ڪتاب جو نالو: تخليق جو انت
مصنف: عابده گهانگهرو
ڇپائيندڙ: مهراڻ ميڊيا سروس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1077 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 415 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • ليکڪا پاران
  • • ذهين شاگردياڻي
  • • مڃتا
  • • جوڙي سلامت رهي
  • • سورمي صفحي جي هڪ پڙهندڙ جي راءِ
  • ڪهاڻيون

  • 1. الا ڏاهي مَ ٿيان
  • 2. ليکڪا
  • 3. ايوارڊ
  • 4. مُرڪ
  • 5. آءُ امڙ! ننڊ جهولي جهلي آ
  • 6. خود غرض ماءُ : هڪ سچي ڪهاڻي
  • 7. تحقيق
  • 8. غيرتي ڀاءُ
  • 9. زال جي نوڪري
  • 10. هاڻي هوءَ ڪيئن کلندي هوندي؟
  • 11. تخليق جو انت
  • 12. مڙس جو کيسو
  • 13. اُداس مرڪون
  • 14. پُراعتماد چهرو
  • 15. پادري انب ۽ نينگري
  • 16. مهرالنساءِ
  • 17. اسٽيٽس
  • 18. انصاف کپي

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ٽياسي (83) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”تخليق جو انت“ ڪهاڻيڪاره محترمه عابده گهانگهرو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪو مهراڻ ميڊيا سروس پاران ڇپايو ويو آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون ادي عابده گهانگهرو جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    ارپيان ٿي
    شهيد نظير عباسيءَ
    جي ونيءَ
    ۽
    جاکوڙي ڪردار
    ادي حميده گهانگهرو کي


    • ليکڪا پاران

    ماديت پرستيءَ واري هن دؤر ۾ هر ماڻهو زندگيءَ جي جبل جهاڳڻ واريءَ ڇڪ ڇڪان ۾ رڌل آهي. مائٽن جي خواهش ته اولاد ڪهڙو ڦل ٿي ڏئي ۽ اولاد کي ڳڻتي ته مائٽن کان ڪهڙي ميراث ٿي ملي.
    سائنس جي ترقيءَ جتي دنيا کي ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، اتي انسان پڻ سوچ ۾ محدود ٿي ويو آهي. مان پاڻ کي ڏاڍي خوش قسمت سمجهندي آهيان جو اسان جي مائٽن اسان کي ميراث ۾ قدر (Values) ، علم جي طاقت ۽ قلم جو هٿيار ڏنو. نه رڳو ايترو پر ان جي استعمال ۽ اهميت سمجهڻ جو شعور پڻ ڏنو، انهن مڙني کان مٿي اسان جي ذهنن ۾ جدوجهد ڪرڻ جي سوچ ۽ قوت پڻ پيدا ڪئي.
    مون ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڪتاب پڙهيا پنجاب مان ”امداد باهمي“ تحت ڇپجندڙ نيوز ليٽر ٽائيپ “هم لوگ”، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ جدا صفحو هوندو هئو، جنهن ۾ علم ادب سان گڏ مختلف سرگرميون به شامل هونديون هيون. (اڃا تائين اهي Activities ياد آهن)، نقوش رسالو، روسي ناولن ۾ دارورسن کی آزمائش، ذلتوں کے مارے لوگ، چراغ جلتا رہا، ماں وغیرہ، ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون، سنڌيءَ ۾ امر جليل، آغا سليم، نور الهدى شاهه ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب پڙهڻ سان ڄڻ ته عشق هو. هر ڪتاب ڀرپور دلچسپيءَ سان ڪا به سٽ، ڪو اکر ڇڏڻ بنا پڙهندا هئاسين. ايترو ئي نه بلڪه انهن ڪتابن تي هڪٻئي سان بحث مباحثا پڻ ڪندا هئاسين. مزي جي ڳالهه ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب گهر ۾ ايندو هئو ته هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي هئي ته اڳ ۾ اهو مان پڙهڻ شروع ڪريان! پوءِ اڪثر هڪ ئي ڪتاب ٻه ٻه ڀينر گڏجي پڙهنديون هيوسين جو هڪ اڌ هڪ جي هٿ ۾ هوندو هئو ته ٻيو اڌ ٻيءَ جي هٿ ۾، ائين ڏينهن رات جي ڪا به خبر نه پوندي هئي. امان اسان سان گڏ جاڳندي هئي. خاص طور تي امتحان وارن ڏينهن ۾.
    امان وزير بيگم پنهنجي پلاسٽڪ جي ٽوڪريءَ ۾ رلين لاءِ ڪٽيل رنگبرنگي ٽڪريون ۽ هٿ ۾ سئي کڻي ويهندي هئي ۽ مسلسل اسان کي همٿائيندي رهندي هئي. مون کي پنهنجيءَ ماءُ ۾شاهه جي سورمين جا سڀ گُڻ نظر آيا. مون ڪتڻ وارين جو هنر سندس آر ۽ سُئيءَ واري ڪم ۽ گُڏين ٺاهڻ واري هنر ۾ ڏٺو، هن ۾ نوريءَ واري نماڻائي به هئي. هوءَ زندگيءَ جي پرخار رستن تي پير پٿون هجڻ جي باوجود مسلسل هلندي رهڻ واري جدوجهد ڪندڙ عورت هئي ۽ اهو ئي درس هن اسان کي به ڏنو. هن ۾ مارئيءَ وارو ماڻ هئو، هوءَ ڪڏهن ڪنهن آڏو نه جهڪي ۽ اسان کي هميشھ اهو چيائين ’ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان.‘
    شايد دنيا جي هر ماءُ ائين ئي هوندي آهي. روسي ناولن ۾ مائرن جي بَٺين دُکائڻ جو ذڪر پڙهي اسان کي اهي امان وانگر لڳنديون هيون يا امان انهن وانگر لڳندي هئي. ميڪسم گورڪيءَ جي ماءُ به اسان کي امان وانگر لڳندي هئي، گورڪيءَ جو ماءُ وارو ڪردار اسان پنهنجيءَ امڙ ۾ عملي طور تي ڏٺو. دنيا ۾ اهڙا اتفاق (Co-incidence) به ٿيندا آهن؟ پارٽيءَ جي جلسن ۽ ميٽنگن ۾ڪيترا به ماڻهو اچي وڃن، امڙ جي نرڙ ۾ گهنج نه پوندو هئو ۽ هوءَ دل ۽ جان سان سندن آڌر ڀاءُ/ خدمت ڪندي هئي. اهو ته اسان اکين سان ڏٺو پر ان کان اڳ جڏهن بابو سائين ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو هاري ڪاميٽيءَ ۾ سرگرم هو ۽ الاٽي تحريڪ دوران به گهر ۾ جيترا به مهمان ايندا هئا، امڙ انهن لاءِ کاڌو تيار ڪندي هئي. مطلب ته هڪ سرگرم ۽ باشعور ڪارڪن وانگر پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي هئي. ان جو ذڪر قاضي فيض محمد صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ پڻ ڪيو آهي.
    بهرحال مون امڙ ۾ هڪ انتهائي بردبار عورت ڏٺي. هوءَ باهمت ڌيءَ ۽ پروقار ماءُ هئي. ننڍپڻ ۾ مون کي رڳو پڙهڻ جو شوق هوندو هئو، مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هئو ته ڪيئن لکان ۽ ڇا لکان؟
    اڳتي هلي لکڻ جو چاهه پيدا ٿيو، جنهن جو سبب سکر ۾ قائم هڪ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ اردو مضمون نويسيءَ جو مقابلو هئو. منهنجي سڀ کان پهرين لکڻي هڪ تاثراتي مضمون هو، جيڪو مون اردوءَ ۾ لکيو، ان جو عنوان هو ‘‘سیڑھیاں’’، جڏهن ان تي حوصلي افزائي ٿي ته پوءِ ان کي سنڌيءَ ۾ ٻيهر لکي روزاني عوامي آواز اخبار ۾ ”ڏاڪڻ“ جي نالي سان موڪليو، جيڪو انهن ايڊيٽوريل پيج تي ڇپيو، افسوس جو هن وقت مون وٽ ان جي ڪاپي نه آهي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيا مضمون سماجي موضوعن/ مسئلن تي لکيا، جيڪي پڻ عوامي آواز ۾ ايڊيٽوريل پيج تي ڇپبا رهيا.
    1995ع ۾ عوامي آواز عورتن جو صفحو ”سورمي“ نالي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ادي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ان کي سنڀالڻ جي ذميواري مون کي ڏني، جا مون خوشيءَ سان قبولي. هن کي اهو ڀروسو هو ته مان اها ذميواري صحيح نموني نڀائي سگهنديس ۽ مون به سندس اعتماد بحال رکڻ جي پنهنجي وَس ۽ وِت آهر پوري ڪوشش ڪئي.
    منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي. هن کان اڳ سنڌ جي ثقافت کاتي منهنجن مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ”سُکن واري سَڌَ“ شايع ڪرايو آهي.
    ڪتاب ”سکن واري سڌ“ ۾ شامل گهڻي قدر مضمون ان ساڳئي دؤر (1995ع کان 2006ع) ۾ ”سورمي“ ۾ ڇپيل آهن. جڏهن ته ان کانپوءِ وارا لکيل ڪجهه مضمون ۽ مقالا پڻ شامل آهن. جن مان ٻه وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ڪارونجهر ۾شايع ٿيل آهن.
    مون ثقافت کاتي کي ڪتاب ”سُکن واري سڌ“ ۾ مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون گڏي ڏنيون هيون. ثقافت کاتي جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر ادل سومري صاحب ڏاڍي سُٺي تجويز ڏني ته هن ڪتاب مان ڪهاڻيون ڌار ڪري الڳ ڪتاب ڇاپيو وڃي. ڊاڪٽر صاحب جي ان سهڻيءَ صلاح تي عمل ڪندي ڪهاڻين جو ڪتاب الڳ ڇاپيو پيو وڃي.
    مون جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته ٻالجتيءَ کان ئي مون هڪ عورت يعني پنهنجيءَ ماءُ کي، Determination, Dignity ۽ Struggle جو مثال ڏٺو، ائين عورت جي جدوجهد، حوصلي مندي، مستقل محنت، عورتن جا حق، فرض، مسئلا، مونجهارا، حل ۽ حاصلات، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، مشڪلاتون ۽ مجبوريون، اهي سڀ اهڙا موضوع آهن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي، سوچي يا ويچاري منهنجو هٿ ازخود قلم ۽ ڪاغذ ڏانهن وڌي ويندو آهي. ان کي فطرت کان مجبور ٿيڻ چئجي، مزاج جو لاڙو چئجي يا بيوسي؟ مان ڪوبه نالو نه ٿي ڏئي سگهان. ايترو ضرور سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها بيچيني، اضطراب ۽ اهو لفظن جو بيان مونکي پنهنجي والد صاحب ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري کان مليو. هو هاري حقدار تحريڪ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو. ممبئي يونيورسٽيءَ مان ”عالم فاضل“ ۽ قرآن شريف جي تفسير لکڻ جي سَند مليل هئس. بابو سائين پاڻ کي قرآني ڪميونسٽ چوندو هو. بابو سائين ”جو کيڙي سوکائي“ جو رڳو نعرو هڻندڙ نه هو بلڪه آزاد هند فوج مان رٽائرمينٽ کانپوءِ مليل سڀ زمينون اتي ڪم ڪندڙ هارين ۾ ورهائي ان نعري تي عمل پڻ ڪيائين. هو هميشھ هارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسي تڙپندو هو. مدرسي مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ مان ڇپجندڙ رسالي الصادق ۽ الا صلاح اخبار سان پڻ واڳيل رهيو. سندس لکڻين ۾ هارين لاءِ سجاڳي ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو سڏ آهي. منهنجي لکڻ ۾ سندس ڏات ۽ ڏانءَ جي جهلڪ آهي، جنهن تي مون کي فخر آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره. ڪجهه ڪردار اهڙا آهن، جن سان مان پاڻ مليس. سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ هڪ نفسياتي مريض ڇوڪري 12-13 ورهين جي گونگي ۽ ٻوڙي هئي. ڊاڪٽر واصف ان وقت سول اسپتال ۾ هوندو هو، ان جو علاج ڪري رهيو هئو. ان مونکي ساڻس ملرايو. هن ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ اهڙو واقعو ٿيو هئو جنهن جو سوچي فطرت به شرمائي ٿي. پيءُ ۽ ڏاڏيءَ جي رشتن ۾ ايتري وحشت، جو هينئر هيترا سال گذرڻ جي باوجود به جڏهن مان سوچيندي آهيان ته لونءَ ڪانڊارجي ويندي اٿم. اخبارن يا رسالن ۾ اهڙا واقعا/ خبرون پڙهڻ ۽ حقيقت ۾ انهن ڪردارن سان ملڻ انهن جي بيوسي ۽ انهن سان ٿيل بي حسيءَ تي ڪجهه نه ڪري سگهڻ واريءَ بيوسيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ وڏي دل کپي. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان ان ڇوڪريءَ سان موڪلايان ڪيئن؟؟
    انسان جي زندگي هڪ ڏونگر ڏورڻ جي ئي برابر آهي پر عورت لاءِ اڃان به پهاڙن جا وڏا سلسلا آهن. هڪ عورت ڪڏهن پنهنجن حقن لاءِ هماليه ته ڪڏهن ڪوٽن جا قراقرم پار ڪندي زندگيءَ سان جهيڙيندي نبيرا نڇيرا ڪندي جيئڻ لاءِ جتن ڪندي رهي ٿي. سندس هر جتن پويان اها خواهش خلش جي صورت ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن خوشي، سڪون، اطمينان ۽ سک ملندو؟؟
    هن ڪتاب ۾ منهنجون جيتريون تحريرون شامل آهن ان کان ٻيڻ تي اهي آهن، جيڪي مون کي ياد ته آهن پر مون وٽ موجود نه آهن. اڪثر مون کي انهن جي سانڍي نه سگهڻ جو يا انهن جي ڪاپي نه رکڻ جو افسوس ٿيندو آهي. ان کان علاوه ڪيتريون ئي اهڙيون ٻاراڻيون ڪهاڻيون مان پنهنجن ٻارن کي روز گهڙي ٻڌائيندي آهيان ۽ سوچيندي آهيان ته سڀاڻي لکي رکنديس ۽ Tomorrow never comes جي ڪري اڄ تائين نه لکي سگهي آهيان، جنهن تي منهنجي گهرواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي هميشھ تنبيهه ٻڌندي آهيان. خاص طور تي تڏهن جڏهن ضرورت پوڻ تي گهربل تحرير نه ملي سگهي. ان ڪري ئي ڪمال چيو ته پنهنجين تخليقن کي وڃائين ڇو ٿي؟ جيڪي هٿ ۾ آهن انهن کي ڇپرائي هٿيڪو ڪر. پهريان سمجهيم ته شايد رگهلائيءَ جو ليبل ٿو هڻي پر ائين نه هو. اها هن ڀلي مانس جي سهڻي صلاح هئي جنهن تي عمل به هن پاڻ ئي ڪيو ۽ حقيقت ۾ هن ڪتاب جي سهيڙ، ايڊيٽنگ ۽ ڇپرائڻ تائين جا سڀ ڪم ڪمال Priority سمجهي ڪيا آهن.
    جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
    سمورين ڪهاڻين تي اسان ڪيترائي ڀيرا بحث ڪيو. بحث جي نتيجي ۾ انهن جا موضوع به تبديل ٿيا ۽ نيون ڪهاڻيون به لکيم، جن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
    سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ 1997ع کان خاص ڪري سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۽ ضلعن خيرپور ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪم ڪندي پئي اچي. هيءَ هڪ اهڙي سماجي تنظيم آهي، جنهن جا عهديدار ۽ ڪارڪن گهڻي ڀاڱي پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري مسلسل خدمت ڪندا پيا اچن. ان سٿ ۾ مان به شامل آهيان.
    هن ڪتاب ڇپرائڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته هي ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن بابت آهن. ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ هن تنظيم جي بنيادي مقصدن ۾شامل آهي.
    اميد ته هيءُ ڪتاب عورتن جي حقن جي جدوجهد ۾ هڪ ننڍڙي چڻنگ ضرور ثابت ٿيندو. مان مهراڻ ميديا سروس ۽ پيڪاڪ پرنٽرس جي به ٿورائتي آهيان، جنهن هن ڪتاب کي سهڻي نموني ڇاپي اوهان تائين پهچايو.

    عابده گهانگهرو
    ڪراچي 12-04-2014-


    • ذهين شاگردياڻي

    عابده گهانگهرو سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي ٿي، جتي هيءَ ڪنهن پروگرام جي ڪمپئرنگ لاءِ آيل هئي. پروگرام جو پروڊيوسر نصير احمد سومرو (منهنجو گهر وارو) هيو، جنهن عابده جي لکيل اسڪرپٽ کي Ok ڪندي سندس لاءِ سٺيءَ راءِ جو اظهار ڪيو.
    ساڻس ٻي ملاقات مسز ڪمال ڄامڙي جي حيثيت سان ٿي.هوءَ اسان جي گهر آيل هئي. ڳالهين ڪندي هن جي ذهانت جو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نه فقط ايم. اي اڪنامڪس پر سندس سنڌي ادب ۾ پڻ ماسٽرز ڪيل آهي ۽ اڳتي ايم. فل/ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
    پوءِ ٽئين ملاقات ائين ٿي جو، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فل/ پي ايڇ- ڊي جي شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان اچي منهنجي ڪلاس ۾ ويٺي. چمڪندڙ اکين ۽ ذهين چهري واري عابده جلد ئي هڪ سٺيءَ شاگردياڻيءَ جي روپ ۾ منهنجي اڳيان آئي.
    عابده نه فقط هڪ سٺي شاگردياڻي آهي پر هوءَ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار به آهي. پنهنجين ڪهاڻين جي ذريعي زندگيءَ جي حقيقتن، سماج جي مسئلن ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين کي نهايت سهڻي نموني واضح ڪري ٿي.
    عابده جي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي هن وقت تائين ادبي دنيا سان وابستگي هلندي آئي آهي. پڙهيل لکيل ماحول ۾ شعور سنڀالڻ کان پوءِ گهر ۾ موجود ڪتابن جو جهجهو مطالعو ڪندي رهي. پڙهڻ جي عادت ايتري پختي ٿي ويس جو گهر ۾ ايندڙ سودي سامان جي پُڙين کي به کولي پڙهڻ لڳي.
    کيس پڙهڻ جي شوق، لکڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ ٻنهي شوقن گڏجي ريڊيو جي ڪمپئرنگ ۽ عوامي آواز جي صفحي سورميءَ جي سنڀالڻ تائين پهچائي ڇڏيو. جتي لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏوگڏ ڳالهائڻ جو شوق پورو ٿيندو رهيس.
    احساس جي اظهار کي ذريعو گهرجي، جيڪو عابده کي حاصل ٿيندو رهيو. هن اخبار ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جي صفحي ”سورمي“ جي سنڀال به ڪئي ته عورتن جي مختلف مسئلن تي پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪيو. عابده تمام گهڻيءَ محنت سان لاڳيتو ٻارنهن سال، ”سورمي“ کي سنڀاليو. هن جي محنت ۽ ڪوششن سان عورتن جي حقن جي حمايت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. هن پاڻ به ان طويل عرصي ۾ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا، جيڪي پڻ سماجي حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
    عابده جون مختلف وقتن۾ ڇپيل ڪهاڻيون، اڄ مجموعي جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهن. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ سان ائين پيو لڳي ته عورت هر دؤر ۾ مسئلن جو شڪار رهي آهي. جهڙا مسئلا هن لاءِ ڪالهه هئا ساڳيائي اڄ به آهن. اڄ به عابده انهن ڪهاڻين جي ذريعي مسئلن کي اسان جي آڏو رکي ٿي ۽ سوال ڪري ٿي ته آخر اهي سماجي ناانصافيون ڪڏهن ختم ٿينديون؟
    هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون مون غور سان پڙهيون آهن.”اَلا ڏاهي مَ ٿيان“، ”تخليق جو انت“، ”ماءُ جي محبت جو شڪار هڪ ناري“، ”غيرتي ڀاءُ“، ”مڙس جوکيسو“ ۽ ”ليکڪا“ وغيره اهي سڀ ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ آهن. انهن ڪهاڻين جو هر مسئلو اسان جي سماج جو مسئلو آهي. هر ڪردار اسان جي اڳيان پٺيان جيئرو جاڳندو پيو گهمي. مثلاً ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ جي صفيه کي گهر جو سُڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وري وري بي اعتباريءَ جي ’پل صراط‘ تان گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به سماجي دوکي بازيءَ تي قربان ٿي وڃي ٿي.
    اسان جي سماج ۾ نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ لاءِ هميشه عورت کي قصور وار بڻايو ۽ سمجهيو ويندو رهيو آهي. جهالت واري دؤر کان وٺي اڄ جي ايڪهين صديءَ جي روشن ماحول ۾ به ساڳيو ئي دستور هلندو پيو اچي. ”تخليق جو انت“ ۾ عابده ان ئي مسئلي کي موضوع بڻائيندي عورت جي مجبوريءَ کي زندگيءَ جي ڪينواس تي جيئري جاڳندي انداز ۾ سوال ڪيو آهي ته ڇا واقعي نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي؟
    دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن ”عورت“ جي ساراهه ڪندي مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪڏهن هن کي سونهن جي ديوي چيو ويو ته ڪڏهن وفا جو مجسمو، ڪڏهن دوکي باز چيو ويو ته ڪڏهن دغا باز به ڪوٺيو ويو، ڪڏهن نوريءَ جي نياز کي ساراهيو ويو ته ڪڏهن مومل جي ناز کي پر اڪثر ڪري عورت جي مٿان جيڪا وڏي تهمت لڳايل آهي، سا آهي دولت جي چاهت. ان حوالي سان هن جي مٿان مڙس جي کيسي تي نظر رکڻ جو ڏوهه به رکيل آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح ئي عابده جي ڪهاڻيءَ جو موضوع به آهي”مڙس جوکيسو“.
    وڌيڪ ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏسو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت ويچاريءَ مڙس جي کيسي تي ڪهڙي نظر رکي آهي ؛ ”مان مڙس جي کيسي ڪتر ڪڏهن به نه ڪئي آهي. کيسي ۾ ڪجهه رکانس ته ڪترڻ جو به سوچيان نه؟ ويچارو سڄي ڪمائي آڻي مون کي ڏئي. خرچ به پاڻ هلايان، سو سموري ”ڪٽنگ فٽنگ “ اُتان ڪيان ڇا؟ هميشه سياڻي حڪومت وانگر بجيٽ خساري جي پيش ڪندي آهيان... ڀائوءَ جو کيسو به ته ڀرڻو آهي، نه ته مڙس چوندو تنهنجو ڀاءُ ڀينگيو آ... جڏهن اديءَ وارن جي فرج سڙي وئي هئي ته اسان واري فرج کڻائي ويا هئا. مون چيو ڪا ڳالهه ڪانهي! جهڙو اهو گهر تهڙو هيءُ ... مٿان بک به تپايو هئو هاڻي ڀينرون به گڏ هيون سو جهڙو تهڙو کائڻ به خراب پئي لڳو، سو ٽيڪسي ڪري وياسين باربي ڪيو . ايڏو مزو آيو... هر مهيني وڌيڪ نه ته هڪ ٻه دفعا ئي ضرور سموريءَ فيمليءَ کي ڊنر اتي ڪرائيندم. دل ۾ سوچيم ته بس هڪ ٻه دفعا ئي ڪافي آهي. آخر مڙس جي کيسي جو به ته خيال رکڻو آهي نه...“
    مٿئين ڪهاڻين وانگر عابده جون ٻيون ڪهاڻيون به پنهنجي اندر هڪ پيغام رکن ٿيون. هنن ۾ مقصديت به آهي ته مزاح به آهي. سنجيدگي به آهي ته طنز به آهي . مطلب ته پنهنجيءَ سوچ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش اٿس.

    پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي
    اڳوڻي چيئر پرسن
    سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي


    • مڃتا

    پنهنجي هن عورت دشمن سماج اندر ڇوڪريون جيڪر ڄمن ئي نه پر جيڪڏهن پيدا ٿين ته جيڪر روشن خيال، ترقي پسند ۽ فيمنسٽ والدين جي گهرن جي زينت بڻجن، جتي سندن ڄمڻ تي ڪنهن جي منهن ۾ گهنج نه پون، ڪير ارهو نه ٿئي، ڪنهن جا منهن نه لهي وڃن، جتي ڌيءُ ڄڻيندڙ ماءُ کي نڀاڳيءَ جا پاراتا نه ملن، جتي اهي ساهه کڻي سگهن، جتي کين روز مرڻو نه پوي، جتي اهي ڪنهن به قسم جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس نه ڪن ۽ جتي ڏاڍيان ڳالهائڻ ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ تي کين ڇڙٻون نه ملن، جتي سندن اظهار جي آزاديءَ واريءَ زبان کي ڪاڪڙي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي پٽ تي اڇلائي ان کي چٿيو نه وڃي.
    عابده گهانگهرو ان لحاظ کان خوشنصيب آهي ته هن ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي بقول عابده جي ته ”علم جي طاقت ۽ قلم جو هٿيار مليو، نه رڳو ايترو پر ان جي استعمال ۽ اهميت جو شعور مليو ۽ انهن مڙني کان مٿي اسان جي ذهنن ۾ تبديليءَ جي سوچ ۽ قوت پيدا ٿي“. جتي سندن عزت ڪئي وئي، اعتماد ۽ حوصلو ڏنو ويو ۽ جتي کين پنهنجيءَ شخصيت، ڪردار، سڃاڻپ ۽ مقام ٺاهڻ جو موقعو مليو.
    اهڙو ماحول ملڻ ڪري ئي ڪامريڊ هاشم جي (حميده گهانگهرو ۽ عابده سميت) ڌيئرن پنهنجن پيرن تي بيهي زندگي گذاري ڏيکاري آهي. شاديءَ کان پوءِ انهن سڀني ڀينرن ٻين عام عورتن وانگر پنهنجي اباڻي ذات مٽائي مڙس جي ذات نه سڏائي. اها ڳالهه ڪا معمولي نه پر انتهائي غير معمولي، طاقتور سوچ ۽ خودداريءَ جي علامت آهي. هاشم صاحب جون سڀ نياڻيون بيحد ذهين، باصلاحيت، حوصلي مند، تخليقي ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ الڳ مقام رکن ٿيون.
    سو ٻين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي يا نه اچي پر ڪامريڊ هاشم گهانگهري جي نياڻين کي ڀليءَ ڀت معلوم آهي ته اُهو ڪهڙو آئڊيل ماحول آهي، جيڪو ڇوڪرين جي خواهشن ۽ اميدن جو ترجمان آهي ۽ اهي ڪهڙيون رنڊڪون آهن، جيڪي عورتن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪنديون آهن. تنهن ڪري هاشم گهانگهري جي نياڻين عظيم پيءُ جي ميراث ۽ مشن کي سنڀاليندي اهڙو ئي ماحول ٻين ڇوڪرين کي ڏيارڻ کي پنهنجو مشن بڻائي، پنهنجي نموني ۽ طريقي سان جدوجهد ڪري رهيون آهن. عابده گهانگهرو انهن مان هڪ آهي، جيڪا ڇوڪرين لاءِ رول ماڊل آهي ۽ جنهن کي ڏسندي عورتن جي طاقت ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي.
    جڏهن عابده گهانگهرو عوامي آواز اخبار ۾ ”سورمي“ جي صفحي کي انچارج طور سنڀالي رهي هئي ته تڏهن مان ايڊيٽوريل صفحي سميت اندرين صفحن کي به سنڀاليندو هيس. انهيءَ ڪم دوران مون ان کي بيحد ذميوار، بردبار، ثابت قدم ۽ ڪمٽيڊ ڏٺو. هن سورمي صفحي ۽ ڪهاڻين جي هن مجموعي ذريعي عورتن لاءِ محنت، سجاڳي ۽ جدوجهد جو ماحول ٺاهيو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ واريون روشن ۽ اتساهيندڙ راهون ڏيکاريون آهن.
    ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ عورتن سان هر قسم جي ٿيندڙ استحصال، جسماني توڙي ذهني ٽارچر، مسئلن، مونجهارن، مشڪلاتن ۽ مجبورين کي موضوع بڻايو ويو آهي. ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو عورت جي مڪمل آزاديءَ جو نه رڳو وڪيل آهي پر ان کي جيئڻ جا بنيادي حق ڏيارڻ واريءَ جدوجهد جو پڻ هڪ ڪيس وڙهي ٿو ۽ عورتن کي مڙس ماڻهو ٿي زندگي گذارڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورتن کي مڙس ماڻهو ٿي زندگي گذارڻ کان ڪير روڪي ٿو، ڪير عورتن جي آزاديءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهن. عابده گهانگهرو جون ڪهاڻيون انهن عورت دشمن ڪردارن کي نه رڳو هڪ هڪ ڪري بي نقاب ڪن ٿيون پر انتهائي بهادري ۽ همت سان عورت دشمن سماج جا آنڊا گونڊا ئي ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏين ٿيون.
    ڪامريڊ هاشم کي پنهنجين نياڻين کي آزادي ڏيڻ تي ۽ سندس ڌيئرن کي تعليم پرائڻ ۽ نوڪرين ڪرڻ دوران ڇا ڇا نه زماني کان ٻڌڻو پيو هوندو، ڇا ڪجهه نه برداشت ڪرڻو ۽ ڀوڳڻو پيو هوندو. تن کي اسان جي عورتن کي بنيادي حقن ڏيارڻ واري عظيم جدوجهد لاءِ هڪ قرباني تصور ڪيون ٿا ۽ مڃتا طور اٿي بيهي کين سلام پيش ڪريون ٿا.

    زرار پيرزادو
    روزاني عوامي آواز ڪراچي


    • جوڙي سلامت رهي

    عابده سان منهنجو جيءَ جو جڙيل ناتو تڏهن کان آهي، جڏهن هن اڃان ڳالهائڻ سکيو پئي. اسڪول کانپوءِ منهنجي ذميواري هوندي هئي ته هن کي کڻي کيڏايان، وهنجاري صاف سٿرا ڪپڙا پارائي هٿ ٻانهون پڪڙي زوريءَ سرمو پارائيندي هئي مانس. شام جو روزانو انبن جي مند ۾ انب کارائي امان کان داد وٺي خوش ٿيندي هئس ته مان هن کي ڪيڏو ته سٺو سنڀاليان ٿي. ڏينهن پٺيان مهينا، مهينن پٺيان سال گذريا، عمر سان گڏ سندس ذهانت به نکرندي وئي. پڙهائيءَ ۾ تمام گهڻي هوشيار، اصولن جي پڪي جيڪو ڪم ڪرڻو اٿس ڪري رهندي. بس ڳالهه مڃرائڻي آهي. ادو ڪامريڊ غلام رسول سهتوچوندو ئي هوشو ارڏي ڀيڻ هئس. امان گهر ۾ پاڻيءَ جي دلي ڀرڻ لاءِ چوندي هئس، جيڪو ڀريندي ته هئي پرڏاڍيءَ لاچاريءَ سان سو هڪ ڏينهن دلو ڀرڻ لاءِ نلڪي جا گيڙا ڳڻي ويٺي حساب ڪرڻ ته ڏينهن ۾ 3 دفعا ڀرڻ سان ڪيترا گيڙا ايندا، هفتي، مهيني ۽ سال جو حساب ڪيائين. پوءِ امان کي چيائين ته جنهن ڏينهن توهين ڪپڙا ڌوئو مان سڄو ڏينهن نلڪو هلائي پاڻي ڀري ڏينديس پر سال تائين وري مونکي دلي ڀرڻ لاءِ نه چوندا. مونکي پڙهڻو آهي. امان سندس ذهانت تي لاجواب ٿي وئي، چيائينس حسابن ۾ تنهنجون گهڻيون مارڪون اينديون آهن ته ٺهه پهه جواب ڏنائين سئو سيڪڙو. امان پاڻ ته اڻ پڙهيل هئي پر اولاد جي پڙهائيءَ لاءِ جيتريون به قربانيون ڏيڻيون هئس سي ڏنائين. سڀ سرتي کڻي چوندي هئي ته منهنجن ٻچن کي ڪا تڪليف نه اچي. گرميءَ ۾ پکو هڻندي چوندي هئي ته توهين آرام سان پڙهو! پگهر جي ڪري توهان جا ڪتاب ڪاپيون خراب نه ٿين. عابده جي معصوميت تي چيائين تون آئنده ڪم نه ڪر. اهڙيءَ طرح هن ضدي اصول پسند ڪم جو انڪار به نه ڪيو ۽ ڳالهه به مڃرائي ورتي. سو هن جو ٽيڪنالاجي ذهن ننڍي هوندي کان ئي هو.
    پڙهڻ لکڻ سان دلچسپي، قلم جو هٿيار ڪڏهن به ڦٽو نه ڪيائين. تمام ننڍيءَ عمر ۾ ڪمپيوٽر ڪورس ڪري نوڪري ڪرڻ لڳي. ادب سندس ذوق رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مشهور پروگرام سرتين سينگار، نوجوانن لاءِ روشن راهون، پڙهو ۽ پرايو، موتين مالها وغيره يادگار پروگرام اٿس. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جا پروگرام ڪندي هئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جا پروگرام ڪندي ڪمال ڄامڙي سان واقفيت ٿيس، جيڪو هن وقت خود ادب، ڪلچر، تهذيب ۽ ثقافت ۾ نالو پيدا ڪري چڪو آهي.
    ريڊيو پاڪستان جي آواز جي لهرن سان گڏ سندس جيون جي رشتي جا پڙاڏا اسان جي ڪنن تائين پهتا ۽ موتين مالها پروگرام ڪندڙ زندگيءَ جي مالها ۾ پوئجي ويا. سندس خون جو رشتو ته نه هو پر ذهني هم آهنگيءَ جي پيچري اڻاگين تڪليفن کي پار ڪندي روشن راهون پيدا ڪيون. نوڪريءَ سان گڏ هڪ تڙپ ٻي به هئس. سندس قلم آڱرين ۾ پيو گهمندو ڦرندو هو ۽ آخر سنڌي اخبار عوامي آواز جي عورتن واري صفحي سورميءَ جي انچارج ٿي پنهنجي شوق کي پورو ڪيائين. سورمي پڙهڻ وٽان هو. عابده جي دلچسپيءَ جو اندازو ان وقت محسوس ٿيو جو مان هن سان گڏ سندس ٻار جي پيدائش تي اسپتال ۾ رهيل هئس. سرڪاري اسپتال، آپريشن ٿيل، رهائش جو ڪو خاص انتظام نه هو. مايون ٻار پيدا ڪري مڙس سان نخرا ڪنديون آهن پر هن ڪمال کي چيو ته واپسيءَ تي عوامي آواز مان سورميءَ جو مواد کڻي اچجانءِ ته ايڊٽ ڪري وقت سر اماڻيان. اهڙيءَ طرح ٻار کي کير پياري پاسي ۾ سمهاري ٻن وهاڻن جي ٽيڪ سان پيٽ جي پٽيءَ کي پنن سان ڍڪي قلم جي نوڪ سان سورميءَ جي سيج کي سبندي سبندي مواد کي ترتيب ڏئي آڻ نه مڃيائين. آپريشن کانپوءِ ايڏيءَ تڪليف جي باوجود پنهنجو فرض پورو ڪيائين. سورميءَ ۾ قلم جي سگهڙائپ سان گڏ گهر جي سگهڙائپ ۾ به گهٽ نه رهي.
    سندس چار ٻار، سٺي تعليم، هوشيار، سٺو لباس، ادب آداب ۾ ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه آهن. سرهاڻ، مهراڻ، رهاڻ، سهائيءَ سان ڪچهري ڪرڻ وقت پيءُ ماءُ جو عڪس ٻارن ۾ به نظر ايندو.
    ڪمال سان سندس ساٿ، ڪمال جو عابده سان ساٿ ٻنهي جي ادبي زندگيءَ جي اولڙي ۾ محسوس ٿئي ٿو. هيءَ عام رواجي عورتن وانگر ناهي سوچيندي. سندس (ڪمال جي امڙ) گذاري وڃڻ کانپوءِ نڻانن ۽ ڏيرن تي شفقت جو پاڇو قائم آهي. بلڪه ڪجهه وقت اڳ سندس نڻان جي شادي هئي مين بازار ۾ خريداري پيا ڪريون، مونکي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا سندس ڌيءُ هجي. هن پنهنجي وس وت آهر هر شئي پئي خريد ڪئي. روزانو بازار جا چڪر، گهرجي ذميداري ۽ نوڪري ٽنهي کي پئي نڀايائين. ڪمال کي به مٿس گهڻو ڀروسو هو، جو شام جو جڏهن سامان ڏيکاريندي هئس ته هي شيون آنديون آهن ته سندس چهري جي اطمينان سان جواب ڏيندي چوندو هو ته ها بس ٺيڪ آهي. هنن ٻنهي جي سٺي ساٿ جي ڪري ٻنهي جو رويو پنهنجن پنهنجن ساهرن سان سٺو آهي. مان ڪمال کي ادب جو ٽوٻو چوندي آهيان پر عابده کي ادب جي مڇي چونديس. جيئن پاڻيءَ بنا مڇيءَ جو زنده رهڻ محال آ تيئن عابده جو ڪتابن جي وهڪري کان وانجهيل زنده رهڻ اڻپورو آ. هميشه ڪاميابيءَ لاءِ ڪوششون ڪندڙ عابده کي مان ڪڏهن ناڪام نه چونديس. پر نراڙ تي لڳل نظر جي ٽڪي وانگر ڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ گهٽ نمبر کنيائين ته مان کيس چوندي آهيان تون تمام گهڻي ڪامياب آهين ڇاڪاڻ جو تون آڻ نٿي مڃين. راتين جون راتيون جاڳي پي ايڇ. ڊي. ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن ۾ جيتري صلاحيت آهي ته هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ اچڻ گُهرجي هان اها سندس سستي آهي يا ٻيو ڪجهه ان جو هوءَ پاڻ جواب ڏيندي. اميد آهي ته سندس ادبي سفر جاري ساري رهندو. ڇاڪاڻ جو ادبي مالها ۾ سندس عورتن جي هر پهلوءَ، بهادري، زيادتي، ظلم، مظلوميت کان وٺي حوصلي ڏيڻ لاءِ رڌ پچاءَ جا ٽوٽڪا وغيره وغيره سورميءَ جي زينت رهيا. ٻاراڻن ٻولن تي به لکيو اٿس. دراصل عابده اها حساس عورت آهي، جيڪا هر منظر جي عڪاسي ڪري ٿي. دُعا آهي ته عابده جي قلم جي سگهه اڳ کان اڳري رهي.

    حميده گهانگهرو
    چيئرپرسن، شهيد نظير عباسي فائونڊيشن


    • سورمي صفحي جي هڪ پڙهندڙ جي راءِ

    ادي حميده گهانگهرو سان ملاقات تقريباً روزانو ڪاليج ۾ ٿيندي رهندي آهي. ادي جڏهن ڀيڻ عابده گهانگهرو جي ڪتاب جي باري ۾ ٻڌايو ته منهنجو ذهن يونيورسٽيءَ جي پراڻين يادن جي واچوڙي ۾ وڪوڙجي ويو. يونيورسٽيءَ ۾ مان سيمينار لائبريريءَ ۾ ويهي باقاعدگيءَ سان عوامي آواز ۾ ڀيڻ عابده گهانگهرو جو سهيڙيل صفحو (سورمي) پڙهندي هئس ته هڪ نئون اتساهه ملندو هئم.
    ڀيڻ عابده گهانگهرو جو هڪ جرئت منداڻو قدم آهي، جو هوءَ لکڻ جي اڻٿڪ سفر ۾ اڄ به پنهنجون وکون وڌائيندي پئي اچي. ڀيڻ عابده جي ان ڪاوش جس لهڻو. ڀيڻ عابده جي قلم ۾ اها طاقت آهي جو اڄ جي سنڌي نوجوان ڇوڪري يا عورت جڏهن به جتي ڀيڻ جي تحرير ڏسي ٿي ته پڙهڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي. مونکي ياد آهي ته مون امرتا پريتم جي ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ پڙهيو هئم ته عورت هڪ ڳوهيل اٽي وانگر آهي. اندر رکينس ته ڪوئا ٿا کائن ٻاهر رکينس ته ڪانوَ ٿا لامارا ڏين پر مان سمجهان ٿي ته ڀيڻ عابده ۽ اهڙين ٻين ليکڪائن جي تحريرن سنڌ جي عورت کي ايترو ته سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي، جو هو گهر جي چوديواريءَ کان وٺي زندگيءَ جي هر وک تي پر اعتماد نموني سان ايندڙ رڪاوٽن کي اورانگهي سگهن ٿيون. ان لحاظ کان مان سمجهان ٿي ته ادبي ميدان ۾ ڀيڻ جي لکڻ جو هڪ منفرد انداز آهي. اسان لاءِ هوءَ هڪ قدآور شخصيت آهي.
    منهنجي خيال ۾، نه رڳو سنڌي عورتن بلڪه بين الاقوامي عورت (هت مون بين الاقوامي عورت لفظ ان ڪري استعمال ڪيو آهي ته مان انگلش لٽريچر جي ليڪچرار آهيان عورت صرف سنڌي معاشري ۾ اڻبرابريءَ واري غير منصفاڻي رويي جو شڪار نه آهي بلڪه يورپ ۾ به جيڪا عورت جي حيثيت آهي اها ڪيترن ئي مونجهارن جو شڪار آهي) ڀيڻ عابده انهن سڀني جي عڪاسي ڪئي آهي.
    هن جهالت جي تاريڪيءَ واري دؤر ۾ هن پنهنجي قلم سان جيڪو سوجهرو ڪيو آهي اميد اٿم ته ڪو وقت جو وڏو واچوڙو به نه اجهائي سگهندو.
    رب پاڪ کان اها دعا اٿم ته ڀيڻ عابده جي قلم کي اڃان به وڌيڪ سگهارو رکي، جيئن هوءَ هر دؤر ۾ سچ کي وائکو ڪندي رهي. آمين.

    طاهره وهاب
    ليڪچرار (انگلش)
    مادرِ ملت گرلس ڊگري ڪاليج
    اسٽيل ٽائون شپ، ڪراچي


    ڪهاڻيون

    1. الا ڏاهي مَ ٿيان

    صفيه سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ سيڪريٽريٽ جي پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ 1990ع ۾ ٿي. مان ان کاتي ۾ ته ڇا عملي زندگيءَ جي ڏاڪي ۾ ئي پهريون قدم رکيو هو. صفيه تمام صاف سٿري، فضول قسم جي ظاهري ڏيک ويک کان پري، هڪ همدرد ۽ مدد ڪرڻ واري ڇوڪري هئي. مان ته ڇا آفيس جو ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو، جنهن کي هن ۾ ڪو ڪم نه پيو هجي يا هوءَ ڪنهن جي ڪم نه آئي هجي يا وري هن جي ڪنهن سان کل کل نه هجي. سندس سڀاءُ هئو ئي اهڙو، هوءَ ٽائپسٽ هئي. تمام سٺي پڙهيل ڳڙهيل. سلجهيل ۽ ٽيڪيل ڪهاڻيون
    گھراڻي سان سندس واسطو هئو. سٺي خاندان جي هئڻ ڪري به هن ۾ ڳُڻ هئا. پنهنجي اٿڻي ويهڻيءَ مان هوءَ هر پنهنجي پرائي کي متاثر ڪري وجهندي هئي. ان سان گڏوگڏ هوءَ پنهنجي ڪم ۾ به ڀڙ هئي. اڄ ان ڳالهه کي چوڏهن سالن کان مٿي وقت ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به مونکي غور ڪرڻ تي به صفيه ۾ ڪا خامي نظر ناهي آئي. ممڪن آهي ڪنهن کي نظر آئي به هجي! شايد قسمت کي جيڪا هن سان هميشه ناراض رهي. صفيه جيئن ته هئي هر دلعزيز ان ڪري سڀني کي اهو تجسس هئو ته ڏسون ته هيءَ ڪهڙو ٿي گهوٽ ماڻي؟
    ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هوءَ زندگيءَ جي انتهائي قيمتي ميندي هٿن تي لائي نه سگهندي. ڪجهه قسمت جي ستم ظريفي ۽ ڪجهه صفيه جي ڪوتاهي ته هن پنهنجي دل هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏني جيڪو اڳ ۾ ئي ٻارن ٻچن وارو هئو. صفيه جو اهو قدم سندس مزاج سان نه ٿي مليو، جنهن لاءِ اسان به هن کي ڏاڍو چيو پر هن چيو ته سندس ٿيڻ وارو گهوٽ هن کانسواءِ جي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن هن انڪار ڪيو ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. بهرحال سندن شادي طئه ٿي ۽ مينديءَ جو ڏينهن اچي ويو. پر جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ته اها ميندي شايد سندس قسمت ۾ ئي نه هئي. عين مينديءَ واري ڏينهن گهوٽ جي پهرين گهراريءَ ۽ سندس مائٽن جي پاران وڏو احتجاج ٿيو ۽ صفيه مينديءَ جي منجي ءَتان اٿي وڃي بستري تي داخل ٿي. ڇو جو اهو صدمو هن لاءِ ڪجهه گهٽ نه هو. هڪ عورت هئڻ جي ناتي مان به سندس ان قدم تي خوش نه هئس.ڇو ته آخر سندس گهر وسڻ سان هڪ ٻيءَ عورت جو گهر اجڙي وڃي ها. پر ان جي باوجود به صفيه لاءِ اهو ڏک تمام وڏو هئو، جيڪو ونڊڻ لاءِ سندس گهر ۽ خاندان جو هر فرد ساڻس گڏ هو. خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ سندس سوٽ عمير به هڪ هئو، جيڪو سندس هڪ ٻيءَ سوٽ جو مڱيندو هو ۽ صفيه کي شروع کان پسند ڪندو هو. پر صفيه، عائشه (عمير جي مڱيندي) ۽ عمير ٽئي پاڻ ۾ ڪزن ۽ تمام سٺا دوست هئا. ان ڪري عمير ڪجهه ڪڇي نه پئي سگهيو. صفيه جي رشتي ختم ٿيڻ تي عمير کي وڌيڪ همدرديءَ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن پنهنجي چاهت جو اظهار صفيه سان ڪري ڇڏيو ۽ کيس پنهنجي نيت، ارادا ۽ محبت واضح ڪري ڇڏيائين. صفيه جيڪا ڏک جي ماريل هئي پهريان ته سمجهي نه سگهي پر پوءِ نيٺ عمير جي ڳالهين ۾ اچي وئي. سندن مائٽن کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي. ممڪن آهي عائشه جي مائٽن کي ڪو شڪ پيو هجي! سو هنن عائشه جي شادي جلد کان جلد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. عمير بظاهر ته مخالفت ڪئي ۽ صفيه کي يقين ڏياريو ته اها شادي زبردستيءَ جو طوق آهي ۽ سندس اصل محبت صفيه آهي. پر عائشه کي به پنهنجي وني بڻايائين. مختصر اهو ته شاديءَ کان پوءِ هو عائشه کي ته خوش رکندو هئو پر صفيه جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ به تيار نه هئو ۽ هن کي شاديءَ لاءِ اسرار ڪندو هو. هو کيس باور ڪرائيندو هو ته هو پنهنجي زال مان خوش ناهي. صفيه جي ذات جي خامي چئجي يا سندس اٻوجهائپ جو هوءَ عمير جي ڳالهين ۾ اچي وئي ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن هو ٻئي ڪراچيءَ مان غائب ٿي ويا.
    صفيه جي ان عمل تي سندس مائٽ پڻ ڏاڍا ڪاوڙيل هئا. بهرحال ڪجهه عرصو لڪيل رهڻ کانپوءِ نيٺ اهو طئه ٿيو ته عمير ٻنهي گهروارين کي گڏ رکندو. صفيه کي ان گهر ۾ رهڻ جي جاءِ ته ملي پر کيس گهر جي ڀاتيءَ واري حيثيت نه ملي سگهي. عمير جا گهر وارا انتهائي لالچي ماڻهو هئا. هنن صفيه کي رڳو ان ڪري قبول ڪيو ته هوءَ نوڪري ڪندڙ هئي. صفيه جي سڄي ڪمائي به هو کڻي وٺندا هئا، سندس حيثيت ڀيڻ جهڙيءَ سوٽ تي هڪ پهاڄ واري هئي ۽ عمير جو رويو به ساڻس پهريان وارو نه هو. ان دوران هن جو هڪ ٻار به ضايع ٿي ويو. اهي حالتون برداشت ڪري ڪري نيٺ جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو ته صفيه عمير کان خلع وٺڻ جو فيصلو ڪيو. تمام گهڻيءَ مشڪل کانپوءِ هوءَ آزاد ته ٿي پر پهريان واري صفيه ته ڄڻ ڪٿي گم ٿي وئي هئي. ساڻس همدردي سڀني کي هئي پنهنجا هجن يا پراوا. خاندان وارا ماڻهو، دوست، پاڙي وارا ۽ دفتر ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي سندس همدرد هئا. سڀني جي ڪوشش هئي ته صفيه جو غم ڪهڙي به طريقي سان ختم ٿئي. سندس سهڻي اخلاق ۽ ڏکن ڀريءَ زندگيءَ ڪري همدرديءَ وارو جذبو رکندڙ ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر جنيد کيس سهارو ڏيڻ چاهيو. جيتوڻيڪ جنيد جي دل ۾ به سچائي هئي ۽ هاڻي صفيه ڪو به فيصلو پنهنجي طور تي ڪرڻ نه پئي چاهيو. هن ڀيري هن فيصلو گهر وارن تي ڇڏيو. سندس گهر وارا راضي ٿي ويا پر هر مائٽ وانگر هنن جو به شرط اهو هو ته جنيد جا مائٽ اها مٽي پنهنجي ذميواريءَ سان جوڙن پر جنيد جا مائٽ ته سندس ان فيصلي تي ناخوش هئا. جنيد جا مائٽ، غير خاندان جي صفيه جهڙو ماضي رکندڙ ڇوڪريءَ سان جنيد جي شادي ڪرڻ لاءِ قطعي راضي نه ٿيا ۽ جنيد جي شادي زبردستي پنهنجي خاندان جي ڇوڪريءَ سان سندس مرضيءَ کانسواءِ ڪرائي ڇڏيائون. صفيه جي زندگيءَ ۾ ڄڻ ڏکن جا پهاڙ هئا جيڪي کُٽڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن. هن جي جاءِ تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ها ته شايد پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏي ها پر شابس آهي صفيه کي جنهن هڪ ڀيرو وري جي ڏيکاريو. هن لاءِ زندگيءَ جا سڀ رنگ مري چڪا هئا. هن ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ جي فيصلي واريءَ زندگيءَ جي وهنوار ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. هن ماضيءَ جا سڀ ڏنڀ وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لاءِ مرد جو نالو تڪليف ۽ ڏک جو نشان بڻجي چڪو هو. سندس چوڻ هو ته هاڻي هن ۾ وڌيڪ ڏک سهڻ جي سگهه ناهي ۽ هاڻي هوءَ اڪيلي سڪون سان زندگي گذارڻ چاهي ٿي. سندس مائٽن جي ڪوشش هئي ته سندس گهر وسي وڃي پر هن جي ڪابه خواهش ۽ سپنو نه رهيو هو ۽ بس هن پنهنجي زندگي ماءُ جي خدمت ۽ ڀينرن ڀائرن جي ڪم اچڻ لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. اڃا صفيه کي زندگيءَ جون قيمتي خوشيون پلئه وجهڻيون هيون يا اڃا کيس ڏکن جي هڪ وڏي پلصراط پار ڪرائڻي هئي. اڄ کان پورا پنج سال پهريان صفيه جڏهن مون سان اسپتال ۾ ملڻ آئي هئي ته هوءَ بلڪل بدليل پئي لڳي. مائٽن جو مٿس ڏاڍو زور هو ته هوءَ پنهنجو گهر وسائي پر صفيه جي ڄڻ دل ٽٽي پئي هئي ۽ هوءَ هاڻي باقي زندگي پنهنجي گهر وارن جي خدمت ۾ گذارڻ چاهي پئي پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. شايد صفيه کي ڪا خوشين جي جهلڪ ڏيکارڻي هئس يا وري نون امتحانن لاءِ تياري، جو منظور جو رشتو صفيه لاءِ منظور ڪيو ويو. منظور ۾ خبر ناهي ته ڪهڙو جادو هو جو صفيه جو ڀاءُ چوي ته صفيه جي شادي ٿيندي ته منظور سان جڏهن ته هو پهريان ئي شادي شده هو ۽ کيس چڱا خاصا وڏا ٻار به هئا پر سندس چوڻ اهو هئو ته گهرواريءَ سان اڻ بڻت ڪري طلاق ٿي وئي آهي. ان ڪري هو ٻيهر گهر وسائي سک جي زندگي گذارڻ چاهي ٿو. صفيه به ڀاءُ اڳيان ڪجهه نه ڪُڇي سگهي. منظور شاديءَ تي ڏاڍي شوشا ڪئي. صفيه هونئن ئي سگهڙ، ويتر گهر سٺو سنواريل مليس ته ڄڻ ٻهڪي پئي. هن انهن خوشين ۾ پنهنجا پٺيان سڀ غم وسارڻ چاهيا پر وساري نه سگهي. ڇو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس خوبصورت گهر جو سامان مالڪ کڻڻ آيا. اها پوءِ خبر پئي ته منظور وٽ ايترو گهڻو مال ملڪيت ناهي، جيترو هن ڏيکاءُ ڪيو ۽ نه ئي وري هن جي پنهنجي اڳين گهرواريءَ سان ڪا اڻ بڻت هئي. خبر ناهي ته ڇو هو صفيه جي زندگي جيڪا اڳ ۾ ئي ڏکن جي پلصراط تان لنگهي رهي هئي ويتر برباد ڪرڻ لاءِ اوچتو سندس زندگيءَ ۾ نانگ بڻجي آيو؟ شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اهڙو وقت به آيو جو کين اهو ”بهترين فليٽ“ ڇڏي هڪ ننڍڙي مسواڙي فليٽ ۾ رهڻو پيو. هينئر اهو وقت هئو، جڏهن منظور کي صفيه ڳري محسوس ٿيڻ لڳي هئي ۽ هو ان مان جان ڇڏائڻ پيو چاهي. صفيه جيڪا ٻه ٻه ڏينهن سندس انتظار ۾ گذاري ڇڏيندي هئي گهر ۾ نه ڏينهن جو ايندو هو ۽ نه رات جو. بس ٻن ٽن ڏينهن ۾ هڪ اڌ دفعو چڪر هڻي واپس هليو ويندو هو. صفيه اهي سڀ تڪليفون برداشت ڪيون. صرف ان ڪري ته هن ڀيري هن طلاق جو ٽڪو نرڙ تي سينگارڻ نه پئي چاهيو. زندگي اهڙي آ ته اهڙي ئي سهي، گذاري وينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ اهو هو ته هونئن به ته جيئان پئي نه هاڻي به گهاري وينديس. بس ڪا اهڙي ڳالهه يا ڪو حادثو نه ٿئي، جنهن سان منهنجا مائٽ بدنام ٿي وڃن پر منظور جي ته پلاننگ ڪجهه ٻي هئي. هو جڏهن گهڻن ڏينهن کان گهر نه آيو ته صفيه پريشان ٿي وئي. اڃا هن سوچيو ته جيڪر گهر وارن سان رابطو ڪجي ته جيئن اهي ڪجهه واهر ڪري سگهن ته کيس منظور پاران رجسٽري ٿيل طلاق نامو مليو. اهو صفيه جو حوصلو هو جو هن ايڏي وڏي طوفان جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. پنهنجن مائٽن کي گهرايائين. پر انهن کي اهو نه ٻڌايائين ته هوءَ ساڻن گڏ وڃڻ چاهي ٿي. گهر جو ڪرايو به نه مليو هئو. صفيه تمام گهڻي تڪليف کانپوءِ ان گهر مان جان ڇڏائي. ڇو ته منظور گهڻي عرصي کان ان گهر ۾ نه آيو هئو ۽ طلاق موڪلڻ کانپوءِ ته هن کي گهر نه اچڻ جو جواز ملي ويو هو.
    ان واقعي کانپوءِ هن ماڻهن سان ملڻ جلڻ به گهٽائي ڇڏيو هو. مون سان به سندس ملاقات تقريبن چئن سالن کانپوءِ ٿي ۽ انهن چئن سالن جي دوران ان سان اهي سڀ ڪِيس ٿيندا رهيا. صفيه پنهنجو ڏک ڪنهن کي ٻڌائڻ نه پئي چاهيو. هيءَ ته اتفاق سان اسان ٻنهي جي گڏيل سهيلي جيڪا هاڻي وڪيل آهي اها رستي ۾ ملي ۽ ان سندس طلاق واري مامري متعلق مون کي ٻڌايو ته مان به اهو پئي سمجهان ته شڪر جو هاڻي هوءَ خوش هوندي. ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ مون وٽ آئي ملڻ شرط ڄڻ اندر جو سمنڊ اٿلي پيس. مان کيس آٿت ڏيان يا هن کان خيريت پڇان. مون چيو مانس صفيه برقعو ڇو پائڻ شروع ڪيو اٿئي. چيائين ته اهو منهنجي ٽئين مجازي خدا جو ڇڏيل تحفو آهي. هاڻي ڇا ڪريان؟ لاهيان ٿي ته ماڻهو پڇن ٿا هاڻي ڪنهن ڪنهن کي ڇا ڇا ٻڌايان؟ هڪ دفعو عورت تي طلاق جو ٽڪو لڳي پوءِ سڄي زندگي وِهُه. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر آهي پوءِ به همدردي جتائي مزو وٺندا آهن. ايئن چئي وري روئڻ ۾ شروع ٿي وئي. اها صفيه جيڪا ڳالهه ڳالهه تي مرڪندي هئي. خبر ناهي سندس مرڪون مري ويون يا وري جاڳي سگهن ٿيون؟ ڇا کيس ڪنهن مرڪ جو انتظار آهي؟ مان اهو سوال سوچي ته سگهان ٿي پر کانئس پڇڻ جي همٿ مون ۾ ناهي. صفيه کي ڏک ڏيڻ وارا پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مست آهن. اها ڳجهارت اڃا نه ڀڄي سگهي آهي ته جيڪڏهن کين پنهنجون خوشيون ملهائڻيون ئي هيون ته پوءِ صفيه جي زندگي ڇو برباد ٿي؟ نه ڄاڻ صفيه جهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون اهڙيءَ برباديءَ جا منهن ڏسن ٿيون.

    عوامي آواز (اربع 04 آگسٽ 2004ع)


    2. ليکڪا

    امي پاڻي اون اون امي امي پاڻي... ٻارڙي جي مسلسل روئڻ تي اکيون مهٽي اٿي گلاسڙيءَ ۾ پاڻي کڻي اچي پياريس ٿي ته ٻار جي روئڻ تي ٻيا ٻار به جاڳي پونس ٿا. اون، اون، يان يان، پاڻي. ٻئي ٻار کي جلدي جلدي کير ڏئي سمهڻ جي ڪري ٿي ته ڪي نوان تخيل ذهن ۾ اڀرنس ٿا. هڪ سٽ، ٻي سٽ، سوچي ٿي جيڪر 5 منٽ ڪڍي پين پنو کڻي ويهان، ٻاهر ڊرائنگ ٽيبل تي هلڪي روشنيءَ ۾ ڪوشش ڪري ٻه سٽون لکڻ چاهي ٿي ته وري ٻارن جا ساڳيا آواز امي پشي... ذهن ۾ اڀري ايندڙ سٽون سانڍڻ چاهي ٿي. بس هن مان هٿ ڇڏايان ته پوءِ ڪجهه لکي وٺان ٿي. ننڍڙيءَ کي پشي ڪرائي سمهاري مس واندي ٿي ته وري سندس فرمائش امي دُدُو، اٿي وري کيس کير ٺاهي ڏئي ٿي، جيتريءَ دير ۾ فيڊر پي وٺندو اوتريءَ دير ۾ مان ڪجهه سٽون سهيڙي وٺان.
    لکڻ شروع ڪري ٿي رات جا سَوا ٽي پيا ٿين. ساڍي ٽين وڳي اوچتو امي امي امي سمهار! اون اون ٻار کير پي ورتو هئو ۽ هاڻي ماءُ جي ڪڇ ۾ سمهڻ پئي چاهيائين. سوچي ٿي هن کي سمهاري وٺان ته پوءِ ئي ڪجهه لکان! هونئن ذهن به اڄ سٺو ڪم پيو ڪري، ٿي سگهي ٿو ته ڪا چڱي شئي سرجي پوي. اهي پورپچائيندي ننڍڙي کي سمهاري وري اچي پين پنو کڻي ويهي ٿي. اوچتو ايئن محسوس ٿئيس ٿو ڄڻ بورچيخاني واري پاسي کان دريءَ مان ڪُئي اندر ٽپو ڏنو آهي. ڊپ کان هيانءُ ئي ڏڪي وڃيس ٿو. ان کان پهريان جو دل جهلي ۽ ليئو پائي ڏسي ڪنهن ٿانوَ ڪرڻ جو آواز اچيس ٿو ۽ پوءِ هڪ وڏو ٿلهو ڪارو تقريبن ٻليءَ جيترو ڇڇوندر هيڏي هوڏي ڊوڙندي ڏسي ٿي، جيڪو ٻاهران ڪنهن طريقي سان اندر گهڙي ته آيو آهي پر وڃڻ جو رستو نه ٿو لهي سگهي. اٿي بورچيخاني جو ٻاهران وارو در کولي ٿي ته جيئن ڇڇوندر واپس هليو وڃي. وري اچي پين هٿ ۾ کڻي ويهي ٿي ته متان هاڻي ڪجهه منٽ ملي وڃن ۽ متان ڪي ٻه سٽون سهيڙي سگهان.
    ڪاڏي وئينءَ وري؟ مڙس جي رڙ ڪن تي پويس ٿي. اجها ها ها اچان ٿي. هو وري چويس ٿو هنن کي ته سنڀال منهنجي ننڊ ٿا خراب ڪن! ٻار جيڪي هڪ هڪ ٿي پيءُ سان گڏ سمهڻ لڳا آهن، تن کان بيزار ٿي چويس ٿو ته پهريان هنن کي ته سمهار پوءِ ويٺي پنهنجا ڪم ڪر! نه ٿا رات جو سمهڻ ڏين نه ڏينهن جو آرام اٿن. هو مسلسل ننڊاکڙي لهجي ۾ ڀڻڪندو ڀڻڪندو ٻيهر سمهي پوي ٿو. هيءَ ٻارن کي سمهارڻ لڳي ٿي لائيٽ بند اکيون بند ڪريو آواز نه اچي. ٻارن کي هدايتون ڏئي سمهڻ لاءِ زور ڀري ٿي. گهڙيال تي نظر وجهي ٿي ساڍا پنج پري پري کان آذانن جو آواز ڪن تي پويس ٿو. سوچي ٿي ٻارن کي سمهاري وٺان. ايستائين آذان به پوري ٿيندي پهريان نماز پڙهندس، پوءِ سٺو ٽائيم ملندو. اڄ يقينن ڪجهه مان لکي سگهنديس! اکيون بند آواز نه اچي. جلدي جلدي سمهو. هڪ دفعو ٻيهر ٻارن کي هدايتون ڏئي ٿي جيڪي هينئر قطعي سمهڻ جي موڊ ۾ نه آهن. ٻار ماءُکي به ستل ڏسي پاڻ به سمهي پون اهو سوچي هن به اکيون ٻوٽيون، اکيون ٻوٽيندي ائين محسوس ڪري ٿي ڄڻ ڏاڍي ٿڪ کانپوءِ سُڪون مليو هجيس. سوچي ٿي اسر جو ٽائيم ڪيڏو سُڪون ڏيندڙ هوندو آهي. سانت ڪنهن ڪنهن مهل پري کان آذان جو آواز، واهه، ڏاڍي سٺي مهل آهي. اڄ ته مان ضرور ڪو مضمون به لکي سگهان ٿي. بس ٿورو هي ٻار سمهي پون پر ٿڪجي به ڏاڍي پئي آهيان. بند اکين سان پور پچائي ٿي.
    اٿ ڀلا، آفيس ڪو نه وڃڻو اٿئي ڇا؟ اٺ پيا ٿين. ڇا ارادو اٿئي؟ مڙس جي ڌونڌاڙڻ تي اکيون مهٽي اٿي ٿي، ڇا؟؟ اٺ پيا ٿين؟؟ گهڙيال ڏسندي ڄڻ دل وسامي وڃيس ٿي، اڙي.... ؟ مان ته ٻارن کي سمهارڻ لاءِ ستي هئس ننڊ اچي وئي؟ نماز به رهجي وئي ۽ هو منهنجو ڪجهه لکڻ جو پلان؟ ڪيڏو نه سٺو ذهن ٺاهيو هئم؟ ڪيڏا نه آئيڊيا هئا ذهن ۾؟؟ سڀ ڪم رهجي ويا؟؟ ۽ هاڻي يقيناً آفيس کي به دير ٿي ويندي.. سڄي رات اوجاڳو به ڪيو، هاڻي سڄو ڏينهن ٿڪ به هوندو، ڪو ڪم به نه ٿي سگهندو، هوءَ حيرانيءَ ۽ ڏک ۾ سڀ ڳالهيون چئي وڃي ٿي. مڙس جو رويو مستقل ڪاوڙ ۾ ڀريل آهي ۽ هو معمول وانگر کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ تون آهين ئي ناڪام عورت، تون ڪڏهن به صحيح نه ٿي ٿي سگهين؟ هاڻي هن مهل دير نه ڪر، مون کي ته دير نه ڪراءِ پوءِ پاڻ ڄاڻ پنهنجن ڪمن سان.
    اڃا بس مڙس جي شڪل ڏسندي رهجي وڃي ٿي، اڄوڪي صبح جي شروعات به سٺي ٿي وئي. ها مان واقعي هڪ سست عورت آهيان، شايد مان زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهنديس، پراهو ڪير فيصلو ڪندو ته مان واقعي رگهلي ۽ ناڪام آهيان؟؟ ناشتو ٺاهيندي سوچي ٿي، ناشتي کانپوءِ هڪ ڊگهي لسٽ ڪمن جي، آفيس ۽ گهر جا ڪم، ٻار، اڻ کٽندڙ ڪم ۽ اڻ کٽندڙ ناراضگي، ڪڏهن اهو وقت ايندو جڏهن هنن سڀني ڪمن مان واندي ٿي مڙس کي وڻڻ وارو ڪو ڪم ڪرڻ جهڙي ٿينديس ۽ پوءِ ناڪاميءَ جو ليبل لهندو؟


    3. ايوارڊ

    يو اين او پاران اديبن جي ڀلائيءَ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان اديبن لاءِ ڄڻ ته عيد جو پيغام کڻي آيو. اهو فنڊ سموريءَ دنيا خاص طور تي پٺتي پيل ملڪن جي اديبن لاءِ هو. هنن ان فنڊ مان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام رٿيا. انهن پروگرامن ۾ مختلف معيار رکيا ويا. اهي ادبي رسرچ ڪرڻ جو شوق رکڻ وارا هئا يا جن ڪا نه ڪا ريسرچ ڪئي هئي انهن لاءِ جدا جدا پروگرام ۽ ايوارڊ رکيل هئا. ادب ۾ ريسرچ ۽ جاکوڙ ڪندڙ ڪيترائي اديب سنڌ مان به انهن پروگرامن مان فائدو وٺڻ لڳا. انهن جاکوڙين ۾ هڪ ظفر به هو.
    ظفر شروع کان وٺي ان اداري جي مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي حقن جي ڳالهه مختلف انداز ۾ ڪرڻ وارو هو. سندس تحريرن ۾ پنهنجي عوام ۽ ديس جي مٽيءَ سان پيار جهلڪندو هو. پنهنجين تحريرن ذريعي پنهنجي ديس جي ماڻهن جو آواز بين الاقوامي سطح تي پهچائڻ سندس پهريون مقصد هو.
    چوندا آهن ته جڏهن جذبا صادق هجن ته منزل به آسان ٿي ويندي آهي. ظفر جي تحريرن جي سچائي ۽ ديس سان محبت هن جي ڏات ۾ هڪ جادو ڀري ڇڏيو هو. سندس تخيل، فڪر ۽ ڏات کي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ مان مليو ۽ اديبن لاءِ علاقائي ايوارڊ لاءِ سندس نالو نامزد ٿي ويو.
    جيئن ته ظفر جي لکڻين جو موضوع ديس ۽ ديس واسي هئا ۽ کيس ايوارڊ به علاقائي ملي رهيو هو. ان ڪري ٻين مختلف ضروري گهرجن کانسواءِ اهو شرط رکيو ويو ته هن جي ذات ۽ ڏات متعلق پنهنجي سماج، علائقي، دوستن وغيره جا گهٽ ۾ گهٽ پنج رايا پڻ شامل ڪيا وڃن. هر هڪ شخص جي راءِ ۾ ظفر جي شخصيت ۽ فن هڪ جدا طريقي سان بيان ٿيل هجي ۽ اها راءِ گهٽ ۾گهٽ ٻن ٽائيپ ٿيل پنن جيتري هجي.
    هاڻي ظفر لاءِ وڏو مشڪل مرحلو شروع ٿي ويو. هو سڄيءَ دنيا ۾ ٻين لاءِ ڳالهائي سگهي پيو پر پنهنجي لاءِ ڪنهن کان رايو وٺڻ يا ڪنهن کي ائين چوڻ ته منهنجي شخصيت ۽ فن تي ڪجهه لکو ته جيئن مون کي ايوارڊ ملڻ ۾ سهولت ٿئي، هن لاءِ دنيا جي مشڪل ترين ڪمن مان هڪ هو. همت نه ساري سوچيائين ته بس ڪاغذ موڪليان ئي نه ٿو.
    سندس گهر واري هئي ته هڪ گهريلو عورت پر پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه رکندڙ به هئي. مارئيءَ پاڻ ته ڪڏهن مضمون به نه لکيو هو پر اخبارون رسالا ۽ ڪتاب پابنديءَ سان پڙهندي هئي. مارئيءَ ظفر کي ڏاڍو چيو ته هلون ٿا سڀني ڏي ۽ کين لکڻ لاءِ چئون ٿا پر ظفر چيس ائين گهمڻ لاءِ دل چوئي ٿي ته ڀلي هل پر مان ان ڪم لاءِ ڪنهن کي به نه چئي سگهندس، تنهن تي مارئيءَ پاڻ ئي اهو ذمو پنهنجي سر تي کنيو ۽ اڪيلي سران مهم تي رواني ٿي. هنن وٽ ٽوٽل 7 ست ڏينهن هئا. ستن ڏينهن ۾ ظفر جا گهربل ڪاغذ نيويارڪ يو اين او جي دفتر نه پهچڻ جي صورت ۾ کيس ايوارڊ جي نامزدگيءَ تان هٿ کڻڻو پئي پيو، اها هڪ عجيب ڪشمڪش هئي.
    مارئي پهريان ته سڀني سان فون تي رابطا ڪيا پر ڪنهن به مٽ مائٽ، دوستن يا ڄاڻ سڃاڻ واري کي فون تي سمجهائڻ ڏکيو ڪم هو. مارئيءَ هڪ سوال نامو ٺاهيو، سوچيائين ته ان تحت سڀني کان رايا وٺي پاڻ ٽائيپ ڪرائي ۽ پوءِ هر هڪ کان صحيح ڪرائي موڪليان ٿي، اهو ڪم به چڱو ڀلو ڏکيو ڪم هو.
    مارئيءَ شروعات پنهنجي ڏير جي گهر کان ڪئي. ڏيرهنس شام جو دير سان گهر موٽندو هو، ان ڪري مارئيءَ کي انتظار ۾ رات ٿي وئي. جڏهن ڏيرهنس گهر آيو ته هن سڄي ڳالهه ڪيس ۽ چيائينس ته ادا مان هيءُ سوالنامو ٺاهيو آهي اوهان ان مطابق پنهنجا ويچار ٻڌايو.
    ڏيرهنس ٽوڪ ۾ چيو ”ڀاڄائي هي وري ڪهڙا نوان کٽراڳ شروع ڪيا اٿو؟ ظفر کي مان نه سڃاڻان ڇا؟
    هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي پر حقيقت اها آهي ته جيڏو وڏو اديب سڏائي ٿو اوترو ئي ڪنهن ڪم جو ناهي. مارئي چويس ٿي ادا اوهان ڀائر آهيو، هڪ ٻئي کي گهڻو سڃاڻو، چوندا آهن گهر جي ڪڪڙ به دال جهڙي پر هاڻي ته ظفر کي دنيا ۾ مڃتا ملڻ واري آهي اوهان دل نه لاهيو. ظفر اوهان جي خاندان جو نالو روشن ڪندو.
    ڏيرهنس بدستور ٽوڪ مان چوي ٿو ڀاڄائي اسان جي دل ناهي لٿل دل اوهان پنهنجي ڌوئي دکيءَ ۾ رکو. اهي يو.اين.او وارا هروڀرو چريا ناهن ٿيا جو ظفر جهڙن کي ايوارڊ ڏين ۽ ڀاڄائي تو وري هيءَ ڪهڙي سروي شروع ڪئي آهي؟ مڙس بک ٿو مارئي ڇا؟ وڃ وڃي ٻار سنڀال هروڀرو کين اڪيلو گهر ڇڏي آئي آهين. مارئي ڇا سوچي آئي هئي هتي معاملو سندس برداشت کان ٻاهر هو. ڏيرهنس هونئن به هنن سان وڏائيءَ ۾ پيش ايندو هو. پرمارئيءَ سوچيو ته ٻين کان راءِ وٺڻ کان پهريان ادي کان پڇان ائين نه جو هو دل ۾ ڪري پر هت ته معاملو ئي ابتڙ هو. ادو صاحب ڪنهن به طور تي ظفر کي اديب تسليم ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هو.
    مارئي لاچار گهر موٽي آئي. ظفر کانئس پڇيو ته ڇو ايڏي دير لاتئه... نٽائي وئي. جيڪڏهن کيس حقيقت ٻڌائي ها ته هو به کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ها ۽ ٻئي ڪنهن ڏي وڃڻ کان به روڪي ڇڏيس ها...
    ٻئي ڏينهن تي وري همت جي هڙ مٿي تي کڻي وڏيءَ نڻان جي گهر وئي مقصد ته فون تي ٻڌايو هئائينس. سندس نڻان وٽ منافقت جي هڪ خوبصورت لٺ هئي، جنهن سان معاملن کي ڪُٽي سٽي پنهنجي مطلب مطابق آڻي بيهاريندي هئي. سندس اها لٺ تاريخي هئي. ان سان نانگ ماري ماري سندن کوپڙين جو پهاڙ ٺاهي هلاڪو خان جو رڪارڊ ٽوڙڻ واري هئي.
    مارئيءَ جڏهن کيس ظفر لاءِ راءِ لکڻ جو چيو ته هميشه وانگر چيائين ته ڀيڻ پهريان اڪبر کان پڇان ته اهو ڇا ٿو چوي يا بلڪه تون هينئن ڪر جو اڪبر کان ئي راءِ وٺ ته بهتر ٿيندو، هن جو به ته لکڻ پڙهڻ سان واسطو آهي نه (اک هڻي) هو به خوش ٿيندو ته مون کي اهميت ڏين ٿا. مان لکندم ته چوندو ته مون کي نظر انداز (Ignore) ٿا ڪن.
    مارئيءَ چيو ٺيڪ آهي. انهيءَ Ignore جي ڊپ کان هو هميشه سندس مڙس کان پنهنجي قد کان اڌ فٽ جهڪي ڳالهائيندا آهن. ادي صاحب جو Ignore نڪ جي چوٽيءَ تي چڙهيل هوندو آهي. مارئي اهو سڀ سمجهي پئي پر ڇا ڪري هينئر مجبوري هئس. ٻئي ڏينهن شام جو ٻارڙن کي ماني وغيره ڏئي نڻان جي گهر وئي، سندس مڙس به ان ئي مهل آيو هو. مارئيءَ سوچيو ته سٺو ٿيو، هاڻي ٽائيم گهڻو نه لڳندو پر خدا ڪري ادي صاحب جو موڊ ٺيڪ هجي...
    نڻانهنس کيس چيو ته تون ٿورو انتظار ڪر مان اڪبر سان ڳالهائي اچان ٿي. مارئي انتظار ڪندي رهي ڪلاڪ ...گذري ويو ادي وڏي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ۽ سڌي رڌڻي ۾ وئي. اتان ماني ٽري ۾ کڻي ڪمري ۾ اندر هلي وئي. وري هڪ ٻيو ڪلاڪ گذري ويو پر ادي وڏي اڃان نه نڪتي، ٿوريءَ دير ۾ ٻارڙا ٽيوشن تان موٽي آيا ۽ مارئي انهن کان حال احوال وٺڻ لڳي، ٻارڙا به هڪ هڪ ڪري ماءُ جي ڪمري ۾ هليا ويا. مارئي اڃان انتظار ۾... نيٺ اها خوشنصيب گهڙي آئي، جڏهن ادو صاحب ۽ ادي وڏي پنهنجي ڪمري مان نڪتا. هيڏي هوڏي ڏٺائون ڄڻ ته پهريدارن کي ڳوليندا هجن ته ”ڪاڏي ويا منادي ڪرڻ وارا... ۽ با ادب باملاحظا هوشيار چوڻ وارا...“ بهرحال ادو صاحب مارئيءَ جي اڳيان اچي تخت نشين ٿيو ۽ کانئس گهر جا حال احوال وٺڻ لڳو. سندس ڳالهين مان محسوس پئي ٿيو ڄڻ ته کيس ڪا خبر نه هئي ته مارئي ڇو آئي آهي... حال احوال پڇي ادو صاحب ٽي وي ڏسڻ ويهي رهيو. مارئي وڏيءَ اُڻ تڻ ۾ هئي ته هاڻي ڇا ڪري!! نيٺ دل ٻڌي چيائينس ته ادا هو... ظفر جي شخصيت ۽ فن متعلق اوهان جي راءِ پئي گهرجي...“
    ادو بلڪل اڻڄاڻ ٿي پڇيس ٿو، ”ڇو ادي ڇا لاءِ؟ مارئي حيران ٿي اديءَ وڏيءَ کي ئي ڏسي ته ڇا هن ڪجهه نه ٻڌايو اٿس؟ اديءَ اکين جي ميش ڏنس ڄڻ چوندي هجيس ته ڳالهه اڳتي ڪر. مارئيءَ ادي کي چيو ته ادا اديءَ وڏيءَ اوهان سان ذڪر نه ڪيو آ ڇا؟ ادي صاحب چيس نه مون کي ڪا خبر ناهي... مريم ڇا ڳالهه آهي؟ تو مون کي ته ڪجهه به نه ٻڌايو.ادي وڏي معصوميت جي ايڪٽنگ ڪندي ”او..... هو... مونکان ڳالهه وسري وئي... مان سوچو پئي ته ڀاڄائي پاڻ اوهان کي ٻڌائي. ڀاڄائي تون ٻڌائينس نه... تون مون کان وڌيڪ بهتر نموني اڪبر کي سمجهائي سگهين ٿي. تون پاڻ چئينس... مارئيءَ جي دل چيو ته جيڪر اٿي وڃي پرڦاٿي کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟ نيٺ ادي صاحب کي سمورو قصو الف کان ي تائين ٻڌايائين. ادي صاحب ڏاڍي غور سان ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ وڏو ساهه ڀري فيصلو ٻڌائڻ وارو هو.”ادي ڏس! تون منهنجي ڀيڻ وانگر آهين بلڪه منهنجي ڀيڻ آهين. هي مريم جا ڀائر اسان کان زور آهن...۽ وري تنهنجو مڙس ته آهي ئي زور آور... پر (سال چيو) مانس ته منهنجي دوست کي بينڪ کان قرض ٿو کپي سو ضمانت Guarantee ڏي... ته صاحب چوي ادا مان کيس سڃاڻان نه ٿو ۽ ٻيو ته ٻڌو آهي هو پاڻ وڏو ماڻهو ئي قرض ڦٻائي ڦٻائي ٿيو آهي مون غريب کي نه ڦاساءِ... هاڻي مون کي ٻڌاءِ مان ڪو تنهنجي مڙس جو برو پيو چاهيان، مان نه بلڪه هو پيو منهنجو برو چاهي. هن کي منهنجن دوستن ۽ ساک جو احساس نه ٿيو. ڇا ٿيو جو منهنجي دوست کي نه پيو سڃاڻي؟ مونکي ته سڃاڻي پيو نه؟ منهنجي منهن کي ئي ڏسي ها... پر سائين... صاحب سمجهي پيو ته مون ۾ ڪڏهن به ڪو ڪم نه پوندس؟ مان به سوچي ڇڏيو آهي ته هاڻي سندس ٽڪي جو ڪم به نه ڪندس“.
    ”ادا ڇڏيو انهن ڳالهين کي. دوستن جي ڪري مائٽن لاءِ ڇوٿا غلط فهميون سانڍيو... ڀلا ڇا ظفر هونئن اوهان کي ڏکيءَ سکيءَ ۾ ڪم نه ايندو آهي، ٻيو ته پنهنجا آهيون، ڌارين جي ڳالهين تي ائين ڌاريو ٿيڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ظفر لاءِ اوهان دل ميري نه ڪريو، هو اهڙو ناهي اوهان بس ٻه اکر هن لاءِ لکي ڏيو ته مهرباني ٿيندي.“ مارئي کيس ٿڌو ڪندي وري منٿ ڪريس ٿي پر ادو صاحب لڳي ٿو ته اڄ سڀ حساب چڪتو ڪرڻ وارو هو چوي؛ ها ادي لکي ٿو ڏيانءِ ته هي ماڻهو ڪنهن به ڪم جو ناهي الاءِ ڪهڙو تصور قوم ۽ ملڪ لاءِ پيو ڏيندو آهي” هي ته پنهنجن تي به پورو ناهي، هن کي پنهنجيءَ نياڻيءَ (ڀيڻ) جي گهر جي به پرواهه ناهي... نه دوست چوڻ جهڙو ۽ نه مائٽ سڏائڻ جهڙو؟ لکانس اهو سڀ؟؟
    سندس رد عمل اهڙو هوندو؟ مارئيءَ جي تصور ۾ ئي نه هو. هوءَ جڏهن به نڻان جي دعوت ڪندي هئي ۽ 5-7 ڊشون ٺاهي رکندي هئي ته ادو صاحب آڱريون به پيو چٽيندو هو ۽ تعريف لاءِ لفظن جا خزانا پيو ڀريندو هو، هيءُ مزاج نئون هو...
    مارئي چپ ڪري گهر موٽي آئي. ظفر پڇيس ڇو ڀلا ايڏي گهڻي دير لاتئه؟ ڪوڙ هڻي چيائينس ته ادي صاحب جي اوچتو ميٽنگ ٿي وئي هئي سو اچي نه سگهيو... ظفر سندس ڀيلو منهن ڏسي سمجهي ويو پر چيائينس ڪجهه به نه ۽ هلڪو مرڪي کيس ڏسڻ لڳو ڄڻ سوال ڪندو هجيس ته ڪيترو ڀوڳيندينءَ؟
    مارئي چپ ڪري ڪمري ۾ هلي وئي ۽ سوچڻ لڳي ته سڀاڻي پاڙيواري شڪيل ڀائيءَ سان ٿي ڳالهايان. ان سان ظفر جي ڏاڍي گهرائي آهي،شڪيل ڀائي به سندس ڏاڍي عزت ڪندو آهي هو دير سان پنهنجي آفيس لاءِ نڪرندو آهي، انڪري نيرن ڪري هلي ويندي سانس. هو آهي ته هڪ واپاري ماڻهو پر زباني رايو وٺي مان پاڻ لکندي مانس، ان کان پوءِ هڪ ادبي اداري جي سربراهه ڏي وينديس. صبح جو نيرن ڪري ٻارن کي اسڪول ۽ ظفر کي ڊيوٽيءَ تي موڪلي 10 وڳي ڌاري پاڙيواريءَ ڏي وئي.
    ٻئي عورتون هڪ ٻئي ڏي آڌيءَ مانجهيءَ اينديون وينديون هيون انڪري فوزيه سندس سوير اچڻ تي حيران ٿي. بلڪه کيس چانهه ڏئي ۽ شڪيل ڀائيءَ کي سڏي آئي. مارئيءَ چيس شڪيل ڀائي مونکي خبر آهي ته اوهان کي ادب وغيره سان گهڻو چاهه ناهي پر پنهنجو رايو هڪ پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ڏئي سگهو ٿا. اوهان جا خيال مان پني تي لکنديس، مان اهو گهران کڻي آئي آهيان. شڪيل ڀائيءَ پهريان ته چيس ته ظفر ڀائي ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. اسان خوشنصيب آهيون جو اهڙو سٺو پاڙيسري مليو. هو منهنجي ڀائرن جهڙو آهي پر هاڻوڪيءَ قربانيءَ واريءَ عيد تي مون سان وڏي جٺ ڪري ويو ان ڪري هاڻي مان سندس Favour ۾ ڪجهه به نه چوندس.
    مارئي حيران ٿي وئي ته ٻڪر جي ران جيڪا شڪيل ڀائيءَ فرمائش تي گهري هئي اِها ته کيس هُن گهر پهچائي ڏني. باقي ڪهڙي جٺ؟ ان تي شڪيل ڀائي کيس دل جي درد جو داستان ٻڌايو ته هن ڪا ظفر کان ٻڪر جي کل گهري هئي، جيڪا ظفر کيس نه ڏني، ڇاڪاڻ ته بلڊنگ جي ڪاميٽيءَ وارا اڳ ۾ ئي کيس پرچي ڏئي ويا هئا. مون ڀائيءَ ظفر تي ڏاڍو زور ڀريو ته انهن کي ٻڪر جي کل ڏيڻ بدران شڪيل ڀائيءَ کي ڏي پر ظفر سندس ڳالهه اهو چئي نه مڃي ته هڪ ڀيرو جن سان زبان ڪئي آهي ان تان نه ڦرندو. شڪيل ڀائي جذباتي ٿي چوڻ لڳو؛
    “بھابھی جی ظفر بھائی کے لیے میری جان بھی حاضر ہے، میری چمڑی ادھڑ واکر اس کو جوتے بنوا کے پہن لیتا، مگر بکرے کی کھال مجھے دے دیتا۔ میرے بھائی جان نے مجھے پچاس (50) کھالیں لانے کو کہا۔میں نے (49) انچاس اکٹھی کیں مجھے یقین تھا ایک ظفر بھائی دینگے لیکن انہوں نے میری ساکھ خراب کردی، اب مجھے کچھ کرنے کو نہ بولیں۔”
    مارئي سوچڻ لڳي ته هڪ پاسي ته پنهنجي چمڙي لاهرائي جتيون ٺهرائڻ جو ٿو چوي ٻئي پاسي ٻڪر جي کل جو ايڏو ضد!! چُپڙي ڪري ادبي اداري ڏانهن رُخ رکيائين.
    مارئي اُڻ تڻ ۾ ويٺي پور پچايا ته هاڻي ڇا ڪريان ڪنهن کان پڇان؟ ڪنهن ڏي وڃان؟ ته اوچتو ان ادبي اداري جو خيال آيس جنهن سان ظفر گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڳاپيل آهي. ڪنهن به ڪتاب جو ترجمو هجي، ايڊيٽنگ هجي يا ڪو خاص مقالو لکڻو هجي ته هو ظفر کي چوندا آهن ۽ ظفر پڻ بنا لالچ لوڀ جي سندن سٿ سان پيو هلندو آهي. يقيناً ان اداري جو چيف ظفر لاءِ سٺا Comments ڏيندو. اهو سوچي اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي. اڳ ۾ وقت وٺڻ جي گنجائش ئي نه هئي. سوچيائين جيڪڏهن چيف نه مليو ته سيڪنڊ چيف کان ئي Comments وٺي اينديس، ڇاڪاڻ ته ان اداري جا سمورا ئي آفيسر ظفر کي چڱيءَ طرح سڃاڻن پيا.
    مارئيءَ جوبخت ڀلو جو چيف ته موجود هو پر مصروف هو. مارئيءَ سندس پي اي جي هٿ نياپو ڪرايو ته هن کيس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪو هڪ معمول هوندو آهي.
    مارئيءَ کي ويٺي ويٺي ٻه ڪلاڪ گذري ويا پر چيف وٽ مصروفيت کٽڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. مارئيءَ صبح جو تڪڙ ۾ ناشتو به صحيح نه ڪيو هئو سو اچي بک به ورايس. پي اي هڪ ٻه ڀيرا ميار لهڻ لاءِ چانهه جو پڇيس پر هن مرم ۾ انڪار ڪيو.
    هاڻي ته ويهڻ ئي محال ٿي ويو هئس. نيٺ سندس پکو کليو ۽ چيف صاحب کيس اندر سڏايو.
    مارئي جيئن ئي اندر گهڙي ته چيف ڪرسيءَ تان ٿورو اٿندي آڌر ڀاءُ ڪيس. مارئي ڏاڍي متاثر ٿي ته هيءُ صاحب ڪيڏي نه عزت سان ٿو پيش اچي. جيتوڻيڪ اهو آفيسر هڪ هٿ ٺوڪيو اديب هو، جيڪوادبي ادارن ۾ سڻڀيون پوسٽون وٺي، ويٺو ڀينگ ڪندو آهي.
    مارئيءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني کيڪاريندي چيائين مسز ظفر اوهان خوش ته آهيو؟ اسان جا ڀاڳ ڀلا جو اوهين آيون؟ ڏيو خبر خير سان هن ناچيز کي ياد ڪيوَ؟
    مارئي سندس حسنِ اخلاق کان اڃان به وڌيڪ متاثر ٿي سموري مدعا بيان ڪيس پر محسوس ڪيائين ته صاحب جي منهن جا رنگ مٽجي سٽجي رهيا هئا. مارئيءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي جڏهن ڳالهايائين ته سندس لهجو پهريان واري لهجي جي سراسر ابتڙ هو.
    مسز ظفر مون ته سمجهو ته ’ٻيو‘ ڪو هوندو پر ظفر صاحب جو جڏهن ذڪر ڇيڙيو اٿوَ ته ٻڌو؛ اوهان جي صاحب اسان سان ڪجهه چڱو نه ڪيو آهي؟ جڏهن منهنجي هت پوسٽنگ جو معاملو ٿي رهيو هئو ته هن بيان ڏنو هو ته اهڙا ماڻهو نه رکيا وڃن جن جو ادب سان واسطو نه هجي ڇو ته مان بنيادي طور پولٽيڪل سائنس جو ماڻهو آهيان پر جيڪڏهن مان اهل نه هجان ها ته سرڪار هروڀرو ڇو مونکي هت موڪلي ها؟ ظفر صاحب سرڪار کان وڏو آهي ڇا؟ اهو ته ٺهيو پر ان کان پوءِ به جتي ڪو پروگرام ٿيندو آهي اتي اسان جي خلاف ڳالهائڻ کان نه مڙندو آهي؟ ڪم ته کڻي اسان ڏيونس ٿا پر هو لهڻي ڪجهه به نه.
    تون ئي سمجهائينس ته اهي هروڀرو جي آدرشن جا تاج پائڻ ڇڏي ڏئي ۽ اسان سان سڌو ٿي هلي... باقي مان ڪهڙي راءِ ڏيانءِ؟ هت ته هيانءُ ئي سڙيو پيو آهي. مارئيءَ وٽ اڳتي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، چپ چاپ ڪري اٿڻ لڳي ته صاحب جي موڊ وري سانڊي وانگر وارو رنگ مٽيو ”هونئن مسز ظفر... ٻيو ڪو حڪم ڪرڻو هجيو. ته حاضر آهيون. اسان هروڀرو اهڙا ويل به ڪونه آهيون... ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ظفر کي ناهي ته ڇا ٿيو اسان کي ته آهي نه... اوهان گهٻرايو ئي ته... ڪڏهن به ڪنهن به معاملي ۾ مُنجهو ته ٻڌائجو... اوهان ايندا ويندا رهندا ڪجو ته اسان کي به خوشي ٿيندي...“
    مارئيءَ جي دل چيو ته مڙي چوانس ته چيف صاحب مون رڳو ٻڌو هو پر هاڻي ڏسي به ڇڏيم ته آفيسن ۾ عورتن کي ڏاڍو احترام ملندو آهي. پر Conditionally، پر هن کيس رڳو ايترو چيو ته چيف صاحب اوهان وڏو ڪم ته ڪري ڇڏيو مونکي تلخ حقيقتونRealize ڪرائي ۽ ٻاهر نڪري آئي.
    وقت ڏٺائين ته 12 ٿيا هئا. سوچيائين ته علائقي جي ايم پي اي کان ٽائم وٺان. اليڪشن ڪمپيننگ دوران ايم پي اي جي گهر واريءَ سمورين پاڙي جي عورتن کي هڪ قرآن خواني ڪري گهرايو هو. ان کانسواءِ مارئيءَ کي ڪيترائي ڀيرا تبليغي ليڪچر ۾ ساڻ هلڻ لاءِ چيو هئائين. مارئيءَ سوچيو رخسانه (ايم پي اي جي گهر واري) کان فون ڪري ٽائيم وٺانس ٿي. سندس فون ڏاڍي دير تائين مصروف مليس ٿو. سوچيائين ڇو نه ظفر جي دوست اشرف کان راءِ وٺان.
    اشرف جو فون گهمايائين هن ڏاڍيءَ پنهنجائپ مان چيس ته ”ڀاڄائي هليا اچو اڄ ئي3-4 وڳي ڌاري اچو.“ مارئيءَ کي تسلي ٿي وئي، وري جو رخسانه کي Try ڪيائين ته فون ملي ويس. رخسانه چيس ته سڀاڻي ته علي صاحب اسلام آباد وڃي ٿو. تون هڪ هفتي کان پوءِ اچجانءِ پر مارئيءَ کيس چيو ته مون وٽ رڳو ٻه ڏينهن بچيا آهن. تنهن تي رخسانا چيس ته پوءِ هڪڙو ڪم ٿي سگهي ٿو جو سڀاڻي اسان جي ليڪچر ۾ علي صاحب کي اسان مهمان ڪري گهرايو آهي تون به ان ليڪچر ۾ اچ ۽ پوءِ اتي علي صاحب سان ڳالهائي وٺجان ۽ اتان پوءِ وري هو سڌو اسلام آباد هليو ويندو.“
    مارئيءَ وٽ ٻئي ڏينهن تبليغي ليڪچر ۾ وڃي ساڻس ملڻ کانسواءِ ٻيو چارو نه هو. ان ڏينهن تي هوءَ منجهند جي ماني وغيره تيار ڪري ظفر جي دوست اشرف جي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي. اشرف جي گهرواريءَ نصرت سان به سندس سٺي دوستي هئي. هن سوچيو، ٺهيو گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو نصرت سان به ڪچهري نه ٿي آهي. ان بهاني ان سان به ملاقات ٿي ويندي.
    ٻار جيئن ئي گهر واپس آيا ته مارئي کين ماني ڏئي، سمهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ جو تاڪيد ڪري اشرف جي گهر وڃڻ لاءِ رواني ٿي وئي.
    اشرف گهر ۾ سندس منتظر مليو. هيءَ بي ڌڙڪ گهر ۾ هلي وئي ۽ هيڏانهن نصرت کي ڳولڻ لڳي. ان تي مارئيءَ پڇيس ته ادا نصرت ستي پئي آهي ڇا؟ تنهن تي اشرف ٻڌايس ته نصرت 3 ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ وئي آهي. ڳوٺ ۾ ڪا شادي هئي انڪري ان ۾ شريڪ ٿي پوءِ آچر تي هوءَ موٽي ايندي. ”۽ ٻار؟“ مارئي پڇيس ٿي...”ڇوڪرين کي ته نصرت پاڻ سان وٺي وئي آهي البت پُٽڙو احمد شام جو دير سان ايندو، ڇاڪاڻ ته اڄ اسڪول ۾ اسپورٽس جو ڏينهن اٿس.“
    مارئيءَ جو ڏٺو ته گهر ۾ ٻيو ڪير به نه آهي ته ٿورڙو هٻڪي پئي، چيائينس ته ادا اوهان مونکي فون تي ٻڌائي ڇڏيو ها ته مان نه اچان ها. اشرف چيس نه ڀاڄائي اهڙي ڪا ڳالهه ناهي اوهان کي مونکان ڊپ ٿو ٿئي ڇا؟ مان ته اوهان جي مڙس جو دوست آهيان. اوهان جو پنهنجو ”سندس لهجو مومل کي ٿورڙو ڦريل لڳو. مومل تڪڙ ۾ کانئس راءِ گهري. اشرف چيس ”تڪڙ ڇاجي آهي؟؟ اوهان اڳ ۾ ته مون کي اها ويب سائيٽ ٻڌايو جتان ظفر کي پيغام ملن ٿا. ظفر اڪيلو ئي ايڏو ڪجهه ڪري ٿو دوستن کان ڪا صلاح ثواب ئي نه ٿو وٺي؟؟ اسان کي به ٻڌائي ها اسان به ڪنهن ايوارڊ شيوارڊ لاءِ نالو موڪليون ها، من اسان جو به ڪو پُکو نڪري پوي ها... ائين چوندي معنا خيز انداز ۾ چوي ٿو ”هونئن اسان ڀلا ڪو ظفر کان گهٽ آهيون ڇا؟“ مارئي اتي ٿوري چوڪس ٿي وئي، هوءَ سمجهي وئي ته اشرف راءِ نه ڏيندو. چويس ٿي ”ادا ٺيڪ آهي ڪا ڳالهه ناهي مان ظفر کي چونديس ته اوهان کي اها ويب سائيٽ ٻڌائي ۽ اوهان پنهنجي راءِ به کيس ٻڌائي ڇڏجو.“ اشرف ان تي چويس ٿو، ”راءِ ته مان اوهان کي ٻڌايان ٿو پر ظفر لاءِ نه اوهان... ڇڏيو ظفر کي اوهان ڪڏهن اهو نه سوچيو آهي ته اوهان ۾ ڪيترو نه گهڻو ٽيلينٽ آهي؟ مان ته صرف اهو ٿو چوڻ چاهيان ته ظفر پاڻ سان گڏ اوهان جهڙي ذهين ۽ خوبصورت گهرواريءَ جي ترقيءَ لاءِ ڇو نه ٿو سوچي؟ هونئن اها حقيقت آهي ته ايوارڊ وٺندي ظفر جي ڀيٽ ۾ اوهان وڌيڪ خوبصورت لڳندؤ... مارئيءَ لاءِ اڃان وڌيڪ تعريف ٻڌڻ ناممڪن هو. سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا، هوءَ سڄو معاملو سمجهي وئي. تڪڙ ۾ اٿي کيس چوي ٿي. اڙي... ادا... مان سارنگ کي ته هيٺ ئي ڇڏي آيس... سارنگ سندس پٽ هو جنهن جو نالو کڻي مارئيءَ اشرف مان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانو ٺاهيو ۽ ڊڪ ڀري سندس گهر جو در کولي ”سارنگ سارنگ ڪندي ٻاهر نڪري آئي.”سارنگ ته ٻاهر هوئي ڪونه. هوءَ دوستيءَ جو اهو روپ ڏسي ڀورا ڀورا ٿي وئي گهر ڪيئن پهتي کيس ڪو هوش نه هو. شڪر جو اڄ ظفر اچڻ ۾ دير ڪئي هئي نه ته کيس ڏسي اڃان به گهڻو پريشان ٿي وڃي ها.
    ٻئي ڏينهن ايم پي اي ڏانهن وڃڻو هوس. پر اڄ واري واقعي کيس ڊاهي وڌو هو. وري به اهو سوچي ته بس هڪ ڀيرو ڪوشش ڪندم، سمهي پئي. ٻئي ڏينهن يارهين وڳي ليڪچر هو. ڀرواري شادي هال ۾ ان جو بندوبست هو. هيءَ به وڃي وقت تي پهتي. رخسانه کيس چيو ته جيئن ئي خاص مهمان تقرير ڪرڻ لاءِ اچي ته تون منهنجي ڀر ۾ اچي وڃجانءِ پوءِ مان توکي علي صاحب سان ملرائيندم.مارئي ڏاڍي خوش ٿي ائين ئي ڪيائين. علي صاحب کي جيئن ئي تقرير لاءِ گهرايو ويو ته هيءَ به پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿي وڃي رخسانه جي ويجهو صوفي تي ويٺي. تقرير پوري ٿيڻ تي رخسانه علي صاحب کي پاسي تي وٺي مارئيءَ سان ڳالهائڻ لاءِ چيائين. علي صاحب ته ڄڻ ظفر جي ڪنهن مائٽ سان ملڻ جو انتظار ڪري رهيو هو .
    هي اديب ماڻهو اسان کي پنهنجو دشمن ٿا سمجهن، قوم جو ٺيڪو ڄڻ هنن کنيو آهي؟ قومپرست ئي رڳو هي آهن؟ ظفر صاحب اسان کي گهڻا ووٽ ڏنا؟ ورڪ مهل هن پنهنجيءَ زبان سان مونکي چيو ته سائين اوهان ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته ووٽ ڇالاءِ ٿا گهرو؟ هاڻي ڏسو ته اسان ”ڪنهن به طريقي سان کٽي آياسين!! ادي! هيءَ جيت ۽ هيءَ سِيٽ اسان کان ڪير نه کسي سگهندو. باقي هاڻي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته ظفر صاحب اسان لاءِ ڇا ڪيو جو اسين کيس ليٽر ڏيون؟ اسان وٽ کوڙ درخواستون آهن. ظفر صاحب کي چئوته هو ڪنهن ٻئي کان ليٽر وٺي...“
    مومل خاموش سندس دانائيءَ تي حيران ٿيندي رهي ته هيءُ صاحب ڪهڙي ”ليٽر“ جي ڳالهه ٿو ڪري، بيروزگاريءَ جي سمنڊ ۾ شايد اپائنٽمنٽ ليٽر کانسواءِ ڪنهن به ڪاغذ جي اهميت ٻڙيءَ برابر ٿي وئي آهي؟ يا اسان جي سياستدانن وٽ عوام لاءِ علم، قلم ۽ ڪاغذ نوڪريءَ لاءِ درخواست لکڻ ۽ ڪم جي حڪمنامي جاري ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ٻئي ڪم جا ناهن؟
    سخت مايوسيءَ جي حالت ۾ گهر واپس اچي ٿي، جتي ظفر کي ڏاڍيءَ بيچينيءَ سان انتظار ڪندي ڏسي ٿي. ظفر پريشانيءَ ۾ چويس ٿو ڇو هروڀرو اجاين ڏچن ۾ پاڻ کي پريشان ڪيو اٿئي. پنجن ڏينهن ۾ ڏس ته اڌ مئي ٿي وئي آهين؟ ڇڏ سڀني معاملن کي جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو هروڀرو هلاک ٿي آهين.
    هوءَ خاموشيءَ سان کيس ڏسندي رهي ٿي. ٻنهي جي اکين ۾ اڻ چيل ڏک آهي، جيڪو ٻئي محسوس ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان لنوائن ٿا. مارئي چويس ٿي چڱو ڀلا مون کان اڳ ۾ گهر پهتو آهين ته چانهه پيار ته مان هٿ منهن ڌوئي اچان. ٻئي چانهه پيندي سوچن ٿا ته هاڻي ڇا ڪجي؟ ظفر هميشه وانگر کيس چوي ٿو ته مان ڪاغذ ائين ئي ٿو موڪليان پر مارئي به مڙڻ واري نه هئي. سوچي ٿي سڀاڻي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ٿي آزمايان ۽ صبح جو انهن سان ٿي ڳالهايان. اڄ ڏاڍي ٿڪل هئي ان ڪري ننڊ وٺي ويس ٻئي ڏينهن ٻارن کي اسڪول موڪلي جلدي جلدي گهر جو ڪم ڪار لاهي ورتائين. يارهين وڳي ڌاري ڀاءُ کي فون ڪري پڇڻ لڳي ته وٽس اچي يا نه... ڀاءُ پنهنجائپ مان چيس ... ها ڀيڻ، ڇو نه اچين ... اها ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي. اوهان ڀينرون جڏهن چاهيو اچي سگهو ٿيون. اوهان پڇنديون نه ڪريو، بلڪه هينئن ڪر جو صوفيه کي به فون ڪريس ته پنجين وڳي ڌاري ٻئي اچي وڃجو ته جيئن سٺي ڪچهري ٿئي. اوهان پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ سان ڪچهري ڪجو مان به 8-9 تائين اچي ويندس.“ مارئي چويس ٿي ادا... پوءِ هينئن ڪنداسين ته اوهان جي گهر اسان موڪل واري ڏينهن اينداسين. مونکي ٿورو ڪم آهي اوهان ۾... مان صوفيه کان پڇان ٿي جيڪڏهن هوءَ راضي ٿي ته کيس به ورتيون اينديس پر اڄ تنهنجي آفيس ٿا اچون . جيڪڏهن تون ڪجهه وقت ڪڍي سگهين ته چڱو.“ ڀاءُ چيس ٺيڪ آهي ڀلي اچجو! ڀيڻ کي فون ڪيائين ته هوءَ ان شرط تي راضي ٿيس ته واپسيءَ تي مارڪيٽ مان ڪجهه شاپنگ به گڏجي ڪنديون اينديون. مارئيءَ چيس ڏسنداسين.شام جو ٻئي ڀاءُ جي آفيس پهتيون مارئيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڀاءُ ڏاڍي اطمينان سان سڄو روداد ٻڌي چويس ٿو ڀيڻ مان توکي ضرور لکي ڏيان پرڪجهه ڳالهيون اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو مان هاڻي يو اين او وارن کي ڇا لکي ڏيان ته منهنجو ڀيڻيويو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي ان ڪري ان کي اوهان ايوار ڏيو، توهان پاڻ سوچو ته اهو ٺهي نه ٿو. دنيا ائين نه ٿي هلي جيئن اوهان ٿيون سمجهو. هت مون وٽ وڏا وڏا آفيسر ۽ ڪاروباري ماڻهو لهه وچڙ ۾ اچن ٿا، مان هر ڪنهن جي نفسيات سمجهان ٿو. ظفر کي چئينس ته پنهنجي کاتي وارن کان هڪ ڪئريڪٽر سرٽيفڪيٽ لکرائي موڪلي (Nothing else) ٻيو ڪجهه نه. عقل سکو، هروڀرو اهڙن معاملن ۾مائٽن کي وچ ۾ نه آڻيو. مارئيءَ جي زبان گنگ ٿي وئي. همت ڪري چويس ٿي، ادا اوهان درست ٿا چئو ائين نه هوندو آهي. پر هن معاملي ۾ خبر ناهي جو هنن اهو شرط رکيو آهي ته ذاتي طور تي ويجهن ماڻهن جا رايا کپن ۽ ذاتي طور تي ويجها ڀلا مٽن مائٽن ۽ دوستن کان سواءِ ڪير هوندا؟ پر ادو به ڄڻ فيصلو ڪري ويٺو هو ٽرڪائي ڇڏڻ جو. چوي ٿو؛ بابا مان دنيا ڏٺي آهي اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. جيڪڏهن ظفر جي ڪارڪردگي سٺي هوندي ته ان جو ايوارڊ ڪير به روڪي نه سگهندو باقي اهي هروڀرو جون فرمائشون ماڻهن کي Discourage (حوصلي شڪني ) ڪرڻ لاءِ هونديون آهن.
    توهان ضرور ڪاغذ اماڻيو، ايوارڊ ملڻو هوندس ته پاڻهي ملندس. مان هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ظفر هڪ هوشيار ماڻهو آهي تون ڏسجانءِ ته هو پاڻهي ڪونه ڪو رستو ڪڍي وٺندو.
    تون انهيءَ معاملي کي ڇڏي ڏي ۽ هاڻي بند ڪر اهو موضوع. مارئيءَ کي اهو موضوع بند ڪرڻ بهتر لڳو، چانهه پي موڪلائي نڪتيون. ٻاهر اچي ڀيڻس چيس، ادي تون دل ننڍي نه ڪر الله ڀلي ڪندو. تون وڏي خوشنصيب آهين جو تنهنجي مڙس ايتري همت ڪري يو اين او تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. منهنجو مڙس ته جڏهن کان جپان ۾ پنج سال گذاري واپس آيو آهي ته ان کانپوءِ وري ڪجهه به نه ٿو ڪري. روز اسان جو جهيڙو ٿيندو آهي. مان کيس چوندي آهيان ته ڪو ترقيءَ وارو ڪم ڪر. ڪجهه اڳتي وڌ پر هو ڪجهه به نه ٿو ڪري. تون ته وڏي ڀاڳن واري آهين...“
    ڀيڻس جي هميشه واري تون سڀ ڪجهه آهين ۽ مان ڪجهه به نه آهيان واريءَ شڪايت جو دفتر کلي چڪو هو. چويس ٿي ادي الله ڪندو جو توکي مونکان وڌيڪ تمام جهجهو مال ملندو پر هاڻي هل ته گهر هلون. اديءَ کي شرٽ ياد اچي وئي. ڀيڻ هو جيڪو مارڪيٽ هلڻ جو پروگرام رٿيو هيوسين؟ مارئي چويس ٿي ادي پوءِ ڪڏهن ڏسنداسين پر اديءَ کيس مارڪيٽ وٺي وڃي دنگ ڪيو. مارڪيٽ کان موٽندي چويس ٿي ڀيڻ تون اجايو ٿي پريشان ٿين. ڀينرون ڪهڙيءَ ويل ڪم اينديون آهن. مان ئي توکي ٿي لکي ڏيان ان تي مارئيءَ کي وڏو ڏڍ مليو.
    چويس ٿي ادي پوءِ مان صبح جو تو وٽ ايندم ڇاڪاڻ ته سڀاڻي آخري تاريخ آهي شام تائين جيڪڏهن ڪاغذ نه موڪليا ته ڪم رهجي ويندو. ڀيڻ تنهن تي چويس ٿي ڀيڻ تون ڳڻتي نه ڪر ۽ تون نه اچجان ۽ مان پاڻ تو وٽ لکي ڪاغذ کڻي ايندم. مون کي تنهنجي گهر پاسي ڪم به آهي. مونکي سڀاڻي اسڪول ۾ دير ٿي ويندي تون گهر اچين ۽ مان توکي نه ملان ته تون پريشان ٿيندينءَ، ان ڪري مان پاڻ تو وٽ هلي ايندم . مارئيءَ کي تسلي ٿي وئي ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي گهر هليون ويون. ٻئي ڏينهن تي مارئيءَ ڀيڻ جو سڄو ڏينهن انتظار ڪيو سج لهي ويو پر ڀيڻس نه آئي. مارئيءَ کي خبر هئي ته سندس ڀيڻ وڏي فنڪار عورت آهي. مجال جو ڪنهن ڪم کان ’نه ‘ ڪري. سندس جهڙو همدرد هڏ ڏوکي ۽ ڀلي مانس انسان خدا تعالى کان ڄڻ ٻيو ڪو ٺاهڻ ئي وسري ويو هو. ڀيڻس کي جيڪو ڪم قطعي نه ڪرڻو هوندو يا ڪنهن ڪم ۾ رخنو وجهڻو هوندو ته ان ڪم کي پنهنجي سر پاڻ ڪرڻ لاءِ اهڙو يقين ڏياريندي هئي جو اڳلو سمجهندو ته هيءَ سِر تريءَ تي رکي به اهو ڪم ذميداريءَ سان ڪندي پر خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳلو چوٽيءَ ڀر اچي ڪرندو پر ڀيڻ کي اف به نه چوندو! ڇو ته پنهنجي مٺڙيءَ زبان سان زهر به امرت ڪري پيارڻ واري هئي. ان ڪم ۾ سندس جهڙو مدبر ڪير به نه هو.
    هينئر مارئيءَ وٽ ايترو وقت نه هو جو هوءَ ڀيڻ جي گهر وڃي سگهي.کيس فون ڪيائين جيڪو ڀاڻيجيءَ کنيس. پڇيائينس ته امي ڪاٿي آهي؟ هن وراڻيس ته ستي پئي آهي ۽ جهليو اٿائين ته ڪير به نه اٿاري. مارئيءَ چيس ته ٺيڪ آهي ٿڪل هوندي دير سان آئي هوندي نه؟ تنهن تي ڀاڻيجس چيس ته نه اڄ هوءَ اسڪول وئي ئي ڪانه هئي.
    مارئيءَ کان وڌيڪ ٻڌو ڪونه ٿيو فون بند ڪرڻ سان ئي سندس اکين جا بند کلي پيا. هفتي جي سموري جدوجهد، ناڪامي، ماڻهن جا اوڳاريل اندر ، نفرت ڀريل خوبصورت جملا ،لالچي نظرون ۽ انتقامي زهرن سان ڀريل رڪاوٽن جا پهاڙ پنهنجي آڏو نظر آيس. وڏڙن جو قول ياد پويس ٿو. ”ڪم پوي ته ڪَلَ پوي“ سوچي ٿي پر اسان ته ڪڏهن به ائين نه ڪيو آ؟؟ روئي روئي جڏهن اندر جو بار هلڪو ٿئيس ٿو ته اوچتو هڪ خيال ذهن ۾ اچيس ٿو ٽپ ڏئي اٿي ٿي. چوي ٿي، ”خالي ڪاغذ ته مان به ظفر کي موڪلڻ نه ڏيندم “ ۽ اهو سوچي ڪاغذ قلم هٿ ۾ کڻي ٿي. هن ڪڏهن به ڪو مضمون يا ڪهاڻي يا ڪابه ادبي تحرير نه لکي هئي. سواءِ ان جي ته ڪاليج ۾ بهترين مضمون لکڻ تي کيس انعام ملي چڪو هو. بي.اي جي نتيجي اچڻ کان اڳ ۾ هوءَ ظفر جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي وئي ۽ گهر ۽ ٻارن جي ذميدارين ۾ ڪڏهن به ڪجهه لکڻ جو خيال نه آيس. اڄ هيترن سالن کانپوءِ اندر جو طوفان جوالامکي بڻجي سندس سيني جي پهاڙ مان اڀري نڪتو. ستن ڏينهن جو سمورو احوال هڪ مختصرخط جي صورت ۾ لکيائين. پوءِ انکي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ آخر ۾ لکيائين ته ”مان راوي آهيان انهن سڀني راين جي جيڪي مون پنهنجي مڙس لاءِ ماڻهن واتان ٻڌا... اهو خدا ٿو ڄاڻي ته سندس من ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن لاءِ ڪيتري محبت آهي هو ڪيترو اصول پرست آهي مان فقط انهن سڀني ڳالهين جي هڪ ادنى گواهه آهيان.“
    ان کانپوءِ ظفر کي منٿ ميڙ ڪري اهو پنو به سندس ڪاغذن سان گڏ اسڪين ڪري يو اين او جي اي ميل تي روانو ڪري ٿي ڇڏي. هو ٻئي هاڻي ان ايوارڊ واريءَ ڳالهه کي هڪ تلخ تجربو سمجهي هڪ طرح سان وساري ويٺا.
    ان ڳالهه کي تقريباً ٻه مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن شام جو ظفر، مارئي ۽ ٻارڙا ويٺا مڱ ڦريون به پيا کائن ۽ ڪچهري به پيا ڪن ته ٻارڙا وڏا ٿي ڇا ٿيندا. ظفر کين سمجهاين پٽ ڪجهه به ٿيو، اديب نه ٿجو!“ در تي ڪوريئر واري جوآواز آيو. ظفر اٿي کانئس ٽپال ورتي، هڪ لفافو يو اين او پاران هو. ظفر کلي مارئيءَ کي چيو وري يو اين او وارن ڪنهن نئين رينگٽ لاءِ فرمائش موڪلي هوندي، رکي ڇڏينس! سڀاڻي ڏسندو مانس پر مارئيءَ چيس ”کولي ته ڏس آهي ڇا“؟ سارنگ جهٽ هڻي پيءُ کان لفافو ورتو ۽ کوليائين. اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ خط هو. هُو پڙهڻ لڳو ”ايوارڊ اڪثر اهڙن ماڻهن کي ملندا آهن، جن لاءِ پنهنجا توڙي پراوا تعريفن جا ڍڪ ڀريندا آهن. نامناسب ماحول ۾ رهندي منفي ۽ حوصلي شڪنيءَ وارن روين جي باوجود جيڪو ماڻهو ديس ۽ ديس واسين جي حقن جي ويڙهه وڙهي ٿو اسان جو هيءُ ايوارڊ صرف ان ماڻهوءَ لاءِ آهي. ظفر صاحب مهرباني ڪري دعوت قبول ڪندي پنهنجي اچڻ جو ڏينهن ۽ وقتConfirm ڪريو.“


    4. مُرڪ

    شاديءَ جي سال کان پوءِ سندن گهر ۾ هڪ مکڙي آئي. نالو رکيائون ”مرڪ“. مرڪ هئي به مرڪندڙ ۽ مهڪندڙ خوشي ۽ پيار جا احساس سندس چمڪندڙ اکين مان پئي ڇلڪيا. ان ڪري جو هن جا پيءُ ماءُ به مرڪندڙ هئا. ڏينهن ڇا ته رات ڇا، هنن جي گهر مان هميشه ٽهڪن جا آواز ايندا هئا. پنهنجن مرڪندڙ مزاجن ۽ پيار جي ثبوت جو نالو ان ڪري ئي مرڪ رکيائون. هو اسان جا پاڙيسري هئا. اسان جي گهر ۾ ڪو ايڏو شور شرابو ڪو نه ٿيندو هو. اسان ٻئي تقريباً وچولي مزاج جا خوشيءَ کي به انجواءِ ڪريون پر گهڻو ڪري سنجيدا رهون. مرڪ جي ماءُ هميشه مون کي ٽوڪيندي هئي ته اهو ڇا؟ اوهان زندگيءَ کي ڇو نه ٿا انجواءِ ڪريو؟ نه ميوزڪ نه گوڙ شور نه کل خوشي ۽ نه ئي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ؟ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻاهر ڊنر ڪندا ڪريو! مان هميشه لنوائي وڃانس. پوءِ هڪ ڏينهن هنن جي بدلي ٻئي شهر ٿي وئي. ايئن اسان جي پاڙي مان هڪ طرح سان کل خوشي ۽ گوڙ شور يا چئجي ته زندگيءَ جي ڄڻ رونق موڪلائي وئي.
    مان هميشه اهو سوچيندي رهندي هئس ته واقعي هو ڪيڏا نه خوش هئا ۽ خوش رهڻ ڄاڻندا هئا. ان ڪري ئي ته انهن جي ٻار جي اکين ۾ به ساڳي چمڪ، روشني ۽ رونق هئي. منهنجا ٻار به آهن، هو ذهين به آهن، شرارتي به آهن، کيڏن به ٿا، منهنجو ته خير پنهنجو مزاج آهي. ڇا منهنجا ٻار به ائين سنجيدا ئي رهندا؟ مرڪ ڪيڏي نه سٺي لڳندي آهي. ٻن سالن ۾ ئي ڄڻ هن کي دنيا جون سڀ خوشيون ملي ويون آهن؟ ان قسم جون ابتيون سبتيون ڳالهيون اڪثر منهنجي ذهن ۾ اينديون رهنديون هيون پر چاهڻ جي باوجود به مان پنهنجي مزاج کي اهڙو نرم نه بڻائي سگهي هئس. تقريبن پنجن سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن بازار ۾ مونکي مرڪ جي ماءُ نظر اچي وئي. الائي ڇو مونکي اها ساڳي نه لڳي. اهو ئي سبب هئو جو مان کيس سڃاڻي نه سگهيس، پر هن مونکي سڃاڻي ورتو. چوڻ لڳي ڏاڍي فريش ٿي وئي آهين پهريان جيئن اداس لڳندي هئينءَ هاڻي ته لڳين ئي نه ٿي؟ مون چيو مانس ”ٻار جو وڏا ٿي ويا آهن. اڳ ۾ ننڍڙا هوندا هئا. پريشان ڪندا هئا. اها به پريشاني هوندي هئي ته خبر نه آهي وڏا ٿيڻ تي سندن مزاج ڪهڙا ٺهندا؟“ ۽ هاڻي ڪيئن آهن؟ هوءَ پڇڻ لڳي. مون چيو مانس ”هاڻي ته توبهه زاري آهي. ايڏا ته ذهين ۽ شرارتي آهن جو مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان منهن سڄيل ڪپل (couple) جا ٻار ايترا ايڪٽو(Active) ڪيئن ٿي ويا؟ ها البت هڪ ڳالهه ضرور آهي ته اسان ٻارن کي روڪ ٽوڪ، تنقيد ۽ خاص طور تي سخت رويي ۽ دڙڪن داٻن کان پاسي رکيو. اسان هميشه هنن کي هر ڳالهه اطمينان ۽ سنجيدگيءَ سان سمجهائي ۽ ڪڏهن به انهن جي سامهون ويڙهه جهيڙ نه ڪئي. بلڪه هر مسئلو انهن کان لڪايو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ هنن کي نه صرف اسڪولن ۾ اسان کي سندن مائٽن طور سڃاتو وڃي ٿو بلڪه اسان جي علائقي ۾ به اسان لاءِ اهو چيو ويندو آهي هو ڏسو سارنگ ۽ سڳنڌ جا ممي پاپا وڃن ٿا ۽ واقعي اها ڳالهه اسان لاءِ فخر جهڙي آهي ته اسان جا ٻار ايترا ذهين ۽ ڦڙت آهن جو اسان لاءِ سڃاڻپ بڻيا آهن.
    اڙي هيءَ مرڪ آهي ڇا؟ ڏس پنهنجي ٻارن جي تعريفن ۾ مان مرڪ کي سڃاڻي به نه سگهيس. ڪيڏي نه وڏي ٿي وئي آهي. ماشاء الله پر صنوبر هن جي اکين ۾ اها شوخي ۽ رونق نه آهي، جيڪا اڳ ۾ هوندي هئس ۽ تون به اهڙي پريشان چوپئي لڳين؟ مون حال احوال ڏيندي سوالن جي ڀرمار ڪري ورتي مانس“ پر ترس سڀ ڳالهيون رستي ۾ ڪنداسين ڇا؟ هل گهر! منهنجو گهر اتان ويجهو هئو.
    گهر پهچي، ٿڌو آڻي ڏنو مانس، ان کانپوءِ کانئس احوال وٺڻ لڳم. چوڻ لڳي: بس ادي ڪهڙا ٿي حال پڇين؟ مون سمجهيو هئو ته زندگي نالو آهي اڏائڻ کائڻ، کل ۽ خوشيءَ جو، پر ائين نه آهي. وقت ۽ حالتن جي مٽجڻ جو نالو زندگي آهي. مون کي ڏس سدائين توتي ٽوڪون ڪندي هئس، اهو گهر وارو جنهن کي آئون رڳو کلندي مرڪندي وڻندي هئس... خبر نه آهي ڇا ٿي ويو اٿس؟ هاڻي ته اسان جي گهر مان بجاءِ کلڻ جي روئڻ جا آواز ايندا آهن. روز روز جا جهيڙا معمول آهن. شروع ۾ ته رڳو زباني ڪلامي جنگ ٿيندي هئي پر هاڻي مارڪٽ کانسواءِ لڳي ٿو ته شايد ننڊ نه ٿي اچيس. منهنجي پيار مان سمجهائڻ تي ويتر ڀانڀرجي پوي ٿو. مرڪ کانپوءِ هڪ پٽ آهي پر ٻئي ٻار اسان جي جهيڙي مهل هڪٻئي کي چنبڙي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهندا آهن. مرڪ وقت کان اڳ ۾ ميچور ٿي وئي آهي ۽ مون کي ائين سنڀاليندي آهي ڄڻ ڪا وڏي هجي ۽ عمير منهنجو پٽ باغي ٿي ويو آهي. پريشانيءَ جي ڳالهه نه رڳو اها آهي پر اصل ڳڻتي ان تي ٿي ٿئي جو عمير، مرڪ کي بلڪل ايئن مارڪٽ ڪرڻ لڳو آهي، جيئن سهيل مونکي! هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته هنن ٻارن جو ذهن ڪيڏانهن ويندو؟ پڙهائيءَ ۾ به هي ٻار ڪمزور آهن. مان پنهنجن سورن جي ڪريان يا هنن کي پڙهايان؟ ان کانسواءِ گهر جي ڊپريشن جو اثر ٻارن جي ذهنن تي پوي ٿو ۽ هو به ڊپريس ۽ موڳا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اچي مون کي ٻڌائين ٿا ته پاڙي جا ماڻهو کين ”1ويڙهاڪوءَ جي اولاد“ سڏين ٿا. هاڻي مون کي تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟
    هوءَ روئي رهي هئي ۽ مان گنگ بڻجي سندس سور ٻڌي رهي هيس ۽ سوچي رهي هيس ته مان هن کي ڪهڙي آٿت آسرو ڏيان؟


    5. آءُ امڙ! ننڊ جهولي جهلي آ

    اها تقريباً 20 يا 22 سال اڳ جي ڳالهه آهي. يونيسيف، ڪجهه سرڪاري ۽ ڪن غير سرڪاري تنظيمن پاران عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ تعليم لاءِ سڄيءَ سنڌ اندر ٿيندڙ سرويز ۾ مون به حصو ورتو هئو. هيءُ واقعو انهن سرويز دوران پيش آيل ڪجهه واقعن جي پسمنظر جو آهي. اسان سڄيءَ سنڌ مان تقريباً 20 ڇوڪريون هيونسين، مختلف شهرن جا گشت ڪندي ڪراچيءَ پهتيونسين. ڪراچيءَ ۾ گهر گهاٽ هوندي به سچوئيشن اهڙي ٿي وئي هئي جو اسان کي ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻو پيو. جنهن جاءِ تي اسان کي رهائش ملي اها هڪ تمام مختصر فيملي هئي ٻه زال مڙس ۽ هڪ ننڍڙي ڏاڍي ڪيوٽ ٻارڙي . هنن اسان جي ڏاڍي سٺي مهماننوازي ڪئي. ٻئي ڏينهن تي اسان گهمڻ به وياسين. گهمڻ وارين جاين تي وڃي ماڻهوءَ جي طبيعت بدلجي ويندي آهي ۽ وري جڏهن جيڏيون سرتيون يا مٽ مائٽ ساڻ هجن، موسيقيءَ جي محفل مچڻ فطري آهي. ان ڏينهن به ائين ئي ٿيو. اسان ڏاڍو انجواءِ ڪيوسين. گيت ڳاتاسين هڪ ٻئي سان کل ڀوڳ مطلب ته ڏينهن ڏاڍو سٺو گذريو. موٽ تي سج لهڻ جو ٽائيم ٿي ويو. هڪ شام ٻيو پٿريلو سنسان رستو، ادي شهناز جيڪا اسان جي ميزبان هئي، ان لاءِ ٻين ڇوڪرين (جيڪي سندس ڳوٺائي هيون) ٻڌايو ته سندس آواز ڏاڍو سريلو آهي. حالانڪه سڄو رستو بي سرن آوازن ۾ رينگٽ ڪيا، پر ادي شهناز خاموش ۽ پنهنجيءَ ننڍڙيءَ ڌيءَ کي سنڀالڻ ۾مشغول هئي. ننڍڙي ڪا کيس تمام گهڻي پياري هئي هوءَ مٿس اول گهول پئي وئي.
    سڀني ڇوڪرين جي زور ڀرڻ تي اديءَ شهناز پنهنجي سريلي آواز ۾ لتا منگيشڪر جي ڳاتل لولي“آج کل میں ڈھل گیا” ٻڌائي. سندس آواز ۾ ايڏو درد ڪٿان آيو؟ سندس اها لولي ٻڌندي ئي سندس جهول ۾ ويٺل ننڍڙي ته سمهي پئي پر اسان کي به ڪُمهلا جهوٽا اچڻ لڳا. موسيقي روح جي غذا آهي رڳو چوڻ جي ڳالهه نه آهي بلڪه اديءَ شهناز جي درديلي آواز اسان جي روح ۾ رچي ان جي ثابتي ڏني. لتا اهو گيت ڳايو آهي. پر شهناز جي اندر مان ئي گيت اٿيو... سندس سُر درد جي سمنڊ مان ڇوليون هڻي پئي اٿيا. سندس اکين ۾ لڙڪ نه هئا پر گيت جي هڪ هڪ ٻول ڄڻ سندس اندر جو آواز پئي ٻڌايو.
    بهرحال اسين سڀ ڏاڍا محظوظ ٿياسين. موٽ تي ٻيون ڇوڪريون ته اديءَ شهناز سان گڏ سندس گهر ويون پر اسين پنهنجي گهر موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن وري ٻيءَ جاءِ تي گڏ ٿيڻو هئو ۽ پروگرام کي ختم ڪرڻو هئو.
    آخري ڏينهن تي ياسمين جيڪا اديءَ شهناز جي سهيلي هئي ۽ سندس ڳوٺائڻ پڻ هئي، تنهن ٻڌايو ته اديءَ شهناز جي هيءَ ٻي شادي آهي. اڳئين گهر مان هن کي 3 ٻار آهن. ڪن گهريلو مسئلن ڪري هن پهرئين گهرواري کان طلاق ورتي ۽ هاڻي ٻئي گهر واري ۽ ننڍڙيءَ ڌيءَ سان گڏ رهي ٿي.
    الائي ڇو مون جيڪو سندس گيت ۾ سريلو آواز ۽ ان سريلي آواز ۾ سندس اندر جو درد محسوس ڪري سندس شخصيت جو هڪ خاڪو ذهن ۾ ٺاهيو هئو سوڄڻ چڪنا چور ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن اڳ ۾ منهنجيءَ دل چاهيو هئو ته اهو درديلو آواز مان ٻيهر جيڪر ٻڌان ۽ سندس گهر ٻيهر وڃان پر ياسمين جي ٻڌايل حقيقت کانپوءِ منهنجي دل ٽٽي پئي. سوالن جا انبار منهنجي ذهن ۾ ٺهي ويا؟
    ڇا ڪا عورت ايتري سنگدل به ٿي سگهي ٿي؟
    سندس ٻارڙا ڪيترين عمرين جا هوندا؟
    هيءَ ڇا انهن کي ياد ڪندي هوندي؟
    اهو ڪهڙو ظالم شخص آهي، جنهن هڪ ماءُ کي پنهنجي معصوم ٻارن کان ڌار ڪيو؟ ۽ ان جهڙا انيڪ سوال سالن تائين منهنجي ذهن ۾ اڀرندا ڊهندا رهيا آهن.
    سندس آواز اڃان به مونکي ياد آهي. مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته لتا جي اها ڳاتل لوليءَ جي ڪيسيٽ ڪٿان وٺي سگهان. هڪ ٻه ڀيرو ريڊئي تي فرمائشي پروگرام ۾ اها لولي لتا ۽ رفيع جي آواز ۾ ٻڌي رڳو ان جو هڪ مصرعو مون کي ياد ٿي سگهيو. اهو محض اتفاق هئو نه ته ڪو گيت ملڻ ڪا ايڏي مشڪل ڳالهه نه هوندي آهي.
    منهنجي شادي ٿي، ٻار ٿيا،مان پنهنجن ٻارن کي سمهڻ مهل اها ساڳي لولي ان جو واحد ٻُڌل ۽ ياد ٿيل مصرعو ٻڌائيندي رهندي هئس. پر ايترا سال گذري وڃڻ جي باوجود شهناز جي خود غرضيءَ واري فيصلي کي ياد ڪري خار چڙهندا هئا. مان اڪثر سوچيندي هئس ته سندس ٻار ڪيترا ٿيا هوندا ڇا انهن سان ملي يا نه؟ وغيره وغيره. مان هن کي هڪ ڪٺور عورت سمجهي چڪي هيس.
    مون کي ان لوليءَ جو صرف هڪڙوئي مصرعو ياد هئو. هميشه وانگر تنهن ڏينهن به سُهائيءَ کي اها لولي ٻڌائي رهي هئم ته چوڻ لڳي، ”مما! توهان کي توهان جي امي به اهائي لولي ٻڌائيندي هئي؟“ مون چيو مانس ته، نه پٽ، هڪ ٻي امي پنهنجيءَ تو جهڙيءَ ننڍڙيءَ ڌيءُ کي اها لولي ٻڌائيندي هئي، مون کي به ان ئي اها ٻڌائي هئي.
    تنهن ڏينهن اوچتو خيال آيو ته ڇو نه انٽرنيٽ تي ڳولي ڏسان ته آخر اها لولي آهي ڪيئن؟ مان سمجهندي هئس ته ڪا ماءُ پنهنجن ٻچڙن کي اها لولي ٻڌائيندي هوندي. شايد ڪا بيواهه يا ڏُکاري عورت هوندي!
    مون گوگل (Google) تي رڳو ان لوليءَ جا ٻول ۽ لتا جو نالو به لکيو هڪدم ٻه ٽي لنڪس سامهون اچي ويا. لتا منگيشڪر وارو لنڪ کوليم، پهرين ئي سين تي جيئن ئي منهنجي نظر پئي ۽ 20 سال اڳ ٻڌل موسيقي ڪن پئي ته جسم مان ڄڻ سيسراٽ نڪري ويا. ممڪن آهي ته اهو گيت/لولي گهڻن ماڻهن ٻڌو هجي ۽ انهن جون ڪي خاص محسوسات نه هجن. پر منهنجي ان لوليءَ لاءِ Inspiration گهڻي مختلف هئي. اهو ئي سبب هو جو ان گيت/لولي ءَ جا ٻول منهنجا ڪن ٺارن پيا، پر ان لوليءَ تي فلمايل منظر منهنجو هيانءُ ئي لوڏي وڌو.
    اها لولي هڪ ماءُ نه پر هڪڙي8-9 سالن جي معصوم نينگري پنهنجي 6-7 مهينن جي ننڍڙي ڀاءُ کي پرچائڻ لاءِ ٻڌائي رهي هئي ۽ ساڻ هڪ ٻئي 5-6 سالن جي ڀاءُ کي پرچائي به رهي هئي.
    اهي ٽئي يتيم ٻارڙا جن جي ماءُ هيءَ دنيا ۽ پيءُ گهر ڇڏي هليا ويا هئا، مفلسيءَ، بي واهيءَ ۽ بي وسيءَ جي حالت ۾ پنهنجن عزيزن جي راهه تڪي رهيا هئا. پر اچڻ وارو ته ڏاڍو پري... ڪنهن ڏورانهين سفر جو مسافر... شايد ڪڏهن نه اچڻ وارو هو.
    کون آئے گا ادھر، کس کی راہ دیکھیں ہم،
    جن کی آہٹیں سنیں، جانے کس کے تھے قدم،
    اپنا کوئی بھی نہیں، سپنے ہیں سو رام،
    تو بھی سوجا، سو گئی رنگ بھری شام،
    آج کل میں ڈھل گیا، دن ہوا تمام۔
    (لتا-فلم: معصوم)
    مون ڊوڙ پائي هڪدم ننڍڙيءَ سهائيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي سيني سان لاتو، منهنجين اکين آڏو ڪڏهن سامهون وارو منظر ته ڪڏهن 20 سال اڳ شهناز جو درديلو آواز پئي ڦريا. شهناز جي درد جو سمنڊ منهنجي اکين ۾ اٿلي آيو ۽ ڄڻ هيانءُ پئي ڦاٽو، مون ٻين ٽنهي ٻارڙن کي کڻي ڀاڪر ۾ جهليو.
    اسان سڀني اها لولي ڏٺي ۽ سڀني جي اکين ۾ لڙڪ هئا. منهنجي اکين ۾ درد سان گڏ پڇتاءَ جا ڳوڙها به هئا ۽ هڪ سوال منهنجو مغز ڌونڌاڙي رهيو هئو.
    ڇا شهناز جي سوز ۾ لڪل سندس ٽن وڇڙيل ٻارن جي ياد هئي؟ هوءَ جهڙيءَ طرح پنهنجيءَ ننڍڙيءَ ڪنول کي سيني سان چهٽائي اها لولي ٻڌائي رهي هئي، ان ۾ درد ان سيني کان ڌار ٿيل ٽن معصوم ٻارڙن جو هئو، جيڪي زندگيءَ جي رڻ ۾ کانئس ڌار ٿيا هئا.
    مان جنهن کي هڪ ڪٺور عورت سمجهندي رهي هئس ۽ 20 سالن تائين کيس سخت دل عورت جي حيثيت ۾ ياد ڪندي رهي هئس، ان جي دل ۾ ته وڇوڙي جو غم، سورن جو سمنڊ هو ۽ ان دردن جي درياهه سندس آواز ۾ سوز ڀريو هو.
    مون کي ان رات ننڊ نه آئي. بلڪه ڪيترائي ڏينهن مان سڪون سان رهي نه سگهيس ۽ اها حقيقت مون کي ڏنگيدي رهي ته گهريلو تشدد (Domestic Violence) ۽ عورتن سان اڻ برابريءَ ۽ استحصال وارو رويو نه ڄاڻ ڪيترين جيئرين حياتين ۾ افسانا ڀري ڇڏي ٿو ۽ ڪيترائي افسانوي ڪردار حقيقت جو روپ وٺن ٿا.
    اسين ته رڳو درد محسوس ڪري ۽ ان کي نندي يا افسوس ڪري سگهون ٿا پر ان جو تدارڪ ڪرڻ وارا ۽ انهن مامرن کي جنم ڏيڻ وارا ڇا ان تڪليف کان بي خبر هوندا؟؟


    6. خود غرض ماءُ : هڪ سچي ڪهاڻي

    ماءُ جو رشتو هڪ عظيم ۽ لافاني رشتو هوندو آهي. اهو لفظ سوچڻ ۽ اچارڻ شرط ذهن ۾ هڪ محبت ۽ شفقت جو جذبو محسوس ٿيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتن يا کڻي ائين چئجي ته محبت کان مجبور ٿي مائرون پنهنجي رشتي ۾ خود غرض به ٿي وينديون آهن. حالانڪه سندن خود غرضيءَ جي پٺيان به اولاد لاءِ محبت لڪل هوندي آهي. ان انڌيءَ محبت ۾ ڪيترين ئي اٻوجهه مائرن کي اولاد لاءِ بري ۽ ڀلي جي به خبر نه پوندي آهي. خدا ڀلو ڪري نام نهاد پيرن فقيرن جو جيڪي پنهنجن مفادن لاءِ غريب عوام کي لٽين ٿا ۽ خاص طور تي عورتون سندن ڦهلايل ڄارن ۾ ڦاسي پون ٿيون. جيڪب لائينز (ڪراچي) ۾ رهندڙ انيلا جنهن جي عمر25- 30 سالن جي وچ ۾ آهي اها به ماءُ جي محبت جي چڪر ۾ اچي پنهنجي زندگي هڪ عذاب واري دور مان گذاري رهي آهي. سندس مڙس بابر جيڪو هڪ گهٽ گريڊ وارو سرڪاري ملازم آهي سو محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو ۽ پنهنجيءَ گهرواريءَ جو پيٽ پالڻ چاهي ٿو.
    تقريباً مهينو کن اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏيءَ عمر جي عورت ۽ سندس مڙس هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي اسپتال ۾ وٺي آيا. کيس ڪهڙي تڪليف هئي؟ سو ته سامهون اچڻ بعد جي ڳالهه هئي، ڇوڪري جڏهن ڏاڪڻ چڙهي آئي ته سندس ساهه تمام گهڻو تڪڙو پئي هليو، ايتري ته سهڪي رهي هئي جو ڳالهائي به نه پئي سگهي. ڪجهه مهينا اڳ سندس هڪ ٻار به ضايع ٿيو هئو ۽ نتيجي ۾ هن کي ڪو شديد انفيڪشن ٿي پيو هئو ۽ هاڻي هوءَ هلڻ کان هلاک هئي. جيئن ته اسپتال ۾ ڪيترائي اهڙا شديد نوعيت جي تڪليف وارا مريض ايندا رهندا آهن، هيءَ به انهن مان هڪ پئي لڳي. ان ڏينهن عورتن تي تشدد جو عالمي ڏينهن هئو. ڊاڪٽر سڪندر اسانجو انچارج آهي. سندس ڀائرن جهڙي رويي ڪري مان کيس ادو ڪوٺيندي آهيان. هن مون کي چيو ته توهان عورتن تي تشدد جي ڳالهه ٿا ڪريو. هيءُ ڏسو سامهون جيئرو جاڳندو مثال اٿو. هيءَ پنهنجي مڙس جي خراب رويي جو سبب به نه ٻڌائيندي. مان پاڻ به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته کانئس ڪجهه پڇي سگهان، پر هوءَ واقعي پنهنجي مڙس جي خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي. آخر مون پڇيو مانس ته ڀلا اهو ٻڌاءِ ته جڏهن تنهنجي مڙس جو رويو توسان خراب هوندو آهي ته توکي ڏک ٿيندو آهي؟ چيائين ڪهڙو ڏک ڇا جو ڏک ۽ ڏک ڪري به ڇا ڪندم ؟ ڇا ائين اهو ڏک ختم ٿي ويندو؟ سندس مبهم جواب مان به ڪا خاص ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. ها البت سندس ماءُ پنهنجي ڄاٽي کي خوب برو ڀلو پئي ڳالهايو. سندس چوڻ مطابق ته هو جڏهن زال جي بيماريءَ جو ٻڌندو ته اسپتال ايندو ئي نه پر اڳتي هلي ايئن نه ٿيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ هڪ مهذب انداز۽ شائستگيءَ سان ڳالهائيندڙ ماڻهو مان آفيس ۾ ويٺل ڏٺو، جيڪو تمام آرام آرام سان ۽ ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هئو. ادي سڪندر پوءِ مون کي ٻڌايو ته اهو انيلا (ساڳي بيمار ڇوڪريءَ) جو مڙس بابر آهي. انيلا جا مائٽ ته هن کي گهرائڻ نه پيا ڏين پر انيلا سندن غير موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽر کي چيو ته هو سندس گهرواري کي گهرائي. بابر سان جڏهن سندس گهرواريءَ جي متعلق ڳالهه ڪئي وئي ته هن صورتحال بلڪل ابتڙ ٻڌائي سندس ٻڌايل قصو ڪجهه هيئن آهي.
    اسان جي شاديءَ کي 6 سال ٿيا آهن، پر اسان جي جهول ۾ اڃا تائين اولاد ناهي. ان جو سبب اهو آهي ته انيلا جا ٻار ڄمڻ کان پهريان ئي ضايع ٿي ويندا آهن ۽ هاڻي تائين اسان جا ست ٻار ضايع ٿي چڪا آهن. منهنجي ماءُ فالج (اڌرنگي) جي مريض آهي. کيس هر وقت ڪنهن جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. اهو سبب هئو جو مون شادي نه پئي ڪرڻ چاهي. ڇاڪاڻ ته گهر ۾ ڪا به مناسب پهر نه هئڻ سبب اڪيلو ئي سندس گهڻي خدمت ڪرڻ وارو هئس پر دوستن ۽ مٽن مائٽن جو گهڻو اسرار هئو ته مونکي شادي ڪرڻ کپي. مان اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاهي جيڪا منهنجي موجوده حالت ۾ تنگ نه ٿئي. انيلا جي مائٽن سان پهريان ڪا به ڏي وٺ نه هئي، شاديءَ کانپوءِ سوچيو هئو ته زندگيءَ جون مشڪلاتون ڪجهه گهٽ ٿينديون پر هاڻي ته روز نئين مشڪل آهي. انيلا شاديءَ کانپوءِ مڪمل هڪ مهينو به گهر ۾ نه رهي. کيس پنهنجي ماءُ بهاني سان وٺي ويندي آهي. انيلا جڏهن ڳورهاري ٿيندي آهي ته سندس ماءُ کيس پنهنجي گهر وٺي ويندي آهي. اهو چئي ته هن جو بهتر علاج ۽ خيال ڪيو ويندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هوءَ جڏهن گهر موٽي ايندي آهي ته نه سندس صحت صحيح هوندي آهي ۽ نه ئي ٻار، ڇو ته ٻار ضايع ٿي چڪو هوندو آهي. سندس موجوده صحت انجو ثبوت آهي ته هينئر جيڪا بيماري کيس لڳي آهي اها به ٻار ضايع ٿي وڃڻ ڪري لڳي آهي ۽ اوهان پاڻ ڏسو ته هاڻي اسان لاءِ ٻار پيدا ڪرڻ ڪيترا نه ڏکيا ٿي ويا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ به انيلا جي ماءُ هن کي پاڻ وٽ رهايو ويٺي آهي. چئي ٿي ته مان سندس علاج مولويءَ صاحب کان ڪرايان ٿي. هوءَ کيس عيد تي به گهر موڪلڻ لاءِ راضي نه آهي. سندس ماءُ جي اها روش آهي جو هوءَ اڪيلي آهي ۽ پٽ ۽ ننهن جدا گهر ۾ رهن ٿا. هوءَ ڪنهن نه ڪنهن ڌيءَ کي پاڻ وٽ رهائيندي آهي. جيڪي ٻه ٻه، ٽي ٽي مهينا هن وٽ رهنديون آهن. اهڙيءَ طرح هر ٽئين چوٿين مهيني هڪ ڇوڪريءَ جو وارو ايندو آهي. ساهرن ۾ نه رهڻ وارو رويو صرف انيلا جو ناهي. بلڪه سندس سڀني ڀينرن جي ساڳي حالت آهي. ڇاڪاڻ ته کين ماءُ جي گهر ۾ رهڻو پوندو آهي. سندن ماءُ پنهنجي اڪيلائپ ختم ڪرڻ ۽ گهر جي ڪم ڪار جي سهولت لاءِ ڌيئرن کي واري واري سان پاڻ وٽ رهائيندي آهي. خود غرض هجڻ ڪري پٽ ۽ نهن سان به نه ٿي لڳيس. سندس خود غرضيءَ جو گهڻو شڪار انيلا ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته انيلا ساهراڻي گهر ۾ به اڪيلي آهي ۽ مٿس اتي به گهڻيون ذميواريون آهن. ٻٽين ذميوارين ڪري بيمار رهي ٿي.
    جيڪڏهن ڪير ڪڇي ٿو ته چون ٿا ته توهان جي گهر تي اثر آهي ان ڪري ٻار بيهن نه ٿا ۽ ضايع ٿي وڃن ٿا. مان اهو ٿو پڇان ته اثر رڳو منهنجن ٻارن لاءِ آهي؟ جڏهن ته ٻين ڀائرن کي حيات اولاد آهي ۽ انهن جون گهرواريون مستقل گهر ۾ رهن ٿيون.
    انيلا جي ماءُ ٻڌايو ته؛ مان هڪ ماءُ آهيان. اوهان پاڻ سوچو ته هڪ ماءُ ڀلا اولاد جي دشمن ٿي سگهي ٿي. مان هن جي تڪليف نه ٿي ڏسي سگهان ۽ جن جو علاج مولوي صاحب کان ڪرايان ٿي. مولوي صاحب چيو هئو ته هيءَ جيستائين ڇهه مهينا مڙس کان پري نه رهندي تيستائين ٺيڪ نه ٿيندي ۽ ان ڳالهه کي ٻه ٽي مهينا ٿي چڪا آهن. جڏهن مولوي صاحب چوندو ته هيءَ ٺيڪ آهي ته پوءِ مان کيس گهر موڪليندس. انيلا جي ماءُ جي ان ڳالهه کان مان ٿوري متاثر ٿيس ۽ کيس مولويءَ جي چڪر ۾ ڦاٿل سمجهيم ۽ کيس سمجهايم به. مون اهو به محسوس ڪيو ته انيلا جيڪا پنهنجن مائٽن جي سامهون ڳالهائي نه پئي سگهي ڏاڍي جرئت سان پنهنجي مڙس اڳيان ڳالهائي رهي هئي. ان مان محسوس ٿئي پيو ته بابر هروڀرو خراب ماڻهو ناهي. مون ڊاڪٽر کان پڇيو ته؛
    انيلا کي ڪهڙي تڪليف آهي؟
    انيلا جي مسلسل حملن ضايع ٿيڻ ۽ صحيح پر گهور نه ملڻ سبب کيس دل جي هڪ تڪليف ٿي پئي آهي. جنهن جو آپريشن ٿيڻو آهي. سندس ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اها هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ دل جو کاٻو وال متاثر ٿيندو آهي ۽ ان والو (volve) جي تبديلي تمام ضروري هوندي آهي پر والو تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ مريض کي ڪجهه طبي مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. انکانسواءِ مريض کي هڪ گوري تاحيات کائڻي پوندي آهي. ان گوريءَ جي اثر ڪري عورت ڳورهاري نه ٿي سگهندي آهي يا جيڪڏهن ٿيندي به آهي ته سندس حمل رڪي نه سگهندو آهي. ان لاءِ ٻار ڄڻڻ تائين ۽ فيملي ڪمپليٽ ڪرڻ لاءِ پهريان هڪ آپريشن ٿيندو آهي، جنهن تحت جسم جا ٽشوز ڪمزور والو ۾ هنيا ويندا آهن. جيئن والو پنهنجو ڪم چڱيءَ طرح ڪري سگهي پر اهو ٻن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ نه هوندو آهي تنهن هوندي به ڪا وڏي ڳالهه نه آهي اهو آپريشن آسان آهي ۽ بغير ڪنهن هاڃي جي ٿي سگهندو آهي.
    هڪ ڊاڪٽر جيڪو ان ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ٿو ۽ ان جي سامهون ان قسم جا ڪيئي ڪيس اچن ٿا ۽ انهن جو اهڙن مريضن سان روز واسطو پئي ٿو. ان ڪري ڊاڪٽرن کي ته ڪو مسئلو نظر نه ٿو اچي پر جيڪو ماڻهو سڄي حياتي اهڙي تڪليف کي منهن ڏئي ان لاءِ ضرور پريشانيءَ جي ڳالهه آهي. هتي هڪ انيلا ناهي بلڪه ان جهڙيون ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون پنهنجن مائٽن جي اٻوجهائپ ۽ ناسمجهيءَ جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏين ٿيون. انيلا ته عيد کانپوءِ پنهنجي گهر وئي ۽ هاڻي هوءَ اتي خوش آهي پر ڪيترن ڏينهن لاءِ اهو چئي نه ٿو سگهجي؟

    روزاني عوامي آواز (اربع 25 ڊسمبر 2002ع)


    7. تحقيق

    مان پنهنجي پٽ عادل جي ايڊميشن ڪرائڻ جي سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ ساڻس گڏ ويس. هونئن ته هن سمورا مرحلا پاڻ ئي طئه ڪيا هئا. پر مان ساڳيءَ يونيورسٽيءَ جي پراڻي شاگردياڻي هئڻ ڪري چيو مانس ته هل ته گڏجي ٿا هلون ته جيئن متان کيس ڪا پريشاني ٿئي ۽ اڪيلو نه هجي. جڏهن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڀرسان لنگهياسين ته نالي واريءَ تختيءَ تي هڪ ڄاتل سڃاتل نالو پڙهي پير پاڻ هُرتو رڪجي ويا.”ريحانه فتح علي“؟؟ پر پوءِ سوچيم ان نالي جون ڪيتريون ئي ٿي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته مان جنهن ريحانه فتح عليءَ کي سڃاڻيندي هئس (جيڪا منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هئي) اها ايجوڪيشن نه پرڪئمسٽري جي شاگردياڻي هئي. اسين سڀ ته ايم ايس سي ڪري يونيورسٽي ڇڏي چڪا هئاسين. هوءَ هڪ واحد ڇوڪري هئي جنهن ان مشڪل مضمون ۾ ايم فل ۽ وري پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جي ارادي سان يونيورسٽي نه ڇڏي هئي. مان چپ چاپ اڳتي وڌي ويس.
    عادل جي ايڊميشن ۾ ڪجهه رنڊڪون هيون، جن ڪري سندس داخلا رد ٿي سگهي پئي ۽ يونيورسٽيءَ وارا ڪو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. مان پراڻي شاگردياڻي هئس. ايڊميشن ڊپارٽمينٽ جو جهونو هيڊ ڪلارڪ اسان جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ جونيئر ڪلارڪ هوندو هو. شڪر ٿيو جو ان مونکي سڃاڻي ورتو ۽ چيائين ته رنڊڪون ته آهن پر اسان جي هڪ ايڊميشن ڪو آرڊينيٽر آهي ان سان ملو جيڪڏهن ان سفارش ڪئي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. نالو ٻڌايائين ”ريحانه فتح علي“.
    مان دل ۾ دعائون گهرندي ويس ته خدا ڪري ڪا همدرد عورت هجي. سندس آفيس پهچڻ تي وري پي اي ٿورو انتظار ڪرايو، ان انتظار اسان جي بي چيني اڃان وڌائي. نيٺ اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ جڏهن پروفيسر ريحانه ميٽنگ مان واندي ٿي ته اسان اندر ساڻس ملڻ وياسين. سندس معتبر شخصيت کي ظاهر ڪندڙ معصوم چهرو منهنجي 20 سال پراڻي پياري سهيلي ريحانه جو ئي هو. اسان ٻنهي وٽ هڪ ٻئي جي خوشيءَ جي اظهار لاءِ لفظ نه هئا. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ هئا. ڪجهه دير حال احوال ڪرڻ کانپوءِ عادل جي ڪم بابت ليٽر ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پي اي کي ڏنائين. چوڻ لڳي ”شاگردن جي انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي ته مون هيءُ ڊپارٽمينٽ چونڊيو .“ ”پر ريحانه تو ته ڪيمسٽريءَ ۾ ايم ايس سي به ڪئي هئي پوءِ هتي ڪيئن اچي وئينءَ“ منهنجو اچرج جاري هو. چيائين رڳو اڌ ڪلاڪ انتظار ڪر. مان ڪجهه ڪم اڪلائي وٺان ته ويهي ڪچهري ڪريون ٿا“. هن ويٺي ڪم پئي ڪيو ۽ مان عادل کي سندس ذهانت جون، اسان جي پراڻي دؤر جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهيس. ايتري ۾ عادل جو ليٽر ٺهي آيو، ريحانه کيس وڌيڪ Procedure سمجهائي موڪليو ته هو پنهنجو معاملو ڪليئر ڪرائي ۽ اسين ويٺيون سين ڪچهري ڪرڻ.
    مون چيومانس ادي منهنجي زندگي ته سنئين سادي يونيورسٽيءَ کانپوءِ شادي، ٻار ۽ ڪاليج ۾ نوڪريءَ واري معمول تي گذري. تون پنهنجي ٻڌاءِ ته هيڏي تبديلي ڇو؟
    ريحانه ان تي ٻڌائڻ لڳي؛ مون جڏهن ايم ايس سيءَ ۾ پوزيشن کنئي ته مونکي پنهنجي ڊپارٽمينٽ وارن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن مان چاهيان ته ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي به ڪري سگهان ٿي. ان سلسلي ۾ مونکي يونيورسٽيءَ ۾ ڪوآپريٽو ٽيچر جي ڪچي نوڪري به ملي سگهندي ۽ منهنجو ريسرچ جو ڪم به ٿي ويندو. مونکي اها صلاح ڏاڍي وڻي، مون لاءِ هونئن به گهر ۾ ڪجهه معاشي مسئلا هئا. مون سوچيو سٺو آهي جيستائين سٺي نوڪري ملي اوستائين ڪم ڪري ٿي ڏسان. ان سان گڏوگڏ مان ايم فل جو فارم به ڀري ڇڏيو، ايم فل ۾ اسان کي 8 ڪورس مڪمل ڪرڻا هئا. شروعاتي چار ڪورس پڙهائڻ لاءِ چار استاد هئا. ٻه استاد ته اهي ساڳيا هئا، جن اسان کي ايم ايس سيءَ ۾ پڙهايو هئو. البت هڪ سبجيڪٽ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ پروفيسر پيو پڙهائي ۽ هڪ سبجيڪٽ هڪ نئون استاد آيو هو تنهن کي پڙهائڻ لاءِ ڏنو ويو. سر عثمان جيڪو اسان جو هيڊ پروفيسر هو، ڏاڍو ڪرڙو هو پر تمام لائق پروفيسر هو. سندس تحقيق ڪيميڪل انڊسٽريءَ کي ڏڪائي ڇڏيو هو. سندس ٻڌايل فارمولن ۽ تحقيقي رپورٽ مطابق ڪابه دوائن جي ڪمپني ايڪسپائر ۽ ناقص دوائون تيار ته نه پئي ڪري سگهي پر اهڙو خام مال به ڪمپنيءَ ۾ رکي نه پئي سگهي. سرڪار سندس تحقيق مطابق ميڊيسن ڪمپنين ۽ غير معياري دوائن ٺهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ اربين رپيا سيڙائڻ لاءِ تيار هئي. اهو سبب هو جو سرعثمان گهڻو مغرور به ٿي ويو هو.
    سر فيروز جيڪو نئون اسسٽنٽ پروفيسر ٿي آيو هو. ان جي تحقيق وري پيسٽيسائيڊز (Pesticides) تي ٿيل هئي. سندس تحقيق اها هئي ته زرعي دوائن ۽ ڪيميائي ڀاڻ ۾ وڏي پيماني تي ملاوٽ ٿيندي آهي ۽ هن هڪ اهڙو ڪيميڪل ٻڌايو جيڪو ملاوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ اصل ڀاڻ جو اڇو رنگ مٽائي هلڪو گلابي يا هلڪو پيلو ڪري ڇڏيندو! اهڙيءَ طرح آباد گارن کي خبر پئجي ويندي ته ڀاڻ ۾ ملاوٽ آهي يا نه. ان تحقيق تي به حڪومت ڪي اپاءَ وٺڻ چاهي پئي ان سلسلي ۾ زرعي ترقياتي رٿائن تحت پروپوزل گهرايا ويا هئا.
    اسان جڏهن ايم فل جو ڪورس ورڪ مڪمل ڪري ورتو ته ٿيسز لاءِ سپروائيزر جي چونڊ ڪرڻي هئي. سر فيروز ڪلاس به پابنديءَ سان وٺندو هو ۽ شاگردن جي حوصلي افزائي به گهڻي ڪندو هو. چاهي ننڍڙي اسائنمينٽ هجي پر هو هر ڪم تحقيقي انداز ۾ ڪرڻ لاءِ همت ڏياريندو هو.
    ان جي ڀيٽ ۾ سر عثمان نه ڪجهه ٻڌائيندو ۽ نه ئي ڪا صلاح ڏيندو بس سندس حڪم اهو هوندو هو ته Study ڪريو پاڻهي سڀني شين جي خبر پئجي ويندوَ. ظاهر آهي شاگرن کي پاڻ هر شئي ڳولڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ سر فيروز کين نه رڳو صحيح صلاحون ڏيندو هو بلڪه جديد طريقي سان تحقيق جا طريقا ۽ ذريعا ٻڌائيندو به هو ۽ جيڪڏهن شاگرد منجهي پوندا هئا ته تحقيقي مواد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي سر سندن مدد به ڪندو هو. ڪتاب آڻڻ يا ٻڌائڻ ته ڪهڙي شئي ڪيئن ۽ ڪٿي ملندي، ان سلسلي ۾ پنهنجون شيون ۽ پنهنجا ذريعا به کين استعمال ڪرڻ ڏيندو هو. انڪري هر ڪنهن شاگرد جي خواهش هئي ته هو سندس سپرويزن ۾ ڪم ڪري. جيڪا ڳالهه سر عثمان کان برداشت نه ٿيندي هئي. مٿان وري سرفيروز جي تحقيق تي حڪومت اپاءَ وٺڻ چاهيا ته ان جو سنئون سڌو اثر زرعي دوائون سپلاءِ ڪندڙ ايجنسين تي پوي پيو. سر عثمان جو هڪ دوست پڻ هڪ وڏيءَ ايجنسيءَ جو مالڪ هو. سو سر عثمان اڪثر سر فيروز کي پنهنجيءَ تحقيق تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندو رهندو هو ۽ کيس زور وجهڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندو هو.
    منهنجو والد هڪ ننڍڙو آبادگار هو. اڃان تائين منهنجا ڀائر زمينون ۽ باغ سنڀاليندا آهن. بابو ۽ ڳوٺ جا ٻيا زمينداران ڳالهه جا شاهد هئا ته زرعي دوائن خاص طور تي ڀاڻ ۾ ملاوٽ ٿئي ٿي. مون جڏهن کين سرفيروز جي تحقيق بابت ٻڌايو ته هنن مون کي به اها صلاح ڏني ته مان سندس نگرانيءَ ۾ تحقيق ڪريان. جيئن منهنجي ڪم جو فائدو به ڳوٺ وارن کي ٿئي.
    مون جڏهن پنهنجو سناپسز سر عثمان جي سامهون پيش ڪيو ته ان ۾ سر فيروز جو نالو نگران طور ڏسي کيس ڪاوڙ ورتي ۽ چيائين ته ڇوڪري توکي پي ايڇ. ڊي ڪرڻي آهي يا نه؟ مان منجهي پيس. هن مون تي زور وڌو ته مان نه رڳو سر فيروز جو نالو نگران طور ڪٽيان پر سندس نالو ان جي بدران لکان بلڪه هن مونکي اهو به چيو ته هو منهنجي ان صورت ۾ ڀرپور مدد ڪندو جيڪڏهن مان پنهنجي تحقيق سر فيروز جي مخالفت ۾ ڪريان.
    هن مونکي وڏا سبزباغ ڏيکاريا ته جيڪڏهن مون سندس نگرانيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي ته هو مونکي سر فيروز کان به وڏو محقق ثابت ڪندو ۽ پوءِ منهنجو وڏو نالو ٿيندو.
    پر مان سر فيروز سان Commitment ڪري چڪي هئس، رڳو سر فيروز نه پر بابي ۽ ادي پڪ ڏياري هئم ته توکي ته خبر آهي اسان جي ڳوٺن ۾ ننڍڙيءَ ڳالهه کي به داستان وانگر شهرت ملي ويندي آهي.
    ڳوٺ جا اٻوجهه ماڻهو اهو نه پيا سمجهن ته مان رڳو اڃان تحقيق ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهيان. مان اڃان ڳوٺ وارن لاءِ ”ڀاڻ/ ڪلر يا دوائن لاءِ ڪجهه ڪري نه ٿي سگهان پر هو اهو پيا سمجهن ته ڄڻ منهنجي پڙهائيءَ ڪرڻ کانپوءِ ڪو وڏو انقلاب اچڻ وارو آهي. ڪجهه ڳوٺاڻا ته سر فيروز جي آفيس به اچي پهتا هئا. منهنجي سامهون وڏو چئلينج هو. سرفيروز کي نگران بڻائڻ جي صورت ۾ سر عثمان رلائي ڇڏي ها. تڪڙو رٽائر ٿيڻ وارو به نه هو. جو مان اهو سوچيان ها ته ٺهيو ڪجهه وقت ڏکيو نڪري ويندو ۽ جيڪڏهن سر عثمان جي چوڻ تي سندس نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيان ها ته اهو سرفيروز جي تحقيق جي ابتڙ ڪرڻو پوي ها...
    سر عثمان مونکي هفتي جو ٽائيم ڏنو هو سوچڻ لاءِ. ان دوران ٽن ڏينهن تائين لاڳيتو مونکي بهاني بهاني سان گهرائيندو رهيو. هو مونکان پڇي نه پيو ته مون ڇا فيصلو ڪيو پر اهو محسوس ڪرائي پيو ته سندس چوڻ وٺڻ ۾ ئي منهنجي بهتري آهي.“ چوٿين ڏينهن تي ڇنڇر هو. مان صبح سان يونيورسٽيءَ وڃڻ بدران پنهنجو ٿيلهو کڻي سنئون سڌو ڳوٺ هلي آيس ۽ نئين تعليمي سال شروع ٿيڻ تائين واپس ڪونه ويس.
    جڏهن نئون سال شروع ٿيو، نيون داخلائون ماسٽرس ڪلاس ۾ شروع ٿيون، ته مون به ”ايجوڪيشن“ ۾ داخلا ورتي. مون سائنس فيڪٽلي وڃڻ به ڇڏي ڏنو. ايجوڪيشن ۾ ايم اي ڪري ايم فل ڪيم ۽ پوءِ پي ايڇ. ڊي ڪيم ته اتي ئي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي وئي. تون سوچيندي هوندينءَ ته مون ائين ڇو ڪيو؟ مان هن ڊپارٽمينٽ ۾ اچي انهن شاگردن جي مدد ڪندي آهيان جيڪي مختلف سياستن جي ور چڙهي پنهنجو ڪيريئر وڃائي ويهندا آهن. منهنجي مهارت (Specialty) جو موضوع ئي اهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عادل جي داخلا جي سلسلي ۾ هنن توکي مون ڏانهن موڪليو. مون نه رڳو هن يونيورسٽيءَ مان ان موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي بلڪه ٻاهرين يونيوسٽين مان به مختلف ڪورس ڪيا آهن. سال ۾ ٻه ڀيرا منهنجو ليڪچر ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ هوندو آهي. مون کي پنهنجي پيءُ جي اها نصيحت ياد آهي جڏهن هن چيو هو ته معاشري مان جهالت جو خاتمو ڪرڻو اٿو ته پاڻ پڙهو ۽ استاد بڻجي جهالت کي ختم ڪريو.
    منهنجيءَ تعليم لاءِ جيڪي دروازا بند ڪيا ويا. مان ان لاءِ ڇا پئي ڪري سگهان؟ مون انهن دروازن جا تالا ۽ ڪنجيون هٿ ۾ ڪيون آهن ۽ هاڻي منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن به ٻار لاءِ تعليم/ تحقيق لاءِ ڪوبه دروازو بند نه ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن اهو دروازو بند ڪيو ته ڪلف ڪنجي اسان وٽ آهي ۽ اسين حاضر آهيون.“
    ريحانه فتح علي جون افسانوي ڳالهيون ماٺ ڪري ٻڌي، مان سندس قدردان ٿي ويس. سندس ڳالهين تي مان شايد يقين نه ڪريان ها پر مان جيئن ته پاڻ ان يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي هئس ان ڪري سڀ سمجهان پئي ۽ مون کي ڪجهه خبر به هئي. پڇيو مانس ته پوءِ سرفيروز جي تحقيق ۽ تنهنجي ڳوٺ وارن جي توقعات (Expectation) جو ڇا ٿيو؟“ وراڻيائين.
    ”سڀ ڪم ڊگريءَ لاءِ نه ٿيندا آهن. اسان ڪم ڪيو، مون پي ايڇ. ڊي ته نه ڪئي پر سرفيروز جي ٻانهٻيلي ٿي ضرور ڪم ڪيم، ڇو ته اهو منهنجو Passion هئو ۽ هيءُ Profession . اسان جي هڪ ليبارٽري آهي اتي ريسرچ ٿيندي آهي. اسين اڄ به گڏ ڪم ڪريون پيا. ڊرائيور پهريان فيروز کي وٺڻ ويندو آهي پوءِ هو ٻئي مونکي ۽ آخر ۾ اسين سوها کي پِڪ (pick ) ڪندا آهيون. سوها اسان جي ڌيءُ آهي. هوءَ ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ان ساڳئي مون واري موضوع تي ڪري رهي آهي.“


    8. غيرتي ڀاءُ

    ڪالهه شام هوءَ مون وٽ آئي. ٿڪل ٿڪل ۽ ويڳاڻي پئي نظر آئي. پڇيو مانس ته وري ڇا ٿيو؟ چيائين. ”اڄ وري ڀاءُ“ ائين چئي روئڻ لڳي. روئيندي روئيندي ٻڌايائين. اسان چاچي وارن ڏانهن ويا هئاسين مون وٽ سامان گهڻو هئو ڀاءُ گهر ۾ ويٺو هئو ڏاڍو چيوسينس ته اچ سامان کڻاءِ ۽ هو ان رستي تائين آيو به، پر اهو چئي واپس هليو ويو ته توهان جي مٿي تي روا پاتل نه آهن، ان ڪري مان توهان سان گڏ نه هلندس. امان به ويتر ڪاوڙجي وئي ته توهان چادرون ڇو نه مٿي تي ڪيون ۽ هاڻي ڏسو ڀاءُ کي ڪاوڙائي ڇڏيوَ نه؟ ادي تون ئي ٻڌاءِ ته اها ڪا اهڙي ڳالهه هئي ڇا ناراض ٿيڻ واري؟ منهنجي ٻنهي هٿن ۾ سامان هئو. چادر ته هئي پر مٿي تان سرڪي وئي، سامان کڻان يا چادر سنڀاليان؟ ۽ ڏک ته ان ڳالهه جو ٿو ٿئي جو ڀاءُ کي چادر مٿي تي نه ڏسي غيرت اچي پئي؟ ۽ وچ مارڪيٽ مان ٻنهي هٿن ۾ ڀينرن کي ٿيلها کڻي ويندو ڏسي غيرت نه پئي اچيس. جڏهن مان اها ڳالهه امان کي ڪئي ته مون کي امان چوڻ لڳي ته تنهنجو مٿو گهڻو خراب پيو ٿيندو وڃي ۽ گهڻي زبان هلائڻ لڳي آهين. ادهين توکان ان ڪري ڪاوڙيل آهي جو تنهنجي مڱيندي جو فون آيو هئو ۽ تو ساڻس ڳالهايو هئو. ادي هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇاڪريان؟ مان سمجهان ٿي ته اسان پراڻي دور جا ناهيون جو ايترو قدامت پرست ٿي رهون ۽ مان جڏهن ٻاهر جاب ڪريان ٿي ٻاهرين مردن سان اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. ڳالهائڻو پوي ٿو. اتي جيڪڏهن پنهنجي ٿيڻ واري زندگيءَ جي ساٿيءَ سان فون تي ڳالهايم ته ڪهڙو گناهه ٿي پيو؟ مون کيس سمجهايو ته هاڻي تون ائين ڪر جو وڃ پنهنجي مڱيندي کي به آرام سان سمجهاءِ ۽ ڪوشش ڪري هن سان غير ضروري ڪچهريون فون تي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته گهڻو ۽ غير ضروري ڳالهائڻ نه رڳو هاڻي تنهنجي مائٽن کي خراب لڳندو بلڪه تنهنجي مڱيندي جي نظر ۾ تنهنجي شخصيت جو اميج به صحيح ٺهي نه سگهندو. تون ڪوشش ڪري اهڙي وقت ان سان ڳالهاءِ جڏهن سامهون تنهنجو ڀاءُ نه هجي. ڇاڪاڻ ته ان رشتي ۾ ۽ ٻين رشتن ۾ فرق ئي حجاب جو ٿئي ٿو پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته تون چوريءَ ڳالهائين! تنهنجي ڀاءُ کي اها خبر هئڻ کپي ته تون پنهنجي مڱيندي سان ڳالهائيندي آهين، پر تون پنهنجي ڀاءُ جي سامهون حجاب جو پردو رکي هن جي ڀاءُ واري رشتي کي مان ڏئي سگهين ٿي. تون بي فڪر ٿي گهر وڃ ۽ مان تنهنجيءَ امڙ کي سمجهائينديس ته هوءَ تنهنجي ڀاءُ کي به اعتماد ۾ وٺي ۽ کيس سمجهائي ته جيئن ته تنهنجي ڀيڻ مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي ۽ ڪو به پردو نه ٿي ڪري بلڪه تمام بردباريءَ سان پنهنجا ۽ گهر جا ڪيترائي معاملا پنهنجي سر تي کنيو ويٺي آهي، اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن هن کي مڱيندي کان پردو ڪرايو وڃي ته اها انتهائي بي بنياد ڳالهه ٿيندي، پر مسئلو پوءِ به اهو ئي رهندو ته تنهنجو ڀاءُ آهي خر دماغ ويتر ابتو نه سمجهي! پوءِ به مان ڪوشش ڪنديس ته تنهنجيءَ ماءُ کي قائل ڪري سگهان ته هوءَ پنهنجي پٽ کي اهي سڀ ڳالهيون سمجهائي. اهڙي قسم جون ڳالهيون ٻڌي هوءَ ڪجهه مطمئن نظر اچي رهي هئي ۽ نيٺ آسرا دلاسا ڏئي مان کيس گهر اماڻي ڇڏيو. ڪم ڪار لاهي پوءِ مان سندن گهر ويس ته جيئن سندس ماءُ کي سمجهائي سگهان پر هوءَ ابتو مونکي سمجهائڻ لڳي ته ادي ڏس نه هي ته چنڊيون ڇوريون وڃي پنهنجن گهرن جون ٿينديون مون کي ته سڄي زندگي پٽن سان گذارڻو آهي نه؟ مان ڪيئن ٿي کين غلط چئي سگهان. ٻي ڳالهه ته مون کي اهو قطئي پسند نه آهي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ شاديءَ کان پهريان ڳالهائن. هيءَ وڏي آهي هيءَ جيئن ڪندي تيئن ننڍيون به ڪنديون ۽ پوءِ مان ڪاڏي وينديس؟ آخر ته ڀائر ئي هنن جا وارث آهن نه؟ ڏنگا آهن، سمجهن ئي نه ٿا. هي ته پنج سڄيون آهن. منهنجا پٽ ته ڇڙا ٻه (2) آهن؟ مان سندن دل نه ٿي رنجائي سگهان. مان نااميد ٿي واپس ورڻ جي پئي ڪئي ته جواد آيو چيائين ادي ٿورو ڪمپيوٽر ته ڏسي ڏيو، ڪا خرابي ٿي پئي اٿس. الائي ڇو پروگرام بيهجي ويو آهي ۽ انٽرنيٽ به نه ٿي هلي. جواد سميرا جو اهو ڀاءُ آهي، جنهن سميرا کي رئي نه پائڻ تي سامان نه کڻايو هو. مان وڃي ڪمپيوٽر ٽيبل آڏو رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺس. هڪ ننڍڙي خرابي هئي سافٽ ويئر جي صحيح ڪري ڪمپيوٽر کي ري سيٽ ڪيم. ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪمپيوٽر صحيح ڪم ڪرڻ لڳو. هڪڙو پروگرام هلائي مان جواد کي سمجهائڻ لڳس ته پروگرام ۾ اهڙي خرابي ٿئي ته اها ڪيئن ختم ڪبي آهي. اهو ڪمپيوٽر صرف جواد جي استعمال ۾ هئو ٻئي ڪنهن وٽ به ان جي چاٻي نه هئي. سو مان جواد کي سافٽ ويئر جي خرابيءَ متعلق پئي ٻڌايو. منهنجي پٺ ڪمپيوٽر ڏانهن هُئي ۽ جواد جي سامهون ڪمپيوٽر هئو. اوچتو سندس چهري جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. سندس هٿ ڪي بورڊ تي پهچي نه پئي سگهيو. مان حيران ٿي جيئن ئي ڪمپيوٽر ڏانهن منهن ورايو ته ڏٺم اسڪرين سيور ۾ رڪاڊ ٿيل پروگرام هلڻ شروع ڪري ڏنو هئو، جنهن ۾ هڪ اڌ اگهاڙي انگريزياڻيءَ جي تصوير هئي لاشعوري طور منهنجو هٿ اسپيس بار تي لڳي ويو ۽ تصوير ته غائب ٿي وئي پر جواد جو ڪنڌ جهڪي ويو. مون کي ايتري ته ڪاوڙ آئي جو دل چيو ته ڀرسان ويٺل ماڻس ۽ ڀيڻس جي سامهون پڇانس ته تون ڪمپيوٽر ان لاءِ سکيو آهين؟ جديد ٽيڪنالاجيءَ مان تو اهو فائدو ورتو آهي. 18 سالن جو الهڙ ڇوڪرو جنهن کي دنيا جي خبر نه آهي پاڻ کان وڏين ڀينرن سان غيرت جي آڙ ۾ بدتميزيون ڪري ٿو ۽ پنهنجا افعال اهڙا جو ڪمپيوٽر گهر ۾ رکي اهو سڀ ٿو ڏسي؟ پر مون کيس ڪجهه به نه چيو. ان ڪري جو سندس ڀينرون ۽ ماءُ به اتي ويٺل هئي ۽ اسڪرين سيور واري تصوير هنن به ڏٺي هئي. در ٽپندي مهل مان پاڻ روڪي نه سگهيم، نيٺ کائنس هڪ سوال پڇي ورتم. ڀيڻ جي مٿي تان سرڪيل رئو ڏسي طيش ۾ ايندڙ ڀاءُ جي بغل ۾ اڌ اگهاڙي انگريزياڻيءَ جي تصوير؟ ادا غيرتي! ڀينرن کي تون ڪهڙيءَ نظر ۽ جذبي سان ٿو ڏسين؟


    9. زال جي نوڪري

    ”خبردار آئيندي مان تنهنجي هٿ ۾ هيءُ قلم نه ڏسان“ هن ايتري ته زور سان پين هٿن مان کسي، جو پين جو گورو سندس هٿ کي چيريندو ويو ۽ هوءَ رڙ ڪري به نه سگهي بلڪه ائين پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺي رهي ڄڻ ته ڪو وڏو ڏوهه ڪندي پڪڙي وئي هجي. رات جو ٻيو پهر. ڪو خواب ڏٺو هئائين اوچتو ٻار جي روئڻ تي اک کلي پئي هئس. ڪجهه سپنن جون ڪجهه حقيقي پريشيانيون. مڙس جو رويو، جيڪو گذريل هفتي کان نه ڄاڻ ڪهڙي سبب ڪري ناراض هئس. سڀ ڳالهيون سوچيندي ننڊ اکين کان اوجهل ٿي ويس. پاساورائيندي ٿڪجي پئي ته قلم ڪاغذ کڻي ڪجهه اندر جو اوٻر ڪڍڻ چاهيائين. پيءُ ماءُ ته هئس ڪو نه. ڀائر چون ته جيڪر ڀيڻ کي پڄي ته ڏئي پر وٺي ڪجهه به نه. هڪڙي ڀيڻ، سا به ساهرن ۾ پوءِ هيءَ ويچاري ان کي پنهنجو سور ٻڌائي وڌيڪ پريشان نه پئي ڪرڻ چاهي. سو نيٺ هڪڙو حل نظر آيس ته ڇو نه پنهنجا ڏک قلم ڪاغذ سان ونڊيان. هڪ قلم، ٻيو ڪاغذ ٽيون ڳوڙها. اسان جي ڏک جا ساٿي ۽ دوست، ڏک جي وقت ۾ سڀ ڇڏي ويندا. جڏهن ته ڳوڙها يڪدم اچي ڳل ٿپڪائيندا. ڄڻ آٿت ڏيندا هجن. هينئر به جڏهن کانئس قلم ڪاغذ کسيو ويو ته هڪدم ڳوڙها اچي سندس ساٿي ٿيا، ڄڻ چوندا هجنس ته گهٻراءِ نه ٻه دوست کسجي ويا ته ڇا ٿيو، اسان جو آهيون تنهنجي ڏک جا ساٿي. ڳوڙهن جون مهربانيون مڃيندي رئي جي پلئه سان انهن کان موڪلائيندي، چُپڙي ڪري وڃي بيڊ تي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ”ڪا ضرورت ناهي سمهڻ جي. تنهنجي لاءِ اهائي سزا آهي ته جيئن ٻاهر ويٺي هئينءَ لکڻ لاءِ ائين ويٺي هُج“! سندس مڙس بدستور ڪاوڙيل هئو.
    ”پر مون ڪجهه غلط ته نه پئي لکيو. بس ائين ئي ننڊ نه پئي آئي.“ هوءَ ڊڄندي ڊڄندي نيٺ ڪُڇي.
    ”ها هاڻي تون مونکي صحيح ۽ غلط ٻڌائيندينءَ ۽ ها ننڊ ڇو نه پئي آيهءِ؟ ان جو مطلب ته سڄو ڏينهن ٿي ننڊون ڪرين نه؟ مٿان وري ڪوڙ ته ٻار سمهڻ نه ٿا ڏين ۽ رات جو وري اسان جي ننڊ ڦٽائين.“
    ٻار ته واقعي سمهڻ نه ڏيندا آهن پر هينئر الائي ڇو ننڊ ڦٽي وئي. ذهن ۾ ڪجهه مونجهارا هئا سو سوچيوهيم ته ڪجهه لکي وٺان ”هاسائين مونجهارا، وڏا مونجهارا، تون ته وڏي دانشور آهين، جو تو وٽ مونجهارا آهن. محترمه اهي مونجهارا توکي مون ڪو نه ڏنا آهن پاڻ سان کنيو آئي آهين. ڪنهن صلاح ڏنئي ته ادب پڙهه! اڙي جي پڙهيه به کڻي ته ڊاڪٽرياڻي ٿئين ها گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ته چڱي ڪرين ها نه.“
    ”نوڪري ته تون پاڻ نه ٿو ڪرڻ ڏين. ماڻهن کي چوين ته مونکي زال جي ڪمائي نه ٿي کپي، عورت کي گهر ۾ هئڻ کپي، ان ڪري ته مون پڪي نوڪري ڇڏي ڏني.“
    ”ها تو ڇڏي ڏني جڏهن مائٽن کي ڀرڻو هُيئه ته نوڪري ڪيئه پئي. بهاني سان منهنجي اوٽ وٺي تون نوڪري ڇڏي ڏني. توکي اها پرواهه ٿوروئي آهي ته مڙس ڪيتري محنت ٿو ڪري ته ان جي ڀرجهلو ٿيان. باقي منهنجي چوڻ تي تو نوڪري ڇڏي آهي.“
    پاڻ چيئه پئي ته اتي پراون مردن سان ڳالهائڻو ٿو پوي اهو مونکي پسند نه آهي.“ ”ان جو مطلب ته پراون مردن سان ڳالهائين ته نوڪري ڪرين نه ته نه.“
    سوڍل، تون ڇو ٿو ايتريون بدگمانيون ڪرين. ڏس مان ته توکي اڻ ڏٺو قبوليو هئو. پوءِ تون ڇو ٿو اهڙيون ڳالهيون ڪرين. باقي رهيو سوال مردن سان ڳالهائڻ جو ته اها ته نوڪريءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرورت پوي ئي ٿي. يا ائين ٿئي جو مان رڳو ڊيوٽي تي وڃان ۽ ٻيا معاملا تون پاڻ نبير يا مون سان گڏجي هلندو ڪر، ته پوءِ مان ٻيهر کڻي ڊيوٽيءَ تي وڃڻ شروع ڪريان!
    ڏس سورٺ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. گهڻو بليڪ ميل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مون کي جيڪڏهن تو اڻ ڏٺو قبوليو ته مان هئس ته قبولجڻ جهڙو نه! مون کي قبولي تو ڪو وڏو ٿورو ته نه ڪيو آهي؟ ۽ تون وري ڪير ٿيندي آهين مون مان وِڏ ڪڍڻ واري ۽ مان توسان گڏ ڇو هلان؟ جيئن ماڻهو مونکي طعنا ڏين ته فلاڻي جي زال نوڪري ٿي ڪري. توکي پاڻ کي سوچڻ گهرجي ته مڙس جي ڪاروبار ۾ هيٺ مٿانهين آهي ۽ توکي ڪنهن عورتن واري هنڌ تي نوڪري ڪرڻ گهرجي. اسڪول ۾ به ته ڪري سگهين ٿي.
    ها ته ائين چئه نه. جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته مان ضرور ائين ڪنديس ائين منهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق به پورو ٿيندو.
    شوق، سائين وڏا شوق ڪر ڀلي پنهنجا شوق پورا ڪر! تون مردن جي خلاف لک ۽ ماڻهو مونکي ٿڪون هڻن. چون ته غيرت ئي نه ٿي اچئي جو، جوڻهين تو خلاف لکي ٿي ۽ تون اهو پڙهين ٿو. منهنجي عزت ته توکي پياري آهي ئي ڪا نه!
    ڇو نه آهي پياري. منهنجي لکڻ سان ڇو ٿا ماڻهو توکي ٽوڪين! ڄٽ آهن سمجهن نه ٿا ته مان هڪ عام عورت جي مسئلن تي ٿي ڪجهه لکڻ چاهيان. ان ۾ عزت بي عزتي وري ڪهڙي ڳالهه آهي. هو ڪو اسان کي ان ٿا پهچائين ڇا جو انهن جي پرواهه ڪريون؟
    ها سائين. ان ته توکي اخبار وارا ٿا پهچائين، جن کي منهنجي خلاف مضمون لکي موڪلين ٿي ۽ منهنجا دوست خراب آهن. چڱيون تنهنجون سهيليون آهن، جن تنهنجو مٿو خراب ڪيو آهي. وڏيون آيون آهن ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ واريون. شاديءَ کانپوءِ عورت جي جاءِ مرد جي پيرن ۾ آهي، اهي لکڻ ٻکڻ وارا ڀوت دماغ مان ڪڍي ڇڏ! عورت جا هٿ قلم کڻڻ لاءِ نه بلڪه ٻارن جي صفائي ۽ مڙس جي خدمت ڪرڻ لاءِ آهن.” سوڍل جو انداز هاڻي مارڻ وارو پئي لڳو. هميشه وانگر ائين ٿئي ها، جو هاڻي سورٺ جي ڪڇڻ تي ضرور سوڍل جو هٿ حرڪت ۾ اچي وڃي ها. اڇا؟؟ تنهنجون ڳالهيون جاءِ تي سوڍل“، سورٺ فيصلائتي انداز ۾ مار موچڙي جي پرواهه کان بغير پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي. ڄڻ هوءَ هر تشدد سهڻ لاءِ تيار هجي.
    ”اڄ تائين جيڪي ٿيو سو ٿيو. مون تنهنجي هر ڳالهه برداشت ڪئي. توکي منهنجي پڙهائيءَ تي بجاءِ رنج ٿيڻ جي خوشي هئڻ کپي! اهو ته مون پڙهيل ڳڙهيل عورت جو ظرف آهي جو مون مائٽن جي مرضي مڃيندي توجهڙي اڻ پڙهيل کي اڻ ڏٺو قبوليو. ان جي باوجود تنهنجو هر حڪم مڃڻ پنهنجو فرض سمجهيم. تنهنجي خدمت ڪرڻ، گهر سنڀالڻ ۽ ٻار پالڻ کي نوڪريءَ تي فوقيت ڏئي تنهنجي چوڻ تي نوڪري ڇڏيم پر تو لڳي ٿو ته مڃتا واري مٽي ڏٺي ئي ناهي؟ تون هڪ ڪامپليڪس جو ماريل مرد آهين. توکي اها احساس ڪمتري آهي ته تون گهٽ پڙهيل بلڪه جهڙو پڙهيو آهين ته سمجهجي اڻ پڙهيل ۽ مان هڪ پڙهيل ڳڙهيل آهيان ۽ توکي هروڀرو اها خوش فهمي آهي ته تون ڪو اڻ ڏٺو قبولڻ جهڙو هئين! هروڀرو خوش ٿيڻ بدران توکي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيئن ته اسين زندگيءَ جا ساٿي آهيون ۽ تو پنهنجيءَ زندگيءَ لاءِ هڪ سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل ساٿيءَ کي انڪري چونڊيو آهي ته جيئن جنهن شئي جي تو وٽ ڪمي آهي اها تنهنجي جيون ساٿيءَ وسيلي پوري ٿي سگهي ۽ جيئن اسان جا ٻار جيڪڏهن پڙهيل لکيل پيءُ نه وٺي سگهيا ته ماءُ وسيلي اها ڪمي پوري ڪن. جيئن تون پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن ۾ فخر سان اهو چئي سگهين ته تنهنجي گهرواري رڳو رڌڻو سنڀاليندڙ نه آهي. هوءَ رڳو مهمانن لاءِ چانهه ٺاهڻ واري نه آهي. بلڪه هوءَ زندگيءَ جي هر قدم تي مڙس جي ساٿياڻي بڻجي هلڻ واري آهي ۽ ان جي ساٿ جو ثبوت ان جو نوڪري ڪرڻ آهي. اهو دنيا جو دستور آهي ته ڪير ڪنهن کان خوش ناهي هوندو. رهي ڳالهه ماڻهن جي سو سائي کي ڪير سهي ڪو نه ۽ بکئي کي ڪير ڏئي ڪونه. چوڻي سياڻن سچ چئي آهي.“
    سورٺ انتهائي جذباتي ٿي وئي، سوڍل لاءِ سندس هيءُ روپ نئون هئو. هن ته ڪڏهن مڙس اڳيان اکيون مٿي ڪري نه ڳالهايو هئو. اڄ ڪيئن پئي ڳالهائي؟ هو بت بڻيو رڳو کيس ٻڌي رهيو هئو. ”۽ ها ٻڌ، اخبارن يا رسالن وارا اٽو نه شعور ٿا گهر گهر پهچائين. جيڪو به اٽي جيترو ضروري آهي. اٽو پيٽ جي غذا آهي، شعور ذهن جي. جيڪو تو جهڙن مردن لاءِ تمام ضروري آهي ۽ اسين جيڪڏهن گڏجاڻيون ڪريون ٿيون ته اهو ان لاءِ ته جيئن غريب، بي سهارين ۽ بي پهچ عورتن جي مدد ڪري سگهون. مون اڄ تائين ڪنهن کي به پنهنجي ذهني ۽ جسماني تشدد بابت نه ٻڌايو آهي پر جيڪڏهن مان اها ڳالهه ڪريان ته اهو تون به ذهن نشين ڪري ڇڏ ته اڄ عورت هيڻي نه آهي. عورتن جي عدالت ۾ هڪ دفعو ڪيس هليو وڃي ته پوءِ تو جهڙا مرد پيا وڪيلن سان منهن ڏيندا. پر جيئن ته مان چاهيان ٿي ته اسان ٻن ماڻهن جي مسئلن جي وچ ۾ ٽيون ڪو به نه پوي ان ڪري مان پنهنجا سور قلم ڪاغذ سان سلي چپ ڪري ويهي رهان ٿي ۽ جيڪڏهن تون مونکان اهو سهارو به کسڻ چاهين ٿو ته پوءِ مونکي مجبورن پنهنجي همدرد عورتن کي سهارو بڻائڻو پوندو. ان ڪري اسان لاءِ بهتر اهوئي آهي ته هڪٻئي جا مسئلا ٻڌون ۽ هڪٻئي جي ساٿ سان انهن جا حل ڳولهيون. جيئن ته تنهنجو ڪاروبار لاهن چاڙهن وارو آهي، ان ڪري مان نوڪري به ٻيهر جوائن ڪريان ته جيئن اسان جي ٻارڙي کي سماجي ۽ معاشي طور تي ڪو به مونجهارو نه پيش اچي. تون ٻار کي سٺو اسٽيٽس ڏي مان ٻار کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏيان. جيئن اسان ٻئي هڪ ٻئي جي تڪميل هن ٻار ۾ ڏسون. سورٺ پر اميد نظرن سان سوڍل کي ڏسڻ لڳي.
    سوڍل جيڪو سندس ايتري بردباريءَ سان ڳالهائڻ تي بت بڻجي ويو هئو وائڙو ٿي سندس منهن تڪڻ لڳو. ڪا مهل ته خاموش رهيو پوءِ نيٺ ڏاڍي ماٺيڻي لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيائين، ”سورٺ تون ڪيتريون صحيح ڳالهيون سوچين ٿي ۽ مان هروڀرو توکي غلط پيو سمجهان! تون پهريان ته مونکي اهو سڀ سمجهائين ها، خير هاڻي به وقت ناهي ويو. اچ ته ٻئي گڏجي زندگيءَ جي ڊوڙ کٽون! توسان گڏ مان به واندي وقت ۾ ويهي مطالعو ڪندس ته جيئن منهنجي ذهن تان به اهي زنگ لهن ۽ ها تون سڀاڻي کان نوڪري به ٻيهر جوائن ڪجانءِ. هاڻي ٻارڙي کي ٽيوشن تي موڪلڻ جي به ضرورت نه آهي. تون پاڻ پڙهائجانس آخر پڙهيل ڳڙهيل ماءُ جو ڪهڙو فائدو؟ جهيڙو ختم سڀاڻي هل ته توکي سوني منڊي وٺي ڏيان.“ مهرباني! سوڍل منڊي ته تنهنجي مرضي ڀلي وٺي ڏجانءِ پر ڪاغذن جا ڪجهه دستا ۽ قلم....“ هُن مرڪندي فرمائش ڪئي.” ها ها سائين ڇو نه ۽ ٻئي کلن ٿا.“

    (روزاني عوامي آواز- اربع 9 مارچ 2000ع)


    10. هاڻي هوءَ ڪيئن کلندي هوندي؟

    منهنجي اکين اڳيان هن جو کلندڙ چهرو هر وقت گهمي ٿو. منهنجي تصور ۾ سندس تصوير اهڙي ته ٿاڪ ڄمائي ويهي رهي آهي، جو ڪيتري به ڪوشش ڪريان ٿي ته نه ٿي نڪري. سندس ٽهڪ تي اڪثر مان سوچيندي آهيان ته هوءَ ايئن کلي ڪيئن ٿي؟ ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تي به ڄڻ ته دل جي گهرائيءَ سان کلندي. هن جي چهري تي نه رڳو گهڻي قدر مرڪ ڏٺي بلڪه ڳالهه ڳالهه تي سندس نڙيءَ مان ٽهڪ جهڙيءَ کِل جو آواز ايئن نڪرندو ڄڻ گهُگهيءَ مان پاڻي پيو اوتجي. مان اڪثر سندس کل تي چڱي چڱي دير ويهي سوچيندي آهيان. قد جي ننڍي، بت جي سنهڙي آخري ٻار جي پيدائش کانپوءِ ڪنهن پيچيدگيءَ ڪري ٿيندڙ آپريشن. ائين چئجي ته غلط آپريشن ۽ پرگهور نه هئڻ سبب سندس بت سنهڙي مان ڦري ڪانو ٿي ويو هو. سندس وڏيون اکيون ڪمزوريءَ جي ڪري ڏرا ڏئي ويون هيون. ڀوري بک جهڙيءَ جا ڳاڙها ڳٽول ڳٽا لڙڪي پيا هئا. بس هڪڙي شئي ساڳي هئي گهگهي مان نڪرندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙي کل. ”ڀيڻ رهين نه ٿي ڇا؟ “ ”(ٽهڪ) ڇو ائين وري ڪيئن؟“ (ٽهڪ). سندس مخصوص جملا جيڪي هر اٿڻ ويهڻ کائڻ مهل ورجائيندي هئي. بس پهرين جملي ۾ ٿوري ڦير گهير ڪندي جيئن کائين نه ٿي ڇا! وغيره ۽ نه چوڻ تي چوندي ”ڇو ائين وري ڪيئن؟“
    هوءَ ڇا هئي ۽ ڪهڙي هئي؟ مان ڪڏهن نه سوچيو پر جيتري حُج هن ۾ مان سمجهندي هئس سا ڪنهن ٻئي سان نه ڀانيان. هن وٽ وڃڻ، رهڻ کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ ايترو ته سولو ۽ پنهنجائپ وارو لڳي جيترو بلڪل پنهنجي گهر ۾. ان جو سبب سندس محبت ڀريو رويو هو.
    مان تصور به نه پئي ڪري سگهان ته اهڙي ڀوري بک جهڙي، جنهن ناپسنديدگيءَ واري حالت جي باوجود به اٺن سنهڙن سيبتن ٻارن کي جنم ڏنو، ان جي منهن تي ڪو ڪارو تر به هوندو. نظر لڳڻ کان بچڻ لاءِ به شايد هن ڪارو تلڪ ڪڏهن منهن تي نه هنيو هوندو. سواءِ ڪاري سرمي جي جيڪو به اکين کان ٻاهر ڪڏهن به وهندي نظر نه آيو.
    شڪ نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي. ڦڻڪارڻ تي پهريان ته هوءَ کلڻ لڳي پر جڏهن ان ڦڻڪار جي ڦوڪ سندس ڀوري بک جهڙي منهن تي پوڻ شروع ڪيو ته هن جا گهگهيءَ جي آواز جهڙا ٽهڪ نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيا. اکين مان وهندڙ نير پنهنجي سيلاب ۾ اکين جو سرمو سندس ڳاڙهن ڳٽن تي وهائيندا ويا ۽ سندس سڄو سرمو منهن تي لينگها ٿي ويو.
    مونکي پنهنجن ڪنن تي يقين نه پئي آيو. ڄڻ چاغيءَ ۾ بيٺي هجان ۽ چوڌاري ايٽم بم پيا ڦاٽن، ڪَن ڦاڙيندڙ ٺڪائن کانپوءِ اٿندڙ دونهين ۾ دونهاٽيل ڀورو بک جهڙو مرڪندڙ چهرو، ڪاري؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڇا توهان کي يقين آهي؟ صرف هڪ سوال.
    جواب آهي يا ناهي پر اهو ٿي سگهي ٿو. ٺپ جواب ڪاوڙ، ڏک، جوش ۽ بي وسيءَ جا سڀ احساس منهنجي اندر ۾ آنڌ مچائي ڇڏين ٿا. سوال ڪرڻ چاهيان ٿي، پر سڀ سوال نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آهن.


    11. تخليق جو انت

    چار پنج ڏينهن گهر ۾ موت سان وڙهندڙ سيما کي نيٺ اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽر گهربل دوائون، ڊرپون وغيره ڏئي کيس ايمرجنسيءَ ۾ رکيو. جيئن ته اها هڪ ننڍي اسپتال هئي، ان ڪري ڪوشش اها پئي ڪئي وئي ته آپريشن جي نوبت نه اچي. هوءَ تڪليف برداشت ڪندي رهي ۽ سڄو ڏينهن گذري ويو. هن جو اهو پهريون ٻار هيو. ان ڪري کيس اها خبر نه هئي ته ڪيتري دير ۽ گهڻي تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي. امڙ جا دلاسا به سندس تڪليف گهٽ نه ڪري سگهيا. هوءَ جيئن پوءِ تيئن موت کي ويجهي ٿيندي پئي وئي. نيٺ ڊاڪٽر اچي ٻڌايس ته تنهنجو آپريشن ٿيندو. هوءَ جيڪا موت کان وڌيڪ آپريشن کان پئي ڊني، تنهن هينئر سُک جو ساهه کنيو ان اميد تي ته ٿي سگهي ٿو، آپريشن سندس تڪليف گهٽائي ڇڏي! ان کان پوءِ کيس هوش نه هئو.
    چئن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ کيس مختلف آواز ڪنن تي ٽڪرايا، ڪجهه اميدن ڀريا، ڪجهه مايوسين ڀريا. هن ٻڌو سندس سس چئي رهي هئي “مان ته وڃان ٿي ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، پنهنجيءَ کي پاڻ سنڀاليو، منهنجو من نه لڳندو مون کي ته پوٽو پيو کپي، هيءَ هيڏيون ساريون پريشانيون ڏئي ڌيءُ ڄڻي ويهي رهي آهي. ماڻس کي چويس ته پاڻ وٽ وٺي وڃينس. اسين ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين. سيما کي اهي لفظ ڪنن ۾ هٿوڙا ٿي لڳي رهيا هئا. کيس اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سندس پياريءَ مٿان اول گهول ويندڙ سس اهي جملا ڪنهن کي چئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هو نيم بيهوش هئي. کيس هوش ۾ ايندي سڀ چپ ٿا ٿي وڃن. ايتري ۾ ڀيڻس ڪنن ۾ اچي سرڀاٽ ڪري ٿي “سيما... مبارڪ هجيئي .... توکي ڌيءَ ڄائي آهي .... يقين ڪر ڏاڍي پياري آهي..... بلڪل تو وانگر.... “هوءَ خوش ٿئي يا رنج؟ اهو فيصلو ڪري ڪين پئي سگهي، اڇا چئي اکيون پوري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته هوءَ سمجهي پئي ته سندس ڌيءَ کي ڇا ملندو؟ اهو ڪجهه جيڪو کيس مليو؟ سندس مڙس پهريان کان وارننگ ڏئي چڪو هو ته “هاڻي کيس پٽ کپي“ ڇاڪاڻ ته پهرين زال مان کيس ڇهه ڌيئر هيون ۽ هاڻي هُن ٻي شادي سيما سان پٽ جي خواهش ۾ ڪئي آهي.
    سيما جو مڙس سکيو ستابو ماڻهو هو. سيما جي مائٽن سندس اسٽيٽس ڏسي کيس سڱ ڏنو هو. ڄڻ کيس خدا سرٽيفڪيٽ ڏنو هو ته سيما پٽ ڄڻيندي سو هن سيما کي ان اوڙاهه ۾ اڇلايو هئو. هوڏانهن سيما جو مڙس جيڪو پنهنجي پهرين زال مان ڇهن ڌيئرن ڄمڻ ڪري بيزار ٿي پيو هئو، ان هيءَ ٻي شادي گهٽ پر پٽ ڄڻڻ جي لاءِ هڪ پروجيڪٽ سائن ڪيو هئو. مٿان سيما کي اهو الٽيميٽم ته پٽ نه ڄڻڻ جي صورت ۾ هوءَ مائٽن وٽ ويندي. بلڪل ايئن جيئن پروجيڪٽ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ملازمن کي گهر موڪليو ويندو آهي.
    سيما سوچي پئي ته ڇا هن پڙهيل ڳڙهيل سماج ۾ به عورت جي اها حيثيت وڃي رهي آهي ته هوءَ صرف پٽ ڄمڻ جي صورت ۾ قبولي ويندي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ماسترياڻيءَ جي خودڪشيءَ جي خبر پڙهي هئائين جنهن پنجين ڌيءَ ڄڻڻ تي آپگهاتي ڪوشش ڪئي هئي. هوءَ سوچي ٿي ته ڇا پڙهيل عورتون به پنهنجا حق نه ٿيون وٺي سگهن؟ مردن لاءِ هڪ کان وڌيڪ زالون، عورتون رکڻ بيعزتي جي ڳالهه ناهي پر هڪ کان وڌيڪ ڌيئر هنن لاءِ مصيبت بڻجي وڃن ٿيون؟ اسين ڪهڙا مسلمان آهيون. نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ارها ٿا ٿيون؟ اسان جو مذهب انقلابي ان ڪري ٿو سڏائي جو ان سڀ کان اڳ عورتن جي حيثيت ۽ اهميت تسليم ڪئي ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري پيغمبرﷺ کي ان ڪري چار نياڻيون عطا ڪيون جو ان زماني ۾ ڇوڪريءَ جو ڄمڻ ذلت جي نشاني سمجهيو ويندو هئو ۽ الله پاڪ پنهنجي نبيﷺ کي نياڻيون بخشي اهو واضح ڪرڻ چاهيو ته ان پاڪ پيغمبر جي پوئواري ڪندڙ امت به نياڻين جي اهميت ۽ حيثيت کي تسليم ڪري. ان ڪري ئي نياڻيءَ کي الله جي رحمت چيو ويو. پر اسين؟ اسين ڇا آهيون؟ يا ته اسين مسلمان نه آهيون؟ يا وري اسين عربن کان به غير مهذب ۽ غير شعور آهيون ڇاڪاڻ ته چوڏهن سئو سالن کان مذهب اسان جي دماغ مان نياڻيءَ جي ڄم تي ارهائي ڪڍي نه سگهيو آهي ۽ هيءُ ترقي تحقيق ۽ ايجادن وارو دور به کيس يا ٻين معصوم نينگرين کي بچائي نه ٿو سگهي. سيما سوچي ٿي ته جيڪو ڪجهه هن سٺو آهي ڇا سندس ڌيءَ به اهو ئي سڄي زندگي ڀوڳيندي؟... هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻ لاءِ جيئرو نه ڇڏيندي؟ هوءَ ته معصوم نياڻي آهي جنهن کي پيءُ پنهنجو نه ڪندو؟ ان کي معاشرو ڇا ڏيندو؟ سندس ذهن ۾ خوفناڪ قسم جا خيال اڀرن ٿا.... نه مان پنهنجي ڌيءَ کي اهو ڪجهه برداشت ڪرڻ نه ڏيندم .... سوچن ۾ آنڌ مانڌ ...... خود سندس چهري تي پگهر جي ڦڙي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. “ڊاڪٽر چئي وئي آهي ته ٻار کي پهرين ٿڃ ڏيڻ ضروري آهي... ڀيڻس جو آواز ڪنن تي پئيس ٿو ۽ هوءَ ڪنجهندي ڪنجهندي ڀيڻ کي نئين ڄاول ٻارڙي کي ڀرسان سمهارڻ لاءِ چوي ٿي. ”ننڍڙي کي منهنجي ڀرسان سمهار ته کير پياريانس“ ڀيڻس ٻارڙيءَ کي بستري تي سمهاري سندس وات سيما جي ڇاتيءَ جي ڀرسان جهلي ٿي، سندس اکين ۾ لڙڪ آهن. ڀيڻ منهنجي تخليق ڪيڏي نه سهڻي آهي؟ ڏس اکيون پٽي ڪيئن ٿي ڏسي. ڀيڻ کلي چويس ٿي ته: ها! جيتوڻيڪ سڀ ٻار ڄمندي ئي اکيون نه پٽيندا آهن ۽ هيءَ لڳي ٿو ته وڏي ٿي کليل اکين ۽ دماغ سان دنيا کي ڏسندي ۽ پنهنجي ڪارنامن سان ماڻهن کي دنگ ڪري ڇڏيندي!
    ها... جڏهن وڏي ٿئي نه؟.... سيما ڪنبندڙ آواز ۾ جواب ڏيس ٿي ۽ سندس چهرو موت جي خوف کان ڦڪو ٿيندو پيو وڃي. ڀيڻس ڇرڪي کيس ڏسي ٿي ”ڇا مطلب جڏهن وڏي ٿئي جو؟“ ڪجهه نه ڀيڻ ايئن ئي ٿي چوان جو هاڻي ته ننڍڙي آهي ته جڏهن وڏي ٿئي ته ڏٺو ويندو. سيما جو منهن مسلسل هيڊو ٿيندو پئي ويو. ڀيڻس سندس طبيعت خراب ٿيندي ڏسي چويس ٿي ته سيما مون کي لڳي ٿو ته تنهنجي طبيعت خراب پئي ٿيندي وڃي. ترس ته مان ڊاڪٽر کي ٿي سڏي اچان. ايئن چئي هوءَ ڪمري مان نڪري وڃي ٿي. سيما جيڪا ننڍڙيءَ کي کير ڌارائي رهي هئي، سا پاڻ آپريشن ٿيڻ ڪري چرڻ پرڻ کان لاچار هئي. ڀيڻس سندس اوچتي بگڙجندڙ طبيعت تي ڏاڍي پريشان ٿي وئي. گهر وارا ته هونئن ئي سڀ گهر هليا ويا هئا. ڀيڻس وائڙن وانگر ڊاڪٽر کي ڳولهڻ وئي جو کائنس ننڍڙي ٻارڙي سيما جي ڇاتيءَ کان الڳ ڪرڻ وسري وئي. سيما لاءِ ڄڻ ته سولائي ٿي پئي. هن ٻارڙيءَ کي ٻانهن سان ڀڪوڙي ڪڇ ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻارڙي ڦٿڪڻ ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳي، پر نيم بيهوش سيما جي ٻانهن سندس منهن تان نه هٽي. ان ساڳي ئي ٻانهن ۾ ڪينولا پاس ٿيل هوس. جنهن جو ٻيو ڇيڙو مٿي ڊرپ اسٽينڊ ۾ ٽنگيل رت جي بوتل ۾ لڳل هو. سيما جي منهن تي موت جو خوف ۽ ٻانهن ۾ سختي وڌندا ويا. ننڍڙيءَ جون رڙيون سندس خوف وڌائي رهيون هيون، نه ڄاڻ ڪهڙيءَ مهل رت جي بوتل واري سئي ڪينولا مان نڪري بيڊ جي ٻانهينءَ تي لڙڪي پئي... ۽ سيما جي جسم ۾ ڪينولا رستي ويندڙ رت ابتو وهڻ شروع ٿي ويو....سيما جي ڀيڻ ڊاڪٽر کي ڳولهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي رهي. پر شفٽ مٽجڻ ڪري ڪو به ڊاڪٽر کيس نظر نه پئي آيو، يا سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته ڪنهن کي چوي. نيٺ ڏاڍي ڳولا کانپوءِ هڪ هائوس ڊاڪٽر نظر آيس کيس تڪڙو اچڻ لاءِ چئي پاڻ پريشانيءَ ۾ سيما ڏانهن وٺي ڀڳي پر جيئن ئي ڪمري ۾ گهڙي ته سندس پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائجي وئي. ڪمري جو منظر هنيانءَ ڏاريندڙ هئو. بيڊ ۽ ان جي هيٺان فرش رت سان رڱيا پيا هئا... رت جي خالي بوتل اسٽينڊ تي بيٺي زندگيءَ بچائڻ وارن آڏو پنهنجي بيوسيءَ جو ماتم ڪري رهي هئي. سيما جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل معصوم حياتي پنهنجي زندگيءَ جا ساهه وڃائي چڪي هئي. سندس منهن اڃان به سيما جي ڇاتيءَ سان چهٽيل هئو ۽ سيما جو رت کان خالي جسم هر خوف ۽ پريشانيءَ کان آجو هئو. ڇاڪاڻ ته خوف زندگيءَ سان ساڻ هوندو آهي ۽ زنده ماڻهن کي هوندو آهي. هوءَ خوف ۽ زندگي ٻنهي کي مات ڏئي چڪي هئي.
    عربن جي دور ٻيهر اٿل کاڌي جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن عورتون جيئري پورجڻ واري تڪليف کان بچائڻ لاءِ پنهنجين ڌيئرن جا پاڻ ئي ساهه ٻوساٽي ڇڏينديون هيون. فرق رڳو ايترو هئو ته 21 صديءَ جي سيما ان آخري سفر ۾ پنهنجي معصوم تخليق کي اڪيلو وڃڻ نه ڏنو. ...


    12. مڙس جو کيسو

    مان مڙس جي کيسي ڪتر ڪڏهن به نه ڪئي آهي. کيسي ۾ ڪجهه رکانس ته ڪترڻ جو به سوچيان نه ؟ ويچارو سڄي ڪمائي آڻي مون کي ڏئي. خرچ به پاڻ هلايان، سو سموري ”ڪٽنگ فٽنگ“ اتان ڪيان ڇا؟ خرچ ڪاتر؟ نه نه. ڇا هي جو مان هميشه سياڻي حڪومت وانگر بجيٽ خساري جي پيش ڪندي آهيان. خسارو جو پورو نه ٿئي، امداد جو به آسرو نه هجي سو ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ڀائوءَ جو کيسو به ته ڀرڻو آهي. نه ته مڙس چوندو تنهنجو ڀاءُ ڀينگيو آ، جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڀائوءَ وارن جي ٽي وي خراب ٿي پئي ته انهن کي ٽي وي نه پيو ڏئي، چيائين پنهنجي نئين ڇو نه ٿا وٺن. هاڻي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي، هو جو نئين وٺن تنهن کان اسان ڇو نه نئين وٺون؟ اسان جي گهر ۾ به نواڻ اچي ويندي ۽ ڀائوءَ وارن جو به مسئلو حل ٿي ويندو. آخر خلق جي خدمت ڪرڻ به ته ثواب جو ڪم آهي. پورو سال ٿي ويو آهي. ڪو نيڪ ڪم ڪندي، جڏهن اديءَ وارن جي فرج سڙي وئي هئي ته اسان واري فرج کڻائي ويا هئا. مون چيو ڪا ڳالهه نه آهي. جهڙو اهو گهر تهڙو هيءُ، پر منهنجو مڙس توبهه اڃا تائين جڏهن به مان پاڙي وارن وٽ ڀاڄي رکرائيندي آهيان يا برف پئسن سان گهرايان ته پيو طعنا ڏيندو. ايڏو ته ڪنجوس آهي منهنجو مڙس جو اڃا تائين مون کي نئين وي سي آر به نه وٺي ڏني اٿائين، چوي ٿو ته مامي وارن کان واپس گهراءِ نه. ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، اڃان وي سي آر واپس نه ٿا ڏين، مان ڪيڏو ٿي سمجهايانس ته اهو ڏاڍو خراب ٿو لڳي ته هنن کان اها واپس وٺون، پر هي آهي جو هر دفعي مون کي طعنا ٿو ڏئي ته ٺيڪ آهي وي سي آر ڀلي رکن پر ڪيسٽون تون ڇو نه ٿي گهرائي ڏين؟ هاڻي اوهان سوچيو ته هنن کي ڪهڙي پئي ڪيسٽون گهرائڻ جي. آخر اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪهڙي ڪم ايندي؟ سندس دوست آخر وڊيو شاپ جو کوليو آهي ته هو اسان کي ڪيسٽون به نه ڏيندو ڇا؟ هو راشن وارو ته ڪيڏو ڀلو آهي. گاڏيءَ تي پاڻ چاچي وارن ڏي راشن پهچائي ويندو آهي. هڪ ڀيري جڏهن منهنجي مڙس سان ملڻ آيو ته مون وات ٽُڪاڻي ڪئي مانس ته ادا جيڪڏهن بار سمجهو ته مان کڻي راشن جا پئسا ڏيان، چيائين ڀاڄائي اوهان سان ڪهڙا ليکا، ڪڏهن ڪو ڪم پيو ته اوهان جي گهر واري جي اڪائونٽ جي خبر اٿم. چڱو جو اهو بار ته لٿو. باقي رهيا لٽا ڪپڙا، سو پاڻ ان ڳالهه جو ڏاڍو شوقين آهي، هميشه سٺو پائيندو ۽ پارائيندو آهي. مان گلا ڇو ڪريانس. آخر ايتري ته پياري هوندي مانس جو ايڏو سٺو ذوق هوندي مون سميت منهنجن مائٽن کي به ياد ڪري ٿو آخرمان به ته سندس زال آهيان. ڪجهه ته خيال مان به ڪيان ائين ته نه جو مڙس چوي ته شاديءَ کي پورا ٻه سال ٿيا آهن ۽ توهان اڃا تائين پنهنجن ڀينرن کي ڪو تحفو نه ڏنو آهي؟ سو ميڪ اپ جا پورا سيٽ رکيا اٿم، ڀينرن کي ڏيڻ لاءِ، ڇا ڪريان هو پنهنجيءَ چمڙيءَ جو خيال به ڏاڍو ڪنديون آهن. بيوٽي پارلر وٺي وئي مان ته ضد ڪري ويٺيون ته ادي سينڊل نه ورتا اٿئي، سو ميڪ اپ سان گڏ سينڊل ورتا مانِ پر انهن سان گڏ ايڏيون ته زبردست پرسون هيون ميچنگ جون ۽ ڪلپ ته مان ڇا ٻڌايان، مان رهي نه سگهيم، نيٺ اُهي به وٺي ڏنا مانِ. ڏاڍا ٿڪجي پيا هئاسين، مٿان بک به تپايو هئو هاڻي ڀينرون به گڏ هيون سو جهڙو تهڙو کائڻ به خراب پئي لڳو، سو ٽيڪسي ڪري وياسين بار بي ڪيو، ايڏو مزو آيو. ايڏو ته سٺو کاڌو، مون ته واعدو ڪيو مانِ ته هاڻي هر مهيني وڌيڪ نه ته هڪ ٻه دفعو ئي ضرور سموريءَ فيمليءَ کي ڊنر اتي ڪرائيندم. دل ۾ سوچيم ته بس هڪ ٻه دفعو ئي ڪافي آهي. آخر مڙس جي کيسي جو به ته خيال ڪرڻو آهي نه...


    13. اُداس مرڪون

    نون ڀرتي ٿي آيل ريسرچ آفيسرن ۾ ادو جنيد به هڪ هئو.
    چپ چپ رهڻ وارو هروقت ڄڻ ته ڪنهن سوچ ۾ گم رهندو هئو، پر ڪنهن ڪنهن مهل اهڙو ته جملو چئي وٺندو هئو، جو سموريءَ چپ جي ڪسر ڪڍي ڇڏيندو هئو.
    اسان جي هيلو هاءِ رڳو ڪاريڊور تائين يا ادي سليم جي آفيس ۾ ئي ٿيندي هئي، ساڻس پراڻا پارٽيءَ وارا تعلقات هجڻ ڪري ڪڏهن هو منهنجي ڪمري ۾ 10-15 منٽ ايندو هو ته ڪڏهن مان هن ڏانهن ويندي هُيس نه ته بنا ڪنهن ڪم جي ڪنهن جي آفيس ۾ وڃي ويهڻ منهنجي عادت نه هئي، سواءِ لائبريريءَ ۾ وڃڻ جي. اها جاءِ سموري اسٽاف جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي. خاص ڪري عورتن جي ڇو ته ان جون ٻئي لائبريرين عورتون هيون ۽ ٻئي ملنسار . سڀني سان سندن هيلو هاءِ هوندي هئي. ادو جنيد اڪثر لائبريريءَ ويندو هئو. مون کي تن ڏينهن ۾ سي ايس ايس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ان معاملي ۾ منهنجي ڏاڍي مدد ڪيائين. سندس جيڪي دوست ان امتحان جي تياري ڪرڻ ۾ رڌل هئا، انهن مان هڪ سان مونکي ملرايائين جنهن مون کي Syllabus وغيره سڀ آڻي ڏنو ۽ مونکي پوري خاطري ڪرايائون ته ان سلسلي ۾ هو منهنجي ڀرپور مدد/رهبري ڪندا.
    ان کان پوءِ ادي جنيد سان ٿوري پنهنجائپ وڌي. وري مٿان سندس ڊپارٽمينٽ جو ڪم هئو، اسان گڏجي اهو ڪم ڪيو. ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن ادو جنيد منهنجي آفيس ۾ اچي ويهندو هئو. پنهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون Discuss ڪندو هئو. سندس هڪ شادي شده ڀاءُ هئو، جنهن جي ٻارن جي شاپنگ لاءِ مون کان پڇندو رهندو هئو ته ڪهڙي شئي ڪٿان ۽ ڪيئن وٺان وغيره.
    اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گهر جا گهڻا معاملا ٻڌائيندورهندو هو. سندس اداسيءَ جو هڪ سبب سندس ڳوٺ ۾ سندس مرضيءَ خلاف ڪرائجندڙ مٽي مائٽي به هئي.
    سندس ڀاءُ چاهي پيو ته ان جاءِ تي سندس شادي ٿئي، جڏهن ته ادي جنيد چواڻي ته هو ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کي پسند ڪري ٿو. مونکي ناهي خبر ته هو آفيس ۾ صرف مون سان اهي مسئلا Share ڪندو هئو يا ڪنهن ٻئي سان به. پر سندس هڪ گهرو دوست به ساڳيءَ آفيس ۾ ساڳي عهدي تي هن سان گڏ ڀرتي ٿيو هئو ۽ هو ٻئي پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندا هئا.
    ادي جنيد هڪ ڀيري مونکي ٻڌايو ته ”مان ان ڇوڪريءَ کي ڪيئن سمجهايان؟ هوءَ مونکي شايد پسند نه ٿي ڪري... پر هن کي اها به خبر ناهي ته مان کيس ايڏو چاهيان ٿو....۽ جتي منهنجا مائٽ رشتو ڪرڻ چاهن ٿا، اتي مان ڪرڻ نه ٿو چاهيان، مان سخت پريشان آهيان.
    مون کيس چيو ته ان ڇوڪريءَ سان پهريان ڳالهائي يا ڪنهن ٻئي خيرخواهه جي هٿان هن کان سندس مرضي پڇرائي ۽ پوءِ کيس پنهنجيءَ مرضيءَ کان آگاهه ڪري. جيڪڏهن ڇوڪري راضي ٿي وڃي ته پوءِ مائٽن کي پنهنجو مؤقف ٻڌائي... پر هو ائين نه پيو ڪري سگهي... هو طبيعتاً انتهائي سادو ماڻهو هئو. هڪڙو وقت اهڙو به اچي ويو جو اچي چوندو...ادي... چانهه ته گهراءِ ۽ پوءِ چپ ويٺو هوندو ۽ پيو مرڪندو. منهنجي ڏاڍي پڇڻ تي به ڪجهه نه ٻڌائيندو، بس ايترو چوندو هئو ته... ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪريان؟ ۽ چپ چاپ ۾ چانهه پي هليوويندو هو.
    ايستائين جو مونکي به سندس مسئلن تي پريشاني ٿيڻ لڳي هئي. ڪجهه ڏينهن کان ته هو وڌيڪ چپ رهڻ لڳو ۽ منهنجيءَ آفيس ۾ به گهڻن ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ به نه آيو ته مون پاڻ وڃي پڇيو مانس”ادا جنيد ٺيڪ ته آهيو؟“، مئل ها ۾ جواب ڏنائين. وري پڇيومانس ته ٻڌايو معاملي جو ڇا ٿيو؟ چيائين ته منهنجي پسند راضي ناهي...مون پڇيو مانس ته توهان کي انڪار ڪيو اٿائين“، چيائين نه مون پڇرايوئي ناهي... پر مون کي لڳي ٿو ته هوءَ راضي ناهي ۽ نه ئي ٿيندي... مون کلي چيومانس ته مونکي ڳوٺ وٺي هلو ته مان ٿي سمجهايانس ته توهان جهڙي ماڻهوءَ کي ڇو نه ٿي سمجهي؟ کلي پيو، چيائين ته ها توهان کي ضرور ڳوٺ وٺي هلندم. منهنجيءَ شاديءَ ۾ توهان ڳوٺ ضرور اچجو. مون چيو مانس ادا مان ته مشڪري پئي ڪريان. اسان ۾ ڪنواريون ڇوڪريون بغير خانداني تعلقات جي ائين ڳوٺن ۾ ڪاڏي نه وينديون آهن، مٿان وري ٿوري حُج ڪئي مانس، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اسان اوهان جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيون ته پوءِ اوهان کي مورڳو شادي ئي ڪراچيءَ ۾ ڪرڻي پوندي.
    هڪ ڀيري ادي سليم جي آفيس ۾ سڀ ويٺا هئاسون. ڪنهن چيو ته جنيد جي اداسي ختم نه ٿي ٿئي. مون مزاق ۾ چيو مانِ ته هڪ PC-1 اهڙي ٺاهيو جنهن تحت ادي جنيد جي ڳوٺ جي ڪا Study ڪجي ۽ پوءِ هلو ته سڀ هن کي ڳوٺ وٺي هلون، مان اڪيلي نه ٿي وڃي سگهان. سڀئي گڏجي هلنداسين ته بهتر ٿيندو. ان تي سڀ کلڻ ۽ بحث ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح مڙئي ڪجهه دير لاءِ ادي جنيد جي اداسيءَ واري ڪيفيت بدلي . وقت ائين ڪڏهن اداس ته ڪڏهن مرڪندي گذرندو رهيو. 7-8 مهينا گذري ويا ۽ منهنجي بدلي ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي وئي، مان به وري اهڙي ويس جو ڄڻ وري موٽڻو ئي نه هئو.
    تقريباً چئن پنجن مهينن گذرڻ کانپوءِ وڃڻ ٿيو. ادي جنيد لاءِ چيائون ڳوٺ ويل آهي.مون وٽ ايترو ٽائيم نه هئو جو ڪنهن کان تفصيل پڇان ها... مون سمجهيو ته ڳوٺ موڪل تي ويو هوندو... ائين وري ٻه ٽي مهينا گذري ويا. وري منهنجو وڃڻ ٿيو ته خبر پئي ته وري ڳوٺ ويو آهي. مون ان کي اتفاق ئي سمجهيو.
    ائين پوري سال کانپوءِ جڏهن مان آفيس ويس ته خبر پئي ادو جنيد ته ڪڏهوڪو ڳوٺ بدلي ڪرائي ويو آهي، سندس شاديءَ جو ڪو معاملو هو. مون نمبر وغيره هٿ ڪيومانس. واپس اچڻ تي مان وري پنهنجين مصروفيتن ۾ گم ٿي ويس ۽ ادي جنيد سان ڳالهه ٻولهه، رابطو ئي نه ٿي سگهيو. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ وري جڏهن پراڻيءَ آفيس ويس ته ادي سليم چيو ته هاڻي اوهان جيڪڏهن تڪڙ ۾ هليا ويئُه ته اسين ناراض ٿي وينداسين.
    ان ڀيري تفصيلي حال احوال ڏنا/ورتاسون. ادي جنيد جو پڇيو مانس ته ڪيئن آهي، ڳوٺ خوش آهي؟ واپس اچڻ لاءِ چوي ٿو يا ڪراچي مورڳو نه وڻيس؟ ان تي منصور جيڪو سندس گهرو دوست هئو ان چيو اوهان کي ڪا خبر ناهي؟ مان حيران ٿي ويس ڇا جي؟ چيائون ته اوهان کي جنيد جي بيماريءَ جي خبر نه هئي؟ مون چيو بخدا! مون کي سندس ڪنهن بيماريءَ جي ڪابه خبر ناهي؟ ڇا ٿيو خيريت سان آهي ادو جنيد؟ ٻين چيس هن کي ڪهڙي خبر هيءَ ته ايتري وقت کانپوءِ ته سڪون سان آئي آهي؟
    منصور ٻڌايو ته هن جي شادي ڀاءُ جي مرضيءَ سان ٿي وئي...۽ هوءَ ڇوڪري جنهن کي پسند ڪري پيو ان جو ڇا ٿيو؟ مون پڇيو مانس! خبر ناهي... پر جنيد ان کي ڏاڍو پيو چاهي شايد اها راضي نه ٿي هوندي... پر ان لاءِ جنيد رڳو ايترو چيو ته ان جو ذڪر نه ڪر اها منهنجي مقدر ۾ ناهي... هن شادي ڪئي پر خوش نه هئو. شادي ڪرڻ جي هڪڙي مهيني کانپوءِ آيو ۽ بدلي ڪرائي ڳوٺ هليو ويو. پنجن مهينن کانپوءِ خبر پئي ته جنيد کي ڪاري ڪامڻ (Hepatitis) آهي. شروع ۾ ته علاج ٿورو فرق ڪيس پر علاج مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي جنيد اسان سان بيوفائي ڪري هليو ويو... سندس آواز ڄڻ ڪنهن پاتال مان پئي اڀريو. منهنجا ڪن هي ڇا ٻڌي رهيا هئا؟ منهنجون اکيون ڦوٽارجي ويون پر منصور جي اکين جا ڳوڙها سندس ڪيل ڳالهه جو ثبوت هئا. ڪنهن ويجهي عزيز جو اڻ مندائتو موت ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪيترو جهنجهوڙي سگهي ٿو؟ مون تڏهن اهو محسوس ڪيو، منهنجي دل پئي چوي ته مان اڏري سندس ڳوٺ وڃان ۽ سندس زندگيءَ جي خوشين کسڻ وارن کان رڙيون ڪري پڇان ته کين ڪنهن اهڙو حق ڏنو هئو؟ هڪ جوان انسان کي بيوسيءَ سان زندگيءَ جي پوپٽ کي هٿن مان اڏارڻ جو!
    اها ڇوڪري ڪير هئي؟ ادو جنيد ڇو نه هن کي پنهنجيءَ دل جي ڳالهه چئي سگهيو؟ ڇا ڪو ڀلي مانس انسان ائين ڪنهن جي دل رنجائڻ جي خوف کان دل جي بازي هارائي ويهندو آهي؟ ادي جنيد کي اهو ڊپ هئو ته جيڪڏهن هوءَ راضي نه ٿي ته مان جي نه سگهندم. ڇا هوءَ واقعي راضي نه ٿي هئي؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ وارو هينئر هيءَ دنيا ڇڏي چڪو هئو. هينئر بس هن جي چپ چاپ،ڪنهن ڪنهن مهل مرڪندڙ تصوير هئي ۽ ان تصوير ۾ اداس مرڪن سان ڀريل چهرو زندگيءَ جي ستم ظريقيءَ جو هڪ ثبوت نظر اچي ٿو. ٻه سال اڳ جڏهن مان پنهنجيءَ شاديءَ جو ڪارڊ کڻي ادي سليم کي دعوت ڏيڻ سندس آفيس ويس ته هو پهريان ته مون سان ملي خوش ٿيو. ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ سندس چهري تي اداسي ڇانئجي وئي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو؟ پڇيومانس ادا ڇا ٿيو؟ خير ته آهي ڇو اداس ٿي ويا؟ چيائين بس ائين ئي... ڪجهه ياد اچي ويو... مون پڇيومانس اهڙي ڪهڙي ڳالهه ياد اچي ويوَ، جو اوهين اداس ٿي ويا؟ ڪجهه مون کي به ته ٻڌايو! چيائين ڇڏيو ادي... اجايو اوهان کي به تڪليف ٿيندي بس. الله سائين اوهان کي خوش رکندو...پر منهنجي من ۾ آنڌ مانڌ اڃان وڌي وئي، پڇيومانس ادا منهنجي تڪليف کي اوهان ڇڏيو... اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا اوهان مون کان لڪايو به ٿا ۽ اوهان کي پريشان به ڪري ٿي... ڇا مون کان ڪا غلطي ٿي آهي؟ چيائين ”نه ڀيڻ اوهان کان ڪابه غلطي نه ٿي آهي، اوهان تي ته اسان کي فخر آهي اوهان جهڙيون بردبار ڇوڪريون ئي اسان جي قوم جو مانُ آهن. ڪڏهن ڪڏهن مقدر غلطي ڪري وجهندو آهي. مان به ان مقدر تي ٿو پيون حيران ۽ پريشان ٿيان... اوهان جي مائٽن اوهان لاءِ ڏاڍو سٺو جيون ساٿي چونڊيو آهي. مونکي ته بس هڪ پنهنجو وڇڙيل دوست ياد اچي ويو. هو ٻڌو اَٿَوَ ته،
    “ہے عجیب داستاں کچھ یہ ہماری داستاں بھی
    کبھی تم سمجھ نہ پائے، کبھی ہم سنا نہ پائے۔”
    هو پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ته سگهيو پر سمجهائي نه سگهيو، هار کائي ويو،سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کان به ته زندگيءَ کان به... اوهان به ته کيس نه سمجهي سگهيا!!


    14. پُراعتماد چهرو

    ڪراچيءَ ۾ اهڙي برسات ڪڏهن به نه وسي هئي. صبح جو امڙ چيس ته اڄ نه وڃ- ڪالهه مينهن پيو هئو متان اڄ به وسي! چيائينس، امي ڪالهه وسي ويو نه؟ اڄ اُس نڪتي آهي. ڪراچيءَ جو مينهن ائين ئي اٿئي. امڙ وراڻيس: ها ڌيءَ صحيح ٿي چوين تون سوچي وٺ ته ڪراچيءَ جو مينهن اهو ئي صبح جو سج، شام جو گوڏي جيڏو پاڻي...
    پر هوءَ امڙ کان ڪن لاٽار ڪري هلي وئي، آفيس ۾ڪلاڪ کن مشڪل سان گذريو هوندس ته خبر پيس ته جهڙ ڪڙڪاٽ ڪندو آيو ۽ ڏسندي ڏسندي سڀ شئي جل ٿل ٿي وئي ، سڀ انتظار ڪرڻ لڳا ته جلدي مينهن بس ٿئي پر مينهن جيستائين گوڏي جيتري پاڻيءَ سان روڊ نه ڀريا تيستائين بند نه ٿيو. سوچڻ لڳي ته هاڻي اميءَ کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس؟ جنهن جو صبح چيو نه وٺي زوريءَ آفيس آئي آهيان. بهرحال ڪنهن طريقي سان گهر پهتي ته سٺي ڇنڊ مليس. اڄ سندس رڪارڊ ٿيل پروگرام به ريڊي تي نشر ٿيڻو هئو. چپ چاپ ۾ وڃي ڪمري ۾ ريديو ٻڌڻ لڳي.
    اسلام عليڪم... اڄوڪي پروگرام ۾ مان اوهان جو ميزبان آهيان شهمير علي...
    هيءُ ته ڪو نئون آواز ٿو لڳي؟ شايد مينهن جي ڪري اصل ميزبان نه اچي سگهيو هوندو. هوءَ جيئن جيئن اهو آواز ٻڌندي وئي تيئن تيئن ان آواز جي سحر ۾ گم ٿيندي وئي.
    شهمير عليءَ جو ذڪر ٻين کان ٻڌو هئائين، هو هڪ آل رائونڊر آهي. هو هر نوعيت جو پروگرام لکي به سگهي ٿو ۽ اوچتو مائيڪ اڳيان ويهاريوس ته ڪنهن به موضوع تي ڳالهائي به وڃي ٿو.
    سميرا پاڻ هڪ سيکڙاٽ Script reader هئي هڪ پاسي شهمير عليءَ جي ايڏي تعريف ٻڌي هئائين ته ٻئي پاسي هينئر سندس آواز ٻُڌي اڃان وڌيڪ فين ٿي ويس.
    تصور ۾ هڪ با رعب اعتماد سان ڀريل نوجوان جو چهرو اچي ويس. سندس نالي جي معنى ته ڪيڏي زبردست آهي. شهمير معنى شاهه امير. شاهه سردار ته مير به سردار ۽ ”علي“ ته آهي ئي بردباريءَ جي علامت.
    اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۽ ان کي Face ڪرڻ واقعي وڏي ڳالهه هوندي. چهري جو اعتماد ڪيڏو هوندس؟
    نيٺ سندس ملاقات شهمير عليءَ سان ٿي ۽ سميرا کي جيڪو خوف هئو ته هوءَ شهمير عليءَ اڳيان ڳالهائي نه سگهندي اهو خوف ختم ٿي ويس. هن لاءِ ته بس اها ڳالهه وڏي هئي ته جنهن آواز کي هوءَ ڪنن سان ٻڌي دل تي محسوس ڪندي آهي، اڄ اهو آواز ڳالهائيندڙ چهرو سندس سامهون هو.
    جڏهن گهر موٽي ته ائين محسوس پيو ٿئيس ته ڄڻ ڪنهن شئي جي ڪمي رهجي وئي هجي. هن پنهنجي تصور ۾ شهمير عليءَ جي جيڪا تصوير ٺاهي هئي اها نه هئي، هن جي چهري تي حاڪمن وارو اعتماد نه هو. هوءَ سوچڻ لڳي؛ منهنجي آئيڊيل جي چهري تي حاڪمن وارو اعتماد هئڻ گهرجي... هن لاءِ هڪ بارعب نوجوان وارو تصور هئڻ گهرجي. جتان به هو گذري ته سندس شخصيت ڏسندڙن کي متاثر ڪري... شهمير عليءَ جي چهري تي محروميءَ وارو احساس نه هئڻ گهرجي... مان هن جو ساٿ ڏيندس. هن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائينديس. جڏهن هن کي گهڻا ماڻهو خير خواهه ۽ دوست ملندا، تڏهن هن جي چهري تان اها محروميءَ واري ٻوٿاڙي لهي ويندي ۽ هن جو چهرو پر اعتماد نظر ايندو.
    انکانپوءِ سميرا هن سان گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ لڳي. اسڪرپٽ چيڪ ڪرائڻو هجي، ڪو شعر پڇڻو هجي، ڪنهن پروگرام بابت ڪا معلومات گهربي هئس ته به شهمير عليءَ کان ئي پڇندي هئي. ايستائين جو ٻاهر ٿيندڙ فنڪشنز متعلق معلومات، يا ڪاڏي وڃڻو هجي ته شهمير عليءَ سان صلاح ڪندي هئي. هو به ساڻس گهڻو هري مري ويو هئو. هاڻي هو ٿوري کل مشڪري به ڪندا هئا.
    شهمير علي به گهڻو سوشل ٿي ويو هئو پر سميرا جو خواب شهمير جو پر اعتماد چهرو ڏسڻ اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو هئو. سندن ويجهڙائي وڌندي رهي. شهمير به سندس ڪم ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڪرڻ لڳو. هو پڻ ڄڻ موقعي جي تلاش ۾ هوندو هئو ته سميرا کيس ڪو ڪم چوي ۽ هو اهو ڪري. هو هڪ لحاظ کان پاڻ سميرا سان ويجهڙائي چاهڻ لڳو هئو.
    سميرا ۽ شهمير ۾ ويجهڙائي وڌندي وئي. شهمير جي پراعتماد چهري ڏسڻ جي خواهش سميرا کي شهمير جي چاهت بڻائي ڇڏيو. حالانڪه سميرا هڪ انسان، هڪ دوست ۽ هڪ فنڪار کان وڌيڪ کيس نه پئي سمجهيو . سندس منزل ته ڪا ٻي هئي. هن اعلى تعليم ۽ الائي ته ڪهڙا ڪهڙا خواب سوچي رکيا هئا. شهمير جي فن لاءِ هن وٽ عقيدت هئي، جنهن کي شهمير محبت جو روپ سمجهيو.
    شهمير سان قدرت جو ساٿ هو. قسمت جي ديوي مهربان هئي يا هو پنهنجي عمل ۾ پختو هو. هن جيڪو چاهيو پئي سو پئي حاصل ڪيائين. عزت، شهرت ۽ سندس محبت پڻ. سميرا جي عقيدت جي پويان شايد ڪٿي ڪو شهمير لاءِ محبت جو جذبو هئو، جنهن کان هوءَ پاڻ به اڻڄاڻ هئي. يا وري هوءَ شهمير جي Proposal کي انڪار نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته جنهن چهري تي هوءَ اعتماد ڏسڻ چاهي پئي سو سندس انڪار جي صورت ۾ اڃان به مرجهائجي وڃي ها. هن وٽ شايد اهو ئي اڻڄاتل جذبو هئو سميرا جي دل جي هڪ خاني ۾ لڪل، جنهن کيس شهمير جي زندگيءَ ۾ آڻي ڇڏيو...
    سميرا جڏهن شهمير جي خاندان ۾ پهچي وئي، تڏهن هن ڏٺو ته جيڪا صورت ۽ مورت کيس پهريان نظر آئي شهمير جي شخصيت هروڀرو ائين به نه آهي. کيس شروع ۾ ئي ٿورو ٿورو احساس ٿي ويو ته شهمير ڪجهه ڳالهين ۾ پڪائي ڪرڻ وارو آهي، جنهن ڪري هوءَ ٿورڙي پريشان به ٿي پر انهن سمورين ڳالهين کي زندگيءَ جي تبديليءَ جو هڪ حصو سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيائين. ڪجهه ڳالهين ۾ هڪ Embaracement محسوس ڪيائين. پر وقت جو ڦيرو سوچي خاموش ٿي وئي.
    زندگي شديد لاهن چاڙهن جي ور چڙهي وئي. کين ڏاڍين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو هئو. هو هاڻي ننڍين ننڍين ڳالهين تي اٽڪڻ به لڳا هئا. شهمير پنهنجي ان مخصوص لهجي ۾ ئي رهندو هئو. جتي چار ماڻهو گڏبا اتي شهمير ڄڻ پاڻ کي Mis fit سمجهندو يا چپ ويٺو هوندو يا وري وڃي ٻئي ڪمري ۾ ويهندو. ائين محسوس ٿيندو هئو ڄڻ هو پنهنجي Identification ٿو ڳولي يا جيڪو چاهي ٿو سو کيس اڃان نه مليو آهي.
    اڃان تائين سندس چهري تان اهو محروميءَ وارو لکاءُ نه ويو هئو.
    شهمير ۽ سميرا زندگيءَ جي عام وهنوار واريءَ گاڏيءَ جي ٻن مسافرن وانگر جي رهيا هئا. شهمير هر پاسي بهتر نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هئو. ائين چڱو وقت گذري ويو، پورا پنج سال ڪوششون ڪرڻ کانپوءِ کيس هڪ بينڪ ۾مئنيجر جي حيثيت ۾ نوڪري ملي وئي. هو ڏاڍو خوش هو. هن کي حالتن ڪامرس پڙهڻ تي مجبور ڪيو هئو، جڏهن ته هو ڊاڪٽر ٿيڻ پيو چاهي ۽ هميشه ان اداسيءَ ۾ رهندو هئو ته هن کي پنهنجو من پسند ڪيريئر نه ملي سگهيو. هاڻي ڄڻ ته کيس سندس منزل ملي وئي هئي.
    هو ڏاڍو خوش هو سميرا جيڪا ور ور پئي سندس چهري جون اڀرندڙ لهندڙ ريکائون پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي سا سندس مک تي سرهائي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. سمجهيائين دير آئي درست آئي. هاڻي يقيناً هو هڪ پر اعتماد چهري واري شخصيت نظر ايندو. شهمير بينڪ جوائن ڪري ورتي. خوب دل لڳائي محنت ڪيائين.ٻن سالن اندر سندس ترقي ٿي وئي. هاڻي هو بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ٿي ويو هئو. ترقيءَ جي ڏاڪڻ سندس قدم سڃاڻي ورتا هئا. هاڻي اهي ڏاڪا پار ڪرڻ شهمير لاءِ سولا بڻجي ويا هئا.
    تنهن ڏينهن ننڍڙي پٽ جي سالگرهه تي سڀني شهمير جو انتطار پئي ڪيو. گهر ۾ مٽ مائٽ سڀ ڪٺا ٿيا هئا. شهمير جي اچڻ جو انتظار هو، شهمير آيو، ڏاڍو خوش، سميرا کي هڪ پر اعتماديءَ جي جهلڪ سندس چهري تي نظر آئي. هن ڏاڍيءَ اڪير ۾ ڏانهس وڌي پڇيو: شهمير ڪيڪ گاڏيءَ ۾ پيو آهي ڇا؟“... شهمير کيس انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو ”ڇو تو نه گهرايو آهي؟“
    سميرا چيس: شهمير مون سمجهيو... شهمير رُکي لهجي ۾ چيس: ها سائين تو سمجهيو، تنهنجي سمجهه کي ڪير پڄي؟“
    سميرا چيس شهمير توهان پاڻ پنهنجي پسند جو ڪيڪ آڻڻ لاءِ چيو هو.
    ها هاڻي مون تي هڻ! تو جهڙي وائڙي عورت ٻيو ڇا ڪندي؟ شيون مئنيج ڪرڻ ته توکي اينديون ئي ناهن.
    سميرا واقعي وائڙي ٿي ڪڏهن شهمير جو پر اعتماد چهرو ته ڪڏهن ويٺل مهمانن کي ڏسي رهي هئي . سوچيائين پئي ته ڌرتي جاءِ ڏئي ته جيڪر دفن ٿي وڃان... ايتري تذليل...معمولي ڳالهه تي...
    شهمير هن جي انا کي لتاڙي مهمانن سان کلي کلي پئي ڳالهايو... جيڪو ڪنهن سان ويهندو نه هئو! هاڻي سميرا کي ماڻهن جي وچ ۾ ويهڻ جي همت نه هئي. ڪمري ۾ اچي سوچڻ لڳي... شهمير ائين ڇو ڪيو؟ سندس چهري تي ڪيڏو نه اعتماد هئو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ سميرا ورهيه انتظار ڪيو هئو پر ان سان گڏ سندس رويو؟ آئيني تي نظر پيس... شهمير جي چهري وارين محرومين واريون ريکائون پنهنجي منهن تي چنبڙيل ڏٺائين.


    15. پادري انب ۽ نينگري

    جهڙيءَ طرح وڻ جو ميوو پچي راس ٿيڻ کانپوءِ وڻ سان پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڄي زمين تي ڪري پوي ٿو يا ڪنهن جاندار جو کاڄ يا زمين جو ڀاڻ بڻجي ڌرتيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ سندس جاءِ ڪو نئون ميوو ڪو نئون ڦل والاري ٿو، اهڙيءَ طرح انسان پنهنجي مقرر حياتي گذاري. هن دنيا مان موڪلائي وڃي ٿو. کيس زمين ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو، جتي هو ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ سندس جاءِ ڪو نئون روح والاري ٿو.
    دنيا ۾ ڪيترائي روح آيا ۽ ويا، امر اهي ٿي ويا جن ڪم چڱا ڪيا. ڪيترائي ميوا وڻن تي ڦٽن ٿا، انسان انهن کي پسند ڪري ٿو، جيڪي ذائقي ۾ چڱاٿين ٿا. چڱائي هر حال ۾ چڱي آهي. هميشه چڱائي ڪريو ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان مدو نه هلو. ڪيٿرين، پنهنجي والد جي تقرير ٻڌي ڪڏهن والد جي چهري کي ته ڪڏهن ڀرسان پيل انبن جي ٽوڪريءَ کي ڏسي رهي هئي. هن جو معصوم ذهن فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ته سندس ”پادري“ والد ڪهڙي ميوي ۽ ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟
    هن جو معصوم ذهن ان سوچ ۾ ئي الجهي پيو ته پوءِ ڀائو مون کان جيڪي انب ڦري ويندو آهي ۽ جڏهن نه ڏيندي آهيانس ته مون کي ڊيڄاريندو آهي ته مان اهي سڀ گٽر ۾ ڦٽا ڪري ايندم... پوءِ اهي انب ڪاڏي ويندا هوندا ۽ اهي انب گٽر ۾ڪري پوڻ کانپوءِ وڻ ۾ ٻيهر ڪيئن ڦٽندا؟
    ننڍڙيءَ ڪيٿرين کي سوچن ۾ گم ڏسي ماڻس ٻچڪار ڏئي متوجهه ڪريس ٿي، ”پٽ ڇا ٿيو؟ ٿڪجي پئي آهين ڇا؟ پريئر ٿي وڃي ته گهر ٿا هلون. سڀ پريئر (Prayers) لاءِ اٿي بيٺا ته ڪيٿرين به دعا گهري... ”يا خداوند! منهنجي بابا کي ڪڏهن به پوڙهو نه ڪجانءِ... يا خداوند! مونکي گهر ۾ هڪڙو انبن جو وڻ ڏجانءِ. جيئن جڏهن ڀائو منهنجا انب ڦٽي ڪري ڇڏي ته مان وڻ مان ٻيا انب پٽي سگهان.
    يا خداوند! منهنجو گهر ۽ منهنجي گهر جو انبن جو وڻ ڪڏهن به ختم نه ڪجانءِ“ هر ڪم لاءِ ڪو وقت مقرر آهي ۽ هر دعا لاءِ به ڪا قبوليت جي گهڙي هوندي آهي. ڪيٿرين جيڪا دعا گهري ان جي قبوليت لاءِ کيس ڪيتريون ئي ٻيون دعائون گهرڻيون پيون.
    ابو ابو آهي، امڙ امڙ آهي... چاهي اهي دنيا جي ڪهڙيءَ به ٻوليءَ، قوم ۽ مذهب جا هجن. ڪيٿرين جو والد جيڪو چرچ جو پادري هو، سو رڳو ماڻهن کي نيڪيءَ، چڱائيءَ ۽ چڱن ڪمن واري رستي تي هلڻ جا درس نه ڏيندو هو بلڪه هو پنهنجي اولاد لاءِ به هڪ آئيڊيل پيءُ هو. سندس هنيانءُ پنهنجي پرائي جي تڪيلف تي جهري پوندو هو. هيءُ مڇي مانيءَ وارو گهراڻو هئو. ٻه زال مڙس ٻه ٻار ۽ بس. پر پادري هٿ جو کليل هو. سندس درتان ڪو به سوالي هٿين خالي نه ويندو هو. پنهنجي پورت ٿئي يا نه. گُهرجائوءَ جي گهرج ضرور پوري ڪندو. اهڙن ماڻهن لاءِ گُهرجائن جي گهڻ ته هوندي آهي پر برداشت ڪرڻ وارن جي کوٽ هوندي آهي. ڪٿي ڌرتيءَ واسي انهن لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪٿي وري آڪاش وارو سندن آجيان ڪرڻ چاهيندوآهي.
    پادريءَ کي به اهڙو ئي ڪُمهلو سڏ آيو. سندس جهرندڙ دل اڳ ۾ ئي ڪمزور هئي سا سرڪار جي سَڏ جو سٽڪو نه سهي سگهي ۽ ڊهي پئي.
    ڪيٿرين ۽ ان جي ماءُ سندس پرگهور ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ڪيٿرين ان وقت اٺين درجي ۾ پئي پڙهي ۽ ننڍو ڀاڻس اڃان ڇهين درجي ۾ آيو هو. هنن جي ڪل ڪائنات پادري هو. پر پادريءَ لاءِ ڪائنات وارن ڪجهه ٻيو سوچيو هئو. هڪ ڏينهن ٻنهي ٻارن ۽ گهر واريءَ کي گهرائي چيائين: ”هاڻي مان اوهان سان گهڻو وقت نه هوندس. منهنجا ٻچڙءُ ۽ منهنجي پياري سوزي مون کي معاف ڪجانءِ، مان شايد زندگيءَ جون اهي خوشيون ۽ مسرتون اوهان کي نه ڏئي سگهيس، جيڪي اوهان چاهيون. منهنجي اوهان لاءِ دعا آهي ته خداوند اوهان کي ڪڏهن ڪنهن جي آڏو گُهرجائو نه بڻائيندو. منهنجي هاڻي موڪلاڻي اٿو. ڪيٿرين تون وڏي آهين ڀاءُ جو به خيال رکجانءِ، جيمس ڏس تون آهين ته ننڍڙو پر ڀيڻ جو خيال رکجانءِ. تون ان جو ڀرجهلو ٿجانءِ. منهنجا پيارءُ مان جيمس جي اولاد جي صورت ۾ موٽي ايندم ۽ اوهان سان ملندم. اوهان ڳڻتي نه ڪجو“ پادريءَ جو روح پرواز ٿيو، ڄڻ هنن جا سک پرواز ڪري ويا. سوزيءَ پادريءَ جو ڇڏيل بيماريءَ جو بسترو وڃي وسايو. ڪيٿرين جي پڙهائي متاثر ٿي وئي.
    پادريءَ ملڪيت ۾ رڳو هڪڙو گهر ڇڏيو هئو. سوزيءَ وٽ ڪجهه زيورن ۽ گهرجي ڪجهه سامان کانسواءِ ڪجهه به نه هئو، اهي شيون به رڳو سال کن هليون.
    سال گذرڻ کانپوءِ گهر ۾ نه ڪا شئي وڪڻڻ لاءِ بچي ۽ نه ڪجهه کائڻ لاءِ هو. ڪيٿرين پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ وٺي آئي.
    هڪ ڏينهن سلائي پئي ڪري ته چار ڏينهن بسترو پئي وسايائين. اهڙيءَ طرح انتهائي سخت حالتن ۾ ڪيٿرين هڪ ڪم ڪيو جو ماسيءَ کان اڌارا پئسا وٺي نائين ڏهين جي امتحان جو فارم ڀرائي ڇڏيائين.
    ڏهين جو امتحان ڏئي نوڪريءَ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ لڳي. هڪ اداري ۾ ڪلارڪي ملي ويس. گهر ۾ پگهار اچڻ شروع ٿي ته گهر جو چرخو به اڳتي هليو.
    ڀاڻس نائين درجي کانپوءِ پڙهڻ کان نابري واري ڇڏي. هن ڪو ڪم پئي ڪرڻ چاهيو پر بغير تعليم جي کيس ڪهڙو ڪم ٿي ملي سگهيو. ڪنهن طريقي سان ڪيٿرين کيس به هڪ فيڪٽريءَ ۾ ڪم سان لڳرائي ڇڏيو.
    جيمس کي هٿ ۾ پگهار اچڻ شروع ٿي ته مٽ مائٽ به ويجها ٿيس ۽ دنگ ريٽا کي سندس زندگيءَ ۾ آڻي ڪيائونس. ڪيٿرين ۽ ماڻس ويڳاڻيون ئي رهيون. ريٽا جي زندگيءَ ۾ اچڻ سان جيمس جا تيور ئي مٽجي ويا.
    سوزي ۽ ڪيٿرين جو سهارو جيمس هو پر جيمس جي آس ريٽا هئي. سوزي اهي حالتون وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهي ۽ نيٺ وڃي پادريءَ جي ڀرواريءَ قبر ۾ سڪون ورتائين. هاڻي هئي ڪيٿرين، جيمس ۽ زندگيءَ جا امتحان.
    جيمس جي پهرئين پٽ کي جهول ۾ کڻندي ڪيٿرين کي پادري پيءُ جا لفظ ياد پيا. ”آءٌ جيمس جي اولاد جي صورت ۾ وري ايندس.“ ڪيٿرين سندس پٽ کي سيني سان لاتو ۽ سندس سيوا ڪرڻ جو پهه ڪيائين.
    جيمس کي وري ٻيو به پٽ ڄائو، ان کانپوءِ ٻه ڌيئر، ڪيٿرين کي اهي سڀ پادريءَ جا مختلف روپ لڳا ۽ هوءَ سندن سيوا ۾ لڳي وئي.
    جيمس جا پٽ جڏهن پيءُ جي قد جيترا ٿيا، ته گهر سوڙهو ٿي ويو. پر گهر کان اڳ ۾ دليون سوڙهيون ٿي ويون هيون. دل جا دروازا بند هجن ته گهر جي درين مان تازي هوا اچڻ بند ٿي ويندي آهي ۽ گهر جي کليل دروازن کي به تالا لڳي ويندا آهن. ڪيٿرين لاءِ دل ۽ گهر ٻنهي تي تالا لڳي ويا. گهر جي مٿئين حصي ۾ هڪ ننڍڙو اضافي ڪمرو ڪيٿرين وسايو ڇو ته هن ٻئي ڪنهن گهر ٺاهڻ جو سوچيو ئي نه هئو يا سندس گهر ٺاهڻ جي سوچ ٻئي ڪنهن کي به نه آئي. هيءَ ته هڪ سوني جهرڪي هئي، جنهن کي اڏرڻ به نه ڏيڻو هو ۽ قيد به رکڻو هو.
    جيمس جا ٻئي پٽ ڪيٿرين سان گڏ رهن ٿا، پر پيءُ کي پورو خرچ ڏيندا آهن. جيمس ڪيٿرين سان، کانئس خرچ وٺڻ واري ڏينهن کانسواءِ ڳالهائي ئي نه ٿو. هوءَ ان گهر ۾ مهمانن وانگر اچي ٿي، جنهن جي بقا لاءِ دعائون گهريون هئائين.
    سندس گهر ۾ انبن جو ٻور به ڇڻي وڃي ٿو، جيڪو ريٽا ٻهاري ڇڏي ٿي. ڪيٿرين کي نه گهر تي اختيار آهي ۽ نه انبن جي ٻور تي...
    نوان پادري سندس پادري پيءُ جي ڪتابن مان ٽڪرا کڻي عبادت وارن ڏينهن تي پڙهن ٿا. ان مان سبق ڏين، پرائن، سمجهائن ۽ ڦهلائن ٿا پر سڀ پادري ان جي يتيم نياڻيءَ ۽ اڻ سڌريل پٽ جي مسئلن ڀريل زندگيءَ کان لاتعلق ۽ ڄڻ اڻ واقف آهن. گهرجي مٿئين ڪوٺڙي جنهن ۾ ڪيٿرين رهي پئي هئي، سا به برساتن ڪري ڪمزور ٿي وئي ۽ ڪنهن به مهل ان جي ڇت ڪري پئي سگهي. ڪيٿرين لاءِ هاڻي اڃان به وڌيڪ مشڪلاتون شروع ٿي ويون .
    جيمس ڪنهن به حالت ۾ ساڻس تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. گهر ٺهرائڻ جي ڳالهه تي به چيائونس ته پاڻ ٺهراءِ، جڏهن ته گهرجي وڏي حصي ۾ جيمس جي فيملي پئي رهي. ريٽا ايندي ويندي طعنا هڻيس. ڪيٿرين کي پنهنجي پيءُ جو روپ نظر ايندڙ ڀائٽين جو مستقبل ٺاهڻو هو. جيمس جو خيال هو ته ڇوڪرا نه پڙهن ۽ ڪنهن ڪم ڌنڌي سان لڳن ته جيئن گهر ۾ پئسو اچي. ڪيٿرين جو خيال هو ته ڇوڪرا پڙهي لکي وڃن ۽ جيمس وانگر جاهل نه رهجي وڃن. ڇوڪرا به ڪيٿرين جو چيو مڃن پيا، ڇو ته هو به پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ پيا چاهين.
    مسئلن جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي ۽ ڪيٿرين وٽ سواءِ ان جي ڪوبه چارو نه هئو ته هوءَ جدا گهر وٺي رهي، هن ڀرسان هڪ مسواڙ تي گهر ورتو. ڇوڪرا ساڻس گڏ هئا. جيستائين سندن تعليم جا خرچ هئا ته مائٽ کانئن به ڪاوڙيل هئا. جيئن ئي هاڻي هنن پڙهائي پوري ڪئي آهي ته جيمس ۽ ريٽا کي پٽن جي محبت جو احساس به ٿيو آهي ۽ هو انهن سان ويجها ٿيا آهن.
    ڪيٿرين اڄ به Prayers ۾ وڃي پادري (پنهنجي پيءُ)، سوزي پنهنجيءَ ماءُ، سندن گهر ۽ پادريءَ جي آل اولاد جي بهتريءَ لاءِ دعائون گهري ٿي. زندگيءَ جي گولڊن جوبلي پوري ڪرڻ واري ڪيٿرين لاءِ هينئر پيءُ جي تعليم جو اکر سمجهڻ مشڪل ناهي رهيو. مشڪل آهي ته زندگيءَ جو ۽ زندگيءَ جي مسئلن، مونجهارن جو سٽ جيڪو خبر ناهي ڪڏهن کلندو.


    16. مهرالنساءِ

    امڙ ٿورو هوريان ڪر، اڳ ۾ ئي هٿ جهرن ٿا. مهرو ننڍڙيءَ فاطمه کي سيسراٽ ڀريندي چيو، جيڪا سندس هٿن کي تيل سان مالش ڪري رهي هئي.
    ”امان زور سان نه ٿي ڪيانءِ... انهن تنهنجين آڱرين وٽ لڳي ٿو ته ڦٽ ٿي پيا اٿئي، اهي ڏکنئي ٿا.“ فاطمه وراڻي ڏنس. ماءُ جا ڦٽيل هٿ ڏسي سندس اکيون ڀرجي آيون... ستن سالن جي فاطمه پنهنجيءَ عمر جا سال ڄڻ ته ٻٽا گذاريا هئا. ستن بدران چوڏهن سالن جيتري ٿي وئي هئي. کيس ڏسي يقين سان چئي سگهجي پيو ته ڏکن جا سال وڏا ۽ عمر ٻيڻي ٿي ويندي آهي.
    ”امڙ نه وينديس ته هن پيٽ جو دوزخ ڪير ڀريندو؟... بس هاڻي ڇڏ ، تون وڃ، وڃي ڀينرن کي ماني ڳڀو ڏي. آهي ماني؟؟“
    ”ها امان... آهي، ٿورڙو اٽو پيو هئو، مڙئي ڦلڪڙيون وڌيون اٿم. گذارو ٿي ويندو... امان تون به کاءُ...“
    ”نه امڙ... اوهين کائو، مونکي سونيءَ ٿورو ڍوڍو ڏنو هئو. اهو سنڀالي رکيو هئم. سج لٿي مهل هنيانءُ پيو ڪچو ٿئي سو ايندي مهل واٽ تي پاڻيءَ سان کائي ورتم...“ مهروءَ پنهنجي ڊنر (Dinner) جو تفصيل ٻڌايس.
    فاطمه اهي ڦلڪڙيون ننڍڙين ڀينرن کي کارايون ته سندس لاءِ هٿ ۾ رهيل رڳو ٻه گرهه بچيا. هن ماءُ کي ڪجهه به نه چيو ۽ پاڻي پي وڃي سمهي پئي.
    مهرو هٿن تان تيل اگهيو ته کيس آڱرين تي ڦٽ نظر آيا. سندس اکيون ڀرجي آيون. آڱرين جا زخم ڏسي نه بلڪه دل جا ڦٽ ساري، جيڪي اڄ ٺيڪيدار جي ڳالهين سان اڊڙي پيا هئس.
    ٺيڪيدار اڄ نه رڳو کيس سندس اصل نالي سان سڏيو هو بلڪه کيس ميرين نظرن سان به ڏٺو هو.
    ”لڪشمي! تون اسان لاءِ اها ئي لڇمي آهين. بلڪه مها لڪشمي... هي تنهنجا نازڪ سهڻا هٿ پورهئي ڪرڻ لاءِ نه بلڪه مايا سنڀالڻ لاءِ آهن. منهنجي مڃ ته مايا سان مالا مال ڪري ڇڏيانءِ...
    سوچڻ لڳي ته هيءُ ڪهڙيءَ مايا جي سنڀال جي ڳالهه ٿو ڪري. مان جيڪڏهن محنت نه ڪيان ته منهنجين ڌيئرن کي ڪير پاليندو؟
    هيءُ اڄ مون ۾ اکيون وجهي ٿو، سڀاڻي منهنجين نياڻين تي نظر وجهندو. مون غريب عورت وٽ صرف هڪ عزت ئي ته آهي، جنهن کي سنڀالي پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ڌيئرن جي مانَ بچائڻ ۽ سندن انگ ڍڪڻ لاءِ پورهيو ٿي ڪريان. مايا سان موهه ڪندڙ ته هي پاڻ آهن، جيڪي غريب کي پورو اجورو به نه ٿا ڏين.
    مايا ته مون ٺڪرائي ڇڏي... هڪ ڪوڙي محبتي ماڻهوءَ جي ڪڍ... سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم... دوکو، فريب، محبت ڪاٿي آهي؟ ڇا محبت جي سفر جي منزل، مايوسي، مجبوري، مفلسي... ۽ موت؟
    هنيانءَ ۾ هڪ هُرَ اٿيس ٿي. مون جنهن کي محبتي ميڻادار ماڻهو سمجهيو، ان مون کي مايادار مڻيو سمجهي پنهنجو ڪيو ۽ پوءِ؟؟؟
    سوچي ٿي... هرو ڀرو ٿي ويٺي وري اهي پراڻيون ڳالهيون سوچيان ڇا ٿيندو؟ ڪجهه به نه ورڻو آهي. نه مٽ نه مائٽ نه محبتون. اهي ذهن تان سڀ خيال لاهي درود شريف پڙهي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر تلخ يادن جا ڪنڊا ننڊ اُڏاري ڇڏنس ٿا.
    ورهاڱي سندس سڀ ڪجهه ورهائي ڇڏيو. پيار ڪندڙ ماءُ، سهيلين جهڙيون ڀينر، باڊي گارڊ جهڙو اڪيلو سڪيلڌو ڀاءُ، محبتن ۽ شفقتن سان ڀرپور پيءُ. کيس ڪيڏو نه سمجهايو هئائون. گهڙيءَ گهڙيءَ ڇت تي چڙهي، سرور سان ڳالهائڻ لاءِ پئي واجهايائين. هن گهٽيءَ جي موڙ تي اچڻ لاءِ چيو هوس. ماڻس وار وار پئي جهليس. ”لڇي متان هيڏي هوڏي ٿي آهين. ڄاڻ گاڏي آئي... ڇوڪريون سڀ سامان سنڀالي رکو. کڻڻ واريون شيون کڻو، صندوقون چڱيءَ طرح بند ڪري رکجو. بس رڳو ڇهن مهينن جي ته ڳالهه آهي، موٽي اينداسين. خبر ناهي هي ملڪ ڇو ورهائيندا آهن؟ الائي ڇا ڪندا ماريا؟؟ ماڻس مسلسل ڳالهائي ۽ سامان هيڏانهن هوڏانهن سهيڙي رهي هئي. لڪشميءَ کي رڳو هڪ ڳڻتي هئي ته هيءُ ملڪ جو ورهاڱو ڪٿي پيار جو به ورهاڱو نه ڪري وڃي. گاڏيءَ اچڻ ۾ دير لاتي هئي. هيءَ گاڏي ڏسڻ جي بهاني درکا نڪتي ڏٺائين ته گهٽيءَ جي موڙ وٽ سرور پهچي چڪو هو. هيءَ جيئن ئي سندس ويجهو پهتي. هن کنڀي کنيس، چئي: پويان گاڏي اچي ٿي، ائين نه ٿئي جو تون هلي وڃين؟ پوءِ اسين سڄي زندگي نه ملي سگهنداسين.“
    ”پر امان ته چوي ٿي ته اسين ڇهن مهينن ۾ موٽي اينداسين.“
    ”چري ٿي آهين؟ ڇهه مهينا ڪنهن ڏٺا؟ ۽ پوءِ اتي جو تنهنجو سڱاپو ڪري ڇڏين ته پوءِ تون ڇا ڪندينءَ؟ مان ڇا ڪندم؟ هينئر موقعو سٺو آهي هل ته کسڪي هلون. هي سڀ هليا ويندا ته پوءِ اسين اچي ساڳيءَ جاءِ ۾ رهنداسين. تون سون ٻون ته هٿيڪو رکيو آهي نه؟ ”سرور اتاولو ٿي پڇيس ٿو.
    ”ها... ها صندوق کي تالو هنيو اٿم. چاٻي نه لڌي ته کڻي ڀڃنداسين. هن اطمينان ڏياريس.
    سرور کيس واپس گهر وڃڻ ئي نه ڏنو. هڪ دوست جي گهر اچي رهايائينس. پٺيان سندس گهر وارن کيس ڏاڍو ڳوليو، پر جيئن ته گاڏيءَ ۾ ٻيا به هندو هئا جن کي تمام تڪڙ ۾ هيءُ ملڪ ڇڏڻو هئو. رستا اڻانگا ۽ خطري وارا هئا. هر پاسي خونريزيءَ وارو ماحول هئو. هڪڙيءَ لڪشميءَ جي ڪري ٻيا ماڻهو رڪي نه پئي سگهيا. ڪيترائي ٻار ٻڍا ۽ نينگريون ائين رهجي ويون هيون.
    لڪشمي پورو هفتو سرور جي دوست جي گهر ۾ رهي. ان هفتي جي دوران ملڪ ۾ ڏينهن رات جو ڦيرو اچي ويو.
    سرور به غائب هئو. هفتي کانپوءِ سرور موٽيو. پر چيائينس ته في الحال ان گهر ۾ نه ٿا هلي سگهون، ڇو جو ڪجهه ماڻهن ان تي قبضو ڪري ورتو آهي. لڪشميءَ جا ڄڻ ڇيهه ئي ڇڄي پيا. ڏاڍيءَ ڪوشش جي باوجود به اهو گهر کين واپس ملي نه سگهيو. بلڪه ڪنهن مهاجر ڪٽنب کي اتي رهايو ويو. لڪشمي پاڻ ظاهر ڪري نه پئي سگهي. سرور وٽ ڪا اٿارٽي نه هئي جو گهر واپس وٺي سگهي ها. لڪشميءَ وٽ هاڻي ڪجهه به نه رهيو هئو. نيٺ مهيني کن گذري وڃڻ کانپوءِ سرور کيس مسلمان ٿيڻ لاءِ چيو. لڪشميءَ چيس پر تون پهريان ته اهڙو ڪو شرط نه رکيو هئو. سرور چيس پهريان جو ٻيو معاملو هئو. هاڻي حالتون ٻيون آهن. هاڻي سندس مسلمان ٿيڻ ضروري آهي نه ته ماڻهو رهڻ نه ڏيندا . هونئن به جاڏانهن ڪاڏانهن باهه ٻري پئي هئي. لڪشمي هاڻي مهرالنساءِ سرور بڻجي وئي. سرور جي پنجن ڌيئرن جي ماءُ بڻجڻ تائين هن زندگيءَ جون اهي اذيتون ڀوڳيون جن سندس دل ۽ دماغ تان محبتن ۽ چاهتن تان اعتبار ئي کڻائي ڇڏيو. سندس مائٽن وارو گهر مهاجر ڪٽنب کي ڪليم ۾ ملي ويو. سرور کي لڪشميءَ جي ڪا به ملڪيت نه ملي سگهي. نه سون، نه زيور، نه پئسو ۽ نه ئي گهر. جنهن لالچ ۾ هن لڪشميءَ کي پنهنجي ڦند ۾ ڦاسايو هو ساتهي دامن لڪشمي/مهرالنساءِ پنجن ڌيئرن سميت سرور تي هڪ ٻوجهه هئي، جيڪو هو سر تان لاهي ڦٽي ڪرڻ جا پيو بهانا ڳوليندو هئو. جادل سندن پاڙي ۾ رهندڙ هڪ بيواهه عورت هئي. ڪڏهن ڪڏهن سرور سندس ٻاهرين ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪندو هئو. ان ڪڏهن ڪڏهن جي مفاد جادل جي گهر کي سرور جو آشيانو بڻائي ڇڏيو.
    فاطمه ۽ حرمت ٿوريون سمجهه ڀريون هيون، جيڪي مهر النساءِ کي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائينديون هيون. سرور انهن کي جادل وٽ ڇڏيو هئو ته جيئن سندس ڪم ڪار ۾ مدد ڪن. هو اڌ ڏينهن اتي هونديون هيون ۽ منجهند کانپوءِ گهر واپس اينديون هيون. مهرالنساءِ جي اکين مان اڄ ننڊ موڪلائي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته پٺيون سڀ ڳالهيون ۽ سرور جي بي مروتيءُ تي افسوس کيس سمهڻ نه پيو ڏئي. مٿان وري صبح جو ٺيڪيدار سان ڏند چڪ ٿيس. پاسا ورائيندي فاطمه تي نظر پيس، ڀرواريءَ کٽ تي ستل فاطمه جون اکيون اڌ کليل هيون. سوچڻ لڳي ڪيڏي نه ڪمزور ٿي وئي آهي... ڇا ستن سالن جي نينگري ۽ ڇا ٻن ٻن گهرن جو ڪم، جادل ته کيس ماني به نه ڏيندي آهي. چي: ”ڪهڙو سرور ڪمائي ٿو ڏينم جو اوهان لاءِ لولا گهڙيان؟ اهي چاڳ وڃي ماءُ سان ڪريو“! مهرالنساءِ سوچڻ لڳي ته ٻه ڏينهن ڪم تي نه وينديس. سڄو ڏينهن پٿر ڪُٽي ڪُٽي هٿ زخمي ٿي پيا آهن. ٻه ڏينهن گهر ۾ رهنديس ته فاطمه کي آرام ملندو... پر فاطمه و ڦلي ڇوٿي؟
    ڀرسان وڃي ڏٺائينس هوءَ گهريءَ ننڊ ۾ ستل ڪا نه هئي بلڪه تمام جهيڻي آواز ۾ ڪجهه گهريائين پئي... مهرالنساءِ ويجهو وڃي ڏٺس ته هوءَ بک ۾ ساڻي پئي هئي ۽ چچريل آواز ۾ جيڪي لفظ وات مان پئي اڪريس اهي هئا ”ماني.... ماني....“
    مهرالنساءِ جو هنيانءُ جهري پيو. سڄو گهر ڳوليائين پر گهر ۾ ڪو به کاڌي جو سامان نه هئو. جادل جي گهر وئي ته وڃي سرور کي ڪجهه چوان ٿي ته ڪٿان کاڌي جو بندوبست ڪري. اتي پهچي ڏٺائين ته هو ماني کائي چڪا هئا. هن کي ڏسي سندن مُنهَن جا پنائي لهي ويا.
    ان کان اڳ ۾ جو مهرو سرور کي ڪجهه چوي... هو مٿان اڀري آيس ”نڀاڳي رن... هتي به سڪون نه ٿي ڪرڻ ڏين.“ مهروءَ چيس ”گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“
    ”ته پوءِ پٽ ڄڻين ها ته ڪمائي کارائي هان تون به عيش ڪرين هان مونکي به سڪون ملي هان. هاڻي ٽر هتان ته...“
    هوءَ وڌيڪ بي عزتي برداشت نه ڪري سگهي، واپسيءَ تي رڌڻي ۾ اوباريل پليٽ ۾ گوشت جون هڏيون ۽ هڪ سڪل نان نظر آيس. فاطمه جو ساڻو پيل جسم ۽ مانيءَ جي تانگهه ياد اچي ويس. دل چاهيس ته جيڪر اهو سڪل نان کڻي وڃي فاطمه کي آلو ڪري کارائي. پر جادل جون طنزيه نظرون ۽ سرور جو بيگانو، بي عزت ڪندڙ چهرو ڏسي واپس هلي آئي.
    گهر جي چانئٺ تي ماڪوڙيون ڳڙ جي ننڍڙيءَ ذرڙيءَ کي گهليندي نظر آينس. جهڪي ماڪوڙيون هٽائي اها ڳڙ جي ذرڙي کنيائين. پاڻيءَ جو گلاس ڀري هٿ ۾ لوڻ جي چپٽي ۽ ماڪوڙين کان ڦريل ڳڙ جي ذرڙي کڻي فاطمه کي جاڳايائين فاطمه... اٿ... ماني... اکين جي سمنڊ مان اٿيل لڙڪن جون لهرون سندس انا کي اڃان به مضبوط بڻايو بيٺيون هيون.
    ڪڏهن پٿر ڪٽي ڪٽي زخمي ٿيل هٿن کي ته ڪڏهن فاطمه جي لهڪاڻيل چهري کي پئي ڏٺائين. فاطمه... اٿ پٽ... صبح جو مان ڀائو گدوءَ وارن وٽان اٽو آڻي ماني پچائي ڏيندي مانءِ... فاطمه لوڻ پاڻي ۽ ڳڙ جي ذرڙيءَ سان ڊنر ڪري صبح جي مانيءَ جا خواب ڏسڻ لاءِ سمهي پئي.
    مهرو به اکيون پٽيون پئي صبح جو انتظار ڪيو. سڀاڻي پَرينءَ ٽَڪر تي ويندم، اتي وڏا پٿر ڪٽڻا آهن. وڌيڪ پئسا ملندا... سڙڪ به ٺهي ٿي... شام جو اتي پٿر وڇائيندا... اتي ويندم ته اهي به هٿو هٿ پئسا ڏيندا... من... ٻه ٽي ڏينهن ٽپي وڃن... ٻارڙين جي خالي پيٽ ۽ ڏرا ڏنل اکين سندس هٿن جي زخمن کي پڪو ڪري ڇڏيو هو.

    (نانيءَ جي زماني جي هڪ پورهيتڻ جي سچي ڪهاڻي)
    (6-10-2013 ۽ 7-10-2013 جو وچAM 04.00(


    17. اسٽيٽس

    ”هاڻي ڇڏ ڪم جي پچر گهڻو ٿيو، ٿورو آرام به ڪر... ٻه منٽ ڏيانءِ ٿي سڀ سامان بند ڪر ته مان لائيٽ وسايان.“ مريم پيار ڀريل ڪاوڙ ۾ مومل کي چيو.
    ”امان پليز رڳو هڪ ڪلاڪ کن ٻيو ڇڏ ته هيءُ آخري بنڊل آهي چيڪ ڪري وٺان ته پاڻهي سمهي پونديس“ مريم ماءُ کي منٿ ڪندي چيو ۽ مريم به ڇا پئي ڪري سگهي. هوءَ پاڻ هڪ رٽائرڊ لائبريرين هئي. ڌيءَ جون ذميواريون سمجهي پئي. هن کي خبر هئي ته يونيورسٽيءَ ۾ رڳو پڙهڻ نه پر پڙهائڻ به وڏي جوکم جو ڪم آهي. مومل تي ته هوءَ فخر ڪندي هئي پاڻ هڪ لائبريرين هئي ۽ علم سان چاهه رکندڙ هئي . سندس وڏيون ٻه ڌيئر تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گهر ٻارن سڀنالڻ ۾ لڳي ويون، ٽئين نمبر واريءَ مرڪ کي ٽيچر ٿيڻ جو شوق هئو. هوءَ پڻ يونيورسٽيءَ ۾ اڪنامڪس پڙهائي رهي هئي. سڀني کان ننڍي ۽ دادلي ڌيءُ مومل ڪڏهن به ٽيچينگ جي شعبي ۾ اچڻ نه پئي چاهي.ڊاڪٽر ٿيڻ مومل جو جنون هئو. هوءَ راند کيڏندي هئي ته ڊاڪٽر ڊاڪٽر. گهر ۾ ڪنهن کي مٿي ۾ سور پوي يا بخار يا ٻي ڪا تڪليف، ”مومل جي ميڊيڪل ايڊ “ هر وقت تيار ملندي هئي . لائونج ۾ رکيل ڊوائيڊر جو هڪ خانو مومل جي ڊسپنسري هئو. جتي هر قسم جي فرسٽ ايڊ موجود هوندي هئي. هوءَ سڀني ڀينرن ۾ ماٺيڻي طبيعت جي هئي، وڏيون اکيون، تکا نقش هر وقت ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل، ڪنهن جي به متوجه ڪرڻ تي هر وقت مرڪي جواب ڏيڻ سندس عادت بلڪه فطرت هئي.
    مريم مومل کي ڪم ڪندي ڇڏي وڃي، بستري تي سمهي پر اڄ الائي ڇو ننڊ اکين مان موڪلائي وئي هئس. روز رات جو ننڊ جون گوريون کائڻ سندس معمول هئو. پر اڄ ته گوريءَ به اثر نه ڪيو. اڌ ڪلاڪ مشڪل سان ننڊ آيس پر ڇرڪي اٿي. مومل جي ڪمري جي بتي کليل ڏسي کيس ڏسڻ هلي وئي. موٽي اچڻ تي ننڊ کانئس موڪلائي وئي. مريم کي مومل جا گهر ۾ اڇو ڪوٽ پائي ۽ ڳچيءَ ۾ رانديڪن وارو اسٽيٿو سڪوپ پائي گهمڻ وارا ڏينهن ياد اچي ويا. اهي لمحا ياد ڪندي اکيون آليون ٿي وينس. مومل جي زندگيءَ ۾ اهڙو ته طوفان آيو جو سندس سمورا خواب گهلي ويو. اڳ ۾ ئي هوءَ خاموش رهڻ واري هئي. هاڻ ته ڄڻ زبان تي تالو لڳي ويس. مريم اتي اچي دريءَ کان بيٺي ۽ آسمان ڏي منهن ڪري خدا کان فرياد ڪندي پڇي ٿي، ”يا خدا آخر اسان کان ڪهڙو قصور ٿيو، منهنجيءَ معصوم نياڻيءَ سان اهو ظلم ڇوٿيو؟ جو هن سڄيءَ زندگيءَ جو روڳ پالي ورتو. آخر مومل ۾ اهڙي ڪهڙي خامي ڪهڙو نقص هئو، جو پنهنجن کيس ٺڪرايو. پنهنجن سڳن رشتن ۾ ايڏا ويڇا ڇو ٿا اچي وڃن؟ دولت وڏي بربادي آهي. اها انسان جو مقام مٽائي ڇڏي ٿي. ان جي روشنيءَ ۾ ماڻهو انڌو ٿي وڃي ٿو. انهيءَ انڌ ۾ کيس رشتا به نظر نه ٿا اچن. ها اهو ئي قصور هئو مومل جو، جو هوءَ ڪنهن وڏيري/جاگيردار جي ڌيءَ نه هئي. هن جي ماءُ هڪ سورهين گريڊ جي سرڪاري ملازم ۽ پيءُ دڪاندار هو. سندس ڪو وڏو بزنس نه هو. چار ڌيئر ٻه پٽ ۽ ٻه زال مڙس، اٺن ڀاتين جو خاندان ۽ پٺيان ڀينرن ڀائرن کي به مدد ڪرڻ کانپوءِ ان وٽ ايتري بچت نه ٿيندي هئي جو ڪاروبار وڌائي سگهي. هو جيڪو اسٽيٽس پنهنجي خاندان کي ڏئي سگهيو، ان ۾ رڳو عزت جي روزي روٽي ۽ هڪ حد اندر رهي زندگيءَ جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ شامل هو. ڪيترين ئي سهولتن لاءِ اڃا هو سَڌون ئي ڪندا رهندا هئا. ماءُ ويچاري ٻارڙن جي فرمائشن کي ايندڙ پهرينءَ تائين ٽاري هڪ آسرو ۽ اميدن جو ڏيئو ڏيکاري ڇڏيندي هئي، جنهن جي وَٽ پهرينءَ اچڻ تي وسامي ويندي هئي ۽ ماءُ وري نئين وٽ وٺي ايندڙ پهرينءَ تائينءَ جو اوسيڙو ٻارڙن جي اکين ۾ ڏئي پاڻ ڪُنڊن پاسن ۾ پنهنجين اکين جا لڙڪ پلئه سان پئي اگهندي هئي.
    هنن پوءِ به مومل کي ڊاڪٽر بڻائڻ ٿي چاهيو. جيئن سندس سپنو به پورو ٿئي ۽ مومل پنهنجي زندگي به سکي گذاري سگهي. پر قدرت کي مومل جو ڊاڪٽر بڻجڻ قبول نه هئو.”سارنگ سندس زندگيءَ ۾ ميگهه ملهار بڻجي خوشين جو وسڪارو آڻڻ بدران سورن ڀريل سوڪهڙو کڻي آيو، جنهن مومل جي آسن، اُميدن، امنگن ۽ ارمانن کي ڏکن سان ڏاري سندس زندگيءَ ۾ حسرتون ڀري ڇڏيون.
    مريم وري اچي پلنگ تي ليٽي ٿي پر بستري ۾ ڄڻ ڪنڊا ٿا چڀنس.
    مريم ۽ صالحا پاڻ ۾ سڳيون سوٽيون هيون. صالحا به هڪ سرڪاري اداري ۾ ملازم هئي. سندس پٽ سارنگ لنڊن مان ڊاڪٽري پڙهي آيو هو. کيس مومل سان گهڻي انسيت ٿي پئي هئي. هن کيس پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهيو پر سارنگ جي مائٽن جا خواب وڏا اوچا هئا. سندن پهريون پٽ ٻاهرئين ملڪ مان پڙهي آيو هو، ان ڪري سندن خيال به آسمان ۾ پيا اُڏامن. هنن کي ڪا اهڙي ڇوڪري پئي کپي جيڪا سارنگ سان گڏ اوچي سوسائٽيءَ ۾ بنا هٻڪ جي هلي سگهي. حالانڪه هو پاڻ به مڊل ڪلاس خاندان جا هئا ۽ ڏاڍيءَ مشڪل سان سارنگ ٻاهر پڙهي سگهيو هو. پر جيئن ته ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي پير رکي چڪو هو انڪري نظر مٿي کان مٿي واري ڏاڪي تي هئس. هو اهي ڏاڪا مومل سان گڏجي پار ڪرڻ پيو چاهي پر سندس مائٽن جي نظر ۾ مومل ان لاءِ مناسب نه هئي. کين اهڙيءَ ڇوڪريءَ جي تلاش هئي، جيڪا نه صرف اعلى سوسائٽيءَ ۾ ڦڙتيءَ سان هلي سگهي بلڪه جيڪا معاشي طور به سارنگ تي ٻوجهه نه پوي ۽ سندس ڪابه ذميواري سارنگ کي پريشان نه ڪري يعني هڪ خود مختيار ڇوڪري جيڪا سماجي ۽ معاشي طرح سندس ساٿي بڻجي. مومل اڃان تعليم ئي مڪمل نه ڪئي هئي ۽ نه ئي سندس مائٽن وٽ ايتري دولت هئي، جيڪا هو کيس ڏئي سگهن. مومل تن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪري رهي هئي. سندس انٽر جو نتيجو تمام سٺو هو. جيڪڏهن انٽري ٽيسٽ پاس ڪري سگهي ها ته آسانيءَ سان ميڊيڪل ۾ داخلا ملي وڃيس ها. پر سندس زندگيءَ ۾ اهو ڀونچال انهن ئي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ وارن ڏينهن ۾ آيو. گهر ۾ مستقل ڇڪتاڻ مومل جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو هو. هوءَ سڀ ڪجهه وساري ويٺي ۽ انٽري ٽيسٽ ۾ گهربل نمبر نه آڻي سگهي. جنهن ڳالهه سارنگ جي مائٽن کي ويتر شهه ڏئي ڇڏي. چون ته ڊاڪٽر به نه ٿي سگهندي ته پوءِ ڇا ڪندي؟ ڊاڪٽر ٿي وڃي ها ته وري به سوچيون ها... مومل هڪ پاسي ميڊيڪل نه ملڻ ڪري سخت پريشان هئي. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ ته ڪنهن کيس پهاڙ تان هيٺ اڇلايو هجي ۽ هوءَ پاتال ۾ ڪري پرزا پرزا ٿي وئي هجي. مٿان وري سارنگ جي پريشانيءَ کيس جهوري وڌو. هن سارنگ کي ڪيڏيون ته منٿون ۽ ايلاز ڪيا، کيس ڪيڏو نه يقين ڏياريائين ته هوءَ محنت ڪندي ۽ زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري وٺندي. هن ناڪامين ۽ سخت مشڪلاتن واري وقت ۾ سارنگ جو ساٿ چاهيو پر هو کيس نا اهل سمجهي نظر انداز ڪندو رهيو. مٿان سندس مائٽن جو زور بار ته هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ پٺيان وقت برباد ڪرڻ بدران ڪنهن نوڪريءَ واريءَ ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪر، سارنگ جو به مٿو ئي ڦيري ڇڏيو. هو دلبرداشته ٿي نيٺ موٽي هليو ويو.
    هيڏانهن مومل جي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته طوفان مچائي ويو. هڪ پاسي سندس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، ٻئي پاسي سارنگ به ڇڏي هليو ويو. سندس زندگي هڪ انتهائي تڪليف واري موڙ تي اچي بيٺي، جتي جيئڻ جي خواهش به ڊانوانڊول پئي محسوس ڪيائين. زندگيءَ کي ايڏو ٻُسو، بي رونق ۽ بي رنگ مومل ڪڏهن به نه سمجهيو هو. ڇهه مهينا گذري ويا پرهن جي منهن تي مرڪ موٽي نه آئي.
    پڙهائيءَ ۾ مگن رهڻ واريءَ مومل کي ڪتابن کان ئي چڙ وٺي وئي هئي ۽ هر وقت گم سم رهڻ لڳي. گهر جي ڪم ۾ مشين وانگر جنبي رهڻ لڳي. مائيءَ جا ڌوتل ٿانوَ کڻي ٻيهر ڪيتريءَ دير تائين انهن کي مهٽي مهٽي چمڪائيندي، سيٽ ٿيل الماڙيءَ جا ڪپڙا ٻيهر ٻيهر پئي ٺاهيندي، گهر جي شين کي پئي رڳو جرڪائيندي. هر شئي کي تمام بهتر ٺاهڻ جو ڄڻ جنون سوار ٿي ويس. جڏهن ته پاڻ پنهنجيءَ ذات کان بي خبر ٿي وئي، کائڻ پائڻ گهٽائي ڇڏيائين. پاڻ کي ٺاهڻ ته وسري ئي ويو هئس. نه ڪاڏي وڃڻ نه ڪنهن آئي وئي سان ملڻ هڪ عجيب معمول بڻائي ڇڏيو هئائين. سندس امڙ ۽ ڀينر سندس اهو حال ڏسي پيون ڪَڙهنديون هيون. نيٺ ماءُ ۽ ڀينرن جي گهڻي اسرار تي مومل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. پهريون سال ته ڄڻ ننڊ جاڳ ۾ پورو ڪيائين. آنرز ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه هوش آيس. هوءَ ذهين ۽ هوشيار ته اڳ ۾ ئي هئي. ٿوري محنت ڪيائين ته ايم اي ۾ ٽاپ ڪري ورتائين. استاد کيس ڀائيندا به گهڻو هئا. تن زور ڀريس ته ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي به ڪري وٺ. مومل سوچيو ته ٻيو ته ڪجهه سوچيو ئي ناهي ڇو ته پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ تعليم کي ئي جاري رکڻو آهي. هن ڏاڍيءَ محنت سان ايم فل ۽ پي ايڇ.ڊي ڪئي. ان دوران سندس ڪيترائي رشتا آيا پر مومل ذهني طور شاديءَ لاءِ تيار ئي نه هئي. نه هن کي سارنگ جو انتظار هو ۽ نه ئي ان کان نفرت، بس هڪ اڻڄاڻ ڪيفيت کيس ان ڳالهه کان روڪيندي رهي. هينئر هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هئي. هوءَ هڪ برد بار، خود مختيار ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل اها ڇوڪري هئي، جيڪا ڪنهن به سارنگ کي قبول ڪرڻ يا ٺڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻ جهڙي هئي. سندس زندگيءَ جا معمول ۽ معيار پنهنجا هئا. معاشي توڙي معاشرتي مدد (Support) لاءِ هن کي ڪنهن به مرد جي ”سهاري“ جي گهرج ڪانه هئي. اهو ئي سبب هو جو مريم کي پنهنجيءَ ڌيءَ تي فخر هو، جنهن زندگيءَ جي چئلينجز کي منهن ڏئي پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو هو.
    اڄ مريم جي ننڊ ان ڪري به ڦٽل هئي جو اڄ کيس اطلاع مليو هو ته سارنگ وري واپس پيو اچي ۽ سندس خواهش آهي ته هو مومل سان ئي سڱ ڳنڍي . اڄ جيئن ته مومل هڪ پاڻ ڀري ڇوڪري هئي ۽ ماهوار هڪ سٺي آمدني ڪمائي رهي هئي، سندن رهائش به چڱي ٿي پئي هئي ۽ گاڏيءَ وغيره کانسواءِ زندگيءَ جون گهڻيون سهولتون،جيڪي ڪنهن به ماڻهوءَ جي اسٽيٽس (Status) کي ظاهر ڪنديون آهن، سي مومل وٽ موجود هيون، تڏهن سارنگ جي مائٽن کي به ڪو اعتراض نه هو ان رشتي تي.
    پر مومل ڏهن سالن جي عرصي دوران ڏکن جي پل صراط پار ڪئي هئي. هينئر هوءَ انهن ماديت پرستي ((Materialism تي ٻڌل رشتن جي اصليت سمجهي چڪي هئي. هن رشتن جي راند ۾ وڏي هار کاڌي هئي ۽ ان هار جو سواد زهر جي ڍڪ وانگر سپ سپ ڪري چکيو هئائين. هينئر ڪنهن به رشتي جي آڙ ۾ هن Exploitٿيڻ نه پئي چاهيو. پرهينئر سارنگ انهن ئي رشتن جو واسطو وجهي سندس دل جو در کڙڪايو هو.


    18. انصاف کپي

    ڊاڪٽر سعديه جيترو وڏو عورتن جو هجوم پنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺل ڏٺو ته پريشان ٿيڻ لازمي هوس. ”خدا خير ڪري“، بدحواسيءَ ۾ گاڏي بند ڪرڻ به وسري ويس.
    ڊوڙندي گهر جي در تي پهتي در اندران بند هو ۽ اندر سندس ٻارڙا هئا. عجيب الوڻا سلوڻا خيال دل ۾ جاڳڻ لڳس. ”حرا، سعود.... دروازو کوليو! هوءَ پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي. عورتن جا آواز کيس اڃان منجهائي ٿا ڇڏن. ”هيءَ آهي؟....هيءَ آهي اها ڊاڪٽرياڻي.... هيءَ آهي سعديه.... هيءَ اچي وئي... وغيره وغيره
    هوءَ سوچي ٿي ته هي مون لاءِ ائين ڇو ٿيون چون! ڇا ٿيو آهي؟ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هوڏانهن ٻارن در کولڻ ۾ پئي دير ڪئي. ڊاڪٽر سعديه لاءِ اهي گهڙيون صدين وانگر گذري رهيون هيون.
    ايتري ۾ سندس گهر جي دريءَ جي ننڍڙي وٿي کولي سعود پڪاري ٿو... ”مما اچي وئي“... ۽ پوءِ ڊنل هيسيل سعود ٿورڙو در کولي ماءُ کي هڪدم هٿ کان ڇڪي اندر ڪري ٿو ۽ يڪدم در لاڪ ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻ کيس خوف هجي ته عورتن جو اهو هجوم گهر اندر گهڙي ايندو. ماءُ کي گهليندو سندس پڇڻ کان اڳ ئي کيس خوف مان ٻڌائيندو اچي ٿو ته مما...مما... ماسي وحيده چئي وئي آهي ته پنهنجيءَ ماءُ کي چئه ته مونکي منهنجو حق ڏئي نه ته مان پوليس کي وٺي ايندس؟ مما ڇا هوءَ واقعي پوليس کي وٺي ايندي؟ مما ڇا اوهان کي واقعي پوليس پڪڙي ويندي؟... مما هن کي ڇا کپي؟ هوءَ ائين ڇو ٿي چوي... مما پليز ٻڌاءِ نه ڇا ٿيو آهي؟؟“
    ”پٽ ڇا ٿيو گهر ۾ ته سڀ خير آهي نه؟؟ توهان سڀ ٺيڪ آهيو نه. مان ڏاڍي پريشان ٿي ويس. مونکي ڪجهه ڳالهائڻ ته ڏيو... ڪجهه سمجهڻ ته ڏيو... حرا ڪٿي آهي؟“
    ”مما مان اجها اوهان جي پويان بيٺي آهيان. مما اسان کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي، هي ايڏيون عورتون ڇو آيون آهن؟ هنن کي ڇا کپي؟ اسان کي ته در کوليندي ئي ڊپ پيو ٿئي.
    مما هاڻي ڇا ٿيندو... مما بابا کي فون ڪيو هنن کي چئو ته بابا پوليس کي وٺي اچي پوءِ وحيده ماسي پوليس کي ڪونه وٺي ايندي.“
    گهر ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. ٻارڙا روئن پيا ۽ سعديه پريشان ته آخر هيءُ معاملو ڇو ايترو اجايو انگهجي ويو. نيٺ هوءَ سمجهي وئي ته وحيده ڇو ايتري طيش ۾ اچي وئي آهي.
    ڊاڪٽر سعديه کي هاڻي سمورو معاملو سمجهه ۾ اچي ويو. ٻارن کان پاڻي گهريائين، سوچڻ لڳي ته آخر ان اجائيءَ مصيبت مان ڪيئن ڇوٽڪارو وٺي ۽ ڪيئن اهو مسئلو حل ڪري؟
    ڊاڪٽر حسن ۽ ڊاڪٽر سعديه ننڍپڻ کان ئي گڏ پڙهيا هئا. ننڍڙي شهر ۾ هڪڙوئي ڇوڪرين جو ۽ هڪ ئي ڇوڪرن جو اسڪول هو ۽ ٻئي هڪ ئي گهٽيءَ ۾ هوندا هئا . حسن ڳوٺ کان پڙهڻ لاءِ ايندو هو. جڏهن ته سعديه اسڪول کان ٻه ٽي گهٽيون پرتي رهندي هئي. حسن هميشه پهريون نمبر ايندو هو. سعديه جي پيءُ جو ننڍڙو ڪرياني جو دڪان هو ۽ حسن جي پيءُ وٽ ٿوري گهڻي زمين هئي. نه حسن جي پيءُ جو فصل ايترو گهڻو لهندو هو ۽ نه ئي سعديه جي پيءُ جو ڪاروبار وسيع هو. سو حسن جو پيءُ ٿورو گهڻو اناج ڪڻڪ، چانور وغيره سعديه جي پيءُ کي فصل لهڻ کانپوءِ پهچائيندو هو ۽ سعديه جي پيءُ کي به مارڪيٽ ۾ وڃڻ بدران مناسب اگهه تي اناج ملي ويندو هو. اهڙيءَ طرح ٻنهي جو هڪٻئي سان ننڍيءَ ليول تي ڪاروباري واسطو هو.
    ننڍڙو حسن اڪثر پيءُ سان گڏ شهر ايندو هو ته سعديه وارن جي گهر به ايندو هو، سعديه ۽ سندس ٻين ڀينرن ڀائرن سان راند ڪندو هو ۽ کين به ڳوٺ اچڻ لاءِ چوندو هو.
    ٻارن جي انسيت وڏن ۾ به دوستي وڌائي. اها دوستي تڏهن گهڻي مضبوط ٿي، جڏهن حسن جي والده کي ٽائيفائڊ ٿي پيو. هو کيس اڌ رات جو شهر کڻائي آيا ۽ شهر ۾ ٻيو ته ڪو سندن مائٽ نه هو تنهن ڪري هو سعديه وارن جي گهر رڪيا. پورو هفتو حسن جي ماءُ سخت بيماريءَ ۾ گذاريو۽ سعديه جي ماءُ سندس خدمت هڪ ڀيڻ وانگر ڪئي. ان کانپوءِ ته هو سڳين ڀينرن کان به ويجهيون ٿي ويون.
    حسن ۽ سعديه ٻئي ڊاڪٽر ٿيڻ چاهن پيا. ٻنهي گڏ ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪئي.سندن اسڪول ۽ ڪاليج جدا جدا هئا پر پڙهائيءَ ۾ هو ٻئي هڪ ٻئي کان مدد وٺندا هئا. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته درسگاهه جي حدن کانسواءِ هو گڏ پڙهندا هئا. ٻنهي جي ميڊيڪل ۾ سليڪشن به گڏ ٿي ۽ هڪ ئي ڪاليج مان پڙهي، ڊگري ورتائون ۽ ڪميشن پاس ڪري ڪوشش ڪيائون ته هڪ ئي جاءِ تي پوسٽنگ ملي. پر کين اسپتالون ڌار ڌار مليون.
    ننڍپڻ جو اهو ساٿ ۽ پنهنجائپ جو احساس هڪ ئي منزل جي تلاش لاءِ هڪ ئي خواب ڪڏهن بڻيو، ان جي کين خبر ئي نه پئي. پر هي اهي خوشنصيب نوجوان هئا، جن کي پنهنجن سپنن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ڪي به رڪاوٽون نه هيون. سواءِ هڪ مسئلي جي ته هو ٻئي چاهن پيا ته جڏهن هو عملي زندگيءَ ۾ پير رکن ته هو پنهنجي خاندان تي ٻوجهه بڻجڻ بدران پنهنجي زندگي پاڻ شروع ڪن ۽ سماجي طور پنهنجي هڪ سڃاڻپ بڻائين. ٻنهي جا مائٽ گهڻا تونگر نه هئا، کين پنهنجا ننڍڙا گهر هئا. حسن ۽ سعديه چاهن پيا ته شهر ۾ ڪنهن وڏيءَ اسپتال ۾ ڪم ڪن ۽ کين ايستائين سرڪاري گهر ملي جيستائين هو پنهنجو ڪو سٺو گهر وڏي شهر ۾ نه ٺاهي وٺن. پر سرڪاري گهر حاصل ڪرڻ به سولو ڪم نه هو. جيستائين کين اهو گهر ملي هو مسواڙ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ مجبور هئا.
    هيءُ ننڍڙو فليٽ جيڪو کين ڏاڍيءَ مشڪل سان مليو هو. مسواڙ وغيره ۾ ته مناسب هو، پرحسن کي پنهنجي هڪ گجراتي دوست جي مدد سان مليو هو جو سندس دوست جي ڀاءُ جو اهو ذاتي فليٽ هو. هو پنهنجي ايريا ۾ ڪنهن به ٻيءَ ذات وارن کي نه رهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ئي کين اهي گهر خريد ڪرڻ جو حق هو. اهو سبب هوجو حسن ۽ سعديه لاءِ هر مهيني ڪونه ڪو مسئلو پيو اڀرندو هو. پر جيئن ته ٻئي ڊاڪٽر هئا ۽ پاڙي وارن لاءِ هلڪو ڦلڪو کنگهه بخار ٿيڻ تي سندن مدد وٺڻ سولي هوندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن ڪا مخالفت اڀرندي هئي ته ڪير نه ڪير پاڙيوارو ڪاميٽيءَ وارن کي پرچائي وٺندو هو.
    هوڏانهن حسن جي سرڪاري گهرجي تلاش به جاري هئي، سعديه جي ڊيوٽي ڪڏهن ڏينهن ته ڪڏهن رات جي هوندي هئي. کيس ان بلڊنگ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن مان هڪ ماسي وحيده ڪم ڪار لاءِ ملي وئي هئي. شروع ۾ ته وحيده هڪ ٻه ڪم ڪندي هئي پر پوءِ سعديه کيس سڄي ڏينهن جي ڪم لاءِ رکي ڇڏيو. هوءَ صبح جو اچي گهر جو ڪم ڪار لاهيندي هئي. ٻارن جي اسڪول کان موٽڻ کانپوءِ کين ماني وغيره ڏئي ٻئي ڪم سان هلي ويندي هئي، وري شام جو ايندي هئي. ٿورو گهڻو ڪم ڪري 7-8 وڳي واپس گهر هلي ويندي هئي. سندس گهر به ڀر واري ڪالونيءَ ۾ هو. انڪري اچڻ وڃڻ جي ڪا گهڻي پريشاني به نه ٿيندي هئس. سعديه جي گهر جو نظام اهڙيءَ طرح ڏاڍي سڪون سان هلي رهيو هئو. وحيده جا ننڍا ننڍا مسئلا سعديه حل ڪري وٺندي هئي. وحيده به ڪم جو گهڻو حساب ڪتاب نه ڪندي هئي، ان سڪون جي سانتيڪي تلاءَ ۾ مسئلن جو ڀتر وحيده خبر ناهي ڇا سوچي اڇلايو جو سعديه جي زندگيءَ ۾ ڀونچال اچي ويو.
    وحيده اڳ ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي.سندس پٽ ۽ ڌيءُ پنجين ۽ ڇهين درجي ۾ پڙهي رهيا هئا. سعديه به سندس مدد پئي ڪندي هئي. ڪڏهن سندس ٻارڙن جي يونيفارم ۾، ڪڏهن ڪتاب، ڪڏهن اسٽيشنري مطلب ته مدد ڪندي رهندي هئا. وحيده جي گهر ۾ ٽيون ٻار به اچڻ وارو ثابت ٿي ويو. ان تي وحيده ڏاڍي پريشان ٿي وئي ۽ هن ڊاڪٽر سعديه تي ڏاڍو زور ڀريو ته هوءَ ان معاملي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. سندس خيال هو ته 90 ڏينهن اندر ٻار ضايع ڪرائڻ جائز آهي پر اهوڪم ڊاڪٽر سعديه جي پروفيشن جي بلڪل ابتڙ هو. هنن کي ڪڏهن به اها اجازت نه هئي ته ڪو وقت کان اڳ ڪنهن زندگيءَ کي ضايع ڪن. اهو قانوني ڏوهه هو، جنهن جي ڪڙي سزا هئي. سعديه ان مسئلي ۾ وحيده جي مرضيءَ مطابق حل ڪرڻ کان لاچار هئي. سو هن کيس کتو جواب ڏنو. وحيده سندس ان جواب تي ڇتي ٿي پئي.
    هن بلڊنگ ۾ وحيده جون ڪيتريون ئي مائٽياڻيون ڪم ڪري رهيون هيون. ٻئي صوبي کان آيل اهي عورتون ٽولا ٺاهي ڪمن لاءِ نڪرنديون هيون، هڪ ٻئي کي ڪم وٺي ڏيڻ ۽ گهر جا ڪم هڪ ٻئي کي سيکارڻ ۾ ڏاڍيون هوشيار هيون. پنهنجين ننڍين نيٽن ڇوڪرين کي به پاڻ سان گڏ وٺي اينديون هيون. کين گهرن جا ڪم سيکاري ڀڙ ڪري ڇڏينديون هيون. لابارن يا چونڊن جي موسم ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ هليون وينديون هيون ۽ عيد جي ڏينهن ۾ واپس اچي ڪمائڻ ۾ سندن وڏو فن هو.
    وحيده جي ڪاوڙ سعديه برداشت (afford) ڪري نه پئي سگهي. ڇاڪاڻ ته گهر جي ڪم جو وڏو مسئلو هوس. انڪري پهريان ته کيس پرچائڻ جي ڪوشس ڪيائين پر وحيده جو شرط اهو ساڳيو... جيڪو پورو ڪرڻ سعديه جي وس کان ٻاهر هو. سعديه به کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته ڀل وحيده ڪم ڇڏي ڏئي پر سعديه سندس هٿان Exploit نه ٿيندي. هوڏانهن وحيده به چَپ پئجي ويس. هن ڇا ڪيو جو پنهنجين سمورين مائٽياڻين کي پاڻ سان ملايائين ته ڪير به ڊاڪٽر سعديه جي گهر ڪم ڪرڻ جي هامي نه ڀري ته جيئن هوءَ پريشان ٿي وحيده جو مطلب پورو ڪري پر سعديه ان تي به نه مڃيو. جيئن ته بلڊنگ ۾ 90% سيڪڙو ڪم واريون عورتون وحيده جون مائٽياڻيون هيون ۽ سڀ هڪ ٻئي جي اڇي ڪاري ۽ سڳي ڌاڳي ۾ ٻڌل هيون، ان ڪري انهن سعديه لاءِ هڪ محاذ کڙوڪيو.شروع ۾ ته کيس اجايو تنگ ڪرڻ لڳيون،سندس دروازي تي ڪچرو ڦٽي ڪري وڃڻ، سندس رڌڻي جي نالي ٻاهران بند ڪرائڻ وغيره. پر پوءِ ته ڄڻ دشمن ٿي بيهي رهيون . هاڻي هنن سڀني گڏجي پاڙي جي ماڻهن کي به پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو هو. ان علائقي/بلڊنگ ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ پئسو ته جام هو پر عورتون گهٽ تعليم يافته ۽ گهريلو هيون، جيڪي گهر جا سمورا ڪم انهن عورتن کان ڪرائينديون هيون. انهن به نه پئي چاهيو ته اهي ڪم واريون عورتون ناراض ٿي ڪم ڇڏي وڃن ۽ کين پوءِ پريشاني ٿئي ، انڪري بلڊنگ جون 70% عورتون به وحيده ۽ ان جي مائٽياڻين جي پاسي ٿي بيهي رهيون. چون ته ڊاڪٽر سعديه پڙهائيءَ جو رعب ٿي وجهي! هو سڀ وحيده جي ڪوڙي سچي بيان ڪيل ڪهاڻيءَ تي اعتبار ڪري ويٺيون هيون.
    اڄ سعديه جي گهر جي ٻاهران جيڪو جلوس ڪٺو ٿيو هو سو به ان ڪري ته ڊاڪٽر سعديه جيئن ته غريب وحيده تي تمام گهڻو ظلم ڪندي رهي آهي، ان ڪري هوءَ ڏوهارڻ آهي. مٿانئس الزام هئا ته هوءَ وحيده کان ڪم گهڻو وٺي ٿي ۽ اجرت گهٽ ٿي ڏئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مورڳو پگهار نه ٿي ڏئي ۽ کيس مختلف قسمن جا خطرناڪ ڪيميڪل گهرجي صفائيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، جن جي ڪري وحيده جي صحت کي خطرو آهي. ان کان سواءِ هر وقت وحيده تي تنقيد ڪري ٿي، کيس هروڀرو بي عزتو ڪري ٿي وغيره وغيره...
    ڊاڪٽر سعديه هڪ سمجهدار ۽ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي، هوءَ هروڀرو ڊڄڻ واري به نه هئي. هن هڪدم ڊاڪٽر حسن کي فون ڪيو. ايس پي هميراڻي ڊاڪٽر حسن جي ڳوٺ جو هو ۽ سندن سٺي دوستي به هئي. هو هڪدم گاڏي تيار ڪري حسن جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هيڏانهن حسن به تڪڙ ۾ ڪجهه مريض اڪلائي ۽ ڪن جي ٻئي ڊاڪٽر کي پارت ڪري گهر ڏانهن وريو. ايتريءَ دير ۾ ڊاڪٽر سعديه جو ڪم وارين عورتن نڪ ۾ دم ڪري رکيو. سندن هڪ ئي رٽ هئي ته هوءَ گهر ڇڏي وڃي. پاڙي جي ڪجهه گهٽ سمجهه وارين عورتن به سندن ساٿ ۾ پئي واڪا ڪيا. اهو سمورو لقاءُ جڏهن بلڊنگ جي ڪاميٽيءَ وارن ڏٺو ته هنن به اچي معاملي جي اصليت ڄاڻڻ چاهي. اهي عورتون جيڪي سعديه جي اچڻ کان اڳ موجود نه هيون سي سعديه کي گهر ۾ موجود ڏسي ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون. هنن کي تصور ۾ اهو هو ته سعديه اڪيلي آهي ۽ آهي به ٻيءَ ڪميونٽيءَ جي ان ڪري کيس اتان لڏائڻ به سولو آهي. پر سعديه به پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل پهاڙ جيان بيٺي هئي. وحيده جي ڪنهن مائٽياڻيءَ وحيده جي گهر واري کي به فون ڪري ڇڏيو هو. عورتن رکي رکي پئي نعرا هنيا ”وحيده کي... انصاف کپي.“ سعديه پهريان ته گهر مان نه پئي نڪتي ۽ سوچيائين ته حسن اچي ته پوءِ ٿي نڪران پر ڪاميٽيءَ وارين عورتن کيس گهر ۾ ويهڻ ئي نه ڏنو. اها سموري ڇڪ ڇڪان واري صورتحال هلي پئي جو حسن ۽ ايس پي هميراڻي به اچي پهتا.سندن اچڻ کانپوءِ هجوم ۾ ڪجهه ماٺ ٿي. ايس پي سڀني ماڻهن کي هڪ پاسي ڪيو ۽ معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ چاهيائين. وحيده جي مائٽياڻين هٿ نچائي نچائي ڊاڪٽر سعديه تي الزام پئي هنيا ۽ وحيده ته ڄڻ اڏامي پئي. ايتري ۾ سندس مڙس به اچي پهتو. وحيده پهريان ته کيس ڏسي حيران ۽ ٿورڙي پريشان نظر آئي پر پوءِ سندس چهري تي اڃان وڌيڪ ڪرختگي اچي وئي. سندس چهري مان پئي لڳو ته ڄڻ ڪنهن سفر تان موٽيو هجي ۽ کيس ڪنهن به معاملي جي ڄاڻ نه هجي. ايس پي عورتن جي غير ضروري بيان بازيءَ کان تنگ اچي ڊاڪٽر سعديه کي چيو ته ڀاڄائي اوهان ٻڌايو ته ڇاهي سچ پيون چون. سعديه ڏاڍي پر اعتماد لهجي ۾ سمورن الزامن جي ترديد ڪندي جڏهن چيو اصل حقيقت مان اوهان کي سڀني جي سامهون ٻڌايان ٿي پوءِ اوهان پاڻ فيصلو ڪجو ته مان ڇا واقعي ڏوهه ڪيو آهي؟ يا ڏوهه کان بچڻ چاهيو آهي؟
    سندس ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ ئي وحيده جي رويي ۾ انقلابي تبديلي اچي وئي، اچي کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳس “چلو باجی چھوڑواس قصے کو دفع کرو۔۔۔میں نے آپ کو معاف کیا۔۔۔ آپ تو میری بہنوں جیسی ہیں۔۔۔ چلو ایس پی صاحب دفع کرو قصے کو۔۔۔” سعديه سندس ايڏي وڏي تماشي ڪرڻ کانپوءِ ائين سانڊي وانگر رنگ مٽائڻ تي حيران رهجي وئي. ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چوي ايس پي هيراڻي پڻ حيران ٿي ويو ته هي ڏهه منٽ اڳ ڪهڙا تيور هئا هينئر ڇا ماجرا ٿي وئي آخر وحيده کي ڇا ٿي ويو... حيران ٿي وحيده جي مڙس کان پڇڻ لڳو ته “ارے! تمہاری بیوی نے یہ کیا ڈرامہ کیا ہے؟ کبھی محلہ کٹھا کرتی ہے تو کبھی صلح کر کے بہن بناتی ہے۔ تم بتاؤ اصل کیا بات ہے؟”
    وحيده جو مڙس جيڪو ايتريءَ دير کان پاڻ حيران پريشان معاملو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو سو ايس پي هميراڻيءَ کي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو؛
    “پتا نہیں صاحب میں تو ابھی ابھی اسٹیشن سے سیدھا ادھر آرہا ہوں گھر بھی نہیں گیا۔۔۔ پتا چلا ادھر کوئی مسئلہ ہے۔ میں تو گاؤں گیا ہوا تھا۔ پورے چھ مہینے بعد ابھی یہ بات سن کر آیا ہوں۔۔۔ پتہ نہیں صاحب۔۔۔”
    هو ايس پيءَ کي ثابتيون ڏئي رهيو هو.ڊاڪٽر سعديه وحيده جي منهن ۾ ڏٺو، جنهن تي ڄڻ هيڊ هاريل هُئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259611
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ