”پسي تنهنجي تجلي“ (لاڙ جي اديبن جو ذڪر) يوسف سنڌي، ”سانگي ڪي ساريام“ شيخ عبدالرزاق، ”ڏونگر جن ڏوريا“، ”ماءُ کاهوڙي هليا (خاڪا) ”نوان چار درويش“ ناز سنائي، ”ماڻڪ موتي لال“ ايوب انصاري، ”موتي جي مهراڻ جا“ فيروز احمد، ”هوندا سي حيات“ کٽياڻ مولابخش، ”جوڳيئڙا جهان ۾“ (مشاهير دادو) محمد امين مگسي، ”سنڌي سرواڻ“ لعل لطيفي، ”عظيم سنڌي انسان“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ ڊاڪٽر هدايت پريم، ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ (علڻ فقير جي سوانح)، ”جيجي“ (سوانح زرينه بلوچ)، ”سپريان سندي ڳالهڙي“ (محمد يوسف جي سوانح) ممتاز مرزا، ”ڏٺم، ٻُڌم، پڙهيم، لکيم“ شهيد سومرو، ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ (قاضي عبدالحئي قائل جي سوانح) قاضي منظرحيات، ”مارو جي ملير جا“ خادم حسين چانڊيو، ”شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر“ سيد گل محمد شاهه رضوي، ”تذڪره مخدومانِ هالا“ مخدوم جميل الزمان، ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙو- سنڌ جو شاهجهان“ اسلم عباسي، ”مٺڙا مارو“ ڊاڪٽر دادمحمد خادم بروهي، ”عالمن جو آفتاب: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شخصيت ۽ علمي خدمتون“، ”انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي: محمد عثمان ڏيپلائي“، ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم“، ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“، ”سٻاجهو ساڃهه وند محمد ابراهيم جويو“ (سهيڙيندڙ) تاج جويو، ”پرين جي پچار“ محمد موسيٰ ڀٽو، ”ڏونگر نيٺ ڏرن“ رنڌير سنگهه/ارمان شيخ ۽ ٻيا سوانحي ڪتاب آهن.
    آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين ۾ ”يادگيريون“ سيٺ نائون مل (مترجم) حنيف صديقي، ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مرزا قليچ بيگ، ”سر سلطان محمد شاهه پرنس آغا خان“ (مترجم) خواجه محبوب علي هاشم، ”يادِ رفتگان“، ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ سائين جي ايم سيد، ”پنهل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو“ شيخ اياز، ”منهنجي مختصر ڪهاڻي“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ پير علي محمد راشدي، ”منازلِ مسافر“ محمد صديق مسافر، ”منهنجو ننڍپڻ“ مخدوم طالب الموليٰ، ”ڪيئي ڪتاب“ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ”سکر سي ئي ڏينهن“ محمد اسماعيل عرساڻي، ”منهنجي ڪهاڻي“ لعل بن يوسف، ”سنڌ جو سفر“ (لطف الله سورتيءَ جي خودنوشت سوانح) مترجم قادربخش نظاماڻي، ”ڏک سکن جي سونهن“ تاجل بيوس، ”منهنجو سفر“ قاضي فيض محمد، ”ڏسي ڏوهه اکين سان“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“، ”مر پيا مينهن وسن“ جمال ابڙو، ”مان ڏوهي هان“ عزيز ڀنگوار، ”اڳي ايئن هياس“ فضل احمد بچاڻي، ”آئيني جي اڳيان“ (سترنهن ساهتڪارن جي جيون جا تعارف، جيڪي هنن خود لکيا آهن) سهيڙيندڙ: فيروز ميمڻ، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪ مسافر“ (چار ڀاڱا عنوان جي ڪجهه فرق سان آهن) شيخ اياز، ”ساروڻيون“ دادا گرداس واڌواڻي، ”آخري پنا“ هري موٽواڻي، ”چولو منهنجو چڪ ۾“ هري دلگير، ”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“ پير عالي شاهه، ”سيئي سڪان ساريان“ سيد اظهر گيلاني، ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“ محمد صديق ميمڻ، ”بک عشق ادب“ موهن ڪلپنا، ”اسان زنده رهنداسين“ ليليٰ خالد (ترجمو) زيب سنڌي، ”منهنجي ڪهاڻي“ جواهر لال نهرو (ترجمو) رتن ملڪاڻي، ”اسين جيئرا آهيون“ (ترجمو) محمود مغل، ”گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي“ (ترجمو) ڊاڪٽر اياز قادري، ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“ گوبند مالهي، ”منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ”ڪجهه ٻُڌايم ڪجهه لڪايم“ ڪيرت ٻاٻاڻي، ”وهي کاتي جا پنا“ لڇمڻ ڪومل، ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“، ”منهنجي پيشي جا گل و خار“ وينا شرنگي، ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ ريٽا شهاڻي، ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، ڊاڪٽر شمس عباسي، ”تاريخ جو وساريل ورق“ غلام فاطمه شيخياڻي، ”منهنجو سورج مکي“ شبنم گل، ”مجاز“، ”ديپڪ ۽ ملهار“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”دنيا جون مشهور آتم ڪهاڻيون“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”هوچي منہ جي آتم ڪهاڻي“ (ترجمو) رسول بخش پليجو، ”ڏٺم اڻ ڏٺل“، ”سوچون هڪ سچار جون“ ڊاڪٽر نجم عباسي، ”منهنجي آتم ڪهاڻي“ (جرمن اڳواڻ ايڊولف هٽلر جي آتم ڪٿا) مترجم حسين بادشاهه، ”سلطانه بيگم عرف داستانِ غم“ حافظ حيات شاهه، ”منهنجي يادن جون ريکائون“ محمد ملوڪ اُنڙ، ”منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ“ پروانو سيوهاڻي، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ (مترجم) فياض لطيف ۽ ٻيون آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن.
    سوانحي ڪتابن ۾ ڪلاسيڪل شاعرن جي حياتيءَ ۽ فن تي چڱو ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح، فن ۽ فڪر تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن. ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ سوانح جي باري ۾ اهم احوال ملي ٿو. ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا هن ڏس ۾ اهم آهن، جيئن: ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“ مرزا حبيب الله، ”اوڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽ ٻيون ٿيسز آهن. ازانسواءِ مختلف ادبي، سياسي، سماجي ۽ علمي شخصيتن جي باري ۾ سوانحي نمبر/خاص ايڊيشن پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ ”سهڻي“ مخزن طرفان امر جليل، نسيم کرل ۽ شيخ اياز نمبر، ٽه ماهي مهراڻ طرفان سوانح نمبر، شاعر نمبر، گرامي نمبر، شيخ اياز نمبر ۽ ٻيا آهن. پرک جو طارق عالم نمبر، سرتيون جو ”انٽرويو نمبر“ بينظير ڀٽو نمبر ۽ ٻيا سوانحي ايڊيشن آهن.
    سنڌي ادب ۾ ڊائريون به لکيل ملن ٿيون ۽ ڪجهه ترجمو ٿيل ڊائريون پڻ شايع ٿيون آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين ته مرزا قليچ بيگ جو نالو شانَ سان کڻي سگهجي ٿو. هن مشهور و معروف عالم نثر جي گهڻين صنفن ۾ سڀ کان پهرين لکيو آهي، جنهن ۾ ڊائري پڻ اچي ٿي. مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جا آخري پنا ڊائريءَ جي احوال تي مشتمل آهن. کين روزنامچي/ڊائري لکڻ جي مستقل عادت هئي. اهڙيءَ ريت اڳيان هلي ٻين ليکڪن پڻ سوانح جي هن صنف ۾ لکيو آهي، پر اسان وٽ ڇپيل ڊائرين جو تعداد ڪافي گهٽ آهي، جن ۾ چند هن ريت آهن: ”چين جي ڊائري“ پير علي محمد راشدي، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ شيخ اياز، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“، جيل گهاريم جن سين“ طارق اشرف، ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“، اختر بلوچ، ”1990ع جي ڊائري“ ايم.اي عالماڻي، ”ظفر حسن جي ڊائري“، ظفر حسن، ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ رسول بخش پليجو، ”اسان جيئن جيئي ڪوئي“ عبدالواحد آريسر، ”قيد جي ڪهاڻي“ ناز سنائي، ”ڄامشوري کي آخري ڀاڪر“ ح،خ، ”جنين لوهه لڱن ۾“ (چي گويرا جي ڊائريءَ جو ترجمو) يوسف سنڌي، ”پل صراط“ دودو مهيري ۽ ٻيون چند ڊائريون آهن.
    خطوط نويسي سوانحي ادب ۾ تمام حيثيت رکي ٿي. اڄ جي نفسانفسيءَ جي عالم ۽ خاص طور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز رفتار ترقيءَ جي ڪري ٽيليفون، فيڪس، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سبب خطن لکڻ جي رجحان ۾ ڪمي اچي ويئي آهي، تڏهن به علمي ۽ ادبي طور خطن جي پنهنجي اهميت آهي. سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام، علامه دائودپوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، جي ايم سيد، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ عبدالمجيد، شيخ اياز، ميران محمد شاهه، پروفيسر پوپٽي ۽ ٻين ڪيترن جا لکيل خط موجود آهن. ڇپيل ڪتابن ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”خط انٽرويو ۽ تقريرون“ شيخ اياز، ”سير ۽ سفر“ (سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي سفر جي احوال تي مشتمل خطن جو مجموعو) ”رهاڻ“ (سيد ميران محمد شاهه جا جي ايم سيد ڏي خط)، ”ساهڙ جا سينگار“ (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا جي.ايم سيد ڏانهن خط)، ”خط ۽ مضمون“ (پير علي محمد راشديءَ جا جي.ايم.سيد ڏانهن خط) ”واڄٽ ويراڳين جا“ (محمد امين کوسي جا جي.ايم.سيد ڏانهن خط) ”سڄڻن جا سنيها“ (جمال الدين مومن ڏي لکيل اديبن ۽ دوستن جا خط) ۽ ٻيا چند خطن جا مجموعا آهن. اهڙيءَ طرح سوانحي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون، خاڪا ۽ روزنامچا ۽ خط اڄ ڏينهن تائين لکجي ۽ ڇپجي رهيا آهن، جن سان روزبروز وقت جي حساب سان ادبي تاريخ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.

    ورتل حوالا

    (5) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽيون جلد) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2003ع، ص114.


    ڀاڱو ٽيون: ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات

    ترجمي جو عمل ۽ سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجما

    سماجن جي سڌرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ ٻولي هڪ اهم وسيلو آهي. ڪو به فرد يا ڪابه قوم اڪيلي سر حياتي نٿي گهاري سگهي. اجتماعي حياتين جي گذران ۾ ٻوليون ئي سماجي ضرورتن جي پورائيءَ ۾ اهم ڪردار دا ڪن ٿيون. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته:
    وَمِنْ اٰيٰتِهٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَاَلْوَانِكُمْ اِنَّ فِىْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّلْعٰلِمِيْنَ ۝ (سوره روم، آيت 22 سيپارو 21)
    ترجمو: آسمانن ۽ زمينن جو بنائڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ شڪلين جو قسمين قسمين هجڻ سندس نشانين مان آهي ۽ بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آهن.
    زبان جي تاريخ انسان جي تاريخ آهي. ۽ جتي به اسين ڪنهن ٻوليءَ جو ذڪر ڪنداسين ته اتي لامحاله انهيءَ قوم ۽ نسل جو ذڪر پهرين ايندو. مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ سهڪار سان ئي دنيا جون قومون ترقي ڪن ٿيون ۽ ٻولين جي باهمي رابطي ۾ ترجمي جو عمل هڪ وڏو ذريعو آهي. ترجمن سان ٻين ملڪن ۽ قومن جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. انهن ملڪن جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد، قومي جاکوڙ ۽ ادبي فن جي لاڙن ۽ اسلوبن جي معلومات ملي ٿي. ترجمن سان ٻولين ۾ وسعت اچي ٿي ته انهن ۾ وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت سبب فڪر ۽ فني قوتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪو ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ نه فقط مفيد آهي، پر انهيءَ قوم کي به دنيا جي نين حالتن سان برابريءَ ۾ گڏ وٺي هلي ٿو.
    حاصل مطلب ته هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ علمي، ديني، سياسي، ادبي يا ڪنهن به موضوع جي تصنيف جي ترجمي ٿيڻ سان انهيءَ قوم ۽ ٻوليءَ ۾ علمي ۽ ادبي شاهوڪاري اچي ٿي. هونئن به جيڪڏهن اسين فقط ديني/ ڌرمي ڪتابن جو ئي جائزو وٺون ته اهي چند قومن تي سندن ئي ٻولين ۾ لٿا، پر جڏهن اهي انساني آباديءَ جي وڌڻ ويجهڻ سان پوريءَ دنيا ۾ پکڙيا ته اصل ٻوليءَ سان گڏ ترجمن به انهن جي وڌائڻ، سمجهائڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ رول ادا ڪيو. ترجما نگاري هر لحاظ سان مفيد آهي ۽ادب ۾ ته ترجمي جي عمل جي افاديت ۽ اهميت هيڪاري اُتم آهي.
    هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندڙ کي ترجمان (Translator) ۽ ترجمي جي عمل کي (Translation) چيو وڃي ٿو. ترجما تحريري ۽ زباني طور ڪيا ويندا آهن ۽ جن ۾ مترجم ٻنهي ٻولين ۾ رابطي جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو. هڪ لحاظ کان هو شارح آهي ته مفسر به، جيڪو هڪڙي ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مقصد ۽ مفهوم سمجهائي ٿو.
    ترجما ڪيئن ٿين ٿا يا مترجم ڪهڙيءَ طرح ترجمي جي جوابدارين جو پورائو ڪري ٿو؟ انهيءَ لاءِ هتي فقط ادبي ترجمن جي حوالي سان ڪجهه روشني وڌي ويندي.
    ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ ترجمن ڪرڻ لاءِ هر صنف جون گهرجون الڳ الڳ آهن. انهن تحت مقرر ماپن ۽ معيارن مطابق ئي ترجمي جي عمل جو پورائو ڪرڻ مترجم جي جوابداري آهي. عام طور اسين اهو چوندا آهيون ته ترجمو اصل جو نقل آهي، پر حقيقت ۾ ائين آهي ته ترجمو اصل جو نقل هوندي به اصل جهڙو ڪري پيش ڪرڻو آهي ۽ اها ڪوشش هر مترجم جي هوندي آهي. ظاهر آهي ته اصل ۽ نقل جي تفاوت کي ختم ڪرڻ هڪ تمام ڏکيو مرحلو آهي ۽ اتي ئي مترجم جي لاءِ وڏو امتحان آهي ته هو اصلي
    فن پاري سان سچو آهي يا پنهنجو پاڻ سان؟ هتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هو اصل ڪتاب جي اصليت (Orignality) کي قائم رکي سگهندو؟ انهيءَ لاءِ جواب اهو آهي ته مترجم کي گهڻيءَ محنت، احتياط، سوچ ۽ سمجهه جي ضرورت آهي. سندس صلاحيت تي منحصر آهي ته هو ڪتاب کي بي سوادو بنائي يا ڪارائتو تيار ڪري. ڪي ڪي مترجم ترجمي ڪرڻ جي اهڙين خداداد صلاحيت ۽ ذاتي قابليت سان نوازيل هوندا آهن، جو هُو هڪ عام ڪتاب جو به اثرائتو ترجمو ڪري ويندا آهن ته ڪٿي ڪٿي ڪو مترجم سلوڻي ڪتاب جو به الوڻو ترجمو ڪندو آهي، جنهن سان اصل تصنيف پڙهڻ لاءِ به روح ڇڪ نه کائيندو آهي. مترجم جي قلم جو ڪمال، تخليقي قوت، اديبانه ۽ محققانه صلاحيتون، ٻولين جو عبور، علمي ڪاوشون، اصل فن پاري سان سچائي ترجمي ڪرڻ جي اصولن جو پورائو کيس ڪاميابيءَ ڏي موڙيندا آهن. تڏهن ئي سندس ذاتي لکڻيءَ جي ڇاپ ترجمي ۾ ڪاهي ڪونه پوندي ۽ نه مواد ۾ تبديلي ايندي ۽ نه ئي وڌاءَ جو امڪان رهندو.
    ادب ۾ ترجما ڇو ڪيا ويندا آهن ۽ ترجمي ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا آهن، انهيءَ لاءِ مختصرًا اهو چونداسين ته جڏهن به ڪو مترجم اديب (جنهن ۾ ترجمي ڪرڻ جو ذوق ۽ شوق هجي) ڪو اهم ادبي ڪتاب پڙهندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته اهو شاهڪار پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ديس واسين جي اڳيان آڻيان ۽ عام طور تي مترجم ڪي اهڙيون تحريرون ترجمو ڪندا آهن، جيڪي سندن قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪارائتيون هجن، جن سان نون نظرين ۽ فڪر جي ڄاڻ ملي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اديب سڌو سنئون ملڪي حالتن ۽ ٻين سببن ڪري اظهار نه ڪري سگهندو آهي ۽ اهو احوال ڪنهن ٻئي ملڪ جي عالم، اديب ۽ شاعر جي اوٽ ۾ ترجمي ذريعي پيش ڪري پنهنجا خيال پهچائيندو آهي. پوريءَ دنيا جي وڏن عالمن، شاعرن، رهبرن، رهنمائن، مفڪرن ۽ شاعرن جا ويچار ترجمن معرفت پنهنجي قوم ۽ ملڪ تائين پهچايا وڃن ٿا، جن سان ادب پروريءَ ۽ علم دوستيءَ سان گڏ گهڻين ٻولين سکڻ ۽ دنياوي علم ادب سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ وڏو فائدو ٿئي ٿو. ادبي اوسر ۾ ترجمانگاريءَ سان پوريءَ دنيا جي علمي ۽ ادبي ماحول جي نظرين جي واقفيت ٿئي ٿي ته نون ادبي اصولن ۽ لاڙن جي ڄاڻ سبب ڏيهي ادب جي اوسر ۽ ارتقائي عمل ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي.
    ادب ۾ آزاد ۽ لفظي ترجما ڪيا وڃن ٿا. لفظي ترجما فقط سائنسي، علمي، لغت ۽ گرامر جي ڪتابن جا ٿيندا آهن ۽ آزاد ترجما نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن ۾ ڪيا وڃن ٿا. شاعريءَ جي ترجمي ڪرڻ ۾ ڪافي پابنديون آهن، پر نثر جي ترجمن ۾ وري به ڪجهه آساني آهي. نثر جي ادبي صنفن جا ترجما اکر با اکر ڪرڻ مشڪل آهن. ڪٿي ڪٿي ڪي اصطلاح، تشبيهون ۽ روايتي لفظ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ترجمن ۾ جيئن آهن تيئن جي بنياد تي نٿا فٽ ٿي سگهن، انهيءَ ڪري ئي مترجم کي ٻنهي ٻولين جي گرامر ۽ لفطن جي ذخيري جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ته ادبي ترجمن ۾ مترجم جي تخليقي قوت جي به خاص اهميت آهي. کيس انهيءَ ماحول يا مزاج جنهن تحت اصل ليکڪ لکيو آهي، جي آگهي پڻ هئڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي پرک مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خوبي بدرجه اتم موجود آهي، جو هيءَ ٻولي نه فقط ذاتي طور پنهنجي اندر وسعت رکي ٿي، پر ٻين ٻولين جي ڪيترن لفظن کي سڌريل ۽ مهذب ٻولين جيان پنهنجو ڪندي، پنهنجي لفظن جي دائري کي وڌيڪ ويڪرو ڪندي پيئي وڃي. اڄ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ ٻين ٻولين جا شامل آهن. عرب دور کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ جي جهولي عربي، ترڪي، فارسي، هندڪو، تامل، انگريزي، هندي، گجراتي، گرمکي، سنسڪرت، بنگالي، اردو ۽ ٻين ٻولين جي لفظن سان ڀري آئي آهي، جن سان ترجمن ڪرڻ ۾ آساني به ٿي آهي. عربن کان پوءِ عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ تي فارسي ٻوليءَ جو اثر ٿيو. عرب اهلِ علم هئا. هنن ڪيترن ملڪن جي تصنيفن جا ترجما ڪيا ۽ خود پڻ اهم علمن تي ڪتاب لکيائون، خاص طور يونان، ايران، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي ڪتابن جا ترجما ڪيائون. مرزا قليچ موجب ته ”اسلام ۾ باقاعدي تعليم سن 143هه ڌاري شروع ٿي ۽ پوءِ ٻن ٽن صدين اندر هزارين عالم، فاضل، مجتهد، فقيهه، حڪيم، فيلسوف، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، عباسي خليفن جي وقت ۾ علم ۽ هنر اوج تي هو. (1)
    اهڙن عالمن ۾ ابنِ خلدون، اصطخري، ابومعشر، الڪندي، الخوارزمي، الفارابي، ابن نديم، همداني ۽ ٻيا هئا، جن فيثاغورث، سقراط، بقراط، اقليدس، ارسطاطاليس، جالينوس ۽ ٻين مختلف علمي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اهم ڪتاب ’چچ نامو‘ پڻ عرب ليکڪ جي تصنيف آهي. عرب دور جي ڪيترن عالمن سنڌي سکي، سنڌي ٻوليءَ مان ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ته ڪيترائي علمي ۽ فني ڪتاب عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. عربن کان پوءِ برصغير تي محمود غزنويءَ کان ناصرالدين محمود جي دور تائين سنڌ اهڙن مسلمانن جي قبضي ۾ رهي، جن جي زبان فارسي هئي. خاص ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو دور هو. انهيءَ وقت جون فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل تصنيفات اڳيان هلي ترجمو ٿيون. پهريون سنڌي نثر جو مڪمل ترجمو ٿيل ڪتاب آخوند عزيزالله جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڪلهوڙا حڪومت جي آخر ۽ ٽالپر دور جي شروعات ۾ ٿيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ”ابوالحسن جي سنڌي“ ٺهي، جنهن ۾ ديني ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا. ٽالپرن جي دور ۾ بي حساب ديني ۽ مذهبي ڪتاب عربيءَ مان ترجمو ٿيا. ”جيئن ته عربي ٻولي دينَ اسلام جي ٻولي آهي، جيڪا عربن جي حڪومت ختم ٿيڻ سان ختم نه ٿي آهي، پر سنڌ ۽ سنڌ واسين جو مذهب اسلام قائم هئڻ سبب عربيءَ جو لاڳاپو صدين کان سنڌي ٻوليءَ سان جڙيل آهي. ڪيترائي عرب خاندان هتي مستقل آباد ٿيا ۽ غيرمسلمن جي اڪثريت اسلام جو دين قبول ڪيو ۽ هتي عربي ٻولي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، عالمن جي زندگيءَ جو اهم فرض رهيو آهي. اڄ به سنڌ جي سرزمين تي وڏا وڏا عالم ۽ عربي دان موجود آهن، جن جي ترجمو ٿيل تصنيفات جو تعلق موضوع جي لحاظ کان ديني، تاريخي، سوانحي ۽ علمي آهي. عربي ٻوليءَ جا ماهر سنڌي عالم ايترا ته اعليٰ پايي جا هئا، جو انهن جون تصنيفات جامع ازهر مصر جي تعليمي نصاب ۾ شامل هيون“. (2)
    موجوده وقت عربي ٻوليءَ کان نوجوان نسل گهڻو واقف نه آهي، پر ته به الحمد لله! بحيثيت مسلمان سنڌي مسلمانن وٽ قرآن پاڪ جي موضوع سان ۽ حديثن جي ڪتابن سان گڏ اسلام سان لاڳاپيل ٻين ڪتابن جا ترجما موجود آهن.
    انگريز حڪومت جي مقرر سنڌي صورتخطي رائج ٿيڻ کان پوءِ نثر جي ادبي صنفن جا ترجما ٿيا، جن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ خاص انگريزيءَ مان ڪافي ڪتاب ترجمو ٿيا.
    ناول جي صنف ۾ پهريون ناول ”راسيلاس“ ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ۽ اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ترجمو ڪيو ته مضمون نويسيءَ ۾ پهريون مضمونن جو مجموعو ”مقالات الحڪمت“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيڪن جي مضمونن تان ترجمو ڪيو. 1947ع کان اڳ ترجمو ٿيل ناولن جو انگ وڏو آهي، جن ۾ ”ايرڪ“، ”ٽي گهر“، ”جولئن هومز“، ”گلن جي ٽوڪري“، ”راحيل“، ”خود ياوري“، ”سچي محبت“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ”طلسم“ ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل مهرچند، ”سون ورنيون دليون“ لال چند امرڏنومل، ”بلو کوکر“ ايس سي شهاڻي، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ ڀمڀاڻي، ”گم ٿيل صندوقڙي“ منشي خوشي رام، ”آخرين سفر جڳت آڏواڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ٿيل ناول آهن.
    ناٽڪ جي صنف ۾ طبعزاد ناٽڪن سان گڏ بي حساب ناٽڪ ترجما ٿيا مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ جي وسعت کي اهميت ڏيندي ترجمي جي عمل کي تمام وڏي هٿي ڏني. ڪيترائي ناٽڪ، ناول ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب ترجمو ڪيائون ۽ انگريزي ٻوليءَ جي تاريخن کي ترجمو ڪيائون. مرزا صاحب جي ترجمن تي الطاف شيخ لکي ٿو ته،
    ”ترجما ادب ۾ اهم رول ادا ڪن ٿا. ڌارئين زبان جو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وڏو سک آهي. مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم انسان اسان کي ٻين ملڪن جي اديبن جي لکڻين کان واقف ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻا ترجما ڪيا آهن. اهو سندن سنڌي ٻوليءَ تي تمام وڏو احسان آهي.“ (3)
    انگريزي ٻوليءَ جي حيثيت بين الاقوامي طور مڃيل آهي. 1947ع کان اڳ انگريز حڪومت ڪيترن موضوعن تي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪرايا، جن سان ادبي صنفن ۾ گهڻائي ناول، ناٽڪ، ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب ترجمو ٿيا جيئن ته خود انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ دنيا جي اهم ٻولين جا ترجما موجود آهن. سو سنڌي مترجمن انگريزيءَ مان ئي اهي سنڌيءَ ۾ آندا آهن. اهڙيءَ ريت هن بين الاقوامي طور مڃيل ٻوليءَ جو علم ادب سنڌيءَ ۾ آهستي آهستي منتقل ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا ترجما انگريزي، عربي ۽ اردو ٻوليءَ مان ٿيا آهن. اردو ٻولي پوري پاڪستان جي رابطي جي اهم ٻولي آهي ته ملڪ جي قومي زبان هئڻ سبب هن ٻوليءَ جي حيثيت مڃيل آهي. اردو ٻوليءَ جو ادب به هڪ وسيع ادب آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل اهم ڪتاب موجود آهن. ڪجهه سنڌي اديبن، شاعرن، اردو ٻوليءَ ۾ طبعزاد ڪم پڻ ڪيو آهي ته ڪجهه ڪتاب سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ۽ اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ٻنهي زبانن ۾ لساني تعلق مضبوط ٿيو آهي. ڊاڪٽر شرف الدين اصلاحي ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“ ۾ لکي ٿو ته،
    ”اردو ۽ سنڌيءَ جي لساني اشتراڪ ۾ نسلي تعلق کان پوءِ تاريخي اعتبار کان جيڪو سبب مؤثر نظر اچي ٿو، سو تهذيبي تعلق آهي“. (4)
    اهو به ڄاڻايو اٿن ته ٻنهي ٻولين تي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا اثر ٿيا آهن ته ٻنهي ٻولين جا هڪ ٻئي تي به گهرا اثر ٿيا آهن.
    ڪافي سنڌي شاعرن اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. ”مقالات الشعراء“ سنڌ جي قديم فارسي گو شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي، پر انهيءَ ۾ اهڙن سنڌي شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي، جن ۾ مير علي شير قانع، سيد ثابت علي شاهه، روحل فقير، سيد ضياءُالدين ضيا، نواب ولي محمد خان لغاري، سچل سرمست، ميان قادربخش بيدل، پير حزب الله، مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، مرزا نادر بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين جو ڪلام آهي، جنهن ۾ ميان قادربخش بيدل ۽ مرزا قليچ جا اردو ۾ ديوان موجود آهن.
    ”سنڌ جي انهن اردو شاعرن جو ڪلام ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن کي اردو زبان تي پوري قدرت هئي“. (5)
    غلام سرور مغل اردوءَ ۾ شاعري ڪندو هو، جنهن جي اصلاح علامه اقبال کان ڪرائيندو هو. اردو شاعريءَ ۾ علامه صاحب سندس استاد هو. (6)
    زمان شاهه ساقي، محمد خان غني، لطف الله بدويءَ، علامه اقبال ۽ الطاف حسين حاليءَ جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو ڪيو ته شاهه جي رسالي جو شيخ اياز، آغا سليم، تنوير عباسي ۽ اياز قادريءَ نثر ۽ نظم ۾ اردو ترجمو ڪيو آهي.
    برطانوي حڪومت جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نئين سر جوڙجڪ دوران جيئن پرڏيهي ادب سان سنڌي قوم جي شناسائي ترجمن ذريعي ٿي، تيئن ڏيهي ٻولين جو ادب پڻ سنڌ ۾ ترجمي جي صورت ۾ گهڻو عام ٿيو. خاص طور بنگالي، مرهٽي، پنجابي، تامل، هندي، گرمکي، اردو ۽ ٻين ٻولين مان ترجما سنڌيءَ ۾ ٿيڻ لڳا. مترجمن ۾ ننديرام سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام، ميلارام منگترام، پياري لال ڇاٻڙيا، ديوان ڪوڙومل کلناڻي، ساڌو هيرانند، آخوند لطف الله، ڄيٺانند، خانچند درياڻي، لالچند امرڏنومل، عثمان علي انصاري، پرمانند ميوارام، قاضي غلام علي، اڌارام ٿانورداس، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، شمس الدين بلبل، سيد ميران محمد شاهه، جڳت آڏواڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، واشو واسواڻي، پارومل، نانڪرام ڌرمداس، احمد خان جلباڻي، رشيد احمد لاشاري، نياز همايوني، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين ڪيترن سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ترجمن جا موضوع داستان، آکاڻيون، افسانا، ناٽڪ، ناول، تاريخ ۽ ٻيا آهن. هن ڏس ۾ ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته،
    ”سندر ساهتيه سوسائٽي 1924ع ۾ جاري ٿي ۽ ميلارام واسواڻي ڪڍي هئي. انهيءَ ماهوار رسالي دوران مشهور هندوستاني ليکڪن جا ناول ۽ آکاڻيون هندي ۽ اردوءَ تان ترجمو ڪري 1947ع تائين سنڌي ساهتيه جو خزانو مالامال ڪيو ويو“. (7)
    اردو ٻوليءَ مان داستانن ۾ ”چار درويش“ آخوند لطف الله، 1890ع، ”ممتاز دمساز“ ۽ ”گلبدن“، محمد صديق مسافر ۽ ”الف ليليٰ“ حاجي امام بخش 1898ع ۾ ترجمو ٿيا. ”گل بڪاولي“ منشي نهالچند جي اردو ترجمي تان احمد خان جلباڻي 1890ع ۾ ترجمو ڪيو. ساڳيءَ ريت ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ پارومل، ميلارام واسواڻي، جڳت آڏواڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي ۽ ٻين اختر حسين، رشيد جاويد، ڪنيالال منشي، سعادت حسين منٽو، احمد عباس، ڪرشن چندر، نسيم حجازي، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي، امرتا پريتم،
    قرة العين حيدر جي ڪهاڻين کي ترجمو ڪيو، جيڪي ملڪاڻي صاحب موجب تعداد ۾ 200 کان به مٿي آهن ۽ اهڙن افسانن ۾ ”شمشان“، بدقسمت“، ”ڪوٽوال صاحب“، ”ڏنگي ليڪ“، ”نيلم“، ”ان داتا“، ”ٽي گونڊا“، ”تاج محل“ ۽ ٻيا آهن.
    ڪيترائي ناٽڪ ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ اردوءَ مان ترجمو ٿيا آهن، جيڪي ڇپيا ۽ اسٽيج تي پيش به ٿيا. ”زرخورشيد“ تان مرزا صاحب ”خورشيد“ لکيو. آغا حشر جي ناٽڪ ”خوبصورت بلا“ کي پاڻ ”نيڪي ۽ بدي“ جي نالي سان ۽ ٻئي ناٽڪ ”شريمتي منجري“ کي ”موهني“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائون.
    نانڪرام ڌرمداس چڱا ناٽڪ اردوءَ تان سنڌيءَ ۾ آندا، جن ۾ ”فريبي فتنه“، ”نيڪ پروين“، ”پتي شيو“ ۽ آغا حشر جي ”بلوا منگل“ جو ”پريم ڀڳتي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو.
    هن دور ۾ ڪافي ناول اردوءَ تان ترجمو ٿيا، جن ۾ ٽئگور جي ”بغاوت“ ناول تان ايم آرامائيداساڻي، منشي پريم چند جي ”گئو دان“ ناول تان ”دکي هاري“ دولت ٽهراماڻي، خواجه احمد عباس جي ”ڊاڪٽر ڪوئنس“ ناول کي ساڳئي نالي سان موهني دوداڻي، احمد نديم قاسميءَ جي ”چتر ليکا“ کي گوبند مالهي، امرتا پريتم جي ناول کي سندري اتم چنداڻي ”هڪ سسئي، سو سور“ ۽ ڪرشن چندر جي ناول کي ”پياسي ڌرتي، پياسيون دلڙيون“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. خانبهادر محمد صديق جو ”حياتيءَ جو پهريون دور ۽ ٻيو دور“ ناول (ٻه ڀاڱا) اردوءَ تان ترجمو آهن. اهڙيءَ ريت ٻين به ڪيترن موضوعن جي ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن. خادم حسين چانڊيو جي سوانحي ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ ۾ اهڙن ڪيترن ڪتابن کي جيڪي اردوءَ ۾ لکيا ويا يا ترجمو ڪيا ويا، ليکڪن جي سوانحي احوال سان گڏ ڄاڻايو آهي.
    1947ع کان پوءِ جي محققن، مؤرخن، اديبن ۽ شاعرن سنڌي ادب جي روايتن کي نڀائيندي، دنياوي نظرين کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ترجمي جي عمل کي جاري رکيو. جديد فڪري روين ۽ ادبي روايتن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ جن شخصيتن پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ مخدوم اميراحمد، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد شاهواڻي، لطف الله بدوي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد خان ”غني“، رشيد احمد لاشاري، بديع الدين شاهه راشدي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، عثمان علي انصاري، اڪرم انصاري، محمد حنيف صديقي، احسان بدوي، نياز همايوني، ڊاڪٽر نبي بخش، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سومار علي سومرو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ اياز، ڊاڪٽر اياز قادري، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، فضل احمد بچاڻي، علي احمد بروهي، نورالدين سرڪي، عطامحمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر نجم عباسي، شيخ عبدالرزاق راز، عبدالله خواب، سرور علي سرور، سرشار عقيلي، غلام محمد گرامي، مظفر حسين جوش، مولائي شيدائي، ممتاز مرزا، تاج صحرائي، وليرام ولڀ، امداد حسيني، بشير مورياڻي، امر جليل، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، گورڌن ڀارتي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نصير اعجاز، عمر ميمڻ، ممتاز بخاري، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتم چنداڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، زيب سنڌي، زرينه بلوچ، نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو، تاج جويو، ڊاڪٽر قاضي خادم، يوسف سنڌي، م.ن مخزون، ڊاڪٽر گل بليدي، حسين بادشاهه، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، آزاد قاضي، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، دادا سنڌي، رئوف نظاماڻي، مدد علي سنڌي، غلام نبي ميمڻ، محبوب علي جوکيو، تاج بلوچ، سليم چنا، دوست محمد ڀٽي، پرويز، ابودانش، ۽ ٻين ڪيترن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
    مٿين ليکڪن جي ترجمو ٿيل ڪتابن جو تفصيل ڏيڻ سان هيءُ مقالو گهڻو طويل ٿي ويندو، پر مختصرًا اهو چئجي ٿو ته سنڌي ليکڪن مان گهڻن کي اردو ٻوليءَ تي عبور حاصل آهي. هنن نه فقط سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ۽ اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، پر طبعزاد نثر ۽ نظم جا ڪتاب پڻ اردو ٻوليءَ ۾ لکيا آهن. پير حسام الدين راشدي، ”مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب“، ”دردِ چراغ محفل“ (نثر جا ڪل پنج ڪتاب لکيا آهن) شيخ اياز ”بوئي گل نالهءِ دل“، ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي“ ۽ ”رسالهءِ شاه عبداللطيف“ (منظوم ترجمو) ابراهيم خليل ”گلزارِ خليل“، ”اقبال حيات اور افکار“، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ”تحريڪ پاڪستان مين سندهه کا حصه“، ڊاڪٽر حيدر سنڌي جا ”پاڪستان کا لساني ورثا“، ”سنڌي زبان کي ارتقا“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
    ساڳيءَ طرح ٻين ڪتابن ۾ ڊاڪٽر درشهوار، ڊاڪٽر فهميده حسين جون پي ايڇ ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف کي شاعري اور فڪر“، ”شاهه لطيف کي شاعري مين عورت ڪا روپ“ جي عنوانن سان اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. ناول ”زينت“ ۽”سانگهڙ“ جا اردو ترجما ٿيا ته ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل ”سنڌي ادب جي تاريخ“ کي ”سندهي ادب کي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان خيرمحمد اوحدي ترجمو ڪيو. ناٽڪ ”شڪنتلا“ کي اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ رشيد احمد لاشاري ۽ ”دودو چنيسر“ کي سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ امداد حسينيءَ ترجمو ڪيو. ڊرامانگار نورالهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين اردو ٻوليءَ ۾ ناٽڪ لکيا آهن، جنهن ۾ نورالهديٰ شاهه جي قسطوار ناٽڪ ”جنگل“ پوري پاڪستان ۾ تمام وڏي شهرت حاصل ڪئي. ولي رام ولڀ ۽ عطامحمد ڀنڀرو صاحب بيحساب ڪتاب اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيا آهن. ولي رام ولڀ ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪيا آهن ته ڀنڀرو صاحب تاريخ، جاگرافي، ٻولي، سياست، سماجيات ۽ ادب ۾ ترجما ڪيا آهن. شاهد حنائي ”شاهڪار سندهي ڪهانيان“ سنڌي ٻوليءَ جون اهم ڪهاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون، جن ۾ امر جليل، نورالهديٰ، ماهتاب محبوب، ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن.
    امرتا پريتم پنجابي زبان جي مشهور ليکڪا جا ڪجهه ڪتاب اردو ترجمي سان پاڪستان ۾ موجود آهن، جن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيا آهن. زاهده ٿيٻو ”شاهه سچل سامي“، سيمينار جي ڪوٺ تي آڪٽوبر 1991ع ۾ هندوستان ويئي، جتي هن امرتا جو انٽرويو ڪيو، جڏهن ليکڪا کي اها خبر پئي ته سندس ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ موجود آهن ته هن هڪدم چيو ته،
    ”ليکڪ جي راضپي کان سواءِ به توهان جي ملڪ ۾ ترجما ڪيا ويندا آهن؟ جيڪڏهن ڪيا وڃن ٿا تڏهن به ڇپرائيندڙ ۽ ترجمي ڪرڻ وارن کي ان ڪتاب جو ترجمو ٿيل يا نقل ته ليکڪ کي ڏيڻ کپي ته جيئن هو ڏسي سگهي ته سندس تصنيف جو ترجمو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي يا نه؟“ (8)
    انهيءَ مان اهو اندازو لڳائجي ته ترجمو ڪرڻ مهل اصل تحرير بلڪل متاثر ٿئي ٿي ۽ ترجما اصل جي ڪاپي هئڻ سبب نه اصل جو سچوپچو هڳاءُ ڏيندا ۽ نه ئي بلڪل ان جهڙا ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي، ان ۾ دست اندازي ڪرڻ کان بچجي. انهيءَ جي لاءِ هي مثال شاعريءَ مان ڏيان ٿي.
    شيخ اياز، شاهه صاحب جي رسالي جو سنڌيءَ مان اردو منظوم ترجمو ڪيو. هو سنڌ جو هڪ عالي مقام ۽ سگهارو شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه جي شاعريءَ جي روح کي جيترو اياز سمجهيو، ايترو هر ٻئي شاعر لاءِ آسان ڪم نه آهي، پر شيخ اياز اردو ٻوليءَ جو اهلِ زبان نه هو. پروفيسر آفاق صديقيءَ جي معاونت ۾ ڪيل پنهنجي هن اردو ترجمي تي اياز صاحب لکي ٿو ته،
    ”اونهاري ۾ جڏهن پرهه جو هير هندوري وانگر گهلندي هئي، تڏهن مان چئين بجي صبح جو اٿي بجليءَ جي روشنيءَ تي شاهه جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪندو هئس. ان ترجمي ۾ ڪڏهن پنهنجي ڪائي خوبصورت سٽ وڌائي ڇڏيندو هوس، ڇو ته دل ۾ ايندو هو ته اها سٽ ڀٽائيءَ کان ڀلجي ويئي هجي ۽ هن نه لکي هئي“. (9)
    شيخ اياز جو ڪيل ترجمو تمام احسن آهي. سندس ڪيل ترجمي تي بحث هن مقالي جو موضوع نه آهي، پر هتي جڏهن اسين ترجمي جي اصولن ۽ معيارن جي ڪٿ ڪريون ٿا ته اها حقيقت بلڪل چٽي ٿئي ٿي ته ترجمي ڪرڻ مهل مترجم جي ڪوشش جي باوجود به هن کان ڪتاب جي اصليت (Origonlity) متاثر ٿئي ٿي. ڊاڪٽر سارلي به شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو ڪندي، ساڳئي ڳالهه ورجائي آهي:
    ”منهنجو ترجمو اصل جي مطابق آهي، پر وزن جي ضرورت جي ڪري ڪجهه ڊيگهه ناگريز ٿي ويئي آهي. اصل سنڌي نسخي جي اختصاري ۽ لفظن جي ٿورائيءَ کي جيئن جو تيئن آڻڻ مون لاءِ ناممڪن هو“. (10)
    مٿيان مثال نظم جي ترجمي جا آهن، جنهن ۾ نثر جي نسبتًا دشواري درپيش ايندي آهي ته به منهنجا قارئين بلڪل اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اصل، اصل آهي ۽ نقل، نقل آهي، پر اصل ڪمال نقل کي اصل جهڙو ڪري پيش ڪرڻ ۾ آهي ۽ اهڙا مهان فنڪار ۽ فن پارا به موجود آهن، جن جو ڪم لاجواب آهي. باوجود مٿين ڳالهين جي اها حقيقت بلڪل مڃيل آهي ته ترجما ٻولين جي باهمي لاڳاپي ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ تمام مفيد آهن. سنڌي نثر ۾ هزارن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ترجمو ٿيل موجود آهن، جن ۾ نثر جي ادبي صنفن ۾ جهجهو مقدار ملي ٿو. ضروري آهي ته سنڌي نثر جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن معرفت وڏي پئماني تي مڪمل نيٽ ورڪ سان ترجمي جي عمل کي فوقيت ڏني وڃي. مترجمن کي جهجهيون سهولتون ڏئي، مختلف ٻولين مان سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ اهم تصنيفات آنديون وڃن ته سنڌي ٻوليءَ جا اهم طبعزاد ڪتاب انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرايا وڃن. اهوئي پوريءَ دنيا سان ادبي ۽ علمي طور لاڳاپي جو وسيلو آهي.

    حوالا
    (1) بيگ مرزا قليچ، ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ (پهريون ڇاپو) 1971ع، ص- 136
    (2) ميمڻ خانبهادر صديق، ”سنڌي ادبي تاريخ“، مسلم ادبي سوسائٽي، 1937ع، ص- 3
    (3) الطاف شيخ ”دنگيءَ منجهه درياءُ (سفرنامو) نيوفيلڊس پبليڪيشن 1989ع، ص- 91
    (4) اصلاحي شرف الدين ڊاڪٽر، ”اردو سنڌي کي لساني روابط“، نيشنل بڪ فائونڊيشن، 1976ع، ص- 77
    (5) ايضًا ص- 90
    (6) خادم حسين چانڊيو ”مارو جي ملير جا“، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2001، ص- 469
    (7) ملڪاڻي منگهارام پروفيسر ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص- 91
    (8) امرتا پريتم (انٽرويو) سرتيون“ (ماهنامه) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 4/1993ع، ص- 32
    (9) شيخ اياز ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1995ع، ص- 66 (بحواله جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”شيخ اياز هڪ مطالعو“ ص 151)
    (10) ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، (مترجم عطامحمد ڀنڀرو“ ”ڀٽ جو گهوٽ“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص- 392


    ادب ۾ تنقيد جي اهميت

    ادب ۾ تنقيد جي اهميت اُتم آهي. ادبي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي ادبي فن پارا فقط تنقيد جي ڇنڊڇاڻ جي ڪري مشهور ٿيا آهن. تنقيد جو عمل بيش بها تصنيفات جي مشڪل، مبهم ۽ ناقابل فهم حصن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تنقيد سان ادب جي چڱاين ۽ براين جي تفريق سبب بهتر کان بهتر لکڻ جو رجحان عمل ۾ اچي ٿو، جنهن سان ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج جو رستو پڻ ويڪرو ٿئي ٿو ۽ ادب جي ترجماني بهتر طور ٿئي ٿي ته ادبي ذوق جي تربيت پڻ ٿئي ٿي.
    تنقيد جو عمل ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مغرب جي ادب ۾ تنقيد جو فن قديم آهي، خاص طور يونان هن فن جي شروعات لاءِ اهم شمار ٿئي ٿو. يوناني ارسطاطاليس، رسيا ڪرٽينس، ارسطو، ۽ افلاطون ادبي تنقيد جا اصول مقرر ڪيا. (ارسطو عيسيٰ عليہ السلام کان ٽي سؤ سال اڳ جنم ورتو) انهيءَ کان پوءِ ٿيوفراسطس روم جي سيسرو، لانجائينس، هوريس، ڪوٽين ٽيلن، پيٽراڪ، ڊانٽي، فرانس ۽ جرمنيءَ جي اسڪاليجز، روسيو، انگلينڊ جي ڊرائيڊن، جان پوپ، بن جانسن، ايڊيسن، ڊاڪٽر سيموئل جانسن، ڪولرج، ورڊس ورٿ، ميٿيوآرنلڊ، شيلي، لارڊ بائرن ۽ ٻين گهڻن ادبي تنقيد ۾ سڌارا آندا ۽ نوان بهتر اصول پڻ قائم ڪيا. ان کان سواءِ اورنگ بيبٽ، ڪنيٿ بڪ، ليزلي فيڊر، جيمس سمٿ، رچرڊسن، فرائڊ، هيري جيمس، اليگزينڊر پوپ، ڊاڪٽر جانسن، ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪارل مارڪس، ٽي ايس ايلٽ، ڪرسٽافر ڪاڊويل ۽ ٻين اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ نوان نظريا ڏنا. حقيقت ۾ يورپ جي قديم تنقيدنگاريءَ جي طريقن (جن ۾ شخصي تنقيد جو سخت رويو شامل هو) جي نقصن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ئي ادبي تنقيد جي اصولن ۾ نواڻ آئي. اهڙين تنقيدن سبب ڪيترائي اديب ۽ شاعر گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويا. انگريزي ادب جي جان ڪيٽس تي بي جا تنقيد سبب جوانيءَ واري موت ۽ لارڊ ٽيني سن جو ڏهه سال لکڻ کان هٿ جهلڻ ۽ ٻيا واقعا شخصي تنقيد جي رويي جي مذمت ڪن ٿا.
    تنقيدي ادب جا اصول ادب جي تاريخ جي هر دور ۾ ڪجهه نه ڪجهه تبديل ٿيندا رهيا آهن ۽ مختلف ٻولين ۾، مختلف وقتن ۾ ليکڪن تنقيد جي تشريح ۽ معنيٰ ڪئي آهي، پر مجموعي طور انهن ۾ ڪجهه اختلافن جي باوجود به گهڻيون هڪ جهڙائيون آهن، جن مطابق نقاد جا ڪجهه فرض ۽ جوابداريون پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.


    ادبي تنقيد جو عمل، نقاد جا فرض ۽ جوابداريون

    ادب ۾ تنقيد (Criticism) جو رجحان ڪيئن آيو ۽ تنقيد جي تعريف ڇا آهي؟ نقاد (Critic) جون ڪهڙيون جوابداريون آهن ۽ هُو ڪهڙيءَ ريت ڪنهن فن پاري جي صحيح پرک ۽ پروڙ ڪري تنقيدي عمل جو پورائو ڪري ٿو؟ انهيءَ جي ڄاڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين لفظ ”تنقيد“ جي وضاحت ڪجي.
    ”تنقيد“ جي وصف ماهرن هن ريت بيان ڪئي آهي:
    ”ادبي تنقيد مان مراد اهڙي پرک، جيڪا ڪنهن به تصنيف جون اوڻايون/چڱايون الڳ الڳ ڪري سهڻائيءَ سان ڄاڻائي، تنقيد جو لفظ تبصري ۽ نڪته چينيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.“ (1)
    انسائيڪلوپيڊيا ۾ ادبي تنقيد (Criticism) کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    “Literary Criticism a discipline concerned with a range of enquries about literature, that have tended to fall into three broad categories philosophical, descriptive and evalative. criticism asks, what literature is, what it does what it’s worth”? (2)
    ڏٺو وڃي ته تنقيد جو عمل سچ ۽ ڪوڙ جي پرک حق ۽ باطل جي فرق پروڙڻ جو آهي، پر اصطلاحي طور ڪنهن به فن (بعض جڳهه تي ذاتيات) جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي يعني تنقيد جي فن سان ٻين جي قولن، تحريرن، ۽ عملن جو منصفانه تجزيو ڪري فيصلو ڏجي ٿو، جنهن ۾ ادبي تنقيد جو خاص مقصد ادب جي عظمت ۽ سچائيءَ کي پرکي ۽ پروڙي، انهيءَ ادبي فنپاري جي گهرائيءَ ۾ وڃي ان مان بي بها موتي چونڊي اچڻ آهي. اها به حقيقت آهي ته،
    ”ادب جي تخليق وانگر ادب جي تنقيد هڪ انفرادي حيثيت رکندڙ ادبي عمل آهي.“ (2)
    يعني اهو عمل جيڪو ڪنهن فن پاري جي مڪمل حيثيت ڄاڻائي، ان ڪتاب جي اصل جوهر جي شرح ڪري ته فن جي حيثيت سان ان ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن ۽ اهو بحث جو انداز، تعريف، هجو، خوشامد، تعصب ۽ ٻين ذاتي عنادن کان پري هئڻ سان گڏ سائنسي نموني سان غيرجانبدارانه تحقيق/ڇنڊڇاڻ تي مبني هجي، معنيٰ ته اها چٽائي بلڪل ٿئي ٿي ته،
    ”تنقيد هڪ سائنسي علم آهي ۽ ادب جي بحث کي تحقيقي ۽ تجرباتي سائنس جي دائري ۾ شامل ڪرڻ ئي تنقيد آهي.“ (3)
    تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ وڏو تعلق آهي. انهيءَ ڪري ادبي تاريخن ۾ انهيءَ موضوع کي گڏ ئي بيان ڪيو وڃي ٿو، پر وري به ٻنهي جون حدون گڏ هوندي به الڳ آهن.
    ادب ۾ تنقيد ڪندڙ کي نقاد (Critic) سڏيو وڃي ٿو. هڪ نقاد اديب، عالم، شاعر ۽ محقق ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ نقاد جو هڪ الڳ مزاج هوندو آهي، هُو هڪ محتسب به آهي ته تخيلق ڪار پڻ.
    بعض جي راءِ موجب ته جيڪي ماڻهوادب ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کان محروم ٿيندا آهن، سي دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ تنقيدنگاريءَ جي عمل ۾ ٽپي پوندا آهن ته جيئن ڪنهن جو پٽڪو لاهي، کيس گهٽ ثابت ڪري، پاڻ کي اونچو مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن، پر ڏٺو وڃي ته اها راءِ منفي رويي جي نشاندهي ڪري ٿي. حالانڪه ادبي تنقيد ڪو معمولي ڪم نه آهي بشرطيڪ اها صحيح اصولن مطابق ڪئي وڃي.
    ادبي تنقيد مثبت ۽ منفي نموني جي قسمن جي ٿئي ٿي.

    مثبت تنقيد: اها تنقيد ادبي فن پاري جي باري ۾ هوندي آهي، جنهن ۾ انهيءَ تصنيف جو سرسري ۽ گهرو مطالعو ٻئي شامل هجن ٿا. جيئن انهيءَ لکڻيءَ جي عظمت تائين پهچي سگهجي. مثبت تنقيد جي خاص طور عملي هئڻ سبب فن ۽ فنڪار ٻنهي جي اهميت وڌي ويندي آهي.

    منفي تنقيد: هن قسم جي تنقيد ۾ شخصي تنقيد تي گهڻو زور هوندو آهي. اهڙي تنقيد متعصبانه رويي ۽ خودغرضيءَ جو شڪار هجي ٿي. بيجا شخصي تنقيد جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن چڱا ليکڪ به اها شهرت، عظمت ۽ مقام حاصل ڪري ڪونه سگهندا آهن، جنهن جا هُو مستحق هوندا آهن. نظرياتي تنقيد کان علاوه جمالياتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، اخلاقي تنقيد، مذهبي تنقيد، سماجياتي تنقيد ۽ ڪجهه ٻيا قسم پڻ آهن. تنقيد جي رويي کي مثبت نموني سان نڀائڻ لاءِ نقاد جي لاءِ چند اصول پڻ مقرر ٿيل آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:

    1- نقاد کي پنهنجي فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ وسيع ترين ادبي مطالعو، ادب جو حقيقي شوق، قديم ۽ جديد تنقيدي روين جي ڄاڻ، ادبي تاريخ تي عبور، ادب جي مختلف صنفن جي اصطلاحن تي گرفت، وسيع القلبي ۽ وسيع النظري سان گڏ پنهنجي مقصد کي سهڻي ۽ منظم نموني سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هئڻ گهرجي.

    2- جيئن ته هر نئين تصنيف انفرادي/ جداگانه حيثيت رکندڙ ۽ نئين پيداوار هجي ٿي (سواءِ نقل ۽ ترجمي جي) ۽ انهيءَ ڪري نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو انهيءَ تصنيف ۾ چڱايون ڳولهي بنسبت براين جي. براين کي نظرانداز نه ڪري، بلڪه احسن طريقي سان ڄاڻائي. سٺي خداداد ۽ تخليقي صلاحيت رکندڙ ذهين نقاد جي اها پهرين صفت آهي ۽ کيس تقابلي (Comparasion) کان پڻ بچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر شخص جو تحرير جو انداز بلڪل جداگانه، آزاد ۽ ٻئي شخص کان مختلف هجي ٿو. ان کان سواءِ هر تحرير پنهنجي پنهنجي دور جي دستاويز هوندي آهي، ان ڪري مصنف جي ذات، ماحول، تصنيفات ۽ ان دور جو مطالعو به نقاد لاءِ ضروري آهي.

    3- نقاد جي جوابدارين ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هو شائسته ۽ مهذب ٻولي استعمال ڪري، ڇوجو تنقيد جو فن ادب جو حصو آهي ۽ادب ۾ تهذيب يافته هئڻ پهريون شرط آهي. تعصب، خودغرضي، ذاتي عناد ۽ شخصي تنقيد کان پاسو ڪري، انهيءَ فن کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ آڻڻ سان هو ان فن پاري جو صحيح ترجمان شمار ٿيندو. يعني سولي نموني سان عام کي سمجهائڻ وارو رهبر ٿيندو. جنهن سان عوام پڻ ان تصنيف ڏانهن متوجهه ٿيندو.

    نقاد جو فرض آهي ته هو ليکڪ جي لکيل مواد ۾ لفظن، جملن ۽ پيراگرافن ۾ ربط، مقصديت ۽ مطلب کي چڱيءَ ريت پروڙي، معنيٰ ۽ لفظن جي هم آهنگيءَ تي توجهه ڏئي. ٻوليءَ جي استعمال کي خصوصي توجهه سان ڏسي.
    نقاد جي گهرجن ۾ اهم اها به آهي ته هو جنهن ڪتاب جو تنقيدي جائزو ڏيئي رهيو آهي ته اهو ضرور ڏسي ته اهو ڪتاب جنهن صنف سان تعلق رکي ٿو، ان صنف جون خوبيون انهيءَ ڪتاب ۾ آهن يا نه.
    سٺو نقاد حساس، ذهين، سمجهو ۽ سڄاڻ هجي ٿو، هو هر تاثر کي شيشي جي عڪس وانگر جهٽي، چٽو ڪري پيش ڪري ٿو. سندس علميت، ادبي ذوق، ڄاڻ ۽ شخصيت پڻ سندس تنقيد مان پڌري هوندي آهي، باقي سندس راءِ سان ٻين عالمن، محققن، اديبن ۽ قارئين جو متفق هئڻ ضروري نه آهي، جهڙيءَ ريت پڙهندڙ ڪابه راءِ قائم ڪرڻ ۾ آزاد آهي، اهڙيءَ ريت نقاد به ڪنهن تحريري مواد کي مستند ۽ غيرمستند سڏي سگهي ٿو، شرط فقط اهو آهي ته وٽس مضبوط دليل هجن ۽ هو سائنٽيفڪ طريقي سان پنهنجي تنقيد کي Justify ڪري سگهي ته پوءِ ته سندس راءِ وزنائتي ٿي قائم به رهي ٿي ته مشهور به ٿئي ٿي. معنيٰ ته، ”نقاد جو علمي ۽ ادبي طور ڄاڻو هئڻ ضروري آهي، تڏهن ئي هُو ڪنهن به ادبي فن پاري جي تخليق جا زاويا سمجهندي ۽ سمجهائيندي پنهنجي علمي ڄاڻ جي پڙهندڙن سان حصي رسي ڪندو. (4)

    حوالا
    1. فيروز اللغات، فيروز سنز لميٽڊ لاهور، 1971ع، ص 216.
    2. “Literary Sketch” The new Encyclopadia Britanica 15th edition, p-397.
    3. مراد علي مرزا: ”ادبي تنقيد جا اصول“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1989ع، ص89.
    4. سيد محي الدين زور ”روح تنقيد“ عصري مطبوعات ڪراچي، 1964ع، ص 128.


    سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا ۽ اوسر

    ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تنقيد جي ڪتابن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا اصولي تنقيد جا ڪتاب يا مضمون وغيره ۽ ٻيا عملي تنقيد جا ڪتاب ۽ مضمون مقالا وغيره. ان کان سواءِ تحقيق جي لحاظ کان لکيل ڪتابن کي به مٿين ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر يا نظم جي ڪنهن صنف جي فني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصول ۽ قاعدا قانون بيان ڪيا ويا هجن، يا ڪنهن فن پاري جو اصولي تجزيو ڪرڻ لاءِ ماڻ ماپا بيان ڪيا ويا هجن، تن کي اصولي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو. جڏهن ته ٻيا ڪي اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر ۽ نظم جي ڪتابن، افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ مضمونن تي تنقيدي خيال کان لکيو ويو هجي ۽ مڪمل نموني ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪري انهن جو ملهه ڪٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هجي ته انهن کي عملي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو“. (5)
    سنڌي ادب ۾ تنقيدي رويي جا اشارا ڊاڪٽر فهميده حسين موجب، ”نائين ۽ ڏهين صديءَ جي زماني ۾ هڪ شاعر ڪويراج شيکر جي هڪ ڊزن کن لکيل عروض، ادب تاريخ ۽ تنقيد جي ڪتابن مان ملن ٿا“. (6)
    ان کان پوءِ مولوي ابوالحسن ڏاهري، مير علي شيرقانع ٺٽوي، محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ڪجهه تنقيدي اشارا ملن ٿا. باقاعده طور اصولي تنقيد جو پهريون ڪتاب سيد فاضل محمد شاهه جو ”ميزان شعر“ 1875ع شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڄاڻ ڏنل آهي. ساڳيءَ ريت خطوط نويسيءَ جي موضوع تي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ”انشاءِ سنڌي“ ۽ ان کان اڳ ”هدايت الانشاء“ حاجي هدايت الله مشتاق جو خط و ڪتابت جي فن جي اصولن ۽ مثالن تي مشتمل ملي ٿو.
    اڳيان هلي ڪافي ڪتاب تنقيدي نموني مطابق لکيا ويا، جن ۾ موضوع جي ڇنڊڇاڻ احسن طريقي سان ٿيل آهي، جن ۾ ورهاڱي کان اڳ ”احوال شاهه عبداللطيف“، ”ساميءَ جا سلوڪ“، ”علم ادب“، ”شاهاڻو شاهه“، ”سونهارو سچل“، ”لطيفي سير“، ”مقدمهءِ لطيفي“، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جو مقدمو، جيڪو باقاعده تجزياتي (Analytical) نموني لکيل آهي ۽ انهيءَ تي ٿيل بحث سان سنڌي ادب ۾ تنقيدي روين ۾ وڏي تبديلي آئي) ”قربِ قليچ“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ”تذڪره لطفي“، ”شاهه جون سورميون“، ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ لکيا ويا.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تنقيدي ادب ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. سڀ کان پهرين 1949ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ”ادب ۽ تنقيد“ نالي سان اهم ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ ”ادبي اصول“، ”لطف اللطيف“، ”شاهه لطيف ۽ ان جو فن“، ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (منگهارام ملڪاڻي)، ”انڌا اونڌا ويڄ“، ”سنڌي غزل جو تجزيو“، ”تنقيدون“، ”ادب جا فڪري محرڪ“، ”ادبي اهڃاڻ“، ”ادبي شناس“، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (3 جلد)، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، وريا واهرو“، ”شاهه لطيف جي شاعري“، ”مضمون ۽ مقالا“، ”ادبي اوسر“، ”سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر“، ”سنڌي گيت“، ”شاهه سچل سامي“، ”ويچار“، ”ادبي تنقيد جا اصول“، ”تنقيدنگاري ارتقائي جائزو“، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”شعور، شاعر، شاعري“، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۽ ٻيا چند ڪتاب اصولي ۽ عملي تنقيد جا مظهر آهن ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ڪيل تحقيق ۾ هند ۽ سنڌ جي يونيورسٽين مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا، تنقيد جي مَدَ ۾ اهم آهن. سنڌي ادب جي تنقيدنگارن ۾ چند اهم نالا هن ريت آهن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سيد اسدالله شاهه، ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لطف الله بدوي، پروفيسر محبوب علي چنا، رحميداد مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام محمد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر عطامحمد حامي، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڪملا ڪيسواڻي، لڇمڻ خوبچند، علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، محمد عمر چنڊ، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ڊاڪٽر سحرامداد، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، جڳديش لڇاڻي، لعل پشپ، بدر ابڙو ۽ ٻين ڪيترن تنقيد ۽ تحقيق ۾ ڪم ڪيو آهي.


    حوالا
    5. عرساڻي شمس الدين، ”فن شخصيت ۽ انداز“، ڪتابي دنيا اشاعتاڻه اوسر، 2003- ص 95.
    6. ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع، ص 102.
    7. ايضاً: ص 95.


    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فن/رسالو، مقصديت ۽ پيغام

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ جو اهو املهه ماڻڪ آهي، جنهن جي ذات ۽ ڏات تي هيستائين جيڪي ڪجهه چيو ۽ لکيو ويو آهي، انهيءَ جو تَتُ اهو شمار ڪري سگهجي ٿو ته هن اعليٰ پايي جي نيڪ نيت بزرگ جي شاعري هڪ عجب اسرار آهي. اهو هڪ لازوال معجزو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو پروانوپڻ، انساني زندگيءَ جي مڪمل رخن جو اڀياس آهي ته عوام الناس کي ماڻهپي جا سبق سيکاريندڙ سنڌي صحيفو پڻ.
    شاهه سائينءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ تفصيلي طور مون هڪ ڪتاب ”جي پارکو پارس جا“ لکيو آهي، پر هن مختصر مقالي ۾ فقط سندن فن ۽ ان جي مقصديت ۽ پيغام تي مختصر روشني وجهنديس.
    جيئن ته فن ۽ فنڪار جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي، سو شاهه سائينءَ جي شخصيت کي سندن شاعريءَ کان جدا نٿو ڪري سگهجي. هن عظيم فنڪار جو فن سندس ذات جي انيڪ خوبين جيئن نيڪ نيتي، خلوص، مهرباني، بردباري، سمجهه، حوصلو، همت، شجاعت، ذڪاوت، سخاوت، سچائي ۽ رحمدليءَ جو ترجمان آهي. شاهه صاحب جو فن سندس رسالو آهي. ”رسالو“ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”رسل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ پهچائڻ جي آهي، يعني شاهه جو رسالو اسان وٽ سندن پيغام جي صورت طور پهتو آهي. شاهه جو رسالو پنهنجي شاعراڻي خوبين ۽ فني لوازمات سان گڏ هڪ خاص معنيٰ رکي ٿو، جيڪا آهي ”پيغام“ هاڻي اهو پيغام ڪهڙو آهي، جيڪو هُن سنڌ واسين کي ڏنو آهي ۽ ان ۾ سندس ڪهڙو مقصد ڪارفرما آهي؟ ۽ اهو به سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا سنڌي قوم پنهنجي هن قومي شاعر جي شاعريءَ مان اهي مقصد جا موتي حاصل ڪيا آهن، جيڪا هن جي مراد هئي؟ انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين شاهه صاحب جي رسالي/فن جي ماهيت ۽ ٻوليءَ تي ڪجهه روشني وجهنداسين، پوءِ ئي مقصديت تي بحث ڪبو.
    شاهه جو رسالو ”گنج“ جي قلمي نسخن جي صورت ۾ ڀٽ شاهه تي سندن وفات کان پوءِ محفوظ هو، جنهن تان ڪيترائي قلمي نسخا مرتب ٿيا ۽ پوءِ جڏهن انگريز دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا تڏهن قلمي نسخن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ڪم عمل ۾ آيو. پهريون شخص ڊاڪٽر ٽرمپ هو، جنهن شاهه جي رسالي جو ڇاپي نسخو لپزگ جرمنيءَ مان شايع ڪرايو، جنهن ۾ هُن ٻن ڏيهي شخصن جي مدد سان ٻه قلمي نسخا ڀيٽي تيار ڪرايو هو.
    اصل گنج اڄ تائين موجود نه رهيو آهي، جو شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ فقيرن لکيو هو، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته پاڻ ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هيائون. شاهه صاحب جي مريدن ۽ فقيرن جيئن تمر فقير، رحيم فقير ۽ مائي ملياڻي نيامت کي شاهه جي ڪلام جو وڏو حصو ياد هو، اهڙيءَ ريت جيترن کي سندن ڪلام ياد هو، انهن خود هڪ ٻئي کان پڇي نسخو لکيو، جو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو.
    اسان وٽ موجوده وقت جيڪو معتبر گنج موجود آهي، سو ڪاتب فقير عبدالعليم عرف وڏل شاهه ميين اسماعيل جي چوڻ تي لکيو (ميون اسماعيل تمر فقير جو نائب هو) انهيءَ گنج ۾ شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ٻين فقيرن، ڪلاسيڪل شاعرن ۽ سگهڙن جا بيت به شامل آهن.
    هاڻي جيڪڏهن شاهه صاحب جي اجازت سان لکيل سچو پچو نسخو موجود هجي ها ته اڄ اسان جي محققن جون پوريون حياتيون شاهه جي ڪلام کي ڌارين ڪلام مان آجي ڪرڻ ۾ صرف نه ٿين ها. شاهه صاحب جي ڪلام کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ واري واقعي تي جيڪڏهن اعتبار به ڪجي ته پوءِ به جيڪو ڪلام سندن حياتيءَ ۾ وري لکيو ويو، اهو به تمام مستند هو، پر اهو نسخو به سنڌ جي سياسي حالتن ۽ ان وقت جي غيرموافق ماحول سبب رُلي ويو. (انهيءَ وقت ذاتي ڪتب خانن جو رواج وڌيڪ هو. ممڪن آهي اهڙو ڪو ٻيو به مستند نسخو ميرن يا ٻين عالمن جي ڪتب خانن ۾ وقت سان گڏ تباهه ٿي ويو هجي) بلڙي شاهه ۽ ڀٽ جا نسخا جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ انگريزن جي دور ۾ ڀيٽا، اهي به هن وقت موجود ڪونهن، انهيءَ تي ڪيترو به ڏک ڪجي، گهٽ آهي. بهرحال موجوده وقت جيڪي نسخا هٿ آيل آهن، انهن جو وچور تقريباً پنجاهه تائين وڃي ٿو. جيڪي نقلن جا نقل آهن، انهن مان محققن وڏيءَ جاکوڙ سان شاهه صاحب جو ڪلام ترتيب ڏنو آهي. آفرين آهي انهن محققن جي محنت کي، جن قلمي نسخا ڀيٽي ۽ مستند ڪلام کي ڇپائڻ جون ڪوششون عمل ۾ آنديون. خاص طور ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جي محنت کي مڃتا ڏيڻ ضروري آهي.
    شاهه جو رسالو ”گنج“ جي صورت ۾ واضح طور شاعراڻي مواد تي مبني آهي. ڇاپي رسالن ۾ سرن جي ترتيب ۽ فصلن جي ورهاست موجود آهي ته گڏوگڏ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ شرح پڻ ڏنل آهي ته ڪلاسيڪل داستانن جو تفصيل پڻ موجود آهي، جيڪو عام خواندو پڻ پڙهي مطلب جا موتي حاصل ڪري سگهي ٿو.
    شاهه صاحب جي رسالي جي ٻولي سلوڻي، سون ساريڪي، سٻاجهي سنڌي آهي، جيڪا هر سنڌيءَ جي دل کي سيبائيندڙ ۽ ڄڻ ان جي دل جو آواز آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ لساني ذخيري جو وڏو تعداد موقعي مهل مطابق استعمال ڪندي، هن ٻوليءَ کي پختائيءَ ۽ اونچائيءَ جي اعليٰ درجي تي پهچائي ڇڏيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جا مڪمل اسباب موجود آهن. هو نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت جو مالڪ آهي، پر پنهنجي ڪامل مهارت ۽ قابل دسترس سان ان کي قائم دائم رکندڙ آهي. کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪابه ملاوٽ پسند ڪونهي. تڏهن ئي ته فرمائي ٿو ته:

    جي تون پارسي سکين ته گولو تون غلام
    يا
    پيم پٺاڻن سين، ٻولي ٻي نه ٻُجهن،
    آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسي پُڇن،
    مون پڻ ملان تن، سرتيون سُور پِرايا.

    هن رسالي جي معرفت سنڌي ٻولي هڪ سداحيات ۽ جيئري جاڳندي ٻولي ٿي قائم رهندي اچي. بيتن ۾ ڇا ته تجنيس حرفيءَ جا جنسار آهن؟ ڪيتريون ئي هڪ هڪ لفظ جون معنائون آهن؟ ڪيترا نه هڪ هڪ شيءِ لاءِ لفظ موجود آهن؟ مثال ڏيڻ ويهجن ته صفحن جا صفحا ڀرجي وڃن. لفظن جون زيب دار تخليقون، تمثيل جون تازگيون، تشبيهون، حڪايتون، مطلب ته انيڪ خوبيون آهن.

    مقصديت ۽ پيغام:
    شاهه صاحب جو پيغام ڪل ڪائنات جي ڀلائي آهي. سندس شاعريءَ جو محور انسانذات آهي. هن خودشناسيءَ معرفت خداشناسيءَ تائين پهچڻ جا درس ڏنا آهن. هن غيرمعمولي ذهين (Extra ordinary Genius) شخص جو شاعراڻو شعور فقط چند هلندڙ صدين تي نه، بلڪه هڪ تمام وڏي عرصي تي محيط آهي. سندس فن سنڌ جي هر دور جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ردوبدل ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ عوامي جيوت جي هڪ هڪ رخ جو اولڙو آهي. هن پنهنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري ڏات سان جيڪو فڪر سنڌين ڏانهن منتقل ڪيو آهي، اهو نه ڪير اڄ تائين ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿيندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر سارلي چواڻيءَ ته ”سنڌ شاهه صاحب جهڙو ٻيو شاعر پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندي“. هن فقط بيت نه چيا آهن، پر انهن بيتن جي اونهائيءَ کي ماپڻ لاءِ عام کي خبردار ڪيو اٿس ته، انهن بيتن کي عقيدت، سچ، سونهن، خلوص ۽ محبت جي ماپي ۾ پرکيو، پروڙيو، قرآني آيتن وانگر يقيني قوت سان قلب ۾ اوتيو ته ئي قرار پائيندؤ ۽ تڏهن ئي ابدي حياتي ماڻيندؤ.
    بامقصد انساني قدرن ڏي، مائل ڪندي حياتيءَ جي هر رخ جي حقيقت بيان ڪئي اٿس. زندگيءَ جي هر پهلو، ڏک، سک، خوشي، غمي، علم، عبادت، محبت، ڪدورت، عشق جون اونهايون، وڇوڙي جا ورلاپ، وصال جي لذت، مطلب ته ڪوبه انساني جذبو نه آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ ڇهيو نه هجي. هو هڪ ماهر نفسيات دان، دانا، عالم، رهبر ۽ رهنما وانگر انساني ڪردار جي اوچائي نيچائي، اماره، لوامه خاصيتون پڌري پٽ ٻڌائي ٿو. سندس شاعراڻي رمز ايتري ته اونهي آهي، جو هن مهاساگر مان هر ماڻهو اعليٰ توڙي ادنيٰ، عالم توڙي بي علم، استاد توڙي شاگرد، مالڪ توڙي مزدور، مطلب ته سڀني کي پنهنجي پنهنجي مطلب مطابق معنيٰ ملي ٿي. هن جو دل ۽ دماغ هڪ مثبت رويي ڏي مائل ٿئي ٿو. سندس اندر کي هڪ نئين قسم جي روشني ملي ٿي.
    ڪيترن ئي شارحن شاهه صاحب جي ڪلام جون شرحون لکيون آهن. ڪئين ظاهري ۽ باطني معنائون بيان ڪيون آهن ۽ هر طبقي جا ماڻهو انهيءَ مان مستفيض ٿيا آهن ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪوبه ناڪاري (Nagative) رخ هن ڪلام مان نه مليو آهي. نه شيعن، نه سنين، نه هندوئن، نه مسلمانن، نه مولوين، نه محققن، مطلب ته ڪنهن کي به سندس ڪلام جي ڪنهن به سٽ تي اعتراض نه ٿيو آهي، بلڪه سندس سڄي ڪلام ۾ نيڪ نيتيءَ جو پهلو سڀني پهلوئن کان وڌيڪ نمايان ۽ چٽو آهي، جو هو پاڻ هڪ بي انتها نيڪ نيت ۽ نيڪ عمل انسان هو.
    اها ڳالهه به مُنڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي ته هن شاعريءَ کي تصوف جي تارازوءَ ۾ توريو ويو ته به تمام صحيح لڳي. جڏهن محققن سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي، سياسي، مذهبي ۽ تاريخي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو، ته پڻ مُدلّل لڳي. مطلب ته هن نوراني شاعريءَ ۾ وطن دوستي، وسيع النظري، وسيع القلبي ۽ وسيع الوسعتي آهي، جنهن جهڙو هڪ به شعر پيش ڪرڻ ڄڻ ته معجزو آهي. انهيءَ ڪري ئي هن شاعريءَ کي ”سداحيات شاعري“ جو لقب مليو آهي.
    مقصدي طور مثبت لاڙن، نيڪيءَ جي تربيت، سجاڳي، سورهيائي، سچائي، همت، محنت، معرفت، محبت، بي ڊپائي، مستقل مزاجي ۽ خاص طور ماڻهپي ڏي موڙڻ ئي هن شاعريءَ جو مقصد ۽ پيغام آهي.
    وڳر ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِننِ پاڻ ۾،
    پَسو پَکيئَڙن، ماڻُنهئان ميٺ گهڻو.
    (4-5، سر ڏهر)


    لطيفيات ۾ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو

    علم ادب جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آهن جن حضرت شاهه ڀٽائيءَ جي سوانح، ڪلام ۽ موسيقيءَ جي مختلف رخن تي پنهنجي خيالن جو اظهار مختلف تحريرن ۽ تقريرن ذريعي ڪيو آهي. جنهن ۾ گهڻائي مضمون/ مقالا مختلف مخزنن، تحقيقي جرنلن ۽ اخبارن جي سونهن بنيا آهن ته ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن ته ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي ۽ ڪجهه ڪم ترجمي جي عمل مان گذري ٻين ٻولين ۾ پڻ منتقل ٿيو آهي.
    جن علمي شخصيتن هن اهم ادبي ۽ نيڪ ڪاريه ۾ هٿ ونڊايو آهي انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن (هن ۾ قلمي نسخن جي ڪاتبن جا نالا شامل نه آهن.)
    مير علي شير قانع ٺٽوي، خانزئي غلام محمد، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد عاقل، مخدوم الله بخش، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد رفيق علي حسيني، هدايت الله هالائي، نظر علي بلوچ، نياز همايوني، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سر رچرڊ برٽن، سر آرنولڊ ٿامس، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، مئڊم اينيمري شمل، عثمان انصاري، محمد بخش واصف، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، مرزا اجمل بيگ، لطف الله بدوي، ميران محمد شاهه (اول) ليلا رام وتڻمل، ايم ايم گدواڻي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، لعل چند امر ڏنو مل، تاراچند شوقيرام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، رام پنجواڻي، پرسوگدواڻي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي،
    ٽي ايل واسواڻي، تيرٿ داس هوتچند آڏواڻي، هرومل سدارنگاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، خانم خديجه دائود پوٽو، آغا محمد يعقوب، آغا بيگم طاهره، محمد اڪرم انصاري، ايس ايم جهانگياڻي، موتي لعل جوتواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر منوهر داس مٽلاڻي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، خوبچند آڏواڻي، دين محمد وفائي، محمد صديق مسافر، فتح چند واسواڻي، شيخ اياز، ڊاڪٽر حميده کهڙو، پير علي محمد راشدي، پير حُسام الدين راشدي، محمد عمر چنڊ، جي- الانا، جي ايم سيد، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر محبوب علي چنا، غلام محمد گرامي، پير سعيد حسن، لعل بخش جهرڪائي، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڪريم بخش خالد، آخوند عبدالحميد، ظفر ڪاظمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ محمد ابراهيم خليل، شيخ محمد سومار، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، حميد سنڌي، سراج الحق ميمڻ، مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، علي نواز حاجن جتوئي، محمد حسين ڪاشف، رسول بخش پليجو، فقير امداد علي سرائي، معمور يوسفاڻي، غلام محمد گرامي، عطا محمد حامي، رحميداد مولائي شيدائي، الله بخش نظاماڻي، سيد نجف علي، مخدوم امير احمد، تاج صحرائي، اسحاق حسن ميمڻ، ضياءُ الدين بلبل، ممتاز مرزا، آغا سليم، حافظ محمد احسن، الحاج رسول بخش ڏيرو، آغا تاج محمد، غلام محمد شاهواڻي، پروفيسر غلام عباس سريوال، شمشير الحيدري، ڪي ايم لاڙڪ، ممتاز عقيلي، اي ڪي بروهي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، پروفيسر شفيع ميمڻ، تاج صحرائي، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، مقبول صديقي، اعجاز الحق قدوسي، ڊاڪٽر جميل جالبي، سيد صفدر علي شاهه، ايس ايم ناز انصاري، اختر اڪبرآبادي، پروفيسر آفاق صديقي، پريشان خٽڪ، مظهر يوسف، رياض صديقي، سيد وقار حسين رضوي، پروفيسر محمد احمد شيخ، احمد محمد قاضي، ڪريم بخش چنا، الله بخش سرشار عقيلي، ناصر مورائي، محمد بچل تنيو، ايس ايم فاروقي، عبدالغفار سومرو، شيخ عبدالرحيم، شيخ عبدالرزاق راز، نثار حسيني، قمر شهباز، مدد علي سنڌي، منظور نقوي، غلام حسين مشتاق سچاروي، رشيد احمد لاشاري، مدد علي قادري، محمد اسماعيل شيخ، ڪي ايم پنهور، اسدالله ڀٽو، تقوي نعيم، لعل بخش جهرڪائي، علي احمد بروهي، محمد بخش انصاري، مير محمد ڀيو، محمد علي قاضي، غلام رسول بلوچ، سيد احسان علي شاهه، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ايم اي عالماڻي، ناز سنائي، آفتاب ابڙو، الحاج قمر بخش لاکو، عابد لغاري، نجم عباسي، علي نواز وفائي، حبيب الله ڀٽو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، غلام رباني آگرو، عبدالواحد آريسر، بدرابڙو، انب گوپانگ، سيد اظهر گيلاني، تاج جويو، محمد سليم ڀٽو، انور هالائي، عبدالعلي قلباڻي، ابن سالڪ، عبدالغفار گوهر، محمد عالم سومرو، ٻانهون خان شيخ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ج-ع منگهاڻي. پريتم پياسي، خادم عباسي، پروفيسر الهڏنو سومرو، نصرت حسين ابڙو، حافظ عبدالرحيم جمالي، قطب علي شاهه حسيني، حافظ ارشد انڍڙ، فقير محمد لاشاري، احسان احمد بدوي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو، شيخ عبدالحليم جوش، سلطان احمد خواجه فدائي، ابن الياس سومرو، محمد عرس سمون، غلام محمد ولي محمد طاهر زادو، الياس عشقي، حامد علي خانائي قريشي، پروفيسر عنايت الله زنگيجو، منصور قادر جوڻيجو، احمد خان آصف مصراڻي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر نديم ملڪ، پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.
    شاهه ڀٽائيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ اسان وٽ”ماخذ“ طور شاهه جو رسالو ئي آهي، شاهه صاحب جي پنهنجي شاعريءَ لاءِ سندن وٽ ڪهڙا ماخذ هئا جنهن تحت هيءَ اعليٰ شاعري وجود ۾ آئي؟ انهيءَ لاءِ علامه قاضي صاحب جي نظر ۾ قرآن پاڪ ئي سندن شاعريءَ جو ماخذ آهي. ڊاڪٽر سوڍر موجب قرآن پاڪ، تصوف، موسيقي ۽ راڳ، عوامي جيوت، سنڌي زبان ۽ ان جي صلاحيت سندن شاعريءَ جا ماخذ آهن، جڏهن ته ڪاشف صاحب وٽ سندن شاعريءَ جا ماخذ، تاريخ جو اهو دؤر جنهن ۾ سندن جنم ٿيو، خانداني ماحول، پرورش، ۽ والدين جي تربيت جو اثر، سير ۽ سفر ۽ زندگيءَ جي مختلف روين ۽ عام حالتن جو اڀياس، وقت جي درويشن ۽ عالمن سان ملاقاتون، قرآن، تصوف ۽ راڳ کي روح جي غذا سمجهڻ آهن. منهنجي نظر ۾ ته شاهه صاحب جو ڪلام جن حالتن ۾ اُسريو انهيءَ ۾ سندن ذاتي طبع ۽ مزاج شريف، ديني دنياوي تعليم، فطرت جو مشاهدو ۽ مطالعو، سنڌ واسين جي محبت پڻ مٿين نڪتن سان گڏ اهم آهن. شاهه ڀٽائيءَ پنهنجو سڄو ڪلام ڪو هڪ هنڌ يا هڪ جڳهه يا هڪ موڊ ۽ ماحول ۾ ڪونه چيو آهي. بلڪه سندن شاعري مختلف وقتن، موقعن، مهلن ۽ ماحولن ۾ سرجي آهي، جنهن تي زمان ۽ مڪان جو اثر عائد ڪري سگهجي ٿو. ماضي حال ۽ مستقبل جي ترجماني ڪندڙ هن شاعريءَ ۾ شاعر جي طبع جي روانيءَ جي زير و زبر سان گڏ انهيءَ وقت جي هلندڙ حالتن ۽ پيش ايندڙ ننڍن وڏن واقعن جو وڏو اثر آهي. هن پنهنجي شاعراڻي شعور سان اهڙو علمي مها ساگر وجود ۾ آندو جنهن ۾ هن ڌرتيءَ جي جياپي لاءِ آدرشي اصول ڏسيل ته آهن، پر ”فوق البشر“ ۽ ”ڪامل انسان“ ٿيڻ لاءِ مڪمل رهنمائي ڏنل آهي، انساني زندگيءَ کي آدرشي ۽ آفاقي درجو ڏيڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر جو پيغام فقط سنڌ واسين لاءِ نه پر پوريءَ دنيا جي انسانن لاءِ آهي، جنهن کي دنيا ۾ عام ڪرڻ لاءِ ترجمي جو عمل ئي افاديت وارو ۽ ڪارگر آهي. شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ هيستائين ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي ۽ ڪيترو ٻين ٻولين ۾ ٿيو آهي؟ ڪهڙن ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن، انهيءَ لاءِ هيٺ مختصر جائزو ڏجي ٿو.

    لطيفيات ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم:
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ پيغام تي هيستائين جيڪو ڪم ٿيو آهي، انهي مطابق تقريباً سندن ڪلام جا 42 قلمي نسخا ۽ 25 ڇاپي رسالا ۽ لطيفيات جي موضوع تي لکيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 149 لغت ۽ گرامر تي لکيل ڪتابن جو تعداد 10، رسالي جي جدا جدا منتخب ڇپيل سُرن جو تعداد 105 آهي، انهيءَ کان علاوه اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ جرمن ڪتابن جي تفصيل الڳ آهي. مقالن ۽ مضمونن جي تعداد تقريباً اٺ سؤ کان به مٿي آهي، (اهو احوال عبدالجبار صاحب جي ڇپيل ببليو گرافي 2000ع جي حوالي سان ڏنو ويو آهي) هاڻي 2000ع کان 2008ع تائين ٻيا به ڪافي ڪتاب هن ڏس ۾ آيا آهن. ان ڪري اهو بلڪل چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد 250 کان به ڪجهه مٿي هوندو. شاهه سائين جي باري ۾ لکيل مڪمل ڪتابن مان چند ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
    ’منهاج العاشقين‘، خانزئي غلام محمد، ’لطائف لطيفي‘ مير عبدالحسين خان سانگي، ’احوال شاهه لطيف‘، ’لغات لطيفي‘، ’شاهه جي رسالي جي ڪنجي‘، ’لطيفي لات‘ شمس العلما مرزا قليچ بيگ، ’شاهه لطيف ۽ صورت بهار جا چرتر‘ (بيت ۽ ڀڄن) تاراچند شوقيرام، ’شاهه جو رسالو‘ (هڪ اڀياس) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ’سنڌ جون ست آکاڻيون‘ رام پنجواڻي، ’شاهه جو شعر‘ پرسو گدواڻي، ’سرتاج شاعر‘ (Musa Pervaganos)، ’ڀٽ جو گهوٽ‘ (Shah Abdul Latif of Bhit) ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ’سنڌي ساهت جو خزانو‘، ’شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي‘، ’شاهه جون آکاڻيون‘ ڄيٺمل پرسرام، ’شاهه جو رسالو‘، ’روح رهاڻ‘، ’مقدمهءِ لطيفي‘ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ’سر سورٺ‘، ’ڀٽائي گهوٽ‘، ’غريب اللغات‘، ’لطيفي سير‘، ’گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾‘، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ’شاهه جون سورميون‘، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ’شاهاڻو شاهه‘ لالچند امرڏنو مل، ’سنڌوءَ جون لهرون‘ مرليڌر جيٽلي، ’تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي‘، ’شاهه سنڌ جي تهذيب جو روح‘، پوپٽي هيراننداڻي، ’شاهه سچل ۽ سامي‘ اي جي اتم، ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ هرومل سدا رنگاڻي، ’ٽي عظيم شاعر‘ دادا هولارام هنس، ’هنج چڱن موتي‘ آسا نند مامتورا، ’لطيف ٻاري‘ ارجن ڪي جهوڙيملاڻي، ”مضمون ۽ مقالا“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ’شاهه عبداللطيف دنيا جو بي مثال شاعر‘ علامه آءِ آءِ قاضي (مترجم) عبدالغفار سومرو، ’شرح لطيفي‘ محمد بخش واصف، ’لطف اللطيف‘، ’شاهه جي رسالي جو مطالعو‘ مولانا دين محمد وفائي، ’نقش لطيف‘ امام بخش نياز، ’لطيف‘ اڪرم انصاري، ”شاهه جو پيغام‘ حافظ محمد احسن، ’لطيفي لنئون‘ پروفيسر محبوب علي چنا، ’شاهه جي رسالي جو رهبر‘ ۽ ’شاهه جو رسالو‘ محمد عثمان ڏيپلائي، ’شاهه ۽ نوجوان‘ (مرتب) پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ’لاکيڻو لطيف‘ قطب علي شاهه، ’پيغام لطيف‘ جي ايم سيد، ’شاهه- سچل- سامي‘ محمد ابراهيم جويو، ’شاهه جي رسالي جا سرچشما‘، ’شاهه جي رسالي جي ترتيب‘ ’شاهه عبداللطيف (تحقيقي مضمون) ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ اسلامي اخلاقي قدر‘، ’شاهه عبداللطيف سنڌي ٻوليءَ جو معمار‘ (مرتب) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌين جو فرض‘ امير خدا بخش، ’شاهه عبداللطيف ان جو ڪلام ۽ فڪر‘ عبدالغفار بلوچ، ’راڳ نامو‘ صوفي صادق، ’لطيفي لات‘ پنهور خان محمد، ’شاهه‘، ’ڪامل جو ڪلام‘ ۽ شاهه جو رسالو‘ (مرتب) ڪلياڻ آڏواڻي، ’شاهه جو انڀوءَ‘ ايف ڪي ساڌواڻي، ’واجهائي وطن کي‘ (سر مارئي) ناصر مورائي، ’سي آيتون آهن‘، ’شاهه جو رسالو سنڌ جي تاريخ جو ماخذ‘، ڪريم بخش خالد، ’وساريان نه وسرن‘، ’لطيفي لات‘، ممتاز مرزا، ’نئين شرح لطيف‘، رسول بخش ڏيرو، ’فڪر لطيف‘، اسدالله ڀٽو، ’شاهه قرآن جي روشنيءَ ۾‘ غلام عباس سريوال، ’شاعرن جو سرتاج‘ خانم خديجه دائود پوٽو، ’لطيفي باغ جو سير‘، ’سر ڪلياڻ عرف تصوف جو آئينو‘، ’شاهه جي سوانح‘ رشيد احمد لاشاري، ’شاهه جو پيغام‘، ’ڏونگر سڀ ڏورينديون‘ حافظ محمد احسن چنا، ’لطيفي لهرون‘ علي نواز حاجن جتوئي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ ميمڻ عبدالغفور سنڌي،’شاهه جا گم ٿيل بيت‘ محمد سومار شيخ، ’لطيف قومي شاعر‘ ناز سنائي، ’لطيفي لات‘ ڪي ايم پنهور، ’سي آيتون آهن‘ تقوي نعيم، ’عڪس لطيف‘، آغا تاج محمد، ’شاهه عبداللطيف جو ميلو ۽ سنڌ جا ملاکڙا‘ آغا شهاب الدين، ’ڪارڻي‘ سرور علي سيف، ’لطيفي گل‘ عبدالواحد سيلاني، ’قدم ڪاپڙين جا‘ فقير امداد علي سرائي، ’لاکيڻو لطيف‘ سيد قطب علي شاهه، ’ڪارڻي‘ سرور علي سمون، ’شاهه لطيف جي موسيقي‘، ’شاهه لطيف تي تحقيق‘، ’شاهه لطيف تي ببليوگرافي‘، ’تحقيق جو طريقي ڪار‘، ’شاهه لطيف شاعري اور فکر‘، ’شاهه جو رسالو‘ (مرتب) ڊاڪٽر درشهوار سيد، ’شاهه لطيف جو پيغام‘ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ’تحقيقات لطيف‘ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ’ڪنزالطيف‘، ’لطيفيات‘، ’شاهه جي ڪتابن جي ببليوگرافي‘، ’ڪشف الابيات‘، ’شاهه جي رسالي جو مطالعو‘ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ’مون مطالع سپرين‘ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ’شاهه جو عشق ۽ مختصر ٻول‘ ’لطيف چئي‘، ’ڀيڄ ڀٽائي‘ ’نئون روپ نئون انداز‘، ’سيد سچل سامي‘ ايم-اي عالماڻي، ’عرفانِ لطيف’ غلام محمد گرامي، ’موٽي ماڳ نه آيا‘، ’شاهه جو پيغام‘، ’لعل بخش جهرڪائي، ’باهيون بيراڳين جون‘، ’حسينيءَ جي هاڪ‘، ’سر رپ هڪ مطالعو‘، ’شاهه لطيف هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ‘ تاج جويو، ’لطيفي لات‘ خان محمد پنهور، ’لاکيڻو لطيف‘ موسيٰ سومرو، ’فرائيڊ ۽ شاهه لطيف‘، عبدالڪريم لغاري، ’تحفهءِ لطيف‘، ’شاهه لطيف ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ منير لغاري، ’بادشاهه ڀٽائي‘ حاجي موسيٰ خان، ’پرچن شال پنهوار‘ انور هالائي، ’جي تو بيت ڀانيان‘ خالد سيف الله ۽ رميش ڪمار، ’لطيف ڪوئيز‘، عاشق بروهي ’لطيف سنڌ آهي‘ منصور قادر جوڻيجو، ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري‘ راز شر، ’سورائتي سنڌ‘ قربان علي صوفي، ’شاهه جو شعر‘ عزيز، ’ظرافتِ لطيف‘ خادم، ’خزانة العارفين‘ در محمد خاڪ صديقي، ’شانِ نزول‘ ’چراغ حقيقت‘ سلطان احمد خواجه فدائي، ’شاهه لطيف عظيم مفڪر‘، ’شاهه جي ٻولي‘، ’دائم آباد شاهه لطيف‘ آفتاب ابڙو، ’عرفانِ لطيف‘، ’ڀلارو ڀٽ ڌڻي‘، ’ڀٽ جو گهوٽ‘ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ’شانِ نزول‘، ’شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا‘ انور علي شاهه گيلاني، ’اظهر‘، ’شاهه عبداللطيف‘ (ٻارن لاءِ) مراد علي مرزا، ’فڪرِ لطيف‘، ’شاهه جي سرن جو سچ‘، ’لطيف جي شاعريءَ جو جديد فڪر‘، ’لطيفي لات جا ڏات ڌڻي‘، ’حقيقت هن حال جي‘، ’لات جا لطيف جي‘ سليم ڀٽو، ’ماڻڪ موتي‘ الحاج قمر بخش لاکو، ’لطيف جا ٿر تان ڀيرا‘، ’ست سورهيه ڏهه ڏاتار‘، ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي، ’ڪائو ڪمايوم‘ معمور يوسفاڻي، ’ڀلارو ڀٽ ڌڻي‘ پياسي پير محمد، ’شاهه جو رسالو‘، ’رسالي جي ڪلام تي هڪ نظر‘، ’ويٺي ويڄن وٽ‘، ’ڪنڌيءَ ڪونئر ترن‘ محمد حسين ڪاشف، ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪمتر نقوي، ’سنڌ جو لال‘ عبدالرحمان ڀٽو، ’اوجاڳي اجاريا‘ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ’وريا واهرو‘، عبدالواحد آريسر، ’انڌا اونڌا ويڄ‘ رسول بخش پليجو، ’شاهه عبداللطيف‘ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ’ڳالهيون شاهه لطيف جون‘ غلام مصطفيٰ مشتاق، ’سنڌ جو شاهه‘ بدرابڙو، ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ مطالعو‘ (مرتب) آزاد قاضي، ’ڇپر ڪين ڏي‘، ’شاهه لطيف جي ٻولي- تحقيقي جائزو‘ ج-ع منگهاڻي، ’ڇپر جي ڇولي‘، انب گوپانگ، ’لطيفي گل‘ عبدالواحد ڀٽي، ’سنڌ جو لال‘ مولوي عبدالرحمٰن، ’بهارِ لطيف‘ قاضي عبدالحئي هالائي، ’ڀٽائي‘ ارشد حافظ انڍڙ، ’لطيفي گل‘ عبدالواحد سيلاني، ’ميخانهءِ لطيف- عرف موکي ۽ متارا‘ خليل سيوهاڻي، ’الله جو سچو عاشق‘ حڪيم محمد قاسم، ’فڪر لطيف‘ اردو / سنڌي- عبدالعزيز اشرف، ’ٻارن جو شاهه‘ انور هالائي، ’جديد دؤر جو سهڻي ميهار‘ در محمد ڪانڌيلوي، ’لطيف قومي شاعر‘ (ٻارن جا مضمون) (مرتب) ناز سنائي، ’لطيفي مينيفسيٽو‘ (پاران لطيف ازم تحريڪ)، ’شاهه لطيف جو علامتي شعور‘ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ”اگهيا سُٽ سندا“ (ترتيب) ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪتاب آهن. تحقيقي مقالن ۾ ’شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو‘ (اڻ ڇپيل پي ايڇ ڊي مقالو) ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي، ’شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو‘ (پي ايڇ ڊي ٿيسز 1999ع) ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، ”شاهه عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو“ (ايم فل مقالو 1994ع اڻ ڇپيل) ڊاڪٽر غلام حيدر چنا، ’شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو مطالعو‘ (ايم فل جو اڻ ڇپيل مقالو) حسن بانو سومرو، ’سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف‘ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ’شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ڊاڪٽر فهميده حسين، ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه‘ ڊاڪٽر اُمّ ڪلثوم لکيون آهن.
    ٻه ڪتاب شاهه سائينءَ جي بيتن جي مصوريءَ تي مشتمل آهن، جن ۾ هڪ مصور گل محمد کتريءَ جو 24 صفحن جو ته ٻيو علي اڪبر سومري جو 78 صفحن جو ڪتاب آهي جنهن ۾ هر صفحي تي بيت سان گڏ تصويرڪشي ڪيل آهي ۽ انهيءَ کان علاوه ڪيترائي لطيف نمبر ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ گهڻن ليکڪن لکيو آهي. جيئن ’يادِ لطيف‘، ’سوغاتِ لطيف‘، ’لاکيڻو لطيف‘، ’گلستان لطيف‘، ’ذڪرِ لطيف‘، نذرِ لطيف‘ ’تحفہءِ لطيف‘، ’بزم لطيف‘، نقش لطيف‘ وغيره ۽ ٻين مختلف رسالن
    جيئن ’نئين زندگي‘، ’مهراڻ‘، ’سهڻي‘، ’ڪلاچي‘، ’سنڌي ادب‘، ’ڪينجهر‘، ’روح رهاڻ ۽ ٻين جا لطيف نمبرز پڻ آهن، علي احمد بروهي صاحب ’لطيف ڊائجيسٽ‘ ڪافي سال ڪڍيو جنهن ۾ لطيفيات جا مقالا ڇپيا.
    خاص سُرن جي حوالي سان لطيفي ڪانفرنسن جا ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لطيف سالگره مخزن 1969ع کان 1973ع تائين شايع ڪرايا، انهيءَ کان پوءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان مختلف سُرن جي حوالي سان هڪ سُر تي لطيفي ڪانفرنس ۾ مختلف ليکڪن جا پڙهيل مقالا مرتب ڏيئي ڇپايا ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌيءَ صاحب جا ڇپايل ڪتاب هن ريت آهن:
    سر ڪلياڻ جو مطالعو 1970ع، سرجمن جو مطالعو 1971ع، سر کنڀات جو مطالعو 1972ع، سر سريراڳ جو مطالعو 1973ع، سر سامونڊي جو مطالعو 1974ع، سر سسئي آبري جو مطالعو 1976ع، سر معذوري جو مطالعو 1977ع (مرتب) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    سرگهاتو 1982ع، سر ليلان چنيسر 1986ع، سر ڪاموڏ 1988ع، سر ڪاپائتي 1991ع، سر بروو سنڌي 1995ع، سر ڪارايل 1996ع، سر کاهوڙي 1996ع. (مرتب) حميد سنڌي.
    انهيءَ کان سواءِ ’يادگار لطيف‘ بيگم زينت عبدالله چنا 1959ع ۽ 60 جا ٻه پرچا، ’ياد لطيف‘، ’تحفهءِ لطيف‘، خواجه ايس اسماعيل ’نذر لطيف‘، ’ذڪرِ لطيف‘، ’گلستان لطيف‘، ’سي آيتون آهن‘، ’لطيف تحريڪ‘ ڪريم بخش خالد، ’بزم لطيف‘ محبوب علي چنا، ’يادگار لطيف‘ اسدالله بيخود حسيني، ’شاعرن جو سرتاج‘ خانم خديجه دائودپوٽو، ’رهبر لطيف‘، سيد صفدر علي شاهه، ’فڪر لطيف‘ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ’نقش لطيف‘ شيخ عزيز، ’نذرِ لطيف‘ سيد عارف شاهه گيلاني، ’تحفهءِ لطيف‘ عابد لغاري، ’سنڌ صدين کان‘، ’لطيفي لات‘، ممتاز مرزا، فڪر لطيف، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ’حسينيءَ جي هاڪ‘، ’سر رپ جو مطالعو‘، ’شاهه لطيف هڪ تحريڪ هڪ تحرڪ‘ تاج جويو ۽ ٻيا ڪتاب ترتيب ڏيئي شايع ڪيا ويا آهن. مطلب ته موجوده وقت به لطيف سالگره نمبرز ۽ لطيفي ڪانفرنسن جا مقالا پڻ ڇپجي عام تائين پهچي رهيا آهن. (ضرورت آهي ته اهڙن ڪتابن خاص طور لطيفي ڪانفرنس جي مقالن کي ٻيهر ڇپرائي ارزان اگهن تي عام ڪيو وڃي ته جيئن قارئين جو وڏو انگ مستفيض ٿي سگهي.)

    شاهه لطيف تي ٻين ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو

    شاهه ڀٽائيءَ تي اردو ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم:
    شاهه لطيف کي اردو ادب جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن مڃتا ڏني آهي ته ڪيترن سنڌي ليکڪن پڻ اردو ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ لکيو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ لکندڙن ۾ پروفيسر احمد محمد، اعجاز الحق قدوسي، سيد صفدر علي شاهه، ايس ايم ناز، ڊاڪٽر جميل جالبي، پريشان خٽڪ، پروفيسر رياض صديقي، پروفيسر آفاق صديقي، مظهر يوسف، آغا تاج محمد، شيخ اياز، ممتاز مرزا، سيد وقار حسين رضوي، اظهر اشتياق حسين، انصاري اختر اڪبر آبادي، اي ڪي بروهي، خواجه اسماعيل، ڪريم بخش خالد، رشيد احمد لاشاري، آغا سليم، اياز حسين قادري ۽ ٻين لکيو آهي. اردو ادب جي ڪجهه ڪتابن ۾ شاهه صاحب جو ذڪر آيل آهي ته ڪجهه ڪتاب خاص مڪمل سندن جي باري ۾ لکيا ويا آهن. ڪجهه سنڌي ادب جا اهم ڪتاب اردو ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن. جيئن ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جي تحقيقي مقالي جو رياض صديقي صاحب ’شاهه عبداللطيف آف بهٽ‘ جي ساڳئي عنوان سان اردو ترجمو ڪيو، ڊاڪٽر دُر شهوار جي پي ايڇ ڊي جي انگريزي مقالي کي ڊاڪٽر ابراهيم خليل نقوي ’شاهه لطيف کي شاعري اور فکر‘ جي عنوان سان اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو پي ايڇ ڊي جو مقالو سنڌيءَ مان اردوءَ جي قالب ۾ ڊاڪٽر صاحبه پاڻ ’شاهه لطيف کي شاعري مين عورت کا روپ‘ جي عنوان سان آندو آهي، ازانسواءِ جناب جي ايم سيد جو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڻ اردو ۾ ترجمو ٿيل آهي. ڊاڪٽر دُرِ شهوار ’لطيفي کهانيان‘ جي عنوان سان شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڪلاسيڪل داستانن کي اردو ۾ پيش ڪيو آهي. رشيد احمد لاشاري جي سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو اردو منظوم ترجمو آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس شايع ڪيو. اردو ۾ مڪمل رسالو آغا سليم 1993ع ۾ ترجمو ڪيو. ايم. اي عالماڻي مختصر رسالو ’لطيف کهي‘ جي عنوان سان منتخب ڇپايو. مبارڪ علي شيخ اياز جو اردو منظوم ترجمو خاص حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ سيد وقار حسين رضوي، شاهه جي ڪلام جو اردو نثري ترجمو چئن حصن ۾ ڪيو جو اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد وارن 1993ع ۾ شايع ڪيو. ادبي تاريخن جي حوالي سان سيد مظهر جميل جي سنڌي ادب جي باري ۾ لکيل تاريخ ”جديد سنڌي ادب“ ۾ چڱو حصو لطيفيات جي باري ۾ آهي. انهيءَ کان علاوه اردو ٻوليءَ ۾ جيڪي شاهه صاحب جي باري ۾ مضمونن ۽ مقالن جا مجموعا لکيا ۽ ڇپيا آهن سي هن ريت آهن:
    عڪس لطيف، نذرِ لطيف، شاهه عبداللطيف حيات اور شاعري، نغماتِ لطيف، فکرِ لطيف، شاهه عبداللطيف کي شاعري، مفڪر مهران، تحفہ لطيف، گلستان لطيف، لطيف نامه، شاه عبداللطيف بهڻائي، آوازِ لطيف،، سندهه کي تاريخي کهانيان، فکر لطيف، سنده کي دهرتي سدا جيئي، آفتاب مهران ۽ ٻيا مخزن شامل آهن.

    شاهه صاحب جي باري ۾ انگريزي ٻوليءَ۾ ٿيل ڪم:
    شاهه صاحب جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙيا سندن جي باري ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکندڙ هيٺيان ليکڪ مشهور آهن:
    ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، رچرڊ برٽن، آرنولڊ ٿامس، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ائنميري شمل، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ايم ايم گدواڻي، ليلا رام وتڻمل، علامه آءِ آءِ قاضي، مسز ايلسا قاضي، ميران محمد شاهه (اول)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، تيرٿ داس هوتچند واسواڻي، محمد اڪرم انصاري، ايس ايم جهانگياڻي، جي- الانا، جي ايم سيد، آغا محمد يعقوب، آغا بيگم طاهره، ڊاڪٽر حميده کهڙو، عبدالغفار سومرو، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، آخوند عبدالحميد، پروفيسر امينا خميساڻي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ظفر ڪاظمي، اسحاق حسين ميمڻ، اعجاز احمد قريشي، محمد بچل تنيو، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي، مظهر يوسف، ضياء الدين بلبل، ليلاوتي هرچنداڻي، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد، ممتاز عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، ڪي ايم لاڙڪ، ڪريم بخش خالد، ايس ايم فاروقي، مظهرالدين صديقي، سليم ڀٽو، شيخ عبدالرحيم، عزيز جعفراڻي، عبدالغفور الستي، عبدالعلي قلباڻي، ابن سالڪ ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.
    انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:

    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جو 'shah Abdul Latif of Bhit'
    ڄيٺمل پرسرام جو"Sindh and its Sufies"
    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو"Life of Shah Abdul Latif Bhitai"
    تيرٿ داس هوتچند جو"Shah Abdul Latif: an introduction to his seven Singing stories"
    ليلارام وتڻمل جو"The life, Religion and Poetry of Shah Abdul Latif"
    ايم.ايم.گدواڻيءَ جو"Shah Abdul Latif"
    اڪرم انصاريءَ جو" Symbolism in Latif 's Poetry"
    اڪرم انصاريءَ جو"Shah Latif and the modern world"
    جي.الانا جو"Classical Poets"
    علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جو"Selection from Risalo"
    موتي لعل جوتواڻي جو" Shah Abdul Latif, his life and works"
    آغا يعقوب جو" Life of Shah Latif"
    پروفيسر امينا خميساڻيءَ جو "Risalo Shah Latif"
    ظفر ڪاظميءَ جو" Bhitai The Messeger of the Master"
    اسحاق حسين ميمڻ جو" The life and the Poetry of Shah Latif"
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو"Shah Abdul Latif Poet of Love and humanity"
    جناب جي ايم سيد جو" Shah Latif and his Message"
    ڊاڪٽر دُرشهوار سيد جو"The Poetry of Shah Abdul Latif"
    اعجاز احمد قريشيءَ جو"Shah Latif A poet for all times"
    آخوند عبدالحميد جو"Shah Abdul Latif his Mystical Poetry"
    عبدالغفور الستيءَ جو"Sunrise from Sindh"
    ڪريم بخش خالد جو"The Poet of People"
    سليم ڀٽو جو"Shah Abdul Latif (Astar just before the Dawn)"
    جرمن عالمن ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر اينميري شمل جو لطيفيات جو ڪم تمام اهم آهي. ڊاڪٽر اينميري شمل، شاهه جي رسالي کي ترجمو ڪيو. پاڻ لطيفيات تي مضمون ۽ مقالا لکيائين. کين شاهه صاحب سان وڏي عقيدت هئي.
    انهيءَ کان علاوه پنجابيءَ ۾ ڪرتار سنگهه، هنديءَ ۾ مڻي شنڪر دويدي، عربيءَ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم، فارسيءَ ۾ نياز همايوني، شاهه جا رسالا ڇپايا. فارسيءَ ۾ جن ٻين ليکڪن شاهه صاحب جي باري ۾ لکيو، انهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم محمد حسين ٺٽوي، مخدوم محمد عاقل، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد رفيق علي حسيني، مخدوم الله بخش خانزئي، هدايت الله هالائي، نظر علي بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
    لطيفي فن ۽ فڪر تي جيڪي ڪجهه هيستائين لکيو ويو آهي، اهو ڪاشف صاحب چواڻيءَ ته ”ڪن محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا آهن ته ڪن سنهو ڪَتي سٽ سڦلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ ڪن جو ڪائو ۽ ڪچ اگهيو آهي ته ڪن جي ماڻڪن ملهه ئي نه ڪيو آهي“. بهرحال هن مقالي ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ جي پارکن کي مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪافي اهم ڪتابن جو ذڪر آندو ويو آهي، پر ممڪن آهي ته ڪجهه رهجي ويا هجن. هي لطيفي سفر جاري ۽ ساري آهي. جيستائين سنڌ ڌرتي قائم ۽ دائم آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو زندهه ۽ قائم رهندو. سندس رسالي مان سنڌ واسين سميت انيڪ انسان سيراب ٿي سمجهه/ سياڻپ جون سرڪيون ڀريندا رهندا. (آمين)


    ڀاڱو چوٿون : سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون

    سو وَڙُ سي ئي ڪَن

    ”مهان“ ماڻهن جي سوانحي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پنهنجون حياتيون سڦل ڪيون ته فقط نيڪ نيتيءَ، نيڪ ارادن، عزم ۽ عمل جي پختگيءَ سان. ”مهانتا“ يا عظمت ڪنهن به دنياوي بئنڪ بئلنس ۾ موجود نه آهي، بلڪه اها ته انساني اندر ۾ لڪيل آهي. جيڪڏهن اسين ”مفتي منجهه ويهاري“ پنهنجي ئي اندر ۾ ليئو پائي ڏسنداسين ته عيان ٿيندو ته اها وڏماڻهپ آهي. اهڙا ڪاريه ڪري وڃڻ ۾، جيڪي جيون کي فانيءَ مان لافاني حيثيت ڏيئي، موت کي مانائتو بنائين.
    حقيقت ۾ هن حياتيءَ جو مُلهه ورهين جي ڳڻپ سان لڳائي نٿو سگهجي، بلڪه اهو ڳڻي سگهجي ٿو ته انهيءَ اخلاق ۾، انهيءَ ڏيڻ جي جذبي ۾ ۽ انهن چڱن ڪمن ۽ اونچن آدرشن جي پورائيءَ ۾ جيڪي اسين پنهنجي پونئيرن کي ڏيئي وڃون ٿا.
    اهڙن اعليٰ، سداحيات ۽ جاري رهندڙ صدقي جهڙن ڪمن ۾ اهم ترين تحفو لاڀائتا ڪتاب آهن. ڪارائتا ۽ ڪمائتا ڪتاب اهي پستڪ آهن، جن جي روشني ۽ خوشبو ڪڏهن به جَهڪي ٿيڻي نه آهي. اسان جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون تصنيفون هن ڌرتيءَ جي هر دور جي نسل لاءِ وڏو وڙ آهن.
    چڱا ڪن چَڱايون، مَٺايون مَٺن،
    جو وَڙُ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪَن.
    سنڌي علم ۽ ادب جن ڪي شخصيتون اهڙيون رهيون آهن، جن پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي بي پناهه خدمت ۾ صَرف ڪئي آهي. پنهنجي پياري ۽ سٻاجهي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، جن مان عالم، اڪابر ۽ علم جا پانڌيئڙا ته مستفيض ٿيا آهن، پر عام عوام الناس کي پڻ پنهنجي مطلب جا موتي مليا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن ۾ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا (جن جو تفصلي احوال مون پنهنجي ڪتاب ”مُلهه مهانگا سپرين“ ۾ ڏنو آهي) هتي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي تصنيفات جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. (انشاءَ الله هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ چند ٻين شخصيتن کي شامل ڪيو ويندو)


    شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثرنويس

    سنڌي علم ۽ ادب ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون خدمتون بي حساب آهن. انگريز دور جي هن عالم ۽ مرزا فريدون بيگ جي لائق پٽ پنهنجن ستن ڀائرن ۾ وڏو نالو ڪڍيو. سندن ٻيا ڀائر پڻ تعليم يافته ۽ اعليٰ عهدن تي هئا، پر مرزا صاحب جي ڳالهه ئي ٻي هئي. کين خدا غضب جو حافظو ڏنو هو ۽ ذهانت ورثي ۾ مليل هين، ته به وٽن محنت ئي منزل جي معراج هئي. انهيءَ ڪري سندن لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار کي ڪير به رسي نه سگهيو. سندن ئي لفظن ۾ ته،
    ”اکين سان ڏسي، دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان، مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو آهيان“. (1)
    گهڻو پڙهندڙ ۽ گهڻو لکندڙ هيءُ عالم ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو هو، خاص طور انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي زوال جو کين تمام گهڻو اونو هو. فارسيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي اٿن ته انگريزيءَ تي پڻ عبور حاصل هين. پاڻ هن بين الاقوامي ٻوليءَ ۾ ڇپيل اهم تصنيفات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿن. سندن لکيل نثر ۽ نظم جي ڪتابن جو تعداد 4 سؤ جي ويجهو آهي، جنهن ۾ 150 کن ڇپجي چڪا آهن، ٻاويهه هزارن جي لڳ ڀڳ شعر چيا اٿن ۽ نثر ۾ ته انيڪ ڪتاب لکيائون. مرزا صاحب جون نثري تحريرون نثر جي مڙني خوبين سان مالامال آهن. کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب جا ترجمو توڙي طبعزاد نثر جا ڪتاب ٻوليءَ جي حوالي سان سليس، نج ۽ عام فهم سنڌيءَ سان سينگاريل آهن. بمبئي يونيورسٽيءَ جي هن گريجوئيٽ عالم، اديب، شاعر ۽ محقق ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهچي پنج سال اڳ ۾ نوڪريءَ کان رٽائرمينٽ وٺي لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم کي ترجيح ڏني. آخري عمر ۾ فقط ۽ فقط علم ۽ ادب سان دوستي ۽ دنيا سان گهڻي ڀاڱي گوشه نشيني رکيائون. خلوت ۾ کين وڌيڪ سڪون ۽ لطف ملندو هو. فرمائين ٿا ته،
    ڪنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه، لڌو تنهن ڪي ڪين،
    گوشه خلوت جو ڏٺو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين. (2)
    مرزا صاحب حليم طبع، نيڪ نيت ۽ سڄاڻ شخص هئا. پاڻ ڪامورڪي زندگيءَ ۾ هڪ فرض شناس ۽ ذميدار آفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائون. کين پنهنجي حياتيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي فخر ۽ غرور نه هو. سواءِ علم، ادب جي خدمت جي، سو انهيءَ ۾ تمام گهڻي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. سٺا ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ، انهن مان پرائڻ ۽ پوري عالم کي فائدو ڏيڻ ئي سندن مشن هو. وٽن بهترين ڪتابن جو ناياب ذخيرو عمدي ڪتب خاني جي صورت ۾ موجود هو. تڏهن به انڪساريءَ ۾ چون ٿا ته،
    ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
    نڪتو نه رهيو جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
    ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
    معلوم ٿيو ته، ڪي به معلوم نه ٿيو. (3)
    مرزا صاحب کي ذاتي طور حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا ڪتاب پسند هئا، پر پاڻ سڀني موضوعن تي لکيو اٿن، بلڪه سنڌي ادب ۾ ڪيترين صنفن ۾ لکيل ڪم جي شروعات مرزا قليچ کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پهريون سنڌي افسانو ”شريف بيگم“، پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) ”مقالات الحڪمت“ مرزا صاحب لکيو ته لطيفيات ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب ئي ”احوال شاهه عبداللطيف“ پهرين ڪتاب لکيو.
    مرزا صاحب جي تصنيفات ۾ ”خصائص القرآن“، ”سيرت النبي“، ”راهِ نجات“، ”مقالات الحڪمت“، ”تهذيب الاخلاق“، ”تحقيق المالڪين“ ”عالمِ ارواح“، ”ڪرامات الاولياء“، ”اخلاق المعصومين“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”حشرات الارض“، ”سنڌي شعر جي تاريخ“، ”سنڌ جي جاگرافي“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ستارا“، ”چچ نامو سنڌي“، ”ثابت علي شاهه جو احوال“، ”جوانيءَ جو اڪسير“، ”اخلاق النساء“، ”صحت النساء“، ”هدايت النسوان“، ”دلارام“، ”زينت“، ”عجيب طلسم“، ”وامق ۽ عذرا“، ”خورشيد“، ”نورجهان“، ”شيخ چلي“، شڪنتلا“، ”بڪاولي“، ”نيم طبيب ۽ نيم ملان“، ”حرڪت مان برڪت“،
    ”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال“، ”مومل راڻو،“، ۽ ڪجهه ٻين سرن جي شرح
    ”لغات اللطيف“، ”شاهه جو رسالو (ترتيب) آهن.
    ”تقريرون ۽ تحريرون“ مرزا صاحب جي مختلف موضوعن تي لکيل ليکن جو اهم ڪتاب 1970ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي شعر“، ”شعر جو شرف ۽ شان“، ”اسلامي تعليم نامو“، ”صوفين جي ديوانگي ۽ مجذوبي حالت“، ”اسلام جا ٽيهتر فرقا“، ”جسماني ورزش“، ”عالمگير مذهب“، ”انسان جا محافظ“، ”موت کان پوءِ حياتي“، ”اسلام ۾ علم جي ڳولها“ ۽ ٻيا موضوع تفصيلي سمجهايل آهن، انهن مضمونن سان گڏ سندن ڪجهه تقريرون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
    ترجمي جو عمل ادب ۾ تمام اهميت جوڳو آهي. سنڌي نثر جو بنياد ئي ترجمي تي ٻَڌل آهي. مرزا صاحب کي گهڻين ٻولين تي دسترس هئڻ ۽ جهجهي مطالعي سبب دنيا جي اهم ۽ نادر ڪتابن جي ڪافي ڄاڻ هئي. سندن وڏي ڪوشش هئي ته دنياوي ادب مان سٺا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ آندا وڃن. انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي تصنيفن ۾ ترجمي کي طبعزاد کان به گهڻي اهميت ڏني اٿن. ناٽڪ، ناول، مضمون، مذهب، اخلاق، فلسفو، مطلب ته هر موضوع ۾ سوادي ۽ سلوڻا ترجمو ڪيا اٿن، جن ۾ ”توريت“ يا ”قديم عهدنامو“، ”انجيل“ يا ”نئون عهدنامو“، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، ”رابنسن ڪروسو“، ”ٽي گهر“، ”ايرڪ“، ”جولئن هومز“، ”خودياوري“، ”گلزار ۽ گلنار“، ”جمشيد ۽ حميده“، ”شاهه ايليا“، ”نيڪي ۽ بدي“، ”حسنا ۽ دلدار“، گلن جي ٽوڪري“، ”فيروز دل افروز“، ”انڪوائري آفيسر“، ”غلاميءَ مان چاڙهو“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”باغ ۽ باغباني“، ”فرائض الانسان“، ”تهذيب الاخلاق“، ”مقالات الحڪمت“ ۽ ٻيا ڪيترائي جڳ مشهور ڪتاب خاص طور شيڪسپيئر جي ناولن ۽ ناٽڪن جا ترجما شامل آهن. ترجمو ٿيل مضمونن جي مجموعن ۾ ”مقالات الحڪمت“ ۽ ”تهذيب الاخلاق“ اخلاقي، ادبي ۽ علمي طور خاص اهميت رکن ٿا. ٻنهي ڪتابن جا مضمون انساني جذبن، سوچن ۽امنگن جي نمائندگي ڪن ٿا. جن جي موضوعن ۾ نيڪي، احسانمندي، فرض شناسي، خداشناسي، خودخيالي، علميت، ضعيفائي، ڏک سک ۽ ٻيا انيڪ موضوع سهڻائيءَ سان بيان ڪيل آهن. هيٺ مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل چند ڪتابن جو احوال حوالن سان ڏجي ٿو:
    ”مقالات الحڪمت“ فرانسس بيڪن جي 58 مضمونن جو مختصر مجموعو آهي، جيڪي 1597ع کان 1621ع تائين بيڪن لکيا. مرزا صاحب هن ڪتاب کي حڪمت جي قولن ۽ فلسفياڻه خيالن باعث پسند ڪيو. سندن موجب، ”هيءُ ڪتاب اگرچ ننڍو آهي، پر منجهس مضمون گهڻو ۽ گهاٽو آهي“.
    هن ڪتاب ۾ حياتيءَ جي هر رخ، دوستي، دشمني محبت، نفرت، ڏک سک، بچت، اسراف، تندرستي، بيماري، علم، مذهب، ملڪي معاملن ۽ ٻين موضوعن تي ويچار ونڊيل آهن، جنهن کي ترجمي مهل مرزا صاحب ڏيهي ويس پارائڻ لا سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن سان گڏ فارسي ٻوليءَ جي مشهور شعرن سان سجايو آهي. علم جي حصول ۽ مطالعي جي فائدي ۾ ليکڪ لکي ٿو ته،
    ”اڀياس ڪرڻ سان ماڻهوءَ جون سڀاوي طاقتون ۽ عادتون ڪمال تي پهچن ٿيون. آزمودي ۽ تجربي ڪرڻ مان وري ماڻهوءَ جو اڀياس وڌي ڪمال تي پهچي ٿو. جڏهن علم استعمال ۾ آڻجي ٿو ۽ ان تي عمل ڪجي ٿو، تڏهن ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي“. (4)
    هن ڪتاب جي ترجمي کي ڪيترن عالمن طبعزاد جو ڏيک ڏيندڙ ڄاڻايو آهي. اسماعيل عرساڻي موجب ته ”اسلوبِ بيان جو اهڙو ڪمال آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ عقل سليم ان کي، مغربي تحقيق سمجهڻ کان قاصر آهي. سمجهڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته ڄڻ هيءَ ڪا اصلوڪي سنڌي تصنيف آهي“. (5) ”اهڙو بي نظير ڪتاب لکڻ ڏيکاري ٿو ته نثر نويسي خدائي ڏات طور ڪچيءَ کان مرزا صاحب کي عطا ٿيل هئي“. (6)
    ”گليور جو سير ۽ سفر“ مشهور مصنف ۽ پادري جوناٿن سفٽ جو لکيل آهي. آئرلينڊ جي هن ليکڪ انگلينڊ ۾ وڃي وڏو نالو ڪمايو. جوناٿن جي سڀني ڪتابن ۾ “Gulliver’s Travels” جي طنزيه تصنيف پوريءَ دنيا ۾ بي حساب ڪاميابي ماڻي، جنهن کي مرزا صاحب ئي سڀ کان پهرين 1920ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. چئن ڀاڱن ۾ ورهايل هيءُ ڪتاب انگلينڊ جي ارڙهين صديءَ جي سياسي سرگرمين جي ڄاڻ ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ڪتاب مشهور ٿيو. ترجمو ڪجهه هن ريت آهي:
    ”منهنجي پيءُ کي ناٽنگهام ٿائر ۾ هڪڙي ننڍي جائداد هئي. آئون سندس پنجن پٽن مان ٽيون هئس چوڏهن ورهين جي عمر ۾ آئون ڪيمبرج جي مدرسي ۾ ويس، جتي ٽي ورهيه رهيس ۽ ڏاڍي محنت ڪري پڙهيس“. (7)
    ”سچ ته هي آهي ته خود مون کي به پاڻ تي کل ايندي هئي، جڏهن راڻي مون کي پنهنجي هٿ تي رکي آرسيءَ وٽ آڻيندي هئي، جنهن ۾ اسان ٻنهي جون شڪليون سڄيون ساريون گڏ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. آئون پاڻ کي پنهنجي سچي پچي قد کان به ننڍڙو ڄاڻندو هئس“. (8)
    مرزا صاحب ٻاراڻي ادب ۾ ”وامق عذرا“، ”شهزادي محبوب جي آکاڻي، ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب طبعزاد/ ترجمو لکيا. ”وامق عذرا“ جي ديباچي ۾ ڄاڻائين ٿا ته، ”اصل عرب جو قصو آهي فارسي مثنوي مرزا صادق تخلص ”نامي“ جي لکيل تان مضمون ڪڍي، مختصر ۽ سليس عبارت ۾ لکيو اٿم“.(9) ترجمي جي حوالي سان پاڻ ڪٿي مڪمل ترجمو ڪيو اٿن ته ڪٿي اهو مقصد ۽ خيال ورتو اٿن.
    چند موضوع اهڙا به آهن، جن کي مرزا صاحب جيئن جو تيئن ترجمو نه ڪيو آهي، پر انهن تي مليل مواد کي مختلف ڪتابن مان گڏي ترجمو ڪري پيش ڪيو اٿن، جيئن: باغ ۽ باغباني.
    باغ ۽ باغباني: ستن بابن تي مشتمل باغبانيءَ جي بنيادي ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ بين الاقوامي نظرين ۽ باغبانيءَ جي عملي ڪم جي معلومات تي مبني آهي، جنهن جي ديباچي ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته، ”هي ڪتاب ڪنهن خاص هڪڙي انگريزي ڪتاب جو ترجمو نه آهي، پر گهڻن ڪتابن تان ساڳئي مضمون بابت ضروري ڳالهيون گڏ ڪري لکيو ويو آهي. لکڻ ۾ جن ڪتابن مان مدد ورتي ويئي آهي، انهن ۾ فرمنگر صاحب، نيئرن صاحب، آبر ڪرامبي صاحب، مئڊم لائوڊن صاحبه ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. انهن مان فرمنگر صاحب وارو ڪتاب تمام مشهور آهي، تنهن ڪري اهو نموني لاءِ اڳيان رکيو ويو آهي“. (10)
    هن ڪتاب ۾ فقط باغ ۽ باغبانيءَ بابت معلومات آهي، باقي ٻنيءَ جي پوک ۽ فصلن جي ڄاڻ مرزا صاحب الڳ ڏني آهي. ٽي سؤ ٽيتاليهن صفحن جي هن ڪتاب جو سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1960ع ۾ شايع ڪيو.
    مرزا صاحب انگريزي ڪتابن جو ترجمو ايتروته آسان ڪيو آهي، جو عام خواندو پڻ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب مشڪل آهي ته به پاڻ انهيءَ کي ترجمو ڪرڻ مهل سنڌي سماج جي مزاج مطابق لکيو اٿن. ”خود ياوري“ جي ترجمي ۾ انهيءَ جي وضاحت ڪندي لکن ٿا ته،
    ”معلوم هجي ته اصل انگريزي ڪتاب ۾ گهڻائي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا، پر جيترو ٿي سگهيو آهي، ڪتاب جو لفظ به لفظ ترجمو ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت اصطلاح تي به نظر رکي ويئي آهي“. (11)
    ڇهن بابن تي مشتمل ”خودياوري“ انگريزي ڪتاب ”سيلف هيلپ“ جو ترجمو مرزا صاحب 1911ع جي سيپٽمبر ۾ ڪيو. (ديباچي ۾ هن ڪتاب جو اهو سن لکيل آهي. مرزا صاحب جي اها عادت هئي ته پاڻ جيڪو به ڪتاب لکندا هئا، انهيءَ ڪتاب جي لکڻ جو سبب ۽ تفصيل ته ديباچي ۾ ڄاڻائيندا هئا، پر آخر ۾ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ، مهينو ۽ سال ضرور لکندا هئا. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن جي، سندن گهڻي ڀاڱي ڪتابن تي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ درج آهي ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن ڪتاب ترجمو آهي ته به گهڻوڪري اصل مصنف جي ڄاڻ ڏنل آهي.) ٽي سؤ ٽيونجاهه صفحن ۽ 13 بابن جي هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇاپيو.
    ”خود ياوري“ کي ترجمو ڪرڻ ۾ مرزا صاحب جو مقصد نوجوانن جي اصلاح ۽ محنت جو اُتم پيغام آهي. نوجوان سنڌي نسل کي مرزا صاحب تنبيهه ڪئي آهي ته اٿو ۽ مقصد جي واٽ لاءِ ڪوششون ڪريو ته اڳيان جي حياتيءَ ۾ سُک ۽ آرام حاصل ڪيو. ڪتاب جي ٻولي ادبي، بامحاوره، اعليٰ قولن ۽ چوڻين سان سجيل هئڻ ڪري ترجمو هوندي به ڪتاب بااثر ۽ ڪشش وارو معلوم ٿئي ٿو. مرزا صاحب لکي ٿو ته،
    ”اڪثر ماڻهو نصيب کي انڌائيءَ جوڏوهه ڏيندا آهن، پر نصيب اهڙو انڌو ڪين آهي، جهڙا ماڻهو پاڻ آهن. جيڪي دنياوي وهنوار ۽ چالاڪيءَ تي نظر ڪن ٿا، تن کي معلوم ٿيندو ته نصيب اڪثر محنتي ماڻهن جي پاسي آهي“. (12)
    ”نيوٽن جي سمجهه تمام اعليٰ درجي جي هئي. انهيءَ هوندي به جڏهن پڇيائونس ته ڪهڙيءَ طرح تو اهي عجيب و غريب حقيقتون ڳولهي ڪڍيون ته هن حجاب سان ورندي ڏني ته ”هميشه ان بابت خيال ڪرڻ سان“. (13)
    معنيٰ ته مستقل ۽ مسلسل جدوجهد، اعليٰ ذهني صلاحيتن نه هئڻ جي باوجود به عام انسان کي به اوچائيءَ تي وٺي وڃي ٿي.
    مرزا صاحب سوانحي ادب ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڏيهي، پرڏيهي اهم شخصيتن جو احوال، ترجمي توڙي طبعزاد صورت ۾ مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ ڏنو اٿن ته ڪي ڪتاب خاص طور مڪمل سوانح تي آڌاريل آهن، جيئن، ”ثابت علي شاهه جو احوال“، ”ڀٽائيءَ جو احوال“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ستارا“، ۽ ٻيا آهن ”حاجي بابا (اصفهاني ولد حسين ڪربلائيءَ جي سوانح انگريز مصنف جيمس مورير لکي، جنهن کي مرزا صاحب ترجمو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ايران جي انهيءَ دور جواحوال آهي، جيڪو دور ان وقت سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو هو. 1823ع ۾ لنڊن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب کي مرزا صاحب ڪتاب جي مقبوليت جي پيشِ نظر ترجمو ڪيو، جو هيءُ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو هو. خود نوشت سوانحي انداز ۾ لکيل ”حاجي بابا اصفهاني“ ۾ ايراني بادشاهن، اميرن ۽ عوام جي احوال سان گڏ ايران جي هڪ حجام جي پٽ حاجي بابا جو دلچسپ احوال آهي، جيڪو اڳيان هلي، ايران جي بادشاهه جو امير ٿئي ٿو. مرزا صاحب 1914ع جي آڪٽوبر ۾ ان جو ترجمو ڪيو جو 419 صفحن ۽ چاليهن بابن تي آڌاريل آهي.
    مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل هيٺين ناولن ۾”ٽي گهر“، ”ايرڪ“ ۽ ”جولئن هومز“ کي پڻ نوجوانن جي سڌاري جو پيغام سڏي سگهجي ٿو. ف،و، فرار جا لکيل هي ڪتاب ٻارن، مائٽن ۽ استادن جي لاڳاپي ۽ هلت جي باري ۾ مثبت رويي ڏانهن موڙيندڙ آهن. جيئن ته اصل ليکڪ پادري هو، انهيءَ ڪري هنن ڪتابن ۾ ناصحانه انداز آهي.
    مٿيان ٽيئي ڪتاب ترتيبوار 1912ع، 1919ع ۽ 1920ع ۾ ترجمو ڪيا ويا، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ شايع ڪيا. ٽيئي ڪتاب چوٽيهه، اوڻٽيهه ۽ ٽيٽيهه بابن سان گڏ 492، 449، ۽ 401 صفحن تي آڌاريل آهن.”ٽي گهر“، ”ٻارن ۽ انهن جي مائٽن جي گهر جي هلت“، ”ايرڪ“، ”شاگردن جي اسڪول ۾ هلت“ ۽ ”جولئن هومز“ ”ڪاليج ۾ نوجوان شاگردن جي هلت“ جي باري ۾ آهن.
    ٽي گهر جي شروعات ئي ”ڪرڪيٽ راند ڪرڻ وارا“ جي باب سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ سارتن، مارٽن، لارڊ گليلن رالف ۽ ٻين دوستن ۽ سندن مائٽن جي ورتاءَ جوذڪر آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
    ”خدا تعاليٰ هنن کي نيڪ ۽ بد ڳالهيون پوريءَ طرح ڏيکاريون ۽ انهن جي وسيلي هنن کي هدايت ڪيائين، ڇالاءِ جوحياتيءَ جون ڳالهيون خدا جا ڄڻ دستخط آهن، جن مان اسين سندس مرضي معلوم ڪري سگهون ٿا ته چڱين شين جي پٺيان هلون ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪريون“. (14)
    ”ايرڪ“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جن ۾ ايرڪ جي پڙهائي، والدين، استادن، دوستن، رسيل، سانتيڪو، مانٽي، ايڊون ۽ ٻين جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ذريعي سنڌي والدين کي انهيءَ دور ۾ ٻارن جي پرورش، اسڪولنگ، هاسٽل ۽ ٻين ڳالهين جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
    هاسٽل جي حياتيءَ ۾ ٻارن کي ڪهڙا مسئلا آهن، خراب دوستي ۽ خراب ڪمن جا اثر ٻارن جي صحت کي ڪهڙيءَ ريت متاثر ڪن ٿا.
    ”جولئن هومز“ ڪاليجي زندگيءَ جي ذڪر تي آڌاريل آهي. جولئن جي سينٽ ورنر ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سندس دوستن ڪئنٽ ۽ وايوليٽ جي ڪچهرين سان گڏ نيڪ ويچارن تي مبني آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
    ”جولئن آرام سان چيو ته، ”جيڪي پاڪ دل وارا ماڻهو آهن، تن جي نظر ۾ سڀڪا شيءِ پاڪ آهي.“ (15)
    پادريءَ مسٽر ويئر ديول ۾ گهوٽ جولئن ۽ ڪنوار ايوا کي خوشيءَ جي تقرير ۾ مبارڪ ڏيندي چيو ته،
    ”سچي محبت اها آهي جا ڏک کان پاڪ ٿئي. خدا ڪري اوهين هميشه خوش رهو ۽ ڏک نه ڏسو“. (16)
    حاصل مطلب ته مٿيان ڪتاب سنڌ جي ماحول مطابق نه هوندي به مرزا صاحب جي آسان طرز تحرير ۽ عام فهم انداز سبب جڏهن شايع ٿيا، تڏهن نه فقط پڙهيا ويا، پر گهڻو پسند پڻ ڪيا ويا.
    مرزا صاحب ۾ مترجم هئڻ جون صلاحيتون اُتم هيون. سندن تقريبًا سڀني ڪتابن جو ترجمو وڻندڙ آهي. موضوع مطابق پاڻ ٻنهي ٻولين جي وسعت ۽ اديبانه ذوق مطابق ترجمي جي ضرورتن ۽ گهرجن کي اهميت ڏني اٿن. سنڌي زبان جي بقا ۽ ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ مرزا صاحب ترجمي جي عمل جي پورائي کي نه فقط هٿي ڏني، بلڪه هُن نثر ۾ معياري ترجمن کي آندو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي انگريزي ٻوليءَ مان ته ڪجهه اردو، فارسي ۽ عربيءَ مان ترجمو ڪيا اٿن.
    مرزا صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندن لياقتن کان انحراف ناممڪن آهي. کين سندن حياتيءَ ۾ ڪيترائي اعزازَ مليا. پنهنجي باري ۾ پاڻ ٻن ڪتابن ”فئملي ريجسٽر“ (انگريزي) ۽ ”يادگيريون“ (سنڌي) ۾ احوال ڏنو اٿن ۽ خاص طور تفصيلي احوال سندن آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مان ملي ٿو. 287 صفحن ۽ يارهن بابن تي مشتمل هيءَ تصنيف سنڌي ادب ۾ سوانح جي مَدَ ۾ اهم شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجي ننڍپڻ، جواني، تعليم، نوڪري، علمي ادبي خدمتون ۽ پيريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڊائريءَ جاورق ڏنل آهن، جيڪو احوال ڏهين جون 1929ع تائين جو آهي. سندن وفات 4 جولاءِ 1929ع تي ٿي. مرزا صاحب جي باري ۾ لکيل ٻين ڪتابن ۾ ”حياتِ قليچ“ (1936ع)، همايون مرزا، ”قرب قليچ“ (1936ع)، محمد صديق مسافر، ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“ (پي ايڇ ڊي ٿيسز اڻ ڇپيل) 1978ع مرزا حبيب الله، ”قليچ بيگ“ (1984ع) ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو ۽ چند ٻيا ڪتاب ۽ مخزنن جا قليچ نمبرز اهم آهن، جن مان مرزا صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ملي ٿي.

    حوالا
    (1) بيگ مرزا قليچ، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع.
    (2) ايضاً، ص- 65
    (3) ايضاً، ص- 141
    (4) بيگ مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ 1972ع، ص- 16 ۽ 32
    (5) محمد اسماعيل عرساڻي، ”چار مقالا“، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص- 95
    (6) محمد صديق مسافر، ”قربِ قليچ“، (بحواله چار مقالا)
    (7) بيگ مرزا قليچ، ”گليور جو سئر ۽ سفر“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ٻيو ڇاپو، 1969ع، ص-1
    (8) ايضاً، ص- 114
    (9) بيگ مرزا قليچ، ”وامق عذرا“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، (ديباچو)
    (10) بيگ مرزا قليچ، ”باغ ۽ باغباني“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، (ديباچو)
    (11) بيگ مرزا قليچ، ”خود ياوري“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص- 3
    (12) ايضاً، ص- 160،
    (13) ايضًا ص- 161
    (14) بيگ مرزا قليچ، ”ٽي گهر“، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص- 352
    (15) بيگ مرزا قليچ، ”جولئن هومز“، سنڌي ادبي بورڊ/اسلامي ڏيپلائي پرنٽنگ پريس 1961ع، ص- 71
    (16) ايضاً، ص- 400.


    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ خدمتون

    سنڌ ڌرتيءَ لاءِ باعث فخر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ضلعو سانگهڙ، تعلقو سنجهورو جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ 1917ع ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت، آثارِ قديمه، سنڌي موسيقي، تاريخ، لطيفيات، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جهڙن موضوعن کي قلم جي گرفت ۾ تحقيق جي پئماني سان پروڙي پيش ڪندڙ هڪ اڻ ورچ محنتي محقق آهن. ڊاڪٽر صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي تحقيقي ۽ علمي ميدان جو سرواڻ کين سڏجي ته بي جا نه ٿيندو. سندن تحقيقي ڪم بي حساب آهي. هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو، خاص طور لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪم تي روشني وجهجي ٿي.
    ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفات ۾ لغت جي ڪمن ۾ ”جامع سنڌي لغات“، ”سنڌي اردو لغت“، (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سان گڏ) ”فارسي لغت“ اهم آهن. آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي لکيل ”جواهر لغات اڪيچار“ کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. لطيفيات ۾ ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“، ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“، ”شاهه عبداللطيف تحقيقي مضمون“، ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ (ترتيب 10 جلد) آهن. ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل ”شاهه جورسالو سندن اڻ ٿڪ محنت جو نشان آهي. هن رسالي جي تياريءَ ۾ کين وڏو عرصو لڳو. 6020 صفحن تي مشتمل هيءُ منفرد لطيفي ايڊيشن 50 قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌارئين ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. جدا ڪيل اهم ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ الڳ جلد ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ مشڪل لطيفي لفظن جي لغات ”روشني“ جي نالي سان ترتيب ڏني ويئي آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي سوانح ڪلام ۽ راڳ جي باري ۾ مفصل مقدمو آهي ۽ شاهه جي ڪلام جي پرک لاءِ اٺ معياري اصول پڻ ڄاڻايل آهن، جن تحت دليلن سان ڌاريو ڪلام جدا ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ لطيفيات جا ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيا آهن، جن ۾ لطيف سالگرهه مخزن جا ڪافي نمبر آهن. ازانسواءِ ”لطائفِ لطيفي“ (مير سانگي) ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف“ (قليچ) جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب ڪئي اٿن.
    گهڻن ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپرايو اٿن، جن ۾ ”ڪليات حمل“،”خليفي صاحب جو رسالو“، ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، ”قاضي قادن جو رسالو“، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“، ”راڳ نامو صوفي صادق فقير“، ”ڪليات سانگي“، ”رسالو خان محمد زئي“ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. انهن ڪتابن جا بلوچ صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ مقدما معلوماتي آهن. ايئن پاڻ ڪيترائي مقدما مختلف علمي، ادبي، تاريخي ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جا لکيا اٿن، جيڪي ڪتاب بابت مفصل ۽ جامع ڄاڻ ڏين ٿا.
    تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان سندن ڪم تمام اهم آهي. ”فتح نامه سنڌ“ (چچ نامو)، ”تاريخ معصومي“، ”تحفة الڪرام“ جهڙن ناياب ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. سندن ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ مشهور ۽ مستند حواله جاتي ڪتاب آهي. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ ٻوليءَ جي باري ۾ لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپيل سندن اهم ڪتاب آهن. انيڪ مضمون، مقالا ۽ تقريرون مختلف موضوعن تي پيش ڪيا اٿن، جن مان ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي سگهجن ٿا.
    ڊاڪٽر صاحب جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب گهڻن تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، جن جو تعداد ڪافي آهي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، مقدما لکي شايع ڪرايو اٿن.
    ڊاڪٽر صاحب کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ ”ستاره قائداعظم“، ”پرائيڊ آف پرفارمينس 1979ع، اعزازِ ڪمال 1991ع، ستاره امتياز 2001ع صدارتي ايوارڊ شامل آهن.
    بلوچ صاحب جي باري ۾ ذاتي احوال سندن ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ (ٽي ڀاڱا) مان ملي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ ڪيل مسافريون، محنتون، ماڻهن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن ته مختلف موضوعن تي سندن ويچار ڊائريءَ جي صورت ۾ آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“ ۽ تاج جويو جو ”ڊاڪٽربلوچ هڪ مثالي عالم“ (جنهن ۾ ڪيترن ئي اهلِ قلم جا ڊاڪٽر نبي بخش جي باري ۾ لکيل ليک آهن) اهم ڪتاب آهن.
    مٿي ته هو ڊاڪٽر نبي بخش جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو تعارف، پر هڪ اهڙو تحقيقي ڪم آهي، جو جيڪڏهن عمل ۾ نه اچي ها ته يقينًا سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿئي ها، اهو آهي لوڪ ادب کي سهيڙڻ، هيءُ صدري خزانو هوند ضايع ٿي وڃي ها، جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا مطابق ڊاڪٽر صاحب جن سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب جي علم کي ڪاغذ جي ڪينواس تي منتقل نه ڪرائين ها.
    لوڪ ادب ڪنهن به ملڪ جي ادب جي سڃاڻپ ۽ ان جو اصل ۽ نسل آهي. هيءُ ادب عوام جي اُڌمن، امنگن ۽ جذبن جي ترجماني سندن زباني آهي، جنهن جي بقا فقط ۽ فقط حافظي جي قوت تي هئي. جيڪڏهن ان کي تحريري طور محفوظ نه ڪيو وڃي ها ته ڪيترن بزرگن، سگهڙن، سياڻن، شاعرن ۽ سڄاڻن جي هن دنيا مان موڪلائڻ سبب اهو علم ضايع ٿيندو وڃي ها. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جَرَ جهنگ جهاڳي، ڪشالا ڪاٽي، ڪيئن سلسليوار مسافريون ڪري، هيءُ انمول خزانو تحريري طور سنڌي ادب ۾ محفوظ ڪيو آهي.
    ”لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري“. (1)
    ڊاڪٽر نبي بخش صاحب مٿين ٻنهي صنفن ۾ ڪل ٽيتاليهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب رٿا 1956ع تحت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد سهيڙي، سالن جي اڻ ٿڪ محنت سان تيار ڪيا، جن ۾ لاڳاپيل موضوعن تي تفصيلي مقدما پڻ ڏنل آهن.
    لوڪ ڪهاڻين جي ستن جلدن ۾ ڪافي ڪهاڻيون آيل آهن. هر جلد کي ان جي مناسبت سان عنوان ڏنل آهي. بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڪهاڻيون، جنن پرين جون ڪهاڻيون، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، درويشن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، شهزادن ۽ شهزادين، راڻين جون ڪهاڻيون، مطلب ته سنڌ ۾ مروج ڪيترين ئي آکاڻين/ ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري آندو ويو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ”لوڪ گيت“، ”ڪافيون“، (3 جلد) ”پروليون“، ”ڏٺ ۽ معما“، ”مداحون ۽ مناجات“، ”مناظرا“، ”بيت“، ”ڏور“ ”ٽيهه اکريون“، ”ڳيچ“، ”ڳاهن سان ڳالهيون“، ”هنر“، ”ڳجهارت“، ”معجزا“، ”سينگار“، ”مولود“، هفتا ڏينهن ۽ راتيون ۽ مهينا“، ”ڏهس“، ”جنگ ناما“، ”لاکو ڦلاڻي“، هرگنيو“ ۽ ٻيا آهن. ”ٻيلاين جا ٻول“ ٻيلي جي شاعرن جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب پاڻ انهيءَ لوڪ ادب رٿا کان اڳ لکيو هئائون. هيٺ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪرايل لوڪ ادب جي چند ڪتابن جو مختصر احوال ڏجي ٿو.
    مداحون ۽ مناجات سنڌي ادبي بورڊ 499 صفحن جي هن ڪتاب جي اشاعت نومبر 1959ع ۾ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم شاعرن جو مدحي ڪلام ۽ مناجاتون شامل آهن. خدا پاڪ جي واکاڻ ۽ مٺي محمد مصطفيٰﷺ جي مدح ۽ مناجات سان گڏ چئن خليفن، پير بادشاهه غوثِ اعظم، شاهه محمد مڪي رح، غوث بهاءُ الدين ۽ ٻين اوليائن جي شان ۾ عقيدت سان ڪلام چيل آهي. شاعرن ۾ جمن چارڻ، ميان سرفراز، ثابت علي شاهه، فتح فقير، مخدوم عبدالله، شيخ محمد حسن، حسين فقير ديدڙ، حمل فقير لغاري، اميد علي شاهه، محمد صديق مسافر، ميون عيسيٰ، اسدالله شاهه فدا ۽ ٻين جو مدحيه ڪلام ڏنل آهي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي چيل مدح سندس ڪتاب ابيات سنڌي مان ورتل آهي.
    مناجات: پاڪ ڌڻي پروردگار،مالڪ ملڪن جو مختار،
    در قدرت جو ڪلتار، جوڙون جوڙي رب جبار،
    محمد گهوٽ ڪيو مهندار، ساري عالم جو آڌار. (2)
    مولود: لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ چوٿون نمبر ڪتاب چار سؤ ويهن صفحن تي مشتمل 1961ع ۾ شايع ٿيو. لفظ ”مولود“ جي تفصيلي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته، ”صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود ”وائي“ يا ”ڪافي“، واري دفعي ۾ شامل آهي. قالب ۽ هيئت کان منجهن فرق ڪونهي، پر معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ کان مولود وائيءَ کان نرالي حيثيت رکي ٿو“. (3)
    سندن موجب مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا آهن، جيڪي اڄ به عام رائج ۽ مشهور آهن ۽ مخدوم صاحب کان سواءِ ڪتاب ۾ جن شاعرن جا مولود آهن، انهن ۾ مخدوم محمد اسماعيل، ميان سرفراز، پير محمد راشد ”روضي ڌڻي، سچل سائين، فتح فقير، حسين فقير ديدڙ، جانڻ سونارو، غلام محمد گدا، مخدوم الله بخش، احسان فقير، نواب علي احمد لغاري ۽ ٻيا آهن سڀني شاعرن جو تعارف پڻ ڏنل آهي.
    ٽيهه اکريون: ٽيهه اکريون ٻن جلدن تي مشتمل لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڇهون نمبر ڪتاب آهي. ٻيو جلد چار سؤ ستهٺ صفحن تي آڌاريل 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽيهه اکريءَ جي صنف جا 62 شاعر ڪلام جي مثالن سان ذڪر ڪيل آهن. موضوع تي مفصل مقدمو لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي جو ڪتاب جي پويان انگريزيءَ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڪجهه سرائڪي ٽيهه اکرين جو ڪلام پڻ شامل آهي. ٽيهه اکريءَ جوموضوع مناجات، نصيحت، سلوڪ ۽ مدح نموني جو هوندو آهي. پيش ڪيل مواد جي وضاحت ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته ”نظم جي اندروني فني نزاڪت، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فصاحت توڙي معنيٰ ۽ بلاغت جي خيال کان گهڻيون ٽيهه اکريون معياري آهن“. (4)
    شاعرن ۾ حافظ سليمان ”سائل“، رکيل شاهه، علي محمد قادري، محمد عثمان ميمڻ، نوح پنهور، ڄام خان چانڊيو، طالب پلي، عثمان کٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، احمد خان ”آصف“، سرائيڪي شاعرن ۾ روحل فقير، حسين فقير ديدڙ، حمل لغاري، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين جو ڪلام آهي.
    هفتا، ڏينهن راتيون ۽ مهينا: جولاءِ 1961ع ۾ شايع ٿيل چار سؤ ويهن صفحن جو هيءُ لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب اشاعتي ترتيب ۾ ستون نمبر آهي. نئين قسم جي عنوان واري هن ڪتاب ۾ شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪلاسيڪل داستانن ذريعي فراق ۽ سڪ جو وڇوڙو ڏينهن، راتين، هفتن، مهينن، مُندن ۽ سالن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ منتخب ڪلام کي الڳ ترتيب سان جمع ڪري، مٿيون عنوان ڏيئي شايع ڪيوويو آهي.
    حاصل مطلب ته هن فراق، وڇوڙي ۽ يادگيريءَ جي ڪلام ۾ گذرندڙ لمحن ۽ وقت کي ياد ڪيو ويو آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حمل فقير لغاري، حسين بخش خادم، هدايت علي ”تارڪ“، صوفي آسورام، بخش علي جتوئي ۽ ٻين جو ڪلام شامل آهي.
    مناظرا: مناظرو لوڪ شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ مناظرا موجود آهن. هيءُ ضخيم ڪتاب 714 صفحن تي آڌاريل آهي، جو اپريل 1961ع ۾ شايع ٿيو. شاعرن ۾ شاهه محمد ديدڙ، شيخ ابراهيم، طالب پلي، گل محمد کوسو، قاضي الهورايو، خير شاهه، دائم لغاري، غلام رسول رند، شيرمحمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن جا مناظرا شامل آهن. مناظرو هڪ قسم جو ”منظوم سانگ“ يا ڊرامو آهي، جنهن ۾ ٻن ڪردارن جي وچ ۾ بحث مباحثو ۽ دليل بازي هوندي آهي. مناظري ۾ طنزيه ۽ مزاحيه شاعري به هجي ٿي ته اديبانه ۽ فلسفيانه ڪمال پڻ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ ”دلي ۽ طالب“ شاهه محمد ديدڙ،”ٽوپي ۽ پڳ“ خير شاهه ”سَسُ ۽ ننهن“ مهروءَ جا مناظرا دلچسپ آهن. ڊاڪٽر صاحب هن صنف جي هيئت تي لکي ٿو ته:
    ”مناظرا عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا آهن. ڪي وري محبتن وارا آمهان سامهان سوال جواب آهن، جن ۾ جهيڙي جوذڪر ڪونهي. مناظري جي اندروني سٽاءَ ۾ ٻن منهن مقابل ڌرين جوهجڻ لازمي آهي“. (5)
    مناظرا سهڻن لفطن، اصطلاحن، قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل هئڻ ڪري معياري سنڌي ادب جو اهڃاڻ آهن.
    پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول: 1965ع ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ ٻارهون نمبر ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو تيرهن بابن ۽ ٻه سؤ ٻيانوي صفحن تي مبني آهي. هن ۾ پرولين جا قسم، ڏٺون، معما، سگهڙپائيءَ جا ٻول ۽ عاقلاڻا قول کولي سمجهايا ويا آهن. مٿين صنفن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي، جنهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڪافي مشڪل امر هو، ته به جَس آهي سائين نبي بخش جي محنتن کي، جو پاڻ لوڪ ادب جي تقريبًا هر صنف تي مواد گڏ ڪيو اٿن. ڪتاب ۾ هن موضوع تي ڪافي مثالي مواد ڏنل آهي.
    پروليءَ جي فن تي لکن ٿا ته: ”پروليون انسان ذات جي ذهانت ۽ ذڪاوت، ظرافت ۽ فقاهت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن“. (6) مثال طور:
    سون پرکجي ڪسوٽي، رپو پرکجي باهه،
    ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
    ڏور: جنوري 1970ع ۾ ڏور جي بيتن تي مشتمل 738 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ”ڏور“ جي جنس جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”ڏور جي عبارت تمثيل تي اڏيل آهي. ڏور جو مستقل قالب ”بيت“ آهي“. (7)
    ڏور جي بيتن جا پنج قسم آهن:
    (1) قدرت يعني اهڙا بيت جيڪي خدا پاڪ جي قدرتي معجزن بابت هجن، جيئن ڪنڀار جي آويءَ ۾ ٻليءَ جي ٻچن جو زنده سلامت نڪري اچڻ.
    (2) سوا لک هن قسم ۾ حضرت آدم عليه السلام کان نبين، اوليائن، جيڪي سوا لک ٿي گذريا آهن، جي باري ۾ بيت هجن ٿا.
    (3) پنجتن پاڪ. هن قسم ۾ رسول پاڪ ﷺجي پنجتن سلسلي بابت بيت شامل هجن ٿا.
    (4) امامت بابت، اهڙو بيت، جيڪو امام حسن، امام حسين ۽ ٻين امامن بابت هجي.
    (5) وليت بابت، رسول پاڪ ۽ سندن اصحابين کان سواءِ ٻين ولين ۽ درويشن جي ڪارنامن بابت بيت هجي.
    هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن ڏور جي هيئت، معنيٰ، اصطلاح، شاهدي ڏيڻ، ڏور جي ڪچهريءَ جا قانون، موجوده دور ۾ ڏور جي ڪچهريءَ جي حيثيت ۽ مختلف سگهڙن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. ڪجهه سگهڙن جون تصويرون به ڏنل آهن. هيٺ ڏور جي شاعريءَ جو هڪ مثال ڏجي ٿو.
    حضور اڪرم جن جي اشهد آڱرجي اشاري سان چند تابعدار ٿي ٻه اڌ ٿيو. سگهڙ ڏور جي بيت ذريعي اها تمثيل هن ريت بيان ڪئي آهي:
    سهڻيون مڙيئي سهڻيون، پر سهڻيءَ مٿان ڇَٽ،
    انهيءَ جاءِ جانڻ چئي، ڍوليءَ ڍاريو ڍٽ،
    سارو ٿر ٿيلهي آئي، وينگس وجهي وٽ،
    انهيءَ مومل ڇٽ، ٻي ڪامڻ ڪا ٿيندي ڪانه ڪا.
    سهڻيون= آڱريون، ڍٽ = چنڊ، ٿر = آسمان، مومل= اشهد آڱر.
    مراد: رسول ڪريم جن جي اشهد جي آڱر جي اشاري سان آسمان ۾ چنڊ ٻه اڌٿيو. اهي اڌ هڪ ٻئي کان پري ٿي بيٺا ۽ اها آڱر مبارڪ مرتبي ۾ ٻين آڱرين کان مٿي ٿي. (8)
    لوڪ گيت: لوڪ سلسلي جو سترهون نمبر هيءُ ڪتاب آڪٽوبر 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلاميه پرنٽنگ پريس مان شايع ڪرايو. 405 صفحن جي لوڪ گيتن جي هن ڪتاب ۾ 57 گيتن جي نمونن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ جمالو، مورو، ڇلو، لولي، همرچو، ڪرهو، لاڻو، ڪَجليو، گولاڙيو ۽ ٻيا گيت شامل آهن، جن جي موضوعن جي وضاحت ڊاڪٽر صاحب ڏني آهي ته اهو به ڄاڻايو اٿن ته اهي ڪهڙن علائقن سان منسوب آهن. لکن ٿا ته:
    ”ڪي گيت سنڌ جي قديم عشقيه داستانن کان متاثر ٿي ڳاتا ويا آهن، جيئن راڻو، مومل، ڪرهو وغيره جيڪي سومرن جي دور سان تعلق رکن ٿا.
    مورو اصل ۾ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو لوڪ گيت آهي، پر ان جي مقبوليت جو دائرو ڪوهستاني علائقن کان ٻاهر، لس ٻيلي، قلات ۽ مڪران تائين آهي.
    لولي، ڇلو وغيره سڪ ۽ محبت جا گيت آهن.
    لوڪ گيت عوام جي اجتماعي زندگيءَ جا اهڃاڻ آهن، جيڪي خوشين ۽ محبتن جا امين ۽ ڪجهه اهم واقعن ۽ قصن کان متاثر ٿي جوڙيا ويا آهن.“ (9)
    بيت: سنڌي شاعريءَ جي قديم ترين صنف بيت تي مشتمل522 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1971ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي 156 شاعرن ۾ قاضي قاضن، ميون علي شيرازي، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، اشرف شاهه، ڇتو سانگي، رمضان ڪنڀر، صاحبڏنو شيخ، گل حسن لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب بيت جي قدامت، بنيادي سٽا ۽ ارتقا، هيئت، فني خوبيون، معنوي ارتقا ۽ مواد جي ترتيب سمجهائي آهي ۽ گڏ ڏيڍ سؤ شاعرن جي شاعريءَ جي مثالن کان علاوه انهن جي سوانح حيات تي روشني وڌي ويئي آهي، جنهن ۾ اساسي شاعريءَ سان گڏ نئين دور جي شاعرن جي شاعري به شامل آهي. سندن موجب ته،
    ”اوائلي سنڌي بيت ٻه تڪو هو، جو پنهنجي هيئت ۽ سٽاءَ توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ارتقائي دور طئي ڪري، موجوده اعليٰ سطح تي پهتو“. (10)
    عارفن ۽ ولين هن صنف کي اهميت وٺرائي. عارفانه شاعريءَ جو ثبوت سمن جي دور کان ملي ٿو. سومرن جي دور جا بيت ڳاهون ٿي شمار ٿيا آهن. ڊاڪٽر صاحب موجب ته، ”بيت جي ڊيگهه ۾ اضافو ۽ فني لحاظ کان وڌيڪ خوبيون شاهه لطف الله قادريءَ جي رسالي ۾ ملن ٿيون. ان کان علاوه ميين شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ڊگها بيت ملن ٿا. لس ٻيلي جي ٻن هم عصر شاعرن شيخ محمد ابراهيم ۽ ڪبير شاهه ڊگهن سنڌي بيتن کي اوج ۽ عروج تي پهچايو“. (ڊگهي سنڌي بيت جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ”نڙ جا بيت“جي مقدمي ۾ وڌيڪ تفصيل سان ڪيو آهي.)
    ڪافيون: ڪافي سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. لوڪ ادب جي هن سلسلي ۾ ڪافين جا 3 جلد بالترتيب 1985ع، 1987ع ۽ 1990ع ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي ڪل 1532 صفحن تي آڌاريل آهن. ٽنهي جلدن ۾ دورن جي حساب سان ورهاست ڪري ڪافين جو مواد ڏنل آهي. پهرئين جلد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميون شاهه عنايت، صاحبڏنو فاروقي، روحل فقير، سچل سرمست، صوفي ابراهيم شاهه، حمل فقير لغاري، سيد فاضل شاهه، ٻئي جلد ۾ خواجه غلام فريد، فيض درياهه شاهه، فقير کٽياڻ، مصري شاهه، سانگي، مير علي نواز علوي، سيد صالح شاهه ۽ ٽئين جلد ۾ سيد احمد شاهه خاڪي، لال فقير هيسباڻي، نبي بخش ڪولاچي، سيد ميران محمد شاهه، رشيد احمد لاشاري، اسدالله شاهه ”بيخود“، محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“ ۽ ٻين جو ڪلام ۽ سوانح شامل آهي. ميران محمد شاهه جي ڪلام مان هي آخري بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    سار ”ميران شاهه“ جي مانَ لهن،
    اوٺي اباڻا شالَ اچن،
    بند لاهين بار، کِيان مان کاهڙ جون کاريون ڄاريون. (11)
    لوڪ ڪهاڻيون (جلد 3): فيبروري 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شهزادو گل منير، ڪوڙهيو بادشاهه، وفادار طوطو، عقلمند ڇوڪري، وزير زادو ۽ سوداگرياڻي، نموني جون ڪهاڻيون آهن، جن جو مرڪزي خيال همٿ، محنت، نصيحت تي مشتمل آهي، جنهن مان مرد ۽ عورت جي عقل، ڀاڳ ۽ نڀاڳ، عشق ۽ محبت ۽ ٻين نڪتن جي ڄاڻ پوي ٿي.
    ڳاهن سان ڳالهيون: لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو 29 نمبر ڪتاب 1964ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏمڻ سوناري، سونل، سڏ يونٽ ۽ سارنگاهه، گامون سچار، وڪيو ڏاتار، جسو ڌن بادشاهه ۽ ٻين سان منسوب ڳاهون آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سگهڙن معرفت دستياب ٿيون.
    مشهور سنڌي قصا ۽ عشقيه داستان: هيءُ ٽيهون نمبر ڪتاب 1972ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم عشقيه قصن، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي ۽ ٻين جي احوال ۾ روايتن سان گڏ مل محمود، حفيظ تيوڻي، طالب پلي، حاجي فقير جا بيت ڏنل آهن.
    رسمون رواج ساٺ ۽ سؤڻ: چوڏهن بابن تي آڌاريل سنڌ جي ثقافت جي اهم رسمن ۽ ريتن تي مبني هن ڪتاب ۾ گهرو زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهم سؤڻن ساٺن ۽ ريتن رواجن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻار جي ڄمڻ کان جهنڊَ لهرائڻ، سنڀال، ڇٺي، طهر، سڱ، مڱڻا، شاديون، آداب اخلاق، ڌنڌا، سڀاڳ نڀاڳ، نذر، پِٽَ پاراتو، بيماريون علاج ۽ ٻيا موضوع سنڌين جي نظرين، سوچن جي اپٽار ۽ ريتن روايتن مطابق ذڪر ڪيل آهن. موضوع جي وضاحت تي ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته،
    ”رسمن، رواجن، سوڻن ۽ ساٺن جو مطالعو علم الانسان جو هڪ مکيه باب آهي. انهيءَ تحت ئي سنڌي قوم جي ترجماني ڪيل آهي“. (12)
    جيڪڏهن هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب وارن مڪمل ڪتابن جي سٺي تفصيل ڏبي ته پوءِ هيءُ مقالو نه، بلڪه هڪ چڱيرو ڪتاب ٿي پوندو، انهيءَ ڪري مختصرًا ڪجهه ڪتابن کي ذڪر ڪيو آهي ته جيئن شاگردن کي اندازو ٿئي ته هن مهربان محقق جون سنڌي ادب ۽ خاص طور لوڪ ادب جي لاءِ ڪيتريون اهم خدمتون ڪيل آهن.
    ڊاڪٽر بلوچ هڪ منظم زندگي گهاريندڙ نيڪ دل، بااخلاق ۽ بلند ڪردار انسان آهن. سندن سادي سڀاءَ ۾ همٿ، عزم ۽ اعليٰ حوصلي سان گڏ نهٺائي ۽ خلوص شامل آهي. اڄ ڏينهن تائين پڻ هن عمر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيندا اچن.


    حوالا
    (1) سنديلو عبدالڪريم، ”لوڪ ادب جوتحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1986ع، ص- 2
    (2) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”مداحون ۽ مناجات“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص- 5
    (3) ايضًا ”مولود“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص- 2
    (4) ايضًا ”ٽيهه اکريون“ (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص- 4
    (5) ايضًا ”مناظرا“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، (مقدمو)
    (6) ايضًا ”پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع (مقدمو)
    (7) ايضًا ”ڏور“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1970ع، ص- 10
    (8) ايضًا ص- 120
    (9) ايضًا ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص- 1 ۽ 134
    (10) ايضًا ”بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص- 5
    (11) ايضًا ”ڪافيون“ (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1990ع
    (12) ايضًا ”رسمون، رواج، ساٺ ۽ سؤڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1978ع (مقدمو)


    ڊاڪٽر غلام علي الانا جون سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات ۾ خدمتون

    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو شمار انهن عظيم عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي پياري ٻوليءَ جي ”فدائي“ هئڻ جو حق ادا ڪيو آهي، سراج ميمڻ صاحب چواڻيءَ ته ”هن کي پنهنجي ٻوليءَ سان، ”فنا في اللسان“ جي حد تائين عشق آهي“. (1)
    انيڪ اعزازن سان نوازيل هن محقق جي ڪتابن جا موضوع، علم، ادب، تاريخ، تهذيب، تمدن، ثقافت، آثار قديمه، موسيقي ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن. ٻولي ۽ لسانيات جي حوالي سان سندن گرانقدر خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن وقت تائين پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ لسانيات جي حوالي سان ٿيل ڪم ۾ سڀ کان گهڻو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن جي نظر ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو آهي. لسانيات، سنڌي ٻولي، ادب ۽ نثر سان تعلق رکندڙ سندن چند ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

    سنڌي صورتخطي: ڊاڪٽر صاحب 1963ع ۾ لکيو ۽ پهريون ڇاپو 1964ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم.اي سنڌيءَ جي نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب جي بابن جا عنوان هن ريت آهن: ”سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۽ قدامت جا اهڃاڻ“، ”ديسي سنڌي رسم الخط جا ڌار ڌار نمونا“، ”خواجڪي سنڌي صورتخطي“، ”عربي-سنڌي صورتخطي“، ”چچنامي ۾ لکيل سنڌي لفظ“، ”البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي لفظ“، ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“، ”رسم الخط لاءِ سرڪاري ڪاميٽي“، ”ايلس واري صورتخطي“، ”ايلس جي ٺاهيل صورتخطيءَ جون خصوصيتون“، ”سُر (Vowels) ”شد“، ”جزم“، ”تنوين“، ”همزو“، گهڻا سُرَ، ”وسرگائي، ”ايلس واري صورتخطيءَ ۾ لفظن جي صورتن ۾ اختلاف“، ”هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ عام خاميون“.
    مٿين عنوانن کي سهڻي ۽ سولي نموني سان مختلف وزنائتن دليلن ۽ حوالن سان سمجهايو ويو آهي. سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته،
    سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا 864ع ۾ جاحظ جي ڪتاب ”رسالة فخر السودان في علي البيضان“ ۾ نج سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ سان ٿي. انهيءَ عرصي کي سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿئي هڪ سؤ سال کن گذريا هئا. هن رسم الخط ۾ اڳتي هلي چچنامي جي مصنف البيروني ۽ ٻين ماهرن ۽ محققن پنهنجي نموني سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان کي وڌيڪ معياري بنايو.“ (2)
    الانا صاحب، اصطخري، بشاري، مقدسي، ابن نديم، ابن حرقل، البيروني ۽ ٻين جي حوالن سان ثابت ڪيو آهي ته، ”سنڌي ٻولي اسلام جي آمد وقت نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي.(3)
    ”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان نه فقط موضوع تي مواد جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو، بلڪه معياري ۽ مدلل معلومات مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ انگريزيءَ جي ڪتب آيل اصطلاحن جا
    نعم البدل سنڌي لفظ ڏنل آهن ته جيئن صوتيات جي شاگردن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. هيءُ ڪارائتوڪتاب عرصي کان شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ئي لفظن ۾ ته،
    ”هن ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد آهي ته سنڌي زبان جا عالم، استاد، تعليمي ماهر ۽ عربي رسم الخط جا ڄاڻو سنڌيءَ جي موجوده صورتخطيءَ جوگهرو مطالعو ڪن“.
    ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”الانا صاحب جي هن ڪتاب کان اڳ سنڌي زبان ۾ رسم الخط جي اڀياس لاءِ مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هو ۽ ان کي پهريون ڀيرو تنقيد جي تارازيءَ ۾ پروفيسر غلام علي الانا توريو. هن ۾ الانا صاحب واضح طور ڄاڻايو آهي ته رسم الخط ۽ صورتخطيءَ ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي.“ (4)

    سنڌي نثر جي تاريخ: 1966ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو ۽ پوءِ ٻه ڇاپا ڇپيا آهن. خاص طور فقط سنڌي نثر جي موضوع سان لاڳاپيل هن ڪتاب جي ادبي تاريخن ۾ وڏي اهميت آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي لکڻ موجب ته، هن ڪتاب جي اهميت ٻين ادبي تاريخن، موجود هئڻ جي باوجود ان ڪري برقرار رهي، جو هيءُ بنيادي طرح نثر جي مختلف صنفن جي باري ۾ مواد رکي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ايترو تفصيل سان ڪنهن به نه ڏنو هو. هن ڪتاب جي ترتيب عام ادبي تاريخن کان مختلف آهي ۽ هيءُ ڪتاب نثر جي باري ۾ پيرائتو احوال ڏئي ٿو“. (5)
    نثر جي هن تاريخ جا ٻه ڀاڱا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي نثر جي اوسر، ننديرام دؤر، قليچ دؤر، سنڌي نثر جا سرچشما، ”نثر جون خصوصيتون، موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم بيان ڪيل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ اٺاويهن سنڌي نثر نويسن جي سوانح سان گڏ سندن تصنيفات جو جائزو ڏنل آهي، جن ۾ سورنهن هندو، ٻارنهن مسلمان نثر نويس شامل آهن. انهيءَ برابريءَ جي امتزاج سان هن ڪتاب مان سنڌي مسلمان ۽ هندو ليکڪن جي لکڻين جي نمونن ۽ سندن ڪم جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي حيثيت کان علاوه سوانح نگاريءَ جي مَدَ ۾ پڻ خاص جڳهه والاري ٿو. اهم سنڌي نثر نويسن جي سوانح علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ ٻوليءَ جي جائزي لاءِ سندن تحريرن مان حوالا ڏنل آهن. ديوان ننديرام سيوهاڻي، آخوند لطف الله محمد اسحاق، شمس الدين بلبل، لالچند امرڏنومل، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، محمد صديق مسافر، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري ۽ ٻين نثرنگارن جو ذڪر آهي.
    ”ڊاڪٽر الانا صاحب جي هن تاريخ کان اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نثر نويسن جو تفصيلي احوال آيل نه هو. هن کان اڳ نثري صنفن بابت مقالا ته گهڻا لکيا ويا هئا، پر نثر جي وصف، قسمن، ابتدا ۽ تاريخ سان گڏ وڏن سنڌي نثرنگارن جو مڪمل ذڪر ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ ٿيل نه هو“. (6)

    سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي: جولاءِ 1979ع ۾ شايع ٿيو. لساني جاگرافيءَ جو مطالعو ۽ اڀياس زبان جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب هن ڏِسَ ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن ڪتاب تي کين 1979ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايوارڊ ۽ 1981ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ايوارڊ عطا ٿيو.
    ڇهن بابن تي مشتمل هن لساني جاگرافيءَ جي بابن جا موضوع هن ريت آهن: ”سنڌي زبان ۽ ان جا لهجا“، ”ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ“، ”ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ“، ”راجسٿان ۾ ڦهلاءُ“، ”بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جواثر“، ”سرائيڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جو ڦهلاءُ“.
    سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ايراضين ۾ پکڙجڻ ۽ ڦهلاءَ جي سببن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد، ”سنڌي قبيلن جي حڪومت“، سنڌي ٻوليءَ جي انهن ايراضين ۾ حيثيت، سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ناتا، ٻولين جا بنياد ۽ ٻولين ۾ صوتي هڪ جهڙائيون ۽ ٻيا عوامل چٽائيءَ سان واضح ڪري، ڊاڪٽر صاحب لساني جاگرافيءَ جي اهميت ڄاڻائي آهي. سنڌي زبان جي لهجن جي ڄاڻ ڏيندي الانا صاحب لکن ٿا ته:
    ”جاگرافيائي حالت جي لحاظ کان سنڌي زبان اترادي يعني سريلي، لاڙي، وچولي، ٿري، ڪوهستاني، ڪڇي ۽ لاسي لهجن ۾ ورهايل آهي. اهي لهجا وري مقامي لحاظ کان ننڍن ننڍن گروهن ۽ محاورن (colloquials) ۾ ورهائي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو، پر هر لهجو ۽ محاورو وري ڪرت، ڌنڌي ۽ پورهئي جي لحاظ کان ننڍن ننڍن مقامي محاورن ۾ ورهايل آهي“. (7)
    لساني جاگرافيءَ ۾ سنڌي زبان جي پکيڙ جي سببن ۽ وسعت جي ڄاڻ ملي ٿي. پکيڙ جي سببن ۾ باهمي شاديون، سماجي ناتا، سياسي رشتا، مذهبي ۽ روحاني لاڙا، آس پاس جي ايراضين سان تعلقات ڄاڻايل آهن. سنڌي زبان جي پکيڙ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان، راجسٿان سان گڏ قديم سنڌ جي ملتان صوبي تائين ڏسي ويئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ مٿين ڪتابن وانگر هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل ۽ شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد آهي.

    سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس: جون 1989ع ۾ شايع ٿيو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب خاص سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي احوال تي مشتمل آهي، ”هن ڪتاب ۾ آيل سڄو مواد تازو ۽ نئون آهي، سواءِ هڪ يا ٻن بابن جي، جيڪي سه ماهي مهراڻ ۾ مقالن جي روپ ۾ اڳ ۾ ڇپجي چڪا هئا“. (8)
    هن ڪتاب جي يارهن بابن جا عنوان، ”لسانيات مقصد ۽ اهميت“، ”علم صرف ۽ سنڌي ٻولي“، ”علم نحو ۽ سنڌي ٻولي“، ”سنڌي ادغام“،
    ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون“،”علم لسان۽ سچل جو ڪلام“، ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج“، ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽ ابتي ٻولي“، ”سنڌي ٻوليءَ جي قديم تاريخي حيثيت جو اڀياس“، ”سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون“، ”رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر“، ”قديم سنڌ جو رسم الخط“، ”سنڌي لپي“، ”رسم الخط جي قدامت جا اهڃاڻ“، ”لوهاڻڪو، ارڌناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم الخط“، ”سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين تهذيبن جو اثر“، ”عربي ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ جا لفظ“، ”دنيا جي ٻين ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان“.
    ٻوليءَ جي اڀياس جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته، ”علم اللسان، انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميڙن، صوتين، صرفين، فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب يعني صوتي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ عملن بابت مواد مهيا ڪري ٿو“. (9)
    هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، صورتخطي، رسم الخط، علم صرف و نحو، ڪلاسيڪل شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده مقام جي مفصل ڄاڻ ڏئي ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا: سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جا 13 ئي باب سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ اوسر کي تفصيلي نموني واضح ڪن ٿا. شروع جي ٻن بابن ۾ علم اللسان جي ماهرن جي راين تي بحث ڪندي، الانا صاحب زبان جي تهذيبي، تمدني ۽ سماجي ڳانڍاپي کي لازم ملزوم قرار ڏنو آهي ته گڏ انساني فطري ۽ قدرتي ورثي يعني ٻوليءَ جي اوسر جي اهميت ڄاڻائي آهي. ٽئين کان ٻارهين باب تائين سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر ڏنل آهي، انهيءَ کي ڊاڪٽر صاحب ”سنڌو ماٿر جي قديم دؤر کان، موجوده مقام تائين“ ٽن عنوانن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي زبان جي حيثيت“، ”سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت آهن. آخري باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون ڏنل آهن.
    عنوان مطابق هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقا جي جامع معلومات تي مبني آهي، پر حقيقت ۾ هن ڪتاب جو هڪ اهم رخ اهو به آهي ته انهيءَ ۾ ”سنڌي نثر“ کي سهڻي پيرايي سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور سنڌو ماٿر جي مهرن لاءِ مقرر ٿيل ملهه، ديسي لفظن جون لڙهيون، اسلام کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ جو سٽاءُ، رگويدڪ ۽ چچنامي ۾ سنڌي لفظ، وزن، تور، وقت جي ماپ، طرفن، ڏسن، ڏينهن لاءِ سنڌي لفظ، قديم سنڌي نثر ۾ ڪم آندل قديم ٻوليءَ جو نمونو، لوڪ ادب، نثري ادب، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي نثر، اصطلاحن ۽ پهاڪن جو اڀياس، ترجمو ٿيل پهاڪا، سنڌي ٻوليءَ جو پڌرنامو، سنڌي ٻوليءَ جي دفتري لکت جو هڪ نمونو 1859ع ۽ ٻيا ذيلي عنوان سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي نثر جي اوسر تي وضاحت سان روشني وجهن ٿا.
    منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي سڀني مٿين ڪتابن جي اڀياس کان پوءِ هڪ اهم رُخ سامهون ٿي آيو آهي، سو آهي سندن سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون، سنڌي نثر جي تاريخ، هن موضوع تي سندن مڪمل ڪتاب آهي، پر سندن ٻين تحريرن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي نثر جي بنياد، اوسر، ارتقا ۽ موجوده مقام۽ حيثيت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. بلاشبه اهو چئي سگهجي ٿو ته لسانيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي نثر تي ڪم ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو نالو صفِ اول جي محققن ۽ عالمن ۾ شمارٿئي ٿو.
    شخصي طور پاڻ اڻ ورچ، نيڪ دل، بااخلاق انسان آهن. اعليٰ حوصلي ۽ همت سان اڄ ڏينهن تائين علم ادب جي تحقيقي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيندا ۽ نوجوان طبقي جي رهنمائي ڪندا اچن. علمي جستجو ۽ ڄاڻ کي وڌائڻ ويجهائڻ ئي سندن منشا آهي. هن وقت به پنج ڪتاب سندن هٿ ۾ تڪميل جي مرحلن ۾ آهن. ڌڻي سڳورو شال هن مهربان ۽ محنتي محقق کي سٺي صحت ۽ عُمرِ خضري عطا ڪري ۽ نئين نسل کي هن پرعزم زندگيءَ مان سبق سکڻ جي قوت عطا ڪري.

    حوالا
    (1) ميمڻ سراج الحق: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع (مهاڳ) ص- 6
    (2) الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي، (ڇاپو ٽيون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص- 90
    (3) الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي، (ڇاپو ٽيون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص- 91
    (4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، (ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص- 30
    (5) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، 1992ع، ص- 148
    (6) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص- 15
    (7) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص- 9
    (8) ايضًا ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع، ص- 5
    (9) ايضًا ص- 3


    مبارڪ علي شيخ اياز ۽ ”اُٿي اور الله سين“: هڪ جائزو

    ويهين صديءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر/نثرنگار شيخ اياز مبارڪ علي، غلام حسين شيخ جي گهر ۾ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري، اڳيان هلي بي اي، ايل ايل بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪيائين. سندن شمار سکر جي مشهور وڪيلن ۾ ٿيو. شيخ اياز 1976ع ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ٿيو ۽ چار سالن جي مقرر مدي تائين رهيو. 1997ع تي دل جي تڪليف سبب ڪراچي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 28 ڊسمبر تي وفات ڪيائين. کين ڀٽ شاهه تي رکيو ويو آهي.
    علمي ۽ ادبي طور شيخ اياز جون خدمتون سنڌي شاعري ۽ نثر لاءِ بي مثال آهن. سندن ڇپيل ڪتاب جو تعداد 50 کان مٿي آهي. (48 ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار ”شيخ اياز- هڪ مطالعو“ ۾ ڄاڻايا آهن، انهيءَ کان پوءِ به ڪجهه شايع ٿيا آهن.) اردو ڪتابن ۾ ”رساله شاهه عبداللطيف“، ”بوئي گل ناله دل“،
    ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پَتي“ سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڀؤنر ڀري آڪاس“،
    ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، جهڙ نيڻان نه لهي“، ”سانجهي سمنڊ سپون“، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيوسج لڪن ۾، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۽ ٻيا آهن. نثر جي ڪتابن ۾ ”سفيد وحشي“، ”پنهل کان پوءِ“، ”جڳ مڙيوئي سپنو“، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ (4 حصا)، ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۽ نثراڻي نظم ۾ ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”واٽون ڦلن ڇانيون“، ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٿا ۾“ ۽ ”اُٿي اور الله سين“ آهن.
    ”پاڪستان رائيٽرز گلڊ“، ”هلالِ امتياز“، ”ستاره امتياز“ ۽ ٻين ڪيترن اعزازن ۽ تمغن سان نوازيل سنڌ ڌرتيءَ جي هن سگهاري شاعر جي شاعريءَ توڙي شخصيت تي مختلف رايا آهن. ڪڏهن کين ”ٿنڪر، فلاسافر ۽ سياسي ڪارڪن“ (1) سڏيو ويو ته ڪڏهن کين ”فيض کان پوءِ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شاعر“ (2) ڪوٺيو ويو. ته ڪنهن کين ”يگانو، منفرد، خاموش، تيز فهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو ماڻهو“ (3) چيو. مطلب ته اياز صاحب جي شاعريءَ، نثر ۽ شخصيت تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي، جنهن ۾ ذاتي طور طبع جي باري ۾ ڪجهه ماڻهن جا ناڪاري ريمارڪ پڻ ملن ٿا. بقول عبدالجبار جي ته ”اياز جو وي.سي ٿيڻ (نوڪري ڪرڻ) هڪ طعنو بنجي پيو، جن ڍڪ منشي ٿيڻ قبول ڪيو ٿي، انهن به عجيب غريب طعنا ڏنا“. (4)
    شيخ صاحب جي طبيعت جي باري ۾ جمال ابڙو صاحب لکي ٿو ته، ”شيخ صاحب جو وقت تمام قيمتي هو ۽ هو اجائي گپ شپ ڪانه ڪندو هو ۽ نڪي پسند ڪندوهو. مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هئس ۽ هن کي به مون لاءِ ڪافي عزت هئي، انهيءَ کان وڌيڪ ڇا گهرجي، تقاضائون ۽ توقعات گهٽ رکجن ته تمام سٺو ٿئي ۽ تعلقات پروان چڙهن ٿا“. (5)
    جمال ابڙو اهو به لکي ٿو ته، ”شيخ اياز جا دوست تمام محدود هئا. مان پاڻ کي ان ۾ شامل نٿو سمجهان. محمد ابراهيم جويو ساڻن علمي سطح تي ويجهو هو. مٿن روبرو تنقيد ڪندو هو ۽ اختلاف به، ربانيءَ سان به ڪافي حجائتو هو“. (6)
    ذاتي تنقيد يا تعريف کان بالاتر شيخ اياز صاحب هڪ قوم پرست ۽ انقلابي شاعر هو، جنهن جي شاعراڻه اسلوب ۾ جديد ۽ قديم فن جو ميلاپ آهي. سندس شاعريءَ جي تاثر، جدت ۽ نُدرت کان انڪار ناممڪن آهي. ساڳيءَ ريت نثري تحريرون پڻ تمام اثرائتيون آهن. سندس لکيل آخري ڪتاب ”اُٿي اور الله سين“ جي باري ۾ مختلف رايا آهن. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ مزاج جي تبديليءَ جو اثر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته نثري نظم جي حساب سان پڻ فني طور هيءُ ڪتاب تمام منفرد حيثيت وارو آهي.
    اُٿي اور الله سين: مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1998ع ۾ شايع ڪيو. 268 صفحن جي هن دُعائيه ڪتاب ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته،
    ”هي دُعائون اسلامي دنيا جو پهريون مثال آهن، جيڪي نثري نظم ۾ لکيون ويون آهن. هي منهنجي اندر جو آواز آهن، جيڪي مان سنڌ جي نوجوانن اڳيان پيش ٿو ڪيان ته هو دورِ جديد کي نظر ۾ رکي، ان کي ويجها ٿي ڏسن“. (7)
    مهاڳ جي آخر ۾ هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته ”درويش جو تحفو ساوا پن آهي، بي نواهن کي ڇا ڪندو، اهي هن وٽ اڳ ئي آهن“.
    حالانڪه 1962ع ۾ ”ڀؤنر ڀري آڪاس“جي مقدمي ۾ لکيو اٿن ته ”هيءُ ڪتاب نه برگ سبز آهي، نه تحفهءِ درويش ۽ نه ئي هي بينوا لاءِ آهي، هيءُ ڪوئل جي ڪوڪ آهي“. (8)
    مطلب ته وقت سان گڏ انساني مزاج ۾ وڏو فرق اچي ٿو. شيخ صاحب جي شروع دور جي شاعري/نثر کان آخر تائين مختلف لاها چاڙها ڏسجن ٿا، جيڪي هر شاعر/نثرنگار جي تحريرن ۾ هوندا آهن، (پر ”اُٿي اور الله سين“ ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ آيل وڏي تبديليءَ تي ڪجهه بحث مختلف ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ انهيءَ جي باري ۾ تفصيل ۽ مون پنهنجي راءِ اياز صاحب جي چيل جملن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”وکر سو وِهاءِ“ ۾ ڏني آهي.)
    ”اُٿي اور الله سين“ جو شروع جو حصو يارهين صفحي کان 30 صفحي تائين ٻن سٽن جي دُعائيه بيتن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ نثراڻي نظم جي نموني سان لکيل دُعائون آهن ۽ هر دُعا جي شروعات يارب! سان ڪيل آهي ۽ مختلف موضوعن جون هي دعائون ڄاڻائين ٿيون ته انساني حياتي قلزم اندر قطرو آهي، بلڪه انهيءَ کان به بي وقعت، هيءُ سڀ فتح، هٺ، غرور، دنياوي لذتن ۽ آسائشن لاءِ ورتل ڪوششون بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهن. ڏات ۽ ڏانءُ صرف ۽ صرف هڪ الله جي دين آهي. هنن دُعائن ۾ نادانين تي ندامتون آهن ته زندگيءَ جي اسرارن ۽ رازن کي پروڙڻ لاءِ علم سمجهه، ڏاهپ، رحمت ۽ حڪمت عطا ٿيڻ جا سوال آهن. رهنمايون ۽ رحمتون گهريل آهن، ته پوريءَ ڌرتيءَ تان جنگ و جدل ختم ٿيڻ جون منتون ڪيل آهن. ڪل عالم جي ڀلائيءَ سان گڏ ذاتي اصلاح لاءِ ٻاڏايل آهي.
    اهي پراثر دعائون روبرو گفتگو يعني (Conversation) جي نموني تي آهن، جن ۾ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته قاري اياز صاحب سان گڏ ڌڻيءَ در سربسجود ۽ سندس التفات جو منتظر آهي. دنيا جي مشهور پيغمبرن، ولين، ليکڪن، شاعرن، ڏاهن ۽ دانشورن جي چوڻين/ قولن سان متفق ٿيندي، ليکڪ لبيڪ چئي انهن چوڻين کي نثراڻي نظم سان سجائي پيش ڪيو آهي. تاريخ جي فاتح، ڪردارن، رهبرن ۽ رهنمائن مان جن جا مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ، چارئي خليفا، حضرت امام حسن، امام حسين، امام جعفر صادق، امام احمد بن حنبل، جنيد بغدادي، خواجه حسن بصري، شيخ ابوالحسن علي هجويري، جلال الدين رومي، بيبي رابعه بصري، منصور حلاج، شيخ ابوعلي سينا، امير خسرو، ابن سينا، ابن رشد، سرمد، ابوريحان بيروني، امام رازي، ابونصر فارابي، محمد بن يحييٰ، محمد بن زڪريا، ارسطو، افلاطون، عمرخيام، غالب، سنڌ جي سرموڙ مفڪر، شاعرن شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين جي چوڻين کي ورجائي، ليکڪ انهن سان متفق ٿي، ڌڻيءَ در التجائون ڪيون آهن.
    نثراڻي نظم ۾ موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب بلڪل الڳ ۽ اثرانگيز انداز جو آهي ته آهنگ ۽ ايڪانيت سبب به هيءَ هڪ اهم تصنيف آهي.
    يارب!
    منهنجي شاعريءَ کي اها خوشبو ڏي،
    جو ان کي ڏسي دنيا جا سارا گل حيران ٿي وڃن،
    يارب! منهنجا معبود! مان هر ڪنهن کي معاف ٿو ڪيان
    جن مون کي غصو ڏياريو آهي،
    ۽ جن مون کي نقصان پهچايو آهي،
    تون ڪنهن به انسان کي
    منهنجي ڪري سزا نه ڏي
    منهنجي پيار کي آفاقي بناءِ
    منهنجي خون ۾ قابيل جي عنصر کي ختم ڪر
    مون کي پنهنجو رحم وديعت ڪر
    پنهنجي اخلاق جي بيک ڏي.
    مان تنهنجو گناه گار بندو آهيان
    تون خطاپوش به آهين
    عطا بخش به آهين
    مون کي معاف فرماءِ
    ۽ پنهنجي عطا کان محروم نه ڪر
    يارب!....
    مطلب ته اهڙين انيڪ دعائن سان ليکڪ جو مقصد فقط ۽ فقط هڪ نيڪ ۽ ڪامل انسان ٿيڻ جي تمنا آهي. نه هيءَ آتم ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي هي ڊائريءَ جا ورق آهن، پر ته به هن منفرد ۽ مختلف انداز جي تحرير ۾ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ذاتي خيالن، ويچارن ۽ زندگيءَ جي تجربن جي نثر ۽ نظم ۾
    آتم ڪٿا آهي، جنهن کي شعوري طور نثري نظم ۾ جوڙي، هن صديءَ جي مهان شاعر/ اديب پنهنجي لاشعور کي اڳيان آندو آهي. هن پنهنجو اندر اهڙيءَ ريت اوتيو آهي، جو هڪ معصوم، بي ضرر، سچو، کرو ۽ پوريءَ دنيا سان مخلص اياز سامهون آيو آهي، جنهنجي هر لفظ، هر سِٽَ ۽ هر ورق ۾ ”حياتِ جاودان“ جو پيام آهي.


    حوالا
    (1) حميده کهڙو ڊاڪٽر: ”روزانه ڪاوش“ 1998-1-29 بحواله ”شيخ اياز: هڪ مطالعو“ شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
    (2) جميل الدين عالي: ”روزانه ڪاوش“ 1998-1-24 بحواله ”شيخ اياز- هڪ مطالعو“شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
    (3) ابڙو جمال: ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 85
    (4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”شيخ اياز- هڪ مطالعو“، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، 1999ع، ص- 37
    (5) ابڙو جمال: ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 92
    (6) ايضًا، ص- 81
    (7) اياز شيخ: ”اُٿي اور الله سين“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور 1998ع (مقدمو)
    (8) اياز شيخ: ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، رائيٽرس گلڊ ڪراچي، 1962ع (مقدمو)


    مطالعو: انساني بقا ۽ تڪميل جو اهڃاڻ

    انسانذات ڇا آهي؟ سندس وجود جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت هن جي ذات هن دنيا ۾ اعليٰ حيثيت ۽ اهميت ماڻي سگهي ٿي؟ ڇا اخلاقي قدرن ۽ مذهبي ماپن سان گڏ ڪو ٻيو اهڙو ذريعو آهي، جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي، ته انهيءَ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪتابن جو مطالعو ۽ خاص طور معياري ڪتابن جو مطالعو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جيڪو انسانيت جي سهڻائيءَ سان تڪميل ۾ معاون آهي، جنهن جو اهم ترين مثال مذهبي ڪتاب آهن ۽ اهڙي ئي ريت دنيا جي ڏاهن، رهبرن، رهنمائن، شاعرن، اديبن ۽ عالمن جون ڪارآمد تصنيفات آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي مَنَ کي ڌوئي اڇو اجرو ڪن ٿيون. هاڻي مطالعو ڇا آهي ۽ ان سان ڪيئن انسان جي بقا قائم آهي؟ انهيءَ لاءِ اسان اهو چونداسين، ته جهالت جي ڪارن ڪڪرن کي ختم ڪرڻ لاءِ علم جي روشني نور وانگر پکڙجي ڪتابن جو حصو ٿئي ٿي تڏهن اهي ڪتاب صحيح نموني پڙهڻ، پرجهڻ، پروڙڻ ۽ علم جي گهري سمنڊ مان چمڪدار ۽ انمول هيرا چونڊڻ ئي مطالعو آهي.
    اعليٰ صلاحيتن سان نوازيل انساني دماغ کي خدا پاڪ ڪائنات جا راز و رمزون ۽ عظيم اسرار سمجهايا، جن کي ڏاهن، سڄاڻن، شاعرن ۽ قلمڪارن سهڻن لفظن جو ويس پارائي قلمبند ڪيو، ته جيئن ايندڙ نسلون سندن سوچن جي سمنڊ جون سرڪيون ڀري علم ۽ آگاهيءَ جي اڃ اجهائينديون رهن. انهن پاڪ ۽ نيڪ سوچن جي ڪتابي علم جو. پڙهڻ ۽ پروڙڻ ئي مطالعو آهي. مطالعو سمجهه، ساڃاهه ۽ ادراڪ ۽ شعور جو نالو آهي. مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي انسان کي مڪمل بنائڻ جو ذريعو آهي.
    قدرت جي دانائيءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ دنياوي زندگيءَ کي صحيح رخ ڏانهن موڙڻ لاءِ مطالعو ئي ڪم اچي ٿو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سڀ ڪتاب اسان کي صحيح دڳ تي لائين ٿا؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو فرق معلوم ڪجي. علم ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي صنفون آهن جن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. روزانه جون اخبارون ۽ رسالا به معلوماتي مطالعي جو قسم آهن.
    حقيقت اها آهي ته معياري ڪتاب ئي مطالعي لاءِ ڪارگر هوندا آهن جن مان ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. باقي فضول ۽ غير ڪارآمد ڪتاب پڙهڻ وقت جو زيان آهي. معياري مطالعو خاص اهميت رکي ٿو پر انهيءَ سان گڏ ان مان پرائڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي. صحتمند علم و ادب جو مطالعو انسان جي اندر مان وسوسا ڪڍي، هن جي ويساهه کي ڦٽندڙ باکن ۾ اڀرندڙ سويرن جيان پختو بنائي ٿو. اهڙيءَ ريت نت نوان رستا ۽ راهون هموار ٿين ٿيون. انهيءَ جي برعڪس غلط ۽ بي راهه رويءَ ڏي مائل ڪندڙ ڪتابن جو مطالعو ماڻهوءَ کي پستيءَ ڏي ڌڪي ٿو. انهيءَ ڪري سٺي ڪتابي مطالعي جي سج جو تاب ڪڏهن به جهڪو ٿيڻو نه آهي. عمدا ۽ چڱا ڪتاب بهترين دوست آهن جيڪي ڪڏهن به جدا نه ٿا ٿين. اهي ئي سچا رهبر ۽ رهنما آهن. مذهبي ڪتابن کي ڏسنداسين ته جيئن، قرآن پاڪ ۽ حديثن جا ڪتاب، انجيل ۽ زبور، ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب جهڙيءَ ريت پنهنجي پوئلڳن کي رهنمائي عطا ڪن ٿا. ان ريت ڇا ڪو ٻيو ذريعو ڪري سگهيو آهي؟ قرآن پاڪ جو جيترو گهڻي ۾ گهڻو مطالعو ۽ غور و فڪر ڪبو ايتروئي سمجهه ۽ عقل جا در کلندا ويندا.
    اڄ جيڪڏهن دنيا جي ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ رهنمائن جون تعليمات ڪتابن جي شڪل ۾ نه موجود هجن ها ته نه مطالعي جو وجود هجي ها، نه ئي دنيا جو هي رنگ ڍنگ هجي ها. انهيءَ لحاظ کان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب واقعي وڏي نعمت آهن. جن مان اسان کي قومن جي ڪمال، زوال، تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. جاگرافيءَ جي صورت ۾ مطالعي سان ڌرتيءَ ۽ ڪائنات جي رازن جي پروڙ پوي ٿي. تاريخ جي مطالعي سان انسان پنهنجي ماضيءَ کان باخبر ٿئي ٿو. سائنسي ڪتابن جي مطالعي سان جستجو ۽ تحقيق جو جذبو وڌي ٿو ۽ جديد ڄاڻ سان گڏ، نون انڪشافن جو پتو پوي ٿو. طب جي ڪتابن مان انسان ذات جي خدمت ٿئي ٿي. ادبي ڪتابن جي مطالعي سان انسان جي سمجهه ۽ شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪتاب اڪيلائيءَ ۽ ڏک و سک جا ساٿي آهن. جيڪي قيمتي معلومات ڏيئي علم ۾ ته اضافو ڪن ٿا پر انسان کي برائين کان چڱائين طرف، ڪوڙ کان سچ طرف، جنگ کان امن طرف ۽ نفرت کان پيار طرف آڻين ٿا. مطالعو ڪرڻ سان مئل دليون جيئريون ٿي پون ٿيون. مطالعو سوچ ۽ فڪر جي ميدان کي وسعت بخشي ٿو. پاڪ ۽ عمدن ڪتابن جو مطالعو ئي علم آهي جو زنگ آلود ذهنن کي مهٽي، رڳڙي، اڇو اجرو ڪري ٿو.
    مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نه آهي پر سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جو نالو آهي. علم سان گڏ عمل جو نالو آهي. مطالعو حال بابت اميد، ماضيءَ بابت ويساهه ۽ مستقبل بابت اتساهه(Inspiration) آشڪار ڪري ٿو. دنيا جا جيڪي به وڏا ماڻهو رهيا آهن انهن سڀني جي ڄاڻ ۾ نمايان حصو مطالعي ۽ مشاهدي جو رهيو آهي. اسان لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ۾ معياري مطالعي جو ذوق ۽ شوق قائم رکندا اچون. انهيءَ منجهان مليل تعليم تي عمل ڪريون ۽ هر وقت پنهنجي علم جي واڌاري جي دُعا خدا جي حڪم مطابق گهرون.
    وَ قُلۡ رَّبِّ زِدۡنِىۡ عِپلۡپمًا (1)
    ترجمو: ۽ چؤ ته ”اي منهنجا رب! منهنجو علم وڌاءِ.“


    ببليو گرافي

    1. آڏواڻي ڀيرومل مهرچند ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2006ع.
    2. آڏواڻي ڀيرومل مهرچند ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.
    3. آڏواڻي شوقيرام ۽ ديوان نولراءِ، ”راسيلاس“ سنڌي ادبي بورڊ، (ٻيو ڇاپو)، 1958ع.
    4. امروٽي تاج محمد، قرآن پاڪ (سنڌي ترجمو) اردو بازار ڪراچي 2007ع.
    5. احمد نديم قاسمي، سيد سبط حسين (مرتب) ”انسائيڪلوپيڊيا اردو“، فيروز سنز لميٽيڊ لاهور 1968ع.
    6. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1987ع.
    7. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع.
    8. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع.
    9. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1977ع.
    10. ابڙو جمال، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ نيوفيلڊس پبليڪيشن.
    11. اصلاحي شرف الدين ڊاڪٽر، ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“، نيشنل بڪ فائونڊيشن 1976ع.
    12. بيگ مرزا قليچ، ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1975ع.
    13. بيگ مرزا قليچ ”سائو پن يا ڪارو پنو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.
    14. بيگ مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.
    15. بيگ مرزا قليچ، ”گليور جو سير ۽ سفر“ سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع.
    16. بيگ مرزا قليچ، ”باغ ۽ باغباني“، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.
    17. بيگ مرزا قليچ، ”وامق عذرا“ سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع.
    18. بيگ مرزا قليچ، ”خود ياوري“ سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.
    19. بيگ مرزا قليچ، ”ٽي گهر“ سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع.
    20. بيگ مرزا قليچ، ”جولئن هومز“ ڏيپلائي پريس، 1961ع.
    21. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”مداحون ۽ مناجات“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.
    22. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”مولود“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.
    23. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”ٽيهه اکريون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.
    24. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”مناظرا“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.
    25. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول“، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.
    26. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”ڏور“، سنڌي ادبي بورڊ، 1970ع.
    27. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.
    28. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”ڪافيون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1990ع.
    29. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”رسمون، رواج، ساٺ ۽ سوڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1978ع.
    30. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سنڌي بيت“، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.
    31. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، 1999ع.
    32. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”نئين جامع سنڌي لغات“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2005ع.
    33. بچاڻي فضل احمد ”سڌارت“ نيو فيلڊس پبليڪيشن نسيم نگر حيدرآباد 1991ع.
    34. پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ (پي ايڇ ڊي مقالو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو 1982ع.
    35. پنهور محمد يوسف ڊاڪٽر، ”اسٽيج ڊراما“، زيب ادبي مرڪز، 1980ع.
    36. جميل جالبي ڊاڪٽر، ”تاريخ اردو ادب (جلد اول) مجلس ترقي اردو ادب لاهور، 2005ع.
    37. جي آر هنٽر (مترجم) عطامحمد ڀنڀرو، ”سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1995ع.
    38. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ”شيخ اياز- هڪ مطالعو“، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي 1999ع.
    39. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽيون جلد)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2003ع.
    40. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، محمد قاسم ٻگهيو ڊاڪٽر، ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ (بين الاقوامي ادبي ڪانفرنسن جا مقالا) 1988ع.
    41. چانڊيو خادم حسين، ”مارو جي ملير جا“، ”گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2001ع.
    42. حاجي هدايت الله مشتاق، ”هدايت الانشاء“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1956ع.
    43. خواجه نورافروز ڊاڪٽر، ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، 2005ع.
    44. دائودپوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر ”مضمون ۽ مقالا“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1978ع.
    45. ڏيپلائي محمد عثمان، ”ناٽڪ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1985ع.
    46. رچرڊس برٽن، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“، (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.
    47. سيوهاڻي حڪيم فتح محمد، ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“ سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع.
    48. سمون الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ 1975ع.
    49. سيد غلام مرتضيٰ، ”سنڌوءَ جي ساڃهه“، سن اڪيڊمي دادو.
    50. سارلي ايڇ ٽي ڊاڪٽر، ”ڀٽ جو شاهه“ (مترجم: عطامحمد ڀنڀرو)، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع.
    51. سيد محي الدين، ”روح تنقيد“، عصري مطبوعات ڪراچي، 1964ع.
    52. سووينئر سنڌي ناٽڪ، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1980ع.
    53. طارق اشرف، ”سهڻي امر جليل نمبر“، سهڻي پبلشرز حيدرآباد، 1973ع.
    54. شيخ محمد ابراهيم خليل ڊاڪٽر، ”مضامينِ خليل“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1982ع.
    55. شيخ اياز ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1995ع.
    56. شيخ اياز، ”اٿي اور الله سين“ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1998ع.
    57. شاهد حنائي (مترجم) ”شاهڪار سنڌي ڪهانيان“ اڪادمي بازيافت، اردو بازار لاهور، 2006ع.
    58. شيخ الطاف، ”دنگيءَ منجهه دريا“ (سفرنامو) نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1989ع.
    59. شاهه، نورالهديٰ ”ڪيڏارو“ (ڪهاڻي ڪليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع.
    60. مرزا ممتاز، ”آخري رات“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1979ع.
    61. عزيز ڪشنچند، ”ادبي آئينو“، سنڌي اديبن جي مجلس، 1986ع.
    62. عرساڻي محمد اسماعيل ”بدنصيب ٿري“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1974ع.
    63. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ (پي ايڇ ڊي مقالو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1982ع.
    64. عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”فن شخصيت ۽ انداز“ ڪتابي دنيا اشاعتاڻه اوسر، 2003ع.
    65. عباسي تنوير ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعري“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع.
    66. عباسي تنوير ڊاڪٽر، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (سفرنامو) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2003ع.
    67. عباسي نجم، ”پهاڙن ۾ پڪار“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع.
    68. قاسمي علامه غلام مصطفيٰ، ”ايڏو شان شعور“ قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي 2005ع.
    69. لاشاري رشيد احمد، ”شنڪتلا“ (از ڪاليداس) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1974ع.
    70. لاکو غلام محمد، ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ مارئي سماجي سنگت ڪراچي، 1997ع.
    71. لغاري اڪبر، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽيون ڇاپو، 1997ع.
    72. ميمڻ خانبهادر محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ (ڀاڱو پهريون) سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1937ع.
    73. مرزا حبيب الله ڊاڪٽر، ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“ (پي ايڇ ڊي جو اڻ ڇپيل مقالو) 1978ع.
    74. مراد علي مرزا، ”ادبي تنقيد جا اصول“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1989ع.
    75. ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع.
    76. مولوي فيروزالدين ”فيروز اللغات“، فيروز سنز لميٽيڊ، 1971ع.
    77. محمد حسن ڊاڪٽر ”هندي ادب کي تاريخ“، 1953ع.
    78. ملڪاڻي منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع.
    79. ميمڻ پروين موسيٰ، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع.
    (انهيءَ کان سواءِ ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي، پرک، سرتيون، ڪينجهر، هفتيوار سنڌو ۽ ٻيا مخزن ۽ روزانه جون اخبارون حوالي طور ڪتب آندل آهن.)

    انگريزي ڪتاب

    1. The New Encyclopadia Britanica 15th edition.
    2. Webster’s Dictionary of the New English language 1980.
    3. Syed Shahid Hussain, “The dictionary of Literary terms” Kitab Mahal, Karachi 1998.
    4. William Henary Hudson, “An introduction to the study of literature”.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350394
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402548
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ