ڪتاب جو نالو: ڪڪر منجهه ڪپار
مصنف: پير بخش ’پياسي‘
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 07 ڊسمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 206 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 71 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پير بخش ’پياسي‘ جي شاعري ۾ جُھڙالا نيڻ به نظر ايندا، ته مُرڪن جا مرگهٽ به موجود مِلندا، هن جي شاعري ۾ جڏهن محبوب اکيون کڻي کلي ٿو ڏي ته شاعر جا سڀئي سور سَنڌا ڪيو وڃن.
هن پنھنجي شاعري ۾ اهڙا ته چِٽ چِٽيا آهن جن کي جڏهن اکيون ڏِسن ٿيون ته حيران رهجي وڃن ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سُر سارنگ
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • ادارو
  • مهاڳ
  • لاڙ جو لازوال شاعر پروفيسر پير بخش پياسي
  • پياسي جي شاعري جا دلچسپ موضوع
  • درد جي شهر جو انمول شاعر پياسي
  • اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
  • فطرت جو شاعر سائين پير بخش پياسي
  • پير بخش پياسي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ انمول تحفو
  • اڌ صدي جو فطري شاعر پيربخش پياسي
  • بيت

  • سُر سهڻي
  • سُر مومل راڻو
  • سُر مارئي
  • سُر سورٺ
  • سُر سارنگ
  • متفرقه بيت
  • وايون

  • نيڻن ڪيئن نه نيروهي، ڪڪر منجهه ڪپار
  • درد دکن جي دنيا هن ۾، جيءَ کي پنهنجي جهوريون سائين!
  • تنهنجي مٺڙن ٻولن بن هي،
  • رُت آئي سانوڻ جي ڏس، کيٽ خوشي مان کيڙ ميان!
  • قائم تون آهين صدين کان،
  • پلجي نپجي گهاريون جِت مون،
  • پڃري بند پنڇي پاري،
  • ڪنڌي ڪينجهر ڪنول نيلا،
  • سڀ ڪنهن دل ۾ گوندر گهاءُ،
  • سيوهڻ جا شهباز او ساءِ!
  • نيڻن مان تون نير نه هاري، موتي ائين نه رول، ساءِ!
  • پِرهه ڦٽيءَ جو شاخ شاخ تي، پکين پرڙا سوريا، ساءِ!
  • بستي بستي شهر شهر ۾،
  • راند سڄي پئسي جي آهي،
  • سارنگ آيو منڊل منڊيا، ميگهه ٻَڌا اڄ موڙ، ميان!
  • چنڊ ستارن سان آ گم،
  • سائي سائي سرتي سهڻي،
  • پائي پائي پاتم پيارا،
  • حق ۽ باطل جي آ جاري،
  • فڪر جي اهڙي دؤر انهيءَ ۾،
  • هري هينيئ ۾ هر ڪنهن جي ٿي، هوشوءَ جي هت هاڪ، ميان!
  • عزم جا پُختا دل جا سَچا،
  • سنڌڙي صدين ساٿ سٻند تو،
  • جاڳي اٿندا، تنهنجي لهندا،
  • مون جو خواب لڌو آ ساءِ،
  • وطن منهجي جا مارو مٺڙا،
  • ور وڪڙ اي! تنهنجا حياتي،
  • زور زبر جي زير نه رهندي،
  • نگر نگر هت شهر شهر ۾،
  • روز ازل کان جورو جفا جي،
  • آزادي جي متوالي اڄ،
  • نيرا نيرا ساوڪ وچ ۾،
  • رات اونداهي منجهه پسي مون، چنڊ سندءِ چانڊاڻ، الا!
  • انتظار جي تلخ گهڙين ۾، مون تنها رات وهاڻي، ساءِ!
  • شهر شهر آ انڌير ننگري،
  • جهوناڳڙهه جي جوءِ ۾ جا جڪ،
  • سيج سنواري ويٺي آهيان، ساجن تنهنجي ڪاڻ، الوميان!
  • ڪٿ وسي ٿي هستي تنهنجي، توکي خبر نه ڪائي، پيارا!
  • ساهه ڏيئي سر سنڌڙي خاطر،
  • وَر وَر ڏيئي روئي وڇن کي،
  • پنهنجي ساهه کان پيارو مونکي،
  • ڪنهن پئي لُڙڪ اکين مان ڳاڙيا، مون پي موتي ميڙيا، ساءِ!
  • اڄ ڌرتي توکي پيئي پڪاري،
  • راز تون کول، عشق جا ظاهر، چپ چري ڪجهه چور، ميان!
  • وئين نه موٽِ آئين هيڪر، مند به موٽي آئي، پيارا!
  • روشن روشن ڪور مجهان ڪا،
  • پرهه ڦٽي جو ٻاٽ آ ڇانيل،
  • جان جان ۾ جوش پيو جاڳي،
  • ننهن نڙي تي، تو ئي ڀلا،
  • نيٺ ته ڪيئن چاهت جو، چپ چاپ چريو هي چنگ، ميان!
  • اونداهين ۾ روشني بنجي،
  • ڪارونجهر ڪور منجهان ڪيئن،
  • آڳ جي شعلن منجهه جلي پيو،
  • واهه وساري ويٺين تون،
  • ننڊ نڀاڳي تو ڇو نهوڙيو، جوڳي اُٿ تون جاڳ، او جوڳي!
  • ڪنڌ ڪپائي، مور نه مٽجون،
  • وِک وِک ۽ هر موڙ تي پنهنجي،
  • سارنگ آيو سرها سانگي، آئين نه موٽي هيل، ميان!
  • طوفانن جي رُخ کي موڙِ،
  • سانوڻ آيو تون نه جو آئين، ساجن بن تو ڳارا، پريتم پيارا،
  • ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان،
  • ڪنڊي فٽڻ لڳي آ،
  • ويري وقت سان جوٽي جنگ، ڪر جاني سوچ ويچار،
  • مايوسي جي موت کي ماري،
  • درد جو دل ۾ دونهن دکائي،
  • مون ٿيو گهارڻ توسين حياتي،
  • غزل

  • سيس نمائي مٽي ماٿي لايان
  • زندگي ايڏي ناهي سهل
  • دل جا دک درديلا آهن
  • تنهنجي پيار جنهن هي ڏني زندگي آ
  • انسانيت بربريت جو نشانو آ
  • نه رهندا تخت و تاج هاڻي زماني ۾
  • اسان کي سڄڻ جي پيارو ملي پئي
  • زخم سيني جا پنهنجي نيارا لڳا
  • ڇو ٿي ڇنين تون ڇوري پوتيءَ مٿان ستارا
  • سارنگ آيو منڊل هوندا
  • لفظ ڇاهو زبان مان نڪتو
  • پار منزل تي ئي پنهنجي پاڻ ٿو پڄڻو پوي
  • ڪنهن جي ياد من منهنجو تڙپائي ويٺي
  • جڏهن قيامت سر تي ٿي نازل آ يارو
  • جڏهن چنڊ چوڏهين سندي رات ٿيندي
  • تنهنجو روح جيسين پرين پاس رهندو
  • اڱڻ منهنجي آئين ته دل شاد ٿي ويو
  • پير پهرين جنهن پاتو
  • لفظ ايئن مونسان دوستو هٿ ونڊائين ٿا
  • دُلارن سان ڳالهيون اسين بي ڪنداسون
  • طلسم مڪر جا ٽوڙڻ چاهيان ٿو
  • سنڌڙي کي جڳ مڳائي سگهو ته ساٿ ڏيو
  • بزم ۾ تنهنجي اچڻ چاهيان ٿو
  • آئيني ۾ وار سنوارين ٿا ماڻهو
  • جن ئي اکڙين مور ڏٺو مون
  • جهان سارو سُورن جو سامان سوچ
  • در پٺيان نڪتو هو چنڊ
  • بد نصيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
  • هيٺ زمين مٿي آسمان آ زندگي
  • ڦٽ فراق جا ڀرجي نه وڃن
  • ڏينهن ٻه هوندو جوڀن مون سوچيو نه هو
  • هر راهه جا آهن راهي نرالا
  • رسم محنت جي ابتدا ڪر
  • اسٽيج تي ڪردارن جا لاشا
  • جي جلائي تو پيارا اجهايا چراغ
  • رت سان ڪيئن ٿي راند ڪڏي تو
  • ڪڏهن نه بنواس موڪليندس توکي
  • ڳالهه اهڙي ڪجي تن تڙپائي ڇڏي
  • توهان پنهنجي زلفن ۾ گجرا سجايا
  • ڏنا توکي جي مون سنيها مسافر ياد سي رکجان
  • نظم

  • پڪي مُحبت پڪا ڌاڳا،
  • ڪچي محبت ڪچا ڌاڳا،
  • آءُ ته جيون ڳائي گهاريون،
  • سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي
  • ڏکي دنيا ڏکيا ماڻهو،
  • چنڊ چڪور ملنت ڪٿي،
  • زمين ۽ زمان کي ڏڪائي ڇڏيوسين،
  • پربت جيڏي رات ڪٽڻ لاءِ،
  • سورن سو سوداءُ ڏنئي
  • هوشوءَ جهڙو مڙس مٿيرو،
  • توئي ڀٽائي جاڳ ڏنو،
  • ڪاڪ محل مان آيو شينهن،
  • دودي دريا جي او ڌرتي،
  • تنهنجا ڀي ڪي ڏينهن هئا،
  • سڙي سڃ ڪنهنجو اگر ٿيو تگر،
  • هتي هر ڪا چيز لڳي ائين پئي روڳي،
  • هاءِ حياتي پائي ڦوٽو
  • او ويٽنام جا عوام
  • قدم به قدم منزل ڏي هلجي،
  • مرڪي ماڻهو جو جي من
  • ڦليلي ڪناري وڻ اَملتاس هيٺان،
  • ڌرتيءَ اُت ٽاڪ منجهند جو،
  • سنڌڙي تو ۾ سنڌو جا نه آثار هجن ها،
  • هي قوم آ ڪنهن جي بلي
  • ڦليلي
  • تون آءٌ پرين تون آءٌ پرين،
  • ڳاڙهو ڳاڙهو بنگلو،
  • جڳ ۾ ماڻهو ايندا آهن،
  • روح رتو گيت رسيلو،
  • سوين جت منزلون هونديون،
  • پيار پريت جا رشتا ناتا،
  • ڏکويلن کي ڏکوئي تون،
  • سون سريکن سپنن تي،
  • اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون
  • موسم بدلي آيو بهار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ
  • علم بن ڏکن جو ڪو ناهي علاج،
  • هجين تون دنيا ۾ آزاد سنڌڙي
  • هي لاش محبت جو اڳيان تنهنجي پيل جو،
  • منزل تي پنهنجي دم پٽي پوءِ مسڪرايو دوستو،
  • تنهنجي سيني تي سنگينن،
  • پنهنجو نازڪ هٿڙو لوڏي، تو ته چيو هو پاڻ هلون ٿا
  • قطعا

  • سيني تي ڀل گولي هلائي ته ڏسان،
  • چاپلوس خوشامندي عداوتي چهرا ڏسو،
  • زمانو اڳتي ايترو اڳتي اڳتي،
  • وچ سير لهرن قبر تنهنجي اڏيل،
  • ڀونئر اُڏري اچ ته توکي چمي،
  • محنت ڪش مزورن هارين جي خلاف،
  • وقت گذري ويو تنهن کي نعمت ئي ڄاڻو،
  • گهائل گهڙي هڪ گوندر ۾ گهارين،
  • اچ سيج سوري تي سجائي ڇڏيون،
  • تارن جي طبقي تان ڪو ٿيڙ کائي،
  • ڪٿي پيٽ جي پوڄا ۾ پورا،
  • تنهنجي حسن سان جهان سارو روشن،
  • ملڪ سارا ترقي راهن تي آهن گامزن،
  • نئون جذبو نئون جمال پيدا ڪر،
  • پيا روز گهڙجن قصا هت پراڻا،
  • ٽيڙو

  • سنڌو ڪنارا،
  • ڪارا بادل،
  • ڀونئر اُڏرن،
  • نينهن نراس،
  • عشق سمنڊ،
  • سارو سماج،
  • صدين جو هي ساٿ،
  • آيا اُڏامي تڙ،
  • ماٺ آڪاش،
  • دوھا

  • ڪوڙا سڀ دنيا جا رشتا ڪير ٿو ڪنهنجي ڪاڻ جيئي،
  • ڪو گيت چوان يا نظم لکان ان ۾ تنهنجي ڳالهه ڪريان،
  • سنڌ سنڌ ساوڪ سان تر سِرن سندن تي سهرا،
  • وس وس واسجي وطن هي ويندو ورندا هت وڻجارا،
  • وري به نوريون ناز ڪنديون ۽ تڙ ٽماچي ڄام ٿي پوندا،
  • ڪوٽ عمر جو نيٺ ته ڊهندو مارئي قيد مان آجي ٿيندي،
  • آزاد نظم

  • اجنبي
  • اوسيئڙو
  • پُڪار
  • چاهت
  • چِٽَ
  • پڌري
  • تصور
  • ڪوَي
  • چنڊ
  • وجود
  • چَنڊ
  • وطن ياد اچي ٿو
  • (2)
  • (3)
  • (4)

  • سُر سارنگ

    ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻونئون نه لهي
    جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملهار
    کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪريو
    (شاهه)


    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : ڪڪر منجهه ڪپار
    ليکڪ : پير بخش ”پياسي“
    ڇاپو پهريون : سيپٽمبر 2018ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : اظهر سولنگي
    ڇپائيندڙ : ساحل پبليڪيشن- حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650
    قيمت: -/350 روپيا


    ارپنا

    پنهنجي دردن ماري جيجل ماءُ ۽
    پورهيت پرهيزگار پيءُ جي نانءِ.
    جن جي سايه عاطفت ۾ پلجي نپجي ان لائق ٿيس.
    شال الله تعاليٰ کين پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي
    ۽ جنت ۾ جايون ڏي. آمين !


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر پير بخش ”پياسي“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

    پير بخش ’پياسي‘ جي شاعري ۾ جُھڙالا نيڻ به نظر ايندا، ته مُرڪن جا مرگهٽ به موجود مِلندا، هن جي شاعري ۾ جڏهن محبوب اکيون کڻي کلي ٿو ڏي ته شاعر جا سڀئي سور سَنڌا ڪيو وڃن.
    هن پنھنجي شاعري ۾ اهڙا ته چِٽ چِٽيا آهن جن کي جڏهن اکيون ڏِسن ٿيون ته حيران رهجي وڃن ٿيون.

    هي ڪتاب ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ادارو

    ادارو

    ’ڪڪر منجهه ڪپار‘ شاهه جي بيت جي کنيل سِٽ ۽ سموري بيت جو تسلسل اوهانکي پير بخش ’پياسي‘ هن پھرين شعري مجموعي ’ڪڪر منجهه ڪپار‘ ۾ واضع نظر ايندو. هِن جي شاعري ۾ جُھڙالا نيڻ به نظر ايندا، ته مُرڪن جا مرگهٽ به موجود مِلندا، هن جي شاعري ۾ جڏهن محبوب اکيون کڻي کلي ٿو ڏي ته شاعر جا سڀئي سور سَنڌا ڪيو وڃن.
    هن پنھنجي شاعري ۾ اهڙا ته چِٽ چِٽيا آهن جن کي جڏهن اکيون ڏِسن ٿيون ته حيران رهجي وڃن ٿيون.
    ساحل پبليڪيشن طرفان جنھن شاعر جو ڪتاب اوهان پڙهي رهيا آهيو، اُنھي لاءِ آئون ايترو چوندس ته هِن کي پھريان پڙهي ڏِسو پوءِ ئي ڪا راءِ ڏيو.
    شاعري ڪنھن به زبان ۾ ڪئي وڃي، پر شاعري ۾ ڪو واضع پيغام هجڻ ضروري آهي، نه ته پوءِ وقت زيان ڪرڻ برابر ڳالهه آهي.
    اسانجي سنڌ جي سرزمين شاعري کيتر ۾ تمام گهڻو اڳتي آهي، الائي ته ڪيترا شاعر، ڪيتري شاعري لکن ٿا، ڇپجن ٿا، پڙهجن ٿا، ڳائجن به ٿا پر ذهنن ۾ رهڻ ۽ دلين تي راڄ ڪرڻ وارا ڪي تمام ٿورڙا آهن. اُنھن ٿورڙن شاعرن جي شاعري جو جڏهن مطالعو ڪنداسين ته خبر پوندي واقعي ئي شاعري ٿئي پئي، اهڙن ئي ٿورڙن شاعرن ۾ پير بخش ’پياسي‘ کي به شماري سگهجي ٿو.
    اسانکي اِها ئي اميد آهي ته ساحل پبليڪيشن جي هن ڇپيل ڪتاب کي پڙهندڙن طرفان سُٺي موٽ مِلندي.
    اوهانجو
    مور ساگر
    03332634650
    03002634650


    مهاڳ

    مهاڳ

    علم و ادب جي تاريخ انتهائي گهري ۽ وسيع آهي، انسان جي ارتقائي عمل ۽ قديم تهذيبن جي نشونما سبب علم و ادب ۾ وقت به وقت سڌارو ۽ واڌارو ٿيندو رهيو آهي.
    اڄ انسان پنهنجي عقل ۽ فهم جي ذريعي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي يافته دور جي نين کو جنائن جي سلسلي ۾ پنهنجا قدم تيزي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي، زندگيءَ جي هن اعليٰ مقصد ۾ هڪ طرف فضا کان خلائي سفر جي تلاش ۾ پنهنجي حت الوسيع ڪوششن سان ترقي شاهه وارين منزلن تي گامزن ٿيندو نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي موجوده دور ۾ ڪيترائي سڌريل ۽ اڻ سڌريل ملڪ پنهنجن نت نين سوچن ۽ قدرن سان بني نوع انسان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان لامتناهي سلسلن جي جدوجهد کي جاري ۽ ساري رکيو اچن، در اصل انساني فڪر ۽ سوچ جو سهرو علم و ادب جي سرئي سونهي ٿو.
    هن سلسلي ۾ ادب جي زبان جي زمين زرخيز آهي ۽ ساهت انجو سونهن سينگار آهي، دنيا جي لاهن چاڙهن ۽ ڦيرين گهيرين جي ڏس ۾ ادبي ڪلام جي سخن جو تمام وڏو هٿ رهيو آهي، تاريخ جا ورق ورائيندي ڏسجي ته دنيا جون طاقتور قومون هٿيارن کان ايترو خوف نه کائينديون آهن جيترو قلم کان. علم و ادب جي واڌاري جو مدار فڪر تي آهي، فڪر اصل ۾ مضمون جي بيان جو سرچشمون آهي، علم ادب جي صحيح معنيٰ آهي. اُها تحرير جيڪا بلاغت، فصاحت، سلامت، لطافت ۽ زيب و زينت جي بلند ترين مخصوص مقصد ڏانهن اشارو ڪري، جنهن سان علم و ادب کي فروغ ملي.
    لغت ۾ ادب جي معنيٰ آهي ڪنهن بگڙيل شئي کي سنواري سڌو ڪرڻ ماضي جي باشعور شخصيتن جي نظر ۾ ادب کي ان جي مفهوم ۽ مقصد ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ادب کي جملي علم انساني تي حاوي سمجهيو. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ڪيترائي معمولي انسان پنهنجي ديرينه حڪمت عملي ۽ فرض شناسي سببان علم و ادب جي دنيا ۾ اعليٰ مقام تي پهتا. جن جي ثمر مان هر دور جو انسان مستفيض ٿيندو رهيو آهي.
    علم ادب جي پارکن جو خيال آهي ته انسان جي اندر ۾ رچي پسي ويل افڪار جو موت مشڪل سان ٿئي ٿو. اسين جنهن زندگيءَ جي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. تنهنجي مستقبل جا آثار روشن نظر اچي رهيا آهن.
    ڇاڪاڻ ته انسان سراپا پيار، پيار زندگي ۽ زندگي هڪ حقيقت آهي، ان کي هڪ اهڙي شعاع، شعلي ۽ ڪرنٽ جي ضرورت آهي، جو ان جي اندر جي احساسن ۽ جذبن کي آڳ لڳائي روز روشن جيئان عيان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي. جيڪي ڪجهه ڪجي سو انساني بقا جو سراپا علم بحر بيڪوان هجي.
    دنيا ۾ بدنظمي دهشت جو عمل دخل ۽ عالمگير خوني جنگن جو علاج انساني اخوت ۽ ڀائيچاري تي رکيل آهي. معاشري جي هر باشعور شخص جو اهو اخلاقي فرض آهي ته زندگيءَ جي امن پسندي جي لازوال اصولن کي حقيقت جو عملي جامون پهرائي اهڙي طرح پيش ڪري جيئن وقت جون حالتون رونق افروز ۽ سازگار ٿين،
    سقراط کان واٽ ويندي ڪنهن شخص پڇيو: اي ڏاها مونکي ٻڌاءِ ته ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ تو ساڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون آخر ان جو ڪهڙو نتيجو نڪتو،؟ سقراط هن شخص ڏانهن نهاريندي کيس چيو ته اي منهنجا ڀاءَ جيڪڏهن آءٌ بحر زندگي جي ڪناري تي خيريت ۽ عافيت سان ويٺو هجان ۽ جاهلن کي سمنڊ ۾ غرق ٿيندو ڏسان پوءِ تون ٻڌاءِ ته هي ڳالهه ڪهڙي نه دک دائڪ آهي. تنهن تي ان شخص وراڻيو اي ڏاها تون سچ ٿو چوين. ائين چئي هو پنهنجي راهه رمندو رهيو. ۽ سقراط سچ جا موتي زبان مان ڪڍندو وکيريندو رهيو. باطل سان جنگ ڪندي سر ڏيئي امر ٿي ويو. هو هميشه چوندو هو ته جنهن گهر ۾ ڪتاب ناهي ات جسم آهن پر روح ناهن.
    شعر و شاعري: شعر عربي لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڄاڻ، اصطلاحي معنيٰ موجب جنهنجون مصراعون موزون ۽ قافيه دار هجن ۽ منجهن موسيقيت پڻ هجي، شاعر پنهنجي وسيع مطالعي، مشاهدن، تجربن ۽ فني گهاڙيٽن جي بهترين ڄاڻ وگهي خوبصورت خيال پنهنجي شعرن ۾ پيش ڪري ٿو. جي هر شخص جي اندر جو آئينو هوندا آهن. شعر شاعري جو مقصد روحاني تسڪين سان گڏ انساني شعور جي بقا جو اڻميو خزانو پڻ آهي.
    ٻين لفظن ۾ شعر جي وصف موجب لطيف جذبن جو اهو احساس، جيڪو شاعر جي اندر مان اڌمون کائي ٻڙڪ ڏيئي ٻاهر نڪري، جنهن کي پوءِ شاعر پنهنجي ڳوڙهي اڀياس وقت جي نشيب و فراز، زماني جي گردشن، اخلاقي قدرن، معاشي نا انصافين، هجر و فراق، سوز و گداز خوشي ۽ غم، ڪائناتي حسن ۽ عشق جي امنگن جي ترجماني ڪندي وقت جو داعي بنجي وڃي ٿو.
    اهڙي قسم جو ڪلام معاشري ۾ انساني بنيادي حقن جي آزادي کي نروار ڪري زندگي ۾ انساني روح کي تازگي بخشي ٿو. سنڌي ادب ۾ قديم لوڪ شاعري جو ميدان ايترو وسيع آهي. جيترو دنيا جي ادبن ۾ ناهي. ابتدا کان عربي ۽ فارسي زبانن جي صنفن جو دارومدار علم عروض تي آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، قصيدو، مثنوي، رباعي، قطعو، مرثيو، مولود، مدح وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي زبان جي قديم شعري صنفن جو دارو مدار وري ڇندوديا جي اصولن تي مبني آهي، جنهن ۾ گنان، ڪبت، بيت، دوهو، سهرو، ڏوهيڙو، ڪافي، گيت، وائي، سلوڪ، ڳيچ، ڳاءَ، جمالو ۽ همرچو وغيره اچي وڃن ٿا.
    ان کان علاوه ويهين صدي جي پوئين دور ۾ آزاد نظم، هائيڪو، سانيٽ ۽ ترائيل جهڙيون صنفون پڻ شامل ٿيون آهن. اسين انهن صنفن کي ٿورو غور ويچار ڪريون، جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي زبان خاص طور تي مختلف شعري صنفن کي مختلف انداز ۾ ڪهڙي نه خوبصورت طريقي سان نڀائي پنهنجي سيني ۾ سانڍي ضم ڪري بين الاقوامي معيار جو اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو آهي. شعر وشاعري جا ڪيترائي رنگ روپ آهن، جن ۾، مذهبي شاعري، رومانوي شاعري، انقلابي شعري ۽ طنز و مزاح شاعري وغيره شاعر پنهنجي تخليقي فن ۽ جذباتي نڪته نظر جي لحاظ کان نه فقط تسڪين خاطر معاشري ۾ زندگيءَ جي هم آهنگ حقيقتن جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪري ٿو، بلڪه حاضرين جي دلين کي محسور ۽ محظوظ ڪندي منجهن سوچ ۽ لوچ جي عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، جنهن سان سندن دل و دماغ جي دٻيل احساسن ۽ جذبن کي بيدار ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي.
    شعر وشاعري جي فن کي سمجهڻ لاءِ ارسطو جي راءِ مطابق محاڪاتي پهلو شعر جو روح آهي، ادب جي دنيا ۾ ٻين ڪن باشعور شخصيتن جي خيال ۾ دراصل تخيل ئي شعر جو روح آهي. محاڪاتي پهلو جو مقصد نقش نگاري ڪرڻ آهي ۽ تخيل ايجاد جي قوت جو ٻيو نالو آهي،.شاعر پنهنجي اشعار جي ذريعي حاضرين جي جذبن ۽ احساسن کي اجاگر ڪري منجهن جوش ۽ ولولو پيدا ڪندو آهي، شاعر پنهنجي وسيع مطالعي ۽ شعر جي فني گهاڙيٽن جي بهترين ڄاڻ ذريعي شعر ۾ خوبصورت ويچار پيش ڪري ٿو، جي قارِئين جي اندر جو آئينو هوندا آهن.
    شاعري جو مقصد نه فقط دل بهلائڻ پر انساني ذهني سجاڳي جو بهترين عمل پڻ آهي.
    شاعر تي اهو به لازم ملزوم آهي ته زبان جي استعمال جو خيال رکي. جنهن ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو. شاعر جيڪو انساني زندگي ۽ ڪائناتي حسن جو چٽ چٽيندڙ آهي، تنهن ۾ جذبات نگاري جو وڏو عمل دخل آهي. ڪامياب شاعر اهو آهي، جيڪو حقيقي جذبن جي صحيح تصوير اهڙي طرح پيش ڪري جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ پاڻمرادو اصل حقيقت تائين پهچي وڃن شاعر جا خيالات جيترا برجستا ۽ بر محل هوندا اوترو ئي حاضرين جي دل ودماغ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ۽ اندر ۾ گهر ڪري ويندا.
    شاعر کي تاريخ جي حوالن سان دنيا جي قديم ادب جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي. جنهن مان شاعر جي سوچ فڪر جي علم ۾ اضافو ٿيندو نت نوان رستا ۽ راهون تلاش ڪرڻ ۾ کين هٻڪ نه ٿيندي. جيڪڏهن شاعر جا خيالات حقيقي جذبن ۽ احساسن کان خالي آهن ته پوءِ اهي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جذيات کي مجروح ڪندا. اهڙو احساس شاعر کي خود هئڻ گهرجي
    سنڌي زبان جو ادب جنهن ۾ علمي، ادبي، تاريخي جاگرافيائي، مذهبي، سماجي، ثقافتي سائنسي، معاشي ۽ سياسي حقيقتن تي مبني دل لڀائيندڙ موضوع اچي وڃن ٿا. تن تي هيل تائين بي شمار ڪتاب لکيا ويا آهن. اسان کي اميد رکڻ گهرجي ته اسانجو ادب نه فقط عالمي ادب جي معيار تي پورو پورو لهي بلڪه ان جي اوسر لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ محنت جي ضرورت آهي. ماضي ۾ اسان جي باشعور عالمن، استادن، اديبن شاعرن ۽ دانشورن علم و ادب جي ميدان ۾ جيڪا شآندار خدمت ڪئي آهي تن جو سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم تي وڏو احسان آهي. اسين سڀ ڪجهه جيڪي به آهيون، انهن محنت ڪش شخصيتن جو ثمر آهيون. ڇا اسان کي ان سلسلي ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ جي ها ته پنهنجي نسل کي پنهنجي ماضي جي علمي ادبي حقيقتن کان آگاهه ڪريون ۽ کين انهي روشن راهن تي آڻڻ لاءِ حتي الوسيع ڪوشش ڪريون ۽ ڪتابن سان محبت ڪرڻ جو سبق ڏيون، جنهن ۾ انسان جي زندگي جا ڪيئي اسرار رموز موجود آهن.
    قارئين علم وا دب ۽ شعر شاعري جي سلسلي ۾ ڪافي مواد لکڻ بعد آئون پنهنجي ماضي ۽ حال جي مختصر ۽ جامع تصوير توهان جي سامهون رکان ٿو. اميد ته توهان جي محبت ڀرين راين سان ضرور مستفيض ٿيندس. آئون سن 1948 ۾ اڃا ڇهن سالن جو هوس پهرين درجي کان سٺ واري ڏهاڪي ۾ مون پنهنجي تعليم تدريس سان گڏ ڪتابن پڙهڻ واري تعلق مان ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. پرائمري استاد جي تقرري سبب ٻارن کي پڙهائڻ مان به منهنجي شعور ۾ ڪافي اضافو ٿيو.
    ادب جي دنيا ۾ منهنجي شروعات به انهيءَ دور سان ٿي، ٻه سال ٽريننگ ڪاليج پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيس ۽ 1964 کان 1974 تائين آءٌ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري رهيس. انهي دوران منهنجو تقريبا سڀني ناليوارن اديبن ۽ شاعرن سان تعلق رهيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ترقي پسند اديبن، استادن، شاعرن، عالمن، شاگردن ۽ دانشورن ون يونٽ ۽ سنڌي ٻولي مٽائڻ وارين سازشن جي خلاف هڪ زبردست تحريڪ هلائي، قيد و بند جون تڪيلفون برداشت ڪري، هڪ بهترين ڪردار ادا ڪندي سنڌي ادبي تاريخ ۽ ٻولي جو بقا جو عظيم الشان مثال قائم ڪيو. جن جا نقش اڄ به هر سنڌي جي دل دماغ تي روز روشن جيان عيان آهن. هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت بهترين رول ادا ڪيو. مون انهي ستر واري جبر و ظلم واري دور ۾ پاڻ موکيو ۽ موهيو. مون شاعري جو آغاز سن 1961 کان بيت ۽ وائي سان ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي نظم، غزل، قطعي، دوهي، هائيڪي ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. جيڪا سڄي منهنجي علم و ادب جي موڙي پنهنجي ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ ۾ موجود آهي، گهڻي ڀاڱي منهنجو ڪلام سنڌي ادب جي اعليٰ مخزنن جهڙوڪ روح رهاڻ، سهڻي، اڳتي قدم، نئون نياپو، بادل، نئين دنيا، ڪونج ، سوجهرو، ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي، ڪاليج مخزن، عبرت، هلال پاڪستان، هلال سنڌ ۽ آفتاب جهڙين اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو. معاشي حالتون ٺيڪ نه هئڻ سبب ۽ نوڪري پرديس دوران آءٌ ڪجهه وقت ادبي دنيا کان ڪٽجي ويس. ليڪن لکڻ ۽ پڙهڻ جو مون سلسلو بند نه ڪيو. جيڪي لکيم پئي سو سامي واري مٽ جيئان گڏ ڪندو ويس. معاشي بدحالتن ۽ زماني جي لاهڻ چاڙهن سبب منهنجو ڪافي ڪلام ۽ تحريرون برساتن ۽ پراڻي ڀڳل ٽٽل جاءِ سبب ضايع ٿي ويو. جيڪو منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو. تنهن هوندي به جيڪي ڪجهه ڪلام مونکي هٿ آيو آهي. تنهن کي مون ۽ منهنجي فرزند ارجمند رضوان احمد سومري (جيڪو هن وقت ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آهي) سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ پنهنجي ذاتي دلچسپي سان مون سان تعاون ڪيو. اهڙي ريت آئون ڪتاب لکي شايع ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيو آهيان. مون پنهنجن دوستن ۽ شاگرن کي پنهنجي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر مون کي موٽ نه ملي، هر ڪنهن پاڻ کي مصروف پئي سمجهيو. اسان به همت جو سنڌرو ٻڌي پنهنجي پيرن تي بيهي ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان. اهو سڀ ڪجهه قارئين ڪرام جي هٿن ۾ آهي. اميد اٿم ته مان ملندو.
    آخر ۾ آئون پنهنجي دلگهرين دوستن ۽ احبابن جناب پير عبدالحق سرهندي، غلام حسين رنگريز، ڊاڪٽر قادربخش مگسي، حافظ محمد رمضان مصطفائي، محمد يوسف کتري، غلام نبي ڪيريو ۽ نوشاد علي ڀٽي جن جو انتهائي مملون ۽ مشڪور آهيان، جن صاحبن، منهنجي هن شعري مجموعي ”ڪڪر منجهه ڪپار“ تي پنهنجي مختلف عنوانن ۽ خوبصورت راين سان چار چنڊ لڳائي منهنجي عزت افزائي ڪرڻ فرمائي آهي.

    مهرباني

    تاڃي توريائون، ته عيب نڪتا اڳيان
    ڪوٺي ڪاپائتيين کي، پر ۾ پڇيائون
    چي؛ اگلڙي آئون، مون کان ڀڙا ڀڳا نه ٿيا. (شاهه)

    خاڪسار پير بخش پياسي


    لاڙ جو لازوال شاعر پروفيسر پير بخش پياسي

    لاڙ جو لازوال شاعر پروفيسر پير بخش پياسي

    پير بخش پياسي 1942ع ۾ ڳوٺ حسين خان لغاري نزد ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي 1948ع کان ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير آهي، ابتدائي تعليم ٽنڊي محمدخان ۾ حاصل ڪيائين. عملي زندگي جو آغاز پرائمري استاد جي حيثيت سان 1959ع کان ڪيائون. پرائمري ماستري ۾ گهڻو وقت ڳوٺن ۾ گذاريائين، جنهن ڪري ڳوٺن جي عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، شادي غمي، سادگي سچائي سخا ۽ حيا، ادب ۽ اخلاق جهڙن انمول قدرن جو هوبهو مشاهدو ماڻيائين. ڪائنات جي کليل ڪتاب جهنگن جهرن، پکي پکڻ، جيتن، جانورن، فضائن، هوائن، اونداهين، چانڊوڪين، مينهوڳين. سردين، گرمين، بهارن، خزائن، ٻينن ٻارن، ساوڪن فطرت جي حسين روح پرور ۽ دلڪش نظارن جو سندس زندگي تي وڏو اثر رهيو آهي. انهي دور ۾ اسڪولن جي پيل ڪاٺ جي پيتن ۾ پيل ڪتابن جو مطالعو ڪيائون، جنهن سندن اندر جي ستل جذبن کي جاڳايو ۽ ادب جي وسيع ميدان ۾ پير پاتائون. جيڪي سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيا. پاڻ 1964ع ۾ ايس_ وي جو امتحان ميرپور بٺوري ٽريننگ اسڪول مان پاس ڪيائين، بعد ۾ 1966ع ميٽرڪ 1970ع ۾ بي اي، 1971ع ۾ بي ايڊ ۽ 1974 ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيائون. ڪجهه وقت کانپوءِ پاڻ سيڪنڊري ٽيچر ٿيا، جتان 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌي ۾ ليڪچرار چونڊجي ڪاليج ۾ سنڌي جا ليڪچرار مقرر ٿيا، پاڻ ايسوسيئٽس پروفيسر جي عهدي تان سال 2002ع ۾ رٽائر ٿيا، هيئنر سڪون قلب سان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن. ڪڏهن به پروفيسر پياسي خاموش نه رهيا پر خوش اصلوبي سان ايس جي اي کان علاوه س.ا.س ٻارن جي ٻارين، سماجي ثقافتي ادارن کي سندن ڀرپور تعاون حاصل رهيو. پاڻ آس پاس جي ڪيترن ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪيون اٿن.
    پير بخش پياسي دل موهيندڙ سڀاءُ رکندڙ خوش خلق، نماڻو ۽ نهايت قربائتو انسان آهي گذريل 20 سالن کان آئون کيس سڃاڻا جڏهن به ملندو آهي ته نهايت خلوص سان پيش ايندو آهي، وري هر محفل چاهي اها ٽنڊي جي سرهندي پيرن جي تقريب ڇونه هجي پاڻ موجود هوندا آهن تازو مون کين ٽنڊي سائينداد ۾ عزيرم نثار احمد جان جي شادي جي موقعي تي ڏٺو ۽ سرسري ملاقات ٿي. ٽنڊي محمد خان ۾ منهنجا تعليم کاتي جا پروفيسر لياقت سولنگي، قادربخش، زيب ڀٽي ۽ پير بخش پياسي نهايت پيارا ادبي دوست آهن.
    محترم پيربخش جا بيت، غزل، وايون، فطرت جو رنگ چٽين ٿا، پاڻ ڪجهه وقت ٿر جي قريب گذاريو اٿن انهي ءَ ڪري هي فطرت جي خوبصورتي جو قائل شاعر ٿر جي واري جي ڀٽن ۽ ٿرين جي ڏک سک، اهنج ايذاءَ کي ڪٿي ٿو وساري سگهي. پيربخش منهنجو همعصر ۽ هم عمر آهي الله تعاليٰ کيس وڏي عمر عطا ڪري ۽ پنهنجن دل جي گهرائين مان نڪرندڙ ڪلام اسان لاءِ سڪون ۽ مشعل راهه بنجي. آمين


    پير عبدالحق سرهندي
    (جاڳرتا رسالي تان ورتل)


    پياسي جي شاعري جا دلچسپ موضوع

    پياسي جي شاعري جا دلچسپ موضوع

    جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي ايس ايليٽ جو چوڻ آهي ته ”شعر ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهين اوهين جدت ڪار جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جانچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم به قدم ان جي پورائي ۾ اڳتي وڌندي ڏسندا.“
    پيربخش پياسي اهو اجارو روح آهي جيڪو تونس ۾ تار ستار جي تارن جيئن هميشه تڙپندو رهيو آهي. شاعري بيشڪ اندر جو آبشار آهي ۽ ان ۾ اڻ ڳڻيا احساس ۽ جذبا موجزن رهندا آهن. پياسي پنهنجي اندر جي اڃ اجهائڻ لاءِ شاعري جو سهارو ورتو آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ سندس من اندر جي اُڃ اجهائڻ بجاءِ ويتر وڌندي رهي آهي. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، نظم، بيت، وايون، چوسٽا، هائيڪا دوها ۽ آزاد نظم لکي جيڪي تجربا ڪيا آهن سي ڪامياب رهيا آهن. بيت، دوهو، وائي، سنڌي شاعري جون اساسي صنفون آهن جن ۾ هن جو اظهار سريلو ۽ پختو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نظم، آزاد نظم، غزل، هائيڪو، ٻين ٻولين جون صنفون آهن پر پياسي انهن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪري ڪلاسڪ ۽ جدت جو سنگم ٺاهي ڇڏيو آهي، هن جي غزل ۾ فني پختگي سان گڏ نرمل جذبن جو اظهار ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    شاعري فارسي هجي يا اردو يا هندي انهن ۾ چنڊ هڪ اهڙو استعارو آهي جنهن ۾ جيترو نرالپ جو اظهار ڪري سگهجي سو ٿورڙو آهي، مٿي ذڪر ڪيل ٻولين جي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو پر اسان جي عظيم ڪلاسيڪل شاعر لطيف سائين به پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو نرالي نموني اظهار ڪيو جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    پياسي به هڪ غزل ۾ چنڊ جي چانڊاڻ متعلق هن ريت اظهار ڪيو آهي:
    در پٺيان نڪتو هو چنڊ
    مرڪي من ۾ پيو هو چنڊ
    جهڙ جهالارن ۾ جو ڏٺم
    پرين جو پرتوو هو چنڊ
    ٿي چوڏس اونده انڌوڪار
    ڪڪرن منجهه لڪو هو چنڊ
    پير بخش پياسي هڪ ڪهنه مشق شاعر هئڻ سبب فني پختگي سان گڏ فڪري گهرائي به رکي ٿو. هو ڪافي عرصي کان شاعري ڪندو آيو آهي ۽ اهو سڀاڳ آهي سنڌي ٻوليءَ جو جنهن کي سندس ڪويتا ڪتاب نصيب ٿيو آهي.
    هر صنف تي الڳ الڳ اپٽار ڪرڻ سان هن ليک ۾ طوالت پيدا ٿي ويندي انهيءَ ڪري پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي هن جي هر لفظ کي بغور پڙهن ۽ معنيٰ جا موتي ميڙين.
    دل ته گهڻو ئي چاهي ٿي ته گهڻو ڪجهه لکان پر طبيعت جي ناسازي سبب وڌيڪ لکڻ کان قاصر رهيو آهيان.


    غلام حسين رنگريز


    درد جي شهر جو انمول شاعر پياسي

    درد جي شهر جو انمول شاعر پياسي

    شيلي چيو هو ته شاعر ڏکن ڏوجهرن مان پرائيندو آهي ۽ گيتن جي گونجار سان سيکاريندو آهي، سچ پچ ته آهي به اها حقيقت، اسين شاعر دردن جي ديس جا بي دڳ مسافر آهيون. جڏهن بي حساب درد اچي وجود ۾ واسو ڪندا آهن، تڏهن اندر جي اڌمن کي قلم جي زبان ڏئي وٺندا آهيون ۽ سفيد ڪاغذ تي قلم جي نوڪ سان اندر جو زهر اوڳاڇي ڪو پل سک پائيندا آهيون، اسان جا اهي لفظ ئي ته آهن جيڪي اسان جي اندر جا عڪاس هوندا آهن.
    اسين درد جي شهر جا مسافر شاعر، هر وقت سُورن جي سفر ۾ هوندا آهيون. زندگي جي انهي ٿڪائيندڙ سفر مان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، شاهه عبدالطيف پڻ انهي سورن جو تذڪرو ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو ؛
    ”سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان“
    زندگي ۾ اهي ٿورا گهڻا سُور هر انسان جي مقدر ۾ نصيب جو حصو بڻجي وڃن ٿا. پر ڪن ڪن ماڻهن/ شاعرن ان کي شدت سان محسوس ڪندي . شاعريءَ کي پناهه گاهه بڻايو. شاعري جيڪا اندر جي اڌمن ۽ جذبن جي ترجمان ته آهي، پر اظهار جو بهتر ۽ عمدو وسيلو به آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته اسين دردن جي هن درياهه کي ڪهڙي رخ ۾ موڙڻ چاهيون ٿا. آيا اسين ان دردن جي درياهه جي موج ۽ مستي کي پنهنجي انفرادي ذات سان منسوب ڪري پنهنجو پاڻ تائين محدود رکندي جمود ۾ خالص لفظن جون ڪڙيون ڪڙين سان ملائي دائمي جمود ۾ هليا وڃڻ ٿا چاهيون، يا فنِ شاعري جي خارجي حقيقتن جي همڪنار رهي، دائمي قدرن کي ذهن ۾ رکندي جذبن ۽ احساسن کي جدت جي رنگ ۾ قلمبند ڪري ان کي ڪلاسڪ حيثيت ۾ ادب جي افق تي نروار ڪرڻ جا جتن ٿا ڪريون.
    زندگي هڪ آهي ۽ درد هزار آهن، هر شاعر وٽ درد کي ڀوڳڻ يا محسوس ڪرڻ جي لذت به الڳ آهي هڪ شاعر/ ڪلاڪار پنهنجي من اندر جي درد جي ناقابل فراموش گهرائي کي ڪيئن تو محسوس ڪري يا ان دردن کي لفظن جو لباس پهرائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ وٽس ( ڏانءُ ۽ ڏات) ڪيترو آهي، اها حقيقت پڻ سندس مزاج ۽ طبع تي منحصر آهي. شيخ اياز شاعري کي سڄي زندگيءَ جو رياض سڏيو آهي، الغرض ته مروج فن ۽ شاعري لاءِ اعليٰ مشاهدو ۽ مطالعي جو عنصر هئڻ به ڪارگر رهي ٿو. جنهن جو پير بخش پياسيءَ وٽ هڪڙو انوکو اعتراف آهي ، انهي حقيقت کي هڪ پاسي رکي مون مٿي پيش ڪيل شيليءَ جي قول جي روشني ۾ پياسي جي شاعري ۾ ٻئي پهلو يڪسر ڏٺا آهن. هن ڏکن کي اوڏڙو ٿي گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ پنهنجي تخليقي انداز سان گهڻو ڪجهه سيکاريو به آهي. اهو سکڻ ۽ سيکاڙڻ وارو عمل هن نه صرف هڪ ديانتدار استاد جي روپ ۾ برقرار رکيو آهي. پر پنهنجي تخليقي انداز سان پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ سرجيو آهي. اچو ته ڏسون هو پنهنجي فن ۾ ناصحاڻي انداز ۾ اسان کي ڪهڙو سبق ٿو سيکاري.
    ڏنا جي مون سنيها تو، مسافر ياد سي رکجان
    سبق سندر سچائي جا، سراسر ياد سي رکجان
    يا
    ڪپت ۽ ڪوڙ تي ڪرڪي، ويا پي سچ سندي سرڪي
    چڙهيا سوريءَ مٿي مرڪي، بهادر ياد سي رکجان
    ***
    سبق ڪوڙ ۽ ڪپت کي قلب مان ڪڍي سچائي جي ويجهو رهڻ جو آهي. پياسي پنهنجي مثالن ۾ ڪامياب شاعر جي حيثيت سان نروار آهي، اها ئي شاعر جي تعليم آهي جيڪا هو ٻين کي ڏيڻ چاهي ٿو. حقيقت ۾ شاعري ٻڌڻ سان ذهن متوَج ٿئي، ته چئبو شعر ۾ جان آهي، اياز جي فتويٰ درست آهي ته ؛

    جا شاعري جا روح گرمائي نٿي
    سا منزل مقصود کي پائي نٿي.
    آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته پياسيءَ جي مٿي پيش ڪيل غزل ۾ ڪشش آهي، ڇڪ آهي، جان آهي جيڪا ٻڌندڙ جي ذهن کي متوج ڪرائي ٿي، روح تي اثرانداز ٿئي ٿي،، انهي ڪري ان ڪلام جي ڪلاسڪ حيثيت کان انڪاري ڪري ئي نٿو سگهجي. منهنجي نظر ۾ هو اياز جي شاعرانه دعويٰ تي پورو لهي ٿو.
    زندگي تلخ تجربن ۽ مشاهدن جو نالو آهي، اهي تجربا ۽ مشاهدا هڪ شاعر/ انسان جي تحت الشعور ۾ سمايل آهن. جڏهن ڪلاڪار انهن کي پنهنجي فن ۾ سمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۽ ڪاوش ڪندو آهي ته، اهي ٻيهر سندس ذهن جي اسڪرين تي اڀري بيهن ٿا. اهي تجربا ۽ مشاهدا جيڪي هن جي ذات تائين محدود هئا، تن کي ٻيهر شاعري جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جو سندس مطلب ئي اهو آهي هو پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪو پيغام/ درس ڇڏي وڃڻ ٿو چاهي. منهنجي خيال ۾ پياسي وٽ نت نوان مشاهدا آهن، هن جيڪو پرايو، سَٺو يا ڀوڳيو، ان ڀوڳنا ۽ تڙپ جي پسمنظر ۾ چئي ڏنو ته؛
    پنهنجو پاڻ رک تون سنڀالي
    ڪڏهن دوست به دشمن ٿي وڃن
    انسان جي اندر جون بي شمار ڪيفيتون آهن، ”ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن“ ڪڏهن خوش آهي ته ڪڏهن غم ، سنڌ جي اڪثر شاعرن پنهنجي حياتي جي گذرندڙ گهڻن دکدائڪ لمحن جي سهڻي نموني عڪاسي ڪئي آهي، مثلاََ شاهه عبدالطيف چيو:
    ”سکن جي سيد چئي، پکي آءٌ نه پياس“ يعني سک ڪڏهن به راس نه آيا.
    مولانا حاجي احمد ملاح چيو:

    عجيبن جي عجب الفت ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي
    اسان جي پڻ اها حالت ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي
    اها حالت اها واردات اڪثر شاعرن تي يڪسان وارد ٿئي ٿي. پر حساس انسان تي ان جو اثر ڪجهه زياده ئي ٿئي ٿو. اهڙي اڻٽر ڪيفيت حقيقت پياسيءَ جي فن ۾ اڪثر موجود آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن پياسي شآعريءَ جي کيتر ۾ پير پاتو هو تڏهن وطن پرستي ۽ انقلابي شاعريءَ جي اوسر ٿي رهي هئي، ته ان وقت جو پياسي جو ابتدائي ڪلام سندس ان دؤر جي جذبن جي عمدي عڪاسي ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:
    ڪوڙ قاتل جي اڳيان سچ ٿيندو ٿي سرخرو
    سقراط بڻجي زهر هت روز ٿو پيئڻو پوي.
    يا
    عشق جي آڙاهه ۾، خود عشق ٿو چکيا چڙهي
    مچ محبت منجهه ٿو، پروانو ٿي پچڻو پوي.

    سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري غور ۽ فڪر سان پڙهي ڏسبي ته ان ۾ نراسائي ۽ نااميدي نظر نه ايندي، اسان جي شاعرن وٽ پيا ملن جي آس زمان ۽ مڪان جي بلندين کان به اڳتي وڌيل نظر ايندي جيئن؛
    مون ساريندي سپرين اچين جي هيڪار
    يا
    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقو ن ڪري

    تئين هر اهم شاعر وانگر پياسي جي من ۾ به پيا ملن جي آس ڪر موڙي جاڳي ٿي، تڏهن وٽس اميد ۽ چاهت جو احساس ئي نرالو ٿيو پوي، هو ماضيءَ کان حال تائين هر ياد کي سيني ۾ سانڍي جيئندو رهيو آهي.
    تو مون گڏجي ڏٺا ها جي سپنا
    تن يادن سان زخم ڀرڻ چاهيان ٿو.
    يا
    ماڳ موٽي اچين، اچين نه اچين
    در دل جا کليل رکڻ چاهيان ٿو
    پياسي صاحب نه رڳو غزل جي صنف ۾ اعليٰ مقام جو مالڪ بڻيو پر سندس وايون پڻ فن شاعريءَ جو نادر نمونو آهن. جنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ان جي حسناڪيءَ جا سڀئي لفظ ۽ ڳڻ ڳايا اٿس:
    سارنگ آيو منڊل منڊيا
    ميگهه ٻڌا اڄ موڙ ميان
    جانيءَ جي ڏس جوڙ !
    واه! سچ پچ ته هي وائي فن ۽ فڪر جي نقطئه نگاهه کان اعليٰ پئماني جي تخليق آهي، نه رڳو اها وائي بلڪه اهڙا کوڙ سارا مثال سندس واين جي ورلاپ ۾ موجود آهن.
    آئون پياسيءَ جي نظم جا هيٺ مثال پيش ڪريان ٿو. جنهن کي پڙهڻ سان توهان خود محسوس ڪندو ته ڪيئن نه لفظ روح جي پاتال تائين لهي ٿا وڃن. لفظ لفظ ۾ ڪيڏي نه حسناڪي آهي، ڪيڏي نه اميد ۽ تڙپ آهي ان ڪري شآعر پنهنجي خيالن جي پروازيءَ ۾ گهڻو مطمئن نطر اچي ٿو.
    ڏسو ؛
    جڏهن چنڊ چوڏهين سندي رات ٿيندي
    تڏهن توسان منهنجي ملاقات ٿيندي
    هي بند به پڙهو:
    ويو چنڊ گم ٿي پوئين پهر ۾ جي
    کٽي رات ويندي ته پرڀات ٿيندي
    ***
    وقت جي گذرڻ سان گڏ سندس فن ۾ پختگي سان گڏ جدت به آئي، اهڙا کوڙ سارا عنوان سندس فن شاعريءِ جو سرمايو بڻيا آهن، پياسي ڪافي وقت کان شاعريءَ جي کيتر ۾ طبع آزمائي ڪندو پيو اچي، شآعر، گهڻين صنفن تي لکيو آهي، جيئن بيت، وائي، غزل، نظم، دوها، هائيڪا وغيره پر کيس خاص مڃتا وائيءَ جي صنف ۾ ملي آهي.
    پياسيءَ جو ِضلعي ٽنڊي محمد خان جي خوبصورت شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مونکي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته پياري سائين پيربخش پياسي جي شاعري ڪتابي صورت ۾ نروار ٿي رهي آهي. ان نيڪ ڪم تي هو مبارڪ جو مستحق آهي.
    مونکي عربي ٻوليءَ ۾ چيل هڪ شعر ياد ٿو اچي ته:
    يلوح الخط في القرطاس دهراََ
    وڪاتبھ رميم في التراب
    يعني ڪاغذ تي ڇڏيل تحرير هميشه محفوظ رهندي آهي، جڏهن ته ان جو لکندڙ مٽيءَ ۾ ڳري ويندو آهي.
    منهنجي خيال ۾ ٽنڊي محمد خان جي ادبي تاريخ ۾ اسان جو هي محبوب استاد مٽيءَ ۾ مدفون ٿي ڳري وڃڻ جي بجاءِ پنهنجي عظمت سان نسل در نسل سدا حيات رهندو.


    ڊاڪٽر قادر بخش مگسي


    اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي

    اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي

    شعرو شاعري جي شغل جو سلسلو صدين کان دنيا جي هر خطي تي جاري آهي ۽ ساري آهي ، شعر شاعري کان متاثر ٿيڻ انساني فطرت جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي، هر دور ۾ ساري عالم ۾ اهڙن حقيقت پسند سچن شاعرن کان هڪ پل به خالي ناهي رهيو، انهن حق جي حفاظت ڪئي ۽ باطل کي بدنام ڪيو، قوم جي پستي جي پاتار ۾ ڪرندڙن ذهنن کي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي بلند و بالا چوٽين کي سر ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو، رستي ۾ هر ظالم جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي رڪاوٽ کي پنهنجي پُر جوش انقلابي شاعري سان همٿائي قوم لاءِ راهه روشن ڪئي. هو باڪردار شاعر هيا، اهڙو ڪو ٻول نه ٻوليائون جنهن تي عمل پيرا نه هجن، هنن قوم جي يڪ طرفه تعريف نه ڪئي پر قوم جي ڪوتاهين جي ناسور جي پنهنجي نشتر جي نوڪ سان قابلانه ۽ عادلانه جراهت به ڪندا رهيا. هنن کي اجاين اميدن ۽ اجائي احساس برتري مان ڪڍي حقيقت شناس ۽ حقيقت پسند بنائي همت ۽ عمل جو گس وٺايو. در اصل علم هجي يا عمل، حرفت هجي يا هنر، اختيار هجي يا اقتدار، شجاعت هجي يا سخاوت، استعمال ۽ اثرات جي لحاظ کان هر شئي جا ٻه پهلو آهن، مثبت ۽ منفي. اهوئي حال شعر و شاعري جو رهيو آهي.
    شاعر پنهنجي پُر ڪشش ويچارن سان سچن ۽ کوٽن جي کوڙ مان چند باشعور شخصيتن کي مقناطيس وانگي ڇڪي پنهنجي قرب جو قيدي بنائي ڇڏيندا آهن، منفي پهلو جي اعتبار کان روشن ڪيل مشعل کي پنهنجي واتن سان وڏا ڦوڪا ڏيئي وسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙن کي روشنيءَ جا پرستار پروانا مظلوم انسانيت تي ظلم ٿيندي ڏسي ڪاري اونداهه جا ڪوٽ ڪيرائي روشن مشعل جي چوگرد اچي مڙندا، وڌندا ۽ سرن جا سودا ڪندي پير ڪڏهن به پوئتي نه ڪندا آهن.
    مثبتي انداز سان هر شئي پنهنجي مخالف ضد سان ئي سڃاڻ ۽ اهميت ماڻيندي آهي. مثلاََ ڪلفت جي ڪڙاڻ نه هجي ها ته شايد محبت جي مٺاس جو ايترو هُل نه هجي ها، قباحت ۽ ڪوجهڙائپ نه هجي ها ته شايد حُسن جي هيڏي هاڪ نه هجي ها، اونداهه رات نه هجي ها ته شايد پرڀات جي ايڏي پچار نه هجي ها، نااميدي جو جمود نه هجي ها ته اُميدن اُمنگن جي موج مستي ڪير محسوس ڪري ها ۽ ڪانگ جي ڪان ڪان نه هجي ها ته ڪوئل جي پُر سوز ڪوڪو جوايترو اثر نه هجي ها. شاعر پنهنجي جوش ۽ جذبي سان ماٺاري سمنڊ ۾ جولان پيدا ڪندا آهن، اندر جي احساسن ۽ اڌمن سان پنهنجي محبوب جي لاثاني محبت جي موجن ، شاعري جون اهي لهرون اُٿاريندي طاغوتي نمائينده شاعري جا تناور، درخت پاڙان پٽي ڪک پن وانگي لوڙهي ڇڏيندا آهن ۽ مصنوعي شاعرن جي زبانن کي گونگو ڪري ڇڏيندا آهن. اسلام انهن فطري جذبن کي تسليم ڪري ٿو، انهن کي يڪسر رد نٿو ڪري اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مثبتي شاعري کي پسند ڪيو ۽ همتايو، سندن تمنائن ۽ دعائن جو فيض ان وقت کان اڄ تائين قابل عمل آهي. جن جي شاعري جي سحر انگيز اثر جو اصل سبب هنن جو پنهنجي شاعري جي هِڪ هِڪ سٽ تي عمل هيو. هو انسان ذات جا ٺلها لفاظ همدرد ۽ هڏ ڏوکي نه هيا، هو جهڙي طرح شاعري ۾ هر دلعزيز هُيا ته عمل ۾ به من موهيندڙ هيا، ائين نه هيو ته شاعري جي دنيا ۾ هو انسانذات لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جاکوڙي هجن، ڏاڍا مٺڙا سلڇڻا پيا لڳن. پر ذاتي زندگي ۾ هن جا گهر ڀاتي به هن واتان ڪنهن پيار ڀري ٻول ٻُڌڻ لاءِ سڪندا رهن. بهرحال اهڙي انمول اڏول شاعرن جي سوني زنجير جي هڪ سوني ڪڙي اسان جي تاريخي شهر ٽنڊي محمد خان جو شاعر پيربخش پياسي به آهي، جنهن ننڍپڻ کان ئي حالات کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏئي زندگي جي لاهن چاڙهن مان گذري پنهنجو علمي منصب ٺاهيو، ان ڊگهي جدوجهد جي ادوار ۽ انهن اطوار مان گذرندي سائين جو ڪجهه پَسيو ۽ پروڙيو انهن سڀني ساروڻين کي سموئي شاعري جي انمول موتين کي پوئي پنهنجي احساست جي مالها اسان کي ارپي اٿن، شال اسين سندن ان ڪاوش جو قدر ڪري سگهون، سائين پياسي پنهنجي شاعري جي هر صنف ۾ ڀٽائي جي پيروي ڪندي جماليات ۾ به جدوجهد ۽ حق سچ جو پيغام ڏنو آهي، سدس مختلف غزلن جا ڪجهه شعر شاهدي طور پيش ڪجن ٿا.

    ويو چنڊ گم ٿي پوئين پَهر ۾ جي
    ٽٽي رات ويندي ته پرڀات ٿيندي.

    هڪ غزل جا ڪجهه شعر:

    ڏنا توکي جي مون سنيها مسافر ياد سي رکجان
    سبق سندر سچائي جا سراسر ياد سي رکجان
    ***
    نيون راهون نوان رستا سچائي ۽ صداقت جا
    ڏيا روشن دلين ۾ ٿيا اُجاگر ياد سي رکجان
    ***
    ڪپت ۽ ڪوڙ تي ڪرڪي ويا پي سچ سندي سرڪي
    چڙهيا سوري مٿي مُرڪي بهادر ياد سي رکجان
    ***
    کنئي اوندهه مٿان پوتي اندر جن جا ٿيا جو تي
    ڇٽيا دانش سدا موتي اڪابر ياد سي رکجان
    ***



    مزدور محنتي جا حالِ زار جي عڪاسي ڪيئن نه ڪئي اٿن:

    ڏينهن رات پنهنجو رت ٿو ولوڙين
    ڪٿ جهولي ۾ تنهنجي آ نان سوچ
    ***
    چڪي منجهه ظلم جي پيا پيڙهجون
    ڪڏهن ٽٽندو طلسم هي زندان سوچ
    ***
    چند سڪن خاطر اصولن کي ٽوڙين
    ڇو وڪڻين ٿو پنهنجو ايمان سوچ
    ***
    مفادن جي خاطر تون ماڻهو کي ڏس
    ٿي انسان مان ويو ڪيئن حيوان سوچ

    آخر ۾ آئون انهيءِ راءِ جو قائل آهيان ته ادب ۾ اهائي تخليق باقي ۽ اهو تخليقڪار زندهه رهي ٿو. جنهن جا موضوع، انداز و فڪر منفرد ۽ اسلوب بيان مختلف ۽ حيرت انگيز هجن،مون کي ڪجهه اهڙيون حقيقي شيون سائين جي ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ منجهه مختلف موضوعن تي نظر آيون، اميد ته سائين پيربخش پياسي جو هي ڪتاب سنڌي عوام ۾ مقبول ٿيندو، سنڌي ادب ۾ هڪ مثبت جاءِ والاريندو ۽ علم و ادب ۾ واڌارو آڻيندو.

    حافظ محمد رمضان مصطفائي


    فطرت جو شاعر سائين پير بخش پياسي

    فطرت جو شاعر سائين پير بخش پياسي

    سائين سان ڏيٺ ويٺ پراڻي آهي. بنيادي طور تي سائين کي آئون ان زماني کان سڃاڻيندو آهيان، جڏهن 1972 ڌاري آئون رمضان ميموريل مڊل اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهندو هوس ۽ سائين اتي پرائمري استاد هوندو هو، اهو اسڪول سائين عبدالله سرائي جو هو، سائين عبدالستار شاهه، سائين پياسي سرڪاري ملازم هئا ۽ رمضان ميموريل مڊل اسڪول پرائيوٽ هو. سائين ان زماني ۾ به شاعري ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن استادن کي ٻڌائيندا هئا ته آئون به ٻڌندو هوس. سائين جو هڪ طويل نظم جيڪو پاڻ پڙهي ٻڌايو طويل عرصو منهنجي ذهن تي سمايل رهيو شايد قوم پرستي تي ناصحانه نظم هو. وقت سان اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو. پر اتي سائين ڪڏهن شاعري نه ٻڌائي جيتوڻيڪ پاڻ فائنل مان پرائويٽ ميٽرڪ ڪئي پر انگريزي به ضرب المثل هئي، سائين سهڻي رسالي ۾ پنهنجي شاعري نه صرف شايع ڪرائيندو هو پر گهڻي تعداد ۾ طارق اشرف کي رسالا وڪڻائي به ڏيندو هو. ائين وري مهراڻ رسالي ۾ جڏهن مولانا گرامي ايڊيٽر ٿيو ته ٽکڙ جا ڪافي شاعر سندس شاگرد ٿيا جيڪي وٽانئس علم عروض يعني بحر وزن جي سکيا وٺندا هئا. ۽ سندن شاعري ڇپيندو هو. سائين پياسي به مهراڻ رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو ائين سائين جي شآعري وقت سان گڏ اُجري نکري پر نروار به ٿي ۽ سائين پياسي ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. مٿي عنوان ۾ مون لکيو آهي ته سائين هڪ فطري شاعر آهي، منهنجو ان مان مقصد آهي ته سائين ٽکڙائي شاعرن وانگر قافيه ڪاپي تي لکي نه رکندو آهي، في البديهه شاعري ڪندو آهي. ان ڪري سائين جي شاعري کي ٻاهران آيل شاعري جي سونهن ان ۾ آهي ته اوهان جي سيني تي جيڪا شاعري تري اچي اهائي قلم بند ڪجي جي ان کي فارسي ۽ عربي جي بحر وزنن جي ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪندا ته سونهن وڃائي ويهندي. سائين به 70 کان مٿي اسي جي ڏهاڪي ۾ هلي پيو. هاڻ شوق جاڳيو اٿن سو ڪڪر منجهه ڪپار جي نالي سان جيڪو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي ڇپايو اٿن. جنهن ۾ قطعا، وايون، غزل، آزاد نظم، دوها، هائيڪا ۽ هاڻ جيڪو رواج نڪتو آهي ته غزل نظم جي فارم ۾ اهڙِن تمام صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن.
    جيئن چيم ته سائين فطرت جو شاعر آهي، جيڪو دل تي تري آيس اهو قلم بند ڪيو اٿس. جيئن ته سائين جو ڪتاب ڪمپوز ٿي پروف جي مراحل ۾ آهي ان ڪري مون کي ڪتاب مان هٿ سان لکيل ڪجهه حصو ڏنو اٿن، جن مان ڪجهه حوالا ڏيان ٿو.
    عشقيه شاعري جي حوالي سان سائين جو هي بند ڪمال جو آهي:
    جڏهن چنڊ چوڏهين، سندي رات ٿيندي
    تڏهن توسان پنهنجي، ملاقات ٿيندي
    ***
    اهڙي ريت سائين جي غزل جو هي بند به دل کي ڇهندڙ آهي:

    سارنگ آيو، منڊل هوندا،
    ساوا سارا، جهنگل هوندا.
    ***
    وري سائين جي هڪ وائي جو هي بند جيڪا وائي سڄي ٿر جو نظارو پيش ڪري ٿي:
    گهڙا کڻي ڪن، هيج مان سکيون
    ناز نوان نت نيارا، پريتم پيارا
    ساجن بن تو ڳارا
    ***
    سندس آزاد نظم مان هي فقرا سندس وطن سان محبت جو واضح اظهار آهي:
    محبت جو مچ
    من ۾ مچي ٿو
    تڏهن ياد وطن
    مونکي اچي ٿو
    ***
    ساڳئي آزاد نظم جو بند آهي ته ؛
    حُسن سارو هي مان
    تڪيندي تڪيندي
    خيالن ۾ پنهنجي
    ***
    سائين جا چوسٽا به ڪمال جا آهن جن مان هڪ هت ڏيان ٿو:

    گاج تي گجگوڙن جا ڪڙڪاٽ هوندا
    گورک تي کنوڻين جا چمڪاٽ هوندا
    منڇر ۽ ڪينجهر اٿلي پيون جي
    ته سنڌوءَ ۾ ڇولين جا چمڪاٽ هوندا.
    ***
    بهرحال سائين پير بخش پياسي جي سڄي شاعري مان جي مثال ڏيندس ته هي ليک ڊگهو ٿي ويندو، استاد جي نسبت ۽ عظمت کي ڇڏي به آئون چوندس ته سائين جي شاعري اهڙِي آهي جيڪا کيس صف اول جي شاعرن ۾ بيهاري ٿي، منهنجي آس آهي ته سائين جو هي ڪتاب ”ڪڪر منجهه ڪپار“ مقبوليت جون حدون پار ڪندي نه صرف سنڌ پر هند ۽ جتي به سنڌي رهن ٿا اتي مقبول ٿيندو ۽ آئون پاڻ سائين کي عرض ڪندس ته منهنجي حق ۾ دعا ڪن نه ته روايت اها آهي ته لکبو آهي ته ”آئون دعاڳو آهيان ته سائين جو ڪتاب مقبوليت ماڻي“ پر آئون شاگرد جي حيثيت سان ڪيئن ٿو دعا ڪري سگهان پر دعا جو طلبگار ضرور ٿي سگهان ٿو.

    حڪيم محمد يوسف کتري
    لطيفي دواخانو ٽنڊو محمد خان
    4/7/2018


    پير بخش پياسي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ انمول تحفو

    پير بخش پياسي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ انمول تحفو

    سنڌي ادب جي هزارين سال تاريخ ان جا انمول هيرا سنڌي اديب، ليکڪ، شاعر، سگهڙ، ساڃاهوند، لکيا پڙهيا قومي هيرا آهن جن سنڌي ادب جي قومي تشخص کي جياپو ڏيئي پنهنجي قومي سڃاڻپ کي قائم دائم رکيو آهي.سنڌي ٻولي جو اڌ صدي کان وڌيڪ ارڏو بي باڪ شاعر اديب پير بخش پياسي به انهن اديبن، شاعرن مان هڪ وڏو نالو آهي، جنهن سنڌي ادب لاءِ مارشلائي دور هجي يا جمهوريت جي نالي ۾ سرڪار قائم هجي، پاڻ بنا ڪنهن سرڪاري ۽ درباري شاعري بجاءِ پنهنجي سنڌي ٻولي جي شاعري ۾ وڏو عزت ڀريو مقام قائم ۽ دائم رکيو آهي. هن ارڏي شاعر جي لازوال اڻ ڇپيل شاعري جي ڪتابن، اخبارن ۾ شايع ٿي چڪي آهي، جيڪاملڪ جي قيام عمل کانپوءِ سنڌي ادب ۾ کوڙ سارن ڪتابن، ماهورا داستانن توڙي اخبارن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي آهي، سنڌي ٻولي جي هن عظيم شاعر نيٺ پنهنجي شاعري کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ جي پاڻ ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ڪوشش اسان جي ثقافت کاتي ۽ ٻين ادارن کي ڪرڻ گهرجي پر لڳي ٿو ته ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عوام جي ووٽن کي وساري ڇڏڻ واري ريت اسان جي سرڪاري ادارن به ان کي قائم رکيو آهي. سنڌي ٻولي جي هن مهان شاعر پنهنجي هن ڪتاب ۾ شاعري کي ايترا ته نوان روپ ڏنا آهن جيڪي اڌ صدي جي تاريخ کي اجاڳر ڪري رهيا آهن سنڌي ادب جو لازوال باب آهي پر اسان جي هن مهان شاعر جنهن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ کي شاعري ۾ گڏ ڪيو آهي ته وري سنڌي سماج جي بيهڪ ۽ عام شاعري کي عوامي روپ ڏيڻ جو نئين باب جي شروعات ڪئي آهي، سندس شاعري ۾ سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي گڏ ڪيو ويو آهي ته وري سچ جي لاٽ کي اجاڳر ڪيو آهي. سندس شاعري ۾ غزل،نظم،بيت ، وايون، چوسٽا، قطه، دوها، هائڪا، آزاد نظم به ان شآعري ۾ شامل آهن. شاعري جي هن انمول ڪتاب ۾ سموري شاعري سج چنڊ جيان روشناس آهي، شاعري ۾ جتي سنڌ سان محبت، پيار جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ان ۾ سنڌي ٻولي جي شاعري ۾ سماجي بيهڪ کي به نروار ڪيو ويو آهي. سندس شاعري ۾ عام فهمي طور سنڌو ڪنارا به شامل آهن ته وري سنڌ جو درد پيڙا به ان جو هڪ حصو آهي، سندس شاعري ۾ انسانيت سان عشق جو به لازوال داستان شامل آهي، پاڻ پنهنجي شاعري ۾ سور، سختيون، سڀ سهڻ، ڪنڌ ڪپائي ڇڏڻ، ڪينجهر جو سير توڙي روشني جو سفر شاعري جو هڪ روپ آهي. سندس سموري شاعري اسان کي سنڌي ٻولي ۾ شاعري جو هڪ انمول تحفو ڏنو آهي، جيڪو صدين تائين سنڌي ادب ۾ شاعري جو هڪ انوکو روپ طور شامل رهندو. سندن شاعري جو به هڪ داستان آهي پر پاڻ پنهجي شاعري کي مختصر ڪيو اٿن ۽ ان کي چپايو اٿن جيڪو به هڪ رهجي ويل باب رهندو. سندن شاعري ۾ عام فهمي طور هيٺين وچولي طبقي جي طبقاتي مسئلن جي به منظر نگاري ڪئي وئي آهي. اسان دعاگو آهيون ته سنڌ جو مهان شاعر پيربخش پياسي جيڪو مُني صدي جي عمر ۾ به شاعري جو نوجوان شاعر بڻجي اڄ به شاعري ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ اهڙي ئي طريقي سان سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهي ته سنڌ کين ادب جي دنيا ۾ ڪڏهن به پنهنجي تاريخي سنهري ورقن مان الڳ ڪري نٿي سگهي، اسان سندن عمرجا دعاڳو آهيون.

    غلام نبي ڪيريو


    اڌ صدي جو فطري شاعر پيربخش پياسي

    اڌ صدي جو فطري شاعر پيربخش پياسي

    سائين پير بخش پياسي جو شعري مجموعو منهنجي نظر مان گذريو. سوچيندي سوچيندي مونکي احساس ٿيو ته سائين اڌ صدي جو شاعر آهي. راقم الحروف سائين جو شاگرد رهيو آهي. مون کانئس تعليم و تدريس ۽ علم ادب کي ڪافي ڪجهه پرکيو ۽ پروڙيو، سکيو ۽ لکيو آهي. سائين جي شخصيت جا ڪيئي پهلو آهن. سائين استاد ۽ شاعر کان علاوه سٺا ڪمپيئر، سٺا مقرر ۽ بهترين نقاد پڻ آهن، دراصل سائين جي شهرت خوبصورت فطري شاعر جي آهي، سائين جو لکڻ ۽ پڙهڻ سان مسلسل تعلق رهيو آهي. وسيع مطالعي سبب پاڻ علم و ادب جي دنيا ۾ ڪيئي نشيب و فراز ڏٺا آهن، جنهن جو سندس شاعري تي تمام گهڻو اثر آهي.
    سائين ٽنڊي محمد خان جي هر دلعزيز شخصيت آهي. شهر جانان جي هر علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي محفلن ۾ پيش پيش رهندا آهن، پاڻ عام گفتگو ۾ به هر موضوع تي دسترس رکندي، پنهنجي عالمانه راءِ ڏيندي ٻڌندڙن کي نه فقط محظوظ ڪندا آهن، پر وڌيڪ لوچڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، سندن خيال موجب جن شخصن جي ڪتابن سان محبت آهي ، اهي ڪڏهن به اڪيلا نه هوندا آهن بلڪه زندگي ۾ خوش و خورم رهندا آهن.
    نه رڳو شاعري پر سائين نثر ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سندن ٽڙيل پکڙيل نثري تحريرون سنڌ جي مشهور مخزنن رسالن، ۽ اخبارن ۾ موجود آهن. جن کي جيڪڏهن سهيڙي ۽ سموئي جوڙيو وڃي ته هڪ انمول ڪتاب جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. سندن نثري تحريرن ۾ علم و فهم ۽ عام معلومات جو بي بها خزانو آهي. سائين جو چوڻ آهي پنهنجي هن ڪتاب ڪڪر منجهه ڪپار کانپوءِ نثري تحريرن کي گڏ ڪري هڪ ٻيو ڪتاب منظر عام تي آڻيندس. اميد آهي سائين جن پنهنجي ان ديرينه خواهش کي جلد پوري ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا!.
    سائين پياسي جن جو اشعار پيش ڪرڻ جو انداز نروالو آهي، هميشه وانگر عام گفتگو ۾ وقت به وقت مختلف زبانن جهڙوڪ عربي، فارسي، هندي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڇيد، اشتقاق، واحد، جمع، مذڪر، مؤنث ۽ لفظن جي اچارن ۽ معنيٰ مقصد تي گهڻو ڳالهائيندا ۽ سمجهائيندا آهن. ان لاءِ ته قارئين جي شعور ۾ اضافو ٿئي ۽ لکڻ پڙهڻ ڏانهن مائل ٿين اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن ادبي محفلن ۾ يا ڪنهن منعقد مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندا آهن ته حاضرين جون دليون موهي وجهندا ۽ داد وصول ڪندا آهن. سندن مشهور ادبي دوستن جو چوڻ آهي ته سائين پياسي اهڙو شاعر آهي جيڪو محفل جو رنگ بدلائي ڇڏيندو آهي.
    جيئن سائين فطري شاعر آهي. جنهن ڪري فطرت ۽ زندگي سان هم آهنگ حقيقتن جي جهلڪ سندن مختلف صنفن جهڙوڪ بيتن، واين، غزلن، نظمن، قطعن، هائيڪن ۽ آزاد نظمن ۾ بخوبي پسي سگهجي ٿي. چوندا آهن ته هڪ سچو طالب مطلوب کي ماڻڻ جي جستجو ڪري ٿو. ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان جي مصداق رهيو آهي، سائين جن جو هيٺيون بيت اهڙي منظر جي عڪاسي ڪري ٿو.
    الله آڌيءَ رات جو، چريا جڏهن چنگ،
    وحدت جا وجود ۾، وصل وڌا ونگ،
    اُت اندر جا امنگ گهلي آيس گهيڙ تي.
    ***
    انسان جي سڄي زندگي وجود ۽ عدم جي ڳجهه ڳوهه کي ڳوليندي گذري ويندي آهي، اهڙو ئي خيال جو اظهار سائين جن وائي ۾ هن ريت ڪيو آهي؛
    ڪٿ وسي ٿي هستي تنهنجي، توکي خبر نه ڪائي،
    گهور اونڌاهين راتين ۾ ڪنهن، تنهنجي ننڊ ڦٽائي
    توکي خبر نه ڪائي!
    ***
    زندگي ايڏي سهنجي نه آهي جو هڪ گهڙي ۾ مقدر ٺاهي وٺجي. ڏک سکن جي سونهن، گهوريا ڏک سکن ري جي مصداق. اهڙي ئي ڳالهه جو عڪس سائين جن جي غزل جي هن شعر ۾ چڱي ريت پسي سگهجي ٿو؛
    زندگي ايڏي ناهن سهل
    ٺهي وڃن ڀاڳ پل ۾ ڦٽل
    ***
    زندگي هميشه اميد ۽ نا اميدي جي ٻه واٽي تي گذرندي رهي آهي. ساڳي ڳالهه شاعر پنهنجن هيٺين شعرن ۾ به ڪئي آهي؛
    دل جا درد درديلا آهن
    رستا سڀ پٿريلا آهن
    راهه وفا ۾ خون عشق جا
    ذرا ذرا چمڪيلا آهن
    ***
    ساڳي اميد ۽ خودداري سندن هيٺين قطعي ۾ ڏسي سگهجي ٿي،
    چنڊ آسمان تي چمڪي نه چمڪي
    ڌرتيءَ تي سونهن جي اسين کاڻ آهيون
    دل جي شعاع سان جلي جوت وئي جي
    ته منزل اسانجي اسين پاڻ آهيون.
    ***
    شاهه سائين جي هن بيت وانگيان؛
    عشق ناهي راند ڪي ڪنس ڳيرو
    سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي
    اهڙي خيال جي عڪاسي سائين جن نظم جي هن بند ۾ ڪئي آهي؛
    ٻيجل وارا ٻول تون ٻول
    مان پنهنجي من کي مست ڪريان
    تون ڪات کڻي ڪنڌ کي ڪور
    آءٌ ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪريان
    ***
    هڪ فطري شاعر جو تعلق هميشه فطرت سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ فطرت جا سمورا رنگ ڳوٺائي زندگي ۾ چڱي طرح پسي سگهجن ٿا. اهڙي ئي ڳوٺاڻي زندگي جي ڀرپور عڪاسي سائين جن هيٺين هائيڪن ۾ ڪئي آهي.
    منهنجي راڻي
    هٿ ۾ جنهنجي
    آ کانڀاڻي
    ***
    اڄوڪا کاهوڙي
    ميڙين پئسا
    هڻيــو پاهوڙي!
    ***
    آخر ۾ پنهنجي خيالن جي اڪتفا ڪندي ته ”بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري“ واري قول مطابق سائين جن جو هي آزاد نظم به ڪهڙو نه دل ڏکائيندڙ خيال آهي، جنهن کي هر بني نوع انسان نه فقط محسوس ڪندو پر ان سان پنهنجي روح کي گرمائيندو ۽ تڙپائيندو رهندو؛
    چنڊ!
    ڪاش تون ماني هجين ها
    ۽ بکئي پيٽ جي تون پورت ڪرين ها
    پر افسوس! تنهنجي چمڪندڙ چانڊاڻ
    منهنجي وجود تي
    هڪ وڏو بار آهي.
    آخر ۾ آءٌ سائين جن جو دعاڳو آهيان ته شال الله تعاليٰ کين وڏي عمر عطا ڪري ۽ صحت مند رکي، جيئن پاڻ اڃا به وڌيڪ موزون نظم ۽ نثر لکي سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهن. آمين
    دعاڳو
    نوشاد علي ڀٽي


    بيت

    سُر سهڻي

    سُر سهڻي

    الله آڌيءَ رات جو، چُريا جڏهن چنگ،
    وحدت جا وجود ۾، وصل وڌا ونگ،
    اُت اندر جا اُمنگ، گَھِلي آيس گهيڙ تي.

    جان جان لڌم سار، تان تان تُرهو تک ۾،
    اونھي ان عميق جو، پتو نڪو پار،
    ساجن لھندم سار، پُڄندس آءُ پرين کي.

    کڻي قرب قريب جا، لاڳاپا سڀ لاهي،
    دهشت دم دريا ۾، پئي ڪُنن منجهه ڪاهي،
    آس اِها ئي آهي، پسان شل پرين کي.

    سجهي سمنڊ اجهاڳ، آءٌ اڳئي اڻتارون،
    سنئين سير وِچ ويرن، ڇوليون ٿيون ڇُڙواڳ،
    مون ڪيئن محبت ماڳ، حاصل ٿيندو هوت سين.

    عورت زوراور ذات، دِل جنھن جي ته دَهلي،
    ويٺا دريا وچ ۾، پٽيو واڳون وات،
    اُتان ڪاري رات، سھڻي اُڪتي سير مان.


    دهشت دم دريا ۾، ڪنين پيس پڙاءُ،
    سگهه ساري سير مان، لنگهي تِکن منجهان تاءُ،
    سھڻي کي سوداءُ، هئا محب ميھار جا.

    دهشت دم دريا ۾، ڇوليون جِت ڇلڪن،
    سھڻي دِل نه ڌڙڪي، منجهه ڪاهي پيئي ڪُنن،
    ڀل موجن سي مَرڪن، جنکي سِڪ ساهڙ جي.

    ڀُريل دِلي نه دم، ڪير ٽپي ڪُنن ۾،
    ناتو ٽوڙي نينھن جو، ڏکيءَ ڇڏيو ڏم،
    اي عاشقن ڪم، جي سائر لنگهن سير مان.

    چڙها چُريا چنگ، روحن رسيلا،
    ڪاهي پئي ڪُنن ۾، هوش نه حيلا،
    وڃائي وسيلا، هلي آئي هوت ڏي.

    سھڻي جي سيلا، ساهڙ سوگها سڪ ۾،
    سُڻي سڏ سائر ۾، روح ڏِنس ريلا،
    سندا محبت ميلا، آيس کڻي عميق ۾.

    گهڙو کڻي سھڻي، گهڙي منجهه گهيڙ،
    سالم لنگهي سير مان، محب ڪيائين ميڙ،
    جِت جهڪ نه جهيڙ، مِلي محب ميھار سين.


    چوريئين چُڪيون، پيتائين پريم جون،
    سامي اُت سفر ۾، ڇڏي ويا سُرڪيون،
    تھان پوءِ مُڪيون، سِڪون سڄڻ ساهڙ جون.

    دهشت دم دريا ۾، ٻُڌي ٻيڙاتين ٻول،
    سھڻي ساهڙ سِڪ ۾، هينئڙي اچن هول،
    جي ڪيائين سڄڻ قول، وڃڻ اُت واجب ٿيو.

    ويري ويرن وچ ۾، تِکا ٿيا طوفان،
    سڙهه جا سامان، بنا همت هيچ هئا،

    دريا دنگي دم، نه ته ڪير ڏوري ڏينھڙا،
    منجهان سھُڻي ڪم، ڪڍيو ڪيئن قريب لاءِ.

    مرڻو جنھن نه مور، ڇا پاڻي ڪندو شور،
    ڀيلو ٿيو جي ڀور، ته به ڇوليون ڇڪين اڳتي.

    دهشت منجهان دنگ، حيلو هو همت جو،
    سھڻي ڪيو سنگ، پھچي پار پرين کي.


    سُر مومل راڻو

    سُر مومل راڻو


    مومل کي مجاز جو، چؤڏس چٽاڻو،
    روح اندر راڻو، مُرڪي پيس من ۾.

    مومل کي مجاز جا، من اندر ماڻا،
    پسي سونھن راڻا، سوڍيءَ آيا سھاڳ لئي.

    مومل جي حُسن جي، هر هنڌ ٻُجهي هاڪ،
    جي ڪهي آيا ڪاڪ، سي موٽي ويا نه ماڳ ڏي.

    مومل جي حُسن جي ڪاڪ مٿي ڌاڪ،
    چڪي پين چاڪ، جي ويا سي وڍيا.

    تون جي ڀانئين راڻا، سا رتي روح رهاڻ،
    من من منجهه ڪاپڙين، مُرڪن موتي داڻا،
    اگهيا سي سياڻا، جن جي سِڪ سڀاڳ لاءِ،

    اچي ڪاڪ ڪنڌين، روح ريجهائي راڻا،
    مومل سين ماڻا، تو مناسب ناهن مينڌرا.

    سوڍا تو سھاڳ لئي، ويٺي واجهايان،
    سڀ ڪجهه لُٽايان، جي موٽي اچين ماڳ تي.

    جنھن تـڙ گجريون، مينڍا چندن ڌون،
    جن ورتا ويھي واس، سي سانول رتو رون.
    هينئڙي هول هون، سوڍيءَ جي سھاڳ لاءِ.

    ڪنڌيءَ مٿي ڪاڪ، جِت ڪنول ٽڙن،
    اُت شھزادن، سوڀون ڏين سچا ڌڻي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جِت پلجن پيار،
    نڪو شوق نڪو شڪار، سڀڪا پسي پرين کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جِتي عشق عام،
    نڪا صبح نڪا شام، سڀڪا پسي پرين کي.

    مومل کي مجاز جا، اکين تکا تير،
    چٽيو وجهن چير، سدا سانڀئيڙن کي.

    ڪيئي ڪنڌيءَ ڪاڪ، جوڳي آيا جوان،
    سڀڪنھن مدي من ۾، مومل ٿيان مھمان،
    اِي آگي جو احسان، راڻي ڪيو روح تي.

    تو بِن ساري رات، ساعت ڪين سري،
    اندر جو اندر ۾، ڳڻتين منجهه ڳري،
    مومل پاڻ مري، ويندي درد فراق ۾.

    اکين ڏيئي ٻانھن، بيٺس دري اوٽ،
    ايندو محب ملڻ لاءِ، چانگي چڙهي چوٽ،
    متان منھنجا گهوٽ، دِل لاهين ديس ۾.

    ڪيئي آيا ڪاپڙي، ڪنڌي مٿي ڪاڪ،
    ٺاهه مڪر فريب جا، ظاهر هئا خطرناڪ،
    منجهان تن بيباڪ، راڻو رسيو ماڳ تي.

    راڻي سندي سيڄ، جان چنچل ڪئي چاڳ،
    تن ئي تو ويراڳ، ڏِنو آهي ڏُکن جو.

    نيڻن ننڊ نڀاڳ، تان پرهه ڦُٽي باک،
    سومل ڪھڙي ساک، ڏيان راڻي روح کي.

    صبح ساجهر هير، گُهلي آئي چمن ۾،
    مون ٿي تکو تير، کُتو آهي من ۾.

    راڻا تنھنجي ڪاڻ، سورن منجهه سڙي،
    مومل روح رڙي، ڏِني دانھن درد جي.

    گلن ڦُلن سيج، تو بِن آهي اُداس،
    ويچاري وشواس، ڏيندو ڪير ڏکن ۾.

    ڪاڪ ڪيئن نه ڪُنڊ، راهي مون رڻ رات،
    وجهي گهايل گُهنڊ، ساٿي ڇڏءِ سڃ ۾.

    ڳاريم ڳوڙها ڳل، نيڻن نچوئي نور،
    مونکي تنھنجو پور، پرين پيو پرديس ۾.

    تو بن ڪھڙي ڪاڪ، جا بڻي آهي بن ۾،
    تَن ۾ اٿم ڇَاڪ، موٽي محب ملڻ جو.

    دونهاٽيل جن دِل، جاڳي ناهي جوت،
    مٿي تنھن آ موت، جيئري هن جھان ۾.

    مومل ويو ماڳ تان، راڻو رُسي رات،
    اي نه سمجهي بات، سومل سگهيو سپني.

    تو جو سمجهيو ساٿ، سومل سندم ساڻ،
    توئي روح رهاڻ، پرين پسيم پيار ۾.

    راڻي ڏِنا رنج، مومل مکر تنھنجي،
    سومل هڻي هنج، هوت وڃايئي هٿن سان.

    جان رُسي ويو، تان موٽي آيو ته ماڳ،
    ڪھڙي ننڊ نڀاڳ، مون وڃايو مينڌرو.

    موٽي آ ماڳ، توبِن سکڻي سيڄ،
    ويچاري ويڄ، ڪندو ڪير طبيب ٻيو.

    جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سي اڄ نه اوطاقن،
    ڪانھي ڪاٻي دلين، پسڻ لئي پرين جي.

    راڻا تو رهاڻ جون، ڪجن ڪھڙيون ڳالھڙيون،
    سڪن ٿيو سھاڳڻيون، سوڍا سندءِ ساٿ لاٰءِ.

    جان جان منزل ماڳ، تو جو ماڻيو مينڌرا،
    مومل جو سومل سين، سمجهي سگهئين نه چاڳ،
    ويچاري ويراڳ، ڏنئي ڪھڙي ڏوهه ۾.


    سُر مارئي

    سُر مارئي

    اُٿي سحر صبح جو، ويس پاڻي لئي پاتار،
    اُتان سومرو سردار، کڻي ويم کوهه تان.

    کڻي ويو کوهه تان، ساٿ نه لڌم سار،
    تن جي تند تنوار، ڳايان ويٺي ڳچهه ڳوهه ۾.

    ٿر ماروئڙن ٿاڪ، ڏاڏاڻي ڏيھه جا،
    پڻي پيرين پاڪ، پائر پس پنھوارن.

    آڻي عمر ڪوٽ ۾، مليو ڇا توکي،
    تنھنجي هن دوکي، مارن وِڌو مُنجهه ۾.

    سندءِ رهزن روڪ، ڪندي ڇا ڪُٺل کي،
    لڄايائين لوڪ، وجهي مارئي بند ۾.

    عمر ظلم پنھنجي، پسان اردگِرد،
    تو جو ڪيو ضد، مون ڀي ڏِٺو ضد تو.

    روئي روئي رات، نيڻن هاريم نير،
    چِت منھنجي چير، هئا گوندر ڪيئي گهاءُ.

    گهڙي گوندر گهاءُ، مونکي ماري مُنجهه ٿي،
    عمر پاڻ پساءُ، ته مِلان ماروئڙن سين.

    مان مڱ کيت جي، کيت منھنجو ڪانڌ،
    جنھن سان مون پلاند، اٽڪيو آهي ازل کان.

    سڱ جن جا صدين کان، پَڪا ۽ پُختا،
    تنجا ڪئين تختا، ڪنڍندين رکي ڪوٽ ۾.

    ڏاڍو تنھنجو قيد، ڇا ماڻھو ڪندو ڏاڍ،
    ظالم تنھنجي ڊاڍ، مور نه مڃن ماروئڙا.

    هيڻا ڏِسي حال، ڏاڍا ڏِنئي ڏُک،
    سانگين ڇڏيا سُک، ڇني تو ڇوري کان.

    ڪڙا تنھنجا ڪوٽ، ڀڃي آئون ڀوري،
    ڏونگر ڏوري، موٽي ويندس ماڳ ڏي.

    مونکي منھنجا ميت، پيارا تو پريت کان،
    جن جا ويٺي گيت، ڳايان منجهه ڪوٺين.

    سومرا ڪر سُپت، پائر ويندس آئون،
    لوئي ۾ لائون، مون لڌيون ماروئڙن سين.

    پڪا پيرون پٽن، ڏونئرا ۽ ليار،
    مونکي تِن سان پيار، وڌ تو ميون کان.

    عمر مون نه آڇ، هي وڳا ۽ ويس،
    اجرڪ لونگي کيس، مون مليا ڏاج ۾.

    عمر مَ آڇ مونکي، هي محل ۽ ماڙيون،
    مون وڻن واڙيون، سونھان سرتين وچ ۾.

    منھنجو موڪلج مڙهه، پنھنجي پاڻ هٿان،
    منھنجو محب متان، ڏي ڏوراپا ڏيھه کي.

    مارو سُرها پٽن تي، ساڻ سرتين هوندا،
    پکا ۽ ڀونگا، مون وڌ تو ماڙيئين.

    عمر منھنجي آه، ڪيرائيندي تو ڪوٽ کي،
    ٿيندم توڙ نڀاه، موٽي ماروئڙن سين.

    ڪوٺين گهاري ڪير، جن جا ٿرن مٿي ٿاڪ،
    ويڙهيچن وڌءِ وير، ڳانو پوندءِ ڳچيءَ ۾.

    مارُن اُٺا مينھن، ٿيو موڪ ملير تي،
    اسان ويھي ڏينھن، گهاريا منجهه گهنگهر.

    وجهان ويٺي واجهه، جهانگين منجهه جهنگن،
    ٻاٻاڻن پوندم ٻاجهه ، ملير ويندي مارئي.


    سُر سورٺ

    سُر سورٺ

    جاجڪ جهوناڳڙه، سُرندي آيو ساڻ،
    سورٺ تنھنجي ڪاڻ، گهورون گهري سرجون.

    گهورون گهري سرجون، ڏياچن ڪين ڏڪار،
    ڪنھنجا ڪنڌ ڪپار، ڪپي ڪپيندي ڪيترا.

    سِر گهوريو سُھاڳ لئه، چارڻ چوريو چنگ،
    هڪ هڪ هت اڙٻنگ، اُڇلي وجهندو آڳ ۾.

    اُڇلي وجهندو آڳ ۾، سڙي ٿيندو رک،
    هوند نه اهڙا لک، هجن سِر گهوري ڇڏيان.

    چارڻ چوري چنگ، ڪُلھي پائي ڪماچ،
    ڪاڻ راءِ ڏياچ، صدا هنئين سِر جي.

    صدا هنيئن سرجي، ٻيجل ٻولائي،
    نارين نمائي، ڏِنا سِر ڏياچ کي.

    سِر وٺي سرهو ٿيو، نارين وجهي ناڏ،
    اُنيراءِ جي آڏ، سورٺ ڦريو سُک تو.


    سورٺ ڦري سک، پاڻ نه سُتو سک سين،
    ڏنڀائين پوءِ ڏک، ڏِسي ڏان ڏياچ جو.

    ڏِسي ڏان ڏياچ جو، گهر گهر ٿيو ماتم،
    ته هھڙو سخي حاتم، ڏِٺو نه ڪنھن ڏيھه ۾.

    سورٺ سندءِ سونھن، اُنيراءِ اُلجهايو،
    تان پوءِ ٻيجل، تندن تپايو،
    ڪامل ڪمايو، ڪپي ڪنڌ قريب جو.

    اَنيراءَ سندءِ انڌ، سورٺ سونھن سندو،
    اهڙو ڪو ڪنڌ، ڏيندو ڏيھه ڏياچ ۾.

    سورٺ ڪاڻ ڏياچ، چت چاهه ڏِني چارڻ،
    نه ته ڪير ڪنھنجي ڪارڻ، سِر ڏي هڪ سئن ۾

    تو سُئو راڳ، سکڻو ڀائنج ڪيم سو،
    پَسي سراپا آڳ، هرڪو ٽپي مچ ۾.

    جنھن به ٻڌي ڏيھه ۾، تند تنھنجي تان،
    سرندي مٿان جان، سِر ڏيئي سُرهو ٿيو.


    سُر سارنگ

    سُر سارنگ


    سارنگ سَوَ سينگار، ڪري اڱڻ آئيو،
    باغن بيھي بھار، بنايو هن بر کي،

    سارنگ سو سينگار، ٿيا ملڪ مير تي،
    ڪئي ڪڪرن ڪار، ڪارونجهر ڪور تي.

    سارنگ سو سينگار، وڄن ٿيا چمڪاٽ،
    ملي ويئي واٽ، ماروئڙن وندر جي،

    سارنگ سَوَ سينگار، گوڙن ٿي گجگوڙ،
    ڪڏهن ٿيندم جوڙ، موٽي مون مِلڻ جو.

    سارنگ سَوَ سينگار، گُڙي وُٺو مينھن،
    منھنجو توسان نينهن، اديون آهي ازل کان.

    سارنگ سوا سُڃ ۾، مکڙيون سڀ ملول،
    ڦلارجن ڪيئن ڦول، مارن ملڪ ملير جا.

    سارنگ سوا سُڃ ۾، رُڳي ڀانئيان رُڃ،
    ساجن تن جي اُڃ، اُجهائي شل اندر جي.

    ساجن سِوا سُڃ ۾، ڳڻتين مليو ڳاهه.
    منھنجو مارن ساهه، شل سُکيو رهي سرير ۾،

    ويڙهيچن ٿي وس، واري سندءِ ڀٽن تي،
    هرڪو ڳولي گس، پنھنجي پاڻ پرين جا.

    ويڙهيچن ٿي وس، سائي بڻي سڃ،
    اجهايائون اُڃ، پلر جي پالوٽ سين.

    ويڙهيچن ٿي وس، لٿو ڏُرت ڏڪار،
    پکيڙن ٿي پُڪار، ڪوئل ڪوڪي بن ۾.

    ويڙهيچن ٿي وس، مارُن مُرڪيا من،
    گُل ڦُل غنچا پن، کڙي پيا خوشيءَ مان.

    ويڙهيچن ٿي وس، لٿو نينھن نِراس،
    ورتا روحن رس، ماڻي محب ملير جا.

    برسيا بادل بن، سائي ساوَڪ سونھن ٿي،
    ڇورين ڇڏي ڇن، ورتي واٽ ورونھن جي.

    گوڙن ٿي گجڪار، وڄن ورڪا اُڀ تي،
    نڪري ٿيا نِروار، ڪڪر ڪاڇي ڪُنڊ کان.


    ڪڪر ٿيا جهڙ ٿيا، ٿرين ٿي ٿڌڪار،
    مون ڀي پنھنجي يار، ڪيو ياد هجر ۾.

    مون بن سھيليون، سري ڪيئن اوهانجي،
    آهيو سڀ اڪيليون، سار نه لَڌَو ساٿ جي.

    موتين پنن نه ماڪ، جان ڪِرڻا مٿن ڪڙڪيا،
    ڦٿ ڦٿ ٿي ڦٿڪيا، روشن ڏِسي سج کي.

    مارو مُلڪ ملير جا، مڙيئي موچارا،
    واجهائي ويٺا واٽن تي، وياڪل ويچارا
    تن جا سهارا آهن ابر آسري.

    آهن ابر آسري، ماڻھو سڀ ملال،
    پسي پنھنجي پر ۾، هيڻا ٿيئڙن حال،
    سُکيا ٿين شال، سدا سارنگ سِڪ ۾.

    سدا سارنگ سِڪ ۾، ڀٽائيءَ مٿن ڀال،
    جان جان پَسان جوءِ ۾، تان تان تن جي ڳالھه،
    ڇا جوڀن ڇا جمال، آ سونھن سراپا تن جي.

    سونھن سراپا تن جي، چانڊوڪين ٿيا چھڪ،
    مُرڪن ڇاٿا من، جيئن مُکڙين ٿئي مھڪ،
    ٽاڪوڙا ۽ ٽھڪ، ڏين ساهه سرير کي.

    ملي ساهه سرير کي، عجيبن لھي اون،
    خوشيون شال وطن ۾، هِتي مارن هون،
    سراپا هُجن سون، جي ڏُکيا گهارين ڏينھڙا.

    ڏُکيا گهارين ڏينھڙا، ڳڻتين منجهه ڳھي،
    پسي پڊ پرين جا، پين نيڻن نير وهي،
    ايڏو سور سھي، وين وهامي راتڙيون.

    وين وهامي راتڙيون، ڳالھيون ڪندي پاڻ،
    ڏِٺائون اُت سوجهري، اُڀري سحر صبح ساڻ،
    سونھن ساجن ڪاڻ، ساهه کنيائون سُک جو.

    ساهه کنيائون سُک، ڏُک ڏور ٿيا ڏنجهه،
    جاڳيا جوڌا جوءِ ۾، مُرڪي من پيا منجهه،
    تن ڪيئن رهندا رنج، ساڻيھه سِڪ جن جي.

    سانوڻ سندو سعيو، ٿيا ميگهه ملهار
    پُسيا پَٽ پلر سين، وس وس ٿي وسڪار
    مارن قرب قرار، مليا سارنگ سُونهن ۾

    وريا وڄون واهوندا، برسي بوند بهار
    سُڪا پٽ ساوا ٿيا، اَنن کوڙ خرار
    سَرها ٿيا سنگهار، لٿو ڏُرت ڏيهه تان


    متفرقه بيت

    متفرقه بيت

    رات نه تارن بات، ڪئي هئي توسين ڪن،
    پيئي ساجن من، جَرڪي جوت پيار جي،

    ٿڌي هير هوا تي، مُکڙيون جڏهن موريون.
    گهڙيون مون ٿوريون، محبوب تو مِلڻ لاءِ.

    شاهه سچل سامي سِڪ، جي سانڍين ساهه،
    هوند تن جا چاهه، ڏيھن ۾ ڏهڪاءُ وجهن.

    ٽُٽو طلسم طوق، قلندري قرب سين،
    شھادت عنايت شوق، ڀٽائيءَ ٿيو ڀون تي.

    ٻولي ويٺو ٻول، اڱڻ منھنجي ڪانو،
    هُرن منھنجي هانوَ، سنھيا سڄڻ سڪ جا.

    ڀري پيار پريت جا، مستي سندا جام،
    موکي ايندا مُدام، متارا مئي خاني ۾.

    جھڙي صبح تنھنجي، تھڙي منھنجي شام،
    تو مون ويھي هام، هڻندو ڪير حُجت جي.

    ڪَن سورج مُکي گُل، سنئين سج سلام،
    ازل کان انجام، پاريو اچن پرين سين.

    نيڻن کان انجام، پاريو اچن پرين سين،
    دوست تنھنجي دام، ورتم پھرين وار ۾.

    مانڊي منڊيو منڊ، دشمن ڪنڊو دِل ۾،
    چوٽيءَ چڙهيو چنڊ، اونداهيءَ تي انڌ ٿيو.

    لھو اچي هوند، سارنگ سار سمونڊ جي،
    برساتي بن بوند، موتي ڏي نه سِپ ٿي.

    کڻي هيرون چمن ۾، آيون پيارن جو پيام،
    سنھين ساڻ سلام، سڻائي ساجهر صبح جو.

    مارو منھنجي مُلڪ جا، سورهيه سڀ سرويچ،
    سنڌڙي سان پيچ، جن جو آهي جنمن کان.

    ڪيئي پنھنجي پر ۾، مئا ماٺيڻي موت،
    ڪنھن ڪنھن جيون جوت، مِلي هن جھان ۾.

    جوڳين سندو جوڙ، جهاڳي جهنگ جبل،
    نانگن پيو نوڙ، ڳوهن ڳٽ ڳچيءَ ۾.

    سنڌڙي سڀني ساٿ، تا مرڻ منھن مقابل،
    پاڻي سندي لاٿ، قبول ناهي قيمت تي.


    مارو مُلڪ ملير جا، ساريان تن جا سانگ،
    مون کي تن جي تانگهه، اندر منجهه ازل کان.

    چوٽا تو چڳن جا، ڪوڻي منجهه ڪنول،
    پرين تنھنجا ڳل، ڳاڙها ڏاڙهون رتا.

    اُڀي ڪينجهر وچ ۾، نوري تنھنجي نيل،
    ڏريو منھنجو ڏيل، لھرن ڏِسي وچ ۾.

    هوشو اُت شھيد جي، مياڻي منجهه قبر،
    ڪنھن کي ڪانه خبر، جوڌي هن جوان جي.

    دشمن وجهي صف ۾، ٽاڪوڙو ۽ ٽاهه،
    پنھنجو ساهه پساهه، ڏنائين ويرين وچ ۾.

    ڳاڙيم ڳوڙها ڳِل، نيڻن نچوئي نور،
    مون کي تِن جو پور، پرين پيو پرديس ۾.

    ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهه، پيارا ماڳ مڪان،
    گهوريو ڇڏين جان، دلبر پنھنجي ديس سان.

    پرين سندا پيچ، اديون هئام اڳي،
    منھنجي اندر من ۾، پيئي باهه ڌڳي،
    لنئون شال لڳي، ڪنھن نه هوت پنھون سان.


    جبل ڪئي جاڙ، جيڏيون مون جڏي سان،
    تپي پٽ لوهه ٿيو، سورج سورن ساڙ،
    اوٺين وٺي آڙ، پويان پيس پنھون جي.

    ڪاهي هليا قافلا، سسئي ڇڏي سڃ ۾،
    مون تِن جا فاصلا، رهڻ نه ڏيندا رِڻ ۾.

    ظالم تنھنجي ذهن، ڏِنو ڇا ڏکين کي،
    ظلم سندءِ زور تي، جي ونگارون وهن،
    سي هاڻ ڪيئن ٺھن، جاڳي جن ضمير پيو.

    دُنيا گهڙي جو کيل، چند حياتي ڏينھڙا،
    انسانيت سان ويل، ڇو پيو وهائين ويسرا.

    نير سندءِ نينھن جا، جي پرين پاتم پير ۾،
    سي مِلڻ لاءِ آتا، آهن اِشاري اوهانجي.

    اندر جنين جا اڌ، ڀلي چوَن سي ڀيڄ،
    پياسي تن پرين جون، پڪون پيارج پيج،
    جن سوري سجهي سيڄ، تِن ڪھڙا ويڄ وهارين.

    جيئن تارا اُڀ ۾، تيئن گُل ٽڙن گلشن،
    موتئي منھن مٿي ڪيو، گونٽن گُلابن،
    خوشبوءِ منجهه چمن، هيرن هنيو هنج ۾.

    قدر وقت وقت جا، هي عارضي ناهن،
    هي مستقل ئي آهن، تاريخ جي ورقن جا.


    سورهيه ٿيندي سوڀ، هوڏن ٿيندي هار،
    متان ڪرين لوڀ، ڳوڀ نه ڀانئج ڳڀرو.

    ڪٿي موج منڇر، ڪِٿي مانجهي مھاڻا،
    هليا هنج اُڏاڻا، ڏِسي ڪنگ ٽھي ويا.

    بُک کائي بُک کي، بکاري ڪندا ڄُڃ،
    پياسي اوتي اُڃ، اڃ سين اُڃ اجهايان.

    ڪالھه ڀٽائيءَ ڀٽ، جي چيا بيت چاهه سين،
    هڪ هڪ منجهان سٽ، ملي ساهه سرور ٿو.

    تنھنجا شاهه لطيف، سنڌڙي تي احسان،
    جوڌن تو جئندان، ڏُکين ڏِنو ڏيھه ۾.

    اکين سندا اشڪ، ايئن نه ساجن رول،
    موتي هي انمول، قيمت ناهي تِن جي.

    پھرن مٿان پھر، ويا نبري پَل ۾،
    مون نه صبح سحر، ڏِٺي سندم ڏيھه جي.

    ٽڙن منجهه چمن، صبح ساجھر گل،
    پکين سندا هُل، هُرن سدا هنئين ۾.

    ويندي ويندي واٽ، ڪيئي ڏِٺم موڙ،
    سنڌڙي سان توڙ، جن نڀايو نينھن سين.


    ظاهر ۾ اڇا اُجرا، اندر منجهه ڪارا،
    هي لوڀي ويچارا، اڃا جيئن پيا جھان ۾.

    ڪشمور کان ڪارونجهر، سنڌڙي تنھنجو ساهه
    تپائي تندون طلب جون، گهرگهر وڌءِ گهاءُ،
    اهڙو توڙ نڀاه، ڪيو نه ڪنھن قرب سين.

    هٿ هٿ ڏياٽي لاٽ، گهر گهر گهٽي گام،
    تن جي روشن لام، جرڪي ساري جوءِ ۾.

    واڍوڙين وڍ ٿي، ٻولي تان گولي،
    مارُن پئي هولي، ملھائي ريٽي رت سان.

    ويٺي واٽ نهاريان، سيني سانڍي سور
    نيڻن سندءِ نينهن جي، گهائي وڌم گهور
    وڃان ائين وهلور، ڏٺي ٿيم ڏينهڙا.

    پنهنجو پَسائي پاڻ، رُسڻ اِي نه ريت
    مونکي ماري مُنجهه ٿي، تو بن منهنجا ميت
    پرين تو پريت، سک نه سنڀران ڪڏهن.

    ويهي جن وڃايو، پل مَ لڌائون سار،
    تن مان سُڌ سماءُ جي، اميد ئي اجايو
    اهڙو رنگ رچايو جاڳي اٿن جيءَ سان

    نڪا سيرت، نڪا صورت، نڪو سونھن سينگار،
    ڏوريندي مون ڏينھن ٿيا، ڏُکن منجهه هزار،
    پياسي ڪھڙي پار، پُڄندي آئون پرين کي.


    وايون

    نيڻن ڪيئن نه نيروهي، ڪڪر منجهه ڪپار

    نيڻن ڪيئن نه نيروهي، ڪڪر منجهه ڪپار
    ساجن لهندم سار

    سانوڻ بن هيءَ رُت آ ڪهڙي، گوندر منجهه گذار
    ساجن لهندم سار!

    جهڙي مند آ سارنگ جي، تهڙو ميگهه ملهار
    ساجن لهندم سار!

    جل ٿل بادل برسن، باغن ٿئي بهار
    ساجن لهندم سار!

    نديون نالا ڍنڍون ڍورا، سنڌوءَ جو سينگار
    ساجن لهندم سار!

    جبل جهنگل وس وس ٿيندي، پکين جي پڪار
    ساجن لهندم سار!

    چنگ چڙها سڀ ساز سُريلا، ٿئي تند تنوار
    ساجن لهندم سار!

    جنم جنم کان مرڪي من ۾، ماروئڙن جو پيار
    ساجن لهندم سار!

    درد دلين جا دور ٿي ويندا، جوش ڪو جذبو ڌار
    ساجن لهندم سار!

    قائم دائم رهندو پياسي، مٿي سنڌ سڪار
    ساجن لهندم سار!


    درد دکن جي دنيا هن ۾، جيءَ کي پنهنجي جهوريون سائين!

    درد دکن جي دنيا هن ۾، جيءَ کي پنهنجي جهوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    ماٺ مٺي منجهه لوچي سوچي، اندر دل جا اوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    تندون تارون ساز ۽ سرندا، چنگ چڙها چپ چوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    لاٽ جي خاطر ٻاٽ اوندهه ۾، وٽ ڏيئي جي سوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    شبد شبد جي چمڪ دمڪ سان، گوهر ير ويهي گهوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    لاهوتي لڪ لنگهي ويندا، ڇالون ڀل ڏين ڇوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    آءٌ ته ويندس ڪيچ ڏي ڪاهي، ڀنڀور ڀائين ڀوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    زور بازو سان ڪوٽ ڪيرائي، ڏاڍ جون ڀتيون ڀوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    ٻول ٻُرن جت ڪات ڪرن اُت، ڪنڌ ڪُلهن کان ڪوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون
    پيار پريت پنڌ جون ’پياسي‘، گهڙيون هي آهن ٿوريون سائين!
    آءُ ته ڏونگر ڏوريون


    تنهنجي مٺڙن ٻولن بن هي،

    تنهنجي مٺڙن ٻولن بن هي،
    پنهنجا گيت اڌورا ساءِ!
    درد دکن جا ڪڏهن هي سپنا،
    ٿيندا پور سمورا ساءِ!
    سهڻا مک جا سندر من جا،
    ماڻهو ڪارا ڀورا ساءِ!
    هٿ مان ڪنهنجي ڪري جا پيئي،
    مورتي چورا چورا ساءِ!
    ڀڳل سا ڀُوري ڪئين سا جُڙندي،
    ٽڪڙا پورا سورا ساءِ!
    چيڙ چڳن چوءِ، چوٽا سونهندا،
    چندن هاڻا ٻورا ساءِ!
    جي به ڪياسون سنڌڙي تون سان،
    وعدا ٿيندا پورا ساءِ!
    پاڻي لڙهاٽيل مٺڙو تنهنجو،
    سنڌو آب طهورا ساءِ!
    قلم جي پورهئي علم ادب جا،
    گهرجن ڪين اجورا ساءِ!
    پيار پلئه ڪيئن ’پياسي‘ پوندو،
    گهر گهر باهه جا کورا ساءِ!


    رُت آئي سانوڻ جي ڏس، کيٽ خوشي مان کيڙ ميان!

    رُت آئي سانوڻ جي ڏس، کيٽ خوشي مان کيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    سُستي ڇڏ اُٿ سمر سنڀاهي، نيڻين ننڊ اکيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    وڻ ٽِڻ ٻوٽن ٻنين ٿيندي، ٽاريءَ ٽاريءَ ٽيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    هر هلائي ٻج ڇٽي ير، ڀاڻ جي ڪر پکيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    ڀيج ڀنيءَ جو ڀون ڀڄائي، جيءُ سان پنهنجي جهيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    مِٺڙن مِٺڙن گيتن نغمن، ساز سُرن کي ڇيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    پگهر پورهئي ’پياسي‘ رت جي، وهائي ڏس تون سيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.

    کڏون کوٻا چڪي پوندا، گهار تون پاسي گهيڙ ميان!
    ويٺو موتي ميڙ.


    قائم تون آهين صدين کان،

    قائم تون آهين صدين کان،
    توسان پنهنجو سڱ سياڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    سپوت سورهيه جاڳندا جوڌا،
    ڌرتيءَ تي ڪو ڄمائي ڌاڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    منجهه ديوارن، انڌ اونداهيءَ،
    بند درين مان پائيندس لياڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    وڇڙي ولر کان ويا جي واهرو،
    تِن کي ايندو شعور ڀلاڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    ساهه سان سانڍي ريٽي رت سان،
    چاهيندس مان چئس چئاڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    دير جي دلير ٿي ويئي ٿوري،
    وِک وِک بنجي ويندا ڏاڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    ڌرتي پنهنجي سرتي هن سان،
    نيٺ ته ٿيندو ڪڏهن نياءُ ڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    موکي متارن منڌ مٽن جي،
    منجهان به ٿيندو ڦڙو عطا ڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!
    پريت پکين جي ’پياسي‘ پرکيون،
    ڀٽائيءَ جو هي آهي پهاڪو،
    ور ور ڏيئي ڪندس پيو واڪو!


    پلجي نپجي گهاريون جِت مون،

    پلجي نپجي گهاريون جِت مون،
    ياد ڪريان سو ديس الا!

    بخمل سومرا آڇ نه بدلي،
    اجرڪ لونگيءَ کيس الا!

    پٽ پهري وچ راڻين سونهي،
    ويچاريءَ ڪٿ ويس الا!

    سندم لڄ هن لوئي ۾ ڪيئن،
    لاهيان لال لبيس الا!

    اوندهه ائين ٿو ڪوٽ لڳي ڄڻ،
    قبر ڪاري ڪيس الا!

    سڱ ٿيو تن تان صدقي،
    سر ساهه منهنجو سيس الا!

    نيڻن نير وهائي ’پياسي‘،
    پرين پيو پرديس الا!


    پڃري بند پنڇي پاري،

    پڃري بند پنڇي پاري،
    پاڻ پيو پارين پاپ، ميان!
    ڇڏ ته اُڏري وڃي اڏامي،
    ماٺ ڪري چپ چاپ، ميان!
    ورندو ڇا تو، ٿيو ڀلاجي،
    محبت منجهه ميلاپ، ميان!
    وڳر ڪري ويڙهي ويندءِ،
    لوهي لڳندءِ لاپ، ميان!
    کنيو وتين ساهه سين سانڍي،
    سندو سپ سراپ، ميان!
    ساز سڻي تو ٻول ٻڌين پيو،
    مٺڙا سر آلاپ، ميان!
    آزادي جا ماڳ تون ماڻي،
    ويٺو خوشي منجهه ماپ، ميان!
    ڪوڪو ڄاڻي پاڻ سڃاڻي،
    وائي جو ورلاپ، ميان!
    ڳالهه چوي پيو ’پياسي‘ دلجي،
    دل تي پنهنجي ڇاپ، ميان!
    سارنگ رُت ۾ پي پکئيڙا،
    پاڻي پلر جو ڍاپ، ميان!


    ڪنڌي ڪينجهر ڪنول نيلا،

    ڪنڌي ڪينجهر ڪنول نيلا،
    پاڻي ساوا پتڙا!
    کهنبا ڪپڙا ڪنوار سندءِ،
    ميندي رتڙا هٿڙا!
    شيل شڪار جي شوق ۾ ساءِ،
    ڪيم ٿيو هت اتڙا!
    پير پٿون ٿين جبل جهاڳين،
    عاشق سڏجن سڌڙا!
    منڇر منجهه موجن موٽي،
    ايندا اُڏامي هنجڙا!
    سارنگ ايندو جل ٿل جل ٿل،
    مينهن پوندا ٿڌڙا!
    سهندو ڪير مترڪن جا ير،
    سانڌاڻن تي ڌڪڙا!
    ڇو ٿو ڇنين مَس مَس ٽڙيا،
    غنچا گُل ڦُل ڪَچڙا!
    ساٿ صدين جو ڪيئن وساريان،
    مارو منهنجا مٺڙا!
    ڪير ته ٻڌندو ’پياسي‘ بن ۾،
    سِڪ ڀريا هي سڏڙا!


    سڀ ڪنهن دل ۾ گوندر گهاءُ،

    سڀ ڪنهن دل ۾ گوندر گهاءُ،
    ڪنهن کي ڪنهنجي آهي تات!
    ڏينهن ڏٺي جو سڀڪو شينهن،
    ڪاري ڪير نڀائي رات!
    ٽُٽندي کٽندي رات هي ڏائڻ،
    ڦُٽندي نيٺ پِرهه پرڀات!
    ڦڙو ڦڙو ٿي دريا بڻبو،
    پوندي بوندن جي برسات!
    مَن مَن منهنجو جلندي جوت،
    اونداهيءَ جي ٿيندي مات!
    ڪوڙ ڪُپت جي ڊهندي ڪاڪ،
    مور نه رهندو طلسم ذات!
    مڙس مٿير لاءِ موٽن ميڻو،
    ڪرٽ ڪري ڪنڌ تي ڪات!
    دنيا جي هر شيءَ کان پياري،
    مونکي آهي لطيفي لات!
    مونکي ملي مارن کان آ،
    پورن سورن جي سوغات!
    سچ سچيت جي ’پياسي‘ هوندي،
    هر ڪنهن جي وائي وات!


    سيوهڻ جا شهباز او ساءِ!

    سيوهڻ جا شهباز او ساءِ!
    هِند سِنڌ تنهنجو نام، الا!
    تنهنجي شان و عظمت جي،
    ڪنهن آ پروڙي مام، الا!
    آل نبي جو لال ڇا هوندو،
    علي آ جنهن جو امام، الا!
    مستي ۾ تو هستي پائي،
    پيتو الستي جام، الا!
    ڀونءَ لڳي جنهن هير نبي،
    سائي ملي تو انعام، الا!
    نيل ڀري پيو روز سنڌ،
    سجدا سو سلام، الا!
    مان به هلي اڄ در تي آيس،
    دل منجهه ڦاٿي دام، الا!
    گلن تي ڀيرا ڀونئرن جا تيئن،
    مڙندا مور مدام، الا!
    سنڌڙي ڀي آباد اوهان جي،
    نالي ساڻ مدام، الا!
    ’پياسي‘ کي آ وِرد اوهانجو،
    رات صبح ڏينهن شام، الا!


    نيڻن مان تون نير نه هاري، موتي ائين نه رول، ساءِ!

    نيڻن مان تون نير نه هاري، موتي ائين نه رول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    ماٺ جو ساٿي دؤر نه آهي، راز تون دل جا کول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    سئن سرن تي ڪرندا ڪنڌ، جهل تون پنهنجو جهول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    مانجهي جن گسن تان هليا، سي تون رستا ڳول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    پَل ۾ اُڏامي آءُ پکيئڙا، ٻول مِٺا تون ٻول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    ديس ۾ پنهنجي پنهنجا دشمن، ڪوئي نه ڏيندءِ ٽول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    پورهئي تنهنجي پگهر جو آهي، ڦڙو ڦڙو انمول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    جهوپا پنهنجا پکڙا پيارا، تِن جو ناهي ڪو هِت مول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    مال منڊيون جند جان وطن تان، گهوري ڇڏ تون ڍول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.
    ارادن جا ’پياسي‘ آهيون، ارڏا مڙس اڏول، ساءِ!
    موتي ائين نه رول.


    پِرهه ڦٽيءَ جو شاخ شاخ تي، پکين پرڙا سوريا، ساءِ!

    پِرهه ڦٽيءَ جو شاخ شاخ تي، پکين پرڙا سوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    چيهن چَتُن گيت ڇا مِٺڙا، چهنبن منجهه پئي چوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    ٻوڙن ٻوٽن پَنن پنکڙين، مُکڙيون گُل ڦُل موريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    گلشن گلشن خوشبوءِ خوشبوءِ، اچن ڀؤنر ڀنڀوليا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    مينڌري مَن ۾ مومل ماڻا، ڪاپڙي ڪاڪ ڪڪوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    ٻيجل ٻولن ڏيهه ۾ ڏياچن، ڪنڌ ڪلهن کان ڪوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    ڪارڻ ڏٿ جي جهنگ جبل جهر، جهانگين جي پئي جهوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    ڪِن پئي موتي جوتي ميڙِيا، ڪِن پئي ڦوڳ ڦلوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    سُٽ صرافن تاڃي توريو، ڀڙا نه ڀورين ڀوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.
    پيار پريت جي ’پياسي‘ پنڌ ۾، اُڌمن اندر اوريا، ساءِ!
    مون پئي گوندر گهوريا.


    بستي بستي شهر شهر ۾،

    بستي بستي شهر شهر ۾،
    ماڻهو ماڻهو آ مجبور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ڪِن جي عادت شوق شرارت،
    ڪو ڪو سهندو رهي ٿو سور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ڪي پيا کائين ڌِڪا ٿاٻا،
    ڪي ڪي مستي منجهه مسرور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ساهه مُٺ ۾ تڙپي بُک ۾،
    ويلي ويلي لاءِ وهلور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    نهٽڻ اُس ۾ ڪاٺ ڪُلهن تي،
    ڌڳي ڄڻ پيو ڪوئي تنور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    دل آ زخمي سينو گهاءُ،
    اکڙيون اَشڪن جو مذڪور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    انگ اُگهاڙا دوڙ دڌڙ ۾،
    بنجي ڪيئن ويو آ محصور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    غم جي دريا درد جي پيڙا،
    منجهه جو ڦاٿو ٿي ويو چور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    اهڙن حالن هوندي پوءِ ڀي،
    ڪنهن کي ناهي ڪوئي شعور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    وقت جي آيو ’پياسي‘ سارا،
    منهن ويا ڦيري ٿي مفرور!
    دنيا هنجو ڏس دستور!


    راند سڄي پئسي جي آهي،

    راند سڄي پئسي جي آهي،
    پيسو پاڻ سڃاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    درد دُکن جي دنيا هن ۾،
    ساٿ نڪوسرواڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    اَنگ اُگهاڙن، پيٽ بُکين جا،
    ڦاٽل ڏس پِهراڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    ڪوڙ ڪُپت جي ڪاروبار جي،
    ڪير ڪندو ڇنڊ ڇاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    ماڻهو ماڻهو جو آ قاتل،
    ماڻهو ماڻهو آ رتڇاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    اونداهين کان چانڊوڪيون اڄ،
    ڇِرڪن ٿيون ڇاڪاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    گُلن ڦُلن تي داغ هي ڪارا،
    سُر جي ويئي سُرهاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    بستي بستي شعلا شعلا،
    ڇا تي آ ڇڪتاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    لوچ سوچ گهاءُ ۽ گهيرا،
    ايندي ڪيئن ڦيراڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.

    مَن مَن مَنجهه ’پياسي‘ آهي،
    مَتل ڇو مانڌاڻ!
    جڳ سارو اڻڄاڻ.


    سارنگ آيو منڊل منڊيا، ميگهه ٻَڌا اڄ موڙ، ميان!

    سارنگ آيو منڊل منڊيا، ميگهه ٻَڌا اڄ موڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    آگم ڇا انگ اُڀ تي اڀريا، ڪڪرن ڪڍيا ڪوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    وڄن وراڪا ڦڙڪيا ڪڙڪيا، گاجون ٿيون گجگوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    جَل ٿَل بادل بر ۾ برسيا، سانوڻ لاٿي سوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    تل ترايون پلر سان پلٽيا، ٻَهه ٻَهه ٻنا ٻوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    سڪا پٽ ڏس ساوڪ سان تر، سانگين لاٿي لوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    ٻج کڻي پٽ هليا هاري، اَنن ٿيندا کوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    مُند ملڻ جي موٽيا مور، ڊيلن ٿي ڊُڪ ڊوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    ڀيڄ ڀني گهر ايندو ساجن، نيٺ نڀائي توڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.
    مهنگي لاءِ جن ’پياسي‘ ميڙيو، ڳچيءَ پوندن نوڙ، ميان!
    جانيءَ جي ڏِس جوڙ.


    چنڊ ستارن سان آ گم،

    چنڊ ستارن سان آ گم،
    ڪيڏي رات انڌاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    ڪنڌ ڪنڌ تي ماٺ ماٺ ۾،
    ڪڙڪي تيز ڪٽاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    پَن پَن ٽاري ماڪ جا موتي،
    ڪيف گلن تي طاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    ڪڪرن ڪارا ويس ڪيا پر،
    کِنوڻن ڀي بس واري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    خوف ۾ ويٺو سوچي ڄڻڪو،
    در در بيٺو ماري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    هر ڪنهن ويهي رات هي ساري،
    گوندر منجهه گذاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    درد دُکن جي دکيل دونهي،
    ساري ڪاري ڇاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    اُڀيون ڀِتيون اُڀ کي ڇُهن،
    در نه دري ڪا ڄاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    پِرهه نه ڦُٽي ڪرڻو نه ڪريو،
    پکڙيل ڌنڌ جي ڄاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!

    آس اميد جي ٻل تي آڳ،
    ’پياسي‘ اڱڻ تي ٻاري آ!
    چرچو هي چوڌاري آ!


    سائي سائي سرتي سهڻي،

    سائي سائي سرتي سهڻي،
    ڌرتي پنهنجي سوني، ميان!
    جن جي ٻوٽن پنن پنکڙين،
    پاتو ويس آ موڱي، ميان!
    مستي منجهه مهراڻ ۽ موجون،
    ڇرڪي ڇولي ڇولي، ميان!
    متوالي مڌ ماريا مستي،
    ڪيئي متارا موکي، ميان!
    پيئي منجهه پاتال سنڌو جي،
    ميڙيم ماڻڪ موتي، ميان!
    سسئي سهڻي مارئي مومل،
    ڳايان ليلا نوري، ميان!
    جهنگ جبل جر جاڳيا ڀاڳيا،
    جوءِ جوءِ منجهه جوڳي، ميان!
    روشني ڦهلي ’پياسي‘ لاٿي،
    اونداهيءَ تان پوتي، ميان!
    صدين کان سنڌ ۾ سنڌي،
    پنهنجي مٺڙي ٻولي، ميان!
    سيئي منهنجي روح جي راحت،
    جيون جن جو جوتي، ميان!


    پائي پائي پاتم پيارا،

    پائي پائي پاتم پيارا،
    پيار ۾ پنهنجو پير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    ڄڻ ته وِڌوسين دنيا سان،
    ڪو واڳونءَ وارو وير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    ساڻ سنگت ساٿ نه ڏيندءِ،
    ڪوئي نه ٿيندءِ ڪير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    پنهنجا پسون هل نگر نگر،
    اکئين ڏسون نه غير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    ماري ماري تو ماريندي،
    هاڻ تنهنجي دير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    نيٺ ته ڇوري ڇوٽ ڇمڪندي،
    ڇِم ڇِم ڇِم ڇم ڇير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    پاڻ ته پنهنجو پاءُ پسون،
    ڀل ڪو سيٺ سڏائي سير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.
    پيار ته پنهنجو پيارا ’پياسي‘،
    زور نه ڪنهن جي زير!
    پيار ۾ پنهنجو پير.


    حق ۽ باطل جي آ جاري،

    حق ۽ باطل جي آ جاري،
    ورهن کان ويڙهاند، الا!
    راهه ويندي ڪنهن شال نه اَٽڪي،
    خارن ساڻ پلاند، الا!
    مومل مينڌرو ماڻي ڀي چئو،
    حاصل ٿيو هيڪاند، الا!
    پنهون پيچ ۾ پائي وڃايو،
    ويچاريءَ ويساند، الا!
    چاهه چنيسر ڪاڻ هو ليلا،
    ڳچيءَ پاتو پاند، الا!
    موکي مڌ ڏئي محبن ماريو،
    ويري ٿيس وڻواند، الا!
    ڪوڙ جي سُوري ڪپتين دل ۾،
    اندر آنڌ ۽ ماند، الا!
    منهن ٿي مقابل ڌرتي اکوڙي،
    ڏاڍو ڏس سو ڏاند، الا!
    قابو ڪوٽ رکي ڪيئن سگهندين،
    جيئرا جن جا ڪاند، الا!
    عشق پنهنجو ڪا ’پياسي‘ ناهي،
    لِڪ لِڪوٽيءَ راند، الا!


    فڪر جي اهڙي دؤر انهيءَ ۾،

    فڪر جي اهڙي دؤر انهيءَ ۾،
    ڪير آ ڪنهنجو قائل، پيارا!

    سورن جو هِت ساڙيل سڀڪو،
    گهورن جو آ گهائل، پيارا!

    خزان جون ڳاريل صدين جون ساڙيل،
    ڪلي ڪلي مُرجهائل، پيارا!

    بنان ڪنهن مقصد ڌرتي تي پيو،
    خون وهي ائين زائل، پيارا!

    جن لاءِ سڀ ڪجهه پاڻ ڪيوسون،
    سيئي راهه ۾ حائل، پيارا!

    سوڀ جي خاطر وتي صدائون،
    سِر جون هڻندو سائل، پيارا!

    گُلن جو ڀرجي رنگ هتي ڀي،
    ٿئي به ڪو جي مائل، پيارا!

    پير پير ۾ پائي ’پياسي‘
    ڇم ڇم ڇمڪي پائل، پيارا!


    هري هينيئ ۾ هر ڪنهن جي ٿي، هوشوءَ جي هت هاڪ، ميان!

    هري هينيئ ۾ هر ڪنهن جي ٿي، هوشوءَ جي هت هاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    خوف خطر ڊپ ڊاءُ جي ماريل، دلين تي تنهنجي ڌاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    ڏيل ڏڪائي کولي ڇڏيو تنهن، طاقت تِن جو تاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    محبت ۾ مٺو مير مُرڪندي، ته به کِلي چميائين خاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    ڇني ڇڏيو ڇوٽ هو ڇيرن، چيري چت جو چاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    قرب جو ڪرٽ ڪنڌ تي ڪڙڪيو، نه ته ڪير وَسائي ڪاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    ڳوڙها ڳلن تان ٽِم ٽم پٽ تي، ڄڻ برسي بَر ۾ ماڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    ڀٽون ڀاڻا ڪيئن ڀُلايان، ٿر سندو هي ٿاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.
    لائي لِڱن کي پيار مان ’پياسي‘ پڻي پيرن جي پاڪ، ميان!
    هوشوءَ جي هت هاڪ.


    عزم جا پُختا دل جا سَچا،

    عزم جا پُختا دل جا سَچا،
    شهر تنهنجي جا واسي، پيارا!
    ڌرتي هن جا سُرخ هي ريزا،
    آهن نبض شناسي، پيارا!
    پيار سين پنهنجو پاڻ نڀائين،
    نينهن نه ڄاڻن نراسي، پيارا!
    وقت وقت جي وير کي سمجهي،
    تِن جي ڪن ٿا عڪاسي، پيارا!
    چمن ۾ خوشبوءَ جا گل کڙندا،
    گم ٿي ويندي اُداسي، پيارا!
    رات ڳالهايو ڏسي هو تارن،
    چنڊ تون پورنماسي، پيارا!
    سچ جي خاطر سر جو سودو،
    سستو ناهي ’پياسي‘، پيارا!
    ظلم هي ظالم ڪيسين هلندو،
    نيٺ تون چڙهندين ڦاسي، پيارا!
    ڳالهه سڌي سنواٽي پئي آ،
    حُربا نه هلندا سياسي، پيارا!


    سنڌڙي صدين ساٿ سٻند تو،

    سنڌڙي صدين ساٿ سٻند تو،
    وڌندي ويندي ميٺ، الا!

    سِر ڏئي سَرهو سورمو ٿيندو،
    هڪ هڪ سنڌي ٺيٺ، الا!

    مهل صبح جو سج جا ڪرڻا،
    جيئن جيئن ڪرندا هيٺ، الا!

    ماڪ جي موتين روشن سج تي،
    پن پن ٿيندن چيٺ، الا!

    ڌرتي جرڪي جوت ٿي پوندي،
    ڏينهن ڇا بنبو ڏيٺ، الا!

    خزان ڇا جالي سگهندي اڳيان،
    بهارن ٿي جي بيٺ، الا!

    سنڌڙي سيند سنواري سگهندو،
    ڪونه وڏيرو سيٺ، الا!

    هرڪو ’پياسي‘ نينهن نڀائي،
    سر تو ڏيندو نيٺ، الا!


    جاڳي اٿندا، تنهنجي لهندا،

    جاڳي اٿندا، تنهنجي لهندا،
    ساجن سڌ سماءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    تنهنجا ناتا روز ازل کان،
    گهرا دل جا گهاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    تنهنجن جوڌن جهونجهارن جا،
    ڏيهن منجهه ڏهڪاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    راهن ويندي ٻڌڻ ۾ ايندا،
    برن منجهه بُڪاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    حق ۽ سچ جي ويڙهه انهي ۾،
    ٿيندا ڪيئن سرچاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    سر تي پنهجني ڌرتي هن تي،
    هلندا ڪيئن رياءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    ڪا اونداهين جي اوڙاهن ۾،
    ٿيندي جوت جلاءِ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    نيٺ هي ٻيڙي پار آ پڄڻي،
    طوفانن ۾ ونجهه هلاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    راڻو ريجهي تو وٽ مومل،
    ايندو ڪاڪ تڙاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.

    پنهنجو ’پياسي‘ جيون ڀرجو،
    توسين توڙ نڀاءُ!
    ڪرنه ذرو پڇتاءُ.


    مون جو خواب لڌو آ ساءِ،

    مون جو خواب لڌو آ ساءِ،
    اُن جي تون تعبير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    چٽ چٽيم جنهن مورت تي،
    آهين سا تصوير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    پيار جو تنهنجو مَن ۾ منهنجي،
    لڳو هي ڪهڙو تير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    چوٽ چڙهي مون گهائل تي ويئي،
    وري آ غم جي وير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    اوسيئڙي ۾ مون تنهنجي،
    نيڻن هاريو نير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    ڀيلو ڀنور ۾ ڀڄي ڀري پيو،
    سهڻي مئي وچ سير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    خاڪ چمن ٿي جلي ويو سارو،
    گهُلي هيءَ ڪهڙي هير، الا!
    منهنجي تون تقدير!
    پيار تو پائي پوءِ به ’پياسي‘
    وئين ڇو ٿي دلگير، الا!
    منهنجي تون تقدير!


    وطن منهجي جا مارو مٺڙا،

    وطن منهجي جا مارو مٺڙا،
    نوري جيئان نماڻا، لا!

    ساڌا سوڌا ساندهه سنڌ ۾،
    سهڻا سراپا سياڻا، لا!

    نير ڪنول جن ڪينجهر جا سي،
    ڪين ڪڏهن ڪوماڻا، لا!

    اداس اندر ۾ مور نه هئا جي،
    وتن ٿا سي ويڳاڻا، لا!

    ڳلي ڳلي جن ڳائجن ڳالهيون،
    مارين تن جا ماڻا، لا!

    جهنگ جبل جر جڳمڳ تن جي،
    ڀٽن مٿي جن ڀاڻا، لا!

    ڪانئرن اُت اڄ آکيرا ڏس،
    هليا هنج اڏاڻا، لا!

    ’پياسي‘ تن سين ڇونه نڀائي،
    جن سين پيار پراڻا، لا!


    ور وڪڙ اي! تنهنجا حياتي،

    ور وڪڙ اي! تنهنجا حياتي،
    ڪير پروڙي راز!

    ماٺ ماٺ ۾ ٻاڪر ٻُس تي،
    دٻجو وڃن آواز!

    مسڪين اڳيان ائين رهزن جي،
    جهرڪي پويان باز!

    نفرتن جي دنيا تنهن تي،
    ڪير ڪندو ير ناز!

    چپ ويا ٿي وائي جا ور،
    چنگ چڙها سڀ ساز!

    ويا جي وڇڙي وري سي گڏبا،
    نيٺ ٿيندا پرواز!

    ’پياسي‘ من کي ڀانئين ٿا ڏس،
    ناز تنهنجا انداز!


    زور زبر جي زير نه رهندي،

    زور زبر جي زير نه رهندي،
    پيار هي پنهنجي پريت، او پيارا!

    هر ريت نرالي هن جڳ جي،
    ريت نه رهندي ريت، او پيارا!

    پيار جي پنهنجو پاڻ ٿا ڄاڻڻ،
    هار به تن جي جيت، او پيارا!

    ساروڻيون سڀ ساهه سين سانڍي،
    ڪنديس ڪانه ڪريت، او پيارا!

    چنگ بنا ڪو چپ چري ڪئين،
    گيت بنا سنگيت، او پيارا!

    تو بن سپنو ساجن منهنجو،
    آهي اڌورو گيت، او پيارا!

    برهه جي ماريل گهائل ’پياسي‘
    من جو آهين ميت، او پيارا!


    نگر نگر هت شهر شهر ۾،

    نگر نگر هت شهر شهر ۾،
    ماڻهو ماڻهو آ مجبور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ڌرتتي جو ڀور ڳڀي لاءِ،
    تڙپي ائين پيو ڄڻڪو تنور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ڌاڃ ڌڻين جا در کليل،
    مسڪينن لاءِ ڇو در پور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    پورهئي پگهر محنت تي ڏس،
    دوکي جا ٿين داءُ ڀرپور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    سڀ ڪجهه هوندي رُٺل چهرا،
    تن جو ڪهڙو آهي قصور،
    دنيا هن جو ڏس دستور!

    محلن ماڙين اوچن بنگلن،
    تنجو ڪهڙو ڪجي مذڪور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    ميءَ خانن ۾ ساغر ڇلڪن،
    موجي مست نشي منجهه چور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    منهن سچاين کان هت موڙي،
    مغرور ٿين ٿا ڪين مفرور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!

    بن جيئڻ جي جڳ ۾ ’پياسي‘،
    مليو آ ڪنهنکي ڪڏهن شعور،
    دنيا هنجو ڏس دستور!


    روز ازل کان جورو جفا جي،

    روز ازل کان جورو جفا جي،
    جنگ جڳت ۾ جاري!
    سچ صلح سِڪ ساک جي ڌرتي،
    محبت منجهه ڪيئن ماري!
    تنهنجي مٽيءَ جا ذرڙا موتي،
    گل ڦل غنچا ٽاري ٽاري!
    جن به ڏٺا هت سونا سنگ،
    وائي ڪيم ورڻ جي واري!
    تو جا ڀانئي جنگ کٽي مون،
    مون نه ڪڏهن سا هاري!
    واٽ سا ساڳي ڪم مون ايندي،
    پنهنجن جا آ ڌاري!
    نيٺ ته باک پِرهه جو ڦٽندي،
    ٽٽندي رات هي ڪاري!
    نينهن نه نڀائي ڄاڻن جي،
    تن جي ڪهڙي چئبي ياري!
    ڀڄي نه سگهندين اٿيا جي جاڳي،
    ڀاڳيا هت سڀ هاري ناري!
    مون کي آهين جنم جنم کان،
    ساهه کان وڌ تون پياري!


    آزادي جي متوالي اڄ،

    آزادي جي متوالي اڄ،
    پيئي پڃري بند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    پيٽي پيرن پٽ جي ڏور،
    پاپي پيس ڦند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    ٽارين چڻ ڀڻ شوروغل،
    نيٺ ويو ٿي بلند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    هنجن بدلي ڪانون سارو،
    گلشن بڻيو گند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    ساز بنا آواز آ ڪهڙو،
    ڪير تنواري تند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    جو مون پاليو نانگ سو ڪارو،
    ويو هڻي ڏس ڏند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    ڏيهه ڏکئي ۾ ڪير آ ڪنهنجو،
    هرڪو حاجتمند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    هاءِ حياتي هن دنيا جي،
    چهچٽو ڏينهن چند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    سڀ ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند،
    منهنجي سنڌ پسند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!

    ’پياسي‘ پورن منجهه ڳنڍيندو،
    ڪنهن ڪنهن سان پيوند، الا!
    پيئي پڃري بند، الا!


    نيرا نيرا ساوڪ وچ ۾،

    نيرا نيرا ساوڪ وچ ۾،
    ڪينجهر ڪنول، پيارا!
    جوڙي جڳ جنسار تو ساجن،
    منڊيا منڊهي منڊل، پيارا!
    سانگين سار لڌي آ سانوڻ،
    پلر پلٽيا سڀ تل، پيارا!
    ڦڙ ڦڙ بوند بهار ڪري اڄ،
    برسيا بر منجهه بادل، پيارا!
    مَن مَن سانوڻي دريا موج،
    ڪير سهي تنهن اُٿل، پيارا!
    آڳ اندر جي اُڌما بنجي،
    اُڪنڊ کاڌي اُڇل، پيارا!
    قابو ڪوٽ ملڻ لاءِ آتي،
    مارن ڏي تون موڪل پيارا!
    نينهن جا نيزا داغ جي دل تي،
    سيني ساڳيا سل، پيارا!
    تو بن چانڊوڪيون هي پياريون،
    ساريون وياڪل وياڪل، پيارا!
    اڄ ڇا آهي سڀان ڇا ٿيندو،
    ڪنهن کي ڪنهنجي ڪل، پيارا!


    رات اونداهي منجهه پسي مون، چنڊ سندءِ چانڊاڻ، الا!

    رات اونداهي منجهه پسي مون، چنڊ سندءِ چانڊاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    سونهن سندءِ ڌرتي تي هئي، ڳلن ڀري ڳاڙهاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    جهنگ جبل جر ڀٽن مٿي تو، انت نه هو گهراڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    ٻنهي ڪنارن پلٿيون ماري، مُرڪي منجهه مهراڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    اوندهه تنهنجو اوج ڏسي ڇو، ڇرڪي پئي ڇاڪاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    سونهن پسي ٿي ساڙ لڳو جن، چهٽي تن ڏکراڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    داغ جدائي جا جي دل تي، ميٽيو تن تو پاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    رهنديون ڪين هي ڪاريون راتيون، ساٿ سندءِ جي ساڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    روح روح کي تو راحت بخشي، سندڙيءَ کي سرهاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.
    تو ۾ چنڊ ڏٺا هئا ’پياسي‘، پنهنجن جا اهڃاڻ، الا!
    چنڊ سندءِ چانڊاڻ.


    انتظار جي تلخ گهڙين ۾، مون تنها رات وهاڻي، ساءِ!

    انتظار جي تلخ گهڙين ۾، مون تنها رات وهاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    رات تمام مون جاڳي جاڳي، نيڻن ننڊ اڏاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    ياد ۾ تنهنجي تڙپي تڙپي، آڳ نه من جي اجهاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    گل ڦل مکڙيون چونڊي چونڊي، تولاءِ سيج وڇاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    جوت ستارن جي ويئي گم ٿي، سحر وتي ويڳاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    ڪاڪ ڪنڌي تي ڪرهو ڪاهي، مومل ڪٿ تو ماڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    تنهاين جي آهي توکان، رات رُسي ويئي راڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    دل جا گهاءُ هي گهرا گهرا، پيار ٿيو پنهنجي پڄاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    درد دکن جي دنيا هن ۾، دل جي ڪلي ڪوماڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.
    ويٺين لکي تون ڪنهنجي ’پياسي‘، قرب ڀري هي ڪهاڻي، ساءِ!
    مون تنها رات وهاڻي.


    شهر شهر آ انڌير ننگري،

    شهر شهر آ انڌير ننگري،
    اوهان به سوچيو ڪڏهن به آسو!
    شاخ شاخ تي سرڪ آ ساهي،
    اوهانجو لنگهه هي اوهانجو پاسو!
    ڏسون ٿا جا اڇ رڳي آ رڃ ڪئين،
    اُجهائيندا اڃ اندر جي پياسو!
    خزان جي ڳاري ڇڏيون هي مکڙيون،
    لڳو چئو ڪهڙو ڀلا چو ماسو!
    زمين کي گلشن بنايون پر جي،
    تتل آ صحرا هي وارياسو!
    سڀ ڪجهه ڏيئي غلاميءَ ڳٽ ڇو،
    ڳچي ۾ پنهنجي وجهي ٿا ڦاسو!
    زمين تي ڳاڙهو ڏسين ٿو رت جو،
    ماڻهو جو هاريل ماڻهوءَ جو آسو!
    ماڻهوءَ جو آخر ڀلا ڇا ٿيندو،
    اداس ڌرتي تي نينهن نراسو!
    ٻُڌي ڪا جڳ ۾ صدا ڪنهن ڪنهن جي،
    ڏنو آ ڪنهن ڪنهن کي دلاسو!
    گهري ڇا ’پياسي‘ جيئڻ جو حق ٿو،
    ڏيو به پر جي فرض شناسو!


    جهوناڳڙهه جي جوءِ ۾ جا جڪ،

    جهوناڳڙهه جي جوءِ ۾ جا جڪ،
    سوريو سُر سين سرندو، يار!

    ڪنهن ٿي ڀانيو ڪنڌ ڪپي هيئن،
    ڏان ڏياچ کان گهرندو، يار!

    ڏياچن ڏس ڏيهه ماٺ آ ڇاجي،
    چنگ ڪو چارڻ چرندو، يار!

    ساز تنهنجي سُر مست منهنجو من،
    اُن بن ڪيئن جيءُ جهرندو، يار!

    دهلي دل جنهن دهشت ناهي،
    ڀيلو تنهن ڪيئن ڀرندو، يار!

    سُٽ نه تنهنجو ضايع ٿيندو،
    تند تند ٿي سڀ تُرندو، يار!

    گهوري ڇڏيندا سِر تو سُر تي،
    هِنئين منجهه جو هرندو، يار!

    جو به چيو مون ’پياسي‘ ڪن ۾،
    ٻول رهيو سو ٻرندو، يار!


    سيج سنواري ويٺي آهيان، ساجن تنهنجي ڪاڻ، الوميان!

    سيج سنواري ويٺي آهيان، ساجن تنهنجي ڪاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    آءُ اڪندي آهيان آهيان، پرين پسائج پاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    ڪوڙ ڪماچ کان پاسي پاسي، سهڻا سچ سڃاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    تو بن منهنجي دل جا دلبر، ويران سڀ وٿاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    نيڻ اسانجا نهر بڻيا، ۽ اٿلي پيا مهراڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    سهڻي سهڻي صورت تنهنجي، ڪير ڪري واکاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    گل ڦل غنچو ٽاري ٽاري، سونهن سندءِ سرهاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    دام ۾ دلڙِ ڦاسي پيئي، پاڳل هئي اڻڄاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    منهنجي من ۾ ديرو تنهنجو، دور رهين ڇاڪاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.
    ’پياسي‘ من ۾ تنهنجي منهنجي، متل آ ڏس مانڌاڻ، الوميان!
    ساجن تنهنجي ڪاڻ.


    ڪٿ وسي ٿي هستي تنهنجي، توکي خبر نه ڪائي، پيارا!

    ڪٿ وسي ٿي هستي تنهنجي، توکي خبر نه ڪائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    گهور اونداهي راتين ۾ ڪنهن، تنهنجي ننڊ ڦٽائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    هيڏي شهر ۾ شهزورن جي، شينهن ويو ٻڪري کائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    مظلوم جي ويهي سيني تي هئي، ظالم گولي هلائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    ڪنيري ڪيئي سُر ڪڍي ڪنهن، تن تن تند تپائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    هرڪو پنهنجو ماڳ ويو ماڻي، تو ڪا راهه اپنائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    جوءِ ۾ جوڌن جرڪي پئي جا، جوڳين جوت جلائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    ڪيئن سونهين پئي ساڻ ستارن، چوڏهين چنڊ چٽائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    دل جو سودو دل پئي ڄاتو، دل پئي دل سرچائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.
    پيار پيڙا جي من ۾ تنهنجي، ’پياسي‘ آڳ لڳائي، پيارا!
    توکي خبر نه ڪائي.


    ساهه ڏيئي سر سنڌڙي خاطر،

    ساهه ڏيئي سر سنڌڙي خاطر،
    ڪونڌر ڪنڌ ڪپايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    گهر گهر گهائي گهوٽ وڌءِ،
    ڏونگر ڏيل ڏڪايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    ماڳ هي ماڻي منزل پنهنجي،
    ڪنهن آ قرب ڪمايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    لاٽ ڏئي جي جوت جهڪيءَ کي،
    ڀنڀٽ ڏيئي ڀڙڪايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    دودو دريا، هوشو، هيمون،
    ڀي هئا ڪين گهٽايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    محب مٺا واه منهن کي پنهنجي،
    موري منجهه مرڪايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    ڳلي ڳلي اڄ ڳالهه آ تنهنجي،
    تن تن تند تپايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    وار ٿيا ڪيئي ظلم اڳيان پر،
    پنهنجو سر نه جهڪايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    رت جي ريٽا پيار، جي پيڙا،
    ساهه سان ڪيئن سرچايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!

    لال لهو جي قلم سان ’پياسي‘،
    سنڌو مانَ وڌايو تو!
    پنهنجو پاڻ ملهايو تو!


    وَر وَر ڏيئي روئي وڇن کي،

    وَر وَر ڏيئي روئي وڇن کي،
    سهڻي ڀاڪيون پاتيون، الا!

    اڏون اورانگين اُهي عشق جون،
    اُلفت لاءِ جي آيتون، الا!

    ڳالهه نه ڪنهن جي وَس جي ميان،
    بِرهه بڻايون باتيون، الا!

    جلوو پسيو جت جانيءَ جو جن،
    قرب هنيون اُت ڪاتيون، الا!

    سِڪ سمهڻ ڪيئن تن کي سُهندي،
    پاتيون جن جيءَ جهاتيون، الا!

    نينهن نه منهنجو نازڪ سائين،
    جت زوراور ذاتيون، الا!

    پيار بنا ڪيئن نبرن ’پياسي‘
    روح سنديون هي راتيون، الا!


    پنهنجي ساهه کان پيارو مونکي،

    پنهنجي ساهه کان پيارو مونکي،
    ٻاروچل جو ٻيٽ ميان.

    منهنجي پريت ريت انهن سان،
    کيڙيو جن هي کيٽ ميان.

    سهڻين سارين جا سنگ سونا،
    سرنهن سونهارو چيٽ ميان.

    جنهن جي ڇوڙ تي سچا موتي،
    سون چاندي جو ريٽ ميان.

    جو ڀي اڀريو ظلم ٿي توتي،
    تنهنجي ڏٺي سون ميٽ ميان.

    هٿ کڻي سو مور نه بچندو،
    جنهن به ڪئي اک ٽيٽ ميان.

    صدين کان هي سُڪر جي ڌرتي،
    پورهيت جو هي پيٽ ميان.

    چين جپان تنهنجي ’پياسي‘،
    ڪندا ڇا اڳيان ڀيٽ ميان.


    ڪنهن پئي لُڙڪ اکين مان ڳاڙيا، مون پي موتي ميڙيا، ساءِ!

    ڪنهن پئي لُڙڪ اکين مان ڳاڙيا، مون پي موتي ميڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    هارين نارين، سنگن خاطر، کيٽ خوشي مان کيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    سانوڻ رت ۾ وڻ ٽڻ ٻوٽن، ٽارين گل ڦل ٽيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    پنن پنکڙين هوا جي جهوٽن، ماڪ ڦڙا پئي ٿيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    خون جا قطرا، ٽميا ٽم ٽم، پکين پر پکيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    تان تنبوري ٻول ڪنهن مٺڙا، ساز سُرن تي ڇيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    داغ هي دل جا، زخم هئا گهرا، ور ور ڏيئي سي ويڙهيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    ڀريل گج تي ڀرت ٽڪن جا، سيبا ڪنهن پئي اُڊيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    ڏونگر ڏوري ڏکيءَ ڏکڙا، جيءَ سان ويٺي جهيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.
    پيهي منجهه پاتال ۾ ’پياسي‘، ڪن پئي ڪوڏ سهيڙيا، ساءِ!
    مون پئي موتي ميڙيا.


    اڄ ڌرتي توکي پيئي پڪاري،

    اڄ ڌرتي توکي پيئي پڪاري،
    جاڳ او ساٿي جاڳ او يار!
    گهڙي گهڙي هت گوندر گهاءُ،
    ماڻهو ماڻهو آ بيزار!
    سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪري ڇڏ،
    سوري تنهنجو آ سينگار!
    ظلم جي هن ننگري ۾ ساءِ،
    اوندهه منجهه ڪو ٻارڻ ٻار!
    ڪوڏين مٺ تي ڪيئن پيو وڪجي،
    تنهنجو فن هتي فنڪار!
    انسانيت سان ويل وهي ويا،
    ڪنهن نه لڌي هت ڪنهن جي سار!
    سانگ قلم سان جو ڪري پيو،
    تنهنجو ڪهڙو آ ڪردار!
    ڇاڇا نه هتي ڪيئن لُٽجي پئي،
    عصمت عام سري بازار!
    هيءَ دنيا ڪوڙي هي ڪوڙا ماڻهو،
    ڪپت جن جو ڪاروبار!
    هيڏا هاڃا پوءِ به ’پياسي‘،
    ماٺ ڇو سارو آ سنسار!


    راز تون کول، عشق جا ظاهر، چپ چري ڪجهه چور، ميان!

    راز تون کول، عشق جا ظاهر، چپ چري ڪجهه چور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    اداس وادي عشق جي جنهن ۾، ماريا ڪيئي مور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    اُڀيون ظلم جون هت ديوارون، ڀڳو نه تن جو زور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    جيئڻ نه ڏيندو جڳ هي ڪنهن کي، ڏاڍ جا ڏونگر ڏور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    دهشت دم دريا جا ڌڌڪا، پاڻيءَ جو ڏس شور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    ڇُلڪي تنهجنو ڇولين ۾ اُت، ڀيلو ڀري ٿيو ڀور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    تار ۾ ترهو تاري پنهنجو، سائر منجهه ٿي گهور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    ساهڙ جي تون سُهڻي بڻجي، عشق اندر جا اور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    جو به ويهي هت اوجهري تنهن تي، ڪونه ڪري ڪو غور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.
    پنهنجو ’پياسي‘ پيار آ اهڙو، جهڙو چنڊ چڪور، ميان!
    چپ چري ڪجهه چور.


    وئين نه موٽِ آئين هيڪر، مند به موٽي آئي، پيارا!

    وئين نه موٽِ آئين هيڪر، مند به موٽي آئي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    سڪ آ تنهنجي ساجن منهنجي، سيني منجهه سمائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    گاهه گسن تي ڦوڳ ڦلاريا، ساوڪ ٿي سرهائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    چيهن چتن چوريون چهنبون، وڻ وڻ ٻڌجي وائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    وڌو آ ويتر ماري مونکي، تنهنجي يار جدائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    پسڻ ڪارڻ محبوبن جي، ڇڏيم ساري خدائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    درد هي پيار ۾ تنهنجي، جيئري جان جلائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    ريت رسم جون کائي قسمون، توسين لئون لڳائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    پلپل پورن تنهنجي سورن، دل ۾ آڳ لڳائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.
    پريت ’پياسي‘ دنيا هن ۾، ڪنهن به نه آهي نڀائي، پيارا!
    مند به موٽي آئي.


    روشن روشن ڪور مجهان ڪا،

    روشن روشن ڪور مجهان ڪا،
    نڪتي لال لهوءَ جي لاٽ!
    جل ٿل بادل برسيا گرجيا،
    ڇپر سارو بڻيو ڇاٽ!
    شمشان جن جي شعلن سان آ،
    مات ڦري ٿي ڪاري ٻاٽ!
    جوت سان جنهن جي جرڪيو جڳ،
    چانڊوڪي چنڊ هو چمڪاٽ!
    چونڪ چونڪ تي جل جل مشعل،
    گهيڙ گهٽي گهر گهاٽ!
    ڪارونڀار مان ڪڪرن جي ڏس،
    وِڄن وراڪا ٿيا ڪڙڪاٽ!
    موٽي ڪانه وري سا ويندي،
    کائي جا آئي آهي ڦاٽ!
    جنهن جي اوٽ ۾ ڪيئي ڪونڌر،
    هلن پيا اوچي ڳاٽ!
    جنگ جبر سان جن آ جوٽي،
    تن ئي ماڻي آهي واٽ!
    زخم ’پياسي‘ ڪيئن سي ڀربا،
    لڳا جي من ۾ آهن کاٽ!


    پرهه ڦٽي جو ٻاٽ آ ڇانيل،

    پرهه ڦٽي جو ٻاٽ آ ڇانيل،
    ڏينهن لڳي پيو ڏيڻ، الا!

    وٽ ڏئي جي ٻرندي ڪيئن،
    ويو ختم ٿي ميڻ، الا!

    ڦڙو ڦڙو ٿي رت هي ڳاڙهو،
    منجهان ٽميو ڏس نيڻ، الا!

    هر هڪ آهٽ موت جو کڙڪو،
    خوف ٿي آيو کيڻ، الا!

    ناهي نفس سلامت ڪنهن جو،
    ڀاءُ هجي ڀل ڀيڻ، الا!

    سڀڪو شهر پنهنجي ۾ ڌاريون،
    ڪنهن کي بڻايان سيڻ، الا!

    ڀاڳ ڀلارا پنهنجا ’پياسي‘
    ڀلي پيو ڏي ڪو ويڻ، الا!


    جان جان ۾ جوش پيو جاڳي،

    جان جان ۾ جوش پيو جاڳي،
    اندر پيو اُٻري کامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    خزان چمن ۾ پئي آ ڪاهي،
    رُڳي پئي رک اُڏامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    تتل هي صحرا آڳ جو دريا،
    ٻري پيو ڪيئن وسامي،، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    قيامت جي هي رات آ قائم،
    نبري ڪين ٿي وهامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    سکڻي ڪني پئي ٻاڦجي ٻاهر،
    ذري ذري تي اُڀامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    چاندي جي چند ٽڪڙن تي،
    ضمير پنهنجو وڪامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.
    ڪارونڀار ۾ جلي آ جوتي،
    شل نه ’پياسي‘ اُجهامي، پيارا!
    اندر پيو اُٻري کامي.


    ننهن نڙي تي، تو ئي ڀلا،

    ننهن نڙي تي، تو ئي ڀلا،
    ٻڙڪ ڪڍيو ڪو ٻاهر، پيارا!

    حق جي حمايت تي به ڏسون پيا،
    ظلم ٿئي پيو ظاهر، پيارا!

    چور به بڻجي ڀاڳيو ساڳيو،
    ڪير ڪنهن جو آ واهر، پيارا!

    ڀلان ڀلي جو ڇيهه ته ناهي،
    پر هتي آ هر ڪو ماهر، پيارا!

    ويرين سان هت وير رکي ڪو،
    وڙهندو طاقت آهر، پيارا!


    نيٺ ته ڪيئن چاهت جو، چپ چاپ چريو هي چنگ، ميان!

    نيٺ ته ڪيئن چاهت جو، چپ چاپ چريو هي چنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    ور ور ڏئي هو واٽهڙو، واهه وجهي ويو ونگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    قرب ۾ ڪنهن جي قابو ٿي، هن روح رچايو رنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    درد جو دل ۾ دونهن دکائي، ڏاڍو هڻي ويو ڏنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    عشق اندر ۾ اُڌمون کاڌو، ڍولئي جو ڏس ڍنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    سوريءَ تي ڪنهن سيج سجائي، جوٽي جڳ سان جنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    نگر نگر ٿي نوري نهاري، نينهن جو ناتو ننگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    غير بڻيا جي غافل ٿي، تن جو تن کي تنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    زور زبر جي زير نه رهندو، ظلم سندو هي زنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.
    ڪوئي ’پياسي‘ ٻڙڪ نه ٻولي، درد جو هت ڪٿ دنگ، ميان!
    چپ چاپ چريو هي جنگ.


    اونداهين ۾ روشني بنجي،

    اونداهين ۾ روشني بنجي،
    چانڊوڪين کي چاهي، ڪوئي آهي؟
    درد مجهان ڪو دونهن دکي،
    چڻنگ منجهان ڪا باهي، ڪوئي آهي؟
    ڇوٽ ڇنن جي ڇاتيون ڇيرا،
    سينو تن سان ساهي، ڪوئي آهي؟
    گس اڻانگا تن تان گذري،
    ڪيچ ڏي ڪر هل ڪاهي، ڪوئي آهي؟
    رُڃ ۾ رولي سڃ ۾ سسئي،
    راتي رهي ويا ڪاهي، ڪوئي آهي؟
    هرڪا مارئي قيد ۾ قابو،
    ڳڻتين منجهه پئي ڳاهي، ڪوئي آهي؟
    نوري واري سڪ ته ساڳي،
    نئڙت پرسا ناهي، ڪوئي آهي؟
    ڪوڙ جي هانو تي مڱ ڏڙي،
    سچ ته چئي ڪو ڇاهي، ڪوئي آهي؟
    ڪاڪ ڪنڌي تي سانگ هي سارا
    ٺاهه ٺڳي جا ڊاهي، ڪوئي آهي؟
    پکي امن جو ڪيئن نه ’پياسي‘،
    ڦٿڪي منجهه پيو ڦاهي، ڪوئي آهي؟


    ڪارونجهر ڪور منجهان ڪيئن،

    ڪارونجهر ڪور منجهان ڪيئن،
    جوت کڻي جاڳيا، جوڳي!

    ڪينري ڪيئي سر ڪڍي سو،
    رنگ رچائين راڳيا، جوڳي!

    پير پٿون جت رت هو ريلا،
    محبت ميٽيا داڳيا، جوڳي!

    مان مٿاهون مَرڪ نه ويندو،
    جنگ جبل جن جهاڳيا، جوڳي!

    سورهيه سُورما دودن جهڙا،
    سو ڏٺا مون ساڳيا، جوڳي!

    پنهنجي مال مڏيءَ جا مالڪ،
    ساڳيا پياسي ڀاڳيا، جوڳي!


    آڳ جي شعلن منجهه جلي پيو،

    آڳ جي شعلن منجهه جلي پيو،
    ماڻهو جو ڪيئن چم، پيارا!
    انسان تي مارو لٺ جو وارو،
    لڳي آ پيئي ڌم، پيارا!
    ڪير نه ڪنهن جي ڪاڻ سهي ٿو،
    ڪنهن کي ڪنهن جو غم، پيارا!
    سر سڪل ڪيئن ساوا ٿيندا،
    وٺا جي ائٽم بم، پيارا!
    ڪير آ ليڪو راهه اورانگهي،
    مرون پيا منجهه ٿم، پيارا!
    ڪوڙ جي ويئي ڳالهه ڳري ٿي،
    رهيو نه سچ منجهه دم، پيارا!
    اُگهندو ڳوڙها ڪير هي پنهنجا،
    اک اک پنهنجي نم، پيارا!
    گونج فضا ۾ ويئي گم ٿي،
    پائل جي ڇَم ڇَم، پيارا!
    ممتا ماري ڪنهن نه جيئاري،
    ڏسن ’ڪارو ڪاري‘ ڪم، پيارا!
    ٻڪر هن ٻوساٽ ۾ ’پياسي‘،
    پيو نه ڪنهن کي رحم، پيارا!


    واهه وساري ويٺين تون،

    واهه وساري ويٺين تون،
    تن ۾ تنهنجي تار، او ساءِ!
    حال اندر جو اوري اوري،
    برهه کنيوسين بار، او ساءِ!
    قدم قدم تي سوچي سمجهي،
    خوشي کنياسين خار، او ساءِ!
    بوندن برسي بحر بڻايو،
    نيڻن وهيو نار، او ساءِ!
    من ۾ ساغر پيار جو ڇلڪيو،
    وري ته وک تون وار، او ساءِ!
    آءُ ته گڏجي گوندر گهاريون،
    جيون ڏينهن ٻه چار، او ساءِ!
    ٽڪر ۾ ٽولي رڃ ۾ رولي،
    ائين نه مونکي مار، او ساءِ!
    دام ۾ دلڙي ڦاٿي ائين ڄڻ،
    ڌڙ سسيءَ کان ڌار، او ساءِ!
    دور دنيا کان آءُ تون ساجن،
    هاڻي هلون هن پار، او ساءِ!
    پلپل ’پياسي‘ پيار پڪاري،
    جيت نه پنهنجي هار، او ساءِ!


    ننڊ نڀاڳي تو ڇو نهوڙيو، جوڳي اُٿ تون جاڳ، او جوڳي!

    ننڊ نڀاڳي تو ڇو نهوڙيو، جوڳي اُٿ تون جاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    ساٿ سو سارو ستل سمورو، وڳر جي جنهن تون واڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    تن تند تپائي، من ٽڙپائي، ڇيڙ ڪو اهڙو راڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    ٻاڦ ٿي ٻڙڪي باهه ٿي ڀڙڪي، ڇيڙ ڪو اهڙو راڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    ڏکن سُکن جي سونهن کي سمجهي، جهنگ جبل جر جهاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    هت مومل مومل ڪاڪ ويڳاڻي، اچين جو موٽي ماڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    رات اونداهي تارن جي هر، موڙ جو آهين مهاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    ڀٽ مٿي هو ڀٽ ڌڻي ڏس، ڀلو آ جنهن جو ڀاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    ڏياچ ڏسي ڏيهه ۾ ٻيجل، ڪيو آ ڪهڙو چاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.
    جنهن سِر ڪاڻ ٻيجل ٻوليو، سُر سو سِر جو سهاڳ، او جوڳي!
    جوڳي اُٿ تون جاڳ.


    ڪنڌ ڪپائي، مور نه مٽجون،

    ڪنڌ ڪپائي، مور نه مٽجون،
    اسين ته اُوچي ڳاٽ، او ساءِ!
    جيسين ساهه سِسيءَ ۾ تيسين،
    هڻي ڪو هت ڪيئن کاٽ، او ساءِ!
    درد جي دنگ دنگ تي پهرو،
    پوءِ به ساڳي واٽ، او ساءِ!
    هانءَ مڌو ٿي نيٺ سا نڪتي،
    ٻرڪ ڏيئي ٻوساٽ، او ساءِ!
    ڏينهن هڪ زور ظلم جو پوندو،
    ڦاٽي نيٺ ته ڦاٽ، او ساءِ!
    رات جي روشن پهر کي پوئين،
    ڪندي ڇا ڪاري ٻاٽ، او ساءِ!
    بيهن ڪيئن ٽاري پن پيلا،
    هوا جو جت سوساٽ، او ساءِ!
    تارا ٽُٽا ڄڻ مينهن وٺو هو،
    ڇڻ ڇڻ ٿي ڇڻڪاٽ، او ساءِ!
    سچ چئي ڪوڙ جي منهن تي،
    ’پياسي‘ هنئي چماٽ، او ساءِ!


    وِک وِک ۽ هر موڙ تي پنهنجي،

    وِک وِک ۽ هر موڙ تي پنهنجي،
    ڪوشش آ سر ٽوڙ، او ساءِ!
    خزانن جون ڳاريل ماريل ساڙيل،
    مکڙيون ائين نه مروڙ، او ساءِ!
    سنڌڙي تنهنجا شهر وسن شل،
    ديبل ساڻ اروڙ، او ساءِ!
    پن پن ٿي جي ڇڄي ڇڻي ويا،
    جوڳين ٿيندو جوڙ، او ساءِ!
    غفلت تو مون ڪين سونهي ٿي،
    نيڻن ننڊ اکوڙ، او ساءِ!
    نيٺ ڳچي ۾ هڪ ڏينهن پوندو،
    ظالم کي نئون نوڙ، او ساءِ!
    تنهنجي ديس ڀٽائيءَ ۾ ڪو،
    وجهندو ڪيئن وڳوڙ، او ساءِ!
    جو مٽي پنهنجي کي ٿو چاهي،
    بيشڪ مڙس ڀلوڙ، او ساءِ!
    جن جا گيت ٿا تولاءِ تڙپن،
    مونکي تن جي لوڙ، او ساءِ!
    ’پياسي‘ نينهن نڀائيندس پيو،
    ساٿ سنگت سڀ توڙ، او ساءِ!


    سارنگ آيو سرها سانگي، آئين نه موٽي هيل، ميان!

    سارنگ آيو سرها سانگي، آئين نه موٽي هيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    سونهن سکن جا پل ويا وسري، ڇاجا تيل ڦليل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    تنهنجي درد فراق ۾ جاني، قسمت وهايا ويل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    ڏيهه تو ڏوريا ڏور ڏکن جا، ڪڏهن ٿيندو ميل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    سڀڪا ڏي پئي طعنا تنڪا، تن سان منهجنو جهيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    جهوپن جهانگين پاسي ڀاڻن، ڀٽن جي ڏس ڀيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    محنت جو ڏس تن مان پنهنجي، نڪري ڪيئن پيو تيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    ماڻهو جو هت مول ڪو ناهي، ريل پئسي جي ڇيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.
    هاءِ! حياتي ’پياسي‘ پنهنجي، گهڙي کن جو کيل، ميان!
    جيون تنهنجو جيل.


    طوفانن جي رُخ کي موڙِ،

    طوفانن جي رُخ کي موڙِ،
    تکو هلائي ونجهه،
    او ساٿي!

    سنڌو سيرن ڇولين ڇلڪي،
    ٻيڙي لهرن منجهه،
    او ساٿي!

    اکڙين ائين اوجاڳو ڏيئي،
    ڪرُڪ ڪيم تون ڪنجهه
    او ساٿي!

    جر ڪنهن جهاڳي سک ڏئي ماڻيو،
    ڏکي دل کي ڏنجهه،
    او ساٿي!

    پنڌ اڃا پيو گهڻو آ ’پياسي‘،
    متان وڃي ٿي سنجهه،
    او ساٿي!


    سانوڻ آيو تون نه جو آئين، ساجن بن تو ڳارا، پريتم پيارا،

    سانوڻ آيو تون نه جو آئين، ساجن بن تو ڳارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    بکن اڃن جا ڏتڙيل ماريل، سرها وتن سي سنگهارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    لڙن برن مٿي مينهن سندا هت، وس وس ٿيا وسڪارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    ڍنڍون ترايون پلر سان پلٽي، سنڌوءَ ڇڏيا ٻئي ڪنارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    گاهه ۽ گل ڦل ساوڪ سان تر، ٻنيون اَڏون سڀ ٻارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    گهڙا کڻي ڪن هيج مان سکيون، ناز نوان نت نيارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    پير پير ۾ پائي ٿي هر هڪ، اک اک جا ڏي اشارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    هيرون هوائون صاف ٿديريون، نرمل نوري نظارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    چنڊ چڙهيو آ ڪتيون قطب ڏس، تڙپن تولاءِ تارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.
    پهر پهر تون ياد ڪندي مون، ڳاڙيا لڙڪ هزارا، پريتم پيارا،
    ساجن بن تو ڳارا.


    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان،

    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان،
    هيرن جا هت لک هزار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    ڪشمور ڪراچي ڪاڇو ڪيٽي،
    ڪينجهر ڪارونجهر پيو سار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    هڪ هڪ ڀانيان لعل آ موتي،
    تنهنجو سنڌڙي سڀ سينگار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    دودو دريا بلو بلاول،
    منهنجي ڌرتي جا پڳدار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    سنڌڙي سان جن ساٿ نڀايو،
    بر ۾ تن سان آهي بهار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    ڏاڍ اڳيان ڏس ڪين جهڪيا سر،
    نڪري سوري ٿيا نروار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    قول فعل ڪردار ڇا تن جو،
    ڄڻ قدرت جا شاهڪار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    قائم هي دائم صدين کان ڏس،
    سهڻو سپنن جو سنسار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    جن جن وارث سورهيه سُورما،
    جوڌا جنگجو ۽ جهونجهار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.

    چيئن نه ملندو تن کي ’پياسي‘
    توتي جن ڪيو آ وار!
    ڪنهن ڪنهنجي ڳالهه کي ڳايان.


    ڪنڊي فٽڻ لڳي آ،

    ڪنڊي فٽڻ لڳي آ،
    ڪرڙن جهليو آ ٻوڙ،
    ڪيسين رهندين دور!
    رت آ ڳاڙهن ڏونئرن جي،
    مستي منجهه مسرور،
    ڪيسين رهندين دور!
    ڪڻڪ سرنهن توريي ڄانڀي،
    ڪڍيا منهن مسور،
    ڪيسين رهندين دور!
    ٻنيون ٻارا گل ڦل سارا،
    خوشبو منجهه سرور،
    ڪيسين رهندين دور!
    ٿڌڙي ٿڌڙي هير هوا،
    ساري ساهه سرور،
    ڪيسين رهندين دور!
    صبح ساجهر پرهه ڦٽي جو،
    نرمل پسجي نور،
    ڪيسين رهندين دور!
    مورن آهن پر پکيڙيا،
    ڊيلن ڏنو آ تور،
    ڪيسين رهندين دور!
    جهر جهنگ لڳي نرمل ناري،
    جنت جي ڄڻ حور،
    ڪيسين رهندين دور!
    جهنگ جبل ڪر ڪي ڪونج،
    تتر ساڻ تلور،
    ڪيسين رهندين دور!
    گهڙي گهڙي گوندر گهار،
    پلپل ’پياسي‘ پور،
    ڪيسين رهندين دور!


    ويري وقت سان جوٽي جنگ، ڪر جاني سوچ ويچار،

    ويري وقت سان جوٽي جنگ، ڪر جاني سوچ ويچار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    سُستي جو ڇڏ سينو چيري، نيزن سان ڪر وار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    جاڳي جوڌا پوندا سنڌڙي، تنهنجا جان نثار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    جڳ جهان هن کي ٺاهي ڇڏيندا، قوم جا هي معمار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    ٻول تون ٻولي ڍول ڪري ڇڏ، پنهنجي اندر جو اظهار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    جان سان کيڙي کيٽ هي سارا، بر ڪر تون باغ بهار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    دک درد سهڻ سان ملندا نيٺ، بي قرارن کي قرار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    گيت سنگيت جي سُئن سُرن تي، ڪا ڇيڙي ڇڏ سِتار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    محنت پورهئي سان ويو بنجي، سارو هي ڏِس سنسار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!

    ٺاھ ٺڳيءَ جا تن تي پياسي، ير ڪير ڪندو اعتبار،
    زندگي ڏينهن ٻه چار!


    مايوسي جي موت کي ماري،

    مايوسي جي موت کي ماري،
    ڇڏي ڏي دل هول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    زنجير جبر جا ٽوڙي ڇڏ،
    سارا هٿ ڪڙول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    زبان تي بندش ذهن تي تالا،
    چپ ته پنهجنا کول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    سئن هڻي سوڀ گهري پيو،
    ڀري ڪو خالي جهول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    ڦڙو ڦرو ٿي لار بڻيو جو،
    ٺلهو نه رت سو رول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    حق جي خاطر مرڪي پي ڇڏ،
    زهر جو پيالو ڍول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    عشق ۾ ڪنهن جي لڙڪ تو ڳاڙيا،
    موتي سي انمول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.
    ڪوئي نه ايندءِ ’پياسي‘ هاڻي،
    ٽوڙي ڇڏ ڪشڪول، ميان!
    ڪجهه تون ساٿي ٻول.


    درد جو دل ۾ دونهن دکائي،

    درد جو دل ۾ دونهن دکائي،
    محبت منجهه ڪنهن ماريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    ڳڻتين منجه ائين ڳاري ماري،
    لڙڪ ٺلها نه هاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    همت سان ڪا ويل وڃڻ جي،
    گوندر ڇو ٿا گهاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    پيرين پنڌ، پنهون پڇائي،
    ڏونگر سيئي ڏاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    سورج وانگيان چمڪي دمڪي،
    پنهنجو پاڻ اجاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    ڪڍي ڪنن مان ٻيڙي پنهنجي،
    طوفانن مان تاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    سڀ ڪا قوم پئي سوچي لوچي،
    اوهين به ٻارڻ ٻاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    يار اوهان جي آسري آهيون،
    نيڻ کڻي جي نهاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.
    ريت پريت جا ’پياسي‘ جڳ ۾،
    وعدا پنهنجا پاريو، ساءِ!
    ساٿ سمورو ساريو.


    مون ٿيو گهارڻ توسين حياتي،

    مون ٿيو گهارڻ توسين حياتي،
    ڪيئين ڪڍيان ڪنڌ، ميان.

    تنهنجي خاطر سر تي سهي سڀ،
    جهاڳيندس پيو پنڌ، ميان.

    آب مٽيءَ جو تنهنجي ماڻي،
    پيتم موکي منڌ، ميان.

    تو مون ناتو روح جسم جو،
    ٽٽندو ڪيئن سَنڌ، ميان.

    منهنجا رشتا روز ازل کان،
    صدين جو سوڳنڌ، ميان.

    انسانيت سان ويل وهي ويا،
    ڪيڏو سارو انڌ، ميان.

    مان به ڇڏيندس ٽوڙي انکي،
    ڪا راهه ۾ آئي ٻنڌ، ميان.

    گونج گيتن ساز سُرن تي،
    ٻڌ جي پيئي هر هنڌ، ميان.


    غزل

    سيس نمائي مٽي ماٿي لايان

    سيس نمائي مٽي ماٿي لايان
    سر ڏئي سنڌوءَ کي سرچايان
    چاڪ ڪري تاريخ جا پردا
    ورقن تان مان گرد هٽايان
    ڪوڙ جا ڪارا ڪاغذ ڦاڙِي
    سچ سپت جا ٻول ٻڌايان
    ڀالو رڪ جو تيز نوڪ سان
    ظلم جي سيني تي ڦهڪايان
    ڏاڍن جا هت ڏيل ڏڪائي
    لاکي واري لٺ ڦيرايان
    ڪوٽ عمر جو ڀوري ڀتيون
    مارن مارئي ماڳ موٽايان
    راڻو بڻجي مڪر فريب جي
    ڊاهي هوا ۾ ڪاڪ اڏايان
    ڪارونڀار مان ڦڙڪا کائي
    وڄ ٿي ڪڙڪي جوت جلايان
    ٻيجل وارا ٻول ٻرائي
    سئن سُرن تي سر سهايان
    دودي دريا هوشو وانگيان
    پياسي بنجي نينهن نڀايان.


    زندگي ايڏي ناهي سهل

    زندگي ايڏي ناهي سهل
    ٺهي وڃن ڀاڳ پل ۾ ڦٽل
    گيت ڪيئن فضا ۾ گونججن
    تارون تنبوري جون آهن ٽٽل
    قطرو ڇا ڪندو ڪرڻ لاء جڏهن
    زمين وارياسي هوندي تتل
    مومل محبت ۾ ويندي مري
    ڪير پرچائي ڏي راڻو رٺل
    ويو رات جو ڪو لوڙهو لتاڙي
    ڪتو ڀي ماٺ ۾ پيو هو ستل
    اونڌي منهن لاش اٿلائي ڏٺم
    پنهنجو ئي هو ڪو ڪونڌر ڪٺل
    باغ هن ۾ اچي ڪيئن بهار
    جت نه مالهي گاهه ٻوٽو ول
    زندگي جدوجهد جو آهي نانءُ
    وک منزل ڏي وڌائيندو هل
    بند ظلم جا نه رهندا پياسي
    سڀ ٽٽي ويندا ايندي اٿل
     


    دل جا دک درديلا آهن

    دل جا دک درديلا آهن
    رستا سڀ پٿريلا آهن
    مستي مڌ جي سودو سر جو
    موکي مٽ زهريلا آهن
    تند تنبوري ڇيڙي ڇڏيا
    ٻيجل ساز سريلا آهن
    ڪينجهر ڪپ تي ڄام تماچي
    نوري نيڻ نشِيلا آهن
    راهه وفا ۾ خون عشق جا
    ذرا ذرا چمڪيلا آهن
    پنڌ پڇائي مور نه موٽن
    جوڌا ڇا جوشيلا آهن
    رم جهم بادل بر ۾ برسن
    ڪهڙا ڏس ڦڙتيلا آهن
    آس انهي ۾ من ۾ ٽڙيا
    گل ڦل رنگ رنگيلا آهن
    بيت ڀٽائي وائي جا ور
    ڪيڏا روح رسيلا آهن
    پيار پياسي ڌرتي هنجا
    پنهنجا حيلا وسيلا آهن.
     


    تنهنجي پيار جنهن هي ڏني زندگي آ

    تنهنجي پيار جنهن هي ڏني زندگي آ
    مون ڀي ويهي تنهنجي ڪئي بندگي آ
    ڳوليندي اونداهين جي دنيا ۾ توکي
    ڏٺم ڪانه ڪٿ ڪا ذري روشني آ
    بنايو تو گهر کي زندان پنهنجي
    انهي مونکي ماريو تنهنجي بيڪسي آ
    عزم هي ٻنهي پاڻ گڏجي ڪيو هو
    اسان ڪوٽ ڇڏيو ڪيرائي ڀڃي آ
    وڃائي ڇڏيو مون توکي هو پائي
    جذبات جي پنهنجي ڪئي خودڪشي آ
    مٺي مرڪ ڏيئي وڃين منهن ڦيري
    ڇا سمجهان تنهنجي اها بي رخي آ
    هتي هرڪو ڌُن پنهنجي مستي ۾ چور
    خودي ۾ سمائي جڏهن بي خودي آ
    زخم تازا سيني تي پنهنجي سهي
    حياتي جي ساري خريدي خوشي آ
    چشم تر اگر جي چشما ٿي وهندا
    پنهنجي پيار جي پوء ديوانگي آ
    ٿي خوش بهارن ۾ پياسي گذاريون
    هي احساس پنهنجي جي برتري آ
     


    انسانيت بربريت جو نشانو آ

    انسانيت بربريت جو نشانو آ
    زماني جي پٺيان پيو ڇو زمانو آ
    گلن جو رنگ ڏسو تارن جي روشني
    حسين قدرت جو ڪهڙو ڪارخانو آ
    عقل دانش جي ڪجي ڳالهه ڪهڙي
    داناء به لڳي ٿو ته ديوانو آ
    هر طرف ڌماڪا گولن جي بارش
    جيئڻ جو هي به عجيب بهانو آ
    پنهنجو پاڻ کي به آئيني ۾ ڏس
    تنهنجي تصوير تنهنجو فسانو آ
    شمع جلي ڏس ترورن تي تن جي
    تڙپي اٿيو ڪو اڄ پروانو آ
    ڪنهن پڇيو ته سونهن ڇا آهي ؟
    چيم محبت جو انمول خزانو آ
    ڪنهن ڪنهنجي فطرت کي پرکيون
    هت هرڪو بيگانو ڪوڪو يگانو آ
    تارن تي ڪنهن ڇيڙي ڇڏيو ساز
    فضا ۾ گونجيو ڪٿ ڪو ترانو آ
    منصور ڦاهي چڙهيو اوچي ڳاٽ
    پياسي پريت پرک جو پئمانو آ
     


    نه رهندا تخت و تاج هاڻي زماني ۾

    نه رهندا تخت و تاج هاڻي زماني ۾
    لکي ڇڏ هي ڳالهه پنهنجي فساني ۾
    بهارون اينديون آهن سدا گلشن ۾
    ٽڙندا ناهن گل ڪڏهن ويراني ۾
    عقل چرخ ٿيا دولت جي نشي ۾
    تصوير غربت جي آئي نظر ديواني ۾
    پنهنجي پيار جا رشتا ازل کان اٽل
    ٽٽي نه سگهندا هاڻي ڪنهن بهاني۾
    موکي اپٽيا مٽ ڪڙي ۽ قاتل جا
    متارا پي آيا وري مئي خاني ۾
    گيت هي ناهن ڪن لفظن جا محتاج
    هيرن جي ناهي کوٽ پنهنجي خزاني ۾
    شمع جلندي رهي ٿي هميشه جوت لاء
    عجب عادت آ سڙڻ جي پرواني ۾
    چٽي هڻ تون ڀلي نشتر ديد جا
    دل تري تي رکي اٿم نشاني ۾
    شعرن کي تون منهنجي ڇا تڪيندي
    ڀري ڇڏيم سارا رنگ هر تراني ۾
    مٽي جنهنجو آهيان پياسي خمير
    سر انهي تان ئي ڏيندس نذراني ۾
     


    اسان کي سڄڻ جي پيارو ملي پئي

    اسان کي سڄڻ جي پيارو ملي پئي
    ته جيڪر جيئڻ جو سهارو ملي پئي
    اسان کي سدائين وچ سير ٻوڙيو
    اڙي! ڪاش! ڪڏهن! ڪنارو ملي پئي
    خزانن سان خوب نڀايو اسان ڀي
    انهي لاء سنهيو بهارو ملي پئي
    مٿي تند ٻيجل ٻڌي ٻول تنهنجا
    منهنجو ڪنڌ توکي ڪٽارو ملي پئي
    جهان گهوري سارو ڇڏيان تو مٿان
    محبوب جيءَ جو جيارو ملي پئي
    عجب الفت ۾ اکين جون ادائون
    ذرو جي انهن جو اشارو ملي پئي
    حسين مون به ڪيئي ڏٺا چنڊ آهن
    اکين جو جي تارو ستارو ملي پئي
    چانڊوڪي رات هجون تون ۽ مان
    اگر اهڙو پيارو نظارو ملي پئي
    ملڻ لاء توساڻ آهيان مان آتو
    چاهيان ٿو من ڪوئي چارو ملي پئي
    ڏکڙا هي پياسي رتي ڀر نه ڀانئي
    جي دلدار هڪ وار يارو ملي پئي


    زخم سيني جا پنهنجي نيارا لڳا

    زخم سيني جا پنهنجي نيارا لڳا
    تير جيڪي تو ڇڏيا سارا لڳا
    کڻي نيڻ پنهنجا تو نهاريو جڏهن
    تنهنجا ناز انداز پيارا لڳا
    کليا زلف تازا مهڪيون هوائون
    خوشبو سان تر ٻنيون ٻارا لڳا
    ٽهڪن تي تنهنجي ٽڙيا جت ڪنول
    ڪيڏا پيارا ڪينجهر ڪنارا لڳا
    ادائن جو تنهنجي ڪجي ڇا ذڪر
    ڪو سمجهي نه سمجهي اشارا لڳا
    چهري تان جنهن دم هٽيو نقاب
    پريشان سج چنڊ تارا لڳا
    پيا مٽ خالي ٻجهن جي عاشق
    مئي خاني ۾ موکيءَ متارا لڳا
    سندء دام دلبر ٿيا بند بازو
    پيل ونگ واسنيگن وارا لڳا
    سُرن سئن ٻيجل ڏنو سر ڏياج
    عجيب ڪينرو ڪنڌ ڪٽارا لڳا
    ٽٽي رات جنهن دم ڦٽي پره پيئي
    پياسي کي نرمل نظارا لڳا


    ڇو ٿي ڇنين تون ڇوري پوتيءَ مٿان ستارا

    ڇو ٿي ڇنين تون ڇوري پوتيءَ مٿان ستارا
    ڳاڙها گلابي ساواڪي نيلا پيلا ڪارا
    ڳڻتين ۾ ڇو ڳهيلي تون ويٺي اڪيلي آهين
    نڪري اچي اڱڻ تي چانڊوڪي پس نظارا
    ٽاري مان ٽهڪي ٽهڪي پن پن مان مکڙي مهڪي
    ڀوئنرا مڙن گلن تي تيئن تون به وٺ سهارا.
    ٻانهن کي ٻيڪڙي تون هيڪر هلي آ هنج ۾
    ڌڪ ڌڪ دلين جي بند ٿئي من جا لهن مونجهارا.
    ڏونئرن پُسي جو رنگ آ تنهنجي ڳلن چپن جو
    ميندي رتل هٿن جو ساڳيو ئي رنگ آ پيارا
    هُرمج جو ڀرت گج تي سوسيءَ سندء سٿڻ تي
    اجرڪ تي جو آ اڪريل ونگي وجهن سي وارا.
    تارن جيئان ٿو جرڪي تنهنجي جسم جو انگ انگ
    جهوٽن تي جيئن ٿا جهولن ڪينجهر ڪنول ڪنارا.
    اک اک اَڻي مان تنهنجي ڇنڀرن منجهان ڏسان
    مرڪيو پيو ڏين اشارا چرن پرن جي تارا
    ميون مٺن جي رس ۽ ماکي کان وڌ مٺو آ
    تنهنجي چپن جو امرت سنڌو ندي جي ڌارا
    پياسي پريت جو پنڌ توکان پڇي پيو تنهنجو
    گوندر وڃن هي گذري ملي وڃن تو پارا.


    سارنگ آيو منڊل هوندا

    سارنگ آيو منڊل هوندا
    ساوا سارا جهنگل هوندا
    هر سو سبزا گاهه پٽن تي
    گل ڦل ٽڙيا ڪومل هوندا.
    برن پٽن بي جان ڀٽن تي
    برسيا جل ٿل بادل هوندا
    ڪارونجهر جي ڪور تي مورن
    رقص ڪيا ڇا انگل هوندا
    ڇيلن ڇالون ڦرڙن ڦيرا
    هرڻ خوشي ۾ پاڳل هوندا.
    چانڊوڪين ۾ منظر سهڻا
    نور سان سارا وهنتل هوندا
    مينڍا ڌوتل چنريون پاتل
    چهرا ڇا ڇا چنچل هوندا
    ڪنڊين ڪرڙن لامن لٽڪي
    ڪوڪو ڳايا ڪويل هوندا
    مارو بن تو ويڙهي جهپ ۾
    گوندر منجهه سڀ گهايل هوندا .
    ڪوٽ عمر جي باندي بند ۾
    پياسي روح وياڪل هوندا


    لفظ ڇاهو زبان مان نڪتو

    لفظ ڇاهو زبان مان نڪتو
    تير ڄڻ هو ڪمان مان نڪتو
    بادل جيئن هو هٽيو اوچتو
    چنڊ ڇا آسمان مان نڪتو
    جنهن آئيني ڏٺا حسين چهرا
    ڀڳل هو سو دڪان مان ڪتو
    گل سونگهيندي زخمي ٿيا لب
    ڪنڊو هو گلدان مان نڪتو
    مدهوشيءَ جي عالم ۾ ٻارڙو
    ڊوڙندو زندان مان نڪتو
    شخص جنهن سمجهيم مسيحا
    مردو قبرستان مان نڪتو
    ورق ورايم ڪري پيو هٿن مان
    غزل هو ديوان مان نڪتو
    سيزر سسڪندي پٺتي نهاريو
    بروٽس هو ايوان مان نڪتو
    پٺتي نهاريم مرڪي پيو قاتل
    خنجر هو جسم جان مان نڪتو
    پرتوو حُسن يار جو پياسي
    شعلو هو شمشان مان نڪتو.


    پار منزل تي ئي پنهنجي پاڻ ٿو پڄڻو پوي

    پار منزل تي ئي پنهنجي پاڻ ٿو پڄڻو پوي
    زندگي جي لاء هت ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي
    واٽ ويندي آيا طوفان تن کي موڙڻ لاء ڀي
    سورهيه سپوتن وارو جذبو ٿو هتي رکڻو پوي.
    ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي غلامي جا وڃن زنجير سڀ
    پُر عزم سان پر وفا جو ساٿ ٿو ڏيڻو پوي
    ڪاري نانگڻ جهڙي رات منجهه ٿئي روشن مشعل
    لاٽ ٿي هن ٻاٽ ۾ ڀي پاڻ ٿو جلڻو پوي
    ڪوڙ قاتل جي اڳيان سچ سندو ٿي سرخرو
    سقراط بنجي دور هنجو زهر ٿو پيڻو پوي
    سر اڏي تي رند رکي راه ائين چوندي ويا
    موت کي ٿو منهن ڏيئي منصور ٿي مرڻو پوي
    عشق جي آڙاهه ۾ خود عشق ٿو چکيا چڙهي
    مچ محبت منجهه ٿو پروانو ٿي جلڻو پوي
    ميس پنهنجي کي تون ماري جيءَ اُجاري يار ڇڏ
    ڏاڍ جو ڏونگر اڳيان ڏس يار ٿو ڏرڻو پوي
    جنهنجو توسان ساٿ سنڌ آهه تنهنکي ٿو ڏسان
    ڀيرو ڀٽائي ڀٽ مٿان هر بار ٿو ڀرڻو پوي
    سڪ سهڻي ڪاڻ ساهڙ پئي ڪاهي منجهه ڪنن
    پار پهچڻ لاء ڀي ٿو تار مان ترڻو پوي
     


    ڪنهن جي ياد من منهنجو تڙپائي ويٺي

    ڪنهن جي ياد من منهنجو تڙپائي ويٺي
    مونکان پيار جو گيت چورائي ويٺي
    ٺاهيان جا به مورت مورت جي صورت
    آئيني ۾ دل جي هو بدلائي ويٺي
    ڪري پيار پهرين ۽ واعدا پوء ٽوڙِي
    پنهنجو پاڻ هاڻ ڪيئن پڇتائي ويٺي
    سوين ڳالهيون دل تان ويون ميٽجي
    ڏسان پيو وري تن کي ورجائي ويٺي
    ويهي سيج تي اُت تصور ۾ ڪنهنجي
    ڪڍي ڪيئن نه گهونگهٽ شرمائي ويٺي
    محفل ۾ جت مئي جا پيمانا ڇلڪيا
    کڻي جام سان جام اُت ٽڪرائي ويٺي
    ٿين ڇونه مست ڀلا ڀونئر حُسن تي
    ٽڙي مکڙي گل ٿي مسڪرائي ويٺي
    خوشبو گلن جي کان منهن موڙِي هر پل
    پلئه پنهنجو خارن سان اٽڪائي ويٺي
    ڇُڙيل وار چهري تي ڇانيل اداسي
    تنهائين سان دل ڪيئن نه بهلائي ويٺي
    خاموش ڪيئن پوء گهاري ڪو سگهندو
    جڏهن دل جو در پياسي کڙڪائي ويٺي.
     


    جڏهن قيامت سر تي ٿي نازل آ يارو

    جڏهن قيامت سر تي ٿي نازل آ يارو
    ٿيو ڪير ان جي منهن مقابل آ يارو
    ڪڏهن ڪنهن ڪئي ڪنارن جي تلاش
    قهري ڪنن منجهه پنهنجي منزل آ يارو
    لٿا درد و غم سڀ ويڙهي ويا جي
    ڪرم جي ٿي بارش مسلسل آ يارو
    زندگي سان جو نڀائي نه سگهيو
    ڪيڏو مورک هيچ بزدل آيارو
    روز هزارين حادثا ٿيندا رهن ٿا
    باقي ڇا بچيو انساني نسل آ يارو
    نسيم الطاف سان جو وهيو واپريو
    چئو ڪنهن ڪيو ڪنهنجو قتل آ يارو
    ارمانن جي دنيا ۾ خوشيون آهن ڪٿ
    دل اکي اميدن جو ڏڍ حاصل آ يارو
    بزم ۾ ڪالهه محبوب مرڪندي ڏٺم
    اڄ ڏسان ٿو ويران محفل آ يارو
    سفر زندگي جو سڻائو ڪيئن بڻجي
    پنهجن جي گهپي ڪلڪل آ يارو
    ڪنهن ڪنهن کان ڇا پڇان پياسي
    لڳل وات وات تي قفل آ يارو.


    (نسيم کرل، الطاف عباسي)


    جڏهن چنڊ چوڏهين سندي رات ٿيندي

    جڏهن چنڊ چوڏهين سندي رات ٿيندي
    تڏهن توسان پنهنجي ملاقات ٿيندي
    ويو چنڊ گم ٿي پوئين پهر ۾ جي
    ٽٽي رات ويندي ته پرڀات ٿيندي
    پيا گل کڙِي جي گلشن ۾ چوڏس
    خوشبوءِ جي اُت پوءِ برسات ٿيندي
    جي پل لاء وڇڙي وياسين ته ڇا ٿيو ؟
    وري وائي منهنجي سندء وات ٿيندي
    سندءِ دل ۾ جي جيون سندي جوت جلندي
    پنهنجي پر اونده مري مات ٿيندي
    هڻي هوڪا حق جا سُوري ڏي هلبو
    سِرن جي جتي ڪائي خيرات ٿيندي
    جي ميدانن ۾ ڀٽڪي تڙپي پياسين
    پنهنجي ڏات سورن جي سوغات ٿيندي
    ڀيانڪ ۽ تاريڪ راهن تان پياسي
    جڏهن زندگي جي ته شروعات ٿيندي
    تڏهن توسان پنهنجي ملاقات ٿيندي
     


    تنهنجو روح جيسين پرين پاس رهندو

    تنهنجو روح جيسين پرين پاس رهندو
    صدين تائين تيسين هي احساس رهندو
    تو منهنجي محبت جو چرچو ئي رهندو
    نه رهندي زمين هي نه آڪاس رهندو
    پن پن ٿي گل گل اڏامي وڃن جي
    انهن جو ته پوء اڃان واس رهندو
    اندر ۾ جو تڙپي سو من تو لاء ماندو
    مگر ڪيسيتائين بنا پياس رهندو
    صحرا هي سارو چمن پنهنجو آهي
    ايندين ته آباد ٿي راس رهندو
    چرنن ۾ تنهنجي رکي سرهي پنهنجو
    اڳيان تنهنجي داسي ٿي ديوداس رهندو
    جيسين جڳ ۾ جيئرو اڃا آهي پياسي
    تيسين پيار جي ٿي تنهنجي آس رهندو.
     


    اڱڻ منهنجي آئين ته دل شاد ٿي ويو

    اڱڻ منهنجي آئين ته دل شاد ٿي ويو
    گهر منهنجو ويران آباد ٿي ويو
    خوشي جي ڀلا اُت ٿيندي انتها
    پکي بند پڃري مان آزاد ٿي ويو
    اوچي اوج تي جا ڪري ڪاڪ پئي
    ٽٽي سارو طلسم سو برباد ٿي ويو
    خزائن جي بدلي مليون مون بهارون
    ڪري ماٺ خاموش صياد ٿي ويو
    تصور کان ويئي جا تصوير وسري
    مونکي تنهنجو خاڪو وري ياد ٿي ويو
    کڻي هٿ ۾ پئمان مرڪي ڏنو تو
    منهنجو شعر محفل ۾ ارشاد ٿي ويو
    پياسي مليو جڏهن ساٿ پنهنجو
    ته بيداد سان ڄڻ ڪو عناد ٿي ويو
     


    پير پهرين جنهن پاتو

    پير پهرين جنهن پاتو
    پيار ۾ ڄڻ سو کاتو
    تو منهنجي پيار جو رشتو
    تو منهنجي عشق جو ناتو
    ڪنهن ٿي ڪنهن جي راهه تڪي
    ڪير هو ڪنهن لاء آتو
    سگهان ٿو مان ٿي تنهنجو ؟
    چيو هو مرڪي ها تو
    جدا هيون راهون پنهنجيون
    ڪنهن کي ڪنهن ٿي ڄاتو
    پيار پريت جي راند ڪندي
    تو مونکي هٿ هو لاتو
    پڇيو مون پيار جو واعدو
    ڪيو هو دل سان آتو
    سگهئين نه ٿي تون آجو
    ڦاٿس مان به بلا تو
    سيج سجي رتِڙا هٿڙا
    ڇا ميندي رنگ هو لاتو؟
    اک سان اک ملائي پياسي
    ڪيو هي پاڳل ڇا تو؟
     


    لفظ ايئن مونسان دوستو هٿ ونڊائين ٿا

    لفظ ايئن مونسان دوستو هٿ ونڊائين ٿا
    ڄڻ خيالن کي شعرن ۾ منهنجي بدلائين ٿا
    پراڻين يادن سان چهڪ ڏيندڙ پرڪشش مزا
    ٿئي ٿي حيرت هوش هوندي ڇرڪائين ٿا
    جهور پوڙهن هٿن جا ڏسي هي ليڪا ڊٺل
    خبر ناهي ڇو ساهه منهجي کي سڪائين ٿا.
    چڪيو چاڪ سيني جا پون ٿا جڏهن سارا
    گرم اشڪ اکڙين جا پوءِ دامن پُسائين ٿا.
    گلڙن تي پيل ڏسي مرڪندڙ ماڪ جا موتي
    ڇهان ٿو تنکي دل منهنجي کي دڙڪائين ٿا
    مان نه ويٺو آهيان هتي اڃا ڏس ويسلو
    اجنبي آواز ڇو در منهنجو ٺرڪائين ٿا
    اوندهه رات ۾ ڀي هي ٽمڪندڙ ستارا
    راهگيرن کي واٽ ويندي دڳ لڳائين ٿا
    پور زندگي جا جڏهن ٿيو وڃن ٿا سور
    احساسن کي پوء ور ور ڏئي ورجائين ٿا
    سجائي سِر سوري تي مشاهدو عشق جو ماڻي
    نازڪ نينهن جا ناتا نيزن سان نڀائين ٿا
    اداس شامن جا هي پياسي خوبصورت منظر
    خوشين سان ڪيئن نه غمن کي وندرائين ٿا.
     


    دُلارن سان ڳالهيون اسين بي ڪنداسون

    دُلارن سان ڳالهيون اسين بي ڪنداسون
    اشارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    ڪليون غنچا گل ڦل ۽ مکڙيون کلائي
    بهارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    حسين وادين جي هت حسين پيچرن ۾
    نظارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    لنگهي سيرن لهرن ۽ ويرن سان وچڙي
    ڪنارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    چڪيون چوٽ چاڙهي مٽن پاسي موکي
    متارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    زمين آسمان مٿي سيارن تي ويهي
    مدارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    سياهه راتين جي اُت انڌيرن ۾ ڀٽڪي
    ستارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    سدا سڪ سارنگ سندي سيني سانڍي
    سنگهارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    نوان نينهن نغما ته ٺُمرين تي ڇيڙِي
    نقارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون
    گهڙيون گوندرن منجهه پياسي گذاري
    قرارن سان ڳالهيون اسين ڀي ڪنداسون.
     


    طلسم مڪر جا ٽوڙڻ چاهيان ٿو

    طلسم مڪر جا ٽوڙڻ چاهيان ٿو
    رُخ زندگي جا موڙڻ چاهيان ٿو
    نفرتن جون ديوارون ڀڃي ڀوري
    محبتن جا ناتا جوڙڻ چاهيان ٿو
    حسد، وير ڪيني جورو جفا جا
    ڪُن ڪلاچيءَ ۾ ٻوڙڻ چاهيان ٿو.
    ڪارونجهر ڪشمور ڪينجهر ڪاڇي
    گورک تي پير کوڙڻ چاهيان ٿو
    ڇڏي ڪاهلي چپاتن جيئان چڙهي
    ننڍ نيڻن جي اکوڙڻ چاهيان ٿو
    ڪلهي ڪينرو پائي صدائون هڻندو
    جهنگ جبل برپٽ ووڙڻ چاهيان ٿو
    وقت جو ڪندي احساس حوصلي سان
    تيز منزلن ڏي ڊوڙڻ چاهيان ٿو
    زيور تعليم جو جوڙي قلم سان
    خون پنهنجي کي ولوڙڻ چاهيان ٿو
    نقلي چهرن کي هت ڪري بي نقاب
    رنگ سارا بد نچوڙڻ چاهيان ٿو
    ڪارو ڪاري جا ظلم پياسي ڏسي
    زخم پنهنجا اُڊوڙڻ چاهيان ٿو.
     


    سنڌڙي کي جڳ مڳائي سگهو ته ساٿ ڏيو

    سنڌڙي کي جڳ مڳائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    قدم پنهنجا اڳتي وڌائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    ڪشتي تُند طوفانن قهري ڪنن مان ڪڍي
    ڪناري سان جي لڳائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    سياهه راتين جي گهگهه اونداهين ۾ ڀٽڪي
    ڏيا روشني جا جلائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    شهيدن جي خون سان رنڱيل ڪپڙا تن جا
    پرچم ٺاهي اڏائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    بي سهارن سان درد و غم ۾ اي! دوستو
    ناتا نينهن جا نڀائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    قوت عشق سان هر پست شي کي بالا ڪري
    فاصلا نفرتن جا مٽائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    آتش فشان بنجي ڪنهن وڏي زور سان
    ڏونگر ڏاڍ جا ڏڪائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    ادارا علم و ادب جا سارا ناميارا مگر
    سنڌي ادبي سنگت هلائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    غذل وائي گيت نظم ڪافي همرچو جمالو
    ترنم سان گڏجي ڳائي سگهو ته ساٿ ڏيو
    قلم جي حرمت علم و ادب جي حڪمت سان
    مقدر کي پنهنجي بنائي سگهو ته ساٿ ڏيو.
     


    بزم ۾ تنهنجي اچڻ چاهيان ٿو

    بزم ۾ تنهنجي اچڻ چاهيان ٿو
    صنم تو سان روبرو ملڻ چاهيان ٿو
    تو مون گڏجي ڏٺا هئا جي سپنا
    تن يادن سان زخم ڀرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ موٽي اچين اچين ته اچين
    در پنهنجا کليل رکڻ چاهيان ٿو
    بي وفاين جو ذڪر ڪجي ته ڪهڙو
    وفائن جو ڀرم رکڻ چاهيان ٿو
    پيار جا ٽٽندا ناهن ڪڏهن سلسلا
    مري ٻيهر جنم وٺڻ چاهيان ٿو
    هزارين شبد پُهندي گيتن ۾ مان
    نئون روز نظم لکڻ چاهيان ٿو
    دکيل دونهين کي تو ڇڏيو اجهائي
    تنهنجو ٻارڻ بنجي ڌڳڻ چاهيان ٿو
    شاخن تي نمي جت ڏنيوسين لاتيون
    تن جا گل ٿي مان ٽڙڻ چاهيان ٿو
    راهن جن تي پير کوڙي بيهي رهين
    تن تان قدم اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو
    خوف خطرن کان ٿيو ناهيان خائف
    پياسي ڳالهه حق جي ڪرڻ چاهيان ٿو.
     


    آئيني ۾ وار سنوارين ٿا ماڻهو

    آئيني ۾ وار سنوارين ٿا ماڻهو
    نهارين ڇا ٿا ڄڻ مارين ٿا ماڻهو
    ڪن جي حصي ۾ غم ڪن جي خوشيون
    عجيب زندگي هت گذارين ٿا ماڻهو
    ماڻهن هي مزاجن جي پوي نه ٿي خبر
    ڪڏهن ٻوڙين ڪڏهن تارين ٿا ماڻهو
    دريا درد جي دل غوطا لڳي ٿي کائڻ
    جڏهن لڙڪ اکين مان هارين ٿا ماڻهو
    چمن محبتن جا پل ۾ اجڙي وڃن ٿا
    نفرتن جا جڏهن ٻارڻ ٻارين ٿا ماڻهو
    سکن ۾هرڪو سڀ ڪنهنجو حال ڀائي
    ڏکن ۾ ڦٽن تي لوڻ هارين ٿا ماڻهو
    عشق جي اڻانگين راهن تان گذرندي
    پهرين پيار ڏين پوء ڌڪارين ٿا ماڻهو
    نقاب جنهن دم ڦڙڪن ٿا هوائن منجهه
    گس هلندي ڪيئن نه بهارين ٿا ماڻهو
    مشڪل ۾ ڪنهنجو ڪنهن ۾ پوي نه ڪم
    وقت اچڻ تي ڪيئن نه ٽارين ٿا ماڻهو
    پريت پيار وارن جي ڇا چئجي پياسي
    ڪٽر دلين ۾ جڏهن ڌارين ٿا ماڻهو
     


    جن ئي اکڙين مور ڏٺو مون

    جن ئي اکڙين مور ڏٺو مون
    تن ئي تن منجهه چور ڏٺو مون
    پن پن ٽاري مکڙي مکڙي
    ڀڻ ڀڻ ڀڻندو ڀونئر ڏٺو مون
    چاهه مان اڏري چانڊوڪي ڏي
    چڙهندو چنڊ چڪور ڏٺو مون
    سهڻي دريا پار ڪندي اُت
    لهرن وچ ۾ شور ڏٺو مون
    طوق گلي زنجير ڪلهن ۾
    هٿ ۾ تنهجي ڏور ڏٺو مون
    شاخ تان بلبل جو آکيرو
    پٽ تي ڪرندي ڀور ڏٺو مون
    هيڏي روشني جي دريا منجهه
    ٻاٽ اوندهه جو پور ڏٺو مون
    سچ جو ساٿي ڪير نه ڪنهنجو
    دل ۾ ڪندي غور ڏٺو مون
    جنهن سان مون پريت نڀائي
    ظالم اڄ سو زور ڏٺو مون
     


    جهان سارو سُورن جو سامان سوچ

    جهان سارو سُورن جو سامان سوچ
    مَتو چئو طرف پيو آ طوفان سوچ
    هتي عشق جون راهون دشوار آهن
    ملي ڪانه منزل ٿي آسان سوچ
    ڏينهن رات پنهنجو رت ٿو ولوڙين
    ڪٿ جهولي ۾ تنهنجي آ نان سوچ
    جيئڻ ڪاڻ هت جتن سو ٿين پيا
    ڪندو ڪو نه ڪنهن تي ڪو احسان سوچ
    گهڙي هر زخم تو تازا ڪري پئي
    ٿيو توکي ڇا آهي نادان سوچ
    چڪي جنهن ظلم جي پيا پيڙهجون
    ڪڏهن ٽٽندو طلسم سو زندان سوچ
    بنا رنگ جي هيءَ حياتي آ ڪهڙي
    آهين چند گهڙين جو مهمان سوچ
    چند سڪن خاطر اصولن کي ٽوڙين
    ڇو وڪڻين ٿو پنهنجو ايمان سوچ
    مفادن جي خاطر تون ماڻهو کي ڏس
    ٿي انسان مان ويو ڪيئن حيوان سوچ
    سياهي اها پياسي متڻي آهي مٽبي
    ڪري تارو وهائو پيو اعلان سوچ
     


    در پٺيان نڪتو هو چنڊ

    در پٺيان نڪتو هو چنڊ
    مرڪي من ۾ پيو هو چنڊ
    جهڙ جهالارن ۾ جو ڏٺم
    پرين جو پرتوو هو چنڊ
    ٿي چوڏس اوندهه انڌڪار
    ڪڪرن منجه لڪو هو چنڊ
    چوڏهين چانڊاڻ چاهت ۾
    شايد چڪو ر وڻيو هو چنڊ
    پور خاموش راتين ۾ ڀي
    ڪهڙو سهڻو ٿڌو هو چنڊ
    سج زمين جو ٽٽو رابطو
    ڏٺوسين ڦٿيڪو هو چنڊ
    هٿ مرڪي ڪنهن لوڏيو
    سمجهيم عيد جو هو چنڊ
    ڪريا ڪرڻا جڏهن ڀونءِ تي
    ٻري روشن پيو هو چنڊ
    ڏور ستارن جي جهان ۾
    ماٺ اڪيلو بيٺو هو چنڊ
    گهنگهور گهٽائن مان پياسي
    ڊوڙندي ڀلو لڳو هو چنڊ
     


    بد نصيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه

    بد نصيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    بس غريبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    رقيب ته آخر رقيب ئي آهن
    پر قريبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    سقراط پي زهر چيو ڪالهه حق
    اڄ اديبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    درد ڪنهن جي جت ناهي دوا هت
    اُت طبيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    هر روز سوري چڙهن ٿا منصور
    پر صليبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    هجن ساز سُرندا ۽ آواز بند
    چُپ نقيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    سگهن ڏيئي نه ماڻهو کي ماڻهپو
    ته تهذيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
    نه سمجهي سگهن پنهجو پيار پياسي
    پوءِ عجيبن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
     


    هيٺ زمين مٿي آسمان آ زندگي

    هيٺ زمين مٿي آسمان آ زندگي
    دوستو ڪيڏي نه مهربان آ زندگي
    تلاشِ خيابانن، بيابانن جي جستجو
    روان منزلن ڏي ڪاروان آ زندگي
    علم ۽ هنر جي جت قدر آهي قيمت
    اُت صحرا به گلستان آ زندگي
    ڏيا پر ڏيهن جا جلندا ئي رهن ٿا
    هت انڌيرن جو ڇو جهان آ زندگي
    راهه راهه هت قدم قدم تي رڪاوٽ
    وڌ کڻي حوصلا امتحان آ زندگي
    ظلم و جبر جي دنيا آهي دلدل
    انسان پريشان حيران آ زندگي
    ورق ور ور ڏئي ورائيندي ڪيترا
    هر شبد اکر اکر داستان آ زندگي
    ڏکن منجهه جي گذري وڃي حياتي
    سکن جو پوءِ امڪان آ زندگي
    قلم تي هجي قيد سوچ هجي گهاء
    درميان لبن جي بي زبان آ زندگي
    ڪرڻو آ جيڪو ڪري وٺ سو پياسي
    چند گهڙين جي هيءَ مهمان آ زندگي
     


    ڦٽ فراق جا ڀرجي نه وڃن

    ڦٽ فراق جا ڀرجي نه وڃن
    نشا جيئڻ جا لهي نه وڃن
    دوا دل درد جي آسري ۾
    ڳوڙها ڳلن تان وهي نه وڃن
    سچاين جي اعتراف ۾ دوستو
    جيرا دشمن جا جلي نه وڃن
    خون ناحق ٿيندو پروانن جو
    مکيون باغن منجهه لڪي نه وڃن
    رُت آئي ناهي اڃا سانوڻ جي
    ڪٿ بادل گرجي برسي نه وڃن
    مونکي منزل جي آهي تلاش
    نشان قدمن جا ڊهي نه وڃن
    آزاد فضائن ۾ اڏامندي
    پر پکي جا ڪٽجي نه وڃن
    پنهنجو پاڻ تون رک سنڀالي
    دوست ڪٿ دشمن ٿي نه وڃن
    روشنين جي ڳولائن ۾ ساٿي
    تاريڪ راهن ۾ ڀلجي نه وڃن
    محبتن جا ٽڙيل گل پياسي
    نظر بد سان ڪومائجي نه وڃن.
     


    ڏينهن ٻه هوندو جوڀن مون سوچيو نه هو

    ڏينهن ٻه هوندو جوڀن مون سوچيو نه هو
    زهر ويندو ٿي جيون مون سوچيو نه هو
    جڏهن ڪلي مان کڙِي اڃا ٽڙي ٿيس گل
    ڇڻي ويندس ٿي پن پن مون سوچيو نه هو
    جن کي سمجهيم ٿي تارو پنهنجي اکين جو
    ڦري ٿيندا سي دشمن مون سوچيو نه هو
    ڪيم جن جي آبياري هٿن ساڻ پنهنجي
    اجڙي ويندو سو گلشن مون سوچيو نه هو
    ڏيا ٻاري رکيا هئا، مون جي راهه وفا ۾
    وسائي ڇڏيندا محسن مون سوچيو نه هو
    حقيقتن کان موڙي منهن پنهنجا ساٿي
    ٿي ويندا بدظن مون سوچيو نه هو
    منهنجا گيت شاه جي سرن جا پڙلاء
    گونجبا منجهه شعرن مون سوچيو نه هو
    پورهيتن جي پسيني جي کائي ڪمائي
    منهن ڦيرين رهزن مون سوچيو نه هو
    چڪي چاڪ پوندا ۽ وهي رت جي هلندو
    منجهان دل جي زخمن مون سوچيو نه هو
    ڏسي هيڏا هاڃا ”منشي“ جو پياسي
    ويندو ساهه صدمن مون سوچيو نه هو.
     


    هر راهه جا آهن راهي نرالا

    هر راهه جا آهن راهي نرالا
    ڪير ڪڍي پوءِ ڪٺن ڪشالا
    اوندهه بن چئو قرباني جي
    ٿيا به آهن ڪڏهن اجالا
    سچ چئي هت سهي سگهي ڪو
    تير جسم تي پنهنجي ڀالا
    مستي جنهن ۾ ناهي هستي
    ڇاجي مئي سا ڇاجا پيالا
    ساٿي ٻولي ڀلا ڇا سگهبو
    گنگ زبان چپن تي تالا
    تاريڪ روشن رات وڃي ٿي
    هٿ هٿ ڏيا ٻرن مشالا
    درد جو ناهي ڪوئي علاج
    نيروهن ڀلي پيا نالا
    سر جو سانگو لاهي اُٿندا
    سمجهه نه سورهيه ڀولا ڀالا
    بيٺا آهن جانٺا پياسي
    آزادي جا ڏس متوالا
     


    رسم محنت جي ابتدا ڪر

    رسم محنت جي ابتدا ڪر
    وقت جو قدر ڪر انتها ڪر
    حاصلات کان اڳي دوست
    جيءَ پنهنجي سان جفا ڪر
    جهالت جا سڀ ڀوري بُت
    علم هنر تي اڪتفا ڪر
    حقن جي ڪرين جي ڳالهه
    فرضن کي پنهنجي ادا ڪر
    ڪوڙ ڪپت جو وهنوار ڇڏ
    قلم سان پنهنجي وفا ڪر
    دونهاٽيل فِضا ٻوساٽ ۾
    ماحول خوشگوار پيدا ڪر
    اوندهه تي پکيڙِي روشني
    گهر گهر روشن ڏيا ڪر
    زخم زخم جو مرهم بنجي
    ڪنهن درد دل جو دوا ڪر
    ترهو تار مان ويندو تري
    بلند پنهنجا حوصلا ڪر
    وچن جي ڪرين پياسي
    ته پير پنهنجا پڪا ڪر
     


    اسٽيج تي ڪردارن جا لاشا

    اسٽيج تي ڪردارن جا لاشا
    تاڙيون وڳيون بڻيا تماشا
    چٽ ڀري تو ٺاهيون سهڻيون
    ڀلا تو ڪنهن لاء بت تراشا
    هٿ صحرا ۾ ڇا توکي ايندو
    ڀٽڪيل روح جا اي متلاشا
    جيئن جو چاهي تيئن ڪري
    سڀڪو پنهنجي دل جو پاشا
    اوٽ بهارن جي اوسيئڙي ۾
    مليا مون ها ڪئي خراشا
    تنهنجي پتي ۾ سک جا سپنا
    منهنجي پتي ۾ ڏکڙا خاشا
    جوت نه ٿي جڳ جيسين جرڪي
    تيسين ٿيندي ڪانه ڪا ناشا
    سج جا پاڇا ڳوڙهي ڏند تي
    ڳاڙها ڄڻ اجرڪ جا حاشا
    رات تارن چانڊوڪيءَ چنڊ
    جهڙِي منهنجي سندر ڀاشا
    جڳ سان ناتا پياسي نڀائي
    جيون جي ڪئي پوري آشا
     


    جي جلائي تو پيارا اجهايا چراغ

    جي جلائي تو پيارا اجهايا چراغ
    سي سيني تي رهجي ويا منهنجي داغ
    بهارن جي مستي گلشن جي خوشبو
    ڪيا جنهن ٿي تو منهنجا معطر دماغ
    جتي بلبلن ڪالهه ڀونئرن ٿي ڀڻڪيو
    اُتي اڄ سوين ڏس مڙي آيا زاغ
    ستم جيئن خزائن ۾ بهارون سهن ٿيون
    اجڙ ٿي ويا ائين هي محبت جا باغ
    خزائن ۾ ڀٽڪي ڀي توکي مون ڳوليو
    مگر ڪين تنهنجا مليا مون سراغ
    تون جي نه آهين بنا تنهنجي ساجن
    ڪڏهن درد کان مونکي ملندا فراغ
    ڀريا رنگ مون ڀي حسين شاعري جا
    رنگين تن کي پياسي ڪندا ڇا صباغ
     


    رت سان ڪيئن ٿي راند ڪڏي تو

    رت سان ڪيئن ٿي راند ڪڏي تو
    ڪنڌ تي وهائي ڪاتي مڏي تو
    ماڻهن من ڪيئن مرڪن پيارا
    گهر گهر کوري باهه کڏي تو
    پنهنجي ضد تي قائم چنيسر
    ڪين ڇڏي پر نيٺ هڏي تو
    ڪيئن ٿي ڏني خاطر تخت جي
    ٻاگهي کي هو سمجهيو گڏي تو
    ڪنڌ ڪپيو هو پڳ ڪري هئي
    ويو ڏٺو هو عرش لڏي تو
    دودي جي دل دهشت تي ڏس
    ڌرتي پئي ساري ڌڏي تو
    سنڌو ساگر تار تري ڪيئن ؟
    پاڻ هٿن سان ٻيڙِي ٻڏي تو
     


    ڪڏهن نه بنواس موڪليندس توکي

    ڪڏهن نه بنواس موڪليندس توکي
    اُميدن چاهتن جي آس موڪليندس توکي
    تو مٽي محبت جي ذري به نه موڪلي
    چيري جسم جو ماس موڪليندس توکي
    گل مرجهائجي ويا چمن جا جي سارا
    بدلي تن جي واس موڪليندس توکي
    ڀل ڀلائي ڇڏج تون يادن کي پنهنجي
    اُڌمن جو احساس موڪليندس توکي
    جوش ۾ اچي کنيا قدم تو جي اُٻهرا
    هوش سان گڏ حواس موڪليندس توکي
    زهر جو ڀري پيالو آڇ ڀل مونکي
    محبت ڀريو مٺاس موڪليندس توکي
    سچاين کان ويٺو آهين منهن موڙي
    پوءِ ڏياري وشواس موڪليندس توکي
    رنگ چهري جا ڀل بدلائيندو رهجان
    آئيني جو قرطاس موڪليندس توکي
    وري جي آئين موٽي دل جي اڱڻ تي
    در تان نه نراس موڪليندس توکي
    اُڃ عشق جي کي نه سمجهي سگهئين
    پياسي ٿي نه پياس موڪليندس توکي
     


    ڳالهه اهڙي ڪجي تن تڙپائي ڇڏي

    ڳالهه اهڙي ڪجي تن تڙپائي ڇڏي
    نه ته چپن کي پنهنجي سبائي ڇڏي
    اهڙي ڪٿا کان وڃي ڊڀ چرجن
    مٿو مسڪين جو جا ڦيرائي ڇڏي
    ڪوي جنهجي ڪوتا لڳي ڪورو ڪاڳر
    قلم اهڙي کي باهه لڳائي ڇڏي
    ٻڌل ڳالهيون ٻڌيو پچيو ڪن پون
    ٻول اهڙا هجن جڳ نچائي ڇڏي
    بنا سوجهري جي پتنگ خاڪ ايندا
    خاڪ کوري کي اهڙي بنائي ڇڏي
    رڳو رنگ بوءِ جو عاشق نه ٿجي
    ٿورو خزائن سان ڀي نڀائي ڇڏي
    ٻيجل نه ايندو نڪا تند ڇڙندي
    ڪنڌ ڪاتي سان پنهنجو ڪپائي ڇڏي
    نظر روشنين ۾ اچن ٿا انڌيرا
    لڀن پيرا نٿا گس مٽائي ڇڏي
    عجب لاٽ آهيان مان جلندو رهان ٿو
    وٽ ڏيئي جي سوري وڌائي ڇڏي
    پياسي پيو تيسين جهڳرندو جهان سين
    مڙهه پنهنجو نه جيسين لٽائي ڇڏي
     


    توهان پنهنجي زلفن ۾ گجرا سجايا

    توهان پنهنجي زلفن ۾ گجرا سجايا
    اسان داغ سيني جا پنهنجي لڪايا
    سندءِ سونهن روشن سورج جا سايا
    ڏيان ڪهڙيون تشبيهون ڪهڙا ڪنايا
    توهان ساز سرندن تي نغما پئي ڳايا
    اسان ٻول مٺڙن تي ڪنڌ پئي ڪپايا
    توهان پيار پنهنجي جا واعدا ڀلايا
    اسان نينهن ناتا توهان سان نڀايا
    توهان دونهن دردن جا دل ۾ دکايا
    اسان پيار محبت جامچ پئي مچايا
    اوهان جي اڱڻ تي ڏيا ٽمٽمايا
    اسان جي راهن ۾ تاريڪ سايا
    توهان پيار پنهنجي جا پنڌ پئي پڇايا
    اسان پاند لڙڪن سان پنهنجي پسايا
    توهان جي ته گلشن جا گل مسڪرايا
    اسان جي ته من جا ڪنول سڀ ڪومايا
    توهان جون ته سوچون سپنا پرايا
    اسان خيالن وهمن ۾ پياسي وڃايا
    توهان نينهن سان رنگ نوان پئي نچايا
    اسان پور دل ۾ پئي پنهنجي پچايا.
     


    ڏنا توکي جي مون سنيها مسافر ياد سي رکجان

    ڏنا توکي جي مون سنيها مسافر ياد سي رکجان
    سبق سندر سچائي جا سراسر ياد سي رکجان
    ڏسي تو جوش ۽ جذبا خوشيءَ مان روح ڏنا ريلا
    مٿان تنهن دم ڪيم گلڙا نڇاور ياد سي رکجان
    نيون راهون نوان رستا سچائي ۽ صداقت جا
    جاڳي جذبا دلين ۾ پيا اُجاگر ياد سي رکجان
    نه اوطاقن ۾ آهن سي دليون مئل جيارين جي
    نه ڀيڻيون مٿي ڀٽ تي، مجاور ياد سي رکجان
    نه موسم هئي ڪڏهن پن ڇڻ نه وائڻ جي هئي هڻ کڻ
    هئا سرسبز ساوا وڻ تناور ياد سي رکجان
    سدا آباد هيون بستيون ڪيون جن موج ٿي مستيون
    مليئي جي راهه ۾ هستيون قداور ياد سي رکجان
    جهڙا ڪڙڄ تهڙا ڪڪرا گودڙين مٿي گل سُرها
    اندر اجرا ٻاهر ڪوجها گداگر ياد سي رکجان
    ڪپت ۽ ڪوڙ تي ڪرڪي ويا پي سچ سندي سرڪي
    چڙها سوري مٿي مُرڪي بهادر ياد سي رکجان
    کنئي اوندهه مٿان پوني اندر جن جا ٿيا جو تي
    ڇٽيا دانش سدا موتي اڪابر ياد سي رکجان
    نينهن نازڪ هجن نيارا پسي پياسي سڄڻ پيارا
    چانڊوڪيون چيٽ سڀ سارا مناظر ياد سي رکجان.


    نظم

    پڪي مُحبت پڪا ڌاڳا،

    پڪي مُحبت پڪا ڌاڳا،
    ڳنڍبا پوءِ ڪهڙا ٽٽندا.
    وهم گمان وسوسن جا.
    دل کي دلبا ڪهڙا ڏبا.
    نازڪ نيهن ڪري نروار،
    سچ تان سر ڪٽائي ڇڏبا.
    جن ئي منزل ماڻي پيارا،
    سيئي ڪوندر ڪوپا سڏبا.
    قائم رکي سقراط جا قول،
    زهر جا پيالا مرڪي پيبا.
    لاٽ ڏيئي جي جيسين جلدي،
    تيسن پيا پروانا جلندا.
    رات کٽي پره ڦٽي جو،
    نور جا روشن ڪرڻا هوندا.
    ڪوئل جي ڪوڪوتي سارا،
    گل ڦل غنچا جاڳي پوندا.
    صحرا صحرا گلشن گلشن،
    خوشبوءَ سان مهڪي پوندا.
    ڏاڍ ڏمر کي زير ڪري،
    ڳاٽ پياسي اوچا رکبا.


    ڪچي محبت ڪچا ڌاڳا،

    ڪچي محبت ڪچا ڌاڳا،
    ٽُٽا پوءِ ڪهڙا ڳنڍبا.
    اُجلي اُجلي صورت تي ڪنهن،
    ڪڍيا ڪارا ڪارا ليڪا.
    ويرانن ۾ ڀونئرن ڀٽڪي،
    خارن ويهي واس تي ورتا.
    چانڊوڪي چنڊ چهڪن تي،
    چڪور ڀنڀلجي ها اُڏريا.
    ويرون لهرون لهرون بنجي،
    ٽڪري ٽڪري بڻيا ويڇا.
    موکيءَ مڌ ساڳي اوتيم،
    مستي تنهن ۾ ناهي سا،
    ڪلهي پاڻي ڪوئي ڪماچ،
    آيو آ گهري پيو سرڙا.
    موت جهڙي خاموشي کي،
    ٽوڙيندي سا ناهي فضا
    اک اک آلي اندر اُڌما،
    من ۾ مُنجهه ساهه ۾ سڏڪا.
    مايوسي جي حد آ پيارا،
    راڳ نه ٻيهر ڇڙندو ڇا؟


    آءُ ته جيون ڳائي گهاريون،

    آءُ ته جيون ڳائي گهاريون،
    ڏک سک پنهنجا ساجن ساريون.
    نفرتن جون ڀوري ڀتيون،
    ديپ خوشين جا گهر گهر ٻاريون،
    هيرون هوائون مهڪي اٿيون،
    گل ڦل غنچا مکڙيون ٽاريون
    تڙ تماچي ڄام ٿي وڻيون
    نوري خاطر ڪوجهون ڪاريون
    ڪاڪ ڪَنڌي تي مومل سومل
    درد فراق ۾ راڻي ماريون
    ظلم و جبر کي مات ڪري اچ
    ڏاڍ جا ڏونگر ويهي ڏاريون
    جاني ملڻ جا جي به ڪيا تو
    قول پياسي اڄ سي پاريون
     


    سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي

    سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي
    ڪينجهر کان ڪارونجهر فطرت پذير ٿي
    سنڌڙي تنهنجو شان هو شايان شان هو
    هوشو تنهنجي ته جان هو دودو جوان هو
    دريا به تنهنجي عظمت جذبي جو دان هو
    هر دل ۾ تنهنجي محبت روشن ضمير ٿي
    سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي
    زرخيز تون زرين تون اهڙي زمين تون
    تارن جي ڪهڪشان کان بي حد حسين تون
    شهباز ۽ لطيف جي آهين جبين تون
    ساراهه تنهنجي سونهن جي هر بينظير ٿي
    سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي
    فطرت جو شاهڪار تون گلشن بهار تون
    ڌرتيءَ تي جو وسي سوهيرن جو هار تون
    هر دل ۾ جو وسي سو پياسي جو پيار تون
    تنهنجي ته منهنجي دل ۾ اڪنڊ اڪير ٿي
    سنڌڙي تنهنجو سينگار جنت ملير ٿي.


    ڏکي دنيا ڏکيا ماڻهو،

    ڏکي دنيا ڏکيا ماڻهو،
    ڳڻيتن ڳهندو ڪير هتي.
    تو مون سرتي آڻي بلاجي،
    بيگر وهندو ڪير هتي.
    چيڪي چيڪي مٽي پنهنجا،
    هٿڙا گهندو ڪير هتي.
    ماس کي ماس جڏهن ٿو کائي
    وڃي پوءِ رهندو ڪير هتي.
    ڏاڍو هت سو گابو آهي،
    تون مان ڊهندو ڪير هتي.
    ٻڪري کائي ويو جي شينهن،
    وتندو ٽهندو ڪير هتي،
    راهه ويندي لٽجي ويو تنهن،
    سار به لهندو ڪير هتي.
    پنڌ اڻانگو ڏور اڃا ڀي،
    منزل ڪهندو ڪير هتي.
    بحر سڪوت ۾ آيو تلاطم،
    سوڀي سهندو ڪير هتي.
    تو جي گيت امن جا لکيا،
    پياسي ٺهندو ڪير هتي.


    چنڊ چڪور ملنت ڪٿي،

    چنڊ چڪور ملنت ڪٿي،
    سمنڊ جو پيارا انت ڪٿي.
    جو جوڀن جاني جالين پيو،
    جيون تنهن جيونت ڪٿي.
    خوشبوءَ جنهن من محبت موهيا،
    بهار ڪٿي سا بسنت ڪٿي.
    ويران محبت جون مڙهيون،
    ساڌو وياسي سنت ڪٿي.
    جي ڪوري ڪچ ڪڍن ڪاراڻ،
    جوڳي سي ڪنونت ڪٿي.
    تن جي طنبوري من ۾ تپي،
    سا تند ڪٿي سا تنت ڪٿي.


    زمين ۽ زمان کي ڏڪائي ڇڏيوسين،

    زمين ۽ زمان کي ڏڪائي ڇڏيوسين،
    خدائي ۾ ڌڌڪو ڄمائي ڇڏيوسين.
    سر راهه ظلم و جبر کي ڌڪاري،
    نئون شور محشر مچائي ڇڏيوسين.
    رڪاوٽ جي رستي ۾ بڻيا اسانجي
    زور بازو سان تنکي هٽائي ڇڏيوسين.
    هئا سُست ساٿي وجهي روح تن ۾،
    نئون جوشجذبو جڳائي ڇڏيوسين.
    خزانن جا ساراويا باغ اُجڙي،
    رت پنهنجي سان تن کي رچائي ڇڏيوسين.
    سهي سور سختيون، ظلم ساڻ ٽڪري،
    پنهنجو نينهن نازڪ نڀائي ڇڏيوسين.
    ڀڃي زور بازو ڪري طاري هييت،
    مٿي ڀير ڏونڪو وڄائي ڇڏيوسين.
    ويري وقت جا لڳل گهاءُ دل تي،
    هر زخم تن جو مٽائي ڇڏيوسين.
    کڻي ساٿ پنهنجو هُن پار پياسي،
    قدم منزل ڏي وڌائي ڇڏيوسين.


    پربت جيڏي رات ڪٽڻ لاءِ،

    پربت جيڏي رات ڪٽڻ لاءِ،
    غفلت ڇڏيو اوهين به جاڳو.
    ڌرتي هن جي سيني تي جيئن
    اڀري سج ڪو نئون سڀاڳو.
    اجهو هو اُڀرو وهائو تارو،
    موڙ موڙ جو آهي مهاڳو.
    تدبير تي تن جي فخر آ مونکي،
    ڳنڍيو به محبت جو جن آ ڌاڳو.
    سهڻي ڏس پئي ڪاهي ڪنن ۾،
    ڏني نه جنهن پٺ آهي آڳو.
    پاڻ ٺهون جڳ جوت جلي،
    پوي ٿي جيڪر سون تي سهاڳو.
    جس آ تن جي همت کي جي،
    ڏين ٿا رت ڪڍي اوجاڳو.
    سچ جي ويڙهه مان ڪنڌ ڪڍائي،
    ڪارنهن جو تنهن منهن تي راڳو.
    نانگ ويندو ڪيئن نڪري ورمان،
    لوڙهه هجي ڪنهن هٿ ۾ پاڳو.
    سوچي سمجهي سڃ ۽ رڃ ۾،
    پنڌ پريم جا پياسي جهاڳو


    سورن سو سوداءُ ڏنئي

    سورن سو سوداءُ ڏنئي
    زخمن ڪيئي گهاءُ ڏنئي.
    آڳ ٻري جا من ۾ پئي،
    مرڳو تنهن جو ٻيو تاءُ ڏنئي.
    ڪوڙن جي دنيا ۾ پلپل
    پنهنجن کي پڇتاءُ ڏنئي
    سوڳنڌ سنڌڙيءَ جي خاطر،
    هوشو سر جو داءُ ڏنئي،
    ٻاگهي ڏيئي سنڌ ڪيئن ماڻي،
    دودي جهڙو ڀاءُ ڏنئي
    نوري نئڙت ناز و نياز،
    سمين گيرب گاءُ ڏنئي
    جن جن تولاءِ گيت چيا،
    پيار ڪٿي تن ماءُ ڏنئي
    جو به ملي جنهن ڌرتي تي
    سانئڻ ڪٿ سرچاءُ ڏنئي
    موٽي صدا ڀٽ گنبذ تان ڄڻ.
    پڃري بند پڙلاءُ ڏنئي
    ڏياچ کان سرجو ڏان وٺي،
    ٻيجل انڌ انياءُ ڏنئي.


    هوشوءَ جهڙو مڙس مٿيرو،

    هوشوءَ جهڙو مڙس مٿيرو،
    دودي دريا جو هت ديرو،
    روم سڙيو هو سنڌ جلي هئي،
    روپ چنيسر جي هو نيرو،
    هرڻي جي اکڙين ۾ اڙجي،
    باز ٿي خلجي آيو شيرو.
    ڪنهن جي دل ۾ ڪان چڀيو هو،
    ڪنهن جي دل لڳو هو ڇيرو،
    رات اونداهي ۾ گم ٿي ويا جي،
    ڪونه لڌو ڪنهن تن جو پيرو،
    حق لاءِ جن ڀي زهر هو پيتو،
    دوڳي ٿي وين ٻوٽي ٻيرو.
    ڪات ڪريا جن ڪنڌ ڪپيا،
    ذهنن کاڌو تن جي ڦيرو،
    سکڻي سوچ ۽ ٺاهه ٺگيءَ تي،
    گهر گهر ٻڌجي ويو ڏس گهيرو.
    زر زمين ۽ زن جي خاطر،
    ماڻهوءَ جو من ٿي ويو ميرو.
    روپ وڏيري جي آ پياسي
    هر ڪو پنهنجي جاءِ لٽيرو.


    توئي ڀٽائي جاڳ ڏنو،

    توئي ڀٽائي جاڳ ڏنو،
    جاڳ ڏنو ڇا ڀاڳ ڏنو.
    تو محبت عشق چاهه ڏنو،
    تو سرعام ڏنو ڇُر واڳ ڏنو.
    هوشو هيمون دودو دريا،
    سنڌوءَ کي سڀاڳ ڏنو.
    تو بيت وائي راڳ ڏنو،
    تو جو به ڏنو اجهاڳ ڏنو.
    سهڻا سهڻا شبد ڏيئي،
    سنڌيءَ کي مهاڳ ڏنو.
    وحدت جي تو وائي ڏني،
    ور ڏنو ويراڳ ڏنو.
    ڪاڪ ڪندي مومل ماڻي،
    مينڌري وارو ماڳ ڏنو.
    چت چري جا چوري چاڪ،
    چنيسر وارو چاڳ ڏنو.
    ساڻ سسئي جن ڏاڍ ڪيا،
    ڏيرن تن تو ڏهاڳ ڏنو.
    پياسي کي پر ۾ پنهنجي
    سلطاني تو سهاڳ ڏنو.


    ڪاڪ محل مان آيو شينهن،

    ڪاڪ محل مان آيو شينهن،
    تنهن سان ڪير نڀاهي نينهن.
    آڳ اُلن جي شعلن تي ڏس،
    رات ڦري ٿي پيو آ ڏينهن.
    ماٺ مٺي ڏس ڏيل ڏڪائي،
    کنوڻ هي گجگوڙون مينهن.
    ٿانو گهڙيل نيٺ سو ڀرندو،
    اڄ سڀان يا ڄاڻ پرينهن


    دودي دريا جي او ڌرتي،

    دودي دريا جي او ڌرتي،
    توکي هوشوءَ جي آ ڀرتي.
    جن ٿي ڏاڍن ڏيل ڏڪايا،
    مون ڀي تن جي اوٽ آورتي.
    مٺ ڦلن ڇو توکي سودي،
    پاڻ چوان ڪيئن ڌارين پرتي،
    جنهن ڀي پياسي ڳائي پيوسا،
    تنهنجي سورمي شاهه جي سرتي.


    تنهنجا ڀي ڪي ڏينهن هئا،

    تنهنجا ڀي ڪي ڏينهن هئا،
    سنڌڙي تنهنجو ڇا هو اوج
    سک لڳو هت سانت پيئي هئي،
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ من هو موج
    هوشو هيمون همت هئي ڇا،
    دودي دريا جي هئي فوج.
    لهرن سو تو لوڙهي ڇڏيا،
    ڪو نه بڻيو ڪو تو تي بوج.
    جن جا پيرا پهڻ پٿون ٿيا،
    تن جي ويٺو ڪريان کوج.


    سڙي سڃ ڪنهنجو اگر ٿيو تگر،

    سڙي سڃ ڪنهنجو اگر ٿيو تگر،
    اکيون کولي پنهنجون ڏسي ڪو اگر.
    کيٽن پلجي ٿئين وڏو تون،
    سار لڌي تن توڪا مگر.
    ڪٿي تڙ تماچي نوري جي مرقد،
    اڏيل ڪپ جنهن تي هو تنهنجو نگر.
    ويري وقت ظالم هن ويڙهاند ۾،
    ڪڍي ڪيئن پياسي ويو ڪنهن جا ڏگر.


    هتي هر ڪا چيز لڳي ائين پئي روڳي،

    هتي هر ڪا چيز لڳي ائين پئي روڳي،
    ڪميڻو آ اشراف اشراف ٺوڳي.
    حمايت ۾ مظلوم جي هن جهان ۾،
    چوي ڪوئي مون سزا آهي ڀوڳي.
    هتي ساز آواز تي ئي آ بندش،
    ڇڏي جوءِ پنهنجي هليا نيٺ جوڳي.
    سندءِ دل جو پياسي ٿيندو حال ڪهڙو؟
    رهي سُسُت ڪاهل ڀلا ائين جي موڳي.


    هاءِ حياتي پائي ڦوٽو

    هاءِ حياتي پائي ڦوٽو
    دنيا هن جو جيون کوٽو.
    سهڻي صورت ٺهڪيو ڀي آ،
    چيڙ چڳن چؤ ڪهڙو چوٽو.
    سڀڪو ڏس سرسيءَ جو ساءِ،
    ڪير سهي سر پنهنجو ٽوٽو.
    تون مان هڪڙي ٽاري جا پن،
    ڪو ڪو ڇوٽو ڪو ڪو موٽو.


    او ويٽنام جا عوام

    او ويٽنام جا عوام
    تنهنجي همت کي سلام،
    تنهنجي روشن هر صبح،
    تنهنجي سرهي آهي شام،
    تنهنجي عظمت جا نشان،
    ٿيا نمايان گام گام.
    تنهنجي جدوجهد جو سج،
    جڳ پيو جرڪي عام جام،
    سامراجي ڏس سوگهو تو وٽ،
    واهه آ ڦاٿو تنهنجي دام.
    تو لڳائي ضرب ڪاري،
    دل جي دشمنن تي عام،
    تنهنجي جرئت زور اڳيان،
    ڪيئن هڻي دشمن چوء هام،
    تنهنجو سورهيه رهبر آ هوچي،
    جڳ آ روشن جنهنجو نام،
    مظلوم قوم جا پيامبر،
    انسان دوستي جا امام
    تو وسائي گولا سر تي
    هيءَ ڇڏي سلجهائي مام


    قدم به قدم منزل ڏي هلجي،

    قدم به قدم منزل ڏي هلجي،
    ساٿ هلي ڪٿ پنهنجو جهلجي.
    ڳالهين مان ڪجهه ڪين ڪو ورندو،
    وايو منڊل هي هاڻ بدلجي،
    ڏاڍ ڏمر سان ٽڪري وڃبو،
    ڪو ٽاري سگهندو آيو ازل جي
    آڳ اندر ۾ پنهنجي لڳائي،
    من جو من ۾ جوت ٿي جلجي.
    روڪي تن کي ڇائي سگهبو،
    پلٽي جيڪر آئي اُٿل جي.
    تون مان سڀ ماڻهو آهيون،
    دشمني منجهه دوستي ڍلجي.
    ڪليون گل ڦل مکڙيون غنچا
    چمن هي سارو ڦولجي ڦلجي.
    سرءُ جي ساڙيل ڌرتيءَ رک،
    ور ور ڏيئي تنهن کي ولجي.
    سنگت سان ئي ساٿ نڀائي،
    تن سان ويهي سور ڪو سلجي.
    مايوسي جو هت موت ڏسي،
    پياسي پاڻ ڀلا ڪيئن پلجي.


    مرڪي ماڻهو جو جي من

    مرڪي ماڻهو جو جي من
    ته صحرا بڻجي پئي گلشن.
    غواص هجن سوجهي سي ڪڍن،
    موتي تار منجهان سمنڊن.
    سارنگ سانگين سائو ٿئي ٿر،
    جل ٿل بادل بيهي برسن.
    تن نظارن منجهه ظاهر،
    تنهنجو دوست ٿئي درشن.
    اونده رات جو سينو چيري،
    اُڀري صحر صبح روشن،
    ٽاري ٽاري ٽهڪ ۽ ٽيڙ،
    مُکڙيون غنچا گل ٽڙن،
    پن پن مکڙين مهڪ ٿئي،
    ڀونئر تن مٿان اڏرن.
    ٻيجل ٻولي ڏياچ اڳيان،
    جان گھوري ڇڏجي قدمن.
    پيار سڃاڻي ويڇا وساري،
    ٿئي نه ڪنهنجو ڪو دشمن
    پياسي سر جو داءُ لڳي،
    سنڌڙي ساهه وڃي چرنن.


    ڦليلي ڪناري وڻ اَملتاس هيٺان،

    ڦليلي ڪناري وڻ اَملتاس هيٺان،
    رهاڻيون ڪندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    ليٽي ڇٻر تي هٿ پاڻي ۾ ٿف ٿف،
    ڇنڊا هڻندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    سينو سيني ۾ ڏيئي ڀچي ڀاڪرن ۾،
    چپ چمندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    بي هوشي جي عالم محبت جي دوران،
    سج لهندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    راز محبت جون ڳالهيون ڪندي هو خفا ٿي،
    ڪڏهن وڙهندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    خوف کاڌل دلين جي اکڙين منجهان،
    لڙڪ وهندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    وريو واءُ اهڙو جو وري ڪين پوءِ،
    اُتي ويهندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو،
    ۽ پاڻي جي لهرن ۾ ويا گم ٿي ائين،
    ستم سهندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.
    پوءِ خاموش محبت جي وادي ۾ پياسي
    روح تڙپندي تن کي مون ڀي ڏٺو هو.


    ڌرتيءَ اُت ٽاڪ منجهند جو،

    ڌرتيءَ اُت ٽاڪ منجهند جو،
    بکئي پيٽ خاطر نڪتو.
    هرڪو هو آسامي گهرن ۾
    پکي پکڻ جيت مرون ڏرن ۾،
    پير اُگهاڙا پگهر مان شل هو،
    جسم تي چولو گوڏ ٻڌل هو.
    در در تو مون صدائون هڻندو.
    هلندو چلندو رُلندو پنندو
    پياس جي شدت کان هو تڙپي،
    ڀٽڪي سٽڪي اُس ۾ اُسڙڪي
    مانيءَ جي هڪ ڀورجي خاطر
    شهر ۾ ساءِ تنهنجي ظاهر
    سورن جي ائين تاب نه سهي،
    مسڪين پيو آ پٽ تي ڍرڪي
    جان ڏيئي ائين جند ڇڏائي،
    موت سان نيٺ ويو پاڻ نڀائي
    ٻڌو نه ڪنهن ڪن ڏيئي اُنکي.
    ڪيو نه ڪنهن خوش اَن ڏيئي اُنکي
    ماڻهو ٿي ڄڻ لڳا مئل سڀ
    موت جي ننڊ ۾ هئا پيل سڀ.


    سنڌڙي تو ۾ سنڌو جا نه آثار هجن ها،

    سنڌڙي تو ۾ سنڌو جا نه آثار هجن ها،
    ورق تاريخ جا تنهنجي ته اسرار هجن ها.
    مڙس مٿيرن جا نه هت انڀار هجن ها،
    باغ بهار هجن ها نه نقش نگار هجن ها.
    ڀون تنهنجيءَ تي ڀٽائي جي سنڌو نه هجي ها.
    نه هي هار هجن ها نه ئي سينگار هجن ها.
    سُورمن جي ثنا هت تنهنجي نه ٿئي ها.
    نه طلبگار هجن ها نه وفا شعار هجن ها.
    علم و ادب جون رونقون نه آباد هجن ها.
    نئين اشعار هجن ها نه ئي افڪار هجن ها.
    هت دودو دريا هيمون هوشو نه هجن ها،
    نه ئي ڪردار هجن ها نه ئي فنڪار هجن ها.
    ڪاڪ ڪينجهر نه هجي ها مومل نوري نه هجن ها
    نه ئي دلدار هجن ها نه ئي ديدار هجن ها
    جبل سمنڊ نديون ڍورا ڍنڍون نه هجن ها
    نه سبز زار هجن ها نه آبشار هجن ها
    فطرت جا ڀلا راز تو مٿان نه هجن ها،
    نه هت پيار هجن ها نه ئي قرار هجن ها،
    مٽي ۾ تنهنجي پياسي خوشبوءِ نه هجي ها،
    نه پرستار هجن ها نه طرف دار هجن ها.


    هي قوم آ ڪنهن جي بلي

    هي قوم آ ڪنهن جي بلي
    ۽ گهر وري ڪنهنجو ٺهي
    محبت نه آ ڪنهن ۾ ذري.
    نڪي سوچ آ نڪي ڪارو ڪم.
    واهه جي محبت پيا ونڊيون
    ٽڪڙا ٿيو سارو سماج.
    ان جو به ڪو هوندو علاج.
    داناءِ به ڏس نادان آ،
    پنهنجي وطن جو مان هو
    سر ساهه سڀ قربان هو
    ڪيئن پيا ملهائين هوليون
    بد خواهه ٿيا ڇو خير خواهه
    قاتل به تن جو ڪو ته هو
    خاموش سارو گلستان
    تن جا ويهي ويچار ڏس
    روان منزلن ڏي ڪاروان
    هت انڌيرائي انڌيرا،
    بس بيخبر ساٿي رهيا،
    هوش تي پيو پوش هو.
    قرب و محبت منجهه گڏي،
    رنگ وڃن منجهه سڀ رچي، خون سان ڌرتي رڱيون.
    ڪپت ڪوڙ ڪينو ڪڍون
    جيڪي به آ سو حال آ،
    قرض لاهي سڀ ڇڏيون.
    دنيا جو پياسي خيال آ. مينهن ڪُڏي پنهنجي ڪلي،
    هت خون ٿو ڪنهن جو وهي،
    احساس هت ويو آ مري،
    نڪا راهه آ نڪي درد و غم،
    ڇوهه هڪ ٻئي تي ڇنڍيون،
    ڇا رسمون پنهنجا هئا رواج،
    جي قوم جو بگڙيو مزاج،
    هتي علم جو فقدان آ،
    ڇا قوم هن جو شان هو،
    جوڌو هتي هر جوان هو،
    پنهنجا هڻن پيا گوليون،
    نڪا ڳالهه آ پوءِ خوامخواهه،
    بهارن جو هت آ موت ٿيو،
    ڪو ناهي ڪنهنجو رازدان،
    قومن جا تون ڪردار ڏس،
    سڀڪو گهڙي پيو گس نوان،
    هرسو ڏسن ڏيئڙا ٻريا.
    موسم نوان سو آيا ويا،
    شايد نه تن ۾ جوش هو،
    اڄ قوم پنهنجي کي سڏي،
    حقيقت جي دنيا ۾ اچي،
    سر اڏيءَ تي ير رکون،
    قلب مان ڪوري ڪسون،
    وقت وقت جي ڳالهه آ،
    دنيا نئين ٺاهيون اڏيون،
    نڪا قيل نڪا مڪال آ،


    ڦليلي

    ڦليلي

    بن تنهنجي سارو شهر هي آ ويران،
    ويران ويران سُنسان سُنسان
    تنهنجو هر نظارو ڪيڏو نه پيارو،
    منهنجي دل آ ورتو جنهنجو سهارو،
    تنهنجي موج جي مستي گهائل گهائل
    سندءِ وهڪرن ۾ منهنجو روح سمايل
    هتي سيني سورج ڏسي عڪس تو ۾
    ڪيو ڪئين ٿي ڪرڻن اُتي رقص تو ۾
    اوندهه رات جي ۾ جي پاڻي تي پاڇا.
    ٿي تارن ڪيا تن تي جرڪي تماشا.
    اُتي چانڊوڪيءَ ۾ حسن حور جو تون.
    اُفق مهل آهين دريا نور جو تون.
    ڪنارا تنهنجا ٻئي ساوڪ سان سڀ تر
    وڇائي ڇڏي ڄڻ آ فطرت جي چادر
    هڪ بار گهري نظر تو وجهڻ سان
    وڃن ٿي ٿا غم دور توکي ڏسڻ سان
    ڪنڌي تو ڪناري اڏيل الڦليلي،
    ويهڻ ساڻ دل ات ٿئي خوش اڪيلي.
    تنهنجي پيار مونکي ڏنو نئون جنم آ
    منهنجو ساهه سر صديقي توتان صنم آ
    منهنجي دعا آ توکي سنڌوءَ جي نياڻي
    هجين شال شا داب آباد سياڻي
    هتي رنگ پياسي نيٺ رچندا
    سدا پيار وارن جا ميلا ٿي مچندا.


    تون آءٌ پرين تون آءٌ پرين،

    تون آءٌ پرين تون آءٌ پرين،
    مان پل پل توکي پيار ڪريان،
    گلن ڦلن جي سيج تي ويهاري
    سو سو تو سينگار ڪريان.
    ڪنول تون آهين ڪينجهر جو،
    يا گل کليل ڪنهن ٽاري جو،
    جو ڀي آهين من جو موتي،
    پُهي گلي جو هار ڪريان.
    تون مکڙي آهين موتيئي جي،
    مان خوشبو تنهنجي پن پن جي،
    تون هير هوا تي گل ٿي ٽڙ،
    مان هنڌ هنڌ سڀ هٻڪار ڪريان.
    درد جو دل ۾ دونهن دکائي،
    تن جي تنهنجي تند تپايان،
    تڙپي نه اُٿي جان تنهنجو من،
    مان ڪوئل واري ڪار ڪريان.
    تون وار وڇائي مون کي لڪائي،
    سينو سيني ساڻ ملائي،
    روپ تنهنجي ۾ گم ٿي هيڪر،
    نينهن سندءِ نروار ڪريان.
    ماڳ منهنجي منزل آهين،
    مان ساگر تنهنجي جو ساحل،
    تون لهرن منجهه ويهي ونجهه هلائي،
    مان ٻيڙي پنهنجي پار ڪريان.
    تون تڙڪو تڙڪو سورج جو،
    مان چنڊ جي آهيان چانڊوڪي،
    آءُ ته جڳ مڳ روشن روشن،
    سپنن جو سنسار ڪريان.
    مان پياسي پياسي ڌرتي آهيان،
    تون برساتي ڄڻ آهين بادل،
    وس وس جي وسڪار ڪرين،
    پيو برکي باغ بهار ڪريان.
    تون بجلي آهين بادل جي،
    مان تنهنجي شعلن جو چمڪاٽ،
    تون ڪارونڀار ۾ جوت تي جل،
    مان اوندهه تي يلغار ڪريان.
    تون ڇمڪو ڇمڪو ڇولي جو،
    مان مستي تنهنجي موجن،
    تون سيني سائر تي لهر ٿي اُٿ،
    مان تيز تنهنجي رفتار ڪريان.
    جنهن محفل جو تون رنگ ساقي،
    تنهنجي محفل جو مان رند الستي،
    تون جام ڀري پلپل پيو پيار،
    مان پياسو پوءِ پُڪار ڪريان.
    ٻيجل وارا ٻول تون ٻول،
    مان من کي پنهنجي مست ڪريان،
    تون ڪات کڻي ويھي ڪنڌ کي ڪور،
    آئون ڌڙ سسئي کان ڌار ڪريان
    تون مورت آهين من مندر جي،
    مان پياسي تنهنجو پوڄاري،
    چاهيان ٿو چرنن ۾ ويهي
    پاڻ پنهنجو ٻلهار ڪريان.


    ڳاڙهو ڳاڙهو بنگلو،

    ڳاڙهو ڳاڙهو بنگلو،
    سائو جنهن کي جهنگلو،
    منگهه تي جنهنجي باز،
    سو روپ سراپا ناز
    هن در تان بيهي ڪو،
    در هن تي ڏس پيو،
    ڪنهن کي ڏي آواز،
    سو روپ سراپا ناز.
    من من کي جو موهي،
    چنگ چپن تي چوري،
    ساڻ سريلي ساز.
    سو روپ سراپا ناز.
    پاڻ مري پاڻ جيئي پيو،
    سورن ڪاڻ پاڻ ڪري پيو،
    عشق سندو آغاز،
    سو روپ سراپا ناز
    وائي جنهنجي آهي امر،
    جهنگ جبل بر ٿر جر،
    ملڪن منجهه ممتاز،
    سو روپ سراپا ناز
    ڳالهه هلي آ ڳلي ڳلي،
    اڱڻ ايندو يار هلي،
    نيٺ ڪري پرواز
    سو روپ سراپا ناز
    حُسن عشق تي وار ڪري.
    پنهنجو پاڻ پيار ڪري،
    ڪير ڪندو اعتراز،
    سو روپ سراپا ناز.
    اک اک جو يار اشارو،
    هر دل وڻيو سارو نظارو،
    تنهنجو ناز انداز،
    سو روپ سراپا ناز.
    سر ڏيئي سرهو ٿيڻ،
    ڄاڻي واڻي زهر پيئڻ،
    ڪيڏو آ اعزاز
    سو روپ سراپا ناز.
    پياسي ويو پيار ڪري،
    محبت جا اقرار ڪري.
    دل جا کولي راز
    سو روپ سراپا ناز.


    جڳ ۾ ماڻهو ايندا آهن،

    جڳ ۾ ماڻهو ايندا آهن،
    ڇا جوت جلائي ويندا آهن.
    ڪي روپ مٽائي ايندا آهن
    پر ساٿ نڀائي ويندا آهن
    ڌرتي منهنجي تي اهڙا،
    لعل گوهر ٿيا آهن پيدا،
    تاريخ جي ورقن کي واري
    جي نانءَ لکائي ويندا آهن.
    دونهن دکائي ڀنڀٽ ٻاري،
    نيلي هن آڪاش هيٺان،
    اوندهه ۾ شمشان ڪري،
    جي آڳ لڳائي ويندا آهن.
    ڪلهي ڪينرا پائي ڪيئي،
    بستي بستي چوڪ چوڪ تي،
    در در بيهي تند تنواري
    جي ننڊ ڦٽائي ويندا آهن.
    لال لهوءَ جي سرگم تي،
    جهونجهارن جي اوٽ وٺي،
    پيار پريت جي راهن تان،
    جي ڪنڌ ڪپائي ويندا آهن
    جي هستي پنهنجي مستي ۾،
    ان لالحق جا نعرا هئي،
    کلندي کلندي ٽياس چڙهي،
    منصور سڏائي ويندا آهن
    پنهنجي موت به مرندا آهن،
    دل ۽ دل ۾ ڪڙهندا آهن،
    سور سهي هو دل ۾ ڪيڏو،
    يَر راز لڪائي ويندا آهن.
    ماڻهو سان آ جنهنجو ناتو،
    سورن کان ڪيئن ٿيندو آجو،
    مُڏي ڪاتي سان ڀي ڪُسجي،
    ڇا ٻول ٻڌائي ويندا آهن.
    رت ست ڏئي پل پل جهاڳي،
    جيون سارو بکون ڪاٽي
    تتل ڀونءَ جا کيڙي کيٽ،
    بر باغ بنائي ويندا آهن.
    وقت جي قدر و قيمت سمجهي،
    زخمن جا هو مرهم بنجي
    درد ڀريل پياسي دلين جا،
    جي داغ مٽائي ويندا آهن.
    سي ساٿ نڀائي ويندا آهن.


    روح رتو گيت رسيلو،

    روح رتو گيت رسيلو،
    ڳائڻ ڏي ورجائڻ ڏي،
    چت چري سان چاهت جو،
    پاڳل من پرڀائڻ ڏي
    تنهاين ۾ ويٺي آهين،
    سُندرتا جي راڻي بنجي،
    درد دکن جي ڀوري ڀت،
    پنهنجو پاڻ پسائڻ ڏي.
    تنهنجي جيءَ جا جاڳيل جذبا،
    ڪنهنجي من جا سُندر سپنا،
    تن جي ريت پريت جو ساجن،
    رنگ سان رنگ ملائڻ ڏي.
    وار پکيڙي روشن سج جي،
    ڪرڻن ۾ الجهائڻ ڏي،
    ساري فضا ۾ هوا جا جهوٽا،
    خوشبوءَ سان مهڪائڻ ڏي.
    ڪوري ڪاڳر تي جيون جو،
    نقشو سارو اڌورو آهي،
    تنهن تي خيالي ليڪن کي،
    ٺاهڻ ڏي نه ڦٽائڻ ڏي.
    ساٿ کڻي تون سورن جو،
    واپس ڇو ٿي موٽڻ چاهين،
    جوڀي من ۾ تنهنجي آهي،
    تنهن سان نينهن نڀائڻ ڏي.
    نير اکين مان ڳاڙي پنهنجي،
    پاڻ ڳلن تان واهڻ ڏي،
    سج جي اولي اوٽ ۾ ويهي،
    هر هر سو نه سڪائڻ ڏي.
    ڪر کڻي اڄ اُوچيون ماڙيون،
    موجي من منجهه مرڪيون آهن،
    جل ٿل جل ٿل بادل بنجي،
    بر ۾ سي برسائڻ ڏي.
    ڪاري ڪاري رات انڌاري،
    ساري نور ۾ آ ڏس وهنتل
    تون ڀي ٽم ٽم ساڻ ستارن،
    جيون جوت جلائڻ ڏي.
    تنهنجي دل جي صحرا ۾
    وڇڙيل ڪونج اڃا پيئي ڪوڪي،
    پياسي تنهنجي پيڙا سان،
    تن جي تند تپائڻ ڏي.


    سوين جت منزلون هونديون،

    سوين جت منزلون هونديون،
    هزارين ڪاروان هوندا،
    نگاهون توکي ڳولينديون،
    نه ڄاڻي تون ڪٿي هوندين.
    ڪيو ڪالهه مون سان جو،
    وچن موٽي ملڻ جوهو،
    ٻڌائي اڄ سڄڻ مونکي،
    سڀاڻي تون ڪٿي هوندين.
    ڇڏيم بستيون رڻ رولي،
    مليم پيرا نه پر تنهنجا،
    ڦٽل ويران کنڊرن ۾،
    پراڻي تون ڪٿي هوندي.
    نڪي سج چنڊ تارن ۾
    نه ڌرتي ۽ سيارن ۾
    پڇان پوءِ پرين تو کان،
    ته هاڻي تون ڪٿي هوندي.
    رُسڻ راڻا ڪرڻ ماڻا،
    مناسب ناهي تو سياڻا،
    گهوريم ڪاڪ پوءِ ڪهڙي،
    ٺڪاڻي تون ڪٿي هوندين.
    حَسين پرڪيف راتين ۾،
    مٺين محبوب باتين ۾
    چوڏس چنڊ چوڏهين جي،
    چٽائي تون ڪٿي هوندي.
    ويندو رات ڏينهن گذري،
    صبح ساجهر ائين نڪري،
    باقي آ شام ان ٽاڻي،
    نماڻي تون ڪٿي هوندين.
    ڏيئي ويراڳ مومل کي،
    سگهئين سمجهي نه سومل کي،
    رکي پنهنجي لٺ راڻا،
    سراڻي تون ڪٿي هوندين.
    ليا پائي تو پن پن ۾،
    مُکڙين ۽ غنچن ۾،
    وٺي جو واس گلشن ۾،
    سڃاڻي تو ڪٿي هوندين.
    رکي تو راز سڀ دل ۾،
    وجهي محبت کي مشڪل ۾،
    پنهنجو پاڻ پياسي کي،
    اماڻي تون ڪٿي هوندين.


    پيار پريت جا رشتا ناتا،

    پيار پريت جا رشتا ناتا،
    تون به نڀائي مان به نڀايان،
    بستي بستي گيت وفا جا،
    تو ڀي ڳائي مان به ڳايان.
    چنڊ چانڊوڪي تارن وانگيان،
    جهرمر جهرمر جڳ مڳ جڳ مڳ،
    ديپ تن جي آشائن جا،
    تون به جلائي مان به جلايان.
    ڪلهي ڪينرو ٻيجل پائي،
    تند تنواري ڏياچ ڳولي،
    آءُ هلي هن سئن تي ڪنڌ،
    تون به ڪپائي مان به ڪپايان.
    منهنجي دل تي گهرا گهاءُ،
    تنهنجي من منجهه آ اُلجهاءُ،
    هڪ دفعو بس دل جي ڳالهه،
    تون به ٻڌائي مان ٻُڌايان.
    ڪلي ڪلي پن پيلا سارا،
    ڇا تن تي آهن ليڪا ڪارا،
    صدين جي هي رنگ ۽ روپ،
    تون بدلائي مان به بدلايان.
    سوري تي اچ سيج سجائي،
    خاطر سچ جي سر سهائي،
    ڪلمئه حق پڙهي منصور
    تون به چوائي مان به چوايان.
    ڇوٽ هوا جا ڦڙ ڦڙ ڦرڪا،
    دهشت دم دريا جا دڙڪا،
    سينو تن سان ساهي ونجهه،
    تون به هلائي مان به هلايان.
    پل پل ويو سو ورڻو ناهي،
    سُستي مان ڪجهه سَرڻو ناهي،
    آءٌ ته تڪڙي منزل ڏي وک،
    تو به وڌائي مان به وڌايان.
    دنيا ناهي دک جي دارون،
    ڪير نه لهندو ڪنهن جون سارون،
    بهتر آ ته پاڻ ئي پنهنجو،
    تون به بنائي مان به بنايان.
    تار ڇيڙي ڪا تند ٽپائي،
    گيت گوندر جا گڏجي ڳائي،
    آءُ پياسي سُر سان سُر،
    تون به ملائي مان به ملايان.


    ڏکويلن کي ڏکوئي تون،

    ڏکويلن کي ڏکوئي تون،
    ڪهڙو هي شوق ڌارين ٿو،
    سڃاڻپ ناهي جي هيرن جي
    ٺلها پٿر ڇو مارين ٿو.
    تنهنجو ناهي پنهنجن سان،
    رکڻ دلبر حسد ڪينو،
    ضمير ساڳيو آ تو منهنجو،
    پوءِ ڇو ڏيل ڏارين ٿو،
    تو ۾ جوئي مون آ پاتو،
    سوئي ڌرتي جو آ ناتو
    ڇڏي ڇو ساٿ سنگت جو،
    گوندر منجهه گذارين ٿو.
    کڻي جي نيڻن پنهنجا هي،
    خماريل توڏي نهاريان مان،
    ستمگر هي سندءِ هٿڙا
    مٿي مون ڪيئن اُلارين ٿو
    اسانجي شوق جي هستي،
    سراپا سچ سندي مستي
    پين جي زهر جا پيالا،
    تن کي تون ڌڪارين ٿو.
    سوين هر دؤر ۾ گوليون،
    اسان آهن سڄڻ کاڌيون،
    ٻُرڪي لوڻ مٿي زخمن
    ٻيهر ٻارڻ تون ٻارين ٿو
    اسان سرهاڻ آڇي تو،
    توهان گلڙن کي موٽايو،
    بهارن کي ڏئي پٺ تون،
    خزائن ڏي نهارين ٿو.
    عجب رويو سڄڻ تنهنجو،
    نه هو محبت کي تو سمجهيو،
    لڪائي پيار پنهنجو تون،
    حقيقت کي ڇو ٽارين ٿو.
    ڏسي تون چنڊ تارن کي
    حسين فطري نظارن کي،
    هلي آ هنج ۾ منهنجي،
    هنجون ناحق هارين ٿو.
    ڀلا ڀٽڪي جي آهن ويا،
    منزل کان پنهنجي پياسي،
    وجهي تن وري تون روح،
    مئل دلڙيون جيئارين ٿو.


    سون سريکن سپنن تي،

    سون سريکن سپنن تي،
    چانديءَ جا چمڪار ڏسو،
    پيار پريت جي راهه ۾ حائل
    دوکي جي ديوار ڏسو.
    چيڙ چڳن تن کِکِي هاڻا،
    گندرين مک ڄڻ موتي داڻا،
    اوچن اوچن محلن ۾ پر،
    سوڍين جا سينگار ڏسو.
    نرمل ناري سندر سياڻي،
    تنهنجي ڪهڙي قرب ڪهاڻي،
    ڪاغذ جي چند ٽڪڙن وڪجي،
    وينگس وچ بازار ڏسو.
    ديس ڏکي جا بکيا ماڻهو،
    انگ اُگهاڙا ڏکيا ماڻهو،
    تن جا نقش نگار ڏسو،
    فطرت جا شاهڪار ڏسو.
    سينو ڌرتيءَ جو ٿا چيري،
    هر هلائين اَن اُپائين،
    پورهئي تن جي محنت تي،
    پاپين جا پرڪَار ڏسو.
    رستن تي جي پٿر لاهين
    ڪئين ٿا ڦيٿا سي ڦيرائين،
    بت جو پنهنجي رَت سڪائين،
    ڇا تن جو آ سهڪار ڏسو،
    بستي بستي شهر شهر ۾،
    جو به پسين جو به ڏسين ٿو،
    ماڻهو جو سو جوڙيل سارو،
    جڳ جو هي جنسار ڏسو.
    گلشن ڪنڊا سارو صحرا،
    جيون پنهنجي دک جو دريا،
    نالو سک جو جنهن ۾ ناهي،
    اجڙيل سو سنسار ڏسو.
    گل ڦل باغن ۾ ٿي ڳولي،
    شاخشاخ تي بلبل ٻولي،
    ڪو نه اچي هت ڪو نه ٻڌي ٿو،
    تن جي تند تنوار ڏسو.
    دل جي پيڙائن جو پياسي
    ڪنهنجي پاند پرو ڪو ناهي،
    سوچ لوچ جي دنيا هن ۾،
    پنهنجا ڀي ويچار ڏسو.


    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون

    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون
    ڪا سونهن ٿيون سرهاڻ ٿيون.
    جيئن گهاتو گهڙڻ گهراڻ ۾،
    تئين قهري ڪنن اونهاڻ ۾،
    اُت ڇولين سندي ڇڪتاڻ ۾.
    ڪا موجود ٿيون مهراڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون
    ان زندگي جي راهه ۾،
    وڌ منزلن جي چاهه ۾،
    گُگُهه اوندهه اوڙاهه ۾،
    ڪا آڳ ٿيون ٽانڊاڻ ٿيون.
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    نڪري پيا جي قافلا،
    تن جو وڌائي حوصلا،
    قائم رکي هي سلسلا.
    ڪو ساٿ ٿيون سرواڻ ٿيون.
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    سهڻي سَسئي شهزور ٿي،
    تن جي مٿان اچ گهور ٿي،
    محبت ۾ تن جي ڀور ٿي.
    ڪا مُنڌ ٿيون مانداڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    دودي دريا جا يار ٿي،
    هوشو هنيئن جا هار ٿي
    ظلم و ستم تي وار ٿي،
    ڪو منڊ ٿيون مانڊاڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    قربتن جا منڊ منڊي،
    حال هڪ ٻئي سان ونڊي،
    دک در سڀ ڇاڻي ڇنڊي،
    ڪا پرک ٿيون پرياڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    جام شهيد جي نام جو،
    محبت ڀري انجام جو،
    پي خماريل شام جو،
    ڪا شفق ٿيون لالاڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.
    سيج سوري تي سجائي،
    سچ تان ڇڏ ڪنڌ ڪپائي،
    لنئون ڌرتي سان ڪالائي،
    ڪو عشق ٿيون اهڃاڻ ٿيون،
    اچ چنڊ ٿيون چانڊاڻ ٿيون.


    موسم بدلي آيو بهار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ

    موسم بدلي آيو بهار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ
    درد جو پيڙا تن ۾ پنهنجي،
    ڏئيڙو ٻاريم من ۾ پنهنجي،
    جوت ٿي جرڪيو بن ۾ پنهنجي،
    مون تو ڏنا سک ڏن ۾ پنهنجي،
    تنهنجو آ انتطار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ
    مکڙيون موريون غنچا کڙيا،
    هيرن ساز آواز ٿي ڇڙيا،
    ڀونئرا بلبلون تن تي مڙيا،
    مور ۽ ڪوئل خوش ٿي ٽڙيا.
    چئن ڪٿي آ دل کي قرار_ تون هلي آ منهنجي آتڻ.
    سانوڻ رنگ سوين ير لايا
    چوڏس جهڙ ڪڪر ٿي آيا،
    پلر پٽن ۾ جن پلٽايا،
    خارن پياس لِٿيَ مسڪرايا
    پنهنجو گوندر منجهه گذار، تون به هلي آ منهنجي آتڻ.
    شام صبح ڏينهن رات هتي،
    اکڙين هئي برسات هتي،
    تارن چنڊ تو تات هتي،
    پرهه ڦٽي پرڀات هتي،
    نيڻن نير وهي ڄڻ نار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ.
    موکي مئي مچائي محفل،
    ساغر ساغر پئي تڙپي دل،
    تون به اچي ٿي هيڪر شامل
    تون بن ٿيڻو ناهي حاصل
    جام هٿن سان ڀري پيار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ.
    منهنجي ماڳ اها آ منزل،
    دريا دريا ساحل ساحل،
    ڪشتي طوفانن ڏي مائل،
    جوڀي رستي ۾ آ حائل،
    تنهن سان ٿيندي پنهنجي ڪار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ.
    جان تون پاڻ پتنگ چوائي،
    آڳ پئي منجهه پاڻ پچائي،
    ڪرٽ اڳيان ڪين ڪنڌ ڪڍائي،
    سر ڏئي سوريءَ تي سھسائي،
    روپ ڪري سينگار_ تون به هلي آ منهنجي آتڻ
    بستي بستي نهاريندس پيو،
    تو لاءِ ڏونگر ڏاريندس پيو،
    من کي پنهنجي ماريندس پيو،
    پياسي وعدا پاريندرس پيو.
    من ۾ تنهنجي تند تنوار، تون به هلي آ منهنجي آتڻ.


    علم بن ڏکن جو ڪو ناهي علاج،

    علم بن ڏکن جو ڪو ناهي علاج،
    اچو ساٿي ٺاهيون سري کان سماج،
    جت علم و ادب تي پهرا هجن،
    رُٺل نياڻين جا معصوم چهرا هجن،
    زخم تن جي دلين جا گهرا هجن،
    قدم ظالم جن جا اُٻهرا هجن
    اٿو تن جا مٽائي ڇڏيون تخت و تاج،
    اچو ساٿي ٺاهيون سري کان سماج،
    علم جي جوت سان جڳ اجالو ٿئي
    سبق جو پڙهيون نئون نرالو ٿئي،
    انسانيت جي عظمت جو نالو ٿئي،
    وقت آيو آ تنهنجو ازالو ٿئي.
    اسين هاڻ ڪنهنجا نه بڻباسون محتاج،
    اچو ساٿي ٺاهيون سري کان سماج.
    عورت محنت ۽ مشقت جو نشان آهي،
    جهان جنهنجي همت تي حيران آهي،
    ڀڃي ظلم جو ڇڏيو جنهن زندان آهي،
    باطل خلاف هي جنگ جو اعلان آهي،
    پراڻا نه هلندا هاڻي رسم و رواج،
    اچو ساٿي ٺاهيون سري کان سماج.
    راهون رستا سارا پٿريلا ڏسو،
    پٿون پير پهڻن ۾ پيلا ڏسو،
    سسئي، سوهڻي مومل ۽ ليلا ڏسو،
    سندن جوش جذبا ۽ حيلا ڏسو،
    ڪري قوم ٿي پيش تن کي خراج،
    اچو ته گڏجي ٺاهيون سري کان سماج.
    چڙهي چنڊ اسهيو انسان آهي،
    گاگارين جو اُت وڏو شان آهي،
    خلائن تي قبضي جو امڪان آهي،
    دنيا جي ضرورت جو سامان آهي.
    انسان جي خدمت اصل آ معراج،
    اچو ته گڏجي ٺاهيون سري کان سماج.
    ٺاهي پنهنجي تقدير تدبير سان،
    حقيقت جي خوابن جي تعبير سان،
    جلجل مشعل جي تنوير سان،
    ڇڏينداسين تحرير تقرير سان.
    زماني جو بدلائي پياسي مزاج،
    اچو ته گڏجي ٺاهيو سري کان سماج.


    هجين تون دنيا ۾ آزاد سنڌڙي

    هجين تون دنيا ۾ آزاد سنڌڙي
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    تنهنجو دؤر هر دؤر نئون دؤر سنڌڙي،
    جوان جنهن ۾ دودو دريا زور سنڌڙي،
    اڳيان تن جي دشمن ڏسان ڀور سنڌڙي،
    ڪري تو سگهن ڇا ڀلا چور سنڌڙي،
    رکي اک جو تو ۾ سو برباد سنڌڙي.
    خدا شل رکي تو کي آباد سنڌڙي.
    کڙن گاهه گل ڦل محبت جا تو ۾،
    وسن مينهن هر هنڌ رحمت جا تو ۾
    کُلي در وڃن سارا نعمت جا تو ۾،
    نشان سڀ ڏسان مان عظمت جا تو ۾،
    تنهنجا خار گل سڀ رهن شاد سنڌڙي،
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    سندءِ جهنگ جهر جي ڏسي راک دنيا،
    سندءِ لوئي لڄ جي ڏسي لاک دنيا،
    ڦُٽي تنهنجي سيني ڏسي باک دنيا،
    عظمت جي تنهنجي ڀري ساک دنيا،
    ڏسون پيا دنيا توکي ڏنو داد سنڌڙي،
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    سوين چانڊوڪين ۾ وهنتل نظارا،
    تنهنجو روح ڄڻ ڪي ڪينجهر ڪنارا،
    سونهن تن ۾ ڪيڏا ڪنول سڀ پيارا،
    مون ورتا شعرن ۾ تن جا سهارا،
    مونکي پور تن جا پون ياد سنڌڙي.
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    تنهنجو ساٿ دامن هتي جڳ جهليو آ،
    بهارن ئي تنهنجو اچي اڳ جهليو آ،
    خزائن نه تنهنجو ڪڏهن پڳ جهليو آ،
    لوڀين جو توئي هت دڳ جهليو آ،
    مري نيٺ هت ويندو صياد سنڌڙي،
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    هتي جاڳي تنهنجو اٿيو نوجوان اڄ،
    کڻي جذبا هرڪو وڌيو آ نوان اڄ،
    منزل ڏي پنهنجو روان ڪاروان اڄ،
    هتي هر ڪو تنهنجو آهي پاسبان اڄ،
    ڀرم تنهنجو رکيو آ اتحاد سنڌڙي،
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    دريا سمنڊ تو ۾ بندر ڏسون پيا،
    نديون نالا ڍورا ۽ منڇر ڏسون پيا،
    جبل ٻيلا ترايون هتي ٿر ڏسون پيا،
    شڪارپور سيوهن ۽ سکر ڏسون پيا،
    هتي قائم ٺٽو حيدرآباد سنڌڙي.
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.
    منهنجي دل جي دنيا منهنجي تون جنت،
    آهين منهنجي روح جي سراپا تون رحمت،
    ازل کان ئي منهنجي آ تو سان محبت،
    ابد تائين رهندي پياسي هي رغبت،
    اگهي منهنجي ويندي فرياد سنڌڙي.
    خدا شل رکي توکي آباد سنڌڙي.


    هي لاش محبت جو اڳيان تنهنجي پيل جو،

    هي لاش محبت جو اڳيان تنهنجي پيل جو،
    تنهن دل جي نقشي تي تنهنجو ماضي عيان،
    تو ڪڏهن پيار جي ساراهه جا ڍڪ ٿي ڀريا،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي جانِ جان.
    هي غم جدائي جو نه هو جو ڪري توسان گلا،
    هي راز نفرت جو نه هو جو ٿئي تو کان خفا،
    هي پيار هو اقرار هو، جنهن سان ٿي جو رو جفا
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي بيوفا
    تنهنجي مکڙي مرڪ تي مون ڏنو تن ۽ من
    تو ڏنو جيڪي چپن ۾ مون ڏنو سو اکڙين
    ڏس روان لڙڪن جو آهي جن مان دريا موجزن،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي جانِ من
    تنهنجي مجبورين جي هي احساس تو وٽ خودڪشي،
    تو مبارڪ هي خوشي مون مبارڪ هي گهڙي،
    منهنجو مقدر داغ دل تون ته ڪنهن روشني،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي زندگي.
    هو پريان جمنا مٿي جنهن تي ڏس آ تاج محل
    هي اڳيان محبت جو تنهنجي جڙتو ويران ڪاڪ محل
    ڪينجهر ڪناري روح ڪنهنجو ڪيئن پيو ڀٽڪي
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي نورِ محل
    پيار جي تعمير تون ۽ خواب جي تعبير تون،
    زندگيءَ جو هي اڌورو خواب جنهن تي آ يقين،
    پيار جو پر آتما ٿي پيار ڀي توئي کسيو،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي ماھ جبين
    هر راهه جو تون منهنجي آهين همسفر،
    رشتو ناتو هي صدين کان پنهنجو دلبر،
    پيو نڀائيندس وچن هي زندگي ڀر،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي ستمگر.
    دل جي زخمن کي تراشي مون بنايو هي گيت،
    پيار جي آواز کي تو ڏنو سهڻو سنگيت،
    پوءِ پنهنجي هار ۽ تنهنجي ٿي وئي آ جيت،
    اڇ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي منهنجا ميت
    حسرتن جي هي آ تربت جنهن مٿان روشن چراغ،
    تون جي ٻارين ڪو به ٻاري ڪو نه ڏيندو ڪنهن کي نور،
    نور جو هي (پرتوو) ته روح بنجي ويو اڏامي،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي مثل حور
    پيار جي ابتدا، تنهن تي ٿي آ انتها،
    ٿو ڏسان ڇانيل چمن ۾ هر طرف آهي اداسي
    دم ٿو گهٽجي هن گهڙي پوءِ به تنهنجي ياد آ،
    اڄ ڀلا ڇو ماٺ آهين، ڪجهه ته چئو اي پياسي.


    منزل تي پنهنجي دم پٽي پوءِ مسڪرايو دوستو،

    منزل تي پنهنجي دم پٽي پوءِ مسڪرايو دوستو،
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    قدم قدم تي زندگي ٿي هي نظر بحر اچي،
    بحر مان اُٿي نهر ڪا نهر مان لهر اچي.
    پُر خطر ڪنهن رات جو ته پويون ڀل پهر اچي،
    رات جي کٽڻ کانپوءِ اچي اچي سحر اچي.
    صبح جي روشني مان ديپ نئون جلايو دوستو
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    ڪاروان اسانجو آ روان دوان هي سربسر،،
    جبل اڳيان اسانجي ڀل هجي نه ڪو جي بحر و بر،
    رُخ هوا جو پئي مڙي اسانجي ان تي پئي نظر.
    حوصلو اسانجو هر عزم جوان آ پُر اثر
    ٿڪي ٽٽي رڙهي رسي اوهين ملهايو دوستو.
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    وطن اسانجو تن ۽ ڌن وطن اسانجي آبرو،
    اچي ويو جي راهه ۾ اڳيان هتان هرڀرو.
    اسان سان وير جنهن وڌو ٿيندي تنهن سان دوبدو،
    شهيد جن جي خون سان زمين هي آ سرخرو،
    تن جا ساز سُر سان ويهي گيت ڳايو دوستو،
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    چپن تي جن تالا ۽ زبان تي جن جون بندشون،
    اسانجو تن سان اڄ نه پر سدا رهيون پئي رنجشون،
    فضا هوا خراب يا زماني جون هي گردشون.
    تن کي چنڊ مٽائڻ جون ڪريون اُٿي ڪوششون،
    وقت هي نه قيمتي ويهي وڃايو دوستو،
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    گلن ۾ هي بهار ڏس خزان آ خار خار ۾،
    موتي موتي هار ڏس ڏونئرا ڄڻ کي ڏار ۾،
    سهڻو سو سينگار ڏس سونهي ٿو ٽار ٽار ۾،
    شاهه جا اشعار ڏس سنڌ جي سڪار ۾،
    گلزار هن چمن کي سڀ بنايو دوستو،
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.
    مهراڻ انجون موجون ۽ مستي ڪو اچي ڏسي،
    سهڻي ۽ ميهار جي هيءَ بستي ڪو اچي ڏسي،
    شهباز لال سائين جي الستي ڪو اچي ڏسي،
    شاهه ۽ سچل جي هت هستي ڪو اچي ڏسي،
    پيغام تن جو هي کڻي هر هنڌ رسايو دوستو،
    اُٿو اُٿو هلو هلو قدم وڌايو دوستو.


    تنهنجي سيني تي سنگينن،

    تنهنجي سيني تي سنگينن،
    گولين جي برسي برسات،
    باهه جا شعلا تجلا بڻيا،
    ڏينهن ٿيو وئي گم ٿي رات.
    سنڌو ساگر ڪنڌي ڪونڌر،
    پير تو پنهنجا کوڙي ڇڏيا،
    لٺين جي ڪرڪاٽ تو وچم،
    جان ڏئي سر ڦوڙي ڇڏيا.
    تنهن جي رت جي ريٽا سان اڄ،
    آزاديءَ جي جرڪي جوت،
    جيت امر ويئي تنهنجي بڻجي،
    پرزا رهزن جو ٿيو بوت.
    طوق گلي زنجير هئا تو،
    زور بازو تن ٽوڙي ڇڏيو.
    عزم همت طاقت سان رخ،
    طوفانن جو موڙي ڇڏيو.
    جاڳيا ماڻهو ديس جا تنهنجي،
    آمر جو ڄڻ ٿي ويو موت،
    ڪڇون وانگر ريڙهيون پائي،
    پاڻي پيو ڄڻ ٿي ويو فوت.
    ظلم سٺو جنهن ويلي هو تو،
    روشن صبح سحر پئي جاڳي،
    ڪليون کڙيون مکڙيون مرڪيون،
    گلشن ۾ ڄڻ پهر پئي جاڳي.
    سورج جي سنهري ڪرڻن تي،
    ڪنول ڪوماڻو آهي جاڳيو،
    ڪوڻي گل اڄ خوشبو ڇانئي،
    ڪينجهر مليو مان آ ساڳيو.
    هٿ ۾ تنهنجي جا آ مشعل،
    تنهنجو تون ئي پاسبان،
    تيسين جلندي ٻرندي رهندي.
    جيسين تو منجهه سڌ سمان.
    سچ جي روشن راهن تان،
    جو جو هليو مانِ تنهن پاتو،
    تو به ساٿي لوچي سوچي،
    جوڙي جڳ سان ڇڏيو ناتو.
    ديس لاءِ سڀ ڪجهه پنهنجو ڏيئي،
    اوچو جڳ ۾ نام ڪيو تو،
    چوٿين مارچ سورهيه سنڌ جا،
    ساري سنڌ سلام ڪيو تو.


    پنهنجو نازڪ هٿڙو لوڏي، تو ته چيو هو پاڻ هلون ٿا

    پنهنجو نازڪ هٿڙو لوڏي، تو ته چيو هو پاڻ هلون ٿا
    هير چمن منجهه جئين هئي گهلي،
    پن پن مکڙي تئين هئي کِلي،
    چنڊ چانڊوڪي چهڪن تي،
    رات پوئين منجهه ٽهڪن تي.
    اُت هلڪا هلڪا ساهه کڻي، پاڻ چيو توهاڻ هلون ٿا.
    تنهنجي سونهن شباب ڏسي،
    هر کي پيس ماهتاب ڏسي.
    توتي ويهي گيت لکيو مون.
    گيت تي هو سنگيت ٻڌو مون.
    تو ته چيو هو نيڻ نمائي، ڪر نه ٺهلي واکاڻ هلون ٿا.
    ڳلن تان وکريل وار هٽيا تو،
    مکڙو گل گلاب بڻيا تو،
    مون ڀي توکي هنج ۾ پاتو،
    چپ سان چپ ملڻ لاءِ آتو،
    تو ته چيو هو ڪنڌ کي لوڏي، اک جي اشاري ساڻ هلون ٿا.
    چنڊ ڪڪرن ۾ جيئن ڇال ڏسي،
    تئين تنهنجي هرڻي چال ڏسي،
    ڊيل جي پويان مورن وانگيان،
    رات اونداهي چورن وانگيان،
    تو ته چيو هو گهوري ساجن، ائين نه مونکي تاڻ هلون ٿا.
    رات جي پورن پهرن ۾،
    ڏاڍ جي ڪڙڪن قهرن ۾،
    جڳ کان پنهنجو پاڻ لڳائي،
    ماڻهن جي ميڻن کان بچائي،
    توته چيو هو نينهن نه ٽٽندو، ظالم دنيا ڪاڻ هلون ٿا.
    رات کُٽي هئي، من به مُنڌو هو،
    دل ۾ کتو ڄڻ ڪوئي ڪُنڌو هو
    تو منهنجي وچ ۾ ڪيڏو سَنڌو هو
    پر منهنجو من توتي ته اَنڌو هو.
    ڀاڪر ٽوڙي تو ته چيو هو، ٻانُهن جا ڪڍ ڏاڻ هلون ٿا.
    پل پل پيارا پور ڏيئي،
    سختيون صدما سور ڏيئي،
    هري هري هٿڙو ٽوڙي،
    ڪومل ڪومل مکڙو موڙي،
    تو ته چيو هو پير هڻي ڇڏ، ڇڪين ٿو ڇاڪاڻ هلون ٿا.
    پن پن گل ڦل ماڪ ڀنو هو،
    ٽپ ٽپ نيڻن روئي ڏنو هو،
    تارن جو ڀي رنگ ڦڪو هو،
    جبلن پويان چنڊ لڪو هو،
    تو به چيو هو مون به چيو هو، گم ٿي ويئي چانڊاڻ هلون ٿا.
    محبت جو ڳنڍ پختو پڪو هو،
    ننڊ ڪري جڳ سارو ٿڪو هو،
    چنگ چڙها سڀ راڳ ڇڙيا هئا،
    گلن ڦلن تي ڀونئرا مڙيا هئا،
    تو ته چيو هو صبح ٿيو آ، پئجي ويندي ڄاڻ هلون ٿا.
    پنهنجو نازڪ هٿڙو لوڏي، تو ته چيو هو پاڻ هلون ٿا.


    قطعا

    سيني تي ڀل گولي هلائي ته ڏسان،

    سيني تي ڀل گولي هلائي ته ڏسان،
    عشق پنهنجي کي آزمائي ته ڏسان،
    اسان هر دؤر ۾ سَٺا سور سختيون،
    تون به اچ! اڏيءَ تي ڪنڌ ڪپائي ته ڏسان.

    مان ڪينجهر ۾ ٽڙيل آهيان اهڙو ڪنول،
    جنهنجي سُڳنڌ سان ساري سنڌ واسيل،
    منهجني وجود کي ڪوئي مٽائي نه سگهندو،
    جيستائين پاڙون پاتال ۾ آهن کُتل.

    مشعلن جا روشن اُلا پکڙبا ويندا،
    رات اوندهه ۾ ٻاٽ سان ٽڪربا ويندا،
    پنهنجون منزلون آسان ٿينديون تڏهن،
    ڪُلها ڪُلهن سان ملي جڪڙبا ويندا.

    گاج تي گجگوڙن جا ڪڙڪاٽ هوندا،
    گورک تي کنوَڻين جا چمڪاٽ هوندا،
    منڇر ۽ ڪينجهر اٿلي پيون جي،
    ته سنڌوءَ ۾ ڇولين جا ڇمڪاٽ هوندا.

    ڪڏهن سِٽ سهڻي راهه ۾ رڪاوٽ بنجو وڃي،
    ڪڏهن پنهنجي سوچ پاڻ عداوت بنجو وڃي،
    ڪڏهن سو چويندين نه ٿئي ٿو لفظن جو نزول،
    ڪڏهن سِر سان مليو سِر اڏاوت بنجو وڃي.


    چاپلوس خوشامندي عداوتي چهرا ڏسو،

    چاپلوس خوشامندي عداوتي چهرا ڏسو،
    جرم جبر دنيا جا بد ديانتي چهرا ڏسو،
    راهه ويندي شب خون مارين تن ڦورن جا،
    داغدار سياهه مڪروهه بناوتي چهرا ڏسو.

    اچي پيو ڊوڙندو انقلاب خدا خير ڪري،
    هر ڪنهن جو ٿيندو احتساب خدا خير ڪري،
    اُره زورايون ڌاڙا نه ڦٻندا ڪنهن کي،
    چهرا ٿيندا سڀ بي نقاب خدا خير ڪري.

    جڏهن حرص و حوس جو ختم عناد ٿيندو،
    ڪوڙ ڪُپت ڪيني جو طلسم برباد ٿيندو،
    علم وَ هنر فڪر جو دور دورو هوندو،
    تڏهن وطن اسانجو آباد آزاد ٿيندو.

    سَسُئي سڏي پئي لِيلا لِيلائي پئي،
    وقت وري پيو ڀٽائيءَ کي پُڪاري،
    زندگي جوسفر نيٺ هلي ٿيندو ختم،
    ڪو اهي، سيج سوريءَ تي سنواري؟

    سچ سچيت جو ڪندو جو ڌنڌو
    انڌو به ڏيندو هلي کيس ڪنڌو
    دنيا هن ۾ سوئي ڪامياب ٿيندو
    ڪپت ڪوڙ اڳيان ڏيندو بيهي ٻنڌو


    زمانو اڳتي ايترو اڳتي اڳتي،

    زمانو اڳتي ايترو اڳتي اڳتي،
    مڪان لا مڪان جيترو اڳتي اڳتي،
    ٻڌائي سگهندو ڀلا ڪوئي انسان،
    انسان اڄ آ ڪيترو اڳتي اڳتي؟

    دونهين درد جي جا دکي آهي دل ۾،
    اَٿم پَڪ سا اڳتي وڌي لاٽ ٿيندي،
    ڪَڪر جي دونهاٽيل ڏسين ٿو اُڀ ۾،
    اِجهو ڄاڻ ويندا وري واٽ ٿيندي.

    ستم سهندي به منهنجو فقط ڏوهه هي آ،
    مان مسڪين بيوس جو نادار آهيان،
    رکي پيٽ بُکيو ڏئي رت ٻين کي،
    زماني سان پوءِ ڀي وفادار آهيان.

    مون ته ڪَئي ڀلا جي محبت،
    تو ڀلا ڪنهن کان پڇيو،
    چئو کڻي مان هُيس بي خبر،
    دل لُڇي ٻيو ڪنهن ڪڇيو.

    شعلو حُسن جو ٿو زلفن کي چيري،
    اِجها ٿي مچي ڄڻ ته هر جا قيامت،
    ڪنول جو کڙڻ ڀي تبسم آ ان جو،
    کڻي نيڻ نهاري ته برپا قيامت.


    وچ سير لهرن قبر تنهنجي اڏيل،

    وچ سير لهرن قبر تنهنجي اڏيل،
    سندءِ سا سهارن نه ڪينجهر رهي آ،
    تڙن جن تان نوري هئين تون نڇاور،
    پلئه سا پيارن نه ڪينجهر رهي آ.

    آزادي جو ڪنوار، نرمل نور سان آ وهنتل،
    ڪري پيئي ڪنهنجو انتظار ورهن کان مسلسل،
    اوسيئڙي ۾ ايئن نه ٿئي سجايل سيج تي،
    وڃن مُرجهائجي سارا پنهنجي خوشين جا ڪنول.

    جنهن زندگي سان منهن مٽيو آ يارو،
    سورن منجهه سوئي سارو سٽيو آ يارو،
    مُکڙي ٽڙي ڪيئن گل ٿئي خوشبو خاطر،
    غنچو شروع کان ئي پيو پٽيو آ يارو.

    نَون جذبن حوصلن اُمنگن سان وفا ڪر،
    نَون رشتن ناتن رنگن روپن سان وفا ڪر،
    هوا جي خنڪي ٻڌائي پئي بهار جي آمد،
    چمن جي ڪلين مکڙين غنچن سان وفا ڪر.

    بهارون اُميدن جا کڻي اينديون پيام،
    خزائن کي ويڙهي ماضي جي ڇڏ سنگهر،
    تو ڪڏهن حال جي باري ۾ ناهي سوچيو،
    مستقبل جو ڇا ڀلا پوئي ٿيندو حشر؟


    ڀونئر اُڏري اچ ته توکي چمي،

    ڀونئر اُڏري اچ ته توکي چمي،
    جيسين آهيان پيو نمي ڀريان سلامي،
    زندگي تي ڀروسو ڪهڙو ڪندس،
    پن پن ٿي ڇڻي ويندس اُڏامي،

    حق ڪاڻ سر پنهنجو ڏيڻ بعد ساءِ،
    گرم آهي ظلم جو بازار اڄ ڀي،
    اسان جي دلين تي اڃان نقش آهي،
    هي ظلمت ۽ فتني جو آزار اڄ ڀي.

    آسمان تان بي نقاب تنهنجو حُسن جي،
    چنڊ هٽي ته ستارن کي ملي راهه وڃي،
    ڪشتي آ ڪُنن ۾ پر هوا ان جو هي،
    رُخ مُڙي ته ڪنارن ڏي ملي راهه وڃي.

    ڳجهو راز دل جو هي محبت جو سنيهو،
    سيني تي منهنجي کُتل ڪوڙڪو هو،
    ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيم ڪافي شايد،
    منهنجي زندگي جو نئون موڙ ڪو هو.

    ڪُند فهم معصوم اَ ٻالن اَ ٻالن،
    ٻارن کي هستيون بنائي ڇڏيو سين،
    پنهجني دل جي سوچ همت حوصلي سان،
    غارن کي بستيون بنائي ڇڏيوسين.


    محنت ڪش مزورن هارين جي خلاف،

    محنت ڪش مزورن هارين جي خلاف،
    هر دؤر ۾ ٿيندي رهي آهي سازش،
    هرڪو ڪري پيو ڳالهه تن جي حقن جي،
    ڪڏهن ڪنهن ڪئي آ ڪنهن تي نوازش.

    بند زُلفن جي سايي ۾ سونهن کي لڪائي،
    چنڊ ڪهڙي تون دنيا ۾ اڀرين لهين ٿو،
    اسين به منزل جا اڻ ٿڪ مسافر،
    پوءِ ڇو اسان کان تون ايڏو ٽهين ٿو.

    اجهو هو وڃي پيو وٺيو واٽ پنهنجي،
    ڏسون پيا زخمن سان سارو آ چور،
    تنهنجو نه منهنجو ڀلا ڏوهه ڪنهنجو،
    کڻيو سور هيڏا وڃي پيو هُو ڏور.

    ڪينجهر ڪنارن جو قسم، نوري نظارن جو قسم،
    تنهنجي سُڪارن جو قسم، تنهنجي سهارن جو قسم،
    تنهنجي خاڪ جي ذري تان منهنجي جان فدا،
    تنهنجي عظمت جو قسم، تنهنجي دلارن جو قسم.

    اکڙين جي رت ۾ وري شور ٿيو آ،
    اکيون ڄڻ ڀنل گل مٿي ماڪ موتي،
    هنن جي به قيمت هنن جو قدر ڪو؟
    حياتي جي موڙِي جي جيون جا جوتي.


    وقت گذري ويو تنهن کي نعمت ئي ڄاڻو،

    وقت گذري ويو تنهن کي نعمت ئي ڄاڻو،
    اسان بستي بستي کي شادابي بخشي،
    نئين دؤر اهڙي کي ڄاڻي اسان پوءِ،
    رت ڏيئي ٻوليءَ جي آزادي ورتي.

    سانڊي جيئان رنگ بدلائڻ ناهي اسانجو ڪم،
    سوريءَ تي جي چاڙهيو ته چڙهنداسون،
    مري وينداسون مگر آهيون عزم تي قائم،
    جي وقت اسان کي للڪاريو ته لڙنداسيون.

    محبت جو هرڪو چوي دور آ پر،
    هنئين ساڻ ڪنهن کي هنڊائي ته ڏس،
    ڪنهن معصوم پرنم ڏکويل اکين جا،
    اُگهي لُڙڪ سيني سان لائي ته ڏس.

    هن خوبصورت زمين کي جيڪي به ڏنو،
    تهذب و تمدن کي جنم ڪنهن فهم آ،
    تون جو به آهين سمجهي سگهين اگر،
    تنهنجي سوچ فڪر ۾ هر ڳالهه مبهم آ.

    مُکڙيون مروٽيل سروٽيل ڏسين پيو،
    انهن جو به جيڪر هجي اوج ها،
    ٿيڻ گل تائين ڇڏي کين ها ڪو،
    هجي اڄ چمن ۾ سندن موج ها.


    گهائل گهڙي هڪ گوندر ۾ گهارين،

    گهائل گهڙي هڪ گوندر ۾ گهارين،
    ته منزل تنهنجي توکي توڙ ڏيندي،
    فڪر جي هي رفتار وڌندي رهي جي،
    ته هر سوچ توکي نئون موڙ ڏيندي.

    پيار جنهن کي تون سمجهين سو زهر،
    مون به پيتو تنهن کي امرت آهي سمجهي،
    ساجن دل ۾ پائي توکان جا ورتي،
    هن زماني کان هي نفرت آهي سمجهي.

    ڪو زمانو هو تو مون گڏجي ويهي،
    پيار محبت جا ٿي پنهنجي گيت ڳايا،
    هر قدم تي ساٿ پنهنجي زندگي جو،
    ناتا سارا نينهن جا پنهنجي نڀايا.

    هي حسين مرڪندڙ بهارن جا مزا،
    تيستائين تننجو رهندو تاحياتي توڙ هي،
    تو چيو ٽُٽي نه سگهندا پيار جا هي سلسلا،
    جيستائين پنهنجو ساٿي قائم آ جوڙ هي.

    احساس محبت جو هي تنهنجو منهنجي دل ۾،
    ڇو درد بنجي رهجي ويو آ هي مبهم،
    تو بنان منهنجا پرين تون ئي ٻڌائي،
    ڪيئن ڇُٽي سگهندا ڀلا دل جا زخم.

    گلشن هوندي منجهه بهارن ڇو؟
    هتي هرڪو ٻوٽو اڃا خار آ،
    رهي يار سگهيو اميدن سهاري،
    ڪڏهن ڪنهنجو ڀلا پيار آهي.

    سِر راهه سڀ ڪجهه ڇڏيم پنهنجو لٽائي،
    ان لاءِ روح منهنجو تولاءِ رڙي ٿو،
    کڻي تون ئي ٻڌائي اي جان تمنا،
    ڀلا ڪير ائين ڪنهنجي لاءِ ڪري ٿو.

    ڪليون جي ڏسين ٿو ڪومائل ڪومائل،
    رهيون جي خزائون ڊهي هيٺ پونديون،
    وريا واهوندا جي ته اينديون بهارون،
    مکڙيون پوءِ مرڪي کڙي نيٺ پونديون.

    چنڊ چوڏهين جا چمڪي آڪاس تي اچ،
    تنهنجي سونهن ساجن سندو عڪس آ،
    ايامن کان تنهنجي انهيءَ روشني تي،
    ستارن به موهجي ڪيو رقص آهي.

    زندگي تي ڀروسو ڀلا ڪهڙو ڪبو يارو،
    جهان هن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪري وڃبو،
    ڪري ماٺ ويهڻ ڪانئرن جو آ ڪم،
    جي هاڻي رهبو ته مڙس ٿي رهبو.


    اچ سيج سوري تي سجائي ڇڏيون،

    اچ سيج سوري تي سجائي ڇڏيون،
    پيل رستن تان پٿر هٽائي ڇڏيون،
    گهرا زخم دل جا سيني تي سهي،
    امر زندگيءَ کي پنهنجي بنائي ڇڏيون.

    پتنگ ٿي عشق ۾ سڙي وينداسون،
    تار مان پار ٿي تري وينداسون،
    ڀل عاشق تي هلائي مقدمون،
    عدالت مان ٿي نيٺ بري وينداسون.

    ڌرتيءَ جي اونداهيءَ سيني تي،
    روشني جو چنڊ ٻري پيو آ،
    ڪينجهر جي پاتال منجهان ڄڻ،
    ڪنول آڪاس تي تري پيو آ،

    تيسين پر پکيڙي پيو ڦٿڪندو رهه،
    جيسين بند آهين تون پڃري ۾ قيد،
    غلامي سندو طوق تنهنجي ڳچي ۾،
    وڌو جنهن هي توکي نه رهندو سو صيد.

    سوين جو گهڙي هڪ ۾ گهائي ته واهه واهه،
    هي فن آهي جنهن وٽ ڏيڻ داد گهرجي،
    محفل ۾ جنهن آ چوي اُت ڪوي پيو،
    ڪنهن وسري ويل کي ڪرڻ ياد گهرجي.


    تارن جي طبقي تان ڪو ٿيڙ کائي،

    تارن جي طبقي تان ڪو ٿيڙ کائي،
    چنڊ جي دري مان زمين تي نهاري،
    جبلن تان لهندو سمنڊن کي ڇهندو،
    صحرا کي گلشن بنائي ڏيکاري.

    گلشن ۾ حسين ٽڙندا آهن جت گل،
    ڀونئرن بُلبُلن جا اُت ٿيندا آهن هُل،
    پرهه جون جڏهن گُهلنديون آهن هوائون،
    باغ خوشبوءِ سان ڀرجي ويندا آهن ڪُل.

    دوستو شاعري ڏکي ڏات آهي،
    زندگي مگر سورن جي سوغات آهي،
    زماني جي حالت بدلجي ته ڪيئن،
    ڌرتي تي ائٽم جي برسات آهي.

    انسان زمين تي ڪيڏو تنگ آهي،
    ڏسون پيا ته چؤطرف جنگ آهي،
    نعرا امن جا سارا ٺلها کوکلا،
    زندگي ۾ ڦهلجي ويو زنگ آهي.

    گوندر جي گهڙين جو ڪهڙو قصور،
    اکڙين مان ڀلا جي وهي نيرُ پيو،
    بنا جوش جذبي جيون آ ڪهڙو،
    ٺلها زخم پنهنجا ڀلي چيرُ پيو.


    ڪٿي پيٽ جي پوڄا ۾ پورا،

    ڪٿي پيٽ جي پوڄا ۾ پورا،
    ڪٿي ڏس جام تي جام نوش،
    ڪٿي عيش منجهه گذرن راتيون،
    ڪٿي بڇڙاين تي پيو آهي پوش.

    آزاد فضا ۾ سوچ جي پکيءَ کي،
    بند پڃري ۾ صيد رکي نه سگهندين،
    چمن ۾ جيستائين بهار آ گلن ۾،
    خوشبو کي تيستائين قيد رکي نه سگهندين.

    جهان علم و ادب جو آهي مقام،
    ڪجهه سرسري انهيءَ تي نگاهه ڪر،
    جلي وڃي دل ۾ تنهنجي روشني،
    حالات کانپوءِ دنيا کي آگاهه ڪر.

    تنهنجي ماٺ کي ڀلا ڇا ته سمجهون،
    جڏهن هر عمل تي ڪا ناهي بندش،
    ڀلائي آ ان ۾ ڪري ڪجهه وڃجي،
    ڪرڻ آ اجائي دنيا سان رنجش.

    ڪپڙو گندي گهر انسان جي آ ضرورت،
    تنهنجي ڪندو ڪير آخر هي پورت،
    ٺلهين آسرن سان ڀريا ناهن پيٽ،
    ڪڍڻي نيٺ پوندي ڪا نه ڪا صورت.


    تنهنجي حسن سان جهان سارو روشن،

    تنهنجي حسن سان جهان سارو روشن،
    گهر گهر ڏياري گهر گهر جشن آ،
    اسان ڀي اُتي توکي پائي سڃاتو،
    جتي پنهنجي مستي ۾ هرڪو مگن آ.

    منهجني پيار جي آهين زندگي تون،
    بن تنهنجي ٿيندي پوري ڪيئن غزل،
    منهنجي شاعري جو اهڙو خال آهين،
    تڙيل جهڙو ڪينجهر ۾ سهڻو آ ڪنول.

    لمحا چند وسرندين ته وسري به ويندين،
    مگر تا دم حياتي وسري نه سگهندين،
    تنهنجي جدائي جو غم دل ۾ آهي رهندو،
    جدا ٿيندين به پر تون جدا ٿي نه سگهندين.

    اونداهي راتين ۾ اکيون ٻُوٽي سائين،
    وکون تڪڙيون کڻندا هلندا رهياسين،
    ملي نيٺ ويندي منزل اسانکي،
    بنا خوف خطر جي وڌندا رهياسين.

    ملڪ پنهنجي جو آدم وڌندو وڃي،
    زمين انسان لاءِ تنگ ٿيندي وڃي،
    جت پاڻي بجلي خوراڪ جي هجي قلت،
    بيماري بي روزگاري دنگ ٿيندي وڃي.


    ملڪ سارا ترقي راهن تي آهن گامزن،

    ملڪ سارا ترقي راهن تي آهن گامزن،
    جهان اسانجو ننڊ نڀاڳيءَ منجهه سُتل،
    ائٽمي طاقت هوندي سالن کان مگر،
    هن سائنسي دور ۾ ڇو آهيون پوئتي پيل.

    شهر رستا گهر گهٽيون گهاٽ سڀ ويران،
    جتي وڻ ٽڻ پکيئڙن جو ناهي نشان،
    ٻار چڙيا گهر ۾ محسوس ڪندي پاڻ کي،
    سمجهي ٿو ما فوق الفطرت جو آهي جهان.

    تعليم ۽ صحت جي ٻيڙي پيئي آ ٻڏي،
    ٻيڙي دريا سڪل واري منجهه پيئي آ سُتي،
    ٻيڙي هن کي بٺارا ملاح کوٽي ڪڍن،
    استادن ڊاڪٽرن جو ته سج ويو آ لهي.

    زخمن جو چکيو مون آ مزو،
    سَٺو سور دل ۾ مون آ وڏو،
    ناهيان مايوس قيد تنهائي ۾،
    اڀري سوجهرو جڳ ۾ آ پيو.

    وقت جو ڪو حال ڀائي ناهي ڏسو،
    نصيب پنهنجو پاڻ ٺاهي ڏسو،
    ڀٽڪون تاريڪين م پيا خامخواهه،
    روشنين کي به ٿورو چاهي ڏسو.


    نئون جذبو نئون جمال پيدا ڪر،

    نئون جذبو نئون جمال پيدا ڪر،
    نئين سوچ نئون خيال پياد ڪر،
    اُٿي ڪنهن وڏي حوصلي سان،
    نئين زندگي نئون مثال پيدا ڪر.

    جڏهن سڄڻ ڏانهن نگاهه ڪندس،
    قربان پنهنجو ساهه پساهه ڪندس،
    حُسن کي جي ڇُهن ثواب نه سهي،
    ته بار بار پيو اهو گناهه ڪندس.

    ڪتابن سان پنهنجي تون پيار ڪر،
    ٿورو استاد سان ڀي سهڪار ڪر،
    اگر ٺهي وڃي جي تنهنجي زندگي،
    ته حقيقتن کي عالم آشڪار ڪر.

    شمعون جي به جليون اُجهامي ويون،
    ڪيڏا ڏئي سور سختيون مدامي ويون،
    نڪا ڇانوَ وڻن ۾ نه خوشبو گلن ۾،
    ٿڌيون هيرون هوائون اڏامي ويون،

    خبر ناهي ته دنيا ڇو خاموش آهي،
    ڪٿي ڪين پورهيت جو ٻڌجي قصو،
    ويا کاٽو کائي دولت جهان جي،
    نه هاري جي پتي نه مزور جو حصو.


    پيا روز گهڙجن قصا هت پراڻا،

    پيا روز گهڙجن قصا هت پراڻا،
    اياڻا به بنجن ٿا هتي پيا سياڻا،
    نه اڳ جي خبر نه پُٺ جو پتو،
    پوءِ به ڪن پيا موجون ۽ ماڻا.

    خاموش جبل جي آهن بيٺا،
    تن ۾ ڀي ڪا مصلحت هوندي،
    رکي رکي جي چُريا پُريا،
    ٻيهر بهاري ڪونه سي سگهبا.

    جر تي جهروڪا سج سمائين،
    بادل بنجي ٿا اُڏرن ڏس،
    پربت سان ٽڪرائين اُت،
    ڪيئن پيا مينهن وسائين.

    چنڊ آسمان تي چمڪي نه چمڪي،
    ڌرتي تي سونهن جي اسين کاڻ آهيون،
    دل جي شعاع سان جلي جوت وئي جي،
    ته منزل اسان جي اسين پاڻ آهيون.

    سنڌ امن ۽ پيار جي آهي ڌرتي،
    تاريخ ورقن ۾ جنهنجا چوٻول آهن،
    هتي جي تهذيب علم و هنر جا،
    دنيا جي ڏاهن چيا گڻ انمول آهن.


    ٽيڙو

    سنڌو ڪنارا،

    سنڌو ڪنارا،
    سهر صبح جو، ڪيئن نه لڳن ٿا،
    ڪيڏا پيارا.

    سيءُ سيارا،
    جيئن ئي لٿا، ڪڻڪن ۾پيا،
    ڏس لابارا.

    آيو سانوڻ،
    اڳئين وانگر هيل ڏنائين،
    ڏکن جا ڏانوڻ.

    جڳ اجيارو،
    دور گگن ۾، پِرهه ڦُٽي جو،
    اڀريو تارو.

    گذري ويئڙا،
    راهون تڪيندين، تنهنجون ساجن،
    جوڀن ڏينهڙا.

    گل ڦل موسم،
    ڀونئر ڀريا، ڪوئل ڪوڪي،
    ڳاتو سرگم.




    منهنجي راڻي،
    پيهي تي، هٿ ۾ جنهن جي،
    آ کانڀاڻي.

    مٺڙا ڪانگل،
    آءُ کڻي ڪا، خبر خوشيءَ جي،
    ڪيئن آ سانول.


    ڪارا بادل،

    ڪارا بادل،
    ڀرجن گرجن، جل ۾ برسن،
    پاڳل پاڳل.

    ڪوڪي ڪونج،
    من جي پيڙا، تڙپي شاعر،
    گيتن گونج.

    ٽانگڙ ٽڙيا،
    هير هوائن خوشبوءِ تي ڏس،
    پوپٽ مڙيا.

    چڪور هليا،
    چاندي جهڙِي چانڊوڪي تي،
    چريا چريا.




    پنهنجي پياس،
    صدين کان ٻجهڻي ناهي،
    ٺلهو وشواس.

    ماڻهو لاشا،
    چوڪ چوڪ تي ڪندين ڪهڙي،
    تن مان آشا.

    ٽُڪر نه ٽول،
    جهولي ۾ تُن، خالي پيو آ،
    ڏس ڪشڪول.

    ڳوڙي ڇوري،
    دل جو ڪنڊو، پلپل پيڙا،
    جيءَ جي جهوري.

    پاڻي ڦوٽو،
    جيون سارو، پيارو پيارو،
    ڪيڏو کوٽو.

    سورن جا جل،
    ماڻهو ماڻهو، گهايل گهايل،
    ورتل ورتل.


    ڀونئر اُڏرن،

    ڀونئر اُڏرن،
    ڪليون مکڙيون، گل ڦل غنچا،
    جهولن جهومن.

    ملان مخبو،
    بُکن جو ماريل، اچي نه ويجهو،
    غريب غربو.

    دل جا خواب،
    من ۾ ٽڙيا، روح رتا ڄڻ،
    ڳاڙها گلاب.

    مي نه دانم فاعلات
    شعر مي گويم
    از آب حيات

    سهڻي سجني،
    چنچل چنچل نيڻ نشيلي،
    منهجني پتني.

    نرمل ناري،
    ڀري ڀاڪر ۾ کيٽن ڏس،
    لڳي پياري.





    رات وهاڻي،
    ”سحر“ صبح جو بن ساجن جي،
    وتي ويڳاڻي.

    باغ بهارون،
    خوشبوءِ سان تر، ڪير ته لهندو،
    ڪنهن جون سارون.

    پڻ ڇڻ موسم،
    من ئي من ۾، درد دکن جا،
    ويڙهي ويا غم.


    نينهن نراس،

    نينهن نراس،
    ڏينهن ڏٺي جو، کائڻ اچي پيو،
    ڄڻ راڪاس.

    رات اونداهي،
    ڪا روئي ويٺي، هجر ۾ ڪنهن جي،
    منجهه تنهائي.

    بارش شبنم،
    خزائون بهارون، سرديون گرميون،
    منهنجا موسم.




    سرڪي نانگڻ،
    نهٽڻ اُس ۾، آئي آکيري،
    ڇرڪي ڪانگڻ.

    صليبن ٽنگيل،
    مرڪندي مرڪندي، لاش ڏٺا مون،
    رت ۾ رنڱيل.

    سڳا تائيٿ ڦيڻا،
    واٽ ويندي، ملئين مليس وٽ،
    ٻڏي جا ٻيڻا.

    ٽڙيا ڪنول،
    ڪينجهر ڪپ تي، ورتم واس،
    لکيم غزل.

    ڪُتي ڀونڪ،
    جاڳيو ڀاڳيو، ڇرڪيو چور،
    ٻُڌي ٽونڪ.

    تاش جا پتا،
    هٿين خالي، ڊين مان نڪتا،
    سارا خطا.

    ڪلهي ڪاٺ،
    پيٽ تي پٿر، پگهر ۾ شل،
    چپن تي ماٺ.


    عشق سمنڊ،

    عشق سمنڊ،
    حُسن دريا، نينهن نرمل،
    پيار چنڊ.

    روشن چراغ،
    ڪنهن هي ٻاري، جسم جا ساري،
    مٽايا داغ.

    وائي ٻڌي وات،
    سُر سنگيت جي، مست ڌُنن تي،
    درد نه رهيو ذات.

    آئي ڏياري،
    راهه تڪيندي، سامونڊين لاءِ،
    روئي وڻجاري.

    ڪهڙِيون عيدون،
    پنهنجي پراون، رهيون نه آهن،
    دلبر ديدون.

    شام شفق جو،
    آڪاس تي ڇانيل اهڙي لڳي ٿي،
    باهه جو شعلو.

    ڪِري پيو ڪانگ،
    گن فائر تي، ماٺ ماحول ۾،
    مچي ويو سانگ.

    شاعر جو تخيل،
    سوچ فڪر جو، موجزن دريا،
    جنهن جو ناهي بدل.

    ڏار تان ڳيري،
    اوسيئڙي منجهه، موٽيو نه ڳيرو،
    ٿي پئي ڍيري.

    جوڳي ڍارو،
    پَٽ مڻڪا ڇڏيا، چيائين پُٽ،
    ملندءَ پيارو.

    الٽرا سائونڊ،
    اٽ شوز ٽو بيبيز،
    بوٿ آر بائونڊ.

    بي روزگاري،
    عجيب حسرتون، جهوليون خالي،
    بک بيماري.


    سارو سماج،

    سارو سماج،
    بگڙيل بگڙيل، ڪير ڪندو هت،
    تنهنجو علاج.

    وڻ ٽڻ ٻوٽا،
    بن سانوڻ جي، ڏس آهن بيٺا،
    بوتا بوتا.

    پيئي تنواري،
    خاموش فضا ۾، عارمڪڙي،
    سانوڻ ساري.

    جڳ جي سونهن،
    ائٽم جا ڏس، دور گگن ۾،
    ڪارا دونهن.

    درد دکيڙو،
    مرڪي من ۾، بلبل ڳٽڪو،
    ٽيڙو ٽيڙو.

    ڀَت جا جاکوڙي،
    ڏين ڏيکاءُ، سڏجن صوفي،
    کوٽا کاهوڙي.

    مڙي آيا مچ،
    اُت پروانن جو، شوق ڏسي ڪو،
    سڙيا مٿي سچ.

    چمڪن تارا،
    جهرمر جهرمر، رات اوندهه جو،
    ڪيڏا پيارا.

    ٽڪر ٻڌڪا،
    اچي ڏسي ڪو، سنڌوءَ ڪپ تي،
    قديم اسٽوپا.


    سوني ڀٽ تي نيل،
    ڪنهن اونداهي جي، اوٽ ۾ ويهي،
    ٻاريو آ قنديل.

    چاهت جو چمڪاٽ،
    پورب کان ويئي، پڇم پکڙي،
    لال لهوءَ جي لاٽ.

    پُسي ڳاڙها گل،
    پليجي جي سوچ، وقت جو آواز،
    صدين جا هُل.

    پنهنجو ڀاڳ سڀاڳ،
    ڪوئي نه تنهن ۾، ڪو ايندو ڦيرو،
    جيسين جيون جاڳ.

    تِن جي ٿيندي، جيت،
    ساز سُرن تي، جي ڀي ڳائيندا،
    آزادي جا گيت.


    صدين جو هي ساٿ،

    صدين جو هي ساٿ،
    تنهن کي موڙي، ڀل پيو ٽوڙي،
    ڪانه ڪا ايندي لاٿ.




    اڄوڪا کاهوڙي،
    ڪيئن نه پيا، ميڙين پئسا،
    هڻيو پاهوڙِي.

    اُس ۾ ڪانوءَ،
    اُڏري اُڏري، بر منجهه ڳولي،
    وڻ جي ڇانوءَ.

    هٿ هٿ مشعل،
    منزل منزل، مان کڻان ٿو،
    توبه کڻي هل.

    سنڌو سڀيتا،
    صديون پراڻي، مُئن مٽيءَ مان،
    نڪتي ڪويتا.

    دارا سڪندر پارا،
    هت آيا ڪيئي، سنڌ آ ساڳي،
    ويا وڄائي وارا.

    نيلسن منڊيلا،
    ڪاڻ آزادي، عمر ڀرويو جيل،
    جاڳيا گوريلا.

    ڇلڪي گهاگهر،
    تڙپي ڪيئن پيو، سندري من ۾،
    پيار جو ساگر.

    آئيني جا عڪس،
    محبوب جي چنري، سهڻا سارا رنگ،
    ڪئين پيا ڪن رقص.

    پنڇي ڳائين،
    شام اڱڻ جو، ٽارين وڻ جي،
    ڪيڏو ستائين.

    کنيائون پوتي،
    ڪاري رات، نڪتي اوندهه مان،
    جرڪي جوتي.

    پل پل هت ڄڻ،
    ڪيئن نه لڳي پئي، هاءِ احياتي،
    ٿوهر جو وڻ.


    آيا اُڏامي تڙ،

    آيا اُڏامي تڙ،
    اڃا پکين ساهه پٽيو مس،
    گولين ٿي ڌڙ دڙ.

    جيڪو ڪندو سانگ،
    تنهن کي نيت جو، ڏينهن هڪ نيٺ،
    کائيندو ڪارو نانگ.

    ڏسي اروڙي،
    ڀونڪندي ڀونڪندي، ڳالهه ڪُتن هئي،
    ڪانه پروڙي.

    ڪنهن جي نام،
    نيلي اُڀ تي، شعلو شفق جو،
    سرهي شام.

    تخت ۽ تاج،
    ڌرتي هن تي، هڪ ڏينهن ٿيندا،
    سڀ تاراج.

    ٿڃ نه گود،
    ماءُ پئي تڙپي، ٻار پيو روئي،
    ڪيڏو ڪروڌ.

    رات رسيلي،
    چنڊ ساڻ ستارن، جوت ٿي جرڪي،
    ڪيڏي رنگيلي.

    گهنگهور گهٽا،
    گهاگهر ڪڇ تي، ويئي پُسائي،
    ڪنهن جا لٽا.

    ڪيئن نه ڦاٿيون،
    اڏريو پوپٽ، ڪنڊين ٽارين،
    منجهه کنڀڙاٽيون.

    سنڌو ڌريا،
    لهر نه موج، واري ساري ڇاري،
    صحرا صحرا.


    ماڻهو ٽنگبا،
    جوٽي جنگ، امر ٿي ويندا،
    رت ۾ رنڱبا.


    ماٺ آڪاش،

    ماٺ آڪاش،
    بنا ڪنهن جي، رت ۾ لُٿڙيل،
    پيو آ لاش.

    ڇنل کٽولو،
    لانڍي منجهه، ڀڳل ڏيئو،
    مدهم شعلو.

    هٿ ۾ ڊگري،
    در در رُلندي، جهوتون ڏيندي،
    ساهه ويس نڪري.

    طبلي تاپ،
    ڇم ڇم ڇير تي، مُڇ مروڙي،
    مرڪيو نواب.


    دوھا

    ڪوڙا سڀ دنيا جا رشتا ڪير ٿو ڪنهنجي ڪاڻ جيئي،

    ڪوڙا سڀ دنيا جا رشتا ڪير ٿو ڪنهنجي ڪاڻ جيئي،
    هر ڪو لڙڪ اکين مان پنهنجي ڳاڙيو پنهنجا پاڻ پيئي،

    طوق گلي زنجير ڪلهن ۾ مون تنهنجي خاطر پاتا آهن،
    چور چوي غدار چوي ڪو پنهنجا اَڻ مٽ ناتا آهن،

    تنهنجا کيٽ ڏسي رت ريٽ محبت منجهه مستانو آهيان،
    تنهنجي سرخ زمين جي ريزن جو صدين کان ديوانو آهيان،

    هي ڌرتي منهنجي سرتي جا پنهنجن کان مون پرتي آهي،
    مياڻيءَ جي ميدان ۾ ساءِ هوشوءَ کان مون ورتي آهي،

    روح جسم ٽٽي به سگهن تو بن مون ڪيئن سرندي سنڌ،
    جيسين جوءِ ۾ جيئرا جوڌا ڪير چوي ٿو مرندي سنڌ،

    چارڻ چنگ چڙها سڀ چور، جو به گهرين اڄ ٻيڄل ٻول،
    ڏياچن ڏيهه ناهي ڏڪار ڪرندا ڪنڌ سوين جهل جهول،

    منزل منزل ماڳ ڏي موٽي ڳوليندو پيو سڀڪو راهه،
    توتان پنهنجي جان کي گهوري، پاڻ ڇڏيندو پنهنجو ساهه،


    ڪو گيت چوان يا نظم لکان ان ۾ تنهنجي ڳالهه ڪريان،

    ڪو گيت چوان يا نظم لکان ان ۾ تنهنجي ڳالهه ڪريان،
    موت کي پاڻ مات ڪري سقراط ٿي ويٺو زهر پيئان،

    سونهري سج جي ڪرڻن جي پرهه ڦٽي هي باک به ساءِ،
    ڌرتي کان آڪاش سا ڦهليل لال لهو جي لاٽ آ ساءِ،

    جسم جسم جي عضوي عضوي ڦوٽون جن ۾ ڦارون آهن،
    لال لهو سو شفق جو رنگ تو مون رت جون لارون آهن،

    چمن ايندي منجهه بهار تنهن سان مان نڀائيندس،
    پن پن ٽاري مکڙي مکڙِي ڀونئر ٿي تن کي کلائيندس،

    شاخ شاخ تي بلبل وانگيان ٽيڙو ٽيڙو ڳائيندس،
    وڻ وڻ ڪوئل ڪو ڪو بنجي جوڳي سڀ جاڳائيندس.

    اک اک آلي ڳل ڳل ڳوڙها موتي جن جو ميڙ،
    پن پن ڄڻ پئي سحر صبح جو ٽپ ٽپ ٽپڪي ٽيڙ،

    گل ڦل ٽاريءَ پوپٽ تن تي ڀونئرن جا ڏس گهيرا،
    ڪيئن ٿا چوسين رس سي تن جي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا،


    سنڌ سنڌ ساوڪ سان تر سِرن سندن تي سهرا،

    سنڌ سنڌ ساوڪ سان تر سِرن سندن تي سهرا،
    خوشي خوشبوءِ کسي ڪنهن تن کان زرد ٿيا جي چهرا،

    ڪلي ڪلي جا سونهن سمائي ٽاري ٽاري جت هو ٽهڪ،
    پنن پنکڙين مکڙين جي ڪيئن گم ٿي ويئي مهڪ،

    ٻاري ٻاري گُڏ ڪري هو اڏ اڏ پاڻي وهايو مون،
    اميد انهيءَ تي چمن ۾ پنهنجي بهارن لاءِ واجهايو مون،

    جن جن باغن ۾ ويهي مون ٿي گيت خوشيءَ جا ڳايا،
    اڄ پتا سي خزائن جا ڳاريل هوا به ڪيئن ٿي اُڏايا،

    وري به بادل گرجي ڀرجي رم جهم رم جهم برسيءَ پوندا،
    مارو مال جي ڪاهي ويئڙا ترسي سي سڀ ورسي پوندا،

    ماڳ ماڳ نڙ بيت ٻڌي مٺڙا مٺڙا، ساز به سُڻندين،
    پنهنجي پريت ۽ پيار جا پلپل پيارا پيارا راز به سُڻندين،

    ڏيهه ڏڪاريل جل ٿل جل ٿل پلر سان سارو پلٽي پوندو،
    گل ڦل گاهه چانهڪ جو چارو اڀري نکري پکڙي پوندو.


    وس وس واسجي وطن هي ويندو ورندا هت وڻجارا،

    وس وس واسجي وطن هي ويندو ورندا هت وڻجارا،
    رچنديون روح رهاڻيون تن جون لهندا من منجهارا،

    اچي صبح سڀ مال هو پهري ڇن ڇڏي پٽ ڪاهي پوندا،
    چنگ چڙها چُپ چاپ کي ٽوڙي ٽاڪ منجهند کي ٽاهي پوندا،

    سج لٿي جيئن ماڳ ڏي موٽي گهر گهر ويجها پوندا ويندا،
    تيئن تيئن دل جي گهراين سان راز محبت کُلندا ويندا،

    پير پير سڀ پنهنجي پائي هٿ هٿ هرڪا حال به ڏيندي،
    ڇم ڇم ڇرڪي ڇير تي ڇوري ڇال تي ڇال به ڏيندي،

    مستي موج ۾ پوءِ ڀي تن جي اک اک آڏي ڦرندي رهندي،
    پيار کي پنهنجي سيني سانڍي سڀڪا سڪ مان سرندي رهندي،

    هڪ هڪ جوڙِي ماڻڻ خاطر واهه جمالو جوش ۾ ايندي،
    جوش جوش ۾ هوش هوش سان ڪنهن جي هو آغوش ۾ ايندي،

    ڀچي ڪنهنجي ڀاڪر ۾ هو سڀ ڪجهه چَپ چَپ چوري چوندي،
    لوڪ کان هرگز ڪونه لکائي هر هر گهونگهٽ کولي چوندي،


    وري به نوريون ناز ڪنديون ۽ تڙ ٽماچي ڄام ٿي پوندا،

    وري به نوريون ناز ڪنديون ۽ تڙ ٽماچي ڄام ٿي پوندا،
    شوق شڪار جي اوٽ ۾ سائين سو تن انجام ٿي پوندا،

    تون به منهنجو مان به تنهنجي تون مان ٻئي هڪ هاڻ،
    ڪو دنيا جو دستور نه ٽوڙي سگهندو پنهنجو پاڻ،

    چمن ۾ پنهنجي هت نانگ سجهن ٿا زهري ڪيڏا،
    واڳون وارا وات پٽيو ڪيس ٿا ڪن قهري ڪيڏا.

    ڪنهنجي ڪنهنجي ڳالهه ٻڌان ڪنهنکي ڪنهنکي ڏوهه ڏيان،
    نڙي تي پنهنجي ننهن اچي، ڌوڏا ڦاڙي دانهن ڪريان،

    قسمت پنهنجي پنهنجي ۾ ٿو محنت جو ڦل هرڪو پائي،
    مون به آس انهيءَ تي پنهنجو پاڻ ڇڏيو آ گهائي،

    هر راهه تي تو آواز ٻڌا تو آوازن جا ساز ٻُڌا،
    ڪوئل واري ڪو ڪو ۾ تو پياسي پيارا راز ٻُڌا،

    خوف ٿو کائي ماڻهو کي ناهي ڪوئي رازدان ڪنهنجو،
    صحرا صحرا تنها تنها گلشن هي آشيان پنهنجو،


    ڪوٽ عمر جو نيٺ ته ڊهندو مارئي قيد مان آجي ٿيندي،

    ڪوٽ عمر جو نيٺ ته ڊهندو مارئي قيد مان آجي ٿيندي،
    سانگيئڙن سان ساڻيهه ۾ عيد به پنهنجي واهه جي ٿيندي،

    هن ڌرتي جي ڪک ۽ رک ۾ جيون ساٿ سمايو آهي،
    ٿر جي هن مون بر ۾ ويهي پنهنجو ديپ جلايو آهي،

    چٽ ۽ گل اکر هي اُڪريل پوتي سندءِ جي لاک،
    سونهن جي تنهنجي ساک ڀري ڦٽي پيئي آهي باک،

    مکڙي تي جيئن ڀونئر ويهي گل کي پاڻ کلائي ورتو،
    فطرت جي ائين رنگ سان مون پنهنجو رنگ ملائي ورتو،


    سج چنڊ تارا جيئن ٿا جرڪن نيري منجهه آڪاس،
    مون به ڇڏيو آ ڪارڻ تنهنجي ساجن ٺاهي لباس،

    مون جا جوڙي مورت من ۾ تو جي ٿي پئين ڪاش،
    تون به پرين ڄڻ آهين منهنجي روح جي شايد تلاش.


    آزاد نظم

    اجنبي

    اجنبي

    شھر جانِ جانان
    جِتي تو مون گڏجي
    ورتو جنم هو
    پنھنجي شھر ان جون
    گهٽيون، چونڪ پيارا
    جِتي تو ۽ مون گڏجي
    ڪندي رانديون رونديون
    ڊُڪي ڊوڙي، هٿ هٿ ۾ ڏئي
    وڏا ٽھڪ ڏيندي
    پَلجي وڏا ٿياسون
    وڏو ڀي ٿيڻ پنھنجو
    ڪيڏو گناهه هو
    اچانڪ وريو واءُ اهڙو
    ڇڄي ڌار ٿي، هڪ ٻئي کان وياسون
    جُدائي جي گهڙين
    مچائي ڇڏيو،
    دلين ۾ طوفان پنھنجي
    حياتي جا ناتا
    جي ننڍپڻ کان پنھنجا
    پَڪا پُختا هئا سي
    ظالم زماني، ستم ساڻ پنھنجي
    ڇڏيا تو مون ٽوڙي
    ۽ ڪنھن ساڻ جوڙي
    تن جو وري ڪو نه ڪو سدباب ٿيو
    ساڳيو شھر جيڪو
    گهاٽين نِمن جي ڇانوَن سان پُر هو
    علم و ادب جو آباد گهر هو
    شعر و شاعري تي ٻڌبو
    گيت ۽ سنگيت هو
    هِتي جون ٿڌيون
    هيرون هوائون
    چانڊوڪيءَ چھڪن تي
    سدا مھڪنديون هيون
    ۽ روحن کي ملندي هئي
    ڪيڏي نه راحت!
    سمان جنهن سھاري
    وڏا جو ٿياسون
    بن تنھنجي هاڻ
    ساڳيو شھر جان جانان
    ويران، سنسان، اوپرو لڳي ٿو
    ۽ محسوس ٿئي ٿو
    پنھنجي شھر ۾ آهيان
    مان اجنبي!


    اوسيئڙو

    اوسيئڙو
    منتظر آهيان
    ٽڙيل گلابن جيئان
    تنھنجي چاهتن جا
    عجب راز
    وري کُليا آهن
    منھنجي سيني اندر
    خوشبوءِ سان ڀريل
    گهٽيون، جِتان منھنجو اڪثر
    ٿيندو هو گذر
    تون، ڇت جي پلويڙي
    جو سھارو وٺي
    جڏهن پنھنجي، چنڊ جھڙي
    چمڪندڙ چھري کي
    گلابي رئي ۾ ويڙهي
    لوڪ کان لِڪائي
    پنھنجي حسين ادائن سان
    نظر مون تي وجهي
    خيالن خيالن ۾
    خبر ناهي ڪِٿ تون
    گُم ٿي ويندي هُيين
    تڏهن تنھنجون
    خاموش مُسڪراهٽون
    منھنجي وجود ۾
    تنھنجي حيا جا حجاب بنجي
    پيار وچان
    مونکي وجد ۾ آڻي
    ڇڏينديون هيون
    بي رحم وقت جي وِڇوڙي
    زمانن گُذرڻ کان پوءِ
    تن جي ياد
    هوائن جي تند تيز جھوٽن جيان
    اڃا به منھنجي دِل کي
    تڙپائي، گرمائيندي رهي ٿي
    آئون وِساري نه سگهيو آهيان
    تصوير تنھنجي
    جيڪا سج جي پاڇن جيان
    صبح شام
    منھنجي اکڙين اڳيان، ڦِرندي رهي ٿي
    دِل جا بند دروازا
    اُڊڙيل زخمن جيان
    ٻيھر پيا آهن کُلي
    انھيءَ اوسيئڙي ۾ آهيان
    متان وري موٽي اچي،
    ۽ پنھنجي لُڙڪن سان
    منھنجي زخمن کي ڌوئي
    پنھنجي وجود ۾ سمائي
    هميشه لاءِ پنھنجو بنائي ڇڏين
    ٽِڙيل گُلابن جيان، تنھنجي چاهتن جو
    اڃا به آهيان منتظر.


    پُڪار

    پُڪار

    جيوَن جن کي
    جوت ڏِني
    لوچ ڏِني
    سوچ ڏِني
    ريت ڏِني
    پريت ڏِني
    گيت ڏِنا
    سنگيت ڏِنا
    سُڪار ڏِنا
    ڪِردار ڏِنا
    تن کي مون
    ڇا ڇا پيار ڏِنا
    بدلي ۾ تن جي
    تن ڇا ڏِنا؟
    سور ڏِنا
    پور ڏِنا
    ٺلھا کوکلا
    نعرا ڏِنا
    نفرتن جا
    انبار ڏِنا
    منھنجي جوءِ جا
    سورهيه سي
    سپوت ڪِٿي
    سي ساهه ڪِٿي
    سي چاهه ڪِٿي
    جن دان ڏِنو
    ڇا ڇا سنڌو
    مان ڏِنو
    اُميدن جي
    دُنيا هن ۾
    ورهن کان
    اوسيئڙي ۾
    تن لاءِ ور ور ڏئي
    واجهايان ويٺي
    شايد وري
    لڳي ائين پيو
    هاڻ اهي
    ورڻا ناهن
    سرڻا ناهن
    جيئڻا ناهن
    رهڻا ناهن!


    چاهت

    چاهت

    ڪاش!
    آءٌ سبز ٽاڙيءَ جي
    مُرڪندڙ مُکڙي حجان ها
    چانڊوڪي ۾ کِڙي
    پرهه تائين ٽِڙي
    سدابھار گُل بنجي پوان ها
    سڳنڌ ساڻ پنھنجي
    مھڪائي وجهان ها
    سڀئي موهت ٿيندڙ ساهوارا
    منھنجي رنگت ۽ حُسن تي
    پنھنجي مِٺڙن آلاپن سان
    خاموشي جي جمود کي
    ٽوڙي وجهن ها
    چؤطرف شادمانا
    بھارون هُجن ها
    افسوس!
    منھنجي چاهت
    خزان جي هڪ اهڙي ٻوٽي
    مثل آهي
    جنھن جون جڙون، ٽاريون سُڪل
    ۽ پَن پيلا آهن.


    چِٽَ

    چِٽَ

    تنھنجي چِٺي مون ڪالھه مِلي
    تنھن کي پڙهي
    پورو جو ڪيم
    ذرڙيون ذرڙيون
    تنھن کي بنائي
    هوا جي هڪ جهوٽي سان تن کي
    ڦُوڪ ڏئي
    مون ڇڏيو اُڏائي
    پر تنھنجي چِٺي جا
    لفظ به لفظ
    ذهن ۾ منھنجي
    تازا اڃا ڀي آهن ايئن ڄڻ
    تنھنجي چُنري تي اُڪريل
    ڳاڙها ساوا نيلا پيلا
    سارا نيارا پيارا چِٽ.


    پڌري

    پڌري

    پير تي منھنجي پير ڏئي
    هن مونکان پُڇيو
    تو پيار ڪيو
    ڪنھن جو تو انتظار ڪيو
    تنھنجي پڌري ٿي هوندي
    يا ڪنھن جو مڱيندو ٿيو هوندين
    مون ٽھڪ ڏئي
    پير ڪڍي، پير تي ان جي پير ڏئي
    ايئن اُن کي چيو
    پنھنجو پاڻ اظھار ڪري
    پيار ڪري، اقرار ڪري
    پوءِ به پُڇين ٿو
    مون کان تون
    تو پيار ڪيو؟


    تصور

    تصور

    ڪمري جي کُليل دري مان
    تنھنجي جڏهن
    گهر ڏي نِھاريم
    اونڌاهين ۾، مون کي آيو نظر
    تنھنجي پيار جو تاج محل
    مُئن جي دَڙي جو
    سارو ڄڻ کنڊرات ٿي آيو
    تنھنجو وجود
    ڀٽڪيل هڪڙي روح جي هو
    ٻيھر جڏهن
    دِل جي دري مان
    پاڻ ڏي نِھاريم
    پيار جو ماضي ڪندي ياد
    ڪيم محسوس
    درد جي پيڙا
    پيار جو سوداءُ
    پر مان ڀي ڀٽڪيل روح جيان
    تڙپندي تڙپندي
    ڪنڌ ڪڍائي، جند ڇڏائي نه سگهيس
    ۽ بنجي ويس
    تنھنجو تصور.


    ڪوَي

    ڪوَي

    رات انڌاري
    بند ڪوٺي ۾ تنھا
    مون کي پنھنجي ڀر ۾ ويھاري
    ڪوَتا جي ڏات ڌڻي
    مون کان پُڇيو
    ڌرتي هِن جي سيني تي
    لال لھوءَ جو رنگ ڏِٺو تو
    سنڌڙي سان تِن سورمن
    جو سنگ ڏِٺو تو
    تو ماڳ ڏِٺا، مڪان ڏِٺا
    برن پٽن، جهنگ جبل جهر
    مالوندا مِٺڙا مارو ڏِٺا
    تو سامي جوڳي سانگي ڏِٺا
    مون هٿ جهلي، سھڪي سھڪي
    پير چمي نير وهائي
    ان کان ان جو سوال ڪيو
    تو ڪلھي ڪينرو پائي
    شھر شھر، بستي بستي
    تندون ڇيڙي
    ٻيجل وارا ٻول ٻُرائي
    ديس جي پنھنجي ميتن کي
    راڳ ڏِنو تو ڪماچ ڏِنو
    تو بيت ڏِنا وايون ڏِنيون
    وحدت جي واديءَ ۾
    تون ’شاهه‘ بنجي
    ٻولي کي جيئندان ڏِنو
    سُک ساهه ڏِنو
    ڇا ڇا تو چاهه ڏِنو
    جيڪي به ڏِنو تو
    سمنڊن کان اجهاڳ ڏِنو.


    چنڊ

    چنڊ

    چنڊ، ڪاش!
    تون ماني هجين ها
    ۽ بُکئي پيٽ جي
    تون پورت ڪرين ها
    پر افسوس!
    تنھنجي چمڪندڙ چانڊاڻ
    منھنجي وجود تي
    ڪيڏو وڏو بار آهي!


    وجود

    وجود

    آواره بادل جيان
    مان اڪيلو اڪيلو
    جبلن، سمنڊن
    صحرائن مرغزارن
    پُرڪيف فضائن ۾
    اُڏرندو رهان ٿو
    فٽ بال جيان
    ٿڏبو رهان ٿو
    نه برسندو رهان ٿو
    نه گِرجندو رهان ٿو
    نه چمڪندو رهان ٿو
    مگر مست هوائن جي
    جهوٽن تي ڪندو
    رقص رهان ٿو
    ڪنھن اڻ ڄاڻ
    منزل ڏانھن وڌندو رهان ٿو
    نه تارن جي تانگهه
    نه چنڊ جو تمنائي
    چڪور کي به هن پرڪيف
    واديءَ ۾ اُڏرندي ڏِسان ٿو
    هو چنڊ جي چاهت ۾
    خوشيءَ مان
    آڪاس ڏي
    اُڏرندو اُڏرندو
    جڏهن ٿڪجي پوَي ٿو
    اُٿاهه مھا ساگر
    سرسبز مرغرار
    برف پوش ڪوهسار
    يا ڪنھن بي جان صحرا ۾
    ڪِٿ وڃائي هوش ويھي ٿو
    آس نِراس جي
    ان عجيب ڪشمڪش ۾
    هو تڙپندو، ڦٿڪندو
    قره ارض جي ڪنھن
    جيوت جي پيٽ جي
    بُک ٿي وڃي ٿو
    منظر هي ڏِسندي ڏِسندي
    هلڪو هوا وانگر مان ٿيندي
    پولار ۾
    گُم ٿي وڃان ٿو
    ۽ محسوس ڪريان ٿو
    ته ڄڻ چڪور جيان
    منھنجي جيوَن جو به
    ڪو وجود ناهي.


    چَنڊ

    چَنڊ
    اي چنڊ!
    گهڻي رات پئي آ
    سوجهرو ٿي اُڀري
    سھسين ڪري سينگار
    هڪ بار دِل جي اڱڻ تي
    لھي آ، لھي آ
    تو ساڻ هي موسم
    فرشتن جھڙو لڳي ٿو
    منھنجي دِل جي
    انڌيرن کي
    اُجالن سان پنھنجي
    جَرڪائي وجهي ٿو
    توکان سواءِ
    جھان سارو بنجي
    ويندو هي انڌيرو
    اُن انڌيري ۾
    جنھن چاهت سان توکي
    چاهيان ٿو ڏِسان مان
    اُهي اکيون ڏِسڻ لاءِ
    آڻيان ڪِٿان
    انھيءَ آس ۾ پيو
    مران ۽ جيان
    انتظار جي تلخ گهڙين جي
    زنجيرن کي ٽوڙي
    جوت جيوَن جي بنجي
    اي چنڊ!، دل جي اڱڻ تي
    لھي آ، لھي آ
    اڃا رات پئي گهڻي آ گهڻي آ
    هوائن به ڇيڙي
    ڇڏيا آهن نغما
    فضائن به خوشبوئن
    جا پائي ڇڏيا آهن لباس
    نه ڄاڻان پوءِ
    دِل ڇو آهي نِراس
    لڳي ٿو ان اُداس رات ۾
    ڪو ٿيڻ وارو آ ڪوپ
    سِتارن جي جُھرمٽ
    هي نرمل نظارا
    گردشن جي گرد آب ۾
    ڪِٿي گُم ٿي ويندا
    ۽ نيٺ کائي ويھندا فريب
    نه ئي ملندو ڪو چارو ڪو رستو
    بنا تنھنجي ڪئين؟
    ڀلا پار هلبو
    اي چنڊ!
    اڃا رات پئي آ
    دِل جي اڱڻ تي
    لھي آ لھي آ.


    وطن ياد اچي ٿو

    وطن ياد اچي ٿو
    (1)
    حسين شام جو
    بڙ جي مان هيٺان
    نديءَ جي ڪِناري
    لھرن کي هر هر
    تڪيندو رهان ٿو
    خيالن ۾ پنھنجي
    وڃان محو ٿي ٿو
    اچانڪ فضا ۾
    ڪنھن ٽار تان ڪا
    ڪوئل ٿي ڪوڪي
    سندس آواز مِٺڙو
    پڙلاءُ بنجي
    ڪن ۾ ٻُري ٿو
    محبت جو مچ
    من ۾ مچي ٿو
    تڏهن ياد وطن
    مونکي اچي ٿو.


    (2)

    (2)
    چوڏهين جو چنڊ
    آڪاس تي ڏس
    چمڪي پيو دمڪي
    حسن سارو هي مان
    تڪيندي تڪيندي
    خيالن ۾ تنھنجي
    گُم ٿي وڃان ٿو
    اچانڪ شھر جي
    ڪنھن مِل منجهان
    گگهو جو آواز
    مسلسل وڄي ٿو
    خيالن جو سِلسلو
    ٽُٽي پوءِ وڃي ٿو
    ڏِسان پيو ته تڪڙا
    پورهيت ويچارا
    اچن ۽ وڃن پيا
    هي آواز مِٺڙو
    جڏهن ساهه منھنجي سان
    سرچي وڃي ٿو
    تڏهن ياد وطن
    مونکي اچي ٿو.


    (3)

    (3)
    ساجهر صبح جو
    هيرن جي جهوٽن
    تي غنچا ۽ گُل ڦُل
    ٽِڙي رقص ڪن ٿا
    باغ خوشبوءِ سان سارا
    مھڪي پوَن ٿا
    آءٌ فطرت جا نوري
    نظارا
    تڪيندي تڪيندي
    خيالن ۾ پنھنجي
    گُم ٿي وڃان ٿو
    اچانڪ مسجد جي
    مينار تان ڪنھن
    ٻانگ جو آواز بُلند ٿي وڃي ٿو
    جڳ جاڳي اُٿي ٿو
    سربسجود ٿئي ٿو
    هي آواز مِٺڙو
    ماڻھو ماڻھو جي مَن ۾
    جڏهن رچي وڃي ٿو
    تڏهن ياد وطن
    مونکي اچي ٿو.


    (4)

    (4)
    سج جا روشن ڪِرڻا
    پنھنجا پر پکيڙي
    جھان سارو روشن
    بنائي وجهن ٿا
    جيت ماڻھو مرون
    پکي ۽ پکڻ سڀ
    آکيرن مان نِڪري
    جهرجهنگ وڃن ٿا
    آءٌ خيالن ۾
    پنھنجي مستان رهان ٿو
    اچانڪ ڪنھن اسڪول جو گهنڊ
    ٽَن ٽَن وڄي ٿو
    منھنجي خيالن جو سلسلو
    ٽُٽِي پوءِ وڃي ٿو
    جڏهن ڪنھن جو ٻار
    پنھنجو ٿيلھو کڻي
    هو اسڪول وڃي ٿو
    منھنجو رُٺل پٽ
    مون سان پرچي وڃي ٿو
    تڏهن ياد وطن
    مونکي اچي ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1350520
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 402592
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ