ڪتاب جو نالو: اکين ۾ رهجي ويل عڪس
مصنف: پرويز
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 764 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • انتساب
  • • پرويز جو فن
  • • هر عڪس ۾ ملندو سانءِ
  • • سفر جاري آهي
  • • درد جي ڪهاڻي
  • ڪهاڻيون

  • 1. ڀاڳ سان رِيسَ....!
  • 2. الله ڪري هر سال...!
  • 3. هڪڙي ئي ڌڪ ۾
  • 4. اکين ۾ ٻڏي ويل درياهه
  • 5. جن جو نينهن نبار
  • 6. ڌرتيءَ جي ڌڃاڻي
  • 7. انوکي واردات
  • 8. عشق جا ابابيل
  • 9. وڃايل قبرن جا مدفون
  • 10. اکين ۾ رهجي ويل عڪس
  • 11. مان کي ياسر سان ڳالهائڻو هو...!

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (119) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “اکين ۾ رهجي ويل عڪس” ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ پرويز جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا، جن سافٽ ڪاپي عنايت ڪري هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • انتساب

    شهيد غزاله بتول صديقي،
    شهيد ستار اُنڙ
    ۽ 22 مئي 2012ع جي ڪراچيءَ واري
    “محبتِ سنڌ ريليءَ”
    جي ٻين
    شهيدن،
    زخمين
    ۽ سمورن شرڪت ڪندڙ
    اڳواڻن ۽ ساٿين جي
    نالي.


    • پرويز جو فن

    سنڌ ۾ سنڌي اديبن ۽ فنڪارن سان منهنجي ڏاڍي گهاٽي دوستي رهي آهي. مون وٽ ننڍي وڏي، مشهور يا غير مشهور، مُهان يا غير مُهان جو سنڌو رهيو ئي ناهي. مان نوجوان ۽ نوآموز شاعرن ۽ اديبن سان به پنهنجي عمر ۽ ادبي رُتبي کان بي نياز ٿي ساڻن پيش ايندو آهيان. منهنجي اِنهيءَ مِزاج، منهنجي سڃاڻپ کي چٽيءَ تسڪين سان گڏوگڏ گهڻا ڏنجهه به پهچايا آهن. منهنجي فطري بيباڪي ۽ سادا مزاجي مون کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ سان گڏ مون کان ٿورو ڪجهه ضرور کسيو به آهي. جنهن لاءِ مون کي ڪڏهن به ڪو الڪو يا ڳڻتي نه رهي آهي. گهڻن سان رُٺو پرتو هوندم، ته گهڻن مون کي، گهڻو اڳتي وڌي پيار ڏنو هوندو، ۽ منهنجي حجائتي انداز کي نظر انداز ڪندي مون سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. منهنجو اِهو اطمينان ئي آهي جو هِن وڏي ڄمار ۾ به سورهن سالن جي نوجوان جيان پورهئي ۾ رڌل آهيان. عشق جو اِهو ئي ته ڪرشمو هوندو آهي. مون کي سنڌ ۽ سنڌ جي قلم ڪارن ۽ گهڻ گهرن سان بي پناهه عشق آهي.
    سنڌ ۾ منهنجن اهڙن پيارن دوستن ۾، بٺوري جي ميان علي محمد ميمڻ عُرف پرويز ايترو ته پيار ۽ ساٿ ڏنو آهي، جو ان جو بوجهو مون کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ عزيز لڳو آهي. پرويز مون کان ٻه-ٽي سال ننڍو هوندو. پر اسان جو ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ لهڻ وارا ڏينهن ذري گهٽ ساڳيا ئي آهن. مون مهڙ ۾ ڪهاڻي ۽ تنقيد ڏانهن رخ رکيو. پر ڪهاڻيءَ جي جاءِ تي شاعري ۽ تنقيد اچي پهتا. ليڪن پرويز مهڙ کان اڄ تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي عروج وٺرايو آهي، هن جي ڪهاڻين جو مک موضوع سنڌ ۽ رومانس رهيو آهي. هو جهڙو ٻاهران خوبصورت آهي تهڙو ئي اندران ۽ هن جا ڪردار به مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڪيفيتن جو سنگم آهن.
    هو ڏاڍو سادو ۽ معصوم آهي- ڇاڪاڻ ته معصوميت ۽ سادگي فطري طور فن کي بلندين تائين رسائينديون آهن، ۽ پرويز انهيءَ منزل تي پهچي چڪو آهي. اُن جون لِکڻيون ڏاڍيون تکيون ۽ ڌونڌاڙيندڙ هونديون آهن. ان جا لاڙي ڪردار اڏول ۽ عاشق مزاج هوندا آهن. جن جي اثر انگيزي ڊگهي عرصي تائين ذهن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.
    جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته پرويز روماني ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جو رومانس فن جي انهن تجريدي سطحن کي ڇُهي ٿو، جيڪي اعليٰ تخليقي عمل جو بنياد هونديون آهن. هن جا ڪردار ڪنهن خلائي سياري بدران لاڙ جي حسن پرست مٽيءَ مان مهڪيل هوندا آهن. ‘آخري چميءَ’ جي گريشا مارٿر هجي، ‘مرکي ڪولهياڻي’ جي مرکي، جيڪا پنهنجي محبوب راملي ڪولهي جي انتقام لاءِ ويرين جي وجود ۾ ڪرٽ وهائي ڪڍي ٿي، يا سندس سوجهرو ايوارڊ يافته ڪهاڻي ‘اکين ۾ ڄمي ويل لڙڪ’ جو ڊاڪٽر لطيف هجي يا آمنت، جيڪي لازوال ۽ سچي محبتن جون وارتائون آهن.
    پرويز جو فن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ادب جون اُهي ڏسائون آڏو آڻي ٿو، جيڪي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن لاءِ لاٽ-واٽ جو ڪم ڪندڙ آهن. اُن ڏس ۾ سندس تازيون ڪهاڻيون ‘آزاديءَ جي صبح جي ويجهو...’ جي سهڻي هجي يا ‘مانکي ياسر سان ڳالهائڻو آهي.’ جو فيميل ڪردار، جيڪو شيزوفرينا جو شڪار آهي يا ‘ڳوڙهن جا ڪبوتر’ جي آسوڙي، اهي سڀ ڪردار ڌرتيءَ مان ڦٽي ڌرتيءَ جي قرض چڪائڻ لاءِ پرويز جي فن ۾ وڏي قوت بڻجي ظاهر ٿيا آهن.
    پرويز، پنهنجي روماني انداز سان نيچر ۽ رياستي جبر جي قوتن خلاف مهاڏو اٽڪائي، سونهن جي ازلي رمز کي آشڪار ڪري ٿو ۽ محبت جي لازوال جذبي کي شڪست کائڻ کان پوءِ به فاتح بڻائي ٿو. هن جا ڪردار ميچوئر، ذهين ۽ ڏک سهندڙ ڪردار آهن.
    پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
    هن جي ڪهاڻين جا ست خوبصورت مجموعا، هڪ ناول ۽ آتم ڪٿا شايع ٿيل آهن.
    پرويز، نيچر جي اُرههَ زورائي ۽ درد جي سلسلي کي جنهن ماڳ تي رسايو آهي، اهڙي منزل ٿورن ڪهاڻيڪارن کي نصيب ٿي آهي.
    سالگره جي موقعي تي، “سوجهرو” نماڻي ڪوشش سان کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هن ڪارنر جو اهتمام ڪيو آهي.


    تاج بلوچ
    ايڊيٽر ماهوار سوجهرو ڪراچي.
    موبائيل: 0313-9288496


    • هر عڪس ۾ ملندو سانءِ

    موڪرو چهرو، وڏيون اکيون، پورو پنو قد، مٿي ۾ مٺو تيل پيل ۽ ڦڻي ڏنل، ۽ اکين ۾ سُرمو. علي محمد پرويز سنڌ جي عام ڳوٺاڻي سونهن جو نمونو آهي. هُو اُن دؤر جي گهرن جي چئيوان Duty full ڇوڪرن جهڙو سدورو لڳندو هو. مون هِن کي شايد پهريون ڀيرو غور سان گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ گلزار ماڙي ۽ نظام لاج جي وچ ۾ ‘سردار پرنٽنگ پريس’ تي ‘پناهه جگر’ سنڌيءَ جي ڀرسان ويٺل ڏٺو هو، جنهن کي اسين ان دؤر ۾ ڀوڳن مان ‘جگر ڦڦڙ’ سنڌي به چوندا هئاسين. جتي هُو شايد ڪهاڻيون لکڻ، ترجما ڪرڻ، ماهوار “تحريڪ” جو مواد مرتب ڪرڻ سان گڏ رجسٽر به کوليو ويٺو هوندو هو. شايد حسابن ڪتابن جي چڪر ۾، جن ڦڏن کان پاڻ پري هئاسين ۽ اڄ به ننڍي هوندي جيان حساب ڪتاب نه ڪرڻ اچي، نه ئي وڻي. اسان ته نه دوستين جا حساب ڪيا ۽ نه وري دشمنين جا.
    مان اُن دؤر جي (1976ع) چين مان نڪرندڙ ادبي رسالي Chinese Litrature ۾ پنهنجي ڪچي ڦڪي انگريزيءَ ۾ (حال اڄ به ساڳيو آهي) جڏهن چيني هارين ۽ ڳوٺاڻن جون ڪهاڻيون پڙهندو هوس ته مون کي محسوس ٿيندو هو ته اهي ڪهاڻيون ته جهڙيون علي محمد پرويز جون لکيل آهن. هر ماڻهو پنهنجي مطالعي جو Reflection ڏيندو آهي ۽ علي محمد پرويز به ائين ئي تحريڪي، تنظيمي ادب (ڪهاڻيون) لکڻ جو بادشاهه هو.
    هن جون ڪهاڻيون پڙهي لڳندو هو ڄڻ چين يا ويٽنام جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويٺا هجون. هن پنهنجي زندگي نه رڳو تنظيمي ادب تي پر تنظيم کي منظم ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. اُن ڪري هن جو نالو انهن جوڌن ۾ ڳڻيو ويندو، جن انقلاب لاءِ زندگيون اورچائيءَ سان وقف ڪيون. اڄ به هو برازيلين آرچ بشپ، هيلڊرڪمارا (Helder Camara) جيان محنتي مڙس، ڪڏهن ڪوڏر کڻيو کانٽي پيو کڻي، يا پاليل مينهن لاءِ گاهه پٺو پيو ڪري. پر سک سان ويٺو ڪڏهن ڪونهي.
    جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي ڳرن فلسفن جي ڄاڻ نه هوندي به اسين ان ڳالهه لاءِ متفق هئاسين ته ‘انقلاب اجهو ڄاڻ ڪي آيو’ اڄ يا سُڀاڻ.’ انقلاب، جيڪو اسان سمورن جو پهريون ۽ پويون خواب هو- ان ڳالهه کان اڻڄاڻ ته اهو جي آيو به ته ڪهڙا گل ٽيڙيندو؟
    علي محمد پرويز جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب، ‘سڻي تنهنجو سڏ’ جيڪو مون 80ع واري ڏهاڪي ۾ ئي پڙهيو هو. تڏهن اسين شاگردن جي تنظيم جا پرجوش ڪارڪن ۽ هو وري ‘عوامي تحريڪ’ جو ڪارڪن هو.
    افسوس جو هن دنيا جي فطري قانونن کان دنيا جو ڪو به ازم، نظريو بغاوت نٿو ڪري سگهي. سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر Ring جي اندر.
    نظريا ۽ ‘ازمس’ ماڻهن جا ٺاهيل هجن ٿا، پر پنهنجي Application کان پوءِ بعد ۾ اهي ٻه-ڌاري تلوار بڻجي، ماڻهن کي ئي ڳترا ڳترا ڪرڻ شروع ڪن ٿا. نظريا مون کي پوڙهيءَ ماءُ جا ناخلف پُٽ لڳندا آهن، جيڪي جوان ٿيڻ کان پوءِ اُن ساڳيءَ ماءُ ڏانهن آڱر کڻڻ شروع ڪن ٿا، ‘امان تون ڪاري آهين’ ۽ ماڻهو تاريخ جي ميدان Arena ۾ ڄڻ بانبڙا پائيندڙ ٻارُ.
    ويهين صديءَ جي اڌ-ڌاري کان وٺي ان جي ختم ٿيڻ تائين تاريخ اسان سمورن جو مذاق اڏائيندي رهي، اُها اسان کي اسانجين سستين خواهشن عيوض ميلان ڪنڊيرا جي ناول The Book of Laughter & forgetting جي ڪردار ‘تمينا’ جيان Rape ڪندي رهي، بنان ڪنهن معاوضي جي، صرف سستي خواهش جي تڪميل جي تمنا ۾. ۽ خوابن جون جل پريون اسان جي ڀاڪرن مان ڇڏائجي ويون.
    پرويز جي اندر ۾ هڪڙو همدرد، تڙپ رکندڙ ۽ ماٺيڻو انسان لڪل آهي، جيڪو ارادن جو پڪو، وعدن کي پاڻي ڏيڻ وارو، بردبار ۽ روايتي سنڌي ڳوٺاڻي ماڻهوءَ کان هٽي، پڙهيل لکيل هئڻ جي باوجود به هٺ ۽ غرور کان تمام گهڻو پري، بلڪه ڪوهين ڏور آهي. اُهي هن جون ذاتي چڱايون آهن ۽ هن جون ادبي چڱايون ڳڻڻ کان ٻاهر آهن.
    پريت نا ڪيجئڳ پنڇي جيسي جل سوکڳ، اڙ جائڳ،
    پريت تو ڪيجئڳ ڀونئرڳ جيسي جل سوکڳ، مر جائڳ.
    (ڪبير)

    اڪبر سومرو
    موبائيل: 03003030650
    *

    (ماهوار سوجهرو جي ٿورن سان)


    • سفر جاري آهي

    ٽي سؤ سال کن اڳ ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جيڪا شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي هئي، اُن ۾ رڳو محبوب جي ڳلن ۽ چپن جي واکاڻ ڪانه هئي. پر اُن سان گڏ عشق ۽ محبت، سڪ ۽ اُڪنڍ جي پوشيده اسرارن ۽ رازن جي اپٽار پڻ هئي. سماجي حالتن، معاشي مامرن، مذهبي معاملن، سياسي سوچ، انقلابي اقدامن، مقصد سان سچائي، سچ جي سربلنديءَ لاءِ سر جون سٽون کائڻ ۽ ظلم ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائڻ جهڙن زندگيءَ جي پهلوئن تي لازوال شاعريءَ ذريعي خيال آرائي ٿيل هئي. ۽ اِهو سلسلو لاڳيتو هلندڙ هو. پر وچو وچ جڏهن جبر ۽ ڏاڍ پنهنجا پير پختا ڄمائي ورتا، تڏهن جبر ۽ ڏاڍ سان سينو نه سهائي سگهندڙ شاعرن مصلحت پسندي واري راه اختيار ڪري شاعري ۽ ادب کي رڳو محوب جي جسم جي مختلف حصن کي واکاڻ ۽ ساراهڻ تائين محدود رکيو ۽ زندگيءَ جي ٻين پهلوئن کي جعلي فتواعن ذريعي ادب ۽ شاعريءَ مان خارج ڪري ڇڏيو. ادب براءِ ادب جو کوکلو نعرو هڻي، ادب براءِ زندگيءَ جهڙي حقيقت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ۽ ان منفي سوچ ڌارا جا اثر گهڻي وقت تائين ادب ۽ شاعريءَ تي حاوي رهيا.
    گذريل ستر اسي سالن کان هڪ ڀيرو ٻيهر ادب ۽ شاعريءَ ذريعي زندگيءَ جا مختلف پهلو زير بحث اچڻ لڳا آهن. شاعريءَ جي مختلف صنفن، ڪهاڻي، مضمون، ناول، آتم ڪٿا ۽ ڊرامي ذريعي جيئري انسان سان پيش ايندڙ هر وارتا جو ذڪر ڏاڍي مؤثر انداز ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ اِها هڪڙي خوش آئنده پيش رفت آهي، جنهن سان زندگيءَ جو هر پهلو اسان جي اڳيان واضح ۽ نمايان ٿئي ٿو. نوجوان ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن جي ڪاوشن ۾ مٿي بيان ڪيل حقيقت کي نمايان ڏسي سنڌي ادب جي شاندار مستقبل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    گذريل ستر اسي سالن دوران سنڌي ڪهاڻيءَ به وڏا ڇال ڏنا آهن. ماضيءَ جي ڏندڪٿائي ديوَن ۽ پرين، شهزادن ۽ شهزادين جي قصن مان ترقي ڪري، سنڌي ڪهاڻي هاڻي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين، نسل در نسل جاري رهندڙ سماجي ناسورن، سنڌ جي اصل وارثن مٿان سياسي ۽ معاشي والار، انساني بنيادي حقن جي لتاڙ، ڌارين قبضه گيرن جي بالادستي، پنهنجن طرفان جاري غدار شاهي، عشق ۽ محبت جون، سڪ ۽ اوسيئڙي جون نيون رمزون ۽ ڏاڍ ۽ جبر خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ جدوجهدن متعلق شادار ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
    ڪهاڻيءَ جي هڪ سيکڙاٽ شاگرد جي حيثيت ۾ مون به گذريل 40-45 سالن کان اِها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڪهاڻيءَ ذريعي پنهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن ۾ مُکيه طرح سجاڳي آڻڻ جي، پنهنجي حقن ۽ فرضن کي سمجهڻ جي ۽ ڌارين جي والار کان بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي نشاندهي ڪريان. اسان کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائيندڙ سماجي ناسورن جي نشاندهي ڪريان. اسان سان ٿيندڙ ويساه گهاتين ۽ پنهنجن ۽ پراين طرفان ٿيندڙ جبر، ڏاڍ، ناحق ۽ ڦرلٽ جي نشاندهي ڪريان. عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جي نشان دهي ڪريان. امن، آشتي، رواداري ۽ برابريءَ واري معاشري جي اڏاوت لاءِ نون گسن، واٽن ۽ ڏسن جي نشاندهي ڪريان. مدي خارج ۽ پراڻين ريتن رسمن جي پوئيواري ڪندي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ ڌپ ۽ گندگيءَ جي نشاندهي ڪريان. پيار، محبت، خلوص، سک، شانتي ۽ سلامتيءَ واري قربائتي معاشري جي اڏاوت لاءِ مون سميت سوين هزارين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مهندارن جي به نشاندهي ڪريان، جن نه رڳو پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي، پر عملي جدوجهد ذريعي به بي مثال ۽ لازوال ڪارروائين ۾ حصو ورتو. پر اِن حوالي سان نه مون کي ڪا دعويٰ آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي دعويٰ ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ڪوششن ڪيترو رنگ لاتو آهي. بس اسان کي رڳو ۽ رڳو ڪوشش ئي ڪندو رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي سوچ مثبت ۽ وقتائتي هوندي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ڪارائتا نتيجا نڪرندا.
    ۽ انهيءَ ئي اُميد جي آسري تي آئون اڃا ڪهاڻي لکندو پيو اچان. هيءُ منهنجو اٺون ڪهاڻي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سال 2011ع، 2012ع دوران لکيل ڪهاڻين مان 11 ڪهاڻيون شامل آهن. سال 2012ع ۽ 2013ع ۾ لکيل ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻيون ايندڙ ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪو عنقريب اچڻ وارو آهي. هنن ڪهاڻين متعلق پنهنجي راءِ ڏيڻ جو هر پڙهندڙ کي پورو پورو حق آهي. اوهان جي راءِ اسان لاءِ اعزاز کان گهٽ ڪانه هوندي. سنڌ سلامت- ساٿ سلامت.

    جولاءِ 2013ع

    پرويز
    سنڌ ميڊيڪل اسٽور
    ميرپور بٺورو، سجاول، سنڌ.
    موبائيل: 03083065201
    *


    • درد جي ڪهاڻي

    معصوم، ابهم ۽ ڪپهه جي پوڻيءَ جهڙي نرم ۽ نازڪ، پهرين انساني چيخ سان انسان جي اذيت، پيڙاهه ۽ درد جي ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن، ماڻهوءَ جي ٻچڙي جي اُها پهرين رڙ، جيڪڏهن پُٽ جي آهي، ته کن پل لاءِ، ماڻهوءَ جي مُنهن تي سرهائيءَ جي هڪڙي مختصر جهلڪ ظاهر ڪري ٿي. نه ته اڪثر ڪري اوڏي مهل به ۽ پوءِ هر مهل، هر وقت، زندگي ڀر، ويندي آخري گهڙي تائين، هر ويل هڪ نئين درد جي ڪهاڻي پئي عبارت ٿيندي آهي.
    اسان ماڻهو خوشين لاءِ، خوشيءَ جي مختصر گهڙين لاءِ صدين تائين پيا سِڪندا آهيون، ترسندا آهيون ۽ اوسيئڙي جي آڙاهه ۾ جلندا پچندا پيا آهيون. انتظار جي ٻاٻرن ٽانڊن جي کُورن ۾ جلندي پچندي اسان جا جسم، جانيون، هڏ چم، دل دماغ، ايتريقدر جو اسان جا روح به سڙيو خاڪ ٿيو وڃن. پر اسين خوشيءَ جي رڳو هڪڙي جهلڪ به پسي نه سگهندا آهيون. اسان کي خوشين جون اهي ڪهاڻيون اول ته حاصل ئي نه ٿي سگهنديون آهن. پر اتفاق سان جي حاصل به ٿينديون آهن، ته وري راس نه اينديون آهن.
    ها، باقي دردن جي ڪهاڻين جو اسان سان دائمي ساٿ آهي، نه ٽُٽندڙ، نه ڇڄندڙ ۽ نه مِٽجندڙ ازلي ساٿ، توڙ نڀاءَ تائين جو ساٿ! دردن جون ڪهاڻيون- اسان جي دردن جون مشترڪه ڪهاڻيون، تنهنجي ۽ منهنجي شخصي دردن جون ڪهاڻيون، اڇن اُجرن جي دردن جون ڪهاڻيون، گدلن ۽ ميرن جي درد جون ڪهاڻيون، گورن ۽ ڪارن جي درد جون ڪهاڻيون، پاڪن ۽ پليدن جي دردن جون ڪهاڻيون. دردن ۽ پيڙاهن جون طويل ڪهاڻيون، نه کُٽندڙ، شيطان جي آنڊي جيڏيون طويل ۽ ڊگهيون ڪهاڻيون، ڪرشن چندر ۽ سعادت حسن منٽوءَ جي دردن جون ڪهاڻيون، امر جليل ۽ قادر جوڻيجي جي دردن جون ڪهاڻيون. اجيت ڪور ۽ علي بابا جي دردن جون ڪهاڻيون. دردَن جون ڪهاڻيون.... درد- جسماني درد ۽ روحاني درد، وجود جي بقا جا درد ۽ ڌرتيءَ جي بقا جا درد، ريتن رسمن جي صليبن تي ٽنگيل اگهاڙن لاشن جا درد، يزيديت جي برپا ڪيل ڪربلا ۾ پاڻيءَ جي ڍُڪَ لاءِ تڙپ جا درد، هلاڪو ۽ چنگيزيت جي هلائن ۽ الطاف جي والار ۽ قبضه گيريءَ جا دردَ. مذهبي ڪٽرپڻي جي تيز ڪٽارَ سان ڪٽجندڙ سِسِين جي لاباري جا درد. هزارها سالن جا دردَ ۽ هزارها سالن تائين جاري رهندڙ درد. ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻيءَ جا دردَ - درد سڀ ساڳيا آهن. تنهنجا ۽ منهنجا درد مشترڪه درد آهن. ۽ اسان انهن دردن جي اپٽار لاءِ ڪهاڻيون لکندا آهيون. مختصر ڪهاڻيون ۽ طويل ڪهاڻيون. ساڳين دردن جون ساڳيون ڪهاڻيون. رڳو پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان. پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾. پنهنجي پنهنجي لهجي ۾. بيانيه ڪهاڻيون، مونولاگ ۽ ڊائيلاگ ڪهاڻيون. ديون ۽ پرين جي ڏنڌ ڪٿائي قصن تي مشتمل ڪهاڻيون. جيئرن جاڳندڙن انسانن جي هوبهو ڪردارن جون ڪهاڻيون. عشق ۽ محبت واريون ڪهاڻيون. محبت، ايثار، قرباني، جرئت، مامتا، شفقت، نفرت، ڪروڌ، بدلي جي باهه، انتقام جي آڳ ۽ وفاداري ۽ دوکيبازيءَ جون ڪهاڻيون. تاريخي، سائنسي، جاسوسي ڪهاڻيون ۽ اُهي اڻ ڏٺيون، اڻ ٻڌيون آئنده جون ڪهاڻيون، جن لاءِ اديب ۽ ڪهاڻيڪار اڳواٽ سوچي ٿو ۽ قوم ۽ سماج کي ان طرف متوجهه ڪري ٿو. هر ڪهاڻيڪار پنهنجي لهجي، پنهنجي انداز ۽ پنهنجي ڊڪشن ۾ پنهنجي ۽ پرائي من اندر جون پيڙاهون ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هِتي جون، هُتي جون، اندر جون، ٻاهر جون اڀريون ڪَه سڀريون ڪهاڻيون لکي جڏهن ڪو ڪهاڻيڪار پُٺارڪ کن ڪهاڻين جي گڏ ڪندو آهي، تڏهن سندس دل ۾ خواهش ڪَرَ کڻندي آهي ته هو اُهي ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپائي.
    ۽ پوءِ جڏهن، پِني سِني، پيٽ کان ڇڏائي، ٻچن جي اڳيان گراهه کڻي به، اڌارا وٺي جڏهن هو ڪهاڻي ڪتاب جون پنج سؤ ڪاپيون ڇپرائي ٿو، تڏهن اسان جهڙا جوکا اديب ڦريو وڃونس. حضور شرمي ۽ لحاظ جي ڪري ڪتاب جون ٻه سؤ کن ڪاپيون وٽانئس مفت ۾ هليون وڃن. باقي ٽي سؤ کن ڪاپيون بڪ اسٽالن ۽ دل وارن دوستن کي وڪري لاءِ ڏيندو آهي. پوءِ پئسن جي وصوليءَ لاءِ هلي هلي، گهران ڀاڙا ڀري ڀري، ٿڪجي بيزار ٿي، سال کن کان پوءِ بچيل ميرن ۽ ڦاٽل ڪاپين جا بنڊل ٻڌي کڻي اچي گهر ڀيڙو ٿيندو. نه يارن پئسه ڏنا ۽ نه ئي بڪ اسٽال وارن. کيل ختم، پئسه هضم. لالا، مال خلاص. چئن ڪروڙن هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ قوم جي اديب جا ٻئي هٿ مٿي تي ۽ هو ويچارو پنهنجي اڳوڻن بي شمار دردن ۾ اوڌر نه ملڻ واري درد جي اذيت ۽ پيڙاهه به شامل ڪري پنهنجي نئين ڪهاڻي “هڪڙي اڻ هونڌ ٻيو خيال وڏا” جي عنوان سان لکڻ شروع ڪندو آهي.
    سنڌ جي جيئرن اديبن جي حالت لڳ ڀڳ اِها آهي. ها، باقي مرڻ کانپوءِ ڪنهن نالي واري ڪهاڻيڪار يا شاعر جو نالو ڪير ڪيش ڪرائي ٿو، ته اُها ٻي ڳالهه آهي.
    اڄوڪو دؤر، سنڌي ڪهاڻيءَ جو نئون دؤر آهي. ساڳئي وقت ڪهاڻيءَ لاءِ ڏکيو دؤر پڻ آهي. دنيا ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڄڪلهه ٻين سڀني سيڪٽرن کان ترقيءَ ۾ گوءِ کڻي ويو آهي. مختلف طريقن سان ڊجيٽل، سي ڊي، ڊي وي ڊي، موبائيل ۽ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ليپ ٽاپ وغيره ذريعي ماڻهو هر گهربل شيءِ سيڪنڊن ۾ پڪچر اسڪرين تي ڏسي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن رسالي ۾ ويهي ڪهاڻي پڙهجي. رقم خرچي ڪو ڪتاب وٺجي ۽ وقت سيڙائي پڙهجي. هاڻ اُهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون پيون لڳن. وڏي ڳالهه ته ڪتابن جي خريداريءَ جو اسم گهر جي بجيٽ ۾ شامل ئي ڪونهي هوندو.
    پر اُن هوندي به، اهڙين ڏکين حالتن جي باوجود به مجموعي طرح ڪهاڻي گلوبل سطح تي ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪري رهي آهي. ساڳي طرح سنڌي ڪهاڻي به تنقيد ۽ اصلاح جي فقدان هوندي به، سست رفتاريءَ سان ئي سهي، پر اڳتي وڌي رهي آهي. منجهس نوان لاڙا ۽ رُخ پيا شامل ٿين، جن سان سندس گونا گونيت ۾ اضافو ۽ خوبصورتيءَ ۾ نکار اچي رهيو آهي. تنهنڪري بلاشبه اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي به هن ڏکئي دؤر مان اڪري پار پوندي ۽ سرخرو ٿي پاڻ ملهائيندي. شرط اِهو آهي ته تنقيد ۽ اصطلاح جي هٿيار جو لاڳيتو استعمال ٿيندو رهي.
    پرويز
    *


    ڪهاڻيون

    1. ڀاڳ سان رِيسَ....!

    “او ابا عرس، اباڙي... اي مون مِشڪين رَنَ زال جي ٽيهاڻ، اي منهنجي هٿ مان رسو ڇڏائي ڪنهن جي مال سان گڏجي اڳيان پويان ٿي ويئي آهي. اي ابا، ڀلائي ڪري اِها ٽيهاڻ ته ڳولي آڻي ڏيئينم. ابا، الله تنهنجي سڻائي ڪندو. رب توکي وڌائيندو. اباڙي، آئون مڙهي مرڳو هلڻ کان لاچار، ڪٿي ٿي ڊوڙيو سگهان، ابا ڪريان، مون رنڙيءَ جي ڀلوڙ ٽيهاڻ هروڀرو ويندي هلي.”
    “پر ماسي ايمڻان، حالت ته ڏسين پيئي. سڀني کي ساهه سان لڳي پيئي آهي. سڀني کي ٻچا واتن ۾ اچي ويا آهن. هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو ڪونه ٿو پئي. هاڻ جي آئون پنهنجو مال ڇڏي تنهنجي ٽيهاڻ ڳولڻ ٿو وڃان ته مرڳو منهنجو نه ڪو ڍور ٽُلڪي وڃي. پوءِ اُن کي ڪير پيو ڳوليندو.” عرس لاچاري ڏيکاريندي چيو.
    اگسٽ- سيپٽمبر 2010ع واري ٻوڏ دوران، جڏهن 26-اگسٽ تي ڪوٽ عالمو وٽان ٻنڌ ڀڄي پيئي هئي، تڏهن ميرپور بٺورو تعلقي جا تمام گهڻا ماڻهو، سنڌ سرڪار طرفان گاڏين جو بندوبست نه هئڻ ڪري، پنهنجا اجها ڇڏي، پنهنجن ڍورن ڍڳن کي ساڻ ڪري، پنهنجا ٻچا وٺي سامان جون هڙون مٿي تي رکي پيرين پنڌ بٺورو- ٽنڊو محمد خان روڊ وٺي ڪنهن محفوظ هنڌ جي ڳولا ۾ نڪري پيا هئا. ماسي ايمڻان به پنهنجي ڳوٺ وارن ٻين ماڻهن سان گڏجي، سندس ڪُل پُونجي هڪڙي ئي ٽيهاڻ ڪاهي وڃي رهي هئي. جيڪا کانئس هٿ مان رسو ڇڏائي اڳيان نڪري، الاجي ڪٿي گم ٿي ويئي هئي. جهُوني ماسي ايمڻان ٽيهاڻ جي پٺيان ڊوڙي کيس جهلي ڪانه سگهي هئي. سو ڏسندي ڏسندي ئي ٽيهاڻ ٻئي مال سان گڏجي الاجي ڪٿان وڃي نڪتي هئي. هاڻ ماسي ايمڻان جنهن کي تنهن کي پئي پلانڌ وڌا، منٿون ڪيون ۽ سوال پئي ڪيا ته ڪو کيس سندس ٽيهاڻ ڳولي آڻي ڏي. پر هرڪو اهڙي حشريءَ ۾ هو جو ڪنهن به سندس واهر ڪانه ٿي ڪئي ۽ پنهنجي مجبوري ڏيکاري هليو ٿي ويو. ۽ ماسي ايمڻان ائين مُنهن مٿو پٽيندي، دانهون ڪندي، روئندي پار ڪڍندي اڻ ڏٺل منزل ڏانهن وڃي رهي هئي. سندس اڳيان توڙي پٺيان، نگاه جي آخري حد تائين ماڻهو، عورتون، ٻارَ، مالَ ڍورَ، گڏهه گاڏيون، ڍڳي گاڏيون، ٽرڪون، بسون، سوزوڪيون ۽ مال جا ڌڻن جا ڌڻ هئا، جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ پهچڻ جي ڊپ کان تڪڙا تڪڙا هلندا پئي ويا. خبر ناهي ڪيڏانهن پئي ويا. خبر ناهي ڪنهن کي ڪٿي اجهو مهيا به ٿيندو الاجي نه!
    “واهه لُوڻائي خان واهه! اي تو وٽ ته هُئي ئي هڪڙي ٽَڪَ (مينهن). اُن جو به تو پئي ٻڌايو ته ڦر مري ويو هو. پوءِ هيءُ هيڏو سارو ڌڻ ڪنهن جو هٿ ڪيو اٿئي؟ ڪنهن پيرَ تي (چوٿين حصي تي) ڇڏيا آهن يا ڪنهن کان ڏوڌ لاءِ (کير ڏوئڻ لاءِ) مڱي آيو آهين؟”
    ٻوڏ بعد ٽن مهينن کان پوءِ سندس سالو اڱاريو وٽن آيو هو، سو مينهن، ڍورن ۽ ٻڪرين سان سڄو ڀريل وٿاڻ ڏسي اول ته حيرت مان وات ڦاٽي ويس. پر پوءِ لوڻائيءَ کان ڀريل وٿاڻ بابت پُڇي ويٺو.
    لُوڻائيءَ جي مُنهن تي آسودگيءَ واري مُرڪ پکڙجي ويئي. ڏاڍي معنيٰ خيز انداز ۾ وراڻيائين “ادا، رب ڏي ٿو ته ڇپر ڦاڙي به ڏي ٿو. چوندا ڪونه آهن ته ‘واڱڻ’ ڪِن لاءِ وائي، ته ڪن لاءِ بادي. سو هيءَ ٻوڏ به ڪن لاءِ ته قيامت ڪاري هئي ته ڪن جا وري ڀاڳ کلي پيا. مون تي به رب راضي ٿي پيو ۽ ڊَهي ڇڏئيم. ٻه ڦرن سان سُئائون مينهيون، هڪڙي ڳَڀَ تي ڀلوڙ ٽيهاڻ، جوڙي ڀلن ڍڳن جي ۽ اٺ پهرو ٻَڪرين جا، ڪي ڍُڪيون ۽ ڪي ڦرو. ڪي ڪِٿان ٽُلڪي آيون ته ڪي ڪٿان رُلي آيون. نه ڌڻي وريا ۽ نه وري ڪي ڌراڙ. نه پُڇا ٿي نه وري ڪنهن وڙول رکي. پوءِ مون به رب جي رضا تي راضي ٿي کڻي پنهنجو وٿاڻ ڀريو آهي. اڳتي به الله مالڪ آهي. سچ پڇين ته ٻيلي اڱاريا، آئون ته هِن ٻوڏ کي مرڳو پنهنجو ڀاڳ ٿو ڀانيان. حال هڪيو ڊهجي ويو آهيان، پوءِ جون خبرون پوءِ سان.” لوڻائيءَ جون واڇون ٽڙڻ لڳيون.
    “اي لوڻائي، ڪا حيا ڪر، ڪو شرم ڪر. پرايا ڍور ڪاهي وٿاڻ ڀري، پوءِ پيو مَرَڪين ته تنهنجو ڀاڳ وريو آهي. اي ماڻهوئپو به ڪا ڳالهه ٿيندي آهي. شرافت به ڪا شيءِ هوندي آهي. ٿورو سوچ ته سهي، جنهن غريب مشڪين جي هوندي ئي اِها هڪڙي ٽيهاڻ، تنهنجو هينئر ڪهڙو حال ٿيو هوندو!” اڱاريئي لوڻائيءَ کي شرمائيندي چيو.
    “پر آئون ڪو چوريءَ يا زوريءَ ته ڪونه ڪاهي آيو آهيان. مون تي مالڪ مهربان ٿيو آهي. ٻي ڳالهه ته آئون ڪٿي پيو هِنن ڍورن جي ڌڻين کي ڳوليندس. ٻوڏ جي ڊپ کان ڀاڄ ۾ هي ڍور خبر ناهي ڪٿان، ڪنهن جا رُلي آيا آهن. ڪهڙي خبر ته سندن ڌڻي ڪٿي رهيا. ٻي ڳالهه ته مون کي ڪهڙو لاچار ٿيو آهي جو آئون پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري ڌڻين کي ڳوليندو وتان. پر تون ٻڌائي، توکي ڪو اچي پيٽ ۾ وَڍَ پيا آهن اڱاريا. سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي. ڀاڳ سان ڪا ريس ڪبي آهي ڇا!؟ تون اُٿي هٿ ڌُو ته ماني کائون.”
    ۽ اڱاريو وات ڦاڙيو لوڻائيءَ کي تڪي رهيو هو.

    (25 جنوري 2011ع)
    *


    2. الله ڪري هر سال...!

    “اي يَرَ ساماڻا، ڪر کبر! ڦٻيو آهين ڪه نه؟” براديئي ساماڻي کان پڇيو.
    اگسٽ- سيپٽمبر 2010ع واري ٻوڏ کان چار مهينا پوءِ، هو ٻئي ڄڻا “ڇڇ جهان خان” کان “جاتي” (ضلعو سجاول) ايندڙ ڊاٽسن پڪ اپ ۾ چڙهيل هئا. ساماڻو پريان ئي ڊاٽسن ۾ چڙهيو پئي آيو ۽ براديو سندن ڳوٺ ڏانهن ويندڙ گاڏا واٽ جي اسٽاپ تان چڙهيو هو. ٻئي هڪ ٻئي جا گهڻا واقف هئا. سو ڊاٽسن ۾ جو گڏيا، ته هڪ ٻئي سان خبرون چارون ڪرڻ لڳا. ساماڻي وٽ چار-پنج جريب زمين پنهنجي هئي ۽ گهرڙو به چڱو چؤکو ٺهيل هوس. پر براديئي جو گذر سفر مڇي مارڻ يا وري مزوري ڪرڻ تي هو. سندس گهر به اڀري سڀري مَنَهه جهڙو ڪکن ڪانن جو ٺهيل هو.
    “ڪيڙيون توکي کبرون سڻايان براديا! ٻنيءَ ٽڪر پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيو. بُبي جيڏيون ساريون هيون، تن مان نه رهيو ڪو ڦنگ هيڪڙو. سڀني پئي چيو ته ساماڻي جا هيل اٺ کراڙ ٿين ئي ٿين. اٺ کراڙ ته ڇُٽا، پر هيڪڙو داڻو به ڪونه بَتو. يڪا ويهه ڏينهن پاڻي سارين مٿان پئي وهيو. ساريون سڙي مُوٽَرا ٿي رهيون. ڪِنو پاڻي اڃا توڻي ٻنيءَ ۾ بيٺو آهي. ڪَتي ته وئي پر چيٽ به ويو. گهر به ڊهي وڃي پٽ پيو. مال ڍور، هيڪڙو ته رُلي ويو، ٻيو اڌ مُڙيءَ (مُوڙي) ليلام (نيلام) ڪري اڀرو سڀرو هنڌ ٽپڙ ۽ ٻار ٻچا کڻي وٺي ڀڳاسين. هو ڪونهي پانجو ممبر (ميمبر) دادن، اسان جي ڳوٺ وارا سڀ اُن جي ڌٻوئن تي لڳي وڃي سرڪاري ڪينپن (ڪيمپن) ۾ ويٺاسين. جتي بکن، اُڃن مري، ڌڪا ٿاٻا کائي، ذليل ۽ کُوار ٿي، پِني سِني ڀاڙو ڪري مهيني کن کان پوءِ وري پانجي ڪکن ورياسين. پٺيان ڇا اچي ڏسون! رڳو سُڃ ۽ ڀينگ پئي واڪا ڪيا. ڏاڍا بُڇڙا ٿيا آهيون، هِن ٻوڏ جي ڪري. الله ڪا پانجي ٻاجهه ڪري، باقي ڏاڍو ڏکيو وکت اچي ويو آهي. مٿانهيون.” ساماڻو جيئن شروع ٿيو، تيئن يڪي ساهيءَ ۾ سڀ خبرون ٻڌائي وڃي پار پيو.
    “پر يَرَ ساماڻا ڪو؟ آنکي ڪا امداد ڪانه ملي ڪيئن؟ هِتي ته ديڳ، ديڳ نه پر الاجي ڪيتريون ديڳيون امداد جون پئي چڙهيون ۽ لٿيون. ماڙهن (ماڻهن) ته پانجا گهر ڀري ڇڏيا آهن. پر هاڻ ته وٽن رکڻ جي به جاءِ ڪانهي. تون پيو چُوئين ته ڪِي ڪينهي وٽيون. سو وري ڪيئن؟!” براديئي ورائي ساماڻي کان پڇيو.
    “ادا براديا، بروبر امداد جا ته نُو نَرَ پئي آيا. ڪڄاڙو تا چُون اُنُن کي، اَنجيو وارا (N.G.O غير سرڪاري ادارا) گاڏين مٿان گاڏيون کڻيو پئي آيا. پر هرڪو پُڇائون ڪندو سامان کڻيو وڃيو ڏي مَمَبرَ دادن کي ته تون راڄن ۾ ورهائي. سو دادن به بيهي پانجا گهر ڀري ڇڏيا آهن، ٽڪابين ۽ سامان مان. پر حرام، جو پانجن ٻن چئن گهرن کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڪا هيڪڙي پائي به ڏني هجيس. ڪا چارن (چانورن) مُٺ، ڪا اٽي لَپَ ڏني هُجيس. سِڀ پاڻ ٿميندو اچي پانجن اَن جي ڀانڊن ۾. توکي ته کبر آهي ته اسان جي ڳوٺ وارا دادن جي پٺيان ڪونهن. سو هُن به اڳيان پويان پلاند ميڙي هيڪاندا پُورا ڪيا آهين. ڪين کي دانهن ڏيون. ڪو اسان توڻي ته پُڄي ئي ڪونه تو. پر کئر. الله وڏو آهي. ويندا لُڙ لهي. تون ٻڌائي براديا، تونجا ڪيڙا حال آهين.”
    “ٻيلي ساماڻا، شُخر آهيس، ٻوڏ ۾ ته اسين به ڏاڍا دربدر ٿياسين. بنهه مَنَههَ جيڙيون ڀونگيون ڪٿي ٿيون ٻوڏ جي دَٻَ جهلين. سو اَجها ته اسان جا به اُجڙي ويا هئا. اسين به ٺلهن پٽن تي اچي بيهي رهيا هئاسين. پر ٻيلي، ڳالهه جيڪا هوندي سا ڪبي. سو ٻوڏ کان پوءِ جيڪا کيريات (خيرات) جي، امدادي سامان جي، کاڌي کوراڪ جي ۽ ڪپڙي لٽي جي برسات پيئي وسي تنهن ته مرڳو ڍَهي ڇڏيو اَئينون. سچ پڇين ته ايترو ته، ايترو ته مال مليو ائينون جو هاڻ مرڳو سميٽڻ ڏکيو پيو لڳنون. اٽو، چارَ، کنڊ چانهه، گيهه، دال، ڪپڙا گنڌيون، ٿان ٿپا، پاڻيءَ جا ڪُولر، ڪمبل، تنبو، هٿرادا ڪاڪوس، پاڻيءَ جون ٽانڪيون، صابڻ سرف ۽ پئسه ڏوڪڙ تنهن کانسواءِ ٻيو به الاجي ڪُڄا ڪُڄا. بنهه ڌنيون هڻي ڇڏيون ائينون. ڊپ ائينون ته مرڳو کاڌي پيتي جو سامان رکي رکي کراب نه ٿي وڃي. ٻيلي آئون ڊڄيو تو ڳالهه ڪريان ته جي سامان سنڀالي کاڌوسين ته سال سڄو بنا کٽڪي جي هلي ويندو. سو يَرَ، اسين ته هن ٻوڏ مان ايڏا ته خوش ٿيا آهيون جو رب کان دعائون پيا گهُرون ته الله ڪري ته هر سال ايڙي ٻوڏ اچي.” ۽ ..... ۽ ساماڻو وات ڦاڙيو براديئي کي تڪي رهيو هو.

    (25 جنوري 2011ع)
    *


    3. هڪڙي ئي ڌڪ ۾

    “ڪر خبر سيٺ الانا، ڪيئن! بچيو آهين؟”
    “ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين يارَ سيٺ عوثو. رڳو سِرَ بتا آهن، باقي ائين سمجهه ته زندگيءَ جا سڄا سارا ويهه سال جهڙا ڪَرَ اجايا ويا هليا.”
    “اي پر، اِهو به شڪر ڪر ڙي سيٺ الانا، جو سِرَ ته بتا. ساهه آهي ته ماهه وري به ٿي پوندو. توکي پنهنجي ملڪيت وڃڻ جو ارمان آهي، پر ماڻهن ويچارن جا پَسُون ٻارَ ڪکن پنن وانگر لُڙهي ويا. انهن کان ته خبرون پڇ ته انهن جي دلين ۾ ڪهڙيون آوِيُون پيون دُکن.” سيٺ عوثوءَ ورندي ڏني.
    “ها، ائين ته برابر آهي. ماڻهن ويچارن سان ٻوڏ هاڃا هڻي ڇڏيا آهن. پر گهٽ اسان سان به ڪانه ڪئي اٿس. اِهو به شڪر ٿيو جو پنهنجي گاڏي هَڪِي موجود هُئي. جيئن ئي روزي رکڻ لاءِ اٿياسين ته اطلاع مليو ته ڪوٽَ کي (ڪوٽ عالمو) سامهون ٻنڌ ڀڄي پيئي آهي. پوءِ ڇا جا روزا، ڇا جا اَسُرَ! رڳو ڀڄي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. بس جي رڳو اڌ ڪلاڪ دير ٿي وڃي ها ته پاڻي مٿان وري وڃي ها. ڏٺو ته اٿئي ته ڪوٽَ ۽ ٻنڌ جي وچ ۾ پنڌ گهڻو آهي.” سيٺ الانو ٻوڏ کان پوءِ جڏهن دڙي جي سارين جي ڪارخانيدار سيٺ عوثوءَ جي ڪارخاني تي آيو هو، تڏهن سيٺ عوثوءَ کانئس حال احوال پڇڻ لڳو.
    “پر پوءِ به ڪيش ۽ سون ته پاڻ سان کڻي ويو هوندين. کڻي ساريون لُڙهي ويون ۽ ڪارخاني کي نقصان پهتو هوندو.” سيٺ عوثوءَ رازداريءَ سان سندس وات سيٺ الاني جي ويجهو ڪندي پڇيو.
    “هاڻ توکي ڇا ٻڌايان. تون اعتبار ڪونه ڪندين سيٺ عوثو، پر سچ هيءُ آهي ته سموري ڪيش، سمورو سون ڏيئي ۽ بئنڪ مان لون (قرض) کڻي مون ڏهه هزار مڻ ساريون ۽ هڪ هزار مڻ ڪڻڪ اِسٽاڪ (ذخيرو) ڪئي هئي. مون سارين ۽ ڪڻڪ جو سودو به ڪري ڇڏيو هو. ٻئي ڏينهن تي ٽرڪون ڀرجڻيون هيون. اگهه جي ته خبر اٿئي. نوَ سئو روپيا مڻ ساريون ۽هڪ هزار روپيه مڻ ڪڻڪ جو سودو ٿيل هو ۽ منهنجي سموري پُونجي هئي ئي اِها. پر نه بچيو ڪو داڻو اُن مان. هاڻي انهن ڀِيڻين تي رڳو واريءَ جا ڍِڳَ لڳا پيا آهن. باقي ڪڻڪ ۽ ساريون سڀ پاڻي لوڙهي ويو. هاڻ آئون آهيان سو، ٻاهر پيو ڦِران. ڪارخاني ۾، گهرن ۾ ۽ گهٽين ۾ واريءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. جي اوڏانهن ٿو وڃان ته اچيو باهيون کڻن. سو اونڌو مُنهن ڪريو هِتي ادا جي گهر ۾ پيو آهيان. ٻيو ڀلا ڪريان به ڇا؟” سيٺ الاني پاڻ متعلق مختصر نموني ۾ سموري حقيقت پيش ڪئي.
    “بس ادا، تون دل نه لاهي. الله مالڪ آهي. قدرت کي ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي. تون همت کان ڪم وٺ. رب جيئن پهرين نوازيو هوءِ، تيئن ڌڻي وري به پنهنجي مَهَرَ ڪندو. وري به گنج لڳي ويندا.” سيٺ عوثوءَ کيس آٿت ڏني.
    “ها ادا، دنيا ته اُميدن تي قائم آهي. باقي هي ويهه سال مون سايون ٽوپڙيون پائي ۽ سايون پڳڙيون ٻڌي، ڊگهي ڏاڙهي رکي ۽ نمازون پڙهي ڪوڙ ڪري، دوکا ڏيئي، گهوٻيون هڻي ۽ ليکن چؤکن ۾ ڪُپت ڪري جيڪي ٽپڙ گڏ ڪيا هئا، سي ته هڪڙي ئي ڌَڪَ ۾ ڌوڙ ٿي ويا.” سيٺ الاني جي مُنهن تي هڪ طنز ڀري مُرڪ چُٻرا ڪڍي رهي هئي.

    (25 جنوري 2011ع)
    *


    4. اکين ۾ ٻڏي ويل درياهه

    “پر به تون چوين ڇا ٿو؟” سوڍيءَ سنگهارَ جي اکين ۾ اکيون وجهي پڇيو.
    “سوڍي، سوڍي آئون... آئون...!” سنگهار چوندي چوندي ماٺ ٿي ويو.
    “ڏس، وري به اِها آئون... آئون... توکي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، سو کُلي چئو نه. ائين مُنجهين ڇو پيو؟” سوڍيءَ ورائي سنگهارَ کان پڇيو.
    “سوڍي، سوڍي آئون هاڻ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.” سنگهار ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو.
    “ٿڪي پيو آهين؟” سوڍيءَ حيرت مان ڏانهس نهاريو. “هي تون چوين ڇا پيو؟”
    “ها سوڍي، هاڻ آئون ڏاڍو ٿڪي پيو آهيان.” سنگهار ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو.
    “پر به ڇو ته سهي؟ آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟” سوڍي فڪرمند ٿيندي پڇيو.
    “اُن ڪري جو مونکي حال هڪيو پنهنجي شاديءَ جو ڪوبه آسرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ۽ هوڏانهن منهنجي گهر وارن جو مون تي زوربار الاهي وڌي ويو آهي.” هُن جون نگاهون هيٺ هيون.
    “ڇا ٿا چون تنهنجا گهروارا؟” سوڍيءَ کي جهڙوڪر دل ۾ وَڍَ پئجي ويا ۽ هُن دلگير ٿيندي پڇيو.
    “چون ٿا ته جي سوڍيءَ وارا هينئر جو هينئر شادي نٿا ڪري ڏين ته منهنجي پهرين مَڱَ حاجوءَ وارا وري سَڱُ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهين. اُن سان شادي ڪري وٺان.” سنگهار بدستور ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو.
    “پوءِ منهنجو ڪُڄاڙو ٿيندو؟!” سوڍيءَ جي سدا ملوڪ مُکَ تي آتِر وَيلائيءَ جا آثار اُڀري آيا. هڪڙي ناقابل برداشت اذيت جا اهڃاڻ سندس چهري تي اُڀرڻ لڳا. سندس اندر جي ڇِنَ پَٽَ جي ايذاءَ جا اولڙا سندس مُنهن تي هنبوڇيون هڻڻ لڳا. هُن انتهائي ڪرڀَ ۽ درد جي ڪري سُڪي ويل سندس چپ چوريا ۽ سنگهار ڏانهن نهاريو.)
    “پر ان ۾ ٿڪجڻ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي! جيئن هيستائين مڙسي ڪري پنهنجن مائٽن کي مڃايو اٿئي، تيئن باقي ڪجهه وقت لاءِ به ترسائين. ڏسين ته پيو ته اسين ڪهڙي قيامت ۾ ڦاٿل آهيون. هِن حالت ۾، جڏهن اسان کي سِرَ سان لڳي پئي آهي. ٻنيون ٻارا ٻڏي ويا. اجها اُجڙي ويا. مال وجهو لڙهي ويو. هنڌ، ٽپڙ، ٿانوَ ٿپا ۽ سارو هَلَٽِ رُلي ويو. اسين ٺلها سِرَ کڻي ڀڄي اچي هن پڪي رستي تي پهتا آهيون. جتي ٻه مهينا ٿيا آهن، پر ڪوبه واهرو ڪونه وريو آهي. اسين ڪکن ڍڪيا ماڻهو، پنهنجي شرم ۾ ٻڏيو پيا مرون. ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪونه ڊگهاريوسين، سي امداد لاءِ قطارن ۾ ڪيئن بيهي پيا لٺيون جهليون، پنهنجا مٿا ڦاڙايون ۽ ذليل ۽ خوار ٿيون، تنهن کان ته مرڳو اُڃ بک تي پيا آهيون. اڃا تائين گهرن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺو آهي. هي سڀ ڳالهيون تنهنجي سامهون آهن. پوءِ به تون پيو چوين ته مائٽ شاديءَ لاءِ تڪڙ پيا ڪن ۽ تون ٿڪجي پيو آهين! هن اوکيءَ ويل ۾ آڏو اچڻ ۽ ڀرجهلو ٿي بيهڻ ته ٺهيو، پر مرڳو چڳندڙ ڦٽن تي لوڻ ۽ مرچ ٻُرڪڻ آيو آهين! اِن کي آئون ڀلا ڪڄاڙو سمجهان؟” ۽ سوڍيءَ کان اوڇنگار نڪري ويئي. هُن پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجي اکين مان وهندڙ نِيرَن جون لارون اُگهيون ۽ سنگهارَ ڏانهن ڏسڻ لڳي. جيڪو اڃا تائين ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هو.
    “سا ڳالهه ته مون بابا سان به ڪئي هئي ۽ امان کي به الاهي آزيون ۽ منٿون ڪيم ته هِن ڏکيءَ مهل ۾ پاڻ کي هنن جي واهر ڪرڻ گهرجي ۽ هنن جو ڀرجهلو ٿيڻ کپي. پر ڪُٽڻ ڪم کي کڻيو بيٺا آهن، تن هڻي ملڪ جو نکوتر ڪڍي ڇڏيو آهي. ڪُٽڻيون رَنون اچيو امان جا ڪن ڀرين ته ‘ائي امان، آئين عزت وارا ماڙهو. ست راڄيءَ ۾ آنجي هاڪ پئي ٻُري. آنکي ڪي سَڱَ کٽا آهن ڇا، جو وڃي مٿي اگهاڙن ماڙهن سان مِٽئي ڪئي اٿوَ؟ جن کي مٿو لڪائڻ لاءِ ڪا ڀيڻي ڪانهي. ٻڙن فقيرن وانگر لاڏاڻا ٿيو پڪي رستي جي پاسي کان رلي ٽنگيو ويٺا آهن، ۽ آئي وئي جي اڳيان هٿ ڊگهاريو پينڙياتن جيان پيا جهوليون جهلين. ائي امان اهڙي نُنهن ڪيئن آنجي گهر ۾ سونهندي جنهن کي سڄي جهان خيرات جي ٽِرڪن اڳيان جهولي جهليندي ڏٺو هجي. مُئو کڏس، (وڃي کڏ ۾ پوي) اهڙو ته سون جو ٽڪر به ڪونهي جو آنکي ٻئي ڪنهن هنڌان نه ملي سگهي. اِن کان ته پنهنجي حاجو هزار ڀِرڪا ڀلوڙ زال آهي!’
    “هاڻ امان آهي، سا ڳالهه تي بيهي ئي ڪانه ٿي. چوي ٿي ته اِها نُنهن هاڻي مون کي ڪڀي به ڪونه کپي. هاڻ آئون ڇا ڪريان؟ مون کي ته ڳالهه سمجهه ئي ڪانه ٿي اچي! سوڍي، جا نُورَ ڀٽاري جو سُنهن ته آئون توکان سواءِ مري پُوندس. مون کي نڪا حاجو کپي ۽ نڪا ڪا ٻي کپي. بابا به امان اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي. هيءُ سڄو مهينو رَنِنِ جو اِهو رينگو سڻي سڻي منهنجا ڪن پچي پيا آهن. جڏهن وڌيڪ سهي نه سگهس، تڏهن وٺي ڀڳو آهيان توڏانهن. هاڻ تون ئي ڪا صلاح ڏي ته آئون ڇا ڪريان؟ نه ته مرڳو... آئون پاڻ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيندس.”
    سنگهار وري به سوڍيءَ سان نگاهون ملائڻ بدران ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي پنهنجي بيوسيءَ جي ماجرا بيان ڪئي...!
    سوڍي، جا هيترو وقت رڳو چِتائي سنگهارَ جي مُنهن ۾ نهاري رهي هئي، جنهن جو ڪنڌ هيٺ هو، نگاهون نيچي هيون ۽ هوُ پنهنجي مَرمَ ۾ جلي پچي، کامي کِجي، پڄري ۽ پرزا پرزا ٿي رهيو هو، سا پڻ سنگهار جي بي همتي ۽ بيوسيءَ تي وڍجي ڪُسجي ترڳا ترڳا ٿي رهي هئي. سنگهار جيڪا صورتحال جنهن بيوسيءَ سان بيان ڪئي، تنهن سوڍيءَ کي پنهنجي نظرن ۾ پئي ڪيرائي وڌو. هن جي دل کُوهيءَ نارن وانگر ٺينڊيون ڪري رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳي هئي. هن پنهنجي اندر ۾ سِرِن جو کُورو دُکندو محسوس ڪيو. هُن جي ڏکن کان ڏُجهريل چهري تي ڪرڀ ۽ اذيتَ جون پيڙاهون، مڙي اچي گڏ ٿيون هُيون. هُن کي ڏاڍو ڀانور هو ته سنگهار سندس ڀرجهلو ٿيندو ۽ مصيبت جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍي ڪنهن ڪنڌيءَ پهچائيندو. پر هُوءَ اڄ پهريون ڀيرو پنهنجي پسند تي ۽ پيار جي پيل پهريئين پيچ تي پشيمان ٿي رهي هئي. هُن پنهنجو وجود فنا ٿيندي محسوس ڪيو. هوءَ لاڳيتو اکين مان گونگا ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي ۽ مسلسل سنگهار جي ڪانئرتا تي پڇتائي رهي هئي. هُن لاڳيتو پئي سوچيو ته سنگهار کي ڪهڙي ورندي ڏي. هوُ، جو سندن گهران نااميد ٿي مون ڏانهن ڀڳو آهي صلاح پڇڻ، تنهن جو ڪهڙو بلو ڪجي؟
    سوڍي، جيڪا لاڳيتين برساتن جي ٻوڏ جي ڪري ۽ سم نالن جي پلٽي پوڻ جي پاڻيءَ جي ٻوڏ جي ڪري، پُراڻ کان پرڀرو هڪ پڪي پختي ڳوٺ جي ٻُڏي وڃڻ ڪري ميلن جا ميل پاڻي جهاڳي اچي جهڏو- نئون ڪوٽ روڊ جي پاسي کان ديوين جون ڪاٺيون وڍي ٺاهيل جهُڳين ۾ رهيل هئي. هوءَ، جيڪا ڪکن ڍڪي، ماني مڇي واري ۽ عزت ڀريئي گهر جي ڄائي هئي.
    سوڍي، جنهن سندن مائٽن جي هڪڙي شاديءَ دوران ميرپور خاص ۾ سنگهار کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ مٿس موهت ٿي پئي هئي. هوءَ، جنهن سندس دل واري ساهيڙي سلميٰ سان صلاح ڪري، سنگهار جي ڀيڻ بانوءَ سان لاڳاپو جوڙيو ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان سنگهار سان وات واري ڪرڻ جو وجهه ورتو هو.
    سوڍي، جنهن جڏهن سنگهار ڏانهن، پنهنجي اکين ۾ خمار جي مستي ڀري ڀرپور نيڻ نهار ڪئي هئي ۽ پنهنجي دل جي دريءَ جون چار ئي تاڪيون کولي ڇڏيون هيون، تڏهن سنگهار هڪ ئي نگاهه جي نشتر سان ڌڪيل تتر جيان ڦٿڪڻ ۽ بُل کائڻ لڳو هو. ۽ پوءِ سنگهار پنهنجي دل جو جهان ڦُرائي لُٽائي جڏهن هٿين خالي موٽي پنهنجي ماڳ سجاول ڀرسان ڳوٺ پهتو هو، تڏهن سندس ڪايا پلٽ ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ، جيڪا پنهنجي مائٽن جي شاديءَ ۾ وڃڻ لاءِ گهران ته سهي سنڀري، ڏاڍا هار سينگار ڪري، ڏاڍن نازن نخرن سان ويئي هئي، پر جڏهن موٽي هئي، تڏهن هوءَ ڪنهن هارايل جوئاري وانگر پنهنجي سموري هَڙَ جُوئا ۾ هارائي، سکڻن ٽن ڪپڙن ۾، جيئري لاش جيان گهلجي گهر پهتي هئي، تڏهن هوءَ، هوءَ ڪا نه رهي هئي. هُن جو سک ڦٽي پيو هو.
    ۽ هوُ سنگهار، جيڪو گهر پهچي پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو هو. هُن کي ڪنهن جو ڳالهائڻ سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيو. سندس ڪنن ۾ رڳو توتليون وڄي رهيون هيون. نه کاڌي جو هوش نه پيتي جي خواهش. نيٺ هن اعلان ڪيو ته “مون کي حاجو مور نه کپي. جي پرڻبس ته سوڍيءَ سان، نه ته منهنجي قبر کوٽڻ جو سعيو ڪريو. آئون پاڻيهي پاڻ کي ٿو ماريان. وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي ٿو مران. پاڻ تي گاسليٽ هاري تيلي ٿو ڏيان. ٻنيءَ جي دوا پي ٿو مران.” هڪڙيءَ تي هيءُ، ته ٻيءَ تي سندس مائٽ. ماڻس چوي ته: “مون کي پري جي ننهن ڪڀي به ڪونه کپي. مون تي منهنجي وَڏِڪَ ڀيڻ حوريءَ وڙ ڪيو آهي، اڌ ڳالهائي سان پنهنجا آنڍا منهنجي حوالي ڪيا اٿس. بچي شل حاجوءَ کي ڇڏي، آئون ٿي ٻي ننهن ڪريان! شادي ٿيندي ته حاجوءَ سان ئي ٿيندي. نه ته ڀلي وانڍو پيو هلي. چريا ڪي پنهنجي وس ڇڏبا آهن ڇا؟ حوري ته کڻي منهنجي ڀيڻ آهي، پر سندس گهر واري کي ڪهڙو جواب ڏبو.!!”
    پڻس چوي ته: “ابا سنگهار، ڪجهه ساڃاهه ڪر. ٿورو سمجهه کان ڪم وٺ. اسان چئن ڀائرن جي وچ ۾ ويهي زبان ڪئي آهي. مٺائي ورهائي پڌري ڪئي آهي. هاڻ جو تون کيٽو ڪريو ويٺو آهين، تنهن کي ڪير پڄي!؟ ابا، مڙسن جي زبان هڪڙي ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جي قول تي ئي دنيا جو ڪاروهنوار هلي پيو. ايئن ڪو ٿيندو ڇا؟ تون ڏاهو ٿي. ڀلا حاجوءَ ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ سدا ملوڪ ته آهي! تنهنجي جيس آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجي آهي. گهر جي ڳالهه آهي. کاري کٽي کايو پيئي هوندي. ڪو هُل، هاءِ ديشو ڪونه ٿيندو. هينئر توکي اوچتو ئي اوچتو اچي سوڍيءَ جي عشق کنيو آهي. جي اهڙي ڳالهه هئي ته پهرين ڳالهه ڪرين ها نه؟!”
    هوڏانهن ماسيهينس حوري ۽ ماسڙ هاشم به اَرَ تَرَ ڏيئي بيهي رهيا ۽ پوءِ نيٺ هڪڙي گهُمري ته حاجو به کيس ڦري آئي. پر سڀني کي ٺُٺيو! سنگهار جي هڪڙي ئي ٻولي ته “مون کي کپي ته سوڍي کپي، نه ته منهنجي قبر کڻو. آئون اجهو ٿو دوا پيان، تيلي ڏيان، يا ڦاهو کان!”
    سڀئي منجهي پيا ته هاڻ ڇا ڪجي؟ ڇورو ته مرڳو هٿن مان پيو وڃي. ڪنهن صلاح ڏني ته “سنگهار ڀلي پيو ڀؤنڪي.اوهين رڳو ٻه ڀائر سڏي، ملئون گهرائي حاجوءَ سان نڪاح وجهي کڻي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪريوني. ڏٺيون مٺيون ٿينديون آهن. چکي ڏسندو ته پاڻ ئي گس تي اچي ويندو.”
    سنگهارَ کي جا سُڻس پيئي ته سانجهيءَ تنهنجو بِلو ٿيندو. زوريءَ ٿا حاجوءَ سان تنهنجو نڪاح وجهن. سو نه ٿئي بڇڙو، ڊوڙي وڃي وٿاڻ مان ڍڳي جو رسو کنيائين ۽ سَٽَ ڏيئي گهران نڪتو. اِهو ته ڀلو ٿئي عمر فقير جو، جنهن بر وقت سنگهار کي پريان بيٺل نم تي چڙهندي ڏسي ورتو. تنهن وٺي جو “ورتو ورتو” ڪئي ۽ هڪلون ڪري همراه گڏ ڪري وڌائين، جن ڊوڙي وڃي سنگهار کي بچائي ورتو. سنگهار جي اهڙي ڪوشش کيس حاجوءَ سان نڪاح وجهڻ کان ته بچائي ورتو. پر ماڻس هَٺَ تان هيٺ لهي ئي نه! چوي ته “سنگهار مري ته ڀلي مري پئي. منهنجو ٻيو پٽ به ويٺو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته آئون اڃا اهڙي پوڙهي ٺوٻ به ڪانه ٿي آهيان. جي کپيو ته ٻيو پٽ ڄڻي به وجهنديس. باقي سوڍي اهو ڌونئرو ڀڃي کائي ته ڪو هوءَ منهنجي پٽ سان لانئون لهندي.”
    سنگهار جي پيءُ ڳوٺ راڄ جا ڀائر گڏ ڪيا. سنگهار جا چاچا، ماما، سئوٽ ماسات اچي ڪٺا ٿيا. پر نه سنگهار سوڍيءَ تان هٿ کڻي ۽ نه ئي وري ماڻس سوڍيءَ کي قبولي. ايئن ڪندي ڪندي نيٺ ڀائر برادر به بيزار ٿي ڀڄي پرڀرو ٿي ويهي رهيا. سنگهار جو پيءُ ٻنهي پاسي بيوس ۽ مجبور ٿيو پئي اول پتڻ ٿيو. باقي سنگهار ۽ سندس ماءُ جو گهر ۾ سنجهي صبح ڏانڍيئپو لڳو پيو هوندو هو. سنگهار چئي ته آئون ٿو پاڻ کي ماريان ۽ ماڻس چوي ته آئون ٿي وِههَ جو وٽو پيئان.
    ۽ پوءِ نيٺ سنگهار جي سرسي ٿي ۽ ماڻس مات کائي ماٺ ڪري ويهي رهي. پر پوءِ به هن پنهنجي دل مان بغض ڪونه ڪڍيو. لوڪ لکا خاطر في الحال زهر جو ڍُڪ ته ڀري ورتائين، پر دل سان سوڍيءَ کي قبول ڪونه ڪيائين. پوءِ چار ڀائر گڏجي ويا سوڍيءَ جو سڱ گهرڻ. ٻه ٽي ڀيرا اچڻ وڃڻ کانپوءِ هاڪار ٿي ۽ ڳالهه پڪي ڪري، مٺائي ورهائي، اِهو فيصلو ڪيو ويو ته هِن ڪَتيءَ (سال 2011ع) جا فصل کڻي شادي ڪنداسين.

    پر ڪَتي اڃا ٻه اڍائي مهينا پري هئي. تيستائين برساتن اچي بَرَ ڀڄايا. ٿَرَ ٿاديليون ڪيون. سنگهارن جي سک جا سانڀاها ڪيا. ماروئڙا، سانگيئڙا ۽ جهانگيئڙا خوشيءَ وچان جهمريون پائڻ لڳا. ڍاٽياڻيون ۽ ٿاريليون پنهنجي پنهنجي چونئرن اڳيان ڏانڊيو ڪُڏڻ لڳيون. سندن ملوڪڙن مهانڊن جون مُرڪون اڃايلن جون اُڃون اجهائڻ لڳيون. پنهنجي پر ۾ سڀ ڪو خوش. هرڪو ٻانهن پيو لوڏي ته هيل واهه جو وارو ملندو. مينهن جو ڀلا پيا وسن.
    پر اِها خبر ته ڪنهن کي ڪانه هئي ته هيلوڪا مينهن، مينهن نه پر آفتون آهن. سانوڻيءَ جا وسڪارا خوشحاليءَ بدران بدحاليءَ جي علامت بڻجي ويندا. هڪڙو مينهن وٺو، ٻيو مينهن وٺو، ٽيو مينهن وٺو ۽ پوءِ لاڳيتو وسندو ئي رهيو. پهريائين هيٺاهيون، ترايون ۽ ڍنڍون ڍورا ڀريا. پوءِ هيٺاهين ۽ مٿاهين جا يڪا پانچا گڏجي ويا. ٻنا ٻوڙ ٿي ويئي. گس ۽ پيچرا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. سِمَ ناليون ڀرجي وهڻ لڳيون. سِمَ نالا پلٽڻ لڳا. هيٺاهين جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچڻ لڳا. مٿانهان پڪا ڳوٺ به پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا. ننڍا وڏا شهر به ٻڏڻ لڳا. ضلعن جي هيڊ ڪوارٽرن بدين، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٺٽي جي ٻن تعلقن سان گڏ بينظيرآباد ۾ به ٻيڙيون هلڻ لڳيون. L.O.B.D ۽ R.O.B.D سِمَ نالن بي انداز پاڻي آڻي لاڙ ۾ گڏ ڪيو. هزارين وسنديون، بستيون، ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر پاڻي هيٺ اچي ويا. سوين. ڳوٺن جا نشان ئي مٽجي ويا. لکين پالتو جانور مري ويا. ڪروڙين انسان بي گهر، بيوس ۽ بي سهارا ٿي ويا. پر هيلوڪا مينهن لاڳيتا وسندا ئي رهيا. بٺوري کان وٺي ڀڳڙا ميمڻ تائين، بدين کان وٺي بي نظيرآباد تائين، مٽياريءَ کان وٺي مٺيءَ تائين، جهول کان وٺي جهڏي تائين، تِڳوسر (سانگهڙ) کان وٺي تڙخواجه (جاتي، ٺٽو) تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي، اڇ ئي اڇ! هر طرف کان، هر پاسي کان رڳو مال ڍورن جون رنڀون، ٻارڙن جون ٻاڪارون ۽ ڪيهون. عورتن جون دانهون ڪوڪون ۽مردن ۽ پوڙهن بيمارن جون ڪنجهڪارون... هڪڙي قسم جو قهرام هو، ڪربلا هئي يا قيامت هئي. خبر ناهي ڪهڙو امتحان هو؟ ڪهڙي آزمائش هئي؟ ڪهڙو رهيل پلانڌ هو؟ ٻنيون ٻڏي ويون. فصلن مان ڪابه شيءِ ڪانه بچي. بازاريون ڀڙڀانگ ٿي ويون. اجها اجڙي ويا. مال ڍور لڙهي ويا. ماڻهو- ڪي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئا، ڪي پاڻي سُرڪَ لاءِ تڙپي تڙپي مئا. ڪي بکن وگهي مئا. ڪي بيمارين جو بک ٿيا. ڪي ڦرجي لٽجي هٿين خالي ٿي ويا. ڪي ماني گراهه لاءِ آتا، امدادي سامان ورهائڻ وارن جي لٺين ۽ گولين جو شڪار ٿيا. (سانگهڙ وارو واقعو، جنهن ۾ هڪ وڏيري جي گارڊن هڪ شخص کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو.) ڪئين پرديدار عورتن جو پردو، پردو نه رهيو. ڪيترن عزتدار ۽ خوددار خاندانن جي مڙسالن کي ٻچن جو بک کان بي حال ٿي دانهون ڪرڻ تي، پنهنجي عزت ۽ خودداريءَ کي پاسيرو ڪري پاروٿي ۽ ڌپ واري ڀت گراهه خاطر ڪنڌ هيٺ ڪري هٿ ڊگهيرڻو پيو. پنهنجي پڪن گهرن جي ڪمرن ۾ بجليءَ جي پکن هيٺان آرامده بسترن تي سمهندڙ سنڌ جي سنگهارين کي، پڪن روڊن جي پاسن کان اڏيل جهڳين مٿان رليون ٽنگي، اگهاڙي آسمان هيٺ، ضروري حاجت لاءِ به ڪا ڀيڻي نه هئڻ ڪري پريشان، وسندڙ مينهن جي اوڙڪن، مڇرن جي ڪٽڪن ۽ ڪاٽڪو نگاهن جي نشترن جو مقابلو ڪرڻو پيو.
    هيل سال جي برساتي ٻوڏ، سِمَ نالن تي قبضا ڪري پاڻيءَ جو گس بند ڪري، پاڻي اٿلڻ تي مجبور ڪري پيدا ڪيل ٻوڏ، حڪومتي جيالن ۽ غير حڪومتي پهچ وارن پنهنجون ملڪيتون ۽ ٻنيون بچائڻ خاطر هٿرادا ڪٽ ڏيئي پيدا ڪيل ٻوڏ ۽ سرنديءَ وارن پنهنجي ٻنين مان لنگهڻ جو گس نه ڏيئي پيدا ڪيل ٻوڏ جيڪي سنڌ جي ماڻهن سان هاڃا ڪيا، جيڪي ڪربلائون آنديون سي سڀ پنهنجي جاءِ تي هڪڙيون نه وسرندڙ سچيون ڪهاڻيون آهن. پر هيلوڪي برساتي ٻوڏ مختلف ماڻهن جي چهرن تان ماسڪ لاهي کين بي نقاب ڪري سندن اصلي چهرا به ظاهر ڪري ڇڏيا. انهن کي ڏسي ڪٿي ڪٿي ته فخر مان ڳاٽ اوچو ٿيو ٿي ويو. پر تمام گهڻين جاين تي ماڻهن جا مڪروه، غليظ، غلاظت سان ٿڦيل ۽ ڪراهت آڻيندڙ چهرا ڏسي انسانيت شرم کان ڪنڌ جهڪائي رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳي هئي.
    اهڙيءَ صورتحال جو شڪار سوڍي ۽ سندس ڳوٺ وارا ٿيا هئا. سندن ڳوٺ جون سون اپائيندڙ ٻنيون ته ٻڏي ويون، پر سڄي ڳوٺ ۾ پنج فوٽ پاڻي بيهجي ويو هو. ڪيڏانهن به نيڪال جو ڪو ذريعو ڪونه هو. سندن هڪڙي مِٽئي ميرپورخاص ۾ هئي، جيڪي خود پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئا. ٻي مٽئي سجاول جي ڀرسان رهندڙ سنگهار وارن سان هئي. شروع ۾ انهن ڪوشش به ڪئي هئي ته سنگهار جن وٽ هلي پناهه وٺجي ۽ ڏکيو ٽائيم گذاري اچجي. پر جڏهن خبر لهڻ لاءِ اچڻ واري اچي سنگهار جي ماءُ جو اڍنگو رويو اکين سان ڏٺو، تنهن واپس وڃي همراهن کي چيو ته “ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان.” جيئون توڙي مرون، پر اوڏانهن ڪونه هلنداسين. مهلون مڙسن تي اينديون آهن. هي ڏکيا ڏينهن به ماڪَ جي ڍونگر وانگر ويندا گذري. قدرت کي جيڪو ڪرڻو هو، سو ڪري وڃي دنگ ڪيائين. جيترا بڇڙا ٿيڻا هئاسين، سي ته ٿي چڪاسين. باقي ماڻهن کي به جيڪو ڪجهه ڪرڻو هجي سو ڀلي زور لڳائي ڏسن. پر پاڻ هاڻ وڌيڪ اگهاڙا ڪونه ٿينداسين. سو به سنگهارَ وارن مانڌان هٿ ڪڏهن به ڪونه ٽنگينداسين.”
    اهڙي طرح ٻه مهينا گذري ويا. پر ڳوٺ مان پاڻي نڪري نه سگهيو. جڏهن وڃي سج جي تپش تي کِجي کپي سڪي! تيستائين ڪو گس پنڌ، ڪا ڀيڻي ۽ ڪو بِلو ڪونه ٿي سُجهيو. هن صورتحال ۾، جڏهن ماڻهوءَ کي ٻچا وات ۾ هجن، پِنئي ٽڪر تي ساهه جي تند تڳندي هجي، ماڻهو شرم ۾ ٻڏندو هجي، مرندو ۽ جيئندو هجي، تڏهن ڪيئن ٿي ڪري سگهجي شادي!؟
    ۽ اوڏي مهل سنگهار جي ماءَ کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو بُل ملي ويو هو. مهيني کن کان گهر ۾ اِهو ئي ذڪر شاديءَ جو. سنگهار ۽ پڻس جي بنهه ماني وِههُ ڪري ڏنائين. اُٿندي ويهندي طعنا، ميهڻا، ٽوڪون، ٺٺوليون ۽ الاجي ڇا جو ڇا!
    “بس چئونِ ته هينئر جو هينئر شادي ڪري ڏين. سو به ڏيڄ پوت سان، سون مِينَ سان، سامان سڙي سان. ٺلهي گنڌيءَ ۾ ويڙهي ڏيڻ بدران ڀلي پُراڻ جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏينس. پر اِهي مئا بکيا ڀينگا، جيڪي پنيو پاروٿو ڀت کايو نٿا ڍاپن، سي ڏيندا به ڪُڄاڙو. ٻي ڳالهه ته آئون ڄڃ وٺي وڃي پڪي رستي جي ڀر ۾ ڀونگين ۾ ٿورو ئي ڪو لاهينديس؟ وڏي شان مان وارا شاميانا اڏينديس. دهل شرنايون گهرائينديس. گاڏين جون قطارون ڀري وينديس. سو مون کي اهڙن مٿي اگهاڙن وٽ وڃي خوار ٿيڻو ڪونهي. اِهو اسان جو شان ڪونهي. اي ٻُڌين پيو گهوٽ جا پيءُ!؟ ٺلهي ٻانهن پئي لُڏني. متان ڪنهن ڀُل ۾ هجين. جيڪو چوان پيئي، تنهن مان هڪڙو اکر به پوئتي ڪانه هٽنديس. تڏهن ته چوان ٿي ته مون وري به ڀيڻم حوري ۽ سندس گهرواري کي راضي ڪيو آهي. ڇڏيو هُن رَنَ نڀاڳيءَ جي پچر. جڏهن پاڻ کي گهر جو گهر ۾ سدا ملوڪ ڪنوار سان گڏ کوڙ ساري ڌن دولت به ملي پيئي ته پوءِ هروڀرو ڇو اچي ڇتا ٿيا آهيو؟”
    هڪڙي ڏينهن سنگهار سندس ماءَ جي ڳالهين مان ايترو ته بيزار ٿيو جو مانڌان رکيل ماني به کڻي پري اڇلايائين ۽ پنهنجي مُنهن وڦلندي وڃي ڌوتل ڪپڙا ڪڍيائين. ڪپڙا بدلائي سٽ ڏيئي گهران نڪتو ۽ سجاول پهچي وڃي بدين واري بس ۾ چڙهيو.
    شام جو سج لٿي کان ٿورو اڳ وڃي سوڍيءَ وارن وٽ سهڙيو. همراهن ساڻس هٿ ڀليڪار ڪئي ۽ خوش خير عافيت به پڇي. حال احوال پڇيائونس. پر سنگهار محسوس ڪيو ته همراهن جي ڳالهائڻ ۾ اڳوڻي گرم جوشي ۽ قرب ڪونه هو. هُن جي زبان ۾ ڪنڊا چُڀڻ لڳا. هُن جي نڙيءَ ۾ ڪانڊيرن جا وڻ مورڻ لڳا. هُن جو آواز گهُٽجي رهيو هو. هُن رڳو “هون، هان” پيئي ڪئي، پر دل جهلي، دل واري ڪنهن سان به سلي نه سگهيو. ائين منجهيل منجهيل پئي لڳو. خير، ٽڪرپاڻي به، جهڙو هو، گڏجي کاڌائون ۽ جڏهن رات جي ڪاري ڪانوَ پنهنجا پک پکيڙڻ شروع ڪيا، تڏهن هُو به ٻين سان گڏ ڊهي پيو.
    صبح جو جڏهن سڀ مڙسالا ڳڀي جي ڳولا ۾ هٿ پير هڻڻ ڪاڻ مختلف ڏِسائن ڏانهن روانا ٿيا، تڏهن سنگهار اچي سوڍيءَ جي ڀر ورتي، جهڳيءَ کان ٿورو پرڀرو هڪ ديويءَ جي اڌو گابرو ڇانولي ۾ ويهي ساڻس سور سلڻ لڳو:
    ... ۽ پوءِ... ۽ پوءِ، ڳچ دير تائين سنگهار جي مُنهن ۾ نهارڻ بعد، سوڍيءَ ڳيت ڏيئي، وات ۾ گڏ ٿي ويل پِڪَ ڳڙڪائي. ليڪن ائين پئي لڳو ته هُن رڳو ڦيڻ ڪانه ڳڙڪائي هئي پر جهڙوڪر سوڍيءَ هيلوڪا ٻه مهينا جنهن دوزخ ۾ گذاريا هئا، انهن جا سمورا عذاب، اذيتون، ڀوڳنائون ۽ پيڙاهون به هن ڳيت سان گڏ ڳڙڪائي ڇڏيون هيون. سوڍيءَ هلڪي کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ نڪ ۾ مِڙي آيل سِنگهه کي ڪڍي ڦٽو ڪيائين، پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي، جُوههَ وجهي سنگهار جي اکين ۾ نهاريائين، جنهن پهريون ڀيرو ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهس نهاريو هو:
    “ته پوءِ آخر تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟”
    “مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سوڍي! مونکي رڳو ايتري خبر آهي ته آئون توکان سواءِ جي ڪونه سگهندس ۽ بس.”
    “پوءِ تنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽ؟”
    “امان توکي ڪڏهن به ڪا نه قبوليندي.”
    “ته پوءِ تون سندس چيو مڃي حاجوءَ سان شادي ڪر ڇڏ.”
    “ائين مون کان ڪونه ٿيندو.”
    “پوءِ ڇا ڪندين؟”
    “آئون تنهنجي آسري تي، تنهنجي ڀروسي تي پنهنجو گهر ڇڏي آيو آهيان.”
    “ڇا؟”
    “آئون توسان گڏ رهڻ چاهيان ٿو.”
    “ڇا؟”
    “آئون تو سان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن. ڀلي ڪهڙيون به قيامتون اسان تان گذرن. منهنجو توسان سر لڳي. آئون سڀني کان اڳيان ٿي ڪمائيندس ۽ جيڪو رٻ پاڻي ڪمائي آڻيندس، سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ بچيو ته کائيندس. نه، ته به ٻڙڪ ٻاهر ڪونه ڪڍندس. اِهو منهنجو قول آهي توسان! تون رڳو پنهنجن مائٽن کي سمجهائي ته هو امان جي رويي جي سزا مونکي نه ڏين. آئون انهن کي ڇڏي آيو آهيان. آئون وري اوڏانهن ڪونه ويندس، آئون وري اوڏانهن ڪونه ويندس.”
    “ڇا؟؟؟”
    “ڪالهه کان آئون ڏسان پيو ته تنهنجا مائٽ مون کي گهڻو مُنهن ڪونه پيا ڏين. جهڙوڪر اسان جي وچ ۾ اوپرائپ جو صحرا پکڙيو پيو آهي. تون پنهنجي مائٽن کي سمجهائي ته هو مونکي پنهنجو ڪن. هاڻي اِهي ئي منهنجا مائٽ آهن سوڍي!” ڪجهه دير ساهيءَ کان پوءِ وري چيائين:
    “جي تنهنجي مائٽن مونکي پنهنجو نه ڪيو، ته به، آئون وري واپس ڪونه ويندس. هتي ئي، تنهنجي مانڌان پاڻ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيندس. اِهو منهنجو وچن آهي تو سان. اِها منهنجي مڙساڻي زبان آهي توسان. ۽مرد جي زبان هڪڙي هوندي آهي.” ايئن چئي سنگهارَ نماڻان نيڻ کڻي سوڍيءَ ڏانهن نهاريو، جيڪا مسلسل کيس حيرت ۽ اچرج مان تڪي رهي هئي.
    ۽ هوءَ سوڍي، جنهن پهرين سنگهارَ جي بيوسي ۽ ڪانئرتا تي پڇتاءُ جا ڳوڙها پئي ڳاڙيا. پنهنجي پسند جي بي همتيءَ تي هنجون پئي هاريون. ۽ پنهنجي پاڻ کي اڪيلائيءَ جي احساس جي آرا مشين سان ڳترا ڳترا ٿيندو پئي محسوس ڪيو. تنهن سوڍيءَ جي ملوڪڙن چپڙن تي مُرڪن جون ڊيلون ٽِلڻ لڳيون. هن جي اندر جي آڳرتي مور نچڻ لڳا. هن جي اکين جي ايوانن ۾ گلاب جا گل ٽِڙڻ لڳا ۽ هُن، سوڍيءَ ويجهو ٿي سنگهار جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ سوگهو جهليو.

    (6 نومبر 2011ع)
    *


    5. جن جو نينهن نبار

    پوليس اهلڪارن سان ڀريل ٻن موبائيل وينن جي اڳيان هڪ گِري رنگ جي لينڊ ڪروزر گاڏي اچي هڪ ڳوٺ جي مکيه داخلائي گس وٽ بيٺي. اُهو ڳوٺ ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ 25-30 گهرن تي مشتمل هڪ قديمي ڳوٺ هو. لينڊ ڪروزر جي اڳين سيٽ تان هڪڙو اعليٰ پوليس عملدار هيٺ لٿو. گڏوگڏ پٺئين سيٽ تان خانگي ڪپڙن ۾ ڪاري چشمي سان هڪڙو ٿلهو متارو شخص به لٿو. کيس پاجامو ۽ پهراڻ پاتل هو. سندس پيٽ پورن مهينن واري پيٽ سان عورت جيترو وڌيل هو. سندس ٻنهي پاسن کان ٻه نجي ڊريس پاتل گارڊ هٿن ۾ ڪليشن ڪوفون سنڀاليو بيٺا هئا. ٻن پوليس موبائيل وينن مان پڻ 20 کن پوليس اهلڪار پنهنجا جديد هٿيار سنڀالي لٿا ۽ گهرن ڏانهن ويندڙ گس جي ٻنهي پاسن کان پوزيشنون سنڀالي بيهي رهيا. ڏينهن جا 11 کن ٿيا هئا. اوڏيءَ مهل ڳوٺ ۾ رڳو ننڍيون وڏيون عورتون، ٻار ۽ وهي کائي ويل پوڙها موجود هئا. باقي ڳوٺ جا نوجوان، جوان ۽ پڪا پختا مڙسالا پيٽ گذر لاءِ اختيار ڪيل مختلف ڌنڌن ڌاڙين ۽ ڊيوٽين سان ويل هئا. عين اوڏيءَ مهل ڳوٺ جون چوڏهن پنڌرهن نوجوانڙيون، ننڍيون نيٽيون نينگريون ۽ ننڍي عمر واريون عورتون هڪ ميل پريان واري ڳوٺ مان پاڻي ڀري، مَٽَ، گهڙا، چونئريون ۽ پلاسٽڪ جا ڪنستر مٿن تي ٻيلهڙا، ٽيلهڙا ڪري، ڪڇن تي ۽ هٿن ۾ کڻي هڪڙي ڊگهي قطار جي صورت ۾، پاڻ ۾ ڪچهري ڪنديون، کل ڀوڳ ڪنديون، ٽهڪن جا ٽاڙيا پکيڙينديون اچي ڳوٺ پهتيون هُيون. هُنن، جو کوڙ سارا پوليس وارا ۽ ٻيا اوپرا هيڪاندا ماڻهو ڳوٺ جي گس تي بيٺل ڏٺا ۽ ٻه ٽي گاڏيون بيٺل ڏٺيون، سي اول ته هيسجي ويون. سندن ٽهڪ به ماٺ ۾ گم ٿي ويا. پر پوءِ وري ساڳئي انداز ۾ کلنديون، چهڪنديون، ٽِپَ ڏينديون، کينچل ڪنديون پوليس وارن جي وچان پنهنجو گس وٺي ڳوٺ ۾ هليون ويون. ڪجهه ئي دير ۾ ڳوٺ جي ٻارن جا وَلَرَ ڪجهه پوڙهيون پڪيون مايون ۽ ڪجهه ڪراڙا مڙسالا گهرن مان نڪري اچي گاڏين کي ويجها ٿيا. تڏهن لينڊ ڪروزر گاڏيءَ مان لٿل پوليس آفيسر ٿاڻي جو وڏو منشي ۽ پاجامو ۽ پهراڻ پهريل وڏي پيٽ وارو شخص ٿورو اڳيان وڌي ڳوٺاڻن وٽ پهتا. ۽ پوءِ وڏي منشيءَ هٿ واري لائوڊ اسپيڪر جو بٽڻ دٻائي، لائوڊ اسپيڪر کي پنهنجي وات جي بنهه ويجهو آڻي اعلان ڪيو ته:
    “اِس بستي ڪڳ تمام مڪينوڻ ڪو اس اعلان ڪڳ ذريعڳ متنڀ ڪيا جاتا هڳ ڪه يه زمين ايڪ نجي ادارڳ ڪي ذاتي پراپرٽي هڳ. ضلعي حڪومت ڪراچي سڳ تصديق شده ايسا رڪارڊ اس ادارڳ ڪڳ مالڪ ڪڳ پاس موجود هڳ. لهٰذا، اس اعلان ڪڳ ذريعڳ تمام بستي والوڻ ڪو وارننگ دي جاتي هڳ ڪه آپ لوگ اس زمين پر سڳ غير قانوني ڪيا هوا قبضه ختم ڪر ڪڳ ايڪ هفتڳ ڪڳ اندر اندر يه زمين خالي ڪرديڻ. بصورت ديگر ادارڳ ڪو يه حق حاصل هڳ ڪه وه اپنڳ ذرائع سڳ اپني پراپرٽي پر زبردستي اور غير قانوني ڪيا هوا قبضه خالي ڪرائڳ.” پوءِ هن وڏي پيٽ واري همراه ڏانهن اشارو ڪري چيو ته: “اس زمين ڪڳ مالڪ يه سيٺ جناب مڪرم علي خان حاڪم زاده هيڻ. اگر آپ لوگوڻ ڪو اِن سڳ ڪوئي بات ڪرني هڳ تو يه سيٽھه صاحب ڪا ڪارڊ هڳ. اس پر پته اور موبائيل نمبر درج هڳ. ليڪن... ليڪن ايڪ هفتڳ ڪڳ اندر اندر بات ڪر ليڻ. ايڪ هفتڳ ڪڳ بعد ڪوئي بات نهيڻ هوگي. يه آخري وارننگ هڳ.” ائين چئي وڏي منشيءَ سيٺ جو ڪارڊ هڪ پوڙهي کي هٿ ۾ ڏنو.
    اهو اعلان ڪري ڪجهه ساعتون وڏو منشي خاموش رهيو. چند لمحا ساهي پٽي وري چيائين: “ڪوئي مزاحمت، ڪوئي احتجاج، اور ڪوئي تڪرار برداشت نهيڻ ڪيا جائيگا. اس لئڳ آپ لوگوڻ ڪڳ لئڳ بهتر يه هي هڳ ڪه خاموشي سڳ سيٺ صاحب ڪڳ پاس چلڳ جائيڻ اور نقل مڪاني ڪڳ لئڳ ڪچٿ خرچڳ ڪي التجا ڪريڻ. اور خاموشي سڳ هي قبضه خالي ڪر ڪڳ چلڳ جائيڻ.”
    “پر سائين، اسان جي به ڳالهه ته ٻڌو. هيءُ اسان جو قديمي ڳوٺ آهي. اسان جا ابا ڏاڏا هتي ڄاوا ۽ هتي ئي مري ويا آهن. هيءَ زمين، هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. اسان کان سواءِ اسان جي گهرن، اسان جي ڳوٺ ۽ اسان جي ڌرتيءَ جو سودو هن سيٺ سان ڪنهن ڪيو؟ ڪڏهن ڪيو؟ ڇو ڪيو؟ اسان جي ڌرتيءَ جو سودو ٻيو ڪير ٿو ڪري سگهي؟” هڪ ڪراڙو، لَٺ ٽيڪيندو، ٿورو اڳيان وڌيو. ڌاڳي سان پٺيان ڪنڌ وٽان ٻڌل نظر جي عينڪ کي سيري اکين تي سولو ڪري، اکين مٿان هٿ سان ڇانوَ ڪري چيائين.
    “سن وڳ بڊهڳ! زياده بڪواس ڪرنڳ ڪي گنجائش نهيڻ هڳ. جو ڪها هڳ، ويسا هي ڪرو. ايڪ هفتڳ ڪڳ اندر اندر يه زمين خالي هوني چاهيئڳ. چلو منشي.” پوليس اهلڪار ڪاموري ڏاڍي اڍنگهي طريقي سان وڏي واڪي ڪراڙي ڳوٺاڻي کي داٻو ڏنو ۽ وڏي منشيءَ کي واپس هلڻ لاءِ چيو. سڀئي همراه وڃي گاڏين ۾ ويٺا ۽ ٽي ئي گاڏيون زوڪٽ ڪنديون واپس هليون ويون. پٺيان ٻار، ٻڍا ۽ عورتون حيرت مان ڌوڙ اڏائي ويندڙ گاڏين کي خالي خالي نگاهن سان تڪي رهيا هئا.
    ۽ اُن رات، ان ڳوٺ ۾ هلچل متل هئي. چاچي رحيم ڏني جي واسري اڱڻ تي ڦڙن وارا پڻڇ وڇايل هئا. ڪجهه همراه پهتا هئا. تن وڇايل تڏن تي ويٺي ڪچهري ڪئي. موضوع اِهو ئي ڳوٺ خالي ڪرڻ جو هو. ٻيا همراه اڃا ڪونه پهتا هئا. پر هر ڪنهن جي اِهائي ڪوشش هئي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو ئي اڳڀرو گهر جي کِسِرِ ڦِسِرِ مان وانڌو ٿي چاچي رحيم ڏني جي گهر پهچجي. ڇو ته هيءُ سندن زندگي ۽ موت جو مسئلو هو. ماڻهو گڏ ٿيندا ويا.
    توڙي جو هيءَ وسندي ڪراچيءَ جي حدن اندر هئي ۽ ڪراچي، جيڪو روشنين جو شهر سڏجي ٿو. پر ڇاڪاڻ ته هيءَ وسندي سنڌين جي هئي. هن ڳوٺ ۾ رڳو سنڌي ماڻهو ٿي رهيا، تنهن ڪري نه ته ڪراچيءَ جون روشنيون ٿي هتي پهچي سگهيون ۽ نه ئي ڪينجهر جو پاڻي، جيڪو اربين روپيه خرچ ڪري، خاص واهه کوٽرائي ڪراچيءَ جي ماڻهن لاءِ پهچايو ٿي ويو.
    تنهنڪري بيٽريءَ تي روشني ڏيندڙ چارجر بتيون خلاصي اڱڻ تي روشني پکيڙي رهيون هُيون. همراه ايندا پئي ويا. ڪن همراهن سان ته سندن عورتون به گڏ هيون. 9 وڳي جو ميڙاڪي جو سڏ ڏنل هو ۽ پوري وقت تي ڳوٺ جا سمورا رهواسي، رَنين توڙي آئيرين اچي ڪٺا ٿيا. اٽڪل ڪندي ستر اسي کن مڙسالا ته هئا ئي هئا. هوڏانهن وري 25-30 عورتون به گڏ ٿي ويون هيون. ڪُل ملائي انگ مڙيئي 100 کن کي پئي پهتو. تڏهن چاچو رحيم ڏنو اٿي بيٺو ۽ سمورن ويٺلن تي نگاهه ڊوڙائي پڇيائين:
    “بابي کي چوان، سڀ همراه اچي ويا آهن يا ڪو اڃا رهي ٿو؟”
    “ڪو به ڪونهي رهيو. سڀ پهچي ويا آهن.” حاجن سڀني همراهن کي اک مان ڪڍندي چيو.
    “اي ماما رحيم ڏنا، جِلُوءَ پئي چيو ته آئون به سانجهو ڪي ميڙاڪي ۾ هلنديس. سا اڃا ڪانه پهتي آهي.” هيءَ دل محمد جي نوجوان زال سڪوڙي (سڪينه) هئي.
    “اِجها هوءَ جِلوُ به اچي ويئي.”
    ڪنهن جِلوءَ کي گهٽيءَ مان لنگهي گهر اندر ايندي ڏسي چيو.
    “چڱو، ته پوءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪجي؟” چاچا رحيم ڏني سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي چيو.
    “بسم الله، بسم الله، ڀلي ڪچهري شروع ٿئي.” هيڪاندا آواز آيا.
    “سڀ کان پهريائين، اوهين سڀئي منهنجي تڏي آيا آهيو، سڀني کي ڀليڪار ٿو چوان. ڀلي ڪري آيا، جي ڪري آيا. اوهان جا پير، منهنجون اکيون. هونئن ته سڄو ڳوٺ پنهنجو تڏو آهي. پر آئون ته هيئن به چوندس ته سڄي سنڌ اسان جو تڏو آهي. پر وري به راڄا رسم خاطر اوهين سمورا، مرد توڙي عورتون، ڀلي ڪري آيا. خبرون سموريون پاڻ سڀني وٽ اڳ ۾ ئي آهن. سو جهجي ڊيگهه ڪانه ڪبي. رڳو ڪم جون ڳالهيون ڪري مسئلي جو ڪو حل ڳولجي. ڏاڏو مرهيات چوندو هو ته اسين ابن ڏاڏن کان وٺي هن ڳوٺ ۾ آباد هئاسين. اهڙي طرح هيءُ اسان جو قديمي ڳوٺ آهي. اڄ جو هيءُ اوچتو اعلان ٿيو آهي ته هيءَ زمين ۽ هيءُ پڊ پرائي ملڪيت آهي ۽ اسين ان تي غير قانوني ۽ زبردستي ناجائز قبضو ڪريو ويٺا آهيون. تنهنڪري اسان کي هڪ هفتي اندر ناجائز قبضو خالي ڪري ڳوٺ ڇڏي وڃڻ گهرجي، سا ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته سمجهه ۾ ڪانه آئي آهي. تنهنڪري اوهان سڀني کي نياپو ڪري سڏايو اٿم ته ٻيلي، اچو ته گڏجي ويهي سوچيون. ڪا صلاح صولي ڪريون ته نيٺ به اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجا اباڻا اَجها، پنهنجا گهر گهاٽ، پنهنجي مائٽاڻي مِٽي ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃي دربدر ٿيون؟ يا سيٺ کان لڏ پلاڻ جي خرچ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙن جي گهُر ڪريون؟ يا سيٺ صاحب کي منٿ ميڙ ڪري، مال وجهو وڪڻي، زيور زٽو کپائي، ڦوڙي ڦند ڪري هلي چار ڏوڪڙ ڏيئي، ڳوٺ جي مالڪي واپسي وٺون؟ يا سرڪار ۾ وڃون؟ يا عدالت جا در کڙڪايون؟ يا اڃا به ڪو ٻيو رستو وٺون؟ هاڻ جيڪا جهجهن جي صلاح هجي، تيئن ڪريون.”
    “پر چاچا رحيم ڏنا، تو اڃا به “ڪو ٻيو رستو” جي وضاحت ڪانه ڪئي ته اُهو ٻيو رستو ڪهڙو آهي؟” سلطان پڇيو.
    “ها سلطان...” رحيم ڏني سمورن ويٺلن تي نظروڌي ۽ پنهنجي اڇي چاپهين ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري ڪنهن ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو- چاچو رحيم ڏنو- قداور مڙس، موٽندڙ وهي، ڪاڙهن جو ڪاراٽيل رنگ، ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌل، ڪاري رنگ جي ڊگهي، چورس سلائي ٿيل ۽ بنا ڪالر جي قميص، اڇي هرک جي سلوار پاتل، اڄ به کڙو تڙو جامڙد مڙس ڏسڻ ۾ پئي آيو. ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ هُن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيائين: “... ها، ٻيو رستو به آهي. اُهو هيءُ آهي ته ‘جُوءُ ۽ جوءِ ڇڏين ڪين جوان.’ سو اسان به پنهنجي جُوءُ نه ڇڏيون. پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.” چاچي رحيم ڏني هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو ۽ پوءِ پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو.
    اڱڻ تي ويٺل سمورن مردن توڙي عورتن ۾ چُر پُر پکڙجي ويئي. هرڪو ڀر واري سان پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊڻ لڳو. خدشن، امڪانن، نقصانن، پڊ ڇڏڻ نه ڇڏڻ ۽ ٻين پاسن تي سُر ٻُر ڪرڻ لڳو. ڪجهه دير کانپوءِ نيٺ هڪڙو اڌ وهيءَ وارو همراه اٿي بيٺو. هيءُ احمد هو. احمد نسبتاً سست ۽ ڪانئر به هو ته ٿورو گهڻو لالچي پڻ هو، تنهن چيو ته:
    “ابا ڳالهه ٻڌو، اِها ڳالهه ته برابر سچي آهي ته هيءُ اسان جو اباڻو ۽ قديمي ڳوٺ آهي. پر اِهو به سچ آهي ته اسان وٽ پنهنجن گهرن جي مالڪيءَ جا ڪي به ڪاغذ پٽ ڪونه آهن. تنهن ڪري سرڪار يا عدالت ڪاغذن کان سواءِ اسان جي ڪابه مدد ڪانه ڪري سگهندي. سو منهنجي ته صلاح آهي ته پاڻ گڏجي هلي سيٺ مڪرم علي خان حاڪم زادي کي منٿ ميڙ ڪريون ۽ پٽڪا پلاند لاهي، چار ڏوڪڙ وٺي اچي ٽپڙ کڻڻ جو سعيو ڪريون. سياڻا چئي ڪونه ويا آهن ته ‘جتي پڄڻ جي ڀيڻي نه هجي ته اتان ڀڄي جند بچائجي’. وري به جيڪا جهجهن جي صلاح!” ائين چئي احمد ويهي رهيو.
    احمد جي ويهڻ شرط جانڻ اُٿي بيٺو. 35 سالن جي هن جوان کي بدن تي رت به هو ته هڏ هانٺيءَ ۾ به ڀلوڙ مڙس پئي لڳو. کيس اڇا اُجرا ڪپڙا پاتل هئا. هو ڪنهن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو. هُن سڀني ويٺلن کي مخاطب ٿي سلام واريو ۽ چيو ته:
    “ڀائرو، بزرگو ۽ ڀينرون، حقيقت هيءَ آهي ته هي مسئلو رڳو پنهنجي ڳوٺ سان ڪونه پيو ٿئي. پر ڪراچيءَ جي حدن اندر سڀني سنڌي وسندين کي خالي ڪرايو پيو وڃي ته جيئن اتي ڌارين کي گهرائي آباد ڪيو وڃي. هي جيڪي پناهگير پاڻ کي مهاجر ٿا سڏين ۽ پاڪستان ٺاهڻ جون ڪوڙيون دعوائون ٿا ڪن، سي مهاجر ڪونه آهن ۽ نه ئي انهن پاڪستان ٺاهيو آهي. هي ته پنهنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ڪري ڀڄي نڪتا آهن. هي ڀاڳيلا آهن. هي دهشتگرد، ڏوهاري ۽ قبضه گير آهن. هي اسان جي ڌرتيءَ تي قبضي ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته سنڌ سنڌين جي آهي. ان لاءِ ڪنهن به لکت پڙهت جي ڪا به گنجائش ڪانهي. اسين ڌرتيءَ جا ڌڻي، وارث ۽ رکوالا آهيون. اسان کي ڪنهن سٽي گورنمينٽ يا ڪنهن ناظم جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪرڻي پوندي. چند ڏوڪڙن عيوض پنهنجن پدن جو سودو ڪرڻ، يا ٻن چئن سالن لاءِ ڪرسيءَ تي ويهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڳ مڪان ڌارين جي حوالي ڪرڻ سنئين سُبتي ڀڙوت آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ اسان کي اهڙو ڪوجهو ڪم هرگز هرگز نه ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري اسان کي اسان جا هي اباڻا پڊ ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻا ڪونه آهن. پوءِ جيڪا به صورتحال ٿيندي، تنهن کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻ گهرجي. وڌيڪ اسان جا وڏا ۽ بزرگ ويٺا آهن. سندن راءِ يقيناً ڪارائتي هوندي.” ائين چئي هُو ويهي رهيو.
    “اي هيءُ ڇورو مرڳو سڀني کي مارائيندو. ٻڌو ته سهي، چوي ڇا پيو؟ ڳالهيون ته اهڙيون پيو ڪري، جهڙو ملڪ جو والي هجي. اڙي بابا، پاڻ مشڪين ماڻهو، روز ڪمايون تڏهن کائون. پنهنجو ڇا وڃي سنڌ جي مامرن سان؟ هڪڙو ڀيرو کڻي سيٺ سان ڳالهائي ڏسو. جي ڳالهه اٽي ڳوهڻ ۾ اچي ته واهه، ڀلا جي نه ته ٽپڙ کڻي هلي ڪنهن ٻئي هنڌ ويهون. موليٰ جو ملڪ ڪو کُٽو آهي ڇا؟ ڪٿي نه ڪٿي ته اَجهو ملي ويندو. هروڀرو جنگاڻ ڪرڻ مان فاعدو ڪهڙو؟ هڪڙا مرندا، ٻيا اسپتالون ڀريندا ۽ ٽيا وڃي جيلن ۾ واڙبا. پوءِ پويان رنون هيڪليون ڪيڏانهن وينديون؟ دربدر ٿي ڪٿي پيون ڌڪا ٿاٻا جهلينديون؟ پِنيا ٽُڪِرَ به ملندنِ الاجي نه. پاڻ ڪکن ڍڪيا ماڻهو، هروڀرو ڏچي ۾ پئي پنهنجون رنون وانڊيون ڪرايون، اها وري ڪهڙي غيرت آهي؟” هيءُ چاچو ٻيرو هو، جيڪو ڏنڌ کائي وڃي ڏاڙهن کي لڳو هو. تنهن پنهنجي پراڻي سوچ ۽ سمجهه مطابق پنهنجي راءِ ڏني. ويهڻ کان پوءِ به اڃا ڀڻ ڀڻ پئي ڪيائين ۽ جانڻ تي ڇوهه پئي ڇنڊيائين.
    “اي ماما ٻيرُو، هونئن ته تون اسان جو ابو آهين. تنهنجي لاءِ لک عزتون آهن. پر هيءُ معاملو جهڙو تهڙو ڪونهي.” هيءَ جلُو هئي. قداور زال، ڀرتو بدن واري، هٿين پيرين ملوڪ، آرڪاڻن سدا سهڻي، صحتمند ڳوري جوان زال جِلُو. جِلُوءَ پنهنجي وهلور ويندڙ جذبات تي قابو پائيندي، ديرج واري پر برجستي لهجي ۾ چيو: “هيءُ اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. پنهنجي گُر تي گدڙ به شينهن هوندو آهي. پوءِ اسين پنهنجن گهرن ۾ هوندي سُوندي ويڳاڻا ۽ ويچارا ڪو؟ هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته جيڪڏهن اسين پاڻ پنهنجن پڊن جو بچاءُ نه ڪنداسين ته پوءِ ٻيو ڪير به اسان کي اچي ڪونه بچائيندو. تنهن ڪري اسان کي پاڻ پنهنجي حفاظت لاءِ اڳيان ٿيڻو پوندو. ڪنهن کي به منٿ ميڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. سيٺ مڪرم علي خان حاڪم زادو هجي يا بادشاهه زادو. اسان کي ان وٽ نه وڃڻ کپي. هنن کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي جو اسان جي ڌرتيءَ جي لکت پڙهت پاڻ ويٺا ڪن؟ اسين ڪنهن به ڪاغذ پٽ کي ڪونه سڃاڻو. سڄي سنڌ ۾ ٻهراڙين جا ڳوٺ بنا لکت جي آهن. تنهنڪري سموري سنڌ انهن جي ٿي پئي ڇا؟ هي ڳوٺ اسان سنڌين جا آهن. هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. جهجهيون ڳالهيون ڪبيون ته اجا ئي ڊيگهه ٿيندي. تنهنڪري ڳالهه کُٽايان ٿي ته جيڪڏهن اسان جا ڪي مڙسالا گوٿ ناٿ ٿا ڪن، جيلن ۽ ڦاهين کان ٿا ڊڄن ته پوءِ ڳالهه صاف ۽ چِٽي پيئي آهي ته هُو ڀلي گهر ويهي سانجهاڻ ڪن. ڀلي ڪير به گهران نه نڪري. اسين ڇوڪريون ۽ زالون، اوهان جون ڌيون ۽ گهر ڌڃاڻيون، هِن ڌرتيءَ جون ڄايون، اسين پاڻ پنهنجي سر ٻاهر نڪري مقابلو ڪنديون سين ۽ سڀني جي اڳيان آئون پاڻ هونديس. پوليس ۽ فوج جو آئون پاڻ مقابلو ڪنديس. بندوق هلائڻ مون کي ڪانه اچي، باقي ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري سندن گاڏيون نه ڀريان ته آئون مڙس جي ڌيءَ ئي ڪانه آهيان. پوءِ جي مري به ويس ته گهوري جان جيجل تان. مرڻ هونئن به ڪو ميهڻو ڪونهي، پر پُٺ جي ڌڪ کان سامهون سيني وارو ڌڪ کائي مرڻ اسان جي وڏڙن جي ريت آهي.” جِلُوءَ پنهنجي جذبات جو اظهار اهڙي ته پُرجوش نموني ۾ ڪيو هو جو مرڳو ساهه مان ڀرجي ويئي هئي. پوءِ هوءَ ويهي پنهنجي ساهن کي سانتيڪو ڪرڻ لڳي.
    “پر امان جِلوُ، ڪي چڱا مٺا به آهين، پاڻ کان ووٽن وٺڻ وارا ميمبر به آهن، پنهنجي ترجو ساجن خان وزير آهي، انهن سان حال احوال ڪجي، اُهي هلندي پڄندي وارا آهن. من ڪو بِلو ٿي پوي، نه ته پوءِ به ڳالهه پري ڪانهي، هروڀرو تڪڙ ڪري نقصان ڪري ويهي رهجي ۽ پوءِ پيا هٿ هڻجن، تنهن مان ڪهڙو فاعدو ڀلا؟” ماما نوروءَ ڳالهه ٻئي پاسي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “نه ماما نورو نه. ‘ڏٺو پير، پُني مراد.’. انهن ميمبرن ۽ وزيرن ته هٿ سان ڀينگ ڪئي آهي. اسان جي ووٽن سان چونڊيل نمائندن ئي ته اسان سان وڏو دوکو ڪيو آهي. انهن ئي ته مفاهمت جي نالي ۾، پنهنجي ڪرسيءَ کي ڪجهه وقت وڌيڪ بچائڻ لاءِ سموري ڪراچي ۽ حيدرآباد دهشتگردن جي حوالي ڪري اسان سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. وري به هلي انهن کي ئي منٿون ڪريون. “ڀينگ به جهان خان ڪئي، وري هلون به جهان خان ڏانهن!” ايئن هرگز ڪونه ٿيندو. جيڪو ڪبو سو پنهنجي مڙسيءَ سان ڪبو. ڪنهن کي پٽڪا ڪونه لاهبا. ها، باقي هينئر سڄي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن ۾ پنهنجي بنيادي حقن، پنهنجي ماڳن مڪانن ۽ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ هلچل تيز ٿي آهي. اُهي سڄاڻ ماڻهو پنهنجي واهر ڪندا. باقي اسان کي ڀاڙڻو پنهنجو پاڻ تي پوندو. سو منهنجي راءِ آهي ته اسان کي مليل مهلت واري هفتي کن ۾ جيترا به هٿيار هٿ اچي سگهن، سي هٿ ڪجن. ڳوٺ جي چوڌاريءَ مورچا ٺاهجن. صف بندي ڪجي. ڪهڙا همراه اڳيان وڃن؟ تن جي پٺيان ڪير ۽ تن جي پٺيان ڪير؟ عورتون ڪهڙو ڪم ڪن؟ ٻار ڪهڙو ڪم ڪن؟ ٻڍن تي ڪهڙو ڪم رکجي؟ کاڌ خوراڪ جو ذخيرو ڪجي. مال وجهي کي ڪٿي هٿيڪو ڪري اماڻجي؟ بيمار ۽ لاچار پوڙها ڪيڏانهن اماڻجن؟ اِهو سمورو بندوبست ڪري با قاعده هٿياربند جنگ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي. هيءَ تمام وڏو ڪم آهي ۽ وقت تمام ٿورو آهي. تنهن ڪري هڪڙو منٽ به ضايع ڪرڻ بدران ڪم ورهائي، هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ جُنبي وڃي.” هيءُ ارباب علي هو.
    “پر مون کي ماني پچائڻ وارو ڪم نه ڏجو.” جِلُوءَ ٽپ ڏيئي وچ ۾ ڳالهايو. “ماني پچائڻ لاءِ ٻيون به کوڙ ساريون موجود آهن. آئون پنهنجو سڀني کان اڳ واري دستي ۾ وڙهنديس. مون کي رڳو بندوق هلائڻ سيکارجو.” سڄي ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
    اُها ڪچهري رات جو هڪ وڳي تائين هلي. آخر ۾ طئي ٿيو ته، پنهنجن ننگن ۽ دنگن تي ڌارين جي والار خلاف آخري دم تائين هر طرح جي ويڙهه وڙهبي. هٿيار ڦٽا ڪونه ڪبا..

    (27 آگسٽ 2011ع)


    6. ڌرتيءَ جي ڌڃاڻي

    اُن ڏينهن صبح جو جيڏي مهل سُهائيءَ جي اک کلي هئي، اوڏيءَ مهل اڃا ڍڪي رات هئي.
    توڙي جو گهر اڳيان بيٺل آمريءَ جي گهاٽي وڻ تي ويٺل “دوهانٽي” پکي به پِرههَ ويلي جون لاتيون لنوي رهيو هو، ته ڪيڏي مهل، ڪٿان، ڪا ڳيري جي گهوگهوتو... گهوگهوتو... به ٻڌڻ ۾ پئي آهي. ۽ پڻ ڪٻرن جي چُرمُر چُرمُر جا ڇڻانٽن جهڙا آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيا. پر رات جو انڌيرو اڃا پڇاڙڪيون ڇڙيون هڻي رهيو هو. نومبر جا شروعاتي ڏينهن هئا. چيٽ پوکجي رهيا هئا. لاڙ جون ماڪ هاڻيون راتيون ٿڌيون ته ڏينهن نسبتاً گرم هئا. سياري جي اچڻ جون تياريون زور شور سان جاري هيون. ڏينهن ننڍا ٿيندا پئي ويا ته راتيون وڏيون پئي ٿيون. اُن ويل به ماحول ۾ سيانڊڙو ڇانيل هو. ماڻهوءَ کي رَليءَ جي اوڇڻ ڏاڍو مزو پئي ڏنو. عام حالتن ۾ اُهو اهڙو ٽاڻو هوندو آهي جو ماڻهو ڀانئي ته ڪَرَ ستو ئي پيو هجي... ڏينهن جي جهنجهٽ کان آزاد، پوئين رات جي خوابن ۾ محسور! مٺي ننڊ!! ڪيڏو نه سڪون هوندو آهي اُن ننڊ ۾!
    پر اُن ڏينهن سهائي جاڳي پيئي هئي اوڏيءَ مهل.
    هونئن به سهائيءَ ان رات ننڊ ڪهڙي ڪئي هئي!؟ اُن ڏينهن شام کان ئي گهر جي ماحول ۾ هڪ قسم جي ڇڪتاڻ ۽ هڪڙو تناؤ جو موجود هو! ڪٿان گاجي خان جو نياپو پهتو هو ۽ ڪٿان گهرجي ماڻهن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي هئي. ڪشيدگي ته نه، البت فڪرمندي ٿي هئي.
    قادر بخش کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون هُيون. وڏو پٽ نُورَل ۽ وڏي ڌيءَ مُرادان جڏهن پيدا ٿيا هئا، تڏهن قادر بخش پيٽ ۾ ئي جهليو پيو هو. تنهنڪري اهي ٻئي پڙهي نه سگهيا ۽ مائٽن سان گڏ جيئڻ جي جنگ ۾ جٽجي ويا. پر پوءِ جڏهن قمر ۽ سُهائي سمجهه ڀريا ٿيا، تڏهن ٻنهي کي اسڪول ڇڏيو ويو ۽ ٻنهي محنت ڪري ٻارهين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري ورتي هئي. ۽ تعليم ته ڄاڻ جا سمورا در ۽ دريون کوليو ٿي ڇڏي. سو جڏهن قمر ۽ سُهائيءَ کي نصابي تعليم سان گڏ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڄاڻ به حاصل ٿي، تڏهن هنن کي پنهنجي، پنهنجي گهر جي، اوڙي پاڙي جي، ڌرتيءَ جي وطن جي، ۽ پنهنجي قوم جي مسئلن ۽ دردن سورن جي به ڄاڻ حاصل ٿي ۽ هنن اهڙي سٿ ۾ شامل ٿي سنڌ ۽ سنڌي مسڪين ماڻهن جي دردن جي درمان لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو، جيڪو سالن کان سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، سنڌ جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف پنهنجي سازشي ۽ ويڪائو عنصرن ۽ ڌارين قبضه گير مافيائن جي سرگرمين کي وائکو ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل هو ۽ ظاهر آهي ته اهڙي سوچ رکندڙن کي نه رڳو حزبِ اقتدار وارا قبول نه ڪندا آهن، پر حزبِ اختلاف وارا به قبول ڪونه ڪندا آهن. سو جڏهن قمر ۽ سُهائيءَ پنهنجي شهر ۾ ترتيب ڏنل احتجاجي جلسي ۾ تازين برساتي ٻوڏن ۾ دربدر ٿيل سنڌي ماڻهن لاءِ ايندڙ امداد ۾ مقامي جيالن جي هنيل گهوٻين، پنهنجا نوازيءَ واري غير اخلاقي عمل، بازارين ۾ سامان وڪڻڻ ۽ پاڪستان ڪارڊ ۽ وطن ڪارڊ جي حاصل ڪرڻ ۾ رشوت جي رڪارڊ ٽوڙ مثالن جو ذڪر ڪيو ۽ بي ريا جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، تڏهن مقامي جيالن کان وٺي، اقتداري پارٽيءَ جي ضلعي صدر، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تائين ٻڙڌڪ مچي ويو ۽... ۽ پوءِ گاجي خان هٿان قادر بخش کي نياپو موڪليو ويو ته پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي وات کي لغام ڏي، نه ته، ٻي صورت ۾ نتيجن ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي.
    جنهن جي نتيجي ۾ قادر بخش جي گهر ۾، ان رات دير تائين اِن موضوع تي گرما گرم بحث ڇڙيل هو.
    گاجي خان، سندن ئي برادر جو هڪ نوجوان هو، جيڪو نئون وڏيرو بنجڻ جي شوق ۾ ٻَڌا ٻَڌا ٽِپَ ڏيندو، سال سال تي پارٽيون بدلائيندو، هر اقتداري ڌر جو ماڻهو ٿيڻ لاءِ روز روز نوان نوان رنگ روپ اختيار ڪري رهيو هو. هينئر به هو اقتداري پارٽيءَ جي ضلعي صدر جي خاص کاٽائو پٽن ۾ ليکبو هو. گاجي خان پنهنجي بنهه مختصر عرصي دوران وفاداريون بدلائڻ لاءِ کاڌل نت نيون قلابازيون، مختلف وقتن تي ڏيکاريل حيرت جوڳا ڪرتب ڏسيو، پاڻ ته خبر ناهي خوش ٿيندو هوندو يا شرمندو، پر ٻين ڏسندڙن کي واقعي ڏنڌين آڱريون اچي ويون هيون. جيئن مداري ميلي جي پڙ ۾ ڀولڙي کان مختلف ڪرتب ڪرائي ننڍڙن ٻارڙن کان تاڙيون وڄرائيندو آهي، تيئن گاجي خان پڻ، گذريل چونڊن دوران، گذريل سال جي دريائي ٻوڏ دوران امدادي سامان، پئسن جي ورهاست ۾ گهوٻيون، هن سال جي برساتي ٻوڏ کان پوءِ پِنَ جي پئسن سان گهر ڀرڻ، وطن ڪارڊ، زڪوات، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ٻين انڌن، بيواهن ۽ معذور مسڪينن لاءِ مليل امداد جي ورهاست ۾ جيڪي ڪرتب ڏيکاريا هئا، تن تر جي ٻين پراڻن ۽ آڙيڪاپ خوشامدڙين ۾ ٽاڪوڙيا وجهي ڇڏيا هئا. پنجاهه لکن جي ٺيڪي ۾ ٻن لکن جو ڪم به ڪونه ٿي ٿيو ۽ گاجي خان کي بل چڪتو ملي ٿي ويا. اهو ئي ته سبب هو جو ڪالهوڪو ڪمدار، اڄ نئين ماڊل جي گاڏيءَ ۾ سوار!! هُن ڀولڙي وانگر اهڙا ته ٽِپَ پئي ڏنا، جو نه ڏس ته اقتداري ڌر جي يارن جي جلسن جلوسن ۾ سڀني جي اڳيان پيو بازوليون کائي. نه ڏس ته وري اقتدار جي واري ملڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺل ڌُر جي اوطاق جا ڪَرا کڻيو پيو اول پتڻ ٿئي! بس ايئن سمجهو ته بس ۾ ويٺل مسافر وانگر هڪ سيٽ تي پاڻ ويٺو هو ته ٻيءَ سيٽ تي پوتارو رکي جاءِ والاريو ويٺو هو. تنهنڪري جيڪي ڌڪڙيا (موقعي پرست) هئا، تن جون سندس پٺيان قطارون لڳيون پيون هونديون هُيون.
    پر جيڪي ماڻهو پنهنجو تڏو جهليو، پاڻ مرادو پنهنجو جهان آباد ڪريو ويٺا هئا، سي وري گاجي خان جي چغلخوري، جهُوڻت ۽ هَٿ ڏَسَ کان خائف هئا. جن ماڻهن سندن سچي توڙي ڪوڙي ها ۾ ها نٿي ملائي، تن لاءِ ڏچا پيدا ڪرڻ گاجي خان جو جهڙو ڪَرَ خدائي فرض هو. ۽ قادر بخش جو گهر به اهڙن گهرن مان هڪ هو، جيڪو پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهي، پنهنجي هٿن جي پورهئي سان جيئڻ جي ڪوشش ۾ جُنبيل هو. نه رڳو ايترو، پر سندس پٽ قمر ۽ سندس ڌيءَ سُهائي ته ڀرپاسي ۽ اوڙي پاڙي جي ٻين ماڻهن کي به اِها تلقين پيا ڪندا هئا ته پنهنجي انهن ازلي ويري وڏن ماڻهن ۽ سندن ڇاڙتن جي پٺيان لُر لُر ڪرڻ بدران، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، پنهنجي قوت ٺاهي، اُن جي سهاري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪجي. ۽ اُن رات دير تائين قادر بخش جي گهر ۾ اِن موضوع تي سوچ ويچار ۽ بحث هلي رهيو هو.
    قادر بخش، سندس زال ۽ وڏو پٽ نُورَل هڪڙي پاسي هئا. ٻئي پاسي قمر ۽ سُهائي هئا. مُرادان وچٿري ٿيو ويٺي هئي ۽ جنهن جي ڳالهه صحيح ٿي سمجهيائين، تنهن جي پٺڀرائي ٿي ڪيائين، پر جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آيس، تنهن جي مخالفت ٿي ڪيائين.
    قادر بخش ڳالهه چوريندي چيو “ابا پٽ، اسان زمانو ڏٺو آهي. ڪيئن وسنديون ۽ ڦٽنديون اکين سان ڏٺيونسين، وڏڙا چئي ويا آهن ته جيڪا هوا لڳي، تنهن کي سامهون ٿجي.’ هاڻ جڏهن سڄو جڳ جهان (سموري سنڌ) هڪڙي پاسي ٿيو پيئي هنبوڇيون هڻي ۽ ‘جيئي جيئي’ چيو پئي کڳ کائي. ته پوءِ پاڻ کي ڪهڙو لاچار پيو آهي جو اسين ٽپي پراين ڦڏن ۾ پئون ۽ انهن جي مخالفت ڪريون؟ ٽپڙ کائن ٿا ته سرڪار جا ٿا کائن، اسان جي گهران ته ڪونه ٿا کڻن.”
    “پر بابا، جيڪا جهھڳي جهُري ٿي ۽ اُن جي لاءِ جي ڪا امداد اچي ٿي، ته پوءِ اُها ئي جهُڳي جُڙڻ گهرجي نه. اُن غريبن جي امدادي رقم مان بنگلي مٿان بنگلو ٺهرائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟” قمر چيو.
    “ڀاءُ منهنجا، تون ته ڪو چريو بادشاه آهين! جڏهن متاثر ٿيل غريب ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿا ڪن ته پوءِ تون ڇو ٿو پرايو مٿي جو سور پاڻ تي مڙهين؟” نورل بحث ۾ حصو وٺندي چيو. “جڏهن متاثر عوام ڌڪن ٿاٻن ۾ خوش آهي ته پوءِ اوهين ڇو ٿا حڪومتي اڳواڻن ۽ انهن جي ڪمدارن ڪاراون جي اکيا پئو. پرائي معاملي ۾ پانجو ڇا وڃي؟!”
    “ادا وڏا، هيءُ پرايو معاملو ڪونهي. ٻوڏون سنڌ ۾ آيون آهن. برساتن سنڌ ٻوڙي آهي. نقصان سنڌين جو ٿيو آهي. تباه ۽ برباد سنڌي ٿيا آهن، دربدر ۽ بدحال سنڌي ٿيا آهن. جيڪا به امداد سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، ٻاهرين امداد يا سرنديءَ وارن طرفان مليل امداد به ملي ٿي، سا سنڌ جي کاتي ۾ داخل ٿي ٿئي. ۽ اسين به اُن سنڌ جيجل جو اولاد آهيون. ته پوءِ هيءُ معاملو پرايو ڪيئن ٿيو؟ جيڪڏهن هرڪو ائين چئي آجو ٿيو ويٺو هجي ته هيءُ پرايو معاملو آهي، پانجو ڇا وڃي؟ ته پوءِ سنڌ جو ڌڻي ڪير ٿيندو؟ انهيءَ ئي بي حسيءَ ته ڌارين قبضه گيرن کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي!” هيءَ سُهائي هئي، جنهن ڀاڻس نورل کي مخاطب ٿي چيو.
    “ها ڀاءُ، سُهائي ڳالهه ته صحيح پئي ڪري. سنڌ اسان جي به ته ڌرتي ماءُ آهي. اسان کي به اُن لاءِ سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ کپي. جهجهيون ڳالهيون ته مون کي ڪونه ٿيون اچن پر رڳو هيءُ مثال وٺو: ته جيڪڏهن امان بيمار ٿي پوي ته ڇا اسين پوءِ به ائين چونداسين ته اِها قمر جي ماءُ آهي. پاڻيهي علاج ڪرائيندو. پانجو ڇا وڃي!؟” مُرادان کي جيڪا ڳالهه جيئن سمجهه ۾ آئي، تيئن چئي ڇڏيائين.
    “اباڙي، ماڻهين جي ٻي ڳالهه آهي. پر سنڌ ۾ ته ڪروڙين ماڻهو رهن ٿا. تن سڀني کي مُنهن ڏيڻ ڪا تنهنجي يا منهنجي وس جي ڳالهه آهي!؟ ڌاريان ته ڌاريان هونئن ئي پيا سنڌ کي ڦرين ۽ لُٽين. پر پنهنجن به ڪو وسان گهٽايو آهي ڇا؟ سو پاڻ ڪيترن کي پيا سامهون ٿينداسين. تنهنڪري ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾، پاڻيهي پيو منڊڪ منڊڪ ڪندو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندو. پاڻ وٺون پنهنجيءَ کي.” قادر بخش وري به پنهنجي اولاد کي پنهنجي سمجهه آهر تلقين ڪئي، ۽ ڏچن کان بچڻ جي هدايت ڪئي.
    “بابا، ڏک ته انهيءَ ئي ڳالهه جو آهي ته ڌارين سان گڏ پنهنجا به ان ڦرلٽ ۾ شامل آهن. پر اِهو سڀ ڪجهه رڳو اڄ ڪونه پيو ٿئي. پراڻي تاريخ ۾ به “اهڙن پنهنجن” جا مثال موجود آهن. پنهنجي “ابراهيم منشيءَ” چيو ڪونه آهي ته “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڪي ڌاڙي ۾.” چور رڳو اُهو چور ڪونهي، جيڪو چوري ٿو ڪري. پر اُهو “پنهنجو” به اُن جهڙو ئي چور آهي جيڪو ڏسي واسي ۽ ڄاڻي سڃاڻي به چور جي نشاندهي نه ڪري ۽ چشم پوشي ڪري چور کي چوري ڦٻائڻ ۾ مدد ڪري. هاڻ جڏهن اسان کي خبر پوي پئي ته فلاڻا فلاڻا چور آهن ۽ پوءِ به ماٺ ڪري ويهي رهون ته: ‘چوري عيسي جي ٿي آهي، موسي جو ڇا وڃي!’ ته پوءِ دنيا اسان کي ڇا چوندي؟ ڇا اِها ماٺ ڪري ويهڻ واري بي حسي ڏوهه ڪونهي!؟ ۽ اسين ان ڳالهه کي “پرايا ڏچا” چئي، اِن ڏوهه مان آجا ٿي سگهون ٿا؟!” قمر پنهنجو مؤقف رکيو.
    “پر منهنجا ڀائڙا، پري جي ڳالهه ڪانهي. اجايو وهلور نه وڃ. ڪجهه ٿئي ۽ ٿيندي کي به ڏس. نادرا آفيس جي اڳيان گهڻا ماڻهو روز بيٺل هوندا آهن؟” نورل پڇيو.
    “هزارين.” قمر چيو.
    “پوسٽ آفيس جي مانڌان گهڻا ماڻهو، مرد ۽ عورتون، هوندا آهن؟”
    “هزارين.” قمر چيو.
    “مختيارڪار جي آفيس ۽ تپيدارن جي اڳيان پٺيان گهڻا ماڻهو هوندا آهن روزانو؟”
    “هزارين.” سُهائيءَ ورندي ڏني.
    “حڪومتي اڳواڻ ڪو جلسو ٿو ڪري ته گهڻا ٿا ماڻهو گڏ ٿين!؟” نورل ٻيهر سوال دهرايو.
    “هزارين ۽ ڪٿي ڪٿي ته لکين به.” قادر بخش چيو.
    “۽ انهن ماڻهن لاءِ، انهن متاثر ٿيلن جي امداد ۾ گهوٻين جي خلاف جيڪو اوهان احتجاجي جلسو ڪيو هو، تنهن ۾ گهڻا متاثرين هئا ۽ گهڻا مسڪين ۽ غريب هئا؟ گهڻا حقدار هئا؟ بابلا، جي دل ۾ نه ڪرين ته آئون پاڻ موجود هوس ان جلسي ۾. مون کي ته رڳو چئن پنجن سؤ ماڻهن مان به نوي سيڪڙو توهان جي تنظيم جا ڪارڪن نظر آيا هئا. ماڻهو، جن لاءِ جسلو ٿيو هو، سي ته هئا ئي ڪونه. پوءِ هروڀرو توهان ڇو پيا وقت برباد ڪريو؟ بابا صحيح ٿو چوي ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾!” نورل جي چپن تي زهريلي طنزيه مُرڪ “وڏ ڪَٻَلَ” ڪُڏڻ لڳي.
    “ها ٻيو! جن لاءِ مُياس، سي ته ڪانڌي به ڪونه ٿيام. ايئن ته برابر آهي. نورل ٺيڪ ٿو چوي.” مرادان چيو.
    “ها برابر، اِها حقيقت آهي. توهين غلط ڪونه پيا چئو ادا وڏا. ايئن آهي. پر توهين ۽ بابا جن جيڪو چئو ٿا ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾ ته ڀلي پيو منڊڪ منڊڪ ڪري. اِها ئي دشمن جي ايجنڊا آهي. پنهنجو ۽ پرايو ڦورُو اِهائي ڳالهه ته چاهي ٿو ته هنن اٻوجهن، ڄٽن ۽ بي سمجهه ماڻهن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي نه پوي. وڏي اٽڪل سان سنڌي ماڻهن کي “پيشه ور پينڙيات” بنائڻ جي منظم سازش تحت مختلف پروگرام ترتيب ڏيئي، ڪڏهن سرڪاري طرح بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام، ڪڏهن پاڪستان ڪارڊ ته ڪڏهن زڪوات جا پئسه ڏيڻ جي بهاني ۽ ته ڪڏهن وري اين جي اوز طرفان مختلف اعلان ڪري، ڌرتيءَ جي ماڻهن جا ڌرتيءَ تان پير اکيڙي رهيا آهن. سندن زمينون، وسيلا، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ روزگار جا موقعا کسي، کين رولو فقير بنائي دربدر ڪرڻ جي وڏي ۽ گهري سازش رٿي ويئي آهي. اِهائي ڌارئين ڦورو قبضه گير جي ايجنڊا آهي ۽ انهيءَ ۾ اسان جو سريال به ساڻن گڏ آهي. اِها ئي ته ڳالهه اسين ماڻهن کي سمجهائڻ چاهيون ٿا.” سُهائيءَ ڀاڻس وڏي کي جواب ڏنو.
    “۽ اهو ڪم ڪو سولو ڪم ڪونهي جو هڪدم ٿي وڃي. اهو سفر ڏاڍو ڊگهو سفر ۽ ڏاڍو ڏکيو سفر آهي. وقت طلب سفر آهي. اهو ڪو ڏينهن ۽ مهينن جو سفر ڪونهي. اِن ۾ الاجي ڪيترا سال به لڳي سگهن ٿا. پر شرط آهي ته اهو سفر جاري رکيو وڃي. منڊي کي واريءَ ۾ ڇڏي نه ڏجي.” قمر سهائيءَ جي جواب کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “هونهن...! ڊگهو سفر!! ڪيترو ڊگهو سفر آهي؟ چاليهه پنجاهه سال ته ٿيا آهن انهن ماڻهن کي سمجهائيندي. نيٺ به ڪڏهن سمجهندا هي ڄَٽَ!؟ ميان هروڀرو کوٽي پيا ٿيو.” نورَل کي جهڙو بُل ملي ويو پنهنجي ڀڙاس ڪڍڻ جو. هُو طنزيه کِلَ کلڻ لڳو.
    “نه ڀاءُ وڏا نه. ايئن نه چئو. سمجهه اچي پئي ماڻهن ۾. آهستي آهستي ماڻهو پاڻ کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لڳا آهن. اڳوڻي جي ڀيٽ ۾ الاهي سجاڳي آئي آهي. پري ڪونه ٿا وڃون. پنهنجي گهر جو مثال سامهون آهي. بابا ويٺو آهي، کانئس پڇون ٿا ته بابا، جڏهن توهين اسان جيڏا هئا ۽ ڏاڏا جن گهر جا وڏا هئا. تڏهن ههڙو ڪو مسئلو ٿيندو هو ته ڇا تڏهن اوهان سڀ گهر ڀاتي گڏجي ويهي هيئن صلاح صولي ڪندا هئا، جيئن اڄ پيا ڪريون؟” سهائيءَ پڇيو. “نه پٽ، تڏهن اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. بابا جن رڳو حڪم جا بندا ٿيا پيا هلندا هئا. ٻاهريان مامرا سڀ سريال پاڻ نبيريندا هئا. اسان کي رڳو حڪم ٿيندو هو ته هيئن ڪريو يا هونئن ڪريو.” قادر بخش ايمانداريءَ سان سچي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
    “ته پوءِ اڄ جو اسين سڀ ويهي سامهون آيل معاملي تي سوچي رهيا آهيون، اِهو سمجهه ۽ سجاڳيءَ جو ثبوت ڪونهي ڇا؟! اڄ جيئن اسان جو گهر پنهنجي چڱي ۽ مَٺي لاءِ گڏجي ويهي سوچي رهيو آهي، تيئن ئي اسين چاهيون ٿا ته سڀ سنڌي گڏجي ويهي سوچين ۽ اِها سوچ ۽ سمجهه آهستي آهستي ئي سهي، پر سنڌي ماڻهن ۾ اچي پيئي. تنهنڪري اسان کي نااميد نه ٿيڻ گهرجي ۽ منڊي کي واريءَ ۾ نه ڇڏڻ گهرجي.” قمر چيو ته سڀني کان کل نڪري ويئي.
    “ڀلا هاڻ کڻي موئي منڊي جي جند ڇڏيو ته ڪو؟” پهريون ڀيرو سندن ماءُ ڳالهايو.
    “امان، منڊي کي ڪيئن ڇڏيون؟ اسين سڀ منڊا آهيون، اسان کي علاج جي ضرورت آهي. عقل، سمجهه، هوش ۽ عمل واري علاج جي ضرورت آهي. باقي رهي گاجي خان جي ڳالهه.” قمر ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، “ته گاجي خان کي به اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو به ماڻهو، وڏي ماڻهو ٿيڻ جي شوق ۾، پنهنجي طبقي جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي مفادن جي سوديبازي ڪري، بڇ جو ڪتو ٿي، پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تنهن کي رڳو تيستائين سندس آقا مٿي تي هٿ رکندا، جيستائين هُو سندن مقصد پيو پورا ڪندو. تنهن کان پوءِ اُهي ئي سندس آقا اُن بڇ جي ڪتي کي “ڇتو” قرار ڏيئي مارائي ڇڏيندا. تنهن کان پوءِ، وڏي ڳالهه ته اسين ڪنهن به فرد، شخصيت يا ٽولي جي خلاف ته آهيون ئي ڪونه. اسين ته چاهيون ٿا ته سڄي دنيا جا ماڻهو، جيڪو جتي آهي، مِڙي، مُٺ ٿي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وسيلن، ڌرتي جي مفادن جي حفاظت ڪري فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪن. ساڳي طرح اسين اهو به چاهيون ٿا ته اسان جي به سڄي سنڌي قوم گڏ ٿي، اسان جي بنيادي حقن جي ٿيندڙ پائماليءَ خلاف آواز اٿاري ۽ ڌڻي ٿي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪري. اسان ته رڳو ۽ رڳو ڦورو ذهنيت، بالادست سوچ، اونچ نيچ جي فرق، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اسان جي اثاثن ۽ وسيلن تي ڌارين جي قبضه گيري ۽ والار جي مخالفت ڪريون ٿا. اسين چاهيون ٿا ته اسانجا پنهنجا ڌارين جا دلال ٿي، پاڻ پنهنجن ذاتي مفادن جي حصول لاءِ، جيري خاطر ٻڪري ڪُهي سڄي سنڌي قوم جي ٻيڙي هٿ وٺي نه ٻوڙين. هن کان اڳ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. پر هاڻ اُها رَوَش تبديل ٿيڻ گهرجي. هاڻ پنهنجن طرفان ڌارين جي دلالي ڪرڻ بند ٿيڻ گهرجي. هاڻي خسيس ذاتي مفادن لاءِ قومي مفادن جو سودو ڪرڻ جي اجازت ڪانه ڏبي. هاڻي گاجي خان کي خود فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ٺيڪن ۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ غريبن لاءِ ملندڙ امدادي سامان ۽ پئسن ۾ روڙا هڻڻ جهڙن ڏوهن ۾ ايترو غرق نه ٿي وڃي جو سڀاڻي جند ڇڏائڻ به ڏکي ٿي پويس. ڇو ته حالتون سدائين هڪ جهڙيون ڪونه ٿيون رهن.”
    “اڙي ابا، اوهين ته رڳو کوٽي پيا ٿيو. هتي رڳو هڪڙو گاجي خان آهي ڇا؟ هتي ته سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ فنڪار ويٺا آهن. هڪڙو گاجي خان کڻي سڌري به وڃي. پر اُن جي جاءِ ته وري پنج ڄڻا ٻيا اچي والاريندا. انهن مان ڪيئن جند ڇُٽندي؟” قادر بخش ڳالهايو.
    “بابا، لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
    متو آهين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿُونا هڻين،
    تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
    اهي چُوپيل هڏن تي هنڀوڇيون هڻڻ وارا، چمچاگيري ۽ دلالي ڪرڻ وارا، چغلخوري ۽ جُوڻت کڻڻ وارا پاڻيهي سڌي گس تي اچي ويندا. اصل مسئلو اٻوجهه عوام کي سجاڳ ڪرڻ جو آهي. مثال طور پنهنجي ڳوٺ ۾ 50-60 گهر آهن. انهن مان ڪجهه گهر پنهنجي سوچ جا حامي آهن. پر گهڻا گاجي خان هٿان امداد جي نالي ۾ گڏرن واري اٽي لپ لاءِ قطارون ڪريو پيا اُن جي پٺيان ڊوڙن. جڏهن اِهي سڀ ڳوٺاڻان ڳالهه سمجهي ويندا ۽ پنئي ٽڪر جي پچر ڇڏي پنهنجي پيرن تي بيهندا، تڏهن گاجي خان اڪيلو رهجي ويندو ۽ جڏهن گاجي خان اڪيلو رهجي ويندو، تڏهن سندس آقا کيس تريون هڻي ڊوڙائي ڪڍندا. تنهن ڪري گاجي خان لاءِ به بهتر اِهو ٿيندو ته هُو هينئر ئي سوچي وٺي. نه ته اهي پرائي پورهئي تي پلجندڙ پرمار ڳجهون کانئس اهڙا ته بڇڙا ڪم ڪرائينديون جو پوءِ هُو عوامي انتقامي قهر کان بچي نه سگهندو.” سُهائيءَ قمر جي ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
    “ها، باقي هيءَ “تنهنجي” ۽ “منهنجي” جي جنگ ڪا اڄ ڪالهه شروع ڪا نه ٿي آهي.” قمر بحث کي اڳيان وڌائيندي چيو. “اِها جنگ ايامن کان جاري آهي ۽ اڃا ايامن تائين جاري رهندي. اِها جنگ اڄ يا سڀاڻي ختم ڪانه ٿيندي. ها، باقي ويٺلن تان واري وري ۽ هلندڙن اڳيان منزلون ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن. اسان جو “سڀاڻي” روشن آهي. تنهن ڪري اسان کي سنئين گس تي وک وڌائيندو رهڻ گهرجي.”
    “پر پوءِ نيٺ گاجي خان کي ڪهڙي ورندي ڏجي؟ هُن جو سندس آقائن جو نياپو موڪليو آهي، تنهن کي ڪيئن سامهون ٿجي؟” قادر بخش سوال پڇيو.
    “بابا، توهان ڳڻتي نه ڪريو. آئون پاڻيهي سڀاڻي گاجي خان سان ملي ڳالهائيندس. جي گس تي آيو ته ٺيڪ. جي ڀلا نه، ته به سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. انهن سڀني کي پڄي پئبو. توهان فڪر نه ڪريو.” قمر جواب ڏنو.
    “اي تون مرڳو ڪم خراب ڪري ايندين.” نورل هڪل ڪري چيو. “گاجي خان کي هينئر جيالن جي پٻي آهي، سو هڪڙي پير تي بيٺو نچي. سو ٿو تنهنجي ڳالهه سمجهي. ۽ تون وري پنهنجي ڳالهه تان لهندين ڪونه. مرڳو پاڻ ۾ وڙهي پُوندا. اِهو ڪم مون تي ڇڏيو. آئون پاڻيهي منٿ ميڙ ڪري، گشا پتا هڻي ماٺ ڪرائي ايندو مانس.” نورل مفاهمتي پاليسي اختيار ڪندي چيو.
    “نه ڀاءُ وڏا نه. نه منت ميڙ ڪبي ۽ نه ئي گشا پتا هڻبا. پنهنجي ڳالهه فضيلت سان سندس اڳيان رکندس. کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. باقي ايترو ته بيوقوف آئون ڪونه آهيان جو جيڪو منهنجي ڳالهه نه مڃي، تنهن سان وڙهي پوان. وڙهبو ڪونه، پر پنهنجي مؤقف تان به هٿ ڪونه کڻبو، توهين فڪر نه ڪريو.”
    ۽ اِتي اڄوڪي بحث جي پڄاڻي ٿي. پوءِ سڀ ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي هنڌ تي ليٽيو. سُهائي به وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي، ۽ تڏهن سندس ذهن ۾ سوال اڀريو: “پر پوءِ تنوير جو ڇا ٿيندو؟ منهنجو مڱيندو تنوير؟ هُو به ته گاجي خان سان گڏ جيو ڦَٿِ ڦَٿِ پيو ڪري؟ ڪيترا ڀيرا قمر جون ساڻس ڪچهريون ٿيون آهن، پر اسان جي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. آخر ڪار جي هُو پنهنجي هوڏ تي بيٺو رهيو ته پوءِ منهنجو ساڻس گذارو ڪيئن ٿيندو؟ هڪڙي ٻن ڏينهن جي ڳالهه ته ڪانهي. هيءُ ته زندگيءَ ڀر جي ساٿ جي ڳالهه آهي. سو جي اسان جي وچ ۾ سوچن جي هم آهنگي نه هوندي ته گاڏو ڪٿي هلي سگهندو اسان جو.”
    اِهو سوچيندي سوچيندي الاهي دير کان پوءِ سُهائيءَ جي مس مس وڃي اک لڳي هئي.
    پر ٿوري دير کان پوءِ اوچتو اک کُلي پيئي هئي سهائيءَ جي ڍَڪي رات مهل!
    سُهائيءَ وري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وري وري ڪوشش ڪئي، پر کيس ننڊ نه آئي. هيءُ پاسو ورايو، وريو هُو پاسو ورائي. پنهنجي اکين مٿان سندس ٻانهن جو گداز ماسيرو ڏونئرو رکي سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين. مُنهن تي رَليءَ جو وڻندڙ اوڇڻ اوڍي ننڊ جي ديويءَ کي منٿون ۽ ايلاز ڪرڻ لڳي. پر کيس چاهيندي به ننڊ نه آئي. انهيءَ ئي ڇِنَ پَٽَ ۾ سندس ڌيان وري تنوير ڏانهن مُڙي ويو.
    تنوير، جو نه رڳو سُهائيءَ جو مڱيندو هو، پر هُو سندس محبوب پڻ هو ۽ پنهنجي محبوب جو چهرو تصور ۾ ايندي ئي سندس چاهت جي ماٺي دريا ۾ هلڪيون هلڪيون ڇوليون اڀرڻ لڳيون. انهن مستيءَ جي موجن ۾ تسڪين ۽ لذت جا سُپ ڀرجي سهائيءَ جي مٺڙن ماسيرن چپڙن تي هارجي رهيا هئا. تڏهن سهائي سرشاري ۽ ترنگ جي هلڪي ريلي ۾ لڙهندي پنهنجي چپن تان چاش جي مٺاس وانگر چسڪيون ڀري چٽڻ لڳي. هوءَ اهڙي مدهوش ڪندڙ ڪيفيت ۾ موتئي جي گل وانگر ٽڙي پئي. رَليءَ اندر پاسيري ۽ ٽونڊڙي پيل سُهائيءَ جي هڪڙي مِٽَ ويهاڻي تي هئي ۽ ٻيءَ مِٽَ مٿان سندس وارن جون ڇڙواڳ چڳون وکريل هيون. انهن ٽِڙِ پَکِڙ وارن جي چڳن وچان سندس ماسيرن، رسيلن ۽ اڻ ڌوتل ڀرتُو چپن تي، جؤڀن جي مستيءَ سان ڀرپور سرشاريءَ واري مُرڪ منڊڪ منڊڪ پيرڙيون کڻڻ لڳي. هوءَ اُن نشيلي ڪيفيت ۾ ڦٽي ڦاريون ڦاريون ٿيڻ لڳي ۽... ۽ انهيءَ ئي حاصلات جي مختصر گهڙيءَ واري پل اڌ پل ۾ سُهائيءَ راتوڪي خشڪ سياسي بحث مان پيدا ٿيل ڪؤڙائڻ ۽ دنيا جهان جي دکن دردن، پيڙاهن ۽ اذيتن جي ايذاءَ کان آجو ڪري پاڻ کي جِلا ۽ جولان جي وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيو... ۽... ڪيترو ئي وقت...
    ڪيترا جُڳَ...
    ڪيترا زمانا... هوءَ پنهنجي ماسيري، رسيلي ۽ ماکيءَ جي مٺاس ڀريئي هيٺئين چپ کي پنهنجي زبان سان چُوسيندي رهي. آهستي آهستي چوسيندي رهي. ڳُنڌي ڳُنڌي چوسيندي رهي... خبر ناهي ڪيستائين!
    هُن اِن اَملهه ۽ بي بها ڪيفيت مان نڪرڻ ئي ڪونه پئي چاهيو. هن چاهيو پئي ته هُوءَ انهيءَ حاصلات جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي رهي، ٻڏندي رهي ۽... ۽ ٻڏندي رهي.
    پر سندن گهر جي ڪشادي اڱڻ ۾ بيٺل ڄمونءَ جي وڻ تي بسيرو ڪندڙ جهرڪين جي اوچتو چر چِر کي ڇا ڪجي، جنهن کيس ڇرڪائي وڌو. هن ڇرڪ ڀري رلي مُنهن تائين هٽائي ته اڇو صبح ٿي چڪو هو. هن کي جهرڪين تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي. پر پکين کي ڇا ٿو ڪري سگهجي! پکين کي ڪهڙي خبر ته ڪو هن نموني ۾ مهيا ٿيندڙ خيالي سرشاريءَ کي به زندگيءَ جي انمول حاصلات سمجهي ٿو!!
    هوءَ ڪر موڙي، پاسو ورائي ليٽي رهي. هوءَ خوابناڪ خوشين جي تار سنڌوءَ مان ٻاهر نڪري آئي ۽ جڏهن هُن سندس محبوب مڱيندي تنوير کي گاجي خان جي خاص ٻولڙيئي جي حيثيت ۾ ڏٺو، تڏهن سندس پيٽ جون اڳڙيون سڙي رک ٿي ويون. سندس ملوڪڙي منهن تي رنج ۽ اذيت جا آثار اڀرڻ لڳا. سندس اڻ ڌوتل اکين جون ڪنڍون آليون ٿيڻ لڳيون. ڳچ ڳچ دير تائين هوءَ ائين گهوماٽي ۽ خاموش پيئي رهي. ۽ پوءِ هن پنهنجي دل ۾ ڪو فيصلو ڪري ورتو هو.
    اڄ تنوير سان آمهون سامهون ويهي ڳالهائينديس. جي هُو پنهنجن سان گڏيو ته منهنجي سر جو به سائين آهي. جي نه، ته به آئون ته ڪنهن ڌرتيءَ ۽ قوم جي ويريءَ جي جوءِ بنجڻ بدران ڌرتيءَ جي ڌڄاڻي بنجنديس. اِهو منهنجو فيصلو آهي. اهو سوچي سُهائي ٽپ ڏيئي کٽ تان هيٺ لٿي.

    (ڊسمبر 20، 2011ع)
    *


    7. انوکي واردات

    اسين جنهن زميندار جا هاري هئاسين، تنهن جي هڪ هزار کن ايڪڙ زمين هئي. ٻه سؤ کن ايڪڙن تي انبن، ٻيرين، ليمن ۽ زيتونن جا باغ هئا. باقي زمين ۾ ساريون، ڪمند، ڦٽيون، ڪڻڪ، بصر، سن فلاور ۽ ڀاڄيون ۽ گاهه وغيره پوکبو هو. چوندا آهن ته جيتري گهڻي ڪمائي، اوتري گهڻي بک. سو اسان جو زميندار به ڪروڙن جي آبادي کڻندو هو، پر هارين کي ايترو مس ڏيندو هو جو منجهند جو کائيندا هئا ته رات لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. سٿڻ هوندي هئي ته قميص ڪانه هوندي هئي. جي مٿي جي پوتي هُئي ته پيرن جي جُتي ڪانه هئي.
    زميندارَ به وڏي اٽڪل۽ رٿا بنديءَ سان 15-20 هارين مٿان، انهن هارين مان ئي هڪڙي کي “ڪمدار” جو اعليَ رُتبو ڏيئي، کيس چانهه جو ڪوپ ۽ ٻين هارين کان ڪجهه وڌيڪ رعايتون ڏيئي، انهن جي جانچ پڙتال جو ڪم حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ اهو ڪمدار پاڻ بيهي پنهنجن جو ويري ٿي، هٿ سان پنهنجن جي ٻيڙي ٻوڙيندو آهي ۽ زميندار جي ڌن دولت ۾ اضافو پيو ڪندو آهي.
    اسين ٽي ڀائر، ٻه ڀيڻون، امان ۽ بابا ڪُل ست ماڻهو گهرجا، زميندار جي 15-ايڪڙ زمين آباد ڪندا هئاسين. سال ۾ ٻه فصل، ڪتي ۽ چيٽ، زبردست فصل ٿيندو هو. زبردست آبادي ٿيندي هئي ۽ زبردست آمدني ٿيندي هئي. پر اسين اُهي ئي بک ۽ اگهاڙ تي. جهڙا اڳي تهڙا تڳي. هڪڙو سال، ٻيو سال ۽ پوءِ ٽيون سال. پر اسين اُهي ئي بکيا ۽ اگهاڙا. نه سولو اَجهو هو، نه هنڌ ٽپڙ ۽ نه ئي مال وجهو. ليڪن پوءِ به زميندار جو قرض پئي وڌيو. اگهائي سگهائي، موتي فوتي ۽ شادي مراديءَ تي وري به زميندار جي اڳيان هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا هئاسين.
    پوءَ مون سوچيو ته نيٺ ڇا ڪجي! اڻ پڙهيو ماڻهو. ٻه ٽي مهينا پئي سوچيم، پر مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٻئي ڪنهن سان صلاح مشورو به ڪونه ٿي ڪري سگهيس، ڇو ته سڀ هاري ڪمدارن جي داٻي ۾ هئا. سو دل وسهي ڪانه ٿي، متان نه ڪو چغلي هڻي بيهي رهي. تنهنڪري پنهنجي مُنهن پاڻ پئي ٻڌم ۽ ڇوڙم. پوءِ جيڪا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ آئي، سا هيءَ ته ٻئي ڪنهن به حيلي وسيلي انهن وڏن ماڻهن سان پهچي ڪونه سگهبو. نه ڳالهين ذريعي، نه احتجاج ڪرڻ سان ۽ نه ئي وڙهڻ سان. پر منهنجو خيال هو ته جيئن هو اسان جي سموري ڪمائي حساب ڪتاب ۾ گهوٻيون هڻيو کڻيو ٿي ويا، تيئن مون کي به جتي بُل لڳي ته آئون به چوري ڪري ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي ڪمائيءَ جو حصو، جيترو به تڳائي سگهان، ڦٻائي وڃان. پر چوري ڪرڻ وارن جو حشر به پيو ڏسندو هوس. اُهي ئي ساڳيا اسان وانگر سورن ۾. پوءِ ڇا ڪريان؟ پر نيٺ آخري فيصلو اِهو ئي ڪيم ته زميندار جي چوري ڪريان. گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ ٻرندڙ باهه ته ڪجهه جهڪي ٿيندي.
    ۽ اتفاق وري اهڙو ٿيو جو پهرين ئي چوري ڪندي پڪڙجي پيس. ٿيو هيئن جو، ڊالڊا (سن فلاور) کي ٿريشر پئي لڳو. سؤ کن مڻ اَن صاف ٿيو هو، پر رات پئجي ويئي سو کري مان کڄي شهر ۾ ڪارخاني تائين پهچي ڪونه سگهيو. تنهنڪري مون کي کري تي سمهڻو پئجي ويو. ۽ اِها ڳالهه اسان هارين لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. آئون سٽ ڏيئي گهران ماني کائي اچي کري تي سُتس. اڪيلو هوس. سوچيم ته اڄ چوريءَ جو سٺو بل آهي. ڇو نه ٻوري کن اَن جي کڻي ڪٿي جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيان. پوءِ جڏهن ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هئو مئو ٽري وڃي، تڏهن ڪنهن وقت کڻي وڃي شهر ڏيئي اچان. اِهو سوچي دل ۾ چيم ‘رک موليٰ تي، يارهينءَ وارو حامي ٿيندو. ڪندو سڻائي بادشاهه پير. اُٿي وارو ڪر.’ پوءِ زورائتي ٻوري ڀري، ٻوريءَ جو مُنهن ٻڌي، ڇڪي تاڻي آڻي هڪ محفوظ هنڌ تي لڪايم. تڏهن منهنجي بدن تي به رت هو ۽ بدن چيو به ڪيو ٿي. سو ڀانيان ٿو ته ٻوري ٻن مڻن کان سوائي هوندي، پر گهٽ ڪانه هئي.
    خير، آئون ته اچي کري تي سمهي رهيس.
    ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. ڪنهن کي به خبر پئجي ڪانه سگهي.
    ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن ٻوري کڻي شهر پهچايم. سيٺ حساب ڪري پئسا مون کي هٿ ۾ ڏنا. مون کان خطا رڳو اِها ٿي جو پئسا وٺي جيئن جو تيئن کيسي ۾ وجهي دوڪان تان لهي وڃڻ بدران اتي بيهي ڳڻڻ لڳس ۽ عين ان وقت پئسا ڳڻيندي مونکي ڪمدار ڏسي ورتو. خير، اوڏي مهل ته هُن مون سان ڳالهايو به ڪونه، پر منهنجي وڃڻ کان پوءِ سيٺ کان پڇا ڪيائين. جنهن ٻڌايس ته ٻه مڻ پنج ڪلو ڊالڊا وڪيو اٿس، جنهنجا مون کيس پئسا ڏنا هئا.
    بس سائين، پوءِ ڇا هو! اصل وٺ وٺان ٿي ويئي. ٻئي ڏينهن صبح سان ئي پوليس جهلي آڻي ٿاڻي تي ڏاڍي خذمت ڪئي. بنهه سٽي ڪٽي کڻي سوڙهو ڪيائون. ڏهه مڻ ڊالڊا جي چوريءَ جو ڪيس چالان ٿيو. ٻيءَ شنوائي تي ڇهه مهينا سزا لڳي ويئي. بابا تي ڏهن مڻن جي قيمت سان گڏ ٻيڻ تي ڏنڊ جي رقم لڳائي قرض طور اسان جي کاتي ۾ لکي ويئي. ڏهن ڏينهن لاءِ گهر وارن جو وِرو (پيٽ لاءِ ملندڙ اٽو سيدو) بند ڪيو ويو. جيڪو پڻ اسان تي قرض طور لکيو ويندو آهي. اسان تي چوڪسي وڌي ويئي. چورَ جو ثابت ٿيا هئاسين.
    سزا لڳڻ سبب پڪي قيديءَ جي حيثيت ۾ مون کي تعلقي لاڪ اپ مان ڪڍي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ آڻي ڪاري چڪر ۾ ڇڏيائون.
    ۽ جيل جي دنيا ئي وري پنهنجي دنيا آهي، عجيب قسم جي دنيا! هڪ نرالو جهان! هتي هر قسم جا ماڻهو ڏٺم. شريف، بدمعاش، ڏوهاري، بي ڏوهي، قاتل، ڌاڙيل، ڦورو، چور، شاگرد، استاد، سياسي قيدي، مون وانگر اَنَ جي چور کان وٺي ڍور ڍڳي جا چور، ڪَکَ جي چور کان وٺي لکَ جا چور. رنن جي چورن کان وٺي مرد اغوا ڪندڙ چور. نشائي، موالي، جوئاري، ڳنڍيڇوڙ، قبضه گير ۽ موٽر سائيڪل کان وٺي هوائي جهاز چورائيندڙ چور. قسمين قسمين جا ماڻهو، الاجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن جيل جي جهان ۾.
    مون سان هڪڙي آڙيڪاپ چور اچي سنگت رکي. لڇڻن ۾ مڙس فضيلت ڀريو پئي لڳو. مون کان منهنجي ڪيل چوريءَ واري واردات جي سموري ڪهاڻي ۽ ان جو پس منظر ٻڌائين. پاڻمرادي فتويٰ ڏنائين ته تون وڏو چور ٿي سگهين ٿو. پوءِ مون کي مختلف چوريون ڪرڻ لاءِ، باقاعده ليڪچر ڏيڻ لڳو. مختلف صورتحالن ۾ هڪڙي ڪامياب چور کي ڇا ڪرڻ کپي! ڪٿي مقابلو ڪرڻ کپي، ڪٿي ڀڄڻ کپي. ان باري ۾ منهنجي ٽريننگ ڪرڻ لڳو. چار مهينا گڏ رهيا سين. پوءِ هُو آزاد ٿي ويو. مهيني کان پوءِ ملاقات تي آيو. مون کي ٻڌايائين ته پاڻ، اسان جي لاءِ سندس تر ۾ هارپ تي ٻني ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿس ۽ اِهو به ته جيئن ئي آئون مهيني کان پوءِ آزاد ٿيندس، تيئن مائٽن سميت رات وچ ۾ ٽپڙ کڻي اوڏانهن هليا وينداسين.
    مهيني کانپوءِ منهنجي سزا پوري ٿي ۽ مون کي ڇڏيو ويو. ٻاهر نڪتس ته گيٽ وٽ بابا بيٺل هو. ۽ پريان نم جي وڻ هيٺان مون وارو سنگتي عارب بيٺل هو. گڏياسين، ملياسين. حالي احوالي ٿياسين. خبرون چارون ڪيونسين ۽ پوءِ عارب به مون سان گڏجي اسان جي ڳوٺ هليو. رات رهي صبح جو هو هليو ويو. ڊاهي ٻڌي ڇڏيسين.
    جيل مان اچڻ کانپوءِ ظاهري طرح آئون ڳوڀ خدا جو بڻجي ويو هوس، سڀني پئي چيو ته اِهو اٿو جيل. رڳو 6 مهينن ۾ ئي همراهه نيڪ نمازي، الله لوڪ ٿي آيو آهي. مون بابا ۽ ڀائرن منجهه ڳجهه ۾ پروگرام مطابق تياري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. هونئن به اسان وٽ ٽپڙ ٽاڙي هو به ڪهڙو! باقي هڪڙي مينهن هئي، بهانو ڪري سا به کپائي پئسا هٿيڪا ڪياسين.
    ۽ پوءِ، هڪ مهيني کان پوءِ، هڪڙيءَ رات آڌيءَ مهل، هڪڙي مزدا گاڏي بنهه ماٺ مٺيءَ ۾ اچي اسان جي گهر اڳيان بيٺي ۽ بنهه ماٺ مٺيءَ ۾ سامان سميت اسان سمورن کي کڻي هلي ويئي. سيءُ هو ان رات، ڀلير، ڀلير! جهڙوڪر ماڻهو، ڍور، ڪتا، وڻ، گهر ۽ سڄو ڳوٺ سيءَ ۾ ڄمي ويو هجي. ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پيئي ته ڪير آيو ۽ ڪير ويو! باقي ته سڄو ڳوٺ جيئن جو تيئن هو، رڳو اسان جو گهر خالي ٿي ويو هو. صبح جو زمين تي لڳل مزدا جي ٽائرن جي نشانن اِها شاهدي پئي ڏني ته هن گهر جا ماڻهو پنهنجي اڀري سڀري هنڌ ٽپڙ، ٿانوَ ٿپي ۽ سامان سڙي سميت رات جو خبر ناهي ڪهڙي وقت ڪيڏانهن هليا ويا آهن.
    زميندار زور ڏيئي بيهي رهيو پر کيس خبر ئي پئجي ڪانه سگهي ته سندس هاري رات وچ ۾ ڪيڏانهن هليا ويا. خير، ٻڏي وڃي مرن. زميندار جي ٺٺئي سُور! هن ته اسان تي رهيل قرض ورڇي ٻين هارين جي کاتي ۾ لڳائي ڇڏيو.سندس گهران ڇا ويو!!
    اسان پنهنجا نالا ۽ ذات بدلائي ڇڏي. اچڻ وارو هنڌ به ٻيو ٻڌايو سين. نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهراياسين. پراڻي دنيا ڇڏي، نئون جهان اڏي ويهي رهياسين. نئين زميندار وٽ نيڪ نمازي ۽ شريف ٿي رهڻ لڳاسين. جيئن چوندا آهن ته “جت سڀ پنهون جا ڀائر”، تيئن زميندار به سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن. البت جيترو وڏو زميندار ۽ جيتري گهڻي هلندي پڄنديءَ وارو، اوتري کيس بک گهڻي. اُن جي ڀيٽ ۾ وري ننڍڙو زميندار ڪجهه مڙيئي هاريءَ کي جيئڻ ڏي ٿو. سو هتي اسان جو گذارو مڙيئي پئي ٿيو. پر مونکي منهنجي سنگتيءَ عارب جيڪي جيل ۾ ليڪچر ڏنا هئا ۽ جيڪا زباني منهنجي ٽريننگ ڪئي هئائين، تنهن جي عملي طرح پوئيواري ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
    اهڙي طرح آئون منجهه ڳجهه ۾ ئي، هڪ سال اندر زبردست آڙيڪاپ ته نه، پر چڱو خاصو چور بنجي ويس. جنهن جي منهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي به خبر پئجي ڪانه سگهي. چوريءَ مان منهنجي چڱي خاصي آمدني ٿيڻ لڳي. منهنجي استاد سنگتيءَ عارب جو اصول هو ته هو پنهنجي تر ۾ پنجن ڇهن ميلن اندر چوري ڪونه ڪندو هو. پنهنجي ڳوٺ کان گهٽ ۾ گهٽ 25-30 ميل پري وڃي چوري ڪندو هو. هن جا پري پري تائين سٺا واسطا هئا. هو کاٽڙيو چور هو. يعني ڍڳو ڍور چورائڻ بدران ڪچين توڙي پڪين ڀتين کي کاٽ هڻي، گهر اندر گهڙي، روڪ رقم يا زيور زٽو چورائيندو هو. ۽ اِهي اهڙيون شيون آهن جن جو زمين تي ته کُر پير لڳي ئي ڪونه ٿو. باقي چور، سو ڪچي مان هلي اچي پڪي روڊ تي چڙهيو ۽ پڪي تان ڪنهن سواريءَ ۾ چڙهي الاجي ڪٿان وڃي نڪتو. باقي پٺيان ڀلي پيا تر جا ننڍا وڏا ڪاٽڪو ڪٽجن.
    چوراڻي لڏي ۾ جو ڪاهي پيس ته گهڻن خفتين سان ڏيٺ ويٺ ٿي. گهڻن جا تجربا سامهون آيا. منهنجي استاد جو چوڻ هو ته چوري اڪيلي سِر ڪجي. جڏهن بنهه ڪا ڳري آسامي سامهون هجي يا چوري بنهه ڏکي هجي، ته به وڌ ۾ وڌ ٻه ڄڻا هجن. گهڻن جو ٽولو هجڻ ڪري وري گهڻا مسئلا ٿا ٿين. ڪڏهن حصي پتيءَ تان ڪير ناراض ٿيو ته وڃي جُوڻت کڻندو. ڪو هڪ جهلجي پيو ته به سڀني لاءِ ڏچو ٿي پوندو. مختلف طبيعتن جي ڪري يڪ راءِ ٿيڻ به مسئلو ٿيو پوي. بهرحال، پهريائين ته منهنجو استاد ٻه ٽي سال مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. پوءِ جڏهن، سندس ليکي ۾، آئون هاڻ باقاعده چور ٿي چڪو هوس، تڏهن هڪڙي ڏينهن مونکي پٺن تي هٿ هڻي چيائين: “يار، هونئن ته پنهنجو جيئڻ مرڻ گڏ آهي، باقي هاڻ تون چوري پنهنجي سر، پنهنجي مُنهن ۽ پاڻمرادو ڪندين. گهڻو ڪري سموري جُوءُ تنهنجي پيرن هيٺان آيل آهي. پر جي اڃا به ڪا نئين جوءُ ڳولي لهين، ته به تنهنجي مرضي آهي. سڄو لاڳاپو اڳي وانگر تنهنجي واهر ڪندو. نئون لاڳاپو ٺاهيندين ته وڌيڪ سٺو ٿيندو. ڪٿي جي ڦاٿين ته واهر ڪندو سانءِ. باقي چوريءَ تي تون پاڻ پنهنجي سر ويندين... ۽ ها، هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ رکج. سا هيءَ ته ڪٿي به جي ڪا عورت سامهون اچي وڃي ته نه اُن تي هٿ کڻبو ۽ نه ئي اُن جي بي عزتي ڪبي. سوڙهين هٿين ٿي پئي، ته به ڀڄي جان ڇڏائبي. پر جي چوري نه ڪرڻ جي منٿ ٿي ڪري ته چوري ڇڏي هليو وڃبو.”
    اول ته آئون ڏاڍو دلگير ٿيس. پر پوءِ چيم: “نيٺ به ڪير، ڪنهنجو، ڪيستائين سهارو ٿي سگهي ٿو. نيٺ به ته پنهنجي زندگي هر ڪنهن کي پاڻ گذارڻي آهي. سو رک يارهينءَ واري تي. بادشاهه پير ڪندو سڻائي.” اهڙي طرح مون اڪيلي سر وارداتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ۽ واقعي بادشاهه پير سڻائي ڪئي. پنڌرهن سورنهن سال ٿي ويا وارداتون ڪندي، پر ڪڏهن به ڪٿي اڙيس ڪونه. اِن وچ ۾ اسان ڀائرن شاديون ڪيون. ڀينرن جو بار لاهي هلڪو ڪيوسين. ٻاهريئين ٻني اسين شريف، نيڪ نمازي هاريءَ جي حيثيت ۾ سٺو وقت گذاري رهيا هئاسين. زميندار به اسان مان خوش هو ته اوڙي پاڙي ۾ سڀ ڪنهن سان هٿ جوڙ، دعا سلام ۽ وات جي جيءَ جي ڪري سڀ ڪو اسان مان خوش هو. زندگيءَ جو هيءُ به هڪڙو رخ هو.
    هڪڙي ڏينهن گهر اڳيان نم جي ڇانوَ ۾ ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هوس. منهنجو 5 سالن جو ننڍڙو پٽ پاسي ۾ راند ڪڏي رهيو هو. پوياڙيءَ جو ٽائم هو. تيستائين الهندان هڪڙو همراه پئي آيو. سلام واريائين. مون اٿي ساڻس هٿ ڀليڪار ڪئي. خبرون چارون پڇيون مانس. واقفيت ڪرايائين. همراه منهنجو اڳي ڏٺل ته هو، ٻڌل به هو پر ساڻس روبرو جي ملاقات ٿيل ڪانه هئي. ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي چيائين: “شڪاري، آئون اڄ تو وٽ هڪڙي ڪم سان آيو آهيان. (چور جڏهن پاڻ ۾ چوراڻيون خبرون ڪندا آهن تڏهن هڪ ٻئي کي شڪاري چئي مخاطب ٿيندا آهن.) تو ۾ وڏي حُجَ رکي آيو آهيان. تنهنجي دليريءَ جي گهڻي واکاڻ ٻڌي آهيم. مون سان هڪڙي ونگار وهو. پوءِ جي وقت تي مون ۾ تنهنجو ڪم پيو، ته سِرَ سُوڌو ٻڌل آهيان.” ائين چئي منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو.
    مون کيس ڳچ دير تائين اکين ئي اکين ۾ تورڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي سوچ ۽ پرک جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته هيءُ همراه ڪٿي مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇائڻ ته ڪونه آيو آهي. ۽ جڏهن منهنجي تجربي ۽ گهري نظر مون کي اشارو ڏنو ته همراه اڙيات آهي ۽ مدد پيو گهري، ٻيو ڪجهه ڪونهي. تڏهن چيومانس: “چئو ڪهڙي ونگار آهي.”
    “فلاڻي ڳوٺ ۾، فلاڻي ماڻهوءَ جو ڀلو گهوڙو بيٺل آهي. اُهو گهوڙو کولڻو آهي.” چيائين.
    “گهوڙو ئي ته کولڻو آهي. اِن۾ ڪهڙو فوج سان مقابلو ڪرڻو آهي جو پريشان ٿيو آهين.” چيومانس. “گهوڙو ته ڪو ڇورو ڇنڀ به کولي سگهي ٿو. مون پئي سمجهيو ته ڪنهن وڏي ونگار لاءِ مون وٽ آيو آهين. ڇا گهوڙو گهر اندر تالي ۾ بيٺل آهي؟ مٿس ڪي چوڪيدار ويٺل آهن؟ آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟”
    “نه گهوڙو اندر تالي ۾ بيٺل آهي ۽ نه ئي ڪي چوڪيدار چؤڪي ٿا ڏين. گهوڙو ٻاهر مَنَههَ ۾ رڳو رسي ۾ ٻڌل آهي. پر ڌڻيءَ جو اعلان آهي ته آئون اهڙو ڪو مڙس ئي ڪونه ٿو ڏسان، جيڪو منهنجو گهوڙو کولي وڃي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن واقعي گهوڙو کوليو ته گهوڙو ته کيس ڦٻيو، آئون گهوڙي جي پڇا ئي ڪونه ڪندس، پر پاڻ کيس پنج هزار روپيه انعام به ڏيندس. انهيءَ اعلان گهڻن کي هشڪاريو، پر ڪير به ڦٻي ڪونه سگهيو آهي. تر جا سمورا ڪاٽڪو ۽ آڙيڪاپ چور زور لاهي بيهي رهيا آهن، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير.”
    “پوءِ آخر ڪهڙو مسئلو آهي، جيڪو خالي رسي ۾ ٻڌل گهوڙو کولڻ نٿو ڏي.”
    “همراه وٽ هڪڙو ڪتو آهي، جنهن مڙسن جا گس پنڌ بند ڪري ڇڏيا آهن. ڪتو ڳوٺ کان سڏ پنڌ پري ئي شڪارين کي ڦريو ٿو اچي ۽ اُتان کان اڳتي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ ئي نٿو ڏي.” ٻڌايائين. “تنهن ۾ مڙس اَرَ تَرَ ڏيئي بيهي رهيا آهن پر ڪتي سان پڄن ئي نٿا. هڪ ڀيري ته شڪاري ٻه ٽوليون ٺاهي، هڪڙا ڳوٺ جي هڪڙي پاسي کان آيا ۽ ٻيا ٻئي پاسي کان. اسر تائين زور لاٿائون پر ڪتي کين گهوڙو کولڻ ڪونه ڏنو. مون کي به شوق ٿيو. مون ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي پر ٺلهو موٽي آيس. هاڻي اِها چوري مون تي مرڳو ڀُوت وانگر واسو ڪري ويئي آهي. گهوڙو کولڻ هاڻي منهنجي انا جو مسئلو ٿي پيو آهي. منهنجو مرڳو سک ڦٽي پيو آهي. رات ڏينهن گهوڙو پيو سامهون ڦري. انهيءَ هورا کورا ۾ بنهه ماني به نٿي وڻي. سو ٻيلي، مون سان ونگار وهو. مون سان گڏجي هل. اِن لاءِ آئون تو وٽ هلي آيو آهيان.”
    اِن وچ ۾ هُن مونکي اُن ڳوٺ جا ڏس پار، گهوڙي جا پار پتيڪار، ڌڻيءَ جو نالو ۽ سندس گهر جو ڏس پتو سڀ ڪجهه تفصيل سان ٻڌايو. مون سندس سموريون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ اُهي نشان پار به ذهن ۾ ويهاريا. پوءِ کيس چيم ته: “يار، ڀلي ڪري آئين، جي ڪري آئين. هڪ ٻئي جي ونگار وهڻ پاڻ شڪارين جي روايت رهندي پئي اچي. اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪن اصولن جو پابند هوندو آهي ۽ ڪنهن سان ڪيل واعدي ۽ ڪنهن جي چوڻ کي پٺ ڏيئي نه سگهندو آهي. مون کي منهنجي استاد جو حڪم آهي ته آئون ڪنهن سان به گڏجي چوري نه ڪريان ۽ هيستائين مون سندس چوڻ جو ڀرم رکيو آهي ۽ اڳتي به آئون سندس حڪم جو پابند آهيان. سو شڪاري، دل ۾ نه ڪجانءِ. آئون توسان گڏ هلي نه سگهندس. تنهنجي ونگار وهي نه سگهندس. اِن لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ.”
    اسين الاهي دير ويٺا رهياسين. چانهه پيتيسين. دل کولي رهاڻ ڪئي سين. ۽ پوءِ هو موڪلائي هليو ويو.
    همراه ته هليو ويو پر سندس انا جو مسئلو جهڙو ڪر منهنجي مٿي ۾ هڻي ويو هو. هاڻي ماڳهي منهنجو سک ڦٽي پيو. هونئن ته ڪو ڍور کولڻ يا ڪچي توڙي پڪي گهر کي کاٽ هڻي چوري ڪرڻ ته منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونه هو. پر هتي منهنجي لاءِ جيڪو چيلينج هو، سو هو اُن ڪتي کي شڪست ڏيڻ، جنهن نامي گرامي شڪارين جا گس پنڌ بند ڪري ڇڏيا هئا. هونئن ته روالور جي گولي هڻي ڪتي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي، ٿي پئي سگهيو. پر جيڪي اصولن جا پابند شڪاري هوندا آهن، سي هروڀرو خون خرابو ڪونه ڪندا آهن. خاص ڪري هن حالت ۾، جڏهن ڪتو ڌڻيءَ سان بي انتها وفادار هجي. چوري ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ هڪڙي هنڌان بُل نٿو لڳي ته وري ٻئي پاسان ڪري وٺجي. خير!
    ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتا اِن معاملي تي سوچيندو رهيس. ۽ پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن شام جو وڃي بس ۾ چڙهيس. 20-25 ميل هلڻ کانپوءِ هڪڙي اسٽاپ تي بس مان لهي پيس. مليل ڏس موجب هڪڙي گاڏا واٽ وٺي اترطرف هلڻ لڳس. ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کانپوءِ مون کي اهو ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيو. نشاني طور ٻڌايل اهو سِريل جو شاهي وڻ ڳوٺ جي هڪ طرف نويڪلو بيٺو هو. ڳوٺ کان آئون اڃا سڏ ڏيڊ پنڌ پري هوس. مون اُتي بيهي آس اپس جو جائزو ورتو. چؤطرف آباد زمينن ۾ چيٽ پوکيل هئا. هڪ ٻن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل هڪڙو مقام هو. جنهن ۾ گهاٽيون ڄاريون، سَرَنِ جا ٻوٽا ۽ پنج ست پراڻن ٻٻرن جا وڻ بيٺل هئا. سج لهڻ کي باقي ٿورڙو ٽائيم هو. آئون گاڏا واٽ ڇڏي، ٻئي پاسي کان ڦري اچي هڪڙي وڏي گهاٽي ڄار جي هيٺان پاٿاري ٺاهي ويهي رهيس.
    سج لٿو. سانجهيون ٻانگون ٻڌم. سومهڻيءَ جون ٻانگون به ٻڌم. جيستائين ويهي سگهيس، ويٺو رهيس. پوءِ کڙو سِري هيٺان ڏيئي ليٽي رهيس. آڌي رات ڌاري اٿيس. بافتي جي اڍائي والي ٿلهي چادر ساڻم هئي. گاڏا واٽ ڏانهن ڪونه ويس. پر آباد زمينن جي وچان ٻنن تان هلندو، چوڪس چؤطرف ڊوکا ڪندو، ڪنائيندو آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳس. اُن همراه جي ڳالهه سچي نڪتي. آئون اڃا ڳوٺ کان چڱو خاصو پري هوس، جو ڪتي جو ڀؤنڪاٽ ڪن تي پيوم. ڪتي کي پاڻ ڏانهن ايندو محسوس ڪيم. ڪتو يڪي سراڙي ۾ پئي مون ڏانهن وڌيو. 11-تاريخ جي چنڊ جي سهائي هئي. ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪونه ٿي آيو، پر رات جي خاموشي ۽ نِوائيءَ ۾ ڪتي جي وات مان نڪرندڙ گهِرَڻ جي آوازن مان اندازو پئي ٿيو ته ڪتو واقعي انتهائي خطرناڪ آهي. ۽ ساڻس مقابلو ڪرڻ يا پوئتي ڀڄڻ ڪنهن به طرح فائديمند ڪونه ٿيندو. اڃا انهيءَ ٻڏ تر ۾ هوس، تيستائين ڪتو ويجهو اچي پهتو. پوءِ بنا دير ڪرڻ جي ٻني تي سنئون ڊگهو ٿي ليٽي پيس ۽ بافتي واري چادر پيرن کان وٺي مٿي تائين ويڙهي، دم گهٽي، پئجي رهيس. ٻئي پل ڪتو پهچي چڪو هو. ساهه جو هانڀارو، ڀؤنڪاٽ، پيرن سان زمين کرڙي مٽيءَ جون ٻڪيون اڇلڻ. منهنجي پيرانديءَ کان اچيو وري سيرانديءَ اچي. هنڌ هنڌ کي سونگهيندو رهيو. ڳچ دير اهو عمل دهرائيندو رهيو. پوءِ نيٺ ائين به ڪيائين جو مون کي سونگهيندي سونگهيندي منهنجي مٿي وٽان بيهي، پوئين ٽنگ مٿي کڻي مون تي مُٽڻ لڳو. وري پيرن ڏانهن ويو ۽ ساڳي طرح پيرن مٿان مُٽيائين. ۽ پوءِ وقفي وقفي کان پوءِ اِهو عمل دهرائيندو رهيو. گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه ڀيرا ائين ڪيائين. مونکي سڄو پُسائي ڇڏيائين. جيڏي مهل منهنجي مٿي کان اچي ٿي پيشاب ڪيائين، تيڏي مهل نه پڇو ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿي ٿي! عام حالتن ۾ “مُنهن تي مُٽڻ” کي ماڻهو گار طور استعمال ڪندا آهن. پر اڄ ته ماڻهوءَ بدران مرڳو ڪتي پئي منهنجي مُنهن تي مُٽيو ۽ آئون بيوس بنيو خاموش ليٽيو پيو هوس.
    آڌي رات کان وٺي پرهه ڦٽڻ تائين ڪتي مون کي چرڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. مونکي سونگهي سونگهي ٿورو پريان وڃي ٿي بيٺو. پر منهنجي بدن ۾ ٿورڙي به چُر پُر محسوس ٿي ڪيائين ته هڪدم پهچي ٿي ويو ۽ وري پيشاب ڪرڻ وارو عمل ٿي دهرايائين. صبح اڇو ٿيڻ لڳو هو، تڏهن ڪتو مون کي ڇڏي ڀؤنڪاٽ ۽ ڪؤنڪاٽ ڪندو ڳوٺ طرف هليو ويو. پوءِ مون آهستي آهستي اٿي آس پاس جو جائزو ورتو. هر طرف سانت لڳي پيئي هئي. مون پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو اچي بس سٽاپ تي پهتس.
    ڳوٺ پهچي ڪپڙا بدلائي، ماني کائي پاسيرو وڃي ليٽي پيس. سڄي رات جو اوجاڳو هو، سو اهو سڄو ڏينهن سمهي ننڊ پوري ڪيم. ٻئي ڏينهن، ميل ڏيڊ پنڌ تي جهنگلي ٻلن جو شڪار ڪندڙ شڪارين جي ڳوٺ ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي رهندو هو، ان وٽ وڃي نڪتس. انهن وٽ ڪتا جام هوندا آهن. ڌاڃوري شڪاريءَ جو منهنجو ٻڌو، سو بنهه ڍوڙندو آيو. ڏاڍي قرب سان مليو ۽ خبرون چارون پڇيائين.
    “مون کي هڪڙي ڪُتي کپي، ڌاڃورا!” چيومانس.
    “ڪتيءَ جي لاءِ ڪري پنڌ ڪيو اٿئي. نياپو ڪريئين ها ته گهر ويٺي ڪتي پهچائي وڃان ها. چئو ڪهڙي ڪتي کپي؟ کڙاهه جي ڪتي کپي يا شڪار جي.”
    “اون هون... نڪو کڙاهه جي ۽ نڪو شڪار جي. مون کي رڳو هڪڙي ڪتي کپي. پر هجي ڪَتَ تي. (لَڳَ واري. Heat Period) چيومانس.
    ڌاڃُرو منهنجي منهن ۾ نهاري کليو ۽ چيائين “ائين وري ڪيئن؟”
    “ڀوڳ ڪونه ٿو ڪريان ڌاڃورا، مون کي سچي پچي لَڳَ واري ڪتي کپي.” چيومانس.
    “پر لَڳَ واري ڪتيءَ کي تون ڪندين ڇا؟” پڇيائين.
    “اهو پوءِ ٻڌائيندو سانءِ. پهرين تون مون کي ڪَتَ واري ڪُتي هٿ ڪري ڏي.” چيومانس.
    “لڳ واري موسم ته هاڻ ختم پئي ٿئي. ڳالهه ڏاڍي ڏکي آهي. مشڪل سان ڪم ٿئي. پر وري به آئون جانچ ڪريان ٿو.” پوءِ آئون وٽانئس موڪلائي هليو آيس پنهنجي ڳوٺ.
    ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن ڌاڄورو ڪتي کڻي آيو.
    ۽آئون به ڪتيءَ کي ساڻ ڪري، سج لٿي ڌاري وڃي ساڳئي مقام ۾، ساڳي پاٿاريءَ تي پهتس. مونکي پنهنجي اُڃ بک جي ڳڻتي ته ڪانه هئي. باقي ڪتيءَ لاءِ پاءُ کن گوشت جو پاڻ سان کڻي آيو هوس. ڪتيءَ کي ڄار سان ٻڌي پوءِ پنهنجي لاءِ پاٿاري ٺاهي ليٽي پيس. آڌي رات داري اُٿي، ڪتيءَ جي رسي هٿ ۾ ڪري اڳوڻو ساڳيو ٻنو وٺي ڳوٺ طرف وڃڻ لڳس. لڳ ڀڳ ساڳي ڀيڻيءَ تي پهتو هوندس، يا ٿورڙو اڳيان، جتي پهريائين مونکي ڪتو اچي پهتو هو، ته پريان کان ڪتي جي ڀؤنڪ ٻڌڻ ۾ آئي. پر هن ڀيري مون وٽ ڪتي جو علاج هو، تنهن ڪري مونکي ڪتي کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪانه هئي. ڪتو پريان کان ئي ڀؤنڪاٽ ڪندو يڪي سراڙي ۾ پئي آيو. ساڳي هستي، ساڳي مستي ۽ ساڳي دهشت. پر جيئن ئي مونکي ويجهو پهتو، تيئن ٺري پيو. هن ڀيري سندس توجهه مون بدران ڪتيءَ تي هو ۽ هُو ڪتيءَ جي اڳيان پويان لُر لُر ڪرڻ لڳو.
    پوءِ آئون ڪتيءَ کي واپس وٺي مقام ۾ آيس ۽ سندس رسي ساڳي ڄار ۾ ٻڌي ڇڏيم. بس منهنجو ڪُتي ٻڌي پري ٿيڻ ۽ ڪتي پنهنجي ڪارروائي شروع ڪري ڏني. دير ئي ڪانه ڪيائين. پهرين ڪوشش ۾ ئي ڪتيءَ سان سلهاڙجي ويو.
    ۽ آئون ڌاڃوري کي دعائون ڏيندو ۽ پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرندو ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويس. هن واردات جو ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو مون ڪُتي کي شڪست ڏيئي فتح ڪري ورتو هو. باقي پريان ڳوٺ ۾ مونکي ڪابه رنڊڪ يا رڪاوٽ سامهون ڪانه آئي. آئون سڌو وڃي گهوڙي وٽ بيٺس ۽ گهوڙي جي پڇاڙي اڳاڙي ڪڍي، رسو کولي رڳو کڻي لانگ ورايم.

    (5-فيبروري 2012ع)
    *


    8. عشق جا ابابيل

    “پي پي...”
    “...”
    “پي پي... پي پي...”
    “....”
    “پي پي... پي پي پي پي... پي پي ...”
    “...”
    مون ٽيون ڀيرو موٽر سائيڪل جو هارن نسبتاً لاڳيتو وڄايو، پر تڏهن به هُن مون ڏانهن ڪو توجهه ڪونه ڏنو. آئون ڏاڍو پريشان ٿيس. پرائي مائي! سا به نوجوان ڇوڪري!! اُن سان گڏ هيءَ حقيقت به سورنهن آنا سچ ته هِن ڳوٺ ۾ رهندڙ برادريءَ جا ماڻهو ويڙهاڪ ۽ جهڳڙالو. جهيڙي لاءِ هر وقت تيار. بس رڳو ڪو معمولي بهانو ملي وڃي. پوءِ ته ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، ٻار ٻچا، رنين آهرين، سڀ ڪو مرڻ مارڻ لاءِ اصل تيار. هاڻ ڇا ڪريان!؟
    هُوءَ سندن ڳوٺ کان فرلانگ کن پري لنگهندڙ پڪي لنڪ روڊ جي پاسي کان ٻارڻ لاءِ ڄار جون ڪاٺيون ڪهاڙيءَ سان وڍي روڊ جي ڀرسان ڇڏيندي پئي ويئي. هيءُ ڳوٺ ٻهراڙيءَ جي اڪثر بدحال ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ گهڻو خوشحال ڳوٺ هو ۽ منجهس اڪثر پڙهيل ماڻهو به رهن ٿا. پر پوءِ به سندن عورتون ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سان گڏ مال ڍور جو ڪم ڪار ۽ ڪاٺي ڦانگو هٿ ڪرڻ ۾ رڌل هونديون هيون. جانورن جي علاج جي بهاني سان منهنجو اڪثر هن ڳوٺ ۾ به اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو.
    جيڏي مهل آئون اتي پهتو هوس، تيڏي مهل روڊ سڄو بلاڪ ٿيو پيو هو ۽ ڪٿان به موٽر سائيڪل جي مٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي. لاچار مون کي موٽر سائيڪل جهلي بيهڻو پئجي ويو.
    هاڻ ڇا ڪجي؟
    آئون وٽرنري ڊاڪٽر آهيان. تڏهن هڪ ننڍي شهر جي جانورن جي اسپتال ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪندو هوس. مون کي هن اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي ڇهه سال ٿي ويا هئا. تنهنڪري آس پاس جي اٺن ڏهن ميلن اندر رهندڙ تقريباً سڀني ڳوٺن جي ماڻهن سان چڱا خاصا واسطا ٿي ويا هئا. ان ڏينهن به اسپتال ۾ ويٺو هوس جو ٽي ميل کن اڳيان هن روڊ جي ڇيڙي تي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ڀاڳئي فون ڪئي هئي ته سندس مينهن جي ويم جو ڪيس ٿورو مُنجهي پيو آهي، سو مهرباني ڪري اچي ڏس. اوڏيءَ مهل آئون اوڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ڏٺم ته ڪا مائي ڪاٺيون وڍي رستي جي پاسي تي اڇلائيندي پئي ويئي. سو مون پري کان ئي هارن وڄائڻ شروع ڪيو. مائيءَ مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ جيستائين آئون اُن تائين پهچان، پاڻ تڪڙو تڪڙو ڪاٺيون اڇلي سڄو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيائين. يعني بنا ڪنهن شڪ گمان جي، هيئن چئي سگهجي ٿو ته هُن مونکي سڃاڻي پوءِ ڄاڻي واڻي روڊ بند ڪيو هو. ۽ هاڻي باوجود هارن وڄائڻ جي، مون ڏانهن ڪو توجهه ئي ڪونه ٿي ڏنائين. هيءُ رستو به ڪو هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ويندڙ مصروف روڊ ڪونه هو. هيءُ رستو هڪ لنڪ روڊ هو جيڪو عام پڪي رستي کان چار ميل پري هڪ وڏي ڳوٺ تائين ويندڙ ٻهراڙيءَ جو رستو هو. جنهن تان ڪنهن ڪنهن وقت ڪا موٽر سائيڪل، ڪا رخشا يا ڪا سوزوڪي وين مٽي ٿي، نه ته ٻيو مڙيئي ٿيو خير. ڏينهن جا 11 ٿيا هئا ۽ فيبروريءَ جو ٻيو هفتو ختم ٿيڻ وارو هو.
    مائيءَ سان ڳالهائي جهيڙي جي رِسِڪِ کڻڻ پنهنجي جاءِ تي، پر هيئن ٺلهو پرائي مائيءَ جي پاسي ۾ بيهڻ به ته خطري کان خالي ڪونه هو. تنهنڪري، ماٺ ڪري واپس وري پوئتي وڃڻ کان بهتر سمجهيم ته مائيءَ سان ڳالهائجي. پوءِ جيئن ٿيندو، تنهن کي مُنهن ڏبو.
    آئون انهيءَ لنڪ روڊ تان اڪثر پيو ايندو ويندو هوس. ڇو ته چئن ميلن جي انهيءَ لنڪ روڊ تي ۽ انهيءَ لنڪ روڊ مان نڪرندڙ گاڏا واٽن تي ڳچ جيترا ڳوٺ هئا، جن جا رهندڙ ڀاڳيا منهنجا گراهڪ هئا ۽ جيئن ته گهڻا غريب ۽ هاري طبقي سان واسطو رکندڙ هئا. تنهنڪري منجهن گهڻو ڪري پردي جي پابندي ڪانه هئي. اڪثر ماين کي سندن ڪرت وهير، لاباري، مال چارڻ يا ڪاٺيون ڪرڻ دوران گسان پنڌان پيو ڏسندو هوس. سو مون کي لڳو ته هيءَ نوجوان ڇوڪري به هن کان اڳ ۾ ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ڏٺل هئي ۽ اِهو به ته هڪ ڀيرو هِن ڇوڪريءَ مون ۾ گهوري نهاريو به هو. اُن بنياد تي ٿورو مطمئن ٿيس ته هيءَ منهنجي رستا روڪ هُن ڄاڻي واڻي ڪئي آهي. تنهنڪري جهيڙي جا امڪان گهٽ هئا. سو ٿورو کنگهڪار ڪري، گلو صاف ڪري چيم:
    “هاڻ ڀلا رستو کول ته هيءُ غريب ماڻهو لنگهي وڃي. الاجي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پيئي وڃي!”
    “جي رستو نه کوليان ته ڇا ڪندين؟” داٻو ڏيندي چيائين، پر مون ڏانهن نهاريائين ڪونه.
    “ته پوءِ هيڏانهن نهار ته بيٺو تنهنجي منهن ۾ نهاريان. ٻيو ڀلا آئون توکي ڇا ڪندس!”
    “اڳي ڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪونه ڏٺي اٿئي ڇا؟”
    “ها، پر اڄ ڍؤ ڪري تنهنجو منهن ڏسان.” سندس نرم پوندڙ لهجي جي ڪري منهنجي همت وڌي ويئي.
    “ڍؤ ڪري ڏسڻ وارن جو ته ٺهيو، پر رڳو اک کڻي نهارڻ وارن جو حشر ڳوٺ وارا ڪهڙو ڪندا آهن، سا خبر اٿئي؟” وري داٻو ڏنائين.
    “توکي جيڪو وڻي سو ڀلي ڪر، باقي ٻين هٿان بي عزتو نه ڪرائجانءِ.”
    “ڇو، ٻين هٿان ڇو نه؟”
    “ڇو ته مون کي ڏسي پوءِ تو پاڻ ڄاڻي واڻي رستو بند ڪيو آهي. اِن ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي جو ٻين هٿان بي عزت ڪرائين.”
    لاجواب ٿي ويئي. پوءِ ڪجهه پل ترسي چيائين: “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي.” ائين چئي منهن مون طرف ڪري مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
    اوڏي مهل نه رستي تان ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو نظر ٿي آيو ۽ نه ئي ڪير آس پاس ۾ ٻنين تي موجود هو. پريان، گهڻو پريان ٻنين ۾ مال پئي چريو. پر انهن جا دراڙ به اسان کان گهڻو پري هئا. سو ٿورو ڊپ هلڪو ٿيو ۽ منهنجي دلچسپي به وڌڻ لڳي.
    “واهه! سبحان الله. واقعي ٺاهڻ واري توکي خوب ٺاهيو آهي.” مون سندس تعريف جا ڍُڪ ڀريا. پر پاڻ مون کي نظرانداز ڪري پڇيائين:
    “ٻڌو آهيم ته مال جو ڊاڪٽر آهين. سو رڳو ڍورن جو علاج ڪندو آهين يا ماڻهن جو به ڪندو آهين؟”
    “الاجي اِهو وري ڪهڙو مريض آهي، جيڪو مون کان ٿو علاج ڪرائي؟” حيران ٿيندي پڇيومانس.
    “حال هڪيو ته آئون آهيان. منهنجو علاج ڪر.” ڏاڍو قربائتو ماڻو ڪندي چيائين.
    “اڇا! ته اِها ڳالهه آهي، هاڻ ڳالهه ٻڌ. هونئن ته علاج لاءِ اسپتال اچڻو پوندو آهي. پر تو سان خاص رعايت ٿو ڪريان. تون هتي ئي ٻڌائي ته توکي ڇا ٿو ٿئي؟”
    مون سندس سراپا تي نظر وڌي. پگهر ۾ شل هئي. ڄار جو هڪڙو ننڍڙو سائو پن سندس پگهر هاڻيءَ مِٽَ تي چِپِڙيو پيو هو. ڪهاڙي سندس هٿ ۾ هئي. ڄارين مان اٿندڙ دَزَ سندس اڌ اگهاڙين ٻانهن، مٿي ۽ مُنهن تي نمايان پئي ڏسڻ ۾ آئي. سوير کان ڪاٺيون وڍڻ جي ڪري هوءَ ساهه ۾ ڀرجي ويئي هئي ۽ هاڻي مس مس وڃي سندس ساهه سانتيڪو ٿيو هو. سندس جسم تي اوچي پرنٽ لان جو شهري فيشن وارو وڳو پاتل هو ۽ پوتي مٿي تي اوڍيل هجڻ بدران سندس ڳچيءَ ۾ پيل هئي. سندس نرڙ تي پگهر جون بوندون لاڳيتيون ظاهر ٿي رهيون هيون. هُن پنهنجون اکيون منهنجي اکين سان اٽڪائي ڇڏيون. سندس اکين ۾ هڪ نرالو جهان آباد هو. جنهن ۾ پيار جي پَلَرَ جي پالوٽ ٿي رهي هئي. جنهن ۾ ترنگ جا تاڙا تنواري رهيا هئا. جنهن ۾ محبت جي مستي مخمور ٿي رهي هئي. جنهن ۾ عشق جا ابابيل اڏري رهيا هئا ۽ جنهن ۾ عابده پروين “مين يار دي گهڙولي ڀردي” ڳائي رهي هئي.

    “جي اِهو به آئون ٻڌايان ته مونکي ڇا ٿو ٿئي ته پوءِ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ پوءِ ته سڌو سنئون ميڊيڪل اسٽور تي وڃي چئجي ته مون کي فلاڻي درد جي دوا ڏي. ايتري ته انهن کي به خبر آهي ته مٿي جو سور پونسٽان گوريءَ سان گهٽجي سگهي ٿو. پوءِ هي اسپتالون ڇو ٺهيون آهن؟ ڊاڪٽر ڇا جي لاءِ ٿيا آهن؟”
    حال هڪيو ته منهنجا به تاڪ لڳي ويا. پر ڌڪ پچائي، ڳيتون ڏيئي چيم:
    “اُهي اڳوڻي زماني جا ڏاها ۽ ڄاڻو حڪيم هئا جيڪي ماڻهوءَ کي پري کان ايندو ڏسي ٻڌائي سگهندا هئا ته توکي ڪهڙو درد آهي. هاڻي جيڪي ڊاڪٽر ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪن ٿا، يا جيڪي استادن کان گن پوائنٽ تي مارڪون وٺن ٿا يا جيڪي پئسن تي ڊگريون حاصل ڪن ٿا، تِنِ، اسان جهڙن ڊاڪٽرن کي ڪهڙي سڌ سور جي! اسين جيڪي لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڊاڪٽر ٿيا آهيون، سي ڇا ڄاڻون ته ڪنهن جي دل، ڪنهن جي اوسيئڙي ۾، ڪيئن رستا روڪ ڪريو، گس بند ڪريو، ڳوڙهن جا ڪبوتر پئي اڏائيندي آهي ته ڪڏهن ٿا پرديسي پرين هن واٽ تان واهرو ڪن... اسين ته ڌُڪڙيا ڊاڪٽر آهيون. سو جي ڌُڪو لڳو ته واهه واهه. جي نه لڳو ته ڏوهه وري به مريض جو ڪنداسين ته ‘اسان ته توکي چيو هو ته گوريون پاڻيءَ سان وٺجانءِ، تو کير سان ڇو ورتيون. پوءِ فاعدو ڪيئن ٿيندو!’“
    پهريون ڀيرو مُرڪ سندس سڻڀن چپن تي “ڏانڍيو راند” کيڏڻ لڳي. ساڄي هٿ سان پنهنجي نرڙ تي گڏ ٿيل پگهر اگهيائين. تِهائين وڌيڪ گهُوري منهنجي اکين ۾ نهاريائين، ۽ لاڳيتو پئي نهاريائين. مرڪَ جي ڏانڍيو راند جاري هئي. آئون پڻ سندس گهُور جي سحر ۾ گهائجي سُن ٿي ويس...
    ڪي ساعتون... الاجي ڪيتريون ساعتون، يا صديون گذري ويون. زمان ۽ مڪان مٽجي ويا. وايومندل تبديل ٿي ويو. رُتيون اينديون وينديون رهيون. سانوڻن جا اوهيرا وسندا رهيا. سيارن جا پارا پوندا رهيا. ڪڏهن ڪنول ٿي ٽڙيا ته ڪڏهن موتيا ٿي مهڪيا. ڪڏهن سرنهن پيلا گل ٿي جهليا ته ڪڏهن سارين جي سائي چادر ڌرتيءَ تي وڇائجي ٿي ويئي. ۽ آئون انهن زمانن ۽ مڪانن کي لتاڙي وڃي ٽنڊو ڄام جي زرعي يونيورسٽيءَ جي وٽرنري فيڪلٽيءَ ۾ پهتس، جتي منهنجي تعليم جاري هئي. ان عرصي دوران، هڪ ڏينهن جڏهن ڪالوني اسٽاپ تان بس ۾ چڙهي حيدرآباد ٿي ويس، تڏهن مون سان گڏ بس ۾ چڙهندڙ ٻين پيسينجرن سان گڏ “مهڪ” به چڙهي هئي. هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ڪنهن پروفيسر جي ڌيءَ هئي. اُن ڏينهن اسان جي اکين پاڻ ۾ نينهن جا ناتا جوڙيا هئا. جيڪي پوءِ پاڻ ۾ جُڙندا ئي ويا. پختن پيچن ۾ تبديل ٿيندا ويا. واعدا اقرار ٿيندا رهيا. گڏجي جيئڻ مرڻ جا قول اقرار ٿيندا رهيا. منهنجي تعليم مڪمل ٿي. قسمت سان ڊيوٽي به ملي ويئي. پوءِ جڏهن منهنجي طرفان مهڪ جي مائٽن ڏانهن پرڻي جو پروپوزل پهتو، تڏهن پراڻي ۽ دقيانوسي سوچ موجب، اسان جي وچ ۾ Living Standard جي فرق کي سبب ڄاڻائي مون کان مهڪ کي هميشه لاءِ ڌار ڪيو ويو. اهو سوچي ته متان نه مهڪ ڪو انتهائي قدم کڻي، سندس مائٽن هڪ مهيني اندر ئي، اتي رهندڙ ٻئي پروفيسر جي آفيسر پٽ سان کيس پرڻائي ڇڏيو هو...!
    مون کي خيالن ۾ کوئجي ويل ڏسي چيائين “ڍورن جا ڊاڪٽر، تنهنجو ڌُڪو اڄ لڳي ويو. الاهي، الاهي ڏينهن کان، جڏهن کان ڪنهن، ڪنهن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن کان سڄيون راتيون هورا کورا جي ور چڙهيو وڃن. ننڊ ڪانه ٿي اچي. ڀلا ٻڌائي انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪهڙو آهي؟” موهيندڙ مرڪ اڃا به سندس چپن تي وڙڪي رهي هئي.
    “اِها بيماري ڪا عام بيماري ڪانهي. انهيءَ وچڙندڙ بيماريءَ جا جيوڙا تڏهن کان هلندا پيا اچن جڏهن کان انسان وجود ۾ آيو آهي. انهيءَ بيماريءَ جي علاج ۽ ٽيسٽن لاءِ لاڳيتو سوچڻو پوندو. هونئن بيمار جو نالو ڇا آهي ۽ ڌيءَ ڪنهن جي آهي؟”
    “نالو نه ٻڌايان ته!” دلربائيءَ سان ڏاڍو پيارو ماڻو ڪيائين.
    “سڃاڻپ جي ڪتاب ۾ داخلا ته نالي سان ئي ٿيندي آهي نه. باقي هونئن دل جي دفتر ۾ تنهنجا نيڻ نقشا ائين چٽجي ويا آهن، جيئن ٺٽي واري بادشاهي مسجد جي چٽسالي، جيڪا صديون گذرڻ کانپوءِ به جيئن جو تيئن نئين نڪور آهي.”
    “نيڻ تارا... (پهريون ڀيرو کِلَ جي جهِرڻي ڇِڻڪاٽ ڪيو)... نيڻ تارا ڌيءَ طارق علي...” شرمائجي نگاهه نيچي ڪري ڇڏيائين.
    “جهڙي صورت سبحان، تهڙو پؤتر ۽ پيارو نالو. واهه، سبحان الله...”
    پريان کان ايندڙ سوزوڪيءَ جي گوڙ ٻڌڻ سان اسان جا ڪن کڙا ٿيا. نيڻ تارا رستي تان ڄارين جا ڍنگهر هٽائڻ لڳي ۽ آئون گس آجو ٿيندي ئي روانو ٿي ويس. ويندي ويندي چيم: “آئون سڀاڻي ساڳئي ٽائيم تي وري ايندس.”
    ۽ اُها رات، مون سڄي رات جاڳي گذاري هئي. اوسيئڙي جي عذابن جي ٽانڊن تي هلندي نه، وڇوڙي جي ڪاريهرن هٿان ڏنگنجندي نه پر، نيڻ تارا جي هن نموني ۾ پيار جي آڇ جي سرور ۾ مخمور ٿيندي. سندس مرڪ جي سحر ۾ وهلور ويندي. سندس سراپا جي حسن جي حسين وادين ۾ سير ڪندي ۽ سندس بيباڪي، برجستائي ۽ بي ڊپائيءَ واري قدم جو قدر ڪندي سڄي رات خوشيءَ ۾ ٽڙندو رهيس. ايئن صبح ٿي ويو، پر نه ٿڪ محسوس ڪيم ۽ نه اوجاڳو.
    ڪلهوڪي ڳوٺ ۾ اڄ وري وڃڻ جو بهانو ڪلهه ئي ٺاهي آيو هوس سو تقريباً ڪلهوڪي ٽائيم تي موٽر سائيڪل کڻي روانو ٿي ويس. نيڻ تارا اڄ به ساڳئي هنڌ تي بيٺي ڪاٺيون وڍيون. پر اڄ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي هئائين. ۽ مون به بنا هارن وڄائڻ جي موٽر سائيڪل آهستي آهستي آڻي سندس پاسي ۾ جهليو. هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا ڦيرايم پر اڄ به آس پاس ۾ ڪير به موجود ڪونه هو.
    “اڄ ته گس کليو پيو آهي، پوءِ ڇو بيهي رهيو آهين؟” منهنجي منهن ۾ نهاري مُرڪي چيائين.
    “پهرين تون ٻڌائي، ڪلهه تو منهنجو گس ڇو بند ڪيو هو؟” مون به مرڪندي پڇيو.
    “الاجي. مون کي خبر ڪانهي.” شرمائيندي اکيون پوري وري کوليائين ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين.
    “الله سائين، تنهنجي قدرت ڪيڏي نه حسين آهي.” سندس شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪرڻ مون کي ايڏو ته وڻيو جو بي اختيار منهنجي اندر مان دانهن نڪري ويئي.
    نيڻ تارا آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ سندس نيڻن جا تارا هڪ هنڌ بيهي هڪ ٽِڪَ مون کي تڪي رهيا هئا. سندس نهارَ ۾ الاجي ڪهڙا ڪهڙا سنيها هئا، نياپا هئا، پيغام هئا، التجائون هيون، ارمان هئا ۽ الاجي ڇا ڇا هو. نيڻ تارا لاڳيتو مون ڏي نهاريندي رهي. چوڻ لاءِ سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، پر ڪجهه چئي ڪونه پئي سگهيا. هوءَ ڏاڍي ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي. مون هُن جي، ٻهراڙيءَ جي حجاب کي پروڙي ورتو هو. اهڙن موقعن تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري هندي فلمن وانگر پنهنجي چاهت جو کلي عام ۽ وڏي واڪي اظهار ته نٿي ڪري سگهي نه. هُن لاءِ ته، ڪلهوڪو عمل ۽ اڄ وري اچڻ ئي سندس اٿاهه پيار جو اظهار هو. سو مون سندس جذبن جي ترجماني ڪندي چيو:
    “نيڻ تارا، آئون... آئون تنهنجي هن پيار جي پالوٽ جو دل سان قدر ڪريان ٿو. آئون به توسان واعدو ٿو ڪريان ته ڪڏهن به توسان ڪچي ڪانه ڪندس. نيڻ تارا... نيڻ تارا... سچ پچ ته مون کي اُهي لفظ ئي نٿا هٿ اچن، جن سان آئون پنهنجي پيار جو اظهار ڪري سگهان. آئون توکي ڪيئن ٻڌايان ته پنهنجي پيار جي پهرين رات، راتَ مون ڪيئن آسمان ۾ اڏامندي گذاري آهي. تنهنجن داٻن، تنهنجي يادن، تنهنجي ماڻن ۽ تنهنجي مُرڪن جا جهول ڀري سڄي رات سرور ۽ خمار ۾ مون اکين ۾ ويهي وهائي ڇڏي آهي. ۽... ۽...”
    “هاڻ ٺهيو ٺهيو...” مون کي اڌ ۾ ڪاٽي وري پنهنجي مُنهن سندن برادريءَ ۾ ڳالهائجندڙ لهجي ۾ چيائين “الائي ڪُرو ڪُرو ٻولي تو. مون ڪي ته ڪِي نائين سمجهه ۾ اچي تو رِيو.” (الاجي ڇا ڇا پيو چوي. مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.)
    “نيڻ تارا... پيار جو اظهار لفظن جي معنيٰ جو محتاج ڪونه هوندو آهي. پيار جون نديون ته نيڻن جي تارن مان ڦٽي نڪرنديون آهن. پيار جا چشما چهري جي ڀاونائن مان اُڀڪي نڪرندا آهن. ۽ نيڻ تارا... تنهنجي طرفان پيار جي واديءَ ڏانهن وڌايل وک ۾ هر قدم تي تنهنجو ساٿ ڏيندس. اهو منهنجو توسان وچن آهي.”
    “ڍورن جا ڊاڪٽر، نه ايڏيون وڏيون دعوائون ڪر ۽ نه ئي ايڏي وڏي خوشفهميءَ ۾ وهلورجي وڃ. اسين ماڻهو ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ رهيا پيا آهيون. منهنجي برادريءَ جا ماڻهو ڏاڍا ڏِنگا آهن. نه رڳو منهنجي برادري جا ماڻهو، پر هر ماڻهو، هر پيار جو دعويدار ماڻهو ئي پيار جو وڏو ويري آهي. جيڪا شيءِ هُو پنهنجي لاءِ جائز قرار ڏي ٿو، سائي شيءِ پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ناجائز، ڪفر ۽ ممنوع قرار ڏي ٿو. تنهنڪري اسين ماڻهو، جيڪي ريتن، رسمن، دين ۽ ڌرمن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هوندا آهيون، جوش ۽ جنون ۾ جڪڙيل هوندا آهيون، سي ايڏيون وڏيون دعوائون ڪٿي پاري سگهنداسين. سڀاڻي ايئن نه ٿئي جو پنهنجي ڪيل قولن جي ٻولن ۾ ٻڌجي پنهنجون زندگون زهر بنائي ويهي رهون. پنهنجو جيئڻ روڳ بنائي ويهي رهون. تنهنڪري آئون ڊڄان ٿي ايڏي وڏي هام هڻڻ کان.”
    “ايڏين وڏين حقيقتن جي ڄاڻ هوندي به ته تو پيار جي پيچري تي پهرين وک کنئي آهي. ڇا اِها همت گهٽ آهي؟ ڇا اِن کان وڌيڪ به ڪا دليري ٿي سگهي ٿي؟ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ته ننڍڙو ٻار به نانگ ۾ هٿ وجهي سگهي ٿو. پر جيڪو ڄاڻي ٻجهي به، ته نانگ زهريلو جيوَ آهي ۽ سندس ڪکيل مري به سگهي ٿو. پوءِ به ان کي جهلي ٿو ته اهو ئي دلير چئبو نه! سو جي تون سچ پچ ڊڄين ها ته ڪلهه منهنجو رستو ڪونه روڪين ها.”
    “اُها ته مڙيئي مون دل لڳي ٿي ڪئي. اهڙيون شرارتون ته اسين ڳوٺ جون ڇوريون گڏجي سڏجي ڪنهن آلي ڀولي ڇوري ڇنڀ سان ڪنديون آهيون ۽ پوءِ هُو پيو خوار ٿيندو آهي.” هن کلندي چيو.
    “جي ائين هو ته پوءِ تون اڄ ڇو آئي آهين؟” مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو.
    “الاجي ڇو آئي آهيان. مون کي ڪهڙي خبر؟” هُن جي ماڻي سان منهنجي دل ٺري پيئي. هوءَ به منهنجي اکين ۾ نهارڻ لڳي. سندس اکين ۾ هڪ حسين ڪائنات وسيل ۽ آباد هئي. چيائين:
    “ها سچي، آئون ته ڪاٺيون ڪرڻ آئي آهيان.” هُن ڪنڌ ڦيري ٻئي پاسي ڪندي چيو.
    “هيڏانهن نهار.” چيم. هُن مون ڏانهن نهاريو.
    “منهنجي اکين ۾ نهار.” هُن منهنجي اکين ۾ نهاريو.
    “هاڻ چئو ته ڪلهه تو مون سان مذاق ڪيو هو ۽ اڄ تون رڳو ڪاٺيون وڍڻ آئي آهين. منهنجي لاءِ ڪونه آئي آهين.” چيم.
    “اون... هون...” هن پنهنجي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا ۽ ڳالهه لنوائڻ لڳي.
    “چڱو، ٺيڪ آهي. جي تو سچي پچي مذاق ٿي ڪيو ته پوءِ آئون هلان ٿو.” ڏٺم ته ڦٿڪي پيئي. هڪدم اکين تان هٿ لاهي، سنجيده ٿي ويئي. هڪدم وڌي اچي موٽر سائيڪل جي بنهه اڳيان بيٺي. سندس چپ ٻيهر ڦڙڪڻ لڳا، پر هوءَ ڪجهه چئي ڪانه سگهي. اُڻ تُڻ ۽ هورا کورا سندس اکين مان جهاتيون پائڻ لڳي. پوءِ هڪ ڀرپور نگاهه مون تي وڌائين ۽ چيائين:
    “ائين ته ڏکيو ٿي وڃڻ ڏيانءِ.”
    “پوءِ ڀلا هيئن، سرعام رستي تي گهڻي دير بيهي سگهجي ٿو؟” پڇيومانس. “پنهنجو هيءُ عمل ته ڪيڏي مهل به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.” مون ڳڻتي ظاهر ڪئي.
    “ها، ايئن ته آهي. واقعي رستي تي بيهي ڪچهري ڪرڻ، گهڻو وقت پاڻ کي ڦٻي ڪونه سگهندو.” پاڻ به فڪرمند ٿي ويئي.
    “پوءِ ڇا ڪجي؟” پڇيومانس.
    “الاجي. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي،” چيائين. “تون ئي ڪو گس ڳول.”
    “ٺيڪ آهي. آئون به سوچيان ٿو ۽ تون به سوچ. وري ايندڙ آچر تي هن ٽائيم تي هتان لنگهندس. پوءِ حالي احوالي ٿينداسين، ٺيڪ، پوءِ آئون هاڻ هلان.”
    “دل ته نه ٿي چئي.” قربان قربان ٿيندي چيائين.
    “ڪڏهن ڪڏهن دل کي مڃائبو به آهي.”
    “۽ ڪڏهن ڪڏهن دل بنهه بي چئي ٿي پوندي آهي.” شرمائيندي چيائين.
    “ٿورو ويجهو ٿي.” چيومانس. هوءَ ٻه قدم کڻي مون کي ويجهو ٿي.
    ٻانهن کان جهلي، ڇڪي اڃا به ويجهو ڪيو مانس.
    “اونهون... اونهون...” ڦٿڙاٽيائين. پر ٻئي لمحي پاڻ ارپي منهنجي ٻانهن جي جهولي ۾ جهُلي پيئي.
    مون موٽر سائيڪل کي ڪڪ هنئي ۽ هُوءَ سندس پوتيءَ سان پنهنجي مِٽَ اگهڻ لڳي.
    آئون طارق عليءَ کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    هُو ٺيڪيدار به هو. ٿورڙي زمين هُيس. ٻه ٽي ڍور به هئس. ۽ آئون ڍورن جو ئي سهي، پر ڊاڪٽر هوس. اسان جي زندگيءَ جو معيار تقريباً ساڳيو هو. پر مون ڏٺو ته هو برادريءَ جي ريتن رسمن ۾ حد کان وڌيڪ جڪڙيل هو. نه رڳو جڪڙيل هو، پر انهن ريتن رسمن جو پابند هجڻ سان گڏ انهن جو وڪيل پڻ هو. مشرقي معاشري جي تمام وڏي اڪثريت جي مردن وانگر هِن جي سوچ به اِهائي هئي ته آئون جيڪي به ناجائزيون ڪريان، سي ڀلي ڪريان، پر ٻيو ڪير به ايئن نه ڪري جيئن پاڻ ٿو ڪري.
    اسان جا تعلقات وڌندا رهيا. هُو اڪثر منهنجي اسپتال تي ايندو هو. جي شام جو ايندو هو ته وري اسپتال جي پاسي ۾ ئي مسواڙ تي ورتل منهنجي رهڻ واري ننڍڙي جاءِ ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هتي آئون اڪيلو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن، ڪن خاص موقعن تي هُو مون کي سڏي سندس ڳوٺ وٺي ويندو هو، يا ڳوٺ جي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڍور ڍڳي جي علاج لاءِ سندس ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته نياپو ڪري کيس گهرائيندو هوس. موجود هوندو هو ته ملندا هئاسين. ڪچهري ڪندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ماني به گڏجي کائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. جڏهن اهڙو موقعو ملندو هو، تڏهن آئون محسوس ڪندو هوس ته ماني تيار ڪرڻ ۾، ٿانون ٿپن جي صفائيءَ ۾ ۽ سلاد جي سجاوٽ ۾ ٿيل خاص اهتمام نمايان ڏسڻ ۾ پيو ايندو هو. يا اِها منهنجي خوش فهمي هئي ۽ رڳو مون کي ئي “پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري،” وانگر کاڌي جي هر شيءِ مان نيڻ تارا جي هٿن جي خوشبوءَ پئي ايندي هئي.
    جڏهن مون سمجهيو ته هاڻي اسان جا تعلقات اُن خاص مقام تي پهچي چڪا آهن، جتي آئون پنهنجي دل جي منشا طارق عليءَ اڳيان رکي سگهان ٿو. تڏهن مون هڪ ٽياڪڙ دوست جي معرفت نيڻ تارا جي گهُر لاءِ طارق عليءَ جا ڪن کڻايا.
    پوءِ ڇا هو؟ هڪڙو طوفان برپا ٿي ويو. ٽياڪڙ دوست جو اهڙو حشر ڪيائون جو هُو ٻه مهينا اسپتال داخل هو. مونکي رات وچ ۾ شهر خالي ڪري ڀڄڻو پيو. مون واري مسواڙي جاءِ کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو.ا سپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري در دريون، فرنيچر وغيره تباهه ڪيو ويو. نه رڳو طارق علي پر سڄي ڳوٺ جا ماڻهو، ماڻهوءَ بوءُ ماڻهوءَ بوءُ ڪندا شهر ۾ منهجي ڳولا ڪندا رهيا. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو آئون ڪنهن دوست طرفان اطلاع ملڻ تي فقط ڏهه منٽ اڳ ۾ شهر ڇڏي چڪو هوس.
    پوءِ مون کي خبر پئي ته جڏهن نيڻ تارا تي وحشياڻي تشدد جي انتها ٿي ويئي ۽ هُوءَ وڌيڪ اذيتون سهي نه سگهي، تڏهن هڪ رات هُن پنکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇڏيو هو... نيڻ تارا جو ساٿ نه ڏيئي سگهڻ جو پڇتاءُ اڃا تائين منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي.

    (13-فيبروري 2012ع)
    *


    9. وڃايل قبرن جا مدفون

    ملڪ جي هڪ وڏي شهر جي بلڪل پوش علائقي ۾، جتي صرف V.V.I.Ps خاندانن جون رهائش گاهون هيون، هڪ شاندار ڪوٺيءَ جي وڏي لوهي گيٽ جي پاسي ۾، هڪ ڪشادي عام شاهراه جي فٽ پاٿ جي ڀرسان هڪ نئين ماڊل جي زيرو ميٽر گاڏي اچي بيٺي. رات جو پهريون پهر هو. بلبن ۽ سيوَرَن جي روشني رات کي ڏينهن ڏيکاري رهي هئي. اُها شاندار ڪوٺي پنهنجي شاندار اڏاوت ۽ سجاوٽ جي ڪري به ۽ اُن جي ڪمپائونڊ وال جي ٻاهران ۽ اندر آرائشي وڻن، گلن ۽ ٻوٽن جي ڪيارين، ڊاڪاگراس جي ٻارين وچان ٺهيل پاٿن جي ٻنهي پاسن کان ٽڙيل مختلف رنگن جي گلاب جي گلن جي ڪونڊين جي قطارن جي ڪري ڪنهن شاهي محل سان مشابهت ڪري رهي هئي.
    گاڏيءَ جون هيڊ لائٽس بند ٿيون. انجن بند ٿي. ڊرائيورگيٽ کليو ۽ هڪڙو بنهه عمدي پوشاڪ پهريل سهڻو، ڳڀرو ۽ جاذب نظر نوجوان هيٺ لٿو. هن گاڏي لاڪ ڪئي ۽ وڏي گيٽ ڏانهن اڃا ٻه ٽي قدم ئي مس کنيائين ته ننڍي گيٽ جي اندرئين پاسي بيٺل هڪ زورائتو مڙس سٽ ڏيئي ٻاهر نڪتو. نوجوان گيٽ کي ويجهو پهچي چڪو هو. اُن همراه کان پڇيائين “لال جان اندر موجود آهي؟”
    “آهو جي آهو... هن وقت ڌنڌي جو ٽائيم آهي. هن ويلي ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي. تُسي آؤ جي بسم الله... بسم الله...!” اُن زورائتي مڙس وڏي طمطراق سان آيل نوجوان جي مرحبا ڪئي ۽ کيس وٺي وڃي لال جان جي لاءِ مخصوص ويل ڊيڪوريٽيڊ ۽ ويل فرنشڊ ڪمري ۾ پهچايائين. اندر داخل ٿيڻ سان ئي ٿلهي شيشي وارو سائونڊ پروف آٽو ميٽڪ دروازو خود بخود بند ٿي ويو. لال جان صوفي تان اٿي اڳيان وڌي ۽ “جي آيا نون، جي آيا نون...” چوندي خوش اخلاقيءَ سان آيل جي آجيان ڪندي کيس وٺي آڻي پاڻ سان گڏ صوفي تي ويهاريائين. مُنهن تي ڪاروباري مرڪ سجائي، قربان قربان ٿيڻ جي اداڪاري ڪندي کانئس سندس خير خيريت پڇڻ لڳي. “ڪهڙا حال اٿئي علي، هن ڀيري اچڻ ۾ ڳچ وقفو ڪونه ٿي ويو آهي؟!”
    “ها، ايئن برابر آهي لالي. آئون ڪاروباري ٽوئر سانگي اسٽيٽس (آمريڪا) ويل هوس. اِن ڪري حاضري ڀرڻ ۾ ڏينهن لڳي ويا آهن. نه ته هونئن، هيءُ در به ڪو وسارڻ جهڙو آهي ڇا!” علي مصطفيٰ غرور سان مرڪندي چيو.
    “اِها اوهان جي ڪرم نوازي آهي، جو ايتري اهميت ڏيو ٿا. هونئن به اسين ويٺا ئي اوهان جهڙن قدردانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ آهيون. اوهان خوش، ته اسان خوش.”
    “لالي، ماڻهو جو چون ٿا ته وقت ماڻهوءَ کي پوڙهو ڪري ٿو ڇڏي، سو شايد هاڻي ايئن ڪونه ٿو ٿئي، نه!” علي مصطفيٰ لال جان جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    “وري ڇا ٿيو علي، ڪير پوڙهو ٿي ويو؟” لال جان ڳالهه لنوائيندي ماڻو ڪيو.
    “آئون جڏهن کان هتي اچڻ پيو آهيان، مون ته هر واري توکي وڌيڪ ڪِيُوٽِ ۽ وڌيڪ سمارٽ ٿيندو پئي ڏٺو آهي. ڇا کائيندي آهين لالي! اهڙو ڪو سدا بهار نسخو هجي ته اسان کي ڏس. اڄ ته تون واهه جي پئي وڻين...” علي مصطفيٰ جي مُرڪ هلڪڙي کِلَ ۾ بدلجندي ويئي. “اوئڳ ڇڊو جي... ڪوئي نسخا و سخا نائيڻ هوندا... بس هڪڙو ئي سدا حيات نسخو هيءُ آهي ته ٻين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پاڻ به خوش رهو...! پوءِ توهان ڪڏهن به پوڙها نه ٿيندا. اسين به ائين ڪندا آهيون. اوهان جهڙن کي خوشيون مهيا ڪندا آهيون ته اسين پاڻ به خوش ٿي ويندا آهيون ۽ اِها حقيقت ته ٻڌي هوندءِ ته خوشيءَ جهڙي ٻي ڪا خوراڪ ڪانهي هوندي.” لال جان ڏاڍي دلربائيءَ سان ۽ ڪاروباري مهارت جا داءَ و پيچ هلائيندي چيو.

    “تنهنجو مقصد آهي ته آئون به تو وانگر ههڙي ڪنهن ڪوٺيءَ جو بندوبست ڪريان ڇا؟” نوجوان وڏو ٽهڪ ڏيئي لال جان سان تاشي ملائيندي چيو.
    “اوئڳ نانا... منهنجو اِهو مقصد ڪونه هو... (کلندي...) اِن زناني ڌنڌي لاءِ اسان ئي ڪافي آهيون. اوهان ڪو اهڙو مردن وارو ڪارنامو سرانجام ڏيو جو راڄَ خوش ٿين، لوڪ واهه واهه ڪري ۽ اوهان به خوش ٿي وڃو. خير، اوهان ٻڌايو ڇا وٺندؤ، ٿڌو، گرم... يا آبِ حيات. رڳو حڪم ڪريو.”
    “نه، آب حيات اڄ نه. اڄ مون کي رڳو ٿڌو پيار ۽ البم ڏيکار. ڪو نئون پکي به ڦاسايو اٿئي يا رڳو اڳوڻين بدڪن تي آرو ڪريو ويٺي آهين؟”
    “حڪم ڪرو جي سهڻيا... تهاڊڳ واسطڳ ايڪ بهشتي حور ڦڙ ڪڳ لائي هوڻ. ڏسندين ته خوش ٿي ويندين. هونئن به اسان جو ڪم اهو ئي ته هوندو آهي ته اسين آيلن کي سندن گهرن کان به وڌيڪ خوشيون مهيا ڪريون ۽ جي ايئن نه ڪنداسين ته پنهنجا گهر ڇڏي اسان ڏانهن ڪير ايندو.. هون!” ايئن چئي لال جان صوفي تان اٿي ۽ ٽيبل جي خاني مان هڪ البم ڪڍي آڻي نوجوان جي هٿ ۾ ڏيندي چيائين “نمبر 11 کي غور سان ڏسجانءِ.”
    “ها، ايئن ته آهي جي رڳو اکيون پوري سيڪس رُڪئايرمينٽ پوري ڪرڻي هجي ته پوءِ گهر ڇڏي هتي ڇو اچجي.” نوجوان چيو ۽ البم کولي هر هڪ تصوير کي غور سان ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ هڪڙي بنهه مختصر لباس پهريل ٻارهن تيرهن سالن جي انتهائي خوبصورت ڇوڪري، جنهن جي سُورج هاڻ پئي شاخون ڪڍيون، سافٽ ڊرنڪ جي ليمائي رنگ جي پاڻياٺ هڪ اعليٰ ڪوالٽيءَ جي گلاس ۾ شيشي جي ٽري ۾ رکي کڻي آئي ۽ آڻي نوجوان جي اڳيان پيل ٽيبل تي رکيائين ۽ پاڻ هلي ويئي. نوجوان البم تان ڌيان هٽائي اُن انتهائي حسين، معصوم ۽ ڪيُوٽ ڇوڪريءَ جي بنهه مختصر لباس مان پينڌ پٽائيندڙ ڳوري ڳوري جسم جو انگ انگ ڏسڻ لڳو ۽ جڏهن ڇوڪري ٻاهر هلي ويئي، تڏهن لال جان کي چيائين: “ڀلا هِن آبِ حيات مان ڪڏهن ٿي ڍُڪ ڀرائين. هن گل جي ته خوشبوءُ ئي نرالي آهي.”
    “اوئڳ ڇڊو جي... اڳ تو بچي اڳ هن تڪ... تُسي البم ويکو جي..!”
    “خبر ناهي ته ڪڏهن وڏي ٿيندي ۽ تيستائين اسان جو الاجي ڪهڙو حال ٿيندو.” علي مصطفيٰ کلندي چيو ۽ وري البم ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ پوءِ 11 نمبر واري تصوير کي مختلف زاوين کان ڦيرائي گهيرائي ڏسڻ لڳو. ڳچ ڳچ دير تائين هُو تصوير ۾ گم ٿي ويو. لال جان ڏاڍي چالاڪيءَ سان بي خبر بڻي، ڏاڍي غور سان عليءَ جي چهري جي اڀرندڙ مختلف ڀاونائن کي ڏسي رهي هئي. جيڏي مهل ڏٺائين ته علي تصوير جي سحر ۾ بنهه ٻڏي ويو آهي، تڏهن هلڪي کنگهڪار ڪري چيائين:
    “ڪٿي گم ٿي ويوءَ. ڪيئن لڳي 11 نمبر؟ آهي نه بهشت جي حور!”
    “علي مصطفيٰ تصوير جي سحر مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. پنهنجي وائڙپ لڪائيندي چيائين: “واقعي لالي، تنهنجي انتخاب کي داد ڏيڻو پوندو. پر هيءَ نيرَڳي (روهاڪي پکيءَ جو هڪ قسم) هٿ ڪٿان ڪئي اٿئي؟”
    “يه تسي پوليس والا ڪدي سڳ بڻيا اڳ..؟” تون ميوو چکي ڏس ۽ ڏس ته ذائقي ۾ شيريني ڪيتري اٿس. باقي ڪهڙي باغ جو ميوو آهي، تنهن سان تنهنجو ڇا؟ اسان وٽ ته نه رڳو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ جا وڙ اچن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ته ٻين ملڪن جون جنسون به اچي نڪرنديون آهن.” لال جان شوخيءَ سان علي مصطفيٰ جي منهن ۾ نهاريندي مرڪندي چيو.
    “ها، ايئن ته آهي.” ايئن چئي علي مصطفيٰ ٻيهر تصوير کي ڏسڻ لڳو. جنهن جي هيٺان ريٽ لکيل هو: 1 ڪلاڪ، ٻه هزار روپيه. 2 ڪلاڪ، ٽي هزار روپيه ۽ رات، پنج هزار روپيه. هُو هڪ ڀيرو وري تصوير جي چهري تي ڇانيل حيرت زده معصوميت ۾ گم ٿي ويو.
    “ڇا پيو سوچئين؟” لال جان وري عليءَ کي سجاڳ ڪيو.
    عليءَ سڄي رات جي پيمينٽ ڪئي ۽ لالي کيس وٺي 11 نمبر ڪمري ۾ آئي:
    “پکراج، علي مصطفيٰ اسان جو وڏو قدردان آهي. هن جي پارت اٿئي. اُهي سموريون خوشيون ڏجانس جيڪي هُو چاهي ٿو.” ايئن چئي لال جان هلي ويئي. پکراج، جيڪا بيڊ تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي، سلو آواز ۾ هلندڙ ٽي.وي. ڏسي رهي هئي، تنهن اٿي اندران دروازو بند ڪيو ۽ موٽي اچي عليءَ وٽ بيٺي. هڪ اُڇاتِري نگاهه علي مصطفيٰ تي وڌائين، جيڪو لاڳيتو کيس ڏسي رهيو هو، ۽ چيائينس “اچو، ويهو.”
    پر علي بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي مسلسل کيس تڪي رهيو هو.
    “اوهان ويهو ڇو نٿا، بيٺا ڇو آهيو؟”
    “ويهڻ لاءِ سڄي رات پئي آهي. في الحال مون کي ڏسڻ ڏي.”
    “ڇا ٿا ڏسڻ چاهيو؟”
    “اِهو ئي ته تنهنجي اداس اکين جي صحرائن ۾ منهنجي ٿاڪ لاءِ ڪنهن ڪَنڍيءَ جو ڇانورو به آهي يا نه!”
    “اِهو ته ويهي به ڏسي سگهجي ٿو. پوءِ بيٺا ڇو آهيو؟”
    “ڪٿي ويهان؟”
    “صوفي تي ويهو يا بيڊ تي ويهو. جتي اوهان جي دل چاهي.” پکراج اطمينان سان چيو.
    “اڃا ڪا ٻي جڳهه، جتي ويهي سگهجي!؟” عليءَ پڇيو.
    “اسان جي اکين ۾ ٿي ويهو. اسان جي ڀاڪرن ۾ ٿي ويهو. جيڪا اوهان جي مرضي.” پکراج خالص ڪاروباري انداز اختيار ڪيو.
    “تنهنجي دل ۾ اسان لاءِ ڪيتري جاءِ آهي؟”
    “صبح تائين دل سميت منهنجو سمورو وجود اوهان خريد ڪيو آهي. اوهان جتي چاهيو ويهي سگهو ٿا.” طنز پکراج جي لپ اسٽڪ ڪيل چپن تي هنڀوڇيون هڻڻ لڳي.
    “تمام گهڻي ڏکويل ٿي ڏسجين.” عليءَ همدردي جتائي.
    “هن جاءِ تي خوشيءَ سان يا خوش رهڻ لاءِ ڪير به ڪونه ايندو آهي.” پکراج لاپرواهيءَ سان چيو.
    “ڪٿي جي آهين؟”
    “مون ماضي وساري ڇڏيو آهي. هاڻي... حال هڪيو... هيءُ ئي منهنجو ٿاڪ ۽ ٺڪاڻو آهي.”
    “لڳي ٿو حالتن جي ستم ظريفين توکي تمام گهڻو مايوس ڪري ڇڏيو آهي. پر ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي ڪنهن به ڏاڪي تي اميد جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي. حالتون ڪيڏي مهل به ڦري سگهن ٿيون.” عليءَ پکراج جي همت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “پر اوهان اِن پاسي ڇو ٿا سوچيو.ا وهان سڄي رات جي پيمينٽ ڪئي آهي، پورا پنج هزار روپيا. اوهان کي ايئن اجاين ڳالهين ۾ وقت ضايع ڪرڻ بدران روپئي روپئي جو حساب چُڪائڻ گهرجي ۽ وري لال جان به اوهان جي خاص پارت ڪري ويئي آهي. تنهنڪري ڇڏيو اِنهن فضول ڳالهين کي. اچو، اچي ويهو.”
    “هن طرح تنهنجي اکين ۾ نهارڻ سان ۽ توکان خبرون چارون وٺڻ سان به منهنجا پئسه وصول ٿي رهيا آهن. اِن ڳالهه جو تون فڪر نه ڪر. حساب ڪتاب جو مان پڪو آهيان. تون ٻڌاءِ هتي توکي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن. اڳئين واري آيو هوس، تڏهن ته تون موجود ڪانه هئين.”
    “مون کي هِتي اڄ 15هون ڏينهن آهي.” پکراج بنا ڪو تاثر ظاهر ڪندي چيو.
    “پکراج جو نالو تنهنجو مائٽاڻو نالو آهي يا هن دنيا جو؟” نالو ته ڏاڍو ڀلو آهي.”
    “مون پهرين عرض ڪيو ته مون پنهنجو ماضي وساري ڇڏيو آهي. هونئن به نالن جي ڀلارن هجڻ سان ماڻهوءَ جا نصيب ته ڀلارا نٿا ٿين. پوءِ نالو ڀلو يا ٺلهو هجڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي!”
    “ائين به ڪونهي. نالن جو ماڻهوءَ جي شخصيت تي وڏو اثر پوي ٿو.”
    “اِهو ئي اثر پيو آهي نه، جو پکراج ۽ علي مصطفيٰ جهڙن ڀلارن نالن جي باوجود اسان ٻئي مال ۽ خريدار جي حيثيت ۾ چڪلي ۾ موجود آهيون...! هُون...! ڀلارا نالا...!” پکراج جي چپن تي زهريلي طنز جوڊو ڪراٽو کيڏڻ لڳي ۽ علي گهوماٽجي ويو. ڪي پل، ڪي ساعتون هُو پکراج جي اکين ۾ نهاريندو رهيو.
    “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي” عليءَ ڌڪ پچائي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لاڳيتو پکراج جي اکين ۾ نهاريندو ئي رهيو. نهاريندو ئي رهيو.
    “ڇا ٿا ڏسو؟ اچو ويهو نه.” پکراج چيو.
    “تنهنجي اکين جي آستانن ۾ اُهي اسباب ڳولڻ ٿو چاهيان، جيڪي توکي هتي پهچائڻ جو باعث بڻيا آهن. جن تنهنجي ڪومل ۽ مٺاس ڀريئي لهجي ۾ تلخ طنز جو زهر ڀري ڇڏيو آهي.” عليءَ چيو.
    “اُهي اسباب، اِتي توکي نظر ڪونه ايندا، ڇو ته مون اُهي اسباب اڃا اکين ۾ سجايا ئي ڪونه هئا. تنهن کان اڳ ۾ ئي مون اُهي دفن ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي ته اُها قبر ئي ڊهي ويئي آهي ۽ قبر تي لڳل ڪتبي جو به نالو نشان ڪونه رهيو آهي. تنهنڪري اوهان پريشان نه ٿيو.”
    “پر چون ٿا ته ڳولڻ سان الله به ملي وڃي ٿو.”
    “ها، ٻڌو مون به آهي ته الله ماڻهوءَ جي شه رڳ کان به ويجهو هوندو آهي. پر مون کي ته ڪٿي به نظر ڪونه آيو. تڏهن به، جڏهن خيبر پختون خواه جا ماڻهو ٻوڏ جو پاڻي لوڙهي کڻي وڃي رهيو هو. جڏهن پنجاب سيلاب جي ور چڙهيل هو. جڏهن سموري سنڌ ٻڏي رهي هئي. مون کي الله ڪٿي به نظر ڪونه آيو. تڏهن، جڏهن آئون به سمورن گهر ڀاتين سميت پاڻيءَ جي زبردست ريلي جي ور چڙهي ويئي هُيس. پاڻ کان سواءِ باقي ٻن ننڍي ڀيڻن، هڪ جوان ڀاءُ، امان ۽ بابا جي ڪابه خبر پئجي ڪانه سگهي ته ڪهڙي جهان ۾ آهن. مون کي پنهنجي خبر به تڏهن پئي جڏهن پاڻيءَ جي انهيءَ زبردست ريلي مون کي خيبر پختون خواهه مان کڻي اچي پنجاب جي هڪ بستيءَ جي ڀرسان ڇڏيو. جتي “پنجابي ڀائرن” منهنجي جان ته بچائي ورتي. پر پوءِ منهنجي مالڪيءَ تان منجهن جهيڙو ٿي پيو. هُو چوي ته آئون کڻان، هيءُ چوي ته آئون کڻان. تان جو همراه پاڻ ۾ وڙهي پيا. چڱي مڙس جهيڙو ٽارڻ خاطر، جهيڙي جي جڙ کي (مون کي) هڪ عورتن جي سوداگر جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوءِ ڪيترن ئي عورتن جي واڙن تان ٿيندي ٿيندي هتي اچي پهتي آهيان. اِن وچ ۾، اِنَ ڊگهي عرصي دوران، الله، جيڪو ماڻهوءَ جي شھ رڳ کان به ويجهو هوندو آهي، هڪڙي دانهن به ڪانه ٻڌي. اُن سموري عرصي دوران جيڪي مون دانهون ڪوڪون ڪيون، جيڪي مون آزيون نيزاريون ڪيون، جيڪو مون رب کي ٻاڏايو، جيڪي مون سائينءَ کي سڏڙا ڪيا، سي جيڪڏهن پٿر اڳيان ويهي ڪجن ها ته اُهو به پگهر جي پاڻي ٿي وڃي ها. پر الله منهنجي هڪ به ڪانه ٻڌي. مون کي ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. حالانڪ اسان جو سڄو ڪٽنب روزي ۽ نماز جو پابند هو. مون الله جي ڏاڍي ڳولا ڪئي پر مون کي ڪٿي به ملي نه سگهيو. شايد منهنجي “نيت سچي” ڪانه هئي. يا شايد منهنجي نصيب ۾ اِهو ئي ڪجهه لکيو ويو هو..... سو اوهان ڀلي ڳوليو. ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي الله ملي به وڃي. باقي وڃايل قبرن جا مدفون ڪڏهن به ملي ڪونه سگهندا آهن.” اشڪن جو عربي سمنڊ پکراج جي اکين ۾ اُڀ سان ملندڙ ڇوليون هڻي رهيو هو. سنڌوءَ جي ڇاڙن وانگر لڙڪن جون لارون سندس ڳاڙهن صوفن جهڙين مِٽِن تي ڳڙڻ لڳيون هيون. پر پوءِ هڪدم هن پاڻ کي سنڀالي ورتو. ليڪن جيستائين هُن پاڻ سنڀاليو، تيستائين هُوءَ علي مصطفيٰ کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪي هئي، جيڪو پاڻ ٻڌائڻ نٿي چاهيائين ۽ جيڪو عليءَ ٻڌڻ ٿي چاهيو. خبر ناهي ڪهڙي جذبي تحت هوءَ نه چاهيندي به پنهنجو اندر اوري ويٺي هئي. علي مصطفيٰ اچرج مان، حيران ٿيندي، خاموشيءَ سان پکراج جي مختصر درد ڪٿا ٻڌي ۽ هڪ ڊگهو ٿڌو شوڪارو ڀري ڪنڌ ڦيري ديوار تي لڳل تصوير کي ڏسڻ لڳو. هُو جذبات کان وهلورجي ويو هو. هُو پنهنجن جهڄندڙ جذبن کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ، وقت جي وِٿي حاصل ڪرڻ خاطر تصوير کي تڪيندو ئي رهيو، جنهن ۾ هڪڙي بکايل شينهڻ، اڃايل هرڻيءَ کي پاڻيءَ جي دُٻي مان پاڻي پيئڻ لاءِ ايندي ڦري آئي هئي. موت جي خوف ۽ حراس کان هرڻيءَ جون اکيون ڦاٽل هيون ۽ هوءَ وڏا وڏا ڇال ڀري پاڻ بچائڻ جا جتن ڪري رهي هئي.
    جڏهن علي مصطفيٰ پنهنجي وهلور جي ويندڙ جذبات تي قابو پاتو، تڏهن ٻيهر پکراج جي اکين سان اکيون ملائي لاڳيتو تڪڻ لڳو. هڪڙو ڀيرو وري به پکراج کيس ياد ڏياريو ته:
    “اوهان ويهو نه، بيٺا ڇو آهيو. ڇا آئون ايتري لائق به نه آهيان جو منهنجي استدعا قبول پوي.” پکراج وري به ڪاروباري انداز اختيار ڪيو.

    علي مصطفيٰ ٻه قدم وڌي اچي پکراج جي ڀرسان بيٺو. هُوءَ بيڊ تي ٽنگون هيٺ لاڙي ويٺي هئي. فرش تي قالين وڇايل هو. ڳاڙهي رنگ جي غاليچي تي ديده زيب وڻڪاري اُڻيل هئي. علي پکراج جي لڙڪندڙ پيرن وٽ گوڏا ڀڃي ويهي رهيو. پکراج تڙپي پيئي. ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ عليءَ جي هٿن ۾ هٿ وجهي کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ۽ چوندي رهي:
    “هِي اوهان ڇا ٿا ڪريو؟ هِي اوهان ڇا پيا ڪريو؟ ايئن ڪو ٿيدو آهي ڇا؟ ايتري بي ادبي مون کان نه ڪرايو. ڇا مون کان ڪا خطا ٿي آهي ڇا؟ اوهان هيئن فرش تي ڇو ٿا ويهو؟ فرش تي ويهڻ، اوهان جي پيرن جي خاڪ چمڻ ته اسان جو ڪم آهي. اوهان ڇو ٿا ايئن ڪريو؟ جيڪڏهن لال جان کي خبر پئجي ويئي ته منهنجي لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي پوندو. اوهان منهنجي جيئڻ کي ڇو ٿا مشڪل بنايو؟....”
    “تون فڪر نه ڪر پکراج... تون ڪا ڳڻتي نه ڪر... لال جان کي پيمنٽ ٿي چڪي آهي. صبح تائين اسان کي ڪير به ڊسٽرب ڪونه ڪندو. تنهنڪري تون لال جان جو ڪو الڪو نه ڪر.”
    “پر به هيئن ٺيڪ ڪٿي ٿو لڳي ته اوهان هيٺ فرش تي ويهو ۽ آئون مٿي بيڊ تي.” پکراج فڪرمند ٿيندي چيو.
    “اِها منهنجي خواهش آهي ته تون مٿي ويهين ۽ مان هيٺ ويهي تنهنجي پوڄا ڪريان. تون محبت جي ديوي آهين. تون حسن جي ديوي آهين. تون مون کي رڳو اجازت ڏي ته مان صبح تائين تنهنجي چرنن ۾ ويهي تنهنجي پوڄا ڪندو رهان. تنهنجي اکين مان پريت جا پيالا ڀري پيءَ پنهنجي پياس اُجهائيندو رهان... تنهنجي... تنهنجي...”
    “علي مصطفيٰ صاحب، آئون هڪ ڪوٺي جو ويڪاءُ مال آهيان. ۽ ويڪاءُ مال به اُهو، جنهن کي پنهنجو مُلهه ڪٿڻ جو به اختيار ڪونهي. منهنجي قيمت ڪٿڻ ۽ وصول ڪرڻ به منهنجي وس ۾ ڪونهي. مون کي اِها به پڪ ڪانهي ته سڀاڻي آئون هتي هونديس يا ڪنهن ٻئي عورتن جي سوداگر وٽ وڪجي وينديس. اوهان فضيلت ڀريا ماڻهو آهيو. هرڀرو رُڃَ جي پويان ڊوڙڻ مان ڪهڙو فاعدو؟”
    “ڀريل مَٽَ مان ته هرڪو اُڃ اُجهائي ٿو، پر خالي گهڙي مان سالن جي پياس پوري ڪرڻ جهڙي ديوانگي تو ڪڏهن به ڪانه ٻڌي هوندي. ماڻهو ته پيٽ گذر لاءِ هڪ پورهيت جي هٿن سان تراشيل پٿر جي مورتيءَ کي به خدا جو مقدس درجو ڏيئي پنهنجي سموري زندگي ان جي خوشنوديءَ لاءِ گذاري ڇڏيندا آهن. تون ته وري به هڪ ساهه کڻندڙ جيئرو ۽ سمجهه ۽ ساڃاهه رکندڙ انسان آهين ۽ چون ٿا ته ماڻهوءَ ۾ سَوَ گڻ هوندا آهن. جيڪڏهن تنهنجي پرستش ۽ پوڄا سان منهنجي ماندي من کي ڪي گهڙيون سڪون نصيب ٿئي ٿو ته منهنجي خيال ۾ توکي ڪو اعتراض نه ٿيڻ گهرجي.”
    “مون پهرين به عرض ڪيو ته ويڪائو مال جي وس ۾ ڪجهه به ڪونه هوندو آهي. چڪايل قيمت واري عرصي دوران ته اسين گراهڪ جي ڊسپوزل تي هوندا آهيون. سو اوهان جيئن چاهيو، پنهنجو وقت پورو ڪري سگهو ٿا. مون ته رڳو اِهو عرض ٿي ڪيو ته اوهان رُڃَ جي پٺيان وقت وڃائڻ بدران هيءَ حقيقت قبول ڪريو ته آئون هڪ ڪوٺي تي ويٺل رنڍي آهيان ۽ هن مردن جي معاشري ۾ رنڊيءَ کي استعمال ته ڪري سگهجي ٿو، پر پاڻ سان گڏ ويهاري نٿو سگهجي. ڇو ته رنڊيءَ کي استعمال ڪرڻ وارو مرد ته وري به معتبر هوندو آهي ۽ رنڊي صرف رنڊي رهجي ويندي آهي. مرد جي انهيءَ ڪُدي ڪرتوت کي مردانگي، معتبري، عياشي ۽ وقت جي وندر جهڙا خوبصورت لحاف اوڙي صاف سٿرو ۽ اڇو اجرو مڃيو ويندو آهي. باقي رهي عورت، تنهن کي بدڪردار، جسم فروش، وحشيا، ڪال گرل، چالو مال، رنڊي، چڪلائڻ ۽ الاجي ڇا جو ڇا، ۽ الاجي ڪهڙن ڪهڙن لقبن ۽ نالن سان نوازيو وڃي ٿو ۽ سندس جاءِ فقط غلاظت جي ڍير تي هوندي آهي. تنهن ڪري اوهان جنهن مقصد لاءِ هتي آيا آهيو ۽ جنهن ڪارج لاءِ پيمينٽ ڪئي اٿوَ، اُهو مقصد ماڻيو، باقي اسان جهڙين کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏيو.”
    “تو ۾ ڪنهن کي قائل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. تو ۾ پٿر کي رِجائي پاڻي ڪرڻ جي به خاص صلاحيت آهي. پوءِ به تون ڪنهن درد رکندڙ دل واري مرد کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري سندس سهارو ڇو نه حاصل ڪري سگهي آهين؟ مون کي حيرت آهي!!”
    “هينئر مون کي ڪير رنڊي چوندو ته مون کي ڪاوڙ ڪانه ٿيندي. ڇو ته هينئر آئون آهيان. پر هتان وڃڻ کان پوءِ به مون کي ڪنهن رنڊي چيو ته اُهو طعنو آئون سهي ڪانه سگهنديس. تنهنڪري آئون اهڙو عمل ڪرڻ ئي نٿي چاهيان، جيڪو بعد ۾ آئون برداشت ڪري نه سگهان.”
    “منهنجي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟”
    “ڪهڙي حوالي سان؟”
    “جيڪڏهن مان تنهنجو خادم ٿي رهڻ چاهيان ته؟”
    “آئون اوهان کي پنهنجي اُن گراهڪ جي حيثيت ۾ ٿي ڏسان، جيڪو مون وٽ پهريون ڀيرو آيو آهي. ۽ پهريون ڀيرو ايندڙ هر شخص وڏيون وڏيون دعوائون ڪندو آهي. سو منهنجي لاءِ اِها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.” پکراج ڏاڍي چڀندڙ لهجي ۾ چئي ڏنو.
    “تون بلڪل صحيح ٿي چوين. تنهنجي اِها بيباڪي ۽ صاف گوئي مون کي ڏاڍي وڻي.”
    “اسان کي صاف گو ۽ بيباڪ اِن ڪري به ٿيڻو ٿو پوي جو اسان جي دل مان عزت ۽ ذلت وارو ڊپ نڪري چڪو آهي. اسين انساني غلاظت ۽ پستيءَ جي انتهائي هيٺين لڪير تي پهتل آهيون. اِن کان وڌيڪ اسان کي ڪير ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟! جنهن جو ڊپ ٿئي. باقي رهيو موت، سو ته هونئن به هڪڙي ڏينهن اچڻو آهي. پوءِ ڊپ ڇا جو؟!”
    “جن جن ماڻهن توکي زندگيءَ جي هِنَ موڙ تي آڻي پهچايو آهي، تن سان حساب چڪائڻ جي دعويٰ ڪرڻ ته فضول آهي. باقي هڪڙو تو سان مڙساڻو واعدو ٿو ڪريان ته جيڪڏهن تون مان سان گڏ رهڻ چاهين،ته مان اُهي سمورا زخم چيٺڻ جي انتهائي ڪوشش ڪندس، جيڪي هيستائين توکي مختلف مردن پهچايا آهن. جيئن تو پنهنجو ماضي وساري ڇڏيو آهي، تيئن مان به تنهنجو ماضي وساري توکي گلاب جي پتين تي ڪريل صاف شفاف ماڪ ڦڙن جهڙو مان ڏيندس. سڄي عمر تنهنجي غلاميءَ ۾ گذاري ڇڏيندس. مان تنهنجي خدمت کي عبادت جو درجو ڏيئي تنهنجي پوڄا ڪندس... مان... مان...!”
    “پر آئون اِن لائق ناهيان.”
    “ڇو؟”
    “آئون تنهنجو ساٿ نباهي ڪانه سگهنديس.”
    “پر به ڇو ته سهي؟”
    “اوهان کي منهنجو مشورو آهي ۽ اوهان لاءِ بهتر به ائين آهي ته اوهان هِن جاءِ تي رڳو دل وندرائڻ ئي ايندا ڪريو. هيءَ بيوفائين جي بازار آهي. هتي وفائن جي اميد رکڻ، پاڻ ئي پاڻ کي اذيتون پهچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. ڌنڌوڙي ماڻهن جو خدا پئسو هوندو آهي. اُهي وفائن جي ڄار ۾ ڪونه ڦاسندا آهن. پر اُهي ٻين کي دوکي جي ڄار ۾ ڦاسائي کين ڪنگلو ڪرڻ کانپوءِ اکيون ڦيري اڻ سڃاڻو ٿي پوندا آهن ۽ ڪِرِيلَ ماڻهوءَ کي وري اٿڻ ۾ وقت درڪار هوندو آهي.”
    “پر سڀ آڱريون برابر ڪونهن. هتي جا به سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ڪونهن، پري ڪونه ٿا وڃون. تون پاڻ کي ئي ڏس. مون هتي هيستائين ٻين کان ڪڏهن به اهڙيون ڳالهيون ڪونه ٻڌيون آهن، جهڙيون اڄ تون پئي ڪريئين. تون اڇي اجري آهين. تون وفا جو پيڪر آهين. تون پيار جو مجسمو آهين. تون عشق جي امام آهين. تون... تون... تون، هينئر جيڪا تون آهين، سا تون، تون ڪانه آهين ۽ جيڪا تون هينئر آهين، تنهن سان نه، پر جيڪا تون هينئر ڪانه آهين، تنهن تونءَ سان مان کي محبت ٿي ويئي آهي. مان اُن تونءَ کي پنهنجي دل جي انتهائي ڳجهن خانن ۾ لڪائي ويهارڻ چاهيان ٿو. جتي ان کي ٻيو ڪير به ڏسي نه سگهي. جتي صرف مان اُن جي حضور ۾ رڳو پنج وقت نه، پر هر وقت عشق جا سجدا ڪرڻ چاهيان ٿو. جتي ٻيو ڪير به نه هجي. رڳو تون هجين ۽ مان هجان. جتي خدا جي ٻيءَ خدائيءَ جي به ضرورت نه هجي. جتي رڳو تنهنجي عشق جو ڇانورو هجي ۽ مان محبت جي مٽيءَ ۾، پيار جي پاڻيءَ سان عشق جا ٻوٽا پوکيندو هجان، جيڪي عشق جا گل جهلين، جيڪي عشق جي سرهاڻ ڦهلائين، جيڪي عشق جا فصل ڏين... پکراج... پکراج مان مڃان ٿو ته توکي هن اسٽيج تي آڻڻ ۾ مردن جو ئي ڪردار آهي.. پر... پر... هڪڙو ڀيرو مون تي اعتبار ڪري ڏس. مون تي ڀروسو ڪري ڏس...!”
    “اوهان وڏي هام ته هڻو پيا، پر آئون اُن نوجوان حسن پرست ۽ هوس پرست مرد تي اعتبار ڪيئن ڪريان جو هن ڪوٺي جو مستقل گراهڪ آهي. جنهن جي قدردانيءَ جي واکاڻ لال جان ڪري ٿي ۽ خاص پارت ڪري ٿي. ڪهڙي خبر اوهان سڀاڻي ڪنهن ٻيءَ جي ڳالهين جي حسين ڄار ۾ ڦاسي، ان کي عشق جا سجدا ڪرڻ شروع ڪري ڏيو، جيئن اڄ منهنجي ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسڻ جو ڏيکاءُ پيا ڏيو! ڪهڙي خبر ته هن کان اڳ ۾ به ٻين ڪيترين کي اهڙا سهڻا خواب ڏيکاري چڪا هجو! اوهان جي اڄ مون سان پهرين ملاقات آهي ۽ پهرين ملاقات ۾ ئي اوهان زمانن ۽ مڪانن جون اُهي سموريون سرحدون اورانگهي ويا آهيو، جن تائين پهچڻ لاءِ ماڻهن جون عمريون ڳري وينديون آهن. اوهان پاڻ ٻڌايو، جيڪڏهن اوهان جي جاءِ تي آئون هجان ۽ منهنجي جاءِ تي اوهان، ته ڇا اوهان پهرين ملاقات ۾ اُهي سمورا خدشا، ڊپ، خوف ۽ دوکي جون ديوارون پار ڪري وڃو ها، جن جي اوهان مون مان تقاضا ڪري رهيا آهيو؟!”
    “پکراج... پکراج... تنهنجي انهيءَ سوال جو مون وٽ ڪوبه جواب ڪونهي. مان تو وٽ وري ايندس ۽ وري وري پيو ايندس. ۽ تيستائين پيو ايندس، جيستائين منهنجي وفا ۾ توکي يقين اچي، تيستائين پيو ايندس.” پوءِ علي مصطفيٰ باقي وقت هيٺ غاليچي تي ئي گوڏا ڀڃي پکراج جي سامهون ويهي سندس اکين ۾ ته ڪڏهن منهن ۾ نهاريندو رهيو... نهاريندو رهيو...! ۽ پکراج به عليءَ جو لحاظ ڪري هيٺ غاليچي تي ئي ويهي رهي.
    ٻئي ڏينهن ساجهر ئي علي مصطفيٰ لال جان جي ڪوٺي تي پهچي ڪمري نمبر 11 جي هڪ مهيني لاءِ سموري رقم هيڪاندي جمع ڪرائي بڪنگ ڪرائي ڇڏي. لال جان سان اهو به طئي ٿيو ته علي چاهي اچي يا نه، پر ٻيو ڪوبه گراهڪ پکراج ڏانهن نه ويندو ۽ اهو به ته هن امر جي ڄاڻ پکراج کي نه پوندي.
    علي مصطفيٰ روزانو يا ٻئي ڏينهن ايندو رهيو ۽ سڄي رات ويهي پکراج جي سراپا ۽ خصوصاً سندس اکين ۾ نهاريندو رهندو هو. اُن کان اڳتي ڪا به شيءِ ڪانه ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح ٽي هفتا گذري ويا. انهن ٽن هفتن دوران علي مصطفيٰ ڏاڍي صبر، ڏاڍي تحمل، ڏاڍي سهپ ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪندو رهيو. هُو پکراج کي پنهنجي محبت ۽ وفا جو يقين ڏياريندو رهيو، ساڻس ساٿ نباهڻ جا وچن ورجائيندو رهيو. منتون ۽ ايلاز ڪندو رهيو. پر پکراج جي پٿر ٿي ويل دل رِجِي پاڻي ٿيڻ کان نابري واري بيٺي رهي. اُن عرصي دوران هُو پنهنجي گهر، پنهنجي ڪاروبار ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کان پکراج کي واقف ڪري چڪو هو. علي مصطفيٰ پکراج کي اهو به ٻڌائي چڪو هو ته هُو پنهنجي پنج سال اڳ پرڻيل زال سان ڇو بيوفائي ڪري رهيو هو. هُن جو چوڻ هو ته بيوفائيءَ جي شروعات پاڻ نه پر سندس زال ڪئي هئي. هوءَ پنهنجي ڪنهن بواءِ فرينڊ سان شاديءَ کان پوءِ به ملندي رهي هئي، جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ ساڻس گڏ تعليم حاصل ڪندو هو. اول ته هوءَ اِنهيءَ حقيقت کان انڪار ڪندي رهي. پر پوءِ جڏهن کيس سڳ سوڌو پڪڙيو ويو، تڏهن به هن پنهنجي دوست جي پچر ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هوڏ تي قائم رهي. پوءِ هُن کيس گهر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. پر کيس طلاق اِن ڪري نٿو ڏي ته جيئن هوءَ ٻي شادي نه ڪري سگهي. اِهو به ته سندس زال نڪاح ٽوڙائڻ لاءِ فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. ڪيس هلي پيو. جڏهن وڃي فيصلو ٿئي. سندس وڪيل ۽ متعلقه ڪورٽ جو عدالتي عملو ڳري معاوضي عيوض ڪيس کي اينگهائي رهيا آهن.
    علي مصطفيٰ ۽ پکراج جي وچ ۾ هاڻي اختلافي نقطو به فقط اهو وڃي بچيو هو ته هُو سندس زال کي طلاق نه ڏيئي ڪري ناانصافي ڪري رهيو هو. جڏهن ته عليءَ جو چوڻ هو ته هُو سندس زال کي ڪيل بيوفائيءَ جي سزا ڏيئي رهيو هو. پکراج کي خدشو هو ته جيڪو مرد حال هڪيو هِن وقت به عورت سان دولت جي عيوض ناانصافي ڪري رهيو آهي، تنهن مان اڳتي چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي.
    علي مصطفيٰ کي ملڪ اندر ئي ٻئي شهر ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ وڃڻو پيو. ڪو پرڏيهي واپاري وفد آيو هو، جنهن سان ڪاروباري مامرا ڏورڻا هئا. سو کيس لاڳيتا چار ڏينهن لڳي ويا هئا. پر ان عرصي دوران هو لال جان کان فون ذريعي پکراج جي خبر چار پيو وٺندو هو.

    جڏهن لاڳيتا چار ڏينهن وٽس ڪو گراهڪ ڪونه آيو، تڏهن پکراج کي سندس شڪ ٿوري پڪ ۾ بدلبو ڏسڻ ۾ آيو. پکراج کي پهرين ئي شڪ ٿيو هو ته گذريل ٽن هفتن دوران سواءِ عليءَ جي، ٻيو ڪو گراهڪ نٿو اچي، سو ڪٿي ايئن ته ڪونهي ته عليءَ سندس لاڳيتي بڪنگ ڪرائي ڇڏي هجي. پر ڇاڪاڻ ته گذريل ڏينهن ۾ علي گهڻو ڪري روزانو، نه ته به ٻئي ڏينهن ضرور وٽس ايندو هو. پر جنهن ڏينهن ڪير ڪونه ايندو هو ته هوءَ ايئن سمجهندي هئي ته ڌنڌي جي موڙيءَ سبب ڏينهن خالي وڃي ٿو. سو جڏهن وٽس لاڳيتا چار ڏينهن ڪير ڪونه آيو ۽ پنجين ڏينهن آيو ته وري به علي مصطفيٰ ئي آيو. تڏهن کيس پڪ ٿيڻ لڳي ته معاملي ۾ ڪا گڙٻڙ ضرور آهي. سو ان رات موقعو وٺي پکراج عليءَ کان پڇيو:
    “علي مصطفيٰ صاحب، هڪڙي ڳالهه پڇان، مون سان ڪوڙ ته نه ڳالهائيندا نه!” پکراج ماڻي سان گڏ حجت ڪندي، مسڪرائيندي چيو.
    “ها، اِهو سچ آهي ته مان تنهنجي سڄي مهيني جي ايڊوانس پيمينٽ ڪري هيڪاندي بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي. اِهو ئي تو پڇڻ ٿي چاهيو نه!” عليءَ پکراج جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    “پر اوهان کي ڪيئن خبر پيئي ته مون اِهو ئي پڇڻ ٿي چاهيو؟” پکراج حيران ٿيندي چيو.
    “مون جو سڄو مهينو رياض ڪيو آهي، تنهن جو ڪجهه ته اثر ٿيڻو هو نه!”
    “ڇو؟ آخر اوهان ايڏي وڏي رقم جو زيان منهنجي لاءِ ڇو ڪيو؟” پکراج خفا ٿيندي پڇيو.
    “پکراج... مان توکي وڃائڻ نٿو چاهيان... مان توکي وڃائڻ نٿو چاهيان.” التجا ڀريو آواز آيو.
    “پر هيئن ته اوهان جي سموري جمع پونجي، ڌن دولت، ڌنڌو ڌاڙي سڀڪجهه داءَ تي لڳي ويندو. اِها ته اکين ڏٺي تباهي آهي. اوهان ايئن ڇو ٿا ڪريو؟” پکراج پريشان ٿيندي چيو.
    “جيسين راڻو نٿو ريجهي، تيسين منهنجو سک چين ۽ آرام به ته داءَ تي لڳل آهي. منهنجي سامهون سک چين ۽ آرام کان وڌيڪ پئسو ناهي.”
    “۽ جڏهن کيسا خالي ٿي ويندا، تڏهن اِها ئي لال جان، جيڪا اوهان تان قربان قربان پيئي ٿئي، سا اوهان لاءِ گيٽ ئي بند ڪري ڇڏيندي. اندر اچڻ به ڪانه ڏيندي.”
    “ملندو ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.” علي مصطفيٰ لاپرواهيءَ مان چيو.
    “پنهنجي تباهي ۽ بربادي ڪري اوهان ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟.” پکراج پريشان ٿي ويئي.
    “اِهو ئي ته مون جهڙا چريا ديوانا اڃا به دنيا ۾ موجود آهن.”
    “مون کي اوهان جي انهيءَ سوچ ۽ طرز عمل تي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿو ٿئي.”
    “مان اِها ئي ته ڳالهه چاهيان ٿو ته تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان اڳ تون مون کي بچائي وٺ. مان پنهنجي وس ۾ ناهيان رهيو. هاڻ منهنجي عزت ذلت، مان مرتبو ۽ زندگي ۽ موت تنهنجي هٿ ۾ آهي. چاهين ته مونکي بچائي وٺ. نه ته مون پٺيان ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون آهن. مون لاءِ واپسيءَ جو ڪو رستو ناهي بچيو. مان پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ جو الزام توتي ڪونه هڻندس. ايترو باقي ضرور چوندس ته مان پنهنجو سڀ ڪجهه تو تان قربان ڪري ڇڏيو. پکراج... پکراج مون کي رڳو ايترو ٻڌائي ته توکي ريجهائڻ ۽ راضي ڪرڻ لاءِ مون کي اڃا ڇا ڇا ڪرڻو پوندو. مان هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
    پکراج خاموش ٿي ويئي. ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيائين. خاموشي طويل ٿيندي ويئي. ڪمري ۾ مڪمل سانت ڇانيل هئي. ڳچ ڳچ دير کان پوءِ پکراج ڪنڌ مٿي کنيو. سامهون علي مصطفيٰ مسلسل سندس منهن ۾ نهاري رهيو هو. ڳوڙها عليءَ جي اکين جا بند ٽوڙي مِٽِن تان ٽمي رهيا هئا. پکراج کان ڇرڪ نڪري ويو. هڪ ڀيرو وري اکين اکين سان زور آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو. دلين جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿيڻ لڳي. ڪي ساعتون... يا ڪي صديون... ٻه مجسما... خاموش خاموش... آمهون سامهون... پنڊپهڻ... ۽... ۽... الاجي ڪيترن ايامن کانپوءِ... پٿر جي تراشيل مجسمن ۾ هلڪي چرپر پيدا ٿي... ۽ پکراج ويٺي ئي ويٺي... رومڙ ڪري عليءَ کي چنبڙي ويئي... ٻه ئي جسم هڪ ٿي ويا... بنهه ماٺيڻا سڏڪا آهستي آهستي سانت جي راڪاس کي پٿريون هڻڻ لڳا... ڳچ دير تائين... ڳچ ڳچ دير تائين... ۽ پوءِ عليءَ پکراج جو چهرو پنهنجي هنج ۾ رکي سندس ڳلن تان وهندڙ لڙڪ اگهيا...
    هڪ سال کانپوءِ... علي مصطفيٰ صاحب لال جان جي ڪمري ۾ ويٺو هو. البم سندس هٿن ۾ هو. البم جا ورق اٿلائيندي لال جان کان پڇيائين: “ڀلا ڪو نئون پکي ڦاسايو اٿئي، يا ساڳين بدڪن تي آرو ڪريو ويٺي آهين.؟”
    “اوئڳ ڇڊو جي، تسي تڳ هر ويلي نيا پرنده منگدا اڳ. هور سڻاءِ، پکراج دا ڪي هويا؟”
    “اوئڳ ڇڊو جي، پٺيان نه مُڙ، اڳيان ڏس.” ۽ عليءَ جو وڏو ٽهڪ ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳو.

    (20 فيبروري 2012ع)
    *


    10. اکين ۾ رهجي ويل عڪس

    “اي، ڪڄاڙو تو ڏسين؟” حڪوءَ مُنهن ۾ گُهنڊ وجهي رُکي نموني ۾ پڇيو.
    “کُدا (خدا) جي ڪدرت (قدرت) پيو ڏسان ٻيو!” صابوءَ ٿڌي لهجي ۾، مُنهن تي مرڪ آڻيندي خوش دليءَ سان ورندي ڏني.
    “کدا جي ڪدرت!؟ هتي وري ڪٿان آئي کدا جي ڪدرت! هتي ته رڳو آئون بيٺي آهيان.” حڪوءَ صابوءَ جي ڳالهه ڪانه سمجهي، سو هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا ڦيري ورائي پڇيائينس.
    “تون ئي ته اَهيئين کدا جي ڪدرت، ٻيو وري ڪيڙي (ڪهڙِي)!”
    “آئون کدا جي ڪدرت اَهيان! بتال ٿيو اَهيئين ڪيئن؟”
    “نڪو، نه بتال ٿيو آهيان ۽ نه ڪا ئي ڪا ڪل ٿڙي آهيم. هي تونجيون سدا ملڪوڙيون اکيون، هي تونجاڪارن پڪل ڄموئن جيڙا (جهڙا) چپ، تونجي ڪونج جيڙي ڊگهي ڳچي، سوئيري (سرمي) جهيڙو سانورو رنگ، ناريل جي وڻ جيڙو ڊگهو قد، اڇن باسمتي چارن (چانور) جيڙا ڏنڌ! اِها ئي ته آهي کدا جي ڪدرت، ٻيو وري ڪيڙي ٿيندي آهي کدا جي ڪدرت!” صابوءَ ڏنڌ ٽيڙيندي هلڪي کل کلندي چيو.
    “چوئين (چوين) ڪڄاڙو پيو؟ مٿو کراب ٿيو ائيني ڪَه؟ چڱيءَ کي مرين ته هيءُ تڙ ڇڏي وڃ، وڃين پانجي (پنهنجي) گهر جي اڳيان ٽُورو ٿي بيهي، هِتي ڪڄاڙي لاءِ ٽنگيو بيٺو اَهيئين.” حڪوءَ صابوءَ کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
    “ٿڌي ٿي مولائڻ، ٿڌي ٿي. ايڏي ڪاوڙ په ڪا سونهي تي ڪَه، سو په تو جيڙي ڀلوڙ زال کي، ڏسڻ ۾ ته ايڙي روٺ، مُنهين ڪانه تي اچين. پوءِ تونجو هيءَ ڳالهائڻ ايڏو کارو ڪو؟” صابوءَ حڪوءَ جي داٻي کي نظرانداز ڪندي چيو.
    “هاڻ ٺهيو ٺهيو. جهل وات پانجو. ايڙا لڙا ٻين کي وڃين هڻ. اجايو حُجاتي نه ٿي. ماٺ ڪري پانجو گس وٺ”. حڪوءَ مُنهن سُڄائيندي چيو.
    “مون ته ڀانيو هو ته جيڙي ڏسڻ ۾ ڀلي آهين، تيڙي ڳالهائڻ ۾ په مٺي هونديئين، پر تون ته مرڳو لٺ سان پيئي اچين. جي رنج ٿيئين ته سچي پچي هليو وڃان.”
    “چُئان ني ته پيئي، ٻيو اڃا پٽڪو لاهي پيرن تي رکان ني، پوءِ ويندين ڇا؟”
    “پوءِ په ايڏو گرم نه ٿي مولائڻ، ڌڪ جي ڪار ڪانهي، ڳال ڳال سان ڇٽندي. ڏيئي وٺي په مون توڏانهن ٺلهو نهاريو ئي ته آهي، ڪو لٺ ڌڪو ته ڪونه هنيو آهيم.”
    “پر په ڪو ته پيو نهاريئين. اڳي ڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪانه ڏٺي ائيني ڪَه.”
    “ان ڪري تو نهاريان جو تون مون کي الاهي الاهي تي وڻين، پر کئر (خير)، جي توکي مون جو ٺلهو نهارڻ په نٿو وڻي ته اڳتي لاءِ کڻي تو ۾ ڪونه نهاريندس، پر هليا، ٿورو اوريان ٿي ته ڦيڻ مکيان ني، متان نه مرڳو مونجو نظر نه لڳي پُوني.”
    ڦيڻ مکڻ جي ڳالهه ٻڌي حڪوءَ کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ هوءَ پوتيءَ جو پلانڌ مُنهن تي ڏيئي الاهي دير تائين کلندي رهي. سندس ڪاوڙ هوا ٿي اڏامي ويئي.
    “ٻيلي شڪرانو، کِليئين ته سهي، نه ته هُڃَ (هونئن) تونجي داٻي ته مرڳو مونجا گُونَهه مُٽَ سوڙها ڪري ڇڏيا هئا. چئو ته هاڻ وري ايڙو داٻو ته ڪونه ڏينديئين نه، نه ته مرڳو آئون هيءَ جُوءُ ئي ڇڏي هليو وڃان، اَلها! (الله،”
    حڪو اڃا تائين پئي کِلي.
    “قسم سان، سچي تو چئان، اسين گَريب ماڙهو، سهي جي کَلَ! نه ڪَڙو ٻوليون ۽ نه داٻو سهي سگهون. اسان جي ميڻ جي دل، سو ٻيلي، اسان جي مڙيو ئي پارت هجني. وڌيڪ مئا ٿيا جيئرن وس، ماريو توڙِي جيئاريو، آنجي آهي مرضي.”
    حڪوءَ پنهنجي بي مهار کِلَ روڪي صابوءَ ڏانهن نهاريو. “ڏسڻ ۾ ڪيڙو ميسڙو تو لڳين، پر ڀانيان تي ته اَهيئين ٻئي ڪُلهيون وهينل. ڳالائڻ تي تو اچين ته جهل ئي ڪونه تو ڏيئين. الاجي ڪٿان کان ڪٿي وڃيو پڄين. مٿان وري ٺوڪَ اِها ته گريب اَهيان، سهي جي کَل!”
    “هيڏانهن، جا....! نالو ڪڄاڙو ائيني .... ؟”
    “حَڪُو.”
    “ها حڪو، مونجو نالو صابو آهي. سو جا حڪو، ڳاڙهي قرآن جو سُنهن ته آئون ميسڙو ڪونه اَهيان، جيڙو ٻهار (ٻاهر) اَهيان، تيڙو ئي منجهه اَهيان. اِهو ته مڙيئي تونجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪرڻ لاءِ اِڃَ (ائين) پئي درڙيون (درڻيون-منٿون) هئيم. سچي ڳال هيءَ آهي ته جڏهن کان تون اسانجي ڳوٺ ۾ آئي اَهئين ۽ جڏهن کان توکي ڏٺو آهيم، تڏهن کان سک ڦٽي پيو آهيم. تونجي سامهون ته ڪونه تي آهيس، پر گسان پنڌان لڪيو ڇپيو تونجو ديدار پيو ڪندو هوس. پر پوءِ جڏهن ڏٺم ته توکان سواءِ ساٿ (ساعت) په ڪانه تي سريم، تڏهين ٻن ڏينهن کان ڪَلوڙو ڪُنڍي کڻي اچيو آنجي گهر مانڌان (اڳيان) تڙ تي مڇي مارڻ جو موثو (بهانو) ڪريو بيهو رهان. ڪالهه ته سڄو ڏينهن نهاري نهاري اکين ۾ پچيون پئجي ويون پر تون ٻهار ئي ڪانه نڪتيئين، اڄ وري آئي اَهئين ته مرڳو داٻن سان اُڦٽ ساهه تي ڪڍين”، جا، حڪو! بار ڇا پير جو سُنهن ته تون مرڳو مونجي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهي اَهيئين.”
    “اي هاڻ ٺهيو ٺهيو، ايڙيون قواليون ته آنکان ڪير سکي.” حڪوءَ ماڻو ڪيو.
    “اِهي قواليون ڪونهن حڪو، اِها منهنجي دل جي ڳالهه آهي، اتبار (اعتبار) ڪر حڪو.” صابوءَ منت ڪئي.
    “چڱو چڱو، هاڻ پري ٿي، تڙ کالي (خالي) ڪر ته آئون پاڻيءَ جو دلو ڀريان. ويچارو، مجني جو ماسات.” حڪوءَ ٽوڪ ڪندي مسڪرائيندي چيو.
    “ها، اِڃَ په هوندو، ويچارا جو ٿياسين. باقي هڪڙي ڳال پڌري پٽ پئي آهي ته زوريءَ نه پيار ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي زوريءَ دل ڏبي آهي. سو جي سچي پچي رنج ٿئين ته آئون وري تون جي گسان پنڌان نه اچان. ڇو ته هرڀرو آئون ڪنهن جي دل ڏکايان، اهو مونجو وڙ ڪونهي.”
    “مرڳو اِن منزل تي پُڄي ويو اَهيئين ڪيئن! اڃا دير ئي گهڻي ٿي آهي.” حڪوءَ هڪ دلربا مرڪ مرڪندي چيو.
    “هُڃَ ته ٻڌو آهيم ته دلين جي وچ ۾ نه پنڌ ويڇا وجهندا آهن ۽ نه ئي ڪا وکت (وقت) جي اهميت رهندي آهي. ست سمونڍ په کن پل ۾ اُڪرجيو وڃن ته صديون په ساعت ۾ گذريو وڃن. پر مون کي ته سڄو سارو بار ڀريو مهينو ٿيو آهي تولاڪ اُسڙڪندي. پهريئين ڏينهن، جڏهن تون ڊاسن (ڊاٽسن پڪ اپ) مان پئي لٿيئين، تڏهن توتي نگاهه پئي هُئيم. اوڏي مال (مهل) ئي جيڙو ڪر ڪنهن هينئين ۾ ويرَمُٺ (ڪارو جادو) وهي ڇڏي هئي. ۽ ... ۽ تون پئي چئين ته دير ئي گهڻي ٿي آهي.” صابوءَ پنهنجي دل کولي حڪوءَ مانڌان رکي.
    “ڀلا ڀائيرَ! تون ته ماڳهين ڪو اوڏيءَ مال ئي چتايو بيٺو هُئين. آئون ته توکي اڄ پهريون ڀِرڪو پئي ڏسان.” حڪوءَ بي خبري ظاهر ڪندي چيو.
    “چوندا ڪونه اَهين ته ‘سکيو کنهي پيٽ، بُکيئي وڃي ساهه..!’ سوجيسين تونجي نگاهه مون تائين پهتي آهي تيسين باقي ڪي پساهه وڃي بچيا اَهين، سو په مٿان وري داٻا.”
    “مون کي کبر ڪانه هئي ته ڪو تو جيڙا شودا مرڳو اکايو بيٺا اَهين ته ڪٿان تا ٻوڏ جا ستايل ماڙهو اچن، ته هي عاشق جيوڙا پانجو عشق لڙائين، جي هيل مينهن نه پون ها ۽ ٻوڏ نه اچي ها ته پوءِ تونجو ڪڄاڙو ٿئي ها! تون ڪنهن جي لاءِ ڪُنڍيون ۽ ڪلوڙا کڻي اچي بيهين ها!” حڪوءَ طنز ڪندي چيو.
    “حڪو، تون ڀلي مون تان مشڪري ڪر، ڀلي ٽوڪرون هڻ، پر مون توسان دل واري ڪئي آهي.”
    “ڀلا مڙس! ٻيو ڪو چُوندو ته سچي پيو چئي.”
    پوءِ صابو ڪنڍي ۽ ڪلوڙو کڻي پنهنجي گهر روانو ٿيو.
    تڏهن حڪو سٿڻ جا وَرَ کُنجي گوڏن تائين مٿي ڪري، دلو کڻي پينڃاري واهه جي تڙ تي پاڻيءَ ۾ لهي پيئي. دلي کي اندران توڙِي ٻاهران پاڻيءَ ۾ آڇلائي ڌوئي صاف ڪري، پاڻي ڀري دلو کڻي ڪڇ تي رکيائين ۽ آهستي آهستي ڪري پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري ڪپر تي آئي. هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا ڦيريائين، پر صابو ڪٿي به کيس ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. الاجي ڇو سندس دل جي ڪنهن پاسي ۾ اِهو خيال ڪَر موڙِي رهيو هو ته ڪٿي نه ڪٿي، ڪو ڪُنڍ پاسو وٺي صابو ضرور لاڪائنس بيٺل هوندو. پر جڏهن صابو ڏسڻ ۾ ڪونه آيس، تڏهن جهڙو ڪر دل ۾ کيس ڪو جهٽڪو محسوس ٿيو.
    “الا! ويچاري کي هران ڀران (هروڀرو) تڙي ڏيئي پريشان ڪيم. جي رڳو ٻه اکر کلي ڳالايان ها ته مونجي گهران ڇا وڃي ها. مڙيئي هن جي دل کُوش ٿئي ها ٻي. پر کئر، ٺيڪ آهي، جي کلي ڳالائجيس ها ته مرڳو منجهائنس ڦاسي وڃجي ها. هڃر ئي پيو چُوئي ته پهرئين ڏينهن کان وٺي تولاڪ مانڌو اَهيان، سو ڏسان ته اڳتي ڪڄاڙو تو ڪري.” حڪو پنهنجي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هئي...
    “پر ٻيلي حڪو، اجائي اَتڙي (جلد باز) نه ٿي. هنن مردن تي ايترو تڪڙو اتبار (اعتبار) په نه ڪر. ايڙا ميسڙا رڳو ڪم ڪڍائو هوندا آهين. ٻڌو ڪونه ائيني ته ‘ميسڙن مان مسيتون (مسجدون) ٻرن...’ بس ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو. پو (پوءِ) سڃاڻيندا په ڪونه. ٻي ڳال ته آئون پرائي ڳوٺ ۾ ڏُرجي (دربدر ٿي) آئي اَهيان، ڪو گهوٽ پسند ڪرڻ ڪانه آئي اَهيان. پانجن پکن جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ هتي اچي ٻه ٽي ڏينهن پناهه ورتي ائينون. حال هڪيو ته پراين ٽڪرن تي پيٽ کوڙيو پيا آهيون. پاڻيءَ سُڪندا ته هليا وينداسين ۽ وري وڃي اباڻا اجها آباد ڪينداسين. اڃا په وڏي ڳال ته مون کي ڪيڙي شادي ڪرڻي ِآهي جو آئون اجايو پيئي وهلور وڃان ۽ هي ڳاليون پئي سوچيان...” اِهي پُور پچائيندي حڪو پاڻيءَ سان ڀريل گهڙو کڻي گهر اندر هلي ويئي.

    حڪوءَ جن جو گهر، سندس ٻن چاچن جا گهر ۽ هڪڙو سندس مامي جو گهر، “گونگڙو” سِم نالو اٿلڻ جي ڪري پيدا ٿيل ٻوڏ ۽ بي انتها برساتيءَ پاڻيءَ جي ڪري ڳوٺ ٻڏڻ سبب، پنهنجا سِرَ بچائي اچي پنهنجي برادر جي لاڳاپي ۾، دڙو شهر کان ڏکڻان، پينڃاري واهه جي بندر تي ڪَپَر سان اڏيل ڳوٺ ۾ ترسيا هئا. ۽ جنهن گهر ۾ حڪوءَ وارا ترسيل هئا، تنهن کان پنج گهر ڇڏي ڇهون گهر صابوءَ وارن جو هو.
    اُن شام، جنهن ڏينهن حڪوءَ وارا پنهنجو اڀرو سڀرو لڏو، هنڌ ٽپڙ، رلي رانٽو، ۽ ٻيو ضروري سامان ڊاٽسنن ۾ ڀري اچي صابوءَ وارن جي ڳوٺ ۾ لٿا هئا، تنهن مهل به چڱي بونڌار وسي رهي هئي. اويءَ مهل صابو به ڳوٺ جي ٻين همراهن سان گڏ، آيل مهمانن جو سامان گاڏين مان لاهڻ ۽ گهرن اندر رکڻ ۾ جُنبي ويو هو. آيل زائفائون وسندڙ بُونڌار جي ڪري تڪڙيون تڪڙيون گهرن ۾ گهڙي وڃي اجهي ۾ بيٺيون، ۽ مڙسالا وري ڳوٺ وارن سان گڏجي سامان لاهڻ ۾ لڳي ويا هئا. انهيءَ افراتفريءَ دوران به حڪوءَ جي گهري سانوري رنگ، ڊگهي قد ۽ بنهه ملوڪڙن آرڪاڻن صابوءَ جا وائيسر (واشر) ڍرا ڪري وڌا هئا. توڙي جو حڪوءَ جو ڏانهس ڪو توجهه ئي ڪونه ٿيو هو، پر پوءِ به صابو حڪوءَ کي ڏسندي ئي پنهنجي دل جو فصل ڀيلائي ويٺو هو.
    پوءِ سڄو سارو مهينو صابو حڪوءَ کي رڳو پري کان، سو به اڻ لکي نموني ۾ ڏسندو رهندو هو. تنهن ڪري حڪوءَ جي ملائڪن کي به خبر ڪانه هئي ته ڪو صابو ۾ لاڪائس باسون باسيندو ڀُوڻي.
    اُن ڏينهن، جڏهن حڪوءَ کي هن حقيقت جي پروڙ پئي ۽ ساڻس روبرو جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪيائين، سا ته ڪيائين، پر پوءِ گهر وڃڻ کانپوءِ، جڏهن رات جو هيڪلي هنڌ تي ليٽي هئي، تڏهن پُورَن ۽ پچارن اچي پَٺي جهلي هُيس:
    حڪو جيڪا، رحمت مان ڦري زحمت بنجندڙ برساتن جي بربادين جي وَر چڙهي، پنهنجن پکن جي پاڙئون پٽجڻ ۽ نيست و نابود ٿيڻ بعد پنهنجن مائٽن سميت پناهه وٺي اچي پنهنجي برادر ۾ رهي پيئي هئي، سا جڏهن صابوءَ سان ڳالهيئين پئي هئي، تڏهن ته هڻي دُڻي حال هڪيو ته پنهنجي جند ڇڏائي، صابوءَ کي رُکو مُنهن ڏيئي روانو ڪري چڪي هئي. پر هاڻ جڏهن اچي هنڌ تي ليٽي هئي، تڏهن سندس بند اکين اڳيان صابوءَ جي شڪل اڀري اچي بيهي رهي هئي... معصوم، منتون ڪندڙ ۽ مرڪندڙ شڪل.... “کدا جي ڪُدرت پيو ڏسان ٻيو ....”، “تون ئي ته کدا جي ڪُدرت اَهين، ٻي وري ڪيڙي ...!”، “هليا، اوريان ٿي ته ڦيڻ مکيان ني، مرڳو نظر نه لڳي پُوني...!” اَلا! ڪيڏيون نه منٿون تي ڪيائين...! ڇا جنهن کي دل ۾ بدي هوندي، جان (يا) جنهن جي نيت کراب هوندي، سو اِڃَ (ايئن) پلانڌ وجهندو؟ ايڙيون ليلڙاٽيون ڪيندو؟ ايڙو ڳوڀ کُدا جو هوندو؟ مون کي ته منجهس ڪو ڦير ڏسڻ ۾ ڪونه تو اچي... ٻيو په ڪيڙي کبر! ماڙهوءَ جي نراڙ تي ڪو لِکَلِ ٿورو ئي ڪو هوندو آهي... ماڙهو... ماڙهو په ايڙا کرميٽ تا ڪن جو کبر ئي ڪانه تي پوئي... ڪيڙي کبر ته هي په اِهو سمورو ناٽڪ ڪيندو هجي! پر .... پر ... لئي حڪو، توکان ڪير تو پڇي ته هُو سٺو آهي ڪَه بڇڙو! کڻي هو سٺو په هجي، ته په مون جو ڇا؟ مون جي ڪيڙي ڪم جو! ڀلي کڻي مون تي چريو ٿيو پيو هلي، پر مون مان ورندس ڇا! جي کڻي آئون وڻانس په تي، ته په هُو پانجن مائٽن کي چوئي ته اُهي مون جي مائٽن سان ڳالائين، مون جي اڳيان پٺيان ٿيڻ مان کيس ڇا ورندو سرندو! مٽي مائٽي ته مائٽ ڪيندا، آئون ڪو ساڻس ڀڄي ته ڪانه وينديس... پر اِهي په اجايون ڳالهيون. آئون ته ڪنهن نه ڪم جي. مون مان نه هوند، نه شڪر، پو ... پو... ڇڏ منڊو واريءَ ۾. مونجي ٺُٺِئي سُور...!
    (2)
    “ٻڌو آهيم ته آئين سُڀاڙي وريو پانجي وطن پيا وڃو.” صابوءَ جي چهري تي ڏاڍي فڪرمندي پئي ظاهر ٿي. هُو اڄ وري ڪُنڍي ۽ ڪلوڙو کڻي اچي حڪوءَ وارن جي گهر اڳيان تڙ تي پاسو وٺي بيهي مڇي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيڏي مهل حڪو گهر کان ٻاهر نڪتي ته کانئس پڇيائين.
    “ها، وڃڻو ته آهي. پرائي درن تي رهي په ڪيترا ڏينهن رهبو.” حڪوءَ به ساڳي سنجيدگيءَ سان کيس ورندي ڏني.
    “حڪو، آئون اڄ په ڪونه اچان ها، پر... پر جڏهن ٻڌم ته آئين وڃو پيا، تڏهن هڪڙو ڀرڪو وري اچي تونجي اڳيان ٽنگجي بيهي رهيو اَهيان. هڪڙي ضروڙي ڳال پڇڻي آهيم توکان، سو جي موڪل ڏيئين ته پڇان.”
    “چئو، ڪيڙي ڳال آهي؟”
    “جي تون په مون ۾ راضي هُجين ته ٻڌائي ته آئون اڳتي قدم وڌايان.”
    “ڇا جي باري ۾؟”
    “شاديءَ جي باري ۾، پانجي شاديءَ جي باري ۾.”
    “پر مون ۾ ڏٺو ڇا ائيني، جو مرڳو چريو ٿي پيو اَهيئين.”
    “اِها ته مون کي کبر ڪانهي ته تو ۾ ٻين ڇوڪرين کان ڪڄاڙو وڌڪ آهي، پر ڪا ته ڳال آهي سهي. نه ته هتي په ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. هڪ ٻئي کان وڌيڪ پيون آهين. پر سچ پڇين ته جڏهن کان توکي ڏٺو آهيم، تڏهن کان سک ڦٽي پيو آهيم. تو الاجي ڪيڙو جادو ڪري ڇڏيو آهي، جو جي جاڳان پيو ته تون اکين اڳيان پيئي ڦرين، جي کڻي ڪيڏي مال ننڍ اچيم تي، ته وري خوابن ۾ تون اچيو اڳيان بيهو رهين، هاڻ ٻڌاءِ ته آئون ڪريان ته ڪڄاڙو ڪريان!”
    “آئون ڪيڙو جادو ڪينديس، آئون ته ڪاري اڱار جيڙي، ٻيو ته ڪير مون ۾ نهاري په ڪونه، تون الاجي ڪو اچي بتال ٿيو اَهيئين، مون جي صلاح وٺ، مون جي پچار ڇڏي ڍار. اسين مشڪين گريب ماڙهو، پانجيءَ ۾ پُورا. گراهه ڪمايون، گراهه کِنيون. سو ايڙن عيشن ۾ اسانجو ڪڄاڙو؟ مون کي رڳو اِها کبر آهي ته اسانجا مائٽ جڏهن په، جتي په مرضي ٿيندي، ڏيئي ڇڏيندا. نه اسان کان پڇندا اَهين ۽ نه وري اسان جي ٻڌندا اَهين. ۽ اسين په ڍورن وانگي هڪڙي ڪِلي تان هڪلجي، ٻئي ڪلي تي اچي بيهي رهنديون آهيون. اسان جي لاءِ ٻنهي پاسي هڪ جهرو وهينير هوندو آهي. ڏکيو سکيو ٽڪر ٿيو کيئڻو. سو جيڙو هِتي، تيڙو هُتي، سچي ڳال ٻڌايان ني، تون مڙس ڀلو تو ڏسجين. مون کي تو تي قياس تو ٿئي. تون هران ڀران مون جي پويان نه رُل. ائون مائٽن جي تونسلي آهيان. سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪجهه په ڪري ڪانه سگهنديس. ڳاليون ائيني سنيون سُبتيون. متان نه ڪنهن ڀُل ۾ رهين. ٻڌايو ڇڏيان ني تي ڪڻين.” حڪوءَ پهريون ڀيرو کُلي صابوءَ سان ڳالهايو.
    “آئون اِڃَ ڪٿي تو چُئان ته تون تون جي مائٽن کي ڇڏي مون سين نڪري هل. آئون ته رڳو اِڃَ تو چئان ته جي تون مون ۾ راضي هجين ته مون کي موڪل ڏي ته تون جي مائٽن کان تون جي گُهر ڪريان. باقي ڪاري اڱارن جيڙي اَهيئين، جان (يا) جيڙي په اَهئين، سا ته اکين ڏسجين پيئي. سُونڊي هيٺان ڍَڪل ته ڪانه اَهئين. تون ڪيڙي اَهئين؟ سو تون مونجي دل کان پڇ. ٻين کي ڪيڙي کبر ته تو ۾ ڪيڙي مڻيان آهي!”
    “پوءِ ڀلا تون ئي کڻي سُڻائي ته مون ۾ ڪيڙي “مڻيان” آهي، ڪيڙو سون جو ٽڪر مون ۾ ڏٺو ائيني، جو مرڳو مريو تو پَئين.” حڪوءَ کان مڻيان جو لفظ ٻڌي کِلَ نڪري ويئي.
    “چري، سڀ ڳاليون ڪي ٻڌائڻ سُڻائڻ جون ٿورو ئي ڪو هونديون آهين. ڪي ڪي ڳالهيون رڳو محسوس ڪبيون اَهين. اُهي نه ڏسي سگهبيون اَهين ۽ نه وري ڪو سُڻائي سگهبيون اَهين. اُهي رڳو دل جي اکين سان دل ئي دل ۾ محسوس ڪبيون اَهين. هُڃ ته ماڙهو سڀ هڪ جيڙا هوندا اَهين، پر گلن جيڙي کشبو (خوشبو) ڪنهن ڪنهن منجهان ايندي آهي، سڀني مان نه! سو تو منجهان ايندل (ايندڙ) کشبوءَ مون کي مست الست ڪري ڇڏيو آهي.”
    “ائي الا، ويچارو! ماڳهي ڪم کان ويو پيو آهي.” حڪوءَ کلندي چيو.
    “بس، هاڻ تونجي وس اَهيان.” صابوءَ به مرڪندي چيو.
    “ڏس صابو، تون ته مون کي سڃاڻين په ڪونه، ته آئون ڪير اَهيان؟ ڪيڙي اَهيان؟ ڪيئن اَهيان؟ پوءِ رڳو پري کان ڏسڻ سان ئي اِڃَ لڳي چڙهڻ سڃاڻپ ته ڪانه چئبي.” حڪوءَ سنجيده ٿيندي چيو.
    “عاشق وري سياڻا په ٿيندا آهينِ ڇا؟ هُڃَ په دنيا ڀروسي تي قائم آهي. ۽ ماڙهوءَ ۾ سوين گُن ٿيندا آهينِ.” صابوءَ پُر اميد ٿيندي چيو.
    “اهي رڳو آکڻ سڻڻ جون ڳاليون هونديون اَهين. سڀ ماڙهو جيڙا ٻهار (ٻاهر) ڏسبا آهن، تيڙا هوندا ڪونهي. ڏسڻ ۾ ته ٽُوهَه ڏاڍا سُٺا پر ڪؤڙا جيڙا وِکِ (زهر). سو ڪيڙي کبر ته جنهن لاءِ تون مريو تو پوئين، سا اندر ۾ بنهه ڪا بازن کان بڇڙي هجي ته!” حڪوءَ ساڳي سنجيدگيءَ سان چيو.
    “ها، اِڃَ ته آهي، اِڃَ ته برابر آهي. پر چُون تا ته پنج آڱريون په هيڪ جيڙِيون ڪونهي. برابر ماڙهو دوکو ڏيندا په اَهينِ ۽ ماڙهو دوکو کيندا په آهين. مون وٽ ايڙي شاهدي ته ڪانهي جو آئون قسم کڻي چئي سگهان، پر الاجي ڪو مون جي دل پئي چوئي ته تون مون سين دوکو ڪانه ڪنديئين. شل رب مون جي ڳال قبول ڪري وٺي.”
    “کڻي هاڻ توسان دوکو نه ڪريان، پر جي هِن کان اڳ جيڪي سَرَ سُڃا ڪيا هجنم، سي! هِن کان اڳ بازن کان بڇڙي رهي هجان ته پوءِ؟!” حڪوءَ آڏي اک سان صابوءَ ڏانهن نهاريو.
    “جيڪي بازن کان بڇڙيون هونديون اَهين، جان جن سر سڃا ڪيا هوندا اَهين، سي هڃ تو وانگر قبولدار ڪونه ٿينديون اَهين. سي پانجا ڏوهه اڃ ڀاسينديون ڪونهي. تن جي مُنهن ۾ مڻيان ڪانه هوندي آهي. انهن جا منهن لٿل هوندا اَهين. انهن جو اندر کاڌل هوندو آهي. انهن جي ڳالين ۾ ايڙو دم ڪونه هوندو آهي. وري په توڪل جو سودو آهي، آئون توکي تونجن سمورن عيبن ثبابن (ثوابن) سميت قبول تو ڪريان.” صابوءَ وڏي هامَ هڻندي چيو.
    “جڏهن ماڙهوءَ کي ڪا شيءَ وڻندي آهي، سا تڏهن رڳو وڻندي آهي. اوڏيءَ مال اُن کي رڳو ان شيءَ جون سٺايون ڏسڻ ۾ اينديون اَهين، پر ڪا په کرابي نظر ڪانه ايندي آهي. اڄ تون مونجي عشق ۾ انڌو ٿي پيو اَهيئين، سو توکي مونجا ڪي په عيب ڏسڻ ۾ ڪونه تا اچن. مونجو ڪارو رنگ توکي اک جو ڪجل ٿو لڳي، مونجا ڪارا چپ په توکي پڪل ڄمون ٿا لڳن. پر سڀاڻي جڏهن اِن ڪاري کَل مان جوانيءَ جو جؤڀن هلي چُرندو ۽ ڪاري چمڙي لڙڪڻ لڳندي، تڏن هئي جا هٿ هڻندين. آئون اندر ايڙيِ ڪانه اَهيان، جيڙي ڪپڙن ۾ ڍڪيل ٻاران (ٻاهران) ڏسجان پئي. تنهن ڪري مونجي صلاح مڃ ۽ اِن هوڏ تان لهي وڃ.”
    “مون چيو نه ته تون سمورن عيبن ثبابن سميت جيڙي اَهيئين، مونجي اَهيئين، سو توتان هٿ ڏکيو تو کڻان. پانجي وس پڄنديءَ سارُو زور آئون په گهڻا لاهيندس، پو په الله مالڪ آهي.”
    “پر مونجي ڳال سمجهين ڪونه ٿو! آئون جو چُئان پئي ته آئون جيڙي ڏسجان پئي، تيڙي ڪونه اَهيان، سو ضروڙ ڪا ته ڳال هوندي.” حڪوءَ صابوءَ کي خبردار ڪندي چيو.
    “اُها ڪيڙي ڳال آهي. مون کي په ته سُڻائي، آئون په ته ٻڌان ته سهي.” صابوءَ پڇيو.
    “اِهو اندازو تون هِن ڳال مان لڳائي وٺ ته اسان جي برادر ۾ جلد ڇوڪريون پرڻائڻ جو رواج آهي. هوڏانهن ڇوڪري اڃا سامائبي مس، ته هڪدم هُن جو وِهانءُ ڪري ڇڏيندا. پو جيڙو په گهوٽ ملي، انڌو، منڊو، ڪاڻو، ڪوجهو، جڏو، لُولو ۽ چريو کريو ڪونه ڏسبو آهي. مڙيئي نياڻيءَ جو بار لاهي ڇڏبو آهي.... پر مون کي ... پر مون کي ويٺي اٺ ڏهه سال ٿي ويا آهن. اڃان مونجي شاديءَ جي ڳال په ڪونه تا ڪن. هاڻ تون پاڻ سوچ ته ڪا ته کرابي آهي مون منجهه، جو هيترو وکت ويهي رهي آهيان.” حڪوءَ اشارن ئي اشارن ۾ سڄي حقيقت صابوءَ اڳيان رکي ڇڏي.
    “اِهي سڀ پوءِ جون ڳاليون اَهين، تونجا مائٽ راضي ٿين تا جان نه، تونجو سڱ مونکي ملي تو جان نه. اُن کان اڳ ۾، پهرين تون سڻائي ته تون راضي اَهئين ڪه نه!” صابوءَ سڌو سوال ڪيو.
    “آئون تو ساڻ ٺلهي ها ڪيئن ته ڪريان! جڏهن پانجي شادي ٿي ئي نه ٿي سگهي، ته پوءِ ها جان نه مان ڦائدو په ڪيڙو؟” حڪوءَ قطعي ڳالهه ڪري ڇڏي.
    “پر په ڪوته سهي؟ ڪو نٿي ٿي سگهي پانجي شادي؟” صابوءَ وري پڇيو.
    “اِها ڳال تون ڪونه سمجهندين.” حڪوءَ نراس ٿيندي چيو.
    “جي تون سمجهائينديئن ته سمجهندس نه. تون چٽي ڳال ته ڪريئين ئي نٿي، رڳو پيئي ڳجهارتون ڏيئين.” صابوءَ زور ڀريندي چيو.
    “اِها ڳال آئون توکي سڻائي ڪانه سگهنديس.” حڪوءَ ڏُکاري ٿيندي چيو.
    “پر په ڪو ته سهي؟” صابوءَ وري به زور ڀريندي پڇيو.

    ايتري ۾ بصري گهرجي گهٽيءَ مان ٻاهر ايندي نظر آئي. بصريءَ کي ايندو ڏسو صابو ڪنڍيءَ ڏانهن توجهه ڏيئي مڇي ڦاسائڻ جو بهانو ڪري بيهي رهيو، ته حڪوءَ وري سُٿڻ جا وَر کُنجي تڙ تان پاڻي ڀرڻ لاءِ گهڙو کڻي پاڻيءَ ۾ لهي پيئي.
    بلڪل اوڏيءَ مهل صابوءَ جي ڪُنڍيءَ کي کُنڊَ (ڇڪَ) آئي ته صابوءَ به ڪاريگر شڪاريءَ وانگر ڏور کي ٿورڙي ڍِرَ ڏني ته جيئن مڇي باقاعدي ڪلوڙي وارو ڳاهه ڳيهي وڃي. ڪجهه ڍِرَ ڏيڻ کانپوءِ صابوءَ ڏور کي هيڪانڌي وٺي ٻاهر ڇڪ ڏني. ڏور ۾ ڦاٿل ڪا وزنائتي شيءَ محسوس ڪيائين. پر سندس زورائتي ڇڪ سبب ڏيڍ ڪلو کن وزن واري مور مڇي ٻاهر اچي ڪري ۽ وٺي ٽپ ڏيڻ لڳي. صابوءَ هڪدم ڏور کي ويڙهي سوڙهو ڪيو ۽ ڪلوڙي ۾ ڦاٿل مور مڇي کڻي سندس گهر ڏانهن روانو ٿيو.
    “ٻڌائي ڙي ڇوري، اهو همراهه په ڏور ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر تونجي اکين جي ڪلوڙِي ۾ ڦاسي ته ڪونه ويو آهي. جيڏي مال ڏس ته تڙ تي ٽنگيو بيٺو آهي.” بصريءَ حڪوءَ کي ڪُک وٽ چُمرڪو وجهي اک ڀڃندي چيو.
    حڪو بنا ڪنهن ورندي ڏيڻ جي، بصريءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ لڳي. بصريءَ جو حڪوءَ کي سنجيدگيءَ سان گهوريندي ڏٺو ته سڄي هَيلڙِ ٿي ويئي. سندس چهري تان شرارت ته گم ٿي ويئي، پر مرڳو هوءَ پريشان ٿيڻ لڳي. پر وري به مُنهن تي زوريءَ ڦڪي مرڪ آڻي معذرت واري انداز ۾ چيائين:
    “ماڦ (معاف) ڪِج حڪو، مون توسان ايڙو وايات (واهيات) ڀوڳ ڪيو، اڳتي اِڃَ مور ڪانه ڪنديس، مون کي کبر ڪانه هئي ته تون مرڳو رنج ٿي پُونديئين.”
    “نه بصري نه، تون دلگير نه ٿي. ايڙي ڳال ڪانهي. مون پاڻ تي چيو ته توکان هڪڙي ڳال پڇان. پر د جهلي ڪانه پئي سگهيس. دل جي ڳال جنهن تنهن مانڌان ته ڪانه ڪبي آهي نه، دل اُن مانڌان کولي رکبي آهي، جنهن ۾ وِسندي آهي. ڇا آئون توتي ڀروسو ڪريان؟ تون مونجي ڍَڪَ رکنديئين نه اِن لاءِ پئي تونجي منهن ۾ نهاريم”. حڪو بلڪل سنجيده هئي.
    بصريءَ وڌي وڃي حڪوءَ کي ڀاڪر وڌا ۽ ڀرتُو سانوري مِٽ تي چُمي ڏيئي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان حڪوءَ جو چهرو جهلي، سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڏاڍي ڀروسي سان چيائينس:
    “حڪو، توڙي جو پان (پاڻ) زندگيءَ ۾ پهريون گهمرو گڏيون آهيون ۽ پان کي گڏ رهندي اڃا مهينو ڏيڍ مس ٿيو آهي. پر چُوندا ڪونه اَهين ته ڪِن جي رتيءَ جي رهاڻ په سڄي حياتيءَ کان ڳري هوندي آهي. سو جي سچ پڇين ته ايمان سان تِي چُئان ته تو جهڙي اعتبار واري ساهيڙي اڃا تائين ٻي مون ڪٿي په ڪانه ڏٺي آهي. تون ته رڳو اِڃَ پئي چُوين ته آئون ڍَڪَ رکان تونجي، پر آئون توسان ايمان وارو واعدو تي ڪريان ته جي تون مون کان مونجو سِرِ گهرنديئين ته په توکان ڪانه جهلينديس آ هيءَ مونجي سِينڌ ڏس، جهجهيون ڳاليون جان وڏيون ڍاڙون ڪانه تي هڻان. ڪم جي وکت آزمائي ڏسج، مون جي مٺي، توسان ته مونجي جيءَ جون جڙيون اَهين. تون بي کٽڪي ٿي چئو. ڪيڙي ڳال آهي؟” بصريءَ حڪوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيِ چيو.
    “بصري، مونجي ڀيڻ، ايڙي ڪاپه ڳال ڪانهي، تون پريشان نه ٿي. مون کي توکان صابوءَ جي باري ۾ پڇڻو آهي ته هُو ڪهڙو ماڙهو آهي. تونجي پاڙي ۾ رهي تو. آئين هتي ننڍا ٿي وڏا ٿيا اَهيو، جيڪا کبر توکي هوندي، سا هر ڪنهن کي ڪانه هوندي. آئون جنهن ڏينهن کان هتي آئي اَهيان، تنهن ڏينهن کان وٺي مونجي پويان چريو ٿيو پيو هلي. مون لاءِ مريو تو پوئي. مون کي، هن جي مون لاءِ کجڻ کپڻ تي، ڏاڍي ڪهل تي اچي. مون کي اها په کبر آهي ته آئون هن کي ملي ڪانه سگهنديس، پر هن جو ضد آهي ته رڳو آئون ها ڪريان. پوءِ کٽن سندس ڀاڳ! توکان رڳو اِن ڪري تي پڇان ته جي لکئي جو ليک ٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ايڙي ماڙهوءَ جي ور نه چڙهان جو مرڳو ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو ڪڍي نه وڃي. گهٽ ۾ گهٽ ايڙو ته هجي، جنهن سان ماڙهو حياتي گذاري ته سگهي. باقي چاهڻ وارو ته چُوندو ته تونجي لاءِ آشمان تان چنڊ لاهيو تو اچان. پوءِ چئن ڏينهن جي چسڪي وٺڻ کان پوءِ اِڃَ اکيون ڦيريندو، جيڙوڪر سڃاڻندو ئي ڪونه هو. تڏهن تي توکان پڇيم.” حڪوءَ سڄي حقيقت بصريءَ کي ٻڌائي ڇڏي.
    جيڏي مهل حڪو ڳالهائي رهي هئي، اوڏيءَ مهل بصريءَ جون نگاهون ته حڪوءَ جي نگاهن سان اٽڪيل هيون، پر سندس ذهن جي اسڪرين تي صابوءَ جي لائيو مووي هلي رهي هئي. هوءَ صابوءَ جي ننڍ پڻ کان وٺي، ڏور ۾ مڇي ڦاسائي کڻي وڃڻ تائينءَ واري وقت کي سامهون ڏسي رهي هئي. پر بصريءَ کي ڪٿي به صابوءَ جي کاتي ۾ اهڙِي ڪابه شيءَ نظر ڪانه آئي، جنهن کي بنياد بنائي کيس رد ڪري ڇڏجي. پاڻ بصريءَ جي دل ۾ هڪ ٻن جاين تي چهنڊڙي پئي هئي، جنهن ۾ هُن صابوءَ کي پنهنجي نيڻن ۾ ويهارڻ جي خواهش کي ڪَر کڻي اُڀو ٿيندي محسوس ڪيو هو. سو جڏهن حڪو کائنس صابوءَ جي باري ۾ پڇيو ته کيس ٻڌايائين ته مون کي سندس ڪابه “ڪِني ڦِٿي” ڪئي به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي.
    (3)
    بصريءَ جي اوچتو اچڻ ڪري حڪوءَ ۽ صابوءَ جي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اڌ ۾ رهجي ويئي. صابوءَ چاهيو پئي ته ڪنهن به صورت ۾ اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي حڪوءَ کان پڪي ها يا نه جي ورندي وٺي. شام ٿيڻ واري هئي. تنهن ڪري مرڳو سندس سک ڦٽي پيو هو. جي اڄ اِها ڳالهه نه نبري سگهي ته پوءِ اتي ئي رهجي ويندي. ان خيال کيس گهر ۾ ويهڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. نيٺ هُو وري به اچي حڪوءَ وارن جي گهر اڳيان آنٽا (چَڪر) ڏيڻ لڳو. هيڏانهن اچيو هوڏانهن وڃي. پر ٻيو مڙيوئي ٿيو خير! تانجو سج به اچي لٿو ۽ هُو نااميد ۽ ناڪام ٿي، دل ئي دل ۾ اوسڙڪندو، هنجون هاريندو واپس هليو ويو.
    ۽ اُها رات صابوءَ ٽانڊن تي هلي گذاري هئي.
    حڪوءَ بنا گهارجندڙ زندگيءَ جو تصور سوچي صابو ڪيترين ئي قيامتن مان گذريو. ڪيترين ئي دوزخن جي آڙاهن جا عذاب ڀوڳيائين. ڪيترائي ٿرجا ڪارا ڏڪار سر تي سٺائين. ڪيتريون ئي ٻوڏون مٿانهس گذريون. ٽوڙي ٻنڌ ۽ ڪوٽ عالمو ٻنڌ جي هيڪاندي پاڻيءَ ۾ روهندو، ٻڏندو، اُپڙندو ۽ غوطا کائيندو رهيو. بظاهر ته هُن اُها هڪڙي رات ويهي گذاري هئي. پر هُن جي ليکي ته هُو جُڳن کان وٺي جاڳندو رهيو هو. کيس هر هر حڪوءَ جي اِها ڳالهه منجهائي رهي هئي ته ‘پانجي شادي ٿي ئي نٿي سگهي.’ کيس اُن ڳالهه جو ڪو پتو، ڪو گس، ڪو ڏس، ڪاواهه، ڪا راهه ۽ ڪو حل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، جنهن سان هُو هيءُ سُٽ سُلجهائي سگهي. هُو سڄي رات ويٺو رهيو، ويٺو رهيو. سج اڀري سنئون ٿيو، تڏهن مَس مَس اُٿي مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هنيائين.
    ۽ پوءِ ... ۽ پوءِ دل ۾ دردن جون ڌنيون سانڍي، آزارن جا انڀار سنڀالي ۽ پيڙاهن جون پٺارڪون ٻڌي صابو آهستي آهستي اچي انهن ڊاٽسن پڪ اپنِ وٽ بيٺو، جن ۾ سامان سٿجي رهيو هو، ۽ هڪڙِي ڊاٽسن پڪ اپ اڃا خالي بيٺي هئي، جنهن ۾ عورتون چڙهڻيون هيون. جڏهن اِهو ساڳيو سامان، گاڏين مان ٻه مهينا اڳ لاٿو پئي ويو، تڏهن صابو ڏاڍي جوش خروش ۾ ڏاڍي خوش دليءَ سان سامان لاهي گهرن ۾ رکڻ ۾ ٻين سان گڏ ٻانهن ٻيلي هو. پر اڄ جڏهن اهو ساڳيو سامان واپسيءَ لاءِ گاڏين ۾ سٿجي رهيو هو، تڏهن هو گاڏين کان ٿورو پرڀرو، هڪڙي ننڍڙي ٻٻريءَ جي ٽاريءَ کي جهلي ڏاڍي حسرت سان ڏسي رهيو هو ۽ .... ۽ .... سندس دل ۾ نوحه خواني ٿي رهي هئي. ايئن پئي ڀاسيو ڄڻ موهن ڀڳت وڇوڙي جا ورلاپ آلاپي رهيو هو.
    ۽ پوءِ نيٺ اها نڀاڳي گهڙي به اچي پهتي، جيڏي مهل عورتون گهرن مان نڪري گاڏيءَ ڏانهن اچڻ لڳيون، نه رڳو وڃڻ واريون عورتون، پر انهن گهرن جون زائفائون به ساڻن گڏ گاڏيءَ تائين گڏجي آيون. جيڏي مهل سامان سان سٿيل ٻه گاڏيون اسٽارٽ ٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻيٺيون، تيڏي مهل عورتون پڻ هڪ ٻئي کان موڪلائي خالي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لڳيون، اربيلا، مارِلَ ۽ بصري اوڏيءَ مهل به حڪوءَ کي ڦِريو بيٺيون هيون. جڏهن سڀ ڄڻيون گاڏيءَ ۾ چڙهي ويون، تڏهن به هنن جون ڳالهيون هيون سي کُٽيون ئي ڪين ٿي. نيٺ ماڻس هڪل ڪئي، “لئي ٻڙي حڪو، هاڻ ڇڏ په کڻي هنن ويچارين جي جند، توکي ڳاليون په وري هِڃَر زاد (ياد) پيون اَهين. هاڻ هليا په کڻي، پڻهين تڪڙائي پيو.” ۽ تڏهن حڪوءَ مارل، اربيلا ۽ پڇاڙيءَ ۾ بصريءَ کان ڳراٽڙيون پائي، ڏاڍي پاٻوه ۽ قرب مان موڪلائي، جيڏي مهل گاڏيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي، تيڏي مهل هن هڪڙِي بنهه قربائتي نگاهه اُن ٻٻريءَ ڏانهن وڌي، جتي صابو آس ونڌ اکين جا ٻه خالي ڪشڪول کڻيو ڏانهس واجهائي رهيو هو. نظرن جي خالي ڪشڪولن ۾ دِيدن جو دان ڇا مليو، ڄڻ ڪَر ٿرجي ڪنهن اُڃايل کي پاڻيءَ جي سُرڪ ملي ويئي... ۽ ... ۽ ... پوءِ برساتي ٻوڏ جا متاثر ته وري پنهنجن اجهن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر صابوءَ کي جهڙوڪر رڻ ۾ رولي ويا.
    (4)
    پنج ست ڏينهن ته جهڙوڪر صابو سنئوت ۾ ئي ڪونه هو. نه ڪم نه ڪار، نه کاڌو نه پيتو. سڄي سڄي رات پيو پاسا ورائيندو هو. ڇا جون ننڊون ڇا جا آرام، نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه جي ورندي ڏي، ماڻس پڇيو پڻس پڇي. هتان ڀائر ڦريو اچنس ته هوڏانهن وري ڀينرون پريشان، پر ڪنهن سان ٻڙڪ به نٿي ٻوليائين. جهڙوڪر گونگو. بس رڳو اونڌو منهن ڪريو ليٽيو پيو هوندو هو. يار دوست ٻاهران سڏيو سڏيو بيزار ٿيو هليا ٿي ويا. بس رات جي اڪيلائيءَ ۾ سندس اکين مان نِيرَن جا نارَ پلٽي وَهي اٿي هلندا هئا. هُن انتهائي ڪوشش پئي ڪئي ته هُو پنهنجو درد ڪنهن سان به نه سلي ۽ پنهنجي ڀوڳنا پاڻ اڪيلي سر ڀوڳي. پر جڏهن، جڏهن هن محسوس ڪيو ته هاڻ هُو حڪوءَ کان سواءِ جي نه سگهندو. نه حڪوءَ کي وساري سگهندو ۽ نه ئي حڪوءَ جي جدائيءَ جهالي سگهندو. تڏهن نيٺ هڪ ڏينهن، هُو تڏهن ڦاٽي پيو، جڏهن سومهڻيءَ کانپوءِ پڻس الانو اچي سندس کٽ ڀرسان بيٺو. پڻس کي خبر پيئي ته صابوءَ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏانو آهي ۽ ڪنهن سان به ڪا به ڳالهه نٿو ڪري. رڳو اونڌو منهن ڪريو کٽ تي پيو آهي. اوڏيءَ مهل به هُو ڀت ڏانهن مُنهن ڪريو پاسيرو ليٽيو پيو هو. پڻس الانو اچي کٽ ڀرسان بيٺو. پر صابوءَ کي ڪا خبر ڪانه پئي، نيٺ پڻس آهستي آهستي ڪري کيس سڏ ڪيو.
    “ابا صابو...!”
    “هان ... هان... “ هُو ڄڻ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو هو، توڙي جو هُو ستل ڪونه هو، پر خيالن ۾ گم هو.
    “ابا، ڪڄاڙو ٿيو ائيني؟ ماڻهين پئي چيو ته چار پنج ڏهاڙا ٿي ويا آهين، ماني په ڪونه تو کائي. ڪيڙي ڳال آهي پٽ، مون کي ٻڌائي ته توکي ڪڄاڙو کپي؟”

    “ڪجهه ڪونهي ابا... بس اِڃَ ئي لِڱن ۾ ٿورو سور هو، سو ماني ڪانه تي وڻي، ٻي ڪا ڳال ڪانهي.”
    “ابا، پٽ... آئون تونجو پيءُ اَهيان. ماڻهين توکي ڄڻيو هو ۽ مون توکي نپايو آهي. دائيءَ کان ڪو دُن لڪي سگهندو ڪَه! تون تو چئين ته ڪا ڳال ڪانهي. پر چريا ماڙهو، جي ڪا ڳال نه هجي ته چڱو ڀلو ماڙهو په ڪو پنج ڏينهن بک تي رهي سگهي ٿو ڪَه؟ مون کي سڻائي ته ڪڄاڙو آهي.. ڪيڙي شيءَ کپي توکي...”
    “ابا ... “ صابوءَ کان اوڇنگار نڪري ويئي ۽ هو روئي پيو.
    “نه ابا نه ... نه پٽ نه.... جُئان (جوان) مڙس ڪو روئندا آهين ڪَه... نه رُوءُ مونجا ٻچا نه رُوءُ... نيٺ په سُڻايئين ڪو نه ٿو ته ڪيڙي ڳالهه آهي.. چئو بابا چئو... ڇا ڳال آهي؟”
    ۽ پوءِ صابوءَ سموري حقيقت پڻس کي ٻڌائي ڇڏي.
    “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي....!” ايئن چئي پڻس ڪا ڪا الانو يڪي ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڳچ ڳچ دير تائين هُو ماٺڪو ويٺو رهيو، تيستائين صابوءَ جي بدن ۾ هورا کورا جون سيون ٽنبجنديون رهيون. اوسيئڙي جا ڀٽون کيس ڏنگيندا رهيا. انتظار جون لُنڊيون سندس جسم تي ليٽنديون رهيون ۽ .... ۽ پوءِ نيٺ پڻس ڳالهايو: “چڱو پٽ، هاڻ هِڃَ ڪر. تون اُٿي کٽ جي پچار ڇڏ، اٿي کاءُ پيءُ ۽ ماڙهن قطار ٿي. هاڻ اِهو ڪم مون تي ڇڏ، هاڻ آئون ڄاڻان، ڪم ڄاڻي. باقي اِها ته توکي په کبر هوندي ته سڱ وٺڻ ڪو اَڪَ مان ماکي لاهڻي ڪانهي، جو سٽ ڏيئي اڪ جي ٽاري ڀڃي ماکي ڇاڻي وٺبي. هتي ٽيم لڳندو، سو تڪڙ نه ڪج. باقي کُدا ڪيندو ته اِتان ئي توکي پرڻائي لاڏو ڪري ڪنوار وٺي ڏيندس. بس هاڻ ته کوش ٿي. شابس پٽ، اٿي هلي ماني کاءُ.”
    جڏهن هئو مئو ٽريو، ٻوڏ جو سانگ ختم ٿيو. گپون گارا سُڪي ويا. تڏهن هڪڙِي ڏينهن لڙي شام جو ڪاڪو الانو اچي حڪوءَ وارن جي گهر پهتو. همراهه ساڻس گڏيا. خوش خير عافيت ٿي. اچڻ سان ئي ڪاڪي الاني جو گرم گرم چانهن سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. پاڙي ۾ جنهن کي به خبر پيئي ته ڪاڪو الانو آيو آهي، سو مُٺيون ڀيڙِي ڀڳو حڪوءَ وارن جي گهر ته جيئن ڪاڪي الاني سان هٿ ڀليڪار ڪن ۽ ساڻس ڪچهري ڪن.
    پوءِ جڏهن رات جي مانيءَ جي کشٽ مان وانڌا ٿيا، تڏهن ڪاڪي الاني حڪوءَ جي پيءُ ولوءَ کي چيو: “اباڙي...، هاڻ مون کان کبرون وٺو ته آئون هتي ڪڄاڙي لاءِ آيو آهيان؟ رڳو آنجو پاءُ اٽي جو ڦٽائڻ آيو آهيان ڪَه ڪنهن گرز (غرض) ساڻ آيو آهيان. سو بابلا، مون کان کبرون ته پڇو.”
    “ڪاڪا الانا، تون اسانجو وڏو اَهيئين، اسانجو مائٽ اَهيئين، تولاڪ لک عزتون اَهين، تونجا پير اسانجون اکيون ڀلي ڪري آئين، جي ڪري آئين. تون رڳو حڪم ڪر. اسانجي سِرَن ۾ په ڪم پوئي ته بي ڌڙڪ هڪل ڪِج. ڪيندو کُدا ته هيڪڙو په پٺيان ڪونه بچندو. سڀ جا سڀ هڪل ساڻ حاضر ٿينداسين. باقي جي ڪا ايڙي ڳال هوندي، جيڪا اسان جي وس کان ٻهار (ٻاهر) هوندي، ته په ساري حقيقت ساڻين (توسان) سلينداسين. پوءِ په جيئن تون چُوندين، تيئن ڪينداسين”.حڪوءَ جي پيءُ ولوءَ وراڻيو. “ها ته پوءِ ٿينديون وڃن کئر جون کبرون.”
    “ڀاءُ ولو، ڳال هيءَ آهي ته...” ڪاڪا الاني ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، سگريٽ وات ۾ وجهي تيليءَ سان دکائي، منجهانئس هڪڙو ڊگهو ڪش هڻي، اندر ۾ اوتيل دونهون نڪ ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندي چيو: “اباڙي!... اجائي ڊيگهه ڪانه ڪبي، آئون آن (اوهان) ۾ وڏي حُجَ رکي آيو اَهيان. هُڃَ په پڪل ٻير کي ڪٿان نه ڪٿان کڙو ته ضروڙ لڳندو آهي. نياڻيون نماڻيون ته ٿينديون ئي پرايو ڌڻ اَهين. سو ڪٿي نه ڪٿي ته ڪنڌي ڪرڻي ئي پُوندي آهي. اسين په نياڻين پٽن وارا اَهيون اسان تان په اِهي ڏينهن آيا آهن. ڇو ته اِها ايامن کان وٺي، جُڳن کان وٺي راڄا رسم هلندي اچي. سو آئون په ان راڄا راسم تي هلندي آن وٽ مٽي آيو اَهيان. مون کي حڪو کپي، بچي شل مون جي صابو لاءِ. آئون سمجهان تو ته حڪو مونجي گهر ۾ ٻين کان وڌڪ سُکي ٿيندي. مونجو صابو ته لاڪائس مريو تو پوئي. مونجا ٻيا پٽ ڌيون ته ٺهيو پر گهر واريءَ ته مرڳو پَٽ ڇني ڇڏيا آهن. اُهي ته اُهي، پر حڪوءَ جي جيڏڙي بصريءَ کي مونجي هيڏانهن اچڻ جي ڪا سُڻس پئجي ويئي، سا ڀڄندي آئي ۽ سهڪندي سهڪندي اچي چيائين ته “ڪاڪا الانا، حڪوءَ جو سڱ وٺي، پوءِ هيڏانهن اچج، نه ته ڀلي اوڏانهن ويٺو هجج.” بچي شل حڪوءَ کبر ناهي اسانجي ڳوٺ وارن تي ڪيڙو جادو ڪري ڇڏيو آهي، جو سڀ ڪو رڳو حڪو حڪو پيو ڪري، ۽ ٻي ڳال په آنکي ٻُڌائي ڇڏيان ته آئون حڪوءَ جو سڱ وٺڻ ڌاران (کانسواءِ) ٺلهو ڪڀي په ڪونه ويندس. مون کي آن ۾ وڏو ڀروسو آهي ۽ اُن ڀروسي جي ڀانور تي آئون ڳوٺ وارن اڳيان ڇاتيءَ تي هٿ هڻي آيو اَهيان. هاڻ آنجي آهي مرضي ته جان مون کي مان ڏيو، جان مون تان ماڙهو کلايو، باقي ڳال چٽي پيئي آهي ته ٺلهو آئون په ڳوٺ ڪونه ويندس”.
    حڪوءَ جا اِها مقال ٻڌي، سا آهستي آهستي پير سوريندي وڃي چلهه جي پاسي ۾ ويهي ٽانڊو ٻارڻ لڳي ۽ چانهه ڪاڙهڻ جو سانڀاهو ڪرڻ لڳي، وَلو، جوڻس مِنان ۽ وڏو پُٽ جُو سب ڪاڪا الاني جي ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. هونئن ته ڪاڪا الاني ڪا نئين ڳالهه ڪانه ڪئي هئي، پر حڪوءَ جي سڱ جو مسئلو هو، تنهن ڪري ڳالهه ڳري ٿي پيئي هئي ته ڪاڪا الاني کي ڪهڙي ورندي ڏين. پوءِ ولو ۽ مِنان اتان اٿي ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا:
    “هاڻ ڪڄاڙو ڪجي؟” مِنان ولوءَ کان پڇيو.
    “ڳالهه ته ڏاڍي ڏکي ٿي پيئي آهي” ولوءَ وراڻيو “ڪيڙي ورندي ڏجيس.”
    “مونجي جي مڃين ته ڳال جيڪا آهي، سا ساڻس ڪري ڇڏ ۽ ٺڙو پڙو جباب ڏئي ڇڏيئينس. پُٺ جي ڀونڊي کان مُنهن جو ڀُونڊو ماريندو ڪونه.” مِنان مڙسهينس کي صلاح ڏني.
    “اِڃَ ٺڙو پڙو جباب ڪيئن ڏيانس، هُو ڪو اڀرو سڀرو، گس هلندل، جيڙو تيڙو ماڙهو ڪونهي، جنهن کي ائين چلتو ڪري ڇڏجي. هُو پان سڀني جو سريال آهي ته وري ڀائيندل ۽ اڙي اوکيءَ ۾ ڪم ايندل راڄ ڀاڳ وارو ماڙهو آهي. تنهن ڪري هُن سان سوچي سمجهي پوءِ ڳالائبو، اِڃَ تڪڙ ڪانه ڪبي. ساڻس گڏ ڪا زائفان هجي ها ته ڪرتون اُن کي اهو زنانو مسئلو سمجهايئين ها. پر کئر، هليو تا چئونس ته اها ڇوڪري بيمار آهي ۽ شاديءَ جي لائق ڪانهي، باقي ٻيءَ ڪنهن تي هٿ رک، سا ٿي تونجي.” ولوءَ جن پاڻ ۾ صلاح ڪئي.
    “پر جي چُوئي ته ڪيڙي بيماري آهيس ته پوءِ ڪڄاڙو چُونداسينس.” مِنان ڇيو.
    “اي تون چئج ته ڇوڪريءَ کي ڪا زائڦاڻي بيماري آهي، مڙيئي جند ڇڏائج.”
    اِها صلاح ڪري ٻئي زال مڙس وري اچي ڪاڪا الاني وٽ ويٺا، ۽ پوءِ ولوءَ چيو:
    “ڪاڪا الانا، جيئن تو سِڌي ٻڌي ڳال چئي ڇڏي آهي، تيئين اسين په بنا ڪنهن گوٿ ناٿ جي، جيڪا ڳال آهي سا سُڻايون تا ڪڻين (توکي). اسين ماڙهو پانجيون نياڻيون تڪڙيون اٿاري ڇڏيندا اَهيون. پر حڪو جو هيڏو سارو وکت ويهي رهي آهي، تنهن جو په ڪو سبب آهي. سو هيءُ ته ڇوڪري بيمار آهي ۽ شاديءَ جي لائق ڪانهي. تون اسانجي مٿي جو موڙ اَهئين. تولاڪ لک عزتون اَهين. تون ته هيڪڙي نينگري تو گهرين پر سڄو پاڙو نياڻين سان ڀريو پيو آهي، جن تي په هٿ رکندين، سي سِڀ تونجيون. توکان اسان کي نڪو ڇيپ، نڪو حجاب، تون ئي ته اسانجو وڏو اهيئين توکي جباب ڪيئن ڏبو.”
    “پر ابا، جي بيماريون سيماريون اَهين ته دوائون گوريون په آهين. ڏاکتر حڪيم په اَهين. پير فقير په اَهين. دعائون تاويذ (تعويذ) په آهين. ڌاڳا ڦيڻا په آهين. مثال، جي آئين نٿا پڄي سگهو ته اسين پاڻيهي علاج ڪرائينداسين. اها ڪا وڏي ڳال ڪانهي.” ڪاڪا الاني چيو.
    “ڪاڪا الانا، علاج جي بيماري ڪانهي، نينگريءَ کي ڪا زائڦاڻي ڳجهي بيماري آهي، ڌائي چوئي تي ته اِن بيماريءَ جو علاج ئي ڪونهي. تڏهن ته اسين ماٺڪا ويٺا آهيون، نه ته الاجي ميرباني آهي، نياڻيءَ کان ڪي ٽڪا مِٺا ڪبا ڪَه!” هِن ڀيري منان ڳالهايو.
    “اَئي امان مِنان، تون په ڌائيءَ جي چُوئڻ تي ماٺ ڪري ويهي رهي اَهيئين. دنيا الاجي ڪٿي وڃي پُني آهي. چُون تا ته ماڙهو ڪڏهوڪا چنڊ تي پهچي ويا اَهين. الاجي ڪيڙيون ڪيڙيون مشينون نِکتيون (نڪتيون) اَهين، جيڪي اِهو په تيون سُڻائين ته ماءُ جي پيٽ ۾ نينگرو آهي ڪَه نينگري، (الٽرا سائونش مشين). ڏاکتر ته ماڙهوءَ جي دل په ڪڍيو وريو ٻي لڳايو ڇڏين. سو ايڙي ڪيڙي بيماري آهي جنهن جو علاج ئي ڪونهي. آئين الله تي رکو، ربّ مڙيئي چڱي ڪيندو.” ڪاڪا الاني حال هڪيو ته ٻنهي کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
    “پر ڪاڪا الانا.... ڳال هيءَ آهي ته...”
    “هاڻ پر ٻر کي ڇڏيو امان مِنان، آئون جو حڪوءَ جي ٻانهن گهرڻ آيو اَهيان سو ڇڏيندس ڪنهن حيلي په ڪونه. باقي حڪو جيڙِي آهي تيڙي اسانجي آهي ۽ اِها په آنکي زبان ڏيو تو وڃان ته ڪراچيءَ جي وڏي کان وڏين اسپتالن تائين په آئون حڪوءَ جو علاج ڪرائيندس. پوءِ کٽن ڀاڳ اسانجا.”
    “ڪاڪا الانا، اِهو تون چئي اسان کي نه ٻڌائي، اسين هُڃَ ئي تونجا واکوب (واقف) اَهيون. اِها اسان کي سوران (سورنهن آنا منوتي آهي ته اسانجي نينگري تونجي گهر ۾ رهي ڪڏهن په ڏکيو ڏينهن ڪانه ڏسندي. پر چُوندا ڪونه آهين ته ڪچيءَ ۾ اُها ڪجي جيڪا پڪيءَ ۾ پارجي. سو اِڃَ نه ٿئي جو سڀاڻي پان سڀني کي ڪنڍا ڪڍڻا پئجي وڃن. اسين توکي سڻائي ڪونه ٿا سگهون... پر ڪاڪا الانا ڳال هيءَ آهي ته اسانجي نينگري ٻاريتي ٿي ڪانه سگهندي. سڀان ساٿ (ساعت) اِڃَ نه ٿئي جو آئين چئو ته حڪوءَ کي ٻار نٿو ٿئي، تنهن ڪري صابو ٻي شادي تو ڪري، ۽ اِڃَ چئي ڏيوس گنڌي هٿ ۾ ته وڃي مائٽن کي سلام ڏي. نياڻيءَ جي مائٽن لاءِ اِن کان وَڌڪِ ٻي ڪيڙي ذلالت ٿيندي، ۽ اِها ڳال اسان کان سَٺي ڪانه ٿيندي. پوءِ پان (پاڻ) هران ڀران مِٺن ۾ ڪڙا ٿي پئون ۽ اوڙو پاڙو پان تان کلائي کڻي ٽڪي هڪڙي جا ٿي رهون. تڏهن پيا چئون ته حڪوءَ تان هٿ کڻو، باقي جيڪي نينگريون آنکي وڻن سي آنکان ڪونه جهلينداسين.” ولوءَ نيٺ اصل ڳال ڪاڪا الاني جي اڳيان رکي ڇڏي.
    “هُونهن....!” ڪاڪا الاني “هُونهن” کي اجائي ڊگهار ڏني. “ته چئبو ته اِها ڳال آهي...!” هُن سگريٽ مان ڦوڪ ڀري چيو: “ڳال آنجي بروبر وزن واري آهي، اِها ڳال مون کي وڻي. سچي ڳال ڪري آن پاڻ حڪوءَ لاءِ مونجي دل ۾ وڌڪ جاءِ والاري آهي. هاڻ ته آئون حڪوءَ مان مُورهٿ نه ڪڍان. پر مون کي صابوءَ ۽ گهروارن سان ڳالائڻو پُوندو، ڇو ته هيءَ هڪڙي ڏينهن جي ڳال ڪانهي. سو اڄوڪي ڪچهاري اتي تا ڇڏيون. صبح جو اول کئر، آئون فون تي ڳالائي ڳال کي هڪڙي پاسي ڪري ڇڏينداسين.”
    (6)
    “ابا، مون کي حڪو کپي، حڪو کپي، حڪو کپي، ٻي ڳال مون سين نه ڪجان.” صابوءَ چيو.
    “مون کي مونجي پٽ جي کُوشي تي کپي، جي صابوءَ کي حڪو تي کپي ته مونجيون اکيون ٿڌيون. حياتي ته انهن کي گذارڻي آهي نه سو جنهن ۾ هو کُوش، تنهن ۾ آئون کُوش.” صابوءَ جي ماءُ چيو.
    “اسان کي ڀاءُ جي کوشي کپي ۽ بس...!” جڏهن سڀني گهر وارن ڪاڪا الاني کي فون تي راضيئپو ڏيکاريو، تڏهن ڪاڪا الانو جهڙپ ڏيئي کٽ تان اٿيو ۽ کيسي مان پنهنجي سئو وارو نوٽ ڪڍي، وڌي وڃي حڪوءَ کي هٿ ۾ ڏنائين ۽ چيائين. “امان حڪو، هي پنج سئو روپيا تونجي پوتيءَ جا. هاڻ تون هتي اسانجي امانت اَهيئين.” حڪو، جا مانيءَ جي تيارين ۾ چلهه جي پاسي ۾ ويٺي هئي، سا لڄ کان ٻئي هٿ مُنهن کي ڏيئي ٽِپ ڏيئي ڊوڙِي وڃي ڪوٺيءَ ۾ لڪي.
    پوءِ ڪاڪا الانو پنهنجي پڄت سارُو ڄڃ وٺي ويو ۽ حڪوءَ کي ڪنوار ڪري وٺي اچي پنهنجي گهر سهڙيو.

    (7)
    “مون توکي چيو هو نه ته آئون تونجي لائق ڪانه اَهيان، تنهن ڪري شاديءَ تي زور نه ڀر.” حڪوءَ پنهنجي گهوٽ صابوءَ کي، نِکيٽيءَ جي کشٽن مان وانڌو ٿي، رات جو سمهڻ واري کٽ تي ويهڻ مهل چيو.
    “ها، مونکي زاد آهي، تو برابر چيو هو.” صابوءَ حڪوءَ جي ڀر ۾ ويهي، ٻانهن ورائي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
    “پوءِ تو ڪو ڪئي مون سان شادي؟” حڪوءَ ورائي پڇيس.
    “ان ڪري جو مون کي پڪ ٿي وئي هئي ته آئون توکانسواءِ جيئرو رهي ڪونه سگهندس، ۽ جي سچ پڇين ته مون هِڃَر مرڻ ڪونه ٿي چاهيو، اِها اٿئي ايمان جي ڳال.” صابوءَ ڏاڍي دلرُبائيءَ سان چيو.
    “پر جڏهن توکي اها په کبر پئي ته آئون ڦنڊر اَهيان، مون کي اولاد ڪونه ٿيندو، پو ضد ڪو ڪئي؟”
    “سچي ڳال ٻڌايان ني.”
    “ها، سڻائي.”
    “مون پئي سمجهيو ته سڱ ڏيڻ کان لهرائڻ لاءِ تونجي مائٽن بهانو تي ڪيو.”
    “جي ٺلهو بهانو ڪن ها ته پوءِ توکي ڏين ڪو ها، ڪا ته ڳال هئي نه!”
    “اِها سندن ميرباني، اِها تونجي په ميرباني جو مونکي مرڻ کان بچائي ورتان!”
    “چڱو، هاڻ هيڪڙي ڳال مون کي سڻائي، شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي؟”
    “شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي !...... اونهه..... اونهه... شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي.... توکي کبر ڪانهي ڪه....” صابوءَ کلندي ۽ ڦڪو ٿيندي چيو.
    “تڏهن ته توکان پڇان پئي... ٻڌائي شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي؟” حڪوءَ سوال دهرايو.
    لڄ ۽ شرم صابوءَ جي چهري تي ونجهوٽي راند ڪڏڻ لڳا، هُن ٻئي ٻانهون ورائي حڪوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري، سندس سانورين، ماسيرين ۽ ڀرتُون متن تي ٻه جاڙيون چميون ڏنيون ۽ چيو ته “ماڙهو... شادي...هِن لاءِ په ڪندو آهي ۽ ٻيو... ۽ ٻيو... ۽ ٻيو... اُن لاءِ په ...!” صابوءَ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ لڄ کان پنهنجون اکيون پوري ڇڏيائين.
    “تون هي جيڪو “ ٻيو ... ۽ ٻيو....” پيو چُوئين، سو جي تونجو اُهو “۽ ٻيو” پورو نه ٿئي ته پوءِ....؟” حڪوءَ برجستي لهجي ۾ صابوءَ کي خبردار ڪندي چيو.
    “ڇڏ مشڪري... اِڃَ په ٿيندو آهي ڇا؟ مرد ۽ عورت ته شادي ڪندا ئي اِن ڳال لاءِ اَهين، سو اِڃَ ڪيئن ڪونه ٿيندو...!” صابوءَ وري حڪوءَ کي ٻانهن ۾ وڪوڙِي ٻيون به ٻه جاڙيون چميون ڏنيون، پر سندس چهري تي فڪرمندي هنبوڇيون هڻڻ لڳي هئي.
    “صابو ...” حڪوءَ بنهه سنجيده ٿيندي، صابوءَ جي ڀاڪرن ۾ رهندي ئي چيو: “صابو آئون مشڪري ڪانه پيئي ڪريان، آئون سچي پئي چُئان. مون توکي ورائي ورائي پئي چيو ته آئون شاديءَ جي لائق ڪونه اَهيان، تنهن کان پوءِ مونجن مائٽن په کليو کلايو ڪاڪا الاني جي مانڌان ڳال کولي رکي هئي ته آئون اولاد ڄڻڻ جيڙي ڪونه اَهيان. پر آئين نه مُڙيا ۽ چيان ته جيڙي آهي تيڙي اسانجي. سو آئون جيڙي اَهيان، تيڙي اچي تون جي مانڌان حاضر ٿي اَهيان. باقي تون ٻي ڪاپه کُوشي مون مان ماڻي ڪونه سگهندين.”
    “نه حڪو نه ... اِڃَ وري ڪيئن ٿيندو! مونجي مِٺي حڪو، اِڃَ وري ڪيئن ٿيندو!!” صابوءَ جي حيراني ۽ پريشاني ڏسڻ وٽان هئي.
    “ڏس صابو، هاڻ ته پاڻ ٻئي زال ۽ مڙس اَهيون نه هاڻ پانکي هڪ ٻئي جي اگهاڙ ڏسڻ جائز آهي. تون ڀلي مون جو اُهو سڀ ڪجهه ڏسي تسلي ڪر، جيڪو هِن کان اڳ، سمجهه ڀريئي ٿيڻ کان وٺي هيستائين، ٻئي ڪنهن په مرد ماڙهوءَ ڪونه ڏٺو آهي... ۽ ... ۽ ...” ائين چئي حڪو سِڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    پهريائين ته صابو ڏاڍ ششدر ٿيو، پريشان ٿيو، پر پوءِ همت ڪري حڪوءَ جو چهرو کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيائين ۽ بنا ساهيءَ جي کيس چمڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جڏهن چَٽَ چُمَ جون سرحدون ختم ٿيون... ۽ جڏهن حجابن جا باب بند ٿيا... ۽ جڏهن جذبن جو گرم لاوا ٽهڪڻ لڳو... ۽ جڏهن گرمائش جي شدت ڪپڙن جي اوڇڻ جي سهپ کان به اڳتي وڌي ويئي... ۽ جڏهن صابوءَ جون هٿوراڙيون ريس جي گهوڙي جيان حڪوءَ جي اوڇڻ کان آجي بدن تي ٽاپيون وجهڻ لڳيون.... ۽ جڏهن ٿر جي سرسبز ڀٽن تان اُهي بي لغام هٿوراڙيون چڙهنديون لهنديون ڪنهن سُجهندڙ ڀيڻيءَ تي اچي بيٺيون،... تڏهن... تڏهن... صابوءَ کان دانهن نڪري ويئي.
    “هان!.... هي ڇا؟...” صابوءَ جي اکين ۾ ڪي اڻ چٽا عڪس رهجي ويا.
    پوءِ صابوءَ جي هٿن هڪ ڀيرو... ٻه ڀيرا.... ٽي ڀيرا... ۽ پوءِ الاجي ڪيترا ڀيرا، اُن مخصوص ڀيڻيءَ تان ڀيرا ڏنا.... پر ... پر.... پر اُتي اُڃايل جي اُڃَ اُجهائڻ لاءِ ڪوبه پاڻيءَ جو کوهه موجود ڪونه هو. پر .... پر ... اُتي ته صرف ۽ صرف ماڪوڙن جي ٻِر جيترو ننڍڙو سوراخ هو ۽ بس...!

    (20 جنوري 2012ع )
    *


    11. مان کي ياسر سان ڳالهائڻو هو...!

    شام لهي آئي هئي. ويندڙ سياري جي سج ۾ ڪا گهڻي تپش ڪانه رهي هئي. مان پنهنجي بنگلي جي خوبصورت لان ۾ ڪرسيءَ تي ويهي ڪمپيوٽر ۾ ڪا ڊيٽا به ڏسي رهيو هوس ته ملازم طرفان کڄي ايندر چانهه جو انتظار به ڪري رهيو هوس. سامهون ٽيبل تي مان جو فون به رکيو هو. موبائيل جي رنگ وڳي، اسڪرين تي اڻ سڄاتل نمبر ڏسڻ ۾ آيو. نظرانداز ڪري پنهنجي ڪم کي لڳو رهيس. ٻيو ڀيرو، ٽيون ڀيرو ۽ پوءِ چوٿون ڀيرو به رنگ وڄڻ لڳي. نه چاهيندي به موبائيل آن ڪري، ڪن سان لڳائي، خاموشيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس. ڳچ ساعتن کان پوءِ ڪنهن بلڪل نوخيز مُکڙيءَ وانگر ٽِڙندڙ نوجوان ڇوڪريءَ جي آواز جِهرڻي جي پاڻيءَ وانگر ڇڻڪاٽ ڪيو:
    “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...!” Hello لفظ کي پنهنجي بنهه خوبصورت انداز ۾ اينگهائيندي چيائين.
    “جي، ڪير؟” مون پنهنجي نارمل آواز ۾ پڇيو.
    “مان کي ياسر سان ڳالهائڻو آهي....” مترنم اواز جا تِرنگ گُونجڻ لڳا.
    “نه ماءِ ڊيئر (منهنجي پياري)، نه مان ياسر آهيان ۽ نه ئي اسان جي پاڙي ۾ ڪو ياسر نالي شخص رهي ٿو.” مٺڙو آواز ٻڌي دل بيمان ٿيڻ لڳي، سو رانگ نمبر چئي فون بند ڪرڻ بدران دل لڳيءَ خاطر اڻ سڃاتل پرائي ڇوڪريءَ کي ماءِ ڊيئر چئي وراڻيم.
    “جڏهن توهان ياسر نه آهيو ته پوءِ مان کي ‘ماءِ ڊيئر’ ڇو چيووَ!”
    “اهڙِي مٺڙي ۽ سُريلي آواز جي مالڪ کي ته پياري ئي چئي سگهجي ٿو نه!”
    “اڇا ....! ڏاڍا رومانٽڪ ٿا ڏسجو...” هِن ڀيري لفظ اڇا کي به پنهنجي ئي پياري انداز ڊگهاريندي چيائين: “ڀلا اِهو ٻڌائيندؤ ته مجنوءَ سان توهان جو ڪهڙو تعلق رهيو آهي؟”
    “ڏسو محترمه، توهان ۽ اسان ڪي آسماني فرشتا ته آهيون ڪونه. توهان ۽ اسان سوين سال اڳ وارن انسانن جو تسلسل آهيون. سو جهڙو توهان جو ليليٰ سان تعلق ٿي سگهي ٿو، تهڙو ئي مان جو رشتو مجنوءَ سان ٿي سگهي ٿو. باقي ذاتي طرح مان جو هيءُ خيال آهي ته سڃاڻپ سان ئي تعلقاتن جي شروعات ٿئي ٿي. اڻ سڃاڻو ئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هوندا آهن. سو جي سڃاڻپ ٿي ويئي ته تعلق خُوبخود وڌي ويجهي سگهي ٿو. ۽ پوءِ ته پراڻن ليليٰ مجنوءَ جي جاءِ تي نوان نوان ليليٰ مجنون به ٿي سگهن ٿا. توهان جو ڇا خيال آهي؟”
    “اوهه ....! توهان ته مرڳو ڪا گيدوڙي جي گِگَ آهيو. ماڳهي چنبڙي پيا آهيو. رانگ نمبر چئي ڪال ڊراپ به ڪري پئي سگهيا. هروڀرو هيڏي ساري ڊيگهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.” سندس لهجي ۾ شوخي هئي، غرور هُيو ۽ پر هڪڙِي قسم جي ڪوٺ پڻ هئي.
    “ايئن ته توهان به ڪري پئي سگهيون. پوءِ هيتري دير گِگَ جو ساٿ ڏيڻ جو ڇا مقصد؟”
    “اوهه.... توهان مردن کي به نه رڳو ڪو موقعو ملي وڃي، پوءِ ته بنهه جند ئي ڪانه ڇڏيندا آهيو.”
    “هروڀرو ايئن به ڪونهي، توهان ئي کڻي ڪال ڊراپ ڪري ڇڏيو، توهان جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ به جهان هليو پئي، ۽ هاڻ به جهان هلندو پيو، توهان بي فڪر رهو.”
    “اڇا...! ايترو توهان کي پاڻ تي گهمنڊ آهي؟”
    “توهان ڇا ٿيون سمجهو ته مان ويٺو ئي توهان جي ڳالهائڻ جي انتظار ۾ هوس ڇا؟ ها، اهو ممڪن آهي ته جيترو توهان جو آواز مِٺڙو ۽ وڻندڙ آهي، اُن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ توهان خوبصورت هجو، حسين هجو، نازڪ ۽ نفيس هجو ۽ ... ۽ ڏسڻ سان ماڻهوءَ کي ديوانو بنائي ڇڏيندڙ هجو. پر... پر چون ٿا ته هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهن. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. اِها ڳالهه به توهان کي وسارڻ نه گهرجي.”

    “ڀلير! ڏاڍي پيا ٻڌايو”. پوءِ هلڪڙو ٽهڪ ۽ پوءِ طنزيه ۾ انداز ۾ چيائين “هونهه... ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي...!”
    “اسان جي ڪهڙي مجال، جو ڏاڍي ٻڌايون. اسان ته مڙيئي دنيا جي ڳالهه ڪئي. نه وڻي هجي ته موٽائي ڏيو. پر ... پر هڪڙو عرض آهي...!”
    “لڳي ويا نه لائين سان” مان جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين، “بس گهمنڊ پورو ٿيو. ها، چئو ڪهڙو عرض آهي؟ اِهو ئي نه ته رابطو ختم نه ڪجو. ڪڏهن ڪڏهن توهان جي مٺڙي آواز ٻڌڻ جو موقعو ڏينديون رهجو، ايئن نه ؟”
    “او ماءِ گڊنيس...! توهان ته دل جا راز به ڄاڻو ٿيون. بس، هاڻ توهان سان بحث ۽ تڪرار ڪهڙو! هاڻ ته اسان ٿياسين توهان جي وس. جيئن واريو تيئن وران ڙي يارَ...!”
    “چڱو چڱو، گهڻو ٿيو. مان کي ته ياسر سان ڳالهائڻو هو.” ۽ لائين ڪٽجي ويئي.
    مان پنهنجي موبائيل ۾ سندس نمبر Save ڪيو ۽ نالي جي جاءِ تي لکيم “مٺڙو آواز”.
    14-15 ڏينهن گذري ويا پر وري اُن نمبر تان ڪال نه آيو، ٻه ٽِي ڀيرا سوچيم ته مان پاڻ ڪال ڪيانس. پر وري اِهو سوچي صبر پئي ڪريم ته متان نه گيدوڙي جي گِگَ چئي چنبڙي پوڻ جو ميهڻو ڏي. سو ڏاڍي دل چاهيندي به ڪال ڪري نه سگهيو هومانس. هونئن ته اڪثر رانگ نمبر لڳندا پيا رهندا آهن، جن کي ساري Sorry چئي ڪابه اهميت ڪانه ڏبي آهي، پر هيءُ رانگ نمبر جهڙوڪر منهنجي دل تي نقش ٿي ويو هو. منهنجي خيال ۾ اهڙيِ ڪا خاص ڳالهه به ڪانه هئي، پر پوءِ به مان خبر ناهي ڪهڙي اڻ لکي ڇِڪَ محسوس ڪري رهيو هوس. موبائيل تي ڳالهائڻ سان ڪنهن اجنبي مرد يا عورت جي باري ۾ ڪو صحيح فيصلو ته نٿو ڪري سگهجي. البت لفظن جي چونڊ، ادائيگي، لهجي ۽ آواز جي مٺاڻ ۽ ڪؤڙائڻ مان ٿورو گهڻو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اڳلو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. سو مون کي به سندس شوخيءَ، الهڙپن، ڇيڳرائپ ۽ ڇڙواڳ ڳالهين مان سندس بي باڪي، عورتاڻي نفاست، معصوميت ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجائپ لياڪا پائيندي نظر آئي پئي. اِهو منهنجو ذاتي اندازو هو. باقي هُن طرفان اهڙو ڪو به سنجيده اشارو ڪونه مليو هو، جنهن کي بنياد بنائي سندس ڪَڍَ لڳي پئجي. سندس مِٺڙي آواز مان سندس عمر به 13-14 سالن کان ڪا گهڻي ڪانه پئي لڳي. مون کي لڳو هو ته هُن کان اتفاقاً رانگ نمبر ڪونه لڳو هو ۽ نه ئي ڪنهن ياسر سان کيس ڳالهائڻو هو. هُن ڄاڻي واڻي اڻ ڄاتل نمبر ڊائل ڪري هڪڙِي قسم جي چيٽنگ ڪئي هئي. اِها شيءَ هِن اَمرَ مان به ظاهر ٿي ٿي، ته هوءَ باوجود رانگ نمبر جي ڄاڻ پوندي، پوءِ به لاڳيتو ڳالهائي رهي هئي. ته پوءِ مان به سوچيو ته مان ڇو نه ساڻس به چيٽينگ ڪريان، اهو سوچي پوءِ مان کيس ڪال ڪيو، پر احتياطاً سِم ڪارڊ بدلائي ڇڏيم.
    هُن جي رِنگ ٽون وڄندي رهي ۽ وڄندي ئي رهي. هر ڀيري ڪمپيوٽر ٿي ٻڌايو ته جواب ڪونه پيو ملي. پهريان چار ڀيرا فون نه کڻڻ ڪري مان پئي سمجهيو ته شايد هن ڀيري به فون نه کڻي. پر رِنگِ ٽون وڄندي ئي هن فون کنئي ته مان کان ڇرڪ نڪري ويو. پر هڪدم حواسن تي قابو پاتم ۽ مِٺڙي آواز جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ساعتون ٻنهي طرفان انتظار ٿيندو رهيو. نه مان ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي وري هُن ڳالهايو. موبائيل هن جي به آن هئي، ڪجهه دير بعد پهرئين واري ساڳئي لهجي ۾ لفظ هيلو کي پنهنجي انداز ۾ اينگهائيندي چيائين “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...”
    “..........” مان خاموش رهيس.
    “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...! ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي....!”
    “.........” مان وري به خاموش رهيس.
    “فون ڪرڻ جي جرئت ڪئي اٿئي ته پوءِ ڳالهائي به کڻي ته ڏسان ته سهي ته ڪهڙي باغ جي موري آهين؟ هان! ڳالهائين ڇو نٿو؟” سندس لفظن مان ته ڪؤڙائڻ ٽپڪي رهي هئي، پر لهجو ۽ آواز ساڳيو ئي مٺڙو ۽ قربائتو هو.
    “مان موري ناهيان سرڪار. دنيا اڃا ايتري ترقي ڪانه ڪئي آهي، جو موريون به موبائيل استعمال ڪري سگهن.”
    “اوهه...... ته پوءِ ڪير آهيو ۽ ڪٿان پيا ڳالهايو؟”
    “مان مجنوءَ جو تسلسل آهيان حضرت انسان ۽ وات مان پيو ڳالهايان. توهان ٻڌايونن ته توهان جا ڪهڙا حال آهن؟”
    “اڇا اڇا .... گيدوڙي جي گِگَ آهيو. I See ها، اِها ته مان کي پڪ هئي ته توهان فون ضرور ڪندؤ، پر ايترو دير سان، اِها خبر ڪانه هئي، خير، ٻڌايو ڇو فون ڪئي اٿوَ؟”
    “پهرين توهان ٻڌايو ته اڳي توهان فون ڇو ڪئي هئي ۽ اِهو به ته وري فون ڇو ڪانه ڪَيَوَ؟
    “توهان ٿيندا ڪير آهيو حڪم هلائڻ وارا؟ مان ڪا توهان جي نوڪرياڻي آهيان ڇا؟” ڇو ڪريان ها فون مان توهان کي؟ .... هونهن ڄٽ جو مرڳو دماغ خراب ٿيو آهي.” سندس مٺڙي آواز ۾ غصو ڀرجڻ لڳو هو.
    “نوڪر ته اسين ٿي سگهون ٿا، توهان ته مالڪ آهيو.”
    “Just Shutup (پنهنجو وات بند ڪر) وڏو آيو آهي...!” ۽ رابطو ڪٽجي ويو.
    مان شدت سان محسوس ڪيو ته مان کي فون ئي نه ڪرڻ گهرجي ها، اجائي جلد بازي ڪيم ته ان جو نتيجو ڀوڳڻو پيو. ڌڙڪا به مليا، هوءَ ناراض به ٿي ويئي ۽ مرڳو ڳالهائڻ جي واٽ ئي بند ٿي ويئي. پر هاڻ ... هاڻ جيترو لڳي چڙهبو، اوترو ضد ڪندي ۽ کاريون کٽيون پيو ٻڌڻيون پونديون، تنهن ڪري في الحال ڇڏي ڏجيس ته ڀلي ٿوري ٿڌي ٿئي، پوءِ به ڳالهه پري ڪانهي. هونئن به ڪو لهي اڀري اُن تي ڪونه پيو. اسان وٽ ته هونهن به موجون لڳيون پيون آهن. ڪهڙِي ضرورت آهي جو ويهي ڌڙڪا سهجن، ٺيڪ آهي ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾...! ڪهڙي خبر ته هيءَ ڪير آهي ڇا ڪندي آهي؟ ڪٿي پيا سندس پٺيان ڌڪا کائبا! ٺهيو، خير ٿيو.
    هونئن به موبائيل تي ڳالهائيندڙ سان سندس مرضيءَ کانسواءِ ته ملي به نٿو سگهجي، ڪهڙِي خبر ته ملڪ جي ڪهڙي حصي مان پيئي ڳالهائي، ان صورت ۾، اهڙن ماڻهن لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. تنهن ڪري ماٺ ڪري مان پنهنجي روٽين جي سرگرمين ۾ مشغول ٿي ويس.
    ٻه مهينا گذري ويا. شروعاتي ڪجهه ڏينهن مان ڪال جو انتظار به ڪيو، پر پوءِ آهستي آهستي مِٺڙي آواز کي هڪ پاسو ڪري مان پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويس جو وري اُن طرف ڌيان ئي ڪونه ٿيو. ٻي به ڳالهه ٿي هئي. اسان جي آفيس ۾ ڪجهه ٻاهريون انسپيڪشن ٽيمون لڏو لاهي اچي ويهي رهيون هيون، اڪائونٽس جي آڊٽ، آفيس ريڪارڊ جي چيڪنگ، فيلڊ ورڪ جي وزيٽنگ، پبلڪ سان گڏجاڻيون، ورڪشاپ، ڪانفرنسون، ريلين جو انتظام، جلسن جو اهتمام وغيره وغيره... اهڙي ته وٺ وٺان هئي جو ٻه مهينا لاڳيتا مٿو کنهڻ جي به فرصت ڪانه ٿي ملي، ۽ جڏهن انهن سمورن ڦڏن مان آجو ٿي سک جو ساهه کنيم، تڏهن، هڪڙي ڏينهن اوچتو مٺڙو آواز ذهن تي تري آيو، شام هئي، ٿڌڪار هئي، اڪيلو هئس، وانڌو هوس، دل ۾ ڇڪ پيدا ٿي ته ساڻس رابطو ڪريان، ڪريان يا نه ڪريان، ڪري ڏسانس، اونهون... نٿو ڪريان....چوندي ته بنهه ڪو لُوسي آهي، جند ئي ڪونه ٿو ڇڏي... ڪٿان رانگ نمبر لڳو، ڪٿان مرڳو ڦاسي وياسين.... هيڏي ساري بي عزتي ڪئي مانس ته به پچر نٿو ڇڏي... ٺهيو، ڇڏيئينس کڻي. نٿو ڪريان رابطو. لاچار ٿيندس ته پاڻيهي فون ڪندي، پر جي نٿي ڪري ته خير هجيس...!
    منهنجي ذهن ۾ اڃا اِهي ئي خيال وٽجي سٽجي رهيا هئا، جو موبائيل جو رِنگ ٽون وڳو... آجا ميرڳ ميت، تجهڳ ميرڳ گيت بلاتڳ هيڻ... اسڪرين تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ته منهنجي موبائيل ۾ سيو ٿيل نمبرن کان علاوه ڪو ٻيو نمبر هو. ڇا هو جو اُن مهل اسانجي N.G.O (غير سرڪاري اداري) ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نون اميدوارن جون اڪثر فونون اينديون رهنديون هيون. سو مان سمجهيو ته شايد هيءُ به فون ڪنهن اميدوار جو هوندو، سو فون آن ڪري پنهنجي آفيسراڻي دٻدٻي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي آواز کي ڪنهن حد تائين ڳؤرو بڻائي، برجستي لهجي ۾ چيم “هلو ....”
    “.........” ٻئي طرفان جواب ڪونه آيو.
    “هلو......” پنهنجي آواز کي اڃا به ڳؤرو ڪري ٻيهر چيم.
    “مان ... م ... مان ... کي ... ياسر... سان ڳالهائڻو آهي..!” ڌڪڙجي ڌڪڙجي، آهستي آهستي، قسطن ۾ جواب مليو.
    مان آواز سڃاتو. اُهو ئي مِٺڙو آواز هو. حال هڪيو ته ٽڙي پيس. مان جي واڇ لڙي پيئي. پنهنجي آواز کي اصل ليول تي آڻي، منجهس جيترو به مٺاس ڀري سگهيس ٿي، ڀري چيم: “او ... هو....! توهان آهيو. ٻڌو محترمه، جڏهن اسانجو ڳالهائڻ به توهان کي نٿو وڻي ته پوءِ وري فون ڇو ڪئي اٿوَ؟”
    “اڃا ناراض آهيو، آئي ايم ريئلي ويري ساري فار دَيٽ. مون کي معاف ڪجو، آئينده ايئن نه ٿيندو.” هُن معذرت ڪئي.
    “پر توهان کي ته ياسر سان ڳالهائڻو آهي ۽ مان ياسر ناهيان.” مان ٻاهرئين ٻنين لاغرضي ڏيکاري.
    “ها، برابر توهان ياسر ته نه آهيو پر....” جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين.
    “پر ڇا ... سنئين سبتي ڳالهه پيئي آهي. ڪنهن کي وٺڻا هجن پٽاٽا ۽ ملن بصر، ته هُو بصرن کي ڪيئن قبول ڪندو؟! ساڳي طرح توهان کي کپي ياسر، جيڪو مان ناهيان. ته پوءِ توهان پنهنجو ۽ مان جو وقت ڇو پيون ضايع ڪريو.” مان لهجي ۾ طنز ڀري چيو.
    “چئبو ته اڃا به ناراض آهيو...”
    “نه مان ناراض نه آهيان.”
    “ته پوءِ ڳالهائڻ ۾ هيءَ تلخي ڇا جي آهي!”
    “چڱو، ڇڏيو اِن ڳالهه کي. توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته جيڪڏهن گسان پنڌان ڪو ياسر ملي وڃي ته کيس توهان جو نياپو ڏيئي ڇڏيان.”
    موٽ ۾ هلڪڙو ٽهڪڙو ڏنائين، ۽ پوءِ ڪجهه ساعتن کان پوءِ چيائين “مان کي ڪوبه ياسر نه، پر مان کي مان جو ياسر کپي، آئي ڳالهه سمجهه ۾، مجنا!”
    “سمجهه ۾ ته گهڻو ڪجهه اچي پيو ليليٰ، پر وري به توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مان توهان کي ياسر ڳولي ڏيڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهان.”
    “اڇا .... !” لفظ کي اجائي ڊگهار ڏيئي اينگهائيندي چيائين: “ڪنهن اڻ واقف ڇوڪريءَ کان نالو پڇڻ جو واهه جو طريقو آهي. لڳي پيو ته هن ميدان ۾ ڪافي ڊگهو تجربو رکو ٿا. باءِ دي وي، توهان کي هن فيلڊ ۾ گهڻا سال ٿيا آهن ڌڪا کائيندي؟”
    “نه محترمه، مان جي اِها فيلڊ ڪانهي. مان يونيسيف جي طرفان ملندڙ ايڊ جي ڊالرن تي هلندڙ هڪ اين جي او مانيٽر ڪندو آهيان، ۽ اسان جي N.G.O سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي بهاني سنڌ جي سموري معلومات جا انگ اکر گڏ ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانا ڪندي آهي.”
    “اوهه...” لفظ کي ٻيهر اينگهائيندي حيرت جو اظهار ڪيائين، “ته چئبو ته اها ڳالهه آهي. ڀلا ٻيو ڇا ڇا ڪندي آهي توهان جي اين جي او؟” پڇيائين.
    “اسان جي اين جي او وڏا وڏا ڪم ڪندي آهي، جن مان مکيه هي آهن: هڪ اهڙا نوجوان. جيڪي ڪاپي ڪلچر ذريعي ڊگريون حاصل ڪري بيروزگار ويٺا آهن. جن کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ هڪ جملو به ڪونه ٿو اچي، تن کي ڀرتي ڪندا آهيون. ٻيو اهڙا نوجوان جن سچي پچي پڙهائي ۽ محنت ڪري پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي سٺي گريڊ ۾ امتحان ته پاس ڪيا، پر رشوت جو پئسو ۽ سورس نه هئڻ ڪري ۽ جيالن طرفان وڪجندڙ نوڪريون نٿا خريد ڪري سگهن. جن کي وطن ۽ قوم جي فلاح و بهبود لاءِ فڪر ته آهي پر کين موقعا نٿا ڏنا وڃن. ٽيون اهڙن سياسي ڪارڪنن کي نوڪريون ڏيندا آهيون، جيڪي قوم پرست تنظيمن ۾ ڳچ جيترو عرصو پنهنجي ايمانداري، سچائي، لگن ۽ محنت سان جاکوڙ ته ڪندا رهيا، پر کين هر سطح تي نظر اندازيءَ جو شڪار بنايو ويو. کين پنهنجي صلاحيتن آهر اڳيان اچڻ جا موقعا ڄاڻي ٻجهي نه ڏنا ويا. جنهن ڪري هو مايوس ٿي ٿڌا ٿي ويا هئا. مان به اتان کان ئي هتي آيو آهيان. هاڻ اسان سڀ گڏجي ٻاهرين ايجنسين جي منشا مطابق کين گهربل سنڌ جي سموري ڄاڻ جا انگ اکر گڏ ڪري موڪليندا آهيون. موٽ ۾ اسان جهڙن گهڻن سنڌ جي سچن پچن قومي ڪارڪنن، ڀرپور صلاحيتن سان مالا مال هوشيار گريجوئيٽن ۽ جذباتي نوجوانن کي ذاتي لالچ جي ڪوڙ ڪيءَ ۾ ڦاسائي، اسان جي اين جي او کين ناڪاره، عياش، ڪرپٽ ۽ بي ايمان بنائي، پنهنجو مقصد حاصل ڪري، اسان کي ڪنهن نه ڪم جو ڪري غلاظت جي ڍِڳَن تي ڦٽو ڪري ٿي ڇڏي. جتي اسان رڳو بدبوءَ ئي ڦهلائي سگهون ٿا ۽ بس.”
    “اڇا......!” حيرت مان چيائين، “۽ توهان اُن اين جي او کي مانيٽر ڪندا آهيو؟”
    “ها، مان اُن ئي اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهيان.”
    “توهان جي صاف گوئيءَ تي توهان کي شاباس هجي. پر پوءِ توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿا مينيج Manage ڪريو. توهان ڪڏهن پڇتاءُ محسوس ڪيو؟” هن پڇيو.
    “ڇا جو پڇتاءُ محسوس ڪريان؟” ورائي پڇيو مانس.
    “اِهو ئي ته ڪڏهن توهان سنڌ جي ڪاز لاءِ جاکوڙيندا هئا ۽ هاڻ هٿ وٺي دشمن قوتن کي سنڌ متعلق ذري پرزي جي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيو. هڪ سنڌي هجڻ جي حيثيت ۾ آخر توهان تي به ڪي ذميواريون عائد ٿين ٿيون نه، توهان کڻي ٻين تي ٿورو نه ڪريو، پر پنهنجو فرض ته هر ڪنهن کي نڀائڻو آهي نه!”
    “ها، برابر، مون تي فرض به عائد ٿين ٿا ته ذميواريون پڻ، ۽ مان اُهي فرض ۽ ذميواريون پوريون به ڪري رهيو هوس. پر .... پر منهنجي پيٽ گذر ۽ مان سان لاڳاپيل خاندان جي پيٽ گذر جون ذميواريون به ته مان کي ئي پوريون ڪرڻيون آهن. جڏهن سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري A گريڊ ۾ پاس ڪيل سرٽيفڪيٽ کڻي در در جون ٺوڪرون کائي کائي ڪا وڏي نوڪري ته ٺهيو، پر پرائمري ماستريءَ لاءِ به پٽڪا پلانڌ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳس. تڏهن به سنڌ جي حڪمرانن مون کي ماستري به ڪانه ڏني، ته پوءِ مان جي لاءِ باقي ٻيو ڪهڙو ٿي آپشن رهيو، سواءِ ان جي ته يا خاندان سميت اجتماعي خودڪشي ڪريان ۽ يا نه ته وري ڪا اين جي او جوائن ڪريان. جيجل امڙ، خوبصورت نوجوان ڀيڻ ۽ ٻن گلاب جي گلن جهڙن ڀائرن سميت خودڪشي ڪرڻ جو ارادو پوءِ مان ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هيءَ اين جي او جوائن ڪئي. فقط پنجن سالن جي مختصر عرصي اندر اندر مان پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي مانيٽرنگ جي عهدي تي پهتو آهيان. پنج سال اڳ بکون ڪاٽيندڙ مان جو خاندان هاڻي ڏاڍي عيش ۽ آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. ڀائر ڪراچي جي بهترين نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن. ۽ .... ۽ ...!”
    “اوهه ...!” ساڳئي اينگائيندڙ لهجي ۾ چيائين، “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن توهان جهڙا باشعور ماڻهو به ايئن شارٽ ڪٽ جو سهارو وٺن ۽ سنڌ جي لڏندڙ ٻيڙي کي ايئن وچ دريا ۾ وڏين وڏين ڇولين جي حوالي ڪري، نڌڻڪو ڇڏي وڃن ته پوءِ آخر هِن وطن جو وانگي ڪير ٿيندو؟ ٻڏندڙ ٻيڙي ڪناري سان ڪير لڳائيندو؟ توهان ڪڏهن اِن پاسي تي به سوچيو آهي؟ مون کي ڏاڍي حيرت ٿي آهي توهان جي موجوده سوچ ۽ عمل تي.”
    “ايترو جلد حيران نه ٿي ماءِ ڊيئر...” جملو اڌ ۾ ڪاٽي ورتائين.
    “Please mind your language, Iam not your dear, ok.” شوخيءَ مان چيائين. (مان توهان جي پياري ناهيان، پنهنجي زبان سنڀالي ڳالهايو.)
    “اوهه، معاف ڪجو محترمه، جلديءَ ۾ وات مان نڪري ويو. ها، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته ايترو جلد حيران نه ٿيو. حيران ڪرڻ لاءِ اڃا پوئتان ڪافي حقيقتون موجود آهن، جيڪي توهان کي حيرت ۾ وجهنديون. مان ته ڇڙو ٻاهرين ايڊ جي ڊالرن عيوض هڪ اين جي او جوائن ڪئي آهي، پر هي جيڪي وطن جا وانگي هجڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون پيا ٿا ڪن، اخبار، ريڊيو، ٽي وي، ريليون، جلسا، ڌرڻا، ڦيٿا جام، هٽ تاڙ، روڊ بلاڪ، تعليمي ادارا بند ۽ روز ٻئي ڏينهن بک هڙتالون ڪريو هرڪو پاڻ کي اڪيلي سر سنڌ جو وارث پيو سڏائي، تن جا ڪرتوت ڏٺا اٿوَ؟ هي جيڪي سنڌ سنڌ، آزادي آزادي چيو چيو ٿڪن ئي نٿا، تن کان ڪنهن پڇيو آهي ته ڪلهه اوهان وٽ داخلا جا پئسه به ڪونه هئا ۽ اڄ هاءِ ڪلاس جي گاڏين ۾ پيا هلو، سي گاڏيون ڪٿان آيون؟ ڪلهوڪا اڀرن سڀرن گهرن ۾ رهندڙ اڄ خبر ناهي ڪيترين پلازائن جا مالڪ بڻجي ويا آهن، اِهي پلازائون ڪٿان آيون،؟ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ۾ هزارين گاڏين جي قافلن ذريعي ماڻهو گڏ ڪري شوبازي ڪرڻ تي جيڪو ڪروڙين رويپا خرچ ٿو ٿئي، اُهي ڪروڙين روپيا ڪٿان ٿا اچن؟ سنڌ ته ساڳئي سورن ۾ آهي. سنڌ جي درد جو ته ڪو درمان ٿئي ڪونه ٿو. پوءِ انهن سنڌ جي دعويدارن ڪڏهن اهو اعتراف ڪيو آهي ته هو رڳو پاڻ ٺاهڻ ۾ پورا آهن ۽ قبضه گيري، ڀته خوري، ڌاڙن، ڦرن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ذريعي رڳو پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ لڳا پيا اهن... ۽ .... ۽ ڇا ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن اهو اعتراف ڪيو آهي ته هنن اسيمبليءَ ۾ ويهي سڄي سنڌ دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي؟ ... اوهه ... معاف ڪجو. مان به الاجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو آهيان. توهان سان نه ڄاڻ نه سڄاڻ ۽ مان ايئن بڪواس ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. معاف ڪجو محترمه I am realy very Sorry”
    .”Never mind, It’s ok” مان توهان جو درد سمجهي سگهان ٿي. جنهن ماڻهوءَ جو خلوص ائين مجروح ٿيندو هجي، تنهن کان دانهن ته ضرور نڪرندي نه ۽ جيڪڏهن اڳيان ٻڌاڻ وارو ڪو همدرد هجي، پوءِ ته ماڻهوءَ جو هِينئون ڦاٽي پوندو آهي. مان توهانجي جذبن جو قدر ڪيان ٿي.”
    “همدردي جتائڻ لاءِ وڏي مهرباني.” مان جا جذبات وهلورجي وڃڻ لڳا.
    .”Just Relax ايترا Imotional نه ٿيو. پاڻ تي ضابطو رکيو هونئن به تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ مختلف قومن ۽ ملڪن تي اهڙيون ڪيفيتون اينديون رهيون آهن. پر پوءِ وقت شاهد آهي ته هر ڀيري قوم جي سڄاڻ ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تاري آڻي ڪناري سان لڳايو آهي. اسان تي به هن وقت اُهي ئي تاريخي ڪيفيتون ماڪ جي ڌنڌ وانگر ڇانئجي ويون آهن، جن ۾ ماڻهو ڇڙوڇڙ، دربدر ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا آهن. پر اُهي ڪيفيتون گهڻو وقت رهڻيون نه آهن. اِهي عارضي آهن. جيڪي اسان جي پنهنجي غلطين سُستين بي حسيءَ ۽ لاتعلقيءَ جي ڪري وڌي وڻ ٿي ويون آهن. پر جڏهن به اسان ڪَر موڙي، آرس ڀڃي وري اٿنداسين، تڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. توهان مايوس نه ٿيو.”
    “توهان يج مهرباني. توهان کي ته اسان جي مسئلن جي گهڻي قدر ڄاڻ آهي. توهان ته ڪافي باشعور، سڄاڻ ۽ سنجيده ٿيون لڳو، پرپوءِ توهان جو شروعاتي الهڙپن، ڇيڳرائپ ۽ شوخي... تنهن کي ڇا چئجي؟ اوڏيءَ مهل ته توهان جو رخ ئي ٻيو هو.”
    “اوهه... اُهو ته بس مڙيئي ائين هو. بس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سان ڀوڳ ڪرڻ تي دل ٿي پوندي آهي. توهان اِن کي مذاق ئي سمجهو ۽ وساري ڇڏيو.”
    “وساري ڪيئن ڇڏيان اُن مذاق کي، جنهن توهان جهڙي باشعور ۽ باذوق شخصيت سان ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. جيڪا... جيڪا.... نالو ڇا آهي توهان جو؟”
    “اڄ نالو پيا پڇو ۽ سڀاڻي چوندا ته ٽائيم ڪڍو ته ڪٿي گڏجي ويهي چانهه پيئون ۽ پرينهن ....”
    “سڀاڻي ڪنهن ڏٺو آهي!” مان سندس ڳالهه ڪاٽي ڇڏي، “سڀاڻيءَ کي سڀاڻي ڏسنداسين. اڄ توهان رڳو پنهنجو نالو ٻڌايو، باقيءَ کي ڇڏي ڏيو.”
    “ڀلا ايتري جلدبازي به ڇو؟ گهٽ ۾ گهٽ مان ايندڙ ِ ٽي چار هفتا ته ڪيڏانهن ٻاهر ڪانه ٿي وڃان، جتي هيءُ موبائيل نمبر ويلڊ نه هجي.”
    “چڱو ڀلا، جي پنهنجو نالو نٿيون ٻڌايو، ته گهٽ ۾ گهٽ مان کان ته پڇو!”
    “اُهو ته توهان هونئن به ٻڌائيندا، پڇي ڇا ڪريان؟”
    “هروڀرو ائين به ڪونهي. جيستائين توهان نه پڇنديون،تيستائين مان به نه ٻڌائيندم.”
    “ٺهيو، نه ٻڌايو. مان زور ته ڪانه ٿي ڪريان، ۽ هونئن به نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟”
    “ڇو؟ نالي جي ڇو اهميت ڪانهي؟ هي جيڪي تاريخ ساز شخصيتون ٿي گذريون آهن، سي سندن نالن سان ئي ته ڄاتيون سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ نالن سان ئي ته مشهور آهن. پر جي نالن جي ضرورت نه هجي ته مائٽ پنهنجي اولاد تي نالا ڇو رکن. وڏي ڳالهه ته توهان جو سڃاڻپ ڪارڊ به ته توهان جي نالي سان ٺهيو هوندو. اڙي ... توبهه ... توبهه... معاف ڪجو توهان جو ته سڃاڻپ ڪارڊ اڃا ٺهيل ئي ڪونه هوندو.”
    جواب ۾ هڪ زوردار ٽهڪ... ۽ پوءِ ڪجهه دير تائين لاڳيتو کلندو ئي رهڻ... جواب ڪو به نه ... پوءِ ڳچ وقفي کان پوءِ پڇيائين: “ڇو؟ مان جو ڪارڊ ڇو نٿو ٺهي سگهي؟”
    “سرڪار، ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ 18 سالن جي عمر لازمي آهي، ۽ توهان ته ماشاءَ الله اڃا انڊر فِفٽين ٿيون لڳو.”
    “اِهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو؟”
    “گهٽ ۾ گهٽ توهان جي مِٺڙي، سُريلي ۽ معصوم آواز مان ته ايئن ٿو لڳي، وري به ڪهڙي خبر!”
    “چريا ماڻهو، سنهڙو ۽ مِٺڙو آواز ته ڪنهن وڏي عمر جي عورت جو به ٿي سگهي ٿو. توها جو ٿورو اڳ ۾ اجائي خوشامند ڪندي پئي چيو ته مان ڪافي باشعور، باذوق ۽ الاجي ڇاڇا ٿي لڳان، سو ڪا انڊر ففٽين ڇوڪري ايترين لياقتن جي مالڪ به ٿي سگهي ٿي ڇا؟”
    “ڇو ڪانه ٿي ٿي سگهي. لياقتون عمر جون محتاج ڪين هونديون آهن. ها، البت تجربي لاءِ عمر جو فيڪٽر ضروري آهي. پر .... پر ... پاڻ اِن بحث ۾ ڇو پيا اُلجهون. توهان باصلاحيت آهيو، سو آهيو. باقي رهي ڳالهه انڊر ففٽين يا ففٽين پلس جي سو عورتون هونهن به پنهنجي صحيح عمر ته ٻڌائينديون ئي ڪين آهن. ڏسڻ سان اندازو ڪري وٺبو آهي، سو جي ڪٿي ملياسين ته خودبخود خبر پئجي ويندي. توهان جو ڇا خيال آهي؟”
    “ڏٺوَ! اڃا نالي جي تقاضا ئي پوري ڪانه ٿي آهي ته مٿان وري ملڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. هڪڙي ڳالهه ٻڌايانوَ: اجائي جلد بازي ماڻهوءَ کي رڻ ۾ رولي به سگهي ٿي. اجايون آسون ۽ اميدون زندگي زهر به بنائي سگهن ٿيون، تنهن ڪري....” شايد سندس موبائيل جو بيلنس ختم ٿي ويو هو، ڪال ڊراپ ٿي ويو.
    پوءِ هُن جو فون ڪونه آيو. اوسيئڙو ٿيندو رهيو، انتظار وڌندو رهيو. ڪلاڪن مان پهر ٿيا، ڏينهن گذريو، رات آئي. هفتن مان وڌي مهينو ٿي ويو. اِن عرصي دوران مان ڏاڍو موبائيل کڙڪايو، پر هر ڀيري ڪمپيوٽر جي اطلاع موجب سندس نمبر بند پيا هئا. پوءِ ٻيو مهينو گذريو. ۽ ٽيون به پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير. خير ته ٿيو پر مان جي حالت ڏاڍي ڏسڻ جهڙي ٿي ويئي هئي. ايئن سمجهو ته هُن محترمه جا آخري چيل ٻه جملا بنهه سئو سيڪڙو سچ نڪتا. مان کي ايئن پئي لڳو ته ڄڻ مان هلندي هلندي پنهنجي واٽ وڃائي ويٺو آهيان. ڄڻ ڪنهن دڳ وڃايل واٽهڙوءَ وانگر مان رڻ ۾ رلندو ڀٽڪندو پيو وتان. زندگيءَ جي هر پهلوءَ مان ڄڻ چس، چاهه، موهه ۽ ذائقو ختم ٿي چڪو هو ۽ مان کي زندگي زهر لڳڻ لڳي هئي. بظاهر ته مان جي اهڙي طرح سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ڪو به جواز ڪونه هو. پر پوءِ به خبر ناهي ڇو هن جو ڳالهيون منهنجي خيالن ۾ اچي مان جو سک چين وڃائي رهيون هيون. ٻيا ته ٻيا، پر خود مان به پاڻ کي، پنهنجي اِن عمل جي ڪري پاڳل چئي رهيو هوس. پر ڪنهن به حيلي هُن جي ڳالهين منهنجي پچر نٿي ڇڏي. هن جي خيالن مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ مان پَٽَ ڇني ڇڏيا. الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون جائز توڙِ ناجائز ڪارگذاريون ڪري چُڪس، پر ‘چري ڪيئن! چي: چري ويران وير وڌ....!’ ساڳي حالت هئي منهنجي به.
    ست مهينا گذري ويا پر مان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل مڇر وانگر پاڻ کي آزاد ڪرائي نه سگهيس. بلڪه ايئن چوڻ صحيح ٿيندو ته جيترو ٿي ڦٿڙاٽيم، اوترو وڌيڪ جڪڙبو پئي ويس. آخرڪار منهنجي جان ڪنهن حد تائين تڏهن وڃي ڇُٽي، جڏهن اسان جو نئون M.D آيو. اڳوڻو مينيجنگ ڊائريڪٽر ٻن ٽن مهينن لاءِ سائوٿ آفريڪا جي ٽوئر تي پئي ويو. اسان سمورن آفيسرن کي هيڊ آفيس طلب ڪيو ويو ۽ لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين نئين ايم ڊي اسان مان هر هڪ کان پنهنجي پنهنجي ايريا جي ذري پرزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ موٽ ۾ اسان تي ايترو ته ڪم جو بوجهه وڌائين جو ايندڙ ٻن ميهنن تائين ته صحيح طرح ماني کائڻ جي ويسنڌ به ڪانه ٿي ملي. اسان به پنهنجو پگهار حلال ڪرڻ لاءِ يا ايئن کڻي چئجي ته پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پروموشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا. ٻئي مهيني جي پوري ٿيڻ تي اسان کي ٻيهر هيڊ آفيس طلب ڪيو ويو. اسانجي ڪارڪردگيءَ جي چڪاس ڪئي ويئي. ڏاڍي سخت اڪائونٽبلٽي ڪئي ويئي ۽ ان سخت احتساب جو نتيجو مان جي فيور ۾ ويو. مان کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي ڏيئي ٻئي ايريا ۾ مقرر ڪيو ويو. مان ڏاڍو خوش ٿيم. ۽ خوش ٿيان به ڇو نه! صرف ترقي ملي، پر پگهار ۾ به چڱو خاصو واڌارو ٿيو ۽ رهائش ۽ ڪنوينس جون پڻ وڌيڪ مراعتون مليون، اصل ٺٺ ٿي ويا.
    مان نئين ايريا ۾ پهچي، بنهه باريڪ بينيءَ سان هر ننڍي توڙي وڏي مامري جو جائزو ورتو. هر پهلوءَ کان ڪم ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ، مان محسوس ڪيو ته هِن تر ۾ ٻه اهڙيون هستيون آهن، جن جو گهربل تعاون ۽ سهڪار جيڪڏهن اسان کي حاصل ٿي وڃي ته اڃا به سُٺا نتيجا ملي سگهن ٿا. مان محسوس ڪيو ته يا ته تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن وٽ ڪير پهتو ئي ڪونهي ۽ يا ته وري انهن کي صحيح نموني ۾ قائل نه ڪري سگهيو آهي.
    بهرحال، نئين سيٽنگ ۾ مان کي مهينو کن ٻيو به لڳي ويو. پوءِ هڪڙي ڏينهن انهن ٻن شخصيتن مان هڪ، ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي. شام جو 7 وڳي ڊي سي صاحب جي رهائش گاهه تي ساڻس ملاقات جو وقت طئي ٿيو. مان ۽ هڪ ٻيو مان جو سب آرڊينيٽ گڏجي صاحب جي رهائش گاهه تي پهتاسين. هڪڙيِ ڪُشادي ملاقاتي ڪمري ۾ ويٺاسين. دعا و سلام ۽ خوش خير عافيت کان پوءِ اسان پنهنجي مقصد طرف آياسين. ملازم چانهن وغيره رکي هليو ويو هو. ڪي 20-25 منٽ کن گذريا هوندا، جو گيسٽ روم جو اندريون دروازو زڙاپ ڪري کليو ۽ هڪڙي جوان زال ايئن سَٽَ ڏيئي اندر داخل ٿي. اوچتي دروازي کلڻ تي غيرارادي طور اسان سڀني جون نگاهون اوڏانهن کڄي ته ويون، پرپوءِ هڪدم اسان ٻنهي پنهنجون نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون. دروازو کولي اندر ٿيڻ شرط ئي اُن جوان زال، جيڪا 24-25 سالن جي ته هئي ئي هئي، صاحب کي “پاپا” چئي ٿي پڪاريو. پر جيئن ئي اسان تي نظر پيس، تيئن سندس زبان مان صرف اڌ لفظ “پا ...” ئي نڪري سگهيو ۽ بقايا اڌ لفظ کي وساري هوءَ اسان ڏانهن انتهائي معصوماڻي انداز ۾ نهارڻ لڳي، چند پل رکي هڪڙِي ڏاڍي دلڪش انداز ۾ اسان کي مخاطب ٿي چيائين “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...”
    مان کان ڇرڪ نڪري ويو. جهڙو ڪر اوچتو ئي اوچتو بدن ۾ سُيون چُڀڻ لڳيون هُيون. منهنجي نظر خود بخود ڏانهس کڄي ويئي... سندس وات اڃا تائين “.... او” جو آواز نڪرڻ ڪري گولائيءَ ۾ کليل هو... بلڪل ساڳيو مِٺڙو اواز ... هنڊريڊ پرسينٽ ساڳيو دلربا لهجو ... بنهه هُو بَهُو اُهائي چنچلتا، ڇيڳرائپ، شوخي ۽ دلنوازي... خوبصورتيءَ جو ڇيهه... ڀرپور جؤڀن ۽ جوانيءَ جي انتها... انگ انگ مان ڇڻي ڪرندڙ مستي ...! مان ادب ۽ احترام سان ساڻس هيلو هائي ڪئي ۽ ٻيهر نگاهه هيٺ جهڪائي ڇڏي. ڪيئن به هو پر هن مهل مان ڊي سي صاحب جي رهائش گاهه تي ساڻس ڪنهن اهم اِشوءَ تي ملاقات ڪري رهيو هوس. تنهن ڪري مان کي پنهنجي ايٽيڪيٽس جي دائري ۾ ئي رهڻو هو.
    “ڪو ڪم آهي پٽ! اسان هن مهل مهمانن سان گڏ ويٺا آهيون. توهان اندر هلو، پاپا ٿوري در ۾ اچن ٿا. شاباس ٻچا!” ڊي سي صاحب انتهائي شفقت، صبر ۽ ٻاجهاري انداز ۾ ساڻس ڳالهايو.
    “پاپا، مان کي ياسر سان ڳالهائڻو هو... پر ٺيڪ آهي، اوهان ڀلي مهمانن سان ميٽنگ ڪريو. مان ياسر سان پوءِ ڳالهائيندم.” ايئن چئي هوءَ اندر هلي ويئي.
    هن جي ويندي ئي صاحب اسان سان مخاطب ٿيو.
    “معاف ڪجو، پاڻ ڊسٽرب ٿياسين. هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي. پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ آهي. بيمار آهي. ڪجهه سال اڳ ڏاڪڻ تان لهندي پير ترڪي پڄڻ ڪري مٿي ۾ ڌڪ لڳو هوس جنهن جو دماغ تي اثر ٿيو اٿس. تنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجي وس ۾ ناهي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ته اهڙِيون سنجيده ۽ ڪم جون ڳالهيون ڪندي آهي جو اسان پاڻ حيران ٿي ويندا آهيون. اڪثر ڪري موبائيل تي اڻ ڄاتل نمبر ڊائل ڪري، سامهونءَ واري کي چوندي آهي مان کي ياسر سان ڳالهائڻو آهي...!”
    ڊي. سي. صاحب معذرت سان گڏ وضاحت به ڪئي. پر منهنجي اڳيان جيڪو انڪشاف ٿيو هو، سو ڄاڻي منهنجا تاڪ لڳي ويا هئا.

    (25 مارچ 2012ع )
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267701
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387994
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ