ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا
مصنف: حبيب الله سانگي سجاولي
ڇپائيندڙ: سرويچ سجاولي اڪيڊمي- سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 27 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2152 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 21 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ:
هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

فهرست

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • ڀارن جا ڌڪ ڪير سهي
  • سنگهرون سوڍن پاتيون
  • گڏهن وارا گس ڇڏيو
  • سون سريکي سنڌڙي
  • ڪَنن تان وار واري اڄ
  • وٺيو وِسڪيون اچن
  • پاور کانپو
  • توسان گڏ
  • پُر امن
  • اوهانجون يار قربانيون
  • قلم هي ڪارا لاڪپ ۾
  • اها ٿئي قوم هوشو جي
  • آمريت کي پئي پالي
  • ڀونءَ جا ڀوتار
  • اسين ته به وفاقي
  • من وري ميمبر ٿيان
  • ڪانگن ڪارن نانگن ڪارن
  • ڪم انهن جا لاهي ڇڏبا
  • وڌيو بي روزگاري جو
  • مرون مردار مُرڪي پيو
  • ليگلا ٿيا پيپلا
  • ڀٽائي سائين
  • ننڌڻڪي قوم جا شاعر
  • دريا خان پارا
  • ٽڪ ساٽ ٽوڙيندا اچون
  • ٺڳن جا ٺاٺ ٺٺ آهن
  • ڪنن کان قوم ٿي ٻوڙي
  • عشق هو يا انقلاب
  • سنڌي ماڻهن جي ته الاڇو کسجي ويئي آهي مت
  • ٽوڙيون جمود
  • رتبا رسال تو ۾
  • ڪيڏو خدا ڪنان آ
  • تنهنجي ئي تصوير
  • اندر جي اوٽ
  • ساقي اڃان به سُرڪي
  • مغرور محبوب
  • منڊيءَ تي ٽِڪ
  • چنڊ به توسان لائي لنئون
  • پلڪن کي پور پيارا
  • رُت سانوڻي
  • ڪارا جي هوندا ڪوجها
  • شيشي شراب جهڙي
  • ڀانئڻ وارو نٿو ڀانئي
  • ڀنيءَ برسات ۾
  • ياري فريب آهي
  • ملوڪ ماڻهو مٺا مٺا ڙي
  • بند برقعي ۾ بدن
  • ٺار ٺٽي جو
  • سڪائي سنڌوءَ کي
  • مٺو محبوب
  • پڪي ياري
  • ڪين ڪنهن جو ڊپ هو
  • سڄڻ توکي سڏي ساري
  • دل دادلي آ منهنجي
  • بي وس ۽ بي گانو
  • چرين وانگر
  • تجلا ۽ تيج
  • سرکيون اکيون محبوب جون
  • مُرڪي ملڻ ڏاڍو وڻيو
  • بچي مشڪل
  • وڙهون سونهن لئه ٿا
  • گل گلابي ٿا ڦٽن
  • ملڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ
  • چنڊ چوڏهينءَ جو
  • ڪهڙا ڪهڙا
  • وڃي رب پاڪ کي پرتو
  • ڳاڙها گلاب جامن
  • موت کي آ ڇا مجال
  • بندشون ڇالئه
  • عرش مٿي آڻيو ڇَڏي
  • اکيون
  • ٻُڌين آهون ته ڇا ٿيندو
  • مٺا عشق توسان
  • حياتي
  • کلي اسڪول سارا ويا
  • گسٽا ٿي وئي سوڀاري
  • علم
  • لُڙهن پيا لاش لهرن ۾
  • ڪمند ڪيئن پوکجي
  • نظم

  • مٺن مسڪين ماڻهن تان، اڃان قيامت ٽري ڪونهي
  • ڌرتيءَ لڳن پيا ڌاڙا
  • ڏاڍا تنهنجي ڏاڍاين جا
  • ڏاڍو ڏاڍن آهي ڏکايو
  • سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي
  • ڪالاباغ ڊيم
  • او ڪافر حاڪم پاڻي ڏيو
  • سنڌو دريا وهڻو آهي
  • سنڌ جو وزير اعليٰ
  • مڪو توڙي مدينو بس الل اعلان ڌرتي آ
  • رات ڏٺو ٿم گهوٽ ڀٽائي
  • اها ئي قيام ڪاري آ
  • جيئين جيئين شاهه لطيف
  • وڏيرا ڀوت ڪامورا
  • ڏسو سنڌ جيجل وري وار کولي
  • لڳن ڏنڊا پيا ڌرتيءَ تي
  • ڪبي ڳالهه حق جي
  • ڳالهه ڪنهن سان ڪين ڪج
  • بگهڙجي حوالي
  • اليڪشن اچي پئي
  • سنڌي ماڻهن جا ير اڃان اڳوڻا آهن افعال
  • ٺڳ لاهور جا
  • گناهن جو اڏو
  • ادبي سنگت مان ٿيندو ڪڏهن ختم خسارو
  • ويهين صدي
  • واهه وڏيرا تنهنجا وٽ
  • چونڊيل ميمبر سنڌي وڏيرا
  • ڀيڻ کي آڻيو تير کٽايو
  • محنت ڪش ۽ مڙسي وارا
  • واهه واڪندا ماڻهون وتن
  • جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون
  • بندا ڇو بي شرم ٿي ويا؟!
  • دم دلا سو آسرو
  • وزير ميمبر مشير پنهنجا
  • ڇتي جنگ هاڻي ڪا ڇيڙي ڇڏيون
  • ورڪرئي سرمايو آ
  • ماٺ ڪرڻ کان موت ڀلو آ
  • سماج جي ڪجهه ڪردارن تي لکيل ننڍڙا شعر

  • صوبيدار
  • وڏيرو
  • وڪيل
  • مختيار ڪار
  • صحافي
  • ڊاڪٽر
  • شخصي شاعري

  • جرنيلن جي پيش امام
  • اڄ به مارئي قيد ۾ آهي
  • ڀٽو بلڪل زنده آهي
  • سو ڀٽو پنهنجو شير هو
  • غاصب ۽ غدار سڃاڻو
  • پلپل توکي پيارا قائد
  • شهيد جي قبر
  • اسين ته قائد ڀٽي جا ورڪر
  • پڳدار مرتضيٰ کي
  • شهيد قائد جي ياد ۾
  • پيا جهيڙيون جلاد سان
  • تون ڀيڻ بينظير
  • راڄ ڌڃاڻي راڻي ايندي
  • جهرجهنگ ٿي جهونگار ڀٽو
  • اندر تولئه آتا آهن
  • بينظير زور آهين
  • آصف امر ويو ٿي
  • سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي
  • پ پ پ جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي لکيل
  • توتي سرخ سلام اُڍيجا
  • هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو
  • اُڍيجو ملاڻي لشاري
  • ورڪر هٿ ۾ واڳ
  • مولوي احمد ملااح جي ياد ۾
  • مشهور شاعر تنوير عباسي جي ياد ۾
  • مجيديءَ کي مڃتا
  • ماڻهون مست ملنگ هو ساگر
  • ستارو هو مظهر
  • گيت

  • دشمن ڪري پيو گهيرا، گهيرن کي ٽوڙ سهڻا،
  • گيت
  • صدين کان سنڌ جي آ، پلپل پُڪار جاني،
  • هُجئي جس جاڙا، جبر تي لکين ٿو،
  • ڪريو هاڻي تُرت تياريون،
  • مارو ماري ٻڌندءِ مُٺيو،
  • وائي

  • پورهيت گڏ جي پئو،
  • مُون نه چيو هو، توکي يار
  • ڪوئي نه ڪنهن جو آهي
  • دهشت دڌڪا داٻ دريا جا
  • اُٿي پيا دولهه ۽ دلدار
  • وڍ تون تن جا ڪنڌ ڪپار
  • هو پلپل جنهن سان پيار
  • پچي ويا جام پاڇاٽا،
  • ڀاڪر منجهه ڀريانءِ،
  • ترسين ها کن پل،
  • نٿا نيڻ رُڪجن،
  • اڄ ڏور ويو ٿي ڏيهي،
  • دوها

  • دوها ::
  • چئوسٽا

  • چئوسٽا
  • ٽيڙو

  • ****

  • فهرست

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (112) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو آهي. اڄ حبيب الله سانگي ته اسان ۾ناهي رهيو پر سندس شاعري موجود آهي.
    هي ڪتاب سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورا سجاول جي دوست سارنگ چانڊيي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    سنڌ جي اندر جڏهن به عوامي، انقلابي، قومي ۽ مزاحمتي شاعري جي تاريخ لکي ويندي، تڏهن سجاول جي سرزمين جو ذڪر يقينن سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو، جتي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، مريم مجيدي، ارشاد ساگر ۽ حبيب الله سانگي سجاولي جهڙن ارڏن انقلابي شاعرن جنم ورتو آهي.
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ پاران هن کان اڳ محترم سرويچ سجاولي جو شعري مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي جنهن کي اوهان مهربان مداحن جيڪا موٽ ۽ محبت ڏني آهي انهيءَ اسانکي وڏو اُتساهه ڏنو آهي ۽ انهيءَ اُتساهه جي نتيجي ۾ ئي سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران محترم سرويچ سجاولي صاحب جي فرزند ۽ سندس ئي دڳ تي هلندڙ ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي جو پهريون انقلابي شعري مجموعو “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” ڇپائي اوهان سُڄاڻ ساٿين جي هٿن تائين پهچايو ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ بعد ئي اوهان کي محترم حبيب الله سانگي سجاولي جي اوچائي ۽ ارڏائي جو بخوبي اندازو ٿي ويندو، پر سنڌ جي مهان عوامي ۽ انقلابي شاعر محترم سرويچ سجاولي ته کيس پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اعزاز ڏئي ڇڏيو هو ته حبيب الله سانگي سجاولي اُن کان به وڏو شاعر ٿيندو، پر هڪ عوامي شاعر جا احساس ۽ پيرسن پيءُ جا ارمان اُن وقت دم ٽوڙي ويٺا جڏهن ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي حبيب الله سانگي سجاولي 23 مئي 2007ع تي 48 سالن جي مختصر ڄمار ۾ پنهنجي پيرسن پيءُ، ماءُ، هڪ بيوهه، ٽن معصوم نياڻين، ڇهن معصوم پُٽن چئن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي هميشه هميشه لاءِ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو ۽ سندس وڇوڙو ٻرندڙ جبل جي لاوي جيئان ماءُ پيءُ جي اندر ۾ ڀڙڪندو رهيو ۽ نيٺ چئن مهينن جي مختصر عرصي اندر ئي اهو ٻرندڙ لاوو ڦاٽي پيو ۽ سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر سرويچ سجاولي پڻ 22 آڪٽوبر 2007ع تي سانگيءَ جو سور سيني ۾ سانڍي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو ۽ ان جي صرف ٻن مهينن بعد سرويچ سجاولي جي زوجه ۽ حبيب الله سانگي سجاولي جي جيجل ماءُ پڻ اهي صدمان نه سهندي 2 جنوري 2008ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ صرف 7 مهينن جي مختصر مُدت ۾ هي گُل رنگ ۽ گُلزار گُلشن اُجڙي ويو ۽ سنڌ جي شعور جي علامت سرويچ نگر وڇوڙن جا ويس پائي سوڳ صدمن، ڏکن ۽ سورن جي علامت بنجي سڪتي ۾ اچي ويو.
    زندگي زهر جا پيالا ڀري منحوس مُندن جي اوٽ ۾ اسانجي اڱڻ تي لٿي هئي ۽ جيئڻ جون سڀ حسرتون ۽ حُسناڪيون دم ٽوڙي چڪيون هيون ۽ حياتي بلا ٿي نڙيءَ ۾ چُهٽي پئي هئي، هوش ۽ حواس سڀ خطائي چڪا هئا ۽ دل چاهيو پئي ته جيڪو هير ئي حياتي ۽ موت جو تماشو ختم ٿي وڃي ۽ آخرت جو آغاز ٿي پوي، جيئن هرڪو پنهنجن پيارن سان پيار ۽ پاٻوهه مان مُرڪي ملاقاتون ڪري، پر اهي سمورا اختيار ۽ فيصلا جنهن مالڪ وٽ آهن ان کي اڃا ئي ڪجهه ٻيو منظور هو، سو مالڪ جي مرضي ۽ منشا تي هلندي دنيا سان گڏ وکون کڻي هلڻ جي همٿ ڪئي ۽ پوءِ جيئن ئي آهستي آهستي انهيءَ اذيت مان آجپو حاصل ڪيو، تيئن تُرت سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو وجود وجهي اهو پُختو پهه ڪيو ته سرويچ سجاولي ۽ حبيب الله سانگيءَ جو مواد ميسارجڻ کان اڳ انهيءَ کي ڇپائي منظر عام تي آڻي انهن کي هميشه لاءِ زنده رکجي انهيءَ سلسلي ۾ پهريائين شعري مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ۽ هاڻي “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” ڇپائي اوهان عقيدتمندن اڳيان آندا ويا آهن ۽ اوهان جو اهو قرب ۽ قدر جاري رهيو ته انشاءُ الله محترم سرويچ سجاولي ۽ حبيب الله سانگي جي باقي رهيل مواد سميت سنڌ جي مشهور ۽ معروف ليکڪن جا ڪتاب ڇپائي اوهان تائين پهچايا ويندا.
    محترم حبيب الله سانگي سجاوليءَ جي هن ڪتاب ۾ اوهانکي آمريت تي ڦٽڪار ۽ جمهوريت جون جوتون جرڪندي نظر اينديون، هن ڪتاب ۾ جتي اوهانکي سنڌ جي غدار وڏيرن جي ڪرتوتن، ڪامور ڪي قهر، رياستي بدمعاشي ۽ بد ديانتي، ڌرتي، ٻولي، پاڻي، معيشيت، گذر سفر، حيلن وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ قهري ڪلورن، ڪارو ڪاري، قرآن سان پرڻو، جنسي ڏاڍائي، قومي جرئت جذبي، ڦُرلُٽ، ڌاڙن، اغوائن جي وارداتن، سنڌي ماڻهن جي ڪاهلي، سُستي ۽ جهالت جا چٽا عڪس نظر ايندا، اُتي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جا گس به ڏيکاريا ويا آهن، حبيب الله سانگي جتي سنڌ جي غدارن تي ڦٽڪار ڪئي آهي، اُتي هن سنڌ جي قومي هيرن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي، حبيب الله سانگي صرف قلم جي جنگ ناهي وڙهيو، پر عملي طور تي به سنڌ جي هر قومي تحريڪ جو حصو رهيو آهي ۽ ايم آرڊي جي 83ع ۽ 86ع جي تحريڪن ۾ جدوجهد ڪندي جيل بند جا ڏينهن به گهاري آيو آهي ۽ انهن قيد خانن ۾ همٿ هارڻ بجاءِ ٻين قيدي ساٿين کي پڻ همٿايو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ انهيءَ جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا، سندس زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا ڏاڍا ڏُکيا ۽ اذيت آميز گذريا، جنهن ۾ بيروزگاري ۽ بيماري کيس هيڻو ڪري وڌو هو ۽ پڳ مٽ يار به کانئس مُنهن موڙي ويا هئا، اهو سمورو درد ۽ پيڙاءُ سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
    حبيب الله سانگي جيتوڻيڪ ايترو گهڻو ڇپيو ڪو نه آهي، پر سنڌ جي مختلف اسٽيجن، قومي ڪاڄن توڙي اليڪشن جلسن ۾ پڙهيل سندس شاعري سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي ڇپيل آهي. پاڻ وڏيرڪي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم خلاف لکيل پنهنجا بارودي نظم جڏهن رُعبدار لهجي ۾ بيباڪي ۽ بُردباري سان اسٽيج تي اچي پڙهندو هو ته ماڻهون وڏيرن جي ڏاڍ، خوف ۽ غلاميءَ مان ايئن ٻاهر نڪري ايندا هئا جيئن ڪنهن باهه تي پاڻي هارڻ بعد وساميل باهه مان دونهان آزاديءَ سان فضا ۾ پرواز ٿيندا آهن، سندس شاعري هڪ ئي وقت عشق انقلاب مزاح ۽ مزاحمت جو سنگم آهي، سندس سُهڻيون ترڪيبون ۽ اصطلاح احساس جي سونهن جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿا، سندس مزاحيه شاعري ٻڌڻ بعد کِل روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندي آهي، قدرت کيس شاعريءَ جي اها ڏات ڏني هئي جيڪا ورلي ڪن ماڻهن کي نصيب ٿيندي هوندي، هو هڪ حاضر دماغ ۽ ڪُل وقتي شاعر هو جيڪو شاعري ڪرڻ لاءِ موڊ ۽ حالتن جو محتاج نه هو، بس پين پنو کڻي ويٺو ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن به موضوع تي چند منٽن ۾ شاهڪار شعر جوڙي وٺندو هو جنهن ڪري ادبي حقلن کيس سنڌ جو تيز ترين شاعر قرار ڏنو آهي.
    حبيب الله سانگي کي پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽي خاندان سان بيحد لڳاءُ هو، اهوئي سبب آهي جو هن پيپلز پارٽي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي، محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضي! ڀٽو، شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اُڍيجو جڳديش ملاڻي، فقير محمد لاشاري، شاهد شاهه بخاري بابت ڪافي ساري شاعري ڪئي آهي ۽ انهيءَ پارٽيءَ ۾ جدوجهد ڪندي پنهنجي جيون جي جوڀن ڏينهن جا 37 سال انهيءَ کي ارپيا جنهن ڪري قيد بند جون صعوبتون ۽ ملٽري ڪورٽس جون سزائون توڙي سرڪاري نوڪريءَ تان ڪيئي ڀيرا معطليءَ جا ميڊل پڻ پلئه پيس، پر سندس نينهن جي نُڪتي ۾ ذري برابر به ڦير نه آيو ۽ هو بيماري جي بستري تي موت سان مهاڏو اٽڪائيندي آس جي اکين سان پنهنجي محبوب قائد محترم بينظير ڀٽو جو انتظار ڪندو رهيو، پر حياتي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هن جون خوابن ۾ خماريل اکيون پنهنجي محبوب قائد جي شهادت وارو دردناڪ منظر ڏسڻ کان اڳ ئي سُک جا سپنا سانڍي سُمهي چڪيون هُيون.
    آخر ۾ آئون سنڌ جي برک ڏاهي ۽ پنهنجي خانداني محسن چاچا رسول بخش پليجو صاحب جن جو نهايت شڪر گذار آهيان جنهن هن ڪتاب جو نالو تجويز ڪيو. ساڳئي وقت آئون سنڌ جي مهان شاعره ۽ اسان نوجوان ليکڪن جي رهبر محترمه مريم مجيدي صاحبه جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن وقت ڪڍي بيڪ ٽائٽل لکي ڏنو، وڏا وڙ ۽ مهربانيون ٺٽي جي ضلعي حڪومت ۽ خاص طور تي ضلع ناظم محترم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي صاحب جا جن هن ڪتاب جا اخراجات ادا ڪندي اسان سان ڀرپور سهڪار ڪيو، هن ڪتاب کي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪندڙ دوستن اياز امر شيخ، محمد ٻارڻ، حسن سارنگ، سڄڻ سرائي بشير احمد سرويچ، نجيب الله سانگي جو پڻ ٿورائتو آهيان، اُتي پنهنجي مهربان ساٿي ڀاءُ يوسف سنڌي کي به ساراهڻ کان رهي نٿو سگهان جنهن پروف ريڊنگ ۽ ڇپائي جي اڻانگن مرحلن ۾ منهنجي ڀرپور مدد ڪئي، ڪمپوزنگ جا ڏکيا مرحلا مور ساگر ۽ منظور جوڻيجو جي مدد سان مڪمل ٿيا.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ
    3481767-0300


    غزل

    ڀارن جا ڌڪ ڪير سهي

    دنيا جا ڌڪ سهڻ به سولا، ڀارن جا ڌڪ ڪير سهي.
    جن کان ساعت ڪين سري، تن پيارن جا ڌڪ ڪير سهي.

    جن سان گذرن ڏينهن ۽ راتيون، جن لئه اکڙيون هر هر آتيون،
    اهڙن مٺڙن ماڻهن، مڻيادارن جا ڌڪ ڪير سهي.

    جن سان پلپل پيار ڪجي ۽ دم نه جن کي ڌار ڪجي،
    دل جي داڻن دلبر ۽ دلدارن جا ڌڪ ڪير سهي.

    ٻالڪپڻ جا ٻنگ جنين سان، رانديون رونديون رنگ جنين سان،
    اهڙن ادڙن اکڙين جي ير ٺارن جا ڌڪ ڪير سهي.

    جن جا پوڙها پوڙها پيءَ جن کان جيئري کسجن جيءَ
    پو ير پنهنجي مٺڙي محمد* پارن جا ڌڪ ڪير سهي.

    جن سان قرب ڪروڙين ‘سانگي’ جن لئه دلڙي آ سانگي،
    جنگن جوڌن جانب جاني يارن جا ڌڪ ڪير سهي.


    * ساهن جي سرور، نيڻن جي نور، مٺڙي ڀاءُ شهيد محمد خان سرويچ جي اوچتي ۽ دکدائڪ وڇوڙي تي لکيو ويو.


    سنگهرون سوڍن پاتيون

    هو ڏِس سنگهرون سوڍن پاتيون، سنڌڙي جي ئي مُحبت ۾.
    گهارين پيا هِت گهوٽ گهڻائي، سکر مچ ۽ لکپت ۾.

    قوم جو جن کي قرب لڳي ٿو، ڪوٺيون تن لئه ڪجهه ڀي ناهن،
    ارڏا ماڻهو اچڻا ناهن، ڌارين جي ڪنهن دهشت ۾.

    جڏهن جڏهن ڀي جبر وڌيو آ، تڏهن سي ساٿي تيز ٿيا ٿئي،
    زور ٿيو شهزور وڃن ٿا، وقت جي ويري وحشت ۾.

    بندوقن جي ٺا ٺا ۾ ڀي، سورهيه سوڍا سر ڌڙ جُون هت،
    بازيون باسيو بيٺا آهن، عشق سنڌوءَ جي اُلفت ۾.

    قيد ڪڙولن بندن ۾ ڀي، ‘سانگي’ ويٺا سچ لکن،
    ڏينهن ڏکن جا گهارين ويٺا، آزاديءَ جي آٿت ۾.


    گڏهن وارا گس ڇڏيو

    ماڻهن جهڙا ماڻهو بنجو، گڏهن وارا گسَ ڇڏيو.
    زنجيرن جا زور ڇنو ۽، لاهي ڪڙين تان ڪَس ڇڏيو.

    اوڙي پاڙي واريون قُومون، ساريون ٿي آزاد ويون،
    جاڳو جاڳو آزاديءَ لئه، راڳ رهاڻيون رَس ڇڏيو.

    ٻولي گروي ڌرتي گروي، گروي ٿي وئي گهٽي گهٽي آ،
    اوهين اڃان ڀي نٿا ڇالئه، ليٽون لستون لَس ڇڏيو.

    پنهنجين لوين لڄن خاطر، پنهنجن نالن ننگن خاطر،
    جلدي جاڳو جنگ ڪا جوٽيون، چشڪارا ۽ چَس ڇڏيو.

    ڪيڏا مالا مال هُئا تاريخ ڏِسو اُٿلائي ڙي،
    ويٺا آهيو وِلهه تي هاڻي ويڙها وستيون وَس ڇڏيو.

    پنهنجا پوٺا پڊ ويا ڪيڏانهن، پنهنجون بستيون ڀيڻيون ڪهڙيون،
    ويٺا آهيو ڪکَ وڃائي، پنهنجون دڙميون دَس ڇڏيو.

    ‘سانگي’ هاڻي ڪريو سُجاڳي، يا ته وٺو هي مُنهنجي صلاح،
    گنديون اوڍي گهر ۾ ويهي، ڳچين پائي هَس ڇڏيو.


    سون سريکي سنڌڙي

    سون سريکي سنڌڙي جنهن ۾ ساوڪ ساوڪ جام ڏِسان.
    لَئي لِچڻ ۽ لاڻا تنهن ۾ لوڻڪ لوڻڪ جام ڏِسان.

    هن ۾ ميندي موتيو مُگرو هن ۾ مورن مُرٽ مدام،
    هن ۾ ڪوڻيون پاٻوڙا ۽ پالڪ پالڪ جام ڏِسان.

    هن جا ماڻهو موتين جهڙا مٽ نه جن جو آهي ڪٿي،
    پوڙها پوڙها جوان سگهارا ٻالڪ ٻالڪ جام ڏِسان.

    هن ۾ هوشو هن ۾ دودا هن ۾ دريا خان دلير،
    موتين هاڻي مٽي هن ۾ ماڻڪ ماڻڪ جام ڏِسان.

    هن ۾ جوڌا جُنگ جنگير ۽ سورهيه سَو هزار،
    هن ۾ شاهه ڀٽائيءَ جهڙا، سالڪ سالڪ جام ڏِسان.

    هي سنڌو ديس سونهارو، جنهن جا سُهڻا صاف سنگهار،
    هن ۾ لُنگيون کيس کٿا ۽ اجرڪ اجرڪ جام ڏِسان.


    ڪَنن تان وار واري اڄ

    وزيرن ميمبرن ڇڏيا، ڪَنن تان وار واري اڄ.
    هنيا جن پوسٽر پرچا، ڇڏيئون تِن کي وساري اڄ.

    وٺي جيئن ووٽ هو، ويئڙا، عياشين ۾ وڃي پيئڙا،
    وڃي تِن ڪيا نوان نينهڙا، نٿو ڪوئي نهاري اڄ.

    لڳين ڪُرسي مِٺي مصري، وچن تن کي ويا وِسري،
    پيا پاور مٿي پسري، ڇڏيئون ٻارڻ ته ٻاري اڄ.

    گُلن جون ٽوڪريون ڏيندا، ڪنواريون ڇوڪريون ڏيندا،
    اُنهن کي نوڪريون ڏيندا پيالا جو پياري اڄ.


    وٺيو وِسڪيون اچن

    ميمبرن لئه ماکيون ۽ جي وٺيو وِسڪيون اچن.
    روڊ ۽ اسڪول تن جي ئي ٿا ڳوٺن ۾ ٺهن.

    جن جمهوريت جي ته ڪارڻ جيل ۽ ڦٽڪا سَٺا،
    سي ته هڪڙي سائيڪل لاءِ پيا سڄڻ منهنجا سِڪن.

    اجرڪن لئه ڏِس ته ڪيئن، آتا ٿيو ميمبر گُهمن،
    چاپلوسن جي چُلهين تي پيا پلا تِن لئه پَچن.

    ورڪ ۾ جن ورڪرن نعرا هنيا ۽ ناچ ڪيا،
    منهن تن جا ميمبرن کي اڄ نٿا بلڪل وڻن.

    ڪار ۾ ڪارا تتر ۽ چيکلا چاڙهي اچي،
    تنهن کي ٺيڪا، ماٺ ميٺ ۾ ٿا ملن.


    پاور کانپو

    پاور کانپو پنهنجن پيارن يارن جا ڏِس پار اُڍيجا.
    ڌارين سان گڏ ڌوڙي ڀيچي اعليٰ عُهديدار اُڍيجا.

    ڪرسيءَ کان اڳ ڪيڏا جيڪي ڏک ونڊيندا ڏيندا ها،
    سي ته سمورا ساٿي پنهنجا، پنهنجن کان بيزار اُڍيجا.

    وِسڪيءَ جي ٻن پيگن تي يا سگريٽن جي پاڪيٽن تي،
    ورڪر سارا، وِسري ويا، ويجها ٿيا وَڻ کار اُڍيجا.

    چونڊن ۾ جن چوٽ چڙهي هُئي، ڪئي مخالفت پ پ جي،
    اڄ به انهن جا جام ٿين ٿا، ڪم سمورا ڪار اُڍيجا.

    ضلعي ضلعي مان نوڪرين لاءِ لسٽ گهري آ قائد جيڪا،
    لسٽ انهيءَ ۾ نالو هڪڙو ورڪر جو لاچار اُڍيجا.

    مٿان مليا ڪجهه آرڊر آهن، کنيو هلن ٿا کيسن ۾،
    ڏوڪڙ جيڪو ڏيندو ان کي ڏيندا آرڊر يار اُڍيجا.

    ڀاڪر پائي ڀر ۾ جيڪي، بئنچن تي پڻ ويهندا ها،
    هاڻ انهن جي هٿ ڏيڻ جو عجب طريقه ڪار اُڍيجا.

    تنهنجي گهاٽن يارن مان ڏِس سال سڄي ۾ هڪڙو ڀيرو،
    ڪهڙا ڪهڙا يار اچن ٿا، ورسي تي وينجهار اُڍيجا.

    وِسڪيون جيڪو پياريندو ۽ ڪاهي جيڪو ايندو ڪارون،
    ڪم انهيءَ جو جهٽ پٽ ٿئي ٿو، ٻيڙو اُن جو پار اُڍيجا.

    هو سڀ مالن ميڙڻ ۾ تُنهنجي ڪنهن کي ياد نه آئي،
    شروع ڪري تن شايد ڇڏيا، ڪارا ڪاروبار اُڍيجا.

    جيلن، جلسن لاءِ جيڪي ڳولي ڳولي ملندا ها،
    پاسي مان سي گذرن ٿا، ته به ڪن ڪونه کيڪار اُڍيجا.

    پنڌ پيادا ايندا ها جي گڏجي سڏجي گڏجاڻين ۾،
    پيجارن کانسواٰءِ انهن جو اچڻ کان انڪار اُڍيجا.

    ٺٽي وارن يارن تي اڄ سئونٽن جو ير سٽڪو آ،
    اتحادي اتي ايم. اين اي جا ويا وڌي آزار اُڍيجا.

    ورڪر جي ڪا واهر ڪونهي، ورڪر ٿي ويو ويچارو،
    هڪڙي ووٽ وفاقي لاءِ، ورڪر تي وسڪار اُڍيجا.

    هي جي چَند سِٽون مون لکيون، سي به سگهن ٿا ڪين سهي،
    پيلا تن جا مُنهن ٿين ٿا، اکين ۾ ڦوٽار اُڍيجا.

    ڀوڳن چرچن تي اي ‘سانگي’ ڪونه ڪڏهن ڪاوڙبا ها،
    هاڻ انهن جي نڪ تي ڪاوڙ هردم آ هسوار اُڍيجا.
    *

    * پ پ جي بهادر ۽ ورڪر دوست اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جي پهرين ورسي جي موقعي تي ماتلي ۾ خورشيد شاهه ۽ منور ٽالپر جي موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو.


    توسان گڏ

    تون باغي آنءَ جن بدڪارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.
    ٿو ڪاوڙجين جن ڪردارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن جي ته ڪُڌي ڪم ڪار ڪنان، فرعون پناهون روز پِني،
    ابليس ڏڪي جن عيارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن قوم ڪٺي قتلام ڪيو، جن جور جبر هت جام ڪيو،
    ٿي باهه وٺئي جن ڀوتارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.


    جن جن به ڪيا نقصان وڏا، شيطان وڏا شمران وڏا،
    ٿي آگ لڳئي جن اغيارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جي چال سندا بدچال هتي، انصاف سندا رکوال هتي،
    ٿي ماٺ لڳئي جن مڪارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن جن به هتي ڌڙ ڌار ڪيا ۽ ويڙهه وطن تي وار ڪيا،
    جي ويا ته وڌي ڪُل واڍارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    ڦُرمار مٿي گُذارن جنين، ڪچ ڪوڙ مٿي ايمان جنين،
    پَٽَ ناس ٿين جن ناسارن کان سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن ڳوٺ منهنجان يا کوهه مٿان، آزور کنئين ننگ نار هتي،
    ٿا گُرز لڳن جن غدارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن جام ڪيا هت جوٽ سُڃا، جي خون پيئڻ جي لاءِ اُڃا،
    ٿا پاپ وڌن جن پرمارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن هڙپ ڪيا هڙ مال هتي، جن سور ڏنا سئو سال هتي،
    ٿا هانءُ ڏڪن جن هچارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.

    جن جن به هتي آ ووٽ وڪيو ۽ چرس به چوٽان چوٽ وڪيو،
    حق هڙپ ٿين جن هاتارن کان، سي ته سمورا توسان گڏ.


    پُر امن

    روز اغوا ۽ ڦُرون، پر پو به آهيون پُر امن.
    لوفرن جون لک لُرون، پر پو به آهيون پُر امن.

    ڌوم ڌاڙيلن مَتي ۽ ڀُنگ مٿي ڀاڳيا ورن،
    روز چِٺيون ۽ گهُرون، پر پو به آهيون پُر امن.

    شام کان پو شهر خالي بند بازاريون ٿين،
    ڪين گهر کان ٿا چُرون، پر پو به آهيون پُر امن.


    اوهانجون يار قربانيون

    اوهانجون يار قربانيون، ممڻ ڏاڍو مچائينديون.
    ممڻ ڏاڍو مچائينديون، وطن پنهنجو بچائينديون.

    اوهان تي ڏنڊ ۽ ڦٽڪا، لڳيون جيڪي سزائون هي،
    اهي هڪ ڏينهن تي ڏِسجو، سڀئي جرنل جُهڪائينديون.

    اوهان جا جي مُئا مانجهي، اوهان کي جي لڳيون گوليون.
    اوهان جي خون جون بوندون، وڏو ڪو رنگ لائينديون.

    اوهين اُلڪو نه ڪو ڪريو، اوهان جو وير وارڻ لئه،
    سنڌو دريا سنديون ڇوليون، مٿن گوليون وسائينديون.

    سزائون سال واريون هي، ڪنديون ‘سانگي’ ڇا سوڍن کي،
    سزائون هي فتحيابي، سنديون راهون رسائينديون.


    * ايم آر ڊي 1983ع جي تحريڪ دوران لکيو ويو.


    قلم هي ڪارا لاڪپ ۾

    ڪيسين هڻندين ڪانئر پيو تون، قلم هي ڪارا لاڪپ ۾.
    پو به اچي ٻڌ گارين جا آهن، تو تي وارا لاڪپ ۾.

    ڪرسيءَ تي تون ڪُڏي ڪُڏي، لوڀي ويندي نيٺ ته لُڏي،
    پوريندين تون ڪيسيتائين ماڻهو پيارا لاڪپ ۾.

    هي جي تنهنجا جنگي فوجي، بنجي پيا سڀ ڀنگي فوجي،
    هڪ ڏينهن توکي مارائيندا، پوندا سارا لاڪپ ۾.

    ماڻهن پويان ماڻهو ايندا، بند هي تنهنجا ڀرجي ويندا،
    جمهوريت جا جهومي پوندا، نيٺ به نعرا لاڪپ ۾.

    قيد پڪي مان ڪيڏو لکيو، ‘سانگي’ سچ سمورو آهي،
    پڙهجو تنهن کي دل سان دلبر، دنگ دلارا لاڪپ ۾


    * ايم. آر. ڊي 1983ع جي تحريڪ ۾ گرفتاري بعد سجاول لاڪپ ۾ لکيو ويو.


    اها ٿئي قوم هوشو جي

    اها ٿئي قوم هوشو جي، اها ٿئي قوم دودي جي.
    پٽي پتلون ڦاڙي جن، شمر شيطان شودي جي.

    ڏِسي هت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سڄي آ قوم جاڳي پئي،
    اچي پئي گوڙ سان گولي، سندم جرنيل جوڌي جي.

    اڙي جابر ٻُڌي ڇَڏ تون، ڪنا ڪانئر ڪنن ٻن سان،
    هڪل هڪڙي نه سهندين تون، سندم بي باڪ بودي جي.

    سڙن پيون ريل جون پَٽڙيون، ٽُٽن پيا روڊ ۽ رَستا،
    اها ئي ڪاروائي آ، هتي هر ڳوٺ ڳوڌي جي.

    جمهوريت ۽ جيئي سنڌ جا، هڻن پيا نينهن مان نعرا،
    هنن وٽ ڳالهه ‘سانگي’ آ، سرن جي ئي ته سودي جي.


    * ايم آر ڊي 83ع جي جدوجهد دؤران لکيو ويو.


    آمريت کي پئي پالي

    آمريت کي پيئي پالي، ڏِس جمهوريت جوٽ تي.
    قوم ساري کي ڪُهيو پيا، ڪوٽ اَڏجن ڪوٽ تي.

    ڪونه دنيا کي وڻي ٿو، پاڻ جو مُرڪي ملڻ،
    قرب ڪريون ڪو هلي، جاني جبل جي چوٽ تي.

    چور صوبيدار جو آ واسطو ورهن ڪنان،
    سلسلو سارو هلي پيو، سائي ڳاڙهي نوٽ تي.

    ڏند ڏاٺون پيا ڀڄي پر پو به چئي ميمبر ٿيان،
    آ نشو ڪرسي جو ڪيڏو هن انڌي اڌڙوٽ تي.

    لالڻ لشاري کان وٺي پيرن اگهاڙا پير سڀ،
    پيا ڦُرڻ لئه سڀ ڦِرن، هر اوٽ توڙي موٽ تي.

    دال ڀاڄي ۽ اٽي جا، اگهه چڙهي ايڏا ويا،
    ٿيو گذر هاڻي غريبن، چانهه ۽ بسڪوٽ تي.

    ڀاءُ نٿو ڀاءُ کي وڻي، دور اهڙو ويو اچي،
    ڏک ڪبو ڪهڙو ڀلا، مامي سڳي ماروٽ تي.

    اَڻ پڙهيا ۽ اَڻ گهڙيا، اخلاق کان آجا سڀئي،
    چونڊجيو چڙهيو وڃن سي، سڀ ڄَٽن جي ووٽ تي.

    بند مارئي کيت جي هئي، قيد ڪئي جنهن ڪوٽ ۾،
    اڄ به نفرت پئي وَسي، ان عمر جي ڪوٽ تي.

    جي ڇڏي وسنديون ويا، ويٺا ويرانين ۾ وڃي،
    عشق پهچائي ڇڏيا سي، عرش چوٽان چوٽ تي.

    پهچ پنهنجي کان مٿي، اوڌر کڻي ٿا ڪاڄ ڪن،
    ڪاهه قرضين جي پو ڪيڏي، آهي هوندي گهوٽ تي.

    ڀت هجي شادي سندو، خيرات يا ختمون هجي،
    ايئن ملان اُن تي اچن ٿا، جيئن ڳجهون ڪي ٻوٽ تي.


    ڀونءَ جا ڀوتار

    ڀونءَ جا ڀوتار ڏِس، اڄ ڀيٽجي ويا ڀيٽ ۾.
    سيٽ ٿي ويا سيٽ سارا، سيٽ پنهنجي سيٽ ۾.

    ميمبري لاءِ وڏيرو، قوم ۾ ڪاهيو پوي،
    چئي صفا آهيان چريو، چاڙهي ڇڏيو هن چيٽ ۾.

    هرڪو ليڊر ٿو چوي، مان ميجرن جو معتقد،
    پيو مڙئي پيرين پئيو، پايان پکي تن پيٽ ۾.

    ڪن ڏئي ڦوڪون ٺلهيون، ڪونڌر ڪُهايا ڪيترا،
    خون تي خاموش ٿيا، پئيسا وجهي پاڪيٽ ۾.

    سُرخ پرچم ساڻ ڪي، ساٿي سڏائيندا وتن،
    قوم جو تن کي به ڏاڍو، درد آهي پيٽ ۾.

    ڪا کڻي ڪُوڪار ڪا، سرڪار طرفان ٿي ٿئي،
    ڪي پُڄيو پهرين وڃن ۽ ڪي پُڄن ٿا ليٽ ۾.

    آرمي وارن اڳيان سي، هٿ ٻڌيو هڙ ٿا بيهن،
    ڪيڏي محبت موچڙي ۾، ڪيڏي نئڙت نيٽ ۾.

    ڪي هڻيو نعرو هلن، آزاد گهرجي سنڌ ٿي،
    پر عمل تن جا به آهن، ويا ڦٽي اڄ ڦيٽ ۾.

    ڪي چون ڪَن ۾ پيا، ٿي خودمختياري کپي،
    سي به وِڪجي ويا وري اڄ، رات واري ريٽ ۾.

    جُوف جن کي آ ججهو بس، سي ته جيالا جنتري،
    اَک انهن جي آ اڙيل، صاحب وڏي جي گيٽ ۾.

    لاش لاکيڻن پُٽن جا، اڳ ٻُڏي ويا ڪيترا،
    مرتضيٰ جو خون پُڻ آ، ويو ملي ايئن ميٽ ۾.

    ليک ليڊر جي ڏين ٿا، اڄ به ڪنهن اخبار ۾،
    اگهه اُنهيءَ جو ٿو انهن کي، هت ملي اکٽيٽ ۾.

    بال ۽ بئٽون ڇڏي، آيو سُري سياست اندر،
    ڪونه ڪو آيو مزو عمران کي ڪرڪيٽ ۾.


    اسين ته به وفاقي

    هڙون هڙپ ٿيئيون، بتو ڪجهه نه باقي.
    اسين ته به وفاقي، اسين ته به وفاقي.

    سڄي سنڌ گهيرن ۽ پهرن ۾ آهي،
    ڦِرن پيا هي ڦورو، وجهيو وردي خاڪي.

    ٻاٻاڻن جي ٻوليءَ تي ٻارڻ ٻَرن پيا،
    سنڌين جي سرن تي، ڦرن روز پاڪي.

    سنڌين کي گهرن ۾، پيو ماريو وڃي،
    پيا ٻانهن لوڏيو، هلن چور چاڪي.

    وڏيرا اسانجا، ويا وِسڪي تي وِڪجي،
    کپي تن کي ساغر ۽ سهڻو ڪو ساقي.


    من وري ميمبر ٿيان

    چئي اڳوڻا عيش ساريو، من وري ميمبر ٿيان.
    نانگ ڪاري جيئن نهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ياد ننڊ ۾ ٿا جڏهن، هن کي اچن سائرن سلوٽ،
    گهر ڇڏي سارو اُٿاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    اڄ ڏسيو اوطاق خالي، وار پنهنجا پيو پٽي،
    ڪجهه گهڙيون مون ساڻ گهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ڪالهه صوبيدار ۽ اي. سي به ايندو هو هلي،
    اڄ ڇڏي هرڪو ٿو ٽاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ڪالهه وِسڪي هئي ولاتي، ڇوڪريون ساقي هيون،
    اڄ ٺري آ هانءَ ٺاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    اک نٿي جنهن جي ٻُڏي، هت ڪنهن به ماڻهوءَ جي مٿي،
    اک اُنهيءَ مان اشڪ هاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    پرمٽون پاسون وٺي، جنهن نوڪريون ناڻي وِڪيون،
    ڳڻتين ان کي آ ڳاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ڪونه ڪم ڪنهن جا ڪيم، پر ڪو ڪريو پنهنجو ڪرم،
    مون بليڪيءَ کي بيهاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ڪالهه ڊي.سي هو ڊنو ۽ اڄ نٿو مُنشي مڃي،
    مام ان مونکي آ ماريو، من وري ميمبر ٿيان.

    پدمڻين سان پئگ پيئندي، جي رچيون راتيون هيون،
    سي وجهن راتيون رئاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    مال ۽ ماڻهن سندا پو ڀُنگ وٺجو ڀائرو،
    روز ماڻهو پو پيا ماريو، من وري ميمبر ٿيان.

    چرس چالو ٿي وڃي، هيرون هلندي ئي رهي،
    در ڌڻيءَ جي پيا پڪاريو، من وري ميمبر ٿيان.

    ڪيفي ٽيريا جون ڪچهريون، ڪونه ٿيون وسرن ڪڏهن،
    ڏينهن ‘سانگي’ سي ڏيکاريو، من وري ميمبر ٿيان.


    ڪانگن ڪارن نانگن ڪارن

    ڪانگن ڪارن، نانگن ڪارن، نورن مان ويا جهلجي ماڻهو.
    لُنبن لوٺن لغڙاين ۽ لورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    عام اتر ۾ اغوائون ۽ ڪوس ڪراچي ۾ آ ڪيڏو،
    دهشت گردن ڌاڙيلن ۽ چورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    رهبر رهزن بنجي ويا ۽ ليڊر لوڀي ليکاري،
    قاتل ڪانئر ڪرسين جي ير، گهورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    سُيون دوائون سرڪاري سڀ، ايم.ايس ۽ ويو عملو کائي،
    پوئي پرائيوٽ اعلاجن اسٽورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    نئين نسل کي ناس ڪرڻ ۾، سنڌي ماستر سرس سڀن کان،
    گوسڙ استادن تن جاهل ڪورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    ڪئيسٽي ڪُل شاعر اڄ جا، حد حيا جي اورانگهي ويا،
    بي پي ڀريل بيتن ڪافين ڏورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    سينڌ ڪڍي ۽ سرما پائي، ويل وچيئن جو نڪتا نينگر،
    ڳاڙهن ڳاڙهن ڳلڙن وارن، ڳورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    مفت جون مانيون کايو مُلان، روز نوان پيا ڇيڙين راڳ،
    فرقيواريت، فتني بازن، ڦورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    ويڙهه وطن جي وانگيئڙن سان، واپارين جو وير وڏو آ،
    ڪوڙن ڪانٽن چوٽ اگهن ۽ تورن مان ويا جهجلي ماڻهو.

    جنتا جا اڄ جيب ڪٽڻ لئه، جُنگ جيالا جاڳي پيا،
    ڳاڙهن واتن وارن سارن، ڇورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    اشرافن جو اوهي نه واهي، ڏوهين جي لا ڏهه ڏهه فونون،
    واگهه وڏيرن صوبيدارن، سورن مان ويا جهلجي ماڻهو.

    کاشا ۽ خوددار صحافي، خرچين تي پيا يار کري،
    کوٽين خالي خبرن وارن ٻورن مان ويا جهلجي ماڻهو.


    ڪم انهن جا لاهي ڇڏبا

    ڪم نه جيڪي ڪندا ڪامورا، ڪم انهن جا لاهي ڇڏبا.
    لتون هڻي سي لوڌي ڪڍبا، گٽرن ۾ سي واهي ڇڏبا.

    ماڻهن جي هيءَ آهي حڪومت، ماڻهن کي جي ماريندا،
    ڪيڏا ڀي سي ڏاڍا هوندا، ڏنڊن سان سي ڊاهي ڇڏبا.

    مسڪينن جا چيڪ نه هاڻي، چورن چمچن کي ڪي ملندا،
    چيڪن ۾ جي ڪندا چالاڪي، جهلي ڳٿر مان ڳاهي ڇڏبا.

    ٽائون جي هر پئسي جو، ليکو چوکو وٺڻو آهي،
    کائو کوٽا آفيسر سڀ، چيري ۽ اڇلائي ڇڏبا.

    رهزن راشي ڪامورن کي، مور نه هاڻي ملندي معافي،
    جام جُتن جا هار اُنهن کي، پارڪ تي پارائي ڇڏبا.

    آجا تاجا کپن ڪامورا، ڪنهن جا ڪي ڪمدار نه گُهرجن،
    ڪمداري جي ڪندا ڪامورا، سي سڀ ڪُٽي ڪاهي ڇڏبا.


    وڌيو بي روزگاري جو

    وڌيو بي روزگاري جو، ڏسو بُحران ڪيڏو آ.
    نڀاڳن حاڪمن نانگن، ڪيو نقصان ڪيڏو آ.

    مکڻ ماکين مٺاين ۽ مُريدن جي ته مانين تي،
    مفادي مطلبي مُرشد، متو مروان ڪيڏو آ.

    هُجي ماني ڪا مرڻي جي، يا پرڻي جي پُلاءُ تازي،
    اُنهي تي هر مُلئون ميانجي، بنيو بئمان ڪيڏو آ.

    نماڻيون نيڪ ناريون ڏس، ڪريو ڪاريون ڪُهي ويٺو،
    قتل عظمت ۽ عصمت جو، ڪيو انسان ڪيڏو آ.

    نه خالي خوف خطري کان، خلاصو ڪو خطو آهي،
    درندن ديس ڌرتي تي ڌريو دهمان ڪيڏو آ.

    زنائون ۽ زبردستيون، ٿين معصوم ٻارن سان،
    حَوس ۽ حِرص لا بندو، بنيو بوزان ڪيڏو آ.

    ٿيو مجبور جيئڻ کان، پيا ڪن خودڪشيون ماڻهون،
    الا انسانيت جو ٿيو، هتي اپمان ڪيڏو آ.


    مرون مردار مُرڪي پيو

    ڏسي ڇيليءَ اڪيليءَ کي، مرون مردار مُرڪي پيو.
    ڏٺو جي باز ڳيري کي، ڪري ڪن ٽار مُرڪي پيو.

    خبر اخبار ۾ ٺوڪي، ڏنئين انجنيئر اي سي لا،
    وٺي ٺيڪو پو ٺاهوڪو، صحافي يار مُرڪي پيو.

    کڻي ڪو فيصلو آيو، بنڀو پنهنجي ڀڳل رن جو،
    سُڻي سهڻي سدوريءَ جو، ڀڏو ڀوتار مُرڪي پيو.

    ڏٺيئن ماڻهو هتي وارا، پڙهايو پيا پين پاڻي،
    ڌنڌو ڌاڳن سندو ڏسندي، مُلئون منهن ڪار مُرڪي پيو.

    سوا سڏ جي سڌو گهر ۾، مٺو مرشد هلي آيو،
    ڏسي مِٺڙيون مُريدياڻيون، سيد سردار مُرڪي پيو.

    وٺي ڪا رَن وچيئن ٽاڻي، وڏيري وٽ وڃي پهتو،
    وٺي چند نوٽ ڳاڙها پو، ڪُٽڻ ڪمدار مرڪي پيو.

    ڪيون ڪوڙن ته کاتن تي، صبح سان ئي صحيون صاحب،
    وٺي ڏوڪڙ ڪڍي ڏندڙا، مختيارڪار مُرڪي پيو.

    ڏسي حد ۾ ڦرون ڌاڙا، اڏا منشيات جا هلندي،
    صدر ٿاڻي سندو سائين، سو صوبيدار مُرڪي پيو.

    چڱا چالان چورن جا، جڏهن ٿيا پيش ڪورٽ ۾،
    وڪيلن وات ڦاڙيا ۽ سرشتيدار مُرڪي پيو.

    پيو روڊن ۽ رستن جا، ڏسيو ٽينڊر ٽڙي صاحب،
    ڪلارڪ پڻ ڪُڏي ويٺو، داروغو ڌار مُرڪي پيو.

    هجي پوڙهي پڪي پر جي، اچي اوڍيو ڀلو برقعو،
    ٽرو عاشق ڏسي برقعي، سندي سا ڪار مُرڪي پيو.

    ڏسي نالو وزارت ۾، چيئن چڙهه خوب ڪي ٿيندا،
    اسانجو مور ميمبر سو، مٺو منٺار مُرڪي پيو.


    ليگلا ٿيا پيپلا

    ڪالهه جي ڪلمون پڙهي، هو ليگلا ٿيا پيپلا.
    تن مچائي آ ڇڏي بس، ڪربلا ئي ڪربلا.

    جي ڪُٽيا ۽ قيد ٿيا، سال يارنهن سال هت،
    سي ته ورڪر اڄ به آهن بي بلا ئي بي بلا.

    جي جمهوري دور جا، دشمن وڏا سڏبا هئا،
    سي ته ساڳيا اڄ وري ٿيا، در وڏي جا دادلا.

    جن ڏنيون جانيون هتي، ۽ گهر ڪيا پنهنجا تباهه،
    تن مٿان حاوي ويا ٿي، کر وري هو کوٻلا.

    جن ڪڍڻ ٿي ڪونه پي پي جا هتي جلسا ڏنا،
    اڄ اهي احمق وري ٿي، پيا ڀُٽي جا ڀرجهلا.

    جن چيو چيري چِٿي، ورڪر وجهو هي جيل ۾،
    سي ته صاحب اڄ به آهن، چاڳ وارا چاڳلا.

    هڙ وڏا ويري اچي ويا، چور دروازي منجهان،
    ورڪرن جي قسمتن جا، تن جي هٿ ۾ فيصلا.

    ڪار ۾ ڪارا تتر، وِسڪي وٺيو جيڪي اچن،
    ٿا نميو نوڙيو ڏين جي نيرڳي ۽ چيکلا.

    جلد جاڳو جُنگ جيالا يوٿ ۽ سپاف جا،
    ورڪرن لا ويا شروع ٿي، سازشن جا سلسلا.


    ڀٽائي سائين

    ڪيو آ ڪيڏو زيان خورن، زيان پنهنجو ڀٽائي سائين.
    ڌريو نه ديسين سندي ڪنهن ڏک تي ڌيان پنهنجو ڀٽائي سائين.

    هتي آ حالت وڳوڙ واري، پنجوڙ پورهيت پون پيا پلپل،
    رهيو نه ساڻيهه سڄي ۾ امن و امان پنهنجو ڀٽائي سائين.

    ڪري جو ڳالهيون هتي ٿو حق جون، انهي تي ڪڙيون اچن ٿيون ڪڙڪيو،
    جهليو وڃي ڏس جوان پوڙهو ڪسان پنهنجو ڀٽائي سائين.

    اديب شاعر مزور هاري، غريب غربو سچو صحافي،
    مري پيو ماڻهون هتي جو هرڪو مهان پنهنجو ڀٽائي سائين.

    اسان تي اڄ ڀي اُڀيون بندوقون، اسان جا اڄ ڀي گله پيا گهٽجن،
    بنيو آ زيور زنجير توڙي زندان پنهنجو ڀٽائي سائين.


    ننڌڻڪي قوم جا شاعر

    ننڌڻڪي قوم جا شاعر، ننڌڻڪا ٿي مري ويندا.
    بخاريءَ جيئن بخارن ۾، هي ٻاڪاري ٻري ويندا.

    ثقافت سنڌ جو کاتو، رنڊين ۽ رهزنن لا آ،
    هي هيرن مٽ هڙئي ماڻهو، حياتين کان کري ويندا.

    وڏيرن ۽ وزيرن جي، علاجن تي لکين روپيا،
    قلم ۽ قوم جا وارث، ته ڳڻتين ۾ ڳري ويندا.

    همايوني به ويو هليو، ويا منشي مجيدي پڻ،
    رڳو ئي سور سنڌڙي کي، سوا سوڍن سري ويندا.

    * استاد بخاري جي وفات تي لکيل.


    دريا خان پارا

    هي سنڌي سٻاجها، سدا ٻاجهه وارا.
    هي محبوب ماڻهو، پيارا پيارا.

    ڀلو ديس تن جو، ڀلو ويس تن جو،
    ڀلي ٻولي تن جي، ڀلا سي ڀلارا.

    نڪو مير من ۾، رکن هو ٿا رانجهن،
    صفا صاف دل سي ته سورهيه سگهارا.

    ڏسي ڏاڍ کي سي ڏرن ڪين ڪڏهن،
    ڏسڻ ۾ ته ڏاڍا سي دولهه دُلارا.

    مٺا هي ته ماکين مٺاين ڪنان ڀي،
    ٻُڌين ٻول تن جا جي موذي متارا.

    ڏسڻ ۽ پسڻ ۾، بنهه بي ڊپا سي،
    هي مٿير ماڻهو دريا خان پارا.

    هي هاري ۽ ناري، اسر جو اُٿيو سڀ،
    جبر جنگ جوٽن ٿا ڀورا ڀٽارا.

    نڪو مٽ ٿو ڀانيان، انهن جي مان ‘سانگي’
    پيا يار چمڪن هي هر هنڌ ستارا.


    ٽڪ ساٽ ٽوڙيندا اچون

    پُختگي سان پير پنهنجا، پاڻ کوڙيندا اچون.
    حاسدن جا هـودين ۾، ٻُوٿ ٻوڙيندا اچون.

    ظالمن جو هن ضلع مان، خاتمو ٿيندو ضرور،
    ڪنڌ ڪُهاڙن ساڻ تن جا، يار ڦوڙيندا اچون.

    جن رکيا ٽانڊا کڻي، مسڪين ماڻهن جي مٿان،
    تن ٽڪارن جا سڀئي ٽِڪ ساٽ ٽوڙيندا اچون.

    هر ڳليءَ ۽ ڳوٺ مان، جوڌن جوانن جا اسين،
    جابرن جي لا جَٿا ۽ جوڙ جوڙيندا اچون.

    آمرن جي انت جون، هي آخري آهن گهڙيون،
    هر حرامي جي هڏي تان، ماس روڙهيندا اچون.

    حاڪميءَ جي جو نشي ۾، ڌُت دادگير آ،
    ان مرون مردود جي، مڻڪي کي موڙيندا اچون.


    ٺڳن جا ٺاٺ ٺٺ آهن

    رڳو مسڪين پيو ڪُٽجي، ٺڳن جا ٺاٺ ٺٺ آهن،
    ننڍن کي آ نڙيءَ تي ننهن، وڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    اڃان اشراف ماڻهن تي اُٿن ٿيون آڱريون ڪي ئي،
    دلالن ديڳ جي چَمچن، دلن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    حيا وارا هڙئي ماڻهون هلن پيا هيٺ ڪنڌ ڪريو،
    شرم جن کي نه تولي جو، انهن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    جمهوري دؤر ۾ ڏاڍي جيالن ساڻ جُٺ آهي،
    وزيرن ميمبرن پنهنجن سڀن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    اسانجي يار يارن جا، ويا ٿي يار ڪامورا،
    تڏهن کان ئي ته ڪامورن ڪڙن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    مليا مسڪين ماڻهن کي رڳو ليکن مٿي ليکا،
    لڙهاين ليڊرن سارن، لُچن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    ڪٽيو جنهن قيد ورڪر هو، اُهو اڄ ڀي آسورن ۾،
    مگر پاور جي پوڄارين، پٺن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    ڪري پيا گهر غريبن جا، ملن پيا چيڪ چمچن کي،
    وڏن ماڻهن جي ماڻهن ڇا، گڏهن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    وفاقي ووٽ هڪڙي لا، ٺٽي ۾ باهه ڀڙڪيل آ،
    اسان وارن اتحادين يَرَ، اُٺَن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    جتي منشي، مجيدي ۽ هُجي سرويچ سُورن ۾،
    اُتي اُوٺي، اُڏايرائي جهڙن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    ڪرائي پاس خبرون جي، وڏيرن کان اُماڻين ٿا،
    انهن سُهڻن صحافين يَرَ، سڀن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    کڻيو ڪي کوڙ کيسن ۾، وزيرن جا هلن ڪارڊ،
    پراڻن پيپلن جيالن جُنگن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    هُجي پرڻو کڻي مرڻو، نڪاح، تڙ جا وٺن پئسه،
    ٻنهي مهلن ۽ موقعن تي، مُلن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    اَميراڻن ڪُتن جي لا، ڏسو هو پيا تڪا ترجن،
    مَرن ماڻهون پيا ماني لئه، ڪُتن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    ڪڏهن مسجد ڪڏهن مندر، الم کي آ اُکوڙيو ويو،
    عياشي، عيش عشرت جي اڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.

    پنوهارن جي پُٽن لاءِ، نڪا ڪا نوڪري آهي،
    اَميرن جي پُٽن پوٽن، ڏڏن جا ٺاٺ ٺٺ آهن.


    ڪنن کان قوم ٿي ٻوڙي

    ڪڏهن هِن جي پُٺيان ڊوڙي، ڪڏهن هُن جي پُٺيان ڊوڙي
    ٻُڌي تاڙين سندا سٽڪا، ڪنن کان قوم ٿي ٻوڙي

    نڀاڳي قوم نانگيءَ جي، نصيبن ۾ رڳو نعرا
    ڪڏهن ٿئي نانگ نوڙي مان، ڪڏهن نانگن منجهان نوڙي

    ڪڏهن ليگين لُٽون ٻاريون، ڪڏهن ڪاهون ڪري ڌاريون
    ڪڏهن پنهنجن ڪُٺو آهي، ڪڏهن دشمن ڇڪي ڇوڙي

    ڪڏهن ڪو مائولينن جون، ٻُڌائي ٿو اچيو ٻوليون
    ڪڏهن آزاد سنڌ جي ڪنهن، مٿي ۾ آ ڪِلي کوڙي

    ڪڏهن ڪو سرخ پرچم سان، اچي پيو سهڪندو ساٿي
    ڪڏهن صوفي ازم کڻيو، اچي کنگهندو ڪو کاهوڙي

    ٻَڌيو ڪو ٻُٽ اجرڪ جي، ڇپائي ٻوٿ پنهنجو ٿو
    ڏيو صوبن کي مُختياري، چوي پيٽو پيو پاٽوڙي

    انجامن آسرن تي ويا، سوين ئي سال هت گذري
    مگر مسڪين ماڻهن جي، مُقدر ۾ رڳو موڙي

    قضا سان قوم پنهنجي کي مليا رهبر رُڳو رهزن
    دليون دم دم دکائن ٿا، ٿيو دشمن سان گڏ ڌوڙي

    جمهوريت جي اچڻ سان ئي، ڏسو ڪم ڪامريڊن جا
    جيالا جيب ڪترڻ لئه، ڪريو جانب گُهمن جوڙي

    کڻيو ڪي کوڙ کيسن ۾، وزيرن جا هلن ڪارڊ
    پراڻا پيپلا آهيون، ڏيو ڪو فند ۽ ڦوڙي

    حقيقت تان کنيا پردا، جڏهن هڪڙي صحافي هت
    ڇريو ميمبر ڇتو ٿي پيو، وجهي پيو وات واڍوڙي

    اسان جي ئي افعالن سان، ضلعو جيڪو قلعو اُن مان
    چڙهي وئي يار چونڊن ۾، غدارن جي گري گهوڙي

    اسانجا محترم ليڊر، بيانن جا وٺن پئيسه
    وڏي اگهه ۾ وڃن وڪجيو، سي گرناري ۽ گاروڙي

    سنڌي سهڻا سٻاجها هي، سُڻا، ‘سانگي’وڃن ڪيڏانهن
    هتي وارا گهڻا ليڊر، هچارا ۽ ڪي هاٻوڙي


    عشق هو يا انقلاب

    روز رستن تي مرن پيا، مور ماڻهون بي حساب
    جي لکان لکجي وڃن هن، ڪوس تي ڪيئي ڪتاب

    رهزنو راڻن پُٽن جو، رت نه ويندو رائيگان
    لال ڳاڙهي خون مان، پوندا ڦٽي گهر گهر گُلاب

    ماءُ سنڌ جي محبتن ۾ گهورجي ويندا گهڻا
    گهاوَ گهاڻا گوليون، ارڏن جو آهي انتخاب

    عشق جن جي آ اندر ۾، انقلابي آرزو
    تن کي سَهڻا سڀ پون ٿا، اهنج ايذا ۽ عذاب

    هر بلا ۽ ڪربلا کي، سر ٿا سوڍن جا کپن
    خود خدا ڀي خاص ڏي ٿو، تن خليلن کي خطاب

    مون قلم جي نوڪ سان، هر قهر تي ڪيڏو لکيو
    مون نه ڄاتو ٿي ڪڏهن، سو ڏوهه هو يا هو ثواب

    مست مدهوشي اندر، مونکي به ڪونهي ڪو پتو
    ڪنهن بنايو مست مونکي، عشق هو يا انقلاب

    سور ‘سانگي’ سنڌ جا، ڪهڙا لکي ڪهڙا لکان
    اَڻ ڳڻيا ۽ اَڻ کُٽا، ڀرجي وڃن ڪر ڪيئي ڪتاب


    سنڌي ماڻهن جي ته الاڇو کسجي ويئي آهي مت

    سنڌي ماڻهن جي ته الا ڇو کسجي ويئي آهي مت
    پنهنجي طبقي جا هي دشمن پنهنجن جو پيا پيئن رت

    اوڳا موڳا موڙهل اهڙا ڪو نه نفعو نقصان ڏسن
    بڇ وڏيري جي تي ڀڙڪي مارين ماڻهون عام اُڇت

    گهر ۾ لولي لوڻ نه هوندن رلي سگهي پڻ هوندي ڪونه
    ٻاهر ٻانهن جي لوڏ ڇا ڏسندين ڄڻ ته لکن جي اٿن اُپت

    پنهنجي جو يا پنهنجي ئي ڪنهن پاڙي واري جو ته ڪٿي
    ڪم ڀلي ڪو ٿيندڙ هوئي هڻندا ان کي اهڙي لت

    ڪوڙن ڌاڳن ڦيڻن پويان ڦُرجي ڦُرجي فنا ويا ٿي
    پيرن پيٽوڙين کي رڌيو روز کارائن سڻڀا ڀت

    شل نه ڪنهن شوقين کي ڪائي، ڪُڪُڙن جي ڪٿ ويڙهه سُجهي
    مُڇ کي ڏاڍو تيل مکي سو ڪندو صبح سان پيو سنبت

    اخبارن ۾ خبرون پڙهيو، وات وڃن ٿا ڦاٽيو ڙي
    ڌيءَ ۽ ماءُ سان ٿئي زنا پئي، اهڙي ابتر ٿي حالت

    قوم سنڌي سا قوم هئي، هن قوم ۾ غيرت ڪوٽ هئا
    نئين نسل بس ناس ڪئي آ، پنهنجن پوين جي ڪُل پت

    رات پوي ٿي رسا روڊن تي، جت ڪٿ پکڙيو جام وڃن
    موٽي پنهنجن ماڳن تي ڪو، ڪو نه وڃي ٿو صحيح ثابت

    ٽونئرن وارا ٽيپ هٿن ۾ ٽنڊ تي هوندي ٽوپي تن جي
    روڊن رستن مورين تي سي ويٺا ٻُڌندا وير وڄت

    گهر جو ڪپڙو وال نه وٺندا، ڇورن جي لا ڇهه ڇهه وڳا
    ڪونجن جهڙيون ڪنواريون ڇڏيو، ڇورن سان ڪن کنئونس کَپت

    سورنهن سورنهن وال سُٿڻ ۽ پنجويهه ميٽر پٽڪو پايو
    ڌنڌو ڌاڙي ڪن نه ڪوئي، ڪن رڳو ٿا ڪوڙ ڪُپت

    ‘سانگي’ نانگي قوم نڀاڳي، ناڙيو ويٺي آهي نڀاڳ
    ايڪهين صدي ۾ ڪيئن گهڙندا گڏهن واري جن جي گت


    ٽوڙيون جمود

    اچو يار گڏجي هي ٽوڙيون جمود.
    سجاڳيءَ جو ساٿي، وڄايون سرود.

    وٺون حق پنهنجا ۽ سارا حساب،
    مڃايون ڪو ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود.

    وڙهڻ جي وٺون ڪا ته سهڻي سِکيا،
    ڪنداسين پيا ڪيسين هي سجدا سجود.

    هٿن ۾ اوهانجي، جي هٿيار هوندا،
    ٽٽي ظلم جي ويندي پو هرڪا حدود.

    جيئڻ جي ٿا چاهيو ته جاني ٻڌو،
    ختم ڪريو ختمان ۽ دورا درود.


    رتبا رسال تو ۾

    جُوڙيا جَڙيا خدا ڏس، جُملي جمال تو ۾.
    قدرت ڪيا هي ڪيڏا، قائم ڪمال تو ۾.

    خلقڻ ۾ خاص خالق، تنهنجو آ خيال رکيو،
    چونڊي چٽي ڇڏيائين، رُتبا رسال تو ۾.

    اوتيو اکين ۾ تنهنجي، نرمل آ نور ڪيڏو،
    هٻڪار هير وارا هڪيا حوال تو ۾.

    گهوٽي گلاب سارا، تنهنجي بدن کي بخشئين،
    منڊيا مڙهيا سمورا، مالڪ مثال تو ۾.

    چهري ۾ تنهنجي چئونڻي، ڏاتر ڏيا ڏني آ،
    ‘سانگي’ ڇڏيا سموئي، صاحب سوال تو ۾.


    ڪيڏو خدا ڪنان آ

    ڪيڏو خدا ڪنان آ، سهڻو سڄڻ ٺهي ويو.
    سورج به جنهن جي سامهون ٽهڪي وري ٽَهي ويو.

    ايجاد وقت ان جي، خود هو خدا خودي ۾،
    مٽي جي مورتي ۾، ماکي ڀري مَهي ويو.

    گهرين اکين سان جنهن ۾، گهوري گهڻو نهاري،
    ليکو انهيءَ جو لک ۾، لاشڪ هتي لَهي ويو.

    مُرڪڻ ۾ ماهرو جي، منتر ۽ منڊ مڙهيل،
    خوشبو جو سمنڊ ان جي، وارن منجهان وَهي ويو.

    هڪڙي گهڙي ملڻ لا، سَو پيا سِڪن سڪايل،
    سانگي سڄڻ سو مون وٽ، راتيون سڄيون رهي ويو.


    تنهنجي ئي تصوير

    هڪڙو ماڻهو مٺڙا توکي، راتيون جاڳي ساري ويٺو.
    تنهنجي ئي تصوير کڻي سو، صاف ڪري سينگاري ويٺو.

    هٿ ترين تي نالو تنهنجو، ڇاپي وانگيان ڇاپي ويٺو،
    قول سمورا توسان پورا، پرين پيارا پاري ويٺو.

    جڳ سڄي سان جاني تولئه، رشتا ناتا ٽوڙي ويٺو،
    تنهنجو خادم تنهنجو نوڪر، گولو بنجو گهاري ويٺو.

    تنهاين ۾ تنهنجون يادون، سيني ۾ سو سانڍي ويٺو،
    توتان پنهنجو سرڙو سهڻا، ور ور ڏيئو واري ويٺو.

    تنهنجي ڏک تي تڙپي ويٺو، سک لا تنهنجي سوچي ويٺو،
    تنهنجي ئي سو تصور ۾ هت، گهايل بنجو گهاري ويٺو.

    تنهنجي خيريت خوشحالي جون، رب کان ويٺو گهري دعائون،
    تنهنجي گس تان ڪنڊا چونڊي، گلڙا سو ڇٽڪاري ويٺو.

    ماڻهو ٻولو ڀالو آهي، سانگي ان جو نالو آهي،
    تنهنجي پيرن ۾ سو پيارا، گل گلابي هاري ويٺو.


    اندر جي اوٽ

    هلي آ يار هڪ ڀيرو، اندر جي اوٽ ڏيندوسين.
    گلي مل ۽ گهري ڏس جو، به گهرجئيه گُهوٽ ڏيندوسين.

    نه پٿراڻيون پلنگ مون وٽ، نڪي ڪي گلم غاليچا،
    سُمهڻ لاءِ سڄڻ سائين، جهلي ٻئي جوٽ ڏيندوسين.

    جڏهن ايندين مٺا مون وٽ، ته کائڻ لئه مٺيون مانيون،
    ۽ پيئڻ لئه پرين پيارا، لسيءَ جا لوٽ ڏيندوسين.

    چُمي هٿ پير چپ تنهنجا، پرين پنبڻين سان پوڄيندس،
    نه پيارا پيار جي ڪڏهن، ٿيڻ ڪا کوٽ ڏيندوسين.

    کپئه جي ماس ‘سانگي’ جو، ته ڪاتيون ڪَپ کڻيو اچجان،
    جسم مان پو جتان چوندين، وڍيو پيو ٻوٽ ڏيندوسين.


    ساقي اڃان به سُرڪي

    مونکي مٺا ڏي مُرڪي، ساقي اڃان به سُرڪي.
    پيو تون پيار جاني، جيئڙو جيار جاني.

    جيسين به هت جيان مان، ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيان مان،
    ايندس نه ٻيار جاني، جيئڙو جيار جاني.

    جسين آ هوش سهڻا، ڏيندو رهه نوش سهڻا،
    وِسڪي تون وار جاني، جيئڙو جيار جاني.

    موکيءَ مٺو آ مَٽڪو، جلدي ڀرائي جهٽڪو،
    ڪجهه ڪجهه ڏيار جاني، جيئڙو جيار جاني.

    ‘سانگي’ اڃا سَڏي پيو، هٿڙا توکي ٻَڌي پيو،
    ڀر ۾ ويهار جاني، جيئڙو جيار جاني.


    مغرور محبوب

    هن دنيا ۾ ڪو به ڪنهن وٽ، ڪين ٿئي مجبور شل،
    ڪين ڪنهن کي ڪو ملي محبوب هت مغرور شل.

    دل لڳيءَ کان پوءِ دل کي، پيا پوڻ دورا شروع،
    دل ڀڄي ٿي پئي ڀُڪا، سانڍي سگهي هي سور شل.

    سور مون ايڏا سَٺا جو هٿ حياتي تان کنيم،
    عرض هي منهنجو اگهي، مولا ڪري منظور شل.

    چار ڏينهن جو چهچٽو ۽ پو عمر ساري عذاب،
    ڪين ڪنهن کي ڪو لڳي هي نينهن جو ناسور شل.

    ڳالهه ٿوري تي به ناتو ٿا ڇنيو ٽوڙيو ڇڏن،
    ڪين ‘سانگي’ ڪنهن به گهائل کي ڪا گهائي گهور شل.


    منڊيءَ تي ٽِڪ

    مٺو محبوب منهنجوڙي، اٿو بيشڪ مُنڊيءَ تي ٽِڪ.
    وصف وينجهار جي واهه وا، بدن بيهڪ مُنڊيءَ تي ٽِڪ.

    هلڻ سهڻو کلڻ سهڻو، سڄڻ سهڻو سراسر آ،
    اٿس هر هڪ الله جو سونهن، اُٿڪ ويهڪ منڊيءَ تي ٽِڪ.

    مٺاڻن کان مٺيون آهن، مٺي منهنجي سنديون مُرڪون،
    ڀلا ان جا ڀرون ڀانيان، ڪنڍو ٿس نڪ منڊيءَ تي ٽِڪ.

    ويهي ڄڻ واندڪائي ۾، خدا ان کي ته ٺاهيو آ،
    نشيلا نيڻ نرمل جا، نظر نازڪ منڊيءَ تي ٽِڪ.

    سڄڻ سهڻي سندي سائين، ڪندو ساراه ‘سانگي’ ڇا،
    پرين پيرين هٿين سهڻو، هڻي دل ڌڪ منڊيءَ تي ٽِڪ.


    چنڊ به توسان لائي لنئون

    بجلي توکان ڇرڪ ڀري ٿي، وڄ به وڃي ٿي توکان ونئون.
    بادل توتان گهور ٿئي ۽، چنڊ به توسان لائي لنئون.

    تارا تنهنجي تارن اڳيان، ڪنڌ نمائي بيهندا آهن،
    ڪين نهاري سگهندو ڪڏهن سج به تو ۾ سهڻا سنئون.

    تنهنجي سوڌ سڌائي اڳيان سرؤ وڻ ڀي سڙندا آهن،
    رنگ گلاب ۽ رابيلن کي، لڳندي آهي ڏسندي ڏنئون.

    توکان سچ پچ سکيو آهي، چنڊ کي چاهڻ خود چڪور،
    تنهنجو پيار پَڪو ۽ پختو، تنهنجو نينهن نڪورو نئون.

    چنڊ کان چهري چهري تي تون، چڙ جي چادر چاڙهه نه چريا،
    ڪاوڙ کي ڪر دور دفع ۽ ‘سانگي’ سرچي پرچي پئون.


    پلڪن کي پور پيارا

    منهنجو ٿو ساهه نڪري، پلڪن کي پُور پيارا.
    مون ۾ جهلو نه جاني، ايڏو نه گهُور پيارا.

    ڪاريون ڪُنڍيون ڪٽوريون، کِلندي جڏهن کڻين ٿو،
    محفل منجهان ڪو ماڻهون، بچندو نه مُور پيارا.

    ههڙيون حسين اکڙيون، دلڙيون ڪکين اکڙيون،
    قدرت انهن ۾ ڪيڏو، نايو آ نور پيارا.

    سهڻين اکين ۾ سهڻا، ڏاڍا نشا ڀريل ٿئي،
    اکين ۾ تنهنجي آهي، اوتيل انگور پيارا.

    ‘سانگي’ سڄڻ سان سامهون، اکيون اکين ۾ پائي،
    جيڪو ڪندو ڏِسڻ جي، ڪُسندو ضرور پيارا.


    رُت سانوڻي

    ڳاڙهو رتل، منهنجو پنهل، سيني لڳل، رُت سانوڻي.
    اک ۾ ڪجل، چپ تي غزل، بُت ۾ اٿل، رُت سانوڻي.

    گُلڙا سٿي، سيجن مٿي، هت سج لٿي، ڇڏيم ڪٿي،
    هن بي مثل لا پل به پل، نظرون کتل رُت سانوڻي.

    ماکيان مٺو، منهنجو مٺو، مون آ ڏٺو، سهڻو سٺو،
    گم ٿي عقل ويندو اصل، ڏسندي مهل، رُت سانوڻي.

    وارن گهنڊي هٿڙن منڊي، ڏينهن ننڍي، سهڻي ونڊي،
    انگ انگ انگل، دم دم دنگل، جهنگ ۾ منگل، رُت سانوڻي.

    مينهڙا وسن، گُلڙا ڦُٽن، واعدا وچن پنهنجا پُڄن،
    دلبر هلن، دليون کلن، ڀرجن بغل، رُت سانوڻي.

    اکڙيون ته بس اهڙيون اٿس، مارن اوس ٿي بي ترس،
    ترسن نه تل، هڪ ٽڪ اجل، تن جو شغل، رُت سانوڻي.

    جنهن دم کنئين، سڌيون سنئين، اهڙيون هنيئن سُڌ مان، نئين
    ٿي ويا قتل، محبت مُٺل، قربن ڪُٺل، رُت سانوڻي.

    ڳاڙهن ڳلن، چپڙا گهمن، ڀوري بدن هٿڙا ڦرن،
    ڀاڪر پيل ڀر ۾ سُتل، بتڙو ڀنل، رُت سانوڻي.

    ‘سانگي’ سڄڻ آيو اڱڻ، پاڻهي پُڇڻ، مُرڪي ملڻ،
    جل لوڪ جل، ڀڄ ڀڄ چغل، ڪر ڪيمِ هُل، رُت سانوڻي.


    ڪارا جي هوندا ڪوجها

    ماڻهون جي هوندا سهڻا، تن مان وفا نه ملندي.
    ڪارا جي هوندا ڪوجها، تن مان جفا نه ملندي.

    لڳنديون دعائون ڪهڙيون، ڏيندو جو ڏوڪڙن تي،
    پئيسه جو پير وٺندو، اُن مان شفا نه ملندي.

    مرشد به جيڪو رکندو، نيت بُري ننگن ۾،
    اهڙي سيد اندر ير، ساڃاهه صفا نه ملندي.

    ڪوڙا ڪري جو ڦيڻا، ماڻهون پيو ڦريندو،
    اهڙي مُلئين کي معافي، هڪڙي دفعا نه ملندي.

    صورت تي ناهي ‘سانگي’، سيرت سٺي آ جنهن جي،
    ماڻهو انهيءَ جي محبت، خائف خفا نه ملندي.


    شيشي شراب جهڙي

    سهڻي سڄڻ جي ڇاتي، ڳاڙهي گلاب جهڙي.
    دلبر جي ديد آهي، شيشي شراب جهڙي.

    اُن سان هُجان هميشه، اُن جو رهان ٿي خادم،
    گذري گهڙي جدا جا، سا آهي عذاب جهڙي.

    اُن جي ڪندي جي خدمت، گُذري وڃي حياتي،
    هوندي اُها حياتي، سهڻا ثواب جهڙي.

    اُن جي حڪم تي هردم، ڪرڻي پوي ٿي ها مون،
    ان وٽ گهٽي نه آهي، جاني جواب جهڙي.

    ‘سانگي’ سڄو آ ان جو، سروي ٿيل نمبر ڄڻ،
    دل دلربا جي آهي، کليل ڪتاب جهڙي.


    ڀانئڻ وارو نٿو ڀانئي

    ٻُڌايان مان ڀلا ڪنهن کي، ته ڀانئڻ وارو نٿو ڀانئي.
    ڪيو مون پيار هو جنهن سان، اهو پيارو نٿو ڀانئي.

    ڏئي جنهن پيار پياري هو، ڪيو مون کي ته ريجالو،
    اُهو جاني جگر منهنجو، جيءَ جيارو نٿو ڀانئي.

    مڃيم جنهن کي مٺو مرشد، جهليم جنهن لئه جُٺيون جڳ جون،
    اهو سهڻو سڄڻ منهنجو، اکين تارو نٿو ڀانئي.

    ڀري محفل اندر مون سان، مٺي منهنجي نه ڳالهايو،
    پيس ٿي مان ته پلڪن ۾، روئڻ هارو نٿو ڀانئي.

    سوا تنهنجي سڄڻ ‘سانگي’ بچي بلڪل نه ڪو سگهندو،
    سندم سوئي سڄڻ سهڻو، چلڻ چارو نٿو ڀانئي.


    ڀنيءَ برسات ۾

    وڃ وڃان تو ڇو ڪئي آ، هن ڀنيءَ برسات ۾.
    رهه رهاڻيون ڪي ڪريون اڄ، مينهن وسندي رات ۾.

    وڏ ڦڙو وسندو رهي، بت پيار ۾ پُسندو رهي،
    مِٽ مٺا تنهنجي هجي ڀل، پيئي منهنجي وات ۾.

    تون هجين گڏ ساڻ مونسان ۽ گهڙيون گذري وڃن،
    ڇا وٺي سگهبو لطف، لالڻ ڀلا لک سات ۾.

    وڄ وراڪي تي پيو، وارن اندر هٿ ڦيريان،
    ننڊ اچي توکي وڃي بس پيار جي لمحات ۾.

    جو مزو ايندو آ جاني، تنهنجون ٻڌندي ڳالهيون،
    سو مزو ‘سانگي’ نه ايندو، آهي مون ميوات ۾.


    ياري فريب آهي

    ڪيڏو به ڪنهن کي ڀانئي، ڪيڏو به ڪنهن کي چاهي.
    ڪنهن مان وفا نه ملندي، ياري فريب آهي.

    جنهن کي گهڻو تون گهرندين، جنهن لاءِ پيو تون جهرندين.
    تيلي رکي سو توکي، بلڪل ته ڏيندو باهي.

    جنهن سان به ڪر چڱائي، سنگت اندر سچائي،
    هٿ سوئي آ ڳنڍيندو، ٺوڪي ۽ يار ٺاهي.

    دلڙي خدا جي نالي، نه ڪنهن جي ڪجي حوالي،
    ڪنهن کي به ڪنهن جي دل جو، احساس ٿيندو ناهي.

    محبت اندر مُدامي، جنهن جي ڪيم غلامي،
    ‘سانگي’ جي سر تي سوئي، ڪاتي ويو آ واهي.


    ملوڪ ماڻهو مٺا مٺا ڙي

    الله هي ٺاهيا، الاڙي ڪيڏا، ملوڪ ماڻهو مٺا مٺا ڙي.
    ڪپهه کان ڪونئرا، سڻي کان سهڻا، چنڊن کان چهرا چِٽا چِٽا ڙي.

    حِنا کان ڳاڙها، حيا جا پُتلا، حسين ماڻهو حجاب وارا،
    سبحان صاحب سندي آ تن ۾، سجيل ڪا سهڻي سِٽا سِٽا ڙي.

    چپن ۾ جن جي چشون ۽ چاشون، مِٽن ۾ جن جي مٺاڻ ماکيون،
    ڪڪور وارن وڏن سان ڍڪيل، ڳلون ۽ ڳاڙها ڳٽا ڳِٽا ڙي.

    ڪُنڍين ۽ ڪارين اکين جي ٿورو، ڪُنڊن مان ڪنهن ڏي نهار ڪن جي،
    سِڪن سي ماڻهو سڪون جي لا، چريا مون ٿيندي ڏِٺا ڏِٺا ڙي.

    مُڙي ۽ مُرڪي مٺا سي ماڻهو رڳو جي ‘سانگي’ سلام ڪن ٿا،
    انهن جي اهڙيءَ ادا سان ڀڙڪن، بتن ۾ باهيون بَٺا بَٺا ڙي.


    بند برقعي ۾ بدن

    ديد درشن لاءِ دلبر، تُرت ڪريو ڪو تبو.
    بند برقعي ۾ بدن، ڀورو نه آهي ڪو ڪبو.

    چوپ چهري چلڪڻي تي، چادر چاڙهي نه هل،
    ماڻ مُرڪي تون مٺا، معراج وارو مرتبو.

    سُونهن سَروَرَ آ ڏني، اُن کي نه رک ڍوليا ڍڪي،
    جوت جلوي ساڻ جاني، جڳ سڄو آ جرڪيو.

    هي حِنا کان هر طرح، لب لال تنهنجا ٿا لڳن،
    ڇو لڪايئين لوڪ کان پيو، هي لبن جو لبلبو.

    وٺ صلاح ‘سانگي’ سندي، تون ڪر پري پردا پرين،
    چَپ چُري چوندا وتن، هئه هئه هلا اُوهُو ابو.


    ٺار ٺٽي جو

    تون آنءَ ٿڌڙو، واءُ وَٺي جو.
    مون ۾ ڀڙڪي ڀڙڳ بَٺي جو.

    ڀيڄ ڀنيون برساتيون تو ۾،
    آئون پيو ڪريان، سانگ سَٺي جو.

    اُتريئن سنڌ جا، ڪاڙها مون ۾،
    تو ۾ آهي، ٺار ٺٽي جو.

    پير نه پٽ تي، کُپندا ان جا،
    هٿ ۾ تنهنجو هٿ وٺي جو.

    ‘سانگي’ ان جا، انگ انگ ٺرندا،
    قرب ۾ رهندو، تو سان ڪٺي جو.


    سڪائي سنڌوءَ کي

    ڇڏيو ڍِنگ هرڪو، ڍَنگن ۾ ڍنگي.
    لچو لوٺ لوفر، نه لوڙها لنگهي.

    چغل چور چاري، نه چمچو چڙو،
    کڙو ٿي کڙهه تي، کلي ۽ کنگهي.

    ونين ۽ ٻنين ڏي، جو تاڪو تڪي،
    وجهي واجهه ان کي، وجهون اڄ ونگي.

    ڪري ڪالهه ڪاري، ڪُٺي آ ڪنواري،
    ڦٻائي آ دولت، بري بي ننگي.

    جو ڪرسي جي ڪارڻ، سُڪائي سنڌوءَ کي،
    ٽياسن تي ڇڏيون، سو ٽوڀو ٽنگي.

    ڪريون سيوا ‘سانگي’ مٺي ماءُ سنڌ جي،
    اکين تي وهاري، انگن ۾ انگي.


    مٺو محبوب

    اڄ مٺو محبوب مون کان، مُنهن آ موڙي ويو.
    واسطا ڏاڍا وڌم پر، واسطو ٽوڙي ويو.

    سنئوت ساري سُرت ويئي، سُڌ سما سالم نه آ،
    ري نشي نرمل نشي، اهڙِي اندر ٻوڙي ويو.

    بي رُخي ۽ بي وفائي جا پيا بادل وسي،
    گوڙ وارا کوڙ گوندر، جيءَ اندر جوڙي ويو.

    ماهه مُحرم ٿي مندون، موٽيون مٿم مارڻ وري،
    قرب کان قاصر ڪري، ڪارو جهنڊو کوڙي ويو.

    وڄ ڪري يا واءُ وريو، ڪوسو سڄڻ ‘سانگي’ مٿي،
    يا بندوقون هو برهه جون، ڇوٽ ۾ ڇوڙي ويو.


    پڪي ياري

    پرين توکي پسڻ سان ئي، رکيم توسان پَڪي ياري.
    ڪندو مولا پئي هلندي، اها پنهنجي يَڪي ياري.

    هلن پيا پيار جا دشمن، کڻيو بڇڙيون ۽ بد نظرون،
    گهڻن کي ساڙ ساڙيو آ، گهڻن تاڪُن تَڪي ياري.

    لِڪي هن لوڪ ڪافر کان، پرين پيا پاڻ ملنداسين،
    سياڻا اڳ چئي ويا ٿئي، سُٺي آهي ڍَڪي ياري.

    سڄڻ جي ساٿ تون ڏيندين ته ويران وير پئي وڌندي،
    نه چمچن جي چوڻ تي ڪا، ڪڏهن ٿيندي جهڪي ياري.

    پِرين بس تون رهو پُختو، هي ‘سانگي’ سر به ڏئي وجهندو،
    ٿيڻ سو ڪينڪي ڏيندو، ڪڏهن ڪنهن وٽ شَڪي ياري.


    ڪين ڪنهن جو ڊپ هو

    اڄ ملڻ جو من گُهرئي سان، واهه جهڙو وَپ هو.
    هو اڪيلو هُو به اڄ ۽، ڪين ڪنهن جو ڊَپ هو.

    ٽُٻ ٽُٻان ۾ سج هئو ۽، رات جي آمد هئي،
    اوچتو ئي اوچتو، مونکي ملي ويو جَهپ هو.

    ڀاڪرن ۾ مون ڀري، هن کي ڏنيون ڏاڍيون چُميون،
    هن هنيا لوئنڻا به پي ۽ مون ته چوسيو چَپ هو.

    آس ‘سانگي’ جي پُني، پَلڪن اندر پهتو پرين،
    حد خوشيءَ جي هئي اها، جو ٽپ مٿي بس ٽَپ هو.


    سڄڻ توکي سڏي ساري

    سڄڻ توکي سڏي ساري، سڄيون راتيون رُنو آهيان.
    وڃي مان موت جي ويجهو، پرين پيارا پُنو آهيان.

    کجان کامان کپان پيو مان، تندورن تي تَپان پيو مان،
    مان محبت جي مَچن تي ڄڻ، چڙهيل ڪوئي ڪُنو آهيان.

    سڪايل پيار جو آهيان، ڌڪاريل يار جو آهيان،
    سوين ئي سور کاڌا ٿم، رڳو صدما چُنو آهيان.

    بنيو بُت بي سُکو سارو، هلان پيو ڄڻ ٿيو ويچارو،
    اکين ۾ ننڊ ناهي ڪا، جڏهن کان تو ڇِنو آهيان.

    ڀڳو منهنجو ته هنڌ هنڌ آ، سگهو ‘سانگي’ نه سنڌ سنڌ آ،
    برهه ۾ بي وفا تنهنجي، ٿيو ڀُڳجي ڀُنو آهيان.


    دل دادلي آ منهنجي

    دل دادلي آ منهنجي، آرا انگل ڪري ٿي.
    سهڻن سوا نه تنهنجي، ساعت صفا سري ٿي.

    معصوم ۽ سا موڳي، آهي اڀاڳي اوڳي،
    جت جت وڃيو لڳي ٿي، ٻارڻ اندر ٻَري ٿي.

    کاڌئين رڳو خطائون، سهڻن هٿان سزائون،
    ٿي وئي ڀُڪا ڀُڪا آ، ذر ذر مري ٺري ٿي.

    هي جي حسين ماڻهو، سنگدل سنگين ماڻهون،
    تن جي تُرهي تري آ، تن جي تُرهي تري ٿي.

    پورن اندر پَلي آ، ڪنهن کان نه مون جهلي آ،
    ‘سانگي’ سان گڏ ته سا ڀي ڳڻتين اندر ڳري ٿي.


    بي وس ۽ بي گانو

    ڀريان ٿو حاضري تنهنجي، سڄڻ سائين مان روزانو.
    مگر موٽان مٺا توکان، ٿيو بلڪل ته بي مانو.

    نٿي توکان سوا سهڻا، سري منهنجي گهڙي هِڪڙي،
    تڏهن تو وٽ اچيو نِڪران، ٿيو بي وَس ۽ بي گانو.

    گهٽي ۽ گهر وٽان تُنهنجي، چڪر چاليهه ڏيان ڏينهن ۾،
    چون ماڻهو چَريو آهي، صفا موڳو ۽ مَستانو.

    اچان ان آسري تي ٿو، ڪڏهن من تون ملين مُرڪي،
    ويو لبريز ٿي آهي، صبر منهنجي جو پيمانو.

    اچي ان ڏينهن ٻٽي ڪي قُل، سڄڻ ‘سانگي’ مٿان پڙهجيئن.
    قبر ۾ پورجي جڏهن، پرين تنهنجو هي پروانو.


    چرين وانگر

    ڪيو مون پيار توسان آ، مٺا ماڻهن چرين وانگر.
    وڪوڙي ڪر ڇڏيان تنهنجو، بدن ڇت جي سرين وانگر.

    پياسو پيار تنهنجي جو، پيو پَلپَل پَچي پَڄري،
    ٿڙي ۽ ٿاٻڙي پيو سو، ٿڪل ٿر جي ٿرين وانگر.

    سِڪان سُڏڪان سڏيان توکي، وِساري ڪيئن ڇَڏيان توکي،
    کڻان تنهنجا سڀئي کيٽا، وجهي ڀاڪر ڀرين وانگر.

    مٺا مرشد مڃيم توکي، حوالي دل ڪيم توکي،
    پرين تنهنجي ڪيم پوڄا، هِتي حورن پرين وانگر.

    سڙي ‘سانگي’ سڄو ويو آ، اندر مان پيا اُلا نِڪرن،
    بلاتي باهه ٻاريل جي، ڄڀين توڙي ڄرين وانگر.


    تجلا ۽ تيج

    اهڙو ته مان به ناهيان، هر ڪنهن سان هيج ڪريان.
    سينو فقط ٿو سهڻا، تولائي سيج ڪريان.

    بادل جيئان نه آئون، برسان ٿو ڀونءُ سڄي تي،
    تڙپان صرف ٿو تولئه، تجلا ۽ تيج ڪريان.

    ساري خلق خدا ۽ اُمت رسول جي ۾،
    توسان کِلان ڪُڏان ۽ توسان ٿو کيج ڪريان.

    ڌرتيون دُنيا ۾ ٻيون ڀي، سنڌڙي سُٺي سڀن کان،
    پاڙي ۾ اُن جي پيهي، رَت جا ٿو ريج ڪريان.

    وايون ۽ بيت دوها، ڪافيون ڪلام ‘سانگي’،
    سهڻي سڄڻ لا گڏ هي، ڪيڏا پيو ڏيج ڪريان.


    سرکيون اکيون محبوب جون

    سچ ته سرمي کان سوا، سَرکيون اکيون محبوب جون.
    مون پَسي پاٻوهه مان، پرکيون اکيون محبوب جون.

    چوپ ڪاري چادري ۾، سا سڄي ويڙهيل هئي،
    بند برقعي مان به پي، بَکيون اکيون محبوب جون.

    جِت جڏهن جيڏانهن به ٿي جاني سندم جانچي ڏِٺو،
    اُت اُتان مون تي لڪي، لَکيون اکيون محبوب جون.

    سي برابر ڀاڳ وارا، بهشتي بنجي ويا،
    جن چَپَن سان هي چُميون، چَکيون اکيون محبوب جون.

    سور ‘سانگي’ سڀ سليَم، سامهون جڏهن سهڻي اڳيان،
    ڀيڄ برکا جيئن ڀڄي، بَرکيون اکيون محبوب جون.


    مُرڪي ملڻ ڏاڍو وڻيو

    اڄ مِٺي منٺار جو، مُرڪي مِلڻ ڏاڍو وڻيو.
    ٽور سهڻيءَ ساڻ سهڻي، جو ٽِلڻ ڏاڍو وڻيو.

    ڪَرَ کڻي ڪاتيون هڻي، ڪارين اکين مون کي ڪُٺو،
    چم سندم چيري وري، اُن کي چِلڻ ڏاڍو وڻيو.

    جيء جهُٻي ايندي نه ڪا، جهيرون ڏئي جاني چيو،
    پر وري هر هر سندس، هٿ جو هِلڻ ڏاڍو وڻيو.

    مان مُدعي مُرڪان پيو، دعوا نه داخل ڪا ڪيم،
    اِن عمل تي اُن سندو، خوش ٿي کلڻ ڏاڍو وڻيو.

    دل ٽُڪي ٽُڪرا ڪري، ‘سانگي’ سڄڻ ويٺو سبڻ،
    سِڪ منهجان سيبا ڏئي، سيرڻ سلڻ ڏاڍو وڻيو.


    بچي مشڪل

    ڌڪن تي ڌڪ لڳا ايڏا، جو دل هاڻي بچي مُشڪل.
    مٺا شايد مري ويندس، وري ميلو مَچي مشڪل.

    وفائون مون ڪيون ڪيڏيون، ويون توکي سڀئي وِسري،
    وري در تي ڌکا کائڻ، سندءِ خادم اچي مُشڪل.

    مٺا محبت اندر مونتي، ٻريا ٻارڻ سريا صدمان،
    پڄاڻي آ ٿيڻ واري، وري روحڙو رچي مشڪل.


    وڙهون سونهن لئه ٿا

    سِڪون سونهن لئه ٿا، سڙون سونهن لئه ٿا.
    لِکون سونهن لئه ٿا، لڙون سونهن لئه ٿا.

    اسان سونهن جِت ۽ جڏهن ڀي ڏِٺي آ،
    اُتي جو اُتي بس اڙون سونهن لئه ٿا.

    اسانجو جيئڻ ۽ جياپو ئي سونهن سان،
    پچون سونهن لئه ٿا، پڙهون سونهن لئه ٿا.

    اسان سونهن خاطر، ڪريون ساهه صدقي،
    روئون سونهن لئه ٿا، رڙون سونهن لئه ٿا.

    اسين سونهن جا ير، پُرين کان پوڄاري،
    ڪُسون سونهن لئه ٿا، ڪڙهون سونهن لئه ٿا.

    ڏِسي سونهن ‘سانگي’ وڃون ٿا ته وڪجو،
    ورون سونهن لئه ٿا، وڙهون سونهن لئه ٿا.


    گل گلابي ٿا ڦٽن

    ايڏو لکان اِهڙو لکان، هن ڪامڻيءَ جي ڪنڌ تي.
    واهه وا ڪندا ماڻهو وَتن مُنهنجي لکيل هر بند تي.

    جت جتان جيڪي قدم، ڏيئيو اچي مون ڏي مٺي،
    گل گلابي ٿا ڦُٽن اُت، ان سموري پنڌ تي.

    گڏ گڏي گوڏو جتي ٿا، گفتگو گڏجيو ڪريون،
    هِيرون هُڳاءُ هوندا اٿئي، هفتو سڄو اُن هنڌ تي.

    اُن جي لکي لبڙن مٿي، ڪارا ڪري ڪاغذ ڇڏيم،
    لکندي لڳي وينديون صديون، سهڻي جي هر هڪ سنڌ تي.


    ملڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ

    مٺا مونکي سندءِ مُرڪڻ کلڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.
    ڪري مُنهن کي مٿي ٿورو، ملڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.

    الائي ڪا خبر ڪانهي، الاهي ٿو وڻين ڇالئه،
    سندءِ هر هوڏ وارو هي، هلڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.

    مٺا ماکيءَ جي ٿارن کان، چوان ٿو چَپَ سندءِ آهن،
    اُنهن چَپڙن کي چوسڻ ۽، چُمڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.

    مٺا هر مهل موقعي تي، مڙن ماڻهن جي مهندان ٿي،
    ڏئي هٿ هٿ ۾ جاني، گهُمڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.

    پرين توکان پري ناهن، ڀلو ٿئي بخت اي ‘سانگي’،
    حسينن سان هميشه گڏ، هجڻ ڏاڍو ڪو وڻندو آ.


    چنڊ چوڏهينءَ جو

    گهٽيءَ ۾ گُل وڇايا مون، گهٽي مان گهوٽ ٿو گُذري.
    سندم هُو چنڊ چوڏهين جو، اِتان ئي ٿو اِجهو اُڀري.

    وڃي هيءَ واٽ واسِن سان سڄي ئي واسجي جڏهن،
    تڏهن پَڪ ڄاڻ ڀانئيجو، سفر تي پيو سڄڻ اُسري.

    اکيون عاشق بَندي بيٺو، سڌو سيني کي تاڻي اڄ،
    دُکي دل درد ماريءَ مان، ڏُکن جو تير پيو اُڪري.

    مڙن ماڻهن جي مهندان هُو، مٺو مُون سان مليو مُرڪي،
    اُنهيءَ ڏينهن کان سندم ارواح، پيو عرش مٿي اُڏري.


    ڪهڙا ڪهڙا

    عجيبن جا آهن، اچڻ ڪهڙا ڪهڙا.
    وفائن جا هوڪا، هڻڻ ڪهڙا ڪهڙا.

    جڏهن ڀي ٿا جاني، ملون پاڻ ۾ ٻئي،
    دلين جا اُتي هن، وڄڻ ڪهڙا ڪهڙا.

    ملڻ لئه مٺن جي اڃا انتظاريون،
    لنگهن ٿا ته لانگها لنگهڻ ڪهڙا ڪهڙا.

    ڏئي قرب ‘سانگي’ ڇنيو ڀي ڇڏين ٿا،
    جدائي جا آهن جلڻ ڪهڙا ڪهڙا.


    وڃي رب پاڪ کي پرتو

    قطب کي ڪينسر مونکان، جدا جلدي ڪري ورتو،
    جواني ۾ سندم جاني، وڃي رب پاڪ کي پرتو.

    سڄڻ توکي سدا ساريان، هنجون هر هر پيو هاريان،
    وهي پيو آب اکين مان، ادل تولئه رتو ارتو.

    پيارا پُٽ پيري ۾، ڏئي وئين يار ڏک ڏاڍو،
    هُئين تون ڀرجهلو منهنجو، سندم ساٿي سندم سرتو.


    ڳاڙها گلاب جامن

    ڳاڙها گُلاب جامن، تن کان مِٽون مٺيون ٿئي.
    چوسي چريا ويا ٿي، چوسي جنين ڏِٺيون ٿئي.

    جنهن کي ڇڏين ڌڪاري، جيئرو ڀلا ڪيئن گهاري،
    پرچڻ جي لاءِ اُن جون چٺين پُٺيان چٺيون ٿئي.

    ماکي مکڻ جي مَٽ کان، پوپٽ پشم ۽ پَٽ کان،
    ڳاڙهيون ڳِلون هي تنهنجون، سهڻا سڄڻ سُٺيون ٿئي.


    موت کي آ ڇا مجال

    موت کي آ ڇا مجال.
    منهنجو ڪري توسان وصال.

    تون کڻي نظرون نهارين،
    مان ٿيان هڪدم حلال.

    وصف تنهنجي هرڪا واهه وا،
    تنهنجو اکيون لازوال.

    تنهنجي قربن آ ڪُٺو پر،
    تون ته ماڻهو بي مثال.

    سعيد ڀانيان سو ڏهاڙو،
    جڏهن ڏِسان تنهنجو جمال.


    بندشون ڇالئه

    پرين هي پيار پنهنجي تي، پون پيون بندشون ڇالئه!؟
    وسائي نفرتن جون جڳ، پيو هي بارشون ڇالئه!؟

    ملون ٻئي پاڻ جي گڏجي وڃي ماڻهن جو تنهن ۾ ڇا!؟
    سڄو ڏينهن سي ته بي سُرتا سِٽين پيا سازشون ڇالئه!؟

    لڳي ٿو ڪان تن ڪهڙو، پچن ٿا ڇو ڀلا پاپي!؟
    دلين ٻن کي دُکائڻ جون پيا ڪن ڪوششون ڇالئه!؟

    وڃي تن جي گهران ڇا ٿو لڳي ٿي باهه تن ڪهڙي،
    رقيبا روح پنهنجي کي رسائين رنجشون ڇالئه!؟

    پيا پنهنجي پُٺيان ‘سانگي’ ڀلا ڇو بيرحم آهن!؟
    اندر ۾ تن اوهيڙن جي اچن ٿيون آتشون ڇالئه!؟


    عرش مٿي آڻيو ڇَڏي

    علم ماڻهون کي کڻيو، عرش مٿي آڻيو ڇڏي.
    علم سان ماڻهو سموريون، منزلون ماڻيو ڇڏي.

    علم ماڻهو کي اڇو، اُجرو اُجاگر ٿو ڪري،
    علم ماڻهو مان برايون، سڀ ڇنڊيو ڇاڻيو ڇڏي.

    علم ئي انسان کي، اعليٰ اڪابر ٿو ڪري،
    علم سان هر آدمي، ڄاڻون سڀئي ڄاڻيو ڇڏي.

    علم ئي پيدا ڪيا، سڀ معتبر ماڻهون هِتي،
    علم اوچو ٿو ڪري، سينا سڌا تاڻيو ڇَڏي.

    علم سان ‘سانگي’ سِگهو فاتح ٿيو ماڻهو وڃي،
    علم ئي اونداهه کي ٿو، ونگ وجهو ڏاڻيو ڇڏي.


    اکيون

    نه ڪامڻ ڪان کان گهٽ هي، مٺا تنهنجون اکيون آهن.
    اهي ئي مونکي مارينديون، مون ليئن مان لکيون آهن.

    تکيون گرزن ۽ گولين کان، وجهن ٿيون گهاوَ گهرا سي،
    اُتي ٻارڻ وجهن ٻاريو، جتي تو سي ٻکيون آهن.

    جي ڪڙڪائين ته ڪن قيامت، جُهڪائين ٿو ته جنت سي،
    الله اکين اندر ايڏيون، سندءِ رمزون رکيون آهن.

    انهن ڏنگڻين ڏنگيون دلڙيون ڏِٺم ڏانگين پي ڏنگ چيٺيا،
    چيو ڏانگين پي چوسيندي، اکين ڪارين ڪکيون آهن.


    ٻُڌين آهون ته ڇا ٿيندو

    جيئن جاني جي جيئري تون، ٻُڌين آهون ته ڇا ٿيندو.
    ٻُٽيون منهنجون نه ڇڏيئن جي، ٻکن ٻانهون ته ڇا ٿيندو.

    رڳو تنهنجي طرف کان ئي، کُليا گس ۽ گهٽيون گهرجن،
    دنيا وارن جي روڪيون هت، سندم راهون ته ڇا ٿيندو.

    مٺا مونکي رڳو تنهنجي کپي محبت زيارت ٿي،
    اُنهي تان ڪي چڙي چريا، ڪندا ڪاهون ته ڇا ٿيندو.

    سِڪائي سونهن پنهنجي کان، مٺا مون کي نه مارج تون،
    ڀلا جي بند ٿي ويئيون، سندم واهون ته ڇا ٿيندو.

    جڏهن ماڻهو اچي چوندئي، سندئي ‘سانگي’ گذاري ويو،
    ڏئي اڇنگار پو روئيندي، ڪندين دانهون ته ڇا ٿيندو.


    مٺا عشق توسان

    مٺا عشق توسان، اٿاهه آهي منهنجو.
    پيل تو ۾ پيارا، پساهه آهي منهنجو.

    رڳو يار تنهنجي، اٿم يادگيري،
    جيئڻ ٿي ويو جاني، تباهه آهي منهنجو.

    ملوڪت ۾ ماري، ملوڪن سڀن کي،
    سڄڻ ڄڻ ته ڪنئرو، ڪپاهه آهي منهنجو.


    حياتي

    ڪڏهن آ مصريءَ ڳڙي حياتي.
    ڪڏهن آ قاتل ڪڙي حياتي.

    ويهن ۽ ٽيهن، ورهن جي وچ ۾،
    وڻي ٿي هڪ هڪ گهڙي حياتي.

    چڙهي ٿي چاليهن، ڪنان جڏهن سا،
    ٿئي ٿي سُورن، سڙي حياتي.


    کلي اسڪول سارا ويا

    هئا جي بند سالن کان، کُلي اسڪول سارا ويا.
    سڀئي گوسڙو گس تي، اچي استاد پيارا ويا.

    وڏي ئي وٺ وٺان کان پو، وري واپس وريا آهن،
    ڇنڊي ميزن ۽ ڪرسين کي، هنيا ٻيهر ٻُهارا ويا.

    ڪيا جن ها هتي جاوا، وتن سي وڦلندا هاڻي،
    ڪندا ها ڪو نه ڊيوٽي جي، اهي جهلجي جيارا ويا.

    خبر خود ڪونه هئي جن کي، ته آ اسڪول ڪٿ ڪهڙو،
    لڌا اسڪول ڳولي تِن، ڪندا ڪيهون ڪُوڪارا ويا.

    اٺين کان اوچتو اڳ ۾، ڏسي استاد سڀ ايندي،
    کُٿابين پي چيو کِلندي، ته ٿي سائين سچارا ويا.

    سڃاڻي ڪونه پي سگهيا، ڏسي استاد ٻارن کي،
    پُڇڻ سان ڏينهن پهرين تي، ڪيا آڱر اشارا ويا.

    چپل ها پير ۾ جن جي، وڌا تن بوٽ باٽا جا،
    ۽ ٺاهن روز ڏاڙهيون پيا، اچي ايڏا سڌارا ويا.

    هئا جي منٿليون وٺندا، هتي هر ماهه ماستر کان،
    اهي صاحب سپروائيزر، ٿي ڀينگا بي سهارا ويا.

    ڏسي ڇاپن مٿان ڇاپا، اسان جا ايس.ڊي.او صاحب،
    سُڃا اسڪول کولائڻ، کڻي گاڏيون کٽارا ويا.


    گسٽا ٿي وئي سوڀاري

    استادن جو پينل چڙهيو، گسٽا ٿي وئي سوڀاري.
    چمچا پينل چڙهي نه سگهيو، چوٽ لڳي ٿن ڪاپاري.

    هي ووٽ نه جاهل ڄٽن جو، هي ووٽ نه ڏٽن زٽن جو،
    هي ووٽ آ معزز اُستادن جو، سچ جا جيڪي ساٿاري.

    هي ووٽ نه چمچن چورن جو هي ووٽ نه لُچ لغورن جو،
    هي ووٽ آ اعليٰ پيشي جو، جي علم ادب جا پوڄاري.

    هي ووٽ نه پئسن ناڻن جو، هي ووٽ نه ويڪو ماڻهن جو،
    هي ووٽ آ رانجهن راڻن جو، جي ڪونه ڪندا ڪا ڪمداري.

    هي ووٽ نه داٻن دڙڪن جو، هي ووٽ نه قهري ڪڙڪن جو،
    هي ووٽ آ دل جي ڌڙڪن جو، هي ووٽ جا آهن حقداري.

    ***1999ع گسٽا تعلقي سجاول جي چونڊن تي لکيو ويو.


    علم

    اندر ذهن سارا، اُجاري علم ٿو.
    سبق سُرت وارا، سيکاري علم ٿو.

    علامه ۽ عُلما، اڪابر ۽ عاقِل،
    پويتر پيارا، پَساري علم ٿو.

    علم سان ئي ماڻهو، پُڳا چنڊ تي ڏِس،
    همت حوصلا سڀ، نِکاري علم ٿو.

    علم سان ئي ماڻهو، وڏو مان ماڻي،
    ڏيئا ڏات جا پڻ، اُڀاري علم ٿو.

    جلا جوت جنهن جي، به جيءُ ۾ جڙي ٿو،
    سجائي انهيءَ کي، سينگاري علم ٿو.

    علم آدمي کي، امر ٿو بنائي،
    جُڳن تائين جڳ ۾، جيئاري علم ٿو.

    علم سونهن، ساڃاهه، علم ساک آهي،
    ڏِسون ڏاهپن جون، ڏيکاري علم ٿو.

    لڪل لياقتن کي، اجاگر ڪري ٿو،
    جلالت جهالت، ڌڪاري علم ٿو.

    علم ساڻ ‘سانگي’ سچائي وڌي ٿي.
    سنواري سڀن کي، سڌاري علم ٿو.


    لُڙهن پيا لاش لهرن ۾

    ڏسي ڪا درد وندي دل، قيامت خيز هي منظر.
    لُڙهن پيا لاش لهرين ۾، سُڃو ٿي ويو سڄو ئي تر.

    هزارين ٿيا هُڙا غائب، لُڙهي لانچون به ڪئين ويئون،
    بنيا بي واهه ماڻهو هت، بچي ڀيڻي نه ڪائي ڀر.

    وڻن کي واءُ ايئن ڌوڻيو، ويا پٽجي سي پاڙن کان،
    تباهه طوفان ۾ ٿي ويا، غريبن جا گهرن جا گهر.

    ملاح ۽ مانڌريه، منڌرا، اچي ويا موت جي مُنهن ۾،
    منهه ۽ مال ماڻهو ڪُل، ويا ويرن جي چڙهي وَر.

    جوهي جيئند ۽ جاتي کان، وڃي راڄي رسيو پاڻي،
    زيادهه زور هو زيري تي، ڇڏيئن ان کي بنائي بر.

    حياتي ۾ نه ههڙو ڪو، تِکو طوفان سنڀرون ٿا،
    چيو پي پيرسن وجهندي، پُٽن جي لاش کي ڀاڪر.

    سڙيل ها لاش اهڙا جو، سڃاڻپ کان ويا نِڪري،
    جنازن ۾ نه جن جي ٿيا، ڪٺا ڪانڌي سڳا ڀائر.

    نڪو تن تي نمازون ٿيون، نڪو تن کي ڪفن مليو،
    دفن ڌرتي ۾ ٿي ويا سي، ننڌڻڪا ۽ ننگا نينگر.

    ڪمند ڪيلا ڪنا ٿي ويا، سڙي ساريون ويون ساريون.
    انبن جا باغ اُکڙي ويا، نه نالي ۾ رهيو نمبر.

    ٺٽو توڙي بديڻا ٻئي، ضلعا آفت زدهه آهن،
    ٿين پيا تعلقن پنجن سندا احڪام ۽ آرڊر.

    پنجابي جي ٻُڏن ها ۽ لُڙهن ها ايئن لهرن ۾،
    ٿئي امداد ها عربن جي هُجن ها هڙ اُتي حاضر.

    سٻاجها هي سنڌي سهڻا، سُڻا ‘سانگي’ وڃن ڪيڏانهن،
    هتي جا بي حيا حاڪم، هتي ٿيا لالچي ليڊر.


    * 20 مئي 1999ع تي آيل سامونڊي طوفان ۽ برسات تي لکيل جنهن ۾ جاتي، شاهبندر ۽ بدين، گولاڙچي جا سوين ماڻهو مري ويا، فصل تباه ٿي ويا، گهر ڪري ويا، مال مري ويا، هزارين وڻ ڪري پيا.
    \


    ڪمند ڪيئن پوکجي

    اڄوڪيءَ هن ڪچهري ۾، ڪبيون ڪي ڪم جون ڳالهيون
    زمين پاڻي ۽ مند موسم، مشن ۽ ڄم جون ڳالهيون

    شگر مل جي پوڻ کانپو، اسانجو ڀاڳ آ کليو
    اٿو زرخيز زمينون هي، اُٿي پنهنجو اوهين وَليو

    ڪمند پوکڻ جي لاءِ بس، اول سڀ کان اٿو ليول
    بنجو تنهن ۾ بنائڻ لئه، هڻو هر ۽ ڏيو گوبل

    هڻي بند پو ڪڍو پٽڙيون، وڏا واٽر وچان ٺاهيو
    وري هر ڪنهن ته ٻاري مان، ننڍيون ڪسيون اوهين واهيو

    جڏهن ڀانيو ته هاڻي بس، رڳو پوکڻ جي واري آ
    مڪمل ٿي وئي ساري، اسانجي بس تياري آ

    ستن مهينن جو ٻج ڳولي، ننڍو نيٽو وٺڻ گهرجي
    سُٺي سهڻي نموني سان، صفا تنهن کي ڪرڻ گهُرجي

    لڳايو ٽئڪٽو تنهن کي، بيمارين کان بچائڻ لئه
    بيمارين کان بچائڻ لئه، اُپت پوري اُپائڻ لئه

    هجي جو هاٽ واٽر ٿيل، ڪمند سو پوکجو پيارا
    يقينن ٽن هزارن کان، اوهين آهيو چڙهڻ وارا

    اسان جي کوجنا کاتي، تجربا جي ڪيا آهن
    اسان کي تن مان فائدا، گهڻا ڏاڍا رسيا آهن

    ڊگهين اونهين پو اوڙين ۾، وجهو بس ڀاڻ ڊي اي پي
    گُريون تن ۾ وجهي گهاٽيون، ڍڪيو گڏ ساڻ ڊي اي پي

    وري پورن پنجاهه ڏينهن، اندر پوٽاش پڻ پايو
    ڏجو پوٽاش رُنبن سان رنبا نو انچ جا ٺاهيو

    انهيءَ کان وقت پو ايندو، کريا ٺاهيو زمين کيڙيو
    گُڏي سڀ گاهه گند ڪڍجو، مٽي ٻوڙن مٿي ميڙيو

    ڪريو پو ياد يوريا کي، ٻُڪي پهرين ڏيڻ گهرجي
    وري پاڻي صفا هلڪو، انهيءَ ۾ پو ڇڏڻ گهرجي

    ٻُڪيون يوريا جون ٽي ڏبيون، انهيءَ کانپوءِ ڪٽائي آ
    ڪٽائي پڻ تروتر ڪر، ڪٽائي ۾ ڀلائي آ

    کڄي پو مل اندر ايندو، انهيءَ مان کنڊ پئي ٺهندي
    سڄي هن قوم جي قسمت، پئي مهراڻ جيان وهندي

    اسان جو قائدِ ڪمند، اسانجو ڪئين مئنيجر
    وڏو هوشيار ۽ ڏاهو، اٿو هن راهه جو رهبر

    ٻڌايا جي بقا صاحب، ڪمند جا قائدا آهن
    عمل تن تي ڪندؤ ساٿي، لکن جا فائدا آهن

    اسان جي چيئرمين صاحب، نوان ڪيڏا اُپاءُ ورتا
    اسان لئه فائديمند ۽ اسان لئه بي بها نڪتا

    نفعي ناڻي جون ڳالهيون ڪيئن ڳڻائي پيو جميل صاحب
    تجربن آزمودن سان، سڻائي پيو جميل صاحب

    “حبيب الله” جي ڳالهين کي، هنئين سان جي هنڊائيندا
    اوهين خوشحال ٿي ويندا، اوهان کي ڪيئن نفعا ٿيندا



    * 1981ع جي ڪمند پوکڻ واري مهم دؤران لکيو ويو.


    نظم

    مٺن مسڪين ماڻهن تان، اڃان قيامت ٽري ڪونهي

    مٺن مسڪين ماڻهن تان، اڃان قيامت ٽري ڪونهي
    هتي جيڪا به ٿئي ٿي ڦُر، اها واپس وري ڪونهي
    قتل ۽ خون ڌاڙي تي، سزا ايڏي ڳري ڪونهي
    هتي جي حاڪمن اندر حيا جي ڪا ذري ڪونهي
    هتي قانون جي منهن ۾ پيو چوسيل هڏو آهي


    ڌرتيءَ لڳن پيا ڌاڙا

    لالڻ لطيف تنهنجي، ڌرتيءَ لڳن پيا ڌاڙا،
    گهر گهر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، ريهون رڙيون ۽ راڙا،

    ڌونڌاڙ ڌاڙ رستي، ڌرتي ڌُڏي وئي آ،
    رت خون جي هتي بس، ڪٻڊي ڪُڏي وئي آ،
    خواهش ۽ سڌ سڀڪا، گهوڪي گُڏي وئي آ،
    سنڌ ۽ سنڌين جي سائين، ٻيڙي ٻُڏي وئي آ،
    ڪارا ڪري ڀڳا ويا، ڳاٽا ڳڀور ڳاڙها.

    ڪيڏيون ڪراچي اندر، عزت دريون ٿين ٿيون،
    بارود بم ڇڏڻ سان، لاشن ڀريون ٿين ٿيون،
    لاشن مٿان ته چنبڙي، مائون چريون ٿين ٿيون،
    اندرونِ سنڌ ۾ پڻ، دهشت گريون ٿين ٿيون،
    پٽجن پيا سنڌين جا، پاڙن جا روز پاڙا.

    وستيون سنڌين جون ويري، ڊاهي جتي ڪٿي پيو،
    ڪئنال ڊيم جون هت، رهزن رِٿون رِٿي پيو،
    پاڻي گُهري ٿو جيڪو، اُن کي چلهي چٿي پيو،
    رونشا ڪري رعيت سان، حاڪم هِتي هُتي پيو،
    ڌرتي ڌڻي ڌڪاري، پيا پنهنجا اڏين آکاڙا.


    ڏاڍا تنهنجي ڏاڍاين جا

    ڏاڍا تُنهنجي ڏاڍاين جا، ڏينهن به هاڻي ڳڻجي ويا،
    ماڻهو مهانگاين ۾ مرندي، بم ۽ گولا بڻجي ويا.

    پاپي تُنهنجي پاپن جا پڻ، پڌرا ٿي پيا آهن پول،
    ٽيڻا ٽيڪس لڳائڻ وارا، هاڻي ڪر تون ٽپڙ گول،
    ديس سڄي جا دانا ماڻهو، سازش تنهنجي سمجهي ويا.

    تُنهنجا ساٿي سهڪاري سڀ، ٺلها ٺڪر ٺانٺا آهن،
    توکي ڀُڳ وجهڻ جي لاءِ، ڀاڳين ڀڳا بانٺا آهن،
    غم غصي جا غاصب تولئه، بادل ڀرجي گرجي ويا.



    تُنهنجي پاور ۾ او پاپي، پوکن جي لا پاڻي ڪونهي،
    ٻاهرين دُنيا ۾ ڀي تو ڪا، عزت محبت ماڻي ڪونهي،
    توکي لاهڻ ڊاهڻ لاءِ، گهاٽ گهڻائي گهڙجي ويا.

    ڪوڙا ڪرنل ڪوڙو آهين، ڪوڙ سوا ٻيو ڪجهه ڀي ناهين،
    پاڻ کي ويٺو پاڻ پڏائين، پاڪ ۽ پوتر صاف سڏائين،
    ڪئين ڪروڙن سان هي تُنهنجا، بئنڪ اڪائونٽ ڀرجي ويا.

    ليکي چؤکي لهڻي لاءِ، پهرين ڪرتون پاڻ کي پيش،
    تون ۽ تُنهنجا فوجي سارا، ڪريو پيا هت ڪيڏا عيش،
    جهٽ پٽ ۾ هر جرنل جا ڏس، اٺ اٺ بنگلا اڏجي ويا.

    ڇانٽين جي تو آڙ ۾ آمر، لکين ملازم لاهي ڇڏيا،
    ڳاڙها ڳڀرو ڳوٺاڻا تو، ڳڻتين اندر ڳاهي ڇڏيا،
    روزي جا سڀ رستا راهون، مسڪينن کان کسجي ويا.

    ڪرنل ڪريون ٿا اڄ تُنهنجي، سال سڄي جي پوتا ميل،
    مار مصيبت مهانگايون ۽، وانگين تي ٻيا وريا ويل،
    خاڪي وردين وارا خُوني، ڄاڻ اجهوئي کلجي ويا.

    قوم کي هاڻي قابل قيادت، ڏاهي عاقل وِير کپي،
    ڪُن مان “سانگي” قوم ڪڍي جا، ناکي بينظير کپي،
    باقي سڀني ڀوتارن جا، دم دلاسا پلجي ويا.


    نوٽ: فوجي آمر جنرل پرويز مشرف تي لکيل


    ڏاڍو ڏاڍن آهي ڏکايو

    ڏاڍو ڏاڍن آهي ڏکايو، ڏوٿيئڙن کي ڏوهه بنان،
    حق چون ته به هاڃون تن تي، سچ چون ته به سور نوان.

    ويڙهه وطن جي وانگين جون اڄ، آهن سائين وايون بند،
    قيد ڪڙولن ۾ ٿيون ڏسجن، ڄارين ۾ جي ڄايون بند،
    گهر ۾ پنهنجي گُگدامن جيئن، ماروئڙن جون مايون بند،
    نارين تي ڏس نيزا سائين، هوڪا هرهر هنڌان هنڌان.

    ساٿ ڌڻي هي ساٿي مُنهنجا، بابو(1) جهڙا بودا بند،
    پنهنجي ديس ۾ ڌڪجن پيا ٿا، ديس ڌڻي هي دودا بند،
    سچ سليندڙ ساٿي جاڳيا، سوئر ڪرتون سودا بند،
    سوئر ڪرتون سودا بند، جاڳيا آهن جوپ جوان.


    ڏاڏاڻا هي ڏوٿي منهنجا، موذي ڪيئڙا مارو بند،
    هاري ناري هاڙيهه واسي، عوثو، آمون، عارو بند،
    ڪونڌر پٽڙا ڪڏندا ايندا، ڪندين ڇا تون قابو بند،
    ٻاگهين ڄايا ٻار الاهي، هٽندا مور نه هِتان هِتان.

    گهيٽن وانگر گهوٽي تن کي، ڏاڍن ڪيئڙا ڏيهي بند،
    نمڪ حرامي نپٽ نڀاڳا، کاڌي جن جو سيئي بند،
    سنڌ سڄي آ سرمستن جي، ڪندين ڪهڙا نيئي بند،
    مٿن موڏا حاڪم بنجن، مُئا ناهيون اڃان اڃان.

    سنڌ وطن جي سنگهارن تن، ٻاٻاڻن جون ٻوليون بند،
    جوٽ مٿي جي جوڌن کي ٿي، جيجل ڏنيون لوليون بند،
    گهوٻاٽن سان گهوٽ اُٿيا ٿئي، گيدي ڪرتون گوليون بند،
    صدقو ٿيندا سورهيه پُٽڙا، سُهڻي پنهنجي سنڌ مٿان.

    هيڏانهن هوڏانهن اوڀر اولهه، سُهڻا منهنجا ‘سانگي’ بند،
    اڄ ڀي پنهنجا جيل ڀرڻ لئه، جو فين ڪيئڙا جهانگي بند،
    ڏهه ڏهه وارا ڏهسر ايندا، ڇا ڇا ڪندين ڏانگي بند،
    ڏاڍا تنهنجا ڏينهن ختم ٿيا، موذي توکي ڪيئن مڃان.

    1. سيد بابو شاهه بخاري
    نوٽ:- ايم آر ڊي جي 83ع جي جدوجهد دؤران لکيل


    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي

    پاڻي ڪونهي، پٽ سُڪي ويا
    ڪڙيا ڪيٽيون ڪٽ سُڪي ويا
    دِلا گهڙا مٽ، سُڪي ويا
    ڍنڍون ڍورا ڍٽ، سُڪي ويا
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي
    باهه نه ڪنهن ڀي ٻاري ڙي

    چاندي هاڻا چيٽ، سُڪي ويا
    کڏون کامان کيٽ، سُڪي ويا
    بئراجن جا پيٽ، سُڪي ويا
    ٻيلا ٻنيون ٻيٽ، سُڪي ويا
    توبهه توبهه زاري ڙي
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي
    لاڻا ليون لاهه، سُڪي ويا
    واٽر ويئريون واهه، سُڪي ويا
    ڊٻون ڊاکون ڊاهه، سُڪي ويا
    سنڌين جا ڄڻ ساهه، سُڪي ويا
    قيامت ٿي وئي ڪاري ڙي
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي

    ساوا سهڻا سنگ، سُڪي ويا
    ڦوٽاڙي جا ڦنگ، سُڪي ويا
    راحت وارا رنگ، سُڪي ويا
    ديهن جا ڪُل دنگ، سُڪي ويا
    ڳڻتين دلڙي ڳاري ڙي
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي

    ڪڻڪون ڪيلا ڪُل، سُڪي ويا
    گل گلابي گُل سُڪي ويا
    ڦرهين وارا ڦُل سڪي ويا
    جهاٻا جهوڙا جُهل سڪي ويا
    جَر اکين مان جاري ڙي
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي

    ڀونءَ جو هر هڪ ڀاڻ، سُڪي ويو
    موج ڀريو مهراڻ، سُڪي ويو
    ‘سانگي’ سنڌ سان ساڻ، سڪي ويو
    مولا موجون آڻ، سُڪي ويو
    اُڏري اُن مان واري ڙي
    سنڌ سُڪي وئي ساري ڙي
    باهه نه ڪنهن ڀي ٻاري ڙي


    ڪالاباغ ڊيم

    جو سُڪائي سنڌ کي، ان جا سلامي ڪين ٿيو
    ڊيم ڪالاباغ جا، حبدار حامي ڪين ٿيو

    عيوضا آڇون سڀئي ٿُڪ هڻي ڇڏيو ٿُڏي
    وڏ وزارت يا وزارت، تي نه ڪو لرزي لُڏي
    سنڌ جي پاڻي مٿي جو، راند رهزن پيو ڪُڏي
    سنڌ جي غيرت مٿان، ان غير کي ڇڏيو گُڏي
    ڪنهن به ڪرنل جا اوهين ڪمدار ڪامي ڪين ٿيو


    جو وڃي ويرين سان ويهي، ڪا وهيو ونگار آ
    ڀونءَ جي هر ڀت مٿي ان لا لکو غدار آ
    چؤڪ هر تي چئو انهي کي، بس برو بدڪار آ
    درس ٻارن کي ڏيو هي، نرلڄو نيڪار آ
    سڀ سڄڻ سنڌ جا ٿيو، هرگز حرامي ڪين ٿيو

    ڪو نه عُمرين جا اوهين، پورهيا وڃايو پاپ ۾
    پُڙ ڪريو هلڪا نه پنهنجا، ماپجي ڪنهن ماپ ۾
    سر سنڀاليو سانڍيو، ايندا سنڌو کي کاپ ۾
    ورد ڪريو سنڌ جو، هر وائي ۽ ورلاپ ۾
    ٿيو سچا ثابت سنڌي، ڪوڙا ڪمامي ڪين ٿيو

    گڏ هجون سڀ پاڻ ۾، پونم هجي پائي هجي
    هر مخالف ڊيم جو، ڀيچي هجي ڀائي هجي
    ويڙهه جي هر وير جي، بس وات تي وائي هجي
    سون جهڙي سنڌ پنهنجي، سُرخ ۽ سائي هجي
    مالڪي سنڌ جي ڪريو، موڳا مدامي ڪين ٿيو

    ڏوهه قومي جو ڪري، ڀت پوت مان ان کي ڪڍو
    سنڌ جي سڄڻن سندي ڳڻ ڳوت مان ان کي ڪڍو
    سنڌ جيجل جي ته جلوي جوت مان ان کي ڪڍو
    راڄ جي هر ڪاڄ مرڻي موت مان ان کي ڪڍو
    ان اڀاڳي اوپري سان هم ڪلامي ڪين ٿيو


    او ڪافر حاڪم پاڻي ڏيو

    هيءَ سنڌ سڙي پئي، پاڻي ڏيو
    حق لاءِ لڙي پئي پاڻي ڏيو
    پروان چڙهي پئي، پاڻي ڏيو
    در در دڙي پئي پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو

    هر، هارين جي لا پاڻي ڏيو
    نر نارين جي لا پاڻي ڏيو
    ڪجهه ٻارين جي لا پاڻي ڏيو
    ۽ سارين جي لا پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو

    ڪو پيئڻ جي لا، پاڻي ڏيو
    ۽ جيئڻ جي لا، پاڻي ڏيو
    ڪجهه ٿيئڻ جي لا پاڻي ڏيو
    ۽ ڏيئڻ جي لا، پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو
    پيو سُڪي جزيرو پاڻي ڏيو
    او کر خنزيرو پاڻي ڏيو
    پاڻيءَ جا وزيرو، پاڻي ڏيو
    او بي ضميرو، پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو

    او ڍونگي ڍانگها، پاڻي ڏيو
    ڪي لنگهي لانگها، پاڻي ڏيو
    ۽ اونها تانگها، پاڻي ڏيو
    او ناظم نانگا پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو

    ڪو ڪيلن جي لا، پاڻي ڏيو
    ۽ ٻيلن جي لا، پاڻي ڏيو
    ڪجهه ويلن جي لا، پاڻي ڏيو
    ۽ ميلن جي لا، پاڻي ڏيو

    پاڻي ڏيو ڙي پاڻي ڏيو
    او انڌا حاڪم پاڻي ڏيو
    او ڪافر ظالم پاڻي ڏيو


    سنڌو دريا وهڻو آهي

    رستا روڪي، پاڻي وٺبو
    ڏنڊا ٺوڪي، پاڻي وٺبو
    جهنڊا جهوڪي، پاڻي وٺبو
    جيسين جيئرو رهڻو آهي
    سنڌو دريا وهڻو آهي

    ٽئنڪون ٽوڙي پاڻي وٺبو
    مڻڪا موڙي پاڻي وٺبو
    لٺيون ٻوڙي پاڻي وٺبو
    پير به کوڙي پاڻي وٺبو
    ڊيم ته هرڪو ڊهڻو آهي
    سنڌو دريا وهڻو آهي

    سينا ساڙي پاڻي وٺبو
    پيٽ به ڦاڙي پاڻي وٺبو
    ويري واڙي پاڻي وٺبو
    چکيا چاڙهي، پاڻي وٺبو
    لوڀين ليکو، لهڻو آهي
    سنڌو دريا وهڻو آهي

    ماڻهون ميڙي، پاڻي وٺبو
    جنگيون، جهيڙي، پاڻي وٺبو
    ٿُڏي ٿيڙي، پاڻي وٺبو
    ميڙي سيڙي، پاڻي وٺبو
    ٺاٺ نئون هت ٺهڻو آهي
    سنڌو دريا وهڻو آهي

    توکان کَسي پاڻي وٺبو
    ڌوڙ ۾ دَسي پاڻي وٺبو
    وستي وَسي، پاڻي وٺبو
    دُنيا ڏِسي، پاڻي وٺبو
    سور نه ‘سانگي’ سهڻو آهي
    سنڌو دريا، وهڻو آهي


    سنڌ جو وزير اعليٰ

    سنڌ جو وزير اعليٰ.
    ڇڙهيون هڻي پيو ڇالا.

    پختو پڪو ٿئي پيو، يا آهي وڃڻ هي وارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    ٽانءَ ٽانءَ ڪري پيو ڪيڏي
    ڪانءَ ڪانءَ ڪري پيو ڪيڏي

    بيوس بنيو پيو ڀٽڪي، ٿر جو هي ڪانگ ڪارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    چرين جيان چڙي پيو
    ٿڙڪي رڳو ٿڙي پيو

    ويٺو فقط سو وِڦلي، هر هر هڻي هانبارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    ٽي وي، جڏهن ٿا کوليون
    ارباب کي پيا ڳوليون

    ڏاڙهي رڳو ٿي ڏسجي، مُنهن تي اٿس انڌارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    ڳولي ٽڪار ٽوڀو
    ان کي ڏنئين آ صوبو

    مُشرف مذاق سنڌ سان، ڪيڏو ڪيو آ يارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    فتني فساد خاطر
    پنهنجي مفاد خاطر

    ڪن پيا خوار هن کي، الطاف ۽ پاڳارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    آ ڪيڏي نه بدبختي
    سنڌ جي عظيم ڌرتي

    ان جو وزير اعليٰ، در در هڻي ٻهارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو

    ٻيڙي سندس ٻُڏي پئي
    ڪرسي سڄي لُڏي پئي

    گردش اندر ڏسان پيو، “سانگي” سندس ستارو
    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو
    پختو پڪو ٿئي پيو، يا آهي وڃڻ هي وارو

    * سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم تي لکيل


    مڪو توڙي مدينو بس الل اعلان ڌرتي آ

    اسان کي درد ڌرتيءَ جو، اسان جي جان ڌرتي آ
    جتي ٿئي ماڳ مارن جا ۽ مارن مان ڌرتي آ

    اسان هر گيت ڌرتيءَ جو وڏي ئي واڪ ڳايو آ
    اسان هر ويل اوکيءَ تي، انهي سان نينهن لايو آ
    اسان جي نينهن جو نڪتو، اسانجو شان ڌرتي آ

    اسان جي هن مٽي سان ٿئي، پراڻي ۽ پڪي ياري
    اسين هن ديس ڌرتي جا، پُرين کان ئي ته پوڄاري
    مڪو توڙي مدينو بس الل اعلان ڌرتي آ

    مٽي سان جن ڪئي محبت، اهي ماڻهون نه مرندا ٿئي
    دغا ڌرتي لئه ڌاري جن، اهي سڏبا درندا ٿئي
    اسانجو آ عقيدو ۽ اٽل ايمان ڌرتي آ

    مٽيءَ ۾ ماڻهپو آهي، مٽيءَ ۾ ئي وڏائي آ
    مٽيءَ ۾ ٿئي سچل سامي مٽيءَ ۾ شاهه ڀٽائي آ
    هميشھ پٽ هيمون جيئن ڪندي قربان ڌرتي آ

    مٽيءَ سان مائٽي آهي، سدا “سانگي” ته سيڻن جيئن
    مٽيءَ کي ڀانئيو ڀائو، اوهين پنهنجي ته نيڻن جيئن
    اسان جهڙن اٻوجهن تي ڪندي احسان ڌرتي آ


    رات ڏٺو ٿم گهوٽ ڀٽائي

    رات ڏٺو ٿم گهوٽ ڀٽائي، گُهمندي روپا ماڙي تي
    اجرڪ جو هو جهنڊو تنهن وٽ رَت لڳل هوس ڏاڙهي تي

    ناحق جيڪو خون وهيو هت، قلب ۾ تنهنجو ڪاڙهو هوس
    دودو تنهن سان ساڻ هئو ۽ مُنهن ڦري ٿيو ڳاڙهو هوس
    جيئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، چوندي چڙهيا چاڙهي تي

    شاهه ڀٽائي ڀُڻڪيو بيٺي، گهوٽ ڪئي ٿي گَجندي گوڙ
    ڌرتي جي دل جو به دُکائي، هڻجو تنهن کي خوب هٿوڙ
    هڻجو تنهن کي خوب هٿوڙ، جوڀي هوئي مُهاڙي تي

    جو ڀي دشمن ديس مٺي تي، دم دم اندر ڏي پيو دام
    لاش انهيءَ جو لڙڪائجو، بازارن ۾ کليئه عام
    هيڏو جنهن بيداد ڪيو آ سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙي تي

    ڪنڌ ڪٽائي ڇڏجو ڪونڌر مور نه مڃجو ڪنهن جي آڻ
    ساري ڌرتي ڀل ٿئي پو رت ڦڙا ۽ رتو ڇاڻ
    رَت اهوئي ڏسجو ساٿي گهوني توڙي گهاڙي تي

    جڏهن چيائين ڏونگر ڏاري، آزاديءَ جي وٺجو واٽ
    تڏهن ته گهوٽن ڪارڻ اڏباگهٽي گهٽي ۾ ڦاهي گهاٽ
    ڦاهيون ٽُٽنديون سنڌڙي جُڙندي ڪرندا ڪنڌ ڪُهاڙي تي

    هن ديس سندا سڀ مانجهي ماڻهون، اڻ مٽ ۽ اڻموٽ اٽل
    سانگي تنهنجا سارا لکيل، دوها ڪافيون گيت غزل
    ڳائيندا هت ڳاٽ وڏي سان ڌرتي ڳوڙهي ڳاڙهي تي


    اها ئي قيام ڪاري آ

    قيامت کي ڪي سڱ ٿيندا، اهائي قيام ڪاري آ
    ڪئي ڪوڙي قرآني اڄ، ستين حج جي تياري آ

    وٺي تبليغ جي ڪارڻ، هليو حافظ ننڍو نينگر
    جهليو ماڻهن سو مسجد ۾، ننگو بلڪل نباري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    حيا جون هڙ حدون اُڪري، ويو انسان آهي اڄ
    ڇڏي پنهنجي حسين جُوءِ، رکئين ڇورن سان ياري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    ڀڳل ڪا مائي ڀاڳن سان، وڙولن تي وري جڏهن
    ملي موٽي نه مائيٽن کي، وڏيري خود وهاري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    اڳي اپريل مارچ ۾، ڪندو مهراڻ موجون هو
    مگر اڄ مئي مهيني ۾ اُڏي اُن مان ته واري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    مڏي ۽ مال ملڪيت جي ورهاست ۽ ورهاڱي لا
    ڪري ڪاري ڪُٺي ويئي، نماڻي نيڪ ناري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    ڍڳا ۽ ڍور زيور سڀ، جُوا ۾ جوان هارائي
    لڳائڻ داءُ تي آيو، ڏسو جوئي جواري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    ڪڏهن ڪنهن جي ڪڏهن ڪنهن جي نچي پيو ڊگ ڊگي تي اڄ
    سياست دان سنڌ جو ٿي، ويو مرڳو مداري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    دراڙون دين ۾ ڪيڏيون، وڌيون ويڪو مُلئين آهن
    خدا کي سو مڃي ٿو پر، نبيءَ جو سو ناڪاري آ
    اهائي قيام ڪاري آ

    ڏٺي ڇوري مون ٽي وي تي هئس چولو چڍي پاتل
    ڏسي هيءَ کوٽ ڪپڙي جي، ڪئي توبهه مون زاري آ
    اهائي قيام ڪاري آ


    جيئين جيئين شاهه لطيف

    وانگين جا او واهر وارث، واهه وڻين ٿو واهه لطيف
    جيئن جيئن شاهه لطيف، جيئن جيئن شاهه لطيف

    ورسي تنهنجي ويرن جي لا، جهڙو ڪرڪو ويري وار
    بيت ڀٽائي تنهنجو هر هڪ تن لئه آهي تيغ ترار
    موذين ۽ مڪارن جو اڄ ڪوريون ڪٽيون ماهه لطيف

    جيجل سان اڄ جا بر ڪيڏيون، پيو ته ڪري ڏس جاڙون يار
    جنگ انهيءَ سان جوٽيون جوڌا، پٽيون ان جون پاڙون يار
    پٽيون ان جو پاڙون جيڪو ٺوڳي ٺاهي ٺاهه لطيف


    وڏيرا ڀوت ڪامورا

    سڄيءَ سنڌ کي ويا کائي، وڏيرا ڀوت ڪامورا
    سڀئي مسڪين ماڻهن جي، ٿيا لڄ مال جا گهورا

    پيون هي اڄ لڄون لٽجن هتي نورين(1) نماڻين جون
    سجاول(2) ۾ ننڊون ڦٽيون، سڀن ننگدار نياڻين جون
    ڪي بنجيو ڀوت ۽ باندر لڄون لڪيو لٽن لورا

    ڪلارڪ کان وٺي صاحب وڏي تائين کپي رشوت
    سپاهي ايس پي سوڌو، ڏئيو جهڙتيون جهپي رشوت
    هُو آفيسن اندر ويٺل، اَٿو سڀ نانگ ۽ نورا

    تپي کان تعلقي تائين، هڙئي هڙٻوڙ حاڪم هت
    ضلعي کان سنڌ سڄي تائين ٿيا ٻيڙي ٻوڙ حاڪم هت
    ڍَلن مان ڍؤ نه ڍونگهين کي ڇڏيئون وڪڻي ڍنڍون ڍورا

    ڏين هي ووٽ جنهن کي ٿا، سو ٿاڻن تي ڪُٽائين ٿو
    ڪراچي ۾ رُلائين ٿو، بنا ڪنهن ڏوهه جهلائين ٿو
    وڃن آخر وڃن ڪيڏانهن ڀلا هي ڀونءَ ڌڻي ڀورا

    هنن بي واهه وانگين جو، هتي ڪوئي سڄڻ ڪونهي
    وزيرن ۽ مشيرن مان ته ايندو ڪو پڇڻ ڪونهي
    هُنن هڙٻوڙ ماڻهن کي، ڇو هيڻن جا ٿين هورا

    پنوهارن پٽ پيائي ۾، ڀلا ڀرتي ڪڏهن ٿيندا
    ۽ ڪسٽم ۾ ڪنگالن جا، ڪَلها ڀرتي ڪڏهن ٿيندا
    وڏيون جايون وٺي ويٺا، وڏيرن جا چريا ڇورا

    نڀاڳو ڇورو ڊي سي جو، به ڊي سي ٿئي، ضروري آ؟
    هجي پٽ رول رئيساڻو سو اي سي ٿئي ضروري آ؟
    وڏين ڪل نوڪرين کان ڏين مسڪين هي مورا

    هنن پورهيت پنوهارن کي، ٺڳيو هر ڪنهن ته ٺوڳي آ
    هتي هر هڪ مٿيون ماڻهون، بنيو رهزن ۽ روڳي آ
    وتن سي ويس بدلايو، ڪڏهن ڪارا ڪڏهن ڳورا

    ڀري جن بيگرون چٽيون، پڙهايا پٽ هي پنهنجا
    ٻڌي جن پيٽ تي پٽيون، پڙهايا پٽ هي پنهنجا
    انهن با ڀاڳ ڀاڳين جا ڀُري اڄ ڀاڳ ٿيا ڀورا

    الا ڇو احمقن وچ ۾، اچي آهن اڙيا “سانگي”
    نه جن جو ڪو وسيلو وس، نڪو واهر نڪو وانگي
    پون پيا تن کي دردن جا هتي دم دم اندر دؤرا

    1. نوري پليجو نالي عورت جنهن جي دڙي شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ عزت لُٽي ويئي هئي.
    2. سجاول شهر ۾ مهيني ڏيڍ تائين ڀوت وارين خبرن سبب ننگدار نياڻين ۽ شهرين جون ننڊون ڦٽي ويون هُيون.


    ڏسو سنڌ جيجل وري وار کولي

    ڏسو سنڌ جيجل وري وار کولي
    وڌو ويس ڪارو، نٿي ٻِڙڪ ٻولي
    رڳو لاش پٽڙن ڪري سا ڪٺي پئي
    تڏو سا وڇايو ۽ تعزيت وٺي پئي

    اُڍيجي لاشاري، سندا لاش کڻيو
    رئي ٿي رڙي ٿي اها ڳالهه ڳڻيو
    پيشاني تان تن جي ڄميل رت اگُهي پئي

    جواني ۾ جانب جدا ٿي ويا ٿس
    اندر ئي اندر ۾ وڏا وڍ پيا ٿس
    جدائي ۾ تن جي جهري پئي جهڄي پئي

    ڏسيو لاش پنهنجن پيارن ٻچن جا
    مٺي مرڪ وارن مڻيارن ٻچن جا
    چرين جيان تينن کي چمي پئي چٽي پئي

    رُسي ويا هي راڻيءَ ڪنان راڄ راڻا
    پئي ٿي آ پرزا، پرين جي پڄاڻا
    اکين آب آڻيو، اُجهامي، اُجهي پئي

    سڄڻ سي ته سانگي سگهارا سچا ها،
    مٺي ماءُ جا سي، مٺا بس ٻچا ها
    ڪريو ياد تن کي، مٺي ماءُ منجهي پئي
    تڏو سا وڇايو ۽ تعزيت وٺي پئي


    لڳن ڏنڊا پيا ڌرتيءَ تي

    ڪِرن ڪوسي نئين رت جا، ڇوها ڇنڊا پيا ڌرتي تي
    ڏسان ڏوٿين ڏنڊا ٻيڙيون، لڳن ڏنڊا پيا ڌرتي تي

    ڪڏهن يوسف ڪٺو ويو آ، ڪڏهن ڀاڳيا بهاول(1) ۾
    ڪڏهن موري مئا مانجهي ڪڏهن سانحو سجاول(2) ۾
    وجهو ورديون وتن ڦرندا، چوها چنڊا پيا ڌرتي تي

    بنائي بک بنگالين کي، وري موٽيا مڪڙ آهن
    وري تاريخ ميسارڻ، وڌا ويرين وڪڙ آهن
    ڳڙن ڳاڙهي گرم رت جا، ڳڙا ڳنڍا پيا ڌرتي تي

    اسان جي ميمبرن جي مت، شرم شايد ويو وڪجي
    وفائون سي ڇڏن وڪڻيو، درن ڌارين مٿي ڌڪجي
    وڇائن سي ته وانگين لئه ڪڙا ڪنڊا پيا ڌرتي تي

    اسان جي نوجوانن کي، زنجيرن ۾ آ جڪڙيو ويو
    بنا ڪنهن ڏوهه دودي(3) ۽ آ آريسر(4) کي پڪڙيو ويو
    هڻن هو ڏنگ ڏيهين کي انڌا منڊا پيا ڌرتي تي

    مٺن مارن کي مارڻ لا، هئي هر چؤڪ تي چؤڪي
    ڪٺا سنڌي ڪراچي ۾ اڃا آ ڳالهه ڪالهوڪي
    اچن الطاف جا ڀائر، کپر لُنڊا پيا ڌرتي تي

    وڄائيو ڊيسڪون ويٺا، مهاجر مُنهنڪارن سان
    هُجي آن کي ته ٿُڪ پُٽڙا، وڃي ويٺا غدارن سان
    لڄائيو پيا لڄون پنهنجون، رنبا رنڊا پيا ڌرتي تي

    ڪڏهن هت قيد کوکر ۾، ڪيا ويا قيد ڪُل هاري
    بنائي قيد خانو وئي، سموري سنڌ اڄ ساري
    ڪُسن پيا روز ڪئين ڪونڌر وڏا ننڍا پيا ڌرتي تي

    ڪڏهن ڪاڙهيو آ ڪامورن، ڪٿي وستيون وڏيرن جون
    مُلن ماڻهون منجهايا ڪٿ، ڪٿي مستيون مشيرن جون
    جلائن روز جابر هت جهڳا جنڊا پيا ڌرتي تي

    اسان جي ليڊرن کي اڄ نه ‘سانگين’ سار ٿي گهرجي
    گهڻن کي گُهرج ڪُرسي جي گهڻن کي ڪار ٿي گهرجي
    هلن هو بي حيا اڄ ڀي هڻيو جهنڊا پيا ڌرتي تي


    1.ٽنڊو بهاول جتي فوجين وحشياڻي ڪاروائي ڪري ڪيترائي نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا هئا.
    2. 7 جون 89ع تي سجاول پوليس بربريت ڪندي هڪ ماڻهو مارڻ سان گڏ سوين شهري گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايا هئا
    3. دودو مهيري
    4. عبدالواحد آريسر


    ڪبي ڳالهه حق جي

    ڪبي ڳالهه حق جي، ڪبي ڳالهه جَنگ جي
    وڃون ڀل پو ڀالن، مٿي پاڻ ٽَنگجي

    وطن جي ته ويرين کي ماريون مڃايون
    دليون دشمنن جون ته دم دم دُکايون
    وجهون واجهه تن کي، وڃن سي ته وَنگجي

    ڀنڀٽ باهه ڀڙڪي ته ڀڙڪي اُٿون سڀ
    ڪري ڪاهه قاتل ته ڪڙڪي اُٿون سڀ
    رَتن منجهه راڻا، وڃون سڀ رَنگجي

    وِکاري کڻون ڪي، وِکون قوم لاءِ
    پڙهون قوم لاءِ، لِکون قوم لاءِ
    وڃن جيئن نه پنهنجا قلم ذهن زَنگجي

    ڏٺم رات سنڌڙي، ته رتڙو رُني پي
    چِلي پير پاپين، جي ان جي چُني پي
    چيئن پي ڏهيسر، ويا ڪٿ ڏَنگجي

    رکي سر تري تي، او ‘سانگي’ اُٿون سڀ
    وطن جا او وارث ۽ وانگي اُٿون سڀ
    رکون ساک سنڌ جي، ته نعري ۽ نَنگ جي


    ڳالهه ڪنهن سان ڪين ڪج

    ڳالهه ڳڙڪائڻ ڏکي پر، ڳالهه ڪنهن سان ڪين ڪج
    هر ڏهاڙي ڏينهن پون ٿا، هت گڏهن کي يار گج

    بُل هڻن ٿا ڀولڙا پر ٿا کٽيو کائن فقير
    ڇاپ آنڱوٺي گهڻا، ٿي ويا وري آهن وزير
    لوڪ جا لوڌيل سڀئي، ماڻهن مٿي، مڙهيا مشير
    جت جمهوري دور ۾ جاهل جيالا ٿين جج

    جن جُهڳا ٿيا جهڻ هتي برسات توڙي ٻوڏ ۾
    سي اٽي ۽ دال لا، گرجن پيا هت گوڏ ۾
    تن وچيون ويهي ڪيون صاحب جي ڏسندي روڏ ۾
    هڙ ويا هڙپي رقم هو، روڪ توڙي ڀاڻ ٻج

    پُٽ وزيرن جا نڀاڳا، پاس ٿيا جي جيڪ تي
    ٿي ويا ڪسٽم ۾ ڀرتي، سي سفارش چيڪ تي
    ڪي پي آئي اي ۾ پُڳا، وسڪي بمبئي جي ڪيڪ تي
    جي نچوئي نيڻ پڙهيا، تن لئه اُڀريو ڪين سج

    اڄ به ڦورن ڦُر مچائي، آهي ڦيڻي ڦوڪ تي
    ڀروسو ڀاڳين جو اڄ ڀي آهي اهڙي ڀوڪ تي
    شڪ نه ڪنهن آهي ڪيو ڪو هن مُلئين مشڪوڪ تي
    ڌن لُٽي ڌاڳا وٽي تن مان ڪري ٿو هو ته حج
    ڳالهه ڳڙڪائڻ ڏکي پر ڳالهه ڪنهن سان ڪين ڪج


    بگهڙجي حوالي

    رڍن کي ڪيو ويو، بگهڙ جي حوالي
    گهڻين کي ٿو کائي، گهڻيون ٿو سنڀالي

    ڪئي ڪانگ کي وئي، آ لولي جي پارت
    زنا خور زاني کي چولي جي پارت
    چيو شينهن کي ويو، ته ٻڪرين کي پالي

    مڪڙ کي ڪئي وئي، فصل جي آ پارت
    لُنڊي نانگ کي نيئن نسل جي آ پارت
    آ گهوٽن کي گهايو، انهيءَ غم گهوٽالي

    ڪجي ڪات کي پئي، ته ڇيلي جي پارت
    ٻريل باهي کي آهي، ٻيلي جي پارت
    وڌو جيءَ جهوري، جبر جي جهڙيالي

    بگهڙ جُوءَ ۾ ڏس، جلان ڪيئن چري پيو
    ڌڻن منجهه ڌوڪيو، هلان ڪيئن ڪري پيو
    ڪيو جهنگ جهر ويو، نڀاڳي جي نالي

    وڻن جي ڪئي وئي، آ واڍن کي پارت
    ڏکويل ۽ ڏٻرن جي ڏاڍن کي پارت
    ستم منجهه ‘سانگي’ جيئي ۽ ڪيئن جالي


    اليڪشن اچي پئي

    وري اڄ ڦرن پيا، پيجارا پٽن تي
    ٿين قرب ڪيڏا، پيا جاهل ڄٽن تي
    ملن کوڙ کاڌا، کڄيو پيا کٽن تي
    وري لٽ آهي، لڳي تن لٽن تي
    وري ديڳ درتي، پُلا جي پچي پئي
    انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي

    وڏيرن اوطاقون، ڇڏيون کوڙ کولي
    مِٺوءَ کان به مٺڙو، وڏيرو پيو ٻولي
    ڏسي پيو سو هر ڪنهن کي ڳولي وڙولي
    پري کان ئي آهي، ڏني ڍڪ ڍولي
    وري رات تائين ڪا رؤنق رچي پئي
    انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي

    چٺو فاتحا جو، نئين سر ٺهي پيو
    ملڻ لاءِ مُرڪيو، لُٽيرو لهي پيو
    ۽ راڄن ۾ راتيون، رضا سان رهي پيو
    تکو طعنو تنڪو صبر سان سهي پيو
    وري بد نظر کان ڀڳل رَن بچي پئي
    انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي

    ڪراچي جون ڇوريون، ڇڏي هاڻ آيو
    لڏي سان لُٽيرو، لڏي پاڻ آيو
    سڀئي چور چمچا، سڏي ساڻ آيو
    آيو ڀوتار ڀلجي، ڀڏي ڀاڻ آيو،
    وري گاڏي اُن جي ته گپ ۾ گچي پئي
    انهيءَ مان ٿو سمجهان، اليڪشن اچي پئي

    وري چونڊ چمچن ۾ چُرپُر ڏسان پيو
    هينئن ۾ هڙن جي ڪا هُر کَر ڏسان پيو
    لُٽيرن جي دردر ڪا لُر لُر ڏسان پيو
    ڪنن ۾ ته ساڳئي مان سُر پُر ڏسان پيو
    وري ماڳ هر ڪنهن ڪا محفل مچي پئي
    انهيءَ مان ٿو سمجهان اليڪشن اچي پئي


    سنڌي ماڻهن جا ير اڃان اڳوڻا آهن افعال

    پنهنجي سنڌي ماڻهن جا ير اڃان اڳوڻا آهن افعال
    ڪوڙن ڌاڳن ڦيڻن تي تن، ڏيئي ڇڏيا مينهون مال

    کير جي پتري رکيو مٿي تي، نيرانا سي نڪرن ٿا
    سُوٽا هڻندا سڌا شهر ڏي، اسر ٽاڻي اُسرن ٿا
    ڪانبون ڪڍيو ڪئبينن تي، رُڳو ٻڌن ٿا عرس جلال

    گهر جا زيور گروي ڏيئي، ڪُڪڙن تي ٿا رکن بازي
    ڪو ڪو ڍولڻ ڍڳو ڏيئي، وٺي وريو آ ڪتو تازي
    سڌرڻ واري سين نه تن ۾ ڪتن ڪڪڙن جا ٿيا پال

    پير جهلڻ ۽ پٽ تي ويهڻ واري آهي عادت تن ۾
    هڪ ٻئي تي پيا هڻندا چغليون، جاري آهي جهالت تن ۾
    بازارن ۾ ائين پيا هلندا ڄڻ ته هجن ڪي ڍور بتال

    پاڻ سڄو ڏينهن هوٽل تي ٿا، چورن سان چؤ يارا ڪن
    مايون اهڙن مڙسن جون ٿيون، گاهه گُڏون لابارا ڪن
    ڪهڙا ڪهڙا يار ٻڌايان، اهڙن مڙسن جا ته مثال

    ماين سوڌو ميلن تي سي، وڃن سيارن پارن ۾
    ٻارن ٻچن کي ٺاريو مارين، ٽلڪي ٽلڪي ٽارن ۾
    درگاهن تي ڌڪا کائن، ‘سانگي’ سهڻا سال به سال


    ٺڳ لاهور جا

    روڄ آ هر راڄ ۾، رولو ڪُتا ڪاهين پيا
    ٺڳ وڏا لاهور جا، ڪا نئين ٺڳي ٺاهين پيا

    هو پنڊي لاهور کان، آهن لٽيرا اڄ لٿا
    سڏ سوا سوئر سڌو، گهر ۾ گهڙن گنجا مٿا
    تذليل سنڌ جي ڪن پيا، جيپون ڀريو ڪريو جٿا
    ڀونڪ آهر چؤڪ تي، هو بي حيا باهين پيا

    روزگاري جا ته رستا، رهزنن روڪي ڇڏيا
    هر اداري جي اندر، گوڏر گنجا گهوڪي ڇڏيا
    سنڌ لا قانون ڪارا، اڄ ٺڳن ٺوڪي ڇڏيا
    رهزني سان روز سنڌ ۾ رت نديون واهين پيا

    ڇانوڻين ڇانٽين جي لاءِ، ٿا سنڌي ڇو گوڙڪن
    ڊيم ڪالاباغ لا، جلسا ڪڍن جاکوڙ ڪن
    هر مسئلي مامري جو ڪو نه ڪو ٿا ٽوڙ ڪن
    سو سبق سنڌين کي ڏيئڻ چوٽ تي چاهين پيا

    جهور پوڙهو پر پنجابي، ڏند نه جنهن جي ڏاٺ آ
    محڪمي هر جي مٿان بيٺو کڻيو سو ڪاٺ آ
    مسڪين ماڻهون سنڌ جو، مرڳو ويو ٿي ماٺ آ
    سازشن سان سنڌ کي، ڊوهي ڏسو ڊاهين پيا


    گناهن جو اڏو

    ٿيو هي ملڪ سارو ير، گناهن جو اڏو آهي
    جتي لوفر لٽيرن جو، لٿل سائين لڏو آهي

    مٺن مسڪين ماڻهن تان، اڃان قيامت ٽري ڪونهي
    هتي جيڪا به ٿئي ٿي ڦُر، اها واپس وري ڪونهي
    قتل ۽ خون ڌاڙي تي، سزا ايڏي ڳري ڪونهي
    هتي جي حاڪمن اندر حيا جي ڪا ذري ڪونهي
    هتي قانون جي منهن ۾ پيو چوسيل هڏو آهي

    هتي ننگدار نياڻين سان رڳو، نا حق نسورو آ
    هتي ويري وڏيري جو، اڃا ڇڙواڳ ڇورو آ
    هتي مرشد مريدن جي، گهرن جو يار گهورو آ
    سوا سڏجي سڌو گهر ۾، اچي سهڙيو سڳورو آ
    هتي ڏٻرن تي ڏاڍن جو ڏسو ڪيڏو ڏڏو آهي

    هيءَ ڪيڏي بي حيائي آ، هيءَ ڪيڏي بي وڙائي آ
    ججن سان جت جُٺيون آهن، ۽ ڪورٽ تي چڙهائي آ
    ٿيا اسڪول اوطاقون، نه پئسي جي پڙهائي آ
    اڇي ڪاري جو مالڪ هت، وڏيرو ٿيو وڏو آهي

    هتي جو يار صوبيدار آ ڪمدار ميمبر جو
    وٺي وسڪي ولاتي پو، ڪري ڪم ڪار ميمبر جو
    اُماڻي لاش لاڪپ مان، اٿس لاچار ميمبر جو
    بندي بي ڏوهه ماڻهن کي، بنيو آ يار ميمبر جو
    هتي معصوم ماڻهن سان، ڦڏي تي نئون ڦڏو آهي

    سڙي سردي ۾ سانگين جي چپن ۾ چير پئجي ويا
    رڍن جي ڌڻ اندر داخل، مرو مهمير پئجي ويا
    وڏيري جي ته کاتي ۾، ڏسو جاگير پئجي ويا
    بکين بي داد ماڻهن لا، نه بچيو ڪو ڀڏو آهي

    اڃا اشراف ماڻهن تي لُنبن لوٺن جو لامارو
    هتي هر چؤڪ چؤڪي تي، اڏيل چورن جو اوطارو
    ڇٽن پيا چور فونن تي نه آهي ڪو پڇڻ وارو
    سگهو ‘سانگي’ نه سانگين وٽ بچيو توري تڏو آهي


    ادبي سنگت مان ٿيندو ڪڏهن ختم خسارو

    جوڳي ٻُڌائي جلدي، ڍولڻ هڻي ڪو ڍارو
    ادبي سنگت مان ٿيندو، ڪڏهن ختم خسارو

    ٻولي ٻڌي هيءَ ادبي، حيرت لڳي ڄَٽن کي
    شاعر اديب پنهنجا ماري ويا ڀَٽن کي
    گارين جو هڪٻئي تي، واري تي آهي وارو

    شاعر اديب هر جي سيني ۾ ساڙ ڇو آ
    سنڌي سڀئي سنڌي، اُتر ۽ لاڙ ڇو آ
    سوچن ۾ تن جي ايندو، سهڻا ڪڏهن سُڌارو

    سمجهو سڄاڻ ماڻهون نالو وڏو آ جن جو
    ٿوري ٿڪي تي پو ڀي ڦيرو ڦڏو آ تن جو
    روشن دماغ تن جا، اندر سندن انڌارو

    لکڻين منجهان ئي ليکڪ، ڄاتو وڃي سڃاتو
    خالي خوشامندن جو، بند ٿيڻ کپي هي کاتو
    ماڻيندو مان ڪڏهن، ليکڪ سچو سگهارو

    شهرن وڏن جا شاعر، ياريون پيا نڀائن
    هڪٻئي جي واتان پيا سي، بهتر ڀلو سڏائن
    ڀريو سي عظمتن جو، کڻيو هلن پيا کارو

    ڪينو ۽ ڪرڀ ڪڏهن، دانشورن مان ويندو
    سينو به صاف ‘سانگي’ ڪڏهن انهن جو ٿيندو
    وڄندو وري ڪڏهن هت نينهن جو نئون نغارو


    ويهين صدي

    ويهين صدي سڄي ۾، ڏاڍيون ٿيون تباهيون
    ايڪهين صدي به آئي، کوٽي کڏا ۽ کاهيون

    ڌونڌاڙ ڌاڙ رستي، ڌرتي ڌُڏي وئي آ
    رت خون جي هتي بس، ڪٻڊي ڪُڏي وئي آ
    خواهش ۽ سُڌ سڀڪا، گهوڪي گُڏي وئي آ
    سنڌ ۽ سنڌين جي سائين، ٻيڙي ٻُڏي وئي آ
    ڌرتي سڄيءَ تي دونهان ڀڙڪا ڀنڀٽ ۽ باهيون

    جهيڙا جنگيون ۽ جنجهٽ، ويهين صدي جو ورثو
    سئو سال هي ستم جو، ايڏو وڏو هو عرصو
    خونن ۽ خودڪشين جو، سقطو هو طاري سرسو
    بادل بکن ڏکن جا، برسو اڃان پيا برسو
    رت جون نديون نڀاڳن، واهڙ جيان ٿي واهيون

    جابر جنوني ماڻهن، معصوم مور ماريا
    تيزاب تيز ۾ تن، جيرا جگر پگهاريا
    ڪچڙن مٿن کي ڪُچلي، هينئان حوس جا ٺاريا
    هر هڪ حساس دل تي، ٻارڻ ٻپار ٻاريا
    گُلڙن ٻچن جون گهوڙا، ڪُوڪُون نه ڪنهن ڪنايون

    ڪيڏيون ڪراچي اندر، عزت دريون ٿين ٿيون
    بارود بم ڇڏڻ سان، لاشن ڀريون ٿين ٿيون
    لاشن مٿان ته چنبڙي، مائون چريون ٿين ٿيون
    اندرونِ سنڌ ۾ پڻ، دهشتگريون ٿين ٿيون
    بدلي صدي ته ڇا ٿيو، بدليا اسين ته ناهيون

    لالڻ لطيف تنهنجي، ڌرتي لڳن پيا ڌاڙا
    گهر گهر گهٽيءَ گهٽي ۾، ريهون رڙيون ۽ راڙا
    غيرت غرور جاهت، ڪيڏا ڪڙهن پيا ڪاڙها
    ڪارا ڪري ڀڳا ويا، ڳاٽا ڳڀور ڳاڙها
    محبت مٿي ٿيا مارا، چاهيون ته ڪنهن کي چاهيون

    روشن دماغ رهبر، وڪري وڏي تي وڪيا
    ٺيڪي ٺڙي مٿي ڪي، ڏنڊي ڏڏي تي وڪيا
    وڪيا ولات ۾ ڪي، پنهنجي تڏي تي وڪيا
    وسڪي مٿي وڪيا ڪي، بنجر ڀڏي تي وڪيا
    وڪجي ويا سمورا، ڪنهن جي پٺيان ته ڪاهيون

    سنڌ ۽ سنڌين کي ‘سانگي’ ڪُن مان ڪڍڻ جي لائي
    ناکا سچا ٿي نڪرون، سڙهه ۽ سُکاڻ ٺاهي
    مانگر مڇن کي ماريون، ڪَڙڪي ڪُڏي ۽ ڪاهي
    اُن لا فقط ضرورت، عملي عمل جي آهي
    جُڙتو نظام جهوري، نئون ڪو نظام ٺاهيون


    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    پڙهيل توکان پاسيرا پر، توتي ميڙاڪن ٿا ڄٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وَٽ
    روز هڻين ٿو ڪوڙ دڦاڪا، روز هڻين ٿو زبرا زٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    چمچا چغل چارين ٿو، ۽ پنهنجو پيٽ به پارين ٿو
    ماڻهون اهڙا مارين ٿو، جن جو ناهي ڪوئي مٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    چمچا سڀ چالاڪ سنديئي، ٿاڻو ڄڻ اوطاق سنديئي
    ايرادا ناپاڪ سنديئي، سڃا ڪيا تو پوٺا پٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    ڪامورن سان تنهنجي ياري، روز ٻڌائين هاري ناري
    تون ته فريبي ۽ مڪاري، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ تنهنجا گهٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    آڻ نه پنهنجي ڪڏهن مڃين ٿو، آڱر جيڏانهن يار سڃين ٿو
    ووٽ وٺڻ تون جڏهن وڃين ٿو، ڪيڏا ڪرين ٿو ناز ۽ نٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    ماڻهون آهين ماهه حرامي، هر ڪو تنهنجي ڀري سلامي
    اڄ ڀي تو وٽ آهي غلامي، هر ڪنهن ڳچي ۾ تنهنجا ڳٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ

    ڪُرسي پويا ڊوڙين تون ٿو، ٻيڙو غريبن ٻوڙين تون ٿو
    ٺاهه ٺڳي جا جوڙين تون ٿو، ڪيڏي ڪرين ٿو تون ترڪٽ
    واهه وڏيرا تنهنجا وٽ


    چونڊيل ميمبر سنڌي وڏيرا

    وڪجن جيئن ٿا، بازارن ۾ ويس وڳا
    ۽ منڊين ۾ جيئن وڪبا آهن ڍور ڍڳا

    تن کان ترت ۽ تيز ٿا وڪجن
    دل جا ڪارا، من جا ميرا،
    چونڊيل ميمبر سنڌي وڏيرا

    اهڙا ٽوپڻ مون نه ڏٺا
    ۽ اهڙا ٽيڪو مون نه ڏٺا،
    چڪلن ۾ تن ٺاهي ڇڏيا
    پنهنجا دَڳ ۽ پنهنجا ديرا
    چونڊيل ميمبر سنڌي وڏيرا

    رڍن توڙي ٻڪرين جي جيئن هلي ٿي ٻولي
    پئسن پويان ايئن وڏيرا ٿين گولي
    واري واري وڪجن ائين ٿا،
    ڪاسائي جيئن وڪڻي جيرا
    چونڊيل ميمبر سنڌي وڏيرا


    نئين نظام جو ناطم آهيان

    نيئن نظام جو، ناظم آهيان
    جنهن کي چاهيان، تنهن کي لاهيان

    ٻي هنڌ مُنهنجي ڪو نه ٻُڌن ٿا
    ڌڪيو مُونکي ٻاهر ڪَڍن ٿا
    ماستر مسڪين مُون کان ڊڄن ٿا
    تن تي ويٺو حڪم هلايان
    نيئن نظام جو، ناظم آهيان

    اڳي ڪندو هوس، آئون ڪمداري
    هاڻي ماڻهو آهيان سرڪاري
    ڪم آ مُنهنجو ڇاپا ماري
    اسڪولن تي ڪاهيو ڪاهيان
    نيئن نظام جو، ناظم آهيان

    مُونکي ايندو ڪو نه صبر آ
    ڪاري ڪئي مُون پنهنجي قبر آ
    قانونن جي ڪو نه خبر آ
    ٺاهه ٺڳيءَ جا ويٺو ٺاهيان
    نئين نظام جو، ناظم آهيان

    ننڍي هُوندي ڪونه پڙهيس مان
    ڪاڙهن ۾ پي يار ڪڙهيس مان
    ميڙن منٿن سان ته چڙهيس مان
    ڪنهن کي رهڙيان، ڪنهن سان راهيان
    نيئن نظام جو، ناظم آهيان


    ڀيڻ کي آڻيو تير کٽايو

    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو
    ڀيڻ کي آڻيو تير کٽايو، ووٽ نه پنهنجو يار وڃايو

    هي ووٽ جمهوريت ماڻڻ جو، هي ووٽ آڀيڻ کي آڻڻ جو
    هي ووٽ آ سنڌ جي نياڻي جو، هي ووٽ آ پنهنجي راڻيءَ جو
    هي ووٽ آ قومي ٻڌيءَ جو، هي ووٽ آ پنهنجي اديءَ جو
    هي ووٽ آ شان شناخت جو، هي ووٽ جمهوري طاقت جو
    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو


    هي ووٽ نه من جي ميري جو، هي ووٽ نه ايري غيري جو
    هي ووٽ نه زبري ظالم جو، هي ووٽ نه نانگي ناظم جو
    هي ووٽ نه ڏجو ڀتن تي، هي ووٽ نه ڏجو خطن تي
    هي ووٽ نه ڪنهن به وزير سندو، هي ووٽ آ ڀيڻ بينظير سندو
    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو

    رهزن ويٺو رستا روڪي، سنڌي ماڻهن کي پيو ٿوڪي
    مسڪينن جي قائد ڪارڻ، ڪيڏا ويٺو ٻاري ٻارڻ
    آمر اکيون ڪڍي ويٺو، جمهوريت کي وڍي ويٺو
    ڀيڻ جا ڀائر ڀيڙا ٿيو، مڙسيون ڪريو ميڙا ٿيو
    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو

    هي وقت نه واتن واڳڻ جو، هي وقت آ جانب جاڳڻ جو
    هي وقت نه گهر ۾ گهارڻ جو، هي وقت آ موذي مارڻ جو
    ٿورو ٿورو قياس ڪريو ۽ وقت سندو احساس ڪريو
    وقت نه ڪنهن جي جهل ۾ آهي، ڀيڻ وڏي مشڪل ۾ آهي
    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو

    باغي بنجي ڪريو بغاوت، ووٽ اوهان وٽ آهي امانت
    ووٽن جي ڏيو تير کي طاقت، آزاديءَ جي تير علامت
    مظلومن جي لاءِ ضمانت، پاڻ سڀن جي آهي آٿت
    تير جڏهن سو ڀارو ٿيندو، دشمن جو منهن ڪارو ٿيندو
    ورڪ ڪريو ۽ ووٽ وڌايو، جرنل جو اڄ ڪنڌ جُهڪايو


    محنت ڪش ۽ مڙسي وارا

    محنت ڪش ۽ مُڙسي وارا مارو مُنهنجا ڍوليا ڍول
    مٽ نه جن جو آهي ڪٿي ڪو، ويٺو واٽون وير وڙول

    جوش ۽ جذبي وارا جوڌا، جڳ ۾ جن جو ناهي جوڙ
    ٽلندا ايندا ٽڙندا ايندا، جاني ڪريو جوڙ سجوڙ
    سادا سُودا سُهڻا ماڻهو، مارو مُنهنجا مست مهوڙ
    کيرن جهڙا کاشا ماڻهو، کاهڙ مينهن کوڙون کوڙ
    آڇ نه تن کي آڇون اُونڌيون، ٻول نه تن سان ٻاڙا ٻول

    چَنگَ چُرن جي چؤيارين ۾، چرياڻن جو ناهي مٽ
    ڍولڪ تي ڀي ڍوليا ڳائين، ويٺا ڏس هي ڍاٽي ڍَٽ
    ولرن پويان وانگين جا ٻُڌ ولڙن جا واڄٽ
    قربن جي ڪا ناهي ڪمي، تن مُنهنجن مٺڙن مارن وٽ
    ڪُسند اويندا ڪُوڪ نه ڪڍندا، ڪَن جي ڪنهن سان ڪونڌر قول

    کير پياڪُو خانَ کٿيرا، ٻوليون جن جُون ٻاٻيهن جان
    گُونجن ٿيون هر گام گهٽيءَ ۾ بينن توڙي بوڙينڊن جان
    لاتيون هر ڪنهن لالڻ جُون، هن ساز وَندن سازينن جان
    ٻالڪ ٻُڍڙا ٻُرندا پيا هن، بس مصري جي نڙ بيتن جان
    ماڃر جي ير مٽيءَ جا هن، مٺڙا ماڻهو هي انمول


    واهه واڪندا ماڻهون وتن

    واهه وا ڪندا، ماڻهون وتن، خالق سندءِ تخليق تي
    نانگا سوين نڪري پيا، تُرها ٻڌي تحقيق تي

    هي خُوبرو جي رُوبرو، ويهي رڳو مُرڪي مِلي
    غم جا ڪڪر ڪڪرا ٿين، خود پڻ خدا خوش ٿي کِلي
    مدهوش ماڻهون هوش ۾ ايندا سندس تصديق تي

    او دل گُهريا، توئي ڦُريا، سک چين سارا مون سندا
    ٿي ير سَگهو ويندس سِگهو، جي ڪو ڪرم مونتي ڪندا
    جهومان نچان جُهمريون هڻان، ان تانگهه جي توثيق تي

    هي جي اُهاءُ ‘سانگي’ سُهاءُ، مون سي ڏٺا ڪنهن ۾ نه ڪٿ
    اهڃاڻ هي اوساڻ هي، منهنجا مٺا ڪنهن ۾ نه ڪٿ
    دم دم ڌڳان، پرپيو تڳان تنهنجي ڏنل توفيق تي


    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    اچو وات جا سڀ اُگهاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون،
    انهن لاءِ سونٽا ستاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون.

    عياشي جا جيڪو اڏا هت هلائي،
    انهن لاءِ ٻيڙيون ۽ آڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون.

    جتي چرس، هيروئن هلندي هجي،
    انهن جي اڱڻ جا اُجاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون.

    زبر زور زوري جو ظلم ڪري،
    ڪُهڻ لاءِ تن جي ڪُهاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون.

    پليتن ۽ پاپين تان پردا کڻون،
    اکين ۾ اُنهن جي اُماڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون.
    ڪري ڪو ڪامورو ڪٿي ڪم ڪنو،
    ته ڀونڊن جا اُن تي بوهاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    اسان کي نه گهرجي ڪو پاسو پٺيون،
    مهاڳ ٿيون ۽ مُهاڙا ٿيون
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    ڀڳل ڪنهن جي مائي جو بنگلي ۾ هاري
    لٺين جا انهي تي وراڙا ٿيون
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    ڇڏي زال پنهنجي جو ڇورن کي ڇيڙي،
    انهن آڙيڪاپن لا ڪاڙها ٿيون
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    زنا خور زانين قرآنين تي ڪاهي،
    ڪپي ڪنڌ تن جو ڪَراڙا ٿيون
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون

    “سنڌو” کي پڙهون ۽ سکون سچ ‘سانگي’
    ڇپر ڇانوَ ڪنهن لئه ڇاڙا ٿيون،
    جمعدار جاسوس جاڙا ٿيون


    * روزانه سنڌو اخبار پاران فرضي نالي جمعدار جاڙو خان جي صحافتي ڪردار تي لکيل.


    بندا ڇو بي شرم ٿي ويا؟!

    لڄالٽ پئي ٿئي لوڪو، ڌنو(1) سان ۽ ڌڃاڻي سان
    ڪٿي معصوم نينگر سان، ڪٿي مظلوم نياڻي سان
    ڪٿي ڪنهن جو گلو گهٽيو، ڪٿي بازو قلم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    بگهڙ ٿي ويا، بنهه ماڻهون، مِرن واري اٿن مستي
    نون سالن جي نياڻين سان، زنا زوري زبردستي
    هوس ۽ حرص جي هيٺان، دفن سارا ڌرم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    ڀياڻي(2) جي ته ڀرپاسي لُٽي آدم جي پوٽي آ
    اُگهاڙي اڌ مُئي عورت، مٿو ڪوڙائي موٽي آ
    پُٺا ۽ پير پوڙهي جا نستا ۽ نرم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    چڙهن ٿا ور وحشين جي ڪٿي ڪنهن جا پسون پُٽڙا
    اچن ٿا لاش تن جا ۽ رتو رت سان رنڱيل ڪپڙا
    گلابي گونچ سي گُلڙا کڙڻ کان اڳ ختم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    گهٽيءَ گس مان گُهٽي گُلڙو، ويو وحشي جهلي جهنگ ۾
    حوس جي اُڃ اُجهائڻ لئه، پيو دانگي ملي جهنگ ۾
    گهُٽن گوگهن جي گردش ۾ هو ڀُورا بُت ڀسم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    وٺي ڌيءَ ويهه سالن جي، ڇڏيئون پوڙهي سان پرڻائي
    عمر ساري اها عورت پِٽي ۽ پيئي پڇتائي
    اُجاڙا اڄ به عورت لئه، حويلون ۽ حرم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    ڪنواري ڪنهن ته عورت جو، ڪيئون قرآن سان پرڻو
    نڪا سا سيج تي سُمهندي نڪو ڪو سُک اٿس سرڻو
    سندس جذبات ۽ جذبا، ته ناڪارهه نڪم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي، بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    ڪٿي مجبور عورت کي ڪري ڪاري ڪُهن ويٺا
    سندس سڀ سيڻ ۽ ‘سانگي’ ڪريو رڙيون رئن ويٺا
    مرم ماڻهن منجهان ويئڙو، بنهه سي بي مرم ٿي ويا
    خدا تنهنجا ته خلقيل هي بندا ڇو بي شرم ٿي ويا

    1.جاتي جي هڪ ڌنار نينگري ڌنا جنهن کي ڪن وحشين گينگ ريپ ڪري سندس مٿي جا وار ڪوڙي سخت تشدد جو نشانو بنائي ڪپڙن کان آجو ڪري گهر اُماڻيو هو.
    2. مغل ڀين عرف ڀياڻي بادشاهه جنهن جي درگاهه جاتي شهر ۾ آهي


    دم دلا سو آسرو

    دم دلاسو آسرو، جاکوڙ پئدا ٿو ڪري
    زندگيءَ جي لوڀ لالچ لوڙ پئدا ٿو ڪري

    موج مستين لا نه هاڻي، ٿو جيئڻ جڳ ۾ گهُران
    پر پيا ڪنڌ ۾ ٻَچا تن لاءِ پيو سُڏڪان سُران
    هر مسئلو مامرو، نئون موڙ پئدا ٿو ڪري

    بي حسي ۽ بي وسي ۾، گهاءُ گهيريو ٿا وڃن
    سيڻ ۽ ساٿي سڄڻ سڀ، مُنهن ڦيريو ٿا وڃن
    کوٽ ۾ هر خيال، کُٽڪا کوڙ پئدا ٿو ڪري

    بُک بُري بي روزگاري، بُرد باري ٿي ڇِني
    سُڌ سماءُ ۽ سوچ سان گڏ سُرت ساري ٿي ڇِني
    نڪ ندامت جو نڙي ۾، نوڙ پئدا ٿو ڪري

    سال چاليهه سال چانس، چوٽ چوٽان چوٽ هئي
    محفلن ۾ مون سندي، محسوس ٿيندي کوٽ هئي
    ڦٽ ڦُٽيو دل ۾ اهو، ٻيو ڦُوڙ پئدا ٿو ڪري

    سي سمان ‘سانگي’ وري، موٽي ملڻ جي آس تي
    من اُميدن جا ڪڪر دل جي وسن آڪاس تي
    ڏڍ حياتي ڏانهن وريو، ڊُڪ ڊوڙ پئدا ٿو ڪري


    وزير ميمبر مشير پنهنجا

    وزير ميمبر، مشير پنهنجا
    سنڀالي رکجو، ضمير پنهنجا

    هلن پيا هر هر هتي هي حُربا، ڏسي ڪي مُرغيون مٺاڻ مُربا
    وساري ورڪر غريب غُربا، ڪجو نه ساٿي امير پنهنجي

    کڻيو هو ڪارون اچن پيا قاتل ورن ۾ وِسڪيون بدن تي بخمل
    اُنهن کان پاسو ڪجو پيا پلپل، ڪُهايا جن ٿي صغير پنهنجا

    ڏسي ڪي ڳاڙهيون گُلاب ڇاتيون، وساري ٻوليون ڇڏيو هي ٻاتيون
    ڪٽيو نه تن سان رنگين راتيون، ڪُٽا يا جن ٿي اسير پنهنجا

    ڏسي ڪي موجون مزا ۽ مستيون ڇڏيو نه وڪڻي وٿاڻ وستيون
    ڀُلائي پنهنجون ڀٽون ۽ بستيون، ڪجو نه ميرا ملير پنهنجا

    اسان جي سگهه سان ٿيا سگهارا، ڏسي ڪي نوٽن سندا نظارا
    ڪجو نه دليون دماغ ڪارا چون پيا ‘سانگي’ سُڌير پنهنجا


    ڇتي جنگ هاڻي ڪا ڇيڙي ڇڏيون

    ڇتي جنگ هاڻي ڪا ڇيڙي ڇڏيون
    سڀني ساٿين کي، پڪاريون سڏيون

    اچو يار گڏجي ڪا آڻيون اُٿل، اٿاريون انهن کي جي آهن سُتل
    اهائي آ جاڳڻ جي مٺڙا مهل، ڇڏي دشمنيون سڀ ننڍيون ۽ وڏيون

    وري وانگين جون وسايون ڪي واڙيون، تڪي سنڌ جن آ انهن کي ئي تاڙيون
    مٿان تن جا ڦاڙيون هڻي ڪي ڪُهاڙيون، ڪيون پاڻ سان جن سدائين رڏيون.

    اگهاڙين ادين جا ڪي انگڙا ڍڪيون، نياڻين نماڻين جا ننگڙا ڍڪيون
    ڳنوارين جا ڳاڙها ڪي ڳلڙا ڍڪيون، وري جهانگياڻيون جياريون جڏيون


    ورڪرئي سرمايو آ

    ورڪر کي نه وساريو ساٿي، ورڪر ئي سرمايو آ،
    جنهن جي محنت مزدوري سان، ملڪ سڄو مهڪايو آ.

    ڦٽڪن ڦاهين جيلن ۾ جن، مُرڪي مُرڪي ساٿ ڏنو،
    قهر جي ڪارين راتين ۾ جن، ڀٽڪي ڀٽڪي ساٿ ڏنو،
    جن جي جذبي جرئت سان ئي، ڊوهه اسان هي ڊاهيو آ،
    ورڪر کي نه وساريو ساٿي، ورڪر ئي سرمايو آ.


    ماٺ ڪرڻ کان موت ڀلو آ

    ماٺ ڪرڻ کان موت ڀلو آ، سچ سُڻائڻ آيو آهيان،
    سُور اندر جا سائين تون کي، صاف ٻڌائڻ آيو آهيان،

    ووٽ ڏنا جن ورڪ ڪيا، سي ورڪر توکي وسري ويا،
    مسلم ليگي ماڻهون توکي، مٺا لڳي ڄڻ مصري ويا،
    ڪن ۾ تون سان ڪِٽ مِٽ ڪن ٿا تن تي داهڻ آيو آهيان

    باڊي جيڪا وقف ڪئي تو باڊي سا بي فيض ڏسان ٿو،
    تنهنجي تڪ جي ماڻهن لاءِ قلم نه تنهنجو تيز ڏسان ٿو،
    حق جو هو ڪو هتي هڙن کان آئون هڻائڻ آيو آهيان

    ماڻهون ماڻهن کان پيا پُڇن، قومي ميمبر ڪيڏانهن ويو،
    سنڌ جو ڏاهو سنڌ جو سائين، آنجو رهبر ڪيڏانهن ويو،
    ماڻهن تن کي منهن ڏيڻ لا توکي تپائڻ آيو آهيان.

    بي اي پاس هتي جو ماڻهون، رڳو ڪلارڪ ٿيڻو آهي،
    تنهنجي درتي تالا آهن، تُرت تدارڪ ٿيڻو ناهي،
    ووٽن جو تون قرضي آهين، قرض چُڪائڻ آيو آهيان،

    اندر ڏسو اوطاق ۾ تنهنجي رکيا ٻه ٻاکڙا آهن،
    ماڻهون اچن ويهن ڪٿي بيٺا پو بانبڙا آهن،
    آگ اندر جي اڄ او سائين آئون، اُجهائڻ آيو آهيان


    سماج جي ڪجهه ڪردارن تي لکيل ننڍڙا شعر

    صوبيدار

    ٿلهو ٿير جهڙو، صوبيدار آهيان
    مان چورن جو پڳ مٽ، صفا يار آهيان
    شريفن کان بلڪل، مان بيزار آهيان
    بُراين سان ڀريل، مان بدڪار آهيان
    مان منشيات جا ڪيئن، اڏا ٿو هلايان
    ڦرون روز روڊن مٿي ڪئين ڪرايان


    وڏيرو

    وطن جو ته ويري، مان آهيان وڏيرو
    اندر جو مان ڪارو، ۽ نيتن جو ميرو
    وزيرن جي در تان، ڀڃان ڪين ڀيرو
    مان ٿاڻي تي پهچان صبح مان سويرو
    رڳو چور ٿاڻن تان، آئون ڇڏايان
    غريبن کي آئون، ٻڌايان ڪُٽايان


    وڪيل

    وجهي ڪورٽن ۾، هلان ڪوٽ ڪارو
    مان چورن ۽ ڀاڳين، ٻنهي جو سهارو
    ڏئي ان جي گهر کي، ڇڏيان ٿو ٻهارو
    هزارن کان گهٽ ڪين ضامن ڪرايان
    وڪالت مان پيئسه ٿو ڏاڍا ڪمايان


    مختيار ڪار

    ٻُڌو دوستو مان، مختيار ڪار آهيان
    تُرت تعلقي جو، عملدار آهيان
    ڪندو ڪوڙا کاتا، مان هربار آهيان
    مان راشي وڏو ۽ رساڪار آهيان
    کڻي ڪو به ڪاغذ، صحيح جي ڪريان ٿو
    پتو پنج سئو جو، پڙي تي وٺان ٿو


    صحافي

    وڏيرا به مونکي، ڏين کوڙ خرچيون
    لڳايان ٿو تن جون، ڪي خبرون ۽ سرخيون
    ڪامورا به منهنجون کڻن کوڙ مرضيون
    صحافي وڏو مان، سٽيباز آهيان

    صحافي
    صحافت جا مون وٽ، نوان رنگ آهن
    ڦسائي ڦُرڻ جا وٽم ونگ آهن
    وڏيرن کي منهنجا وڌِل ونگ آهن
    ڪريان ڪوڙ کي سچ، اُهي انگ آهن
    وڏيرا ڪامورا، حلالي حرامي،
    ڀرين روز منهنجي اچيو ٿا سلامي


    ڊاڪٽر

    سُيون ۽ دوائون ته وڪڻيو ڇڏيان ٿو
    ۽ اسٽور وارو، ڪو ڌُڻيو ڇڏيان ٿو
    غريبن جو کنڌو، مان کڻيو ڇڏيان ٿو
    نه ناڻي سوا ٿو، سڻان ٻي خبر
    سڻو ساٿيو مان آهيان ڊاڪٽر


    شخصي شاعري

    جرنيلن جي پيش امام

    جنگي جوڌي جانٺي جبري، جرنيلن جي پيش امام.
    توتي لک ۽ ڪروڙين اربين سانئڻ منهنجي هون سلام.

    ويري جيڪي وانگيئڙن جا تن سان تنهنجي ويڙه ازل کان،
    ماروئڙن سان محبت تنهنجي، پڪي پختي روهه جبل کان،
    ڏوٿيئڙن لئه ڏڍ دلاسو، لوڀين جي لئه تون ته لغام.

    تنهنجا رستا راهون روڪي رهزن سمجهيو رُڪجي ويندي،
    ڪونه خبر هُئي ڪاڙهيندڙ کي، ڪڙهندي ڪُندن بنجي ويندي،
    جيلن توکي جُرئت بخشي، قيدن تنهنجا ڪُڇيا ڪلام.

    زنجيرن جي ڇڻ ڇڻ تي تو، ڇيڙيا گيت جمهوريت جا،
    مڃتا ڪيڏي ماڻي تو هت، ميڙيا گيت جمهوريت جا،
    جڳ سڄي ۾ جيجي تنهنجو اعليٰ ڪيڏو آهي مقام .

    پنهنجو پيءُ ۽ ڀاءُ ڪهائي، مارن جو تو مان وڌايو،
    رَت شهيدن جي ڏس ڪيڏو، تنهنجو شاهي شان وڌايو،
    وانگين توکي ناهي وساريو، وارث تُنهنجو آهي عوام.

    * شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي لکيل


    اڄ به مارئي قيد ۾ آهي

    ڪالهه به مارئي قيدياڻي هُئي، اڄ به مارئي قيد ۾ آهي.
    ڪالهه به سچي ثابت نڪتي، اڄ به بيٺي سينو ساهي.

    ڪالهه به عُمر آزاري هُئي، اڄ به ڪوئي آزاري پيو،
    ڪالهه جئيان هت اڄ به مارئي، سرتان ويٺي آهو لاهي.

    ڪالهه به تنهن ٿي مارُو ساريا، اڄ به تنهنکي مارُو ياد،
    ڪالهه به تن لئه واجهائين پي، اڄ به تن لئه پيئي ڪاهي.

    ڪالهه هو تنهن لئه ڪوٽ عُمر جو، اڄ آ تنهن لئه لکپت جيل،
    ڪالهه به مارن مان وَڌائين، اڄ به مارن مان ٿي چاهي.


    * پاڪستان ملڪ جي مارئي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي لکيل.


    ڀٽو بلڪل زنده آهي

    ڀٽو بلڪل زندهه آهي، ڀٽو بلڪل نه مرڻو آ.
    ڀٽو پنهنجي ته وانگين ڏانهن وري واپس به ورڻو آ.

    ڀٽو هر ديس واسي جي، جگر ۽ جان ۾ آهي،
    ڀٽو جهنگن ۽ جبلن ۾ ڀٽو بستان ۾ آهي،
    هتي هر هڪ ڀٽو آهي ڀٽي جو وير وٺڻو آ.

    ڪٽيو جنهن ڪنڌ ڪونڌر جو انهي جي ڪنڌ کي ڪٽبو،
    ججن ۽ جنرلن کي پڻ سڏي سوري مٿي سٽبو،
    اهو ئي عزم آهي اڄ انهي تان تر نه هٽڻو آ.

    ڏنو جنهن فيصلو ڪورٽ، اها ڪورٽ ٿُڏي ڇڏبي،
    ڏني ڪوڙي به جنهن فتوا، اها هر ڄڀ ڪٽي ڇڏبي،
    انهي کان اڳ خدا جو سونهن اسان کي سک نه سمهڻو آ.

    ضيا تي لعنتون لک لک وسائي قوم پئي ساري،
    ڪيو جو ڪوس تو قاتل اچي پئي تو سندي واري،
    انهيءَ ساڳئي ئي ڪرسي تي، ادي پنهنجي کي ڏسڻو آ،


    سو ڀٽو پنهنجو شير هو

    جو جنوري ۾ ڄائو هو،
    جنهن ملڪ ڪيو هي سائو هو،
    جو ڳوٺ ڳڙهي جو رهندڙ هو،
    جو سنڌو وانگيان وهندڙ هو،
    جنهن جمهوريت کي آندو هو،
    جو مسڪينن لئه ماندو هو،
    جو ڀنڀرڪي جي ڀير هئو،
    سو ڪير هئو، سو ڪير هئو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هئو.

    جو مظلومن جو وارث هو،
    ۽ پاڻ سڀن لئه پارس هو،
    جت لوهه لڳي ٿي سون ٿيو،
    ٻيو ليڊر اهڙو ڪو نه ٿيو،
    جنهن کوليا در خزانن جا،
    جنهن لاٿا زنگ زبانن جا،
    جو لهندو سار سوير هئو،
    سو ڪير هئو، سو ڪير هو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هئو.

    جنهن مڻڪا موڙيا ميرن جا،
    جنهن پير اُکوڙيا پيرن جا،
    جنهن ڀوريا بُت بلائن جا،
    جنهن ٽوڙيا ڪنڌ ٽڪارن جا،
    ۽ حاڪم هاڃيڪارن جا،
    جو دم نه ڪندو دير هئو،
    سو ڪير هئو، سو ڪير هئو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هئو.
    جنهن رهزن سارا روڪيا ها،
    ۽ ڪِل ڪنڌن ۾ ٺوڪيا ها،
    ڏاڍا جنهن کان ڏڪندا ها،
    ۽ پنهنجي مُنهن پيا بڪندا ها،
    جنهن قوم ستل کي جاڳايو،
    بي شرمن کي جنهن شرمايو،
    جو ظالم ڪندو زير هئو،
    سو ڪير هئو سو ڪير هئو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هو.

    جنهن ايڪيهه مهينا قيد ڪٽيو،
    پر ڪو نه هٽيو پر ڪو نه هٽيو،
    جو عزم سندو فولاد هئو،
    ۽ سنڌڙي جو اولاد هئو،
    جو قيدن اندر ڪاڙهيو ويو،
    ۽ آخر ڦاهي چاڙهيو ويو،
    جو ماريو مڙس مٿير هئو،
    سو ڪير هئو سو ڪير هئو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هئو.

    جو هير هوا جو جهٽڪو هو،
    ۽ مڙس نه جنهن جي مٽڪو هو،
    جو ماڻهون ڏاڍو مهانگو هو،
    پر ‘سانگين’ جي لا سهانگو هو،
    جنهن حق جو ورتو رستو هو،
    ۽ گلڙن جو گل دستو هو،
    جو ڳاڙهو پڪل ٻير هئو،
    سو ڪير هئو سو ڪير هئو،
    سو ڀٽو پنهنجو شير هئو.


    غاصب ۽ غدار سڃاڻو

    سيٽي وارا صدري وارا دشمن سارا يار سُڃاڻو.
    پاور جا جي پوڄاري سي غاصب ۽ غدار سُڃاڻو.

    ڀُٽي جو هو ويري آهي نيت هُن جي ميري آهي،
    در در کيندو ڦيري اهي، ماڻهون هي مڪار سُڃاڻو.

    ڪالهه جنهين ٿي لنگهيون پاتيون اڄ انهن جي ڪڇ ۾ ڪاتيون،
    اهڙا منڪر موذي ماڻهون مانجهي مڻيادار سُڃاڻو.

    ماڻهو ٺپا تير تي هڻندا، پاپي ڦيري پَٽَ تي هڻندا،
    ڦرڻا گهرڻا ماڻهون ٿيندا، خلق سڄي ۾ خوار سُڃاڻو.

    چونڊن ۾ پيو چڙهندو تير سُورَن ۾ پو پوندي سير،
    کٽندي ڀيڻ ته بينظير، قائد ذوالفقار سُڃاڻو.


    پلپل توکي پيارا قائد

    پلپل توکي پيارا قائد، سُڏڪيو سُڏڪيو ساريون ويٺا.
    تنهنجي ئي تصوير کڻيو ڏس، صاف ڪريون سينگاريون ويٺا.

    سچ صداقت جو هر سبق سڀني توکان سکيو آهي،
    هٿ ترين تي نالو تنهنجو ماڻهون ماڻهون لِکيو آهي،
    جنهن کي ڪو به نه ٽوڙي سگهيو، رشتو اهڙو رکيو آهي،
    قول سمورا توسان پورا، پرين پيارا پاريون ويٺا.

    مسڪينن جو مائٽ تون ۽ مظلومن جو مٽ تون آهين،
    چوڙيلين جو چاهه به تون ۽ چُنري وارو چٽ تون آهين،
    تاريخن جي ورقن اندر، سونهري ڪا سٽ تون آهين،
    تنهنجي گس تان ڪنڊا چونڊيو، گلڙا اڄ ڇٽڪاريون ويٺا.

    مٺڙن مٺڙن ماروئڙن سان، ياري پنهنجي ڪو نه ڇني تو،
    پنهنجي پياري پاڪ وطن کي، ائٽم واري سگهه ڏني تو،
    ڪنهن ڀي آمر اجگر کان هيءَ، ٽيڪنالاجي ڪونه پني تو،
    پير ڀريا تن توسان جيڪي، ڏيهن کي ڏيکاريون ويٺا.

    اسلامي ڪُل ملڪن جو هت، اهڙو هو اتحاد ڪيو تو،
    دنيا جي دگران وڏن کي، بيوس ۽ برباد ڪيو تو،
    نيڻن جو ڪُل نور نچوئي، ملڪ ڦٽل آباد ڪيو تو،
    سي سڀ تنهنجون ڳڻيو ڳالهيون، هنجون هر هر هاريون ويٺا.

    تو ۾ ويرون واهڙ جون ۽ طوفانن جي تو ۾ تِک،
    تو ۾ هوڏ هوائن جي ۽ واچوڙن جيئن تنهنجي وِک،
    توکي سمجهي ڪو نه سگهيا سي، ابا ڏاڏا جن جا سِک،
    تنهنجا سارا ساٿي گڏجي، لوڀين کي للڪاريون ويٺا.

    * قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب تي لکيل.


    شهيد جي قبر

    اڄ ڀي قبر انهيءَ ۾، هر ڪا نظر کُتل آ.
    ويهينء صديء جو جنهن ۾، ماڻهون وڏو سُتل آ.

    هي ڪو رڳو مٽيء جو، ڍوليا نه ڍير آهي،
    هن ۾ دفن دنيا جو، دولهه دلير آهي،
    ڪانئر ڪنبن ٿا جنهن کان ويڙهاڪ شير آهي،
    ميڙو انهيءَ تي اڄ ڀي، ڪيڏو وڏو متل آ.

    اڄ ڀي قبر انهيءَ کان، جابر جلاد ڇِرڪن،
    خوني خبيث ماڻهون، آمر اناد ڇِرڪن،
    شيطان شوم سارا، شودا شداد ڇرڪن،
    ناهن ننڊون انهن کي، جن هي ڪيو قتل آ.

    اڄ ڀي قبر انهيءَ لا، دلڙيون چريون چريون ڏس،
    جن هي ظلم ڪيوسي، ٿي ويا ذريون ذريون ڏس،
    ڪن کي مليا نه ڪانڌي، ڪن تي مکيون وريون ڏس،
    باقي بچيا جي تن لئه، ڌرتي اڃان تتل آ.

    هيءَ جا قبر ڏسو ٿا، ايڏي عظيم آهي،
    اڄ جو حسين جنهن ۾ مانجهي مقيم آهي،
    جنهن کان سواءِ ڌرتي، ٿي وئي سقيم آهي،
    مينار عظمتن جو، رت سان سڄو رتل آ.

    اڄ ڀي قبر انهيءَ تي، نعرا جڏهن ٻُرن ٿا،
    ايوان آمرن جا، ڀترن جيان ڀُرن ٿا،
    ڪن کي پون ٿا دؤرا ۽ ڪي جڄهن جُهرن ٿا،
    غاصب غدار هرڪو، غم ۾ اڃان گتل آ.

    حق جو امام قائد، راهه نجات آهي،
    ايڪيهه سال ٿي ويا، اڄ ڀي حيات آهي،
    وائي ڀٽو ڀٽو جي، هر ڪنهن جي وات آهي،
    ‘سانگي’ انهيءَ جي سڪ کان، بندو نه ڪو بتل آ.


    * شهيد قائد جي 21 ورسي تي چيل 4 اپريل 2000ع


    اسين ته قائد ڀٽي جا ورڪر

    اسين ته قائد ڀُٽي جا ورڪر، اسان ئي حق لئه جهاد جوڙيا.
    اسين ته توکان وڏا ۽ تُنهنجي، وڏن جا ٻيڙا اسان ئي ٻوڙيا.

    ستم سان سينو سدائين ساهيون، لُچن جا ليکا لڙي ٿا لاهيون،
    اسان ۾ ڀڙڪن رڳو ٿيون باهيون اجهو هي توکي اجهو ٿا ڊاهيون،
    اسين ته ماڻهون اُهي ئي جن ها، زندان بابهين ضيا جا ٽوڙيا.

    گنجا تون پنهنجو گمان لاهي ڀُٽي جي نياڻي اڪيلي ناهي،
    جڏهن به جهيڙو ڪرڻ سا چاهي، انهيءَ سان سارو عوام آهي،
    اسان ته ان کان اڳي به تنهنجي ابن جا آنڊا اندر اُڊوڙيا.

    اسين ته هر دم ڪُسيا ڪپياسين، اسين ته کاميا کجيا کپياسين،
    اسين ته رت جا دريا ٽپياسين، مگر نه ڪڏهن لڪيا ڇپياسين،
    اسانجو جيلن اندر جنم ٿيو، اسان ته سيخون سلاخ ٽوڙيا.

    پنڊي جي پاپي ججن تي لعنت، حرام خورن هڙن تي لعنت،
    غدار حاڪم گنجن تي لعنت، لغور ليگين ٺڳن تي لعنت،
    وسي پئي لعنت وري به تن تي جنين هي جڙتو نظام جوڙيا.

    اُهي به سک سان سمهي نه سگهندا گنجا ۽ گوڏر گهمي نه سگهندا،
    اسين اچون پيا ڀڄي نه سگهندا، انهن جا لاشا کڄي نه سگهندا،
    اسان ته پٽڙيون پٽي ڇڏيون ۽ اسان ئي رستا هئا اُکوڙيا.

    رنجيت سنگهه جا پليت پوٽا، رزيل روڏا مڪار موٽا،
    ڪنا ۽ ڪوڙهيا ڪنگر ڪلوٽا، کڻي ويا کائي سموري ڪوٽا،
    هڙئي ويا هڙپي حساب پنهنجا پٺو پنجابي قراني ڪوڙهيا.


    پڳدار مرتضيٰ کي

    گوليون هڻي ويو ماريو، مهندار مرتضيٰ کي.
    قائد ڀٽي جي پٽڙي، پڳدار مرتضيٰ کي.

    هر دل رني رڙي آ، هر اک اڃا آ آلي،
    سڏڪيو سڏي پئي سنڌڙي سردار مرتضيٰ کي.

    غنويٰ سڙي پئي غم ۾، نصرت جا نير نارا،
    جن کان جدا ڪيو ويو، جونجهار مرتضيٰ کي.

    حالت هيءَ بينظير جي ڪنهن کان ڏٺي نٿي ٿئي،
    پيئي رڳو پڪاري، منٺار مرتضيٰ کي.

    گهاون تي گهاوَ گهوڙا آيا گهڻا هن گهر تي،
    سازش ڪري ڪُٺو ويو، سوڀار مرتضيٰ کي.

    صاحب ڪري سڏيندا، ساٿي سڀيئي ان کي،
    محبت مان مير چوندا، ها يار مرتضيٰ کي.

    جوڌو جري ۽ جنگجو، جانٺو جوان هو سو،
    غيرت همت عزم جا، ها انبار مرتضيٰ کي.

    جن جن ڪٺو هي ڪونڌر، تن کي سڀيئي سڃاڻن،
    سوڍن جو ليکجي ٿو، سالار مرتضيٰ کي.

    ڀيڻون وٺن پيون فاتحا، ڀارن جي روئي روئي،
    امڙ پئي قل بخشي، دلدار مرتضيٰ کي.

    قاتل ڪٿي به ڪنهن جي ڪڇ ۾ لڪي نه سگهندا،
    سانگي سلام ڏيون پيا، صد بار مرتضيٰ کي.


    شهيد قائد جي ياد ۾

    جرئت جمال جوهر، جُڙيا جَڙيا ڀُٽي لا.
    جادو سمان جملا، گفتا گهڙيا ڀُٽي لا.

    نازڪ نفيس نرمل، پلنگن مٿي پليو هو،
    ويڙهاند ويڙهه ۾ سو، جهليئي نڪو جهليو هو،
    سيڄون سڄڻ ڇڏي سو، ڪنڊن مٿان هليو هو،
    دردن دکن جا دم دم، ڪاڙها ڪڙهيا ڀٽي لا.

    ڳوهي مٽي ڳڙهي جي، مڙسي مڻيا ملائي،
    غيرت جا ڪوٽ ڏيئي، بهتر ڇڏيو بنائي،
    جنهن کي سگهيو نه ڪوئي، جابر جبر جهڪائي،
    واحد ڇڏيا ها واهي، قربن ڪڙيا ڀٽي لا.

    جُهوٽو هوا جو هو يا ٻوٽو گلاب جو هو،
    سوڍو سنڌو جو هو يا چيتو چناب جو هو،
    دنيا سڄي ۾ ڌاڪو، قائد جناب جو هو،
    مالڪ مثال ڪيئي، منڊيا مڙهيا ڀٽي لا.

    قائد عوام جو ۽ عاشق عوام جو هو،
    پختو اصول جو ۽ واقف انجام جو هو،
    ماڻهن سان رشتو ان جو، ويجهو تمام جو هو،
    ڳاڙها اکين مان ڪيئي ڳوڙها ڳڙيا ڀٽي لا.

    ورڪر لڏي جو وارث مرشد هئو سياسي،
    واسن منجهان ته جنهن جي، وستي سڄي آ واسي،
    دولهه دلير دانا، دنيا ڪري ويو داسي،
    جيرا جگر جليا ۽ سينا سڙيا ڀٽي لا.

    ايڪيهه ماهه پورا، سختيون سڄڻ سهائي،
    مظلوم قوم ڪارڻ، سرڙو ويو ڪٽائي،
    ڀيڻن چيو پي ڀُڻڪي، مولا ڀٽو بچائي،
    ڪلما قرآن ڪيڏا، مائن پڙهيا ڀٽي لا.

    ڦورن ڦُريو جڏهن هو، وانگين ڪنان هي وانگي،
    ڌرتي ڌُڏي لُڏي وئي، چلهه تي چڙهي نه دانگي،
    ورڪر ٿڙيا ڪريا پي، سک سان سُتا نه ‘سانگي’،
    ڏينهن جا ڏينهن ڏسڪي، ٿي رنا رڙيا ڀٽي لا.


    پيا جهيڙيون جلاد سان

    اِجهو اِجهو اچي پيو، وڏي ڪنهن آب تاب سان.
    ۽ ڀيڻ پڻ اچي پئي، انهيءَ ته انقلاب سان.

    ننڍا ننڍا ڇڏي قصا، ٻٽيون ٻٽيون ٻڌيون ڪريو،
    اوهين رڳو اُٿي مٺا، صفون سڀئي سڌيون ڪريو،
    ۽ دشمنن کي چئي ڇڏيو، نه گوهيون گديون ڪريو،
    وٺڻ اسين اچون پيا، هي حق سڀ حساب سان.

    اسين پيا منزلن طرف، وڌون وڌون وڃون وڃون،
    هي جيل جابرن سندا، اسين ٿا ٽوڙيون ڀڃون،
    هي حاڪمن سندا حُڪم، نٿا مڃون نٿا مڃون،
    پيا جهيڙيون جلاد سان ۽ اٽڪجون عذاب سان.


    * شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل.


    تون ڀيڻ بينظير

    اوهان رڳو اچي وڃو، زندان ڇا ڪندا ڀلا.
    اوهان کي شوم شودڙا، شيطان ڇا ڪندا ڀلا.

    تون ڀيڻ بينظير ۽، نه تنهنجو ڪو نظير آ،
    نه تو کان ڪو وڏو هتي، وزير مير پير آ،
    تون سون کان سچي صفا ۽ صاف تو ضمير آ،
    تون طالبو وطن سندي، تو طالبان ڇا ڪندا ڀلا.

    اوهانجو ملڪ ماڳ ۽ اوهانجي آهي هيءَ مٽي،
    اوهان سان جيڪو اٽڪندو، انهيءَ جي ڄڻ ته وئي ڦٽي،
    اوهان سان قول آ پڪو، اوهان سان ڳالهه آ چٽي،
    عوامي طاقتن اڳيان طوفان ڇا ڪندا ڀلا.

    اوهانجا پٽ پيچرا، اوهانجا پُرڳڻا هتي،
    اوهان لئه ڪنڌ قوم جا، ته گهوربا گهڻا هتي،
    ۽ رهزنن کي رُڪ جا، چٻائبا چڻا هتي،
    اوهانکي دهشتن سندا، دُڪان ڇا ڪندا ڀلا.

    اوهان سان وير جن وڌو، انهن جا وڻ وڄي ويا،
    انهن ئي معافيون گهُريون، ۽ ملڪ مان ڀڄي ويا،
    لغور ليگلا سڀئي، ٿي لوڪ ۾ لڄي ويا،
    اوهانکي ڀوڪ ڀولڙا، بوزان ڇا ڪندا ڀلا.

    اسين پيا جنگ جوٽيون اسين پيا ويڙهه ڏانهن وڃون،
    اسين ته ظلم ڏاڍ کي، ڀُڪا ڪريو پيا ڀڃون،
    خريد ٿيل ڪورٽون ۽ نيب کي نٿا مڃون،
    اسان کي اونٿرا انڌا، انان ڇا ڪندا ڀلا.

    اوهان سان قوم آ سڄي، اوهان سان کوڙ ماڻهون،
    اوهان جي آجيان ڪندا، لکين ڪروڙ ماڻهون،
    اوهان سان ڪارڪن سچا، ڀلا ڀلوڙ ماڻهون،
    اوهانجو ٽوپ ٽوپلا، زيان ڇا ڪندا ڀلا،
    اوهان رڳو اچي وڃو، زندان ڇا ڪندا ڀلا.

    * شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي لکيل.


    راڄ ڌڃاڻي راڻي ايندي

    راڄ ڌڃاڻي راڻي ايندي، ڏسندو سارو لوڪ لقا.
    جنرل توسان جهيڙو ٿيندو، جهلجئين هاڻي پير پڪا.

    چونڊ ۾ جنهن کي چونڊين ماڻهون، گهرجي سا سرڪار هتي،
    هاڻ نه تنهنجا حُربا هلندا، مڃڻي پوندءِ هار هتي،
    اُٺ سان جيڪا ٿئي پتڻ تي، تو سان ٿيندي ڪار هتي،
    لٺين لوڙهين بانٺن جا هت ٿيندا توتي ٺاٺا ٺڪا،
    جنرل توسان جهيڙو ٿيندو، جهلجئين هاڻي پير پڪا.

    ملڪ سڄي جي ماڻهن آهن، سختيون تنهنجون سٺيون ڏاڍيون،
    مهانگاين جون ماڻهن مٿان ڀڙڪيون آهن بٺيون ڏاڍيون،
    ماڻهون مِڙندا تو سان وڙهندا، هڻندا توکي لٺيون ڏاڍيون،
    ليکا چؤکا لهڻا توکان وٺندا هاڻي يار يڪا،
    جنرل توسان جهيڙو ٿيندو، جهلجئين هاڻي پير پڪا.

    قوم وطن کي قيادت هاڻي، ڏاهي عاقل وِير کپي،
    ڪُن مان جيڪا قوم ڪڍي سان، ناکي بي نظير کپي،
    گهوٽ ڀُٽي جي نياڻي گهرجي، مير نه ڪوئي پير کپي،
    آزادي جي بئٽ سان توکي، هڻندي هاڻي چؤڪا ڇڪا،
    جنرل توسان جهيڙو ٿيندو، جهلجئين هاڻي پير پڪا.

    پندرهن مهينن ۾ تو پاپي قوم ڇڏي ڪنگال ڪري،
    تر سڄو تو تنگ ڪيو آ، تيرهن تيرهن تال ڪري،
    پوکن جو تو پاڻي روڪيو، چورن واري چال ڪري،
    ڀينگ بجيٽن جي تو ڪئي آ، بُڇڙا باندر بي نڪا،
    جنرل توسان جهيڙو ٿيندو، جهلجئين هاڻي پير پڪا.

    * شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل.


    جهرجهنگ ٿي جهونگار ڀٽو

    اٺهٺ ۾ آواز اٿيو ۽ جهر جهنگ ٿي جهونگار ڀٽو
    مسڪينن جي ڳالهه کڻي هو، نڪري ٿيو نروار ڀٽو

    هت راڄ وڏيري جو ٿي هليو ماڻهون ماڻهون هئو غلام
    ڏاڍن جو پئي ڏنڊو ڦريو، قهر جو ڪارو هئو نظام
    پاپ نگر ۾ پيڙهيو ويو پي، پاڪ وطن جو عام عوام
    هو ڪو حق جو هڻي هو نڪتو، سنڌڙي جو سينگار ڀٽو

    ميرن پيرن سردارن جو دهشت داٻ ۽ دڙڪو هو
    قوم جي ڪنڌ تي ڪات هئو ۽ ڪامورن جو ڪڙڪو هو
    سنڌ سڄي جي سانگيئڙن تي، سونٽن جو هت سٽڪو هو
    قهر کي ڪورڻ ڪاٽڻ لاءِ، کڻي اٿيو تلوار ڀٽو

    پنهنجي حق جي ڳالهه ٻڌي هت، ماڻهون مڙيا کوڙ هشام
    شهرن ڳوٺن ٻهراڙين ۾ جت ڪٿ ٿي ويا جلسا جام
    جيئي ڀٽو جي نعرن سان ويا گونجي گهر ۽ گليون گام
    پٽن پوٺن ۾ پيو پکڙي پنهنجن جو پرچار ڀٽو

    جمهوريت جي نعري تي سڀ هاري ۽ مزدور گڏيا
    بستي بستي ڀڙڪي پيئي، ماڻهون سڀ مجبور گڏيا
    پي پي جو بنياد پيو مظلوم گڏيا مقهور گڏيا
    هيڻا ٻيڻا ٿيندا ويا ۽ هر هنڌ ٿي هونگار ڀٽو

    آمر جي وئي اک کلي ۽، چونڊن جو اعلان ٿيو
    پرمارن لئه پاڪ وطن ۾، برپا ٿي طوفان ويو
    جهانگهين جي ٿي جيت وئي ۽ مارن جو ٿي مان ويو
    وانگين کي وئي واڳ ملي ۽ وارث ٿيو وينجهار ڀٽو

    ملڪ سندي تاريخ اندر ها، پهريون ڀيرو پير ڪريا
    گهوٽ ڀٽي جي اڳواڻي ۾، گُرگ وڏا گهگير ڪريا
    خواب ڪرڻ جا ڪو نه ڏٺا جن، خوني سي خنزير ڪريا
    سالن کان پو سوڀ ملي ۽ سورهيه ٿيو سالار ڀُٽو

    مزدور ملن جا مالڪ ٿيا ۽ سوگها صنعتڪار ٿيا
    واگهه وڏيرن ساڻ ٻنين ۾ هاري حصيدار ٿيا
    اڌ بٽائي پوري اُجوري جا ته هتي وهنوار ٿيا
    مسڪينن جون آهون اگهيون ۽ آيو تن جو يار ڀٽو

    ماڻهون ماڻهون مُرڪي پيو ۽ مهڪي ٽهڪي پيا سڀ ماڳ
    سالن کان جي ستل ماڻهون، جاڳي ننڊ مان ٿيا سجاڳ
    ورهن کان جي ويا ڪل ماڻهون کليا تن جا ڀاڳ سڀاڳ
    ڏوٿين جو ٿيو ڏڍ دلاسو، ڏاڍن لئه ڏهڪار ڀٽو

    جمهوريت جي جهر مر تي هت جهانگين جهومي جمهريون پاتيون
    ويون وهامي ويڙهه وطن مان، قهر سِتم جون ڪاريون راتيون
    ٻُريون ٻيلن ٻنين ۾ هت، ٻاٻاڻن جون ٻوليون ٻاتيون
    لک ڪروڙن ماڻهن جي هو، اکڙين جو آڌار ڀٽو

    صدين کان پو سنڌ وطن جي ڌرتي جا دک دور ٿيا
    ملڪ سندا سڀ مارو ماڻهون مست ٿيا مسرور ٿيا
    ڪامورن ڪنڌ نيچ ٿيا ۽ چور وڏيرا چُور ٿيا
    لُچ لغورن لوڀين جي لا ڏاڍي هو للڪار ڀٽو

    سانگين ۾ هيءَ يار سرهائي، ساڙيلا سهي ڪو نه سگهيا
    هن ديس سندا دگران وڏا، هو ڌاڙيلا سهي ڪونه سگهيا
    مظلومن جي مُنهن تي مُرڪون ڪاڙهيلا سهي ڪو نه سگهيا
    ڪرڻو قاتل باطل کي هو، ڌرتي کان بس ڌار ڀٽو

    مظلومن جي قائد پويان، قاتل ڪارا گڏجي ويا
    نحس نڀاڳا نانگا ليڊر، نَوَ ستارا گڏجي ويا
    جرنل ڪرنل ڪامورا ۽ جابر سارا گڏجي ويا
    گرگن گيدين گڏجي ڦريو، ماڻهن کان منٺار ڀٽو

    ايڪيهه مهينا قيدن ۾ ڀي، ڏينهن ڏکن جا گهاري ويو
    هو ڪو نه وڪيو هو ڪو نه جهُڪيو، هو سرڙو قوم تان واري ويو
    موت جي منهن ۾ مُرڪي مُرڪي، لوڀين کي للڪاري ويو
    پير نه پٺتي هٽيو هو هڪڙو ڌرتي جو دلدار ڀٽو

    ڇوٿين هئي اپريل اوڻاسي ماڻهون ماڻهون ساڻو هو
    رهزن راتو رات کسي ويو، راڄن کان هي راڻو هو
    مظلومن ۾ ماتم هو ۽ ڳوٺن ۾ ڳاراڻو هو
    گهر گهر گهوڙا ويڪ هئي اڄ، ويو ڇڏي وڻجار ڀٽو


    اندر تولئه آتا آهن

    تنهنجي وئي کان پوءِ ويرين، پئينڌ ڳچين ۾ پاتا.
    پو به اسان کان وسريو ناهين، اندر تو لئه آتا آهن.

    ڳوٺ ڳڙهي ۾ اينداسين پيا، ڦيرا توتان ڏينداسين پيا،
    صدقو توتان ٿينداسين پيا، نظريا تنهنجا نينداسين پيا،
    ڳيچ هزارين ڳاٽ اوچي سان ڳوٺاڻن اڄ ڳاتا آهن.

    ويرين ڪيڏا وار ڪيا، ۽ ڌڙ سِسِين کان ڌارڪيا،
    اهنج ڪيا آزار ڪيا، ۽ لاشن جا انبار ڪيا،
    تنهنجا توکان ڪو نه ٽُٽُا هي، تو سان نينهن جا ناتا آهن.

    تون ته اسانجو جاني قائد، لاکيڻو لافاني قائد،
    تو ته ڏني قرباني قائد تنهنجو مٽ نه ثاني قائد،
    دل جي دفتر ۾ او دلبر کُليل تنهنجا کاتا آهن.

    هر هنڌ هي هوڪارو آهي، قائد ٿيو سوڀارو آهي،
    دشمن جو منهن ڪارو آهي، لعنت جو وسڪارو آهي،
    توتي اڄ ڀي رحمت آهي، پاپين لئه پاراتا آهن.

    تنهنجي لئه ڇاڇا نه پڙهيا ويا، ڪلما ۽ قرآن پڙهيا ويا،
    شعرن ۾ ڪئين شان پڙهيا ويا، جذبا ۽ جولان پڙهيا ويا،
    ڀٽ ڌڻي خود ڀيڙو توسان، دعاگو تولئه داتا آهن.

    ايڪيهه مهينا قيد ڪٽيو تو، مارن کان منهن ڪونه مٽيو تو،
    شهادت وارو شان کٽيو تو، پاپ کي پاڙان پاڙ پٽيو تو،
    ‘سانگي’ جهانگي وانگي سارا، تنهنجا اڄ ٿوراتا آهن.


    بينظير زور آهين

    مُورت ۾ تون مور آهين مور آهين مور.
    بي نظير تون زور آهين زور آهين زور.

    لٺين لوڙهين طوفانن ۾، لعظو هڪ نه لُڏي آهين،
    دُٻي، مياڻي، منڇر تي تون، ڊوڙي ڊُڪي ڪُڏي آهين
    ڪارونجهر جي ڪور آهين ڪور آهين ڪور،
    بي نظير تون زور آهين زور آهين زور.

    هٿ ڪڙين جي ڇڻ ڇڻ تي ٿا، شاعر ٺاهن گيت ۽ گانا،
    پنهنجي جُرئت همت سان تون، قيد ڪڙولا بندي خانا.
    ڀڃي ڪندي ڀور آهين ڀور آهين ڀور،
    بي نظير تون زور آهين زور آهين زور.

    قوم جي ڪارڻ ‘سانگي’ ڪيڏا ڀيڻ سٺا هت گهرا گهاءُ،
    پنهنجو پيارو پيءُ ڏنائين، ٻيو ڏنائين ڪونڌر ڀاءُ.
    قوم مٿان تون گهور آهين گهور آهين گهور،
    بي نظير تون زور آهين زور آهين زور.


    آصف امر ويو ٿي

    اٺ سال قيد ڪاٽي، آصف امر ويو ٿي.
    تاريخ سنڌ جي ۾، شمس و قمر ويو ٿي.

    جيلن اندر جرئت سان گهاري هي گهوٽ آيو،
    مڃتا ۽ مان ماڻي، اڻموٽ موٽ آيو،
    ڇاڇر ڇنن سڀن تي، ڇائون ڇمر ويو ٿي.

    نازڪ نفيس ماڻهون، پلنگن مٿي پليو هو،
    سيڄون سڄڻ ڇڏي سو، ڪنڊن مٿي هليو هو،
    سختيون ۽ سهم سهندي، سچ جو ثمر ويو ٿي.


    * محترم آصف علي زرداري جي 8 سالا ڊگهي قيد بعد آزاديءَ تي لکيو ويو.


    سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي

    ڪيڏي ڀي ڪو بَڪ بَڪي هت، پي پي جي ير باري ۾.
    سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي، ووٽن جي وسڪاري ۾.

    چوهڙ جاتي کٽنداسين ۽ سوڀ سجاول ۾ پڻ ٿيندي،
    هَستي مَستي هڙ ٻوڙن جي هاڻ مٽي ۾ مٽجي ويندي،
    قوم سڄي آ ڪڪ جنين مان ووٽ نه تن کي هاڻي ڏيندي،
    ٺڳ سمورا ٺڪا ٿيندا، ٺٽي گُجي گهاري ۾،
    سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي ووٽن جي وسڪاري ۾.

    غيرت وارا ماڻهو سارا، ووٽ نه ڏيندا ويڪائن کي،
    همت وارا هڙ هاڪارا، ووٽ نه ڏيندا ويڪائن کي،
    جرئت وارا جيءَ جيالا، ووٽ نه ڏيندا ويڪائن کي،
    ميڙا مچندا، پاپي ڀڄندا، گچندا گپَ ۽ گاري ۾،
    سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي ووٽن جي وسڪاري ۾.

    ويهن سالن کان ته وٺي جن، لوڀين آهي لُٽيو ضلع کي،
    ڪات ڪُهاڙين ڪاراين سان، ڪَٽيو ڪَٽيو ڪُٽيو ضلع کي،
    موذي مرندا ڪنڌ ڀر ڪرندا، ظالم ضلعي ساري ۾،
    سسئي پليجو ايم پي اي ٿيندي ووٽن جي وسڪاري ۾.


    * محترمه سسئي پليجو صاحبه جي 2002ع واري چونڊ مهم تي لکيل.


    پ پ پ جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي لکيل

    وڌندي وڌندي وسندي رهندي، پي پي پنهنجي سال به سال.
    هن ۾ رت شهيدن جو آ، ڳاڙهو کُنڀو لالئون لال.

    رَت ۽ خون جي درياهن مان، جهاڳي جهاڳي نڪتا آهيون،
    حق ۽ سچ جون ويڙهون وڙهندي ٿي ويا پڪا پختا آهيون،
    اڄ به اهوئي ساڳيو آهي جوش ۽ جذبو جاهه وَ جلال.

    قائد جهڙو ليڊر ڪونهي، ليڊر ٻيا ڀي لَک ڏٺاسين،
    گنجا گوڏر گدڙ گيدي، هلڪا جهڙا ڪَک ڏٺاسين،
    قائد ڪنهن کان ڪو نه ڪنبيو سو، ملڪن جي لئه آهي مثال.

    هڪڙو پل نه هٻڪيو قائد، مهينن ويهن ٽيهن اندر،
    گنجي ڪيڏو گند ڪيو آ، فقط چاليهن ڏينهن اندر،
    هو ته سدا پي مُرڪيو مهڪيو، هِن ته وڃايا روئي حال.

    ڪوڙي آهي ليگ سموري، ڪوڙو تن جو آهي قائد،
    سيفو ۽ سرتاج مشاهد، بنجي بيٺا ان تي شاهد،
    هوش هڙن کان ويو ڇڏائي ڄڻ ته هلن پيا ڍور بتال.

    ڪيڏي پي هت بڪ بڪي جن، سي کائو تنهنجا يار ڪٿي،
    ڪيڏانهن ويا اعجاز نثار ۽ هُو ڪتو ڊار ڪٿي،
    فوج جي پيرن ۾ سي ڪريا، بنجي وياسي ڀوپا پال.

    پي پي پُرزا ٿيئڻي ڪونهي، جنهن جو پاتو ڀُٽي بنياد،
    اڄ ڀي لک ڪروڙين ماڻهون، ڪن ٿا ان کي ڪيڏو ياد،
    قوم کي گهوري گهور ڏنو جنهن پنهنجو سارو آل عيال.

    ڪو نه هٽياسين ڪو نه گهٽياسين، ڪيڏا لاٿا زور ضيا،
    قوم ڏنو القاب انهي کي، بي شرم ۽ بي حيا،
    جيئي ڀٽو جا نعرا گونجيا هر هنڌ ٿي وئي ڌوم ڌمال.

    مُلڪ سڄي مان مُشرف توکي، ٿورو ٿڪو مان کپي،
    ماڻهن کي ٿو جلدي جلدي چونڊن جو اعلان کپي،
    تون ته فقط هڪ فوجي آهين، ملڪ جي سرحد وڃي سنڀال.

    عهد وفا جي ڏينهن تي ‘سانگي’ پاڻ سڀئي ٿا عهد ڪريون،
    جمهوريت جي آڻڻ لاءِ جاري جدوجهد ڪريون،
    ڀيڻ اسانجي بادشاهه ٿيندي، ظلم جو ٿيندو نيٺ زوال.


    توتي سرخ سلام اُڍيجا

    اڄ به گهٽين ۾ گونجي پيو هت، تنهنجو ئي آواز اُڍيجا.
    وانگين کان ير وسريو ناهي، تنهنجو هر انداز اُڍيجا.

    سانگئيڙا پيا سارين توکي، صبح توڙي شام اُڍيجا،
    توتي سرخ سلام اُڍيجا، توتي سرخ سلام اُڍيجا.

    مٺڙا مٺڙا ٻول سندئي ڄڻ، ٿڌڙي ڪائي هير هجي،
    ماڻهن جا جت ميڙ هجن ۽ تنهنجي اُت تقرير هجي،
    نچندا ٽپندا نعرا هڻندا، ماڻهو کوڙ هُشام اُڍيجا،
    توتي، سُرخ سلام اُڍيجا توتي سرخ سلام اُڍيجا.

    هلندڙ ڪا تحريڪ هجي يا چونڊن جو چؤٻول هجي،
    اسٽيجن تي بيٺل پو ير، ڍول اُڍيجو ڍول هجي،
    ٻُرندا تنهنجي ٻولن سان ها، گهر گهٽيون ۽ گام اُڍيجا،
    توتي سرخ سلام اُڍيجا، توتي سُرخ سلام اُڍيجا.

    ٺٽي وارن يارن پاران، دلبر توکي دانهن ڏيان ٿو،
    ورڪر سان ٿئي ويل وڏو هُت، اندر مان سا آنهن ڪيان ٿو،
    ايم اين اي جي آزارن ۾ جيالا آهن جام اُڍيجا،
    توتي سرخ سلام اُڍيجا، توتي سرخ سلام اُڍيجا.

    سنڌ سڄي جي ورڪر جو هُئين وارث جاني واحد تون،
    ٺٽي وارن ساٿين جي پڻ سچائي جو شاهد تون،
    تون جي هجين ها، هينئن نه هڻن ها، ڪوڙا ڪي الزام اُڍيجا،
    توتي سرخ سلام اُڍيجا، توتي سرخ سلام اُڍيجا.

    مُرڪون تنهنجون من تان مٺڙا، مور نه ڪو ميساري سگهندو،
    گهاريل جن سان گهڙيون تنهنجون، گهايل ڪيئن سوگهاري سگهندو،
    پي پي واري پرچم وانگر، روشن رهندئي نام اُڍيجا،
    توتي سرخ سلام اڍيجا، توتي سرخ سلام اُڍيجا.

    * 17جولاءِ 1994ع تي ماتلي شهر ۾ محترم شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اُڍيجو جي ورسي تي چيل.


    هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو

    راڻن ۽ راٺوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.
    ويرين ۽ واڍوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.

    مُرڪن مَهڪن وارو ماڻهون يارن جي هر محفل ۾،
    ڀوڳن چرچن ساڻ ڀريل هو، ڀارن جي هر محفل ۾،
    ٽهڪن ۽ ٽاڪوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.


    هنئير جي هو جڳلو پنهنجو جوڙ سلامت جوڙ هجي ها،
    ايوانن ۾ اڄ به انهيءَ جي گُفتن جي گَجگوڙ هجي ها،
    ميمبر گونگن ٻوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.

    تنهنجي موت اَمرتا پاتي تنهنجي لا ڇاڇا نه پڙهيا ويا،
    تنهنجي يار حياتي لائي، ڪلما ۽ قرآن پڙهيا ويا،
    جوان ۽ ٻارن پوڙهن جي لا، هڪڙوئي جڳديش گهڻو هو.

    دگران جُهڪائي ڄام ڇڏيا، جن ويٺي اُن جا ڏور ڏنا،
    جڳديش جُهڪائي ڪو نه سگهيو، هن ظالم ڪيڏا زور ڏنا،
    ڄَرڪن ۽ ڄاموڙن جي لا، هڪڙوئي جڳديش گهڻو هو.

    اَقليت وارو ووٽ نه هاڻي ملندو، ڏنڊي ڏوڪڙ تي،
    چيو ملاڻي هاڻ نه ٿورو، ٿيندو راڻي رانگڙ تي،
    ڀڳتن ۽ ڀاڳوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.

    ٻيلي مان جيئين ڪاٺي سُهڻي، ڳولهي ڳولهي وڍي واڍارو،
    ماڻهن مان ائين موت به چونڊي، ماڻهون ماريو مور مڻيارو،
    سائين ۽ سرموڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.

    قائد جي هر حڪم مٿي هو، ڪُڏندو ڪُڏندو ايندو هو،
    هلچل جو هو، هوڪو لڳندو، اُڏندو اُڏندو ايندو هو،
    جيلن ۽ جاکوڙن جي لا، هڪڙو ئي جڳديش گهڻو هو.



    * محترم جڳديش ملاڻي جي ورسي تي مٺيءَ ۾ چيل.


    اُڍيجو ملاڻي لشاري

    جمهوريت جي اُڀ جا ستارا هئا ٽئي،
    هو اعليٰ اُتم ۽ ادارا هئا ٽئي،
    وِرهه ۾ انهن جي رُني سنڌ ساري،
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.

    ڏسو سنڌ جيجل، وري وار کولي،
    وڌو ويس ڪارو، نٿي ٻڙڪ ٻولي،
    تڏو سا وڇايو، ڪري تعزيت تياري،
    هليا ويا اُڍيجو ملاڻي، لشاري.

    سياست، صحافت، جا نالا وڏا هو،
    هڻي ويا هڙن کي ته تالا وڏا هو،
    مداحن کي مُرڳو، ڪري ويا مياري،
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.

    محبت جا ڏينهنڙا، هو وارڻ ويا ها،
    ڪيل قول قائد، سان پارڻ ويا ها،
    جڏهن هئي جمهوريت، جي جاکوڙ جاري،
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.

    هو اسٽيج تي ٿي، گجيا شينهن وانگر،
    هو ماڻهن مٿان ٿي، وٺا مينهن وانگر،
    هو ماحول تي ٿي، ته ويندا ها طاري،
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.

    لشاري جون لِکڻيون، نه دل تان لهن ٿيون،
    اڍيجي لئه اکڙيون، اڃان ڏس وهن ٿيون،
    ملاڻي جي مُرڪن، ٿي آندي ملهاري.
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.

    دريا خان دودي جو تسلسل هئا ٽئي،
    هو مڙسي سان جيئندا، مسلسل هئا ٽئي،
    هئي سوچ ‘سانگي’ سندن، هر سگهاري،
    هليا ويا اُڍيجو، ملاڻي، لشاري.


    شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اُڍيجو، جڳديش ملاڻي ۽ فقير محمد لاشاري جي ياد ۾ لکيل


    ورڪر هٿ ۾ واڳ

    ورڪر هٿ ۾ واڳ ڏسي،
    ۽ هيڏو تن جو ڀاڳ ڏسي،
    سوين ساڙو سڙيا هوندا،
    اندر تن جا ڪڙهيا هوندا،
    منڪر ماڻهون مردهه باد، ستار، يونس زندهه باد،
    اسان جو تن تي آهي اعتماد.

    ورڪر ساٿين جي ته اچڻ تي،
    لڳي ڪنهن جي چور چوڻ تي،
    جيڪو ڦورو ڦيري ڏيندو،
    ورڪر ويري ڍيري ٿيندو،
    ٿيندو سو برباد، ستار، يونس زندهه آباد،
    اسان جو تن تي آهي اعتماد.

    تاڪو ماڻهون تارون ڪن پيا،
    ڪُتن کي ڪوڪارون ڪن پيا،
    ورڪر کي ويڙاهن ويٺا،
    ٺاهه ٺڳي جا ٺاهين ويٺا.
    جمهوريت جا سي ته جلادَ، ستار، يونس زندهه باد،
    اسانجو تن تي آهي اعتماد،


    * پ پ ٺٽي جي ورڪرن عبدالستار لوهار ۽ يونس ڀان کي پ پ ٺٽي ضلعي جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي موقعي تي لکيو ويو


    مولوي احمد ملااح جي ياد ۾

    شاعر پڙهيم گهڻا پر، احمد بلي بلي.
    اوکا انوکا ڪيڏا، ٿل ويو ٿلي ٿلي.

    پاڻين ستن منجهان جنهن، ڌوڻي اکر اُجاريا،
    بحرن اندر ڀچائي، بيحد ڀلا بيهاريا،
    ڊوڙون رديف پائن، قافيا اچن قطاريا،
    احمد اڳيان نٿا سي، جهلجن جهلي جهلي.

    خيما خمار جا ۽ کيپن جي ٺاهي کوڙي،
    ماکي مکڻ ملائي، مصرع ملاح ٿي جوڙي،
    احمد ڪيا اشارا، آيا اکر ٿي ڊوڙي،
    پرکي پروڙي ان کي، حاسد جلي جلي.

    سارو ڪلام رب جو، بيتن اندر ڀري ويو،
    ڪيڏو ڪمال ڪامل، ڪافين اندر ڪري ويو،
    افسوس ههڙو هيرو ٿي پاڻ کان پري ويو،
    سنڌ کي ويو وجهي سو، گُلڙا گلي گلي.

    تجنيس جو هي مالڪ، تازو لذيذ شاعر،
    آهي اسان سڀني جو، ايڏو عزيز شاعر،
    عاشق مزاج شاعر، حافظ حفيظ شاعر،
    احمد چڙهي اکين تي هر هر هلي هلي.

    ڪيڏي نه ڪيف مان هو، ڪافيون ڪڇي ڪُڇن ٿا،
    ملهار ۾ ملاح کان، پنهنجو پرين پُڇن ٿا،
    وجدان ۾ وڃي سي، مستي اندر اچن ٿا،
    واهه وا ملاح چون ٿا، جيءُ جيءُ ڀلي ڀلي.

    جملي جمال جوهر، جانب جڙي ويو آ،
    ڪڙين جيان ڪڙين ۾، قافيا ڪڙي ويو آ،
    موتيا ۽ موتي ميڙي، گفتا گهڙي ويو آ،
    آزيون عجيب اڳيان، احمد الي الي.

    شاعر عظيم احمد، سرتاج تاج سنڌ جو،
    رائج رکي ويو جو، رسم و رواج سنڌ جو،
    ڏاهپ عقل سان ڏيئي، ڏاهو ويو ڏاج سنڌ جو،
    چوڏس ڏِسن ۾ ان جو، چرچو چلي چلي.

    غزلن ۾ ان جي ڪيڏي، مٺڙا مٺاس آهي،
    جهونگار سان چپن تي، لڳندي ڪا چاس آهي،
    احمد ڏنو انهن کي، واسن جو واس آهي،
    سانگي ثنائون اُن جون، سڪ مان سلي سلي.


    مشهور شاعر تنوير عباسي جي ياد ۾

    سِڪ سُتيءَ ۾ هئي ملي ڪا، سنڌ جي تنوير کي.
    بخشيون بيحد هيون جنهن طاقتون تحرير کي.

    اي اديبو شاعرو اڄ، هو اوهانجي ميڙ مان،
    موت ميڙي ويو وٺي آ، مجلسن جي مير کي.

    شاهه جو شارح وڏو، شيرين ماڻهون شربتي،
    ويو اکيون عطيو ڏئي، شابس هجي شهمير کي.

    خوب خوشبودار ماڻهون، خيرپور جو خوبرو،
    هر قدم ثابت قدم، هو ويو وٺي سچ سير کي.

    سرزمين سنڌ تي سچ پچ سچل جو روپ هو،
    دم درازا دم ڏنو هو، درس دامن گير کي.

    خواب سنڌ جو خوب جنهن هو، ارپيو اکين اندر،
    لک ڏئي لکڻيون ويو، ان خواب جي تعبير کي.

    اياز ۽ استاد ويا، تڪڙو ويو تنوير پڻ،
    سور ‘سانگي’ ويا ڏئي سرويچ کي شمشير کي.


    مجيديءَ کي مڃتا

    مان مڃتا ٿو ڏيان، مٺڙي مجيدي مير کي.
    بخشيون بيحد هيون، جنهن طاقتون تحرير کي.

    جهوڪ ۾ جنميو پليو، ٿي ويو سڃاڻپ سنڌ جي،
    جهوڪ جي ڌرتي ڏنو هو، درس دامن گير کي.

    سنڌ جي ڌرتيءَ ڏنيس، جهوليون ڀري جملن سنديون،
    اڻ کُٽيون کاڻيون ڏنئين، لفظن سنديون لکمير کي.

    ور وراڻين جا ڏئي، سٽ سٽ سڻايندو هئو،
    ياد پنهنجي شاعري، اڪثر هئي اڪثير کي.

    ڏات جا جنهن وٽ ڏيئا، ٻارهئي پيا ٻرندا هئا،
    درد ڌرتي جو مليو، ورثي اندر هن وير کي.

    عِلم جو هر هنڌ اَلم هو، هن کڻي کوڙي ڇڏيو،
    سنڌ ۾ ثابت قدم جو ويو وٺي سچ سير کي.

    مڻ مَکي ماکين سندا، هر لفظ لالڻ ٿي لِکيو،
    ائين مٺي ٻولي ڪئين، جيئن کنڊ ڪري ٿي کير کي.

    جستجو جاکوڙ ۾، جنهن جي وئي گذري عُمر،
    جو ڀري بيشڪ ويو، جيجل جي هر هڪ جهير کي.

    شاعري ۾ مُصوري، ماهر مجيدي، هو ڪندو،
    چِٽ چِٽيندو هو چٽا، سو سنڌ جي تصوير کي.

    اي اديبو شاعرو، هيڏي وڏي هن ميڙ مان،
    موت چونڊي ويو چُڻي، شاعر وڏي شهمير کي.

    قوم جا ليکڪ لکي، هڪ هڪ ٿيو هلندا وڃن،
    موت مارئين ڇو نٿو تون، ڪنهن مرو مهمير کي.

    مور ماڻهون پيا مرن، موذي مرن مُرڳو نٿا،
    قوم جو مقدر چوان يا ڏوهه ڏيان تقدير کي.

    هو اڃان احمد ويو ۽ ويو اُڏي اُستاد ڏس،
    نياز منشي ۽ قمر، تڪڙو نيئي تنوير کي.

    قوم جي آجائي جون، اياز ويو آسون کڻي،
    ڪجهه ڪڻان باقي بچيا، تن جي پڙهو تفسير کي.

    موت جا او فرشتا، مونکي ٻڌا ڪُل ماجرا،
    ڇو نٿو ويجهو وڃين تون، ڪنهن به پاپيءَ پير کي.

    آسمانن جا خدا، او عرش اعظم جا ڌڻي،
    ڇوٽ ڏيئي تو ڇڏي آ هر خصم خنزير کي.

    سڀ سڄڻ هي سنڌ جا، ‘سانگي’ وڃن پيا سِر ڪندا،
    جن لڄايو ڪو نه ڪڏهن، لوئيءَ لُنگي ۽ لير کي.

    * محترم محمد خان مجيدي جي پهرين ورسي تاريخ 2004-04-08 جي موقعي تي چيل.


    ماڻهون مست ملنگ هو ساگر

    مُرڪن مهڪن موجن وارو، ماڻهون مست ملنگ هو ساگر.
    ٻارهئي جنهن جا ٻول ٻُريا ٿي، ٻيجل جو ٻيو رنگ هو ساگر.

    سئن هڻي جنهن سُونهن گهري ٿي، سونهن سوا ٻي سُڌ نه جنهن کي،
    روح انهيءَ جو رمتو جوڳي، ٻَڌي سگهي ڪا ٻُڌ نه جنهن کي،
    پيار پريت جو پوڄاري ۽ عاشق دنگو دنگ هو ساگر.

    ٽهڪن، ٽاڪوڙن سان جيڪو، ٽِلندو ٽِلندو ايندو هو،
    پنهنجن کي هو پسي پري کان، کِلندو کِلندو ايندو هو،
    سڳداسي ڄڻ سارين جو سو، سونو سهڻو سنگ هو ساگر.

    هلندڙ ڪا تحريڪ هجي يا چونڊن جو چؤٻول هجي،
    اسٽيجن تي بيٺل پو ير، ساگر ڍوليو ڍول هجي،
    جڳ ۾ جاڳ ۽ جاڳرتا جو، چُرندڙ ڦرندڙ چنگ هو ساگر.

    ساگر سُهڻو پاڻ به هو ۽ سُهڻن جو ساٿاري هو،
    هر هڪ محفل ۾ سو ٿيندو، تُرت سڀن تي طاري هو،
    نينهن نزاڪت ناز سندو سو، نيئي نيندو ننگ هو ساگر.

    ڪي ڪي گهڙيون گهارئين اهڙيون، جن ۾ جهاڳي جيءُ نه سگهي ڪو،
    پورن کي جيئن پيتو ساگر، تيئن ته تِڪي ۽ پيءُ نه سگهي ڪو،
    جرڪي جرڪي جيئڻ جو بس، ڊولائيتو ڍنگ هو ساگر.

    سڙي سڙي جنهن ڪئي سهائي، ماڻهون اهڙو مون نه ڏٺو ڪٿ،
    مُرٽ نه جنهن جي مُنهن تي آئي، ماڻهون اهڙو مون نه ڏٺو ڪٿ،
    ڏکن ڏنجهن ڏوراپن جا، ڏاڍا سهندو ڏنگ هو ساگر.

    ڳڻپن ڳاڻيٽن کان جنهن ۾، ڳڻ ڳڻڻ کان ڳچ ها سارا،
    شعر انهيءَ جا شهپارا ۽ صحيح صحيفا سچ ها سارا،
    ٻولي جو هي ٻهڳڻ شاعر، ٻولي هڻندو ٻنگ هو ساگر.

    سُڃ سجاول ساري ٿي وئي، ڀون سڄي ڀڙ ڀانگ الا،
    ‘سانگي’ پنهنجو ساگر سُهڻو، ويئڙو ڪهڙي سانگ الا،
    لاڙ جو ليکڪ لاکيڻو هي، ڏاڍو تيز تفنگ هو ساگر.



    * 11 مارچ 2000ع تي بٺوري ۾ ٿيل ارشاد ساگر جي ورسي تي چيل.


    ستارو هو مظهر

    سهاڳڻ سنڌ جو ستارو هو مظهر،
    هو اعليٰ اتم ۽ ادارو هو مظهر،
    ورهه ۾ انهي جي رُني سنڌ ساري،
    ويو يار وڇڙي هي سچ جو ساٿاري.

    سياست، صحافت، صداقت جو مظهر،
    هئو نالو نينهن جو ۽ محبت جو مظهر،
    هئي جنهن جي هارين لاءِ جاکوڙ جاري
    ويو يار وڇڙي هي سچ جو ساٿاري.

    دريا خان دودي جو تسلسل هو مظهر،
    ۽ مڙسيءَ سان جيئندو مسلسل هو مظهر،
    هئي سوچ ‘سانگي’ سندس هر سگهاري
    ويو يار وڇڙي هي سچ جو ساٿاري.


    گيت

    دشمن ڪري پيو گهيرا، گهيرن کي ٽوڙ سهڻا،

    دشمن ڪري پيو گهيرا، گهيرن کي ٽوڙ سهڻا،
    هر هر ٿين پيا حملا، حملن کي موڙ سهڻا،
    جُڳ جُڳ جيئڻ جي لاءِ، جذبا اُڀار جاني.


    گيت

    تنها تنها ڪاريون ڪوٺيون!
    ڪيڏا قيد ڪٽياسين!
    نعرا جام هنياسين.

    نعرو پنهنجو آزادانه،
    مُلڪ سڄي ۾ چونڊون گُهرجن،
    سختيون سهندي قيدن ڪڙهندي،
    سوڀارا ته ٿياسين
    نعرا جام هنياسين.

    پنهنجي قائد پنهنجي ليڊر،
    ناهي جنهن جو ڪو به نظير،
    اُن جي ئي اڳواڻي اندر،
    ويرن ساڻ وڙهياسين.
    نعرا جام هنياسين.

    عزم ايرادا وچن واعدا،
    پُختا پنهنجا روهه جبل کان،
    جمهوريت جي جنگ ۾ ‘سانگي’،
    سنڌي سمورا گڏجي وياسين.
    نعرا جام هناسين!
    ڪيڏا قيد ڪٽياسين!!


    صدين کان سنڌ جي آ، پلپل پُڪار جاني،

    صدين کان سنڌ جي آ، پلپل پُڪار جاني،
    سنڀرن ڪڏهن نه سانگي، سک ۽ سُڪار جاني.

    پنهنجن هميشھ تن کي، آهي لُٽيو لَتاڙيو،
    سنگهرن ۾ تن کي آهي، ساڙيو سٽيو سَلهاڙيو،
    ڏاڍن ڏنا ته تن کي، ڏک ۽ ڏُڪار جاني.

    دشمن ڪري پيو گهيرا، گهيرن کي ٽوڙ سهڻا،
    هر هر ٿين پيا حملا، حملن کي موڙ سهڻا،
    جُڳ جُڳ جيئڻ جي لاءِ، جذبا اُڀار جاني.

    نينگر نئين نسل جا، معصوم قوم پنهنجي،
    دهشت سندي دريا مان، مظلوم قوم پنهنجي،
    ساڄا ۽ سڙهه سنڀالي، اچ اچ اُڪار جاني.
    جوکم جنجل وڌي ويا، جاڳڻ جي ويل آهي،
    نازڪ گهڙين ۾ پيارا، ڪرڻي نه ڍيل آهي،
    ٻولڻ تي تنهنجي ٻيلي، ٻُريا ٻپار جاني.

    رهزن رٿون رٿي ۽، سازش نئين سٽي پيو،
    رت جي پيو راند کيڏي، نفرت جو ٻج ڇٽي پيو،
    منهن تي مڪار جي آ، وهشت سُوار جاني.

    ڀاڱي ورهاڱي واريون، ڳالهيون ڪري جو قاتل،
    کوٽيون کٽيون ۽ کاريون، ڳالهيون ڪري جو قاتل،
    ڀڃ تون انهن جا ڳاٽا، ڪنڌ ۽ ڪُپار جاني.

    سورهيه سپوت سنڌ جا، سندرا ٻڌي اُٿي پئو،
    ڪيڏو ڪٺن سفر آ، ويجهي وڌي اُٿي پئو،
    پنهنجا سمورا ساٿي، اُٿ ۽ اُٿار جاني،

    غاصب تي ٿي ويو ڪيڏو، غلبو غرور آهي،
    جهيڙو هي جهيڙڻو آ، وڙهڻو ضرور آهي،
    مارڻ مرڻ جو هاڻي، اکر اُچار جاني.

    آزاد آجپي جو، جوٽيون اُٿي هي جهيڙو،
    جيڪو اڳيان اچي بس، ٻوڙيون اُنهي جو ٻيڙو،
    عرشن مٿي هجي اڄ، پنهنجي اُڏار جاني.

    اکيون اکين ۾ پائي، ويري سان آهي وڙهڻو،
    پٺتي نه پير هڪڙو، هاڻي آيار هٽڻو،
    جذبي انهي سان هاڻي، جڳ کي جيار جاني.


    هُجئي جس جاڙا، جبر تي لکين ٿو،

    هُجئي جس جاڙا، جبر تي لکين ٿو،
    زور آور ظالم، زبر تي لکين ٿو،

    ٿين ڪيس ڪيڏا تون ڳولهي ڪڍين ٿو،
    بُرن بي وڙن جا تون نَڪَ چَپَ وڍين ٿو،
    بنا خوف خوني خبر تي لکين ٿو.

    تون رنگين راتين جي رازن کي کوليو،
    تو ببلي کي دادوءَ جي ديرن ۾ ڳوليو،
    اُگهاڙي تون سيني بڀر تي لکين ٿو.

    تون زيبو ۽ زينت جا ڳوليا اڏا،
    تو ويٺل ڏٺا اُت وڏيرا وڏا،
    تون بدڪار هر بي صبر تي لکين ٿو.


    نوٽ:- روزانه سنڌو اخبار جي هڪ صحافتي ڪردار جاسوس جمعدار جاڙو خان تي لکيل


    ڪريو هاڻي تُرت تياريون،

    ڪريو هاڻي تُرت تياريون،
    جهنڊا بئنر جام لڳايو!
    گهر گهر ۾ پيغام پُڄايو.

    ووٽ ڏيو ووٽ بي نظير کي،
    ٺپا هڻو ٺپا پنهنجي تير تي،
    جت ڪٿ جلسا جام ڪرايو،
    گهر گهر ۾ پيغام پُڄايو.

    ووٽن جي حقدار به آهي،
    قائد باڪردار به آهي،
    مُرڪي اُن جو مان وڌايو،
    گهر گهر ۾ پيغام پُڄايو.

    مسڪينن جي ڳالهه ڪري ٿي،
    ‘سانگي’ سال به سال ڪري ٿي،
    آهي سانگين جو سرمايو،
    گهر گهر ۾ پيغام پُڄايو!
    جهنڊا بئنر جام لڳايو!!.


    مارو ماري ٻڌندءِ مُٺيو،

    مارو ماري ٻڌندءِ مُٺيو،
    ووٽ هي توکي ڏيندا ٺُٺيو،

    ماٺ ڪري مڪار هليو وڃ،
    گيدي او غدار هليو وڃ.

    ويٺي ويٺي مُڇون وٽي،
    پنهنجن جون ڀي پاڙون پٽي،

    پنهنجن جا پرمار هليو وڃ،
    گيدي او غدار هليو وڃ.

    وٺي وزيري، ٿي وئين ڇتو،
    توکي ناهي شايد پتو،

    ماڻهون وجهندءِ مار هليو وڃ،
    گيدي او غدار هليو وڃ.


    وائي

    پورهيت گڏ جي پئو،

    پورهيت گڏ جي پئو،
    آزاديءَ جي آسري.

    سچ صليبن سامهون،
    چوراهن تي چئو،
    آزادي جي آسري

    ڪندا پيا ڪيترو،
    قاتل ڪنان ڪئو،
    آزادي جي آسري.

    ڌرتي مٿان ڌارين،
    ڌڪي ڪڍو دَئو
    آزادي جي آسري.

    سڙي ‘سانگي’ سنڌڙي،
    تپي ٿي وئي تئو،
    آزادي جي آسري.


    مُون نه چيو هو، توکي يار

    مُون نه چيو هو، توکي يار
    الامان وسري ويندو سانءِ

    تو ته چيو هو، مُنهنجا مٺڙا
    وائي اهڙي ڪيم تون وار
    الا مان وسري ويندو سانءِ

    مون نه چيو هو ويندي توکي
    ملندءِ مَن جي ٻيو ڪٿ پيار
    الا مان وسري ويندو سانءِ

    تو ته چيو هو تنهن دم جاني
    تو سان آهي قول قرار
    الا مان وسري ويندو سانءِ

    مهيني ٻي کان آيس تو وٽ
    آيئي ڪو نه ڪو اعتبار
    الا مان وسري ويندو سانءِ

    ‘سانگي’ سارو سچ چيو هو
    نيڻن مان هت نائي نار
    الا مان وسري ويندو سانءِ


    ڪوئي نه ڪنهن جو آهي

    ڪوئي نه ڪنهن جو آهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني

    هر ڪو ٺاهه ٺڳيءَ جاٺاهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني

    پئسي کي ٿو سڀ ڪو چاهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني

    ڪرڳل سارو ڪوڙ تي ڪاهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني

    لُٽ تي ويهن لاهي پاهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني

    سنسار ‘سانگي’ سارو باهي
    جڳ سڄو آ جوٺو جاني


    دهشت دڌڪا داٻ دريا جا

    دهشت دڌڪا داٻ دريا جا
    سهڻي پوءِ ڀي تار تري ٿي

    ڌوتين اڄ ڀي رکيا آهن،
    دريا ڪپ تي دلا دغا جا
    سهڻي پوءِ ڀي تار تري ٿي

    طوفانن ۾ تيزي آئي
    ٿيئڙا ڪيڏا هوڏ هوا جا
    سهڻي پوءِ ڀي تار تري ٿي

    ٽوڙڻ وارن ٽوڙي ڇڏيا
    هي ڏس پختا پيچ پساهه جا
    سهڻي پوءِ ڀي تار تري ٿي

    لاهي پاهي سارا ‘سانگي’
    سانگا پنهنجي ساهه جا
    سهڻي پوءِ ڀي تار تري ٿي


    اُٿي پيا دولهه ۽ دلدار

    اُٿي پيا دولهه ۽ دلدار
    اڙي غدار تنهنجا ڏينهن پورا ٿيا

    ماروئڙن تي مڙهيئه ڪيڏا، منصوبا مڪار
    اڙي غدار تنهنجاڏينهن پورا ٿيا

    رت جون جهاڳون جهاڳي اُڪتا ماڻهو مڻيادار
    اڙي غدار تنهنجا ڏينهن پورا ٿيا

    سنڌ نه هاڻي سانڍيندي ڪو، ڌاريون ڪنهن جو ٻار
    اڙي غدار تنهنجا ڏينهن پورا ٿيا

    نانگ ته آخر نانگ ئي ٿيندو، کڻي انهيءَ کي کير به پيار
    اڙي غدار تنهنجا ڏينهن پورا ٿيا

    ‘سانگي’ سنڌي ماڻهن جو اڄ، تاڪُو تاڪُو سان تڪرار
    اڙي غدار تنهنجا ڏينهن پورا ٿيا


    وڍ تون تن جا ڪنڌ ڪپار

    وڍ تون تن جا ڪنڌ ڪپار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    ماءُ مٺيءَ کي ماريو مارين،
    موذي منڪر ۽ مڪار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    ويرين ونگي ونگي سنڌڙي،
    واڪ لڳائي جو به غدار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    روزانو ڏس روڏا موڏا،
    مڪڙ ٽولا ٿين نروار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    سنڌ جا ڄايا سنڌ سڙي پئي،
    ڀڙڪي اُٿ او باغي ٻار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    ڏاڍن ڏاڍي ڏنگي سنڌڙي،
    ڏهه ڏهه پيئڙا جيجل ڏار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    ٽانڊا ٽڙڪن ڀڙڪن باهيون،
    ٻڙهڪن ٻاٻاڻن جا ٻار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي

    سري تريءَ تي رکي او ‘سانگي’
    ڪريون لوڀين تي للڪار
    جيجل کي ڏس جو به جلائي


    هو پلپل جنهن سان پيار

    هو پلپل جنهن سان پيار
    دلبر يار، وڇڙي ويو مون کان

    مون ته مڃي هئي ان جي اڳيان، هر هر پنهنجي هار
    سهڻل يار، وڇڙي ويو مون کان

    منهنجي مارڻ جيارڻ وارو منهنجي هينئين جو هار
    راڻل يار وڇڙي ويو مون کان

    مون کي ڏيو پرچائي منهنجو جانب جيءَ جيار
    جانب يار، وڇڙي ويو مون کان

    ‘سانگي’ پنهنجي سهڻي کي تون، ساريو ويٺو سار
    ڍولڻ يار، وڇڙي ويو مون کان


    پچي ويا جام پاڇاٽا،

    پچي ويا جام پاڇاٽا،
    مگر مٺڙا نه تون موٽين.

    اوهان جي انتظاري ۾، اڇا پئي وار ويا گهاٽا
    مگر مٺڙا نه تون موٽين

    اوهانجي درد جا دل تي، ڦُٽي هي ڦٽ وري ڦاٽا
    مگر مٺڙا نه تون موٽين

    چرين وانگي چريا تنهنجا، جهلي بيٺس مان چؤ واٽا
    مگر مٺڙا نه تون موٽين

    سُڪي سانگي جي نيڻن جا، ويا هي مڌ ڀريا ماٽا
    مگر مٺڙا نه تون موٽين


    ڀاڪر منجهه ڀريانءِ،

    ڀاڪر منجهه ڀريانءِ،
    الا مان اُڪري ايندي سانءِ

    چنگ چڙن ۾ چاه چري جو، چهٽيل چوٽ چوانءِ
    الا مان اُڪري ايندي سانءِ

    ڪاري رات ڪُنن جا ڪڙڪا، اُلڪو ڪيم ڪجانءِ
    الا مان اُڪري ايندي سانءِ

    هيڻن هٿڙن هٿ هڻان پئي، ساهڙ ساٿ ڏجانءِ
    الا مان اُڪري ايندي سانءِ

    ‘سانگي’ سانگا سر جا لاهي، گهڙيو گهيڙ پوانءِ
    الا مان اُڪري ايندي سانءِ


    ترسين ها کن پل،

    ترسين ها کن پل،
    مٺڙا تنهنجو منهن ته ڏسان ها.

    منهنجو سارو جي جنجهوڙي، جيءَ ۾ ٻاري ويئن تون جل
    مٺڙا تنهنجو منهن ته ڏسان ها.

    سينو منهنجو ٿي ويو سارو، سالن جو ڪر پڊ ڊٺل
    مٺڙا تنهنجو منهن ته ڏسان ها.

    مون تي ڇاهت گذريو هوندو، ان جي توکي ڪهڙي ڪل
    مٺڙا تنهنجو منهن ته ڏسان ها.

    جاني تون جاڳائي وئين، ‘سانگي’ جا سڀ سورُ ستل
    مٺڙا تنهنجو منهن ته ڏسان ها.


    نٿا نيڻ رُڪجن،

    نٿا نيڻ رُڪجن،
    نٿي ڀرجي دلڙي

    اُڍيجو اسان لئه، هئو دين ڌن من،
    نٿي ڀرجي دلڙي،

    او بابر جا بابا، پيا ساهه سُڏڪن،
    نٿي ڀرجي دلڙي،

    مٺا خوب موهيو، مٺين تنهنجي مرڪُن،
    نٿي ڀرجي دلڙي،

    مٺا موت تنهنجي، ڇڏيو ماري مارن،
    نٿي ڀرجي دلڙي،

    اندر سنڌ وارن جا ‘سانگي’ پيا ٽهڪن،
    نٿي ڀرجي دلڙي،


    نوٽ:- پ پ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جي شهادت تي لکيل


    اڄ ڏور ويو ٿي ڏيهي،

    اڄ ڏور ويو ٿي ڏيهي،
    يار اوڍيجو هار اوڍيجو.

    مٺڙين مٺڙين مُرڪن وارو،
    ڳالهه ڪريان تنهن ڪيهي،
    يار اوڍيجو هار اوڍيجو.

    گهوٽ ڀُٽي جو ساٿاري،
    ويو پاڻ مٽيءَ ۾ پيهي،
    يار اوڍيجو هار اوڍيجو.

    ڪالهه ڪئين جي تقريرون،
    ساريون ويٺا سيئي،
    يار اوڍيجو هار اوڍيجو.

    ‘سانگي’ تنهنجي موت تي مرثيا،
    لال لکي پيو ويهي،
    يار اوڍيجو هار اوڍيجو.

    نوٽ:- پ پ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجو جي شهادت تي لکيل


    دوها

    دوها ::

    هن ساڳئي شهر سُجاول ۾، هن ساڳئي ئي ير ڏينهن مٿي،
    گوليون گيدين هُيون هلايون، شاهد پنهنجي شينهن مٿي،
    *
    هي هيڏو جن بيداد ڪيو، تن ڪامورن جو ڪارو مُنهن،
    وير هي تنهنجو وٺبو وٺبو، سُهڻا سيد تنهنجو سُنهن،
    *
    تون مانجهي هُيئن تون وانجهي هُئين، تون وارث پنهنجن وانگين جو
    ٻُڌي شهادتَ شاهد تنهنجي جيءُ جهڄي پيو جهانگين جو،
    *
    تو لاءِ رُنو هر ٻار ٻُڍو، تو لاءِ رُنو هي شهر سَڄو
    ڪو ڪين ٻُڌي ڪوڪين ڏسي اي يار سگهيو هي قهر سَڄو
    *
    نڪو نيڻ رُڪيا نڪو سيڻ رُڪيا، نڪو واتان منهنجي ويڻ رُڪيا،
    نڪو ڳوڙها ڪنهن ڀي ماءُ رڪيا، نڪو ڀُڻڪا ڪنهن ڀي ڀيڻ رُڪيا.
    *
    جاري رهيا او جاري رهيا هي جَرَ اکين مان جام هتي،
    تو پارا ڪونڌر قوم سڄي جا، روز ڪُسن ٿا عام هتي،
    *
    تون سان گهاريل ڏينهڙا شاهد تنهنجي ياد ڏيارين ٿا،
    تنهنجن مُرڪن ٽهڪن جا هي منظر مون کي مارين ٿا،
    *
    تون ڀرجهل پنهنجي ڀائرن جو تون راکو هئين هن راڄ سندو،
    تون ساٿي ساري ساٿ سندو تون ڪونڌر قومي ڪاڄ سندو.
    *
    * سيد بابو شاهه بخاري جو ڀاءُ شهيد شاهد حسين شاهه بخاري جنهن کي سجاول پوليس گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. ان جي ياد ۾ لکيل

    دوها

    هر هر تنهنجي ياد اچي ٿي گهڙي گهڙيءَ ۾ تنهنجا گهاءُ،
    وهيءَ وڃڻ کان اڳ وئين هليو، ڀونءَ ڇڏي ڇو منهنجا ڀاءُ.



    ڏوهي تي ڪو ڏنڊ نه ڏنڊو، سُمهي رهيو قانون،
    ڪيڏو سستو ٿي ويو آهي، سنڌ جي ماڻهن جو اڄ خون.



    بندوقن جو بک ٿئي ڪو، چاڪن ويلن چلجي ٿو،
    قيدن بندن ڪڙجي ڪو ۽ ڪو ڇوڏن وانگيان ڇلجي ٿو.



    زنجيرن ۾ جڪڙجي ڪو، ڪو ڪوڙن ڪيسن ڦاسي ٿو،
    مٺڙي محمد خان جيان هت، ڪو رستا رت سان راسي ٿو.



    روزانو ڪئين مائن جون هت، جهوليون خالي ٿينديون آهن،
    دليون ڌڪجي وينديون آهن، اکيون ٺپجي وينديون آهن.


    * مٺڙي ڀاءُ شهيد محمد خان سرويچ جي اوچتي ۽ بي وقتائتي شهادت تي لکيل

    دوها
    جنهن مان جڙيو فاضل راهو، سا مٽي تنهنجي ٺاهوڪي،
    آ مٽي تنهنجي ٺاهوڪي، راهوڪي او راهوڪي.


    تنهنجي هنج مان ههڙو هيرو، پلجي نپجي پارس ٿيو،
    وڙهندي وڙهندي ويرين سان سو، وانگين جهانگين وارث ٿيو.


    هٿن ۾ هٿڪڙيون هونديون، ڳچين ۾ هار پيا هوندا،
    اڳيان اڻموٽ ساٿين جي، مئا مڪار پيا هوندا.


    جي حق ۽ سچ جي لاءِ لڙيا مون تن لئه آهن گيت گهڙيا.
    جي قوم لئه قيدن منجهه ڪڙهيا مون تن لئه آهن گيت گهڙيا.


    ڪيم تو سان سچي محبت، تڏهن پيو کان ڌڪا ٿيلها،
    رکان ها جي دغا دل ۾، ته ماڻيان ها مزا ميلا.


    جڏهن تير ڇٽدو تڏهن سيٽي ٽُٽي ويندي،
    غدارن مان هميشھ لئه اوهان جي جند ڇُٽي ويندي.


    اوهين نه ڪنهن به آڇ تي مڙيا، اوهان جي مان شان تي مبارڪون،
    اوهان جي ذات پات تي، اوهان جي خاندان تي مبارڪون.



    دوها

    پلپل تنهنجا پور ستائين، پورن ۾ وئي پوري حياتي،
    پوءِ ڀي ڇالئه سهڻل سائين، تو لئه آهي دلڙي آتي.



    ساءُ نه تو ۾ سانوڻ ڪوئي، سپرين جو جي ناهي جوڙ،
    تنهنجون هوائون هيرن هاريون، سور کڻي ڪي اينديون کوڙ.



    دلڙي توسان دلبر سائين، لڪي ڇپي اڄ لائي ويٺس،
    اکڙيون لائي اکڙين سان اڄ، پنهنجو جيءَ جلائي ويٺس.



    ڪارو رنگ ۽ ڪاريون اکيون، قرب ڪنديون هن ڪڏهن ڪان،
    پيار ڪرين ۽ پوڄين تن کي، ڪهڙو آهين تون انسان.




    دوها

    آمر ڪو نه اُجهائيندين تون، ٻاٻاڻن جي ٻاريل لاٽ،
    ڦٽڪا هڻندين ڦاها ڏيندين، پوءِ ڀي رهندو او چو ڳاٽ.



    سنڌؤ پاڻي جنهن ڀي پيتو، تنهن ۾ هوندا غيرت ڪوٽ،
    هن جي پاڻيءَ تي ڏس پليا، هوشو هيمون جهڙا گهوٽ.



    جهڙيالي جي موسم ۾ من، مون سان منهنجو يار ملي،
    ڪارن ڪارن ڪڪرن هيٺان، ڀاڪر پائي خوش ٿي کلي.



    جي ڪنڌ جهڪائڻ ڪو نه سکيا مون تن جا آهن گيت لکيا،
    جن ڪو نه گهُري ڪا بيک بکيا مون تن جا آهن گيت لکيا.



    هيل جو ڀن سندا ميگهه اهڙا متا،
    ويس وينگس وڌا لال ڳاڙها رتا.




    دوها

    چُري چوڏهين صدي ۾ پيا، سوين ئي ست رنگا شاعر،
    اڏيرائي ۽ قنمبراڻي، اگهاڙا ۽ ننگا شاعر.



    ڦِري وئي اڄ، صحافت جي، ڏسو آ ڪنڌ مٿي ڪاتي،
    جڏهن کان ٿيا، صحافي هت، هو شيرازي ۽ ميواتي.



    جتي فنڪار فوزيه ۽، ثمينه زاهده هونديون،
    پٽينديون منهن مٿو پنهنجو روبينه عابده هونديون.





    دوها
    پار پنهنجا ڏسي ڀونءَ ڀونڊا ڏنا،
    ڇو ڇا کان ڀلا، اوهين آهيو ڊنا،



    پر نٿو پرچي پرين، هو مون ته پرچايو گهڻو،
    معاف ڪر ۽ معاف ڪر، جو لفظ ورجايو گهڻو،



    جيءَ جَڏي کي ٿا جيارين، دم دلاسا يار جا،
    پيار وارا پيو پڙهان اڄ خط خلاصا يار جا.



    ڪيڏو جَلي پچي ٿو، ساڙو سماج آهي،
    جلدي جُدا ٿيڻ جو، جنهن ۾ رواج آهي.



    پيار ۾ پوڄا ڪرڻ جو، فرض فائز ٿي ويو،
    هر حڪم هن جو مڃڻ، مون لاءِ جائز ٿي ويو.



    اکين ڪارين ڪُنڍين، تنهنجين ڪيو ڪيڏو قتل آهي،
    ڪنان اِن ڪوس اکڙين جي نه بندو ڪو بتل آهي.



    بيت

    ڀٽائي تُنهنجي ڀُونءَ ۾، جوڌا آهن جام،
    مٿان سنڌڙي نام، ڪُڏي، ڏيندا ڪنڌڙا.


    ڀٽائي تُنهنجي ڀُونءَ ۾، هوشو آهن هزار،
    جي جيجل ڪئي پڪار، ته ڪُڏي ڏيندا ڪنڌڙا.


    ڪاتي ساڻ ڪنڌ، وير وڍايو پيا وڃن،
    جن مٺي آهي سنڌ، سي نه مُڙن موت کان.


    ڪينجهر سندي ڪپ تي، ڪونڌر آهن ڪئين،
    متان سمجهين ائين، ته هوشو سڀ هليا ويا.


    جلندو ڏسي جيجل کي، ڪڙڪي ڪُهاڙو کڻ،
    وسي وڍ ويرين کي، جيئن ٿو وڍين وڻ،
    حق، حق ڪري هڻ، سڌو سوئرن کي.


    ڪو نجون منجهو قطار، هلن ڪيڏي حُب مان،
    سک منهنجا سُپرين پکين ڪنان پيار،
    ساري سڀ ڄمار، ٽولو ٽوڙين ڪين ڪي.


    چئوسٽا

    چئوسٽا

    ڪري جنرل ضياء ويٺو، قرآني فيصلا سائين،
    زنا زوريءَ کان وَڌ نعري، ڀُٽي جي تي سزا سائين،
    اُهو ئي چرس چَالُو آ، اُها وسڪي ملي پيئي،
    اُهي چؤڪن مٿي چڪلا، کُليل کلم کُلا سائين.

    ****

    ڀٽائي جي حضور ۾:-

    ڀلي ڀونءَ ۾ ڀلو تون آنء، ڀلا سائين ڀلائي ڪر،
    بُکن ماريل ڏُکن ڏاريل، ته ڏو ٿين جي سَڻائي ڪر،
    سڄي تن جي ته هيءَ سنڌڙي، سُکي رکجان سڄڻ سائين،
    ۽ ظالم بي حيا جي تون ته بلڪل بند وائي ڪر.

    ****

    سُڻي ساجن سُخن تُنهنجا، اچي ٿي روح کي راحت،
    سوا تُنهنجي سري مُنهنجي، نٿي نرمل صفا ساعت،
    پڙهي پيغام تُنهنجو اڄ، ويا ٿي ڪي چريا آهن،
    مٺو تون آنءَ مٺي تُنهنجي، سندم مٺڙا مٺي ماهت.

    ****

    تعليم جا زيور وجهي، سڀ ٻار ٻهڪائي ڇڏيو،
    علم جي دولت کڻي، هي مُلڪ مهڪائي ڇڏيو.
    گل گُلابي ٻارڙا، اسڪول ۾ داخل ڪري،
    جاهلي ۽ ڪاهلي، ٽانڊن تي ٽهڪائي ڇڏيو.

    ****

    ننگ ناهي جنهن به ماڻهو، کي نياڻي ننگ جو،
    سو ته آهي ڄڻ مِروڪو، صاف ثابت جهنگ جو،
    ڪاڻ ڪُرسي جي ڪري جو، قاتلن سان آ ڪَٺو،
    صاف سنڌيءَ ۾ آچئبو، ڀاڙيو تنهنکي دنگ جو.

    ****

    زندگي ثواب آ، قوم، لئه گُذار جي،
    زندگي گُلاب آ، جي اُن کي سنوار جي،
    زندگيءَ جي هر گهڙي اوهانجي هٿ آ دوستو،
    زندگي عذاب سا، جا گدڙن جيئن گهارجي.

    ****
    جاڳو جاڳو جند ڇڏايو، بد معاشن مان بد ڪارن مان،
    چورن ڦورن چمچن مان ۽، خونين زانين خرڪارن مان،
    وقت آ آيو وير وٺڻ جو، پيٽ مان تن جي ڪڻڪ ڪڍڻ جو،
    هاڻ ته ٺاريو هٿ انهن ئي مڪارن مان مردارن مان.

    ****
    ماڻهن جو هي آهي رايو،
    ايم اين اي کي سمجهايو،
    ٻيلا ٻاري کائي ويو،
    هاڻي چيڪ وڃي ٿو کايو.

    ****
    جهانگيئن جي جيت توڙي جوت ۽ نجات بي نظير آ،
    ڪنڌ ڪرنل جي مٿان اڄ به قهري ڪات بي نظير آ،
    غيرتن ۽ حوصلن جي ڀيڻ هيءَ ڀنڊار آ،
    مارين ۽ ڌارين لاءِ موت توڙي مات بي نظير آ

    ****

    وري اڄ پارٽي پنهنجي، چڙهي وئي ور وڏيرن جي،
    حوالي ٿي ويا ورڪر، وهيٽن ۽ وڇيرن جي،
    اچي قاتل وري ڪڙڪيا، ڀنڀٽ ڀاڳين مٿي ڀڙڪيا،
    جهنڊا ٻيهر وري ڦڙڪيا، دلالن جي ته ديرن تي،

    ****

    ٿو مُرڪي مٺڙا ڳالهائين ڄڻ بُت تي ڀُريو برف پوي،
    جنهن طرف نهارين نازڪ تون سو تازو ٿيو هر طرف پوي،
    تون سيرت صورت سُهڻو آنءَ، آ هڪڙي تو ۾ کوٽ مِٺا،
    ڪرم نوازي وارو تو ۾ هڪڙو جيڪر حرف پوي،

    ****

    سٺا جن سور ۽ صدما ڏٺا ڏک ۽ ڏجها آهن،
    اندر ۾ پنهنجي قائد لئه اڏيا جن هت اجها آهن،
    ڌڃاڻي ديس ۾ ايندي اهي اڀرا اُٿي پوندا،
    جيالا تنهنجي جيلن کان اڙي جرنل ججها آهن.
    ****


    ٽيڙو

    ****

    چئو ٿا چريو آهيان
    هن ديس جي دردن جون
    ڳالهيون ٿو جڏهن ڳائيان

    ****

    ارڏا۽ اٽل
    ماروئڙا ملير جا
    سڀئي سچل

    ****


    ٻُڌان پيو دانهون
    بُکين بيوسن جون
    ڪُنن مان آئون

    ****


    گُهمندي ڦرندي
    ڏٺو هو مون هڪڙو ڇوڪر
    بُک ۾ سڙندي.

    ****


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267700
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387994
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ